diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book111.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book111.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book111.txt" @@ -0,0 +1,2438 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1989ع + + + +مهراڻ 1989ع +نفيس احمد شيخ +پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم رُوحَ رهاڻ، +ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ، +پُنهون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُور هئا. +(شاهه رحه- سسئي آبري) +While peeping in myselfi was… +I with my soul conversed: +Nocamel-manwas there to chase, +‘Punhu’ I had become…. Immersed +inwoe, but’ was. +Shah latef +Trs, Elsa kazi +محترمہ بينظير ڀُٽو +وزيراعظم پاڪستان +جنهن صاحبه، ملڪ ۾ اديبن، شاعرن، فنڪارن، هنرمندن ۽ رانديگرن جي +ڀلائيءَ لاءِ قومي سطح تي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. +بِسۡمِ اللهِ الرۡحمــٰن الرَّحِيۡم +حال احوال +(ايڊيٽوريل) +سنڌي لئنگويج اٿارٽي +سنڌ جي وڏي وزير جناب سيد قائم علي شاهه، گذريل اپريل ۾ حضرت سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي تي، درازا شريف ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن ۽ دانشورن کي خطاب ڪندي اها خاصي خبر ٻڌائي هئي ته سنڌ سرڪار سنڌ صوبي جي زبازن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيارڻ لاءِ هڪ سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ڪرڻ جي امڪان جو جائزو وٺي رهي آهي. هن صاحب وڌيڪ فرمايو ته اسان قومي زبان سان گڏ علاقائي زبانن کي ترقي وٺائڻ چاهيون ٿا. شاهه صاحب چيو ته مون سنڌ صوبائي اسيمبلي ۾ 1972ع ۾ سنڌي زبان بابت هڪ بل پيش ڪيو هو. +سنڌي زبان جي مذڪوره 1972ع واري بل جي حوالي سان، هڪ وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جا علمي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ اشاعتي، صحافتي ۽ تعليمي حلقا اهو مطالبو ورجائيندا پي رهيا آهن ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي قيام جو اعلان ۽ جيڪو ادارو سنڌي زبان جي قدامت، شاهوڪاري ۽ اهميت جي پيش نظر شايان شان هجي. +جيئن ته ماضيءَ ۾ مارشل لا واري تاريڪ دؤر ۾ اها گهُر صدا بصحرا پئي ثابت ٿي، انڪري عوامي چونڊيل حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي ادبي حلقن کي بجا طور تي اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻي انهي اهم مسئلي تي ڌيان ڏنو ويندو. +نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو سنڌ جي وڏي وزير، ان ڳالهه جي اهميت محسوس ڪندي سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏنو اهي. اسان سندس ان توجهه لاءِ مسرت جو اظهار ڪندي اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ان جي عملي صورت لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، جيئن اهل سنڌ جو اهو پراڻو مطالبو جلد پورو ٿئي. +مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو مستحسن قدم +سنڌ جي ادبي ۽ سماجي حلقن ان امر تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، ڪمال ادب نوازيءَ جو مظاهرو ڪندي، سنڌ جي مشهور سماج سڌارڪ، مخلص ادبي خذمتگار ۽ ليکڪ مسٽر خان محمد پنهور کي، سندس بيماريءَ جي پيش نظر، علاج معالج لاءِ پنجاهه هزار رپين جو عطيو ڏنو آهي. ڪائونسل طرفان 21 مئي 1989ع تي خان محمد پنهور صاحب سان ملهايل رهاڻ جي موقعي تي، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري محترمہ محتاب اڪبر راشدي، مسٽر پنهور کي مذڪوره عطيي جو چيڪ ڏنو. +هي پهريون موقعو آهي، جو سنڌ جي هڪ سرڪاري ثقافتي اداري، هڪ بيمار اديب جي مالي پگهور لهندي، علاج معالج لاءِ شايان شان مدد ڪئي آهي، جنهن لاءِ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري محترمہ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو پر عزم ۽ مخلص سيڪريٽري مسٽر عبدالرزاق چانڊيو هر طرح مبارڪ جا لائق آهن. +سنڌ جي علمي حلقن کي بخوبي معلوم آهي ته جناب خان محمد پنهور مغز جي ٽيومر سبب بيمار رهي ٿو ۽ چار دفعا سندس آپريشن به ٿي چڪا آهن، پر ان جي باوجود کيس مڪمل صحتيابي ميسر نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽرن کيس پرڏيهه علاج ۽ آپريشن جو مشورو ڏنو آهي ۽ سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت کاتو سرڪاري خرچ تي سندس پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيو آهي. اسان کي يقين آهي ته کاتي جي سرگرم سيڪريٽري محترمہ مهتاب کي سندس مخلصانه ڪوششن ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. + + +ڪالم/ متفرقات +(1) ادب لطيف (حسن)، جهامنداس ڀاٽيا ص 260، (2) سڳڻي سنڌيءَ بابت ٻه اکر ولي محمد طاهزادو 265، (3) ويراڳي نئون ويس....، (دوست علي خان کٽياڻ جي ياد ۾) شهيد سومرو ص 270، (4) محمد طالب لوهار، محمد اسماعيل شيخ ص 282، (5) ادبي خبرنامو، علامه آءِ، آءِ قاضي سيمينار ص 284، خان محمد پنهور سان رهاڻ، ص 294، (6) تبصرو (اُوڪو ٻيو فهم) ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ص 299، (7) ضميمو-- شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال (قسط-1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (1-26) +ٻاروچا ٻاجھ پئي، من آرياڻي اچن، +جيڏيون جن جا جيءُ ۾، پلپل پور پون، +ڪوهياري جا قلب تي، وري مچ مچن، +تن ڦوڙائي ڦٽن، اندر منهنجو اڌ ڪيو. +مخدوم امين محمد رح +شاعري +ڪافي +مخدوم امين محمد ”امين“ صديقي رح +هن ته حياتيءَ ساڻ، مر ته مري سزا ماڻئين +”مُوتُواقَبلَ الموت“ جا، +اهي آندائون اهڃاڻ، +صورت ۾ سلطان جي، +پئي پچائج پاڻ. +هن حياتيءَ جي حال ۾، +تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ. +سانگ اٿيئي ساعت جو، +ويهي ڪر مَ وٿاڻ. +ترج تار طلب ۾، +نينهن اٿيئي نياڻ. +”امين محمد“ عشق جا، +ڏاهن ورتا ڏاڻ. +مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ +غزل +الفت جو ڪاروان روان ۽ دوان رهي، +قائم اسان جي عشق جو هردم نشان رهي. +دلبر سدائين غيرت رشڪ هتان رهي، +پوڙهي ٿئي نه منهنجي تمنا، جوان رهي. +تصوير هنن جي ذهن تي اڪري ڇڏي اٿم، +هي لازوال ياد محمد زمان رهي. +پروردگار بخت کي ڏي صحت و زندگي، +هر وقت خوش بهار سندم جان جان رهي. +عاشق تون هجر يار کان خائف رهين ٿو خوب، +ايّامِ وصل ياد ته ڪر، ڇو فغان رهي. +هن تنگيء زمانه کان مولا تون ڏي پناهه، +هر ويل خير خواهه اسان جو جهان رهي. +نيت اسان جي نيڪ آ، وٺبو نه انتقام، +افسوس جو زمانو پيو بدگمان رهي، +في النثار دشمنن کي ڪندو رب خود بخود، +احباب لءِ ٿي منهنجي دعا مهربان رهي. +باغ وطن ۾ ياد خدا هر دم هجي بهار، +گلشن جو تندرست سدا باغبان رهي. +عزت وقار رهجي اچي اقتدار ۾، +فرزند منهنجو هڪ هڪ بي امتحان رهي. +رزق ڪشاده طالبِ مولا گهري ٿو رب، +تنهنجي عطا اسان جي سدا پاسبان رهي. +(14- ڊسمبر 1988ع) +بشير مورياڻي +اکين ۾ ڪو اچي ويهي ته دل کي ڇا ڪرڻ گهرجي، +وڻن جيڪي انهن معصوم ادائن تي مرڻ گهرجي. +نهاريان واٽ هاڻي ڇا، جو اچڻو هو نه آيو سو، +جڏهن هن جي سري ويئي تنهنجي ڀي سرڻ گهرجي. +اهو طوفان ڪڏهن ايندو، جڏهن ايندو ته ڇا ٿيندو، +رئي جيڪا اڏامي تنهن مان اندازو ڪرڻ گهرجي. +اڙيون اکيون اکين سان دل جو ان ۾ ڏوهه آ ڪهڙو، +محبت جو مگر ڪنهن کي ته جرمانو ڀرڻ گهرجي. +سليقو دلنوازي جو اڃا تو کي نه آيو آ، +ڏکائي دل پشيماني جو سعيو ڀي ڪرڻ گهرجي. +سبب طوفان جو ڳولهڻ ”بشير“ آهي ته لا حاصل، +تباهي ڪيتري آئي ڌيان ان تي ڌرڻ گهرجي. +اياز قادري +سر جي توتان نثار ٿي ويندو، +هلڪو ڪيڏو نه بار ٿي ويندو. +تنهنجي ڪاوڙ سان آ خزان ئي خزان، +تون جي مرڪين بهار ٿي ويندو، +تون وئين پيو پتو ته ڪيئن سائين، +جسم کان ساهه ڌار ٿي ويندو، +دل ۾ پنهنجي نه جاءِ ڏي غم کي، +هڪ ڪڻي مان خرار ٿي ويندو، +جنهن ۾ هوندي بيان تنهنجي ثنا، +شعر سو شاهڪار ٿي ويندو، +آس ان تي ئي زندگي گذري، +تو کي ڪڏهين ته پيار ٿي ويندو، +هي جو اکين ۾ آهه لڙڪ رڪيل، +جي ڪريو، آبشار ٿي ويندو. +هي حياتيءَ جو ڪاروان پرشور، +ويندي ويندي غبار ٿي ويندو. +پنهنجو پنهنجو ئي رهڻو آهه ”اياز“ +ڌاريو آخر به ڌار ٿي ويندو. +امداد حسيني +”جاڙيون قبرون“ +نظر جو پهريون بن�� +آفيس کان اوهان جي +سڏ پنڌ تي جو آهي +قاضيءَ ۽ ايلسا جو +سو مقبرو ڏٺو ٿَوَ! +هيڏا پگهار رتبا +جي ماڻيو اوهين پيا +جا ليءِ اوهين ڪريو پيا +هي ٺٺَ هيءُ ٺانگر +اُن جي ڪري ئي آهن +سو شخص سچ پڇو جي +ڏاتار هو اوهان ليءِ +جو شخص روشنيءَ جو +مينار هو اسان ليءِ +ان جي مزار تي اڄ +ڪو بلب ناهه روشن +اُس ۾ سڙي سُڪي وئي +جيڪا ڇٻر لڳي هئي +پاڻيءَ جي لاءِ لڇندي +ڪومائجي ڇڻي ويا +گلڙا ڪڏهن لڳا جي +ڏانڊيون کتل زمين ۾ +تن جو هيون ائين ڄڻ +ڳاٽن بنا هجن ڌڙ +ڪفنائجڻ بنا ئي +دفنائجڻ بنا ئي +اُڀ ڏي اُڀا رهن ٿا +جهولا لڪون لڳن ٿيون +ڏانڊيون ڀڄن ڀُرن ٿيون! +تاج بلوچ +آخري آهه ملاقات پرين +ڪنڌ کڻ ٿورو مٿي، مرڪي نهار! +پوءِ گڏجاڻي ٿئي يا نه ٿئي +آخري آهه ملاقات پرين +ٽيپ تي جيڪا هلي پيئي ڌن +ڪيڏي جهيڻي ۽ اداس آهي +هانءُ کاڄي ٿو ائين +جيئن ڪا لهر ڪپر کي ڪوري +اڻ لکي ڊپ ۾ گرفتار سمورا احساس +ڪوئي سڏ ڪو نه وري ٽهڪ ٻُري ٿو ڪوئي +تنهنجي پازيب ۽ چوڙين جو سريلو ڀڻڪو +صرف گونجي ٿو پيو ڪمري ۾ +تون به چپ چاپ ته مان ڀي خاموش +ڪجهه چوڻ لاءِ بچيو ڀي ڇاهي +آخري آهه ملاقات پرين +وقت معلوم نه آهي ته ڪٿي اڇلائي +هجر کانپوءِ وصال +ڪير ڄاڻي ته مقدر ۾ به آهي ڪي نه آهي +فاصلا هونئن به قربت کي گهٽائي ٿا ڇڏين +فون جون هلڪيون سريليون گهنٽيون +ساريون تصويرون ۽ هڪ ٻئي ڏي لکيل خطر +آلبم نيرا لفافا ۽ فريم +وقت جي لَٽَ ۾ لٽجي ويندا +هجر جا ڦٽَ ڇُٽي ڀي ويندا +تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات تي ٿيندڙ تنقيد +ساريون سر گوشيون، اشارا ۽ اکين جون مڇون +هڪڙي لحظي ۾ ٿي ساڪت وينديون +باغ تنهنجي جا سمورا گل +ڪڏهن ڪومائبا، وري ٽڙندا ڪڏهين +هرڪا مند مهل تي موٽي ايندي +گهر جي کڙڪيءَ مان جڏهن هيٺ نهاري ڏسندينءَ +درد جي ڌنڌ سواءِ، ڪجهه نه گهٽيءَ ۾ هوندو +هوندا ديوار ۽ بجلي جيٿنڀن تي لڙڪيل +پيار منهنجي جا اڃايل لحظا +ڪنوارا ڪنوارا ۽ اڌورا سپنا +فاصلا سچ ته قربت کي گهٽائي ٿا ڇڏين!! +وار شيشي ۾ اچي ڀي ويندو +ڪوئي ڪم بخت وري مون وانگر +تنهنجي چانئٺ جو سلامي ٿيندو +تيز ڌُن، ٽيپ تي ٻيهر وڄندي +تنهنجي ڀت تي جو ٽنگيل آهه فريم +ان ۾ تصوير نئين ڪا لڳندي +شوخ رنگن جي بهار +تنهنجي ڪمري ۾ هلي ڀي ايندي +مشڪبو تنهنجي هٿن ۾ ٻهڪي +ٽڙي پوندا وري نيرا لفافا ڪيئي +فون جون هلڪيون سريليون گهنٽيون +نئين گونجار سان مرڪي پونديون +هڪڙي لحظي ۾ ٿيل ساڪت +ساريون سرگوشيون، اشارا ۽ اکين جون ميڇون، +سلوموشن ۾ سي جاڳي پونديون +تنهنجي دلجو ئي جو سامان وري پيو ٿيندو، +وقت ظالم، وڏو سرڪش ئي سهي، +درد منهنجو ئي مقدر، منظور +مرڪ تنهنجي جي مسيحائي پر، +پوءِ حاصل به ٿئي يا نه ٿئي!! +ٿورڙو مرڪ ته احساس نئون ڪو ڌاريان +آخري آهه ملاقات پرين. +عبدالڪريم پلي +غزل +هير وانگر هلي به پَئهُ پيارا! +تنهن کان ازخود کلي به پئه پيارا، +ڏس نه ساحل تان، ٿي وري سهڻي، +ڇولين ۾، ڇلي به پئه پيارا، +منهنجي من جي، اٿاهه اوندهه ۾، +چنڊ بڻجي، جهلي به پئه پيارا. +پيار تان، راحتون نثار ڪري، +رُڃ، قَبولٻي، رُلي به پئه پيارا، +ڀاڳ ڀڻجي، ”ڪريم“ جي ڀاڻي، +ڀُلجي ڀُلجي، ڀلي به پئه پيارا. +سرويچ سجاولي +تون ته اسان جي امڙ آهين.... +توکي چاهيندا ۽ توکي ساراهيندا اينداسين +تو کي ڳائيندا ۽ توسان ڳالهائيندا اينداسين +توکي پوڄيندا ۽ توکي پرچائيندا اينداسين +تنهنجي وصفن واکاڻن کي ورچائيندا اينداسين +تو ۾ ڇڏبا گل گلابي، ڇٽي ڇاڻي ڇڙڪي سنڌ +تون ته اسان جي امڙ آهي، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ +تو سان مڙهيل مَن ائين، جيئن ماهينڊن �� ڳنڍيون ڳوپ، +توسان جڪڙيل جيءُ ايئن، جيئن جڪڙ جن ڪي جوڌا جوپ +تنهنجي چاهت جا پيا ڦٽي، هڏن چمن منجهان چوپ +تو سان عشق ازل کان آهي، نينهن به توسان نوپان نوپ +تو کي رکبو راڄن اڳيان، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙڪي سنڌ +تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ. +تو ته اسان کي مهڪي مرڪي، اهڙا اهڙا گهوٽ ڏنا، +سچ چيو جن سينا تاڻي، ارڏا سي اڻموٽ ڏنا +چوٽون کائي ڪوٽ ڀڳائون، ڪوڙن جيڪي ڪوٽ ڏنا، +تو کي چاهڻ وارن توسان، ناتا چوٽانچوٽ ڏنا. +ڪنهن جي ڦٽي آهي جيڪو، توتي ڪاهي ڪڙڪي سنڌ +تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ. +ههڙي موسم ههڙا ماڻهو، ههڙيون مهلون، ههڙا ميل، +ڳاڙهيءَ رُت جون ڳالهيون ڳايون، ٻول ٻڌيءَ جا ٻڌ جن ٻيل +سرتيون پنهنجي سيم سڄيءَ ۾، تڙ تڙ تي ڪن تيل ڦليل +گجرن کيڪو ڪو نه هڻي جيئن، گس تان ويندڙ گرز گليل +هر هڪ تنهنجو تو ۾ بيشڪ، وهسي وهسي وڙڪي سنڌ +تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ. +ڳاڙهن ڳوڙهن روپن واري، تنهنجا روپ ۽ رنگ وڻن +دولهه دودن جي تون ڌرتي، تنهنجا دڙميون دنگ وڻن +تنهنجن ڍولن ڍاٽين پٽن جا ٿا مون کي ڍنگ وڻن +ميدانن ۾ مرڪن جيڪي ارڏا سي اڙٻنگ وڻن +جن جي هڪل هوڪاري کان، هاٿي هاٿي ٿڙڪي سنڌ +تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ. +تون جي ڀيڙي ڀيڙي هوندين، ڀيڙا ٻيا پوءِ هُون نه هُون +تو سان ميڙا هون مدامي، ميڙا ٻيا پوءِهُون نه هُون +تنهنجا ٻيلي ٻانها سڏجون، ٻيڙا ٻيا پوءِ هُون نه هُون +تنهنجي واري ويس بدن جو ويڙها ٻيا پوءِ هُون نه هُون +ڀاڳين جيتون ڀونءَ ڀٽاري، ڀاڳ ته تنهنجو ڀڙڪي سنڌ +تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي ڌرتي. +تنهنجي بُت مان باغن کي، ڇا سونهن ملي سرهاڻ ملي +تنهنجي مٽيءَ پاڻيءَ مان ڏس، چيٽن کي چانڊاڻ ملي +تنهنجي سونن سنگن منجهان، ڳڀرن کي ڳاڙهاڻ ملي +تنهنجي هن ”سرويچ“ کي تنهنجي، وَل وَل آ واکاڻ مِلي +اهڙو جذبو جوءَ سڄيءَ ۾، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪي ڦڙڪي سنڌ، +تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ. +محسن ڪڪڙائي +وائي +ڀُلج نه، او ڀائُو +ڏر به ويندو ڏيهه مان! +هيِئن نه هوندو ملڪ ۾، هميشہ هائُو، +لوچٻي لَهُه لالُون، رُڳو، واتُ نه پَٽ وائُو، +آهي پنهنجو اَصل کان، ويءُ نه ويڪائُو، +سُورن ۾ سوگها سڀئي، هاڻ ته هَڙَ کائُو، +تَن ۾ تَؤنس کنيون و تٻي، تَڙيو، تا ڪائُو، +ڀُلج نه، او، ڀائُو، +ڏُرت به ويندو ڏيهه مان! +مظفر حسين ”جوش“ +نظم +هي هجوم غنچه و گل ڪاروان رنگ و بو، +عالم صد جذب و مستي گلستان، آرزو. +شغل ناؤ نوش آهي بزم رندان ۾ وري، +هيچ زاهد جو تقدس برهمڻ جي ساحري. +زخم يائي دل ٿيا تازه به تازه نؤ به نؤ، +ٿي ڪري صحرا کي روشن داغهائي دل جي لؤ. +فصلِ گل آئي ۽ آئي هر طرف خورسندگي، +اهل وحشت کي ملي آهي نويدِ زندگي. +ڪو نه افسرده ٿو ڏسجي ۽ نه ڪو آهي اُداس، +برگ گل تبديل پنهنجو ڪيو آهي ڪهنه لباس. +هاءِ هي زلفت سيه جا خَم ۽ هي زهره جبين، +برس پيڪار آهن پاڻ ۾ دنيا و دين. +ڪو ڏسي صحن گلستان ۾ هجومِ مهوشان، +آسمان تان ڄڻ لهي آئي زمين تي ڪهڪشان. +ڄڻ فضائن ۾ خرامان آهي ڪو نازڪ بدن، +هي گهٽا آهي يا ڪنهن سيمين بدن جو پيرهن. +فصل گل آئي لهي ويو مئڪشن جو انتظار، +ميڪدا رقصان ٿا ڏسجن زير، دامان، بهار. +ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ +وائي +نينهن ته آهي شينهن، +تون ڇوري ڇر مَ پاءِ، +راتين جا رولاڪ ڪٿي، ڏسندا ڏاهي ڏينهن، +تون ڇوري ڇير مَ پاءِ. +پنڌ پسي پيا پيچرا، نيڻن اٺو مينهن، +تون ڇوري ڇير مَ پاءِ. +جنهن ۾ تات طمع جي، سو ناهي ناهي نينه، +تون ڇوري ڇير مَ پاءَ. +ع��دالقيوم ”صائب“ +غزل +تو سان پنهنجا ڪجهه به ڪن، پر ملڪه لئه خود دار باش، +تون ته دشمن لاءِ شيهي جي مگر ديوار باش. +هر طرف کان توتي حملا ٿيندا رهندا، بار بار، +دشمنن جي نؤ به نؤ حملن کان نت هشيار باش. +رخشِ هستيءَ جي سواري آهه مشڪل مرحلو، +اي سوارِ دؤر حاضر هر طرح بيدار باش. +زندگي خود بندگيءَ سان آهه واڳيل از ازل، +بندم مختار بڻجي، زندگيءَ جو ٺار باش. +تنهنجو فڪر و فر کڻي مرعوب ڪُن آهي مٺا! +ڳوٺ ۾ اُڀري نه ماڻهن لئه مگر آزار باش. +هت رهي سڀڪجهه ڪري ڪنهن پر نه ماڻيو تو مقام، +ڪنهن چيئي جامد رهي، پٿر سندي ديوار باش. +ڪجهه نئو ڏيئي سگهين، ته به ڪين ڪي ڪنهن کي ڏکوءِ، +گل نٿو بڻجي سگهين، ته به نه هر گز خار باش. +معتبر بڻجي اجايو پاڻ تو بدنام ڪيو، +ڪنهن چيئي کڻندي بديون تون هين ذليل و خوار باش. +ڇا ڪري ڪو آسمان اڄ توتي پوندو ڪنهن طرح، +ڇڏ کڻي شوخي اجائي، صاحب ڪردار باش. +وڏ ڦڙي وانگر وسڻ، جي تنهنجي وس ۾ ناهه ته به، +خلق سان خاصو رهي، تون همدم و غمخوار باش. +تنهنجي نيڻن ۾ جا مستي آهه مستن جي ڀريل، +تنهن جي آڌر تي نه هل، تون پاڻ خود ميخوار باش. +نينهن جي تو ۾ ذري ساڃهه نه پيدا ٿي سگهي، +نينهن جي ناتي سان پو”صائب“ نه هر گز خوار باش. + + +انور هالائي +درد دل جو داستان ڪنهن سان ڪيان ڪنهن کي چوان +مهربان ڪنهن کي چوان نا مهربان ڪنهن کي چوان +حجر اسود کي چمي سجدا ڪيم ڪعبي اڳيان +مون اتي سڀ ڪجهه ڏٺو، مان لامڪان ڪنهن کي چوان +مون ڪري سجدن تي سجدا عبديت حاصل ڪئي +مظهر عشق بتان ڪنهن کي چوان ڪنهن کي چوان +شهر ٻوڙو، گامگس گونگا ٿيا ماڻهو اداس +هم سخن ڪنهن کي چوان ۽ هم زبان ڪنهن کي چوان +فاصلا گهٽبا وڃن ۽ راهه روشن پئي ٿئي +نقش پا تنهنجا ڏسي، ڪهڪشان ڪنهن کي چوان +پاڻ ۾ علم و ادب تي پڻ رکون ٿا اختلاف +اهل فن، شاعر، سخن ور، نڪته دان ڪنهن کي چوان +وسعتِ دل ۾ ٿو پنهنجو پرايو اڄ لڪي +مان حقيقت حال پنهنجو الامان ڪنهن کي چوان +هن جي نظرن ۾ صليب و دار جو پيغام آهه +هي به آهي حوصلن جو امتحان، ڪنهن کي چوان +هر ڪو پنهنجو منهن لڪايو زندگي گهاري پيو +ڪير انور تنهنجو ٿيندو رازدان ڪنهن کي چوان. +محبوب سروري +غزل +مڃان ٿو ڏوهي، گنگهار ۽ گندو آهيان +مگر اي ماهرو محبوب! تو سندو آهيان +قسم تو ترڪ محبت جو آ کنيو ليڪن، +مان توکي روئي ستتي لوڪ سڏ ڪندو آهيان. +حساب ناهه، ڪو توسان، و گرنه آءُ پڻ، +رسڻ کان پو وڏي مشڪل سان پرچندو آهيان. +خدا جي واسطي محبوب ڪر مدايون معاف، +پرين مان پنهنجي خطائن تي شرمندو آهيان. +خطا کان پاڪ جي آهي، ته بس خدا آهي، +مگر اي بنده نواز، آءُ هڪ بندو آهيان. +جڏهن به عشق جا اڌما اندر ۾ اڀرن ٿا، +ته تنهنجي ياد ۾ رانجهن مان روئندو آهيان. +ڪٿي به، ڪو به ٿو ڪهڙي به تنهنجي ڳالهه ڪري، +سندءِ ثنا مان اي ڍولڻ نه ڍاندو آهيان. +نهاري ناز مان مونڏي تون مرڪندو آهين، +تڏهن خوشي کان نه ڪپڙن ۾ ماپندو آهيان. +پرين مان تنهنجي محبت جو آهيان آهڙو چراغ، +نه تيز تند هوا سان اجهامندو آهيان. +چريو کريو ٿا ڪي سمجهن”وتائي“ جيئن مون کي، +مگر مان خوب سڀن کي سڃاڻندو اهيان. +ڪلام منهنجي ۾ تنهنجو آ عڪسِ حسن و جمال، +مان تو کي سامهون رکي شاعري ڪندو آهيان. +اوهان جي ناتي سان محبوب، ”سروري“ ٿا سڏين، +اوهان جي سلسلي سان ئي سڃاپندو آهيان. +استاد بخاري +غزل +نه سمجهي سگهيو آهيان زندگيءَ کي +نه سمجهي به پوڄيان ٿو مان زندگيءَ کي +وڄون ئي وڄون آ، پَتو ٿَم جواني +ڇڏي ڏينم جاني، ڇنهان زندگيءَ کي +ڀري شاڪ بجليءَ جا توڙي هڻي ٿ�� +تڏهن ڀي ٿو چُهٽي پوان زندگيءَ کي +کُتو تير تارُون، ڀريو واتُ رت سان +انهي ريت ٿو چوسيان زندگيءَ کي +بچيو جوش جيڪو، وڌيو هوش هو جو +ٻئي ڏيج ۾ ٿو ڏيان زندگيءَ کي +ڏسي زهر سقراط، استاد ڀڻڪيو +ڀري ڏيو ته جُڳ جُڳ پيان زندگيءَ کي. +محمد علي جوهر +عيد مان تڏهين ڪندس دلدار هِتِ ايندو جڏهن، +مُحب ماکي کان مِٺو منٺار هِتِ ايندو جڏهن. +سوڍي آئي سِينڌ سُرمون لائبا ميندي مُساڳ، +سُونهن مان سُهڻو ڪري سينگار هِت ايندو جڏهن. +مان مَٽيندُس ويس ڪارو ليڙون لاهيندس لباس، +پهري پَٽُ پنهنجو پيارو يار هِت ايندو جڏهن. +پيئبا شربت به گڏجي کائبا زردا پُلاءَ، +حَلوه لَب شِيرين شَڪر گُفتار هِت ايندو جڏهن. +گُل به گڏجي پائبا وَرکا گُلن جي ڀي ڪبي، +گُلبدن، گُل روُ ۽ گُل رُخسار هِت ايندو جڏهن. +پِنبڻِين جا تِير تاڻي ۽ ڀَڇي ڀِروان ڪمانَ، +ٿي سراپا جَنگ لئه تيار هِت ايندو جڏهن. +نِيمُ بسمل ٿي مان نچندس قُرب جو ”جوهر“ ڪُٺل، +صدقي ٿيندس سؤ دفعا هِڪوار هِت ايندو جڏهن. +احمد خان مدهوش +غزل +ڇا يار جي ديدار جي دُنيا نظر آئي، +اسرار ئي اسرار جي دنيا نظر آئي. +ڇا هُن جي تبسم جي ڪريان ڳالهه اي يارو، +ڄڻ خلد جي گلزار جي دنيا نظر آئِي. +ڪيئن گلشن فردوس جي منظر تي مري سا، +جنهن چشم کي رُخسار جي دنيا نظر آئِي. +محسوس حواسن کي وري ٿي نه ٻي خوشبو، +جيئن زلف جي هٻڪار جي دنيا نظر آئِي. +اوڏانهن سڀن ڊوڙ ڪئي جيڏهون هُن جي، +پازيب جي جهنڪار جي دنيا نظر آئِي. +سچ پچ ته انهيءَ عشق کي آ عشق نه سڏبو، +جنهن عشق ۾ وهنوار جي دنيا نظر آئِي. +مخدوم جميل الزمان +● +اڄ سڄڻ لاتي گهڻي دير خدا خير ڪري، +وصل هي ڪهڙو وڌو وير خدا خير ڪري +عشق جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پو ڦٿڪڻ ڪهڙو +هاڻ الله ڪري خير خدا خير ڪري +جن جي هستي کان ڏڪي دار جو سينو اي دوست +تن جي ڀيرن ۾ ڏٺم ڇير خدا خير ڪري +مخملين ڪپڙا اهن جسم تي پاتل، ليڪن +قلب ۾ آهي رڳي مير خدا خير ڪري +ڀاڳيا جيل ۾ ۽ چور گهمن بازارون +هت ڪري ڪير ڀري ڪير خدا خير ڪري +رات ۽ ڏينهن جي گذرڻ جو پتو ئي ڪونهي +ٽاپ ۾ آهي لڳل گير خدا خير ڪري +شيخ کي آڇ ڪري جام جي سوچيان ٿو جميل +آهي لنڊي تي پيو پير خدا خير ڪري. +(هالا، 31_12_1987ع) +ذوالفقار سيال +غزل +مرڪيو ته مهڪ وکري، حيران شهر ٿيو آ، +هن جي وئي کانپوءِ هي ويران شهر ٿيو آ. +هُن شام جي اُداسي ماري وري وڃي ٿي، +تنهنجي ادا تي سارو قربان شهر ٿيو آ. +تو سان جو آ تعلق ان جو آثر به آهي، +هونئن ته گهڻو اسان تي مهربان شهر ٿيو آهي. +تون اوچتو نظر جي محفل ۾ آئين جاني! +اک هي کڄي وئي جي بي ايمان شهر ٿيو آ. +او ذلف، تنهنجي جانيءَ جهڙو نهڪوئي آهي، +سارو هي چونڪ، پاڙو، اعلان شهر ٿيو آ. +آثم ناٿن شاهي +غزل +هي مندرَ دلين جا، ٽِڪاڻا، مڙَهيون، +سَڀئي راڪشن جي وڃي ور چڙهيون! +ڏِٺيون ڀي اکين ڪو نه اهڙيون اڳيٖ، +سِٽون جهڙيون سورن جون اڄ مون پڙهيون. +وڪوڙي ويا ائين اچي ٻاهريان، +مِٺي ڀورَ تي ڄڻ ته ڪوِليون چڙهيون. +بدن پنهنجو، ڏاڍو ڏکي ٿو سڄو، +اَلا! پنهنجو رَت ٿي پيو رَتَ_ ڳڙهيون! +ڪَنن منجهه ڪيڏو ته ڪِڙ واءُ آ، +ڪَڙاهيءَ ۾ ڪنهنجون هي ڪِيهون ڪَڙهيون. +لکڻ ٿي گهريو تو ته آثم! غزلُ! +اکين مان ڳڙيئه ڪيئن لُڙڪن لڙهيون؟ +اياز گل +غزل +ڪيئن سُک سُمهجي، پاڻ تي تاڻي؟ +ياد ڦاٽل رلهيءَ جيان آ هاڻي +ڪوڙ، جنهن کي سُڃاڻون تون ۽ مان +شال تنهن کي وڃي شهر ڄاڻي +نفرتون ڪن ٿيون آپگهات تڏهن +پيارُ ٿو پيارَ کي جڏهن ماڻي +هر خوشي ٿي لڳي پرائو گهر +درد ڪاٿي ڇڏي ويو آڻي! +اهڙي اوندهه جو ديسُ_ رستو گُم +سجُ ��ي پئهُ ڪوي! اُنهيءَ ٽاڻي +سالُ ٿيا هڪڙو گُلبدن سپنو +نيڻ، راهُن جي ڌُوڙ ٿو ڇاڻي. +حبيب الله صديقي +روح جون رمزون +مَنَ ندر موجون هجن، تون هجين ۽ مان هجان، +روح جون رمزون هجن،تون هجين ۽ مان هجان. +سج تون ٿين چند مان، روشني توکان وٺان، +سنڌي جي ڌرتي منهنجا، پاڻ ڳولي مان لهان، +نُورَ جون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +تون هجين موهن دڙو“، تو ۾ پوريل مان هجان، +تون هجين ”لوهم دڙو“، تنهنجو پاليل مان هجان، +مَرُ اِهي ميخون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +تون ”رَنيءَ جي ڪوٽ“ کان، ”آمريءَ“ کان لهان، +سر اُتر ”سيوهڻ“ ٽِپان، ”ڪوٽڏيجيءَ“ کان لهان، +چؤ طرف پوکون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +مان اُتاهون ”کيرٿر“، عرش سان وايون ڪيان، +مان”سنڌو“ هان تيز تر، بند ۾ ڀيرون هڻان، +ماٿريون سايون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +مان هجان ”سنڌو ندي“، موج ۾ اُٿلي پوان، +خشڪ ڀون کي تَر ڪَندي، ڪڻڪ جيان اُڀري پوان، +ملڪ جون بوندون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +واٽ ”ناري“ جي مَٽي، ڪو نئون ماڻو ڪيان، +”روهڻيءَ“ کان ڌوُ وڃي، ”ساڌ جو ٻيلو“ کڻان، +ڪَڍِ سندم ماڻهو هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +ڄڻ ته واچُوڙو هجان، وٺ نه ڪنهن کي مان ڏيان، +ديس واسين کي کڻان، فرش کانسر آسمان، +رحمتون رب جون هجن،تون هجين ۽ مان هجان. +”بند منڇر“ کان هلي، ”گر ڪڻو“، ٽهڻيي“ ڏسان، +”نئنگ“، ”جهانگارا“ گهمي، ”لڪ علوي“ کان لنگهان، +امن جون راهون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +”ٿَر“، ”مٺِي“ ۽ ”ڇاڇرو“، ”ڏيپلو“ ڏوري ڏسان، +”ور“، ”ٺٽو“ ۽ ”ساڪرو“، ڪرُ ”ڪراچيءَ“ ۾ کڻان، +وَر وَڪڙ واٽون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +ڪئمپ ”مڪليءَ“ تي هجي، سير ”ڪينجهر“ جو ڪيان، +سنڌ جي تاريخ کي، صاف سربستو لکان، +سرت ۽ سوچتون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +تون ”پنهون“ ٿين پارسا، مان ستي ”سسئي“ هجان، +ڪنهن فريبي چال سان، جي جدا مان ٿي وڃان. +”ڪيچ“ ڏي ڪاهون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +”مارئي“ وانگر اگر، ڪوٽ ۾ قيدي هجان، +باندياڻي ٿي مگر، سيل ست سوڌي هجان، +سنڌ جون رسمون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +تون ٿري سوڍو هجين، مان گجر مومل هجان، +تون وري جيسين اچين، ساڻ ٿي سومل سُمهان، +ته متون تڙپون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +ڪاش ”مومل“ کي سڏي، سيڻ پرچائي ڏيان، +ڪاڪ جي هن سونهن کي سنڌ سينگاري ڏيان، +روهه جون ڪونجون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +”سنڌ“ جهڙي ملڪ ۾، تون ڀي رهين مان ڀي رهان، +هن وطن جي نانءَ تي، پاڻ کي ”سنڌي“ چوان، +اجرڪن اوڍون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +حيدرآبادي هوا، مان اگر توکي ڇُهان، +شهر سارو جا بجا، اشڪباريءَ سان ڌُئان، +تيز برساتون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +ڳوٺ منهنجو ”پاٽ“ آ، هل وٺي تو کي هلان، +خوب مهماني ڪيان، من سندءِ موهي وجهان، +عيد جون خوشيون هجن، تون هجين ۽ مان هجان. +مرزا عباس علي بيگ +غزل +هر هڪ قدم تي جادهء منزل اچي ويو، +اڳتي وڌڻ ۾ ليڪن مشڪل اچي ويو. +مشڪل ۾ ناخذا نئون مشڪل اچي ويو، +طوفان آيو اُت جتي ساحل اچي ويو. +هُن جي ڪرم سان دل جي جسارت وڌي وئي، +بي حوصله ۾ حوصلئه دل اچي ويو +دنيا جي دام و مڪر ۾ اهڙو اچي ويس، +بس اعتبار وعده باطل اچي ويو +صحرا جي خاڪ جوش جنون کان اُڏائي قيس، +پردي تي پردو برسرِ محمل اچي ويو +دل منهنجي هن طرف ۽ ٿيو حُسن هُن طرف، +آئينو آئيني جي مقابل اچي ويو. +مون کان ڦِري ٿي هُن جي طرفدار منهنجي دل، +پهلو ۾ منهنجي حيف هي بد دل اچي ويو. +ڪشتيءَ دل ڇو گردش طوفان کان اڄ ڊڄي، +دل کي يقين آس جو ساحل اچ�� ويو، +موجن جي آس جيڪو سفيني جو آسرو، +سو بحرِ درد و غم سندو ساحل اچي ويو. +منهنجو هلڻ محال ٿيو راهِ عشق ۾، +پَئي سُڌ ته ملڪِ حسن ۾ قاتل اچي ويو. +مان اُن مقامِ عشق تي پهچي ويس جتي، +سامهون نشانِ جادهُ منزل اچي ويو. +صدما غمِ فراق جا شام و سحر سهي، +”باس“ قلبِ ضبط جي قابل اچي ويو. +تاج بيوس +ماءُ +چي گويرا، لورڪا +دادوءَ جي دودن جي ماءُ +چانڊڪا کان چين تائين +مامتا جو کيت +آشتيءَ ۽ امن جو اٿاهه ساگر +قوم جو اعلان +سچ جو آواز +نصرت جو پيام +بي مثل ۽ بي نظير +وولگا جي لهر ۽ سنڌوءَ جي مؤج +خون سان لکيل جمهوريت جو مقدس باب +منهنجي ماءُ +تنهنجي ماءُ +پنهنجي زخمن کي لڪائي +زخمي هٿڙن ساڻ ٻچڙن جا زخم چيٺي پئي +اياز، ناصر، شاهنواز +اسد ۽ نذير کي ڳولهي پئي +تڙپي ۽ تڙپائي پئي +روئي ۽ ريجهائي پئي +ٻچڙن کي کيڏائي پئي +زندان کي لوڏي پئي +ٽٽل پٿرن کي سميٽي +قوم جي ديوار کي، نئين سر وري جوڙي پئي +نئين سير وري جوڙي پئي +نئين سِر وري جوڙي پئي +احمد خان آصف +نظم +وڪوڙي ٿا وڃن آلام ۽ آزار پيريءَ ۾ +رهي اڪثر بشر بي چاق ۽ بيمار پيريءَ ۾ +لڏي ڪنڌ ۽ ڪمر ويچارڙي ٿئي ٿي ڪمان وانگر +ڀڄن ڏند ۽ اڇو مُنهن پنهنجو ڪن ٿا وار پيريءَ ۾ +ٿئي ٿي ڪم نظر ۽ ڪَنَ ٻڌن ٿا ڪينڪي پورو +نٿا هٿ هاج ڪن، ٿي ٿا پون بيڪار پيريءَ ۾ +وڃي زوري هٿن مان ٿي ڇڏائي صبر جي دامن +گهڻو غصو ۽ ڪاوڙ اچي ٿي خار پيريءَ ۾ +نٿو ڏئي ساٿ ڪو ساٿي سڃاڻي ڪين ٿو سنگتي، +ڪري ياڪي ۽ غمناڪي وڃن ٿا يار پيريءَ ۾ +جواني ۾ سَٽون سر جون هُنيون جن سان اهي سڀئي، +مٿن بيزار پيريءَ ۾ رهن ٿا ڌار پيريءَ ۾ +هئا سودا سَون جا جن سان ۽ وهنوار وِيهُن جا +اڌارا سي ڏين ٿا ڪين ڏوڪڙ چار پيريءَ ۾. +سوز هالائي +غزل +واريءَ ورکا هر گهر گهر تي، +ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر تي. +مورن جوءِ مٽائي آهي، +ريت اڏامي ڪارونجهر تي. +هيل الاجي ڪهڙي ڪارڻ، +هنج نه موٽيا ساڳي سر تي. +شاهه ڏنو هو روئي جنهن پل، +ڪلري نانءُ پيو ڪينجهر تي. +واڳونءَ وير ورايا پوءِ ڀي، +ويٺا آهيون دريا ڀر تي. +ڪنهن جون سارون پٿر ليڪون، +ڪنهن جا وعدا ليڪن جر تي. +وفا ناٿن شاهي +غزل +بُت جي آڏو جهُڪائي ڇڏيو تو، +مون کي ڪافر بنائي ڇڏيو تو. +ياد گيريون ۽ خواب، خواب ٿيا، +جيئن دل سان ڀُلائي ڇڏيو تو. +حُسن چاهي ٿو حُسن جي تعريف، +واه جو گُر ٻڌائي ڇڏيو تو. +تنهنجي دل ۾ نه تنهنجي اکين ۾، +مون کي ڪاٿي لڪائي ڇڏيو تو. +وصل جا وڻ وڄي ويا آهن، +مون کان پاسو ورائي ڇڏيو تو. +همسفر ٿي مٽي وئين رستا، +قافلن کي لڄائي ڇڏيو ٿو. +اچ وڃ ۽ روئڻ کِلڻ سڀبند، +ڄڻ خيال ئي مَٽائي ڇڏيو تو. +تيز نظرن سان منهنجو جسقم ڇُهي، +دل جو ڦٽ ڦٽ ڏکائي ڇڏيو تو. +پاڻ ونواه ۾ وڃي ويٺين، +مون کي رِڻ ۾ رُلائي ڇڏيو تو. +ادل سومرو +بيت +شامون سانوڻ رُت جون، سنڌوءَ ڪنارا، +چانڊوڪيون چارا، چوڏس مهڪ گُلاب جي. +ڪينجهر تي پر ڀات، ڪنول، بتيلا ننڊ ۾، +رهاڻين ۾ رات، تو سان گذري جاڳندي، +تنهنجي مُرڪ تلاءَ جو، ڳوليندي چارو، +اڄا اُڄارو، هرڻ منهنجي چاهه جو. +ڪيڏو تنهنجي ويجهڙو، پوءِ به ساڳي اُڄ، +روح نسورو رُڄ، تو کان دُوري جي ٿئي. +منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تون، +ڪڏهن نه ڀانيو مون، ڌار تو کان پاڻ کي. +ڀنل پکين وانگهان، پاڻ ٻئي برسات، +وڻڻن هيٺان رات، گُذري پيار، پناهه ۾. +ڦُٽن، ڦولن وانگيان، چُميون چپن تي، +جڏهن جوڀن کي، رنگ لڳي ٿو پيار جو. +مانجهاندڙين جي ڇانوَ ۾، سُتل هُئينءَ تون، +ڀرسان تنهنجي مُون، خواب اُڻيا پئي ڪيترا. +دُک ڀلا هن ديس جا، ٻاهريون خوشيون ٻَن، +پري، تان پنه��جن، مُرڪ نه سونهين مُک تي. +پشپا و لڀ +جذبن جي سرد خاني ۾ +لفظن جا مُردا سفيد چادرون اوڍي +ستا پيا آهن +هي ڪير آهن جو روز مرن ٿا +۽ پويان طوفان کڙو ڪري وڃن ٿا +۽ ايتري به مهلت نٿا ڏين +جو چئي سگهي Save our Souls +پليز، هاڻي نه وڃو +ديوارن جهڙا سفيد چهرا +ديوارن جهڙا سخت چهرا +۽ ٿڌا هٿ ڪهلن تي هٿ رکجن +سڀ ٺيڪ ٿي ويندو +جيڪا رب جي رضا! +۽ ٿوري ئي دير ۾ +سڀڪجهه ڀُلجي +ٻئي ڪنهن لاءِ اهو ئي ڪجهه +شروع ڪري ڇڏڻ +جيڪو پهرئين لاءِ ڪيو هو +مختلف قسمن جون نلڪيون وجهڻ +مختلف قسمن جون سُيون... +وسيم سومرو +غزل +گيت لکبا نڪورا نئين ڍنگ ۾، +لاک جهڙي رتي بک باک جي رنگ ۾. +هاڻ چمڪي پئي، پوپٽن وانگيان، +زندگي ڪيترو آ رهي زنگ ۾. +جي ڪٿي پيار جو تو وتو نانءُ آ، +پوءِ نه ديوار ٿي پيار جي دنگ ۾. +اچ ته تنهنجي چپن ۽ هٿن کي چمان، +جن سُرن جو وڌو ساهه آ چنگ ۾. +رات بيواس سرهاڻ ٿيندي سڄي، +جي رتن جوت پوکي وجهون جهنگ ۾. +رات تخليق ڪا، ٿي دکي مون لکي، +درد اُڌ مائيو، ڏات جي ڏنگ ۾. +چنڊ ناهي ته، چڻگائي تيلن جيان، +رنگ تارن ڀريا، رات جي انگ ۾. +هو مئو، ٿي مٽي ويو، اڄا آ امر! +سگهه ڪيڏي نه آ ديس جي سنگ ۾. مظهر لغاري غزل ستارن سندي رات سنسان آهي ذَهن ڄڻ ته مياڻيءَ جو ميدان آهي. اوهانجي پُڄاڻا، پرين! ڳوٺ پنهنجو، وٺبي جي هوا ۾ به ويران آهي نڪو چنڊ ۾ ساءُ ساڳيو رهيو آ، ڏکڻ، هِير آندو ڪو ارمان آهي. هيءُ گوليون کنيو آهي بيٺو گهٽن تي، چؤ ٿا، اڙي! پو به ”انسان آهي“ سدا سوچ پنهنجي هجي ڄڻ ته هرڻي، سدا دل جي ڌرتي بيابان آهي. بخشڻ مهراڻوي ● ميخان مان مهڪ اچي ٿي، جوش جواني، جذبن جي. پيالا، تالا، کولِن ٿا، ڳالهه هلي ٿي جوڀن جي، آ ته چهُمين جا ڏيئا ٻاريون، جيون جوت آ پل کن جي. ڌرتي تي دونهاٽو آهي، ٿي نه سڃاڻپ لاشن جي، جوڀن ۾ پيو جيون سُڏڪي، ڳالهه ڪرين ٿو بنگلن جي. شفيع چانڊيو ● تو سان ملبو رهبوسائين، ڪيئن وساري سگهبو سائين. منهنجو ايءُ معمول ئي رهندو، تو وٽ اچبو وڃبو سائين. ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي ڳولي لهبو سائين. دل دفتر تان تنهنجو نالو، ميٽي ڪوئي سگهندو سائين. تنهنجي تصويرن کي سانڍي، من_شوڪيس ۾ رکبو سائين. تنهنجي خط جي تحريرن کي، کولي کولي پڙهبو سائين. روح جو رشتو نينهن جو ناتو، تو سان مور نه ڇنڀو سائين. حسن درس ● واءُ ۾ خوشبو گهُلي ويئي هلي واس وٺندڙ بن رُلي ويئي هلي. تونالائي ڪنهن ڪناري پئي رُليئين، هوءَ اچي جهولو جهُلي ويئي هلي، سڪ جو هي سمنڊ ماٺو ٿي ويو، ڇڪ جي ڇولي ڇُلي ويئي هلي. تون پڇيو يا ماٺ ۾ ئي اوچتو، ڳنڍ ڳالهين جي کُلي ويئي هلي. مهڪ وانگي ٽهڪ وانگي وکرندي، هوءَ ته ڪمري ۾ هُلي ويئي هلي. نانڪ نظم خاموش جنهن جي هر ادا، هر بار چئي نئين ڳالهه ڪا: اڄ رات سا ايندي هِتي. آغوش ۾ جنهن جي ڦُٽي، جڳ مڳ ستارن روشني: اڄ رات سا ايندي هِتي. پايل به جا گهايل ڪري، ۽ ماڳ ۾ پاڳل ڪري: اڄ رات سا ايندي هِتي. او بانوارا، جي تون مڃين، مونساڻ پو تون ڀي نچين: اڄ رات سا ايندي هِتي. خوشبو سَميٽي نار، جا، ڪينجهر ڪناري پار، جا، اڄ رات سا ايندي هِتي. مونل ئه کڻي پيغا ڪو، چاهت سندو الزام ڪو: اڄ رات سا ايندي هِتي. جيئن چنڊ ٿو ماڻهو ڏسي، منهنجي نظر هُن کي لڀي: اڄ رات سا ايندي هِتي. ڇاهي پَتايا بِيچ تي، منهنجي اکين ۾ ٿي ڏسي؟ اڄ رات سا ايندي هِتي. ڇاهي پَتايا بِيچ تي، منهنجي اکين ۾ ٿي ڏسي؟ اڄ رات سا ايندي هِتي. اڄ رات سا ايندي هِتي. ”مختار“ گهمرو غزل گهاٽا پَرُ کان هيل جا ناتا، ڪالهه هئا، پر سرس اڄوڪا. سنڌوءَ جل جان پوتر پنهنجا، ��ڄ جا، ڪلهه جا، پيار پروڪا. ڳَر کجيءَ جان محب سوادي، ٻول مِٺا ڄڻ ڪُڙهه جا ڏوڪا. قرب کُهيءَ جي پيار پڳهه تي، آءُ ته ڀريون، سِڪ جا ٻوڪا. توريءَ تَرها پاند اکين جا، تنهنجي آئٻي ٿيا آڊوڪا، اُس ۾ جنهن وڻ هيٺان ويٺين، ان جون پاڙون کوٽِ نه ٿوڪا. وستيءَ وستيءَ نينهن نچٻي شل، ٻُڌجن هِت هُت حق جا هوڪا. ڪيئن ڀلا ”مختار“ وساري. سونهن سندا سنسار ڪلهوڪا. ”اياز“ جاني وائي سانوڻ رُت ۾ رم جهم رم جهم، ڀرجي بريسيا نيڻ_ الا وو ڀرجي برسيا نيڻ. تنهنجي دڳ تي تنهنجي ڪارڻ، ڪيڏو ترسيا نيڻ، الا وو ڀرجي برسيا نيڻ. وَسَ منهنجي ۾ نيڻنه منهنجا، توکي ارپيا نيڻ_ الا وو ڀرجي برسيا نيڻ. چهرو چهرو سر ڪيڏارو، ٿي پيا مَرثيا نيڻ_ الا وو ڀجي برسيا نيڻ. نظام ”ذائر“ نظم سج‌ ٿو آسمان تي چمڪي، ڪيڏو ڌرتيءَ تي سوجهرو آهي، نه سڃاڻون ٿا پوءِ به هڪٻئي کي، وقت جو هي به حادثو آهي. هي اسان کي الائي ڇا ٿيو آ، نه رهي اک ۾ روشني باقي، زندگيءَ ۾ نه زندگي باقي، ڇا ويو دل جو سوجهرو کسجي؟ جي ائين آ ته پوءِ اي ساٿي، اچ ته روشن اکين سان بدلايون، نيڻ پنهنجا ته جوت آ جن ۾. جيڪي جيئريون ۽ جاڳنديون آهن، ديپ جن ۾ ٻرن پيا سڪ جا، اهڙين روشن دلين جيخاطر ئي، پنهنجي سينن کي اچ ته چيرايون. پوءِ شايد سڃاڻ پيدا ٿئي، نه ته ٿو ڀانئجي ائين مون کي؛ سج هوندي به ڪيڏو ڌرتيءَ تي، هر طرف ڇانيو بس انڌيرو آ، ڏوُر شايد اڃا سويرو آ. اختر درگاهي وائي منهنجي چِيچَ وَتيون، سسئي هلجانءِ سُڃ ۾. پنهل واري پُور جون، ڪجهه ته ڪر پَتيون، سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. پَسان مان ڀي پَٻ تي، ڪاريءَ رات ڪَتيون، سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. منهنجهان نيڻن رَت جون، روئان شل رَتيون، سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. متان مون کي لوڪ جا، ماڻهو ڏيڻ مَتِيُون، سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. اسير ملاح نظم هاڻ ته يادون لهرائن ٿيون، درد وندن کان گهٻرائن ٿيون. درد به منهنجو ساٿ نٿو ڏي ڪير به تنهنجو ڪو نه پتو ڏي ڇا ڇا سهڻا خواب لڏائين خوابن ۾ ڇا محل اڏياسين مهڪ محبت جي هئي تن ۾ ڪيڏو پيار ٻن دلين ۾! تانگهيندي من_تن کان جدا ٿي توسان هليو گهنگهور گهٽا جي ساهن وانگر توسان سلجي قدم قدم تي توسان گڏجي پاڇو بڻجي پيار هليو هو محبت جو مجهدار هليو هو ڇيرين جي ڇمڪار بڻيو هو سپنن جو سينگار بڻيو هو هاڻ ته سپنا بنواسي ٿي راتين ۾ ويا پاڇا گم ٿي هاڻ ته يادون لهرائن ٿيون درد وندن کان گهٻرائن ٿيون درد به منهنجو ساٿ نٿو ڏي ڪير به تنهنجو ڪو نه پتو ڏي! عابد مظهر تنهنجون منهنجون ڳالهيون ڪيڏن ڏينهن کان پئي دل ۾ بهانا ٺاهيم توسان ڪجهه پل ڳالهائڻ جو ڪو رستو نڪري اهڙيون واٽون جيڪي توسان ملڻ لاءِ ڳوليم سي هزارين ۽ لکين ميل لڳيون ڏور مون کي پر روحن جا ڪجهه ناتا ڪي اهڙا آهن جيڪي هڪ لحظي ۾ ئي ماڳ تي پهچائن ٿا منهنجي من مان تو کي پائڻ لاءِجي ڪرڻا نڪتا تن ڪري ميڻ ڇڏيو تو کي ۽ هڪ ڏينهن مون کان تو ڀٽائي جي ڪنهن بيت جي تشريح پڇي مون کي ڳالهائڻ جو تو موقعو ڏنو پاڻهي جاني! تو سان جيڪي به ڪرڻ ٿي چاهيم دل جون ڳالهيون سي مون هن بيت جي تشريح ۾ تو ساڻ ڪيون ائين ويجهو اچي هڪ ٻئي کي پرکبو آهي تنهنجون ڳالهيون منهنجون آهن هڪ ئي معنى سي اصل ۾ هڪ ڪَلُ جو آواز آهي اُهي ناتا منهنجا هاڻي جي توسان آهن سي انهي ذات کي پائڻ جا سڀ رستا آهن. سعيد عاقلي ترائيل مان سُکن جي ماڳ ڏي وڌندو رهيس، پر ڏکن پيڇو نه ڪڏهين ڀي ڇڏيو درد جي ٽانڊن مٿان هلندو رهيس مان سُکن جي ماڳ ڏي وَڌندو رهيس مان سدائين جنهن جي لئه سِڪندو رهيس سو نه سٿي پنڌ ۾ مون سان گڏيو مان سکن جي ماڳ ڏي وڌندو رهيس پر ڏکن پيڇو نه ڪڏهين ڀي ڇڏيو. جوهر سنڌي وائي سار تنهنجي ساڻ آ جيءُ منهنجو ٿو جلي پوهه جي هن رات ۾، ڪيتري ڪو ساڻ آ! جيءُ منهنجو ٿو جلي تو سوا بيڪار آ، جا سونهن آ، سرهاڻ آ، جيءُ منهنجو ٿو جلي تنهنجي مرڪن ۾ هئي، سا ڪٿي چانڊاڻ آ، جيءُ منهنجو ٿو جلي تون ڪٿي آهين پرين؟ مينهن ڪٿي مانڊاڻ آ، جيءُ منهنجو ٿو جلي موتيا مهڪن پيا، ڪيتري سرهاڻ آ، جيءُ منهنجو ٿو جلي رکيل مورائي اُوندهه آويرا پِرهه جا پيرا چت اسان جي چائيا. سُجهندي سَاجهر ويل جو، مَهڪايا ميرا. پرهه جا پيرا چت اسان جي چائيا. آءُ وهاڻيءَ ويل ووءِ، وڃي ٿي ويرا. پرهه جا پيرا چت اسان جي چائيا. چَس اُتر جي اُوت جي، چَکَن چَسيرا. پرهه جا پيرا چت اسان جي چائيا. ها ها، پَنج وڳا پرين، ڀَڃي ڇو ڀيرا. پرهه جا پيرا چت اسان جي چائيا. اطهر منگي زندگي شعر جو لکجي ٿو سو ڇپجي وڃي! زندگيءَ جو قرض ڄڻ لَهجي وڃي! زندگي ڪا شاعريءَ جي سٽ نه آ، ٿورڙو ويچار جي لِکجي وڃي! زندگي ڄڻ ڪو ٽَڪَرُ آ، ٽاڪڻو، هِمتن سان نيٺ ٿو ٽڪجي وڃي! زندگي آ، زهر جو پيالو ڀَريَلُ، هر گهڙي، هر حال ٿو پيجي وڃي! زندگي، ڪنهن ڪُنواري جي عصمت جيان، سچ جي، سنڀالجي، لُٽجي وڃي! زندگي جو قافلو، وڌندو رهي، ڪو کڻي چاهي، نٿو رُڪجي وڃي! زندگي، هڪ سمنڊ آهي جهاڳڻو، حوصلي سان ڇا نه ٿو بڻجي وڃي! زندگي، ڄڻ ڪا پرولي آ، پرين! پر ماڻهو، سڀ ڪجهه آخر سمجهي وڃي! زندگي جي راه ۾ اَطَهَرَ مِٺا! جو ڪري نه سوچ، سو ڦُرجي وڃي! اسلم احساس مري غزل توريءَ جڳ ۾ جيئندو آهيان، زهر غمن جو پيئندو آهيان. وار سنواري ڪڏهين ايندين! اوسيئڙن ۾ رهندو آهيان. آس اندر ۾ تڙپي ٿي پئي، ساريون راتيون لڇندو آهيان. تو آئي مهڪارون ٿينديون، دل ئي دل ۾ کلندو آهيان. ساريو آ ڪنهن هڏڪي ٿي آ، سڏڪن ۾ ئي ڳرندو آهيان. اونداهيءَ ۾ ٽانڊاڻي جيان، ٽمڪي ٽمڪي ٻرندو آهيان. مُرڪ ونڊيان پيو جڳ ۾ سائين، ڏک نه ڪنهن کي ڏيندو آهيان. تو بن بهار ائين لڳي ٿي، ڄڻ ته سرءُ ۾ گهمندو آهيان. عذارا جبين آزاد نظم هن نيري وشال، آڪاش هيٺ، سج منهنجي مٿان آهي تپندڙ ڌرتي تي، مسلسل پيرين اُگهاڙي، هلندي رهان ٿي، پگهر ۾ شل، پيرن ۾ لِڦون کڻي، سج جي، ٻرندڙ شَعلن کان بچڻ لئه، ڊوڙان ٿي، وسيع ۽ کليل ميدانن ۾، ان آسري تي، ته نيٺ ڇانورو به ٿيندو منهنجي مٿان، پر جڏهن، ڇانورو وڌي ٿو، رات ڪاري رات ۾ ٻاٽ انڌڪار ۾، ڪارا ڀُائتا، پاڇولا، پنهنجا وار پکيڙي منهنجي چوڌاري، وڪوڙجي وڃن ٿا، تڏهن، اِهي اونداهه جا پاڇولا، ڏند ڪرٽي، پنهنجي ڀوائتا کي وڌيڪ ڀوائتو بنائين ٿا، تڏهن مان، پنهنجي وجود کي، ٿڙڪندو ڏڪندو، محسوس ڪيان ٿي، خوف وچان، اکيون ٻوٽي، گهران ٿي دعا اي خُدا، ٻيهر نڪري اچي، ساڳيو ٻرندڙ سج، ۽ منهنجي مٿان ٻرندو رهي. الطاف حسين آگرو سندر سپنا اکيون بند ڪيان ٿو سهڻا سندر سپنا پسان ٿو. اکيون کوليان ٿو، سهڻا سندر سپنا، غائب ٿي وڃن ٿا، ليڪندل کي تسلي ڏيان ٿو، شايد! ڪڏهن نه ڪڏهن انهن سهڻن سندر سپنن کي ساڀيا به ملندي. متل جوڳي عذاب نه ڄاڻ، اذيتن جي صليب تي، پيڙانن جي وحشت ۾، سُڏڪن جي سُڏِ سُڏِ ۾، اوسيئڙي جي ڪنڌيءَ تي، احساسن جي ماتمي جلوس ۾، اميدن جي چَنڊَ ٻُڏڻ تي، ويڳاڻپ جي صحرا ۾، يادن جي پٿريلي پيچري تي، ”تنهنجي هٿن تي مينديءَ جا چِٽَ، لال گلابي وڳو، ۽ شاديءَ جي پهرين راتِ“ ڪيڏو نه عذاب ڏيندڙ، ۽ ڀوائتي روپَ ۾ هوندا، ۽ نه ڄاڻ!! 27 تاريخ چَنڊَ جي، ڪاري اوندهه جي پاڇي ۾، تنهنجي شاديءَ جي پهرين رات، ڪيئن گُذري هوندي. نور احمد چاڪراڻي غزل اسان ئي زماني جي تقدير آهيون، اسان ئي محبت جي تصوير آهيون. محبت جا ڏيئا جلائي رکون رکون ٿا، اسان ئي صداقت جي تنوير آهيون. مسافر توهان جنهن به منزل جا آهيو، اسان ڀي انهي جا ئي رهگير آهيون. ڪڏهن به ڀُلجي ائين يار سمجهيو، ته واريءَ تي پاتل ڪا لڪير آهيون. خادم حسين همدم سروري دلربا جونسڀ ادائون ڪارگر ٿينديون ويون مست نظرون مہ لقا جون با اثر ٿينديون ويون جي ملاقاتون ڪيوسين تن ڏنو دل کي سُڪون، خوب کان سي يار جاني خوبتر ٿينديون ويون. منهنجي اکين ڄاڻي واڻي بي بسي ظاهر ڪئي، ناز مان هن جون نگاهون معبتر ٿينديون ويون. دل سندم جون حسرتون قربانٿيون شام و سحر، سي سڀئي دلبر اڳيان ڄڻ بي اثر ٿينديون ويون. مون زمني جا سٺا صدما صنم جي واسطي، پر جفائن تي جفائون ڇو مگر ٿينديونويون. ڇا خبر هئي دل جي دنيا کي ڪندو برباد هئين، شوخ نظررون بي وفا جون بي خبر ٿينديونويون. اڄ اچانڪ يار جون مون سان نگاهون چار ٿيون، زندگيءَ جون تلخيون شهد و شڪر ٿينديون ويون. ٿيا ڀلارا ڀاڳ همدم جو ملئين اڄ چاهه سان، غم سنديون راتيون سندم ڄڻ مختصر ٿينديون ويون. شيرل نيڪ سروري ڪافي محبوب يار جاني، ڪري اچ تون مهرباني منهنجا پرين پيارا، ساٿي سڄڻ سهارا، محبوب يار مون کان، ڪر ڪين تون ڪنارا، دم تي نه ڀروسو آ، دنيا سڄڻ آ فاني. ڪري اچ ڪرم نوازي، سهڻا سڄڻ ٿي راضي. لاغرض ڪين ٿي تون، مڃ منهنجي آزي نيازي، تنهنجو نه جوڙ آهي، تنهنجو نه مٽ ڪو ثاني. منهنڙو نه تون مٽائج، ناتو سڄڻ نڀائج، نالي خدا جي رڻ ۾، مون کي نه تون رلائج، هر حال ۾ قبولي، تنهنجي مون حڪمراني. دلڙي ڇڏي تو ٽوڙي، منهنڙو وئين تون موڙي، روئي پيو ”نيڪ“ تولئه، جنهن کي وئين وڇوڙي، تولئه آ مست منهنجي، دلڙي چري ديواني. +مظهر لغاري +غزل +ستارن سندي رات سنسان آهي +ذَهن ڄڻ ته مياڻيءَ جو ميدان آهي. +اوهانجي پُڄاڻا، پرين! ڳوٺ پنهنجو، +وٺبي جي هوا ۾ به ويران آهي +نڪو چنڊ ۾ ساءُ ساڳيو رهيو آ، +ڏکڻ، هِير آندو ڪو ارمان آهي. +هيءُ گوليون کنيو آهي بيٺو گهٽن تي، +چؤ ٿا، اڙي! پو به ”انسان آهي“ +سدا سوچ پنهنجي هجي ڄڻ ته هرڻي، +سدا دل جي ڌرتي بيابان آهي. +بخشڻ مهراڻوي +● +ميخان مان مهڪ اچي ٿي، +جوش جواني، جذبن جي. +پيالا، تالا، کولِن ٿا، +ڳالهه هلي ٿي جوڀن جي، +آ ته چهُمين جا ڏيئا ٻاريون، +جيون جوت آ پل کن جي. +ڌرتي تي دونهاٽو آهي، +ٿي نه سڃاڻپ لاشن جي، +جوڀن ۾ پيو جيون سُڏڪي، +ڳالهه ڪرين ٿو بنگلن جي. +شفيع چانڊيو +● +تو سان ملبو رهبوسائين، +ڪيئن وساري سگهبو سائين. +منهنجو ايءُ معمول ئي رهندو، +تو وٽ اچبو وڃبو سائين. +ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، +توکي ڳولي لهبو سائين. +دل دفتر تان تنهنجو نالو، +ميٽي ڪوئي سگهندو سائين. +تنهنجي تصويرن کي سانڍي، +من_شوڪيس ۾ رکبو سائين. +تنهنجي خط جي تحريرن کي، +کولي کولي پڙهبو سائين. +روح جو رشتو نينهن جو ناتو، +تو سان مور نه ڇنڀو سائين. +حسن درس +● +واءُ ۾ خوشبو گهُلي ويئي هلي +واس وٺندڙ بن رُلي ويئي هلي. +تونالائي ڪنهن ڪناري پئي رُليئين، +هوءَ اچي جهولو جهُلي ويئي هلي، +سڪ جو هي سمنڊ ماٺو ٿي ويو، +ڇڪ جي ڇولي ڇُلي ويئي هلي. +تون پڇيو يا ماٺ ۾ ئي اوچتو، +ڳنڍ ڳالهين جي کُلي ويئي هلي. +مهڪ وانگي ٽهڪ وانگي وکرندي، +هوءَ ته ڪمري ۾ هُلي ويئي هلي. +نانڪ +نظم +خاموش جنهن جي هر ادا، +هر بار چئي نئين ڳالهه ڪا: +اڄ رات سا ايندي هِتي. +آغوش ۾ جنهن جي ڦُٽي، +جڳ مڳ ستارن روشني: +اڄ رات سا ايندي هِتي. +پايل به جا گهايل ڪري، +۽ ماڳ ۾ پاڳ�� ڪري: +اڄ رات سا ايندي هِتي. +او بانوارا، جي تون مڃين، +مونساڻ پو تون ڀي نچين: +اڄ رات سا ايندي هِتي. +خوشبو سَميٽي نار، جا، +ڪينجهر ڪناري پار، جا، +اڄ رات سا ايندي هِتي. +مونل ئه کڻي پيغا ڪو، +چاهت سندو الزام ڪو: +اڄ رات سا ايندي هِتي. +جيئن چنڊ ٿو ماڻهو ڏسي، +منهنجي نظر هُن کي لڀي: +اڄ رات سا ايندي هِتي. +ڇاهي پَتايا بِيچ تي، +منهنجي اکين ۾ ٿي ڏسي؟ +اڄ رات سا ايندي هِتي. +ڇاهي پَتايا بِيچ تي، +منهنجي اکين ۾ ٿي ڏسي؟ +اڄ رات سا ايندي هِتي. +اڄ رات سا ايندي هِتي. +”مختار“ گهمرو +غزل +گهاٽا پَرُ کان هيل جا ناتا، +ڪالهه هئا، پر سرس اڄوڪا. +سنڌوءَ جل جان پوتر پنهنجا، +اڄ جا، ڪلهه جا، پيار پروڪا. +ڳَر کجيءَ جان محب سوادي، +ٻول مِٺا ڄڻ ڪُڙهه جا ڏوڪا. +قرب کُهيءَ جي پيار پڳهه تي، +آءُ ته ڀريون، سِڪ جا ٻوڪا. +توريءَ تَرها پاند اکين جا، +تنهنجي آئٻي ٿيا آڊوڪا، +اُس ۾ جنهن وڻ هيٺان ويٺين، +ان جون پاڙون کوٽِ نه ٿوڪا. +وستيءَ وستيءَ نينهن نچٻي شل، +ٻُڌجن هِت هُت حق جا هوڪا. +ڪيئن ڀلا ”مختار“ وساري. +سونهن سندا سنسار ڪلهوڪا. +”اياز“ جاني +وائي +سانوڻ رُت ۾ رم جهم رم جهم، +ڀرجي بريسيا نيڻ_ الا وو ڀرجي برسيا نيڻ. +تنهنجي دڳ تي تنهنجي ڪارڻ، +ڪيڏو ترسيا نيڻ، الا وو ڀرجي برسيا نيڻ. +وَسَ منهنجي ۾ نيڻنه منهنجا، +توکي ارپيا نيڻ_ الا وو ڀرجي برسيا نيڻ. +چهرو چهرو سر ڪيڏارو، +ٿي پيا مَرثيا نيڻ_ الا وو ڀجي برسيا نيڻ. +نظام ”ذائر“ +نظم +سج‌ ٿو آسمان تي چمڪي، +ڪيڏو ڌرتيءَ تي سوجهرو آهي، +نه سڃاڻون ٿا پوءِ به هڪٻئي کي، +وقت جو هي به حادثو آهي. +هي اسان کي الائي ڇا ٿيو آ، +نه رهي اک ۾ روشني باقي، +زندگيءَ ۾ نه زندگي باقي، +ڇا ويو دل جو سوجهرو کسجي؟ +جي ائين آ ته پوءِ اي ساٿي، +اچ ته روشن اکين سان بدلايون، +نيڻ پنهنجا ته جوت آ جن ۾. +جيڪي جيئريون ۽ جاڳنديون آهن، +ديپ جن ۾ ٻرن پيا سڪ جا، +اهڙين روشن دلين جيخاطر ئي، +پنهنجي سينن کي اچ ته چيرايون. +پوءِ شايد سڃاڻ پيدا ٿئي، +نه ته ٿو ڀانئجي ائين مون کي؛ +سج هوندي به ڪيڏو ڌرتيءَ تي، +هر طرف ڇانيو بس انڌيرو آ، +ڏوُر شايد اڃا سويرو آ. +اختر درگاهي +وائي +منهنجي چِيچَ وَتيون، سسئي هلجانءِ سُڃ ۾. +پنهل واري پُور جون، ڪجهه ته ڪر پَتيون، +سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. +پَسان مان ڀي پَٻ تي، ڪاريءَ رات ڪَتيون، +سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. +منهنجهان نيڻن رَت جون، روئان شل رَتيون، +سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. +متان مون کي لوڪ جا، ماڻهو ڏيڻ مَتِيُون، +سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾. +اسير ملاح +نظم +هاڻ ته يادون لهرائن ٿيون، +درد وندن کان گهٻرائن ٿيون. +درد به منهنجو ساٿ نٿو ڏي +ڪير به تنهنجو ڪو نه پتو ڏي +ڇا ڇا سهڻا خواب لڏائين +خوابن ۾ ڇا محل اڏياسين +مهڪ محبت جي هئي تن ۾ +ڪيڏو پيار ٻن دلين ۾! +تانگهيندي من_تن کان جدا ٿي +توسان هليو گهنگهور گهٽا جي +ساهن وانگر توسان سلجي +قدم قدم تي توسان گڏجي +پاڇو بڻجي پيار هليو هو +محبت جو مجهدار هليو هو +ڇيرين جي ڇمڪار بڻيو هو +سپنن جو سينگار بڻيو هو +هاڻ ته سپنا بنواسي ٿي +راتين ۾ ويا پاڇا گم ٿي +هاڻ ته يادون لهرائن ٿيون +درد وندن کان گهٻرائن ٿيون +درد به منهنجو ساٿ نٿو ڏي +ڪير به تنهنجو ڪو نه پتو ڏي! +عابد مظهر +تنهنجون منهنجون ڳالهيون +ڪيڏن ڏينهن کان پئي دل ۾ بهانا ٺاهيم +توسان ڪجهه پل ڳالهائڻ جو ڪو رستو نڪري +اهڙيون واٽون جيڪي توسان ملڻ لاءِ ڳوليم +سي هزارين ۽ لکين ميل لڳيون ڏور مون کي +پر روحن جا ڪجهه ناتا ڪي اهڙا آهن +جيڪي هڪ لحظي ۾ ئي ماڳ تي پهچائن ٿا +منهن��ي من مان تو کي پائڻ لاءِجي ڪرڻا نڪتا +تن ڪري ميڻ ڇڏيو تو کي ۽ هڪ ڏينهن مون کان +تو ڀٽائي جي ڪنهن بيت جي تشريح پڇي +مون کي ڳالهائڻ جو تو موقعو ڏنو پاڻهي جاني! +تو سان جيڪي به ڪرڻ ٿي چاهيم دل جون ڳالهيون +سي مون هن بيت جي تشريح ۾ تو ساڻ ڪيون +ائين ويجهو اچي هڪ ٻئي کي پرکبو آهي +تنهنجون ڳالهيون منهنجون آهن هڪ ئي معنى +سي اصل ۾ هڪ ڪَلُ جو آواز آهي +اُهي ناتا منهنجا هاڻي جي توسان آهن +سي انهي ذات کي پائڻ جا سڀ رستا آهن. +سعيد عاقلي +ترائيل +مان سُکن جي ماڳ ڏي وڌندو رهيس، +پر ڏکن پيڇو نه ڪڏهين ڀي ڇڏيو +درد جي ٽانڊن مٿان هلندو رهيس +مان سُکن جي ماڳ ڏي وَڌندو رهيس +مان سدائين جنهن جي لئه سِڪندو رهيس +سو نه سٿي پنڌ ۾ مون سان گڏيو +مان سکن جي ماڳ ڏي وڌندو رهيس +پر ڏکن پيڇو نه ڪڏهين ڀي ڇڏيو. +جوهر سنڌي +وائي +سار تنهنجي ساڻ آ +جيءُ منهنجو ٿو جلي +پوهه جي هن رات ۾، ڪيتري ڪو ساڻ آ! +جيءُ منهنجو ٿو جلي +تو سوا بيڪار آ، جا سونهن آ، سرهاڻ آ، +جيءُ منهنجو ٿو جلي +تنهنجي مرڪن ۾ هئي، سا ڪٿي چانڊاڻ آ، +جيءُ منهنجو ٿو جلي +تون ڪٿي آهين پرين؟ مينهن ڪٿي مانڊاڻ آ، +جيءُ منهنجو ٿو جلي +موتيا مهڪن پيا، ڪيتري سرهاڻ آ، +جيءُ منهنجو ٿو جلي +رکيل مورائي +اُوندهه آويرا +پِرهه جا پيرا +چت اسان جي چائيا. +سُجهندي سَاجهر ويل جو، مَهڪايا ميرا. +پرهه جا پيرا +چت اسان جي چائيا. +آءُ وهاڻيءَ ويل ووءِ، وڃي ٿي ويرا. +پرهه جا پيرا +چت اسان جي چائيا. +چَس اُتر جي اُوت جي، چَکَن چَسيرا. +پرهه جا پيرا +چت اسان جي چائيا. +ها ها، پَنج وڳا پرين، ڀَڃي ڇو ڀيرا. +پرهه جا پيرا +چت اسان جي چائيا. +اطهر منگي +زندگي +شعر جو لکجي ٿو سو ڇپجي وڃي! +زندگيءَ جو قرض ڄڻ لَهجي وڃي! +زندگي ڪا شاعريءَ جي سٽ نه آ، +ٿورڙو ويچار جي لِکجي وڃي! +زندگي ڄڻ ڪو ٽَڪَرُ آ، ٽاڪڻو، +هِمتن سان نيٺ ٿو ٽڪجي وڃي! +زندگي آ، زهر جو پيالو ڀَريَلُ، +هر گهڙي، هر حال ٿو پيجي وڃي! +زندگي، ڪنهن ڪُنواري جي عصمت جيان، +سچ جي، سنڀالجي، لُٽجي وڃي! +زندگي جو قافلو، وڌندو رهي، +ڪو کڻي چاهي، نٿو رُڪجي وڃي! +زندگي، هڪ سمنڊ آهي جهاڳڻو، +حوصلي سان ڇا نه ٿو بڻجي وڃي! +زندگي، ڄڻ ڪا پرولي آ، پرين! +پر ماڻهو، سڀ ڪجهه آخر سمجهي وڃي! +زندگي جي راه ۾ اَطَهَرَ مِٺا! +جو ڪري نه سوچ، سو ڦُرجي وڃي! +اسلم احساس مري +غزل +توريءَ جڳ ۾ جيئندو آهيان، +زهر غمن جو پيئندو آهيان. +وار سنواري ڪڏهين ايندين! +اوسيئڙن ۾ رهندو آهيان. +آس اندر ۾ تڙپي ٿي پئي، +ساريون راتيون لڇندو آهيان. +تو آئي مهڪارون ٿينديون، +دل ئي دل ۾ کلندو آهيان. +ساريو آ ڪنهن هڏڪي ٿي آ، +سڏڪن ۾ ئي ڳرندو آهيان. +اونداهيءَ ۾ ٽانڊاڻي جيان، +ٽمڪي ٽمڪي ٻرندو آهيان. +مُرڪ ونڊيان پيو جڳ ۾ سائين، +ڏک نه ڪنهن کي ڏيندو آهيان. +تو بن بهار ائين لڳي ٿي، +ڄڻ ته سرءُ ۾ گهمندو آهيان. +عذارا جبين +آزاد نظم +هن نيري وشال، +آڪاش هيٺ، +سج منهنجي مٿان آهي +تپندڙ ڌرتي تي، +مسلسل +پيرين اُگهاڙي، +هلندي رهان ٿي، +پگهر ۾ شل، +پيرن ۾ لِڦون کڻي، +سج جي، +ٻرندڙ شَعلن کان +بچڻ لئه، +ڊوڙان ٿي، +وسيع ۽ کليل ميدانن ۾، +ان آسري تي، +ته نيٺ ڇانورو به ٿيندو +منهنجي مٿان، +پر جڏهن، +ڇانورو وڌي ٿو، +رات ڪاري رات ۾ +ٻاٽ انڌڪار ۾، +ڪارا ڀُائتا، +پاڇولا، +پنهنجا وار پکيڙي +منهنجي چوڌاري، +وڪوڙجي وڃن ٿا، +تڏهن، +اِهي اونداهه جا پاڇولا، +ڏند ڪرٽي، +پنهنجي ڀوائتا کي +وڌيڪ ڀوائتو بنائين ٿا، +تڏهن مان، +پنهنجي وجود کي، +ٿڙڪندو ڏڪندو، +محسوس ڪيان ٿي، +خوف وچان، +اکيون ٻوٽي، +گهران ٿي دعا +اي خُدا، +ٻيهر نڪري اچي، +ساڳيو ٻرندڙ سج، +۽ منهنجي مٿان ٻرندو رهي. +الطاف حسين آگرو +سندر سپنا +اکيون بند ڪيان ٿو +سهڻا سندر سپنا پسان ٿو. +اکيون کوليان ٿو، +سهڻا سندر سپنا، +غائب ٿي وڃن ٿا، +ليڪندل کي تسلي ڏيان ٿو، +شايد! +ڪڏهن نه ڪڏهن +انهن سهڻن سندر سپنن کي +ساڀيا به ملندي. +متل جوڳي +عذاب +نه ڄاڻ، +اذيتن جي صليب تي، +پيڙانن جي وحشت ۾، +سُڏڪن جي سُڏِ سُڏِ ۾، +اوسيئڙي جي ڪنڌيءَ تي، +احساسن جي ماتمي جلوس ۾، +اميدن جي چَنڊَ ٻُڏڻ تي، +ويڳاڻپ جي صحرا ۾، +يادن جي پٿريلي پيچري تي، +”تنهنجي هٿن تي مينديءَ جا چِٽَ، +لال گلابي وڳو، +۽ شاديءَ جي پهرين راتِ“ +ڪيڏو نه عذاب ڏيندڙ، +۽ ڀوائتي روپَ ۾ هوندا، +۽ نه ڄاڻ!! +27 تاريخ چَنڊَ جي، +ڪاري اوندهه جي پاڇي ۾، +تنهنجي شاديءَ جي پهرين رات، +ڪيئن گُذري هوندي. +نور احمد چاڪراڻي +غزل +اسان ئي زماني جي تقدير آهيون، +اسان ئي محبت جي تصوير آهيون. +محبت جا ڏيئا جلائي رکون رکون ٿا، +اسان ئي صداقت جي تنوير آهيون. +مسافر توهان جنهن به منزل جا آهيو، +اسان ڀي انهي جا ئي رهگير آهيون. +ڪڏهن به ڀُلجي ائين يار سمجهيو، +ته واريءَ تي پاتل ڪا لڪير آهيون. +خادم حسين همدم سروري +دلربا جونسڀ ادائون ڪارگر ٿينديون ويون +مست نظرون مہ لقا جون با اثر ٿينديون ويون +جي ملاقاتون ڪيوسين تن ڏنو دل کي سُڪون، +خوب کان سي يار جاني خوبتر ٿينديون ويون. +منهنجي اکين ڄاڻي واڻي بي بسي ظاهر ڪئي، +ناز مان هن جون نگاهون معبتر ٿينديون ويون. +دل سندم جون حسرتون قربانٿيون شام و سحر، +سي سڀئي دلبر اڳيان ڄڻ بي اثر ٿينديون ويون. +مون زمني جا سٺا صدما صنم جي واسطي، +پر جفائن تي جفائون ڇو مگر ٿينديونويون. +ڇا خبر هئي دل جي دنيا کي ڪندو برباد هئين، +شوخ نظررون بي وفا جون بي خبر ٿينديونويون. +اڄ اچانڪ يار جون مون سان نگاهون چار ٿيون، +زندگيءَ جون تلخيون شهد و شڪر ٿينديون ويون. +ٿيا ڀلارا ڀاڳ همدم جو ملئين اڄ چاهه سان، +غم سنديون راتيون سندم ڄڻ مختصر ٿينديون ويون. +شيرل نيڪ سروري +ڪافي +محبوب يار جاني، +ڪري اچ تون مهرباني +منهنجا پرين پيارا، +ساٿي سڄڻ سهارا، +محبوب يار مون کان، +ڪر ڪين تون ڪنارا، +دم تي نه ڀروسو آ، +دنيا سڄڻ آ فاني. +ڪري اچ ڪرم نوازي، +سهڻا سڄڻ ٿي راضي. +لاغرض ڪين ٿي تون، +مڃ منهنجي آزي نيازي، +تنهنجو نه جوڙ آهي، +تنهنجو نه مٽ ڪو ثاني. +منهنڙو نه تون مٽائج، +ناتو سڄڻ نڀائج، +نالي خدا جي رڻ ۾، +مون کي نه تون رلائج، +هر حال ۾ قبولي، +تنهنجي مون حڪمراني. +دلڙي ڇڏي تو ٽوڙي، +منهنڙو وئين تون موڙي، +روئي پيو ”نيڪ“ تولئه، +جنهن کي وئين وڇوڙي، +تولئه آ مست منهنجي، +دلڙي چري ديواني. + + +مقالا +سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اُهي، جي ٻه سؤ ورهيه اڳ جيئرا هئا، تن خاطر پيئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي، ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهين پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ قوت تخليق ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ بدران محض جامد جسم بنجي ويندا، تڏهن قانون فطرت مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي. ڪوبه سياستدان يا دانا انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“ +”فبعد اللقوم الظالمين.“- شال ڌڻي تعالى اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري. +- علامہ آءِ. آءِ. قاضي +موهن جو دڙي اسٽوپا +کوهن وارو شهر- موهن جو دڙو +ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي +موهن جو دڙو، ڏوڪري اسٽيشن (موجوده نالو موهن جو دڙو اسٽيشن) کان 14 ڪلوميٽر پري آهي. هن دڙي وارو پراڻو شهر ڪيترائي ڀيرا ناس ٿيو آهي، ۽ ٻيهر آباد پئي ٿيو آهي. اندازو آهي ته ست ڀيرا ڊٺو ۽ ٺهيو. مٿين طبقي جو زمانو 1700 ق. م ۽ هيٺين تهه جو زمانو 2500 ق. م يا 3000 ق. م. مقرر ڪيو ويو آهي. يعني پراڻو شهر پنج هزار سال يا ساڍا چار هزار سال اڳ هڪ ڀريو- ڀاڳو شهر هو. +1918ع کان اڳ هن دڙي جي اهميت جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. 1918ع ۾ هن دڙي مان ڪي اهڙيون مهرون هٿ آيون، جن مان معلوم پئي ٿيو، ته انهن هنڌن تي ضرور ڪو قديم شهر آباد هوندو، جيڪو هينئر دڙن جي صورت ۾ آهي. مسٽر آر. ڪي. بئنرجي ۽ آثار قديمه کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل سرجان مارشل دلچسپي وٺي 1922ع ۾ دڙي جي کوٽائي ڪرائي. 