Upload 21 files
Browse files- sindhiadabiboard.org/Articles/Book1.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book10.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book11.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book12.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book13.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book14.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book15.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book16.txt +212 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book17.txt +82 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book18.txt +156 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book19.txt +84 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book2.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book20.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book21.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book3.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book4.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book5.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book6.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book7.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book8.txt +0 -0
- sindhiadabiboard.org/Articles/Book9.txt +0 -0
sindhiadabiboard.org/Articles/Book1.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book10.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book11.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book12.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book13.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book14.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book15.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book16.txt
ADDED
|
@@ -0,0 +1,212 @@
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
| 1 |
+
ڪتاب جو نالو: شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي
|
| 2 |
+
|
| 3 |
+
|
| 4 |
+
|
| 5 |
+
شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي
|
| 6 |
+
قاضي خادم
|
| 7 |
+
شهري حياتي
|
| 8 |
+
شهر ۽ ڳوٺ اسان جي سماجي زندگيءَ ۾ هڪ جيتري اهميت رکن ٿا. جيتوڻيڪ شهري زندگي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ تمام وڏو فرق آهي، ته به انهن کي هڪٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي شهرن جي رونق ۽ چمڪ ڌمڪ، ڳوٺن جي وجود سان ئي قائم آهي. حقيقت ۾ ڳوٺ پهريائين قائم ۽ آباد ٿيا ۽ پوءِ شهر وجود ۾ آيا. اهي ايراضيون جتي زرعي زمين آهي، اتي ئي ڳوٺ آهن ۽ اهي هنڌ جتي زرعي اُپت، جهڙوڪ: اناج، ڪپهه ۽ ميون وغيره جو وڪرو ٿيندو آهي، اتي شهر ٻڌل هوندا آهن.
|
| 9 |
+
شهرن ۾ نه رڳو وڏيون وڏيون زرعي مَنڊيون هونديون آهن، پر پوک سان واسطو رکندڙ هنري ڪارخانا به هوندا آهن. مثال طور اهي شهر جيڪي زرعي علائقن جي ويجهو هوندا آهن، اتي ڪپهه ٽاڻڻ، ڪمند مان کنڊ ٺاهڻ ۽ چانورن ڇَڙڻ جا ڪارخانا هوندا آهن. انهن شهرن ۾ وري ڳوٺن جا ماڻهو واپار وڙي ۽ پورهيي لاءِ ايندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڳوٺاڻا روزگار خاطر شهرن ۾ اچي رهندا آهن.
|
| 10 |
+
جيئن ته سرڪاري آفيسون به شهرن ۾ هونديون آهن، ان ڪري ڳوٺن جا ڪيترائي پڙهيل ماڻهو نوڪريءَ واسطي شهرن ۾ ايندا آهن ۽ اُتي ئي گهر وٺي اچي رهندا آهن. اهڙيءَ ريت شهرن جي آباديءَ ۾ آهستي آهستي واڌارو ايندو رهندو آهي.
|
| 11 |
+
آباديءَ جي لحاظ کان اهي شهر وڏا ٿيندا آهن، جيڪي يا ته سمنڊ جي ڪنارن تي آباد هوندا آهن، يا وري ريل ۽ هوائي رستن ذريعي ملڪن شهرن توڙي ڏيساور سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهڙن شهرن ۾ ماڻهو نه رڳو نوڪري ۽ مزوريءَ لاءِ ايندا آهن، پر سير سفر لاءِ ڪيترائي سيلاني پڻ ايندا آهن. اهڙا شهر زندگيءَ جي سمورين ضرورتن کي منهن ڏئي سگهندا آهن. جتي بجلي، گئس، پاڻي، اچ – وڃ جي وسيلن کان سواءِ وندر ورونهن جو پڻ جوڳو انتظام هوندو آهي.
|
| 12 |
+
وڏا شهر تعليم توڙي تربيت جي لحاظ کان هر طرح جون سهولتون مهيا ڪري سگهندا آهن. انهيءَ ڪري پري پري جا شاگرد تعليم پرائڻ خاطر شهرن ۾ ايندا آهن، جتي سندن رهائش ۽ کاڌي جو مناسب انتظام هوندو آهي.
|
| 13 |
+
ساڳيءَ طرح وڏن شهرن ۾ علاج معالجي جون به سهولتون هونديون آهن. جنهن جو ذڪر اڳتي هلي تفصيل سان ڪيو ويندو.
|
| 14 |
+
اهڙن وڏن شهرن کان پوءِ ٻيو نمبر انهن ننڍن شهرن جو اچي ٿو، جيڪي زرعي مَنڊين جي ويجهو هوندا آهن. انهن شهرن ۾ ڳوٺاڻن جي تمام گهڻي اچ – وڃ هوندي آهي، ۽ هڪ لحاظ کان اهي ڳوٺن سان ڳنڍيا پيا هوندا آهن.
|
| 15 |
+
هنن شهرن ۾ به وڏن شهرن جهڙيون سهولتون هونديون آهن پر ننڍي پيماني تي. هاڻ اچو ته شهري حياتيءَ بابت چڱيءَ طرح معلومات حاصل ڪريون.
|
| 16 |
+
رهڻي ڪهڻي
|
| 17 |
+
ڳوٺ ۽ شهر اسان جي ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. هڪ طرف ننڍا ننڍا ڳوٺ، واهڻ ۽ وسيون آهن، جتي جا رهاڪو هَر هلائي زمين جي سيني مان اناج اُپائين ٿا ته ٻئي طرف شهر آهن، جتي ڏينهون ڏينهن زندگي ترقي ڪندي رهي ٿي.
|
| 18 |
+
شهر واسين جي رهڻي ڪهڻي ٻئي نموني جي هوندي آهي. هنن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هنن کي وقت تمام گهٽ هوندو آهي. شهرن ۾ ڏورانهين جاين تائين پهچڻ لاءِ لاريون، ٽيڪسيون، ٽانگا ۽ رڪشائون هونديون آهن، جيڪي عام ماڻهو استعمال ڪندا آهن، پر پڄنديءَ وارن وٽ پنهنجون موٽرون، اسڪوٽر ۽ سائيڪلون آهن. وڏن وڏن مفاصلن لاءِ لاريون ۽ ريل گاڏيون به هونديون آهن. صبح جو سوير ڪم تي وڃڻ وقت ۽ شام جو ڪم تان واپس اچڻ وقت ته لارين ۽ ريل گاڏين ۾ ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا آهن.
|
| 19 |
+
انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته ويجها مائٽ ۽ عزيز به هڪٻئي سان ملي ڪونه سگهندا آهن. هو ڪڏهن و��هين ڪرهين واٽ ويندي ڪٿي ملي ويا ته به تڙ تڪڙ ۾ عليڪ سليڪ ڪري وٺي ڀڄندا. شادي مراديءَ تي ايندا ته هٿن ۾ تحفو کنيو ايندا ته جيئن وڌيڪ وقت نه لڳين.
|
| 20 |
+
شهرن ۾ پاڙا ڪونه ٿين، وڏيون وڏيون عمارتون، جن ۾ هيٺ دڪان ۽ مٿي گهر هوندا آهن. هڪ – هڪ عمارت ۾ گهڻيئي ننڍڙا گهر آهن، جن کي ’فليٽ‘ ڪري ڪوٺين. ڪٿي ڪٿي ته هڪڙي ڪمري وارا فليٽ به ٿين. انهن ننڍن گهرن ۾ حياتيءَ جون سموريون گهربل شيون موجود هونديون آهن، جهڙوڪ: رڌڻا، وهنجڻ جون جايون، ڪمرا وغيره. اڱڻ خير ڪونه ٿئي. انهيءَ جو ڪم درين کان وٺن. هڪ ئي عمارت ۾ رهندڙ ماڻهو به هر روز ملاقات نه ڪري سگهندا آهن. ڇو جو هنن جو سمورو وقت اچ – وڃ ۾ ئي پورو ٿي ويندو آهي.
|
| 21 |
+
انهيءَ کان سواءِ اهڙا هنڌ به آهن جتي رڳو بنگلا نظر ايندا. بنگلن ۾ شاهوڪار ماڻهو رهندا آهن. جن جي اٿڻي ويهڻي عام ماڻهن کان جدا قسم جي هوندي آهي. هنن لاءِ پنڌ جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي، ڇو جو وٽن پنهنجون موٽرون هونديون آهن. انهن علائقن ۾ عام طور وڏا ڪامورا، واپاري، صنعتڪار، زميندار ۽ ٻيا اهڙا شاهوڪار رهندا آهن.
|
| 22 |
+
ڌنڌا
|
| 23 |
+
جيڪي ماڻهو سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڪندا آهن، انهن کي ڪامورو ڪوٺيو ويندو آهي. انهن کي حڪومت طرفان سرڪاري ڪمن کي اُڪلائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. مثال طور مختيارڪار کي تعلقي جا قانوني توڙي روينيو ڪم اُڪلائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ضلعي مئجسٽريٽ، جيڪو اڳي ڪليڪٽر سڏبو هو، تنهن کي ضلعي جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو.
|
| 24 |
+
واپاري: اهي شخص آهن، جيڪي ملڪ ۾ اندروني علائقن توڙي ڏيساور مان مال گهرائيندا ۽ وڪرو ڪندا آهن. هو اهي شيون هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائيندا آهن ۽ انهن تي آيل خرچ سان گڏ نفعو وٺندا آهن.
|
| 25 |
+
صنعتڪار: اهي شخص آهن جيڪي ڪَچي مال مان پڪو مال تيار ڪندا آهن، جيئن ڪپهه کي صاف ڪري ان مان سُٽ ۽ ڪپڙو وغيره ٺاهيو ويندو آهي.
|
| 26 |
+
واپاري ۽ ڪارخانيدار: ملڪ جي معاشيات جا اهم ٿنڀا آهن. هو نه صرف ملڪ لاءِ ضرورت جون شيون تيار ڪندا آهن، بلڪه اهڙيون شيون پڻ ٺاهيندا آهن، جيڪي ڏيساور کي وڪرو ڪري، پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ راندين جي سامان، توڙي ڪپڙي ۽ بوٽن جا هنر تمام زور آهن. ملڪ ۾ ڪيترائي ڪارخانا آهن، جن ۾ ڏينهن رات ان قسم جو سامان تيار ڪيو وڃي ٿو. اهي نه صرف ملڪ جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، بلڪ انهن جو کاپو ڏيساور ۾ به ٿيندو آهي، جنهنڪري ملڪ کي ڪافي آمدني ٿيندي آهي.
|
| 27 |
+
ان قسم جي ملڪي صنعتن کان سواءِ اسان جي ملڪ ۾ غيرملڪي ڪارخانا به هلي رهيا آهن، جيڪي وڏن وڏن شهرن ۽ بندرگاهن وارن علائقن جي ويجهو آهن. انهن ۾ بجلي جي سامان، لوهه، دوائن ۽ ڪپڙي وغيره جا ڪارخانا شامل آهن.
|
| 28 |
+
انهن ڪارخانن جو سمورو ڪاروبار صنعتڪار سنڀاليندا آهن. مال جو وڪرو هجي يا خريداري، پورهيتن جو اجورو هجي، توڙي ڀڳل ٽٽل مشينن کي وري جوڙائڻ جو ڪم، اهو سمورو ذمو هو پاڻ کڻندا آهن. هنن جو ڪم نه رڳو ڪارخانن جي ڪارڪرگي کي سڌاري، آمدني وڌائڻ آهي، پر ڏيهي توڙي پرڏيهي منڊين جي اگهن جو به خيال رکندا آهن.
|
| 29 |
+
شاهوڪار ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي عام ماڻهن کان بلڪل مختلف هوندي آهي. ڏينهن جو هو پنهنجو وقت آفيس ۾ ۽ شام جو وندر ورونهن ۾ گذاريندا آهن.
|
| 30 |
+
ريتون رسمون
|
| 31 |
+
شادين مرادين جي موقعن تي شهرن ۾ عجيب منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. عام طرح شهرن ۾ شاديون گهرن جي بدران اهڙين هوٽلن يا جاين ۾ ٿينديون آهن، جيڪي شهر جي ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ خاص انهيءَ مقصد لاءِ جوڙايون وين��يون آهن. جڳهين جي تنگيءَ سببان گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن لاءِ اهو ڏکيو ٿيو پوي جو ايترن سارن مهمانن کي ڪٿي ويهاري سگهن. انهيءَ ڪري هو مسواڙ تي وڏا هال وٺندا آهن، جتي ڄڃ جي اچڻ توڙي ڪنوار کي رخصت ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو ائين نه ڪري سگهندا آهن ته پوءِ وري رستن تي يا ميدانن ۾ مسواڙ تي ورتل شاميانا ۽ قناتون هڻي ڪاڄ ڪندا آهن.
|
| 32 |
+
دهلن دمانن جو رواج ته شهرن مان نڪرندو پيو وڃي. هاڻي وري بئنڊ باجي وارا رنگا رنگي ڪپڙا اوڍي ڄڃ سان گڏ هلندا آهن. عام بئنڊ کان سواءِ پوليس – بئنڊ به شادين لاءِ گهرائبي آهي.
|
| 33 |
+
شهرن ۾ سرگس به عجيب قسم جو ٿيندو آهي. هاڻ سرگس ۾ گهوڙا استعمال ڪرڻ جو رواج به نڪرندو پيو وڃي. هاڻي گهوٽ کي گهوڙي جي بدران گلن سان سينگاريل موٽر ۾ ويهاريو ويندو آهي ۽ انهيءَ جي پويان ٻيا عزيز مٽ – مائٽ موٽرن ۾ يا پيادا هلندا آهن. ان وقت بئنڊ باجي وارن جا واڄٽ به ٻڌڻ وٽان هوندا آهن. گهوٽيتا خوشيءَ وچان گهوٽ مٿان روپيا گهوريندا هلندا آهن.
|
| 34 |
+
اهڙن موقعن تي عورتون وري گهرن ۾ ڳيچ ڳائينديون آهن يا رڪارڊ وڄائي ڪي عام مقبول گيت ٻڌايا ويندا آهن.
|
| 35 |
+
’شاديءَ جي رسمن کي البته پوريءَ طرح ملهايو ويندو آهي. هن موقعي تي غريب توڙي امير وٽ هڪجهڙي خوشي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار جا ساٺ سُوڻ ڪيا ويندا آهن. مِٽ – مائٽ پيا خوشيءَ ۾ ٻهڪِندا ۽ ننڍا وڏا پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا.
|
| 36 |
+
ريتون ۽ رسمون: معاشري جي زندگي آهن. شهري اهڙن موقعن جو پورو پورو فائدو وٺندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هنن رسمن ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. اڄڪلهه ٻارن توڙي وڏن جي سالگرهه ملهائڻ به انهيءَ ڏس ۾ هڪ اهم قدم آهي. هن موقعي تي ٻار جي ساڳي ٽهي وارن ٻارن کي سڏايو ويندو آهي ۽ ڪيڪ گهرائي ان ۾ ٻار جي عمر مطابق ميڻ بتيون لڳايون وينديون آهن، جيڪي ٻار پاڻ ڦُوڪ ڏئي وسائيندو آهي ۽ ڪيڪ به پاڻ هٿ سان وڍيندو آهي.
|
| 37 |
+
هن موقعي تي به مٽ – مائٽ هڪٻئي سان ملي سوکڙين جي ڏي – وٺ ڪندا آهن. گيت به ڳايا ويندا آهن ۽ ٻار خوش ٿي هڪٻئي سان ملندا آهن. ان کان سواءِ وڏي عمر جي ماڻهن جي سالگرهه پڻ ملهائي ويندي آهي. ڪي ڪي ماڻهو ته پنهنجي شاديءَ جي سالگرهه به ملهائيندا آهن.
|
| 38 |
+
شهرن ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتون به ڪم ڪنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هنن کي پنهنجون ريتون رسمون پوريءَ طرح ملهائڻ جو موقعو ڪونه ملندو آهي. عورتن جو به هن دؤر ۾ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ضروري بنجي پيو آهي. هاڻ اهو وقت ناهي جو هڪ ماڻهو ڪمائي ۽ ڏهه ڄڻا هن تي بار بنجي پيا کائيندا رهن. هينئر ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي پيٽ قوت لاءِ هٿ هڻڻا ٿا پون. تنهنڪري اهو ضروري بنجي پيو آهي ته مردن سان گڏوگڏ عورتون به ڪم ڪن.
|
| 39 |
+
ايتري سڀني ڳالهين هوندي به ٻار جي بسم الله چوڻ کان وٺي، جيڪي به رسمون آهن، سي ملهائبيون آهن ۽ اهي ئي موقعا هوندا آهن، جن تي دوست عزيز هڪٻئي سان ملي سگهندا آهن.
|
| 40 |
+
آمدورفت جا وسيلا
|
| 41 |
+
شهرن ۾ ويجهي پنڌ لاءِ ته رڪشائون ۽ ٽيڪسيون ڪم ڏين، پر گهڻي پنڌ لاءِ لاريون، ريل گاڏيون وغيره استعمال ٿينديون آهن. انهن جا ڀاڙا به گهٽ هوندا آهن ته سفر ۾ به سهولت ٿيندي آهي.
|
| 42 |
+
ٽانگن يا گهوڙي گاڏين جو رواج هاڻي گهٽجي ويو آهي. غريب غربو اڃا تائين سائيڪلون استعمال ڪندو آهي، پر موٽر سائيڪلون به ٻين سوارين جي ڀيٽ ۾ سستيون آهن. اهي روڪڙن پئسن کان سواءِ قسطن تي به ملنديون آهن. خاص ڪري نوڪريءَ وارا ماڻهو پنهنجي پگهارن مان اڳواٽ رقمون وٺي، اسڪوٽر ۽ موٽر سائيڪلون وٺندا آهن ۽ پوءِ آسان قسطن ۾ اهو قرض واپس ڪندا آهن.
|
| 43 |
+
شهرن ۾ تمام ويڪرا ۽ ڪشادا رستا هوندا آهن. انهن جي ٻنهي پاسن کان فٽ – پيريون ٺهيل هونديون آهن، جن تي پيادا ماڻهو هلندا آهن. انهيءَ ڪري حادثن جو خوف به گهٽجي وڃي ٿو ۽ رستي تي هلندڙ تيز رفتار سوارين کي به ڪا رنڊڪ نٿي پوي. اسان کي گهرجي ته رستن جي وچ تي نه، پر فٽ پيريءَ تي هلون.
|
| 44 |
+
رستن جي مختلف جاين خاص ڪري چؤواٽن تي يا ته ٽرئفڪ يا پوليس وارا هوندا آهن، يا وري پاڻيهي هلندڙ يا خودڪار سگنل لڳل هوندا آهن. جن جي مدد سان ٽرئفڪ تي ضابطو رکيو ويندو آهي. شهرن ۾ ڪابه ڳالهه بنا ڪنهن طريقي جي ڪانه هوندي آهي. جتي لارين، موٽرن ۽ ٻين سوارين لاءِ سگنل لڳل هوندا آهن ته اُتي وري پنڌ هلندڙن لاءِ ڪي خاص اشارا لڳل هوندا آهن، جيئن ڪنهن چؤواٽي کي پار ڪرڻ لاءِ اڇا ۽ ڪارا پَٽا لڳل هوندا آهن، جتان پيادل جنهن وقت رستو پار ڪندا آهن ته ٻيون سواريون بيهي رهنديون آهن.
|
| 45 |
+
اسڪولن جي ويجهو به لکيل هوندو آهي ته گاڏيون خبرداري سان هلايون وڃن. ڪٿي ڪٿي ته پوليس وارا به بيٺل هوندا آهن ته جيئن ٻارن جو هٿ وٺي هنن کي رستو پار ڪرايو وڃي. اهڙين جاين لاءِ رفتار جي حد پڻ مقرر ڪئي ويندي آهي. جيئن ته تيز رفتاري سبب خطرناڪ حادثا ٿي پوندا آهن، انهيءَ ڪري شهرن ۾ گاڏيون هلائڻ وقت رفتار کي معمولي حد ۾ رکيو ويندو آهي.
|
| 46 |
+
وندر ورونهن
|
| 47 |
+
شهرن ۾ وندر ورونهن جا خاص انتظام هوندا آهن. جيڪي ماڻهو سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان ٿڪي ٽُٽي، ڪارخانن جي دونهين مان بيزار ٿي، آفيسن جا فائيل اُٿلائي پٿلائي پنهنجن گهرن ۾ پهچي، مانيءَ ڳڀو کائي واندا ٿين ٿا، ته پوءِ سندن ذهن ڪجهه سُڪون حاصل ڪرڻ جا ڳولائو رهن ٿا. شهرن ۾ ڳوٺن وانگر نه آهن اوطاقون ۽ نه ٿين ڪچهريون. انهيءَ ڪري ماڻهن کي وندر ورونهن لاءِ ڪي موقعا ڳولڻا پون ٿا.
|
| 48 |
+
شهرن ۾ سبز ميدان ۽ باغيچا هوندا آهن. انهن ۾ رنگا رنگي گل ڦل پوکيل هوندا آهن. جتي ويهڻ سان ڄڻ ته روح کي راحت ملي ويندي آهي. شام جي وقت ٻارڙا به اهڙن باغيچن ۾ ڏاڍا خوش نظر ايندا آهن. انهن باغيچن ۾ ٻارڙن لاءِ گسڪڻيون ۽ پِينگهون موجود هونديون آهن. ڪن ڪن شهرن ۾ اهڙا باغيچا به آهن، جن ۾ جدا جدا قسمن جا پکي ۽ جانور هوندا آهن. اهڙن باغن کي جانورن جو باغ يا چِڙيا گهر ڪري ڪوٺيندا آهن. اهي باغيچا نه صرف ٻارن لاءِ پر وڏن لاءِ به وندر آهن. هڪ طرف رڇ، ڀولڙا وغيره نظر ايندا ته ٻئي طرف مور، طوطا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا پکي پيا مِٺيون لاتون لَنوندا. انهن کي ڏسڻ سان انسان الله تعاليٰ جي بزرگيءَ کي دل سان مڃڻ لڳندو آهي.
|
| 49 |
+
باغ ۽ باغيچا نه رڳو وندر ورونهن آهن، پر اهي فضا کي دونهين ۽ ٻي گندگيءَ کان صاف ڪن ٿا ۽ شهرن کي سهڻو بنائين ٿا. انهيءَ ڪري ڪن وڏن شهرن ۾ تمام گهڻا باغيچا رکايا ويندا آهن ۽ وڻڪار ڪئي ويندي آهي ته جيئن انسان قدرتي حسن کي ڏسي سگهي؛ ۽ انهيءَ بهاني فضا به صاف ٿي وڃي. هيءَ تفريح ٻار توڙي وڏي، زال توڙي مرد لاءِ هڪ جيتري دلچسپي رکي ٿي.
|
| 50 |
+
اهڙن باغيچن کان سواءِ شهرن ۾ سئنيما به هڪ خاص قسم جي تفريح آهي. هيءَ هڪ وڏي عمارت ٿيندي آهي، جنهن ۾ وڏي پردي تي عڪسي فلم ڏيکاري ويندي آهي. ماڻهو ٻاهران دري تان ٽڪيٽ وٺي کيل (فلم) ڏسڻ لاءِ اندر وڏي هال ۾ وڃي ڪرسين تي ويهندا آهن.
|
| 51 |
+
فلم کان سواءِ ريڊيو به وندر ورونهن جو سٺو وسيلو آهي. انهيءَ ذريعي ماڻهو گهر ويٺي پنهنجي پسند جا راڳ، ڳيچ، ناٽڪ ۽ قسمين قسمين سٽاءَ ٻڌي سگهي ٿو، اهي سيلن، بئٽرين ۽ بجلي تي هلندا آهن.
|
| 52 |
+
اڄڪلهه ٽيليويزن جي عام ٿيڻ ڪري ريڊيي جو رواج گهٽجي ويو آهي. هاڻ ريڊيو وڃي ڳوٺن تائين رهيو آهي. شهرن ۾ ته ريڊيو نالي ماتر ٻڌو ويندو آهي. باقي ٽيليويزن ته هر گهر ۾ نظر ايندي.
|
| 53 |
+
ٽيليوزن ذريعي گهر ويٺي پنهنجي پسند جا پروگرام ڏسي سگهجن ٿا، راڳ هجن يا ناٽڪ، خبرون هجن يا تقريرون سڀڪجهه اکين سان ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا. ٽيليويزن تعليمي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ٿيندي آهي. خاص طرح اهي گهريلو عورتون يا وڏي عمر جا مرد جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾ وڃي نٿا سگهن، تن کي ٽيليويزن ذريعي گهر ويٺي تعليم ڏني ويندي آهي.
|
| 54 |
+
ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽيليويزن هڪ اهم ۽ مقبول ذريعو آهي. هاڻ ته ٽيليويزن نه رڳو شهرن ۾ پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ پئجي وئي آهي. انهيءَ ڪري هاڻي تفريح خاطر ماڻهن کي گهر کان ٻاهر وڃڻو ڪونه ٿو پوي، بلڪ گهر ۾ کَٽ تي ليٽي يا ڪرسيءَ تي ويهي، آرام سان پنهنجي پسند جا پروگرام ڏسي سگهجن ٿا.
|
| 55 |
+
وڏن وڏن شهرن ۾ ته سرڪس ۽ ٿئيٽر به موجود آهن. ماڻهو سرڪس وڏي شوق سان ڏسندا آهن. انهن ۾ جانورن جا ڪرتب ۽ انسانن جا حيرت انگيز ڪارناما ڏيکاريا ويندا آهن.
|
| 56 |
+
سرڪس لاءِ وڏا وڏا تنبو هنيا ويندا آهن، جتي ماڻهو ٽڪيٽ وٺي اندر تماشو ڏسڻ ويندا آهن.
|
| 57 |
+
ڪنهن زماني ۾ ٿئيٽر ڏاڍو مشهور ۽ مقبول هوندو هو، ان ۾ اداڪار مختلف ويس ڌاري ايندا هئا ۽ تماشبين انهن جا ڪرتب ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. اڄڪلهه سئنيما ۽ ٽيليويزن جي ڪري هن فن کي اها مقبوليت نه رهي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته دنيا جي ڪيترن تهذيب يافته ملڪن ۾ اڃا ٿئيٽر کي وڏي اهميت حاصل آهي.
|
| 58 |
+
انهيءَ کان سواءِ نمائش به وندر جو هڪ وڏو ذريعو آهي. نمائش نه صرف تفريح لاءِ هوندي آهي، پر اها واپار – وڙي وڌائڻ لاءِ به هوندي آهي. نمائش ۾ اهڙيون شيون رکيون وينديون آهن، جن مان ڏيهي توڙي پرڏيهي هنرن جي واڌاري جي خبر پوي ٿي.
|
| 59 |
+
شهرن ۾ تفريح جي هنن ذريعن کان سواءِ راندين تي به وڏو ڌيان ڏنو ويندو آهي. ماڻهو نه رڳو شوق سان راندين ۾ حصو وٺندا آهن، پر رانديون ڏسڻ لاءِ به ويندا آهن.
|
| 60 |
+
|
| 61 |
+
|
| 62 |
+
رانديون
|
| 63 |
+
شهري حياتيءَ ۾ راندين کي وڏي اهميت حاصل آهي. راندين جي لاءِ نه صرف ماڻهو پاڻمرادو ڪوششون ڪندا آهن. پر حڪومت ۽ شهر جي انتظام سنڀالڻ وارا کاتا، راندين لاءِ وڏا وڏا راندين جا ميدان ٺهرائيندا آهن.
|
| 64 |
+
شهرن ۾ جن راندين کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، ۽ عام توڙي خاص ماڻهو انهن کي پسند ڪندا آهن سي آهن: ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال ۽ فٽ بال – هي رانديون وڏن ميدانن تي کيڏيون وينديون آهن.
|
| 65 |
+
ڪرڪيٽ، فُٽ بال ۽ هاڪي ۾ يارهن – يارهن رانديگرن جون ٽوليون هڪ ئي وقت راند ڪري سگهنديون آهن.
|
| 66 |
+
هن راندين مان ڪرڪيٽ: سڄيءَ دنيا ۾ مقبول راند آهي. ان کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو ميلن جا ميل پنڌ ڪري اچي پهچندا آهن. ڪرڪيٽ مئچون نه رڳو ملڪ ۾، پر ملڪ کان ٻاهر به کيڏيون وينديون آهن. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي سُٺين ٽيمن ۾ شمار ٿيندي آهي. انهيءَ ٽيم ملڪ خواهه ڏيساور ۾ وڏو نالو ڪڍيو آهي. اسان جا اهي رانديگر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن.
|
| 67 |
+
جن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ مئچ کيڏي ويندي آهي، انهن ڏينهن ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان خاص طور ان کي ڏيکاريو ويندو آهي ۽ ماڻهو وڏي شوق سان ڏسندا آهن.
|
| 68 |
+
هاڪي: به ڏاڍي سٺي ۽ وڻندڙ راند آهي. اسان جي ملڪ جي هاڪي ٽيم به سڄي دنيا ۾ نالو ڪڍايو آهي. جڏهن به اسان جي هاڪي ٽيم ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌ مقابلي لاءِ ويندي آهي ته اسان جو عوام هنن جي سوڀ لاءِ دعائون گهرندو آهي.
|
| 69 |
+
والي بال ۽ فٽ بال رانديون: نه رڳو شهرن ۾ پر ڳوٺن ۾ به ڏاڍيون مقبول آهن. ماڻهو نه صرف اهي رانديون کيڏندا آهن پر ڏ��ڻ مان به مزو وٺندا آهن.
|
| 70 |
+
جتي هنن راندين کي عام طور پسند ڪيو ويندو آهي، اتي وري اسڪوائش، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس ۽ بلئرڊ کي به ڏاڍو پسند ڪيو ويندو آهي. هي رانديون کليل ميدانن جي بدران ننڍن يا وڏن ڪمرن ۾ کيڏيون وينديون آهن. هي رانديون ڦُڙتي ۽ مهارت جو وڻندڙ نمونو هونديون آهن. انهن کان سواءِ مَلهه، ڪُشتي ۽ فري اسٽائيل – ڪُشتيءَ ۾ به ماڻهو ڏاڍو شوق مان حصو وٺندا آهن. انهن جي لاءِ وري خاص قسم جا اکاڙا ۽ ميدان ٺاهيا ويندا آهن. جن ۾ ملڪي توڙي پرڏيهي پهلوان اچي حصو وٺندا آهن.
|
| 71 |
+
شهرن ۾ ڏينهون ڏينهن نيون رانديون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. انهن ۾ باسڪيٽ بال ۽ بيس بال وغيره شامل آهن. هي رانديون نه صرف طبيعت کي خوش ڪن ٿيون، بلڪ جسماني طور به انهن جو ڏاڍو سٺو اثر ٿئي ٿو. رانديون جسم کي مضبوط بنائين ٿيون ۽ اهي ماڻهو، جيڪي سڄو ڏينهن پنهنجي آفيسن جي ڪرسين تي يا وري ڪم ڪار ۾ رُڌل رهن ٿا، تن جي ذهن کي به تراوت ڏين ٿيون ته سندن جسماني ٿڪ جو به خاتمو ڪن ٿيون.
|
| 72 |
+
تعليم ۽ سکيا
|
| 73 |
+
شهرن ۾ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ان لاءِ ڪيترائي ادارا هوندا آهن، جهڙوڪ: پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي، هنن سڀني ادارن جو ڪم اهو هوندو آهي ته ماڻهن کي سٺي ۾ سٺي تعليم ڏين ۽ هنن کي زندگيءَ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي لائق بنائين.
|
| 74 |
+
پرائمري تعليم ۾ سٺا سٺا اسڪول آهن، جن ۾ بهترين استاد مقرر ڪيا ويندا آهن. شاگردن لاءِ هڪ جهڙي پوشاڪ مقرر ڪئي ويندي آهي. ٻارن کي عمر جي ٽئين سال کان وٺي تعليم ڏني ويندي آهي. اهڙا اسڪول جن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار پڙهندا آهن، تن کي نرسري ۽ ڪنڊر گارٽن ڪري ڪوٺيندا آهن. هن تعليم جو بنيادي مقصد اهو هوندو آهي ته باقاعدي اسڪول جي تعليم ڏيڻ کان اڳ، ٻار جي ذهني قوتن کي ظاهر ٿيڻ ڏنو وڃي ته هن جو لاڙو علم جي ڪهڙيءَ شاخن ڏانهن آهي.
|
| 75 |
+
پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ سٺا سٺا اسڪول هوندا آهن، جن کي پنهنجا باغيچا ۽ راندين جا ميدان به هوندا آهن. هن عرصي ۾ ٻارن کي اسڪائوٽ به بنايو ويندو آهي.
|
| 76 |
+
اسڪائوٽ تحريڪ ۾ شامل شاگرد ملڪ جي جدا جدا حصن جا گشت ڪندا آهن ۽ هنن ۾ عام ماڻهن لاءِ خدمت ۽ همدردي جا جذبا جاڳايا ويندا آهن. کين اهو سبق ڏنو ويندو آهي ته اتفاق سان جيڪڏهن ڪابه هنگامي حالت پيدا ٿي پوي ته ان کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي.
