diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book12.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book12.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book12.txt" @@ -0,0 +1,6396 @@ +ڪتاب جو نالو: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ + + + +تاج جويو +مجنون گورکپوري +تاج جويو +غزل جي تاريخ ۽ فني ضرورتون +داخلي شاعري، جنھن لاءِ غنائي شاعريءَ جو اصطلاح ڪم آندو ويو آھي، ان جا بھترين نمونا المنامن جا سنگيت (Choruses)، خطابي نظم (ODES) ۽ مرثيا (Elegies) آھن: پر ان جي سڀ کان وڌيڪ سڌريل ۽ نکريل صورت غزل آھي، جنھن جي شروعات ايران مان ٿي. انگريزي زبان ۾ ھڪ صنف موضوع جي خيال کان غزل کي بلڪل ويجھو نظر اچي ٿي ۽ ان جو نالو ”سانيٽ“ (SONNET) آھي، جيڪا اطالوي زبان جي شاعريءَ جي صنف ‘SONA TA’ مان ورتل آھي؛ پر جيڪو تاثر يا خيال، غزل جي ٻن مصرعن يعني ھڪ شعر ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو، اھو سانيٽ جي چوڏھن (١٤) سٽن ۾ پورو ٿئي ٿو. ھيئت جي اعتبار کان، جيڪي صنفون غزل کي بلڪل ويجھيون آھن، تن ۾ ھنديءَ جا ”دوھا“ ۽ ”سورٺا“ بھ اچي وڃن ٿا. +اڳين شاعرن (متقدمين) غزل جون جيڪي خاص ڳالھيون ڳڻايون آھن، اھي سموريون عرب جي عشقيھ شاعريءَ مان وتل آھن. عربي شاعريءَ ۾ اھا صنف نھ آھي، جنھن کي اصطلاحي طور ”غزل“ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ ”غزل“ عربي زبان جو ئي لفظ آھي، پر اھي ڪيفيتون، جن کي اجتماعي طرح ”تغزل“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، عرب جي عشقيھ شاعريءَ ۾ ڪافي ملن ٿيون. اڳتي ھلي اھل فن، غزل جا جيڪي اسلوب قائم ڪيا، اھي عشقيھ شاعريءَ کي ئي اڳيان رکي جوڙيا ويا آھن، جن مان ڪجھھ ھي آھن: +اصلي غزل اھو آھي، جنھن جي شعرن ۾ عشق ۽ محبت جي فضا موجود ھجي، جنھن ۾ سپردگي ۽ پاڻ ارپڻ جو احساس، غيرت ۽ خود داريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھجي. (ھيءَ وصف ظاھر آھي تھ سڄي غزل جي صنف سان لاڳو نھ ٿي ٿي سگھي، پر رڳو عشقيھ شاعريءَ سان لاڳو ٿي سگھي ٿي.) +غزل کي پنھنجو دائرو رڳو داخلي ڪيفيتن ۽ وارداتن تائين محدود رکڻ گھرجي. معشوق جي جسماني وصفن يا ان جي اٿڻي ويھڻيءَ يا ان جي لباس ۽ وضع قطع جو بيان غزل جي موضوع جي دائري کان ٻاھر آھي. +غزل ۾ خودبيني، پنھنجي ذاتي حيثيت ۽ وسعت جي احساس جو اظھار نھ ھئڻ گھرجي. +معشوق جو ادب ۽ سندس ناموس جو خيال، ھر حال ۾ رکڻ کپي. +غزل ۾ سوز، گداز ۽ تاثير جو ھڪ خاص معيار قائم رکڻ گھرجي. +غزل جي زبان، جيتري ٿي سگھي، نرم، شيرين، سليس ۽ عام فھم ھجي. +جذبن ۽ خيالن جي تذليل ۽ بي قدريءَ کان سختيءَ سان پرھيز ڪجي. +وس ڪندي تشبيھھ، استعاري ۽ ’صنايع بدايع‘ کان پاڻ بچائڻ گھرجي. (ھتي ھيءَ ڳالھھ واضح ھجي تھ تشبيھن ۽ استعارن جي گھڻي استعمال سان شاعري بي اثر ٿي وڃي ٿي، پر سليقي ۽ خصوصيت سان تشبيھھ ۽ استعاري جو استعمال، اظھار ۽ خيال جي سگھھ ۾ واڌارو ڪري ٿو.) +خيال يا زبان ۽ ”انداز بيان“ ۾ ڪا اھڙي ڳالھھ، اشارن يا وضاحت سان نھ ھجي، جيڪا عاشق ۽ معشوق جي شان وٽان نھ ھجي. +جيڪي جذبا يا خيال قلمبند ڪيا وڃن، اھي دنيا کان نرالا نھ ھجن، پر پنھنجي سموري بلنديءَ ۽ پاڪيزگيءَ جي باوجود اھڙا ھجن، جيڪي عام وارد ٿيل ھجن ۽ جن سان ھر شخص پاڻ کي مانوس سمجھي. +مٿي ڄاڻايل دليلن ۽ علامتن تي غور ڪرڻ سان صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ غزل جي مفھوم کي بلڪل محدود رکي، اھي قاعدا جوڙيا ويا آھن. غزل کي خالص عشقيھ شاعري سمجھيو ويو آھي، جيتوڻيڪ تاريخ ۾ ائين نھ آھي. غزل جو بنيادي يا لغوي مفھوم ڪجھھ بھ ھجي، ھڪ شعري صنف جي حيثيت ۾ مضمون توڙي اسلوب ۾ ھن کان وڌيڪ وسعت ۽ گوناگونيت جو امڪان، ڪنھن ٻيءَ صنف ۾ موجود نھ آھي. فارسي ۽ اردو غزل[1] جي سٺن ۾ سٺن نمونن کي اڳيان رکبو تھ قائل ٿيڻو پوندو تھ غزل جا مضمون ايترا تھ وسيع ۽ گوناگون آھن، جيتريون انساني زندگيءَ جون حالتون ۽ وارداتون . . . . . . +. . . . اڳين شاعرن جي ترتيب ڏنل روايتي اصولن کان ھٽي اسان خود پنھنجي تجربي ۽ اڀياس جي بنياد تي غور ڪنداسون تھ ھيٺيون خصوصيتون ئي غزل کي غزل بنائين ٿيون: +خالص غزل لاءِ ضروري آھي تھ ان جو ھر شعر، پنھنجيءَ جاءِ تي ھڪ آزاد ۽ مڪمل اِڪائي ھجي، جيڪا ھڪ پوري جذباتي ۽ فڪري ڪائنات تي محيط ھجي. +غزل جي لفظي معنى ”عورت يا محبوب سان ڳالھيون ڪرڻ“ آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي ٻڌي اسان جا ڪن پچي پيا آھن، پر اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ غزل ھڪ شعري صنف جي حيثيت ۾ جن زبانن ۾ رائج آھي يعني فارسي، اردوءَ1 تن ۾ لڪل يا ظاھري طرح مخاطب مرد رھيو آھي - ۽ ان کان سواءِ جيتوڻيڪ غزل جي اڪثر شعرن کي اڄ تائين حسن ۽ عشق بابت سمجھڻ جي عادت پئجي وئي آھي، پر اڀياس مان ثابت ٿئي ٿو تھ ڪنھن بھ دور ۾ غزل سختيءَ سان موضوع جي ھن ”وحدانيت“ کي قائم رکي نھ سگھيو آھي. غزل گو شاعر ابتدا کان ئي زندگيءَ جي مختلف مسئلن کي شعرن ۾ قلمبند ڪندا آيا آھن. مذھب ۽ تصوف جا نڪتا ۽ اشارا، سماج، تمدن ۽ اخلاق جا اصول ۽ معاملا ڪھڙو اھڙو موضوع آھي، جنھن تي غزلن ۾ شعر موجود نھ آھن. ان ڪري اسان چئي سگھون ٿا تھ جيئن تھ غزل جا شعر منفرد ۽ غير مسلسل ھوندا آھن، ان ڪري شاعر کي گھرجي تھ ڪائنات ۽ انساني حيات سان واسطيدار مختلف حقيقتن ۽ مسئلن بابت اھم ۽ چند نظرين ۽ فڪرن کي ان جامعيت ۽ ھمھ گيريت سان پيش ڪن، جو عام انسانن لاءِ قبوليت جوڳا بڻجن. ان قاعدي کان سواءِ غزل جا شعر، اعلى نموني چئي نھ ٿاسگھجن. +غزل جو معياري شعر اھو آھي، جيڪو ھڪ جامع ”جملو“ ھجي، ۽ جنھن ۾ اھا قابليت ھجي، جو ھڪدم ياد ٿي سگھي ۽ عام خاص جي زبان تي اچي، ضرب المثل يا چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري سگھي. +شاعريءَ لاءِ عام طور ۽ غزل لاءِ خاص ڪري لازمي آھي تھ جيڪو تاثر يا ذھني نقش يا خيال شعر ۾ ادا ڪيو وڃي، ان ۾ اصليت ۽ سچائي ھجي ۽ زبان ۽ اسلوب ۾ صداقت ۽ بيساختگي – جيڪڏھن ڪٿي تڪلف کان ڪم بھ ورتو وڃي، تھ برجستائيءَ ۽ بي تڪلفيءَ جو شان موجود ھجي، صحيح معنى ۾ غزل گو اھو آھي، جنھن جي دل ۽ زبان ٻنھي ۾ ھڪ سنگم، ھڪ گداز، ھڪ سنجيدي ۽ وزني ميلاپ جي سوچ ۽ ويچار ھجي. +غزل جي شعرن ۾ شاعرن جي انفراديت قائم رھڻ گھرجي. پر اھو ضروري آھي تھ خودي يا آءٌ – پڻي جو احساس ڪٿان بھ داخل ٿيڻ نھ کپي؛ ٻيءَ صورت ۾ شعرن ۾ اھا جامعيت نھ اچي سگھندي، جيڪا غزل جي سونھن آھي. +غزل جي زبان سادي، سليس ۽ عام فھم ھئڻ گھرجي، پر اھا اقليدس جي قولن ۽ منطق وانگر رکي ۽ بي ڪيف نھ ھجي. +اڳين شاعرن جو اسرار ھو تھ تشبيھن، استعارن ۽ ٻين تڪلفات کان غزل کي بچايو وڃي، پر اسان ان کي اجايو ۽ عمل جوڳو نھ ٿا سمجھون. تشبيھھ ۽ استعاري سان نھ رڳو خيال جي اظھار ۾ سھوليت ٿئي ٿي، پر خود خيال ۾ وسعت ۽ گھرائيءَ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. ھا، اھو لازمي آھي تھ جيڪي تشبيھون ۽ استعارا ڪم آندا وڃن، اھي برجستا ۽ وقتائتا ھجن ۽ انھن سان شعر ۾ ”آورد“ (تڪلف) جو احساس پيدا نھ ٿيڻ کپي. +غزل جو جيڪو معيار ھاڻي قائم ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن ان جي حوالي سان ڏٺو وڃي تھ اردو ۽ فارسي غزل گو شاعرن جي ڪلام ۾ اھڙن شعرن جو وڏو تعداد ملندو، جيڪو تغزل جي روح کان وانجھو ھوندو. اسان جي استاد شاعرن، خاص ڪري پوين (متاخرين) جي گھنائي، تشبيھن، استعارن ۽ صنايع بدايع کي ئي شاعريءَ جو روح سمجھيو آھي. فارسيءَ ۾ رودڪي کان قآنيءَ تائين ۽ اردوءَ ۾ ولي دکنويءَ ۽ سراج کان داغ ۽ امير تائين ممتاز شاعرن جي غزلن جا اھڙا شعر گھڻي تعداد ۾ ملندا، جيڪي غزل جي ڪسوٽيءَ تي پورا نھ ٿا لھن ۽ پوين شاعرن جو ڪلام تھ ٧٥ سيڪڙو ان تاثراتي خلوص يا ان معنوي ڪيف کان وانجھيل آھي، جنھن کي اسان تغزل سان تعبير ڪريون ٿا ۽ جنھن کان سواءِ نھ رڳو اھو تھ غزل، غزل نھ ٿو رھي، پر شاعريءَ جي ڪابھ صنف پنھنجو پيدائشي فرض ادا نھ ٿي ڪري سگھي – اھڙا شعر تخيل جي عيب ۽ ان ڏکوئيندڙ حقيقت جي علامت ھوندا آھن تھ زندگي ۽ ان جي فني تخيل، ٻنھي ۾ زوال ۽ ڀڃ ڊاھھ شروع ٿي وئي آھي. +ھاڻي ڪجھھ غزل جي پيدائش تي نظر وجھڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي: +ڪجھھ تذڪري نگارن جو چوڻ آھي تھ فارسيءَ ۾ سڀ کان اڳ جنھن شعر چيو، اھو ”رودڪي“ آھي، پر فارسي شاعريءَ جا ٻيا تاريخدان ان راءِ جا آھن تھ ان زبان ۾ جنھن پھريون شعر چيو، سو صفاريھ خاندان جو مشھور بادشاھھ يعقوب بن ليث آھي. ڪي ماڻھو عباس مروزيءَ کي فارسي زبان جو پھريون مستند شاعر سمجھن ٿا، جنھن مامون الرشيد جي شان ۾ اھو قصيدو لکيو، جيڪو اڄ تائين مشھور آھي. اھڙيءَ ريت ابو جفص سغدي، قطران ۽ ڪجھھ ٻين شاعرن کي بھ تذڪري نويسن، فارسيءَ جو پھريون شاعر ٻڌايو آھي. +پر اول تھ اھي سڀ روايتون قياسي ۽ ٻڌل آھن ۽ تاريخي سند نھ ٿيون رکن، ۽ ٻيو تھ اھي سڀ شاعر ان زماني جا آھن، جڏھن ايران تي عربن جو قبضو ٿي چڪو ھو؛ پراڻي ايراني شائستگيءَ تي فاتح تمدن جا اثر غالب ٿي چڪا ھئا ۽ ايران جي زبان ۽ عبارت تي عربي زبان ۽ عربي تقليد جو رنگ ايترو تھ چڙھي ويو ھو، جو ان جي پنھنجي اصلي رنگ جي آثارن جو ڪو اھڃاڻ نھ رھيو ھو. جيڪي نالا مٿي ڄاڻايا ويا آھن، اھي وڌ ۾ وڌ مسلم ايران جا اوائلي شاعر سڏي سگھجن ٿا. +ڪن تاريخدانن ۽ نقادن، ڪجھھ وڌيڪ فراخدليءَ جو مظاھرو ڪندي، ايراني شاعريءَ جي شروعات اسلام جي ظاھر ٿيڻ کان ڪجھھ اڳ ساساني دور ۾ ٻڌائي آھي؛ پر افسوس تھ اِتي بھ ٻڌل ٻڌايل ڳالھين تي يقين ڪيو ويو آھي ۽ تاريخي ڇنڊڇاڻ کان بلڪل ڪم نھ ورتو ويو آھي. مثال طور دولت شاھھ سمرقنديءَ افسانھ طراز تذڪره نويسن جي بيانن تي ڳنڍ ٻڌي چيو ويو تھ فارسيءَ جو سڀ کان پھريون شاعر ساساني نسل جو شھنشاھھ بھرام پنجون ھو، جيڪو پنجين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ ٿي گذريو آھي ۽ روايتن ۾”بھرام گور“ جي لقب سان مشھور آھي. بھرام گور، ”شاھنامي“ جي محبوب ترين حڪمرانن مان آھي، ۽ عياشيءَ سان گڏ بھادريءَ ۽ جوانمڙسيءَ جي علامت بھ سمجھيو ويو آھي. سير ۽ شڪار ۾ اڳين بادشاھن کي ڇڏي، شايد ھن کان وڏي شخصيت ايران پيدا نھ ڪئي. چيو وڃي ٿو تھ ھڪ ڀيري ھڪ خطرناڪ موقعي تي ھن ھڪ شينھن ماريو ۽ فخر مان اوچتو سندس منھن مان ھڪ جملو نڪتو، جيڪو ھڪ موزون مصرع بنجي ويو: +منم آڻ ببر زيان و منم آڻ شير يلھ +۽ سندس محبوبا دلارام چنگيءَ ھڪدم ٻي موزون مصرع چئي: +نام بھرام ترا او پدرت بوجبلھ +مولانا شبليءَ ”شعر العجم“ حصي چوٿين ۾، ٻنھي مصرعن کي غلط درج ڪيو آھي ۽ نتيجو اھو ڪڍيو آھي تھ ”ھي مصرعا جھڙيءَ ريت عوفي يزديءَ جي تذڪري ۾ درج آھن، نثر کي وڌيڪ ويجھو آھن، ۽ پوءِ اھو بھ چئي ٿو تھ بھرام گور جي ڪجھھ موزون جملن کي شاعريءَ جو سنگ بنياد نھ ٿو چئي سگھجي. +اردو زبان ۾ اڃا تائين فارسي شاعريءَ تي شبليءَ جي ”شعرالعجم“ +کان وڌيڪ تحقيقي ۽ مدلل ڪتاب ڪوبھ نھ لکيو ويو آھي، پر اسان کي چوڻو پوي ٿو تھ شبليءَ جھڙي باذوق شاعر ۽ فاضل نقاد بھ غور، تحقيق ۽ فصاحت سان ڪم نھ ورتو. سڀ کان پھرين ڳالھھ جيڪا ھن روايت جي ڏس ۾ کٽڪي ٿي، سا اِھا آھي تھ بھرام گور ساساني خاندان جو حڪمران ھو. ساسانين جي دور ۾ ايران جي زبان ”پھلوي“ +ھئي ۽ جيڪو شعر بھرام ۽ سندس محبوبا سان منسوب ڪ��و ويو آھي، ان جي زبان پراڻي ھئڻ جي باوجود اھا فارسي آھي، جيڪا ايران جي زوال ۽ اسلام جي اوج کان پوءِ رائج ٿي. ٻي ڳالھھ جيڪا غور لائق آھي تھ بھرام گور جو پيءُ يزدگرد پھريون ھو، ”بُوجبلھ“ جو مطلب ڇا؟ ۽ جيڪڏھن عوفي جي اندراج موجب ٻي مصرع ھيئن آھي: +نام من بڻرام گور و کنتيم بوجبلھ +تھ بھ ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي. ٿي سگھي ٿو تھ اعلى عرب ڪنھن ريت بھرام کي يا سندس پيءُ کي ”بوجبلھ“ جي لقب سان ياد ڪندا رھيا ھجن، پر اھڙيءَ حالت ۾ خود بھرام، ان لقب کي فخر جو باعث نھ سمجھي ھا. +مشھور آھي تھ شيرين جي محلات جي ڪتبي تي ھيءُ شعر اڪريل آھي: +ھـــزيــــر ابگـــــيان، انوشھ بزي +جھان را نگھبان دنوشھ بزي +ھن شعر کي بھ ايراني شاعريءَ جي اولين مثالن ۾ شمار ڪيو ويو آھي، پر اھي سڀ گماني ڳالھيون آھن. ايراني شاعري، ايتري ئي قديم آھي، جيترا ان جا مذھبي ۽ نيم مذھبي ڪتاب قديم آھن، جن جا پنا اڄ بُريءَ ريت منتشر ملن ٿا. +غزل، عربي لفظ آھي، جنھن جي معنى ”محبوب سان ڳالھيون ڪرڻ“ آھي ۽ غزليت يا تغزل يعني ھڪ خاص انداز جو باوقار ۽ گنڀير گذار، جيڪو عشق جي خاص سڃاڻپ آھي، عربن وٽ بھ سٺي شاعريءَ جي اھم علامت آھي. پر شاعريءَ جي ھڪ مخصوص صنف جي حيثيت سان غزل، عرب جي پيداوار نھ آھي. ھيءَ صنف ايران ۾ پيدا ٿي، اتي اوسر پاتائين ۽ اتان ئي اچي ھندستان ۾ اردوءَ ۾ مروج ٿي.[2] +عربن جو مزاج، تشريح ۽ تفصيل طرف مائل ھو ۽ عرب شاعر ھڪ خيال کي ڪيترن شعرن (مصرعن) ۾ سمائي بيان ڪرڻ جا قائل ھئا؛ ان ڪري شاعريءَ جون جيڪي صنفون عرب ۾ مقبول ٿيون، تن ۾ قصيدو، مرثيو يا رجزيھ قطعا شامل آھن. ايران جو مزاج اختصار پسند رھيو آھي. ابتدا کان وٺي ايراني شعر و ادب ۾ (جنھن جا قديم ترين مثال مذھبي ڪتابن جون آيتون ۽ قول آھن) رمز (اھڃاڻ)، تمثيل، ڪنايي ۽ ايجاز جو لاڙو وڌيڪ رھيو آھي. ايراني نظم ۽ نثر ۾ مختصر ۽ بليغ لکڻين کي وڌيڪ پسند ڪندا ھئا. +جڏھن ايران مسلم عرب جي اقتدار ھيٺ آيو تھ ان جي پنھنجي تمدن ۽ ادب جو بُريءَ ريت زوال آيو، پوءِ جيئن تاريخ جو دستور رھيو آھي تھ مفتوح ۽ محڪوم قوم، فاتح ۽ حاڪم قوم جي طرز معاشرت، زبان ۽ عبارت، ادب ۽ شعر جي اسلوبن جي پوئلڳي ۽ تقليد کي نھ رڳو وقتي مصلحت طور قبول ڪري ورتو، پر پنھنجي مستقبل جي بھتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ھڪ لازمي شرط طور ان تي فخر بھ ڪرڻ شروع ڪيو. +مفتوح ٿيڻ کان پوءِ ايران جي زبان اھا ٿي وئي، جنھن کي اسان ”فارسي“ چئون ٿا، ۽ ان زبان ۾ جيڪا شاعري ٿي، ان جا اصول ۽ اسلوب عربي زبان مان ورتا ويا ۽ اڪثر اھي شعري صنفون رائج ٿي ويون، جيڪي عربستان ۾ ’جاھليت واري دور‘ ۾ رائج ھيون. قصيدي ۽ مرثيي، فارسي زبان ۾ نھايت اھم جاءِ والاري ورتي. پر محڪوم ملڪ جو تمدن ڪڏھن بھ حقيقت ۾ فنا نھ ٿيندو آھي، اھو لڪ ڇپ ۾ فاتح قوم جي اندروني ترڪيب ۾ داخل ٿي ويندو آھي. ايران ۽ عرب جي گڏيل تاريخ، اسان جي اِن خيال جي تائيد ڪري ٿي. بنواميھ تائين تھ عربن پنھنجي تمدن کي جيئن تيئن ڪري سلامت رکيو، پر بنو عباس جي دور تائين ايندي ايندي، ايران اسلام قبول ڪري، تمدني حيثيت سان سموري عرب ٿي ڇانئجي ويو. گاديءَ جو ھنڌ (دارالسلطنت) دمشق مان بغداد طرف منتقل ٿيڻ ھڪ تاريخي سرحد آھي، جيڪا ان ڳالھھ جي يادگار آھي تھ عرب پنھنجي خالص تمدن کي محدود سمجھي، مجبور ٿي پيا تھ ايران جي صدين جي روايتن ۽ نکري آيل تھذيب جي زنده ۽ صحتمند عنصرن کي ”اسلامي اخوت“ جي حوالي سان قبول ڪري، پنھنجي تھذيب ۾ جذب ڪن. خليفي عمر جي زماني ۾ صحرا نشين عربن کي پنھنجي تمدن جي ڪمتريءَ جو احساس ٿي چڪو ھو، ان ڪري ترت ئي سماجي طرز ۽ حڪومت جي مختلف شعبن ۾ ايراني اثر داخل ٿي ويو- ۽ عباسين جي دور ۾ تھ ايران جون رسمون ۽ رواج، اٿڻ ويھڻ جا طور طريقا، نظم ۽ نسق جا سمورا اصول، اول کان آخر تائين اھڙيءَ ريت ڇانئجي ويا، جو عرب جي تھذيب جو نالو نشان بھ باقي نھ رھيو. چئي سگھجي ٿو تھ ايران جي آخري تاجدار خاندان – ساسانين – ٻيھر جنم ورتو ۽ بنو عباس سڏائڻ لڳا. اڄ مسلم دنيا ۾ جيڪو تمدن ۽ جيڪا سياست رائج آھي، ان جو تجزيو ڪبو تھ ان جي ترڪيب ۾ ايراني جزا وڌيڪ ملندا. +شاعريءَ ۾ ايرانين، عربي شاعريءَ جي سمورين صنفن، روايتن ۽ اسلوبن کي تھ قبول ڪري ورتو، پر اھي ان تي بس ڪري نھ ويٺا. تمام جلد ايرانين، عربي شاعريءَ جي انھن سمورن اصولن ۽ قاعدن کي پنھنجو ڪندي، پنھنجيءَ زبان ۾ ٻھ اھڙيون صنفون پيدا ڪري ورتيون، جيڪي عربي شاعريءَ ۾ موجود نھ ھيون، ۽ انھن جا نالا عربي زبان مان ئي ورتا ويا – يعني مثنوي ۽ غزل. مثنوي، اسان جو موضوع نھ آھي، پر غزل جي ’نشان نزول‘ تي ھڪ نظر وجھجي ٿي: +عرب جي عشقيھ شاعري بھ عام طور تي قصيدي جي صورت ۾ ٿي ھئي يا ڪڏھن ڪڏھن مرثيي جي شڪل ۾. ايران، قصيدي گوئي عرب جي تقليد ۾ شروع ڪئي، پر قصيدي جي ڏس ۾ ايران جي زرخيز ذھن ھڪ تخليقي اشارو ڏسي ورتو – قصيدا عام طور تي تمھيدي ٿيندا آھن يعني قصيدي جي اصلي جزن کان اڳ ڪجھھ شعر ھوندا آھن، جن کي نسيب يا نشيب چوندا آھن. اصل قصيدي جا شعر پاڻ ۾ مسلسل ۽ ربط وارا ٿيندا آھن، پر نشيب جو ھر شعر ھڪ آزاد جذباتي يا فڪري اڪائي ھوندو آھي، جنھن جو عام طرح اڳين يا پوين شعرن سان ڪو لاڳاپو نھ ھوندو آھي. تشبيب جي لغتي معنى شباب ۽ شباب سان لاڳاپيل شين جو ذڪر آھي. عربي، فارسي ۽ اردو قصيدن جي تشبيب ۾ يا تھ حسن ۽ عشق جا نڪتا ملن ٿا يا بھار جي مسرت انگيزين جو ذڪر ھوندو آھي يا شراب ۽ ساقي، ناچ ۽ سنگيت جون زندگي بخش ۽ روح افزا ڳالھيون ھونديون آھن. اڳتي ھلي تشبيب ۾ ان گوناگوگيت جو دائرو اڃا بھ وسيع ٿي ويو ۽ اخلاق، فلسفي ۽ تصوف جون رمزون ۽ اسرار، تشبيب جا لازمي جزا بنجي ويا. سنائي، ظھير فاريابي، خاقاني، عرفي ۽ غالب جي فارسي قصيدن جي اڀياس سان اسان جي دعوى پڌري ٿئي ٿي. +غزل لاءِ ايران کي اشارو تھ عربي قصيدي مان مليو، پر ان لاءِ زمين اڳواٽ تيار ھئي. ايران، عربي تلوار جو ڌاڪو مڃي چڪو ھو ۽ ان جي معاشرت، اٿڻي ويھڻيءَ، فڪر ۽ گفتار ۾ ھاڻوڪن فاتحن جا آندل تھذيبي اثر پنھنجا نقش ڄمائي چڪا ھئا، جن کي ايراني، تاريخ کان اڳ واري زماني کان وٺي نفرت ڪندا آيا ھئا- ان ڪري جو ھيءُ آريائي ۽ سماطيقي ماڻھن جو نسلي اختلاف ھو. پر اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ بھ ھن عظيم روايت جي ياد ايرانين جي من مان ميسارجي نھ وئي ھئي. شاعريءَ ۾ مواد ۽ ھيئت ۾ عرب جي تقليد ٿيڻ لڳي ھئي، پر اڃا ايرانين جي ڪنن ۾ انھن راڳن جا پڙاڏا گونجي رھيا ھئا، جن کي باربد ۽ نڪيسا جھڙا شاعر ۽ راڳي (مطرب) ڳائي چڪا ھئا. خسرواني ڌن جو رس اڃا ايرانين جي ذھنن مان ميسارجي نھ چڪو ھو. ڪجھھ تاريخدانن، غزل جو بنياد، انھن شاعرن ۽ راڳين جي نغمن کي قرار ڏنو آھي- اھو غلط نھ آھي. اسان مولانا شبليءَ جي راءِ سان سھمت نھ آھيون. باريد ۽ نڪيسا رڳو راڳي نھ ھئا، شاعر بھ ھئا. باريد جا نغما رڳو موسيقيءَ جا ٻول نھ ھئا، اھي شعر بھ ھئا. عوفي يزديءَ جي سند تي اھو مڃي وٺڻ تاريخي تنقيد جي خلاف آھي تھ انھن شعرن يا نغمن ۾ ”وزن، قافيو ۽ شاعري جا لوازمات نھ آھن.“ ائين اھو سمجھڻ يا تھ تعصب ��ھي يا تاريخي بصيرت جي کوٽ. رڳو ان ڪري تھ اسان عربي زبان جي ”علم عروض“ سان مانوس آھيون ۽ عربي شاعريءَ جي وزنن ۽ بحرن سان اسان جا ڪن وڌيڪ آشنا آھن، اسان کي اھو حق نھ ٿو پڄي تھ اسان ليڪو ڪڍي ڇڏيون تھ اسلام جي تسلط کان اڳ ايران ۾ شاعري نھ ھئي يا جيڪڏھن ھئي بھ تھ وزن، قافيي ۽ ٻين شاعريءَ جي لوازمات جي لحاظ کان ناقص ھئي- ايران جي خالص شاعريءَ ۾ وزن يا آھنگ نھ محسوس ڪرڻ، اسان جي اڻڄاڻائي ۽ بي علميءَ جو ڏوھھ آھي. اسان اھڙن عرب پرست دوستن کي ياد ڏيارڻ گھرون ٿا تھ اسلام جي ظھور کان گھڻو اڳ ايراني زبان ۾، قافيي ۽ رديف لاءِ نج ملڪي لفظ ملن ٿا. ”قافيي“ لاءِ ”پساوند“ ۽ رديف لاءِ ”سرداره“ جا اصطلاح، ان ڳالھھ جو دليل آھن تھ ايراني، شاعريءَ جي لوازمات ۽ عنصرن کان چڱيءَ ريت واقف ھئا. تنھن کان سواءِ باربد ۽ نڪيسا کان گھڻو اڳ ايران ۾ ھڪ صنف رائج ۽ لوڪ پسند ھئي، جيڪا ھڪ ئي وقت شاعري بھ ھئي ۽ موسيقي بھ- ان صنف کي ”چامھ“ چوندا ھئا، جيڪا غزل سان گھڻي مناسبت ۽ مشابھت رکندي ھئي. ”چامھ“ لاءِ ڪنھن خاص علمي ڄاڻ ۽ شاعراڻي مھارت جي ضرورت نھ ھئي. شھرن کان پري ننڍڙين وستين جي ھر ڪٽنب ۾ تخليقي ذھن رکندڙ مرد ۽ عورتون ”چامھ“ چونديون ھيون ۽ اڪثر عين موقعي تي اھي شعر في البديھھ (extempore) موزون ڪيا ويندا ھئا. في البديھھ شعر چوڻ ۾ ايرانين کي عربن کان ڪنھن بھ صورت ۾ گھٽ مھارت حاصل نھ ھئي. عورتن جا چيل ”چامھ“ وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ ھوندا ھئا. پراڻن ڪتابن جي مطالعي مان ڄاڻ پوي ٿي تھ ايران عرب کان گھٽ مھمان نواز ۽ غريب پرور نھ ھو. شھر تھ ڇڏيو، پر ٻھراڙين ۽ ڳوٺن ۾ بھ عام دستور اِھو ھو تھ جڏھن ڪو واٽھڙو مسافر اچي مھمان ٿيندو ھو تھ ميزبان جي گھر جون عورتون ان کي ”چامھ“ ٻڌائينديون ھيون ۽ سندس ٿڪ ۽ غربت جي احساس کي دور ڪنديون ھيون. بستين جو ھيءُ دستور وڏن وڏن پارسا قسم جي ماڻھن لاءِ ھڪ مستقل آزمائش ھو. نڄاڻ ڪيترا ڄاتل سڃاتل ماڻھو، مسافرن جو ويس پائي، رڳو ان ڪري وڃي وٽن مھمان ٿيندا ھئا، تھ ڪنھن نھ ڪنھن دلڪش آواز ۾ ”چامھ“ جا شعر ٻڌي سگھن. اھي شعر وڏيءَ نرمي ۽ سوز ۽ گداز واري ڌن ۾ ڳايا ويندا ھئا. ساساني خاندان جي حڪمران بھرام پنجين يا بھرام گور جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آھي. اھو پاڻ شاعر ھو يا نھ، پر شعر ۽ موسيقيءَ جو وڏو قدردان ۽ سرپرست ھو. سندس دستور ھوندو ھو تھ اڪثر راتين جو پرديسيءَ جو روپ ڌاري شھر کان گھڻو پري ڳوٺڙن ۾ نڪري ويندو ھو ۽ پنھنجيءَ رعيت جي ڪنھن نھ ڪنھن فرد وٽ رڳو اِن ڪري وڃي مھمان ٿيندو ھو تھ جيئن گھر جي خوش زبان ۽ سريلين عورتن کان ”چامھ“ ٻڌي سگھي. ڪير چئي سگھندو تھ بنو عباس جي مشھور ۽ الف ليلى جي ڪري داستاني مقبوليت رکڻ واري ھارون الرشيد، اھو دستور بھرام گور کان نھ سکيو ھو. +مختصر اھو تھ فارسي غزل، جيتوڻيڪ پنھنجي ھاڻوڪي اصليت ۽ ھيئت جي خيال کان عربي شاعريءَ جي فلم آھي، پر ان لاءِ ايران ۾ زمين تيار ھئي ۽ ان جي اؤسر لاءِ تاريخي ۽ نفسياتي ڪارڻ اڳواٽ ئي موجود ھئا. +[1] ھتي سنڌي غزل بھ شامل ڪري سگھجي ٿو (ت. ج) +[2] گڏوگڏ سنڌي ۽ ٻين ھمعصر زبانن سرائيڪي ۽ پنجابيءَ ۾ بھ رائج ٿي (تاج جويو) + + +غزل بابت اھو تفصيل ڏيڻ کان پوءِ اسان ھڪ ڀيرو وري پنھنجي اصلي نقطئھ نظر کي ٻيھر ورجايون ٿا تھ شاعريءَ جو اصلي خمير تغزل يعني داخلي ۽ اندروني تحريڪ آھي ۽ جيڪڏھن شاعريءَ کي ”الھام“ ۽ ”نواءِ سروش“ (فرشتي جي پڪار) چيو وڃي ٿو تھ اِن خيال کان شاعريءَ جي ڪا صنف شاعريءَ ھوندي ان مرڪزي جزي کان بي نياز نھ ٿي رھي سگھي. فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي ٻن اھم ترين صنفن يعني قصيدي ۽ مثنويءَ کي ئي اڳيان رکو. قصيدن ۽ مثنوين جا اھي شعر زبان زد عام ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جن ۾ ڪجھھ غزل جو اندازو ٿيندو ھو. نھ رڳو تشبيب جا شعر، پر قصيدي جا بھ ڪيترا شعر ’اھل ذوق‘ کي ياد ھوندا- ۽ جيڪڏھن غور ڪيو وڃي تھ انھن ۾ اھي ڪيفيتون گڏ ملنديون، جن کي اسان غزل سان مشروط ۽ مخصوص ڪندا آيا آھيون. فارسيءَ ۾ سنائي، انوري، سعدي، خاقاني، عرفي، غالب ۽ اردوءَ ۾ سودا کان وٺي عزيز لکنويءَ جي قصيدن تائين نھ ڄاڻ ڪيترا شعر ملي سگھن ٿا، جن ۾ ضرب المثل بنجڻ جون صلاحيتون آھن، ۽ اھي سڀ پاڻ ۾ غزل جو تاثير رکن ٿا. اھو ئي حال مثنوين جي شعرن جو آھي. سنائي، عطار، رومي، فردوسي، جامي، نظامي، بيدل ۽ غالب جي مثنوين جا ڪيترا اھڙا شعر آھن، جيڪي غزل جي شعرن سان مشابھت رکن ٿا. اردوءَ ۾ دکني شاعرن کان وٺي نواب مرزا شوق جي مثنوين جا ڪيترا شعر آھن، جن ۾ تغزل جو شان موجود آھي.[1] +غزل جي ترڪيب ۽ ان ترڪيب صورت تي غور ڪجي تھ ان جي امڪاني وسعتن جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. غزل جو ھر شعر (بند) پنھنجيءَ جاءِ تي ھڪ اِڪائي ھوندو آھي ۽ اڪيلو ئي ھڪ مضمون تي حاوي ھوندو آھي. ان جي معنى اھا ٿي تھ اسان چاھيون تھ اختصار سان اشارن جي صورت ۾ ھڪ غزل ۾ ايترا مختلف ۽ قسم قسم جا مضمون سمائي سگھون ٿا، جيترا ان جا بند ھجن. پوءِ ڇو ھر شعر (بند) عشق ۽ عشق سان لاڳاپيل ڳالھين تي ٻڌل ھجي؟ ڇو نھ انھن شعرن کي زندگي جي ٻين لاڙن ۽ مسئلن جو حامل بنايو وڃي؟ غزل جي بندن ۾ زندگيءَ جي اھم ڳالھين کي ”قولن“ جي صورت ۾ پيش ڪري، انساني جيون جي تمام وڏي خدمت ڪري سگھجي ٿي. پر خبر نھ آھي تھ اھا ڪھڙي گھڙي ھئي، جڏھن سڀ کان اڳ غزل جي لغت مقرر ٿي، جو اڄ تائين غزل جو مطلب ”عورت سان ڳالھيون ڪرڻ“ سمجھيو وڃي ٿو. +آءٌ نھ غزل جي مخالفن مان آھيان ۽ نھ انھن ماڻھن مان آھيان، جن جي اھا رٽ لڳي پئي آھي تھ غزل کي جيڪي ڪجھھ اسان کي ڏيڻو ھو، ڏئي چڪا آھيون يا ھاڻي بيڪار آھي ۽ ھاڻي ان جو دور نھ آھي. آءٌ غزل ۽ تغزل کي شاعريءَ جي ھم معنى سمجھان ٿو ۽ منھنجي اھا دعوى آھي تھ ڪنھن ڊگھي نظم جا رڳو اھي شعر يا مصرعون ياد رھجي وڃن ٿيون، جن ۾ ”تغزل“ نبستي طرح وڌيڪ ھوندو آھي. تغزل، انساني فطرت جي اھا تقاضا آھي، جيڪا ھميشه پوري ٿيندي رھندي ۽ ھميشه قائم رھندي. +منھنجي چوڻ جو اھو مطلب نھ آھي تھ غزل اسان کي ڪجھھ نھ ڏنو آھي. ان اسان کي گھڻو ڪجھھ ڏنو آھي ۽ ان سان اسان جي ادب ۾ وڏو واڌارو ٿيو آھي. ان جو ھڪ سطحي ثبوت اھو آھي تھ جيترا شعر ضرب الامثال (چوڻيون) بنجي عام ۽ خاص جي زبان تي آيا آھن، انھن مان 95 سيڪڙو غزلن جا ئي شعر آھن، اھا ڪا معمولي ڳالھھ نھ آھي. اھا غزل جي اھا امتيازي خاصيت آھي، جيڪا ئي رڳو غزل کي پنھنجيءَ جاءِ تي غير فاني بنائڻ لاءِ ڪافي آھي يعني ان جي ھر شعر ۾ ياد رھڻ جي صلاحيت طبعي طور موجود ھوندي آھي. ان کان سواءِ اردو شاعريءَ ۾ جيڪي رمزون ۽ ڪنايا ملن ٿا، اھي غزل جي ڪري ئي ملن ٿا. غزل اسان جي اردو شاعريءَ جي تربيت ۽ تھذيب ۾ جيڪو حصو ورتو آھي، اھو شاعريءَ جي ڪنھن ٻيءَ صنف نھ ورتو آھي ۽ نھ وٺي سگھي ٿي. اھو غزل جو ئي ڪمال ھو، جو سوين انفرادي تصورن کي رمزون ۽ تمثيلون بنائي، انھن ۾ اھڙي ڪائناتي وسعت پيدا ڪري ورتائين، جو اڄ گل ۽ بلبل، ”سرود قمري“ جا اصطلاح پنھنجي لغتي معنائن جا تنگ دائرا ٽوڙي، سموري زندگيءَ تي حاوي ٿيڻ جي قابل ٿي چڪا آھن ۽ ”صراحي ۽ ساغر“ ۾ اھا صلاحيت پيدا ٿي وئي آھي، جو ”حق جي مشاھدي“ جي گفتگوءَ ۾ بھ انھن کان ڪم وٺي سگھجي ٿو. اھي ماڻھو خاص ڪري ڪن کولي ٻڌن، جيڪي بنا سوچ ۽ سمجھھ جي اھو چوندا وتندا آھن تھ اردو غزل ۾ ”گل ۽ بلبل“، ”ساغر ۽ صراحيءَ“ کان سواءِ رکيو ئي ڇا آھي- تھ غزل ۾ ”گل ۽ بلبل“ ۽ ”ساغر ۽ صراحي“ جي طفيلي ئي اھي رمزون ۽ ڪنايا ملن ٿا، جن کي ٽي. ايس. ايليٽ (T.S. Eliot) Objective co-relative (خارجي عوامل) سڏيو آھي. غزل اردو شاعريءَ ۾ اھا وسيع رمزيت (sybolism) ۽ اھا آفاقي تمثيلت (Universal Allegorisim) پيدا ڪئي آھي، جنھن جو مثال ٻيءَ ڪنھن زبان جي شاعري مشڪل پيدا ڪري سگھي آھي. +پر انھن سمورين ڳالھين جي باوجود اردو غزل جي ڪجھھ ڪوتاھين کي بھ نظر ۾ رکڻ گھرجي. سڀ کان پھرين ڳالھھ تھ اھا آھي تھ غزل پنھنجي تصورن ۽ تاثرات، پنھنجي محاڪات ۽ تخيل جو دائرو ڏاڍو محدود رکيو، جنھنڪري ان جي اسلوبن ۽ روايتن ۾ ھڪ ٿڪائيندڙ يڪسانيت پيدا ٿي وئي ۽ ان ۾ نواڻ جو امڪان ڏاڍو گھٽجي ويو آھي. نتيجو اھو نڪتو آھي تھ اڄ اردو غزل جي فضا ۾ نھ صرف زوال، پر جمود جا آثار محسوس ٿيڻ لڳا آھن. غزل ۾ ٻي کوٽ اھا آھي تھ جيتريقدر موضوعن جي مواد جو واسطو آھي، اھو اڃا تائين سماجي شعور ۽ عام انساني زندگيءَ جي احساسن کان خالي رھيو آھي. ٽي اڻ وڻندڙ پر ترديد نھ ڪرڻ جھڙي حقيقت اھا آھي تھ موجوده اردو غزل ۾ اھو اثر نھ آھي، جو اڳين شاعرن ۾ موجود ھو ۽ اڄوڪو غزل بي ست ۽ بي ساھو بنجندو پيو وڃي. +(مضمون: غزل اور عصر جديد جو اقتباس، +ڪتاب ”ادب اور زندگي“ مجنون گورکپوري) +ڊاڪٽر مسعود حسين +سنڌيڪار: غلام محمد گرامي +غزل ۾ رديف ۽ قافيي جي فني حيثيت +اسان جي ادب ۾ ’غزل‘ جي حيثيت ۽ اھميت فني خيال کان تمام وڏو مقام حاصل ڪري چڪي آھي. جي ناقد ’غزل‘ کي ٻاھرين ۽ ڌارين صنف سخن قرار ڏيئي چڪا آھن، انھن جو چوڻ بھ درست آھي، پر ھر ڌاري ٻاھرين چيز جو ڌاريو ھئڻ، في نفسه، دليل ٿي نھ ٿو سگھي تھ اھا مضر ۽ غير مفيد آھي ۽ رد ڪرڻ جي قابل آھي. علمي دنيا جون سرحدون، زماني ۽ مڪاني حد بندين کان ذرا وسيع رقبي تي مشتمل ٿين ٿيون. البت ائين چئي سگھجي ٿو تھ غزل جو ماحول، فارسي ۽ اردو ماحول سان وابستھ آھي، جو اسان وٽ موجود ناھي، پر ان جي تلافي ائين بھ ڪري سگھجي ٿي تھ اسان غزل ۾ پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪريون؛ پنھنجي ٻوليءَ جي محاورن ۽ اصطلاحن سان غزل کي مالا مال ڪريون، ھروڀرو گل ۽ بلبل، زلف ۽ ابروءَ جي پابندي تھ ڪانھ آھي. ان ڏس ۾ اسان وٽ ڪيترا اھڙا تجربا بھ ٿي چڪا آھن، جو غزل ھن ماحول جو ترجمان ٿي چڪو آھي، ۽ اھا ھڪ فني ڪاميابي آھي. ھن دؤر جي غزليات ۾ ڪيئي اھڙا نوادرات لڀي سگھن ٿا، جن کي ’سنڌي غزل‘ چئي سگھجي ٿو؛ جي عربي، فارسي ۽ اردو اثرات کان گھڻي حد تائين بچي سگھيا آھن. ٻيو تھ اگر غزل کي ھن وقت رد ڪري ڇڏي ڏبو تھ پوءِ ھڪ صديءَ جي ان ذخيري تان بھ ھٿ ڌوئڻو پوندو، جو اسان وٽ ذري گھٽ ڪلاسيڪي حيثيت حاصل ڪري چڪو آھي. ان قسم جو فيصلو، ھر حال ۾ اسان جي ادب لاءِ جذباتي بھ چئبو ۽ ھاڃيڪار بھ. +فني خيال کان، غزل جي ھيئت ۽ اسلوب متعلق، ڪن ناقدن ڪجھھ فني اعتراض بھ ڪيا آھن. خود غالب بھ غزل جي اختصار پسنديءَ ۽ اشاريت متعلق شڪايت ڪئي آھي، جنھن کي پنھنجي وسعت بيان جي سلسلي ۾ ”تنگنائڍ غزل“ کي ناڪافي چوڻو پيو. ان کان پوءِ حاليءَ چيو تھ ”ھي بي وقت جي راڳڻي آھي“، ۽ حاليءَ کان وٺي، تا حال غزل متعلق ايترو تھ تنقيدي مواد پيدا ٿيو آھي، جنھن کي جيڪڏھن گڏ ڪجي تھ ھوند دفتر ٿي وڃن. +مزو اھو آھي تھ تنقيد جو ايترو تيز ۽ تلخ انداز، ان سلسلي ۾ فقط ھڪ ئي رخ ثابت ٿيو. مينائڍ غزل ۾ مئڍ تھ اھا ئي رھي، باقي جھيڙو فقط لفظن تائين محدود رھجي ويو. +تنقيد جو ھڪ انداز اھو بھ ٿي سگھيو ٿي، جنھن ۾ غزل متعلق، ھڪ صنف جي حيثيت سان بحث ڪيو وڃي ھا ۽ ڏسجي ھا تھ اصناف سخن ۾ ان جي ڪھڙي حيثيت آھي؛ غزل بنجي ڪيئن ٿو؛ غزل گو شاعر، ڪھڙن فني ۽ جذباتي، فڪري ۽ لساني مرحلن مان گذري، غزل کي مڪمل ڪري سگھي ٿو؛؟ ان تجربي ڪندي، ڪھڙين فني ۽ علمي مشڪلاتن سان منھن ڏئي ٿو؛ شاعر ۾ پيدا ٿيل جذبو، گفتار جو روپ ڪيئن ٿو وٺي؟ بھرحال ھن طرح ھيئت کان موضوع ڏانھن تنقيد جي رخ کي ڦيرڻ تي ھروڀرو ھيئت پرستيءَ جو الزام رکڻ بھ درست ناھي، ڇا لاءِ تھ تحقيق ۽ جستجوءَ جي دائري ۾، خالص علمي ۽ سائنسي انداز اھو ئي ٿي سگھي ٿو، تھ ھر عملي ڇنڊڇاڻ ۽ فني تحقيق کي مباديات کان شروع ڪجي، ۽ پوءِ وچ جي سڀني مرحلن کي جاچي جوچي ڏسجي، ان طرح فن جي انتھائي ڪڙيءَ تي پھچي وڃجي. +غزل کي سياسي، سماجي، عمراني ۽ اخلاقي قدرن جي پسمنظر ۾ بھ پرکي سگھجي ٿو. ان طرح غزل جا موضوعات بھ بحث ھيٺ اچي سگھن ٿا. ٻيءَ صورت ۾ اھو بھ ٿي سگھي ٿو تھ غزل جا خط ۽ خال بھ ماپيا وڃن. +غزل جي خط ۽ خال کان تھ ھر اديب ۽ شاعر واقف آھي، ھيئت جي اعتبار کان غزل جا مکيھ ترڪيبي جزا ھي ٿي سگھن ٿا: مطلع، رديف، قافيو، مقطع ۽ بحر. انھن جزن جي ملڻ سان، غزل جي اختصار، ڪيفياتي وحدت، تاثر ۽ موسيقيت کي متعين ڪري سگھجي ٿو. ان کان پوءِ ئي غزل جو خاص اشاراتي ۽ ايمائي، رمزيھ ۽ معنوي انداز پرکي سگھجي ٿو. +ھيئت جي لحاظ سان، بحر ۽ قافيي کي غزل لاءِ مرڪزي حيثيت حاصل آھي. رديف ان تي مزيد فني بندش آھي. غزل غير مردف بھ ٿئي ٿو. پر ان جو رواج گھٽ آھي. رديف جا لفظ، فعل بھ ٿين ٿا ۽ اسم بھ ٿين ٿا. رديف گويا رقاصھ جي پيرن ۾ گھنگھروءَ جي حيثيت وانگر غزل سان وابستھ رھي ٿو، ھڪ طرف بيان ۾ زور پيدا ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف ترنم پيدا ڪري، سامعين لاءِ خوشگوار رنگ بھ پيدا ڪري ٿو. نھ فقط رديف غزل جي موسيقيت ۽ موزونيت ۽ سونھن کي وڌائي ٿو، پر ڪڏھن ڪڏھن سنگلاخ زمينن ۾ چيل غزل لاءِ، غزل جي نازڪ ۽ لطيف جسم لاءِ، گرانباريءَ زنجير جو احساس بھ پيدا ڪري ٿو. فني خيال کان رديف جو معنوي ربط، سڀ کان اول قافين سان ٻڌجي ٿو. جو رديف قافيي سان پوريءَ طرح جڙيل ناھي، ان جو استعمال معيوب آھي، پر وڏن وڏن قادر الڪلام استادن کان بھ ان قسم جو نباھھ ٿي نھ سگھيو آھي ۽ مبتدي تھ ٺھيو، وڏا شاعر بھ قافين ۽ رديفن کي معنوي ربط ۾ آڻڻ کان قاصر رھجي وڃن ٿا. ان مشڪلات کي رفع ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا استاد، رديف ۽ قافين کي تخليقي عمل ۽ خيال سان وابستھ ڪري، سامعين جي حافظي جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺن ٿا. پر ائين ڪندي، رڳو قافيھ پيمائي ڪرڻ مقصود ناھي- ائين ڪندي، مواد ۽ ان جي انتخاب تي سندن پوري فني قوت صرف ٿي ٿئي، ان کان پوءِ ئي، رديف ۽ قافين جي بي ربطيءَ جو عيب لڪائي سگھن ٿا. +رديف، غزل جي ايجاز ۽ اختصار تي پڻ اثر انداز ٿئي ٿو. مثال طور فرض ڪجي تھ ھڪ خاص بحر ۾ ويھارو کن ھم وزن قافيا ملي سگھيا آھن، جي رديف سان معنوي ربط پيدا ڪري سگھن ٿا، تھ پوءِ شاعر لاءِ لازم آھي تھ فقط انھن تي ئي اڪتفا ڪري ۽ ان فني چيز کي قافين جي اجائي ڀرمار سان خراب نھ ڪري، ۽ نھ ڪو اجايو رديفن جو اضافو ڪري غزل ۾ عيب پيدا ڪري. +اھو ئي سبب آھي جو قصيدا، جي خاصا طول طويل ٿين ٿا، اڪثر وقتن تي غير مردف لکجن ٿا. +جڏھن تھ غنائي شاعريءَ ۾ جذبو شديد ۽ مختصر ٿئي ٿو، ان ڪري ھو رديف جي ربط ۽ آرائش کي سولائيءَ سان قبول ڪري سگھي ٿو. +بھرحال رديف ۽ قافيي جو اتصال ۽ اتحاد، غزل لاءِ نازڪ ۽ لطيف مقام جي حيثيت رکي ٿو. ڪن وقتن تي فصاحت ۽ بلاغت جي نازڪ ترين مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. محاورات جي لطيف ترين مثالن جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. قافيو اگر اسم آھي تھ پوءِ اضافت ۽ ترڪيب جون اعلى ترين شڪليون پيدا ڪجن ٿيون. قافيو اگر فعل آھي تھ پوءِ ان کي رديف سان نباھيندي، ڪيفيت، زبان ۽ محاوري جون سڀ نزاڪتون جمع ڪرڻيون پون ٿيون. ان طرح قافيي ۽ رديف کي نباھيندي، ٻئي درجي جا شاعر اڪثر ڪري ناڪامياب رھن ٿا، پر ھن مسئلي ۾ غالب جھڙو قادرالڪلام ۽ نابغھ روزگار بھ شڪايت ڪندي نظر اچي ٿو. +غزل ۾ رديف جي اھميت جو اندازو ان مان بھ لڳائي ٿو سگھجي تھ باوجود ناپسندگيءَ جي بھ جديد شاعريءَ ۾ تمام ٿورا غزل ملي سگھن ٿا، جي غير مردف آھن ۽ ان سان گڏ فني اعتبار کان ڪامياب بھ آھن. +نون قافين سان گڏ، نون رديفن جو پيدا ڪرڻ بھ غزل گو شاعرن لاءِ ھڪ قسم جو فني فريضو آھي، ڇو تھ غزل اگر ھڪ لساني عمل ۽ فن آھي تھ پوءِ ان کي نباھيندي مٿس اجتھاد ۽ اختراع جو فرض بھ عائد ٿئي ٿو. پر ان طرح اختراع ۽ اجتھاد ڪندي، ٻن قسمن جون فني مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. عام طرح سان روان دوان ۽ مترنم رديف، فعل جي صورت ۾ ملن ٿا، ان ڪري فعل تي حسين ۽ ڪامياب اضافو ڪرڻ بھ مشڪل امر ٿئي ٿو. لھاذا غزل گو کي ان سلسلي ۾ مرڪب ۽ امدادي فعلن جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. ٻيو تھ غزل کي ’اسم‘ وارن رديفن سان نباھڻ بھ تمام مشڪل مسئلو آھي، ان مشڪلات کي صاحب ديوان شاعر پنھنجي استادانھ لفظي الٽ ڦير سان گھڻيءَ حد تائين منھن ڏئي سگھيا آھن، تاھم ڪاميابي تمام ٿورن خوشقسمت غزل گو شاعرن جي نصيب ۾ آئي آھي، ٻين رڳو لفظن جي راند ڪئي آھي. +ان جو سبب لساني آھي، ڇو تھ ’فعل‘ انسان جي بيشمار عملن سان وابستھ آھي، پر ان جي مقابلي ۾ اسم جا رابطا ۽ واسطا مخصوص ۽ محدود ٿين ٿا. ان سلسلي ۾ ديوانن جا ديوان اٿلائي وڃي مٿي چڙھنداسون، تھ بھ اھڙا ڪامياب رديف تمام ٿورا ملي سگھندا، اگر ڪجھھ ملندا بھ، تھ اھي ٻسا، ڪجسا، غير مترنم ۽ بي اثر ھوندا. +رديف جي اھڙين فني مشڪلاتن سان گڏ، خود قافين جي تنگ دامانيءَ متعلق بھ نافذ حيران ۽ پريشان آھن. حالانڪھ قافيي متعلق ٻين صنفن جي نقطئھ نظر سان اھا شڪايت بجا ئي چئجي، پر غزل لاءِ شڪايت ڪرڻ بيمھل ٿيندي؛ ڇو تھ قافيي کان سواءِ غزل جو ڪو تصور ئي نھ ٿو ڪري سگھجي. بيشڪ شاعري بي قافيي بھ ٿي سگھي ٿي، پر بنا قافيھ غزل پنھنجي مخصوص اسلوب ۽ آھنگ کي برقرار رکي ئي نھ ٿو سگھي. لھاذا قافيي جي موجودگي غنائي شاعريءَ لاءِ عام طرح سان، ۽ غزل جي لاءِ خاص طرح سان ان ڪري ضروري آھي، جو قافيي جو مترنم ۽ سريلي انداز سان، جذبي جي شدت ۽ تخيل جي رنگينيءَ ۾ ڪافي تاثر ۽ اضافو پيدا ٿئي ٿو. ان ڪري اھا بندش ڪڏھن بھ بي معنى چئي نھ ٿي سگھجي، ڇو تھ ادب ۽ فن جي دائري ۾، حسن ۽ جمال، پختگي، ۽ ڪمال، آزاديءَ سان نھ، پر آداب فن ۽ ادبي بندش سان ئي پيدا ڪري سگھجن ٿا. پر ھروڀرو ائين نھ سمجھڻ گھرجي تھ معنوي حسن ۽ افاديت کي نظرانداز ڪري رڳو قافيي پيمائي ۽ رديفن جي تڪرار سان ئي شاعري ڪري سگھجي ٿي. اسان وٽ جديد نظم جا ڪيئي اھڙا سھڻا ۽ فڪرانگيز مثال موجود آھن، جي قافيي ۽ رديف جي فني تڪلفات کان پالھا آھن، ۽ پنھنجي جاءِ تي خوب نھ پر خوبتر آھن. +چوڻ جي ڳالھھ اھا آھي تھ فن جي اڪتساب ڪندي، نوآموز شاعر کي جيستائين فني بندشن جو خيال نھ رھندو، تيستائين نھ سندس ذھن جي تربيت ٿيندي ۽ نڪو زبان ۽ محاورات جي صحت ۽ استعمال جي کيس ڄاڻ پيدا ٿيندي، اھا ٻي ڳا��ھھ آھي تھ اڪثر طور تي ناپختھ ڪار جي ھٿن ۾ روايت، قدامت پرستيءَ ۽ فن جا آداب محض لفظي تڪلفات بنجي ٿا وڃن. +قافيي جي فني حيثيت کي ڪامياب ڪرڻ جي سلسلي ۾ ’حسن انتخاب‘ جو سليقو پڻ گھرجي. غزل جي مختصر ھيئت ۾، تمام ٿورا قافيا چونڊي بھ ڪم ٽپائي سگھجي ٿو، پر قصيدي جي زمين تي، قصيده گو جيستائين قافين جي قطار کي آڻي پنھنجي خالقانيت جو ثبوت نھ ٿو ڏي، تيستائين سندس قصيدو ئي نھ ٿو بنجي. ڪن وقتن تي تھ عجيب ۽ غريب مضحڪھ خيز صورتون پيدا ٿين ٿيون، ۽ ”وھي نھ وھي وٺ رينگٽ کي“ جو مصداق ٿيڻو پوي ٿو. +قافيو جڏھن تھ غزل جو محور آھي، ان ڪري ان کي ھڪ طرف بار بار دھرائجي ٿو تھ ٻئي طرف رديف سان بھ سندس معنوي ربط کي نباھجي ٿو. ان کان علاوه مٿس شعر جي ’خيال‘ جو بار بھ وجھجي ٿو. ان ڪري ڪنھن حد تائين قافيي جي تنگ دامانيءَ جي شڪايت بجا آھي. ان ڪري قافين جي حسن انتخاب تي زياده توجھھ ڏيڻو پوي ٿو، قافين جو غلط انتخاب يا تھ غزل کي ھزليات بنائي ٿو ڇڏي، يا پورو غزل بي معنى بنجي ٿو وڃي. +مشرقي شاعريءَ ۾ غنائي شاعريءَ لاءِ قافيي جو ھجڻ اھم شرط سمجھيو ويو آھي. ۽ ظاھر آھي تھ مشرقي زبانن ۾ قافين جي اڻاٺ ڪانھي، ھڪ ئي زمين تي سوين نھ، پر ھزارين قافيا گڏ ڪري سگھجن ٿا. پر قادرالڪلام شاعر انھن مان بھترين ۽ بامعنى، وزندار ۽ غنائي قافيا ئي چونڊي ٿو. پوءِ سندس غزل ڪيترو بھ مختصر ڇو نھ بيھي. ھروڀرو شعرن کي وڌائي، غزل جي حسن کي خراب نھ ٿو ڪري. امرءالقيس پنھنجي تخليقي عمل متعلق چيو آھي: +”مان قطار در قطار ايندڙ قافين کي ائين ھٽائيندو آھيان، جيئن ڪو شرير ٻار، مڪڙن جي ولرن کي ماري ڀڄائيندو آھي.“ +وڏن شاعرن وٽ قافيا لشڪرن جي صورت ۾ اچن ٿا، ان ڪري تخليقي عمل جي ابتدائي مدارج ۾ قافين جي حسن انتخاب کي وڏو دخل رھي ٿو. +غنائي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان وڏو تعلق رھي ٿو، ان ڪري ان کي مدنظر رکندي ڏٺو ويو آھي تھ غزل ۾ قافيو ان جڳھھ تي اچي ٿو، جتي وڄت ۾ گر وٺجي ٿو. اتي اچي غزل جو ڳائڻ ۽ وڄت جو اثر انتھا تي پھچي ٿا وڃن. +رديف ۽ قافيي جي ھم آھنگي، بحر جي موج وانگر اڀرن ٿا. جيئن ’بحر‘، وزن جي زمان ۾ زنده ٿو رھي، تيئن قافيو ۽ رديف ٻئي بحر جا تابع رھن ٿا. گويا قافيو ۽ رديف، بحر جي موزوليت کي افزون تر ڪن ٿا. +اھو بھ ھڪ فني مسئلو آھي تھ بحر جو انتخاب، غزل گو شاعر شعوري طور نھ ٿو ڪري. بحر جو انتخاب جذبي ۽ ڪيفيت جي شدت ۽ افزائش کان پوءِ خودبخود جنم ٿو وٺي. مصرع – طرح تي غزل چوڻ ان خيال کان مستثنى سمجھڻ گھرجي. باقي ڪوبھ استاد ۽ قادرالڪلام تخليقي شاھڪار کي نباھيندي، قافين جي قطار نھ ٿو بنائي. غزل جي پھرين شعر لاءِ اھو لازم نھ آھي تھ اھو ھروڀرو مطلع ئي ھجي، ڇو تھ جذبي ۽ ڪيفيت سان گڏ ذھن ۾ جھونگاريندي ئي پيدا ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان گويا ظاھر ٿو ٿئي تھ ’بحر‘ جو تعين ٿي چڪو آھي ۽ قافيو بھ ميدان ۾ اچي چڪو آھي، اگر رديف بھ اچي ويو تھ پوءِ ان جو بھ امڪان رھي ٿو. اتي پھچي غزل گو شاعر، گويا ’غزل‘ جي ھيئت کي بنائي چڪو. ان کان پوءِ، سندس فن جو ڪمال اھو آھي تھ ھو ھن محدود، مخصوص ۽ مختصر زمين تي پنھنجي طبع جي جولانيءَ جا جوھر ڏيکاري، ڪوزي ۾ درياھھ بند ڪري، چانور تي قل ھوالله لکي، قطري ۾ دجلي کي سمائي ۽ اک جي تِر ۾ آسمان کي سھيڙي ڏيکاري! +ان طرح ھر بحر جو ھڪ خاص مزاج ٿئي ٿو. ان جو قومي موسيقيءَ سان واسطو رھي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي غزل ۾ اسان کي ائين نظر آيو آھي تھ ڪي مخصوص بحر، مخصوص قسم جي جذبات سان ئي ميل رکن ٿا. ان مان ٻھ نتيجا نڪري سگھن ٿا: پھ��ين تھ عروض جو قومي موسيقيءَ ۽ مزاج سان مضبوط رشتو آھي، ٻيو تھ شاعر پنھنجي مخصوص طبعي افتاد جي ڪري، ڪن بحرن کي ٻين بحرن تي ترجيح ڏئي ٿو. +ان ڪري ڪن محققن جو چوڻ آھي تھ غزل ۾ فڪري اعتبار کان ڪيتري بھ ريزه ڪاري ۽ ڪاوش ڪئي وڃي، ان ۾ ھڪ اندروني ۽ ڪيفياتي وحدت جو وجود نظر اچي ٿو. ’بحر‘ ان وحدت جي پھرين ڪڙي آھي. طويل، نرم ۽ آھستھ رو بحرن ۾ نشاط ۽ سرخوشيءَ جي ڪيفيت جو پيدا ٿيڻ مشڪل آھي، پر جي آھي تھ اھو محض تڪلفات مان پيدا ٿيل ۽ مصنوعي آھي. ان طرح ڪي ’بحر‘ اھڙا تھ روان ۽ دوان ٿين ٿا، جو ڪنھن فڪر انگيز مضمون کي کڻي ئي نھ ٿا سگھن. انھن لاءِ ھلڪڙا ڦلڪڙا خيال ئي مناسب رھن ٿا. +رديف، قافيي ۽ بحر جي انھن وصفن کي مطالعھ ڪرڻ کان پوءِ اھو واضح ٿو ٿئي تھ غزل جي اجمال ۽ اختصار جو مطلب ڇاھي ۽ ان ۾ معنوي تسلسل جو فقدان ڇو ٿو رھي. +ائين چوڻ مان ڪابھ غلط فھمي پيدا ٿيڻ نھ گھرجي. اھو خيال ۾ رکڻ گھرجي تھ ڪامياب غزلن ۾ معنوي تسلسل جي فقدان جي ھوندي بھ ھڪ جذباتي يا ڪيفياتي تسلسل لازمي طرح سان رھي ٿو. ممڪن آھي تھ ان خيال سان اڄ ڪلھھ جا نوي سيڪڙو ناقد اتفاق نھ ڪن، پر حقيقت اھا آھي تھ غزل ۾ معنوي تسلسل جي فقدان جي تلافي، جذباتي ۽ ڪيفياتي تسلسل سان ئي ٿئي ٿي، شرط اھو آھي تھ غزل ڪنھن فڪر انگيز زمين تي ھجي يا ڪنھن صاحبِ بصيرت فنڪار جي تخليق ھجي. ھونئن بھ ھر ’غزل‘ کي ’غزل‘ نھ چئبو، نھ ڪو ھر غزل گو شاعر کي تخليق جو صاحب سمجھڻ گھرجي. +سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ان جذباتي ۽ ڪيفياتي تسلسل جي قيام ۽ دوام جا فني اسباب ڪھڙا ٿي سگھن ٿا؟ ان جو جواب ھيٺينءَ تشريح مان ملي سگھي ٿو: +مطلع: اڪثر تجربن ۾ قافيي ۽ رديف جو تعين، مطلع سان ٿئي ٿو ۽ ان سان جذبي جي شدت ۽ ڪيفيت غزل جي آخر تائين نھ، تھ بھ شروعات جي پنجن ڇھن شعرن تائين قائم رھي ٿي. ان شدت ۽ ڪيفيت جي قيام سان شعري، وجدان، قافيي تي حاوي رھي ٿو. ان کان پوءِ ارادي عمل ۽ شعوري تخليقي عمل شروع ٿا ٿين. ان طرح غزل جي ابتدائي ۽ پرزور شعرن تي مطلع جا اثرات ھڪ فني تحقيق آھي، جنھن کان انڪار ڪري نھ ٿو سگھجي. +رديف : جذباتي وحدت جو تعين رديف سان ڪري سگھجي ٿو. رديف جي ڇاپ ھر شعر ۽ ھر خيال تي رھي ٿي، ۽ ’رديف‘ جو مفھوم ۽ ان مفھوم جي ڪيفيت، غزل جي ھر شعر تي گرفت رکيون ايندي. اگر رديف جي گرفت ڪنھن شعر تي نظر نھ آئي تھ پوءِ اھو شعر لغو ۽ مھمل چئبو. +مثلا، غالب جي مشھور غزل. +نکتھ چين ڻڍ غم دل، اس کو سنائڍ نھ بنڍ، +کيا بنڍ باتِ جھان، باتِ بنائڍ نھ بنڍ. +۾ ھر شعر تي رديف ’نھ بنڍ‘ جي ڇاپ نظر ايندي. بلڪ شعر جي ھر خيال تي سندس گرفت نظر ايندي. نھ فقط گرفت، پر ’نھ بنڍ‘ جو معنوي ربَط بھ نمايان نظر ايندو. پوءِ ان جو واسطو ’بات نھ بنڍ‘ سان ھجي يا ’خط کڍ چھپانڍ سڍ‘ ھجي يا آتش عشق جي لڳڻ ۽ اجھامڻ سان ھجي. اھو ’نھ بنڍ‘ جو التزام، شعر جي ڪيفيت، مجبوري ۽ عجز جو حامل ئي نظر ايندو. غالب جو پورو غزل جاچبو تھ ان جي ھر شعر ۾ اھو رنگ نظر ايندو. +غزل ۾ ايجاز ۽ اختصار کي بھ ھدف ملامت بنايو وڃي ٿو، حالانڪ غزل فڪر انگيز صنف آھي، جنھن جي معنوي ۽ اشاراتي دنيا، لامحدود معاني ۽ مطالب تي حاوي آھي. ان جي ھيئت جو غزل جي اسلوب تي جو اثر پوي ٿو، بعض وقتن تي، غزل جا ناقد، ان کي نظرانداز ڪري اعتراض ڪن ٿا. غزل جو اسلوب، ايجاز ۽ اختصارم رمز ۽ ڪنايا، مجاز ۽ تمثيل، استعاري ۽ تشبيھھ جي گونا گون ۽ لامحدود دنيا تائين وسيع آھي، ان ڪري غزل ۾ اھي سڀ خوبيون ۽ خاميون ملن ٿيون، جي ڪنھن ’مختصر ڪلام‘ لاءِ خصوصيت سان لازم آھن. +غزل ۾ اختصار ۽ ايجاز واري خاميءَ جي ھوندي، منجھس شدتِ تاثر، جذبات جي عڪاسي، فصاحت ۽ بلاغت، موسيقيت ۽ ترنم جي وسيع دنيا پيدا ڪئي وڃي ٿي. زندگيءَ جو معنوي تعبير، بيان جي اعلى ترين مرحلن تي، فقط غزل جي زبان ۾ پھچي سگھي ٿو. گل ۽ بلبل، زلف ۽ ابرو، باده ۽ ساغر جو استعارو ھجي، يا لالھ و گل جو پردو ھجي، غزل بھرحال معنوي انداز سان ھڪ تعبير ۽ تاويل جي دنيا تي حاوي آھي. اصل ۾ اھو اسلوب واقعاتي، ڊرامائي ۽ بيانيھ شاعريءَ لاءِ ڪامياب نھ ٿو ٿي سگھي. ان جي ڪاميابي فقط غزل تائين آھي. غزل جي فني ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ھن سلسلي ۾ ھڪ سوال اھو بھ پيدا ٿئي ٿو تھ ڇا ’غزل‘ اڳتي ھلي زنده رھندو؟ ڇا اسان جي فڪر انگيز ماحول ۾ جديد تقاضائن جي ھوندي، ’غزل‘ جي ڪا ضرورت محسوس ٿيندي؟ اھو سوال بيشڪ اھم آھي. پر اھو شبھو رڳو غزل تائين محدود ڇو رکڻ گھرجي؟ ان جو اطلاق تھ عام غنائي شاعري، ڪافيءَ ۽ وائيءَ تي بھ ٿيڻ گھرجي. +ھن دؤر جا جديد معاشرتي رجحانات ڀلي ڪھڙي بھ سماج ڏانھن وڌي رھيا آھن، علم ۽ فڪر جي ڪھڙي بھ معيار تي انسان پھچي وڃي، چنڊ تھ ڇا، ڀلي تھ زھري ۽ سج تي وڃي خيما کوڙي، جيستائين سندس ’ذوق جماليات‘ قائم آھي، جيستائين سندس ’احساس‘ +موجود آھي، تيستائين نھ فقط شاعري بھ رھندي، ۽ ان سان گڏ غزل بھ رھندو، ۽ موسيقي بھ رھندي. ائين آھي تھ ذوق جماليت کان عاري، احساس ۽ شعور کان خالي انسان، جڏھن ڍڳن وانگر رنڀون ڪندو، تڏھن نھ کيس حسن، حق ۽ خير جي تلاش رھندي ۽ نھ ڪو شاعري ۽ موسيقيءَ جي ضرورت ٿيندي، تڏھن تھ لازمي طرح سان ’غزل‘ بھ مھمل ۽ لغو ٿي ويندو، نھ ھجي بانس نھ وڄي بانسري! باقي جيستائين ايندڙ سماج جو تعلق آھي، سو ان لاءِ چئي ٿو سگھجي تھ ان ۾ عوامي موسيقيءَ ۽ غنائي شاعريءَ کي خاص اھميت حاصل ٿيندي، پوءِ جڏھن تھ غزل بنيادي طرح سان ھڪ انفرادي فنڪارانھ عمل آھي، پر ان سان گڏ سندس ’جذباتي عموميت‘ بھ تھ تسليم ٿيل آھي، ۽ اھا عموميت سرشتِ انساني جي وحدت ۽ انساني جبلت جي يڪسانيت تي پڻ مبني آھي، ۽ اھا عموميت، ماضي، حال ۽ مستقبل جي ٽنھي زمانن تي حاوي آھي، تھ پوءِ جيڪڏھن شاعري ۽ موسيقي بھ دائمي قدر آھن ۽ اھي ھوندا تھ پوءِ ’غزل‘ بھ ھوندو. +(استفاده - ”غزل ۾ رديف ۽ قافيي جي فني حيثيت.“ +از: ڊاڪٽر مسعود حسين، ”ادب لطيف“ لاھور، جولاءِ ١٩٥٤ع، +بحوالھ: مھراڻ – ٣ – ٤- ١٩٦٩ع) +ڊاڪٽر وزير آغا +سنڌيڪار: غلام محمد گرامي +غزل جي فني حيثيت +غزل جي فني حيثيت کي سمجھڻ لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ اصناف سخن ۾ گيت، جذبي جي تحرڪ سان اظھار جي صورت وٺي ٿو، ۽ سندس جنم تڏھن ٿو ٿئي، جڏھن ’عورت‘ والھانھ محبت کي محسوس ٿي ڪري. ان جي مقابلي ۾ ’غزل‘ محبت جي وارفتگيءَ جي بار آور ٿيڻ ۽ ھڪ ’نئين پيڪر‘ جي تخليق ڪرڻ جي داستان کي پيش ڪري ٿو- يعني محبت جي ٻج کي عورت جڏھن قبول ڪري ٿي، تڏھن گيت تخليق ٿئي ٿو، ۽ غزل ان نومولود وانگر آھي، جو اڃا ’جز‘ جي حيثيت ۾ آھي، ’ڪل‘ جو پيش ڪرڻ نظم جو ڪم آھي. +غزل ھڪ طرح سان ماءُ ۽ ٻار جي ربط باھم جي بلڪل مختصر دؤر جي عڪاسي تائين محدود آھي. غزل ڄڻ تھ سج جي اڀرڻ جو مختصر منظر ٿو پيش ڪري: اھڙو مختصر منظر، جو اڃا ڌنڌ انڌاري مان ٻاھر نھ نڪتو آھي، پر اڻ رات جي اونداھيءَ کان يقينا نجات حاصل ڪئي آھي. غزل گويا ڏينھن ۽ رات جي ان اضافي ربط جي ھڪ علامت آھي، ان ڪري غزل ۾ جذبي جي زمين تي پھريون ڀيرو تخيل جو تحرڪ نمودار ٿئي ٿو. اھا عجيب حقيقت آھي تھ غزل ۾ زمين ۽ آسمان، روشني ۽ تاريڪي جي ثنو��ت ائين ئي اڀري ٿي، جيئن گيت ۾، ليڪن جز ۽ ڪل جي مرڪزي حيثيت ۾، ھڪ اھم فرق ضرور پيدا ٿئي ٿو. ’گيت‘ عورت جي والھانھ جذبي جو غنائي اظھار ھو ۽ اھو جذبو، ان ٻج جو رھين منت ھو، جو عورت جي محبت آميز دل قبول ڪيو ھو. ليڪن غزل ۾ ھڪ نومولود صورت پذير ٿي عورت جي ڪل کان الڳ ٿي وڃي ٿي، ۽ فقط ماءُ جي آڱر جھلي ھلڻ شروع ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ گيت انساني زندگيءَ جي ان دؤر جو مظھر آھي، جنھن ۾ ’جز‘ اڃا ڪل ۾ اندر ھو، ليڪن غزل ان دؤر جو علمبردار آھي، جنھن ۾ ’جز‘- ڪل کان علحده ٿي ٻاھر پنھنجي وجود جو اظھار ڪيو آھي، پر ’ڪل‘ سان سندس وابستگي اڃا بدستور قائم آھي. غزل جي ھيئت، بجاءِ خود، ان ربط باھم جي غماز آھي. +غزل جو ھر شعر ھڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، ليڪن باوجود ان جي غزل جي معنوي ۽ غنائي سلسلي سان منسلڪ بھ آھي، بلڪل ائين، جيئن ٻار، ماءُ کان جدا بھ آھي ۽ ان سان وابستھ بھ آھي. غزل جي تخليق ۽ ھيئت کي ان طرح استعاري ۽ ڪنايي جي زبان ۾ بيان ڪندي، ائين ئي چئي سگھجي ٿو تھ غزل انساني ارتقا جي ان خاص مقام جي نشاندھي ٿو ڪري، جتي ڪل جي ساڪن ۽ منجمند فضا ۾ ھڪ نئين حرڪت ۽ ھڪ منفرد ڪيفيت پھريون ڀيرو جنم ٿي وٺي. تاھم اھا ڪيفيت، اڃا بجاءِ خود ھڪ نئين ڪل ۾ تبديل نھ ٿي آھي ۽ تاحال زندھھ رھڻ لاءِ کيس ڪل سان ئي منسلڪ رھڻ جي ضرورت آھي. +محقق ناقدن، غزل جي ھيئتِ متعلق نھايت رمز ۽ ڪنايي سان ٻڌايو آھي تھ اصل ۾ تخيل اھو اسپ تازي آھي، جو جذبي جو بار کڻي نھ ٿو سگھي ان ڳوريءَ گاڏيءَ کي رفتار سان ھم آھنگ ڪري، سبڪ بار ۽ لطيف بنائي ٿو ڇڏي، يا ھيئن چئجي تھ تخيل اھو موئڍ قلم آھي، جو زندگيءَ جي خاڪي ۾ رنگ آميزي ٿو ڪري ۽ علامات ۽ اشارات، رمز ۽ ڪنايي جي مدد سان، خارجي زندگيءَ سان مربوط ٿو ڪري. اھو ئي ڪارڻ آھي، جو غزل جي پس منظر ۾ ان حقيقت جو دوامي نقش موجود آھي. غزل ان پس منظر تي گلڪاري ڪري، نوان نوان نقش ٿو پيش ڪري، ليڪن ان عمل ۾ بيباڪي ۽ انفراديت جو اھو طريقو نھ ٿو استعمال ڪري، جو نظم لاءِ طره امتياز آھي. غزل جي اشاري بازي، ايمائيت ۽ معنوي رمزيت کي غور مان جاچبو تھ ان ۾ ھڪ قسم جي معصوميت آھي، جنھن جو ڪلام زياده تر مختصر ۽ باحيا آھي. غزل ۾ ڄڻ تھ ھڪ شرم واريءَ ڪنوار واري رازداري ۽ ڪم گوئي آھي. غزل ۾ ھڪ قسم جو ضبط آھي، احتياط آھي ۽ اختصار آھي. اھو ئي سبب آھي، جو غزل جي ھر شعر ۾ جا ڳالھھ آھي، اھا اشاري ۽ ڪنايي کان اڳتي نٿي وڌي سگھي، منجھنس تخيل ۽ تجزيي جي طول بيانيءَ وارو اھو عمل مفقود آھي، جو نظم لاءِ مخصوص آھي. غزل جو اختصار ۽ ايجاز، غزل جو نقص ناھي، پر ان جي ھيئت ۽ مزاج ھڪ بنيادي ڪيفيت آھي ۽ ان ۾ ئي غزل جو حسن پوشيده آھي. ايمائيت ۽ رمزيت جو اھو عمل پاڻ کي ھزارھا رابطن ۽ واسطن، تشبيھن ۽ استعارن ۾ ظاھر ڪري ٿو. تشبيه ۽ استعارو، بجاءِ خود اھڙو عمل آھي، جو تجربي ۽ تخيل جي ضرورت کي باقي رھڻ ئي نھ ٿو ڏئي ۽ محض ھڪ باھمي ربط کي ظاھر ڪري غور ۽ فڪر جي مفھوم ۽ رخ کي واضح ڪري ڇڏي ٿو. +جڏھن تھ ’غزل‘ ھڪ شرم واري صنف آھي، ان ڪري پنھنجي اظھار ۽ ابلاغ لاءِ تشبيه ۽ استعاري جا اھڙا عجيب و غريب، نازڪ ۽ نفيس استعمال ٿو ڪري، جن ۾ سندس شرم و حيا واري ڪيفيت سموھجي ٿي سگھي. +غزل جي ان مزاج جي اِن ڪيفيت کي جڏھن غور سان جاچينداسون، تڏھن ٻھ ڳالھيون فورا ذھن نشين ٿينديون: پھريون ھيءَ تھ غزل ۾ خارجي زندگيءَ ڏانھن ھڪ قسم جي ڇلانگ وجود ۾ اچي ٿي؛ جڏھن تھ گيت جي فضا، جذبي جي فضا ھئي، ان جو مرڪز اھو محبوب ھو، جنھن کي عورت دل ۾ لڪائي ڇڏيو ھو. اھو ئي ڪارڻ ��ھي، جو گيت ۾ خارجي حقيقتن جو شعور صاف طرح سان اڀريل نٿو نظر اچي. پر ان جي مقابلي ۾ ’غزل‘ جذبي کان ڌار ٿيڻ کان سواءِ ئي ٻاھر ٿو اچي ۽ ان ۾ ڪائنات جو شعور پھريون ڀيرو اجاگر ٿو ٿئي. اھو ئي سبب آھي، جو وسعت خيال جي ڪيفيت، غزل جي امتيازي وصف چئي وئي آھي. اتي اچي ائين ئي چئي سگھجي ٿو تھ غزل ساڳئي وقت تي آزاد بھ آھي ۽ پا بھ زنجير بھ آھي. سندس پاڙون، زمين ۽ طبعي رجحان جي پاتال تائين پکڙيل آھن. ليڪن مزو اھو آھي تھ ’غزل‘ پنھنجي ذات مان نڪرڻ جي ڪوشش بھ ڪري ٿو، ان ڪري، ان حقيقت کي بلڪل يقيني انداز ۾ ظاھر ڪري سگھجي ٿو تھ غزل انسان جي ذھني ۽ احساسي ارتقا ۾ ھڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ۽ خارجي حقيقت جي ادراڪ جي گويا پھرين ۽ اھم ڪوشش آھي غزل. +اتي اچي اھو سوال بھ پيدا ٿئي ٿو، جنھن جي جواب ۾ ناقد حيران ۽ پريشان آھن تھ غزل ۾ مخاطب عورت آھي، جڏھن تھ گيت ۾ مخاطب مرد ھو. ناقدن جواب ڏيندي گھڻو ڪري ائين ئي چيو آھي تھ غزل آھي ’عورت يا عورت جي باري ۾ گفتگو جو عمل‘. پر ائين تشريح ڪندڙ اِھو وساري ويا تھ اگر غزل ۾ مخاطب عورت آھي تھ پوءِ ’فعل مذڪر‘ جي استعمال جو وجھھ ۽ جواز ڪھڙو ٿيندو؟ ان جي جواب ۾ ھڪ گروھھ جي تحقيق اھا آھي تھ جڏھن تھ مشرقي آداب ۾ ۾ اھو گوارا ڪري نٿو سگھجي تھ ’محبوب‘ جي نسوانيت کي ائين ظاھر ظھور ۽ برملا بيان ڪجي، ان ڪري غزل ۾ تخاطب ۾ ابھام جي ڪيفيت باقي رکي ويئي آھي. ٻين جو چوڻ آھي تھ ’غزل‘ ايران مان نڪري، ھتي جي ھندي ۽ سنسڪرت شاعريءَ مان بھ اخذ و اڪتساب ڪيو آھي، جنھن ۾ فعل مذڪر عام طرح سان استعمال ڪيل آھي، ان ڪري قدرتي طرح سان تخاطب جو اھو انداز ’غزل‘ لاءِ مناسب سمجھي، قبول ڪيو ويو آھي. +ان سلسلي ۾ ھڪ ٽيون نظريو ھي بھ آھي تھ ايران ۾ جڏھن غزل کي صوفيانھ شاعريءَ جو ترجمان بنايو ويو ۽ عشق حقيقيءَ جي اظھار لاءِ کيس استعمال ڪيو ويو، تڏھن مخاطب جي لاءِ فعل مذڪر جو استعمال محض ان ڪري ڪيو ويو، جيئن عورت سان جنسي وابستگيءَ وارو تصور، خالق ڪائنات جي حقيقي عشق ۽ تصورات کي ملوث نھ ڪري سگھي. اڳتي ھلي، اھو انداز جڏھن عوام جي سطح تي پھتو، تڏھن ان ۾ خرابي پيدا ٿي، ھوس پرستيءَ وارا رڪيڪ مضمون پيدا ڪيا ويا، جن جي ڪري نيٺ غزل تي امرد پرستيءَ جو الزام ڌريو ويو. +[1] (مجنون گورکپوري جي مضمون ”شعر و غزل“ جو اختصار: ڪتاب: ”ادب اور زندگي“ – اشاعت دوم، ١٩٨٥ع) + + +غزل جي فعل مذڪر جي استعمال ۽ خطاب جي سلسلي ۾ معذرت خواھيءَ ۽ قياس آرائيءَ جو مٿيون سارو انداز، غزل جي مزاج ۽ فن کان نا آشنائيءَ جو نتيجو آھي. +حقيقت اھا آھي تھ ’غزل‘ ۾ جنھن محبوب سان خطاب ڪيو وڃي ٿو، اھو تذڪير ۽ تانيث جي مسئلن کان گھڻو پري بھ آھي ۽ مٿانھون بھ آھي. ان جي فني حيثيت تان دستبردار ٿي، عمومي صفت جو حامل بڻجي ٿو. چناچھ محبت جو جذبو بھ پنھنجي انفراديت ھوندي، غزل ۾ اچي عشق بنجي وڃي ٿو، ۽ پنھنجي تھذيبي، عمومي ۽ تجريدي رنگ کي واضح ڪري ٿو. ان طرح شاعر جو محبوب جڏھن غزل ۾ اڀري ٿو، تڏھن پنھنجي انفرادي صفات کان دستڪش ٿي، عمومي صفات جو حامل بنجي ٿو، ۽ تذڪير ۽ تانيث کان ماورا ٿي وڃي ٿو. +ان جو ھڪ ثبوت اھو آھي تھ غزل ۾ جتي بھ فعل مذڪر ۽ فعل مونث جو استعمال اِن نموني ۾ ڪيو وڃي ٿو، جنھن سان تجريد کان تجسيم ڏانھن واضح رجحان اڀري اچي تھ پوءِ ائين ڪرڻ سان غزل جو مخصوص مزاج مجروح ٿيڻ کان بچي نھ ٿو سگھي. ٻئي طرف اھڙا لفظ استعمال ڪيا وڃن، جي تذڪير ۽ تانيث جي امتياز جي نفي ڪن: جيئن خانھ خراب، بت طناز، دلدار، شوخ، دلبر، نا��نين، بيوفا، قاتل، شھزور، مه جبين، رشڪ قمر وغيره وغيره، تھ پوءِ ان صورت ۾ غزل جو صحيح مزاج قائم ٿو رھي، ان خطاب سان تذڪير ۽ تانيث جو ڪوبھ امتياز قائم نھ ٿو رھي سگھي. +ان طرح شاعر مرد ھجي يا عورت ھجي، ٻنھي جو مخاطب فعل مذڪر جي حالت ۾ موزون ۽ مناسب ٿو رھي. اِن طرح سان عشق مجازي ۽ عشق حقيقي ٻنھي جا مخاطب فني طور سان نباھي سگھجن ٿا. ’محبوب‘ ڀلي تھ مجازي ھجي، يا حق تعالى، رسول ڪريم ' يا مرشد ڪامل ھجي، انھن سان خطاب ڪندي ھر حال ۾ فعل مذڪر ئي مناسب آھي. ان سنئين سڌي ڳالھھ کي ور وڪڙ ڏئي امرد پرستي تائينءَ پھچائڻ بعض ناقدن جي ارھھ زورائي چئجي. +غزل جي پيدائش +غزل جي پيدائش ۽ تخليق متعلق اگر غور ڪبو تھ پوءِ ان جي تخليق ۽ بنيادي عناصر ۾ ملڪ جي ماحول ۽ جغرافيائي پس منظر جو وڏو دخل نظر ايندو. +ھونئن بھ شعر جي ڪابھ صنف انساني ذھن جي تدريجي ارتقا کي پيش نھ ٿي ڪري. چنانچھ ڪن ملڪن ۾ نظم اول پيدا ٿي، گيت ۽ غزل پوءِ پيدا ٿيا. ڪٿي گيت ۽ غزل سان ئي شاعريءَ جو آغاز ٿيو آھي. چوڻ جو مطلب فقط ھي آھي تھ گيت، غزل ۽ نظم، انساني ذھن جي تدريجي ارتقا جا ٽي اھم نشان آھن ۽ پنھنجي پنھنجي دائره عمل جا عڪاس آھن، تاھم ھن ڳالھھ کي خيال ۾ رکڻ ضروري آھي تھ ڪنھن خاص ملڪ ۾، ڪنھن خاص صنف جي ترقي، ان ملڪ جي ماحول ۽ جغرافيائي حالات ۽ ثقافتي بنيادن جي رھين منت آھي. ان جي جائزي وٺڻ ڌاران ان صنف جي مزاج جو تعين ڪرڻ مشڪل معاملو آھي. +مثال طور غزل صرف مشرق جي پيداوار آھي. مغرب جي ادبيات ۾ ان جو ڪوبھ وجود موجود ناھي. غزل ان خطي جي پيداوار آھي، جتي سربفلڪ پھاڙ حد نظر تائين ڦھليل، بيابان ۽ زرخيز ميدان آھن؛ جتي جديد دور کان اڳ پيداوار جي فراواني ھئي؛ حسين ۽ دلڪش نظارا ھئا؛ ماڻھن جي جذبات ۾ لطافت ۽ نفاست ھئي؛ خود زبان بھ لطيف ۽ نفيس تشبيھن ۽ استعارن تي مشتمل ھئي، اھو ئي سبب آھي جو سڀ کان اول غزل ايران جي زرخيز ۽ حسين ملڪ ۾ جنم ورتو. +غزل جي آغاز جي باري ۾ ھڪ عام خيال اھو بھ آھي تھ ’غزل‘ عربي قصيدي جي ان ابتدائي حصي مان پيدا ٿيو آھي، جنھن کي تشبيب يا نسيب يا قول (غزل) چيو ويو آھي. ان متعلق سڀ کان اول ستين صدي ھجريءَ ۾ شمس الدين محمد بن قيس، تشبيب، نسيب ۽ غزل جي مفھوم کي واضح ڪندي چيو آھي تھ ”تشبيب ۾ شاعر آپ بيتيءَ جو انداز ٿو اختيار ڪري، جڏھن تھ نسيب ۾ جڳ بيتيءَ جي روش اختيار ڪندي شاعر فرضي ۽ روايتي محبت کي پنھنجو موضوع ٿو بنائي.“ غزل جي باري ۾ چيو اٿس: ”حديث زنان و صفت عشقبازي يا ايشان“ ان اصطلاحي توضيح مان اھو عام خيال پيدا ٿيو تھ غزل عورتن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ جي ھڪ صورت آھي. افسوس اھو آھي جو اھو خيال علمي دنيا ۾ اڄ تائين موجود آھي. حالانڪ غزل ان قسم جي محدود ۽ مخصوص تعريف جي دائره عمل کان گھڻو بلند ۽ ماورا آھي. غزل تھ انسان جي جذبات، واردات، ڪيفيات ۽ حسيات جو جامع ۽ ترجمان آھي، ان کي رڳو عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ ۽ انھن سان محبت آميز ھمڪلامي ڪرڻ تائين محدود رکڻ فني طور غزل تي ھڪ قسم جو ظلم آھي. اصل ۾ حقيقت ھيءَ آھي تھ تشبيب، نسيب يا قول کي نظم جي ھڪ صورت سمجھڻ گھرجي، ۽ کين غزل کان مزاج جي حيثيت سان مختلف تصور ڪرڻ گھرجي. قصيدي جي منڍ واري حصي ۾ شاعر، ھڪ محبت آفرين حڪايت کي پيش ٿو ڪري، ۽ ان کي بيان ڪندي ھڪ خاص قسم جي حسن آفرين فضا ٿو ھموار ڪري. سفر ڪندي کيس واٽ تي ڪي کنڊرات نظر ٿا اچن، انھن کي ڏسندي کيس پنھنجي ايام جوانيءَ جا واقعا ياد ٿا اچن. انھن کي ڏسندي سندس محبوب جي سراپا سندس ذھني افق تي طلوع ٿي ٿ��ي، ۽ اتي وصال ۽ فراق جون ڳالھيون شروع ٿو ڪري. بيشڪ قصيدي جي ان ابتدائي حصي ۽ پوءِ پيدا ٿيل فارسي غزل ۾ ھيئت جي اعتبار کان ڪافي مماثلت موجود آھي، تاھم مزاج جي اعتبار کان ٻنھي ۾ وڏو فرق آھي. اھو فرق رڳو نظم ۽ غزل جو فرق ناھي، پر عرب ۽ ايران جو فرق آھي. عرب جو باشندو صحرا نشين آھي ۽ مسلسل مسافري ۽ آواره خرامي سندس مشغلو آھي. ان حالت ۾ ھر روز ھو ڪنھن نھ ڪنھن نئين صورتحال جو شڪار ٿو ٿئي، گويا عرب بنيادي طرح سان سياح ھو ۽ حقائق جي تجزيي جي مدد سان تجربات مان گذرندي، ڪنھن نتيجي تي پھچي ٿي سگھيو؛ ان ڪري، سندس خاص مزاج جي تحت، عربي شاعريءَ ۾ قصيدي جھڙي صنف رائج ٿي. ٻئي طرف ايران قديم دؤر کان ئي ھڪ منضبط ۽ مستحڪم معاشري جو علمبردار ھو. ايران جو ھر فرد مجموعي سماج جو ھڪ ڪل ھو، ان ڪري ھو اجتماعي تجربات مانئي اخذ و اڪتساب ڏانھن مائل ھو: ان ڪري وٽس غزل جھڙي صنف پيدا ٿي، جنھن ۾ فرد ۽ اجتماعيت جي ڪشمڪش ۽ ربط باھم موجود آھن. +جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي تھ غزل جو بنياد جذبي تي آھي، ان سان گڏ جذبي سان تعلق قائم رکندي، غزل، تخيل جي عارضي جنت جو سير بھ ڪرائي ٿو. جذبي جي سينگار سنوار جو اھو عمل غزل جي ٽن ٿنڀن تي بيٺل آھي: پھريون آزادگي پسند رجحان، ٻيو تصوف ۽ ٽيون عشق. +غزل جي آزادي پسند روش، جنھن کي نقاد آواره روئي بھ چون ٿا، ان کي جاچڻ گھرجي. غزل ۾ گھڻو ڪري زاھد، محتسب ۽ ملا، شيخ ۽ برھمڻ کي طنز جو نشانو بنايو وڃي ٿو، ۽ کين قواعد ۽ ضوابط جي زنجيرن ۽ بندشن جي علامت قرار ڏئي، مٿن ملامت ڪئي وڃي ٿي. ان متعلق عام خيال اِھو آھي تھ ايرانين، عربن جي تسلط کي ڪڏھن بھ ذھني طرح سان قبول نھ ڪيو آھي. ان صورت ۾، جڏھن تھ عام طرح سان کلئي نموني ۾ بغاوت ڪرڻ کان عاجز رھيا، تڏھن غزل جو سھارو وٺي، استعاري ۽ ڪنايي جي آڙ ۾ مٿن چوٽون ڪرڻ شروع ڪيائون. ظاھر ۾ تھ اھو تعبير قرين قياس پيو معلوم ٿئي، پر گھري نگاھھ سان ڏسبو تھ غزل جي اھا روش رڳو عربن سان بغاوت تائين محدود نظر نھ ايندي، ڇو تھ غزل قاعدي ۽ نظام جي خلاف نھ، پر رياڪاري، فريب، فساد، تصنع ۽ تڪلف جي خلاف احتجاج آھي، جن جو علمبردار کيس ملا ۽ زاھد، شيخ ۽ برھمڻ نظر آيو. +غزل جو ٻيو اھم موضوع تصوف آھي: تصوف جي فڪري تاريخ ۽ ارتقا کي نظرانداز ڪندي، ان جي فلسفيانھ توجيه تي غور ڪجي تھ پوءِ تصوف جي ساري تاريخ ۽ ارتقا ان احتجاج کي منظرعام تي آڻي ٿي، جو خدا کان بندي جي فراق سان وجود ۾ آيو. ھت ان حقيقت کي بھ مدنظر رکڻ گھرجي تھ خدا جي بنيادي صفت ان جي ’وحدت ۽ يگانگت‘ آھي، ۽ بندي جي امتيازي صفت ان جي ’جز‘ جي آھي. ان طرح سان ڪل ۽ جز جي فراق جي نوعيت واضح ٿي رھي. ان طرح تصوف ۾ منصور حلاج پنھنجي نظريي کي واضح ڪندي چيو آھي تھ ”خدا پنھنجي انفراديت جي حالت ۾، محبت جي روشنيءَ سان منور ھو. ان روشنيءَ مان، ان جي صفات جو ھڪ سيلاب وھي ھليو ۽ ڪائنات جو تنوع وجود ۾ اچي ويو.“ چنانچھ ان علحدگيءَ ۾ ’ڪل کان جز‘ جي فراق کي مولانا روميءَ: +بشنو از نئي چون حڪايت مي ڪند +وز جدائيھا شڪايت مي ڪند +چئي بيان ڪيو آھي، ۽ لطيف: +وڍيل ٿي وايون ڪري، ٿي ڪٺل ڪوڪاري! +چئي بيان ڪيو آھي. چنانچھ تصوف جي اِن بنيادي عنصر، ڪل ۽ جز، جي احساس جي ترجمانيءَ جو بھترين اظھار غزل ۾ ڪيو ويو ۽ فلسفھ وحدت الوجود جي نازڪ ترين ۽ نڪتھ آفرين توجيه، جھڙي غزل ۾ موجود آھي، تھڙي ٻيءَ ڪنھن بھ صنف ۾ نھ ٿي ملي سگھي. +غزل جي ٽين ۽ اھم ڪڙي آھي عشق! +واضح رھي تھ غزل ۾ محبت بدران ’عشق‘ جو لفظ ارادي ۽ شعوري طرح سان استعمال ٿئي ٿو. اھو محض ان ڪري جو ’عشق‘ غزل جي مخصوص مزاج جو عڪاس آھي ۽ محبت نسبتا ھڪ محدود ڪيفيت آھي، جنھن ۾ ھڪ خاص فرد ۽ ھڪ خاص ھستيءَ سان پريم ۽ پيار ڪيو وڃي ٿو. ان جي مقابلي ۾ ’عشق‘ ھڪ وسيع تر ڪيفيت آھي، جنھن ۾ معشوق، شخصي حيثيت جي جاءِ تي، عمومي حيثيت وٺي اڀري ٿو. +اھو ئي سبب آھي، جو معشوق جي بيان ۾ غزل وٽ، ڪنھن گوشت ۽ پوست واري ھستيءَ جو ذڪر ئي ناھي، بلڪ معشوق جي لفظ کي ھڪ علامت جي طور تي استعمال ڪيو ويو آھي. چانچھ غزل ۾ سراپا نگاريءَ جي روايت بھ بعض اھڙين صفتن جي بيان تي مشتمل آھي. +ٻيو تھ غزل جي عشق کي عام طرح سان عشق مجازي ۽ عشق حقيقي چئي تقسيم ڪيو ويو آھي، پر ڪي ناقد ان تقسيم کي تسليم نٿا ڪن. انھن جو چوڻ آھي تھ اصل جي اعتبار سان تھ عشق جون سڀ منزلون مجازي آھن، چنانچھ عرف عام ۾ جنھن کي حقيقي ٿو چئجي، سو بھ عشق مجازيءَ جي ھڪ صورت آھي. انھن ناقدن جو اھو چوڻ بھ درست آھي، ڇو تھ عشق جو بنياد ’جذبات‘ تي آھي، ان ڪري جذبي جي عناصر ۽ اجزا جي نفي ڪري نھ ٿي سگھجي. ھونئنءَ بھ صوفين وٽ ”المجاز قنطرة الحقيقت“ جو مقولو بھ معنى خيز آھي. ان موجب ائين کڻي چئجي تھ عشق مجازيءَ جي تڪميل عشق حقيقيءَ تي ٿئي ٿي، تھ بھ ان سان دوئيءَ جي نفي ٿئي ٿي. ان اعتبار سان، غزل جي عشق جي ٻن درجن جي نشاندھي ٿئي ٿي ۽ اھا نشاندھي، غزل جي مزاج کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي. +پھريون درجو اھو آھي تھ معشوق ھڪ بُت جي حيثيت ۾، عاشق کي پنھنجي عشق جو پرتوو ڏيکاري ٿو. ان جي ردعمل ۾ عاشق نرگسيت جي عمل ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، يعني ’خودپرستيءَ‘ جي مسلڪ کي اختيار ٿو ڪري. ھن صورت ۾ محبوب جو بُت، پاڻيءَ جي ھڪ صاف ۽ شفاف چشمي جي مثال آھي. ٻيو درجو اھو آھي تھ جتي بُت شاعر جي جذبھءِ عشق کي وسيع ۽ ھمھ گير ٿيڻ ۽ ان جي شعاعن کي زندگيءَ جي باقي مظاھر تائين پھچائڻ لاءِ ھڪ آئيني جي حيثيت سان اڀري ٿو، ان طرح عشق ۾ عموميت ۽ ماورائيت جو رنگ ٿو پيدا ڪري. محبت پوءِ اھا ڀلي غزل واري ھجي، بت پرستيءَ جي ھڪ مثالي صورت ضرور آھي، پر غزل جي ھڪ مخصوص عمومي ۽ اجتماعي رجحان جي تحت بت پرستيءَ جي ان عمل ۾ ھڪ انوکي ۽ عجيب و غريب تبديلي رونما ٿئي ٿي. +گيت ۾ ان مثالي بت پرستيءَ جو انداز ھن طرح آھي تھ محبوب بحيثيت ھڪ بُت جي شاعر جي عزيز ترين ۽ آخرين منزل ٿئي ٿو. اھا منزل مقصود بالذات آھي ۽ شاعر ھڪ جان سپار پوڄاريءَ وانگر ان بت (منزل) تي پنھنجو سارو توجھھ صرف ڪري ٿو. ان ڪري گيت ۾ سراپا نگاريءَ ۽ بت پرستيءَ جي اِن رجحان کي ايتريقدر اھميت ملي آھي، جو جذبي جي تسڪين لاءِ ھڪ مختصر ۽ بلاواسطھ رستي کي اختيار ڪرڻ تي پاڻ کي مجبور ٿو سمجھي. ان جي مقابلي ۾ غزل پنھنجي فطري آزادي پسنديءَ جي تحت، ھڪ طول طويل راھھ کي ٿو لتاڙي. لطف جي ڳالھھ اھا آھي تھ جتي بھ غزل ۾ خالص ”بت پرستيءَ“ جو رجحان اڀريو آھي، اتي معشوق ’بت‘ جي خدوخال کي بيان ڪندي، پڻ عمومي رنگ ۽ رچاءُ پيدا ٿيو آھي ۽ اتي اچي اھو بت ھڪ ”منفرد ھستي“ نھ، پر ”مثالي ھستيءَ“ جي روپ ۾ اڀريو آھي. فرق ھي آھي تھ غزل جو ’بت‘ پٿر کي تراشي نھ بنايو ويو آھي، بلڪ ھڪ آئيني وانگر آھي، ان ڪري جذبھء عشق کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي بجاءِ، ان عڪس کي يا تھ عاشق ڏانھن موڙي ٿو ڇڏي (ان صورت ۾ عاشق ۾ نرگسيت جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آھي) يا ٻاھر جي دنيا ڏانھن کيس منتقل ٿو ڪري. ٻنھي صورتن ۾ محبت جو خالص جذباتي رجحان، عشق جي مجرد ڪيفيات ۾ سانچي وانگر اچي وڃي ٿو. ان طرح سان غزل تڪميل تي پھچندي ”شعور ذات“ جي ان مقام تي ٿو پھچي، ��تي ”شعور ڪائنات“ بھ منجھس شامل ٿي وڃي ٿو. +] اقتباس – از ”ادبي دنيا“، لاھور. +] بحوالھ: مھراڻ ٣-٤-١٩٦٩ع، ”شاعري ۽ ان جي تاريخ [ +راشد مورائي +غزل ۽ ان جو فن +”غزل“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جيڪو ”غزال“ معنى ھرڻ مان نڪتل آھي. جيئن ھرڻ جون اکيون سھڻيون ھونديون آھن، تيئن غزل ۾ بھ محبوب جي حسن ۽ خاص ڪري نيڻن جي سونھن جو ذڪر ھوندو آھي: +سڀن سياڻن چيو سھڻيون اکيون آھين آھوءَ جون، +مگر ھي ريس جھڙا نيڻ ھن تنھنجا ھرڻ جي لئھ. +(راشد) +ھڪ ٻيو بھ سبب آھي، جنھن ڪري ”غزل“ تي اھو نالو پيو. اھو ھيءُ تھ جيئن ھرڻ ڇال ڏيندو آھي، تيئن غزل ۾ بھ ھرڻ وارا ڇال ھوندا آھن، ھڪ بند ۾ ھڪڙو ذڪر تھ ٻئي بند ۾ وري ٻيو. غزل جي بندن جو ھڪ ٻئي سان، سواءِ رديف ۽ قافيي جي ڪوبھ لاڳاپو نھ ھوندو آھي: +ڇال ھرڻيءَ جيان ڏئي اچي ٿو پرين، +سونھن ھن جي ڏسي مان لکان ٿو غزل! +غزل جي ھر بند ۾ ھڪ الڳ مضمون سمايل ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو غزل تي سرو يا عنوان نھ ڏنو ويندو آھي. جن غزلن تي سرو يا عنوان ھوندو آھي، انھن کي ”مسلسل غزل“ چئبو آھي، ۽ اھڙي غزل جي ھر بند جو ٻئي بند سان بيان جي سلسلي ۾ ڳانڍاپو ھوندو آھي. اھڙا مسلسل غزل سنڌيءَ ۾ ھري درياني دلگير گھڻا لکيا آھن. +غزل جا خدوخال عربستان جي ريگستان ۾ پيدا ٿيا، ايران جي سرسبزين ۾ پلجي جوان ٿيو ۽ بعد ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ پھتو. سنڌي شاعرن کيس سنڌو نديءَ ۾ ٽٻي ڏياري، سنڌي ويس پھرايو ۽ اڄ اسان جي شاعريءَ ۾ غزل اھم جاءِ والاري ٿو. +پراڻي غزل ۾ حسن ۽ عشق جون رمزون، ناز ۽ نياز جون ڳالھيون، گل ۽ بلبل جا افسانا، شمع ۽ پرواني جو ذڪر، ھجر ۽ فراق جا داستان، وصل ۽ وڇوڙي جا بيان، محبوب جي اکين، ڳلن، چپن، ڏندن، چيلھھ، ارھن مطلب تھ معشوق جي جسم جي ھر انگ جي ساراھھ، عجيب ۽ سھڻي طريقي سان ٿيندي ھئي. +وقت گذرڻ سان مٿين ڳالھين کان سواءِ غزل ۾ ويدانيت، وحدانيت ۽ مشيني دور جي تقاضائن موجب ڪن ٻين مسئلن کي بھ جاءِ ڏني وئي ۽ ھاڻي تھ ذري گھٽ غزل جو حليو ئي بگڙي ويو آھي. موھن ڪلپنا غزل جو اھو حال ڏسي، سخت راءِ ڏني تھ: ”اسان جي شاعرن غزل سان اھڙي ڪار ڪئي آھي، جيئن گلاب جي نازڪ پنکڙيءَ تي بم رکي ڇڏجي.“ +غزل جي شاعرن جو ذڪر جيڪڏھن عربستان، ايران ۽ ھندستان جي شاعرن سميت ڪبو تھ ڊگھو تفصيل ٿي ويندو، تنھنڪري اختصار کان ڪم وٺي، ھتي صرف سنڌي غزل تي ويچار اورجن ٿا. +سنڌ ۾ غزل (عروضي شاعريءَ) جي شروعات ڪلھوڙا دور ۾ نور محمد ”خستھ“ ڪئي، پر باقاعدي شروعات سچل سرمست ڪئي، ليڪن جيئن تھ ھو غزل جو ”صاحبِِ ڪتاب“ بنجي نھ سگھيو، تنھن ڪري آخوند گل محمد ”گل“ ھالائي، غزل جو پھريون صاحبِ ديوان شاعر ليکجي ٿو. ھن شاعر، ٻين شاعرن کان الڳ ٿي غزل جا رديف، سنڌي الف. بي موجب رکيا، جڏھن تھ ٻين شاعرن عربي الف.ب کي رديف طور استعمال ڪيو ٿي. جيئن ”ٻ“ جي قافيي تي لکيائين: +ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئھ، +درد کان دانھون ڪيو، ھئي ھئي ڪري آھون اٻاٻ. +يا ”جھھ“ رديف تي چيل غزل: +آھھ وحدت وصال عرياني +گل سمجھھ رک، م ڏي ملن کي منجھھ. +گل پنھنجن غزلن جو مجموعو ١٨٦٨ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو، ان کان پوءِ مير عبدالحسين خان سانگيءَ غزل کي نئون رنگ ڏنو ۽ ان ۾ ڪافي وسعت پيدا ڪئي. +”ڪليات سانگي“ جو مھاڳ لکندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تھ ”سنڌ جي غزل گو شاعرن ۾ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ھڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو. نھ فقط سندس غزلن جو سرمايو ٻين کان سرس ۽ سوايو آھي، مگر سندس عاشقانھ مزاج، وسيع تجربي ۽ بي تڪلفانھ انداز بيان سبب سنڌي غزل ۾ تازگي، رنگيني ۽ جواني آئي، ۽ محض ذھني مشق جي بدران سنڌي غزل، دل جي حال ۽ مقامي سنڌي ماڻھوءَ جو آئينھ دار بنيو.“ ڪشچند بيوس وري پھريون شاعر ھو، جنھن غزل ۾ ويدانيت ۽فطرت جو رنگ ڀريو. گل کان پوءِ جن شاعرن غزل تي طبع آزمائي ڪئي، تن مان خليفو ”قاسم“، سيد فاضل شاھھ، حامد، غلام محمد شاھھ گدا، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، غلام مرتضى شاھھ مرتضائي، شمس الدين بلبل، امام بخش خادم، محمد بخش واصف، غلام احمد نظامي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، سڳن آھوجا، پرسرام ضيا، خاڪي، نواز علي نياز قادري، جوش، فقير سرور علي سرور ۽ محمد ھاشم مخلص، خاص طرح ياد رکڻ جھڙا آھن ۽ انھن مان اڪثر غزل جا ”صاحبِِ ديوان“ شاعر آھن. +مرزا قليچ بيگ غزل ۾ خيالن جي گونا گوني ڀري، جيڪا قابل ذڪر آھي، پر سندس غزل جي ٻولي ايتري سليس نھ آھي. موجوده دؤر ۾ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ شاعر کان سواءِ اڪثر شاعر غزل لکن ٿا، پوءِ ڪي گھٽ تھ ڪي وڌ، ڪن غزل کي اصلوڪي فارم ۽ اسلوب ۾ رکيو آھي ۽ ڪن وري ان ۾ خيال ۽ مواد جا نوان تجربا شروع ڪيا آھن. +محترم رام پنجواڻي صاحب، غزل بابت پنھنجي راءِ ھن ريت ڏئي ٿو: ”غزل شعر جي راڻي آھي، عام طور غزل ۾ عشق ۽ حسن جا موضوع موجود ھوندا آھن. ”تغزل“ جي معنى ئي آھي، عورت سان عشق جون ڳالھيون ڪرڻ. صديون گذري ويون آھن، تھ بھ غزل جي بنيادي وصف ۾ اڃا تائين تبديلي نھ آئي آھي. البت ايترو آھي تھ غزل جي عاشقاڻي مزاج ۽ ماحول جي باوجود، ان ۾ ٻيا طرحين طرحين جا ويچار قلمبند ٿيندا رھن ٿا ۽ غزل جو دائرو تمام وسيع ٿي چڪو آھي. عشق محبت کان سواءِ سماجي، سياسي اخلاقي، روحاني، ويدانتي ۽ فيسلوفاڻا ويچار بھ غزل جو حصو ٿي چڪا آھن. بحر ۽ وزن، سٽن جو سلسلو، خيال جي چست بندش، زبان جي موسيقي، غزل جا لازمي حصا آھن: ڇو تھ انھن خوبين جي ڪري ئي، غزل جي حسن ۾ اضافو اچي ٿو. ”ڪنوار کي زيور نھ کپن“ اھو شايد غلط اثر ويٺل ٿو ڏسجي تھ تجربو معنى ڇڙو اڳي زماني جي نون قدرن موجب ھر کيتر ۾ نوان تجربا ٿيندا رھندا ۽ اسان کي انھن تجربن جو استقبال ڪرڻ گھرجي. پر انھيءَ جو مطلب اھو نھ آھي تھ ڪنھن شاخ جي ذاتي وصف کي مروٽي سروٽي بد زيبو ڪري، ان جي اصليت کي ئي ختم ڪري ڇڏجي. ”فن براءِ زندگي“ جو اھو مطلب ناھي تھ ”فن براءِ فن“ کي ختم ڪري ڇڏڻوآھي. زندگيءَ جي ترجماني فن جو مقصد ڀلي ھجي. پر ان جي تصوير ڪشي فن جي ذريعي ئي ڪرڻي آھي ۽ نھ فن جي دائري کان ٻاھر. مون کي افسوس آھي تھ غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ ارھھ زورائيءَ جي برابر آھن. نئين ڪوتا جي فارم ۾ ڪي خوبيون آھن، پر ان جي نالي ۾ جيڪي شاعريءَ سان ڪلور ڪيا وڃن ٿا، سي ڪوتا جو بلند درجو ڪيرائي نثر جي نزاڪتن کان بھ بي نياز ٿي، مرڳو ئي ٻولي ۽ ڀاشا سان ناحق ڪن ٿا،“ غزل تي راءِ ڏيندي محترم اياز قادري صاحب لکي ٿو تھ: ”غزل پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا، پنھنجي نفاست ۽ نزاڪت، پنھنجن خوبين ۽ خامين، پنھنجي نغمگيءَ ۽ ترنم سان ايران کان سنڌ جي سرزمين تي پھتو. ايراني تشبيھن ۽ ڪناين غزل جي ذاتي فطرت موجب پنھنجو پارٽ پورو ادا ڪيو ۽ غزل کي ڪافي اوج ڏنو. ايتري قدر جو اڄ ڏينھن تائين بھ ڪيترين تشبيھن ۽ ڪناين جون معنائون ۽ مفھوم اسان جي غزل سان وابستھ آھن.“ +غزل بابت ھري درياني دلگير راءِ ڏيندي چوي ٿو تھ: +”عام طور غزلن ۾ دل جي درد جي تصوير چٽيل ھوندي آھي، پر ھينئر غزل وڌيڪ ڪشادي ميدان ۾ پھچي چڪو آھي، جنھن کي وڌيڪ وسيع ب��ائڻ لاءِ ڪافي تجربا ھلي رھيا آھن.“ +نئين غزل تي ايم. ڪمل جي راءِ اھميت رکي ٿي، جيڪا ھن پنھنجي غزلن جي ڪتاب ”روشن راھون، ڌنڌلا ماڳ“ ۾ ڏني آھي: ”نئين ڪوتا ۾ ٻنڌڻ ڪونھن، سٽن جو سٽاءُ، لفظن جي ٽوڙ يا جوڙ، سڀ شاعر جي شاعراڻي تجربي جي اظھار ۽ سندس جذبي جي، شدت تي منحصر آھي. ڪي بھ ليڪا يا حد بندي ھن لاءِ ناھن. پر غزل ۾ اھا آزادگي ناھي. نئين غزل ۾ پڻ وزن، قافيي، رديف، ربط، انھن تمام فني پھلوئن جي پورائي، عمدي غزل لاءِ لازمي آھي. ڪي دوست نواڻ جي ڏس ۾ انھن ۾ اضافي جي دعوى ڪندا آھن. جيسين وزن جو سوال آھي، انھيءَ ۾ تجربي جي گنجائش ممڪن آھي، پر ٻين فني نقطن سان ھٿ چراند، غزل جي حق ۾ زيادتي ٿيندي. نئين ڪوتا وانگر، اڄ جي دور جو احساس، يعني مادي خوشحالي، ذھني ڪنگالپڻو، مشيني ۽ مڪينيڪل زندگي، خوف، بي يقيني، تنھائي، اجنبيت، بي چارگيءَ جو احساس وغيره جا اشارا نئين غزل جو روح آھن. يعني پراڻي ۽ نئين غزل ۾ بنيادي فرق ھن بدليل فضا جو آھي. اڳئين غزل ۾ دلڪشي، فن جي سھاري بنائي رکبي ھئي، عجيب و غريب رديفن سان، محاورابنديءَ سان، اکرن جي ٽڪراو سان، انداز بيان سان ۽ ٻين فني خوبين سان. . . نئين غزل جي فضا، بلڪل ان جي ابتڙ آھي. نئين غزل ۾ انسان تي پيل دٻاءَ اڀرن ٿا. انھن جي شعوري ردعمل ۾ نوان اشارا، نيون علامتون وجود ۾ اچن ٿيون. طنزيھ انداز بيان، غصي ۽ بي چارگيءَ جو انوکي ڍنگ سان اظھار، اھو تخليقي عمل غزل ۾ نئين فضا کي جنمائي ٿو.“ + + +سنڌي غزل رجعت پسند دؤر ۾ پيدا ٿيو، ترقي پسند دؤر ۾ نپنو ۽ اڄ جي سياسي اٿل پٿل ۽ اقتصادي ۽ سماجي نابرابريءَ واري دور ۾ جواني ماڻي رھيو آھي. ڪي دوست سنڌي غزل جي اردو غزل سان ڀيٽ ڪري چوندا آھن تھ، اردو غزل ۾ جيڪا نفاست، نزاڪت ۽ رعنائي آھي، سا سنڌي غزل ۾ اڃا پيدا نھ ٿي آھي. اھي دوست، اھو وساري ٿي ويھن تھ اردو زبان ۽ اردوءَ جي ليکڪن کي ھر دؤر ۾ حڪومتي ادارن جي سرپرستي حاصل رھي آھي، پر سنڌي شاعري يا ادب ڇوري ڇني ٻار وانگر پلجي جوان ٿيو آھي. اسان جي سنڌي غزل تي بھ ٻئي سموري ادب وانگر حالتن جو اثر ٿيو آھي. اسان سنڌي ماڻھن کان قومي سطح تي، ذاتي عشق ڪرڻ ۽ محبت جا مزا ماڻڻ وسري ويا آھن. بقول ڪنھن شاعر تھ: +پيٽ پوڄا جي ڪجي يا قوم جي؟ +ويل تي ويلا لنگھن ٿا، ڇا ڪجي! +سنڌي غزل جي ابتدائي شاعرن مان سانگيءَ کي جڏھن انگريز سرڪار طرفان ”ھزھائنس“ جي مليل لقب مان ڪا ھوند حاصل نھ ٿي تھ چيائين تھ: +ڀينگ جا آھيون اسين وه وا مزا، ھزھائينس، +رڃ جا آھيون اسين، نام خدا ھزھائينس! +اھڙيءَ طرح مخدوم طالب المولى ھڪ غزل ۾ چيو تھ: +ھڪ تمنا جي بربادي جيڪر ھجي، +پو تھ ان لاءِ سڀ ڪجھھ ڪجي ھمنشين! +ھت ھزارين تمنائون برباد ٿيون، +ڪھڙي ڪھڙي تمنا جو ماتم ڪجي. +اھڙي ئي نموني سنڌ جي ھر غزل گو شاعر کي ڏسندؤ تھ ماضيءَ کان وٺي ھيل تائين عشق محبت جي ڳالھين کان وڌيڪ غزل ۾ سماجي دک درد ۽ ماڻھن جي گڏيل پيڙائن جو زياده ذڪر ملندو. +غزل جي مشھور شاعر ايم ”ڪمل“ چيو آھي: +جي ساحل تي ٻڏيون ڪشتيون، تصور ۾ تري آيون، +ڪناري تي نظر پوندي ئي دل گھٻرائجي ويئي. +ارجن حاسد (غزلن جي ڪتاب ”ميرو سج“ ۾) چيو آھي تھ: +شھر افواھھ ئي افواھھ لڳو، +ڄڻ تھ ماڻھو نھ، گپوڙا آھن. +ايم ”ڪمل“ (ڪتاب ”پنجاھھ غزل“ ۾) ھڪ غزل ۾ چيو آھي: +ننڊ جي ڏار ڏار مان ٿو سڏي، +ڪو حسين خواب پيار مان ٿو سڏي، +بي سفارش اميدوار آھيان، +ننڍو صاحب بھ خار مان ٿو سڏي، +مان سڃاڻان فقط پيادن کي، +ڪير آھي جو ڪار مان ٿو سڏي؟ +اھڙي ئي طرح سنڌي غزل کي حالت�� پٽاندر پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آھي. اسان کي ڏسڻو صرف اھو آھي تھ غزل جي فني خوبين کي نظر ۾ رکندي، اسان جي سنڌي شاعرن سماج سان ڪيترو انصاف ڪيو آھي. آءٌ سمجھان ٿو، ٻي شاعريءَ سان گڏ غزل گو شاعرن بھ پنھنجو پورو پورو سماجي ڪردار ادا ڪيو آھي. وفا ناٿن شاھي چواڻي: +روز لٽجن ٿيون ڪئين آسون دل جون +دل بھ ڄڻ تھ وڏيري جي حويـــلي آھي، +باقي رھيو سوال تھ غزل ۾ عشقيھ ڳالھيون ھجن، تھ ان لاءِ استاد بخاريءَ پنھنجي ھڪ نظم ۾ چيو آھي: +نيڻ ملايون وقت ڪٿي آ، +چوٽون کائون وقت ڪٿي آ؟ +ڳالھھ ڊگھيري، وقت ذرا ڪم، +ھي ڪم ھو ڪم، ھي غم ھو غم +مصروف آھن تن من دم دم! +يا استاد بخاريءَ ئي چواڻي تھ: +ھو وقت ٿو سڏي پيو، ھي يار ٿو اچي پيو، +ترسان، وڃان، ڪريان ڪيئن، بيٺو ٻڏان تران مان! +اِن ٻڏتر ۾ جيڪي سنڌي غزل سرجيا آھن، انھن کي انھيءَ ئي سماجي اڻ برابريءَ جي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي. +ھاڻي وري غزل جي سٽاءَ طرف اچون ٿا: +عام طرح غزل ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج بند ۽ وڌ ۾ وڌ نو بند ھوندا آھن، پر اڄوڪي دؤر ۾ اِھي حدون قائم رھي نھ سگھيون آھن. اڄڪلھھ گھٽ ۾ گھٽ چار بند ۽ وڌ ۾ وڌ ويھھ بند بھ غزل ۾ ڪم آندا وڃن ٿا. غزل جي پھرئين بند کي، ”مطلع“ سڏيو ويوندو آھي ۽ آخري بند، جنھن ۾ بعض شاعر پنھنجو نالو يا تخلص بھ استعمال ڪندا آھن، ”مقطع“ چئبو آھي. ”مطلع“ جي معنى اڀرڻ ۽ ”مقطع“جي معنى ختم ٿيڻ جي آھي. غزل جي وچ تي ھڪ بند اھڙو ھوندو آھي، جنھن ۾ اعلى قسم جي خوبي ھوندي آھي ۽ فن جي لحاظ سان نھايت ئي معنى خيز بند ھوندو آھي، ان کي ”شاھھ بند“ چئبو آھي. پر ڪي ڪي غزل اھڙا پيارا ھوندا آھن، جن جو ھر بند ”شاھھ بند“ ھوندو آھي. غزل جي ھر بند ۾ ٻھ مصرعون ھونديون آھن. جيڪڏھن ٻن مصرعن (شعرن) کان وڌيڪ ھجن تھ سمجھڻ گھرجي تھ اھو غزل ٿي نھ ٿو سگھي. +غزل سان وابستھ ٻين ڳالھين جو ڪجھھ ذڪر: +سڀ کان اول غزل جو واسطو ”علم عروض“ سان رھيو آھي. علم عروض عربستان جي ھڪ شخص خليل بن احمد بصري، مڪيءَ ايجاد ڪيو. جيئن تھ مڪي کي ”عروض“ جي نالي سان پڻ سڏيندا ھئا، ان ڪري ھن علم تي ”علم عروض“ نالو رکيو ويو، جنھن جي معنى ٿي تھ ”مڪي وارو علم.