1931ع تائين کوٽائي هلندي رهي، ان کان پوءِ فنڊن جي ڪميءَ جي ڪري ڪم رڪجي ويو. کوٽائي ڪندي جيڪي ڪجهه حاصل ٿيو، ان مان ثابت ٿيو ته اهي هڪ وڏي عاليشان ۽ مهذب شهر جا آثار هئا، جيڪي عيسوي سن کان ٽي هزار سال اڳ آباد هو. ان مان معلوم ٿيو ته آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو نهايت مهذب زندگي گذاريندا هئا، ۽ منجهن شهريت جو شعور هو. موهن جي دڙي کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي دڙا ۽ ڀڙا سنڌ جي قديم تهذيب جا نشان آهن. هن دڙي کي موهن يا موئن جو دڙو سڏيو وڃي ٿو، پر دڙي جي پسگردائيءَ وارا ماڻهو هن کي ”مُنهين جو دڙو“ يا ”منهين جي ماڙي“ سڏيندا آهن. +دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي انساني کوپڙيون، هڏاوان پڃرا ۽ ٻيا اهڃاڻ مليا آهن، انهن کي ڏسي ماهرن اندازو لڳايو آهي، ته انهن ڏينهن ۾ دراوڙ نسل جا ماڻهو رهندا هئا، پر سمورا ماڻهو دراوڙ نسل جا نه هئا. انهن محققن جو خيال آهي، ته مختلف نسلن جا ماڻهو آباد هئا. گهٽ ۾ گهٽ چئن نسلن جي ماڻهن جا چٽا آثار ملن ٿا. دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن، ۽ انهن جي آڌار تي سنڌ جي تهذيب بابت جيڪي ڪجهه معلوم ٿيو آهي، ان جو احوال هيٺ ڏجي ٿو. +حڪومت جو نظام +معلوم ٿئي ٿو ته هتي مذهبي طبقي جي حڪومت هئي، ۽ راجا جي ٺاهيل قانونن تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ امن امان هو، ۽ هر ڪو خوش هو. وڏن ڏڻن تي راجا ڀڀڪيدار ڪپڙا پائي، چيلهه سان تلوار ٻڌي، هاٿيءَ تي سوار ٿي پرجا کي درشن ڪرائيندو هو. ان بعد مندر ۾ راجا ۽ پرجا گڏجي پوڄا ڪندا هئا، ۽ راجا پرجا جي وچ ۾ ويڇو وڇاندر ڪونه رهندو هو. اهڙن موقعن تي راڳ روپ ۽ چرچي ڀوڳ جي هر ڪنهن کي اجازت هوندي هئي. عدل ۽ انصاف جو پورو پورو خيال رکيو ويندو هو. +ملڪ جو انتظام نهايت مناسب ۽ معقول هو، ۽ پرجا ان جي سختيءَ سان پابندي ڪندي هئي. خاص طرح سان شهر جو انتظام ته مقرر ڪيل قاعدن ۽ قانونن موجب هلندڙ هو. ائين ٿو ڀائنجي ته شهر جي انتظام ۽ سڌاري لاءِ باقاعده ميونسپالٽيءَ جهڙو ادارو هو، جنهن جي رٿا موجب جايون جڙنديون هيون. گهٽيون ۽ ڪني پاڻيءَ جون ناليون ٺهنديون هيون، ۽ کوهه کوٽيا ويندا هئا. ماڻهو صفائي پسند هئا ۽ قانون جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. ڪوبه گهر يا ڪا ذاتي جاءِ وڏي سڙڪ يا ٻين عام ڀلي جي هنڌن تي نه ٺاهي ويندي هئي. اهو ئي سبب آهي، جو سڙڪون کليل آهن. وڏي سڙڪ ٽيٽيهه فوٽ ويڪري آهي. ٻه- واٽي يا چو- واٽي تي هڪ سڙڪ ٻيءَ سڙڪ کي گوني ڪنڊ تي ڪراس ڪري ٿي. گهٽيون به نهايت سڌيون ۽ ڪشاديون آهن، ڪٿي به ڪو دخل ڪونهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو قانون جا سخت پابند هئا. +گهرن جي ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڍڪيل نالين جو بندوبست آهي. انهن نالين ٺاهڻ وقت صحت جي اصولن جو پورو پورو خيال رکيو ويو آهي، ايتري قدر جو نالين جو پاڻي نه گهٽين ۾ گندگي پيدا ڪندو هو، نه بانس ٿيندي هئي، ۽ نه گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهن جا ڪنهن به موقعي تي ڪپڙا خراب ٿي سگهندا هئا. نالين جو پاڻي وهي وڃي وڏي سڙڪ ڏانهن وڏي ناليءَ ۾ پوندو هو. +رهڻ جون جايون به سٽيل رٿا موجب ٺهيل نظر اچن ٿيون. گهرن جا اڱڻ ڪشادا آهن، ۽ روشنيءَ جو پورو پورو خيال رکيل آهي. گهر گهر ۾ کوهه ۽ غسلخانو آهي. گهڻو ڪري سڀني گهرن ۾ پائخانه به آهن. غسلخانا ۽ پائخانا اڪثر هيٺين منزل تي آهن، پر ڪن جاين ۾ ٻيءَ منزل تي به انهن جا نشان ملن ٿا. ٻنهي حالتن ۾ گهر جي انهيءَ حصي ۾ آهن، جيڪي سڙڪ يا گهٽيءَ جي بلڪل لڳ آهي، ۽ انهن جا فرش لهوارا آهن، ته جيئن پاڻي سولائيءَ سان نيڪال ٿي وڃي. +شهر جي حفاظت لاءِ، شهر جي چوڌاري اَٺ فوٽ ٿلهي ڀت ڏنل هئي، جنهن کي ڪيترن هنڌن تان وڏا در هوندا هئا. رات جو اهي بند ڪيا ويندا هئا، ۽ حڪومت پاران انهن تي چوڪيدار مقرر ڪيل هئا. شهر جي پوري وچ تي هڪ وڏو هال آهي، جيڪو شايد ميونسپالٽيءَ جهڙي اداري جي آفيس هئي. ان کان سواءِ شهرين جي صحت، صفائي، تفريح ۽ وهنجڻ لاءِ تلاءَ سرڪاري اسپتالون ۽ باغ هوندا هئا. اهو ڏيکاري ٿو، ته حڪمران طبقي کي عوام جي سهوليت ۽ بهبود جو هر وقت خيال هوندو هو. +اهي رٿائون ۽ سٽائون، انتظام ۽ اصول ڏسي آثار قديمه جا ماهر دنگ رهجي ويا. هنن کي انهيءَ ڳالهه تي حِرت آهي ته اڄ کان اٽڪل پنج هزار سال اڳ شهر جي هڪ ميونسپالٽي هئي، جيڪا شهرين جي صحت ۽ صفائي، وندر ۽ ورونهن- مطلب ته هر ڳالهه جو خيال رکندي هئي ۽ عوام به ايترو مهذب، متمدن ۽ شائسته هو، جو انهن قاعدن جو سختيءَ سان پابند هو. +مذهب +موهن جي دڙي جي ماڻهن جي مذهب بابت ڪابه يقيني راءِ قائم نه ڪئي ويئي آهي. ڪابه اهڙي جاءِ نه ملي آهي، جنهن لاءِ يقيني طور چئي سگهجي ته اهو مندر يا عبادتگاهه هو. عبادت گاهه ضرور هوندا، پر جيئن ته جاين جو سٽاءُ هڪجهڙي آهي، انهيءَ ڪري نشاندهي ٿي نه ٿي سگهي. وڏي حمام (Great Bath) کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته شايد ڪنهن خاص ڏڻ تي سڀ ماڻهو گڏجي سنان ڪندا هئا. اها رسم ضرورت سندن ڪا مذهبي رسم هوندي. +مهرن جي تصويرن ۽ صورتن کي ڏسي اندازو لڳايو ويو آهي ته هو فطرت پرست هئا ۽ بت پرستيءَ کي سندن مذهب ۾ دخل نه هو. ڪي اهڃاڻ اهڙا به مليا آهن، جن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته ڪنهن وقت هو توحيد پرست به هئا. ان کان پوءِ سندن مذهب ۾ بگاڙو آيو ۽ هو ديوين ۽ ديوتائن ۽ جانورن جا پوڄاري بنجي ويا. +مهرن تي ديوين جون تصويرون ملن ٿيون. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته هو ”ماتا“ يا ديويءَ جا پوڄاري هئا. ان کان سواءِ ڪي شڪليتون ديوتائن جون به مليون آهن، جن جي مٿي تي ڏاند يا ٻڪر وانگر سنڱ آهن. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته شايد ڏاند ۽ ٻڪر انهن جي مذهب ۾ مقدس سمجهيا ويندا هئا. ڪن مهرن تي ديوتائن سان گڏ جانورن جون شڪليون ڏيکاريون ويون آهن. ڪي اهڙيون به مورتيون مليون آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديوتائن کي جانورن جي شڪل ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. +انساني شڪلين کان سواءِ ڪن مهرن تي پپر، انجير ۽ ٻير جا وڻ به ملن ٿا. ائين ٿو ڀانئجي ته اهي وڻ مقدس سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ”لنگ پوڄا“ جا نشان به هتان مليا آهن. کوٽائيءَ مان ڪي تعويذ به مليا آهن، جن تي عام طرح جانورن جون تصويرون نڪتل آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته بابل جي ماڻهن وانگر هو به دعا تعويذ ۽ سڳي ڌاڳي ۾ يقين رکندا هئا. هتان ڪي به اهڙا نشان نه مليا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ته هتي جا ماڻهو مُردن کي پوريندا هئا يا ساڙيندا هئا. اندازو آهي ته هو مُردن کي پوريندا هئا، پر قبرن جا نشان مٽجي ويا آهن. جيئن ته ماڻهو صفائي ۽ سٿرائيءَ سان رهندا هئا،انهيءَ ڪري اندازو لڳايو ويو آهي، ته هو انهيءَ ڳالهه ۾ يقين رکندا هئا ته روح ٻيو روپ وٺي ٿو. +انهن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته هندو ڌرم جي ڪيترين ڳالهين جو تصور سنڌ جي قديم مذهب تان ورتل آهي؛ مثلاً درگا ديوءَ جي پوڄا، ”شو ديوتا“ جي پوڄا، گانءِ، پوڄا، پپر کي پاڪ سمجهڻ، لنگ پوڄا، جوڻ جو عقيدو وغيره. +سماج +موهن جي دڙي مان جيڪي مهرون نڪتيون آهن، انهن تي اکر لکيل آهن. جيئن ته اهي اکر پڙهڻ ۾ نه ٿا اچن، انهيءَ ڪري سنڌ جي تهذيب جون ڪيتريون ڳالهيون اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهن. تازو خبر آئي آهي ته ”فنلئنڊ“ جي ماهرن، مهرن جا اکر پڙهيا آهن. انهن جون پڙهڻيون ۽ ڪڍيل نتيجا اڃا تائين اسان وٽ نه پهتا آهن. البت ايترو معلوم ٿيو آهي ته ”فنش“ ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ان زماني ۾ سماج چئن ذاتين يا طبقن تي مشتمل هو. اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته هندن جي چئن ذاتين وارو تصور اتان ورتل آهي. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي ماڻهن ۾ چار ذاتيون هيون، ان هوندي به منجهن نفرت ۽ نفاق ڪونه هو. هو امن پسند هئا ۽ ايڪي اتفاق سان رهندا هئا. دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪنهن به قسم جا هٿيار هٿ نه آيا آهن. اهو ڏيکاري ٿو ته هو جنگجو ۽ جهيڙاڪر نه هئا. +دڙي جا اڪثر ماڻهو زراعت پيشه هئا، پر شهر ۾ ڪمي ڪاسبي، سونارا ۽ لوهار، ڪوري ۽ نيرولي، رازا ۽ واڍا، موچي ۽ سوچي به موجود هئا. ڳئون، مينهن، رڍ، ٻڪري، ڪتو، ڪڪڙ ۽ مور گهرن ۾ پاليندا هئا. گهوڙي جي نسل جا نشان ڪونه مليا آهن. ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي جا نشان مليا آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪپهه پوکي ويندي هئي ۽ سوٽي ڪپڙو اُڻيو ويندو هو. البت اوني ڪپڙي جا اهڃاڻ ڪونه ٿا ملن. مردن جا گهڻو ڪري پٺا اگهاڙا هوندا هئا ۽ ڌوتي يا گوڏ ٻڌڻ جو رواج عام هو. ان مان ڀانئجي ٿو ته گوڏ ٻڌڻ جو رواج سنڌ ۾ قديم زماني کان هليو اچي. اجرڪ نما چادر ويڙهن جو رواج به موجود هو. اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ ۾ اجرڪ جو رواج به قديم زماني کان موجود آهي. نيرولين جي دوڪانن جا اهڃاڻ به مليا آهن. اڄ به سنڌ جا ماڻهو نير ۾ ٻڏل ڪپڙا خاص طرح سان گوڏيون پائيندا آهن. +ڪي مرد مٿي تي وٽيل پڳڙي ۽ بدن تي جهولڙي (قميص يا صدري جو هڪ قسم) پائيندا هئا. ان مان ڀانئجي ٿو ته مٿي تي پڳڙي ۽ قميص يا چولي جي بدران هلڪي صدري پائڻ جو رواج به سنڌ ۾ قديم زماني کان هليو اچي. عورتون جڏهن ٻاهر نڪرنديون هيون، ته هڪ ڊگهي چادر سان سڄو جسم ڍڪي ڇڏينديون هيون. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ جون عورتون اجرڪ يا ڊگهي چادر سان سڄو بدن ڍڪي، فقط اکيون ظاهر ڪري نڪرنديون آهن. عورتن سان گڏ مرد به وڏا وار رکندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ جا ڪيترا مرد وڏا وار رکائيندا آهن. ڪي مرد وري پوئتان وار ڪٽائي ٻٽونئڙو نمونو ڪرائي ڇڏيندا هئا. عورتون ۽ مرد ٻئي زيور پائيندا هئا. مرد ڪنن ۾ والا پائڻ ۾ فخر سمجهندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ ۾ ڪي مرد ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن. عورتون موتين، مڻين ۽ ڪوڏن جا هار، پيرن ۾ جهانجهرن جي نموني جو زيور، نڪ ۾ بولو، ٻانهن ۾ ڪنگڻيون ۽ آڱرين ۾ ڇلا پائينديون هيون. +مرد ڏاڙهيون رکائيندا هئا. ڪن جون ڏاڙهيون وڏيون هونديون هيون ۽ ڪن جون وري شرعي نموني خط ورتل هونديون ��يون. ڪي وري ڏاڙهيون رکائي م ڇون صاف ڪرائي ڇڏيندا هئا. ڪي وري ڏاڙهي صفا ڪوڙائي ڇڏيندا هئا. عورتون چوٽي به ڪنديون هيون، ته ڪڏهن وري اڳڙي يا ڌاڳي سان وار ٻڌي ڇڏينديون هيون. +عورتون سينگار به ڪنديون هيون ۽ وارن ۾ ڦڻي ڏينديون هيون. ڪاٺ جون ڦڻيون به مليون آهن، جن جو رواج اڄ به سنڌ ۾ موجود آحي. ان کان سواءِ عاج جون ڦڻيون به هٿ آيون آهن. سرائي سرميداڻي به ملي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو سرمو پائيندا هئا. ڌات جا آئينا به مليا آهن، پائوڊر نموني جي شيءِ به ملي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته عورتون منهن کي پائوڊر لڳائينديون هيون. سِندر ڪم آڻڻ جا اهڃاڻ به مليا آهن. +واندڪائيءَ ۾ عورتون ائٽ ويهي ڪتينديون هيون ۽ مرد وري ورندر ۽ ورونهه لاءِ چونڪ ۽ چوپڙ راند ڪندا هئا. هڪ مهري، يڪتاري ۽ ڍولڪ وڄائڻ جي به ملي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته هتي جا ماڻهو راڳ ۽ ناچ سان دل وندرائيندا هئا. ٿي سگهي ٿو، ته راڳ ۽ ناچ سندن مذهب جو حصو هجي. ڪڪڙن وڙهائڻ جو رواج به موجود هو. ٻارن لاءِ رانديڪا به موجود هئا ۽ ٻارن جي راندين جو رواج به هو. چدي راند ۽ اٽي ڏڪر جو رواج انهن ڏينهن کان هليو اچي. رانديڪا گهڻو ڪري مٽيءَ مان ٺاهي پچايا ويندا هئا. اهڙن رانديڪن ۾ بيل گاڏيون، جانورن ۽ پکين جون مورتون مليون آهن. اهڙي قسم جي رانديڪن جو رواج اڄ تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود آهي. جوڳياڻيون اهي رانديڪا ٺاهي کڻي اينديون آهن ۽ اَن لپ جي بدلي ٻارن کي ڏيئي وينديون آهن. +صنعت و حرفت +مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، ته هتي هر قسم جا ڪاريگر موجود هئا. عورتون گهرن ۾ سٽ ڪتينديون رهنديون هيون. ڪپڙو اڻيو به ويندو هو، ته رڱيو به ويندو هو. نير جي ڪپڙن جو رواج عام هو. سونارا موجود هئا، جيڪي چاندي ۽ سون مان به زيور ٺاهيندا هئا. عقيق، سنگ سليمان ۽ سنگ يشب مان مڻيا به ٺاهيا ويندا هئا. ان کان سواءِ اڇي ۽ نيري مسالي مان به مڻيا ٺاهيا ويندا هئا. اهڙن مڻين جو رواج اڃا تائين سنڌ ۾ موجود آهي. اسٽائيٽ ۽ چينيءَ جا مڻيا به مليا آهن. سوزن ڪاري ۽ ڪٽائيءَ جي هنر ۾ به ماهر هئا. زردوزي ۽ ڪشيده ڪاري جي ڪم کان به واقف هئا. سبڻ ۽ ڀرڻ جون سُيون به مليون آهن، جن جي مٿي کان ڌاڳي وجهڻ جي جاءِ به آهي. +ٺڪر جي ٿانون جو گهڻو استعمال هو. ڪنڀر چڪ تي ڪيترن ئي قسمن جا ٿانو ٺاهيندا هئا. جهڙوڪ: دِلا، مَٽ، ڪُنا ۽ پاٽيون وغيره. ڪي ٿانو هٿ جا ٺهيل به آهن. چڪ تي ٿانو ٺاهڻ کنا پوءِ هڪ مسالي سان ٿانون کي رڱيو ويندو هو، جيڪو مٽي ۽ لوهه مان ٺاهيو ويندو هو. ان کان پوءِ ڪاري يا ڪارسري ڳاڙهي مسالي سان چٽسالي ڪرڻ جو رواج اڃا تائين سنڌ ۾ موجود آهي. چٽساليءَ ۾ گول ۽ جاميٽريءَ جي ڊزائين ۾ چٽ به آهن، ته وڻ ٻوٽا به نڪتل آهن. ان کان سواءِ پکين ۽ جانورن جون شڪليون به آهن، ته اڀريل سج به ڏيکاريل آهي. چٽسالي پختي به آهي، ته ان ۾ لطافت ۽ نزاڪت به آهي. وڻ جا پن نهايت احتياط سان ڪڍيل آهن ۽ جانورن کي پنهنجي فطري ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سج جي شڪل ڦڻيءَ جي نموني تي ڪڍي ويئي آهي. ڦڻيءَ جا ڏندا ڄڻ سج جا ڪرڻا آهن. +ٺڪر جي ٿانون کان سواءِ ٺڪر جون گُنديون، ٺڪر جا نلڪا، ٺڪر جا ڪوئا مار، ٺڪر جا ڦيٿا، ائٽ، چوڙيون، ديوين، ديوتائن، جانورن ۽ پکين جون مورتون به ٺڪر جون مليون آهن. +موهن جي دڙي جا ڪاريگر ڌات کي پگهاري يا ڪٽي مختلف شين ٺاهڻ ۾ مهارت رکندا هئا. هو چاندي، سون، ٽامي، ڪٽ ۽ پتل مان شيون ٺاهي سگهندا هئا. خاص طرح سان ٽامي مان گهڻو ڪم ورتو ويندو هو. ٽامي جا ٿانو، ڪهاڙيون، خنجر، چاقو، چوڙيون، منڊيون ۽ واليون وغيره ٺاهيون وينديون هيون. ڪٽ مان ٺهيل گلدان، پيالا، تسريون ۽ ڍڪڻ سوڌيون ديڳڙيون مليون آهن. ڪي ٿانو ڍالي تيار ڪيا ويا آهن، ته ڪي وري ڪٽي بنايا ويا آهن. ڌات جي ٿانون تي چٽسالي به ٿيل آهي. ڪن تي جانورن جون تصويرون به ڇاپيل آهن. ڏات مان مهرون به ٺهيل آهن، جن تي اکر ۽ تصويرون اُڪريل آهن. مڇيءَ جي شڪار جون ڪُنڊيون به مليون آهن، جيڪي ٽامي جون ٺهيل آهن. +ڌات مان ٺهيل مورتون به مليون آهن، جيڪي ٽامي ۽ ڪٽ مان نهايت نفاست سان ٺاهيون ويون آهن. هڪ ناچڻيءَ جي مورتي به ملي آهي، جيڪا اهڙي قسم جي فنڪاريءَ جو اعلى نمونو آهي. ان کان سواءِ جانورن جون مورتيون به مليون آهن. ان سلسلي ۾ مينهن جي مورتي قابل ذڪر آهي. +پٿر مان ٺهيل شيون تمام گهٽ مليون آهن. ان هوندي به ڪجهه شيون مليون آهن، جهڙوڪ: مورتيون، مهرون، اٽي پيهڻ جا جنڊ، تور جا وٽَ، ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا وغيره. +سنڌ جا ڪاريگر، مهرن ٺاهڻ ۾ ڏاڍا ماهر هئا. هتان وڏي تعداد ۾ مهرون مليون آهن، جيڪي ”اسٽائيٽ“ مان ٺاهيون ويون آهن ۽ مختلف سائيزن ۾ آهن. انهن تي جانورن جون تصويرون به آهن، ته اکر به اڪريل آهن. معلوم ٿو ٿئي ته اهي مهرون وڏن پٿرن کي ڪٽي ٺاهيون ويون هونديون. ان ڪم لاءِ ضرور ڪا ڪارائي ڪتب آندي ويئي هوندي. ائين ٿو ڀانئجي ته اهي مهرون گهڻي قدر ٺپي هڻڻ لاءِ ڪتب آنديون وينديون هونديون. ڪن مهرن تي ڌاڳي ٻڌڻ جي جاءِ ڪيل آهي. ڀانئجي ٿو ته اهي مهرون تعويذ طور ڳچيءَ ۾ يا ڏوري ۾ ٻڌيون وينديون هونديون. +عمارت سازي +موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ جيڪي گهر ۾ ڀتيون نڪتيون آهن، انهن کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي. شهر ۽ ان جون جايون باقاعده سٽا ۽ رٿا سان ٺهيل آهن. سڄي شهر جون جايون مضبوط پڪين سرن جون ٺهيل آهن. سرون قالبن جون ٺهيل آهن، ۽ ايتريون ته پختيون آهن، جو اڄ به ائين پيون نظر اچن، ڄڻ تازيون ٺهيل آهن. جايون چوڪنڊيون ۽ گوني ڪنڊ تي پوريون ٺهيل آهن. ڪٿي به ڪو وَرُ يا ڏنگ نظر نٿو اچي. گهر جون جايون ننڍيون به آهن ته وڏيون به آهن. سڀ کان ننڍي جاءِ ٻن ڪمرن واري آهي، ۽ سڀ کان وڏي جاءِ 33 هزار فوٽن تي ڦهليل آهي. +جايون عام طور تي هڪٻئي کان الڳ ٺهيل آهن. گهرن ۾ وڏا اڱڻ آهن. ڪيتريون جايون ٻه-ماڙ آهن، ۽ مٿاهينءَ تي ٺهيل آهن. وڏين جاين ۾ ٻاهرئين در جي لڳ جدا ڪوٺي به آهي، جيڪا شايد نوڪرن ۽ دربانن لاءِ آهي. هر گهر ۾ گهڻو ڪري کوهه آهي، جيڪي نهايت ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهن. گهرن وارا کوهه ڪي ته اهڙا سوڙها آهن، جو سولائيءَ سان ڍڪي سگهجن ٿا. وڏين جاين ۾ درين ۽ روشندانن جا نشان ملن ٿا. ٻيءَ ماڙ تي چڙهڻ لاءِ سرن جون ٺهيل سوڙهيون ڏاڪڻيون آهن. ڪي ڏاڪڻيون ته تمام سوڙهيون آهن. جاين جا در تمام تنگ ۽ ننڍا آهن. تمام وڏين جاين جا در به اهڙا ئي سوڙها ۽ ننڍا آهن. ڪنهن گهر جو ٻاهريون در يا ڪا دري سڙڪ طرف نٿي کلي. ان مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته انهن جون عورتون سخت پردو ڪنديون هيون. +عام رهائشي گهرن کان سواءِ شهرن جي مختلف حصن ۾ وڏيون وڏيون جايون به آهن. ماهرن جو خيال آهي، ته يا ته اهي سرڪاري آفيسون هونديون يا حڪمران طبقي يا وڏن ماڻهن جا محلات هوندا. شهر جي اتر ۾ هڪ جاءِ آهي، جيڪا 242 فوٽ ڊگهي، ۽ 112 فوٽ ويڪري آهي. ڏکڻ ۾ هڪ جاءِ آهي، جيڪا 422 فوٽ ڊگهي ۽ 150 فوٽ ويڪري آهي. شهر جي هڪ طرف چورسي جاءِ آهي، جنهن جو هر هڪ پاسو 85 فوٽ آهي. ان ۾ دڪانن وانگر ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن. ڀانئجي ٿو ته اهي دڪان هوندا، جتي خريد فروخت ٿيندي هوندي. +شهر جي ڏکڻ- اولهه طرف هڪ غير معمولي وسيع ۽ دلچسپ وهنجڻ جو تلاءُ آهي، جيڪو پڪين سرن جو نهايت ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهي. انهيءَ عمارت جي وچ ۾ هڪ حوض آهي، جيڪو 29 فوٽ ڊگهيو، 23 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي. حوض ۾ لهڻ لاءِ ڪنڊن تي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. حوض جي لڳ ڪوٺيون آهن، جيڪي ڪپڙن بدلڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون. سڄي عمارت جي ڊيگهه 180 فوٽ ۽ ويڪر 108 فوٽ آهي. ان جي ڀت 8 فوٽ ٿلهي آهي. عمارت جي چوڌاري 15 فوٽ ويڪرو رستو آهي، جيڪو هڪ ٻاهرين سٽ فوٽ ٿلهي ڀت سان گهيريل آهي. هر ڪمري ۾ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻين جا نشان آهن. هڪ ڪمري ۾ هڪ تمام وڏو کوهه آهي، جنهن مان پاڻي ڪڍي تلاءُ ڀريو ويندو هو. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ وڏو نالو آهي. +مٿي ذڪر ڪيل جاين جي اڏاوت ۽ پاڻي جي نالين جي بناوت ظاهر ڪري ٿي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو عمارتسازيءَ ۾ وڏا ماهر هئا. هنن جي اڏاوت جي فن ۾ سادگي آهي؛ پر پختگي، سٽا ۽ سلجهاءُ آهي. فقط امير ۽ حاڪم سٺيون جايون نه ٺهرائيندا هئا، پر گهڻو ڪري سڀ شهري هڪ ئي نموني جي سٺين ۽ پڪين جاين ۾ رهندا هئا. ڪنهن به پُر شڪوه ۽ جاهه و جلال واري جڳهه جو نشان نه مليو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته سڀ ماڻهو لڳ ڀڳ هڪجهڙي زندگي گذاريندا هئا. ائين ڪونه هو، ته هڪ پاسي تمام وڏا امير هئا، ۽ ٻئي پاسي صفا غريب ماڻهو هئا. +زراعت ۽ خوراڪ +زراعت جا اوزار گهٽ مليا آهن. فقط ٻه هر ٽامي جا ٺهيل مليا آهن. ان مان ڀانئجي ٿو ته شايد زراعت جا اوزار ڪاٺ مان ٺاهيندا هئا، جيڪي ڳري ويا آهن. البته اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي، ته هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ ڏاندن سان هر ڏيندا هئا. ڪڻڪ، ڪپهه، جَوَ ۽ گدرا پوکيندا هئا؛ ڇاڪاڻ جو انهن شين جا ٻج مليا آهن. کارڪن جون کوکوڙيون به مليون آهن. ان مان ڀانئجي ٿو، ته کجيون به ملڪ ۾ ٿينديون هيون. ڳئون، مينهون ۽ ٻڪريون پاليندا هئا؛ ۽ انهن جو کير، مکڻ، ڏڌ ۽ ڌؤنرو ڪم آڻيندا هئا. انهن شين کان سواءِ مڇي ۽ ميوو به کائيندا هئا. اندازو آهي، ته گوشت به کائيندا هئا. +بار ڍوئڻ ۽ ٻئي ڪم لاءِ وٽن بيل گاڏيون هونديون هيون، جنهن ۾ ٻه ڏاند ٻڌندا هئا. گاڏيءَ جي بناوت بلڪل اهڙي ئي هئي، جهڙي هينئر اتر سنڌ جي بيل گاڏين جي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته موجوده بيل گاڏي موهن جي دڙي جي زماني کان هلي اچي. درياءَ جي ذريعي ٻيڙين تي سفر به ڪندا هئا. هنن کي سٺي نموني جون ٻيڙيون ٺاهڻ اينديون هيون. + + +سر جان مارشل +فوٽو: بشڪريه محڪمه آثار قديمه پاڪستان) +کوهه +موهن جي دڙي جي پڌري پٽ سڃاڻ ان جا کوهه آهن. هونئن به سڄيءَ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين کوهه هئا، جيڪي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به ڪم ايندا هئا، ته آبپاشيءَ لاءِ به استعمال ٿيندا هئا. سنڌي زبان ۾ ڪچي کوهه کي ”واءِ“ ۽ گهر واري ننڍي کوهه کي ”کوهي“ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي سرزمين کوهن جي سرزمين رهي آهي، ان هوندي به جنهن نموني جا کوهه ۽ جيتري تعداد ۾ کوهه موهن جي دڙي واري شهر ۾ ملن ٿا، اهڙي نموني جا ۽ ايتري تعداد جا کوهه ماضي قريب ۾ توڙي ماضي بعيد ۾ ڪڏهن به سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه رهيا آهن. ڄڻ موهن جي دڙي واري شهر جي ويرانيءَ کان پوءِ به اهڙي نوعيت جي کوهن جو رواج سنڌ مان ختم ٿي ويو. جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شهر ۾ اهڙا ۽ ايترا کوهه رواج ۾ نه رهيا. هونئن ته کوهه هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هوندا هئا ۽ ڪن گهرن ۾ به کوهه ۽ کوهيون هونديون هيون، پر هر گهر ۾ اهڙي قسم جي کوهن جو رواج ڪونه رهيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي ماڻهو جيڪي اهڙن کوهن جا شوقين هئا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اهڙا نفيس کوهه تعمير ڪندا هئا، يا ته صفحهءِ هستيءَ تان مٽجي ۽ ميسارجي ويا، يا لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا، يا وري انهن جا پونر زماني جي لاهن چاڙهن سبب يا ڌارين جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ هنرن کان محروم ٿي، هيٺاهين طبقي جي حيثيت ۾ رهيا. مطلب ته کوهه، موهن جي دڙي جي امتيازي خصوصيت آهن؛ هزارين سال گذرڻ جي باوجود صحيح سلامت موجود آهن ۽ هڪ عجيب منظر پيش ڪري رهيا آهن. هر گهر ۾ کوهه ملي ٿو. ان کان سواءِ ڪيترين ئي جاين، سڙڪن ۽ گهٽين جي ڪنارن تي به کوهه ملن ٿا. ڪي ڪي کوهه ته مٿي تائين هليا وڃن ٿا. ٻيو ڀيرو شهر آباد ٿيو آهي، ته کوهن جي ڪنارن کي مٿي ڪيو ويو آهي. گهڻي قدر کوهه گول آهن ۽ ننڍي منهن وارا آهن. هڪ کوهه جو منهن ايترو ته ننڍو آهي، جو ان جو قطر فقط هڪ فوٽ ڏهه انچ آهي. ٻن ٽن جاين تي بيضوي منهن وارا کوهه به موجود آهن. سنڌ ۾ اهڙا بيضوي منهن وارا کوهه ٻين هنڌن تي به نظر آيا آهن. اهڙا کوهه اڳين زماني ۾ درٻيلو ۽ ٻٻرلوءِ ۾ به هئا. +موهن جو دڙي جي تازي کوٽائيءَ مان هڪ اهڙو منفرد نوعيت جو کوهه به مليو آهي، جنهن جو منهن پپل جي پن جهڙو آهي، جيئن ته ان جاءِ تي بند ٻڌو ويو آهي، انهيءَ ڪري کوهه کي لٽي ڇڏيو ويو آهي. ان جون سرون ڪڍي ميوزم جي ٻاهران رکيون ويون آهن. آثار قديمه وارن جو چوڻ آهي، ته اهڙي قسم جو کوهه انهن ئي سرن سان ٻيهر اڏيو ويندو، پر خبر نه آهي ته ڪڏهن؟ +انهن کوهن جي ڪري ممڪن آهي، ته ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ، ٻين شين سان گڏ ”کوهن“ جي ڪري به مشهور هجي، ڇاڪاڻ جو ايترن کوهن جو رواج دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ڪونه رهيو آهي. مطلب آهي ته سنڌ جي هڪ سڃاڻ ان جا کوهه به هوندي. انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته دنيا ۾ موهن جي دڙي کي قديم زماني ۾ ”کوهن وارو شهر“ به سڏيو ويندو هجي. هونئن به اسان وٽ ”کوهارا“ ذات آهي، جنهن جو مطلب آهي ”کوهه وارا“. ڪيترا ”کوهارا“ ته موهن جي دڙي جي ڀرسان وارن ڳوٺن ۾ رهن ٿا. پر ان جو مطلب هروڀرو اهو نه آهي، ته هي ڪي موهن جي دڙي وارا ماڻهو آهن. هي پاڻ کي ڪلهوڙا (عباسي) سڏائين ٿا. ذات جي اصل نسل کي ڇڏي اسان ايترو چئي سگهون ٿا ته، سنڌي زبان ۾ ”کوهه وارا“ مان ”کوهارا“ لفظ جڙيو آهي ۽ هن وقت تائين موجود آهي. +اصحاب الرس (کوهن وارا) +قرآن حڪيم ۾ هڪ قديم قوم کي ”اصحاب الرس“ سڏيو ويو آهي. سوره ”الفرقان“ ”ق“ ۾ ان قديم قوم جو نالو آيو آهي. سور ”ق“ ۾ قديم ترين قومن عاد ۽ ثمود سان گڏ ”اصحاب الرس“ جو ذڪر به آيو آهي: +”کذبت قبلهم قوم نوح واصحـــٰب الرس و ثمود و عاد و فرعون و اخوان لوط و اصحـــٰب الايکة و قوم تبع کل کذبن الرسل فحق وعيد“ (ق 110-14) +(ان کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ کوهه وارن ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن، اصحاب ايڪة ۽ تبع جي قوم- انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ انهن تي عذاب لازم ٿيو). قرآن ڪريم ۾ ٻي هنڌ آيو آهي: +و قوم لوح لما کذبوا الرسل اغرقنـــٰهم و جعلنـــٰهم للناس آية واعتدنا للظالمين عذابا اليما و عادا و ثمودا و اصحــٰب الرس وقرونا بين ذالک کثيرا (الفرقان. 36-38) +(اهو ئي حال نوح جي قوم جو ٿيو، جڏهن انهن رسولن کي ڪوڙو ڪيو. اسان انهن کي غرق ڪري ڇڏيو، ۽ دنيا جي ماڻهن لاءِ عبرت جو اهڃاڻ بنايو، ۽ انهن ظالمن لاءِ اسان هڪ دردناڪ عذاب مهيا ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح عاد، ثمود ۽ اصحاب الرس ۽ وچ واري زماني جا ڪيترائي ماڻهو تباهه ڪيا ويا. انهن مان هر هڪ قوم کي اسان (اڳين قومن جي تباهه ٿيڻ جا) مثال ڏيئي سمجهايو ۽ آخرڪار هر هڪ کي غارت ڪري ڇڏيو.“ +”رس“ جي معنى عربي زبان ۾ کوهه، ٻٽو کوهه، پراڻو کوهه ۽ ڪچو کوهه آ��ي. ان کان سواءِ غار، کاڻ، اهڃاڻ ۽ منڍ يا شروعات کي به ”رس“ چيو ويندو آهي. +علامہ يوسف علي پنهنجي قرآن شريف جي انگريزي ترجمي جي تفسيري هاشئي ۾ ”رس“ جي معنى کوهه کان سواءِ ”مئل ماڻهن جو مدفن“ به ڄاڻايو آهي. ”مُئن جو دڙو“ جي به اها ئي معنى آهي. قرآن حڪيم جي سڀني مترجمن ۽ مفسرن ”رس“ جي معنى ”کوهه“ ڄاڻائي آهي. +عاد ۽ ثمود قومن جي ويران ماڳن ۽ مڪانن جا اهڃاڻ ۽ آثار واضح صورت ۾ ملن ٿا. قرآن مجيد جي مفسرن، مورخن، محققن، سياحن ۽ آثار قديمه جي ماهرن ان تي تفصيل سان روشني وڌي آهي. +عاد، حضرت نوح جي قوم کان پوءِ ٻي قديم قوم آهي، جنهن تي الله تعالى جو عذاب نازل ٿيو. انهن جو وطن ”احقاف“ جو علائقو هو. هينئر ”احقاف“ عربستان جي ريگستان جي ڏکڻ- اولهه واري حصي جو نالو آهي، جيڪو سوين ميلن تائين پکڙيل آهي. هي وسيع رڻ پٽ حجاز، يمن ۽ يمامه جي وچ ۾ آهي. عاد قوم هن علائقي ۾ اڀري، اسري ۽ ترقي ڪري اولهائين سامونڊي ڪناري، عمان، حضرموت ۽ عراق تائين پکڙجي وئي. هن قوم پنهنجي ترقي جي دور ۾ وڏن ٿنڀن واريون عمارتون تعمير ڪيون هيون. حضرت هود عليہ السلام هن قوم ڏانهن نبي ڪري موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو ۽ غرور ۽ تڪبر جو مظاهرو ڪيو. آخر مٿن هولناڪ عذاب نازل ٿيو. اٺ ڏينهن ۽ ست راتيون اهڙي تيز هوا لڳي، جنهن هنن جي آباديءَ کي ناس ڪري ڇڏيو. حضرت هود ۽ سندس پوئلڳن کي الله تعالى انهيءَ عذاب کان بچائي ورتو. +ثمود قوم به هڪ قديم قوم هئي، جنهن قوم عاد کان پوءِ وڏي ترقي ڪئي. هو جبلن کي ٽُڪي جايون ٺاهيندا هئا. انهن جا آثار به ملن ٿا. هيءَ قوم سرزمين عرب ۾ آباد هئي. مدائن صالح ۾ اڄ تائين انهن جي اڏيل عمارتن مان ڪجهه موجود آهن. حضرت صالح عليہ السلام کي هن قوم ڏانهن نبي ڪري موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو. آخر مٿن الله تعالى جو عذاب نازل ٿيو. البت الله تعالى جا فرمانبردار ٻانها انهيءَ گرفت کان محفوظ رهيا. +قديم ترين قوم حضرت نوح جي قوم سان به اصحاب الرس جو نالو آيو آهي. دنيا جي هر ملڪ ۾ هڪ عظيم ۽ عالمگير طوفان جون روايتون موجود آهن. موجوده دور جي ماهرين آثار قديمه عراق جي سرزمين تي کوٽايون ڪري ثابت ڪيو آهي، ته ڪنهن زماني ۾ عظيم طوفان آيو هو ۽ هي علائقو ٻوڏ هيٺ اچي ويو هو. عراق جي مختلف قديم شهرن جي کوٽاين مان ڪيتريون ئي سميري پٽيون نڪتيون آهن، جن مان ڪجهه 1500 ق. م کان 2500 ق. م جي دور جون آهن. 3-1902ع ۾ جرمن آثار قديمه جي ماهرن موجوده ”فارا“ واري جاءِ تي کوٽائي ڪئي، جتي سميري دور ۾ ”شروڀڪ“ نالي شهر آباد هو. اتان جيڪي لکيل پٽيون نڪتيون، انهن تي انهيءَ وڏي ٻوڏ جي ڪهاڻي لکيل آهي. ”اشوربني پال“ جي لائبريريءَ مان جيڪي پٽيون نڪتيون آهن، انهن تي به هڪ رزميه نظم لکيل آهي، جنهن ۾ هيءُ وڏو واقعو بيان ٿيل آهي. انگلنڊ جي محڪمه آثار قديمه جي سابق ڊئريڪٽر جنرل سر ليونارڊ وولي پنهنجي ڪتاب (”ار“ ۾ کوٽايون) ۾ هن عظيم ٻوڏ بابت لکيو آهي: +”اسان ثابت ڪري چُڪا آهيون، ته طوفان واقعي آيو هو، انهيءَ ڪري انهيءَ چوڻ جي ضرورت نه آهي، ته هي فقط سميري حڪمرانن جي فهرست ۾ شامل هڪ داستان آهي، يا سميرين جي من گهڙت ڪهاڻي آهي، يا بائيبل ۾ بيان ٿيل هڪ روايت وارو طوفان آهي.“ +مطلب ته هي آهي ته مٿي قرآن حڪيم جي سورتن ۾ جن قديم قومن جا نالا آيا آهن، انهن مان حضرت نوح جي قوم، عاد ۽ ثمود جا قديم آثار ۽ اهڃاڻ موجود آهن ۽ عالمن ماهرن ۽ مفسرن انهن جي نشاندهي ڪئي آهي. البت ”اصحاب الرس“ بابت عالم ۽ مفسر ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق نه آهن. ڪن جو چوڻ آحي، ته هيءَ هڪ قديم قوم هئي، جيڪا تباهه ٿي وئي. ڪن جو چوڻ آهي، ته هن قوم جو شهر ”يمامه“ جي علائقي ۾ هو. هي ماڻهو ثمود قوم جو ڪو قبيلو هو. موجوده نقشي ۾ هي هنڌ وادي رُمه جي علائقي ۾ آهي. اصحاب الرس کي ثمود قوم جو قبيلو يا انهن جا پونر مڃڻ صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو قرآن مجيد ۾ عاد ۽ ثمود قوم سان گڏ اصحاب الرس جو نالو به آيو آهي ۽ ان مان ائين ٿو ظاهر ٿئي، ته هيءَ قوم عاد ۽ ثمود کان جدا ٻي قوم هئي. +اصحاب الرس بابت جيڪي روايتون ملن ٿيون، اهي به جدا جدا نوعيت جون آهن. انهن مان ڪن ۾ وڌاءُ معلوم ٿئي ٿو ۽ ڪي روايتون روايت ڪسوٽيءَ تي پوريون ڪونه ٿيون بيهن. انهن مان هيٺيون ڳالهيون البت ڌيان ڇڪائن ٿيون: +(1) اصحاب الرس مان مراد آهي، کوهه وارا ماڻهو. +(2) هن قوم ڏانهن نبي موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو. نه فقط ايترو، پر هنن نبيءَ کي کوهه ۾ وجهي مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيو. +(3) هي ماڻهو صنوبر جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا. +(4) هڪ ڪاري رنگ جي ماڻهوءَ انهيءَ نبيءَ تي ايمان آندو هو. هو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، انهن جي ملهه مان ماني وٺي ايندو هو ۽ کوهه جو ڍڪ لاهي، نبيءَ کي ماني کارائيندو هو. +(5) هي ماڻهو پهريائين الله تعالى کي هڪ ڪري مڃيندا هئا ۽ نيڪيءَ جي راهه تي هئا، پر پوءِ منجهن بي راهه روي آئي. الله تعالى جي ذات سان شرڪ ڪرڻ لڳا ۽ الله تعالى جي حڪمن جا نافرمان ٿي پيا. هو الله تعالى جي موڪليل نبيءَ جي چئي تي نه هليا ۽ ان کي تڪليفون ڏنائون. آخر مٿن عذاب نازل ٿيو. +مٿين ڳالهين کي خيال ۾ رکي، جڏهن موهن جي دڙي جي آثارن ۽ اهڃاڻن تي نظر وجهجي ٿي، ته ائين ٿو ڀانئجي ته اصحاب الرس وارا اهي ”موهن جي دڙي“ وارا ئي ماڻهو آهن. اهو جائزو ڪجهه هن طرح پيش ڪري سگهجي ٿو: +1- کوهن جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ موهن جو دڙو امتيازي خصوصيت رکي ٿو ۽ کوهه موهن جي دڙي جي سڃاڻ آهن. +2- اهڙا کوهه جيڪي سولائيءَ سان ڍڪي سگهن ٿا، اهي موهن جي دڙي ۾ ئي آهن. +3- پپل جو پن، صنوبر جي پن جهڙو آهي، فقط تمام هلڪو فرق آهي. پپل جي پن کي ڏانڊيءَ وٽ چگهه ٿئي ٿو ۽ صنوبر جي پن ۾ ڏانڊيءَ وٽ سڌو سنئون آهي. باقي شڪل شبيهه ۾ هڪجهڙا آهن. موهن جي دڙي جي آثارن مان صاف ثابت ٿئي ٿو ته هي ماڻهو پپل جي پوڄا ڪندا هئا، ايتري قدر جو کوهه جو منهن پپل جي پَن جهڙو ٺاهيو هئائون، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. انهيءَ لحاظ کان ٿي سگهي ٿو ته پپل جي وڻ جي بدران روايت ۾ صنوبر جو نالو آيو هجي. +4- نبيءَ تي جنهن ماڻهو ايمان آندو هو، اهو ڪاري رنگ جو ٻڌايو ويو آهي. موهن جي دڙي ۾ جيڪي دراوڙ نسل جا ماڻهو هئا، اهي به ڪاري رنگ جا هئا. +5- دنيا جي تهذيبن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن به ماڻهن مادي ترقي ڪئي آهي، ته انهن ۾ تن آساني، عياشي ۽ بي راهه روي پيدا ٿي آهي. نتيجي ۾ اها تهذيب زوال پذير ٿيندي ٿيندي، ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ختم ٿي آهي. موهن جي دڙي جا آثار ۽ اهڃاڻ به اهو ئي ڪجهه ٻڌائين ٿا. معلوم ائين ٿو ٿئي، ته تمام قديم زماني ۾ هو هڪ خدا جي پوڄا ڪندا هئا. مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي تفسير ”ام الڪتاب“ ۾ به موهن جي دڙي جي قديم ترين ماڻهن لاءِ اهڙو رايو ظاهر ڪيو آهي. بعد ۾ هنن جي بت پرستي ۽ وڻ- پوڄا آئي آهي. مادي ترقيءَ سبب منجهن جيڪا عياشي ۽ بي راهه روي پيدا ٿي هئي، ان جا آثار ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا. +اهڙين حالتن ۾ الله تعالى ماڻهن جي هدايت ۽ رهنمائي لاءِ نبي يا رسول موڪليا آهن؛ اهي ڪنهن هڪ خطي يا ڪنهن هڪ زماني تائين محدود نه هئا؛ پر هر خطي ۽ هر زماني ۾ ايندا رهيا. آخر نبي ڪريم محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم تي اهو سلسلو ختم ٿيو. پاڻ سڳورا آخري نبي آهن ۽ هر زماني ۽ هر ملڪ لاءِ آهن. کانئن پوءِ ڪوبه نبي يا رسول اچڻو نه آهي. +ٿي سگهي ٿو، الله تعالى پنهنجي انهيءَ سنت موجب موهن جي دڙي جي قوم ڏانهن به نبي موڪليو هجي ۽ انهن ان جو انڪار ڪري، ان کي کوهه ۾ وجهي، ان جي مٿان ڍڪ ڏئي ڇڏيو هجي. +6- جيڪڏهن ”رس“ جي معنى ”مري ويلن جو مدفن“ وٺجي ٿي، ته اها به موئن جي دڙي جي معنى سان ٺهڪي اچي ٿي. ”موئن جو دڙو“ جي معنى به اها ئي آهي، يعني مري ويل ماڻهن جو دڙو. +7- مولانا فظ الرحمان سيوهاروي پنهنجي ڪتاب قصص القرآن جلد سوم ۾ اصحاب الرس بابت آيل روايتن جو جائزو وٺندي، ان جي قدامت جو يقين ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ”هي قوم حضرت عيسى کان ته اڳ جي آهي، پر قديم العهد جي قوم آهي.“ (ص 103). +دنيا ۾ موهن جي دڙي جا آثار به قديم ترين دور جا چيا وڃن ٿا. انهن مڙني ڳالهين جي مدر نظر هي رايو به ٿي سگهي ٿو، ته ”اصحاب الرس“ مان مراد موهن جي دڙي وارا ماڻهو هجن. هي هڪ اندازو آهي، وڌيڪ الله کي علم آهي. مفسرن، سياحن، رواين ۽ مورخن جو ڌيان سنڌ ڏانهن ۽ موهن جي دڙي ڏانهن انهيءَ ڪري نه ويو آهي، جو هنن هن قوم جا ماڳ ۽ مڪان به حضرت نوح جي قوم، عاد ۽ ثمود وانگر عراق، حجاز، يمن ۽ عربستان جي ٻين علائقن ۾ پئي ڳوليا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هو هن قوم جو ماڳ تعين ڪري نه سگهيا آهن. ان کان سواءِ موهن جي دڙي جا آثار ۽ اهڃاڻ به ويهين صديءَ کان اڳ دڙي هيٺ دفن هئا؛ ۽ انهن جي اهميت جي ڪنهن کي به ڪَل ڪانه هئي. +موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو؟ +موهن جي دڙي جي نالي بابت به اختلاف راءِ آهي. ڪي ان کي ”موهن جو دڙو“، ڪي ”موئن جو دڙو“، ڪي ”مهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مُهين جو دڙو“ چون ٿا. بهرحال آريائي مذهب جي پيشوا ”موهن“ سان هن جي ڪابه نسبت ڪانهي، ڇاڪاڻ جو ”موهن جو دڙو“ آريائي دور کان اڳ جو آهي. +سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ ”مهن“ جي معنى آهي: ”ولوڙو.“ دراوڙي ٻوليءَ ۾ ”ما“ جي معنى آهي؛ زمين جو ٽڪرو، يا آبادي. ”هن“ جي معنى آهي مارڻ، ڪهڻ، ماريندڙ، ڪهندڙ، موت، ڪوس. ڏکڻ هندستان جي دراوڙي علائقي جي سوني سڪي جونالو به ”هن“ آهي. انهيءَ لحاظ کان ”ماهن“ يا ”موهن“ جي معنى ”ڪوس جي جاءِ“ به ٿي سگهي ٿي، ته ”دولتمند شهر“ به ٿي سگهي ٿو. ٻئي معنائون موهن جي دڙي سان ٺهڪي اچن ٿيون. يعني موهن/ ماهون/ مهن ۾ عربي لفظ ”رس“ جي ٻي معنى ۾ سمايل آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. +ENGLISH: +1. The Holy Quran Text, Translation and Commentary: +A. Yousuf Ali +2. Arabic- English Dictionary. Sang-e-Meel Publishers, Lahore, 1979. +3. The Bible, The Quran and Science: Maurice Bucaile, (English Translation). +4. Early Indus Civilization- Earnest Mackay, London, 1948. +5. Five Thousand Years of Pakistan, Sir Mortimer Wheeler, London, 1950. +6. Mohen-Jo Daro and the Incus Civilization, Sir John Marshall, 3 Vols: London, 1931. +7. Excavations at Harapa: Madho Sarup, Culcutta, 1940. +8. Explorations in Sind: N.C. Mujamdar, Reprint Karachi 1981. +9. The Indus Civilizations: M. Wheeler, U.K. 1979. +10. Harapan Civilizations: Edited by Gregory L. Possechl. Oxford and IBH Publishing Co: New Delhi, 1982. +11. A History of Sumer and Akkad: Leonard W. King, London, 1910. +12. History of Babylon: Leonard W. King, London 1915. +13. Sumerian Literature and the Bidle: S.N. Kramer, 1959. +14. Ancient Mesopotamia: Al oppentiem, Chicago, 1964. +15. Ancient Semitic Civilization: S. Morcati, New York, 1960. +16. Encyclopedia Bratinicca. +17. Twin Rivers: Seaton Lyod, London, 1947. +18. The Decline and Fall of Roma Empire, Edward Gibbon. +19. The Wonder that was India. A.L. Basham, London, 1985. +21. قرآن مجيد، سنڌي ترجمو: مولانا تاج محمود امروٽي. +22. قرآن حڪيم: ترجمو ۽ تفسير مولانا عبدالماجد دريا آبادي، تاج ڪمپني ڪراچي 1952. +23. تفهيم القرآن: تفسير قرآن مجيد: مولانا ابوالاعلى سيد مودودي، جلد سوم، مڪتبه تعمير انسانيت لاهور، طبع هفتم، 1947ع. +24. معارف القرآن: تفسير قرآن ڪريم، مولانا مفتي محمد شفيع، اداره المعارف، ڪراچي، 1983ع. +25. قصص القرآن: مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، جلد سوم، ناشران قرآن لاهور. +26. مصباح اللغات، عربي- اردو لغت، مولانا عبدالحفيظ، ڪراچي. +27- ام الڪتاب: مولانا ابوالڪلام آزاد، شعاع ادب لاهور، 1962. +28. وادي سنڌ ڪي تهذيب: محمد ادريس صديقي، محڪمه آثار قديمه پاڪستان، 1959ع. +29. ارض القرآن: مولانا سيد سليمان ندوي، جلد اول، اعظم ڳڙهه، 1955ع. + + +سنڌي عورت +غلام رباني آگرو +ساهت يعني ادب يا لٽريچر کي وڏن ماڻهن جي وندر ۽ ورونهن سمجهڻ وارو پراڻو تصوير، هاڻوڪي دؤر ۾، مدي خارج ڳالهه آهي. ساهت بابت عيسوي اڻويهين صديءَ وارو نظريو ته لکندڙ يا اديب کي فوٽو گرافر وانگر پنهنجي آسپاس جي ماحول جي هوبهو تصوير ڪڍڻي آهي، پڻ هاڻي وقعت وڃائي ويٺو آهي. +جديد دؤر ۾، اها ڳالهه هڪ مسلمه حقيقت ڪري قبول ڪئي ويئي آهي ته قلم ترار کان وڌيڪ تيز آهي ۽ خيال حڪومتن کان وڌيڪ پائدار آهي. +سنڌي معاشرو اڃان تائين جاگيرداريءَ وارو دؤر ۾ داخل آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ هزارين، لکين انسان زندگيءَ جي سڀني سهوليتن کان محروم فقط جاندارن جي سطح تي زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙي استحصال واري معاشري ۾ سنڌي اديب ۽ لکندڙ کي پنهنجي ماحول جي اصلاح ۽ مظلومن جي حمايت لاءِ پنهنجو قلم، حق جي حمايت ۾ انهيءَ اخلاقي جرات سان استعمال ڪرڻو آهي، جنهن جو معيار پيغمبر اسلام هنن لفظن ۾ بيان ڪيو هو: ”عالم جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ اهم آهي.“ +سنڌي معاشري ۾ مظلومن جي فهرست تمام طويل آهي، پر منهنجي خيال موجب انهن مڙني مظلومن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳوڙهن ڀريل اکيون سنڌي ”عورت“ جون آهن. +مرد جي برتريءَ واري ماحول ۾، هونئن به هر هنڌ عورت کي مرد جي خواهشن پورين ڪرڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي. شاهه ايران کي جڏهن ثريا اسفنديار مان پٽ پيدا ڪونه ٿيو، تڏهن کيس رڳو ان ڪري پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيائين، جو هوءَ سندس خواهش موجب ايران جي تخت ۽ تاج لاءِ وارث پيدا ڪري ڪو نه سگهي هئي. (ڄڻ ته ٻار ڄڻڻ يا نه ڄڻڻ ثريا جي اختيار جي ڳالهه هئي). پر جڏهن شاهه وٽ اهو تخت ۽ تاج ئي ڪو نه رهيو ۽ هن ڌرتيءَ تي کيس اجهي ڏيڻ وارو به ڪو نه بچيو، تڏهين فقط ساڳيءَ ثريا کيس چوائي موڪليو: ”منهنجي گهر جا دروازا تولاءِ سدائين کليل آهن.“ +انگلستان ۾ مرد جي برتريءَ واري تصوير کي ختم ڪري، عورت کي به نسبتاً مساوي حق ڏنا ويا آهن، ۽ کين اوترو ئي عزت وارو مقام به نصيب ٿيو آهي. ايڊورڊ اٺين کي جڏهن هڪ مطلقه عورت سان نڪاح ڪرڻ جي اجازت نه ملي، تڏهن هن تخت ۽ تاج کي ٿڏي ڇڏيو. +انگلستان جي سياسي تاريخ نهايت دلچسپ آهي. ان جي وڏن وزرن جي فهرست ۾ وڏا وڏا ياسي مدبر نظر ايندا. اڄ انهن جي ڪريسيءَ ۾ مار گريٽ ٿيچر ويٺل آهي، جيڪا پنهنجين صلاحيتن سببان ٻيو دفعو انگلستان جي وزيراعظم چونڊي آهي. ظاهر آهي ته انگلستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي جي رهاڪن ۾ تعليم ۽ سياسي شعور جي ڪمي ڪانهي. تاهم، اتان جي پبلڪ، سياست جي ميدان جي شهسوار مڙني مردن کي ريٽي محترمہ مارگريٽ ٿيچر کي پنهنجي ملڪ جي قيادت لاءِ چونڊيو آهي. اِهو ڏيکاري ٿو ته عورت پنهنجين صلاحيتن ۾ مرد کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونه آهي. جيڪڏهن کيس موقعو ڏنو وڃي، ته نه فقط هوءَ پنهنجو گهر سنڀالي سگهي ٿي، ليڪن پوريءَ قوم جي قيادت ڪري سگهي ٿي. +فلپائين جي وزيراعظم مسز اڪينو ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محترمہ بي نظير ڀٽو ان حقيقت جا ناقابل ترديد روشن مثال آهن. هنن آمريت خلاف جدوجهد ڪري پنهنجي ملڪ کي جمهوريت ۽ آزاديءَ جي نعمتن سان نوازيو آهي. +بدقسمتيءَ سان سنڌي معاشري ۾ عورت جو مقام لڳ ڀڳ اڄ به اهو ئي آهي، جيڪو صدين کان قائم هو. +”سر جي تان سور، سامائي تان سک ويا.“ +سنڌ ۾ عورتن جي خريد ۽ فروخت، رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ٿيندي هئي، ۽ اڃان به ٿئي ٿي. نه رڳو ايترو، پر ڪن ڪن ايراضين ۾، جڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجي مخالف سان پلئه ڪرڻو هوندو آهي، تڏهن ان جو آسان طريقو اهو هوندو آهي ته هو پنهنجيءَ ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءُ جي سري ڪهاڙيءَ ان ڪپي، پنهنجي مخالف تي الزام رکندو آهي ته هو ”ڪارو“ آهي ۽ واجب القتل. +سنڌ جي انگريز فاتح، سرچارلس نيپئر، سنڌ جي تڏهوڪن حاڪمن سان ڏاڍائي ڪري جيڪي به سياسي معاهدا ۽ عهدناما ٽوڙيا ۽ سندن حرمسراءِ ۾ ڦرلٽ ڪئي، سي سڀ وارداتون ڏکوئيندڙ آهي، پر هڪ خير جو ڪم به ڪيائين، سو هيءُ ته سنڌ جي فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪي پهريان پهريان فرمان جاري ڪيائين، تن ۾ هڪ اهو به هو ته: +”اي سنڌ جا باشندؤ! اوهان جنهن بيدرديءَ سان پنهنجين عورتن کي قتل ڪريو ٿا، ان جو ڪٿي به مثال ڪونهي. اوهان پنهنجين عورتن تي رڍن ۽ ٻڪرين جيترو به ترس نٿا ڪريو! جيڪڏهن اڄ کان پوءِ اوهان مان ڪنهن سنڌي عورت تي هٿ کنيو آهي ته مان اهو هٿ ڪپي ڇڏيندس!“ +نيپئر جو سڄو فرمان مون کي ياد نه آهي، پرپڙهڻ وٽان آهي. گهڻا سال اڳ، مون SIND INFORTIES ڪتاب ۾ پڙهيو هو. نيپئر جي انهن اکرن ۾ اسان کي اڻويهين صديءَ جي سنڌي معاشري ۾ سنڌي عورت جي مظلومانه حيثيت معلوم ٿئي ٿي. ان کان سؤ سال پوءِ، هاڻي به فقط گذريل ڏهن- ٻارهن سالن ۾ سنڌي اخبارن ۾ عورتن جي قتل جا واقعا گڏ ڪبا، ته چڱو خاصو ڪتاب ٺهي پوندو، جنهن جي پڙهڻ سان لونءَ ڪانڊارجي ويندي. +اسان پنهنجي معاشري ۾ عورتن کي دٻائي ذهني طرح اهڙو ته مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، جو هوءَ ويچاري اهو تصور به ڪو نه ٿي ڪري سگهي ته پاڻ به مرد وانگر انسانن جهڙو انسان آهي ۽ زندگيءَ جي آسائش ۽ نعمت تي حق رکي ٿي. آسائشون ۽ نعمتون ته در ڪنار، سنڌ جي عام تصور موجب عورت کي تعليم ۽ علاج جو به حق ڪونهي. منهنجو ٻهراڙيءَ جي هڪ اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو. ماستر صاحب ڪو اهل دِل ماڻهو هو. بيت ٺاهي، اسڪول جي ٻاهران ڀت تي هر ايندڙ ويندڙ جي توجهه لاءِ ٽنگي ڇڏيو هئائين: +نياڻيون به آهن نيڻن جا تارا، +نياڻيون به ڪين بي علم تن کي خدارا. +سنڌ ۾ عورتن کي تعليم ڪيتري قدر ميسر آهي، اهو صحيح نموني ۾ تڏهن معلوم ٿي سگهندو، جڏهن صحيح انگ اکر ميسر هجن. مثلاً سنڌ جي آباديءَ ۾ عورتن جو حصو، انهن ۾ پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ پڙهيل عورتن جو سيڪڙو، ساهت جو وڏو مدار تعليم تي آهي. پر پنهنجيءَ جاءِ تي اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته ”سنڌي عورت ۽ ساهت“ جي معاملي ۾ اڄ به ان سوچ کي اهميت حاصل آهي ته پٽاٽن جون مزيدار چاپون ڪيئن ترجن ۽ قيمي جون ٽڪيون ڪيئن ٺاهجن. +مان ته اها ڳالهه سمجهي نٿو سگهان، ته اهو معاشرو ۽ اها سوسائٽي ڪيئن ترقي ڪري سگهندي، جيڪا عورت کي غلام سمجهي ٿي ۽ جنهن جا گهر ويهين صديءَ ۾، ايام جاهليت جون سڪون لاهين ٿا. +سنڌي ساهت سال ڪانفرنس جي موقعي تي برادرم اياز حسين قادري مون کي خوشيءَ سان ٻڌايو هو ته پهريون دفعو سنڌي مشاعري ۾ اٺ عورتون حصو وٺي رهيون آهن. ساڳيءَ طرح عزيزم ناشاد ڳالهين ڪندي، فخر سان چيو هو ته اسان وٽ ويهارو کن بلند معيار واريون لکندڙ خواتين آهن. منهنجي دعا آهي ته الله ڪري جو اهي ويهه وڏي و��هه هزار ٿين ۽ هر پڙهيل خاندان ۾ لکندڙ خاتون پيدا ٿئي. سوين ثميره زرين ۽ جيجي بيگم زينت چنا جهڙيون باوقار عورتون پيدا ٿين. پر هڪ ڳالهه پوءِ به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي مظلوم عورتن جي حق ۽ حمايت ۾ سوچڻ ۽ لکڻ جو فرض فقط در شهوار سيد، حميده کهڙو، آپا شمس عباسي، دادي ليلاوتي، بيگم خديجه، ممتاز راشدي، مهتاب اڪبر راشدي، قمر واحد، خيرالنساءِ جعفري، زرينه بلوچ، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، نورالهدى شاهه، تنوير جوڻيجو، فهميده حسين، سحرامداد، نسيم ٿيٻو، زبيده ميتلو، شبنم موتي، سلطانه وقاصي، نسرين جوڻيجو، ج.ع منگهاڻي، مريم مجيدي، نيلوفر جويو، تبست مهتاب قريشي، تبسم عروج قاضي، نور شاهين، رعنا شفيق، ثريا سنڌي، رضيه طارق، سُوسن مرزا، ياسمين قاضي، پشپا ولڀ، منور سلطانه، ثريا ڏيپلائي، نذير ناز، تانيا ٿيٻو، عطيه دائود ۽ ٻين ليکڪائن تي عائد ڪو نه ٿو ٿئي؛ سنڌ جي سمورن فرض شناس مردن ۽ عورتن کي حق جو ڪلمو چوڻو پوندو. +افسوس آهي ته سنڌ ۾ عورتن جي مظلومانه حالت ڏانهن سنڌي لکندڙن ۽ دانشورن پورو توجهه ڪونه ڏنو آهي. عورتن جي حقن جي حمايت ۾ لکيل ساهت تقريباً ناپيد آهي. ساڳيءَ ريت عورتن جي تعليم لاءِ به جيئن آواز بلند ٿيڻ کپي، ائين اڃا ڪو نه ٿيو آهي. پاڪستان کان اڳ سنڌي مسلمان عورتن جي حالت ته هيڪاري قابل رحم هئي. ان دور کي خيال ۾ رکي مون کي ذاتي طرح سان، سنڌ ۾ ڪن ماڻهن لاءِ تمام وڏي عزت ۽ احترام آهي. انهن نيڪ مردن سنڌي عورت جي ابتر حالت سڌارڻ لاءِ پنهنجيءَ پر ۾ پاڻ پتوڙيو هو. انهن ۾ سرفهرست شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ علامه. آءِ. آءِ. قاضي جون بلند و بالا شخصيتون آهن. ٻيو هڪ قابل احترام شخص مسٽر محمد حسين پنهور آهي. سنڌ جي انهن عظيم فرزندن تقريرن ۽ تحريرن وسيلي، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ مسلمان عورتن جي حالت بهتر بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. ساڳيءَ ريت مرحوم محمد صديق ميمڻ پنهنجن رفيق شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ مرحوم ميران محمد شاهه جي مشوري ۽ مدد سان، زناني تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ”مدرسة البنات“ جو پايو وجهي، سنڌ ۾ عورتن جي حمايت ۾ ڄڻ هڪ تحريڪ اُڀاري هئي. ان وقت جي هڪ طرحي مشاعري جي طرح مصرع هئي: +”علم مردن کي ملي، زالن ڪيو ڪهڙو گناهه!“ +علامه آءِ. آءِ. قاضي پنهنجي مخصوص انداز ۾، مذهبي پيرايي ۾ سنڌ جي مسلمانن کي دل ڀڄائيندڙ نموني ۾ اپيل ڪندي چيو هو: +”هندن ۾ علم کي هڪ خاص طبقي تائين محدود ڪيو ويو هو ۽ عورتن لاءِ علم حاصل ڪرڻ لازم ڪو نه ٺهرايو ويو هو. پر اسلام هرهڪ مرد ۽ هرهڪ عورت لاءِ، پينگهي کان قبر تائين علم کي لازم ڪيو. چنانچه ارشد ٿيو، ”علم جي طلب مڙني مردن ۽ عورتن تي فرض آهي.“ +”ايرانين عورتن تي شديد سختي ڪئي، کين ”زن“ ڪوٺيائون، يعني ”مار.“ +ساڳيءَ ريت، انگريزن وٽ پهاڪو هوته عورت، اکروٽ ۽ ڪتي کي جيترو گهڻو ماريو، اوترو زياده ڦل ڏيندا. +”سنڌي ڪلچر ۾ عورت کي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ جي خاص تعليم ڏني ويئي هئي، شاهه لطيف ۽ خليفي گل محمد جي ڪلام مان معلوم ٿيندو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ عورتن جي واندڪائيءَ جي وندر ڪتڻ هوندي هئي. هاڻي اها ڳالهه يورپ جي فئشن ۾ شامل آهي ۽ اڪثر يورپي عورتن کي چوندي ٻڌبو آهي “I AM NEEDLING” ”اسلام عورتن کي اعلى درجو ڏنو، مگر اسان مسلمانن کين شودر وارو درجو ڏنو ۽ پردي ۾ قيدي ڪيو. پردو اصل يونانين وٽ هو، جتان رومين وٽ آيو، اتان ايرانين نقل ڪيو. عربن، ايرانين ۽ رومين تان نقل ڪيو. ”جيئن چرين کي پاڳل خانن ۾ قيد ڪيو ويندو آهي، تيئن عورتن کي برقعي جي بي صورت، اونداهي ۽ متحرڪ حجري ۾ بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خدا تعالى قرآن شريف ۾ صاف صاف چيو آهي ته ”خدا صرف پاڻ تي ضابطو رکندڙ مردن ۽ عورتن کي پسند ڪري ٿو.“ +علامه صاحب جي تقرير جو چڱو حصو مسٽر محمد حسين پنهور جي ڪتاب ”مسلم عورت“ جي آغاز ۾ ڏنل آهي، جيڪو انگريزن جي زماني ۾ ڇپيو هو. مسٽر محمد حسين ڪتاب ۾ متلف مذهبن ۾ عورت جي مقام ۽ تهذيبي حالت جو ذڪر ڪندي نهايت مؤثر نموني ۾ سنڌي معاشري ۾ ”عورت جي مظلومي“ جو داستان بيان ڪيو هو ۽ چيو هو: +”سنڌ ۾ عورت جي شادي سچ پچ المناڪي ۽ لعنت آهي. مرد کي سند ملي ٿي ته عورت کي هرلمحه سزا ڏئي، سختي ڪري، ان تي ڦٽ لعنت ڪري. نوانوي فيصدي سنڌ جا مسلمان مرد ان لاءِ شادي ڪندا آهن ته پنهنجي شهواني خواهش پوري ڪن. هو عورت جي تندرستي ۽ حقن جو ڪو به خيال نٿا ڪن. کيس غلام رکيو ٿو وڃي. عورت جي غلامي قوم جو نادانسته جرم آهي. عورت جو اهو گهٽ درجو، قوم تي بدنما داغ ۽ عظيمت رينجرم آهي، جو قوم کي تباهه و برباد ڪندو. عورتن کي اهوبه پتو ناهي ته انهن جا مردن تي به ڪي حق آهن. کين اهو پتو ناهي ته اسان مردن جي برابر آهيون، اسان جي ملڪيت تي ڪهڙو حق آهي. کين اهوپتو ناهي ته مرد جيڪڏهن ظلم ڪري ته ڇا ڪيو وڃي. کين اهو پتو ناهي ته اسان به مردن کان طلاق حاصل ڪري سگهون ٿيون، پر خود پاڻ کي مردن جي تفريح جو سامان سمجهن ٿيون. عورت صبح کان شام تائين ڪم ڪري ٿي. مرد صرف چند ڪلاڪ. ٻهراڙيءَ جي عورتن جي حالت ته سچ پچ رحم جوڳي اهي. ٻهراڙيءَ ۾ ائين سمجهيو وڃي ٿو ته عورت زن آهي ۽ زن معنى مار، ان ڪري عورتن کي مارڻ ڄڻ مردن جو فرض آهي. +”سنڌي مرد چوندا آهن ته انگريزن ٻن ڌرين جو راڄ قائم ڪيو آهي: هڪ واڻين جو ۽ ٻيو عورتن جو. جاهلن کي معلوم نه آهي ته اهو حڪم انگريزن جونه آهي، بلڪه اسلام جو. انگريزن به اسلام جو نقل ڪيو. اسلام سڀني مذهب وارن سان چکو رستو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ عورتن کي مردن جهڙا حق ڏئي ٿو. اسان هندن وٽان اها ڳالهه نقل ڪئي آهي ته عورتون در حقيقت مرد کان افضل آهي. مرد کان زياده قربانيءَ جو مادو اٿن. خلافت هلچل وقت عورتن جا قرباني ڪئي، سا ڪڏهن وسرڻ جي ناهي. عورتن پنهنجي زيور ۽ ملڪيتون قربان ڪرڻ ۾ دير ڪانه ڪئي. انهن ڳالهين جي ڪري اسلام عورت کي مرد کان اعلى درجو عطا ڪيو. دنيا جون چڱيون شيون، مثلاً سون، چاندي ۽ ريشم عورت لاءِ مخصوص ڪيا ويا ۽ مردن کي انهن جي پائڻ کان منع ڪئي ويئي. خود قرآن شريف ۾ جتي جتي مرد جو نالو آيو آهي، اتي عورت جو نالو به شامل آهي: ”تحقيق جو مرد خدا جي آڏو جهڪيو ۽ جا عورت خدا جي آڏو جهڪي ۽ مرد جنهن ايمان آندو ۽ عورت جنهن ايمان آندو ۽ مرد جي حڪم بجا آڻين ٿا ۽ عورتون جي حڪم بجاءِ آڻين ٿيون ۽ مرد جي مخلص آهن ۽ عورتن جي مخلص ۽ مرد جي صابر آهن ۽ عورتون جي صابر آهن ۽ مرد جي نهٺا آهن ۽ عورتون جي نه ٺيون آهن ۽ مرد جي خيرات ڏين ٿا ۽ عورتون جي خيرات ڏين ٿيون ۽ مرد جي روزا رکن ٿا ۽ عورتون جي روزا رکن ٿون ۽ مرد جي حيادار آهن ۽ عورتون جيڪي حيادار آهن ۽ مرد جيڪي الله کي ياد ڪن ٿا ۽ عورتون جيڪي الله کي ياد ڪن ٿيون، انهن لاءِ الله وٽ وڏو اجر آهي ۽ الله انهن کي بخشي ٿو.“ +قرآن شريف مرد ۽ عورت کي هڪجهڙو درجو ڏنو آهي. اسلام ساڳيو درجو ڏنو آهي، مگر اسان ٻين مذهبن جون ڳالهيون نقل ڪري پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر کي خراب ڪيو آهي. هن وقت اسان لاءِ صرف هڪ رستو آهي ته عورتن کي سڌار، پنهنجي وڃايل تهذيب کي هٿ ڪريون.“ +اڄ کان چاليهه پنجاهه ورهيه اڳ وارو ز��انو خيال ۾ رکبو ته مسٽر محمد حسين پنهور جو مٿين خيالن جو اظهار عورتن جي حقن جي حمايت ۾ هڪ قسم جوجهاد نظر ايندو. افسوس اهو آهي ته ان وچ ۾ جيڪو اڌ صديءَ جو عرصو گذريو آهي، ان ۾ سنڌي عورت ائين ئي مظلوم آهي، جيئن اڳ هئي. ان گناهه ۾ سڀني جا هٿ رڱيل آهن، خاص طرح انهن جا جيڪي باشعور آهن، جيڪي دانشور سڏائين ٿا، جيڪي صاحب قلم آهن. شيڪسپيئر جا اهي لافاني لفظ رڳو مئڪبيٿ لاءِ ڪو نه هئا: +”تنهنجن هٿن تي رت جا داغ آهن، عربستان جا سمورا عطر انهن کي مٽائي ڪو نه سگهندا.“ +اسلام جي تعليم هئي ته بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي. اسان امڙ جي پيرن هيٺان بهشت ته ڪو نه ڳوليو، پر کيس پنهنجن پيرن جي جُتي ته نه بنايو. + + +مقبول احمد ڀٽو، مرحوم +مقبول ڀٽي- هڪ گهڻ پاسائين شخصيت +تنوير عباسي +سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تحريڪن ۾، ڪيترائي اهڙا مڻيادار ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن جي محنت ۽ قربانيءَ سببان سندن دور کي اهم تاريخي موڙنصيب ٿيا، پر هوڪنهن کي ياد به نه رهيا؛ اڻ ڄاتا ۽ اڻ ڳاتا ئي رهجي ويا. مقبول ڀٽي به اهڙن مڻيادار ماڻهن مان هو. مقبول ڀٽيءَ جي شخصيت گهڻ پاسائين Multi Dimensional هئي. هن جا مون سان تعلقات گهڻ پاساوان هئا. ذاتي دوستي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن ۾ ساٿ، ليکڪ ۽ ناشر جو رشتو- اهي هئا اسان جي ساٿ جا مختلف پهلو. انهن سڀني ناتن ڪري، مقبول ڀٽيءَ جي گوناگون شخصيت کي ويجهي کان ڏسڻ جوموقعو مليو. +مقبول ان پهرين واقفيت ان دور ۾ ٿي، جڏهن هو ٻارن جو رسالو ”گلستان“ ڪڍندو هو. (هڪ خوبصورت، ذوق سان سينگاريل، ٻارن جي ڏانوَ وارين تصويرن سان سينگاريل رسالو). کلڻو ملڻو، مضبوط هاٺيءَ وارو، بي تڪلف، روشن خيال، محنتي جوان، ائين هو مقبول. +ان کان پوءِ، 1955ع ڌاري، جڏهن ون يونٽ جا سانباها پئي ٿيا، ته سنڌ يوٿ فرنٽ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن جو صدر ذوالفقار علي ٽو هو۽ ون يونٽ جي مخالفت ۾ عملي ساٿ ڏنائين. انهن ڏينهن ۾ هفتيوار اخبار ”وطن“ ڪڍيائين، جنهن ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ حب الوطني ۽ ون يونٽ جي مخالفت جا جذبا جاڳائيندو رهيو. ان وقت جي هفتيوار اخبارن ۾ گيٽ اپ، مواد، توڙي ٻوليءَ جي خيال کان مقبول ڀٽيءَ جي وطن، سڀني کان نمايان هئي. منهنجي خيال ۾ اهڙي هفتيوار اخبار اڃا تائين نه نڪتي آهي، جيڪا مقبول جي ”وطن“ جو مقابلو ڪري سگهي، سواءِ ڪن ايڪڙٻيڪڙ اخبارن جي. اها هفتيوار اخبار سنڌ جي ماڻهن ۾ ايتري ته مقبول ٿي ۽ ايتري ته اثرائتي هئي، جو سنڌ سرڪار کي انهن کي بند ڪرڻو پيو. +ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد ۾ مقبول ڀٽي اڳي کان اڳرو هو. جنهن ڏينهن حيدرآباد ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ سنڌ اسيمبلي اجلاس ڪري، ٺهراءُ پاس ڪرڻ واري هئي ۽ کهڙي وزارت دٻڙ ڌونس سان اهو ٺهراءُ پئي پاس ڪرايو، اسان ان ڏينهن اسيمبلي جي ٻاهران مظاهري ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. سنڌ ۾ تعليم ان وقت ايتري هئي، جو ڪاليج رڳو حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ سکر ۾ هئا. شاگرد گهڻا ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ غير سنڌي هئا. بهرحال مظاهري شڪارپور ۽ سکر ۾ هئا شاگرد گهڻا ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ غير سنڌي هئا. بهرحال مظاهري جو پروگرام ٺاهيو ويو. رات جو حيدرآباد جي ديوارن تي سنڌ يوٿ فرنٽ جا ڇپيل ”احتجاج“ جا پوسٽر هڻڻ شروع ڪياسين ۽ اڌ رات ڌاري، اهي پوسٽر هڻندي گرفتار ٿياسين. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي بند ڪيائون. مان، قمر صديقي، مظهر حسين شاهه ۽ غلام سرور ڇڄڙو سڄيءَ سنڌ مان اٽڪل يارهن ڄڻا گرفتار ٿيا، سي به حيدرآباد ۾ (سنڌ ۾ ان وقت سجاڳي به گهٽ هئي، ته تعليم به گهٽ). صبح جوسويل مقبول ڀٽيءَ کي به گرفتار ڪري آيا. مقبول ڀٽي سنڌ جي انهن ٿورن اوائلي سڄاڻ ۽ بهادر سياسي ڪارڪنن مان هو، جن ون يونٽ خلاف قيد قبوليو. +انهن ڏينهن ۾، 1956ع ڌاري حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي انجمن نالي هڪ جماعت هئي جيڪا ترقي پسند لاڙن جي ترجمان هئي. ان جماعت ۾ سرائي اميد علي (سنڌيءَ جو اوائلي افسانه نگار، سنڌ جو اوائلي ائڪٽر فلم پرديسيءَ ۾)، محمد عثمان ڏيپلائي، ع. ق. شيخ ۽ سنڌيءَ جو سڄاڻ دانشور محمد ابراهيم جويو، نوجوان ليکڪن جي ادبي تربيت ڪندا هئا. مقبول ڀٽي به ان ۾ امل هو. ساڳئي دور ۾، سنڌ جي ڌار ڌار شهرن ۾ ”سنڌي ادبي سنگتون“ پڻ قائم ٿيون، جن جو مقصد پڻ ساڳيو ”سنڌي ادبي انجمن“ وارو هو. مقبول ڀٽيءَ انجمن کي سنگت ۾ تبديل ڪيو، ۽ سنگت جي تنظيم لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. ڪي موقعا ته اهڙا به آيا، جو بسنت هال جي ٻاهر واري چبوتري ۾ (جتي سنگت جي ميٽنگ رکندا هئاسين)، رڳو ٻه يا ٽي ڄڻا انتظار ۾ ٻه_ ٽي ڪلاڪ ويهي، وٽي ويندا هئاسين، ۽ اهڙا موقعا لاڳيتا ۽ بار بار ايندا هئا، پر مقبول ڪڏهن به همت نه هاري. اسان مايوس ٿيندا هئاسين، پر مقبول اڳي کان اڳرو. چوندو هو”پرواهه ناهي، ٻئي دفعي محفل ضرور مچندي،“ ۽ مقبول جي اها محفل اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ متل آهي. +جڏهن سڄيءَ سنڌ جي اديبي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ضرورت ٿي، ته ان ڏس ۾ پڻ مقبول ڀٽيءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو. +”ون يونٽ“ ۾، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش سَٽي ويئي ته اسان صحيحن جي مهم جي رٿا ٺاهي. لک کن ماڻهن کان صحيحون ورتيون ويون ته سنڌيءَ کي اولهه پاڪستان جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. ان اسڪرول تي، شيخ مجيب الرحمان ۽ جوشمليح آباديءَ ۽ ٻين ڪيترين مشهور شخصيتن جون صحيحون هيون. ڪراچي هوٽل سامهون، سرائي اميد علي جو بنان مسواڙ ڏنل ڪمرو سنگت جي آفيس هئي. مقبول، مان، شمشير، مصطفى قريشي مشهور فلم ائڪٽر، ممتاز مرزا ۽ ٻيا دوست، ته رات نه ڏينهن، اوڌر تي مانيون کائي، اوڌر تي چانهيون پي پيا ڪم ڪندا هئاسين. مهم ان لحاظ کان ڪامياب ويئي ته سنڌ ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ پهرين سجاڳي پيدا ٿي. ان مهم جوڳواڻ مقبول هو. سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪيائين، ڪارڪن پيدا ڪيائين، انهن کي ڪم ڪرڻ جي تربيت ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ سڀ مايس هئا، ون يونٽ دٻڙڌونس سان ٺاهي ويا، سنڌ جي ماڻهوءِ کي ڪا واٽ ئي نه پئي سجهي، پرمقبول اهڙي لاٽ ٻاري جو سنڌ روشن ٿي ويئي. شمشير جو نظم ”اي همسفرو“ ان دور جي تخليق آهي. +ان مهم دوران، مهم جي مقبوليت ڏسي، ڪيترا سڌڙيا Opportunist سياسي اڳواڻ، هزارين رپيا امداد لاءِ کڻي آيا، پر مقبول سڀني کي موٽائي ڇڏيو، ۽ اسان سان گڏ اوڌر جي چانهه ۽ مانيءَ تي گذارو ٿيندو رهيو، ان ڪري جو متان اهي سنگت کي سياسي طور استعمال ڪن. +مهم جي پوري ٿيڻ بعد، فارمن کيسارٽ (Sort) ڪري انگ اکر ڏيڻا هئا، ته گهڻن هارين، گهڻن مزدورن، گهڻن سياستدانن ۽ گهڻن ڊاڪٽرن وغيره صحيحون ڏنيون آهن. اهو ڪم مقبول جي حيات ادب لئبرري (دينوءَ جي پڙ ۾، سندس گهر هيٺان) ۾ ٿيندو هو. ونگار جو ڀَتُ مقبول آڻيندو هو ۽ اسان ڪم ڪندا هئاسين. +صحيحن وارو اهو اسڪرول، اڄ به انسٽيٽيوٽ آف سنڌ لاجيءَ ۾ مقبول ڀٽيءَ ۽ ٻين ڪارڪنن جي قربانيءَ، محنت، خلوص، سنڌ دوستيءَ ۽ سنڌ ۾ ون يونٽ کان پوءِ ”پهرين سجاڳيءَ جي لهر“ جي يادگار طور رکيل آهي. +ان دؤر جو هڪ اهم واقعو، جيتوڻيڪ منهنجي ذات سان تعلق ٿو رکي، پران مان مقبو ڀٽيءَ جي همت، هوشياري، بردباري، توڙي قرباني ۽ دوستن سان محبت جي ثابتي ٿي ملي. ان ڪري ئي اهو واقعو هتي بيانڪريان ٿو: +هيءُ واقعو1956ع جو آهي. تن ڏينهن ۾ مخدوم امير احمد اسان کي هيرآباد واري اورينٽل ڪاليج ۾ سنگت جي ڪچهرين ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. گرميءَ هجڻ سبب ٻاهر ڇٻر تي ٿي ويٺاسين. اندران پِلگ مان تار ڇڪي، ٽيبل لئمپ ٻاهر لان تي رکيوسين، جيئن شعر يا افساني پڙهڻ واري کي روشني ملي. ميٽنگ پوري ٿي ته مون ٽيبل لئمپ کي هٿ ۾ کنيو، جيئن ٻين سڀني ٽپڙ پئي سهيڙيا مڄاڻ پلاسٽڪ واريءَ تار جي پلاسٽ ڪا ڏريل هئي، ان مان منهنجي ساڄي هٿ واريءَ چيچ کي ڪرنٽ اچي ويو، ائين ڀانيم ته ان چيچ کان وٺي، پيرن جي ترين تائين، جهٽڪن جو ڪو سمنڊ آهي، جنهن جون لهرون منهنجي جسم مان ٿينديون زمين ۾ گهڙنديون ٿيون وڃن. ايترو هوشئي نه هو جو لئمپ ڦٽي ڪريان. ڏٺم ته سڀ دوست چوڌاري گول ٺاهي بيٺا آهن، ڪي سئچ بند ڪرڻ لاءِ ڀڳا؛ پر سئچ اٽڪل اسي فوٽ کان پري هو. مقبول ڀٽيءَ کي ڏٺم، تمام پري هليو ويو، پوءِ ڪنهن فاسٽ بالر وانگر ڊوڙ پاتائين، تيز رفتار سان ڊوڙيو، اچي مون سان ٺڪرايو. ٽڪر لڳڻ سان ئي لئمپ هل پاسي مان ٻئي پاسي، ۽ مقبول ٽئين پاسي. منهنجي ساهه کڄڻ جو انداز اهو هو، جو عام طرح ساهه کڻڻ سان ڇاتي جيتري ڦنڊندي آهي، ان کان ٻيڻي ٿي ڦنڊي. دل جي رفتار ٽيڻي، بچي ويس، پر ايترو ڪمزور جو هفتو کن هلي نه سگهان. ٻئي ڏينهن فرسٽ پروفيشنل جا امتحان هئا، (امتحانن جي دور ۾ به سنگت جو ڪم ۽ ڪچهريون نه ڇڏبيون هيون). فيل ٿيس، پر مقبول اها سياڻپ نه ڪري ها، اهوخطرو نه کڻي ها، ته نه رهي سا بانس، نه وڄي ها بانسري. نه تنوير هجي ها، نه هيءُ مضمون لکي رهيو هجي ها. (ان وقت تائين اڃا منهنجو پهريون مجموعو به نه ڇپيو هو). شايد مقبول ڀٽي هجي ها، جيڪو تنوير جي موت تي تعزيتي مضمون لکي رهيو هجي ها. +درازن ۾ محفلن مچائڻ جي شروعات، سردار بهادر محمد بخش ڪوجهيءَ جي ڪوششن سان ٿي، پر عملي ڪم ۾ هادي بخش لاڙڪ ۽ مقبول ڀٽيءَ جو هٿ هو. حيدرآباد مان اديب ۽ فنڪار، شامانه وغيره درازن تائين پهچائڻ، محفل مچائڻ، انائونسمينٽ ڪرڻ مقبول جي بِلي هوندا هئا. ان وقت درازن ۾ نه ريسٽ هائوس هو، نه آڊيٽيوريم، نه بجلي ۽ نه سرڪاري مدد، سردار بهادر محمد بخش ۽ پوءِ فقير رحيم بخش هڙان خرچ ڪندا هئا، ته مقبول ڀٽي ۽ هادي بخش لاڙڪ وڙ ڪندا هئا. +ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ وڏو خال پئجي ويو؛ ليکڪ ته هئا، پر پبلشر ۽ پڙهندڙ تمام گهٽ. مقبول ڀٽيءَ همت ڪري گلستان ڪڍي، ان کانپوءِ سنڌيءَ جا اهم ڪتاب ”روح رهاڻ“ ۽ ”لطيفي سير“ ٻيهر ڇپايائين. ان کان سواءِ جڳ مشهور ڪتاب ”الف ليلى جديد نموني ۾ تصويرن سان ڇپايائين. منهنجو پهريون مجموعو ”رڳو ٿيون رباب“ تمام خوبصورت نموني ۾ شايع ڪيائين. ان وقت چيو هئائين ته ”ايندڙ پنجويهن سالن تائين ههڙوخوبصورت ڪتاب نه ڇپبو“ مقبول جي اها دعوى توڙي اڳڪٿي بلڪل صحيح ثابت ٿي. +سنڌي ڪتابن جي اڻاٺ ڏسي هن حيدرآباد جي اهم جڳهه تي ”سنڌي ڪتاب گهر“ قائم ڪيو. ان ڪتاب گهر ۾ هن ڪوشش ڪري سڀ نوان پراڻا، هند ۽ سنڌ جا ڪتاب رکيا. سنڌيءَ جو ڪو به ڪتاب جي سنڌي ڪتاب گهر ۾ نه هوندو، ته سمجهبو هو ته اهو ڪٿي به نه ملندو. اهو فقط ڪتاب گهر نه هو، پر اديبن جو مرڪز پڻ؛ هر آيو ويو اتي ضرور کن پل ترسندو هو. ڊاڪٽر خليل ڏيپلائي، مظفر حسين جوش، منظور نقوي، سرور علي سرور، غلام محمد گرامي، عبدالله خواب جو ته دڪان ئي مٿان هو، عبدالقيوم صائب، نوجوانن ۾ شمشير الحيدري، ممتاز مرزا ۽ مصطفى قريشي ڪو ٻاهر جو اديب دوست جي حيدرآباد ايندو، ته سنڌي ڪتاب گهر تي ضرور ايندو، ڪتاب به ملي ويند�� ته اديب دوستن سان به عليڪ سليڪ ٿي ويندس. +سنڌي ادب ۾ خال کي ڀرڻ، ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب کي پڙهڻ جي شوق جا ڳائڻ ۾ ٽه ماهي مهراڻ (جيڪو ان وقت محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندو هو) ۽ سنڌي ڪتاب گهر جو وڏو هٿ آهي. +مقبول ڀٽي سنڌ يونيورسٽي پريس جو مئنيجر ٿيو. سنڌيءَ ۾ پهرين مونو ٽائيپ مشين هن قائم ڪئي. پرنٽر جي حيثيت ۾ هن سنڌي طباعت کي هڪ قدم اڳتي وڌايو. مقبول جي ڇپيل ڪتابن مان هڪ هڪ ان فن جو شاهڪار آهي. سهڻائي صفائي سٿرائي ۽ بي هڪ اهڙي جو اڄ به جيد آفسيٽ جي سهوليتن هوندي به اهڙا سهڻا ڪتاب نٿا ڇپجن، جهڙا مقبول ڀٽيءَ ڇاپيا. +پريس مئنيجريءَ دوران به اسان جي دوستي قائم رهي. تقريباً هر شام گڏ هوندا هئاسين. جڏهن امتحاني پيپر ڇپيا هئا، ته مقبول کي اها رات پريس ۾ گذارڻي پوندي هئي. ٻئي ڏينهن جڏهن امتحان هال ۾ پيپر ورهائبو هو، تڏهن کيس ٻاهر ڪڍندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مان ميڊيڪل جو شاگرد هوس، منهنجا تقريباً سڀ پيپر مقبول ڇپيا، پر ڪهڙو نه سچائيءَ جو زمانو هو. اسان ٻنهي کي اها ڳالهه خواب خيال ۾ به نه هئي، ته ڪو چڪر هلائجي. نه مون ان کي ممڪن ۽ صحيح سمجهيو ته مقبول کي ان ڳالهه لاءِ چوان، ۽ مان سمجهان ٿو ته مقبول به ائين محسوس ڪيو هوندو. ڪڏهن پاس ڪڏهن فيل، پر دوستي ساڳي قائم اها ڳالهه ذهن ۾ ئي نه اچي، ته ڪو بي ايماني ڪجي. +مقبول ڀٽيءَ جي لائبريري، ”حيات ادب لئبرري“ سندس گهر جي هيٺان هئي، هر اخبار موجود، هر ڪتاب مهيا. سنڌي، اردو، انگريزي، ٽنهي ٻولين ۾ بهترين ڪتاب، سنڌيءَ جو ته وٽس ناياب ذخيرو هو. ورهاڱي کان اڳ ڇپيل اخبارن، رسالن مان اڪثر اخبارن ۽ رسالن جا مڪمل فائيل. الائي ڇا ٿيو ان خزاني جو! +مقبول هڪ ماهر لائبريرين هو. ان وقت اڃا لائبريري سائنس جا ڪلاس شروع نه ٿيا هئا، پر مقبول جي لائبرريءَ جي سٽا لاجواب هئي. ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي فائيلن جي ترتيب اهڙي هئي جو جيڪا شيءِ گهُر اها منٽ ۾ حاضر. +مقبول هڪ سٺو شاعر هو، اها خبر ٿورن کي هوندي. هن ادبي سنگت ۾ ڪجهه شعر پڙهيا هئا، سندس تخلص ”دانش“ هو. شعر سٺا، جذبات سان ڀريل، ۽ پختا هئا. هن هڪ-ٻه افسانه به لکيا. +ريسرچ اسڪالر جي حيثيت ۾، مقبول ڀٽيءَ ڪافيءَ جي بادشاهه مصري شاهه تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو يادگار آهي ۽ اڃا تائين مصري شاهه تي ان کان بهتر ڪم ڪو ڪري نه سگهيو آهي. مصري شاهه جي ڪلام کي هٿ ڪرڻ ۾، مقبول ڀٽيءَ جيڪا محنت ڪئي، ۽ مصري شاهه جي سوانح کي جنهن طريقي سان هن محفوظ ڪيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار ڪارنامو آهي، جنهن کي اسان جا ادبي تاريخ نويس ۽ نقاد سدائين وساريندا آيا آهن. +آخر ڇو نه- مقبول ڀٽي، سنڌيءَ جي هڪ وساريل مگر اهم شاعر محمد موسى ”راز“ جو پٽ هو، جنهن جو حيدرآباد جي قلعي تي لکيل نظم سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌيءَ جو نماڻو، سٻاجهو ۽ استاد شاعر عبدالله خواب سندس چاچو هو، جيڪو جمعيت الشعراءِ جي غزل گو شاعرن ۾ گهڻن کان اڳرو هو، پر پنهنجي نماڻائي ۽ نهٺائيءَ ڪري اهو مرتبو ماڻي نه سگهيو، جنهن جو هو مستحق هو. +جڏهن مان خيرپور آيس ته مقبول سان ملڻ جا موقعا گهٽبا ويا. ٻڌم ته مقبول بيروزگاريءَ جي ڪري تڪليف ۾ آهي، پر پڪ اٿم ته ان تڪليف جي دور ۾ به مقبول اهو ئي کلڻو ملڻو رهيو هوندو. +پوءِ هن کي نئشنل بڪ فائونڊيشن ۾ نوڪري ملي. ان دوران ڪراچيءَ ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي. ساڳيو قرب، ساڳيو پيار، ڀلا قرب کي مفاصلو يا وقت گهٽائي سگهي ٿو؟ +مقبول ڀٽي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو، محب وطن_ اهو به انتهاپسن��- عوام دوست، اڻ ٿڪ ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن، ريسرچ اسڪالر، پرنٽر، پبلشر، بڪ سيلر، آرگنائيزر، ايڊيٽر، انائونسر، ڪمپيئرر، شاعر، افسانه نگار ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ پرخلوص، پيارو دوست، مقبول ڀٽيءَ جي شخصيت تي سوچيندي، شاهه لطيف جي هڪ سٽ دل تي تري ٿي اچي! +جي ماسو مڙيئي مال، ته پوڄارا پُر ٿين. +مقبول کي ماسو نه، پر سير مليو. + + +”جامع سنڌي لغات“ تي هڪ نظر- (2) +ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو +”مهراڻ“ رسالي جي آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 1988ع ۾، ”جامع سنڌي لغات“ جي ”جلد پنجين“ تي سرسري نظر وڌل آهي. هينئر سڳئي جلد جي ”باب، ک، گ، ڳ ۽ گهه“ تي ڪجهه خيال ظاهر ڪجن ٿا. +اها حقيقت آهي ته شري گاجرا جي لغوي جاکوڙ لغت کي جان بخشي آهي، پر جيئنته سنڌي لفظ، پنهنجي اصلوڪي جاءِ کان ايترو ته پري وڃي پيا آهن، جو سڌو پيرو کڻڻ يا ڳُرُ ڳولڻ نهايت مشڪل ٿي پيو آهي. هن ڪم ۾ ساهِي مُنجهائڻي آهي؛ ذري ذري تي ڪمال احتياط کان ڪم وٺڻو آهي؛ اِنهي ٻِلهي کان پاسو ڪرڻو آهي. مطلب ته هر لفظ کي سمجهڻ لاءِ، سندس اندرين تَههَ ۾ وڃڻو آهي ته جيئن لفظ، پنهنجي حقيقت پاڻ بيان ڪري، جائي لغت جي تقاضا آهي. +”جامع سنڌي لغات“ ۾، جو سنڌي لفظن جو ذخيرو آهي، تنهن مان سنڌي زبان جي قدامت ۽ وسعت جو اندازو ٿي سگهي ٿو. اڃان به جيڪڏهن سنڌ جو اوسو پاسو ڏسبو ته ڪيترائي نوان لفظ، گفتگو ڪندي يا بيتن هٿ ڪندي ملي ويندا، جي لغت ۾ جُڙ جُڙ ٺهندا. انهيءَ ڪري گذارش آهي ته هن برڪت ڀرئي ڪم کي جاري رکيو وڃي ته جيئن لغت مڪمل ٿي وڃي. +باب +1. ص 2195_ کاٻَ. (پرا. ڪَپ= گَپَ_کاٻ. سن. ڪَلر. پ =پڃڻ)، وَڍ، زخم_ سوراخ_کُٻُ. +لفظ-کاٻ- جي تحقيق ڪيل آهي، پَرَ پَرو ڪونه پوي ٿو. +ڪَپ (=زخم، وڍ)، پراڪرت ۾ آهي، پر ”کپ“ جي معنى ۾ ڪونهي. اهڙيءَ طرح ”کاٻ“ جو سنسڪرت لفظ ”ڪلر“ ڏيکاريل آهي، جو لغوي ڪسوٽيءَ تي کَرو نظر نٿو اچي. ”ڪلڙ“ هندي لفظ آهي، ۽ نه سنسڪرت! ”ڪلر“ جو ڌاتو يا بنياد ”پ=ڀڃڻ“ به ڌاتو ڪوشن ۾ نظر نٿو اچي. +اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي. +کاٻُ. (سن. ڪُوپَڪَ)، کُوٻو، کُٻُ، چُڍو؛ لَتَڙَ. +”جامع سنڌي لغات“ ۾، ”کاٻ“ مان ”کاٻ ڪرڻ“ اصطلاح هن طرح آندل آهي: +کاٻ ڪرڻ= تنگ ڪرڻ، ستائڻ، دٻائڻ، خراب ڳالهائڻ. +لفظ ”کاٻ“ کي نظر ۾ رکندي، اصطلاح جي معنى هيئن ٿيڻ کپي: +کاٻ ڪرڻ= کُٻُ کُٻَ ڪرڻ، خراب ڪرڻ، لتاڙڻ. +شاهد: +جيڪو پنهنجي ريجَ کي ٿو ڪينَ اَٽڪل ۾ رکي، +اَن جي ڌرتي کي ڊُڪي ڊوڙي ڪَريندا ڍورَ کاٻ. +(گل) +2- ص 2195_ کاٻَرُ. (سن. ڪَسَرُ يا کوپرو=ناريل)، کجيءَ جي سنهي کل؛ کجين، ناريل وغيره جي وڻن ۾ ڄاريءَ وانگر پردو (جنهن مان نوڙيون، واڻ وغيره وغيره ٺاهيندا آهن.) +”کاٻر“ لاءِ، ٻه سنسڪرت لفظ، ڪَسَرُ يا کوپرو، ڏنل آهن. ٻئي لغوي ڪسوٽيءَ تان ڪِري پون ٿا. +اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي: +کاٻر. (مليانم. ڪيَرَ)، کجيءَ يا ناريل جاتندورا. +”کوپرو“ سنڌي تلفظ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي حقيقت هن ريت آهي: +کوپرو، هه. کوپرا. سن. ڪَر پَر)، ناريل جو کوپو؛ ڏونگيءَ جو تيل. +مزيد تحقيق ڪندي، معلوم ٿيو ته ”کوپرو“، مراٺي ”کوبَري > مليانم. کوپڙَ آهي.(1) +3- ص 2195_ کاٻَههُ. مذڪر. چورن جو گاهه يا چارو. +تحقيق مانهيئن معلوم ٿئي ٿو: +کاٻَههُ >ڪاٻَههَ، ڪَٻَههَ آهي، جو مونث آهي. +4-ص 2196- کاتو (سن. کارُڪَ = کائيندڙ)، ڪنهن خاص آدميءَ جو حساب ڪتاب، روزنامچو. +کاتو جو سنسڪرت لفظ ”کارُڪ“ ڏنل آهي، جو غلط آهي. ٿيڻ کپي: +کاتو (سن. کادَڪَ = کائيندڙ. کاد = کائڻ)، روزنامچو. +اهڙيءَ طرح کاڄڻ، کاڄ پيڄ، کاڄرو، کاڄ کورمون وغيره لفظن جو بنياد ”کاڌ“ ڏيکاريل آهي، جو پڻ غلط آهي. ٿيڻ کپي: کاڌ = کائڻ. +5-ص 2197- کاپائو (سن. ڪُٿس= گهٽجڻ، زوال ڪرڻ)، اجايو خرچ ڪندڙ، کپائيندڙ. +”(-کاپڻ (سن ڪشُ= گهٽجڻ،زوال ڪرڻ)، نڪرڻ، (راند مان)، کپڻ، نبود ٿيڻ. +”کاپائو کاپڻ“ ٻنهي لفظن جي مصدر ”کپڻ“ آهي، جنهن مان کاپو، کپت،کپائڻ، کپائو، کاپائو وغيره لفظ نڪتل آهن. ”جامع سنڌي لغات“ ۾، کاپائو ۽ کاپڻ جا سنسڪرت بنياد- ڪُٿس-غلط آهن. لغوي حقيقت هن ريت آهي.(1) +کاپائو کاپڻ (سن. ڪُشِ = گهٽجڻ، زوال ڪرڻ) +6-ص 2197- کاڄي. (سن. کَجُوئا= کاڄي< کَڄُ = ولوڙڻ)، خارش، ڪَرِنهن. +”کَڄُ“ ڌاتو ي بنياد ڏيکاريل آهي، جو غلط آهي؛ ڇاڪاڻ ته ”ڄ“ سنڌي حرف آهي ۽ نه سنسڪرت! لفظ کي هن طرح آڻڻ کپي: +کاڄي، (ن. کَرجو. کرج= آزارڻ،بي چين ڪرڻ)، خارش. +نوٽ: ”کاٻي“ معنى ”ڪَرنِهن“ (ڪ کي زبر_ رکي زير) ڏيکاريل آهي. درست تلفظ ”ڪرِنَهن“ (ڪ کي زير_ رکي زبر) آهي. +7-ص 2203- کاندُ مذڪر مونث (سن. ڪشَمُ = سهڻ)، کانڌ، ڌيرج، جملي 18 معنائون. +8-ص 2204- کانڌِ. مونث (سن. ڪشَم = سهڻ)، کاند، صبر. جملي 12 معنائون. +جڏهن ”کاندُ“ معنى ”کانڌِ“ ۽ ”کانڌِ“ معنى ”کاندُ“ ڏيکاريل آهي ته پوءِ ٻئي لفظ ساڳيءَ معنى وارا سمجهڻ کپن. پرمحقق ”کاندُ“ جون 18 معنائون ۽ ”کانڌِ“ جون 12 معنائون ڏنيون آهن. ائين ڇو؟ ڀلا، ٻنهي لفظن- کاند ۽ کانڌ مان درست لفظ ڪهڙو؟ ٻيو ته ”کاند“ کي مذڪر توڙي مونث ٻنهي حالتن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. اهو ته عجيب فيصلو آهي. لغوي مسئلا، معتبر لغت ذريعي، ائين حل نه ٿيندا آهن. جڏهن”کاندُ“ (د کي پيش) آهي ته مذڪر ٿيڻ کپي، ليڪن حقيقت ان جي برعڪس آهي. اهو ”کاندِ“ (د کي زير) آهي، جو مونث آهي. +نوٽ:”ڪشَم“ ڌاتو ڏيکاريل آهي، جو ”ڪشَم“ ٿيڻ کپي. +9_ ص 2204_ کانهَرَ = کير واري مينهن. +ڪئپٽن اسٽئڪ، پادري شرٽ ۽ پرمانند جي لغتن ۾ ”کاهَرَ“ لفظ آندل آهي. فرض ڪريو ته ”کانهَرَ“ درست آهي، پر تڏهن به ”کاهَرَ“ لفظ ”جامع سنڌي لغات“ ۾ اچڻ کپندو هو. ان مان چڱيءَ طرح ثابت ٿيو ته اڳين لغتن جا جملي الفاظ، هن لغات ۾ آندل نه آهن. ائين ٿيڻ کپي؟ چوڻين ۽ پهاڪن ۾ به ”کاهَرَ“ ڪم آندل آهي: +کاهَرَ کي خوب کاراءِ ته کير وڌائي. (چوڻي) +سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا الفاظ آهن، جن ۾ ”ن“ وڌيڪ آهي. +اصل لفظ +هلندڙ لفظ +معنى +تاهرِيِ +تانهِريِ +کنڊ يا ڳُڙسا تيار ڪيل چانور +بَيسَر +بَينسَرِ +بُولي جو هڪ قسم +بَيسِرو +بَينسِرو +باز پکيءَ جو قسم +10-ص 2208 کُتَ. جمع کتون، کتيون. مونث.سُنڍو،کُتِي. +اعتراض هي آهي ته ٻن جمع_ کتون، کتيون_ڏيڻ جي ضرورت؟ جمع ته هڪ ٿيڻ کپي. اهو مونجهارو انهيءَ ڪري ٿيو آهي، جو ”کت“ تي لغوي لحاظ کان اعرابون ڏنل نه آهن. لغت جي تقاضا هن طرح آهي: +کُتِ (ت کي زير) جمع کُتيون. ”کُتون“ جمع غلط آهي. اهڙا ٻيا مثال: +رُتِ جمع رُتيون +مَتِ جمع مَتيُون +11-ص 2209- کِٿِ. مذڪر. (سن. کِن: کِدِ = تنگ ڪرڻ)، لڄي، شرمندو، لڄارو ۽ ککو وکو. +جڏهن ته ”کٿ“ لفظ ۾ ”ٿ“ کي زير آهي ته مونث ٿيڻ کپي. در حقيقت لفظ کِٿُ (ٿ کي پيش) آهي، جو مذڪر آهي. +ٻيو ته ”کٿ“ جا 2 سنسڪرت لفظ کِن: کِدِ ڏيکاريل آهن. ٻنهي لفظن جي وچ ۾ بيهڪ جي نشاني ( : ) ڏنل آهي، جا اسان جي خيال موجب ”يا“ جو مطلب ڏئي ٿي. محقق جو مطلب هي آهي ته ”کِٿِ“ لاءِ، ”کنِ“ يا کِدِ ٻئي سنسڪرت لفظ درست آهن. حالانڪ ائين نه آهي. حقيقت هن ريت آهي: +”کِنّ) سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جو ڌاتو يا بنياد ”کِد) ڏيکاريل آهي. +12-کَٿو کَڙيو کڻي پٺيانپوڻ = سچيءَ دل سان ڪم کي لڳڻ. +اصطلاح ۾”کڙيو“ لفظ ڪم آندل آهي، جنهن جي معنى ”جامع سنڌي لغات“ جي صفحي 2232 تي هيءَ لکيل آهي: خرزين، ٻورو،ڳوڻ. +اسان جي خيال موجب اهو ”کَڙيو“ لفظ نه آهي، پر ”کُريو“ لفظ آهي. ”کڙيو“ لاءِ ڏسو مهراڻ 1988عجو چوٿون نمبر. +کُريو = رَنبو،گاهه ڪرڻ جو هڪ اوزار. +”رنبو“ گاهه ڪرڻ خصوصاً ”ڇَٻَرَ“ لاءِ ڪم ايندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ”ڇٻر“ کي پاڙ کان اهوئي اوزار آسانيءَ سان ڪٽي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ عام اصطلاح آهي: پاڙي تي رنبو رکڻ=جَڙان اکوڙڻ، پاڙان پٽڻ، از حد نقصان پهچائڻ. +هر گاهه ڪندڙ يعني ”ڇٻر“ ڪندڙ کي ٻه شيون ضروري هونديون آهن: 1. کٿو (گاهه کڻڻ لاءِ) 2. رنبو (گاهه يا ڇٻر ڪرڻ لاءِ) جڏهن گاهه ڪندڙ کي، اهي ٻئي شيون کٿو ۽ رنبو ساڻ ڏسجن، تڏهن ائين سمجهجي ته گاهي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آهي، تنهنڪري اصطلاح هيئن ٿيڻ کپي: +کَٿو ۽ کُربو کڻي پٺيان پوڻ = سچيءَ دل سان ڪم کي لڳڻ. +13_ ص 2211_ کُٽائڻ (سن. کَن= کوٽڻ. سن کاتڪ= قرضدار<، ڏيوالو ڪندڙ. +14_ ص 6213_ کُٽڻ (سن ڪشَت= ڪمي، نقصان< ڪشِي= گهٽجڻ. سن. ڪاتڪَہُ = قرضدار< کن= کوٽڻ).گهٽجڻ = ڏيوالو ڏيڻ. +”کٽائڻ ۽ کٽڻ“ هڪ ئي بنياد جا لفظ آهن ته پوءِ تحقيق ۾ تفاوت ڇو؟ ريسرچ معنى: لفظن کي سمجهڻ ۾ سولائي مٿي ڏيکاريل ريسرچ ۾ آڏا ٽيڏا، ابتا سُبتا لفظ آندل آهن، جي وڌيڪ تحقيق جي طلب ڪن ٿا. +”کٽائڻ“ جي وڌيڪ تحقيق ڪندي، ڌاتو ”کَن= کوٽڻ“ پهريائين ڏيکاريل آهي، پر ”کٽڻ“ جي تحقيق ڪندي، ”کڻ= کوٽن“ ڌاتو، پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهي. ائين ڇو؟ لغت ۾ ته هڪ ئي طرز اختيار ڪرڻ کپي. +کَن (=کوٽڻ) ڌاتو آهي ”کوٽڻ“ (To dig =) جو، ۽نه، کُٽائڻ يا کُٽڻ، لفظن جو فاضل اديب، ”کَنڌَئي“ (جنهن کَنڌو کنيو هجي يعني جنهن ڏانهنقرض رهيل هجي) جي تحقيق ڪئي آهي، جا هن ريت آهي: +کَنڌئي (سن کادَڪَ = کائيندڙ کاد = کائڻ)، جنهن کنڌي يا اوڌر تي وٺي کاڌو هجي، قرضدار. +”کُٽڻ“ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:(1) +کُٽڻ (گ. کُٽَوُن، هيم. کُنٽ، کُٽَ، کُڊِءِ. سن کُنڊ= بند ڪرڻ، بيهارڻ) کُٽي پوڻ، کُهجڻ، ڏيوالو ڪڍڻ. +15_ ص 2217_ کچل (سن ڪَريِڙ= راند ڪرڻ)، کينچل، ونڌوِنڌ، جملي ڏهه معنائون. +16-ص 2266- کيچر= کيچل جملي 13 معنائون. +17-ص 2266- کيچل= کيچر. جملي 29 معنائون. +18-ص 2274-کينچل=حرڪت، لچائي، جملي 4 معنائون. +آءُ سمجهان ٿو ته چارئي لفظ_ کچل، کيچر، کيچل، کينچل- هڪ ئي لفظ جون مختلف صورتون آهن ۽ هڪ ئي معنى رکن ٿا. خبر ناهي ته ڇو، هر هڪ لفظ ۾، معنائن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو رهيو آهي. ائين ٿيڻ ته نه کپي. جيڪڏهن ڪو پڇي ته چئني لفظن مان درست لفظ ڪهڙو آهي، جو درسي ڪتابن ۾ ڪم آڻجي؟ خبر ناهي ته لغت ڪهڙو جواب ڏيندي! +نوٽ: مٿين لفظن لاءِ، سنسڪرت لفظ ”ڪَرِبڙ= راند ڪرڻ“ ڏنل آهي، جو ”ڪريڊ ٿيڻ کپي. +19-ص 2217- کُديا (سن ڪشُڌ = کائڻ جي اڇا رکڻ)، بک، کڌيا. +20- “ “ کُڌِيا (سن ڪشُڌاءِ. = کائڻ جي خواهش رکڻ)، بک. +جڏهن ٻئي لفظ-کُديا،کُڌيا- ساڳيا ته سنسڪرت لفظن ۾ فرق ڇو؟ ڀلا، ٻنهي لفظن مان درست ڪهڙو؟ لفظ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي: +کُڌِيا (هه. کُڌا. سن ڪُشُڌا. ڪشُڌ = بک لڳڻ)، بک. +21- ص 2224- کَر کَسو = 1. کرکرو، گهوڙي جي صاف ڪرڻ جو اوزار. 2.ف. خَرخِس = پکين کي ڦاسائڻ لاءِ ڍَٻَ هيٺ ٻڌل پکي، ڍَٻُ. +شاهد: +کرکسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي. +لفظن جي حقيقت هن ريت آهي: +اسان ”کر کسو“ بدران ”کر کرو“ (= گهوڙي کي صاف ڪرڻ جو اوزار) چوندا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي ڪنهن خطي جو بامحاور لفظ هجي، جو ڏيکارڻ کپندو هو. ڇاڪاڻ ته اڳين سنڌي لغتن ۾، ”کر کرو، کر کڻو، کرڙو“ آندل آهي، جو فارسي لفظ ”خرَ خرَه“ جي بگڙيل صورت آهي. +2.”جامع سنڌي لغات“ ۾، کر کسو کي لفظ ”خرَخَس“ (= ڍَٻُ) ڏيکاريل آهي، جنهن لاءِ، شهد به ڏنل آهي. اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي ته ”خَرخِس“ (= ڍَٻُ) نه، پر فارسي لفظ ”خضرخَسہَ“ آهي. +لفظ ”کرکسو“ کي پڪي پايي تي بيهارڻ لاءِ شاهد به ڏنل آهي، جو لفظ جي شاهدي نٿو ڏئي؛ ڇاڪاڻ ته ”کرکسو“ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي: +کرکسو. (ف. خَرخَشہ“، جهيڙو، وڳوڙ، ڌمچر، چوڻي (شهد) جي معنى: جهيڙو ڪڏهنه به نقصان کان خالي نه ويندو آهي. جيڪڏهن آڌئي (= اُڌي، اڌ رپيو، اڄ آنا) جو نقصان نه پهتو ته پائلي (چار آنا) جيترو ضرور پهچندو. مطلب ته ”کرکسي“ ۾، جيڪي سو نقصان. ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڏنل لفظ ”خَرخِسَ“ جو ”خَرخشہ“ سان ڪو واسطو ڪونهي. +22. کَرِنڊُ. (سن. ڪشُر = کرڙڻ. سن کادَ = کہ. پرا. کرڙ = ڪتڙي). ڇوڏو ڦَٽَ جو. +سنسڪرت جا 2 لفظ_ڪُر ۽ کادَ_ ڏنل آهن، خبر ناهي ته ٻن لفظن ڏيڻ جي ڪهڙي لغوي مراد رکيل آهي. تنهن کان سواءِ ”کرڙ“ پراڪرت لفظ ئي ڪونهي. +لفظ جي لغوي حقيقت: +کَرَنُڊ. (سن. ڪشُرَ+آنڊَ)، ڦٽ جو ڇِلُڙ، ڪَڙِي. +نوٽ: ”کَرنِڊُ“ نه، پر ”کَرَنڊُ“ ٿيڻ کپي. +23_ ص 2239_ کَلو. (سن. ڪَهه، کَلَ = جُتي)، موچڙو، پادر. +سنسڪرت لفظ_ڪَههُ، کَلَ_ تحقيق جي تقاضا ڪن ٿا. اسان جي خيال ۾ فاضل اديب لفظن کي اُبتو بيهاريو آهي. اهو خيال ”سنڌي وئتپتي ڪوش“ ۽”پلئٽس جي لغت“ تان ورتل آهي، جتي هيئن آهي(1): +کلو. (سن. کَل+ ڪَهه)، موچڙو، پادر +24_ ص. 224_ کليتو= چمڙي جو ٺهيل ٿيلهو. +ڪئپٽن اسٽيڪ، پادري شرٽ ۽ پرمانند جي ڊڪشنرين ۾ ”کليٿو“ لکيل آهي. در حقيقت درست لفظ به ”کليٿو“ آهي. جيڪڏهن ”کليتو“ کي ”جامع سنڌي لغات“ ۾ جاءِ ملي سگهي ٿي ته ”کليٿو“ کي به نظرانداز نه ڪرڻ کپندو هو. +”کليٿو“ جي لغوي حقيقت (2) +کليٿو. (ع. خَريِطَہ)، چمڙي جو ٺهيل ٿيلهو. +25_ کوڙيءَ گهمرو = سڀ چٽ، هڙئي ناس، بنياد ئي بڇڙو. +اهي معنائون اصطلاح جي ترجماني نه ٿيون ڪن. فرض ڪيو ته ڪنهن خاندان جو وڏو يا پريو مڙس، ڪنهن غريب جو ڪم نٿو ڪري. اهو ساڳيو ڪم، سندس ڀاءُ به نٿو ڪري، اهڙِءَ طرح سندس پٽ به نٿو ڪري. مطلب ته خاندان جو ڪو به فرد ڪم نٿو ڪري، تنهنڪري ائين چئبو ڇا، ته خاندان جو بنياد ئي بڇڙو! اصطلاح جي حقيقت هن طرح آهي: +اصليت: ڪڙمين جو اصطلاح +سارين جي ڳالهه کان پوءِ، ڪڙمي ان جي کوڙِي ٺاهي رکندا آهن ته جيئن هوا لڳڻ سان وائري سگهجي. جيڪڏهن هوا نه لڳي ته کوڙِي پيئي هوندي. گهڻي وقت تائين رکڻ ڪري، اَن جو تَرو لڳي ويندو آهي، جنهن جو اثر قريب قريب سڄي کوڙيءَ تي پوندو آهي. +اهڙي اَن کي ڪڙمين جي اصطلاح ۾ ”گهمري“ آيل اَن چئبو آهي. جيڪڏهن اَن کي تَرِي هڻبي، ته سڄو چانور نه لَهندو، پر ڀُريل لهندو، جو کائڻ ۾ ڪَسارو هوندو. تنهنڪري اصطلاح جي معنى ٿيندي: +کوڙِيءَ کي گهمرو = سڀ هڪجهڙا. +26- ص 2260_ کوئِدُ = گاهه جوقسم، گهاٽو گاهه، ڪچڙو گاهه، ڪَچا جَوَ_کاڌو. +27_ ”- - کوئيدُ. مذڪر. (سن. کوئيڪا. کوئيجڪا)، ڏريل ۽ پاڻيءَ ۾ پسايل ڏارو (مَٽر، گوار وغيره)، مال لاءِ چارو (کاڌو)، پيڙيل ڪمانڊ جا چُوٿا. +28- ص 2263- کُهيدَ = سُٺي ڪڻڪ جي پوک نِسرڻ کان اڳ مٿيان لڻيل پن، جي مال کي گاهه ڪري کارائجن. +اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي ته مٿيان ٽيئي لفظ_کوئد، کوئيد، کهيد-ساڳيا آهن، ۽ هڪ لفظ جي بگڙيل صورت آهن. لغوي حقيقت هن ريت آهي: +”کوئيد“ فارسي ”خَوِيد“ آهي، جو بروزن ”دَوَيد“ آهي. +کوِئيد. (ف. خوِيد)، ڪڻڪ، جَوَن يا سارين جو کُنڀُ، جو جانورن کي چاري طور ڏجي. +”کوئيد“ جي حقيقت: +جڏهن ڪڻڪ، جَوَ يا سرين جي پوک، ڀلي زمين ۾ زور وٺندي آهي، تڏهن (نيسَر کان اڳ) قد وڏو ڪري، هيٺ ڪري پوندي آهي. پوک جي انهيءَ وڏي قد ۽ گهاٽي هئڻ کي، ڪُڙمين جي اصطلاح ۾ ”ڀَلُ ڪرڻ“ چوندا آهن. ڪڙمي جڏهن ڏسندا آهن ته پوک ”ڀَلُ“ ڪيو آهي ۽هينئر ڪِرڻ تي آهي، تڏهن پوک جا پاندُرَ (پلاندَ يا چوٽيون) لُڻندا آهن، جنهن کي ”کُنڀُ ڪرڻ“ چوندا آهن. انهيءَ ”کنڀ“ کي ”کهيد“ چئبو آهي، جو فرسي لفظ ”خَوِيد“ آهي. +29- ص 2264_ کِئي. (سن. کشَيَه)، هار،بربادي. +30- ص ”کَي. (سن. ڪشَ= گهٽجڻ، زوال ڪرڻ)، شڪست. +ٻَئي لفظ_ کئي، کي_ساڳيا، معنى به ساڳي ته پوءِ سنسڪرت لفظن ۾ ڦير ڇو؟ +نوٽ: ”کِئي“ جو درست تلفظ ”کَئي“ آهي. +لغوي حقيقت هيئن آهي: +کئي. (سن. ڪشَيَه. ڪشِ_ زوال ڪرڻ)، هار شڪست. +شايد: +سچ جي جَئي پاپ جي کَئي. +30_ ص 2234_ کيتُ. (سن. ڪشيتر. پرا. کيتن = ٻني)، پوک، کيتي. +31- ص ”کيتي (سن. کَشيتَرَ= ٻني)، پوک کيت. +32- ص 2265_ کيٽ. (سن. کيتن، ڪشيتر. پرا. کيتن=ٻني)، کيت، پوک. +ڪيڏي نه منجهيل ريسرچ آهي! ”کيتن“ کي پراڪرت به ڏيکاريل آهي ته سنسڪرت به ڏيکاريل آهي، حالانڪ ائين نه آهي. اهڙيءَ طرح تحقيقت ڪندي، پهرين ۽ ٻئي لفظ (کيت ۽ کيتي) کي سنسڪرت ”کشتر“ ڏيکاريل آهي ته ٽئين لفظ (کيٽ“ کي ”ڪشيتر“ ڏيکاريل آهي. ائين ڇو؟ ”کيت“ کيتي ۽ کيٽ“ جي لغوي حقيقت ساڳي آهي. هڪ جي کول ڪجي ٿي: +کيتُ. (پرا. کيٽ. سن ڪشيترَ)، کيٽ، ٻني، پوک. +33- ص 2265_ کِپَ جمع کيپون. مذڪر، مونث. (سن. کيپ، ڪشِپَ، ڪشيپ. ڪشِب= اڇلڻ، موڪلڻ. پرا. کيپ=گهمرو)، گهمرو، وارو، ڦيرو، ڀيرو. +اعتراض: +پهريون ته ”کيپ“ کي ”مذڪر ۽ مونث“ٻنهي حالتن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ”کائد“ لفظ جي تحقيق ڪندي به ائين ڏيکاريل آهي، جومٿي اچي چڪوآهي. جيڪڏهن لغت معنى لفظن جو آخري فيصلو ته تحقيق ۾ شڪل جي گنجائش ڇو؟ جيڪڏهن ”کيپ“ کي ”مذڪر ۽ مونث“ ٻنهي حالتن ۾ ڏيکارڻو آهي ته ان لاءِ دليل ضروري هو ته جيئن شڪ جي گنجائش باقي نه رهي. ”کيپَ“ مونث آهي. +ٻيو ته ”کيپ“ لاءِ چار سنسڪرت لفظ- کيپ، ڪشيپَ، ڪشيپ، ڪشِٻ- ڏنل آهن. خبر ناهي چئن لفظن ڏيڻ جو لغوي مطلب ڪهڙو آهي. +اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي. +کيپ. مونث. (پرا. کٻيوَ. سن ڪشٻيپَ، ڪشِپ= موڪلڻ)، ڀيرو، گهمرو، بار، سامان. +34_ کيپُ-کيپُ. (سن. ڪَشيپَ= نشئي)، نشو، خمار. اهو اُتارو (سنڌي وئتپتي ڪوش“ تان ڪيل آهي، جتي هيئن آهي: (1) +کيپُ. (سن. ڪشِيبَ = نشئي)، نشو خمار. +35_ ص 2268_ کير پائڻ = کير کائڻ جي موڪل وٺڻ. هندن جي هڪ رسم. +اصطلاح جي معنى سمجهه ۾ نٿي اچي، ان لاءِ فاضل محقق کي گهربو هو ته هندن جي ان رسم ڏانهن کليل اشارو ڪري ها ته اصطلاح کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ها. +در حقيقت اهو اصطلاح، ڪئپٽن اسٽيڪ جي ”سنڌي انگريزي“ ڊڪشنريءَ تان ورتل آهي. پادري شرٽ جي ”سنڌي_انگريزي“ ڊڪشنريءَ ۾ به اتان ئي ورتل آهي. جنسي عبارت پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ اصطلاح جي سمجهاڻي ڏنل آهي. (2-3). +کِهرُ پائِڻُ To receive milk from a Fakir’s “Thanu” or “Daru” and give it to a Hindu mother and her child after a birth, till which ceremony milk is not allowed them to drink. +36- ص 2272- کيسي ۾ هئڻ = نه ليکجڻ، پرواهه نه ڪرڻ. +اصطلاح جي باري ۾، ليکراج ڪشنچند عزيز جو خيال هن ريت آهي. +کيسي ۾ هئڻ = چوڻ هيٺ هلڻ، چئي آکئي ۾ هئڻ، جيڪي چوڻ سو ڪرڻ. +(سنڌي اصطلاح ڀاڱو ٻيون. صفحو 196) +باب گ +37- ص 2276-گاجَ. (پرا. گِجها. سن. گجي. سن. کَرجَ= گجڻ)، کجگوڙ. +اسان جي خيال موجب اها تحقيق، لغت ۾ جاءِ وٺڻ جي قابل نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته +1- ”گاج“ لاءِ پراڪرت لفظ ”گِجها“ ڏنل آهي، جو غلط آهي. ٿيڻ کپي: گَجا. ٻيو ته ”گاج“ لاءِ ٻه سنسڪرت لفظ- گجي ۽ گَرج_ ڏنل آهن، جي لغوي ڪسوٽيءَ تان ڪرِي پون ٿا. اهو ”کجي“ نه، پر سنسڪرت ”کَرجِ“ يا ”کَرجِي“ آهي. ”گَرجَ“ (=گجڻ) به سنسڪرت لفظ ڏيکاريل آهي، جو درحقيقت سنسڪرت لفظ ”کَرج“- جو ڌاتو يا بنياد آهي. اعرابون غلط آندل آهن. لغت ۾ لفظ ”گاج“، هن طرح آڻڻ کپي. +گاج (پرا. گَجا. سن. گَرجَ. گَرج= گجڻ)، گجگوڙ. +نوٽ: 1- ”گاج“ بدران ”گاج“. (ج کي زير) ٿيڻ کپي. +2-”گاج“ = ڪڻڪ جو هڪ قسم. +38_ گنجِرُ. جمع گَجَرَ، گجرون. مونث (پرا. گجرن< سن. گَجِيرن، گاجر)، زمين ۾ ٿيندڙ ڀاڄي. +”گَجَرُ“ جا ٻه جمع- گَجَرَ ۽ گجرون_ ڏيکاريل آهن. خبر ناهي ريسرچ جي ڪهڙي اصول مطابق ائين آهي، جو ٻه جمع ڏيکاريل آهن. جمع ته هڪ ٿيڻ کپي. ٻيو ته سنسڪرت لفظ ”گاجر“ به آندل آهي. ”گاجر“ ته هندي لفظ آهي ۽ نه سنسڪرت لغت ۾ هن طرح اچڻ کپي. گَجَر. مونث. جمع. گجرون (پرا. گَجرَ. سن. گَرجَرَ)، زمين ۾ ٿيندڙ ڀاڄي. +نوٽ: 1. گَجَرُ (ر کي پيش) غلط تلفظ آهي، پر گَجَرَ (ر کي زير) درست تلفظ آهي. +2. گَجَرَ جو جمع ”گَجِرُون“ آهي. +شاهد: +سُڃي جي سوکڙي، گجرون يا مُوريون. (چوڻي) +39- ص 2280- گاروڙي. (سن. گارُور ڪهه، گاروڙڪهه< گاروڊَڪُ)، مانڊي. +پلئٽس جي ڊڪشنري جيصفحي 892 تي 3 لفظ_گارڙُو، گارُڙي ۽ گاڙوڙي ڏٺل آهن، جن لاءِ مختلف سنسڪرت لفظ ڏيکاريل آهن. پروفيسر گاجرا ڇا ڪيو آهي، جو ٽنهي سنسڪرت لفظن جو وچ ورتو آهي. ريسرچ جي راهه ۾ فيصلي لاءِ، لغت کي ئي ”امين“ واري سگهجي ٿو. لفظ جي حقيقت هن ريت آهي: +گاروڙِي. (سن. گارُوڊِڪَ)، مانڊي، مانڊو، جوڳي. +سنسڪرت ۾: ”گارُڊَ“ = منتر، جو نانگ جي زهر لاهڻ لاءِ پڙهجي. +گارُوڊِڪَ= منتر پڙهندڙ. +40_ ص 2283_ گانو. (سن. گي=گانو)، راڳ. +41_ ص ” - گاوڻ. (سن. گي=راڳ)، ڳائڻ. +42_ ص 2285- گائِڪُ. (سن. گي=ڳائڻو)، گَوَيو. +43_ ص 2229- گَوَيو. (سن. گويه=ڳائڻو). +اها لغوي ريسرچ ته نه آهي، جنهن تي فخر ڪجي. ”گي“ کي سنسڪرت ڏيکاريل آهي، پر هرڀيري مختلف معنى سان! ائين ڇو؟ جڏهن لفظ ساڳيو- گي- آهي ته معنى به ساڳي ٿيڻ کپي. حقيقت هن ريت آهي. +گانو. (سن. گانَ. گَي_ ڳائڻ)، ڳائڻ. +گائِڪُ. (سن. گايَڪُ. گَي= ڳائڻ)، ڳائڻو، گَوَيو +گَوَيو. (سن. گايَڪَ. گَي = ڳائڻ)، ڳائڻو. +”گي“ ته سنسڪرت لفظن- گانَ ۽ گايَڪَ_ جو ڌاتو يا بنياد آهي ۽ ساڳيءَ معنى_ ڳائڻ- ڏيکاريل آهي، پر اسان جي پروفيسر صاحب جي تحقيق جو تَرُ ائين ٻَڌل نه آهي. +44- گدڙ (سن. گڌر<گرڌ)، جهنگلي جانور. +لغوي لحاظ کان هيئن درست آهي: +گدڙ. (سن. گرڌُرَ. گرڌ=گرڌ=لالچ ڪرڻ)، جهنگلي جانور جو هڪ قسم. +45- ص 2311_ گَرَمُ. (سن. گهيرم=ڪوسو)، ڪوسو. +”گرم“ کي سڌو سنئون سنسڪرت لفظ لفظ_گهيرم_ ڏيکاريل آهي، جو پلئٽس جي ڊڪشنري جي صفحي 205 تان ورتل آهي، جتي هيئن لکيل آهي: +گرم. (ف. گَرم. سن. گَهرمَ)، ڪوسو. +نوٽ: ”گَرمُ“ بدران ”گَرمُ“ ٿيڻ کپي. +46- ص 2322_ گُسائين. (پرا. گوسواس)، سَنتُ، مهاتما، ولي. +47- ص 2322_ گُسائين=سنت، مهاتما، گئوسائين. +48-ص 2355_ گوسائين. (پرا. گوسائيو. سن. گوکائيڪ =فقير)، ٻائو، مجاور، ڳنوار. +اسان جي خيال موجب ٽيئي لفظ_گانئين، گسائين ۽ گوسائين- ساڳيا لفظ آهن ۽ پڻ ساڳي معنى رکندڙ. فاضل محقق، لفظن جي معنائن، توڙي سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن ۾ به نمايان فرق ڏيکاريو آهي. کيس گهربو هو ته هڪ حقيقت ڏئي ها ته لغوي تقاضا پوري ٿئي ها. حقيقت هن ريت آهي، جا هڪ لفظ- گوسائين- مان ظاهر آهي: +گوسائين. (پرا. گوسامِئهُ. سن. گوسوامِي. گو= گانءِ + سوامِي= مالڪ)، سنياسي، ساڌو، سنت. +49-ص 2325- گگ. (سن. گگنُ= آسمان)، ڪڪر، بادل، ابر. +شاهد: +مُندَ ٿي مَنڊل وڄئا، گگن گجي ڪئي گوڙ. +(شاهه) +مصرع مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”گگن“ لفظ (جو سنسڪرت آهي)، جو شاهد ڏنل آهي، حالانڪ مکيه لفظ ”گَگُ“ آهي ۽ ان ئي لفظ جو شاهد ڏيڻ کپي ها ۽ نه سنسڪرت لفظ ”گگن“ جو. +نوٽ: سنسڪرت لفظ ”گَگنُ“ هن طرح درست آهي: گگَن. +50- ص 2325- گِگَ ٿيڻ = پٺيان لڳي پوڻ، جڃا ٿي پوڻ. +”جڃا“ لفظ، ڪنهن به سنڌي لغت ۾ نظر نٿو اچي. اسان جي خيال موجب، اهو لفظ ”جِجا“ (= جِج) آهي: +گِگَ ٿيڻ = مَڇَڏُو ٿي لڳڻ، ڳِڪَ ٿي پوڻ، ڇنبڙي پوڻ، جِجا ٿي لڳڻ. +51- ص 2325- گگدام= گونگو، بي زبان،اٻوجهه، ويچارو. +52- ص 2325_ گگدام= بي زبان، حيوان، جانور، مرون، ساهوارو. پَسون، وهٽ ۽ جيو. +درحقيقت، ٻئي لفظ ساڳيا آهن. ۽ ساڳي معنى رکن ٿا؛ پر تڏهن به پهرين لفظ-گگدام جون 4 معنائون ته ٻئي لفظ_گگدام جون ٻيڻ (8) تي! ائين ڇو! ٻيو ته لفظ جي کولَ به ڪيل نه آهي، جنهن مان ڏنل معنائون ظاهر ٿين. لفظ جي لغوي حقيقت: +گُگدام. (ف. گُگدام. گُنگ= گونگو+دام=جانور)، حيوان. +53- ص 2331- گِلا. (ف. گِل=شڪايت)، نِندا، غيبت. +فارسي لفظ-گِل-معنى ”مِٽي“ آهي ۽ نه ”شڪايت“ ٿيڻ کپي. +گِلا. (ف. گِلَه)، شڪايت. نندا. +54- ص 2337- گُماٽجڻ. (سن. گُم= وڃڻ، کوهجڻ. نابود ٿيڻ. +55- ص 2363- گُوماٽجڻ= ڦيري اچڻ، گهوماٽجڻ، منجهڻ. +56- ص 2434_ گهماٽجڻ. (سن. گهورڻيان =)، مٿو ڦرڻ، ڀنواٽجڻ، پريشان ٿيڻ. +57- ص 2447- گهوماٽجڻ =سسجڻ، سوڙهو ٿيڻ، سُڪي وڃڻ، تنگدل ٿيڻ. +چئني لفظن کي مختلف معنائن سان ڏيکاريو ويو آهي، حالانڪ حقيقت ساڳي آهي. هڪ لفظ جي تحقيق پيش ڪجي ٿي: +گهماٽجڻ. (سن. گُهورڻَمانَ. گُهورُڻ=ڦِرڻ)، ڪوماٽجڻ، اداس ٿيڻ، جهڪو ٿيڻ (مُنهن جو). +نوٽ: شري گاجرا پنهنجي تحقيق ۾ سنسڪرت لفظ-گُم=وڃڻ، ڏيکاريو آهي. دراصل اهو ڌاتو آهي ۽ درست تلفظ-گُم (=وڃڻ)آهي. آءُ سمجهان ٿو ته اصل مواد ۾ ”گَم“ هوندو، جو اُتاري ڪندڙ کان ”گُم“ لکجي ويو آهي. +58- ص 2337- گمسان=گوڙ، ڳڙٻڙ، وڳوڙ. جملي 11 معنائون. +59- ص 2435_ گهمسان. (سن. گهور شمشان <گهر+ سَمسان)، ڳوڙ، هجوم. جملي 39 معنائون. +60- ص 2435_ گهمساڻ= گمسان، مانڌاڻ، شور. جملي 17 معنائون. +مٿيان ٽيئي لفظ ساڳيا آهن ۽ ساڳي معى رکن ٿا. خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان ”گمسان“ جون 11، ”گهمسان“ جون39 ۽ ”گهمساڻ“ جون 17 معنائون ڏنل آهن! ”گهمساڻ“ لاءِ، سنسڪرت لفظ- گهورشمشان_ڏنل آهي، پر ٻين لفظن- گمسان ۽ گهمساڻ- لاءِ، سنسڪرت لفظ ڏنل نه آهن. ڇو؟ +لغوي حقيقت هيئن آهي: +گهمسان. (سن. گهورڻ شمشَانَ. گهورَ= خوفناڪ گهُرُ = ڊڄڻ. شمشَانَ= مساڻ، مسڻ) وڳڙ، شور، هُل، مانڌاڻ، خرابي. +61- ص 2356_ گورکناٿ=جوڳين جو وڏو گرو. هندن جو مهاتما. +”گور کناٿ“ کي لغوي خيال کان آڻڻ کپندو هو، جو هيئن آهي: +”گور کناٿ. (سن. گورَ ڪشناٿَ، گو=حواس، اِندِري+ رَڪشا=سنڀال+ناٿَ=ڌڻي مالڪ. جنهن حواسن کي پوريءَ ريت ضابطي ۾ رکيو هجي)، جوڳين جو هڪ قسم. +62- ص 2386_ ڳڀرو. (پرا. گِبروهي. سن. گَڀَرُو+پَهه)، ڇوڪرو، اڻ بالغ، (پلئٽس) پلئٽس کي سَنَدَ طور پيش ڪيل آهي، پر اتي صفحي 895 تي هيئن لکيل آهي: +ڳڀرو (پرا. گَبڀ+رُوِي. سن. گَرڀَ+رُوپَهه)، ڇوڪرو. +63- ص 2389- ڳٺڙي. (پرا. ڳٺڙيا سن. گَنٿ+ر)ٻڌل هڙ، موڙي. +64- ص ” - گٺو (پرا. گٺِي. سن. گرنٿ =ڳنڍڻ <گَنٿَ= ٻڌل)، بنڊل، موڙي. +پلئٽس جي حوالي سان تحقيق ڪيل آهي، جتي صفحي 897 تي هن طرح آهي؛ +ڳٺڙي (پرا. گَنٺَڊِئا. سن. گرنَٿَ+اِڪا)، ٻَڌل هڙ. +ڳٺو(پرا. گَنٺئو. سن گرنٿ+ڪَ)، وڏو بنڊل. +جڏهن معاري ۽ مستند لغت، ”جي. ٽي پلئٽس“ جي به سامهون هجي، ۽ پوءِ به تحقيق ۾ تفاوت نظر اچي ته ڪنهن کن ڏورايو ڏجي. +65- ص 2397- ڳُڙکي- (سن. گواکَش)، ڳٿو، جاڙو، کڙڪي. +ڳڙکي. (سن. گواڪش. گو= گانءِ، ڳئون+ آڪشِ= اک)، گُرکو، کڙڪي، ٽُنگڙو. +66- ص 2406- ڳوٺ=گانين جي بيهڻ جو هنڌ، نگر، ديس؛ ٺاڻ، ڀاڻ. +”ٺاڻ“ معنى گانين جي بيهڻ جو هنڌ“ ڏيکاريل آهي، جو سنسڪرت جي خيال کان بلڪل ٺيڪ آهي. اسان جي محاوره موجب ”ٺاڻ“ معنى گهوڙن جي ڪُڙهه. +”جامع سنڌي لغات“ جي جلد 2 جي صفحي 717 تي ”ٺاڻ“ جي وضاحت هن طرح ڪيل آهي: +ٺاڻ= گهوڙن ٻڌڻ جو هنڌ، طبيلو، ڪُڙهه. +آخوند گل محمد هالائي به ائين ئي چوي ٿو: +جِت و هِن اُٺ، جاءِ تنهن کي چون جهوڪَ، +جِت ٻَجهَن گهوڙا، انهيءَ کي چون ٺاڻ. +(گل) +باب گهه +67- ص 2417- گهاٽو. (سن. گهٽ< گاڙ+ڪَهه)، ضرر، نقصان- ويجهو، ويجهڙو،گهرو، (عيز دوست-جبل، واسطو، لاڳاپو.) +مٿئين لفظ ”گهاٽو“ جي کولَ ڪندي، سنسڪرت لفظ ”گاڍ“ (=گهاٽو) به ڏنل آهي، جنهن جي معنى هن طرح آندل آهي: +گهاٽو. (سن. گاڍ=گهاٽو)، ڳُوڙهو رنگ- نِهرو-ٿُلهو-ڳُتيل-ڄاڻو،سياڻو. +بار بار ائين چوڻ ته اعرابن کي يڪسر وساريو ويو آهي، مناسب نٿو لڳي؛ پر سنسڪرت لفظ، اعرابن بغري، پنهنجي حقيقت ٻڌائڻ کان قاصر آهن. آءُ سمجهان ٿو، بلڪ يقين به آهي ته پروفيسر گاجرا، لفظن تي اعرابون ڏنيون آهن، پر الائي ڇو، ”جامع سنڌي لغات“ جو هر صفحو اعرابن کان محروم آهي. +”گهاٽو“، ساڳئي اَچار وارا ٻه لفظ آهن، جي مختلف معنائن۾ ڪم اچن ٿا: +گهاٽو= نقصان +اهو لفظ ۽ ڪيترا ٻيا لفظ ”گهٽَڻ“ مصدر مان نڪتل آهن، گهٽائڻ، گهٽجڻ، گهٽ، گهاٽو وغيره. تنهنڪري چئي سگهبو ته ”گهاٽو“ جي معنى فقط ”ضرر، نقصان، کوٽ“ وغيره. (عزيز، دوست)، ميل، ميلاپ، تعلقات، واسطو، لاڳاپو وغيره ڏيکاريل آهن! ”جامع سنڌي لغات“ جون جملي ڏنل معنائون، تڏهن درست سمجهڻ کپن، جڏهن لفظ ”گهاٽو“ جو سنسڪرت لفظ ”گهٽ“ ڏيکاريل نه هجي ها. جڏهن سنسڪرت لفظ ”گهٽ“ لغت ۾ اچي ويو ته معنائون_ ضرر، نقصان، کوٽ وغيره تائين محدود ٿي ويون. +2. گهاٽو=ڳوڙهو، ٿُلهو، نِهرو، ڳُتيل، گهرو، ويجهو وغيره. ”جامع سنڌي لغات“ ۾، هڪ لفظ جون معنائون، ٻئي لفظ ۾ ڏنل آهن، جو مطلق غلط آهي. +”گهاٽو“ لفظ جي تحقيق: +1- گهاٽو. (سن. گهَٽ)، نقصان، ٽوٽو، ضرر، کوٽ. ضد ”واڌو“ (=فائدو) +”گهاٽو واڌو“ عام محاوره آهي. جيئن چوندا آهن ته ادا، گهاٽي واڌي (=نقصان نفعي ۾ ٻڌل رهندين. +2- گهاٽو. (سن. گاڍَ+ڪَه=گاهه=ولوڙو وجهڻ)، ڳُوڙهو، ٿُلهو، ڳتيل، گَهِرو، ويجهو وغيره.”گهاٽو“ ضد ”ڇِڊو“. +جيئن گهاٽو دوست، گهاٽو ڪپڙو، گهاٽو کير، گهاٽو جهنگ وغيره. +68- ص 2434- گهِل گهِل ڪرڻ = زور سان دانهون ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ. +اسان جي خيال موجب اصطلاح ۾ ”گهِل گهِل“ (گهه کي زير) نه، پر گهَل گهَل (گهه کي زبر) اچڻ کپي. +”گهَل“ لفظ جي حقيقت هن ريت آهي: +گهَلِ. (پشتو. غَل_=چور)، لُٽيرو، ڦورو، ڌاڙيل. +69- ص 2446- گهوگهاءُ. (سن. هَن=نقصان پهچائڻ)، سخت آواز، گجگوڙ. +اسان جي خيال موجب هيئن ٿيڻ کپي: +گهوگهاءُ. (ف. غوغاءُ)، وڏو آواز، گوڙ، گل. +(1) ڪلڪرڻي. مراٺي ويتپتي ڪوش. صفحو 235، سال 1964ع. +(1) جهمٽ مل، سنڌي وئتپتي ڪوش، ص 14، سال 1884ع +(1) بيلسري، گجراتي_ انگلش ڊڪشنري ص 324. +(1) جهمٽ مل_ سنڌي وئتپتي ڪوش_ ص89، سال 1886ع. جي. ٽي. پلئٽس. هندوستاني-انگلش ڊڪشنري، ص 878، سال 1960ع. +(2) بيلسري-گجراتي-انگلش ڊڪشنري. ص 3.9. +(1) جهمٽ مل، سنڌي وئتپتي ڪوش، ص 88، سال 1886ع. +(2) ڪئپٽن اسٽيڪ، ڊڪشنري سنڌي ائنڊ انگلش، ص 79، سال 1855ع. +(3) شرٽ، سنڌي-انگلش ڊڪشنري، ص 675، سال 1879ع. + + +ملئي- ڏور اوڀر جي سولي ۾ سولي ٻولي +الطاف شيخ +ملئي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي سولي ۾ سولي ٻولي آهي. خاص ڪري اڙدو، سنڌي، هندي، پنجابي ڄاڻندڙن لاءِ. جو انهن �� عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ آهن، جيڪي ملئي زبان ۾ پڻ آهن. بلڪ ملئي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ڌارين ٻولين جي Melting-Pot آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس تمام گهڻا ڌاريان لفظ آهن. اسان جو هڪ ملئي پروفيسر دوست ته ايتريقدر چوندو آهي ته ملئي زبان جا اصل فقط ٽي لفظ آهن! اوبي، بيسي ۽ بابي (گجر، لوهه ۽ سوئر). +گرامر جي لحاظ کان به منجهس ڪو گهڻو مونجهارو ناهي. مذڪر توڙي مؤنث لاءِ ساڳيو ئي ضمير Dia استعمال ٿئي ٿو. انگريزيءَ وانگر هر هڪ لاءِ ڌار ڌار He، She ۽ It جو استعمال نٿو ٿئي. زمانن جو پڻ گهڻو کٽراڳ ناهي. عورت هجي توڙي مرد، يا ڪو ڪتو ٻلو. اهو فعل ٻڌائڻ ته هو هلي ٿو Dia Pergi چوڻ ڪافي آهي، جنهن جي معنى جو يا هوءَ وڃي ٿي، ويندو، ويو هليو آهي يا ويو. انهن ٻن لفظن ۾ سڀ ڪجهه اچي ويو. انگريزيءَ جي Go,Went, Gone جهڙن مڙني لفظن لاءِ ملئي فقط هڪ لفظ Pergi ڪافي آهي. ان ڪري ملئي زبان سکڻ تمام سولو ڪم آهي. جيتوڻيڪ هڪ بنگالي پروفيسر-ڊاڪٽر مزمل کي ملئي زبان جي اها خوبي ادبي خامي لڳي ٿي ۽ گرامر جي لحاظ کان ملئي زبان کي هو غريب ۽ غير سائنسي ٻولي سڏيندو آهي. +ملئي زبان جي رسم لخط پهرين عربي نموني جي هئي، جيئن سنڌي، اڙدو ۽ فارسيءَ جي لکڻي آهي. ان پراڻي نموني جي لکڻيءَ کي هتي جا ماڻهو جَوي Jawi سڏين ٿا. پر اڌ صديءَ کن کان ملئي زبان جويءَ بدران رومن نموني سان لکي وڃي ٿي، جنهن لاءِ انگريزي واري اي.بي.سي استعمال ٿئي ٿي ۽ ان لکڻيءَ کي رومي سڏين. هڪ اڌر اخبار ۽ ڪجهه مذهبي ڪتاب اڃا به پراڻي نموني جي لکڻي Jawi ۾ ڇپجن ٿا، باقي ٻيو سڀ ڪجهه روميءَ ۾ هلي. ان ڪري ڌاريو ماڻهو، جيڪو انگريزيءَ کان واقف آهي، جهٽ پٽ ملئي پڙهيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو سينگاپوري شاگرد، چيني، تامل ۽ ملئيءَ مان هڪ آپشنل سبجيڪٽ کڻڻ وقت گهڻو ڪري ملئي جي چونڊ ڪن ٿا. ڇو ته چيني ۽ تامل زبانن جي مقابلي ۾ ملئي زبان لکڻ پڙهڻ سولي آهي. جيڪو انگريزي لکي سگهي ٿو، ان لاءِ ملئي لکڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. پر چيني ۽ تامل زبانن جون لکڻيون بنهه مختلف ۽ بيحد ڏکيون آهن. +هن پاسي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ڏي اسلام ڪافي دير سان آيو. ان کان اڳ هتي هندو ڌرم عام هو. ان ڪري هتي جي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون هندو ڪلچر سان واسطو رکن ٿيون. ساڳيءَ طرح ملئي زبان جا پڻ ڪيترائي لفظ هندي ۽ سنسڪرت سان تعلق رکن ٿا. تنهن کان سواءِ اڙدو ۽ ٻين ڀاشائن جا پڻ ڪيترائي لفظ ملئي زبان ۾ اڃا تائين موجود آهن. +جيئن ته: +ملئي لفظ معنى +Perdan Mentri وزير اعظم +Pertama پهريون +Cuti موڪل +Curi چوري +Gerhana گرهن +Sastera ادب +Ratnha-Manik هيرو- موتي +Neraka نرڳ- جهنم +Syrga سرڳ-جنت +Utama اتم-مٿاهون +Maha مها-وڏو +Rupa روپ +Senja سانجهي-شام +Purnama چوڏهينءَ جو چنڊ +Pertiwi ڌرتي +Putera-puteri شهزادو-شهزادي +Periksa پرک-امتحان +Puspa گل +Munsyi منشي- ماستر +Penjra پڃرو،جيل +Suami-Isteri مڙس، زال +Cap ڇاپ +Aniaya انيا، ظلم وغيره وغيره. +هڪ ڳالهه جو خيال رکڻ کپي ته ملئي زبان ۾ ”چ“ جي اچار لاءِ ”C“ استعمال ٿئي ٿي ۽ ”ش“ لاءِ ‘SY’-ان ڪري مٿي لکيل ملئي لفظ CAP کي ”ڪئپ“ نه پر ”چاپ“ پڙهڻ کپي. اهڙيءَ طرح شوال جي مائي اسپيلنگ Syawal آهي ۽ نه Shawal ۽ Syrga جو اچار شرگا آهي. +هندي سنسڪرت کان علاوه ملئي زبان ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا پڻ لفظ آهن. فارسيءَ جا کڻي ايترا نه آهن، پر عربيءَ جا ته تمام گهڻا آهن. نموني طور ڪجهه لفظ هن ريت آهن. +ملئي لفظ معنى +Taj تاج، ٽوپي +Saudgar سوداگر، واپاري +Sarhad سرحد +Nakhoda جهاز جو ڪئپٽن (فارسيءَ ۾ ناؤ معنى ٻيڙي ۽ خدا معنى هلائيندڙ). ملئي زبان ۾ ناخدا لفظ ته آهي، پر خدا لفظ ناهي. +Musim موسم +Zamin زمين +Hawa هوا +Kahat کوٽ، قحط +Domba گهيٽو +Kabab ڪواب، وغيره. +اهڙيءَ طرح ملئي زبان ۾ عربيءَ جا ته ڪيترائي لفظ آهن، جيڪي هو بهو ساڳي شڪل ۾ آهن يا ڦوري گهڻي ڦيرڦار سان ملئي ٿي ويا آهن: +ملئي لفظ معنى +Kandil قنديل، ڏيو +Majilis مجلس، ميڙ +Mahir ماهر +Kertas قرطاس، ڪاغذ +Iyarat اشارو، نشاني +Zaman وقت +Isytihar اشتهار، اعلان +Zalim ظالم +Had حد +Dalal دلال +Yakin يقين +Hadir حاضر +Maklumat معلومات +ڪجهه عربي لفظ جن ۾ ع آهي، انهن لاءِ ملئي ۾ K لکجي ٿو، پر پڙهجي معلومات. +ساڳي طرح. +ملئي لفظ معنى +Botol بوتل، شيشي +Almari الماري، ڪٻٽ +Dodol مٺو ڪيڪ +Sepatu سپاٽو، چمپل +Bendera جهنڊو +Kamar ڪمرو، وغيره. +پورچو گاني زبان جو اثر اسان جي ٻولين تي پڻ آهي ۽ ڪيترائي پورچو گاني لفظ سنڌي اڙدوءَ ۾ پڻ رچي بسي ويا آهن. +1786ع کان وٺي انگريزن ملائيشيا تي قبضو شروع ڪيو ۽ آزاديءَ تائين، پوڻا ٻه سؤ کن سال انگريزن جي حڪومت رهي. ان دوران انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ ملئي زبان جو حصو بنجي ويا. پوءِ ڪي ساڳي صورت ۾ آهن ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ اصل کان ملئي هجن، جيئن پاڻ وٽ گلاس، روڊ، ٿرماس، لاٽري، صورتي، ڊم، بائڪاٽ جهڙا اصل انگريزي لفظ آهن. ڪي ٿوري ڦير گهير سان ملئي ٿي ويا آهن. ڪي ته انگريزيءَ جا بيحد اوپرا لفظ ملئي زبان ۾ ايترو ته عام ٿي ويا آهن جو ڳوٺن جون اڻ پڙهيل ۽ پوڙهيون مايون به بنا دقت جي اهي لفظ لس ئي لس ڳالهائي وڃن ٿيون. انهن لفظن مان ڪجهه هن ريت آهن: لاجڪ، انفرا اسٽرڪچر، انٽليڪچوئل، پورٽوڪال، انٽروورٽ، ٽرئجدي، ڪاميڊي، اسڪئنڊل وغيره. ڪن جي وري ٿوري اسپيلنگ بدلائي انهن کي ملئي ڪيو ويو آهي. جيئن ملئي لفظ Simpati دراصل انگريزي لفظ Sympathy (همدردي) مان آهي. اهڙي طرح: +ملئي لفظ اصل انگريزي لفظ +Akaun Account +Ejen Agent +Bom Bomb +Lif Lift مان نڪتو آهي. +Agresif آئگريشو مان +Simen سيمنٽ مان +Optimis آپٽيسمٽ مان +Aspek Aspect مان +ملئي زبان ۾ ڪي ڪي انگريزيءَ جا لفظ بلڪل هوبهو ساڳي صورت ۾ کنيا ويا آهن. پر انهن جون اسپيلون ملئي نموني جون رکيون ويون آهن. ائين ڪرڻ سان ڏٺو وڃي ته اهي انگريزي جا لفظ ملئي نموني لکڻ ڪري پڙهڻ ۾ وڌيڪ سولا لڳن ٿا ۽ بنا مدد جي ٻار يا ڌاريون به اچاري سگهي ٿو. مثال طور: +انگريزي لفظ ملئي لفظ +Bunglow Banglo +Calorie Kalori +Cake Kek +Cheque Cek +College Kolej +Proof Pruf +Excise Eksaiz +Police Polis +Photo Foto +Microphone Mikrofon +Lieutenant Leftinan +Cyclone Siklon +انگريزيءَ جا اهي لفظ، جن جي آخر ۾ شن Tion اچي ٿو، ان کي ملئي بنائڻ لءِ “Tion” کي ‘si’ ڪيو ويو آهي. جيئن ته انگريزيءَ جو اصل لفظ ايڊيشن ملئيءَ ۾ ايڊيسي ٿي ويو آهي. ڊيڊيڪيشن لاءِ ملئي لفظ ڊيڊيڪيسي آهي. ۽ اهڙيءَ طرح: +ملئي لفظ اصل انگريزي لفظ +Koleksi Collection +Dimensi Dimention +Imaginasi Imagination +Reaksi Reaction +Revolusi Revolution +پر ضروري ناهي ته هر لفظ لاءِ اهو قاعدو استعمال ڪيل آهي. ڪي لفظ ساڳئي اچار وارا پڻ آهن. جهڙوڪ: +انگريزي لفظ ان مان ٺهيل ملئي لفظ +Option Opsyen +Section Seksyen +يا وري ٿوري فرق سان: +Pension Pencen (پينچن) +ملئي زبان ۾ ڪيترائي انگريزيءَ جا لفظ اهڙا آهن جيڪي ڳالهائڻ وقت ته سمجهيو وڃجن پر ملئي جامو يهرڻ بعد اسان کي پڙهڻ ۾ عجيب لڳن ٿا. ۽ جيئن ته اسان جون نظرون انگريزي اسپيلن تي هريل آهن ان ڪري انهن انگريزي لفظن جون ملئي اسپيلون نراليون لڳن ٿيون. مثال طور، انگريزيءَ جو سرڪس لفظ ملئيءَ ۾ به سرڪس آهي، پر ملئي ۾ سندس اسپيلنگ انگريزي واري Circus بدران Sarkas ٿيو وڃي. اهڙي طرح: +انگريزي لفظ Captain جي ملئي اسپيل Kapten آهي. +General Janral +Concrete Konkrit +Grease Griz +Science Sains +Phyusics Fizik +Practice Praktis +Rail Rel +Text Teks وغيره. +مٿي لکي آي�� آهيان ته ملئي اي بي سي ۾ سي جو اچار چ آهي. جيئن ‘Cat’ لفظ انگريزيءَ ۾ ”ڪئٽ“ ٿيو. معنى ”ٻلي“؛ پر ساڳيو لفظ ملئي ۾ ”چاٽ“ پڙهبو، معنى ”روغن“. ان ڪري ملئي پڙهندڙ کي انگلنڊ ۽ يورپ پاسي ۽ انگريزي ڄاڻندڙ کي مليئشيا ۾ ان اکر وارن لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مونجهارو ٿئي ٿو. ۽ Cuba (ڪيوبا) ملڪ کي ملئي ”چوبا“ پڙهي سگهي ٿو. يا ڌاريون ماڻهون ملئي لفظ Cuba چوبا (معنى ڪوشش) کي ڪيوبا پڙهي سگهي ٿو هڪ دفعي ٽي ويءَ جي انائونسر Here is Lucky ”هيئر از لوسي“ پروگرام کي ”هيئر از لوچي“ پڙهي ويئي. +ڌارين زبانن کان علاوه ملئي زبان جي ٻن لفظن کي ملائي پڻ نوان ملئي لفظ ٺاهيا ويا آهن. جيئن فارسيءَ جي لفظ بُز (ٻڪري) ۽ دل کي ملائي بزدل لفظ ٺاهيو ويو آهي. معنى ڊڄڻو، ٻڪريءَ جي دل وارو. اهڙيءَ طرح ملئي ۾ چنڊ کي انڪ بولان سڏجي ٿو، جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. Anak معنى ٻار، Bulan معنى مهينو. يعني مهيني جو ٻچو، سو ٿيو چنڊ. اهڙي طرح Hari معنى ڏينهن ۽ Mata معنى اک. پر ٻئي لفظ جي ملائبا ته ٿيندو ماتاهري معنى سج. اهڙي طرح ڪار کي Kereta چون ۽ ڍڳي کي Lembu. ٻئي لفظ ملائڻ سان ٿي ڍڳي-گاڏي- ڪيريٽا لمبو. ۽ ڪيريٽا آپي ٿي ريل گاڏي. Api معنى باهه. جيئن پاڻ وٽ ٻاڦ تي- يعني باهه تي هلندڙ بوٽ (ٻيڙيءَ) کي آگبوٽ سڏين. +آفواهن کي ملئي ۾ Khabar - Angin سڏين. خبر معنى خبر، حال چال ۽ انگن معنى هوا. يعني هوائي ڳالهه، ڊاڙ، ٻٽاڪ. انٽار ڪٽڪ Antarctic کي ملئي ۾ Kutup- Selatan چون Kutup معنى قطب ۽ سلاطين معنى ڏکڻ. گاديءَ جي هنڌ (Capital) لاءِ ملئي لفظ Ibu-Kota آهي. اِبو معنى ماءُ ۽ ڪوٽا معنى شهر، يعني گاديءَ جو هنڌ ٿيو شهرن جي ماءُ. اهڙيءَ طرح هيڊ آفيس کي چون Ibu- Pejabat، معنى آفيسن جي ماءُ. گلابي رنگ کي Merah-Jambu سڏين. ميراح معنى ڳاڙهو ۽ جمبو معنى زيتون، يعني گلابي ٿيو زيتوني ڳاڙهو. جيئن Violet رنگ پاڻ وٽ ٿيو واڱڻائي. +ڪيترين مشهور شين جا انگريزي نالا، جيڪي اصلي صورت ۾ وڌيڪ مشهور آهن، انهن لاءِ نوان ملئي نوعيت جا نالا گهڙيا ويا آهن، جيڪي قبوليت حاصل ڪرڻ بدران اوپرا لڳن ٿا. جيئن ته ريفريجريٽر کي ”پيٽي سجوڪ“ سڏجي ٿو. Peti معنى پيتي يا دٻو ۽ Sejuk معنى ٿڌو. اهڙيءَ طرح ٿرماس بدران ”بوتل آير سجوڪ“ لفظ گهڙيو ويو آهي. Botol معنى بوتل يا شيشو، Air معنى پاڻي ۽ Panas معنى گرم. يعني گرم پاڻيءَ جو شيشو ميڊيڪل جي سبجيڪٽ ”گائني“ جو ملئي نعم البدل لفظ Ilmu Penyakit Puan (عورت جي بيماريءَ جو علم) يا جاگرافيءَ لاءِ Ilmu Alam لفظ رکيو ويو آهي. يعني عالم جو علم. آنڊي جو ملئي ۾ Tali Perut (پيٽ جي رسي) لفظ ٺاهيو ويو آهي. Sarong معنى گوڏ ۽ جيئن ته لفافي لاءِ ملئي ۾ ڪو لفظ ناهي ته ملئي جا ٻه لفظ Sarong- Surat ملائي ٺاهيو ويو آهي. سرونگ معنى گوڏ ۽ سورت معنى خط يعني خط جي گوڏ_ سو ٿيو لفافو. هونءَ سرونگ نه فقط ٽنگن کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي کي چئجي ٿو پر هر پوش، ڍڪ، جلد، گوڏ، ڇوَ لاءِ هڪ ئي لفظ Sarong آهي. اهڙيءَ طرح چٻري کي Burung Hantu غيبات جوپکي سڏين. +پر ريفريجريٽر جهڙن عام مروج لفظن کي زوريءَ پيٽي-سجوڪ بنائڻ سان ڪو خاص فرق نه پيو آهي. آسانيءَ بدران ويتر وڏا ۽ ڏکيا نالا ٿي پيا آهن. جيئن ڪجهه عرصو اڳ انڊيا ۾ انگريزي لفظن کي هندي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي، پوءِ ڪجهه ته ڪاميابيءَ سان هندي ٿي ويا ڪي اوپرائي رهيا. جيئن ٽرين جو هندي نالو اگني رٿ رکيو ويو. اگني معنى باهه ۽ رٿ معنى ڦيٿن تي هلندڙ گاڏي. +سڀ کان مزيدار نالو ان ريل کي بيهارڻ ۽ هلڻ لاءِ اشارو ڪندڙ لوهي سگنل جو تجويز ڪيو ويو هو، جيڪو هن ريت آهي: +”اگني رٿ گامن اگامن سوچڪا تامبا ورنا لوها پاتڪا“_ يع��ي آگ گاڏي جي اچڻ وڃڻ لاءِ اشارو ڪندڙ ٽامي جي رنگ جي لوهي پٽي- يعنى سگنل. +ڪنهن چيو ته گاڏي بيهارڻ لاءِ جيسين ڪنهن کي حڪم ڏجي ته ”اگني رٿ گامن اگامن سوچڪا تامبا ورنا لوها پاتڪا“ کي مٿي ڪر، تيسين گاڏي ته اسٽيشن به ٽپي ويندي. +ائين به نه آهي ته رڳو ٻين زبانن جا لفظ ملئيءَ ۾ آيا آهن، ڪجهه ملئي جا لفظ ڌارين ٻولين ۾ پڻ جذب ٿي ويا آهن. جهڙو انگريزيءَ جو لفظ Compund ملئي لفظ ڪمپونگ Kampong مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى آهي ڳوٺ، گهر، چوديواري. اهڙيءَ طرح انگريزي جو لفظ Amok پڻ ملئي مان نڪتو آهي. وڏو طوطو، جيڪو آسٽريليا، انڊونيشيا، پاپاءِ نيوگني ۽ هتي جام ٿو ٿئي، ان جو انگريزي نالو Cockatoo دراصل ملئي لفظ Kakak-Tua مان ٺهيو آهي. ڪاڪا معنى وڏي ڀيڻ ۽ تئا معنى پوڙهي. اهو آڪسفورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ پڻ ڄاڻايل آهي. اهڙيءُ طرح سان Orang-Utan هڪ ڀولڙي جو قسم آهي، جيڪو ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو ۽ اهو فقط هن پاسي جي جهنگلن ۾ نظر اچي ٿو. انگريزيءَ جو اهو لفظ ”اورانگ اتان“ دراصل ملئي لفظ ”اورانگ هُتان“ مان ٺهيو آهي. ۽ هتي ان ڀولڙي کي اورانگ-هتان ئي سڏجي ٿو. Orang ملئي لفظ جي معنى آهي ماڻهو ۽ Hutan معنى جهنگل، يعني جهنگل جو ماڻهو. +اهڙيءَ طرح Tiadapa، جيڪو ٺيٺ انگريزي لفظ لڳي ٿو، پر اصل ملئي لفظ Tidak Apa Apa مان ٺهيو آهي، ان جي معنى آهي ڪجهه به نه. تداق معنى نه ۽ آپا آپا معنى ڪجهه ڪو امتحان ۾ فيل ٿي پئي ۽ کيس چئجي ته يار پڙهين ها ته پاس ٿي وڃين ها ۽ هو ان تي بي پرواهي ڏيکارڻ تي چوندو تداق آپا آپا- يعني مڙيئي خير آهي. يا انگريزي ۾ چئجي ته I Damn Care. تداق آپا آپا سڄو لفظ چوڻ بدران ان جو مخفف تاپايا Tapaya پڻ چيو ويندو آهي. +ان کان علاوه انگريزي جا لفظ Launch, Criss, Sampan ۽ Gutta Percha پڻ اصل ۾ ملئي زبان جا لفظ آهن. +]ملاڪا، ملائيشيا.[ + + +ڪاشي- سنڌي ثقافت جو هڪ نمائنده دلڪش فن +قاضي خضر حيات +ڪنهن به مٽيءَ جي برتن، ٿانوَ يا ٽائيل کي اصل رنگت بدلائي هٿ سان گلڪاري ڪري مٿان چمڪ لڳائي پچائڻ کان پوءِ هڪ مستقبل چمڪدار ۽ پائدار دل لڀائيندڙ شئي تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ ان تيار ٿيل ٿانوَ کي ”ڪاشيءَ“ جو نالو ڏنو ويو آهي. +ڪاشيءَ جي تيار ٿيل ڪابه شئي تمام گهڻن فني مرحلن مان گذري ٿي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: +مٽي: مٽي سٺي صاف چيڪي هجڻ کپي. گهڻو ڪري زمين مان کوٽي هيٺان تهه مان يا درياءَ جي پيٽ مان بنا واريءَ جي هجڻ کپي. ڪلر جو نالو بنهه نه هجي، نه وري ان ۾ ڪا ٻاهرين شئي پٿر يا ڪوڏ وغيره، ڇو ته اهي تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ به نقصانڪار ثابت ٿين ٿا. اهڙي مٽي هرهنڌ سنڌ ۾ مليو وڃي، خاص ڪري هالن جي شهر ۾ مٺي درياءَ جي پراڻي پيٽ واري مٽيءَ کي وريءَ جي مٽي سڏين، جيڪا سڪل حالت ۾ ڳوڙها ڳوڙها نظر اچي ٿي. اصل حالت ۾ خاڪي يا هلڪي ڪاراڻ مائل ٿئي، جيڪي پاڻي ملائڻ سان وڌيڪ رنگ ۾ کُلوي پوي ۽ باهه ۾ پچائڻ کان پوءِ ڳوڙهاڻ تي مائل ٿئي. اها ڳوهڻ بعد ڀُري پوڻ يا جلدي ٽُٽي پوڻ واري نه هجي، ان ۾ تار ٺاهڻ جي خاصيت هجڻ ضروري آهي. +آلي پاڻيٺ وقت ٻن مٽيءَ جي ڳوٿل ٽڪرن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ کونئر وانگر ڪم ڏئي ۽ ٻئي تازا ٺاهيل آلا ٽڪرا جلد ملي هڪ ٿي وڃن. +ٻين ملڪن ۾ هن خاصيت حاصل ڪرڻ لاءِ مٽيءَ ۾ ٻيو به ڪجهه ملائي سٺو ٺاهيو ويندو آهي. +خاص طرح سان گجرات واري اڇي مٽي بذات خود مٽي نه هوندي آهي، پر ان ۾ حويليان جو چن وانگر پٿر، پلستر آف پئرس ۽ شيشو پيهي گڏي ڳوهي مٽي وانگر تيار ڪندا آهن، جيڪا پچڻ بعد اڇي ٿيندي آهي. +مٽي ڳوهڻ: مٽيءَ جي تياري تمام اهم مرحلو آهي. اڳ ۾ سُڪي مٽي ڪٽي سنهي ڪري سنه�� ڇاڻيءَ سان ڪڍجي، جيئن ان ۾ سنهڙا ذرات ۽ ڌاريا اسم نڪري وڃن. خاص ڪري ڪوڏيءَ جو ذرڙو پچي ويل ٿانوَ کي به ڀڃي ٻاهر نڪري ايندو. ڇاڻيل مٽيءَ کي تيار ڪيل ڪچي کڏي يا سرن سان ٺهيل هوديءَ ۾ ڀڄائي رکجي. سٺي نتيجي وٺڻ لاءِ ٽي هوديون جدا جدا ليول تي رکيل هجن، جيئن هڪڙو پاڻي ملائي اهو ڪڍجي؛ وري ٻيو پاڻي وجهي ڪڍجي. ساڳيءَ طرح ٽيون پاڻي، اهڙيءَ طرح ڪلر يا لوڻ وارا جزا پاڻيءَ سان ملي نڪري ويندا. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڀڳل مٽي ڪڍي ان کاي ڳوهجي، ڳوهڻ لاءِ سخت محنت ڪجي، هٿن ۽ لتن جي مار ڏجي. پهريائين هڪ ٻوري مٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ پورو لتن سان لتاڙجي، پوءِ هٿن سان سير سير جا چاڻا ٺاهي رکجن ۽ هرهڪ چاڻي کي هٿ جي تريءَ ساڻ رو ذور ڪري مهٽجي ۽ گڏ ڪري هڪ هنڌ رکبو وڃجي ۽ هوا کان بچائڻ لاءِ پلاسٽڪ، ٻوري يا رلهي سان ويڙهي محفوظ ڪري رکجي ۽ ٿانوَ ٺاهڻ جي ڪم آڻجي. +مٽيءَ مان ٿانوَ ٺاهڻ: ڳوٿل تيار ڪيل مٽيءَ کي پير سان هلندڙ چڪ تي چاڻو رکي هٿن پيرن ۽ پاڻيءَ جي زور تي گهربل برتن تيار ڪجي. دلي ٺاهڻ لاءِ رڳو گهڻي مٽيءَ جي مٿاڇري تي منهن ٺاهي رکجي ۽ بعد ۾ ٻئي ڏينهن تي ٺپڻيءَ جي مدد سان ٺپي سندس هيٺيون حصو تيار ڪجي. پليٽن يا ٻين تراکڙن برتن لاءِ اڳواٽ ٺهيل سانچن جي مدد سان ٺاهجي. ٽائيلن لاءِ پتري مٽي فرش تي هڪ ڏينهن اڳ ڦهلائي ٻئي ڏينهن تي وڏا وڏا ٽڪر ڪري هڪ هنڌ مٿي ڪري ڇڏجي. ٽين ڏينهن تي هرهڪ ٽڪر مان گهربل سائيز ۽ نموني مطابق ٺهيل ڪاٺ يا لوهه جي پليٽ رکي پاسا ڪٽي ٺاهيندو وڃجي. تازيون ڪٽيل ٽائيلون ڪجهه وقت کان پوءِ هڪٻئي جي مٿان سڌي پٽ تي رکجن، جيئن سڪڻ تي ڦري يا چٻيون نه ٿين، سڪائڻ لاءِ ڇانوَ استعمال ڪجي، تيز اس جي ڪري ان ۾ ڪيترائي نقص نڪرندا. +سٺن ۽ نفيس برتن ٺاهڻ لاءِ اڳ ۾ پلستر آف پئرس جا سانچا گهڙائجن، پوءِ انهن سڪي ويل مولڊن جي حصن کي ملائي رسي ٻڌي پاڻيٺ جهڙي مٽي ان ۾ وجهي ڀري ڇڏجي. ٿوري وقت کان پوءِ اها پاڻيٺ واپس هاري ڇڏجي. ڇا ٿيندو ته پلستر آف پئرس جي مولڊ جي ڪري آلي مٽيءَ جو تهه ڄمي ويل رهجي ويندو. اهڙيءَ طرح هڪ سٺو سنهڙو هلڪو ۽ پورو برتن تيار ٿيندو. اهڙي نموني هڪجهڙا برتن تيار ٿيندا رهندا. +مولڊ ڪيئن تيار ڪجن +ڪنهن به گهربل شئي کي هڪ کان وڌيڪ ننگ تيار ڪرڻ لاءِ پلستر آف پئرس جا مولڊ ٺاهڻا پوندا آهن، جنهن جي مدد سان ساڳئي قسم جا ڪيترائي نمونا ٺاهي سگهبا آهن. ان مولڊ يا سانچي ٺاهڻ لاءِ پهريائين گهربل شئي آلي مٽيءَ مان تيار ڪبي آهي، جهڙيءَ طرح هڪ ٽائيل ٺاهي ان ۾ گلن ٻوٽن جي ڪٽائي ڪري هڪ نموني ٺاهبو، پوءِ ان جي چوڌاري مٽيءَ يا لڪڙيءَ جون ڀتيون ڏيئي، پلستر آف پئرس کي پاڻي ملائي پترو ڪري ان ۾ وجهي ڇڏجي. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو سڪي ٺوٺ ٿي ويندو ۽ ٺاهيل شئي جو الٽو اندر ويٺل نشان ٺهي ويندو، پوءِ وري ان اندر ويٺل حصي ۾ ٻي تازي آلي مٽي وجهبي ته گهربل اڀريل ٽائيل تيار ٿي ملندي ۽ اهڙيون ٿوري ٿوري وقفي بعد ڪيتريون ئي شيون تيار ڪري سگهجن ٿيون. +خاص ڪري گلدستي يا ڪنهن رانديڪي جي مولڊ تيار ڪرڻ لاءِ گهربل شئي کي اڳ ۾ پچائي گليز يا چمڪ ڏئي پڪو ڪجي، پوءِ ان شئي جو مولڊ مشيني طريقي سان ٻن يا ڪيترن به حسن ۾ ٽڪر ٽڪر جو جدا مولڊ تيار ڪجي. خشڪ ٿيڻ کانءِ پوءِ انهن مولڊن جي ٽڪرن کي ملائبو ته گهربل شي جو خال ان ۾ رهجي ويندو. ساڳيءَ طرح پاڻيٺ واري مٽيءَ سان ان خال کي ڀري ڪجهه وقت کان پوءِ خالي ڪري ڏسبو ته مٽيءَ جي تهه جي چنبڙي وڃڻ ڪري گهربل شئي تيار ٿي ملندي. مولڊ تيار ڪرڻ کان اڳ گهربل شئي کي تيل يا گريس هڻجي، جيئن مولڊ جي تياريءَ کان پوءِ اصل شي آسنيءَ سان مولڊ جي حصي کان جدا ڪري سگهجي. +استر ڏيڻ Base Coat: جيئن ته اسان جي مٽيءَ جي خاصيت پچڻ کان پوءِ ڳاڙهاڻ مائل آهي، ان ڪري سٺي گلڪاريءَ لاءِ پهريائين ان کي رنگ تبديل ڪرڻ لاءِ استر چاڙهبو آهي. جيڪڏهن بنان استر جي ٺلهو مٽيءَ جي تيار ٿيل برتن کي سڌو رنگ يا (Glaze) چاڙهبو ته پچڻ کان پوءِ ڳاڙهاڻ مائل ناسي رنگ جو چمڪدار برتن تيار ٿيندو، جيڪو تمام پائيدار ۽ مضبوط هوندو ۽ ڪڏهن به ان جي چمڪ لهي نه سگهندي. گهڻو ڪري هيٺ فرش واريونسرون هن نموني جون ٺاهبيون آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسان سنئون سڌو بنا استري جي ڪنهن رنگ سان گل ٻوٽا ٺهيا ته به اهو پنهنجو هلڪو نشان ڇڏيندو. +اڇو استر: گهڻي ڀاڱي لکائي جي ڪم لاءِ ڪنهن به رنگين تصوير ٺاهڻ لاءِ هن جي ضرورت پوي ٿي هيءَ پڪي ۽ اچي ڪاري پٿر مان ٺهي. خاص ڪري روهڙي وارو ڪارو پٿر جنهن کي پاڻ ۾ گهبو ته چڻنگون ڇڏيندو، ان پٿر کي وڏي کوريءَ ۾ وجهي تمام گهڻي باهه تي پچائبو ته ڪجهه نرم اڇو پٿر تيار ٿي ويندو، جنهن کي ڪٽي پيهي ڪپڙڇاڻ ڪري، کنئور يا لئيءَ سميت پاڻي ۾ ملائبو ۽ برتن کي هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ سان هڪجهڙو تهه چاڙهبو ته اڇي رنگ جو استر تيار ٿي ويندو. جنهن کي ڳاريءَ وارو استر چئبو. ڪوشش ڪري هڪ جهڙو ۽ هلڪو هڻڻ کپي، جيئن جذب ٿئي نه ته پاپڙي ڪري لهي پوندو. +ڦڪو استر: سيوهڻ شريف مان پهاڙ جي ڦڪي مٽي يا (ڦڪي کڙي) Yellow Oxide وٺي پاڻيءَ ۾ ملائي مٽيءَ جي سڪل برتن تي چاڙهبو ته پچڻ کان پوءِ ڦڪو ڳاڙهاڻ مائل نتيجو نڪرندو. هن مٿان ٻين سڀني رنگن جي لکائي ٿي سگهي ٿي. +ڪريم استر: اڇي کڙيءَ يا پهاڙ جي اڇي مٽي جيڪڏهن برتن مٿان وجهبي ته پچڻ بعد ان جو نتيجو چمڪدار ڪريم ايندو ۽ هر رنگ جي لکائي ٿي ويندي. +ناسي استر: ناسي مٽي يا Red Oxide جي پائوڊر کي پاڻيءَ ۾ ملائي جيڪڏهن استر ڏبو ته پچڻ بعد گهاٽو ڪارو ناسي استر ملندو. هن مٿان به اڇي، ڦڪي ۽ سائي کڙيءَ جي لکائي ٿي سگهي ٿي. +گلن ٻوٽن جي لکائي ڪرڻ جو طريقو +هر هڪ سِر يا ٿانوَ تي هٿ جي لکائي جي باوجود پري کان لکائي يا گلڪاريءَ جو نمونو هڪجهڙو هوندو آهي. سٺي ڪاريگر جو هٿ اهڙو ته سٺو هوندو آهي جو مشينن جو مقابلو ڪر سگهي ٿو. ان لاءِ پهريائين ٿلهي پني تي گلڪاري ڪڍي ان کي ٿلهي سُئيءَ سان سوراخ ڪڍبا آهن، يعني سُوزي ڇڏبو آهي، پوءِ هرهڪ ٽائيل تي اُهو سوراخ نڪتل گل رکي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڪوئلي جو پائوڊر زور سان هڻبو آهي ته ان گل جو نشان ٽائيل تي ظاهر ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان لکائي ڪري سگهبي آهي. +مختلف رنگن ۽ لکائيءَ جو تفصيل +ڪاشيءَ جي ڪم ۾ ايران کان وٺي بلو رنگ ۽ فيروزي رنگ کي ڪمال حاصل آهي. گهڻو ڪري ڪاشي عام طرح چوندائي ان بلو ڪم کي آهي. ان جو واحد سبب بلو رنگ جو ڪردار (Cobalt Oxide) جنهن کي لاجونت چون. اهو اهڙو ته پڪو رنگ آهي، جو ڪو به رنگ هن مٿان چڙهي نٿو سگهي، پر هي سڀني رنگن کي مٽائي پاڻ چڙهي بلوٿي بيهي. هي پائوڊر ۾ ملندو آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ ڪارو هوندو آهي. لکائي کان اڳ ان کي پٿر جي روهيءَ ۾ پاڻي ملائي سرمي وانگر پيهبو آهي. جيترو وڌيڪ پيهبو اوترو لکڻ ۾ سٺو ۽ پچڻ کان پوءِ نتيجي ۾ اعلى ٿئي. ان رنگ ۾ اڇي کڙي ملائي ان جي مقدار کي وڌائبو آهي. هيءَ لکائي گهڻي ڀاڱي اچي استر يعني ڳاريءَ واري استر ت ڪبي آهي. پرٻي به هر استر تي ڪم اچي ويندو آهي. +فيروزي رنگ (Copper Oxide) : هن کي ٽامون به چون. هي هلڪي نيري يا ساواڻ مائل فيروزي رنگ جو اثر ڏيکاري. پائوڊر جي شڪل ۾ ڪاري رنگ جو ٿئي. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ س��ن پيهي استعمال ڪجي. هي گهڻي ڀاڱي بلو اکرن جي لکائي ٿي وڃڻ کان پوءِ گهڻي حصي جي رنگ ڀرڻ جي ڪم اچي، ڇو ته هي جتي به لاجونت مٿان لڳي ته ڪو به اثر نه ڏيکاري. اهڙيءَ طرح آسانيءَ سان ڇڏيل اڇي جاءِ والاري بيهي. هي ٻين استرن تي به ڪم ڪري، پر اصل ۾ ڳاريءَ واري استر تي سٺي ۾ سٺو رزلٽ ڏئي. +ٻيا رنگ: اڇي، ڦۡي، ناسي رنگ جون کڙيون دراصل مٽيءَ جا رنگ آهن، ان ڪري هڪ ٻئي مٿان آسانيءَ سان لکجن ۽ پچڻ بعد نتيجو ڏيکارن. پر لکڻ ۾ تمام گهاٽا لکڻا پوندا آهن نه ته باهه جي اثر تي جلد اڏاميون وڃن. هي کڙيون ڳاريءَ واري استر تي به ڪم آڻي سگهجن ٿيون، پر سندن رنگ ٿورو مَٽِجيو بيهي ۽ مزو نه ڪري. اهي ٽئي رنگ پاڻ ۾ ملائي گهاٽا ۽ ڇڊا ڪري سگهجن ٿا، البته انهن مان هيٺيان رنگ تيار ٿي سگهن ٿا، جيڪي لاجونت ۽ ٽامي جي ملائڻ سان ٺهن ٿا. +اڇي کڙي+ ٽامون = سائو رنگ +اڇي + لاجونت = ڪبوتري رنگ +ناسي کڙي + لاجونت = ڪارو رنگ +اهي عام رنگ آهن جيڪي عام طرح سان هالا شهر ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ گلڪاريءَ جي سڀني نمونن ۾ سٺو نتيجو ڏين ٿا. لاجونت ۽ ٽامون عام طرح سان ڇڊو يا گهاٽو ڏئي سگهجي ٿو. لاجونت کي بلڪل پاڻيٺ جهڙو ڪري استعمال ڪبو ته هلڪو نيرو ٿيندو، جنهن کي عام طرح خاڪي رنگ چون. لاجونت ۾ کڙِءَ جي مقدار ملائڻ سان بلو رنگ کي نيراڻ مائل ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته جيترو ان ۾ کڙي وجهبي اوترو بلو ٿيندو نه ته گهاٽو بلو هوندو. اڇي کڙي گهڻي ۽ تمام ٿورو لاجونت ته ڪبوتري رنگ ڏيندو. +کڙيءَ وارا رنگ جيئن ته مٽيءَ جا مختلف رنگ آهن، ان ڪري اهي جيڪڏهن هلڪا يا ڇڊا هڻبا ته انهن جي مٽجي وڃڻ جو ڀئو هوندو آهي، ان ڪري اهي هميشہ تمام گهاٽا هڻبا آهن. ان ڪري اهي پچڻ کان پوءِ هڪ مٿاڇرو تهه ٺاهي بيهندا آهن. هنن مٿان ڇيڊ ڏئي نه سگهبي آهي، ان ڪري ڇيڊ جو تاثر ڏيڻ لاءِ سنهين يا ٿلهين لائينن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. +اهي مٽيءَ وارا رنگ وري Glaze جي مَٽَجَڻَ ڪر به رنگ بدلائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هرهڪ رنگ لاءِ وري گليز به مختلف ٺهندو آهي. بلو گليز ٺاهي اڇي کڙيءَ کي ڦيرائي ڪريم ڪريو ڇڏي، ۽ زردو گليز اڇي کڙيءَ کي تيز ڦڪو يا ردو ڪريو ڇڏي. +اڄ ڪلهه مارڪيٽ ۾ خاص ڪري گجرات ۽ گجرانواله ۾ تجارتي بنيد تي ڪيترن ئي قسمن جا رنگ مختلف (Oxides) آڪسائيڊ مان تيار ٿيل موجود آهن، جنهن جو اسان ڳاريءَ واري استر تي سو في صدي گهربل رنگ مليو وڃي. +رنگن جي معاملي ۾ اها معلومات ضروري آهي ته ڪيترائي رنگ لکڻ وقت ٻيا نظر ايندا آهن، پر گليز چڙهڻ ڪري پچڻ کانپوءِ ٻيو زرلٽ ڏيندا آهن. ان ڪري رنگن جي ڄاڻ اهو مسئلو آهي. مثال طور لاجونت ۽ ٽامي ۾ ڪو به فرق ڪو نه آهي، ٻئي ڪارا رنگ آهن پر پچڻ کانپوءِ بلو ۽ فيروزي ٿي پون. +هن وقت هر رنگ مليو وڃي، جيڪي هلڪي ۽ گهاٽي ڇيڊ ۾ به مدد ڪن ٿا، جنهن ڪري تصوير ٺاهڻ ۾ آساني ٿيو وڃي. پر سولي ڳالهه اها آهي ته لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ سڀ پاڻيءَ وارا رنگ آهن ۽ پاڻي ۾ جلد حل ٿيو وڃن. +باهه جي گهٽ وڌ ٽيمپريچر ڪري به رنگن تي اثر پوي ٿو. مقدار جو به وڏو اثر آهي، خاص طرح ڪچي مٽيءَ تي لکڻ وقت پاڻيءَ واري رنگ کي جيترا دفعا لڳائبو اهو رنگ استر ۽ مٽي چهندا ويندا آهن، ان ڪري ساڳئي هنڌ تي ساڳو رنگ بار بار هڻي ته سگهجي ٿو پر رنگ ڪرڻ وار جي حالت ۾ ڪا خبر نه رهندي، ڇو ته اهو ڏسڻ ۾ بار بار ساڳيو هوندو، پر پچڻ وقت گهاٽو ۽ ڇڊو هوندو. مطلب ته جيترا دفعا وڌيڪ هڻبو اوترو وڌيڪ گهاٽو. +رنگن تيار ڪرڻ لاءِ وزن به ضروري آهي ڇو ته ساڳئي وزن وارو رنگ ساڳيو نتيجوڏيندو. +ان ڪري رنگ هڻڻ وقت تمام ڪمال هوشي��ري سان ۽ ڄاڻ سان ڪم ڪبو جيئن گهربل نتيجا وٺي سگهجن. رنگ ملائڻ کانپوءِ ڪوشش ڪري ساڳئي ڪم جي لکائي ساڳي رنگ مان ڪجي ته بهتر، نه ته ساڳو رنگ ٻئي ڏينهن تي ٻيهر تيار ڪرڻ سان ساڳو نتيجو ڏيندو. +گليز يا چمڪ (Glaze): استر ڏئي لکائي ڪري ٿي ويل برتن تي آخر ۾ گليز يا چمڪ چاڙهبي آهي، يعني شيشي جو تهه جيڪا اصل ۾ ڪاريگري يا ڪاشي آهي. گليز تيار ڪرڻ لاءِ سندور (Red lead) ڪنگڻ کار ۽ سنهڙي اچي مائل ڦڪي واري جيڪا سيوهڻ مان مليو وڃي ۽ ڪٽيل شيشو ملائي ڪچي ٺڪر ۾ وجهي بٺيءَ ۾ پچائبو آهي. پچڻ کان پوءِ اهو هڪ شيشي وانگر ٽڪي ٺهي پوندو آهي، جنهن کي وري ٻِهر ڪٽي ڪپڙ ڇاڻ ڪري برتن جي مٿان تہ چاڙهبو اهي. +مختلف گليز مختلف وزن ۽ رنگن لاءِ تيار ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندور کي گهٽ استعمال ڪرڻ لاءِ عام سوڍا کار به استعمال ڪبي آهي. وڌيڪ سٺي ۽ اڇي گليز تيار ڪرڻ لاءِ ائنٽيمني (Antimony) به ملائبو آهي. +گجرات ۽ گجرانوالا ۽ تيار ٿيل گليز ملي وڃن ٿا، جنهن ۾ تمام طرح چالو گليز، ٻيو اسپيشل گليز، ٽيون تمام گهڻي باهه تي پچڻ وارو اوپيڪ گليز (Opaque) مليو وڃن. اهو گليز پائوڊر جي شڪل ۾ ملي يا وري سنهڙن سنهڙن سٽيشن جي ذرن واري شڪل ۾ ملي. مختلف رنگ يا Oxides وجهڻ سان مختلف گليز تيار ٿي وڃن. +تيار ٿي ويل گليز کي تمام باريڪ پيهڻو آهي، پر سٺي رزلٽ وٺڻ لاءِ وري وڏن ڪارخانن ۾ ان کي وري (Ball mill) يا پٿرن واري پيهڻ جي مشين ذريعي پاڻي ملائي پيهبو آهي، پر هتي هالا جي اندر ان کي ڪپڙن مان ڇاڻي ان پائوڊر ۾ ڪجهه ميدي مان تيار ٿيل ليٽي ملائي اٽي وانگر ڳوهي پوءِ پاڻي ملائي بلڪل پاڻيٺ تيار ڪبي آهي، جيڪا پاڻيٺ لکائي ڪيل برتن مٿان هڪ سنهڙي تہ وانگر چاڙهي ڇڏبي آهي. +بڄيءَ ۾ پچائڻ: هينئر آخري مرحلي ۾ گليز چڙهيل برتن يا ٽائيل کي بٺيءَ ۾ وجهي باهه ڏيڻ سان اهو گليز رجي برتن ۾ جذب ٿي برتن کي پڪو ڪري لکائيءَ واري گل کي اصل رنگين حالت ۾ ظاهر ڪندو. +هالا اندر سڀ بٺيون تمام پراڻي رواج مطابق ڪچين سرن جو گول قبي نما ٺهيل آهن. باهه ڏيڻ لاءِ هيٺيان تجر ڇٽ يا قبرنما جڳهه ٺهيل هوندي آهي، جنهن جي مٿان هڪگوليا چورسو ڪمرو هوندو آهي، جنهن کي چئني طرفن مضبوط ڀتون هونديون آهن ۽ مٿان ڇت به ڪچين سرن جي ونگ تي وريل ٿئين. تري ۾ سوراخ 2 فوٽ قطر جو ٿئي، جتان باهه مٿي چڙهي ۽ ڇت وٽ به 2 فوٽ قطر جو سوراخ ٿئي، جيڪو پچائڻ وقت بند ڪبو آهي. اهو ٿانون رکڻ يا ڪڍڻ جص ڪم اچي. مٿين ڇت واري حصي ۾ دونهي نڪرڻ لاءِ ننڍا چار يا پنج سوراخ ٿين جيڪي شروعاتي باهه ۾ کليل رکبا آهن ۽ آخر ۾ ان کي بند ڪبو آهي. +کوري ڀرڻ به هڪ ڪاريگر جو ڪم آهي. هڪ ئي وقت سڀ ننڍا وڏا برتن سٿي رکيا آهن. ڪو به برتن هڪ ٻئي سان يا تري سان لڳڻ يا ڇهڻ نه کپي نه ته گليز ڪري هڪ ٻي ساڻ ڳنڍيجي خراب ٿي ويندو. ان ڪري هرهڪ برتن کي هڪ ٻي کان الڳ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ مٽيءَ جون گهوڙيون ٺهيل هونديون آهن، جنهن تي هڪ ٻي مٿان رکي برتن سٿيا آهن، جيئن اهي ڌار ڌار هجن. سرن جي سٿي اڀي هڪ ٻي سان ملائي ائين رکبي آهي، جيئن گهڻي ۾ گهڻو مال اچي ۽ زيال به نه ٿئي. وري باهه جي مقدار لاءِ هربرتن ويجهو يا پري رکبو آهي. +باهه شروعات ۾ آهسته آهسته شروع ڪبي هي، جيڪا ٽن ڪلاڪن کان پوءِ وڌائبي وڃبي آهي ۽ ساڳيءَ طرح تيز باهه جي دؤر کان پوءِ وري آهسته آهسته باهه گهٽائبي وڃبي آهي. مڪمل پچڻ کان پوءِ سڄي بٺي يا کوري هر طرف کان بند ڪري ڇڏبي آهي. +اهڙيءَ طرح گهٽ ۾ گهٽ 8 کان 12 ڪلاڪن ۾ بٺي پچي راس ٿيندي آهي، ۽ ايتروئي وقت ان جي باهه بند ڪري ڍڪي ڇڏبو آهي. ان کان پوءِ مٿيون سوراخ آهستي آهستي کولي وري ايتروئي وقت بٺيءَ کي ٺرڻ ڏبو آهي، کوريءَ اندر برتن پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ٺري پڪو ٿي وڃي. گرم بٺيءَمان جلديءَ ۾ برتن ڪڍڻ ڏکيو آهي، وري جلد ڪڍڻ کاڻ پوءِ ٻآهرين هوا لڳڻ تي برتن ۾ سنها سنها وار وانگر نشان يا سيرون اچي وينديون آهن. +دراصل اڄڪلهه جي دؤر ۾ سئي گئس ۽ بجليءَ جي بٺين تمام سٺيون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون آهن، پر بدقسمتيءَ سان هالا شهر اندر اڄ ڏينهن تائين سئي گئس نه هجڻ ڪري سڀ بٺيون ڏاڏي آدم واري زماني وانگر لڪڙيءَ جي باهه تي پچن، ان ڪري ان باهه جي ڪنٽرول يا ٽيمڇريچر کي گهربل حد تائين رکڻ ممڪن نه آهي، ان ڪري ڪاشيگرن جو اندازو ۽ آزمودو انهن کورين کي پچائڻ ۾ ڪم اچي. ڪاٺين جي مقدار ۽ باهه جي رنگت ۽ پچڻ وقت رکيل مال جي پچي ريٽي ٿيڻ واري صورتحال ئي سٺي شئي تيار ڪرڻ جي ضامن آهي. +هونءَ ته هن ڪم کي وڌيڪ سٺي ڪرڻ لاءِ سٺي بٺي وقت جي اهم ضرورت آهي. +ڪاشيءَ جي ڪم جو معيار +ڪجهه وقت کان ڪاشيءَ متعلق اهو چيو وڃي ٿو ته اڄڪلهه سٺي ڪوالٽيءَ جو ڪم نٿو ٿئي، حقيقت ان جي برعڪس آهي. دراصل ڪاشيءَ جي ڪم کي حڪومت طرفان مڪمل سرپرستيءَ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڪاشيگرن جي تيار ٿيل مال جي ٻاهرين ملڪن ۾ واکاڻ ۽ گهرج هوندي به ڪو به بندوبست نه آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر پنهنجي ملڪ اندر به ڪا به منڊي ڪا نه آهي، ان ڪري ڪاشيگر پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي شهر ۾ وچ وارن دڪاندارن کي سستي اگهه تي مال ڏيڻ لاءِ مجبور آهن. سڀ رنگ، گليز ٻهرين ملڪن کان تمام ڳاٽي ڀڳي اگهه تي ملن. سمورو ڪم هٿ سان ڪرڻ ڪري تيار ٿيندڙ مال رڳو پيٽ گذر لاءِ بغير توجه جي تيار ٿيندو رهي ٿو. هتان جي ڪاشيگر وٽ پيهڻ لاءِ جند، چڪ هلائڻ لاءِ هٿ ۽ ڄنگهون، برتن تيار ڪرڻ لءِ هٿ، لکائيءَ لاءِ به هرهڪ شئيهربار هٿ سان لکڻ پچائڻ لاءِ موٽر، باهه لاءِ سئي گئس هجن، ته هوند ڪم ڪرڻ وارن جي قسمت بدلجي سگهي. +ڪاشيءَ جي ڪوالٽي خراب ٿيڻ جو ٻيو سبب وچ وارو سٺي ۽ خراب شئي جوقدر نٿو ڪري. هو سٺي لکيل برتن جا به اهي اگهه ٿو ڏئي جيڪي عام شئي جا، ان ڪري ڪاريگر هميشہ هر برتن وڌ ۾ وڌ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪوالٽي جو ڪو به خيال نٿو ڪري. +ڪاشيءَ لاءِ سرپرستي +ڪاشيءَ جي ڪم لاءِ حڪومت ۽ قدردان حضرات جي ڀرپور تعاون جي ضرورت آهي. ان جي مال کپائڻ لاءِ اڳ ۾ منڊيءَ جي ضرورت آهي، جيئن سهولت سان هتان جو مال تيار ٿي ملڪ جي جدا جدا جڳهن تي سٺي اگهه تي پهچي. ڪم ايندڙ رنگ ۽ ڪيميڪل مناسب اگهه تي ملڻ کپن ۽ بنيادي ضرورت سئي گئس ۽ مشينن جي مهيا ڪرڻ جي عملي مدد کپي. +اسان وٽ سٺي ڪاريگر جي ڪمي ڪا نه آهي. سٺا سٺا ڪاريگر تمام اعلى هنري صلاحيتن جا مالڪ، پنهنجي پيشي کي هنر ۽ ڪاريگريءَ طور نه پر پيٽ جي آگ اجهائڻ لاءِ هن ڪم سان رڌل آهن. +ڪاشيگري هڪ اعلى ۽ ڏکئي ۾ ڏکيو هنر آهي، جيڪو سوا پرئڪٽيڪل ڪرڻ جي ڪڏهن به اچي نٿو سگهي. هن مٽي باهه ۽ پاڻيءَ واري راند سکڻ ۽ روٽي ڪمائڻ لاءِ سالن جا سال پچي راس ٿيڻو پوي ٿو. پر اها مڃيل حقيقت آهي ته مٽيءَ کي سون ڪرڻ وارو وري به ڪاشيگر آهي. +ڪاشيءَ ۾ نئين جدت +اسان جي قديم روايتن ۽ اعلى ڪاشيءَ جا نمونا گلن ٻوٽن جا شاهڪار صديون پراڻا آهن، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪنهن جانورن يا پکيءَ جي تصوير ڪٿي ڪٿي پراڻن ڪتابن ۾ ملي ٿي، پر اسان جي سنڌ جي استاد ڪاريگرن مذهبي لحاظ کان مصوري کي ڪڏهن به توجهه ۾ نه آندو. +دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به هي ڪم مشينن ذريعي وڏي ترقي ۽ عروج تي سرئمڪ جي نالي سان مشهور آهي، پر هٿ جو ڪم وري به هٿ جو آهي. مشينن ذريعي ڪراڪري جي شڪل ۾ اعلى کان اعلى نفيس شاهڪار تيار ملن ٿا، پر هٿ جي هنر کي وري ٻي عزت ۽ منزل آهي. ڪجهه سالن کان هالا شهر اندر بنده راقم الحروف پنهنجي استاد مرحوم برادري ارباب جي سهڪار سان وڏو جدت وارو ڪم ڪيو آهي، جنهن انهن مڙني دقيانوسي حالات جي دائري ۾ رهي وڏي جاکوڙ ڪري ڪاشيءَ تي عملي طرح وڏو ڪم ڪندو رهي ٿو. نت نوان رنگ اصل تصويرن جي گهرج مطابق تيار ڪري هر اها شي تيار ڪئي آهي، جيڪا ٻئي هنڌ ڪٿي به ٺهي نٿي سگهي. ڪاشيءَ واري قديمي ڪم کي جديد مصورانه رنگ ۾ ڍالي فن مصوري کي مڪمل پخته ۽ پائيدار روپ ڏنو آهي. سندس ڪيل ڪم جا تفصيل سندس تيار ڪيل سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه جي احوال ۾ تفصيل سان ڏنل آهن، هت رڳو اهو ذڪر ڪرڻو آهي. ته هڪ انجنيئر جي مصورانه ڪوشش، مرحوم استاد برادريءَ جي هر طرح فني ڄاڻ جي فراخدليءَ سان منتقلي، شروعات ۾ مرحوم فاروق علي عباسيءَ جو ساٿ وک وک تي رهنمائي ڪري اڳتي وڌندو رهيو. ڇهن سالن جي مڪمل جدوجهد سان هينئر لعل محمد برادري ارباب سندس ٻين ڀائرن غلام محمد ڪاڪا، ڀليڏنو ڪنڀار، منور ابڙي، منظر قاضي، ۽ سڪندر جي ساٿ ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو. +ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي هن قديم فن کي قائم رکڻ لاءِ سرپرستي کپي. هرطرف کان دلجوئي ٿيڻ کپي، تيار ٿيل فن پارن جي نمائش ٿيڻ کپي، انهن کي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ مارڪيٽ ملڻ کپي. اسان جا انجنيئر ۽ آرڪيٽيڪٽ ڪاشيءَ واري ڪم کي هڪ دفعو وري استعمال ڪري ان عروج تي آڻن، جنهن جي لاءِ هي فن حقدار آهي. اسان جي گهرن ۽ سرڪاري عمارتن جي سينگار لاءِڪ اشِءَ جو استعمال ٿيڻ کپي. ڊيڪوريشن لاءِ هر هنڌ هي فن اجاگر ڪيو وڃي. +هالا شهر ۾ هن وقت ڪاشيءَ تي ڪم ڪندڙ ڪارخانن ۽ ڪاريگرن جو احوال. +برادي ارباب جو ڪارخانو +هن وقت مرحوم برادي ارباب جو پٽ لعل محمد عرف ڪالو برادي پنهنجن ننڍن ڀائرن سميت ڪارخانو هلائي ٿو، جنهن ۾ سندس ماهر نوجوان ڪاريگر غلام محمد ڪاڪا آهي، جيڪو ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ جي لِکَ جو ماهر آهي ۽ ٻين سڀني فني باريڪين کان واقف آهي، ان ڪري سڄو سهڻي طريقي سان ڪارخانو هلندو اچي. سندس ساٿي محمداسلم ۽ تاج محمد به ڪم ڪندا رهن ٿا. هن وقت اهي ٻئي نوجوان راقم الحروف جا به ٻانهن ٻيلي آهن، جيڪي مصوري واري ڪيل ڪم کي پايه تڪميل تي پهچائين ٿا. مصوري واري ڪم ۾ بنده کي منور ابڙي جو پڻ ساٿ رهي ٿو. ساڳئي وقت سندس نياڻي جيڪا مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيٽيڪڍر جي طالبه آهي، اها پڻ مٽي جي ماڊلن ٺاهڻ ۽ ڪاغذي ڪم ڪرڻ ۾ مددگار آهي. +مرحوم استاد برادي ارباب هن دؤر جو هالا شهر اندر سڀ کان وڌيڪ ڄاڻو ۽ بادشاهه ڪاريگر هو، جيڪو وقت کان اڳي اسان کان جدا ٿي ويو. سندس وفات 20 سيپٽيمبر 1987 تي ٿي. استاد برادي بنيادي طرح ڪاشيگر نه هو، پر پنهنجي استاد شفيع محمد ميمڻ وٽ مٽي ڳوهڻ لاءِ ۽ سندس پيار ۽ شفقت سبب سالن جي محنت کانپوءِ سڀ ڪجهه حاصل ڪيو، جنهن جي ڪري هن صاحب به دل کولي هرهڪ کي مدد ڪئي. استاد شفيع محمد مرحوم جا ٻه پٽ نذير احمد ۽ بچايو خان به اهو ڪم ڄاڻن. نذير احمد تمام سٺو ڄاڻو آهي، پر ڪم ڪونه ڪري. هي اصل ۾ سندس ڏاڏي مرحوم حاجي عبدالله ميمڻ جي ڪارخاني سان مشهور هو جيڪو پنهنجي دور جو اعلى ڪاريگر هو. +گلڻ خان جو ڪارخانو +گلڻ خان هن وقت وڏي ۾ وڏو ۽ سٺي ۾ سٺو هالا ٽائيلس جو ڪم ڪري ٿو، جيڪپ پنهنجي والد مرحوم مَمن خان سومري جي پوئواري ڪندي 30 سالن کان ڪم ڪندو رهي ٿو. +سندس سٺن ڪمن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڪلفٽن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ هالا جي لڳل ڪاشي آهي. هن وقت ڪيترن ئي ساٿين سان ڪم ڪندو رهي ٿو، جن ۾ محمد فاضل سٺو ڄاڻو ڪاشيگر آهي، ٻيا نوجوان قمرالدين، يار محمد، پيراڻو ۽ الله بخش. +حاجي محمد صادق جو ڪارخانو +هي پاڻ پنهنجي ڀئار ۽ اولاد سان پنهنجي چاچي مرحوم حافظ نور محمد جي ڪارخاني کي هلائيندو اچي ۽ وڏي پيماني تي ٽائيلس جو ڪم ڪندو رهي ٿو. +گل محمد خان جو خارخانو +گل محمد خان اصل ۾ بنيادي ڪاشيگر آهي. سندس ڏاڏو مرحوم اوستو غلام ۽ والد مرحوم محرم خان وقت جا اعلى ڪاشيگر هئا. گل محمد خان نفيس ڪم ڪرڻ ۽ رانديڪن ٺاهڻ جو ماهر آهي. پاڻ ڪيترو وقت سيوهڻ ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هندن جي زماني ۾ ماڊلنگ جو ڪم سکيو. هن وقت سندس ساٿي بروهي سٺو ڪاريگر آهي. +ماستر علي نواز جو ڪارخانو +اوستي ٻڍي جي اولاد مان ماستر صاحب سٺو ڪاشيگر آهي، جيڪو جلدي نوڪريءَ کان رٽائر ڪري ڪم ڪندو رهي ٿو. سندس ٿورو پر سٺو ٽائيلس جو ڪم هلندو رهي ٿو. +محمد صديق مهاجر جو ڪارخانو +محمد صديق اسان جو نئون سنڌي، مرحوم استاد حافظ احمد جو شاگرد آهي ۽ سندس ٺاهيل پاڻيءَ جا سيٽ چاءِ جا سيٽ ملڪان ملڪ مشهور آهن ۽ تمام سٺو ڪم ڪندو رهي ٿو. +محمد ابراهيم ميمڻ جو ڪارخانو +محمد ابراهيم هڪ نوجوان ڪاشيءَ جي ڄاڻ رکندڙ باصلاحيت ڪاشيگر آهي. پاڻ سکيا جو ڪم ماستر علي نواز وٽ شروع ڪري استاد براديءَ کان مڪمل طرح ڄاڻ حاصل ڪئي. ٻن سالن کان پنهنجي دوست مولانا رحمت الله سان گڏ ڪم ڪندو رهي ٿو. هي ٽائيلس سان گڏ ٿانوَن تي پڻ ڪم ڪندو آهي. هنن جو هڪ ساٿي سيوهڻ جو مولائي مولانا نت نوان ماڊل ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر آهي. +مطلب ته هالا شهر سڄي پاڪستان ۾ هڪ اهم مرڪز آهي، جتي ڪاشيءَ جو ڪم وڏي پيماني تي ٿيندو رهي ٿو. سڄي پاڪستان ۾ ملتان ۾ به اهو ڪم صرف هڪ فيملي ڪري ٿي. گجرات ۽ گجرانولا يا هري پور ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ٿئي ٿو پر هو ڪمائيءَ جي خيال کان سٺو ۽ نفيس ڪم ڪن ٿا پر هڪ رنگ ۾ ڪن. ڪو به ڪاريگر اصل ڪاشيگري يعني گلن ٻوٽن جو ڪم نٿو ڪري. هت سڄي سنڌ ۾ ٻيو نصرپور ۾ ڪم ٿئي ٿو، جتي به هڪ خاندان ۽ هڪ ڪارخانو آهي، جنهن کي به وقت بوقت سرڪاري سرپرستي آهي جنهن جي ڪري هو ڪم ڪندو ۽ وڏا وڏا گورنمينٽ جا ٺيڪا کڻي ڪاشيءَ جو ڪم ڪندو اچي. سيوهڻ شريف ۾ به سٺا ڪاريگر آهن، جيڪي رڳو رانديڪي ٺاهڻ ۽ هڪ خاص رنگ ڪاري ناسيءَ تي ڪم ڪن. +اهو شرف رڳو هالا کي حاصل آهي، جتي پورا خاندان الڳ الڳ محنت مزدوري سان لڳل آهن، جيڪي ٽائيلن، برتن سازي ۽ نئين جدت مصوري تي اهو ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ جتي هر قسم جي ڪاشيءَ جو فن قائم رهندو اچي. ڪاشيءَ جي ڪم ڪرڻ لاءِ برتن ٺاهڻ واري جو ڪردار به تعريف کان خالي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سٺو ۽ متوازن برتن ان جي بناوت ۽ بيهڪ اڳتي هلي گلن ڦلن ۽ چمڪ سان دل کي پسند اچن ٿا. +اصل ۾ برتن ٺاهڻ واري ڪاريگر ۽ ڪنڀر جو به هن فن ۾ اوتروئي حصو آهي، جيترو ڪاريگر جو. هن وقت هالا شهر ۾ اوستو محمد ابراهيم ڪنڀار نالي وارو ڪاريگر آهي، جيڪو سٺو سگهڙ به آهي. سندس ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ سندس شريڪ حيات ۽ سندس شاعرانه طبيعت جو وڏو دخل آهي. هرهڪ قسم جو سٺو ٿانءُ، دلو، مٽڪو، پاٽ، گلدان، ٽبکرو، لوٽو، ڍڪرو، ٿنڀو،ڪرو، پليٽ، ڪونڊي، ڪونڊو، چلم، ڏسڻ وٽان هوندا آهن. +ٻيو ڪاريگر ڀليڏنو خان به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس مدد لاءِ سندس پٽ ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي به رات ڏينهن محنت ڪندا رهن ٿا. ٻين سڀني ٿانون ٺاهڻ سان گڏوگڏ آدم قدم گلدان ٺاهڻ سندس ڪمال آهي. هڪ ئي حصي ۾ 6 فوٽن تائين وڏا وڏا گلدستا تيار ڪيا اٿس. +ان سان گڏ هن شهر ۾ ڪيتريون عورتون پڻ ٿانوَ ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، خاص ڪري وڏي سا��يز واريون ٿالهيون ۽ پاٽيون ڏاڍيون مشهور آهن. +مرحوم استاد برادي چَڪَ جو به ماهر هو. سندس هٿ تي لٿل ٿانوَ بلڪل هموزن هوندا هئا. ايتري قدر جو ڪم ڪڏهن ڪڏهن هڪ دفعي لاڳيتا پنجاه گلدستا تيار ڪرڻ بعد جڏهن وزن ڪري ڏٺو ويو ته اهو به ساڳيو هو. ڄڻ هٿ تي نه پر مشين تي تيار ٿيل هجن! +سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه +(بنده) قاضي خضر حيات پنهنجي انجنيئرنگ جي سالن واري تجربي ۽ پنهنجي مصورانه خيالن جو ڀرپور اظهار ڪندي پنهنجي ذاتي آرٽ گئلريءَ جو بنياد رکيو آهي. آرٽ گئلري فنون لطيفه کي هميشه لاءِ زنده جاويد رکڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي. اهو اسان جي سنڌي فنڪار جو همٿ ڀريو عمل آهي. سندس سهڪار ۽ همت افزائيءَ نه صرف فنڪار پر فن جي خدمت آهي. اها اهل نواب شاهه جي خوش قسمتي آهي جو اهڙي آرٽ گئلري انهن جي حصي ۾ آئي، جيڪا نه صرف نواب شاهه جي شهرواسين جي فخر جو باعث آهي پر سنڌ واسين لاءِ پڻ عزت جو نشان ۽ ملڪ لاءِ باعث ناز آهي. +آرٽ گئلري سنڌ جي مشهور علمي ادبي شخصيت ايڇ-ايم- خوجا صاحب جي زير سابه سندس قائم ڪيل نواب شاهه هائوسنگ سوسائٽي /A13 پلاٽ تي تيار ڪئي ويئي آهي. +آرٽ گئلري بذات خود اڏاوت جي لحاظ کان آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي، جنهن جي تعمير ۾ بنده پنهنجي انجنيئري واري تجربي کي خوب استعمال ڪيو آهي، جنهن ۾ فتاح هاليپوٽي جي مصورانه خيالن کي عملي جامو پهرايو ويو آهي. +سڪندر آرٽ گئلري جي خاص دروازي جي ڊزائين، کڙڪين ۾ رکيل لوهه واري گرل ۾ آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ واري تصوير، فرش ۽ موزئيڪ تي چترڪاري، ڇتين تي ڪاشيءَ جو ڪم، گهر واري دروازي تي بلو رنگ جون ٽائلون، مسلم آڙڪيٽيڪچر واريون گول آرچون هڪ ننڍڙي ماڊل گئلريءَ جو کليل ثبوت آهن. +اڏاوت ۾ استعمال ڪيل ڪاشي استاد برادي ارباب جي فن جو ڪمال آهي. آرٽ گئلري آڙٽ جي فن پارن کان وڌيڪ دل لڀائيندڙ هڪ نمونو آهي. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ان جي تعمير ۾ هرهڪ ڪمالگر کان وٺي هرهڪ مزدور دلچسپي ۽ محنت سان ڪم ڪري هرهڪ سِرَ کي پيار سان لڳايو آهي، جنهن جي مهندار ڪاريگر نذير احمد چنه کي وساري نٿو سگهجي. ان گئلري جي تعمير دوران بنياد ڀرڻ کان وٺي آخري مراحل تائين ڪم جي نگراني ڪندڙ وفادار ساٿي مرحوم نثار احمد ميراڻي کي وساري نٿو سگهجي، جيڪو هلندڙ ڪم دوران اسان کان جدا ٿي ويو. +آرٽ گئلري بنده جي فنِ ڪاشيگريءَ واري جديد مصوري جي مجموعي لاءِ هڪ خاص مقام رکي ٿي، جنهن جي ابتدا اڄ کان 6 سال اڳ مرحوم فارق علي عباسيءَ جي ساٿ ۾ استاد برادريءَ جي زير نظر شروع ڪئي هئي، جنهن جي تڪميل لاءِ هي عملي قدم آهي. +آرٽ گئلري ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي پهرين حصي ۾ فنِ مصوري تي ڪيل 1970ع وارو ڪم رکيل آهي، جنهن ۾ آئل پينٽ ۾ شاهه لطيف رحه جي بيتن تي سنڌي ۽ انگريزي مفهوم تي تجريدي آڙٽ تي ڪم ٿيل آهي. +ٻئي حصي ۾ فن مصوري کي ڪاشيگريءَ جي فن ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ مٽيءَ جي ٺهيل ٽائيلن، پليٽن ۽ مختلف شڪلين ۾ پورٽريٽ، خطاطي ۽ ٻيا منظر چٽيا ويا آهن. هن ۾ شروعاتي تجرياتي ڪم کان وٺي اڄ جي حاصل ڪي سٺي ڪم جا شاهڪار رکيل آهن. +ٽئين حصي ۾ هالا ۾ مروج ظروف سازي جا نمونا، اتي ٺهندڙ هرقسم جو ڪم، گلدستا، ننڍڙا رانديڪا، انهن ۾ وڌيڪ جدت ۽ نواڻ آڻڻ وارا ترجياتي ڪم رکيل آهن. +ان کان علاوه روزمره ٿيندڙ ڪم تياري بعد اتي رکيو وڃي ٿو. ان گئلريءَ سان گڏوگڏ هڪ آفيس ڪم ڪرڻ لاءِ، ننڍڙو آرامده ڪمره، ٻاهر ننڍڙو باغيچو، هر ايندڙ لاءِ هرسهوليت جو سامان مهيا ڪري ٿو. +اندر گئلري ۾ داخل ٿيڻ تي سامهون واري ديوار تي ٽائيلن ��ان ميورل تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 210 ٽائيلن سان هڪ سنڌي ڳوٺاڻي بورچيخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورت کي ڏيکاري سنڌ جي ثقافت ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا هڪ انفرادي سٺي ڪوشش آهي. +بنده پنهنجي فن تي رات ڏينهن ڪم ڪندو رهي ٿو. پنهنجي ذميدارين کان فارغ ٿيڻ بعد سمورو وقت ان ڪاشيءَ واري فن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندو رهي ٿو. هن وقت بنده جو سڄو توجه ٽائيلن کي پريس ذريعي سهڻو بنائڻ مٽيءَ کي وڌيڪ بهتر ڪري سٺي شئيءِ تيار ڪرڻ جي جستجو ۾ گذري ٿو. +مجموعي طرح سڪندر آرٽ گئلري نواب شاهه لاءِ ثقافتي ميدان ۾ هڪ سٺو واڌارو آهي، جيڪا وقت سان اڳتي وڌي ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪندي. هڪ انفرادي ڪوشش اجتماعي بهبوديءَ جو سبب بنجندي. گئلري جي مهاڙي جي ڪانن جي ڊزائين واري ٽائيل ۽ اندر ديوار تي تيلين جي ڊزائين ۽ سنڌ جو نقشو ڏسڻ وٽان آهي. ڪاشيءَ تي ٺهيل پنڊيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪاشِءَ مان تيار ڪيل ماڻهن جا ماڊل، سچل سرمست جي مزار جو ننڍڙو ماڊل، ناچ ڪندڙ کڏي ۽ باز وارو اسٽري ڏسڻ وٽان آهن. + + +آقائي دوجهان حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم +جن جو معراج +ممتاز ڀُٽو +اسسٽنٽ پروفيسر، سنڌ يونيورسٽي +قرآن شريف ۾ فرمايل آهي: ”سُبۡحَان الَّذِيۡ اَسرى بِعَبدِهٖ لَيلاً مِنَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرامِ الي مسجد الاَقصَى الَّذِي بَارَڪۡنَا حَولَہُ لِنُريۡہُ مِنۡ آياتِنا اِنَّہُ هُوَ السَّمِيۡعُ الۡبصِيۡرُ“ (01 17). +”پاڪائي آهي الله تعالى کي جنهن پنهنجي ٻانهي کي رات جو سير ڪرايو مسجد الحرام کان مسجد القصى تائين. اسان بيت المقدس جي چوڌاري برڪت ڪئي آهي. اسان هن کي باغن باغيچن سان پنهنجا عجائبات ڏيکاريا، بيشڪ الله تعالى ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي.“ +مٿينءَ آيت مان ظاهر ٿئي ٿو ته آقائي دوجهان حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن جي مڪي کان بيت المقدس تائين اها پهرين مسافري هئي، ۽ معراج جو غرض اهو ئي هو ته کين الله تعالى جي قدرت جي ڪارخانن جو ظاهر ظهور مشاهدو ڪرايو وڃي. +الله تبارڪ و تعالى انسان ذات جي سڌاري ۽ سنئين واٽ وٺي هلڻ جي هدايت لاءِ جيڪي به نبي ۽ رسول هن دنيا ۾ موڪليا، انهن مان هرهڪ پنهنجي منصب جي لحاظ کان ڪنهن خاص وصف سان متصف هو. انهن نبين ۽ پيغمبرن سدائين انسان ۽ انسانيت جي بهتري ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. انسان جي باهمي تعلقات کي خوشگوار بڻائي معبود حقيقي جي عبادت ۽ اطاعت لاءِ آماده بڻايو. هرهڪ دور ۾ سڀني پيغمبرن پنهنجو منصبي فرض نهايت اعلى طريقي سان ادا ڪيو. قرآن حڪيم ۾ وضاحت ٿيل آهي، ”الُّرُسل فَضّلنَا بَعضَهُمُ عَلى بعۡضُ“ جنهن جو مفهوم آهي ته رسولن جي وڍ ۾ ڪو به فرق نه آهي، پر فضيلت جي لحاظ کان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت حاصل آهي. +حضور پاڪ حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن سڀني انبياء ۾ اعلى حيثيت ۽ مربتو رکن ٿا. پاڻ سڳورا نه صرف ڪنهن مخصوص طبقي يا قوم جي هدايت ۽ اصلاح لاءِ تشريف فرما ٿيا، پر الله تعالى کين ساري عالم انسانيت جي هدايت ۽ اصلاح لاءِ رسالت جو تاج پهرائي موڪليو. الله تعالى ان حقيقت جو اظهار هن ريت فرمايو: ”وَمَا اَرسلنَاڪَ اِلاَّ رَحمتہَ لِّلعَالَمِينَ“ (اي رسول) اان توکي جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي. +الله تعالى سڀني نبين ۽ رسولن جي زندگي ۾ ڪي اهم واقعا ۽ معجزا ڏيکاريا، جيڪي انسانن جي ڌيان ڇڪائڻ ۾ وڏي اهميت ٿا رکن ۽ جن جي وسيلي ماڻهن کي پختو يقين ٿيو ته هي الله تعالى جا پيغمبر آهن. +حضرت نوح عليہ السلام کي الله تعالى جي طرفان طوفان جو معجزو ��ليو. حضرت ابراهيم عليہ السلام جي مٿان باه جي آڙاهه کي ٿڌو ڪيو ويو. حضرت موسى ڪليم الله کي الله تعالى سان طورسينا جبل تي ڳالهائڻ جو شرف عطا ٿيو ۽ کيس لٺ جو معجزو مليو، جيڪا هڪ خطرناڪ نانگ ٿي پئي. اهڙيءَ طرح اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم خاتمُ الانبياء جن کي سڀني پيغمبرن ۽ نبين ۾ اوچو مقام عطا ٿيو. الله جل شانہ کين معراج جو شرف عطا ڪري، پنهنجي قدرتي ڪارخانن جو سير ڪرائي کين ستن آسمانن، سدرة المنتهى، عرش معلى، بهشت ۽ دوزخ اکين سان ڏيکاريو. +معراج جي معنى آهي مٿي چڙهڻ، اُڀ ڌي وڃڻ، پاڻ سڳورن پنهنجي آسماني سفر جي باري ۾ اهي ئي لفظ ڪتب آندا آهن، انهيءَ ڪري حضور پاڪ جن جي انهيءَ آسماني سفر کي معراج سڏيو ويو آهي. مضمون جي شروعات ۾ قرآن مجيد جي ڏنل آيت جو آخري حصو ”لِنُريَہُ مِنۡ آياتِنا“ معراج ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن ۾ حضور جن جسماني ۽ روحاني حالت ۾ الله تبارڪ و تعالى جي حڪم سان وڃي قدرتي ڪارخانن جو اکين سان مشاهدو ڪيو. +سوره ”اسرى“، جنهن جي معنى آهي ”رات جو سفر ڪرڻ“، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن جو معراج جسماني ۽ روحاني ٻنهي حالتن ۾ ٿيو. +اها هڪ حقيقت آهي ته پاڻ سڳورن کي دين جي تبليغ ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون درپيش آيون ۽ ڪافرن جي طرفان جيڪي ايذاءَ پهتا، اهي اڳ ڪنهن به خدا جي پيغمبر کي نه پهتا هوندا. الله تعالى جي طرفان حضور پاڪ جن تي جيڪو دين جي تبليغ جو بار رکيو ويو، تنهن جي اشاعت دوران طائف جي موقعي تي پاڻ سڳورن کي ايترو ته رنجايو ويو جو الله تعالى جي حضور ۾ پنهنجي عاجزي، ڪمزوري ۽ بي وسيءَ جي فرياد ڪئي. الله تعالى کين وڏين تڪليفن جي بدلي ۾ وڏو مرتبو ڏئي، اڻ ڏٺل حقيقتن کي، کين اکين سان ڏيکاري هدايت ۽ تسلي ڏني ۽ غيب جي حقيقتن جو مشاهدو ڪرايو. +پاڻ سڳورن جي لاءِ معراج ان ڪري به ضروري هو ڇاڪاڻ ته حضور جن الله تبارڪ و تعالى جي طرفان دنيا ۾ آخري نبي ٿي آيا. پاڻ سڳورن دين جي تبليغ، پختگي ۽ پائيداريءَ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، ان لاءِ پختي ايمان ۽ يقين جي ضرورت هئي ۽ جن اڻ ڏٺل حقيقتن جي دعوت پئي ڏنائون. الله تعالى کين معراج تي گهرائي، قدرت جي هر ڪارخاني کي اکين سان ڏيکاريو، جيئن سڄي عالم جي اڳيان سموري ثبوت ۽ دليل سان اهو چئي سگهن، ته جيڪي ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، اهو وهم ۽ شڪ جي بنياد تي نه پر عٿلم ۽ مشاهدي وٽان آهي. معراج جو واقعو حضور پاڪ عليہ الصلواة و السلام جن جي حياتي مبارڪ ۾ هڪ وڏو واقعو ٿي گذريو آهي. هن واقعي جي جنهن تصديق ڪئي، ان کي ”صديق“ جو لقب حاصل ٿيو ۽ جنهن ان واقعي جو مذاق اُڏايو ۽ ڪوڙو سمجهيو، ان کي ابوجهل ڪوٺيو ويو. +معراج متعلق قرآن شريف ۽ حديثن ۾ گهڻو ڪجهه فرمايل آهي، جن مان حضور پاڪ جن جي جسماني معراج جي تصديق ٿئي ٿي. جيئن شروع ۾ قرآن شريف جي ڏنل آيت ۾ واضح طور ٻڌايو ويو آهي ته ”الله تعالى پنهنجي ٻانهي کي رات جو سير ڪرايو“. هتي ڪٿي به روح جو ذڪر ٿيل نه آهي ۽ نه ئي حضور پاڪ جن معراج جي واقعي کي روحاني يا خواب جي صورت ۾ واقع قرار ڏنو، تنهنڪري اهو يقيناً جسماني معراج هو. +معراج متعلق جيڪا به تحقيق ٿي آهي، انهيءَ موجب محققن ۽ محدثن جو بيان آهي ته حضور جن جو معراج، نبوت جي ٻارهين سال، رجب مهيني جي ستاويهين تاريخ، سومر جي رات ٿيو. معراج واري رات، سرور ڪونين حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن پنهنجي سؤٽ، حضرت بيبي آم هاني جي گهر ستا پيا هئا. بيبي اُم هاني حضڙت ابو طالب جي نياڻي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي همشيره هئي. هن بيبيءَ حضور پاڪ جن جي پرورش ڪئي هئي ۽ کين تمام گهڻو چاهيندي هئي. واقعي واري رات حضور جن مسجد الحرام ۾ الله تعالى جي عبادت ڪري ۽ بيت الله شريف جو طواف ڪري، حضرت بيبي اُم هاني جي گهر وڃي آرامي ٿيا. اهو گهر شعيب بن ابي طالب ۾ هو، جتي پاڻ سڳورن پنهنجن عزيزن سان قريشن جي قطع تعلقات جو ٽي سال نهايت سختي ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا هئا. +الله جل شانہ پنهنجي پياري نبيءَ کي معراج تي گهرائڻ لاءِ پنهنجا فرمان ملائڪن کي ڏنا. حضرت جبرئيل کي حڪم ڪيو ته اڄ محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جي معراج جو انتظام ڪر. بارگاه الاهي مان فرمان ٿيو ته اڄ تسبيح ۽ تقديس اطاعت جو سڀ ڪم ڇڏي ميڪائيل کي حڪم ڪر ته مخلوق جي روزي رزق کان ڪجهه صبر ڪري. اسرافيل کي صور رکڻ لاءِ چئي عزرائيل کي حڪم ڪر ته ڪجهه گهڙيون روحن کي قبضي ڪرڻ کان پاسو ڪري. بهشت جي مالڪ رضوان کي چئه ته سموري بهشت جي غلمانن ۽ حورن کي محمد پاڪ جي استقبال ڪرڻ لاءِ صف به صف بيهاري ڇڏي. عرش معلى جي حاملان کي چئو ته عرش معلى کي اطلس مقدس سان ڍڪي، ڪرسيءَ تي قدوسي تاج رکي. دوزخ جي مالڪ کي حڪم ڪر ته دوزخ جا دروازا بند ڪري ڇڏي. سڀني نبين جي روحن کي حضرت آدم کان وٺي حضرت عيسى تائين اطلاع ڏي ته الله تعالى محمد پاڪ کي معراج تي گهرايو آهي، تنهن ڪري توهان سڀ سندس استقبال لاءِ تيار ٿيو. بهشت مان تيز رفتار براق سينگاري ستر هزار بهشتي ساڻ ڪري، سدرة المنتهى کان مڪي معظم وڃ ۽ محمد پاڪ کي منهنجي دربار اعلى ۾ وٺي اچ. +پاڻ سڳورا فرمائين ٿار ته مان بيبي اُم هاني جي گهر ستو پيو هئس ته جبرئيل جي اچڻ تي جاڳي پيس. جبرئيل چيو ” ان الله يقرئڪ السلام و هو يدعوڪ و آنا جمالڪ الي الله تعالى ان يڪرمڪ يڪرامات لم يڪرم بها احدُ من قبلڪ ولا يڪرم بها احد بعدڪ ولا سمعہ ولا خطر علي قلب بشير قطعاً.‏“ ”الله تعالى تو کي سلام ٿو ڏئي. هو تو کي گهرائي ٿو، آءُ توکي وٽس وٺي ويندس. هو توکي پنهنجين اهڙين مهربانين سان نوازيندو، جو نه هن کان اڳ ڪنهن سان ڪيون اٿس، نه وري توکان پوءِ ڪنهن سان ڪندو. اهڙو نه ڪنهن ڪو ٻڌو هوندو ۽ نه وري ڪنهن انسان جي دل ۾ چُڀيو هوندو.“ +جبرئيل سان گڏ ٻيا ملائڪ ۽ سواري لاءِ هڪ جانور، جنهن کي ملائڪن براق ڪري پئي سڏيو، جيڪو گهوڙي کان ڪجهه ننڍو هو ۽ سندس رانن تي پَرَ هئا، گڏ هو. بهشت جي مالڪ رضوان عليہ السلام حضور پاڪ کي هڪ چوڪنڊي طشت پيش ڪئي جنهن جي هر ڪنڊ تي موتين جو جڙاءُ هو ۽ جنهن جي روشني چؤطرف پکڙيل هئي. ان طشت ۾ ٻه ياقوت جا ڪؤلرا آب ڪوثر سان ڀريل رکيل هئا. پاڻ سڳرون ان پاڻيءَ سان غسل ڪيو. ان بعد کين رضوان عليہ السلام بهشت جي نوراني پوشاڪ پهرائي. حضرت جبرئيل، الله تعالى جي حڪم موجب حضور پاڪ جن کي پهريائين مسجد الحرام ۾ وٺي آيا، بيت الله جو طواف ڪري ۽ طواف جا نفل پڙهي، حضور جن حطيم شريف ۾ ويٺا. اتي جبرئيل امين پاڻ سڳورن جن جي ڇاتيءَ کي چاڪ ڏيئي سندن دل مبارڪ آب زمزم سان ڌوئي سندن سيني ۾ واپس رکي ۽ خدائي نور، علم ۽ حڪمت کي سندن سيني ۾ ڀريو ۽ پوءِ سيني کي بند ڪري ڇڏيو. +حضور پاڪ جن هونئن ئي معصوم ۽ پاڪ هئا، پر هتي رب پاڪ جو مقصد، سندن دل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ هو، جيئن قدرت جي ڪارخانن کي سمجهڻ، ڏسڻ ۽ الله تعالى جي رعب و تاب ۽ الاهي نور جي تجلي ۽ جمال جو تاب سهي سگهن. ان کان پوءِ پاڻ سونهارا مسجد کان ٻآهر آيا، جتي اسرافيل، ميڪائيل، عزرائيل، هزارن ملائڪن سان گڏ استقبال لاءِ بيٺا هئا. حضور جن کي براق تي ويها��يو ويو، جنهن پنهنجا پَر .کوليا. سندس پَڙَ مشرق ۽ مغرب ۾ پکڙجي ويا. حديثن ۾ فرمايل اُهي ته براق جي جتي نظر ٿي پيئي، آني قدم پئي رکيائين. اهڙيءَ طرح حضور سائين جن جو معراج جو سفر شروع ٿيو. ساڻن گڏ چئن وڏن ملائڪن ۽ ٻين هزارن جي تعداد ۾ ملائڪن پرواز ڪئي. پهرين بيت المقدس ۾ پهتا. مسجد اقصى ۾ حضرت آدم عليہ السلام کان حضرت عيسى عليہ السلام تائين سڀئي انبياءَ ڪرام موجود هئا. پاڻ سڳورن سڀني نبين جا امام ٿي ٻه رڪعت نماز پڙهايائون. حضور سائين جن فرمائين ٿا ته نماز مان فارغ ٿي، جڏهن براق تي سوار ٿيس ته براق آسمان ڏانهن اُڏام شروع ڪئي ۽ اسين اچي پهرئين آسمان تي پهتاسين. جبرئيل عليہ السلام آسمان جو دروازو کڙڪايو، اندران آواز آيو ڪير ٿو سڏي. جبرئيل چيو: مان آهيان. وري آواز آيو ٻيو ڪير آهي، جبرئيل چيو محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليہ وسلم. اندران جواب آيو هن کي مٿي اچڻ جو حڪم مليل آهي. پهرين آسمان جي دربان ملڪ اسمائيل دروازو کولي هزارن ملائڪن سان حضور پاڪ جن جي تعظيم بجا آندي. حضور جن فرمائين ٿا ته آسمان ڏانهن ڏٺم ته ائين معلوم ٿيو ڄڻ سائي رنگ جي موتين جو جڙيل آهي. هزارين ملائڪ صفون ٺاهي پنهنجين تسبيحن ۾ مصروف هئا ۽ اتي سفيد موتين جي تخت تي حضرت آدم عليہ السلام ويٺو هو، جنهن کي نوراني لباس پهريل هو. منهنجي مرحبا ڪندي پيشانيءَ تي چميون ڏئي چيائين، ”مرحبا يا ابن الصالح و النبي الصالح الحمد الله الذي اڪرمڪ و جعلڪ من نسلي“ (ڀلي آئين صالح پٽ، صالح نبي، شڪر آهي الله تعالى جو جنهن توکي ايڏي تعظيم ڏني ۽ توکي منهنجي اولاد مان ڪيو). حضور جن فرمائين ٿا ته حضرت آدم جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي دروازا هئا. جنهن مهل نگاهه ساڄي پاسي پئي وئي ته خوش پئي ٿيا، جنهن وقت کاٻي طرف پئي ڏٺائون ته سندس منهن تي ڏک جا آثار پئي نظر آيا. منهنجي پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائون ته ساڄي پاسي وارو دروازو بهشت ڏانهن وڃي ٿو، انهن ۾ منهنجو اولاد آهي جنهنڪري خوش ٿو ٿيان ۽ کاٻي پاسي دوزخ آهي اتي به منهنجو اولاد آهي جنلاءِ ڏک ٿو محسوس ڪيان. +پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان کان پوءِ ٻئي آسمان تي پهتاسين. دربانِ آسمان سان ساڳي قسم جي گفتگو کان پوءِ اندر پهتاسين، جتي حضرت عيسى عليہ السلام ۽ حضرت يحى عليہ السلام سان ملاقات ٿي. ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عليہ السلام، حضرت داؤد عليہ السلام ۽ حضرت سليمان عليہ السلام سان ملاقات ٿي. چوٿين آسمان تي حضرت موسى عليہ السلام مرحبا لاءِ بيٺو هو. پنجين آسمان تي استقبال لاءِ، حضرت ابراهيم، حضرت اسحاق، حضرت اسماعيل، حضرت لوط ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام جن هئا. ڇهين آسمان تي حضور جن فرمائين ٿا ته هزارن ملائڪن تعظيم ۽ تڪريم بجا آندي ۽ آسمان جا عجائبات ڏٺم. ستين آسمان تي هزارن جي تعداد ۾ ملائڪ تسبيح ۾ مشغول هئا. سندن تسبيح هئي ”سبحانڪ ما اعظم شانڪ“ (توکي پاڪائي آهي تنهنجو ڪهڙو نه وڏو شان آهي). پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان کان پوءِ جبرئيل مون کي ”سدرة المنتهى“ تائين آندو، جيڪو جبرئيل جو مقام آهي. اتي هڪ نور جي ڪرسي رکيل هئي، جا خاص حضور جن جي نالي هئي. حضور پاڪ جن کي جبرئيل امين ان ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. انهيءَ ڪرسيءَ جي سامهون ٻيون به ڪيئي ڪرسيون پيل هيون. هڪ ڪرسيءَ تي تورات، ٻيءَ تي انجيل، ٽئين تي زبور ۽ چوٿين تي قرآن شريف رکيل هو. ملائڪن قرآن شريف جي تلاوت پئي ڪئي. جبرئيل امين ” بيت المعمور“ ۾، جيڪو ملائڪن جو ڪعبو هو، نماز پڙهڻ لاءِ چيو، سڀني ملائڪن پٺيان تابعداري ڪئي. +سدرة المنتهى، جنهن جي لاءِ قرآن شريف ۾ فرمايل آهي، ”اِذ يغشَى السِدرَةَ مَا يغشَى) (خدا تعالى جي رحمت کي سدرة المنتهى کي جيترو ڍڪڻو هو، اوترو ڍڪيو آهي) سدرة المنتهى لاءِ ڪيئي روايتون بيان ٿيل آهن. پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته سدرة المنتهى جي شاخن جي ڇانو سان سون جون آهن ۽ ميوو مٽ جيڏو آهي. هڪ روايت آهي ته سدرة المنتهى جون پاڙون ڇهين آسمان ۾ آهن ۽ شاخون ستين آسمان تي. هتي رب پاڪ جي رحمت جي انتها آهي، سڄي دنيا جو علم هتي اچي پورو ٿئي ٿو. +پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته سدرة المنتهى مان پنج نديون پئي نڪتيون. جبرئيل کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ٻه ندين بهشت ڏانهن ٿيون وڃن، جن مان هڪ نيل ۽ ٻي فرات آهي. پنجين ندي جنهن جا ڪنارا ياقت ۽ موتين جا هئا ۽ جنهن جي ڀرسان عمدار ڪوزا ۽ گلاس رکيل هئا، تنهن لاءِ جبرئيل ٻڌايو ته اها ”ڪوثر“ آهي. حضرت انس رضي الله عنہ روايت ڪري ٿو ته خدا جي رسول حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن کان پچيو ويو ته ڪوثر ڇا آهي؟ فرمايائون، هڪ نهر آهي جيڪا الله پاڪ مون کي جنت ۾ عطا ڪئي آهي، جنهن جو پاڻي کير کان به اڇو ۽ ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺو آهي. حضور پاڪ جن کي رب پاڪ پنهنجي رحمت سان مالامال ڪندي قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ”اِنَّا اَعطَيۡنَاڪَ الڪَوثَر“ (اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو آهي). +سدرة المنتهى تي هڪ نوراني ڏولي لٿي. حضور جن فرمائين ٿا ته اتي جبرئيل مون کي چيو ته اڳٿي وڃڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه آهي ۽ نه ڪنهن کي خبر آهي ته اڳيا ڇا آهي. تون اڳتي وڃ، الله تعالى وٽ تنهنجي عزت مون کان وڌيڪ آهي ۽ اڳيان وڃڻ جي اجازت صرف توکي آهي. +پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان کانپوءِ مان عرش معلى تي پهتس، جنهن جي عظمت ۽ جلال بيان کان ٻاهر آهي. حڪم ٿيو ”اُدنِ اِلىَّ“ (منهنجي ويجهو اچ) قدم اڳتي پئي رکيم. اهڙي طرح جيئن جيئن حڪم ٿيندو پئي ويو، قدم اڳتي وڌائيندو پئي ويس، تان جو ٻنهي ۾ فرق وڃي ٻن ڪمانن جو بيٺو، جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ذڪر ٿيل آهي. ”فَنڪانَ قَاقبَ قَوسيَنِ آو آدنى فَاَوحى اِلى عَبد مَا اَو حى“ (سوره والنجم) (پوءِ هو قدر ٻن جو فن ڪمان جو يا اڃان به ويجهو. پوءِ پنهنجي ٻانهي تي جيڪي وحي ڪرڻو هئائين ڪيائين) صحح مسلم ۾ حديث آهي، ”رَ آيتُ رَبي بِعَينِي وَ قَلبِي ”مون پنهنجي رپ کي پنهنجين اکين ۽ دل سان ڏٺو. حضرت حسن بصري عليہ الرحمة قسم کائي ٻڌائيندو هو ته محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم معراج واري رات، رب پاڪ کي پنهنجين اکين سان ڏٺو. حضرت عبدالله ابن عباس رضي الله کان مروي آهي ته الله تعالى حضرت ابراهيم عليہ السلام کي پنهنجي ڪلام سان ۽ سيد عالم حضرت محمد مصطفى کي پنهنجي ديدار جو شرف عطا ڪيو. ڪعب رضه فرمايو آهي ته الله تعالى حضرت موسى عليہ السلام ٻه دفعا ڪلام ڪرڻ فرمايو ۽ حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن الله پاڪ کي ٻه دفعا ڏٺو (ترمذي). +حضور پاڪ جن الله پاڪ جل سانہ جي درٻار اعلى ۾ پهچي هيٺيان لفظ اد ڪيا، جيڪي اجھ تائين مسلمان هر نمز ۾ ادا ڪن ته: ”اَلتَّحِيَّاتُ لِلهِ وَ الصَّلَوَاةُ وَ الَّطيَّبَات“ (سموريون عبادتون مالي خواه بدني، سموريون تعريفون ۽ ثنائون خاص الله تعالى جي لاءِ آهن) الله تعالى پنهنجي محبوب جي جواب ۾ فرمايو: ”اَالسَّلَامُ عَلَيڪَ اَيُّهَا النَّبِيُّ وَ رَحمَتُ اللهِ وَبَرَڪاتُہ“ (الله تعالى جون رحمتون ۽ برڪتون ۽ سلام توتي نازل آهن اي نبي.) +الله تعالى جي ملائڪن، ملڪوت ۽ جبروت چيو: ”اَشهَدُ اَن لاَّ اِللهَ اِلاَّ اللهُ وَ اَشهَ��ُ اَنَّ مُحَمَّداً عَبدُه وَ رَسُولُہ.“ +حضور جن فرمائين ٿا ته ” اتي رب پاڪ کي جيڪي ڪجهه سمجهائڻو هو سو سمجهايائين ۽ جيڪي ڪجهه منهنجي دل ۾ وجهڻو هوس سو وڌائين. پنهنجي (قدرت جي) تري منهنجي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ رکيائين، جنهن جي ٿڌاڻ مون سيني تي محسوس ڪئي. پوءِ جيڪي به آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ هو اهو سڀ ڄاتم“. ان کانپوءِ حضور پاڪ جن ملائڪن جي سامهون فرمايو: گناهن کي مٽائيندڙ هي آهن: سخت سرديءَ ۾ ڪامل وضو ڪرڻ، نماز جي لاءِ پرين پنڌ وڃڻ، هڪ نماز پڙهي ٻيءَ نماز جو انتظار ڪرڻ. الله پاڪ جي عذاب کان ڇڏائيندڙ هي آهن: لڪ ۾ توڙي ظاهر ۾ الله تعالى جو خوف، شاهوڪاري توڙِ غريبيءَ ۾ درميانگي، ڪاوڙ توڙِ خوشيءَ ۾ انصاف ڪرڻ. الله تعالى وٽ بندي جو درجو بلند ڪندڙ هي آهن: الله تعالى جي نالي ۾ طعام ڏيڻ، واقف اڻ واقف کي سلام ڪرڻ، رات جو جڏهن ماڻهو ننڊ پيا هجن ان وقت نماز پڙهڻ. هلاڪ ڪندڙ شيون هي آهن! بخل جنهن جي تابعداري ڪئي وڃي، مرد جو پنهنجي نفس تي فخر ڪرڻ، بخل ۽ تڪبر ٻئي هلاڪ ڪندڙ شيون آهن. الله تعالى پنهنجي پياري نبي جونڳالهيون ٻڌي فرمايو: ”صدقت عبدي“ سچ چيو تو منهنجا ٻانها. +الله پاڪ پنهنجي حبيب کي معراج تي گهرائي، مسلمانن لاءِ نماز جا وقت متعين ڪيا. تنهن کانسواءِ دعوت ۽ تبليغ جي هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هداتون فرمايون. سوره اسرى (بني اسرائيل) جنهن ۾ معراج جو واقعو تفصيل سان بيان ٿيل آهي، ان ۾ اسلامي رياست جا چوڏهن اصول پڻ ڏنا ويا آهن. +پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان بعد رب پاڪ مون کي بهشت ۽ دوزخ کي ڏسڻ لاءِ فرمايو. جبرئيل مون کي بهشت جي دروازي تي وٺي آيو، جتي بهشت جي دربان رضوان مون کي بهشت جو سير ڪرايو. اٺ بهشت آهن، مون اٺن ئي بهشتن جو سير ڪيو، جتي ڪيئي محل، باغ، باغيچا، نهرون ۽ ٻيون ڪيئي الله پاڪ جون نعمتون موجود هيون. بهشت جون نهرون صاف پاڻيءَ جون هيون. ڪي نهرون کير جون هيون، ڪي نهرون شراباً طهوراً جون هيون ۽ ڪي صاف ماکيءَ جون هيون. حضور جن فرمائين ٿا ته اتي مون پنهنجي اصحابن، ابوبڪر صديق، عمر فاروق، عثمان غني ۽ علي رضه جون محلاتون به ڏٺيون. انوقت جبرئيل هڪ شعر پڙهيو، جنهن جو مطلب هو بي شڪ بهشت ۾ کير جي نهر آهي، جا علي ڪرم الله وجہ ۽ امام حسن ۽ حسين لاءِ آهي. انوقت رب پاڪ جو فرمان ٿيو، ”اي محمد، اهو بهشت تنهنجن دوستن ۽ امتين لاءِ آهي ۽ تنهنجن دشمنن لاءِ حرام آهي.“ +حضور جن فرمائين ٿا ته ان کانپوءِ دوزخ ڏسڻ ويس. ڪل ست دوزخ آهن،جيڪي مختلف گنهگارن لاءِ رکيل آهن. هر طبقي ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ باه جا درياه هئا. انهن ۾ جيڪڏهن ست ئي زمينون ۽ ست ئي آسمان اڇلائجن ته پتو ئي نه پوي ته ڪيڏانهن ويا. باه جي دريائن جا ڌڌڪا اهڙا ته هيبتناڪ هئا، جو جيڪڏهن اهي آواز دنيا ۾ پهچن ته ڪو به ساهه وارو جيئرو رهي نه سگهي. اتي پاڻ ڪريمن دعا گهري: ”اي الله! تنهنجي بخشش سان تنهنجي عذاب کان معافي ٿو گهران، تنهنجي ڏمر کان معافي ٿو گهران، مان تنهنجي تعريف نٿو ڪري سگهان، جيئن تون پنهنجي پاڻ ٿو تعريف ڪرين.“ +الاهي فرمان ٿيو ”اي محمد، هاڻي وڃي خلق کي ايمان جي دعوت ڏي. کين بهشت جي مبارڪ ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان ڊڄار. ڏک جي وقت مون کي ياد ڪر جو مان تنهنجي ساهه کان توکي ويجهو آهيان. مظلوم جي پِٽَ کان ڊڄ، سختيءَ تي صبر ڪر، وڏائي ۽ دشمنيءَ کان پرهيز ڪر، دنيا تي مغرور نه ٿيءُ“ +حضور جن فرمائين ٿا ته مون بارگاه الاهي ۾ عرض ڪيو، يا رحمت اللعالمين، معراج جي رات ۾ اُهي ڳالهيون جيڪي مون کي عطا ��يون آهن، تنت ڪير يقين ڪندو.فرمان ٿيو”يُصَدقَ اَبوبَڪر الِصديقِ“ (ابوبڪر صديق تنهنجي تصديق ڪندو پوءِ ٻيا به تصديق ڪندا). +آقائي دوجهان جنهن جي ذات جامع الصفات ۽ بهترين انساني اوصاف جو مجموعو آهي، جنهن کي الله تعالى پنهنجي فضل و ڪرم ۽ ڪمال فياضي سان نوازيو، صبح سان اهو واقعو پنهنجي سوٽ بيبي اُم هاني کي ٻڌايو، جنهن کيس منع ڪئي ته ان واقعي جو ذڪر ٻئي سان نه ڪري، پرحضور سائين جن تي ته الله پاڪ طرفان ان واقعي جي عام ماڻهن سان ذڪر ڪرڻ فرض ڪيو ويو. +جڏهن معراج جي ڳالهه مشهور ٿي، تڏهن ڪيترا ماڻهو انڪار ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ائين ڪيئن هوندو؟ حضور پاڪ جن جڏهن ان واقعي جو ذڪر حضرت ابوبڪر سان ڪيو ته هن يڪدم چيو ”صدقتَ“ (سچ ٿو چوين). ابوجهل حضور جن جي ڳالهين کي ڪوڙو سمجهندي کانئن بيت المقدس جا نشان پڇيا. پاڻ سڳورا هڪ هڪ دروازي جو بيان ٻڌائڻ لڳا، ته مجبوراً ابوجهل ۽ سندس ساٿين تصديق پئي ڪئي ۽ شرمسار ٿيڻ لڳا. ابوبڪر صديق بي اختيار چوڻ لڳو ”صدقت اَشهد انڪ الرسول الله“ (سچ ٿا فرمايو، ما گواهي ٿو ڏيان ته بيشڪتوهين الله جا رسول آهيو.) +شب معراج، اهل ايمان وارن لاءِ هڪ ثبوت آهي ته پاڻ سڳورا جيڪو ڪجهه فرمائين ٿا، سچ ٿا فرمائين. سندن هر ڪلام قرآن پاڪ جو ڪلام آهي. +جڳ جو مطلوب مصطفى تون آن +تون ئي رهبر ۽ رهنما تون آن +تو سان انسانيت کي شان مليو +ساري عالم جو پيشوا تون آن (اياز قادري) +مددي ڪتابن جي فهرست +قرآن شريف. +مولوي محمد عظيم شيدا: ”سيرت مصطفى“ سنڌي ادبي بورڊ،حيدرآباد سنڌ، 1396/1976ع. +مولانا ابوالحامد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: ”حيات النبي“ سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع. +مترجم، مولوي نذير الحق صاحب ميرٺي ۽ مولانا مفتي عبدالعزيز خطيب جامع مزنگ لاهور، حديثن جي يارهن ڪتابن مشڪوات شريف جو ترجمو. ”مظاهر حق“اشاعت منزل لاهور. +مترجم: ابويحى امام خان نوشهري ”حيات محمد صلعم“ مرتبه استاد محمد حسين هيڪل مصرف، اداره ثقافت اسلاميه لاهور 1955ع. +شڪيل ممتاز: ”قصص الانبياء“، زاهد بشير پرنٽرز لاهور. +سيد مناظر احسن گيلاني: ”النبي الخاتم صلي الله عليہ وسلم“ مڪتبہ رشيديه لاهور. +Hafiz Ghulam SarwarL Muhammad the Holy Prophet, Sh: Muhammad Ashraf, Lahore 1964. +پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي، ”معراج مصطفى صلي الله عليہ“، مقاله سيرت ڪانفرنس اپوا سنڌ حيدرآباد 1407 هه/1987ع. + + +تخليق ۽ تنقيد +محمد حسين ”ڪاشف“ +ادب جي دنيا ۾ تخليق ۽ تنقيد جو بحث ايترو پراڻو آهي جيترو خود تخليق ۽ تنقيد جو وجود آهي. ٻنهي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڪنهن به دؤر جي ادب لاءِ ڪاراءِ قائم ڪري نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هر دور جي ادب جو تخليقي مواد تنقيد کي وجود ڏئي ٿو ۽ ان دور جو تنقيدي فلسفو ادب جا تخليقي قدر مقرر ڪري ٿو. ادبي تخليق ۽ ادبي تنقيد جو لاڳاپو ايترو ته گڏيل آهي جو ٻنهين کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن تنقيد پنهنجي دور جي ادب کان پوئتي رهجي ٿي ته ڪڏهن وري تخليق تنقيد جو پنهنجي دور ۾ ساٿ نه ڏيئي سگهندي آهي. هر دور جي ادب کي پنهنجي تنقيدي لاڙن جي روشني ۾ سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ تنقيدي قدر،ماڻ ۽ ماپا ان دور جي تخليقي ادب لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري سگهن ٿا. تخليق ۽ تنقيد جي گڏيل رشتي کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ادب، جنهن ۾ اديب جي تخليق ۽ ان جو تخليقي عمل اچي وڃي ٿو، اهو ان دؤر جي فڪري ۽ تخليقي شعور جياظهار جو نتيجو آهي. ليکڪ جي تخليقي محرڪات جو انحصار انهيءَ سچائيءَ تي آهي ته هو ڪهڙي دؤر لاءِ لکي رهيو آهي؟ ۽ ڇو لکي رهيو آهي؟ �� سندس تخليقي ۾ هرڪات جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ آيا اهي ڪارڻ خلا جي پيداوار آهنيا ڪن مفروضن جو نتيجو آهن يا اهي سماجي زندگي جي پيداوار آهن؟ ۽ اهي ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا اهڙا سوال تخليق جي سلسلي ۾ ليکڪ جي لاءِ پيدا ٿين ٿا. هر دور جو ليکڪ پنهنجي سماج جو هڪ حصو هوندو آهي ۽ هر دور جي سماج جو زندگي جي متعلق ڪو نه ڪو طرز عمل يا نظريو هوندو آهي، جن جي بنيادن تي انهيءَ سماج جي زندگي جي اوسر ٿيندي رهندي آهي. پيداواري وسيلن ۽ ان دور جي آلات ۽ اوزارن ۽ اجتماعي سوچ جي عمل سبب تارخ جي هر دور جا پنهنجا پنهنجا قدر رهيا آهن ۽ سماج جي بنيادي اڏاوت جي سلسلي ۾ انسان جي سوچ ۽ ان جي جياپي جي جدوجهد جي عمل هميشه هر سماج کينئون فڪر ۽ سماجي شعو ڏنو آهي، جنهن جي آڌار تي هرسماج ترقي ڪندو ۽ اڳتي وڌندو رهيو آهي. سماجي بقاءُ ۽ سماج واري نظام جي بيهڪ جو اهو لاڳيتو عمل رهيو آهي، جنهنڪري هر دور جي سوچ جو عنصر ٻئي دور جي ويچار کان اسان کي الڳ ۽ منفرد نظر ايندو، ليڪن غور ڪبو ته ان سماج جي فڪري عنصر جي بنيادي هيئت ۾ اڳئين سماج جي شعور جو غالب عنصر اسان کي نظر ايندو. جنهن جي بنياد تي انهءَ سماج پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. سماجي تبديلين جي بنيادي قدرن ۽ انهن جي ارتقا تي غُر ڪرڻ سان اهو بخوبي ظاهر ٿئي ٿو ته تبديلي ۽ بقاءُ جا عنصر ادب جي قدرن، ماڻن ۽ ماپن کي پنهنجي دور۾ وجود ڏيندا رهن ٿا، جيڪي ليکڪ جي تخليق لاءِ مواد مهيا ڪن ٿا، جن جي آڌار تي اديب يا ليکڪ پنهنجي تخليق جو عمل سرانجام ڏئي ٿو. +ڪنهن به دور جي ادب جو جائزو وٺندو وٺندي انهيءَ ڳالهه جو بخوبي علم ٿئي ٿو ته هر دور جو ادب ٻن نڪتن جي هڪ ٻئي سان ميل جول جو نتيجو آهي. پهريون تهذيبي روايت ۽ ٻيو نڪتو آهي ادبي روايت. تهذيبي روايتون ۽ ان جا قدر هر دؤر جي معاشري جي جان هوندا آهن، ۽ ادبي روايتون انهن تهذيبي قدرن ۽ سماج جي عمومي حالتن مان وجود وٺن ٿيون، جن کي اديب حصل ڪري پنهنجي تخليق جي عمل کي سرانجام ڏئي ٿو. ان جو سلسلي ۾ تنقيدئي هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو تهذيبي روايت ۽ ادبي روايت ۾ لاڳاپو قائم ڪري ٿو ۽ سماج ۾ فڪر جي نواڻ آڻي ٿو. ادب ۽ تاريخ جي هر دور ۾ تنقيد جو عمل جاري رهيو آهي. ڪڏهن اهو استرائي طريقه ڪار سان عمل پيرا رهيو آهي ته ڪڏهن اسخراجي طريقي سان سماج تي اثرانداز ٿيو آهي. ادب جي تاريخ ۾ هي ڳالهه نهايت چٽي آهي ته نظري تنقيد جا معيار ۽ ماپا، اصول ۽ ماڻ بدلبا رهيا آهن، جنهن جي ڪري ادبي تخليق جا قدر پڻ انهيءَ کان متاثر ٿيندا رهيا آهن. قديم زماني ۾ ”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ جا ويچار تنقيدي نظرين جي اڳواڻي ڪندا رهيا. ”افلاطوني“ فڪر نه رڳو ادب پر مذهبي فڪر ت به اثر انداز ٿيو ۽ تاريخ جو هڪ طويل دؤر انهيءَ فڪر جي ڇاپ هيٺ وڌيو ۽ ويجهيو. نه صرف مغرب پر وچ مشرف ۽ ڏور اوڀر کي به هن جي فڪر متاثر ڪيو. جيتوڻيڪ وچ مشرق ۾ ”افلاطون“ کان پوءِ به ڪن مذهبي نظرين وجود ورتو، باوجود انهن جي آفاقي هوندي، افلاطوني فڪر انهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اڄ تائين عيفيت جو فلسفو حقيقت ۽ مجاز جي حيثيت سان ظاهر ۽ باطن جي اظهار سان ادب ۾ پنهنجي جاءِ والاريو بيٺو آهي، جنهن کي رجعت پسند طبقو هميشہ پنهنجي دفاع ۾ تقدير پرستي جي هٿيار. ان استعمال ڪندو اچي ٿو. مادي فڪري جي ابتدا (460 ق.م) ( ۾ ”ديموقريطس“ کان نظر اچي ٿي جنهن افلاطون جي نظريه عينيت کان هٽي ڪري پنهنجا ويچار پيش ڪيا. يونان جو ٻيو مفڪر هر قليطس (440 ق.