|
| 77 |
+
انٽر کان پوءِ آرٽس جا شاگرد عام ڪاليجن ۾ ۽ سائنس جا شاگرد طبي، انجنيئرنگ ۽ زرعي ڪاليجن ۾ داخلا وٺندا آهن، جتان تعليم حاصل ڪري، هو پنهنجي پنهنجي ڌنڌي کي اچي لڳندا آهن. هي ڪاليج انهن کي فني تربيت ڏيڻ کان سواءِ هنن ۾ حب الوطني ۽ انسان ذات سان پيار جو جذبو پيدا ڪندا آهن.
|
| 78 |
+
ڪاليجي شاگردن کي ڪلاس ۾ پڙهائڻ سان گڏوگڏ تجربا به ڪرايا ويندا آهن ۽ منجهن سير ۽ سفر جو چاهه به پيدا ڪيو ويندو آهي. سير ۽ سفر جي ذريعي شاگردن کي تفريحي جڳهيون ۽ ملڪ جا ٻيا حصا به ڏيکاريا ويندا آهن.
|
| 79 |
+
شهرن جي ڪاليجن ۾ شاگردن لاءِ رهائشي جايون هونديون آهن، جن کي هاسٽلون يا بورڊنگ هائوس چوندا آهن. شهرن کي ٻاهرين علائقن ۾ ڳوٺن جا رهندڙ شاگرد جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ ايندا آهن ته هنن کي ٿورن پئسن سان هاسٽلن ۾ رهائش جون سهولتون ملنديون آهن. هتي نه رڳو سندن رهڻ بلڪ هنن جي کاڌي پيتي جو انتظام به هوندو آهي. اڳوڻي زماني ۾ گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هاسٽلن ۾ رهائيندا هئا، ڇو جو اتي هو عام شهري ماحول کان پري علم حاصل ڪرڻ ۾ وقت گذاريندا هئا.
|
| 80 |
+
شهرن ۾ مردن ۽ عورت�� لاءِ جدا جدا ڪاليج ٿيندا آهن، جيئن هرڪو آزاديءَ سان تعليم حاصل ڪري سگهي. عورتن لاءِ به سندن ڪاليجن ۾ هاسٽلون آهن، جتي هنن کي پنهنجي گهر وارو ماحول مهيا ڪري ڏنو ويندو آهي.
|
| 81 |
+
عورتن جي لاءِ هوم اڪنامڪس جا ڪاليج به آهن، جن ۾ هنن کي عام تعليم سان گڏ گهريلو معاملن جي سکيا به ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ رڌڻ پچائڻ کان وٺي سبڻ ڀرڻ تائين هر ڳالهه جي تعليم هوندي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ گهريلو دستڪاري ۽ هنرن جا اسڪول به هوندا آهن. انهن اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري ڇوڪريون پنهنجن گهرن ۾ ئي سبڻ ۽ ڀرڻ جو ڪم ڪري پيٽ گذران ڪنديون آهن.
|
| 82 |
+
ڪاليجن کان پوءِ يونيورسٽيون هونديون آهن، جن ۾ اعليٰ تعليم جو بندوبست هوندو آهي، يونيورسٽيون رڳو آرٽس ۽ سائنس جا مضمون پڙهائڻ لاءِ نه هونديون آهن، بلڪ زرعي ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيون پڻ هونديون آهن، جن ۾ اعليٰ انجنيئرنگ ۽ اعلى زراعتي ڪورس پڙهايا ويندا آهن.
|
| 83 |
+
يونيورسٽين ۾ به هاسٽلون هونديون آهن، جن ۾ کاڌي پيتي جو جوڳو انتظام هوندو آهي ۽ شاگرد خود انهن جو انتظام هلائيندا آهن. شاگردن جي رهائش لاءِ ڪشادا ڪمرا، کليل باغيچا ۽ تمام سٺيون لائبريريون هونديون آهن، جن ۾ ويهي هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهي سگهندا آهن.
|
| 84 |
+
هي ادارا جيئن ته وڏن وڏن شهرن ۾ هوندا آهن، تنهنڪري پري پري کان شاگرد ڪَهي اتي ايندا آهن ۽ علم جي حاصل ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. هتي شاگردن کي علم جي حاصلات سان گڏوگڏ تفريح جا موقعا به ڏنا ويندا آهن. کين سڄي ملڪ جا گشت ڪرايا ويندا آهن ۽ راندين روندين لاءِ وڏا ميدان ۽ سامان مهيا ڪري ڏنا ويندا آهن.
|
| 85 |
+
انهن کان سواءِ شهرن ۾ مدرسا به هوندا آهن، جن ۾ مذهبي تعليم ڏني ويندي آهي. اتان شاگرد دين اسلام جي باري ۾ مڪمل سکيا وٺي نڪرندا آهن ۽ ملڪن ۾ ٻين هنڌ ديني معلومات جي روشني پکيڙڻ ۾ لڳي ويندا آهن.
|
| 86 |
+
بالغن جي تعليم
|
| 87 |
+
شهرن ۾ بالغن جي تعليم جو به جوڳو بندوبست ڪيل هوندو آهي. انهن لاءِ شام جو ڪلاس کوليا ويندا آهن ته جيئن ماڻهو پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ختم ڪري شام جو واندڪائي ۾ اچي علم حاصل ڪن.
|
| 88 |
+
شهرن ۾ انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن جي تعليم لاءِ پڻ بندوبست ڪيل آهي. انڌن جي لاءِ لکيل ڪتابت جا اکر پني تان اُڀريل هوندا آهن. جن کي اکين کان معذور شخص آڱرين جي ذريعي پڙهندا آهن.
|
| 89 |
+
هن دؤر ۾ شهرن ۾ جيڪي تعليمي سهولتون حاصل آهن، انهن جي ڪري تعليمي معيار ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. نه صرف شهرن وارا بلڪ ڳوٺن وارا به شهرن جي انهي سهولت مان پورو پورو فائدو حاصل ڪندا آهن.
|
| 90 |
+
اهي تعليمي ادارا ئي آهن جن جي مٿان ملڪ جي مستقبل جو بار هوندو آهي. هنن ادارن مان نڪري هر شخص سٺو شهري بنجي وڃي ٿو ۽ ملڪ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف ڪري ڇڏي ٿو.
|
| 91 |
+
اسان جي وطن پاڪستان جي شهرن ۾ ان قسم جون شهري سهولتون تمام گهڻيون آهن، جن مان ملڪ جي سڀڪنهن رهاڪوءَ کي فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. نه صرف ايترو پر انهن سهولتن کي وڌائڻ م به هٿي ڏيڻ گهرجي. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي اولاد جي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجو سڄو ڌيان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائين ۽ بهترين شهري بنجي وطن جو مانُ مٿانهون ڪن.
|
| 92 |
+
صحت ۽ صفائي
|
| 93 |
+
شهرن ۾ صحت ۽ صفائيءَ جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي. شهرن جي فضا ڳوٺن وانگر کليل ۽ صاف هوا واري ڪونه ٿئي. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا گهر ۽ آفيسون ٿينديون آهن جتي صاف ۽ تازي هوا توڙي روشني ڪانه اچي. اتي بجليءَ جا پکا، ايئرڪنڊيشنر ۽ ايئر ڪولر استعمال ٿيندا آهن ۽ روشنيءَ لاءِ وري بلب ۽ ٽيوب لائيٽ وغيره استعمال ٿيندا آهن. ظاهرآهي ته اهڙن هنڌن ��ي گهُٽيل آبهوا جي ڪري ڪي بيماريون جنم وٺن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ رستن تي لارين، موٽرن، رڪشائن ۽ ڪارخانن جي چِمنين مان نڪرندڙ دونهين جا ڪارا ڪڪر فضا کي گندو ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي اثر کي ختم ڪرڻ پڻ ضروري ٿي پوندو آهي. اهو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ هنڌ گڏ ٿي گندي پاڻيءَ جو تلاءُ بڻجي ويندو آهي. عام طرح شهرن ۾ زمين جي اندران ئي اندران گندي پاڻي جا نالا جن کي گٽر چوندا آهن ٺاهيا ويندا آهن ته جيئن اهو پاڻي مٿي اچي رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي پيدا نه ڪري. انهن گٽرن جو ڇوڙ شهرن کان ٻاهر ڪيو ويندو آهي.
|
| 94 |
+
ٻئي طرف هر وڏي رستي توڙي گهٽين جي منهن تي گند ڪچري ڇڏڻ لاءِ ڪچرا-گهر ٺاهيا ويندا آهن، جن ۾ ماڻهو روزانو گڏ ٿيندڙ ڪچرو اُڇلائي ڦِٽو ڪندا آهن ۽ شهرن جي صفائي رکندڙ کاتي وارا، جن کي ميونسپالٽي چئبو آهي. اهو گند گاڏين ۾ کڻائي شهر کان ٻاهر ڦٽو ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي گاڏيون گند ڪچرو نه کڻن ته هوند سڄا شهر ڍونڍ بنجي وڃن.
|
| 95 |
+
صفائيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ميونسپالٽيءَ وارا جوڳا اُپاءَ وٺندا آهن. اڄڪلهه ته ڳوٺن ۾ به ٽائون ڪميٽيون آهن پر انهن جو ڪم محدود آهي. ڪو وقت هوندو هو جڏهن شهرن ۾ به بجلي نه هوندي هئي ته ميونسپالٽيءَ وارا رستن جي چونڪن ۽ گهٽين ۾ گاسليٽ سان ٻرندڙ شمعدان هوندا آهن.
|
| 96 |
+
پر اڄڪلهه رستن ۽ چوراهن تي بجليءَ جا بلب ٻاريا ويندا آهن. هاڻ اهو ڪم بجلي کاتي وارن جو آهي. ميونسپالٽيون صحت صفائي ۽ رستن وغيره کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ جو ڪم ڪنديون آهن.
|
| 97 |
+
علاج جون سهولتون
|
| 98 |
+
بيماري سيماري ته انسان تي ايندي ئي رهندي آهي، پر انهن مان ڪي وچڙندڙ بيماريون ٿينديون آهن. جهڙوڪ: سلهه، ڪوڙهه، ماتا، وڏي کنگهه، دم ڪشي. مُدي جو بخار وغيره ۽ ڪي موسمي بيماريون ٿينديون آهن، مثال طور مليريا، گردن-ٽوڙ بخار وغيره. انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ به وڏا جَتن ڪيا ويندا آهن. سلهه جي پاڙ پٽڻ لاءِ نه صرف هر اسپتال ۾ ان جي علاج جون دوائون موجود هونديون آهن، پر خاص سينيٽوريم به جوڙيا ويا آهن، جن ۾ رڳو سِلهه جا مريض ئي رهندا آهن ۽ اتي سندن علاج ڪيو ويندو آهي.
|
| 99 |
+
هي سينيٽوريم هميشہ شهر کان پري کليل ۽ صاف هوا وارن هنڌن تي ٺاهيا ويندا آهن. خاص ڪري جابلو علائقن ۾، جتي فضا ۾ ڪنهن به قسم جي گندگي نه هوندي آهي. هنن شفاخانن ۾ علاج گهڻو ڪري مفت ڪيو ويندو آهي ۽ هر سال هزارين ماڻهو انهن مان شفاياب ٿي نڪرندا آهن.
|
| 100 |
+
ڪوڙهه جي لاءِ به جدا اسپتالون هونديون آهن، جتي جذامي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙا اپاءَ ورتا ويندا آهن جو اهو موذي مرض ٻاهر پکڙجي نه سگهي. حيدرآباد جي ويجهو گِدوءَ وٽ درياءَ جي ڪناري تي اهڙي هڪ اسپتال آهي.
|
| 101 |
+
دماغي مرضن جي علاج لاءِ پڻ اهڙيون اسپتالون جن ۾ چرين توڙي دماغي بيمار ماڻهن جو علاج ڪيو ويندو آهي. هنن جي علاج ۾ نفسياتي طريقا توڙي نئين قسم جون مشينون به استعمال ڪيو وينديون آهن ۽ اهي انسان جيڪي پنهنجي ڪمزور ذهن جي ڪري ٻين تي بار بنجيو وڃن، سي به سٺا شهري ٿيو پون ۽ سندن خدمت جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿئي ٿو. دماغ جون بيماريون وچڙندڙ ڪونهن، پر هن دؤر ۾ اهي بيماريون تمام عام ٿي ويون آهن. تنهنڪري دماغي مرضن جي اسپتالن کان سواءِ ڪيترائي نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر پڻ اهڙن مريضن جي علاج ۾ رڌل هوندا آهن.
|
| 102 |
+
هن دؤر جي خطرناڪ بيماري دل جو مرض آهي. شهرن ۾ دل جي مرضن جا ڪيترائي ماهر ڊاڪٽر هوندا آهن انهن نه صرف دل جي مرضن جو علاج ڪيو آهي، بلڪ هڪ انسان جي دل ڪڍي، انهيءَ ۾ ٻي دل هڻڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا اٿن. هي دل جا دورا ڪڏهن ڪڏهن ته ڏاڍا خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن، پر هاڻي جيڪڏهن احتياط ڪجي ته انهن کي به ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.
|
| 103 |
+
هن وقت ۾ سائنس ايڏي ته ترقي ڪئي آهي، جو سرطان جهڙي لاعلاج مرض جو به هڪ حد تائين علاج ممڪن ٿي پيو آهي. انهيءَ تي تجربا به ٿي رهيا آهن ۽ سرطان جي مريضن تي خاص قسم جو ڌيان ڏنو ويندو آهي.
|
| 104 |
+
عام مرضن ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ سول اسپتالون هونديون آهن، جن ۾ تمام ٿوري خرچ سان علاج ڪيو ويندو آهي، انهن اسپتالن ۾ جراحت پڻ ڪئي ويندي آهي ۽ ٻهراڙين مان ايندڙ مريضن کي ڪمرا يا بسترا به ڏنا ويندا آهن. هنن اسپتالن ۾ سرڪاري ڊاڪٽر ۽ نرسون ڏينهن رات بيمارن جي صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن.
|
| 105 |
+
انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽرن جون خانگي اسپتالون هونديون آهن، جتي هو صبح توڙي شام جو مريضن کي ڏسندا آهن، هنن کي اسپتال جون دوائون ڏيندا آهن ۽ هنن کي صحت جي اصولن کان واقف ڪندا آهن. هو وقت جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ئي ڏينهن يا رات جي ڪنهن به حصي ۾ مريضن کي گهر ۾ ڏسڻ ويندا آهن.
|
| 106 |
+
شهرن ۾ صحت جي سارسنڀال لاءِ جيڪي انتظام ڪيل آهن تن جي ڪري شهرين کي پنهنجي صحت متعلق ڪوبه فڪر ڪرڻو ڪونه ٿو پوي. انهيءَ ڪري شهرن ۾ جڏهن به ڪا بيماري منهن ڪڍندي آهي ته ان جو ترت علاج ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهن کي وڏو نقصان کڻڻو ڪونه پوندو آهي. مگر ڳوٺن ۾ اڃا اهي سهولتون عام ڪونه ٿيون آهن ۽ ڳوٺاڻن کي به علاج لاءِ شهرن ڏانهن اچڻو پوي ٿو.
|
| 107 |
+
مسجدون ۽ عبادتگاهون
|
| 108 |
+
شهرن ۾ ٿوري مفاصلي تي مسجدون نظر اينديون، جن ۾ نماز جي وقتن تي شهري باجماعت نماز پڙهندا نظر ايندا آهن. عقيدي جي لحاظ کان شهري به ڳوٺاڻن وانگر تمام مذهبي قسم جا ٿيندا آهن. واپاري توڙي صنعتڪار، مزدور توڙي شاهوڪار، ٻانگ آئي ته مسجد ۾ پهچي ويندو. جيڪڏهن مسجد ۾ نه ويو ته پنهنجي پنهنجي جڳهه تي نماز ادا ڪندو.
|
| 109 |
+
شهرن ۾ جامع مسجدون به ٿينديون آهن، جن ۾ جمع جي ڏينهن پري پري کان ماڻهو اچي گڏ ٿي جمع نماز پڙهندا آهن. اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
|
| 110 |
+
هر طرف اهڙا ماڻهو نظر ايندا آهن، جيڪي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ نظر ايندا آهن. هي وقت اهو هوندو آهي جڏهن بندو مالڪ جي حضور ۾ پيش ٿيندو آهي.
|
| 111 |
+
جمع تي ته وڏا وڏا اجتماع نظر ايندا آهن، پر اڃا به وڏا اجتماع عيد الفطر ۽ عيد الضحيٰ جي موقعن تي، عيدگاهن ۾ نظر ايندا آهن. اهڙن موقعن تي هر طرف ماڻهن جا هجوم هوندا آهن، جيڪي بارگاهه الاهيءَ ۾ سجدو ڪرڻ کان پوءِ بنا ڪنهن امير يا غريب جي فرق جي، هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون پيا پيش ڪندا آهن. اهي ٻه ڏينهن شهري زندگيءَ لاءِ تمام وڏي اهميت رکندا آهن. انهن ڏينهن تي مسلمانن ۾ مثالي جوش ۽ خوشي نظر ايندي آهي. خوشي جو اظهار نه صرف سندن مُنهن مان پر هنن جي عمل مان به پيو بکندو آهي.
|
| 112 |
+
ڳوٺاڻي حياتي
|
| 113 |
+
ڳوٺ، جن کي عام طرح اسين ٻهراڙي به ڪري ڪوٺيندا آهيون، پنهنجي رهڻي ڪهڻي، قدرتي مناظر ۽ سادگيءَ جي ڪري شهرن کان بلڪل ٻئي قسم جا ٿيندا آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان جو به وڏو حصو ڳوٺن تي ٻڌل آهي ۽ ڳوٺ جيئن ته زراعت جا مرڪز ٿيندا آهن، تنهنڪري اسان جي ملڪ کي زرعي ملڪ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي.
|
| 114 |
+
زراعت
|
| 115 |
+
اسان جي ڳوٺن جي آبادي گهڻو تڻو پوک جو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن يعني هارين ۽ ڪڙمين تي ٻڌل آهي. هو صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳي، ڀنڀرڪي مهل ئي پنهنجا ڍڳا ڪاهي، ٻاجهر يا جوئر جي ماني ۽ لسيءَ لپ يا ڳڙ کڻي، ڌرتي جي سيني مان اَنُ اُپائڻ لاءِ روانو ٿي ويندو آهي ۽ سڄو ڏينهن پنهنجو پگهر وهائي شام جو سج لٿي مهل واپس پنهنجن
|
| 116 |
+
ڪکن ڏانهن ورندو آهي. ه�� نه رڳو گرمين جي ساڙيندڙ ڏينهن ۾ هر هلائيندو آهي، پر سياري جي سَرد راتين ۾ پاڻيءَ جي واري وهڻ لاءِ به ويندو آهي، جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ واٽر ڪورس جي وچ ۾ بيهي پنهنجين ٻنين کي پاڻي ڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح هو ٻارهن ئي مهينا، ڏينهن رات ۽ اَٺ ئي پهر هن ڀُوري ڌرتيءَ کي سائو ڪرڻ ۾ رُڌل هوندو آهي.
|
| 117 |
+
رهڻي ڪهڻي
|
| 118 |
+
ڳوٺن جي حياتي پنهنجي اندر هڪ عجيب قسم جي سادگي، صفائي ۽ سونهن رکي ٿي. هتي انسان پنهنجو پاڻ کي قدرت جي وڌيڪ ويجهو ٿو محسوس ڪري. جيڪڏهن ڏينهن جو گرم سج ڪانگ جي اک ٿو ڪڍي ته رات جو تارن سان جهنجهيل آسمان روح کي راحت ٿو بخشي. رات جي وقت جڏهن چؤطرف سانت ڇانيل هوندي آهي ۽ پکي پکڻ توڙي انسان پنهنجن پنهنجن ماڳن تي آرامي هوندا آهن، تڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ ته هن وقت فطرت به آرام ڪندي هجي. اهو آرام ۽ خاموشي اوستائين رهندي آهي، جيستائين اُسر جي ويل ايندي آهي. ان مهل هاري ۽ مالوَند ماڻهو اُٿي کڙا ٿيندا آهن. انهن مان هڪڙا هر سنڀاليندا ته ٻيا وري مال کي چاري ڏيڻ ۽ ڏُهڻ ۾ لڳي ويندا آهن. زالون ماٽيون ۽ منڌيئڙا سنڀالي، ڏڌ ولوڙڻ ۽ جنڊ تي اَن پيهڻ لڳنديون. ننڍيون نيٽيون ڪاٺين کي تيلون ڏئي ڦوڪن سان باهه ٻاري، اَدل ۽ اَبل جي لاءِ ٻاجهر يا جوئر جا ڍوڍا ٿڦڻ شروع ڪنديون ۽ ائين ڪڪڙن جي دَس هڻڻ سان ڄڻ ته زندگيءَ جي شروعات ٿي ويندي.
|
| 119 |
+
ڳوٺن ۾ سج اڀرڻ وقت جيڪا ٿڌي ٿڌي هير لڳندي آهي، اها پاڻ سان سائي گاهه ۽ چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ کنيو ايندي آهي. خاص ڪري اونهاري ۾، ڀنڀرڪي مهل گاهه تي ڪِريل ماڪ جا ڦڙا ائين لڳندا آهن، ڄڻ ڪنهن سائي بخمل جي چادر تي موتي مڙهي ڇڏيا هجن. اهڙيءَ ويل وري جو مالوند ماڻهو پنهنجو چوپايو مال چارڻ لاءِ وٺي وڃڻ لڳندا آهن ته اهو نظارو به ڏاڍو عجيب ۽ وڻندڙ لڳندو آهي. مال جي هلڻ سان ڪچيءَ زمين مان اُٿندڙ هلڪي هلڪي دز، مال جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽَلين، گهنڊڙين ۽ چَڙن جا آواز ۽ مينهن جي پاڏن ۽ گابن جون ڍڪون ۽ رنڀون—مطلب ته اهو هڪ نهايت عجيب ۽ دل کي وڻندڙ نظارو هوندو آهي.
|
| 120 |
+
انهيءَ مهل ئي جڏهن مرد ماڻهو پنهنجي ڪم ڪار جي سانگي سان گهرن مان روانا ٿي ويندا آهن، تڏهن گهرن جون گهر ڌڃاڻيون وري پنهنجي ڪرت سان لڳي وينديون آهن. هنن مان ڪي جنڊ کڻي اَن پيهڻ کي لڳي وينديون آهن ۽ واري واري سان هٿ هٿ سان جنڊ ۾ هلائينديون وينديون آهن ۽ پنهنجي اَدل يا لاڏل جا گيت به آلاپينديون آهن. ڪي وري ڇيڻا ميڙڻ ٿڦڻ ۾ لڳي وينديون آهن، ڇو جو اهي ڇيڻا کين ٻنيءَ لاءِ ڀاڻ طور يا ٻاهر ٻارڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. هو ڇيڻا پهرين ته ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪنديون آهن ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه ڇيڻا گول گول، مُٺيا يا ٿاڦون ٺاهي زور سان ڀت يا پٽ تي ٿڦينديون وينديون آهن ۽ جڏهن اهي سڪي ويندا آهن، تڏهن اهي ميڙي گهر جي اڱڻ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٿڦيرو ڪري رکنديون آهن. پوءِ اهي سڪل ڇيڻا ٻارڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن.
|
| 121 |
+
گهر جي ضرورت جو اناج پيهڻ کان پوءِ هو راتوڪو ڄمايل ڌؤنرو کڻي ماٽيءَ ۾ وجهي ولوڙي، ان مان مکڻ ڪڍي باقي جهڻ مانيءَ سان کائڻ لاءِ رکنديون آهن. ان کان پوءِ گهر جي صفائي ڪري پاڙي اوڙي جي عورتن سان ڪچهري ڪنديون آهن، ته ڪي وري ڪارچوب کڻي ويهي اڳٺ اُڻنديون آهن. اڳٺن جو تاڃي – پيٽو ٺاهيندي هو ڳالهيون به ڪنديون وينديون آهن ته هٿن سان پنهنجو ڪم به ڪنديون وينديون آهن ۽ ڪي وري رَليون سبڻ ۾ لڳي وينديون آهن.
|
| 122 |
+
اهڙيءَ ريت سج جڏهن مٿڀرو ٿيندو آهي ته وري منجهند لاءِ مانيءَ جي تياريءَ ڪرڻ ۾ جُنبي وينديون آهن. ٻاجهريءَ جا ڍوڍا ٺاهي، سرنهن جو يا ڪو ٻي�� ساڳ جو چڻن يا مٽرن جي پليءَ کي مکڻ جو داڳ ڏئي، اها ماني پنهنجن ٻنين تي ڪم ڪندڙ عزيزن ڏانهن يا ته پاڻ کڻي وينديون آهن يا وري ڪنهن ٻار کي اهو ڪم چئي ڇڏينديون آهن. هنن جو ڪانڌ، ڀائر ۽ پٽ صبح کان منجهند تائين هر هلائي، ٻج ڇٽي، ڪنهن وڻ يا ڇني جي ڇانو ۾ ويهي ماني کائيندا آهن ۽ هڪٻئي سان کِل کينڪار ڪندا آهن. هنن جو رڪ جهڙو جسم پگهر ۾ چِلڪندو رهندو آهي. هاري جيڪو هن ٺوٺ ڌرتيءَ جي سيني مان پنهنجي محنت سان قسمين قسمين رنگ ٿو پيدا ڪري، اهو ايڏي ته محنت ڪري ٿو جو ان لاءِ سوچڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. هو پنهنجا ڏينهن رات هڪ ڪري اناج، ميوا، ڀاڄيون ۽ ڪپهه اپائي ٿو. اهي شيون، جن تي اسان جي زندگيءَ جو دارومدار آهي، سي رڳو هن جي محنت سان ئي اسان کي حاصل ٿين ٿيون.
|
| 123 |
+
شام جو جڏهن سج پنهنجو سفر پورو ڪري اولهه طرف لهڻ لڳندو آهي ۽ پکي پکڻ پنهنجن آکيرن ڏانهن وڃڻ لڳندا آهن، تڏهن هاري، پنهنجا ڏاند ۽ ڍور ڍڳا وٺي، پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندو ڪکن ڏانهن ورندو آهي، جتي هن جو انتظار ٿيندو آهي.
|
| 124 |
+
وندر ورونهن
|
| 125 |
+
ڳوٺن جون شامون به عجيب قسم جون ٿينديون آهن. هتي سئنيما، پارڪ، هوٽل يا ان قسم جون تفريحي جايون ڪونه ٿين. هتي ماڻهو شام ٿيڻ سان يا ته ڪنهن شاخ جي ڪَپ تي وڃي ويهندا يا ڪنهن اوطاق ۾ ڪچهري مَچي ويندي يا وري پنهنجي روايتي راندين سان دل وندرائڻ لڳندا.
|
| 126 |
+
سادگي
|
| 127 |
+
ڳوٺ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي تمام سادي سودي ٿيندي آهي. هتي جا ماڻهو نه اجايو ڏيک ويک پسند ڪن ۽ نه وري ٺاهه ٺوهه ۾ يقين رکن. هو جهڙا اندر جا تهڙا ٻاهر جا. هو مَن جا اُجرا ٿيندا آهن، پوءِ کين تن تي بيشڪ اُوچا ڪپڙا نه هجن. هو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙا هوندا آهن. هڪٻئي جي ڏک ۽ سک ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهن. واٽ ويندي ڪنهن سان ملندا ته تفصيلي خوش خير عافيت پڇندا. ڪو تَڏي تي لنگهي ايندن ته دل جي گَهراين مان پيا کينڪارون ڪندا. شل نه ڪو مهمان اچي، خوشيءَ ۾ ئي نه ماپندا. پنهنجي جوئر، ٻاجهر جي ڍوڍي ۽ لَسيءَ جي وَٽي ۾ ڀائيوار ڪندس.
|
| 128 |
+
گهر عام طرح ڪکائين جهوپڙين جا هوندا اٿن، پر جيڪڏهن ڪو ٿوري پئسي وارو هوندو ته ڪَچ- سِري يا اوڏڪي ڀِت ٺهرائي وجهندو. ننڍڙن ڳوٺن ۾ ته ماڻهو لوڙها ٺاهي انهن ۾ رهن. لوڙها هنن لاءِ حفاظتي ڀِت جي حيثيت رکندا آهن. پر جي ڪَچ – سِري ڀِتين وارا گهر هوندا ته به ويجها ويجها ٺاهي، اهڙيءَ طرح رهندا جو پاڙو يا محلو بنجي پوندو.
|
| 129 |
+
|
| 130 |
+
|
| 131 |
+
ريتون ۽ رسمون
|
| 132 |
+
ڳوٺن جي هڪ خاص خوبي اها آهي جو اُتي جا رهاڪو، ٻار جي ڄمڻ کان وٺي شاديءَ تائين، هر رسم نهايت تفصيل سان پوري ڪندا آهن. هنن وٽ هر وقت ۽ هر رسم لاءِ مخصوص لوڪ گيت آهن، جي تاڙين جي ڦهڪي ۽ دهل جي تال تي ڳائيندا آهن. شادي ڪنهن جي هوندي پر سڄي ڳوٺ جون عورتون اُتي گڏ ٿي پيون، سَهرا ڳائينديون. شاديءَ جي هر رسم لاءِ مختلف ڳِيچ پيون ڳائينديون. جيڏيون سرتيون خوشيءَ وچان پيون ٺينگ ٽپا ڏينديون.
|
| 133 |
+
هوڏانهن وري گهوٽ جا دوست ۽ يار خوشيءَ ۾ نه پيا ماپندا. هو پنهنجن چرچن ۾ لڳا پيا هوندا ۽ ڪنهن به هڪ کي نشانو بنائي اهڙو ته اچي وٺندس، جو اصل روئڻهارڪو ڪري ڇڏيندس. گهوٽ مٿي تي موڙ ٻڌيو پيو مُرڪندو ۽ دوستن جي چرچن مان لطف وٺندو.
|
| 134 |
+
هي ماڻهو دل جا سادا، طبيعت جا شريف، ٻئي جي ڏک کي پنهنجو ڏک ۽ ٻئي جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي ڪري سمجهن. بي نيازي ۽ بي مروتيءَ جو هنن وٽ ڪهڙو ڪم. ڀلي آڌي هجي يا مانجهي، سڏ جو جواب سڏ سان ڏيندا. وقت پئي لنوائيندا ڪونه. جهڙا رهڻ ڪرڻ جا صاف ۽ سادا، تهڙا چال چلت جا اُجرا. دوست ٿيندا ته دوستيءَ جو حق ��باهيندا، پر دشمن سان به وڙ ڪونه وڃائيندا.
|
| 135 |
+
اهو سڀ اثر ڳوٺن جي انهيءَ پاڪ ۽ صاف فضا جو آهي. جنهن ۾ هو ساهه کڻن ٿا. پنهنجي هٿ سان پوکيل اَنُ جنهن کي پاڻيءَ سان گڏ پنهنجو پگهر به ڏين ٿا، اهو کائين ۽ پنهنجي پاليل مال جو صاف ۽ نج کير پيئن. هنن نه ٻيائي ڏٺي آهي نه ڪندا آهن. رازق طرفان جيڪا روزي کين ملي تنهن تي شڪرانا بجا آڻين. کين اها پڪ آهي ته مولا جي مهر هميشہ مٿن رهندي. هنن کي يقين آهي ته:
|
| 136 |
+
”جنين ڏاند نه ٻج، تنين تنهنجو آسرو،
|
| 137 |
+
پوءِ اڀارين سج، اول ڏين انهن کي.“ –شاهه رحه
|
| 138 |
+
جهڙا ڳوٺ سادا، تهڙا ڳوٺاڻا سادا ۽ سندن ضمير به صاف ۽ سندن دليون سدائين ايمان سان ڀريل هونديون آهن. هنن جون دلچسپيون محدود هونديون آهن، پر تڏهن به هنن جي دلين ۾ زندگيءَ لاءِ اُتساهه هوندو آهي.
|
| 139 |
+
رانديون رونديون
|
| 140 |
+
ڳوٺاڻن جي زندگيءَ ۾ راندين جي وڏي اهميت آهي. هو پنهنجي واندڪائيءَ جو وقت راندين ۾ گذاريندا آهن. هنن جون رانديون اهڙي قسم جون آهن، جو کين وندرائڻ کان سواءِ صحمتند به رکن ٿيون. ڳوٺاڻن جي راندين ۾ ملهه، ٻلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهوٽي، اِٽي ڏڪر، لاٽون ۽ بلورن راند، خاص رانديون آهن. انهن مان ملهه کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اها هڪ قسم جي ثقافتي اهميت رکي ٿي. ميلن ملاکڙن توڙي وڏن ڏينهن تي ملهه جا نظارا عام نظر پيا ايندا.
|
| 141 |
+
ملهه
|
| 142 |
+
ملهه نه صرف راند، پر هڪ فن به آهي. هن ۾ رڳو طاقت جو مظاهرو ڪونه ٿو ڪرڻو پوي، بلڪه اٽڪل جي به گهڻي ضرورت ٿي محسوس ٿئي. ڪڏهن ڏسبو ته وڏو پهلوان به ڪنهن اڌوگابري کان دسيو پيو هوندو. همراهه کا جانٺو لڳو ئي ناهي ته وڃي سنئين چوٽيءَ ڀر ڦهڪو ڪيائين.