“ ھن جي لفظي معنى ھيئن آھي: علم معنى ”ڄاڻ يا پروڙ“ ۽ عروض معنى ”ظاھر ٿيڻ“- يعني ڄاڻ يا پروڙ وارو علم ظاھر ٿيڻ. اصطلاحي معنى موجب ”علم عروض“ شعر جوڙڻ جو ھڪ علم آھي، جيڪو بحر ۽ وزن جي قاعدن قانونن تي ٻڌل ھوندو آھي. +علم عروض جي عمارت اڏڻ جو دارومدار بحر، وزن ۽ ان جي رڪنن تي ٻڌل ھوندو آھي. رڪن، علم عروض جا بنيادي ٿنڀا آھن، جن جي ماپ تي شعر جوڙي ۽ پورو بيھاري سگھجي ٿو. +اھي رڪن ڪل اٺ آھن، جن مان ٻھ پنجن اکرن وارا آھن، جيئن: فاعلن ۽ مفعول، انھن کي ”خماسي“ بھ چئبو آھي. باقي رڪن ستن اکرن وارا آھن، جن کي ”سياعي“ چئبو آھي، جيئن: مفاعيلن، مستفعلن، فاعلاتن، مفاعلتن، مفعولات، مفتاعلن. +انھن رڪنن جي حرڪت مان معلوم ٿيندو تھ ڪھڙن قسمن جا ”سبب“ ۽ ”وتد“ ھر ھڪ ۾ ڪم آيل آھن. جيئن ”فعولن“ مان فعو ”وتد مجموع“ آھي ۽ ”لن“ سبب خفيف آھي. ساڳيءَ طرح فاعلن ان جي برخلاف آھي- يعني پھرين ”فا“ سبب خفيف آھي ۽ پوءِ ”علن“ وتد مجموع آھي. ڪل بحر ١٩ آھن، جن مان ١٢ وڌيڪ استعمال ۾ اچن ٿا ۽ اھي ھي آھن: +بحر رجز، بحر ھزج، بحر رمل، بحر ڪامل، بحر متدارڪ، بحر متقارب، بحر وافر، بحر خفيف، بحر سريع، بحر مجتث، بحر مضارع ۽ بحر منسرح. +باقي ست بحر ھي آھن: بحر طويل، بحر مديد، بحر بسيط، بحر متقضب، بحر جديد ۽ بحر مشاڪل. +مٿي ڄاڻيل بحرن مان وري چار بحر سنڌي شاعريءَ ۾ عام مروج آھن، جيڪي آھن: +بحر متقارب، بحر رمل، بحر ھزج ۽ بحر رجز. ھر ھڪ بحر کي ڌار ڌار رڪن يا ٿنڀ آھن. ڪي رڪن وڏا ۽ ڪي رڪن ننڍا آھن. +(١) بحر ھزج: +بحر متقارب ۾ ”فعولن“ رڪن آھي، جنھن ۾ ھڪ ننڍو آواز ۽ ٻھ وڏا آواز آھن. بحر متقارب مان وري ھيٺيان بحر ٺھن ٿا: +بحر متقارب مثمن سالم: +”مثمن“ جي معنى آھي اٺوڻو ۽ سالم جي معنى آھي سلامتيءَ وارو يا ”پورو.“ جنھن شعر جي ٻن سٽن ۾ ”فعلن“ پورا اٺ دفعا ڪم اچي، ان جو بحر متقارب مثمن سالم ٿيندو. +مثال: +فعولن فعولن فعولن فعولن +اکيون آرزوئون اکيون التجائون +اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون +(اياز) +بحر متقارب مثمن مقصور: +”مقصور“ جي معنى آھي قصور وارو يا ”گھٽايل.“ ھن بحر ۾ ”فعولن“ ٽي دفعا ڪم ايندو ۽ چوٿين فعولن جي وڏي آواز کي گھٽائي ننڍو آواز ڪبو يعني فعولن جي بدران ”فعول“ ڪم آڻبو: +وزن: فعولن فعولن فعولن فعول +مثال: مٺا خار ڀانيان مون ماکيءَ جي ميٺ +۽ چوندين تون ئي ڦل ھا ڦول نيٺ! +(نارائڻ شيام) +بحر متقارب مثمن محذوف: +محذوف جي معنى آھي ڇانڊيل يا ھلڪو ڪيل، ھن بحر ۾ چوٿين رڪن جو پويون وڏو آواز ڪڍي ڇڏبو آھي، يعني فعولن جي بدران ”فعو“ ڪبو آھي: +وزن: فعولن فعولن فعولن فعو +مثال: پلي آس ٿو مان نھ آ ٿوھرن +ڀٽائي ڏسين ٿو، وڄن ٿيون ورن! +(اياز) +(٢) بحر رمل: +بحر رمل جو رڪن ”فاعلاتن“ آھي يعني ھڪڙو وڏو آواز، ھڪڙو ننڍو آواز ۽ ٻھ وڏا آواز. +بحر رمل مثمن سالم: +ھن بحر جي ھر ھڪ سٽ ۾ ”فاعلاتن“ پورا چار دفعا ڪم ايندوآھي. +وزن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن +مثال: اي مٺا محبوب توکي منھن گھنجائڻ ناروا ھو. +بحر رمل مثمن مقصور: +ھن بحر ۾ فاعلاتن ٽي دفعا ڪم ايندو ۽ چوٿين فاعلاتن جو پويون وڏو آواز گھٽائي ننڍو ڪبو آھي، يعني فاعلاتن جي بدران فاعلات ڪبو آھي: +وزن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات +مثال: سڻ سڄڻ کي ڏج سنڀاري سر بسر ساٿي سلام! +ور وسيلا، واڳ واري، سربسر ساٿي سلام! +بحر رمل مثمن محذوف: +جنھن شعر جي سٽ ۾ ”فاعلاتن“ ٽي دفعا ۽ چوٿون دفعو ”فاعلن“ +ڪم اچي ۽ پويون سڄو آواز (تن) ڪيرائي ڇڏجي. ان کي بحر رمل مثمن محذوف چئبو: +وزن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن +مثال: دل ڪٺيءَ سان ديداور تي تعزيت ڪھڙي ڪري، +قرب قاتل منھنجو، مون سان معذرت ڪھڙي ڪري. +(استاد) +(٣) بحر ھزج: +بحر ھزج جو رڪن ”مفاعيلن“ آھي، يعني ھڪڙو ننڍو آواز ۽ ٽي وڏا آواز. +بحر ھزج مثمن سالم: +ھن بحر جو رڪن ”مفاعيلن“ آھي. پھريون ننڍو آواز ۽ ٽي وڏا آواز ھوندا آھن. جڏھن شعر جي ٻن سٽن ۾ ”مفاعيلن“ پورا چار دفعا ڪم اچي تھ ان جو بحر ھزج مثمن سالم ٿيندو. +وزن: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن +مثال: ھجي جا کاڻ خوبين جي، ۽ عيبن کان بنھھ آجي، +نھ منھنجي شاعري اھڙي، نھ منھنجي زندگي اھڙي +(نارائڻ شيام) +بحر ھزج مثمن مقصور: +ھن بحر ۾ ”مفاعيلن“ ٽي دفعا سڄو ۽ پويون آواز ”مفاعيل“ +ڪبو آھي: +وزن: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن، مفاعيل +مثال: چوان ڇا حال درد دل چوان ڇا ان جو انجام +ٻڌي جيڪو ٿو افسانو، ڦٽي تنھن جو ٿو آرام. +بحر ھزج مثمن محذوف: +ھن بحر ۾ ”مفاعيلن“ ٽي دفعا ۽ چوٿين ”فاعيلن“ جو پويون وڏو آواز ڪيرايو ويندو آھي، يعني ”مفاعيلن“ جي بدران ”مفاعي“/ ”فعولن“ +ڪم ايندو آھي: +وزن: مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن مفاعي (فعولن) +مثال: سڙي جا دل بھ ھاڻي آتش داغ جِگر مان +اِھا آھي لڳي جا باھھ سا پنھنجي ئي گھر مان. +(٤)بحر رجز: +بحر رجز مثمن سالم: +ھن جو رڪن ”مستفعلن“ آھي، يعني ٻھ وڏا آواز ۽ ھڪ ننڍو آواز ۽ چوٿون وڏو آواز آھي. جنھن بحر ۾ ”مستفعلن“ پورا چار دفعا اچي تھ ان جو بحر رجز مثمن سالم ٿيندو. +وزن: مستفعلن مستفعلن مستفعلن، مستفعلن +مثال: دل جي اندر دل ۾ رھي، دلدار ھي ويندو رھيو، +حاصل نھ ٿيو دلبر سندو ديدار ھي ويندو رھيو. +شعر جا اصول: +جن مان شعر جا رڪن ٺھندا آھن، اھي ٽي آھن: +(١) سبب (٢) وتد (٣) فاصلا. +١. سبب: +ٻن اکرن وارو جزو آھي ۽ ھن جا ٻھ قسم آھن، ھڪڙو خفيف ۽ ٻيو ثقيل. +خفيف: ٻن اکرن وارو لفظ، جنھن جو پھريون اکر متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن ھجي، جيئن: بِن، قل وغيره. +ثقيل: ھن ۾ ٻئي اکر متحرڪ ھوندا آھن، جيئن: ڪپ، ڇتِ وغيره. +٢. وتد: +ھن جا ٻھ قسم آھن: وتد مجموع ۽ وتد مفروق. +وتد مجموع: ٽن حرفن وارو لفظ، جنھن جو پويون اکر ساڪن، باقي اکر متحرڪ ھجن، جيئن: صفا، اگر. سڪو وغيره. +وتد مفروق: ٽن حرفن وارو لفظ، جنھن جو پھريون ۽ پويون اکر متحرڪ ھجن ۽ وچون اکر ساڪن ھجي، جيئن: غار، بابَ، تاتِ وغيره. +٣. فاصلا: +ھن جا بھ ٻھ قسم آھن: +فاصلھ صغرى: چئن حرفن وارو لفظ، جنھن جا پھريان ٽي اکر متحرڪ ھجن ۽ چوٿون اکر ساڪن ھجي، جيئن: عربي، ادبي وغيره. +فاصلھ ڪبرى: پنجن اکرن وارو لفظ، جنھن جا پھريان چار اکر متحرڪ ۽ پنجون اکر ساڪن ھجي، جيئن: مسچٽو، گھر گھلو، وغيره. +مٿين ڳالھين سان گڏ اھو بھ سمجھڻ کپي تھ شعر با معنى پوري جملي کي چئبو آھي. ٻن شعرن ٻن سٽن کي گڏائي بند چئبو. +تشبيھھ: +ھن لفظ جي معنى آھي ”ڀيٽ يا تمثيل“. ٻن جدا جدا لفظن يا شين جي ھڪٻئي سان ڀيٽ ڪري، منجھن ڪنھن خاص ڳالھھ يا گڻ جي ھڪجھڙائي ڏيکارڻ کي ”تشبيھھ“ چئبو آھي. انھن شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ وانگر: مثل، جھڙو، جيان، طرح يا ڄڻ وغيره لفظ استعمال ٿيندا آھن. تشبيھھ ۾ جنھن شيءِ جي ڀيٽ ڪجي، ان کي ”مشبه“ ۽ جنھن شيءِ سان ڀيٽ ڪجي، ان کي ”مشبه به“ چئبو آھي. جنھن خاصيت يا گڻ ڏيکارڻ لاءِ ڀيٽ ڪجي، ان کي ”وجه تشبيھھ“ (ڀيٽ جو سبب) چئبو آھي ۽ جيڪو لفظ تشبيھھ ڏيکارڻ لاءِ ڪم اچي، تنھن کي ”حرف تشبيھھ“ چئبو آھي. +سڄڻ سھڻو اسان جو چوڏھينءَ جي چنڊ جھڙو. +ھن مثال ۾، لفظ ”سڄڻ“ ٿيندو ”مشبه“، ۽ ”چوڏھين جو چنڊ“ ٿيندو +”مشبه به.“ مثال ۾ آيل لفظ ”سھڻو“ ٿيندو ”وجه تشبيه“ ۽ ”جھڙو“ لفظ کي ”حرف تشبيه“ چئبو. +استعارو: +ھي عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنى آھي ”گھرڻ يا اڌارو وٺڻ“. علم بيان جي اصطلاح ۾، ڪنھن لفظ کي اصلي معنى کان ڦيرائي، اڌاري طور ٻيءَ معنى ۾ ڪم آڻجي تھ ان کي ”استعارو“ چئبو آھي. استعاري ۾ ڳجھي ڀيٽ ڪيل ھوندي آھي ۽ تشبيھھ ڏيکاريندڙ لفظ (حرف تشبيھھ) جھڙو، وانگيان، جيئن، جيان، طرح ۽ ڄڻ وغيره کي لڪائي يا ڳجھو رکي، ”مشبه“ کي ھو بھو ”مشبه به“ بڻايو ويندو آھي. +مثال: ”ڏند موتي دلربا جا.“ +ھن مثال ۾ ”مشبه“ (ڏند) کي خود موتي بڻايو ويو آھي. لفظ ”موتي“ +ڏندن لاءِ اڌاري طور ورتو ويو آھي. +ڪنايو: +ھي بھ عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنى آھي، رمز اشارو يا ڳجھي ڳالھھ. لفظ جي اصلي معنى ھڪڙي ھجي، پر ان مان ڪنھن ٻيءَ شيءِ ڏانھن اشارو ڪيل ھجي يا ان مان ٻيو مقصد ڪڍيو وڃي تھ ان کي ڪنايو چئبو آھي: +مثال (١) : ڪيترين ماين اچي اڄ ڪنوار کي موڙو ڏنو. +مثال (٢) : ڦورو نھ ڦولي، دوست ھجي جو دل گھريو. +پھرئين مثال ۾ ”موڙو“ لفظ استعمال ٿيو آھي، ھونئن تھ ”موڙو“ ڪانن جو ٺھيل ھوندو آھي، جنھن کي ويھڻ لاءِ ڪم آڻبو آھي، پر ھتي ”موڙو“ انھن پئسن لاءِ استعمال ٿيو آھي، جيڪي ڪنوار کي مليا. ٻئي مثال ۾ ”ڦورو“ لفظ ڪم آندو ويو آھي، ڦورو ھونئن تھ سٽ جي ويڙھيءَ کي چئب�� آھي، پر ھتي اوڻايون، عيب، ڪچايون بابت ڪتب آندل آھي. +مجاز مرسل: +مجاز معنى حقيقت جي ابتڙ ھلڻ يا نئون رستو اختيار ڪرڻ. ڪنھن لفظ جي اصلي ۽ سچي معنى کي ڇڏي، ان مان نئين معنى ڪڍبي آھي تھ اھڙي نئين اختيار ڪيل معنى کي ”مجاز مرسل“ چئبو آھي. +مثال: (١) لڙندي شينھن سان آ دل +(٢) ھيل دريا ڪيترا ٻوڙيا شھر. +پھرئين مثال ۾ دل جو لڙڻ ڏيکاريل آھي ۽ ٻئي مثال ۾ دريا جو شھرن ٻوڙڻ بابت ذڪر آھي. حالانڪ ٻوڙيندو پاڻي آھي، نھ ڪ دريا. اھڙي نموني لفظ جي اصليت کي ڇڏي، ٻي معنى ڪڍڻ کي ”مجاز مرسل“ سڏبو آھي. +قافيو: +قافيو انھن لفظن کي چوندا آھن، جيڪي غزل ۾ ھڪجھڙي آواز ۽ ھڪجھڙي وزن سان استعمال ٿيندا اچن. غزل جي پھرئين بند ۾ ٻھ قافيا ھوندا آھن، پوءِ وارن بندن ۾ گھڻو ڪري پھرين سٽ قافيي کان آزاد ۽ ٻيءَ ۾ وري قافيو استعمال ٿيندو آھي. ڪن غزلن ۾ قافيو سٽن جي آخر ۾ استعمال ٿيندو آھي ۽ ڪن ۾ وري رديف جي اڳيان استعمال ٿيندو آھي: +مثال: +رات اڪيلائيءَ ۾ مون کي، آيا خيال انيڪ +سودائن سڀني کي ساڙيو، تنھنجي سڪ جي سيڪ، +جئندي ڪھڙو جھنگ ۾ جيڪا، ڌڻ کان ٿي وئي ڌار، +بگھڙن جا اوناڙ ھزارين، ٻڪريءَ جي ھڪ ٻيڪ. +ڪيي وٺي سي ڪاغذ جن تي ”راشد“ جا اشعار، +ڇو نھ وٺن سي چٽڪيون. جن کي چئبو آھي چيڪ. +(راشد) +مٿئين مثال ۾ انيڪ، سيڪ، ٻيڪ ۽ چيڪ قافيا آھن، جيڪي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪم آندل آھن. ھيٺ وري اھڙي غزل جو مثال پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ رديف ۽ قافيو ٻئي آھن: +رديف: +”رديف“ اھو لفظ آھي، جيڪو بند جي آخر ۾ ساڳيو ورجايو ويندو آھي. +جا دل جي بلبل ڦاسايئي، سا قيد رکج، اڏري تھ ڇٽي! +رک پوري در تون پڃري جا، ھڪ وار وئي نڪري تھ ڇٽي! +ھيءَ رات وري ايندي نھ پرين! اچ جاڳ سندم سيرانديءَ کان، +ھيءَ رات آ منھنجي موت سندي، رک ياد اھا گذري تھ ڇٽي! +ڇا عشق جي آتش ساڙيندڙ، ڇا آھھ نرم دل راشد جي، +ڇا باھھ ڪپھھ جو ناتو آ، ڄر ۾ ڄرڪي پڄري تھ ڇٽي! +ھن مثال ۾ اڏري، نڪري، گذري ۽ پڄري قافيا آھن ۽ ھر بند جي آخر ۾ ”تھ ڇٽي“ رديف آھي. +ڪي غزل وري ذوقافيا ھوندا آھن، يعني ٻن قافين وارا، مثال: +چڱو ڇوٽڙو ھي نشانو چٽيو ٿئي +سڌو اک مان دل کي گليلو سٽيو ٿئي! +انھيءَ کان تھ بھتر رکو ڍوڍڙو ھو، +اھو ساڳ ڇورا، پرائو پٽيو ٿئي! +(راشد) +مٿين سٽن ۾ نشانو، گليلو، پرائو ۽ چٽيو، سٽيو، پٽيو ٻن قسمن جا قافيا آھن، جڏھن تھ رديف ”ٿئي“ آھي. +ھاڻي ڪجھھ صنعتن جو جائزو وٺجي: صنعتون سورھن (16) قسمن جون آھن، ھيٺ انھن بابت واقفيت ڏجي ٿي: +صنعت تشبيھھ: +تشبيھھ جي وضاحت مٿي ٿيل آھي، ان ڪري ھتي بيان ڪانھ ٿي ڪجي. +صنعت تضمين: +تضمين جي معنى آھي وچ ۾ آڻڻ. شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪنھن ٻئي شاعر جي سٽ يا بيت ڪم آڻي، تنھن کي ”تضميمن“ چئبو آھي: +ادا ”مسڪين“ کي وھوا وڻي، ”سانگيءَ“ سندي مصرع +”نماڻي نار آھيان، پر وڏن جاوڻ وڄائينديس“! +يا +”راشد“ مون کي ھي ڏاڍي ”حافظ“ جي سٽ وڻي ٿي، +”منصف کي ساھميءَ ۾ انصاف تورڻو پيو“ +صنعت سوال جواب: +شاعر پنھنجي شعر ۾ سوال بھ پاڻ ڪري ۽ جواب بھ پاڻ ڏئي تھ اھا ’صنعت سوال جواب‘ سڏجي ٿي: +ھن ديس جو ڪھڙو ٽڪر ھو جو بڻيو گل گلزار نھ ھو؟ +ھئي ڌرتي جنت، حاڪم جڏھن ڀونءِ مٿان ڀوتار نھ ھو. +يا +ماتا توکان منھڙو موڙي ڪيئن خوش رھندس آنءُ؟ +سنڌڙي! مان تھ سڃاپان ئي ٿو، تنھنجي نسبت ساڻ. +(راشد) +صنعت مراعات النظير: +شاعر پنھنجي شعر ۾ جڏھن ڪا ڳالھھ بيان ڪري تھ ان سان واسطو رکندڙ ٻين شين جو پڻ بيان ڪري وڃي، جيئن باغ جو بيان ڪري تھ گلن، وڻ، ميون ۽ پکين وغيره جو بيان بھ اچي وڃي. اگر برسات جو ذڪر ڪري تھ ڀونءِ سرسبز ٿيڻ ۽ ماڻھن جي خوش ٿيڻ جو ذڪر بھ اچي وڃي: +آئي رت سانوڻ سندي مينھن وسي ڪيڙا ملھار، +ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا، سرھا ٿيا سانگي سنگھار. +(گل) +صنعت لف و نشر: +لف معنى آھي ”بند ڪوٽ“ ۽ نشر معنى آھي ”پکيڙڻ، کولڻ يا پڌرو ڪرڻ.“ شعر ۾ پھريان ڪا ڳالھھ بند يعني ڳجھي ڪري، ٻيءَ سٽ ۾ وري اھا کولي سمجھائجي تھ ان کي صنعت لف ونشر چئبو آھي: +حسن، مير حسين کي، رنو ٽن ٽولن +گھر ماڻھئين، جھنگ مرئين، اڀن ۾ ملڪن +مٿئين مثال جي پھرينءَ سٽ ۾ ٽن ٽولن جي روئڻ جي ڳالھھ آھي ۽ ٻيءَ سٽ ۾ انھن ٽولن جي وضاحت ٿيل آھي. +صنعت مبالغو: +مبالغي جي معنى آھي وڌاءُ ڪرڻ، شاعر ڪنھن حقيقت جو بيان حد کان زياده ڪري وڃي تھ ان کي صنعت مبالغو چئبو آھي، اھڙو مبالغو شاعريءَ ۾ جائز آھي. +سھسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن، +سڀ اونداھي ڀانئيان، بِاالله ري پرين! +صنعت مرصع: +”مرصع“ جي معنى آھي موتي پوئڻ. شاعر اھڙا لفظ ۽ تڪون لاڳيتا ڪم آڻي جي ھم آواز ۽ ھم معنى ھجن. +ڀلا ڄام، ھن غلام، سندا سوال، سڻج تون! +آھيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون! +معشوق، منھن ملوڪ ڇو مخلوق لٽين ٿو، +تنھنجا وار، گھنڊيدار ڦيريدار ڦرين ٿو! +صنعت تجاھل عارفانھ: +ھن جي معنى آھي ڄاڻي ٻجھي اڻ ڄاڻ ٿيڻ. شاعر اھڙي ڳالھھ بيان ڪري، جنھن جي کيس خبر ھجي پر بي خبري ظاھر ڪري: +سر ڍونڍيان ڌڙ نھ لھان، ڌڙ ڍونڍيان سرنانھھ، +ھٿ ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانھھ. +يا وري اردوءَ جو ھي شعر: +سنا ڻڍ اي صنم تيري کمر ڻڍ +کڻان ڻڍ کس طرح ڻڍ اور کدھر ڻڍ؟ +صنعت مقلوب: +”مقلوب“ جي معنى آھي ڦيرائڻ. ھن جا ٽي ڀاڱا آھن: +پھريون ”مقلوب ڪل“ ٻيو ”مقلوب بعض“ ۽ ٽيون ”مقلوب مستوي.“ +مقلوب ڪل: شعر ۾ اھڙو لفظ آڻجي، جنھن کي ابتو ڪري لکجي تھ وري نئون لفظ ٺھي پوي ۽ معنى پڻ جدا نڪريس. +ناھي بقا زماني ۾ ”اقبال“ کي ادا، +اقبال کي جي ابتو ڪرين ٿئي ٿو ”لابقا“. +مقلوب بعض: شاعر، پنھنجي شعر ۾ ھڪ يا وڌيڪ اھڙا لفظ ڪتب آڻي، جن جا اکر تبيل ٿيل يا اڳي پوءِ ھجن. +”تعليم“ لاءِ ڌئين جي، نصيحت ڪري قليچ +”تعميل“ جي ڪندؤ تھ اوھين رھندؤنت نھال +مقلوب مستوي: شاعر پنھنجي شعر ۾ اھڙا لفظ ڪم آڻي، جو ابتو توڙي سبتو پڙھجن تھ بھ صورتخطي بھ ساڳي ھجين ۽ آواز ۽ معنى بھ ساڳي ھجين. +درد دل جي کان لڇان ٿو، ڪنھن کي آھي منھنجو درد +صنعت توشيح: +شاعر پنھنجي شعر ۾ سٽون اھڙيءَ طرح ڪم آڻي، جو سڀ ڪنھن سٽ جو پھريون لفظ ڪڍي، سڀئي اکر پاڻ ۾ نمبر وار ڪري لکجن تھ شاعر جي ڪنھن دوست يا ڪنھن گھڻگھري جو نالو ٺھي پوي: +بوءِ بدلي ڀلي ڀلاري جي، +مغز منھنجو ڪيو بھار بھار +چال چوکي چڱي چلت چھرو، +جوت جانيءَ سندي جدا جنسار، +لال لب لاڏل سندا لاشڪ، +عاشق لئھ عجبُ امل اسرار، +شادماني ڏني سڄڻ پر ھي، +نيو اندر جو انھيءَ ڪڍي آزار، +آس اھڙي رکي اسير اداس، +مان محبوب مون ملي مختيار! +ھي غزل غرض لاءِ چيو فاضل، +تھ طرز ”توشيح“ جي منجھس تڪرار +مٿئين ھر ھڪ شعر يا بند جا پھريان اکر ڪڍبا تھ نالو ”بچل شاھھ“ ٺھي پوندو. +صنعت اسماءَ: +شعر ۾ ڪي نالا ماڻھن، پکين، جاين يا شين جا ڪم آڻجن تھ ان کي ”صنعت اسماءِ“ چئبو آھي: +حياتيءَ نيٺ رخصت ڪئي صد افسوس! +اجل ھن وقت عجلت ڪئي صد افسوس! +ٻڌائي غيب اي منظور ھي تاريخ، +اديب العصر رحلت ڪئي صد افسوس +مٿئين شعر جي آخري سٽ جو ابجد ڪبو تھ شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات جو سال نڪرندو، جيڪو آھي 1958ع. +صنعت تضاد: +تضاد معنى خلاف. لفظ ھڪٻئي جي ضد وارا شعر ۾ ڪم آندل ھجن تھ ان کي صنعت تضاد چئبو آھي: +مٺاي��ن مٺو گھڻو، ڪڙو ناھھ ڪلام. +_ +”نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتھا.“ +_ +سڄڻ ڏڄڻ نھ ٿئي ٻوڙي رسي سؤ وار. +مٿين مثالن ۾ مٺو ۽ ڪڙو، ابتدا ۽ انتھا، سڄڻ ۽ ڏڄڻ ھڪٻئي جا ضد آھن. +صنعت ايھام: +ھن جي معنى آھي، ڪنھن کي وھم ۾ وجھي ڇڏڻ، يعني ڪنھن بھ لفظ يا ڪنھن بھ عبارت جون ٻھ معنائون نڪرن. +در پسيو سا جاءِ، ٿي تاڙي تندن کي، +ڪامڻ کي ھو ڪينڪي، تارن جو تر ڀاءُ، +تھ مٺي مڱڻھار مان، ٿيندو وره ورڻاءُ، +ڪامڻ ڇڏ تون ڪينرو، وئي تو ڳالھھ ھٿاءِ. +ھن شعر ۾ سر ”ليلان چنيسر“ ۽ سر ”سورٺ“ جون معنائون لڪل آھن، ليلان در وٽ بيھي ھار جي تندن کي ڏسي رھي آھي، کيس انھن تارن جي اصليت جي خبر ئي ناھي تھ ڪو ھار گھرڻ مان، چنيسر سان وڇوڙو پلئھ پوندو. اي عورت! (ليلان) ھاڻي روڄ راڙو ڇڏي ڏي، جو تنھنجي ھٿان ڳالھھ نڪري وئي آھي. +ٻي معنى: سورٺ در وٽ بيھي ٻيجل جي ساز جي تندن کي ڏسي رھي آھي. اھي تارون ساڻس ڪھڙي ويڌن ڪنديون، سا کيس ڪل ئي ناھي، کيس اھا خبر ئي انھي تھ ڪو مٺي مڱڻھار مان ڀتار کان وڇوڙو پلئھ پوندو. ھاڻي جڏھن راءِ ڏياچ ڪسي چڪو آھي تھ سڀ ڳالھھ ھٿان ھلي وئي آھي. اي عورت! (سورٺ) ھاڻي روئڻ پٽڻ مان ڇا ورندو. +صنعت ضرب المثل: +شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪو پھاڪو يا قرآن شريف جي آيت يا مثال اھڙي نموني آڻي، جو اھي شعر سان ٺھڪي اچن تھ ان کي صنعت ”ضرب المثل“ چئبو آھي. +”گھڙيا سي چڙھيا“، ائين اٿيئي، +مئي متي مھراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي. +يا +ھوت تنھنجي ھنج ۾ پڇين ڪوهھ پئي، +”وفي انفسڪم افلا تبصرون“، سوجھي ڪر سھي. +صنعتن کان پوءِ اچو تھ ڏسون تھ ”تجنيس“ ڇا آھي؟ مٿي 15 صنعتن جو ذڪر ٿي چڪو آھي، سورھين صنعت استعارو آھي، جنھن جو ذڪر بھ ٿي چڪو آھي. +تجنيس: +شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪي لفظن جون سھڻيون بناوتون ڪم آڻي تھ ان کي ”تجنيس“ چئبو آھي. تجنيس جا ھيٺيان قسم آھن: +(١) تجنيس تام، (٢) تجنيس ناقص، (٣) تجنيس حرفي، +(٤) تجنيس خطي، (٥) تجنيس مضارع، (٦) تجنيس مڪرر +۽ (٧) تجنيس قطارالبحرين. +تجنيس تام: +شاعر پنھنجي شعر ۾ اھڙا ٻھ يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻي، جي صورتخطيءَ خواه آوازن ۾ ھڪجھڙا ئي ھجن، مگر انھن جي معنى جدا جدا ھجي. +پسيون ڪارڻ پيٽ جي، اچن پنھوار پٽيون. +جئن ھت ورڙا ويڙھين کي ڏين، تئن ھت ڪوٺي ڪام پٽيون. +راتيان ڏينھان روڄ کان، منھنجو اکيون تان نھ پٽيون، +اھي پنوھار پٽيون، ٻڌندم ڦٽ فراق جا. +مٿئين مثال ۾ ”پٽيون“ جي معنى جدا جدا ٿيندي. پھرين سٽ ۾ ”پٽيون“ معنى ”پٽي اچڻ“، ٻيءَ سٽ ۾ ”پٽيون“ معنى ”اھي سڌيون چيريل ڪاٺيون، جيڪي ڪوٺي جي ڇت ڍڪڻ ۾ ڪم اچن، ٽينءَ سٽ ۾ ”پٽيون“، اکين جي نھ پٽجڻ بابت ڪم آيل آھي ۽ آخري چوٿينءَ سٽ ۾ ”پٽيون“ معنى ڪپڙي جون ڊگھيون اڳڙيون، جيڪي ڦٽ کي ٻڌجن. +تجنيس ناقص: +شعر ۾ ٻھ يا وڌيڪ لفظ اھڙا ڪم آڻجن، جن جي صورتخطي ساڳي ھجي، مگر آواز ۽ معنى جدا جدا ھجي، تھ ان کي تجنيس ناقص سڏبو. +سر ڀي پنھنجو، سر ڀي پنھنجو، ٻيو ڪو گھورڻ وارو ناھھ +مٿئين مثال ۾ ”سر“ ۽ ”سر“ جي صورتخطي ساڳي آھي، پر آواز ۽ معنى ۾ فرق آھي. +تجنيس حرفي: +شعر جي سٽ ۾ جيڪو اکر پھريان استعمال ڪجي، اھو سڀني لفظن جي اڳيان اچي. +وڃ وڃڻ کي ويڙھھ وحدت ۾ ورڻ وائي م وار، +وک وڌائي ويھھ م وچ تي ورق ويسر جا وسار. +(محمد فقير کٽياڻ) +تجنيس خطي: +شعر ۾ اھڙا لفظ ڪم آڻجن، جن جا جيڪڏھن ٽٻڪا ڊاھي ڇڏجن تھ باقي صورتخطي ھڪ جھڙي رھجي وڃي. +مثال: +ڪارا ڊگھا ڏٺائين، جڏھن زلف تنھن جا ”مشڪين“ +دل ڏئي ٿيو گرفتار، عاشق، ويچارو ”مسڪين“ +مٿي ”مشڪين“ ۽ ”مسڪين“ جا ٽٻڪا ڊاھي ڇڏبا تھ باقي ٻنھي ل��ظن جي صورتخطي ساڳي رھندي. +تجنيس زائد: +شعر ۾ اھڙا ٻھ يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻجن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ ھڪجھڙا ھجن، پر ھڪڙي لفظ جي منڍ ۾ ٻئي لفظ کان ھڪ اکر وڌيڪ ڪم آيل ھجي. +مثال: +تنھنجي ئي لڳي دوست، مون کي پياري ياري +جند جان جي ڳڻتي مون وساري ساري +جي ٻھ ٽي ڏينھن ڏنم توتي ساھھ +گويا ھئي حياتي مون اڌاري ڌاري +مٿئين مثال ۾ ”پياري، ياري“، ”وساري، ساري“ ۽ ”اڌاري، ڌاري“ ۾، ھڪڙي لفظ جي منڍ ۾ ٻئي کان ھڪ اکر وڌيڪ ڪم آيل آھي. +تجنيس مزيد: +شعر ۾ اھڙا ٻھ يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻجن، جي صورتخطيءَ ۾ ھڪجھڙا ھجن، مگر ھڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ٻئي لفظ کان ھڪ اکر وڌيڪ ھجي تھ ان کي تجنيس مزيد چئبو آھي: +آن گدا گھٽ ڪين سمجھان، پاڻ کي سلطان کان، +ھن کي تخت ۽ مون کي تختو، ھن کي ڇت ۽ مون کي ڇٽي! +مٿئين مثال ۾ ”تخت ۽ تخو“، ”ڇٽ ۽ ڇٽي“ ۾ ھڪ لفظ ۾ ٻئي کان ھڪ اکر پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ آھي. +تجنيس مڪرر: +مڪرر جي معنى آھي وري وري اچڻ. +نيڪي ڪري جو، تنھن کي ملندي جزا جزا +جيڪو ڪندو بدي سو ڏسندو سزا سزا، +مٿئين مثال ۾ ”جزا جزا“ ۽ ”سزا سزا“ جو ورجاءُ آھي، جنھن کي تجنيس مڪرر چئبو آھي. +تجنيس قطارالبحرين: +ھن جي معنى آھي ”اٺن جي قطار“، جيئن ھڪ اٺ جي پڇ ۾ ٻئي اٺ جي مھار ٻڌل ھوندي آھي، تيئن شعر جي اڳينءَ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ جيڪو لفظ ھوندو آھي، اھو ٻيءَ سٽ جي اڳياڙيءَ ۾ استعمال ٿيندو آھي. جيئن: +ڪشي ڪان ڪمان ۾، ميان! مار م مون، +مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي. +پھرينءَ سٽ جي آخر ۾ ۽ ٻيءَ سٽ جي اول ۾ ”مون“ لفظ استعمال ٿيل آھي. +مٿين ڳالھين کان علاوه، اڃا ھڪ چيز آھي، جنھن جو شاعريءَ سان گھرو ۽ گھاٽو لاڳاپو آھي، اھو آھي ”اھڃاڻ“. اچو تھ ڏسون تھ عالم ۽ ڄاڻو ليکڪ، اھڃاڻ جي سمجھاڻي ڪيئن ٿا ڏين. +ڊبليو. بي بيٽس: ”مڪمل صوفياڻو اھڃاڻ اھو آھي، جنھن جي دوران ڪابھ ڪھاڻي، فطرت يا فڪر جي ڪنھن بھ شعبي ۾ پڙھي سگھجي ٿي، پوءِ اھو طبعي، مذھبي، يا فيلسوفياڻو ڇو نھ ھجي، اھي سڀ ڳالھيون ان ھڪ ۾ موجود ھجن.“ +آءِ - اي رچرڊس: ”نشانيون توڙي اھڃاڻ اھڙا ذريعا آھن، جن سان اسان جي ماضيءَ جا تجربا، اسان جي حال جي، ردعمل کي مدد ڏين ٿا.“ +ھئزارڊ آڊمس: ”تمثيل، ڪنھن ٻي شيءِ جي بدران استعمال ٿيل لفظ آھي، پر اھڃاڻ شين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آھي.“ +ٿامس ڪارلائل: ”اھڃاڻ، چٽائيءَ ۽ سڌائيءَ سان ڪنھن لاءِ محدود حقيقت جو عرفان آھي. ان ذريعي لامحدود، محدود سان رلجي ملجي ٿو وڃي.“ +شيلي: ”اھڃاڻ، ھڪ موضوع جي تشريح ۾ مدد ٿو ڪري، ان کي قبول ڪرڻ لائق ٿو بنائي، ڪن ستل ۽ دٻيل اظھارن کي جاڳائي ٿو ۽ ھڪ سينگاريل ڏيکاءَ طور ڪم اچي ٿو.“ +سئنڊرس: ”اھڃاڻ، ھڪ اھڙو لفظ يا عڪس آھي، جيڪو نھ رڳو اصلي تصور (Concept) لاءِ ڪم اچي ٿو، پر ان سان لاڳاپو رکندڙ سڀني معنائن توڙڙي لاڙن لاءِ بھ ڪم اچي ٿو. گھڻين معنائن جو مجموعو گڏجي ھڪ وڏي آئيڊيا ٿو تخليق ڪري.“ + + +اھڃاڻي شاعريءَ جي شعوري محرڪ ۽ فرانسيسي ٻوليءَ جي عظيم شاعر اسٽيفن مئلارمي اھڃاڻ بابت لکيو آھي تھ: ”ڪنھن بھ شيءِ جي نالي وٺڻ سان ان شيءِ جو منو مزو ختم ٿيو وڃي، ان ڪري ضروري آھي تھ ڪنھن بھ شيءِ جو نالو نھ وٺجي، رڳو ان ڏي اشارو ڪجي ۽ شعر کي ھميشه ڳجھارت رھڻ ڏجي.“ +انگريزي شاعر ڪولرج، اھڃاڻ جون ھيٺيون خاصيتون ڄاڻايون آھن: +خاص ۽ عام کي آرو پار ڏسڻ؛ +عام کي خاص ۾ آرو پار ڏسڻ؛ +آفاقي حقيقت کي عام ڳالھين مان حاصل ڪرڻ؛ +ازلي سچ کي وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ، +۽ آخر ۾ اھڃاڻ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي راءِ: +”اھڃاڻ اھو لفظ آھي، جنھن جي بنيادي حيثيت کي، ڪا نھ ڪا نمائنده معنى حاصل ٿي وئي ھجي.“ +ھونئن تھ ھر لفظ صوتي اھڃاڻ آھي، ڪنھن نھ ڪنھن معنى يا مفھوم جو، پر ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ ۾ اھڃاڻ لفظ اھو آھي، جنھن جي نمائنده معنوي حيثيت حاصل ٿي وئي ھجي ۽ ان کي بنيادي طور استعمال ڪري، ان مان ڪھڙي بھ قسم جي تاويل يا تفسير ڪري سگھجي. جيئن چنڊ ۽ گل سونھن جو اھڃاڻ آھن، چڪور ۽ بلبل عشق جا اھڃاڻ آھن، بھار، خوشيءَ جو اھڃاڻ آھي، سرءُ، ڏک جو اھڃاڻ آھي، صبح، اميد جو اھڃاڻ آھي تھ شام، نااميديءَ جو.“ وغيره. +غزل سخن جي صنفن ۾ بادشاھھ ۽ شاعريءَ جو روح آھي. +غزل جي ٻن مصرعن يا ھر ھڪ شعر کي جدا حيثيت ھوندي آھي. +غزل جي ھڪ بند سان ٻئي بند جو سواءِ رديف قافيئي جي ٻيو ڪو لاڳاپو نھ ھوندو آھي. +تغزل جي معنى آھي، ”اشاري ۾ وڏي ڳالھھ چئي وڃڻ.“ +چئبو آھي. +سنڌيءَ جو پھريون ديوان ”ديوان گل“، آخوند گل محمد ”گل“ ھالائيءَ جو آھي. +بحر عربي لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنى آھي ”سمنڊ“ +بحر اصطلاحي معنى موجب اھو مقرر ڪيل تڪن جو مجموعو، جنھن سان شعر جو وزن پورو بيھارجي. +بحر جي انھن ”تڪن“ کي عربي زبان ۾ ”ارڪان“ چئبو آھي. +شعر يا بند ٻن مصرعن جو ٿيندو آھي. +جنھن بحر ۾ اٺ رڪن ھونداآھن، تنھن کي ”بحر مثمن“ چئبو آھي. +جنھن بحر ۾ ڇھھ ارڪان ھجن تنھن کي ”بحر مسدس“ چئبو. +جنھن بحر ۾ چار رڪن آھن، تنھن کي ”بحر مربع“ چئجي. +ڪل بحر 19 آھن. +15 بحر علم عروض جي موجد خليل بن احمد بصري جا ايجاد ڪيل آھن، ھڪ بحر ابوالحسن ”اخفس“ جو ايجاد ڪيل آھي، باقي ٽي بحر پوءِ جي شاعرن، مٿين بحرن ۾ ڦير ڦار ڪري ٺاھيا آھن: +سنڌي زبان ۾ علم عروض تي شعر چوڻ جي شروعات مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ ڪئي. مير عبدالحسين سانگيءَ علم عروض کي اوج وٺرايو. ان کان پوءِ سچل سرمست علم عروض تي شاعري ڪئي. +19 بحرن مان ست بحر سالم آھن. باقي 12 بحر غير سالم آھن. +19 بحرن مان 11 بحر سنڌي، عربي ۽ فارسي شاعريءَ ۾ عام طور ڪم اچن ٿا، اھي ھي آھن: +١. ھزج، ٢. رمل، ٣. تقارب، ٤. رجز، ٥. ڪامل، ٦. سريع، ٧. خفيف، ٨. مجتث، ٩. مضارع، ١٠. منسرح ۽ ١١. متدارڪ. +پنج بحر رڳو عربي شاعريءَ ۾ استعمال ٿين ٿا: +١. طويل، ٢. مديد، ٣. بسيط، ٤. وافر ۽ ٥. مقتضب. +باقي ٽي بحر خاص فارسيءَ جا شاعر ڪم آڻيندا آھن. اھي آھن: +١. قريب، ٢. جديد ۽ ٣. مشاڪل. +سالم بحر ھي آھن. +بحر ھزج مثمن سالم (مفاعيلن اٺ دفعا) +بحر رمل مثمن سالم (فاعلاتن اٺ دفعا) +بحر تقارب يا متقارب مثمن سالم (فعولن اٺ دفعا) +بحر رجز مثمن سالم (مستفعلن اٺ دفعا) +بحر متدارڪ مثمن سالم (فاعلن اٺ دفعا) +بحر ڪامل مثمن سالم (متفاعلن اٺ دفعا) +محر وافر مثمن سالم (مفاعلتن اٺ دفعا +غير سالم بحر ھي آھن. +بحر طويل مثمن (فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن) +بحر مديد مثمن (فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن) +بحر بسيط مثمن (مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن) +بحر مجتث مثمن (مستفعلن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن) +بحر مضارع مثمن (مفاعيل فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن) +بحر منسرح مثمن (مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات) +بحر مقتضب (مفعولات مستفعلن مفعولات مستفعلن) +بحر سريع مسدس (مستفعلن مستفعلن مفعولات) +بحر خفيف مسدس (فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن) +بحر قريب مسدس (مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن) +بحر جديد مسدس (فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن) +بحر مشاڪل مسدس (فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن) +غلام محمد گرامي +سنڌي غزل جي اوسر : (1) +اسان جي سنڌي زبان ۾ بھ، دنيا جي ٻين سڀني زبانن وانگر، ادب جي ابتدا شعر – شاعريءَ سان ٿي آھي؛ نثر گھڻو پو��ِ پيدا ٿيو آھي. سنڌيءَ جو شعري ادب اول ھن علائقي جي قابل فخر عالمن ۽ بزرگن پيدا ڪيو آھي. ان ڪري، لازمي طور، سنڌي شعر جي بنيادي تعمير دينيات ۽ تصوف سان ٿي آھي. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي بزرگن جا اھي ڪتاب سند طور پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ ديني ۽ فقھي مسئلن کي ٺيٺ سنڌي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو ويو آھي. انھن عالمن نھ فقط سنڌي رسم الخط جو اوائلي تصور پيدا ڪيو، پر ان سان گڏ دين جي مسئلن جي تشريح ۽ تبليغ بھ ڪيائون، ۽ سنڌي زبان کي تبادلھ خيالات لاءِ اسلوب، موضوع ۽ مواد بھ مھيا ڪري ڏنائون. ان سلسلي ۾ قاضي قاضن ۽ شاھھ ڪريم کان وٺي لطيف، سچل، سامي، روحل، بيدل، ويندي حضرت شھيد گرھوڙي ۽ صادق فقير تائين، بيت ۽ ڪافيءَ ۽ وائيءَ ۾ شاعري ڪئي ويئي. اھو سلسلو اڄ بھ موجود آھي. اڄ بھ سنڌ ۾ ڪافيءَ ۽ وائيءَ ۽ بيت کي وڏي مقبوليت حاصل آھي. سنڌي ادب جون اھي پراڻيون صنفون دين ۽ تصوف جي ترجمانيءَ تائين محدود رھيون. البت، شاھھ ۽ سچل ۽ انھن جي مرتبي جي ٻين شاعرن، عشقيھ شاعري بھ ڪئي آھي، ۽ مجازي ڪلام ۾ عشق ۽ محبت، ھجر ۽ وصال جي واردات کي بيان ڪيو آھي. +ان طرح شعر جي ٻاھران آيل صنفن مان سڀ کان وڌيڪ غزل کي سنڌي ادب ۾ مقبوليت حاصل ٿي، ۽ ان جي ابتدا بھ عشق مجازيءَ ۽ تصوف جي چاشنيدار اسلوب ۾ ٿي. نثر جي مقابلي ۾ شعر کي ان ڪري ترجيح ڏني ويئي آھي، ڇا لاءِ تھ شعر ۾ رنگيني ۽ اثر انگيزي آھي، جنھن سان ٻڌندڙ ۾ سرور ۽ حضور سان گڏ اثر ۽ فڪري حرڪت پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري شعري صنفن ۾ غزل کي وڏي اھميت حاصل ٿي. غزل، استعاري ۽ ڪنايي جي آڙ ۾، انساني ذھن ۽ فڪر، اخلاق، ۽ جذبات، تمدن ۽ ثقافت، واردات ۽ ڪيفيات جي جيتري ڀرپور ۽ صحتمند، سالم ۽ پختي ترجماني ڪري سگھي ٿو، اھا قدر ڪرڻ جي لائق آھي. غزل پيدا ٿئي ٿو طبع جي روانيءَ ۽ جولانيءَ مان، جذبات جي سرچشمي جي طغيانيءَ مان، قلبي ڪيفيات ۽ وجداني واردات جي جوش بيانيءَ مان. عروضي پابندين، قافيي ۽ رديف جي ترنم ريز صوتي لھرن، صنايع، بدايع جي رعايتن، لغت جي موشگافين، روزمره جي استعمال ۽ ان جي پابندين، صرف نحو جي بندشن ۽ فصاحت ۽ بلاغت جي اصولن ۽ قانونن سان سون تي سھاڳي جو ڪم ٿئي ٿو. غزل، پنھنجي ھيئت ۽ اسلوب جي لحاظ سان، شيرين ۽ دلنشين، روح پرور ۽ جاذب صنف آھي؛ پر، ان سان گڏ، نھايت دشوار ۽ اڻانگي صنف سخن آھي. وڏا وڏا قادرالڪلام ۽ استاد شاعر ئي ھن رنگين ۽ جامع صنف سخن کي نباھي سگھن ٿا. +استادن غزل جي ظاھري ۽ مجازي حيثيت بيان ڪرڻ سان گڏ ان جي معنوي رنگ بھ بيان ڪيو آھي. ان رنگ ۾ مجاز بدلجي حقيقت بنجي ٿو. اھي ئي استعارا ۽ ڪنايا، جي مجازي رنگ ۾ بيان ٿين ٿا، سي تصوف جي اھم ۽ دقيق مقامات ۽ الاھيات تائين پھچايا وڃن ٿا. اھو ئي سبب آھي جو رومي ۽ شمس تبريزي، حافظ ۽ جامي، مير ۽ غالب پارن شاعرن جي غزل کي شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام ڏنو ويو آھي، يا کڻي چئجي تھ مقدس صنف غزل کي ئي قرار ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ اھل دل ۽ اھل الله بزرگن جي واردات موجود آھي. ان مان اھو بھ ظاھر آھي تھ تصوف ۽ غزل پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آھن، ۽ انھن جي تخليق ايران جھڙي حسين سرزمين ۾ ٿي آھي، جتي لطافت ۽ نزاڪت، نازڪ خيالي ۽ نغمھ ريزي جام آھي. زبان جي رنگينيءَ ۽ ھم قافيي لفظن جي فراوانيءَ ھن صنف کي جنم ڏنو آھي. +غزل، پنھنجي اسلوب ۽ اظھار بيان جي حيثيت سان، ھڪ ھڪ شعر ۾ زندگيءَ جي عميق ترجماني ڪري ٿو، ۽ تھذيب ۽ روايت جو ھڪ دفتر آھي، جو غزل جي پس منظر ۾ ھردم جوان ۽ ھردم تازه ۽ نوبنو رھي ٿو. تڏھن تھ غزل کي سڀ کان نازڪ صنف، سڀ کان لطيف ۽ سڀ کان مشڪل صنف سخن سڏيو ويو آھي؛ ڇا لاءِ تھ جذبات جي مصوري، قلبي واردات جي ترجماني، تخيل جي نزاڪت، لغت جي صحت ۽ محاڪات جي برجستگيءَ سان تھ غزل ٺھي ٿو. +غزل سنڌ ۾ ايران کان آيو. ايران ۾ غزل جو موجد ”رودڪي“ آھي، جنھن قصيدي مان تشبيب جي حصي کي الڳ ڪري، ان کي ”غزل“ قرار ڏنو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾، سنڌ ۾ پارسي آئي، ۽ درٻارن ۾ غزل سرائي شروع ٿي. ان دور جا حاڪم، شاھھ حسن ارغون ”سپاھي“ ۽ مرزا غازي بيگ ”وقاري“ وڏا شاعر ھئا، ۽ صاحب ديوان ھئا. ان دور جي سنڌي شاعري اڃا ڪبت ۽ بيت تائين محدود ھئي. سمن ۽ سومرن جي دور ۾ بھ اھو حال رھيو. البت ڪلھوڙن جي دور ۾، بيتن سان گڏ، سنڌ جي ڪن شاعرن غزل چيا، پر اھي فارسيءَ ۾ ئي ھئا. خود ڪلھوڙا حاڪم بھ صاحب ديوان ھئا؛ سندن ڪلام قابل قدر آھي. +غزل جي شاعريءَ لاءِ مناسب دور ڪلھوڙن جو رھيو. انھن جي دور ۾ مدد خان پٺاڻ ملڪ کي برباد ڪيو. خوشحاليءَ مان ڦري بدحاليءَ جو دور آيو. خوف ۽ بي اطمينانيءَ جو زمانو پيدا ٿيو. تڏھين، صوفيانھ خيالات جي آڙ ۾، ھڪ طرف زماني جي فنا جو اظھار ڪيو ويو ۽ صبر ۽ توڪل، رضا بالقضا ۽ تقدير جا مسئلا آندا ويا، تھ ٻئي طرف عشق ۽ محبت جي زخمن تي مرھم بھ رکيو ويو. +ميرن جو دور، اڳتي ھلي، غزل لاءِ سونھري دور ثابت ٿيو، جو ڪلھوڙن کان پوءِ آيو. مزي جي ڳالھھ اھا آھي تھ غزل سنڌ ۾ اول اول فارسيءَ ۾ لکيو ويو. ارغون ۽ ترخان، ڪلھوڙا ۽ مير، سڀ فارسيءَ جا شاعر رھيا. پر اھو ٻڌي اوھان کي حيرت ٿيندي تھ خود اردو غزل بھ اول اول سنڌ ۾ لکيو ويو: يعني برصغير ھند پاڪ ۾، مير ۽ ولي دکنيءَ کان بھ گھڻو اڳ، سچل سرمست اردوءَ ۾ غزل چيو آھي. ھو ١٧٣٢ع ۾ ڄائو، ۽ ١٨٢٩ع ۾ وفات ڪيائين. ان طرح، مزيد حيرت جو امر اھو آھي تھ خود سنڌي ادب ۾ گويا غزل جي شروعات ڪئي اٿس. سندس ”ديوان آشڪار“ فارسي غزلن جو شاھڪار آھي، ۽ اردو غزل تھ سندس مشھور آھن. اردو ۾ فرمائي ٿو: +اس حال اپنڍ کي خبر کس کو سنائوڻ اڍ صنم! +جنجال ڻڍ يھ زندگي، مرنڍ سڍ ميرا کام ڻڍ. +اڍ يار، تم آتا نڻيڻ، مجھھ پر شفا بخشي کرو، +اِس درد ميرڍ کي دوا، آنا تيرا اک پل ڻوا. +سنڌي پھرئين غزل گو شاعر، سچل سرمست جي سنڌي غزل ۾، تصوف ۽ روحانيت سان گڏ، ذوق جماليات پڻ موجود آھي. گويا سچل مجاز ۽ حقيقت جو سنگم آھي، ان ڪري، سنڌي غزل ۾ بھ، فارسيءَ وانگر، مجاز ۽ حقيقت لازم ۽ ملزم آھن. سچل جا غزل عروض جا پابند آھن، ۽ انھن ۾ تغزل بھ آھي؛ البت ڪٿي ڪٿي شڪستگي آھي. +سچل کان وٺي سانگيءَ تائين، غزل ۾ تصوف گھڻو رھيو. سانگيءَ غزل کي عشق ۽ محبت جو ترجمان بنائي ڇڏيو. سندس استاد، غلام محمد شاھھ ”گدا“، غالب جو ھمعصر ھو ۽ نوي سالن جي عمر ۾، ١٩٠٥ع ۾ وفات ڪيائين. ”گدا“ مرحوم غزل کي تصوف ۽ مجاز سان ملايو. سندس ديوان غزلن جو شاھڪار آھي. غزل کي سانگيءَ معراج ڪمال تي پھچايو. سانگيءَ جي غزل ۾ صحيح معنى ۾ تغزل آھي. حسن ۽ عشق جي آويزش، ھجر ۽ وصال جا مسئلا، اول اول سانگيءَ بيان ڪيا. اھو دور غزل جو مستانھ وار دور ھو. سندس زبان ۾ دلڪشي ۽ رنگيني آھي. سچ پچ تھ سانگيءَ کان پوءِ سندس رنگ جو ڪوبھ رنگين نوا شاعر نھ ٿيو آھي. ڇا سندس زبان، ڇا سندس انداز بيان. اصل ۾ سانگيءَ جو دور، غزل جو دور ھو. سندس دور کان اڳ، آخوند گل محمد ۽ خليفو محمد قاسم، صاحبِ ديوان شاعر ھئا. انھن کان پوءِ حافظ حامد ٽکڙائي، سيد محمد فاضل شاھھ ”فاضل“، شمس الدين ”بلبل“، مرزا قليچ بيگ مرحوم، محمد ھاشم، ”مخلص“، حافظ حيات شاھھ ”نجفي“، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، غزل گو شاعر ھئا. ��ندن غزلن ۾ قومي خيالن جي ترجماني آھي. اھي شاعر خلافت ۽ ملڪي ڪشمڪش واري دور جي پيداوار آھن، تاھم غزل جو روايتي رنگ بھ سندن ڪلام ۾ موجود آھي. انھن سان گڏ ھندو غزل گو شاعر بھ چڱا چڱا پيدا ٿيا، انھن ۾ ڀائي آسرداس، دلپت ۽ صوڀراج نرملداس ”فاني“، ”بيوس“ ۽ عزيز جا نالا قابل ذڪر آھن. تازي دور ۾ مرحوم ”واصف“، مرحوم ”بسمل“ ٽکڙائي، محمد صديق ”مسافر“، مراد علي ”ڪاظم“، حاجي محمود خادم ۽ غلام محمد ”نظامي“ بھ غزل گو شاعر ۽ صاحب ديوان شاعر گذريا آھن، جن جي فن ۾ شعريت ۽ تغزل موجود آھي. انھن مان ڪيترائي شاعر قومي خيالن جا رھيا ۽ انھن غزل ۾ قومي خيالات کي پيش ڪري، غزل کي عشقيھ ۽ مجازي رنگ کان علحيده ڪيو. +ھن دور ۾ ڪيئي غزل گو شاعر موجود آھن، جن جو ڪلام رنگين ۽ پختو استادانھ ۽ دلنشين آھي. ”طالب المولى“، ”خليل“، ”سرشار“، ”غني“، احسن الھاشمي، محمد امين ”فھيم“، شمشيرالحيدري، لطف الله بدوي، حافظ احسن، ”عبد“، ”منظور“ نقوي، ”سرور“، ”خواب“، شيخ اياز، رشيد لاشاري، علي محمد مجروح، تنوير عباسي، امداد حسيني وغيره سٺا غزل گو شاعر آھن. سندن ڪلام ۾ جديد دور جا مسئلا پڻ اچي ويا آھن. +احسان بدوي +سنڌي غزل جي ابتدا : (2) +غزل جي لغوي معنى، ”عورت سان گفتگو ڪرڻ“ آھي. عورت دنيا ۾، انسان لاءِ، ھميشه لطيف ترين ۽ محبوب ترين چيز رھي آھي؛ ۽ ھر دل ۽ دماغ تي، ھر زماني ۽ ھر عھد ۾، بي پناھھ اثر وڌو آھي. اِن حالت ۾ ظاھر آھي، تھ غزل ۾، بقول ’احسن مارھروي‘، صرف ان جذبات ۽ واردات جو ئي اظھار ڪيو ويندو آھي، جو انس ۽ محبت، عشق ۽ معشوق سان وابستھ ھجي. +دنيا جي وڏن وڏن شاعرن ۽ مصنفن ۽ فلسفين، عورتن متعلق عجيب عجيب ڳالھيون لکيون آھن. عورت، حقيقت ۾، جيئن ’ھار گريو‘ چيو آھي: ”دنيا جي شاعري آھي. بلڪل اھڙيءَ طرح جھڙيءَ طرح ستارا آسمان جي شاعري آھن.“ مگر عورت، ھڪ اھڙو ستارو آھي، جو انساني قسمت تي حڪومت ڪري ٿو. ان حالت ۾ شاعريءَ جي دنيا، غزل کي پنھنجو موضوع بڻائي ۽ عرصي تائين، عورت ۽ مرد جي تعلقات کي بيان ڪندي رھي، تھ اِن ۾ تعجب جي ڳالھھ نھ آھي. علامھ شبلي نعمانيءَ، ’شعرالعجم‘ (جلد 5) ۾ لکيو آھي: +”غزل جي تحريڪ، عشق ۽ محبت جي جذبات سان ٿئي ٿي. پر ايران ۾ مدت تائين، جنگي جذبات جو زور رھيو آھي. غزل جي ترقيءَ جي منزل، تصوف سان شروع ٿئي ٿي. تصوف جو وري تعلق، گھڻي حد تائين، خارجي اثرن ۽ جذبات سان آھي، ۽ ان جي تعليم جو پھريون ابجد عشق ۽ محبت آھي. تصوف جي ابتدا، جيتوڻيڪ ٽين صديءَ جي آغاز سان ٿي، پر پنجين صدي ان جي شباب جو زمانو ھو؛ ۽ اِھو ئي زمانو، غزل جي ترقيءَ جو سمجھيو وڃي ٿو.“ +عشق ۽ محبت، ھميشه انسان سان گڏوگڏ ھلندا آيا آھن، ۽ بلڪل اھڙيءَ طرح، جھڙيءَ طرح انسان سان زندگي ۽ موت ڳنڍيل آھي. دنيا ڪيترو بھ مشين ۽ سائنس جي جھڳڙي ۾ جڪڙجي وڃي، ڪيترو بھ عقل ۽ خرد جي لباس ۾ ڍڪجي وڃي، دنيا تي تھذيب ۽ تمدن جي ديوي ڪيترو بھ ڇانئجي وڃي، ۽ سندس جذبات کي سرد ڪرڻ جي ڪوشس ڪري؛ پر دنيا، اِن جذبي کان پنھنجي دامن کي ڪڏھن بھ بچائي نھ سگھندي. دنيا جي بھترين دماغن؛ اسان جي اڳيان، عشق ۽ محبت جي تعريف ۾، بھترين خيالن جو اظھار ڪيو آھي، ۽ اِن کي بھترين لباس ۾ ظاھر ڪيو آھي. لوئن گزلير (Leon Gozler) لکيو آھي: ”عشق ئي سڀ ڪجھھ آھي- اھو تھ خود خدا آھي.“ ’رشٽر‘ چوي ٿو: ”اھا جڳھھ فردوس برين آھي، جتي عشق ۽ محبت جو راڄ آھي.“ اِھي ۽ اِن جھڙا ڪيترائي مثال، دنيا جي ادب ۾ اسان کي ملندا، جن ۾ عشق ۽ محبت جي نغمات کي ڳايو ويو آھي. اِھو موضوع، جنھن جي آفاقيت جو سڪو، انسان ذات تي ويٺل آھي، سو ڪڏھن بھ پراڻو ٿي نھ ٿو سگھي- جرمنيءَ جي مشھور شاعر ’ھين‘ لکيو آھي: ”عشق ۽ محبت اگرچ ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جا پراڻي ٿي چڪي آھي، پر اِن جي باوجود نئين معلوم ٿئي ٿي.“ دنيا جي دماغن، جيتري طبع آزمائي، عشق ۽ محبت جي موضوع تي ڪئي ھوندي، ھر ھڪ پنھنجي اظھار لاءِ مختلف ۽ علحده علحده نمونا اختيار ڪيا آھن، ۽ اِن چيز کي زنده ۽ جاويد بڻايو آھي. +غزل بھ اِھڙن خيالن جي اظھار جو، ھڪ اسلوب، ذريعو ۽ طريقو آھي. نھ فقط ايترو، بلڪ غزل جو ھڪ ھڪ شعر، اسان جي اڳيان ھزارين اِھڙيون چيزون ٿو آڻي رکي، جنھن جي پس منظر ۾، اسين تھذيب ۽ روايتن کي بي نقاب ڏسون ٿا ۽ اِھي سڀ چيزون پاڻ ۾ گڏجي، اسان تي لطف ۽ انبساط جي ڪيفيت جي حالت ٿيون طاري ڪن. +مختصر طرح، غزل مٿين حقيقتن جي پيش نظر، سڀني شاعريءَ جي صنفن ۾ نازڪ، سڀ کان لطيف، ۽ سڀ کان مشڪل آھي. منھنجيءَ راءِ ۾، غزل جذبات جي اصلي مصوريءَ، قلبي واردات جي ترجمانيءَ، تخيل جي نزاڪت، ۽ محڪات جي لطافت جو نالو آھي. +عشقيھ شاعريءَ جي ھيءَ صنف، اسان کي، ايراني شاعريءَ مان ملي آھي. ايران ۾، اِن جو ٻج ’رودڪي‘ جي ھٿن کان پيو؛ جنھن کي اڄ بھ غزل جو مؤجد ۽ ابو چيو ويندو آھي. ان کان اڳ، ايران جي شاعريءَ ۾، غزل کي ڪوبھ علحدو وجود نھ ھو، ۽ ايراني شاعريءَ ۾؛ ’قصيده گوئيءَ‘ جو رواج ھو، ۽ عشقيھ شاعريءَ کي بھ قصيدي ۾ ئي جڳھھ ڏني ويندي ھئي، ۽ شاعر اِن ۾، پنھنجي طبع جو زور ڏيکاريندا ھئا. اھو ٽڪرو، جنھن ۾ عشقيھ شاعري ھوندي ھئي، تنھن کي ’تشيب‘ چيو ويندو ھو. رودڪيءَ، قصيدي مان ان عشقيھ اشعار کي الڳ ڪيو، پر ان جي صورت ۾، ڪابھ تبديلي ڪانھ آندي، ۽ اڄ اسين، ان الڳ ٽڪري کي ’غزل‘ جي نالي سان ڄاڻون ٿا. ’رودڪيءَ‘ جي غزلن ۾ دلڪشي آھي، ۽ ھو پنھنجي وقت جو مسلم الثبوت استاد آھي. ’عنصري‘ کيس ھن نموني خراج تحسين ڏنو آھي: +غزل رودکي وار نيکو بود +غزلڻائڍ من رودکي نيست +غرض، رودڪيءَ ان ٻوٽي کي لڳايو، ۽ مختلف شاعرن، مثلا: دقيقيءَ، سنائيءَ، عراقيءَ، مولانا روم، سعديءَ، خسرو ۽ حافظ، ان کي جگر جو خون پياري، سرسبز ۽ شاداب رکيو، ۽ نئين نئين رنگ جا گل ۽ ٻوٽا پيدا ڪيا. +ھر ملڪ ۽ ھر زماني جي شاعريءَ تي، ان ملڪ ۽ زماني جي حالتن، ۽ خصوصيتن جو اثر پوي ٿو. ملڪ جي آب و ھوا، قدرتي منظر، رسم ۽ رواج، معاشرتي طرز، عادتون ۽ اخلاق: غرض ڪابھ اھڙي چيز نھ آھي، جنھن زبان ۽ شاعريءَ کي متاثر نھ ڪيو آھي. سنڌ جي حڪومتن ۾، جيتوڻيڪ ڪيترائي انقلاب آيا، پر سندس شاعريءَ جي خمير ۾، ڪجھھ اھڙا عنصر موجود ھئا، جن انھن تبديلين ۽ خصوصيتن کي تمام دير سان، قبول ڪيو آھي. جيتوڻيڪ سنڌ جي زمين، پارسي زبان سان ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾، آشنا ٿي چڪي ھئي، ۽ ان دور ۾، ڪيترائي پارسي زبان جا شاعر پيدا ٿيا، ۽ خود وقت جا حاڪم، خصوصا: شاھھ حسن ارغون تخلص، ’سپاھي‘، ۽ مرزا غازي بيگ ’وقاري‘، پارسي زبان جا بھترين شاعر ھئا؛ پر ان جي باوجود، سنڌي شاعر پنھنجي خيالات کي ھڪ مخصوص طرز ۾، ظاھر ڪندا رھيا، ۽ پارسي زبان جي، ڪنھن بھ لفظ، ترڪيب يا محاوري کي قبول نھ ڪيائون. سندن شاعريءَ ۾، سنڌ جي اھائي، صاف ۽ سادي زندگيءَ جي تصوير نڪتل آھي، ۽ پٽن جي قصن ڪھاڻين جي اپٽار سمايل آھي. مگر ميرن جي دور ۾، سنڌي شاعريءَ يڪا يڪ پاسو بدلايو، ۽ مٿس پارسي شاعريءَ جو اثر پوڻ لڳو. +’ميرن جي صاحبيءَ‘ جو شعر، جو اسان تائين پھچي ٿو، ان ۾، عربي ۽ پارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون ڪم آندل آھن، ۽ سنڌي شاعريءَ تي، پارسي شاعريءَ جو اثر نظر اچي ٿو. ان جو مکيھ ڪارڻ، شايد اھو ھجي، تھ گھڻو ڪري ميرن جي دور جي سنڌي شاعرن بھ، پارسي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي، ۽ ان جو اثر، سندن خيالن ۽ زبان تي بھ رھيو آھي، جو بلڪل فطري آھي. +سنڌي شاعري، جيئن تھ پارسي شاعريءَ جي خيالن ۽ لفظن جي جوڙجڪ کي قبول ڪري چڪي ھئي، تنھنڪري لازمي ھو، تھ ڪا اھڙي صنف سخن ھجي، جيڪا سنڌي نما پارسي خيالات کي ظاھر ڪري. سنڌي شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان، اسان کي اھا ڳالھھ صاف نظر ايندي، تھ سنڌي شاعرن ڪنھن بھ دور ۾، بادشاھھ يا امير جي مدح ۾ نھ قصيدو لکيو آھي؛ ۽ نھ کين ساراھيو آھي، تنھن جو ھڪڙو سبب اھو ٿو نظر اچي، تھ سنڌين جي غيور ۽ خوددار فطرت رھي آھي؛ ۽ ٻيو تھ ان وقت تصوف ۽ صوفيانھ خيالات جو ھر شاعر تي رنگ چڙھيل ھو. ظاھر آھي، تھ ان ماحول، ۽ ان زماني ۾ ڪنھن اھڙيءَ صنف سخن جي ضرورت پئي ھوندي، جا نھ فقط تصوف ۽ صوفيانھ خيالات جي ظاھر ڪرڻ جو موقعو ڏئي، پر ساڳئي وقت عشق ۽ محبت جي ڪارفرمائين جا بھ گيت ڳائي- ۽ اھڙين ڳالھين کي، فقط غزل ئي پنھنجي دامن ۾ لڪائي سگھي ٿو. ان ڪري ائين چئي سگھجي ٿو، تھ سنڌي موزون شاعريءَ جي شروعات ”غزل“ سان ئي ٿي آھي. +عام طرح، ائين خيال ڪيو ويندوآھي، تھ غزل جو مؤجد خليفو گل محمد ھالائي آھي. مگر ان کان اڳ بھ ڪن شاعرن، خصوصا: ’سچل سرمست‘ جي ڪلام کي پڙھندي، معلوم ٿيندو تھ سنڌي غزل جي ابتدا،خليفي گل کان اڳ ٿي چڪي ھئي. ’سچل جي رسالي‘ کي پڙھندي معلوم ٿيندو، تھ سنڌي زبان غزل جي دولت کان سچل سرمست جي زماني ۾ ئي مالا مال ٿي چڪي ھئي. اگرچ وزن، ڪٿ گھٽ يا وڌ نظر اچي ٿو؛ مگر قياس ائين ئي چئي ٿو، تھ ’سلطان سچو‘، غزل ۾، وزن کي تاڪيدي جاءِ ڏني آھي. مگر شايد لکندڙن، ۽ گڏ ڪندڙن جي غفلت کان، وزن ھيٺ مٿي ٿيل نظر اچي ٿو. جنھن سچل جو ’ديوان آشڪارا‘ پارسيءَ ۾ پڙھيو ھوندو، تنھن کي چٽيءَ طرح خبر ھوندي، تھ سچل کي علم عروض ۾ ڪيتري نھ دسترس آھي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، تھ ’سچو سائين‘ پارسي ۽ عربيءَ جو عالم ھو، ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس شعر ۾، پارسي زبان جي جھلڪ گھڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سچل فقير کي، نھ فقط پارسيءَ ۽ عربيءَ زبان جي واقفيت ھئي، مگر کيس، ان وقت جي، اردو زبان جي بھ پوري پوري ڄاڻ ھئي. پاڻ ريختھ جا مالڪ ھئا. ان وقت درد، مصحفي ۽ شاھھ نصير، جنھن نموني ۾ شعر چيو آھي، بعينھ سائين سچل بھ چيو آھي؛ مثال لاءِ ھيٺ شعر ڏيان ٿو: +بيمار ڻوڻ تيرڍ بره کا، چھوٽن ميرا مشکل ڻوا +يھ درد ميرا ديکھھ افلاطون لايعقل ڻوا +اڍ يار تم آتا نڻين، مجھھ پر شفا بخشي کرو، +اس درد ميرڍ کي دوا، آنا تيرا اک پل ڻوا. +مگر ھي منھنجي مقصد کان گھڻو پري آھي. اردو زبان جي ذڪر ڪرڻ سان، منھنجو مقصد اھو آھي، تھ سرمست سچل تي، ان وقت جي مروج زبانن جو نھ فقط اثر ھو، بلڪ کيس انھن زبانن تي عبور بھ حاصل ھو. انھن حالتن کي پيش نظر رکي، ائين چئي سگھجي ٿو تھ: سنڌي غزل جي شروعات، ’سرمست‘ کان سمجھڻ گھرجي. اگرچ، پاڻ الف – ب وار، ڪو ديوان نھ ڇڏيو اٿن، مگر سندن سنڌي شعر ۾، پارسي لفظ، بندشون ۽ محاورا بعضي بعضي ڪم آيل آھن، سي ھيٺ ڏيان ٿو: +تير تير انداز چشمن يار جن خوني خطاب +ناز پرورده نظر سان ٿيون ڪرن عاشق ڪباب. +خلق جي پاسو ڪري يڪبارگي نيڻؤن نقاب، +ٿي ھئي تن جي ڏسڻ سان خلق ساري ئي خراب. +ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب، +قتل جي ان کان ٿيا، تن تي ٻيو ڪھڙو حساب! +پيا جڏھن قطرا ڪري، بحرين سان ھا پر آب، +ٿيا ’سچو‘ روشن اتاھون آفتاب و ماھتاب! +ٻئ�� ھنڌ: +آھي انھن اکين کي، خاصو خمار تنھنجو، +ويٺو وٺي مان آھيان، ڪامل قرار تنھنجو. +ھن تي ڪرم وڏو ڪيو، جو درد دل پڄايو، +ساريان لطف سنڀاريان، آءٌ بيشمار تنھنجو! +چاھيو ٿيو، اوھان جو دامن لڳي جو آھيان، +’سچو‘ غلام ڄاڻي، ھي داغدار تنھنجو! +ٽئين ھنڌ: +آ ادا سالڪ سھي ڪر، تون طلسمات کي، +ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي، +سر اھو سارو سڃاڻج، ڪن نھ ڏي ڪرامات کي، +ظاھر ٿي تان ذات مان ۽ سمجھھ ھن صفات کي. +بي اعتباريءَ سان ڪرين، ھر ھر نفي اثبات کي، +اثبات کان اڳيان لنگھي، ڪر تون طمع طاعات کي +’سچو‘ روئين ڇو ايترو، بس ڪر تون برسات کي، +تصديع تون ڇو ڏئين، محبوب جي محلات کي +مٿين شعرن کي پڙھندي، ڪير چئي سگھندو تھ ’سچل‘ غزل جي، سمورن لوازمات کي نھ نڀايو آھي. وزن، رديف، قافيي ۽ لفظن جي جوڙجڪ ڏسي، ھن ڳالھھ جو قائل ٿيڻو پوي ٿو، تھ سرمست سچل، غزل جو مؤجد آھي، ۽ ھن سنڌي شعر کي، ھڪ نئين دنيا سان آشنا ڪيو آھي. (١٩٥١) +]تنقيد ۽ تنقيد نگاري [ +ارجن حاسد +سنڌي غزل جي ابتدا ۽ ترقي: سچل +سنڌي غزل جي ابتدا ڪڏھن ٿي، تنھن باري ۾ خاطريءَ سان ڪجھھ چئي نھ ٿو سگھجي. عروضي شاعريءَ جا اھڃاڻ اسان کي ڪلھوڙن جي دور ۾ بيشڪ ملن ٿا ۽ غزل جي ھيئت جو نمونو پڻ اسان کي ٽکڙ جي شاعرن نور محمد ”خستھ“، حافظ عالي يا ميان ڇتن کان سواءِ اويس شڪارپوري وغيره جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿو، پر سندن شعر ايترو تھ ٿورو ميسر ٿي سگھيو آھي، جو ان مان ڪنھن پختي راءِ تي پھچڻ مشڪل آھي. غزل جي فن جا چڱي انداز ۾ چٽا اھڃاڻ اسان کي پھريون ئي دفعو سچل سرمست جي ڪلام ۾ ملن ٿا. ثابت علي شاھھ ايراني شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي، جنھن ۾ غزل نما سلام پڻ اچي وڃن ٿا، پر انھن جو تعداد بھ نھايت قليل آھي ۽ منجھن غزل جو مخصوص رنگ ناپيد آھي. + + +سچل سرمست 1739ع ۾ ڄائو ۽ 1829ع ۾ وفات ڪيائين. سندس حياتيءَ جو وقت ڪلھوڙن ۽ ميرن ٻنھي جي حڪومتن ۾ اچي وڃي ٿو. (ڪلھوڙا: 1700ع کان 1792ع ۽ مير: 1783ع کان 1843ع). ڪلھوڙن ۽ ميرن جي دؤر ۾ پارسي ادبي ۽ دفتري زبان ھئي ۽ ڪيترا سنڌي خود پارسيءَ ۾ طبع آزمائي ڪندا ھئا. ”شاھھ صاحب جي ڪلام جو اثر اھو ٿيو، جو شاعر سنڌي زبان ڏانھن مائل ٿيا، پر ھنن پنھنجي ادبي ورثي جي ھڪ اھم اسباب يعني علم عروض کي ھٿان نھ ڇڏيو. ھنن سنڌي زبان ۾ غزل خاواني شروع ڪئي.“[1] +غزل سنڌي شاعريءَ جي ھڪ اھڙي اھم صنف آھي، جھڙو ڏوھيڙو يا ڪافي. ان جي اھميت ۽ قدر و قيمت جو اندازو پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ھن ريت وٺي ٿو: ”سنڌي شعر ۾ غزل جو وجود نھ ھجي ھا تھ ان جي موجوده نزاڪت، لطافت ۽ وسعت تي اسان کي ايڏو ناز نھ ھجي ھا. دوھو ۽ غزل سنڌي شعر جي پکيءَ جا ٻھ پر آھن! شاھھ جو شعر ھما وانگر انفرادي حيثيت رکي ٿو. سندس شعر ۾ اعلى شعر جو سمورو سامان موجود آھي. ھن صاحب دوھي کي انھيءَ ڪري شرف ڏنو، جو سندس ھمعصر شاعر پارسي زبان ۾ غزل چوندا ھئا ۽ پنھنجي مٺي مادري زبان کان مطلقا ڪنارو ڪيو بيٺا ھئا. شاھھ صاحب سندن مرض جي شفا لاءِ ئي پارسي زبان توڙي علم عروض کان پرھيز ڪئي. ھن صاحب ھند جي ايجاد دوھي ۾ دلپذير تبديليون آنديون. . . . دوھي ۾ قديم سنڌي شعر جو حسن آھي ۽ غزل ۾ جديد سنڌي شعر جو جمال. انھيءَ دوبالا حسن و جمال جي ڪري ئي اسان جي شعر کي ھڪ دلڪش رعنائي ۽ دلربائي آھي.“ +سنڌي زبان علم عروض کي تھ ڳچ عرصي کان اپنائي چڪي ھئي، پر ثابت علي شاھھ جي دور تائين گھڻو سنڌي عروضي شعر نظر نھ ٿو اچي. ساڳئي وقت ثابت علي شاھھ جي شعر ۾ وري غزل تمام گھٽ آھي. انھيءَ حساب سان غزل جي شر��عات صحيح معنى ۾ سچل سرمست سان ئي ٿي آھي. سچل جو زمانو ميرن جي دور وارو زمانو آھي. ان متعلق احسان بدويءَ جا رايا قابل ذڪر آھن:[2] +ميرن جي دؤر جا سنڌي عالم پارسيءَ ۾ مھارت رکندا ھئا ۽ پارسي ادب کان چڱي طرح واقف ھئا. خود سنڌي شاعر پارسيءَ ۾ پڻ شعر چوندا ھئا.[3] انھن حالتن ھيٺ اھو سڀاويڪ ھو جو سندن خيالن ۽ زبان تي پارسيءَ جو اثر ٿئي. ھو پارسي طرز جي نوعيت کي قبول ڪرڻ لڳا. سنڌي شاعر غزليھ شاعريءَ جي وسعتن کي محسوس ڪرڻ لڳا ۽ ڏٺائون تھ عشق محبت جي ڪيفيتن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ غزل ھڪ اھڙو اسلوب آھي، جنھن ۾ وسيع پيماني تي اظھار جي صلاحيت موجود ھئي. +پارسي شعر جي ھڪ ٻي سوغات سنڌي شعر لاءِ آھي: ”تصوف جي فيلسوفي“. اھا قاضي قاذن، شاھھ عبدالڪريم ۽ شاھھ لطيف جي ڪلام ۾ ظاھر آھي، پر انھن شاعرن اِن فيلسوفيءَ جو تاثر سنڌيءَ جي مخصوص لھجي ۾ پيش ڪيو آھي ۽ ايراني رنگ خير ڪو نظر ٿو اچي. سچل جي ڪلام ۾، خاص طور سندس غزل نما ڪافين ۾ اھو بخوبيءَ پڌرو آھي. سچل عربي ۽ پارسيءَ جو عالم ھو، ۽ پارسي ۽ اردوءَ ۾ شعر بھ چيو اٿس. مٿس پارسيءَ جي صوفاڻين خيالن ۽ ان جي مخصوص ترڪيبن، محاورن ۽ لفظن جو ڪافي اثر ھو. +سچل کي غزل جي صنف لاءِ خاصي رغبت ھئي. ھن پارسي ۽ اردو ٻنھي ۾ ڪافي غزل چيو آھي.[4] در حقيقت سنڌيءَ ۾ ايترو غزل ڪونھ چيو اٿس. تنھن ھوندي بھ سندس غزل نما ڪافيون ”سنڌي غزل“ جي تاريخ ۾ اھم درجو والارين ٿيون، ڇاڪاڻ جو انھن غزل نما ڪافين سان ئي سنڌي غزل جي ابتدا ٿئي ٿي. سچل جي پارسي ۽ اردو ڪلام ۾ غزل جا لوازما، سنڌي غزل نما ڪافين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر اچن ٿا. ھتي نموني طور ٻھ چار مثال پيش ڪجن ٿا: +پارسي: ساقيا! اين شراب انگوري +من نھ خواھم ازوست صد دوري +لاندراداست ان ميءِ وحدت +آن بنو شان، رھم زمھجوري، +کرد رنجور ترا يار مگر غم نخوري +در پي درد يقين دان کھ دوا ميايد. +اردو: جو آيا تھا وڻاڻ سڍ ايکبار اس بزم زندان ميڻ +نھ اس مدھوش کو ھم نڍ کبھي ھوشيار ديکھا تھا. +آنکھون کي غمزي سڍ ڻي لوٽا دل ھماري دوست نڍ +بس عاقبت ديکھيڻ گي ھم آکر تماشادار کا. +اس دل ميڻ عشق نڍ ڻي، کيا شور و شر مچايا، +فرقت ميڻ تيرڍ رونا، ڻڍ بار بار ڻونا. +اس شاھھ عشق نڍ ڻي دل ميڻ مکان بنايا +اسلام و کفر کو وه اب زور سڍ تڙڍ گا. +تري جلوه حسن سڍ ھر عاشق، فرقت ۾ جلا کرتا ڻڍ صنم! +اس زھد وريا کاري سڍ مرا يکبارگي دل نادان ڻوا. +سچل جي ڪيترن سنڌي غزلن (غزل نما ڪافين) جو رنگ علحدو آھي. انھن جو مضمون ۽ ٻولي ڪافيءَ جھڙي ۽ فقط سٽاءَ يا تنظيم غزل جھڙي آھي. حقيقت ۾ اھو سچل جو ئي معجزو ھو، جو ھن غزل کي ڪافيءَ جي رنگ ۾ ۽ ڪافيءَ کي غزل جي رنگ ۾ پيش ڪيو. سچل جو ھيٺيون ڪلام، غزل جي ھيئت ۾ آھي، پر ان جي سلاست ۽ سوز ڪافيءَ جي رنگ جا آھن: +سڄڻ تنھنجو برھھ باري، اسان جي ساڻ تو ياري. +آءٌ تا ٻانھي تون تا سائين، ٻڌي ٻانھان ڪيم زاري. +اچانڪ لنءُ جا تو لائي، پئي تا ڪل نھ مون ڪائي، +وڻيئي جائي ڪيئي سائي، پاتيسون ڳل ڳچيءَ ڳاري. +وڌو سين طلب ۾ تو ئي، نھ ھو ھن حال مون ڪوئي، +چوان ھي حال ڪنھن روئي، معلوم آھي توکي ساري. +اولا نڀيون عشق جي لايون، ويون وسري سڀئي وايون، +اسان جي طرف ڏي آيون، ڪئي سڀ لوڪ بيزاري. +لکان ڪيئن ڳالھھ ھن دم جي، ڏاڍي آ راھھ ھن غم جي، +ملامت ڪل عالم، جي اسان تا اصل اختياري. +”سچو“ ڪر سؤ سؤ شڪرانا، پڇي تا بره بيگانا! +توڙي ھت سي ٿيا ديوانا، مليو سين دوست ھڪواري +سنڌي شاعرن جي رڳن ۾ اڳ ۾ ئي ڪافي پيل آھي، يعني تھ سنڌي شاعر اڳ ۾ ئي ڪافيءَ جي مخصوص موضوع ”عشق و محبت“ تي پنھنجا جذبا ظاھر ڪندا رھيا آھن؛ ان ڪري غزل جو موضوع (عشق و محبت) ھنن لاءِ بلڪل اجنبي نھ آھي ۽ ھو آسانيءَ سان غزل چئي وڃن ٿا. سنڌي شاعر ”ڪافي“ جي روايت سبب غزل جي ڌارين جزن کان پرھيز ڪري، ان کي پنھنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏين ٿا. سچل بھ پنھنجي غزل کي سنڌي لھجي ۽ سنڌي خيالن جو لباس ڏئي ٿو. شايد اھو ئي سبب آھي، جو سچل اھڙي قسم جي غزلن کي ”غزل“ جي نالي سان نھ ٿو پڪاري ۽ مٿن ”ڪافي“ نالو رکيو اٿس. +سچل ڪجھھ ڪلام اھڙو بھ چيو آھي، جنھن ۾ غزل جو پارسي رنگ ۽ سنڌيءَ جو خاص محاورو ٻئي ھم آغوش آھن. ھتي اھڙا ٻھ مثال نموني طور پيش ڪجن ٿا: +جي ھئين عاشق تھ برسر مينھن محبت جو وساءِ، +ساھھ جو سانگو ڪرين، تاپير ھن پڙ نھ پاءِ! +پاڻ ڪل قربان ڪر، ھي دم ھڻڻ جي ناھھ جاءِ، +آءُ ادا اعتبار ڪر، آھي ھوش نيندڙ ھيءَ ھواءِ. +رت روئڻ راتو ڏينھان، آھي لڇڻ محبوب لاءِ، +ھي مليئي سودو سھانگو، ڪينڪي سر کؤن سواءِ. +ڪينڪي مون کون ٿيو، ھي عمر تا ويئي اجاءِ، +ھيءِ! وساري ويھڻ جاني! نھ ھئين توکي جڳاءِ! +ھي مھل موچاري اٿيئي، پوءِ ڪريندين ”ھاءِ! ھاءِ!“ +”ھاءِ، ھيءِ“ مون ھٿ نھ ايندءِ، ويل گذري واءِ! واءِ! +ھيءَ حقيقت حال جي، ساري وڃي سائينءَ سڻاءِ، +سو سچو مرشد ”سچوءَ“ جو، پير عبدالحق آءِ. +- +تون آھين صاحب صورت جو، ھي آھھ غلام تنھنجو، +آ ذوق شوق سھڻا، مون کي مدام تنھنجو. +جي آھن اصل اوھان جا، سي ٿا وسارجو، متان، +مون تي آھي مقرر، سائين سلام تنھنجو، +راتو ڏينھان روئڻ ۾، ھنيڙو اداس ھيڙو، +رھبر آڻي رساڻيو، پريم پيار تنھنجو. +دلگير تون متان ٿئين، ڪر دور درد کي، ميان، +اول آخر اسان وٽ، ھوندو مقام تنھنجو. +رد ڪر فنا فڪر کي، اميدوار ٿي رھھ، +ھت ھت يقين ڄاڻج، آھيان امام تنھنجو. +تون آھين اصل اسان جو، آھيون اسين سي تنھنجا، +آھي قبول ڪلي، ”سچو“ ڪلام تنھنجو. +”انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، تھ ”سچو سائين“ پارسي ۽ عربيءَ جو عالم ھو ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس شعر ۾، پارسي زبان جي جھلڪ گھڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.“[5] +سچل جي غزل ۾ پارسي محاورا ۽ لفظ، بندشون ۽ ترڪيبون چڱي انداز ۾ نظر اچن ٿيون. اھڙن غزلن جا ڪجھھ مثال پيش ڪجن ٿا: +تيز تير انداز چشمن يار جن خوني خطاب، +ناز پرو رده نظر سان ٿيون ڪرن عاشق ڪباب. +خلق جي پاسو ڪري، يڪبارگي نيڻؤن نقاب، +ٿي ھئي تن جي ڏسڻ سا خلق ساري ئي خراب. +ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب، +قتل جي ان کان ٿيا، تن تي ٻيو ڪھڙو حساب؟ +- +آءُ ادا سالڪ سھي ڪر، تون طلسمات کي، +ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي، +سر اھو سارو سڃاڻج ڪن نھ ڏي ڪرامات کي، +ظاھر ٿي تان ذات مان ۽ سمجھھ ھن صفات کي، +دل چپن سان جي چمين، پير مغان جو آستان، +محبت سچي محبوب جي، بانڪا وڃي تون باس تان. +ڪي ڏينھن مون دلدار لئھ، ورد ۽ وظائف ٿي پڙھيا، +جڏھن عشق آرانڀا ڏنا، ٿيون خود خدا جو خواستان. +جڏھن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويو، +ھڪ واسطو تنھنجو رھيو، وسري ويون ٻيون واسطان. +راھون سڀئي گمراه ٿيون، جي مون پڇين تون ڳالھڙي، +ڪر گذر ٻئي گوڙ کان، اٿئي راھھ رب جي راستان. +رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عقبى ڀئھ ڀڳو، +غمزي تنھين گم ڪل ڪيو، وھواه پيا وسواس تان. +عشق جي ڙي جيڏيون، ناھي تماميت ادا، +چاھيون چوائي ٿو گھڻو، ھي درد مون کي داستان. +”سچو“ سدا سڪ ۾ رھين، مٿان تون جھلين روئڻيون اکيون. +ھت درد وارن جي پرين، پاڻھين ڪرن ٿا پاس تان. +سچل جو توڙي جو الف – ب وار ديوان موجود نھ آھي، پر پنھنجي شعر ۾ جنھن نموني ھن غزل جي سمورن لوازمن کي آندو آ��ي، تنھن مان ظاھر آھي تھ ھن ئي پھريائين سنڌي شاعريءَ کي غزل جي صنف سان آشنا ڪرايو. وزن، قافيو رديف ۽ لفظن جي جوڙجڪ، ”و“ (and) ۽ زير اضافت جو استعمال، تمثيلون ۽ تلميحون، ڪنايا ۽ اشارا سڀ پارسي ۽ اردو غزل جي ڍنگ جا آھن. ھڪ ڳالھھ وسارڻ نھ کپي تھ سچل غزل پارسي ۽ اردو غزل جي ڍنگ جا آھن. ھڪ ڳالھھ وسارڻ نھ کپي تھ سچل غزل پارسي لوازمن کي سنڌي خيالات جي ڍانچي ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن اھڙيءَ رمز سان ان لوازمات جو اظھار ڪيو آھي، جو اھي ڌاريا نھ ٿا لڳن ۽ سنڌي ماحول جو ھڪ خوبصورت حصو بڻجي پيا آھن. اھڙيءَ طرح پارسي خيالات، سنڌي شاعريءَ ۾ جذب ٿيندي ويئي، ۽ جنھن حد تائين اھي خيالات سنڌين جي تھذيبي ماحول ۾ قبول پيا، ان حد تائين ھنن ان کي پنھنجو ڪيو، باقي رھيل عناصر وقت جي گذرڻ سان پاڻھي خارج ٿي ويا. +غزل جو بنيادي موضوع آھي: ”عشق ۽ محبت“. ”تصوف“ بھ غزل جو اھڙو ئي اھم موضوع آھي، پر ان کي عشق ۽ محبت جي پيرايي ۾ پيش ڪرڻ گھرجي. خود ايران ۾ بھ غزل جي ترقيءَ جي منزل، تصوف سان شروع ٿئي ٿي. سچل جي غزل ۾ بھ تصوف جو تسلط نمايان آھي. درحقيقت سچل جي سڄي شاعري، تصوف جي تاڃي پيٽي سان جڙيل آھي، پر مٿس تغزل جو سھڻو رنگ چڙھيل آھي. پارسي تغزل کي پنھنجي غزل ۾ آڻيندي، سچل ڪافيءَ جي مخصوص سنگيت، لئھ ۽ ترنم کي بھ ان سان ھم ڪنار ڪيو آھي. سنڌيءَ جا ڪنايا ۽ تشبيھون، تمثيلون ۽ تلميحون پڻ ان ۾ گڏي ڇڏيا اٿس. ھن پارسي قافين سان گڏ سنڌي قافيا بھ استعمال ڪيا آھن. اندروني قافيا پڻ ڪتب آندا اٿس. مثال: +”ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري، +وحدت جنين وساري، تن جي مٽي اڻاسي. +”اڻاسي“ نج سنڌي قافيو آھي: +سچل جي غزل ۾ وزن جون ٿوريون گھڻيون ڪميون پيشيون نظر اچن ٿيون، پر اھي خاص لکائجن نھ ٿيون. +شيخ عبدالرزاق ”راز“ +ڪلاسيڪي غزل ۾ جمالياتي رنگ +سنڌي ڪلاسيڪي غزل جي صنف، خصوصا ھيئت جي اعتبار کان، فارسي شاعريءَ جي مرھون منت آھي، ليڪن مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي غزل پنھنجي مقامي روايات کان زياده متاثر ٿيو آھي. غزل جي شاعريءَ جو پنھنجو مخصوص مزاج، لب لھجو ۽ پنھنجي زبان آھي. +سنڌي غزل جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيندو تھ غزل جي ڪلاسيڪي شاعرن، ڪيترو عرصو فارسي مزاج کي سنڌي مزاج ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھنن سنڌي نج الفاظ، سنڌي استعارا ۽ اصطلاح، غزل جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آھن، پر تنھن ھوندي بعض اوقاتي انھن فارسي لوازمات کي، غير شعوري طور پنھنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آھي، ڇاڪاڻ جو ان کان سواءِ غزل جي شاعري ناممڪن رھجي وڃي ٿي. +اھا ھڪ حقيقت آھي تھ صدين کان سنڌ ۾ فارسي زبان جو رواج ھو. سنڌي علماءَ ۽ شعراءَ فارسي علم و ادب جي اصولن کان چڱيءَ طرح واقف ھئا. جن ڪلاسيڪي شاعرن، سنڌي غزل جي شاعريءَ جو بنياد رکيو ۽ ان جي تعمير ڪئي، اھي پڻ فارسيءَ جا وڏا عالم ۽ انھن مان ڪي تھ فارسي زبان جا قادرالڪلام شاعر ليکيا وڃن ٿا. فارسي زبان جي لوازمات کي ترڪ ڪرڻ ھنن جي لاءِ نھ فقط مشڪل ھو، پر ناممڪن بھ ھو. +سنڌي غزل جي شاعريءَ جي ھيئت، اسان جي قديم ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مزاج کان بلڪل مختلف آھي. ھيئت جو اصطلاح ”ساخت“ جي لفظ جي ھم معنى آھي. آءٌ ھيئت جي اصطلاح کي سمجھڻ لاءِ کيس شعر جي ساخت چوڻ وڌيڪ مناسب ۽ آسان سمجھان ٿو. ھر شعر جي تعمير ۾ لفظن جي خام مال جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. لفظن کي ترتيب ڏئي ڪنھن خاص انداز سان نظم جي قالب ۾ سموئي، شعر جي صورت ڏني وڃي ٿي. تنھنڪري شعر، قالب ۽ لفظن جو مرڪب بڻجي پوي ٿو. قالب ۽ الفاظ شعر جوڙڻ لاءِ ”لازم ۽ ملزوم“ آھن. +سنڌ ۾ انھيءَ نئين ھيئت جو آغاز ارڙھين صديءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن کي عروضي شاعري چئجي ٿو. ان جي خاص، اھم ۽ لطيف صنف يعني غزل جو رواج، اڻويھين صديءَ جي چوٿين ڏھاڪي ڌاران عمل ۾ اچي ٿو، ھن صنف جو سرواڻ خليفو گل محمد ”گل“ ھو. +غزل جي صنف، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ صدين کان وٺي رائج آھي. غزل جي شاعريءَ جو موضوع، واردات قلبيءَ جو ترجمان آھي، ليڪن انھيءَ اھم مضمون سان گڏ غزل ۾ بعض شاعرن پنھنجي ماحول ۽ معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آھي. صورت جي اعتبار کان غزل ۾ معنوي مضمون ھوندو آھي. اختصار غزل جي جان آھي، جنھن ۾ طوالت جي ڪا گنجائش نھ ٿي رھي. غزل جي فطرت داخلي رجحانات ۽ احساسات جي حامل آھي ۽ بعض وقت منجھس خارجيت جو عنصر ڀرپور نموني نظر ايندو آھي. غزل جو اصل موضوع ”غم جانان“ آھي. غزل جو نفس مضمون، مقصد ۽ مدعا، محبوب سان ڳالھين ڪرڻ جي مترادف آھي، ليڪن بعض وقتن تي ”غم دوران“ بھ اھڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو، جو ”غم جانان“ جي تصوير بڻجي سامھون اچي ٿو، جنھن ۾ روح بھ آھي جسم بھ آھي، جنھن ۾ حقيقت بھ آھي ۽ معنويت بھ آھي، جنھن ۾ سوز بھ آھي ۽ آھنگ سان گڏ لئي بھ آھي. +غزل جا شعر ھم وزن، ھم قافيھ ۽ ھم رديف ٿيندا آھن، جن کي ڪنھن نھ ڪنھن بحر ۾ ترتيب ڏني ويندي آھي. مطلع ۽ مقطع بھ ھوندا آھن. جن وصفن جي پيش نظر صنف کي سڃاڻڻ ۾ ڪا تڪليف نھ ٿيندي آھي، فني لحاظ سان غزل جي شاعريءَ لاءِ اھڙن لوازمات جي پابندي ضروري آھي. +سنڌي ڪلاسيڪي غزل جي دنيا موضوعاتي اعتبار کان نھايت وسيع آھي، جنھن ۾ الھيات، تصوف، اخلاقيات ۽ معاشيات وغيره جھڙا مضمون ملن ٿا، جن ۾ حتي الوسيع جمالياتي رنگ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. +شاعريءَ ۾ مواد، ھيئت ۽ معاني، شعر جو حسن وڌائين ٿا، انھن سڀني لوازمات جي سھڻي امتزاج جو نالو آھي: ”جمالياتي رنگ.“ +فلسفھ جمال ۾ ھيئت ۽ صورت، نظم ۽ ترتيب جا نالا آھن. ترتيب سان ئي جمالياتي رنگ جو اندازو لڳائي سگھبو آھي. اھا ترتيب، صورت ۽ شڪل ئي ھڪ جمالياتي اثر پيدا ڪندي آھي. اھو جمالياتي اثر، شاعر ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ ھڪ تعلق قائم ڪري ٿو، جنھنڪري ٻڌندڙ تي ھڪ جمالياتي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. +غزل جي صنف اردو ۽ فارسي زبانن ۾ ھڪ اھم مقام والاري ٿي، جنھن جي مقابلي ۾ ٻي ڪابھ صنف نھ ٿي اچي سگھي، پر سنڌي ادب ۾ ڪافي ۽ وائي جي صنفن کان ھر سنڌي نھايت متاثر ٿيل آھي، جنھنڪري انھن جي حيثيت غزل جي صنف کي ڪڏھن بھ ملي نھ سگھندي. ڪافي عوام جي دلپسند ھيئت آھي، سنڌي موسيقيءَ ۾ سندس رس ۽ رچاءُ صدين کان قائم آھي ۽ ھميشه قائم رھندو. سنڌي غزل کي ان ڪري ثانوي حيثيت حاصل آھي، ليڪن غزل جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ٻين مروج فارسي صنفن کان وڌيڪ جامع ۽ دلڪش آھي. +غزل ترتيب جي لحاظ کن حسين و جميل چيز آھي، بشرطيڪ ان جي ترتيب ۾ حسن ڪاري پيدا ڪئي وڃي. غزل ماڻھن جي مزاج ۾ انھن جي ذھني ڪيفيات ۽ سندن افتاد طبع جي مناسب آھي. غزل جي موضوعن ۾ انداز دلڪشي ۽ طرز دلربائي نظر ايندي. غزل جو سڀ کان وڌيڪ اھم موضوع ”عشق“ آھي. غزل جي شاعري عشق جي موضوع ڪري ئي جاذب ۽ دلڪش آھي. جن بزرگن غزل جو بنياد تصوف ۽ اخلاق جھڙن موضوعن تي رکيو آھي، تن کي بھ غزل جي زبان اختيار ڪرڻي پيئي آھي. ان ڪري ئي اسان جي غزل جي سرواڻ خليفي ’گل‘ جو پھريون غزل شاھديءَ طور پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ جاذبيت ۽ دلڪشيءَ کان سواءِ جمالياتي رنگ پنھنجي ڀرپور انداز ۾ جھلڪي ٿو: +پيالو مئي سندو ڏي پر ڪر محبوب متوالا، +تھ مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون ھن ھوش کي جالا. +اٿئي اي دل! ��ڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت، +دنيا جي عيش عشرت کي ڀري ھڻ تون کڻي ڀالا. +اندر ۾ عشق جنھن جي جاءِ پنھنجي ٿو وھي جوڙي، +وسن برسات جيئن دائم تنين جا نيڻ ٿيا نالا. +جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وتن ڏوريون، +پِٿون ٿيا پير پھڻن ۾ ڇپر ۾ پيا ڇلي ڇالا. +ڏسڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي ’گل‘، +تنھنجو مک گل، زلف سنبل، منھنجي دل جئن گل لالا. +غزل پنھنجي ڀرپور جمالياتي رنگ ۾ پيش آھي. غزل جا سڀ لوازم پورا رکيا ويا آھن. مضمون کي نباھڻ لاءِ غزل جي زبان جو استعمال نھايت چابڪدستيءَ سان ڪيو ويو آھي. ڪلام ۾ پاڪيزه ۽ بلند خيالات کي پيش ڪيو ويو آھي، حسن ڪاريءَ جي لحاظ سان غزل ۾ مقطع بھ آھي ۽ مطلع بھ پنھنجي موزون ۽ مناسب جاءِ تي موجود آھي. بحر ۾ رواني ۽ لفظن جي نزاڪت سان گڏ موضوع ۽ معنى ۾ بھ ڪنھن قسم جو نقص پيدا نھ ٿيو آھي. فارسي اصطلاحن کان اشاري ۽ ڪنايي ۽ استعاري جو ڪم ورتو ويو آھي. نج سنڌي لفظن ۽ ٺيٺ سنڌي محاورن جي استعمال غزل جي لطافت ۽ نفاست کي برقرار رکيو آھي. مختلف شعرن جو پاڻ ۾ ربط قائم آھي. شعرن جي سادگي ۽ صفائي مجموعي طور تي غزل کي شاھڪار بڻايو آھي. +انھيءَ نموني سنڌي غزل جي شروعاتي دور ۾ ’گل‘ اھڙا غزل پيش ڪيا آھن، جن ۾ غزل جون سموريون خوبيون موجود آھن. زبان جو صحيح استعمال بھ شاعر جي ذھانت جو ثبوت پيش ڪري ٿو. +سنڌي ڪلاسيڪي غزل جو ٻيو شاعر ’قاسم‘ ھو. ھو ’گل‘ جو ھمعصر ھو. ’قاسم‘ فارسي ۽ اردوءَ ۾ بھ طبع آزمائي ڪئي آھي. ھو بنيادي طور تي فارسي زبان جو شاعر ھو. ماحول جي تقاضا کيس غزل لکڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ استاد جو درجو حاصل ڪيائين: +صبحدم، بلبل ڪيا سورن سماع، +گل ڇڏي گوندر ويم ويٺي وداع. +دوست ڌارا ڪوپ ڏاڍي سان ڪيا، +مون اندر ۾ انتظارن اجتماع. +ڏس ڀلي ڀتِ برھھ جي بازار ۾، +مثل محبت مور ناھي ڪا متاع. +دل نھ ڀر تون لالچين جئن لوڀ سان، +لاءِ لالچ ڪر نھ ڪنھن سان نت نزاع. +ڪير مٽ ’قاسم‘ ڪري انصاف ڏس، +منجھھ سخن ان جا عجائب اختراع. +ھن غزل جو موضوع بھ عشق آھي، پر غم دوران جي بھ ھلڪي جھلڪ ملي ٿي. جيتوڻيڪ جذبات ۾ ھيجان پيدا ڪرڻ جي ڪيفيت گھٽ نظر اچي ٿي، ان ھوندي بھ منجھس تغزل موجود آھي. غم، گوندر، بلبل، گل، انتظارن، اجتماع وغيره جھڙا اصطلاح ۽ الفاظ غزل جي جان آھن ۽ غزل جي حسن کي دوبالا بڻائين ٿا. ھن مان شاعر جي خلوص ۽ صداقت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. معاشري ۾ لالچ ۽ لوڀ بھ آھي، جنھن جي ڪري تنازع ۽ تڪرار بھ آھي، ليڪن شاعر نھايت سنجيدگيءَ سان اخلاقي پھلو بيان ڪيو آھي. ’حامد‘ ’قاسم‘ جو ھمعصر شاعر ھو، ھو بھ طبعا غزل گو شاعر ھو: +دل گھريا دوست دادلا سڄڻان! +مون سري ڪين تو سوا سڄڻان! +ڇو رقيبن جي چئي رسين مون ساڻ، +ڪر وفا ٿي نھ بيوفا سڄڻان! +ڏور ويندين تھ ڏينھن لائيندي، +گھار مون ساڻ گڏ سدا سڄڻان! +عاشقن جي تھ اصل عادت آھھ، +عاجزي عرض التجا سڄڻان! +جاڙ توري سندم جيئڻ جاني، +ٿي نھ نام خدا جدا سڄڻان! +مٿئين غزل جو ھر شعر مختلف آھي، ليڪن منجھس تسلسل موجود آھي، جو شاعر جي موڊ جي ھم آھنگي ۽ وحدت جو نتيجو آھي. التجا بھ آھي ۽ عاجزي بھ آھي ۽ انڪسار بھ. اھي خصوصيتون غزل جي شاعريءَ لاءِ تسليم شده روايتون آھن. فارسي شاعريءَ ۾ رقيب کي پيدا ڪرڻ ھڪ پراڻي رسم آھي. محبوب جو تصور رقيب کان سواءِ غزل جي شاعريءَ ۾ بي معنى آھي. رقيب کان اصطلاحي ۽ علامتي معنائن جو ڪم وٺڻ بھ غزل جي مزاج ۾ شامل آھي، تيئن غزل ۾ نغمگي ۽ غنائيت ڀرپور انداز ۾ ملي ٿي. رديف بھ نھايت لطيف ۽ نفيس نظر ايندا. اسلو�� بيان جي سادگي ۽ صفائي پڻ دلڪش صورتون اختيار ڪري رھيون آھن، اھي خوبيون غزل ۾ جمالياتي رنگ پيدا ڪن ٿيون. +ڪلاسيڪي غزل جي دور جو پويون شاعر ’سانگي‘ آھي، جنھن غزل جي شاعريءَ کي مائيدار بڻائي، منجھس جديد رنگ ڀري سنڌي غزل جي روايت کي مڪمل ڪري ڇڏيو. سنڌيءَ ۾ جديد غزل لکڻ لاءِ ڪي رھنما اصول قائم ڪيا اٿس ۽ ”غم جانان“ کي ”غم دوران“ بڻائي ڇڏيو اٿس. ھن سنڌي غزل لاءِ پنھنجو ماحول پيدا ڪيو، پنھنجي زبان ڪم آندي، فارسي علامتن، اصطلاحن ۽ استعارن کان سنڌي ماحول ۽ معاشري جي پيش نظر ڪم ورتو ۽ روايتي غزل کي معتدل ۽ مقبول بنائي، سنڌي مزاج جي مطابق پيش ڪيو. +’سانگيءَ‘ وٽ فارسي غزل جا سڀئي لوازمات ھڪ پراثر انداز ۾ موجود آھن. ھن غزل جي صحيح رخ جي ترجماني ڪرڻ ۾ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي. +تڏھن ترڪ وطن ڪيوسون، جڏھن اھل وطن بگڙيا، +جي بگڙڻ جا نھ ھئا اھڙا بھ ياران ڪھن بگڙيا. +آھي اھڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو، +چمن جو سير ڪيوسون ٿي تھ مرغان چمن بگڙيا. +دلين جي عام ڦاسائڻ جو پاتو دام ھو دلبر، +جڏھن ڦاسڻ لڳس آءٌ تھ زلف پر شڪن بگڙيا. +زماني رمز سان ورتي جا آھي راءِ حاڪم جي، +ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد وزن بگڙيا. +نھ بگڙي دل گھريو دلدار منھنجو مه لقا مون سان، +رقيبِ روسيه جھڙا ھزارين مر وتن بگڙيا! +ھن غزل جو موضوع عشق نھ آھي، ليڪن منجھس ماحول ۽ معاشري جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. غزل جي ھيئت کي عشق جي موضوع کان سواءِ ان ۾ جمالياتي رنگ ڀرڻ ھڪ وڏو ڪارنامو آھي. تاثر جي شدت کان سواءِ ھن ۾ خلوص ۽ صداقت جو مضمون ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي. جيئن تھ غزل سنڌ جي پرآشوب دؤر جي تصوير آھي، ليڪن سانگيءَ ھن ۾ تغزل جي رنگت ڀرڻ ۽ غزل جي زبان استعمال ڪرڻ ڪري، سنڌي شاعريءَ ۾ ”غم دوران“ جو ھڪ اھم شاھڪار پيش ڪيو آھي. +(مھراڻ ٤ – ١٩٧٠ع) +شيخ عبدالرزاق ”راز“ +خليفو گل +سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾، خليفي گل کي جيڪڏھن اھڙي صنف شاعريءَ جو موجد چئجي تھ ڪنھن بھ قسم جو وڌاءُ نھ ٿيندو. عروضي شاعريءَ جو رواج تھ گل کان گھڻو اڳي سنڌي ٻوليءَ ۾ پئجي چڪو ھو، پر ھن سنڌي غزل جي صنف جو بنياد ٻڌو ۽ غزل کي سنڌي مزاج جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. گل ئي سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ پھريون ”ديوان“ مرتب ڪيو. کيس سنڌيءَ جو پھريون ”صاحبِ ديوان شاعر“ تسليم ڪيو ويو آھي. غزل ۾ ھن خالص سنڌي قدرن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ غزل ۾ فارسيت جي بدران سنڌيت کي ڪم آندو آھي. سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج کي غزل ۾ سموھڻ جي ھڪ وڏي ڪوشس ڪئي آھي. اجنبيت ۽ غيريت کي مٽائڻ جو سعيو ڪيو آھي. حيثيت جي اعتبار کان تھ غزل فارسي ھيئيت جي مطابق آھي، پر فڪري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سندس غزل سنڌيت جي بلڪل قريب آھن، تنھنڪري گل جي شخصيت جي عظمت کان انڪار ڪرڻ ممڪن نھ آھي. گل گھڻو ڪري غزل جي ھر مروج بحر تي طبع آزمائي ڪئي آھي. سندس ديوان ۾ ننڍا خواه وڏا بحر استعمال ڪيل آھن. ننڍين بحرن ۾ ترنم ۽ موسيقيت موجود آھي ۽ وڏين بحرن ۾ شعريت ۽ لطافت کي قائم رکيو ويو آھي. نئين ٽيڪنڪ جي شاعريءَ ۾ گل کي ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آھي. +گل، سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا آھن ۽ ڪيترن وقتن تي فارسي لفظن، ترڪيبن ۽ محاورن جي بدران ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ سنڌي لوازم کي استعمال ڪري سنڌي غزل جي روايت جو بنياد رکيو آھي ۽ ٻوليءَ کي مائيدار بڻايو آھي. گل جو اھو ھڪ ڪارنامو آھي. ان کان سواءِ پنھنجي ديوان ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي اکرن تي رديف قائم ڪري، سنڌي غزل جي روايت قائم ڪئ�� آھي. اھو ڪم بھ ڪو سولو ۽ ننڍو ڪم نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ سنڌي صورتخطيءَ جا اکر، فارسي ۽ اردو کان وڌيڪ ۽ تلفظ جي لحاظ کان ڏکيا ۽ دقيق آھن. +”قدما ۾ خليفو گل محمد گل پنھنجي رمز ۾ يگانو ھو. ھن پنھنجي ڪوشش سان ڄڻ نج سنڌي غزل جو مجسمو تيار ڪيو ۽ ۽ ان ۾ ساھھ وڌو مگر اھو غزل اڃا ٻارڙو ھو ۽ پڻ لباس جي زيب زينت کان محروم ھو“[6] ڊاڪٽر بلوچ جو مٿيون رايو بلڪل درست آھي. گل جي غزل کي سنڌي ادب ۾ پھريون نئون پٿر سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ جيڪڏھن ھن دور کي جديد انقلابي دور سڏجي تھ مبالغو نھ ٿيندو. گل جي ھمعصرن ۾ ڪو اھڙو شاعر نھ ٿو ڏسجي، جنھن ھن صنف سخن ۾ طبع آزمائي ڪئي ھجي. اھو گل جو منفرد آواز ھو، تنھنڪري رمز ۾ يگاني ھجڻ سان گڏ ھو اسلوب ۾ بھ يگانو ھو. گل کي مھلت ملي نھ سگھي، جو ھو پنھنجي غزل جي مجسمي کي زيب و زينت سان آراستھ ۽ پيراستھ ڪري سگھي. سندس زندگي وفا نھ ڪئي ۽ ھو جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو، نھ تھ گل جي شخصيت سان ڪيتريون ئي اميدون وابستھ ڪري سگھجن ھا. ھو ضرور ان سلي جي آبياري ڪري ھا، جيڪو ھن پوکيو ھو ۽ ان کي ميويدار وڻ بڻائي ڇڏي ھا، يا ھو ان ٻارڙي جي پالنا ڪري کيس تندرست ۽ سھڻو بڻائي ھا. گل کان پوءِ جن شاعرن، ان صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي، تن غالبا گل جي مطمع نظر کي نھ سمجھيو آھي ۽ غزل جي اصلي سنڌي روح کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي، تنھنڪري غزل جي اھا عمارت نھ ٺھي سگھي، جنھن جو نقشو گل جي دماغ ۾ موجود ھو. جيتوڻيڪ سندس پوئلڳن ھڪ نيڪ ڪوشش ۽ خاطر خواهھ نموني سان ذھني مشق ڪئي آھي ۽ ھيئت جي اعتبار کان عروضي شاعريءَ جا سمورا حق بجا آندا آھن، پر منجھن غزل جي مواد ۽ موضوع کي درست ۽ صحيح نموني پيش ڪرڻ جي صلاحيت گھٽ نظر ٿي اچي. ھنن گھڻو اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون ڏانھن توجھھ ڪئي. اھڙا موضوع غزل جي شاعريءَ لاءِ ثانوي حيثيت رکن ٿا ۽ ڪنھن وقت غزل جي شاعريءَ لاءِ عيب سمجھيا وڃن ٿا. غزل جي صنف، حسن ۽ عشق جي موضوعن کان سواءِ بي معنى ۽ بي چسي بڻجي پوي ٿي ۽ غزل جي ھيئت يا قالب اھڙي اوڻائيءَ کي ڀري نٿا سگھن. گل بھ غزل جي شاعريءَ ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون ڪم آندا آھن، پر انھن جي حيثيت ثانوي رھي آھي. سندس گھڻن غزلن ۾ عشق ۽ تصوف جو امتزاج موجود آھي، جنھنڪري غزل جو اصلي روح قائم رھيو آھي ۽ غزل جي اصلي مزاج کي برقرار رکيو ويو آھي. گل اھڙن موضوعن کي نھايت چابڪ دستي، سمجھھ ۽ ساڃھھ سان نباھيو آھي، جن مان گل جي ھڪ قداور شخصيت اڀري سامھون اچي ٿي، تنھنڪري سندس اخلاقي قدرن کي بھ غزل جي شاعريءَ ۾ اھم جاءِ آھي. گويا گل سنڌي غزل ۾ ڪشاده دامنيءَ جي نئين روايت کي رائج ڪري ڇڏيو آھي. اصلاحي ۽ اخلاقي مضمونن کي بھ ھن غزل بڻائي ڇڏيو. غزل جي شاعريءَ ۾ عشق ھڪ محرڪ جذبو بڻجي سامھون اچي ٿو، تنھنڪري عشق غزل جو بنيادي شرط ۽ اھم قدر آھي، جنھن جو خيال گل ھر موقعي ۽ ھر گھڙيءَ رکيو آھي. +غزل جي لغوي معنى ”عورتن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ“ چئي وڃي ٿي. عورت ڪائنات جي ھڪ لطيف ۽ جاذب صنف تصور ڪئي وڃي ٿي. عورت انساني دنيا ۾ ھڪ محٻوب ترين چيز آھي. ھر ملڪ ۽ زماني جي ھر دور ۾ عورت انساني زندگيءَ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ مرد جي دل ۽ دماغ تي ڪيف ۽ سرور پيدا ڪيو آھي، تنھنڪري غزل جي شاعريءَ جي شروعات محبت جي موضوع سان ڪئي وئي آھي ۽ شعر ۾ عشق جي مختلف وصفن کي بيان ڪيو ويو آھي. مجازي عشق جي ذريعي شاعر حقيقي عشق ڏانھن قدم وڌايو آھي، جنھنڪري فاني ۽ لافاني حسن کي پروڙڻ لاءِ انساني ذھن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آھي. انساني حسن وڌي ڪري ازلي حسن جي ويجھو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ھر جاءِ تي محبوب ئي محبوب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. +عشق ۽ حسن، محبت ۽ جمال متعلق، غزل جا نفيس، نازڪ ۽ لطيف موضوعات آھن، جي انساني زندگيءَ سان گڏ غزل جي دنيا ۾ سدائين قائم ۽ دائم رھندا. اھي موضوع لافاني آھن. عشق، انساني فطرت جو اھم ۽ لازمي حصو آھي. محبت کان سواءِ انسان ڍور جي مثال آھي. انسان کي فطرت جي ڪنھن نھ ڪنھن شيءِ سان محبت ضرور آھي، پوءِ کڻي بت ھجي يا خدا، انسان ھجي يا حيوان. +[1] پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي: ”سنڌي شعر ۾ غزل جي اھميت“ (پرک، مخزن: جون 1961ع.) +[2] نوٽ: احسان بدويءَ جا ھن کان اڳ سندس مضمون ۾ اچي چڪا آھن، ان ڪري دھراءَ سبب ھتي شامل نھ ٿا ڪجن. (ت. ج) +[3] ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدا رنگاڻي (Persian poets of Sindh (Chapter 4) +[4] سچل جو سرائيڪي ڪلام (حصو، اردو ڪلام): مرتب، مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپور. +[5] تنقيد ۽ تنقيد نگاري: احسان بدوي +[6] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪليات سانگي. + + +گل، غزل ۾ نھايت اختصار سان پنھنجي داخلي ڪيفيت جو اظھار ڪيو آھي ۽ پنھنجي اندر جو احوال اھڙي نموني پيش ڪيوآھي، جو اھا تصوير ھوبھو قاريءَ جي اکين آڏو اچي وڃي ٿي. گل نھ فقط داخلي انداز کي داخليت تائين محدود رکيو آھي، پر ان کي خارجي اثرات سان لائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آھي. غزل ۾ داخلي ڪردار اھم خصوصيت رکي ٿو ۽ خارجي تجربن جي ثانوي حيثيت آھي. اختصار ئي غزل جي وڏي خوبي آھي، جيڪو وڏي آرٽ جو ضامن آھي. گل لفظن جو انتخاب وڏي احتياط سان ڪيو آھي، جنھنڪري سندس ڪلام ۾ صفائي ۽ سادگي آھي ۽ تنھنڪري ابھام پيدا ٿيڻ جي گنجائش ڪانھ رھي آھي. گل، ھڪ عالم ۽ صوفي بزرگ آھي، ھڪ عاشق ۽ حسن جو سچو پرستار آھي، تنھنڪري، منجھس ڪو تصنع نظر نھ ايندو. ھو حقيقت پسند آھي ۽ ھر شيءِ جي ماھيت کي حقيقت پسندانھ نظر سان ڏسي ٿو. اھو ياد رکڻ گھرجي تھ گل سنڌي ادبي دنيا ۾ ھڪ نئين ۽ انوکي عمارت جو معمار آھي ۽ اھو سندس پھريون تجربو آھي، تنھنڪري عمارت ۾ ڪي نقص ۽ خاميون رھجي وڃن تھ انھن لاءِ گل تي الزام رکي نھ سگھبو ۽ نھ وري سندس شخصيت تي آڱر کڻڻ مناسب ٿيندو. گل جي غزل ۾ حسن آھي؛ رنگيني ۽ رعنائيءَ سان گڏ مٺڙو گداز پڻ موجود آھي. سندس شعر توانو ۽ تندرست آھي. +گل، غزل ۾ عشق جي فلسفي جي درست نموني وضاحت ڪئي آھي. مناسب ائين ٿيندو، جيڪڏھن چيو وڃي تھ گل، عشق کي فلسفو بڻائي پيش ڪيو آھي. منجھس درد ۽ سوز جون ڪيفيتون آھن، جي سڄڻ کي سڃاڻڻ ۾ واھر ڪن ٿيون ۽ عشق جي رمزن ۽ اسرارن سان واقفيت ڪرائين ٿيون. درد کان سواءِ محبوب کي سڃاڻڻ نھ فقط محال آھي، پر ناممڪن آھي، تنھنڪري عشق جي منزل تي پھچڻ لاءِ درد ئي انھيءَ مقام تي پھچائڻ جي رھنمائي ڪري ٿو. گل جي غزل ۾ گل جي آتم ڪھاڻي، جڳ ڪھاڻي بڻجي پئي آھي. درد ئي درد جو علاج بڻجي پوي ٿو. گل جي غزل ۾ گھڙي گھڙي عشق جي باھھ جو ذڪر ملي ٿو. محبوب جي سڪ، من ۾ باھھ جي چڻنگ لڳائي ٿي. محبوب جي ديدار جي تمنا، ان باھھ کي تيز ڪري ڇڏي ٿي ۽ آخرڪار اھا آڳ دل کي ساڙي وجھي ٿي، جگر جيرا سڀ جلي وڃن ٿا. ۽ عاشق ھڪ نئين زندگي حاصل ڪري ٿو. گل، غزل ۾ درد جي شدت جون ڪيتريون ئي ڪيفيتون پيش ڪيون آھن: +اندر ۾ عشق جنھن جي جاءِ پنھنجي ٿو وھي جوڙي +وسي برسات جئن دائم، تنين جا نيڻ ٿيا آلا. +- +سک ٿيو سور، جنھن سور سڄڻ ڪيو سينڌو +عيش آزار پرين ٻاجھھ آھي درد دوا. +- +دل ٿي پڇي پرت ۾، تو لئي پرين پيارا! +آءُ ڪين اڱڻ منھنجي، محبوب جيءَ جيارا. +- +بيھوش ٿيا برهھ ۾، نينھن نيا ھڻي نرهھ ۾ +ووءِ ووءِ ڪندا ورهھ ۾، ويڙا ھڄي ھشيارا +- +سنڌ جي سرزمين ايامن کان وٺي تصوف جي نظريي لاءِ نھايت زرخيز رھي آھي. سنڌ جي قديم شاعرن، سنڌي شاعريءَ جي قديم قالبن ۾ انھيءَ نظريي جي اپٽار ڪئي آھي، انھن شاعرن جو معرفت ۽ روحانيت ۾ ھڪ بلند مقام رھيو آھي. سنڌ جي صوفيائي ڪرام وٽ تصوف جي نظريي ۾ ڪنھن بھ قسم جي ملاوت نظر نھ ايندي، تنھنڪري سنڌ جي عالمن وٽ بھ انھن صوفين جي قدر و منزلت رھي آھي، ورنھ عالمن ھر ڪنھن ملڪ ۽ ھر ڪنھن دور ۾ صوفين جي مخالفت ڪئي آھي. سنڌ جي صوفين نج اسلامي تصوف پيش ڪيو آھي. سندن قول ۽ عمل ۾ ڪنھن بھ قسم جي غير اسلامي عنصر جو شائبو نظر نھ ايندو. قديم زماني کان وٺي سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ روحانيت جو نظريو ڀرپور انداز ۾ موجود آھي، تنھنڪري سنڌي مزاج ۽ تصوف جو پاڻ ۾ ڳوڙھو سٻنڌ آھي ۽ گھڻو ڪري سنڌي شاعر معرفت جي شراب ۾ سرشار نظر ايندا، تنھنڪري سندن ڪلام کي وڏي اھميت حاصل آھي. گل صوفي ھو، پر ھن غزل ۾ تغزل جو رنگ ۽ آھنگ پيدا ڪري، غزل کي تصوف جي رنگ ۾ رڱيو آھي. ان کان سواءِ سندن ڪيترا شعر، عشق ۽ عاشقيءَ جي رنگين پھلوئن جي غمازي ڪن ٿا، جن ۾ اھڙي ڪيفيت پيدا ڪئي وئي آھي، جو انھن جي مطالعي کان پوءِ انھن مان ماديت جي سرھاڻ اچي ٿي ۽ ائين ٿو ڀانئجي تھ گل جو روحانيت سان ڪو واسطو نھ رھيو آھي. گل غزل جو حق ادا ڪيو آھي. اھا ھڪ حقيقت آھي تھ گل ھڪ عالم ۽ صوفي شاعر ھو، جنھنڪري سندس ڪلام ۾ تصوف جي باريڪين جو ذڪر جاءِ بجاءِ پکڙيو پيو آھي ۽ گل تي تصوف جي سرشاريءَ جو ھڪ ڳوڙھو رنگ چڙھيل ٿو ڏسجي. ھن پنھنجي علاقائي ٻوليءَ جي روزمره جي محاورن جي مدد سان ان فلسفي کي نئين ٽيڪنڪ ۾ پيش ڪيو آھي. انھيءَ نموني گل سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت سرانجام ڏني آھي. تصوف جي ھر نڪتي جي وضاحت مان ائين ڄاڻجي ٿو تھ خليفو گل ھڪ ڳوڙھي فھم ۽ ادراڪ جو مالڪ آھي. +گل اثبات جي نڪتي کي سمجھائڻ کان پوءِ نفيءَ جي نظريي تي زور ڏنو آھي. فطري طور انسان جي دنيا جي لذتن سان ڳوڙھي دلچسپي رھي، تنھنڪري حقائق سندس اکين کان اوجھل ٿي وڃن ٿا. ھو دنيا جي ھڪ سھڻي ۽ وڻندڙ چيز سان دل لڳائي ٿو ۽ اڳتي ھلي ان کي معبود بڻائي ٿو. ڪٿي اولاد، ڪٿي عورت، ڪٿي دولت، ڪٿي شھرت سندس بت بڻجي پون ٿا. انسان گمراھھ ٿي انھن کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي، حقيقي معبود ۽ جمال مطلق جي جستجو نھ ٿو ڪري ۽ ظاھري ڏيکاءَ جي حسن ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. گل مجاز جي ڏاڪڻ تي چڙھي حقيقت ڳولي لڌي آھي. +گل نيستيءَ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھستيءَ کي ڄاڻڻ جي تلقين ڪئي آھي. ھن جي خيال موجب نيستي ھڪ آئينو آھي، جنھن ۾ ڪنھن حقيقت جو عڪس نظر اچي ٿو، پر ان ھستيءَ جو وجود ان آئيني جو مرھون منت آھي، تنھنڪري نيستيءَ کي حاصل ڪرڻ پھريون شرط آھي. اھا ھستي جيتوڻيڪ غيب ۾ آھي، پر ان جو ھر جاءِ تي ظھور آھي ۽ سموري ڪائنات تي سندس جلوو ڇانيل آھي. اھا ذات، ڪائنات جي سمورين شين تي محيط آھي، تنھن ڪري اھا ھر جاءِ تي جلوه نما آھي. اھا ھڪ ھيڪڙائي آھي، جنھن ۾ ٻيائيءَ جي ڪابھ گنجائش ڪانھ آھي. اھڙي ڳالھھ پروڙڻ کان پوءِ عاشق کي وحدت جو کليل ميلاپ نصيب ٿئي ٿو ۽ ھو وحدت ۾ اھڙي نموني جذب ٿي وڃي ٿو، جو کيس پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نھ ٿو رھي، تنھنڪري تون ۽ مان جو فرق مٽجي وڃي ٿو: +نفيءَ ۾ ڪر پاڻ ثابت منجھھ عدم موجود ٿي، +رنجڪيءَ کي ريج ڏي، وڍ، جو وڌي ٿو لاڀ لڀ. +- +آھھ وحدت وصال عرياني +گل سمجھھ رک م ڏي ملن کي منجھھ +- +محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني، +ويا لنگھي برپٽ رڻ لڌائون باغ بقا. +- +منجھان پاڻ پنھنجو پرين ڦولھھ پس +آھين تون تونھين تون، م ڏي ٻھر جھوت +- +آھھ م��جود سڀت صورت سڀ ۾ سھڻو، +لامڪاني نھ رکي جاءِ آھي ھر ڪنھن جا. +- +پيالو مئي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا +تھ مستيءَ ۾ محبت جي ڪيون ھن ھوش کي حالا +گل، غزل ۾ توحيد جي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آھي ۽ اھڙي مضمون کي ڀرپور نموني پيش ڪيو آھي. اصولي طور اھو موضوع غزل کان وڌيڪ نظم جي صنف لاءِ موزون ۽ مناسب آھي، پر گل جي زماني ۾ سنڌي شاعري، نظم جي ٽيڪنڪ کان ناواقف ھئي، تنھنڪري حالتن پٽاندر توحيد جو ذڪر، غزل جي صنف ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جو نھايت مناسب لڳي ٿو. +توحيد جو اقرار مذھب جو بنيادي اصول آھي، جنھن ۾ الله جي وحدانيت جو نظريو بنيادي ۽ اھم حيثيت رکي ٿو. گل جي قادرالڪلاميءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، جنھن اھڙي باريڪ مسئلي کي غزل ۾ جاءِ ڏئي منجھس رنگيني ۽ جاذبيت پيدا ڪئي آھي. اھڙي مضمون کي غزل ۾ نباھڻ شاعر جي وسيع نظريءَ جو ثبوت آھي. رديفن جو انتخاب، ارڪانن جو زيرو بم انھن جي تشڪيل ۽ ترتيب، ۽ بحر جي موسيقيت، قاريءَ جي ذھن ۾ ھڪ عجيب سرور پيدا ڪن ٿا. +توحيد جو نظريو بلڪل وسيع آھي، جنھن کي غزل جي مختصر صنف ۾ سمائڻ ڪا سولي ڳالھھ ڪانھ آھي. گل گھڻو ڪري غزل جي ھڪ شعر ۾ ئي توحيد جي حقيقت کان آگاھھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪائنات جو ھر ذرو ھڪڙي ئي فڪر ۽ ذڪر ۾ مصروف آھي. سڀ ڪنھن جي وات ھڪڙي ئي وائي آھي. سڀئي ان واحد جي ھيڪڙائيءَ جي واکاڻ ڪن ٿا: +چئھ ڌڻي ايڪ، ڪيم چئھ اي او، وحده، لااله الاھو +سرت ڪر، سمجھھ رک، م ڪر ھي ھو، وحده، لااله الاھو +- +خاڪ منجھھ فڪرت ھڄي وئي ماٺ ٿي تنھن کي نصيب +واءَ منجھھ وڻڪار ٻولي، تونھين تون، تونھين تون، تونھين تون! +- +ڪڍي ڇڏ ڀول ڀؤ دل کان آھي ھت ھت ھوالحق حق، +ھو الله احد جو دل سان آھي ھت ھت ھوالحق حق! +شعر ۾ لفظن جو انتخاب ۽ انھن جو جڙاءُ شاعر جو وڏو امتحان ٿيندو آھي. خصوصا غزل جي شاعريءَ ۾، جنھن ۾ اختصار تمام لازمي ھوندو آھي ۽ ھڪ ئي شعر ۾ پورو نظريو پيش ڪرڻو پوندو آھي. گل نھايت باريڪ بينيءَ سان وحدت جي نظريي جي مختصر نموني اپٽار ڪئي آھي. گل وٽ گويا توحيد جو موضوع بھ غزل جو ئي مضمون آھي. انھيءَ نموني سنڌي غزل جي پھرئين پٿر تي توحيد جا نقش قائم ٿي ويا آھن، تنھنڪري انھيءَ موضوع کي بھ سنڌي غزل جي روايت ڪري تسليم ڪريون ٿا. +الله جي وحدانيت جي اقرار کان پوءِ بھ توحيد جو اقرار مڪمل ٿي نھ ٿو سگھي. ان جي تڪميل لاءِ ٻيو شرط بھ لازمي آھي ۽ اھو شرط رسالت جو اقرار آھي. توحيد لاءِ جيئن چيو ويو آھي تھ ان جي تبليغ لاءِ غزل جي صنف ۾ گنجائش نھ آھي، تھڙيءَ ريت رسالت جي وضاحت لاءِ غزل جي شاعري موزون نھ آھي. اردو ۽ فارسي ۾ نعتون غزل جي ٽيڪنڪ ۾ لکيون ويون آھن، پر اھي نعتون آھن، انھن کي غزل چئي نھ سگھبو. سنڌي مولود جو مزاج ۽ اسلوب پنھنجو آھي، پر گل، نج غزل جي شاعريءَ ۾ اھڙو مضمون پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن ان نظريي کي اشارن ۽ ڪناين جي ذريعي بيان ڪيو وڃي تھ ان ۾ ڪو ھرج ڪونھ آھي. اھو غزل جي شرطن سان ٺھڪي بيھي ٿو. غزل جي صنف ڪنھن بھ تبليغ لاءِ مناسب نھ آھي، ان ۾ تھ فقط راز ۽ رمزون آڻي سگھجن ٿيون، پوءِ کڻي اھڙن اسرارن جو تعلق مجازي عشق سان ھجي يا رسول اڪرم' جي محبت سان. ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ گل پنھنجي نعتيھ ڪلام کي غزل جي قالب ۾ دلپسند ۽ پرلطف بڻايو آھي، پر غزل ڪا ٻي شيءِ آھي. غزل جي شاعريءَ جي، لوازم کي برقرار رکندي، گل ٻين موضوعن تي طبع آزمائي ڪري کين پڻ خوشنما ۽ دلچسپ بڻايو آھي، پر غزل جي روايت ان جي خلاف رھي آھي. غزل جي شاعريءَ ۾ وصل جي ڳولا سان گڏ محبوب جي جور و جفا، وحشت و جنون، راز و نياز ۽ حزن و ملال جون ڪيفيتون ھونديون آھن، جن بنا غزل جي شاعري ڦڪي لڳندي آھي. رسول اڪرم' جن سان عشق ٿي سگھي ٿو، باقي ان ذات سان ڪنھن قسم جي گستاخي ڪرڻ مجال نھ، پر ناممڪن آھي. اھا ھستي عزت ۽ احترام جي لائق آھي، جنھن سان ڪوبھ شڪوو شڪايت ڪرڻ نھ فقط گستاخي آھي، پر بي حيائي آھي. جيتوڻيڪ گل حضور' جن جي مدح و ثنا جا سڀ حق بجا آندا آھن، پر غزل جي شاعريءَ ۾ رسالت جي موضوع کي نعت يا مولود ڪري ڪوٺجي تھ وڌيڪ بھتر ٿيندو. سعدي ۽ جامي فارسي غزلن جا وڏاشاعر ٿي گذريا آھن ۽ انھن غزل جي قالب ۾ ڪيتريون نعتون لکيون آھن، جيڪي اڪثر پاڪستان ريڊيو تان ڳايون وينديون آھن، پر انھن کي نعتيھ ڪلام سڏيو ويندو آھي: +آھھ ھادي تنھن سندو ھمراھھ جنھن مڃيو محمد رسول الله، +آھھ سو شاھھ شاھنشاھھ، جنھن مڃيو محمد رسول الله. +- +صبا صبح جو سلام منھنجا اڳيان نبيءَ جي رساڻ نيئي +ھزار آزيون، لکين نيازيون، ڪري سگھين جي سي ڪج سڀيئي +- +مٿيان بيت سڌا سنوان نعت جو حصو آھن. عرض بھ آھي، التجا بھ آھي ۽ آزي نيزاري بھ آھي، جي غزل ۾ بھ سمائجي سگھجن ٿا، پر واضح مضمون جي لحاظ سان ڪنھن حاڪم جي درٻار ۾ التجا آھي، جو نبي' بھ آھي شاھھ بھ آھي ۽ شھشاھھ بھ آھي. ساڳئي موضوع تي گل جا عشقيھ غزل بھ آھن، جن ۾ اشارن ۽ ڪناين کان ڪم ورتو ويو آھي ۽ معرفت جي راھھ ھموار ڪئي وئي آھي، اھي تصوف جي موضوع ھيٺ اچي وڃن ٿا. ٻھ بيت (شعر) پيش ڪجن ٿا: +تاب ڦوڙائي جي تن بي تاب ڪيو +وصل جي ڏي سرڪ ڪا ساقي سڏي +- +بلبليون عاشق گلن تي، تو تي گل، +گل اچي گلزار ۾ گل سان ھسيج. +گل جي شاعري سنڌي شعري ادب ۾ ھڪ جدت آھي، جا جدت فني اعتبار کان سنڌي روايتي ٽيڪنڪ کان بلڪل مختلف آھي. گل اسان جي ٻوليءَ ۾ غزل جو خالق آھي. جيئن تھ ھو فارسي ٻوليءَ جو عالم ھو، کيس غزل جي روايت ۽ روح جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ھئي، تنھن ھوندي بھ ھن سنڌي غزل جي مزاج کي سنڌ جي حالتن مطابق بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن ڄاڻي واڻي غزل جي شاعريءَ ۾ نوان موضوع پيدا ڪيا آھن ۽ سنڌي غزل کي وسعت بخشي آھي. +غزل ۾ فطرت نگاريءَ جو درجو ثانوي حيثيت رکي ٿو، پر گل ان کي بنيادي ۽ اصولي مقام بخشيو آھي. ھن فطرت نگاريءَ کي سنڌي غزل جو ھڪ موضوع بڻايو آھي. گل جي غزل ۾ رڻ پٽ، برسات، کنوڻ، گجگوڙ، درياھھ، باغ ۽ بوستان وغيره جا نظارا چٽيءَ طرح روان دوان نظر اچن ٿا. اھڙن شعرن جي پڙھڻ کان پوءِ ذھن ۾ ھڪ لطيف ۽ دلڪش تاثر قائم ٿئي ٿو. فطرت جي حسن جي جلوه طرازين ۽ رعنائين ڄڻ قدرت کي بي نقاب ڪيو آھي ۽ شاعر گويا فطرت جو مصور بڻجي پيو آھي. شاعريءَ ۾ فطرت نگاري بھ جمال مطلق جو جزو آھي. ان جي واکاڻ بھ ڄڻ حسن ازلي جي تعريف آھي. فطرت نگاري ڪرڻ ۾ بھ گل کي وڏي دسترس آھي. لفظن ۾ ايترو زور آھي، جو پڙھندڙ جي آڏو اھو نقشو ھوبھو ڇڪجي اچي ٿو. مارو ماڻھو، جن جي زندگيءَ جو انحصار برسات تي آھي، انھن جي سرھائي، ھن اھڙي نموني پيش ڪئي آھي، جو شاعر پاڻ بھ انھن جي خوشيءَ ۾ شريڪ آھي. مينھن جي وسڪاري ڪري چوڌاري رونق ۽ بھاري ٿيو پوي. ڌرتي نئين زندگي حاصل ڪري سرسبز ۽ شاداب بڻجي پوي ٿي. ماڻھن جا ڪوماڻيل چھرا سرھا ۽ رونقدار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اھڙي منظر نگاري ڪا معمولي ڳالھھ نھ آھي، جنھن کي لفظن جو لباس پھرائي، ان منظر جھڙو ئي جاذب ڪري پيش ڪجي، جنھن مان ماڻھن جي تاريخ ۽ ان سان گڏ ھنن جي ثقافت ملي ٿي: +آئي رت ساوڻ سندي، مينھن وسي ڪيڙا ملار، +ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا، سرھا ٿيا سانگي سنگھار +خوش ٿيون سرھيون سنگھاريون، پٽ ڦرن سينگار ڪيو، +لويون لاکيون لال سرتي، ڳچي پويو پايو ھار. +- +ھڪ طرف گجيون ۽ گوڙيون، ٻئي طرف کنوڻيون کنون، +مينھن ٽاٽا ڪيو ٽمن باھيون ٻرن چوڏس ھزار. +- +ويو سيارو وسي بھار بوند +گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بر باغ +- +پوک جنھن پاڻي کي پيتو پوڄ موڪ +ڪين ڪن ساوا سلا ان جا ٿا سوڪ +- +گل جي ڪلام ۾ ناصحانو شعر جاءِ بجاءِ ٽڙيو پکڙيو پيو آھي. گل پنھنجي ڪلام ۾ گھڻو تڻو فارسي اصطلاحن بدران شعر کي مقامي رنگ ڏيڻ لاءِ سنڌي اصطلاحن کي ڪتب آندو آھي. ناصحاني ڪلام کي پيش ڪرڻ لاءِ شاعر ۾ صحيح مذاق جي ضرورت آھي. نصيحت کي دلڪش ۽ جاذب بڻائي پيش ڪرڻ شاعرن جي صلاحيت تي منحصر آھي. ٻيءَ صورت ۾ اخلاقي مضمون مضحڪھ خيز لڳندو. اخلاقي تعليم ھر دور ۽ ھر معاشري ۾ اھم ليکي ويندي آھي. اخلاق جو ادب سان ويجھو ۽ نازڪ رشتو آھي. اھڙي تعليم انسان ذات جي وجود لاءِ نھايت ضروري آھي. زماني قديم کان وٺي ڪيترائي مصلح ۽ مفڪر پيدا ٿيا، جن اخلاقي تعليم جي اشاعت ڪئي. شروع ۾ انسان ان جي مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ جو انسان اخلاقي تعليم وٺڻ لاءِ تيار نھ آھي. ان کي ان لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ بھ اخلاقي ماڻ ۽ ماپا گھربل ھوندا آھن. +خليفي گل شاعريءَ ۾ نصيحتن جا انيڪ مثال پيش ڪيا آھن، جن ۾ نيڪين جا لاتعداد موتي موجود آھن. الله جي وحدانيت، تصوف جا اخلاقي رموز و نڪات وغيره گل جي شاعريءَ جا خاص موضوع آھن. ھر مذھب انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو سبق ڏنو آھي. اسلام جنھن کي اخلاقي قدر بڻائي پيغمبر اسلام کي رحمت للعالمين جو لقب ڏنو. گل جي غزل جو اقتباس پيش ڪجي ٿو. +آھھ سڀ کان خوب محبت واه واه! +ساڻ محبت نيڪ محبت واه واه! +منجھھ محبت سھڻي صحبت آه پر، +آھھ صحبت ۾ بھ الفت واه واه! +آھھ صحبت ۾ بھ الفت خوش گھڻو، +ساڻ الفت خوب خدمت واه واه! +آھھ الفت ۾ چڱو خدمت جي ھوءِ، +ان سين گڏجي نيڪ نيت واه واه! +تصوف جو اخلاق سان نھايت گھاٽو رشتو آھي. صوفياني تعليم موجب مالڪ پنھنجي ھستيءَ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو. منجھانئس غرور ۽ نخوت، حسد ۽ ساڙ، حرص ۽ لالچ جھڙيون قباحتون سڙي ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ ھو دنيا جي مال متاع، عظمت ۽ شھرت کان بنھھ بي نياز ٿيو پوي. +دنيا جي عيش عشرت کي ڀري ھڻ تون کڻي ڀالا +سنڌ جي قديم ڪلاسيڪي شاعري، مذھب، تصوف ۽ فلسفي جي حامل رھي آھي ۽ ان شاعريءَ ھڪ صالح معاشري ۽ صحتمند انسانيت جي تعمير جي ڪوشش ڪئي آھي. قاضي قاضن کان وٺي بيدل، بيڪس جي زماني تائين سنڌي شاعريءَ، اخلاقي قدرن جي تعليم ڏني آھي. خدمت، محنت ۽ محبت سندس بنيادي شيون آھن. فڪري لحاظ سان سنڌي غزل پنھنجي بنيادي قدرن سان نھ بغاوت ڪئي آھي ۽ نھ وري انھن ۾ ڪنھن ڦير ڦار کي ضروري سمجھيو آھي، ۽ نھ وري ڪنھن نفس مضمون جو انقلاب آندو آھي. سنڌي غزل فقط ھيئرت جي تبديلي آھي ۽ ان سان گڏ غزل جي فارسي روايتي شاعريءَ جي اسلوب ۽ لوازم جو تجزيو آھي. +دنيا جي ھر ادب کي زندگيءَ جي بنيادي قدرن: حسن، انصاف ۽ سچائيءَ جو آئينھ دار ٿيڻ گھرجي. گل بھ غزل جي شاعريءَ جي اھڙن بنيادي قدرن تي تعمير ڪئي آھي. ازان سواءِ ھن فروعي موضوعن کي پيش ڪري غزل ۾ وسعت پيدا ڪئي آھي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ معاشري ۽ معاشيات جي اھميت جو ذڪر شاھھ لطيف جي ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ ٽڙيو پکڙيو بيٺو آھي ۽ شاھھ انھن موضوعن جي شاعريءَ ۾ نمايان اھميت ظاھر ڪئي آھي. اھي موضوع بھ ازلي ۽ ابدي آھن. گل بھ موضوعن جي اعتبار کان گھڻي حد تائين شاھھ جو تتبع ڪيو آھي ۽ غزل جي شاعريءَ ۾ اھڙين شين کي جاءِ ڏني آھي. +گل جي دور ۾ سنڌ جي سياست ڦيرو کاڌو. فرنگين سنڌ ۾ پير پاتو، سنڌ جي لاءِ اھو وڏو حادثو ھو. سنڌي معاشري ۾ اٿل پٿل پيدا ٿي وئي. اھڙي وڏي انقلاب تي ھر سنڌيءَ رت جا ڳوڙھا وھايا. سنڌ جي مٿان ھڪ تاريڪ دور جو آغاز ٿيو. سکن جو سمو لنگھي ويو. سوداگر سنڌ ۾ آيا، جن ڪوڙ ۽ ڪچ جو واپار ڪيو. اھڙي ھوا لڳي جو سايون ۽ چھچ ٻنيون لوساٽجي ويون. اھي سرواڻ ھليا ويا، جن جي زندگيءَ ۾ تازگي ۽ توانائي ھئي. جوءِ ۾ جت تھ گھڻيئي ھئا، پر اھي سرواڻ اڻ لڀ ٿي ويا. +ڪي سوداگر راتو ڏينھان منجھھ وٺڻ وڪڻن خراب +ڪوڙ دنيا جا ڪٿي اي دل ڪيئي آيا ويا! +جي ھوا ڪالھھ ڏٺم اڄ نھ ڏسان مان سڀ +جوءِ ۾ جت جھجا آھن آريءَ الڀ. +غزل جي روايت ۽ خوبصورتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ گل غزل جي روايتي زبان بھ استعمال ڪئي آھي. ھن سنڌي غزل ۾ فارسي الفاظ ۽ تشبيھون نھايت ھوشمنديءَ سان ڪم آنديون آھن. ان سان گڏ سنڌي لفظن کي اصطلاحي رنگ ڏئي، کين نيون معنائون بخشيون آھن. ھن سپڪ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي غزل ۾ سپڪ سنڌي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سراپا جي شاعري ۽ ھن فارسي تشبيھون نھايت احتياط سان ڪم آنديون آھن، جي قاريءَ جي ذھن تي بار نھ ٿيون بڻجن. گل جي غزل جو مزاج عام طور مقامي ڏسڻ ۾ ايندو، اھا ئي سندس وڏائيءَ جي علامت آھي. +ڏسڻ مان تنھنجي باغ، حسن مون کي سرئا ٽي گل +تنھنجو مک گل، زلف سنبل، منھنجي دل جئن گل لالا +- +ان جون اکيون حوض ڪوثر آبِ زم زم آبِ خضر، +رت رحيق روح راحت جان جو ٿئو جئن گل آب +- +پھون پٽ ۾، ڍور ڍٽ ۾، روهھ ۾ روجھون، ھرڻ، +جئن سڪايا نينھن لئھ دل منھنجي تولئي سدا +- +مليو محٻوب متوالو وئو ڏک ڏرت ھڪ ٺالو +ڀڳي دلدار دل ريھي، وئا ڏکڙا، ورئا سکڙا. +- +ڏکين جا ڏاج ڪھڙا رلئن جا ڪھڙا روپ، +بکئن جا ڪھڙا ڀانڊا، ولھن ڪھڙا ويارا! +- +اڄ دوست ڀري پريت پيرا +ٿي وير وندر ورونھن پيرا +ڏسڻ ايندو تھ گل غزل جي روايتي شاعريءَ ۾ تجزيو ڪري، ڪيترا اھڙا مضمون غزل ۾ آندا آھن، جي اڳ رائج ڪين ھئا. گل عشق مجازيءَ سان گڏ عشق حقيقيءَ جي بھ پچار ڪئي آھي. ان کان سواءِ ھن توحيد جي نظريي، اخلاقيات، فطرت نگاري، منظر ڪشي، معاشيات ۽ ثقافت کي ڀرپور نموني غزل جي شاعريءَ جا موضوع بڻايو آھي.، تنھنڪري سنڌي غزل جي شروعات مٿين موضوعن سان ٿي آھي ۽ انھن کي سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ بنيادي حيثيت حاصل آھي. انھن موضوعن کان انڪار ڪرڻ حقيقت کان روگرداني جي مثال ٿيندو. گل، سنڌي غزل ۾ وسعت پيدا ڪري متاخرين جي لاءِ دروازو کولي ڇڏيو تھ جيئن غزل فقط عشق بڻجي نھ پوي ۽ کيس محدود ۽ مقيد نھ ڪيو وڃي. +(’سنڌي غزل جو تجزيو‘) +شيخ عبدالحليم جوش +حافظ حامد ٽکڙائي +اڄ جڏھن سنڌي غزل، فارسيءَ جي تقليد کان پاڻ ڇڏائي، لتاڙيل راھن کان پاسو ڪري، پنھنجي ٻوليءَ جي وساريل، پر وڻندڙ لفظن کي اجاري، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روح کي پاڻ ۾ سمائڻ جو سعيو ڪيو آھي، تڏھن بھ اڻويھين صدي عيسويءَ جي وچ جو شاعر، حافظ حاجي حامد ٽکڙائي، ھن ڏس ۾ اسان جي رھنمائي ڪري ٿو. +سترھين صدي عيسويءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ موزون شاعريءَ جي ابتدا کان پوءِ، سنڌي غزل جا اھڃاڻ ارڙھين صديءَ جي منڍ ۾ ئي نظر اچڻ لڳا ھئا، جڏھن سنڌ ۾ فارسي پنھنجي عروج تي ھئي. ڪلھوڙن، جي صاحبيءَ وارو ھيءُ زمانو، علم ۽ ادب جي اوسر لاءِ، سنھري دور جي درجو رکي ٿو، جڏھن ھڪ پاسي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري پنھنجي عروج کي رسي تھ ٻئي پاسي فارسي شاعري بھ اوج تي پھتي. +اھڙي دور ۾ جڏھن فارسيءَ کي سرڪاري زبان جو درجو حاصل ھو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چوڻ عزت جي ڳالھھ سمجھي ويندي ھئي، ڪي اھڙا بھ ٻوليءَ جا گھڻگھريا شاعر ھئا، جن تيزيءَ سان اسرندڙ غزل جي صنف کي پنھنجي اظھار جو وسيلو بڻايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ مزاج، توڙي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي قائم رکندي، پختن بنيادن تي غزل جي عمارت کڙي ڪئي. +انھن عظيم شاعرن ۾ خليفو گل محمد ھالائي اھو پھريون ’صاحب ديوان‘ شاعر ھو، جنھن سڄي عمر غزل جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس دور غزل جو پھريون دور ليکجي ٿو، جنھن جي شروعات اڻويھين صديءَ کان ئي ٿئي ٿي. ھن دور ۾، خليفي گل، آخوند محمد قاسم ۽ سيد فاضل شاھھ سان گڏ، حافظ حامد ٽکڙائي بھ غزل سرائي ڪندو نظر اچي ٿو. +حافظ حاجي حامد ولد محمد ھاشم ميمڻ، 1832ع ۾، ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو، جڏھن ھن شھر کي ”شھميراڻي وسي“ سڏيو ويندو ھو. ھيءَ ئي اھا مردم خيز زمين ھئي، جتي ڪلھوڙن جي صاحبيءَ دوران فارسيءَ جا وڏا شاعر جھڙوڪ: نور محمد خستھ ۽ حافظ عالي پيدا ٿيا، جن جا ڪي ٿورا سنڌي شعر، جيڪي ھٿ اچي سگھيا آھن، سي سنڌي غزل جا ابتدائي اھڃاڻ ليکجڻ ۾ آيا. مختلف تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو تھ غزل جا ھي شروعاتي شاعر 1717ع ڌاري زنده ھئا. انھن کان سواءِ، ميان ڇتن، ميان محمد صالح، سيد ميران محمد شاھھ ۽ حافظ يوسف جھڙيون يادگار علمي شخصيتون بھ ٽکڙ جي زمين مان اڀريون. حافظ حامد جو لاڳاپو بھ انھيءَ دور سان آھي، جنھن جي ادبي محفلن جي ڏيئن جي روشني، اڄ بھ اسان جي ادب جي راھن کي جرڪائي رھي آھي. +حافظ حامد، ٽکڙ جو پھريون غزل گو شاعر ھو، جنھن نج سنڌيءَ ۾ غزل چيو ۽ بحر وزن جي پوئواري ڪندي بھ پنھنجي ڪلام کي موزون شاعريءَ جي تصنع ۽ تڪلف کان بچايو ۽ عربيءَ يا فارسيءَ جي ڳاٽي ٽوڙ لفظن ڪتب آڻڻ کان پاسو ڪيو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ حامد غزل جي صنف ۾ ھڪ نئين راھھ روشن ڪئي، جنھنڪري ھم عصر شاعرن – فاضل، قاسم، گدا ۽ سانگيءَ ۾ کيس مٿانھون مقام حاصل ٿيو. سنڌي پھاڪا، سنڌي محاورا، ٺيٺ سنڌي ٻولي، سنڌ جي نيم تاريخي ۽ روماني داستانن جا حوالا، سنڌي ماحول جي ترجماني ۽ غزل ۾ مضمون جو تسلسل – حافظ حامد جي غزل جون امتيازي خصوصيتون آھن. +ٻوليءَ جي چاشني، بيان جي سادگي، ڪلام جي رواني ۽ تغزل جو ھڪ مثال پيش ڪيان ٿو: +دل گھريا دوست دادلا سڄڻان! +مون سري ڪين تو سوا سڄڻان! +ڇو رقيبن جي چئي رسين مون ساڻ، +ڪر وفا ٿي نھ بيوفا سڄڻان! +ڏور ويندين تھ ڏينھن لائيندين، +گھار مون ساڻ گڏ سدا سڄڻان! +خود نمائي نھ ڪر خدا لڳ تون +درد مندن سان دلربا سڄڻان! +عاشقن جي تھ اصل عادت آھھ، +عاجزي عرض التجا سڄڻان! +ڇو نھ ھن نظم تان نثار ڪري +گوھر آفرين ’گدا‘ سڄڻان! +سلاست جو مثال پيش ڪريان ٿو، جنھن ۾ تجنيس حرفيءَ جي ترنم لطف پيدا ڪيو آھي: +محبت مچايو مگر، الغياث! +جليو جوش کان جيءُ جگر، الغياث! +ٿيو محو ھڏ، ماھھ، وگھريو وجود، +ڪيو عشق ايڏو اثر، الغياث! +حافظ حامد سنڌ جي مشھور نيم تاريخي ۽ روماني داستانن مان ئي پنھنجي غزل لاءِ مواد چونڊي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح غزل جي فارسي روايت کي ترڪ ڪري، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي غزل ۾ سمائي ٿو. ائين ڪندي ھو غزل جون فطري لطافتون بھ قائم رکي ٿو ۽ ساڳئي وقت غزل جي روايتي ماحول ۾ بھ بنيادي تبديلي آڻي ٿو. مثال پيش ڪريان ٿو: +پنھل ڄام سندياءِ پورھيت آھيان +مٽي مون کي ٻئي در جي دائي نھ ڪر +ساڳئي رنگ ۾ ٻيا شعر بھ پيش ڪريان ٿو: +قبوليم ڪيچ ساري جو، مٿي سر سينھون سرتيون، +جتن جي ذات کي جيڏيون ڀري پاڻي پيارينديس! +ھيم جا پيش پازياڻي، سندم سڏجي ٿي سا سانئڻ، +ٻيھر ٻانھي ٻھاريدار، در تي ڪانھ ڌارينديس! +حامد جيڪو سوز ۽ اثر مارئيءَ جي ذڪر ۾ پيدا ڪري سگھيو آھي، سو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. مارئيءَ جون آھون ۽ دانھون، اباڻن ڏانھن اڪنڊ ۽ اڪ��ر، عمر جو ڏاڍ ۽ ڏمر، اھڙي تھ خلوص سان بيان ڪيا اٿس، ڄڻ تھ مارئي پاڻ آھي. مثال طور سندس غزل جا ڪي بيت (شعر) پيش ڪيان ٿو جن ۾ تجنيس حرفيءَ جو بھ خيال رکيو ويو آھي: +عمر! لاھھ عاجز تان ظالم زنجير +ڏي موڪل تھ مارن ملان منجھھ ملير! +ڳران ڳالھيون ڳڻ سنڀاليو سندن، +وسن مينھن وانگر منجھان نيڻ نير. +محاورا ۽ پھاڪا، نثر توڙي نظم ۾ نھ فقط زبان جو حسن پيدا ڪن ٿا، پر بيان جي انداز کي بھ وڌيڪ اثرائتو بڻائين ٿا. حامد جي ڪلام ۾ اڪثر سنڌي محاورا ڪم آيل آھن، جيئن ھن شعر ۾: +روئان رڻ ۾ پنھل لئھ پار کڻيو، +ڏيان ڏونگر ۾ آڌيءَ اوڇنگارون. +فارسيءَ ۾ پختي شعر چوڻ جي باوجود، حامد صاحب پنھنجي سنڌي غزل کي نھ صرف فارسي ترڪيبن، ورجايل بندشن ۽ اوکين اضافتن کان بچايو، پر ساڳئي وقت نج سنڌي لفظن جي اھڙي چونڊ ڪيائين، جو ڪلام ۾ بھ رواني پيدا ٿي ۽ مضمون جي ادائگي بھ سھڻي انداز ۾ ٿي. سندس قادرالڪلاميءَ جا ڪي مثال پيش ڪريان ٿو: +ٻجھان ھا جي تھ ٻاروچا ڇڏي مون کي ڇپر ويندا، +تھ لائي پرت ڇو ٿي پاڻ کي ڄيري وڌم ڄاڻي +ڪميڻي ڪير جا آئون، جڙان ٿي جوڙ جانب سان، +پنھون پورھيت ڪري پنھنجي تھ پاڙي جو ڀريان پاڻي! +حامد پنھنجي شاعريءَ ۾ ”مسلسل غزل“ جو ڪامياب تجربو ڪيو آھي، جا ان دور جي شاعرن لاءِ نئين ڳالھھ ھئي. پڙھندڙ تي غزل جو مجموعي تاثر قائم رھي ٿو، جنھن مان شاعر جي ڪاميابي ظاھر ٿئي ٿي. حامد جي شاعريءَ جي انھيءَ انداز، کيس پنھنجي ھم عصر شاعرن ۾ ممتاز حيثيت ڏني آھي. سندس ڪلام ۾ ڪيترائي مسلسل غزل موجود آھن، جي خاص طور سنڌي ماحول جي ترجماني ڪن ٿا. ڪي ٿورا شعر مثال طور پيش ڪريان ٿو: +آءُ، اکڙين ٺار، وھلو ڪيم وڃ! +دل گھريا دلدار، وھلو ڪم وڃ! +پير ڏي نيڻين، اکيون اوطاق ڪر، +تان ٺرن نت نار، وھلو ڪيم وڃ! +درد مندن جي دوا، درمان تون، +لھھ سٻاجھا سار، وھلو ڪيم وڃ! +پڙھندڙن کي ھن غزل ۾ ھڪ ئي تاثر معلوم ٿيندو. غزل جي فني بيھڪ اھڙي آھي، جو ھر ھڪ شعر پنھنجي ليکي مڪمل ۽ ڌار حيثيت رکي ٿو. اھڙيءَ طرح غزل جا شعر فقط وزن، قافيي ۽ رديف جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن، نھ تھ معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان بنھھ الڳ الڳ آھن. حامد صاحب ھن ڏس ۾ اڳتي قدم وڌايو ۽ غزل ۾ نظم جھڙو تسلسل قائم رکي، ڄڻ غزل جي حسن ۽ دلڪشيءَ ۾ اضافو ڪيو. ويھين صديءَ ۾ تھ مسلسل غزل جا ڪيترائي مثال لڀن ٿا، پر اڄ کان سؤ سوا سؤ ورھيھ اڳ، ھيءُ حامد جو ئي ڪمال ھو، جنھن فراق ۽ ھجر جي سوز ڀري ڪيفيتن جي اثرائتي اظھار لاءِ غزل ۾ نظم جو انداز اختيار ڪيو. سندس مشھور غزل جا ڪي شعر مثال طور پيش ڪريان ٿو: +ڪالھھ جن لئھ ٿي ڪتيم، سي ھوت ھت ھاريون نھ اڄ! +ڪس اچي ڪيچين سوا، ڀنڀور بازاريون نھ اڄ. +چوٽين چڙھنديون چريون، ڏورينديون ڏونگر ڏکيون. +ھيڪلي ھاڙ ھو مئينديون، ھاءِ! ھوشياريون نھ اڄ. +پڙھندڙن کي ھيءُ معلوم ڪري عجب لڳندو تھ جنھن شاعر، غزل جي چؤواٽي کي پنھنجي فڪر ۽ فن جي ڏئين سان روشن ڪيو، سو پاڻ ٽن ورھين جي ننڍڙي وھيءَ کان ئي، ماتا جي بيماريءَ سبب ھميشھ لاءِ اکين جو نور وڃائي ويٺو ھو. ان معذوريءَ سبب کيس جيڪو محروميءَ جو احساس ھوندو يا رواجي طرح حياتيءَ گذارڻ ۾ بھ کيس جيڪي رنڊڪون ۽ ناڪاميون ھر روز محسوس ٿينديون ھونديون، سي ڪنھن بھ شخص جي حوصلي ۽ ھمت کي نپوڙي ختم ڪرڻ ۽ سندس ذھني صلاحيتن جي ڏئين کي وسائڻ لاءِ ڪافي آھن. اِن مجبوريءَ ۽ معذوريءَ جي باوجود، الله تعالى سندس دل ۽ دماغ کي، جا روشني بخشي ھئي، تنھن سان نھ فقط ھن پنھنجي زندگيءَ جي اونداھي رستي کي روشن ڪيو، پر شعر ۽ سخن جي ��نجمن کي بھ منور ڪيو. +ننڍپڻ ۾ قرآن شريف حفظ ڪرڻ جو شوق جاڳيس. قرآن شريف جو ڪجھھ حصو ھتي سنڌ ۾، باقي مديني منوره ۾ وڃي ياد ڪيائين. مديني پاڪ کان موٽڻ بعد، ”ملاڪاتيارن“ ۾ درس ولي محمد وٽ اچي عربي پڙھڻ شروع ڪيائين، پر اتي ڪنھن مسئلي تان درس صاحب سان بحث ٿي پيس ۽ پڙھڻ ڇڏي ڏنائين. جڏھن خواجھ عبدالرحمان جن ٽکڙ آيا ۽ پنھنجن صاحبزادن جي تعليم لاءِ مولانا محمد متعلويءَ کي گھرايائون، تڏھن حافظ صاحب بھ مولانا وٽ عربي پڙھڻ لاءِ حاضر ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پنھنجي تيز حافظي جي مدد سان گھڻو ڪجھھ پرايائين. سندس فارسي تعليم جو ذڪر ھن نموني ڪيو ٿو وڃي تھ ھڪ دفعي پاڻ ٽکڙ جي مسجد ۾ ستا پيا ھئا تھ مولوي محمد موسى نظاماڻي ماتليءَ وارو آيو ۽ کيس ننڊ مان اٿاري چيائينس تھ ”حافظ، اٿي فارسي پڙھھ!“ مولويءَ جي گھڻي زور ڀرڻ تي کانئس ٽن مصدرن – ”آمدن، آودرن ۽ آموختن“ جا گردان سکيائين ۽ بس. سندس خداداد ذھن کيس فارسي زبان تي قدرت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. +جيتوڻيڪ حامد صاحب نابين ھو، تڏھن بھ ٻين وانگر محتاج ٿي زندگي گذارڻ پنھنجي گھٽتائي ٿي سمجھيائين. پنھنجي اھل و عيال جي پرورش لاءِ حڪمت شروع ڪيائين، پر ان مان گذران لائق اپت نھ ڏسي، ڪپڙي جو دڪان کوليائين، جنھن تي پاڻ وھندو ھو. سندس ذھن ايتري قدر سجاڳ ھو، جو ڪوڙن سچن پئسن جي پرک چڱيءَ طرح ڪري سگھندو ھو. سندس فھم جي تيزيءَ جو اندازو ھن ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو، جو ھڪ دفعي سندس دڪان تان ڪپڙو چورائجي ويو، پاڻ پوليس ۾ رپورٽ ڪيائين، پر چوري نھ لڌي، گھڻي وقت کان پوءِ، ھڪڙي مائي، ڪپڙي جو ٽڪر، حامد جي دڪان تي کڻي آئي ۽ کيس چيائين تھ ”ھن نموني جو ڪپڙو ڏئي.“ حافظ صاحب ھڪدم ڪپڙو سڃاڻي ورتو ۽ مائيءَ کي جھلي پوليس جي حوالي ڪيائين. پوليس جي وٺ پڪڙ تي مائيءَ چورن جو ڏس ڏنو. چورن کي پڪڙي ڪپڙي سوڌو ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو. جج صاحب. حافظ حامد جي آزمائش لاءِ، سندس ڪپڙو ٻين تاڪين سان ملائي، کيس چيو تھ ”پنھنجو ڪپڙو ڳولي ڪڍ“. حافظ صاحب بنا ڪنھن اٽڪ جي پنھنجو ڪپڙو، آڏو رکيل تاڪين مان چونڊي ڪڍيو. ٻيا بھ اھڙا ڪئين واقعا آھن، جن مان سندس حافظي جي بي پناھھ قوت ۽ تيز فھمي ظاھر ٿئي ٿي. اھا ئي خداد صلاحيت ھئي، جا شاعريءَ جي رويي ۾ خاص طور غزل جي دلڪش ۽ رنگين پيرايي ۾ ظاھر ٿي. +پڇاڙيءَ ۾ پاڻ ڪن سببن ڪري، لڏي تعلقي حيدرآباد ۾ وڃي ويٺو ۽ پوءِ رياست جوڌپور پاسي ھليو ويو، جتي ڄاريلي نالي ڳوٺ ۾ 1897ع ۾ وفات ڪيائين. کيس اتي ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو. حافظ حامد جو ڪل اولاد، ڇھھ نياڻيون ۽ ٽي پٽ ھئا. پٽن مان مرحوم محمد ھاشم ’مخلص‘ ھڪ ناميارو شاعر، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو آھي. +حافظ حامد جي شاعرانھ عظمت جو سانگي ۽ گدا شاھھ ٻنھي اعتراف ڪيو آھي ۽ سندس ڪيترين مصرعن تي ٻنھي عظيم شاعرن ڪيترائي غزل چيا آھن: جيئن تھ سانگي چوي ٿو: +تنھن کان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص، +جي آھن تسبيح جئن پوتل چون در شھوار. +حامد جو مختصر ڪلام، جيڪو ”ارمغان حامد“ جي عنوان سان ڇپيل آھي، تنھن جي ديباچي ۾ مشھور عالم، مولوي دين محمد وفائي ھن راءِ جو اظھار ڪيو آھي تھ حافظ حامد جي ڪلام ۾، جا رواني، سادگي، سلاست ۽ تجنيس آھي، ان جي لطف ۽ لذت جو اندازو اھو ئي ڪري سگھندو، جنھن کي سنڌي زبان جي محاورن جي ڄاڻ ۽ شعر جو صحيح ذوق ھوندو. +افسوس تھ حامد صاحب جو گھڻو ڪلام محفوظ رھي نھ سگھيو آھي، پر تنھن ھوندي بھ سندس ديوان ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي غزلن سان گڏ ڪافيون، مداحون، شجرا، تاريخي مادا ۽ سي حرفيون بھ موجود آھن. +ائين چوڻ ۾ ڪوبھ وڌاءُ ڪونھي تھ حافظ حامد، سنڌي غزل کي ھڪ نئين مزاج ۽ نئين لھجي سان روشناس ڪرايو. حامد صحيح معنى ۾ غزل جو وڏو شاعر ھو. +(نئين زندگي: اپريل – مئي 1977ع) +احسان بدوي +سانگيءَ جي شاعري : غزل +خورشيد واز آھن ’سانگي‘ سندءِ غزل، +فارس ۽ ھند، سنڌ ۾ تنھنجو ويو شعاع! +شاعر جو مٿيون شعر محض شاعرانھ تعلي نھ آھي. مگر اسان جڏھن سندس ڪلام تي نظر وجھون ٿا تھ سندس ڪلام ۾ اسان کي ھڪ طرف حسن ۽ عشق جون وارداتون ۽ ڪيفيتون ملن ٿيون تھ ٻئي طرف تصوف، اخلاق ۽ فلسفو بھ آھي. سانگيءَ جي ڪلام ۾ صفائي ۽ رواني بھ آھي. اسلوب جي خوبصورتي ھن جي اشعار کي دل آويز ڪري ڇڏيو آھي. اھوئي سبب آھي، جو سندس غزل کي اڄ بھ ان ئي ذوق ۽ شوق سان پڙھيو وڃي ٿو، جنھن سان ان زماني ۾ ٿي پڙھيو ويو، جڏھن اِھو تخليق ٿيو ھو. +غزل جي شاعري، سوز ۽ گداز جي شاعري آھي، ۽ تغزل، غزل جي جان آھي. جنھن جي لغت ۾ معنى آھي – ”جواني جون حڪايتون ۽ عورتن سان عشق جون ڳالھيون ڪرڻ.“ حقيقت اِھا آھي تھ سانگيءَ جي زندگي ۽ ھن جي شاعري ٻئي، اِن معنى جي مصداق آھن. سانگي ھڪ عاشق شاعر ھو ۽ ھڪ شاعر ئي عشق جون خصوصيتون پنھنجيءَ شخصيت ۾ رکي سگھي ٿو. سندس زندگي اِن ڪري سراپا عشق ھئي ۽ ھن جو ڪلام سمورو تغزل آھي. عربي شاعرن جيان ھو موھوم وصل ۽ مصنوعي ھجر جي تخيل کان دور آھي. اِھو ئي سبب آھي، جو ھن جو ڪجھھ چيو آھي، سو دل جي جوش ۽ طبيعت جي امنگ وچان ئي چيو آھي. سانگي جڏھن عشق ۽ محبت جو داستان ڳائي ٿو، تڏھن ھن جي زبان نھايت صاف ۽ شستھ آھي، اشعار روان ۽ بندشون چست آھن، ۽ مضمونن ۾ شوخي، رنگيني ۽ رعنائي آھي: +بي سبب ناھھ پريشان ٿي سندم دل، دلبر! +ياد تنھنجو اي پرين! زلف پريشان آيو. +شبِ فرقت ۾ ڏسي حال سڄو منھنجو ڏکيو، +صبح صادق بھ ڪري چاڪ گريبان آيو. +- +ھلياسون واديء مجنون ڏي ھڻندا نينھن جو نعرو، +چيو ٿي چاھھ مان ھر ھڪ اِجھي ’سانگي‘ سفر نڪتا. +- +برملا جي ڪريان حال شبِ ھجران آءٌ +صبحِ صادق کي ڪريان چاڪ گريبان آءٌ! +آھيان پيچيده قسمت کان ٿيو پيچيدو +زلف پر پيچ ۾ تنھنجي ٿيو پيچان آءٌ! +غزل حقيقت ۾ دلي جذبات ۽ قلبي واردات کي ظاھر ڪرڻ جو ھڪ مؤثر ذريعو آھي. سانگيءَ جي مٿين شعرن کي پڙھڻ کان پوءِ، اسان ھن جي دلي احساس ۽ قلبي بيقراريءَ جو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگھون ٿا. ھيٺين شعرن ۾ اِن جو اظھار اڃا بھ وڌيڪ دل گداختھ نموني تي ڪيو اٿائين: +فرقتِ يار جو بيان ڪھڙو؟ +آءٌ ڪريان ناه طاقتِ گفتار. +دل ڏيڻ جا ۽ دل ستائيءَ جا، +ڪھڙا ڪھڙا نھ مون ڏٺا اسرار! +- +سندءِ ھيءَ آه و زاري، بيقراري بي سبب ناھي، +اي ’سانگي!‘ سچ چوان توکي پون ٿا پور يارن جا. +سانگيءَ کي اِن ڳالھھ جي ڄاڻ آھي تھ عشق ۽ محبت جي داستان جو تاثير ڪڏھن بھ زائل نھ ٿو ٿئي. ۽ ان داستان کي ايندڙ اڻ ڳڻت ورھين تائين پيو ڳائبو ۽ دھرائبو. اِن جو اظھار ڏسو تھ ڪھڙي نھ وڻندڙ طريقي تي ڪيو اٿائين: +اسان جي عشق جون ڳالھيون، ادا! ڳوٺن ۾ ڳائيندا، +اسان جي نظم کي مطرب تھ سازن تي سرائيندا. +چيو مشاط زلف نازنين آھن ننڍا آخر، +بلائ جان تڏھن ٿيندا، جڏھن ھي پيچ پائيندا. +مٿيان ٿورا مثال صرف ڪن حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ پيش ڪيا ويا آھن. ھنن شعرن کي پڙھڻ کان پوءِ ايترو اندازو لڳائڻ مشڪل نھ آھي تھ سانگيءَ، غزل گوئيءَ جي ان بنيادي اصول جي پابندي ڪئي آھي، جنھن موجب ”جيستائين ٿي سگھي تھ محسنات ڪلام کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.“ جيئن ڪابھ ڳالھھ پيچدار نھ بڻجي پوي ۽ خيال اصل مقصد کان دور ٿي صنائع ۽ بدائع لفظي ۽ معنويءَ کي م��ڪز نھ بڻائي ڇڏي. سانگيءَ اِن اصول جي پابندي ڪئي آھي ۽ جيئن مٿي چيو ويو آھي، ھن پنھنجيءَ جذبات ۽ احساس کي صاف، شستھ ۽ دل نشين پيرايي ۾ بيان ڪيو آھي. +جرمنيءَ جي مشھور مفڪر شلر جو چوڻ آھي تھ ”انساني تعلقات ۾ جو تعلق سڀ تي حاوي آھي، اھو جمالي تعلق آھي.“ اِھو ئي تعلق حقيقت ۾ محبوب جو خالق آھي- ھڪ اھڙي ھستيءَ جنھن سان اسان عشق ڪريون ٿا ۽ اسان جي دل ڇڪجي ان ڏانھن مائل ٿي وڃي ٿي، ان جو بنياد انسان جي اندر باھمي دوستيءَ جي خواھش سان گڏ حسن جو احساس آھي. مگر ان سان گڏ عاشق کي خود بھ پنھنجيءَ ھستءَو اندازو ھئڻ ضروري آھي. عشق ۽ حسن ٻنھي جو ڳانڍاپو ۽ ھم آھنگي ئي ان کي مڪمل صورت ڏئي سگھي ٿي. سانگي چوي ٿو: +ھميشھ ناز بيجا نازنين جا بجا ڄاتم، +حسينن جا سدا پاتم اشارا ڪج ادائيءَ جا! +ان ”ناز بيجا“ ۽ ”ڪج ادائيءَ“ ۾ معشوق جو ڪردار لڪل آھي. عشقيھ شاعريءَ ۾ عاشق ۽ معشوق جي ڪردارن ۾ توازن ۽ ربط ئي پوري رخ ۽ سمت جو ذميوار آھي، ۽ ھتان ئي شاعر کي لب ۽ لھجو ملي ٿو، جو ھن جي پوريءَ شاعريءَ تي ڇانيل رھي ٿو. ان جو اظھار ھيئن ٿو ڪري: +حسن موھي نھ ڪا ڪرشمه و ناز +دل گرفتار وضع ڪئي يڪبار +ھن مان ظاھر آھي تھ سانگيءَ وٽ عاشق ۽ معشوق جي ڪردار ۾ ھڪ ربط ۽ ھڪ جھڙائي آھي ۽ ھو ڪنھن جي ٿي رھڻ سان گڏ ڪنھن کي پنھنجي بڻائڻ جو جذبو بھ رکي ٿو، ان ڪري جيتري اھميت پنھنجي سمجھي ٿو، ايتري معشوق جي بھ. ان مان ثابت ٿيو تھ ٻين شاعرن جيان سانگيءَ وٽ نھ معشوق بلند ۽ بالا آھي ۽ نھ وري عاشق ھيچ ۽ ڪمتر آھي. +اسلوب جي ندرت غزليھ شاعريءَ جي وڏي خاصيت سمجھي وڃي ٿي. شاعر پنھنجي ڪلام ۾ ڪنھن بھ معمولي خيال کي نزاڪت بخشي، ان ۾ زور ۽ حسن پيدا ڪري ڇڏيندو آھي. سانگيءَ جي ڪلام ۾ اِن جا بھترين مثال ملن ٿا. شمع، شام کان وٺي صبح تائين ڳرندي رھي ٿي. ان جي ڳرڻ ۽ پگھرجڻ کي سانگي ’اشڪبار‘ لفظ ۾ بند ڪري ڪيترو نھ حسن پيدا ڪيو آھي: +ھر ھر ڏٺو ٿي حال دل بي قرار شمع، +ھئي شام کان بھ تا بھ سحر اشڪبار شمع، +آئيني ۾ عاشق جڏھن پنھنجي شڪل ۽ صورت ٿو ڏسي تھ سندس حالت تي خود آئيني ۽ محبت کي بھ ارمان ٿو وٺي وڃي. سانگيءَ ھن خيال کي نھ فقط نزاڪت بخشي آھي، بلڪ شوخي بھ پيدا ڪئي آھي: +آئينو بھ ششدر ٿيو ڏسي مون کي مشوش، +ھي حال ڏسي منھنجو ٿي حيرات محبت. +سانگي ھت ’ششدر‘ لفظ کان ڪيترو نھ ڪم ورتو آھي. لفظ بذات خود ثقيل ۽ اڻ وڻندڙ آھي، مگر اِن لفظ کي پڙھڻ کان پوءِ محبت ڪرڻ واري جي ناڪاميءَ ۽ حسرت، مجبوريءَ ۽ معذوريءَ جو احساس بھ ٿئي ٿو. +سانگيءَ اھڙيءَ طرح اسلوب جي ندرت جا بھترين مثال پنھنجي ڪلام ۾ پيدا ڪيا آھن. ھيٺين انتخاب مان سندس ادا جي شوخي ۽ نازڪ خياليءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، جنھن نھايت ئي لطف پيدا ڪيو آھي: +قيامت ۾ سھي قامت قيامت کي ٿا ڪن برپا، +يڪا يڪ فتنھءِ بيدار ويھن ٿا، ويھارن ٿا. +- +ھي فڪر مون کي آھي تھ عقبى ۾ ڇا ڪريان، +دنيا ۾ تو تان ساھھ ۽ سر ٿيو نثار جي! +سانگيءَ جي ڪلام ۾ مون کي جا ٻي خاصيت نظر آئي آھي، سا آھي ’اشاريت‘. سندس ھمعصر شاعرن ھيءَ خاصيت پنھنجي ڪلام ۾ شايد گھٽ استعمال ڪئي آھي. اشاريت ڪلام جي اھا خاصيت آھي، جنھن موجب شاعر پنھنجي جذبات ۽ اڌمن کي اشارن ۾ بيان ڪري وڃي ٿو ۽ کٽل ٽڪرن کي پڙھندڙ پنھنجي ذھن سان مڪمل ڪري ٿو. سانگيءَ ھيٺئين انتخاب ۾ اشاريت کان ڪم وٺي پنھنجي ڪلام ۾ ڪھڙي نھ شوخي پيدا ڪئي آھي: +با وفا يار ناھي غم ناھي، +آھي جڏھن عمر بي وفا مون کي! +ابتدا ۾ ڪريان آءٌ ڪھڙو ناز، +آھي درپيش انتھا مون کي! +نھ خبر آھي ڪنھن کي منھنجي ڪا، +نھ خبر آھي ڪنھن جي ڪا مون کي! +پوئين شعر تي غور ڪريو تھ اھا حقيقت صاف ٿي ويندي تھ شاعر اِن ۾ خود وارفتگيءَ جو ڪيترو نھ بلند پھلو پيدا ڪيو آھي. اِھو ممڪن آھي تھ ڪي ان کي زندگيءَ جي فراريت سان منسوب ڪن، مگر انساني زندگيءَ ۾ ھڪ اھڙي بھ منزل اچي ٿي، جڏھن انسان خود پنھنجو پاڻ کان بھ بي خبر ٿي وڃي ٿو. ان بيخوديءَ جي منزل کي سانگيءَ ڪيترو نھ خوبيءَ سان اشاريت جي ذريعي بيان ڪيو آھي ۽ جنھن مان معنائن جا ڪيترائي پھلو نڪري سگھن ٿا. ھيٺين شعر ۾ ”يار جي قد کان يادگيريءَ جي عصا“ جو ڪم ورتو اٿائين، تنھن ۾ تھ ھن نازڪ خياليءَ ۽ اِشاريت جو ڪمال ڏيکاريو آھي: +يادگيري ز سر قامتِ يار، +آهھ پيريءَ جي ٿي عصا مون کي. +تشبيھون ۽ استعارا ڪلام جو زيب ۽ زينت سمجھيا وڃن ٿا. حقيقت ۾ اِھا ئي جڳھھ آھي، جتي شاعر جي زور طبيعت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سانگيءَ جي ڪلام جي اِھا عام خاصيت آھي تھ ھن جي تشبيھن ۾ لطافت آميز سادگي آھي. سادگيءَ مان مطلب اھو نھ آھي تھ ان کي صرف لفظن تائين محدود رکيو وڃي، مگر مولانا حاليءَ جي چوڻ موجب- ”خيال بھ اھڙائي نازڪ ۽ دقيق ھئڻ گھرجن، جو انھن کي سمجھڻ ۾ عام ذھن کي ڪابھ تڪليف نھ پھچي.“ سانگيءَ جي تشبيھن ۾ سچ پچ تھ اِھڙي ئي سادگي آھي: +پاڻي ٿو پئين ڏسجي گلوءَ مان ٿو صاف، +آھي جيڪا بيشڪ بلور اي صنم! +ٻي ھنڌ ڏسو: +نڪتو سحاب مان ڄڻ خورشيد +منھن تان جو لاٿو يار نقاب +سانگيءَ معشوق جي ’پير جو ننھن، ٽٽل ڏٺو آھي تھ ھڪدم ’ماه نو‘ جو خيال آيو اٿس. ھيٺين شعر ۾ ڏسو تھ اِن خيال کي ڪيترو نھ سادگيءَ سان بيان ڪيو اٿائين: +پير تنھنجي جو ننھن لٿل آھي +ماهھ نؤ آسمان تي ٿيو روشن +ڪنھن بھ شيءِ يا حالت جي تعريف اھڙيءَ طرح بيان ڪرڻ، جو ان چيز جي تصوير اکين اڳيان اچي وڃي، ان کي ”محاڪات“ چيو وڃي ٿو. رقيب جي رقابت، عشق جو غم، وعده وصال، اميد وفا وغيره ڪيترن ئي قسم جا واقعا آھن، جي عاشق کي عشق ۾ پيش اچن ٿا. اِن واردات کي شعر ۾ بيان ڪرڻ سان ٻڌڻ واري جي دل ۾ بھ اھي ئي جذبات پيدا ٿين، شاعريءَ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آھي. ٻيءَ حالت ۾ رقابت، شبِ ھجر جي مصيبت، عشق جي جانڪاھي، وعده وصل ۾ انتظار وغيره اھڙا واقعات نھ آھن، جو ڪنھن کي پيش نھ ايندا ھجن. ان ڪري ھڪ ئي چيز جو اظھار ايترو عام ٿي پوي، جو ان ۾ جيڪر جاذبيت پيدا ئي نھ ٿي سگھي. مگر شاعر پنھنجي جوش بيان ۽ طرز ادا سان اِن کي ايترو تھ لطيف ۽ پرڪيف بڻائي ٿو، جو پڙھندڙ اِن کي پڙھندي، ھر دفعي نئون مزو حاصل ڪري ٿو. سانگيءَ جي ڪلام ۾ ’محاڪات‘ جا اسان کي ڪيترائي مثال ملن ٿا: +ڇڏيا ڇوڙي مون ونگڙا وار وقتِِ وصل دلبر جا +پريشاني اسان جي پئي وڃي زلف پريشان تي +معشوق جي پريشان وارن مان پنھنجيءَ پريشانيءَ جو اظھار ڪرڻ ھڪ نازڪ خيال آھي ۽ ھڪ خاص حالت جي ڪيتري نھ جاذب مصوري آھي. ھيٺيون شعر بھ ھن جو بھترين محاڪاتي شعر آھي: +واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آءٌ روز شب، +آھيان ڪڏھن زمين تي ڪڏھن آسمان تي! +ھيٺين شعر ۾ سانگيءَ، بيڪسيءَ جي ڪيتري نھ مڪمل تصوير ڪڍي آھي: +جنھن مون کي ٿي ڏٺو، ٿي چيو تنھن چريو چريو، +پنھنجي پرينءَ ڏي مون جو ڏٺو ٿي وريو وريو. +شعر جي خوبي اِھا بھ آھي تھ ان جي دلڪشيءَ کي ڏسي، ان جي بھتر ھئڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. ظاھر آھي تھ شاعري منطق نھ آھي، جو دليلن کان ڪم ورتو وڃي، اِن ڪري شعر جو لطف ذوق سليم ئي وٺي سگھي ٿو. ھيٺئين شعر کي ڏسو تھ نھ تخيل جي نزاڪت، نھ خيال جي ندرت ۽ نھ وري اسلوب ۾ ڪا جدت آھي، مگر لفظن جي بندش ۽ ان جو تاثير اھڙو نھ آھي، جو اثر ڇڏڻ کان سواءِ رھجي وڃي: +طبع منھنجي مان بمدح آتشين رخسار روز، +پئي بھ پئي ڪاھيو اچن، مضمون آتش بار بار! +سانگيءَ جي ڪلام تي نظر ڪرڻ سان خبر پوي ٿي تھ سندس شاعري بھ روايتي غزل گوئيءَ جي زلف ۽ ڪاڪل ۾ الجھيل آھي. تنھن ھوندي بھ جڏھن ھو ”حلقھء ھائ گيسو“ کان ٻاھر نڪري، جذبات جي دنيا ۾ قدم رکي ٿو تھ ھن جي شاعري عشق ۽ محبت جي اسرار ۽ رموز جو آئينو بڻجي پوي ٿي. مثال طور ھيٺيان شعر ڏسو: +آزرده دل اي دوست! ز تقدير ٿجي ڇو؟ +دل لائي دلارام سان دلگير ٿجي ڇو؟ +معلوم آھي آزادگي مشڪل سان ملي ٿي. +پابند وري زلف گره گير ٿجي ڇو؟ +ھيٺين شعر ۾ عشق جي تاثير کي ڪھڙو نھ خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪيو اٿائين: +ڪھڙا ڪھڙا نھ تماشا ٿي نظر تي پھتا، +ھاڻي ھي رنگ اچي ديده تر تي پھتا. +رشڪ کان تنھنجي رخ صاف جي اي غيرتِ ماھھ +داغ حسرت جا آھن روئ قمر پھتا. +خارجي مضمون يعني خال ۽ خط، ۽ رخ و گيسو جي وصف سان جيتوڻيڪ سندس ديوان ڀريل آھي، مگر اِن ھوندي بھ ھن پنھنجيءَ طرز ادا سان انھن مضمونن کي بھ گھڻو ڪجھھ دلچسپ ۽ لطيف بڻائي ڇڏيو آھي: +دل تھ صد پاره آه شان صفت، +زلف جي تار تار سان گستاخ. +عاشق عام طرح اسان کي عشقيھ شاعريءَ ۾ نيازمند نظر ايندو آھي. ھن سادي خيال کي سانگيءَ زلف جو سھارو وٺي، ڪيترو نھ بلنديءَ تي پھچايو آھي. +پيوند منھنجي دل کي وڌو زلف جي ڪمند، +ھو زلف بي نياز، سندم دل نيازمند. +خارجي مضمون کي اڃا بھ ھڪڙي ٻئي ھنڌ نھايت ئي لطيف پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿائين: +ابروءِ يار جي تصوير ڪڍي پير فلڪ، +ماهھ نؤ آھي اِھو نقش منور پيدا! +سانگيءَ جي ڪلام جي ھڪ مؤثر خصوصيت اھا آھي تھ ان ۾ فقيرانھ ۽ آزادانھ شان اسان کي ملي ٿو. سانگي ننڍپڻ کان وٺي فقيري خيالن جو انسان ھو. عشق بازيءَ تھ کيس آقي باقي بھ فقير بڻائي ڇڏيو ھو. جيتوڻيڪ حڪمران ٽالپرن مان ھو، مگر خود ان شان سان زندگي بسر ڪونھ ڪيائين، ۽ نھ وري اھو کيس خيال ئي ھو. اِن ڪري سندس قال بلڪل حال معلوم ٿئي ٿو. ھو توڪل ۽ قناعت، استغنا ۽ بي نيازيءَ جي مضمونن کي جنھن جوش ۽ صداقت سان ادا ٿو ڪري، ان مان اِھو نھ ٿو معلوم ٿئي تھ ڪو ھو صرف دنيا کي ان جي تعليم ڏئي ٿو، بلڪ ائين ٿو محسوس ٿئي تھ ھڪ شخص خود پنھنجيءَ اصلي حالت جو اظھار ڪري رھيو آھي: +ڪين مورئون مٽ ڪريان سؤ سک آءٌ ھڪڙي سور سان، +فقر ۽ فاقو نھ پاڙيان، دولتِ فغفور سان! +فغفور جي دولت ھن جي فقر ۽ فاقي جي اڳيان تڇ آھي. ھڪ سور ھن کي سؤ سکن کان زيادھھ عزيز آھي. استغنا جي اِن جذبي کي اڃا بھ وضاحت سان ھيٺين شعر ۾ بيان ڪري ٿو. ”الفقر فخري“ جي تشريح ڏسو تھ ڪھڙي نھ عمدي پيرايي ۾ بيان ڪئي اٿائين: +آءٌ خاڪ نشين آھيان، سندم فخر آھي فقر، +سچ تاج ۽ ديھيم کي افسر نھ ٿو ڄاڻان +سانگيءَ جي مٿين شعرن کي پڙھڻ کان پوءِ اسان ھن جي اندروني جذبي جو اندازو لڳائي سگھون ٿا، جنھن ڪري ھن جي ڪلام ۾ تاثير ۽ دلڪشي پيدا ٿي پئي آھي. اِن سلسلي ۾ ڊاڪٽر يوسف حسين خان جي ھت راءِ درج ڪرڻ بيجا نھ آھي. پنھنجي ڪتاب ”اردو غزل“ ۾ لکي ٿو تھ: ”شاعر جو فڪر تخيلي ۽ وجداني ھئڻ گھرجي، جنھن ۾ اندروني جذبي جو رس ڀريل ھجي، جنھن کان سواءِ ڪلام ۾ تاثير ۽ دلڪشي نھ ٿي پيدا ٿي سگھي. شعر جي خوبيءَ جو معيار نھ اسلوب ۾ پنھان آھي ۽ نھ موضوع ۾، بلڪ شعريت ۾، جا ٻنھي کان بالاتر آھي. اسان يقين سان چئي سگھون ٿا تھ شعريت تخيلي فڪر ۽ جذبي جي ھم آميزيءَ کان سواءِ پيدا نھ ٿي ٿي سگھي، ۽ اِھي ٻئي عنصر تغزل جي جان آھن. انھن کان ئي حسن و ادا جي جلوه گري ٿئي ٿي، جو ادب جو بنيادي قدر آھي.“ سانگيءَ جو ڪلام اِن معيار تي ڪيتري قدر صحيح ثابت ٿئي ٿو، ان بحث کي ڇڏي، ايتري چوڻ ۾ تھ ڪوبھ وڌاءُ ڪونھ آھي تھ ھن جو ڪلام اندروني جذبي جي احساس کان خالي نھ آھي ۽ ان ۾ شعريت بھ آھي. + + +چيو ويندو آھي تھ ”انسان جي طرز ھن جي سيرت جو پرتؤ آھي.“ ھيءَ چوڻي ڪنھن بھ شاعر جي ڪلام جي بنسبت زيادھھ صادق معلوم ٿئي ٿي. ڊاڪٽر يوسف حسين خان ”اردو غزل“ ۾ اِن نڪتي جي وضاحت ھيئن ڪئي آھي: ”شاعر ڀل تھ ڪيترو ئي حقيقت پسنديءَ جي دعوى ڪري، پر پنھنجي شعر جي لاءِ جو اسلوب ۽ موضوع منتخب ڪندو، ان ۾ ھن جو ذاتي رجحان لازمي طرح موجود رھندو. ھن جي اندروني زندگيءَ جو رنگ خارجي تصوير ڪشيءَ ۾ اجاگر ٿيڻ کان سواءِ رھي نھ سگھندو ۽ ھن جي جذبي ۽ خواھش جي الجھن ۽ پيچ و خم لڪائڻ تي بھ ظاھر ٿي پوندو. ھر شاعر ۽ خاص طور تي غزل گو شاعر پنھنجي موضوع سان جذباتي تعلق رکي ٿو ۽ جي نھ رکي تھ ھر شعر جو حق ادا نھ ٿو ڪري سگھي.“ +ھن راءِ جي روشنيءَ ۾ اسان جڏھن سانگيءَ جي ڪلام جو مطالعو ڪنداسون تھ اِھا حقيقت صاف ٿي ويندي تھ شايد ڪنھن بھ شاعر جي ڪلام تي ان جي طبيعت ۽ سيرت جو ايترو اثر نھ پيو ھوندو، جيترو سانگيءَ جي ڪلام تي نظر ٿو اچي. اسان ڀل تھ سانگيءَ جي حياتيءَ ۽ ھن جي اخلاق ۽ سيرت کان غير واقف ھجون، مگر اِھو مشڪل نھ آھي تھ ڪنھن بھ تذڪري جي مدد کان سواءِ ھن جي ڪلام مان آسانيءَ سان ھن جي انداز، ھن جي طبيعت جي افتاد ۽ مزاج کي سمجھي وڃون. ھن جي ڪلام کي پڙھڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي، تھ ھن جي لفظ لفظ ۾، بيان جي طرز ۾، ترتيب ۽ بندش ۾، ھن جي قلبي واردات ۽ احساس جي تصوير نڪتل آھي. ھيٺين شعرن ۾ تھ ھن ڄڻڪ پنھنجي دل ڪڍي رکي آھي: +پسند آيو نھ دنيا جو شغل ني شوق ڪو ٻيو ٿيو، +رھياسون شوخ چشمن جي تھ شائق آشنائيءَ جا. +گھريا مون مه جبينن کان رخ و رخسار جا بوسا، +سيکاريا شوق دل جي مون کي رستا ھي گدائيءَ جا. +ڏٺاسون عابد و زاھد سڀيئي زر پرست آھن، +اسان مستن جي مجلس ۾ نھ لائق آھن پائيءَ جا! +- +وڻ ھيٺ ڪڏھن سايھءِ ديوار ۾ آھي +’سانگي‘ سندي سرڪار، ڪڏھن ڪٿ، ڪڏھن ڪٿ! +سانگيءَ جي شاعري جيئن مون مٿي چيو آھي، ھن جي سيرت جي عڪاسي ٿي ڪري. مگر اِن فقيرانھ سيرت ھن جي ڪلام ۾ مرادنگيءَ جا جوھر بھ پيدا ڪيا آھن، ۽ جنھن جو ھو نھايت ئي جوش سان اظھار ڪري ٿو: +طلب مال و زور آءٌ ڪين ڪريان، +طمع بيشتر آءٌ ڪين ڪريان. +حال دنيا جو مون کي ٿيو معلوم، +خواھش ڪرو فر آءٌ ڪين ڪريان. +گرچ آھيان نحيف پر پارو! +ڪنھن کان ھرگز حذر آءٌ ڪين ڪريان. +- +لانڍي ھجي لوڙھي ۾ رھڻ لاءِ ڪکن جي، +ڏيکارجي دشمن کي مگر لوڏ لکن جي. +سانگيءَ پنھنجي ڪلام ۾ زماني جي بي ثباتيءَ جو اظھار پڻ دل گداز پيرائي ۾ ڪيو آھي. ھت پھچي اسان کي ھن جي ڪلام ۾ ھڪ متانت ۽ وقار نظر اچي ٿو، ۽ نھايت ئي معمولي ۽ سادن لفظن ۾ وڏا وڏا نڪتا ۽ بلند مضمون نھايت ئي بي تڪلفيءَ سان بيان ڪري وڃي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن تھ سرسري طرح پڙھڻ سان اھو خيال ئي نھ ٿي ٿئي تھ انھن سادن لفظن ۽ سليس ترڪيبن جي پٺيان بھ ڪي اھڙا بلند خيال لڪل آھن. مثال طور ھيٺ ٿورا شعر درج ڪيا وڃن ٿا: +ھتي دردن جا تھ دوڪان ھئا، ھت سورن جا سامان ھئا، +وڏا شوخن جا ھت شان ھئا، سي ھاڻي ماڳ مٽائي ويا. +تن شاھن جا ويا شان ڪٿي، ويا نوبت ۽ نيشان ڪٿي، +سي دھليون ۽ دربان ڪٿي، جي ماڙيون محل اڏائي ويا. +- +ڪيا ڪارناما اسان ڪھڙا ڪھڙا؟ +ڪبا تن جا يارو بيان ڪھڙا ڪھڙا؟ +محبت جا، الفت جا دلدادگيءَ جا، +ھليا ٿي سخن درميان ڪھڙا ڪھڙا؟ +فريدون، جمشيد، ڪائوس ڪي جا، +ھما کي ملي�� استخوان ڪھڙا ڪھڙا؟ +ويا دار دنيا مان نوبت وڄائي، +ملائڪ - صفت مھربان ڪھڙا ڪھڙا؟ +ڪوبھ شاعر پنھنجي زماني جي سماجي ۽ سياسي حالتن کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رھي نٿو سگھي ۽ ڪنھن بھ شاعر جي اِن شعور جو اندازو اسان ھن جي ڪلام جي مطالعي مان آسانيءَ سان لڳائي سگھون ٿا. شاعر جو ڪلام حقيقت ۾ ان دور جي ھڪ تصوير آھي، جنھن ۾ ھو رھي ٿو. سماجي ۽ معاشي يا اخلاقي مسئلا جيتوڻيڪ نظم ۾ بھتر طريقي تي بيان ڪري سگھجن ٿا، مگر غزل ۾ بھ اھي حڪيمانھ نڪتا داخل ٿي سگھن ٿا. ان جو سبب ھيءُ آھي تھ ڪوبھ شاعر پنھنجي سماج کان علحدو رھي ڪابھ حيثيت حاصل نھ ٿو ڪري سگھي. سماج جي ھڪ فرد ھئڻ جي حالت ۾ ھو تھذيب ۽ زندگيءَ جي ٻين قدرن کي پنھنجي ڪلام ۾ اظھار ڪرڻ کان سواءِ رھي، سو مشڪل آھي. خارجي ڪيفيتون، ان ڪري داخلي شعور جي لاءِ مھميز جو ڪم ڪن ٿيون، شاعر ان ڪري لازمي طور پنھنجي وقت ۽ ماحول جو ترجمان آھي ۽ ھو جديد عھد جي انسان جي ذھني ڪيفيت کي متاثر ڪري ٿو ۽ ھيءُ شاعر جو سماجي عمل آھي. مير سانگي بھ پنھنجي زماني جو ترجمان آھي. سندس ڪلام کي پڙھندي اِھو خيال دل تي ويھي ٿو تھ ھو پنھنجي دور جو ڪامياب تصوير گر آھي. سانگيءَ جو ٽالپر خاندان سان تعلق ھو. ھن اِن حڪمران خاندان جي نھ حڪومت جو عروج اکين سان ڏٺو ھو ۽ نھ وري ان زماني جي اخلاقي، سماجي ۽ معاشي قدرن جو کيس ڪوئي ذاتي تجربو ئي ھو. مگر ٽالپرن جي حڪومت جي انحطاط کي گھڻو وقت نھ گذريو ھو ۽ اھي شيون جي ٽالپرن جي زماني ۾ رسمن ۽ روايتن جي صورت ۾ رائج ھيون، سي اڃا صفا مٽجي نھ ويون ھيون. انگريز حڪمران، جا پاڻ سان تھذيب کڻي آيا ھئا، تنھن جو ديسي تھذيب سان تصادم ھڪ ناگزير عمل ھو. ان جو لازمي نتيجو اھو نڪتو، جو سنڌ جي اخلاقي ۽ سماجي حالت زماني سان گڏ پاسا بدلائڻ لڳي. ظاھر آھي تھ ان جي اثر پوڻ ڪري، ان وقت جي ھر چيز اھو ئي رنگ اختيار ڪري رھي ھئي، جو انگريزي حاڪمن جو ھو. +سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي ان زماني جي ڪيفيت ملي ٿي. ان زماني جي بدلجندڙ حالتن کان ھو مطمئن نھ آھي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ ھڪ سوگوارانھ ڪيفيت ۽ دٻيل چيخ ۽ پڪار جو عالم نظر اچي ٿو. سانگي اسان کي ھت بيحد حساس ٿو نظر اچي. ان احساس جو اندازو اسان سندس شاعريءَ مان چڱيءَ طرح لڳائي سگھون ٿا- جيتوڻيڪ ان ۾ سادگي آھي، مگر اِن سادگيءَ ۾ بلا جو زور، جوش ۽ شوخي آھي: +تڏھن ترڪ وطن ڪيوسين، جڏھن اھل وطن بگڙيا، +جي بگڙڻ جا نھ ھا اھڙا بھ ياران ڪھن بگڙيا. +ھوا اھڙي لڳي آھي جو پنھنجي پنھنجي مذھب کان، +مسلمان و ڪرستان و يھود و برھمن بگڙيا. +زماني رمز سان ورتي جا آھي راءِ حاڪم جي، +ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا. +اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مون کي ٿيو يقين آھي، +زماني جي بگڙجڻ کان تھ مردن جا سخن بگڙيا. +ھڪ ٻئي غزل ۾ زماني جي حالت جو نقش اڃا بھ مؤثر انداز ۾ ڪڍيو اٿائين، ۽ ساڳئي وقت ’حافظ شيرازيءَ‘ جي غزل کي ڪيترو نھ خوبصورتيءَ سان تضمين ڪيو اٿائين: +اي زمانا! تنھنجي لوڏن کان تھ آھيون جان بلب، +باز گردد يا بر آيد چيست فرمان شما! +عھد اھڙو آه ھيو سخت جنھن کان الامان! +زينھار اڍ دوستاڻ جان من و جان شما! +ھي سندو دولت زيا اڍ حاڪمان يوروپي، +گرچ جام ما نشد پر مي به دوران شما! +ھيءُ شعر ڪنھن نھ ڪنھن پھلو کان، ان زماني جي انتشار ۽ ڦرندڙ حالتن کي چڱيءَ طرح ظاھر ڪن ٿا. مگر ھي غزلن جا شعر آھن، ۽ ڪنھن واقعاتي نظمن جا بياني ٽڪرا نھ آھن. اِن مان گھڻو ڪجھھ اسان کي پنھنجي ذھن جي مدد سان پورو ڪرڻو آھي، ۽ سمجھڻو آھي، ۽ اِن مان نتيجو ڪڍڻ بھ اسان جو ئي ڪم آھي. اِن مان اِھو بھ واضح ٿئي ٿو تھ سانگيءَ جو ڪلام ۽ ان جي سيرت ٻئي مطالعي جي قابل آھن، ۽ انھن ٻنھي چيزن گڏجي سانگيءَ کي سنڌي شاعريءَ جي غزل گو شاعرن ۾ ھڪ مقام ۽ مرتبو بخشيو آھي. ھن جي ڪلام ۾ اسان کي ڀل ايتري آفاقيت ۽ ھمھ گيريت نظر نھ بھ اچي، مگر ان کان انڪار نٿو ڪري سگھجي تھ پنھنجي ڪلام متعلق جا ھيٺئين شعر ۾ دعوى ڪئي اٿائين، سا ڪي قدر صحيح آھي: +سڻي ’سانگي‘ سخن تنھنجا، چوي ’حافظ‘ روا باشد، +که بر نظم تو افشاند فلک عقد ثريا را! +(”سانگي“ – احسان بدوي، ص ٤٢ – ٦٠) +شيخ عبدالرزاق ”راز“ +سنڌي غزل ۽ ”سانگي“ +سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي روايت فارسيءَ ۽ اردوءَ کان آئي، ۽ اھا صنف فارسي ۽ اردو شاعريءَ کان گھڻو متاثر آھي. اردو غزل بنيادي طرح فارسي غزل جي تمام لوازمات کي قبول ڪيو آھي، جنھن ڪري اردو غزل تي فارسي غزل جي روايت باقاعدي اثر انداز رھي آھي. سنڌ ۾ فارسي سرڪاري زبان جي حيثيت سان ڪيتريون صديون سنڌ تي حڪومت ڪندي رھي ۽ انھيءَ ڪري فارسي علم ادب جي سنڌ ۾ خاص شھرت رھي. سنڌي شاعرن فارسي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي، ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي نسل شاعر فارسيءَ جا قادرالڪلام شاعر ليکيا ويا آھن. فارسيءَ سان گڏ اردو شاعريءَ بھ سنڌ تي پنھنجو اثر ڄمايو. شاھجھاني دور حڪومت ۾ سنڌ جو پھريون اردو شاعر ملا عبدالحڪيم ”عطا“ ٿي گذريو آھي، جنھن جو اردوءَ جي اوائلي ۽ بنيادي شاعرن سان مقابلو ڪري سگھجي ٿو. انھيءَ نموني، وقتا فوقتا، ڪيترائي سنڌي نزاد اردو شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪندا رھيا. مٿين مڙني حالتن سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف کي فارسي روايت جي سڀني لوازمات سان روشناس ڪرايو، ۽ عموما سنڌي غزل ۾ فارسي عروض، علامات، ترڪيبات، اشاريت ۽ تشبيھات وغيره جو دور دورو رھيو. غزل جي شاعري ھڪ انوکي مزاج ۽ منفرد لب لھجي جي حامل آھي. خليفي ”گل“ جي دور کان وٺي سنڌي غزل جي موضوعات، روايت، اسلوبِ، اظھار جي ترقيءَ ۽ نشونما جو ھڪ مسلسل داستان آھي. اھو داستان ھڪ صديءَ کان مٿي چڙھي ويو آھي. سنڌي غزل، رنگ ۽ روپ، آواز ۽ آھنگ جي اعتبار کان، اسان جي داستان شاعريءَ جي ھڪ دلڪش ۽ دلچسپ روايت آھي. اسان جي غزل جي پھرئين دور ۾ محض غزل جي مخصوص ھيئت تي زور رکيو ويو آھي، ۽ ٻين فني لوازمات تي گھٽ توجھھ ڏني وئي آھي. اھو سنڌي غزل جو تمھيدي باب ھو، جنھنڪري فني لحاظ سان ان جي ڪمزورين ۽ خامين کي نظرانداز ڪري سگھجي ٿو. ويھينءَ صديءَ جي اوائلي دور ۾ غزل جي رنگ ۾ ڪجھھ تغير پيدا ٿيو. آخرڪار غزل جو درست انداز ۽ صحيح مزاج ”سانگيءَ“ جي شاعريءَ ۾ نظر آيو. ”سانگي“ غزل جي دنيا ۾ ھڪ بلند مقام رکي ٿو، جنھن غزل جي مخصوص انداز ۽ آھنگ، مزاج ۽ اسلوب کي يڪجا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. غزل نھ قصيدو آھي ۽ نھ مرثيو، منجھس جذبي جي خلوص، صداقت ۽ حقيقت پسنديءَ جي سخت ضرورت آھي. شاعريءَ جي سرزمين تي غزل ھڪ لطيف ۽ نازڪ چيز آھي. لطافت ۽ نزاڪت سندس اھم عناصر آھن، تنھنڪري غزل جا لوازم، غزل جي مزاج، انداز، اسلوب ۽ بيان، نرمي ۽ نزاڪت، سليقي ۽ لطافت تي مشتمل آھن. +”سانگيءَ“ اھل وطن کي سنڌي زبان جي شاعريءَ ۾ اھم موضوعات مھيا ڪري ڏنا آھن. گل و بلبل جي شاعريءَ سان گڏ غم دوران جون تصويرون پيش ڪيون آھن، ھن ھجر و وصال جي داستان ۾ غم جانان جون لاتعداد ڪيفيتون بيان ڪيون آھن. پراڻن موضوعات ۾ جديد مضمونن ۽ جديد رجحانات کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جن مان جدت ۽ قدرت جون جھلڪون نظر اچن ٿيون. انوکن خيالن تي خاص توجھھ ڏني وئي آھي. انداز ۽ اسلوب جي لحاظ کان غزل جي نرميءَ ۽ نزاڪت کي مقدم رکيو ويو آھي. ان ۾ شڪ نھ آھي تھ ”سانگي“، فارسي ۽ اردوءَ جي قديم اساتذه سخن کان متاثر آھي. ھن وڏي شوق سان فارسي ۽ اردوءَ جي شاعري ڪئي آھي. ھن پنھنجي سنڌي شاعريءَ ۾ رواياتي لوازم کي برقرار رکيو آھي، جنھنڪري سندس ڪلام ۾ انيڪ ترڪيبون، محاورا ۽ تشبيھون موجود آھن. +”سانگيءَ“ غزل جي ڀرپور فضا ۾ ھوش سنڀاليو. سندس زماني ۾ ھر طرف غزل جي صنف جو غلغلو ٻڌڻ ۾ آيو. ان وقت اردو غزل ۾ انقلاب آيو، ۽ سنڌي غزل جي شاعري پنھنجيون ارتقائي منزلون طي ڪندي اڳتي وڌي رھي ھئي. سندس وقت ۾ سنڌ جا وڏا غزلگو شاعر ”گدا“، ”حيدري“، ”حامد“ ٽکڙائي ۽ مرزا قليچ بيگ ڄڻ تھ سنڌي شاعريءَ جا سينگار ھوندا ھئا. سندس وڏا معاصر آخوند قاسم ۽ فاضل شاھھ پڻ موجود ھئا. +”سانگيءَ“ جي ولادت ان وقت واقع ٿي، جڏھن سنڌ جا امير بينگال ۾ باند ھئا. سندن حڪومت جو خاتمو ٿيو ھو، ۽ امير قيدي بڻجي ڪلڪتي پھتا ھئا. سانگيءَ پنھنجي خاندان جو شاھي تجمل ۽ طمطراق ڪونھ ڏٺو ھو. ڪيترن سالن کان پوءِ سنڌ جي اميرن کي اسيريءَ کان نجات ملي، ۽ سانگي نون ورھين جي ڄمار ۾، پنھنجي چاچي مير حسن علي خان جي سنڀال ھيٺ، سنڌ اچي پھتو. ھن صغيرسنيءَ جي وقت ۾ پنھنجي والد مير عباس علي خان جي موت جو حادثو اکئين ڏٺو ھو. سنڌ ۾ سندن حڪومت ۽ جاه و جلال ختم ٿي چڪو ھو، ۽ شاھي خاندان ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ھو. سانگيءَ پنھنجي خاندان جي گذريل شباب ۽ اجڙيل بھار جي طرف نظر ڪئي. سندس حساس طبع ھن کي پنھنجي پس منظر جي طرف جھاتي پائڻ لاءِ مجبور ڪيو. ھن پنھنجي ملڪ جي درخشنده تاريخ جي سونھري ابواب جو مطالعو ڪيو. گذريل زماني جا سڀ مصائب و آلام ھڪ ھڪ ڪري سندس نظر جي اڳيان ڦري آيا. حڪومت ۽ حڪمراني، شاھي ۽ شھنشاھيءَ جون جھلڪيون ھن پنھنجن اجڙيل محلن ۽ محلاتن ۾ ڏسي ورتيون. پر اھو شان و شوڪت، ماضيءَ جو داستان بڻجي چڪو ھو. غريب الوطنيءَ ۽ جلاوطنيءَ جي زماني ۾ ھن جي ولادت ٿي. وطن کان پري، پنھنجيءَ حڪومت کان دور، پنھنجي جاه و جلال جي تاثرات کان بي نياز، سنڌ جي شھزادي، قيد ۽ بند جون صعوبتون سٺيون. پنھنجي والد مير عباس علي خان کي، شڪار ڪندي، پنھنجي گوليءَ سان خود شڪار ٿيندو ڏسي، سانگيءَ جي دل جي ڪھڙي ڪيفيت ٿي ھوندي. زماني جي جفاڪشيءَ ۽ ستم ظريفيءَ تي جيڪڏھن ھن لڙڪ وھايا تھ ڪو عجب ڪونھ آھي. ھو گردش زمانھ جي شڪايت ڪرڻ لاءِ مجبور آھي. اسباب ظاھر ظھور موجود آھن. سندس خانداني حڪومت جو انحطاط، سندس خاندان جي جلاوطنيءَ ۽ اسيريءَ جي حالت، ماءُ جو موت ۽ والد جو سندربن ٻيلي ۾ جانڪاھھ حادثو- انھن سڀني جانگداز واقعن سندس ڪچڙي دماغ تي شديد اثر ڪيو. جنھن سرزمين تي سندن حڪومت ۽ حڪمراني ھلندي ھئي، اتي ھو فاتح ۽ غير ملڪي حاڪمن جي طعنن ۽ مھڻن سھڻ لاءِ مجبور ھئا. انھن حالتن سانگيءَ جي حساس طبع کي ھڪ جلا بخشي ۽ سندس اندر ۾ ستل انسان جاڳي اٿيو، جنھن پنھنجي گرد و پيش جو جائزو ورتو. روايت جو بنياد ڪمزور ٿي چڪو ھو. اڳين تھذيب دم ٽوڙي چڪي ھئي. معاشري تي زوال جو زنگ چڙھي آيو ھو. ھن حڪمران طبقي جي ڪارستانين جو باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪيو. سنڌ جو وايو منڊل بدلجي چڪو ھو، نھ اھي سورما ۽ نھ اھي شھسوار. حرفت ۽ چالبازيءَ جي بازار گرم ھئي. حڪمت عمليءَ جو دور دورو ھو. سچ ۽ صداقت موڪلائي ويا ھئا. انسان دوستي، جن جو ورثو ھو، انھن سان عقوبتون ٿي رھيون ھيون. جيڪي سچار ۽ صداقت جا پرستار ھئا، انھن جو مڪارن سان واسطو پيو ھو. شاعر زماني جي نشيب و فراز کان جان بلب آھي. جيئن: +اي زمانا تنھنجي لوڏن کان تھ آھيون جان بلب! +شاعري زماني جي حڪم جي انتظار ۾ آھي. زمانو ڪھڙو بھ حڪم ڪري، ان جي پابندي لازمي آھي. زماني جي تغير سڀني کان ساڃھھ کسي ورتي آھي. اھڙو انقلاب رونما ٿيو آھي، جو بخت ئي ڀڄي پري ٿيو آھي. جڏھن بدنصيبي گھيرو ڪري وڃي ٿي ۽ گھيري جي شدت زور وٺي ٿي، تھ ان کان بچڻ محال ٿيو پوي، قسمت تي زوال اچي وڃي ٿو ۽ نصيب جو در پورجي وڃي ٿو. پنھنجن ۽ پراون ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. دشمن سان گڏ دوست بھ آزارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. بگڙيل قسمت ڏسي، پنھنجا عزيز و اقارب بھ بگڙي وڃن ٿا. ڏوھھ ڏجي تھ ڪنھن کي ڏجي. کڻي زماني جي ستم ظريفي چئجي: +آھي اھڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو، +چمن جو سير ڪيوسون ٿي تھ مرغان چمن بگڙيا! +جڏھن بھ ڪنھن قوم تي زوال اچي ٿو تھ معاشرو رنگ بدلائي ٿو، اقدار بدلجي وڃن ٿا، جنھنڪري معاشري ۾ ھڪ تغير رونما ٿئي ٿو. اھا معاشري جي قديم فطرت آھي. قديم ۽ بنيادي رجحانن جو ڏيوالو نڪري وڃي ٿو. اسلاف جي رسوم ۽ روايات کي يڪلخت ختم ڪيو وڃي ٿو. تھذيب ۽ ثقافت بيجان ٿي وڃي ٿي. حاڪم جي راءِ تي راضي رھجي ٿو. خوديءَ ۽ خودداريءَ کي الوداع چئجي ٿو. جيئن: +زماني رمز سا ورتي جا آھي راءِ حاڪم جي، +ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا! +اخلاص و مروت، حق ۽ انصاف، سچ ۽ صفائي، ميٺ ۽ محبت جھڙا انساني اقدار بوسيده ٿي وڃن ٿا. انھن جي بجاءِ دوکو ۽ فريب، لالچ ۽ لوڀ، ڪوڙ ۽ ڪچ، ظلم ۽ تشدد، جديد اقدار بڻجي ماڻھن مٿان تسلط ڄمائين ٿا. زماني ۾ سڄڻ ۽ خير خواھھ ناپيد ٿي وڃن ٿا. انھن جي بجاءِ ڪوڙا، مڪار ۽ حريص پيدا ٿين ٿا. معاشرو انھيءَ نھج تي ھلڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو: +مشڪل آھي جو ملي دوست سچو دنيا ۾، +کائو آھين گھڻا يار تھ کائڻ وارا. +سانگيءَ کي پنھنجي جاه و جلال ۽ عز و حشمت، رواداريءَ ۽ مروت، عدل ۽ انصاف وارو دور ياد آھي. اھڙن بنيادن تي ئي زندگيءَ جا اصول ۽ روايتون قائم ھيون. اسلاف جي روايات جو قدر ھو. وڏن جي رسومات کي ميراث سمجھي، سيني سان سانڍيو ويٺا ھئا. شرافت ۽ فضيلت جو دور دورو ھو. اھي ڪارناما مير صاحبن جا ھئا، جيڪي قربن ڀريا حاڪم ھئا، دردمندن جي دلبري ڪرڻ وارا ۽ رعايا جا محافظ ۽ مددگار، ۽ اٻوجھن جا اجھا ھئا. +ڪيا ڪارناما اسان ڪھڙا ڪھڙا! +ڪبا تن جا يارو بيان ڪھڙا ڪھڙا! +ڪڏھن ڪانھ ڪنھن جي ڪا پروا ڪڍيسون، +ڪيا رنگ ٿي آسمان ڪھڙا ڪھڙا! +غزل اندروني ڪيفيت جو آواز آھي. غزل ۾ داخلي ڪيفيت جو اظھار نھايت خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ڪرڻ ۾ اچي ٿو. داخلي احساسات ۽ جذبت جي ھوبھو تصوير غزل جي جان آھي. غزل جي شاعريءَ ۾ ڪنھن قسم جو تصنع غزل جي معيار کي ڪيرائي وجھي ٿو، تنھنڪري شاعر پنھجن داخلي حقائق ۽ تجربات کي پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي. باطني زندگيءَ جي ڪشمڪش ۽ الجھن کي لڪائڻ بدديانتي ۽ رياڪاري سمجھي ٿو. اھڙيءَ ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ شاعر پنھنجي وضعداريءَ کي ڇڏي حقيقت پسنديءَ جو مظاھرو ڪري ٿو. دل ۾ ھڪ عجيب و غريب اشتياق پيدا ٿئي ٿو، جنھن جذبي کي بيان ڪرڻ شاعر پنھنجو فرض سمجھي ٿو. سانگي ھڪ عاشق مزاج ھو. ھن جو مزاج ننڍيءَ وھيءَ کان ئي عشق محبت کان آشنا ھو. کيس تمنا رھي ٿي، شوق پيدا ٿئي ٿو. محبوب کي سوال ڪري ٿو، ليڪن ھو سائل بڻجڻ تي نادم ٿئي ٿو. اھو شوق کيس فقير ۽ سائل بڻجڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو: +گھريا مون مه جبينن کان رخ و رخسار جا بوسا، +سيکاريا شوق دل ٿي جي مون کي رستا گدائيءَ جا. +محبوب جو انتظار کيس سڄي رات سمھڻ نٿو ڏئي. ھن جي ننڊ ۽ آرام حرام ٿي ويا آھن، ۽ رات عذاب ۾ گذري ٿي. انتظار موت بڻجي پوي ٿو. ڪيتريون شڪايتون ڪري ۽ ڪنھن جي گلا ڪري؟ پنھنجي درد جو دٻيل انداز ۾ ذڪر ڪري ٿو. وضعداريءَ جي ڪري، منجھس بيان جي شدت ڪانھ آھي، ليڪن محبوب جي سمجھڻ لاءِ پنھنجي ڪيفيت جي متعلق ٺوس اشارا پيش ڪري ٿو: +اي شوخ مان شامت جي ڪريان ڪھڙي شڪايت، +گذري ويئي گوندر ۾ سڄڻ يار! سڄي رات. +سنڌي غزل ۾ سانگيءَ ھڪ انوکو انداز ۽ منفرد اسلوب پيش ڪيو آھي. موجوده جديد سنڌي غزل سانگيءَ جي دلڪش انداز ۽ پيرايھ اسلوب کان نھايت متاثر ٿيو آھي. شعر جي ھڪ مصرع ۾ زندگيءَ جي انيڪ حقيقتن ۽ ڪيفيتن جو بيان سمائجي وڃي ٿو. ھڪ معمولي ڳالھھ کي بھ دل لڀائيندڙ انداز ۾ پيش ڪرڻ شاعر جو وڏو ڪارنامو بڻجي پوي ٿو. ڪيترائي اھڙي قسم جا اشعار آھن، جي سانگيءَ کي سنڌي غزل جي بلند مقام تي پھچائين ٿا. سندس مختصر عبارت ھڪ دلڪش تاثر پيدا ڪري ٿي، جنھن ۾ ڪيترائي راز پنھان رھن ٿا. سندس ڪلام ۾ وارفتگيءَ ۽ بيساختگيءَ جو عجيب نمونو موجود آھي: +دل ڏيڻ ۽ دلستانيءَ جا، +ڪھڙا ڪھڙا نھ مون ڏٺا اسرار! +بس قرب ۽ الفت ۾ ڪمال آھھ ڪيو مون، +ٿئي منھنجي محبت تي ٿي قربان محبت. +سانگيءَ پنھنجين اکين سان فرنگي حڪومت جون ڪيتريون ئي ريشھ دوانيون ڏٺيون. ھن پنھنجي تھذيب ۾ ھڪ وڏو انقلاب ڏٺو. حالات پاسو اٿلايو ھو. شرافت ۽ دينيات جي ڪٿي بھ ڪا جھلڪ ڏسڻ ۾ ڪانھ ٿي آئي. انھن جي بجاءِ فريبڪاري ۽ دروغ گوئي نظر آئي. انسان اھڙين ڪارگذارين ڏسڻ لاءِ مجبور ھو. ھو ھوا جي رخ کي پٺي ڏئي نٿي سگھيو. نھ زور نھ زر، نھ طاقت نھ ھمت. جذبات جي شدت کان انسان روئڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي. کيس ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي. دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ انيڪ مشغوليون ۽ مصروفيتون پيدا ڪجن ٿيون. اھڙيءَ حالت ۾ ھڪ رنگ جي بجاءِ مختلف رنگ نظر اچن ٿا. روئڻ وقت ديده تر رنبرنگي تماشا پيش ڪري ٿي، ۽ ڪٿي بھ يڪجھتي، يڪرنگي ۽ يگانگت ڏسڻ ۾ نٿي اچي: +ڪھڙا ڪھڙا نھ تماشا ئي نظر تي پھتا، +ھاڻي ھي رنگ اچي ديده تر تي پھتا. +اھڙن حريفن سان سنڌين جو واسطو پيو، جن جي حرفت ۽ حڪمت عمليءَ کان ڪوبھ سورھيھ سرويچ محفوظ رھي نھ سگھيو. سندن چالاڪين جي آڏو وڏا شھسوار بھ ھٿيار ڦٽا ڪري جھڪي پيا. انھن جي اڳيان سڪندراعظم جي شھسواري ۽ بھادي ھيچ ھيون. اھي حريف اھڙا تھ حيلھ ساز آھن، جن جي آڏو سڪندر جھڙن بھادرن کي قيد ۽ بند کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن جاءِ تي پناھھ نھ ٿي ملي سگھي: +ڪانھ ڪا جاءِ ملي ان کي بجز قيد فرنگ، +ٿئي زماني ۾ اسان جي جي سڪندر پيدا. +اھڙين حالتن کان شاعر ڪڪ ٿي، ڪا امن ۽ عافيت جي جاءِ تلاش ڪري ٿو. ليڪن ھن کي چڱيءَ طرح معلوم آھي تھ جيڪڏھن ٿورو بھ ھوش موجود رھيو تھ ماضي قريب جا جانگداز واقعا نت نوان ٿي سندس احساسات ۽ جذبات کي ڀڙڪائيندا رھندا، تنھنڪري امن جي جاءِ بجاءِ، غم غلط ڪرڻ لاءِ، ھوش کي ترڪ ڪرڻ جو نسخو تلاش ڪجي. شاعر کي شراب نوشيءَ کان سواءِ ڪوبھ مفيد نسخو ھٿ نٿو اچي، جو سندس ھوش ۽ خرد گم ڪري، حالات جي دل ڏاريندڙ وارداتن کان کيس بي نيازيءَ ۽ بي حسيءَ جي طرف مائل ڪري. عقل ۽ ھوش جي دنيا کان کيس ڪجھھ بھ حاصل نھ ٿي سگھيو: +ڪين حاصل ٿيو ھوشياريءَ مان، +مون کي ساقي! ڀري ڏي جام شراب. +غزل جي روايتي ھيئت ڪنھن بھ شعر کي غزل بنائڻ جي سند نھ آھي. سنڌي قديم ۽ جديد شاعريءَ جي دفعي ھيٺ اھڙيون تخليقون موجود آھن، جي درحقيقت غزل جي صنف کان خارج آھن. غزل ۾ نفس مضمون ۽ علامات جو باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪرڻو پوي ٿو. سانگيءَ وٽ بھ بعض اھڙا غزل موجود آھن، جي غزل جي صنف کان علحده حيثيت رکن ٿا، تنھنڪري اھو بحث ڪنھن ٻئي موقعي لاءِ ملتوي ڪجي ٿو. سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ مختلف موضوعات ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ ڪائنات جون ڪيتريون ئي دلڪش تصويرون موجود آھن. سندس شاعري ھڪ رنگبرنگي پروگرام جي حامل آھي. +سانگيءَ جي زماني ۾ شعر و شاعري ۽ علم و ادب جو رجحان عام ھو. ادبي ڪچھريون منعقد ٿينديون ھيون. فن ۽ ادب جي بحث مباحثي لاءِ محفلون گرم رھنديون ھيون. سانگي پنھنجي شاعريءَ ۾ ماحول جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ مجبور ھو. ڪڏھن ماحول کان بيزار ٿي فطرت جي رنگينين ۾ گم ٿي ويندو ھو، تنھنڪري ھن شاعريءَ ۾ منظرڪشيءَ جو سھارو وٺي، سنڌي شاعريءَ کي گوناگون لطافتن کان روشناس ڪرايو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس منفرد مقام آھي. سندس ڪلام مان ان وقت جي سنڌ جو معاشي، سماجي ۽ سياسي جائزو وٺي سگھجي ٿو. +سانگيءَ غزل جي شاعريءَ ۾ نئين خيال ۽ نئين معنى سان گڏ والھانھ بيساختگيءَ جو آغاز ڪيو آھي. پنھنجي حڪومت جي زوال جو ھن کي ڀرپور احساس آھي. ھن کي محبوب جي داغ مفارقت جو بيحد رنج ۽ ڏک آھي. اھڙين حالتن سندس دل ۾ باھھ دکائي آھي. اھا باھھ گويا سندس ذات سان لازم ملزوم ھئي، جا سندس ولادت کان وٺي سندس موت جي گھڙيءَ تائين جوت وانگر جلندي رھي. غم جانان ۽ غم دوران کان ڪڏھن بھ کيس فرصت نھ ملي سگھي آھي: +ھر ھر ڏٺو ٿي حال دل بيقرار شمع، +ھئي شام کان بھ تابھ سحر اشڪبار شمع. +جو وقت گذري ٿو، وري ھٿ نٿو اچي، ليڪن انسان ھميشھ ان جي موٽڻ جي خواھش رکي ٿو. سکيا ستابا ڏينھڙا ھر ڪنھن کي ياد رھن ٿا. انساني فطرت انھن لمحن کي ياد ڪرڻ لاءِ مجبور آھي ۽ کيس ھميشه اھا تمنا رھي ٿي تھ خوشحاليءَ جو دور واپس وري يا دنيا کان سفر ڪجي: +ھي وقت بھ ھئي ھئي! ويو گذري، +ڏئي ھر ھر ٿو آواز جرس. +ھڪ دردمند دانھن ٻڌي انسان جي دل تڙپي اٿي ٿي ۽ انسان جي دل ۾ ھمدرديءَ جا جذبا اڀرن ٿا، ليڪن حالات کيس خاموش ٿيڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. ھو خاموشيءَ ۾ بھتري سمجھي ٿو: +اچي ويئي ماٺ مرغان چمن کي، +سندم نغمو سڻي باغ جنان ۾. +سانگي ڪلڪتي ۾ ڄائو ھو. ڪلڪتو ھندستان جو حصو آھي. ھندستان بت پرستيءَ جو قديم مرڪز آھي. ھندو مت موجب بتن جي پوڄا جو رواج نھايت قديم آھي. سانگي ڄمڻ کان گھڻو اڳ بتن جي عشق ۾ گرفتار ھو، تنھنڪري ئي سندس ولادت جو شرف بتن جي نگريءَ کي نصيب ٿيو. ازل کان وٺي غيرالله جي آڏو جھڪڻ جي عادت سانگيءَ جي سرشت ۾ موجود ھئي: +ازل کان محوس ھوس عشق بتان ۾، +تڏھن پيدا ٿيس ھندستان ۾. +- عشق جي ڪري ئي، ھي عالم وجود ۾ آيو آھي. عشق جي ڪا تشخيص ڪانھ ٿي سگھي آھي. عشق، عشق آھي، پوءِ انسان جو انسان سان عشق يا بنده جو الله سان. بھرحال ھن ڪائنات جو وجود عشق جي ڪارفرمائي آھي: +تنھن وقت سڄو عالم ايجاد ٿيو ايجاد، +جنھن وقت زماني ۾ وسي برهھ جي برسات. +سانگيءَ کي جڏھن وحدت ئي وحدت نظر آئي، تڏھن غيريت جا سڀ ويڇا وارجي ويا. دوئيءَ جا پردا غائب ٿي ويا. جنھن وقت ڪثرت جي رنگينين کيس پريشان ڪيو ھو، تڏھن مسلمان ۽ ڪافر جي وچ ۾ فرق ظاھر ٿي پيو. سندس سوچڻ جو انداز ئي نرالو ٿي پيو: +جڏھن وحدت کان ڪثرت کي ڪيم ڌار، +تڏھن گبر و مسلمان ياد آيم. +سانگي نئين دور جي غزل جي شاعريءَ جو پير مغان آھي. سندس مخصوص لب و لھجو سندس انفراديت جي سند اھي. وٽس روايت جو قدر ۽ احترام آھي. ھو روايت سان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ گداز، حسرت و ناڪامي آھي، مگر ان ناڪاميءَ جي مٿان شستھ ۽ شائستھ لطافت ۽ سليقھ منديءَ جو پوش آھي، جنھن پوش جي باريڪ سوراخن مان ھڪ عظيم شخصيت جھاتيون پائيندي نظر ايندي. +(نئين زندگي – اپريل، ١٩٦٩ع) +شيخ اياز +جديد سنڌي غزل جي روايت +اسان جڏھن شاعري ڪرڻ جي ابتدا ڪئي، تڏھن[ سنڌيءَ جا غزل گو شاعر، اردوءَ جي صاحبِ ديوان شاعرن کان متاثر ھئا، ھو خليفي گل جي سنڌي محاڪات، محاورن ۽ زبان بجاءِ ناسخ، مؤمن ۽ آتش وغيره جي ڪلام مان رديف ۽ قافيا چونڊي چونڊي، پنھنجي غزلن ۾ آڻيندا ھئا. خليفي گل کان پوءِ سنڌي غزل، اردو غزل جو چربو ھوندو ھو. . . .[1] +. . . . اسان غزل . . . . جي مزاج ۾ ايتري تبديلي آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نھ رھي. اسان بحر وزن، قافيي، رديف ۽ پئي پوري فني لوازمات کي سنڌيت جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي ذھني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين. ھن وقت سنڌي شاعري، فڪري ۽ فني لحاظ کان قدامت ۽ جدت جو بھترين ميلاپ آھي. +منھنجي غزل جو فارم فقط اردو ۽ فارسيءَ تان ورتو ويو آھي، ۽ باقي ان ۾ محاڪات، استعارا، تشبيھون، قافيا، رديف وغيره ٺيٺ سنڌي آھن، ۽ ڪجھھ ابتدائي غزل ڇڏي، ھر غزل تي منھنجي مھر لڳل آھي. . . .[2] +. . . . اھو وقت گذري ويو، جڏھن سنڌي شاعريءَ مان ڪفن ۽ ڪافور جي بُوءِ ايندي ھئي؛ جڏھن لکنؤ ۽ دھليءَ جي ڀتي روايت کان متاثر سنڌي شاعر، قافيھ پيمائي ڪندا ھئا، ۽ پنھنجو غزل پينوءَ جي پاند جيئن ڦھلائي داد جي طلب ڪندا ھئا. انھن ۾ نھ زندگيءَ جو شعور ھو، نھ ادب جي شناس، ۽ نھ انھيءَ اردوءَ غزل جو صحيح ذوق، جنھن جون ٻھ چار تشبيھون، ھنن لاءِ انھيءَ انڌي ڏيڏر جي ڪائنات ٿي چڪيون ھيون، جو نھ فقط زندگيءَ جي موج ۽ طلاطم کان بيخبر ھو، پر پنھنجي کوھيءَ جي ڇر تي ڪنھن چنڊ ستاري جو پاڇو بھ نھ ڏٺو ھئائين. . . فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي روايت ۾ ڪائي مور جي ادا تھ ڪانھ ھئي، جو ان جي تقليد ڪئي وڃي ھا، البت ڪجھھ ڪانو ھدھد جا کنڀ اٽڪائي، اڏامندا نظر ايندا ھئا. انھن مان ڪجھھ اھي بھ ھئا، جن جا سطحي جذبا، ھنن کي حالي، اڪبر الھھ آبادي ۽ اقبال جي دروازي تي وٺي ويا، ۽ ھو، لڪير جا فقير، ڪجھھ ادبي اوبر مان جھول ڀري آيا، انھيءَ کوکلي شاعريءَ جي کرڙ ڏسي، ڦوليا نھ سمايا. انھن کان اِھو وسري ويو تھ اسان جي زبان ۽ ادب خود مالا مال آھي، ۽ ڀٽائيءَ، سچل ۽ساميءَ، جيڪو ذخيرو ڇڏيو آھي، سو ڪڏھن بھ کٽڻو نھ آھي، ۽ فقط اھو ئي اسان لاءِ فخر جو باعث آھي. . . . +. . . . فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي تتبع ۽ انڌي تقليد سنڌي شاعريءَ ]غزل[ ۾ جمود پيدا ڪيو. . . .[3] +دراصل سنڌي غزل جو مزاج بدلجي ويو آھي، ۽ ان ۾ فارسي ۽ اردو غزل جي فارم کان سواءِ ڪائي مشابھت نھ رھي آھي، نھ تشبيھون، ساڳيون نھ استعارا، نھ اساطير (ڏندڪٿائون)، نھ روايتون، نھ بندشون، نھ ڪنايا، نھ اشارا، مطلب تھ ڪجھھ بھ ساڳيو نھ آھي. . . . +اڳي سنڌي شاعريءَ ۾ نانءُ وڏو، ديھھ ويران، وارو معاملو ھو . . . . جيڪي نام ڪٺيا شاعر ھئا، انھن جي ڪليات ڳولي ڦولھي ڏسندا ھياسين تھ ھڪ اڌ سٽ پڙھڻ جھڙي مشڪل سان ملندي ھئي. . . . +. . . . ]اڄ[ سنڌي غزل جو لھجو بدلجي چڪو آھي، فقط گھاڙيٽو غزل جو آھي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نھ آھي، سنڌ پنھنجي شاھراھھ ڳولي چڪي آھي، جنھن ۾ ڪيئي راھون ملي وينديون. +[1] ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص 50 +[2] خط، انٽرويو ۽ تقريرون (1) نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1987ع، ص 172 +[3] جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، ص 38 - 39 + + +اسان تھ غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آھي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم غزل جو آھي، باقي ان جون روايتون، بندشون، تشبيھون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آھن. پر اسان کان اڳ ۾ انھيءَ اردو غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آھي. اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو محدود ھو. ھنن اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن، سودا، جرئت، مير درد وغيره مان بھ ڪنھن کي نھ پڙھيو ھو، ۽ انھن جي پائي جي ھڪ سٽ بھ نھ لکي ھئائون. +. . . . مون تھ ديوان گل، ديوان قاسم، ارمغان حامد، ديوان فاضل، ڪليات گدا، ديوان بلبل، ڪليات سانگي، ديوان واصف، ڪليات عزيز وغيره . . . . پڙھي، انھن جي ٻوليءَ ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت ڪئي ھئي. جڏھن اردوءَ ۾ فيض ۽ ن. م راشد جا ڪتاب ’نقش فريادي‘ ۽ ’ماورا‘ ڇپيا ھئا تھ اھي پنھنجي تازگي کڻي آيا ھئا. . . . اھو ڏسي مون کي عجب آيو ھو تھ ھي ڌرتيءَ جو حصو، جتي رنگارنگ پکي پنھنجون ٻوليون ٻولين ٿا، جن ۾ ڪي پکي ڏيھي آھن ۽ ڪي سائبيريا تائين دور تان اچن ٿا، انھن جو شاعريءَ ۾ ذڪر نھ آھي. اردو غزل ۾ رڳو ڇھن ستن پکين جا نالا ورتا ويا آھن، مثلا: بلبل، قمري، زاغ و زغن، ڪلاغ، شاھين، ڪرگس، ڪويل، پپيھو ۽ شايد ھڪ ٻھ نالا ٻيا ھجن. انھن مان بلبل تھ ايران ۾ ٿيندي آھي ۽ ڪويل ۽ پپيھي کان سواءِ باقي نالا بھ ايراني ئي آھن. علامھ اقبال بلبل ۽ دراج و سار لفظ ڪتب آندا آھن ۽ تتر کي دراج ڪوٺيو آھي. ڪويل ۽ پپيھو لفظ، نھ غالب ڪم آندا آھن، نھ علامھ اقبال. ورھاڱي کان اڳ ملڪ جي جاگرافيءَ ڏانھن ڪنھن شاعر توجھھ ڪونھ ڏٺو آھي ۽ شام اوڌ ۽ صبح بنارس روايتي طور ڪم آندا اٿائون. دليءَ جي شھر آشوب کان پوءِ مير تقي مير لکيو ھو: +دلي کھ اک شڻر تھا عالم ميڻ انتخاب، +ڻم رڻنڍ والڍ ڻيڻ اسي اجڙڍ ديار کڍ. +. . . . گنگا، جمنا، برھم پترا ۽ سنڌوءَ وغيره جي ديس ۾ دجلھ ۽ فرات جون ڳالھيون ٿينديون ھيون. علامھ اقبال، ’بانگ درا‘ ۾ ھماليھ تي نظم لکي جو پاسو ڦيرايو تھ ايران جي ڪوه دماند تي وڃي نڪتو. بنگال ۾ مون فقط چمپا جا سترھن قسم ڏٺا ھئا، پر برصغير ۾ نرگس ۽ گل لالھ سان تشبيھون ڏنيون وينديون ھيون، جي گل فقط ايران ۾ ٿيندا ھئا. جتي سنڌ ۽ راجسٿان جھڙا صحرا ھئا، اتي عرب جي صحراءِ نجد جو ذڪر ڪيو ويندو ھو. ديومالائن جي ديس ۾ ليلى مجنون، شيرين فرھاد، وامق- عذرا، رستم- سھراب وغيره جا اجنبي قصا دھرايا ويندا ھئا. +. . . . اردو شاعريءَ ۾ محبوب کي اختر شيرانيءَ تائين مذڪر لکيو ويو. اختر شيرانيءَ جون عذرائون ۽ ليلائون بھ رت پوڻيون ھونديون ۽ اھي ھر نسواني جذبات کان عاري لڳنديون. اروشي ۽ شڪنتلا جي ديس ۾ عورت کي محبوبھ چوڻ معيوب سمجھيو ويو. امرد پرستي (Homo sexuality) عام ھئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻ پورو مغليھ اسلحھ خانو ھوندو ھو. تيرنظر، خنجر ابرو وغيره سان محبوب ائين شڪار ڪندا ھئا، جيئن مغليھ شھزادا شڪار ڪندا ھئا. . . . +. . . . ساري تھذيب جي عڪاسي ڌاري ھئي، ۽ ايران، سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي ھئي. محبوب جا ڏند مسيءَ سان ڪارا ھوندا ھئا ۽ چپ پان سان ڳاڙھا، ڄڻ ھنن ڏائڻين وانگرعاشقن جو خون پيتو ھو. انھيءَ شاعريءَ جو تتبع اسان جي غزل گو شاعرن (گل کان سواءِ) ۾ ملي ٿو. . . . انھيءَ وچ ۾ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻ وسري ويا ھئا. اڳين غزل گو شاعرن وٽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرعو سنڌي ھوندو ھو، جيئن ڪنھن کنڊي جي منھن ۾ ھڪ اڌ ڏند رھجي ويندو ھو. . . . اھڙي شاعريءَ خلاف بيوس پھرين بغاوت ڪئي. آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦھڪو ڪيو. . . . فارسي آميزيءَ کي پھرين بيوس ۽ پوءِ دلگير رد ڪيو. نارائڻ شيام ۽ مون تھ پوءِ ان کي بنھھ شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي. . . . اردو شاعري بھ موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميراجي، فيض، ن. م. راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو، پر ٻوليءَ جي لحاظ کان ان جي فارسي آمريزيءَ ۾ فرق نھ آيو ۽ ساري جا سارا مصرعا فارسي ھوندا ھئا. آرزو لکنوي، عظمت الله خان، سيد مطلب فريدآبادي، ميراجي، فراق گورکپوريءَ، جن ٻوليءَ ۾ ڏيھي لفظ آندا، انھن ۾ ايترو جينس ڪونھ ھو، جو زبان جو مزاج بدلائي سگھي. علامھ اقبال جي ٻولي بھ غالب واري آھي، ان ڪري اردو شاعريءَ ۾ اڄ تائين جمود آھي. +سنڌي ادب ]شاعريءَ[ ۽ ٻوليءَ ۾ ڀرپور انقلاب آيو آھي ۽ ان ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آھي. . . . +. . . . اڳئين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجھبي تھ . . . . اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گھڻو ڪري، نھ رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پيئي آھي، پر ابراھيم ’خليل‘ تائين سنڌي شاعري بھ ائين لڪير جي فقير رھي آھي. . . . گل جا ڪجھھ غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجھھ سٽون، ان مان ڪڍي ڇڏجن تھ ساري غزليھ شاعري ’سرن درياھھ‘ ڪرڻ جھڙي آھي. +دراصل غزل ڌاري زمين تي اسريو ھو، جو امير خسروءَ واري زماني ۾ ھندستان جي ڌرتيءَ اپنايو ھو. خسروءَ جي غزل ۾ جا پنھنجپائي ھئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي، انھن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چربو ھو. . . . خسرو جون ھي سٽون: +سکھي پيا کو جو ميڻ نھ ديکھوڻ، تو کيسڍ کاٽوڻ اندھيري رتياڻ +يا +وه صورتين الاھي کس ملک بستاڻ ڻيڻ، +اب جن کڍ ديکھنڍ کو آنکھيڻ ترستيان ڻيڻ. +خسروءَ جھڙي شاعري، اردوءَ ۾ اڃا تائين ڪوئي نھ ڪري سگھيو آھي. اردوءَ ۽ سنڌي غزل ٻنھي ۾ فارسي غزل جون روايتون ۽ تشبيھون ۽ استعارا وغيره بي دريغ استعمال ڪيا ويا آھن، ايتريقدر جو غزل پڙھي دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي.[1] +. . . . ]خسروءَ کان پوءِ[ غالب . . . ۽ مير تقير مير قابل ذڪر آھن. . . . فيض ۽ ناصر ڪاظميءَ تائين پھچڻ لاءِ اردو غزل ڪيترا مدارج طئي ڪيا آھن. +ناحق ڻم مجبوروڻ پر يھ تڻمت ڻڍ مختاري کي، +چاڻئڍ ڻڍ سو آپ کرڍ ڻيڻ، ڻم کو عبث بدنام کيا! +دور بڻت بھاگڍ ڻو ڻم سڍ سيکھڍ طور غزالوڻ کا +وحشت کرنا شيوه ڻڍ ان اچھي آنکھيڻ والون کا +-- +ابر اٽھا تھا کعبڍ سڍ اور جھوم پڙا ميخانڍ پر، +باده کشوڻ کان جھرمٽ ڻوگا شيشڍ اور پيمانڍ پر. +-- +پتّا پتّا، بوٽا بوٽا، حال ڻمارا جانڍ ڻڍ، +جانڍ نھ جانڍ گل ڻي نھ جانڍ، باغ تو سارا جانڍ ڻڍ! +-- +مير (تقي مير) جي مٿين شعرن مان نظر ايندو تھ ھن فارسي بحر وزن سان ڪافي ھٿ چراند ڪئي آھي ۽ ان ۾ ڦير گھير آندي آھي؛ جنھن ترنم کي گھٽايو نھ، پر وڌايو آھي. اسان جي اردو زبان کان دوريءَ، سنڌي شاعريءَ جي اصليت تھ برقرار رکي آھي، پر فارسي بحر وزن ۽ ان ۾ اردو شاعريءَ جي ردوبدل، اردو تشبيھھ ۽ استعاري جي ۽ ٻي فني ارتقا کان اسان جي نئين نسل ۾ ڪنھن حد ائين اجنبيت پيدا ڪئي آھي. ٻولين سان تعصب غلط آھي. . . . اردو شاعر فارسي وزن جي تقطيع ۾ ماھر ھئا ۽ اھا مھارت ھو ڪافي عمر، فن جو رياض ڪري حاصل ڪندا ھئا. ھر شاعر ڪنھن وڏي شاعر جي تلامذه مان ھوندو ھو، جو ھن جي اصلاح ۽ تربيت ڪندو ھو. . . . اڄڪلھھ جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ايتري ڪنھن کي فرصت نھ آھي تھ اڳي وانگر ڪنھن کان رھنمائي حاصل ڪري، پر پوءِ بھ فارسي بحر وزن جي ڪجھھ ڄاڻ ضروري آھي. . . . ھندي ڇند تي اسان جي ٿورن شاعرن کي عبور آھي. ان ڪري جو ڪجھھ منظوم شاعريءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، سو نھ نثر آھي، نھ نظم، چاھي ان ۾ تخيل ڪھڙو بھ چڱو ڇو نھ پيش ڪيو ويو ھجي. آخرڪار ڪئنواس تي مصورن جون عمريون گذري وينديون آھن، تڏھن ھو ڪائي پائدار مصوري ڪري سگھندا آھن، شاعري ڪا ٽيبل ٽينس جي راند نھ آھي. +مون اردوءَ جي گھڻو ڪري ساري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آھي. منھنجو ’شاھھ جي رسالي‘ جو منظوم ]اردو[ ترجمو ۽ پنھنجي اردو شاعريءَ جو ڪتاب ]بوئڍ گل نالئھ دل[ ۽ ’نيل کنٽھھ ارو نيم کڍ پتڍ‘ ان جا گواھھ آھن تھ جي مان سانده اردوءَ ۾ شاعري ڪريان ھا تھ اردوءَ جي ڪنھن بھ جديد شاعر کي پٺتي ڇڏي وڃان ھا. . . . (پر) مون ائين محسوس ڪيو آھي تھ ھر لفظ کي روح آھي، جو صدين جي ارتقا مان گذريو آھي ۽ اھو روح فقط مادري زبان ۾ ئي گرفت ۾ اچي سگھي ٿو؛ ان ڪري مون اردو شاعري ڇڏي ڏني ھئي، ڇو تھ اردو منھنجي مادري زبان نھ ھئي. مان پنھنجيءَ ڏات کي رڳو مادري زبان ۾ ئي منطقي نتيجي تي پھچائي ٿي سگھيس، اڄڪلھھ تھ ھندستان ۽ پاڪستان ۾ اردو شاعري سسي وئي آھي. . . . پر اردوءَ جو ورثو تھ امٽ آھي. . . . +آگ بجھي ڻوئي اِدھر، ٽوٽڍ ڻوئڍ طناب ادھر، +کيا جانئڍ اس مقام سڍ گذرڍ ڻيڻ کتنڍ کارواڻ. +. . . . ]منظوم شاعريءَ ڪري ئي[ اقبال ايترو ترنم ۽ موسيقي شاعريءَ ۾ پيدا ڪري سگھيو آھي. . . . جديد شاعريءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ فيض جي دور تائين اردو شاعرن کي فن تي مھارت حاصل رھي آھي، جنھن جي ويچارڻ لاءِ اسان جو نئون نسل ڪوشش گھٽ ٿو ڪري. +. . . . مان. . . . فقط مثال طور فيض جي ٻن غزلن مان ڪجھھ شعر پيش ڪريان ٿو، جن مان ظاھر آھي تھ فيض ۾ ترنم، فن تي مھارت ۽ حافظ جي تاثر ھيٺ نغمگي آھي: +دونوڻ جڻان تيري محبت ميڻ ڻار کڍ +وه جا رڻا ڻڍ کوئي شبِ غم گذار کڍ. +اک فرصت گناه ملي وه بھي چار دن +ديکھڍ ڻيڻ ڻم نڍ حوصلڍ پروردگار کڍ +بھولڍ سڍ مسکرا تو رڻڍ تھڍ وه آج فيض! +مت پوچھھ ولولڍ دل ناکرده کار کڍ. +-- +ڻم کھ ٽڻرڍ اجنبي اتني مداراتون کڍ بعد +پھر بنيڻ گڍ آشنا کتني ملاقاتون کڍ بعد +منھنجي غزل جو ھڪ سٺو شعر آھي: +اٿاھھ اڌما ڌڪار ۾ ھا، ڌڪار جا پيار جي سکي آ، +سوين امر گيت آدميءَ جا، نھ چاندنيءَ ۾، نھ پيار ۾ ھا! +چار ڀيرا ’فعول فعلن‘ جي وزن تي جنھن بھ لکيو آھي، اھو انھيءَ شعر جي رواني محسوس ڪري سگھندو، جنھن ۾ ھڪ اکر بھ حذف نھ ڪيو ويو آھي، پر مان ھاڻي مڃان ٿو ڌڪار نھ، تھ پيار ئي شاعريءَ کي امرتا ڏئي ٿو. +. . . . مان اھو فخر سان چئي سگھان ٿو تھ سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو ھو ۽ ان جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون ھيون. جيتوڻيڪ مون ماترائن جي حساب سان بيت، وايون، گيت، لوڪ گيت، ھائڪو ]۽ غزل بھ[ لکيا ھئا، پر مون کي فارسي بحر وزن تي عبور ھو، جنھن کي مون غزل (نظم، آزاد نظم، گيت، ڏيڍ سٽي وغيره) ۾ ائين استعمال ڪيو، جو ڪوبھ بحر وزن جو استاد ان مان غلطي پڪڙي نھ سگھندو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ مون غزلن (نظم، آزاد نظم) ۾ تشبيھون، استعارا، فني محاڪات ۽ ٻوليءَ جا گوناگون تجربا سڀ آندا. . . . اھا ڪا تعلي نھ آھي تھ مون فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري بھ سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو لفظ گھٽ ۾ گھٽ ڪم آندا آھن، ۽ ان جون جڙون شاھھ لطيف سان ملايون آھن. پر مون فارسي بحر وزن جو ننڍي ھوندي کان مطالعو ڪيو ھو ۽ جي سنڌيءَ جا جغادري شاعر ھا، انھن کان بھ بحر وزن کي ڏھھ ڀيرا وڌيڪ ڄاڻندو ھوس. ھو بار بار سٽ ۾ اکر حذف ڪندا ھئا، مان ورلي ڪندو ھوس. غالب جھڙي شاعر بھ چيو ھو تھ: +نکلنا خلد سڍ آدم کا سنتڍ آئڍ تھڍ ليکن +بڻت بڍ آبرو ڻوکر تري کوچڍ سڍ ڻم نکلڍ! +مٿيون شعر چار ڀيرا ’مفاعيلن‘ وزن تي آھي، پر پڙھڻ ۾ ’کا‘ جو ’الف‘ حذف ڪري ’ڪ‘ ڪري ٿو پڙھڻو پوي، جو نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر ٿو کٽڪي. منھنجي سنڌ جي نئين نسل جي شاعرن کي اھا ھدايت آھي تھ ھو فارسي بحر وزن جو مطالعو ضرور ڪن. ائين برابر آھي تھ. . . . ٿورا ماڻھو فارسي ڄاڻن ٿا، پر گھٽ ۾ گھٽ اردوءَ جي ذريعي اسان جن شاعرن لاءِ لازمي آھي تھ ھو فن عروض جو غور سان مطالعو ڪن. مون تھ . . . . ان موضوع ]علم عروض[ تي پھرين محمود خادم جو ڪتاب . . . . پڙھيو ھو ۽ مون کي بحر وزن تي مشق ڪل ٻھ چار سال ڪرڻي پئي ھئي. . . . مون ]ابتدا ۾[ کيئل داس فانيءَ کان بھ ڪجھھ وقت اصلاح ورتي ھئي ۽ ان وچ ۾ ٽي چار ڪتاب فن عروض تي پڙھيا ھئا. اردوءَ ۾ غير مستعمل بحر ڇڏي، باقي ھيٺيان اڻويھھ (١٩) بحر ۽ وزن مون پنھنجي لاءِ ڇنڊي ڇاڻي ڏٺا ھئا. انھن ۾ ست بحر ھڪ رڪن کي دھرائڻ سان ٺھن ٿا: +(١) بحر رمل مثمن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن (چار ڀيرا) +(٢) بحر ھزج مثمن: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن (چار ڀيرا) +(٣) بحر متدارڪ مثمن: فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن (چار ڀيرا) +(٤) بحر متقارب مثمن: فعولن فعولن فعولن فعولن (چار ڀيرا) +(٥) بحر رجز مثمن: مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن (چار ڀيرا) +(٦) بحر ڪامل مثمن: متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن (چار ڀيرا) +(٧) بحر وافر مثمن: مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن (چار ڀيرا) +ھيٺيان ٻارھن بحر ٻھ رڪني آھن ۽ ان ڪري انھن کي مرڪب بحر چيو ويندو آھي: +١. بحر طويل مثمن: فعولن مفاعلين فعولن مفاعلين +٢. بحر مديد مثمن: فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن +٣. بحر مضارع ممثن: مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن +٤. بحر بسيط مثمن: مستفعلن فاعلن، مستفعلن فاعلن +٥. بحر مقتصب مثمن: مفعولات مستفعلن مفعولات مستفعلن +٦. بحر مجتث مثمن: مستفعلن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن +٧. بحر منسرح مثمن: مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات +٨. بحر سريح مسدس: مستفعلن مستفعلن مفعولات +٩. بحر جديد مسدس: فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن +١٠. بحر حفيف مسدس: فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن +١١. بحر قريب مسدس: مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن +١٢. بحر مشاڪل مسدس: فاعلاتن مفاعيلن مفاعلن +انھن بحرن مان بحر وافر، طويل، مقتصب، مشاڪل، قريب، جديد ۽ مديد جو اردو شاعريءَ ۾ رواج نھ آھي، جيتوڻيڪ مون پنھنجي شاعريءَ ۾ بحر مديد (فاعلاتن فاعلن) ڪم آندو آھي. پھريان ست بحر بھ مون سڀئي ڪم نھ آندا آھن، رڳو اھي ڪم آندا آھن، جن منھنجي ترنم کي گھٽايو نھ آھي. ]ھيٺ[ . . . . مان انھن بحرن ۽ وزنن مان نڪتل اھي بحر ۽ وزن ٿو ڏيان، جي سنڌيءَ ۾ اڪثر مستعمل آھن. مان ڀانيان ٿو تھ جي سنڌي شاعرن کي انھن بحرن ۽ وزنن تي مھارت آھي تھ اھا اسان جي شاعريءَ لاءِ ڪافي آھي.[2] +بحر ھزج +بحر ھزج مثمن سالم: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن +بحر ھزج مثمن مسبغ: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلان +بحر ھزج مثمن مقبوض: مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن +بحر ھزج مثمن اخرب: مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن +بحر ھزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور: مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل +بحر ھزج مثمن اخرب مڪفوف محذوف: مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن +بحر ھزج مثمن اشتر: فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن +بحر ھزج مسدس مخدوف (الاخر) و مسبغ: +مفاعيلن مفاعيلن فعولن (يا- فعولان) +بحر ھزج مقبوض دوازده رڪني: +مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن +بحر ھزج مسدس مقصور: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل +بحر ھزج مسدس اخرب مقبوض محذوف: مفعولن مفاعلن فعولن +بحر رمل +بحر رمل مثمن سالم: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن +بحر رمل مثمن مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات +بحر رمل مثمن محذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن +بحر رمل مثمن مخبون محذوف: فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن +بحر رمل مثمن مشڪول: فعلات فاعلاتن فعلاتن فاعلاتن +بحر رمل مسدس محذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلن +بحر رمل مسدس مخبون محذوف (يا مقصدر): +فاعلاتن فعلاتن فعلن (يا- فعلات) +بحر رمل مسدس مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلات +بحر رجز +بحر رجز مثمن سالم: مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن +بحر رجز مثمن مطوي مخبون: مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن +بحر متقارب +بحر متقارب مثمن سالم: فعولن فعولن فعولن فعولن +بحر متقارب مثمن مقصور: فعولن فعولن فعولن فعول +بحر متقارب مثمن محذوف: فعولن فعولن فعولن فعل +بحر متقارب مثمن اثلم: فعلن فعولن فعلن فعولن +بحر متقارب مقبوض اثلم: فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن +بحر متضارب اثرم: فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن +بحر متقارب مثمن اثرم ابتر مضائف: +فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن فعلن فع +بحر متدارڪ +بحر متدارڪ مثمن سالم: فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن +بحر متدارڪ مخبون مساڪن: فعلن فعلن فعلن فعلن +بحر متدارڪ مخبون مسڪن اخذ: +فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فع +بحر متدارڪ مثمن اخذ: فاعلن فاعلن فاعلن فع +بحر ڪامل +بحر ڪامل مثمن سالم: متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن +بحر ڪامل مثمن مذال: متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلان +بحر مجتث +بحر مجتث مثمن مخبون: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن +بحر مجبتث مثمن مخبون محذوف مقطوح: +مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن +بحر مضارع +بحر مضارغ مثمن اخرب: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن +بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف: +مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن +بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف مقصور: +مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات +بحر منسرح +بحر منسرح مثمن مطوي مڪشوف: مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات +بحر منسرح مثمن مطوي مقصور: مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن +بحر منسرح مثمن مطوي موقوف: مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلات +بحر سريح +بحر سريح مسدس مطوي مشڪوف: مفتعلن مفتعلن فاعلن +بحر سريح مسدس مطوي موقوف: مفتعلن مفتعلن فاعلات +بحر حفيف +بحر حفيف مسدس مخبون محذوف: فاعلاتن مفاعلن فعلن +بحر بسيط +بحر بسيط مثمن: مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن +بحر بسيط مثمن مطوي: مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن +مٿي عربيءَ ۾ بحرن جا نالا آيل آھن، اھي ھڪ پوڙھي حڪيم جي پراڻي نسخي وانگر ٿا لڳن، انھن کي ياد ڪرڻ ضروري نھ آھي، بلڪ غير ضروري آھي. باقي وزن ياد رکيا وڃن ۽ اھي سنڌيءَ ۾ روانيءَ سان استعمال ٿي سگھن ٿا. انھن ۾ ڪجھھ وزن ڪٽيا ويا آھن، جي اردوءَ ۾ مستعمل ٿي سگھن ٿا، پر سنڌيءَ ۾ آورد واري شاعريءَ ۾ تھ اچي سگھن ٿا، آمد واري شاعريءَ ۾ ناممڪن آھن. مون مٿين وزنن مان (١) مفعول مفاعلن فعولن (٢) فعلات فاعلاتن فعلاتن فاعلاتن (٣) فاعلن فاعلن فاعلن فع (٤) مفتاعلن مفتاعلن مفتاعلن مفتاعلن (٥) مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن–[3] کان سواءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻيا لڳ ڀڳ وزن استعمال ڪيا آھن ۽ ڪن وزنن ۾ مير تقي مير کان بھ وڌيڪ ڦير گھير ڪئي آھي. منھنجو نئين نسل کي مشورو آھي تھ ھو مير تقي مير جو غور سان مطالعو ڪن. . . . +سنڌي شاعر، وزنن ۾ مير تقي مير واري ڪيل ڦير گھير کان سواءِ ٻي بھ ڦير گھير ڪري سگھن ٿا، شرط اھو آھي تھ ترنم برقرار رھي. جي شاعر جي طبيعت روان آھي تھ ھو وزنن تي ھڪ سال ۾ عبور حاصل ڪري سگھندو ۽ جي روان نھ آھي تھ ھو ڪيترو بھ مٿو ماري ڪري تھ اھي ھن جي مٺ ۾ اچي نھ سگھندا. جي شاعر فارسي يا اردو وزن تي لکن ٿا، انھن لاءِ اھو عبور ضروري آھي، ڇو تھ وزن ٽٽي پوندو تھ شعر ۾ رواني نھ رھندي، پر جي ھو ماترائن جي حساب سان لکن ٿا تھ ھنن لاءِ ]فارسي – عربي[ وزن جي ڄاڻ ضروري نھ آھي. ھو بلڪل آزاد آھن ۽ ماترائون ھنن جي شعر ۾ درياھھ جي رواني پيدا ڪري سگھن ٿيون. فارسي بحر وزن اسان وٽ ڌاري شيءِ آھي، ان کي ڪوئي بھ سنڌي شاعر مسترد ڪري سگھي ٿو.[4] . . . . جي ڇند وديا جي حساب سان لکندو ]شاعري ڪندو[ تھ ھن کي ماترائن جي پابندي ڪرڻي پوندي. ذھين شاعر انھيءَ پابنديءَ کي اورانگھي سگھن ٿا ۽ پنھنجو بحر وزن ٺاھي سگھن ٿا يا ماترائن ۾ ڦير گھير ڪري سگھن ٿا. بشرطيڪھ شاعريءَ جي روانيءَ تي اثر نھ پوي. جينيس پنھنجا گھاڙيٽا ۽ وزن پاڻ بلڪل نئين سر ٺاھي سگھن ٿا، شرط اھو آھي تھ ڪن رس زخمي نھ ٿئي. +اياز قادري +نئون سنڌي غزل +ورھاڱي بعد سنڌي شاعريءَ جي تفصيلي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ، انھيءَ نتيجي تي پھچجي ٿو تھ سنڌي شاعريءَ جون نيون باکون ڦٽي چڪيون آھن. سنڌي شاعريءَ جو سج پراڻين روايتن جي ڪارن ڪڪرن مان ڪني ڪڍي، ھن ڌرتيءَ تي نئين روشنيءَ جي واڌائي ڏئي رھيو آھي. اسان جي سنڌ ۾ پراڻين روايتن جي مرجھايل مکڙين جي پنن تي نئين ۽ عالمي قدرن تي مشتمل شاعري، نئين رنگ ۽ روپ سان بھار ۾ ٽڙيل ٽانگر جي گلن جان مرڪي رھي آھي، جنھن لاءِ ائين تھ چئي نٿو سگھجي تھ معراج تي پھچي چڪي آھي، پر ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي تھ اھا ڪمال جي منزل ڏانھن وک وڌائي رھي آھي، جنھن جي وکر ۾ نون خيالن جي کستوري ۽ نئين شعور جو مشڪ عنبر آھي. جھڙيءَ طرح ھيءَ راءِ سنڌي شاعريءَ جي ٻين صنفن جھڙوڪ وائي، ڪافي، بيت، گيت، نظم وغيره لاءِ چئي سگھجي ٿي، اھڙيءَ طرح اھا راءِ غزل لاءِ بھ درست آھي. +جيتوڻيڪ غزل ۾ شروع کان وٺي عشق ۽ محبت جي مختلف وارداتن ۽ ڪيفيتن جو اظھار ڪيو ويو آھي ۽ ان ۾ وصل ۽ ھجر جي معاملن ۽ محبوب جي ناز و ادا ۽ ظلم ۽ جفا جي قصن کي وڌائي بيان ڪيو ويو آھي، مگر نئين غزل ۾ پراڻي روايت جي انڌي تقليد ڏسڻ ۾ نٿي اچي. نئين غزل جي اسلوب ۾ گھڻو ڦيرو اچي چڪو آھي. نئين غزل پنھنجي دامن تان پراڻين تشبيھن، استعارن ڪناين جي دز ڇنڊي ڦوڪي ڇڏي آھي، اڄ ان ۾ نھ بلبل ۽ شمع و پرواني جا روايتي عشق ۽ محبت جا داستان دھرايا وڃن ٿا، نھ ان ۾ اسان کي ساقي جام بدست ۽ مينا بھ دوش ڏسڻ ۾ ٿو اچي، نھ ئي اسان کي ان ۾ اھڙا مئڪش ۽ ميخوار ڏسڻ ۾ ٿا اچن، جي پنھنجي زندگيءَ ۽ سماج جي معاملن کان بي خبر ھر وقت نشي ۾ ٻڏل رھن ٿا. اسان کي موجوده غزل ۾ سرو ۽ طوبى قد سھڻا بھ ڏسڻ ۾ نھ ٿا اچن، جن جا زلف سنبل ۽ سوسن آھن، جن جون اکيون نرگس ۽ ڳل گلاب جا گل آھن. نھ وري نئين غزل ۾ اھڙن عاشقن جو ذڪر آھي، جي گھر ٻار ڇڏيون، ڪپڙا ڦاڙيون، مٽي مٿي ۾ وجھيون، چريا ٿيو دشت و صحرا ۾ مجنون مثل سرگردان آھن. +انھيءَ ۾ شڪ ڪونھي تھ ڪيترن نئين غزل جو پايو وجھندڙن شاعرن، شمع ۽ پرواني، گل و بلبل، مي ۽ مينا جي اھڃاڻن کي اڃا بھ قائم رکيو آھي، مگر ھنن اِنھن پراڻن سمبلس (Symbols) کي نئين معنى ۽ مطلب ڏنو آھي ۽ انھن کي نئين ماحول ۾ بيان ڪيو آھي. ايئن کڻي چئجي تھ انھن کي غم جانان نھ پر غم دوران کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي. مثال طور شيخ عبدالحليم ’جوش‘ جو ھي شعر ملاحظھ ڪريو: +قفس جو خون، نشيمن جو غم، خزان جو خيال، +فضا چمن جي ڪٿي آهھ سازگار اڃا. +ھن شعر ۾ گل ۽ بلبل سان واسطو رکندڙ سموري ماحول يعني بلبل، قفس، نشيمن، چمن، خزان ۽ بھار کي بيان ڪيو ويو آھي، مگر پراڻو رومانوي ماحول نھ آھي؛ ان جي بجاءِ غزل جي ھن شعر پڙھڻ سان اھڙي ماحول جي تصوير اکين آڏو اچي ٿي وڃي، جنھن ۾ نھ صرف ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ، قيد و بند ۽ ٻيون مصيبتون عوام جي چوديواريءَ جي تقدس جو لحاظ ڪونھي، جنھن ۾ خوشيون نھ، پر مايوسي ڇانيل آھي. +عبدالحليم ’جوش‘ جو ھڪ ٻيو شعر آھي. +اسان جو ميڪدو، ساقي بھ پنھنجو، +اسان ئي ٿا پڇون ڪو جام آھي. +ھن شعر ۾ ميڪده جا سڀ اھڃاڻ: ميڪدو، ساقي، جام، ۽ پياڪ سڀ موجود آھن، پر اھو پراڻو خم ۽ خمار وارو انداز نھ آھي. ھن شعر پڙھڻ سان ذھن يڪدم ھن ملڪ جي انھن مايوس ماڻھن ۽ قومن ڏانھن وڃي ٿو، جن کي ھن ملڪ جي نعمتن کان محروم رکيو ويو آھي، جنھنڪري ھنن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي ويو آھي ۽ انھيءَ احساس جو اظھار ھو ڪجھھ تعجب ۽ ڪجھھ احتجاج جي انداز ۾ ڪن ٿا. +نئين غزل ۾ بي مطلب نعريبازي ۽ ھنگامھ آرائي ڏسڻ ۾ نھ ٿي اچي. نئين غزل جي شاعر وٽ مقصد ۽ منزل واضح آھي، ھن وٽ واضح پيغام آھي، جيڪو ھو واضح لفظن ۾ ٻڌائي ٿو. تنوير عباسيءَ جي ھڪ غزل جا ٽي شعر ملاحظي ڪريو: +پاڻ جلائي لاٽ ڏبي، ھن جڳ کي ھڪڙي واٽ ڏبي، +اوندھھ کي چيري تارن وانگر کڙندا ھلنداسين. +- +ڪر موڙيندا آھن ڪانئر، ڪر کڻندا آھن دل وارا، +ھلندي ھلندي جي ٿڪباسين، رڙھندا رڙھندا ھلنداسين. +- +آزادي ۽ موت ٻنھي مان ھڪڙو ماڳ اسان جو آ، +جنھن بھ ڏنو آواز انھيءَ ڏي، کلندا کلندا ھلنداسين. +نئين غزل ۾ نھ صرف سوچ ويچار ۽ فڪر جي گھرائي موجود آھي پر ان ۾ پنھنجي سماج ۽ معاشري جي منفي عڪاسي ٿيل آھي، نئين غزل ۾ نھ صرف اسان جي سماج جي خرابين جي، جن ان جي جسم جي ماس کي ناسور وانگر ساڙي ڇڏيو آھي، جو عڪس نظر اچي ٿو، پر انھن کي اھڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي، جو پڙھندڙن جي دل ۽ دماغ ۾ انھن لاءِ نھ صرف ڌڪار پيدا ٿئي ٿي، پر انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ اتساھھ ۽ ارادو بھ پيدا ٿئي ٿو. عبدالڪريم گدائيءَ جي غزل جا ڪجھھ شعر ملاحظھ ڪريو: +ھر عيش ۽ آرام اميرن کي ميسرم +محروم سدا محنتي محنت جي ثمر کان. +سڪن تي سدائين جتي انسان وڪامي، +نادار اتي ڪيئن بچي ظلم و جبر کان. +لڄ قوم جي ٿي سر بازار وڪامي، +ٿا نير ندامت جا وھن ديده تر کان. +ھڪ طرف نئون غزل معاشري جي منفي عڪاسي ڪري ٿو تھ ٻئي طرف معاشري جي مثبت تصوير پڻ پيش ڪري ٿو، اسان جي معاشري ۾ جي غلاظتون ۽ خرابيون آھن، انھن کي دور ڪري معاشري کي ڪھڙي صورت ڏيئي آھي، تنھن بابت گدائي چئي ٿو: +سمون ڪو اھڙو اچي، اھڙو اھتمام ٿئي، +الاھي رسم محبت جھان ۾ عام ٿئي. +نھ ڏاڍو ڪو ڪري ظلم و ڏاڍ ھيڻن تي، +جھان ۾ جلد ڪو جاري اھو نظام ٿئي. +سڪر سڻايون ٿين ديس ۾ گدائي! شل، +اجھو، لٽو ۽ اٽو، ان، جال جام ٿئي. +نئين سنڌي غزل جو جي اڃا بھ غور سان مطالعو ڪبو تھ اسان کي ان ۾ انساني ڀائيچاري جي عالمي شعور جي ترجماني نظر ايندي ۽ ان ۾ انسان جي عالمي قدرن، مطالبن ۽ سماجي مسئلن جا نقش ملندا ۽ اھو ڏسڻ ۾ ايندو تھ سنڌي نئون غزل زلفن جي تاريڪ راتين مان نڪري، مقصديت ۽ افاديت جون نيون شمعون روشن ڪيون آھن. +(ھي مقالو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌي ثقافتي سنگت جي سھڪار سان سنڌي ساھت سال جي سلسلي ۾ ١٨ مئي ١٩٨١ع تي ’سنڌي ادب ڪلھھ ۽ اڄ‘ جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۾ پڙھيو ويو.) +محمد ابراھيم جويو +سنڌي غزل +اسان جي ادب ۾ ھينئر ھڪ ٻيو بھ تحرڪ زور وٺي رھيو آھي تھ ”غزل“ کي ڇڏي، ڪافين ۽ بيتن تي ڌيان ڏجي. اسان جي شعري ادب ۾ غزل جو ھجڻ ڪا خراب ڳالھھ نھ آھي، پر غزل جي جنھن ماحول جي ترجماني ٿو ڪري، اھو ماحول اسان جي سنڌ ۾ بلڪل ڪينھي. غزل جاگيرداري دور جي پيداوار آھي- جڏھن وڏا وڏا نواب ۽ جاگيردار پنھنجي درٻارين ۾ غزلن کي اھميت ڏيندا ھئا؛ محفلون مچنديون ھيون؛ شمعون ڦرنديون ھيون؛ ساقي جام پر ڪري ڏيندا ھئا ۽ شاعر م��ت ٿي، غزل ڇيڙيندا ھئا! غزل، عشق و محبت جي ھڪ خاص ماحول جي نشاني آھي. اھو ماحول ايران ۽ ھندستان جي بادشاھن ۽ جاگيردارن جي درٻارين ۽ انھن سان لاڳاپيل دنيا ۾ ئي موجود ھوندو ھو. اسان جي سڳوري سنڌ ۾ نھ آھن اھي جام ۽ ساقيءَ جا خرافات، جن ۾ سھڻيون نينگريون ۽ ڳڀرو نينگر شاعرن کي جام ڀري ”ساقيءَ“ جا فرض ادا ڪن؛ نھ اھي بلبليون آھن، جي گلن جي چوگرد پنھنجا پر ڇاڻينديون وتن؛ نھ آھن اھي سرو ۽ صنوبر جا وڻ‘ جن سان محبوب جي قد کي تشبيھھ ڏجي؛ نھ اھي ”بت خانا“ آھن، جتي سلامي ڀرڻ ۽ ڪورنشون ڪرڻ لاءِ شاعر وڃي حاضريون ڀرين- ۽ حسن جي حضور ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ دربانن جي خوشامد ۽ دلجوئي کين ڪرڻي پوي! +انھن سڀني ڳالھين ھوندي بھ، ھن ۾ تھ ڪو شڪ ئي ڪونھي تھ ”غزل“ جي صنف اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾ ھڪ نھايت پائدار جڳھھ والاري بيٺي آھي. ائين تھ ”گيت“ بھ تھ اسان جي زبان جو ڪونھي! اسان جي شعري ادب ۾ اصل تھ رڳو بيت، ڏور، وايون ۽ ڪافيون ئي آھن. انھيءَ ڪري ٻين صنفن کي ڌڪاري ڇڏڻ بھ ڪو صحيح قدم نھ آھي- پاڻ جيترو ٿي سگھي، اوترو ٻين مشھور زبانن جي ادبي صنفن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ آڻجي تھ چڱو. پر اھو ضروري آھي تھ انھن کي پنھنجي ئي رنگ ۾ رنڱي ڇڏجي. غزل، عشقيھ شاعريءَ جو ھڪ جزو آھي. عشق تھ ھڪ پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبو آھي؛ ۽ اسين بھ عشق جي رنگينين ۽ دلچسپين کي محسوس ڪريون ٿا؛ اسان ۾ بھ اھي پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبا موجود آھن: پر انھن جذبن جي ترجماني سنڌي ماحول اندر ئي ٺھي ٿي. اھو ماحول، ڪو ايراني يا لکنوي ماحول کان گھٽ ميٺاج وارو ۽ گھٽ سھڻو نھ آھي. انھيءَ ڪري غزل کي اسين سنڌي جامو پھرايون تھ پوءِ غزل بھ اسان جي ادب ۾ ھڪ سھڻو اضافو ٿيندو- پر جيڪڏھن اسين پنھنجا امنگ ۽ جذبا ڌارئين ماحول ۾ بيان ڪنداسين؛ ساقي، جام، بلبل، نرگس ۽ لالھ، عنقا ۽ ڪوھھ قاف، خطن ۽ زلف پيچان جي پڃرن ۾ پنھنجي عشق ۽ محبت کي بند ڪنداسين، تھ اھو غزل تھ ڪونھ ٿيندو؛ البتھ ”گونزل“ ضرور ٿيندو. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي تھ: ”ادا، تون گونزل“ پيو ھڻين، ”گونزل!“- يعني ”اجائي لٻاڙ ۽ ٻٽاڪ پيو ھڻين!“- سو اسان جا غزل بھ شيراز ۽ لکنوءَ جي ماحول ۾ بيان ٿيندا تھ اھي بھ ”گونزل“ ئي ثابت ٿيندا. انھيءَ ڪري، اسان جي شآعرن کي گھرجي تھ ھو پنھنجي ئي نظارن ۽ پنھنجي ئي ماحول ۽ پنھنجي ئي ٻوليءَ ۾ غزل خواني ڪن. غزل جي صنف ۾ جيڪي نوان تجربا خود فارسيءَ ۽ اردو ٻولين ۾ ٿي رھيا آھن، انھن کي سامھون رکي پاڻ بھ اھي، ٺلھا وصال ۽ فراق جا پراڻا قصا بند ڪري، نوان خيال ۽ نوان فڪر، غزل جي معرفت پيش ڪن. ٻوليءَ جي لحاظ کان بھ غزل جي انھن ڌارين بندشن کان اسان جي شاعرن کي پرھيز ڪرڻ گھرجي، جيڪي پنھنجي ٻوليءَ کي سنوارڻ جي بجاءِ بگاڙين ٿيون- مثلا: اضافت ۽ واو عطفيءَ جون بيجا ترڪيبون، نون غني جو اجايو استعمال، ۽ خود پنھنجي ٻوليءَ جي ساڪن حرفن کي متحرڪ ۽ متحرڪ حرفن کي ساڪن ڪري لکڻ، ۽ لفظن جي نحوي صورتن کي بدلائي، خود سڌن سنون لفظن کي بھ ڇڪي تاڻي غزل جي وزنن ۾ پورو بيھارڻ- اھي ۽ ٻيون جيڪي بھ اھڙيون ڪوششون ٿينديون، سي ظاھر آھي تھ ٻوليءَ جي صحت کي ڪاپاري ڌڪ ھڻنديون. انھيءَ ڪري اسان جي غزل گو شاعرن کي التجا آھي تھ ھو انھن سمورين ڳالھين کان سنڌي ادب کي بچائين ۽ اھڙيءَ طرح خالص سنڌي غزل جي نئين صنف سان پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪن. +(مھراڻ – سرءُ، ١٩٥٥ع) +. . . . غزل، اصل ۾ عربي ادب جي صنف آھي، پر فارسي ادب ان کي ايتري قدر پنھنجو ڪيو، جو اھو پوريءَ طرح فارسيءَ سان ئي مخصوص ٿي ويو ۽ ان مان فارسيءَ جي خاص سڳنڌ اچڻ لڳي. ساڳيءَ طرح اڙدوءَ بھ ان کي ايتريءَ پنھنجائپ جي حد تائين پنھنجو ڪيو، جو اڙدو غزل، خالص اڙدو غزل ٿي پيو. +سنڌي شعر ۾ غزل جي آمد ڪافي ڪجھھ پوئڀري ٿي، ۽ پھريائين تھ سنڌيءَ ۾ اھو ايترو تھ ڌاريو ۽ اوپرو لڳو، جيئن ڪنھن غير سنڌيءَ جي گھر ۾ پھريون ڀيرو پلو سيئجي يا پيھون پچن ۽ کاڄن- ۽ اھو غزل نھ، پر ”گؤنزل“ سڏجڻ لڳو- اڌ پڪو، اڌ ڪچو، يعني محض ھڪ بي سود ۽ بي سواد نقل. +پر اڄ سنڌي غزل اھو ”گؤنزل“ نھ رھيو آھي. خليفي ”گل“ کان وٺي اياز ”گل“ تائين- ۽ وچ ۾ سانگي، قليچ، ڪاظم، عبد، دلگير، اياز، شيام، گرامي، تنوير، شمشير، امداد، نياز، ذوالفقار راشدي، فتاح، استاد، خاڪي، تاج ۽ ٻيا- اسان جي نئين دور جا ڪيئي سجاڳ ذھن ۽ زنده دم شاعر، غزل کي، پنھنجي تخليقي فن جي وسيلي طور، قبولي ۽ پنھنجو ڪري سگھيا آھن. اڄ سنڌي غزل، پنھنجيءَ سنڌي ادا سان، اسان جو پنھنجو غزل بڻجي چڪو آھي. +اياز گل جي غزلن جي مجموعي +”پيلا گل پلاند ۾“ جي مھاڳ تان ورتل.) +ارجن حاسد +موجوده سنڌي غزل جو روپ +اڄ غزل نھايت مقبول بڻيو آھي، ان ۾ ڪابھ شڪ جي ڳالھھ نھ آھي. اڙدو غزل ٻڌڻ لاءِ، ۽ ڪنھن سٺي ڳائڻي کان ٻڌڻ لاءِ، ھر ڪوئي خواھش مند لڳندو آھي. منھنجو وشيھ (موضوع) آھي. ”موجوده سنڌي غزل جو روپ“. سنڌيءَ ۾ بھ غزل ڳايو تھ ويندر آھي. ائين تھ غزل ڳائڻ جي ئي چيز آھي، ۽ نھايت ئي خوبصورتيءَ سان ڳائي سگھبو آھي، سنڌي غزل کي، سٺا ڳائيندڙ نھ مليا آھن، ان ڪري اڄ مان سنڌي غزل جي گائيڪيءَ تي نھ، صرف سنڌي غزل، اڄ ڪلھھ، ڪيئن چيو ٿو وڃي، ان بابت، ڪجھھ چوندس، ڇو تھ غزل، چوندا آھن تھ لکبو نھ، پر چيو ويندو آھي. ائين تھ شانتي ھيرانند سنڌي غزل ڳايا آھن، ۽ غزل جي مخصوص طرز ۾ ڳايا آھن، ٺمري ۽ دادري ۾ ڳايا آھن، سنڌي ھوندي پڻ، سندس لھجو سنڌي نھ آھي. ھونئن تھ ھوءَ اڄڪلھھ اردوءَ ۾ غزل ڳائيندڙن جي پھرين قطار ۾ آھي، ۽ مشھور معروف غزل جي گائڪا ”بيگم اختر“ جي ششيھ (چيلي) آھي، پر سندس زبان اردو غزل اپنايو آھي. ان ڪري سنڌي غزل سان انصاف ڪري نھ ٿي سگھي. لفظن جي ادائگي پڻ صحيح ڍنگ سان ڪري نھ ٿي سگھي. لفظن جي ادائگي غزل گائڪيءَ لاءَ اھم آھي. مھيش چندر پڻ ڪجھھ سنڌي غزل ڳايا آھن، پر سندس چونڊ نھايت پراڻي آھي. موجوده غزل کي ڇھڻ جو تھ ھن ڪڏھن سوچيو بھ نھ ٿو ڏسجي آسڪرن شرما ڪجھھ سٺا غزل ڳايا آھن، جيتوڻيڪ اچارن جون غلطيون ھن وٽ پڻ آھن، ھاڻ آءٌ سنڌي غزل جي گائڪيءَ کي ڇڏي اڳتي وڌان ٿو. +[1] ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان: ص 131-132 ۽ 138-141 +[2] ھتي ھر بحر جو نالوڏئي، ان مان نڪرندڙ وزنن کي ڌار ڌار مون ڪيو آھي ۽ ڪٿي ڪ اڌ وزن ڪڍي ڇڏيو اٿم. +[3] اياز وزنن جا نمبر ڄاڻايا آھن، جڏھن تھ ھتي سھوليت خاطر وزن ڏنا ويا آھن. (ت. ج) +[4] ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان – ص 50-56 + + +غزل فنڪارانھ رچنا آھي. نقادن جو چوڻ آھي تھ غزل جي فن ئي، غزل کي غزل بڻائي رکيو آھي. ٻن مصرعن جو ھي شعر گھڻو ئي ڪجھھ چوڻ جي قابليت رکي ٿو. جيڪڏھن غزل چوڻ وارن کي غزل چوڻ جو ڏانءُ آھي تھ فنڪارانھ پھلوءَ کان سواءِ Creative Sensibility غزل کي سنواري بيٺي آھي. اڄ جو ماڻھو نھ رڳو ڪن- رس سان غزل کي ماڻي ٿو، پر ٻوڌڪ سطح تي پڻ Enjoy ڪري ٿو. اڄ جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ھر سندرتا ۽ غلاظت کي غزل جي اڻت ۾ ُڻيو ٿو وڃي. غزل جي پيشڪش (Presentation)، غزل کي شعر و شاعريءَ جي بھترين صنف ۾ ڪامياب ڪري رھي آھي. +سنڌيءَ ۾ غزل چوڻ وارا خوبصورتيءَ سان غزل چون ٿا، غزل جون ڪيتريون ئي فنڪارانھ Angles آھن، جي غزل کي اڀاري بيٺيون آھن. ھت مان پنھنجي ڄاڻ ۽ آزمودي موجب انھن جو ذڪر ڪندس. جيئن غزل کي مون سمجھيو آھي. غزل کي ھڪ خاموش Sensibility پڻ آھي- ٻن سٽن ۾ ڪجھھ نھ چئي بھ گھڻو ڪجھھ چئي وڃڻ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ وارن تي ڇڏڻو آھي تھ ھو ڪيئن ٿا Enjoy ڪن. +وقتي تارن جي ڏسي جھلمل کي، +ياد ايندي آ گلن جي آلاڻ! +- +منھن ورائي ڏسي سگھان نھ سگھان! +اڳتان اڳتان، ھلان ٿو گڏ توسان! +خاص ڪجھھ ڀي چوڻ ڏکيو آھي! +پوءِ بھ، ڪا ھڪ گھڙي بھ چپ ڪونھ ھان! +- +ڳالھھ سؤلي چوڻ اچي نھ اچي! +پر جي اچي مون کان ڪو نانءُ پڇي! +شعر جي پھرينءَ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ڪو ربط آھي بھ يا نھ، ظاھر تھ نھ آھي، پر ڪو پورو نھ، نھ جھڙو Reference (حوالو) آھي ضرور، جنھن کي سمجھي، شعر جي خوبصورتيءَ کي ماڻڻو آھي. لفظ بھ سادا ۽ معمولي آھن، جي گھڻو ڪجھھ نھ ٿا ٻڌائن. ان قسم جي شعر کي آءٌ ھوند Silent Sensibility of Ghazal چوان. +غزل بابت وڌيڪ ڪجھھ چوان، ان کان اڳ، ھڪ ٻي ڳالھھ بھ ٻڌائڻ چاھيندس. شعر جي پھرينءَ سٽ مان ٻيءَ سٽ ۾ ڪم آيل قافيو، اڳواٽ سمجھھ ۾ نھ اچي وڃڻ گھرجي. جيڪڏھن اڳواٽ ئي سمجھھ ۾ اچي ٿو وڃي، تھ اھا شعر جي ڪمزوري ۽ گھر گھلائي آھي، تھ پوءِ غزل جي بندش ڪو نقص رھجي ويل ٿو ڏسجي. +ھيٺ Straight Line Sensibility جا ڪجھھ مثال آھن. ائين ٿو لڳي، ڄڻ تھ ٻھ الڳ الڳ سٽون آھن ئي ڪونھ. توھان شعر جي ٻنھي سٽن کي ھڪ يڪيءَ سٽ ۾ بھ لکي سگھندا. +پئجي عادت وئي آ مرڪڻ جي، +ھونئن نٽائي سگھڻ ڏکيو آھي! +- +اڄ فضا ۾ ڪئين سوال آھن، +چپ رھڻ جو بھ ڏانءُ ٿو گھرجي! +ڪنھن بھ Direct Reference جوھئڻ ضروري نھ آھي، ٻيا بھ ڪي مثال ڏسو: +مرڪ ۾ طنز جي اڀرڻ تائين، +سلسلو ڪو تھ ھجڻ واجب ھو! +- +ڳالھھ شڪ جي انھيءَ ۾ ڪھڙي آ، +سڀ چون ٿا تھ ماڻھو آھيان مان! +- +واسنا پنھنجي نگاھن جي ٿي ڳولڻ چاھيم، +پر ٻڌم ڪجھھ تھ ٿي ڀڻ ڀڻ ۾ چيو آئيني! +اڳ جا ڄاتل سڃاتل موضوع ۽ گسجي ويل لھجو، اڄ جي غزل سان انصاف ڪري نھ سگھندا. غزل کي، ۽ پاڻ پورو ۽ ڀرپور انداز ڏيڻ لاءِ ڪا نئين ڀاشا، (ٻولي) ڪي نوان لفظ ڳولڻا ۽ ڪم آڻڻا آھن، اڃا بھ ائين چوان تھ گسي ويل لفظن کان غزل کي آجو رکڻو آھي، چست انداز ڏيڻو آھي. ھشو يعني بي مطلب لفظن کان ونءُ وڃڻو آھي. غزل ۾ ھڪ ھڪ لفظ کي پورو پورو مطلب آھي، مطلب وٺڻو آھي، لفظن جي Presentation (پيشڪش) کان؛ ھڪ ننڍي لفظ جي بي مطلب، ۽ بيجا ھئڻ سان بھ غزل پنھنجو Impact (اثر) وڃائي ٿو ويھي. ڏکين لفظن جو ھئڻ ضروري نھ آھي، اھي سادا ۽ ھڪ جھڙا لفظ جي اڳ، گھڻو تڻو، شعر ۾ ڪم نھ پئي آيا آھن، انھن کي اھڙي انداز ۾ آڻي ڪم وٺڻو آھي، جيئن لڳي تھ غزل کي نئين ڀاشا، نوان لفظ ۽ نوان انداز مليا آھن. ائين ڪندي، شعر جي پھرئين سٽ ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. پھرئينءَ سٽ کي ٻڌڻ سان ئي، ٻڌندڙن کي لڳڻ گھرجي، تھ واقعي ڪجھھ نئون ٻڌي رھيا آھيون، جنھن جھڙو اڳ، غزل ۾ شايد نھ ٻڌو اٿئون. ڏسو: +ذھن ۾ ڇو نھ زلزلا ھوندا، +ڪيڏا طوفان سرد چھري تي! +- +سمجھيم نھ لفظ تنھنجا، ڳالھايو پر تو جيئن ٿي، +آواز مان مون تنھنجي، دل جو پتو لڳايو! +- +ھر رات مون ۾ ڀونڪي ڪتو ٿو، +ھر صبح مون کي جھرڪي چڳي ٿي! +- +سڄو شھر اشتھارن سان ڏٽيل آ، +وڏي واڪي ٺڳڻ جو دور آ اڄ! +- +آمھون سامھون دري دريءَ جي آ، +پنھنجو رشتو ٻيو تھ ڪونھي! +- +تماشبين زماني کي آھي ڏسڻو ڇا، +نچي ٿو مور ۽ احساس محض ٿو تڙڦي! +- +ڇا تھ اشراف آ ماڻھو اڄ جو، +چپ رھڻ جي، نھ ڪڇڻ جي لائق! +- +اک نھ ڪڍ درد جي جوانيءَ مان، +فڪر ۽ فن جو ھي شراب نھ ڇڏ! +- +ڀر ۾ ويھندي آ اچي بيچيني، +ٽھڪ ڏيندي آ، جڏھن ڀي سرھاڻ! +ھاڻي ڪي مثال آھن، First Line Action – Reaction Sensibility جا. +يعني شعر جي پھرينءَ سٽ ۾ ئ�� action ۽ Reaction ڏيکارجي، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ چيل مضمون سان انصاف ڪجي: +بڻجي خاموش ويھي ڳالھائي، +اھڙو ھاڻي سجھي حجاب نھ ڪو! +- +ڪھڙيون راھون ۽ منزلون ڪھڙيون، +گول ئي گول صرف گھيرا ھا! +- +ڪڏھن آرزوءَ ۾ ڪڏھن جستجو ۾، +حياتي ھئي پنڌ ئي پنڌ سارا! +- +ھن ٿڌي برف کي ڪو لفظ نٿو گرمائي، +پوءِ ڇاڪاڻ ڏسون تند کي ھر ھر تاڻي! +- +ڪنھن پرائي کي ڏيڻ چاھي ٿي مون پنھنجائي، +پر اھڙي چيز اجائي ڪوئي ڪنھن کا ڇو وٺي! +- +جن بھ اکڙين سان ڏنو ۽ ورتو، +تن جي سواسن ۾ ڏٺم بيچيني! +ھاڻي مان ڏيکاريندس تھ ڪيئن نھ پراڻي complex ۾، ان ساڳئي جھوني پھراڻ ۾، ۽ لڳ ڀڳ انھن جھونن لفظن ۽ طرز ۾، پھرينءَ سٽ ۾ action ڏيکاري، ٻيءَ سٽ ۾ Reaction پيدا ڪيو ويو آھي، ۽ پوءِ بھ شعر ڌيان ڇڪائي ٿو، ۽ لڳي ٿو تھ شاعر ڪجھھ ڪجھھ، ڪنھن طرح نئون، وڻندڙ ۽ چڀندڙ چيو آھي: +ننڊ جي لئھ نڪي ھيون راتيون، +جاڳ جي لئھ نڪي ھئا ڏينھنڙا! +- +جن جي ئي خلاف ھيون دانھون، +تن جي ئي ھٿان نبيرا ھا! +- +جيڪڏھن خواب آھي ھيءَ دنيا، +ننڊ چئبو تھ زندگي آھي! +- +مون کي آخر حيات سمجھايو، +موت جي کن نھ اوچتي آھي! +- +ساغر جي دور سان سوين ڳالھيون ھليون مگر، +محفل ۾ منھنجو ذڪر نھ آيو تمام رات! +- +ڪڏھن رات ڀر ڪو ستارو نھ چمڪيو، +ڪڏھن ڏينھن جو ڀي نظر آيا تارا! +- ۽ آخر ۾ غزل جا اھي شعر پيش ڪندس، جيڪي اڄ جي غزل جو ڀرپور روپ آھن، جيڪي زندگيءَ ۽ احساس جي ھر ڪنڊ کي ڇھن ٿا، اجاگر ٿا ڪن، اھي شعر الڳ الڳ موضوعن تي action – Reaction جي ڄاتل سڃاتل شئليءَ ۾ چيا ويا آھن ۽ خوب چيا ويا آھن، نون لفظن ۽ Phrases (فقرن) ۾ چيا ويا آھن، ۽ ايترا تھ خوبصورت آھن، جو ٻڌندو ئي رھجي: +درد بيچين ڪيو، درد تھ بيچين ڪندو، +دل جي سامت جو لڇايو، ڇا انھيءَ لاءِ چوان! +- +اڻڀا اڻڀا لڳن ٿا چھرا ڇو، +مرڪ کي رنگ ڪنھن ڏنو ڪونھي! +- +ڪير چغليون ھڻي ٿو چندن تي، +ھن جو پنھنجو ھڳاءَ ئي ھوندو! +- +منھنجي گھر جو ڪڙو تھ کڙڪي ٿو، +تون نھ ھوندين تھ واءُ ئي ھوندو! +- +ڌمڪي ٿن، رئندا مار کائيندا، +ٻار ڊپ ۾ کلڻ لڳا آھن! +- +ملي ويا ڍير سپنا، ھڪ ٻئي ۾، +ڪير ڪنھن جا ڏسڻ لڳا آھن! +- +اسان گھڻيون ئي تصور جون باھيون ٻاريون دوست، +حقيقتن کي ذرا ڀي مگر لھس نھ آئي! +- +حيات نھ جي ٿڌي گھري ڇانو آھي ڇا؟ +ھتان چرڻ ئي نٿي چاھي جو اداسائي! +- +بيخوديءَ ۾ اچي ڪو گھر تائين، +در تان موٽي وڃي، تھ ڇا سمجھون! +- +دڪان ھن تي ۽ ھن تي چٽيا رکيا آھن، +ملن جي سستا ڊزن کن ڳنھي وٺان چھرا! +- +اٺ کي ماري گجيءَ ڪڍڻ کان پوءِ بھ، +پاڻي ڪنھن پيتو نھ آ، لڪايو آ! +ماڻھن جا من صاف رھن ڪيئن، +شھر، گھٽيون، گھر، دوزخ جھڙا! +مٿيان شعر نئين ڪوتا جي بلڪل ئي ويجھو آھن، ڪڏھن ڪڏھن ائين بھ لڳندو تھ چست بيانيءَ Perfect Impact ۽ consonant durability سبب نئين ڪوتا کان پڻ وڌيڪ آڪرشڪ آھن. ھونئن بھ نئين ڪوتا، ڪن گھڙين ۽ وقتائتي subject کي ئي ڀرپور يوگيتا سان پيش ڪرڻ جي ability رکي ٿي، پر غزل ان جي برعڪس Permanent durability جي capability رکي ٿو. +ڪجھھ شعر ڏسو: +دل جا احساس جڏھن ڀي توريم، +ڪاڻ واري ئي ھئي تارازي! +- +اچ تھ ٻڪ ۾ ئي ڀري پيئندا وڃون خاموشي، +شور ھيڏي ۾ ڪٿي ڳالھھ ئي وسري نھ وڃي! +- +ڪنھن جي چھري تي ڦڪي مرڪ ڏسي، +ريس ايندي آ بيابانن کي! +- +ڪيترا گل، ڪيڏي شرميلي ھوا، +پر بھ، خوشبو کي ڪٿي سانڍي رکون! +- +طنز نيڻن مان ٿي اڀري ايڏي، +لڄ اچي ٿي وڃي ميخانن کي! +- +مون رھي گڏ آ ڏٺو ڪنھن تھ اڪيلائيءَ سان، +صرف ھاڻي ٿي انھيءَ جي ڪا سڃاڻپ گھرجي! +- +ڪنھن جي ٽھڪن ڪيڏي مايوسي ڏني، +ڪنڊ پاسيرو بھ جي روئي نھ سگھون! +وقت جي نبض ڍري ٿي ويئي، +ڪو سھارو ڏئي طوفانن کي! +��ئين چوندي مان بلڪل نھ ٿو ھٻڪان تھ اڄ جو سنڌي غزل، ٻيءَ ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ لکجندڙ غزل سان اکيون ملائي سگھي ٿو. +ھن مضمون ۾، مون جن شاعرن جو شعر چيو آھي، سي آھن: شري نارائڻ شيام، ڪرشن راھي، ايشور آنچل، ايم. ڪمل، موتي پرڪاش، واسديو موھي، ذوالفقار راشدي ۽ ارجن حاسد. +(آل انڊيا ريڊيو ڀڄ تان براڊ ڪاسٽ ٿيل) +پوپٽي ھيراننداڻي +عزيز : غزل گو +عزيز ان وقت جو عيوضي آھي، جنھن وقت سنڌ ۾ شعر جي فني پھلوءَ تي زور ڏنو ويندو ھو، عربي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ، علم عروض جي نيمن جي ڄاڻ، لفظي بيھڪ، معنى جون پابنديون وغيره وغيره، انھن ڳالھين تي ئي زور ڏنو ويندو ھو. عزيز ودوان- ڪوي ھئڻ جي ناتي اھو سڀ علم حاصل ڪيو ۽ پنھنجي علميت سان خوب نباھيو. +عزيز گھڻو ئي شعر رچيو. حب سان سرشار ٿيل قدرت جي نظارن سان سندر بڻايل، دنيا جي وھنوار لاءِ سکيائون ڏيندڙ- پر سندس پيار غزل سان ئي آھي. +غزل ٽِڪي ئي لفظن جي سھاري تي ٿو. سنسڪرت جي ڪلاسيڪي دؤر ۾ ڪويتا لاءِ چيو ويندو ھو: +The word and sense taken together is poetry, +or +Poetry consists in word and sense devoid of defects and embellished with the excellences and the igures of speech. +ساڳئيءَ طرح انگريزيءَ ۾ سيموئل جانسن چوي ٿو تھ: +Poetry is a metrical composition. +عزيز لفظن کاڻ تھ ھئوئي، باقي بھ کسيل محبت کيس غزل جي رومانوي بيان ڏانھن ڇڪي ويئي. غزل تي نظر اينديون: زبان جي سلاست، مضمون جي چٽائي ۽ دل جي ڪيفيت- اِھي ٽي سندس غزلن جون خاص خوبيون آھن. +عزيز پنھنجي غزلن ۾ تشبيھھ ۽ استعاري کان ايترو ئي ڪم ورتو آھي، جيترو سندس غزل کي زيب بخشي سگھي: +اڇليو نھ منھجو لاش در دوست کان پري، +سايي کي ھيئن ڪريو ٿا ڇو ديوار کان جدا؟ +پنھنجيءَ نظر کي بِکاريءَ جو پيالو سڏي، دلدار جي ديدار جي ھڪ پائي (ٿورو درشن) گھري اٿس: +پائي ديدار من ٿئي تنھنجو نصيب، +چشم، جمني ٿي ھڪ گدائيءَ جي! +ساڳيءَ طرح استعارا بھ سھڻيءَ طرح ٿو استعمال ڪري: +دل کي جھليان مان عشق ۾ يا ديد کي جھليان، +شيشو ٿي چور چور وھي جام، ڇا ڪريان؟ +مٿي، ڀڳل دل کي شيشو چئي، اکڙين جي شوق کي شراب سڏيل آھي. +جنابِِ عشق پاڻيءَ ۾ تھ ڇا آتش لڳائي آ، +اکين جو لڙڪ ٿي ھم شڪل آھي آتشين نڪتو. +عشق جي گرميءَ ڪري اکين مان گرم لڙڪ ٿا وھن، اِھا آتش کان گھٽ ناھي. +عزيز پنھنجيءَ دل جا جذبا سھڻي نموني بيان ڪيا آھن ۽ لفظن، قافيي ۽ رديف جي پابندي نباھيندي بھ غزل ۾ ھڪ خيال جو سلسلو قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌيءَ کي عزيز جي دين آھي غزل ۾ ھڪ خيال قائم رکڻ. ھيٺئين غزل ۾ قافيي جي قوت ۽ خيال جي ھم آھنگيءَ جو مثال ڏسو: +ھاءِ پنھنجن ۾ آءُ ڀاءُ ڪٿي؟ +دل سڪي ٿي ھو لاءُ ساءُ ڪٿي؟ +بي وفائي فضا ۾ آئي ڇا! +جو لڳي وصل جو نھ واءُ ڪٿي؟ +باغ دنيا ۾ بو حيا جي ناھھ +حسن وارن جو ويو ھڳاءُ ڪٿي؟ +ڪانٽو دنيا جو ھم وزن پيو ٿي، +سير سير آھھ ھرڪو، پاءُ ڪٿي؟ +ھڪ دليري ٿي پيئي بي ادبي +ڪھڙا ليکي ۾، پيءُ ماءُ ڪٿي؟ +حسن تي زر جو عشق غالب آھي، +دل غريب اڄ تھ ڌوڪو کاءُ ڪٿي؟ +غم بھ دل کي نھ ٿو ڀري اڄ ڪلھھ، +اھڙو برڪت جو ھو اپاءُ ڪٿي؟ +ٿي ڏسي جن کي دل ٿي بھ روشن، +اھڙا چھرا ڪٿي، اھاءُ ڪٿي؟ +بي ڪمان تير ڪن نھ ظلم اڳيان، +بي نشان آھھ ٿيو نھ گھاءُ ڪٿي؟ +عشق وارن مان جي ھليو ويو درد، +ناز وارن ۾ ناھھ نياءُ ڪٿي؟ +ماڻھپي جا لنگھيو پون ليڪا، +دل گھريو ھٿ لڳي جي داءُ ڪٿي؟ +چاپلوسيءَ نھ ڪي دغا کي شمار، +ڳوٽ کڻ، ڇا جي ٿيو وڻاءُ ڪٿي؟ +جو ڏسان ٿو اھو وتي سيٽيو، +پور کڏ ڪا کڻي وڏاءُ ڪٿي؟ +ٿيو طبيعت کي خلق جي ڇا، عزيز! +دل کي موھي جو، سو سڀاءُ ڪٿي؟ +عزيز جو مٿيون غزل -سندس شعري مجموعي- ”صراحي“ مان کنيل آھي. ھن غزل ۾ دنيوي وھنوار جو روپ کينچيل آھي، ان ڪري عام سنڌيءَ کي پنھنجي من جا ڪجھھ ويچار ھن ۾ ڏسڻ ايندا ۽ کيس ھيءُ شعر وڻندو. +”صراحي“ ۾ عزيز جا غزل سليس ٻوليءَ ۾رچيل آھن. مثلا: +عقل تي عشق ڇو نھ غالب ٿئي +ڏس تھ گھاڙوءَ گھڙيا ڇا گھاٽ آھن! +روءِ روشن تي زلف پيچان، عزيز! +ڄڻ دونھان ڪيا ڏئي جي لاٽ آھن. +- +ھڪ تھ مون وٽ ٿو اچين ٻيو تھ سڏائين، سائين! +ٽيون سبب منھن جي مٽڻ جو نھ ٻڌائين، سائين! +مان ھجان يا نھ ھجان، منھنجا رسن شال نياز! +تون ھجين، تنھنجا ھجن ناز سدائين، سائين! +سر وڍڻ جو تو ڪيو وعدو ۽ ورجائڻ تي، +منھنجي سر جو کلي سوڳنڌ ڇو کائين، سائين! +عزيز جڏھن پنھنجو عالم پڻو وساري غزل چيو آھي، تڏھن عزيز جي غزلن ۾ رواني ۽ خيال جي ھم آھنگي خوب ٿي نکري بيھي! غزل پنھنجي ليکي سپردگي ۽ محويت طلبي ٿو، باقي بھ شاعر جڏھن عشق جي جذبات ۾ ٻڌو پيو آھي تھ پوءِ ھو سڀ ڪجھھ وساري شعر چوي ٿو: +اڃا ڪيسين سھڻا! ستائڻ جون ڳالھيون؟ +تغافل ۾ صبر آزمائڻ جون ڳالھيون. +ملڻ سان کلي موڪلائڻ جون ڳالھيون، +ڦٽن تي ٿيون لوڻ لائڻ جون ڳالھيون! +مٺو مون کي ھڪ مرڪ جي آھھ حسرت، +ڪريان ڪھڙيون لڙڪن وھائڻ جون ڳالھيون؟ +بدن گل گلابي ۽ پوشاڪ رنگين، +ڇِڪي نرت ڪن دل نڀائڻ جون ڳالھيون! +عزيز جي ”صراحيءَ“ ۾ اھڙن غزلن جي، جن ۾ سليس ٻولي ۽ ٻوليءَ جي رواني آھي، اڪثريت آھي، پر سندس ”ڪليات عزيز“ بھ اھڙي قسم جي سولي ٻوليءَ وارن غزلن کان خالي نھ آھي: +محبت ۾ مٺي ميھر جي تارن جئن ترڻ گھرجي، +ڇڏي ڀيلي جي ڀر واھڙ ۾ واھر ريءَ ورڻ گھرجي. +پڪو کڻجنءِ پچائي تون پڄائي توڙ جو توکي، +وڃي وڄري نھ ويرن ۾، ڪچو پاسي ڪرڻ گھرجي. +اِھا دريا سندي دھشت، اھي لھرن جا لڙ لوڏا، +ڏسين جئن ڏاھھ ڪن ڏاڍو ڌڻيءَ تي دل ڌرڻ گھرجي. +ڏمر ڏم جو نھ ڏاري ڏيل، جن کي سوز ساھڙ جو، +تون پؤ پاتار ۾ پِرتئون، نھ ڪن ڪنھن ڏي ڪرڻ گھرجي. +وساري وسوسا من جا، ڪڏي پاڻيءَ ۾ پؤ ڪاھي، +پرينءَ سان پر ۾ ٿيو پرياڻ، تنھنجي پت پرڻ گھرجي! +درندن جون ٻڌي دانھون نھ ھارج دھلجي ڪا دل، +متان ٿين نينھن ۾ نٻري، انھيءَ ڏاھان ڏرڻ گھرجي! +مرين تان خلد ماڻيندينءَ، رسين تان تو ملي ميھر، +گھڙي گھاگھائي پئھ سھڻي، ورڻ کان تو مرڻ گھرجي! +عزيزا! ڇا جھليندو جر، ٿيا جي پرت ۾ پاڻي، +وھي قدمن ۾ جانيءَ جي، قدم تن جان ڀرڻ گھرجي. +- +ھو صرف ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ٿو رسيو پوي، +اھڙو نھ شال ڪنھن کي ڪڏھن ڏي خدا مزاج! +منھنجو ڪجنءِ مزاج جو پو فڪر چاره گر، +پھرين ٻڌاءِ پنھنجي دوا جو ذرا مزاج! +ھو بادشاھھ حسن، اسين بي نوري عشق، +ھن جا ڪجا مزاج، اسان جو ڪجا مزاج! +ھڪ نازنين، ٻيو حسن، ٽيون جوڀن آھھ، +جيڪي ڪرين سو توکي سنھي ٿو مٺا مزاج! +رواجي يا پراڻي خيال کي نئين طرز تي ٻڌائڻ کي جدتِ اسلوب چئجي ٿو: +جيئرن کي سمھارين ٿو، مردن کي اٿارين ٿو، +رفتار ئي ٿي قاتل، رفتار مسيحائي! +وصل جون راتيون وڏيون ۽ ھجر جون ننڍڙيون ڪرين +ڇا گھران ويندءِ يا پوندءِ فلڪ نقصان ڪجھھ +(ڪليات عزيز) +عزيز جي غزل جي خوبي آھي، سندس خيال جي اڏام، جنھن کي پارسيءَ ۾ ”حسن تخيل“ ٿا سڏين: +عشق جي خاڪي،تن تي اڄ نيلو ڦٽن جو رنگ ٿيو، +آھھ زمين درد تي ڇانيو ڇا آسمان عشق! +- +مان ڪڇان مس، ٿو چوي روز سمجھيم ڳالھھ کي، +داغ دل جا ٿا جلن بدگمانيءَ کان وڌيڪ! +- +ڪھڙو ڪري اچڻ جو وئين وعدو خواب ۾، +آئي نھ ننڊ عمر سڄي انتظار ۾! +- +روي روشن تي زلف پيچان عزيز! +ڄڻ دونھان ڪيا ڏئي جي لاٽ آھن! +(صراحي) +عزيز جي غزل ۾ تغزل جا مثال پڻ ملن ٿا. ڪوبھ سياسي يا سماجڪ نقطو عاشقاڻي ڍنگ سان چئجي تھ ان کي تغزل ٿا چون. +ڪنھن جي بھ دل وٺڻ ۾ سھڻا ثواب آھي، +ھيءُ تيرٿن ۾ تيرٿ ئي لاجواب آھي. +غزل ۾ ربط يعني لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو (Association of words) جو بھ خيال رکبو آھي. +شاھھ عبداللطيف جي شعر جو مثال ٿا وٺون: +ھڻ حبيب ھٿ کڻي، ٻنگا لھي ٻاڻ، +ماڳھين مون منھن ٿئي، جھولي وجھان پاڻ، +ان پر ساجن ساڻ، مان مقابلو ٿئي. +شاھھ چوي ٿو: ’اي منھنجا محبوب! ٻاڻ جي زهھ ھٿ ڪري مون کي تير ھڻ، جيئن مان مري پوان. مون کي جھوليءَ ۾ وجھندين تھ منھنجو توسان مکاميلو ٿيندو. +ھاڻي ٻنگا (زه)، ٻاڻ، جھولي، ھڻ، انھن سڀني لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو آھي. انھن جي گڏوگڏ استعمال ٿيڻ سان لفظن جي آئيني ۾ حقيقت جو عڪس صاف ۽ چٽو ٿي پوي ٿو. +ويئي فصل خزان کان بھار ھلي، +رھي داغ جگر جي بھار فقط. +نھ چمن ئي رھيو نھ چمن جي ڪلي، +بچي جلڻ ليءَ بلبل زار فقط. +(عزيز) +چمن، بھار، خزان، بلبل، ڪلي وغيره لفظن جو ھڪ ٻئي سان لاڳاپو آھي. +عشق جو جذبو ھر ھڪ انسان ۾ ٿئي ٿو. شاعر وٽ ان جذبات جو ڪو نئون نمونو نھ ٿو ٿئي، پر شاعر کي اظھار ڪرڻ جي ڏات آھي. ان ڏات کي ھو پنھنجي اڀياس ۽ علم سان وڌيڪ سونھارو ڪري ٿو. +ناوڪ مٽائي دل جون ڇڏيون حسرتون عزيز! +ھئن ميزبان تي ڪنھن نھ ڪيون ميھمان ڏاڍ +- +دل زندگي ۽ موت جي وچ ۾ اچي وئي، +قاتل ٿيس، اکيون نھ اٿس، جيءَ جيئار چپ. +(ڪليات عزيز) +سخن داني ان کي ئي چئبو آھي. عزيز جو سڄو ئي ڪلام ثابت ڪري ٿو تھ ھو سنڌي زبان جو پورو پورو ماھر آھي. غزلن ۾ بھ ھو سنڌي محاورا نھايت خوبيءَ ۽ صفائيءَ سان ٿو ڪم آڻي. +عزيز ڪنھن لفظ کي ڳولڻ لاءِ ترسي نھ ٿو. لفظن جا ھن وٽ ڀنڊار ڀريل آھن. اھڙو سخن دان بڻجڻ لاءِ ھن ضرور محنت ڪئي ھوندي. پاڻ چوندو ھو ملن مولوين وٽ تھ سکندو ھوس، پر عربي ۽ فارسي سکڻ جو ايترو شوق ھئم، جو ڌرتتيءَ جو سڀني کان لڪي ڪوسيءَ لڪ ۾ ڪوھھ پري پنڌ ڪري بھ ڪنھن کان ھڪ لفظ جي معنى پڇڻ ويندو ھوس. ان ڪري ئي تھ ايم. ڪمل چيو آھي تھ: +ھڪ عمر کپي دوست، سخن دان ٿيڻ لاءِ! +اڀياس، ذھن ۽ محنت کي ساڻ ڪري عزيز سنڌ جي نوجوان توڙي بزرگ شاعرن ۾ عزت پائيندو ھو. سندس مرتبو نھايت بلند ھو. عزيز ئي ھڪ اھو سنڌي شاعر آھي، جنھن ھر وزن تي شعر چيو آھي. ھن جھڙو عالم- ڪوي اسان وٽ ٻيو ڪو ڪينھي. سندس ھر شعر ۾ زبان جي پختگي ۽ خيال جي اڏام نظر ايندي. +سنڌ ۾ رچيل سندس شعر ۾ پارسي لفظن جو گھڻو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھونئن بھ عزيز روايت- پسند شاعر تھ آھي ئي، انڪري ان جي روايت انوسار پارسي لفظن جو استعمال ڪرڻ ضروري سمجھيائين. ھندستان ۾ جنھن بھ ٻوليءَ تي ٻي ڪا ٻولي حاوي پيئي آھي، اتي پھرين ٻوليءَ، ٻيءَ ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ڪيو آھي. مرھٽيءَ ۾ شاھيري (شاعري) ۽ ”شاھير“ لفظ ھر ھنڌ استعمال ٿئي ٿو. خوب کي ”کوپ“ بڻائي گھڻي ڀاڱي شاعر ان جو استعمال ڪن ٿا. نھ رڳو شاعر پر عام ماڻھو پڻ پارسي استعمال ڪن ٿا. ٻولي نديءَ جيان ٿئي ٿي، جا ڪناري وارا پٿر ڀِتر بھ پاڻ سان گھليندي ھلي ٿي. پر انھن پٿرن کي گھلي پنھنجي پاڻيءَ سان ڌوئي، ھوءَ انھن کي لسو ۽ گول بڻائيندي آھي، جنھنڪري اھي وڻندڙ بڻجي پون ٿا. عزيز ”ڪليات عزيز“ ۾ ان وقت جي شاعرن جي ديکاديکي تمام گھڻا پارسي لفظ استعمال ڪيا آھن، جنھنڪري اڄ سندس اِھو شعر سمجھڻ تھ خير، پر پڙھڻ بھ محال آھي: +دندان آبدار سان ھي ھمڪنار چپ، +ٿيا ڄڻ تھ چشمئھ گھر آبدار چپ. +ھاڻي ”گھر معنى موتي. اِھا اڄ گھڻن کي خبر آھي؟ ۽ جي ان لفظ جي معنى ڪير نھ ڄاڻندو تھ پوءِ شعر ڪيئن سمجھندو؟ يا +خوش ٿي کلي ٿي قلقل مينا خبر اٿيئي +جڏھن چمن ٿا جام تنھنجا خوشگوار چپ +- +ٿا ٿين مست پڙھي شعر ھي سڀ تنھنجا عزيز! +في الحقيقت ٿيو مي ناب جو ساغر ڪاغذ. +- +خنده گل کي نھ ٿي نالئھ بلبل جي تميز، +آتش گل کي نھ پيئي آتش سودا جي خبر. +- +شبِ فرقت خير سان گذري مٺا ويئي، +حسرتِ دل جي ٿي دل کان جدا. +نھ ھئي نالھ وفغان نھ ھئي آه و بڪا، +لڇيو منھنجو ٿي سينو فگار فقط. +(ڪليات عزيز) +پويون شعر ڄڻ ڪنھن پٺاڻ جي وات مان ڦٽي نڪتو آھي! اھڙن شعرن ڪري ئي عزيز کي بدنام ڪرڻ لاءِ سندس مخالفن کي وجھھ مليو. پر ھند ۾ اچڻ بعد خود عزيز بھ ”ڪليات عزيز“ ڇپائڻ جي ھمت نھ ڌاري. ھندستان ۾ اچي پنھنجا ٻيا شعر ھن ڇپايا، پر ھند جي اچڻ بعد ھن پنھنجن غزلن ۾ سلاست کان ڪم ورتو. ان ڪري سندس ”ڪليات- عزيز“ ۽ ”صراحي“ ۾ گھڻو فرق نظر اچي ٿو. ”صراحي“ وارو سندس غزل جيڪڏھن رومانوي شدت سان چيل آھي، تھ ان ۾ احساس جو رنگ لفظن مٿان ڇائنجي ٿو وڃي. عزيز جڏھن اعلى فڪر جي سطح تي شعر چوي ٿو، تڏھن کيس ٻيو ڪو شاعر مشڪل سان ڇھي ٿو سگھي: +ھڪ اشاري سان تھھ و بالا ٿي قسمت کي ڪري +تنھنجي اک ھي ڪ يار! آھھ ٿي قدرت جي اک +- ۽ جڏھن عشق جي محويت ۾ پاڻ گم آھي، تڏھن سندس مجاز حقيقت ڏانھن پڻ لاڙو ڪري ٿو: +تو نوازيا تھ سوين مون کي بھ دلدار! نواز! +ڀل منجھان مون ڏي ڪڏھن ڪر تھ عنايت جي اک. +حسن ازلي! تون لڪي ڪيترو لڪندي آخر، +جا بجا جويا رھي شوق حقيقت جي اک. +پر جتي عزيز احساس جي اثر ھيٺ نھ آھي، اتي ھو صرف لفظ پيو کڙڪائي: +حسن بي پروا کي معزور بنايو تو، عزيز! +ٿي جڳايو توکي اظھار تمنا نھ ڪر! +- +گھر ۾ گھڙي وھڻ نھ ٿي ڏئي گلبدن جي طمع، +آڻيو ڪڍي چمن ۾ بھار چمن جي طمع. +عزيز علم عروض جي نيمن جي سڄي ڄاڻ توڙي ٻوليءَ جي گرامر ۽ محاورن وغيره جي ڄاڻ غزل تي خرچ ڪئي. غزل ئي سندس محبوبا آھي. مرد پنھنجي حق ٻڌي زال جا نخرا نھ سھندو آھي، پر پنھنجيءَ ڪلا- محبوبا جي ھر ادا سھڻ لاءِ تيار ٿيندو آھي. عزيز جو پيارو محاورو ”اداب جھلڻ“ ھو، جو ھو پنھنجي سخن وريءَ يا شاعري ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندو ھو. +روايتي غزل ۾ جدت ڳولڻ عيث ڳالھھ آھي. ھاڻوڪي غزل ۾ زندگيءَ جي جدا جدا پھلن جو احساس ۽ ان جي ترجماني موجود رھي ٿي، پر پوءِ بھ ان ۾ ھڪ مخصوص بندش رھي ٿي. ان ڪري ان ۾ جمالياتي پھلو رھي ٿو، جو شاعر جي ذھن تي مدار رکي ٿو. غزل جو سفر دل کان دماغ ڏانھن آھي، ان ڪري جو شاعر جيترو ئي پنھنجي علم ڏانھن سچيت ھوندو، ان جي شعر ۾ اوتري ئي پيچيدگي ايندي. جيتوڻيڪ شخصي طرح شعر ۾ پيچيدگي پسي، پوءِ اھو چاھي ڪھڙو بھ شاعر ھجي، مان خود ان شعر جي ويجھو ئي نھ ويندي آھيان. منھنجي خيال موجب خيال ۽ لفظ جڏھن ھڪ ٻئي ۾ سمائجن ٿا، تڏھن عڪس چٽو ٿي ٿو بيھي. مون کي جيڪڏھن لفظ جي معنى نٿي اچي ۽ غزل جي مصرع ۾ چار پنج اھڙا ئي لفظ آھن تھ پوءِ مون کي غزل پڙھڻ يا ٻڌڻ مان حِظ ايندو ئي ڪيئن؟ ۽ منھنجي دل ۽ دماغ اڳيان شاعر طرفان چٽيل عڪس چٽو ڪيئن ٿيندو؟ +ان ڪري عزيز جي ان خيال تھ ”زندگي خود وڏي پيچيدي حقيقت آھي. ان جي اندروني اڌمن جي اظھار ڪرڻ ۾ جي پيچيدگي اچي وڃي تھ اھا ڳالھھ سڀاويڪ سمجھڻ گھرجي“، سان مان شامل راءِ نھ آھيان. پوءِ بھ شعر پڙھندڙ ۽ سمجھندڙ انسان جي ذھن جي سطح ۾ تفاوت تھ آھي ئي آھي. ان ڪري مون کي جيڪو پيچيدو خيال لڳي ٿو، سو ٻئي ڪنھن کي آسان لڳندو ھوندو ۽ اھڙو بھ ڪو ھوندو، جو پيچيدگيءَ کي حل ڪري آسان بڻائڻ ۾ ھڪ لطف حاصل ڪندو ھوندو. موتي ”پرڪاش“ جڏھن عزيز جي غزلن جون مصرعون ھڪ خاص ادا سان اچاريندو آھي، تڏھن غزل ۾ ڪي ڪي خيال ازخود چٽا ٿي پوندا آھن ۽ ان مان ھڪ عجيب لطف محسوس ڪبو آھي تھ شاعر ڪھڙو نھ لطيف خيال، لطافت سان پيش ڪيو آھي! +ھيءَ بو ڇا جي، لڳس ڇا وار لکندي؟ +ڪري سئر آيو يا تاتار جو خط. +عمر کي حد ٿي، عشق کي ناھي، +اڄ بھ ڪنھن تي تھ قلب پوريون ٿا. +- +ڪڏھن کڄي ٿو تڪڙو تھ ڪڏھن ڍلو ھلي +ھن جي روش تي آھھ ٻڌل منھنجي دم جو رنگ +دلبر ڪٿي جو ۽ مان ڪٿي جو ۽ ربط ڪيئن! +ڄاڻي سگھيو ڇا ڪوبھ قضا جي قلم جو رنگ؟ +معشوق ڪھڙري ملڪ يا خاندان جو آھي ۽ عاشق ڪھڙي جو، ٻنھي کي معلوم ناھي، پوءِ بھ قضا پنھنجو قلم وھائي، ٻنھي کي پاڻ ۾ اھڙو جڪڙي ٿي ڇڏي، جو عاشق جو ساھھ معشوق جي روش سان ڳنڍجي ٿو وڃي! پريتما مٿس مھربان آھي تھ سندس ساھھ آرام ۾، مگر ھوءَ جي رٺل آھي تھ عاشق جي ساھھ جو برو حال ٿي ٿو وڃي. +عزيز ۽ غزل جي باري ۾ ٿوري ۾ جيڪر ھيئن چئجي: غزل لازمي طرح ھڪ روايتي، فني، عروضي ۽ عشقيھ شاعري آھي. عزيز جي غزل ۾ مٿيون چار ئي ڳالھيون ملن ٿيون. شاعري ھڪ لطيف فن آھي. ھر قوم جي اِتھاس ۾ ھڪ اھڙو دؤر اچي ٿو، جڏھن ان وٽ ڪنھن سبب ھڪ خاص ثقافتي (ڪلچرل) ماحول پيدا ٿئي ٿو. ان خاص وقت ۾ ھڪ خاص فن جو ھڪ خاص حصو ترقي ڪري ٿو، جو پنھنجي سڄي کي (يعني ان فن کي) گھڻو اثرائتو ڪري ٿو. ڪاليداس جو زمانو رومانوي ناٽڪن جو ھو، جنھن کان سنسڪرت ڀاشا اثرانداز ٿي. ھنديءَ ۾ پڻ رومانوي ڪوتا جو زور آيو، جڏھن بھاري وغيره ڪوين اکرن جي کرکراھٽ ۾ نک شک شرنگار جو ورنن ڪيو. سنڌي غزل بھ سنڌ جي ھڪ خاص ثقافتي ماحول جي پيدائش آھي. ان وقت جي غزل جي ترقيءَ، سنڌي شعر کي پڻ ترقيءَ جي راھھ تي آڻي ٻوليءَ جو واڌارو ڪيو. ھتي ھڪ ڳالھھ صاف سمجھڻ کپي تھ ان ساڳئي دؤر ۾ سڀ شاعر غزل گو نھ بڻبا ۽ نھ ئي سڀ غزل گو روايتي غزل رچيندا. شمس الدين ”بلبل“ نالي ۾ غزل رچيا تھ اِجھو ھيئن: +ٿي زر جي زور بازي، زر آ تھ عشق ٺھھ پھھ، +ڪر موج روز تازي، زر آ تھ عشق ٺھھ پھھ. +- +جو ويڙھيا وار اڄ ڄڻ مشڪ ٿيو تاتار ٽھھ ٽھھ ٽھھ، +دلالن دل سندو وڻج ۽ اھو واپار وھھ وھھ وھھ! +پر شاعريءَ جو حِظ وٺندڙ سڄاڻ شخص، مٿين مصرعن کي غزل مڃيندو؟ ”بلبل“ ڀل روايت، فن ۽ عشق جو مخول اڏايو ھجي، پر ائين ڪندي ھن پاڻ کي شاعر نھ، بلڪ سماج سڌارڪ جو ئي درجو ڏنو آھي. +(”عزيز: ھڪ شخص“ ڪتاب تان ورتل) +ميمڻ عبدالمجيد سنڌي +غزل جو بلند پايھ شاعر: طالب المولى +مخدوم طالب المولى، شاعريءَ جي ھر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي. ھو بيت ۽ ڪافيءَ جو تھ باڪمال شاعر آھي، پر غزل جو بھ بلند پايھ شاعر آھي. کيس غزل جي چونڊ وڏن شاعرن مان ڳڻي سگھجي ٿو، جھڙوڪ: خليفو گل، سانگي، قليچ ۽ نواز علي ’نياز‘ وغيره. ھو صاحبِ ديوان شاعر آھي. سندس ’ديوان طالب المولى‘ سروري پبليڪيشن ھالا طرفان 1982ع ۾ ڇپجي چڪو آھي. ھن ۾ سنڌي زبان جي سمورن آوازن جي رديفن وارا غزل ملن ٿا: يعني نھ فقط موجوده سنڌي صورتخطيءَ جي اکرن تي غزل ملن ٿا، پر سنڌي زبان ۾ انھن آوازن جا غزل بھ ملن ٿا، جيڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ موجود نھ آھن، پر لکڻ وقت / ھھ / ملائي لکيا ويندا آھن: جھڙوڪ/ ڙھھ/ لھھ/ مھھ/ نھھ/ ۽ تنوين وارا لفظ/ ۽/ ۾/ انھيءَ لحاظ کان مخدوم صاحب جو ديوان سنڌي زبان جي ٥٩ اکرن تي مشتمل آھي. انھن آوازن تي غزل فقط ’ديوان گل‘ ۾ ملن ٿا. ديوان جي ’مھاڳ‘ ۾ مخدوم صاحب انھن حقيقتن جي وضاحت بھ ڪئي آھي. . . . مخدوم صاحب پنھنجي مھاڳ ۾ پنھنجي ديوان واري ’الف – بي‘ جي تختي ڏئي لکيو آھي: +”آخوند گل محمد پنھنجي ديوان ۾ مھاڳ جي جاءِ تي چٽائيءَ ۾ جيڪو الف – ب جو چارٽ ڏنو آھي، اھو بھ مٿينءَ تختيءَ جي تائيد ڪري ٿو.“ + + +مخدوم صاحب جي غزل ۾ عربي، فارسي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو حسين امتزاج ملي ٿو. غزل جون روايتي تشبيھون ۽ علامتون بھ ملن ٿيون تھ سنڌ جي ماحول مان اخذ ڪيل تشبيھون بھ ڪتب آندل ملن ٿيون. فڪري لحاظ کان حسن و عشق، فراق ۽ وصال جو احوال بھ آھي تھ تصوف ۽ سلوڪ جا مسئلا بھ بيان ڪيل نظر اچن ٿا. اخلاقيات جا نڪتا بھ نظر اچن ٿا تھ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪاسي بھ ملي ٿي- يعني مضمون جي لحاظ کان فقط روايتي يڪسانيت نھ آھي، پر تنوع آھي. ڪيترن ئي شعرن/ بندن ۾ زماني حالت جو بيان نمايان نظر اچي ٿو: +عمل ظاھر ۾ ھڪڙو قوم جو باطن ۾ رمزون ٻيون، +ڀلا ڪئن روح پيدا ٿئي جو سڀ روحِ روان بدليا! +- +اھو اخلاق ۽ الفت، اھا تھذيب ڪانھي ڪا، +غريبن ۾ اڃا ڪجھھ آھھ، پر زردار مٽجي ويا. +- +سياست آھھ ٿي وعدي خلافيءَ جو ٻيو نالو، +ڏسان پيو ٿي ويا اڄ مھربان، نامھربان ڪجھھ ڪجھھ! +تصوف جي نقطھ نگاھھ کان مرڻ کان اڳ مرڻ يعني پنھنجو پاڻ فنا ڪرڻ جو ذڪر غزل ۾ ھن طرح ڪيو اٿس: +مرڻ کان اڳ مري، لاخوف ٿي ڇڏ مون کي طالب! +تون پنھنجي پاڻ لئھ پلپل تون خود پنھنجي قضا ٿي وڃ! +تغزل، غزل جي جان آھي. تغزل کان سواءِ غزل بي معنى آھي. مخدوم صاحب جي غزل ۾ تغزل جا ڪيترائي بھترين نمونا ملن ٿا. ڪجھھ شعر نموني طور ھيٺ ڏجن ٿا: +ڪيئن تھ گڏ سڏ ٿا رھن پاڻ ۾ ٿي چار مست. +چشم مست و ناز مست و يار ۽ گفتار مست. +سرخ ساڙھيءَ ۾ ڏٺم سھڻيءَ جا ڪارا وار مست، +ڄڻ ڏنگڻ جي واسطي تيار آھن مار مست. +- +رخسار و خال و زلف معنبر جي ياد ۾، +دل جي اڱڻ کي رشڪ گلستان ڪري ڇڏيم! +- +ڇا رنگ ۽ ڇا ڍنگ ۽ ڇا جلوه گري آھھ، +خمداري نھ زلف جيان مشڪ ختن ۾ آھھ! +_ +ان جون اکيون ٿيون ياد پون، ٿو جڏھن ڏسان +صحرا ۾ بيھي ڊوڙي نھارڻ غزال جو! +تصوف جي تعليم موجب خدا شناسيءَ لاءِ خود شناسي يعني پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ ضروري آھي. مخدوم صاحب پنھنجي پاڻ سڃاڻڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: +جيئن ٿو زيور مان مون کي ڏسجي، +تيئن مون ’ھو پاڻ‘ سوبسو سمجھيو! +پاڻ پنھنجو سدائين ’تو‘ سمجھيو، +ذھن ۾ توکي روبرو سمجھيو. +تصوف ۾ ذڪر سان گڏ فڪر کي وڏي اھميت آھي. مخدوم صاحب چوي ٿو: +فڪر کان ئي وٺان ٿو ڪم ھردم، +مون رھڻ پنھنجو جستجو سمجھيو. +’تون ۽ مون‘ جي حقيقت بيان ڪندي چوي ٿو: +فقط ھي فرق آھي تو ۽ مون ۾، تون آھين باطن، مان ظاھر آھيان، +مگر اي پرده نشين! آھيون جھان ۾ يڪتا ۽ يگانا! +محبوب حقيقيءَ سان پنھنجي وابستگيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: +توسان وابستھ منھنجو ھردم آھھ، +ذڪر ۽ فڪر تنھنجو ھردم آھھ. +اھڙيءَطرح ھو عشق مجازيءَ سان گڏ عشق حقيقيءَ جون وارداتون ۽ ڪيفيتون بيان ڪري ٿو. غزل جي روايتي انداز ۾ محبوب جي جفائن جو ذڪر بھ ڪيو اٿس، پر اسلوب بيان ۾ جدت آھي: +ڪري بسمل ڇڏيئھ عاشق نھاريئھ ڪينڪي ٻيھر، +تھ ھن تنھنجي شھيد ناز جي سڪرات ڪئن گذري! +- +جفائن تي جفائن بعد حاصل ٿو ٿئي مقصد +سڄڻ جي آھھ ھي رسم و وفا اھڙي جو ڇا چئجي! +مخدوم خليق الزمان +طالب المولى جي غزل جو حسن +. . . شاعري، شاعر جي خيالن جي دنيا ۾ موجود لڪل خزاني کي ظاھر ڪري ٿي. شاعري، شاعر جي جذبن، احساسن، خيالن، تجربن ۽ اڀياس جي خزاني سان ڀرپور ھڪ مڪمل دنيا آھي ۽ شآعر تي سندس ماحول جو اثر ٿئي ٿو. +اھڙا تمام ٿورا شاعر آھن، جن جو ذھني رويو مثبت ۽ بي عيب ھوندو آھي، جن کي وساري ئي نھ سگھبو آھي. انھن ڪن ٿورن شاعرن مان ھڪ نمايان شاعر آھي: طالب المولى. +. . . مشھور آھي تھ تاريخ پنھنجو پاڻ کي ورجائي ٿي، اھو ئي سبب آھي جو طالب المولى جي شاعري پڙھڻ کان پوءِ ائين لڳندو آھي ڄڻ تھ سعدي وري ڄائو ھجي، خيام تي نئون جوڀن ھجي يا حافظ ٻيو جنم ورتو ھجي. +. . . طالب المولى، جن فارسي زبان جي شاعرن جو مطالعو ڪيو آھي، تن مان خاص طرح حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ (غزلن) جو اثر مٿن ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين آھي. ھيٺ چند شعر حافظ شيرازيءَ جا پيش ڪري، ان جي خيالن سان ملندڙ طالب المولى جا خيال بيان ڪندس: +حافظ چيو آھي: +مادر پيالھ عڪس رخِِ يار ديده ايم +اي بي خبر ز لذتِ شرابِ ملام ما +يعني: اسان پيالي ۾ پنھنجي يار جو رخ ڏٺو آھي. اسان جي مئھ نوشيءَ جي لذت کان بي خبرؤ طعنو نھ ڏيو. +پر طالب المولى پنھنجي قدم ۾ ڪھڙو ديدار ڪيو ۽ ڇا رنگ ڏٺو، سو ھن طرح آھي: +قدحِ گران ۾ پاڻ نظر مون کي آئيو، +منھنجو شراب سرخ حقيقت شعار ھو. +حافظ فرمائي ٿو: +مابدين درنھ پي حشمت و جاه آمده ايم +از بد حادثھ اين جا بھ پناه آمده ايم +يعني: اسين ھن در تي حشمت ۽ دٻدٻي حاصل ڪرڻ لاءِ نھ، بلڪ خراب حادثي کان پناھھ وٺڻ آيا آھيون. +طالب المولى جو وري ھيءُ خيال آھي تھ: +پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي ساقي! ڪا ڏي مون کي پناھھ، +اقتدارن جي اجھي تان ھٿ کڻي موٽيو آھيان. +. . . سعدي شيرازي پنھنجي ڪتاب ”گلستان“ ۾ ھڪ شعر ۾ لکيو آھي، جنھن جي ھڪ مصرع ھيءَ آھي: +ھر عيب ڪ سلطان بھ پسنده ھنر است +يعني: ’فقط جو بادشاھھ ڪنھن جي عيب کي پسند ڪري ٿو تھ اھو ثواب آھي‘- طالب المولى انھيءَ ساڳيءَ مصرع ۾ ھن طرح ڦير ڦار ڪئي آھي: +ھر ھنرڪھ سلطان نھ پسنديده عيب است +يعني: ’بادشاھھ جنھن ثواب کي پسند نھ ٿو ڪري، اھو عيب ٿيو پوي‘- ۽ سنڌي غزل جي ھڪ شعر/ بند کي ساڳئي مفھوم ۾ طالب المولى ھن طرح بيان ڪيو آھي: +ھر مقتدر قصور ڪندي بي قصور آھھ، +ھرڪو ڏسي گناھھ سوين بي گناھھ ۾! +حافظ چوي ٿو: +بس تجربھ ڪريدم درين دار مڪافات +با دردڪشان ھرڪھ درافتاد برافتاد +يعني: ’اسان ھن بدلي وٺڻ واريءَ دنيا ۾ ھي تجربو ڪيو آھي تھ جن بھ سرڪي پياڪن کي تنگ ڪيو، انھن جي پڇاڙي خراب ٿي آھي‘. +انھيءَ ئي زمين ۾ طالب المولى ھن طرح چيو آھي تھ: +ياد رکجو! جن بھ مستن سان ڪئي ڪا ھٿچراند، +ياد رکجو! ٿي وڃي ٿي اھڙي فرزانن جي ڀينگ. +. . . ھي ۽ ٻيون زندگيءَ جون ڪيتريون ئي حقيقتون آھن، جن تي طالب المولى، اسان جي شاعر، غور و فڪر ڪرڻ بعد پنھنجا تاثرات پڌرا ڪيا آھن. +جيستائين ’ديوان طالب المولى‘ جي غزلن جو تعلق آھي تھ اھي نسل انسان سان لاڳاپيل ۽ انسان جي اندر جي انيڪ سوالن جا جواب آھن. ھن ديوان ۾ آيل غزل ويھين صديءَ جي چوٿين کان اٺين ڏھاڪي تائين مشتمل پنجاھھ سالن جي زندگيءَ جي نشيب و فراز جي اپٽار آھن. طالب المولى جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي پڙھندڙ سندس قوت بيان جو قائل ٿي وڃي ٿو، جو پاڻ نھ فقط عشقيھ موضوع قلمبند ڪيا اٿس، بلڪ تصوف، انسانيت، انفراديت، فلسفي ۽ انساني معاشري جي ڪيترن انيڪ موضوعن تي تمام واضح ۽ تفصيل سان لکيو اٿس. پاڻ پنھنجي ديوان ۾ پڙھندڙن تي ٻوليءَ جي صحيح استعمال، پھاڪن، اصطلاحن، تشبيھن، استعارن، اشارن ۽ ڪناين سان گڏوگڏ ڳوڙھن خيالن، تصور، رويي، ردعمل ۽ لفظن جي بي مثال استعمال سان بي پناھھ نموني اثرانداز ٿئي ٿو ۽ پڙھندڙن کي موھيو ڇڏي. +ديوان ۾ فلسفيانھ لفظن جو وڏي پئماني تي اظھار خيال ٿيل آھي، جنھن جا ڪجھھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا: +دشمني چاھين تھ اڄڪلھھ جا وڃي ڪي يار ڳول، +دوستي رکجان ڀلي پر يار از راه مذاق! +- +عقلمند آھي اھو جو بيوقوفن سان ٺھي، +بيوقوف ئي ٿا بنائن پنھنجو فرزانن سان سنگ. +- +ھڪڙي شيءِ جي پرک لاءِ ٻي مختلف شيءِ ٿي کپي: +عاقلن جي ثابتي دنيا ۾ ٿو جاھل ٿئي! +اھا ڳالھھ منھنجي نظر مان گذري آھي تھ انفراديت جو اظھار بھ ڪن شعرن ۾ ڪيو ويو آھي، جيئن: +وڃان ٿو جاده منزل وٺيو ھمت ۽ قوت سان +مان پنھنجي آرزوئن جو امير ڪاروان آھيان. +. . . ديوان ۾ ڪيترائي غزل اھڙا بھ آھن، جن کي جيستائين مڪمل نھ پڙھبو، تيستائين انھن مان مڪمل حظ حاصل ٿي نھ سگھندو، ڇاڪاڻ تھ اھي غزل ٻوليءَ جو شاھڪار آھن: +رشڪ بختِ سيھھ رشڪ تاريڪ شب، +ھن جا زلف دوتا خوشنما خوشنما. +الله الله جبين ضوفشان ضوفشان، +جلوه گر جلوه گر يا خدا يا خدا! +ھن شاھڪار غزل جو ھر شعر پنھنجي ليکي شاعريءَ جي مڪمل دنيا آھي. ھن قسم جا ٻيا بھ ڪيترائي غزل آھن، جيئن تھ: +مضمر آھي گل يار جي غنچھ دھنيءَ ۾، +اسرار ھويدا ٿا ٿين خنده زنيءَ ۾. +طالب المولى پنھنجي محبوب جي خدو خال تي تمام گھڻو لکيو آھي، جنھن ۾ پاڻ نھ فقط ان کي سج ۽ چنڊ سان تشبيھھ ڏني اٿس، پر پنھنجي شاعريءَ ۾ وڌيڪ اثر پيدا ڪرڻ لاءِ ان ۾ شاعرانھ رنگ بھ ڀريو اٿس. جيئن: +وھوا شبابي سرخي وئي پنھنجو ڪم ڪري، +تنھن جي ڪري سفيد لڳي ٿو نقاب سرخ. +سندس اظھار بيان جي عظمت ۽ نزاڪت نھايت دلڪش آھي، مثال طور: +مون کي ڏسڻ سان دلربا زلفن ۾ منھن ڍڪيو، +سمجھھ تھ صبح ساڻ ئي اڄ سج لھي ويو! +شاعريءَ جو ذوق رکندڙ جڏھن ھي شعر پڙھندا تھ شاعر جي دلي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رھي ڪين سگھندا: +محبوب پنھنجي رخ مٿان لاٿو کڻي نقاب، +تارا بھ خنده زن ٿيا ماھھ تمام تي. +ھتي ديوان مان پنھنجي پسند جا چونڊ شعر پيش ڪريان ٿو: +اڳ ھئين در تان ڌڪيندو، اڄ خوشامد ٿو ڪرين، +ھاڻ شايد تنگ ٿي پئين پنھنجي ديوانن منجھان! +- +تون صنم ٻي ھر ڪنھن شيءِ کان پيارو ٿو لڳين، +پر فقط اي بيوفا، منھنجي وفا توکان وڌيڪ! +- +اڄ ايترو تھ دختر زر سرد مھر ھئين، +جو جام جي جبين تي پسينو اچي ويو. +- +ھڪ معترف گناھھ جو، ٻئي کي غرور زھد، +ڏسجي تھ ھو ٿو ڪنھن تي سزا ۽ جزا ڪري! +(سنڌ رويو: طالب المولى ڪارنر، آڪٽوبر ٢٠٠٤) +ارجن شاد +سنڌي غزل ۾ شيام ۽ اياز جي دين +موجوده دؤر ۾ سنڌي غزل بلوغت تي پھچي چڪو آھي. اسلوب جي خيال کان تھ ان جي ترقي بي مثل آھي، پر مواد جي لحاظ کان پڻ ان ڪئين ميدان طئھ ڪيا آھن. ھينئر ھر قسم جو موضوع غزل ۾ درج ٿيڻ لڳو آھي. خارجي حالتن جا اثر شعر ۾ ضرور ايندا، ۽ خود غزل ان کان پاڻ بچائي نھ ٿو سگھي. بقول ڊاڪٽر سدارنگاڻي: ”وقت جي رفتار سان ماڻھن جي زندگيءَ جا وسيلا، انھن جي ويچار ڌارا ۽ ادب ۾ اظھار جا طريقا، طرزون ۽ مضمون بدلبا رھن ٿا. دنيا ۾ فقط عشق ئي تھ نھ آھي، ٻيا بھ انيڪ مسئلا آھن. اڄ زندگي ھڪ ٺوس حقيقت آھي ۽ شاعر زندگيءَ جي تلخين ۽ ناڪامين کان فرار نھ ڪري، زندگيءَ ۾ رھڻ چاھين ٿا. البتھ ان جون تڪليفون، مصيبتون بيان ڪرڻ ۾ پٺتي نھ ٿا پون. ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ واري ھر چيز، خاص طور انساني برادري، قوميت، مزدور جي مفلسي ۽ عورت جي بيڪسي، سندن وڌيڪ ڌيان ڇڪڻ لڳيون آھن ۽ خاص نقطھ نگاھھ کان نرالي رنگ ۾ ادا ڪيون وڃن ٿيون. غزل ۾ نيون واٽون، نيون تشبيھون ۽ نيون ترڪيبون جڙنديون پيون وڃن ۽ اصطلاحن ۽ ڪناين کي بھ نيون معنائون حاصل پيون ٿين.“[1] +موجوده غزل گو شاعرن اھو چڱيءَ طرح محسوس ڪيو آھي تھ غزل جو دائرو وسيع ٿيڻ کپي ۽ ان ۾ انساني زندگيءَ جو ھر پھلو داخل ٿيڻ گھرجي. ساڳئي وقت اھا ڳالھھ بھ ظاھر آھي تھ غزل داخلي جذبن جو ئي اظھار آھي. خارجيت بھ پنھنجا اثر داخلي جذبي جي رنگ ۾ رڱائي، پوءِ ظاھر ٿئي ٿي. سنڌي غزل بھ جدا جدا لھرن جي نشيب و فراز مان لنگھندو، اڄ انھيءَ منزل تي پھتو آھي، جتي ان جي انفرادي حيثي�� پنھنجي پوري رنگ ۾ نروار ٿيل آھي. +سنڌي غزل جي تاريخ جو معائنو ڪرڻ سان، اھا ڳالھھ ظاھر ٿي بيھي ٿي تھ سانگيءَ واري طرز کان وٺي ھڪ يڪسان رفتار شروع ٿي ٿئي، جنھن کي عزيز (ليکراج ڪشنچند) ھڪ خاص امتياز ڏنو. عزيز جي ”آبشار“ ۽ ”صراحي“ مان انھيءَ جو مڪمل ثبوت ٿو ملي. عزيز فارسي ۽ عربيءَ جي طرز توڙي سنڌي طرز جي نشونما کي پنھنجن غزلن ۾ دلپذير نموني ۾ نمايان ڪيو. تغزل جي رنگ کي پوريءَ طرح قائم رکيائين. سندس غزلن ۾ زير اضافت توڙي ”و“ جو استعمال وسيع پيماني تي ڪيل آھي، پر تنھن ھوندي بھ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوتن ۽ ترڪيبن کي ھٿان نھ ڇڏيو اٿس. +ٻئي طرف (ڪشنچند) بيوس راھھ ئي نرالي ورتي ۽ غزل کي محض عشق محبت جي دائري مان ڪڍي زندگيءَ جي ٻين لھرن سان روشناس ڪرايو. البت ائين ڪندي ھن غزل جي تغزل بدران نظمي نوع اختيار ڪيو. بيوس غزل جي ٻوليءَ ۾ خاص ڦيرو آندو. ان ۾ ھڪ سليس لھجو پيدا ڪيائين، جنھن جا اثر موجوده غزل گو شاعرن ۾ بخوبيءَ نظر اچن ٿا. عزيز ۽ بيوس وارين ٻنھي مخالف طرزن جو ميل اسان کي موجوده غزل ۾ ملي ٿو. ضيا، خادم، ھري دلگير، پريو وفا، رام پنجواڻي، سڳن آھوجا، نارائڻ شيام ۽ اياز ۾ ٻنھي لھرن جو اھو وصل ظاھر ظھور آھي. ھن دؤر جي لڳ ڀڳ سڀني غزل گو شاعرن ۾ اھڙي قسم جي ارتقا جي تصوير ملي ٿي. دھليءَ مان شايع ٿيل ”غزل“ ڪتاب تي جيڪڏھن نظر ورائبي تھ ان صورت حال جو بخوبيءَ اندازو لڳائي سگھبو. ارجن شاد، موتي پرڪاش، ڪرشن راھي، واسديو نرمل، ايم. ڪمل، لڇمڻ ڪومل، ارجن حاسد ۽ لکميچند پريم جي غزل جون خاصيتون ان ارتقا جو دليل آھن. +غزل جي ٻنھي رفتارن کي شيام ۽ اياز ھڪ چشمي ۾ ملائي، غزل جي جمالياتي حسن جو لطيف ترين مثال پيش ڪيوآھي. سنڌي غزل جي تڪميلي صورت اسان کي انھن ٻنھي شاعرن ۾ شدت سان نظر اچي ٿي. +اياز نج سنڌي تلفظ، لب ۽ لھجي ۾ پنھنجو غزل پيش ڪندو ٿو اچي، ايتري قدر جو ھن کي سنڌ ۾ شاھھ لطيف کان پوءِ ھڪ نئين شاعريءَ جو باني ڪري تسليم ڪيو ويو آھي. اياز، دوھي ۽ غزل کي نئين جان عطا ڪئي آھي، بلڪ سندس ھٿن ۾ اِھي ٻئي صنفون ائين پيون لڳن، ڄڻ يڪ وجود آھن. شيام قديم غزل جي روايت کي قائم رکندو ٿو اچي، پر يا قديم ڪناين ۽ استعارن کي نئون رنگ ٿو ڏئي يا ماڳھين جديد ماحول مان تصويرون ۽ عڪس ٿو پيش ڪري. ھن جي شاعراڻي مصوري پنھنجي رنگ جي آھي، خاص ڪري سندس نازڪ خيالي دل تي نھايت گھرو ۽ زود اثر پيدا ڪيو ڇڏي. سوکيم جذبن جي ترجماني ڪرڻ جو کيس خاص فن عطا ٿيل آھي. +زندھھ شاعرن ۾ نارايڻ شيام سنڌيءَ ۾ گھڻي ۾ گھڻو غزل لکيو آھي. ھن پنھنجي غزل ۾ پارسي ۽ اردو غزل جي فڪر جي نوعيت، ھندي گيتن جي سنگيت جو رنگ ۽ سنڌي ڪافيءَ جي سرلتا جو انداز ھم آغوش ڪري ڇڏيا آھن. تنھن کان سواءِ ھن جي غزل مان ھڪ بلڪل نئين قسم جي ڪلاسيڪي طرز ادا ظاھر ٿئي ٿي، جا سنڌيءَ ۾ ھڪ يگانو مثال آھي. جيئن: +مرڪ راحت کي جنھن ڏني ھوندي +درد ۾ دل سندس ڀني ھوندي! +پيار دل ۾، نھ سونھن دنيا ۾، +شمع ھوندي تھ روشني ھوندي! +ڇا فقط ڌوڙ آھھ ڌرتيءَ تي، +چنڊ تي صرف چاندي ھوندي؟ +غم تھ غم پر خوشي بھ ھيڪاندي، +حد ٿيڻ کان ئي دل ڊني ھوندي! +سواس تنھنجو ڇا شيام اکڙيل آھھ؟ +پيار جي تند ڪنھن ڇني ھوندي؟ +. . . . . . +رات بيشڪ اماس جي آھي! +ڇا تھ اونداھھ تڙي پئي آھي! +جيڪي مون پئي ڏسڻ گھريو ڪنھن ۾، +تو ۾ ان جي جھلڪ ملي آھي! +جن کي تنھنجي چپن ڇھيو نھ ڪڏھن +تن چپن تي ئي شاعري آھي! +شيام چريو سڪل پنن ۾ بھ ٿي +ڇا ھوا صبح جي لڳي آھي! +. . . . . . +ڪري جا وڄ ھئي اڀ مان، وئي ڌرتيءَ ۾ پيھي، +پ�� لڳي جا آگ گلشن ۾، اڃا تائين ٻري پيئي! +شيام جي طرز ادا جون رنگينيون اھڙي نموني ۾ تھ ھڪ ٻئي ۾ ڳتل آھن، جو ان مان سندس ڪلاسيڪي رنگ جو نمونو ظاھر ٿئي ٿو. ھن سنڌيءَ جي متروڪ اصطلاحن کي نئين انداز ۾ پيش ڪري، منجھن نئين جان ڀري آھي: +ھوا لڳندي ڪليون ٽڙنديون تھ پوپٽ ڦڙ ڦڙائيندا، +دليون لڇنديون، پري سان پنکڙين جي پاند لڳندي ئي! +’پاند لڳڻ‘ جي محاوري کي ھن نئون رنگ بخشي ڇڏيو آھي. شيام جي غزل ۾ اھڙي قسم جا ڪئين مثال ملندا. ھن جي طرز ادا ۾ مصوريءَ جو انداز ھر ھانڌ نظر چي ٿو. انھيءَ خوبيءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ شيام جو طريقو بھ نرالو آھي. ھن جي عڪاسيءَ جي انوکائيءَ جو ھيٺين بيتن (بندن) مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو: +آواز رنگ لاتو ورتي خيال صورت +ڏاتر جي ڏات چمڪي، شاعر جي تات چمڪي! +آڌيءَ سمي اچانڪ جرڪي پئي خموشي! +اِئن مسڪرايو تارن اي شيام، رات چمڪي! +”آواز رنگ لاتو“، ”خيال صورت ورتي“، ”ڏات چمڪي“، ”تات چمڪي“، ”خموشي جرڪي پيئي“ ۽ ”تارن مسڪريو“- انھن عڪسن جو ميلاپ، اسان جي جمالياتي احساس تي جادوءَ جو اثر ڪري ٿو. اھڙي قسم جي ٽيڪنيڪ اسان کي شيام جي تقريبا ھر غزل ۾ ملي ٿي. انھيءَ ٽيڪنيڪ جي مدد سان شيام رمزيت ۽ اشاريت جي خصوصيت جو بھ دلڪش استعمال ڪيو آھي. سنڌي غزلن ۾ شيام جي ”رمزيت ۽ اشاريت“ جي وصف بھ ھڪ انوکو مثال آھي، جو فقط شيام تائين محدود آھي ۽ سندس شاعراڻي عظمت جي ساک ڀري ٿو. +شيخ اياز جي شروعاتي غزل ۾ پارسي ترڪيبن جو اثر نمايان آھي، پر جلدي ئي ھن پنھنجي غزل جو رنگ مٽائي ڇڏيو ۽ حقيقت ۾، ان ۾ ھڪ قسم جو نئون انقلاب آڻي ڇڏيائين؛ ايتري قدر جو ھن پارسي بحر وزن جي استعمال کي بھ گھٽائي ڇڏيو آھي ۽ غزل ”ماترائن“ جي حساب موجب لکي ٿو. +اياز جا اھڙي قسم جا غزل پارسي وزن جي ”فعلن فعلن. . . .“ تي بھ اتري اچن ٿا، پر جيئن تھ اياز غزل جو سڄو سنڌي ٺاٺ ڏيڻ چاھي ٿو، ان ڪري ان مان اِھو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو تھ ھن شعوري طور سنڌيءَ جي ڪافي، وائي ۽ ڏوھيڙي جي گھاٽ جو نمونو اختيار ڪيو آھي: +پويون پھر، جدائي، جاڳ +اڀ ۾ چندرما، جي آڳ! +آس – اسونھان، رڻ ۾ رات، +گھايل گھوڙا، بيوس واڳ! +جھاڳي آئي جيون – ناؤ، +ڪيئي ڪارونڀار اجھاڳ +پھتا نيٺ ڪلالن – ڪوءِ، +ڀٽڪي ڀٽڪي منھنجا ڀاڳ +تنھنجي ماندي باندي آءٌ، +امرت اوت، مئي جا ماڳ! +ولھھ ۾ ويڻا ڇيڙ ”اياز“ +ڀنڀٽ بڻبا تنھنجا راڳ! +ماترائن جي حساب وارن غزلن جا بھترين مثال اسان کي دلگير ۽ شيام وٽ پڻ ملن ٿا. اھا لھر سنڌي غزل ۾ ھڪ نئين لھر آھي. انھيءَ وصف سان گڏ سنڌي قافين، سنڌي محاورن، سنڌي ترڪيبن، سنڌي تشبيھن ۽ استعارن جي استعمال، ۽ سڀ کان مٿي سنڌي ريتن رسمن ۽ سنڌي رھڻي ڪھڻي وغيره جي تصويرن، غزل جي ٺاٺ کي بلڪل بدلائي ڇڏيو آھي. اياز، پارسي علامتن لاءِ پنھنجا سنڌي لفظ چونڊيا آھن ۽ ان ريت تغزل جي مفھوم ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو اٿس. مٿئين غزل ۾ ’ساقي‘ جي بجاءِ ’ڪلال‘ لفظ ڪتب آڻي ٿو. اھو نمونو پھريائين اسان کي سچل سرمست جي ڪلام ۾ ملي ٿو، پر اياز ان جو وسيع پيماني تي استعمال ڪيو آھي. +سنڌيءَ جي قديمي محاورن کي جنھن نموني اياز نئين رنگينيءَ ۽ لطافت سان پيش ڪيو آھي، سو ڏيکاري ٿو تھ اياز بھ پنھنجي لاءِ شيام وانگر ڪلاسيڪي لھجو تيار ڪيو آھي، پر ھن جي ان لھجي ۾ سنڌيءَ جو نج رنگ باڪمال اڀري بيٺو آھي. اياز اِھو ڪرشمو ڪري ھڪ طرف سنڌي غزل جي نوع ۾ انقلابي تبديلي آندي آھي تھ ٻئي طرف سنڌي غزل کي ھڪ انوکو اسلوب- بيان عطا ڪيو آھي. اياز صحيح طور لکي ٿو: +سنڌڙيءَ کي سيباءِ، اياز +پنھنجو گيڙو ويس غزل. +(”سنڌي غزل“ ڪتاب تان) +واسديو نرمل +غزل ۽ ”شيام“ +لغت ۾ غزل جي جيڪا معنى ڏنل آھي، اھا آھي: ”عشقبازي ڪرڻ يا زالن سان گفتگو ڪرڻ.“ غزل جو جنم عربستان ۾ ٿيو؛ اتان اھو ايران ويو، جتان سفر ڪندو ھندستان ۾ وارد ٿيو. شروع شروع ۾ قصيدي جي شروعاتي حصي (تشبيب) ۾ سرپرست جي ساراھھ جا ڍڪ ڀريا ويندا ھئا. ان تشبيب ئي اڳتي ھلي ھڪ الڳ صفت- سخن غزل جي صورت اختيار ڪئي. ٻين لفظن ۾، قصيدي جي وڻ مان قلم ڪري ڌار لڳايو ويو. +سو چئبو تھ حسن ۽ عشق غزل جا شروعاتي موضوع آھن، جيڪي اڄ تائين بھ غزل جا موضوع آھن. اھو ئي سبب آھي جو ڪي نقاد غزل جي خلاف شڪايت ڪندا آھن. پر بقول فراق گورکپوري (مشھور اردو شاعر): ”جھڙيءَ طرح انفرادي ۽ اجتمائي حيات کي صحيح عمل جي ضرورت آھي، اھڙيءَ طرح ان کي صحيح معنى ۾ عشق جي بھ ضرورت آھي، ۽ حسن ۽ عشق جي معنويت جي ترجماني جنھن لطيف انداز ۽ جنھن نشتريت سان غزل ۾ ٿي سگھي ٿي، اھا ٻيءَ ڪنھن صنف- سخن ذريع نھ ٿي ٿي سگھي. . . . ازان سواءِ حسن ۽ عشق نھ صرف غزل جا بلڪ تمام دنيا جي ادب جا اھم جزا پئي رھيا آھن، اِن ڪري نھ اھي محدود ٿي سگھن ٿا ۽ نھ فرسوده.“ +[1] ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي: ’غزل‘ جو مھاڳ، ص 11 + + +ليڪن اڄ غزل ۾ حسن ۽ عشق جي مضمونن کان سواءِ ٻيا مضمون بھ درج ٿيڻ لڳا آھن. مثلا: اخلاق، فلسفو، سياست، قوميت وغيره. اڄ غزل لاءِ زمينون بھ نيون آھن. ڪيترائي غزل رسمي انداز- بيان کان پاڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪيترا غزل گو شاعر غير مردف غزل بھ پيا لکن. اڄ جا غزل گو شاعر جديد فلسفي، جديد سائنس ۽ جديد علمن کان بھ متاثر ٿيل ٿا ڏسجن. نھ فقط ايترو، پر اڄ جي غزلن ۾ گل ۽ بلبل، گلشن ۽ صحرا، مستي ۽ جنون، ھوش ۽ عقل، بھار ۽ خزان، ساقي ۽ بزم- اھي تمام علامتي لفظ، ھلندڙ دؤر جي ذھنيت ۽ احساسن موجب ھڪ نئين معنويت، ھڪ نئين انداز سان آندا پيا وڃن. بقول ڊاڪٽر ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي، ”ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ واري ھر چيز، خاص طور انساني برادري قوميت، مزدور جي مفلسي ۽ عورت جي بيڪسي، سندن (غزل گو شاعرن جو) ڌيان ڇڪڻ لڳيون آھن ۽ ڪنھن خاص نقطھ نگاھھ کان نرالي رنگ ۾ ادا ڪيون وڃن ٿيون. غزل ۾ نيون واٽون، نيون تشبيھون، نيون ترڪيبون جڙنديون پيون وڃن ۽ اصطلاحن ۽ ڪناين کي بھ نيون معنائون حاصل پيون ٿين.