م) پڻ ڪائنات جي مادي تصور ۾ سڀن کان اڳڀرو آهي. هن جو خيا�� آهي ته ”زمانو ئي سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو“ ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه فنا ڪري ٿو. زماني بعد ”هيگل“ انهن ڏانهن جي ويچارن تي پنهنجي ”فلسفه اضداديت“ جو بنياد رکيو ته هي ڪائنات لاڳيتي تبديلي جو نالو آهي جنهن ۾ ڪا به شئي پنهنجو پاڻ کي ساڳي حالت ۾ رکي نٿي سگهي ۽ ان ۾ تبديلي واقع ٿيندي رهي ٿي ۽ شيون تصور جو مظهر آهن ۽ مادو تصور جي تابع آهي ۽ شعور وجود کي متعين ڪري ٿو. ”ڪارل مارڪس“ هيگل جي فلسفي کي، جيڪو پيرن جي بجاءِ مٿي تي بيٺل هو، انکي پيرن تي بيهاريو ۽ اهو ثابت ڪيو ته مادو خود حقيقت آهي. ان جو وجود ئي تصور کي وجود ڏئي ٿو ۽ شعور خود وجود جي تابع آهي ۽ هيگل، جنهن کي روح ڪائنات چوي ٿو اها تاريخ جي قوت آهي، جيڪا زندگيءَ جي نظام ۽ شين جي ارتقائي جو ذريعو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي ڏاهن ۽ ٻڌوانن ۽ فلسفين پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن، جن ۾ روسو، ڊارون، ليمارڪ،اسپينسر، ڪانٽ، لاڪ، هيوم، برڪلي، ڊڪارٽ، برگسان، شوپنهار، هڪسلي، رسل، سارتر، جينٽائيل، ڪروچي، اوسپنسڪي، آئن سٽائن وغيره اچي وڃن ٿا، جن ۾ ڪو فطرت پسند آهي ته ڪو نتيجيت پسند، ڪو تصوريت پسند ته ڪو جديديت پسند، ڪو وجوديت پسند ڪو حقيقت پسند آهي. مطلب ته زندگي ۽ ان جي متعلقات بابت هر دؤر جي ڏاهن جا پنهنجا پنهنجا ويچار رهيا آهن ۽ اهي ويچار پنهنجي دؤر جي زندگي جي نظريه کي متاثر ڪندا آيا آهن، جنهن جو اثر ادبي تخليق تي پڻ ٿيندو رهيو آهي. +زندگي جي مختلف نظرين سبب ادبي تخليق جي ڏس ۾ اهي نظريا حائل رهيا، جنهنڪري تخليقي ميدان ۾ ادبي نظرين پڻ وجود ورتو، جنهن ۾ ”ادب براءِ ادب“، ”ادب براءِ زندگي“، ”ادب براءِ حسن“، ”ادب براءِ وجوديت“ خاص طور تي قابل ذڪر آهن. سنڌي ادب جو تخليقي مواد جدا جدا دورن ۾ انهن نظرين کان متاثر ٿيندو ۽ تخليقي عمل سرانجام ڏيندو آيو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به وضاحت ۽ مثالن جي ڪا ضرورت نه آهي. ادب جي اندر تنقيدي عمل هميشہ اديب جي تخليق ۽ ان جي طريقهء ڪار لاءِ نت نيون راهون پيدا پئي ڪيون آهن. ان جو ئي سبب آهي جو اڄ سماجوادي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ تخليق سان گڏ تنقيدي عمل کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. تنقيد ئي هڪ اهڙو عمل رهيو آهي، جنهن انهن ادبي نظرين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ادبي قافلي لاءِ نوان زاويا ۽ رويا مهيا ڪيا آهن. جيڪڏهن ناقد جو تنقيدي عمل تخليق جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪاوشن کي عمل ۾ نه آڻي ها ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب تي اڃان تائين انهيءَ رجعت پسندانه نظريي، جنهن جو بنياد دب براءِ ادب تي هو، ڇانيل هجي ها. +سنڌي ادب جي تخليقي مواد جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته هن نهايت ئي تيزيءَ سان اهي منزلون طئي ڪيون آهن. 1936ع ۾ سنڌ اندر ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو بنياد پيو، جنهن جي فلسفي جي زير اثر ادب ۾ جيڪا نواڻ آئي، ان انهيءَ دور جي تخليقي ادب، جيڪو ٻولي توڙي مواد، توڙي هيئت يا فارم جي لحاظ کان فارسي زده ادب هو ۽ هن ۾ ساقي ۽ مينا، گل و بلبل، قوس و قزح، جبين ۽ رخسار وغيره جو ذڪر هو ۽ سڄو زور شاعري توڙي نثر ۾ هن ڳالهه تي هو ته ادبي تخليق ۾ فني محاسن هجن ۽ هن ۾ وقت جو اظهار يا ماڻهوءَ جي مسئلن تي ڪو توجه ڪو نه هو ۽ صرف اها پچار هئي ته ادب، ادب لاءِ ۽ شاعري شاعري لاءِ آهي، زندگيءَ سان هن جو ڪو به تعلق ڪو نه هو. ترقي پسند تحريڪ انهيءَ رجعت پسندانه خيالن کي رد ڪري ٻولي توڙي شاعريءَ جي محاڪات ۽ اصطلاحن ۾ پنهنجائپ پيدا ڪئي ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي کڻڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. ان جو نتيجو تخليقي عمل ۾ نهايت ئي شاندار نڪتو. آزاديءَ کان پوءِ جي حالتن هتان جي ماڻهوءَ کي جن حالت مان گذاريو ۽ جن مان هو اڄ گذري رهيو آهي، انهن ادب کي نوان قدر، ماڻ ۽ ماپا ڏنا، جن ۾ قوميت، قلم جي آزادي، سوچ جي آزادي، سماجي انصاف ۽ بري تي بڇ جا قدر وڌيڪ اڳيان اڀري آيا ۽ تخليقي لحاظ کان سنڌي ادب موجوده دور ۾ دنيا جي ڪنهن به سڌريل ٻوليءَ کان گهٽ نه آهي. تنقيدي نقطهءِ نظر کان فڪر ۽ خيال جي گهرائي، جيڪا سنڌي ادب ۾ آهي اها تمام اعلى ۽ ترقي يافته آهي. ان جو بنيادي سبب سماجي ناانصافيون ۽ هتان جي سماج وادي نظام جا هاڃا آهن، جن جي بٺيءَ ۾ عام ماڻهوءَ سان گڏ ليکڪ خود عملي طور جلندو ۽ پچندو رهيو آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اديب جي تخليقي مواد ۾ پختگي ۽ هڪ قسم جو عزم ۽ زندگي بابت مثبت نظريو اسان کي نظر اڍي ٿو. سنڌي ادب اهو مقام نهايت ئي جاکوڙ سان حاصل ڪيو آهي. ان لاءِ سنڌي اديب کي جيڪي ڪجهه سهڻو پيو، ان جي ڪنهن پچار جي ضرورت ڪا نه آهي، بقول لطيف ”مون کي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾“. باوجود اونهي ۾ اچڻ جي، سنڌي ادب ۾ تخليقي مواد دنيائي ادب سان برميچجڻ جهڙو آهي. تخليقي عمل جي سلسلي ۾ اسان وٽ اڃا تائين متضاد رايا آهن. اختلاف راءِ دنيا جي هر ادب ۾ آهي، ليڪن جيڪو هاڃو ۽ ورتاءُ سنڌ ۾ آهي، اهو شايد ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ نه هجي. ان جو بنيدي سبب جاگيردارانه ۽ سرمايدارانه نظرين جي پٺڀرائي ۽ ادب کي نجو مذهبي ٿيوري ڪري پيش ڪرڻ وارو طريقه ڪار ۽ ادب جي سائنسي سوچ ۽ طريقهءِ ڪار کان انحراف جو عمل آهي. ادب جا پنهنجا قدر ۽ ماڻ ۽ ماپا آهن. هو ڪڏهن الف کان وٺي ي تائين مذهبي پرچارڪ جي حيثيت سان آله ڪار نٿو ٿي سگهي، بجاءِ ان جي جو هو مخصوص پنهنجي ادبي ٽيڪنڪ وسيلي مذهب کي پيش ڪرڻ جو حق رکي ٿو. اهڙي ريت سائنس ۽ ادب جي سلسلي جو معاملو پڻ آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته سائنس جنهن جو بنياد تجربي ۽ مشاهدي تي آهي، اها ڪڏهن به ادب تي ڪو قدغن نٿي لڳائي. ليڪن ان جي مقابلي ۾ مذهب ادب تي قدغن جو حق رکي ٿو. اهو محض انساني ذهن جي اعلى ترين صورت کي نه سمجهڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. انساني ذهن کي صرف تجريدي طريقه ڪار تائين تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي، مجرد کي محسوس ڪرائڻ ذهن جو عمل آهي ۽ اهو سوچڻ ته شعر و ادب صرف جذبي ۽ احساس جي شي آهي ۽ تخيل جيڪو ان جو خالق آهي، اهو ان کان بي نياز آهي. شعر ۽ ادب جي تخليق ۾ انهن جي ماهيت کان اڻڄاڻائي جو دليل آهي. ادب خيال آفرين آهي ۽ خيال شين جي رشٽي جو نالو آهي، جيڪو تخليق جي عمل ۾ ليکڪ جي تجربي ۽ مشاهدي سان وجود وٺي ٿو. تنقيد ليکڪ جي انهن سڀني محرڪات کي پڌرو ڪري ٿي، جيڪي سندس تخليق جو جُز هوندا آهن. تنقيد سماجي رشتن، اقتصادي ٻنڌڻن، سائنسي اثرن وغيره جي پچار ۽ واضح تصور سان تخليق لاءِ ميدان مهيا ڪري ٿي. ڪڏهن به ڪنهن تخليق جو عمل آسمان مان نه لٿو آهي، پر بجاءِ ان جي هُنهِن ڌرتي تي ۽ ڌرتي وارن ۾، ڌرتي وارن هٿان جنم ورتو آهي. جيئن ”لاڪ“ جو چوڻ آهي ته ”عقل ۽ ادراڪ جي حقيقت بنان حواسن جي ممڪن نه آهي.“ ”ڪانٽ“ ان کان اڳتي وڌي چيو ته ”عقل جي شمع حواسن جي فانوس ۾ ئي روشن ڪري سگهجي ٿي ۽ جو معقول آهي، اهو محسوس به آهي.“ ليڪن اسان وٽ ان کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي روشني ۾ تخليقي عمل کي سرانجام ڏيڻ کانسواءِ ڪن ڏاهن جي باقي سورهين ڪوهين سڃ ۽ ارڙهين ڪوهين اونده واري ڪار آهي. پري ڇو وڃجي، تخليقي مواد جو جائزو ورتو وڃي ته ڳالهه پڌري پٽ ٿي پوندي. ان سلسلي جي تخليقي مواد کي ادب ئي تصور نٿو ڪيو وڃي ۽ وڏنج هٿن جي پٺڀرائي اهڙن حلقن کي آهي. ٿڙي ٿاٻڙي جي ڪنهن ڪنڊ کان ڪو ترقي پسند نظريي وارو يا معتدل مزاج ليکڪ ڪٿي پهچي ويو ته يار ٽانڊ ٿي ويندا آهن. ليڪن پنهنجي تخليقي مواد کي نزول الهامي تصور ڪري عينيت جي فلسفي جي پٺڀرائيءَ ۾ تاريخ کي مسخ ڪرڻ، حقائق کي ڌوڙ ڪرڻ جو ادبي ڪارنامو ڄاتو ويندو آهي. +هي ياد کرڻ گهرجي ته ادب تاريخ جو آئينو آهي ۽ اهو آئينو آهي، جيڪو ڪاڻ آڌيارو نه آهي، بلڪ شفاف ۽ اوجر وارو آهي، جو ڪجهه اڄ جو تخليقي مواد آهي، اهو هن دور جي تاريخ جو ثمر آهي هن جا عيب، ثواب انهن جا محرڪات ۽ لوازمات ادبي اصطلاحن جي صورت ۾، استعاري جي صورت ۾ ادب ڪردارن جي صورت ۾ تشبيہ ۽ محاڪات جي صورت ۾ موجود آهن ۽ ايندڙ وقت جو نقاد ۽ مورخ انهن جي تجرزئي ۽ تنقيد سان جيڪو نتيجو ڪڍندو، ان کي ڪو به تبديلي ڪري نه سگهندو، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اجھ جو ”سچ“ جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اهو جڏهن سڀاڻي جو سڀ کان وڏو ”سچ“، پڪاريو ويندو، تڏهن تاريخ انهن فردن کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪندي، جيڪي اڄ جي سچ کي سوري چاڙهي رهيا آهن: اهو تنقيد جو عمل تخليق تي آهي، جيڪو اڄ جي سچ جو به داعي آهي ۽ سڀاڻي به ان جو سَڏ ڏيندو رهندو. +سائنسي سوچ ۽ عمل دنيا جي هر معاشري تي سڌي طرح اثرانداز آهي ۽ ان جي اثر پذيري ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ڌارائن کي پڻ متاثر ڪندي رهي آهي ۽ هن دؤر کي انسان جو مابعد الطبيعاتي دور ڪنهن به صورت ۾ چئي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته حقيقت جي باري ۾ انساني ڄاڻ نهايت گهري ۽ مدلل آهي، جنهن ۾ هن بجاءِ مفروضن جي تجزيي ۽ مشاهدي جا ڪليه قائم ڪري انساني شعور کي اڳتي وڌايو آهي. اڄ جڏهن تنقيدي طور لطيف، سچل يا ساميءَ جو ذڪر اچي ٿو ته ادبي دنيا ۾ انهن جي شعرو سخص ۽ بيت جي عينيت جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ تريح نٿي ڪئي وڃي، بلڪه انهن جي ان دور جي سماجي حقيقن ۽ تهذيبي روين جي روشنيءَ ۾ پرکيو ۽ انهن جي تشريح ڪئي وڃي ٿي. لطيف جي ”متو آهين مڇ...“ بيت کي جتي نفس سان تعبير ڪيو ويندو هو، اتي اڄ ان جو اهو تصور سماجي معروضات جي بنياد تي بدلجي چڪو آهي ۽ ان مان ڏاڍائي ۽ ڏاڍائي واري نظام جو تصور ورتو وڃي ٿو. اهڙِءَ ريت ڪردارن جي سلسلي ۾ يا بيتن ۾ بيان ڪيل مختلف روين جي معنى مڪمل طور تي حقيت ۽ مجاز، ظاهر ۽ باطن جي نظريي سان نٿي ورتي وڃي، بلڪ انهن جو تعلق ۽ تشخص هن ڌرتيءَ سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ انهن جي تحليل ۽ ترڪيب بيان ڪئي وڃي ٿي. انساني سوچ جو معيار تنقيدي ۽ تخليقي لحاظ کان تبديل ٿيندو رهيو آهي. سوچ جي انهيءَ انداز سنڌي ادب کي نوان قدر، ماڻ ۽ مپا ڏنا آهن، جيڪي سائنٽيفڪ طريقه استدلال جو نتيجو آهن. ادب جي ڪنهن به صنف کي وٺبو ته ان ۾ اسان کي اهي رجحان نظر ايندا. شاعري، افساني، ناول، تنقيد وغيره انهن سڀني ۾ اهو عنصر نهايت بهتر انداز سان ملندو. اهو سڀ ادب ۾ تنقيدي عمل جو نتيجو آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح سان رد ڪري تخليق جو بنياد آفاقي قدرن تي نٿو رکي سگهجي. سنڌي ادب ۾ قدامت پسنديءَ جو وقت نهايت ٿورو آهي. سنڌي اديب رجعت پسند نظريه جي وقت به قصيده خوان نه رهيو آهي، نه وري هن طلسم هوشربا جهڙا ناول تخليق ڪيا آهن. ”مالهڻ“، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ جهڙن رومانوي ۽ جوڻ جي فلسفي تي تخليق ٿيل نوالن جي هوندي به ان ۾ ”سنڌي ثقافت“ کي هٿان نه ڇڏيو ويو آهي. ۽ ”غريبن جو ورثو“ ۽ اڳتي هلي جنسار“ جهڙا سماجي ناول ميدان تي آيا. جنهن مان اندازول ڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي اديب جو مزاج بنيادي طور تقليد پسند نه رهيو آهي. هن روايت کي ضرور ورتو آهي، پر روايت جو پوڄاري نه رهيو آهي. بجاءِ ان جي، روايت کي معروضات جي بنياد تي اڳتي وڌايو آهي. ان سلسلي ۾ ”همه اوست“ ۽ ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جهڙن ناولن جي تخليق ٿي، جن ۾ تاريخ، نظريه ۽ سماجي سوچ جي تلاش نظر اچي ٿي. اهڙو ساڳيو حال شاعري جو آهي، ۽ اهائي خيال آرائي اسان کي افساني ۾ نظر اچي ٿي. انهن سڀني تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿوٿئي ته حقيقت جي باري ۾ ماڻهوءَ جي ڄاڻ انتهائي گهري آهي ۽ هن جي آڏو ادب براءِ ادب جو نظريو نه آهي، پر ان جي بجاءِ هو ادب جي صحيح تقاضائن ۽ روين جو حامي آهي، جنهن کي سنڌي اديب قبول ڪري پنهنجو تخليقي عمل سرانجام ڏنو آهي، جيڪو هڪ دؤر جي تاريخ جو مظهر آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي سڀني تقاضائن ۽ روين کي چرندو ڦرندو ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. +ادب انسان جي ناقابل ترديد تجربن جي نچوڙ کي تخليق ۽ تنقيد جي ذريعي بي بها طريقي سانمنتقل ڪر ٿو، جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچي ٿو. ۽ اهو هڪ مستقل باب جي صورت ۾ قوم جي زنده ياداشت بنجي وڃي ٿو. جيڪو تاريخ جي ڌنڌ ۾ اچي وڃي ٿو. ”اهو ادب جي تخليقي ميدان ۾زنده ۽ تابنده رهي ٿو“ اهو اهڙي ته شڪل ۾ رهي ٿو جنهن ۾ پنهنجي طرف کان ڪنهن واڌاري يا ڪوڙ جي ڪا گنجائش ئي نٿي رهي. اهڙيءَ ريت ادب قوم جي روح کي برقرار رکندو ۽ ان جي حفاظت ڪندورهي ٿو ادبي تخليق جي سچائي ان جي ذات ۾ موجود هوندي آهي. ڪيترو به وقت گذري وڃي، پر ان مان وقت جي سماجي شعور ۽ ادبي صداقت کي تنقيد جي عمل سان ظاهر اجاگر ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري تخليق کي تنقيد کان ۽ تنقيد کي تخليق کان هر گز الڳ نٿو ڪري سگهجي. + + +سنڌ جي تاريخ جو حصو +تختگاه الهه آباد جي تلاش +از: +غلام محمد لاکو +ميان نصير محمد سنڌ ۾ 1681ع ڌاري ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جو بنياد رکيو. هڪ صديءَ جي حڪمرانيءَ بعد، سن 1783ع ۾ ميان عبدالنبيءَ تي هن خاندان جي پڄاڻي ٿي. جهڙيءَ ريت ڪلهوڙن خارجي سطح تي، جدا جدا سياسي مرڪزن: دهلي، ايران ۽ ڪابل جي تابعداري قبول ڪئي، ان ريت هنن حاڪمن سنڌ جي جدا جدا هنڌن تي، پنهنجا شهر تعمير ڪري انهن کي پنهنجي سرڪاري هيڊ ڪوارٽر طور ڪم آندو. هن خاندان يارنهن مرڪزن تان پنهنجو حڪم هلايو (1). انهن مرڪزن يا تختگاهن مان ڪن بابت ٺوس مطالعو ٿي چڪو آهي. ڪن متعلق خاطريءَ سان ڪجهه چئي سگهجي ٿو، ۽ ڪجهه شهر اهڙا به آهن جن بابت اڄ اسان کي ڪا به ڄاڻ ڪانهي ۽ انهن بابت تاريخ ۾ صرف ڪجهه حوالا ملن ٿا. ميان غلام شاهه هن خاندان جو ناليرو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن حڪمران هڪ کان وڌيڪ شهر تعمير ڪرايا ۽ انهن کي پنهنجي تختگاه طور استعمال ڪيو. شهر ”مراد آباد“ جي تباهيءَ بعد ”الهه آباد“ جو شهر اڏائي، ان کي پڻ ٿوري عرصي لاءِ تختگاه طور ڪتب آندائين. جيتوڻيڪ هن شهر بابت تاريخ ۾ ڪجهه حوالا ملن ٿا، پر هي شهر ڪٿي تعمير ٿيو، اڄ ان جي حالت ڇا آهي ۽ اتي ڪهڙا تاريخي اهڃاڻ موجود آهن، ان بابت هيل تائين ڪو به مطالعو نه ٿيو آهي ۽ نه وري ان جي ڪا ڳولا ڪئي ويئي آهي. هن پيپر اندر سنڌ جي ماضيءَ جي هن تختگاه ۽ ان جي آثارن جي ڳولا ۽ اڀياس جي هڪ ڪوشش ڪئي ويندي. +تاريخ ۾ الهه آباد جو ذڪر: +ميان نور محمد ڪلهوڙي سن 1753ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن کيس پنهنجي آباد ڪيل شهر ”محمد آباد“ ۾ دفن ڪيو ويو. ان بعد ميان مراد ياب تخت نشين ٿيو، جنهن نصرپور ڀرسان ”مراد آباد“ نالي سان تختگاه تعمير ڪرايو. مراد ياب سن 1757ع ۾ معزول ٿيو ته ميان غلام شاهه سنڌ جو حاڪم بنيو. ساڳئي سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ (محرم 1171هه) درياه جي اَبڪلانيءَ ڪري ”مراد آباد“ جو شهر ختم ٿي ويو، تڏهن غلام شاهه هڪ نئون شهر ”الهه آباد“ جي نالي سان اڏايو ۽ ان کي سرڪاري مرڪز طور ڪتب آندو (2) غلام شاهه نئون شهر ٻڌي اڃا مس مسند نشين ٿيو هو، جو افغانن طرفان سنڌ لاءِ عطر خان جي نالي حڪومت جو پروانو جاري ٿيو. ان ريت هن ڀيري کيس صرف اڍائي مهينا (13 ذي الحج 1170 هه- 25 صرف 1171 هه)، سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن فيصلي بعد غلام شاهه ٿر ڏي هليو ويو. عطر خان کي پروانو ته مليو، پر سنڌ تي حڪومت ڪرڻ سندس وس ۾ نه هئي. ظلم ۽ ستم وڌي ويو ته غلام شاهه ٿر کي ڇڏي اتر سنڌ ڏي راهي ٿيو. آخرڪار ٻنهي ڀائرن ۾ جون 1758ع (رمضان 1171هه) ۾ روهڙيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. عطر خان جنگ هارائي قلات ڏي هليو ويو ۽ غلام شاهه سوڀارو ٿي سيوهڻ پهتو. اتان خدا آباد پهچي مراد ياب جي وفات جي تعزيت ڪيائين، جو ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾ فوت ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن خدا آباد ۾ ترسڻ بعد، جيئن مير علي شير لکيو آهي، ته هو الهه آباد ڏي راهي ٿيو. +”شوال 1171هه ۾ اچي الهه آباد ۾ منزل انداز ٿيو. صاحبزادي پڻ سڀني پوئتي رهيلن سان گڏ عنقريب ديدار جو شرف حاصل ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اتان محمد آباد ويا ۽ باقي سال خير سان گذريو“ (3) +ميان غلام شاهه آڏو مسئلا بي شمار، تڪليفون گهڻيون ۽ حالات پريشان ڪن هئا. ڀائرن جون بغاوتون، ٿوري ٿوري ڳالهه تي افغان مداخلت ۽ سنڌو درياه جي وهڪري ۾ ڦير ڦار سبب اقتصادي ابتري- ان ڪري ميان صاحب جهڙوڪر وڏي آزمائشي دور مان گذري رهيو هو. گمان آهي ته سنڌ جو هي حاڪم سڌو سيوهڻ بزرگن ۽ درويشن جي زيارتن جي خيال کان پهتو هوندو. (4) بعد ۾ خدا آباد ويو ۽ پوءِ الهه آباد هليو آيو، جتان پنهنجي پٽ سرفراز خان سان گڏجي، والد جي مزار (محمد آباد) تي ويو، فاتح پڙهيائين ۽ اکين جو آب هار ڀائرن توڙي زماني جي ستم ظريفين جو ڏنل بار هلڪو ڪيائين. (5) ان سان گڏ ميان نور محمد جي مزار تي مقبري جي تياريءَ جو به فيصلو ڪيائين، جو سندس حڪومت جي ٽئين دور ۾ جڙي راس ٿيو. بهرحال ميان غلام شاهه کي وري به ڇهه مهينا (ربيع الثاني 1172هه/ڊسمبر 1758ع تائين)، الهه آباد ۾ رهڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڇو ته عطر خان ٻيهر افغاني پرواني سان سنڌ پهچي چڪو هو ۽ ميان صاحب مايوس ٿي لاڙ ڏي هليو ويو. +همعصر تاريخ ۾ ”الهه آباد“ بابت ايتري ڄاڻ ملي ٿي. البته انگريزي لکتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ئي عرصي ۾ ميان غلام شاهه ۽ ڪمپني سرڪار ۾، ابتدائي واپاري معاهدا دستخط ڪيا ويا. هڪ ٺاهه 22 سيپٽمبر 1758ع تي احمد آباد ۾ صحيح ڪيو ويو. (6) جنهن مان گمان نڪري ٿو ته سنڌ جو هي حاڪم ڪجهه ڏينهن الهه آباد کان نڪري احمد آباد ويو ۽ اتي عزيزن رشتيدارن سان ملاقاتون ڪيائين. (7) ممڪن آهي ته ان ڏس ۾ جاري ڪيل ٻيا ليٽر ۽ حڪم نامه ”الهه آباد“ مان ئي جاري ڪيا ويا هجن. +هاڻي سوال آهي ته شهر ”الهه آباد“ ڪٿي آباد ڪيو ويو؟ ان متعلق قانع ٿوري رهنمائي ڪئي آهي، ليڪن انگريز مصنفن ۽ جديد محققن ان ڏس ۾ ڪو به مواد نه ڇڏيو آهي. ان کان اڳ جو اسين قانع جي لکت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪو نتيجو ڪڍون، بهتر ائين ٿيندو ته پوءِ جي لکندڙن ۽ مؤرخن جي راين کي به ڏسون. ڊاڪٽر لئمبرڪ لکي ٿو ته غلام شاهه پيءُ جي تختگاهه ڀرسان ” الهه آباد“ نالي هڪ شهر تعمير ڪرايو، ليڪن ملڪ ۾ گهرو لڙايون لڳيون، ان ڪري ڪا به ان اهميت نه ماڻي. (8) هيگ ٻين محققن جي برعڪس راءِ ڏئي ٿو ته، مراد آباد کي درياهه غرق ڪيو ته مرادياب، ٻن پٽن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڀڳو ۽ سڪرنڊ پرڳڻي جي اوڀر طرف احمد آباد جو شهر تعمير ��رايائين. (9) سيٽن هڪ جاءِ تي الهه آباد کي مراد آباد جي ڀر ۾ ڏيکاريو آهي. (10) جڏهن ته هوٻئي موقعي تي لکي ٿو ته، غلام شاهه الهه آباد ۾ سڪونت پذير ٿيو، ان جو نالو شاهه پور رکيائين ۽ هي شهر هنرپور کان چار ميل پري اولهه ۾ آهي. (11) مولانا مهر هي راءِ رکندي به ته الهه آباد، غلام شاهه جي دور ۾ مراد آباد جي غرق يابيءَ بعد تعمير ٿي (12) ۽ هي بستي والد جي شهر محمد آباد جي ڀرسان اڏائين. (13) غالباً سيٽن جي تقليد ۾ الهه آباد کي شاهه پور جي نالي سان به ياد ڪيو آهي. (14) ان ريت مولائي شيدائي مرحوم وري محمد آباد ۽ الهه آباد کي هڪ بستي ڄاڻايو آهي. (15) هنن متضاد ۽ منجهيل راين مان ظاهر آهي ته، تختگاهه الهه آباد جي تلاش ۾ ڪا به مدد نه ٿي ملي. ان ڪري اچو ته قانع جي ڏنل ڏس پتي جي آڌار تي ان جي ڳولا ڪيون. +الهه آباد جو امڪاني ماڳ مڪان: +مير علي شير قانع ٺٽويءَ مراد آباد جي تباهيءَ جي پس منظر ۾ لکي ٿو ته، +”جڏهن انهيءَ منحوس شهر کي چوڌاري پاڻي وڪوڙي ويو، اتان لڏي پيءُ واري محمد آباد جي ڀرسان الهه آباد نالي نئون شهر ٻڌائي وڃي اتي رهيو“ (16) مشهور آرڪيالاجسٽ هينري ڪزنس (17) ۽ اسان جي سنڌ جو هاڪارو عالم مرزا قليچ بيگ پڻ (18)، ان راءِ سان اتفاق ڪن ٿا ته محمد آباد ۽ الهه آباد هڪ ٻئي جو ويجهو تعمير ٿيا هئا. تاريخي شهر ”محمد آباد“ هن وقت موري تعلقي ۾ ”ميان جا قبا“ نالي واهڻ جي صورت ۾ موجود اهي، جنهن جو راقم الحروف مفصل تعارف پيش ڪري چڪو آهي. (19) ان پس منظر ۾ اتهاسڪ شهر ”الهه آباد“ جي تلاش ۽ اڀياس پڻ هن خطي ۾ ئي ڪرڻ گهرجي. +هن نقطي جي پس منظر ۾ مون گذريل پنجن- ڇهن سالن کان موري تعلقي ۾، تاريخ شهر ”الهه آباد“ جي امڪاني ماڳ مڪان (Location)، ۽ اتي موجود آثارن جي ڳولا ۾ دلچسپي پئي ورتي آهي. هن علائقي ۾ تاريخي بستين ۽ خاص ڪري ارڙهين صدي عيسويءَ جي اڏاوتن، پراڻن آثارن ۽ مقبرن جي تلاش، مطالعي توڙي مشاهدي ڪندي خبر پئي ته، ريلوي اسٽيشن دولت پور صفن کان ڪري، بهار ڪور ڳوٺ ۽ کڙ جي قديم اهڃاڻن تائين، وارو سڄو خطو هن ڏس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. راقم کي هن پرڳڻي بابت مختصر معلومات اڳ ۾ ئي حاصل هئي، ڇو ته مون کي پنهنجي سيڪنڊري تعليم واري وقت، ڪجهه سال هت (ڳوٺ بهار جي ڪور) رهڻ جو موقعو ملي چڪو هو. بهرحال جڏهن تارخي اڀياس ۽ پس منظر ۾، هن خطي جو وري مشاهدو ڪيو ويو ۽ اتان جي آثارن کي ڳچ ڀيرا ڏٺو ويو، تڏهن گمان غالب ٿيو ته ميان غلام شاهه جي تختگاهه ”الهه آباد“ جو تاريخي شهر، دولت پور صفن اسٽيشن کان ڪري کڙ جي ڳوٺ تائين واري زميني پٽي تي، موجود ٻن تاريخي ماڳن مان ڪنهن به هڪ هنڌ تي تعمير ٿيو هوندو. هي ايراضي مغل دور ۾ خطي پرڳڻي ۾ شامل هئي. اڄ هت الهه آباد جي نالي سان ڪو به ڳوٺ يا شهر آباد ڪونه. تڏهن به روينيو رڪارڊ ۾ الهه کاهيءَ جي نالي سان هڪ ديهه موجود آهي. ممڪن آهي ته ديهه الهه کاهي، تاريخي نالي الهه آباد جي بگڙيل ۽ تبديل ٿيل صورت طور، اڄ اسان جي روينيو رڪارڊ ۽ نقشن ۾ محفوظ ٿي هجي. هيٺ مذڪوره ٻن ماڳن ۽اتي موجود تاريخي آثارن جو سرسري ذڪر ڪجي ٿو. +(الف) کڙ جي تاريخي بستي: +شهر کڙجا آثار دولت پور صفن کان سر اوڀر طرف ٻن ميلن تي موجود آهن. هتي ڪنهن قديم شهر جا نشان پنجاهه سال اڳ تائين موجود هئا، جي بهار جي ڪور کان ڪري کڙ تائين پکڙيل هئا. ان جي ڏکڻ- اوڀر کان درياهه جي پراڻي وهڪري يا وري ان جي ڪنهن شاخ جا پيچرا اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ممڪن اهي ته سنڌو درياهه مان خدا آباد کان ٿورو مٿي درياهه جي هڪ شاخ سر اوڀر طرف نڪري، موجوده نم جي ��وٺ کان ٿيندي، محمد آباد جو پاسو ڏيندي اچي کڙ وٽان لنگهندي هئي. هي وهڪرو پوءِ بهار ڪور وٽ وڌيڪ تقسيم ٿي ويندو هو، ليڪن آخرڪار ڦر گهري دولت پور جي ڏکڻ کان درياهه جي مکيه وهڪري ۾ شامل ٿيندو هو. هن درياهي گس سبب هن علائقي ۾ ڪلهوڙا حاڪمن پنهنجا مرڪز ”الهه آباد“ ۽ ”محمد آباد“ تعمير ڪيا هئا. سنڌو دراهه جي وهڪرن سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي جي ڍورن، پيچرن ۽ ڀٽن جو مشاهدو نهايت ئي مفيد ٿي سگهي ٿو. ذڪر ڪيل کڙ کان سر اتر طرف ڪجهه فرلانگ پري، هڪ واهڻ آهي جو ڏاهرين جي کڙ سڏجي ٿو. روايتن موجب سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ليوڪس (20) ڏاهري قبيلي جي مک سردار کي ڪجهه زمين جي مرحمت ڪئي. انبعد ڏاهري سردار پنهنجي کڙ ڇڏي، هن ڦٽل تاريخي شهر ۾ رهيو، جو پڻ سندن وجود سبب ٿوري عرصي ۾ ئي کڙ سڏجڻ ۾ آيو. ذڪر هيٺ کڙ ۾ ماضي قريب ۾ رئيس وڏل مير ٿي گذريو آهي، جو صاحب وڏي عدل ۽ انصاف توڙي مردانگي ۽ همت وارو انسان هو ۽ پڻ هاڻي هت وڏيرو مٺل خان رهي ٿو، جو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ ڪافي پرجستو ماڻهو آهي. ماضيءَ جي هن تاريخي شهر ۾ ڪهڙا قلعا يا ڪوٽ اڏيا ويا، يا وري اهم اڏاوتون ڪهڙيون ٿيون، ان بابت اجھ خاطريءَ سان ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر جو ڪجهه ذڪر جوڳو ورثو بچيو آهي، اهو هن ريت آهي: +(i) ڪچي مسجد: کڙ واهڻ جي اتر- اولهه ۾ آهي، جتان غالبا قديمي شهر شروع ٿيندو هو. هاڻي ان مسجد جي چوڌاري پوک ٿئي ٿي. هن جي آس پاس هر هڪليندي هارين ڪيئي نواد رات لڌا، جي اڻ ڄاڻائيءَ سبب برباد ٿي ويا. بارش يا ٻوڏ کان بچاءُ واري خيال کان هيءَ مسجد تمام مٿانهينءَ تي تعمير ڪئي وئي، جنهن جي اوڏڪي ڀت موجوده دور جي کڻت جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ آهي. فن تعمير ڇا هوس ۽ ورانڊو اڏيو ويس يا نه، ان بابت پڪ سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. مسجد کي هڪ مکيه ۽ ٻه ننڍا دروازا هئا، جتي چند سؤ نمازي بيهي سگهيا ٿي. هن مسجد جو ڪم هنگامي حالتن ۾ ڪيو ويو ٿو ڏسجي. ورهيه گذري ويا، نه ماڻهو موجود ۽ نه نمازي حاضر. آخرڪار خدا جو هي گهر اجڙي ويو. +(ii) مقبرو ڦتو کوکر: کڙ جي ڳوٺ جي اولهه کان درياهه جي ڦاٽ جي بلڪل ڀِڪ ۾ هت هڪ ڦل مقبرو موجود آهي. مقامي روايتن موجب هي مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وزير ڦتو کوکر جو آهي. مولانا غلام رسول مهر پنهنجي ڪتاب ۾ هن کي عبدالنبيءَ جي عملدارن ۾ ڏيکاريو آهي: +عمال: اجومل، دتهر، ڦتو کوکر (21) +ان دور ۾ عمال اکر مکيه عملدار يا حاڪم لاءِ استعمال ٿيندو هو. شايد اصل نالو، فتح محمد هو، جو هاڻي بگڙي ڦتو بنيو هجي. مقبري اندر هڪ ئي مزار آهي. هڪ گنبذ آهي جو سلامت آهي. جڏهن شهر ڦٽو، حاڪمن هتان ڪوچ ڪيو ۽ وسندي ويران ٿي، تڏهن ماڻهن کوکر جي مقبري مان در ۽ دريون به ڪڍي پنهنجي ڪتب آنديون. هي مقبرو ڪلهوڙن جي فن تعمير جو روايتي اهڃاڻ آهي ۽ گچ پلستر ۽ پڪ سر سان اڏيل آهي. گهڻي حد تائين پلستر برباد ٿي ويو آهي، ان ڪري مٿس ٿيل گلڪاريءَ بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. ان کان علاوه قبي تي يا قبر تي ڪو به ڪتبو موجود ڪونهي. رنگيءَ جا رنگ آهن. پنهنجي عملداريءَ ۾ ڦتو کوکر به حڪم هلايا هوندا ۽ خلق خدا کي آزمائش ۾ وڌو هوندو. ليڪن اڄ ڪو به ڪونهي جو لڙي گهڙيءَ پل لاءِ سندس قبر تي کڻي هڪ نگاه وجهي! +(iii) پڪي مسجد: کوکر جي مقبري جي اُتر ۾ آهي. هي مسجد ڪافي وڏي آهي. ورانڊو به اٿس ته ڪشادو ميدان پڻ. جيتوڻيڪ هن جي ڇت اڏامي وئي آهي، تڏهن به ڪارگر جو ڪمال ڏسڻ وٽان آهي. گچ پلستر نه ٿيس ڇو ته ڪم جي پورائي کان اڳ، شايد هن شهر جي اهميت ختم ٿي ۽ عملدارن توڙي حاڪمن هتان ڪوچ ڪيو. +(iv) خاون�� ڏنو فقير: روايتن موجب هن فقير جا وڏا هالن مان ٻارهين صديءَ ۾ هت پهتا. خاوند ڏنو فقير پاڻ تيرهين سن ۾ ٿي گذريو. سندس مزار، قبي ۽ مسجد جي سامهون آهي. پريل فقير جوڻيجو مجاوري ڪري ٿو، جنهن هتان لڌل ڪي نواد رات اسان جي حوالي ڪيا. +(v) ميان صالح جي مزار: ذات جو ڏاهري هو ۽ سندس تعلق ٻارهين صدي هجريءَ سان آهي. خواجه محمد زمان لواريءَ واري جو مريد هو ۽ ميين ابوالحسن ڏاهريءَ جو صحبتي پڻ ٿي گذريو. مزار جو لوڙهو پٿر جو اهي، مٿس بهترين سنگراشي ٿيل آهي، ليڪن ڪو به ڪتبو نه اٿس. عام طرح ماڻهو هن کي اهل دل بزرگ سمجهن ٿا. (22). +(ب) ابو شهيد جو آستان ۽ پراڻي بستي: +هن خطي ۾ کڙ کان علاوه ٻي به هڪ تاريخي بستي هئي، جا اڄ بلڪل نيست و نابود ٿي چڪي آهي ۽ اجھ صرف وڏيءَ عمر جا مقامي ماڻهو ان جي ڳالهه ڪن ٿا. هي بست ديهه الهه کاهيءَ ۾ موجود هئي. ڳوٺ بهار ڪور ۽ دولت پور صفن ريلوي اسٽيشن جي بلڪل وچ تي هڪ تاريخي قبرستان موجود آهي، جو ابو شهيد جي نالي سان مشهور آهي. ابو شهيد ۽ سندس ڇهه ڀائر ڪنهن جنگ ۾ ڪتب آيا. هو ڪيريا قبيلي جا فرد هئا. ٻي روايت آهي ته هن قبيلي جا ڇهه ڀائر مٿي ذڪر ڪيل ڪچي مسجد ۾ قتل ڪيا ويا هئا. هن مقام ۾ پڻ هڪ مقبرو آهي جو وري به ڪنهن کوکر سردار جو سڏجي ٿو. هن مقبري ۾ اندر ٽي قبرون آهن. نه ته قبرن تي ۽ نه وري مقبري تي ڪو ڪتبو موجود آهي. مقبري جي اڏاوت هوبهو ڦتو کوکر جي قبي جهڙي آهي. هن مقام ۾ سوين قديم قبرون آهن، ليڪن ڪنهن تي به ڪا لکت ڪانهي، ابو شهيد جي مقام جي اولهه ۾، ڪافي وسيع ايراضيءَ ۾ هڪ سؤ سال اڳ تائين، هڪ قديم ۽ شاهي شهر جا کنڊرات موجود هئا. عام طرح ان کي ماڙيون يا وري ماڙين وارو شهر سڏيندا هئا. انگريزن جي دور ۾ موجوده شاهپور جهانيه وٽان داد واهه مان، هن پر ڳڻي کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ واهه کوٽيو ويو، جنهن کي مقامي طرح هرٻٽ سڏيو ويندو هو. هي واهه هن قديم شهر ۽ ابو شهيد جي تاريخي مقام جي وچان لنگهي، دولت پور کان پلين جي ڳوٺ تائين ويندو هو. هر ٻٽ کان پوءِ ماڙين جي شهر يا آثارن جي بربادي شروع ٿي ۽ آهستي آهستي کنڊرات کي ختم ڪري زمينن کي پوک هيٺ آندو ويو. سکر بئريج بعد هن تاريخ ماڳ جي بربادي تيز ٿي ۽ هن وقت هتي سرسبز پوکون ڏسجن ٿيون. مقامي بزرگن جو چوڻ آهي ته هتي موجود ڦٽل شهر، کڙ واري تاريخي ماڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳ هتي بهار جي ڪور ۽ شاهه جي ڪور نالن سان، ننڍا ننڍا واهه وهندا هئا جي خود به تاريخي طور وڏي اهميت وارا هئا. +گفتگوءَ جو حاصل مطلب: +جهڙيءَ ريت اڄ ”محمد آباد“ جو وجود ڪونهي ۽ ان جاءِ تي ”ميان جا قبا“ جي نالي سان هڪ ڳوٺڙو موجود آهي، ٺيڪ ان طرح ميان غلام شاهه جو ”الهه آباد“ به باقي موجود ڪونهي. مير علي شير قانع ٻنهي تختگاهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڄاڻايو آهي، ان ڪري هن مقاله نگار جو خيال آهي ته الهه آباد کي تلاش ڪندي، ذڪر ڪيل ٻن ماڳن کي اڀياس جو محور بنائڻ گهرجي. انهن مان به کڙ جي بستي ۽ ان جي آسپاس موجود آثارن ۽ خطي ڏي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇو ته ڪمشنر ليوڪس (1913ع_ 1916ع) جي وقت تائين، هت هڪ قديم شهر جا چٽا اهڃاڻ ۽ گس پتا ملن ٿا، جي پوءِ ڏاهري قبيلي جي ڳوٺ کڙ جي نسبت سان، خود به کڙ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيا. ارڙهين صديءَ ۾ هن خطي ۾ ڪلهوڙا حاڪمن سان لاڳاپيل بااثر قبيلا خاص ڪري کهاوڙ، ڪيريا، ڏاهري ۽ کوکر، الهه آبد ۽ محمد آبد جي بربادي يا خود ميرن جي حڪومتي دور ۾، پنهنجو اثر وڃائي ويڄا ۽ جدا جدا شهرن ڏي ٽري پکڙي ويا. انهن قبيلن جا ماڳ مڪان اڄ سوڌو دولت پور صفن شهر ۾ موجود آهن. ماضي قريب ۾ هن شهر ۾ مولوي محمد دائود کوکر ٿي گذريو. هن خاندان جي هڪ نوجوان عبدالڪريم، جو انجنيري پاس آهي، هن حقيقت جي تصديق ڪئي ته سندن برادري ۾ ڪجهه سال اڳ تائين به، هڪ آڪهه هئي جا پئسي ڏوڪڙ ۾ خوشحال هئي ۽انهن واسطو ڪنهن حڪمران خاندان سان هو. دولت پور شهر ۾ هڪ ڪَچو ڪوٽ آهي، جو محمد حسن کهاوڙ ڏي منسوب آهي. ان کان علاوه هن شهر ۾ئي وزير اعظم سنڌ مير متاري جي تُربت به موجود آهي. ان پس منظر ۾ اسين هي چئي سگهون ٿا ته هي سڄو پرڳڻو، ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ وڏي اهميت رکندو هو. ميان غلام شاهه الهه آباد ۾ چند مهينا رهيو ۽ هي اهو ئي سال آهي، جڏهن سنڌو درياهه پنهنجي وهڪري ۾ اريخي تبديلي آندي، جنهن سبب سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ان ڪري هت ڪي به مستقل تعميراتي نه ٿيا، جي هوند اڄ اسان جي رهنمائي ڪن! +حوالا +(1) ٽيهه سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ، ڪلهوڙن جي تاريخ ٻن جلدن ۾ شيع ڪئي هئي.. ان بعد ٿيل تحقيق ۽ خاص ڪري چند اصلي ماخذن جي اشاعت سبب، هاڻي ضروري ٿي پيو آهي ته هن دور جي تاريخ تي نئين سري سان ڪم ڪيو وڃي. راقم ان خيال کي آڏو رکي آهي پيپر ڇاپي چڪو آهي: +(i) ڪلهوڙن جا تختگاهه، رسالو مهراڻ، 2-3/1983ع. +(ii) ڪلهوڙا ڪڏهن ۽ ڪيئن حڪومت ۾ آيا، ڪتاب ”مقالا“، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع. +(iii) ميان نور محمد جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا، رسالو مهراڻ، 1-1989ع. هي پيپر ”تختگاهه الهه آباد جي تلاش“ ان سلسلي جي چوٿن ڪَڙي آهي. +(2) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“، ص 341، اختر رضوي، سال 1959ع. +(3) ”تحفة الڪرام“ ص 343. +(4) غالباً ان دور ۾ ئي ميان غلام شاهه سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ڪجهه تعميرات جو حڪم ڏنو، جو ورندڙ ٻن سالن ۾ يعني 1173هه ۾ مڪمل ٿيو ۽ انهن جا تاريخي ڪتبا مير محمود صابر چيا (مقالات مولوي محمد شفيع، جلد اول، ص 136_137، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 9) +(5) اهڙي ئي ڪٺن وقت ۾ جهانگير پڻ سن 1606ع ۾ خسرو جي بغاوتن کان پريشان ٿي، والد ۽ ڏاڏي جي مزارن تي ويو ته جيئن اتي وڃي غم جو بار هلڪو ڪري سگهي. هو نظام الدين اولياءَ جي مزار تي به ويو ۽ مسڪينن ۾ وڏي رقم تقسيم ڪيائين (ڊاڪٽر مبارڪ علي: ”هسٽاريڪل اسٽيڊيز“، ص 23، بڪ ٽريڊرس لاهور، سال؟) +(6) غلام رسول مهر! ”تاريخ ڪلهوڙا“، جلد ٻيو، ص 657، اردو، سال 1958ع. +(7) ميان نور محمد هڪ شادي احمد آباد مان جوڻيجه --قبيلي مان ڪئي هئي. پاڻ خدا آباد کان اوڏي وڃڻ لاءِ رات ان جاءِ تي اچي ترسندو هو، جتي پوءِ پنهنجو شهر محمد آباد قائم ڪرايائين(عبدالرحمان سومرو: ”سنڌ جا جهونا شهر“، ص 252_253، حيدرآباد 1968ع). ميان غلام شاهه جو هتان کان احمد آباد ڏي وڃڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي ڏسجي ٿي. +(8) H.T Lambrick: “Sind_A general Introduction”, P. P 191_192, Sindhi Adabi Board, Hyderabad 12975. +(9) M.R HaigL “The Indus Delta Country”, P.120, Reprint, Indus Publications Krachi, 1972. +(10) ”تاريخ ڪلهوڙا“، جلد ٻيون، ص 204. +(11) ساڳيو ڪتاب، ص 217. +(12) ساڳيو ڪتاب، حاشيو، ص 578. +(13) ساڳيو ڪتاب، ص 593. +(14) ساڳيو ڪتاب، ص 1080. +(15) ”جنت السنڌ“ ، ص 531، سال 1985ع. +(16) ”تحفة الڪرام“، ص 341. +(17) H.Cousens: “The Antiquities of Sind”, P.39, Reprint, O.U.P. Karachi, 1975. +(18) Mirza Qalich Beg: “A History of Sind”, P.155, Reprint, Scinde Classics, Karachi, 1982. +(19) رسالو مهراڻ، 1/1989ع. +(20) وليم هينري ليوڪس 1913-1916ع دوران سنڌ جو ڪمشنر رهيو هو (سورلي جو سنڌ گزيٽيئر، ضميمو ix ). +(21) ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد ii، ص 942. +(22) هي اهو ئي بزرگ آهي جنهن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ شيخ حاجي محمد صالح ڳهرائي لکيو آهي (لواريءَ جا لعل، ص 68، سال 1973ع). مولوي دين محمد وفائي مرحوم کيس ڳهڙائي سڏيو آهي (تذڪره مشاهير سنڌ، جلد ٽيون، ص 132، سال 1986ع). عبدالڪريم ٽالپور چٽيءَ ريت، ميان حاجي صالح کي ”کڙائي“ يعني ”کڙ“ جو رهواسي سڏيو آهي. (اوليائي لواري شريف، ص 70، سال 1975ع). + + +ڪهاڻيون +ڪهاڻي هڪ اهڙو فن پارو آهي جيڪو سدائين ياد رکي سگهجي ٿو. پڙهندڙ ناولن کي وساريو ڇڏين، پر ڪهاڻيون انهن جي حافظي ۾ رهجيو وڃن. ان ڪري نه ته ڪو انهن ۾ ياد رکڻ جي لاءِ مواد گهٽ هوندو آهي بلڪ اهي موجوده زندگي جي حساس، اختصار پسند، اعصابي قوت سان ڀرپور، فيصله ڪن ۽ ڪنايه پسند مزاج سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻي ٿوري ۾ گهڻي جو نالو آهي. جڏهن ڪهاڻيڪار ائين نٿو ڪري سگهي ته هو ٺلهو ۽ ناڪام رهجيو وڃي. پڙهندڙ جنهن شيءِ جو اثر قبول ڪري ٿو اها آهي ڌيان ۽ شڪل ۽ تجربي جي شدت ۽ سچائيءَ جي اوچتي انڪشاف جي مشق! ناول نگار جي لاءِ اهو ڪم ڪندو رهڻ مشڪل ثابت ٿيندو آهي. ڪو هڪڙو حصو ڏسي سڀ ڪجهه ڪيئن معلوم ڪري سگهجي ٿو! اهو ڪهاڻي جو فن آهي. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جو ڪو هڪڙو حصو الڳ ٿلڳ ڪيو ويو آهي. ان کي ڪنهن وڏي تسلسل ۾ گم ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. اهو ڪنهن ناول جو گم ٿيل باب هرگز نه هوندو آهي، بلڪه ان جي پنهنجي هڪ حيثيت آهي... ڪهاڻي جي فن جي حقيقي فوقيت شاعراڻي بيان ۽ محدود هيئت جي نڪته سنجي جي امتزاج ۾ آهي. ان کان سوا ڪِن ڪِن ڪهاڻيڪارن وٽ ڪهاڻيءَ جي فني فوقيت جو سبب حقيقي زندگيءَ ۾ ماڻهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي استمراري ۽ لاشعوري قوت جو اظهار آهي.... ڪهاڻي طوالت جو آرٽ ناهي، بلڪه ان ۾ ته گهڻين ڳالهين کي گهٽايو ويندو آهي، شين کي ننڍو ڪيو ويندو آهي ۽ گهڻو ڪجهه مقدار ڇڏي ڏبو آهي. +- وي ايس- پريچت +اڃا نه اڃا نه +انيس انصاري +تهجد پڙهڻ بعد محمد شريف لوئي ويڙهي مصلي تي ويهي تسبيح پڙهڻ لڳو. وضو ڪرڻ وقت هن بدن ۾ معمول کان وڌيڪ سياندو محسوس ڪيو هو. هونءَ به اڄ اتر جي برفاني هوا گهلي رهي هئي. اسُر جو اٿڻ وقت هن دِلن جي منهن وٽ پاڻيءَ ۾ برف جو هلڪو تهه به ڏٺو هو. رات پارو پيو هو! تسبيح پڙهندي هن خيال ڪيو هوته مسجد ۾ وڃڻ بدران هو فجر جي نماز گهر ۾ ئي پڙهندو. اوچتو ياد آيس ته عشا جي نماز بعد نوراني چهري وارو تبليغي ٽولو وٽس آيو هو، جن باوجود محمد شريف جي دليون جانيون صلاح ڪرڻ جي، نه سندس ماني کاڌي هئي ۽ نه وري چانهه ئي پيتي هئي. کيس اهو چيو هئائون ته صبح جي نماز بعد هو لاڙڪاڻي مان ماهوٽي وڃي رهيا آهن. انهن کيس فجر جي نماز مسجد فاروق ۾ ساڻن گڏ پڙهڻ ۽ بيان ٻڌڻ لاءِ چيو هو. +مسجد فاروق، محمد شريف جي گهر کان ڪجهه مفاصلي تي هئي. اهو اندازو لڳائي هو صبح جي نماز تي نڪرڻ واري وقت کان ڪجهه وقت اڳ گهر مان نڪتو. ٻاهر غضب جي سردي هئي. هن ائين محسوس ڪيو ته برفاني هوا ان جي بدن مان پار وڃي رهي هئي. ان جو سارو بدن سرديءَ ۾ ٿڙڪڻ لڳو. گرم ٽوپ کي ڇڪي ڪنن تائين آڻي، محمد شريف لوئي کولي نئين سر بدن تي ليپٽي مسجد ڏانهن تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ لڳو. اڄ کيس مسجد فاروق ڪافي پري محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن ڏانهن ويندڙ رستو کٽڻ جو ئي نه هو. ڌنڌ به اڄ ڪافي هو. ٻن قدمن جي دوريءَ تي به چيز چڱيءَ طرح سڃاڻڻ ۾ نه پئي آئي. گهٽيءَ جي بجليءَ جي روشني ڏيئي جي لاٽ کان وڌ روشن نظر ڪانه پئي لڳي. هو صلوات پڙهندو اڳتي وڌندو رهيو. +هلندي هلندي محمد شريف کي بدن ۾ سُئين ڇڀڻ جو احساس ٿيڻ لڳو. سندس هڪ هڪ قدم مشڪل سان ٿي کڄيو. ساهه کڻڻ ۾ کيس تڪليف ٿيڻ لڳي. هڪ وقت ته ان اکين اڳيان انڌارو ايندي محسوس ڪيو. ”هيءَ سڄي حرڪت سرديءَ جي آهي.“ هن چيو بدن کي گرمي پهچائڻ ڪاڻ هن قدم تيز ڪيا. هلندي هلندي سرديءَ جو احساس هاڻي گهٽجڻ لڳو هوس. سندس بدن نهايت هلڪو ڦلڪو ٿي ويو. سندس قدم بنا تڪليف جي کڄڻ لڳا ۽ هو آسانيءَ سان ساهه کڻي رهيو هو. هاڻي کيس اهو خيال به نه رهيو ته هو ڪير آهي ۽ ڪاڏي وڃي رهيو آهي. زمان ۽ مڪان کان بي پرواهه هو هلندو رهيو. سندس اڳيان نه وقت جي وقعت هئي ۽ نه مفاصلي جي. هو هلندو رهيو هڪ ئي طرف، جو نه اوڀر هو ۽ نه اولهه، نه اتر هو ۽ نه ڏکڻ هو سوين ميل طئي ڪري چڪو هو. پنڌ ۾ هن سالن جا سال صرف ڪيا هئا. +ڌنڌ ڇٽو ته هن پاڻ کي هڪ رستي تي ڏٺو، جنهن تي نه فرش بندي ٿيل هئي۽ نه مٿس ڏامر جو تہ چڙهيل هو. ان جي باوجود رستو اهڙو صاف ۽ پاڪ هو ته جي کير هارجي پئي ته ميرو نه ٿئي. محمد شريف کي اها پرواهه نه هئي ته رستو ڪٿان ٿو اچي ۽ ڪاڏي ويندو. هو هلندو رهيو، نامعلوم وقت ۾ نامعلوم هنڌ ڏانهن. +هاڻي هر طرف روشني ڦهلجڻ لڳي. اها روشني جا ڪنهن هڪ طرف کان نه پئي آئي. ان ۾ سج جي روشنيءَ جي تيزي هئي نه چنڊ جي روشنيءَ جي ٿڌاڻ ۽ جنهن جي نڪرڻ جو هنڌ معلوم نه پئي ٿي سگهيو. سردي جا سندس بدن ۾ رچيل هئي، سا هاڻي ختم ٿي چڪي هئي. فضا ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت موجود هئي، جنهن مان نه سرديءَ جو احساس پئي آيو ۽ نه گرمي جو. هن جو بدن اهڙو هلڪو ڦلڪو ٿي ويو هو جو هو ڄڻ هوا جي پرن تي پنڌ ڪري رهيو هو. کيس نه قدم وڌائڻ لاءِ ڪوش ڪرڻي ئي پئي ۽ نه ساهه کڻڻ لاءِ محنت. هوا ۾ هڪ هلڪي هلڪي خوشبو رچيل هئي جا سندس ڦڦڙن کي آڪسيجن کان به وڌيڪ لطيف هوا سان ڀري رهي هئي. هن چوڌاري نظر ڊوڙائي. ماحول اجنبي هوندي به کيس اوپرو نه پئي لڳو. سندس چوڌاري نهايت ڊگها ۽ گهاٽا وڻ هئا، جن جا ٿڙ چهچ ساوا هئا. ٽاريون هلڪيون سايون۽ پن وڏا ۽ واڱڻائي هئا. انهن مان رنگ برنگي ميوا لڙڪي رهيا هئا، جهڙا محمد شريف اڳ ڏٺائي ڪو نه هئ ۽ هو چهڪندڙ پکي- ڪيڏا نه سهڻا، انڊلٽ جا رنگ پرن ۾ سميٽي هڪ ٽاريءَ تان ٻيءَ تي ٽپي ڪڏي رهيا هئا. ائين پئي محسوس ٿيو ته اهي هوا ۾ اڏي نه پر تري رهيا آهن. +بک محسوس نه ڪندي به محمد شريف ميون جي خوش رنگيءَ سبب انهن ڏانهن هٿ وڌايو. اڃا هنميوي کي ڇهيو به نه هو ته کيس هڪ آواز- جو آواز نه هو، ٻڌڻ ۾ آيو ”اڃا نه، اڃا نه.“ هن هٿ روڪيو. +زمين هاڻي واڱڻائي رنگ جي گاهه سان ڍڪيل نظر پئي آئي، جنهن مان کير جهڙي پاڻيٺ سان هڪ چشمو وهندو پئي نظر آيو. هو اوڪڙو ويهي رهيو ۽ ٻڪ بڻائي پاڻي سان ڀريو. اهو پاڻي پاڻي نه هو ۽ نه کير. ان کي منهن تائين آندوئي مس هئائين ته ان ”ٻي آواز“ کيس روڪيو، ”اڃا نه، اڃا نه“ سندس ٻڪ کلي ويو ۽ اها پاڻيٺ، جا ڇهڻ سان ئي بندن ۾ خوشگوار احساس پيدا ڪري رهي هئي، سا وهي وڃي چشمي ۾ پئي. +محمد شريف، جو پنهنجو تشخص وڃائي چڪو هو، جو نه هاڻي محمد شريف ئي هو ۽ نه ڪو ٻيو ماڻهو. بي نام ۽ بي نشان، اڳتي وڌيو. هاڻي هو اهڙيءَ بستيءَ ۾ پهچي چڪو هو، جا اڏاوت ۾ منفرد هئي، جنهن جو هرهڪ گهر انڊلٺ جي ڪنهن نه ڪنهن رنگ سان رنگيل هڪ جيتري پٿر مان جوڙيو ويو هو. هن سوچيو ته اهڙي بستيءَ جا باسي به ان بستيءَ جهڙا سوڀيا وان هوندا. هو اڳتي وڌيو، هڪ زمردي رنگ وار گهر تي هن تختي ڏٺي، جنهن تي لکيل هو، ”جي آئين“. هن محسوس ڪيو ته اهو گهر سندس ئي هو ۽ ڪا هستي اندر ان جو انتظار ڪري رهي هئي. هستي جا ان وقت تائين اوپري هوندي به نه رڳو ڄاتل سڃاتل هئي، پر پياري پڻ. ان در کولڻ لاءِ هٿ وڌايو ئي مس ته ان بي آواز کيس منع ڪندي چيو: ”اڃا نه، اڃا نه.“ +فقير محمد مسجد ڏانهن ويندي گهٽيءَ جي پاسي کان هڪ ڳٺڙي ڏٺي. ڌنڌ اڃا پوري گهرائيءَ سان ڇانيل هو. هواڳتي وڌيو. گهٽيءَ جي بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن وٺو ته ناسي لوئيءَ ۾ ويڙهيل هڪ ماڻهو ڪريو پيو هو. ويجهو وڃي ڏٺائين، دانهن نڪري ويس، ”اڙي هي ته محمد شريف آهي،“ نمازي اچي مِڙيا، کيس کڻائي اسپتال ۾ وڃي داخل ڪيائونس. +حادثات جي شعبي ۾ محمد شريف کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ جتن ٿي رهيا هئا. سندس سرديءَ کان آڪڙيل جسم کي گرمي پئي پهچائي وئي. سندس ظاهري بند ٿيل دل کي پوريءَ طرح ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون. سرجن آفتاب ايڊرينلين جي انجيڪشن تيار رکيو بيٺو هو. ڊاڪٽر قريشيءَ جون اکيون مانيٽر ۾ کتل هيون، جنهن ۾ دل جي بي گنگم اڻ لکي حرڪت کي غور سان جاچيو پئي ويو. اوچتو محمد شريف جي بدن کي هلڪي اڇل آئي. +سرجن آفتاب پڇيو، ”ڇا ختم ٿي ويو.“ +ڊاڪٽر قريشي جنهن جون نظرون مانيٽر تي لڳل هيون، جواب ۾ چيو: +”اڃا نه، اڃا نه.“ + + +نڪران ڪاريءَ ٻاٽ +ضياءُ الدين انصاري +”يار، ذري جيڏيون ٽه ڦيٿيون پر ڀڄڻ جون اهڙيون تکيون، جهڙا اصل تو وارا ڪتا.“.... ”شهر اندر گهڙ ته قسمين قسمين هزارين موٽرون ۽ لاريون، اڳيان ۽ پويان، کاٻي ۽ ساڄي ڊڪنديون وتن.“ ”انهن جي هارونن جا آواز ڪن ئي کايو ڇڏين ۽ سندن تيز روشني ته دوڏا ڪڍيو ڇڏي.“.... “جايون ڏس ته ايتريون اوچيون جو انهن جا ترا زمين سان ۽ ڇتيون آسمان سان ڳنڍيا پيا آهن.“...”لالوءَ جي هٽ جيترو ننڍو ڪمرو، اُنهيءَ اندر گهڙي بَٽڻَ تي هٿ رک ته پنجن منٽن اندر وڃي عرش تي پهچ. نظر کڻي ڦيراءِ ته مار! هاٿيءَ جيڏيون شيون به ڪِول جيان پيون نظر اچن.“....؟ سج اڃان پورو لٿو ئي ڪينهي ته هر نموني ۽ هر رنگ جون، ڪي هڪ هنڌ بيٺل، ڪي هڪ ٻئي پويان ڀڄندڙ ته ڪي وري پاڻيهي ٻرندڙ ۽ پاڻيهي وسامندڙ بتيون جهرمر ڪنديون وتن. هر طرف چانڊوڪي ۽ چانڊاڻ ڇا جو آسمان، ڇا جا تارا ۽ ڇا جو چوڏهينءَ جو چنڊ!“ +ڪنڊو ڪراچيءَ مان موٽندي پنهنجي ڇتڙن جي يار جانوءَ کي تڪڙا ئي تڪڙا حال احوال ڏيئي رهيو هو. جانو، جنهن جي ابن ڏاڏن، ننڍن وڏن ۽ اوڙي پاڙي وارن پنهنجي سموري حياتي ڀينگين ڀٽن ۽ ڪارين ڪوٺين ۾ گذري هئي، جن لاءِ ڏيئي جي لاٽ به وڏو سوجهرو هئي؛ ال ڪانو جيان وا پٽي ڄڻ ته الف ليلى جو داستان ٻڌي رهيو هو. کيس ڄڻ ته ڪنهن ڳالهه تي اعتبار ئي نه پئي آيو. هوائين محسوس ڪري رهيو هو جيئن ڪنڊو ڄڻ ته هر ڳالهه ۾ ڊاڙ هڻي سندس مذاق اڏائي رهيو هجي. +ڪنڊوءَ پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي پورا پنجويهه سال، ڇاپري جي ڇانو! هيٺان، پنهنجي واهڻ ۾ گذريا هئا. هڪ اهڙو وهاڻ جتي ڇنن ۽ ڇاپرن سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙو ڪچو دينوءَ جو دڪان ۽ خان صاحب جي پڪ سري جاءِ ۽ ڪچي پڪي اوطاق هئا، جتي بيل گڏين جي هلڻ جا هلڪا ڦلڪا چيڪاٽ ۽ مال جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين جي ٽڻ ٽڻ جا آواز هئا. جتي صاف آسمان واري سمي چنڊ جي چانڊوڪيءَ واري رات ئي هڪ روشنيءَ واري رات هئي. +خانصاحب جي ڳوٺ اچڻ واري وقت ڪمدار ڪوڙل وارو سجيل ڪميت ۽ خانصاحب جي اڇي سوزوڪي جيپ جو نظر اچڻ پڻ عيد جي چنڊ مثل هوندو هو. جيپ اڃان ڳوٺ ۾ گهڙندي ئي مس هئي ته ٻارن جو ميلو مچي ويندو هو ۽ چمڙن جيان جيپ کي چهٽي ويندا هئا. هڪ دفعي منشي منٺار جي پٽ پيرل کي رهنڊون به ڏاڍيون آيون، پر تڏهن به انهيءَ عادت جي پچر نه ڇڏيائين. +خانصاحب ڪراچيءَ ۾ وڏو آفيسر هو. ڳوٺ ۾ هو ئي هڪ چڱو مڙس هو، جنهن جي نصيب ۾ تعليم جهڙي خدا جي نعمت لکيل هئي؛ باقي ٻيا ڳوٺ وارا ته مڙيوئي الف به کان به پوريءَ طرح واقف نه هئا. ڪيچن مان مس ڪن ڪڻن کي ڪا اکر جي ساڃهه هئي ۽ اها به زوري تعليم واري وقت جي مهرباني هئي. +خانصاحب اصل ۾ماڇي هو. سندس ڏاڏو چڱا چوکا بيت چوندو هو�� جنهن سبب کيس ”عاجز“ سڏيندا هئا. وڏي عهدي تائين پهچڻ تي خانصاحب الائجي ڇو پنهنجي ذات بدلائڻ مناسب سمجهي، انهيءَ ڪري کيس ڪرچيءَ ۾ سڀيئي ”عاجزي صاحب“ چوندا هئا. اها خبر به ڪنڊوءَ کي ڪراچيءَ ۾ پيئي هئي. +خانصاحب وٽ ڪا نوڪرن جي کوٽ ته ڪا نه هئي. آفيس جي ڪم ڪار واسطي هو انهن جي چالاڪيءَ ۽ ائي وئي جي کيسي ڏانهن تڪڻ واريءَ عادت کان پوريءَ طرح واقف ۽ مطمئن هو؛ پر کيس اهڙي فرد جي گهرج هئي جيڪو ڀروسي جوڳو هجي ۽ آفيس جي عملي ۾ ڀرتي ٿي خوشيءَ سان سندس گهر جو خانگي ڪم ڪار ڪري. انهن خوبين سبب هن ڪنڊوءَ کي پاڻ وٽ ملازم ڪري رکڻ نهايت مزون سمجهيو. پنهنجي گهر، واهڻ ۽ وٿاڻ ڇڏڻ ته ڏاڍا ڏکيا پئي لڳا، پر خانصاحب کي جواب ڏيڻ به مشڪل پئي سمجهيائين. +ڪنڊوءَ کي ڪراچيءَ پهچي پهريائين ته هر ڳالهه عجيب پئي لڳي. خانصاحب جي گهر واريءَ ۽ نينگرين کي مٿين اگهاڙي، کليل ٻانهن ۽ ڪادي گلي وارن ڪپڙن ۾ ۽ بنا پردي آزاديءَ سان ٻاهر گهمندو ڏسي هو شرمائجي پئي ويو. ڳوٺ اچڻ وقت انهن ساڳين ئي ماڻهن جي پردي جي سختي ۽ شهر ۾ هن طرح آزاد نموني زندگي گذارڻ ڏسي کيس حيراني وٺي ويئي. نيٺ وقت گذرندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن جو ماحول ڏسي کيس سڀيئي ڳالهيون معمولي نظر اچڻ لڳيون. +ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته، ”ڪيئن ڪرڙ پنهنجي گهر واريءَ ڪامل کي در جي چانئٺ تي بيهي هيڏي هوڏي نهارڻ تي سندس هڏ گڏ ڀڃي وڌا هئا.“ ڪيئن ربوءَ جيوڻيءَ کي اوڀائي سان ڳالهائيندو ڏسي، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي هئي.“ اهڙا ڪيئن گذريل واقعا سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳندا هئا. اهو سوچي ته عزت وارن جي عزت ته هر هنڌ محفوظ آهي، هن کي پنهنجي جاهل نينگرن ۽ نينگرين جي حالت تي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ٻٽيل ماحول تي رحم ايندو هو. +پر انهيءَ ۾ ڪنڊوءَ جي ڳوٺ جي ماڻهن جو ڪهڙو قصور ٻيو ته ٺهيو، پر سندس ڳوٺ تائين پهچڻ ئي ڪيڏو نه مشڪل هو! ٺڪر جي ڏيئن ۽ ٽين جي چمنين کان علاوه سندن واهڻ ۾ ڪنهن وٽ گاسليٽ واري هٿ بتيءَ ۽ سيلن واري ٽارچ جو موجود هئڻ به وڏي ڳالهه سمجهيا ويندا هئا. کين ترقيءَ جي راهه ڏيکاري به ڪنهن هئي! +اڄ پورن ٻارنهن مهينن گذرڻ کان پوءِ رمضان جي عيد جي موقعي تي ڪنڊو خانصاحب وارن سان گڏ ڳوٺ موٽيو ته سندس دل چاهيو ته جيڪر جانوءَ سان هڪ ئي ساهيءَ هر هڪ نئين وٺل شئي جو ذڪر ڪري. هن جي ذهن تي ڪراچي جو هر نظارو تري آيو. خانصاحب جو پاڻ سان گڏ ٻارن ٻچن کي گهمڻ گهتڻ لاءِ وٺي وڃڻ. هاڪس بي، سئنڊس پٽ، ڪياماڙي، ڪلفٽن، چڙيا گهر، عجائب گهر، فن لئنڊ، هوائي اڏو، هل پارڪ، مطلب ته ڪراچيءَ جو هر دل لڀائيندڙ نظارو سندس اکين اڳيان گهمڻ لڳو. خانصاحب ۽ انهيءَ جي ٻارن کي پاڻ ۾ ائين گڏ گهمندو ڏسي هن جي دل مان سرد آهه نڪرندي هئي ۽ هو چاهيندو هو ته جيڪر ڀاڳل ۽ پاڻ ٻچن سوڌو ائين گڏ گهمندا وتن. صاحب جي ننڍڙن ٻارن کي صبح جو سوير اٿي پابنديءَ سان سهي سنبري اسڪول ويندو ڏسي سندس دل به رشڪ کائيندي هئي. +اڄ سڄي سال گذرڻ بعد جڏهن هو ڳوٺ موٽيو ته پنهنجي ڀاڳل کي گهر جي لوڙهي منجهان ٻاهر ڪڍي ڳوٺ جي زمينن ۽ ڍنڍن ڍورن جو سير ڪرايو ۽ عيد جي موڪل پوري ٿيندي ئي ڪراچيءَ واپس ورڻ کان اڳ ئي پنهنجي ننڍڙيءَ ڦلان کي ميٽ مليل لسي ڦرهي، ڪانيءَ جي ڪلڪ ۽ پُڙين مان ٺهيل نيري مس جي ڪُپڙي هٿ ۾ ڏيئي اسڪول اماڻيو. +سج اڀرڻ کان پوءِ +غلام مصطفى سولنگي +اڌ رات جو جڏهن اوطاق مان خيروءَ جي ڳائڻ جو آواز گونجيو ته سڄو ڳوٺ جاڳي پيو ۽ هرڪو ماڻهو کٽ تي پاسا ورائڻ لڳو. +”توهين! هن نڀاڳي کي ته نه ڏي��هن جو ڪو ڪم ۽ نه وري رات جو آرام...“ تاجوءَ جي زال جاڳي پئي ۽ اکيون مهٽيندي چيائين، ”بدبخت، ڪنهن ڪم ساڻ به ڪو نه ٿو لڳي نه!“ +ڪم.... ڪم.... هن ڳوٺ ۾ ڪنهن کي به ڪم مان ٿوريءَ دير لاءِ به رصت نه ملندي هئي. بس اهو خيرو ئي هو، جنهن کي ڪو به ڪم نه هوندو هو. اوطاق تي سمهندو ۽ اوطاق تي ئي جاڳندو هو. صبح جو سجهر اٿي ايٽَ (کوهه) تي ويندو هو. پپر جي هڪ شاخ تي پنهنجو پينگهو ٻڌي، ڪپڙا لاهي، حوض مان ڌوئي چنگهرن تي سڪڻا وجهي ايستائين حوض ۾ ويهي وهنجندو رهندو هو، جيستائين ڪپڙا سڪي نه ويندا هئا. +وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي سڌو مسجد ۾ ايندو هو. نماز پڙهڻ ته هن کي ڪا نه ايندي هئي. بس، گوڏا کوڙي چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ويهي رهندو هو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ اتان اٿي ٻاهر ايندو هو. +ويچاري خيروءَ جو ڪو گهر گهاٽ ته ڪو نه هو، آخر وڃي به ته ڪيڏانهن؟ گهڻو ٿو ته تاجوءَ جي ٻنيءَ ڏانهن نڪري ويو، پر تاجوءَ کي پنهنجي ٻنيءَ مان واندڪائي ڪٿي هئي. خيروءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو وقت ته هن وٽ هيو ئي ڪونه. ساڙيندڙ منجهند جو به پگهر ۾ ٻڏل ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. خيرو پينگهي مان بانسري ڪڍي تاجوءَ جي مٿان بيهي رهندو هو. ڪڏهن رات جو ڏٺل خواب ٻڌائيندو هئس ته ڪڏهن وري ڪالهوڪو پيش آيل واقعو. تاجوءَ کي اڪثر ڪاوڙ لڳندي هئي پر هن کي روڪيندو ڪو نه هو. ها، هڪ ڀيري جڏهن خيروءَ ڏاندن جا سڱ رڱڻ لاءِ هَرُ روڪيو هو ته تاجو ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو. +”هٽ پري ٿيءُ هتان، تنهنجن اجاين حرڪتن لاءِ ٽيم ناهي مون وٽ. اجايو ٿو وقت وڃائين. ڀلا ڏاندن جا سڱ رڱڻ مان ملندو به ڇا!“ +خيرو پوئتي هٽي ويو. پر ٻئي ڏينهن وري منجهند جو آيو. جڏهن تاجو ماني کائڻ لڳو ته هن جهٽ پٽ ڏاندن جا سڱ رڱي ورتا. تاجو هن کي ماني کارائڻ لاءِ سڏيندو ئي رهجي ويو. خيروءَ کي سڌ هئي ته ماني کائڻ کان پوءِ تاجو وري هَر ڪاهڻ کي لڳي ويندو ۽ هو سڱ نه رڱي سگهندو. +ٽاڪ منجهند جو تاجوءَ جي زال ماني کڻي ايندي هئي، ”جلدي کائي وٺ.... زيبوءَ کي وڃي کير پيارڻو آهي.“ +”احمد کي دوا به کارائجانءِ...“ تاجو تاڪيد ڪندو هوس. +”چڱو! تون ماني کاءُ، تيستائين مان وڃي پاڻي ڀري اچان.“ +”پاڻي صبح نه ڀريو هيئي ڇا؟“ +”صبح چڪيءَ تي اٽو پيهائڻ وئي هيس.“ +”احمد کي دوا ڏئي مَنَههَ تان ڌاڻا لاهي ڪُٽجانءِ.“ +هر شخص مصروف هو.... ڏاڍو مصروف. +ٻئي ڏينهن تاجو ماني کائي رهيو هو. پريان بيٺل خيروءَ کي به سڏ ڪيائين، جيڪو پينگهي مان ٻه گهنٽيون ڪڍي ڌاڳن ۾ وجهي رهيو هو. +”خيرو.... او خيرو... ڇا ٿو ڪرين؟“ +”ڏاندن لاءِ گهنٽيون ٿو ٺاهيان، جڏهن پائي هلندا ته سهڻا لڳندا.“ +”ڇڏ انهن اجاين ڪمن کي، اچي ماني کاءُ..... ڏاند بنا گهنٽين جي به هلندا ئي رهندا، اهو ئي ڪم آ انهن جو.“ +شام جو خيرو کوهه تي پهچي ويو. اُڃ لڳي هيس، پر ڪنهن کي به فرصت ڪا نه هئي جو هن کي پاڻي پياري. ڪا ويچاري اَٽو ڳوهي رکي آئي هئي ته ڪا وري ٻوڙ جي ديڳڙي چُلهه تي ڇڏي آئي هئي. هڪ ڇوڪري واريءَ سان دِلن ۽ گهاگهرن کي چمڪائي رهي هئي. ٻه - ٽي گڏجي پاڻي ڇڪي رهيون هيون. خيروءَ پنيگهي مان ڪجهه رنگ ڪڍيا ۽ کوهه جي ڪناري واري ڀت تي رکيل هڪ گهاگهر تي گل ٻوٽا ڇٽڻ لڳو. +”خيرو! اهو ڇا ٿو ڪرين؟ مٿي ڦريا...“ هڪ ڇوڪريءَ هن کي دڙڪو ڏيندي چيو، پر گهاگهر هن جي هٿن مان کسي ئي سگهي، بس! اهو ئي ته ڏڍو هيو. خيروءَ جا سڀ ڪم اجايا هئا. جيئن ئي ڇوڪريءَ جو وارو آيو ته هن سٽ ڏيئي خيروءَ جي هٿ مان گهاگهر کسي ورتي. خيرو به عادي ٿي چڪو هو. هو ڪم جي انهن ئي ننڍن ننڍن وقفن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو رهندو هو. +هڪ ڀري هو جانو ڪوريءَ وٽ کن لاءِ ترسي پيو. جانو چادر آڻي رهيو هو. خيرو چڱيءَ دير تائين حيرانيءَ وچان ان کي ڏسندو رهيو ۽ آڏاڻي جو آواز ٻڌندو رهيو ”ڌتنگ تنگ... ڌتنگ تنگ!“ +”ڌتنگ تنگ ... ڌتنگ تنگ...“ ٻئي ڏينهن خيرو وري اُتي هو، ڪاڪي جانوءَ وٽ... +ڪاڪا جانو! تون هڪ رنگ جي چادر ڇو ٿو ٺاهين؟ ڳاڙها ساوا ڌاڳا ڇو نه ٿو وجهين؟“ +”بس! منهنجي مرضي...“ +”پر ڪاڪا! ڳاڙها ساوا رنگ ڏسڻ ۾ ڪيترا نه سهڻا لڳندا....؟“ +”چادر وڇائڻ لاءِ هوندي آهي، ڏيکارڻ لاءِ نه، سمجهيئي؟“ +هاڻي خيرو ويچارو هن کي ڇا سمجهائي؟ ڪاڪي جانوءِ جي ڌيءَ سهڻي، سُٽَ جي ٽوڪري کنيو سامهون بيٺي هئي. هن ٽهڪ ڏنو. ٽوڪري رکندي سهڻيءَ جا وار ڪُلهن تان ترڪندا ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳا. سهڻيءَ وار مٿي ڪيا ته خيرو الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان شرمائجي ويو. +”سهڻي!“ هن نالو کڻي سڏ ڪيو، ”مون کي ٿورو سُٽَ ڏيندينءَ؟“ +”ڇا ڪندينءَ تون سُٽ؟“ +”تنهنجي لاءِ سڳي ٺاهيندس.“ خيرو جيترو شرميلو هو، اوترو ئي بي شرم به. ”پر هڪ رنگ جي نه، سڀني رنگن جي هڪ هڪ وڻي ڏجانءِ.“ +سڀ رنگ گڏ ڪرڻ لاءِ ويچاري کي ڪيترائي ڏينهن اچڻو پيو ۽ جنهن ڏينهن سڀ رنگ مليس ته هو سڄو ڏينهن پپر جي وڻ هيٺان ويهي سڳي ٺاهيندو رهيو ۽ ڳائيندو رهيو، ”ڌتنگ تنگ... ڌتنگ تنگ.“ +سڀ هن کي ڏسي کلندا لنگهي ويا، صرف اسڪول جي ماستر اتان لنگهندي هن کان پڇيو ”هي ڇا ڪري رهيو آهين خيرو؟“ +ٿوري دير ته هو چپ رهيو. پوءِ کلندي جواب ڏنائين، ”جڏهن گهاٽا ڪارا ڪڪر وسندا ته انهن کي هي سڳي پارائيندس.“ +ڪم ڪند ته هن کي ڪنهن به نه ڏٺو هو پر اهو به ڪنهن نه ڏٺو هو ته هو ڪجهه ڪري نه رهيو هجي. صبح جو کوهه کان وٺي رات جو اوطاق تي اچڻ تائين خبر ناهي ڪيترائي ڀيرا هو ڀَرِ مان لنگهي ويندو هو. هزار ڀيرا ڪنهن دروازي تان لنگهڻ کان پوءِ به هرهڪ دروازو هن کي نئون نئون لڳندو هو. پينگهي مانچاقو ڪڍي ڪنهن دروازي تي تصوير کوٽيندو هو. ڪٿي مور، ڪٿي ڪڪڙ، ڪٿي هرڻ، ڪٿي گُل، ڪٿي وڻ ۽ ٻوٽا... هڪ پينگهي کان سواءِ هن جي ملڪيت ۾ ڪجهه به نه هو. پوءِ به ائين گهمندو هو ڄڻ سڄي ڳوٺ جو مالڪ هجي. جنهن جاءِ تي چاهيائين اتي ويهي رهيو. جنهن طرف چاهيائين هليو ويو. جنهن هن سان کِلي ڳالهايو ان وٽ ويهي رهيو. جنهن هن کي رُخ نه ڏنو اتان اٿي ويو. ڪنهن ڪجهه ڏنوته ورتائين، ڪنهن ڪجهه گهُريو ان کي ڏئي ڇڏيائين. اڌر رات جو جڏهن سڀ سمجهي پوندا هئا ته هو پنهنجي آواز سان سڄي ڳوٺ کي جاڳائي ڇڏيندو هو. +وقت جي درياهه جو وهڪرو بنا ڪنهن روڪ جي وهندو رهيو.... ڪڏهن ته هر ڪوئي هن کي ماني ڏيڻ ايندو هو... هن جي ڪپڙن لَٽن جو خيال رکندو هو. هاڻي خيرو بکون ڪاٽڻ لڳو ۽ اڪثر بيمار رهڻ لڳو، پر رنگن ۽ سُرن ۾ لِڪي لِڪي سختيون سهندو رهيو. جڏهن سيني ۾ سور تمام گهڻو وڌي ويندو هوس ته هو زور زور سان ڳائڻ لڳندو هو. هڪ رات جڏهن سيني ۾ سُور تمام گهڻو وڌي ويس ته هن جو آواز برداشت کان ٻاهر ٿيڻ لڳو تڏهن ڪاڪو نورل گهران اُٿي اوطاق تي هليو آيو. +”بد دماغ... چپ ڪونه ٿي اچئي. اسان جي ننڊ ڦٽائي ناس ڪئي ٿي کڻي. هاڻي جي آواز ڪيئي ته نڙيءَ تي لَتَ ڏئي ساهه ڪڍي ڇڏيندو مانءِ...“ ٿَڦ ئي هڪ، خيرو ويچارو ڌرتيءَ تي وڃي پيو. درد ڀريا گيت ٻڌڻ لاءِ جيڪي دريون کُليون هيون، اهي به بند ٿي ويون. +صبح جو تقريباً هر شخص اوطاق وٽان لنگهيو. خيرو ڪٿي به ڪو نه هو، صرف هڪ پينگهو ئي ويڙهيو سيڙهيو پيو هو. ماڻهو هڪٻئي کان پڇندا رهيا. هو کوهه تي به نه هو، مسجد ۾ به نه هو، زمينن تي به ڪو نه هو، ڪاڪي جانو ڪوريءَ وٽ به ڪونه هو. ته خيرو آخر ويو ڪاڏي....!؟ پهريون ڀيرو ماڻهن پنهنجي دوروازن جي نشانن کي چتائي ڏٺو. پهريون ڀيرو تاجوءَ هَرُ روڪي گهنٽين کي ڇُهي ڏٺو. ڪنهن کوهه تي آهه ڀر گهاگهر هنج تي کنئي. ڪم.... جيڪو ڪڏهن به ڪونه رڪيو هو، اڄ وِکَ وِکَ تي رُڪجي انتظار ڪري رهيو هو. خيروءَ جو نالو چپن مان نڪري اکين ۾ ترسي پيو. +هن جي وڃڻ کانپوءِ ڪنهن پڇيو، ”هو هن ڳوٺ ۾ آيو ڪڏهن هو...؟“ +”خبر ناهي... بس! هو ڳوٺ ۾ هو... ايتري ئي خبر آهي...“ +”بابا! خيرو ڪٿان آيو هو...؟“ +”خبر ڪانهي ڌيءَ...“ +رات اڌ کان گهڻي گذري چُڪي هئي. اوطاق تي هڪ پينگهو پيو هو، ۽ خيروءَ جي آواز کانسواءِ سڄو ڳوٺ جاڳي رهيو هو. + + +اُڃايل ڌرتي +م.