|
| 143 |
+
ملهه ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان ڪهي ايندا آهن. هنن جون نظرون پهلوانن جي جوڙن ۾ کتل هونديون آهن. پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا ملهه پنهنجي پنهنجي فتح جي نشي ۾ نچندا نظر ايندا آهن. ماڻهو سندن ملهه جي انگن کان خوش ٿي هنن کي انعام اڪرام ڏيندا آهن. ملهه جي ڏيکاءَ کي ملاکڙو ڪوٺيندا آهن. ملاکڙا عام طور سنڌي ميلن ۽ نماءَ جي جان ٿيندا آهن. ملاکڙن ۾ حصو وٺندڙ پهلوان جتي به پيا ويندا آهن، اتي ماڻهو هنن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪندا آهن. ٻار توڙي وڏا هنن کي ڏسي حيران پيا ٿيندا آهن. جڏهن به ميلي ۾ دهل ۽ شرناءِ جو آواز ڪن پوي ته هڪدم اهو سمجهبو ته پڪ ملاکڙو آهي. بس پوءِ هرڪو پيو پنهنجي پنهنجي پسند جي ملهه جي کٽڻ جون اميدون رکندو.
|
| 144 |
+
هوڏانهن ملهه به جوڙ بڻجي ميدان ۾ هڪٻئي جا سندرا پيا ٻڌندا. موڪرين ڇاتين ۽ وٽيل شهپرن وارا جوان مٿي تي وڏا پَٽڪا ٻَڌيو، پنهنجي مقابل پهلوان ڏانهن تحسين ۽ جوش وارين نگاهن سان پيا ڏسندا آهن. هنن جي نگاهن ۾ فتح ۽ سرجوشي پئي نظر ايندي. بس پوءِ ملهه شروع ٿي ويندي. پهريائين ننڍا ملهه لهندا. نچندا ٽپندا هڪٻئي جي سندرن کي ڪَشي، ٻئي هٿ کُپائي، وڌي ڦيرا ڏيندا. پوءِ جنهن جي سرسي نظر ايندي، انهن لاءِ ڏسندڙ پيا نعرا هڻندا ۽ داد ڏيندا. تان جو ٻنهي مان ڪو هڪ پنهنجو انگ ڏيکاري ٻئي کي ڪيرائي وجهندو ۽ فتح حاصل ڪري دُهل جي آواز تي نچندو ٽپندو ڏسندڙن ڏانهن ويندو. پوءِ داد ۽ انعام وٺي واپس اچي ويهي رهندو. اهڙيءَ طرح مختلف جوڙ جا پهلوان هڪٻئي سان طاقت ۽ اٽڪل جو مظاهرو ڪندا. ميلن ملاکڙن کان سواءِ عام طرح ڳوٺن ۾ به ملهه وڙهي ويندي آهي. اسڪولي ٻار توڙي ڪُڙمي ۽ ڪاسبي به هن صحتمند راند ۾ مصروف نظر ايندا آهن.
|
| 145 |
+
ونجهوٽي
|
| 146 |
+
ملهه کان پوءِ وَنجهوَٽي هڪ عام ۽ ڳوٺاڻي راند آهي. هيءَ راند جتي ڪٿي متل نظر ايندي. بس زمين جو ٽڪرو خالي هجي، همراهه ٻاريون ٺاهي بيهي رهندا. هن راند ۾ ٻه ٽوليون ٺاهيندا ۽ جيتريون ٻاريون هونديون، اوترا ڀيچي ٽولي جا هوندا. انهن مان هڪ انهن جي هاڙهي ٿيندو، جيڪو پهرين ٻاري سنڀاليندو ۽ وَنجهه تي به هلندو. وَنجهه ٻنهي ٽولين جي ٻارين جي وچ واريءَ حد کي چوندا آهن.
|
| 147 |
+
راند شروع ٿيندي ته هرڪو رانديگر تيز تيز ونجهه ٽپي مخالف ٽولي جي ٻارين کي پار ڪري، واپس ورڻ لاءِ وڌندو ۽ مخالف ٽولي جا رانديگر ڪنهن به طرح هن کي کاپائڻ جي ڪوشش ڪندا. هڪ طرف هو گوهيون ڏيندو، گُهتيون هڻندو، ڦِڙتيون گهِڙتيون ڏيکاريندو، پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ٻئي طرف وري مخالف ٽولي ڪنهن به ريت هن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي. پوءِ جيڪڏهن هو پنهنجي ٻارين جي حد ۾ پهچي ويو ته واهه، پر جي ڪٿي به ٻاريءَ ٽپندي کاپي پيو ته پوءِ انهيءَ ٽوليءَ راند هارائي. اهڙيءَ ريت هيءَ راند ڏاڍي دلچسپ ٿيندي آهي. جدا جدا ڳوٺن جي رانديگرن جون ٽوليون هڪٻئي کي چئلينج ڪنديون آهن ۽ مقرر وقت تي ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ اهي مقابلا ٿيندا آهن، جن کي سڀڪو ڳوٺاڻو ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسندو آهي.
|
| 148 |
+
ونجهوٽي راند به ملاکڙن وانگر قديم ثقافتي راند آهي، جيڪا پنهنجي دلچسپي ۽ مقبوليت جي ڪري اڃا تائين ڳوٺن ۾ مشهور آهي. هاڻي ته شهرن ۾ به ڏاڍي عام ٿي وئي آهي ۽ جتي ڪٿي ونجهوٽيءَ جا ڪلب نظر ايندا ۽ ڌار ڌار پاڙن جا رانديگر هڪٻئي کي چئلينج ڪندا نظر ايندا.
|
| 149 |
+
هيءَ راند نه صرف تفريح جو هڪ ذريعو آهي بلڪ جسماني صحت لاءِ به ڏاڍي ڪارآمد آهي. هن ۾ ذهن به چُست ۽ ڦُڙت ٿئي ٿو، ڇو جو رانديگر کي راند هلندي، جسم جي تيز چرڦر سان گڏ سوچڻو به پوي ٿو. هن کي ترت فيصلو ٿو ڪرڻو پوي ته هاڻ ڇا ڪجي، پنهنجي جند ڪيئن ڇڏائجي يا ٻئي کي ڪهڙيءَ ريت کاپائجي!
|
| 150 |
+
تنهن کان سواءِ هن راند ۾ سواءِ ميدان جي ٻي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي. ڪَچي پَٽ تي رڳو ڪاٺيءَ سان ليڪون ڪڍڻ ئي ڪافي آهن. باقي ڏسندڙ بيهي يا پٽ تي ويهي راند ڏسي سگهن ٿا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هيءَ راند ڏسندي، ايڏو ته جوش اچي ويندو آهي جو اها خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته ماڻهو بيٺو آهي يا ويٺو آهي.
|
| 151 |
+
اِٽي ڏَڪر، ڪٻڍي يا ڪوڏي ڪوڏي، بِلورن راند، لاٽون ڦيرائڻ يا لغڙ اُڏائڻ، ڳوٺ جون عام تفريحي رانديون آهن. انهن راندين ۾ به شرطون لڳنديون آهن. اهي ساڳيون رانديون شهرن ۾ به کيڏيون وينديون آهن. انهن مان لاٽون جن جي هڪ قسم کي اُتر سنڌ ۾ چڪريون پڻ ڪوٺيندا آهن، ڏاڍي دلچسپيءَ واري راند آهي. ڳوٺن ۾ جنڊيءَ تي لاٽُون ٺاهيندا آهن، جن کي ڏور اٽڪائي ويڙهي ڦيرايو ويندو آهي.
|
| 152 |
+
گهڻي دير تائين ڦرڻ وارو لاٽون بهترين سمجهيو ويندو آهي. اِٽي ڏڪر راند ۾ هڪ کان وڌيڪ ڇوڪرن جي ضرورت هوندي آهي. هن راند ۾ ڳوٺاڻا تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن.
|
| 153 |
+
لغڙ ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪ جهڙو قبول آهي. واءُ جي مند آئي ته لغڙ به شروع ٿيا، چوڌاري فضا ۾ رنگبرنگي لغر تَرندا ۽ ناچ ڪندا پيا نظر ايندا آهن. ڇوڪرا ۽ وڏا ڏور جا ڍيرا کنيو، اکيون آسمان ۾ کپايو ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي پيا ايندا ويندا.
|
| 154 |
+
ڪي پنهنجا لغڙ پيا اُڏائيندا ته ڪي وري ڌاڳي ۾ پٿر ٻڌي لنگر ٺاهي، لغڙن جي ڏور کي ڪاٽڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا. اهڙيءَ ريت کِل خوشي لڳي پئي هوندي. انهيءَ کان سواءِ والي بال به عام طور ڳوٺن ۾ کيڏي ويندي آهي.
|
| 155 |
+
ٻاراڻيون رانديون
|
| 156 |
+
ٻار وري شام ٿيندي ته چور-پوليس يا لِڪ لِڪوٽي، ٿُلهه ۽ کينهوڙو، ڦِڙ ڦِر سؤنٽو ۽ ٻين راندين ۾ رڌل نظر ايندا. هڪڙا ٻار وڃي لِڪندا ۽ ٻيو پوليس بنجي وڃي هنن کي ڳوليندو. پوءِ جنهن کي کاپايائين، ان ڄڻ ته هارايو.
|
| 157 |
+
ڪٿي وري ڏسبو ته هڪ ٻار کي اکين تي پَٽي ٻڌندا ۽ ٻِيا پيا لڪندا. پوءِ هن ٻار جيڪڏهن ڪنهن کي پڪڙي وڌو ته وري انهيءَ کي اکين تي پَٽي ٻڌندا. مطلب ته ننڍا توڙي وڏا واندڪائيءَ جو وقت اهڙين راندين ۾ گذاريندا آهن؛ جيڪي سندن ذهني توڙي جسماني وندر جو باعث بنجن ٿيون. هنن جا جسم، جيڪي سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ٿڪجن ٿا، سي اهڙين راندين کان پوءِ وري ڄڻ ته تازا توانا ٿي پون ٿا.
|
| 158 |
+
رانديون صحت لاءِ تمام ضروري آهن. اهو ئي سبب آهي جو تعليمي ادارن ۾ راندين کي خاص اهميت ڏني ويندي آهي. حڪومتون به ملڪ ۾ راندين کي وڏي اهميت ڏينديون آهن. هڪ صحتمند ذهن لاءِ لازمي آهي ته جسم به صحتمند هجي.
|
| 159 |
+
|
| 160 |
+
|
| 161 |
+
ڳوٺاڻيون ڪچهريون
|
| 162 |
+
ڳوٺ جي رهاڪن ۾ ميل ميلاپ به گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هو هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. ڀلي کڻي ڪهڙو به موقعو هجي، ضرور وڃي حاضري ڀريندا. هونئن به سج لٿي کان پوءِ ڳوٺاڻن جون اوطاقون ڀرجي وينديون آهن، جتي هو سڄي ڏينهن جون ڪار گذاريون هڪٻئي کي اچي ٻڌائيندا آهن ۽ کل ڀوڳ ۾ وقت گذاريندا آهن. اهڙين محفلن کي ڪچهري ڪوٺيو ويندو آهي.
|
| 163 |
+
ڳوٺاڻيون ڪچهريون حقيقت ۾ ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي هونديون آهن. هنن ۾ ڳوٺن جا شوقيه فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. سگهڙ سينگار جا بيت، ڏور، ڳجارتون ۽ نڙ بيت ٻڌائيندا آهن ته ڳائڻا وري ڪَن تي هٿ رکي الوميان... چئي، شاهه، سچل، بيدل ۽ بيڪس جون ڪافيون چوندا آهن ۽ ساڻس گڏ دِلو يا گهاگهر يا گَهڙو پهلودار وڄائيندا آهن. هنن جي آواز جو ميٺاج سڄيءَ ڪچهريءَ کي واسي ڇڏيندو آهي. هڪ کان پوءِ ٻي ڪافي يا ڪلام ڳائيندي هو ڪڏهن به ڪونه ٿڪبا آهن. هنن جي سريلي آواز تي، اتي موجود ٻيا ماڻهو ’واهه واهه!‘ ڪندا رهندا آهن.
|
| 164 |
+
ڳالهيون ٻڌائيندڙ وري گهڙي تي دودي-چنيسر جو مشهور قصو ٻڌائيندا آهن، جيڪو روزانو ٻڌندي به نت نئون لڳندو آهي ۽ ٻڌندڙ حيراني کان ڏندين آڱريون ڏئي، ان قصي ۾ گم ٿي ويندا آهن. جڏهن ڳالهه چوندڙ علاو الدين جي لشڪر جو ذڪر ڪندو آهي ته ماڻهن جا ساهه رڪجي ويندا آهن، پر وري دودي جي دليريءَ جو ذڪر ايندو آهي ته هنن جا منهن سَرها ٿي ويندا آهن.
|
| 165 |
+
ڪي سگهڙ وري نبين ۽ ولين جون ڪرامتون ۽ معجزا ٻڌائيندا آهن ۽ ان ڏس ۾ پنهنجا ذاتي تجربا بيان ڪندا آهن. هو هڪٻئي کي چرچا به هڻندا ويندا آهن ته ڳجهارتون به ڏيندا ويندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري اڳلو ڀڃي وجهندو آهي.
|
| 166 |
+
اتي ڪي ماڻهو وري وڻج واپار جون ڳالهيون ڪندا آهن، ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي مَٿن وهيو واپريو هوندو، تنهن جو تفصيل سان ذڪر ڪندا آهن. نه صرف اهو ته هو پنهنجي تڪليفن جو ذڪر ڪندا آهن، بلڪ ٻڌندڙ به پوري غور ۽ همدرديءَ سان هنن جي تڪليفن کي ٻڌندو ۽ صلاح ڏيندو آهي.
|
| 167 |
+
هو اهڙن موقعن تي هوريان هوريان سڱابندين جون ڳالهيون به ڪندا آهن ۽ هڪٻئي کي صلاحون ڏيندا ۽ وٺندا آهن. اهڙيءَ طرح شام جو شروع ٿيل هي ڪچهريون سُمهڻيءَ جي نماز تي پنهنجو پويون حصو پورو ڪنديون آهن. نماز کان پوءِ وري به ڪيترا ماڻهو اوطاقن ۾ اچي ويهندا آهن.
|
| 168 |
+
ڳوٺاڻيون ڪچهريون گهڻو ڪري چِلم ۽ حُقي تي مچنديون آهن. هاڻي ته چانهه جو واهپو به گهڻو ٿي ويو آهي. سياري ۾ ڪچهريءَ جي وچ ۾ باهه جو مَچ ٻاريو ويندو آهي ته جيئن سيءَ کان بچاءُ ٿئي. هن مند ۾ هر طرف اجرڪن ۾ ويڙهيل ماڻهو نظر ايندا آهن. هي ڪچهريون سنڌ جي ثقافت جو قديم اهڃان آهن ۽ اڃا تائين قائم آهن.
|
| 169 |
+
جانور پالڻ جو شوق
|
| 170 |
+
ڳوٺن ۾ جانور پالڻ جو ڌنڌو عام آهي. هر گهر ۾ مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون يا رڍون ضرور نظر اينديون. مِٽي ڍوئڻ وارا وري گڏهه ڌاريندا آهن. بار کڻڻ وارا اُٺ ڌاريندا آهن. مينهين، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن مان هو نه صرف کير، مکڻ، گيهه ۽ ڏُڌ حاصل ڪن، بلڪه انهن کي روزگار جو وسيلو به بنايو اٿن. مالوند ماڻهو ڍڳين، مينهن ۽ ٻڪرين جو کير به وڪڻن ڏُڌ ولوڙي مکڻ به ڪڍن. اهو وڪڻي هو انهن جانورن لاءِ کَڙ ۽ ڪُتر جو انتظام به ڪندا آهن ته پنهنجو پيٽ به پاليندا آهن. هو ڪڪڙيون به پاليندا آهن ۽ انهن جا آنا وڪڻندا آهن- ڪي ڳوٺاڻا وري کؤنر ۽ ماکي وڻن تان لاهيندا آهن ۽ پوءِ اها شهر ۾ اچي وڪڻندا آهن. ماکي صحت جي لاءِ تمام فائدي واري شيءِ آهي. اها سٺو کاڌو آهي، جيڪا ٻار توڙي پوڙهي لاءِ هڪ جهڙي ضروري آهي. کؤنر به ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿو. هو پَني چنبڙائڻ جي ڪم ۾ به اچي ٿو ته وري حلوي ۾ به استعمال ٿيندو آهي. هن جي کائڻ سان هَڏن ۾ سُور ڪونه پوندو آهي.
|
| 171 |
+
ٻيا جانور جهڙوڪ: گڏهه، خچر، اُٺ ۽ گهوڙا ڌارڻ وارا انهن کي پنهنجي ڪمائيءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هو انهن تي مِٽي به ڍوئيندا آهن ته ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا به انهن تي کڻي ويندا آهن. اُٺ بار ڍوئڻ ۽ مسافريءَ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. گهوڙا به مسافريءَ لاءِ ڪم ايندا آهن. حقيقت ۾ اِهي ئي جانور اتي سؤلائيءَ سان ملي سگهن ٿا، جتي نه ڪو پڪو رستو آهي نه ڪا ٻي سهولت.
|
| 172 |
+
ڳوٺاڻن جون ڄڃون به اُٺ ۽ ڍڳي گاڏين ۾ وينديون آهن. انهيءَ کان سواءِ ڳوٺاڻا انهن ئي گاڏين ۾ اناج جون ٻوريون، ڀاڻ ۽ ٻيو سامان به کڻندا آهن.
|
| 173 |
+
اسان جي ڳوٺن ۾ هر هنڌ هڪ جهڙا جانور به پاليا ويندا آهن. مثال طور، ڪوهستان واري علائقي ۾ اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون عام طرح سان پاليون وينديون آهن. اتي رڍن جي اُن به حاصل ڪئي ويندي آهي، جيڪا نهايت قيمتي ٿيندي آهي. رڍ جو کير توڙي گوشت به عام جام استعمال ٿيندو آهي. ڪوهستاني هوٽلن ۾ وڃبو ته اتي رڍ جو گوشت ملندو. هو رڍ جو کير وڏي شوق سان پيئندا آهن.
|
| 174 |
+
ٿر ۾ به وڃبو ته اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڍڳيون به عام طرح سان پاليون وينديون آهن، ليڪن مينهن اتي ڪا ورلي ملندي. ڇو ته مينهن پاڻيءَ کان سواءِ نٿي رهي سگهي ۽ ٿر ۾ پاڻي آهي ئي ڪونه! رڳو مِينهن جي موسم ۾ ڪو چڱو وسڪارو ٿيو ته تل ۽ ترايون ڀرجي وينديون نه ته هر طرف سوڪڙ پئي نظر ايندي. اتي اُٺ عام آهن، ڇو جو اُٺ اهڙو جانور آهي جيڪو هڪ دفعو پاڻي پيئڻ کان پوءِ ڪافي ڏينهن پاڻيءَ کان سواءِ به گذاري سگهي ٿو. اُٺن کي خشڪي جو ٻيڙو ڪوٺيندا آهن. ڇو جو هو واريءَ جي ڀِٽن ۽ ور – وڪر وارن رستن تي تمام آرام ۽ تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندا آهن ۽ ساندهه ٻه – چار ڏينهن هلندي به ڪونه ٿڪبا آهن. ٿر جا ماڻهو اُٺن جو گوشت به کائيندا آهن.
|
| 175 |
+
اُتر سنڌ، وچولي ۽ لاڙ ۾ مينهون ۽ ڍڳيون جام ٿينديون آهن. عام طرح سان انهن جو کير ئي پسند ڪيو ويندو آهي. گوشت وري ٻڪريءَ جو پسند ڪيو ويندو آهي. جانور قدرت جي وڏي ڏات آهن، جن جي ڪري انسان کاڌ خوراڪ ۽ سواريءَ جهڙين تڪليفن کان به ڇٽيو پوي.
|
| 176 |
+
ڳوٺن ۾ جيئن ته گاهه عام جام ٿيندو آهي، تنهنڪري جانورن جي کاڌي خوراڪ تي ڪو خاص خرچ ڪونه ٿو ڪرڻو پوي. صرف هڪ ڌراڙ مينهن، ڍڳين يا ٻڪرين جو ڌڻ وٺي وڃي ڪنهن ميدان تي ويهندو آهي، ۽ مال پاڻمرادو هيڏانهن هوڏانهن سائي گاهه ۾ چَرڻ شروع ڪندو آهي. ڌراڙ وري ڪنهن وڻ جي ڇانولي ۾ ويهي يا ته شاهه جي ڪا ڪافي جهونگارڻ لڳندو آهي يا وري پريان ڪنهن ٻئي ڌڻ سان بيٺل ڌراڙ سان زور سان ڳالهيون ڪندو آهي. اهو هنن جو ڌنڌو به آهي ته وندر به. هنن جي روز مرهه جي زندگي اهڙين تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀري پئي هوندي آهي.
|
| 177 |
+
جن کي پنهنجو مال هوندو آهي، اُهي خود انهيءَ جي رکوالي به ڪندا آهن، نه صرف اهو پر مال جي چوريءَ چڪاريءَ کان به حفاظت ڪندا آهن. پر ڏهائي – واڙي به پاڻ ڪندا آهن. اَسور ويل اڃا تارن جي جهرمٽ آسمان جهنجهيو بيٺا هوندا آهن ته هو اُٿندا ۽ جست جون چؤنريون، لوٽا ۽ بالٽيون کڻي وڃي مال ڏُهندا آهن ۽ فجر وقت کير اچي گهر ڌڃاڻين جي حوالي ڪندا آهن، جيڪي پنهنجيءَ ڪِرت ۾ مشغول ٿي وينديون آهن.
|
| 178 |
+
سير سفر ۽ زيارتون
|
| 179 |
+
ڳوٺن جا ماڻهو سير سفر جا به ڪوڏيا هوندا آهن. اوري – پري جيڪي به ميلا ملاکڙا لڳندا آهن، اتي ضرور ويندا آهن. پوءِ وڏا پٽڪا ٻڌي، اجرڪون ڪلهن تي ڪري، دوست يار گڏجي، پنڌ ئي پنڌ شاخن جا ڪنارا وٺي هڪٻئي جي ڳوٺن ۾ ويندا آهن ۽ ميلن ملاکڙن جو لطف وٺي راڳ جي محفلن ۾ سڄيون سڄيون راتيون گذاري واپس ورندا آهن.
|
| 180 |
+
هو زيارتن جا به شوقين ٿيندا آهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت لال شهباز قلندر رح جي مزارن تي ته پري پري کان ڪهي اچي حاضريون ڀريندا آهن. هنن جو بزرگن ۽ ولين تي ڏاڍو اعتقاد هوندو آهي.
|
| 181 |
+
مسجدون ۽ مذهبي تعليم
|
| 182 |
+
ڳوٺاڻا مذهبي لحاظ کان به ڏاڍي پختي عقيدي وارا ٿيندا آهن. هنن جو خدا ۽ سندس رسول حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات ۾ ڏاڍو پختو اعتقاد آهي. هو نماز جا عادي هوندا آهن. انهيءَ ڪري ڳوٺن جون مسجدون نماز جي وقت ڀريون پيون هونديون آهن. ايتري قدر جو عورتون جيڪي پردي جي سبب گهر مان ٻاهر ڪونه نڪرن، سي به نماز پڙهڻ لاءِ گهرن جي اڱڻ ۾ ننڍيون ننڍيون مسجدون ٺاهرائين، جن کي کروتِ ڪري ڪوٺين. نماز ۽ روزي کان سواءِ حضرت نبيءَ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حاضري ڀرڻ لاءِ پيا واجهائيندا آهن. وڏي ۾ وڏي دعا ڏيندا ته چوندا، ”الله حج ڪرائيندءِ.“
|
| 183 |
+
مذهبي ڏينهن هو پوري عقيدي ۽ دل جي سچائيءَ سان ملهائيندا آهن. عيد-برات تي اصلي خوشيون پيون هنن جي چهرن مان بکنديون. صبح جو سيون چاڙهي، نبار گيهه ۾ ڦوٽن جو داڳ ڏئي، کير کارڪن سان پاڻ به کائيندا ته اوڙي پاڙي کي به موڪليندا. لاڙ ۾ وري پيهون کائڻ جو عام شوق آهي. پيهون ساريءَ کي ڪُٽي ٺاهبو آهي ۽ ان جي شڪل چپيل چانورن جهڙي ٿيندي آهي.
|
| 184 |
+
هي سادا سودا ڳوٺاڻا آهن، جن جي ڪري اسان جي ثقافت زنده آهي. هو اڃا تائين پراڻين ريتن رسمن جي نگراني ڪندا ٿا اچن. مذهبي ڏينهن کي ئي کڻي وٺجي: رمضان جو مهينو ايندو ته هر ڪو ڳوٺاڻو روزو رکندو. پوءِ کڻي روزا اونهاري جا هجن يا سياري جا، هو روزو به رکندا ته پنهنجو ڪم به جاري رکيو ايندا. ڳوٺن ۾ مُلن ۽ مولوين کي وڏي اهميت حاصل آهي، هر طرف هو مسجدن ۾ نمازون پڙهائين ۽ مدرسن ۾ ٻارن کي اسلامي تعليم ڏين ته ٻئي طرف ڪنهن مذهبي معاملي يا مسئلي ۾ هنن جي راءِ اهم سمجهي ويندي آهي. جيڪڏهن مٽن مائٽن ۾ ورهاست يا ڪنهن ڏيتي-ليتيءَ تي جهيڙو ٿي پوندو ته اهي مولوي صاحب اسلامي شرعيت مطابق فتويٰ ڏيندا، جيڪا ٻيئي ڌريون قبول ڪنديون. نڪاح کان وٺي قبر ۾ لهڻ تائين، جيڪي به مذهبي رسمون ٿين، تن کي اهي مُلان سڳورا منهن ڏيندا آهن.
|
| 185 |
+
گهرن ۾ نياڻين کي وري عورتون پڙهائينديون آهن. انهن کي اُستاد يا آخوندياڻي ڪري ڪوٺبو آهي. اهي ڳوٺ جي نياڻين کي قرآن شريف جي تعليم ڏينديون آهن، ۽ ان جو ڪوبه اُجورو ڪونه وٺن. البته حافظيءَ جي موقعي تي ٻارن جا مائٽ هنن کي اناج، ڪپڙا يا ٻي ڪا شيءِ تحفي طور ڏيندا آهن، جيڪا هو قبول ڪنديون آهن.
|
| 186 |
+
ڳوٺاڻا مولوين، مُلن يا پيش امامن کي ڪوبه ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندا آهن. سندن کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو پاڻ بندوبست ڪندا آهن.
|
| 187 |
+
صحت ۽ علاج
|
| 188 |
+
ننڍن ڳوٺن ۾ جتي اسپتالون ڪونه آهن، اتي وري حڪيم هوندا آهن. حڪيم يوناني طريقي سان علاج ڪندا آهن ۽ جَڙي ٻوٽين مان دوائون ٺاهيندا آهن. هنن جي علاج جو دارومدار سندن حياتيءَ جي تجربن تي ٻڌل هوندو آهي. بخار هجي يا سرسام، پيٽ جو سور هجي يا مٿي جو سور، هر قسم جو علاج تمام ڪاميابيءَ سان ڪندا آهن. ڪن حڪيمن جي هاڪ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين پکڙجي ويندي آهي ته پوءِ ان جي طلب به وڌي ويندي آهي.
|
| 189 |
+
اهي حڪيم گرمين جي موسم ۾ مختلف گلن ٻوٽن مان شربت به ٺاهيندا آهن. هنن جا ٺاهيل شربت قيمت ۾ سستا پر تمام سٺي اثر وارا ٿيندا آهن. عام ڳوٺاڻا ٿاڌل سان گڏ اهڙو شربت به استعمال ڪندا آهن.
|
| 190 |
+
حڪيمن کان سواءِ جراح به هوندا آهن، جيڪي ڦَٽن ڦُرڙين جو علاج ڪندا آهن. هو جهڙيءَ ريت خطرناڪ کان خطرناڪ ڦَٽ کي چهڪ ڏئي علاج ڪندا آهن، تنهن کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي. هو نڪي مريضن کي بيهوش ڪندا آهن نڪو سندن ڪنهن عضوي کي نِستو ڪندا آهن. تنهنڪري هنن جي علاج ۾ تڪليف ته ڏاڍي ٿيندي آهي، البته فائدو ترت ٿي ويندو آهي.
|
| 191 |
+
ڳوٺن ۾ هَڏين جي ڀڳ-ٽوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنڀر رهندا آهن، جيڪي ڀڳل هڏيءَ کي ڪاميابيءَ سان جوڙي ڇڏيندا آهن. هنن جي علاج جو طريقو هونئن ته ڏاڍو سستو ٿئي ٿو، پر آهي ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ. ويچارا ڳوٺاڻا مسافريءَ جي مصيبت ۽ شهر جي ڳاٽي ڀڳي خرچ کان بچڻ لاءِ اها تڪليف به سهي ويندا آهن.
|
| 192 |
+
البت ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جتي طبي سهولتون ته پهچي ويون آهن، پر اتي وري سرڪاري ڊاڪٽر جي اسپتال تي رش لڳي پئي هوندي آهي. ويچارا پري پري جا ڳوٺاڻا ٻار ڪُلهن تي کنيو، بيمارن ۽ پوڙهن کي ڍڳي گاڏين ۾ وجهيو، اسپتال ۾ پهچندا آهن.
|
| 193 |
+
ڳوٺن ۾ اها تڪليف سڀني تڪليفن کان وڏي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيترا ماڻهو وقت سر دوا نه ملڻ جي ڪري موت جو بَکُ ٿي ويندا آهن. خاص ڪري ننڍڙا ٻار ۽ پوڙها ته بيماريءَ جي تاءُ سهي ڪونه سگهندا آهن. جڏهن ڳوٺ جا ڏاها ۽ حڪيم بيماريءَ کي نه سمجهي سگهندا آهن ته هو ويچارا مايوس ٿي ويندا آهن، پر جي پڄي سگهندا آهن ته ڪنهن ڀرپاسي واري شهر ڏانهن روانا ٿيندا آهن، نه ته انهيءَ مايوسيءَ جي حالت ۾ ئي مري ويندا آهن.
|
| 194 |
+
ڳوٺن ۾ وڏيءَ عمر جون عورتون اهڙيون سُتيون ڦڪيون ڄاڻنديون آهن، جو ترت علاج ڪرڻ لاءِ اهي ڪارائتيون هونديون آهن. مثال طور، سياري ۾ سيءَ ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ ”ماکي ۽ نَر ڦوٽو“ چٽائينديون آهن يا ”سُنڍ کنڊ“ ٺاهي رکنديون. خارش کان بچڻ لاءِ ڊاماهو ڪاڙهي ان ۾ پاڻيءَ سان وهنجارينديون، لُک ۽ جهولي جي موسم ۾ بچاءَ خاطر، تيل ۽ ميٽ ۾ بصر مهٽي ان سان وهنجڻ جو ڏس ڏينديون آهن، يا وري هٿن پيرن ۽ مٿي تي ميندي جون پِنيون ٻڌنديون آهن.
|
| 195 |
+
هي ٽوٽڪا ترت علاج طور ڪم ڏيندا آهن ۽ عام طرح سان هر ڳوٺاڻي ماءُ کي برزبان ياد هوندا آهن. ٻار کي ڪن ۾ سور پيو ته ماءُ جي ٿڃ جا گوها هڻائيندس. ڪلين ۾ سور ٿي پيس ته ڇار ۽ لوڻ جو ساٺ ڪرائينديس. پيٽ ۾ سور پيس ته موچڙي تي ڪوئلي سان ليڪا ڪڍي پيٽ تي رکنديون آهن
|
| 196 |
+
........
|
| 197 |
+
................ ٿيڻ تي وري چوندا ته نظر لڳي .... کان سڳو وٽائي ٻڌندس. ڪو ٻار ۾ بگهڙ جي کل جو ٽڪرو ٻڌوس. ندا آهن.
|
| 198 |
+
تعليم
|
| 199 |
+
ڳوٺن ۾ تعليم عام نه آهي، هر ڪو وڏو ۽ ننڍو پنهنجو قوت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ٿو محنت ڪري، تنهنڪري هنن جو لاڙو تعليم ڏانهن گهٽ آهي. هونئن ته ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به پرائمري اسڪول آهن ۽ اهي ٻارن سان سٿيا پيا هوندا آهن.
|
| 200 |
+
اهي ٻار جڏهن پڙهي نڪرندا آهن ته وري ٿورو پرڀرو وڏن ڳوٺن جي مڊل اسڪولن يا هاءِ اسڪولن ۾ وڃي پڙهندا آهن ۽ اتان تعليم حاصل ڪ��ي ماستري، تپيداري يا ڪلارڪي ۽ ان قسم جون نوڪريون حاصل ڪندا آهن يا وري اڳتي وڌي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهچي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح هو تعليم جي بهاني ڳوٺن کان شهرن تائين پهچي ويندا آهن.
|
| 201 |
+
اهڙا ٻار جن کي سندن والدين نه پڙهائي سگهندا آهن، تن کي حڪومت اسڪالرشپون ڏيندي آهي. حڪومت نه صرف اسڪولن ۾ ماستر مقرر ڪندي آهي، پر انهن جي رهائش جي جاءِ، اسڪول جي عمارت، فرنيچر ۽ ٻيو سامان به موجود ڪري ڏيندي آهي. پوءِ والدين جو ڪم هوندو آهي ته اهڙي صورتحال مان فائدو حاصل ڪري، پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين.
|
| 202 |
+
اڳين جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڳوٺن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو چاهه نظر اچي ٿو. ڪيترن ننڍن ڳوٺن ۾ زنانا پرائمري اسڪول به کلي ويا آهن، جتي ماڻهو پنهنجون نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين ٿا. هنن کي اهو محسوس ٿي ويو آهي ته علم حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
|
| 203 |
+
ڳوٺاڻا اسڪول به هڪ طرح سان ڳوٺ ۾ سماجي زندگي پيدا ڪن ٿا. انهن اسڪولن جي ميدان ۾ شام جو ڄاري هڻي والي بال راند به ڪئي ويندي آهي ته هَلڪي سَلڪي ادبي مجلس به قائم ڪئي ويندي آهي. اسڪول جو هيڊ ماستر شهر جي عزت وارن ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ڪن حالتن ۾ شهر جي ٽپال جو بندوبست به سندن هٿن ۾ هوندو آهي.
|
| 204 |
+
جيئن ته ڳوٺن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جون پوريءَ طرح سان سهولتون ڪونهن، تنهنڪري ڪيترا سَرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجي اولاد کي ڀرپاسي وارن شهرن يا وڏن شهرن ۾ هاسٽلن ۾ رهائيندا آهن ته جيئن هو تعليم حاصل ڪري سگهن.
|
| 205 |
+
ڳوٺن جا اسڪول ڳوٺن لاءِ معلومات ۽ تفريح جا مرڪز به هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسڪولي ٻار ناٽڪ ۽ راڳ جون محفلون منعقد ڪندا آهن. اهڙن وقتن تي ننڍڙا ننڍڙا ٻار جدا جدا روپ اختيار ڪري؛ ناٽڪ پيش ڪندا آهن ۽ ڳوٺاڻا ڏاڍي چاهه ۽ شوق سان اهي ڏسندا آهن.
|
| 206 |
+
اتان ئي وري وڏا وڏا فنڪار اُڀري نڪرندا آهن؛ جيڪي اڳتي هلي قومي سطح تي وڏي اهميت حاصل ڪندا آهن. خاص ڪري ڳائڻا، الغوزي نواز، بينون وڄائيندڙ پهرين پهرين ڳوٺن ۾ ئي پنهنجي فون جو مظاهرو ڪندا آهن. اتان مقبوليت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي هو شهرن ۾ ايندا آهن، جتي وڌيڪ مشهور ٿيندا آهن.
|
| 207 |
+
اسڪولن ۾ جلسا به ٿيندا آهن جن ۾ شهر جي معززين کي دعوت ڏني ويندي آهي. انهن جلسن ۾ مباحثا ۽ تقريرون ڪيون وينديون آهن. انهن موقعن تي وڏا توڙي ننڍا گڏجي اچي ويهندا آهن ۽ ڪجهه وقت لاءِ ڄڻ ڳوٺ ۾ جان پئجي ويندي آهي.
|
| 208 |
+
ثقافت جا مرڪز
|
| 209 |
+
ڳوٺ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جي ورثي کي سنڀاليو پيا اچن. ڳوٺن ۾ اڃا سوڌو جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيندو آهي. اڃا تائين ڪوري ڳوٺن ۾ پنهنجن پراڻن آڏاڻن تي ڪم ڪندا، سوسيون ۽ گربيون اُڻيندا نظر ايندا آهن. پورگر وري بافتي يا لَٺي تي ڇُر ڪندا نظر ايندا ۽ سندن ڇَريل اجرڪون ڏيهان ڏيهه مشهور ٿينديون آهن.
|
| 210 |
+
عورتون گهرن ۾ گج تي ٽِڪون (ڪاوا) ٽاڪينديون يا وري رلي ٺاهينديون نظر اينديون آهن ۽ شهري ماڻهو اهو يقين نه ڪري سگهندا آهن ته ڪو هي ڪپڙن جي رنگين ٽڪرن کي ڳنڍي خوبصورت رلي بنائڻ وارا هٿ ڪنهن ڳوٺاڻيءَ عورت جا آهن.
|
| 211 |
+
اسان جي ڳوٺن ۾ اسان جي تهذيب جا قديم نشان دفن ٿيل آهن. پر ڳوٺاڻن پنهنجي انهيءَ تواريخي ورثي کي وساريو ڪونهي. هنن وٽ اڃا به نڙ، بين، سرندو ۽ يڪتارو آهي، جنهن کي وڄائي ڪچهريون ڪندا آهن. پنهنجن عظيم شاعرن جو ڪلام جهونگاريندا آهن.
|
| 212 |
+
ڳوٺ اڃا به انهيءَ سادگي، صفائي ۽ سچائيءَ جا نشان آهن. جيڪا شاعرن پنهنجي شعرن ۽ فنڪارن پنهنجي فن-پارن ۾ ٻڌائي آهي.
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book17.txt
ADDED
|
@@ -0,0 +1,82 @@
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
| 1 |
+
ڪتاب جو نالو: شهري حياتي ۽ ڳوٺ
|
| 2 |
+
|
| 3 |
+
|
| 4 |
+
|
| 5 |
+
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
|
| 6 |
+
- شهري حياتيءَ جو ڳوٺن تي آڌار
|
| 7 |
+
اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جنهن جي خوشحاليءَ ۽ واڌاري جو دارومدار پوکيءَ راهيءَ جي سڌاري ۽ واڌاري تي آهي. ملڪ جي آباديءَ جو 80 سيڪڙو ماڻهو زراعت جي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن، ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. قومي آمدنيءَ جو 60 سيڪڙو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو. زراعت جو دارومدار وري هاريءَ جي پورهيي ۽ سندس سڌريل حالت تي رکيل آهي. جيستائين هاري سُکيو ۽ ستابو نه آهي، تيستائين وڌارو ڪري نه سگهنداسون. وڌندڙ آدمشماريءَ جو مسئلو دنيا لاءِ هڪ وڏو مونجهارو ٿي پيو آهي. انهيءَ مسئلي کي زرعي پيداوار وڌائڻ سان ئي منهن ڏئي سگهون ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو سڄي دنيا اڄ انهيءَ ڪوشش ۾ آهي، ته زمين مان وڌ ۾ وڌ اَنُ اُپائي اناج جي کوٽ پوري ڪجي، ته جيئن دنيا مان بک ختم ڪري سگهجي. ان مان سمجهي سگهجي ٿو، ته دنيا جي مالي حالت جو پوکي راهيءَ سان ڪيڏو نه گهرو ۽ گهاٽو لاڳاپو آهي. حقيقت اها آهي ته هاريءَ جو دنيا تي وڏو ٿورو آهي. هو هَڏَ هڻي، پورهيو ڪري اَنُ اُپائي ٿو، ۽ دنيا کي بک کان بچائي ٿو. هو ونئڻ پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪپهه ملي ٿي. ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا، سُٽُ ٺاهڻ جا ۽ ڪپڙي اُڻڻ جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاريءَ جي پورهيي جي پوئتان هلن ٿا. هو ڪمند پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي کنڊ ملي ٿي. کنڊ جا ڪارخانا به چئبو ته هاريءَ جي پورهيي سان ئي لاڳاپو رکن ٿا. اهڙيءَ طرح چانورن ڇَڙڻ جا ڪارخانا، اَٽي پِيهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاريءَ جي پگهر جي پورهيي تي دارومدار رکن ٿا. شهرن جي سونهن ۽ سوڀيا، وڻج واپار جو چهچٽو ۽ بزارين جي چهل پهل به هاريءَ جي پيداوار جي ڪري آهي. هارين جي پيداوار تي ئي شهر جو واپار ۽ ڪارخانا هلن ٿا. شهرن جي بازارن جي رونق جو ڪارڻ به هاري آهن، ڇاڪاڻ ته شهرن جي دوڪاندارن جي وڏي آسامي هاري ئي آهن. ڪڏهن هاري پاڻ خريداري ڪرڻ اچن ٿا، ته ڪڏهن وري ڳوٺن جا ننڍا دڪاندار شهرن مان سودو سامان وٺڻ اچن ٿا. ان مان پڌرو ٿيندو ته شهرن جي شاهوڪاري ڳوٺاڻن جي ڪاروبار جي ڪري آهي. شهرن ۾ رهندڙ ڪاروباري ماڻهو، توڙي سرڪار يا خانگي نوڪري ڪندڙ ماڻهو ڳوٺاڻن جي ئي پورهيي جي پيداوار مان پنهنجو روزگار ڪمائين ٿا. انهيءَ ڪري چئبو ته شهرن ۾ هي جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، صاف ۽ سڌا رستا، وندر ۽ ورونهن جون جايون، ڪارخانا، اسڪول ۽ ڪاليج نظر اچن ٿا؛ اهي اصل ۾ ڳوٺاڻن جي ڪمائي مان جُڙيا آهن. ڏٺو وڃي ته شهر جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جون شيون به ڳوٺاڻا ئي پهچائين ٿا. اناج، ڀاڄيون، ميوا، گاهه، کير، مکڻ، ڪاٺيون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ڳوٺاڻا شهرين کي پهچائين ٿا. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن وقت ڪا هڪڙي شيءِ به ڳوٺن مان ٿوري انداز ۾ ايندي آهي ته شهر ۾ ٻائيتال مچي ويندو آهي. هرڪو پريشان نظر ايندو آهي، ۽ ضرورت جي شين هٿ ڪرڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊڪندو آهي. ڳوٺاڻن جي جيتري وڌيڪ اچ وڃ ٿيندي، ۽ جيتري وڌيڪ ڳوٺاڻن جي پيداوار شهرن ۾ ايندي، اوترو وڌيڪ شهري شاهوڪار ٿيندا، ۽ شهر جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سڌارو ۽ واڌارو ايندو. 2- اسلام ۾ پوکي راهي تي زور اسلام به پوکيءَ راهيءَ ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. قرآن مجيد ۾ ڪيترين جاين تي زراعت جو بيان آيو آهي. هڪ هنڌ آيو آهي: ”اهو خدا ئي آهي، جنهن باغات اُپائي آهي. جن ۾ مَنهِن تي چڙهيل وليون به آهن، ۽ بنا مَنهِن تي چڙهيل به آهن. کجيءَ جا وڻ ۽ پوک اُپائي�� جن جو ذائقو جدا جدا آهي. ان کان سواءِ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ پيدا ڪيا. ڪي ته ذائقي ۽ شڪل ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، ۽ ڪي نه هوندا آهن. ۽ جڏهن ميوا پَچن ته اهي کائو.“ (ترجمو) ٻي جاءِ تي آيو آهي: ”انسان کي جڳائي ته ڪجهه پنهنجي کاڌي تي به نظر وجهي. اسان زور شور سان مينهن وسايو ۽ زمين کي ڦاڙيو. پوءِ زمين مان انگور، کجور، زيتون، اَنُ اُپايو، ۽ گهاٽا ٻيلا اُپايا، ۽ ميوا گاهَه به، جيڪي توهان جي ۽ توهان جي جانورن جي فائدي لاءِ آهن.“ (ترجمو) الله تعاليٰ اسان کي سمجهايو آهي، ته جڏهن پنهنجي پوکي راهيءَ جي پيداوار ڏسو، ته خدا جي مهربانين کي ياد ڪيو: ”ٻڌايو، اوهان جا پوکي راهي ڪريو ٿا، ان جي پيداوار اوهان ٺاهيو ٿا، يا اسان ٺاهيون ٿا؟ جيڪڏهن اسان چاهيون، ته ان کي ناس ڪري ڇڏيون. ۽ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو، (۽ چئو ته) هي ته اسان تي تاوڻ پئجي ويو. اسان ته نراس ٿي وياسين.“ (ترجمو) حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم به زراعت بابت هدايت ڪئي آهي. فرمايو اٿن: ”توهان پنهنجو پيٽ- قوت، زمين جي ڳجهاين ۾ ڳوليو.“ (ترجمو) هڪ وڏي عالم ”امام سرخسي“ ان جي اُپٽار ڪندي لکيو آهي ته ”زمين جي ڳجهاين ۾ ڳولڻ“ مان مطلب آهي: پوکي راهي. پاڻ سڳورن صه جي هڪ صحابي حضرت انس رضه فرمايو آهي، ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪو وڻ پوکي ٿو، يا ڪو پوکي راهي ڪري ٿو؛ پوءِ ڪو پکي يا ٻيا ماڻهو يا جانور ان مان کائي ٿو، ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي.“ هڪ عالم ”علامه عيني“ لکيو آهي، ته جيئن ته پوکي راهيءَ جو فائدو مومن توڙي ڪافر ۽ هر ساهواري کي ملي ٿو، انهيءَ ڪري اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي. ”امان سرخسي“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته پاڻ سڳورن صه ”جرف“ نالي هڪ جاءِ تي پوکي راهي ڪئي هئي. پاڻ سڳورا صه مديني منوره هجرت ڪري ويا هئا، ۽ مديني منوره جي ماڻهن پنهنجي مهاجر ڀائرن جي وڏي عزت ڪئي هئي. مديني منوره جا اهي ماڻهو هاري هئا. هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ پوک جي هنر جا وڏا ڄاڻو هئا. مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ باغات هئي، ۽ ڪڻڪ جي پوک به ٿيندي هئي. ڪيتريون ئي زمينون ۽ باغات اهڙا هئا، جتي انجير، کجور، انگور، شفتالو ۽ ٻيا اناج ۽ ميوا ٿيندا هئا. ڏکڻ ايشيا جي هڪ وڏي عالم حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ فرمائي ٿو: ”جنهن ملڪ ۾ کيتيءَ جي لائق زمين هجي، ۽ اتي جا رهاڪو سُستي ۽ لاپرواهي ڪن، ته ان ملڪ جي تباهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪري نٿو سگهجي، عيش عشرت وارين شين ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ ملڪ جو پڪو واڌارو پوکي راهيءَ ۾ آهي. ان جو سبب اهو آهي، جو واپار توڙي هنر جو دارومدار ڪَچي مال تي آهي. جيڪڏهن ملڪ جي زمين پوکي راهيءَ جي لائق آهي ۽ ان هوندي به پوک نٿي ڪئي وڃي؛ ته اهو ملڪ نه فقط واپار ۽ هنري واڌاري ۾ پوئتي رهجي ويندو؛ پر پنهنجي حياتيءَ جي گهرجن لاءِ به ٻين ملڪن ڳيجهُو ٿيندو.“ (حجة الله البالغه) ان مان معلوم ٿيندو، ته اسلام پوکي راهيءَ جي ضرورت تي ڪيترو نه ڌيان ڏنو آهي. اسلام کان اڳ، هاريءَ توڙي پورهيت کي تمام گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو هو، ۽ غلام ڪري ليکيو ويندو هو. انهن کي تمام گهٽ اُجرت ڏني ويندي هئي، ۽ کين زوريءَ بيگر ۾ وهايو ويندو هو. اسلام انهن ڳالهين جي منع ڪئي آهي. اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته پورهيت ۽ هاري وڏي مانَ جا لائق آهن. انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن جو حق نه کائجي. ان کان سواءِ اسلام هاري ۽ آبادگار کي هيٺين سهوليتن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي: 1- ڍل گهٽ ۾ گهٽ وٺڻ. 2- هاريءَ کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون رعايتون ڏيڻ. 3- غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ. 4- آبپاشيءَ جي ذريعن کي سُٺو ۽ آسان بنائڻ. پراڻي زماني ۾ زميندار، هارين کان زوريءَ بيگر وٺندا هئا، ۽ انهن کي پيداوار جو تمام گهٽ حصو ڏيندا هئا، اسلام اهڙي هلت کي ڌڪاريو آهي، ۽ اسان کي سيکاريو آهي ته هاريءَ کي پورو حصو ڏيون، جيئن هو سکيو ۽ آسودو رهي. ان سان گڏ جيترو پڄي سگهي، اوتري ان جي مدد ڪريون.
|
| 8 |
+
اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جنهن جي خوشحاليءَ ۽ واڌاري جو دارومدار پوکيءَ راهيءَ جي سڌاري ۽ واڌاري تي آهي. ملڪ جي آباديءَ جو 80 سيڪڙو ماڻهو زراعت جي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن، ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. قومي آمدنيءَ جو 60 سيڪڙو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو. زراعت جو دارومدار وري هاريءَ جي پورهيي ۽ سندس سڌريل حالت تي رکيل آهي. جيستائين هاري سُکيو ۽ ستابو نه آهي، تيستائين وڌارو ڪري نه سگهنداسون.
|
| 9 |
+
وڌندڙ آدمشماريءَ جو مسئلو دنيا لاءِ هڪ وڏو مونجهارو ٿي پيو آهي. انهيءَ مسئلي کي زرعي پيداوار وڌائڻ سان ئي منهن ڏئي سگهون ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو سڄي دنيا اڄ انهيءَ ڪوشش ۾ آهي، ته زمين مان وڌ ۾ وڌ اَنُ اُپائي اناج جي کوٽ پوري ڪجي، ته جيئن دنيا مان بک ختم ڪري سگهجي.
|
| 10 |
+
ان مان سمجهي سگهجي ٿو، ته دنيا جي مالي حالت جو پوکي راهيءَ سان ڪيڏو نه گهرو ۽ گهاٽو لاڳاپو آهي. حقيقت اها آهي ته هاريءَ جو دنيا تي وڏو ٿورو آهي. هو هَڏَ هڻي، پورهيو ڪري اَنُ اُپائي ٿو، ۽ دنيا کي بک کان بچائي ٿو.
|
| 11 |
+
هو ونئڻ پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪپهه ملي ٿي. ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا، سُٽُ ٺاهڻ جا ۽ ڪپڙي اُڻڻ جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاريءَ جي پورهيي جي پوئتان هلن ٿا.
|
| 12 |
+
هو ڪمند پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي کنڊ ملي ٿي. کنڊ جا ڪارخانا به چئبو ته هاريءَ جي پورهيي سان ئي لاڳاپو رکن ٿا. اهڙيءَ طرح چانورن ڇَڙڻ جا ڪارخانا، اَٽي پِيهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاريءَ جي پگهر جي پورهيي تي دارومدار رکن ٿا.
|
| 13 |
+
شهرن جي سونهن ۽ سوڀيا، وڻج واپار جو چهچٽو ۽ بزارين جي چهل پهل به هاريءَ جي پيداوار جي ڪري آهي. هارين جي پيداوار تي ئي شهر جو واپار ۽ ڪارخانا هلن ٿا. شهرن جي بازارن جي رونق جو ڪارڻ به هاري آهن، ڇاڪاڻ ته شهرن جي دوڪاندارن جي وڏي آسامي هاري ئي آهن. ڪڏهن هاري پاڻ خريداري ڪرڻ اچن ٿا، ته ڪڏهن وري ڳوٺن جا ننڍا دڪاندار شهرن مان سودو سامان وٺڻ اچن ٿا.
|
| 14 |
+
ان مان پڌرو ٿيندو ته شهرن جي شاهوڪاري ڳوٺاڻن جي ڪاروبار جي ڪري آهي. شهرن ۾ رهندڙ ڪاروباري ماڻهو، توڙي سرڪار يا خانگي نوڪري ڪندڙ ماڻهو ڳوٺاڻن جي ئي پورهيي جي پيداوار مان پنهنجو روزگار ڪمائين ٿا. انهيءَ ڪري چئبو ته شهرن ۾ هي جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، صاف ۽ سڌا رستا، وندر ۽ ورونهن جون جايون، ڪارخانا، اسڪول ۽ ڪاليج نظر اچن ٿا؛ اهي اصل ۾ ڳوٺاڻن جي ڪمائي مان جُڙيا آهن.
|
| 15 |
+
ڏٺو وڃي ته شهر جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جون شيون به ڳوٺاڻا ئي پهچائين ٿا. اناج، ڀاڄيون، ميوا، گاهه، کير، مکڻ، ڪاٺيون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ڳوٺاڻا شهرين کي پهچائين ٿا. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن وقت ڪا هڪڙي شيءِ به ڳوٺن مان ٿوري انداز ۾ ايندي آهي ته شهر ۾ ٻائيتال مچي ويندو آهي. هرڪو پريشان نظر ايندو آهي، ۽ ضرورت جي شين هٿ ڪرڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊڪندو آهي.
|
| 16 |
+
ڳوٺاڻن جي جيتري وڌيڪ اچ وڃ ٿيندي، ۽ جيتري وڌيڪ ڳوٺاڻن جي پيداوار شهرن ۾ ايندي، اوترو وڌيڪ شهري شاهوڪار ٿيندا، ۽ شهر جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سڌارو ۽ واڌارو ايندو.
|
| 17 |
+
2- اسلام ۾ پوکي راهي تي زور
|
| 18 |
+
اسلام به پوکيءَ راهيءَ ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. قرآن مجيد ۾ ڪيترين جاين تي زراعت جو بيان آيو آهي. هڪ هنڌ آيو آهي: ”اهو خدا ئي آهي، جنهن باغات اُپائي آهي. جن ۾ مَنهِن تي چڙهيل وليون به آهن، ۽ بنا مَنهِن تي چڙهيل به آهن. کجيءَ جا وڻ ۽ پوک اُپائي، جن جو ذائقو جدا جدا آهي. ان کان سواءِ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ پيدا ڪيا. ڪي ته ذائقي ۽ شڪل ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، ۽ ڪي نه هوندا آهن. ۽ جڏهن ميوا پَچن ته اهي کائو.“ (ترجمو) ٻي جاءِ تي آيو آهي: ”انسان کي جڳائي ته ڪجهه پنهنجي کاڌي تي به نظر وجهي. اسان زور شور سان مينهن وسايو ۽ زمين کي ڦاڙيو. پوءِ زمين مان انگور، کجور، زيتون، اَنُ اُپايو، ۽ گهاٽا ٻيلا اُپايا، ۽ ميوا گاهَه به، جيڪي توهان جي ۽ توهان جي جانورن جي فائدي لاءِ آهن.“ (ترجمو) الله تعاليٰ اسان کي سمجهايو آهي، ته جڏهن پنهنجي پوکي راهيءَ جي پيداوار ڏسو، ته خدا جي مهربانين کي ياد ڪيو: ”ٻڌايو، اوهان جا پوکي راهي ڪريو ٿا، ان جي پيداوار اوهان ٺاهيو ٿا، يا اسان ٺاهيون ٿا؟ جيڪڏهن اسان چاهيون، ته ان کي ناس ڪري ڇڏيون. ۽ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو، (۽ چئو ته) هي ته اسان تي تاوڻ پئجي ويو. اسان ته نراس ٿي وياسين.“ (ترجمو) حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم به زراعت بابت هدايت ڪئي آهي. فرمايو اٿن: ”توهان پنهنجو پيٽ- قوت، زمين جي ڳجهاين ۾ ڳوليو.“ (ترجمو) هڪ وڏي عالم ”امام سرخسي“ ان جي اُپٽار ڪندي لکيو آهي ته ”زمين جي ڳجهاين ۾ ڳولڻ“ مان مطلب آهي: پوکي راهي. پاڻ سڳورن صه جي هڪ صحابي حضرت انس رضه فرمايو آهي، ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪو وڻ پوکي ٿو، يا ڪو پوکي راهي ڪري ٿو؛ پوءِ ڪو پکي يا ٻيا ماڻهو يا جانور ان مان کائي ٿو، ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي.“ هڪ عالم ”علامه عيني“ لکيو آهي، ته جيئن ته پوکي راهيءَ جو فائدو مومن توڙي ڪافر ۽ هر ساهواري کي ملي ٿو، انهيءَ ڪري اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي. ”امان سرخسي“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته پاڻ سڳورن صه ”جرف“ نالي هڪ جاءِ تي پوکي راهي ڪئي هئي. پاڻ سڳورا صه مديني منوره هجرت ڪري ويا هئا، ۽ مديني منوره جي ماڻهن پنهنجي مهاجر ڀائرن جي وڏي عزت ڪئي هئي. مديني منوره جا اهي ماڻهو هاري هئا. هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ پوک جي هنر جا وڏا ڄاڻو هئا. مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ باغات هئي، ۽ ڪڻڪ جي پوک به ٿيندي هئي. ڪيتريون ئي زمينون ۽ باغات اهڙا هئا، جتي انجير، کجور، انگور، شفتالو ۽ ٻيا اناج ۽ ميوا ٿيندا هئا. ڏکڻ ايشيا جي هڪ وڏي عالم حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ فرمائي ٿو: ”جنهن ملڪ ۾ کيتيءَ جي لائق زمين هجي، ۽ اتي جا رهاڪو سُستي ۽ لاپرواهي ڪن، ته ان ملڪ جي تباهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪري نٿو سگهجي، عيش عشرت وارين شين ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ ملڪ جو پڪو واڌارو پوکي راهيءَ ۾ آهي. ان جو سبب اهو آهي، جو واپار توڙي هنر جو دارومدار ڪَچي مال تي آهي. جيڪڏهن ملڪ جي زمين پوکي راهيءَ جي لائق آهي ۽ ان هوندي به پوک نٿي ڪئي وڃي؛ ته اهو ملڪ نه فقط واپار ۽ هنري واڌاري ۾ پوئتي رهجي ويندو؛ پر پنهنجي حياتيءَ جي گهرجن لاءِ به ٻين ملڪن ڳيجهُو ٿيندو.“ (حجة الله البالغه) ان مان معلوم ٿيندو، ته اسلام پوکي راهيءَ جي ضرورت تي ڪيترو نه ڌيان ڏنو آهي. اسلام کان اڳ، هاريءَ توڙي پورهيت کي تمام گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو هو، ۽ غلام ڪري ليکيو ويندو هو. انهن کي تمام گهٽ اُجرت ڏني ويندي هئي، ۽ کين زوريءَ بيگر ۾ وهايو ويندو هو. اسلام انهن ڳالهين جي منع ڪئي آهي. اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته پورهيت ۽ هاري وڏي مانَ جا لائق آهن. انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن جو حق نه کائجي. ان کان سواءِ اسلام هاري ۽ آبادگار کي هيٺين سهوليتن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي: 1- ڍل گهٽ ۾ گهٽ وٺڻ. 2- هاريءَ کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون رعايتون ڏيڻ. 3- غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ. 4- آبپاشيءَ جي ذريعن کي سُٺو ۽ آسان بنائڻ. پراڻي زماني ۾ زميندار، هارين کان زوريءَ بيگر وٺندا هئا، ۽ انهن کي پيداوار جو تمام گهٽ حصو ڏيندا هئا، اسلام اهڙي هلت کي ڌڪاريو آهي، ۽ اسان کي سيکاريو آهي ته هاريءَ کي پورو حصو ڏيون، جيئن هو سکيو ۽ آسودو رهي. ان سان گڏ جيترو پڄي سگهي، اوتري ان جي مدد ڪريون.
|
| 19 |
+
اسلام به پوکيءَ راهيءَ ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. قرآن مجيد ۾ ڪيترين جاين تي زراعت جو بيان آيو آهي. هڪ هنڌ آيو آهي:
|
| 20 |
+
”اهو خدا ئي آهي، جنهن باغات اُپائي آهي. جن ۾ مَنهِن تي چڙهيل وليون به آهن، ۽ بنا مَنهِن تي چڙهيل به آهن. کجيءَ جا وڻ ۽ پوک اُپائي، جن جو ذائقو جدا جدا آهي. ان کان سواءِ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ پيدا ڪيا. ڪي ته ذائقي ۽ شڪل ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، ۽ ڪي نه هوندا آهن. ۽ جڏهن ميوا پَچن ته اهي کائو.“ (ترجمو)
|
| 21 |
+
ٻي جاءِ تي آيو آهي:
|
| 22 |
+
”انسان کي جڳائي ته ڪجهه پنهنجي کاڌي تي به نظر وجهي. اسان زور شور سان مينهن وسايو ۽ زمين کي ڦاڙيو. پوءِ زمين مان انگور، کجور، زيتون، اَنُ اُپايو، ۽ گهاٽا ٻيلا اُپايا، ۽ ميوا گاهَه به، جيڪي توهان جي ۽ توهان جي جانورن جي فائدي لاءِ آهن.“ (ترجمو)
|
| 23 |
+
الله تعاليٰ اسان کي سمجهايو آهي، ته جڏهن پنهنجي پوکي راهيءَ جي پيداوار ڏسو، ته خدا جي مهربانين کي ياد ڪيو:
|
| 24 |
+
”ٻڌايو، اوهان جا پوکي راهي ڪريو ٿا، ان جي پيداوار اوهان ٺاهيو ٿا، يا اسان ٺاهيون ٿا؟ جيڪڏهن اسان چاهيون، ته ان کي ناس ڪري ڇڏيون. ۽ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو، (۽ چئو ته) هي ته اسان تي تاوڻ پئجي ويو. اسان ته نراس ٿي وياسين.“ (ترجمو)
|
| 25 |
+
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم به زراعت بابت هدايت ڪئي آهي. فرمايو اٿن:
|
| 26 |
+
”توهان پنهنجو پيٽ- قوت، زمين جي ڳجهاين ۾ ڳوليو.“ (ترجمو)
|
| 27 |
+
هڪ وڏي عالم ”امام سرخسي“ ان جي اُپٽار ڪندي لکيو آهي ته ”زمين جي ڳجهاين ۾ ڳولڻ“ مان مطلب آهي: پوکي راهي. پاڻ سڳورن صه جي هڪ صحابي حضرت انس رضه فرمايو آهي، ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪو وڻ پوکي ٿو، يا ڪو پوکي راهي ڪري ٿو؛ پوءِ ڪو پکي يا ٻيا ماڻهو يا جانور ان مان کائي ٿو، ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي.“
|
| 28 |
+
هڪ عالم ”علامه عيني“ لکيو آهي، ته جيئن ته پوکي راهيءَ جو فائدو مومن توڙي ڪافر ۽ هر ساهواري کي ملي ٿو، انهيءَ ڪري اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي. ”امان سرخسي“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته پاڻ سڳورن صه ”جرف“ نالي هڪ جاءِ تي پوکي راهي ڪئي هئي.
|
| 29 |
+
پاڻ سڳورا صه مديني منوره هجرت ڪري ويا هئا، ۽ مديني منوره جي ماڻهن پنهنجي مهاجر ڀائرن جي وڏي عزت ڪئي هئي. مديني منوره جا اهي ماڻهو هاري هئا. هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ پوک جي هنر جا وڏا ڄاڻو هئا. مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ باغات هئي، ۽ ڪڻڪ جي پوک به ٿيندي هئي. ڪيتريون ئي زمينون ۽ باغات اهڙا هئا، جتي انجير، کجور، انگور، شفتالو ۽ ٻيا اناج ۽ ميوا ٿيندا هئا.
|
| 30 |
+
ڏکڻ ايشيا جي هڪ وڏي عالم حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ فرمائي ٿو:
|
| 31 |
+
”جنهن ملڪ ۾ کيتيءَ جي لائق زمين هجي، ۽ اتي جا رهاڪو سُستي ۽ لاپرواهي ڪن، ته ان ملڪ جي تباهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪري نٿو سگهجي، عيش عشرت وارين شين ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ ملڪ جو پڪو واڌارو پوکي راهيءَ ۾ آهي. ان جو سبب اهو آهي، جو واپار توڙي هنر جو دارومدار ڪَچي مال تي آهي.
|
| 32 |
+
جيڪڏهن ملڪ جي زمين پوکي راهيءَ جي لائق آهي ۽ ان هوندي به پوک نٿي ڪئي وڃي؛ ته اهو ملڪ نه فقط واپار ۽ هنري واڌاري ۾ پوئتي رهجي ويندو؛ پر پنهنجي حياتيءَ جي گهرجن لاءِ به ٻين ملڪن ڳيجهُو ٿيندو.“ (حجة الله البالغه)
|
| 33 |
+
ان مان معلوم ٿيندو، ته اسلام پوکي راهيءَ جي ضرورت تي ڪيترو نه ڌيان ڏنو آهي. اسلام کان اڳ، هاريءَ توڙي پورهيت کي تمام گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو هو، ۽ غلام ڪري ليکيو ويندو هو. انهن کي تمام گهٽ اُجرت ڏني ويندي هئي، ۽ کين زوريءَ بيگر ۾ وهايو ويندو هو. اسلام انهن ڳالهين جي منع ڪئي آهي. اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته پورهيت ۽ هاري وڏي مانَ جا لائق آهن. انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن جو حق نه کائجي. ان کان سواءِ اسلام هاري ۽ آبادگار کي هيٺين سهوليتن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي:
|
| 34 |
+
1- ڍل گهٽ ۾ گهٽ وٺڻ.
|
| 35 |
+
2- هاريءَ کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون رعايتون ڏيڻ.
|
| 36 |
+
3- غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ.