م. راجندر +سنڌيڪار: سائين بخش رند +سيٺ مُڪندي ”سيتاپور“ جو سڀ کان مالدار ماڻهو هو. هن ننڍڙي ڳوٺ جي اڻ پڙهيل ماڻهو ڪيئن ايتري دولت هٿ ڪئي هئي، ان جو جواب ته صرف پوڙهي وقت وٽ ئي هو، جنهن جي ڪڏهن به نه بند ٿيڻ واري، مڪندي جي خوشحالي ۽ ڳوٺ جي بدحالي جو سڄو نقشو ڏٺو هو. تن ڏينهن ۾ مڪندي جي ڳوٺ کان ٻاهر سندس ٻه سِرن جا بٺا هئا، ۽ شهر ۾ هڪ اٽ پيهڻ جي مشين هئي. ان کان سواءِ سيتاپور کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ ”بوالي“ کان ڪجهه ٻاهر، سندس ساهرا رهندا هئا، اتي ان جو هڪ دڪان به هو، جنهن ۾ گوشت ماني ۽ کائڻ پيئڻ جي ٻين چند شين کان علاوه، ناجائز طريقي سان ٺاهيل ديسي شراب ۽ مٽن ۾ ڀريل ٿڌو پاڻي به وڪامبو هو. ڳوٺ بوالي ۽ ان جي آسپاس پاڻي جي سخت اڻاٺ هئي، ان ڪري سيٺ مڪندي وڏي خرچ پکي سان نلڪو لڳرائي، پاڻي جي تجارت به شروع ڪري ڏني هئي. سيٺ مڪندي جا ماڻهو پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نلڪي کي هٿ لائڻ جي بهاجازت نهڏيندا هئا، ۽ نلڪي کي هروقت هڪ زنجير ۽ تالو لڳو پيو هوندو هو. حد جي مختيارڪار ۽ ٿاڻيدارکان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به مٽن جو ٿڌو پاڻي بغير ملهه جي پيئڻ نه ڏنو ويندو هو. مڪندي پاڻ ته سرن جي بٺي تي ويٺو هوندو هو، مگر ٻين جاين تي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ سندس انڌا منڊا منٽ مائٽ مقرر ٿيل هئا. انهن ۾ به مڪندي ورائي پرڪار هئا. جهڙو مڪندي پاڻ دل جو سخت ۽ هٿ جو ڪنجوس هو، اهڙائي سندس مائٽ هئا. +سيتاپور غريب واڍن لوهارن ۽ مزدورن جو شهر هو، جن جي وڏڙن جا گهر، ڪار لڳل ڪکن ۽ ڪانن جا ٺهيل هئا، جيڪي ناپائدار کُڏين مثل هئ، جن ۾ جيڪي ڪو سامان هو ته اهي ڪم ۾ ايندڙ زنگ لڳل اوزار ۽ ڀتين تي هر طرف ڪوريئڙي جا ڄار هئا. هن ڳوٺ وارن جي حالت زور بروز بدتر کان بدتر ٿيندي وئي هئي، ۽ هاڻي نه واڍن وٽ ڪو ڪم هو ۽ نه مزدورن لاءِ مزدور. ڳوٺ جو ڳوٺ بيڪار هو. تمام ٿورڙن ماڻهن کي مزدوري ملندي هئي، جي سيٺ مڪندي جي سِرن جي بٺي تي ڪم ڪندا هئا. سڀيئي وڏيءَ مشڪل سان جيئن تيئن ڪري گذارو ڪري رهيا هئا. ٻني ٻارو به نه هئڻ جوڳو هو. انهن مزدورن جي آکير نما گهرن جي هن طرف چٻرا ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه هو ته اهي صرف سيٺ مڪندي جون آسمان کي ڇهندڙ عمارتون هيون. هن ست-اٺ فليٽ تيار ڪرئي ڇڏيا هئا. انهن مان ٻن ٽن ۾ سندس ئي مٽ مائٽ رهندا هئا ۽ باقي خالي پيل هئا. ڇو ته هن ڳوٺ ۾ ڪنهن به ماڻهو کي انهن فليٽن جي مسواڙ ڀرڻ جي سگهه ئي نه هئي. سيٺ مڪندي هڪ عمارت ٺهرائڻ وقت اهواعلان ڪيو هو ته اها ڳوٺ وارن لاءِ ”سراءِ“ هوندي ۽ ان ۾ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شادين جي ڄڃ ۽ ٻي خلقت ترسي سگهندي. پر ڳوٺ جيڪا به شادي ان عمارت ۾ ٿي ۽ نه وري ڪا ڄڃ اتان رواني ٿي سگهي، ڇو ته مڪندي پنهنجي وعدي تان ڦري ويو هو. ها ائين سو ٿيو ته سراءِ جي نالي تي هن بيڪار ۽ واندن مزدورن ۽ واڍن کي نالي ماتر مزدوري ڏيئي عمارت مڪمل ڪرائي ڇڏيائين. +گرمين جي مند آئي ته هن علائقي جي زمين تپڻ شروع ڪيو ۽ ان جو رنگ به بدلجي ڪاراڻ مائل ٿي پيو. وري ڏسندي ئي ڏسندي گرم هوا ۽ جهُڪون جهولا، انسانن، جانورن ۽ وڻن ٻوٽن کي ساڙڻ لڳا. ڪونو ۽ ٻيا پکي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين سڪون جي ڳولا ۾ اڏرڻ لڳا. جيڏانهن ڏسو ڍور ڍنگر پرشان ۽ مصيبت جي عالم ۾ وات مان جهڳ وهائيندي، هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي نظر اچڻ لڳا. ٻه چار نديون نالا هئا، ان ۾ صرف ميري پاڻي جي لڪير مشڪل ساڻ وهي رهي هئي. کوهن ۾ به پاڻي نالي ماتر رهجي ويو هو ۽ ڪيترا کوهه ته بلڪل سُڪي ويا هئا. ايتري گرمي پئي جو الامان....! مينهن جي هڪ ڦڙي به نه پئي. جيڪي فصل ڌرتي جي پوسلدار ڪک مان ڦُٽي نڪتا هئا، سي به سج جي تيک سبب سڪي ويا هئا. ڏڪار جا آثار بلڪل چٽا نظر اچي رهيا هئا. بيڪاري، غربت ۽ مٿان خدا جو هي قهر...! ماڻهو پناهه گهري رهيا هئا ۽ دعائون پني رهيا هئا. هن پوري علائقي ۾ جيڪڏهن ڪو بي فڪر هو ته اهو هو سيٺ مڪند ۽ سندس مائٽ انهن وٽ پاڻي هو، ڀانڊا اناج سان ڀريل هئا. گرمي ۽ جهولن کان بچڻ لاءِ انهن وٽ ٿڌا ۽ هوادار گهر به هئا. +مڪندي جي ساهرن جي ڳوٺ ”بُوالي“ کان ڪي پنج ڇهه ميل پري واڍن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن ڳوٺ جا سڀئي کوهه سُڪي ويا هئا ۽ فصل سڙي رک ٿي ويا هئا. ڳوٺ وارا هڪ هڪ ڪري ڳوٺ مان لڏي رهيا هئا. سڀ کان آخر ۾ ڳوٺ کي ڇڏڻ وارو سُميرو ڊکڻ هو. هو آخر تائين ترسيل هو، ڇاڪاڻ ته سندس زال رامڪلي ڀرئي پيٽ سان هئي ۽ ڏينهن به اچي ڀريا ها. آخرڪار هو به ڳوٺ کي الوداع چوڻ تي مجبور ٿيو. ڳوٺ ۾ ڪنهن جو رهجي ويل گڏهه رُلي رهيو هو، هن ان کي پڪڙي ان تي پنهنجي زال رامڪليءَ کي ويهاريو ۽ ڳوٺ بوالي طرف روانو ٿيو. هن مانين جي ڳنڍ کان علاوه پنهنجا اوزار به کنيا ۽ سندس ارادو سيٺ مڪندي جي بٺن کان پري شهر وڃي ڪجهه ڪم تلاش ڪرڻ جو هو. سميرو، رامڪلي ۽ گڏهه تي مشتمل پناهگيرن جو هي ننڍڙو قافلو آهستي آهستي هلندو رهيو. جلد ئي سج تيزيءَ سان چمڪڻ لڳو، پر اهم رستي تي پهچي، هي ڪنار جي ٻنهي طرفن لڳل ايڪڙ ٻيڪڙ وڻن جي ڇانو ۾ هلندا رهيا. گڏهه شايد ڪجهه ڏينهن کان ٿڪل هو، تنهنڪري سميرو ان کي بلڪل آهستي آهستي هلائي رهيو هو. تنهن کان سواءِ رامڪلي به ان تي ويٺي ويٺي تڪليف محسوس ڪري رهي هئي. هو ڪنهن ڪنهن وقت کلي پنهنجي اڻڀن ۽ خشڪ اکين سان سميري کي ڏسندي پئي آئي. جڏهن ته سميري جي چهري جي سڄي آکاڻي سندس وڌيڪ ڏاڙهيءَ جي سُئن جهڙن وارن مان ظاهر ٿي رهي هئي. +جنهن وقت هي قافلو بوالي پهتو ته ٽيپهري جو سج باهه جي گولو بڻجي ساڙي رهيو هو هيٺ سڄي زمين تي وار ٽچڪي رهي هئي. توڙي جو هو واٽ تي ساهيون کڻندا پئي آيا، پر تڏهن به سڀني جو خراب حال هو. سميرو ٿڪ سبب ساڻو ٿي چڪو هو ۽ هن ڏڪندڙ هٿن سان رامڪلي کي لاهي هڪ وڻ جي ڇانوري تي ويهاري ڇڏيو. گڏهه کي پاڻي ۽ خوراڪ ٻنهي جي ضرورت هئي. هن ماني جي ڳنڍ کولي ۽ چار وڏيون وڏيون مانيون ڪڍي ڀورا ڪري گڏهه اڳيان رکيون. ۽ پوءِ ان کي وڻ سان سوگهو ڪري، لوٽو ۽ بالٽي کڻي بوالي ڳوٺ روانو ٿيو. ”پر پئسا آهن تو وٽ...!“ رامڪلي سوال ڪيو: ”مون وٽ ٽي- چار رپيا آهن.“ سميري جواب ڏنو. رامڪلي ڪافي تڪليف محسوس ڪري رهي هئي. هوءَ چنگهندي وڻ جي گهاٽي ڇانوري هيٺ ليٽي پئي. سميري مٿس هڪ نظر وڌي ۽ نلڪي ڏانهن وڌڻ لڳو، جيڪو هنن کان ڪجهه پرڀرو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هو اتي پهتو ڏٺائين ته نلڪي کي زنجير ۽ تالو لڳو پيو آهي. هو زنجير ۽ تالي کي لوڏي ئي رهيو هو ته هڪ ماڻهو ڀڄندو آيو ۽ چيائين: ”ڪير آهين ڙي....؟ هل واٽ وٺ. هي سيٺ مڪندي جو نلڪو آهي.“ ”ڀاءُ مون کي پاڻي کپي.“ سميري چيو ”منهنجي زال کي اڃ لڳي آهي ۽ ويچارو هو ساسي (گڏهه ڏانهن اشارو ڪري) به اڃايل آهي.“ ”ڪنهن ٻئي پاسي جو آهين ڇا؟“ اهو ماڻهو ٽيڏي اک ڪري چوڻ لڳو. +”پاڻي ڪٿي ڏسڻ لاءِ به ڪو نه ٿو ملي ۽ تون جانور لاءِ گهري رهيو آهين! خير هن نلڪي مان ته پاڻي ڪو نه ملندئي. پنهنجي زال لاءِ هڪ اڌ گلاس کپئي ته هتان دڪان تان وڃي وٺ، پنهنجي جانورن لاءِ هن کڏي مان ڀريو وڃ.“ سميري جون اکيون پٽل ئي رهجي ويون ۽ پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦرايائين. هن جي ذهن ۾ باهه جو شعلو ڀڙڪيو ۽ ٺري ويو. هن جي دل ۾ هڪ ڪڙو احساس اڀريو ۽ غائب ٿي ويو. هن وٽ نه وقت هو نه طاقت هئي. مٿان سندس زال ۽ جانور اڃ ۾ ڦٿڪي رهيا هئا. ان ڪري بالٽي کي کڏي ۾ وڌائين، جنهن ۾ پاڻي گهٽ ۽ گپ چڪ وڌيڪ هئي. اڌ بالٽي ڀرڻ بعد هو تيزيءَ سان دڪان ڏانهن وڌڻ لڳو. دڪان تي ڪافي رونق هئ. ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ڏڪار کي هتي اچڻ جي اجازت نه هئي، ڇو ته وڏين وڏين برنين ۽ ٿانون ۾ ڪبتريون ئي پچايل ۽ تيار ٿيل شيون رکيل هيون ۽ اندر هڪ گدلي پردي جي اوٽ ۾ ڪيترائي ماڻهو کائي پي رهيا هئا. دڪان ”مان هڪ مصيبت جو ماريل واڍو آهيان ۽ ڳوٺ شاماءِ کان آيو آهيان.“ +سيٺ مڪندي پنهنجي نوڪر ڏانهن منهن ڪندي: ”اڙي چندو! تون ته چئين پيو ته منهنجي ساهرن کان ڪو آيو آهي.“ جواب جي انتظار ڪرڻ بنان ئي سميري ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي؟ ههڙي طوفان ۾ داداگير ئي ڦرندا وتندا آهن.“ +”مان داداگير نه، واڍو آهيان.“ +”بڪواس نه ڪر، جلد ئي پنهنجي ڳالهه ڪر.“ +”لاله صرف راتوڪي رات لاءِ پنهنجي حويلي ۾ جڳهه ڏيو. منهنجي زال کي تڪليف آهي ۽ کيس ٻار ڄمڻ وارو آهي.“ +”هل هل، تو جهڙا بهاني خور مون پهرين به ڏٺا آهن.“ +”لاله مان سچي پيو چوان. هي عورت ويٺي آهي، هن جي حالت ته ڏسي رهيا آهيو نه!“ +”مون وٽ ڪا به جاءِ نه آهي.“ ”جاءِ ڪرائي تي کپئي.“ نوڪر چندو چيو. ”ڀلا پئسا پئسا ڪجهه اٿئي؟“ مڪندي چيو. +لاله مان ته ڏڪار جو ماريل گهران نڪتو آهيان، مون وٽ صرف سوا رپيو آهي.“ +”گل ڀڄ هتان، سوا رپيو کڻي آيو آهي.“ +”لاله....لاله......!! سميري ذري گهٽ روئندي چيو: ”توهان ايترا ڀاڳ وارا آهيو، توهان جون ڪيتريون جايون آهن. توهان ڪا جڳهه، ڪا ڪُنڊ هڪ رات لاءِ نٿا ڏيئي سگهو؟ اسان هن طوفان ۾ ڪيڏانهن وڃون، ڪجهه ته رحم ڪريو.“ +”انهن ڳالهين جو مون تي ڪو به اثر نه پوندو. منهنجون حويليون آهن يا نه آهن، خالي پيون آهن يا ڀريل آهن. اُن سان تنهنجوڪو به مطلب ناهي.“ +”جيڪڏهن توهان پئسن جي ڪري مون کي جاءِ ڏيڻ نٿا چاهيو ته پوءِ مان توهان جي جاين ۾ جيترو به ڪاٺ جو ڪم ٿيندو مفت ۾ ڪندس.“ (سميري آزي ڪندي چيو.) ”اِها اٽڪل بازي پاڻ وٽ رک، مون کي ڪو به ڪم ناهي ڪرائڻو. خير جيئن ته هينئر طوفان آهي ۽ تنهنجي زال تڪليف ۾ آهي، ته توکي رات منهنجي مال جي واڙي ۾ گذارڻي آهي ته ڀلي گذار، اُتي منهنجون مينهون ٻڌل آهن ۽ اِهو سامهون آهي واڙي جو دروازو. ميهار کي سڏ ڪيوس.“ مڪندي ائين چئي تيزيءَ سان دروازو بند ڪيو. هوا جو هڪ تيز جهٽڪو سرسراهٽ ڪندو آيو ۽ مڪندي جي دروازي سان ٽڪرائجي موٽي ويو. سميري ۽ رامڪلي پنهنجو مٿو ڍڪي ڇڏيو. رامڪلي جي پيٽ ۾ هاڻي درد جون لهرون ٿوري ٿوري وٿي سان اُڀري رهيون هيون. سميري هن کي سهارو ڏيئي اُٿاريو ۽ هو ٻئي طوفان، هوا ۽ گو گهمسان کي چيريندا، مڪندي جي ”مال واڙي“ ڏانهن وڌڻ لڳا. مال واڙي جو نگهبان ميهار هڪ پوڙهو ۽ شريف ماڻهو هو. هُن وڏي همدرديءَ سان کين اندر اچڻ ڏنو ۽ هي هڪ طنبيلي نِما وسيع ڪَچين سِرن جو ڪوٺو هو. جتي ٺُپ اونداهي هئي. جنهن ۾ ٽي مينهون ٻڌل هيون ۽ اندر جي فِضا جڳهه جڳهه تي پيل ڇيڻن سبب اُٻس دار هئي. ميهار مينهُن کي لٺ سان اُٿاري، هڪ طرف هڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ هُن پنهنجي چادر رامڪلي لاءِ وڇائي ڇڏي ۽ پاڻ مينهُنِ کان پرڀرو، ڪُنڊ ۾ ائين دٻجي سمهي پيو ڄڻ هوئي ڪونه. رامڪلي درد سبب دانهون ڪندي هيٺ ليٽي پيئي. ٻاهر طوفان ڪافي تيز ٿي ويو هو، ڄڻ اجھ زمين جي هر شي کي اکيڙي ڦٽو ڪندو. اڃا رات ڪافي هئي، پر ميهار تمام جلد ئي اٿيو ۽ اٿندي ئي سڀ کان پهريون آواز، جيڪو سندس ڪنن تي پيو سو هو هڪ ٻار جي روئڻ جو. هُن مينهون ڇوڙيون ۽ اُنهن کي ٻاهر ٻڌي ڇڏيو. طوفان نه ڄاڻ رات جو ڪنهن وقت رڪجي ويو هو. هن وقت ته آسمان تي ڪارن ڪارونڀار ڪڪرن جا تنبو لٽڪيل هئا. ميهار مٿي آسمان طرف ڏٺو مٿي گوڙ جا ڌڌڪا هئا ۽ هيٺ ڪافي ٿڌي هوا گهلي رهي هئي. مينهون ڪنڌ لوڏي رنڀي رهيون هيون ۽ سندن ٽليون زور زور سان وڄي رهيون هيون. ميهار جا هٿ آسمان طرف دعا جي صورت ۾ اڃا کڄيا ئي مس هئا ته ڪڪر ڦاٽ پيا ۽ آسمان جي وسيع و عريض ڇڄ مان ڇم ڇم ڪري، برسات هيٺ زمين تائين پهتي. وڏ ڦڙي جي صورت ۾ وڏيون وڏيون ڪڻيون وسي رهيون هيون، بلڪل اناج جي داڻن وانگر. ڌرتي جي سڄي اُڃ ختم ٿيندي پئي وئي، ۽ هيڪاندا ڪَڪَر هڪ خوفناڪ گڙگڙاهٽ سان وڄي ۽ وسي رهيا هئا. ميهار اندر ويو ۽ پنهنجو سرنهن جي تيل جو ڏيئو ٻاريائين. رامڪلي پنهنجو جسم سڌو ڪري آرس ڀڃي. سميرو مٿانئس ويٺو هو. برسات جو شور هُن به ٻُڌي ورتو هو. +ميهار اچي چيو: ”ادا مبارڪون اٿو. پُٽ آهي نه!“ ”ها ادا پُٽ آهي.“ +”وڏو ڀاڳ وارو ڇوڪرو آهي“، ميهار چيو. ”ڪهڙي وقت تي جنم ورتو اٿس! ٿورو ٻاهر ته ڏسو، ڪيڏي برسات آهي. جر ٿر ۽ وڻ ٽڻ جهومي رهيا آهن. اهڙا سڪيلڌا ته نصيبن سان ملندا آهن. هي ڇوڪرو ڪو وڏو ماڻهو ٿيندو.“ ليڪن پوءِ به سُميري جي منهن تي خوشي جي هڪ جهلڪ به ظاهر نه ٿي. ٻاهر برسات وسي رهي هئي، مگر هن جي ”وقت“ جي سڪل ٻني ته هونئن به سُڪي پئي هئي. هِن پنهنجي لخت جگر کي هٿن ۾ کنيو ۽ ڀريل آواز ۾ چيائين: ”هي وڏو ماڻهو ٿيندو يا نه ٿيندو، اها ته مون کي خبر ناهي. هي واڍي جو پُٽ آهي ۽ مان هن کي واڍڪو ڪم ئي سيکاريندس. ها شايد! هي ايترو ڀاڳ وارو ٿي وڃي جو پيءُ وانگر ڪمزور ۽ مجبور نه ٿئي. شايد هن جي ٻانهن ۾ ايترو ٻل اچي وڃي جو پنهنجي مٿان اُلرون ڪندڙ ۽ چهڙون ڏيندڙ، ڪنهن مڪندي جهڙي ڏاڍي جي ڪرائي مروڙي ڀڃي وجهي، ڪنهن ظالم جو هٿ روڪي وجهي.“ +ائين چئي هن پنهنجي ٻار کي چُميو ۽ ماءُ جي گود ۾ سمهاري ڇڏيائينس. اُن بعد هو اُٿيو ۽ دروازي جي چائنٺ وٽ اچي بيهي رهيو. وڏ ڦڙو مينهن پئجي رهيو هو ۽ ڪافي وقت کان بنان وهنتل ۽ اڃايل مينهون خلاف معلوم مٿو جهڪائي بيٺيون هيون. ڳوٺ جي چئني طرفن کان مينهن ۽ ڪڪرن جي ڌنڌ لڪي مان صبح جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا. مگر سميرو انهيءَ وقت ۾ به ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل هو. خوشيءَ جي انهيءَ لمحي ۾ به هُن جي اکين مان ڌيري ڌيري ڳوڙها وهي رهيا هئا. + + +زوراور +حميد سنڌي +هيءُ اُنهن ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن گهر جو ڪم ڪار عورتون پاڻ ڪنديون هيون، ماني پاڻ پچائينديون هيون. پاروٿي ماني کائڻ عيب نه هوندو هو. ٻار وڏن جا ڪَٽيل يا الٽر ٿيل ڪپڙا پائيندا هئا. خاص طرح سُڪي پُڪي پگهار وارا سرڪاري ڪامورا گهڻو ڪري اِنهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هوندا هئا ته هيڏو عيال ڪيئن پالجي. جيڪڏهن ڪنهن کي اباڻو نوڪرو ڪو ملي ويو ته عيش ٿي وين��ا هئا. منهنجو آيو آمان انهي ۾ خوش هئا ته کين مامو ملي ويو هو. مامو نوڪر ڪونه هو، نه لِڇ ۾ مائٽ، پر درزڪو ڪم ڄاڻندو هو. +اُنهيءَ دور ۾ سڄي عال جا ڪپڙا لٽا سبڻ ۽ سبرائڻ وڏو مسئلو هوندو هو. اتي مامي جو وجود ابي امان لاءِ وڏو ڏَڍُ هو. مامو محمد، اصل مقيم شڪارپور؛ حال مقيم هر آهو گهر جتي ڪو ڪامورو پنهنجي وڏي اهل عيال سان رهندو هجي ۽ رُڳو کاڌي پيتي ۾ پورو هجي. +مامو محمد بنيادي طرح سان پراڻو، انگريزن جي دور جو ڪاريگر هو، پر سندس سبِڻي اهڙي هوندي هئي، جو ڪنهن جي پَتلون ٺاهيندو هو ته چڍي ٺهي ويندي هئي، جي چَڍي ٺاهيندو هو ته ڪڇو ٺهي ويندو هو. جيترو وقت گورا هئا، اوترو وقت ته مامي محمد جو درزڪو ڪينچي ڇاپ دوڪان مشهور هو. ڇاڪاڻ ته گورن لاءِ چڍيون به ڪار هيون. +مامي جي ڏهه سيري خوفناڪ ڪينچي مشهور هوندي هئي، جنهن سان نه رُڳو ڪپڙا ڪَٽڻ وقت ماڻهن جي ٻيڙي ٻُڏندي هئي، پر جيستائين ڪپڙو مشين تائين پهچي يا ڪاريگر وٽ وڃي، اڳ ئي مامو اڌ ڪپڙو کڻي وٺندو هو. +مامي جي اِنهن حالن هوندي به سندس دوڪان تي ميڙاڪو هوندو هو. ڳالهين جو ڳهير، ڀوڳائي، پيو سنگت ساٿ کي وندرائيندو هو. ڪم ڪار مليس ته واهه واهه، نه ته آئي وئي سان ڪچهري ڪو سگريٽ ڇڪائيندس ته ٽڙي پوندو، ”پَر ڏاڍو ڪو زوراور آن.“ +اِهو مامي جو خاص جملو هوندو هو. ڪم ويلي ڳائڻ جو شوق پراڻو هيس، ”رَهي وَڃ رات ڀنڀور ۾.....“ ٿلهن ڊوڻن چپن سان ڳائيندو هو ته ويٺل اُٿي ويندا هئا. +جڏهن گهر ۾ ٽڀو اونڌو هوندو هيس ته پئسي ڏوڪڙ تي ٻَڙڌڪ مچندو هو. جوڻس اچي تپائيندي هيس ۽ مامو دوڪان ڪنهن موالي ڪاريگر جي حوالي ڪيو، ڏيندو هو کڙيءَ تي زور. پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ڪاموري وٽ وڃي نڪرندو هو. ڪڏهن سکر، ڪڏهن روهڙي، ڪڏهن دادو، ڪڏهن لاڙڪاڻو. هو جنهن به ڪاموري وٽ ٽڪندو هو، اُن جي گهر جي ڀاتين کي بنهه پنهنجو ڪري وٺندو هو ۽ گهر ڌياڻي سندس ڀيڻ هوندي هئي ۽ ٻار ڀاڻيجا. جلد هو ”مامو“ بڻجي راڄ ڪندو هو. نه رڳو هُو صاحب جا ڪپڙا لٽا ڪٽي ٻارن لاءِ ٺاهيندو هو، پر سڄي گهر تي به رعب هلائيندو هو. کيس ڏوڪڙ پئسي جي ڳڻتي نه هوندي هئي. جڏهن اُتان راڄ ڪري، ڪم هلائي، سڄي گهر کي مُنجهائي بيزار ڪري نڪرندو هو ته جي ڪجهه پئسا مالڪن ڏنا ته واهه واهه، نه ته ٻيو شهر ۽ ٻيو گهر. پر جلد مامي جو اهو گهڻو رُلڻ گهٽبو ويو. شايد عمر سارو، پر ان جو ڪارڻ مان سمجهان ٿو ته مامي جو اسان جي گهر سان لڳاءُ هو. اَمڙ جي ته هو خاص عزت ڪندو هو. هوجڏهن به گهر ڇڏيندو هو يا بابي جو نياو پهچندو هئس ته سڌو اسان وٽ ٽڪندو هو. +هاڻ هُن ٻيا گهر ڇڏي ڏنا. سندس لاءِ بنگلي ۾ هڪ الڳ ڪمرو هوندو هو، جتي ڪپڙن جا ڍير ۽ مامو هوندو هو. پر اصل ۾ سڄي گهر جو هو حاڪم ٿي ويٺو هوندو هو. صبح جو ٻوڙ ٻاڙي آڻڻ، نوڪر چاڪر کي دڙڪي ۾ رکڻ، صفائي وغيره ڪرائڻ به سند ڪم هو. اَمان اَجي ٿي ويٺي هوندي هئي. نوڪر مامي جون دانهون بابي وٽ ڪندا هئا ته بابو کلي ڏيندو هو ۽ دڙڪو ڏيندو هئن! ”ڇورا، ڪٿي مامو مون کي نه مار ڪڍي. ڪم ڪيو ۽ سِڌا ٿي هلو.“ +مامو پنهنجو درزڪو ڪم گهٽڪندو هو. ڏهه سيري ڪينچي جنهن ڏينهن هلندي هئي، اسان ڊڄندا هئاسين. اِجهو ٿو پتلون کي نِڪر ڪري ۽ نِڪر کي ڪڇو. اِن ڪري وڃي پاسو ڏيندا هئاسينس. بس پوءِ مامي جون ڪير ڳالهيون ٻڌي! اَمڙ نيٺ اچي چوندي هيس: ”ادا ڪجهه ڪم کي به اُڪلاءِ.“ +يڪدم گوڙ ڪندو هو، ”ادي يَرَ ڪا ڏاڍي زوراور آن. مان مان تنگ ٿي آن ڇا.“ ”نه ادا ائين نه چئه“ آمڙ کلي هلي ويندي هئي ۽ اسان جي عيد ٿي ويندي هئي. ويٺا کيس چورايند�� ۽ چرچا ڪندا هئاسين. مامو هو ته جهونو جهاز، پر کاڌي پيتي جوشوقين هو. پر اصل وڏو شوق کيس فلم جو هوندو هو. مامو ايندو هو ته منهنجا ته مزا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته مون کي فلم ڏسڻ جو جنون هوندو هو. +هونئن ئي مون لاءِ منجهند هجي يا رات، موقعو مليو ناهي ۽ گولي ٿي ويندو هوس. بابي جي وڏي آفيسر هئڻ ڪري فلمون به ڀلا مفت، بنهه جهل پل نه هوندي هئي. سکر شهر جون سئنيمائون به گهڻيون هيون، تنهنڪري ڪڏهن مسئلو اهو هوندو هو ته ڪهڙي فلم ڏسجي؟ مامي جي اچڻ ڪري ڪڏهن ته قانوني طرح سان بابي کي ٻڌائي، ڪڏهن امڙ کي زور بار آڻي وڃيو فلم ڏسي ايندا هئاسين. ڪڏهن منجهند جو وَس نه هلندو هوته جڏهن سڀ سُمهي پوندا هئا ته بنگلي جي پويان جبل ۽ پٽ لتاڙيندا، پير پٿون ڪندا، ڪاڙهي جو وڃي ڪنهن سئنيما ڀيڙو ٿيندا هئاسين. مامو سئنيما تي پهچڻ تائين ساڻو ٿي پوندو هو. جهونڙي کي مان به ڊوڙائيندو ايندو هيس. ”ماما جلدي ڪر، کيل شروع ٿي ويندو.“ +”يَر! ڏاڍو ڪو زوراور آن. پر تون فڪر نه ڪر، کيل تي مان پُڄائيندو مانءِ.“ ائين لڳندو هو، ڄڻ هو سچ پچ مون کي ڪلهي تي کنيو کيل تي پڄائڻ پيو هلي. سنهڙو سيپڪڙو مامو، لڏندو لمندو نيٺ اچي سئنيما تي پهچندو ۽ پهچڻ ساڻ دانهن ڪندو. +”يَر ٻاٽلي ته پيار.“ +ڏوڙ پيسي جي هوندي هئي ڪڙڪائي. ٻه آنا ملي خرچي سو مامي لاءِ ٻاٽلي ڪٿان اچي. مان سڌو مئنيجر جي ڪمري ۾ وڃي کائنس پهريائين ته ٻه پاسون وٺندو هئس. بابي جو لحاظ ڪري مئنيجر اٿي ملندو هو، پر جڏهن چوندو هومانس، ”مئنيجر صاحب ٻاٽلي ته پيار“، ته سندس منهن ڦري ويندو هو. ڇِپ ڪِري پوندي هيس، پر بابي جي ڊپ کان يڪدم ٻاٽليون گهرائي اندر هال ۾ پهچرائي ڏيندو هو. مامو ٻاٽي پِي ايڏي وڏي اوگرائي ڏيندو هو، جو اوسي پاسي وارا اهڙيءَ طرح اسان کي ڏسندا هئا، جو سندن اکيون اوندهه هوندي به اسان کي ڦوٽاريل نظر اينديون هيون. +جي وري مامي کي ڪو گانو وڻيو ته پاڻ به ڏاڍيان سُر سُر ۾ ملائي ڳائيندو. ڀلا مامو ڳائي ته پوءِ بنهه ڀينگ ٿي وئي! يڪدم هال ۾ رڙيون ٿي وينديون هيون، ”اوڀائي اوڀائي.“ پر ڀائي به بَس ڪري! ڀائي تڏهن بس ڪندو هو جڏهن پٺيان ڪو ويٺل اچي ٻه ٽي لوڏا ڏيندو هئس. مامو ڳائڻ بند ڪري ٿلهن چپن سان ڊڻ ڊڻ جهڙو آواز ڪڍي مون کي چوندو هو، ”ڏاڍا بد ذوق آهن. اهڙا بد ذوق آهن ته هتي ڇو ٿا اچن.“ +انٽرول ۾ پوسٽر ۽ فوٽو ڏسي ٺري پوندو هو. +”يَرَ ڏس ته سهين، فيشن ڪاٿي پهتو آهي... ڊزائين ته ڏسينس.“ +”ماما قميص جي ڊازئين يا مُنهن جي...“ +”يَرَ بنهه ڪو زوراور آن. مزو ئي وڃائي ڇڏيئه.“ +اسان جي اِها ياري پئي هلندي هئي. مامو جڏهن ايندو هو ته مان ڪتاب رکي ڇڏيندو هئس. ڪڏهن ته اسڪول گُسائي به وٺندو هئس. مامي کي جيئن چوندو هئس، هو به رونشي ۾ خوش. امڙ کان خرچي کاٻاري لاءِ ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ مامو ڪافي هو. بس ڏوڪڙ مليس ٽِڙي پوندو. +”اَدي يَرَ ڏاڍي زوراور آهين.“ +پوءِ کڻي پيسا قابو ڪندو. +”ماما حصو ڇڏاءِ.“ +”يَرَ ڏاڍو ڪو زوراور آن. اچي وٺ.“ +بس پوءِ مامو ۽ مان شهر گهمي ڦري کائي پي سڌو کيل تي. +هڪ ڏينهن جيئن کيل ڏسي شام جو موٽياسين، ته گهر ۾ ٻڙڌڪ متو پيو هو. ٿورن ڏينهن ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻ وارا هئا. مون ته ڄڻ امتحان کي کنگهيو ئي ڪونه ٿي، اسان جي رفتار اها ئي. الله سولي ڪري اسان جي مائٽ جي، جيڪو آن ڏينهن ڳوٺان آيو هو شهر ۾ امتحان ڏيڻ. اُن سڄو ٽائيم ٽيبل بابي کي ٻڌائي ڇڏيو. بابي ليکي ته اڃا امتحان ۾ ڏينهن اٿس. ويتر جو اچڻ ساڻ هن همراهه کي پڙهندو ڏٺائين، بنهه بِرُ ٿيو بيٺو هجي. ��سان کي جو ڏٺائين ته ڳاڙهو ٿي ويو. پهرين اُلر مون تي ڪيائين. مون ڀڄي پاسو ڪيو. پوءِ ته مامي کي اچي کنيائين، ”ماما هن عمر ۾ توکي به فلم جو شوق، پاڻ ڀلي وَڃ، پر هن کي ڇو کاريو اٿئي. توته هن کي بنهه کاري ڇڏيو آهي. ماما، تو اسان سان دشمني ڪئي آهي. تون هيءَ مهرباني ٿو ڪرين!“ +مامو ڪُڇي جهڙي ڀِت. اَمڙ کي نيٺ خيال آيو، وڌي ابي وٽ آئي. +”وڏي سڏي جو ته خيال ڪر.“ +”هيءُ وڏو آ، ٻار جي آئيندي جو ڪو اٿس خيال؟“ بابو چوندو هليو. اَمڙ مامي کي وٺي اچي ڪوٺيءَ ۾ ويهاريو. مامو بنهه پگهرجي ويو هو. امڙ شربت ٺاهي آڻي ڏنس، ڦڪي کل کلي چيائينس: ”ادي يَرَ ڏاڍي زوروار آن.“ +اُن رات گهر ۾ ڏاڍي خاموشي هئي، مون دل ئي دل ۾ اُن مائٽ کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون. مامي وٽ ٻه دفعا ويس پر هو پاسو ورايو بنگلي آڏو ٻاهر کليل ميدان تي کٽ تي ليٽيو پيو هو. ماني کڻي ويومانس. +”يَرَ ڏاڍو زوراور آن. ماني اڄ کڻي نه ٿا کائون.“ ماني موٽايائين ته امڙ سڏايس. +اندر آيو ته اَمڙ پوتي کڻي پيرن تي رکيس. بنهه جهڄي پيو. +”ادي يَرَ ڪا ڏاڍي زوراور آن. ائين ته نه مار.“ رئو کڻي مٿي تي رکيائينس. پوءِ کٽ تي چڙهي ويٺو، ماني ڀور کاڌائين. نه اَمڙ پئي ڳالهايو نه هُن، رکيو رکيو اَمڙ ڳوڙها پئي اُگهيا. مامو چُپ هو. +صبح جو مامي جي اُهائي گجگوڙ پئي پئي. نوڪرن کي اُٿاريائين. امڙ کان پيسا ورتائين. پنڊي کڻي بازار ويو. ڳنڌڻ وٺي ڏنائين. پوءِ اچي ڪم کي لڳو. سندس مجشين هلندي وڃي، هيءَ ڳائيندو به وڃي: ”او رهي وڃ رات ڀنڀور ۾.... او رهي وڃ....“ +هن دفعي ڪپڙا ڏاڍ ڀلا ڪَٽيائين. اسان سڀني کي پارايائين. کلي اَمان کي چيائين، ”ادي يَر ڏس هي سڀ زوراور آهن نه.“ +اَمڙ ڏاڍي خوش هئي. هُن سمجهيو، مامي مَنَ ۾ ڳالهه نه رکي آهي. رات جو دير تائين امڙ ۽ ٻين ٻارن سان ڪچهري ڪندو رهيو ۽ مون وٽ هَر هَر اچيو ڏاڍيان چئي، ”يَرَ پڙهه.... بس، هاڻي رُڳو پڙهه. جڏهن وڏو ماڻهو ٿين ته پنهنجي مامي کي ضرور گهرائجانءِ. تنهنجن ٻچڙن جا ڪپڙا به ڪٽي ڏيندس. پڙهه يَرَ پڙهه....“ +صبح جو مامو ٻڌائڻ کانسواءِ هليو ويو. بابي کي ڏاڍو اَرمان ٿيو. کيس افسوس ڏاڍو هو. دل هيس ته مامي کان معافي وٺي. جيسين دل ٻَڌي، مامو وڃي شڪارپور نڪتو. بابو به ٽي ڏينهن گشت ۾ هليو ويو. موٽيو ته فڪرمند هو. يڪدم اچي امان کي چيائين: +”تيار ٿي، مامو ڏاڍو بيمار آ، شڪارپور هلنداسين.“ +اَمڙ، بابو ۽ اسين سڀ ڀائر ڀينر اچي شڪارپور نڪتاسين. مامي جي گهر اوريائين مامي جو دڪان هو. اُهو بند پيو هو. ڪو ڪاريگر به ڪو نه هو. گهر ۾ اندر گهڙياسين ته مامو ڄڻ سنئون ٿي پيو. +”اڙي يَرَ زوراور آيا آهن ڇا؟“ +اسان سان ڀاڪر پائيندي ڪنهن جي پتلون پيو ڇڪي، ڪنهن جي چَڍي؛ ڪنهن جو فراڪ، ڪنهن جو چولو، ۽ هر هڪ کي چئي پيو: +”ڪيئن ٿا ڀانيو فِٽنگ. ڪاريگر جا هٿ آهن يَرَ.“ +بابي کي ڏٺائين، اُٿڻ جي ڪيائين، ”اچو صاحب!“ +بابي کي هو ”صاحب“ چوندو هو. +بابي اچي پيرن تي هٿ رکيس. +بابي کي اکين ۾ ڳوڙها هئا. +مامو به روئي پيو. +”صاحب يَرَ! ڏاڍو ڪو زوراور آن. اِئين ڪبو آ ڇا.“ +امڙ جي مٿي تي هٿ رکيائين، امڙ وڌي ڳراٽڙي پاتس. +”ادا هاڻ اسان کي بخش ڪر!“ +”ادي يَرَ، ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، ڏاڍي ڪا زوراور آن.“ +هو اُن ويلي اُٿي ويٺو هو. +کلي خوش ٿيو. سڀني سان وَرُ ڪيو پيو ڳالهائي. +ٻار ٻڍا هيڏي هوڏي ٿيا ته مان بنهه مامي سان گڏجي وڃي ويٺم. +هو هڏائين پڃري جيان پيو هو. +”ماما-!“ سڏيو مانس. +يڪدم وراڻيائين. +”جي چوانءِ“ +”ماما کيل تي هلون.“ +کِلي پيو. +”ماما راڳ ڳايو-“ +گهڙيءَ لاءِ هو چُپ ٿي ويو. پوءِ سندس ٿلهڙا چپڙا ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳا. آواز چٽو ٿيندو ويو. اڄ مامو سُر ۾ ڳائي پيو، ”رَهي وَڃ رات ڀنڀور ۾-الا- رَهي وَڃ رات-“ +مامي جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙيا پئي. بابو جيئن پاسيرو ويٺو هو، تيئن منهن سڌو نه ڪيائين. شايد رُنو پئي. +مامي جو آواز جهڪو ٿيندو پئي ويو. مان اکين ۾ ڳوڙها کڻي ٻاهر هليو آيس. +اسان کي سکر موٽياسين مس ته خبر پئي ته مامو گذاريو ويو. +مان مامي جي حڪم تي ڏاڍو پڙهيو. پڙهي وڏو ماڻهو به ٿيس، پر اِها حسرت رهي ته منهنجا ٻار منهنجا ڪٽيل ڪپڙا پائين. +مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آهي ته منهنجو اولاد منهنجا ڪٽيل يا آلٽر ٿيل ڪپڙا پائي، پر نيٺ هڪ ڏينهن مون واري پُٽ مون کي چئي ڏنو: +”بابا! ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو. هن زماني ۾ ڪٽيل آلٽرڊ ڪپڙا! ڏاڍا ڪي زوراور آهيو!“ +مون کي اُن ويلي مامو ڏاڍو ياد آيو. مان زماني جي زوراوري تي چُپ آهيان. + + +اندر جنين اوڙاهه +ڊاڪٽر قمر واحد +4 سيپٽيمبر 1976ع جي شام جو تيز رفتاريءَ سان ڊوڙندڙ ۽ حيدرآباد کي ويجهو وندڙ بس جي دريءَ مان مسلسل ٻاهر ڏسندي ڏسندي منهنجي اکين ۾ به هاڻ ٿڪ جو احساس ٿيڻ لڳو هو. انهيءَ ڏينهن جهڙالو ڇانيل هو ۽ پريان پري، تمام پري ڪارن جبلن تي هڪ وڻ هو جيڪو ڄڻ ته منهنجي نظرن ۾ کپي ويو هو. آئون فاصلو جاچيندي آئي هيس ۽ قريبا هڪ ميل تائين اهو اوچي ڳاٽ وارو وڻ اسان جي بس سان گڏو گڏ ڄڻ ته هلندو آيو هو. حالانڪ ڪيئن ننڍڙا ننڍڙا پٽ تي جهڪيل ٻوٽا، جيڪي بس جي رفتار سان ريس ڪري ان سان ڪجهه وقت لاءِ ڊوڙيا پئي، پٺتي رهجي ويا هئا. مون ان وقت ڪاپي کڻي هڪ آزاد نظم لکيو هو، جنهن جا آخرين لفظ هئا. +”زندگيءَ جي هنن راهن تي بيٺل، آئون به ڪو اوچي ڳاٽ وارو اڪيلو وڻ آهيان. زندگي جنهن ڏانهن خود بخود ڊوڙي ٿي اچي ۽ ڪيئن ڪهاڙين جا ڌڪ به هن کي آسانيءَ سان ڪيرائي نه سگهندا، جيڪو پنهنجو وجود جو احساس ڏياريندو ئي رهندو. +هينئر روزيءَ جو خطر منهنجي هٿن ۾ آهي. 4 سيپٽيمبر 1976ع کان وٺي 5 آڪٽوبر 1981ع جو سڄو سفر منهنجي سامهون آهي. منهنجي زهن ۽ دل تي نقش ٿيل آهي. ڪيئن صورتون چٽيون اُڀري آيل آهن، ڪي ڪي مهانڊا هلڪا ٿي ويا آهن، پر ڊيبي برائيٽ ائين ٿي لڳي ڄڻ ته اکين ۽ ذهن جي پردي تان لهي مون اڳيان اچي بيٺي آهي. خط ۾ روزيءَ لکيو آهي تنهنجي پاڪستان وڃڻ جي ڇهن مهينن کان پوءِ ڊيبي هتي يونيورسٽي ڪئمپس جي پرسبي (Presby) اسپتال ۾ گذاري وئي. توکي پتو نه هوندو ته هن کي پارڪنس (Prkings) جي بيماري هئي ۽ هن ڪنهن کي به هتي ڪونه ٻڌايو هو ۽ خط هٿ ۾ کنيو آئون اهو سوچي رهي هيس ته ڊيبي ڪيئن ٿي مري سگهي. آڪٽوبر 1981ع ۾ جڏهن هن مون کي خدا حافظ چيو هو ته ان وقت تمام صحتمند هئي ۽ سڀ کان زياده چست پئي لڳي. ڇا ڊاڪٽرن هن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هوءَ مري ويندي. پوءِ به هن ڪيئن ايترين مشغولين ۾ حصو ئي ورتو، ڪيئن ايترو ڊانس ٿي ڪيو، ڪيئن اسان جي لاءِ پڪنڪ ۽ پارٽين جا انتظام پئي ڪيا ۽ ٽهڪ ڏنا. +زندگيءَ ۾ ڪئين دفعا مون اڪيلي سر هزارين مسئلن کي منهن ڏنو آهي ۽ اندر ۽ ٻاهر جون جنگيون جوٽي قدم قدم اڳتي وڌايو اٿم، پر وري به ڪٿي نه ڪٿي پنهنجن ۽ پراون اڳيان لڙڪ ڳاڙيا اٿم- زماني جي بيوفائيءَ جون شڪايتون ڪيون اٿم، پيارن کي ڏک ڏوراپا ڏنا اٿم. پر هيءُ منهنجي ئي جنس جي ڪهڙيءَ مٽيءَ مان ٺهيل عورت هئي جا مرڪندي مرڪندي سڀ سور سهندي ويئي ۽ اسان کان پنهنجي موت جي اڳڪٿي لڪائيندي رهي. مان پسٽبرگ يونيورسٽي جي 42 منزل عمارت چوڌاري تصوراتي چڪر ڏيئي رهي آهيان. ان ڪيٿيڊرل آف لرننگ (Cathederal of Learning) اندر ۽ ٻاهر منهنجي زندگيءَ جا 5 سال ورهايل آهن ۽ انهن جو هر منٽ ۽ هر سيڪنڊ مون اندر محفوظ آهي. ڪيئن پيار ڪندڙ ساٿين جون تصويرون سلائيڊ وانگر مون پنهنجي ذهن جي ڪنهن دٻي اندر رکي ڇڏيون آهن، جن تي مختلف آب هوا، زمين، جسماني فاصلو ڪا به شئي اثر انداز نٿي ٿئي ۽ مون کي جنهن به ساٿي جي ضرورت ٿي ٿئي، آئون دٻو کولي ان جي سلائيڊ ٻهار ڪڍندي آهيان ۽ پوءِ ها سلائيڊ نه پر 3-D فلم بنجي مون کي پاڻ اندر پيهي ڇڏيندي آهي. +مون ماضيءَ جي ڪُن ۾ پير رکيو آهي. اهي ڪوڪاٽ، اهي تندو تيز لهرون، اهي ڌڪا ٿاٻا سڀ ڄاتل سڃاتل آهن. منهنجي سامهون ڪيٿڊرل جي اوچي اوچي ڳاٽ واري عمارت هئي. چوڌاري برف وڇايل هئي. رات وڏو طوفان آيو هو، جيڪو پوريان پنهنجيون سڀ نشانيون ڇڏي ويو آهي. آئون به پاڻ تي ڳرو ۽ وڏو ڪوٽ چاڙهي ٽوپ هيٺان پيشاني تائين مٿو لڪايو، پاڻ کي گهيريندي اچي پهتي هيس. مون برف جي ميدان تي بيهي، ڪنڌ مٿي کڻي آخرين منزل تي ٺهيل بُرجيءَ کي پئي ڏٺو، جو وچ وارين درين مان ڪنهن هٿ لوڏيو. ڪاري دستاني ۾ ويڙهيل هٿ پهرين ته مون کي ڪو ٻُهارو لڳو ۽ سمجهيم ته ڪير دريءَ ٻاهران جمع ٿيل برف پيو صاف ڪري. مون اڃان ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ئي پئي ڪئي جو مٿان فائيل اچي ڪريو. مون اڳتي وڌي فائيل کنيو ته ڪَوَرَ تي مارڪر سان لکيل هو، Get up dummy, we all are at floor stairs no.18 (بيوقوف مٿي هلي اچ، اسين سڀ 18 منزل تي آهيون،) مون کي هتي ڪلاس اٽينڊ ڪندي قريباً 4 مهينا ٿي ويا هئا. ڪنهن نه ڪنهن مون کي سڃاتو هوندو. اهو سوچي آئون لفٽ ۾ چڙهي 18 منزل تي پهتيس. چوڌاري ڪُوڪرو لڳو پيو هو. وچ ۾ ٻن ٽن ميزن تي کاڌي جو سامان هو ۽ ڪو هٿ ۾ ڪوڪ جو دٻو ته ڪوڪاف جو ڪپ کنيو، سڀ کاڌي تي لامارا ڏيڻ ۾ پورا هئا. گهڻائيءَ ۾ شيدين جو تعداد هو. مون اڃان ڄاتل سڃاتل چهرا پئي ڳوليا، جو اڇي چڍيءَ ۽ شرٽ پاتل سهڻي جسم واري هڪ ڪاري ڇوڪري اچي مون کي هٿ کان جهليو. مون اڃان کيس سڃاڻڻ لاءِ پورو جائزو ئي ڪونه ورتو هو جو چيائين: Welcome to Graduate Students Party. Just tell us your name. (گرجوئيٽ شاگردن جي پارٽيءَ ۾ ڀلي ڪري آئين، صرف پنهنجو نالو ٻڌاءِ) اڃان مون نالو ٻڌايو مس ته يڪدم هڪ ڪارڊ تي لکي منهنجي ڪلهي وٽ قميص تي پيسٽ ڪري ڇڏيائين. ڪارد تي لکيل هو (Hello! I am Qamar Baloch) (هيلو، آءُ قمر بلوچ آهيان) پاڻ چوڻ لڳي، آئون ڊيبرا برائيٽ آهيان. ڪائونسلر ايجوڪيشن ۾ ڊاڪٽريٽ پئي ڪريان. تون مون کان واقف ڪونه هوندينءَ، پر مون سائيڪلجيءَ وارن ڪلاسن ۾ توکي ڏٺو آهي ۽ تنهنجي غير آمريڪن هئڻ ڪري توکي سڀ چڱيءَ طرح سڃاڻي ويا آهن. اڄ موسم سٺو آهي. ڪيئن ٽيچر جيڪي پسٽبرگ شهر کان ٻاهران ايندا آهن، برف جي طوفان ڪري انهن ئي علائقن ۾ ڦاٿل آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڄ گهڻا ڪلاس به نه ٿين، سو اسان ٿوري وقت اندر گريجوئيٽ ڪائونسل پاران هيءَ گڏجاڻي رٿي آهي ۽ سڀني کي مٿي پيا سڏيون. +مون رات ويهي پيپر لکيو هو، جيڪو اڄوڪي ڪلاس ۾ پيش ڪرڻو هو. ڪلاسن جي نه ٿيڻ جو ٻڌي مايوسيءَ سان گڏ محنت ضايع ٿيڻ تي غصو به آيم. دل ئي دل ۾ ڊيبيءَ کي گار ڏيئي ڪڍيم، ڄڻ ته سڄي رات شهر تي برف جو وسڪارو هِنَ ۽ هن جي ساٿين ويهي ڪيو هو ٻين کي هيترو خوشيءَ ۾ ٽڙندو ڏسي مون پنهنجي اصل قومي عادت کان مجبور ٿي دل ئي دل ۾ چيو. ”رَنَ ڪاري شيدڻ! جهڙي اٿئي شڪل بُڇڙي اهڙا اٿئي ڪم بُڇڙا. ماڻهو برف جي طوفان ڪري پريشان ٿيا هوندا. ٻار ويچارا اسڪول دير سان پهتا هوندا، ۽ توهان ويٺا آهيو جاوا ڪرڻ.“ (اها خبر مون کي پوءِ پئي ته اهڙا برف جا طوفان هتي جي ڪنهن ڪم ڪار کي نه روڪيندا آهن ۽ اسان جا صرف ٻه استاد ڪونه آيا، سي به اهي جيڪي شهر کان ٻاهر چاليهه يا پنجاهه ميلن جي فاصلي تي اهڙي هنڌ رهندا هئا، جتي چاڙهيون هيون ۽ برف هٽائڻ واريون گاڏيون جلد ڪو نه پهچي سگهيون.) +ان ڏينهن واري پارٽي منهنجي ڊيبيءَ سان دوستيءَ جي شروعات ثابت ٿي. اسين پاڪستاني ۽ مجموعي طور تي ايشيا جا رهاڪو انساني رنگ جي باري ۾ ڏاڍو تعصبي رويو رکندا آهيون. ڀلي نڪ پڪوڙو هجي، اکيون چٻيون هجن، پر رنگ اڇو هجي ته واهه واهه. ان جهڙو حسين ماڻهو ڄڻ ته ڪير آهي ئي ڪو نه. باقي نقش نگار سهڻا هجن، اوصاف به سٺا هجن ۽ رنگ ڪارو هجي ته سڀني چڱاين تي پاڻي ڦري ويندو. ڪاري جهڙي رِڏَ ته اهڙو اکر آهي جو هرڪاري کي ڏيون، سواءِ ڪوئلي جي؛ اهو به انهيءَ ڪري جو ڪوئلو ويچارو پاڻ اسان وٽ مثال طور پيش ٿيندو آهي. سو مون کي به پنهنجي انهيءَ رويي جي ڪري ان پارٽيءَ مان، جنهن ۾ ڪارا گهڻا ۽ اڇا ٿورا هئا، گهڻو مزو ڪو نه آيو، ۽ آهستي آهستي ڪري کسڪي وڃي انهن ٻن- ٽن اڇڙين جو پاسو ورتم، جيڪي وڏيءَ عمر ڪري هاڻ گهڻو دعوتون ۽ بواءِ فرينڊ حاصل نٿي ڪري سگهيون يا ٻارن جي الڳ گهرن وسائڻ ڪري اڪيلائيءَ کان بيزار ٿي اچي وري يونيورسٽي وسائي هئائون ۽ اهڙيون پارٽيون انهن لاءِ غنيمت هيون. ان پارٽيءَ ۾ ڪجهه دير لاءِ هڪ اڇو امريڪن به آيو، قداور ۽ سهڻو- ڪَرٽس (Curtis)، جنهن ايندي شرط ڊيبيءَ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو، چُمي ڏني ۽ پوءِ اهين ئي چيلهه ۾ هٿ وجهيو هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهيا ۽ ماڻهن سان ملندا رهيا. مون کي ڀرسان ويٺل اڇي امريڪن چيو: (aren’t they a lovely couple) (اهن نه ٻئي سهڻو جوڙو؟) جوڙي جو ٻڌي مون کي پڪ ٿي ته انهيءَ ڇوري واقعي ڀينگ ڪئي آهي ۽ ڊيبيءَ سان شادي ٿيل آهيس. دل ۾ چيم: ”مُئا، توکي به سڄيءَ آمريڪا مان اها ئي ملي هئي. هاڻي اها چيچ چمڙي جهڙي توسان ڄڻ ته نظر ڏنڀاڻي ٿيو پئي هلي، پر زال ٿيو ته ڪو نه ٿي ٺهئي.“ +اسين روايتن ۽ رسمن جا ڏنڀيل ماڻهو انهن زهرن جي اثر هيٺ هميشه انهيءَ ذهني واڌ کان پري رهجي ويندا آهيون، جيڪا الله تعالى هن دنيا تي رهندڙ ڪن قومن جو مقدر ڪري ڇڏي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو اسين هميشہ ٻين جي ٺاهيل ڄار تي ترڪندا رهندا آهيون ۽ انهيءَ کي ئي زندگيءَ جو حاصل سمجهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي اوڏول ۽ اوکا انسان اهڙا ڄار ٽوڙي ٻاهر نڪري ايندا آهن ۽ اهي گس ۽ پيچرا ٺاهڻ شروع ڪندا آهن جن تي هلندي هلندي انسان انسانيت کي پسندا آهن ۽ ٻين لاءِ منزل جا اهڃاڻ بنجي ويندا آهن. اهي منزلون جن کي وقت ۽ طاقت جي ڌوڙ به نظرن کان پري نه ڪري سگهندي آهي. ڪيئن مهينا پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته ڪرٽس ۽ ڊيبيءَ به اڇي ۽ ڪاري جي فرق کان اتاهون ٿي پاڻ کي انسان ثابت ڪيو هو. پيار ۽ محبت وارا انسان، کل ۽ ٽهڪ ڏيندڙ انسان، هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلندڙ گهمندڙ انسان ۽ اهي ٻئي انسان مون پرديسڻ جا ساٿي بڻجي ويا. ڊنر ۽ پارٽين جا، پڪنڪ جا، لائبريريءَ جا ۽ انهن ڏينهن جا جڏهن منهنجي دل چاهيندي هئي ته ڪيٿيڊرل جي ڪيفي ٽيريا مان گرم گرم ڪاري ڪافيءَ جا ڪوپ وٺجن، پٽ تي پاٿولي ماري، دنيا جي چڱاين براين تي بحث ڪجي ۽ هڪٻئي جي ڪڙين مٺين ڳالهين کي خوشبودار ڪاري ڪافيءَ جي ڍُڪن سان نڙيءَ مان لاهي معدي ۾ پهچائجي. +ڊيبي اسان جي ڪائونسل جي صدر چونڊي ته سندس گهڻو وقت پروگرام ترتيب ڏيڻ ۽ ٻين شاگردن سان ملڻ ملائڻ ۾ گذرڻ لڳو. اهو ئي عرصو هو جنهن دوران ڪارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هن تي حق وسيلا ڄمائڻ شروع ڪيا. اسان جي سالاني ڪانفرنس ۾ کانئس اهو فيصلو مڃرايو ويو ته نائجيريا جي ڊاڪٽر آگبو (Ogbu) کي، جيڪو سان فرانسسڪو جي يونيورسٽيءَ پڙهائي رهيو هو، مهمان خصوصي طور مدعو ڪيو وڃي. Balck American Studies جي ڪاري ڊاڪٽر چارلس کي ڪائونسل جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. ڪائونسل جي ميٽنگس ۾ اڇن استادن جي رويي تي کلئي عام نڪته چيني ٿيڻ لڳي ۽ ڊيبيءَ کي سندس ابن ڏاڏن تي ٿيل ظلمن جي تفصيل کان آگاهه ڪرڻ ته ڄڻ ڪائونسل ميٽنگس جي ايجنڊا جو باقاعده ۽ اڻ لکيل حصو بنجي ويا. +الائجي ڇو مون کي گهُٽَ محسوس ٿيڻ لڳي. ان ڏينهن ته مون ڪَرِٽسَ کي به چُپ ۽ غمگين محسوس ڪيو، جڏهن African Solidarity واري ڏينهن سڀني ڪارين ڇوڪرين سان گڏ ڊيبيءَ به پنهنجي وارن جون ڪئين ننڍڙيون ڀينڊيون ويڙهي انهن ۾ موتي لڙڪايا ۽ وڏو گگهي جهڙو پهراڻ پائي پيرن ۾ پٽين وارو چمپل وجهي جلسي ۾ تقرير ڪئي. +آئون ڪرٽس، ڊونٽ (Doughnut) ۽ ڪافي کڻي پنهنجيءَ ٽيبل تي آياسين ته کان رهيو نه ٿيو. مون چيومانس ”تون خوش ڇو نه ٿو ٿين. ڊيبيءَ ههڙي بهترين تقرير ڪئي آهي ۽ سڄي هال ۾ تاڙيون ئي تاڙيون آهن.“ ڪرٽس جي اڇي ڳوري چهري تان ڪارو ڪڪر گذري ويو. هڪ لحظي لاءِ هو چپ چاپ مون کي گهوريندو رهيو ۽ پوءِ چيائين ”تون ڏسين نٿي ته ڊيبي مون کان پري ٿيندي وڃي. مون کي ڊپ آهي ته آئون ڪٿي آفريڪا جي جهنگلن ۾ هن کي وڃائي نه ويهان.“ مون ڪجهه نه سمجهيو. پڇيم ”ڇا توهين آفريڪا گهمڻ پيا وڃو؟“ هُن ڪاوڙ ۾ چيو ”ڇا ڪنهن زمين تي پير رکڻ ئي ان جي وجود جي مڃتا جو اصول آهي. ڊيبيءَ جي دل ۾ آفريڪا ۾ آباد آهي ۽ هوءَ دل جي گهراين مان ان کي ڪڍي پاڻ تي مسلط ڪندي وڃي. تون هن جو اُٿڻ وهڻ ڏس، هن جا جذبات ڏس، تون هاڻ اسان جي گهر اچي ڏس ته هن ڇا ڇا ان ۾ آڻي رکيو آهي ۽ ڪلهه ته حد ٿي وئي. هوءَ African Cookery جو ڪتاب وٺي آئي آهي ۽ ڪالهه مون اڇن چانورن جو نمڪين حلوو، سڪل مڇي، ڪڪڙ ۽ بيف (ڍڳيءَ جي گوشت) جو گڏي پچايل ٻوڙ کاڌو آهي ۽ اڄ تائين اهي سڀ شيون منهنجي معدي اندر پيل آهن.“ قمر! منهنجي ڊيبيءَ Ebony Eyes جي تعريف ڪئي آهي ۽ مون کي چيو آهيس ته تنهنجي ڀورين اکين ۾ جذبات جو اظهار ايترو نظر نٿو اچي جيترو ڪارين اکين ۾ نظر ايندو آهي. +پهريون دفعو ڪاري خوشبودار ڪافي مون کي هميشہ جهڙو مزو نه ڏيئي سگهي. مون اُٿي ملڪ پائوڊر جون ٻه پڙيون کنيون ۽ ڪرٽس ۽ پنهنجي ڪافيءَ جي ڪوپن ۾ وجهي، چمچي سان هلائي ڪافيءَ جو رنگ ڀورو ڪري ڇڏيو. +مون کي گهڻائي پيپر لکڻا پيا، امتحان ڏيڻا پيا، اسڪول ۾ وڃي Micro- Teaching جو مظاهرو ڏسڻو پيو ۽ ڪائونسل جون ڪئين ميٽنگون ۽ جلسا منهنجيءَ شرڪت کان سواءِ ٿي گذريا. +1978ع ۾ جڏهن سهيل آمريڪا آيو ته آئون کيس يونيورسٽي گهمائيندي گهمائيندي ڪائونسل آفيس وٺي ويس. اتي مون ڊيبيءَ ۽ (Lmont) لمونت کي ڏٺو. لمونت جيڪو گوريلي جهڙو هو. هر پارٽيءَ ۽ پڪنڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ کائيندو هو ۽ ٻنهي ڪلهن تي ٻه ڇوڪريون ويهاري ميلن تائين ڊوڙي واپس اچڻ ۾ مشهور هو. مون هن کي اسان واري ڊين (Dean) جي آفيس ۾ گريجوئيٽ اسسٽنٽ شپ تحت ڪم ڪندي ڏٺو هو ۽ هڪٻئي جي نالن کان واقف هئاسين. ڊيبيءَ ٻڌايو ته هن لمونت کي ڊين جي آفيس مان بدلي ڪرائي ڪائونسل جي آفيس ۾ آندو آهي، جو ڪائونسل ۾ ڪو بهتر ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ نه هو. مون لمونت (Lamont) جي منهن ۾ چتائي ڏٺو. مون کي هن ۾ ڪابه بهتر هئڻ جي خاصيت نظر نه آئي. بهرحال منهنجو آفيس جي ڪمن تي ڪوبه اختيار نه هو ۽ آئون صرف ميمبر هيس. +1978ع جي سياري دوران سان جيءَ ڪائونسل وڏيءَ پارٽيءَ جو انتظام ڪيو ۽ ان لاءِ اسان Greek Orthobox Church (يوناني آرٿوڪس چرچ) جو هال مسواڙ تي ورتو. شيشم جي فرش تي ڪئين جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا. آئون ۽ ڪجهه مصري شاگرد پَتن جي بازي لڳايو ويٺا هئاسين. ڪجهه ڪارين ڇوڪرين ميوزڪ بند ڪرايو ۽ ڊرم جي لئه تي گانو ڳائڻ شروع ڪيو. هيءُ اهو ميوزڪ هو جيڪو Alex Haley جي ناول The roots جي ٽيليويزن واري سلسلي ۾ هڪ ٻن هنڌ تي وڄايو ويو هو. هن ميوزڪ شروع ٿيڻ شرط ڊانس جو طريقو بدلجي ويو ۽ ائين لڳو ته ڄڻ گهڻن کي ٽڻگن ۾ ڏينڀو چهٽي ويا آهن. اوچتو هڪ وڏي رڙ ٿي. اهڙي رڙ جيڪا ان ميوزڪ تي حاوي هئي. سڄي هال ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي. جيڪو جتي هو اُتي ئي رهجي ويو ۽ اسان ڏٺو ته ڪرٽس پنهنجيءَ ميز تي چڙهيو بيٺو هو. شراب جي نشي ۾ ڌُتِ- هٿ ۾ وِسڪيءَ جي بوتل، قميص جا بٽڻ کليل. هڪ لحظي کان پوءِ هن دانهن جي انداز ۾ ڪڙڪو ڪري چيو. “Stop it rascals! You have killed me” بدمعاشو، ان کي بند ڪريو. توهان مون کي ماري ڇڏيو آهي. توهان منهنجي پيار کي ڌوڪو ڏنو آهي. توهان منهنجي زال مون کان ڦري ورتي آهي. هوءَ آفريڪا ۾ رهي ٿي، آفريڪا سان کائي ٿي، آفريڪا سان سمهي ٿي ۽ ان آفريڪا ۾ مون لاءِ ڪابه جڳهه ڪونهي. آفريڪا مون کان سڀڪجهه ڦري ورتو آهي ۽ آئون خالي هٿين رهجي ويو آهيان.“ +ڊيبي اڳيان وڌي آئي. چيائين: ”ڪرٽس، تون نشي ۾ آهين. هيٺ لهي اچ، پاڻ گهر ٿا هلون، توکي آرام جي ضرورت آهي.“ +ڪرٽس وڌيڪ مڇرجي ويو. چيائين ”ڪنهن جو گهر، اهو منهنجو گهر ڪونهي. اهو آفريڪا آهي، جتي لمونت اچي ٿو ۽ جتي ايلڪس هيلي جا ڪردار زنده ٿين ٿا. هٽي وڃ مون کان، اڄ کان پاڻ الڳ آهيون.“ +”شيم، شيم...“، سڄي هال مان آواز اٿيا. آئون ڊپ وچان هال کان ٻاهر نڪري آيس. متان جهڳڙو نه ٿي پوي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته ڪرٽس ۽ ڊيبي الڳ ٿي ويا آهن. سندن طلاق جو فيصلو به جلد ٿي ويندو. آئون وقتاً فوقتاً ڊيبيءَ سان ملندي رهيس. هاڻي هو لمونت سان رهندي هئي. ان جي پهرين زال جي ڇڏيل ٻن ڇوڪرين جي پرورش ڪندي هئي. پاڻ اڳي کان وڌيڪ ڪم ۾ جُنبي ويئي ئي. لمونت به مستقل طور اسان جو ميمبر ٿي ويو هو. سڀني شايد ڪرٽس کي وساري ڇڏيو هجي، ليڪن مون کي اڃان به ياد هو ۽ پڪنڪ پارٽين تي هن جي ڪَمي محسوس ٿيندي هئي. +وقت گذرندو رهيو. پڙهائي به ٿيندي رهي. جلسا به ٿيندا رهيا. وقتي ۽ موسمي سوشل پارٽيون به هلنديون رهيون. آئون گهڻو وقت پنهنجي پٽ سهيل کي ڏيندي هيس، انهيءَ ڪري گهڻو ڪري سڀ فنڪشن اٽيند ڪونه ڪري سگهندي هيس. 1980ع جي شروعات ڌاري پنهنجا ريسرچ پيپر ٽائيپ ڪرائڻ لاءِ ڪائونسل آفيس ۾ گهڻو وقت گذارڻ لڳس. ڊيبي هاڻ صدر ڪونه هئي. ان جي جڳهه تي ٻي ڇوڪري اچي ويئي هئي ۽ لمونت ان سان ويجهو پوندو ويو. مون هڪ ٻه دفعو ڊيبيءَ جو ڌيان ان طرف ڇڪايو. چيومانس ”جلدي شادي ڪري وٺ، ورنه هيءُ هٿن مان وڃنئي نڪرندو.“ کلي چيائين ”منهن سان شادي ڪئي هيم اهو به ته هٿن مان ترڪي ويو.“ +آئون آڪٽوبر 1981ع ۾ واپس پئي آيس. منهنجي الوداعي پارٽيءَ ۾ ڊيبي بلڪل اڪيلي هئي. Alex Haley جو ناول Roots پراڻو ٿي چڪو هو. ان تي ٻڌل T.V واري سيريل ٽي سال اڳ ۾ ختم ٿي چڪي هئي. ڪانگريس اڳيان 1969ع ۾ پيش ڪيل بلِ ”هر گروپ، هر زبان ۽ هر تهذيب جا حامل ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پنهنجيءَ زبان، تهذيب ۽ تاريخ بابت سرڪاري خرچ تي تعليم ڏيارڻ جا حقدار آهن“ ۽ جيڪو 1972ع ۾ پاس ٿيو هو، پوريءَ طرح عمل هيٺ هو. غريب ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪيا ويا هئا. رونالڊ ريگن جي حڪومت جو وعدو هو ته هاڻ ڪير به ڏکيو بکيو نه رهندو ۽ ماڻهن کي آسرو ٿيو ته جلدي حالتون سڌري وينديون. اهڙي وقت ۾ مون آمريڪا کي خداحافظ چوڻ جو سوچيو. +آئون پٺيان سڀني کي سکيو ستابو ڇڏي آئي هُيس. منهنجا سڀ ڄاڻو سڃاڻو ۽ دوست تندرست ۽ چُست آهن. اسڪول آف ايجوڪيشن جي گريجوئيٽ ڪائونسل ۾ نوان چهرا اچي ويا هوندا. لمونت ڪٿي نه ڪٿي شادي ڪري پنهنجو گهر ٺاهيو ويٺو هوندو. سڀني جون آسون اُميدون پوريون ٿيون هونديون، ليڪن ڊيبرا برائيٽ، جنهن دل جا دروازا آفريڪا لاءِ کوليا هئا، سڀني کي هق ڏيارڻ ۽ مطالبا مڃرائڻ جو پليٽ فارم مهيا ڪيو هو، اُها جنهن جو پيار آفريڪا جي راهه ۾ گم ٿي ويو، اها آفريڪا جي زمين تي قدم به ڪونه رکي سگهي. منهنجي پياريءَ سَگههَ واري ساهيڙيءَ ڪٿي به پنهنجي بيماريءَ يا ڏک جو احساس ڪنهن کي به ٿيڻ نه ڏنو. سڀني ۾ آفريڪا ۽ محبت ورهائيندي وئي ۽ پاڻ سڀ ڪجهه وڃائيندي ويئي. مون لڙڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳچيءَ ۾ ڄڻ ته ڪا شئي چُڀ چُڀ پئي ڪري. سمجهان ٿي اُها چُڀَ ايستائين رهندي جيستائين هڪڙن انسانن کان ٻيا سڀ ڪجهه ڦريندا يا جيستائين ڊيبيءَ جي تابوت کي پيٽبرگ جي هوم اسٽيڊ واري قبرستان مان ڪڍي آفريڪا جي مٽيءَ ۾ دفن نه ڪري اچجي ۽ اُتي هڪ وڏو اوچي ڳاٽ وارو اڪيلو وڻ پيدا ٿئي، جيڪو ميلن تائين پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ۽ جنهن کي ڪئين ڪهاڙين جا ڌڪ به ڪيرائي نه سگهن. + + +ادب لطيف +حُسن +پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا +جمال جي جهل لهي ته چوان ”ڪيڏو نه حسن“. جلالَ جي جوتِ جَبڙ، اچي جٺيون ڪري ته چوان ”ڪيڏو نه حسن“. ڇا تڏهين جمال ۽ جلال ئي ڪمال ۽ ڪُل حسن آهي؟ +اِهي پڪلڪن جون پلٽ واريون، اِهي ڇُلڪن جون ڇلڪ واريون ايجادون عقل جون آهن يا علم جون؟ +جادو آهي بيشڪ انهن ۾ جو جبڙن جيوَ کي پاڻ ۾ گُم ڪيو ڇڏي، کيس آڏ جي اوڏو نٿو ڪري. مست ۽ مخمور ڪري ٿو بيشڪ مگر مالڪ نٿو بنائي. +مومل کي عقل هو؛ جادوءَ جو علم هو؛ طلسم ٺاٺ جو فخر هو؛ حسن هو؛ سندس اکين ۾ عشق جا الماس هئا ته به راڻي تي ريجهي پئي. +جمالي جهلڪ هئي يا جلالي فلڪ! اِهي ٻئي ۽ ٻيو ڪي. منجهس حسن هو جو مومل ۾ نه هو. +اِهو ”حسن“، جنهن کيس هيڻو بڻائي راڻي وهيڻو بڻائي ڇڏيو، ڇا چئي ڇا چوان؟ ڪهڙي ڪوئل جي لات لنوان. ڪهڙي گُل جي سرهاڻ چوان، ڪهڙي شمس جو شعاءُ چوان. ڪهڙي چنڊ جي چيڪي چوان. +حسن جنهن سسئيءَ جهڙي سونهن واريءَ کي سوگهو ڪيو، جنهن سهڻيءَ کي سياري جي اونداهه ۾ پاڻ سائر جي سيني تي کڻي اُڇلائڻ تي مجبور ڪيو. +اِهو ڇا آهي، جو بي وس ڪيو ٿو ڇڏي. +ٻڌو اٿم ته ڪُل ڪائنات جي ڪاريگري ۽ ڪلا تو وٽ موجود آهي. ٻڌو اٿم جمال ۽ جلال تنهنجا صرف محتاج آهن، تون حسن آهين. سمجهه ته ڪو سوجهرو نٿي وجهي، مگر جيڪي سو اوجهڙ ۾ گهليو ٿي وڃي. انهيءَ کي الوداع ٿو ڪريان ته دنيا ديوانو ٿي بنائي. اِهو به چڱو جي حسن جي دڳ لائي يا ڏي ڏس ڏيهه جو جت تون ٿو جاڙو ڪرين. +اک اکين جي چک، لات جي لک، ڪنڌ جي مورَ، سيني ۾ سورَ. آواز جو آغاز، رڳ رڳ جي نماز، ساز ۽ آواز سمايل. سرهاڻ ۽ سج ڌج ساري سنسار جي، جيڪڏهن هڪي اڳيان هجي ته به جيڪر حسن سان برميچي نه سگهي! +تڏهن حسن تنهنجو انت بي انت، اننت آهي. لفظن ۾ توکي لڪائي نٿو سگهجي؛ پردي جي پري ڪرڻ سان پائي نٿو سگهجي؛ گهمڻ سان توکي گهاتي نٿو سگهجي، همت ۽ هوشياريءَ سان توکي ورائي نٿو سگهجي. اُپائي اُپائڻ وارو، بنائي اهو ئي پيارو، ڏي اهو ئي اشارو، عقل ۽ علم، عملُ ۽ آمل آهي سڀ اُڌارو. +جنهن کي جهان ٿوڪاري، تنهن ۾ ايڏو ته اُجالو اُپائين، جو بادشاهه کي تخت طائوسي تان بي طرف ڪري کيس سندس قدم ۾ لڳائين. اِهو ڇا آهي؟ +دور تمام دور ديس وارا، تنهنجو ديدار پسي چون: ”آءٌ گولي، آءٌ ٻانهي.“ +جمال آهي يا جلال، ڪمال آهي ڪلالُ، خبر نه آحي. ��ڏهن ڇا چوان؟ خبر کان بي خبر آهيان، جنهن کان تنهن کي چوان حسن. جنهن جو مثل نه هجي، تنهن کي چوان حسن. جو حيرت ۽ عبرت پسڻ جي ڪري تنهن کي چوان حسن. +حسن تون ئي حرف هڪ ۽ حق حسن آهين. لکين، ڪروڙين لالٽين ڇو نه کڻي لکائن، مگر تنهنجي هڪڙي نوراني نگاه نهوڙيو ڇڏي ٿي. +ڪلا ۾ حسن آهي يا نه، ڪار ۾ حسن آهي يا نه، چنڊ ۾ منڊ آهي يا نه، گُل ۾ گونج آهي يا نه، عورت ۾ آرو آهي يا نه، ٻار ۾ للڪار آهي يا نه. مطلب ته هر هڪ ۾ اهو بي نام، بي دام، بي لام آهي يا نه؛ آهي به نه به آهي. +آهي تڏهن ته دِنگ ٿو ڊاهي، تڏهن ته ٿو ٻڌائي ٻول انمول ڇا آهي؟ +ڇا ڇا ڪندو: ڇاڇ ڇاڻندو، ڇيڄ هڻندو، ڇنيون وجهان ”پاڻ“ ته به ڦيڻ پسي ڦرائي اَچان هان ته به ملي نه مون ”ماڻ“ حسن جي هڪ وصف جو. +حسن حيران ڪيا، ويران ڪيا، مگر ڪنهن نه پاتو، ڪنهن نه سڃاتو کيس. لک لبيس، وڄ جهڙا ويس پهري، پاڻ پرکائي ته حسن ڪو پاڻ لکائي ته لکائي، نه ته سندس لک الک آهي. +ڪلاڪار پنهنجي ڪم ۾ لڳائي، ڪلا عطا ڪر، جو حسن جو هڳاءُ پکيڙڻ جي زندگي کي اکيري سگهون! (1952ع) +(بشڪريه: رويندر لجچت گانڌي، شڪارپور) +سُڳڻي سنڌيءَ بابت ٻه اکر +ولي محمد طاهرزادو +جڏهانڪر سنڌ سونهاريءَ ۾ لڏ پلاڻ جو چڪر چالو ٿيو آهي ته ٻوليءَ جي گهڻگهرن کان اهو ئي سڻندا ٿا اچون ته ”سنڌي سکو، سنڌي لکو ۽ سنڌي پڙهو“. ڳالهه ته واه جي آهي، آهي به ساهه سان سانڍڻ جهڙي، پر رڳو چوڻ سان ته ڪجهه ڪونه ٿو ٿئي. اسان کي ٻوليءَ جي نڌڻڪي ٿيڻ تي اُڌما ته الاهي ٿا اچن، پر اسين ڇا پيا ڪريون ۽ ڇا ڪري رهيا آهيون! ”شربت‘ چوڻ سان وست ڪڏهن به مٺو ڪونه ٿيندو، جيستائين مٺاڻ کي پاڻيءَ سان نه ملائبو. +اڄڪلهه سنڌي ٻولي ويچارڙي ٿيندي وڃي. نماڻا نيڻ کنيو پنهنجن ڏانهن پئي نهاري ته من ڪو منهنجي بيوسيءَ تي ترس اچين. +هيڏانهن رسالا به پيا نڪرن، اخبارون به پيون ڇپجن ۽ ڪتاب به پيا پڙهجن، پر ماءُ جي مامتا واري لوليءَ جو ذرو منجهن خير ڪو آهي! اسان جا پنهنجا به گهڻو ڪري ڌارين جي ڌُڪڙن تي جهمرون هڻي رهيا آهن، سو شايد اسان مان گهنن کي ٻولي نڪا ٿي صحيح لکڻ اچي، نڪا ٿي ڳالهائڻ اچي، اسان رڳو ڪم اڪلائو اکر استعمال ڪري خوش پيا ٿيون ۽ جڏهن ڪو اهڙو تُز لفظ ٺهڪي اچڻ وارو نه ملندو آهي، جنهن جي معنى مطلب پڌري پٽ هوندي به اسان جي ذهن ۽ دماغ ۾ دٻيو پيو هوندو آهي، ۽ ڪيتري به ڪوشش ڪندي ترت تري زبان تي يا ڌيان تي نه ايندو آهي، پوءِ اسان رٻڙ جي چمڙي جي چَتي هڻي پاڻهي پنهنجي پٺي ٺپري ڇڏيندا آهيون. +درسي ڪتاب، جن کي ٻوليءَ جو ٻَهڪڻ چئجي، سي اڪثر ڪري ڦري ٻوليءَ جو ٻيڪڻ ٿي پيا آهن. +ٻوليءَ جي لفظ کي سرسري ۽ رواجي نظر سان نه ڏٺو وڃي، نه ٻڌو وڃي ۽ نه پڙهيو وڃي. پر ان لفظ ۾ هزارين لکين غيرتون، عزتون ۽ دولتون موجود ۽ موجزن آهن. +آءٌ هيءُ ”رت جا روپ“ وساريل ورق پڙهندڙن اڳيان آڻيان ٿو، جو ٻوليءَ جي ڪشادگيءَ عام فهم ۽ آسانيءَ ۾ پڙهندڙن جي واقفيت وڌائيندو. +رت جي رِلڻ جي ريت ۽ روپ +مائيٽيءَ جو سرشتو شادي ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿو. شادي ڪندڙن جا شامل نالا گهوٽ ۽ ڪنوار آهن. نڪاح جي ٻن حرفن پوڻ سان سندن سٻنڌ سدائين واسطي قبول، قائم ۽ دائم رهي ٿو. اهو ٻنڌڻ موت، طلاق يا خلع ٽوڙي وجهن ٿا. +رت جا رشتا اولاد جي آمد سان وڌن ٿا ۽ ويجهن ٿا، پر گهوٽ ۽ ڪنوار جي ڳانڍاپي ڪري رڳو هڪٻئي جي عزيزن کي ساهراڻي آڪهه ڪوٺجي ٿو. جنهن ۾ گهوٽ جا لاڳاپيدار سڄڻ ۽ ڪنوار جا مائٽ سيڻ چيا وڃن ٿا، انهن ۾ ڪا خاص آنڊي اُٿل ڪانه هوندي آهي، رڳو ويجهڙائيءَ وارن مائٽن ۾ اها رت جي رتي رِليل هوندي آهي پر جڏهن گهوٽ ڪنوار ڄايا ويايا يعني ٻار ٻچا پيدا ٿين ته پوءِ چيا ويندا ”زال مڙس“، ۽ سندن وياءَ جون ولون وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙجي الاجي ڪٿي ڪٿي پکڙي وڃي دنگ ڪنديون. مثلاً مائٽيءَ جي تِڇ آهي، مائٽي ۾ ساڳي نُک آهي، يا ماڳهين اَٺينءَ پيڙهيءَ اَٺ ماڪوڙو ماسات هوندا. اولاد جهڙي نعمت نروار ٿي ته زال توڙي مڙس جي طرفن جي مائٽي الڳ ڀاڱن ۾ ورهائجي ويندي. +هڪ ڏاڏنگ يا ڏاڏاڻا يا اباڻا يا ٻاٻاڻا ٻڌڻ ۾ ايندا. اهي ٿيا پيءُ جي پاسي وارو ڪـٖـيڙ، جن کي پِيئڪا يا پــٖـيڪا به ڪوٺين ٿا. انهن ٻنهي ڌرين بنسبت ڪٿي ڪا ڳالهه ٻولهه ڇِڙي يا قيل مقال هلي ته ٻئي پاسي هڪ ٻئي کي سيڻ سڄڻ ڪري سڃانائيندا ۽ چوندا ته اسان جا پاڻ ۾ وار وڇايل آهن. رت جا ريلا ۽ وهڪرا ۽ ويلا هينءَ آهن. +(1) ڏاننگ ڪٽنب: پيءُ: ڏاڏو، ڏاڏي جي زال ڏاڏي. +ڏاڏي جو پيءُ پڙڏاڏو، پڙڏاڏي جي زال پڙڏاڏي. +پڙ ڏاڏي جو پيءُ تڙ ڏاڏو، تڙ ڏاڏيءَ جي زال تڙ ڏاڏي، +ڏاڏي جو پٽ ۽ پيءُ جو ڀاءُ چاچو، چاچي جي زال چاچي، +چاچي جو پٽ سوٽُ، چاچي جي ڌيءَ سوٽ، +ڏاڏي جي ڌيءَ پيءُ جي ڀيڻ پُڦيءَ جو مڙس پڦڙ، پڦيءَ جو پٽ پڦاٽُ، پڦيءَ جي ڌيءَ پڦاٽِ. +(2) نانگ ڪڙم! +ماءُ جو پيءُ: نانو، ناني جي زال ناني. +نانـٖـي جو پيءُ: پڙ نانو، پڙ ناني جي زال پڙناني، +پڙناني جو پيءُ تڙ نانو، تڙ ناني جي زال تڙ ناني، +ناني جو پٽ ۽ ماءُ جو ڀاءُ، مامو، مامي جي زال مامِي، +ماميءَ جو پٽ ماروٽ، مامي جي ڌيءَ ماروٽِ، +ناني جي ڌيءَ ۽ ماءُ جي ڀيڻ: ماسي، ماسي جو مڙس ماسڙ، ماسيءَ جو پٽ ماساتُ، +ماسي جي ڌيءَ ماساتِ. +(3) عورت جي مڙس جا ويجها لاڳاپيدار: +ڀاءُ، ڀاءُ جي زال ڀاڄايا، ڀاءُ جوءِ يا ڀاڄائي، +ڀاءُ جو پٽ: ڀائيٽيو، ڀاءُ جي ڌيءَ ڀائٽي. +ڀيڻ، ڀيڻ جو مڙس ڀيڻيو، ڀيڻ جو پٽ ڀاڻيجو يا ڀيڻم جو، ڀيڻ جي ڌيءَ ڀاڻيجي يا ڀيڻم جِي. +(4) مڙس جا ساهراڻا لاڳيپدار: +زال جو ڀاءُ سالو، سالي جي زال سالوني. سالي جو پٽ سالاٽُ، سالي جي ڌيءَ سالاٽِ. زال جي ڀيڻ سالي، ساليءَ جو مڙس سَنڍُو، سنڍُوءَ جو پٽ سوِنيو، سنڍَوءَ جي ڌيءَ سونِل. +(5) زال مڙس جو گڏيل گهراڻو: +پٽ جي زال نُونهن، نُونهن جو پٽ پوٽو، نُونهن جي ڌيءَ پوٽي، ڌيءَ جو مڙس ناٺي، ڌيءَ جو پٽ ڏهٽو، ڌيءَ جي ڌيءَ ڏهٽي. +(6) گاڏڙ ساڏُڙ سڱ: +جيڪڏهن ڪنهن جوءِ يا مڙس مري ويو، طلاق يا خلع ڪري ڌار ٿي ويئي، ان مڙس مان اولاد ٿيل اٿس، وري ٻيو مڙس ڪيو اٿائين ان مان به ٻار ٻچا ڄاوا اهنس ته اُهي ٻيا ڄاول ٻار اڳين مڙس مان ڄاول يعني پهرئين مڙس مان پيدا ٿيل اولاد کي اڳڄاوا، اڳا، اڳايا، ”ويڳا“ ڀائر ڀينرون ڪوٺيندا. پهرين مڙس مان ڄاول ٻار هن زال جي ٻي مڙس مان ڄاول اولاد کي مائيتا يا ماٽيجا ڀائر ڀينرون چوندا ۽ انهن جي پيءُ کي ’چاچو‘ ڪري ڪوٺيندا. هڪڙي ئي پيءُ جو ٻين زالن مان پيدا ٿيل اولاد پاڻ کي پيئتا ڀائر ڀينرون چوائيندا ۽ پيءُ جي ٻين زالن کي ماسي ڪري سڏيندا. هڪ ئي ماءُ پيءُ جو اولاد پاڻ کي سَڳا (حقيقي) ڀاءُ ڀيڻيون چوائيندا. +متفرقه: +جن ٻارن ڪنهن به مائي جي ٿڃ پيتي آهي ته ان عورت جو اولاد ۽ ٿڃ پياڪ پٽ يا ڌيءَ، پاڻ ۾ ٿڃ شريڪ (رضاعي) ڀائر ڀيڻون آهن. انهن رضاعي يعني ٿڃ شريڪ اولاد کي به سڳن ڀائرن ڀينرن وانگر اُن ٿڃ پياريندڙ سَمائي جي مٽن مائٽن عزيزن اقربائن سان ادب احترام، مباح ۽ حرام ۾ هڪجهڙو ناتو قائم رکڻو آهي. +ويراڳي نئون ويس، رانول ڍڪي رميا +(رئيس دوست علي خان کٽياڻ صوفي جي ياد ۾) +دنيا ۾ جيڪڏهن اٽل يا سچ آهي ته اهو موت آهي، جيڪو هر جاندار شئي تي هڪ ڏينهن ضرور ايندو. پر ڪي ڪي موت اهڙا هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن، جيڪي انسانن جون دليون ڇيهون ڇيهون ڪري وجهندا آهن ته اهڙو ئي هڪ عظيم انسان موت اسان کان کسي ورتو آهي. اي موت! شل موت پوئي. اهو مٿير ۽ ملوڪ ماڻهو هو رئيس دوست علي خان کٽياڻ صوفي. +رئيس دوست علي بظاهر ته اسان کان جدا ٿي ويو آهي، ليڪن باطن ۾ هو اسان جي دلين کان جدا نه ٿيو آهي. سندس قرب ڀريون ڪچهريون، رندي رمزون، حسين ۽ دلنشين رهاڻيون، غريبن ۽ يتيمن سان لوڪان لڪائي مالي مددون ڪرڻ ۽ مايوس ۽ دل شڪست ماڻهن جون دلبريون ڪرڻ جا عمل وساريو نٿا وسرن. رئيس مرحوم ساقي به هو ته ساغر به هو، مئڪش به هو ته ميخانو به هو، ساز هو ته آواز به هو، راڳ به هو ته رهاڻ به هو، محبت به هو ته محفل به هو، مطلب ته هن صوفي سرمست ۽ر وشن دل فقير جا ڪئين ڪردار آهن، جن تي ويهي لکجي ته ڪيئي ڪتاب ٺهي پوندا. پنهنجو جيڪو به دور هن دنيا ۾ بسر ڪيائين، سو پنهنجي حوصلي ۽ همت سان، قرب ۽ ڪمال سان، جمال ۽ وصال سان ڪيائين.رئيس هڪ معمولي يا عام انسان نه هو، هو امير به هو ته فقير به هو. مان يقين سان چوان ٿو ته سندس سرمدي ۽ سرمستي صحبتون گهڻن ماڻهن کي ياد هونديون ۽ محفوظ رهنديون. مون به هن صوفي سرمست سان ڪي چند سال گڏ گهاريا هئا، گهڻيون ئي سندس رهانيون ۽ رس، محبتون ۽ صحبتون حوصلا ۽ همتون ياد آهن، جي ڪڏهن به وسري نٿيون سگهن ۽ انهن کي وسارڻ منهنجي وس جي ڳالهه به ڪانهي. جوانيءَ کان وٺي وفات تائين سندس پوشاڪ ساڳي رهي ۽ ڪابه ان ۾ تبديلي نه ڪيائين: گيڙو پٽڪو، ڀلي ڇو نه اهو بوسڪي جو هجي گيڙو رنگ ضرور ڏياربو؛ قميص به ساڳئي رنگ جي؛ سفيد سلوار؛ پيرن ۾ ڪارو شو بوٽ، ڪڏهن ڪڏهن سليپر به استعمال ڪبو. ان سان گڏ ڪلهي تي هڪ خوبصورت ۽ قيمتي ٽوال به شامل هوندو. اها هئي سندس فڪر مطابق فقيراڻي پوشاڪ. +قبلا مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جي پيرن جي پڻي ۽ مريد هو. سائين مخدوم صاحب جن کين ٻه خطاب عيا ڪطا هئا، هڪ صفِ اول جو خليفو ۽ ٻيو پنهنجي جائداد ۽ زمينداري جو علم مختيار، ليڪن ايڏن وڏن خطابن ۽ منصبن جي باوجود هو پاڻ کي ۽ ٻين کي چوندو هو ته مان قبلا مخدوم سائين جن جو نوڪر ۽ سندن در جو دايو آهيان. حقيقت ۾ اسان ماڻهن رئيس دوست علي خان جي جيڪا عزت سائين طالب المولى جن وٽ ڏٺي، سا تمام مٿانهين هئي. رئيس جي هر راءِ ۽ مشوري کي مخدوم صاحب جن وڏي اهميت ڏيندا هئا؛ سندس هر ڳالهه کي وٽن وڏو وزن هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي سموري زندگي صدق دل سان پنهنجي مرشد جي خدمت ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي. +هاڻي اچو ته رئيس مرحوم جي ٻين خوبين ۽ گڻن تي به نظر وجهون ۽ سندس ذڪر خير ڪريون. ڳالهه هيءَ آهي ته رئيس دولت علي خان وٽ ٻه شيون زندگي ۾ اهم هيون، گويا اهي سندس روح هيون ۽ زندگي هيون. پهريون راڳ ۽ ٻيو سونهن. راڳ کي هو عبادت ڪري سمجهندو هو. ڪئين فقير ڳائڻا سندس ڳوٺ ۾ فقط ڳائڻ لاءِ سدائين ويٺا هوندا هئا. انهن جو خرچ ۽ ننگ پاڻي سڀ رئيس تي هو. مطلب ته راڳ رئيس جي روح جي صحيح معنى ۾ غذا هئي. سونهن سندس جيءَ جو جياپو هوندي هئي. خدا پاڪ جي هر اها دلفريب ۽ رنگين شئي هن کي موهي وجهندي هئي، جنهن ۾ قدرت جا حسين ۽ دلنشين رنگ ڀريل هوندا هئا. هونءَ به سهڻي ۽ من مهڻي صورت ڪنهن کي نه وڻندي آهي؟ +عربيءَ ۾ هڪ مقولو آهي ته ”خدا پاڻ سهڻو ۽ حسين آهي، تنهنڪري کيس به حسن وڻي ٿو.“ ان ڪري اهي ماڻهو نه آهن، پر مِرون آهن، جن کي قدرت جي حسين شئي نٿي وڻي. رئيس خود به سهڻي ۽ من مهڻي صورت جو مالڪ هو. پاڻ قداور، بدن جي هڏ ڪاٺي بلڪل سڌي ۽ سهڻي، نڪ ڊگهو، اکيون وڏيون جهڙيون هرڻ جون اکيون، ڏاڙهي سونهاري چاپئين. رئيس لي ته ڄڻ مور پيو ٽلي. جي ڪٿي بيهي ته راڄ بيهي وڃي. گفتگو ڪري ته عالمن کان مدرسا ۽ فاضلن کان يونيورسٽيون وسريو وڃن، تصوف تي ڳالهائي ته ڄڻ ته بحر پلٽجي پوي. راڳ ۽ موسيقي جي فن تي چپ چوري وڌائين ته موسيقار پيا منهن ۾ ڏسنس، ته رئيس وٽ هي فن ڪٿان آيو؟ +سڄي عمر پنهنجي مرشد سائين طالب المولى جي خدمت ڪندي گذاريائين. سائينجن جي زمينداري، ان جي سنڀال ۽ پيدائش جو سمورو ڪم رئيس جي حوالي هو ۽ ذرو به ضايع ٿيڻ نه ڏيندو هو. مخدوم صاحب جن جي هيڏي وڏي ڪارخاني کي هلائڻ لاءِ ايڏو محنتي، ايماندار ۽ خيرخواهه ماڻهو مون اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺو آهي؛ حالانڪ ڪئين مريد، خليفا، خير خواهه سائينجن جا آهن ۽ اهي به سهڻيون خدمتون ڪندا پيا اچن، پر رئيس علي دوست خان سڀني کان سوايو نظر ايندو هو. پنهنجي مرشد سائينجن جي اڳيان پنهنجي وا پيش ڪرڻ لاءِ جان، مال، عيال، دولت، عزت، شهرت مرشد جي نام تان قربان هئي. هالا لفظ اڳيان سندس وار وڇايل هوندا هئا، بقول لطيف سائين جي: +ڪيچان آيو قافلو، ساٿ ڌڻي سرواڻ، +وارَ وَڍي واڳون ڪيان، پوان هوند پلاڻ، +جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. +رئيس دوست علي خان وٽ مذهب جي معنى ماڻهپو هو ۽ انسان جي معنى انسانيت هئي. هو چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ ماڻهپو ناهي، اهو ڪهڙي مذهب وارو ماڻهو چئبو. اهو انسان ڪهڙو چئبو جنهن وٽ انسانيت نه هجي. هر ماڻهوءَ کي محبت ۽ پيار جي نظرن سان ڏسندو هو ۽ ان ۾ پرين پسندو هو. پوءِ اهو ڪولهي هجي يا مينگهواڙ، هندو هجي يا مسلمان، مومن هجي يا ملحد، مجازي هجي يا نمازي، مطلب ته هر انسان کي دل ۾ هيڪانديون جايون ڏيندو هو. اهي هيون سندس انسانيت واريون ادائون. سڄي عمر نشو استعمال نه ڪيائين. نه ٻيڙي نه سگريٽ، سڄي عمر صاف صوفي رهيو. کيس موت مهلت ڪانه ڏني، باقي بخت کيس سدائين ساٿ ڏنو. زندگي ۾ انسان کي بخت ياوري ضروري آهي؛ پر ڪنهن انسان جي اها وس جي ڳالهه ڪانهي ته بخت ٻانهون ٻڌيو بيٺو هجيس. البت اهڙا زندگيءَ ۾ ٿورا ماڻهو نظر ايندا جي بخت جي تخت تي حڪمراني ڪندا آهن ته رئيس دوست علي خان وٽ به بخت خود هٿ جوڙيو بيٺو هوندو هو. خدا جي مٿس خاص عنايت هئي. پنهنجي ڳوٺ فقير صوفي محمد کٽياڻ ۾ سندس عاليشان تڏو هو. اوطاقون، مڪان، فقيرن جي رهڻ لاءِ جدا جدا جايون. باغ، زمينون، وٿاڻ ۽ نوڪر وغيره. ڏسي حيرت وٺي ٿي ته هن فقير تن ماڻهوءَ کي جيڏي مولا دل ڏني هئي، اوترو کيس دنيا جي هر نعمت سان به نوازيو هو. البت کيس ڪو نرينه اولاد ڪونه هو. باقي زماني جون ٻيون سڀ خوشيون موجود هيس. +ساڳئي وقت رئيس هڪ غريب پرور ۽ يتيم ياور انسان به هو. ڪيترن يتيمن ۽ بيوس ماڻهن کي نپائي وڏو ڪري، انهن جون شاديون به ڪرايائين ۽ انهن ماڻهن کي ڏاج ڏاوڻ ڏئي نچي ڪيڏي لائون ڏياري، کين صحيح انسان بڻائي پٺن تي هٿ ٺپري ۽ دعائون ڪري خدا ۽ رسول جا حڪم پورا ڪري، حقوق العباد جا آداب ۽ اصول عمل ۾ آڻي، گهڻن ئي بي سهارن جو سهارو پيدا ڪيائين. +مثال طور منهنجي اباڻي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين ۽ يتيم ٻار کي پاڻ سان وٺي هالن ۾ آندائين ۽ قبله طالب المولى سائينجن جي خدمت ۾ پيش ڪيائين ۽ اتي ئي ملازم ٿي رهيو ۽ اڄ اهو ماڻهو، هڪ سٺو شاعر، سٺو فنڪار ۽ مخدوم صاحب جن جي پراڻن خدمتگارن مان هڪ آهي. رئيس ان ماڻهوءَ کي شادي ڪرائي، شاديءَ جو خرچ وغيره مطلب ته پيءُ ٿي ان جو ڪاڄ ڪيائين، ايتري قدر جو قبله طالب ��لمولى سائينجن پاڻ ان غريب جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. خبر اٿوَ ته اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن رئيس دوست علي خان هيڏي هماليه جبل جيتري همدردي ڪئي، اهو آهي حسين بخش ’خادم‘ ذات ڀنگر. هتي هي لکڻ مناسب ٿو سمجهان ته جهڙيءَ طرح رئيس جون نوازشون حسين بخش ’خادم‘ تي هيون ته حسين بخش به سڄي حياتي رئيس سان گڏ سک ۾ گڏ رهيو ۽ رئيس کي پنهنجو پيءُ ڪري سمجهندو رهيو. +هوڏانهن رئيس کي جيڪا حسين بخش جي خاص ادا وڻي ويئي هئي سو هو سندس سريلو آواز. ٻيو سندس سر اخلاق، ٽيون وفاداري. انهن ٽنهي ٽولن خادم کي لوهه مان سون بڻائي ڇڏيو. بهرحال اهڙا غريب پروري جا مثال ڪيئن ملندا. +شروع ۾ مون عرض ڪيو آهي ته رئيس فقط رئيس ڪونه هو، پر فقير تن ماڻهو هو؛ ۽ ساڳئي وقت وڏو خوددار ۽ غيرتمند انسان هو. هن سڄي حياتي خودداريت ۽ باهمت ٿي تذاري. انهن سهڻين وصفين ڪري سندس دوستيون ته وڌيون، پر ڪٿي ڪٿي دشمنيون ۽ مخالفتون به پلءِ پئجي ويون. البت انهن سڀني ڳالهين کي پنهنجي همت ۽ حوصلي سان ۽ پنهنجي خداداد صلآهيتن سان پئي مُنهن ڏنائين. ماڻهو ته خدا مان به ڪي راضي نه هوندا آهن، رئيس ته بندو انسان هو. ضروري آهي ته هيڏي جبل جهڙي ماڻهوءَ جي ڪيئن نه مخالفت هوندي. هن جي فڪر جو انداز هي هو ته سِر ڀلي ڪُسجي وڃي، پر جُهڪي نه وڃي. سر کي ڪٽائي سگهبو، پر جي سر جهڪيو ته فقط خدا، رسول ۽ مرشد جي اڳيان جهڪائڻو آهي ۽ انهن جي ئي نالي تان سر تسليم خم ڪرڻو آهي. اهي هئا سندس خودداري وارا عظيم خيال. +رئيس دوست علي خان کٽياڻ صوفي +آئون اڳ ۾ به عرض ڪري چڪو آهيان ته دوست علي خان جا ڪئين ڪردار ۽ سوين پهلو آهن. ڪهڙن ڪهڙن ڪردارن تي لکجي ۽ ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي سندس ذڪرِ خير ڪجي. +”پريتم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.