|
| 37 |
+
4- آبپاشيءَ جي ذريعن کي سُٺو ۽ آسان بنائڻ.
|
| 38 |
+
پراڻي زماني ۾ زميندار، هارين کان زوريءَ بيگر وٺندا هئا، ۽ انهن کي پيداوار جو تمام گهٽ حصو ڏيندا هئا، اسلام اهڙي هلت کي ڌڪاريو آهي، ۽ اسان کي سيکاريو آهي ته هاريءَ کي پورو حصو ڏيون، جيئن هو سکيو ۽ آسودو رهي. ان سان گڏ جيترو پڄي سگهي، اوتري ان جي مدد ڪريون.
|
| 39 |
+
|
| 40 |
+
|
| 41 |
+
3- شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پورهيي جي ورڇ
|
| 42 |
+
ڏٺو وڃي ته هي جهان ڪم جي ورهاست سان هلي ٿو. ڪي پوکي راهي ڪن ٿا، ڪي وڻج واپار ۾ رُڌل آهن، ته ڪي ٻين هنرن ۾ لڳل آهن. چوندا آهن ته ’تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي.“ هيءُ چوڻي آهي ته ”ٻه ته ٻارنهن“ يعني گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ فائدو آهي. اک ورائي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته اسان جي گهرجن جو دارومدار هڪ ٻئي کي هٿ ونڊائڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيتريقدر هڪ ٻئي کي هٿ-هٿ ۾ ڏئي هلنداسون، اوتريقدر اسان کي سُک ۽ سهنج ملندا.
|
| 43 |
+
شهر ۽ ڳوٺ به ائين ئي پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن. ٻنهي جو هڪ ٻئي تي دارومدار آهي. جدائيءَ ۾ ويڇو ته آهي ئي ڪونه. چوندا آهن ته ”گهڻن کنئين ڇپر کڄيو وڃي.“ انهيءَ خيال کان جڏهن اسان شهر وارا توڙي ڳوٺاڻا سچائي، ايمانداري ۽ هڪ ٻئي سان همدردي رکي گڏجي ڪم ڪنداسون، يا وڻج واپار هلائينداسون ته هر ڳالهه ۾ سوڀارا ٿينداسون. اسان به خوشحال ٿينداسون ته ملڪ به واڌارو ڪندو، ۽ دنيا ۾ ان جو مانُ مٿانهون ٿيندو.
|
| 44 |
+
دنيا جو ڌنڌو ئي ڪجهه عجيب آهي. هرڪو ائين گهرندو آهي ته کيس ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي نه پوي. هو ڪيترو به پاڻ پتوڙيندو، پر ائين ڪري ڪين سگهندو. هتي هر وقت، هر قدم تي هڪ جو ٻئي ۾ ڪم پوي ٿو. پيءُ – پٽ جو محتاج آهي ته پٽ – پيءُ جو. هڪ ڌنڌو، ٻئي ڌنڌي جي لڳ لاڳاپي سان هلي ٿو. گهر، اوڙي پاڙي جو محتاج، ته شهر ٻهراڙيءَ جو. ڳوٺ به شهر کان سواءِ هلي نه سگهندو. مطلب ته احتياج کان بي نياز ته فقط هڪ خدا جي ذات آهي.
|
| 45 |
+
ان مان ظاهر ٿيندو ته شهري حياتي ڳوٺ جي لڳ لاڳاپي، ڏيتي ليتي، اچ وڃ ۽ وڻج واپار سان واسطو رکي ٿي. ڳوٺ کي به شهر جي ضرورت آهي. ڳوٺاڻن کي پنهنجي پيداوار جي نيڪال ۽ پنهنجي ضرورت جي شين هٿ ڪرڻ لاءِ شهرن سان واسطو رکڻو پوي ٿو، ۽ اچڻو وڃڻو پوي ٿو.
|
| 46 |
+
4- شهري ۽ ڳوٺاڻي حياتيءَ ۾ تفاوت
|
| 47 |
+
انهن ڳالهين کي ڏسي، اسان کي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جو قدر ڪرڻ گهرجي. ڳوٺ جو هاري شهرين کان وڌيڪ پورهيو ڪري ٿو. ه�� اُهو پورهيت آهي، جيڪو اونهاري ۾ تَتَل ڌرتيءَ تي پگهر وهائي هَرَ هلائي ٿو. رُونبو ڪري ٿو، ڪوڏر هڻي زمين سِڌي ڪري ٿو؛ ۽ سياري جي سخت ٿڌ ۾ پاري جهڙي پاڻيءَ ۾ گهڙي پوک لاءِ پاڻي ورائي ٿو. هو پاڻ رکو سکو ٽُڪر کائي، اسان لاءِ اناج، ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪري ٿو. پاڻ سادا يا ڦاٽل ٽُٽل ڪپڙا پائي، ٻين کي قيمتي ويس وڳا پهرائي ٿو. اسان جي وڏي شاعر شاهه عبدالللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جي هيٺين سِٽ سُئيءَ بابت آهي؛ پر اسان جي هاريءَ جي حالت سان به اها ٺهڪي اچي ٿي:
|
| 48 |
+
”ڍڪي اُگهاڙن کي ڪِين ڍڪيائين پاڻ“
|
| 49 |
+
ايڏي پورهيي کان پوءِ به هن کي ايترو پِڙِ نٿو پوي جو هو سڄو سال سک ۽ آرام سان حياتي گذاري سگهي. هو نه چڱو چوکو کائي سگهي ٿو، ۽ نه هو پنهنجون گهُرجون ئي پوريون ڪري سگهي ٿو. دوا درمل جون سهولتون به کيس پوريون ڪونه ٿيون ملن. سندس ٻارن جي تعليم لاءِ به جوڳو بندوبست ڪونهي.
|
| 50 |
+
ڳوٺن جي حالت به ڏاڍي اَبتر آهي. صفائي نه هجڻ ڪري گندگي ٿئي ٿي؛ جنهنڪري ڪيتريون ئي بيماريون وقت به وقت منهن ڪڍيو بيهو رهن.
|
| 51 |
+
وڏي ڳالهه اها ته هو زراعتي هنر جي نئين سکيا کان به وانجهيل آهي. ٽرئڪٽرن ۽ ٻين مشينن تائين به سڀڪنهن جي هٿ- پڄندي ڪانه ٿي ٿئي. سُٺي ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ به کيس وڏي ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي پوي ٿي. ان کان سواءِ اناج وڪرو ڪرڻ وقت به کيس ڏجها ڏِسڻا پون ٿا.
|
| 52 |
+
هوڏانهن وري ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته ملڪ اهوئي خوشحال نظر ايندو، جنهن جا هاري سکيا ۽ آسودا آهن. ڄاڻن جو به اهو خيال آهي ته جيستائين هارين کي آسودو نه رکبو، تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو.
|
| 53 |
+
جيتوڻيڪ اسان جا شهر به ايڏي وڏي اوج تي ڪونه آهن، تڏهن به ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ تعليم وڌيڪ آهي، اوچيون ۽ پَڪيون جايون آهن، صفائيءَ سُٿرائي آهي، دوا درمل جي سهولت آهي، ۽ ٻيون ڪم ايندڙ شيون عام جام ملن ٿيون. مطلب ته شهرن ۾ جيڪي سهولتون آهن، اُهي ڳوٺن ۾ ڪونهن. البت هينئر ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي اچي ويئي آهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسپتالون پيون آهن، ۽ ٻيون ڪجهه سهولتون ڳوٺن کي ملي رهيون آهن. ان هوندي به ضرورت آهي ته ڳوٺن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اڃا به وڌيڪ ڌيان ڏجي.
|
| 54 |
+
ڳوٺن ۾ قدرتي سونهن ۽ سوڀي جهجهي آهي. اُتي ماڻهو قدرت جي نظارن مان دل کي فرحت ڏئي سگهي ٿو. اُتي جي صاف هوا انسان جي تندرستيءَ لاءِ وڏي نعمت آهي. جيڪڏهن اسان ڳوٺن ۾ سڌارا آڻيون ته ڳوٺن جي رهائش، شهري حياتيءَ کان تمام سٺي آهي. هينئر جو ماڻهو ڳوٺن کان لڏي شهرن ۾ اچي رهن ٿا، اها ڳالهه جيڪر ختم ٿي وڃي. پاڻ شهري ماڻهو، ڳوٺن ۾ رهڻ جي سَڌَ ڪن، ۽ ڳوٺن ۾ جايون جوڙائي ڪجهه وقت وڃي اُتي سک جو ساهه کڻن.
|
| 55 |
+
5- ڳوٺن جو سڌارو ۽ واڌارو
|
| 56 |
+
ڳوٺن جي حالت سڌارڻ فقط سرڪار جي ذميواري نه آهي. اسان کي به ان لاءِ ڪوشش وٺڻي آهي. سرڪار ته ڳوٺاڻن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري پئي: ڳوٺن ۾ تعليم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو انگ به وڌايو ويو آهي. اسپتالون به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کوليون ويون آهن.
|
| 57 |
+
هارين جي سهولت لاءِ به حڪومت گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، ۽ ڪري پئي: کين ٽرئڪٽرن، ٻين مشينن ۽ ٽيوب ويلن جي سهولت لاءِ تمام وڏو خرچ ڪري رهي آهي. ڀاڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀاڻ جا ڪارخانا لڳايا ويا آهن، ۽ اڃا ڪجهه ٻيا به لڳايا پيا وڃن. سُٺن ٻجن لاءِ به کوجنائون ڪيون ويون آهن، ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيل کوجنائن مان به فائدو ورتو ويو آهي. سِمَ ۽ ڪَلر کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون پيون وڃن، ۽ گهڻو پيسو ��رچ ڪيو پيو وڃي. فصلن کي ڪِيڙي ۽ جِيت کان بچائڻ لاءِ دوائن ڇٽڪائڻ جو بندوبست آهي.
|
| 58 |
+
حڪومت جون ڪوششون به تڏهن ڪامياب ٿينديون، جڏهن اسان ان ڏس ۾ سرڪار سان سهڪار ڪنداسون، ۽ هارين ۽ ڳوٺن جي سڌاري لاءِ گهُربل اُپاءَ وٺنداسون. جيڪڏهن واپاري ۽ ڪامورا ٺڳي ۽ دولاب ڪندا ته سرڪاري سهولتن مان هارين کي پورو فائدو ملي نه سگهندو. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي پيٽ ڏانهن گوڏا نه سوريون؛ پر ٻئي جو به خيال ڪيون. چوندا آهن ته ”پَرَ خير، ته پنهنجو خير.“ اسان کي رڳو پنهنجي پيٽ لاءِ سوچڻ نه گهرجي، پر اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن ٻئي جي به ڪم اچون.
|
| 59 |
+
سياڻا چئي ويا آهن ته: اها حياتي ڪهڙي ڪم جي، جيڪا فقط پنهنجو پاڻ تائين هجي. ماڻهو اهو چڱو، جيڪو ٻئي جو حق نه کائي، پر جيترو پڄي سگهيس اوترو ڪنهن ٻئي سان ڀالَ ڀَلائي. انهيءَ ڪري اسان کي جڳائي ته جيترو پڄي سگهي اوترو پنهنجي پاڙيسرين، شهر وارن ۽ ٻين ڳوٺن وارن جي مدد ڪريون.
|
| 60 |
+
ڳوٺن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اهڙيون انجمنون قائم ڪرڻ گهرجن، جيڪي ڳوٺن ۾ وڃي ڳوٺاڻي آباديءَ کي شهر جي رهڻي ڪهڻي سيکارين ۽ حياتيءَ جي سُکن ۽ سُهنجن کان واقف ڪن. انهن جي گهريلو هنرن کي همتائين، ۽ انهن کان مال جي وڪري لاءِ جوڳا اپاءَ وٺن. ڳوٺاڻن کي صفائيءَ جا فائدا سمجهائين، ۽ صفائي رکڻ جا طريقا سيکارين. ان کان سواءِ انهن انجمنن جي رضاڪارن جا هيٺان ڪم به ٿي سگهن ٿا:
|
| 61 |
+
1- ڳوٺاڻن کي سمجهائين ته گند ڪچري جي ڪري بيماريون پيدا ٿين ٿيو. انهيءَ ڪري گند ڪچرو جتي ڪٿي ڦِٽو نه ڪن، پر ٻاهر کڏون کوٽي، اُنهن ۾ ڦِٽو ڪن. ڪِني پاڻيءَ لاءِ ناليون کوٽين، جيئن پاڻي نيڪال ٿي، ٻاهر ڪنهن کَڏ يا ڪَسيءَ ۾ وڃي پوي.
|
| 62 |
+
2- کوهن ۽ تلائن جي حفاظت ڪن، ۽ انهن جي ويجهو گندگي ٿيڻ نه ڏين.
|
| 63 |
+
3- کين سيکارين ته وبائي بيمارين کان بچڻ لاءِ اڳ ۾ ڪهڙا اُپاءَ وٺن، جيئن وبائي بيماريون منهن ئي نه ڪڍن.
|
| 64 |
+
4- کين دوا درمل جون سهولتون ڏيڻ لاءِ اهڙيون اسپتالون ڳوٺن ۾ کولارائين، جتي ڳوٺاڻن کي سستو ۽ سولو علاج ملي سگهي.
|
| 65 |
+
5- ڳوٺاڻن جا اهنج دور ڪرڻ لاءِ انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿين. کين ڪاموري ۽ وڏيري جي ڏاڍاين کان بچائڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺن.
|
| 66 |
+
6- کين سُٺي ٻج، ٽريڪٽر، ڀاڻ ۽ ٻين ڳالهين ۾ مدد ڪن، جيئن کين پريشاني نه ٿئي، ۽ وقت تي مُنجهي نه پون.
|
| 67 |
+
7- اسان جا ڳوٺاڻا وهمن ڀرمن ۾ مبتلا آهن. انهيءَ ڪري هو اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ رهجيو وڃن. ضرورت آهي ته کين انهن ڳالهين کان پري رکڻ لاءِ، منجهن سمجهه پيدا ڪجي.
|
| 68 |
+
8- اسان جا ڳوٺاڻا مرد توڙي عورتون ڏاڍا محنتي آهن. هو پوکي راهي کان سواءِ ٻيا هنر به ڄاڻن ٿا. هو ڪيتريون ئي شيون ٺاهين ٿا، جيڪي چڱو ناڻو پيدا ڪري سگهن ٿيون. عورتون رَليون ۽ ٽوپَ ٺاهين ٿيون، ۽ ڀَرت جو ڪم به ڏاڍو عمدو ڪن ٿيون. مرد پَترون، کارا، تؤنريون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ٺاهين ٿا. انهن کان سواءِ ڪيترائي هنرمند به ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جيڪي ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو اُڻن ٿا، جُتيون ٺاهين ٿا، ٺِڪر جا ٿانوَ جوڙين ٿا، ڪاشيءَ جا برتن ٺاهين ٿا، جنڊيءَ جو ڏاڍو سهڻو ڪم ڪن ٿا.
|
| 69 |
+
جيڪڏهن ڪوشش ورتي وڃي ته ڳوٺاڻن کي انهن شين مان تمام گهڻو اُپراسو ٿي سگهي ٿو. پر واپارين جي خود غرضيءَ جي ڪري کين مناسب اُجرت ڪونه ٿي ملي. جيڪڏهن اهڙا اُپاءَ وٺجن، جو انهن جي پيداوار سُٺي اگهه تي وڪامي، ۽ انهن جو کپُ وڌائجي ته جيڪر ڳوٺاڻن هنرمندن جي مالي حالت ڏاڍي سڌري وڃي. ان سان گڏ اهو فائدو به ٿيندو، ته اسان جي سنڌي ثقافت جو بچاءُ ٿيندو.
|
| 70 |
+
حقيقت اها آهي ته اسان جي ثقافت توڙي نج ��ولي آهي ئي ڳوٺن ۾. جيڪڏهن اسان گهرون ٿا ته اسان جي ثقافت اصلي حالت ۾ قائم رهي ۽ ان جو وار ونگو نه ٿئي، ته جڳائي ته ڳوٺاڻن هُنرن کي هَٿي ڏيون. انهن جو مانُ ڪيون، ۽ اُن جو چالامان وڌايون. اهڙيءَ طرح اسان مالي حالت ۾ پاڻ ڀَرا ٿينداسون، ۽ ڪنهن جا ڳيجهو نه ٿينداسون.
|
| 71 |
+
6- شهري حياتيءَ ۾ سڌاري جي ضرورت
|
| 72 |
+
اسان جي شهرن کي به سڌارڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن شهرن ۾ گندگي ٿئي ٿي ته ان جو تمام اُگرو نتيجو نڪري ٿو. ڏٺو ويو آهي ته شهرن جي گهٽين ۽ رستن جي صفائيءَ جو گهڻو خيال نه ڪيو ويندو آهي. اسان گهٽين ۾ جتي ايندو آهي، اتي گند ڪچرو اُڇلائي گندگي ڪندا آهيون. رستي تي هلندي شيون ۽ ميوو کائي، ڪاغذ، لفافا، دونا، پئڪيٽ ۽ ميون جون کلون اُڇلائي ڇڏيندا آهيون. انهيءَ ڪري هڪ ته گندگيءَ مان بيماريون نِسرن ٿيون، ٻيو ته ميون جي کلن تان ماڻهو تِرڪيو ڪِريو پون. وقتي ته ڪي حادثا به ٿيو پون.
|
| 73 |
+
انهيءَ ڪري هر شهريءَ تي واجب آهي ته هو صفائيءَ جو خيال رکي. گهٽين ۾ گند نه اُڇلايو وڃي، پر اهو کڻي وڃي انهن جاين تي اُڇلجي، جتي ميونسپالٽيءَ طرفان گند اُڇلڻ لاءِ خاص طرح سان انتظام ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ رستي هلندي کَلون ۽ ٻيون بيڪار شيون نه اڇلائجن، پر گند گڏ ڪرڻ وارين جاين تي اُڇلايون.
|
| 74 |
+
ڏٺو ويو آهي ته شهري حياتيءَ ۾ هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هوندو آهي. هن کي اها به خبر نه هوندي آهي ته پاڙي ۾ ڪير ٿو رهي. اها ڳالهه نهايت خراب آهي. ماڻهپو انهيءَ ۾ نه آهي ته ماڻهو لڳ لاڳاپو ئي نه رکي. اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته پاڙيسرين جو پورو پورو خيال رکون. ائين نه ٿئي ته پاڙيسري بکيو رهي ۽ پاڻ پيٽ ڀري کائون؛ اسان سک ۽ آرام ۾ گذاريون، ۽ پاڙيسري اهنج ۽ آزار ۾ هجي. انهيءَ ڪري پاڙيسرين سان ميٺ ۽ محبت سان هلجي. اوکيءَ ويل انهن کي ڪم اچجي، ۽ هر ڪم ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيهجي.
|
| 75 |
+
شهري حياتي سُٺي گذارڻ لاءِ اسان تي ٻيون به ڪيتريون ئي جوابداريون آهن. جهڙوڪ:
|
| 76 |
+
1- ٻارن جي تعليم ۽ سِکيا جو جوڳو بندوبست ڪرڻ.
|
| 77 |
+
2- قانون تي هلڻ ۽ قاعدن قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ.
|
| 78 |
+
3- بُراين جي پاڙ پٽڻ لاءِ حڪومت جي مدد ڪرڻ.
|
| 79 |
+
4- شهر جي سڌاري لاءِ جيڪي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، انهن سان هر حال ۾ مدد ڪرڻ.
|
| 80 |
+
5- سرڪاري محصول باقاعدگيءَ سان ادا ڪرڻ.
|
| 81 |
+
6- شهر ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ حڪومت کي سڏيءَ سڏ ڏيڻ.
|
| 82 |
+
اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته انساني حياتيءَ جي ڀلي لاءِ جيترو پڄي سگهندو اوترو ڪوشش وٺنداسون. جيڪڏهن اسان دل جي سچائي سان انهيءَ نموني پاڻ پتوڙيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن اسان جا شهر توڙي ڳوٺ هڪ جهڙا آرام ۽ آسائش وارا ٿي ويندا؛ ۽ انسان ڏک، ڏولائي ۽ ڏوجهري کان آزاد رهي، سک جو ساهه کڻي سگهندو.
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book18.txt
ADDED
|
@@ -0,0 +1,156 @@
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
| 1 |
+
ڪتاب جو نالو: درياءَ ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي
|
| 2 |
+
|
| 3 |
+
|
| 4 |
+
|
| 5 |
+
درياءَ ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي
|
| 6 |
+
حبيب الله صديقي
|
| 7 |
+
جِتي پاڻي، اُتي پاڻَ
|
| 8 |
+
ڀونءَ ڦِرندا ڀاڳَ آهن. جيڪا زمين سوين سال غيرآباد رهي هجي، اُها به آباد ٿي سگهي ٿي، پر جي پاڻي مليس!
|
| 9 |
+
زمين جي آباديءَ تي انسانذات جي کاڌ خوراڪ، سڌاري ۽ واڌاري، ساهت، سڀيتا ۽ هنرن بلڪ ماڳهين پنهنجي وجود جو آڌار آهي.
|
| 10 |
+
ڪي ملڪ اهڙا به آهن، جن مان فقط هڪ ندي وهي ٿي سا به نويڪلي سندن نه آهي. مٿئين ڪنهن ملڪ مان وهي نڪري ٿي ۽ وٽانئن ٿيندي هيٺئين ڪنهن ملڪ ۾ وڃيو ٿي پوي. پوءِ به اهي ملڪ زراعت ۽ هنرن، ڪاريگريءَ ۽ واپار، ڌنڌن ۽ روزگارن ۾ صدين کان آسودا ملڪ ليکبا اچن ٿا. اهڙو هڪ ملڪ مصر آهي، جيڪو نيل نديءَ جي سوغات آهي.
|
| 11 |
+
اسان جي سنڌ وري سنڌونديءَ جي سوکڙي آهي. سنڌوندي دنيا جي ندين ۾ سترهون نمبر وڏي ندي آهي. هماليه جبلن جي ڪيلاس پربت ۾ هڪ ڍنڍ آهي، جنهن کي مانسِروُوَر ڍنڍ چوندا آهن. سنڌوندي، اُنهيءَ مانسروور ڍنڍ مان نڪري، ڪشمير جي گلگت وارو جابلو حصو لتاڙي، پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي سيراب ڪري، ارڙهن سؤ ميلن جي منزل هڻي، شاهبندر وٽ اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
|
| 12 |
+
سنڌوندي سنڌ جو ته جِهڙوڪَرَ ساهُه آهي. جي اها نه هجي ها ته سڄي سنڌ هوند برپٽ بيابان ٿي وڃي. ٿر وانگر رڳو واري پيئي وسي.
|
| 13 |
+
سنڌونديءَ جي ڪناري: ڪڙمي، ڪاسبي، ڌنار پهنوار، ماڇي مهاڻا، واپاري ۽ ٺيڪيدار، توڙي ڪامورا ڪڙا زندگيءَ جا سکيا پهر پيا گهارين.
|
| 14 |
+
زندگيءَ جو هي سلسلو هزارين سالن کان جاري آهي. موئن جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو، ٺٽو ننگر ۽ سيوهڻ شريف، آمريءَ جا آثار ۽ ٻيا ڪيترائي پراڻا پَڊَ انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌونديءَ جي ڪناري تي آڳاٽي زماني ۾ به ڪيترا وڏا شهر بستيون، ٿاڪ وسنديون، وٿاڻ، قومون ۽ قبيلا آباد هوندا هئا. ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت اها روئداد بيان ڪري ٿو:
|
| 15 |
+
ڀُون پراڻي نه ٿئي،
|
| 16 |
+
جهونو ٿئي مَ سِجّ،
|
| 17 |
+
ٻنيءَ مٿان ٻِج،
|
| 18 |
+
هاريندڙ هليا ويا.
|
| 19 |
+
ائين نه آهي ته ڪو سنڌوندي هميشه کان هڪ هنڌان پئي وهي آهي. سنڌ اندر سنڌونديءَ ڪيئي پيٽ مَٽايا آهن. هڪ انگريز عالم جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ اهڙي ٻي ڪا به ندي ڪا نه آهي، جنهن هن درياهه وانگر پنهنجو وهڪرو بدلايو هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي ته سندس ٻيئي ڪپ هيٺانهان آهن ۽ سندس پيٽ يا تري جي زمين به اهڙي سخت نه آهي، تنهنڪري اُٿل وقت جيڏانهن اچيس ٿو تيڏانهن پيٽ مٽايو وڃي. اُنهيءَ ڪري کيس ”پورالي سنڌو“ به ڪري چوندا آهن.
|
| 20 |
+
سنڌ ۾ عام چوڻي آهي ته ”جتي پاڻي آهي، اُتي پاڻ آهي.“ اها چوڻي انهيءَ ڪري ٺهي، جو ڏٺو ويو ته جيڏانهن ٿي سنڌونديءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ ڀيرو ڀريو، تيڏانهن ٿي خلق خدا جي لاڙو ڪيو.
|
| 21 |
+
ٻه سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي ته سنڌو ندي هالا ۽ نصرپور جي وچان وهندي هئي. عيسوي سن 1758 ۾ ”پورالي سنڌو“ موج ۾ اچي، هالا کان سڌو ڏکڻ طرف رُخُ رکي، نيرون ڪوٽ جي اولهه کان وهڻ لڳي، جتان اڄ سوڌو وهندي رهي ٿي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو نيرون ڪوٽ، حيدرآباد جو روپ ڌاري، سنڌ جو تخت گاهه بنيو، ۽ نصرپور پنهنجو اڳيون اوج قائم رکي ڪانه سگهي. ساڳي ڪار اُتر ۾ روهڙيءَ ۽ اروڙ سان ٿي. عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت روهڙي شهر جو ڪو به نالو نيشان ڪو نه هو. پر پوءِ جڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو اروڙ وارو وهڪرو ڦيرائي، سکر ۽ روهڙيءَ جي وچان وهڻ شروع ڪيو ته روهڙي شهر جو پايو پيو ۽ اروڙ ڦِٽي دڙا ٿي ويو.
|
| 22 |
+
اروڙ جا نشان روهڙيءَ جي ڏکڻ – اوڀر ۾ اُڀرندي ناري لڳ اڄ به موجود آهن. هجري سن 711 ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ منصوري ۾ قائم ڪيو. پوءِ ٻن صدين تائين اروڙ هندو آباديءَ جو مرڪز رهيو. آخر ۾ درياهه جو منهن موڙي وڃڻ سبب ڦٽي ويو. اهڙو ئي هڪ ٻيو شهر ڪوٽڙي ڪبير جي نالي سان انهيءَ منهن موڙڻ جي سٽ سهي، اڃا به ساڳئي نالي سان نئين هنڌ تي آباد آهي، جيئن نصرپور ساڳوڻي هنڌ تي آباد آهي؛ پر اهو اڳوڻو اوج ڪٿي! پراڻي ڪوٽڙي ڪبير جا نشان دڙن جي صورت ۾ تعلقي ڪنڊياري ۾ بهلاڻي شهر کان اٽڪل چئن-پنجن ميلن جي پنڌ تي قومي شاهراهه جي اوڀر ۾ آهن.هن پراڻي شهر جي اولهه طرف درياهه وهندو هو، جنهن جا نشان اڄ تائين واريءَ جي صورت ۾ موجود آهن. اهو ئي درياهه ”ساهتي“ جي زمينن کي آباد ڪندو هو. شهدادپور کان سهڻيءَ ۽ ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو، ٿر ۾ پراڻ جي نالي سان سڏبو، رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. هاڻي اُتي واري پيئي وسي.
|
| 23 |
+
اهڙوئي هڪ مثال پاڻيءَ جي منهن موڙڻ جو سنڌ ۾ هاڪڙي درياهه جي نالي سان مشهور آهي.
|
| 24 |
+
هاڪڙو درياهه اُڀرندي پنجاب، اُتر راجپوتانا ۽ سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي کي آباد ڪندو هو. سندس سڪي وڃڻ کان پوءِ ٿَرُ بَرُ ٿي ويو. سنڌ جا پراڻا نقشا ڏيکارين ٿا ته آريا قوم جي سنڌ ۾ اچڻ وقت هاڪڙو درياهه موجود هو. ٿَرَ جي واريءَ جي ڀِٽُن جي باري ۾ ڪن عالمن جو خيال آهي ته اڳ هي حصو سمنڊ جي هيٺان هو. اهو خيال هن ڪري درست سمجهيو وڃي ٿو، جو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سمنڊ جو هاڻوڪو ڪنارو چاليهه ميل اورتي هو. بدين جو شهر پڻ ڪڇ جي رڻ ۾ هو. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سمنڊ بدين کان وهندو هو. پر ٻين عالمن جي هيءَ راءِ آهي ته هاڪڙي جي وجود مٽجڻ ڪري واريءَ جا دڙا ظاهر ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته اها پڪ آهي ته هاڪڙي ۽ اُن جي شاخن ڪري ٿرپارڪر ضلعو ۽ چاچڪان ان وقت سنڌ جا زرخيز ڀاڱا هئا.
|
| 25 |
+
اُڀرندو نارو، جنهن جو مُنهن اڄڪلهه سکر براج جي کاٻي پاسي آهي، سو هاڪڙي جي پراڻي پيٽ مان وهي ٿو، باقي هاڪڙي جون شاخون، جن تي ٽن ملڪن جي آبادي ٿيندي هئي. سي پڻ موجود آهن ۽ برسات کان پوءِ پاڻي سان ڀرجيو وڃن. هاڪڙي جي ڪناري تي خاص ڪري ڇوڙ واري هنڌ تي ڪيترن ئي ڦٽل شهرن جا نشان مليا آهن، جي ڪنهن زماني ۾ وڏي اوج تي هئا. پر اڄ هاڪڙي جو پاڻي نه آهي ته پاڻ به نه آهن. تڏهن ته چيو اٿن ته ”جتي پاڻي، اُتي پاڻ.“
|
| 26 |
+
سنڌ ۾ سنڌوندي راجپوتانه جي ريگستاني علائقن جي حدن کان وٺي الهندي وارن کيرٿر جبل جي قطارن تائين هڪ سؤ ستر ميلن واري ميداني علائقي اندر ڪيترائي ڀيرا پنهنجو پيٽ مٽايو آهي.
|
| 27 |
+
پوئين ڀيري، عيسوي سن 1757 ۾، سنڌونديءَ پنهنجو رخ بدلائي اروڙ، ڪوٽڙي ڪبير، سهڻيءَ جي قبر لڳ شهدادپور ۽ نصرپور وغيره کي ڇڏي، روهڙي، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جا شهر وسايا. اُن سلسلي ۾ هالڪنڊي شهر جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جو ان جي احوال مان پتو پوي ٿو ته نه فقط درياهه جي مُنهن موڙڻ سبب بستيون ۽ شهر برباد ٿين ٿا، پر ان جي پائڻ ۽ ٻوڏ سبب پڻ ڪيتريون وسنديون ويران ۽ شهر غرق ٿين ٿا.
|
| 28 |
+
هاڻوڪي پراڻي هالا ڳوٺ جي اُلهندي طرف اڌ ميل پنڌ تي هالڪنڊي نالي هڪ وڏو شهر هوندو هو.
|
| 29 |
+
هالڪنڊي شهر جي اولهه ۾ ”مير ٻيلو“ نالي هڪ ڳوٺ هو، جنهن جي الهندي وٽ سان وڏا باغ هوندا هئا. اتان درياهه ٻن ميلن جي پنڌ تي وهندو هو.
|
| 30 |
+
مير ٻيلو هالا ذات جي ماڻهن مخدوم نوح رحمت الله عليہ جن کي نذراني طور ڏنو هو. مخدوم نوحؒ هن ڳوٺ جي اڀرندي طرف رهندو هو. سندس وفات بعد کيس هالڪنڊي شهر جي مقام ۾ دفنايو ويو.
|
| 31 |
+
اٽڪل عيسوي سن 1598 ڌاري هن شهر کي درياهه پائڻ شروع ڪيو. ڀٽي بزرگن ۽ انهن سان واسطو رکندڙ ماڻهن پنهنجا گهر هالڪنڊي شهر جي اُڀرندي طرف مِٽيءَ جي هڪ وڏي دڙي تي اچي اڏيا. مخدوم نوحؒ جي تڏهوڪي گادي نشين ۽ سندس مريدن هالڪنڊيءَ کان لڏي، ٻن- اڍائن ميلن جي مفاصلي تي اڀرندي طرف اچي، اسلام آباد جي نالي سان شهر ٻڌو، جنهن کي هاڻي ’هالا نوان‘ چون ٿا. مخدوم نوحؒ جي ميت مبارڪ کي هنن پيتيءَ ۾ وجهي، آڻي هالا نوان ۾ هاڻوڪي مقبري ۾ دفنايو.
|
| 32 |
+
ائين پوراليءَ سنڌونديءَ اسان کان ڪيترائي پراڻا شهر کسيا آهن، ۽ انهن جي بدران نوان شهر ڏنا آهن.
|
| 33 |
+
آبڪلاڻي، اُٿل ۽ ٻوڏ
|
| 34 |
+
سنڌوندي، جنهن کي مهراڻ به سڏيندا آهن، تنهن جي موج مشهور آهي. هماليه جبلن جي ڪيلاس پربت تي سڄو سيارو جيڪا برف پوي، سا اونهاري جي سج تي رجي، وهيو اچيو مانسروور ڍنڍ ۾ پوي. اهو پاڻي، سونهاريءَ سنڌونديءَ رستي پنهنجي ارڙهن سؤ ميلن جي ڊگهي وهڪري ۾ هزارين بستين، لکين گهرن، ڪروڙين ايڪڙ زمين ۽ ان جي کيتن ۽ فصلن کي آباد ڪندو ۽ اُنهن جي اُڃ لاهيندو، اچيو شاهه بندر وٽ عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. ايڏي پنهنجي ڊگهي سفر ۾ هر سال هي پاڻيءَ جو زوردار وهڪرو ڪجهه پائيندڙ رستي ۽ ڪجهه اُٿل ڪرڻ سان، ڪيتريون بتسيون، ڳوٺ ۽ آباديون ٻوڙيو ۽ ڊاهيو ختم ڪري ڇڏي، ائين هيءُ موج متو مهراڻ نه جهليو رهي نه پليو رهي، ڪڏهن مهربان ۽ ڪڏهن ڏمريل، پنهنجيءَ مستيءَ ۾ وهندو رهي ٿو.
|
| 35 |
+
سنڌوءَ جي اٿل کي روڪڻ لاءِ اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ بند ٻڌل آهن، جن ۾ بيگاري، ڪشمور، چڪ، لاڙڪاڻو ۽ سيوهڻ بند مشهور آهن. انهن بندن تي حڪومت هر سال سخت پهرو لڳائي، کاڌ ۽ روڻن کان اُنهن جي بچاءَ جو بندوبست ڪري ٿي.
|
| 36 |
+
عام ماڻهو آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ وڏيءَ وَٺُ – پُڄُ ۾ هوندا آهن. ڪن جا ڍور چٽ، ته ڪن جا جهڳا چٽ. ڪڏهن ڪڏهن ته اوچتيءَ ۽ وڏيءَ ٻوڏ ۾ ماڻهن جو به نقصان ٿئي ٿو. پاڻيءَ جي اوچتي چاڙهه جي حالت ۾ بيـٺل فصل به ناس ٿيو وڃن. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو ڪَچي مان نڪري، بندن تي يا بندن کان ٻاهر پڪي تي سر ۽ ٽپڙ بچائي، اچي پناهه وٺندا آهن. سرڪار طرفان ”رليف ڪئمپون“ يا امدادي مرڪز قائم ڪيا ويندا آهن، جتي اناج، دوائون ۽ ٻيون امدادي شيون متاثر ٿيل ماڻهن ۾ ورهايون وينديون آهن.
|
| 37 |
+
درياهه اڪثر ڪري اپريل مهيني جي وچ ڌاري ڦوڪجڻ شروع ڪندو آهي، مئي ۽ جون مهينن ۾ ڍنڍون ڍورا، ڪپر ۽ ڪنارا ڀري بيهندو آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ درياهه جي چاڙهه جا مهينا هوندا آهن، اُن جو وڏو وهڪرو آگسٽ مهيني ۾ يا سيپٽمبر مهيني جي پهرين اڌ ڌاري گذري ويندو آهي. پوءِ سيپٽمبر مهيني ۾ ئي پاڻي ڇڄڻ لڳندو آهي. ڪچي جا ماڻهو پاڻيءَ لهندي ئي، پنهنجي ماڳ تي موٽيو اچن ۽ اچي هر ڦار يا ڇٽ – کيڙ کي لڳن. پاڻي لهندي لهندي، درياهه جي پيٽ مان آخر لانگها ٺهيو پون، ۽ ماڻهو ۽ سندن ڍور- ڍڳا وتن منجهس آسانيءَ سان گهمندا ڦرندا. ڪير چوي ته هي گجندڙ شينهن، مَئو متو مهراڻ، آبڪلاڻيءَ جي ٻن - اڍائن مهينن ۾ ڇا ڏئي ويو ۽ ڇا کڻي ويو، ۽ ڇا ڇا نه ڪري ويو! ڪٿي ته ڪوهن ۾ واريءَ جا دڙا، ڪٿي ته ڪلر ۾ ورتل سڪل ٺوٺ رڃ جا ميدان، لٽ جي تهه هيٺ ڍڪجي، ڀليءَ ڀاڳ ڀريءَ، سون اپائيندڙ ڌرتيءَ جا پٽ ٺهيو پون – بنهه اهڙا، جو چئجي ته ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي ويا!“
|
| 38 |
+
سنڌونديءَ جي ڪناري سان لکين ايڪڙ ڀليون زمينون آهن، جيڪي آبڪلاڻيءَ ۾ ٻڏن ٿيون. اُنهن کي ٻي ڪا پيچ موڪ به ڪا نه آهي. هي نهور زمينون سنڌونديءَ جو مٺو پاڻي پي، ڍَوَ ڪري، سندس ٿڌي مٽي پنهنجي لِڱَن کي لائي، اُهي پوکون: ڪڻڪون، چڻا، مٽر، سرنهه، توريا ۽ ونئڻ اُپائين ٿيون، جن جي اُپت مان نه رڳو ٻوڏ جا ستايل آسودا ٿين ٿا، پر سڄي خلق انهيءَ ڪمائيءَ جو کٽيو کائي ٿي، ۽ ملڪ جي گڏيل زرعي پيداوار ٻيڻي ٿيو پوي.
|
| 39 |
+
|
| 40 |
+
|
| 41 |
+
درياهه جي وٽ سان زندگيءَ جو وهنوار
|
| 42 |
+
هيڏانهن پاڻي لٿو هوڏانهن ڪَچي جا ماڻهو هرڦار کي لڳا. ڪٿي ڇٽ ته ڪٿي کيڙ ۽ ناڙيءَ. جهڙو زمين جو وَرَنُ تهڙو وجهنس فصل. جهنگ، آبڪلاڻيءَ جي موسم کان اڳ هنيو ڇڏين. ٻج ڀت جو بلو به ڪيل هوندو اٿن. زالين مردين ڪم کي جُنبيو وڃن. ائين پيو لڳندو آهي، ڄڻ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو هيءُ بيت هِنئين سان هنڍايو اٿن:
|
| 43 |
+
هاري حق رکيج سنڀاران ساهڙ جو،
|
| 44 |
+
خواب خيال خطرا تن کي ترڪ ڏيج،
|
| 45 |
+
انهيءَ راهه رميج ته مشاهدو ماڻين.
|
| 46 |
+
هاري نار هر ڦار کي لڳيو وڃي، پر زميندار جيڪو پاڻ هاري نه آهي، سو به انهن جي سربراهيءَ ۾ کُٿي نه ماپندو. پر، وري به هرڪو چوي: ”ڪَچو ڏچو آهي“. ڇو ته کين هر سال حڪومت کان يڪسالا اجازت ناما حاصل ڪرڻا پون ٿا. هر سال زمين جي ماپ ٿئي ۽ تڪن جي صورتحال ٺهي، نه ته دنگن تي جهيڙا فساد ۽ خونريزي ٿيو پوي، جنهن ۾ مري جهري وري به هاري ٿو پر اسپتالن ۽ وڪيلن وڙن جو خرچ به زميندار جي هَنيو چيلهه چٻي ڪيو وجهي. ان کان سواءِ پوک جي ڀيل ۽ ٻار مان ان جي چوري، جنهن تي پري کان نظر به نه رکي سگهجي، سا خاص طور ڪچي جي زميندار لاءِ سچ ته ڏچو آهي. پر جي رڳو ڪچي جي هاريءَ کان پڇبو ته چوندو ته خود زميندار جو به مٿن ڏچو آهي. ٻوڏ ۾ ٻڏن هاري، زمين ٻيهر کيڙين، ڌڪ جهلين، پوک راهه جي هر وقت سنڀال ڪن، پوءِ به فصل جو اڌ زميندار جو. ڪاٺيءَ لڪڙيءَ، ڦٽ بيگر ۽ ونگار لاءِ جدا هو پنهنجي زميندار سان ٻڌل. پر زميندار سان هو به خوب پڄيو اچن. ٻج مان به کائينس ته ول مان به کائينس. آخر ۾ فصل ڏينس طاقت سارو. يعني جيڪڏهن طاقت وارو زميندار آهي ۽ بٽئي زور تي وٺي ويندو، ته ڏينس، نه ته اهڙي ڪار ڪنس، جو ٻيهر ڪچي جو منهن به نه ڪري.
|
| 47 |
+
ڪافي زماني کان ڪچي جي زميندارن ۽ پڄنديءَ وارن، ڪچي جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ سماجي انصاف بابت نه ڪڏهن سوچيو آهي ۽ نه ڪجهه ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هنن ماڻهن ۾ ڪيتريون اخلاقي ڪمزوريون ۽ جاهلن واريون عادتون پئجي ويون آهن. ڪچي ۾ چوري، خاص ڪري چوپائي مال جي چوري عام آهي. درياهه جي هِن ڀر جو مال هُن ڀر رات جي پيٽ ۾ پهچيو وڃي. نه ته به ڪچي ۾ اهي پاٿاريون ۽ هُڙيون آهن، جو هاڙهن چورن جو هنيل مال موٽي مالڪ جو منهن مشڪل ڏسي.
|
| 48 |
+
سرڪار جي طرفان سنڌ ۾ زوري تعليم جي قانون هيٺ جيڪي اسڪول کولرايا ويا، انهن ۾ هارين جا ٻار لاچار کان ويندا هئا، جو سندن ماستر جي طفل شماريءَ جي ڪتاب ۾ داخل هوندا هئا. ٻار پنجن سالن جو ٿيو ناهي، ته ماستر ٻار جي گُهرَ ڪندو ۽ ٻار اسڪول ۾ نه ڇڏڻ جي حالت ۾ مائٽ تي زوري تعليم جو ڪيس ڪندو ۽ اسڪولن جو صاحب ڏنڊ وجهندو. نه ته هونءَ مائٽ چاهيندو ته ٻار ٻنيءَ تي هلي يا مال چاري، جنهن مان سندن گذر سفر ٿئي.
|
| 49 |
+
هاڻي زوري تعليم جو زور گهٽيو آهي. پر ڪچي جي ماڻهن ۾ وري ٻين کي ڏسي، ٻارن پڙهائڻ جو چاهه وڌيو آهي. ڪچي جي رهاڪن مان هاڻي ڪي ماستر، ڪي داروغا، ڪي تپيدار تڙا ته ڪي جمعدار ۽ صوبيدار به ٿيا آهن. منجهانئن ڪي ته اڃا ئي وڏن عهدن کي رسيا آهن. علم ۽ ترقيءَ جي روشني ڪچي جي ماڻهن کي آهستي آهستي پڪي تي آڻيندي پيئي وڃي. ٽريڪٽرن ۽ ولائتي ڀاڻن، سٺن ٻجن جي جنسن ۽ سڌريل اوزارن ۽ پوک جي طريقن جي رواج ۾ اچڻ سان، ڪچي جي ڪايا پلٽجي رهي آهي. ڳوٺن ۾ بجلي ۽ بجليءَ تي ٽيوب ويل ترقيءَ جا اهڃاڻ آهن.
|
| 50 |
+
جن ماڻهن جا وڏا چانهه جي نالي کان فقط ائين واقف هئا ته اها هڪ ننڍڙو پکي ��هي، اُنهن جي ڪکاون گهرن مان هاڻي ميزون ڪرسيون کڄيو اچيو پڌر تي رکجن ۽ ٽڪوزيءَ ۾ چانهه جي ڪٽلي ڪوپن جي سٺي سيٽ سميت اچيو اڳيان رکجي. ڏڌ مکڻ جا ته ڪيترن هنڌن تي لاهه ئي نڪري ويا آهن، جو سمورو کير بٺيءَ وارا وٺيو وڃن. جن جا وڏا انهيءَ ڊپ کان کير نه وڪڻندا هئا ته مال مري ويندو، سي پاڻ سارو کير کپايو ڇڏين ۽ ڊالڊا بناسپتي گيهه جا دٻا وٺيو ويٺا کائين. وري به والي انهن کي وڏي ڄمار ڏئي، جيڪي اڃا به ڏڌي پاڌي مان کير، مکڻ، ڏڌ ۽ ڌؤنئرو ڪيو پيا کائين ۽ آئي وئي کي پيا کارائين.
|
| 51 |
+
ڪچي جون عورتون پنهنجي مردن وانگر مردانيون آهن. ساڻن گڏ پوکي راهي، لاباري لَڙي، چُونڊي چَڙي، گاهه پٺي ۽ ساڳ پلي پٽن جو ڪم ته ڪن، پر پنهنجي گهر گهاٽ جو هلٽ به هلائين. ٻار به ڄَڻين ۽ نپائين، ڦرڙا ۽ مال به سنڀالين، ڏُهن ولوڙين، ماني پچائين، پوءِ به هٿ جي هنر: ڀرت ٽوپي، رلين ٺاهڻ، سوڙن سبڻ، کارن واڻن، دٻڪين ۽ وڃڻن ٺاهڻ ۾ ڀڙ آهن. ولائتي عورتون جيڪي سندن هٿ جي هنر تي مست آهن ۽ ڪراچيءَ يا حيدرآباد کان ڳرين قيمتن تي اهي شيون خريد ڪن ٿيون، اُنهن کي جيڪڏهن سندن مرد ائين وهائين جيئن ڪچي جون عورتون وهن ٿيون ته هوند وڻ ئي وڄي وڃنن ۽ پتو پوين ته اُهي هٿ، جيڪي سهڻيون شيون ٺاهين ٿا سي ڪم ڪار ۾ ڪيئن نه سڄو وقت رُڌل ٿا رهن ۽ نه نازڪ آهن ۽ نه ناز ڪن ٿا! انهن جي ذهن ۾ زندگيءَ جي جيڪا شڪل سمايل آهي، سا سندن تصور ۽ خيال کان ڪيتري نه مختلف ۽ مٿانهين آهي! هو پنهنجي لاءِ انگ پيٽ ۽ عزت آبروءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿيون گُهرن. هنن جي دماغ ۾ ٻيا رنگين، نازڪ ۽ اجايا خيال اچي به ڪٿان سگهن؟ هُنن وٽ شيطان جي ڪارخاني وارو واندو مغز ته نه آهي. پرهه ڦٽيءَ کان مُنهن اُونداهيءَ تائين نه هٿن کي واند اٿن ۽ نه خيال خبرداريءَ کان آجيون آهن. پر پوءِ به پنهنجن ٻارن ۽ مردن جي سار ئي سار لهن ۽ چاڪري ئي چاڪري ڪن، پهريائين کين کارائي پوءِ پاڻ کائين، ۽ پهريائين کين سمهاري پوءِ پاڻ سمهن.
|
| 52 |
+
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا ڪچي توڙي ٿر ۽ ريگستان جي عورتن ۾ عام ڏٺي ويندي، اها آهي سندن شرم ۽ حيا، لڄ ۽ پردو. اوهان کي ته خبر آهي ته ٻهراڙيءَ جون پورهيت عورتون هارياڻيون، مايون ٻايون ۽ دايون برقعو ڪونه پائين. تنهن هوندي به ڪو ائين ڪونه چئي سگهندو ته ’مون ڪنهن ٻهراڙيءَ جي منهن اگهاڙيءَ عورت کي چتائي ڏٺو يا ساڻس اکيون اکين ۾ ملايون!‘ ڇاڪاڻ ته اهي منهن اُگهاڙيون عورتون ڪڏهن به اک کڻي ڪنهن غير مرد ڏانهن نه ڏسنديون آهن، ۽ ڌاريو مرد ڏسي پاڻمرادو حجاب ڪنديون آهن، اُهو ئي سچو ۽ اصلي پردو هوندو آهي- جيئن قرآن شريف ۾ الاهي فرمودو آهي ته.... ”انهن مومن عورتن کي چئو ته اُهي پنهنجي اکين تي قبضو ڪن.“
|
| 53 |
+
ڪچي جا ٻار غضب جا ارڏا پر بلا جا محنتي ۽ غيرت وارا آهن. سندن تعليم نهايت آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي. ماسترن لاءِ سٺو موقعو آهي ته هو ايندڙ نسلن جي تعمير ڪندي انهن مان غازي، شهيد ۽ مجاهد پيدا ڪن ۽ عالم، فاضل، ڏاها، ايماندار ۽ محنتي پورهيت تيار ڪن.
|
| 54 |
+
ماڻهو ۽ سندن ڌنڌا
|
| 55 |
+
پوک ڪاريگري ۽ واپار اصل کان سنڌ جي درياهي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جا خاص ڌنڌا پئي رهيا آهن.
|
| 56 |
+
عيسوي سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. ان بعد هنن جيڪي گورا عملدار هتي حڪومت هلائڻ لاءِ مقرر ڪيا انهن سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن ۽ ملڪي حالتن بابت ڪتاب لکيا، جن مان مسٽر رچرڊ برٽن جو لکيل ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ هڪ مشهور ڪتاب آهي.
|
| 57 |
+
هن ڪتاب ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ ماڻهن بابت برٽن بيترسيءَ ۽ ٺٺول کان ڪم ورتو آهي. هو چوي ٿو ته: سنڌ، ”سنڌو درياهه جي ڏکويل وادي آهي.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته ”سنڌ، هميشہ کان هُڙين ۽ شڪارگاهن، ٻيلن ۽ جهنگلن سان ڍڪيل هڪ ملڪ پئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪو نالي ماتر واپار، صنعت ۽ ڪاريگري به نه هئي. ان ۾ ڪنا ۽ گندا شهر آهن، جن ۾ فقيرن ۽ پينن جي ٽولين جي ٽولين کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو. ان جا حاڪم سواءِ وڙهڻ، شڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي عقيدي جي پرچار ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪين ڄاڻن- هڪ اهڙو ملڪ، جنهن جا ماڻهو جاهل، ڄٽ، مغرور، بي صبر، جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل آهن، جن ۾ نه تهذيب جا ڪي گڻ آهن ۽ نه وحشپڻي جا ئي ڪي اوصاف منجهن آهن؛ جنهن جا هاري ناري اڌ بکيا ۽ مظلوم آهن، جن کي حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسي کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڏنو ويو آهي.“
|
| 58 |
+
پر سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ هڪ سکيو ستابو ملڪ هو. پراڻن شهرن جي ڦٽل دڙن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي کيتي اصل کان اوج تي هئي؛ صنعت ۽ ڪاريگري سڌريل هئي. ان جا شهر سکيا ۽ آباد هئا. اُن جو واپار گهڻي انداز ۾ سمنڊ پار ملڪن سان هلندو هو. ان جا واپاري هندستان ۽ يورپ جي پري پري وارن پرڳڻن تائين ويندا هئا. [سنڌ جي تواريخ سنڌونديءَ جي وهڪري وانگر هميشہ ورن وڪڙن واري پئي رهي آهي، جنهن جو سنڌ جي کيتيءَ ۽ واپار تي خاص اثر رهيو آهي.]
|
| 59 |
+
هڪ انگريز فاتح جي نظر ۾ ته سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو کڻي ڪهڙا به هجن، پر اها ڳالهه ته هر ڪنهن کي معلوم آهي ته سنڌي سٻاجهڙا آهن. اُٿڻيءَ وهڻيءَ، ننگ ناموس، مهل موقعي ۽ کارائڻ پيارڻ جا ته مڙس ماڻهو آهن، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ، سهپ ۽ صبر ۾ مسڪين آهن. ڪنهن کي ڪين چون ته تنهنجي منهن ۾ ڇا آهي. چون ته
|
| 60 |
+
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي؛
|
| 61 |
+
پَلوء ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي.
|
| 62 |
+
سستيءَ ۽ ٻئي تي ڀاڙڻ مان ڄاڻن ئي ڪين- نه رڳو پاڻ ڪمائي کائين پر پاڻ ڪمائي ٻين کي پهريائين کارائين ۽ پاڻ پوءِ کائين! ياري رکن ته چون ”ننگ در آهن. باقي يار تان سر به صدقو آهي“. سچار، وفادار، اورچ ۽ ڪشاديءَ دل وارا ماڻهو آهن.
|
| 63 |
+
منجهانئن جيڪي درياهه جي وٽ يا سمنڊ جي ڪناري سان رهن ٿا سي ته اڃا ئي وڌيڪ درياهه دل ۽ اونهي هانءَ وارا آهن- پورهيي ۾ سندن ڪو مٽ نه آهي. سارو ڏينهن ڪم ڪار ۾ رڌل رهن ٿا- هنر ڪاريگري ۽ وڻج واپار ۾ جيتوڻيڪ پڪي وارن ماڻهن تي سندن گهڻو آڌار آهي تڏهن به قدرتي وسلين کي ڪم آڻيندڙ هي ماڻهو وڻن ٽڻن، ڪکن ڪانن ۽ ڪتب آندل شين کي ٻيهر ٺاهي جوڙي ڪم ۾ آڻڻ جا ڪوڏيا آهن: کارا ٺاهڻ، ڪنڌيون واڻڻ ۽ رليون سبڻ ته ڪو کانئن سکي.
|
| 64 |
+
سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي قدرتي ڀاڱن تي نظر ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ جي زمين کي پنجن قدرتي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: سرو، لاڙ، وچولو، ٿر ۽ ڪاڇو.
|
| 65 |
+
سرو: اُتر وارو ڀاڱو مٿانهون آهي جنهن ڪري ان کي سرو چوندا آهن- هتان جي ماڻهن کي عام طور اُتراڌي سڏين، ۽ عام چوڻي آهي ته:
|
| 66 |
+
”اُتر جو ڍڳو ۽ لاڙ جو ماڻهو برابر آهن!“
|
| 67 |
+
انهيءَ جو مطلب ٿيو ته اُتر سنڌ جا ماڻهو ته ماڻهو، ڍڳا به اهڙا سمجهدار آهن جهڙا لاڙ جا ماڻهو!
|
| 68 |
+
وچولو، سِري ۽ لاڙ جي وچ واري ڀاڱي کي وچولو چوندا آهن- هتي اچي سنڌي ٻوليءَ جو اُچار ۽ لهجو مٽجي ٿو- اُوتراڌي چون کٽان: من ۽ ماتو، پر هتان جا ماڻهو چوندا کٽون، من ۽ مون چيو- يعني ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ماڻهو پڪا پختا آهن. ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ به پڪائيءَ ۽ سادگيءَ کي پسند ڪندا آهن.
|
| 69 |
+
لاڙ: ڏکڻ وارو ڀاڱو هيٺانهون يا لڙيل آهي، تنهنڪري انهيءَ ڀاڱي کي لاڙ چوندا آهن. لاڙ جا ماڻهو قربدار، ڪاريگر ۽ ايمان وارا آهن.
|
| 70 |
+
”دهري ابل جي ما�� لاڙان آڻايان.“
|
| 71 |
+
سنڌ جو هڪ مشهور سهرو (گيت) آهي.
|
| 72 |
+
ٿر: سنڌ جو اوڀر وارو پاسو اڪثر وارياسو آهي، جنهنڪري منجهس آبادي به ٿوري ٿئي ٿي. انهيءَ کي ريگستان يا ٿر سڏبو آهي. سکر ضلعي کان وٺي، هرهڪ سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جا ٿورا گهڻا حصا هن ۾ اچي وڃن ٿا. هتان جا مارو ماڻهو سادا سودا، اٻوجهه، پر اهي اٻوجهه جن لاءِ چيو اٿن ته ”چريا کريا آهيون پر يار پرکيا اٿئون.“ الله ٻاجهون ڪنهن جو آسرو ڪونه ڪن. ڀٽائي گهوٽ ٿرين جي باري ۾، ڪهڙو نه ڀلو بيت چيو آهي:
|
| 73 |
+
مَٿن ٽٻڪ ٽُٻَڪڙا چِڪَندڙا اچن،
|
| 74 |
+
کُڙيون کيهه ڀَڪُليِون، پگهر سر پيرن،
|
| 75 |
+
اي وڙ ويڙهيچن مون لوڏان ئي لکيا.
|
| 76 |
+
هي ڀاڱو جيتوڻيڪ نه درياهه جي وٽ سان آهي ۽ نه ان جي ميداني علائقي اندر ڪنهن واهه، موڪ يا پيچ تي آهي، پر پوءِ به ٿر جي زمين وسڪاري کان پوءِ ڏسڻ وٽان آهي. ان وقت هن ڀاڱي کي ”سنڌ جو ڪشمير“ چوندا آهن، اُن موسم ۾ هتي عجب گلزاري، قسمين قسمين گاهه وليون ۽ ٻوٽا پاڻمرادو اُڀريو اچن، سارنگ ساٺ ڪري، وڄون وسڻ اچن ته لاکيڻي لطيف جو روحاني آواز اچي:
|
| 77 |
+
بر وٺا ٿر وٺا وٺيون ترايون، پرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون، مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون، ساري ڏهن سامهيون ٻولاهيون رايون، ٻايون ۽ دايون پکي سونهن پانهنجي.
|
| 78 |
+
[هتان جا ماڻهو، ڍور ڍڳا ۽ ٻيا جانور کايو پيو، رب جو شڪر ويٺا ڪن. سوڪهڙي جي ڏينهن ۾ به هو بک ڪونه ٿا مرن- نڪو ڪنهن کان پنن ٿا. وسڪارو نه ٿيو، ٿر ۾ ڏڪر منهن ڪڍڻ شروع ڪيو، ته هي ماڻهو جيڪي هونءَ به مال جي چاري سانگي ٿر ۾ پيا گهمندا ڦرندا آهن لڏيو اچيو ميرپورخاص يا حيدرآباد واري پاسي محنت مزدوري ڪن ۽ پيٽ پالين.]
|
| 79 |
+
ڪوهستان: سنڌ جو اولهه وارو ڀاڱو جابلو ۽ ٽڪرائتو آهي. اُنهيءَ ڀاڱي ۾ هالار جبلن جي قطار آهي، جنهنڪري ڪوهستان جي نالي سان به سڏجي ٿو. زمين جي خيال کان اسين ان کي ”ڪاڇو“ چئون ٿا.
|
| 80 |
+
مرحوم الهه بچايو سمون پنهنجي ڪتاب ”سير ڪوهستان“ ۾ هتان جي ماڻهن جي باري ۾ ڏاڍو سهڻو بيان ڏنو آهي.هتان جون مائرون پٽن کي چون:
|
| 81 |
+
ڌؤنرو ڌڱ ڀڃي لڱ، پٽڙا کٽڙو مٺڙو، پيءُ ته ڏٽڙو مٽڙو.
|
| 82 |
+
انهن جي مهمان نوزايءَ جي به سڄي ملڪ ۾ واکاڻ آهي. پر سڀ آهي هوند سان- هوندو هڙ تي ته پرين کي پيش ڪبو، نه ته به جيڪي حال سو پريان نال!
|
| 83 |
+
سنڌ جو هي ڀاڱو به ٿر وانگر وَٺي تي آهي- وس ٿيندي، نيون لهنديون ته ماڻهو بند ٻڌي، پاڻي ڪٺو ڪري، پوک ڪندا آهن.
|
| 84 |
+
سنڌي ماڻهن ۾ هي چوڻي عام آهي ته:
|
| 85 |
+
”اُتم کيتي وڌندڙ واپار،
|
| 86 |
+
نيچ نوڪري پنڻ بيڪار“.
|
| 87 |
+
چون ”کيتي سر سيتي“. سو جن کان سري سگهيو ٿي، تن کيتيءَ کي پنهنجو ڌنڌو بنايو. کيتيءَ سان گڏ مال ڌارڻ ۽ هٿ جي هنرن جا بيان ڌنڌا جهڙوڪ جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، ڇُرَ ۽ ڪورڪو ڪم ۽ لوهارڪو ۽ ڊکاڻڪو ڪم سکيا ۽ انهن ۾ ڪمال ڪاريگري ڏيکاريائون.
|
| 88 |
+
|
| 89 |
+
|
| 90 |
+
صفحو :3
|
| 91 |
+
شهر ۽ ٻهراڙيون
|
| 92 |
+
سنڌ جي نقشي تي نظر ڪبي ته ڏسبو ته سنڌ جي سينڌ سنڌوندي جڏهن سکر شهر کان مُنهن ڪڍي ٿي، ته سندس ڪُلهي گَسَ روهڙيءَ وارين ٽڪرين سان ٿئي ٿي. اتان کان ٽڪر، ٽڪريون، شهر، ٻهراڙيون ۽ ٻيلا پنهنجي سٻاجهي ماءُ سنڌونديءَ کي ڀاڪر ۾ ڪري، آڻي سپرينءَ سمنڊ ڀيڙو ٿا ڪن، جتان سامونڊي ڪنارو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ کاريون ۽ ناريون ۽ پوءِ عربي سمنڊ آهي.
|
| 93 |
+
پر جي پاڻ پنهنجي سر انهيءَ سير سفر تي نڪربو ته ڏٺي ٻڌي جا فرق معلوم ٿيندا. سنڌوندي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچان وَهندي ڪهڙو نه نظارو ٿي ڏيکاري! اهڙو ئي ڪو نظارو ڪينجهر ۾ پسي شاهه لطيف فرمايو هو:
|
| 94 |
+
هيٺان جَرُ مٿان مَڃَرُ پاسي ۾ وڻراهه، اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جو ساءَ، لڳي اُتر واءَ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
|
| 95 |
+
روهڙيءَ ۽ سکر جا شهر پاڻ ۾ سنڌونديءَ تي ٻڌل پل رستي ڳنڍيل آهن. اُها پل به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جن جي وچ ۾ بکر جو ٻيٽ آهي. هڪ اديب جو چوڻ آهي ته ”سکر يا بکر کان بيهي جيڪڏهن روهڙي شهر ڏانهن نظر ڪبي، ته ائين ڏسڻ ۾ ايندو ڄڻ ڪنهن ست سمنڊ پار پرين جي ديس تي نظر پئجي رهي آهي.“
|
| 96 |
+
پرڏيهي سيلاني اهو نطارو ڏسي، روهڙي شهر جي ڀيٽ اٽلي ملڪ جي مشهور سهڻي شهر وينس سان ڪندا آهن.
|
| 97 |
+
سنڌونديءَ جي وهڪري وانگر سنڌ جي تاريخ به ورن وڪڙن واري پئي رهي آهي ۽ ان جو خاص اثر شهرن جي اڏاوت يا رٿابنديءَ تي رهيو آهي. موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ بعد جيڪو شهر نڪري ظاهر ٿيو آهي، ان جون گهٽيون ويڪريون، سڌيون ۽ پڪسريون آهن. پاڻيءَ ۽ گند ڪچري جو نيڪال اڄ به اُن ۾ سهڻو نظر اچي رهيو آهي. موئن جي دڙي جو زمانو امن امان ۽ خوشحاليءَ جو دؤر هو، جنهن ۾ صدين کان سنڌ ڌارين جي ڪاهن، ڏاڍ ۽ ظلم کان آجي رهي هئي. بعد ۾ اهڙو دؤر آيو، جو سنڌ جي زرخيز زمين، آسودا شهر ۽ سکيون ٻهراڙيون ڌارين جي لالچ جو شڪار ٿيڻ لڳيون- چوڌاري بدامني ۽ ڏاڍ زندگيءَ جو معمول بنجي ويو. اُنهيءَ دور ۾ جيڪي شهر ٻڌا، انهن جي اڏاوت نرالي آهي. مثال طور ”پرين جي ديس“، ”سنڌ جي وينس“ روهڙي شهر ۾ ٻاهريون قدرتي ڏيک ڇڏي، جڏهن اندر داخل ٿبو، ته شهر جي سوڙهين ۽ ورن وڪڙن وارين گهٽين ۾ ائين اچي منجهبو، جيئن مومل جي ڪاڪ ۾ پرديسي شهزادا اچي منجهندا هئا. سوڙهيون سوڙهيون گهٽيون، جن کي سر نه پير، هڪ ڀيرو ڪنهن گهٽيءَ مان لنگهي وڃبو، ته موٽي اها هٿ ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي.
|
| 98 |
+
سنڌونديءَ جي ڪناري سان توڙي انهن جي ڍنڍن ڍورن، واهن ۽ پڪي تي اڏيل سڀني آڳاٽن شهرن جي رٿابندي اهڙيءَ ريت ڪيل آهي، جو ان دؤر جا ماڻهو ڦورن ۽ ڌارين غنيمن جي اوچتي چڙهائيءَ جي حالت ۾ قلعي بند ٿي سگهندا هئا ۽ ڪاهه ڪندڙن مان فقط ڪي ٻه – ٽي ڄڻا هڪ ئي وقت حملو ڪري سگهندا هئا. اهڙا مثال اڄ به سنڌ جي آڳاٽن شهرن، جهڙوڪ بوبڪ، سيوهڻ، هالا، مٽياري، ٺٽي، سجاول، چوهڙ جماليءَ وغيره ۾ ملن ٿا.
|
| 99 |
+
اڄ جي زماني ۾، جڏهن اهڙي قسم جو بچاءُ اجايو آهي- ۽ هوائي حملي جي حالت ۾ ته ڪڪڙن جي کڏين وانگر ٺاهيل گهر ۽ گهٽيون هڪ ئي بم سان خاڪ ٿي وينديون- شهري رٿابندي به سهڻي ۽ سڌريل نموني ٿي رهي آهي.