“ +رئيس دوست علي خان طب جو به وڏو ڄاڻو هو. اها خبر ڪانهي ته علمِ طب ڪنهن کان ۽ ڪٿان حاصل ڪيائين. هو پنهنجي هڙان خواه وڙان خرچ ڪري دوائون تيار ڪري مفت غريبن ۽ بيوس ماڻهن ۾ تقسيم ڪندو هو. دوائن ۾ ڪشتا، اکين جو سرمو، گلقند، شربت، گلاب جو عرق ۽ سائي ۽ پيٽ جي هر تڪليف جي دوا وغيره پنهنجي هٿن سان پاڻ تيار ڪندو هو. هالن ۾ جڏهن رئيس ڳوٺان يا ڪنهن ٻئي هنڌان پنهنجي اوطاق تي پهتو ۽ مريضن کي خبر پئي ته اڄ رئيس پهتو آهي ته يڪدم وٽس پهچي ويندا ۽ بيمارن جا ميڙ لڳي ويندا. پوءِ انهن مان هر ڪنهن جي نبض ڏسي ان مطابق مفت دوا ڏيندو هو. اسان ڪافي مرتبا جڏهن ساڻس ملڻ ويندا هئاسين ته ويچارا بيوس ۽ مريض ماڻهو وٽس علاج ڪرائڻ لاءِ نظر ايندا هئا. اسان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو ته رئيس ڪنهن بيمار سان سختي سان يا بيپرواهي سان پيش آيو. چوندو هو ته ابا ويچارا غريب آهن. جيڪڏهن پئسن وارا هجن ها ته مون وٽ ڇو اچن؟ الله ڏيندو، من انهن مريضن جي محابي مولا اسان تي به پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. مسڪينن کي دوائون ڏبيون ته هو وري دعائون ڪندا. جهڙو منهنجو حال آهي، پيا غريبن سان وهون. دوا ۽ دعا ڪرڻ منهنجو ڪم، شفا ۽ عطا خدا جي هٿ وس آهي. مطلب ته پنهنجي مرشدن وٽ هالا ۾ رئيس جي حوالي جيڪا اوطاق آهي سا ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ”دارالشفا“ نظر ايندي هئي. اها آهي انساني همدردي ۽ اهو آهي قومي اخلاقي حسن. رئيس دوست علي خان سان منهنجي آخري ملاقات 5-3-1989ع بروز آچر مطابق 27 رجب 1409هجري هالا ۾ ٿي. يو هيئن ته مٿئين تاريخ تي مان ۽ حاجي محمد صديق شورو ڪوٽڙي کان هالا پهتاسين، جو سروري تنظيم جي ميٽنگ هئي. گاڏي مان جڏهن مخدوم صاحب جن جي وڏي گيٽ وٽ لٿاسين ۽ هاڻي نئين بنگلي ڏانهن ميٽنگ ۾ وڃي رهيا هئاسين، ته اوچتو پويان کڻي نهاريون ته رئيس پنهنجن ٻن- ٽن نوڪرن سان گڏ پيو اچي. اسان ٻئي ڄڻا بيهي رهياسين. پاڻ اسان تائين پهچي ويو ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان، اسان ٻنهي سان مليو. مٺڙي مرڪ چپن تي آڻي مون کي چيائين: ”ابا! عبدالخالق! خوش ته آهين، ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿو اچين. تنظيم جي گڏجاڻين ۾ اچو وڃو ٿا. مون وٽان به ته ور ڪندو وڃ.“ ”بابا، حاضر آئينده ضرور اچبو.“ پوءِ حاجي محمد صديق شوري سان هٿ هٿ ۾ ڏئي ڳالهيون ڪندو هجي. چي ”محمد صديق طبع ناخوش ٿي رهي. ڪراچي ۾ هڪ وڏي اسپتال ۾ داخل هوس، 12 بوتلون خون جون چڙهايون اٿم. هاڻي البت هلڻ جهڙو ٿي ويو آهيان، الله مدد ڪندو، انسان ڇا ٿو ڪري سگهي.“ حاجي محمد صديق شوري کيس دلداريون ۽ دعائون ڪيون. ايتري ۾ اسان پنهنجي ميٽنگ واري جاءِ تي پهچي وياسين. رئيس اسان کان ٻانهون ٻڌي اجازت ورتي. اسان به پنهنجا نماڻا هٿ جوڙي کانئس موڪلايو. پر هن ڀيري مون رئيس کي ڪمزور ۽ نحيف محسوس ڪيو. هن کان اڳ مون هن شيردل انسان، فقير تن ماڻهو ۽ خود دار آدمي کي ڪڏهن به ايترو ضعيف نه ڏٺو، جهڙو هن آخري ملاقات ۾ ڏٺم. +سندس هن دنيا مان لاڏاڻو به عجيب و غريب نموني سان ٿيو. معتبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته رئيس ائين چوندو هو ته منهنجو جيڪڏهن الله پاڪ موت آڻي ته آئون جڏهن فقراءُ سان گڏ ڳائيندو وڄائيندو هلان ته مولا سائين مون کي انهيءَ موج مستي ۾ پاڻ وٽ گهرائي وٺي ته مون ڄڻ سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو. سو ٿيو به ائين، رب پاڪ سندس اها آرزو پوري ڪئي. حقيقت هيءَ آهي ته دوست علي خان جو وڏو بزرگ صوفي فقير محمد کٽياڻ، جيڪو رئيس جو ويجهي ۾ ويجهو عزيز به هو، سو پنهنجي حياتيءَ ۾ هميشہ سيوهڻ شريف لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي پنهنجي فقيرن کي ساڻ وٺي اتي ٽي ڏينهن لعل جي مينديءَ ۾ پنهنجو فقيرن سان ڳائي وڄائي، نچندو، ڪڏندو، درگاهه شريف تي پنهنجي انهيءَ رنگ ڍنگ سان عقيدت جو اظهار ڪندو هو. جيستائين فقير صاحب جن حيات هئا ته هر سال اهو نمونو سندن هوندو هو. جڏهن پاڻ فقير صاحب جن پيالو پيتو، ته اها خانداني روايت وري رئيس دوست علي خان قائم ڪندو آيو. هي به هر سال شعبان مهيني ۾ لعل سائينءَ جي عرس مبارڪ تي پنهنجي فقراءُ سان اتي پهچندو هو ۽ مينديءَ ۾ پنهنجي فقيرن سان سازن ۽ آوازن سان حق حق ڪندو هستي کي ڇڏي، مستي ۽ موج ۾ اچي رنديءَ ۾ مستغرق ٿي ويندو هو. هن سال 1409 هجري تاريخ 18 شعبان تي پهرئين ڌمال ميلي جي سيوهڻ شريف ۾ فقيرن سان ڳائيندي، وڄائيندي پرينءَ جي پاڙي ۾ دم ڏنائين. جيڪي فقير ساڻس گڏ هئا، سي يڪدم ترت علاج لاءِ ڊوڙيا ڊڪيا، پر ڦَڪين فرق نه ڪيو. وڻجارا پنهنجي اصل وطن پهچي ويا، جتان ڪوبه نه موٽيو آهي. سندس خاڪي جسم پنهنجي اباڻي ڳوٺ صوفي محمد فقير کٽياڻ پهچي ويو. رئيس جي هن اچانڪ موت جو ٻڌي ماڻهن ۾ ماتم بپا ٿي ويو، راڄن ۾ راڙو پئجي ويو. فقيرن ۾ ڦٽڪو پيدا ٿي ويو، مائٽن مٽن مٿان غم ۽ اندوه جو ڪڪر ڇانئجي ويو. اهڙيءَ طرح سان اشڪبار اکين سان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن سندس خاڪي جسم سپردخاڪ ڪيو اهو هو رئيس جي موت جو رقت انگيز منظر. +رئيس دولست علي خان جون يادون، جيڪي ڳچ ڳارين ٿيون، يا هينئڙي ۾ هُرن ٿيون، تن جو ذڪر ڪهڙو هجي. رئيس جي ڪا هڪڙي ادا هجي، جنهن تي ويهي لکجي يا روئجي. هتي ته ”جيڏانهن کڻي نهار، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ بيٺو آهي. البت هيءَ ڳالهه جيڪا جهوري ۽ ڳاري ٿي، سا آهي سنڌ جي صوفيانه ساز ۽ آواز ۽ صوفيانه ثقافت کي زنده رکڻ. رئيس انهن سڀني شين کي زنده ۽ جاويد رکندو آيو، پر سرپرستي به ڪندو آيو. هر سال صوفي فقير محمد کٽياڻ جو ٽي روز عرس ملهائيندو هو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي صوفي گادي نشين ۽ سندن فقيرن کي دل سان دعوتون ڏيئي گهرائيندو هو. +ٽئي راتيون خير خيرات، نذر نياز عام جام هلندو هو. ٽيئي راتيون يڪتارن، چپڙين، ڇيرين، پڪوازن ۽ هارمونيم تي فقير ڳائيندا وڄائيندا هئا. راڳ جو عجيب ۽ رقت انگيز منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو. سماع ۾ لطيف سائين، سچل سرمست، مخدوم امين محمد سائين، فقير ولي محمد لغاري، فقير محمد فقير کٽاڻ، رکيل شاهه ۽ روحل وغيره جو ڪلام ڳايو ۽ ڳارايو ويندو هو. مطلب ته اهي عرس شريف جون راتيون وڏي شان ۽ مان، عزت ۽ احترام، محبت ۽ عقيدت سان رئيس جي اثر ۽ نظر سان ملهائبيون هيون، پر هاڻي دل ۽ دماغ کي انهيءَ جهنجهوڙ واريو آهي ته آيا هاڻي اهي محمد فقير کٽياڻ جون ورسيون ملهائبيون به يا نه، ڇو ته جنهن به قافلي جو سرواڻ اوچتو وڇڙي ويندو آهي ته سڄو ڪاروان حيران ۽ پريشان ٿي ويندو آهي، جڏهن ڪنهن به مجلس جو مور اوچتو اڏامي ويندو آهي ته اها محلف ٻُسي ۽ ڦڪي پئي محسوس ٿيندي آهي ۽ جڏهن وري ڪنهن ميڪده يا ميخاني جو ساقي موجود نه هوندو آهي ته اهو ميڪده، ساغر، مينوش وغيره اُداس اُداس نظر ايندا آهن. دل ڌڙڪي ٿي ته هاڻي فقير صاحب جي ميلي جو اهو ساڳيو اوج رهندو به يا نه. اهي رنگين ۽ حسين راتيون، جيڪي ميلي جي موقعي تي نظر اينديون هيون، سي وحدت الوجود ۽ همه اوست جي پياسن کي وري پلءِ به پونديون يا نه. + + +يا اهي ”نچ ناچو! اٿئي مهل نچڻ جي“ وارا منظر، اُڃايل اکيون پسنديون يا نه. +- ”شهيد“ سومرو +محمد طالب لوهار +محمد طالب لوهار، حياتيءَ جو اٺهتر سالن جو سفر جهاڳي، تاريخ 3 جون 1989ع تي وڃي ٻئي جهان ۾ ٿانئيڪو ٿيو. غريب پورهيت گهر جي فرد هئڻ ڪري سندس زندگي ”سِرجي تان سُورَ، سامائي تان سُک ويا“ جي مثال گذري، پر ڪڏهن به قدرت سان شادي نه ٿيو. جدوجهد ۽ ڪشمڪش جو قائل هو، تنهنڪري جيڪو وقت گذاريائين همت ۽ حوصلي سان. ضرورت ۽ محتاجي جو اظهار به سندس خيال ۾ ڪفر هو. سدائين سَنرو، کِلندو ۽ کلائيندو رهندو هو. +محمد طالب پاڻ سنڌ جي مشهور ’سما‘ قوم جو فرد هو، پر لوهارڪو ڪم سندس آبائي پيشو هجڻ ڪري پاڻ کي ”لوهار“ سڏائيندي فخر محسوس ڪندو هو. سندس ادبي سڃاڻپ به ”محمد طالب لوهار“ جي نالي سان هئي. مطلب طالب تنڊي باگي جي پسگردائيءَ ۾ ڄائو هو، پر عمر ٽنڊي باگي ۾ گذري. مير غلام محمد سندس محسن هو ته محمد صديق مسافر سندس استاد. تنهنڪري ويجهڙائي واري دور ۾ مير غلام محمد ۽ محمد صديق مسافر کان پوءِ ڄڻ ته محمد طالب لوهار ئي ٽنڊي باگي جي سڃاڻپ جو ذريعو هو. +محمد طالب جو ذريعه معاش ملازمت هو. ڪڏهن سرڪاري ته ڪڏهن خانگي، اهو سندس مزاج جي پسند ۽ نه پسند جي ڪري نه، پر سياسي وابستگي جي ڪري هو. ”خاڪسار“ جهڙي منظم جماعت ۾ عهديدار هجڻ ڪري، علامه مشرقي جي حڪم تي سڀڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندو هو. خاڪسار تحريڪ ۾ هو محمد طالب ”جانباز“ جي نالي سان مشهور هو. هميشہ هلچل ۾ هوندو هو، يا ريل ۾. ٻنهي مان آجو ٿيو ته ملازمت ۾. +روزمره جي زندگي گهارڻ ۾ سندس ڪي اصول مقرر هئا. انتهائي مجبوريءَ جي حالت ۾ به انهن کي ڇڏڻ لاءِ تار نه هوندو هو. پسند ۽ ناپسند جو اظهار بيڌڙڪ ڪري ڇڏيندو هو. ارادي ۽ اوصلن جي پختگي جو اهو عالم هو جو 1935ع ۾ گهوڙي سواري ڇڏي علامه مشرقي جي سڏ تي خاڪساري ۾ گهڙيو. خاڪي ڪپڙا پاتائين ته مرڻ گهڙيءَ تائين نه لاٿائين. حالانڪه خاڪسار تحريڪ جا سندس ٻيا سمورا ساٿي وقت سان گڏ ڪڏهوڪو ويس مٽائي وي��. +محمد طالب شاعر ۽ اديب هو. سگهڙپائي کيس ورثي ۾ ملي. لوڪ ادب جي صنفن تي سنڌو ۽ مهراڻ (ابتدائي دور) رسالن ۾ سندس مضمون ڇپيا هئا. سنڌ جي وڏن عالمن، اديبن ۽ سگهڙن سان سندس ڪچهريون هيون. خصوصاً شاهه جي بيتن جي وٽس ڪافي ڄاڻ هئي. سنه 1952ع ۾ جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس ڪراچي مان حيدرآباد بدلي ڪرائي آندو، جتي سنڌي ڊڪشنري، لوڪ ادب ۽ شاهه جي رسالي ۾ 1988ع تائين مسلسل پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو رهيو. آخرين چند سال سندس طبيعت ۾ سوز ۽ گداز جو ايتري قدر غلبو رهيو جو شاهه جي رسالي جا بيت نقل ڪندي سندس اکين مان لُڙڪ لَڙي پوندا هئا. تحت اللفظ بيت پڙهڻ ته سندس لاءِ ممڪن ئي نه هو. +محمد طالب سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڇٽيهه سال رفاق رهي. هو بيشڪ ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي شهر جو هڪ غريب فرد هو، پر اعلى اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي لحاظ کان تمام وڏو ماڻهو هو. ٽنڊوباگو شهر يقيناً اعلى انسانن کي آئنده به جنم ڏيندو رهندو، پر ممڪن آهي ته اڄ کان پوءِ وري اهڙو محمد طالب لوهار پيدا نه ٿئي! +- محمد اسماعيل شيخ +علامه آءِ. آءِ. قاضي سيمينار +(ادبي خبرنامو) +علمي، ادبي، تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون ادارن جي فعال هئڻ جي ضمانت هونديون آهن، پر جيڪڏهن اهڙين سرگرمين ۾ عقيدت ۽ محبت جو عنصر موجود ٿئي، ته ڳالهه ئي نرالي ٿي پوي ٿي. سنڌ يونيورسٽي، هر ڌرتيءَ جي محسن انسان، نامياري مفڪر ۽ دانشور علامه آءِ. آءِ. قاضي جي خدمتن جو نتيجو آهي. علامه مرحوم پنهنجو رت ست ڏيئي هن اداري جو طبعي ۽ نظرياتي بنياد رکيو، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي جڏهن پنهنجي محسن کي ياد ڪري ته اهو اداري جي علم دوستي، ادب پروري ۽ انسان شناسيءَ جي مظهر برابر آهي. +جنوري 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ فيصلو ڪيو هو ته اپريل 1989ع ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي جي ياد تازي ڪئي وڃي. انهيءَ مانائتي موقعي جي ميزبانيءَ جو ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ کي اعزاز ڏنو ويو. ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ جيڪو 1974ع ۾ قائم ٿيو ۽ پنهنجي قيام جي مختصر عرصي ۾ درس و تدريس، تحقيق ۽ تربيت کان سواءِ علم و ادب ۽ تاريخ جي اشاعت لاءِ پڻ ڪارائتيون ڪوششون ڪري رهيو آهي، تنهن اداري لاءِ سنڌ جي هن عظيم انسان جي سوانح ۽ خدمتن کي عام ڪرڻ لاءِ ميسر ٿيل هي موقعو ڪنهن غنيمت کان گهٽ نه آهي. +”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ جو ڊائريڪٽر محترم پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، جيتوڻيڪ پڙهيو ڪڙهيو سنڌ ۾، پر پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڀرپور ٻارهن سال ترڪيءَ ۾ گذاريا هئا، جتي پاڻ پي. ايڇ. ڊي جو شاگرد، پاڪستان سرڪار طرفان سفارتخاني ۾ ڪائونسلر ٿي رهيو، ۽ اتي ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا، تنهن جي پڻ اها ئي دلي تمنا پئي رهي ته کين پنهنجي ڏيهه ۽ ان جي ڏاهن انسانن جي خدمت جو موقعو ميسر ٿئي ۽ نيٺ اهو موقعو کيس هن سيمينار فراهم ڪيو. +پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل هن سيمينار کي مثالي فنڪشن بنائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد برادريءَ ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو. نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جناب ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڄاڻايل ميمبرن تي مشتمل ”سيمينار ڪميٽي“ جوڙي ويئي: +(1) پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد مصطفى خان، ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز. +(2) پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس. +(3) پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل، ڊين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن. +(4) پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، چيئرمن سنڌي ڊپارٽمينٽ. +(5) پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ علي خان، چيئرمن جنرل هسٽري ڊپارٽمينٽ. +(6) پروفيسر ڊاڪٽر نجم الاسلام، چيئرمن اردو ڊپارٽمينٽ. +(7) پروف��سر عبدالغني شيخ، چيئرمن انگريزي ڊپارٽمينٽ. +(8) محترم عبدالقادر جوڻيجو، ڊائريڪٽر انچارج سنڌالاجي. +(9) محترم غلام قادر عيساڻي، رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو. +پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جهڙي مردم شناس، علامه آءِ. آءِ. قاضي سيمينار کي مثالي بنائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ نيامري محقق محترم ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي هڪ ئي وقت ڪيتريون ذميواريون سونپي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪيو. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 1981ع ۾ ”سنڌي ساهت سال ڪانفرنس“، 1985ع ۾ ”صد ساله جشن سنڌ مدرسہ“ ۽ 1987ع ۾ سنڌالاجي جي سلور جوبلي وارن فنڪشنن ۾ پنهنجي لياقتن ۽ صلآهيتن جا جوهر ڏيکاري ميڊل ۽ انعام حاصل ڪري چڪو هو، ان ڪري ”علامه آءِ. آءِ. قاضي سيمينار“ جي ڪنوينر ڊاڪٽر مغل، پنهنجي ساٿ سنگت جي صلاح سان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب کي سيمينار ڪميٽي، پبلسٽي ڪميٽي، سووينئر ڪميٽي ۽ اِسٽيج لاءِ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ جو سڏ ڏنو. +20 مارچ 1989ع کان وٺي سيمينار جون تياريون شروع ڪيون ويون. ان لاءِ ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ ۾ وقتي آفيس قائم ڪئي ويئي، جنهن ۾ انهيءَ اداري جي اسسٽنٽ پروفيسر محمد قاسم سومري، ڪريم بخش لاشاري، عبدالعزيز رستماڻي، اياز چنه، عبدالڪريم کٽي ۽ عزيزالله چنه تي مشتمل ڪارڪنن جي ڪاميٽي جوڙي ويئي. هوڏانهن وري محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مهربانيءَ سان سندن آفيس مان محمد هاشم قمبراڻي ٽائيپسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. +تيرهين اپريل 1989ع جي سج ڌرتيءَ کي منور ڪيو ته علامہ. آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار تي قرآن شريف جو ختمو پڙهجي چڪو هو. ٺيڪ ساڍي اٺين وڳي سيمينار ڪاميٽيءَ جا سمورا ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر- اي- شاهه، سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسلر ۽ پاڪستان انشوئرنس ڪارپوريشن جو چيئرمن محترم مظهرالحق صديقي ۽ ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به انهيءَ فاتحه خوانيءَ ۾ شريڪ ٿيا. ان کان ستت پوءِ انهن مهمانن علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ سندن گهرڌياڻين مدر ايلسا قاضيءَ جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون، محترم حبيب الله صديقي پڻ ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان چادرون چاڙهيون. +اُن کانپوءِ سمورو قافلو ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڏانهن روانو ٿيو، جتي پهچڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ڪتابن ۽ تحريرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. معزز حاضرين انهي نمائش ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري ۽ اها نمائش سيمينار جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهي. +نائين وڳي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين شاهه راشدي آڊيٽوريم ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ جي آواز ۾ لطيفي لات گونجڻ لڳي. آڊيٽوريم ۾ ويٺل سمورا محقق، مهمان، استاد ۽ شاگرد متوجهه ٿيا ته سيمينار جي ڪاروائي شروع ٿيڻ واري آهي. بيتن جي پڙهڻيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اسٽيج تي آيو ۽ مولوي عبدالله کوسي کي تلاوت ڪرڻ جي دعوت ڏنائين. ڪلام پاڪ جي تلاوت کانپوءِ مقالن جي نشست جي صدارت ڪرڻ لاءِ محترم مظهرالحق صديقيءَ کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي. انهيءَ ترتيب سان پوءِ مهمان خا جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيمينار ڪاميٽيءَ جي سرپرست ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري ۽ سيمينار جي ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل کي اسٽيج تي سڏايو ويو. اسٽيج سيڪريٽريءَ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ نشست جي صدر کان ڪاروائي هلائڻ جي اجازت ورتي ۽ ان کانپوءِ ننڍڙي نياڻي حميره مغل بنت ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل نعت خواني ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر انصاري پنهنجي تقرير ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي خدمتن ۽ ڪارنامن تي روشني وجهندي سيمينار جي اهميت جو پس منظر ٻڌايو. هن چيو ته: +”علامہ آءِ- آءِ قاضي کي اسان کان جدا ٿيندي، بلڪ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته علامہ آءِ- آءِ- قاضي کان اسان کي جدا ٿيندي ايڪيهه سال گذري چڪا آهن. انهن ايڪيهن سالن ۾ وقت ۽ حالتن جي بيرحم هٿن اسان کان لافاني قدرن، نظرين ۽ اصولن جا ڪيترائي انمول خزانا کسي ورتا آهن. استادن ۽ ادارن جو تعداد وڌايو ويو آهي، ليڪن تعليم جو معيار ۽ ماحول ايترو ٿي چڪو آهي. اسان پنهنجي غلطين سان ادارن، استادن ۽ ڪتابن جي تقدس کي مجروح ڪيو. تعليم جي ڪعبن قبلن کان منهن مٽي رستن ۽ روڊن جو رخ ڪيو. استاد برادري کي مجازي ابي ڄاڻڻ بدران پنهنجي روشن مستقبل جي دشمنن کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما ڪري ورتو. انهن جي ئي مهربانين سان اسان ڪاپي ڪلاشنڪوف سان مانوس ٿياسين. ڏاهپ ۽ حڪمت، علم ۽ دانش اسان لاءِ اوپرا قدر ٿي پيا. سچ پڇو ته ايڪهين سالن جي معمولي عرصي ۾ اسان جهڙوڪ علامہ آءِ- آءِ- قاضي ۽ هن جهڙن عظيم انسانن جا ڏوهي بڻجي چڪا آهيون. اسان جي بزرگن ته هن ڌرتي تي علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جون روايتون قائم ڪيون هيون. اسان جي بزرگن رت ست ڏيئي ادارا قائم ڪيا. هنن بي لوث انسانن پنهنجي راتين جون ننڊون ڦٽائي، ڏينهن رات هڪ ڪري ڦڙيءَ ڦڙيءَ مان تلاءُ ڪيو پر اسان آهيون جو ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن“ جي منزل تي وڃي پهتا آهيون. اڄوڪي رڃ ۽ راڪاس جهڙي ماحول لاءِ ته اسان جي وڏڙن محنتون نه ڪيون هيون. علامہ آءِ. آءِ. قاضي ته برنارڊشا جهڙي برجستي اديب جي تحريرن جي تصحيح ڪندڙ هو. علامہ آءِ. آءِ. قاضي ته اسان جي اداري کي انهيءَ اوج تي پهچايو هو، جو برٽينڊ به هن اداري جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. پر جيڪڏهن علامہ آءِ. آءِ. اڄ زنده هجي ها ته انهيءَ نيڪناميءَ کي بدناميءَ ۾ بدلبو ڏسي ڇا محسوس ڪري ها! ان ڪري بحرانن جي هن ماحول ۾ پنهنجي محسن کي ياد ڪرڻ پاڻ کي آئيني ڏيکارڻ، نئين رند ۽ پنڌ جي تلاش ڪرڻ برابر آهي.“ +ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جي آجيان واريءَ تقرير کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد محترم الهڏني سومري، علامہ مرحوم جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي پنهنجو مقالو پيش ڪيو. سندس مقالي جو عنوان هو ”علامہ آءِ. آءِ. قاضي- هڪ عظيم انسان.“ هن صاحب پنهنجي مقالي ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته، قومون ماڻهن سان ٺهنديون آهن ۽ ماڻهو وري ماڻهپي سان ٺهندو آهي. هن صاحب مثال ڏيئي ٻڌايو ته علامہ مرحوم صحيح معنى ۾ هڪ مثالي انسان هو. +محترم الهڏني سومري کان پوءِ محترم عبدالغفار سومري پنهنجو انگريزيءَ ۾ لکيل مقالو پڙهيو. عبدالقادر سومرو جيڪو اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڪمشنر آهي، تنهن پنهنجي مقالي ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي انهن خدمتن جو جائزو ورتو، جيڪي لطيفيات، لطيفي فن ۽ فڪر سان لاڳاپيل رهيون. کانئس پوءِ محترم حبيب الله صديقيءَ پنهنجي مقالي ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي، سندس دور ۽ خدمتن تي تفصيل سان روشني وڌي. پاڻ اهو مقالو انعامي مقابلي لاءِ پيش ڪيو هئائون، جنهن تي ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ کين ٽي هزار رپيا نقد انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. +محترم حبيب الله صديقي کان پوءِ علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ساٿي پروفيسر علي نواز جتوئي عالماڻي انداز سان تقرير ڪئي ۽ هن پنهنجي يادن، تجربن ۽ مشاهدن جي خزاني کي کولي حاضرين کي ٻڌائڻ لاءِ انتهائي ڪم جون ڳالهيون ڪيون. هن صاحب علامہ مرحوم جي زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا بيان ڪيا، جيڪي نهايت معلومات ۽ دلچسپ پڻ هئا. کانئس پوءِ علامہ غلام مصطفى قاسميءَ جن علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي پيغام سان لاڳاپيل ڪيترن ئي پهلوئن تي مفيد روشني وڌي. +مهان خاص محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تقرير ڪرڻ آيو ته جهڙوڪ يادن جا دفتر کلي پيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامہ مرحوم جي وقت جي پابندي، شاگردن سان محبت، استادن جي احترام ۽ يونيورسٽيءَ جي خدمت جا ڪيترائي واقعا بيان ڪيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تقرير ۾ تاريخ جي ڪيترن اهم ورقن کي عوام اڳيان پيش ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ، علامہ مرحوم جي استعفا جو پس منظر ٻڌائيندي، ماضيءَ جي ياد دهرائي. هن ٻڌايو ته علامہ مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر واري اهم اعزاز ۽ عهدي تان استعيفا ڏيڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر بلوچ کي سڏايو ۽ کيس استعيفا جو اهو سبب ٻڌايو ته مارشل لا ۾ ته ملڪن جو نظام ئي هلي نه سگهندو آهي، اُتي ادارا ڪيئن هلندا ۽ فعال ٿيندا. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ استعيفا ڏيڻ ئي ڏاهپ وارو فيصلو آهي. +ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پوءِ نشست جي صدر محترم مظهرالحق صديقيءَ کي صدرتي تقرير ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. هن صاحب سيمينار سڏائڻ تي ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ کي مبارڪباد پيش ڪئي. ان کان پوءِ نشست ۾ پيش ڪيل مقالن ۽ تقريرن تي راءِ ڏيڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته علامہ مرحوم انسان، انسانيت ۽ ان جي عظيم ڳڻن، محنت ۽ محبت جو مثال ۽ معلم هو. +سندس تقرير کان پوءِ آيل مهمانن کي تحفا کي تحفا ڏنا ويا. ان سلسلي ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙي کي روبرو تحفو ڏنو ويو. جيئن ته زرعي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀٽي صحب اچي نه سگهيو هو ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر- اي- شاهه ان وقت موجود نه هو، ان ڪري سندن تحفو کين بعد ۾ پهچايو ويو. +هن موقعي تي علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي شخصيت، سوانح ۽ خدمتن تي تحقيق ڪرڻ ۽ سيمينار کي ڪامياب ڪرڻ جي مڃتا طور سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انصاري صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، ڊاڪٽر ايم. اي. قاضي صاحب، ڊاڪٽر پروفيسر محمد يعقوب مغل ۽ ڊاڪٽر درمحمد پڍاڻ کي شيلڊون ڏنيون ويون. +آخر ۾ سيمينار ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊاڪٽر پروفيسر محمد يعقوب مغل مهمانن جا ٿورا مڃيا. +پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب پنهنجي تقرير ۾ ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ جي مختصر تاريخ پيش ڪئي ۽ چند اهم اعلان پڻ ڪيا. جيڪي هن ريت هئا: +(1) علامہ آءِ. آءِ. قاضي گولڊ ميڊل شروع ڪرڻ. +(2) علامہ آءِ. آءِ. اسڪالرشپ شروع ڪرڻ. +(3) جولاءِ 1989ع ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي رح سيمينار سڏائڻ. +ڊاڪٽر مغل صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته: +”هن سيمينار سڏائڻ کان اڳ اسان مضمونن جا ٻه مقابلا منعقد ڪرايا. سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ طور شاگرد برادري ۾ ” علامہ آءِ. آءِ. قاضي بحيثيت مفڪر“ جي عنوان ۽ موضوع تي مضمون نويسيءَ جو مقابلو ڪرايو ويو ۽ جج صاحبان جي فيصلي مطابق نظير احمد مهر ۽ ڪمال الدين کي پنج پنج سؤ روپين جا ٻه نقد انعام سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڏنا ويندا. اهڙيءَ ريت اسان جي عالمن ۽ ليکڪن پڻ پنهنجا تحقيقي مقالا مقابلي لاءِ موڪليا، جن مان جج صاحبان جي فيصلي مطابق محترم حبيب الله صديقي صاحب کي سندس مقالي تي پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان پهر��ون نقد انعام ٽي هزار روپيه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ رمضان المبارڪ کان پوءِ هڪ خاص تقريب منعد ڪئي ويندي ۽ انهيءَ ۾ انعام کٽندڙ شاگردن ۽ محققن کي انعام ڏنا ويندا. +ڊاڪٽر صاحب جن وڌيڪ فرمايو ته جتي اسان پنهنجن شاگردن ۽ قلم قبيلي واري برادري کي علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي سوانح ۽ خدمتن تي روشني وجهڻ لاءِ قلمي پورهئي ۾ هٿ ونڊائڻ جي تڪليف ڏني، اتي اسان مختصر عرصي ۾ پنهنجي طرفان هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ووينئر جي روپ ۾ اوهان جي اڳيان آهي. انهيءَ سووينئر ۾ اسان پهريون دفعو علامہ آءِ. آءِ. قاضي بابت معلوماتي مواد ۽ جامع ڪرانالاجي ڏني آهي ۽ اميد اٿئون ته اهو مواد نئين تحقيق جا نوان رخ کوليندو ۽ محققن لاءِ معاون ثابت ٿيندو. +آخر ۾ ڊاڪٽر مغل صاحب سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي سندن ٿورا مڃيا. اهڙيءَ طرح سيمينار سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، سيمينار جي اختتام جو اعلان ڪندي ان کي پڄاڻي تي پهچايو. + + +خان محمد پنهور سان رهاڻ +(ادبي رپورٽ) +مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان مخلص علمي خدمتگذار، سنڌ جي نامياري اديب، ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار تنظيم جي باني جناب خان محمد پنهور سان 21 مئي 1989ع تي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد ۾ هڪ رهاڻي رچائي ويئي. هن رهاڻ ۾ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن رهاڻ ۾ مک مهمان سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ محترمہ مهتاب اڪبر راشدي هئي. +پروگرام جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو. تلاوت سيڪريٽري مهراڻ آرٽس ڪائونسل عبدالرزاق چانڊئي ڪئي. ان سان گڏوگڏ پان ڪمپيئرنگ جا فرائش به انجام ڏنائون ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ کي اپيل ڪئي ته هن قومي مقصد لاءِ اڳتي اچن ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار پنهنجي ساٿي استاد جناب خان محمد پنهور کي ڏيئي هڪ زنده قوم جو وڻندڙ ثبوت پيش ڪن. هن پنهنجي تقرير ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل پاران سندن اداري ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار مسٽر خان محمد پنهور کي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن پنهنجي تقرير جي آخر ۾ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت محترمہ مهتاب اڪبر راشدي صاحب جن جو ٿورو مڃيندي چيو ته سندس مدد ۽ تعاون سان مهراڻ آرٽس ڪائونسل هي هڪ قدم اڳتي وڌائي سگهي آهي. ان بعد جناب خدا بخش جويي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته خان محمد پنهور جهڙا ماڻهو ورهين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. هن پنهنجي تقرير ۾ خان محمد پنهور جي شخصيت تي روشني وجهندي چيو ته هي هڪ مخصل اديب، ليکڪ ۽ دانشور آهي ۽ سنڌ جو سرمايو آهي. ههڙن اديبن کي هن حال ۾ اچڻ کان بچايو وڃي ۽ سندن فوري علاج ڪرائي جان بچائي وڃي. هن آخر ۾ چيو ته اسان سڀني جون دعائون جناب خان محمد پنهور سان شامل آهن ۽ الله کيس وڏي حياتي نصيب ڪري. ان بعد رسالي نئين زندگي جي ايڊيٽر جناب عابد لغاري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي دلي خوشي ٿي آهي جو ثقافت کاتي پاران هي سٺو قدم کنيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻين ادارن کي گهرجي ته هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ هٿ ونڊائين ۽ غريب ۽ نادار اديبن جي خدمت ڪن. هن چيو ته مان سيڪريٽري مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ سندس ٻئي عملي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جنهن هن اديب جي بيماريءَ واري حال کي ڏسندي مالي مدد ڪرڻ ضروري سمجهي آهي. ان کان پوءِ سنڌ ميوزيم جي ڊئريڪٽر جناب ظفر ڪاظمي چيو ته جيتوڻيڪ ثقافت ۽ سياحت کاتي جناب خان محمد پنهور جي مالي مدد ڪرڻ ضروري سمجهيو، پر جيڪڏهن ٻيا ادارا به نادار ليکڪن جي مدد ڪن ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته خان محمد پنهور سنڌ لاءِ نه پر پوري پاڪستان لاءِ هڪ وڏو قيمتي اثاثو آهي ۽ ههڙا ماڻهو بار بار ڪونه پيدا ٿيندا آهن ۽ اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي ثقافت جي رسيءَ کي مضبوط ڪريون ۽ جيڪڏهن ههڙن اديبن ۽ دانشورن کي هن حال تي ڇڏي ڏبو ته مان سمجهان ٿو ته اهو اسان جي ادب جي تاريخ تي هڪ بددنما داغ ثابت ٿيندو. ان کان پوءِ ممتاز اديب جناب حميد سنڌي کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. حميد صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين اديبن، ليکڪن، شاعرن ۽ فنڪارن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو يا ٽرسٽ قائم نه ڪيو ويندو، تيستائين هي مسئلا ختم ٿي نه سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته هن مسئلي جو موثر ۽ واحد حل اهو ئي آهي ته ڪو اهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ فنڊ جمع ڪري انهن جمع ٿيل فنڊن مان فوري خدمت ڪئي وڃي ته اديب ۽ شاعر هن مالي مشڪلات مان نجات حاصل ڪري سگهندا ۽ پوءِ اهڙو ڪوبه اديب، ليکڪ ۽ دانشور هن حال ۾ بيمار نه رهندو ۽ سٺي زندگي گذاري سگهندو. +سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب حبيب الله صديقي پنهنجي تقرير ۾ مسٽر خان محمد پنهور کي سندس اڻٿڪ ۽ بي لوث علمي ادبي ثقافتي صحافتي خدمتن تي خراج تسحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اهڙي مثالي ۽ ڪارگر انسان جي حياتي بچائڻ لاءِ هر حيلو وسيلو ڪرڻ گرهجي. مهراڻ آرٽ ڪائونسل جس کٽيو آهي، جو هن نيڪ ڪم جي ابتدا ڪئي آهي. سياحت ۽ ثقافت جو کاتو ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جهڙي دل ۽ دماغ جي صلآهيتن جي صاحبه جي سربراهيءَ هيٺ اميد آهي ته هن سلسلي ۾ اڃا به گهڻو ڪجهه ڪندو ۽ پاڻ ملهائيندو. +ان کان پوءِ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ، محترمہ مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مون کي هن ڊپارٽمينٽ ۾ اڃا آئي ٿورو وقت ٿيو آهي ۽ هن ٿوري وقت ۾ اسان کان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو سو اسان ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله آئنده به ڪندا رهنداسين. محترمہ وڌيڪ چيو ته هن سلسلي ۾ اسان ڪوشش ڪري هڪ اهڙو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين جنهن ساڻ نادار اديبن ۽ شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن جي جيترو به ٿي سگهي، خدمت ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش هوندي ته اسان اهڙو وقت اچڻ ئي نه ڏيون، جو ڪنهن کي مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پوي، ان ڪري اسان ڪو اهڙو ادارو يا ٽرسٽ کولڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنهن سان مستقل خدمت ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت شيخ اياز، خان محمد پنهور ۽ استاد محمد جمن جي پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ انشاءَ الله جلد هنن جو علاج ڪرايو ويندو. هن پنهنجي تقرير ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پاران جناب خان محمد پنهور جا لکيل ڪالم ”ويچار“ کي ڪتابي صورت ۾ محڪمه ثقافت ۽ سياحت پاران ڇپرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو. +ان کان علاوه مئڊم صاحبه ثقافت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار جناب خان محمد پنهورکي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. ان کان پوءِ جناب خان محمد پنهور کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته منهنجي دلي خواهش آهي ته الله تعالى مون کي زندگي بخشي ته جيئن مان پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ڳوٺاڻي زندگيءَ سان نهايت گهڻي محبت آهي ۽ مان ڳوٺاڻي زندگيءَ کي بهترين بنائڻ لاءِ مخلصانه ڪوششون ڪيون ۽ اڃا به ڪرڻ گهران ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مان ثقافت کاتي جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جو مهراڻ آرٽس ڪائونسل طرفان مون لاءِ پنجاهه هزار روپين ۽ پنهنجي محڪمي طرفان سڀني ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ڏيڻ جي عنايت ڪري منهنجي مالي مدد ڪئي آهي. آخر ۾ هن سيڪريٽري ثقافت محترمہ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه ۽ سيڪريٽري مهران آرٽس ڪائونسل عبدالرزاق چانڊئي جا ٿورا مڃيندي چيو ته مان هنن جو ٿورائتو آهيان جو هنن مون کي ان قابل سمجهي منهنجي مدد ڪئي آهي. ان کانپوءِ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت محترمہ مهتاب اڪبر راشدي، مهراڻ آرٽس ڪائونسل پاران جناب خان محمد پنهور کي پنجاهه هزار رپين جو چيڪ پيش ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ ڊئريڪٽر انفارميشن حيدرآباد، جناب اين- ڊي- جتوئي پنهنجي ڊئريڪٽوريٽ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار جناب خان محمد پنهور کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان بعد هن رهاڻ ۾ آيل سڀني مهمانن جي خاطر تواضع ڪئي ويئي ۽ ائين هي پروگرام تقريباً نائين وڳي پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو. +- عبدالرزاق چانڊيو +رفتار ادب +(تبصرو) +او ڪو ٻيو فهم +سلام آهي سنڌ جي سونهاريءَ ڌرتيءَ تي، جنهن جي ڪُکِ مان علامہ آءِ. آءِ. قاضي جهڙي جڳ مشهور ڏاهي، ممتاز فيلسوف، سائنسي توڙي سماجي علوم جي معروف عالم، عظيم استاد ۽ تعليمي ماهر ۽ اعلى درجي جي هڪ آفاقي ۽ آدرشي انسان جنم ورتو. سندس ورهين جي فڪر و رياض جي نتيجي ۾ جيڪي گرانقدر گوهر رونما ٿيا، سي اسان جي ڪوتاهين سبب اڃا تائين ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. سندس سترهن چونڊ املهه ماڻڪ ۽ موتي، مضمون ۽ تقريرون، پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ معياري ڪتاب ”او ڪو ٻيو فهم“ جي قالب ۾ سهيڙي پيش ڪيا ويا آهن. سڪ، سچ ۽ سونهن جي انهيءَ پورهئي تي، سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ جا عهديدار، سڀني سنڌي ماڻهن جي دلي تشڪر ۽ مبارڪباد جا مستحق آهن. +علامه قاضي صاحب جن پنهنجي تقرير ”قبرستان ۽ ڪتبخانا“ ۾ فرمايو آهي ته ”جڏهن هڪ قوم ڪو معياري ڪتاب پيدا نٿي ڪري سگهي، ته پوءِ اها قوم حقيقت ۾ هڪ گونگن ۽ ٻوڙن جي قوم آهي، اها هڪ جانورن جي قوم آهي.“ منهنجي نظر ۾ ”او ڪو ٻيو فهم“ جهڙو معياري ڪتاب، علامه صاحب جن جي انهيءَ آدرشن جي پوئواري ۾ هڪ ڀرپور موٽ آهي، جا ثابت ڪري ٿي ته اسين انسانن توڙي زنده قومن جي صف ۾ شامل آهيون. +ڪتاب ”او ڪو ٻيو فهم“، ماضي قريب جي بدليل حالتن ۾ سنڌي ماڻهن جي نون اُمنگن ۽ سنڌي سماج جي اوسر جي هڪ نئين سطح جي نشاندهي ڪري ٿو. ههڙي ڪتاب جي ضرورت ۽ افاديت لاءِ مرحوم پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ جي ٻئي جلد ۾ لکيو هو ته، ”حقيقت ۾ هاڻي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته قاضي صاحب جي جملي تحريرن ۽ تقريرن کي چونڊي چپوٽي گڏ ڪيو وڃي، سندس خط ۽ ٻين تحريرن جا مسودا جمع ڪيا وڃن... هڪ زمانو ايندو، جڏهن انهن شين جي وڏي گهُر ٿيندي، ۽ ايندڙ نسل اسان کي هرگز معاف نه ڪندا، جيڪڏهن اسان هي اثاثو انهن تائين پهچائي نه سگهياسون.“ +نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي زرعي سماجي علوم واري فئڪلٽيءَ جي جوان سال استاد جناب امير علي قادريءَ، هن ڪم جي پهرئين مرحلي جي خوش اسلوبيءَ سان پوئواريءَ ڪئي آهي. (کيس گهرجي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي سڀني تحريرن توڙي تقريرن کي يڪجا ڪرڻ جو ذمو به پاڻ تي کڻي). ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جن به ادارن يا فردن جي ڪاوشن سان فڪر و فهم ۽ علم و ادراڪ جو اهو اٿاهه سمنڊ سهيڙجي يڪجا ٿيندو، تن جو تاريخ ۾ هڪ اڻ مٽ مقام رهندو. +ڪتاب ۾ شامل مواد جو مطالع ڪندي سڀ کان اهم پهلو جيڪو عيان ٿئي ٿو، سو هي آهي ته ڪن عالمن جيڪو علامه قاضي صاحب کي هڪ بنياد پرست ۽ تصور پرست فيلسوف قرار ڏنو آهي، تنهن کي حتمي فتوى سمجهڻ بدران، اُن تي وڏي تحقيق جي گنجائش موجود آهي. مثال طور پنهنجي تقرير ”تعليم جو مفهوم“ ۾ فرمائن ٿا ته، ”تعليم زندگيءَ جي لڳاتار ڪاوشن جو نالو آهي، تعليم وقت جيان هڪ اڻ ٽٽندڙ سلسلو آهي... مسلمان جيترو وڌيڪ عالم هئا، اوترو ئي بي غرض ۽ انساني عظمت جا علمبردار هئا. هو پورهئي جي عظمت جا قائل هئا ۽ ڪڏهن به هٿن سان محنت ڪرڻ کي عار نه سمجهندا هئا....“ +اڳتي هلي، سموري معاشري لاءِ تعليم جو جواز پيدا ڪندي فرمايائون ته، ”اسان جيڪي شيون استعمال هيٺ آڻيون ٿا، سي هزارن ماڻهن جي محنت جو ثمر آهن، اُهي محنت ڪن ٿا ته اسان سندن ٻچن جي تعليم ڪري سگهون... اهو فرض آهي، جي اسان اهو صحيح نموني نه لاٿو ته اسان ڪنهن به عزت جا حقدار ناهيون...“ +انهن چونڊ حوالن مان ظاهر آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تعليم بابت سندن فلسفو عمليت پسندي (Pragmatism) جي وڌيڪ ويجهو آهي، جنهن جي اُپٽار جڳ مشهور آمريڪي مفڪر جان ڊيوي (John Dewey) پنهنجن ڪتابن ”تجربو ۽ تعليم“ ۽ ”جمهوريت ۽ تعليم“ ۾ ڪئي هئي. +زندگي جي عمومي فلسفي بابت ڳالهائيندي پنهنجي تقرير ”فيلسوفن کي خطاب“ ۾ علامه صاحب فرمائيٿو ته، ”قديم فلسفو گهڻو ڪري وجداني، فرضي، ظَني ۽ وهمي آهي. قديم منطق جي حالت به ساڳي آهي...“ ٻئي هنڌ واضح ڪن ٿا ته، ”موجوده سماج جيڪو نفاق آهي، انهيءَ جا ٻه مکيه سبب آهن: پهريون ۽ اهم ترين سبب هي آهي جو اسين اهو فلسفو پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جو موجوده سائنسي تحقيقات تي مبني ۽ اُن جي مطابق هجي، ۽ ٻيو ته اسان جيڪو علم حاصل ڪيو آهي، تنهن سان پنهنجي ذهني ۽ عملي زندگيءَ کي همرڪاب نه رکيو اٿئون، جو اهو علم خود انهن اقدار کي، جيڪي اسان فقط بطور عقيدت قبول ڪيا آهن، بخوبي ثابت ڪري سگهي...“ +مٿيان حوالا ثابت ڪن ٿا ته علامہ آءِ. آءِ. قاضي سائنسي تحقيقات تي منبي فلسفو پيدا ڪرڻ تي زور ٿو ڏئي، جڏهن ته تصور پرستيءَ هيٺ من جي معراج ماڻڻ لاءِ مابعدالطبعيات جي راهه اختيار ڪرڻي آهي. علامه صاحب ته مابعدالطبعيات کي سمجهڻ لاءِ به علمِ طبعيات جو سهارو وڍڻ ضروري ٿو سمجهي. يقيناً فلسفي جي سمورن طالب علمن لاءِ اهي سوال هڪ معنى خيرز دلچسپيءَ جا حامل آهن. ڪتاب ”او ڪو ٻيو فهم“ ۾ فلسفي جي مختلف مڪاتيب فڪر درميان علامه صاحب جن جو مقام متعين ڪرڻ لاءِ واضح اشارا موجود آهن. +اسان سڀني کي اهو معلوم آهي ته فقط اٺن سالن اندر علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي سربراهيءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽي هڪ ننڍڙي امتحان وٺندڙ بروڊ مان ترقي ڪري هڪ اعلى تعليمي ۽ تحقيقي ادارو بڻجي وئي. اُهي ڪهڙا سونهري اصول ۽ آدرش هئا، جن قليل عرصي ۾ هڪ نئين قائم يونيورسٽيءَ کي نامساعد حالتن جي باوجود دنيا جي اعلى تعليمي ادارن ۾ تعظيم جو مقام ڏياريو؟ ڪتاب ۾ شامل تقرير ”عيدالفطر تي خطاب“ ۾ علامه صاحب جن اُنهن جو بيان هن طرح ڪيو آهي، ”اچو ته هڪ دفعو گڏجي دنيا اڳيان دعوى ڪريون ته هن اداري اندر ڪوبه اهڙو غير جوابدار شخص ناهي، جو بنان مقصد جي ڪم ڪندو هجي، ڪوبه اهڙو خودغرض ناهي جو هن اداري جي بلند مقاصد بدران پنهنجي ذاتي مقصد جي پورائي ڪرڻ ۾ مشغول هجي، ڪوبه اهڙو سُست ۽ ڪاهل ناهي جو پنهنجي صلآهيت ۽ لياقت کان گهٽ ڪم ڪندو هجي، ۽ ڪوبه اهڙو بدنيت ناهي جو حلال جي ڪمائي ڪرڻ جي بدران حرام جي ڪمائيءَ جو خواهان هجي...“ يقيناً اهي آدرش تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اُستادن توڙي منتظمين لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندن ڪارڪردگيءَ جي ڪسوٽي آهن. +پنهنجي هڪ اهم مضمون ”قوميت ۽ متحده قوميت جا اصول ۽ اسباب“ ۾ علامه صاحب جن لکيو آهي ته صرف جاگرافيائي وحدت کي متحده قومي وجود لاءِ دليل بنائي نٿو سگهجي. ٻيو ته نيشنل ۽ جمهوري حڪومتن ۾ زوريءَ جو ڳانڍاپو ڪا معنى نٿو رکي ۽ ٽيون ته فطري قانون پٽاندڙ انساني اتحاد جي ترقي مقرر حد کان مٿي تيز نه ٿي سگهندي. جيڪڏهن انهيءَ درمياني عرصي کي، جو قومن ۾ ميلاپ ۽ سمجهه لاءِ ضروري آهي، مصنوعي طريقن سان گهٽ ڪبو ته پوءِ بجاءِ فائدي جي نقصانڪار ردِعمل پيدا ڪبو. انهن ٽنهي رهنما اصولن کي ملڪي حالتن سان معروضي طرح لاڳو ڪرڻ جي ضرورت جيتري اڄ آهي، اوتري اڳ ڪڏهن به نه هئي. +علامه قاضي جن جي مضمون ”سنڌي ٻولي-اُن جي بقا ۽ بچاءُ“ جي مکيه حصي کي سهيريندڙ طرفان سرورق جي پئين پاسي جي زينت بنايو ويو آهي، جنهن ۾ علامه صاحب تلقين ڪئي آهي ته ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيڙڻ حماقت آهي. +ڀائرو! سنڌي ٻولي فقط ايستائين زندهه رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زندهه آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو...“ +ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ ۾ شامل علامه قاضي صاحب جي تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعي پيغام منهنجيءَ نظر ۾ هي آهي ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو سائنسي طريقي اختيار ڪيو وڃي، معروضي حالتن جي سمجهه حاصل ڪجي ۽ قومي توڙي اجتماعي مفادن لاءِ جدوجهد ڪجي، ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي اخلاق ۽ ضمير جي تقدس کي پامال نه ڪيو وڃي، ۽ غفلت جي خواب مان بيدار ٿي، باهمي اتحاد، اعتماد ۽ مسلسل تلاشِ علم ذريعي انسانيت جون اعلى ترين منزلون ماڻجن. +ڪتاب ۾ سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر محترم حيدر علي لغاري ۽ سيڪريٽري امير علي قادري جا تعارفي مضمون به هر لحاظ کان علم و دانش جا شاهڪار آهن. هي ڪتاب ڪُل 190 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سرورق، ڪاغذ توڙي ڇپائي نهايت عمدي اٿس. ان حساب سان 30 روپيه قيمت به مناسب رکيل آهي. اُميد ته ڪتاب جي جوڳي قدر شناسي ٿيندي ۽ اعلى تعليمي ادارن ۽ خانگي توڙي سرڪاري ڪتب خانن ۾ هي ڪتاب هڪ ضروري حوالي طور استعمال ڪيو ويندو. +- پروفيسر رجب علي ميمڻ +تصحيح +مهراڻ جي گذريل پرچي 2/1989ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي مضمون بعنوان ”مخدوم بصرالدين سوهاڻي رح“، ۾ ص 118 تي مخدوم محمد حسن کي مخدوم بصرالدين جو ڏاڏو ڄاڻايو ويو آهي، اهو صحيح ڪونه آهي. دراصل مخدوم حمد حسن، مخدوم بصرالدين رح جو تڙ ڏاڏو ٿئي. سلسلو هن ريت آهي: مخدوم بصرالدين رح بن مخدوم حاجي احمد بن مخدوم محمد مجذوب بن مخدوم محمد عارف بن مخدوم محمد حسن رح. +مهربان شاعرن کي هڪ خاص گذارش +مهراڻ جا بيشتر ڪرمفرما شاعر پنهنجو ڪلام ڪاغذ جي مختلف سائيزن تي، رف نموني سان لکي ٿا موڪلين ۽ اڪثر پنهنجي پوسٽل ائڊريس به نٿي ڄاڻائجي. هڪڙي ڪاغذ تي ٻه- ٽي ڪلام لکي موڪلڻ به معمول ۾ شامل آهي. مهربانن کي گذارش آهي ته ان قسم جي پهتل مواد سبب پڙهڻ، چونڊ، ترتيب ۾ شامل ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي ٺاهڻ جي مرحلن ۾ ڪافي دشواري پيش اچي ٿي ۽ بعض اوقات سٺو ڪلام به مٿين نقطن جي ڪري درج ٿيڻ کان رهجي ٿو وڃي. +مهربان شاعرن کي استدعا آهي ته پنهنجو ڪلام فل سڪيپ شيٽ تي لکي موڪيلن؛ ساڳي شيٽ تي هڪ کان وڌيڪ شعر لکڻ يا پُٺ تي لکڻ کان مڪمل پرهيز ڪجي؛ ۽ پنهنجي پوسٽل ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي. +- اداره ”مهراڻ“ +i- مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد، جيئن ته بنيادي طرح تحقيقي ۽ فڪري موضوعن تي مشتمل آهي، ان ڪري اُن جي نفس مضمون جي ذميواري ان جي لکندڙن تي آهي. سندن راين ۽ نتيجن کي سنڌي ادبي بورڊ جي راءِ نه سمجهڻ کپي. +i-مهراڻ ۾ آيل مواد عام طرح سان، سنڌي ادب ۽ زبان جي وڌ کان وڌ خدمت جي نيڪ مقصد سان ڪٿي ٻئي هنڌ شايع ڪري سگهجي ٿو. مهراڻ جو حوالو ڏيڻ بهرحال مناسب آهي. +i-مواد موڪلڻ جي ائڊريس +مهراڻ +سنڌي ادبي بورڊ +ڄام شورو- پوسٽ ڪوڊ 76070 +وايا حيدرآباد سنڌ. +ضميمو +شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال +i +از +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +[نوٽ: هي مواد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪيل ”شاهه جي رسالي“ جي جامع مستند متن واري ايڊيشن جي مقدمي مان کنيل آهي، جيڪو پهرئين باب جو ابتدائي حصو آهي. ٻيو حصو ص ص 27-67 مهراڻ جي ڪنهن ورندڙ شماري ۾ شايع ڪيو ويندو. ان سلسلي جا چند مضمون مهراڻ جي گذريل ڪجهه پرچن ۾ پڻ اچي چڪا آهن ۽ لائق مصنف جي اجازت سان هتي اهو مواد شايع ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته شاهه جي رسالي جو هي مثال ۽ منفرد ايڊيشن، جيڪو تحقيق جي لحاظ کان هڪ وڌي ڪشالي جو نتيجو آهي، ادبي بورڊ پريس ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي. ] + + +باب پهريون +شاهه عبداللطيف جي حياتي جو احوال +شاهه عبداللطيف جي وڏي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي سوانح فڪر ۽ فيض بابت سندس وفات (1032هه) کان ٿورو ئي پوءِ سنه 1038 هجري ۾ سندس سڄاڻ مريد محمد رضا (بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغه گهر) ’بيان العارفين‘ نالي تفصيلي ڪتاب لکيو جيڪو اڄ تائين موجود آهي. مگر شاهه عبداللطيف بابت سندس وقت ۾ يا سندس وفات کان پوءِ ڪو اهڙو ڪتاب ڪونه لکيو ويو جو ان مان سندس حياتي جو احوال پوري تصديق ۽ تفصيل سان معلوم ٿي سگهي. اهڙي اوائلي تصنيف جي غير موجودگي سببان، هن وقت تائين جن مصنفن شاهه جي حياتي بابت جيڪي ڪجهه قلمبند ڪيو آهي، سو گهڻي ڀاڱي تائين ٻڌل ڳالهين جي آڌر تي روايتي رنگ ۾ لکيو آهي جنهن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي. +سڀ کان پهريائين، شاهه جي وفات کان پوءِ ستٽيهن کن سالن واري عرصي اندر مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجن ٽن فارسي ڪتابن(1) ۾ شاهه صاحب بابت مختصر بيان قلمبند ڪيا. اهي گهڻي حد تائين ٻُڌل ڳالهين تي ٻَڌل آهن، جنهن ڪري سوانح جي لحاظ سان اهي نه فقط ناڪافي آهن پر البت منجهائيندڙ آهن. قانع جي ڪتابن بعد، ۽ شاهه جي وفات کان سوا سؤ سال کن پوءِ، سندس حياتي بابي جيڪي عام ڳالهيون هلندڙ هيون سي مير عبدالحسين خان سانگي 1880ع ڌاري گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ۽ سنه 1888ع ۾ هن انهيءَ ذخيري کي فارسي ۾ ’لطائف لطيفي‘ نالي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو(1) . مرزا قليچ بيگ پڻ 1887ع ۾ شاهه جي سوانح بابت انگريزي ۾ ڪتاب لکيو(2) . جيڪو پوءِ سنه 1897ع ۾ ’احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ شايع ڪيائين(3)؛ پر انهن ٻنهي ڪتابن ۾ جيڪو مواد ڏنائين سو گهڻي ڀاڱي تائين اهو ساڳيو ئي هو جيڪو کيس مير عبدالحسين خان سانگي وٽان مليو هو. ليلا رام وتڻ مل لالواڻي سنه 1889ع ۾ ’شاهه لطيف جي زندگي، مذهب ۽ شاعري‘(4) جي عنوان سان انگريزي ۾ ڪتاب لکيو جنهن ۾ پڻ شاهه جي سوانح بابت گهڻي حد تائين ساڳيو مير صاحب ۽ مرزا قليچ بيگ وارو مواد سامهون رکيائين، پر البت ان سلسلي ۾ مير صاحب جي دوستن ميين احمد ڀٽائي کان به ڪي ڳالهيون پڇيائين. +مٿين مصنفن کان سواءِ ٻين لکندڙن (رچرڊ برٽن، ڪمشنر فريئر جي منشي، ارنسٽ ٽرمپ، ۽ ڏيارام گدومل) سندن ڪتابن ۾ شاهه لطيف بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي سو يا مير علي شير قانع جي آندل حوالن يا ٻين مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن تان ورتل آهي(1)؛ ٻيو ته سندن بيانن ۾ شاهه جي سوانح بابت بنيادي معلومات گهٽ ۽ سندن پنهنجي طرفان ڏنل رايا وڌيڪ آهن. سنه 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاني نئين سر ’شاهه جو رسالو‘ مرتب ڪيو، جنهن جي پهرئين جلد ۾ هن مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ ۽ خاص طرح ليلا رام جي آندل بيا��ن جي آڌار تي روايتي رنگ ۾ شاهه جي سوانح لکي. سنه 1950ع ۾ برک عالم ۽ اديب مولوي دين محمد وفائي مرحوم پنهنجو ڪتاب ”لطف اللطيف“ شايع ڪيو، جنهن ۾ هن شاهه جي سوانح بابت ڪي نوان حوالا ڏنا ۽ پڻ ڪن روايتن تي وڌيڪ تحقيق ۽ تفصيل سان روشني وڌي. +انهن قابل ذڪر ڪوششن جي باوجود شاهه عبداللطيف جي حياتي جو احوال اڃا تائين ’حڪايتن‘ جي حجاب ۾ ڍڪيل آهي، جنهن کي هٽائڻ سان ئي ’حقيقتن‘ تائين پهچي سگهجي ٿو. هيٺ سندس سوانح کي محض عامي ڳالهين ۽ حڪايتن بدران ڪن معتبر تحريري حوالن ۽ وڌيڪ ڀروسي جهڙين زباني روايتن جي روشني ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. (1) +1. نسب نامو(2)، ولادت، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم وارو دور +شاهه عبداللطيف، سنڌ جي ’مُتَهَلِوِيۡ ساداتن، يعني ’مُتَعَلوِي‘ يا مٽياري سيدن جي ’ڪريم-پوٽا‘ خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي شجري ۾ هڪ وڏي پاڙي ’جَراڙ‘ يا ’جَراڙ- پوٽا‘ خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي شجري ۾ هڪ وڏي پاڙي ’جَراڙ‘ يا ’جَراڙ-پوٽا‘ پاڙي جي هڪ شاخ آهي. انهيءَ پاڙي جو وڏو سيد جراڙ (جلال) هو جيڪو سيد شرف الدين جو فرزند هو. انهيءَ لحاظ سان ’جراڙ-پوٽا‘ ساڳئي وقت ’شرف-پوٽا‘ آهن. شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر، هرات شهر جي سيد مير علي جو پٽ هو جيڪو مٿي امام موسى ڪاظم جي اولاد مان هو. انهيءَ لحاظ سان مٽياروي سيد شهر هرات جي سندن وڏي ڏاڏي مير علي (يعني سيد علي) جي اولاد سببان ’هِراتي سيد‘ آهن، پر مير علي هِراتي کان مٿين نسب نامي جي اعتبار سان ’ڪاظمي سيد‘ آهن. مٽياروي سيدن جي شجري موجب، سيد حيدر پهريائين سنڌ ۾ آيو ۽ هالا- ڪنڊي (قديم شهر هالا) ۾ اچي رهيو جتي هالا قبيلي جي رئيس شاهه محمد بن دريا خان کيس پنهنجي نياڻي ڏني جنهن مان کيس ’علي‘ نالي پٽ ٿيو. سيد حيدر موٽي هرات ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، پر پٽس سيد (مير) علي سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ ڪريم- پوٽا توڙي ٻيا سڀ مٽياروي سادات هن ’سيد علي سنڌي‘ جو اولاد آهن. +(الف) ساداتن جو مٽياري ۾ اچڻ: شجري جي روايتن موجب، سيد (مير علي (سنڌي) 2-80-803 هه وارن سالن ۾ هالا- ڪنڊي ۾ ڄائو هوندو، پر غالباً سندس والد سيد حيدر ڳچ وقت اڳ (اٺين صدي هجري جي آخر ۾ سمن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾) سنڌ ۾ آيو ۽ مير ’علي‘ سنڌي به غالباً 8- صدي هجري جي آخري ڌاري ڄائو. هو هالا- ڪنڊي ۾ پنهنجن ناناڻن ۾ نپنو، جن کيس پرڻايو. هن ٻيو نڪاح ترُڪن جي قبيلي مان ڪيو. کيس ٽي پٽ ٿيا: احمد، شرف الدين ۽ مرتضى عرف ڀرئو، جن سڀني کي اولاد ٿيو. سيد علي سنڌي جڏهن اولاد وارو ٿيو ته هالا- ڪنڊي مان لڏي اچي پينگهاري پرڳڻي سان لاڳو پرڳڻي جي ’متعلہ‘ يا ’متعالہ‘، يعني ’متهلو‘ (=’مٽهالو‘ يا ’مٽ- هالا‘) شهر ۾ ويٺو، جنهن جي نالي مان ڀانئجي ٿو ته اهو هالا قبيلي جي سربراهن جي زمينداري ۾ هو ۽ هنن پنهنجي ڏوهٽي کي جاگير ڪري ڏنو. اهو شهر هن وقت موجود ناهي پر شهدادپور کان 8-9 ميل اوڀر طرف ’متهلو‘ ديهه ۽ تپو ان نالي جي يادگار طور موجود آهن. سيد علي سنڌي ۽ سندس اڪثر اولاد 9 صدي هجري وارو گهڻو عرصو ’متهلي‘ ۾ رهيا ۽ سيد علي به متهلي ۾ ئي وفات ڪئي. هنن سيدن پنهنجي دينداري، ديانتداري ۽ ڪامياب زمينداري جي ڪري ديندار سلطان ڄام نظام الدين جي دور حڪومت (866-914هه) ۾ وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو. متهلي طرف غالباً پاڻي جي اڻاٺ هئي، جنهن ڪري هي سڄو خاندان 9 صدي جي پوين ڏهاڪن ۾ موجوده شهر مٽياري واري ماڳ تي لڏي آيو، جتي هو ’متهلوي‘ (= مُتهلي جا) س0جڻ لڳا. هي هڪ علمي گهراڻو هو ۽ سندن تحريرن مان جئن پوءِ تئن ’متهلوي‘ کي ’متعلوي‘ ڪري لکيو ويو. مٽيارين وارو ماڳ اصل ۾ چانگن بلوچن جو هو، پر هن سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان هي شهر پوءِ سندن نالي پويان ’متعلوي‘ سڏجڻ لڳو. جيڪو عوامي اچار ۾ ڦري ’مٽياري‘ ٿيو. +(ب) ڪريم- پوٽا پاڙو: مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کان پوءِ، چاليهن پنجاهن سالن اندر، سنه 944 هجري ۾ سيد علي سنڌي جي پٽ شرف الدين جي اولاد (شرف- پوٽن) جي ’جَراڙ‘ يا ’جراڙ- پوٽا‘ پاڙي مان، لال محمد شاهه عرف لَلــٖـي شاهه جي گهر عبدالڪريم شاهه ڄائو، جيڪو پنهنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر ۽ فهم، تصوف ۽ توڪل جي ڪري مشهور ٿيو. سندس والد جو گهر ’مٽياري‘ ۾ موجوده جامع مسجد جي ڏکڻ- اولاهين ڪنڊ سان لڳو لڳ هو، جتان مسجد جي ديوار ۾ هڪ نشان يادگار طور موجود آهي. شاهه لَلو پاڻ عابد زاهد ۽ سهروردي طريقي جو سالڪ هو. سندس گذر سفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو هو ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين ۽ سهروردي سلسلي جي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو(1) جئن ته شاهه للو پاڻ هڪ وڏو درويش هو، انهيءَ ڪري گهڻين جاين تي سندس پڻ معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان ڪي غالباً ’بلڙي‘ واري جَوءِ ۾ هئا، جن جي محبت ۽ عقيدي جي ڪري عبدالڪريم شاهه پنهنجي تعليم ۽ شاديءَ بعد ’مٽياري‘ مان لڏي وڃي اتي ويٺو. انهيءَ ڪري ان ڳوٺ کي ’سيد پور‘ توڙي ’لَلاڻِي لوءِ‘ (2)سڏيو ويو، پر جيئن ته اهو ’بُلڙي واري جُوءِ‘ ۾ هو، انهيءَ ڪري پوءِ اهو ماڳ خود انهيءَ جُوءِ جي نالي سان ’بلڙي‘ سڏجڻ لڳو. ميون شاهه ڪريم گهر ٻار عيال سوڌو، سندس زندگي جي وڏي عرصي تائين، اتي رهيو ۽ وفات به سنه 1032هه (1623ع) ۾ اتي ئي ڪيائين. +تصوف جي سلسلي ۾ ميين شاهه ڪريم جي سندس والد جي سهرودي طريقي سان نسبت باقي رهي، پر هو پاڻ قادري طريقي سان وڌيڪ وابسته ٿيو. ميين شاهه ڪريم کي اَٺ پُٽ ٿيا، جن مان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو، ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريم- پوٽا‘ ٿيو ۽ سندس ٽئين نمبر فرزند جلال شاهه (3) جي اولاد مان شاهه عبداللطيف جو والد شاهه حبيب ٿيو. +(ج): شاهه حبيب ۽ سندس ڪٽنب: شاهه حبيب، ميين شاهه ڪريم جو پڙ پوٽو هو. سندس ڏاڏو جلال شاهه يا جمال شاهه غالباً پنهنجي والد ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن طرف هو جو ڦورن ڪنهن مائي جو مال هنيو ۽ جڏهن شاهه پويان واهر ٿي ويو تڏهن ڦورن کيس شهيد ڪيو، ۽ هو ’گولي پير جي مقام‘ ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهدادپور تعلقي جي ديهه ۽ تپي ’جَما‘ ۾، ڀٽ کان 7 ميل کن اتر طرف آهي جتي جلال شاهه (جمال شاهه) جي تربت موجود آهي. سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچا جيڪڏهن مٽياري ۾ هئا ته به موٽي وڃي پنهنجي ڏاڏي سان ’سيدپور‘ (بلڙي ۾ رهيا. جلال شاهه يا جمال شاهه جو فرزند عبدالقدوس شاهه به عابد ۽ درويش ٿيو. جنهن اتي وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي مين شاهه ڪريم جي مزار جي ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف دفن ٿيو. کيس ٻه پٽ ٿيا: حبيب الله شاهه (شاهه حبيب) ۽ عبدالرشيد شاهه، جن ٻنهي کي اولاد ٿيو. دينداري درويشي جي ورڇ حبيب شاهه کي ملي. ميين شاهه ڪريم بعد، جملي ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو، ۽ سندس اعلى اخلاق، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس فرزند شاهه عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو. ميين شاهه ڪريم بعد، ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي شاعر ٿيو جنهن بيت چيا جيڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ شامل آهن. شاهه حبيب جي عارفانه شاعريءَ جو پڻ شاهه لطيف تي اثر پيو. +شاهه حبيب پنهنجي والد جي وقت ۾، يا سندس وفات کان پوءِ، ڪجهه وقت لاءِ اچي مٽياري شهر ۾ رهيو. اها جاءِ جتي هو رهيو(1) اتي ٿي سگهي ٿو ته سندس گهر هو، ۽ ’مٽياري‘ ۾ سندس رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو جو شايد اتي سندس شادي ٿي. پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻت ٿي، جو درويش هاشم شاهه جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو تنهن جي چوڻ تي مٽياري کي ڇڏيائين. ڪن روايتن موجب شاهه حبيب هڪ شادي عزيزن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي جنهن مان شاهه عبداللطيف ڄائو. پر هڪ ته اهو پڪيءَ طرح معلوم ناهي ته سندس پهرين شادي ڪڏهن ٿي ۽ ٻيو اهو به معلوم ناهي ته پنهنجن مان جيڪا شادي ڪيائين سا ڪهڙي پاڙي يا ڪهڙن عزيزن مان ڪيائين. مٽياروي سيدن جي پاڙن جا شجرا موجود آهن پر انهن ۾ شاهه حبيب جي ان شادي جو ڪو حوالو موجود ڪونهي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو: پر هڪ ته شاهه حبيب جي اولاد بابت جيڪي حوالا موجود آهن. سي سندس وفات کان سوا- سؤ سال کن پوءِ جا آهن ۽ ٻيو ته شاهه عبداللطيف جي وفات کان پوءِ ئي (خاص طرح گادي نشيني جي مسئلي تان) شاهه حبيب جي نرينه يا ٻئي اولاد بابت بيان پڌرا ٿيا، پيءَ ڪري شاهه حبيب جي جملي ڪٽنب بابت ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. البت اهو يقيني آهي ته هڪ ئي گهر مان شاهه حبيب کي ٽي فرزند هئا جن مان فقط هڪ شاهه عبداللطيف باقي بچيو. ٻئي گهر مان هڪڙن حوالن موجب جمال شاهه نالي فرزند ٿيو ۽ ٻين موجب جمال شاهه ۽ مصري شاهه نالي ٻه فرزند... ٽکڙ واري شجري موجب جمال شاهه جو پٽ ڪريمڏنو شاهه ٿيو، جنهن جو ڪوبه پٽ جمال شاهه نالي ڪونه هو؛ ٻين شجرن ۾ ان جو پٽ جمال شاهه نالي هو، جيڪو شاهه عبداللطيف بعد گادي نشين ٿيو. پٽن کان سواءِ شاهه حبيب کي ’بي بي بتول‘ (1) نالي هڪ نياڻي هئي، جيڪا غالباً شاهه عبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي، ان سميت ڀاءُ کان سواءِ، شاهه حبيب جي ٻن نياڻين جو ذڪر ٿيل آهي، پر مير سانگي ڄاڻايو آهي ته اها پڪ ڪانهي ته اهي ڪهڙي گهر مان هيون، پر ٻنهي جي شادي شاهه حبيب جي وقت ۾ ٿي. سانگي کي غلام محمد شاهه گدا ٻڌايو ته انهن مان هڪ مٽياري سيدن جي ’موسى‘ پاڙي ۾ ڏنل هئي ته ٻي سمهباڻي پاڙي ۾ ڏنل هئي(2). شجرن جي تحقيقات مان اسان کي معلوم ٿيو ته شاهه حبيب جي هڪ نياڻي، سيد موسى جي ڀاءُ سيد عيسى جي اولاد ’عيسى- پوٽن‘ جي پاڙي مان محمد حافظ شاهه جي پٽ کي پرڻايل هئي(3)، مگر شجرن مان توڙي زباني روايتن مان اها تصديق نه ٿي سگهي ته ڪو شاهه حبيب کي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ به ڏنل هئي(4). +(د) شاهه عبداللطيف جي ولادت (1102): عام روايتن مجب، شاهه حبيب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا گهريائين، جنهن چيس ته: توکي پٽ ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ (1). سنه 1300 هه ۾ اتاريل هڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت جيئن نقل ٿيل آهي، تنهن موجب اها دعا شاهه حبيب کي شهر جي مست درويش هاشم شاهه ڪئي هئي، جيڪو پاڻ جراڙ- پوٽو هو. حبيب جو عزيز هو. شجري مان پڻ اهڙي تصديق ٿئي ٿي ته ٻئي همعصر هئا. حبيب دل ۾ ارادو رکي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس ڏسي چيو ته ”تو مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“ (2) شاهه حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي پُٽ ٿيندو، جنهن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر ٻارڙو گذاري ويو. ساڳئي گهر مان ٻيو پٽ ڄائو تنهن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، پر اهو به گذاري ويو. وري به ساڳئي گهر مان ٽيون پُٽ ڄائس، جنهن جو نالو وري به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بيو ۽.... شاهه عبداللطيف ٿيو. اهي ٽيئي ٻارڙا جنهن بيبيءَ مان ٿيا، سا عرس فقير.... جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي ول�� غوث بهاؤالدين زڪريا جي خليفي قندر فقير جي اولاد مان، ”ڌئونۡريات“ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ”ثابت“ يا ”ثابت نُک مان هو. هنن ڏيرن فقيرن جا ٻه سلسلا هئا: هڪڙا ’سايات‘ يا سبزپوش ويس ڪندڙ ۽ ٻيا ’ڌؤنۡريات‘ يا سفيد پوش. هي وڏا پهتل درويش ’گنباٽ ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا هئا. ثابت... وڏو درويش ٿي گذريو- جو چيائون ته: +سوالي سچيءَ سڪ مان جي ثابت کي سارين +تن نڪا تنگي تون جي، نڪي اُڌارين(1) . +عرس فقير کي ٻه نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين رب رکيي فقير ڏيري کي، ۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاهه حبيب کي. شادي بعد، شاهه حبيب به سُهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو، جتي سندس گهر ’سُئي قندر‘ واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولهه طرف هو. اها گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديهه ”سئي قندر جاگير“ تعلقي شهدادپور ۾ آهي ۽ مقامي طور ٽيهه سال کن اڳ تائين مقامي ماڻهن سڀني کي ان جي خبر هئي ’سئي قندر مقام‘ کان نمبر جي لام تي اتر- اولهه طرف ۽ موجوده شاخ جي اوڀر، شاهه صاحب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنهن کي ”ساياتن جي کڙ“ ڪري چوندا هئا. انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا جيڪي ’شاهه حبيب جا ڪنڊا‘ سڏبا هئا. اتي سندس حويلي هئي جنهن جي ڀتين جون بِنائون به ان وقت ماڻهن ڏٺيون. انهيءَ حويليءَ ۾ ئي شاهه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ’سئي قندر مقام‘ ۾ ڏيرن فقيرن جي پاڙي ۾ دفنايا ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا تائين اتي موجود آهن(1). +ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف به انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو ته وفات وقت (1165هه) شاهه صاحب جي عمر 63 سال هئي. اڄ کان هڪ سؤ ورهيه اڳ به باخبر ۽ ڄاڻو ماڻهن وٽ سال 1102 هجري شاهه صاحب جي ولادت جو مڃيل سال هو جو ان وقت جي عالم فاضل شاعر سيد غلام محمد ’گدا‘ اهو ئي سال پنهنجي هيٺين واري شعر مان ڪڍيو(2) : +گدا، سال توليدِ سلطانِ ’ڀٽ‘ +شنيدم زهاتف ’عنايت شعار‘ +1102 +شاهه عبداللطيف ڪٿي ڄائو ان بابت البت پوئين دور جا لکندڙ صحيح راءِ قائم ڪري نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته سندن ڌيان تي اها ڳالهه ويٺل هئي ته شاهه صاحب جي امڙ ’دياڻي‘ خاندان مان هئي، يعني ته هالن پراڻن جي هئي، جنهن ڪري ان طرف ٿيڻ گهرجي ها. البت ٻئي طرف، مقامي طور تي جيڪا پڪي پختي ڳالهه هلندڙ هئي سا هيءَ ته شاهه صاحب جي امڙ، ’ڀٽ‘ کان ڏيرن فقيرن مان هئي ۽ انهيءَ ڪري ان طرف سندس ولادت جو فطري امڪان هو. پر ’سئي قندر‘ لڳ ڏيرن فقيرن جي ڳوٺ جي حوالي ’دياڻي‘ خاندان مان شاهه صاحب جي امڙ هجڻ واري نظريي جي ڄڻ نفي پئي ڪري اوڀر طرف جا حوالا آندائون ته به هڪڙن ’ڀينءَ پور‘ کي ته ٻين .... کي شاهه جي ولادت جو ماڳ ڪري لکيو. لؤنگ فقير مهيسر جنهن شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي، تنهن جي فقيرن ڪٿان ٻڌو ته شاهه ’ڀينءَ پور ۾ ڄائو هو يا اتي چلو ڪڍيو هئائين‘ سو اتي وڏي مسجد (1)... سانگي پوءِ ’لطائف لطيفي‘ ۾ ان جو ذڪر ڪيو ۽ ’ڀئي پور‘ (’صحيح... کي شاهه صاحب جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو (2). ان بعد مولوي دين ... به ’لطف اللطيف‘ ۾ انهيءَ ساڳي ڳالهه کي ورجايو(3) . ٻئي طرف ليلان.... لالواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ’هالا حويلي‘ (ڀِٽ کان 18 ميل ڏکڻ- اوڀر لکيو(4) پر اهو ڪونه ڄاڻايائين ته ڪهڙي زباني يا شاهدي جي آڌار تي لکيو. باوجود انهيءَ جي، لولاڻي جي پوئلڳي ڪندي گربخشاڻي به... کي شاهه جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو.(1) مرزا قليچ بيگ وري... ’هالا حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين ته ”ڀٽائي جي ڄمڻ جي جاءِ ���هالا حويلي‘ ۾ هئي جا ’ڀئي پور‘ (صحيح ڀينءَ پور) ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄائو هو اتي... مسجد جوڙائي وئي هئي جا اڃا تائين نصير واهه جي ڪلهي بيٺل آهي (2). جي هيءَ سڄي عبارت خيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواءِ لکي وئي. شاهه لطيف ساڳئي وقت هالا حويلي ۽ ڀينءَ پور ۾ مسجد جي ڀر واري ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڀينءَ پور کان ’هالا حويلي‘ ڪافي پري آهي. ڏکڻ- اوڀر طرف ڪانهي پر اتر- اوڀر طرف آهي. ’ڀينءَ پور‘ تعلقي حيدرآباد ۾ ’هالا حويلي‘ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي (3). +(1) ’تحفة الڪرام‘، ’مقالات الشعراء‘ ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘: پهريان ٻه سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪا آهن، باقي ٽيون ڪتاب ’معيار سالڪان طريقت‘ قلمي صورت ۾ آهي. ان ۾ شاهه عبداللطيف بابت آيل بيان جو سنڌي ترجمو راقم جي مضمون ”حضرت شاهه عبدالطيف جي سوانح بابت ويچار“ ۾ ڇپيو آهي (سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو، سماهي مهراڻ، جنوري- مارچ 1987ع). +(1) هي ڪتاب راقم جي تصحيح سان، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان سنه 1967ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. +(2) هيءُ ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪزي ڪميٽي طرفان سنه 1980ع ۾ شايع ٿيو آهي. +(3) هن ڪتاب جو مهاڳ مرزا قليچ بيگ 1- سپٽمبر 1887ع ۾ لکيو. هيءُ ڪتاب راقم جي سوڌ سنوار سان 1972ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ملي نه سگهيو، البت ٻيو ڇاپو(سنه 1905ع) دستاب ٿيو، جنهن ۾ ڪتاب جو سڄو نالو هن طرح ڄاڻايل آهي: ”احوال عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ۽ سندس حياتيءَ جي سرسري تشريح تصوف جي بابت انتخاب“. +(4) هيءُ ڪتاب آڳاٽو سنه 1889ع ۾ ڇپيو. +Lalwani: Lilaram Watanmal: The Life, Religion and Poetry +of Shah Latef, the Greatest Post of Sind, Karachi 1890. +(1) ’رچرڊ پَرٽن‘، ۽ خاص طرح ’ارنسٽ ٽرُمپ‘، شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت قانع جي ڪتاب ’معيار سالڪان طريقت‘ کي سامهون رکيو. +(1) هيءَ مختصر سوانح خاص طرح رسالي جي هن ’جامعي مستند متن‘ جي ضرورت پوري ڪرڻ خاطر لکي وئي آهي. شاهه صاحب جي تفصيلي سوانح عمري، اڳين مڙني ماخذن جي تنقيدي ۽ تحقيقي تجزيي بعد ئي لکي سگهجي ٿي. ان مقصد خاطر، راقم ٻين تحريرن سان گڏ ’حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت ويچار‘ جي عنوان سان تحقيقي مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو آهي ته جئن اڳين بيانن کي تحقيق جي ترازي ۾ توري تڪي، شاهه جي سوانح جي صحيح حقيقتن تائين پهچي سگهجي. هن وقت تائين جيڪي خاطر خواه نتيجا حاصل يٿا آهن تن کي سامهون رکي هيءَ مختصر سوانح مرتب ڪئي وئي آهي. +(2) نسب نامي وارو سڄو تفصيل مٽياروي سيدن جي روايتي شجري تان ورتل آهي، جيڪو اصل فارسي ۾ هو ۽ جنهن جا فقط سنڌي اُتارا هن وقت موجود آهن. سيد حيدر جي سنڌ ۾ اچڻ تائين هن شجري جي موجوده روايت ۾ البت ڪي نقص آهن: هڪ ته سيد حيدر کان امام موسى ڪاظم تائين ڏنل نسب نامي ۾ ڪي پيڙهيون کٽل آهن، ۽ ٻيو ته سيد حيدر غالباً امير تيمور جي هندوستان تي حملي کان اڳ سنڌ ۾ آيو. +(1) بزرگ ’شهاب الدين جو مقام‘ بدين شهر کان ڏيڍ ميل کن اتر- اولهه طرف آهي ۽ عوامي زبان ۾ ’شاه بَدي! (شهاب الدين =) جو مقام سڏجي. بدين شهر جو نالو پڻ ’شهاب الدين‘ (= شهاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو. شاهه للي جي مزار ان مقام ۾ موجود ۽ مشهور آهي. +(2) يعني ’شاهه ڪريم لَلاڻي جو ڳوٺ‘ (لَلاڻي‘ مان مراد ’للي جو پُٽ‘ آهي) جنهن بابت ڪنهن مراد وند بيت چيو ته: +وانءُ لَلاڻِي لوءِ، جت ولايت ونڊَ ٿئي +معرفت مڪان ۾ وڻ ٽڻ وائي چوءِ +ساٿِيڙَي سَڀَڪَهيِن پاند پِنئو ٿو پوءِ +سيَد پِيرُ سَندوءِ، مانَ پَسِي حالُ هَٿَ کڻي. +(3) اوائلي مصنفن، مير علي شير قانع توڙي ٻين جن ’بيان العارفين! واري شجري کي سامهون رکيو تن هيءُ نالو ’جلال! ڪري ڄاڻايو آهي. البت ان کان پوئين دور ۾ اهو نالو ’جمال شاهه! ڪري لکيو ويو. +(1) چون ٿا ته اها جاءِ پوئين ويجهي وقت ۾ مرحوم ’ماڪن شاهه‘ جي حوالي هئي. 1940ع ڌاري اتي نم جا ڪي وڻ هئا ۽ پڻ چوديواري سان هڪ ننڍڙي ڪوٺي بيٺل هئي، پُراڻين ڀِتين سان ۽ هيٺاهين ڇت سان جنهن تي پٽيون تڏا هئا ۽ هيٺ زمين تي به ڪي تڏا پيل هئا. اهي شاهه حبيب جا ڪک سڏبا هئا. ماڻهو ادب ڪندا هئا ۽ اتي ختما چلا ڪڍندا هئا. +(1) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 180-181. روايت مشهور آهي ته انهيءَ ڪري ئي کيس ادب چاڻ بييبي بتول، بيبي راڻي يا بيبي سردار سڏيندا هئا. +(2) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 173. +(3) ٽکڙ واري شجري ۾ صاف ائين ڄاڻايل. محمد حافظ شاهه بن گهريو شاهه پاڳارو هو. +(4) سمهباڻي، يعني سيد سمهبه (بن عبدالوالي بن دين محمد بن شاهه ڪريم) جو اولاد. کيس چار پٽ هئا: عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بهارو ۽ ابوالفتح. جيڪڏهن شاهه حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي ته پيڙهين ۽ وقت جي اندازي مطابق) اها خود سمهبه شاهه جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي. +(1) مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته شاهه صاحب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو، پوءِ ڪنهن اولياءَ کان دعا گهريائين، جنهن کيس يقين ڏياريو ته: ”توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو غوث ٿيندو ۽ انهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ.“ (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 13). البت اهو ڪونه ڄاڻائين ته کيس اها ڳالهه ڪٿان معلوم ٿي يا اهو ولي ڪهڙو هو، جنهن دعا ڪئي. هيءَ روايت مٽياروي ساداتن جي خانداني روايت آهي، جيڪا مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ اعتبار جوڳي آهي. ڪافي ڳولا بعد آخرڪار هيءَ روايت راقم کي تحريري صورت ۾ ملي. اها تحرير جيتوڻيڪ پوءِ جي آهي، پر يقيني طور ڪنهن آڳاٽي ذخيري تان نقل ٿي. جن لفظن ۾ اها نقل ٿيل آهي، تنهن کي ٽکڙ جي ’منعماڻي‘ پاڙي وارن سيدن جي زباني بيان ٿيل روايت مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها لکيت انهن ئي وٽ محفوظ رهي آهي. اڄ کان هڪ... سنه 1300هه ۾ جنهن اها نقل ڪري لکي، تنهن کي وري ”ڇنڇر ڏينهن ڏهين تاريخ سنه 1361هه“ ۾ حافظ بسمل ٽکڙائي اٿاريو. اهو بياض محترم قمرالزمان شاهه جي مهڙ... راقم جي مطالعي هيٺ آيو. +(2) درويش هاشم شاهه جڏهانڪو مستي ۽ مجذوبي ۾ آيو ته هندوستاني .... غالباً قلندر شهباز تي ڪن ٻاهرين عقيدتمندن سان ڳالهائيندي اها ٻولي اختيار ڪيائين هت سندس قول سنڌيءَ ۾ ڪري لکيا آهن. +(1) ثابت فقير ايڏي وڏي درجي وارو هو جو کيس ”ميان ثابت“ ڪري سڏيو ويو. قبر ’سُسئي قندر واري قبرستان“ ۾ ڏيرن فقيرن جي خاص مقام ۾ هڪ اوچي ٿلهي... جنهن تي ستر قبرون آهن، جن مان اولهه طرف کان پهرين قبر ثابت فقير جي آهي ۽ ... نالو ’ميان ثابت‘ لکيل آهي. +(1) 1969ع ۾ جڏهن راقم شاهه حبيب جي گهر واري جاءِ، ۽ اندر مقام ۾ شاهه عبداللطيف جي انهن سڳن ڀائرن جون قبرون وڃي ڏٺيون ته اهي تازو ڪجهه وقت اڳ نئين سر ٻَڌايون ويون هيون. هڪ تي ’عبداللطيف‘ جي نالي جي سِر لڳل هئي، پر ٻيءَ تي جيڪا سِر هنئي وئي هئي تنهن تي ’عبدالرشيد‘ نالو لکايو ويو هو، حالانڪ اڳ ٻنهي تربتن تي ’عبداللطيف‘ نالا لڳل هئا. لکڙ واري شجري ۾، شاهه عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا آهن. +(2) لطائف لطيفي، صفحو 204. +(1) اها جاءِ مسجد سان لڳو لڳ اتران آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طح شاهه... منسوب ڪئي وڃي ٿي. ٻه ڳوٺ هڪ ٻئي سان لاڳو ۽ ويجها آهن: ’ڀينءَ پور سمن جو ڳوٺ ’لڌا سما‘ (’لڌا‘ سمن جو پاڙو) ڏکڻ طرف آهي. +(2) لطائف لطيفي، ص 29. +(3) لطف اللطيف، 1950ع، ڪراچي، ص 10 +(4) لالواڻيءَ جو شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، ڇپيل سنه 19... +(1) گربخشاڻي، شاهه جو رسالو جلد 1، ص 11. +(2) مرزا قليچ بيگ: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، راقم جو سنواريل ڇاپو، 1392/... +(3) ميين شاهه عنات رضوي، پنهنجي حياتيءَ جي آخري سالن 1130-1133 هه ڌاري (جڏهن عبداللطيف به ٽيهن سالن کن جو هو، جو ماڻهن ۾ توڙي ميين شاه عنات وٽ سندس عزت هئي)... ڏهيسر پليجي تي ڏمرجي هيٺيون بيت چيو، جنهن ۾ رخ بدلائيندڙ درياءَ کي خطاب.... هالا حويلي کي به بددعائون ڏنائين ته واريءَ ۾ لٽجي پورجي وڃي: +ڳاهڪي کي ڳڙ ڪري پليجاڻي پاءِ +واري جا ولايت جي هالا حويلي لاءِ. +عبداللطيف جي ميين شاهه عنات سان محبت هئي. جيڪڏهن شاهه عبداللطيف هالا حويلي ۾ هجي ها ته اها ڳالهه ميين شاهه عنات کان ڳجهي ڪانه رهي ها. (جو هالا حويلي... کان فقط چار ميل پري هئي) ۽ پاراتي ۾ ان جو نالو نه آڻي ها (مٿئين بيت لاءِ ڏسو شاهه عنات جو ڪلام، مقدمو ص 35؛ لطائف لطيفي، ص 164). + + +سنه 1958ع ۽ سنه 1959ع ۾، ان بعد 1974ع ۾ ۽ وري سنه 1976ع ۾، جڏهن ’سئي قندر‘ واري ماڳ توڙي ’گنڀاٽ‘ لڳ ڳوٺن ۾ وڃي پڇائون ڪيائون ته اتي هڪ روايت اها بيان ڪيائون ته شاهه حبيب ڪي سال ’سئي قندر‘ جي مقام لڳ اولهه طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنهنجي حويليءَ ۾ رهيو، ۽ جڏهن... لڏيو ته پوءِ ڪوٽڙي ويو. ٻي روايت جيڪا پوئين دور جي مصنفن جي... کان متاثر ٿي بيان ڪئي وئي سا هيءَ ته ڇاڪاڻ جو پهريان ٻارڙا ڪين ... هئا، انهيءَ ڪري جڏهن شاهه عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو ته شاهه حبيب ماڳ مٽايو... لڏي ويو. پر اهو دليل ايڏو وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو شاهه حبيب... ارادي ۽ وڏي توڪل وارو بزرگ هو، جو باوجود پهرين ٻن ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ جي به ٽئين ٻار جو نالو عبداللطيف رکيائين ته پوءِ وهم ۽ وسوسي ۾ ... هن ڪيئن پنهنجو گهر ڇڏيو هوندو ۽ ماڳ مٽايو هوندو! جيئن ته شاهه حبيب... واري جاءِ توڙي پهرين ٻن ٻارن جي ولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آهن، انهيءَ ڪري پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ٻار ’عبداللطيف‘ (شاهه عبداللطيف) پڻ اتي ئي ان ساڳي... ۾ ڄائو. ٿي سگهي ٿو ته ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد، سندس... عافيت ۽ دوا درمل خاطر شاهه حبيب ڪي ڏينهن وڃي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي رهيو هجي، پر اهڙي گمان موجب پڻ سندس ’ڀينءَ پور‘ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر... جو اتي جا ڪي سما فقير غالباً سندس مريد ۽ معتقد هئا، جن مان ميان اسمـٰعيل فقير سمو پوءِ شاهه عبداللطيف جو خليفو ٿيو(1) . بهرحال جيڪڏهن اتي جو رهڻ ٿيو ته به ٿوري وقت لاءِ ٿيو جو هو وري پنهنجي حويلي ۾ موٽيو. +(هه) ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم: شاهه عبداللطيف جي ولادت جي تاريخ لکيل ڪانهي، پر جيڪڏهن مهيني صفر سنه 1165هجريءَ ۾ وفات وقت سندس عمر ٽيهٽ سال هئي ته پوءِ قمري سالن جي حساب سان سندس ولادت 1102 هه صفر مهيني جي 14 تاريخ ڌاري يا ڪي ڏينهن اڳ پوءِ ٿي هوندي... اڳ سندس ٻه همنام سڳا ڀائر فوت ٿي چڪا هئا: هي ٽيون لطيف هو جيڪو بچيو هو، جنهن مان سندس والدين جي خوشي ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳايو ... ٿو. انهيءَ ڪري ننڍڙو لطيف نه فقط ٻالجتيءَ واري دور ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ جي شفقت ۾ نپنو پر اها نعمت وڏي هوندي تائين ساڻس شامل حال رهي،... شخصيت کي سنواريو ۽ اُجاريو. ٻالجتيءَ ۾ ٻيو ٻارڙو جيڪو سندس ويجهو هو سو هو سندس ماسات محمد عا��م جنهن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو. +ٻاراڻي وهي واري هن دور ۾، لطيف جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ... سندس پنهنجو گهر وارو ڳوٺڙو هو، پر ان جو دائرو البت گَنباٽ واري... وسيع هو. ان وقت ننڍڙي لطيف جي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ ۽... جي گهرن تائين، يعني گنباٽ واري تر ۾(1) ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿي. +نتيجي طور ٻالجتيءَ واري هن دور ۾، ڏيرن فقيرن جي قبيلي واري نج.... جيڪا سندس مادري ٻولي پڻ هئي، سا ننڍڙي لطيف جي ذهن تي نقش... تي چڙهي ۽ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪلي طور دسترس ۽... پيش خيمو بني. +ان وقت مڪتبي تعليم جو دور هو جنهن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي جي تعليم معياري سطح تي ڏني ويندي هئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري فوري طور تي ڪنهن مڪتب ۾ ڪونه ويهاريو: البت سندس تربيت گهر ۾ ئي ٿيندي رهي جو نه فقط شاهه حبيب پاڻ علم ۽ نظر وارو هو، پر لطيف جي والده به هڪ وڏي فاقيري گهر مان هئي. البت لطيف جڏهن چڱو وڏو ٿيو ته روايتن موجب شاهه حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ اهڙن استادن وٽ ويهاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرهيزگار هئا. انهن اهڙي ته توجهه سان پڙهايو جو قرآن شريف لطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. انهن مان خاص استاد ميون نورمحمد ڀٽي هو، جنهن پوءِ لطيف کي مڪتبي تعليم ڏني. ميون نورمحمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ کي ويجهو اٺن ميلن کن جي پنڌ تي ”وانۡئِينۡ“ جو ويٺل هو.(1) ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. لطيف جي پڙهائي لاءِ شاهه حبيب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ان بعد وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نه رهيو، پر ميون نورمحمد هميشہ لاءِ شاهه حبيب وٽ ايندو رهيو ۽ لطيف جئن ته ويتر وڌيڪ ڄاڻ ڏانهن مائل هو سو ساڻس ملندو رهيو ۽ کانئس سکندو رهيو. بالآخر جڏهن شاهه عبداللطيف اچي ڀٽ کي وسايو ته ميين صاحب کي پڻ سڏي اتي کيس سندس اوطاق ليڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. اهڙي طرح نوجواني واري دور ۾ توڙي پوءِ شاهه لطيف جو پنهنجي مشفق استاد سان ملڻ، وٽس ويهڻ ۽ ساڻس صحبت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو(1). +شاهه لطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم از ڪم ٻارهن سال کن پنهنجي ناناڻن فقيرن ۾ گنباٽ واري تر ۾ گذريا. انهيءَ عرصي ۾، ٻنهي ٻارڙن سان گڏ، ..... لاڳو اولهه طرف، واريءَ جي ڊرٻ واري ايراضي (جنهن ۾ پوءِ هن ’ڀٽ‘... کي وسايو) ۾ پڻ ننڍڙي لطيف مِينهن وسندي رانديون ڪيون هونديون. ان... گنباٽ جي جوءِ ۾ هر ماڳ ۽ ڳوٺ ڏٺائين، ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار... ننڍپڻ وارين انهن يادگيرين جو ئي نتيجو هو، جو پوءِ وڏي هوندي سارنگ... هڪ بيت ۾، ’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي گونج جو ذڪر آندائين... +واهُندَئان وِڄُ ٿي، گَڙيو ڏُونهه گنباٽ. +انهيءَ ٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس سنگت ۽ رفاقت فطري طور ڏيرن فقيرن جي ٻارن... جن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو ۽ جيڪي پوءِ وڏي هوندي سندس پيارا... معتقد ٿيا. انهن مان اجن فقير ڏيرو ۽ سَکر فقير ڏيرو، ٻئي شاهه صاحب جي... فقير هئا. جاني فقير ڏيرو به شاهه صاحب جو ننڍڙي هوندي جو ساٿي هو،... پُٽ عنايت پڻ ڏانهن گهڻو مائل ٿيو. پر شاهه صاحب جو سڀ کان وڌيڪ پيارو ساٿي سندس پنهنجو سڳو ماسات، رب رکيي فقير جو پٽ، محمد عالم هو جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو. شاهه صاحب کيس ڀٽ تي سماج ۽... اڳواڻ مقرر ڪيو. شاهه صاحب کيس ”محمد عالم سچو عالم“ ڪري سڏيو، ۽... هو ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ... سڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي خدمت ڪيائين. وفات به ڀٽ شاهه تي ڪيائين. سندس قبر شاهه صاحب جي روضي جي ٻاهران ڏکڻ طرف، ۽ تمر فقير جي... اوڀر طرف، تربتن جي اتر واري قطار کان لاڳيتي ڏکڻ طرف واري قطار ۾... ٻيو نمبر آهي. +2. والد جي رهنمائي هيٺ تربيت وارو دور (1115-1120هه؟) +ننڍپڻ واري مڪتبي تعليم، بعد بلوغت توڙي نوجواني واري دور ۾ شاهه لطيف جي تربيت پنهنجي والد شاهه حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ هميشہ گڏوگڏ هئا: اهڙو جو ڄڻ هڪٻئي جا رفيق هئا. شاهه حبيب پاڻ.... دعا خاطر تعويذ لکي ڏيندو هو. بعضي هو حال وارا بيت پڻ چوندو هو... عارفن جو صحبتي هو، ۽ خود پاڻ پنهنجي وقت ۾ وڏو فيض وارو عابد... مير علي شير قانع کيس ”ڪريمي سلسلي جو نامارو بزرگ، ۽ وجد ۽ حال وارو... صاحب“ سڏيو آهي (1). سندس تاڪيد ۽ سعيو توڙي سندس نظر فيض اثر جو... سڪيلڌي لطيف سان شامل حال رهيا. ٻئي طرف خود نوجوان لطيف ۾ پاڻ پنهنجو سوچڻ ۽ اعلى اخلاقي ۽ روحاني منزلن ماڻڻ جو ذوق ۽ جذبو موجزن ٿيو. +پر هاڻي شاهه حبيب ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو ۽ نوجوان لطيف جي ڏسڻ وائسڻ جو دائرو اُتر ۾ هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۾ بلڙي ۽ ٺٽي تائين، ۽ اولهه طرفان ڪوٽڙي واري علائقي کان وٺي اوڀر ڏانهن ڀٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اتان کان ڏکڻ ڏانهن نصرپور تائين وسيع ٿيو. +شاهه حبيب جو سئي قندر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ ويهڻ: شاهه لطيف ڏهن ٻارهن سالن کن جو هوندو، جو شاهه حبيب ’سئي قندر‘ واري ڳوٺڙي مان لڏي وڃي اٺ نو ميل ڏکڻ- اولهه طرف ’ڪوٽڙي- مغل‘ ۾ ويٺو. هڪ مقامي روايت موجب سندس لڏڻ جو سبب اهو هو جو شاهه عبداللطيف اڃان سرجيو ئي هو جو ڏيرن فقيرن مان ڪن درويشن شاهه حبيب کي چيو ته: ’قطب سرجيو آهي، هت رجوعات ٿيندي. اسين فقير کٻڙن ۾ لڪا پيا آهيون. هاڻي يا اوهان وڃي ٻئي پاسي ويهو يا اسان کي لڏڻو پوندو.‘ پوءِ شاهه حٻيب وڃي گهران پڇيو ته بي بي صاحبه اميدواري جي تصديق ڪئي. فقيرن جي اها ڳالهه بالآخر سبب بني جو شاهه حبيب سئي قندر مان لڏيو. هيءَ روايت پنهنجي جاءِ تي، پر ڀانئجي ٿو ته سندس سهري عرس فقير ڏيري جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪري شاهه حبيب ’سُئُي قندر‘ واري ماڳ کي ڇڏيو ۽ گنباٽ واري ڀيڻي مان لڏيو. لڏڻ جو ٻيو سبب غالباً اهو هو جو ’ڪوٽڙي‘ جو رئيس مرزا بيگ مغل جيڪو سندس عقيدتمند هو، تنهن خير ۽ برڪت خاطر شاهه حبيب کي دعوت ڏيئي وٺي آڻي ڪوٽڙي ۾ رهايو جو کيس دعا ۽ سهاري جي ضرورت هئي. سانگي جي بيان موجب، شاهه حبيب ڪوٽڙي شهر لڳ ٻاهران پنهنجو گهر ڪيو(1) ، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو گهر، مرزا مغل بيگ جي حويليءَ واري ڪوٽ جي الهندي طرفان هو. +شاهه حبيب هاڻي پنهنجي سعادتمند فرزند کي پنهنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي سڄو توجهه سندس تربيت تي ڏنو ته جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽ روحاني طور اعلى درجي کي پهچي. کيس هميشہ پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويو اتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وهاريائين. کيس وٺي اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي آخري آرام گاهه تائين پاڻ سان گڏ نيائين، ۽ پڻ شاهه ڪريم جي فقيرن سان ملايائين: ٻئي طرف ميين شاهه عنات سان ملڻ لاءِ کيس شاهپور-نصرپور تائين گهمايائين. اهڙيءَ طرح بلوغت ڏانهن اُسرندڙ، سالم طبع ۽ ذهين لطيف پنهنجي والد سان گڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ... هاڻي سندس ڏسڻ وائسڻ جو دائرو ويتر گهڻو وڌيو: يعني اُتر طرفان هالا ... هيٺ لاڙ ۾ بُلڙي ۽ ڍٽي تائين ۽ اوڀر طرف گنباٽ کان اڳتي ڀينءَ پور،... شاهرپور ۽ نصرپور تائين وڌيڪ وسيع ٿيو. البت سندس گهڻو ساتو وقت ... ۾ ئي پئي گذريو: شاهه حبيب جهڙي اهل دل درويش پنهنجي سپوٽ ... پاڻ جيڏهن سان راند رونس ڪرڻ کان ڪونه ٿي روڪيو، جو ان ننڍي... لطيف جو گز ڪمان کڻڻ يا ساٿي ٻارن سان لڪ لڪوٽي راند ڪرڻ جو.... ذڪر آيو آهي. پر شاهه حبيب ساڳئي وقت وڏي سرت سمجهه واري لطيف کي... توجهه، اعلى تربيت ۽ عارفانه نظر سان اعلى اخلاق ۽ نيڪ اعتقاد ڏانهن... نوجوانيءَ واري دور ۾ قدم رکڻ سان گڏ کيس طريقت جي راهه ڏسيائين. خواهشن تي ضابطي خاطر زهد ۽ جهد جي تلقين ڪيائين. پنهنجي والد ... اهڙي هرايت ۽ رهبري هيٺ نوجوان لطيف لوڪ کان پاسيرو ٿي، جهنگ ۾.... ڌڻيءَ جي ياد ۾ محو ٿي، پنهنجي نفس کي نمائڻ ۽ پاڻ پچائڻ لڳو. هن... پري ٿي جن ماڳن تي رياضت ڪئي ۽ چِلا ڪڍيا تن سڀني بابت معلو... نه رهي آهي، پر البت ٽن اهڙين جاين بابت پوري پڪ آهي جتي هو وڃي ويٺو ۽ عبادت ۾ محو ٿيو. اهي جايون اڃان تائين نوجوان لطيف جي ... رياضتن ڪرڻ سببان مشهور ۽ محفوظ رهيون آهن. +انهن مان هڪ هو لئــٖـي جو وڏو شاهي وڻ، جيڪو پوءِ ’لال لَئو‘.... جنهن جي جُهنڊ ۾ لطيف وڃي ويهندو هو. اهو وڻ سندس گهر کي ويجهو.... واري لاڳيتي جهنگ ۾ هو، جتي شايد ڪنهن اڳئين درويش جو مقام... پوءِ شاهه لطيف جي ڪڍيل چِلي ۽ ڪشالي جي يادگار طور مسجد، کوهه... ٺهيون، جن جا آثار توڙي انهيءَ ڀيڻيءَ وارا وڻ هن وقت تائين موجود آهن. وڻ جنهن جي جهُّنڊ ۾ لطيف وڃي ويهدنو هو سو اتر طرف، مسجد واري ويجهو آهي. ان جاءِ تي اڃان تائين هڪ جهونو ڏوڙو ڏنگو ’لئو“... جيڪو چون ٿا ته ان اصلي ’لئي‘ جي بنياد مان آهي. +ٻيو نشان غالباً خود ’ڀٽ‘ واري اها جاءِ هئي جتي پوءِ شاهه لطيف حجرو ٺهرايو. ان جاءِ تي هو هڪ وڻ جي جهُّنڊ ۾ اڪيلو محويت ... ويٺل هو جو قلندر شوري، جنهن اتي پنهنجيون ڏاچيون پئي چاريون... ڏاچين به کيس ڏسي ٽاهه کاڌو جو قلندر ڊوڙي وڃي سندس ڳوٺ (جيڪو... کان ڪوهه کن ڀٽ واري طرف هو) پنهنجي پيءُ صاحبڏني کي ٻڌايو.... ’شاهه حبيب جو پٽ اڪثر هن جُّوءِ ۾ ويراڳ ۽ بيخوديءَ واري... آهي، ۽ جيڪڏهن هو ٻئي ڀيري کيس ڏسي ته کانئس دعا گهري‘ (1). .... هو جيڪو هاڻي ’شاهه جو ڪنڊو‘ ٿو سڏجي، جيڪو ڀٽ کان... اتر طرف (ريلوي اسٽيشن کان به اوڀر ڪنب داڙون- شهدادپور... آهي ۽ جتي اڃان تائين وڻن جو جهُّنڊ موجود آهي. ان جو ذڪر ... روايت جيڪا ان وقت جي اکين ڏٺي شاهد قلندر شوري کان... سندس والد وڏيري صاحبڏني جي زباني تصديق ٿيل آهي، ان مان... حبيب مسلسل طور وڏي ڌيان ۽ پختي ارادي سان پنهنجي پياري... ڪئي ته هو زهد ۽ رياضت ذريعي روحاني طور ڪماليت جي... مٽياري جي دورويش هاشم شاهه جي عبداللطيف جي ولادت بابت... روايت مٿي بيان ڪري آيا آهيون. شاهه حبيب بيشڪ پنهنجي ڀلاري... دعائيه لفظن تي پڪو يقين رکيو هو: ’لطيف جي بوءِ اچڻ‘ يعني... معنى خيز هئا. شاهه حبيب پنج سال کن نوجوان لطيف جي هر طرح.... ۽ هاڻي جڏهن کيس ڪجهه اهڙو ڀروسو ٿيو ته عبداللطيف زهد... ڪافي ترقي ڪئي آهي، تڏهن پنهنجي اطمينان خاطر، کيس مٽياري..... وٽ وٺي ويو. ان وقت شاهه عبداللطيف جي عمر 17 سال کن هئي... لطيف ۾ اعلى صلاحيت جا آثار ڏٺا، پر ڀانئجي ٿو ته باوجود رياضت... مٿس مجازي رنگ باقي هو جو هن درويش کيس اڃان به ... ڪمال طرف ترغيب ڏيندي چيو ته: +’حبيب جو پٽ (اڃان) پچي راس نه ٿيو آهي“ +پهچڻ واري تربيت اڳيئي سندس والد طرفان جاري هئي، پر هن نوجوان لطيف ۾ نئون جذبو جاڳايو جو هو موٽي اچي زهد ۽ عبادت ۾ (”باز ورع اختيار کرد“) ۽ مسلسل مجاهدي سان بالآخر مجازي سٽيائين ۽ پنهنجي اندر جي آئيني کي ايترو ته اُجاريائين جو ڏسڻ پسڻ جا طور طريقا مٿس عيان ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ’ڪنڊي واري ماڳ‘ ۾ ياد الا��ي ۾ محويت ۽ ان موقعي تي پنهنجي والد شاهه حبيب طرفان... تي سندس ڏنل جواب مان ملي ٿو. جئن شاهه لطيف هاڻي وڏو هو... پنهنجي والد کي حال ڏيندو هو ته هُئو ڪٿي وڃي ٿو چلو ڪڍي. عبادت لاءِ ويهڻ کان پوءِ شاهه حبيب سندس سماءُ لهندو هو ۽ پڻ روحاني واردات ۾ سندس حال ڀائي ٿيندو هو. هن ڀيري وچان هڪ ٻن ڏينهن جي وٿي پئجي ويئي ۽ واءُ لڳڻ ڪري ڪنڊي واري جاءِ کي مٽي گهيري ويئي ۽ لطيف جي جسم تي پڻ لٽ چڙهي وئي. ان حالت ۾ کيس ڏسي شاهه حبيب جي دل ڀرجي آئي (جئن تصغير ۾ آندل پيار ڀرئي لفظ ’انگڙا‘ مان ظاهر آهي) ۽ چيائين ته: +”لڳي لڳي واءَ، ويا انگڙا لٽجي“ +والد جو هي دلنواز آواز ٻڌي شاهه لطيف پڻ ساڳي جذبي سان جواب ڏنو ته: +”پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرين جي“(1) +شاهه لطيف جو هيءُ جواب، جنهن ۾ ساڳي دلپذير بيان ۽ ساڳي دلپذير معنى ۾ ٻي سٽ چئي بيت پورو ڪيائين، سو ان عمر ۾ سندس اعلى شاعرانه شعور جو آئينو آهي، پر ان کان وڌيڪ اهو سندس اندر جي اوجر ۽ روحاني رُتبي تي شاهد آهي، ڇاڪاڻ جو هن جواب ۾ سندس پنهنجي ’نِيستي‘، ’ڀرپور سڪ ۽ صبر‘ ۽ ’عشق الاهي ۾ رچي راس ٿيڻ‘ جا سڀ اهڃاڻ سمايل آهن (2). +پير هاشم شاهه سان پهرئين ڀيري ملڻ کان پوءِ شاهه لطيف ٽي سال کن سانده رياضتون ڪيون هيون. هينئر سندس عمر 18 سال کن هئي. شاهه حبيب هاڻي جڏهن ٻيهر کيس فيض ۽ نظر جي صاحب پير هاشم شاهه جي خدمت ۾ وٺي ويو تڏهن هن لطيف کي محبت ۽ شفقت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ دعا ڏيندي چيو ته: +’لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.‘ +يعني ته ’آئنده خود لطيف پنهنجو چراغ شروع ٿيندو‘، يا ٻي مراد ته ’هن وقت به روشن آهي پر اڃان اڳتي هلي گهڻو وڌيڪ روشن ٿيندو.‘ *ٻنهي حالتن ۾ هيءَ ورندي واڌائي واري هئي: هڪ طرف شاهه حبيب کي اطمينان ٿيو ته سندس والدانه تربيت جو مقصد پورو ٿيو، ته ٻئي طرف شاهه لطيف کي مستقبل ۾ شمع روشن ٿيڻ واري واڌائي سان گڏ ويتر وڌيڪ ترغيب ملي ته کيس سلوڪ ۽ معرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به اڳتي قدم وڌائڻو آهي. درويش هاشم شاهه پوءِ سگهو ئي تاريخ 12 ربيع الاول سنه 1120هه ۾ وفات ڪئي. ان وقت شاهه لطيف جي عمر ڀريا ارڙهن سال هئي. آئنده تربيت جي واڳ هاڻي خود سندس پنهنجن هٿن ۾ هئي: شفيق والد پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو هو، ۽ درويش هاشم شاهه پڻ سندس نالو وٺي کيس ئي دعا سان نوازيو. +3. پاڻ پنهنجي تربيت ۽ ڪماليت ڏانهن قدم وڌائڻ وارو دور (1120-1142هه) +جوان- سال لطيف جو ’خود پاڻ پنهنجي تربيت وارو‘ هي دور ويهه- ٻاويهه سال کن مسلسل طور جاري رهيو. اهو سندس زندگي جو خاص الخاص طلب ۽ تلاش، پرجهه ۽ پروڙ وارو دور هو، جيتوڻيڪ سندس عارفانه تحقيق جو سلسلو سڄي عمر تائين هلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان، هيءُ دور ٻن حصن ۾ وراهيل نظر اچي ٿو: هڪ پهرين پنڌرهن سالن (1120-1135هه) وارو دور جنهن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ نسبتاً ڪجهه پراهان هئا، ۽ ٻيو پوين پنجن- ستن سالن کن وارو دور (1135-1142هه) جنهن ۾ سندس ٻاهرين پنڌن سنا گڏ ’ڀٽ واري ڀيڻي‘ تي پڻ توجهه ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي مسلسل طلب ۽ تلاش جا اڳتي هلي جيڪي نتيجا نڪتا، ۽ جن جا اهڃاڻ شاهه عبداللطيف جي پوئين دور واري زندگي ۾ نمايان ٿيا، تن جي بناءَ تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن عرصي ۾ سندس عملي ۽ فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح چئن قبلن طرف رهيو: (1) ڏسڻ پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻ خاطر سير سفر جو سلسلو شروع ڪيائين، (2) شاديءَ جي رسم پوري ڪيائين، (3) عارفانه زندگي جي عملي راهه رسم جي ڄاڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش (3) سلوڪ ۽ معرفت جي اعلى معنوي فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ ميين شاهه ڪريم جي ننڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل رازن کي پردو... ڪيائين، (5) ٻين جي تلقين لاءِ پنهنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ واين ذريعي ... پهه ڪيائين. +پنهنجي سر، شاهه لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جي... ماڳن سان ٿي جتي اڳ هو پنهنجي والد سان گڏجي ويندو هو. انهن ۾ مٽياري، گنجو ٽڪر ۽ اڳتي بلڙي ۽ ٺٽو هئا. بلڙي سندس ڏاڏاڻو.. سندس وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جون قبرون اُتر طرف (پراڻن) هالن جي تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو ۽ ... ماڳ هو. شاهه لطيف جي وقت ۾ به عالمن ۽ درويشن جو گهر هو... اوڀر طرف ’گولي پير جو مقام‘ سندس واسطي اهميت وارو هو، پڙڏاڏي جلال شاهه (جمال شاهه) شهيد جو مزار هو. اتان اوڀر- ڏکڻ طرف... ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان ديدار لاءِ اهميت وارا هئا. خاص... ۽ اڳتي شاهپور ۽ نصرپور وارو ڀاڱو ويجهو هو، جتي وڏو شاعر ۽ درويش.. اڃان زنده هو، ۽ شاهه لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو. ساڱري... طرفن ۽ پوءِ اڳتي هيٺ لاڙ ۾ ويندي بدين تائين ڪي اهڙا ماڳ هئا... فيض وارا فقير ۽ عالم موجود هئا؛ پڻ ڪن ماڳن تي اڳين مشائخن جون خانقاهون ۽ درگاهون هيون، جن منا گهڻا سندن وقت ۾ ميين شاهه ڪريم جا صحبتي هئا. انهيءَ ڪري انهن ڏانهن شاهه لطيف جو لاڙو فطري هو.... ڪنار سان، اتران پهريائين مشائخ هوٿي جي درگاهه هئي، جيڪو... کانئس پوءِ سندس ٻه پهتل فرزند احمد ۽ محمد ميين شاهه ڪريم... ان کان ڏکڻ طرف ڪن ٻين اهل مماتي وارن بزرگن جون مزارون... پڻ ميين شاهه ڪريم جي وقت جا هئا ۽ شايد ساڻس مليا هئاـــ مثلاً... ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي، پنيو سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومر... شيخ موسو، رڪن الدين ولد رتو (جُنوڻ جي علائقي جو)؛... مهراڻ فقير نهڙيو، مخدوم صابر ولهاري، مٽياروي سيد ساجن سوائي... (ولهار ۽ ونگي علائقن جا). ميين شاهه ڪرين جي ناتي سان،... انهن درويشن جي ماڳن مڪانن کي ڏوري ڏسڻ فطري هو، جيتوڻيڪ ٻين جي تلاش ۾ ڪن ٻين جاين تي به ويو هوندو. اڳتي تلهار ۽ بدين طرف... وڏن عزيزن بزرگن جون مزارون ۽ خانقاهون هيون. ميين شاهه ڪريم ۽ ٻئي وڏا لائق ۽ سالڪ هئا. اڃان اڳتي بدين لڳ، ’شهاب الدين سهروردي جي مقام‘ ۾ (جيڪو عوام ۾ ’شاهه بَدِي جو مقام‘ سڏجي) خود ميين شاهه ڪريم جو... ’شاهه للو‘ مدفعون هو. انهيءَ ڪري ساڱري جي ولين جي ماڳن مڪانن، کان پوءِ اڳتي ويندي بدين تائين شاهه لطيف جو وڃڻ بلڪل قرين قياس نظر اچي ٿو. +سندس هن سير سفر واري دور جا پهريان پنج ڇهه سال غالباً گهڻي حد تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گذريا. هن عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻا گهمرا پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين ۽ گهڻو ڪجهه پرايائين. هاڻي هو وڌيڪ وڏا ڏيهه ڏورڻ وارو هو يعني ته پڪن اُڀرندڙ... سان مالامال ٿي ڪماليت طرف قدم وڌائڻ وارو هو، جو کيس زميني زندگيءَ... هڪ اهم منزل مان مٽڻو پيو، ۽ اها هئي سندس شادي جنهن ۾ سندس شفيق... جي رضا ۽ رغبت اثرانداز ٿي. هن وقت سندس عمر 24 سال کن هئي. +شاديءَ جي رسم: شاهه عبداللطيف جي ڳڀورائي ۽ بلوغت وارو دور اڳ ختم ٿي چڪو هو، پر فهم ۽ فڪر جي ڪمال ۽ عروج طرف وڌڻ جي اڃان ابتدا هئي: سندس توجهه ڪماليت جي راهه ۾ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشالي ۽ قدم اڳتي وڌائڻ طرف هو، جو ڄاتائين ٿي ته ويهڻ جو وقت ڪونهي ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻو آهي. شادي ۽ گهر ٻار ڪري ويهي رهڻ سندس سالڪانه جدوجهد ۽ جستجو جي خلاف هو. شاديءَ بابت سندس خيال ساڳيا وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارا هئا، جنهن شاديءَ کي رنج ۽ آزار ٿي سمجهيو ۽ رڳو ’لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي هئائين‘(1) . شاهه عبداللطيف جو پنهنجو چوڻ هو ته جيستائين حق جو طالب مطلوب سان نه ملي، ... سالڪ الاهي وصال نه ماڻي تيستائين شادي نه ڪري، ڇاڪاڻ جو سلوڪ جي راهه ۾ ڪاميابي آزادي ۽ يگانگي ۾ آهي(2) . باوجود انهيءَ جي جو سندس سڄو توجهه اخلاق ۽ ڪردار جي معراج طرف هو، زندگي جي هن مرحلي تي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو کيس شادي ڪرڻي پئي. +(1)لطائف لطيفي، فارسي متن، 169. +(1) سن 1964ع ۾ هن سلسلي ۾ پڇائون ڪندي، قاضي حڪيم محمد بخش مرحوم (9 آگسٽ 1964ع) تصديق سان ٻڌايو ته: سيد جيئندل شاهه اصل ويٺل ’هالا حويلي‘ پوءِ اچي ڳوٺ عثمان شاهه جي هڙي ۾ ويٺو هو، سو چوندو هو ته ڀٽائي صاحب... ۾ ڄائو ڪونه هو پر وڏي هوندي ’هالا حويلي‘ مان سندس لنگهه هو، جو اتان ’ڀينءَ پور‘ ڏانهن پنهنجن مريدن فقيرن وٽ ويندو هو. اها واٽ هن طرح هئي: ڀٽ، هالا حويلي، نصرپور ۽ اتان ’لڌا سما‘ ۽ ’ڀينءَ پور‘ جيڪي ٻئي لڳو لڳ آهن. +(2) ’گنباٽ‘ هڪ وڏي ايراضي جو نالو هو. موجوده صورتحال موجب، اها ايراضي تعلقي جي حدن ۾، شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم وچ ۾ ريلوي لائين کان اولهه طرف... واهه سکر بئراج تائين، اتر ۾ ’مَلدسِي‘ ۽ ’گولي پير‘ تائين، ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ... تائين هئي. سمن جي دور کان وٺي هي هڪ وڏي آباد ايراضي هئي. ترخانن جي... ايراضي شاهه قاسم بيگلار جي جاگير ۾ هئي، جنهن هتي گنباٽ وارو قلعو ٺهريو، جنهن... ’مٺن فقير ڏيري‘ جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ اولهه طرف، ويندي 1976ع تائين موجود +(1) ’وانئين‘ يعني ننڍڙي ’وانءِ‘ يا ننڍڙو ڳوٺڙو، جنهن کي سانگي، مرزا قليچ بيگ ۽ لواڻي ’وائي‘ ڪري لکيو. سانگي ڄاڻايو آهي ته اهو ڳوٺ اڏيري کي ويجهو آهي. لولواڻي... سنه 1889ع ۾ ان بابت پڇا ڪئي هئي، سو لکي ٿو ته اهو ڳوٺڙو اڏيري کان چار ميل ۽ ڀٽ کان ٻارهن ميل پري آهي ”جتي هن وقت ابڙا رهن ٿا“ (1899ع ۾ ڇپيل انگريزي ڪتاب، ص 11). +(1) ڀٽ تي ميين نورمحمد واري اوطاق 1954ع تائين موجود هئي ۽ ان سال مٿي درگاهه ڏانهن ويندڙ رستي کي سرڪاري طور ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين جي اوطاق‘ رستي جي وچ ۾ اچي ٿي وئي ۽ ’بل ڊوز‘ ڪري ڊاٺي وئي. پوءِ فقط هڪ کوهي باقي وڃي رهي هئي، جيڪا رستي جي پوري وچ تي مٿان ڪنهن شيءِ سان ڍڪي ڇڏي هئائون، جيڪا راقم پاڻ ڏٺي هئي. ’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دڪي‘ ٺهيل هئي، اها چُن سان لتل هئي.... ميان ان جي خاص سنڀال ڪندا هئا ۽ روزانو ڇنڊ ڦوڪ ڪندا هئا جو شايد بعضي شاهه جڏهن پنهنجي استاد وٽ ايندو هو ته ان دڪي تي ويهندو هو. ميين نورمحمد جي پٽ ميين ولي محمد جي شاهه صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر جو وفات بعد ميين ولي محمد... شاهه صاحب کي غسل ڏياريو ۽ جنازي نماز پڙهائي. +(1) ”مير حبيب الله که همانا ذات اقد سيش ناموس سلسلہ کريميہ و بکرامات ظاهره اظهر ست“ (مقالات الشعراءِ، ص 357) ”هميشہ صاحب وجد و حال بوده و استغراق ڪما... (تحفة الڪرام، مطبع ناصري دهلي، 3X173). +(1) اهڙو اشارو سانگي جي نظم ۾ آهي. (لطائف لطيفي، ص 61). +(1) لطائف لطيفي (ص93-94) جي پڙهڻي ”پسڻ خاطر“ آهي. لالواڻي جي انگريزي ڪتاب (”شاهه لطيف“ ص 18) ۾ ڏنل پڙهڻي ”پسڻ ڪارڻ“ آهي. +(2) سانگي، هن اهم واقعي جي اصليت بدران ان جي بالڪل هڪ عامي روايت کي قلمبند ڪيو آهي. (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 144-145) ته: شاهه لطيف ان وقت ننڍو ڇوڪرو هو ۽ محض راند خاطر ٻين ڇو��رن سان گڏجي اتي ويو ۽ راند ڪندي هو هڪ ڪنڊي جي ٿڙ واري پور ۾ وڃي لڪو يا ان جي آڏو واريءَ جو دڙو هو تنهن ۾ لڪو جو کيس ڪير به ڏسي نٿي سگهيو. ٻيا ڇوڪرا بالآخر موٽي ويا پر پاڻ اتي ئي عبادت ۾ محو ٿي ويو. هن روايت ۾ هيءُ راند وارو غالباً گهڻو پوءِ ڳنڍيو ويو ته جيئن ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪرامت وڌيڪ روشن ٿئي. پر ان موقعي تي شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي چيل پُر معنى سٽن مان ظاهر آهي ته شاهه لطيف ان وقت راند واري وهيءَ کان وڏو هو، ۽ پنهنجي ڪيل رياضت توڙي شاهه حبيب..... +* ان بعد هن روايت ۾ هيٺيان لفظ آهن: +”پوءِ] شاهه حبيب[ سمجهيو ته ڪمال حاصل ٿيو آهي. پوءِ +ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪيائون ۽ مريد ڪيائون.“ +ظاهر آهي ته اهي الفاظ پوءِ راويءَ طرفان وڌايل آهن. پير هاشم شاهه واري زباني سان ڄڻ انهن.... +(1) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو مرتب ڪيل ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“،...ع ڇاپو، ص 9-10) +(2) لطائف لطيفي (فارسي متن، ص 104. + + +ڪوٽڙي جو رئيس مرزا بيگ مغل مقابلي ۾ دل قبيلي جي ماڻهن هٿان... 1124هه ۾(3) مارجي ويو. سندس ٻار ٻچا بي واها ٿي پيا، ۽ سواءِ شاهه حبيب جي ٻيو ڪو سندن سهارو ڪونه هو. مرزا بيگ کي هڪ ڇوڪرو هو جيڪو... سگهو ئي فوت ٿيو ۽ باقي فقط سيده بيگم (يا سعيده بيگم) هڪ نيڪ سيرت نياڻي هئي. شاهه حبيب پنهنجي معتقد جي هن بيواه ڪٽنب جي ضائفائن... ۽ سهارو ڏيڻ ضروري ڄاتو، ۽ سندن رضا بعد پنهنجي فرزند کي مڃايو ۽ بيبيءَ سان سندس نڪاح ڪرايو. جيڪڏهن شاهه لطيف، ان کان اڳ بيبي کي ڏٺو هو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونهين دکيل هئي ته به ان کي ڍڪ... ٻاهر ڪابه ٻاڦ ڪانه ڪڍي هئائين (1). پر غالباً شادي واري موقعي کي پنهنجي سالڪانه صبر سان ان خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو هو... والد جي رضا ۽ هڪ بيواهه ۽ يتيم گهر کي سهاري ڏيڻ خار ئي شادي... ان جي تصديق شاهه لطيف جي اِزۡدَواجي زندگي جي اهڃاڻن مان ئي ٿئي ٿي. زندگي جي هن مرحلي تي سندس سڄو توجهه حق ۽ حقيقت جي... طرف هو، انهيءَ ڪري سندس هن شادي کي اسلامي زندگي جي هڪ... رسم کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانه هئي: خاص طرح هن مرحلي تي سندس ڪا عاشقي جي بُوءِ هئي، ته نه ڪو انساني جو رنگ هو(2). شادي بعد... جو پنهنجي گهر سان جيڪو برتاءُ رهيو سو شاهانه ۽ شريفانه هو پر ... روايتن موجب بيبي صاحبه کي اميدواري ۾ پلي جي سَڌ ٿي ۽ ونهيون فقير.... تڪليف سان پلو وٺي آيو ۽ سهڪندو آيو. شاهه صاحب سبب معلوم ڪيو... ٻار اڃان پيٽ ۾ ئي آهي ته فقير کي ايڏو هلاک ڪيو اٿس، ڄمندو... ته الائجي ڇا ڪندو! اهڙيءَ طرح ٻڍڙي خدمتگار فقيرياڻي تي بي بي... ڪيو جيڪو شاهه صاحب کي ڏکيو لڳو. ان بعد ڪو اهڙو سبب ٿيو ... خير ڪو ڄائو(1) . +حقيقت ۾ شاهه جي زندگي جو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي اهڙو دور شروع ٿي چڪو هو جو سندس سوچ ويچار جا معيار مٽجي ويا هئا: پنهنجي گهر- واريءَ جي ســَـڌن جي پورائي کان وڌيڪ پنهنجن مخلص فقيرن جي تڪليف کي مهانگو ٿي سمجهيائين. شاديءَ کان اڳ گهر کي ڇڏيو هئائين ۽ گهڻو وقت ڪوٽڙيءَ کان ٻاهر پئي گذاريائين. شاديءَ بعد به گهر ڪري ڪونه ويٺو. سندس هل هلان جو سلسلو ڀٽ وسائڻ کان پوءِ تائين هلندو رهيو. سانگي ڄاڻايو آهي ته: ان وقت به شاهه صاحب گهڻو وقت ٻاهر گهمندي پئي گذاريو ۽ جڏهن ڀٽ تي هوندو هو ته به گهڻو وقت مسجد ۾ هوندو هو ۽ پنجئي وقت نماز جا جماعت سان پيو ادا ڪندو هو. ان کان سواءِ ٻيو به گهڻو سارو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو، ۽ اندر حويلي ۾ جيڪا مسجد سان لڳو لڳ اتران هئي، گهٽ ئي ويندو هو(2). +شاهه ڪريم جي طور طريقي کي سمجهڻ: مٿي چئي آيا آهيون ته زندگي جي سفر ۽ ڪشالي واري ٻئي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻا گهمرا ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين، جتي ذڪر ۽ سماع ۾ شريڪ ٿي ان سلسلي کان واقفيت حاصل ڪيائين، جيڪو پوءِ پاڻ ڀٽ تي قائم ڪيائين. شاهه ڪريم بابت هلندڙ ڳالهين هٿ ڪرڻ لاءِ ڪريمي فقيرن سان صحبتون ڪيائين جن مان جتن فقيرن سان پوءِ هميشہ لاءِ سندس نينهن ۽ ناتو ٿي ويو. شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين بابت ڪتاب (غالباً ’بيان العارفين‘) دستاد ڪري مطالعي لاءِ پاڻ وٽ رکيائين جيڪو پوءِ هميشه لاءِ پاڻ سان گڏ کڻندو هو(1) . ميين شاهه ڪريم جي تواضح ۽ نهٺائي، تجريدي زندگي کي ترجيح، فطري مشاهدن ۽ روزمره جي ڌنڌن ۽ مشغلن جي مطالعي مان حقيقت تائين پهچڻ نون سلسلن شاهه لطيف جي ذهن ۽ فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو. +ميين شاهه ڪريم پنهنجي طرفان ڪيل هدايت ۽ تلقين ۾ اعليٰ انساني ڪردار توڙي عارفانه فڪر کي گاهي بگاهي پنهنجن توڙي ٻين درويشن سهڻن سنڌي بيتن طور سمجهايو هو. اهو طور طريقي جو هڪ بهترين مثال جي شاهه لطيف جي سامهون آيو. ان کان اڳ کيس پنهنجي والد شاهه حبيب عام فهم بيتن ذريعي اهڙي تربيت ملي هئي. ان وقت ميون شاهه عنايت... عام فهم سنڌي منظوم ڪلام اڳواڻ هو، بلڪ عام مقبول سنڌي بيتن جي شاعري جو بادشاهه هو. گنباٽ واري ڀيڻي جتي شاهه عبداللطيف جي ننڍپڻ... اتان ميين شاهه عنات جي شاهپور ويهن ميلن تي هئي. ڪوٽري کان به... نصرپور ايتري ئي پنڌ تي هيون. ميين شاهه عنات وٽ وڃڻ ۽ سندس صحبت مان... ٿيڻ لڳو. اهي ملاقاتون ۽ صحبتون اندازَ سنه 1122هه کان وٺي، جڏهن... جي عمر ويهه سال هئي وڌيڪ گهاٽيون ٿيون. ڪم از ڪم سڄا سارا ڏهه-.... پوءِ ويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه عنات جي وفات تائين مسلسل طور جاري... پنهنجي جوان ذهن ۽ سالم طبيعت توڙي ميين شاهه عنات کان گهڻو ڪجهه پرايو. ميين شاهه عنات جي وفات بعد پڻ سندس ڪلام سان شاهه صاحب جي گهڻي رغبت رهي... عڪس شاهه صاحب جي بيتن ۾ نمايان طور نظر اچي ٿو(1) . +ذوقِ ڪمال ۾، مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل سلوڪ ۽ معرفت جي رازن کي... +شاهه لطيف جي ذوقِ ڪمال کيس حق ۽ حقيقت جي اعليٰ مقامن جي... ڪيو. سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر جا اهڃاڻ، توڙي ديني توڙي رسمي ڄاڻ کان اڳتي اسلامي تعليم ’روح‘ تائين پهچڻ جا راز، ... کي شاهه ڪريم جي ”بيان العارفين“ ۽ مولانا جلال رومي جي مثنوي ۾ نظر آيا... پاڻ تربيت واري هن دور ۾، شاهه لطيف خاص طرح مثنوي کي سمجهڻ طرف گهڻو... چئي نٿو سگهجي ته شاهه کي مثنوي جي باک ڪٿان پئي ۽ ڪيئن پئي، ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين طرف توجهه ڪندي، کيس ”مثنوي... اهميت ۽ عظمت جو پتو پيو، ڇاڪاڻ جو ميين شاهه ڪريم کي مولانا رومي جي +مثنوي توڙي سندس ديوان مان بيت ياد هئا (1). البت شاهه صاحب کي مثنويءَ مان هن دور ۾ ڪنهن روشناس ڪرايو، سو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته ٺٽي جي عالمن جي صحبتن ۾ شاهه صاحب کي مثنوي بابت وڌيڪ واقفيت ٿي ۽ مثنوي پاڻ وٽ رکيائين. هن دور جي پوين سالن ۾ ڊاسوڙي جي عالم ۽ درويش محمد عارف جو فرزند محمد صلاح پڻ، جنهن کي فارسيءَ تي دسترس هئي ۽ پڻ مثنوي جو ڄاڻو هو، سو شاهه صاحب جو معتقد ٿيو، جئن ئي هو شاهه صاحب جو ارادتمند ٿيو ۽ سندس خدمت ۾ اچڻ لڳو ته غالباً شاهه صاحب کانئس مثنوي پڙهائڻ ۽ ٻڌڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو پوءِ زندگي جي پوئين دور تائين جاري رهيو. مثنوي سان شاهه جي شغف جي ايتري ته مشهوري ٿي، جو وقت جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي مثنوي جو هڪ سهڻو قلمي نسخو شاهه صاحب ڏانهن تحفي طور موڪليو. پر خوبي جي تلاش واري هن هلندڙ دور کي، مثنوي کي خاص توجهه سان ٻڌڻ سمجهڻ سان شاهه صاحب جي سجاڳ ذهن ۽ صاف دل تي جيڪو ڪجهه نقش ٿيو، تنهن مان سندس رهنمائي خاص انهيءَ طرف ٿي جيڏانهن هو پاڻ مائل هو: يعني ته انسان جي زميني زندگي جو راز ئي انهيءَ ۾ آهي ته ڪمال جي جستجو ۾ رهي ۽ ڪمال لاءِ ڪشالو جاري رکي. +قادر جي قدرت، ڪائنات جي وسعت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي جي حقيقت ۽ هن زميني زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ انساني جي اخلاق ۽ ڪردار جي ڪيفيت کي پرجهڻ ۽ پروڙڻ خاطر شاهه صاحب هڪ جاءِ تي ويهڻ ۽ گهر سنڀالڻ بدران ڏسڻ ۽ ڏورڻ، ڪهڻ ۽ ڪشالا ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هن دور ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ جي ڀر وارن جن ملڪن ۽ ماڳن کي ڏٺو،تن سڀني بابت معلومات محفوظ نه رهيا آهن. البت ڪڇ ۾ شاهه ڪريم جي معتقد جــَـتن فقيرن وٽ گهڻو ويو، جيڪي پوءِ سندس ئي مريد ٿي ويا. اڀرندي ڏانهن سندس جيسلمير طرف وڃڻ بابت به ڪي پڪا دليل موجود آهن. الهندي طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي وارو ملڪ ڏٺائين ۽ شايد اڃان به اڳتي خزدار تائين ويو. اتر طرف ملتان تائين ويو. سنڌ ۾ لاڙ، کارو، ٿر، وچ کاڇو ۽ اُتر سڀ ڏٺائين. سفر جي هر طبقي ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان مليو، وٽن ويٺو ۽ سندن روزمره ڪرت ۽ ريت رسم کان واقف ٿيو، جنهن جو پختو پختو ثبوت رسالي جي مختلف سرن ۽ داستانن هيٺ سندس بيتن ۽ واين ۾ موجود آهي. +(3) هن سن سال جو مدار مير علي شير قانع واري روايت تي آهي، جنهن جي تاريخي ماده... بک مغل بہ بود‘ يا ’بود خبيث‘ ڄاڻايل آهي. +(1) شاهه لطيف جو مرزا بيگ جي حويلي ۾ دعا لاءِ وڃڻ ۽ سيده بيگم جي چيچ ڏند ڪٿا نه فقط سنڌ جي تهذيب ۽ ريت رسم جي خلاف آحي، پر شاهه لطيف جي ... (جنهن لاءِ سندس والد سالن جي توجهه سان سندس خاص تربيت ڪئي هئي) جي... اصل ۾ مير علي شيخ قانع (محض شاهه لطيف جي ڪرامت بيان ڪرڻ خاطر) ايترو... مغل اڳ مخالف هو‘، پر ائين ڪونه چيائين ته ڪو شاهه لطيف جي سندس حويلي... انهيءَ ڪري هو مخالف هو. اها ڳالهه پوءِ بنائي وئي ۽ سانگي پهريائين ان کي... پوءِ ٻين ان کي نقل ڪيو. شاهه لطيف جي شاديءَ واري زندگي جي اهڃاڻن... بيان جي ڪلي طور تي ترديد ٿئي ٿي. (ڏسو هيٺ). +(2) مرزا قليچ بيگ شاهه جي شاديءَ جي سلسلي ۾ صحيح راءِ قائم ڪئي آهي... پٺيان شادي ڪين ڪيائين.‘ ’سندس بيبي گهر واريءَ سان.... اوتري محبت ڪانه... نڪا عشق ئي ڪا شادي ڪئي هئائين. رڳو شرع شريف جي حڪم پوري ڪرڻ... جي سهنج لاءِ شادي ڪئي هئائين... شادي ڪرڻ به هڪڙي سنت هئي، تنهنڪري (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي. ص ص 60، 61). +(1) مرزا قليچ بيگ، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 26؛ لولاڻي، انگريزي ڪتاب ص 21؛ دين محمد وفائي، لطيف اللطف، ص 96، 98. +(2) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 127. باوجود انهن اهڃاڻن جي، شاهه جي شاديءَ کي سانگي ’افسانهء عشق‘ ۽ ’عشق بازي‘ طور منظوم ڪيو، نه فقط ايترو پر شاهه جي گهر واري بابت مير علي شير قانع جي ڏنل اشاري کي محض علمي روايتن جي آڌار تي وڌائي وڻ ڪيو، حالانڪ هي روايتون سنڌ جي ريت رسم توڙي شاهه جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي ابتڙ هيون. مثلا شاهه لطيف کي اندر گهر ۾ دعا لاءِ وٺي ويا ته وڃي پرده دار بيمار ڇوڪريءَ جي چيچ جهليائين، پوءِ سندس پيءُ کي پٽيائين ۽ پڻ سندس ننڍڙو ڀاءُ مئو ته ڄڻ شڪر ڪيائين. ڏسو ”لطائف لطيفي“ فارسي متن، ص 59-73). +(1) مير عبدالحسين خان، جنهن هي ڪتاب ڏنو هو، تنهن کي ’رسالو‘ ڪري ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ ميين شاهه ڪريم جو احوال درج هو. (لطائف لطيفي، ص 122). مرزا قليچ بيگ ان کي ”شاهه ڪريم بلڙي وارو رسالو“ ڪري ��کيو آهي. غالباً انهن حوالن مان مراد ’بيان العارفين‘ ئي آهي. +(1) "ميين شاهه عنات جو ڪلامء (سنڌي ادبي بورڊ 1963ع) ۾ راقم هن.... تفصيل سان روشني وڌي آهي. (مقدمه، صفحا 89-106). ان وقت ميين شاهه عنات جو سال معلوم نه هو. پر پوءِ پڪي طرح معلوم ٿيو ته ميين شاهه عنات.... وفات ڪئي. +(1)”شاهه ڪريم بلڙي جو ڪلام“ سنواريندڙ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، 1937ع. ديباچو ص 222 + + + + + + + + + + + + + + + + + + +