|
| 100 |
+
سيوهڻ جو قديم شهر، سيوهڻ ڪامپليڪس جي جديد اڏاوتن ۽ رستن جي ڪري، پراڻي ۽ نئين دؤر جي حالتن جو فرق ڏسجي رهيو آهي.
|
| 101 |
+
اهڙيءَ طرح حيدرآباد جو پراڻو شهر ۽ لطيف آباد، ڪوٽڙيءَ جو پراڻو ۽ نئون حصو، ٺٽو ننگر ۽ مڪليءَ تي هاڻي ٿيندڙ اڏاوتون- انهيءَ فرق مان پتو پوي ٿو ته شهرن جي اڏاوت زماني جي حالتن پٽاندڙ ڪيئن بدلجي رهي آهي.
|
| 102 |
+
سنڌونديءَ جي ڪناري تي وسندڙ ڳوٺن، ڀاڻن، ڪُنين ۽ پتڻن ۽ مياڻين ۽ گهرڙن ۾ رهندڙ ماڻهو: هاري ناري، سانگي وانگي ۽ ملاح ميربحر، هر دؤر ۾، امن خواه بدامنيءَ جي زماني ۾، الله جي آسري، کليل ميدانن ۾ ڇنا اڏيو سياري توڙي اونهاري پنهنجي ڪرت کي لڳا رهيا آهن.
|
| 103 |
+
سنڌ جو آدم گهڻو تڻو ٻهراڙيءَ سان آباد آهي. اهي ٻهراڙيءَ وارا پاڻ ڏکيا رهي شهري ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. انهن لاءِ هو جهجهو اَن ۽ گوشت، کير ۽ روڪڙ وارا فصل پيدا ڪن ٿا ۽ شهري ڪارخانن لاءِ ڪچو مال فراهم ڪن ٿا.
|
| 104 |
+
سؤ کن سال اڳ هڪ پرڏيهي سيلاني اچي هن ملڪ ۾ نڪتو. هن سنڌونديءَ جي واتان ٻهراڙيءَ وارن جي هي تعريف ڪرائي، لکيو آهي ته ”مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان ٿي، جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺن ۾ رهن ٿا.……
|
| 105 |
+
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
|
| 106 |
+
هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي چوپائي مال کي پيار ڪندا آهن. هن ديس جا سپوت هميشہ کلمک ۽ خوش مزاج طبعيت جا صاحب ٿي رهيا آهن. ڪم ڪار، پيار ۽ محبت، کل ۽ خوشيءَ، لئي ۽ رَسَ جا ڪوڏيا آهن. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي.“
|
| 107 |
+
اڄ سؤ سال گذرڻ بعد به سڀني جي اها آس آهي ته ”سنڌڙي شال تنهنجا ڳوٺ وسن!“
|
| 108 |
+
ڦاٽ ۽ واهه
|
| 109 |
+
درياهه جي اُٿل تي آباد ٿيندڙ ڪچي جي زمين سال ۾ هڪ فصل ڏئي ٿي. جهڙيءَ طرح ڪاڇي ۽ ٿر جي زمين ٺاهوڪيءَ برسات بعد به سال ۾ صرف هڪ فصل ڏيندي آهي. پر پڪي جي زمين دوباره آباديءَ هيٺ ايندڙ آهي. خريف ۽ ربيع يا ڪتيءَ ۽ چيٽ جا فصل هر سال اُتي لکين مڻ اناج اُپايو ڏين. هاڻي ته اُتان جا وونئڻ ۽ ڪمند جا فصل، ڪپڙي ۽ کنڊ جي ڪارخانن کي کنيو بيٺا آهن.
|
| 110 |
+
پڪي تي آبپاشيءَ جو نظام ٻن قسمن جو آهي: هڪ قدرتي، ٻيو هٿراڌو. قدرتي نظام ۾ ڦاٽن رستي درياهه جو پاڻي، پاڻيهي درياهه جو ڪپر ڦاڙي، هيٺانهينءَ ڏي وهي، اُٿي هلي ٿو. جن زمينن ۾ اُهو وهي ٿو، اُنهن جا هاري ۽ آبادگار انهيءَ ڦاٽ جو پاڻي هرلن ۽ نالين رستي ڪڍي، پنهنجون زمينون آباد ڪن ٿا. اهو نظام اڳئين زماني ۾ عام جام هو. سنڌ ۾ گهڻائي اهڙا ڦاٽ هئا، جيڪي ملڪ جي گهڻي حصي کي پاڻي ڏيندا هئا، پر تڏهن به ڪيترو ملڪ آباد ٿي نه سگهندو هو.
|
| 111 |
+
اڳي سنڌونديءَ جي ساچي ڪپ تي گهاڙ، الهندو نارو، بگهاڙ ۽ حجامڙو ڦاٽ هئا ۽ کاٻي ڪپ تي اڀرندو نارو، ڦليلي ۽ پڃاري مشهور ڦاٽ هوندا هئا.
|
| 112 |
+
انهن ڦاٽن کان سواءِ اڳئين زماني ۾ ڪيترا هٿراڌو واهه به کوٽايل هئا، جن کان ساڄي ڪپ تي اُتر سنڌ ۾ شاهي، بيگاري ۽ سنڌ واهه، ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪلري، ۽ کاٻي ڪپ تي ٿر پارڪر ضلعي ۾ جمڙائو ۽ مٺڙائو واهه جيڪي اڀرندي ناري مان نڪرندا هئا ۽ هاڻي به موجود آهن.
|
| 113 |
+
انگريزن جي زماني ۾، تاريخ 13- جنوري 1932ع تي سکر بئراج جو جنم ٿيو. بئراج وٽان ست واهه نڪرن ٿا، جن مان ٽي ساڄي ڪپ تي آهن ۽ چار کاٻي ڪپ کان نڪرن ٿا: ساڄي پاسي اُتر- اولهه واهه، رائيس ڪئنال (ساريالو واهه) ۽ دادو ڪئنال آهن. کاٻي ڪپ تي اڀرندو نارو، ميرواهه، روهڙي ڪئنال ۽ ابل واهه آهن. اهڙيءَ طرح انگريزن پراڻن واهن کي سڌاري، ڪي نوان واهه کوٽائي، اتر سنڌ جي پڪي جي ايراضي گهڻي تڻي آباديءَ هيٺ آڻي وڌي.
|
| 114 |
+
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج جي ڪري وري ڏکڻ سنڌ جا پراڻا واهه ۽ ڦاٽ، جهڙوڪ بگهاڙ ۽ حجامڙو، ڦليلي ۽ پڃاري وغيره آرام سان آبادگارن کي پاڻي پهچائي رهيا آهن ۽ پڻ ڪراچيءَ جهڙي ڳُتيل آباديءَ واري شهر کي پاڻي پياري رهيا آهن.
|
| 115 |
+
هاڻي سنڌ جي پڪي واريءَ ايراضيءَ ۾ هر هنڌ ٻه فصل ٿين ٿا- خريف ۽ ربيع. خريف جو فصل جون ۾ پوکبو ۽ آڪٽوبر ۾ لُڻبو آهي. خريف ۾ برسات به پوندي آهي ۽ آبڪلاڻيءَ سبب واهن ۾ پاڻي به جام هوندو آهي. انهيءَ مند ۾ جوئر، ٻاجهري، ساريون، تر، مڱ، ڪپهه ۽ ڪمند جا ڀلا فصل لهندا آهن. ربيع ۾ پاڻي ٿورو هوندو آهي، پر ڪچي جي فصلن سان ملائي ڪري وري به ڪڻڪ، چڻا، مٽر، سرنهه ۽ ڄانڀو جام ٿئي، ۽ هاري ناري، زميندار زڙا، ڪامورا ڪڙا ۽ ڪاسبي سڀئي خريف جي موسم کان ئي وڌيڪ سکيا ستابا ۽ خوش پيا ڏسبا آهن.
|
| 116 |
+
ڍنڍون، ٻيلا ۽ ٻيٽ
|
| 117 |
+
سنڌونديءَ جي اُٿل سبب سڄو ملڪ پاڻيءَ هيٺان اچيو وڃي. ڍنڍون ڍورا، ڪڇ ۽ پراڻ سڀ ٽٻ ٿيو وڃن. اُنهن مان گهڻن ۾ ته درياهه لهي وڃڻ کانپوءِ به ٻارهوئي پاڻي موجود هوندو آهي.
|
| 118 |
+
سنڌ اندر ڇهه مشهور ڍنڍون آهن. جن تي مهاڻن، هارين ۽ واپارين جو گذرسفر ٿئي ٿو. منجهائن هڪ ته ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ ”منڇر“ آهي، جيڪا ديس پرديس مشهور آهي. ڪيترائي غير ملڪي سيلاني ڪَهي اچي هن ڍنڍ کي ڏسندا آهن، ۽ منجهس پکين جو شڪار ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ دادوءَ ضلعي ۾ آهي.
|
| 119 |
+
ٺٽي جي ڀرسان ”ڪينجهر“، ”سونهري“ ۽ ”هاليجيءَ“ جون ڍنڍون آهن. ڪينجهر ۽ سونهري کي ملائي ”ڪلري ڍنڍ“ جو نالو به ڏنو ويو هو، پر هاڻي انهن کي فقط ”ڪينجهر“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
|
| 120 |
+
ٿر پارڪر ضلع ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان ”سومري ڍنڍ“ ۽ ڏيپلي جي ڀرسان ”سارن ڍنڍ“ سانگهڙ جي ويجهو ”مکيءَ جي ڍنڍ“ آهي ۽ سکر ضلعي ۾ اٻاوڙي جي ڀرسان ”گڊو ڍنڍ“ آهي. ڏيپلي جي سارن ڍنڍ کانسواءِ، هنن ڍنڍن ۾ مڇي، پٻڻ، بهه ۽ لوڙهه جام ٿين ۽ بدڪون، آڙيون، جهنگ ڪڪڙيون ۽ ٻيا پکي به موسم تي ججها مارجن ٿا.
|
| 121 |
+
انهن ڍنڍن جي ڪنارن سان ۽ سنڌونديءَ جي پنهنجن ڪپن ۾ ٻيلن جو هجڻ لازمي آهي. انهن ٻيلن جو سلسلو گهوٽڪيءَ کان شروع ٿي سنڌونديءَ جي وچ ڊيلٽا تائين پکڙيل آهي. اهي جهنگ، ڊيگهه ۾ ٽن ميلن ۽ ويڪر ۾ ٻن فرلانگن کان ٻن ميلن تائين ڦهليل آهن.
|
| 122 |
+
منجهن عام طرح ٻٻر، لئي، بهڻ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ ٿيندا آهن. سري وارن ٻيلن ۾ ٽالهيءَ جا وڻ به ٿين. اڄ کان يارهن سؤ ورهيه اڳ سنڌونديءَ جي ڪپن تي جيڪي ٻيلا هئا، انهن ۾ بانس ۽ بيدمشڪ جي وڻن جا گهاٽا جهنگ هئا، جن ۾ گينڊا به رهندا هئا.
|
| 123 |
+
|
| 124 |
+
|
| 125 |
+
صفحو :4
|
| 126 |
+
ٻيٽ
|
| 127 |
+
سنڌونديءَ ۾ ٽي ٻيٽ آهن: زنده پير، ساڌ- ٻيلو ۽ بکر، جيڪي سڀئي سکر ۽ روهڙيءَ جي ڪنارن جي وچ ۾ آهن.
|
| 128 |
+
زنده پير: خواجه خضر جو آستان چيو وڃي ٿو. هتي هر سال ’چيٽي چنڊ‘ جو ميلو به لڳندو آهي.
|
| 129 |
+
ساڌ ٻيلو: ساڌن جو آستان آهي، هيءَ هندن جي تيرٿ جي جاءِ آهي، منجهس هڪ خوبصورت مندر آهي.
|
| 130 |
+
سکر ۽ روهڙيءَ جي پل جي وچ ۾ ’بکر جو ٻيٽ‘ آهي. شاهه بيگ ارغون هتي هڪ قلعو ٺهرايو هو، جيڪو هاڻي ڀڄي ڀُري ويو آهي.
|
| 131 |
+
عربي سمنڊ ۾ به سنڌ جا ٽي ٻيٽ آهن، جن مان منهوڙي جو ٻيٽ، ڪياماڙيءَ جي ڪناري کان صاف نظر پيو اچي، جتان لانچن ۾ چڙهي ماڻهو اصلي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۽ انهيءَ جي ڪناري سان سير تفريح ڪرڻ خاطر ويندا آهن. اُتي بحري فوج جو صدر مقام پڻ آهي ۽ ”لائيٽ هائوس ٽاور“ آهي، جيڪو جهازن کي روشنائيءَ جي وسيلي رستو ڏيکاري ٿو. ٻيا ٻه ٻيٽ به ڪراچيءَ جي ويجهو آهن. اُنهن جا نالا آهن ”ڀٽ ۽ بابا“. هتي مهاڻا قوم جا ماڻهو رهن ٿا.
|
| 132 |
+
جبل، نيون ۽ شاهراهون
|
| 133 |
+
سنڌ جي اولهه ۾ هالار جبلن جون قطارون آهن، جن سان لڪيءَ ۽ آمريءَ وٽ سنڌونديءَ جو پاڻي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ ٽڪرائجي، پوئتي وري ٿو. هاڻي انڊس هاءِ وي (شاهراهه سنڌو يا سنڌونديءَ جو شاهي دڳ) کي اوچو ڪيو پيو وڃي، جيئن ٻوڏ وقت پاڻي رستو پار ڪري، جبلن ۽ انهن جي دامن ۾ آباد ٿيل ماڻهن جي ڳوٺڙن ڏانهن وڌي نه سگهي. ريلوي لائين به اُتان لنگهي ٿي، تنهنڪري اُٿل کان بچاءَ جو هر سال اڳ کان وڌيڪ انتظام ڪيو پيو وڃي.
|
| 134 |
+
هالار جبل جا خاص ٽي ڀاڱا آهن: ڪَرُو، کِيرٿَــرُ، ۽ پَٻُ.
|
| 135 |
+
ڪرو جبل: سنڌ جي اُتر- اولهه طرف لاڙڪاڻي ضلعي جي سرحد سان آهي. ڪرو جبل جي هڪ شاخ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهي، جنهن کي ڏاڙهيالو جبل چوندا آهن. هتي هوا ٿڌي ۽ وڻندڙ آِهي. هن جبل تي هڪ قبر آهي، جنهن کي ”وفادار ڪُتي جي قبر“ چوندا آهن.
|
| 136 |
+
کيرٿر جبل: هيءُ دادو ضلعي جي اولهه ۾ آهي، جتي گَــڊَ، سَرَههَ ۽ ٻيا شڪار لاءِ جانور گهڻا ٿين ٿا. کير ٿر جبل ۾ ڪيتريون سهڻيون ماٿريون آهن، جيڪي وسڪاري کانپوءِ سرسبز ۽ وڻندڙ ٿيو پون.
|
| 137 |
+
کيرٿر واري ڀاڱي ۾ وري ڪيترا ننڍا جبل آهن. جيئن سيوهڻ کان باجارا جهانگارا رستي سان لاهوت لامڪان واري واٽ وٺي وڃبي، ته جتي نئنگ وارو رستو نڪري ٿو، اُتي ”ڪارو جبل“ آهي ۽ اڳتي نئنگ ڳوٺ جي اولهه ۾ ”ڀت جبل“ آهي. اهڙيءَ طرح ڀڳو ٺوڙهو، لڪيءَ وارا جبل ۽ محال ڪوهستان وارا جبل، کيرٿر جا ٻچڙا آهن، جن جي اوٽ ۽ اولي ۾ بروهي، بوزدار، رند، جمالي، شاهاڻي، بلوچ، جت ۽ ٻيون ڪيتريون ذاتيون ۽ نسل آباد آهن. اُهي سوڪ يا ٻوڏ جي حالت ۾، اچيو پڪي يا ڪچي تي مال چارين، لابارن ۾ ونڊيون ڪن، ۽ اُن، کلن ۽ مال جو واپار ڪن ٿا. لڪيءَ وارن جبلن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما آهن، جتي ڦٽ ڦرڙيءَ ۽ چمڙيءَ جي بيماريءَ وارا ماڻهو وهنجي چڱا ڀلا ٿين ٿا.
|
| 138 |
+
وري جو هيٺ هلبو، ڪراچي ضلعي جي دنگ سان ته ’پٻ جبل‘ ايندو. شاه لطيف جا بيان ڪيل وندر، حب ۽ هاڙهو جبل پڻ پٻ جبل جا حصا آهن. ڪراچيءَ جي ويجهو اُن جي شاخ منگهو پير آهي، جتي پڻ گرم پاڻيءَ جا چشما آهن.
|
| 139 |
+
سکر ۾ آدم شاهه جي ٽڪري، روهڙيءَ ۽ سکر جي وچ ۾ بکر جو ٽڪر، ٻيٽ بنيو بيٺو آهي. روهڙيءَ جي ٽڪرين کان هيٺ وري شادي شهيد ۽ ادهم سلطان وارا ٽڪر آهن، جن کي گهاڙ جا ٽڪر پڻ چوندا آهن. هتي زبردست اوليائن جا مقبرا آهن. روهڙي لڳ اروڙ ۾ ڪالڪان جي ٽڪري آهي، جنهن ۾ ڪالڪان ديويءَ جو مندر آهي. روهڙي وارين ٽڪرين مان ”چُن جو پٿر“ ملي ٿو ۽ شادي شهيد وارن ٽڪرن مان ”ميٽ“ لڀي ٿو. خيرپور رياست ۾ ادهم سلطان سان لاڳيتو گوندرڙي جي ٽڪرين کان ڪوٽ ڏيجيءَ تائين پڪا ٽَڪَر آهن. گوندرڙي وارين ٽڪرين ۾ ”ميٽ“ جون کاڻيون آهن.
|
| 140 |
+
انهن ٽڪرن کانسواءِ، حيدرآباد جي ويجهو ”گنجو ٽڪر“ آهي - جنهن تي نه آهي وڻ نه ٽڻ - تنهنڪري نالو به اٿس گنجو ٽڪر.
|
| 141 |
+
ٿر پارڪر ضلعي ۾ ننگر پارڪر جي ڀرسان ڪارونجهر جبل آهي، جتي ڪارو پٿر ملي ٿو. چون ٿا ته اڳي هيءَ ٻرندڙ جبل هو.
|
| 142 |
+
ٺٽي ۾ مڪليءَ جي ٽڪري آهي، جنهن تي مائي مڪليءَ جي تربت کانسواءِ پنج سؤ کن قبن واريون قبرون ۽ بيشمار بنا ڍڪ واريون مزارون آهن. هيءَ ٽڪري اَٺ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري آهي، جنهن جي سيني ۾ ڄڻ ته سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي تواريخ پوريل آهي.
|
| 143 |
+
نيون
|
| 144 |
+
مٿي بيان ڪيل ڪاڇي جي ايراضي ۾ چار نيون آهن جي رڳو برسات جي ڪري وهنديون آهن. برسات جبلن تي جي نه پوي ته ٺلهي جون ٺلهيون. اهي نيون آهن: نئن گاج، جيڪا کيرٿر جبل مان نڪري، وڃيو دادو ڪئنال ۾ پوي؛ نئن باران، جيڪا کيرٿر جبل جي ڪوهستان واري حصي مان نڪري، ڪوٽڙيءَ جي ڏکڻ ۾ سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي؛ نئن ملير، جيڪا ڪوهستان مان نڪري وڃيو، عربي سمنڊ ۾ پوي؛ نئن حب، جنهن کي ”حب ندي“ به سڏيندا آهن، جيڪا برسات جي ڏينهن ۾ ڏاڍي زور سان وهندي آهي، جنهنڪري ڪيترا حادثا ٿي پوندا آهن. حب ندي کيرٿر جبل مان نڪري، 120 ميل پنڌ ڪري، ڪراچيءَ جي ڀرسان راس مانز جي لڳ عربي سمنڊ ۾ پوي ٿي.
|
| 145 |
+
سامونڊي ڪنارو
|
| 146 |
+
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو تراکڙو ۽ آڻ ڀڳل آهي. انڪري قدرتي بندر ڪين اٿس. اُن هوندي به سمنڊ جون اُهي کاريون، جتي سنڌوندي ڪيترن وهڪرن ۾ ورهائجي ڇوڙ ٿي ڪري، اهڙي نموني جون آهن، جو اتان گذريل زماني ۾، دهلي شهنشاهت جي مرڪز دهليءَ، ملبار اڀرندي گهاٽن ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪنارن تائين هتان جا ٻيڙا ۽ غوراب هلندا هئا. سنه 1838ع جو واقعو آهي: جڏهن لطف الله گجراتي، انگريز ريزيڊنٽ جو منشي ۽ فارسيءَ جو استاد بڻجي، جهاز رستي، سنڌ ۾ آيو. سندس ڊائريءَ مان هڪ ورق پيش ڪريان ٿو. جنهن تي عنوان آهي: ”سنڌ_ڏانــہُ!“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”پهرين ڊسمبر 1838ع جي آڌيءَ رات جو اسان جي جهازن جو آرماڙ سنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو. انهن جهازن ۾ انگريزي فوج جي هڪ رجمنٽ سوار هئي. ٻي تاريخ صبح جو اسين ’گهوڙي ڪي چر‘ واري وارياسي مان اچي مٽياسين. گهو��ي ڪي چر، هاڻي هڪ وڏو وارياسو ڪنارو آهي. ويهه سال اڳي هتي هڪ گهوڙي بندر نالي بندر هوندو هو، جو هاڻي سامونڊي لهرن هيٺان اچي ويو آهي. انهيءَ وارياسي ڪناري تي پهچڻ تي جمعي مون کي پاڻي چکي ڏسڻ لاءِ چيو، ۽ منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته اسان جي جهاز جي هڪڙي پاسي تازو مٺو پاڻي ته ٻئي پاسي کان صفا کارو پاڻي وهي رهيو هو! سبب پڇڻ تي معلوم ٿيو ته درياءَ جي تکيءَ سير جو تيز وهڪرو ايتري فاصلي تائين سمنڊ اندر تازو مٺو پاڻي کنيو اچي. رات جو 9 بجي ڌاري اسان، ويڪرباڙ کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي اچي، لنگر هنيون، چوٿين تاريخ فضا نهايت سانتيڪي ۽ هوا بلڪل بند هئي. انڪري اهو سڄو ڏينهن ويڪر باڙ تائين پهچڻ ۾ لڳي ويو. هتي اسان يارهن برطانوي جنگي جهاز، ۽ ٻيا جهاز، ۽ سؤ کن بتيلا بيٺل ڏٺا. منهنجو دوست، جهونو ٽنڊيل، وارياسي ڪناري تي، ڪناري سان لڳي، تازي تباهه ٿيل هڪ جهاز جي ڀرسان اچي لانگهائو ٿيو، جنهن تي مون کيس چيو ته ”هن جهاز جي تباهي، اسان جي لاءِ هڪ قسم جو چتاءُ آهي ته جيڪڏهن اسين هن جهاز واري قسمت نٿا چاهيون ته اسان کي ڪناري جي ويجهو اچڻ نه گهرجي. مگر هن ٻڍڙي دريائي ڌاڙيل جواب ڏنو ته ان جهاز جو ٽنڊيل يا انڌو هوندو يا جهاز کي ٻوڙڻ ۾ سندس ڪو خاص مقصد هوندو. نه ته هتان جا ٻار به هن ڪناري جي چپي – چپي کان واقف آهن. رات جو اسين بار ۾ اچي لنگر انداز ٿياسون. پنجين تاريخ درياءَ جي ڇوڙ وٽان اچي، اسين سنڌونديءَ ۾ گهڙياسون، ۽ ڇهين تاريخ ويڪر کان ستن ميلن جي فاصلي تي اچي پهتاسون. جتي درياءَ جي کاٻي ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. آئون لهي، اهو ڳوٺ ڏسڻ ويس، ۽ ڳوٺ جي پَٽيل سان مليس، ۽ جمعي ناکئي جي ذريعي ساڻس ڪچهري ڪيم. هن جي مادري زبان سنڌي هئي. اسان جي سوالن جا جواب هن ٻُڍڙي پَٽيل اهڙي ته وڏي آواز سان ڏنا، جو پهريائين ته مون سمجهيو ته هو يا ته اسان کي ٻوڙو ٿو سمجهي يا اسان جي هن طرح سندس ڳوٺ ۾ گهڙي اچڻ تي ناراض آهي. پر جمعي کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اُن ۾ ڪابه برائي نه هئي. ڏاڍي ڳالهائڻ جو هتِ عام رواج آهي. هِتان جا ماڻهو نهايت مسڪين ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ۽ سندن جهوپڙا اهڙا هئا جهڙا هندستان ۾ ماڻهو پنهنجي ڍورن جا وٿاڻ ٺاهيندا آهن. سارو ڪٽنب هتي يڪي گهر ۾ رهيل هوندو آهي. جنهن ۾ زال، مڙس، پٽ نُنهن ۽ ٻار وغيره سمورا هڪڙي ئي يڪي دالان ۾ گاهه جي مٿان تَڏا وڇائين. ان کي هنڌ بڻائي، سُمهي پوندا آهن. هِنن جو کاڌو عام طرح چانورن جي ٿلهي ماني، ۽ تازي يا سُڪل مڇي آهي، هي ماڻهو تماڪ ۽ بصرن جا ڏاڍا شوقين آهن. ڳوٺ جي پٽيل پڻ اسان کي اهي شيون تحفي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مون پٽيل کان سندس ملڪ ۾ ڍلن ۽ محصول جي رواج بابت پڇيو. هُن ٻڌايو ته ”هتي ڍلون يا محصول گهڻو ڪري جنس جي صورت ۾ ورتا ويندا آهن. پوک گهڻي تڻي رڳو چانورن جي ٿئي ٿي، جي هِت چڱي انداز ۾ ٿيندڙ آهن. هاريءَ کي فصل جو پنجون حصو ملندو آهي، ۽ باقي چئن حصن مان اڌ سرڪار کڻي ٿي ۽ اڌ زميندار کي ملندو آهي.“
|
| 147 |
+
لطف الله صاحب گجراتيءَ جي ڊائريءَ جو مٿيون ترجمو هڪ ڪتاب تان ورتل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سنه 1956ع ۾ ڇاپيو آهي. هيءُ ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. انهيءَ مان پتو پيو ته انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ جو بندر اڃا نه ٺهيو هو ۽ سنڌ جو سمنڊ سان ڳانڍاپو ۽ وڻج واپار سنڌونديءَ ۽ سامونڊي ڪناري جي کارين وسيلي قائم هو.
|
| 148 |
+
انهيءَ کان اڳ اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ بدين سامونڊي بند هو. اڃا به هزار سال کن اڳي عربن جي سنڌ تي ڪاهن ڪرڻ وقت، سنڌ جا مختلف سامونڊي بندر هئا، جهڙوڪ ”بندر ٿاڻو“، جنهن تي حضرت عمر رضه جي زماني ۾ بحرين جي عامل عثمان ثقفيءَ پنهنجي ڀاءُ حڪم کي جهازن جي دستي سان سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ مُڪو هو. عثمان ثقفي ٻيهر پنهنجي ڀاءُ مُغيره کي ديبل بندر تي سامونڊي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنهن ۾ هو وڙهندي شهيد ٿيو. سنه 38 هجريءَ ڌاري حارث عبدي ڪوڪن جي ڪناري تي ٿاڻي تي سامونڊي حملو ڪيو، ۽ لاتعداد قيدي هٿ ڪري سلامتيءَ سان موٽيو. آخري ۽ فيصلي وارو حملو به سامونڊي بندر ديبل تي ٿيو، جڏهن سنه 711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ کي اسلام جو دروازو بنائي، اندر داخل ٿيو.
|
| 149 |
+
سنڌ جي سامونڊي ڪناري تواريخ جا ڪيترائي دؤر ڏٺا آهن. هتان جا اصلي ماڻهو مهاڻا، ماڇي ۽ گندرا ذات جا آهن، جن جا وڏا حضرت عيسى کان ڪيتريون صديون آڳاٽو، طاقت وارا حڪمران هئا. مهاڻن کي تواريخ ۾ ميد لکيو اٿن. اهي سنڌ ۾ حصرت عيسى کان چوڏهن سؤ سال اڳ آيا، پر هميشہ لاءِ ٽپڙ کڻي تڏهن اچي رهيا، جڏهن عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ سندن ايراني مٿانهين پٽ ۾ ”ميڊيا“ واري حڪومت ايران جي شهنشاهه سائرس نيست نابود ڪري ڇڏي.
|
| 150 |
+
اُتان ٽڙي پکڙي، هو مڪران ۽ سنڌ ۾ اچي رهيا، پوءِ جهاز راني ۽ مڇيءَ جي شڪار جو ڌنڌو شروع ڪيائون. سنڌ ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ هو سمنڊ جهاڳڻ لڳا ۽ بحري ڦورو بنجي ويا. سندن موجودگيءَ ۾ سنڌ ۾ گهڻا انقلاب ايندا رهيا. اهي ميربحر هئا، جن سرانديپ جي جهازن کي ديبل بندر وٽ ڦري، عرب بيوه عورتن ۽ يتيم ٻارن کي قيد ڪيو هو.
|
| 151 |
+
ماڇي قوم جنهن کي سولنڪي يا سولنگي به چئجي ٿو، اصل ۾ راجپوت راجائون هئا، جن جي مهاراشٽر، سوراشٽر ۽ ملبار تي راڄ هو.
|
| 152 |
+
عربن جي پوئين زماني ۾، هُنن سنڌ ۾ ”ماڻڪ تاره“ رياست قائم ڪئي، جنهن جو حاڪم جيسر پٽ حجہ ماڇي سولنڪي هو.
|
| 153 |
+
گندرا وري اصلي گنڌارا جي هڪ سڌريل ۽ دولت مند قوم هئي، جيڪا زماني جي گردش سبب مڇي- مار مهاڻي قوم بنجي ويئي. وري نوري گندريءَ سمي سلطان ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾ هن قوم جو مُنهن مٿي ڪيو. نوري نماڻيءَ جي نياز ۽ نئڙت جو نقشو ڀٽائي گهوٽ هيئن بيان ڪيو آهي:
|
| 154 |
+
تُون سَمُون آئون گَندري، مون ۾ عيَبَن لَکَ،
|
| 155 |
+
هِن منـــهنجـــي حالَ جـــي، توکي سَڀَ پَرَکَ،
|
| 156 |
+
ڪـــــارڻ رَبّ الَــــکَ، مَــــتان ماڱـــَر مَــــٽِييـــن.
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book19.txt
ADDED
|
@@ -0,0 +1,84 @@
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
| 1 |
+
ڪتاب جو نالو: پورهئي جو مان
|
| 2 |
+
|
| 3 |
+
|
| 4 |
+
|
| 5 |
+
پورهئي جو مان
|
| 6 |
+
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
|
| 7 |
+
بسم الله الرحمٰن الرحيم
|
| 8 |
+
پورهيي جو مان
|
| 9 |
+
پورهيي سان ئي دنيا جي سونهن آهي. پورهيي جي وسيلي اسان جي هلت چلت ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ سڌارو ۽ واڌارو آيو آهي. پورهيي مان انسان لاءِ کاڌي، اجهي، وندر ورونهن، آرام ۽ آسائش جون شيون ملن ٿيو. پورهيي جي ڪري ئي انسان جي هنر عقل ۽ همت ۾ واڌارو آيو آهي. مطلب ته پورهيو ئي انسان لاءِ سڀڪجهه آهي.
|
| 10 |
+
پورهيي جي ايڏي شان هوندي به اسان پورهيت جو پورو قدر ڪونه ڪيو آهي. هو سدائين ڏاڍن جو ظلم سهندو رهيو آهي. اسلام پهريون مذهب آهي، جنهن پورهيت جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. پورهيت جو مان ۽ قدر ڪرڻ لاءِ اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته ”پورهيت خدا جو دوست آهي.“ جيڪو ماڻهو پورهيت کي پورو اُجورو نٿو ڏئي، اهو ڌڪار جي لائق آهي. اسلام انهيءَ ڪمائيءِ کي به نندي ٿو، جيڪا ٻين جو حق ماري حاصل ڪجي ٿي، يا بنا پورهيي جي ملي ٿي. مطلب ته اسلام انهيءَ محنت ۽ پورهيي کي مانائتو سڏيو آهي، جيڪو حلال رزق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو.
|
| 11 |
+
اسلام اچڻ کان اڳ پورهيي جو قدر ڪونه هوندو هو. ايتريقدر جو پورهيت ۽ محنتي ماڻهوءَ کي گهٽ درجي جو ليکيو ويندو هو. پورهيت ڏانهن انهيءَ غلط روش کي اسلام رد ڪري ڇڏيو. اسلام اسان کي سمجهايو آهي ته ڪوبه هنر ۽ پورهيو گهٽ درجي جو نه آهي . سڀ پورهيا ۽ هنر مانائتا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن جي ڪري ئي دنيا جو ڌنڌو هلي ٿو. اسان جي نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم حلال رزق لاءِ پورهيو ڪرڻ وارن کي نبين ۽ ڀلارن بزرگن جهڙو مانائتو سڏيو آهي. ان کان سواءِ آخرت ۾ هو الله تعاليٰ وٽ مان لهندو. پاڻ سڳورن فرمايو آهي:
|
| 12 |
+
” جنهن ماڻهوءَ حلال طريقي سان روزي ڪمائي، ان لاءِ محنت ۽ پورهيو ڪيو، ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو ۽ اهڙيءَ ڪمائيءَ مان پنهنجن ٻارن ٻچن جي پالنا ڪئي، اهو الله تعاليٰ سان انهيءَ حال ۾ ملندو ، جو سندس چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو چمڪندڙ هوندو.“
|
| 13 |
+
ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم هن طرح به فرمايو آهي:
|
| 14 |
+
” الله تعاليٰ پنهنجي انهيءَ ٻانهي سان ڏاڍي محبت ڪري ٿو، جيڪو انهيءَ لاءِ پورهيو ڪري ٿو، ته جيئن کيس ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي نه پوي.“
|
| 15 |
+
هڪ ڀيري هڪ ماڻهوءَ کي پنندو ڏسي، نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم اُن کي ڇنڀيو. هن عرض ڪيو ته بکيا آهيون، انهيءَ ڪري هٿ ٽنگڻو پيو آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم کيس چيو:
|
| 16 |
+
”تو وٽ گهر ۾ ڪجهه آهي؟“ عرض ڪيائين ”هڪ چادر ۽ پيالي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.“ ان تي پاڻ سڳورن فرمايو:
|
| 17 |
+
”اهي ٻئي شيون کڻي اچ.“ جڏهن هو اهي ٻئي شيون کڻي آيو، تڏهن پنهنجي اصحابن کي فرمايائون:
|
| 18 |
+
”اوهان مان ڪو ماڻهو هي شيون خريد ڪندو؟“ هڪڙي صحابي رضه اهي ٻئي شيون ٻن درهمن ۾ خريد ڪيون؟“ پاڻ سڳورن اهي ٻه درهم انهيءَ شخص کي ڏئي، فرمايو: ”هڪ درهم مان وڃي پنهنجي ٻارن لاءِ اَن خريد ڪر، ۽ ٻئي درهم مان وڃي ڪهاڙي وٺي، مون وٽ کڻي اچ.“
|
| 19 |
+
هن شخص پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي حڪم موجب ڪهاڙي خريد ڪئي ۽ وٽن کڻي آيو. ٻنهي جهانن جي سردار پنهنجي برڪت وارن هٿن سان ان ۾ ڳَنُ وڌو. ان کان پوءِ کيس اها ڪهاڙي ڏيئي، فرمايائون: ”جهنگ مان ڪاٺيون ڪري وڃي وڪڻ!“
|
| 20 |
+
هن ماڻهوءَ ائين ئي ڪيو، جيئن نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم کيس سمجهايو هو. پورهيي مان هن ايترو ڪمايو، جو پاڻ ڀرو ٿيو ۽ مانائتي نموني زندگي گذارڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هي ماڻهو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي خدمت ۾ آيو ، ۽ سڄو حال بيان ڪري ٻڌايائين. پاڻ سڳورا ڏاڍو خوش ٿيا.
|
| 21 |
+
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي سيرت مبارڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن کي خوشحال ڏسندا هئا، ته ڏاڍو خوش ٿيندا هئا، پر جيڪڏهن کين غربت، مسڪينيءَ ۽ مالي پريشانيءَ ۾ ڏسندا هئا، ته پاڻ به پريشان ٿي ويندا هئا. هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهو پيرين اگهاڙا فقط کٿو ويڙهي اچي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. انهن کي اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي، ٻنهي جهانن جي سردار کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان کان پوءِ پنهنجي گهر اندر ويا، پوءِ ٻاهر اچي حضرت بلال رضه کي حڪم ڪيائون ته ” ماڻهن کي گڏ ڪر!“ ماڻهو گڏ ٿيا ته کين انهن غريبن جي مدد لاءِ چيائون. اهڙيءَ طرح صحابين چڱو سامان غريبن جي مدد لاءِ ڏنو، جيڪو انهن کي ڏنائون. ان کان پوءِ پاڻ سڳورا ڏاڍو خوش ٿيا.
|
| 22 |
+
پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم وقت بوقت مسلمانن کي هدايت ڪندا هئا ته ” پورهيو ڪريو!“ اُم المومنين حضرت بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها ٻڌايو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم فرمايو ته ” سڀ کان وڌيڪ پاڪ کاڌو اهو آهي، جيڪو اوهان پاڻ پورهيو ڪري ڪمائي کائو، توڙي جو اوهان کي پنهنجي اولاد جي ملازمت ئي ڇو نه ڪرڻي پوي.“
|
| 23 |
+
ٻيءَ روايت ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم فرمايو:” انسان جو بهترين طعام اهو آهي، جو پنهنجي هٿن جي پورهيي جي ذريعي حاصل ڪري کائي.“ حضرت رافع بن خديجه رضه بيان ڪري ٿو ته رسول الله صلي الله عليہ وآله وسلم کان پڇيو ويو ته ڪهڙو ڪم سڀ کان بهتر آهي؟ پاڻ فرمايائون:” پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري کائڻ.“
|
| 24 |
+
انهن حديثن مان ظاهر ٿيندو ته انسان لاءِ پاڪ کاڌو اهو آهي جيڪو هو پاڻ ڪمائي کائي ٿو. ان سان گڏ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم ٖ اها نصيحت به ڪئي آهي، ته ٻئي جي ڪمائيءَ تي ڀروسو نه ڪيو، پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي اصول تي هلو؛ ٻئي جو حق نه کائو، پنهنجي حق کان هڪ پيسو وڌيڪ نه وٺو؛ ٻئي جي لاءِ حسد، ساڙ ۽ ڪينو نه رکو، ڪنهن سان دغابازي ۽ ٺڳي نه ڪيو، ڪنهن کي نقصان نه پهچايو ۽ ڪنهن سان دشمني نه رکو.
|
| 25 |
+
مطلب ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم سڌي سنئين نموني، حق حلال سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري، پنهنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙو پورهيت پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم وٽ وڏو مان وارو آهي. قرآن شريف ۾ به الله تعاليٰ پورهيو ڪري، حلال رزق حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
|
| 26 |
+
”زمين ۾ ٽڙي پکڙي وڃو، ۽ ”پورهيو“ ڪري الله جي مهربانيءَ جي ڳولا ڪريو.“
|
| 27 |
+
تاريخ پڙهڻ مان معلوم ٿيندو، ته وڏا عالم ۽ بزرگ پورهيو ڪري، پنهنجو گذر ڪندا هئا. مشهور صحابي صحيب رومي رضه لوهار هو. ڪي بزرگ وري واڍا هئا ته ڪي موچيءَ جو ڪم ڪندا هئا. ڪي درزڪو ڪم ڪندا هئا ته ڪي پيڃارا هئا. ڪي پوکي راهي ڪندا هئا ۽ ڪي واپار ڪندا هئا. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم پاڻ واپار ڪيو آهي. حضرت ابوبڪر صديق رضه خلافت جي وقت تائين ڪپڙي جي ڳٺڙي پٺيءَ تي رکي گهٽين ۾ ڪپڙو وڪڻندو هو. اسان جي تاريخ ۾ الغياط، البزاز، الخيام، الجنار ۽ حلاج بزرگن جا لقب ملن ٿا. انهن کي اهي لقب انهيءَ ڪري مليا، جو ”الخياط“ درزي هو.”البزاز“ ڪپڙي جي هڙ کڻي ڪپڙو وڪڻندو هو. ”الخيام“خيما سبندو هو ۽ انهن جو ڪاروبار ڪندو هو.”الجنار“ تنور تي ماڻهن لاءِ ماني پچائيندو هو:”حلاج“ پيڃارو هو ۽ ڪپهه پڃيندو هو؛ جيئن ته اسلام ۾ ڪوبه ڌنڌو گهٽ درجي جو نه آهي، انهيءَ ڪري اهي بزرگ پنهنجن پنهنجن ڌندن سان مشهور ٿيا.
|
| 28 |
+
آڳاٽي توڙي هاڻوڪي زماني ۾ دنيا جو سمورو ڪاروبار انسان جي پورهيي سان ئي هلندو رهيو آهي. اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ جا ماڻهو نهايت سڌريل نموني رهندا هئا. اها ڳالهه اسان انهيءَ ڪري چئون ٿا، جو مئن جي دڙي مان اڄ کان پنج هزار سال اڳ ٺهيل پڪين سرن جا گهر مليا آهن. اتان ان زماني جا ٺهيل ٺڪر جا ٿانوَ، زيور، مهرون، ڪپڙي جو ٽڪر ۽ ٻيون شيون هٿ آيون آهن.
|
| 29 |
+
اوهان ويچار ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته جن شين کي اسان پنهنجي وطن جو مان ۽ پراڻيءَ تهذيب جو نشان سمجهون ٿا، اهي اسان جي پراڻي زماني جي پورهيت جي پگهر جو نتيجو آهن. ان زماني جي مزورن ۽ رازن ئي سرون تيار ڪيون هونديون ۽ جايون جوڙيون هونديون. ڪنڀر جڏهن مٽي ڪمائي، ٿانوَ ٺپي ٺاهي، آويءَ ۾ پچائي تيار ڪيا هوندا. تڏهن گهرن تائين پهتا هوندا. عورتن ائٽ تي ڪپهه ڪتي هوندي، ۽ ڪورين ڪپڙو اُڻيو هوندو، تڏهن ئي ماڻهن ڪپڙو پاتو هوندو. اهڙيءَ طرح ڳهه ڳٽا، مهرون ۽ ٻيون شيون به ڪاريگرن جي پورهيي سان ٺهيون هونديون.
|
| 30 |
+
آڳاٽي زماني جون عاليشان ۽ خوبصورت عمارتون، مسجدون، مندر ۽ منارا ملڪ جي سونهن سمجهيا وڃن ٿا. اهي ڏسي اسان ڏاڍو خوش ٿيون ٿا، ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ جو مان سمجهون ٿا. ڏورانهن ڏيهن جا ماڻهو اهي يادگار ڏسڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن وڃن ٿا. اسان چوندا آهيون ته تاج محل، معصوم شاهه جو منارو. لاهور جي بادشاهي مسجد، ٺٽي جي شاهجهاني مسجد ۽ ٻيون اهڙيون عمارتون اسان جي بادشاهن ٺهرايون هيون. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته اهي عمارتون اسان جي بادشاهن ۽ اميرن جي ڪوششن ۽ هدايتن سان تيار ٿيون. پر حقيقت ۾ اهي عمارتون انهن وقتن جي ڪاريگرن ۽ مزورن تتيءَ ٿڌيءَ ڪشالا ڪڍي، جوڙيون آهن. مزورن ئي جبل جهاڳي، ٽڪر ٽاڪي پٿر آندا. ڪاريگرن ڇيڻيون ۽ هٿوڙا هلائي انهن کي سنئون سڌو ڪيو ۽ انهن تي گلڪاري ڪڍي؛ تڏهن ئي تاج محل ۽ ٻيون عمارتون جڙيون آهن.
|
| 31 |
+
اهو ڏيکاري ٿو ته جن شين تي اسان کي خوشي ۽ فخر ٿئي ٿو، اهي ان وقت جي پورهيت جي پورهيي جو يادگار آهن. اهي يادگار جيڪي اسان جي ملڪ جو مان آهن، اهي اسان جي پورهيتن ئي جوڙيا آهن. ان مان پورهيت جو مان ۽ پورهيت جو شان معلوم ڪري سگهجي ٿو.
|
| 32 |
+
موجوده دور ۾ هي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، پليون، براج، واهه ۽ ٻيون اڏاوتون پورهيت ئي تيار ڪيون آهن. سائنسدان ۽ انجنيئر جي خيال، رٿا ۽ نقشن جي ليڪن کي پورهيت ئي هڏ هلائي، پگهر وهائي، عملي شڪل ڏئي ٿو. مطلب ته سائنسدان ۽ انجنيئر جو خواب پورهيت ئي پورو ڪري ڏيکاري ٿو.
|
| 33 |
+
موجوده زماني ۾ ڪيتريون ئي شيون نڪتيون آهن، جن جي ڪري اسان کي آرام، آسائش، سهولت ۽ وندر ملي ٿي. جهازن ريلن ۽ موٽرن جي ڪري پنهنجو ملڪ ته ڇا، پر سڄي دنيا ڳنڍجي ويئي آهي.
|
| 34 |
+
ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ذريعي اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ٻين ملڪن جو واءُ سواءُ ملي ٿو، اسان جي معلومات ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ اسان کي وندر ۽ ورونهن ملي ٿي. ٽيليفون جي ڪري اسان سوين ميل پري پنهنجن سڄڻن، ساٿين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان سنئون سڌو ڳالهائي سگهون ٿا. اهڙي نموني جون ڪيتريون ئي شيون اسان لاءِ موجود آهن.
|
| 35 |
+
اوهين جيڪڏهن ويچار ڪندا ته انهن سڀني ۾ به اوهان کي پورهيت جو ئي هٿ نظر ايندو. اهي شيون برابر سائنسدانن جي ايجاد آهن، ۽ ڪارخانن ۾ ٺهيون آهن، پر ڪارخانن کي هلائڻ وارا به مزور ۽ مستري آهن. جڏهن مزور رات ڏينهن ڪارخانن ۾ رت ولوڙين ٿا، تڏهن اهي شيون ٺهي، اسان جي هٿن تائين پهچ�� ٿيون، ڪارخانن ۾ مزور پنهنجا هٿ ۽ ڪپڙا ڪارا ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته سندن هٿ يا ٻيا عضوا چيڀاٽجي يا وڍجي پون ٿا، ۽ هو پنهنجي باقي حياتي معذوريءَ، بيڪاريءَ، محتاجيءَ ۽ غريبيءَ ۾ گذارين ٿا. ڪڏهن ته کين پنهنجي حياتيءَ تان ئي هٿ ڌوئڻو پوي ٿو.
|
| 36 |
+
مطلب ته جيڪي سهولتون اسان کي ملن ٿيون، انهن لاءِ ڪيترن ئي مزورن سختيون سٺيون آهن ۽ ڪشالا ڪڍيا آهن. انسان پنهنجي محنت ۽ پورهيي سان پاڻيءَ، هوا، پهاڙن. اُس ۽ بجليءَ تي فتح حاصل ڪئي آهي. ميدان توڙي پهاڙن، سمنڊن توڙي دريائن تي انسان پنهنجي پورهيي سان قبضو ڪيو آهي. خدا جي نعمتن مان فائدو وٺڻ لاءِ پورهيتن ڏاڍا وڏا وڏا ۽ ڀانت ڀانت جا ڪشالا ڪڍيا آهن.
|
| 37 |
+
ٻيو ته ڇڏيو، پر ان تي سوچيو ته اسان جيڪو کاڌو کائون ٿا، اهو ڪهڙي نموني اسان تائين پهچي ٿو. اهي جدا جدا نمونن جا اناج ۽ قسمين قسمين ميوا ڪٿان اچن ٿا، ۽ ڪيئن اچن ٿا؟ حقيقت اها آهي، ته اهو سڀڪجهه هاريءَ ۽ مزور جي پورهئي جو نتيجو آهي. ڏٺو وڃي ته هاريءَ جو اسان تي وڏو ٿورو آهي. هو هَرُ هلائي، پورهيو ڪري اَنُ اپائي ٿو، ۽ دنيا کي بک کان بچائي ٿو. هو وونئڻ پوکي ٿو، جنهن مان ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪپهه ملي ٿي. يعني اَٽي ۽ لٽي جو اُپائيندڙ هاري آهي.
|
| 38 |
+
هي اهو پورهيت آهي، جيڪو اونهاري جي تتل ڌرتيءَ تي پگهر وهائي، پورهيو ڪري ٿو، هر ڪاهي ٿو، رونبو ڪري ٿو، ڪوڏر هڻي ٿو، لابارو ڪري ٿو، بار ڍوئي ٿو، ۽ سياري جي سخت ٿڌ ۾ پاري جهڙي پاڻيءَ ۾ گهڙي، پوک لاءِ پاڻي ورائي ٿو. هو پاڻ رکو سکو کائي، ٻين لاءِ ست رڇيون موجود ڪري ڏئي ٿو؛ پاڻ ڏکيو سکيو رهي، ٻين کي آرام ۽ آسائش پهچائي ٿو؛ پاڻ انگ اُگهاڙو رهي، ٻين کي قيمتي ويس ۽ وڳا پهرائي ٿو. مطلب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ الرحمت جي چوڻ موجب، ”ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڌڪيائين پاڻ“.
|
| 39 |
+
افسوس جو اسان اهڙي ڪمائتي انسان ۽ انسان ذات تي وڏا وڙ ڪندڙ پورهيت جو پورو قدر ڪونه ڪيو آهي. قدر ته قدر جي ماڳ، پر اسان هن کي ڏُک ۽ ڏوجهرا ڏنا آهن، جنهن ڪري هن لاءِ جهان ۾ جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو آهي. هو هيڻو، اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه رهيو آهي. هن کي نه دوا درمل جي پوري سهولت ملندي رهي آهي، ۽ نه هن جي ٻارن جي تعليم ۽ سکيا جو ئي جوڳو بندوبست ٿيندو رهيو آهي. هو وڏيرن واپارين ۽ ڪامورن جي ٺڳين، دولابن ۽ ظلمن جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. زميندار، واپاري ۽ ڪامورا سندس رت ست چوسي جاوا ڪندا رهيا آهن.
|
| 40 |
+
اسان جي وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، اسان جو ڌيان ان پاسي ڇڪايو آهي. هن هاريءَ کي املهه ماڻڪ سان ڀيٽ ڏني آهي. چيو اٿيس:
|
| 41 |
+
”هاري سي امل، هر جنين جي هٿ ۾.“
|
| 42 |
+
هاريءَ کي هٿين سکڻو ڏسي هو الله تعاليٰ کان سندس ڀلائيءَ لاءِ دعا گهري ٿو:
|
| 43 |
+
”جنين ڏاند نه ٻج، تن ڀي الله آسرو
|
| 44 |
+
اول ڏيندو انهن کي پوءِ اُڀاريندو سج.“
|
| 45 |
+
شاهه صاحب رحه انهن واپارين کي ڌڪاريو آهي، جيڪي هارين کان اُن خريد ڪري، ڪوٺيون ڀري ڪيترو وقت رکي، پوءِ مهانگو ڪري وڪڻن ٿا، انهن لاءِ چيو اٿس:
|
| 46 |
+
”جن مهانگو ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.“
|
| 47 |
+
ڏڪر پيدا ڪندڙن کي ڌڪاريندي چيو اٿس:
|
| 48 |
+
”ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موذي سڀ مرن .“
|
| 49 |
+
هارين سان گڏ ٻين پورهيتن کي به شاهه صاحب رحه ياد ڪيو آهي، ۽ انهن جي هنرن ۽ پورهيي کي ساراهيو آهي. جيئن هاري اسان جي کاڌي جون شيون اپائي ٿو، تيئن ڪوري وري اسان کي انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو تيار ڪري ڏئي ٿو. هو سڄو ڏينهن عضوا هڻن ٿا، ءِ تندون ڳنڍيندا رهن ٿا، تڏهن وڃي ڪپڙو تيار ٿئي ٿو . شاهه صاحب چيو آهي:
|
| 50 |
+
”هلو هلو ڪورئين، جتي پسجي نينهن؛
|
| 51 |
+
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.“
|
| 52 |
+
’تندن ڳنڍڻ کي ڪورئين جي گفتگوءَ ۾ ”اُميري ڏيڻ“چيو ويندو آهي . شاهه صاحب رحه اهو لفظ هن طرح ڪتب آندو آهي. ۽ اُن مان هڪٻئي سان محبت ۽ رس سان هلڻ جو سبق ڏنو آهي :
|
| 53 |
+
”هو ڇنن تون مَ ڇن ، پاءِ اُميري ان سين .“
|
| 54 |
+
اسان جي ٻئي وڏي شاعر حضرت سچل سرمست به ڪورين کي پنهنجي شعر ۾ ياد ڪيو آهي. چيو اٿس:
|
| 55 |
+
”ڪوري آهيان ڪوري، گمبٽ کهڙا راڄ اسان جو، راڻيپور دنگ توڙي“
|
| 56 |
+
پراڻي زماني ۾ اوڏ ذات جا پورهيت مٽيءَ مان گهرن جون ڀتيون ۽ ڪوٽ جوڙيندا هئا. هن وقت به ڳوٺن ۾ اهو رواج ڪجهه قدر موجود آهي. هنن جي سخت پورهيي ۽ هڻ هڻان واري زندگي ڏسي. انهن جي هلي چلي، اُٿي ويٺي بيان ڪندي، شاهه صاحب رحه چيو آهي:
|
| 57 |
+
”ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا؛
|
| 58 |
+
پورهيي خاطر پانهنجي، اٿن اَسورا؛
|
| 59 |
+
اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لڏيو.“
|
| 60 |
+
يعني اوڏ ويچارا پنهنجي پورهيي لاءِ صبح جو سوير اٿي، هٿن ۾ ڇڄ ۽ ڪلهن تي ڪوڏاريون کڻي ڪم تي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح هو هڪ ڳوٺ ۾ ڪم پورو ڪري، وري ڪم سانگي لڏي، ٻئي ڳوٺ وڃن ٿا. مطلب ته شاهه صاحب رحه ظاهر ڪري ٿو، ته اوڏ جي ڪيڏي نه محنت ۽ ڪشالي واري حياتي آهي، جو سويل صبح کان سانجهيءَ تائين پورهيو ته ڪندو رهي ٿو، پر سک سان هڪ هنڌ گهر ڪري به ڪونه ٿو ويهي.
|
| 61 |
+
اهڙي طرح حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه ٻين پورهيتن جهڙوڪ : ڪنڀارن، لوهارن ۽ سونارن جو ذڪر به پنهنجي شعر ۾ آندو آهي، ۽ انهن جو مان ۽ شان اسان تي نروار ڪيو آهي .
|
| 62 |
+
شاهه صاحب رحه اسان کي سيکاريو آهي ته پورهيت وڏي قدر ۽ عزت جي لائق آهي. اسان کي جڳائي ته هن جو قدر سڃاڻون، هن جي عزت ڪريون، ۽ وس آهر کيس سک ۽ سهنج ڏيون، هن جو حق نه کائون ۽ هن کي مناسب مزوري ڏيڻ ۾ نه ڪيٻايون .
|
| 63 |
+
موجوده دؤر جي سياڻن ۽ ماهرن جو به اهو ئي خيال آهي ته جيستائين هاري ۽ مزور خوشحال نه هوندو، تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو. دنيا جي ملڪن تي اک ورائي ڏسبو، ته ملڪ اهو ئي شاهوڪار ۽ ترقي ڪيل نظر ايندو، جنهن جا هاري ۽ مزور سکيا ۽ ستابا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هاريءَ جي سهولت لاءِ زمين سڌي ڪرڻ. هر ڪاهڻ ۽ ٻين جدا جدا ڪمن لاءِ مشينون تيار ڪيون ويون آهن، ته جيئن هاريءَ کي محنت گهٽ ڪرڻي پوي. ان سان گڏ کيس ٻين سهولتن ڏيڻ لاءِ به اُپاءَ ورتا ويندا آهن.
|
| 64 |
+
اسان جي ملڪ ۾ به هاريءَ ۽ مزور جي ڀلائيءَ ۽ سهولت لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن. ۽ کين وڌيڪ سک ۽ سهنج ڏيڻ لاءِ رٿون رٿيون پيون وڃن. انهيءَ ڪري جاگيرداريون ۽ وڏيون زمينداريون ختم ڪيون ويون آهن، ۽ هارين کي مفت ۽ ٿوريءَ قيمت تي زمينون ڏنيون ويون آهن، ته جيئن هو پنهنجي زمين وارا ۽ پاڻ – ڀرا ٿين. کين واپارين جي چنبي مان بچائڻ لاءِ مناسب قدم کنيا ويا آهن، ۽ مقرر اگهن تي کانئن اناج وٺڻ لاءِ سرڪاري طرح بندوبست ڪيو ويو آهي.
|
| 65 |
+
هارين کي زميندارن جي ڏاڍاين ۽ ظلمن کان بچائڻ لاءِ اهڙا قانون پاس ڪيا ويا آهن، جن موجب ڪوبه زميندار، هاريءَ کان زوريءَ زمين کسي نٿو سگهي؛ ۽ بٽئي ڪرڻ وقت هاريءَ جو حق ڦٻائي نٿو سگهي. ان کان سواءِ هاريءَ کي بيماري سيماريءَ ۾ دوا درمل جي سهولت ڏيڻ لاءِ ننڍن ننڍن شهرن ۾ به سرڪاري اسپتالون کوليون ويون آهن. اڳتي هلي ان ڪم کي اڃا به اڳتي وڌائڻ جو سوچيو پيو وڃي، ۽ ڳوٺن ۾ به دوا درمل جي سهولت ڏيڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي .
|
| 66 |
+
هارين جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ به پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ بالغن کي تعليم ڏيڻ جو بندوبست ٿيندو رهي ٿو. پرائمري اسڪولن کان سواءِ بيشمار مڊل اسڪول ۽ هاءِ اسڪول قا��م ڪيا ويا آهن. نه فقط ايترو، پر ڏينهون ڏينهن پرائمري اسڪولن توڙي هاءِ اسڪولن جو تعداد وڌي رهيو آهي. حڪومت تعليم تي تمام گهڻو پيسو، کليءَ دل سان خرچ ڪري رهي آهي.
|
| 67 |
+
هارين سان گڏ مزور جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ به ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن، ۽ قانون پاس ڪيا ويا آهن. ڪارخانيدار ٻڌل آهن ته هو مزور کي مناسب مزوري ڏين، انهن کي پورا حق ڏين. انهن جي دوا درمل جو جوڳو بندوبست ڪن، انهن جي ٻارن جي تعليم ۽ سکيا جو مناسب بندوبست ڪن.
|
| 68 |
+
پورهيتن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ حڪومت هڪ جدا کاتو قائم ڪيو آهي. انهيءَ کاتي طرفان ”سوشل سڪيورٽي اسڪيم“ موجود آهي. انهيءَ اسڪيم مان پورهيت کي دوا درمل جا ۽ ٻيا ڪيترائي فائدا حاصل ٿين ٿا. ان کان سواءِ حڪومت اهو بندوبست به ڪيو آهي، ته ڪم ڪندي، يا ڪنهن حادثي ۾ جيڪڏهن ڪي مزور معذور ٿي پون، يا عمر جو عرصو پورو ڪري مزوري ڇڏين، ته انهن کي ڪارخانيدارن وٽان يا حڪومت طرفان ايتري رقم ملڻي آهي، جو هو پنهنجي باقي حياتي سولي گذاري سگهن.
|
| 69 |
+
هاريءَ ۽ مزور جو فرض آهي، ته حڪومت جي ڏنل سهولتن مان پورو پورو فائدو وٺي، دل لائي ڪم ڪري، ته جيئن هو سکيو ستابو رهي ۽ ڪو ڏکيو ڏينهن ڏسڻو نه پويس . هن کي جڳائي ته ملڪ جو هڏ ڏوکي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي پيداوار تڏهن وڌي سگي ٿي، جڏهن هو دل سان ڪم ڪندو، ۽ وقت اجايو نه وڃائيندو. سندس پورهيي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو، ۽ ٻاهرين دنيا ۾ وطن جو مان مٿانهون ٿيندو. جيڪڏهن پورهيي کان پاسو ڪيائين ته ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندس ۽ ملڪ جي حالت پوئتي پئجي ويندي.
|
| 70 |
+
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار ٻن ڳالهين تي آهي. هاريءَ جي پوکي راهي، ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزور جي محنت. يعني هاري ۽ مزور اسان جي ملڪ جا اڏيندڙ آهن. انهن جي پورهئي جي ڪري جيڪا پيداوار حاصل ٿئي ٿي، انهيءَ سان ئي ملڪ ۾ خوشحالي اچي ٿي.
|
| 71 |
+
پيداوار وري ٻن ڳالهين تي دارمدار رکي ٿي: محنت ۽ قابليت. محنت ۽ قابليت جڏهن گڏجن ٿيون ، تڏهن ئي پيداوار ۾ واڌارو ٿئي ٿو. پيداوار جي واڌاري سان شيون سستيون ٿين ٿيون، ۽ پرڏيهي ناڻو به حاصل ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ نموني اسان سک ۽ سهنج واري زندگي گذاري سگهون ٿا، ٻين ملڪن جي محتاجي ۽ ڪاڻ ڪڍڻ کان بچي سگهون ٿا، ۽ پنهنجي ملڪ جو مان مٿانهون ڪري سگهون ٿا.
|
| 72 |
+
اسان جو ملڪ دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن مان آهي. اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ جو درجو مٿانهون ڪونهي. انهيءَ ڪري ضرورت آهي ته قابليت حاصل ڪري محنت ڪريون، ته جيئن ملڪ جي پيداوار وڌي ۽ ملڪ خوشحال ٿئي.
|
| 73 |
+
مٿي جيڪي ڳالهيون بيان ٿي آيون آهن، انهن مان هي نتيجا نڪرن ٿا:
|
| 74 |
+
پورهيت جو وڏو مان آهي.
|
| 75 |
+
ڪوبه پورهيو گهٽ درجي جو نه آهي.
|
| 76 |
+
اسلام پورهيت کي خدا جو دوست سڏيو آهي.
|
| 77 |
+
ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار پورهيت جي پورهئي تي آهي.
|
| 78 |
+
پورهيت جو قدر ڪيو، ته پورهيت دل لائي ڪم ڪندو.
|
| 79 |
+
جيڪڏهن پورهيت ايمانداريءَ، سچائي ۽ قابليت سان ڪم ڪندو، ته پيداوار وڌندي.
|
| 80 |
+
پيداوار وڌندي ته شيون سستيون ۽ گهڻيون ٿينديون،
|
| 81 |
+
شيون گهڻيون پيدا ڪنداسون ته ٻاهر موڪلي، پرڏيهي ناڻو ڪمائي، وڌيڪ خوشحال ٿينداسون ۽ ٻين ملڪن جي محتاجيءَ کان به بچنداسون.
|
| 82 |
+
انهن فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي جڳائي، ته پورهيت جو قدر ڪريون، ان جو حق نه کائون، ۽ جيترو پڄي سگهي ان جي پرگهور لهون. ڪوبه پورهيو گهٽ درجي جو نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن دنيا جو ڌنڌو سڀني ڌنڌن جي گڏيل سهڪار سان هلي ٿو. هڪ ڌنڌو ٻئي ڌنڌي سان لاڳاپو رکي ٿو. مثال طور هاريَ جو هر ئي وٺو. هاري هر سان زمين کيڙي، اَن اُپائي ٿو. پر اهو هر ��اڍي ٺاهيو آهي، ۽ ان جو گهوٻو لوهار ٺاهيو آهي. هاري جنهن ڏاٽي سان فصل لڻندو آهي، اهو به لوهار جو ٺهيل هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اسان سڀ هڪٻئي جي آڌار تي هلون ٿا.
|
| 83 |
+
حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته هن ڌرتيءَ تي هرڪو پورهيت آهي. جيڪڏهن هاري ۽ مزور پورهيت آهن، ته ڇا ماستر ۽ منشي، سرڪاري يا خانگي آفيسن ۾ ملازمت ڪندڙ پورهيت نه آهن؟ ها، اهي به پورهيت آهن. هو جيڪڏهن جسماني پورهيو گهٽ ڪن ٿا، ته وري دماغي پورهيو گهڻو ڪن ٿا، اسان سڀ ڪم ڪريون ٿا، پر هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي نموني جا ڪم ورهايل آهن. انهيءَ حقيقت هوندي به ڏٺو ويو آهي ته هٿ جو پورهيو ڪندڙن کي اسان گهٽ نظر سان ڏسون ٿا. اسان کي ائين ڪرڻ نه جڳائي . ڇاڪاڻ ته هو اسان جي جاين جوڙڻ لاءِ، اسان کي اناج، ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين پهچائڻ لاءِ هَڏَ هڻن ٿا، رت ولوڙين ٿا، ۽ تتيءَ ٿڌيءَ، آڌيءَ مانجهيءَ ڪشالا ڪڍن ٿا.
|
| 84 |
+
پورهيو ته پيغمبرن ۽ بزرگن به ڪيو آهي. پورهيي سان هن جهان جو ڪارخانو هلي ٿو. پورهيي سان اسان پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين لاءِ پيٽ-قوت ڪمايون ٿا. پورهيي ۾ خدا راضي ٿئي ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو پورهيو ڪري، حلال رزق ڪمائي، پنهنجا ٻار ٻچا پالي ٿو، ته الله تعاليٰ ان ماڻهوءَ کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. خدا ان ماڻهو کان ناراض آهي، جيڪو بنا پورهئي جي، ٻين سان دغابازي، دوکو، ٺڳي ڪري يا ڪنهن جو حق کائي دولت گڏ ڪري ٿو.
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book2.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book20.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book21.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book3.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book4.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book5.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book6.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book7.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book8.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|
sindhiadabiboard.org/Articles/Book9.txt
ADDED
|
The diff for this file is too large to render.
See raw diff
|
|
|