“ +اڄ جا غزل گو شاعر نئين اضطراب ۽ سڪون، نين تنگين ۽ وسعتن، نين مجبورين ۽ آزادين، نئين اميد ۽ نا اميديءَ جي دؤر مان گذري رھيا آھن. دنيا ڀر ۾ جمھوريت جي وڌندڙ طاقت جو اثر، انفرادي ۽ اجتماعي حياتيءَ ۾ جيڪا ڪايا پلٽ ٿي رھي آھي- ان جو اثر، ۽ ھزارين ڪشمڪشن جو اثر، ھلندڙ دؤر جي غزل گوئيءَ تي پيو آھي ۽ ڪافي پيو آھي. اِنڪري، اڄ غزل گوئي محض فن ڪانھ رھي آھي، پر ان کي حيات جي مسئلن ۽ پنھنجي ماحول سان مکا ميلو ڪرڻو پيو آھي. قصو ڪوتاه، اڄ جو غزل، غم- جانان کان غم- دوران طرف قدم وڌائيندو نظر اچي رھيو آھي. +اردوءَ جي مشھور شاعر ۽ نقاد ”نياز“ فتحپوريءَ جي چوڻ موجب، ”غزل جو تعلق انسان جي انھن جذبن سان آھي، جيڪي تمدن جي ھر دؤر ۾ پاتا ويندا.“ اِنڪري سنڌيءَ جا جيڪي نام نھاد نقاد، غزل کي ھڪ فرسوده صنف- سخن ٿا سمجھن، انھن شايد غزل جي قوتن ۽ وسعتن کي سمجھيو ناھي. ھنن کي شايد خبر ناھي تھ غزل جي ڪيترن شعرن ۾ ھن دؤر جي حياتيءَ جي نظرين ۽ مسئلن جي ڪامياب ترجماني بھ ڪئي ويئي آھي. +غزل ھڪ اھڙي صنف- سخن آھي، جيڪا خاص ۽ عام جي زبان تي چڙھڻ ۾ دير ڪانھ ڪري. شايد اھو ئي سبب آھي جو تمام خوشين جي مجلسن، محفلن ۽ جلسن ۾ غزل ئي ڳاتا وين��ا آھن. ان سلسلي ۾ نارايڻ ”شيام“ جو ھڪ شعر آھي: +ذڪر جذبن جو، تخيل جي زباني وه واه! +شيام ڇو ڪين غزل رونق- محفل ٿي پوي. +غزل ۾ ھر مضمون ٻن مصرعن ۾ ختم ٿيو وڃي؛ ۽ اڄ جي مشيني زندگيءَ ۾- جنھن ۾ انسان کي فرصت جون گھڙيون تمام ٿوريون نصيب ٿين ٿيون- ان ۾ طولاني مسلسل نظم لکڻ جي فرصت، شاعر کي ذرا گھٽ ٿي ملي. اِنڪري وقت بھ وقت جيڪي خيالات شاعر جي ذھن ۾ اڀرن ٿا، يا ڪن واقعن کي ڏسي يا انھن جو ذڪر ٻڌي، جيڪو اثر شاعر جي دل تي پوي ٿو، ان جو اظھار جھڙيءَ آسانيءَ سان غزل جي ٻن مصرعن ۾ ڪري سگھجي ٿو، سو ٻيءَ ڪنھن صنف- سخن ۾ نٿو ڪري سگھجي. ھتي اھو واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان تھ غزل ۾ ڪو خاص مضمون مسلسل طور بيان ڪونھ ڪيو ويندو آھي. بلڪ جدا جدا خيال الڳ الڳ بيتن (بندن) ۾ ادا ڪيا ويندا آھن. ھڪ ئي غزل ۾ مختلف ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪيترا مضمون اچي سگھن ٿا. ھڪ ئي غزل ۾ مختلف موضوع ھوندي بھ ان جي شعرن ۾ ھڪ قسم جي يڪرنگي (unity) ھوندي آھي. بقول فراق گورکپوري، ”غزل ۾ ھڪ اھا چيز ھوندي آھي، جنھن کي اسين مفھوم چوندا آھيون، ٻي چيز ان جو مجموعي اثر (total efeect) ھوندي آھي. ۽ ٽين ھڪ اھا چيز ھوندي آھي، جنھن کي اسين فضا (atmosphere) جي لفظ سان سڏيندا آھيون، جيڪا مفھوم جي سلسلي کانسواءِ احساس ۽ ڪيفيت جو سلسلو بھ قائم رکندي آھي. . . . اھو صحيح آھي تھ غزل جو ھڪ شعر بلڪل مڪمل ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن تھ ھڪ مصرع بذات خود ھڪ دنيا ھوندي آھي ۽ ٻڌندڙ چئي ڏيندا آھن تھ ٻي مصرع پڙھڻ جي ضرورت ئي ناھي.“ +غزل جا مضمون: +حسن ۽ عشق ھجي يا تصوف، بھار ۽ خزان ھجي يا گلشن ۽ صحرا، حيات ۽ اخلاقيات ھجي يا نفسيات جا بي شمار پھلو ھجن- مڙيئي غزل جا موضوع بڻجي سگھن ٿا. خوشي، غم، تمنا، حسرت، انتظار (غم جانان)، صبر، شڪر، شڪايت، قناعت، رضا- مطلب تھ ھر قسم جا جذبا، جي شاعر جي دل ۾ پيدا ٿين ٿا، اھي غزل ۾ بيان ڪري سگھجن ٿا. غزل جو موضوع صرف محبت ناھي، ۽ اگر آھي بھ تھ ان جا مختلف پھلو ٿي سگھن ٿا. سنڌيءَ جا ڪيترائي نام نھاد نقاد غزل ۾ ”محبت“ لفظ ڏسي ڇرڪي ويندا آھن. ڇو؟ ڇا بندي کي خدا سان محبت نھ ٿي ٿي سگھي؟ ماءُ پيءُ کي پٽ، ڌيءَ سان نھ ٿي ٿي سگھي؟ دوست کي دوست کان نھ ي ٿي سگھي؟ مڙس کي زال سان ۽ زال کي مڙس سان نھ ٿي ٿي سگھي؟ انسان کي حيوان سان نھ ٿي ٿي سگھي؟ قصو ڪوتاه، انسان کي وطن سان، قوم سان، ھر چيز سان محبت ٿي سگھي ٿي. مثال طور، نارايڻ ”شيام“ جي غزلن مان چند شعر پيش- خدمت آھن: +ٻوليءَ سان محبت: +الا اِئن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي، +تھ ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. +دوست جي محبت: +وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجھيو ڪندو نھ ڀلجي ڪو ياد، ليڪن +”اياز“، ”احسان“، ”راز“ پارا، ڪي قرب وارا اڃا بھ آھن. +ڪيترائي شعر حسن ۽ عشق، ساقي ۽ مئخاني، بھار ۽ خزان، جنون ۽ گريبان وغيره، غزل جي تمام رسمي لفظن کان آزاد ملندا. مثال طور ”شيام“ صاحب جا ھيٺيان ٻھ شعر ڏسو: +گنگا جمنا امرت امرت، +ليڪن ٿڃ تھ سنڌو آھي. +- +ڀونءِ جا چپ بھ ڦٽي پيا آھن، +سمنڊ تي مينھن وسائڻ وارا! +اھو تھ ڇڏيو، منظرنگاريءَ جا اھي اھي شعر غزل ۾ ملندا، جيڪي نظمن ۾ ملڻ مشڪل آھن. مثال طور ”شيام“ جا ٻھ شعر ملاحظھ فرمايو: +آڌيءَ سمي اچانڪ جرڪي پئي خموشي، +اِئن مسڪرايو تارن، اي شيام رات چمڪي.. +چنڊ چوڏس جو ۽ شگفتھ گلاب، +رات جيڪر مون ڪنھن کي ڏيکاريو. +ائين برابر آھي تھ غزل اھا صنف- سخن آھي، جنھن ۾ فرسودگيءَ جو خطرو ٻين سخن جي صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي؛ يا جيئن اردوءَ جي مشھور نقاد مجنون گورکپوريءَ ھڪ ھنڌ چيو آھي، ”غزل نھايت ڪٽر صنف- سخن آھي.“ ٻين لفظن ۾ غزل ھڪ ئي وقت آسان ۾ آسان ۽ مشڪل ۾ مشڪل صنف- سخن آھي. +غزل جو مقصد: +زندگيءَ جي اندروني تجربن ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪيفيتن کي موسيقيءَ ۾ سموئي، پر اثر انداز ۾ بيان ڪرڻ غزل جي ھر شعر جو مقصد ھئڻ گھرجي؛ ۽ نارايڻ شيام جي غزلن ۾ اِن مقصد جو برصوابي ڪافي حد تائين نظر اچي ٿي. ”شيام“ جي غزلن پڙھڻ کان پوءِ ائين لڳندو تھ ھو صاحب ڄاڻي ٿو تھ، ’تغزل موسيقيءَ کي گھڻو ويجھو آھي ۽ ان ۾ ئي ان جي قوت جو راز مخفي آھي.‘ بقول فراق گورکپوري، ”غزل جو ھر شعر بجاءِ خود ھڪ دنيا آھي، ھڪ پيغام حيات آھي، جنھن جي وستعن جي سامھون وڏن وڏن نظم جا دفتر رسمي ۽ فرسوده لڳندا آھن. . . . بھترين نظم جي بھترين بندن ۾ بھ اھا ٺيٺ انسانيت ۽ اھا مانوسيت پيدا نھ ٿي ٿئي، جيڪا غزل جي جان آھي. نھ اھا شاعراڻي معصوميت (Lyrical Innocence)، نھ اھا تخليقي سادگي (creative simplicity) ۽ نھ اھا ڊرامائي ڪيفيت پيدا ٿي سگھي ٿي، جيڪي غزل جي گھڻن ئي شعرن ۾ ھونديون آھن.“ +سٺي غزل جي تقاضا: +سٺو غزل اھو آھي، جيڪو موسيقيءَ ۾ رچيل ھجي، جيڪو اسان جي جذبي ۽ شعور ۾ نزاڪت پيدا ڪري ۽ زندگيءَ جي واقعن ۽ تجربن کي رمز ۽ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ اھڙي انداز ۾ پيش ڪري، جو اسين باھمي طور تي انھن کي اڳي کان بھتر نموني سمجھي سگھون ۽ اڳي کان بھتر نموني محسوس ڪري سگھون. ”شيام“ جا اڪثر غزل اھا تقاضا بخوبي پوري ڪن ٿا. +غزل جي ھيئت: +غزل ۾ عام طرح پنجن کان سترھن شعر ھوندا آھن.1 غزل جي پھرئين شعر جون ٻھ مصرعون ۽ ھر شعر جي ٻڌيءَ واري مصرع ھم قافيھ ھونديون آھن. پھرين ٻن ھم قافيھ مصرعن کي مطلع سڏيو ويندو آھي. ساڳئي غزل ۾ مطلع کان پوءِ جي اھڙيون ٻيون بھ ٻھ ھم قافيھ مصرعون آھن، تھ انھن کي مطلع ثاني يا زيب مطلع يا حسن مطلع سڏيو ويندو آھي. آخرين بيت (جنھن ۾ اڪثر شاعر پنھنجو تخلص بھ آڻيندا آھن) کي مقطع سڏيو ويندو آھي. بقول فراق گورکپوري، ”مقطع، غزل جي سانچي (Pattern) جو اھو نشان آھي، جنھن ۾ غزل جي تغزل جو احساس پنھنجي پوري لاھھ ۽ چاڙھھ، تيزيءَ ۽ نرميءَ سان ڀريو ويندو آھي. مقطع سؤ في صدي داخلي چيز آھي.“ اڄڪلھھ جا ڪيترائي غزل گو شاعر مقطع ۾ پنھنجو تخلص درج نھ بھ ڪندا آھن. ان تي ”شيام“ جو ھڪ سھڻو شعر ٿو ياد اچي. چوي ٿو: +غزل سان نباھڻ وڏي ڳالھھ آھي، +تخلص ۾ ڇاھي، نھ آيو، نھ آيو. +جھڙيءَ طرح سنگيت ۾ سرن ۽ راڳن جو تاڃي پيٽو ٿيندو آھي، تھڙيءَ طرح غزل ۾ رديف ۽ قافين جو تاڃي پيٽو آھي. شاعر جي ستل شخصيت کي قافيو ۽ رديف جاڳايو ڇڏين. ھر قافيي ۾ شاعر جي حياتيءَ جون وارداتون، احساسن جا تجربا لڪل ھوندا آھن. قافيو شاعر جي ذھن لاءِ ھڪ لحاظ کان پھريون قدم ۽ ٻئي لحاظ کان منزل تي آخرين قدم جو ڪم ڏئي ٿو. +سنڌي غزل: +پھريون سنڌي غزل گو شاعر ڪير ھو، ان جي اڃا تائين تحقيقات ٿي ڪانھ سگھي آھي. البتھ اڄ کان اڍائي سؤ ورھيھ اڳ، ٽکڙ (وسئن)- سنڌ جي ھڪ ننڍڙي شھر- ۾ نور محمد ”خستھ“ نالي ھڪ شاعر رھندو ھو. ان جا ڪي غزل ھٿ اچي سگھيا آھن. ”خستھ“ بعد ڪيئي سنڌي غزل گو شاعر پيدا ٿيا آھن ۽ اڃا بھ ٿين پيا. ھيلتائين سنڌي غزل گوئيءَ جا ڪيئي دؤر ختم ٿي چڪا آھن ۽ ان ۾ حيرت انگيز انقلاب آيا آھن، جن جو ذڪر ھن مضمون ۾ موزون نھ ٿو لڳي. البتھ ايترو ضرور چوندس تھ جديد سنڌي غزل کي سنوارڻ جو گھڻو شرف ليکراج عزيز، سڳن آھوجا، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز کي ئي آھي. ھن مضمون ۾ مان صرف نارائش شيام جي غزلن جون خوبيون ئي بيان ڪندس. +شيام جي غزلن جون خوبيون: +”رنگ رتي لھر“ (نارائڻ شيام جي غزل جي مجموعي) جي مھاڳ ۾ ھري دلگير لکي ٿو تھ ”نارائڻ شيام، پنھنجي غزل کي نون خيالن، احساسن ۽ انقلاب جو ذريعو بڻايو آھي.“ مان ”دلگير“ صاحب سان سؤ في صدي شامل راءِ آھيان. ’ننڍن ننڍن، مٺن مٺن لفظن ۾ لطيف، حسين ۽ رنگين خيال نباھڻ‘- اھا ”شيام“ صاحب جي غزلن جي وڏي ۾ وڏي خوبي آھي. سندس ٻوليءَ ۾ خاص لطافت، نزاڪت ۽ لچڪ آھي. بندش جي چستي، لفظن جي نشست، تشبيھن ۽ استعارن جي استعمال ۾ بھ ھو صاحب پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ڪڏھن ڪڏھن تھ ڏندين آڱريون لڳي وينديون آھن تھ سادن لفظن ذريعي ”شيام“ ايترو اثر ڪيئن پيدا ٿو ڪري. ھن وٽ جذبي، فڪر ۽ تخيل جو اھڙو لطيف سنگم ٿو ملي، جيڪو سنڌيءَ جي ٻئي ڪنھن زنده شاعر وٽ (شيخ ”اياز“ کي ڇڏي) ورلي نظر ايندو آھي. غزلن ۾ گھڻو ڪري سڀني عام (’دقيق‘ توڙي ’آسان‘) بحرن جو استعمال ڪيو اٿائين، پر ڪٿي بھ موسيقيت جو دامن ھٿن مان نھ ڇڏيو اٿائين. ھاڻ مان ”شيام“ جي غزلن جي خوبين جو تفصيلوار بيان ڪندس. +سلاست: +خيال ڪيترو بھ دقيق ڇو نھ ھجي، پر اھو سؤلن سؤلن لفظن يعني عام فھم ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ- اِھا ”شيام“ جي پھرين خوبي آھي. ھو ڪوشش ڪري مشڪل لفظ ڪم آڻڻ کان ڪنارو ٿو ڪري. صرف اھي ئي لفظ استعمال ٿو ڪري، جن سان زبان مانوس ۽ ڪن واقف آھن. سندس شعرن ۾ لفظن جي ترتيب، زبان جي قاعدن ۽ بيان جي اصولن موجب ھوندي آھي- يعني تھ جيڪڏھن سندس ڪو شعر، نثر ۾ لکبو تھ لفظ گھڻو تڻو پنھنجي جڳھين تان ڪونھ ھٽندا. ھا، وزن، جي مجبوريءَ سبب لفظن جي ترتيب ۾ ٿوري ڦيرڦار آڻڻي پوندي آھي ۽ اھا جائز آھي. ”شيام“ جي سليس شعرن جا ڪيئي مثال ڏيئي سگھجن ٿا، پر مان ھتي پنج مثال ڏيئي اڪتفا ڪندس: +ھجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنھھ آجي، +نھ پنھنجي شاعري اھڙي، نھ پنھنجي زندگي اھڙي. +- +ڏينھن جي شور ۾ يا رات جي خاموشيءَ ۾، +جي وسارڻ بھ گھريم، توکي وساري نھ سگھيس! +- +ڪڏھن ڪڏھن تھ محبت ۾ ائين بھ ٿيو آھي، +ملي مٺن سان بھ دل ۾ خوشي نھ ھوندي آھھ. +- +نھ اون ڪنھن جي اچڻ جي، نھ غم گذاري جو، +تڏھن بھ رات سڄي ننڊ ئي نھ ھوندي آھھ. +- +اڄاڻائي، لنوائڻ، ٿورو مشڪل، نيٺ ڳالھائڻ، +انھيءَ حد تي رسيو آھي، حجاب آھستھ آھستھ! +رواني: +اھڙا لفظ استعمال ڪرڻ، جن کي اچارڻ ۾ زبان نھ اٽڪي- اِن خوبيءَ کي ”رواني“ چئبو آھي. رواني ڀريل شعر پڙھندي لفظن جو اھو ئي آواز نڪرندو آھي، جيڪو انھن لفظن جو اصل آواز ھوندو آھي. روانيءَ جي لحاظ کان، جيتري قدر ٿي سگھي، شعر جو ھر رڪن ڪنھن لفظ تي ختم ٿيڻ گھرجي. جي ھڪ لفظ جو پويون ٽڪرو ٻئي لفظ يا ٻئي لفظ جي اڳئين ڀاڱي سان ملي ھڪ رڪن ٺاھيندو تھ شعر جي روانيءَ ۾ ڪمي اچي ويندي. ”شيام“ جي شعرن ۾ ”رواني“ بھ نظر اچي ٿي. ھيٺ مان ٻھ مثال ڏيئي قناعت ڪندس: +گلي ڪنھن کي لڳايان ۽ ڇني ڇيھون ڪريان ڪنھن کي، +جگر پنھنجي جو رت آھي ڀريل ھر گل جي رڳ رڳ ۾. +- +اِن ناز تان نثار پوي منٿ ھڪ قبول، +ٻيھر نھ چؤ ائين ئي نھاري تھ ’ڇا ڪريان‘؟ +اختصار: +چوندا آھن تھ ڪڏھن ڪڏھن، ڪن کي، مرڻ وقت تمام زندگيءَ جا سمورا واقعا ھڪ پل ۾ ياد اچي ويندا آھن. غزل جا مختصر لفظ اھڙو ئي ڪم ڪندا آھن. گھٽ ۾ گھٽ لفظن ۾ مطلب ادا ڪرڻ- اِن خوبيءَ کي ”اختصار“ چئبو آھي. غزل گو شاعر لاءِ اھو ضروري آھي تھ منظرڪشي، واقعن جي بيان ۽ جذبن جي اظھار لاءِ رڳو ضروري ۽ شاعراڻا عنصر چونڊي. +”اختصار“، شيام جي غزلن جي نمايان خوبي آھي. مثال طور ”شيام“ جو ھيءُ شعر ڏسو: +عشق انڌي جو انڌو رھندو، +حسن پاڻ کي سو سينگاري. +ٿورن لفظن ۾ ”شيام“ صاحب معنى جو درياھھ اٿلائي ڇڏيو آھي. “Love is blind” (عشق انڌو آھي)- اِن انگريزي چوڻيءَ کي کڻي، ”شيام“ جيڪا طنز پيدا ڪئي آھي، اھا لاجواب آھي. ٻيو شعر ملاحظھ فرمايو: +نقش قدم يا روشن جوت، +چال سندءِ يا ديپڪ راڳ! +لفظن جو ڪيتري نھ صرفي سان استعمال ڪيو ويو آھي! ايتري قدر جو فعل بھ ڪم نھ آندو ويو آھي، ڇو تھ بنا ظاھر ڪرڻ جي بھ فعل ظاھر ئي آھي ۽ ائين ڪندي بھ شعر جو اثر گھٽجي نھ ٿو، پاڻ وڌي ٿو. اھو ڪمال ”شيام“ جو ئي آھي. مٿي ڏنل شعر پڙھڻ سان جيڪو جمالياتي حظ حاصل ٿئي ٿو، اھو بھ وسارڻ نھ گھرجي. +مٿئين شعر جيان ھيٺئين شعر ۾ بھ اختصار جي خوبي بخوبي نمايان آھي: +رات جي راڻي ڪاري رات، +ھت ھت خوشبو، جئن افواھھ! +مٿئين شعر ۾ ”خوشبوءِ“ جي ”افواھھ“ سان تشبيھھ بھ خوب آھي. +تخيل (Imagination): +ھر شاعر ماءُ جي پيٽان ”تخيل“ کڻي ڄمندو آھي. البت تخيل جو حافظي سان گھرو تعلق آھي. بلڪ ائين کڻي چئجي تھ حافظي ۾ ئي تخيل لڪل ھوندو آھي. بقول مولانا ”حالي“: ”تخيل ھڪ اھڙي قوت آھي، جيڪا تجربن ۽ مشاھدن ذريعي ذھن ۾ اڳيئي گھر ڪري ويٺل معلومات جي ذخيري کي ٻيھر ترتيب ڏيئي، ھڪ نئين صورت بخشي ٿو ۽ پوءِ ان کي لفظن جي اھڙي دلڪش نموني ۾ جلوه گر ڪري ٿو، جيڪو معمولي نمونن کان بلڪل يا ڪي قدر علحدو ٿيندو آھي“. ٿوري ۾، تخيل معمولي ۽ ظاھري واقعن ۾ اھڙا اھڙا نڪتا ۽ باريڪيون تلاش ڪري ٿو وٺي، جو عقل حيران ۽ ششدر رھجيو وڃي. اھو چوڻ مشڪل آھي تھ تخيل جذبي کي اڀاري ٿو يا جذبو تخيل کي. ائين کڻي چئجي تھ ٻئي گڏوگڏ پيدا ٿين ٿا. +”شيام“، تخيل جي گلڪاريءَ سان انساني جذبات جي طلسم کي قدرت تي طاري ڪرڻ جي جا بجا ڪوشش ڪئي آھي. ”شيام“ جي شعرن مان تخيل جا ڪيئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا، پر مان ھتي نموني طور صرف ست مثال ئي پيش ڪريان ٿو: +رات ڪاٽي اسان ٻنھي جاڳي، +نيٺ ڪنھن ڪنھن جي ننڊ چورائي؟ +- +دل بنا درد جي لھءِ جاءِ اگر آھھ نھ ڪا، +بس دعا آھھ اِھا، شال جگر دل ٿي پوي. +- +خوف کان ننڊ نھ بلبل کي سڄي رات آئي، +وڃي گلشن مان صبا، گل کي نھ ڪيڏانھن کڻي! +- +ڳل ڇھڻ سان گل ٽڙيا گويا، +چرچي چرچي ۾ اِئن بھار آئي. +- +ڇا فقط ڌوڙ آھھ ڌرتيءَ تي؟ +چنڊ وٽ صرف چاندي ھوندي؟ +- +نور تارن جو ڀي ڪو نور آھي؟ +چنڊ ڌاران ٿي رات ڪاري رات! +- +آھن دکي دلين جا ڪي ڳوڙھا ڳڙيا ھتي، +ھيءَ خاڪ ايترو نھ تھ چمڪي سگھي نھ ھا! +ياد رھي، پوين ٽنھي شعرن جو موضوع حسن ۽ عشق آھي. +جدت: +”رھنمائي شاعري“ ۾ شيخ محمد ابراھيم ”خليل“ فرمائي ٿو: ”جيڪڏھن شاعر ڪنھن خيال کي ٻين کان وڌيڪ پرزور يا زياده پراثر انداز سان ادا ڪري، منتشر خيالن کي ڪنھن خاص ترتيب سان پيش ڪري، ٻين جي مبھم ۽ جھڪن خيالن کي واضح ۽ روشن ڪري، ڪا ڳالھھ اھڙيءَ طرح بيان ڪري، جو ان جو اثر ٻين (شاعرن) جي بيان کان جدا ٿي وڃي، پراڻن خيالن کي اھڙيءَ طرح بيان ڪري، جو اھي نوان معلوم ٿين، فرسوده مضمونن کي ائين ٻڌي، جو انھن ۾ تازگيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي، تھ انھن سڀني حالتن ۾ ان جي ڪلام کي ”جدت“ جي صفت سان موصوف سمجھڻ گھرجي.“ +جدت جو واسطو اظھار جي طريقي يا انداز- بيان سان آھي. انداز بيان جي جدت سان، معمولي ڳالھين ۾ بھ اھو لطف ۽ اھو اثر پيدا ٿئي ٿو، جو شعر ٻڌندڙ وجد ۾ اچيو وڃن. +سڳن آھوجا، ”روشن ڇانورو“ (نارايڻ شيام جي دوھن سوٺن، غزلن ۽ ترائيلن جي مجموعي) ۾ لکي ٿو تھ شيام ”باشعور ۽ جدت طراز شاعر آھي.“- ۽ ائين چوندي سڳن صاحب ڪوبھ مبالغو ڪونھ ڪيو آھي. ان ڳالھھ جي تائيد ۾ مان ”خادم“ صاحب جو ھڪ شعر پيش ڪريان ٿو: +دم نھ سمھھ ”خادم“ تون ھت، جو ڪم آ ڪرڻو رات ڏينھن، +قبر ۾ تنھنجي سمھڻ لاءِ يار ڪافي آ فراغ. +”قبر ۾ سمھڻ لاءِ ڪافي فرصت ملندي“- ان ساڳئي مضمون کي ”شيام“ صاحب، ڏسو ڪھڙي نھ جدت سان پيش ڪيو آھي ۽ ائين ڪندي ان مضمون کي چمڪائي ڇڏيو اٿائين. شيام جو شعر آھي: +اڄوڪي رات اچ اوتيون، پيون ۽ مست ٿي ڳايون، +گھڻو ئي قبر ۾ سمھبو، ڪي جاڳون قبر کان ٻاھر. +”راھيءَ جا قدم چمڻ لاءِ منزل ماندي آھي“- ان مضمون کي ”شيام“ صاحب ڏسو تھ ڪھڙيءَ نھ جدت ڀري ادا ۾ بيان ٿو ڪري: +اسان جا پير اکين تي رکڻ لءِ ماندي آ، +اسان کي واٽ ڇڪي توڙ تي رسائيندي! +”چپن تائين پيالو آڻي بھ ھاري ڇڏڻ“ لاءِ ڏسو تھ ڪھڙو نھ سھڻو سبب ٿو ڏئي: +تصور سان تنھنجي نھ چمڪيو ٿي ساغر، +چپن تائين آڻي بھ ھاري ڇڏيوسين. +گل ٽڙڻ جي مشابھت منھن کولڻ سان ڪري، ڏسو تھ شعر ۾ ڪيتري نھ رنگيني ۽ جدت ٿو پيدا ڪري. چوي ٿو: +خوشيءَ مان منھن ٿي پٽيائين، مگر پٽيو ئي رھيو، +چمن ۾ ٿي نھ سگھي ڪنھن سان گفتگو گل جي. +”شيام“ جي جدت- ڀريل شعرن جا ڪجھھ ٻيا مثال ڏسو: +اڙي مٿو تھ مٿي کڻ، ڪرين اِھو ڇا پيو؟ +قدم صنم جا بھ ڏس، پنھنجي سر جو بار بھ ڏس. +- +وڇوڙي ۾ پھرينءَ نظر جون سنڀارون، +ڪڏھن جي ڪڏھن ڳالھڙي ياد آئي. +بلاغت: +شعر ۾ ”خيال سان مناسبت رکندڙ لفظ استعمال ڪرڻ“ جي خوبيءَ کي ”بلاغت“ چوندا آھن- يعني تھ جھڙي قسم جي ڳالھھ ڪرڻي ھجي، اھڙي قسم جا لفظ ڪم آڻڻ گھرجن. ان ڏس ۾ اھو ياد رھي تھ جيڪي لفظ ظاھري طور ھم معنى ٿين ٿا، اھي اثر ۾ ھجھڙا نھ ٿا ٿين. مثال طور: ميڻ بتي ۽ شمع يا جيل يا زندان. ”فراق“ گورکپوريءَ ھڪ ھنڌ چيو آھي: ”غزل جي لفظن ۾ صرف اِسم، ضمير، فعل، صفت ئي نھ بلڪ حرف جر ۽ ظرف مڪان ۾ بھ جيڪا نرمي، زور، سادگي، رنگيني ۽ ترنم ۽ تاثير ملندو آھي، اھو ڪن جزوي نظمن ۾ ملي سگھندو. بلاغت سان استعمال ٿي، لفظ پنھنجي اندر لڪل معنى جي دنيا جي جھلڪ پسائي، پنھنجي لغوي مفھوم کان اڳتي وڌي وڃن ٿا ۽ مانوس احساسن کي ازل ۽ ابد جي سرحدن سان ملائي ڇڏين ٿا. لفظن جو اھڙو بليغ استعمال غزل ۽ صرف غزل ۾ ئي ممڪن آھي.“ مثال طور مان ”شيام“ جو ھڪ شعر ٿو پيش ڪريان، جو سؤ شعرن جي برابر آھي: +ويراني، ڪنڊيءَ تي ڳيرو، +مان آھيان، ھو ھو ھو آھي. +حوالي طور ڪم اچڻ جي صلاحيت (Quotability): +غزل جا شعر ھر موقعي ۽ مھل تي سند يا تائيد طور ڪم آندا ويندا آھن. ان جو مکيھ سبب اھو آھي تھ جھڙيءَ آسانيءَ سان غزل جا شعر ھر ڪنھن کي ياد ٿي سگھن ٿا، اھڙي طرح ٻيو ڪوئي ڪلام ياد ٿيڻ مشڪل آھي، ڇو تھ غزل ۾ ھر مضمون، ٻن مصرعن ۾ ختم ٿيو وڃي. بلڪل معمولي واقعن، بلڪل اھم موقعن ۽ بلڪل نازڪ وقتن (crisis) تي غزل جا شعر ئي حاوي پئجي سگھن ٿا. ”شيام“ جي غزلن ۾ ڪيترائي اھڙا شعر ملندا، جيڪي حوالي طور ڪنھن موقعي تي چئي سگھجن ٿا. مثال طور ھيٺ مان چار شعر ڏيان ٿو: +ويو ھوس ھن جي بھ محفل ۾، ليڪن +چوان ڪئن تھ پنھنجي ڪٿي دل وساريم؟ +- +ھيئھءِ صبح جو وار وٽڙيل اھيئي، +گھڻو شام جو کين تو پئي سنواريو. +- +نھ ڪنھن ٻئي نموني نٽائي سگھين ھا، +کلي ڳالھھ کي ”شيام“ تو خوب ٽاريو! +- +توڏانھن ھيئن تڪيان پيو، ناراض ٿين متان، +مان پاڻ کي ٿو تنھنجي اکين ۾ ڏسي ڏسان. +جماليات: +سڳن آھوجا جي چوڻ مطابق: ”جمالياتي شاعري، ماديت ۽ روحانيت جي دلڪشين کي ھڪٻئي ۾ سموئي ڇڏي ٿي ۽ پنھنجين باريڪين ۽ نفاستن سان، وسعتن ۽ گھراين سان اسان جي حواسن کي تھذيبي تربيت ڏئي ٿي.“- ۽ مان جيڪر ائين بھ چوان تھ جمالياتي شاعريءَ مان پڙھندڙ جو دماغ ئي حظ حاصل نھ ٿو ڪري، پر سندس ڪو حواس يا ڪي حواس بھ لطف اندوز ٿا ٿين. اعلى فڪري صلاحيت ۽ اعلى جذباتي صلاحيت ھڪ شخص ۾ جمع ٿين ٿيون تھ حقيقي جماليات جي تخليق ٿئي ٿي. ”شيام“ جي بيتن، واين وغيره ۾ تھ ”جماليات“ ملي ٿي، پر ”شيام“ جي اڪثر غزلن ۾ بھ جماليات بلڪل نمايان آھن. مثال طور سندس ھيٺيان شعر پڙھو: +سونھن ڪيڏي نھ اڄ ڪڍي سرھاڻ، +ھڪ نظر ۾ ئي جيءُ ھٻڪاريو. +سڊول جسم جو ھر انگ راڳڻيءَ جو روپ، +ڪمال نغمھ ھئي، ”شيام“، خامشي ان جي. +- +ڪومل جسم ھي وڄندڙ ساز، +روپ مڌر ڄڻ راڳ وھاڳ. +- +ڪوئل ڪاري، ڪارا نيڻ، +نگه نگه ڄڻ مٺڙي لات. +- +ڇا رس ڀري رھاڻ ۾ جھنڪار ماڪ جي، +ڌڙڪن ڪلين جي دل جي سندءِ انگ انگ ۾! +تڙپ: +”تڙپ“ سان منھنجو مطلب آھي تھ غزل جي شعر ۾ خيال سان گڏ جذبو بھ شامل ھجي. ڪنھن شعر ۾ خيال ڪيترو بھ اصليت ڀريو، سادو، بلند ۽ باريڪ ڇو نھ ھجي، پر جيڪڏھن ان ۾ تڙپ ناھي يعني تھ جذبو شامل ناھي، تھ اھو شعر دل تي خير ڪو اثر ڇڏيندو. ”شيام“ جي غزلن جي ڪيترن ئي شعرن ۾ ”تڙپ“ ملي ٿي. نموني طور مان صرف ٽي مثال ئي پيش ٿو ڪريان: +مٺي آھھ ڪوئل جي ڪو ڪو مٺي آھھ، +مٺي آھھ سچ بيقرارن جي ٻولي. +- +ساڻ تنھنجو خيال ڀي نھ رھيو، +ھاءِ تنھائي، ھھڙي تنھائي! +- +الا! اِئن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي، +تھ ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. +روزمره جي ٻولي: +غزل گو شاعر لاءِ روزمره جي ٻوليءَ جي پابندي جيتري قدر ممڪن ھجي، ضروري آھي، خاص ڪري، اگر اھي ڪنھن موقعي يا مھل تي حوالي طور ڪم آڻڻ لائق بڻائڻا آھن تھ. درحقيقت معمولي ڳالھھ کي شعر جي سانچي ۾ ڏسي، عام ماڻھن کي ھڪ قسم جو عجب ۽ ساڳئي وقت ھڪ قسم جي خوشي بھ ٿيندي آھي. غزل جي شعر ۽ ان جي لفظن ۾ ھڪ قسم جي نرمي ۽ مانوسيت (Homeliness) ۽ يگانگت (Intimecy) ضروري آھي، ۽ اھي چيزون فقط روزمره جي ٻوليءَ جي استعمال سان ئي غزل ۾ آڻي سگھبيون. +”شيام“ جي غزلن جي ٻولي زياده تر روزمره جي ٻولي آھي. اگر ڪٿي ڪٿي ڪنھن خيال سان نباھڻ لاءِ ڪي لفظ گھڙي ٿو تھ اھي بھ روزمره جي ٻوليءَ مان ئي گھڙي ٿو. بقول سڳن آھوجا: ”’شيام‘ اھڙا لفظ نھ گھڙيندو آھي، جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو ھجي. شيام پنھنجا لفظ گھڙيندو ضرور آھي، پر اھڙا، جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگھي. خوبصورت لفظن، فقرن ۽ صفتن جي گھڙت، کيس موجوده دؤر جي ٻين شاعرن کان الڳ ڪري بيھاري ٿي.“ +ھيٺ ”شيام“ جي غزلن مان چند اشعار پيش ڪريان ٿو، جن مان بخوبي ظاھر آھي تھ روزمره جي ٻوليءَ ذريعي بھ ”شيام“ ڪھڙي نھ رنگين بياني ٿو ڪري: +لنگھي مون اڳيان، پوءِ مڙي تو نھاريو، +پيھءِ ياد ڪي يا ھيھءِ ڪي وساريو. +- +اٿي ڇرڪي، بس ڪاوڙي، مسڪرائي، +لڪي ڪنھن ڪيس پير تان ڪتڪتائي. +مٿين ٻنھي شعرن ۾ ”محاڪات“ بلڪل نمايان آھن، جيڪي ڪنھن وضاحت جا محتاج ناھن: +اڙي او بيخبر! ان ريت ماضيءَ ڏي نھ ڏس گھوري، +ڪري بي نور نيڻن کي، انھيءَ جي روشني اھڙي. +- +ديد جون دعوتون ازل کان ئي، +پوءِ بھ اڄ تائين نيڻ نيرانا. +”دعوت“ ۽ ”نيرانا“ لفظ قابل غور آھن، جن جي استعمال سان شعر جو تاثير دوبالا ٿي ويو آھي. +مون کي پنبڻين سان ھوا پئي ڪيائين، +الا! ننڊ نيڻن تي ڪنھن ويل ڇانئي؟ +- +سڀن شيام کي پنھنجو ھمراھھ ڀانيو، +ھئو چنڊ، جو گڏ ھليو پئي سڀن سان. +مٿئين شعر ۾ خود کي ”چنڊ“ سان جيڪا تشبيھھ ڏني اٿائين، اھا نھايت دلپذير آھي. +ڪن روزمره جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي ڪم آڻڻ سان شعر جي انداز بيان جي رمزي ڪيفيت ڪافي اجاگر ٿي ويندي آھي. مثلا: ”سھي“ ۽ ”نھ“. +”شيام“ جو ھيٺيون شعر ملاحظھ فرمايو: +چمڪندو روپ نگر چاھھ جي چانڊوڪيءَ ۾، +دل کي ڪجھھ گھاو سھي، چنڊ بڻايو ��ھ سھي. +مٿئين شعر ۾ ”تھ سھي“ رديف طور ڪم آندو ويو آھي. ساڳيءَ طور ھڪ ٻئي غزل ۾ ”شيام“ صاحب ”نھ مڃان“ رديف استعمال ڪري غزل جي رمزي ڪيفيت ۾ اضافو آندو آھي. +اصطلاحن جو عمدو استعمال: +غزل جي ھر شعر ۾ محاورو يا اصطلاح (Idiom) ضروري ناھي، جيتوڻيڪ، اگر محاوري يا اصطلاح جو عمدي نموني استعمال ڪبو تھ پست شعر کي بلند ۽ بلند شعر کي بلند تر ڪري سگھبو آھي. ”شيام“ صاحب سنڌي اصطلاحن جو ڪافي مھارت سان استعمال ڪري پنھنجن ڪيترن شعرن جي رمزي ڪيفيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. ھيٺ، تائيد طور، سندس شعرن مان چند مثال پيش ڪريان ٿو: +ساگر جنھن کي ڇاتيءَ لائي، سو البيلو موجون ماڻي. +”موج“ معنى لھر. ۽ لھرون ساگر ۾ ٿينديون آھن. ھاڻ مٿيون شعر ٻيھر پڙھي ڏسو تھ ڪھڙو نھ لطف ٿو اچي. +ھيٺئين شعر ۾ ”ڪنارو ڪرڻ“ اصطلاح نھايت خوبيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. شعر ملاحظھ فرمايو: +ڪنارو ڪيوسين ٿي لھرن کان، ليڪن +ڪنارو سندن ئي سھاري ڇڏيوسين. +”ڪنارو“ لفظ جي تڪرار (repeatition) شعر ۾ جان وجھي ڇڏي آھي. +ڏسي مون کي دنيا ڪڇيو ڪين، ليڪن +ستارن ڀڳي اک، گلن مسڪرايو! +ھڪ وڌيڪ مثال: +آشائن جون شمعون گل ٿي، دل ۾ وييون ٻارڻ ٻاري! +نقل قول (Inverted commas) جو سھڻو استعمال: +نقل قول جي حسن- استعمال سان بھ غزل ۾ رمزي ڪيفيت کي وسعت حاصل ٿئي ٿي ۽ شعر جي بي تڪلفي ۽ تازگيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ”شيام“ جي غزلن ۾ نقل- قول جو استعمال جان تان گھٽ ڪيو ويو آھي، پر جتي بھ ڪيو اٿائين، اتي شعر جي رمزي ڪيفيت اڀاري ڇڏي اٿائين. مثال طور سندس ھيٺيون شعر ڏسو: +”شاعر آھي شيام،“ چيائون تنھن ڏينھن، +تنھن تي مرڪي ڪنھن ورجايو ھو، ”ڪير؟“ +مٿئين شعر ۾ ”ڪير“ لفظ معنى جي دنيا ۾ اٿاھھ ڪيفيتون ساڻ کڻي شتريت ۽ بلاغت جي جان بڻجي ويو آھي. ياد رھي تھ جنھن غزل مان مٿيون شعر کنيو ويوآھي، ان جو رديف آھي- ”ھو ڪير“ ۽ سنڌي غزلن ۾ رديف جي ڪنھن حصي جي اھڙي تخليقي استعمال جو مثال ورلو لڀندو. ساڳيءَ طرح رديف جي ڪنھن حصي جو بليغ استعمال ۽ نقل قول جي خوبي، ھيٺئين شعر ۾ نمايان آھي: +ان ناز تان نثار، پوي منٿ ھڪ قبول، +ٻيھر تھ چؤ ائين ئي نھاري تھ ’ڇا ڪريان‘؟ +(مٿئين شعر جو رديف آھي- ”تھ ڇا ڪريان؟“) +تشخص (Personification): +شاعر ڪڏھن ڪڏھن بيجان چيزن ۽ مختلف ڪيفيتن کي جاندار فرض ڪندو آھي. ٻيءَ معنى ۾ ھو انھن ۾ ھڪ طرح ’تشخص‘ +پيدا ڪندو آھي، جنھن کي استعاري جو ئي شان سڏڻ گھرجي. غزل گو شاعر، ’تشخص‘ کان شعر جو رمزي اثر وڌائڻ جو ڪم وٺي ٿو. ”شيام“ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ تشخص جو استعمال خوبيءَ سان ڪيو ويو آھي. پاٺڪ ھيٺيان چند مثال پڙھي پاڻ امين ٿين: +چانڊوڪيءَ کي ڀاڪر پائي، سونھن ستل ھئي ڪاڪ ڪناري. +آس جھلڪ اِئن ڏيکاري، ڪوئي ٻار ڪري جئين ھات. +- +خموشيءَ جي دل ۾ وڄون ڄڻڪ لرزيون، +اٿي ”شيام“ اڌ رات ڪنھن پئي پڪاريو. +- +ھيکلائي ۽ چاندني چپ چاپ، +ڪجھھ تھ پئي ڪائنات ويچاريو. +استفھام (Interrogation): +غزل جي شعر ۾ بعضي بعضي، استفھام سان جيڪو حسن پيدا ڪيو ويندو آھي، اھو خبريھ (Narrative) جملن ذريعي ممڪن نھ ھوندو آھي، ۽ انڪري شعر ۾ وڌيڪ لطافت ۽ بلاغت اچي ويندي آھي. استفھامي شعرن جا مثال ”شيام“ وٽ جھجھا ملندا. ڪي ڪي غزل تھ سڄا سڄا استفھامي انداز ۾ چيل اٿس. مان ھيٺ صرف چند مثال نموني طور پيش ڪريان ٿو: +ھن جي در تائين ”شيام“ پھتاسين، +ڳالھھ آھي، سوال ڪير ڪري؟ +- +چوين ٿو تھ اڀ مان ٽٽو آھ تارو، +ھجي پر جي ڳوڙھو ڳڙيو ڪنھن جي اک مان؟ +- +ڀڙڪي جھٽ ۾ ڪئن نھ وئي گل ٿي جوت، +ڪاوڙجي ان ريت لڄايو ھو ڪير؟ +- +اڻ بڻت ڀي ناھھ، اچ وڃ ڀي اڳي جيان آھھ، پر +پوءِ ڀي ڪنھن سان اھي پھريون ملاقاتون ڪٿي؟ +- +(مٿئين شعر ۾ تشبيھھ بھ نھايت دلڪشي آھي.) +مون نھ ٿي سمجھيو تان ايڏي اٿم دل توسان، +مون چيو رس تھ ڀلي رس، ڪا اٿم ڪاڻ پئي؟ +تڪرار (Repeatition): +رواجي طرح لفظن جو تڪرار (يعني دھراءُ) عيب سمجھيو ويندو آھي، مگر لفظن جو تڪرار اگر ڪنھن خاص ڍنگ سان ڪبو آھي تھ اھو، شعر جي رمزي ڪيفيت کي وڌائي، ان شعر کي وڌيڪ بليغ ۽ حسين بڻائي ڇڏيندو آھي. ”شيام“ جي غزلن ۾ جاءِ بجاءِ ”تڪرار“ جي خوبي نمايان آھي. ھيٺ مان چند مثال ڏيئي قناعت ڪندس: +اھا آھھ وڄ وانگي روشن حيات، +رڳو بيڪلي، بيڪلي، بيڪلي. +”بيڪلي“ جو تڪرار، بيڪليءَ جو احساس شدت سان ڪرائي ٿو. +ويراني، ڪنڊيءَ تي ڳيرو، +مان آھيان، ھو ھو ھو آھي. +”ھو“ جي تڪرار شعر جي رمزي ڪيفيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. +مٺي آھھ ڪوئل جي ڪو ڪو مٺي آھھ، +مٺي آھھ سچ بيقرارن جي ٻولي. +”مٺي“ جي تڪرار شعر جي حسن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آھي. +پھر پھريون، چمڪ ستارن جي، +خامشي، خامشيءَ جي رنگيني. +- +جھلملايو اکين ۾ آنسن ”شيام“، +بيوسي، بيوسيءَ جي رنگيني. +مٿئين ٻن شعرن ۾ ”خامشي“ ۽ ”بيوسي“ جي تڪرار سان جيڪا شعرن ۾ رنگيني اچي وئي آھي، اھا قابل ذڪر آھي. +حسن – تقابل: +ڪڏھن ڪڏھن انداز بيان ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ ۽ اھڙي طرح شعر کي وڌيڪ لطيف بڻائڻ لاءِ، ٻن تمثيلي تصورن کي شاعر ھڪ ٻئي جي منھن مقابل کڻي ڪندو آھي- ۽ ائين ڪرڻ سان شعر جي رمزي ڪيفيت ۾ اضافو اچيو وڃي. شعر جي ان خوبيءَ کي ”حسن- تقابل“ سڏيو ويندو آھي. درحقيقت اھو ’مقابلو‘ استعاري جي ئي ھڪ لطيف صورت آھي. حسن تقابل سان شعر جي تاثير ۾ شدت اچيو وڃي. گل جو مقابلو محبوب جي چھري سان، جنت جو مقابلو يار جي گليءَ سان، پنھنجي غلاميءَ جو صبا جي آزاديءَ سان، پنھنجو ”آدم“ سان، پنھنجي دل جي داغ جو لالا (ھڪ قسم جي گل) سان، انسان جي عمر جي تيز رفتاريءَ جو بجليءَ سان، مجنون جو فرھاد سان- اِھي سڀ حسن تقابل جا ڪرشما آھن. نارايڻ ”شيام“ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ مون کي حسن تقابل نظر آيو آھي. ھيٺ مان صرف چند مثال پيش ٿو ڪريان: +ڇا نھ رابيل جي بکي خوشبوءِ، +چنڊ اڄ ڪنھن کي ڀاسندو ڌاريو. +چنڊ سان رابيل جي مقابلي، شعر جي تاثير کي دوبالا ڪري ڇڏيو آھي. +ڪنڌ مٿي نرگس نھ کنيو ڇو؟ +پنھنجي اک جو جادو آھي. +جادو اک جو نھ، پر ”نرگس“ سان ”اک“ جي مقابلي جو آھي. +نھ ڇيڙ ان جي تصور ۾ اي صبا، ھن وقت +جو مون کي ھاڻ گوارا نھ آھھ بو گل جي. +محبوب جي ياد جو مقابلو گل جي خوشبوءِ سان ڪرڻ سبب شعر جي حسن ۾ ڏسو تھ ڪئن تھ اضافو اچي ويو آھي. +جوش: +جوش مان اھو مطلب ناھي تھ مضمون اجاين سجاين جوشيلن لفظن سان ادا ڪيو وڃي. مٺن ۽ ماٺن لفظن سان بھ شعر ۾ جوش پيدا ڪري سگھبو آھي. منھنجو مطلب آھي، شعر ۾ مضمون اھڙن تھ بيساختھ لفظن ۽ پراثر انداز ۾ ڪيل ھجي، جو ائين لڳي تھ شاعر ڄاڻي ٻجھي ان مضمون کي ڪونھ بيان ڪيو آھي، پر ان مضمون خود شاعر کي مجبور ڪري کانئس خود کي بيان ڪرايو آھي. +”شيام“ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ ”جوش“ جي خوبي نمايان آھي. مثال طور ھيٺيون شعر ڏسو: +ساڻ تنھنجو خيال ڀي نھ رھيو، +ھاءِ تنھائي، ھھڙي تنھائي! +- +پھريائين ھيءَ رات تھ ڪٽجي، +صبح جي ڳڻتي ”شيام“ سڀاڻي. +- +انجام ڏٺئون گل جو مگر پوءِ بھ تبسم! +غنچن کي بھ ڪئن ڏوھھ ڏجي نيٺ شباب آھھ! +- +حسن لھرن جو تھ طوفان ۾ ڪو پھرين ڏسي، +پوءِ ساحل جي سڪون جو ڀلي قائل ٿي پوي. +- +ڪوئي سک جي خاطر ڀٽڪي، +۽ ڪو ڀٽڪڻ ۾ سک ماڻي! +”ڀٽڪڻ“ جي تڪرار شعر ۾ دلاويزي پيدا ڪئي آھي. ”سک خاطر ڀٽڪڻ“ ۽ ”ڀٽڪڻ ۾ سک ماڻڻ“ ان مقابلي بھ شعر ۾ حسن پيدا ڪيو آھي. +ترنم: +ترنم، ”شيام“ جي غزلن جي بلڪل نمايان خوبي آھي ۽ ان ۾ ڪوبھ شڪ ناھي تھ شعر جي حسن ۽ اثر وڌائڻ ۾ ترنم ڪافي حصو ٿو وٺي. بقول ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم ”خليل“- ”ڪلام ۾ ترنم جي صفت پيدا ڪرڻ جي لاءِ شاعر کي لفظن جي انتخاب ۽ ترتيب ۾، انھن جي انفرادي ۽ مجموعي آواز جو خيال رکڻو پوي ٿو.“ +ھيٺ ”شيام“ جي غزلن مان چند شعر نموني طور پيش ڪريان ٿو: +ھيءَ رات، ھيءَ سھائي، ھيءَ خوشبوءِ ڀنل ھوا، +گذريل گھڙين جي ياد ڏياري تھ ڇا ڪريان؟ +- +دل جو کوليو حال نگاه، ڄاڻجي جئين آلاپ مان راڳ! +(مٿئين شعر ۾ تشبيھھ ڪافي دلفريب ۽ ندرت ڀري آھي.) +ڪوئل ڪاري ڪارا نيڻ، نگه نگه ڄڻ مٺڙي لات. +- +آھي ڪوئي سور ونڊي جو، آيا آھن سورن وارا. +باز اڏي ڀل اوچو ڪوئل، گيت تھ تون ئي ڳائين، پيارا! +مٿي ناراين ”شيام“ جي غزلن ۾ جيڪي خوبيون مون کي نظر آيون آھن، انھن جو ذڪر ڪيو اٿم. مضمون ختم ڪرڻ کان اڳ ھڪ ڳالھھ چوڻ ضروري ٿو سمجھان. ”شيام“ جي غزلن جو موضوع حسن ۽ عشق تائين محدود ناھي. ھن جي غزلن ۾ مختلف موضوع ملن ٿا؛ ايتري قدر جو سندس غزلن جا ڪي شعر جديد سائنس جي اصولن تي مبني آھن. پنھنجي ان گفتي (statement) جي تائيد لاءِ، مان ھيٺ ”شيام“ صاحب جا چند شعر پيش ڪريان ٿو. پاٺڪ پڙھي پاڻ انصاف ڪن: +ٿيو ھي ڇا؟ ڪڏھن؟ ڇو؟ ڪئن؟ ڪٿي؟ ڪجھھ غور ڪر اِن تي +۽ ھر ايجاد اِن مان ڪنھن نھ ڪنھن ھڪ جو جواب آھي. +- +ھر انڌارو تھ انڌارو ناھي، +نور جي مام ڀلائڻ وارا! +- +ٿيو ڇا موت جو گھيرو پيو جي چؤڦيرو، +حيات نيٺ مٿس ”شيام“ سوڀ پائيندي. +- +مون لک کٽيا سڌا جي ٿين ھي کڏون کٻا، +فرصت ڏئي زمين تھ اڀ ڏانھن ڀي ڏسان. +- +ڪئن وڪامن ٿيون غريبن جون ھڏيون پيسن تي، +جي خدا پاڻ سمھيو ٻئي کي جڳايان ڪئن مان؟ +- +سنڌوءَ جي نھ ”شيام“ تھ گنگا ۾ اڀري ھا، +اڀري نھ ھا ھيءَ لھر، ائين ٿي سگھي نھ ھا. +- +ڇا فقط ڌوڙ آھھ ڌرتيءَ تي، +چنڊ وٽ صرف چاندني ھوندي؟ +- +ڳائجي اڄ موھن جو دڙو، +ڪلھھ تھ ھئي تھذيب تباھھ! +- +دل جي وس جو ھو نھ جئڻ، +مردي مھل کليو ھيءُ راز! +آخر ۾ صرف ايترو چوندس تھ جيڪي خوبيون ”شيام“ صاحب جي غزلن ۾ مون کي نظر آيون آھن، انھن جو ”ٿوري ۾“ مثالن سميت ذڪر ڪيو اٿم. اگر سندس ڪنھن خوبيءَ جو ذڪر رھجي ويو ھجي تھ ان لاءِ ائين نھ سمجھيو وڃي تھ اھا خوبي ”شيام“ جي غزلن ۾ ناھي؛ پر ان جو ذڪر نھ ڪرڻ جو ڏوھھ منھنجيءَ نظر جي ڪوتاھيءَ جو ئي سمجھڻ گھرجي. + + +تنوير عباسي +نارايڻ شيام : غزل جو +صف اول جو شاعر- +اسان جي دور جي شاعرن ۾، سنڌ توڙي ھند ۾، نارايڻ شيام کي وڏي اھميت حاصل آھي. ھو انھن ٿورن شاعرن مان آھي، جيڪي اسان جي دور جي شاعريءَ جي وھڪري کان الڳ ٿلڳ، پنھنجي ذاتي اسلوب ڪري نرالا ۽ انوکا ٿا لڳن. نارايڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ، توڙي ترقي پسند شاعريءَ، جي بنياد وجھندڙن مان ھڪ آھي، پر انھن سڀني کان اھم پڻ- . . . . +ھو ڪشنچند ’بيوس‘ جي اثر ھيٺ آيل شاعرن مان آھي. . . . ان سان گڏوگڏ حاجي محمود ’خادم‘ جھڙي عروض جي سخت گير شاعر، ڊاڪٽر ھرومل سدانگاڻيءَ جھڙي فارسي شاعريءَ جي ماھر، ۽ پرسرام ’ضيا‘ جھڙي عوامي لھجي واري شاعر ٽنھي کي پنھنجو رھبر ۽ رھنما تسليم ٿو ڪري. ان نڪتي کان ئي نارايڻ شيام جي انفراديت جي شروعات ٿئي ٿي. +ھن جو شعر ڪشنچند بيوس جي شعر وانگر عام سنڌي ٻوليءَ ۾ تھ آھي، جنھن ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ڌاريا لفظ گھٽ آھن، پر تنھن ھوندي بھ شيام جي ٻولي نھ دقيانوسي آھي، ۽ نھ ان جو لھجو توڙي اچار ثنيل ۽ غير واضح- . . . . +نارايڻ شيام سنڌيءَ جو اھو نرالو شاعر آھي، جيڪو پنھنجي نرالي اسلوب، لھجي ۽ مزاج، فڪر، ٻوليءَ، موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سببان، سنڌي شاعريءَ جي موجوده دور جي وھڪري ۾ رھندي بھ، ان وھڪري کان ڌار ھڪ انوکي، نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو. +نارايڻ شيام کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ، فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ، ۽ جپاني ھائيڪو شاعريءَ ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اونھو اڀياس آھي. ان ڪري ئي سندس شعر ۾، سنڌي، فارسي، ھندي، جديد مغربي ۽ جپاني ڌارائن جو سھڻو ميلاپ نظر اچي ٿو. دوھو، سورثو، بيت، وائي، گيت، نظم، رباعي، غزل، آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل ۽ ھائيڪو، سڀني صنفن تي ھو ھڪجھڙي قدرت ۽ سولائيءَ سان لکي سگھي ٿو. +. . . . شيام جي شاعري ١٩٥٣ع ۾ سندس ۽ ھري دلگير جي شاعريءَ سان گڏ ڇپيل مجموعي، ’ماڪ ڦڙا‘ سان شايع ٿي. . . . شيام جو ٻيو مجموعو آھي ’پنکڙيون‘، جيڪو . . . . ١٩٥٥ع ۾ ڇپيو. . . . شيام جون ٽيون مجموعو ”رنگ رتي لھر“ ١٩٥٦ع ۾ پڌرو ٿيو. ھن مجموعي ۾ رڳو غزل آھن. ان کان پوءِ وارا مجموعا، ’واريءَ ڀريو پلاند‘، ’آڇيندي لڄ مران‘ ۽ مھڪي ويل صبح جي، بھ رڳو غزلن تي مشتمل آھن. ٻين ٻن مجموعن ’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۽ ’روشن ڇانورو‘ ۾ بھ ڪافي انداز غزلن جو آھي. لڳي ٿو تھ شيام غزلن سان لونءَ لاتي آھي. . . . شيام جي سموريءَ شاعريءَ تي غزل ڇانيل آھي.[1] +. . . . شيخ اياز، نارايڻ شيام، ھري دلگير، عبدالڪريم گدائي، نياز ھمايوني، امداد حسيني، شمشير الحيدري ]خود تنوير عباسي- ت. ج[ انھن جديد شاعرن مان آھن، جن غزل جھڙي ڌاريءَ صنف کي، سنڌي ماحول جو ويس پارايو، ۽ منجھس روايتي رومانوي موضوعن بدران جديد زندگيءَ جون پيچيدگيون ۽ انقلابي موضوع شامل ڪيا. +شيام جي غزلن ۾ ]سواءِ ڪن اوائلي غزلن جي[ صاف سلوڻي فصيح ۽ روزمره جي ٻولي آھي. +غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آھي. فارسيءَ ۽ اردوءَ وارن ڪا وٿي نھ ڇڏي آھي، جو ان ۾ ڪا تخليق ڪري سگھجي . قافيا، رديف کٽائي ڇڏيا اٿن. تشبيھون، استعارا، تلميحون توڙي انھن کي ادا ڪرڻ جا اسلوب ۽ ڍنگ سڀ پراڻا ٿي چڪا آھن. اردوءَ جي جديد غزل جي بھ ساڳي حالت ٿي ويئي آھي ۽ ھيءَ صنف ھر معاملي کان ورجاءَ جو شڪار ٿي ويئي آھي. سنڌيءَ جي جديد غزل، خاص ڪري شيام جي غزلن جي اڀياس کان پوءِ لڳي ٿو تھ نھ- اڃا غزل جي زمين ۾ ڪافي گنجائش آھي. اڃا ڪافي ڪنواري زمين پيل آھي، جيڪا کيڙي نھ ويئي آھي. شيام وٽ نھ رڳو جذبن، عڪسن ۽ ٽاڻن (situations) جي اپٽار ۽ نگارش آھي، پر انھن جي کوجنا پڻ. اھا کوجنا ئي شاعر کي سچو تخليقڪار ۽ وڏو شاعر ٿي بنائي. رڳو اھل ۽ ورجاءُ، وچولي درجي جي شاعرن جو ڪم آھي. +شيام، غزل کي سنڌي ماحول ۽ ٻوليءَ سان رڱي، ان ۾ تخليق جي وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي آھي. فارسيءَ ۽ اردوءَ جي گٺل ٻوليءَ، لفظن، تلميحن، اھڃاڻن، ۽ استعارن بدران نت نون جرڪندڙ لفظن ۽ محاورن سان غزل ۾ رنگ ڀريو آھي ۽ سندس تغزل جا نوان تجربا، اڻ مئيءَ تازگيءَ سان ٽمٽار آھن: +شعر پئي سوچيم ڪوئي، آئينءَ جڏھن، +ڇا بڻيو، ڇا بڻجي بگڙيو، ڇا چوان! +- +تو جو پھريو ھو اڇو سادو لباس، +ڇا نھ رنگينيون بکيون پئي ان منجھان! +- +ھيئھ صبح جو وار وٽڙيل اھي ئي، +گھڻو شام جو کين تو پئي سنواريو. +_ +مٿين سٽن ۾ نھ فقط ٽاڻن (situatins) ۽ جذبن جي اپٽار آھي، پر کوجنا پڻ- تنھن ھوندي بھ تغزل ڀرپور نموني موجود آھي. +شيام جي غزلن ۾ ڪيترا اھڙا شعر ملندا، جن ۾ کوجنا (discovery) آھي، پوءِ اھا کوجنا رومانوي عڪس جي ھجي يا جديد پيچيده زندگيءَ جي عڪسن جي انھن سٽن کي پڙھڻ ��ان ائين لڳي ٿو، ڄڻ اھڙي ڳالھھ اڳ ٻڌل نھ آھي: حالانڪ اھي عڪس عام زندگيءَ جا آھن، جن ڏي ڪنھن جو ڌيان نھ ويندو آھي: +آئيني اڳيان ويھي سينگار ڪيائين پئي، +پر ڏيئي پٺي ڀي اک ان مون ۾ ئي اٽڪائي. +معصوم ابھم ٻار ۽ ماءُ جي ھنج، شيام جي پسند جو موضوع آھن، پر انھن جي ادائگي (treatment) ڪيڏي نھ سادي، رومانوي ۽ حقيقت پسنداڻي آھي: +ٻار کي ڪنھن جي ھنج مان وٺندي، +ڇا تھ دلڪش ھڳاءُ جو احساس! +- +تو گود ۾ ٻالڪ کي جيئن ٿڃ ڏني ويٺي، +معصوم اگھاڙپ تي پاڪيزگي للچائي. +- +لوڏي ھندورو شاخ جو گلزار ۾ صبا، +غنچي ۾ آھھ ڦول ڪ تنجڻ ۾ ٻار آھھ! +مٿيان موضوع، غزل جي شاعريءَ لاءِ بلڪل ئي اوپرا آھن، پر شيام انھن ۾ غزل جي رمزيت ڀري، فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪيا آھن. +. . . . شيام جي غزلن ۾ نت نوان، اڻ ڇھيل ٽاڻا آھن. اھڙا ٽاڻا، جن ڏي ڪنھن غزل جي شاعر جو ڌيان ئي نھ ويو آھي. شيام جو مشاھدو وسيع ۽ احساس اونھو آھي. ھو معمولي منظرن مان شاعراڻو حِظ ٿو حاصل ڪري ۽ ان کي لفظن جو لباس ٿو پارائي: +ڇپ ڇپ منھنجون اکيون ڍڪيئھ، +مون تھ سڃاتئھ ھٿ رکندي ئي! +- +ڀر ۾ بيٺينءَ تھ اک کڻي نھ ڏٺئھ، +ويندي ويندي مڙي نھاريو تو. +- +ڪلھھ تو مون کي ڪيڏو ڇينڀيو، +آئيني کان اڄ لڄ آيئھ! +- +اٿي، ڇرڪي، بس ڪاوڙي، مسڪرائي، +لڪي ڪنھن ڪيس پير ۾ ڪتڪتائي. +عجب ڍنگ آھن، اوھان جي ڏسڻ جا، +نھ ڌاريا لڳو ۽ نھ پنھنجو لکايو. +- +ڳل ڇھڻ ساڻ گل ٽڙيا گويا، +چرچي چرچي ۾ اِئن بھار آئي. +- +شيام! صبح جو مشڪئين ائين پئي، +ڄڻ تو سک جي رات گذاري! +- +ھٿ آلا ۽ کارا اٿئي، +شايد ڳوڙھا شيام اگھيا تو! +- +واپس ڪيئھ ڪتاب، جو ان ۾ ھي پنکڙيون! +ڪيڏو لڳين ٿي شيام! رکو ھونءَ سڀاو ۾! +- +منھنجي اوندھھ ۾ ڏئو ٻاري ويو، +ھي نھ ٿيو کانئس کڻي نالو پڇان! +- +ھي تھ ٿيا رومانوي ٽاڻا- پر رومان کان سواءِ بھ زندگي آھي. حياتيءَ ۾ ڪي ئي اھڙا پل اچن ٿا، جن کي شاعراڻي لافانيت حاصل ٿيو وڃي؛ جيڪي ذھن تي اڻ مٽجندڙ نقش چٽيو وڃن؛ پر انھن اڻ مٽجندڙ نقشن کي شيام جھڙو حساس شاعر ئي پرکي، پروڙي، محسوس ڪري، لفظن جو روپ ڏيئي، ھميشه لاءِ محفوظ ڪري ٿو ڇڏي- رومان، عشق کان سواءِ بھ آھي: +ھئي نگاھھ محبت، نگاھھ پھرين ئي، +نگاھھ ٻي ٿي پئي شيام ھڪ نگاهھ ھوس. +- +آھٽون ٻڌندي صبح بھ ٿي ويو، +در تي رات نھ ٺڪ ٺڪ ٿي ڪا. +کولي دري مون پر نھ ھئو انتظار ڪو، +بس آئي ھير پاڻمرادو گھڙي اتان! +- +ڪيڏي امنگ ۾ اچي مون گل ڇني کنيو، +دل ۾ جو آنڌ مانڌ ٿي ٽاري ٻسي ڏسي! +- +فقط واس چندن جو ڪمري ۾ ھو، +ملڻ آءٌ آيو ھيس شيام سان! +- +آرسيءَ ۾ عڪس پنھنجو ئي ڏسي، +شور جھرڪيءَ پئي ڪيو ڳچ دير کان! +- +پوپٽن بابت تھ سوچيو ئي نھ ھوم، +مون تھ گل پوکيا اِئين ئي شوق مان! +- +واقف تھ پئي لڳو، پر نالو نھ ياد آيو، +کانئس نھ مون پڇيو ۽ پاڻھي نھ ھن ٻڌايو. +- +گھميس شھر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو، +تھ ڪو پاڻ جھڙو ملي ڪنھن گھٽيءَ ۾! +- +ڪيئي ڀيرا پاڻ ئي پنھنجو در مون کڙڪايو، +مون پئي ڀانيو اندران ئي ايندو منھنجو آواز. +- +ھي تھ شيام جي غزلن مان اھي چونڊ شعر ھئا، جن ۾ ڪا نواڻ آھي، ڪنھن ٿاڻي، ڪنھن ماڳ، ڪنھن عڪس يا ڪنھن جذبي جي کوجنا آھي؛ پر شيام جي غزلن ۾ اھڙا شعر عام جام آھن، جن ۾ شيام جديد دور جي زندگيءَ جا عڪس چٽيا آھن، ۽ ھن دور جي ڪيترين ئي وٿن (objects) کي اھڃاڻ (symbol) طور ڪتب آندو آھي. غزل عام طرح روايتي ۽ دقيانوسي استعارن يا اھڃاڻن سان ڀريل ھوندو آھي، ۽ سنڌي غزل ۾ جديد زندگيءَ جا عڪس ٻين شاعرن وٽ بھ ملن ٿا، پر انھن عڪسن کي جنھن فنڪاريءَ سان شيام ڪتب آندو آھي، اھو سندس ئي ڪمال آھي. شيام جدي�� عڪسن ۾ غزل قائم رکيو آھي، ۽ غزل جي اشاريت ۽ رمزيت کي برقرار رکيو آھي. ڪن ڪن ھنڌن تي وٽس تغزل سان گڏ گھري طنز ۽ مزاح پڻ آھي: +ھردم موت جو ھڪ احسان، +ائٽم بيگ ۾ شيام! حيات. +- +جئن ئي بتيءَ جو سئچ ڪيو آف شيام مون، +ڪمري جي فرش تان وئي جھٽ کسڪي روشني. +- +چنڊ تارن سان رات ڀر ڳالھيون، +روز اخبار سان ئي صبح ٿيو +- +ملڪ جي حال تي ڳالھائيندي نيتا ڪنڌ جھڪايو، +ننگي ناري بيٺي لڄ کان منھن تي گھونگھٽ ڍاري. +- +صبح شفق جي سرخي اڀ تي، +دھلي دونھين کان ٿي ڪاري. +_ +پڙھندي ڪھاڻي اوچتو بجلي ھلي وئي، +ڪردار پنھنجي ڇا تھ روشني ڇڏي ويا! +- +بس ۾ ڀرسان ڪو ويٺو، +جسم جي خوشبو جو احساس! +_ +عڪس آواز جو ڏسجي ئي نھ ٿو، +تنھنجي فوٽي ۾، او ڳائڻ وارو! +مٿين شعرن کي پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو تھ اھا شاعري اسان جي دور جي شاعري آھي. ويھين صديءَ جي شاعري آھي، ۽ شيام اسان جي دور جو، اسان جي جڳ جو، ويھين صديءَ جو شاعر آھي. +شيام ھي شعر لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي تھ غزل جي صنف محدود نھ آھي. اھا وشال آھي. ان ۾ ھر دور جي عڪسن، احساسن، جذبن توڙي پيچيدگين کي سھڻيءَ ريت سمائي سگھجي ٿو؛ رڳو ان لاءِ شيام جھڙي فنڪار جي ضرورت آھي. +. . . . شيام جي غزلن ۾، حقيقت نگاريءَ سان گڏوگڏ، انسان دوستيءَ، بي تعصبي، امن ۽ محبت جا اعلى قدر موجود آھن. ھن وٽ جنگ کان نفرت جا جذبا تمام چٽا ۽ پڌرا آھن. ھن وٽ مقدس گنگا بھ جي بستيون اجاڙي ٿي تھ اھا پڻ مقدس نھ آھي: +جا اٿل کائي ڪري بستيون اجاڙ، +ڀل ھجي گنگا جي ڌارا، ڇا ٿيو؟ +. . . . ھن جو ”موت کان پوءِ واري حياتيءَ“ جي باري ۾ چٽو ۽ پختو رايو آھي- ۽ اھو حقيقت پسنديءَ وارو آھي: +سرڳ ۽ نرڳ مئن جي جاءِ، +دنيا ھيءَ ئي چوڙڻ لاءِ. +- +جئري سک جي گھڙي غنيمت ڄاڻ! +موٽ کان پوءِ اٽل خوشي ڇا جي؟ +. . . . شيام غزل جي رمزيت ۽ اھڃاڻن کي ڪتب آڻيندي، مذھبي پيشوا جي باري ۾ ڪھڙي نھ سھڻيءَ ريت رايو ڏنو آھي: +واعظ جو عمامو خوب، +جوڳيءَ تي ڀي ڏس تھ جڙاءُ! +. . . . ڏيئي جي اھڃاڻ، ۽ مسجد ۽ مڙھيءَ جي اھڃاڻ کي ڪتب آڻي، شيام ڪھڙو نھ حقيقت پسنديءَ وارو ۽ سوز و گداز سان ڀريل شعر چيو آھي: +ٻري مسجد ۾ ۽ مڙھيءَ ۾ ڏيو، +پر نھ ڌرمن جو انڌڪار ويو. +- +گرچھ ھي مسجد مندر ٿيا آثار قديم، +نئين تعمير جي ڪا پيڙھھ ٻڌايو تھ سھي. +شيام ان مسئلي تي سنڌ جي صوفين وارو ئي فيصلو ڏئي ٿو: +آخري منزل آھھ ڪفر، +پھريون ڏاڪو ھو ايمان. +نرگن واد، ويدانت، تصوف ۽ سنڌي ڪلاسيڪي صوفياڻي شاعريءَ جي اونھي اڀياس سبب، شيام جي شاعريءَ ۾ انھن سڀني ڌارائن جو سھڻو ۽ وڻندڙ ميلاپ آھي: +تو لئھ ڳوليم پئي آڪاس، +ڀونءِ مان آيو تنھنجو واس. +شيام ترقي پسند بھ آھي، تھ حقيقت پسند بھ- ڪٿي ڪٿي سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻي روحانيت جھلڪي ٿي، پر تنھن ھوندي بھ سندس شاعري سڀني مفروضن کان آجي، سائنسي حقيقت جي ترجمان، ۽ سماجي انصاف ۽ انقلاب جي آئينھ دار آھي. شيام جي شاعريءَ ۾ ڪٿي بھ سستي نعريبازي ۽ ھلڪڙائپ نظر ايندي (سواءِ ’ماڪ ڦڙا‘ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ اوائلي نظمن ۽ غزلن جي). انقلاب سان سندس ناتو اونھو، گنڀير ۽ مستقل آھي. +شيام جي غزلن ۾ خاص طور، ۽ سڄي شاعريءَ ۾ عام طور، رواني ۽ سلاست موجود آھي، ۽ ان سان گڏ موسيقيت، نغمگي ۽ ردم توڙي اچارن جي لئھ جو ھلڪو ۽ وڻندڙ تاثر ملي ٿو: +. . . . شيام جي شاعريءَ ۾ توازن آھي. ھن وٽ ردم اھڙو ھلڪو آھي، جو ڪنن کي وڻي ٿو. ھن جو ردم اھڙو زورائتو بھ نھ آھي، جو پڙھندڙ يا ٻڌندڙ اکرن ۾ اڙجي پوي، ۽ شعر جي معنوي اونھائيءَ تائين پھچي نھ سگھي- ردم شاعريءَ جو زيور آھي، شاعريءَ جي سونھن وڌائڻ لاءِ، ان جي سونھن کي ڍڪڻ يا over shadow ڪرڻ لاءِ نھ آھي. +. . . . شيام جي غزلن جي ھڪ ٻي خوبي آھي تغزل. تغزل، غزل جي خوبي نھ، پر لوازمو يا ضرورت آھي. تغزل کان سواءِ غزل لکڻ اجايو آھي، جنھن غزل ۾ تغزل ناھي، اھو غزل نھ آھي. تغزل لاءِ ئي ھن صنف کي ايجاد ڪيو ويو آھي. پر تغزل ڇا آھي، ان جون ڪيئي وصفون (definations) گھڙيون ويون آھن. ڪنھن زندگيءَ (life) جي وصف ڪندي اھو چيو ھو تھ: ”اسان سڀني کي خبر آھي تھ زندگي ڇا آھي- جيستائين اسان ان جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون-.“ +سو تغزل بھ ائين آھي. اسان سڀني کي خبر آھي تھ تغزل ڇا آھي، پر جڏھن ان جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون تھ منجھيل سٽ جا ڇيڙا ھٿ ئي نھ ٿا اچن. +مختصر طور، تغزل آھي ٿوري ۾ گھڻو چوڻ، جنھن ۾ ڪا رمز ھجي، ڪو اشارو ھجي، ڪو اھڃاڻ ھجي. شيام جي غزلن ۾ اھو تغزل ھر جاءِ تي نظر ايندو. شايد ان تغزل جي ڪري ئي شيام عزل کي پنھنجي مرغوب صنف بنائي آھي. . . . سندس غزل ۾ تغزل جي نمونن جا مثال: +ديد جون دعوتون ازل لاڪون، +پوءِ بھ اڄ تائين نيڻ نيرانا. +- +سورج مکي بڻجي تو سونھري ڪيو ھر ڏينھن، +۽ رات جي راڻي ٿي ھر رات بھ چمڪائي- +- +ڀانءِ ھڪ مرڪندڙ پريشاني، +ھيءَ اسان جي حيات ڀي ڇاھي! +- +زندگي مسئلا ھزار مگر، +مرڪ تنھنجي سڀن جو حل آھي. +- +ڪيڏي ڪومل مورت نڪتي، +پٿر جي دل ڪاڏي ويئي؟ +ڦولن سان سينگاريل نڪتين، +گھر ۾ واس اڇا ڀي آھي! +- +ڪوئي پروانو رولاڪ بنجي نھ ھا، +جيڪڏھن شمع ٿئي ھا نھ ائين چلولي. +- +نقشو تنھنجو تھ نھ ھئن اڀري ھا، +دوست منھنجي پسمنظر ڌاران. +- +سڌ نھ آھي ڪير پاڙري ۾ اچي آھي رھيو، +صحن ۾ ڪونڊيون اٿس موتئي ۽ تلسيءَ جون رکيون! +- +ياد لڙڪن جو ڪري ھڪ ھڪ ڦڙو، +ڪئن وساريان شيام ٽھڪن جو شمار. +- +رات ڪاٽي اسان ٻنھي جاڳي، +نيٺ ڪنھن ڪنھن جي ننڊ چورائي؟ +. . . . غزل ڌاري صنف آھي. سنڌيءَ جي غزل جي اوائلي شاعرن ان کي سنڌيءَ ۾ آڻي، ان کي سنڌي ماحول سان پيش ڪيو. گل، قاسم، فاضل تائين ھيءَ صنف سنڌيءَ ۾ اوپري نھ پئي لڳي. حافظ، حامد ۽ سانگيءَ تائين غزل صاف سٿرو رھيو. اڳتي ھلي، ھن صديءَ جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڏھاڪي ۾ غزل ۾ ايراني ماحول، تشبيھون، تلميحون ۽ استعارا ٺونسيا ويا، ۽ ھيءَ صنف سنڌ جي ماڻھن لاءِ اوپري ٿي پئي. شيخ اياز، نارائڻ شيام، دلگير، نياز، گدائيءَ ۽ شيخ راز، انھن اوائلي شاعرن مان آھن، جن ھن صنف کي نھ فقط موٽائي سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماحول تي ڏي آندو، پر ان کي جديد دور جي ضرورتن موجب بدلائي، نئون موڙ ڏنو. ان ڏس ۾ شيخ اياز ڪيترائي غزل لکيا، جن کي ھن پاڻ ”گيڙو ويس غزل“ سڏيو. +نارائڻ شيام جي ھڪ بھ غزل ۾ اوپرو ماحول نھ ٿو ملي. ھن جي ذري گھٽ ھر غزل جو ماحول سنڌي آھي. ڪٿي ڪٿي دھليءَ جي شھر جا نظارا آھن، جيڪو پڻ شيام جو مشاھدو آھي. پر شيام، غزل جھڙيءَ ڌاريءَ صنف ۾ سنڌي لوڪ ڪھاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس، اھڙيءَ تھ فنڪاريءَ سان آندا آھن، جو غزل جو روايتي تغزل بھ نھ ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنھنجو اظھار بھ ڪري ٿو وڃي. . . . شيام جي ھيٺين شعرن ۾ سنڌ جي يادن جا عڪس آھن- چٽا، صاف ۽ جذبن سان ڀريل: +الا! ھي صاف اڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي، +جو ڏسندو ھوس نوشھري ۾ ھيءَ ئي ماھتاب آھي! +- +الا! ائن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي، +تھ ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. +- +گنگا جمنا امرت امرت +ليڪن ٿڃ تھ سنڌو آھي! +- +شيام جا اڪثر غزل غير مردف آھن. ھن فقط اوائلي دور جي غزلن ۾ رديف استعمال ڪيو آھي ۽ اڳتي ھلي بنا رديف جي غزل لکيا اٿائين، ان ڪري، جو رديف خيال کي محدود ڪري شعر کي لفاظيءَ ۽ قافيھ پيمانيءَ تي مجبور ٿو ڪري. بنا رديف واري غزل ۾ شاعر کي نسبتا وڌيڪ آزادي ٿي ملي. +شيام جي غزلن جي اڀياس مان لڳي ٿو تھ شيام اسان جي دور جي غزل چوندڙ شاعرن جي صف اول جو شاعر آھي. +(’بوند لھرون سمنڊ‘ جي مھاڳ تان +شيام جي غزلن جي اڀياس جو اختصار) +امير علي چانڊيو +’اياز‘ جي شاعري (غزل) : ھڪ مطالعو +شيخ اياز جي شاعري تقريبا نصف صديءَ تي محيط آھي،اھا صدي جيڪا پنھنجي جِلو ۾ ڪيئي جنگيون، بحران (crisis) ۽ انقلاب رکي ٿي. انھيءَ صديءَ ۾ انساني تھذيب، تجريديت جي ھڪ اھڙي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي، جنھن ۾ اخلاقي قدر، مدنيت جا طريقا ۽ ثقافتي اظھار جا پراڻا طريقا ختم ٿي رھيا آھن. ھيءَ صدي ھڪ اھڙي صدي آھي، جنھن کي سائنسي ڪونيات (Cosmology) جي صدي سڏي سگھجي ٿو. سائنس جي ھمھ گير ڦھلاءَ، حياتِ انسانيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي آھي. آرام ۽ آسائش جا نوان وسيلا ھڪ طرف ايجاد ڪيا ويا آھن تھ ٻئي طرف انھن جي استعمال انساني معاشري لاءِ اڪيچار مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آھن. سائنس ايتري وسعت حاصل ڪري ورتي آھي، جو ڏسندي ڏسندي ’زمان ۽ مڪان‘ (Time and Space) جو قديم جھڳڙو، آئن اسٽائن جي نظريئھ اضافيت (Theory of relativity) کان پوءِ ختم ٿي ويو. علت ۽ معلول، جنھن تي قديم سائنس جا بنياد بيٺل ھئا، سا جديد طبيعيات جي ڪن ۾ غرقاب ٿي ويئي. ھيءَ ڪائنات، جنھن ۾ اسان رھون ٿا، سا روز تبديل ٿيندڙ ۽ غير معين آھي. نئين طبيعيات جي ڪري ھائزن برگ نظريو آيو، جنھن مادي (matter) جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو. عقل کي ناقابل يقين ۽ ناقابل وثوق قرار ڏنو. ائم (Atom) جيڪو ڪالھھ تائين جزو لايتحزى (نھ ٽٽندڙ جزو) ھو، سو ڪيترن ئي ڪيترن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي چڪو آھي. . . . علم فلڪيات جي ترقيءَ ڪائنات ۾ ’بلئڪ ھولس‘ (Black Holes) جي راز تان پردو کڻي، ڪائنات کي معدوميت جي انڌيرن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ان ئي صديءَ ۾ انساني ڳڀ (Embyo) کي ماءُ جي پيٽ بدران ٽيسٽ ٽيوب ذريعي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ٿي چڪو آھي. . . . ٽيليويزن ۽ ويڊيو رڪارڊ (۽ ھاڻي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ) جي استعمال، انسان تي نت نوان راز منڪشف ڪيا آھن. ھوائي اڏامن ۾ جيٽ (jet) کان ڪانڪارڊ (Concorde) ۽ خلائي شٽل (Space Shuttle) تائين ھڪ سلسلو آھي. ايڪسري کان بعد الٽرا سونوگرافي ۽ ليزر (Laser) جي دريافت ۽ ان جي ڪارنامن انسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آھي. نھ صرف ايترو بلڪ پراڻو صنعتي نظام ۽ ان تي بيٺل بوسيده معاشرو جديد ۽ Anti utopian معاشري ۾ بدلجي رھيو آھي. ھن صديءَ جو معاشرو عقليت پسندي، زياده پيداوار جي جنون ۽ خودڪار مشينيت (Automization) تي استوار آھي. ھر شيءِ ٽيڪنيڪل ۽ ھنري مھارت، ايتري قدر جو انتظاميھ بھ عقلي بنيادن تي ھلائي پئي وڃي. +اپالو (Appolo) يارھن ۽ نيل آرمسٽرانگ تھ ھاڻي قصئھ پارينھ ٿي ويا آھن- جنھن شاعر ۽ حساس ماڻھوءَ جي جمالياتي تسڪين جي مرڪز چنڊ متعلق نئين ڄاڻ ڏني تھ اھو ڀرندڙ مٽي، خشڪ پٿر ائين زمين ۽ بي آب و گياھھ ويراني کان سواءِ ڪجھھ نھ آھي. اڄ ڪلھھ جي تھذيب ۾ سگريٽ، شراب خوري، ھيروئن، مارفيا، ميري جوانا، ايل. ايس ڊي، نائٽ ڪلب ۽ انھن ۾ رمبا، جاز ۽ مائيڪل جيڪسن جي تيز ڌنن وارن نغمن تي بي تڪي رقص کان سواءِ ٻيو ڇا آھي؟ ٻئي طرف ذيابيطس، بلڊ پريشر، ھارٽ اٽيڪ، ڪينسر ۽ ايڊز . . . . بوريت، نقاھت (depression) وڌي وئي آھي . . . . انھيءَ ڪيفيت واري ماحول ۾ شاعر جون ذميواريون ڪيتريون نھ وڌي وڌي وڃن ٿيون. +ظاھر آھي جديد صديءَ جو جديد شاعر بھ ان پوري پس منظر جو حصو آھي، ان ڪري ڪجھھ حقيقتن جو ھن بذاتِ خود مشاھدو ڪيو آھي ۽ ڪيترين حقيقتن جي ڄاڻ ٻين دستياب ذريعن وسيلي حاصل ڪئي اٿس. ان پوري اڌ صديءَ جو ڪرب ۽ پيڙا ھو پاڻ بھ ڀوڳي رھيو آھي. جديد نظرين جي ڀرمار ۽ ٻيا ڪيترائي حوالا ڪنھن سڄاڻ شخص کي مخمصي ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. خود اھڙي پيچيدي صورت حال ئي ھڪ وڏو درد سر آھي. ان سان نبرد آزمائي ھڪ نمائنده شاعر جي سڃاڻ آھي. +شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکڻ ۽ ان جو ڪماحقھ احاطو ڪرڻ ڄڻ اڌي صديءَ جو احوال لکڻو آھي يا ان کي سندس شاعريءَ جي آئيني منجھان ڏسڻو آھي. اياز جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي حوالا آھن، جن تي مڪمل طرح بحث ڪرڻ جي گنجائش ھن مضمون ۾ نھ آھي. +سنڌ جي جديد شاعريءَ جا ابتدائي خدوخال بھ ھن ئي صديءَ جي پھرين ڏھاڪي ۾ نکرڻ شروع ٿيا. ليڪن اھي ايترو ھمھ گير نھ ھئا، جو پنھنجي دور جي نمائندگي ڪري سگھن. دراصل اھڙو مربوط تخليقي ڪم، جنھن کي پنھنجي دور جو نمائنده چئي سگھجي، ان جي ابتدا صديءَ جي آخرين نصف ۾ ٿي ۽ ان ڪم جوسھرو اياز جي سر تي آھي. اھو ئي سبب آھي جو اياز ھمعصر سنڌي شاعراڻي ادب (contemporary Sindhi poetry) کي سڀ کان زياده متاثر ڪيو آھي. گويا سندس شاعري، سموري جديد سنڌي شاعريءَ جو منبع يا سرچشمو آھي. . . . اياز جي شاعريءَ جو جيڪڏھن ڇيد ڪرڻ ويھجي تھ ان ۾ ٿلھي ليکي ٽي رويا عام ۽ واضح نظر ايندا. اھي آھن: اشتراڪيت، انسان دوستي ۽ وطن پرستي (قوم پرستي ان ۾ شامل آھي). اياز جي شاعريءَ ۾ اھي ٽي رويا ڪو اتفاقا شامل نھ ٿيا آھن، ليڪن ان ۾ سندس شعوري ڪوششن جو عمل ۽ دخل آھي ۽ ان جي پٺيان ھڪ وڏو پس منظر پڻ موجود آھي. اياز جنھن دور ۾ پنھنجي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي تھ ان وقت ٻي مھاڀاري لڙائي پنھنجي حشر سامانين سميت ختم ٿي چڪي ھئي. ھن جنگ ۾ پھريون ڀيرو ايٽم بم جو استعمال ڪيو ويو. ٻئي طرف غير منقسم ھندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنھنجي جوڀن تي ھئي ۽ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ھڪ علحده پرڳڻي جي حيثيت ۾ موجود ھئي. اشتمالي (ڪميونسٽ) انقلاب پنھنجا پير پختا ڪري چڪو ھو. ان جي لھر پوري دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ھو، ان ڪري ھندستان جا اديب ۽ شاعر بھ ان جي اثر کان بچيل نھ رھيا. 1935ع ۾ ترقي پسند اديبن ھڪ انجمن جو بنياد رکيو، جنھن کي ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي نالي سان موسوم ڪيو ويو، ۽ ان جا مقصد ۽ منشور ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. ان وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ صرف چند اھڙا شاعرھئا، جيڪي سڌيءَ طرح سماجوادي فڪر ۽ اشتماليت جي اثر ھيٺ شاعري ڪرڻ لڳا. اھڙن شاعرن ۾ نارايڻ شيام، کيئلداس فاني ۽ شيخ اياز شامل آھن. اڃا جديد سنڌي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جڙي رھيو ھو تھ مٿان ھندوستان جو ورھاڱو ٿي ويو ۽ لڏپلاڻ جو ويلو اچي ويو. سوين انسان ھتان کان ھت ۽ ھتان کان ھت نقل مڪاني ڪرڻ لڳا. آزاديءَ جي اھڙي اثر ھيٺ ھندو سنڌي شاعر پنھنجو ديس ڇڏي، ھندستان ھجرت ڪري ويا، جنھن جي ڪري سنڌي ادب ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي شاعرن کي ھندستان ۾ نئين ماحول ۾ اجنبيت جو شڪار ٿيڻو پيو ۽ ھر شيءِ وکري وکري ويئي. نئون معاشرو ۽ نئون ماحول، جتي تھذيب ۽ سماجي اقدار ھن ديس کان مختلف ھئا. ھتان جا متمول (بيٺل، سرنديءَ وارا) خاندان، ھندستان ۾ مفلسي ۽ ڪلاشيءَ جو شڪار ٿي ويا، ان ڪري انھن جي ڪابھ ڪاوش، تباھي ۽ برباديءَ واري ماحول ۾ بارآور ٿيڻ مشڪل ڳالھھ ھئي. پنھنجو ديس ڇڏي، پرديس وڃڻ وارن کي ڏاڍن ڌکن ڏاکڙن جو منھن ڏسڻو پيو. سنڌي شاعر ھندستان ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا ۽ معاشي جاکوڙ جي چڪر ۾ ڦاسي پيا. پويان سنڌ ۾ سمورو ميدان اياز لاءِ خالي ٿي چڪو ھو. سنڌ ۾ سندس قد ڪاٺ جو ڪوبھ شاعر ان وقت موجود ڪونھ ھو ۽ ٻئي طرف ھو پنھنجي ئي ديس ۾ ھو، ان ڪري ھو ڪنھن بھ اجنبيت جو شڪ��ر نھ ھو، جو ڪنھن chaos ۾ ڦاسي پوي. ليڪن اياز پنھنجي لاءِ جيڪا line of action مقرر ڪئي ھئي، سو ھو ان تان نھ ھٽيو. کيس آزاديءَ کان پوءِ واري حالتن جو ڀرپور Vision ھو، ان ڪري ھن آزاديءَ واري ماحول سان compromise نھ ڪيو. بلڪ ان جي خلاف ڀرپور ردعمل جو اظھار ڪيو. ان لاءِ ھن ترقي پسنديءَ جي راھھ کي اختيار ڪيو. ھو ان جي ڦھلاءَ ۽ واڌاري لاءِ سچي مقصد ۽ سچي لگن سان ڪم ڪندو رھيو، يا ائين کڻي چئجي تھ واچوڙن ۾ لاٽ ٻاريندو رھيو. سندس ان دور جي شاعريءَ ۾ سمورو زور سماج واد ۽ انسان دوستيءَ تي رھيو آھي. اھا انسان جي محبت ئي آھي، جيڪا اياز کي ھڪ ئي وقت سماجوادي ۽ رومانيت پسند بڻائي ٿي. ڀلا انسان کان زياده رومان ڪائنات ۾ آھي بھ ڪٿي؟ اھو ئي سبب آھي، جو اياز رومان جي علامت بڻجي اڀري ٿو، جنھن ۾ انسان دوستي ۽ سماجوادي فڪر ملي ھڪ ٿي وڃن ٿا. +. . . . ويھين صديءَ کي جيڪڏھن پوئين اڌ کان ڪاٽا ڪري ڏسجي تھ اھا اڳين اڌ جي مقابلي ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ ويران ۽ اجڙيل معلوم ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ ان دور ۾ تقليدي ڪلاسيڪل رجحان جو زرو ھو، جنھن ۾ آزادانھ شاعراڻي حساسيت جي ڪمي ھئي. ان دور جي نمائنده شاعرن، گدا، قليچ وغيره جي شاعريءَ ۾ ھڪ طرف غنايت (lyricism) جي اڻاٺ ھئي، تھ ٻئي طرف اھا پنھنجي موضوع ۽ ھيئت ۾ نزدد جو شڪار ھئي. ان وقت جي شآعريءَ ۾ سطحيت، آورد ۽ ناصحانھ انداز غالب ھو. ان دور جي شاعري نام نھاد ڪلاسيڪيت (Pseudo classicism) جي بگاڙ جو شڪار رھي آھي. فني باريڪيون، لفاظي، لساني اصولن ۽ روايتي گھاڙيٽن جي سختيءَ سان پابنديءَ کي ئي معراجِ ڪمال سمجھيو ويندو ھو. خيال جي علويت، تخليقي صلاحيت ۽ فڪري بلنديءَ ڏي توجھھ نھ پئي ڏنو ويو. شاعري زياده تر ناصحانھ ۽ طنزيھ ھئي، جنھن ۾ مذھبي جوش، سياسي تنقيد ۽ ذاتي ھجو عام ھئي. ان دور جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي ديگر جزئيات کي اھميت حاصل ڪانھ ھئي. فطرت جو ذوق، قدرتي نظارا، خوبصورت ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماڻھوءَ جي حياتيءَ کان صرف نظر ڪيو ٿي ويو. شاعري اجاين صوفيانھ خيالن جي ھٿ ۾ يرغمان بڻيل ھئي. . . . اھڙي شاعري غير لچڪدار، محدود ۽ غير وسعت پذير ھئي، جو ان جي ذريعي جذبات جي شدت ۽ تخيل جي زور کي سمائي سگھجي. ان دور ۾ اياز جي شاعري روايتي گھاڙيٽن ۾ نئين شراب وانگي نظر اچي ٿي. سندس روماني خيالات بھ جاندار آھن. اچو تھ سندس روماني شاعريءَ تي ھڪ طائرانھ نظر وجھندا ھلون: +جلد اچ چنڊ رات آ مٺڙا! +ھر خوشي بي ثبات آ مٺڙا! +گل ڇڻن ٿا، شراب ٿو ڇلڪي، +ڇا سندءِ بات بات آ مٺڙا! +شبنم آلود لب کڻي مون وٽ، +مثل برگ گلاب، ويجھو آءُ! +تون قريب آنھھ، چاندني رات آ، +ڪھڙو پيارو جھان آ، پيارا! +تنھنجو بي ساختھ تبسم آ، +نانءُ جنھن جو جھان آ، پيارا! +زندگي حسن جي حڪايت آ، +يا سندءِ داستان آ، پيارا! +- +جنھن محبت ناھھ ڪئي، سو اي اياز! +زندگانيءَ جي گنھگارن مان آ. +- +دل افسرده جون تمنائون، +ھو سراپا بھار ڇا ڄاڻي! +جو گھٽائن جي روح تي گذريو، +پند پرھيزگار ڇا ڄاڻي. +خلش حسرت گناھھ سندم، +تنھنجو پروردگار ڇا ڄاڻي! +- +حسن تنھنجو اسان جي حيرت جو، +ھڪ مجسم جواب آ گويا. +- +مشڪ بُو ٿي ويو ھو منھنجو چمن، +تنھنجي زلفن ۾ ليٽي پئي ھئي رات. +- +تنھنجي من ۾ منھنجو ديرو، منھنجي من ۾ تنھنجو آکيرو، +تون منھنجي آن توڙي اجلي، مان تنھنجو ھان توڙي ميرو. +- +رات اسان رابيل سنگھي سين، ھن جي تن سان ڀيٽ ڪئي سي، +رنگ روپ ۾، ون واس ۾، مٺڙو يار ”اياز“ مٿيرو. +اياز پنھنجي رومانويت ۾ پنھنجي ڦوھھ جوانيءَ جي جذبن جو اظھار نھايت خوبصورت پيرائي ۾ ڪيو آھي. پوءِ اھو خو��ھھ غزل ھجي يا نظم ھجي يا گيت ھجي. اياز نھايت فنڪاري ۽ خوبصورت انداز ۾ سنڌي شاعري ۾ Taboo جي پابندين کي جھنجھوڙيو آھي. اھڙي قدم کڻڻ لاءِ ھو ڪو vulgar نھ ٿو ٿئي، بلڪ روايت جي ھڪ تسلسل کي ورتڻ لاءِ جيڪو ڏانءُ گھرجي، سو اياز وٽ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو ۽ ھو ان کي پوريءَ طرح نڀائي ٿو. اھا ڪيڏي نھ وڏي ڳالھھ آھي جو اياز روايت کي نئون روپ ڏيئي، ان ۾ جدت پيدا ڪري ٿو. ھو اوپرن ۽ ڌارين لفظن جي بدران مقامي ۽ مانوس لفظ ڪتب آڻي، اھو سڀ ڪجھھ ڪري ڏيکاري ٿو. مثلا: گلاب، بوسھ، دھن، لب و زلف وغيره. مگر اياز انھن جي جاءِ تي پنھنجي زبان جي عام استعمال جا لفظ ڪم آڻي، ھڪ طرف شعر ۾ جدت پيدا ڪري ٿو تھ ٻئي طرف Taboo کي بھ جھنجھوڙي رکي ٿو. اچو تھ اياز جو ھيءُ شعر ڏسون: +چپ چميءَ لئھ اڀريا، سامھون آھي چوٿينءَ چنڊ، +ڪھڙو سندر سپنو آھي، جيون جو سپنو. +تنھنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻ بھ تنھنجا نينڍ، +دانھون دانھون تنھنجون ٻانھون، پيار پلين ٿي ڇو؟ +اوءِ اسان ڏي چنڊ نھ اھڙا ليئا پاءِ ميان! +ڇرڪ ڀري جاڳي نھ پوي، آ سپرين ھاڻ ستو. +ھن غزل ۾ اياز جنھن رنگ ۾ محبوب جي جوانيءَ جي apprectation (ساراھھ) ڪئي آھي، سا داد لائق آھي. عاشق جا چپ چميءَ لئھ آتا ھجن ۽ سامھون محبوب بھ چوٿينءَ جي چنڊ جھڙو ھجي تھ پوءِ واقعي جيون کان زياده سندر ٻيو ڪھڙو سپنو ٿي سگھي ٿو! اھا ھڪ آفاقي حقيقت آھي، جنھن جو اپٽار اياز جي مٿئين شعر ۾ ملي ٿي. اياز جو اھو سندر سپنو انساني حسن جي دلڪش جذبي مان سرجي ٿو. +ائن ٻري ٿو بھار ۾ گل، +ڏس تھ تنھنجو شباب آ گويا! +مرمرين جسم، احمرين اکڙيون، +ھاءِ تنھنجو شباب، ويجھو آءُ! +ياد آيو اياز کي ھو جسم، +اي شبِ ماھتاب ويجھو آءُ. +شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جنھن محبوب جو تصور ملي ٿو، سو نسواني محبوب آھي ۽ اياز جنھن محبوب جو ذڪر ڪري ٿو، سا ڪا پرستان جي پري نھ آھي، بلڪ مٽيءَ ۽ گوشت جي ٺھيل عورت آھي. اياز جي عشق جو محور عورت آھي ۽ سندس تصور بھ عورت جو جسماني ۽ جنسي تصور آھي. اياز جو عشق ڪو افلاطوني يا يوٽوپيائي (utopian) عشق نھ آھي. بلڪ ھو اھڙي محبوب جو متلاشي آھي. جيڪو انساني احساسن ۽ جذبن جو عڪاس ھجي. اياز جنھن عشق جي ڳالھھ ڪري ٿو، ان جو بنياد صوفيانھ توارد تي نھ بلڪ فرائڊ جي Erote ۽ Oedipus complex تي آھي. ٻئي طرف فارسي ۽ اڙدو شاعريءَ ۾ امرد پرستيءَ جو غلبو رھيو آھي، ليڪن اياز وٽ اھڙو ڪوبھ تصور نھ ٿو ملي، جيڪو ھن مذڪوره بالا شعري روايتن مان حاصل ڪيو ھجي. سنڌي شاعري، جيڪا منڍ کان وٺي ھندي ۽ سنسڪرتي شاعريءَ کان متاثر رھي آھي، تنھن ۾ اھي ئي روايتي تصورات موجود آھن، جيڪي ھندي شاعريءَ کان سنڌي شاعريءَ کي ورثي ۾ مليا آھن: ان ڪري ھندي شاعريءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور نسواني رھيو آھي؛ ان ڪري اياز وٽ بھ اھڙو ئي تصور ھئڻ قدرتي ڳالھھ آھي. البت ايترو فرق ضرور آھي، جو ھندي شاعريءَ ۾ عورت کي اھڙو مقام ڏنو ويو، جيڪو شايد پوري دنيا جي شاعريءَ ۾ موجود نھ آھي. ھندي شاعريءَ ۾ عورت کي سيتا، پاروتي ۽ ٻيا اھڙا روپ ڏيئي، مذھبي تقدس ڏنو ويو. کيس ديويءَ جي مقام تي رسائي، ان جي پوڄا ڪئي ويئي، اياز وٽ محبوب جو تصور نسواني ضرور آھي، ليڪن اھو ھندي تصور کان جداگانھ آھي. اياز وٽ جيڪا جماليات آھي. سابھ Hedemiasic آھي. ان جو سلسلو بھ سندس تصور حسن سان ڳنڍيل آھي. +اياز جنھن دور ۾ غزل لکڻ شروع ڪيو تھ اھو دور واقعتا غزل جو دور ھو. سنڌ ۾ طرحي مشاعرا ۽ انھن جو رواج غزل جي مقبوليت جي نشاندھي ڪن ٿا. ظاھر آھي تھ سنڌي جي اڪثر شاعرن جو توجھھ بھ غزل تي ئي مرڪ��ز رھيو آھي ۽ ھر ڪس و ناڪس ان صنف ۾ زور آزمائي ڪرڻ لڳو. اھڙي ماحول ۾ اياز بھ غزل کان ڪيئن ٿي پاسي رھي سگھيو. غزل جيئن تھ مقرره ھيئت (form) واري صنف آھي، ان ڪري ڪنھن بھ طرح اياز لاءِ اھو ممڪن نھ ھو تھ ڪو ھو ان ۾ ھيئتي تبديلي آڻي سگھي. البت اھڙي ماحول ۾ اياز پاڻ کي ھروڀرو ٺيٺ روايت پسند غزل گو سڏائڻ پسند نھ پئي ڪيو؛ انڪري ھن پنھنجي غزلن ۾ روايتي تشبيھن، استعارن ۽ ڪناين جي جاءِ تي نيون تشبيھون ۽ نوان استعارا آڻي، پاڻ کي متعارف ڪرايو ۽ غزل کي ھيئت جي تبديليءَ کان بغير جدت سان روشناس ڪرايو. گويا اياز، سانگيءَ کان بعد پھريون سنڌي شاعر آھي، جنھن جديد سنڌي غزل جو بنياد رکيو، ڇاڪاڻ تھ معاشرت جي قديم تصورن ۾ ئي انقلابي تبديليون اچي ويون ھيون، ان ڪري انھن تصورن کي غزل ۾ سمائڻ لاءِ ٻوليءَ کي بھ نئون رنگ ۽ نئون روپ ڏيڻ ضروري ھو. +[1] نوٽ: نارائڻ شيام جا غزل گڏي ”ڏات حيات“ مجموعي ۾، 1988ع شايع ڪيا ويا آھن، جنھن جا سنڌ ۾ ٻھ ڇاپا، ھڪ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ساڳئي نالي سان، ۽ ھڪڙو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ”راھون پنڌ پيون“ جي عنوان (ترتيب: مصطفى نانگراج) سان ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن (ت. ج) + + +جتي اڳ سورنھن سينگار جون شيون: ميندي، مسي، مساڳ ۽ ڪجل وغيره تي مشتمل ھيون، اتي شيمپو، روش، مسڪارا ۽ ٻين ڪيميائي شين جو رواج عام ٿي ويو، ايتري قدر جو محبوب جي روايتي زلفن جي ڪيفيت بھ اھا نھ رھي، جيڪا تيل سان ڳنڌيل وارن جي ھئي. اھڙي ماحول ۾ اياز بحيثيت سرخيل (Pioneer) شاعر جي، پنھنجي ذميوارين کي محسوس ڪيو ۽ سنڌي غزل کي جدت سان روشناس ڪرايو. ھڪ طرف اياز، غزل جي زبان کي نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏنو تھ وري ٻئي طرف ھن غزل جي بحر ۽ وزن ۾ بھ ھڪ نئون موڙ ڏنو. اياز پنھنجي غزلن ۾ عموما روايتي ڏکين بحرن ۽ رڪنن کان اجتناب ڪيو آھي. ان لاءِ نھ، تھ ڪو اھي اياز لاءِ ايترا مشڪل ھئا، جو انھن ۾ ڪجھھ لکي نھ پئي سگھيو، بلڪ اھو بھ سندس جدت طراز طبع جو ھڪ ڪارنامو آھي تھ ھن صرف اھڙا وزن کنيا آھن، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۽ ان جي غنائي قدرن جي بلڪل ھم آنگ آھن يا ويجھا آھن، ڇاڪاڻ تھ سنڌي ٻولي صوتي لحاظ کان نھايت نرم ۽ ملائم ٻولي آھي، ان ڪري اھا عربي يا فارسي صوتيات جي اصولن تي ٻڌل وڏا وڏا ۽ ڳرا بحر آسانيءَ سان ھضم نھ پئي ڪري سگھي. اھو ئي سبب آھي جو اياز ٣٣ بحرن مان صرف چند منتخب بحرن ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي. ليڪن پوءِ بھ ھو انھن ۾ سنڌي موسيقيءَ واري لئي کي چٽو ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب ٿيو آھي: +نھ ماھتاب، نھ ھو آفتاب آ، سائين! +مگر اياز ڪيو انتخاب آ، سائين! +اسان جي روح ۾ جنھن جي نفيس خوشبو آ، +اھو بدن بھ مثال گلاب آ، سائين! +اسان سوال ڪيو ھو خدا بھ آھي ڇا؟ +اوھان جو حسن، انھيءَ جو جواب، آ سائين! +ھن غزل ۾ ’آفتاب‘ ۽ ’ماھتاب‘ ٻھ اھڙا لفظ آھن، جيڪي قديم ۽ ڪلاسيڪي غزلن ۾ عام ملندا ۽ انھن جو ايترو تھ ورجاءُ ٿي چڪو آھي، جو ڄڻ اھي گسي ويا ھئا. انھن جي بار بار ورجاءَ قاريءَ (پڙھندڙ) کي ايترو تھ پريشان ڪيو آھي، جو ھو ڪابھ توجيھھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھي. انھن لفظن جي بار بار ذڪر، قاريءَ کي آسمان ۾ نظر ايندڙ ماھتاب ۽ آفتاب ڏانھن متوجھھ پئي ڪيو آھي، ليڪن باوجود غور ۽ فڪر جي بھ کيس انھن ۾ ڪا اھڙي خاص ڪشش معلوم نھ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تھ ھو روزانو آفتاب ۽ ماھتاب کي آسمان تي اڀرندو ۽ لھندو ڏسي ٿو، ان تي باريڪ بينيءَ سان غور ڪري ٿو، ليڪن انھن ۾ کيس ڪابھ اھڙي نئين ڳالھھ نظر نھ ٿي اچي، جنھن کان ھو متاثر ٿئي. . . . ھتي جيڪڏھن اياز جي جاءِ تي ٻيو ڪ�� پراڻو شاعر ھجي ھا تھ ضرور ’آفتاب‘ ۽ ’ماھتاب‘ جو ورجاءُ روايتي معنى ۾ ڪري ھا. ٻئي طرف اياز، لفظ تھ اھي ئي ڪتب آندا آھن، ليڪن انھن جو استعمال ڪنھن بھ تقابلي يا تشبيھي معنى ۾ ڪم نھ آيو آھي، يا کڻي ائين چئجي تھ اياز ھتي ’آفتاب‘ ۽ ’ماھتاب‘ کي تشبيھي انداز ۾، اِن ڪري استعمال نھ ڪيو آھي، جو انھن جو تشبيھي حسن بار بار جي ورجاءَ ڪري گھٽجي ويو آھي. ان ڪري اياز ڪوشش ڪري اھڙيون تشبيھون ڪم آنديون آھن، جو اھي قاريءَ کي بور بھ نھ ڪن ۽ حقيقت جي قريب بھ ھجن. . . . ٻئي طرف ڏسجي ٿو تھ ڄڻ شاعر قانون تقليل(Diminishing utility) افاديت کان پوريءَ طرح واقف آھي، ان ڪري ئي ھو آفتاب ۽ ماھتاب جي نفي ڪري ٿو نھ بابا! نھ ڪو ھو آفتاب آھي ۽ نھ ئي ماھتاب، ليڪن ھو تھ ھن زمين تي وسندڙ ھڪ گوشت پوست جو انسان آھي، جنھن جو اياز انتخاب ڪيو آھي. اياز ھتي ماھتاب ۽ آفتاب جي تشبيھي انداز کي نظرانداز ڪري، حقيقت پسنديءَ جي ڳالھھ ڪري ٿو ۽ انسان ڏانھن اشارو ڪري ٿو ۽ انسان ئي اشرف المخلوقات آھي. غزل جي مطالعي ۾ ئي اياز، جديد غزل جي تقاضائن جو پورو پورو خيال رکيو آھي. ٻئي مصرع ۾ ’نفيس خوشبوءِ‘ جو ’بدن گلاب‘ سان تلازمو ڇا نھ ھم آھنگي پيدا ڪري ٿو. اياز حسن جو اطباق پنھنجي محبوب تي ڪري ٿو ۽ سندس محبوب جو حسن ئي سندس سوال جو جواب آھي. ڪيڏو نھ نازڪ ۽ نفيس خيال آھي. اياز سوال ڪري ٿو تھ ’خدا ڇا آھي؟‘ جواب آھي ’حسن‘، يعني ٻين لفظن ۾ ’حسن‘ ئي خدا آھي. اياز ’حسن‘ لفظ ڪم آڻي، ھڪ طرف خدا جي وجود جي شاعراڻي تعريف ڪئي آھي تھ ٻئي طرف فلسفھ جماليات جي ھڪ اھم ۽ خاص الخاص موضوع کي ڇيڙي ڇڏيو آھي. شعر ھڪ طرف تمام خوبصورت آھي تھ ٻئي طرف اھم پڻ. يوناني ’حسن‘ جي تعريف ڪندا ھئا تھ Beauty is God and God is beauty نھ صرف ايترو پر اھا تعريف ڪم و بيش مسلمان صوفين وٽ بھ عام آھي. صوفي مفڪر چوندا آھن تھ ”الله جميل“ (يعني الله ’حسين‘/ ’سھڻو‘ آھي) افلاطون بھ تقريبا ائين ئي چيو آھي تھ ”ھر اھا شيءِ حسين آھي، جيڪا حقيقت اولى سان متعلق آھي.“ نھ صرف ايترو، پر افلاطون تھ وجود مطلق کي ئي ’حسن ازل‘ سڏيو ھو. مشھور نو اشراقي فيلسوف فلاطينوس بھ پنھنجي فلسفي جو بنياد ان تصور تي رکيو آھي. نواشراقي مسلمان فلسفي فارابي، اخوان صفا ۽ ابن سينا وغيره سڀ ان تصور جا قائل ھئا. ايراني صوفي شاعرن ’وجود مطلق‘ يا ’حسن ازل‘ کي ’شاھد حقيقي‘ يا ’محبوب ازلي‘ سڏيو آھي ۽ اھي صوفي شاعر، ڪائنات ۾ ھر جاءِ ان حسن جو جلوو ڏسن ٿا. +. . . . اياز جو نظريئھ حسن، سندس پوري شاعريءَ ۾ نمايان آھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ’حسن مطلق‘ موضوعي بھ آھي تھ معروضي بھ- ليڪن اياز جنھن حسن جو قائل آھي، سو زياده تر معروضي آھي ۽ جامد آھي. جامد اِن لحاظ کان تھ اياز، جنھن حسن جي تصور جو قائل آھي، ان جو بنياد فرائڊ جي نظريي تي آھي. . . . ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي تھ اياز نسواني حسن جو دلدادو آھي: +مثل بوءِ بھار آئي آ، +جنھن بنا زندگي اجائي آ! +تنھنجي اکڙين جو مئي وسائي آ، +مست و بيخود سڄي خدائي آ. +- +ڪنھن ڪنول کي چميو ھو مون رات، +ھڪ مٺو گيت ٿي لڳي پرڀات. +مشڪ بو ٿي ويو ھو منھنجو صحن، +تنھنجي زلفن ۾ ليٽي پئي ھئي رات. +اياز جي شروع وارن غزلن ۾ غزل جون سڀ خوبييون بدرجئھ اتم موجود آھن. . . . رفعتِ تخيل، گھرائي ۽ گيرائي، حسن و عشق، معنى و مفھوم، غم يار و غم روزگار ۽ ساغر و شباب- مطلب تھ غزل جا ڪل لوازمات موجود آھن. اچو تھ اوھان جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ اياز جي غزلن مان چند بند کڻون: +ٿي جلي آڳ عشق جي مون ۾، +حسن ج�� انتخاب آھيان مان! +خالق ڪائنات! ڏس تنھنجيءَ، +جستجوءَ جو جواب آھيان مان. +ديرو ڪعبھ جو دڳ وسار ’اياز‘! +ڇڏ گھڻو ٿيو خراب آھيان مان. +- +ھر حقيت کان مٿي آھي مجاز، +ھر عبادت کان چڱو آھي شباب. +ھيءَ ڀني رات، ھيءَ ھوا، ھي چنڊ، +مثل بوئي بھار موٽي آءُ! +- +سير دير و حرم ”اياز“ ڪري، +بھتر آ ڪوءِ يار، موٽي آءُ. +- +اجھو دار و رسن جو ڪو پيام آيو، +ملي اڄ زلف جانان سان صبا آھي. +پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ، +’اياز‘ اڄ رات ڪٿ ھو بيوفا آھي. +مان اڳ ۾ بھ اھا ڳالھھ لکي آيو آھيان تھ ”اياز“ ھڪ جدت طراز شاعر آھي، ان ڪري کيس غزل جو ٺوس روايتي روپ پسند نھ آيو. ھن چاھيو تھ ھو ان ۾ ڪونھ ڪو تجربو ڪري، جيڪو محض تجربي جي حد تائين نھ ھجي، بلڪ ان کي سندس متاثرين جو حلقو پڻ آزمائي- ۽ حقيقتا ٿيو بھ ائين آھي تھ موجوده نوجوان شاعر سندس اھڙي تجربن مان مستفيض ٿين پيا. اگرچھ شيخ اياز اھڙي تجربي جي ابتدا شروع کان ئي ڪري ڇڏي ھئي، ليڪن ھن رفتار کي ڪجھھ آھستي رکيو تھ جيئن جديد غزل، جدت جي منزلن کي ڇھڻ لڳي تھ پوءِ ئي ان ۾ نئين تجربي جي گنجائش پيدا ڪرري سگھبي. ان ڪري اياز پنھنجي ان نئين تجربي ۾ پنھنجي غزل مان ’تغزل‘ کي خارج ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ فارسي، اڙدو خواه سنڌيءَ جي غزل گو شاعرن جو سمورو زور ۽ ڪوشش ’تغزل‘ تي صرف ٿيندي ھئي. ھر ڪو شاعر اھا ئي ڪوشش ڪندو ھو تھ ھو ’تغزل‘ کي پائي سگھي. ھڪ طرف ’تغزل‘ جو جاندار حصو نرو روايتي ٿي فرسوده بڻجي چڪو ھو. رنگ تغزل ’لڪير جو فقير‘ جي مصداق ھو، نھ ان جي قالب ۾ ڪا انقلابي تبديلي آئي ۽ نھ ئي ان جي بيان، ان جي زبان ۽ اسلوب ۾ ئي ڪو فرق آيو. ’تغزل‘ پوريءَ طرح تصنع جو شڪار ٿي چڪو ھو، جنھن ۾ صرف معشوقن سان ڳالھھ ٻولھھ کي ئي سڀ ڪجھھ سمجھيو ٿي ويو. نتيجتا شعرن مان شعريت غائب ٿي ويئي ۽ غزل مان ڪيف و سرور وارو حصو ختم ٿي ويو ھو. نھ صرف ”اياز“، پر عام طور قارئين بھ ان مان تنگ ٿي چڪا ھئا. +. . . . اياز کي بھ ’تغزل‘ نھ آئڙيو، ڇاڪاڻ تھ سنڌي عروضي شاعريءَ جي خالق ’گل‘ بھ پنھنجي غزل مان ’تغزل‘ کي اوپرو سمجھي ڪڍي ڇڏيو ھو. ان مان لڳي ٿو تھ شايد ’تغزل‘ جو عنصر اياز جي خيال ۾ بھ سنڌي شاعريءَ سان ٺھڪندڙ نھ آھي، ان ڪري ھن غزل کي بھ ان مان آزاد ڪرايو. انڪري اياز تغزل بجاءِ پنھنجي بعد واري شاعريءَ جو بنياد ٽي. ايس ايلئٽ (T.S. Eliot) واري ڏسيل خارجي لوازمات (objective co-relatives)، مجازيت (symbolism) ۽ مقامي تمثيل(local allegory) تي رکيو آھي ۽ ان کي Sindhinize ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اچو تھ ڏسون اياز پنھنجي غزلن ۾ پنھنجي نئين تجربي کي ڪيئن ڪتب آندو آھي: +دانھون ٿو درياه ڪري، ٻڌ ڪن ڪن جا ڪڙڪا، +ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنھن کي ڳولين ٿو. +- +اھو چنگ چارڻ! امانت اٿيئي، +متان سر سوا ٻيون ڪرين ڪي صدائون. +وسي ڀينگ ڀنڀور ۾ سال سارا، +”اياز“ اڄ ڪيون ڪنھن پنھونءَ جون پڇائون! +- +آءُ اسان جون اکڙيون اگھھ، +جھوريو آ جھوراڻي آءُ! +تو بن ڪھڙي ڦوڳ ڦلار! +ماڻا مند نھ ڄاڻي، آءُ! +ساوڻ رھڻو ناھھ ”اياز“! +برسيو آھي ھاڻي آءُ! +ھيءَ سئن نھ ڏيندي چئن، اٿي ڏس! ڪوئي آيو آ پيارا! +ھي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا! +ھيءَ پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نھ مرڻي آ، +آخر ھيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا! +- +وستيءَ وستيءَ نگريءَ نگريءَ، گيت اسان جي گونج ڪئي، +چانڊوڪيءَ ۾ چنگ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پور ھو! +ڏينھن تتي جو آيو آھين، اڳ ۾ آئين ڇو نھ ”اياز“، +ڇپريءَ ڇپريءَ ڇانو ھئي، جنھن وقت نمن ۾ ٻور ھيو! +- +رات لڙي ھو اچڻو آ، +تون ڇوڙ نھ پايل پيرن جي. +ٿي ساري سنڌ ”اياز“ نچي، +ڇا ڇم ڇم آندءِ ڇيرن جي. +اھڙيءَ طرح ”اياز“ جا ٻيا بھ ڪيترائي غزل آھن، جيڪي ان تجربي جي نشاندھي ڪن ٿا. ھونئن تھ موضوع ۽ معروض جي خوبصورت اتصال (سنگم) مان ئي خوبصورت غزل سرجندو آھي. پر اياز پنھنجي موجوده تجربي ذريعي غزل مان موضوع يا داخلي عنصر کي ڪڍي، ھڪ نئون رجحان تخليق ڪيو آھي. اياز غزل ۾ جنھن تجربي جو بنياد رکيو آھي، ”گل“ واري تجربي کان قدري مختلف آھي. ”گل“ جو سمورو زور ٺيٺ ٻوليءَ جي استعمال مٿان ھو، جنھنڪري ان مان شعري خواص مفقود ٿي ويا؛ ليڪن اياز ھڪ طرف ٻولي ۽ لفظن جي ٺيٺ ھجڻ سان گڏ انھن جي صحت جو بھ خيال رکيو آھي تھ ٻئي طرف انھن کي نئون آھنگ ۽ نئون روپ عطا ڪيو اٿس. اياز غزل جي زبان کي عام فھم، آسان، سادو ۽ روزانھ مروج ٻوليءَ سان ھمڪنار ڪيو آھي. اياز کان اڳ غزل، جتي پنھنجي ماحول جي حالات کان بي نياز، صرف تصوراتي ۽ تخلياتي دنيا ۾ گم ھو، تنھن کي اياز سياسي، معاشرتي ۽ ماحولياتي حوالن سان قريب ڪري ڇڏيو آھي. اڳي جتي غزل ۾ ڪفن، لاش، مقتل ۽ عدوءَ جو ذڪر ھو، اياز ان کان، سنڌي غزل کي نجات ڏياري آھي. ھاڻي پراڻن مقرر لفظن جي بدران اياز خود ٻوليءَ جا نوان قرينا ايجاد ڪري ٿو. ھو اھڙا لفظ ڪم آڻي ٿو، جيڪي ھن ماحول لاءِ اوپرا نھ آھن، بلڪ اھي ھن ئي ماحول ۽ سرزمين جي پيداوار آھن؛ انھن سان اياز جي قلبي وابستگي آھي ۽ انھن مان سندس انفراديت جھلڪي ٿي. اياز جي غزل ۾ لاابالي پن ضرور آھي، ليڪن سندس غزل شاعرانھ ديوانگيءَ جو تحفو نھ آھن؛ بلڪ سندس غزل ڳوڙھي مشاھدي، وسيع علميت ۽ غور و فڪر جو نتيجو آھن. اياز پنھنجي ھم عصر شاعرن ۾ سڀني کان زياده پڙھيل لکيل آھي، کيس مغربي خواه مشرقي ادب جي مروج گھاڙيٽن ۽ رجحانن جي وڏي ڄاڻ آھي: ليڪن ان جي باوجود سندس غزل جو انداز نھ مغربي آھي، نھ مشرقي، بلڪ ٺيٺ سنڌي آھي. اياز جي غزل جو خمير سنڌي آھي، جنھن ۾ سنڌي معاشري جي تاڃي پيٽي جو تجزيو ۽ تنقيد ملي ٿي. اياز جي ’ڀونر ڀري آڪاس‘ واري غزلن کان پوءِ وارن غزلن ۾ سندس وائي ۽ گيت جي زبان، لھجي ۽ لئي جو شديد غلبو آھي. اياز جا پوءِ واري دور جا نھ صرف غزل، بلڪ نظم بھ ساڳئي اثر ھيٺ تخليق ٿيل ٿا ڏسجن. اوھان اياز جي غزلن جي تقطيع ڪري ڏسو تھ انھن جو وزن بھ اھڙو ئي آھي، جيڪو گيت لاءِ ڇندوديا ۾ ڄاڻايل آھي. اياز جا شاذو نادر ئي ڪي اھڙا غزل ملندا، جن ۾ محزوفات وارن وزنن جو زياده استعمال ٿيو ھجي ۽ انھن جي ردم ۽ گيت جي ردم ۾ ڪو ٿورو ئي فرق ڏسڻ ۾ ايندو؛ جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تھ اياز غزل کي ’سنڌيت‘ جو رنگ ڏيڻ ۾ فني طور بھ ڪافي جاکوڙ ڪئي آھي. اھڙن غزلن لکڻ وقت ھو اھڙا ئي سر منتخب ڪري ٿو، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ لاءِ نامانوس نھ آھن. اِھا ئي ھڪ اھڙي خوبي آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تھ اياز پڙھندڙن جي نفسيات ۽ انھن جي ذھني تقاضائن کي بھ ڄاڻي ٿو، ان ڪري اياز قاريءَ جي بلڪل ويجھو پيو لڳي. گويا ھو پنھنجي جذبن جي نھ، بلڪ قاريءَ جي جذبن جي ترجماني پيو ڪري. اسان ھيٺ سندس چند غزلن جي تقطيع پيش ڪريون ٿا تھ جيئن اندازو لڳائڻ ۾ آساني ٿئي: +ميلي ۾ تون تنھا تنھا، ڪنھن کي ڳولي ٿو؟ +اک ۾ ڳوڙھا، ھٿ ۾ گجرا، ڪنھن کي ڳولين ٿا؟ +اياز جو ھيءُ غزل بحر ’صوت الناقوس‘ ۾ آھي، جنھن جا رڪن ھيئن بيھندا: +(١) فعلن، فعلن، فعلن، فعلن، فعلن، فعلن، فع +ميلي ۾، تون، تنھا، تنھا، ڪنھن کي، ڳولين، ٿو، +اک ۾، ڳوڙھا، ھٿ ۾، گجرا، ڪنھن کي، ڳولين، ٿو. +(٢) فعلن، فعلن، فعلن، فع +گھر گھر گھنگروءَ گونج نئي��، +ھونءَ تھ ناچو آھي ھڪ. +- +ڪڪريون منھنجو ويس ميان! +آءٌ اگـھـاڙو، ڪــيـر چـوي. +- +(٣) فع فعلن فعلن فعلن فع +جي واڳ وٺين ھا ڏاگھن جي، +ڇو ڪاڻ ڪڍين ھا ڏيرن جي! +اھڙيءَ طرح اياز جي مجموعھء ڪالم ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ڪل پنجٽيھھ غزل آھن، جن مان تقريبا اٺاويھھ غزل بحر، ’غريب‘ يا ’صوت الناقوس‘ ۾ آھن، باقي بچيل غزل ’رمل‘، ’متقارب‘ ۽ ھڪ اڌ ٻئي بحر ۾ آھن. ان مان قارئين خود اندازو لڳائين. +’علم عروض‘ جي ماھرن سالم بحر ست ڄاڻايا آھن. جيئن بنيادي رنگ ٽي آھن، تيئن بنيادي وزن بھ ست آھن ۽ ٻيا بحر لفظن جي حرڪت ۽ سڪون وارين مختلف حالتن جي ڪري ٺھن ٿا. وزنن ٺاھڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي تھ جيئن ھرڪو ماڻھو موسيقي يا راڳ جي پيچيده اصولن کان واقف نھ آھي، ان ڪري ان کي ڪو اھڙو سولو طريقو ڪڍي ڏجي تھ ھو علم موسيقيءَ جي ڄاڻ کان بغير بھ شعر چئي سگھي ۽ شاعري ڪري سگھي. مٿين ڄاڻايلن ستن بحرن مان، اڳتي ھلي مذڪوره اصولن موجب ڦير ڦار آڻڻ سان مزيد وزن حاصل ٿين ٿا، جن جو ڪل تعداد ٢٩ بيھي ٿو ۽ نو بحر ٻيا بھ ٺاھيا ويا آھن، جيڪي استعمال ۾ گھٽ اچن ٿا. اھڙيءَ طرح زحافات مان جيڪي بحر نڪرن ٿا، انھن جا مختلف نالا رکيا ويا آھن. +سنسڪرت ۽ ھندي زبان ۾ بھ شعر و شاعريءَ لاءِ ڪافي قاعدا ۽ قانون موجود آھن، جن کي مدنظر رکي شعر لکيا ويا آھن. اڪثر ماڻھن ۾ اھو خيال غلط فھميءَ تي مبني آھي تھ ڪا ھندي شاعري بغير وزن ۽ قاعدن جي آھي. ھنديءَ ۾ شاعريءَ جي علم کي ’پِنگل‘ چوندا آھن. ’انپراس‘ قافيو ۽ ’تڪانت‘ رديف کي چوندا آھن. ’النڪار‘ علم البديع، ’سنگيت‘ موسيقي ۽ ’ڇند‘ بحر وزن کي سڏيندا آھن. اعراب يا حرڪت کي ’ماترا‘ سڏين ٿا. جھڙيءَ طرح عربي يا سنڌيءَ ۾ حرڪتن لاءِ نشانيون مقرر ٿيل آھن، تھڙيءَ طرح ھنديءَ ۾ بھ آھي. ھنديءَ ۾ ڪل سورھن ماترائون آھن، جن کي ’ڪل‘ سڏجي ٿو، برج پاشا ۾ بھ لفظ جي پڇڙي ھميشھ متحرڪ ھوندي آھي ۽ سنڌيءَ ۾ بھ اڪثر ائين آھي. +سموري ھندي شاعري اھڙن اصولن تي ٻڌل آھي، جن کي عام طور سنڌيءَ ۾ ’ڇند‘ جي اصولن سان ڄاتو وڃي ٿو. +سنڌي شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون ڇند جي اصولن تي رچيل آھن: گيت ۽ وائي وغيره تھ ڄڻ آھن ئي ڇند لاءِ. اھڙي نموني اياز جي ان پوري جاکوڙ جو مقصد بھ ان کان سواءِ ٻيو ڪونھ آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ وزن بھ اھڙا ڪتب آڻجن، جن جو روح ھن سرزمين سان ملي اچي. +(’سھڻي‘: اياز نمبر تان مير علي چانڊئي جي +مضمون مان شيخ اياز جي ’غزل‘ بابت اختصار) +ھري دلگير/ امداد حسيني +فتاح ملڪ/ عبدالجبار جوڻيجو +گيڙو ويس غزل۽ شيخ اياز +ھري دلگير +سنڌي غزل کي اردو ۽ پارسيءَ جي پنجي مان آزاد ڪرڻ جون ڪوششون، ڪيترن شاعرن اڳيئي ڪيون ھيون، پر اياز انھن ڪوششن کي گھڻو اڳتي وڌايو ۽ ھڪڙيءَ ٻڍڙي ٻانھيءَ کي روپوان راڻي بڻائي ڇڏيو. نفرياڻيءَ کي نخريلي نازنين بڻائي ڇڏيائين. ھن ميخانن ۽ پيمانن کي ترڪ تھ ڪونھ ڪيو، پر گڏوگڏ مندرن، شوالن، مورتين ۽ گھنڊن جو وايومنڊل بھ خلقي ڇڏيائين (گھڻو پوءِ، نارائڻ شيام، اياز جو پيدا ڪيل اھو نئون وايو منڊل پنھنجن غزلن ۾ آندو.) پھريون دفعو ھن ننڍڙا نزاڪتدار، پندرھن يا سورنھن ماترائن وارا (يا اڃا بھ وڌيڪ ننڍڙا) پيارا ھندي ڇند، سنڌي غزلن ۾ ڪتب آندا، جن ۾ مڌر سنگيت- لھرون آھن. اياز جي ھڪ عيوضي غزل جو نمونو ھن ريت آھي: +او مڌ ماتا، ھوريان ھل! +منزل آھي ھر ھڪ پل. +منھنجي منھن تي تنھنجا ھٿ، +ٿِڙندڙ آجئن نيل- ڪمل. +تياڳ ويا، ويراڳ ويا، +ھئھ ھئھ ڇوري تنھنجو ڇل! +تنھن جيون کي آڳ لڳاءِ، +جنھن ۾ ناھھ ڪرم جو ڦل.[1] +امداد حسيني +اياز، دنيا جو اھوواحد شاعر آھي، جنھن شاعريءَ جي سڀ کان گھڻين صنفن ۾ لکيو آھي. انھن صنفن ۾ لوڪ، ڪلاسيڪل ۽ جديد ترين صنفون اچي ٿيون وڃن. اياز، روايتي دور جي صنف، ’غزل‘ کي بھ ورتايو آھي: +اي اسيران شب! ٻڌو مون کان، +ڪنھن جي زلفن جو داستان ھان مان! +(ڀونر ڀري آڪاس- ص ٢٣٥) +اياز وٽ انھيءَ روايتي غزل اڳتي ھلي ’گيڙو ويس غزل‘ جو روپ ڌاريو. . . . +. . . . اياز نيون صنفون، نوان گھاڙيٽا ۽ نئون ردم بھ سنڌي شاعريءَ کي عطا ڪيو آھي. . . . لوڪ ردم، ڪلاسيڪل ڇند ۽ روايتي دور جي عربي فارسي عروض جي گھري ڄاڻ جي ڪارڻ ۽ انھن جي صحيح اپيوڳ سان ئي اياز ايڏا سندر، سرل، سجل ۽ سڦل تجربا ڪري سگھيو آھي. . . . +. . . . اياز جي شاعريءَ ۾ جنھن ردم جو ذڪر مون ڪيو آھي، اھو لوڪ ردم، اسان جي خمير ۾ ڳوھيل سوھيل آھي. اياز انھيءَ ردم يا اڃا بھ وسيع معنى ۾، تھ شاعريءَ جي انھيءَ لوڪ- گڻ کي روايتي دور جي صنف غزل تي بھ لاڳو (apply) ڪيو آھي، توڙي جو اھي عربي فارسي بحر تي آڌارڪ آھن: +جي تو اڃا نھ ڄاتو، آ ڪير ديس- واسي، +تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي مٽي اڻاسي! +جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناھي، +ڏونگر ڏري پيو آ، ساھس تھ ڌار ساسي! +(ڪپر ٿو ڪن ڪري- ص: ٣٢٠) +اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي، +متان ايئن سمجھين، مئا مور سارا! +عربي فارسي بحر جي انھن رعايتن مان لاڀ يقينا پرائي سگھجي ٿو، پر اڳتي ھلي اياز پڻ بھ انھن رعايتن کي ٿڏي ڇڏيو آھي. لتاڙيل پيچرن تي پنڌ ڪرڻ بدران، اياز پنھنجا نوان گس گھڙيا آھن: +تون پرجھندين نھ پانڌي، جا لوڏ آ لڪن ۾، +سا راھھ راھھ ناھي، جا آ سڌي سنواٽي. +(ڪلھي پاتم ڪينرو- ص: ٧١) +’ڪلھي پاتم ڪينرو‘ (مجموعي) ۾ اھو ھڪڙو ئي غزل آھي، جيڪو عربي فارسي عروض تي چيل آھي ۽ ان ۾ عروض کي سنڌي مزاج وانگر ورتايو ويو آھي. انھيءَ ساڳئي مجموعي ۾ اياز، ’غزل‘ کي ’گيڙو ويس غزل‘ پھرائي، نج سنڌي صنف جو رتبو عطا ڪيو آھي.[2] +فتاح ملڪ +شيخ اياز سنڌي غزل کي مڪمل جدت ڏني. جيڪو پراڻين تشبيھن ۽ روايتن تي لکيو پئي ويو، جنھن جو ڪو رنگ يا روپ نھ ھو ۽ جنھن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ نھ ھئي. غزل پھرين ئي سنڌي شاعريءَ جي ھڪ صنف طور شامل ھو، شيخ اياز ان کي نئون روپ ڏنو. حالانڪ سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، نظم، وائي، ڪافي، بيت چيو ويندو ھو، پر غزل فقط محبوب لاءِ چيو ويندو ھو، جيڪو ھڪ روايتي محبوب ھو. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل پنھنجي صنف نھ ھئي. اڙدو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ غزل چيو ويندو ھو، پر سنڌيءَ ۾ جن شاعرن غزل چيو، تن رڳو ان جو تتبع ڪيو، ۽ ايران جي تشبيھن جي مڪمل ڪاپي ڪئي. فارسي شاعريءَ جون جيتريون بھ تشبيھون ھيون ۽ جيڪو ردم ھو، اھو سڄي جو سڄو ايراني رنگ ايڊاپٽ ڪيو ويو ھو. پر پھريون ڀيرو شيخ اياز، غزل کي جدت بخشي. اھا جدت اھا ھئي تھ ان ۾ جيتريون بھ ھن تشبيھون آنديون، اھي مڪمل طور تي سنڌ جون ھيون. پھرين غزل ۾ محبوب جو تصور اھو ڏنو ويندو ھو (جيڪي محبوب مرد يا عورت ھوندا ھئا، جن تي شاعر عاشق ٿيندو ھو) تھ ان جي چپن، ان جي اکين، نڪ، ڪن ۽ پوري جسم جي ايناٽامي ڪري، پنھنجي غزل ۾ شامل ڪري ڇڏيندو ھو. پر شيخ اياز جو محبوب، سنڌ جو اھو عوام آھي، جيڪو مظلوم آھي، محروم آھي: +جنھن وقت چراغ شام ٻري ۽ مئخاني ۾ جام ٻري! +تنھن وقت اسان جو پنڌ پري، پنھنجو بھ پرايو آ پيارا! +شيخ صاحب چوي ٿو تھ ’اسان جو جام، اھو جام نھ آھي، جنھن کي شراب جو جام سمجھيو ويندو آھي، پر ھي جام اسان جي دردن ۽ دکن سان ڀريل آھي. ان وقت اسان جي منزل خبر نھ آھي، ڪيتري ڏور ھوندي آھي!��� +جنھن وقت اسان جي تند تپي ۽ ساز ٽپي آواز جھپي، +تنھن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا! +ھن جو مطلب آھي تھ، جنھن وقت اسان جي جسم جون تارون گرم ٿي وڃن، تڏھن (اي آمر!) اچ! اسان سڀئي جدوجھد ۾ آھيون، تون اسان کي ڀلي ماري ڇڏ، قتل ڪري ڇڏ، تنھنجي تلوار اسان کي ڪجھھ بھ ڪري نھ سگھندي، (اسان کي جو چوڻو آھي، چوندا رھنداسين.) +غزل ۾ پھريون ڀيرو ائين ٿيو، جو نواڻ آئي. شيخ اياز لاءِ مان دعوى سان چئي سگھان ٿو تھ جيئن يونان ھومر کي پيدا ڪيو، ورجل کي اٽليءَ پيدا ڪيو يا شيڪسپيئر کي انگلينڊ پيدا ڪيو، يا فردوسيءَ کي ايران پيدا ڪيو يا پشڪن کي روس پيدا ڪيو، يا شاھھ لطيف کي سنڌ پيدا ڪيو، شيخ اياز ايتري قداور شخصيت آھي.[3] +ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو +اياز غزل نسبتا گھٽ چيا آھن. . . . انھن ۾ روايتي فارسي زده غزل. . . . ”ڀونر ڀري آڪاس“ (مجموعي) ۾ آھن. . . . وٽس وري اھو رنگ نھ رھيو. . . . غزل کي جيڪو نئون انداز ۽ نئين زبان ڏنائين (’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘) سا کيس نھ آئڙي. . . . پوين مجموعن ”سانجھي سمنڊ سپون“، ’ڪتين ڪر موڙيا، (٣) ۽ ’سورج مکي سانجھھ‘ ۾ موجود غزلن جو رنگ روايتي نھ آھي. +اياز جا پھريان غزل زبان ۽ بيان ۾ فارسي زده آھن ۽ روايت جو شڪار آھن. . . . گھٽ ئي سھي، پر (انھن ۾) زير اضافت جو استعمال موجود آھي. . . . پوءِ خود ان انداز کان جلد ھٽي ويو. . . . +قدم قدم تي ھجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا، +ڪري ويو ڪير بارش مئي، خمار آلود ٿيا زمانا. +’واو عطف‘ جو استعمال بھ ٿورو ٿورو ڪيو اٿس: +ڏٺم آسمان و زمين، تون ڪٿي آنھھ؟ +ڪٿي آنھھ منھنجا پرين، تون ڪٿي آنھھ؟ +غزل جي مقبول انداز ۾ شمع پرواني، گل و بلبل ۽ مئخاني جو ماحول، اياز وٽ رسم جي پورائيءَ طور ملي ٿو. . . . +اي سراپا شباب ويجھو آءُ! +مثل شعر و شباب ويجھو آءُ! +ڪيترو وقت آ خدا معلوم، +ھي جھان خراب ويجھو آءُ! +مرمرين جسم، احمرين اکڙيون، +ھاءِ، تنھنجو شباب، ويجھو آءُ! +شبنم آلود لب کڻي مون وٽ، +مثل برگ گلاب، ويجھو آءُ! +سينھءِ ساز تي ھڻي مضراب، +روحِ چنگ و رباب، ويجھو آءُ! +پابھ جولان آ رخش عمر روان، +تون بھ ٿي ھم رڪاب، ويجھو آءُ! +ياد آيو ’اياز‘ کي ھو جسم، +[1] (’اياز جي شاعريءَ تي ھڪ اڏامندڙ نظر‘: سھڻي، اياز نمبر- ١٩٩١ع – ص: ٣٦) +[2] (سھڻي اياز نمبر (١) ص: ٣٤- ٣٣) +[3] (سھڻي اياز نمبر (١) ص ١٧٩) + + +اي شبِ ماھتاب، ويجھو آءُ! +’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ آيل مشڪل زبان ۽ روايت پسنديءَ سان گڏ آسان زبان ۽ روايت کان پري بھ غزل آھن: +سانوڻ آيو، وڻ وڻ تي آ ساوڪ ۽ سرھائي، +من جي مکڙي جو مرجھائي، وري نھ ٿي سا سائي. +ڪنھن ڪنھن ان ۾ پاتو آھي، تنھنجي من جو موتي، +سمنڊ کان گھري آھي تنھنجي، اکڙين جي گھرائي. +ننڍي زمين ۾ بھ غزل جي لوازمات کي نباھڻ ۾ اياز پوئتي نھ پيو آھي. . . . +فيض آ ڪنھن جي آشنائيءَ جو، +زندگي سئر آ سھائيءَ جو. +ساري انسان ذات کان بھتر، +ڪوئي محرم شبِ جدائيءَ جو. +ٿو ملي ذڪر آسمانن ۾، +آھھ جي عزم نارسائيءَ جو. +چئن اکڙين ۾ برق چمڪي ڪا، +ويو کلي راز آشنائيءَ جو. +’ڪلھي پاتم ڪينرو‘ تائين ايندي ئي اياز وٽ غزل جا رنگ بدلجي ويا. سياست، ادب توڙي جنگ. . . . تي رايا بھ ڏنائين، مثلا: +پنھنجي سياست باد فرنگ، +- +وڌوا جو مڙھھ آھھ آدب، +اڄڪلھھ سنڌي ٻوليءَ جو! +- +ناگاساڪي ڪافي ناھھ، +سڀڪجھھ ناس ڪندو نادان. +اياز، حديثِ عشق بھ سھڻي انداز، آسان زبان ۽ رومانوي رنگ ۾ چوي ٿو: +پھريون پھر جدائي، جاڳ، +اڀ ۾ چندرما جي آڳ! +جھاڳي آئي جيون- ناو، +ڪيئي ڪارونڀار اجھاڳ. +پھتا نيٺ ڪلالن ڪوءِ، +ڀٽڪي ڀٽڪي منھنجا ڀ��ڳ. +ولھھ ۾ ويڻا ڇيڙ ’اياز‘! +ڀنڀٽ بڻبا تنھنجا راڳ. +- +. . . . اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ، +جيڪي آھھ ھتي آ ھاڻ. +رات ملي وينجھر جي ڌيءَ، +جنھن جون اکڙيون ھيري کاڻ. +ٻيو سڀ پاڇي جو پيڇو، +جاني آءُ! جواني ماڻ! +اڪثر ھنڌن تي اياز، ٻولي ڪم آڻڻ ۾ پراڻو مقرر رويو بھ ٽوڙيو آھي. ھيءَ ٻولي غزل جي آھي، ھوءَ گيت جي آھي، ان مقرر ڳالھھ کان اڳتي وڌي ويو آھي. غزل ۾ گيت جي زبان بھ ڪم آندي اٿس، شعر جي پالوٽ سبب ايئن ٿيو آھي. ٺمري ۽ گيت جي زبان بھ غزل ۾ خوبصورتيءَ سان ڪم آندي اٿس: +سکي! ھوا ۾ ھڳاءُ آھي، گلي گلي گيت ٿي وئي آ، +پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت جي راتِ بي چئي آ. +نھ ڪوڪ ڪويل، نھ ڪوڪ ڪويل، اسان اڳيئي ڏکي ڏھاڳڻ، +ڏسين نھ ٿي ڇا پرھھ پري آ، لھو لھو رات نردئي آ! +اياز! ڪلھھ مينڌري چيو ٿي، جڏھن چڙھي ڪامڻي چِکيا تي، +نھ ڪاڪ ساڳي، نھ آءٌ ساڳيو، ڏٺم تھ مومل نئي نئي آ! +- +سکي! پيا کي ملين تھ چئجانءِ، چاندني تو سوا نھ ٿيندي، +اچين تھ منھنجي اماس ۾ آءُ، ڇو تھ ٻي رات ڪانھ ايندي! +ڪڏھن بھ تو تي دوار دل جا، نھ ٻوٽبا، تون ڀلي ھلي آ، +ٻھ لڙڪ آلا ڪڏھن بھ ھوندا، متان چوين آجيان نھ ٿيندي! +. . . . محبت جي مام ۽ مئخاني جي ماحول جو بيان، اياز اھڙي آسان ۽ پنھنجي زبان ۾ ڪري ٿو، جيڪا اوپري نھ آھي، بلڪ وڌيڪ ڪشش ڪندڙ آھي. . . . +ٿي ماڪ وسي مئخاني تي، ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا، +ڪجھھ ڳاٽ ڳھر ۾ ڇرڪن ٿا، ۽ جام جھلي واجھائن ٿا! +مون سھڻا تنھنجي ساک کنئي، ۽ لوئيءَ تنھنجي لاک ھنئي، +سي ڪانئر ٻئي ڪنھن ڪڙم منجھان، جي پريت ڪري پڇتائن ٿا. +ھن شيشي- گھر جا دروازا، نادان، اگر ٻوٽين بھ تھ ڇا! +پٿر تھ پري، پوري گھر کي ڪجھھ ٽھڪ رڳو ٽڙڪائن ٿا. +ڪي پنھنجي ڀو ۾ ڀڻڪن ٿا، ڪي ڪانيارا ٿي ڪڻڪن ٿا، +ٿو چوري چنگ ”اياز“ اتي، جت ڳاڙھا ڳڀرو ڳائن ٿا. +اياز وٽ سر جو آھنگ، غزل ۾ تيز جھلڪا پيو ڏئي. ھو لفظن جي استعمال کي سرن جو روپ ڏئي ٿو. . . . +نھ تڙ تي تماچي، نھ گندريءَ گذارا، +اسارا اسارا، ڪينجھر جا ڪنارا. +ڳنڌي وار ڪنھن لاءِ آئينءَ ڳھيلي؟ +چري چاڳ ڪھڙا، ڪٿي چاھھ وارا! +اڙي ھي امارا، مئي ناھھ مڪلي، +’اياز‘ اڄ وتاسين پٿر جا پنارا! +رات آئي وئي، تون نھ آئين ڪھي، +ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ رئندي رھي! +سانورا! تو سوا، ڇانورا ڇا ڪبا؟ +لوءِ تنھنجي لڌي، لوءِ لڳندي رھي! +سر ’اياز‘ اڄ ڏنو، ڪنھن نھ ڄاتو تھ ڇو، +رت اڏيءَ تان اڏيو، سنڌ ڏسندي رھي! +قومي جدوجھد جو اڀار بھ اياز جي غزل ۾ بلڪل واضح نظر اچي ٿو. . . . سندس ابتدائي نظم ’باغي‘ وارو انداز، غزل ۾ بھ موجود آھي. . . . +باغي آھيان، باغي آھيان، تنھنجو آءٌ سماج! +توسان وڙھندي رھندي، منھنجي ھر ھڪ رت ڦڙي، +ڪيئي ڏاڙھونءَ جا گل آندم، ڪاڪ ڪڪوريءَ تان، +سنڌڙي! منھنجي مومل مون کي توئي ڏات ڏني! +. . . . زبان ۽ بيان ۾، جذبي جي سچائيءَ ۾، ۽ موسيقيت ۾، اياز جو ھيٺيون غزل (climax) آھي: +ھيءَ سئن نھ ڏيندي چئن، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا! +ھي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا! +ڪنھن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنھن ڳاڙھي ڳل تي باک ڦٽي، +ائن وقت ڪٽيو، ائن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا! +. . . . اياز جي مطالعي ۽ سنڌ جي شعري روايت کي پنھنجي لفظن ۾ سموھڻ جا ٻھ مثال سچل سرمست ۽ سانگيءَ جي ڪلام مان ڏيان ٿو. ھي مثال اثر جي دائري ۾ اچن ٿا: +سچل سرمست: +عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي، +عبرت عجب عجائب،اسرار رنگ عباسي. +ثابت سچل! سچاري، يارن جي ياد ياري، +وحدت جنين وساري، تن تن مٽي اڻاسي. +اياز انھيءَ رنگ ۽ انھن قافين ۾ چوي ٿو: +جي تو اڃا نھ ڄاتو، آ ڪير ديس واسي، +تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي مٽي اڻاسي! +آيو ويو سڪندر، سيوھڻ اڃا اتي آ، +ھو کيرٿر کڙو آ، ويندا رھيا وناسي! +سانگيءَ جي غزل جو مطلع: +جي سھڻو پاڻ سڏائي ويا، +البيليون اکيون اٽڪائي ويا! +اياز جي جنھن طويل غزل تي اثر ملي ٿو، ان جا چند شعر: +جي پنھجو نور نچوئي ويا ۽ تنھنجي جوت جلائي ويا، +سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا. +ھيءَ جان تھ اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نھ مڃڻي آ، +مون اھڙا سو ساونت ڏٺا، جي پنھنجو ھٺ ھلائي ويا. +(’شيخ اياز- ھڪ مطالعو‘ عبدالجبار جوڻيجو، +شيخ اياز چيئر، خيرپور، 1999ع، تان اختصار) +علي محمد ”مجروح“ +ورھاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جا ويھھ سال +غزل ھڪ اھڙي صنف سخن آھي، جنھن پنھنجي قالب ۾ ڪيترين انقلاب آفرين تبديلين کي جاءِ پئي ڏني آھي. سندس جھوليءَ ۾ ھڪ طرف حسن ۽ عشق جا لطيف جذبا آھن، تھ ٻئي طرف زندگيءَ جا بيپناھھ غم ۽ احساس. ھن ۾ حسن جون شوخيون ۽ شرارتون بھ آھن، تھ عشق جون سرمستيون ۽ سرشاريون بھ. غزل ھر دور ۾ زنده رھيو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھي ھر دور جي بدلجندڙ قدرن جو ساٿ ڏئي ٿو. غزل کي فقط داخليت زده صنف سخن سمجھڻ ھڪ وڏي بي انصافي ۽ تنگ نظري آھي. +غزل اسان جي شعر ۽ ادب جو ناقابل فراموش سرمايو پڻ آھي. اسان جي متقدمين ۽ نون شاعرن جو تقريبا ڏيڍ سؤ سالن جو پيش بھا علمي ادبي خزانو اسان وٽ غزل جي صورت ۾ موجود آھي. غزل اسان جي ادبي روايتن ۽ فڪري ارتقا جو ھڪ اھڙو آئينو آھي، جنھن ۾ اسان پنھنجي شاعرن جي بيش بھا علمي ۽ ادبي خدمتن جو عڪس ڏسي سگھون ٿا. +غزل جي شروعات اسان وٽ ڪيئن ٿي، ۽ غزل جو پھريون شاعر ڪير ھو، اھو ھڪ پراڻو بحث آھي، جو اڃا تائين ادب جي محققن جي تجسس ۽ تلاش جو موضوع رھندو اچي. اڪثر نقادن جو خيال آھي تھ خليفو ميان گل محمد ئي سنڌي غزل جو مؤجود آھي؛ مگر ميان لطف الله بدويءَ جي خيال موجب، سنڌي غزل جي ابتدا سنڌ جي مشھور صوفي شاعر سچل سرمست کان ئي ٿي. بھرحال، غزل جي شروعات سچل کان ٿي يا گل کان، منھنجو موضوع اھو ڪونھي. مون کي ھتي اھو ڏيکارڻو آھي تھ قيام پاڪستان جي ويھن سالن کان پوءِ، غزل اسان وٽ ڪھڙيءَ شڪل ۾ موجود آھي، ۽ ان فڪري ارتقا جون ڪھڙيون منزلون لتاڙيون آھن. +غزل جي ميدان ۾، گل ۽ قاسم ھالائيءَ کان پوءِ، اسان وٽ انھن قديم ۽ جديد شاعرن جي ھڪ طويل فھرست موجود آھي، جن غزل جي ميدان ۾ پنھنجي طبيعت جا جوھر ڏيکاريا ۽ غزل کي ان جي روايتي انداز ۾ سنواري سينگاري اسان تائين پھچايو. مثلا: فاضل حيدرآبادي، گدا، فدا، مرتضائي، خادم، سانگي، مرزا قليچ بيگ، محمد ھاشم ”مخلص“، علي محمد قادري، زمان شاھھ، ڪشنچند ليکراج ”عزيز“، فقير سرور قادري، حڪيم فتح محمد ”صغير“، مراد علي ”ڪاظم“، حاجي محمود ”خادم“، حامد ٽکڙائي، بلبل، خاڪي، بسمل ٽکڙائي، محمد صديق ”مسافر“، حافظ شاھھ، نجفي، نواز علي ”نياز“، مفتون، محمد بخش ”واصف“، عاقل لاڙڪاڻوي، نظامي، محمد ھارون امير، عاجز ساڪرائي، اختر ھالائي، پرسرام ضيا، ڊاڪٽر شيخ ابراھيم ”خليل“، طالب المولى، عبدالله ”عبد“، ھرومل ”خادم“، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، اجمل بيگ، مولوي ولي محمد نورنگزاده، زيب عاقلي، عطا محمد ”حامي“، منظور نقوي، رشيد لاشاري، سرور علي ”سرور“، احسن الھاشمي، حافظ احسن، سرشار عقيلي، محمد خان ”غني“، فيض بخشاپوري، مولوي نور لاڙڪاڻوي، سليم سرھندي وغيره. پاڪستان کان پوءِ منظرعام تي آيل غزل گو شاعر: انور ھالائي، محبوب سروري، مظفر ”جوش“، علي محمد ”اسير“ (مرحوم)، لعل محمد ”لعل���، عبدالقيوم ”صائب“، عزيز الله ”مجروح“ (مرحوم)، ھمايون ”فائق“ (مرحوم)، شعبان ”بخت“، شبير ”ھاتف“، امدادي حسيني، ”بيخود“ ٽکڙائي، عزيز ڏوڪريءَ وارو، تاج بلوچ، انجم ھالائي، محمد حسن ”ساز“، عبدالله شرر، محمد يوسف ”شاڪر“، صوفي ساجد، شمشيرالحيدري، شيخ اياز، تنوير عباسي، عبدالحليم ”جوش“، علي محمد ”مجروح“، سڳن آھوجا وغيره. +ابتدا ۾ اسان وٽ غزل جو انداز ۽ ان جي رمزيت اھا ئي ھئي، جيڪا اسان جن پراڻن شاعرن فارسي ۽ اردو غزل جي تتبع طور اختيار ڪئي ھئي. مضمون بھ اھي ساڳيا ھئا، جي اردو غزلن ۾ عام طور استعمال ٿيندا ھئا، جھڙوڪ: عشق ۽ سرمستي، حسن ۽ شباب، آه و فغان، وصل ۽ فراق، جفا ۽ وفا، بيماري ۽ مسيحائي، بھار ۽ خزان، گل ۽ بلبل، شاھد ۽ شراب، ساقي ۽ ساغر، سزا ۽ جزا، جنون ۽ خرد، رسن ۽ دار، زلف ۽ زنجير، صياد ۽ دام، قفس ۽ قيد، غم دوران ۽ غم جانان، شڪوه رقيب ۽ خوف آسمان، وغيره وغيره. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ بھ اسان جا غزل گو شاعر غزل جي انھيءَ رمزيت کي برقرار رکندا آيا: +ھو مسيحائي زمان توتي گذر نيٺ ڪندو، +آس صحت جي ڪڏھن، اي دل بيمار، نھ ڀڃ. +(خليل) +رخِ دلبر سان ڇا نسبت قمر جي، +ھي ڪامل ھو ڪڏھن ڪامل نھ ٿيندو. +(طالب المولى) +تر و تازه غم حبيب آھي، +ڏس فرسوده غم جھان آھي. +(شيخ اياز) +اي چاره گرو، ناحق پياريو نھ دوا مون کي، +ھن درد محبت کان ٿيندي نھ شفا مون کي. +(شمشير الحيدري) +رھڻ ڏي، دست جنون! تار ھڪڙي دامن ۾، +بيا دگار جنون، ڪجھھ پيرھن ھجي. +(تنوير عباسي) +اھل جنون تي طنز ڪرڻ کان اڳي، اي دوست! +اھل خرد جي تنگيء دامان جي ڳالھھ ڪر. +(عبدالحليم ”جوش“) +جفائ چرخِ ستمگر جو جت نشان نھ ھجي، +زمين اھڙي ھجي، جنھن جو آسمان نھ ھجي. +(سليم ھالائي) +حسن وارن جو ھي ڪرم آھي، +دل پريشان، چشم نم آھي. +(تاج بلوچ) +جيڪي سڻندا رقيب جون ڳالھيون، +منھنجي ھونديون نصيب جون ڳالھيون. +(محمد حسن ”ساز“) +پاڪستان ٿيڻ سان زندگيءَ ۾ ھڪ نئون انقلاب آيو. انگريزن جي حڪمرانيءَ ۽ ھندستاني عوام جي غلاميءَ جو دور ختم ٿيو. آزاديءَ جي اعلان جتي خوشيءَ ۽ مسرت جي نئين لھر آندي، اتي ڪي تلخ حقيقتون بھ سامھون آيون. نوان سياسي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيا. مذھب جي بنياد تي ملڪ جي تقسيم سبب، تنگ نظر انسانن قتل و غارت جا خوني ڊراما کيڏڻ شروع ڪيا. ھندستان کان لٽجي ڦرجي آيل، تباھھ حال مھاجرن جا قافلا پاڪستان پھچڻ لڳا ۽ ھتان جا رھواسي ھندو پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي، لڏي پلاڻي ھندستان وڃڻ لڳا. انھن دردناڪ حالتن زندگيءَ کي ھڪ نئين غم سان روشناس ڪرايو. حساس طبيعت اديبن ۽ شاعرن، ھن درد ۽ ڪرب کي ٻين کان وڌ محسوس ڪيو. درد جي انھن جذبن جو اظھار ٻين صنفن کان وڌيڪ غزل ۾ ٿيو، ڇاڪاڻ تھ غزل آھي ئي انسان جي انھن فطري ۽ داخلي جذبن جي ڀرپور اظھار جو نالو، جي خارجي حالات ۽ اثرات سبب پيدا ٿين ٿا: +تڙڦي ٿي تھذيب اڃا، +ڪيڏو وحشي آ انسان. +(شيخ اياز) +اندر کي آسرو جن جو ۽ دل کي ڀروسو جن جو، +الائي ويا ھليا ڪاڏي، اھي شيرين زبان وارا. +(نواز علي ”نياز“) +انھيءَ کان آھي غريب الوطن چڱو ”تنوير“، +بغير دوست جي حيران جو وطن ۾ ھجي. +(تنوير عباسي) +پاڪستان قائم ٿيڻ کان ھڪ اڌ سال پوءِ، ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ ليڊرن جي اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي، جنھن سبب ملڪ ۾ ھڪ عام بدنظمي ۽ دلشڪستگي پيدا ٿي. عوام جي اقتصادي حالت خراب کان خراب تر ٿيندي وئي. ھر طرف بک، بيماريءَ ۽ بيڪاريءَ جو دور دورو ھو. انھن حالتن جو ردعمل، ادب جي ٻين صنفن سان گڏ، غزل ۾ پڻ ٿيو: +ھٽيا ڪجھھ ڪڪر پر سحر ڪانھ آئي، +ھي چانڊاڻ ٿي چئن تارن جو ڌوڪو. +(عطا محمد ”حامي“) +ھن شعر ۾ شاعر آزاديءَ کي چانڊاڻ جو نالو ڏنو آھي، جا پڻ چئن تارن جو ڌوڪو آھي. اھي چار تارا، جي ان وقت اقتدار جي آسمان تي چمڪي رھيا ھئا. ساڳئي دور جي غزلن ۾ اسان کي ٻيا بھ ڪيترائي اھڙا شعر نظر اچن ٿا، جن ۾ آزاديءَ کان پوءِ بھ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي تشنگي محسوس ڪئي وئي آھي. مثلا: +حيات آھي اڃا تشنھ ڪام آزادي، +ڀري پي خون جي ڳوڙھن سان جام آزادي. +(علي محمد ”مجروح“) +ساڳيو پاپيءَ جو پنجوڙ، +ساڳيو زر جو آ زندان. +(شيخ اياز) +سنڌي شاعرن ۽ اديبن پنھنجن ادب پارن ۾ عوام مان مايوسيءَ ۽ نااميديءَ کي ڪوري ڪڍڻ ۽ کين عزم ۽ حوصلي بخشڻ لاءِ پنھنجين صلاحيتن ۽ ڪوششن کي ڪم ۾ آندو، تھ غزل بھ پنھنجي بيپناھھ وسعتن سان انھن جذبن جو خير مقدم ڪيو. ھاڻي غزل ۾ عظمت انسان جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون: +ڪافر جي ڳالھھ ڪر، نھ مسلمان جي ڳالھھ ڪر، +انسان جو ذڪر، عظمتِ انسان جي ڳالھھ ڪر. +(عبدالحليم ”جوش“) +اوھان تھ مون کي سدائين ٿا بيقرار ڏسو، +ڪڏھن تھ ظلم جو انسانيت تي بار ڏسو. +(محمد حسن ”ساز“) +ڪنھن اڳيان ڪنڌ جھڪائڻ کان، پرين، +بھتر آ سر ئي وڍائي ڇڏجي. +(تنوير عباسي) +بشر بشر سان اٿاھھ الفت، انھيءَ کي سمجھون اسين عبادت، +خدا جي الفت جو ڍونگ جيڪي رچن ٿا، تن عابدن مان ناھيون. +(ھري دلگير) +ڌرتيءَ جي دلاور اڄ تارن تي سوار آھي، +انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد. +(شمشير الحيدري) +غزل جي شاعري دل جي لطيف داخلي جذبن جي شاعري آھي. ھيءَ شاعري زندگيءَ کي حسن ۽ عشق جي لذتن سان سرشار ڪري ٿي، جنھنڪري انسان غم ۾ بھ ھڪ راحت محسوس ڪري ٿو. ڏک ۽ ڏوجھرا، محرومي ۽ مايوسي، نااميدي ۽ ناڪامي، احساس ۽ ارمان، ھي اھي جذبا آھن، جي انساني زندگيءَ جو ھڪ جزو آھن، جن کان انسان سدائين پاڻ بچائي نھ ٿو سگھي، مگر اعلى قسم جي شاعري انھن ئي جذبن کي ھڪ نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿي، ۽ انسان گھٻرائجي، مري وڃڻ بدران، انھن جذبن کان زندگيءَ جو حسن، حوصلو ۽ ادراڪ حاصل ڪري ٿو. ھو نااميديءَ جي ڪاريءَ رات مان صبح جو نور نروار ڪري ٿو، خزان ۾ بھارجي سرھاڻ پکيڙي ٿو. قيام پاڪستان کان پوءِ اسان جي سنڌي غزلن ۾ اھڙا ڪيترائي شعر نظر اچن ٿا، جي غمن جي اٿاھھ گھرائين سان پيدا ٿيل رجائيت، حسن ۽ دلڪشيءَ جا مظھر آھن: +خارزار حيات ۾ رقصان، +پنھنجي خوشبوءِ جو ڪاروان آھي. +(شيخ اياز) +زندگي گھارجي مرڪي مرڪي، +زھر ۾ کنڊ ملائي ڇڏجي. +(تنوير عباسي) +سدائين ”اوج“ رھھ آزاد ۽ فارغ زماني ۾، +خزان جي حال ۾ رھندي، پڪارج پيو بھارن کي. +(شفيع محمد ”اوج“ علوي) +بھار آخر تھ ايندو، بلبل دل! ڪجھھ تحمل ڪر، +نھ ٿي غمگين، گذري ڏينھن ھي ويندا خزان وار. +(نواز علي ”نياز“) +ڪونھ ڪو پٺتان اچڻ وارن جي لئھ ڇڏبو مثال، +گل جيان کلندا ھلو، اي دوستو! خارن منجھان. +(امداد حسيني) +انھيءَ اميد تي يارو جيئون ٿا، +پرھھ ڦٽندي، ھينئر جي شام آھي. +(عبدالحليم ”جوش“) +انڌارو تھ دنيا ۾ اچڻو ئي ناھي، +ستارا نھ ھوندا، ڏيا ٽمڪندا پيا. +(ھري دلگير) +سنڌي غزل عزم ۽ عمل، ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبن سان پڻ ڀرپور آھي: +ويا موجن ۾ جي نڪري وڃي، منزل کي سي پھتا، +اھي ئي غرق طوفان ٿيا، سڪن جيڪي ڪنارن کي. +(شفيع محمد ”اوج“ علوي) +جيڪي آھن تنھنجي گنھگارن منجھان، +ھا، اھي سمجھن ٿا سوريءَ کي سينگارن منجھان. +(امداد حسيني) +يا تھ ھڪ باھھ لڳائي ڇڏجي، +يا تھ ھيءَ چڻنگ وسائي ڇڏجي. +(تنوير عباسي) +اسان جي عزم جي آڏو جھڪي ٿو جور فلڪ، +اسان کي آھھ زماني تي اختيار اڃا. +(علي محمد ”مجروح“) +اسان کي عزم سفر ئي رسايو منزل تي، +سڏين ٿو خضر تون جنھن کي، سو راھھ ۾ آھي. +(عبدالحليم ”جوش“) +قيام پاڪستان کان پوءِ اسان جي غزل ۾ زبان ۽ بيان جا نوان تجربا پڻ ٿيا. غزل جي پراڻي رمزيت، نئين ماحول جي اشاريت سان روشناس ٿي، جنھنڪري غزل ۾ مروج پراڻن روايتي لفظن ۾ ھڪ نئون رنگ ۽ نئون مفھوم پيدا ٿيو. مثلا: صبح، شام، اوندھھ، قفس، جام، بھار، خزان، صبا، صياد، چمن، مقتل، رھبر، قافلو، طوفان، وغيره. ھيٺ ڄاڻيل شعرن ۾ اھي سڀ لفظ ھڪ مخصوص مفھوم ۽ اشاريت سان ڪم آيا آھن: +مان ٿيس پيدا چمن ۾، پر گلن تي حق نھ آھھ، +آھھ ڇا مون لاءِ خالي قيدخانو باغ ۾. +(رشيد لاشاري) +اسان جو مئڪدو، ساقي بھ پنھنجو، +اسين ئي پيا پڇون ڪو جام آھي! +(عبدالحليم ”جوش“) +ڪنھن جو پڃري ۾ بھ پڃري سان نھ ٿيو پرچاءُ، +ڪو وڃي صياد جو ھڪ بنده بي دام ٿيو. +(تنوير عباسي) +روڪي ٿو صبا کي، نھ اچي ڪنجِ قفس ڏي، +ڪيڏو نھ اسيرن کي ٿو صياد ستائي. +(علي محمد ”مجروح“) +اڄوڪو سنڌي غزل انھن ٺھيل ٺڪيل فارسي ترڪيبن کان بھ پاڪ ٿو نظر اچي، جي اردو شاعريءَ جي اثر ھيٺ سنڌي غزلن ۾ بھ عام طور استعمال ٿينديون ھيون. اڄ غزل ۾ ڪيتريون ئي نيون مقامي ترڪيبون ڪتب آنديون ٿيون وڃن، جنھنڪري زير اضافت ۽ نون غني جو جابجا استعمال بھ گھٽجي ويو آھي. مثلا: اڳي اسان وٽ ”بحر بيڪران“ جي ترڪيب استعمال ٿيندي ھئي، ھاڻي ان جي جاءِ تي ”متو مھراڻ“ ڪم آندو وڃي ٿو، جنھن ۾ مقاميت سان گڏ پنھنجائپ بھ آھي. اھڙا ٻيا بھ ڪيترائي لفظ آھن، جن ۾ مقامي رنگ ۽ اشاريت بھ آھي. مثلا: لڙڪ، مرڪ، ڪاڪ، مومل، ٿر، ڪاريھر، سوري، ماڪ، وغيره. +غزل پڻ، ڪافيءَ وانگر، ھڪ غنائي صنف آھي، جنھن کي تغزل وڌيڪ اثرائتو، مٺو ۽ سريلو بنائي ٿو. تغزل جي وضاحت لاءِ ايترو ضروري آھي. تھ سوز و گداز، ميٺاج، لھجي جي نرمي ۽ شگفتگي، لطافت ۽ حسن بيان، اھي سڀئي خوبيون تغزل جي ھڪ ئي لفظ ۾ سمائجي وڃن ٿيون. ھيٺ ڄاڻايل شعر حسن تغزل جو بھترين نمونو آھي: +اڄ منھنجي اڱڻ منھنجا، محبوب اچن شايد، +ورھين جي وڇوڙن جا، سڀ سور لھن شايد. +ماحول جي مستيءَ ۾ مرڪن سان مليون سرڪون، +روحن جا اھي ريلا، چانڊاڻ گھرن شايد. +بلبل جي بيانن تي برھم نھ ٿيڻ گھرجي، +آئنده بھارن جا پيغام ھجن شايد. +(شمشير الحيدري) +اھي ڪارا ڪنڊا ڪاڪل، مٺا، مکڙي تي ڇوڙي ڇڏ، +چري پئي ٿئي وري دلڙي، وجھي ونگڙا وڪوڙي ڇڏ! +نھ گلشن ۾ بھار آھي، نھ مئخاني ۾ سرمستي، +نماڻا نيڻ کڻ مرڪي، ڦٽل دنيا کي جوڙي ڇڏ! +(سليم سرھندي) +پنکڙين جي زبان خشڪ آھي، +ماڪ ناھي تھ لڙڪ برسايو. +عشق اھڙو حسين گناھھ آھي، +جنھن ڪيو، تنھن ڪڏھن نھ پڇتايو. +مون زماني جي ڳالھھ ڪئي ٿي فقط، +پنھنجي منھن تو اجايو شرمايو. +(تنوير عباسي) +چنڊ مون کي چمي رھيو آھي، +رات ڪھڙي نھ مھربان آھي. +- +ڳولا ڪن ٿا روز ”اياز“، +ڪنھن جي تنھنجا اوجاڳا. +(شيخ اياز) +توسان ملي ڪري مان ٿو محسوس ايئن ڪريان، +ھڪ عمر کان مان تنھنجي ھئس انتظار ۾. +(سڳن آھوجا) +راه پيچيده، اميدن تي گذاري مون رات، +چنڊ ڪڪرن ۾ لڪي جلوه نما ٿي نھ سگھيو. +مون تھ چاھيو ٿي گھڻو، مون ڪئي ڪوشش ناڪام، +تنھنجو حق مون کان مگر ”راز“ ادا ٿي نھ سگھيو. +(شيخ راز) +ماري وري جياري ڇڏڻ ھڪ گھڙيءَ جو ڪم، +جادو ڀريءَ نگاھھ جو ڪيڏو نھ ڪم ڏٺم. +(سليم ڳاڙھوي) +پرھھ ڦٽي تھ ڏٺي مون خدا جي فياضي، +جي ھڪ ڏيو ھو جلائي، سوين وسائي ٿو. +انھيءَ جي عشق ۾ سوريءَ کي سيڄ ٿو سمجھان، +اڃا جو منھنجي وفائن کي آزمائي ٿو. +ٿئي ٿي ڄڻ تھ ڪا راز و نياز جي محفل، +جڏھن ھو منھنجي نظر سان نظر ملائي ٿو. +(عبدالحليم ”جوش“) +ڪھڙي تفريق عشق و حسن ڪجي، +نڪھت و گل جو رشتو بي تفصيل. +يار جو در ڇڏڻ محال آھي، +فطرتِ عشق ٿيندي ڪيئن تبديل. +(شبير ”ھاتف“) +غزل، نظم وانگر، طوالت ۽ وضاحت کي پسند نھ ٿو ڪري، ۽ نھ ئي ان ۾ غير سنجيده جذبات جي اظھار لاءِ ڪا جاءِ آھي. اھڙن جذبن جو اظھار تغزل جي اصول جي منافي آھي. سنڌي غزل جي تجزيي ۾ اسان کي اھڙا شعر بھ نظر اچن ٿا، جن ۾ غزل جي مزاج کي يڪسر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مثلا، ھڪ شعر آھي: +ھا، اسان ئي صبح کي ظلمت جي قيد مان ڪڍيو، +ھا، اسان ئي رات کي سٽيو جھلي وارن منجھان. +(امداد حسيني) +امداد حسيني اسان جو جوان فڪر شاعر آھي. ھو بنيادي طور غزل جو ئي شاعر آھي، پر سندس مٿي ڄاڻايل شعر تغزل جي روح جي خلاف آھي. غزل جي غنائي حيثيت کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي. سندس لھجو بھ نھايت سخت آھي. ”رات کي وارن منجھان (کان) جھلي سٽڻ“ تشدد آميز رويو آھي، غزل جو مزاج اھڙي مارا ماري ۽ ’سٽ ڪٽ‘ سھي نھ ٿو سگھي. ان جي برعڪس: +ڪارين راتين ڏائڻ بنجي، منھنجي دل کي ڏنڀ ڏنا، +منھنجي چاھت چانڊوڪين سان، اونداھين ۾ ڪيئن رھان. +(عبدالحڪيم ”ارشد“) +ھي شعر معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان امداد جي شعر کان مختلف ڪونھي، پر ”ارشد“ جي لھجي جي نرميءَ ۽ بيان جي سادگيءَ ھن شعر ۾ تغزل جي چاشني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ھن ضمن ۾ شيخ اياز جي ’گيڙو ويس غزل‘ جو ذڪر نھ ڪرڻ بھ ظلم ٿيندو. شيخ اياز، بنيادي طور غزل جو شاعر نھ ھجڻ جي باوجود، سھڻا غزل چيا آھن. سندس غزل جذبي جي شدت ۽ احساس جي گھرائيءَ سان ڀرپور آھن. شيخ اياز جي غزلن ۾ سڀ کان اھم ڳالھھ اھا آھي تھ انھن ۾ تسلسل ۽ باھمي ربط ھجي ٿو، جنھنڪري مجموعي طور سڄو غزل ھڪ ئي تاثر ڇڏي ٿو. ھتي مان جيڪو غزل پيش ڪندس، اھو مضمون جي لحاظ کان نظم جي تعريف ۾ اچي ٿو، ۽ جيڪڏھن ان کي غزل سڏجي، تھ پوءِ ان جو ”گيڙو ويس‘ ابتذال ۽ عريانيءَ جي بدنما داغن کان بچي نھ ٿو سگھي: +رات ملي وينجھر جي ڌيءَ، +جنھن جون اکيون ھيري کاڻ، +جنھن جو مندر روپ سرير، +ٺاھيو آ ڪنھن پوڄا ڪاڻ، +ڪارو ساگر جنھن جو روح، +جنھن جو جسم چٽي چانڊاڻ، +اونھي جي بي انت صدا، +توکي ڪوٺي، ترھو تاڻ. +ھن غزل ۾ شيخ اياز وينجھر جي ڌيءَ جي روح کي اونداھو سمنڊ سڏيو آھي، ۽ ان جي جسم (سرير) جي تعريف ڪئي آھي تھ اھو چانڊاڻ وانگر چٽو ۽ مندر جھڙو سھڻو آھي، جنھن کي ڏسي سندس اونھي جي بي انت صدا کيس ”ترھي تاڻڻ“ جي دعوتِ عمل ڏئي رھي آھي. جنسي بک جي اھا اپٽار ۽ اگھاڙي جسم جي اھڙي واضح تعريف، غزل جي مزاج ۽ اصول جي منافي آھي. +غزل جي روايت +غزل جي روايت ھڪ عظيم روايت آھي، جنھن جي جھوليءَ مان اسان کي ڪيترائي اھڙا گل نصيب ٿيا آھن، جن نھ صرف اسان جي گلستان ادب کي سچي پچي سونھن بخشي آھي، پر اسان جي ادب ۾ نون تجربن لاءِ راھھ ھموار ڪئي آھي. يقينا، ڪابھ قوم پنھنجي ادبي روايتن کان منھن موڙي ترقيءَ ۽ ارتقا جون منزلون طئھ ڪري نھ ٿي سگھي. روايت کان بغاوت ھڪ کوکلو نعرو آھي، جنھن جو پس منظر ڪجھھ بھ ڪونھي. اسان کي پنھنجيءَ ادبي ارتقا لاءِ اھڙي ذھنيت کان پاسو ڪرڻو پوندو. يقينا غزل جي روايتي شاعري، جنھن ۾ رڳو رعايتِ لفظي ھجي، اسان جي ادب ۾ ڪنھن نئين باب جو اضافو ٿي ڪري سگھي. پرا ھڙي قسم جي غزليھ شاعري، جنھن ۾ تجربي ۽ مشاھدي جي گھرائي ۽ جذبي جو خلوص ھجي، اسان جي ادب جو بھترين سرمايو آھي. ڇا، ھيٺين شعرن کي محض غزل جي شعر ھجڻ سبب ادب مان خارج ڪري ڇڏڻ مناسب ٿيندو: + + +نھ ناز و عشوه، آفتون، نھ قامتون، قيامتون، +نھ عشق ۾ حرارتون، نھ حسن ۾ شرارتون. +ھنن جي خوءِ ٿي ڏسڻ، ڏسي لڪڻ، لڪي ڏسڻ، +اٿڻ، اٿي ڪرڻ، ڪري اٿڻ، اسان جون عادتون. +(مراد علي ”ڪاظم“) +مون کي نھ درس پريشانيءَ جو ڏي، ونگڙا وار، +سنڀال پھرين تھ تون پنھنجي خود پريشاني. +(سدا رنگاڻي ”خادم“) +جي ڪيئي عھد ستائڻ جو تھ زنھار نھ ڀڃ، +تار لڙڪن جي تون منھنجي بھ تھ اي يار نھ ڀڃ! +(ڊاڪٽر ابراھيم ”خليل“) +رسايو جنون نيٺ منزل تي ”حامي“، +خرد ئي ڏنو رھگذرن جو ڌوڪو. +(عطا محمد ”حامي“) +جام آغاز، جام ئي انجام، +صبح يا شام، ھڪ گمان آھي. +(شيخ اياز) +شمع اميد مون ھر بار جلائي، جاني، +شبِ فرقت جي مگر سحر نھ آئي، جاني. +(شمشير الحيدري) +منھنجي گھر ۾ قدم ھي ڪنھن جا پيا، +شام ھئي ڪالھھ، اڄ سحر آھي. +(محمد حسن ”ساز“) +فصل بھار ۾ تھ ڪجي ٿو چمن جو سير، +دور خزان ۾ ڪا تھ گلستان جي ڳالھھ ڪر. +(عبدالحليم ”جوش“) +ڪي لٽجي ويا قافلا رھبرن کان، +ڪي منزل تي پھچي ويا رھزنن کان. +(اياز قادري) +اڄ پاڪستان کي قائم ٿئي ويھن سالن جو عرصو گذري چڪو آھي. انھن ويھن سالن جي مسافت سنڌي غزل کي جنھن مقام تي پھچايو آھي، اھو نھايت اميد افزا آھي. اگرچ اڃا تائين اسان وٽ اردوءَ جي ”يگانھ“، ”حسرت“، ”جگر“، ”فراق“ ۽ ”فيض“ جي پايي جو غزل گو شاعر پيدا ٿي نھ سگھيا آھن، پر اسين پنھنجن شاعرن کان نااميد نھ آھيون. اميد آھي تھ ھي غزل جو قافلو ادب جي عظيم روايتن کي پاڻ سان کڻي اڳتي وڌندو رھندو، ڇاڪاڻ تھ زندگي عبارت آھي اڳتي وڌڻ سان. +(نئين زندگي، جنوري ١٩٦٨ع) +ھري دلگير +ڀارت ۾ ھاڻوڪو سنڌي غزل، فڪر ۽ فن +غزل بابت ڪنھن بھ مضمون کي ماڻڻ لاءِ اول اول اسان کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ غزل چئجي ڇاکي ٿو. غزل جونالو تھ سڀني ٻڌو آھي، پر ان جي ڄاڻ ٿورن کي آھي. ان جي پرک تھ تمام ٿورن کي آھي، ان ڪري غزل جي ٿوري وياکيا ضروري آھي: +غزل کي ھڪ خاص فارم ھوندو آھي. اھو ڪنھن بھ وزن ۾ اچي سگھي ٿو. غزل جون پھريون ٻھ سٽون ھم قافيھ ھونديون آھن. ان کان پوءِ ھر بند جي ٻي سٽ ھم قافيھ ھوندي آھي. ٻن ٻن سٽن، کي گڏي بند يا بيت چئبو آھي. ھر ھڪ بند ۾ ھڪ الڳ مڪمل خيال ھوندو آھي. ھڪ بند جي خيال جو لاڳاپو، ٻئي بند جي خيال سان ضروري ناھي. اھڙيءَ طرح غزل خوبصورت خيالن جو گلدستو آھي، جو ٻوليءَ فن ۽ فارم جي سليقي سان سجايل ھوندو آھي. غزل گو شاعر کي اختصار جو سھارو وٺڻو پوي ٿو، جو کيس ھڪ مڪمل خيال صرف ٻن سٽن ۾ پيش ڪرڻو ٿو پوي. اختصار غزل جي سونھن آھي. غزل جي پھرين ٻن ھم قافيھ سٽن کي مطلع چئبو آھي. (طلوع = سج يا چنڊ جو اڀرڻ). آخرين بند کي، جنھن ۾ شاعر اڪثر پنھنجو تخلص وجھندا آھن (تخلص وجھڻ ضروري ناھي) مقطع چئبو آھي (قطع = ڪٽي ڇڏڻ). مقطع کان پوءِ غزل ڪٽجي وڃي ٿو، ختم ٿي وڃي ٿو. گھڻو ڪري غزل جا بند، مطلع ۽ مقطع سميت ڇھن ۽ سورھن بندن جي وچ ۾ ٿيندا آھن، پر اڄ ڪلھھ اھا بندش بھ ضروري نھ ٿي سمجھي وڃي. +شاعريءَ جي ڪتابن ۾، توڙي ڊڪشنريءَ ۾ غزل جي معنى آھي عورتن سان پيار جون ڳالھيون ڪرڻ يا محبوبا سان من بھلائڻ. ان ڪري غزل جي ٻولي نزاڪت، نفاست ڀري، نرم لھجي ۾ ۽ شانائتي ھجي. اڄ ڪلھھ اھو ويچار زور پڪڙيندو وڃي ٿو تھ غزل زندگيءَ سان مخاطب آھي ۽ نھ عورتن سان. +غزل ھڪ ڳائڻ جي چيز آھي، ان ڪري ان جو سنگيت سان خاص سنٻنڌ آھي. جنھن غزل ۾ موسيقي ۽ مڌرتا ناھي، اھو غزل، غزل ھوندي بھ، ڪامياب غزل نھ ليکيو ويندو. ھن ويچار سان اڄ ڪلھھ جا ڪيترا نوان شاعر سھمت ناھن (ھو چون ٿا تھ غزل پڙھڻ جي چيز آھي). پر سنڌ جي ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو پڪ�� رايو آھي تھ ”غزل ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم وارو لاڳاپو. . . غزل جو وجود ان جي موسيقيءَ ۽ حسن غنا سان ئي قائم آھي“ پر غزل جي سڃاڻپ ان جي مقرر ٿيل فارم ۽ انداز بيان مان ئي ملي سگھندي. فارم جي ايڏي اھميت آھي، جو ھڪ انگريزي اديب (V.G. Kiernan)، جنھن اقبال جي غزلن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ڪيو آھي، انگريزي ترجمي ۾ بھ غزل جو فارم برقرار رکيو آھي، پر صرف فارم ئي سڀڪجھھ ناھي، دکايل جي ھڪ ڪوتا آھي. +اچو نوجوانو ھنر آزمايون، +ڇٽيون گرم گوليون، جگر آزمايون. +توڙي ھيءَ رچنا غزل جي فارم ۾ آھي، پر تھ بھ ان کي قومي گيت ڪري ليکڻ کپي. غزل ۾ نسبت ۽ بندش جا ضروري آداب آھن. نسبت جو مطلب آھي تھ ھر ھڪ بند ۾، مکيھ موضوع سان لاڳاپو رکندڙ لفظ ئي ڪتب آندا وڃن. جي باغ جو ذڪر آھي تھ ان سان گڏ گل، ڪنڊا، ماڪ، ٻوٽا، وڻ، پن، خوشبوءِ، ھير، پکين جو آواز وغيره مان جيترا لفظ، مناسب معنى سان ڪتب آڻي سگھجن، ڪتب آڻجن. اھڙيءَ طرح برپٽ جي موضوع ۾ واري، اس، تپت، رڃ، بر جو ڦھلاءُ وغيره ڪتب ايندا. دريا جي موضوع ۾ لھرون، ڪن، مڇ، ڪڇ، طوفان، ڪنارو، ٻيڙي، ناکئو وغيره استعمال ۾ ايندا. بندش جو واسطو ٻوليءَ سان آھي، جنھن جا مثال اڳتي پيش ڪيا ويندا، پر ڪائي بھ ڪوتا، غزل سميت جاندار خيال ۽ جذبي کان سواءِ ڪوتا نھ، پر ھنرمندي آھي، غزل جو فارم ۽ آداب آھن جسم، پر خيال ۽ جذبو، ان جسم ۾ جنبش پيدا ڪندڙ روح آھن. +خيال، ماحول جي اثر جي پيدائش آھي، جو حالتن، فضا ۽ وقت جي اثر کان پيدا ٿئي ٿو. جذبات جو لاڳاپو دل جي اٿل پٿل، امنگن، خوشيءَ، غم، پسنديءَ، ناپسنديءَ خوابن ۽ خواھشن مان آھي. جذبات جي شدت، توڙي خيال جي گرمي. ٻئي پنھنجي پنھنجي ليکي اظھار لاءِ مجبور ڪن ٿيون. پر جڏھن خيال ۽ جذبو پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿا ٿين، تھ ان مان پيدا ٿئي ٿو بيان جو انداز. خيال ۽ جذبي جو ميل فني شعور ۽ اعلى تخليق جو ضامن آھي. ھڪ سادو سودو خيال يا معصوم جذبو ڪنھن خاص انداز سان پيش ڪبو تھ ان کي مان مرتبو عطا ٿي ويندو. ان ڪري تھ غالب لکيو آھي تھ: +ھئن اور ڀي دنيا ۾ سخنور بھت اڇي، +ڪھتي ھئن ڪ غالب ڪا ھئھ انداز بيان اور. +نارائڻ شيام جي لفظن ۾ ”شاعريءَ جي ڪل صنفن ۾ غزل جھڙي اثرائتي ٻي صنف نھ ملندي. ان جو ڪارڻ فقط اھو آھي تھ غزل کي عشق جي نفسيات کان زياده ھمگير ۽ پر تاثير ٻيو جذبو آھي ئي ڪونھ. پر ان ھوندي بھ منھنجو شخصي خيال آھي تھ غزل سنڌ ۽ سنڌين جي حالتن جو ترجمان ڪونھ ٿي سگھيو آھي، ان ڪري سنڌي غزل، سنڌي عوام کان تھ ڇا، پر ڪيترن سنڌي ساھتڪارن کان بھ ھڪ ڪٽيل يا وڇڙيل چيز ٿي پيو آھي. سنڌ جي ممتاز شاعر شيخ اياز جو بھ اھو رايو آھي تھ غزل سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ھڪ ڌاري چيز آھي. اردوءَ جي اديب ڪليم الدين تھ غزل کي (اردو غزل کي) ھڪ نيم وحشي ادبي صنف ڪوٺيو آھي، جنھن ۾ ھڪ خيال اوڀر جو آھي، ٻيو اولھھ يا اتر ڏکڻ جو آھي. +گذريل چاليھن يا پنجاھھ سالن ۾ سنڌي غزل وڏا تجرباتي سفر طئي ڪيا آھن ۽ غزل جو کيتر ڪافي وسيع ٿي پيو آھي. 1930ع ۾ جڏھن ڪشچند بيوس جو سامونڊي سپون، ٽيھن غزلن جو مجموعو ظاھر ٿيو تھ بيوس کي سنڌي شاعريءَ جو نئون سونھون ڪري مڃيو ويو، جو ھن غزل کي حسن ۽ عشق جي پراڻن پيچرن تان ھٽائي، تتو گيان ۽ ٻين ويچارن جي شاھي سڙڪ تي آندو؛ جن ويچارن ۾ سماج سڌار ۽ عالمي ھمدرديءَ جا خيال بھ ھئا. بيوس جي ھوندي ئي سندس ٻن ننڍڙن ساٿين ھري دلگير ۽ پرڀو وفا بھ غزل جي کيتر کي ڪشادو بڻائڻ جو جتن ڪيو. ملڪ جي ورھاڱي کان ٿورو اڳي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو آغاز ٿيو. شيام غزل جي دائري کي وڌيڪ ڪشادو ڪيو. شيخ اياز جو لاڙو گيتن ۽ نظمن ڏانھن وڌيڪ ھو. +ڀارت ۾ گذريل ڏھاڪو سالن ۾ (1980ع کان وٺي) گھڻي ۾ گھڻا غزل لکندڙ ۽ غزل تي ڪامياب تجربا ڪندڙ شاعر آھي ايم. ڪمل جنھن جا اٽڪل ڏيڍ سئو غزل ٽن مجموعن ۾ ظاھر ٿيا آھن. نارائڻ شيام جي 315 غزلن جو مجموعو ڏات ۽ حيات بھ تازو ظاھر ٿيو آھي، جنھن ۾ تازا غزل (90) کن آھن. ھري دلگير جي 75 غزلن جو مجموعو ”رولو آواز“ بھ شايع ٿيو آھي، جنھن ۾ اٽڪل پنجاھھ نوان غزل آھن. ارجن حاسد جي سٺ غزلن جو ڪتاب ”ميرو سج“ بھ نڪتو آھي. تنھن کان سواءِ ڪرشن راھيءَ، ارجن شاد، موتي پرڪاش، اندر ڀوڄواڻيءَ ھر ھڪ جا اٽڪل 25 غزل ڪتابي صورت ۾ ظاھر ٿيا آھن. تازو واسديو نرمل جا پنجاھھ غزل ”ھائي ھات“ ۾ شايع ٿيا آھن. تنھن کان سواءِ دکايل، ڍولڻ راھي، کيمن مولاڻي، ڀڳوان نردوش، رڪمڻي چئناڻيءَ جا غزل بھ ڪتابي روپ ۾ ڇپيا آھن. تازو تازو گورڌن ڀارتيءَ جو ”شيشي جا گھر“ بھ شايع ٿيو آھي، جنھن ۾ ٽيھھ عاليشان غزل آھن. تنھن کان سواءِ پرڀو وفا جا ۽ شريڪانت صدف جا ڪيترا سٺا غزل مخزنن ۾ شايع ٿيا آھن. +نارائڻ شيام جا غزل نھ فقط ڀارت ۾، پر سنڌ ۾ بھ بيحد پسند ٿيا آھن. ھن سنڌي غزل جو دائرو نھايت ئي وسيع ڪري ڇڏيو آھي. جي خيال اڳي سنڌي غزل ۾ ڪڏھن بھ ڪونھ آيا ھئا، اھي ھن غزل جي دائري ۾ آڻي ڇڏيا: +چپ ڦٽل، جيسين پچي ڇِلٽو لٿو، +پيڙ ذھني خواھھ جسماني رھي. +(غزل نمبر ٢٣٧) +ڀت تي سامھون فريم ۾ فوٽو ڏسي، +در جي چوڪٺ تي اچي بيھي وئين +(نمبر ٢١٦) +واقف تھ پئي لڳو، پر نالو نھ ياد آيو، +کانئس نھ مون پڇيو ۽ ھن ڀي نھ خود ٻڌايو +(غزل نمبر ٢٢١) +صبح سڀڪجھھ ڍڪيل ھو پاڇن ۾، +ھاڻ منجھند جو ناھھ ڪو پاڇو. +(غزل نمبر ٢١٧) +اچي جئن پياسين تکي بحث ۾، +ڪري در تي ٺڪ ٺڪ، تو رخنو وڌو. +(غزل نمبر ٢٧٨) +اھڙي طرح روزمرھھ جي زندگيءَ سان ڳنڍيل واقعا. ڪنھن بھ جذبي جي شدت ۽ بلڪل سادگيءَ سان ٻين شاعرن بھ ڪيا آھن: +ٿي تيز ھلي ريل، ڪندي واٽ تي ڪوڪون، +ھٿ لوڏي گھڻن ساڻ ئي کيڪار ڪئي مون. +(ھري دلگير) +بند دروازو کليو آھي تڏھن، +ڪوئي کڙڪائي ھليو ويو آ جڏھن. +(ڪرشن راھي، وسڻ سندا ويس ٢٤) +گھر ۾ ڇو ٿو دعوت ڏين تون؟ +ڪنھن ھوٽل ۾ ھل زوراور +(گورڌن ڀارتي، ’شيشي جا گھر‘: ٢٧) +چير مان بند دريءَ جي ”حاسد“ +بانس نڪ کي اچي ٿي ڌوڏي ڇو؟ +(ارجن حاسد، ’ميرو سج‘: ٩) +سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي، +ڪٿي رھندين، ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو. +(ايم. ڪمل، ’باھھ جا وارث‘: ٦٩) +مٿين مثالن مان صاف ظاھر آھي، ڪوئي بھ خيال، ڪھڙو بھ خيال غزل جي دائري ۾ اچي سگھي ٿو، بشرطيڪ اھو غزل جي فارم، وزن ۽ قافيي رديف سان نڀائي. اڄ محبوبا سان من بھلائڻ جو دور لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آھي. ان ڪري، منھنجي خيال موجب، غزل جو انداز بيان بھ ختم ٿيندو ھجي، پر ان سان غزل جو رتبو نھ ٿو وڌي. ائين ناھي تھ مٿين مثالن ۾ ڪابھ سونھن بلڪل ناھي. مثال طور حاسد چوڻ ٿو چاھي تھ شھر ۾ گندگي ايتري تھ وڌيڪ آھي، جو دريءَ کي کولي ئي نھ ٿو سگھجي. ايم. ڪمل جي بند ۾ ڀرپور طنز آھي، اسان جي کوکليءَ ھمدرديءَ تي. اھڙيءَ طرح ٻين بندن ۾ بھ ڪي نھ ڪي نڪتا، اونھي وڃڻ سان شايد ڳولي سگھبا. پر اھو مڃڻو ئي پوندو تھ غزل جو دائرو لامحدود ٿي چڪو آھي. +ائين ناھي تھ ھاڻوڪي سنڌي غزل مان عشق، محبت ۽ ناز انداز جو جذبو ختم ٿي چڪو آھي. اھو جذبو تھ عالمي آھي ۽ اڄ بھ اسان جي غزل ۾ اولين آھي، پر گھڻن، انداز بيان، تشبيھون، استعارا ۽ ماحول بدلائي ڇڏيو آھي، مگر ڪي اڃا بھ پارسي ماحول کي مرڻ نھ ٿا ڏين. +ڪرشن راھي ھڪ سٺو غزل نويس شاعر آھي. سندس خيالات ۾ نواڻ ۽ تازگي ھوندي آھي، پر ھو بھ مئخاني، پيماني کان پنھنجو دامن پوريءَ طرح ڇڏائي نھ سگھيو آھي: +تنھنجي اک جھڙو ڪو ميخانو نھ ھو، +منھنجي دل جھڙو ڪو پيمانو نھ ھو +زندگيءَ جي زندگي اھڙي رھي، +شمع ئي شمع ڪوئي پروانو نھ ھو! +(وسڻ سندا ويس) +مٿين ٻن بندن ۾ خيال خوب آھن، پر ميخانو، پيمانو، شمع ۽ پروانو اڃا پيا ڦر ڦر ڪن. تنھن کان سواءِ آخري سٽ ۾ وزن بھ ٽٽل آھي، شايد ڇاپي جي ڪا غلطي آھي. راھيءَ جي غزلن ۾ ڪاروان ۽ قافلا، ڪشتي، درياھھ ۽ طوفان اڃا بھ قائم آھن، توڙي اسان وٽ اڄ نھ آھن اٺن جا قافلا، جن سان گڏ سفر ڪبو آھي ۽ نھ وري اڄ ٻيڙن ۾ چڙھي طوفانن جو مقابلو ڪرڻو ٿو پوي. اھي تشبيھون اڄ مدي خارج ٿي چڪيون آھن (مون کي احساس آھي تھ مان پاڻ انھن تشبيھن ۾ ڪي قدر اڃا بھ اٽڪيل آھيان). راھيءَ جو ھي غزل پڙھڻ جھڙو آھي: +ڪاروان ايندا رھيا ۽ ڪاروان ويندا رھيا، +۽ مسافر ماڳ جا ئي راڳ ڳائيندا رھيا. +ناکئا اھڙا ملي ويا، جي خدا جي نانءَ تي، +آگ جي درياھھ ۾ ڪشتيون اتاريندا رھيا. +ڪرشن چوڻ چاھي ٿو تھ سرڪاري نظام بدلجندا رھيا، پر اسان اھڙي جا اھڙا رھجي وياسين. ’آگ جو درياھھ‘ جو خيال بھ خاصو آھي. پر ناکئا، ڪاروان، ڪشتيون وغيره پراني وقت جون يادگيريون آھن. اڳتي ھلي ساڳئي غزل ۾ ھو لکي ٿو: +بادشا، راڻيون ھئا، گولا ھئا، جوڪر ھئا، +تاس جا پتا حڪومت کي ھلائيندا رھيا. +اھو پڙھي ازخود وات مان واھھ واھھ جو آواز نڪري ٿو وڃي، خيال بھ خوب تھ تشبيھھ ۾ بھ تازگي آھي. +ايم. ڪمل کي بھ عشق جي عالمي جذبي خوب بيوس ڪيو آھي، پر اھا بيوسي وڻيس ٿي: +عشق جي بيوسي وڻي ويئي، +دل کي ڪھڙي لڳي، لڳي ويئي. +ايم. ڪمل جو ھيءُ غزل پڙھي ۽ پيار ڪرڻ جھڙو آھي: +رکيو تھ يار کٽ تي پير، پر اٿان ڪندو، +صدين پڄاڻان ھو گڏيو، سو ڀي وڃان وڃان ڪندو. +پڳو نھ مون کان ئي نماءُ زخم دل جو، دوست! نھ تھ +سري تھ آيو يار قرب مان ڏسان ڏسان ڪندو. +ھن غزل تي عام پيار جو رنگ چڙھيل آھي، پر غزل ۾ انداز بيان نشو چاڙھي ڇڏي ٿو. اٿان اٿان، وڃان وڃان ۽ ڏسان ڏسان، ٻٽو قافيو، ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو ويو آھي ۽ ’ڪندو‘ رديف سان بھ خوب نڀايو اٿائين. ھيءُ سمورو غزل پڙھڻ جھڙو آھي. ان جا ٻيا بھ ٽي بند ھن ريت آھن: +گھڙيون ٻھ چار جھڙ ڪري، چمڪ ڌمڪ سان ويو ھليو، +جو آيو ٿي پري کان شور سان وسان وسان ڪندو. +الائي ڇو بِھي ويو ھي قافلو حيات جو، +ھليو تھ ڏاڍي شان سان ھئو وڌان وڌان ڪندو. +ايم. ڪمل جا استعارا ۽ اشارا، اڪثر جوان ۽ نت نوان ھوندا آھن ۽ ڪٿي ڪٿي ھو بھ پراڻي عادت کان مجبور آھي. مٿئين غزل ۾ عربستان جو قافلو اچي ويو. +ھيٺين بند ۾ واسديو نرمل ساغر کي استعمال ٿو ڪري: +تنھن بدنصيب کي ڪا لڳل آ ضرور، +جو آڻي چپن تي ھاري ٿو ساغر. +ھن بند ۾ ساغر لفظ ضرور ڪتب آندو ويو آھي، ۽ شراب جو لفظ غير حاضر ھوندي بھ حاضر آھي، پر ان ھوندي بھ اھو منظر ھروڀرو ايراني نھ آھي. ڀارت ۾ جتي ڪٿي شراب جو دور تھ چالو ئي آھي. ھندي فلمن ۾ بھ اھڙا نظارا عام جام آھن. نرمل جي ھن بيت مان، شرابيءَ جي ھڪ لفظي تصوير اڀري اچي ٿي، جا پياري لڳي ٿي. +اھڙا ئي پيار جا جذبا موتي پرڪاش جي ھن غزل ۾ آھن: +اھڙي انداز سان تھ اک نھ کڻو، +بدنظر جو شڪار ٿي پوندي، +ھاءِ، ھلڪي حيات تو ڌاران، +بار ئي بار بار ٿي پوندي. +تو بنا اي حسين، اي گلفام! +زندگي خار خار ٿي پوندي. +موتيءَ جي ھن غزل ۾ پيار جا جذبا نھايت ئي سادا ۽ بلڪل عام آھن، پر قافيي رديف جي بناوت ۽ انداز بيان خوب آھي. ھلڪي حيات بار ٿي پوي ٿي، گلفام بنا زندگي خار خار ٿي پوي ٿي. البت گلفام، گلرو، گلبدن ۽ رشڪ گل ايراني شاعريءَ جا لفظ آھن. ٻيو مثال موتي پرڪاش جي غزل مان ھن ريت آھي. +ھجر جي ڄر، اميد جي تابش +زندگي موم جان وڃي نھ ڳري. +موم(wax) کي پگھرائڻ لاءِ ڄر ۽ تابش جي ضرورت پوندي آھي ۽ لفظن جي بناوت، غزل جي فن سان نڀائي ٿي. پر ھتي مون کي ھجر جو لفظ کٽڪي ٿو، جو اھو لفظ، غزل کان سواءِ اسان جي ادب ۾ ڦٻيل ناھي. ”ھجر جي ڄر بدران“، ”سوز سڪ جو“ ڪتب آڻي ھا تھ خيال سان بھ نڀائي سگھي ھا ۽ ٻوليءَ جي سونھن بھ سرس ٿئي ھا. +نارائڻ شيام جي غزل ۾ پيار جو اظھار سادگيءَ، سرلتا، ۽ سوکيم ڀاون سان ڀرپور آھي. سندس اخرين غزل (غزل نمبر ٣١٥) ھن طرح آھي: +جڏھن آئين سامھون ڏسي، مسڪرايئھ! +ڏٺئھ ٻيو بھ ڪو ھو، تھ جھٽ سر جھڪايئھ، +اکين ۾ ٿي ڪومل مڌر ڀاو مھڪيئھ، +کڻي گل ٿي جئن ڳل تي ڌيري گھمايئھ! +سڄو وقت تو وٽ ھيس، سو بھ ڀر ۾، +اچانڪ ڇڪي ”شيام“ ڇاتيءَ لڳايئھ! +صاف ظاھر آھي تھ ھن غزل ۾ اختصار جو نالو بھ ڪونھي، پر اِھو وستار دل کي کٽڪي ڪونھ ٿو. مون کي ”مسڪرائڻ“ لفظ تي بھ اعتراض آھي. اھو لفظ وزن ۽ قافيھ جي لحاظ کان گھڻن ئي سنڌي شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آھي، پر نثر ۾ ڦٻي ڪونھ سگھيو آھي. سنڌي لفظ تھ مرڪڻ يا مشڪڻ آھي. پر مسڪرائڻ لفظ ايترن شاعرن ڪتب آندو آھي، جو مان پنھنجو اعتراض پاڻ رد ڪري ٿو ڇڏيان. +غزل نمبر ٣١٢ ۾ بھ اھڙا ئي پيارا ۽ ڪومل ڀاو آھن: +ھئي ڪيڏي ورھھ جي پيڙ مٺي، +سچ، ملڻ ۾ نھ سا ملڻ جي خوشي. +ھي بند شاھھ جي مشھور بيت جو پڙاڏو آھي: +ڳوليان ڳوليان، م لھان، شال م ملي ھوت، +من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي. +اڳتي ھلي شيام لکي ٿو: +رات ھڪ ٻئي جي دل جي دڪ دڪ ڀي، +دور رھندي اسان ٿي صاف ٻڌي. +روپ راڌا جو ھيانءَ ۾ ئي ھوس، +ڇا تھ پئي ”شيام“ جي نگاھھ سڪي! +ھري دلگير جي غزلن ۾ بھ پيار جا جذبا آھن، پر ان ۾ زيادھھ اسٿول ڀاو آھن، سندس ھنن بندن ۾ شايد ڪي سندر شبد- چتر بھ اڀري بھن ٿا. +سرمگين منھن تي جو ڳاڙھاڻ پکڙجي ويئي، +ٿي شفق لال ۽ لالاڻ پکڙجي ويئي، +باغ تي رات جي ڪاراڻ پکڙجي ويئي، +تنھنجي وارن جي بھ سرھاڻ پکڙجي ويئي. +ياد روشن جو سڄڻ آئي اچانڪ تنھنجي، +دل جي دالان ۾ چانڊاڻ پکڙجي ويئي. +پيلي ساڙھيءَ سان لنگھي کيت مان آھين شايد، +عڪس ھي رنگ تي، پيلاڻ پکڙجي ويئي. +دل جي دريا ۾ ٻڏڻ تي آ غمن جو ٻيڙو، +تنھنجي اکڙين جي آ گھراڻ پکڙجي ويئي. +سٺي شعر ۾ صرف لفظ ۽ خيال ئي سڀڪجھھ ناھن، نسبت ۽ بندش ڏسڻ بھ ضروري آھي. مٿئين غزل ۾ ڳلن تي ڳاڙھاڻ ۽ شفق تي لالاڻ، باغ تي رات جو ڇائنجڻ ۽ وارن جي ڪاراڻ ۽ سرھاڻ جو ياد اچڻ، روشن ياد ۽ دالان ۾ چانڊاڻ، پيلي ساڙھي ۽ پيلا کيت، اکين جي گھرائيءَ ۾ دکن جو ٻيڙو ٻڏڻ، اھي سڀ شاعراڻيون نسبتون آھن، جنھن ڪري شعر مزيدار ٿي پوي ٿو. +ارجن حاسد جي تازن غزلن ۾ سونھن ۽ پيار جا ڀاو لڳ ڀڳ آھن ئي ڪونھ، ڇو تھ واسديو موھيءَ جي لفظن ۾ ”حاسد اڳيئي انھن کي بي انداز دفعا ڪتب آندو آھي. ھو انھن لاءِ ايڪسٽرا ڪانشس (extra conscious) ٿي ويو آھي. پر سندس تازي مجموعي، ”ميرو سج“ ۾ ھي بند نظر آيو اٿم: +روشنيءَ کي ۽ چميم ڪرڻن کي، +اڄ ائين نانءُ کنيو مون تنھنجو. +ھي خيال نھايت خوبصورت آھي، پر جي باريڪيءَ سان ڏسبو تھ روشنيءَ ۽ ڪرڻن جو ارٿ ساڳيو آھي. روشنيءَ مان ئي تھ ڪرڻا پيدا ٿين ٿا. ان ڪري ان کي الڳ ھستي آھي ئي ڪانھ. ”ڪرڻن“ جي جڳھھ تي ٻيو ڪو ”خوشبو“ جھڙو لفظ ھجي ھا تھ شعر کي چار چنڊ لڳي وڃن ھا. ان جي ڀيٽ ۾ پرڀو ”وفا“ جو شعر بھ خوب آھي: +ساريم توکي صبح سويري. +ڏينھن سڄو وئي خوشبو گھيري. +لکميچند جو ھيءُ بند: +دنگ سڀ پريم دنگ رھجي ويا، +تنھنجي چڪڙيءَ مٽايو سارو غم. +ھتي بھ شراب جو ماحول آھي، پر پئماني جي بدران ”چڪڙيءَ“ جھڙو پيارو ۽ نج سنڌي شبد ڪتب آندو ويو آھي. تنھن کان سواءِ دنگ ۽ دنگ لفظن جو ميلاپ ڪھڙو نھ سھڻو آھي. +غزل جي نون شاعرن جي خيالات ۾ بھ سونھن ۽ سڳنڌ جو سھڻو سنگم آھي، جو پڙھي مون کي مزو ٿو اچي. ڍولڻ راھيءَ جو ھيءُ غزل ان جي ثابتي آھي: +تو مشڪيو پئي، مون مشڪيو پئي، +دل جو مرم تھ دل سمجھيو پئي. +قرب سندم ٻانھون ڦھلائي، +ول وانگر توسان لپٽيو پئي. +مکڙيءَ جان پھرين شرمائي، +پوءِ گل وانگر تو مرڪيو پئي. +مٿين بيتن ۾ تشبيھون ۽ بندش سڀڪجھھ خوبصورت آھي، پر اڳتي ھلي جڏھن ڍولڻ راھي لکي ٿو: +لفظن، خيالن جي ساگر ۾، +بيگانو شاعر ڀٽڪيو پئي. +تھ منھنجو من پڙھي بي مزي ٿي پوي ٿو. ساگر سان ”ڀٽڪڻ“ نھ، پر ”تڙڳڻ“ ئي صحيح لفظ آھي. پر جي ”ڀٽڪيو“ شبد ئي ڪم آڻڻو آھي تھ ساگر بدران برپٽ يا صحرا لفظ ڪتب آڻڻ کپندو ھو. +پر ساڳئي غزل ۾ ھي بند پڙھي مزو اچي ويو: +ڏات سندي برسات نھ برسي، +”راھي“ ڏانءُ اڃيو تڙڦيو پئي. +ھتي ڏات ۽ ڏانءُ شبدن جو سنگم خوبصورت آھي. ڏات معنى خدائي برڪت ۽ ڏانءُ معنى فن (جو شاعر کي ھٿ ڪرڻو آھي). ساڳئي وقت، برسات، اڃيو (اڃايل) ۽ ”تڙڦيو“ لفظن جو استعمال خوب آھي. +ڀوپال جو کيمن مولاڻي ھڪ سٺو اڀرندڙ شاعر آھي ۽ غزل جي فن سان سٺو نڀائي ٿو. سندس ھيءُ غزل: +ڪيترا درد پي رھيا آھيون، +تھ بھ زماني ۾ جي رھيا آھيون. +آ وڌي قد ويو گناھن جو، +ان ڪري ئي سسي رھيا آھيون. +سمجھھ جيڪي وڻيئي، سو پيار، +لڙڪ سان ڪجھھ لڪي رھيا آھيون. +مطلع ۾ پيئڻ ۽ جيئڻ لفظن جو ميلاپ سٺو ٿو لڳي. ٻئي بند ۾ گناھن جي وڌندڙ قد اڳيان، انسان ھر روز سسندو رھي ٿو. ھي خيال، سٺو شاعراڻو خيال آھي، پر مان جيڪر ھن ۾ ھڪ معمولي ڦير ڦار ڪريان. ”آ وڌي قد ويو گناھن جو“، جي بدران مان لکان ھا: ”قد گناھن جو ويو وڌي آھي“. ائين ڪبو تھ ”وڌي ويو آ“ ھڪ ئي فعل جا ٽيئي لفظ ڪٺا ٿي وڃن ٿا، باقي ھونئن ’ويو‘ ”آ وڌي“ کان الڳ بيٺو آھي. +پيار ۽ سونھن جو پاڻ ۾ ازلي رشتو آھي. سونھن بابت پرڀو ’وفا‘ جو ھي بيت (مطلع) ڪھڙو نھ سھڻو آھي: +پيلا پيلا نوريءَ ڦل ۽ ڳاڙھا ڳاڙھا ٻير، +پيلي تنھنجي پوتي، تنھنجا مينديءَ رتڙا پير. +اندر ڀوڄواڻيءَ بھ حسن جي تصوير چٽي آھي، ڪجھھ ٻئي انداز ۾: +نگه نگه نغم بار واھھ وا، +ادا ادا پر بھار واھھ وا! +شباب آ محو آئيني ۾، +شڪاري خود ٿيو شڪار واھھ وا! +ڏس ”اِندر“ ھڪ روپ ٻي جواني +خمار ٿي ٻيو خمار واھھ وا! +ھي تصوير بھ سٺي آھي،پر ڪنھن سنڌي گھريلو ڇوڪريءَ جي ناھي. ائين معلوم ٿو ٿئي تھ رقاصھ جي آھي. . . ھو نچي ٿي ۽ شاعر واھھ واھھ ڪري رھيو آھي. پنجاھھ سال اڳ انھيءَ ئي انداز ۾ حسن جو چٽ چٽيو ويندو ھو. اِندر جي اڳين شعرن ۾ وڌيڪ اصليت ۽ تازگي آھي: +مرڪندي جل ڏنئھ ٿي تلسيءَ کي، +ھت اسان تازه تر بڻي پياسين. +ايراني ماحول کي قطعي رد ڪندي نارائڻ شيام پنھنجن ڪن تازن غزلن ۾ نجو ڀارتي وايو منڊل پيدا ڪيو آھي، جنھن ۾ مندر، شوالا، گھنڊ ۽ آرتيون آھن: +آرتيءَ جو آواز اچي جئن ھر مندر مان سانجھيءَ جو، +ڇو محسوس اڪيلائي ٿئي، جيڪر ڪوئي ھجي ويجھو. +- +شوالي ۾ وڃي گھنڊ ڪڏھن ھوم وڄايو، +ٻڌي گھنڊ جو آواز ڇو اڄ ياد سو آيو. +تنھن کان سواءِ ھي منظر بھ اصليت سان ڀرپور، بنھھ پنھنجا آھن: +ڌيمي ڌن بنسيءَ جي، گوڌولي سمو، +شيام! ميرانجھڙو آڪاس ھو +- +ھئي تھ ’شيام‘ فقط ھڪ گلاب جي ڪونڊي، +تڏھن بھ گھر جو اڱڻ ڀانءِ ڄڻ تھ باغيچو. +- +جون جي ھن ٽاڪ منجھند جي سمي، +بس اڪيلو ڪانءُ ئي ويٺو لنوي. +اھڙي ئي وايو منڊل ۾ ڪن شاعرن قدرت جي سھڻي منظرڪشي ڪئي آھي: +لڳي ٿي انڊلٺ ڪنھن اپسرا جي ناچ جو گھيرو، +جھڙالي زندگيءَ ۾ ڪنھن بھ رنگينڳي تھ ڦھلائي. +(شيام) +جھڙالي زندگيءَ ۾ انڊلٺ جي رنگيني ھڪ خوبصورت خيال آھي. +دلگير پنھنجي سڀاءَ موجب غزلن کان وڌيڪ گيتن ۽ نظمن جو شاعر آھي. پنھنجن ڪن غزلن ۾ ھو پرڪرتيءَ سان پيار جو اظھار ھيئن ٿو ڪري: +ھير گل گل کي ڪئن نھ ٿڦڪي ٿي، +ٻارڙن لاءِ ماءُ آھي ڄڻ. +ڏس ستارن جا ڪنول نيل گگن ۾ ٿا ٽڙن +صٻح سان ويندا مري، رات وڃڻ واري آ. +پرھھ جي ھير ٿي ڌونڌاڙي ستل مکڙين کي، +آئي سرھاڻ تري، رات وڃڻ واري آ. +چنڊ تارن ۽ گلن کان بھ تون شرمائين ٿي، +ڏس نھ تن ڏانھن چري! رات وڃڻ واري آ. +’شيام‘ جو ھي بند شاعراڻي نزاڪت ۽ نفاست سان ڀرپور آھي: +ڪنڌ نواڙيو گلن ماڪ ڦڙن جي باعث، +اھڙو ٿورو بھ کڻڻ، ڀاري خا جيئن ڀاسي +اسان جي شاعرن سنڌ، سنڌو، سنڌيءَ ۽ شاھھ کي پنھنجي پنھنجي انداز ۾ ياد ڪيو آھي: +’شيام‘ اداس سنڀارن وچ ۾، +شاھھ جي وائي ڪنھن جھونگاري، +(نارائڻ شيام) +سنڌ ماتا تھ ڪـڇ بھ ماسي آ، +ھاڻ ماسي تھ ماءُ آھي ڄڻ. +(ھري دلگير) +رڳو دولت جي سھاري تي ڇا زندھھ رھندا، +شاھھ کي، سنڌ کي، سنڌيءَ کي ڀلائڻ وارا. +(ارجن سڪايل) +ھت جذب ٿي وياسين تڏھن ڀي ڪوئي، +سنڌي چئي مذاق اڏائي تھ ڇا ڪجي؟ +(لکميچند پريم) +سرحد جي پار منھنجي نظر کي اڏڻ ڏيو +(ارجن حاسد) +اھڙيءَ طرح لڳ ڀڳ مڙني غزل گو شاعرن، سنڌ کي سدائين پئي ساريو آھي. ھتي فقط ٻھ چار مثال ئي ڏنا ويا آھن. +اڄڪلھھ دنيا ۾ ڇا وھي واپري رھيو آھي، ان تي گھڻي ۾ گھڻو لکيو ويو آھي. دوکيبازي ۽ دنڀ، گونڊاگيريءَ جو گوڙ شور، چغلخوري ۽ چمچاگيري، نياءَ جي اوٽ ۾ ٿيندڙ انياءَ، مھانگائيءَ جي مصيبت، اھي مڙئي مسئلا ڀوتن جو ڀيانڪ روپ ڌاري ڪيئن زندگيءَ کي ختم ڪري رھيا آھن، ان تي شاعرن خوب لکيو آھي. ھر ھڪ کي پنھنجي نظر ۽ پنھنجو انداز بيان آھي. +’شيام‘ لکي ٿو: +ڪيو محفوظ قانونن، ڪيو مجبور قانونن، +بنا قانون ٽوڙڻ جي، وڌڻ لاءِ واھھ ڀي ڪھڙي؟ +”وفا“ ٿو لکي: +لٽ ۾ شامل اوڙو پاڙو +ڪنھن ڪنھن جي لءِ کڻون ڪھاڙو؟ +ڪوئي سر نھ سلامت آھي +چوراھن تي خون ۽ ڌاڙو +واسديو نرمل وڌيڪ عملي آھي. ھو لکي ٿو: +لفظن سان ئي لاک نھ لاھھ، +سڀڪو سڌو اڄ لٺ سان آھھ. +’لاک لاھڻ‘، سنڌيءَ جو ھڪ سٺو محاورو آھي. +دلگير لکي ٿو: +ڪوڙ اھڙو تھ ھلي ويو آھي، +خود کي خود سچ بھ ڀلي ويو آھي. +روشنيءَ جي آ ٻڏي وئي ٻيڙي، +سمنڊ اوندھھ جو ڇلي پيو آھي. +ارجن سڪايل لکي ٿو: +ڇٽا چور چاڪي، ٻڌا سنت ساڌو، +دنيا ۾ اھي ئي تماشا ڏٺاسين. +نھ جئري ٿئي ٿو مٺو وات ڪن جو، +مئن تي اڇلبا پتاشا ڏٺاسين. +گورڌن ڀارتي مھانگائيءَ بابت، نھايت ئي شاعراڻي انداز ۾ لکي ٿو: +نوٽ تھ ٽرئنزسٽر جا پرزا، ھر شيءِ جا اگھھ ٽي. وي ٽاور. +مھانگائيءَ جو خيال ايم. ڪمل ھن انداز ۾ ٿو پيش ڪري: +لکن جا خواب ٿا روپيي ۾ ملن، +چئو اڃا ٿا مھانگائي آ؟ +ارجن حاسد جي ٽھڪ ڏيڻ جي مجبوري بھ محسوس ڪرڻ جھڙي آھي: +ڪنھن بھاني ڏکيس ٿي دل روز، +روز ڪنھن سان رسي بھ کلندو آ. +ڇاکؤن حاسد ٿو ايڏا ٽھڪ ڏئي، +ڪوئي لاچار ٿي بھ کلندو آ. +حاسد وٽان اشتھاري دنيا جي سھڻي جھلڪ ھن ريت آھي: +روز ڪي اشتھار للچائن، +۽ اسان روز صرف پڇتايون. +شھرن جي شاھي ڀيڙ ۾ انسان پاڻ کي ڪيئن ٿو اڪيلو محسوس ڪري، ان لاءِ گورڌنم ڀارتي لکي ٿو: +عاجز ٿڪل، ملول، اڪيلو آ ڀيڙ ۾، +ھر شخص ٿو ائين لڳي ڄڻ آھھ ديوداس. +ڀارتيءَ لاءِ، جي شخص ديوداس آھي تھ شھر رانوڻ جو روپ آھي: +سوين ڀڄائي ويو سيتائون، +رانوڻ جو اوتار شھر آ. +گورڌن ڀارتيءَ جو ھي شعر بھ پڙھڻ جھڙو آھي، پر ان جي مطلب لاءِ ڌڪو ئي ھڻڻو پوندو: +مومل ڪاڪ محل جي ڪوٺي تي ويٺي آ، +نوٽ ڏئي ڪجھھ نقلي راڻو رات رھي ويو +ايم. ڪمل جو ھيءُ خيال تھ اڄ ڪلھھ اصل کان وڌيڪ نقل جو قدر آھي، ڪھڙي نھ شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي: +ساڳئي اگھھ ۾ چمڪندڙ پٿر ئي بس کڄندا رھيا، +ھيرا حيرت سان گراھڪ ڏي نھاريندا رھيا. +ايم. ڪمل جو ھي غزل نھايت ئي عمدو غزل آھي، جنھن جو رديف ”پوءِ الائي ڇا ٿيو“ ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو ويو آھي: +شھر ۾ گولي ھلي، پوءِ الائي ڇا ٿيو؟ +خلق ھڪ پاسي ڊڪي، پوءِ الائي ڇا ٿيو؟ +”تون ڇا، تون ڇا“ کان ھلي گار ۽ پوءِ نڪتا ڇرا، +تڪڙو آيس مان ھلي، پوءِ الاءِ ڇا ٿيو. +دلگير، واھيات ۽ وڏواتن شخصن مان تنگ ٿي ھيئن ٿو لکي. +چرين جو نگر آ، چرين سان ڪريون ڇا؟ +اسان ڀي چرين سان چريا ٿي پئون ڇا؟ +ھو انڌا، ھو ٻوڙا، اسان ڀي ٿيون ٿا، +اکين کي ڪڍون ڇا، ڪنن کي ڪڇيون ڇا؟ +سڀئي بي حيا ٿيا، مڙئي نرلڄا ٿيا، +مروت جو دامن، اسان ڀي ڇڏيون ڇا؟ +اِندر ڀوڄواڻيءَ جي ھن دل سوز غزل مان سندس بوريت ۽ بيزاريءَ جو ڪجھھ اندازو لڳائي سگھجي ٿو: +پنھنجي دنيا ۾ رڳو دم ئي پٽڻ ڏي سائين! +توکي تنھنجو ڏئي سنسار ھليا وينداسين. +ٺوڪرون، لعنتون، صدما ڏيو، ڀل سور ڏيو، +سر تي تن جا کڻي انبار ھليا وينداسين. +پاڻ وٽ ”اِندر“ اڃا پيار جي پونجي آھي، +ويندي ويندي بھ ڏئي پيار ھليا وينداسين. +طنزي شعرن ۾ پنھنجو رس آھي. طنز ۾ وڇونءَ جو ڏنگ ٿيندو آھي. +ڪيئن ڏنگيندو ۽ ڪيئن ڏاڙھيندو، +ماڻھو آھي ۽ بي ضرر آھي. +(ارجن حاسد) +تنھنجي محفل ۾ کڻي سونھن سڳندي اچبو، +ڌوپ، يا اگر يا ڪو ڦول بڻي اينداسين. +شاھي پربت جو نھ آڪار کڻي سگھنداسين، +بڻجي نوراني ڪا ھيري جي ڪڻي اينداسين. +ھاڻ ٽڪ ٽڪ ڪري گھڙيال ٿو گھوري دلگير، +ٿي ويو وقت، نھ آ دير گھڻي، اينداسين. +(ھري دلگير) +پر موت جي تياري ڪرڻ جي معنى دنيا سان بيزاري ناھي، جيئن نئين ڪوتا جا باني پنھنجي بت مان ئي بيزار ويٺا آھن ۽ اڪثر آتم ھتيا جون ڳالھيون ڪندا آھن. انھيءَ جي ابتڙ، دلگير ھڪ ڊيٺ سک درسي ڪوي آھي، جنھن تي اڪثر چٿرون بھ ڪيون وينديون آھن پر اھو نظريو نقلي ناھي. اھو ئي نظريو اپنشدن جو آھي، جو ھزارين سال پراڻو ھوندي بھ اڃا تازگيءَ سان ڀرپور آھي. ائين تھ ٻين ڪن ڪوين جي ڪوتائن ۾ سک درسي جھلڪون آھن، جيئن تھ: +صبح ساڻ ڳڻتي نھ ڪا رات جي، +صبح کان بھ اڳ ۾ نھ ڪا رات ھئي. . . +(ڪرشن راھي) +دنيا آھھ سکن جي کاڻ، +ذرا ڏکن سان کوٽي، ماڻ. +اڀ تي ڪوري چنڊ اڻي، +ڊاڪا جي ململ، چانڊاڻ. +(واسديو نرمل) +ڪوري چنڊ، ڊاڪا جي ململ اڻي رھيو آھي، واسديو نرمل جو ھيءُ استعارو ڏاڍو پيارو آھي. +نارائڻ شيام لکي ٿو: +اڄ بھ ڪلھھ جيان پرھھ ڦٽي آھي، +پوءِ بھ ان ۾ ڇا تازگي آھي! +شيام جي ھن نظرئي ۾ ۽ سندس لفظن ۾ بھ تازگي آھي. +ھيءَ دنيا ڀڄ ڀڄان ۽ ھل ھلان جي آھي. ويھي اڀياس ڪرڻ ۽ فن جي ڄاڻ ھٿ ڪرڻ لاءِ، اسان جي ساھت ڪارن وٽ سمو ئي ڪونھي. ان ڪري فني شعور روز بروز گھٽبو ٿو وڃي. اڄ جا آلوچڪ (نقاد) غزل ۾ فن کي نھ، پر جذبي ۽ خيال کي سڀڪجھھ سمجھن ٿا، پر ائين ناھي. انداز بيان سان غزل ۾ نئين جان ڀرجي وڃي ٿي. ٿوريءَ ڪچائيءَ سان غزل جو خانو خراب ٿي پوي ٿو. ھي نڪتو ڪن مثالن سان ئي سمجھي سگھبو: +رکي رکي ٿا ائين جاڳجي پون ارمان، +پڇي پڇي ٿا پتو ڳولي جيئن لھن مھمان. +(ڪرشن راھي) +ارمانن جي مھمانن سان ڀيٽ ۾ ’رکي رکي‘ لفظن جي پوئتان، ’��ڇي پڇي‘ لفظن جو جوڙ خوبصورت آھي. ھڪ ٻئي شاعر جو ھيءُ بند غور طلب آھي: +ڪئي دوستن آھھ اھڙي عنايت، +رھي ناھھ دشمن لءِ ڪائي شڪايت. +ھن بند ۾ خيال خوب آھي، پر انداز ۾ نقص آھي. ”دوستن“ سان گڏ ”دشمن“ نھ، پر دشمنن“ اچڻ کپندو ھو. يا تھ ٻنھي ھنڌ واحد، يا ٻنھي ھنڌ جمع، اھو نقص ھيئن دور ڪري سگھجي ٿو. ’رھي دشمنن لءِ نھ ڪائي شڪايت‘ ائين لکجي ھا تھ نقص دور ٿي وڃي ھا. ھڪ ٽئين شاعر جو ھڪ بند ھن ريت آھي: +ڄڻ لڳي ٿو گناھھ امرت جيان، +من کي پوتر ٿو ائين رکان شايد. +’امرت‘ جو ’پوتر‘ لفظ سان ڪوئي ميل ڪونھي. امرت جو واسطو امرتا، جيئڻ يا زندھھ رھڻ سان آھي. ان ڪري ”پوتر“ جي بدران ”زندھھ“ لفظ بھتر ٿئي ھا. پر جي شاعر جو مطلب ٽڪاڻن ۾ ملندڙ امرت يا پرساد سان آھي تھ پوءِ پوتر لفظ تي اعتراض نھ ٿيڻ گھرجي. شيام جا اڪثر غزل اختصار جو مجسم آھن. ٿوري ۾ گھڻو چوڻ غزل جي سونھن آھي: +پاڻ ۾ تنھنجو منھنجو لاڳاپو، +ڀانءِ رشتو غزل جي بيتن جو. +ھن ننڍڙي بند ۾ شيام چوڻ ٿو چاھي تھ رشتو آھي تھ سھين، پر نھ جھڙو، غزل جي ھڪ بيت جو، ٻئي بيت سان ڪوئي بھ ذھني لاڳاپو ناھي، پر مڙئي قافين جي ڪڙيءَ ۾ اٽڪيل آھن. شيام جو ھيءُ ٻيو خيال بھ داد جي لائق آھي: +ھجي گھر جو گھر ۾، ھيس مان ڪٿي، +رسيءَ تي سڪائڻ لءِ جئن ڪو وڳو. +جنھن رسيءَ تي ڪپڙا سڪائبا آھن، سا گھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ئي ھوندي آھي. شيام، گھر ۾ رھي بھ گھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ٿو رھي. شيام جو ئي ٻيو ھڪ بند: +ننڊ تارن کي نھ دريا کي ملي ويساھين، +ڀاڳ ۾ جاڳ ھنن کي، ھي ھلندو رھندو. +شعر جي پھرين سٽ ۾ تارن جو ذڪر اول ٿو اچي ۽ درياھھ جو، پوءِ ٿو اچي، ان ڪري تارن لاءِ ھنن (that, those) لفظ ڪتب آندو ويو آھي ڇو تھ پھرين شيءِ ڪجھھ دور آھي ۽ درياھھ لاءِ ھي (these, this) لفظ ڪتب آندو ويو آھي، جو پوءِ آيل چيز ڪجھھ نزديڪ آھي. ھيءَ سھڻي بندش آھي، دلگير جي ھن شعر ۾ بھ بندش غور جي لائق آھي: +انڌا، ٻوڙا، گونگا، سڀئي، پڙھي ٻڌي ۽ ڳائي ڪير، +گيت رچين ”دلگير“ اجايو، ڪوي ٿيڻ مان ڇا ملندو؟ +انڌو پڙھي نھ سگھندو، ٻوڙو ٻڌي نھ سگھندو ۽ گونگو ڳائي نھ سگھندو. ان ڪري انڌا، ٻوڙا گونگا لفظن جي پويان نمبروار پڙھي، ٻڌي ۽ ڳائي ڪتب آندا ويا آھن. +ايم. ڪمل جو ھي انداز بيان ڪيڏو نھ جاندار آھي: +ڳوھي ڳوھي ڏينھن کي، ھن رات جو ماني ڪئي، +عمر ھن ائين ئي وڌائي، زندگي کائي ھتي. +شاعر زندگيءَ کي کائيندو رھي ٿو، پر عمر کي وڌائيندو رھي ٿو. ڏينھن کي اٽي وانگر ڳوھي، رات جو روٽلو پچائي ٿو. خوب خوب. ”دلگير“ جي ھن بند تي ڌيان ڏيڻ جڳائي: +واريءَ جو ڍير جسم ۽ طوفان وقت جو، +۽ دل ۾ خواھش جو بھ اڏندڙ غبار ھو. +واريءَ جو ڍير، طوفان ۽ اڏندڙ غبار جي نسبت صحيح ۽ سڍي لڳي ٿي. ساڳي وقت واريءَ جي ڍير (جسم) تي وقت جو گھلي رھيو آھي ۽ خواھشون غبار بڻجي اڏامي، واريءَ جي ڍير کي ختم ڪري رھيون آھن. اھڙيءَ طرح ھن بند ۾ بندش بھ ٺيڪ نظر اچي ٿي. ”شيام“ جي ھڪ ئي غزل مان ھي ٽي بند پڙھڻ جھڙا آھن. خيال سادا آھن، پر تشبيھون، ۽ انداز بيان قابل تعريف آھن: +اجھو اس پئي چنبڙي ائين گلن کي، +بکيو چنبڙي جيئن ابھم ٿڻن کي. +اسوءَ جي اسن ۾ ٿئي محسوس ائن لڳو، +ھٿن سان ڍڪيو ماءُ پٽ جي ڳلن کي. +ٻپھريءَ جو ڄڻ اولڙا آرسين جا، +شرارت سجھي ڪا پپر جي پنن کي. +نئين ڪوتا جي بانين جو ويچار آھي تھ اڄ جي شاعريءَ ۾ اڄ جي شھري دنيا جا مسئلا ئي اچڻ گھرجن، جھڙوڪ انساني رشتا ناتا، دوستيءَ ۾ دشمني، دوکو دنڀ، بک بيڪاري، خودغرضي، خوشامد وغيره آھي مسئلا ھزارين سال اڳ بھ ھئا (مھاڀارت ان جو شاھد آھي) ۽ اڄ بھ آھن. اھي نوان موضوع ناھن. پر ڪوتا ۾ انھن جو ذڪر نھ جھڙو ٿيو آھي، ان ڪري ڪوتا ۾ انھن جو ذڪر مبارڪ آھي. پر پيار، قدرت، خوشي، غم، ھمدردي جھڙا موضوع بھ سدا جوان عالمي ۽ لافاني موضوع آھن ۽ شاعريءَ ۾ انھن کي دقيانوسي نھ سمجھڻ گھرجي، بشرطيڪ اھي گٺل پيٺل لفظن ۾ نھ ھجن ۽ خيال، جذبي ۽ انداز بيان ۾ نواڻ ۽ تازگي ھجي. +آخري نوٽ: +ھن مضمون ۾ مون ڪن شاعرن جي ڪچاين جو ذڪر ڪيو آھي ۽ شاعرن جو نالو ڄاڻي ٻجھي نھ ڏنو اٿم، ڇو تھ مان ڪنھن کي لوئڻ نھ ٿو چاھيان. نيڪ نيت سان صحتمند تنقيد جو آدر ڪرڻ جڳائي، ڇو تھ ان مان ساھتيڪار پنھنجين ڪچاين ۽ ڪمزورين کان آگاھھ ٿئي ٿو ۽ بھتر رچنائون لکڻ شروع ڪري ٿو. +منھنجو ارادو ھو تھ مان پنھنجا شعر ھن مضمون ۾ آڻيان ئي نھ، پر ائين نھ ڪري سگھيس، ڇو تھ ائين مقالو اڻ پورو رھجي وڃي ھا. جتي بھ پنھنجي لاءِ ٻھ سٺا اکر لکيا اٿم، انھن لاءِ ائين سمجھڻ گھرجي تھ اھي موھھ وچان لکيا اٿم. انھن اکرن ۾ ڪيتري صداقت آھي، اھو فيصلو تھ ايندڙ وقت ئي ڪري سگھندو. +(سپون) +ايم. ڪمل +سنڌي غزل تي تنقيدي نظر +ڪنھن خوب چيو آھي: ’نياپو نھ کاري، نياپو ڏيندڙ کاري‘. ٻين اکرن ۾ جي ڳالھھ ڪرڻ اچي، تھ ڳالھھ بگڙي نھ ٿي. يعني ڳالھھ چوندڙ پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪجھھ اھڙا لفظ چوندي ۽ اھڙو چوڻ جو ڍنگ اختيار ڪري، جو ٻڌندڙ تي گھربل اثر جو جادو ڇانئجي وڃي. +غزل ذريعي اھو ”اثر جو جادو“ جاڳائي سگھجي ٿو ۽ جاڳايو ويو آھي. سطحي نظر سان ڏسبو تھ غزل چوڻ سولي ۾ سولو آھي. رديف، قافيو، ٻن سٽن جو ھڪ شعر، پنج شعر ۽ غزل تيار. پر گھرائيءَ جي نظر سان ڏسبو تھ ھي ڏکئي ۾ ڏکيو معلوم ٿيندو. اھو ان ڪري، جو ان محدود دائري ۾ شاعر کي پنھنجي ذھني ۽ جذباتي ڪيفيت جي رنگ سان پڙھندڙ جي دل جي دامن کي رڱڻو آھي. ھن کي پنھنجي غزل جي ترنم جي تاثير ۽ جمالياتي اثر ۾ محو ڪري ڇڏڻو آھي؛ ھڪ مبھم راحت جي لھر پڙھندڙ جي دل جي تھھ ۾ ڊوڙائڻي آھي. ان ڪري غزل نؤ مشقن جي لاءِ مشق جي حيثيت رکي ٿو تھ استادن جي استاديءَ جو معيار بھ مقرر ڪري ٿو. +ھر اعلى غزل جي تخليق گھڻو ڪجھھ طلبي ٿي. اثر جو جادو جاڳائڻ لاءِ، احساس جي شدت، فڪر جي گھرائي، شعور جي بلندي، زبان جي پختگي ۽ فني دسترس ھئڻ لازمي آھن. ھر قسم جي خيال کي پوري ڪيفيت، جمالياتي تاثر ۽ دلڪش انداز سان پنھنجي انفرادي ڍنگ ذريعي پيش ڪرڻ، سڀ جي وس جو روڳ ناھي. ڀل اھو خيال رومانوي درد جو ھجي يا غم جي فيلسوفيءَ جو، حسن جي شوخي ھجي يا ان سان ڇيڙ ڇاڙ جو، جوش جو ھجي يا سوز گداز جو. تصوف جو ھجي يا اخلاق جو. ظاھر آھي، اھڙي تخليق، جنھن ۾ ديرپا اثر ۽ دلنشيني ھجي، فڪر، احساس ۽ جذبات کي گرمائڻ جي قوت ھجي، سو پڙھڻ، ڪڙھڻ ۽ ٺرڻ کان پوءِ ڪري سگھجي ٿي. +غزل ۾ خيال جي وضاحت ممڪن ناھي. اظھار جي ڪشادگيءَ لاءِ غزل نھ آھي. اھو ميدان نظم جو آھي، جتي خيال کي گھربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڦھلاءُ ڏئي سگھجي ٿو. غزل تھ شاعري جي ”عطر جو عطر آھي“ (فراق). غزل، انساني دل جي لطيف جذبي ۽ ڪيفيت جو چند لفظن ۾ پر اثر اظھار لاءِ موضوع آھي. نظم ۾، پيچيدا خيال، جذبا ۽ تخيل کي سڌو ۽ سولو پيش ڪري سگھجي ٿو. انھن کي ٽڪرن ۾ ورھائي (نظم جي ھيئت موافق) انھن جو تفصيل سان بيان ڪرڻ عيب ناھي. پر غزل ۾ تشريح بدران رمزي اشارن جي زبان ۾ ڳالھائڻو پوي ٿو. غزل، جذبي ۽ تخيل جي رمزي زبان آھي. غزل نھ صرف ڌنڌلن عڪسن سان روشن آھي، پر انھن اشارن سان دلڪش پڻ. + + +اعلى غزل گو شاعر ڪنھن مخصوص داخلي ڪيفيت کان مجبور ٿي، غزل جي رچنا ڪري ٿو ۽ ان غزل ۾ خاص فضا جو احساس ملي ٿو. شاعر جو مرڪزي احساس مختلف شعرن جي صورت اختيار ڪندي بھ جذباتي ۽ ذھني ھم آھنگيءَ جي نفيس تند ۾ ٻڌل رھي ٿو، جا مجموعي تاثير جي ھٿي ۽ غزل جي جمالياتي پھلوءَ جو سھارو آھي. دراصل، اھو جمالياتي حسن، غزل جي ھيئت، وزن، خيال، رمزي ۽ اشاري جي زبان، طرز بيان، جذبي جي شدت، شاعر جي شعور، انھن مڙني پھلوئن جي رنگين اتحاد مان حاصل ٿئي ٿو. اھو اجھو ھيئن ٿئي ٿو. غزل، مطلع (مکڙي) سان شروع ٿئي ٿو. مطلع سان پڙھندڙ يا ٻڌندڙ قافيي جي آواز کان اشاري کان واقف ٿيو وڃي. رديف جي ڄاڻ، کيس ترنم جي لھرن کان آشنا ڪري ٿي. ھن جي دل ۽ ھن جو دماغ، غزل جي فضا ۾ پاڻ ٺھڪائي لطف وٺڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. غزل جو ھر شعر، جو خود پنھنجي ليکي مڪمل خيال ھوندو آھي، جنھن جو حسن پيش ڪرڻ جي طرز ۽ زبان جي پختگيءَ سان چمڪايو ويندو آھي، جو شاعر جي شعري مرڪزي احساس کي چٽو ۽ گھرو ڪندو، شاعر جي شعور جو ڏس ڏيندو، مختلف راھن تان ڦرندو، دلين کي اثر سان رڱيندو، ھڪ ئي ماڳ ڏانھن سرندو آھي. +سڄي غزل کي پڙھڻ کان پوءِ جذباتي سڪون، ذھني تسڪين، دل ۾ ٽڙيل پکڙيل مبھم خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو. جيئن وڻندڙ سنگيت ٻڌڻ سان، دل ۽ دماغ تي ھڪ ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. اھو آنند، اھا روح کي ڇھندڙ لھر، غزل جي جمالياتي تاثر مان پِڙ پوي ٿي. البت ان جماليات جي احساس کي محسوس ڪرڻ، ھر شخص جي ادبي ذوق ۽ فھم تي بھ مدار رکي ٿو. اھو ان ڪري جو غزل جي شعر کي صرف پنھنجي ذاتي تجربي جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. ھر انسان جي انفراديت ڌار ڌار آھي. ٻھ شخص ساڳئي شعر کي پسند ڪن، پر الڳ (نقطئھ) نظر سان. اھو بھ ممڪن آھي تھ ھڪ کي شعر لاجواب لڳي ۽ ٻئي لاءِ ساڳيو شعر ڪا معنى ئي نھ رکندو ھجي. ساڳيءَ ريت ھر شاعر جو بھ خارجي حالتن مان حاصل ڪيل اثر الڳ الڳ ٿئي ٿو ۽ ھر شاعر جو شعر تجربي جو نوع بھ مختلف. +اھو ئي ڪارڻ آھي، جو ساڳئي موضوع کي ھر شاعر پنھنجي فڪر جي طرز ۽ انداز بيان سان پيش ڪري ٿو. ھر شاعر جي ساڳئي موضوع تي لکيل شعرن مان مختلف لطف حاصل ڪري سگھجي ٿو. +غزل جي محدود فني دائري جي ڪري ان کان ڪناري ڪرڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي ۽ ان کي گھٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ، ان ۾ شاعر جي پيش ڪيل خيالن ۾ سچائيءَ ۽ پوري جذبي جو احساس نھ ٿو ٿئي ۽ غزل صرف قافيي پئماني ۽ اکري بازيگريءَ جو ھڪ نمونو ٿي رھجي وڃي ٿو، جتي صرف استادن جي استادي چمڪي ٿي. +ٻيو اعتراض تھ غزل ۾ معنوي انتشار ھئڻ ڪري ذھني ۽ جذباتي ڪيفيت جو اثر زخميل رھي ٿو ۽ ٽيون اڄ جي بدليل زندگيءَ جي شعور ۽ قدرن سان نڀائڻ، زندگيءَ جي تقاضائن ۽ حالتن جي صحيح عڪاسي ڪرڻ، ھن سخن جي شاخ جي وس کان ٻاھر آھي. +اگر مٿيان اعتراض، سؤ سيڪڙو صحيح ھجن ھا، تھ غزل انھيءَ ويل ئي دم ٽوڙي ڇڏي ھا، جڏھن حالي (اردوءَ جي مشھور عالم ۽ شاعر) ان تي زوردار قلمي ھٿار کنيو ھو، پر ان ھوندي بھ، غزل ڦلجندو ۽ ڦولجندو رھيو آھي. اھو صاف ظاھر ڪري ٿو تھ مختلف حالتن ھيٺ غزل ۾ زنده رھڻ جي صلاحيت موجود آھي. جديد دور جي غزل ۾ پراڻا اشارا ۽ استعارا، نين معنائن جا ويس پھري پنھنجي سونھن پسائي رھيا آھن ۽ نوان گھڙجي رھيا آھن. اڄ جو غزل نين ترتيبن ۽ تجربن جي آغوش ۾، اڄ جي حياتيءَ جون مجبوريون ۽ وسعتون، غم ۽ خوشيون، نوان نظارا ۽ مطلب سمائي رھيو آھي (البت اھي تجربا اڃا سنڌي غزل ۾ اھڙي زور سان نھ ٿيا آھن.) +درحقيقت، مٿيان اعتراض، غزل جي ھيئت ۽ بنيادي اصولن تي تھ ھئا، پر ان ۾ ڀرتي ٿيندڙ چوسيل چٻاڙيل مواد، پِٽيل طرز ۽ بي معنى رديف ۽ قافيي جي ڀرمار تي ھئا؛ جنھن مان شاعر جي نھ ٿي عظمت چمڪي ۽ نڪي فڪري جمال ٿي جھلڪيو. ڪجھھ ھو، تھ بس لفظ پرستي ھئي يا محاوري بازي ھئي. پر اعلى غزل گو شاعرن غزل ۾ وسعت ۽ دلپذيري ھئڻ جو ثبوت ڏنو آھي. اردو ادب ۾ غزل تھ ”ادب جي آبرو“ سڏيو ويوآھي. (پروفيسر رشيد احمد صديقي). +انھيءَ ڏکوئيندڙ حقيقت کي نظرانداز نھ ٿو ڪري سگھجي تھ سنڌي ادب ۾ غزل اھو درجو حاصل نھ ڪري سگھيو آھي، جيڪو ھن کي اردو ادب ۾ نصيب ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ ڳولڻ لاءِ، اسان کي غزل جي اوائلي دور کان وٺي اڄ جي غزل تائين تحقيقي ۽ تنقيدي نظر ڪرڻي پوندي. +سنڌيءَ ۾ غزل، (صحيح معنى ۾) اردو ادب مان آيو. جنھن وقت سنڌي شاعر ان جي مشق پچائي رھيا ھئا، تنھن وقت اردوءَ جو غزل جوان ٿي چڪو ھو ۽ ھن جو سڪو ڄميل ھو. سنڌي دل ۽ دماغ بيتن، واين ۽ ڪافين (جن ۾ سنڌيت ۽ سنڌي زندگيءَ جو حسين اڀار ھو) سان معطر ھو. غزل جي فضا سنڌيءَ لاءِ اوپروءَ جان ھئي (سنڌيءَ ۾ ھنديءَ وانگر شاعري عورت جي طرفان ٿي ٿئي، جنھن ۾ آزي نيازيءَ ۽ بي وسيءَ جو اظھار آھي ۽ اردوءَ ۾ مرد جي طرفان، جنھن ۾ وصل جي طلب ۽ آرزو، ڇيڙ ڇاڙ آھي) اھو ابتو رخ ھو، جنھن تي سنڌي ذھن اڃا پوريءَ طرح ھري نھ سگھيو ھو. ھن دور جي غزلن ۾ غزل جي فضا جو احساس نھ ٿو ٿئي. انھن تي ڪافين جو رنگ ڇانيل آھي. ان دور جا غزل گو شاعر پنھنجي غزل ۾ سنڌي ماحول کي جتائڻ ۾ بلڪل ناڪامياب رھيا. منجھن فني ڪماليت ھئي، پر جذبات جي گرمي کان محروم ھئا، ان ڪري سندن طرز جو بيان ڦڪو يا اردوءَ جو اوڳاريل ڦوڳ ھو. تخيل جي جوھر کان وانجھيل ھئڻ ڪري، زبان جي زوري تي، يا محاوري بنديءَ سان، شعر تي ميناڪاري ڪري، ٿوري وقت لاءِ دلين کي ڪتڪتائيندا ضرور ھئا، پر دماغ تي ڪو نقش چٽي نھ ٿي سگھيا. سندن ذھني عمل جي وسعت ۾ گھرائي ۽ گيرائي نھ ھئڻ سبب سندن ڪلام کي عارضيت جو ڪينئون لڳي ويو. +ھو اردوءَ جي نقالي ڪرڻ لڳا. (بدنصيبيءَ سان فارسيت سان پيار ان وقت جو ادبي فئشن ھو، جنھن بھ اردو جي نقاليءَ کي زبردستي ھٿي ڏني) سندن عشق جو تصور بلڪل محدود ھو. خارجي ھو، يعني ان جي حد معشوق جي پيرن کان زلفن جي وراڪن تائين ھئي. ٻئي ڪنھن بھ زندگيءَ جي دلچسپيءَ سان انھن جي عشق جو واسطو نھ رھيو. انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ ھنن ڪوبھ رشتو نھ جوڙيو. صرف تشبيھن ۽ استعارن جي لاشن کي اکري ڪفن ڍڪيندا ويا.زندگي رنگارنگيءَ، رنج ۽ خوشين سان ڄڻ انھن شاعرن جو ڪو رشتو ئي نھ ھو. ان دور جي زندگيءَ جي جھلڪ غزل ۾ عدم پيدا آھي ۽ غزل ”استادي معيار“ جي علامت نظر اچي ٿو. استاد، فني چشما چاڙھي دماغي ڪلابازين جا ڪرشما ڏيکارڻ لڳا ۽ غزل کي عوام جي ٻوجھھ کان ايترو تھ مٿي کڻي ويا، جو اھو صرف، چند مخصوص عالمن لاءِ، ذھني عيش ٿي پيو. عوام وري بھ پنھنجي ادبي اڃ ڪافين، بيتن ۽ واين مان مٽائيندو رھيو، جن ۾ سندن روح رچيل ھو. +اھا سنڌي ادب جي بدبختي آھي، جو استاد فن جي محلات کي ڇڏڻ لاءِ تيار نھ ھئا ۽ جن شاعرن کي عوام جي ادبي ۽ جذباتي پياس جو احساس ٿيو، جن وقت جي تقاضا جو آواز ٻڌو، انھن فن جي محلات ڏانھن اک کڻي بھ نھ نھاريو. انھن شعري اظھار لاءِ نئين راهھ ضرور اختيار ڪئي، پر فني ڪچائيءَ ۽ زبان جي بي پختگيءَ سبب انھن جي شاعري پوري اثر سان نمايان نھ ٿي سگھي. پراڻا پيچرا ڇڏي، ھي شاعر وري اکرن جي جھنجھڻن جي آواز ۾ اٽڪي پيا ۽ سندن شاعري تڪ بنديءَ جي سرحد تي وڃي پھتي. پر ساڳئيءَ وقت عام ماڻھن جي سمجھھ جي دائري ۾ ھئي. ڀلا اڃايل، ٻاڙي پاڻيءَ جي سواد مان ڪھڙو ڪانو ڪڍي؟ ان ڪري ڪچي ڦڪي شاعري ڪندڙ کي بھ عوام ”عظيم شاعر“ تسليم ڪرڻ ۾ ھٻڪ نھ ڪئي. +ملڪ جي ورھاڱي بعد، حالتن گھڻو ڦيرو کاڌو. نين حالتن نوان مسئلا پيدا ڪيا. اجھي لٽي ۽ ان جي پريشانين، ۽ آئيندي جي سوچ سبب ھند ۾ سنڌي ادبي فڪر ۽ فھم دٻجي رھيا ۽ جذبات ليٽي رھي. ڪجھھ ٿائينڪي ٿيڻ بعد، سنڌي ادب جي گونج وري ٻڌڻ ۾ آئي. چند وڏن شھرن ۾ ساھتڪ منڊل پئدا ٿيا، جتي بزرگ ليکڪ، اسرندڙ اديبن سان گڏجي، پنھنجي سماجي، تھذيبي ۽ نئين ادبي شعور سان آشنا ٿيڻ لڳا. جذباتي تازگي، نئون جوش، بدليل شعور، ۽ اڳيون تجربو، سڀ گڏجي، سنڌي ادب جي ڪاروان کي اڳتي وڌائيندا رھيا. +سنڌي غزل وري جنبش ۾ آيو. (گرچ شروعاتي دور ۾ ماضيءَ سان چھٽيل رھيو) +انساني بنيادي احساسن جي ترجماني ڪندي شاعرن غزل تي مڙھيل معنى کي وڌيڪ وسيع ڪيو. ھن دور جي غزل ۾- ماحول جو زوردار اثر، نئين سوجھھ ٻوجھھ، پاڻ کي سڃاڻي ڪنھن ھنڌ بيھارڻ جو احساس، ماضيءَ جي سکن جو غم، وطن جي وڇڙڻ جي پيڙا، سياسي چالن سان گڏوگڏ، نئين زندگيءَ جون نيون تقاضائون. ذھني الجھاءَ، آشائون ۽ نراشائون ۽ ڪنھن حد تائين پراڻين علامتن ۽ اشارن کي بلڪل نين معنائن ۾ پيش ڪرڻ جي شعوري ڪوشش نظر اچي ٿي. ھاڻي غزل کي خارجي سجاوٽ ۽ فارسيت کان آزاد ڪيو ويو. نج سنڌي ترڪيبن ۽ طرزن سان منجھس سنڌيت جي خوشبوءِ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. +نئون امنگ ۽ فھم، احساس جي گرمي، وڌيڪ پختگي، شعور ھوندي، بھ غزل؛ تاثير جو فنڪارانھ اظھار پائي نھ سگھيو. فني ڪچاين ڪري، شاعر غزل جي نفاستي ۽ جمالياتي پھلوءَ سان نڀائي نھ سگھيا. ترقي پسند سڏائڻ جي شوق ۾ ڪن شاعرن تھ غزل کي نعري بازيءَ جي حد تي رسائي ڇڏيو. +غزل ھڪ ڪٽر سخن جي شاخ آھي، جا شاعريءَ جي پوري شخصيت جي تقاضا ٿي ڪري. اعلى غزل جي رچنا سولي ناھي، ان ڪري گھڻن شاعرن، غزل کي ”کٽو انگور“ چئي ان کان ڪنارو ڪيو ۽ ان تي اٿاريلن پراڻن اعتراضن کي زوردر نموني دھرايو. ۽ ان تي روايتي اعتراضن سان روايتي ھئڻ جو الزام ڌريو، ۽ ڌريندا رھن ٿا. ھي عالم ان حقيقت کان الائي واقف آھن يا نھ، تھ زندگي ۽ ادب، ھر دور ۾ بدلجندو رھي ٿو. ادبي ذوق ۽ شعور ۾ ڦير ڦار ٿيندي رھي ٿي. پراڻي ادب جو اھو حصو، جو پوريل دفتر ۾ شمار ڪيو ويو، وري بھ ذھني ۽ جذباتي تسڪين جو سبب ٿي سگھي ٿو- ۽ ٿي رھيو آھي. +درحقيقت غزل ۾ اِنساني عظمت جي احساس، زندگيءَ جي نون قدرن جي، ان جي مجبورين ۽ مختيارين تي نئين اسلوب سان ادبي تجربا ٿي رھيا آھن، جن ۾ اکرن جا ارٿ، پنھنجا پراڻا لباس ڦٽا ڪري نوان ويس پھري رھيا آھن. +سنڌي غزل ۾ اھڙا ڪامياب تجربا دير سان ڪيل نظر اچن ٿا. باشعور شاعر ان ڏس ۾ اڃا ڪلڪراني ڪري رھيا آھن، جا ھاڻي سطح تي نظر اچي رھي آھي. +(’جھريل منھنجو جيءُ‘ ”غزلن جو مجموعو“ – گذارش: جولاءِ ١٩٧٨ع) +ايم ڪمل +نئين غزل تي مختصر نوٽ +غزل جي اڳيان ”نئون“ صفت، ڪويتا جي صفت ”نئين“ جي حوالي ۾ مختلف نھ، پر محدود ضرور آھي. نئين ڪويتا ۾ ٻنڌن ڪونھن، سٽن جو سٽاءُ، لفظن جي ٽوڙ يا جوڙ، سڀ شاعر جي شاعراڻي تجربي جي اظھار ۽ سندس جذبي جي شدت تي منحصر آھي. ڪي بھ ليڪا يا حدبندي ھن لاءِ ناھن، پر غزل ۾ اھا آزادگي ناھي. نئين غزل ۾ پڻ وزن، قافيي، رديف، ربط، انھن تمام فني پھلن جي پورائي، عمدي غزل (نئين يا پراڻي) لاءِ لازمي شرط آھي. اھي بنيادي فني ضرورتون آھن. ڪي دوست نواڻ جي ڏس ۾ انھن ۾ اضافي جي دعوى ڪندا آھن. جيسين وزن جو سوال آھي انھيءَ ۾ تجربي جي گنجائش ممڪن آھي، پر ٻين فني نقطن سان ھٿ چراند، غزل جي حق ۾ زيادتي ٿيندي. مثلا: رديف، قافيي، ربط، وغيره سان. ڪي اديب غزل جي نواڻ جي سھاري ربط جي لڪل پھلو (جي ھنن جي خيال موجب شاعر جي ذھن ۾ ھوندا آھن) اجاگر ڪندا آھن ۽ ان کي نئين ذھني سوچ جي نئين فن سان وابستھ ڪري دعوى ڪندا آھن تھ اھي ”نئين“ غزل جا نوان پھلو آھن ۽ جي غزل جي روايت ۾ عيب ڪري شمار ڪيا ويا آھن، سي ھتي ”خوبي“ آھن. حقيقت ھيءَ آھي تھ لڪل ربط، جو فقط شاعر جي دل جي دنيا ۾ ھوندو آھي، جنھن جو ڪوبھ ھلڪو اشارو شعر ۾ نھ ملندو آھي، تھ اھو شعر ھڪ پرولي ٿي رھجي ويندو آھي. رھيو سوال لڪل ربط جو، سا ڪا نئين کوجنا ڪانھي. اھو غزل جيڏو پراڻو آھي. ماحول، ڪردارن، ڪھاڻين سان، Relative (لاڳاپيل) اسم ۽ صفتون ازحد ذھن ۾ جڙي اڀري بيھنديون آھن. غزل ھونئن بھ بنيادي طرح اشارن ۽ علامتن جي زبان آھي تھ ھاڻي سڀاويڪ سوال اٿي ٿو تھ نئون غزل، ”نئون“ ڇا ۾ آھي؟ +نئين ڪويتا وانگر- اڄ جي دور جو احساس، يعني مادي خوشحالي، ذھني ڪنگالپڻو، مشيني ۽ مڪينيڪل زندگي، خوف، بي يقيني، تنھائي، اجنبيت، بي چارگيءَ جو احساس، وغيره جا اشارا نئين غزل جو روح آھن، يعني پراڻي ۽ نئين غزل ۾ بنيادي فرق ھن بدليل فضا جو آھي. اڳئين غزل ۾ دلڪشي، فن جي سھاري بنائي رکبي ھئي، عجيب و غريب رديفن سان، محاورا بنديءَ سان، اکرن جي ٽڪراو سان، انداز بيان سان، ۽ ٻين فني خوبين سان، انھن مڙني پھلن سان غزل ۾ جا فضا جڙندي ھئي، سا رومانوي، سانوڻ جي ڀڄندڙ ڪڪرن جي ڪيل جھڙ ۽ اس وانگر ھوندي ھئي. شاعر تي سماجي، اتھاسي، سياسي ۽ زندگيءَ جي ٻين دٻاون جو ڪوبھ نشان نھ ملندو ھو، اھڙي غزل جي فضا دل کي ڪتڪتائيندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن دل وٽان راه ڪندي دماغ کي چوريندي ھئي. +نئين غزل جي فضا، بلڪل ان جي ابتڙ آھي. +نئين غزل ۾ انسان تي پيل دٻاو اڀرن ٿا. انھن جي شعري ردعمل ۾، نوان اشارا، نيون علامتون، وجود ۾ اچن ٿيون. طنزي انداز بيان، غصي ۽ بي چارگيءَ جو انوکي ڍنگ سان اظھار، اھو تخليقي عمل، غزل ۾ نئين فضا کي جنمائي ٿو- فضا، جا ذھن کي جھنجھوڙي ٿي ۽ جنھن ۾ دل کي ڇھاءُ دماغ جي وسيلي رسي ٿو. +مان ھڪ ڳالھھ صاف ڪري ڇڏيان، تھ منھنجو اھو مطلب ناھي تھ عشق ۽ محبت کي نئين غزل ۾ ڪا جاءِ ڪانھي. انساني بنيادي احساسن کان، ڪنھن کي بھ انڪار ڪونھي، صرف جديد نظر ۽ بدليل ذھني رويي جو سوال آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن کان سواءِ ڪوبھ شعري تجربو ۽ ان جو اظھار ”نئون“ ٿي نھ ٿو سگھي. +پراڻي ۽ نئين غزل جي زبان، استعاري جي وسعت، علامتن ۾ لڪل معنوي تھھ، يا ان ۾ نوان آيل ڪردار ۽ سندن شعري استعمال تي مڪمل بحث، ھن ”نوٽ“ جو مقصد ڪونھي، مون فقط ٿلھي ليکي ”پراڻي“ ۽ ”نئين“ غزل جي نشان بندي ڪئي آھي. +(’روشن راھون ڌنڌلا ماڳ‘ جو پيش لفظ: جولاءِ ١٩٨١ع) +ايم ڪمل +غزل سولي ۽ اوکي صنف سخن +ھر ڪلا انساني رت تي پلي آھي، وڌي آھي. ان ڪري انساني حالتن جي سڳنڌ ۽ بدبوءِ اتھاس جي روشنيءَ ۽ اوندھھ جو پاڇو آھي مٿس- ۽ اتھاس جون پاڙون، تنھنجي منھنجي رنڌڻي کان وٺي جنگ جي ميدان تائين ڦھليل آھن- ۽ ڪلاڪار ساڳئي وقت ڀن ڀن (مختلف) سرحدن تي لڙي رھيو آھي- پر ھن جي مکيھ جنگ جي سرحد آھي سندس دل. +ھر صلح نامو- ٻيءَ جنگ جي تياري آھي. ڪلاڪار جي ھر مڪمل رچنا ھڪ صلح نامو آھي، ۽ ٻيءَ رچنا جي عمل جي تياري، يعني دل سان ڪنھن نھ ڪنھن ڪارڻ جنگ. ھن جنگ ۽ صلح نامي جي وچ ۾ آھن، ھن جا سپنا، پيار، خوشيون ۽ غم، ھن تي ٺوسيل حالتون، مڙھيل سمجھوتا، زندگيءَ جي ھڏن تي،ماس جي پڪڙ کي پختو ڪرڻ لاءِ، رشتن ۽ رسمن جي جھان ۾ محفوظ رھڻ لاءِ، ڪراھت ۽ ڌپ ڀريل ماحول ۾- چند گھڙين کي خوشبوءِ سان ڀري جيئڻ لاءِ- ھن جي تمام ڪشمڪش، صلح نامي ۾ پوشيده آھي. +ھيءَ پنھنجي دل سان جنگ تھ انساني ورثو آھي. دراصل ھيءَ جنگ ھر شخص لڙي ٿو. پر با احساس ۽ تيز ذھن رکندڙ شخص، ان کان باخبر آھي، ۽ ٻيا اِن احساس کان وانجھيل آھن، پر صلح نامي جو اظھار- صرف فنڪار جو حصو آھي. شاعر، ھيءُ صلح نامو لفظن ۾ لکي ٿو، چترڪار، رنگن ۽ تصويرن ۾، ۽ ائين ھر ڪلا جو ھيءُ اظھار پنھنجيءَ پنھنجيءَ طرح ٿئي ٿو. +ڇا ھيءُ اظھار- صلح نامو- ڪلاڪار جو، پنھنجو نجي معاملو آھي؟ +شاعر کي پيغمبر سڏيو ويو آھي. +شاعر ۽ پيغمبر؟! شاعر تھ ڪافر آھي. خوددار، نھايت ئي نٺر جيءُ- خارجي دٻاون کان ٽٽل، اندرين تقاضائن کان پرزا پرزا ٿيل انسان- جو توھان کي توھان جي ئي اڻ وڻندڙ احساس کان واقف ڪري، چٽو ڪري، بي چين ڪري ٿو. ڏاڍا ناخوش گوار سچ سامھون رکي، ڏکوئي ٿو/ شرمائي ٿو/ ڇِرڪائي ٿو. پاڻ تھ ننگو آھي ئي، پر ٻين جي بھ پڳ، پھراڻ ۾ ھٿ وجھي، کين اگھاڙو ڪري ٿو. شاعر ئي ڇو، ھر اديبَ، سچي اديبَ، ڪيترا ڪوڙا سچ، خام خياليءَ (Fantasy) ذريعي، ڪيتريون حقيقتون افساني جي طرح کوليون آھن. ڪيترا حادثا، ڪڏھن آپ بيتيءَ، ڪڏھن جڳ بيتيءَ جي نوع ۾ واضح ڪيا آھن. اديبُ ڍڪ ڍڪاو جو ويري آھي. ڪنھن واد، سياسي، سماجي، ڌرمي، يا اخلاقي پرچار مان ھو نھ ڄاڻي. اِھا ٻيءَ ڳالھھ آھي تھ ھي سندس رچنا ۾ تمام ڇڊي رنگ سان، سندس رچنا جو اڻ ٽر حصو ٿي پيش ٿيندا آھن. (ڪي ليکڪ، اخلاقي، سياسي، وغيره پرچار شاعريءَ ۾ ڪري، ان خوشفھميءَ ۾ رھندا آھن تھ ھو بھ شاعر آھن.) اديب سدائين انساني وقار ۽ عظمت جي حق ۾ اٿي کڙو ٿيو آھي. ظلم ۽ بي انصافيءَ جي خلاف لڙيو آھي. زندگيءَ جي سونھن، نزاڪت ۽ خوشحاليءَ جو حامي رھي، ھن ھميشه زندگيءَ کي بار ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ادبُ تھ ھڪ دائما وھندڙ ندي آھي- ھر پل پراڻي، ھر پل نئين. ادب اتھاس آھي، اتھاس ادب. +نھ، صلح نامو شاعر جو نجي معاملو ناھي. +شعر جي رچنا کي، گھربل تاثير تائين پھچائڻ، شعر سان دل ۽ دماغ کي چورڻ، جنبش ۾ آڻڻ، ڪو آسان مرحلو ڪونھي. پنھنجي خيال، احساس، ذھني ۽ جذبات جي ڪيفيت جي مڪمل عڪاسي ڪرڻ لاءِ، ۽ ان لاءِ ڪھڙو طرز بيان ڪارگر آھي، ڪھڙي نظاري جي منظرڪشي صحيح آھي، اھو شاعر جي ادبي شعوري چونڊ تي مدار رکي ٿو. ھيءُ معاملو ائين ئي، ھتي ئي ختم نھ ٿو ٿئي. جو اصلي خيال، احساس، جذبو، تخليق، جي آخرين صورت ۾ ڪيترو ڍڪجي/ دٻجي وڃي ٿو. احساس ۽ اظھار جي درميان، ڪيتري وٿي رھجي ٿي وڃي. ان جي باوجود جي رچنا، پڙھندڙ جي فڪر فھم ۽ اڌمي کي حرڪت ۾ آڻي، رچناڪار جي خيال- احساس جي راھھ تي چوري ٿي، تھ چئبو، سندس شعري تجربو، سندس تخليق ڪامياب ويئي. +ان گھربل اثر جي جادو جاڳائڻ لاءِ شاعر لاءِ نھايت ضروري آھي تھ ھو لفظن کي مڪمل طرح سان سمجھي، ۽ پرکي. انھن جا رنگ، لڳ لاڳاپا، سندس اتھاس، سڀاءَ، ذائقو، مطلب تھ سندن رڳ رڳ کان واقف ٿئي ۽ ان بعد ئي ھو لفظن کي پنھنجي چئي ۾ ھلائي سگھندو. انھن جا نوان لڳ لاڳاپا جوڙي سگھندو ۽ کين نئون اتھاس عطا ڪندو- ورنھ ھو، (لفظ) ھن تي راڄ ڪندا- ۽ شاعر رچنا جو خلقيندڙ نھ، پر اڳ ڪنھن ٻئي جي خلقيل ڪلام جو ٻولڙيو ٿي رھجي ويندو. +ھتي شاعريءَ جي فن جي ڄاڻ بھ ضروري شرط آھي. پر ھيءُ فن سکي بھ گھڻا صحيح معنى ۾ شاعر نھ ٿي سگھندا آھن- ھا- شاعريءَ جا ڪاريگر ضرور ٿي پوندا آھن- جو فڪري بلندي ۽ گھرائي، احساس جي شدت جي غير موجودگي، کين شعري تجربي جي جرئت ۽ ڪجھھ ٻيءَ طرح سان چوڻ جي ڍنگ کان محروم رکندي آھي. سندن رچنا ۾ سڀ ڪجھھ ھوندو آھي، شعر جي آتما (روح) کان سواءِ، يعني اثر کان سواءِ. +شاعر جو ھڪ ئي موضوع تي، ڀن ڀن (ڌار ڌار) طرز ۽ رفتار سان پرڪرما (طواف) ڏيڻ گھاتڪ آھي تھ ھڪ ئي طرز بيان ۽ ڍنگ سان چوڻ بھ. پھرين حالت ۾، شاعر جي نظر قيد آھي، ٻيءَ حالت ۾، سندس ھڪ ئي طرز ۾ سوچڻ ۽ چوڻ، ھن جي خيال ۽ احساس جي اظھار تي حاوي پئي، ان جي روح کي نھوڙي ٿو نئي. ٻنھي حالتن ۾، يڪسانيت جي ڪري، ڪلام مان، بيزاريءَ جو احساس ٿو اڀري، جنھن کي پوري زور سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. جڏھن اھڙي شاعر جو مجموعو پڙھجي- ڌار ڌار وقت تي، سندس ھڪ ٻن رچنائن مان اھا ”بي مزي“ بوءِ نھ ايندي آھي. +ھي ٻئي قسم، ادبي جمود جا نمونا آھن. ۽ فن ۽ فڪر جي اِرتقا لاءِ غير صحتمند. اسان وٽ ٻنھي قسمن جي شاعري موجود آھي. پر ھن محدود دائري ۾ رھي بھ، اعلى شاعري ڪري، ان بيزاريت جي احساس کان پڙھندڙن کي دور رکجي، ان لاءِ، غير معمولي ۽ حيرت انگيز صلاحيت گھرجي ٿي. اھڙو حادثو، ھن دؤر ۾، سنڌي شاعريءَ ۾ اڃا تائين ڪونھ ٿيو آھي. +ڪوبھ لفظ، موضوع، غير شاعراڻو ڪونھي. اِھو شاعر جي فڪر ۽ احساس جي شدت، ۽ ادبي شعور تي منحصر آھي تھ ڪنھن طرح سان، ھو ان کي استعمال ڪري. ظاھر آھي تھ ھتي صرف شعري ڪاريگري ئي ڪارگر ناھي. عروض جي انڌ ڪيترن عالمن/ شاعرن کي، زبان جي تازگيءَ ۽ شعري تاثير کان محروم رکيو آھي. ان ڪري ڪاريگر شاعرن جي ڪلام مان، وزن اکيون ڏيکاري ٿو- (گرچ ان جو چھرو غائب آھي.) لفظ، شعر ۾ ھڪ ٻئي کان رٺل رٺل ٿا لڳن، جڏھن شعري خيال، انداز، لفظن جو پاڻ ۾ پرچاءُ طلبي ٿو- مثال ھڪ کان گھڻا آھن؛ مڃيل، مقبول، مشھور سخنورن جي ڪلامن مان. +ڪي عالم، شاعريءَ جو مکيھ عناصر موسيقي/ سنگيت مڃيندا آھن. (نئين شاعري ۾ تھ ان جو سوال ئي نھ ٿو اٿي.) سنگيت مئھ ڪويتا (Lyrical Poetry)، ۾ موسيقيءَ جو احساس زور سان اڀري ٿو. ان جو ھڪ ڪارڻ اِھو بھ آھي، جو اِن جي رچنا ماترائن ۾ ٿئي ٿي، جا عروضي شاعريءَ جي انتظام کان نرالي آھي- گيت ۾ ”لئھ دار“ زبان تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آھي. (رواني ۽ لئھ دار زبان ۾ فرق آھي) گيت ۾، خيال ۽ انداز بيان جي گھڻي اون نھ ٿي رکجي. اسان جي ڪيترن شاعرن جي غزلن مان ”گيت“ ليئا پائيندو نظر ايندو آھي ۽ ڪيترن غزلن مان شاھھ صاحب جا بيت. (خاص ڪري سنڌ جي شاعرن جي ماترائن ۾ رچيل غزل ۾.) ڪيترن شاعرن، سنگيت ميھ شاعري جي شوق ۾، لفظن کان جھنجھڻن جو ڪم ورتو آھي. ٽن ٽن، پنجن پنجن، ستن ستن مصرائن جو ڪلام چيو آھي. اھڙي ڪلام مان، شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي جھلڪ پسڻ جو سوال ئي اجايو آھي- جو ھيءُ بي جان ھيئت پرستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ ناھي. +پابند شاعري جي، مکيھ شاخ آھي- غزل. غزل قبوليو ويو آھي، تھ ھڪ سؤلي ۾ سؤلي ۽ اؤکي ۾ اؤکي، ڪٽر صنف سخن آھي. ڪٽر فني نقطھ نگاھھ کان- پر ساڳيءَ مھل فراخ دل بھ آھي، جو اِن ھر طرح طرح جي خيال، سوچ، جذبي جي آجيان ڪئي آھي. (چنڊ جي چانڊاڻ جي سرھاڻ کان وٺي. گھٽيءَ جي ڦاٽل گٽر جي بدبوءِ تائين.) غزل اِشارن جي زبان آھي- ڳالھھ کي ڍڪ ۾ اگھارڻو، ڳالھھ چوڻي بھ ۽ چپ بھ رھڻو. اِن ۾ ئي غزل جو لطف ۽ سونھن جو پھلو مضمر آھي. +ٽي. ايس. ايلٽ جو اِھو گفتو: ”شايد، ڪلا گھڻي ۾ گھڻي با اثر تڏھن آھي، جڏھن پوريءَ ريت سمجھي نھ وڃي.[1] غزل جي حوالي ۾، ”شايد“ لفظ ڪڍي ڇڏجي تھ بھتر. پر ان قول جي انڌي پوئلڳيءَ، غزل جي شعر کي ”اِشاري“ مان پرولي ڪري رکيو آھي- جو، شعر مان قياسي معنى ڪڍڻ کان سواءِ (اگر- اِن کي بي معنى ھئڻ جي ڏنڀ کان بچائڻو ئي آھي.) ٻيو ڪو چارو ئي نھ ٿو رھي. ڪن عالمن، نقادن، اِن کي، ”نئين“ غزل جي پھچاڻ (سڃاڻپ) چئ�� ھمٿايو، تھ ڪن ان کي ”نئون تغزل“ ڪوٺيو- (ھنن صاحبن جي سمجھھ ۾ غزل جي ھيئت ۾ جو بھ سمايل آھي غزاليت آھي- تغزل آھي- گر تغزل جي تقاضا ئي ٻي آھي) ۽ ڪن ناولٽي پسند عالمن ان کي ”روايت ٽوڙ“ جي لقب سان نوازيو. +نئين زبان، نوان اشارا ۽ نيون علامتون ۽ نئون احساس،- ۽ ذھني رويو، اڄ جي دؤر جي غزل جي نشاني آھي. نظارا، جي روايتي غزل ۾ آھن، سي اڄ ھن ۾ بھ آھن، پر، اڄ جي غزل ۾ اِنھن جي نسبت بدليل آھي، اڄ بھ شمع- گل- مئي جو ذڪر غزل ۾ اچي ٿو، پر نئين ڍنگ ۽ علامت سان، جنھن ھن سخن جي شاخ کي وسعتي ۽ رنگين ڪيو آھي. نئين زبان، نئين رنگ، روپ ۽ بوءِ جو اثر ڇڏي ٿي، اھو سڀ ڪجھھ غزل جي فن سان ھٿ چراند ڪئي بنا حاصل ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تھ اِھو ھڪ زوردار- سڌو واھڻ (ذريعو – Medium) آھي، نئين ادبي شعور، نئين سوجھھ ٻوجھھ سان شعري تجربي جي اظھار کي پوري تاثير سان پيش ڪرڻ جو؛ پر نواڻ جي مصنوعي ۽ نمائشي شوق، ان جي فني پھلوءَ کي ضربي- اِن جي اندرئين انتظام کي ختم ڪري، اِن جي جماليات کي ناس ڪيو آھي. +غزل مان سنگيت جي ئي تقاضا ڪرڻ، يا ان تي تمام گھڻو زور ڏيڻ، ادبي زيادتي آھي. خاص ڪري، نئين احساس جي نمائندگي ڪندڙ غزل مان. جنھن غزل ۾ بيحد رومانوي درد/ خوشي يا نفيس امنگن جي عڪاسي ٿئي ٿي، تھ گھربل موسيقيءَ جي پنھنجي انداز ۾ آمد ٿئي ٿي- ھونئن بھ، غزل جي اندرين تھھ ۾، خيالن جي موسيقي (Rythem)، ھڪ طرح جي وحدت ۽ انتظام ڪارفرما آھي، جو غزل ۾ تاثير ۽ گھربل فضا کي پئدا ڪرڻ ۾ ھٿي ڏئي ٿو- غزل جو جمالياتي پھلو انھيءَ ۾ ئي پوشيده آھي. +(ايم. ڪمل جي مجموعي ”باھھ جا وارث“ ۾ +”رچنا ڪار طرفان“ لکيل نوٽ (سيپٽمبر ١٩٨٦ع) +ارجن حاسد +ھند جي سنڌي غزل جو تنقيدي جائزو +غزل، شعر جو، ھيمشھ ڌيان ڇڪائيندڙ فارم رھيو آھي. زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ھر موضوع تي اڄ ڪلھھ غزل لکيو وڃي ٿو. غزل سان نباھڻ، وڏي ڳالھھ، وڏي حاصلات آھي. غزل جو انداز، غزل کي غزل بڻائي ٿو. انداز جو مطلب آھي، نياز ۽ لچڪ، وشيھ ڀل ڪھڙي بھ ھجي، نزاڪت غزل ۾ قائم، ھميشھ رکڻي آھي. نزاڪت مان مطلب آھي، شوخي، ڏنگ. غزل جيسين ڏنگي نھ ٿو، ڇھي نھ ٿو. غزل جو ڏنگ، غزل جي سھجتا ۾ آھي. سڀاويڪ نموني ۾ چيل غزل، وڏو اثر ٿو پيدا ڪري. غزل کي ھروڀرو بھ ڏکيو بڻائڻو ڪونھي. سلاست غزل جي جان آھي. حشو، اجايا لفظ نھ آھن، ٿورن لفظن مان گھڻي معنى ڇڏائڻي آھي، اِھو تڏھن ممڪن ٿي سگھندو، جڏھن لفظ بھ لفظ سان صحيح جڙاءُ ھوندو. غزل ۾ ٻن ٻن سٽن جا ڪجھھ شعر ھوندا آھن. ھر ھڪ شعر پنھنجي سر پوري معنى ڇڏائي سگھي، تڏھن ئي غزل کي غزل سڏبو، ٻيءَ حالت ۾ نظم ٿي پوندو. اھڙي فارم کي سلسليوار غزل بھ چوندا آھن. غزل جو ھر ھڪ شعر، الڳ موضوع تي ڀل ھجي، تڏھن بھ ڪو سنھڙو لاڳاپو ضرور ھجي، جيئن انھن سڀني شعرن کي ھڪ غزل جا شعر مڃي سگھجي. غزل جي شعرن جي ٻن سٽن جو پاڻ ۾ جڙاءُ، سمپورڻ ھئڻ گھرجي. چوندا آھن غزل جي ٻن سٽن کي گرھھ لڳائي جوڙيو ويندو آھي. گرھھ يعني ڳنڍ. ڪنھن زماني ۾ اِن ڳنڍ کي وڏي ڳالھھ، ۽ غزل جي سونھن سمجھيو ويندو ھو. اڪثر پھرين سٽ ۾ ڪو خيال يا Action ڏيکاري، ٻيءَ سٽ ۾ ان خيال جو پورائو، Reaction ڏيکاريو ويندو ھو. اڪثر اھو لفظن مان پيدا ڪيو ويندو ھو. جيئڻ جي ڳالھھ سان مرڻ جي ڳالھھ، صبح ۽ شام جي ڳالھھ، بھار ۽ خزان جي ڳالھھ، وغيره وغيره. ڦرندي ڦرندي اھڙو سٽاءُ ڪنھن بھ ھڪ مصرع ۾ اچڻ لڳو، ڪڏھن مصرع اول ۾ تھ ڪڏھن مصرع ثانيءَ ۾. ڪڏھن ڪڏھن تھ غزل صرف لفظن جي ڪشش، مطلب خير ڪو نڪرندو ھو. وقت مطابق اھڙن غزلن پڻ خوب داد حاصل ڪيو. +وقت ��ان غزل جو سٽاءُ ڦرندو رھيو آھي. ساھتيھ ۾ نوان تجربا ٿيندا رھيا آھن. نئين ڪوتا جنھن کي ھاڻي ڪوتا ٿا چئون، پوري زور ۽ ڌاڪ سان ادب ۾ پنھنجي جڳھھ بڻائڻ لڳي. محسوس ڪيو ويو تھ اھا رچنا، جنھن ۾ ڪو ھڪ لفظ پڻ بي معنى نھ ھجي، اجايو چنبڙايو ويل نھ ھجي، ٿورن لفظن ۾ جڙاءُ گھڻو ڪجھھ چئي سگھڻ جي قوت رکندو ھجي. اھڙي ڪوتا، جيڪا پاٺڪ کي جھنجوڙي سگھي، لاشڪ بھتر رچنا آھي. غزل لکندڙ شاعر پڻ محسوس ڪيو تھ غزل پڻ ڪجھھ اِن طرح سچوٽ بڻائي سگھجي ٿو، ۽ وقت جي ھر حقيقت کي غزل ۾ آڻي سگھجي ٿو. +اڄ جو غزل، نئين ڪوتا جو عڪس آھي. غزل جي ٻن سٽن جو جڙاءُ پڻ بدلبو رھيو آھي. يعني گرھھ لڳائڻ جو فن، لفظن سان نھ، مطلب ۽ سمجھھ Intelligence سان واسطو رکڻ لڳو آھي. نتيجو اِھو آھي، جو غزل اڄ Straight line sensibility آھي. غزل ۾ ٻھ سٽون نھ، پر غزل جون ٻھ سٽون، ھڪ سٽ بڻجي، فارم ۾ ٺھڪي بيٺي آھي. غزل کي فارم آھي، اِنڪري قافيي، رديف ۽ وزن جي پڻ پابندي آھي. يعني غزل پنھنجي بنيادي ضرورتن ڏانھن، باريڪين، ۽ نزاڪتن ڏانھن پڻ باشعور رھندو آيو آھي. غزل تڏھن ئي غزل آھي، جڏھن فن جي ٻانھن ۾ جڪڙجي، پاڻ تي نکار ٿو آڻي. اڄ جي غزل جي اِھا بھ سڃاڻپ ۽ قابليت آھي، تھ قافيو، اڳواٽ ڄاڻ ۾ نھ اچي، بلڪ قافيي اچڻ بعد ئي، غزل جي گھرائي پاڻ لکائي. غزل جي شعر جي خاموشي، Silence، وڏي معنى ٿي رکي، جيڪا سواءِ ڪنھن شور ۽ ڌماڪي جي ڇھي ٿي وڃي. اِھو ڇھاءُ ئي لطف پيدا ٿو ڪري، سوچ جي وھڪري ۾، الائي ڪٿي ٿو وڃي پھچائي. ڪي گھڙيون سرت وڃائي، جڙ ٿي ٿو پئجي. اِھا، اھڙي ڪھڙي چيتنا (شعور) ٿي اڀري، جا چھنڊڙي پائي، بت بڻائي ٿي ڇڏي. +شاعري، ھڪ Fine Art، لطيف فن آھي ۽ ڪنھن بھ فن جو ذڪر، لفظن ۾ ڪري سگھڻ ممڪن ئي ڪونھي. چترڪاري، سنگيت، نرتيھ، سنگتراشي، شاعري، انھن سڀني جو وزن ڪرڻ، اھڙي ڪا ڪوشش ڪرڻ، صرف ھڪ ڪوشش ئي آھي. ڪلا جو سمپورڻ ريت بيان ڪري سگھڻ جي صلاحيت، ڪنھن حد تائين، ڪن ڪن وٽ ٿي سگھي ٿي. +ٻن جسمن جي ميلاپ مان ڪنھن جيؤ، ڪنھن رچنا جو سرجڻ ٿئي ٿو. اھڙو دستور پکين، جانورن ۽ سرشتيءَ سان پڻ جڙيل آھي. پرڪرتيءَ جي سونھن جي نرماڻ، اھڙي ئي ڪنھن ميلاپ مان ٿئي ٿي، اِن ڪري اھڙي سرجڻ جو ناش پڻ اوس ئي ٿئي ٿو. پرڪرتيءَ جي ڪا ڪشش تھ ٿئي ئي صرف ڪن گھڙين لاءِ ٿي. پر ڪلا جو سرجڻ، اھڙي ڪنھن ميلاپ سان نھ ٿو ٿئي. اِن لاءِ ڪو Process آھي ضرور، پر ضرور ڪو الڳ آھي. اِن ڪري ئي تھ ڪلاڪرتيون صدين جون صديون، پاڻ کي بڻائي ٿيون رکن، وقت جي ھر کن کي، نئون آڪار ۽ عڪس ٿيون بخشين. اھڙي ڪنھن Process جو ذڪر مان ڪري سگھان، مون لاءِ ممڪن ڪونھي، ان وشيھ لاءِ ڪو ٻيو ادبي ڪلاس. . . . . +اڄ ڪلھھ سنڌيءَ جو شاعر غزل چوي ٿو. مان ھت ڪن غزلن جو جائزو وٺندس. ھر ڪنھن شاعر جي ڪن غزلن بابت ڪجھھ چوندس، نيڪ ڀاونائن سان، پنھنجيءَ سمجھھ انوسار شروعات شروع کان ڪريان يا پڇاڙيءَ کان، محفل جا آداب، ۽ ادب کي خيال ۾ رکي شروع ٿو ڪريان نوجوان شاعر شريڪانت ”صدف“ سان. صدف گھڻي جوش ۽ امنگ سان غزل کي نئون رنگ بخشي رھيو آھي. سندس خيال ۽ بندش ۾ نوان طرف ٿا نظر اچن. غزل سان نباھڻ وارو ڍنگ بھ اٿس. +ھي اڄ جو آدمي، آھي تھ جانور ليڪن، +انھيءَ فضا ۾ ٿي، اِنسان ڀي ٿا اڀري اچن! +اِنسان ۽ جانور جي ڳالھھ، فضا جو ذڪر، حالتن جو Importance شعر ڀرپور معنى ٿو ڇڏائي، پوريءَ سادگيءَ سان ڇھي ٿو. +وڃي ٿو ڪوئي تھ، اِئن ٿو لڳي تھ جي وٺبو، +ٽٽي ٿو ربط تھ، ارمان ڀي ٿا اڀري اچن! +نھايت ئي عمدو شعر آھي. اھڙا شعر اتفاق سان ئي شاعريءَ کي نصيب ٿا ٿين. سوچيو تھ ڪٿي ڪيئن گرھھ لڳايل ��ھي. ”ربط“ لفظ شعر کي ڪيڏا نھ ملھھ عطا ڪري ڇڏيا آھن. ڪيڏو خاموش Reference آھي، ڄڻ تھ ڪجھھ بھ چيل ڪونھي. اِھا آھي اڄ جي غزل جي فن جي جڪڙ. +صدف وٽ البت فن جون ڪچايون پڻ آھن. غزل جي مقطع ۾ ”ذھن“ لفظ وزن ۾ ٽٽي ٿو. مطلع ۾ ”سمنڊ“ ڪن ۾ وڄي ٿو. ”مرجھائيندڙ“ لفظ بي وزن بڻيو بيٺو آھي. ھڪ سٺي شاعر جو Image بگڙيو وڃي. غزل نمبر ٻئين سان بھ اھا حالت آھي، ڪن تي ٺڪاءُ ٿو ٿئي. قافيو بھ غلط آھي. واھھ، چاھھ، ساھھ، ھوڏانھن ڀاءُ، واءُ، نماءُ، وڌاءُ. صحيح اچار ڪرڻ گھرجي. اِھو سڀ ھلايو ٿا تھ ڀلي ھلايو، مان ھڪ سٺي شاعر کي معاف نھ ڪندس. اِن غزل جا شعر تھ روايتي آھن، پر مطلع ۽ مقطع خوب آھن، ٻنھي ۾ ڪو نقص بھ ڪونھي. غزل نمبر ٻھ بھ ڌيان ڇڪائي ٿو: +ھن جي گھٽيءَ ۾ ڇا ھو، جھنگل ھو ھڪڙو جنھن کي، +منھنجي گھڙڻ کان پوئي، ماڻھن اچي وسايو! +- +پنھنجي قلم جي اک سان، گل جھڙي شڪل ڏسندي، +ھڪڙو لطيف فن ئي، ڄڻ آهھ مون پرايو! +ٻئي عمدا شعر آھن، نزاڪت ۽ باريڪي، داد ڏيڻو ٿو پوي. اِن غزل جو ھڪ شعر وري ڪمزور ۽ روايتي آھي: +جڏھين مون شعر ۾ ھو، توکي حسين ڪوٺيو، +تنھنجي نھ ڪئي مون ساراھھ، مون پاڻ کي پڏايو! +”ساراھھ“ وزن ۾ ڪونھي، سٽ بھ ڪمزور ۽ بي وزن. ٻھ دفعا ”مون“ لفظ حشو بڻيو بيٺو آھي. لکي سگھجي ھا ”تنھنجي ڪيم نھ ساراھھ“ تھ سٽ چست ۽ وزن ۾ ٿي پوي ھا، ”مون“ بھ نڪري وڃي ھا. غزل نمبر چار ۾ بھ ھڪ سٺو شعر آھي. +منھنجو آ ڏوھھ تھ محفل ۾ مون کي داد مليو، +توھان جو داد ڇا بيداد کان سواءِ ھوندو. +ھڪ ئي سٽ ۾ ”منھنجو“ ۽ ”مون کي“. ”منھنجو“ بي وزن بھ آھي. ”منھن جو“ بدران ”اھو“ ڪم آڻي تھ بھتر. لڳي ٿو تھ ھڪ ھڪ شاعر تي، ايترو ڪجھھ وضاحت سان لکي نھ سگھندس. مون کي تڪڙو ھلڻو پوندو. سچ، جي انصاف ڪرڻو آھي، تھ ھڪ شاعر تي مس ڪجھھ سلسليوار لکي سگھجي ٿو، انڪري مان ٽپندو ٿو ھلان. ھاڻي اچي ٿو کيمن مولاڻي، ھي بھ جوان شاعر آھي، جنھن مان گھڻيون اميدون آھن. کيمن وٽ فن جون ڪچايون ڪونھن: +شڪل افواھھ جي ڀيانڪ ھئي، +شھر کي ڏر تڏھن ڏڪايو ھو! +اسان جي اڀرندڙ شاعرن ۾ ڪيتريون ئي خوبصورتيون آھن. ڪلا جي خوبصورتين جو ورنن لفظن ۾ ٿي نھ سگھندو آھي. سوچ سان ڇھي، ماڻڻ جي چيز آھي. +غزل نمبر ٻھ ۾ ڪيترائي ڌيان ڇڪائيندڙ شعر آھن: +پنھنجن گھرن ۾ رات اجالو ڪيو سڀن، +ليڪن سڄي گھٽيءَ کي انڌيرا ڳھي ويا! +- +جڏھن بھ درختن جا ھا پاڇا ڊگھا ٿيا +تڏھين سسي ويا ھا، يا پٽ تان کڄي ويا! +- +بدبوءِ مچايو گوڙ ائين گھر جي ٻاھران، +خوشبوءِ جا ٽھڪ گھر ۾ ئي دٻجي مري ويا! +کيمن ڪجھھ نئون چوڻ جي تلاش رکي ٿو. روايتي غزل کان اڳڀرو نڪري آيو آھي. +غزل جي مقطع ۾ ”بحر“ لفظ بي وزن آھي. ”بحر“ بدران ”سطح“ لفظ ڪم آڻي سگھجي ھا، نقص نڪري وڃي ھا. +غزل نمبر ٻھ ۾ خاص ڪجھھ ذڪر لائق ڪونھي. غزل نمبر چار جو مطلع سھڻو آھي. ڪي شعر بھ ڌيان ڇڪائين ٿا: +ڪوبھ بادل ھتي نھ اچڻو آ، +تھ بھ چون ٿا مور نچڻو آ. +جيب ۾ ڪجھھ ٽھڪ وجھي ڇڏجو، +شھر ۾ ڏينھن سارو ڪٽڻو آ. +”جيب“ لفظ سنڌي ٻوليءَ جو ڪونھي، پر اڄ ڪلھھ اھڙا ڪيترا لفظ اسان وٽ ايندا ويا آھن. ”ٽھڪ“ وري بي وزن آھي. کيمن کي لفظن جي صحيح طقطيع ڪرڻ نھ ٿي اچي. باقي وزن جي کيس ڄاڻ آھي، اھو سندس ڪلام مان ظاھر آھي. ”بحر“ ۽ ”ٽھڪ“ ٻنھي لفظن کي ”فعو“ نھ ”فاع“ ڪري ڪم آڻڻو آھي. ”ڪجھھ ۽ ٽھڪ“ ٻئي لفظ مٽائي رکو، ”جيب ۾ ٽھڪ ڪجھھ وجھي ڇڏجو“، نقص نڪري ويندو. شاعريءَ ۾ اھڙن نقصن کان آسانيءَ سان بچي سگھجي ٿو. شاعر صرف سوجھھ ٻوجھھ ساڻ پاڻ کي ٽٽولي. +ڍولڻ راھي نئون نھ، پراڻو شاعر آھي. البت ڪجھھ نئون لکائڻ جي ڪوشش ۾ آھي. وزن ۾ ھو بھ پڪو پختو آھي، پر سندس غزل ۾ ذڪر لائق خاص ڪجھھ ڪونھي. +غزل ڪافي لنبو آھي، پر آھي لفظن جي لوڌ تي، خالي خالي لفظ، روايتي رنگ روپ وٺي بيٺا آھن، ٺلھا پيا لڳن. ھڪ اڌ شعر ٿورو ڌيان ڇڪائي ٿو وٺي: +ڪوبھ دل کي ڇھي نٿو احساس، +زندگيءَ کي نظر لڳي ويئي! +ھاءِ ڪنڊن سان گل رنو ڪجھھ ائن، +تازگيءَ کي نظر لڳي ويئي! +ڪٿي ڪٿي تازگيءَ وانگر ڪجھھ آھي، باقي خيال، لفظ گسي ويل آھن. +غزل نمبر ٻھ: +ڪيڏيون درد ڀنيون آھن، +تنھنجون سارون ۽ سوچون. +سھج ڀاو سان لکيل شعر آھي، ڪجھھ چئي سگھڻ جي توفيق رکي ٿو. +چئن ڏينھن جي جيئڻ لاءِ روز مرون ٿا موت نئون. ”نئون“ قافيو صحيح نھ آھي ”مرون“ قافيو آھي، سٽ ۾ شاعر ڪم آندو تھ آھي، قافيي طور ڪم آڻي ھا تھ بھتر ھو. شعر لفظن جي ضد جيئڻ ۽ مرڻ تي بيٺو آھي، باقي ڪجھھ ڪونھي. +خود فريبيءَ جو ھيو ھر ڪو شڪار +ورنھ ڪنھن ڪنھن کي بھ ڀرمايو نھ ٿي! +شاعريءَ ۽ فن فڪر سان، اڄ جي ادبي ڪلاس سان، ڇيڙخاني ڪندڙ آھي، ھي شعر. +لڇمڻ ڪومل جي ڌاڪ سنڌي شاعريءَ ۾ شروع کان آھي، جڏھن کان لکڻ شروع ڪيائين. ھن وٽ سھڻي بندش، چست، ٻولي، صاف خيال آھي. 1958ع ۽ 1965ع ۾ لکيل غزلن بابت مان ڪجھھ بھ نھ چوندس، باقي 1976ع، 1985ع ۽ 1988ع ۾ لکيل غزلن تي چوڻ جو حق رکان ٿو. ڪومل جي ٻولي، اھا آھي جيڪا اسان سنڌ مان کڻي آياسين، اِنڪري پياري ۽ صاف، چٽي ٿي لڳي. ڪومل ڪٿي بھ لفظ کائي نھ ٿو، ھن وٽ حشو لفظ بھ ڪونھن. فن جي پوري ڄاڻ ٿو رکي: +تن سان ڪومل برابري ڪھڙي، +جن جا خدمت گذار آھيون اسين! +آزاديءَ جي لنبي عرصي بعد بھ، اسان خذمت گذار آھيون، ھن ديس جا وڌيڪ رھواسي خدمت گذار ٿيندا پيا وڃن، ڪي پنھنجيءَ خوشيءَ، ڪن کي بڻايو پيو وڃي، تھ پوءِ برابري، لوڪشاھي ڪھڙي! خدمت گذاريءَ مان بھ ڪو سک حاصل ٿيندو آھي، پر ھتي تھ بنڌوا مزور آھيون، اسين سڀ فنڪار، ديس سان وفادار جو رھڻو اٿئون. +ھاڻي ميدانن ۾ نڪتو آھ مڙدن جو جلوس +ورنھ جيئڻ جو ھتي جاري سدا دستور ھو! +جيئن جو دستور ھاڻي ڪونھي، جلوسن ۾ ھر ڪنھن کي شامل ٿي وڃڻو آھي، مڙدن جي. +ڊائري خالي رھي ۽ ورق پيلا ٿي ويا +پر قلم جي نوڪ تي پھرئين پھر جو نور ھو. +ڪومل جي پيلي ڊائريءَ کي 1965ع کان 1988ع تائين صرف ٽي غزل ئي نصيب ٿيا آھن، سندس قلم جي نوڪ تي، اڃا بھ ڪا خلش آھي ضرور: +خوف جيئڻ جو آھي حياتيءَ تي حاوي، +آيا آھن ڪھڙا ڏينھن عذابن جا! +لھجو روايتي آھي، درد پراڻو، تھ بھ پيارو ٿو لڳي. سنڌي غزل ڪٿان ڪٿان گذريو آھي ۽ ڪيئن ڪيئن بنا ڪنھن نقص چيو ويو آھي، اڄ جي شاعرن کي اِھو بھ ڏسڻو، سمجھڻو، سوچڻو آھي. فن غزل جو روح آھي. +ڊاڪٽر لکمچند ’پريم‘ روايت سان نباھيندو اچي، سندس موضوع پڻ عاشقاڻا رھيا آھن. پھرئين غزل ۾ بھ قافيا ڪم آندا اٿس، ”شو“ ۽ ”ڇو“ غلط تھ نھ آھن، پر عجيب پيا لڳن، يا تھ انھن قافين کي ”او“ جا قافيا ڪري مڃون. بھتر ٿئي ھا تھ انھن ٻن کان سواءِ ”او“ جا ڪي ٻيا بھ قافيا ڪم آڻي ھا. +خوبصورت ڪتاب آ دنيا، +پر لکيل خون ساڻ حاشيو آ. +چڱو شعر آھي، موضوع پر نئون نھ آھي. +سور اڄ جو سڄو نھ سمجھھ مٺا! +ھي تھ صرف تنھنجي اڄ جو ڪاڇو آ! +مطلب ڪجھھ صاف نھ ٿيو، لڳي ٿو تھ ”ڪاڇو“ قافيو ڪم آڻڻ جي شوق ۾، شعر چيو ويو آھي. +مصرع ثاني بي وزن بيٺي آھي. ٻنھي سٽن ۾ ”اڄ“ ڪم آڻڻ، شاعر کي اِھو ڪيئن صحيح لڳو آھي. غزل، شاعر وٽان گھڻو ڪجھھ چاھي ٿو. +”ھي رڳو“ لکڻ سان مصرع مان نقص نڪري وڃي ھا. +غزل نمبر ٻھ ۾ ڪجھھ سٺا شعر آھن. +ڦرنا ۽ فڪر، خوف ۽ خطرا دماغ جا +رکندين تون اھڙي اڻ مئي دولت ڪٿي ڪٿي. +جن وٽ اھڙي دولت ھجي بھ، اڄ جي اِنسان وٽ ڪلدار آھن، نوٽن جا سريلا ساز آھن +ھڪ ھڪ مسئلو، ھڪ ھڪ پن جي مثل اٿئي +ڦھلائي پيو، پنن کي ٿو درخت ڪٿي ڪٿي. +شعر سٺو آھي، مصرع ثاني ۾ ”پيو“ ۽ ”ٿو“ ٻئي لفظ ساڳيو ڪم ٿا ڏين، انڪري ”پيو“ حشو ٿيو بيٺو آھي. ان بدران ”ڏس“ ڪم آڻي تھ مصرع چست رھندي. +غزل نمبر ٻھ، پريم صاحب جو روايتي ڍنگ ۾ آھي، لڳي پيارو ٿو، ڳائي سگھڻ جي صلاحيت بھ رکي ٿو. ڪنھن دور ۾ اھڙي ئي ڪنھن غزل کي غزل چئبو ھو. اڄ بھ اھو غزل مشاعري ۾ داد حاصل ڪندو. +توتي سڀ اعتبار ٿڪجي پيا، +تنھنجا سڀ انتظار ٿڪجي پيا. +سونھن تنھنجي سدا بھار تھ آ، +پر ڏسي خاڪسار ٿڪجي پيا. +غزل نمبر چار ۽ پنج ۾ اھڙو خاص ڪجھھ ڪونھي، جنھن جو ذڪر ڪجي. +ھميشھ وانگر واسديو نرمل جا غزل روايتي لھجي ۾ آھن، ذڪر لائق، ڇا آھي؟ غزل نمبر ھڪ جو ھڪ شعر ٿورو ڌيان ڇڪائي ٿو: +سانت جو سنگيت جت گونجي اٿي، +ليءِ ڀري اھڙي فضا ڳوليون پيا +غزل نمبر ٻھ ۾ بھ ھڪ شعر آھي: +رنج، مالھي نھ ٿيءُ، جو ھير جيان +ھر گلستان جا گھڻگھرا آھيون +ڪافي پراڻو چڱو خيال آھي. غزل نمبر ٻھ ۾ ھڪ شعر آھي، +غم پرائو ھجي، پنھنجو، منھنجي دل رويو پوي، +ھاءِ غم ساڻ منھنجيءَ دل کي ڇا نسبت آھي! +ٻنھي سٽن ۾ ”منھنجي“ لفظ جو ”منھھ“ کي ھڪ ماترا ڪري کڻڻ صحيح ڪونھي. مقطع ۾ پڻ ساڳي غلطي آھي، ”تنھنجي“ لفظ جي ”تنھھ“ کي ھڪ ماترا بڻايو ويو آھي. غزل نمبر چار بھ سڄو روايتي آھي. +ھي شعر ڏسو: +اي زخمن جا تارو، اوھان جي ڪرم سان +گھڻي دل جي آڪاس ۾ روشني آ +”تارو“ لفظ ڏانھن ڌيان ڏيو، جمع ڪري ڪم آندو ويو آھي، گرامر ۾ ڪيئن بيٺو آھي. +نرمل جھڙو پراڻو شاعر بھ لفظن کي ائين مروڙي، ڏک ٿو ٿئي، بلڪل ئي ڪمزور بندش آھي، پر ڪنھن ائين بھ چيو آھي تھ شاعر کي سڀ مباھ آھي. +اِندر ڀوڄواڻي، ڪجھھ الڳ قسم جو شاعر آھي، ترقي پسند دؤر جو ھڪ شاعر، روايتن کان گھڻو الڳ آھي. ھو صاحب پنھنجي انڀو مان لکي ٿو. ھت سندس ٽي غزل آھن، ٽئي غزل سورنھن ماترائن جا آھن. +نوان نوان ڀڳوان ڄمن پيا، +جھوليون ڀينگيون سوالي ساڳيا! +ماڻھو آھي زور خدا کان، +خدا اڳيان ئي ڏوھھ ڪندو آ. +اِندر جي بندش چست ڪانھي، البت خيالن ۾ نواڻ آھي. ھن پھرئين غزل ۾ ”آ“ قافيو ٽي دفعا دھرايل آھي. پنھنجي ليکي ئي ”آ“ لفظ شعر ۾ ڪمزور لفظ ڳڻيو ويندو آھي. جڏھن بلڪل ئي ضروري ھجي تڏھن ”آ“ لفظ ڪم آڻڻ گھرجي. ھتي تھ قافيي طور ڪم آندو ويو آھي، سو ٻھ ٽي دفعا. شاعر چاھي ھا تھ اھڙا ڪيترا ٻيا قافيا ڪم آڻي سگھي ھا. +[1] Art is perhaps most effective when imperfectly understood. + + +جيون خود آ جبري مشڪل، +مشڪل ڪشا بھ خوار ٿيو آ. +ٻنھي سٽن ۾ ”آ“ لفظ شعر کي ڪمزور بڻايو آھي. ائين تھ شعر ۾ ڪجھھ آھي بھ ڪونھ. ھا ”مشڪل“ لفظ آھي ۽ مصرع ثانيءَ ۾ مشڪل – ڪشا لفظن جي موھھ ۾ اچي شعر چيو ويو آھي. غزل جي تاريخ ۾ اھڙو دؤر بھ ھو، جڏھن لفظن وڏي اھميت ٿي رکي. +غزل نمبر ٻھ: +سنڌين کي سنڌين جون منٿون، +”سنڌي پڙھو“ ٻڌون ٿا اڪثر. +اِندر پنھنجي غزل ۾ ھميشھ ڪجھھ چوندو رھي ٿو سست لھجي ۾. +غزل نمبر ٽي: +منھن ڏيکاريو پنجين سال، +انتظار جو آنند آيو. +سٺي ۽ سولي طنز آھي. +توھين پڌاريا، بتيون وساڻيون، +اوندھھ تي اوندھھ جو سايو. +جتي ضرورت سوٽيءَ جي آ، +اتي ”اِندر“ تو وات ھلايو +ويچاري شاعر جي وس ٻيو ڇا آھي. گھڻن جي وات تي بھ پٽي ٻڌل آھي، ڪن پاڻ ٻڌي ڇڏي آھي. ھاڻي وارو ٿو اچي حاسد جو. پاڻ بابت ڪجھھ بھ نھ چوان تھ صحيح ٿيندو، پر نھ چوڻ بھ پاسخاطري ٿيندي. ھر ڪنھن غزل مان ھڪ ھڪ شعر پيش ٿو ڪريان، باقي سڀ توھان تي ٿو ڇڏيان. +گناھھ، ڏوھھ نھ ڳڻبا تنھنجا، +ضمير ٻئي کي جي وڪڻين تھ چڱو! +- +انب جي ٻور جي کٽڙي خوشبو +ائن بھ ڪنھن انگ کي ڇھندو آھيان! +- +ڀٽڪي ڀٽڪيس ٿي ڳوٺ پنھنجي ۾، +پاڻ کي مون وري وري ٿي ڏٺو! +- +قاعدا پاڻ کان پڇي ويٺا، +حڪم ڪنھن ڪئن اسان تي فرمايا! +- +ھران ٿو من ۾، ھزارين ڀيرا +ڪڏھن ڪو ڏڍ، ڪو الڪو آھيان! +ايم. ڪمل، غزل سان جڙيل ھڪ وڏو نالو آھي، نھايت ئي خوبصورت غزل ٿو چوي. سندس شعر ۾ ڏنگ بھ آھي، طنز بھ آھي. البت ڍلي ڍلي بندش، حشو لفظ، ۽ ان ڏانھن لاپرواھي. +پھرئين غزل جو مطلع برجستو آھي: +سڀ صاف ڏسڻ جي دعوا ٿو ڪري انڌو، +تون رستو ڏسي تنھن کي خود پاڻ کلائيندين. +خيال صاف ۽ سھڻو. +ھن شھر جي رت کي بس، ھڪ ڀيرو چٽي ڏس، +پوءِ عمر سڄي ھن کان رت پنھنجو چٽائيندين! +ڪيترو نھ سھج لکيل شعر آھي، پر وزن صحيح نھ آھي، مصرع اول ۾ ڪجھھ کٽي ٿو. ”ڏس“ جي پويان ”تون“ پڻ گھرجي. ڪي وزن اھڙا ٿيندا آھن، جن ۾ بيھڪ Pause، کي وڏي معنى ھوندي آھي. ٻيءَ حالت ۾ ردم ٽٽي پوندو ۽ شعر پڙھي بھ نھ سگھبو. ھن غزل جو وزن آھي، مفعول مفاعيلن، پھرين ٻن رڪنن کان پوءِ Pause گھرجي، ۽ اھو غزل جي سڀني شعرن ۾ آھي، صرف ھڪ مصرع ۾ ڪونھي؛ انڪري اھا مصرع پڙھڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. +بي رنگ گلن ۾ ڀي سرھاڻ ٿئي ٿي دوست! +بي مک ٿي انھن کان، پنھنجي ڄاڻ لڄائيندين. +”پنھنجي لفظ، Pause ۾ رڪاوٽ بڻيو پيو آھي. انھن چئن ماترائن کي ٻن ٻن ماترائن ۾ ورھائڻ گھربو ھو. مقطع پڻ بي وزن آھي. +اِتھاس جي آتش دان ۾، سڀني کي ئي جلڻو آ، +ان جر تي گھڻو سوچي، تون پاڻ وسائيندين. +آتش دان لفظ ۾ دان وزن کي ٽوڙي ٿو، ان دان کي ڪڍي ڇڏڻ گھرجي. لفظن سان موھھ نھ رکي، فن ڏانھن ڌيان ڏجي تھ بھتر. دان ڪڍي ڇڏڻ سان شعر جي فڪر ۾ ڪوبھ فرق نھ ٿو پوي، نقص نڪري ٿو وڃي. شاعر جو انھن ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇو نھ ٿو وڃي! ايم. ڪمل اڄ سھڻي ۾ سھڻو غزل چوي ٿو، پر سندس اھي خاميون، وڏيون بڻجي ٿيون پون. اھا سندس لاپرواھي آھي يا اڻڄاڻائي. ”ان جر“ جي بدران ”اِن جر“ ٿيڻ گھرجي، جڏھن اسان ڪنھن وڏي شاعر بابت ڳالھايون ٿا. مقطع جو قافيو ”وسائيندين“ ڌيان ٿو ڇڪائي، شعر سان پورو ڦٻايل آھي، ۽ وڏي معنى ٿو رکي. غزل نمبر ٻھ ماترائن تي آھي، ماترائون چوڏھن آھن، ڪٿي پندرھن ڪٿي سورھن بھ ٿي ٿيون وڃن، شاعر کي ڪابھ پرواھھ ڪانھي. لفظن کي کائبو تھ ماترائون پوريون ڪبيون. +غزل ۾ ڪي شعر روايتي آھن. ھڪ شعر چڱو آھي: +شمعن کي ڦيري ڦيري، +ٿي پاڇن کي سينگاريائون +مصرع اول ۾ ١٤ ماترائون ثانيءَ ۾ ١٦ ماترائون، ٿي کي ڪڍي ڇڏيو، نقص نڪري ويندو، مصرع چست ٿي پوندي. +نئين طرح سان ڪاڙھڻو ٿن، +بي سبب ڪين ٺاريائون! +مصرع ثاني صحيح لکيل ڪانھي، انڪري پڙھڻ ۾ دقت ٿي رھي آھي. ”سبب ڪين“ ٻن لگھو ماترائن جي وچ۾، ھڪ گرو ماترا اچڻ گھرجي، ھتي ٻھ گرو ماترائون آيل آھن. اِھا ڄڻ شاعر صاحب کي ڪانھ ٿي ڏسجي، سچ تھ ماترڪ ڇند کي الڳ پنھنجو ردم ٿيندو آھي، اِنڪري ازخود ماترائون ٺھڪي بيھنديون آھن. ڳڻڻ جي ڪابھ ضرورت نھ پوندي آھي، پر ايم. ڪمل وٽ ردم جھڙي ڪا چيز بلڪل ڪانھي، سندس فن جون سڀ اوڻايون، اِن سبب ئي آھن. اسان جا ويد – پراڻ، رامائڻ وغيره پستڪ، ماترڪ ڇند جي ردم ۾ چيل آھن، انڪري ڳائي ڳائي پڙھيا ويندا آھن. مان ائين ھرگز نھ ٿو چوان تھ اڄ جي شاعر کي بھ ڳائي ڳائي لکڻو آھي، پر ڇند ۽ ردم جي ڄاڻ بيحد ضروري آھي ۽ اِھا ڄاڻ بھ ازخود اچي ويندي آھي، جي پاڻ کي ردم ۾ رکبو. مغرب جي شاعرن وٽ بھ ردم آھي، مان جيڪر ائين چوان تھ ھر شاعر وٽ ردم آھي. +ھن غزل جي پوين ٻن شعرن �� بھ اھڙي ساڳي تڪليف آھي. +غزل نمبر ٻھ، پڙھڻ ۾ اِھائي تڪليف ۽ وزن جون غلطيون. صحيح ۽ تز Appropriate لفظ ڪم نھ ٿو آڻي. پر اھڙو ذڪر ھت ٿي نھ سگھندو، الڳ صرف ايم. ڪمل تي گھڻو ڪجھھ لکي سگھجي ٿو. پر بحث لاءِ بحث نھ، شاعري فن آھي، فن جون باريڪيون، جڏھن ڪو پاڻ سمجھي، سمجھائي نھ سگھبيون. اڪثر مان ڏسندو آھيان، ايم ڪمل. جا گھڻا شعر لفظن جي جھنگل ۾ دلڪش لڳندا آھن. +مان تھ لفظ آھيان، مگر اھڙو نھ جو +جھڙي تھڙي جملي سان ٺھي بھان +شعر جو حاصل مطلب ڇا آھي، صرف قافيا پيمائي. سڄي غزل ۾ خاص تھ ڪجھھ بھ ڪونھي. +وري بھ دھرائيندس تھ ايم. ڪمل سٺو غزل ٿو چيو، ۽ اڃا بھ سھڻو چئي سگھي ٿو، جيڪڏھن چاھي. +گوورڌن ’ڀارتي‘ پنھنجي فن جو ڌڻي آھي. ھيءُ گيتڪار ڪجھھ غزل کڻي آيو آھي. شروع ۾ لکيو اٿم تھ Reaction ۽ Action وارو غزل اڄ ڪونھ ٿو لکيو وڃي. لفظن جي لوڏ تي بيٺل غزل بھ خير ڪو ڌيان ڇڪائي ٿو. گوورڌن وٽ ماترڪ ڇند بھ آھي، مٺڙو ۽ پيارو لھجو پڻ آھي. ھو ڪٿي بھ بي وزن ڪونھي. ماترا بھ ڪونھ ٿو کائي. Pause بيھڪ، ھن جي ردم ۾، ازخود اچي پنھنجي جڳھھ والاريندي آھي. ھن جا غزل يا لفظن يا خيال جي ضد تي جڙيل آھن، چيل ڪونھن. اِھو فرق سمجھڻو آھي، سمجھائڻ ڏکيو آھي. سچ ۽ ڪوڙ، رت ۽ رشتا ناتا، شيش محل ۽ آئينا، راوڻ ۽ سينا. +ڪنڌ کڻي بئراج ڏنو ڇا، +سرھو صحرا، پياسو دريا، +حاصل مطلب صرف لفظ بئراج، سرھو صحرا ۽ پياسو دريا. شعر، صرف سھڻن لفظن جو مجموعو نھ آھي. اڄ جو غزل اڇاترو ڪونھي. گھراين تي پھچي ٿو. تن توانو، من بيمار، غزل لفظن جو ضد بھ ڪونھي. +ڇمڪ ڇمڪ، ٽھڪن جو کڙڪو +جئن بھ وڄي ڪلدار شھر آ! +مٿئين شعر ۾ شاعر ڪجھھ چيو ضرور آھي. ھڪ اڌ شعر اڃا بھ وڌيڪ ڌيان ڇڪائي ٿو. +خواھشن جي ڪشمڪش ۽ ڀيڙ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ +ٽڪرا ٽڪرا بڻجي، قسطن ۾ جيئي ٿو آدمي. +سچ تھ غزل لاءِ لفظن جي ڳولا ۾ رھڻ صحيح نھ آھي. ٿورو سھج ٿيڻو آھي، رٽيل ۽ گسيل معنائون نھ، بلڪ ڪي الڳ، ڪي نيون معنائون ۽ وسعتون، لفظن مان حاصل ڪرڻيون آھن. تڏھن بھ غزل کي ڏکيو بڻائڻو ڪونھي. +اِنصاف جي ڪچھري، انصاف تنھنجا چئبا +ڪوڙي جي ڪوڙ سامھون سچ بھ الڻ لڳو آ +مٿيون شعر وري لفظن جي ور چڙھي ويو آھي. مصرع ثانيءَ ۾ ”بھ“ بدران ”ڀي“ لکجي، تھ نقص نڪري وڃي. +پرڀو ”وفا“ بھ مٺڙا سٺا گيت لکندڙ شاعر آھي. غزل بھ چوي ٿو ڪٿي ڪٿي غزل ۾ ڏنگ بھ اٿس: +ٿڃ ڦڙي بھ نھ وات ويس، +ٿڪجي پيو چڳڙي چڳڙي. +’وفا‘ صاحب لڳ ڀڳ 45 - 40 سالن کان شعر چوي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي عمارت جي ڏاڪڻ چڙھندي، کيس اورانگھي نھ سگھبو. غزل نمبر ٢ جا قافيا ڏسو، نج سنڌي قافيا آھن، ڪيترا آھن ۽ ڪيئن نھ ڦٻايل آھن، ادب ۾ ھر دؤر کي پنھنجو ھڪ اؤج بھ آھي، وقت ھئو جڏھن قافيي تي دسترس، وڏي حاصلات ڳڻي ويندي ھئي: +جنھن سر کي تعصب جڪڙي، +منطق ان ۾ ڪٿان گھڙي؟ +گل تي ڀنورا، ڪرسيءَ تي +خوشامدين جو ميڙ مڙي. +غزل نمبر ١ ۾ +ھي ڪھڙو اِنصاف خدا جو، +ڪنھن کي جھڳي نھ، ڪنھن ماڙو. +مصرع ثاني، جي ھن ريت لکجي، ”جھڳي نھ ڪنھن کي، ڪنھن کي ماڙو“ مصرع خوبصورت ٿي پوندي، ھڪ ننڍڙو نقص، نقص نھ بھ چئون، نڪري ويندو. بيھڪ Pause وٽ، لگھو ماترا، بندش کي بي جسو ٿي بڻائي، غزل نمبر ٣ ۾ بھ ڪي سٺا شعر آھن: +سڄي عمر اوندھھ ۾ جيڪو پليو، +اچانڪ سو ڪيئن روشنيءَ تي ھري! +اندر ئي اندر پاڻ جھرندو رھي، +کلايو ٿي ڇا خلق کي مسخري. +”کلايو ٿي ڇا خلق کي مسخري“، ’وفا‘ صاحب وٽ، Range وڏي آھي، ھر ھڪ غزل ۾ چڱا گھڻا شعر ٿو چوي. +غزل نمبر ٤ +سمجھندو، پاڻ سو دکي ٿيندو، +منھنجو من شڪر جو نھ ٿو سمجھي. +ڪھڙي آفت ’وفا‘ سڀان ايندي، +خود خد�� ڀي اِھو نھ ٿو سمجھي. +غزل نمبر ٥ +مطلع ۾ ”جھنگ“ سان ”لنگھھ“ قافيو عجيب پيو لڳي. مطلع ۾ ڪا اھڙي خوبصورتي بھ ڪانھي جو ”لنگھھ“ لفظ کان سواءِ شعر جو گذارو نھ ٿي سگھندو ھجي. مقطع جي مصرع اول پڻ بي وزن بيٺي آھي. لڳي ٿو ڪا لکڻ ۾ غلطي ٿي ويئي آھي. ھئڻ گھرجيي +مون ’وفا‘ شمع ئي تھ ٻاري ھئي، +خود بخود پو پتنگ ايندا ويا. +”تھ“ لفظ رھجي ويو ٿو ڏسجي. +ڪرشن ”راھي“ سنڌي شاعريءَ ۾ خاص جڳھھ والاري ٿو. سندس ڪجھھ غزل گھڻو پسند پيل آھن. غزل ١، مطلع خوب ڦھڪايل آھي: +منھن کڻي مرڪ سان مکيل آھن، +دل ۾ پر فاصلا رکيل آھن! +در اسان جا تھ ڌار آھن ئي، +گھر بھ ديوار سان گڏيل آھن. +گھر بھ ديوار سان گڏيل آھن. راھيءَ جي غزل جو فن بھ لفظن جي ضد تي بيٺل ھوندو آھي، پر ھو نباھي خوب ٿو. لفظن کي نيون معنائون بخشي ٿو. ھت ”ديوار“ لفظ کي جدائي قائم رکڻ واري علامت ڪري ڪم آندو ويو آھي. پر اِھو تھ سمجھڻ گھرجي تھ ٻن الڳ درن وارا گھر ديوار سبب ئي الڳ ٿي سگھن ٿا، پاڻ ديوار ٻن الڳ گھرن کي ملائي ٿي رکي. گھرن جي الڳ ھجڻ تي جي شاعر کي اعتراض ڪونھي، تھ پوءِ ديوار جو احساس ئي مڃڻ گھرجي، جو ٻن الڳ گھرن کي ملائي ٿي رکي. خير ھر ڪنھن جو نظريو الڳ آھي، بحث جي ڪا گنجائش ڪانھي. مقطع سٺو آھي: +دل جي بستي نھ ڳول شھرن ۾، +شھر سڀ سڃ سان وسيل آھن. +غزل ٢ جو ھڪ سٺو شعر آھي: +اھائي اڃا تائين آڱر کڄي ٿي، +ڪڏھن تنھنجي نالي، ڪڏھن منھنجي نالي! +مقطع ڏسو: +ھئي راھھ ڄڻ ڪائي اونده ئي اونده، +ڪيو پنڌ ئي پنڌ پئي ڄڻ اجالي. +راھھ، پنڌ، اوندھھ، اجالي. راھي صاحب سٺا جملا جوڙي ٿو، مصرع اول ۾ ”ڄڻ ڪائي“ حشو لفظ آھن، ۽ مصرع ثانيءَ ۾ ”پئي ڄڻ“. شعر جو حاصل مطلب خاص ڪجھھ بھ ڪونھي. سڄي غزل ۾ ئي ۽ ”ڄڻ“ لفظ گھڻا دفعا ڪم آندا ويا آھن. اِن تي بھ ٿورو غور ڪريو. ٻئي حشو لفظ آھن، اڄ جو شاعر اِنھن ننڍين ڳالھين کي ننڍو نھ سمجھي تھ چڱو. +غزل ٣، سٺو غزل آھي، مطلع بھ ڌيان ٿو ڇڪائي تھ مقطع بھ، شعر بھ ڏسو: +ڪھڙي منھن سان ڏسين ٿو آئينو، +آئينا ڀي ڏسڻ لڳا آھن! +غزل ٤ +من جي اندر ليئو تھ پائي ڏس، +ڇا تھ اوندھھ ۾ روشني آھي! +چنڊ چھرو ۽ مرڪ تارن جي، +جسم ڄڻ رات ڪا ڀني آھي. +روايتي لھجو تھ بھ سھڻو شعر آھي. غزل جو مقطع ڌيان ڇڪائي ٿو: +ڇاھي جي پنھنجي ڪا خوشي ناھي، +خوش ڏسي توکي ٿي خوشي آھي. +خيال سھڻو آھي، پر لفظ ڇاھي، ناھي آھي. گھٽ ۾ گھٽ، ناھي کي مصرع اول جي آخر ۾ تھ آڻڻو نھ ھو، غزل جا ڪي تھ آداب ٿيندا آھن. مقطع، مطلع بڻجي پيو آھي. +موسمون چار ئي فقط ناھن، +مند پنجين بھ پيار جي آھي. +فلمي گيت تان خيال ورتل آھي. ”ئي“ حشو لفظ آھي. شاعر کي خيال ڪجھھ تھ پنھنجي الڳ نموني ۾ پيش ڪرڻ گھربو ھو. ”مند ٿيندي ڪا پيار جي آھي.“ چوي ھا، تڏھن بھ ناگوار نھ لڳي ھا. +غزل نمبر ٥ جي ڪن شعرن جو ذڪر ڪندس: +زندگي ڄڻ ڪائي بيٺل واچ آ، +توکان مون کان وقت پڇندو ٿو رھان. +لفظ ڪيترا نھ سھڻا ٿا لڳن، ڌيان ٿا ڇڪائن، بيٺل واچ ۽ وقت پڇڻ. سھڻو شعر آھي. شاعر گھڻو ڪجھھ چيو آھي، ھن شعر ۾ عام زندگيءَ بابت بھ پڇڻو ھن کان، ھن کان آھي، ٻيو بھ ھڪ سٺو شعر آھي: +ھو جتي سڀ ڪجھھ، اتي من ڪجھھ ھجي، +ان گھٽيءَ ۾ اڄ بھ گھمندو ٿو رھان. +واھھ، واھھ، روايتي لھجي ۾، ڏاڍو سٺو شعر آھي. راھيءَ کي غزل چوڻ جو پنھنجو سھڻو ڍنگ آھي. لفظن جو گھماءُ، پڙھندڙ کي گھڻو ڪجھھ محسوس ڪرائي ٿو. +ھري ’دلگير‘ گيتڪار آھي تھ غزل پڻ خوب ٿو چوي، بيحد سليس، ’وفا‘ صاحب جي غزلن وانگر چڱو لنبو سندس پھريون غزل، موھيندڙ آھي. ”چپ چپ“ ۾ گھڻو ڪجھھ چئي ٿو وڃي: +نظر نظر سان ڀاڪر پاتئھ، +عام اڳيان تو مشڪيو چپ چپ، +محفل اندر ٽيبل ھيٺان +پير پير ڏي سرڪيو چپ چپ. +Romance غزل جو نھ وسرندڙ باب آھي. ٻيا بھ ڪجھھ سھڻا شعر آھن: +اڇليو چور، ٽڪر روٽيءَ جو، +شوخ ڪتي پڇيو لوڏيو چپ چپ. +وڏڙن سچ جو ٻوڌ ڏنو پر، +سچ ٻوليم، تن ڀڻڪيو چپ چپ. +ٻئي شعر الڳ الڳ خيال کڻي ٿا اچن ۽ ڪيترو ڪجھ چئي ٿا وڃن. صاف ۽ سولو لھجو، ڪوبھ حشو لفظ ڪونھي. ٻيا بھ ڪي سٺا شعر آھن، مطلع ۽ مقطع بھ خوب آھن. غزل ٢، سڄو ئي خوب نڀايل آھي. ٻھ شعر آھن، ان غزل ۾، باقي مطلع ۽ مقطع آھن: +قد لنبو ھو پاڇي جو، سسندو رھيو +ھيٺ کان جئن مٿي سج چڙھندو رھيو +شعر ڏسو: +توڙي ڦيري نظر ٻئي طرف تو ڪئي، +دل ۾ نشتر تھ ساڳيو ئي چڀندو رھيو. +رواجي عاشقيھ لھجي رنگ ڄمايو آھي. دلگير صاحب غزل جو اڳوڻو اوج قائم رکندي، ھڪ غزل ۾ ڇھھ مطلع چيا آھن: +غزل ٣ بمبئي شھر ۾ لکيو ويو آھي. شايد چڱو آڳاٽو آھي. خاص اھڙو ڪجھھ بھ نھ آھي، جنھن جوذڪر ڪجي. ھا، جنھن وقت لکيو ويو ھوندو، ڌيان ڇڪائڻ جي قابل رھيو ھوندو. +رديف جو پويون لفظ ”ڪٿي ٿيندو“، ”ڪٿي ملندو“ اھڙي ڇوٽ غزل ۾ وٺڻ صحيح ڪانھي، يا تھ اِن کي غزل نھ چئي نظم چئو. +غزل ٤ جو قافيو ڌيان ڇڪائي ٿو. اِھو ڏانءُ اسان جي بزرگ شاعرن وٽ ئي آھي، وڏي خوبي آھي: +اڀ ۾ چنڊ تھ ھڪ ئي آھي، +ٽن جي ساک ڀري ٿو ٽيڏو. +واه جو شعر آھي. ھر ڪنھن شاعر جون پنھنجون خاصيتون آھن. +غزل ٥ جي خوبي ”نظر آيو“ رديف ۾ آھي، وزن مطابق ن ۽ ظ کي ر کان الڳ ڪري، ”آيو“ مان ”رايو“ بڻائي فن جو پورو مظاھرو ڪيو آھي. دلگير صاحب داد جي قابل آھي. پر ھڪ ڳالھھ ’مون کي‘ لفظ کي ٽي دفعا ’منکي‘ ڪري لکيو ويو آھي. اھو صحيح آھي الائي غلط، اڪثر شاعر، اردوءَ جي اثر ھيٺ اچي ائين ڪري رھيا آھن. وري بھ شڪر آھي جو دلگير صاحب ان لفظ کي الڳ نموني لکي، اِھو تھ چٽو ڪيو آھي، تھ ٻيءَ طرح، اھا غلطي آھي. +کيئلداس ’فاني‘ صاحب ھتي حاضر سڀني شاعرن ۾ بزرگ شاعر آھي. سنڌي غزل ڪيترين ئي شاعرن کان واقف آھي. فاني صاحب جي غزل ١، جو مطلع ڏسڻ لائق آھي: +منھنجو محبوب نئين رمز رٿيندو ٿو وڃي، +آئينو ٽوڙي ھو ٽڪرن کي ڳنڍيندو ٿو وڃي. +ڪيتريون ئي معنائون ان مطلع سان وابستھ آھن. غزل جا شعر سڀ روايتي آھن. +شمع، مند، مسجد، قومي اتحاد، داغ، ڪم، دل، زخم، شمع پروانا. ھڪ فارمولا آھي، جنھن انوسار ھر قسم جا شعر، غزل ۾ اچڻ گھرجن. ”پيندو“ قافيو بھ صحيح ڪونھي. ”شعاع“ جو وزن، لگھو، گرو، لگھو، آھي، گرو لگھو ڪونھي. مقطع ۾ شمع ۽ صبح ٻئي لفظ بي وزن بيٺا آھن. غزل ٢ ۾ بھ خاص ڪجھھ ڪونھي. غزل ٣ ۾ ھڪ شعر چڱو آھي: +او گنھگار عام خاص اچو، +سرڳ سڀني جي لءِ کلي ويو آ! +ھڪ ٻيو شعر ڏسو: +خون مفلس جي جگر جو پي پي +شوق ڪيڏو ڦلي ڦلي ويو آھھ +شعر بيحد روايتي، رٽيل ۽ گسيل ’خيال نھ رڳو ايترو‘ ٻنھي سٽن جو وزن بھ الڳ الڳ. ساڳي تڪليف مقطع سان بھ آھي، ٻنھي سٽن جو وزن الڳ الڳ آھي. +غزل ٤ ڪجھھ ڪجھھ پڙھڻ جھڙو آھي، ھڪ شعر بھ ڪجھھ ڪجھھ لڀائي ٿو: +درد ايڏو آ پي ڇڏيو دل کي، +دل ڀڳل بي حواس ٿي ڏسجي. +ٻنھي سٽن ۾ ”دل“ لفظ نھ اچڻ گھربو ھو. اھڙي بندش صحيح نھ ليکبي. مقطع جون ٻئي سٽون الڳ الڳ وزن ۾ آھن. ”ھنڌ“ کي ھڪ گرو ماترا ڪري کڻڻ صحيح تھ ڪانھي، گرو ۽ لگھو ٿيڻ گھرجي. ”ڪنڌ“ لفظ کي گرو ڪري کنيو ٿو وڃي، صحيح ڪونھي. +فاني صاحب مان ڪن سٺن غزلن جي اميد ھئي. +جائزو وٺندي مون غزل جي فن تي ڪجھھ وڌيڪ ڳالھايو آھي، فڪر تي گھٽ. خود مون کي بھ ائين ٿو لڳي تھ مون جائزو ائين ورتو آھي، ڄڻ مون کي خامين ڪڍڻ لاءِ ئي چيو ويو ھجي. مان افسوس سان چوان ٿو تھ مان اِنھن ننڍين وڏين اوڻاين ڏانھن اک ٻوٽ نھ ٿو ڪري سگھان. بلڪ سمجھان ٿو تھ ڪھڙي بھ سٺي شعر کان، ڪا ھڪ بھ خامي، سندس سڄي سٺائي کسي ٿي وٺي، اڃا بھ ائين چوان تھ کاٽ ھڻي، کڻي ٿي وڃي. ڪي غلطيون نھ جھڙيون آھن، ڪن کي معاف نھ ٿو ڪري سگھي. جائزو وٺندي، ڪھڙيءَ خاميءَ ڏانھن آڱر کڻان، ڪھڙيءَ کي نظر انداز ڪريان، اھو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو ٿي پيو. ائين ٿيندو تھ ڪن سان رعايت ٿي پوندي، ڪن جو من ڏکندو. باقي Thought content ۽ نباھھ، ٻھ مکيھ ڳالھيون آھن، ھر ڪنھن ڪلا لاءِ، ۽ پوءِ Total effect ان سبب ڪن اڀرندڙ شاعرن پڻ، چڱو ڪجھھ ڏنو آھي. ھو غزل جي ھر ڪنھن شعر ۾ ڪجھھ چوڻ چاھين ٿا ۽ جڏھن جڏھن، اھو ڪجھھ چوڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، سڄي وجود کي ڌوڏائي ٿا وجھن. ڪي غزل ائين ٿا لڳن، ڄڻ گھڻو ڪجھھ چون ٿا، لفظن ۽ ٻوليءَ جو گھماءُ، ڌيان تھ ڇڪائي، پر جي ايڪاگرتا سان ويھي سوچجي ٿو، تھ لڳي ٿو خالي آھن. شعر اھو آھي، جنھن جا لفظ ڪجھھ بھ نھ چون. لفظن جو جڙاءُ (formation)، اھڙو سنجيده ھجي، جو ٻھ گھڙيون سوچ ۾ ٻڏي وڃجي. شايد وري مان فڪر کي وياکيا ڏيئي ڪجھھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان، جو ممڪن ڪونھي. جيڪا چيز صرف سمجھڻ لاءِ ھوندي آھي، ان کي سمجھائڻ جي ويھي ڪوشش ڪرڻ، صحيح ناھي. +(پونا ادبي ڪلاس- ”آڪٽوبر ١٩٨٩ع“ ۾ پڙھيل جائزو) +ارجن حاسد +غزل جو اڀرندڙ روپ +ساھتيھ (ادب) سرجڻ واري سوچ، من ۾ ڪيئن ڪيئن وراڪا ڏيئي اڀري ٿي، اھو ھر ساھتڪار جي سڀاءَ تي منحصر آھي. سرجڻ ۾ سندس ڪھڙو ڀاؤ- ٻوڌ ۽ تخليقي عنصر کيس تازو ۽ سگھارو بڻائي ٿو، اِھو بھ ھر اديبَ جي انفراديت ۽ خودداريءَ تي مدار ٿو رکي. اڄ ڪلھھ گھڻو غزل لکيو پيو وڃي. غزل جي نئين شئليءَ (فارم) سان سڃاڻپ ٿيڻ لڳي آھي،نئين معنوي انداز ۽ ڇھاو سان لفظ جي ارٿ (مفھوم) سان ڪو نئون وھنوار جڙڻ لڳو آھي. شعر جي ٻن سٽن ۾ ڪا الڳ ريت رسم، الڳ نھار واري سادگيءَ ڀري ڇيڙ، ظھور ۾ اچڻ لڳي آھي. تضادن يا وروڌ آ ڀاسي لفظن، محاورن، ۽ اھڃاڻن کان غزل ڇوٽڪارو پائي ورتو آھي. شعر جي ٻن سٽن کي گره لڳائڻ واري پراڻي اسلوبَ سان، ڪوبھ نئون مفھوم حاصل ڪرڻ، مشڪل ٿي پيو آھي. غزل پاڻ تي ھڪ نئون نکار محسوسڻ لڳو آھي. ڀارت ۾ سنڌي غزل وڏيون ٻِرانگھون ڀريون آھن: +نارائڻ شيام غزل کي ڪو الڳ لباس پھرايو آھي. +وڌي وڌي اِھي پاڇا ئي راتِ ٿي پوندا، +ھنئر وڌن ٿا، ٿڌڪار ٿي وئي تِن جي. +ڏئا خوشيءَ جا ھجن يا غمن جا ٻاري رک، +جو ڪنھن بھاني ئي اوندھھ تھ ذھن جي گھٽبي! +پلي مون پريت کان دل، پر ”ڪٿي جي گڏجي ھو“، +خيال ايندي ٿِيس پاڻ کان ئي پاڻ شڪي. +الائي ڪھڙي گھڙيءَ ’شيام‘ ان مان نڪتاسين، +وطن ورڻ تھ ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نھ ٿي. +- +اسوءَ جي اس ۾ ٿي محسوس اِئن ٿيو، +ھٿن سان ڍڪيو ماءُ پٽ جي ڳلن کي. +ٻِپھرن جو ڄڻ اولڙا آرسبن جا، +شرارت سجھي ڪا پپر جي پنن کي. +- +’شيام‘ لفظن سان رھان ٿو ھاڻ مان، +نيٺ ھوندس مان بھ ھڪڙو تِن منجھان! +گيت جي رنگين لفظن کي ڇھي، +اک ڏسي ٿي توکي ڪھڙي رنگ سان! +دڳ ڏسي گھر وٽ بھ پڄائي ويو، +ھيءُ نھ ٿيو، کانئس کڻي نالو پڇان! +- +کنوڻ نھ ساڳي، نھ ساڳي وري کنوڻ جي ادا، +کنوڻ جڏھن بھ کنوي، مون چپن ۾ مرڪيو ھو. +ھئي تھ شيام فقط ھڪ گلابَ جي ڪونڊي، +تڏھن بھ گھر جو اڱڻ ڀانءِ جھڙو باغيچو. +مول (بنيادي) ويچار واري ڀاونا کي شاعر سمجھڻ لڳو آھي. صرف لفظن جي راند کي ھاڻي غزل ۾ جاءِ نھ ٿي ملي. شاعر، شعر جي ٻن سٽن کي، سھجتا سان، ھڪ سٽ جي سلسلي ۾ ارٿ (مفھوم) سان اڻڻ لڳا آھن. اِظھار کي وڏيون وسعتون، وڏو وستار، وڏو ڪئنواس ملي ويو آھي. +ايم ڪمل: +ٽي وي ٽاور ڊھي پيو آ +وقت شھر جو وڌي پيو آ +گھر جي ڀتين مان شاڪ اچي ٿو، +ڳنڍ تار جو ٽٽي پيو آ. +منھنجي منھن تي ڏارون آھن، +تنھنجو چشمو ڀڄي پيو آ. +گاڏي ليٽ آ، اڄ ڀي بيبو +ممي ممي ڪري سمي پيو آ. +نت نئون ڌماڪو، ٻيو مڙئي سک ئي سک آ، +ڀو بخش آ تماشو، ٻيو مڙئي سک ئي سک آ. +آڌيءَ جو در تي کڙڪو، بخشي ٿو دل کي ڌڌڪو، +وسري آ ويو وھاڻو، ٻيو مڙئي سک ئي سک آ. +- +دل تھ زخمن جو ڳتيل ھڪ جھنگ آ، +ھاڻ ويھي ڪير ھن جا وڻ ڳڻي. +ڪرشن راھي: +ڪير ٿو اڄ ڏسون ڪري چوري، +چور پھرو ڏيڻ لڳا آھن! +ڪو تھ ناٽڪ ضرور اڄ ٿيندو، +ھي جو پردا کڄڻ لڳا آھن! +ماڻھو ننڍڙا ٿيڻ لڳا آھن، +صرف پاڇا وڌڻ لڳا آھن. +- +حادثا پاڇي جيان گڏ ٿي ھليا، +خوف دل ۾ ھو ۽ مٺ ۾ ساھھ ھو. +فڪر اڄ جو ئي تھ ايڏو ٿي رھيو، +جو سڀاڻي ۾ نھ ڪوئي چاھھ ھو. +موتي پرڪاش: +بي حس، بي احساس لڳن ٿا، +فريم اندر ڄڻ فوٽا آھن. +ڪڙي ڪسيءَ مان ڀرجي ايندا، +ماڻھو ناھن، لوٽا آھن. +ڌن ميڙيون ٿا، ڇو جو پويان، +پٽ پوٽا، پڙ پوٽا آھن. +- +ڪڏھن پنھنجو سڄڻ سمجھو تھ چئجو. +ڏسي در تي کڻي ھڪ تاڪ پٽجو! +بھانو بي رخيءَ جو ڪين ڳوليو +اِئين ئي منھن اٿو مٽڻو تھ مٽجو! +اسين پنھنجي نگر ۾ اوپرا ئي، +ملون پرڏيھھ ۾، پنھنجو تھ سڏجو! +مٿيان ٽئي شاعر ھند ۾ وڏا شاعر ليکجن ٿا. گھڻو مقبول آھن، گھڻي عرصي کان لکن ٿا. انھن بھ پنھنجي غزل کي نئون رنگ ڏنو آھي. غزل جي ھر ھڪ شعر کي ڪو معنى خيز چھرو ڏنو آھي. ڪيڏي نھ طنز ۽ چوٽ آھي سندس ھڪ ھڪ شعر ۾. شاعر کي وقت چھنڊڙيون پائڻ لڳو آھي، مڪون بھ اولارڻ لڳو آھي. شاعر کي بھ تھ پنھنجو انداز آھي، ڀرپور موٽ ڏيڻ جو. + + +تنھنجي محفل ۾ کڻي سونھن سڳنڌي اچبو، +يا تھ ڪو گل، يا اگر- ڌوپ بڻي اينداسين. +ھاڻ ٽِڪ ٽِڪ ڪري گھڙيال ٿو گھوري دلگير! +ٿي ويو وقت، نھ آ دير گھڻي، اينداسين +دلگير صاحب وقت جي آھٽ کي پروڙي ورتو ۽ وڃي محبوب سان مليو. سڳن آھوجا بھ اسان وٽ ڪونھي. سڳن وڏو مفڪر ۽ دانشور ھو. ھن گھڻو اڳ سنڌي غزل کي نئين سڃاڻپ ڏني آھي: +ڇا وٽيندي ڏسي فوٽو ۽ پڙھي خط منھنجا، +مان جو آھيان سو رڳو شعر مان ظاھر آھيان. +منھنجي ڪارنھن تي ڪندا سجدا گلابي جذبا، +چپ تي پاڪيزه جوانيءَ جي مٺو تِر آھيان. +زندگي! تنھنجي ادائن کان ٿيو بِر آھيان، +غم جا پھلو تھ بَدل، نيٺ بھ شاعر آھيان. +- +ڪوڙ ٻڌائڻ سان گڏ يارو! +ڪجھھ گھٻرايو، ڪجھھ شرمايو! +ھر غلطيءَ تي پاڻ سان رسندي، +فخر ٿيو ۽ شرم بھ آيو! +اندر ڀوڄواڻي بھ اڄ حيات ڪونھي. اِن شاعر کي، شايد ھت (سنڌ ۾) توھان نھ بھ ڄاڻندا سڃاڻندا ھجو. +ملن تھ ڳائن پنھنجا لاڏا، +ڪونھ پڇي ڪو حالت منھنجي. +مون تھ راتِ کي راتِ سڏيو ھو، +ان تان آئي، مون کي ڦاھي. +سدا نچائن، چون تڏھن ڀي، +سکڻي پوندءِ ڪلا نچڻ جي. +ورھاڱي کان پوءِ ھن سڄي اپ – کنڊ ۾، معاشري جون حالتون ڪجھھ اھڙيون بدليون، جو ھڪ ذھين شاعر مجبور ٿي پيو پاڻ کي نئون فڪر ۽ محاورو ڏيڻ لاءِ. ڪوبھ آچار وھنوار سنئون سڌو نھ آھي. ماڻھو ماڻھوءَ کي ڪنھن عجيب ترڪيب سان ڏھڻ لڳو، ٺڳڻ لڳو، ۽ اھو سڀ ڀلمانائي ۽ ھمدرديءَ ڏيکارڻ واري احسان سان ٿيندو رھيو آھي. ھڪ خوددار شاعر ۽ اديب بھ پنھنجي لاءِ سھوليت ڀريون ڪنڊيون ڳولڻ لڳي ويوآھي. +ارجن شاد،[1] اڄ ڪلھھ لکي ڪونھ ٿو، پر سندس ڪي غزل، سنڌي شاعريءَ جي نرڙ تي تا قيامت لکيل رھندا: +سرحد جي پار منھنجي نظر کي اڏڻ ڏيو، +اصلي وطن جي ڀي تھ زمين کي ڏسڻ ڏيو! +ھر فرد جي نراڙ تي، ھر قوم جا نشان، +سنڌين ۾ مون کي سنڌ جي صورت پسڻ ڏيو! +پرڀو وفا وٽ بھ ڪي ڇھندڙ يادگيريون آھن: +گجر جي گلي ۾ سو ھس ياد آ، +۽ آڱر ۾ پيروزي ٽِڪ سان ڇلو. +سڄي رات صوفين رکي ڪن تي ھٿ، +ڪئي ٿي ڀلو ميان، الو ميان، الو! +لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“، ڪڏھن سٺو غزل ٿي لکيو، سندس ھيءُ غزل گھڻو ساراھيو ويو ھو: +ڪڏھن ھن سان اھڙي ملاقات ٿيندي، +زبان بند ھوندي مگر بات ٿيندي. +ڪيم ضبط آھون تھ پيا لڙڪ ڇلڪي، +ھوا بند ھوندي تھ برسات ٿيندي. +محبت جي پنڌن ۾ ڇا سوچڻو آ، +ڪٿي ڏينھن ڪٽبو، ڪٿي رات ٿيندي! +واسديو نرمل: +وجھي شرط ڪيئي ٿو، اقرار سان گڏ +۽ اقرار شامل آ اِنڪار سان گڏ. +جي نفرت ڪرڻ چاھين ٿو، ڪر اڪوئي، +مگر سوچي سمجھي، ذرا پيار سان گڏ! +انھن کي ڪرڻ جو ڊپ ٿو رھي جي، +ھلن ٿا زماني جي رفتار سان گڏ +نظر ترڇي، ڳل لال غصي ۾ ’نرمل‘، +ڪري قربَ ڪيڏا ٿو تڪرار سان گڏ! +غزل کي پنھنجون فني باريڪيون آھن تھ مقبوليت بھ آھي. گھڻو لکيو ٿو وڃي، ڳايو ٿو وڃي. غزل جو مزاج نت نئون آھي. ڇيڙي بھ ٿو تھ چيري بھ ٿو. ڪڏھن تھ شرارت ڀري تلخي ۽ ڪؤڙاڻ چپِ ڪرائي ڇڏيندي آھي. ڪڏھن تھ خاموشيءَ کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻو پوندو آھي تھ بود ۾ اچي وڃبو آھي. +واسديو موھيءَ، غزل کي پنھنجو نرالو لھجو ڏنوآھي، شبدن (لفظن) کي نوان ڀاو ڏنا آھن، تھ عجيب معنوي رديف جي بھ عنايت ڪئي آھي. اڳ ڪڏھن بھ ڪنھن شاعر اھڙي رديف سان غزل کي وسعت ڏني ھجي ۽ پرڪيف بڻايو ھجي، ائين سجھي نھ ٿو. +تون پسڻ کان بچين، ڏکيو آھي، +اڀ وسي ٿو پوي، ڇٽيءَ ھيٺان. +ڇاٽ بوند جي، بوٽ سئنڊل جي، +جوڙي جوڙي وڃي، ڇٽيءَ ھيٺان. +بوند ھوندي پسيني جي نڪ تي، +مينھن جي ڪونھي جي، ڇٽيءَ ھيٺان، +دوست برسات جان وسن ٿا جڏھن، +ڪئن پو ڪوئي ھلي، ڇٽيءَ ھيٺان. +- +واڻ جي کٽ ڇڪي ٿو ٻڍو +سوچ ۾ ننڊ اڻي ٿو ٻڍو. +گھاو تي ڄڻ ملم ٿو مکي، +مرڪندو ئي رھي ٿو ٻڍو. +پاڻ سان ڀڻڪندو ٿو رھي، +پاڻ سان ئي کلي ٿو ٻڍو. +لفظ ھن جا وڄن ڪونھ ٿا، +سانت اوڍي سمھي ٿو ٻڍو. +شريڪانت صدف بھ غزل کي سگھارو ۽ تندرس بڻايو آھي. ھن جي سڃاڻپ بھ نرالي آھي. جيئن بھ لکندو، ڌيان ضرور ڇڪائيندو: +اڄ جي ليکڪ جي ڪھڙي ڳالھھ ڪجي، +چار ھا، پاڻ ۾ ٺھيا ئي ڪٿي. +بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿيا ھا، +جن ڪيا ھا، انھن ٻڌائي ڪٿي! +دک ھنن جو نئون تھ ناھي ڪو، +ھو ”صدف“ خوش ڪڏھن ھئا ئي ڪٿي؟ +- +تڙ تڪڙ جي ڪٿي ضرورت آ، +ڪجھھ بھ مون وٽ جي آ تھ فرصت آ. +تون پڇين ٿو مون ڪيو ڇا ڇا؟ +ڏينھن گذري ويو غنيمت آ! +- +اک اوھان جي کڄي ڀي کڄي ٿي ڪٿي، +صرف نانو جي خاطر ڇپر ٿا کڻو! +گھور ھن تان ڪيائون فقط انڪري، +سر ۾ ڳائي وٺي اڄ تھ ھيءُ بي سرو! +غزل ھر ڪنھن موضوعن کي ڇھي سگھڻ جي سگھھ رکي ٿو، خلش ۽ طنز جي تيز ڌار، اڄ جي دنڀ کي چيري ڦاڙي ڇڏيندي آھي. راتِ ۽ خماريءَ جي پوري ماحول کي واچوڙن ۾ سميٽي ڇڏيندي آھي. غزل اڳ صرف علم عروض جي بحر وزن ۾ لکيو ويندو ھو، اڄ جو مقبول شاعر ھندي ماترڪ ڇند ۾ بھ سھڻو غزل لکي ٿو. +Ambliguity، اڻچٽائي، اڄ جي غزل جي خصوصيت آھي، واقفيت آھي. غزل نظم تھ نھ آھي، جنھن کي وڏو وستار ڏيڻو آھي. شعر جي ٻن سٽن کي سوکيما واري ارٿ ۾ اڻڻو آھي، ڪنھن لڪل معنى کي ماڻڻو آھي، حواسن سان ڇھڻو آھي. ھر ڳالھھ کي وائکو ڪري ئي سمجھائڻو آھي، يا ڪڙيءَ سان ڪڙي ملائڻي آھي. اھڙي تقاضا اڄ جي شاعر کان ڪرڻ مون کي تھ صحيح نھ ٿو لڳي. شاعر پنھنجي انڀؤ ۽ صداقت سان ڪٿي بھ پھچي ٿو، فڪر کي فن سان جوڙي ٿو. +کيمن مولاڻي: +ھر مجبوري اِئن ساماڻي، +منھن تي ڪوڙي ڏئي وراڻي. +چانڊوڪي اِئن ڇِڻي وڻن مان، +ڌرتي ٿي پئي داغن ھاڻي. +ويراني جو منھن ڏسندي ئي، +ڪڪري پڻ ٿي پاڻي پاڻي. +تو تھ کڻي مئھ ساڳي اوتي، +مگر نھ آئي مؤج پروڪي. +تنھنجي مرڪڻ سان اڄ من ۾�� +وئي پکڙجي ڄڻ چانڊوڪي. +- +ھر جڳھھ پاڻ پڏائين ٿو پر، +بانس لفظن مان اچي ويندي آ. +ڀل تھ آڪاس ڇھڻ لءِ اڏري، +نيٺ ھر لھر لھي ويندي آ. +ڍولڻ راھي: +ڇو ڇرڪان ٿو آئيني کان، +روز پڇان ٿو آئيني کان. +منھن تي ڪنھن کي ڪئن سچ چئجي، +رمز پڇان ٿو آئيني کان. +پنھنجي ڪاري اڇي ھجڻ جي، +ساک وٺان ٿو آئيني کان. +رڃ ڇو ٿي ڇڪي اڃا تائين، +اڃ ڇو ٿي وڌي اڃا تائين. +سون لٽجي ويو جوانيءَ جو، +پو بھ چاندي وڻي اڃا تائين! +ھر ڪنھن ملڪ جي سياست، سماج، شھر، گھر، گھٽيون، پاڙو، ڪيترو نھ گند آھي. ڪيتريون نھ سنسٿائون، ڪيترا جلسا آھن، ڪيترا نھ جيوڙا ۽ پوليوشن پکيڙي ٿا ڇڏين. ساھتڪار انھن مان ئي تھ اتساھت ٿئي ٿو، ٿيڻو ئي آھي. تھ بھ ساھتڪار، ھڪ رچناڪار آھي، کيس آھٽن کي سڃاڻڻ جو شعور ھئڻ گھرجي، اس ڇانو جا اھڃاڻ بھ تھ جھٽڻا آھن. روشنيءَ ۽ اوندھھ ۾ بلڪل نھ جھڙو ئي فرق وڃي رھيو آھي. اوندھھ کي ڪا ساڃھھ، ڪا پنھنجائپ ھوندي بھ آھي، روشني بلڪل اگھاڙي، ننگي، ھڪ ھڪ ڪري وستر لاھيندي ٿي وڃي. +لڇمڻ دبي: +ماڻھو ڏس، ويچارو ماڻھو. +بکيو پياسو، خواھش جو ڌڻ. +اگر ٻڌو ٿا، ٻڌو ڌيان سان، +پوءِ ضروري آھي سمجھڻ. +منزل جي نزديڪ اچڻ سان، +ڏاڍو ممڪن آ ٿاٻڙجڻ. +- +جي ھٻڇي ميرو وڳو بدليون کڻي، +پر اداسيءَ کي ڪٿي لاھي اچون. +ھل، ھتي ’لڇمڻ‘ ٻڌائي پيو غزل، +موڊ پنھنجو پڻ ذرا ٺاھي اچون. +ونود آسواڻي: +منھنجي نيڻن جڏھن تنھنجو درشن ڪيو، +ٻور خوابن جھليو، اوچتو اوچتو! +ڪوئي آيو نھ ھو، ڪير ايندو ھتي، +مون ڇو در ڏي ڏٺو، اوچتو اوچتو! +عقل وارن جي وچ ۾، تون ويھي تھ ڏس! +بڻجي پوندين چريو، اوچتو اوچتو! +- +وڻ مان ھڪ پن سڪل ڪريو ھوندو، +يا وري مون کي ھن سڏيو ھوندو. +آھي آلاڻ بند اکڙين ۾، +رات سڏڪا ڀري سمھيو ھوندو. +ڪيئن منزل تي ھو اچي پھتو، +واٽ اؤکي وٺي ھليو ھوندو! +گوروڌن ”گھايل“: +چار چمچا، چار ڪانڌي، +لاش ڍوئڻ لءِ ملون اڄ. +- +خدا مرڪ منھن تان نھ کسجانءِ، ڀل تون +وٺج جان منھنجي، جڏھن من ڪريئي! +کڻي ھٿ چوين ٿو تھ ’سنڌي نھ پڙھندس‘، +پڇي ڏس تون دل کان تھ ڇا ٿي چويئي! +شاعري، جي ڪوبھ عڪس، ڪا آھٽ، ڪو آڀاس نھ ٿي ڏئي، لفظ ئي لفظ آھن. ڀاو نھ ٿي ڏئي، تھ شاعري ڪئن چئون، شاعري درشن آھي. چنتن آھي. خاموشيءَ واري ماٺِ غزل جي علامت آھي. لالچون ۽ لاچاريون تھ بڙ بڙائينديون آھن. نعريبازي ۽ نصيحتون ڪٿي غزل کي Land نھ ٿيون بڻائن. غزل شاعريءَ جي اھا صنف آھي، جنھن وٽ مرم حياءَ واري صفت بھ آھي. غزل اِنسان جي فطرت، اڪيلائپ ۽ اداسين جو شاھد آھي. جي رھنڊيندو آھي، تھ زخم بھ پيارا لڳندا آھن. ڳلن سان ڳل ملائي ڇڏبا آھن. +آخر ۾، مان پاڻ کي بھ ڪٿي ڪنھن سوڙھھ ۾ سمائي ڇڏيان: +ارجن حاسد: +اسان جي ملڪ جو ماڻھو مڃي ٿو سجدي کي، +رلي پني بھ ڪٿان ڪا دعا وٺي ايندو. +چڱي ئي وقت کان جنھن جي تلاش ۾ آھي، +چوي ٿو جھڙو مليو اڄ خدا وٺي ايندو. +اسان مان ھر ڪو سڃاڻي ٿو ھاڻي حاسد کي، +وڪامي چيز نھ جيڪا اھا وٺي ايندو. +- +وٺي ڏي، ڪو تھ رانديڪو وٺي ڏي، +ڇھڻ سان ئي ڀري پئي، اھڙو وٺي ڏي! +اڪيلو پاڻ کي سمجھان، تھ چوسيان، +ھجي سڻڀو، سو آڱوٺو وٺي ڏي! +نھاري، تڙڦندا جيڪي ھليا ويا، +اکين کان تن جي ڏواپو وٺي ڏي! +- +صحيح غلط تھ نھ سوچين تھ چڱو، +۽ ڪابھ ڳالھھ نھ سمجھين تھ چڱو! +گناھھ ڏوھھ نھ ڳڻبا تنھنجا +ضمير ڪنھن کي بھ وڪڻين تھ چڱو! +اکين ۾ ننڊ سمھاري حاسد! +ڏسين ڪو خواب ۽ وڦلين تھ چڱو! +(’شاھھ سچل امن ڪانفرنس‘ +ھري دلگير +غزل جي حوالي ۾ - شاعر ايم. ڪمل +غزل شاعريءَ جي ھڪ پياري صنف آھي، جا سنڌيءَ ۾ ڪافي مقبول آھي. اھا ��الھھ ٻي آھي تھ غزل کي پرکڻ ۽ ماڻڻ وارا ٿورا آھن. صحيح معنى ۾ سٺا غزل نويس شاعر تھ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آھن. انھن ۾ ايم. ڪمل جا غزل مون کي خوب وڻن ٿا. ائين تھ ٻيا بھ ڪي سٺا غزل نويس شاعر آھن، جيئن تھ ارجن حاسد، کيمن مولاڻي، ڪرشن راھي، پرڀو وفا، ڍولڻ راھي، واسديو نرمل ۽ ڪي ٻيا. پر اڄ مان فقط ايم. ڪمل جي غزل تي ئي لکندس. +مان ڪو حسابي ڪتابي ناھيان ۽ ليکو چوکو نھ رکندو آھيان تھ ڪنھن ڪيترا غزل لکيا آھن، پر دل تي اثر اٿم تھ سڀني کان وڌيڪ غزل ايم. ڪمل ئي لکيا آھن. سندس تازي ڪتاب ۾ پڙھيم تھ ھن ڇھھ سؤ غزل لکيا آھن. منھنجي دل تي اھو بھ اثر آھي تھ ايم. ڪمل کي غزل جي فن جي مڪمل ڄاڻ آھي ۽ ھو ان جي باريڪين، نفاستن، نزاڪتن، آداب، اسلوب ۽ داون پيچن سان بخوبي نباھي رھيو آھي. ڪمل غزل ۾ ڪاميابيءَ سان ڪيترا تجربا بھ ڪيا آھن. +غزل کي سمجھڻ ۽ ماڻڻ لاءِ غزل سان ڳنڍيل ڪن لفظن جي معنى سمجھڻ ضروري آھي. شيخ اياز جو ھڪ غزل آھي: +ڌرتي ڇا ڇا دان ڪري وئي، +اوک ڏئي انسان ڪري وئي. +طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي، +ساحل کي حيران ڪري وئي. +ڇا ڇا جام ”اياز“ پياريئھ، +سڀ کي سرڪ سجان ڪري وئي. +ھن غزل ۾ دان، حيران، انسان ۽ سجان قافيا يا ھم آواز لفظ آھن. قافين جي پوئتان جي لفظ ھر ھر دھرائجن ٿا، يعني ”ڪري وئي“ رديف آھن. غزل جون شروعاتي ٻھ سٽون، جن ۾ قافيا (۽ رديف بھ) ھوندا آھن، انھن کي مطلع چئبو آھي. آخري ٻھ سٽون، جن ۾ شاعر جو نالو اچي ٿو، انھن کي مقطع چئبو آھي. جن شاعرن وٽ قافين رديفن جو قدرتي خزانو موجود ھوندو آھي، اھي ھڪ کان وڌيڪ مطلع ڪتب آڻيندا آھن. +اڄ ڪلھھ ڪي شاعر وڪالت ڪري رھيا آھن تھ رديف اجايو ٻوجھو آھي ۽ ان کي خارج ڪرڻ گھرجي، يعني قافيي جي پوئتان ننڍو يا وڏو رديف نھ ھئڻ گھرجي. پر مان سمجھان ٿو تھ اھا وڪالت سراسر غلط آھي. اھڙي صلاح اھي ئي شاعر ڏين ٿا، جن کي ٻوليءَ تي دسترس گھٽ آھي يا جن کي رديف سان صحيح نموني نڀائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. رديف سان غزل جي حسن ۾ اضافو ٿئي ٿو. جنھن شاعر جي طبيعت روان آھي يعني غزل روح ۾ سمائجي ويو اٿس، ان لاءِ رديف کي ڦٻائڻ ۾ ڪابھ مشڪلات درپيش نھ ايندي آھي، بلڪ روح کي راحت ملندي آھي، مثال طور وري بھ اياز جو ھي غزل ڏسو: +بي موت مئا، تو لاءِ ڪٺا، انسان ھزارين، مان نھ رڳو! +ھن دنيا ۾، اي ديس ھئا، نادان ھزارين،مان نھ رڳو! +ھتي رديف آھي، ”ھزارين، مان نھ رڳو“، جو قافين ”انسان ۽ نادان“ ۾ خوبصورتيءَ سان ڦٻايو ويو آھي. منھنجو شخصي ويچار آھي تھ جي قافيي جي پويان رديف ڪونھي (ھر حالت ۾ ضروري ڪونھي) تھ قافيو جاندار يعني کڙڪڻو، ڦرڪڻو ۽ ڀرڪڻو مزيدار ھجي. ان حالت ۾ غزل کي ڳائيندي ۽ ٻڌندي محفل ۾ موج مچي ويندي. جيئن: +اکيون آرزوئون، اکيون التجائون، +اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون، +اھو چنگ چارڻ! امانت اٿيئي، +متان سر سوا ٻيون ڪرين ڪي صدائون. +(اياز) +ھتي ھيءَ ڳالھھ ڌيان ۾ رکڻ جھڙي آھي تھ ھنن قافين سان گڏ اچون، ڏسون، ڪريون جھڙا قافيا ملائڻ غلط ناھي، پر ائين ڪرڻ سان غزل جي لئھ ختم ٿي ويندي. پر ھتي اياز اھي ڪجسا قافيا رد ڪري ڇڏيا آھن. +ڪي شاعر چوندا آھن تھ غزل ڳائڻ جي چيز ناھي، پر پڙھي ماڻڻ جي چيز آھي. ڊاڪٽر اياز قادري، جنھن غزل تي ھزار صفحن جي ٿيسز لکي، سنڌ ۾ ڊاڪٽوريت حاصل ڪئي آھي، لکي ٿو تھ ”غزل ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم جو لاڳاپو آھي. غزل جوس حسن، ان جي موسيقيءَ ۽ غنا سان ئي قائم آھي.“ (غنا= راڳ) مطلب تھ جي غزل ۾ موسيقي ۽ لئھ آھي ۽ ان کي ڪو سٺو ڳائيندڙ، ڪنھن باشعور محفل ۾ ڳائيندو ت�� ڌوم مچي ويندي ۽ محفل جھومڻ لڳندي. ڪمل کي کڙڪندڙ قافين ۽ سٺن رديفن سان عشق آھي، پر ان جي ڪري ھو مول ويچار کي قربان نھ ٿو ڪري. غير مورج وزنن تي لکڻ ۾ فخر جو احساس ٿيندو اٿس. مثال طور سندس ھيءُ غزل، جو فاعلاتن، فعلاتن، فعلاتن فعلاتن وزن تي لکيل آھي. اھو وزن مون لاءِ نئون آھي ۽ مان ان کي سر سان ٺيڪ نموني ۾ پڙھي بھ نھ ٿو سگھان: +غور سان پڙھھ، گھڻا بي ڌنڌ نظارا نظر ايندءِ! +منھنجي شعرن ۾ ڪٿي اصلي مھانڊا نظر ايندءِ! +پنھنجي تھذيب ڪلا، ٻوليءَ جا سانگ ٿين پيا، +چوطرف بس اھي پرشعور تماشا نظر ايندءِ! +اھي وزن شايد عروض جي ڪتابن ۾ بھ مشڪل نظر ايندا. مون کي تھ انھن نون وزنن ۾ لئھ ۽ سنگيت نظر نھ ٿو اچي. ڪمل شايد پنجاھھ کن وزنن جو استعمال ڪيو ھوندو. شيام ۽ عزيز چاليھھ يا پنجيتالھھ وزن ڪتب آندا. ڪشنچند بيوس فقط ڏھاڪو وزن استعمال ڪيا، پر ان ھوندي بھ بيوس جي شاعريءَ کي ڳائڻا پسند ڪندا آھن، ڇو تھ ھن جي شاعريءَ ۾ لئھ ۽ سنگيت آھي. (مون وٽ جدا جدا شاعرن ڪيترا وزن لکيا آھن، جو صحيح ڳاڻاٽو ڪونھي.) +ڪمل جو ھيٺيون غزل، ھن جي فني شعور جي ساک ڀري ٿو. غزل جو وزن آھي: مفاعلن مفاعلن مفاعلن، جو ھڪ عام مروج وزن آھي، پر تھ بھ سيکڙاٽن جي پڪڙ ۾ سھوليت سان نھ ايندو: +رکيو تھ يار کٽ تي پير، پر اٿان اٿان ڪندو، +صدين پڄاڻان ھو گڏيو، سوڀي وڃان وڃان ڪندو، +پڳو نھ مون کان ئي نماءُ زخم دل جو دوست !نھ تھ، +سري تھ آيو يار قرب مان ڏسان ڏسان ڪندو. +ھن غزل تي عام پيار جو رنگ چڙھيل آھي، پر انداز بيان خوب خمار چاڙھي ڇڏي ٿو. ھر ھڪ قافيي جو ٻھ ٻھ دفعا استعمال (اٿان اٿان، وڃان وڃان وغيره) سو بھ محاوريدار ٻوليءَ ۾ صحيح نموني ڪتب آندل، ڏاڍو سھڻو ٿو لڳي. وري رديف ”ڪندو“ بھ خوب آھي. ھي رديف آھي ننڍو، پر فن جو تز نموني ۾ استعمال ڪيڏو نھ ڏکيو آھي. اھو تڏھن پتو پوندو، جڏھن ڪوئي شاعر ان تي قلم ھلائيندو. ڪمل جو ھي سمورو غزل پڙھڻ جھڙو آھي. ان جا ٻيا بھ ٽي بند ھن ريت آھن: +گھڙيون ٻھ چار جھڙ ڪري، چمڪ ڌمڪ سان ويو ھليو، +جو آيو ٿي پري کان شور سان وسان وسان ڪندو، +الائي ڇو بھي ويو ھي قافلو حيات جو، +ھليو تھ ڏاڍي شان سان ھو وڌان وڌان ڪندو. +مون کي ڪمل جو ھيءُ غزل مثالي خوبصورت غزل ٿو لڳي. لفظن جي جوڙجڪ، ربط، ٻٽا قافيا وغيره ھن غزل جي سونھن کي سوايو ڪري بيٺا آھن، توڙي خيال ۾ خاص نواڻ ناھي، پر انداز بيان ساراھھ جوڳو آھي. جي ڪو سٺو ڳائيندڙ ھن غزل کي اپنائي ۽ ڳائي تھ محفل ۾ موج مچائي ڇڏيندو، فن ۾ شڪ ڪونھ اٿم، البت آخري بند ۾ قافلي جو ذڪر کٽڪيم ٿو، جو اڄ ڪلھھ اسان وٽ قافلا آھن ئي ڪونھ. +شاعر کي شاعريءَ ۾ ا، و ۽ ي اکرن کي حذف ڪرڻ يعني کائي وڃڻ يا ڪيرائڻ جي اجازت آھي، بشرطيڪ معنى ۾ مانڌاڻ نھ پوي. +(مونکي بدران منکي يا مونکھ ويئي بدران، ويئھ، آيو بدران آيھ لکي سگھجي ٿو) پر ضرور بدران ضرر نھ لکي سگھبو، ڇو تھ معنى بدلجي وئي. ڪمل ھن اجازت جو پورو فائدو وٺندو آھي، يعني اکرن کي حذف ڪرڻ جي ھن پاڻ کي مڪمل ڇوٽ ڏني آھي. ھونءَ اکر کي حذف تڏھن ڪيو آھي، جڏھن ٻيو ڪو چارو ڪونھ ھوندو آھي. اکرن کي حذف ڪرڻ سان شعر ۾ رواني مار کائي ويندي آھي. ان ڪري ڪن ڄاڻن کي بھ اھو ڀرم ورائيندو آھي تھ ڪمل وزن جون غلطيون ڪندو آھي. ھڪ دفعي مون کي بھ اھڙو ڀرم ٿيو ھو. ھن کي چيم تھ وزن غلط آھي. ھن چيو تھ ڪھڙي شعر ۾ غلطي ڪئي اٿم. مون کيس ھڪ غزل ٻڌايو جنھن جو وزن شايد فاعلاتن مفاعيلن مفاعلين ھو. اھو وزن مون ٻڌو بھ ڪونھ ھو ۽ اڄ بھ پڪ نھ اٿم تھ اھو وزن ڳائڻ ۾ سر ۾ ڪيئن بيھندو. پر ��ڏھن ماترائن جي ڪسوٽيءَ کي جاچيم تھ سندس غزل بلڪل پورو ھو. ٻيو تھ ڪمل جي ڪتابن ۾ پروف جو اڪيچار غلطيون ھونديون آھن. پر ڪمل جڏھن مون ڏي پنھنجا ڪتاب موڪليندو آھي تھ مڙئي غلطيون سڌاري موڪليندو آھي. +ڪمل ليکراج عزيز صاحب جو شاگرد آھي، جو ھڪ استاد شاعر ھو. عزيز صاحب ٻوليءَ جو ماھر ۽ وڏو عالم ھو. پر ھن کي اکرن حذف ڪرڻ جي عادت ھئي. ڪمل کي بھ پنھنجي استاد وٽان ٻوليءَ ۾ مھارت ۽ محاورن ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ ۽ علم عروض جي ڪاريگري ورثي ۾ مليل آھن، پر ساڳي وقت اکرن کي حذف ڪرڻ بھ عزيز صاحب جي صحبت ۾ سکيو آھي. ڪمل اکرن کي حذف ڪرڻ ۾ ھرگز ھٻڪندو ناھي. مثال طور سندس ھي غزل جنھن جو وزن آھي: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن: +شھر آ ڳتيل، مان دل جي دنيا ڪٿي رکان، +ھن تنگ بستي ۾ ھي صحرا ڪٿي رکان؟ +سپنا تھ پرزا پرزا ٿي ويا ھئا، مگر، +يادن جي آئيني جا ٽڪرا ڪٿي رکان! +جي اکر حذف ڪيا ويا آھن، اھي جي بنھھ ڪڍي ڇڏجن تھ ڪمل جو ھي غزل ھيئن پڙھڻ ۾ ايندو. +شھرا ڳتيل، م دل جي دنيا ڪٿي رکان، +ھن تنگ بست ۾ ھي صحرا ڪٿي رکان. +سپنا تھ پرزا پرزا ٿي ويا ھئا مگر، +يادن ج آئيني جا ٽڪرا ڪٿي رکان. +يعني چئن مصرعن ۾ حذف جو استعمال ڇھھ دفعا ڪيو ويو آھي. خيالات خاص آھن، پر روانيءَ ۾ دم نظر نھ ٿو اچيم. ان جي ڀيٽ ۾ ڪمل جو ھي غزل سٺي روانيءَ وارو آھي: +ھن سان ھي ڪھڙو رشتو ھو، +جو دک ڀوڳيم سو ھن جو ھو، +ھن سان گڏ نت صبح سمو ھو، +ھن بن منجھند ٽاڪ سمو ھو، +در ديوار اکيون ٿي مھٽيون، +اوچتو منھنجي گھر آيو ھو. +ھي سورھن ماترائن جو ھندي ڇند آھي. ھتي ڇھن سٽن ۾ فقط ھڪ ماترا حذف ڪيل آھي. اوچتو کي اوچت ڪري پڙھڻو پوي ٿو. ان ڪري ھن غزل ۾ رواني ۽ رس آھي. ھن مضمون ۾ شيخ اياز جا جيڪي بھ شعر ڏنا اٿم، انھن ۾ ھڪ ماترا بھ ڪيرايل نھ آھي، ان ڪري رواني ۽ رس خوب آھي. +ڪمل جي دعوى آھي تھ ھن سنڌي شاعريءَ کي نئين غزل جو تحفو عطا ڪيو آھي. حقيقت ۾ مان اڃا نئين غزل جو مفھوم سمجھي ڪونھ سگھيو آھيان. شايد نئين غزل جي مفھوم ۾ نوان ويچار ۽ نيون تشبيھون آھن. پر ھتي وري سوال ٿو اٿي تھ ڇا ھي نئون ۽ ڇا ھي پراڻو. پر ان ۾ شڪ ناھي تھ ڪمل جو غزل پڙھي منھنجي اکين اڳيان ڪا نئين دنيا کڙي ٿي ويندي آھي، جو ئي شايد نئين غزل جو مقصد آھي. ان ۾ شڪ ناھي تھ ڪمل ڪيترا نوان قافيا، رديف ۽ نوان خيال پنھنجن غزلن ۾ ڪتب آندا آھن. مثال طور سندس ھيءُ خوبصورت غزل، جنھن ۾ رواني بھ سٺي آھي ۽ ماڊرن دھشتگيريءَ جو ماحول کڙو ڪيو ويو آھي: +شھر ۾ گولي ھلي، پوءِ الاجي ڇا ٿيو؟ +خلق ھڪ طرف ڊڪي پوءِ الاجي ڇا ٿيو؟ +ھڪ ڌماڪي سان سڄي روشني ميري ٿي وئي، +اوچتو ڌوڙ اڏي پوءِ الاجي ڇا ٿيو، +”تون ڇا، تون ڇا“ کان ھلي گار، ڇرا ڀي نڪتا، +تڪڙو آيس مان ھلي، پوءِ الاجي ڇا ٿيو؟ +ھي غزل غور ۽ داد جي طلب ڪري ٿو. وڏي ڳالھھ آھي تھ رديف ”پوءِ الاجي ڇا ٿيو“ جيڪو ڪافي لنبو آھي، بلڪل تز نموني خوبيءَ سان ڪتب آندو ويو آھي. +[1] نومبر 2006ع ۾ گذاري ويو آھي. (ت. ج) + + +ڪمل جو شعر اڪثر علامتي ٿيندو آھي، جا شاعريءَ ۾ خوبي ليکجي ٿي. شاعر چوي يا لکي ھڪ ڳالھھ، پر مطلب ٻيو ڪو ھوندو اٿس. ھيٺين ٻن سٽن ۾ شاعر ذڪر ھيرن ۽ پٿرن جو ٿو ڪري، پر مطلب اٿس لائق ۽ نالائق انسانن ڏانھن. +ساڳي اگھھ ۾ چمڪندڙ پٿر ئي بس کڄندا رھيا، +ھيرا حيرت سان گراھڪ ڏي نھاريندا رھيا. +ڪمل جون ھيٺيون ٻھ سٽون پڙھي مان ڪمل کي داد ڏيڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھان: +ڳوھي ڳوھي ڏينھن کي، ھن رات جي ماني ڪئي، +عمر ھن ايئين وڌائي، زندگي کائي ھتي. +بلڪل بيون تشبيھون آھن ۽ ھڪ عام سادي ويچار ��ي خوبصورت انداز بيان ۾ پيش ڪيو ويو آھي. +ڪمل جي ھيٺين شعرن ۾ طنز جا ڏنگ آھن، جي خوب مزو پيدا ڪن ٿا: +روس جاپان ڀل ٿئي ڪوئي، +مون کي چولو سبي ڏي ڪوئي! +راز ھڪ منھنجي ڪاميابيءَ جو، +مان اصولن جو گھرگھلو آھيان. +- +سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي +ڪٿي رھندين، ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو. +ھڪ سٺي غزل ۾ خوبصورت خيال، جاندار قافيي سان (۽ رديف سان) گڏ ٻيون بھ ڪيتريون فني خوبيون ھئڻ گھرجن. انھن مان مکيھ آھن: انداز بيان، يعني خيال ڀلي سادو ھجي پر پيش ڪرڻ جو انداز انوکو ھجي. مٿي پنج بند جي ڏنا ويا آھن، انھن جو انداز بيان ساراھ جوڳو آھي. +غزل جي ھر ھڪ بند ۾ فقط ٻھ سٽون ٿينديون آھن ۽ انھن ۾ ھڪ مڪمل خيال (يا ھڪ ننڍي ڪوتا) کي سمائڻو آھي. ان ڪري ٿوري ۾ گھڻو چوڻ، يعني اختصار جو سھارو وٺڻو ٿو پوي. مٿي ڏنل ھڪ بند تي ويچار ڪري ڏسجي. +جنھن ۾ شاعر لکي ٿو: +سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي، ڪٿي رھندين ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو. +شاعر جو گھر ڪري پيو آھي. ماڻھو اچي مڙيا آھن. سڀ ھمدردي ٿا ڪن، پر اھا نقلي ھمدردي آھي. اھو سمورو خيال، شاعر ٻن ننڍين سٽن ۾ سمائي ڇڏيو آھي. اھو آھي اختصار جو ھنر. +ھڪ سٺي غزل ۾ شعر جون ٻھ سٽون ھڪ ٻئي ۾ اوتل پوتل ھئڻ گھرجن. نديءَ جي ذڪر سان لھرون، بدبدا، گڙگڙاھٽ، ٻيڙيون، روانيءَ وغيره جو ذڪر اچي تھ سٺو. صحرا سان گڏ واري، وسعت، اڪيلائي وغيره بھ ھئڻ گھرجي. ڪمل جو ھيٺيون شعر ڏسو: +دل تھ زخمن جو ڳتيل ھڪ جھنگ آ، +ڪير ويھي ھاڻ ان جا وڻ ڳڻي. +پھرين سٽ ۾ ھڪ ڳتيل جھنگ جو ذڪر آھي، ٻيءَ سٽ ۾ شاعر لکي ٿو تھ وڻ ڳڻڻ مشڪل ڪم آھي. اھڙيءَ طرح ٻنھي سٽن جو ھڪ ٻئي سان خوبصورت ميلاپ آھي، جنھن کي ربط جو نالو ڏنل آھي. +مون کي ايم. ڪمل جي اڪثر غزلن ۾ اھي سڀ خوبيون جھڙوڪ: سٺا خيال، تشبيھون، قافيا، رديف، انداز بيان، ربط، اختصار، طنز، علامتون نظر اچن ٿيون، توڙي ڪي ڪي غزل ھن ماڊرن ٿيڻ جي شوق ۾، اھڙا بھ لکيا آھن، جن ۾ قافيي ۽ رديف جي موج مستي نھ آھي. پر ان ھوندي بھ ڪمل جا غزل پنھنجو مٽ پاڻ آھن. +نوٽ: +ھن مضمون لکڻ وقت مون کي پنھنجي ھڪ ليک ”ڀارت ۾ سنڌي غزل“ تان ڪجھھ مدد وٺڻي پئي آھي، جو مضمون ٻھ چار سال اڳي ”سپون“ ۾ شايع ٿيو ھو ۽ مون پوني ۾ ٿيل سيمينار ۾ پڙھيو ھو. ٻيو تھ ھن مضمون لکڻ وقت، مون وٽ ڪمل جي ويھن ڪتابن مان فقط ٻھ شآعريءَ جا ڪتاب ھئا، ان ڪري ھن مضمون ۾ گھٽ وڌائي ٿي وئي ھوندي. +آديپور +٤ – ٩ – ١٩٩٦ +جڳديش لڇاڻي +ايم. ڪمل جا غزل +ڀارت جي ورھاڱي بعد، جيڪا نئين پيڙھي ساھت ۾ آئي، ان پنھنجي ادبي سرمائي تي، جنھن ۾ غزل بھ شامل ھو، نئين سري سان ويچار ڪرڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ اسان وٽ ترقي پسند/ مارڪسوادي ويچار ڌارا جو زور رھيو، سڀاويڪ طور سنڌي غزل ۾ بھ اھڙي قسم جو ڀاو ڪجھھ وقت اظھار پائيندا رھيا. پر ڪجھھ سمي گذرڻ بعد، غزل اھڙن ويچارن کي ڇڏي بدليل وقت ۽ حالتن سان دوبدو ٿيڻ شروع ٿيو. ان ۾ ھر قسم جا خيال، ھر قسم جي سوچ ۽ ھر قسم جي جذبي جو اظھار ٿيڻ لڳو. اڄ غزل نيون تشبيھون، نئون احساس ۽ نئون اسلوب کڻي ھلي ٿو. پر پرمپرگت نظارا ۽ روايتي لفظ بھ. جيڪڏھن نئين غزل جي ڀيٽ، ”ڪلھھ“ جي غزل سان ڪبي، تھ تفاوت واضح ٿي بيھندو. +ڀارت ۾ گذريل ڏھاڪي ۾، جنھن شاعر گھڻي ۾ گھڻن غزلن جي تخليق ڪئي سو آھي ايم. ڪمل، ايم. ڪمل صرف انداز جي لحاظ کان ئي غزلن جي رچنا ڪرڻ وارن مان ناھي، پر ھن صاحب غزل کي تمام گنڀريتا ۽ سنجيدگيءَ سان کڻي، ان ۾ ڪامياب تجربا بھ ڪيا آھن. اھو ئي سبب آھي، جو ايم. ڪمل جي سمورن غزلن ۾ فڪري بلندي ۽ گھرائيءَ سان گڏوگڏ، احساس جي شدت بھ م��جود آھي. +ايم. ڪمل جا ھيلتائين تيرھن شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ نئين ڪوتا جا مجموعا بھ شامل آھن. +ايم. ڪمل درد جو شاعر تھ آھي ئي، پر ھن وٽ سڀان جو خوف، ڊپ ۽ اٿندڙ آتش فشان دونھان، جي اڃا دور آھن، تن جو بھ ھن کي احساس رھي ٿو. +ايم. ڪمل جي شاعريءَ جو ڪردار جسماني طور ٿڪل ۽ اندران ٽٽل آھي، جا حقيقت اڄ اسين محسوس ڪري سگھون ٿا ۽ انھيءَ ڪري جڏھن شاعر احساس جي شدت کان مجبور ٿي، پنھنجي تجربي کي شاعريءَ ۾ اظھاري ٿو، تڏھن آپ بيتي، جڳ بيتيءَ جو احساس ٿي ڪرائي ۽ اظھار ۾ سندس طرز بيان ۽ سنڌي محاوري جي لفظي رعايت جي ڪري ايم. ڪمل ڪوٽابل (Quotable) ٿي پيو آھي ۽ ھن جي شاعرانھ صلاحيت اڀري بيٺي آھي. شاعرانھ صلاحيت مان مراد آھي تھ، لفظن کي ان ريت استعمال ڪيو وڃي، شعر جي بندش ائين ڪئي وڃي، جيئن ان شعر مان معنى جا نوان نوان پھلو اڀرن، جنھن کي ”معنى آفريني“ چئجي ٿو. دراصل اعلى شعر ۾، شاعر جو جذبو، مشاھدو، احساس يا خيال، دل کي تڏھن ٿو ڇھي، جڏھن ھن پنھنجي تجربي کي مڪمل ريت پاڻ ۾ جذب ڪيو ھجي، ان کي مڪمل سپردگي بخشي ھجي. استعاري، علامت، تشبيھھ، ڪنايي، محاوري ۽ ٻين فني خوبن سان شعر ۾ معنوي تھداري تھ ٿئي ٿي، پر گڏوگڏ ھڪ تصوير بھ اڀري ٿي، جا اسان جي گھڻن حواسن کي اڀاري ٿي. شعر ۾ جيتري حواسن کي اجاگر ڪرڻ جي قوت ھوندي، شعر اوترو بلند معيار جو ھوندو. +ايم. ڪمل کي سندس دوست پريم وچان ”غزلن جو سمراٽ“ ڪوٺيندا آھن. درحقيقت ايم. ڪمل درد جو شاعر آھي. درد ھن جو وفادار ساٿي آھي: +ساٿ منھنجو ڏيندين ڪيسين، +دوست آن تون، درد ناھين. +جڏھن شاعر جو درد سيما پار ڪري ويندو آھي، وقت ۽ حالتن کان جڏھن ھو وياڪل ٿي اٿندو آھي، تڏھن شاعر جي اظھار جو ڍنگ بدلجيو وڃي، ھن جي اظھار ۾ ڪاوڙ ۽ طنز اچيو وڃي. پر ان ڪاوڙ ۽ طنز جي اندر شاعر جي دل جي پيڙا جا چٽا اھڃاڻ ملڻ لڳندا آھن. کيس زندگيءَ جي ھر سرحد تي ٿيندڙ ڪپت ۽ ڪوڙ جي ڪاميابي گھڻو پيڙائي ٿي ۽ پوءِ ھو طنز تي لھي اچي ٿو: +ائنٽينا تي ڪانءُ لنوين ٿو، +اڄ ڪو ليڊر تقرير ڪندو. +نيتائن جي تقريرن مان ڪجھھ ٿيڻو ناھي، اھا سڀني کي سڌ آھي. +ايم. ڪمل جي غزلن ۾ زندگيءَ جو وڏو دائرو آھي. ڪوڙيون سچايون، دوستن جون دغائون، سياسي سماجي اوڻايون، جي اڄ جي زندگيءَ تي بريءَ طرح حاوي ٿي ويون آھن. +کوکلي ھمدرديءَ تي شاعر جي طنز ڏسو: +سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي، +ڪٿي رھندين، ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو! +يا +رات سس پس ڪندا سڀ ويا گھٽيءَ مان لنگھندا دوست، +ليئو پائي نھ پڇيو ڪنھن، بتي ٻاري نھ اٿيئي؟ +اڄ جي دوستيءَ بابت شاعر ڪھڙي نھ ڪٺور سچ جو اظھار ٿو ڪري: +قصو کاري وري ٺاھڻ آيام، +دوستي دوست نباھڻ آيا. +- +لاچاريءَ جي تارازيءَ ۾، +اڄ ھرڪو پاڻ ٿو تورائي. +ايم. ڪمل جا غزل زبان جي پختگيءَ، شعور جي بلنديءَ، خيال جي گھرائي ۽ فني مھارت کان پنھنجو مٽ پاڻ آھن. ڪمل نھايت فني خوبيءَ سان، محاورن سان، نھ صرف، پنھنجي ويچار کي اظھاري ٿو، پر ان کي پرلطف بھ بڻائي ٿو. وٽس محاورن ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي پاڻ ۾ مناسبت جي صفت بھ ساراھھ جوڳي آھي. ٻي انوکي خوبي، جا ڪمل جي ڪلام ۾ ملي ٿي، سا تمثيلي فن سان وابستھ آھي. علامت تھ منجھس خوب آھي، جا ھيٺين مثالن مان ظاھر آھي. نظارو لفظن جي ميل سان، پنھنجي فڪر سان بلندي بخشي ٿو: +شريف ھو جيسين غريب ھو، +ھاڻي ھفتا ٿو کارائي. +آءُ تھ پنھنجو پيار جتايون، +ڇري لڪائي، ڀاڪر پايون. +ڍونگ، فريب ۽ ڇھندڙ طنز جا مثال آھن مٿيان شعر. طنز ايم. ڪمل. جي غزلن جي خاص خوبي آھي. طنز اھو ڪري سگھندو آھي، جنھن کي مذاق جي صحيح ارٿ جي ڄاڻ ھوندي آھي، جو ذھين ھوندو آھي، باشعور شاعر ئي ڇپندڙ طنز ڪري سگھندو آھي. +چند عمدن شعرن جا مثال ڏسو: +موجن جي ڏسي مست جواني، +ڪپڙن ۾ ڪنارا نھ ٿا ماپن. +- +ھاءِ آھن ۾ ساھھ ٻڏي ويو، +لھرن ۾ درياھھ ٻڏي ويو. +- +صورت سٺي ھئڻ سان ڪو دلبر ٿئي نھ ٿو. +چمڪڻ سان قطرو ماڪ جو گوھر ٿئي نھ ٿو. +- +خواھشون پنھنجون سڀ ننڍيون ٿي ويون، +ٻار ھاڻي وڏا ٿيا آھن. +موھن جي دڙي جي نھ لڌي سار ڪڏھن ڪنھن، +ھر مينھن ۽ واچوڙي ۾ ڀرندو ئي رھيس مان. +مٿئين شعر ۾ شاعر پنھنجي سڃاڻپ جي جڙ کي نھ ڇڏيو آھي ۽ ان نشان کي جھرندو ڏسي جھري رھيو آھي. +يا ھي مثال ڏسو: +خواب جي اس ۾ اجھو ڪير ڏاڍو، +رات جو ڏينھن لڳي ويو جيءَ کي. +يا +نان ۽ لکان ٿو سنان ھر ھر، +ڇا ڪجھھ پڙھي پياريائون؟ +ھنن شعرن ۾ رعايت لفظي ۽ محاوري جي لفظي مناسبت ۽ تضاد لفظن جي بندش غور قابل آھي. +يا ھيءُ شعر بي غيرت شخص ڏانھن آڱر کڻي بيٺو آھي: +سادن جو قرض گھرندي سر ڀي جھڪي وڃي ٿو. +چالاڪ شخص عزت ۽ شان سان پنن ٿا. +مٿين ڪيترن شعرن مان شاعر جي New sensibility جي مھڪار اچي ٿي. +ھنن غزلن جي ھڪ وڌيڪ خوبي آھي، جيڪا ھن کي ٻين شاعرن کان الڳ ڪري ٿي بيھاري، اھا آھي پيش ڪرڻ جو نرالو ڍنگ. شاعر ٺيڪ ئي لکيو آھي، ”سٺي غزل ۾ صرف، اعلى خيال ئي نھ، پر ان خيال جي اظھار لاءِ، موزون بيان جي طرز بھ ھئڻ گھرجي. جيئن اھو خيال، ڦڪو ۽ بي چس نھ لڳي ۽ بي اثر محسوس نھ ٿئي.“ ايم. ڪمل جو غزل چاھي طنزيھ ھجي، چاھي درد ڀريل يا رومانوي، ھر وشيھ جي ھر غزل ۾ شاعر جي پنھنجي نجي سڃاڻپ آھي. +مطلب تھ غزل لاءِ صرف خيال ئي اھم ناھي پر خيال کي موزون انداز بيان بھ کپي. غزل ۾ ھر لفظ جي لازميت ھئڻ تمام ضروري آھي. غزل جو رديف سان ڦٻائڻ ھڪ نفيس فن ۾ شامل آھي. غزل ۾ لفظي فضول خرچي اگرو عيب آھي. +غزل ذريعي اعلى شاعر جا ارڪان آھن: +سندس سوچ جو دائرو وسيع ھجي يعني زندگيءَ جي ھر سرحد سان سندس وابستگي پختي ھجي، جنھن ۾ شاعر گھر، گھٽي، شھر، ديس ۽ جھان بھ تصور ۾ رکي ٿو. +ايم. ڪمل گھر، پاڙي، شھر، ديش ۽ وشو (دنيا) تي پنھنجي نظر برابر ٽڪائي رکي آھي. جيئن سندس پيش ڪيل شعرن مان صاف ظاھر آھي. شخصي جيون سان گڏوگڏ، ھن دنيا کي بھ پنھنجي چنتن جي گھيري ۾ رکيو آھي. ڪيترن ئي ھنڌن تي ھو پنھنجي بي وطني، بي زميني ۽ مستقبل جي خوف کان دکي نظر اچي ٿو. شاعر جي پيرن ھيٺان زمين ڪانھي، گرچ ھو ظاھري سائو سبز نظر اچي ٿو: +پاڙن پٽجي ٻيءَ جاءِ ھنيل آھيون، +ساوا ھوندي بھ ڄڻ سڪل آھيون. +ايم. ڪمل جي غزلن ۾ پون (ھوا)، پکي بھ پرتيڪ (اھڃاڻ) بڻجي آيا آھن. گڏھن، ڪتن، گھوڙن ۽ ڪانون جو، شاعر تمام سھڻي ۽ پرتيڪاتمڪ ڍنگ سان پريوگ (استعمال) ڪيو آھي: +بلنديءَ تي رسي آ بي شعوري، +گڏھھ جي ھينگ تي گھوڙو نچي ٿو. +يا +ڪانو جي سرنگ رنگ لاتو نيٺ، +ڍونڍ تي ھنس بھ ھري ويا سڀ. +فن ذريعي ائين ڪرڻ سان غزل ۾ زندگيءَ جي اعلى قدرن جو عڪس ملي سگھندو آھي، ۽ ايم. ڪمل جي غزلن جي اھميت اتي ئي محسوس ڪري سگھجي ٿي، ڇو تھ انھن ۾ زندگيءَ جا وسيع پھلو پراثر نموني اظھاريل آھن ۽ رمزي اشارن دوران شاعر دلڪش عڪس روشن ڪري ڇڏيا آھن. +ايم. ڪمل جي غزل ۾ جديد علامتون، نيون ترڪيبون ۽ عمدا استعارا استعمال ٿيل آھن: +ھڪ ھڪ ٿي سڀ ارمان ڪمل! +کوئجي ويا گولف بال جيان. +يا +حياتيءَ عمر جي ڪوڪي ۾، +ٽنگي ڇڏيو آ ٽوال جيان. +سندس ڪلام ۾ ٺيٺ سنڌي محاورا پڻ ملن ٿا. شاعر غزلن ۾ نج سنڌي محاورن کي ڪلاتمڪ ڍنگ سان استعمال ڪري، گھربل تاثير پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. ھن کان اڳ ليکراج عزيز پنھن��ي غزلن ۾ سنڌي محاورن جو تمام سھڻي نموني استعمال ڪيو آھي. ايم. ڪمل عزيز جو شاگرد آھي، ھن ان فني نڪتي کي اثر جي لحاظ کان وڌيڪ ڪلائمڪس ۽ تاثر بخشيو آھي: +وقت کان اڳ جي ٽٽن ٿا لوڪ، +ھي ٺڪر ڪنھن تي ڀڃن ٿا لوڪ. +(محاوري جي لفظي مناسبت غور جي قابل آھي.) +ڪنھن ڏکيل رڳ تي بنا خوف جي رک آڱر اڄ، +لوڻ ڦٽ تي ڀلي ٻرڪاءِ، مون کي نشو آ. +”لوڻ ٻرڪڻ“ محاوري ۾ استعمال ۽ موزون ماحول خلقي خيال کي دلچسپ بڻايو ويو آھي. +ھڪ ٻيو مثال ڏسو: جو اسان جي زندگيءَ جو عام منظر آھي، پر شاعر تضادي لفظن جي بندش ۾ ڪيئن حسين ڍنگ سان پيش ڪيو آھي: +گھر بھ ديوارون ديوارون ٿيا، +لوڪ گڏجي ويٺا آھن ڌار سڀ. +ايم. ڪمل سنڌيءَ جو اھو برک شاعر آھي، جنھن غير شاعراڻن لفظن جو پنھنجي غزلن ۾ تمام خوبيءَ سان استعمال ڪيو آھي: +ڏاڍو گند ۽ بانس آ ڦاٽل گٽر جي ھت مگر، +ڇا ڪجي گھر ڏي وڃڻ جو ھڪ اھو ئي رستو آ. +ھي شعر ڇاھي، اڄ جي ڀرشٽ ماحول ۽ انسان جي بي وسيءَ جو داستان آھي. +سڀ مسافر ڏڪن ٿا پيا بس ۾، +ھڪ ڊرائيور آ، جو مزي ۾ ويٺو آ. +ھي ڊرائيور ڪنھن ڏانھن اشارو آھي، صاف ظاھر آھي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏانھن! اھي سڀ غير شاعراڻا لفظ آھن، جن جو شاعر تمام قابليت سان استعمال ڪيو آھي. حقيقت تھ اھا آھي تھ ڪوبھ لفظ شاعراڻو يا غير شاعراڻو نھ ٿيندو آھي، باشعور قلم ڪار ان کي اھا عظمت عطا ڪندو آھي. +غزل اصل ۾ ڳائڻ جي چيز آھي، پر اڄ غزل کي انھيءَ نقطھ نظر سان نھ ٿو ڏٺو وڃي، پر پوءِ بھ غزل ۾ رواني، سلاست ۽ موسيقيءَ جو ھجڻ لازمي آھي. شاعر بھ انھيءَ ڳالھھ کي قبوليو آھي. جيتوڻيڪ ڪن نقادن جي اھا شڪايت آھي تھ ايم. ڪمل جا غزل ڳائڻ لاءِ ناھن. ايم. ڪمل جي لفظن ۾، ”غزل مان سنگيت جي ئي تقاضا ڪرڻ، يا ان تي تمام گھڻو زور ڏيڻ، ادبي زيادتي آھي: خاص ڪري نئين احساس جي نمائندگي ڪندڙ غزل مان.“ +عشقيھ غزل شاعر جو کيتر ڪونھي. خود ڪويءَ قبوليو آھي: ”مان پنھنجي ڪوتا سرجڻ ۾ ايماندار رھيو آھيان. جيڪو منھنجو نجي انڀو ۽ احساس ڪونھي، انھن کي ڇڏي اڌار تي ڪجھھ ڀلو يا روايتون وٺڻ مون کي قبول ناھي. مون روماني شاعري ڪئي آھي، پنھنجي شروعاتي دور ۾. پر ھينئر شايد منھنجي نظر، منھنجو من، جيون جي ٻين سرحدن ڏانھن جھڪي ويو آھي.“ +ان حوالي ۾ شاعر جي ھڪ ٻن رومانوي غزلن جو حوالو پيش ڪرڻ غير مناسب نھ ٿيندو. شاعر کي انھيءَ وشو وياپي (عالمي) جذبي مجبور ڪري وڌو آھي، پر اھا مجبوري شاعر کي وڻي پيئي: +عشق جي بيوسي وڻي ويئي، +دل کي ڪھڙي لڳي، لڳي ويئي. +اڄ جي ماڻھوءَ جو نقش ارجن حاسد بھ چٽيو آھي، پر ان ۾ ايترو ڏنگ نھ آھي، جيترو ڪمل جي ھنن سٽن ۾: +ھن دور جو ماڻھو ٿيو رت چوسي ڪيڙو، +بک ڪاھي پيئي ۽ ھر بکيو بڻيو ڪميڻو. +. . . . ”سھميل شام“ جي مھاڳ ۾ پبلشر جيڪي چيو آھي، سو بھ گھٽ اھم نھ آھي. ھو صاحب لکي ٿو تھ ڪن قلم ڪارن، جن گھڻو وقت اڳ مٺ ڀر ڏنو ھو، سي اڄ ٻڪ ڀري ميڙي رھيا آھن شان، سنمان، ناڻو ۽ نانءُ. جن ڪالھھ پنھنجو سڪو ڄمايو ھو، سي اڄ، ان کي ھر ھر وڄائي رھيا آھن صرف لکڻ خاطر لکي رھيا آھن، سو جتائڻ لاءِ تھ ھو اڃا زنده آھن.“ پر ڪمل پاڻ کي زنده رکيو آھي، انھن ”ڀٽن جو پول پڌرو ڪرڻ لاءِ، جي اوڳڙ لاءِ سيٺين جا در ٿا کڙڪائين“، ڌرم ۽ سياست جي انھن ٺيڪيدارن کي ننگو ڪرڻ لاءِ. ”جن لاءِ ڌرم سانگ آھي ۽ سياست کيل آھي.“ انھن لاءِ ھو چوي ٿو تھ: +حيات منھنجيءَ جو ھرپل ڪمل مون کان اڄڪلھھ +وجود منھنجي جا ڪا ثابتي گھري پيو ٿو. +۽ ”سھميل شام“ ڪمل صاحب جي وجود جي ثابتي آھي. +ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو +تنوير عباسيءَ جو غز��: ھڪ مطالعو +تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جي ابتدا وارو دور ايراني اثر واري روايتي شاعريءَ جو رھيو. موضوعن جي لحاظ کان ايران جو ماحول سنڌ لاءِ اوپرو ھو. ايران جي اثر ھيٺ جيڪا شاعري سنڌ ۾ رائج ٿي ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪو ڪلام ان تحت چيو ويو، سو ٽن سون سالن کان مٿي جي تاريخ رکي ٿو. ٽکڙ ۽ شڪارپور جي ڪن شاعرن جو عروضي ڪلام مليو آھي، باقي فارسيءَ ۾ سنڌ جي شاعرن گھڻو ڪجھھ چيو، ان جي تاريخ قدري آڳاٽي آھي. سنڌي شاعرن، جن عروضي ڪلام چيو، انھن ۾ آخوند گل، آخوند قاسم، گدا ۽ سانگي آڳاٽا آھن. انھن جي انداز جو ڪلام ويھين صديءَ جي وچ تائين بھ زور شور سان چيو ويو. نيٺ جديد شاعريءَ جي تحريڪ ان جو زور ٽوڙيو ۽ موضوع، ھيئت توڙي وزن جي سرشتي ۾ نواڻ آئي. +تنوير عباسيءَ ڪو وقت غزل جي روايتي انداز کي تقليد ڪندي قائم رکيو. 1950ع کان وٺي ھيءُ سلسلو ھليو. سندس ابتدائي غزل مڪمل طور روايتي انداز جا آھن، جن ۾ رڳو ھلندڙ فئشن کي قائم رکيو ويو. مٿس اندازا ست اٺ سال اھو اثر رھيو آھي. پھرئين مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ کان اڳ وارو ڪلام سندس شعر جي گڏيل مجموعي ”تنوير چئي“ (1989) جي منڍ ۾ ڏنو ويو آھي. ان ڪلام جا غزل مڪمل طور اھڙي ساک ڀرين ٿا. ھي غزل تنوير جي ابتدائي سالن جي تخليقي سلسلي جا يادگار آھن. غزلن ۾ فارسي آميز زبان، ترڪيبن، تشبيھن ۽ انداز بيان کي قائم رکيو ويو آھي. زبان زير اضافت سان پر ۽ ترڪيبون فارسيءَ جي تقليد، اھو سلسلو تنوير وٽ بھ موجود ھو. +جا پٿر کي پاڻي نھ ڪري ان ديده تر مان ڇا حاصل؟ +ھر دل ۾ اٿاري درد نھ جو ان درد جگر مان ڇا حاصل؟ +- +آرام نظر مان ڇا حاصل، تسڪين جگر مان ڇا حاصل؟ +ھي رنگ و بو جو فريب آھي،پو ذوق نظر مان ڇا حاصل +ساڳئي دور جي غزلن ۾ تنوير جي زبان ۽ انداز بيان ۾ تبديلي ايندي وئي. ان جا مثال ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ آھن: +وري ھي اکيون آسمان ڏانھن کڄنديون، +وري مينھن وسندا، وري پاند پسندا! +جديد شاعريءَ ۾ ھيءَ جا تبديلي آئي، ان جو پاڪ و ھند جي ترقي پسند تحريڪ سان بھ لاڳاپو ھو. ان جا ڪئين سبب ھئا. پھرين تھ مروج روايتي شاعريءَ کان بيزاري ھئي. ائين ”ادب براءِ ادب“ جي نظرئي کي رد ڪيو ويو. اھو ظاھر ڪيو ويو تھ فقط وزن جي پابندي ۽ قافيي پيمائي مقصود نھ آھي. رڳو اڳ ٻڌل معاملن، لفظن ۽ ترڪيبن کي جيئن جو تيئن نقل ڪرڻ سان ڪجھھ حاصل نھ ٿيندو. غم جانان سان گڏ غم دوران جي گھڻي اھميت آھي. وطن ۽ اھل وطن تي ڪھڙو ظلم روا رکيو پيو وڃي، ان جو شعر ۾ ذڪر ڪرڻ ضرور ھو. نھ رڳو ايترو بلڪ وطن جي ماحول ۾ رھي بيان ڪرڻو ھو. سنڌيءَ جي ھر صنف ھنن نون خيالن جي اثر ھيٺ آئي. ائين غزل بھ تبديل ٿي ويو. تنوير عابسي بھ ھن نئين غزل ۾ نوان رنگ ظاھر ڪيا. تنوير جي غزل ۾ سندس مخصوص لھجو آھي. سندس غزل ۾ جماليات جو ڀرپور بيان آھي. سنڌي سونھن جي معيار موجب چوي ٿو: +ناسي اکڙين وارا ماڻھو، جاڙن ڀرون وارا ماڻھو، +منھنجي حياتي منھنجو جياپو، منھنجي خوشي تو پارا ماڻھو! +نينھن اسان جي شاعر وٽ ھڪ اوچو ۽ اعلى قدر آھي. نينھن جو ناتو ئي پختو ناتو آھي. ٻي سڀ سياڻپ اجائي ۽ اڻپوري آھي. ھو چوي ٿو تھ، ھن جڳ ۾ بس اھو نڪتو ڄاتو اٿم: +او تنوير! اسان ھن جڳ ۾ ھڪڙو نڪتو ڄاتو آھي، +پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي، نينھن عجب ھڪ ناتو آھي. +وصال جو موضوع، غزل جو ھڪ اھم موضوع آھي. عاشق وصال جي تمنا ڪندي ڪيتريون ئي ڳالھيون ڳڻي ٿو. محبوب جي حسن جو بيان ڪندي طرح طرح جا دل خوش ڪندڙ خيال ظاھر ڪري ٿو. قسمين قسمين تشبيھن ۽ استعارن سان ڳالھھ کي وزنائتو ڪري ٿو. تنوير پنھنجي مخص��ص ۽ نرم لھجي ۾ ھن واردات کي ظاھر ڪري ٿو: +تو سان ميل ٿيو جي مٺڙا من ۾ ڄڻ تھ لڳي ويا ميلا، +تون جي ناھين ساڻ تھ ھيڏي ميلي ۾ ڀي آھيون اڪيلا. +آويءَ منجھھ پڪا جي تن تي ھٿ پرينءَ جي تال وڄايا، +محبوبن جي ھٿ جو ھڪ ڇھاءُ نھ ماڻي سگھيا ڀيلا. +اندر جي ڳالھھ ڪي دل وارا سمجھندا، ڳھيلا ھيءَ رمز پروڙي نھ سگھندا: +اسان کي جو چوڻو ھئو چئي وياسين، +ڳھيلا! اوھان دل جون ڳالھيون نھ ڄاتيون. +پيار جي ڳالھھ غزل جي سونھن آھي. ھر ڳالھھ ۾ گل جي خوشبوءِ آھي. مکڙين جو ٽڙڻ آھي. پيارن دوستن جو ذڪر شاعر ھيئن ڪري ٿو: +او تنوير! اڃا بھ گھڻائي جيئن لاءِ سھارا آھن +گل اڃا ڀي سرھا آھن دوست اڃا ڀي پيارا آھن. +- +ھيءُ جي گل ۽ مکڙيون آھن، ھيءُ جي چنڊ ستارا آھن، +ڪنھن مٺڙي جو مظھر آھن، ڪنھن پياري جا اشارا آھن. +تنوير وزن جي لحاظ کان ايتري خوبصورتيءَ سان لکيو آھي، جو رڳو وزن خاطر لفظ جو تلفظ غلط ئي ڪجي، ان کان بچيو آھي. جتي گل آھي اتي وزن توڙي تلفظ موجب ايئن اچي ۽ ڪنھن بھ طرح نھ وزن ۾ متحرڪ کي ساڪن ڪجي، نھ گل کي گل ڪري پڙھجي. ان کان سواءِ ننڍن بحرن ۾ بھ لکيو اٿس. ان ڳالھھ کي نئين ٽھيءَ جي شاعرن، اياز گل ۽ ٻين اختيار ڪيو: +پڃري مان نڪرڻ گھرجي، +اڄ مون کي اڏرڻ گھرجي. +اڄ ڪو رنگ رچڻ گھرجي، +اڄ تنوير اچڻ گھرجي. +غزل جا موضوع مقرر پيمانن مان ڇلڪي وطن دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ تائين پھتا. فقط حسن جي حديث ۽ عشق جي واردات تائين محدود نھ رھيا. سنڌ جي خودمختياري ھڪ مرڪزي موضوع بنيو. ون يونٽ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جي ڳالھھ نمايان طور ٿيڻ لڳي. شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ نياز ھمايونيءَ جا قومي نظم ۽ گيت گونجڻ لڳا. ڪيترا شاعر قومي شاعري ڪرڻ لڳا. نظم ۽ غزل جو سنڌو سيڙھو بھ ميٽجندو نظر اچڻ لڳو. تنوير جي نظمن ۽ گيتن سان گڏ غزل بھ اڪثر ھنڌن تي ھن ڌاري ۾ ڌيان ڇڪائڻ لڳا. موضوع جي لحاظ کان نظم ۽ ھيئت جي لحاظ کان غزل جا ڪي مثال تنوير وٽ آھن: +ھيءُ جو سج اڀريو آھي، +منھنجو رت ڦڙو آھي. +- +ڌاريو آخر ڌاريو آ، +پنھنجو پوءِ پنھنجو آھي. +- +ھي تھ رت جا داغ ڏسو، +ھي منھنجو پيرو آھي. +ننڍا بحر ۽ دلچسپ قافيا تنوير عباسيءَ جي غزل ۾ ردم پيدا ڪن ٿا: +ڪيستائين مجاز جون ڳالھيون، +ھاڻ ھلنديون نھ راز جون ڳالھيون. +تون نھ سمجھين ۽ مان ڪندو ٿو وتان، +شعر پنھنجي ۾ راز جون ڳالھيون. +حسن آڏو جھڪي ڏسي ھڪبار، +پوءِ ڪري ڪو نماز جون ڳالھيون. +ماضي سچ ڪڙو ڪو، +ڄڻ ڪو مڌ پروڪو. +جيڪو خواب ڪلھوڪو، +سوئي سچ اڄوڪو. +گل ڇڻڻ جو ڪاٿي، +تو آواز ٻڌو ڪو؟ +ننڍي بحر جا ٻيا بھ مثال آھن. ھڪڙو ھي بھ آھي. جنھن ۾ ھڪڙو خيال ھائڪي جي مفھوم وانگر ادا ڪيل آھي: +سڏ پڙاڏو ھڪ ٿي ويا، +اس ۽ پاڇو ھڪ ويا. +مايا ڇايا ڪا نھ رھي ڪا، +سمنڊ ۽ بوڙيو ھڪ ٿي ويا. +وچ ۾ ڪو نھ رھيو ڪو وسيلو، +سر ۽ سرندو ھڪ ٿي ويا. +تنوير عباسيءَ جي لھجي جي نرمي ۽ سندس گفتگو ۾ ڪا ٺاھھ ٺوھھ ۽ مصنوعيت توڙي تڪلف نھ آھي. ھو ڄڻ تھ ڪنھن دل گھرئي دوست سان ويٺو ڳالھائي! مون اڪثر ائين محسوس ڪيو آھي تھ ھو روبرو پيو چوي تھ: +نھ ڪو حور گھرجي نھ ڪائي پري، +اھائي کپي جا ڪري دلبري. +تجليءَ ۾ گرمي تجليءَ ۾ نور، +تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري. +ڪڏھن ميڻ ڀي آھھ ويندو ڄمي، +ڪڏھن پھڻ ڀي آھھ ويندو ڳري. +لھجي جي ڳالھھ آھي تھ تنوير وڻندڙ قافين ۽ رديفن سان ڪلام ۾ موسيقيت پيدا ڪئي آھي. رديف ”سائين“ ڪم آڻي موسيقيت ھيئن پيدا ڪري ٿو: +جھڙ ٿيو مينھن ٿو وسي سائين! +ڪوئي دل منھنجي ٿو کسي سائين! +ڪھڙي امرت جي آ طلب ان کي +تنھنجي چپڙن تي جو رسي سائين! +ھن حياتيءَ تي ڀروسو ٿي ويو، +پيار جي ئي تھ ڀروسي سائين! +ڊاڪٽر تنوير عباسي تصوف تي لکيو آھي ۽ ليڪچر بھ ڏنا آھن. طبعا ھو پنھنجي خيال مست آھي. اڪثر سندس شعر ۾ سرمدي ساڃھھ لڀي ٿي (سندس پٽ جو نالو سرمد آھي ۽ گھر جو نالو سرمد جو گھر آھي). ڪتاب ”ھيءَ ڌرتيءَ“ جا ھيٺيان چند غزل انھن نينھن جي نعرن جي ساک ڀرين ٿا. ظاھر پرست ۽ ملا کي ڪي سٽون پسند ڪونھ اينديون. اھو ئي اھل دل جو مقصد ھوندو آھي: +مان ئي آھيان پنھنجو جاني، +سبحاني مان اعظم شاني. +چيزن ري ٻيو سڀ ڪجھھ فاني، +تنھنجو حسن ۽ منھنجي جواني. +نانھھ ۾ ڳولھي ھستي پنھنجي، +دل ديواني، دل ديواني. +- +نھ ڪو مان خدا ۽ نھ ڪو مان رسول، +مان تنوير آھيان پوان شل قبول! +نھ ڊاھيان نھ ماريان، نھ ساڙيان ٿو مان، +محبت ڪرڻ آھھ منھنجو اصول. +- +اچو اي شيخ تھ ھڪٻئي سان اڄ نباھھ ڪيون، +اوھان ثواب ڪيو ۽ اسان گناھھ ڪيون. +اوھان قرآن پڙھو ۽ اسان ڪتاب لکون، +اوھان خدا سان، اسان عشق سان نباھھ ڪيون. +جڏھن اوھان جو سمورو عمل آ خودبيني، +اسان ڇو واھھ چئون ۽ اسان ڇو آھھ ڪيون! +- +نھ ڪي بيت مون وٽ نھ ڪي آيتون، +رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون. +نھ ڪي صورتون ۽ نھ ڪي مورتون، +نھ ڪي جلوتون ۽ نھ ڪي خِلوتون. +مذھبن جي فرسوده وصف شاعر کي قبول ڪانھي. سچل چيو: ”مذھبن ملڪ ۾، ماڻھو منجھايا.“ رھبري ڪرڻ کپي ھا، پر تنگ نظر ملن تفرقو پيدا ڪيو ۽ خلق کي مرڳو راھان رد ڪري ڇڏيائون. شاعر تھ بلند پروازيءَ سبب ملن جون ڳالھيون قبول نھ ٿا ڪن. سچل سائينءَ صاف صاف چيو تھ: ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، جيڪي ڪجھھ عام خلق ڪري ٿي آءٌ سو نھ ٿو ڪريان.“ تنوير عباسيءَ تي سچل سائينءَ جو چڱو چوکو اثر ٿو ڏسجي. ھو بھ سچل سائينءَ وارا منصوري نعرا ھڻي ٿو: +مذھبن جنھن جي بھ من ۾ اچي واسو ڪيو، +تنھن جي دل ۾ بس رھيو رب، ماڻھپو نڪري ويو، +ڌرم مذھب جي وبائن ۾ ڪروڙين موت ٿيا، +ھن مرض کان وڌ نھ ڪو انسان جو قاتل ٻيو. +جنھن جي دل ۾ ناھي درد، ان ۾ خدا ڪيئن ماپندو، +جنھن جي من ۾ آ ٻيائي، ڪيئن اھو مومن ٿيو. +تنوير عباسيءَ جي غزل ۾ پختگيءَ ۽ پنھنجي سندس مقام بابت مھراڻ شاعر نمبر ۾ غلام محمد گراميءَ لکيو: ”ٺيٺ سنڌي لفظن جي حسين استعمال سان غزل کي پنھنجو بنائي چڪو آھي“. ان وقت سندس پھريون ئي مجموعو رڳون ٿيون رباب شايع ٿيو ھو. ان وقت کان وٺي 1996ع تائين تنوير غزل توڙي ھر صنف ۾ ھڪ ڊگھو ۽ ڪامياب سفر ڪيو آھي. پنھنجي ڪتاب ھيءَ ڌرتيءَ (1985ع) کان پوءِ جو ڪلام گڏيل مجموعي ”تنوير چئي“ ۾ آيو ۽ پوءِ روشني پبليڪيشن پاران جدا ڇپيل ڪتاب ”ساجن سونھن سرت“ (1996ع) ۾ ڪجھھ تبديلين ۽ اضافن سان ڇپيو. ھن مجموعي جا غزل شاعر جي حاصل ڪيل مقام جي ساک ڀرين ٿا. اڄ ھو ڇا ٿو سوچي، سندس ڪلام ان جو مظھر آھي. ھن جي نظر ۾ محبت ئي سڀڪجھھ آھي. دليون فتح ڪرڻ لاءِ محبت جھڙو ھٿيار ٻيو ڪونھي: +نھ ڪا رياضت، نھ ڪا عبادت، +رڳو محبت، رڳو محبت! +- +نھ فائدو ڪو، نھ ڪا ضرورت، +تڏھن بھ الفت، تڏھن بھ الفت. +رومانوي شاعريءَ ۾ بھ تنوير عباسيءَ جو نالو اھم آھي. رومانويت ۾ توڙي ڪنھن بھ موضوع ۾ تنوير پنھنجي مخصوص لھجي جي ڪري منفرد آھي. سندس آواز ڪنھن ٻئي آواز جو پڙاڏو اصل نھ آھي. ھو جتي مرڪزي خيال ڪٿان وٺي ٿو تھ ان ۾ بھ پنھنجو انداز بيان شامل ڪري ٿو. نارائڻ شيام جو مرڪزي خيال وٺندي چوي ٿو: +مون تھ گلاب لڳايا آھن، +پوپٽ پاڻھي آيا آھن. +پيار جا سانگ سجايا آھن، +ٻيا سڀ ڪم اجايا آھن. +تنھنجا ٽھڪ گلن جي صورت، +بسنت رت ورجايا آھن. +سؤ مجبوريءَ جا افسانا، +تنھنجي سانت ٻڌايا آھن. +رومانويت ۽ جماليات جا ڪيئي رنگ تنوير جي غزلن ۾ بلڪل نمايان آھن. ھو رڳو لفظن جو جادوگر نھ آھي، بلڪ معنى جو ماھر بھ آھي. ڪنھن پياري پل کي ياد ڪندي چوي ٿو: + + +پيارو پيارو اھو پل ويو لکجي، +تو نھاريو تھ غزل ويو لکجي. +تنھنجي پوشاڪ جيان ئي سرھو، +جملو ڪو رنگ رتو ويو لکجي. +رات جي اک ۾ ڪنھن ڪاتب کان، +ڪارو ڪارو آ ڪجل ويو لکجي. +ڪيئن تقدير لکڻ واري ھٿان، +عشق سان لفظ اجل ويو لکجي. +رسڻ پرچڻ جي عشق جي مرحلي تي گھڻو لکيو ويو آھي. شاھھ ڀٽائيءَ کان وٺي عام شاعرن ۽ سگھڙن بھ رسڻ جي ريت جي اپٽار ڪئي آھي. شآھھ لطيف چيو: ”رس م رسڻ گھوريو، ڇڏ راڻا ريڏائي“. تنوير عباسي رسڻ جي ڳالھھ ڪندي چوي ٿو: +ڪالھھ توسان جو رسي آيس مان، +بس ائين سمجھھ ڪسي آيس مان. +ھاڻي سوچيان ٿو تھ ڪاڏي وڃجي، +تنھنجي محفل مان اٿي آيس مان. +مان تھ ڀايان ٿو ھيس تو وٽ ئي، +تون چوين ٿي تھ وري آيس مان. +تو وٽ آيس نھ ڪڏھن خالي ھٿ، +ھر دفعي درد کڻي آيس مان. +غزل، شاعريءَ جي ھڪ اھم صنف آھي. فارسي ۽ اردوءَ ۾ ان جو اھم مقام آھي. سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻپ جيتوڻيڪ شاھھ ڀٽائيءَ جي ڪري بيت آھي. ھونئن غزل گو صاحبِ ڪمال شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ بھ اھم جاءِ والارين ٿا. سنڌ جي جديد شاعرن ۾ تنوير عباسيءَ کي ھڪ غزل گو شاعر وارو مقام بھ حاصل آھي. +شيخ عبدالحليم جوش +رنگ، خوشبو ۽ روشنيءَ جو شاعر: +علي محمد مجروح +زندگي، سونھن ۾ سچائي ۽ سچائيءَ ۾ سونھن جي ڳولا جو نالو آھي. اھا ڳولا، صدين کان جاري آھي ۽ صدين تائين جاري رھندي. ھيءُ ٿڪائيندڙ سفر، شايد اڻپورو رھجي وڃي ھا، جيڪڏھن محبت جو بنيادي جذبو انساني زندگيءَ جي ھر تخليقي عمل جو محرڪ نھ ھجي ھا. +زندگي سونھن جو سفر آھي، +پيار جا پيچرا کٽي نھ سگھيا. +شاعري بھ محبت جي انھيءَ جذبي سان ائين معمور آھي، جيئن ڪنھن ساز ۾ سنگيت لڪل ھوندو آھي ۽ آواز ۾ گداز سمايل ھوندو آھي. ذات کان ڪائنات تائين، سڀني تجربن ۽ ڪيفيتن جو بنيادي سرچشمو زندگي آھي. جذبا ۽ احساس، رنجشون ۽ راحتون، ڏک ۽ سک، حسرتون ۽ اميدون، محروميون ۽ مجبوريون، اھي سڀ زندگيءَ جا روپ آھن،جن جي عڪاسي شاعر، پنھنجي خلوص ڀرئي انداز ۾، دلڪش لفظن جي مدد سان ڪري ٿو. ڪڏھن ڪڏھن جذبن جي اظھار لاءِ لڙڪن کي لفظن جي جاءِ وٺڻي پوندي آھي، ڇو تھ دل جي ڪيفيت بيان ڪرڻ ۾ لفظ مجبور نظر ايندا آھن: ڄڻ تھ مٿن ڪو پھرو يا ڪا پابندي ھجي. شاعر، تڏھن علامتن ۽ استعارن کان ڪم وٺي، زندگيءَ جو سچايون ۽ تلخ حقيقتون، محسوس ڪرائيندا آھن. +ھن پسمنظر ۾ علي محمد مجروح جو ڪلام، جنھن ۾ مرصع ۽ معياري غزل (مٺڙا گيت ۽ دلڪش نظم) شامل آھن، منھنجي اعلى شاعريءَ جي تصور سان ٺھڪي اچي ٿو. +ھونئن تھ مجروح سان منھنجو لاڳاپو، ساڳئي اسڪول، ساڳين استادن، ڪراچيءَ جي ساڳي وسنديءَ نؤآباد، ساڳين دوستن ۽ ساڳئي ادبي ماحول سان آھي، پر شاعريءَ جي حوالي سان اسان جو ناتو گذريل 40 ورھين کان قائم آھي. +مان جڏھن ماضيءَ جي دونھاٽيل راھھ تي ڪنڌ ورائي ڏسان ٿو تھ مون کي نوآباد جي ڪنھن ھوٽل جي ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل ھڪ نوجوان، نھايت خاموشيءَ سان ڪتاب پڙھندو نظر آيو، ڪڏھن جھيڻي آواز ۾ ڪو غزل پيو جھونگاريندو ۽ ڪڏھن ڪنھن سوچ ۾ محو ھوندو. ھيءُ ھو علي محمد مجروح، جيڪو مون کي ٻين نوجوانن کان مختلف نظر آيو. +مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، شاعري، تنقيد ۽ ڪھاڻين جو مطالعو، منھنجو عزيز مشغلو ھو. مون کي بھ سنڌي ۽ اردو شاعرن جي ڪلام پڙھڻ ۽ انھن بابت گفتگو ڪرڻ جو شوق ھو، جيڪو مون کي ورثي ۾ مليو ھو. منھنجي والد، مرحوم عبدالله ’عبد‘، جي ادبي حيثيت، ڪنھن بھ تعارف جي محتاج نھ آھي. پاڻ گھر کي چڱي خاصي ڪتب خاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ھئائون. ان ڪري منھنجو ادب ۽ شعر ڏانھن مائل ٿيڻ ڪا اچرج جي ڳالھھ نھ ھئي. علي محمد مجروح ان وقت جي ادبي ماحول کان ضرور متاثر ٿيو ھوندو، پر تڏھن بھ فطرت سندس ادب جي راھھ تي رھنمائي ڪئي. مون کي ياد آھي تھ جڏھن اسان جي پھرين ملاقات ٿي تھ ھن مون کي ڪرشن چندر جي افسانن ۽ فيض جي شاعريءَ بابت گھڻو ڪجھھ ٻڌايو. پوءِ گڏجاڻين جو اھو سلسلو جاري رھيو. گفتگو جا موضوع، ادب ۽ شعر جي دائرن کان ٻاھر نھ نڪتا. آءٌ سندس سخن فھمي ۽ ادبي ڄاڻ کان متاثر ٿيس. مون کي علي محمد مجروح ۾، اڄ کان چاليھھ سال اڳ مستقبل جو ھڪ برجستو شاعر نظر آيو. ھتي ھن ڳالھھ جو ذڪر بھ ضروري ٿو سمجھان تھ ڪراچيءَ جي ھن ئي شھر ۾، نؤآباد جي وسندي، ھميشھ علمي سرگرمين ۽ شعر و سخن جو سرچشمو رھي آھي. منھنجي ڏاڏي مرحوم عبدالواسع جو قائم ڪيل سنڌي اسڪول، انھن علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز ھو. سال 1924ع کان 1943ع تائين منھنجو والد اسڪول جو مھتمم رھيو. ھيءُ اھو سونھري دور ھو. جڏھن اسڪول ۾ بھترين ادبي لائبرري ھئي. ’انجمن روح ادب‘ جي سھاري ھيٺ، ھر ھفتي مشاعري جي محفل منعقد ٿيندي ھئي، جنھن جي پڄاڻيءَ تي تنقيدي نشست ۾ شاعر بدران شعر کي پرکيو ويندو ھو ۽ ھر ھڪ شاعر ۽ ٻڌندڙ کي پنھنجي راءِ جي اظھار جو موقعو ملندو ھو. اھڙيءَ طرح شاعرن جي اصلاح ۽ سندن ذھني تربيت بھ پئي ٿيندي ھئي. ادبي ۽ تاريخي موضوعن تي مھيني ۾ ھڪ ڀيرو تقرير جو اھتمام بھ ٿيندو ھو. مطالعي جي سھولتن ۽ پرلطف ادبي ماحول سببان، اسڪول ۾ موڪل کان پوءِ بھ، شاعرن ۽ ادب جي شائق، جو ميڙو متل ھوندو ھو. سنڌي شاعر، ڪراچيءَ ڪم سانگي ايندا ھئا تھ ھڪ ڀيرو اسڪول جي محفل کي ضرور رونق وٺائيندا ھئا. انھن بزرگن ۾، محمد ھاشم ’مخلص‘، حاجي محمود ’خادم‘، نواز علي ’نياز‘ (ڊاڪٽر اياز قادري سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ مان ساڻن ملڻ ويس تھ مون کي اسڪول ۾ ٿيل ھڪ مشاعري بابت ٻڌايو ھئائون)، محمد صديق ’مسافر‘، محمد بخش ’واصف‘، قادر بخش ’حقير‘، محمد صالح ڀٽي، محمد اسماعيل عرساڻي، حافظ محمد احسن ۽ عبدالرحمان ’انجم‘ قابل ذڪر آھن. ڪراچيءَ جي اديبن، شاعرن، عالمن ۽ صحافين ۾ حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، مرزا مراد علي ڪاظم، محمد ھارون ’امير‘، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي عبدالغفور سيتائي ۽ ٻيا بھ ڪيترائي ادب دوست شريڪ ٿيندا ھئا، جي ھينئر اسان کان ھميشھ لاءِ وڇڙي ويا آھن. جھونن استادن ۽ شاعرن مان علي محمد مسڪين اڃا حيات آھن. ھندو شاعرن ۾ پرسرام ’ضيا‘، ڪشنچند ’بيوس‘، ڪڏھن ڪڏھن ڪاظم مرحوم سان گڏجي ايندا ھئا. ليکراج ”عزيز“ جڏھن بھ ڪراچي ايندا ھئا تھ والد مرحوم سان ڪچھري ڪرڻ نؤآباد واري اسڪول ۾ يا مرحوم حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جي داوخاني (ڪچھري روڊ) ۾ ضرور اچي دوستن سان ملندا ھئا، جتي پڻ اديبن ۽ شاعرن جي روز محفل مچندي ھئي. ھيءُ اھو دور ھو، جڏھن مرحوم نظاماڻيءَ جي قائم ڪيل ادبي انجمن، ’بزم ادب‘، پنھنجي عروج تي ھئي. ادبي ڪچھرين کان سواءِ ان دور جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ’عبد‘ مرحوم جا تنقيدي مضمون، شعر ۽ افسانا شايع ٿيندا ھئا. اھڙيءَ طرح محمد ھارون امير، نور محمد نماڻو ۽ علي محمد مسڪين جا غزل ۽ نظم، الوحيد ۽ اصلاح اخبارن ۾ ڇپيا ھئا. سنڌ جي ترجمان روزاني ’الوحيد‘ جو ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي مرحوم بھ تن ڏينھن نؤآباد ۾ رھندو ھو. ان ڪري نؤآباد جي ننڍڙي وسندي، پنھنجي ادبي خدمتن سان سنڌ جي ادبي نقشي تي نمايان حيثيت والاري ھئي. ھن ادبي ماحول جو اثر 1950ع کانپوءِ واري دور تي بھ قائم رھيو، جيڪو علي محمد مجروح ۽ ان جي ھمعصر شاعرن جو دور ھو. +ڪراچيءَ جي اوائي مشاعرن ۾ غزل ۽ نظم ٻئي مقبول صنفون ھيون جن تي ھندو توڙي مسلمان شاعر طبع آزمائي ڪندا ھئا. غزل جا طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا ھئا ۽ نظم لاءِ عنوان مقرر ڪيا ويندا ھئا. جيئن بھار وطن، مزدور، ايڪتا وغيره. سال 1951ع کان پوءِ واري دور ۾ طرحي مشاعرن سببان، غزل کي وڌيڪ اھميت حاصل ھئي. دراصل اھو دور سڄي سنڌ ۾ غزل جو دور ھو. ڪراچيءَ جي مشاعرن ۾ بھ غزل کي وڏي مقبوليت ملي. سال 1955ع تائين غزل جو روايتي رنگ، شاعرن تي غالب رھيو. ان ڪري چئي سگھجي ٿو تھ اھو دور، زير اضافت ۾ لتاڙيل مضمونن، پاروٿين فارسي تشبيھن ۽ ورجايل مضمونن جو دور ھو، جنھن کان ڪراچيءَ جا سنڌي شاعر پنھنجن ٻين ھمعصرن وانگر آجا ڪين ھئا. +مون کي ياد آھي تھ محمد خان ’سارنگ‘، جيڪو زودگو شاعر ھو، پھريون ڀيرو مون کي سال 1950ع جي شروعات ۾ ’محفل احباب‘ جي طرحي مشاعري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، طرح ھئي. ”باغ – طرب جا مست نظارا ھليا ويا.“ +پوءِ اھي مست نظارا ڪڏھن بھ موٽي نھ آيا. ھن مشاعري ۾ مرحوم نظاميءَ بھ شرڪت ڪئي ھئي. ساڳئي مھيني ۾ وري ٻئي طرحي مشاعري جي ڪوٺ آئي: طرح ھئي: +”نمائش جي ٿيو قابل سڄڻ سينگار جي باعث“ +انھيءَ مشاعري ۾ شرڪت لاءِ مون علي محمد مجروح کي آماده ڪيو. علي محمد مجروح، ھن مشاعري ۾ نھايت مٺڙي ترنم سان پنھنجو پھريون طرحي غزل پيش ڪيو، جنھن جو ھڪ شعر اڃا بھ ياد اٿم: +نھ ڪر تعبير قسمت سان زمانا منھنجي بربادي، +اھي ناڪاميون آھن دل خود دار جي باعث +غزل جي ھن روايتي ماحول ۾ ھيءُ ھڪ نئون آواز ۽ زندگيءَ ڏانھن نھارڻ جو ھڪ نئون انداز ھو. سرشار عقيلي بھ پنھنجي مخصوص انداز سان مجروح کي داد ڏنو ۽ پوءِ کيس پنھنجي شاگردن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جو مشورو ڏنائين. مجروح، سندس شاگرد ٿيڻ کان انڪار ڪيو، پر ’محفل احباب‘ جو ميمبر ٿيڻ قبول ڪيائين. ميمبرشپ جي فارم ۾ ھڪ ڪالم ھو، جنھن ۾ استاد جو نالو لکڻ تمام ضروري ھو. مجروح ان ڪالم ۾ لکيو فطرت جو شاگرد. جڏھن تھ ٻين ’سرشار‘ کي پنھنجو استاد ڄاڻايو ۽ اھي پوءِ ”سرشاري“ سڏبا ھئا. ھن ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ ’محفل احباب‘، ڪيترائي سال، ماھانھ طرحي مشاعرن جو اھتمام جاري رکيو، جن ۾ اڪثر شاعرن ۽ سامعين جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو ھو. ڪيترا مشاعرا شامياني ۾ ٿيندا ھئا تھ اڪثر مرحوم امير بخش قريشيءَ جي جاءِ تي ٿيندا ھئا. علي محمد مجروح بھ محفل احباب جو مشاعره سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو، پر ڪڏھن بھ ذاتي فائدي لاءِ خوشامد جي راھھ اختيار نھ ڪيائين. اھو ئي دور ھو، جڏھن بزم طالب المولى، محمد جمن ھالي قائم ڪئي، ’بزم محراب ادب‘، بيدل ۽ محمد حسين عادل جي اشتراڪ سان قائم ٿي، بزم ادب کان پوءِ مرحوم حبيب الله فڪري، ’بزم نظامي‘ قائم ڪئي ۽ مجروح ۽ ٻين دوستن جي تعاون سان مون ’بزم امير‘ (محمد ھارون امير جي ياد ۾) قائم ڪئي. انھن سڀني انجمنن جي سھاري ھيٺ مشاعري جون محفلون سخت سياري ۾ بھ گرم رھنديون ھيون. ”واه واه“ جون اھي محفلون آڌيءَ رات تائين مسين مسين وڃي مقطع تائين پھچنديون ھيون. +ھي اھو دور ھو، جڏھن مشھور اديب ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي فليٽ، 6 ڌني رام بلڊنگ (آرام باغ روڊ) تي سنڌي ادبي سنگت جا يادگار ادبي ميڙ ھر جمعي تي وڏي اھتمام سان منعقد ٿيندا ھئا، جن ۾ سنڌ جا برک اديب شاعر ۽ افسانھ نگار شريڪ ٿيندا ھئا. انھيءَ گڏجاڻين جديد سنڌي ادب لاء�� راه ھموار ڪئي. نؤآباد کان مان پابنديءَ سان سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن مجروح بھ ايندو ھو ۽ تاج بلوچ بھ اڪثر حصو وٺندو ھو، ۽ جلد ئي پنھنجي ذھانت سان نامياري شاعرن ۾ شمار ٿي ويو. اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي روشني ڦھلجي وئي آھي، پر ھيءَ ڳالھھ وسارڻ نھ گھرجي تھ اھو سج بھ ڪراچيءَ کان ئي اڀريو. جنھن ستت ئي ادب جي راھن کي جرڪائي وڌو. +ھھڙي ادبي ماحول مان علي محمد مجروح اڀريو ۽ ٿورن ئي سالن جي مشق ۽ محنت کان پوءِ، پنھنجي تازه گوئي، خيال ۽ انداز بيان جي ندرت ۽ ترنم جي ميٺاج سان سنڌ جي ادبي حلقن تي ڇانئجي ويو. +علي محمد مجروح جي شاعريءَ بابت ڪنھن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ، ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان تھ مون کيس ھن ميدان ۾ اڀرندو ۽ اسرندو ڏٺو آھي ۽ ھن آڌار تي چئي سگھان ٿو تھ مجروح پنھنجي ماحول جو ڀرپور تنقيدي شعور سان جائزو ورتو ھو. ھن پنھنجي ادبي لاڙن کي قافيھ پيمائيءَ تائين محدود نھ رکيو آھي. ابتدائي غزلن کي ڇڏي، سندس ڪلام زندگيءَ جي تقاضائن سان ھم آھنگ آھي. سندس غزل جا جيڪي بھ رنگ آھن، سي سڀ زندگيءَ جا رنگ آھن. ڇو تھ مجروح جي ئي لفظن ۾: +اي زندگي، سدائين سرابن کي ڇا ڪبو؟ +ھر رات صبح نور جي خوابن کي ڇا ڪبو؟ +ان ڪري ھن شعر جي مضمونن کي، روايتي غزل جي ورجايل خيالن جو پابند نھ بڻايو، پر ھن غزلن ۾ خيالن جي تازگي آندي، سوريءَ کي سينگارڻ جو عزم پيدا ڪيو ۽ زلفن جي اوٽ ۾ وقت جي حادثن جو ذڪر ڪيو: +تنھنجي زلفن جي اوٽ ۾ ھا لڪل، +حادثا وقت جا ٽري نھ سگھيا. +شاعر بھ ٻين انسانن وانگر، ھن معاشري جو ھڪ فرد آھي، جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس آھي. شاعر ماحول کان اثر تھ وٺندو آھي، پر ماحول کي پنھنجي تنقيدي شعور سان متاثر بھ ڪندو آھي. مجروح جو شمار بھ اھڙن ئي شاعرن ۾ آھي، جن پنھنجي تغزل جي شوخي، بيان جي دلسوزي ۽ خيالن جي رنگيني ۽ خوشبو، سان، ڪھنھ مشق شاعرن ۽ نقادن کي بھ متاثر ڪيو. +علي محمد مجروح جو غزل، روايت کان بغاوت نھ آھي، پر روايت ۽ جدت جو حسين امتزاج آھي. غزل جي مخصوص لب و لھجي کي متحرڪ ڪري، مجروح سادي پر سوادي ٻوليءَ ۾ غزل کي نوان خيال ۽ اظھار جا نوان انداز ڏنا. سندس سوچ جو دائرو ذات تائين محدود نھ آھي، پر ڪائنات وانگر وسيع آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھو ذاتي صدمن ۽ روماني تجربن کي رنگ ۽ خوشبوءِ، رات ۽ باک، لڙڪ ۽ مرڪ، حسرت ۽ مسرت، سراب ۽ خواب، آس ۽ پاس، موجن ۽ ڪنارن، حادثن ۽ پيمانن ۽ اھڙن ٻين دلڪش اصطلاحن ۽ علامتن ۾ زندگيءَ جي حوالي سان پيش ڪري ٿو. سندس ذات جو غم، محبوب جي بي رخيءَ سببان سماج جو غم ٿي پوي ٿو. ھو پنھنجي پيڙا کي انسانت جي پيڙا جو حصو سمجھي پڇي ٿو؟ +ڪيسين مجروح پيڙبو ماڻھو؟ +زندگي ظلم جو گھاڻو ڪونھي. +مجروح جي تصور جي افق تي جيڪا خيالن جي انڊلٺ آھي، تنھن جا حسين رنگ تھ سندس تغزل ۾ نظر اچن ٿا. ھي شعر، سڄي سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ گلابن وانگر ٽڙندا ۽ واس ڏيندا نظر اچن ٿا: +جن جي ڏسڻ سان روح ۾ ٽڙيو پون گلاب، +اھڙا تھ رنگ چھري تي ان جي سدا ھجن. +- +وارن جا ور کلن تھ ٿئي شام شھر ۾، +رخ تان ھٽن تھ صبح جا ڄڻ سانگ پيا لڳن. +- +اسان قرب جا قول پاري ڇڏيا، +اسان زلف تنھنجا سنواري ڇڏيا. +- +سونھن جي سڪ ۾ جيئڻ آھي اسان جي زندگي، +ڏينھن جو ڪرڻن جا قصا، رات ۾ تارن جا غم. +- +ھي شعر تھ تعزل ۽ انداز بيان جو نادر نمونو آھن: +منھنجي اڱڻ بھ آس جون مکڙيون ٽڙي پون، +رستو ڪو اھڙو موجِ صبا اختيار ڪر! +- +ڪا باک جڏھن ماڪ جي موتيءَ کي چمي ٿي، +ھن دل ۾ تنھنجي ياد جو ڪو زخم ٽڙي ٿو. +- +دل خون ٿئي ٿي تھ وڃي رات کٽي ٿي، +ھن درد جي ڏونگر جو ڏرڻ راند تھ ناھي! +مجروح، ڏکن ۽ غمن جو ذڪر ڏاڍي سليقي سان ڪيو آھي. شايد اھو ئي جذبو آھي، جنھنجو اظھار خلوص ۽ سچائيءَ کان سواءِ ممڪن نھ آھي. مجروح جو غم پنھنجي ذات جي حوالي سان ھجي يا ماحول جي ناتي سان، ان کي فقط سچائيءَ جي اصطلاح ۾ ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو: +ھي لڙڪ جي اکين مان بڻي آب وھن ٿا، +ھڪ آڳ لڳائن ٿا جڏھن دل ۾ رھن ٿا. +- +نيڻ ڀرجي ٿا اچن پيمانا ڇلڪي ٿا پون، +ياد ٿا جنھن دم اچن ديرينھ ميخوارن جا غم. +- +نھ ٿيندا ڇو سوين غم اڄ سلامي، +مان شھر درد جو شھزاد آھيان. +ھيءُ شعر زندگيءَ جي لاھين چاڙھين کي حوصلي سان منھن ڏيڻ جي سگھھ ڏئي ٿو. +مثال تھ گھڻيئي آھن، پر طوالت کان بچڻ لاءِ پنھنجي ئي مختصر انتخاب کي اڃا بھ مختصر ڪريان ٿو: +اچي بھار تھ مجروح کي بھ ياد ڪجو، +انھيءَ بھ ھجر ۾ راتيون گذاريون يارو! +طنز جا نشتر، نھ فقط انداز بيان کي پرلطف بڻائين ٿا، پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي بھ سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. +ڀرم پوندو کلي خود راھبر جو، +وري ڪي قافلا ڀٽڪن تھ وه وا! +بچي ھا دل فريبِ دوستي کان، +ھجن ھي دوست جي دشمن تھ وھ وا! +اسان جو ساه ئي سوريءَ ۾ آھي، +قفس جا ڏينھڙا ڪٽجن تھ وه وا! +ھر لحظي نئون زخم ’نئون درد‘ نئون داغ، +انعام وفائن جو گھرڻ راند تھ ناھي! +مجروح کي اھو ارمان آھي تھ دنيا فقط مرڪ تي شيدا آھي ۽ لڙڪن جي قيمت ڪوبھ نھ ٿو ڄاڻي: +مرڪ تي شيدا دنيا ساري، +لڙڪ جي قيمت ڪوبھ نھ ڄاڻي. +ساڳئي غزل جي مقطع ۾ چوي ٿو: +ياد جا نشتر، تير ڏکن جا، +دل جي حالت ڪوبھ نھ ڄاڻي. +مجروح غم ۽ الم جي تلخين کي پنھنجي روح ۾ لڪائيندي بھ زندگيءَ کي خوشگوار ڏسڻ گھري ٿو: +تنھنجي ھڪڙي ادا، تنھنجي ھڪڙي نظر، +زندگي، زندگي، روشني، روشني. +- +اگرچھ رات جي اونده ۾ ٿا جيون يارو، +صبح جي ساک زماني کي ٿا ڏيون يارو! +مجروح وٽ اوندھھ ۽ رات، صبح ۽ روشني- علامتون آھن، جن کي سندس سماجي شعور وسيع پس منظر ۾ پيش ڪري ٿو: +اسان کي ظلمتِ شام قفس جو خوف ڪٿي؟ +اڃا تھ انجمن دل ۾ سوجھرو آھي. +اسان جي حساس شاعر جي پر اميد نگاھن کان انسانيت جو روشن مستقبل لڪل نھ آھي: +رات ڪاري قھر واري ئي سھي، +رات آھي، نيٺ ويندي دوستو! +اڄ ڪلھھ، ادب ۾ تجربن جو ڪاروبار پنھنجي عروج تي آھي. اڪثر اوھان ٻڌو ھوندو تھ اسان جا نوجوان شاعر، شاعريءَ ۾ تجربا ڪن ٿا! ھڪ ڀيري، مجروح کي گھري سوچ ۾ ڏسي کانئس پڇيم: ”ڇا تون بھ ڪن تجربن ۾ مصروف آھين؟“ جواب ڏنائين: ”مان تجربن ۾ شاعري نھ ڪندو آھيان، البت شاعريءَ ۾ نون تجربن جو قائل آھيان.“ +پڇيم تھ ”توکي ترقي پسند شاعر سڏي سگھان ٿو؟“ چيائين: ”مان حقيقت پسند شاعر ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“ ڀلا ھنن حقيقتن کان ڪير انڪار ڪندو؟ +گلن جا رنگ تھ ساڳيائي خوشنما آھن، +رڳو نگاه جا انداز بدليا آھن. +- +ڪي ماڻھو زنده ھوندي بھ درگور ٿي وڃن ٿا، +ڪي ماڻھو موت کان پوءِ بھ زنده سدا رھن ٿا. +- +قدم قدم تي نئون روز حادثو آھي، +جيئي ۽ خوش بھ رھي، ڪنھن جو حوصلو آھي! +- +آئون تھ پاڻ ئي پيو کلان پنھنجي حال تي، +توکي ھي ڪنھن چيو تھ اکين کي اشڪبار ڪر! +ڪو فلسفي يا خطيب، ڪا سنجيده ڳالھھ نھايت ئي سنجيدگيءَ سان بيان ڪندا آھن ۽ ٻڌندڙ يا پڙھندڙ، پنھنجن خيالن ۾ گم ھوندا آھن، تنھنڪري ڪي دانائيءَ جا نڪتا بھ ضايع ٿي ويندا آھن. شاعر ساڳي ڳالھھ جنھن خوبصورتيءَ سان چئي سگھي ٿو، تنھن جو اثر ٻڌندڙ قبول بھ ڪن ٿا. جيڪڏھن بيان ۾ طنز جي تلخي آھي تھ حڪايت دلچسپ ٿيو پوي. پوءِ اِن حڪايت جي حقيقت بھ دل تي گھرو نقش اڀاري ٿي. مجروح جا ھي شعر ڪيڏو نھ لطف پيدا ڪن ٿا: +صدقي تنھنجي راھبريءَ تان، +ھر ماڻھو گمراھھ ڏسان ٿو. +- +سرفروشن جي ڪھاڻين ۾ اھو پڻ آ لکيل، +ڪيترا جلاد آيا، منصفن جي ويس ۾. +مجروح جي ڪلام جي اھم خوبي سندس سوچ ۽ انداز بيان جي نواڻ آھي، آءٌ فقط ھي ٻھ ٽي شعر پيش ڪريان ٿو. ھونئن تھ سندس ڪلام اھڙن خوبصورت شعرن سان ڀريو پيو آھي: +پاڇن پويان ڊڪندي ڊڪندي، +پاڻ وڃائي ويٺو آھيان. +- +جڏھن زماني ڏني ڪا سزا وفائن جي، +مان بي خبر ٿي چوان ٿو تھ الائي ڇا آھي؟ +- +چھري چھري تھ ڏک لکيل آھن، +ماڻھو ماڻھوءَ کي پڙھڻ گھربو ھو +غزل جو دائرو نھ زلفن جي پيچن تائين محدود آھي ۽ نھ ڪنھن عاشق جي اڻپوري خواھش وانگر تنگ آھي. اڄ زندگيءَ جو ڪوبھ رخ، سياست جي اثر کان بچيل نھ آھي. شاعر تھ پنھنجي حساس طبع سببان، معاشري جي بي انصافين کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ انھن جي خلاف احتجاج ڪري ٿو. شاعر اھو احتجاج، نعري بازيءَ جي انداز ۾ نھ، پر اشارن ۽ علامتن جي ھٿيارن سان ڪري ٿو. مثال ڏسو: +اھڙو تھ اڳي ڪونھ ھو ھن بزم جو ماحول، +ڪو جام پيو ڇلڪائي تھ ڪو لڙڪ پِئي ٿو. +- +ڪوڙ پڌرو ٿئي نھ ڳالھين مان، +توکي ھي فن بھ سکڻ گھربو ھو. +علي محمد مجروح، مقامي مشاعرن سان گڏ، جميعت الشعراء جي ڪانفرنسن ۾ بھ شرڪت ڪندو رھيو آھي، ۽ اھڙيءَ طرح سڄيءَ سنڌ ۾ سندس شھرت، خوشبوءَ وانگر ڦھلبي رھي. قدرت کيس آواز ۾ سوز و ساز جي دولت عطا ڪئي آھي، جنھنڪري سندس شعر دو آتشھ ٿي پيو آھي. مجروح پنھنجي محنت ۽ ذھانت سان ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي مشاعرن ۾ بھ حصو وٺندو رھيو. +مجروح پاڻ بابت ڇا ٿو چوي؟ +جيڪي بھ حسن يار! تنھنجيون خوبيون ھيون +سي سڀ غزل ۾ پنھنجي مون آڻي جمع ڪيون. +- +تون تھ مجروح جو ڄڻ غزل پيو لڳين، +سادگي، دلڪشي، نغمگي، نازڪي. +- +دل جي جذبن جي ترجمانيءَ لئھ، +شعر مجروح جا ٻڌاياسين. +اھو چوندي آءٌ وڌاءُ محسوس ڪونھ ٿو ڪريان تھ علي محمد مجروح جو ڪلام ۽ خاص طور غزل، اسان جي شاعريءَ جو قيمتي سرمايو آھي ۽ اھا پڻ خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ شيخ مراد علي ’ڪاظم‘ کان پوءِ سنڌ، مجروح جھڙو وڏو غزل گو شاعر پيدا ڪيو آھي. راءِ ۾ اختلاف ٿي سگھي ٿو ۽ راءِ جو اختلاف بھ شاعر جي عظمت جو دليل آھي. +(٢٦ – ١١ – ١٩٩١ع، ڪراچي: +علي محمد مجروح جي ڪتاب +”سڪ جو سمونڊ“ جو مھاڳ) +واسديو موھي +نئون محاورو (ارجن حاسد جي غزلن تي نظر) +خاص ڪجھھ ڀي چوڻ ڏکيو آھي، +پو بھ ڪا ھڪ گھڙي بھ چپ ڪونھان! +تخليقي عمل ھڪ مسلسل عمل آھي، جو اندر ئي اندر ھلندو رھي ٿو، ڪجھھ جوڙيندو ٿو وڃي، گھڻو ڪجھھ رد ڪندو ٿو وڃي. جوڙڻ ۽ رد ڪرڻ جي فن پرڪريا (تجربي) سبب ھڪ تخليقي رچناڪار اڪثر غير مطمئن رھي ٿو. گھڻو ڪجھھ ’خاص‘ چوندي بھ ھن کي ڪجھھ بھ خاص نھ ٿو لڳي. اھا ڪنھن بھ رچناڪار جي زندھھ ھئڻ جي نشاني آھي. بھتر لاءِ دائما ڪوشش ھن کي رچناڪار طور وڌيڪ پختو ڪندي ٿي رھي. ارجن حاسد جو مٿيون شعر، ھر ان رچناڪار جو ادگار آھي، جو رچنا جي ان تڪليف ده، پر ساڳئي وقت سڪون بخش پرڪريا مان گذرندو ٿو رھي. حاسد لاءِ اھا پرڪريا ڪجھھ وڌيڪ ئي تڪليف ده ھوندي، جو ھن ترقي پسند دور کان وٺي لکڻ شروع ڪيو ھو ۽ وچين دور کان ٿيندو، ھو جديد دور تائين لکندو رھيو آھي. ان دوران حاسد خود کي ئي ڪيترو رد ڪيو آھي، ان جو ڪو ظاھر بيان نھ ڏيندي بھ ھن جا شعر ان ڳالھھ کي صاف صاف واضح ڪن ٿا. ھڪ رومانوي شاعر، جنھن تي ترقي پسند دور جو بھ اثر ھو، سو اڄ جي نئين ڪويتا جي مزاج جا غزل چوي تھ اھو سمجھڻ ڏکيو ڪونھي، تھ ھن جي رچناڪار پاڻ سان ئي ڪيڏي بغاوت ڪئي ھوندي ۽ پاڻ کي ڪيترو منسوخ ڪيو ھوندو. +حاسد جو وشواس آھي تھ ڪابھ رچنا نئين تڏھن آھي، جڏھن اھا اڄ جي پرويش (Milieu) کي سڌي سادي مروج ٻوليءَ ۾ اظھاري ٿي. ٻوليءَ لاءِ ھو ايترو حساس آھي، جو غزل جھڙو فارم، جيڪو وصفي طور عشق، محبت، پيار، معشوق، محبوب، وغيره لفظن سان جڙيل آھي، ڪم آڻيندي بھ سڄي مجموعي ۾ ڪٿي بھ، ھڪ ڀيرو بھ ھن اھي لفظ ڪم نھ آندا آھن. ھو مڃي ٿو تھ انھن لفظن سان ڪجھھ بھ نئون ڏيڻ ممڪن ئي ڪونھي. مون کي لڳي ٿو تھ جيئن تھ حاسد پنھنجن پھرين ٻن مجموعن ۾ انھن لفظن کي بي انداز دفعا ڪم آندو آھي، ھو انھن لاءِ ڪجھھ ايڪسٽرا ڪانشس ٿي ويو آھي تھ اھي لفظ چڪجي ويا آھن. ائين برابر سچ آھي تھ وقت گذرڻ سان ڪي لفظ پنھنجي تازگي وڃائي وھندا آھن، پر ائين وشواسڻ تھ انھن ذريعي ڪجھھ بھ نئون ڏيڻ ممڪن ئي ڪونھي، ڀرم ڀريو آھي. ڪھڙو بھ لفظ يا اسٿتي (حالت) پراڻي ھوندي بھ انھن کي نون حوالن ۾ پيش ڪرڻ سان انھن کي الڳ معنى ملي ٿي ۽ انھن مان تازگيءَ جو احساس ملي سگھي ٿو. جي ائين نھ ھجي ھا تھ اڄ جي حوالي ۾ کنيل پنھنجون ڪيتريون لوڪ ڪٿائون ۽ پوراڻڪ ڪٿائون پاڻ کي بلڪل متاثر نھ ڪن ھا. اڄ جا سندرڀ (contexs) پراڻين ڪٿائن/ لفظن جي شڪتي بڻجن ٿا ۽ انھن کي نواڻ ڏين ٿا. اھم لفظ بھ آھي، پر اھم تر حوالو آھي. + + +مٿي مان چئي آيو آھيان تھ حاسد لفظن جي چونڊ ڏانھن وڌيڪ سجاڳ آھي ۽ ھو ڪيترن ئي لفظن لاءِ پرھيز رکي ٿو. اھڙين حالتن ۾ ڪنھن بھ تخليق کي مصنوعي ٿي وڃڻ جا وڌيڪ خطرا ھوندا آھن. پر حاسد جا اشعار پڙھندي ڪٿي بھ مصنوعيت جو دخل محسوس نھ ٿو ٿئي. ھر شعر پنھنجي سر فطرتي تخليق ٿي بيٺو آھي. نھ صرف ايترو، پر فني حوالي ۾ بھ حاسد ڪٿي ڪمزور ڪونھ ٿو ٿئي. سندس اشعار ۾ ڪٿي بھ، ڳوليندي بھ، ڪو حشو لفظ ڪونھ ٿو ملي، ۽ ان ڪري اشعار جي بندش، ھر لحاظ کان چست آھي. +لفظن جي اپيوگ (استعمال) نسبت، جيئن اڳ ئي چيل آھي، حاسد ڪن لفظن کان باڪوشش (ڪانشس) ڪنارا ڪشي ٿو ڪري، پر ڪي لفظ ھو بار بار ڪم ٿو آڻي، جيئن ’مرڪ‘، مرڪ مان چھري جي ڪا ڪريا ڪانھي، ان پٺيان نفيس ڀاؤ آھي مسرت، مزاح، اطمينان وغيره سان وابستھ آھي، ۽ جو ڪنھن آڪسيجن کڻندڙ سان لاڳاپيل ڪونھي، بلڪ خالص انساني آھي. شايد ان ڪري ئي اھو ٻين انساني جذبن جيان خالص نھ رھيو آھي. اڄ جي شخص ان کي، ڪنھن ھڪ ڀاو جو اظھار نھ بڻائي، گھڻ مطلبي ڪريائن جي اظھار جو ذريعو بڻايو آھي. اھي مصنوعي ڪريائون مرڪ مٿان ايترو حاوي آھن، جو ھاڻ ڪن کي اصلي ڀاؤ/ جذبو ياد ھوندو، ان ۾ ئي شڪ ٿيڻ لڳو آھي. اڄ جو انسان مرڪي، ڪنھن کي دوکو ڏئي ٿو، ڪنھن کي ٺڳي ٿو، ڪنھن کان نٽائي ٿو، ڪنھن جي خوشامد ٿو ڪري، ڪنھن تي طنز ٿو ڪري، ڄامڙي من جي ڏر کي ڍڪي ٿو تھ ڪٿي وري پنھنجن اندرين، وڏا ڦھلاءَ پاتل، بيابانن کي لڪائڻ جي ناڪام، پر ڪنھن حد تائين ڪارگر ڪوشش ٿو ڪري. اھڙي نازڪ ڪريا- مرڪڻ- انساني مونجھارن ۾ خود ايترو منجھائي وئي آھي، جو ان جي اصلي صورت ھاڻ ھميشھ شڪن کي جنم ٿي ڏئي، ڪير مرڪي ٿو، ۽ صرف مرڪي ٿو، ھن جي مرڪ پٺيان مرڪ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ ڪونھي، اھڙو خيال ئي بي پايي ٿي ويو آھي. حاسد جي اشعار ۾ ’مرڪ‘ لفظ جو دھراءُ ڏيکاري ٿو تھ حاسد کي ان لفظ سان خاص رغبت آھي، پر ڪٿي بھ ھو ان لفظ کي، يا لفظ جي فعل کي ان معنى ۾ نھ ٿو کڻي، جا معنى ان جي آھي. ھو ان کي پنھنجي اردگرد مان مليل ارٿ (مفھوم) ڏئي ٿو، جيڪي گھٽ ناھن. حاسد جي تخيل جي اھا شاھي ڪشادگي (expance) آھي، جو ھو ھڪ ئي لفظ کي کڻي انساني سڀاءُ جون گوناگون ڪنڊون اڀاري سگھيو آھي. ھو جنھن باريڪيءَ سان انسان کي پڙھي سگھيو آھي، اھا سندس تيز نظر جي شاھد آھي. اھا نظر، انساني من جي گھرن تھن تائين پھچڻ لاءِ صرف ان راھھ کان نھ ٿي ھلي، جا ٺھيل جڙيل آھي، جن تان ٻيا بھ آسانيءَ سان تھھ لتاڙي سگھن ٿا، بلڪ انيڪ نوان پيچرا ٺاھيندي ٿي وڃي. نئين پيچري جو ھڪ مثال ھيٺئين شعر ۾ بخوبي ڏسي سگھجي ٿو. +ھاڻ حاسد نھ سگھون پڇ لوڏي، +مرڪ منھن کان ئي ڇني ويٺاسين! +’پڇ لوڏڻ‘ ھڪ طرف وفاداري ٿو ڏيکاري، پر ٻئي طرف ’خوشامد‘ +۽ ’غلامي‘ جي معنى ٿو ڏيکاري، پر انھن معنائن سان ’مرڪ‘ کي بيھاري (Juxtapose) حاسد ’مرڪ‘ کي معنائن جون نيون سمتون ڏئي ٿو. ’مرڪ‘، ھڪ خالص ڀاو جو، ’غلاميءَ‘ جي معنى تائين جو سفر، اڄ جي يگ (زماني) جون پيچيدگيون ٿو ڏيکاري. حاسد انھن پيچيدگين کي سمجھيو آھي ۽ پنھنجين شعري ڪاوشن ۾ انھن تي، ڀرپور وشواس سان آڱر رکي آھي. +نون پيچرن ۽ لفظن کي معنائن جون نيون سمتون ڏيڻ جي حوالي ۾، دھر (ورجاءِ) جي خطري کي کڻندي، مان نوٽ ٿو وٺان تھ حاسد ڪيترن ئي ھنڌ لفظن کي ائين نون ارٿن (معنائن) ۾ کنيو آھي. مثال طور غزل نمبر 17 جي ٽئين نمبر شعر ۾، ھو روشنيءَ جي معنى ’شور‘ (روشني ھيڏي پو بھ سناٽو) ڪري ٿو کڻي. ڪنھن لفظ کي ڪنھن نئين معنى ۾ کڻڻ ۽ پوريءَ طرح نئين حوالي ۾ ان جي موافقت بيھارڻ، ۽ ان نموني بيھارڻ، جو ان جي نئين معنى نھ صرف ظاھر ٿي پوي، پر اکڙيل اکڙيل ۽ ڌاري ڌاري نھ لڳي، ان لاءِ اھو ڏسڻ ضروري آھي تھ لفظ جو بنيادي سڀاءُ، ان سان وابستھ آس پاس، پڪڙ ۾ آيو آھي يا نھ. ٻيءَ حالت ۾ معنى ٽنبيل ۽ زوريءَ ڇڪيل لڳندي. روشني لفظ سان، اڄ جي تمام ڊوڙ ڊڪ، چھل پھل، گھما گھمي، متفرق آواز ڄڻ اجاگر ٿي ٿا وڃن. اھي اھڙيون اسٿتيون (حالتون) آھن، جي لفظ سان جڙيل آھن ۽ حاسد جي معنوي مراد، تضاد ۾ بيٺل لفظ ’سناٽو‘ بلڪل صاف صاف اڀاري ٿو. +حاسد پنھنجي اظھار ۾ بلڪل چٽو آھي. ھو ان غلط فھميءَ ۾ ڪونھي تھ اڄ جي زندگي پيچيده آھي ۽ پيچيده زندگيءَ جو اظھار بھ پيچيده ٿيڻ کپي. زندگي يا سماج جي مونجھارن کي اظھارڻ لاءِ پيچيده بيان جي بلڪل ضرورت ناھي، اھو حاسد جي غزلن جي ساديءَ، عام فھم، تز، سڌي، پر ساڳئي وقت تخليقي ٻوليءَ مان وزنائتي نموني ظاھر ٿو ٿئي. ٻوليءَ جي سادگي (غريبي نھ) شعر جي اثر کي مائيدار ٿي ڪري. سادي ٻوليءَ باوجود ڪٿي بھ ھو سطحي نھ بڻيو آھي. سڌن سادن لفظن ھيٺان معنوي تھھ ضرور رھن ٿا، جيڪي اشعار کي نھ صرف سطحي پڻي کان بچائين ٿا، پر انھن کي صرف ھڪ معنى تائين محدود رھجي وڃڻ کان بچائين ٿا. ڪنھن بھ شعر جي شڪتي ان ۾ آھي تھ اھو معنى جي لحاظ کان ڪيترن پھلن کي ڇھي ٿو، اجاگر ڪري ٿو، معنائن جا علحدا علحدا ڪوڻ (رخ) وڌيڪ تڏھن ممڪن ٿيندا آھن، جڏھن ڪوي، سوچ جو صرف بيان ڪونھ ٿو ڪري، پر ان کي معقول پسمنظر/ حوالو ڏئي، موزون لفظن ۾ اڀاري ٿيو. جيستائين پسمنظر يا حوالو ۽ ٻولي پوريءَ طرح تخليقي عمل ۾ ملي (dissolved) نھ ٿا وڃن، تيستائين ڪابھ رچنا ھڪ ڪامياب تخليق نھ ٿي سگھندي آھي. اھا ملاوت ڪن ٻن نھرين چيزن جي ملاوت ڪانھي، بلڪ ھڪ ڪيميڪل ملاوت آھي، جنھن ۾ ٻھ چيزون پوريءَ طرح گھلي ملي ھڪ ٽين چيز پيدا ڪن ٿيون. شاعر جي سوچ، ويچار، مشاھدو وغيره ٻوليءَ سان ميل (Rappore) جوڙي شعر کي جنم ڏئي ٿو، جو (شعر) پنھنجي ليکي جڪ خودمختيار، آزاد، الڳ وجود (entity) بڻجي ٿو وڃي. حاسد جي ٻوليءَ ڏانھن سجاڳي ۽ ٻوليءَ کي تخليقي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي قوت اتي اڃا بھ وڌيڪ واضح ٿي بيھي ٿي، جتي ھو جنھن چيز جي ڳالھھ ڪري ٿو، ان جو ذڪر بھ نھ ٿو ڪري، بلڪ ٻين لفظن جو سھارو وٺي ان چيز ک�� کڙو ٿو ڪري، جيئن: +ڪنھن کي ڳولڻ ۽ عام رستي تي، +ڳالھھ سولي بھ ڇو نٿو سمجھان! +شعر ۾ ڀيڙ جو موضوع آھي، پر ’ڀيڙ‘ لفظ ڪم آندل ڪونھي. ۽ ان لفظ کان پاسو ڪري حاسد ھڪ حد چٻاڙيل وشيھ (موضوع) کي، الڳ ڍنگ سان پيش ڪندي، شعري خصوصيت پيدا ڪراڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. نھ صرف ڀيڙ، پر حاسد ان شعر ذريعي اڄ جي انسان جي ڀيڙ ۾ محض ھڪ ايڪي (unit) ھئڻ جي حالت ڏانھن ۽ اڄ جي انسان جي بي مھانڊائيءَ ڏانھن بھ اشارو ٿو ڪري. اھڙيءَ طرح ئي: +روشنيءَ کي، ۽ چميم ڪرڻن کي، +اڄ ائين نانءُ کنيو مون تنھنجو! +شعر (غزل جي بند) ۾ ڪنھن بي پناھھ سونھن جو ذڪر اڻ سڌو پر چٽو، بنا ’سونھن‘ لفظ جو، يا ان سان لاڳاپو رکندڙ ڪن بھ لفظن جو، اپيوگ (استعمال) ڪرڻ جي زوردار نموني ڪري سگھيو آھي. تخليقي ٻوليءَ ۽ سوچ جا اھڙا، ڪيميڪلي ملاوت جا انداز سڄي مجموعي ۾ بي انداز آھن. +اڪثر غزلن جي مصرعن ۾ عمل، ردعمل يا تضاد ھوندو آھي يا مٿين مصرع جي ثاني مصرع سان ڪا نھ ڪا نسبت ڏيکاريل ھوندي آھي. حاسد جي اشعار ۾ ڪيترن ھنڌن تي انھن چالو طريقن کان الڳ قسم جا شعر ملن ٿا، جن جو انداز چڱو آھي. اھي اھڙا اشعار آھن، جن ۾ ثاني مصرع، مٿين مصرع جو، وستار (extension) ٿي اچي ٿي. بندش ۾ اھي اشعار اھڙا آھن، جيڪي ھڪ جملي وانگر لکي سگھجن ٿا. (جيتوڻيڪ حاسد جو ھر شعر ھڪ جملي جيان لڳندو آھي، منھنجو مطلب ائين ھرگز ڪونھي تھ جيئن تھ اشعار جملي جيان لکي سگھجن ٿا، ان ڪري اھي نثري آھن. حاسد جي غزلن ۾ ڀرپور فصاحت، لئھ، رواني ۽ موسيقي آھي. حاسد جا غزل، چڱي انداز ۾ ڳايا ويا آھن ۽ سٺن ڳائيندڙن ڳاتا آھن. البت ايترو ضرور آھي تھ حاسد موسيقيءَ خاطر شعر جي ڀاو کي قربان ڪونھ ٿو ڪري. ھن لاءِ content وڌيڪ اھميت ٿو رکي.) اھڙي قسم جا اشعار ڪجھھ ڪجھھ نارائڻ شيام وٽان آيا آھن. ائين چوڻ ۾ مون کي ھٻڪ نھ ٿي ٿئي تھ حاسد ثاني مصرع، مٿين مصرع جي ڦھلاو طور ڪم آڻڻ واري طريقي/ انداز کي وڌيڪ ظھور ڏنو آھي ۽ ثابت ڪيو آھي تھ ٻن مصرعن جي وچ ۾ تضاد، عمل ردعمل يا نسبت کان سواءِ بھ غزل جو شعر چئي سگھجي ٿو ۽ اثردار نموني چئي سگھجي ٿو. ھتي ڪن اشعارن کي ڏيڻ جو موھھ مان ٽاري نھ ٿو سگھان: +روز وشواس کي ڇرا نھ ھڻو، +ذھن تي ھڪ دفعي ھڻو گولي. +- +زندگي گار آ بڻجي پيئي، +ڪنھن بھ لالچ تي وڪاڻي آھي! +- +شھر افواھھ ئي افواھھ لڳو، +ڄڻ تھ ماڻھو نھ گپوڙا آھن. +حاسد جا غزل، پنھنجو جيون اردگرد جي ناڀيءَ (ماحول) مان ڇڪين ٿا. انھن ۾ اظھاريل اسٿتيون، مشاھدا، پنھنجي ئي آس پاس جون اسٿتيون آھن. حاسد جي غزلن کي سمجھڻ لاءِ، ان ڪري، ڪنھن خاص پرڪريا (process)مان گذرڻ جي ڪا ضرورت محسوس نھ ٿي ٿئي. ھو، ھر وقت، ائين لڳندو تھ اسان جي ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي گھر جي ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي رشتن جي ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي پنھنجائيءَ جيڪي چگھھ ڏنا آھن، تن جي ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي بي وسين جي، اسان جي نھ جھڙين خوشين جي ڳالھھ ٿو ڪري. ھر رچناڪار جا انڀو (جذبا) پنھنجا ٿين ٿا، سوچ جا ڪوڻ پنھنجا ٿين ٿا، پر انھن جي رچنا ۾ پيش ڪش، شخصي مان ڦري عوامي بڻجي ٿي وڃي ۽ رچنا جيتري شخصي پڻي کان مٿي اڀرندي، اوتري اھا وڌيڪ تاثر پيدا ڪري سگھندي. حاسد پنھنجن اشعارن ۾ ڪافي غير شخصي بڻيو آھي. جيئن ھيٺيون شعر، شخصي ڳالھھ ڪندي بھ، ھر ان شخص جو شعر ٿي سگھي ٿو، جنھن پنھنجو وطن وڃايو آھي يا وطن کان دور آھي. وطن، ڪن لاءِ شايد دور جي ڳالھھ ھجي، پر ھيءُ شعر انھن کي بھ ڇھي ٿو، جي محض پنھنجي شھر کان پري آھن يا اڃا بھ صرف ان ايراضيءَ کان دور آھن، جنھن سان ھن جي ڪنھن قسم جي پنھن��ائي (sense of belonging) آھي: +ڪنھن بھ مٽيءَ کي سڏيان ڪيئن پنھنجو، +پنھنجو مان گھر ڇڏي نڪتو آھيان! +حاسد جيتوڻيڪ، سماج جي، راڄنيتيءَ جي، پاڙي جي، گھر جي، پنھنجي ڳالھھ ڪري ٿو، ڪٿي ڪٿي انھن سڀني جي ذڪرن ۾ ھو طنزيھ بھ ٿئي ٿو، ھن کي انھن سڀني جي اڄ جي حالت تي افسوس بھ ٿئي ٿو، پر ڪٿي بھ ھو انھن کي ’ھيئن يا ھونئن‘ بڻائڻ لاءِ ڪا رٿ ڪونھ ٿو ڏي، نھ ڪو انھن لاءِ ڪو آدرشي (Ideal) نڪتو ٿو ٻڌائي. ائين ڪرڻ سان نھ فقط رچنا شرطيھ ٿي پوندي آھي، بلڪ ان جي اثر جو دائرو بھ محدود ٿي ويندو آھي. حاسد اھڙن ڀرمائيندڙ خوش چوغن کي پھرڻ کان خود کي بچائي، ھڪ تخليقڪار طور وڌيڪ بلوغت ڏيکاري آھي. +رچنا جا ٻھ اھم پھلو ھوندا آھن، ان جو موضوع ۽ ان جي ٻولي. مان ھتي حاسد جي غزلن جي ٻوليءَ ۽ ان ۾ ئي سمايل عبارت کي نھ ڇھي سگھيو آھيان، پر موضوعن تي، وستار سان ڳالھائڻ، ھن ننڍڙي مھاڳ ۾، مونکي ممڪن ڪونھ لڳو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھي، حاسد جي ٻوليءَ وانگر ئي بيحد اھم آھن ۽ ڪجھھ وڌيڪ ڌيان جو بلڪل جائز آھي ۽ صفحا گھرن ٿا جي واجب آھن. جيڪڏھن مون کي صرف ھڪ سٽ ۾ حاسد جي موضوعن نسبت ڳالھائڻو ھجي تھ مان ائين چوندس تھ اھي اڄ جي وقت جا پر زور زندھھ اظھار آھي. +(ارجن حاسد جي غزلن جي مجموعي ”ميرو سج“ جو مھاڳ +٤ – ٨ – ١٩٨٤ع) +- - - +تنوير عباسيءَ، نارائڻ شيام جي غزلن جي مجموعي ’بوند، لھرون ۽ سمنڊ‘ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي: +غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آھي. فارسيءَ ۾ اردوءَ وارن ڪا وٿي نھ ڇڏي آھي، جو ان ۾ ڪا تخليق ڪري سگھجي. قافيا رديف کٽائي ڇڏيا اٿن، تشبيھون، استعارا، توڙي انھن کي ادا ڪرڻ جا اسلوب ۽ ڍنگ سڀ پراڻا ٿي چڪا آھن. اردوءَ جي جديد غزل جي بھ ساڳي حالت ٿي ويئي آھي ۽ ھيءَ صنف ھر معاملي کان ورجاءَ جو شڪار ٿي وئي آھي. سنڌيءَ جي جديد غزل خاص ڪري شيام جي غزلن جي اڀياس کان پوءِ لڳي ٿو تھ نھ، اڃا غزل جي زمين ۾ ڪافي گنجائش آھي. اڃا ڪافي ڪنواري زمين پيل آھي، جيڪا کيڙي نھ وئي آھي. (ص: ١٠) +مان ھتي شيام سان گڏ ارجن حاسد جو نالو جوڙيندس ۽ چوندس، تھ نھ صرف غزل لاءِ بلڪ ادب جي ھر صنف لاءِ اھڙي زمين پيئي آھي جنھن کي ڇھيو نھ ويو آھي، جنھن تي اڃا پيچرا ٺھڻ باقي آھن. ضرورت صرف اھڙن راھگيرن جي آھي، جي ٺھيل جڙيل، ڄاتل سڃاتل ۽ ان ڪري بي ضرر، سلامت راھن کي ڇڏي، اڃاتل ايراضين ۾ پنڌ پون ۽ پنھنجي راھھ پاڻ جوڙين. چوڻ جي ضرورت ناھي تھ تاريخ انھن جو ئي نوٽ وٺندي،جن راھن ۾ اضافو آندو آھي. ارجن حاسد اھڙو ئي ھڪ راھگير آھي، جو نين زمينن جو ڳولائو رھيو آھي ۽ جو نيون راھون جوڙيندو رھيو آھي. حاسد جي غزل ۾ اھڙي ئي ھڪ نئين راھھ، سندس Synaesthesia جي ڀرپور اپيوگ ۾ مون کي نظر آئي آھي. +Synaesthesia، جنھن جو سنڌي ھم معنى لفظ مون کي نھ ٿو سجھي، حواسن جي ڦير بدل آھي. ھڪ حواس جو ڪم ٻئي حواس کان ورتو ٿو وڃي. مثال طور ’آواز ڏسڻ‘، آواز ٻڌڻ جي حواس سان جڙيل آھي پر ان کي ڏٺو ٿو وڃي، اھڙي ئي نموني ’آواز ڇھڻ‘، ’موڳو‘ ۾ حاسد جا ڪي شعر آھن: +مان ھوائن کي جي ڏسندو آھيان، +ڪنھن جي ڀڻ ڀڻ کي بھ ٻڌندو آھيان. +(ھوائن کي ’ڏسڻ‘، غزل ٤) +ڪا اوچتو ڇھي وڃي خوشبو نگاھھ کي، +تتليءَ کي پڻ اڱڻ ۾ اچڻ ڏي ڪڏھن ڪڏھن. +(خوشبوءِ جو ’ڇھڻ‘ غزل ٢٩) +مٿي ’ڇھڻ‘ جي حواس جو ڪم ’ڏسڻ‘ ۽ ’سنگھڻ‘ جو حواس وري ’ڇھڻ‘ جي حواس سان ملي ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھيٺين شعرن ۾ بھ Synaesthesia جو موافق ميل آھي: +جيڪي نازڪ طبع ھئا تن کي، +ائن اکين سان ڇھڻ صحيح تھ نھ ھو. +(’ڏسڻ‘ جو ’ڇھڻ‘ غزل ٤٧) +آوازن جا چھرا ۽ گيتن جا سپنا! +ڏسندو ھر ڪوئي آھي ��ر ڌنڌلا ڌنڌلا! +(’ٻڌڻ‘ – ’ڏسڻ‘ غزل ٧٨) +Synaesthesia جا مثال ’ميرو سج‘ ۾ بھ ملن ٿا. حاسد ان خصوصيت جو استعمال ڪري، نئين راھھ جوڙڻ جا سڀ خطرا کنيا آھن. پير ڇلجي وڃڻ، ڀٽڪي وڃڻ ۽ آخر ۾ گم ٿي وڃڻ جا سڀ امڪان ان سان جڙيل آھن. مون کي ياد آھي تھ آديپور ۾ ڪنھن سيمينار وقت، تازي ڇپيل ’ميرو سج‘ ۾: +ذھن ۾ جن جي ھٿوڙا آھن +لڱ انھن جا ئي تھ ٻوڙا آھن. +(ميرو سج: غزل ١) +- شعر تي دلگير صاحب اعتراض وٺندي چيو ھو تھ لڱ ڪيئن ٻوڙا ٿيندا؟ پر حاسد نڪتھ چينيءَ کي درگذر ڪندي Synaesthesia جو وڌيڪ ۽ وڌيڪ اپيوڪ جاري رکيو آھي. ادب، ھر روز، نين سمتن ڏانھن رخ رکندو، تڏھن ئي تھ متحرڪ رھندو، نھ تھ بيٺل پاڻي ٿي ويندو. ڪابھ صنف زندھھ تڏھن ئي ٿي رھي، جڏھن ان ۾ اڳ ’نھ چيل‘ جڙندو ٿو رھي. اھو ’نھ چيل‘ ادائگي (treatment) ۾ بھ ظاھر ٿي سگھي ٿو تھ وشيھ ۾ نئين ڪنڊ کي جوڙڻ ۾ بھ جھلڪي سگھي ٿو. - ۽ حاسد جي لڳاتار اھا ڪوشش رھي آھي تھ غزل زندھھ رھي. +ليکڪ/ شاعر جڏھن ڪا صفت (يا اسم) اھڙي لفظ سان جوڙيندو آھي، جنھن سان رواجي طرح اھو ڪم نھ ايندو آھي تھ ان کي ڦيرايل صفت (Transferred Epithet) چئبو آھي. حاسد جي غزلن ۾ اھڙا اپيوگ ڪافي ملن ٿا: +ڳلن تي مرڪ، چپن تي معنى، +مگر ڪي دل ۾ بھ ڳولي تھ وٺون! +(چپن تي مرڪ ڳلن تي آندل: غزل) +ٿڪل ڪا راھھ، لنگھي وڻ ھيٺان، +گھڙيون ٻھ در تي ڪو ترسي ٿو ائين. +(’ٿڪل‘ مسافر سان نھ لڳائي راھھ سان لڳايل: غزل ٤٨) +۽ ھڪ ٻيو مثال: +دل ۾ اڻ تڻ آ ھلڪي ھلڪي اِئن، +در تي جيئن ھٿ ڪو کڙڪندو آھي! +(’کڙڪڻ‘ چوڙين بجاءِ ھٿ سان بيٺو آھي: غزل ٦٢) +مٿي ڏنل پوين ٻن شعرن جي شڪتي اھا بھ آھي تھ ’مسافر‘ يا +’چوڙيون‘ لفظ ڪم آڻڻ بنا ئي اھي پاٺڪ تائين پھچايل آھن. حاسد ائين، چوڻ (state) بجاءِ پنھنجي ڳالھھ اڀاري (suggest) ٿو، جو اڄوڪي ساھت ۾ اظھار جو زوردار ذريعو آھي. حاسد ڪي اھڙا لفظ بھ شعرن ۾ ڪم آندا آھن، جي ھونئن شاعريءَ ۾ بي لطف ليکيا وڃن ۽ شفي(positive) نقطو آھي تھ اھي لفظ شعر کي غير شاعراڻو بڻائڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ لطيف ڪري، ان جي اثر کي وڌائين ٿا. جيئن ’موڳو‘ ۾ ڪي شعر آھن: +توتارا ڪيڏا ناد، وڄن شھر شھر ٿا، +ھمٿ ٻڌي جي وقت کان، ٽڻ مڻ کسي وٺين! +(’ٽڻ مڻ‘، غزل ٢٢) +شخص ھر ڪو ڏنگو ڦڏو ٿو لڳي، +خوب جھومي شراب جو ٻوٽو. +(ڏنگو ڦڏو، غزل ٦٤) +۽ ’ميرو سج‘ جو ھڪ شعر: +ڀل تھ ڪنھن کي بھ سڏي ڏس حاسد! +ٻوڏ ۽ ڦوٽ وراڻي آھي. +(ٻوڏ ۽ ڦوٽ، غزل ٢) +اھڙا لفظ جيڪي غزل لاءِ اوپرا ليکيا ويا ھجن، تن جو اپيوگ ڪري، مان ھڪ ڀيرو وري چوندس، حاسد نئين راھھ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. لفظ شعر ۾ ايترو ڦٻيل آھن، جو انھن لفظن کان سواءِ شعر جو سڄو تغزل ئي گم ٿي ٿو وڃي. باشعور شاعر، پارس جو ڪم ٿو ڪري، حاسد جي لفظن جي اپيوگ تي، ھتي ھريش واسواڻيءَ جو رايو بھ غور طلب آھي، ھو لکي ٿو: +”گھري ارٿ شڪتيءَ لاءِ ھڪ وڏي شبد سنجم جي ضرورت ھوندي آھي. شبد جو اڄڪلھھ ايترو زيان ٿيو آھي، جو شبد جي پاڪيزگي رکڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي ٿي پوي. حاسد ھڪ ريت اختيار ڪئي آھي، جنھن ۾ خيال معنوي اختلاف سان اچي ٿو.“ +- ۽ ان حوالي ۾ ھريش واسواڻيءَ ٻين شعرن سان گڏ ھي شعر بھ ڪوٽ ڪيو آھي: +ڪئن ٿو ھر ڪنھن سان مرڪي ڳالھائي، +ڪيڏا حاسد جا حوصلا آھن. +حوصلو – بزدلي؟ +(رچنا-٤٦ ص ٨١) +’موڳو‘ ۾ اھڙن معنوي اختلافن وارا شعر موجود آھن: +ٿو ڳالھھ ڳالھھ ۾ پاڻ پڌائي مدبر جيان +ڪئين بڻجي پيو اٿن ويچارو، ڪو تو وانگر +(پڏائڻ – بيوسي – غزل ١٤) +حاسد ائين اڪثر، لفظن کي لغاتي معنى کان ٻاھر ڇِڪي ٿو وٺي ۽ انھن کي نيون معنوي سمتو�� بخشي ٿو. مثال طور ’موڳو‘ جو ھي شعر: +انب جي ٻور جي کٽڙي خوشبو +ائن بھ ڪنھن انگ کي ڇھندو آھيان. +(کٽڙي خوشبو، جواني ڦٽڻ جو احساس ۽ خوشبو سان چٽڪاري جو سواد. اختصار جو خوبصورت مثال: غزل ٤) +۽ ائين ڪيترن شعرن ۾ معنى ڦھلجندي ٿي رھي، باشعور پاٺڪ کي شعر کي ماڻڻ جا ڪيترا ڪوڻ ملندا وڃن. انڪري ئي ھن جا شعر سئربيني (Kaleidoscopic) تاثر پيدا ڪن ٿا. مون کي لڳندو آھي، حاسد جو، لفظن جي معنوي شڪتيءَ کان ڪم وٺڻ ڪري ئي ھو تشبيھن تي ڪونھ ٿو ڀاڙي. جديد لکڻين رنگين زبانيءَ جا پراڻا اوزار پاسيرا ڪري ڇڏيا آھن، جي اڪثر مدي خارج تمثيلن (cliches) کي گھڙيندا آھن اڄ جي لکڻين ’رنگين زبانيءَ‘ مان ’رنگين‘ ھٽائي ڇڏيو آھي ۽ .’زبانيءَ‘ کي ’زبان‘ بڻائي ڇڏيو آھي ۽ اسين ڏسون ٿا تھ اھا ’زبان‘ ڪافي ڳڀدار آھي، الڳ الڳ معنائن سان گرڀيل آھي. حاسد لفظن جي معنوي شڪتيءَ کي سڃاتو آھي ۽ انھن کان معنائن جا جدا جدا اولا (shades) حاصل ڪيا آھن، ۽ ائين ڪندي، ھو ڪٿي بھ اسھج نٿو بڻجي، دقيق نٿو ٿئي، سطحي نٿو رھي. حاسد جا شعر بي ساختھ روانيءَ سان پڙھي سگھجن ٿا. عام فھم لفظن جي چونڊ ڪري اھي سليس آھن، خيال سان مناسبت رکندڙ لفظن جي اپيوگ ڪري انھن ۾ بلاغت آھي: +چوڻ لءِ ڪجھھ نئون آھي نھ ڪنھن وٽ، +نوان پڃرا، نوان طوطا ڏٺاسين. +مٿئين شعر ۾ پڃرا (پراڻن خيالن جا قيد) سان طوطا، ۽ طوطن وٽ ’دھر کان سواءِ‘ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ھئڻ جو خيال پوري ربط سان اڀاريل آھي. اھڙو ئي ھڪ ٻيو شعر آھي: +ماپي سگھيس نھ سوچ جي پيڙا جا وھڪرا، +ڄاڻان ٿو ايترو تھ مان پھتس ڪٿان ڪٿي! +(موڳو: غزل ١٧) +گھرن وھڪرن ۾ وھي وڃڻ جي مجبوري ۽ پوءِ اڻ چاھيل منزلن تي پھچڻ جو درد، حاسد جي شعرن ۾، بلاغت جي ڪري شعر ۾ گرھھ لڳي ٿي وڃي ۽ تغزل جو ڀرپور حظ پاٺڪ کي ملي ٿو. +حاسد جو وڏي ۾ وڏو جمع پاسو آھي لفظن جو صرفو. ھو ھڪ بھ لفظ زيان ڪونھ ٿو ڪري. ان سبب، سندس شعرن جي بندش چست رھي ٿي. لفظ ھڪ ٻئي سان جڙي لڙي بڻائين ٿا ۽ پنھنجي پنھنجي جڳھھ وٺي بيھن ٿا، انھن کي ڇيڙڻ سان انھن جي جڳھھ مٽائڻ سان لڙيءَ ۾ خلل پوي ٿو. ھڪ اڌ مثال ’موڳو‘ مان: +حاسد توکي ڪئن لڳندو آ، +جڏھن جڏھن ڪنھن راند ڦٽائي! +(غزل ٥٥) +پاڻ کان پرڀرو رڙھي ويٺس، +پنھنجي پاڇي کان دور ٿي ويٺس. +مٿين شعرن مان، تجربي طور، ڪوبھ لفظ ڪڍي (غزل ٥٤) (تخلص سميت) يا ڪنھن لفظ جي جڳھھ مٽائي ڏسبو تھ شعر جي زور ۾ فرق پئجي ويندو. حاسد جي شعرن جي اھا طاقت آھي. حاسد جو غزل، نثر جي ويجھو آھي. حاسد جو وشواس آھي تھ اڄ غزل Straight line sensibility آھي (رچنا ٤٩ ٢٨) شعر جون ٻھ مصرعون ھڪ جملو بڻجي بيھن ٿيون. نثر فھم (ذھن)، خيال، تخيل، جذبي جو واھڪ آھي. ھڪ ڪامياب شعر ۾ چئني عنصرن جو موافق ميلاپ ٿئي ٿو. ڪي روايتي اديب شعر سان ’ذھن‘ لفظ ڏسي شايد ڇرڪ ڀرين يا ڪارو جھنڊو لھرائين. پر اھو فھم ئي آھي، جو شاعرن کي وشيھ جي چونڊ ۾، شعر کي تراشڻ (ھا تراشڻ، شاعريءَ کي الھام سمجھڻ جا ڀرم پالڻ کان مان قاصر آھيان) ۾ مدد ڪري ٿو، ظاھريءَ طور سادن سھج لڳندڙ شعرن کي اھو سادو روپ ڏيندڙ شاعر جي ذھانت ئي آھي. ھا، البت. شعر ۾ صرف ذھانت آھي تھ اھو شعر ڪونھ ٿيندو. ساڳيءَ طرح جي شعر ۾ صرف خيال آھي تھ اھو فلاسافي ٿي پوندو، صرف تخيل آھي تھ ڪوري ڪلپنا ٿي پوندي ۽ جي صرف جذبو آھي تھ ڦاٽل دھل ٿي سگھي ٿو. مان دھر جو خطرو کڻي وري چوندس تھ ڪامياب شاعريءَ ۾ مذڪور چئني عنصرن جو ڪيميائي ميلاپ ضروري آھي. حاسد انھن چئني جزن کي استادانھ ڍنگ سان ملائي ٿو ۽ ڪامياب شعرن جو سرجن ڪري ٿو. ھيءُ شعر ڏسون: +در کليل کي بھ ھٿ سان کڙڪائي، +ڀل تون ڌاريو لڳڻ وري اچجئن! +(موڳو – غزل ١٩) +’پنھنجن جي ڌاريائپ‘ وشيھ جي چونڊ (فھم)، در کان ڪنھن جي اچڻ جو خيال، کليل در کي کڙڪائي اچڻ تي اچڻ واري سان ڌاريائپ جو رشتو جڙڻ (تخيل) ۽ پنھنجن جو ڌارين وانگر وھنوار ڪرڻ جي پيڙا (جذبو) درحقيقت، شعر جي ھيءَ قياسي (theoretica) چير ڦاڙ مون صرف شعر ۾ سمايل عنصر ڏيکارڻ خاطر ڪئي آھي ورنھ، جيئن مون اڳ چيو آھي، انھن عنصرن جو ميلاپ ڪيميائي آھي، انھن کي جدا جدا خانن ۾ ورھائڻ لئبارٽري تجربو ٿيندو. پر نھ چاھيندي بھ ھڪ وڌيڪ مثال جو موھھ مان ڇڏي نھ ٿو سگھان: +ذھن کيسن ۾ ٿي رکيا ھر ڪنھن، +قرب ھر ڪنھن ڪڍي ٿي اڇلايا، +(موڳو – غزل ٢٠) +ھن شعر ۾ بھ چارئي جزا مرڪبي انداز سان مليا پيا آھن: مادي ماحول، شخصن جو مادي رخ (فھم)، قيمتي شيءِ کيسي ۾ رکڻ ۽ بيڪار ڪڍي ڦٽي ڪرڻ (خيال)، ذھن کيسي ۾ رکڻ (تخيل) ۽ رشتن مٿان ماديت جي حاوي پوڻ جو درد (جذبو). ھتي مان تخيل کي واضح ڪرڻ چاھيندس، تخيل منھنجي نظر ۾ اھا ڪلپنا آھي، جنھن ۾ ڪو گھٽ ڄاتل يا ڪو بلڪل نئون نقطو اجاگر ٿئي ٿو. +نين راھن جوڙڻ جي سلسلي ۾ حاسد جا قدرت نسبت شعر بھ ڌيان ڇڪائين ٿا. شاعر اڪثر قدرت کي چٽيندا آھن. ھنن جو قدرت سان واسطو ھڪ آئوٽ سائيڊر جيان ھوندو آھي يا ائين چئجي تھ ھو قدرت جا صرف چترڪار ھوندا آھن. ٻئي پاسي حاسد قدرت کي ڀوڳي ٿو، ان جو ھڪ حصو ٿي سامھون اچي ٿو: +سوچ، جئن سج اڀرندو آھي! +شخص ھر سچ سان الجھندو آھي! +(موڳو غزل) +(سج جي اڀرڻ جي ڀيٽ سوچ سان، سوچ جي وري سچ سان نسبت ۽ ان سان الجھڻ جي شخص جي مجبوري.) +ڇھاءُ روح جو ڀڻڪي ٿو ائين! +پپر جو پن بھ تھ لرزي ٿو ائين! +(موڳو – غزل ٤٨) +(روح جي ڀڻڪڻ جي نسبت پن جي لرزڻ سان، شخص جي پيڙا جو مثال) +حاسد جا غزل مسلسل نھ ھوندي بھ، اھي ھڪ خيال جو احساس ڏين ٿا يعني لڳ ڀڳ شعر ھڪ ويچار کي اڳيان وڌائين ٿا. انڪري انھن ۾ بکراءَ ڪونھي، اھي ھڪ ٻئي سان ’پوتل‘ لڳن ٿا. جيئن غزل نمبر ٢٩ (موڳو) نسچلتا(Inertia) جو احساس ٿو اڀاري. بيڪيت جي مشھور ناٽڪ ’ويٽنگ فار گوڊو‘ ۾ بھ ڪردار سڄي ناٽڪ دوران گودو جو انتظار ڪري ٿڪجي پوڻ تي ھلي وڃڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا، پر وڃن ڪونھ ٿا. ناٽڪ جي پڇاڙيءَ ۾، جي منھنجي ياداشت مون سان حرفت نھ ٿي ڪري تھ، ھو چون ٿا ”ھل تھ ھلون (پر ھو چرن نٿا)“. حاسد جي ان غزل کي جڏھن حاجي عيوض جي ڌن تي روپ گيھاڻي ڳائيندي آھي تھ ان جي اثر کي اڃا بھ وسعت ملي ويندي آھي. ان مان اھو بھ ظاھر ٿئي ٿو تھ ھھڙا نثري غزل بھ خوبصورتيءَ سان ڳائي سگھجن ٿا، جي ڪمپوزر ۽ ڳائيندڙ ۾ صلاحيت ھجي. +ان غزل جا ٻھ شعر آھن: +ڪڏھن تھ راھھ جي پٿر وانگر، +ڏسان، ٻڌان، نھ ڪڇان، ويٺو ھوس. +تناءُ سوچ جو ايڏو حاسد! +لکان بھ لفظ، منجھان، ويٺو ھوس. +نين راھن کي جوڙڻ سان گڏ حاسد ھاڻوڪين تخليقي راھن ۾ بھ گھڻو ڪجھھ ڏنو آھي، انھن کي ويڪرو ڪيو آھي. سنڌ تي لکندي، ھو ھنجون ڪونھ ٿو ھاري، ڳوڙھا ڪونھ ٿو ڳاڙي. باوجود ان جي، ھو انھن شعرن ۾ بي انتھا درد اوتي ٿو ڇڏي ۽ پاٺڪ جي دل کي آلو ٿو ڪري ڇڏي. ھو صحتمند ساروڻيءَ ۾ ترندو نظر ٿو اچي، ٻڏندو نھ. اھي شعر داخلي ھوندي بھ خارجيت سان ڀرپور آھن ۽ ان ڪري، اھي شعر ھر سنڌيءَ جا شعر بڻجي ٿا پون: +ديس پنھنجي مان ڪڍيائون مون کي، +عمر ڀر جو مان وڇوڙو آھيان. +ائن بڻيو آھيان مان ڀاڱا ڀاڱا، +پوري سنسار ۾ پسبو آھيان. +ڪنھن بھ ڌرتيءَ کي سڏيان ڪئن، پنھنجو، +پنھنجو مان گھر ڇڏي نڪتو آھيان. +قدر قيمت نھ رھي ڪا منھنجي +سڀ چون مان، رڳو پئسو آھيان. +(’مرڪ‘ نومبر-ڊسمبر ٩٤) +چنجھيون اکيون ھي ڏسي وٺ حاسد! +پراڻو سنڌ جو نقشو آھيان. +(موڳو – غزل ٧) +سنڌ کي ساريندي، حاسد موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جي سفرنامن نمبروار ’سي سڀ سانڍيم ساھھ سين‘ ۽ ’جي ھينئڙي منجھھ ھرن‘، کان متاثر ٿي ٻھ غزل لکيا آھن، جي بھ ’موڳو‘ ۾ شامل آھن. (غزل ١٥ – ١٦) غزل ١٦ جا ٻھ شعر آھن: +چيخ منھنجي يا لھر سنڌوءَ جي، +مان بھ ماڻھو انھيءَ ئي مٽيءَ جو! +ڀٽڪيس ڀٽڪيس ٿي ڳوٺ پنھنجي ۾، +پاڻ کي مون وري وري ٿي ڏٺو. +حاسد زندگيءَ جي ڏاڍاين ۽ قدرن ڏانھن بي مک ٿيل سماج ۾ رھڻ جي پيڙا کي جذب ڪري ٿو وٺي: +پڇين ٿو ڇا کؤن مان ننڍڙو بندرو +اصول پنھنجي تي پختو آھيان. +(موڳو – غزل ٧) +اڄ جون تلخيون ذائقو ڪوڙو ڪن ٿيون، پر ھو زھريلو ڪونھ ٿيو آھي. پريم پرڪاش حاسد لاءِ لکي ٿو: +’. . . اندر جي پيڙا کي الفاظن سان ملائي ائين +چوندو، جئن ڪاٺ تي ننھن جون رھنڊون پائي!. . .‘ +(موڳو – مھاڳ ص ٢) +اتي بھ، پيڙا رھنڊون پائيندڙ کي ٿيڻي آھي، ڪاٺ کي ڪھڙو فرق پوندو! حاسد کي خبر آھي تھ ھو شاعريءَ ذريعي سماج بدلي نھ ٿو سگھي، تنھنڪري ھن وٽ ڪي جھنڊا ڪونھن. ھا، البت ھو ڪڏھن ڪا چھنڊري ضرور پائي ٿو وٺي: +ناحق وٺين ٿو رت جو نالو گھڙيءَ گھڙيءَ +سڀ ڪجھھ لکيل آ چھري تي، ڇا ٿو ڍڪين؟ +(موڳو – غزل ٢٢) +پرڀوءَ درشن تي ڀيڙ ڏس حاسد! +ڀيٽ چاڙھي، ٿي موٽ ورتائون! +(موڳو: غزل ٦٧) +ھي اھڙيون چھنڊريون (طنزون) آھن، جن ۾ اپديش ندارد آھي. اھي سماج جا طعنھ زن (Ironical) ٽاڻا آھن. حاسد ڪنھن بھ گھري سوچ جي تقاضا رکندڙ اسٿتيءَ (حالت) کي ايتري سادگيءَ سان چئي ٿو وڃي، جو ان جي سڄي ٻوجھلتا دور ٿي ٿي وڃي: +پڇان ٿو مان تھ ھي ٿئي ڇا ٿو! +چون ٿا، تنھنجو پر وڃي ڇا ٿو! +بزار ۾ بھي ٿو ٽھڪ ڏئي، +چريو تھ آھھ، پر چوي ڇا ٿو! +(موڳو: ٧٩ غزل) +حاسد کي، جيئن مون اڳ چيو آھي، شاعريءَ ذريعي سماج کي بدلائي سگھڻ جو ڪو ڀرم ڪونھي، تنھنڪري شاعريءَ ذريعي ھو صرف پنھنجي قوم سان پنھنجي ٻوليءَ سان واسطيداري ٿو ظاھر ڪري: +زنده سا قوم رھندي، جنھن جي زبان زنده، +پنھنجي جي قوم زنده، سارو جھان زنده. +ٻوليءَ کي، ان کان تخليقي ڪم وٺي، حاسد شاھوڪار ڪندو رھيو آھي، ۽ اھائي حاسد جي ٻوليءَ سان واسطيداري آھي. +حاسد جو وشواس آھي تھ ’ان جو غزل، نئين ڪوتا جو عڪس آھي.‘ (رچنا – ٤٩/٢٨) حاسد جي ان وشواس جو ثبوت ھن جو ھر غزل ڏئي ٿو، نئين ڪوتا خيال کي نئين ڪوڻ کان ظاھر ڪري، ان ۾ جدت آڻيندي آھي. مٿي، حاسد جي غزلن جي چرچا ڪندي انھن ۾ تخيل جو عنصر ڏٺوسين، جو گھٽ ڄاتل چيز کي روشن ڪري ٿو. حاسد جي اڪثر غزلن ۾ شھريت – شھر جون عقوبتون، اجنبي پڻو نسچلتا (Inertia) منھن جي گراوت، اسھجتا پاڻ کي ئي لڳڻ جي پرورتي وغيره، جھلڪي ٿي. +ھن ۽ ھن وٽ تھ آبرو تنھنجي، +پر ڪڏھن پنھنجي مرم کي ڀي وڻ! +(موڳو: غزل ،٩ پاڻ کي ٺڳيندو رھڻ جي پرڪريا) +“ظلم، جي ٻڙڪ بھ ٻاھر نھ ڪڍون“ +ايءَ دعا آ تھ اگھامي پيئي! +(موڳو: غزل ١٠، نسچلتا) +اچي ويجھو بھ ڪنھن مشڪل سڃاتو، +پري کان ڪيترا پنھنجا ڏٺاسين. +(موڳو غزل ٢٥ اجنبيت) +ڪنھن صفت کان سواءِ ٻٽو نالو، +ڪنھن بھ پنھنجي جو ڪئن کڻي سگھندين! +(اسھجتا، نقليت، پنھنجن سان بھ فارملٽيءَ جي ضرورت، +موڳو: غزل ٢٢) +پنھنجي پڇ جو لڏڻ ڏٺو آ مون، +ھاڻ ڪنھن کي کلڻ ڪٿي ايندو. +(جي حضوري ڪرڻ جي مجبوري: موڳو: غزل ٥٠) +چيخ نڙگھٽ مان ڪين ٿي نڪري، +ٿيندي ناحق شڪار گوليءَ جو! +(دھشتي واتاورڻ – موڳو- غزل ٧٢) +ڪٿي اڪيلي ۾ ويٺو ھوندو، +اھو بھ پاڻان دوکو ھوندو. +(اڪثر شخص ڀيڙ ۾ اڪيلو ھوندو آھي، ھتي اڪيلائپ ۾ بھ وڪوڙيل آھي- مسلسل دوکي جو احساس: موڳو: غزل ٧٥) +- ۽ ھڪ دھقاني ميئن حاسد جو غزل زندگيءَ سان دوبدو آھي، نئين ڪوتان جيان. +حاسد غزل جي فن نسبت سخت گير آھي. فن جي حوالي ۾ حاسد ذرا بھ گھر گھلائپ برداشت نھ ڪري سگھندو آھي. ھن جو وشواس آھي تھ: +’غزل تڏھن ئي غزل آھي جڏھن فن جي ٻانھن ۾ جڪڙجي، پاڻ تي نکار ٿو آڻي. اڄ جي غزل جا اھا بھ سڃاڻپ ۽ قابليت آھي تھ قافيو، اڳواٽ ڄاڻ ۾ نھ اچي، بلڪ قافيي اچڻ بعد ئي، غزل جي گھرائي پاڻ لکائي. غزل جي شعر جي خاموشي، Silence، وڏي معنى ٿي رکي، جيڪا بنا ڪنھن شور ۽ ڌماڪي جي ڇھي ٿي وڃي.‘ +(رچنا: ٤٩/ ٢٨) +چوڻ جي ضرورت ناھي تھ حاسد پنھنجن شعرن ۾، پنھنجن وشواسن کي سختيءَ سان پالي ٿو ۽ ان ڳالھھ جي تصديق ھن ليک ۾ ڪوٽ ڪيل سڀ شعر توڙي سندس مجموعن ۾ ڏنل شعر بخوبي ڪن ٿا. وزن سان زنجيري ڍنگ سان جڪڙيل حاسد، لفظن کي حذف بھ گھٽ ۾ گھٽ انداز ۾ ٿو ڪري. سوين شعر ان جي گواھي ڏين ٿا. +ائين ناھي تھ حاسد وٽ صرف مفڪرانھ خيال آھن، ھن وٽ ڪي نفيس جمالياتي پل پڻ آھن، جي حاسد جي غزل جي سونھن آھن. انھن شعرن جي ذڪر کان سواءِ حاسد جي غزل جي اوک ڊوک اڌوري رھندي: +ائن ھوا ساھھ ٿي کڻي ھلڪا، +رڻ جي واريءَ تي جئن پون رھنڊون. +(موڳو غزل ٣) +گھگھھ اوندھھ مان نيڻ گھورن ٿا، +ڪيڏو چمڪي پون ٿا سناٽا! +(موڳو غزل ٢٦) +حاسد جي جمالياتي شعرن ۾ اسٿتين جي سچائيءَ (situational authenticity) سان تصوير ڪشي غور طلب آھي. جيئن ھلڪي ھوا (ساھھ کڻڻ) لڳڻ تي رڻ جي واريءَ تي ليڪن (رھنڊون) پوڻ جي حقيقي تصوير، ساڳئي نموني گھري اوندھھ ۾ اکين جي تارن جي چمڪڻ جو مناسب بيان، صاف چٽو پيش ڪري ٿو. ان شعر ۾ اوندھھ سان سانت جو ذڪر ۽ ’گھورڻ‘ فعل جو اپيوگ ڀوتيائي ماحول کڙو ڪري ٿو. ان خوف واري ماحول کي ”چمڪي“ لفظ جمالياتي ڇھاءُ ڏئي ٿو وڃي. ڪنھن ھڪ لفظ ذريعي جمالياتي تصوير پيش ڪرڻ شاعر جو ڪمال آھي. +شاعري سوين ڪندا آھن، پر شاعريءَ جي شناس ايڪڙ ٻيڪڙ کي ھوندي آھي. اڪثر سڄي عمر جمع ڪيل ھيرا، پٿر نڪري پوندا آھن. حاسد، صرف شعر جمع ڪيا آھن.[1] +واسديو موھي +ارجن حاسد جي غزلن ۾ ٻوليءَ جو تخليقي استعمال +حاسد جي (شاعريءَ جي) مجموعي جو عنوان ’ساھي پٽجي‘ مون کي اعتراض جوڳو لڳو آھي. عمرجي پنڌ ۾ ٿي سگھي ٿو تھ ڪنھن مقام تي ائين لڳي تھ گھڻو ٿيو، ھاڻي ويھي رھجي، پر ھڪ تخليقي فنڪار اھڙو راھي ٿي نھ ٿو سگھي. فنڪار قائم نوان پٿر (mile stones) سر ڪرڻ جي فڪر ۾ ھوندو آھي، ھو ٿڪبو ناھي، جنھن ڏينھن ٿڪو، تنھن ڏينھن ھن جي تخليق، ذھني طور مري ويندي، جسماني طور ڀلي اھا زنده رھي. +سنڌيءَ ۾ ڪيتري ئي دٻي جي شاعري ٿئي پيئي. حاسد اھڙو تخليقڪار آھي،جو پنھنجي ھر مجموعي ۾ اھڙو ڪجھھ ڏيندو رھيو آھي جيڪو غزل جھڙي حد رسمي صنف ۾ نئون ڪجھھ جوڙيندو رھيو آھي، ھن جي پھرئين مجموعي ’سواسن جي سرھاڻ‘ (١٩٦٦ع) ۾ ترقي پسندي ۽ روايتي عاشقيءَ وارن غزلن کان پوءِ ’پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا‘ (١٩٧٤ع) ۾ نئين ڪوتا جي تاثر وارا غزل خلقڻ؛ ’ميرو سج‘ (١٩٨٤ع) ۾ ٻوليءَ جو نئون محاورو ڪم آڻيندي لفظن کي معنائن جون نيون سمتون (dimensions) ڏيڻ؛ ’موڳو‘ (١٩٩٢ع) ۾، ’ميرو سج‘ ۾ ڪم آندل، حواسن جي ڦيربدل (synaesthesia) خوبيءَ کي گھرو ڪرڻ؛ ’اڃ‘ (١٩٩٩ع) ۾ تجسم (personification) جا انوکا مثال آڻڻ ۽ ھن مجموعي (’ساھي پٽجي ڇو‘؟ ٢٠٠١) ۾ ٻوليءَ جو اھڙو تخليقي استعمال ڪرڻ، جيڪو اھو وشواس جاڳائي ٿو تھ ھڪ رچناڪار ھيشھ ڪنھن تازي جھونڪي کي مٺ ۾ قابو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آھي ۽ انھن ۾ پنھنجي ڇھاو سان، بلڪل الڳ طرح جي خوشبوءِ ڀري ڇڏيندو آھي. +حاسد جي ھن مجموعي ۾ ٻوليءَ جو تخليقي عمل خاص ڌيان ڇڪائيندڙ آھي. مان پنھنجي ڪنھن مقالي ۾ لکي چڪو آھيان تھ ٻوليءَ کي وئشيا وانگر ھر ڪو استعمال ڪندو آھي ۽ رچناڪار جي سامھون للڪار اھا ھوندي آھي تھ ھو ان کي اھڙي نموني پيش ڪري، جيئن ائين لڳي تھ ان جھڙي پاڪيزه ڪا چيز ٿي نھ ٿي سگھي. حاسد اھڙو ئي ڪم ڪيو آھي ۽ اھو ھن مجموعي جو وڏو جمع پاسو آھي. ھڪ غزل جون ڪي مصرعون ڏسون: +آبشارن جي ھئي جھونگار، +ڄڻ، لھر جي ڪلڪل بڻي لوندو رھيس. +سوچ ڪرندڙ رھنڊ جو سڏڪو ھئي، +ڪا تھ ھيءَ ڇڙواڳ موسم ٿي لڳي. +ڇڙٻ جھڙا گھنج، گھوريندڙ اکيون، +ڪنھن جو پاڇو ھو، سڃيءَ ڪنھن ڇانو تي. +غزل ۾ پنج شعر، ۽ پنج ئي ٻوليءَ جا ڪي اھڙا مثال پيش ڪن ٿا، جيڪي وشواس ڏيارين ٿا تھ نھ، ھيءَ تھ اڇتي (virgin) ٻولي آھي، ان کي ڪڏھن ھٿ لائڻ تھ دور، ڪنھن اک سان بھ نھ ڇھيو آھي. ھاڻي، ٻوليءَ جو محض الڳ طرح اپيوگ ئي ڪافي ناھي. اھو ضروري آھي تھ ان جي ڪا جائزگي (Appropriateness) بھ ھجي. اھو نوٽ وٺڻ مددگار ٿيندو تھ شاعر نواڻ جي چڪر ۾ ڪٿي ڪي بي جوڙ جوڙا ملائڻ جي پروھتگري (priesthood) تھ ڪانھ ڪئي آھي. حاسد جوڙن جي ٺھڪ، موافقت جو پورو نباھھ ڪيو آھي. جيئن آبشارن جي ڪرڻ جو آواز، جھونگار، ضابطي کان ٻاھر ڇڙواڳ موسم، گھوريندڙ اکين جي ڇڙٻ، شام جو وقت (ڊگھا پاڇا)، اڪيلائي (سڃ)، اھڙا جوڙ آھن، جيڪي پوري جائزگيءَ سان، فطرتي ڍنگ سان اڀريا آھن. ان غزل جو مطلع ۽ مقطع ڏسون، ۽ اشاري ۾ ٻنھي جي موافقت ماڻيون: +بنسريءَ جي ساھھ کي ڇھندو رھيس، +شانت کي سس پس ۾ ڪجھھ چوندو رھيس. +ٿانو کي حاسد! اگھڻ ويٺس جڏھن، +ڪنھن ڪساريءَ ھوڏ سان گسندو رھيس. +اھڙي ئي نموني ٻين غزلن ۾ ’نصيحتن مان ٻوڙي آڱر کي‘، ’ڀري ٿو واءُ ڪيڏا شوڪارا‘ جھڙا مثال ملن ٿا. ھڪ مقطع ڏسون ۽ جائزگيءَ ڏانھن ڌيان ڏيون: +آيون بوندون جي اچانڪ حاسد! +اوڇنگارن ۾ پوي ٿي دونھين. +(دونھينءَ تي پاڻيءَ جا ڇنڊا، آواز، اوڇنگارون) +ٻوليءَ کي مان بخشڻ سان گڏوگڏ، حاسد تصويرون چِٽڻ ۽ اسٿتيون کڙيون ڪرڻ ۾ بھ ڪاميابي حاصلڪري ٿو: +ڌرتيءَ جي ساھھ ساھھ ۾ اِنڊلٺ جا ترورا +مکڙين جي لوڏ لوڏ، اکين کي وڻي ٿي جئن +ھيءَ انڊلٺ آسمان ۾ ڪانھي، نھ ڪو برسات جي ڪري آھي، ھيءَ بھار جي انڊلٺ آھي، رنگين مکڙين جو ھوا ۾ لڏڻ، رنگن جا جھلڪا ۽ ھڪ تصوير جو سامھون اچڻ. اھڙي ئي نموني ھڪ ٻي تصوير: +گرجندڙ بادل، وڄون، من چھچٽو، +فرش تي بوندون، اڱڻ ۾ ناچڻيون. +ھاڻي بھ اسٿتيون ڏسون، جيڪي پنھنجو پاڻ ۾ ڪھاڻيون کڻي ٿيون اچن: +ڪڪڙن جي آ ويڙھھ شام جو، +رات جو ٿاڻي تي گڏجون جي. +(ويڙھھ صرف ڪڪڙن جي ڪٿي ھوندي آھي) +چونڪ تان ويڻي بھ ھڪ ورتم کڻي، +رات ڇنڇر جي اگھاڙي بي حيا. +غزل ۽ رومان، ھڪ ٻئي سان جڙيل، ھڪ ٻئي ۾ وڪوڙيل جسم ھوندا آھن. حاسد جو رومان گھڻو ڪري بي جسم (abstract) آھي. ۽ جتي ھو رومان کي جسم بخشي ٿو، اتي بھ ھو رومان جو صرف ساماڻيل احساس تخليق ڪري ٿو: +ڀاڪر ٻنھي جا، ڄڻ تھ ٿي ڳٺڙي چري پري، (جسم) +ليءِ تال کي ستار ڪا ھوريان ڇھي ٿي جئن. (احساس) +ڄڻ تھ ڀڻ ڀڻ اچي ھٿ اکين تي رکيو، (جسم) +ڪنھن جي چوڙين جي آھٽ ٻڌڻ ۾ اچي. (احساس) +ھيٺين شعرن ۾ وري جسم ۽ احساس گڏجي مسجي وڃن ٿا: +ڳلن تي جن جي ڪي ميوا پچن ٿا، +انھن جو ذائقو پڻ جي چکي ڪو. +- +ڇرڪ حاسد! ڀرايو ڪيڏو تو، +چھنڊڙي تنھنجي سوکڙيءَ جھڙي. +ائين تھ تشبيھون، استعارا، شاعريءَ جا پراڻا اوزار آھن، اڄ جي شاعريءَ ۾ اھي گھٽ ئي ڪم آندا ٿا وڃن. ٻوليءَ جو تخليقي روپ، اڄ جي شاعريءَ جو گھڻ ڪنڊائي (multi faceted)، گھڻ معنائي، بلڪل تازو توانو، گئجيٽ (Gadget)، آھي، پر ائين بھ ناھي تھ اھي اوزار مدي خارج ٿي ويا آھن. انھن جو نجو استعمال،نيون سمڀاونائون (potentials) پيدا ڪري ٿو. حاسد جي غزل ۾ تشبيھھ ۽ استعاري جي ڪن اھڙين سمڀاونائن جو نوٽ وٺي سگھجي ٿو: +نھار ٿي لڳي جھريل عورت، +ليئاڪا جھڙا سونھن جا پاڇا. +- +ٿانو کڻي ٿي گھمي ڪنڀارڻ، +جسم سڄو ئي چيڪي مٽّي. +حاسد جي غزل ۾ تجسم (personification) سگھارو آھي، جيڪو ھتي ڪوٽ ٿيل ڪيترن شعرن ۾ ظاھر آھي، تنھنڪري ٻيا مثال نھ ٿو ڏيان. +حاسد جي غزل جو لھجو ملايم، نفيس ڪونھي، ڀلي ڪٿي ڪٿي ’ھوريان، ھوريان‘ يا ’ٿورڙي‘ جھڙا ڪونئرا لفط ڏسجن ٿا، پر اھڙا مثال نھ جھڙا آھن. ان ڪري، غزلن ۾ ھڪ قسم جو مردانو سر (Barytone) گونجي ٿو، ۽ ائين ھڪ عشق محبت واري صنف چيڙھھ (Toughness) حاصل ڪري، نئين سڃاڻپ، نئون چھرو پائي ٿي. حاسد جي اھا وڏي حاصلات آھي،جو ھو غزل جي سڀاءَ کي ئي ڦيرائڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. تازو مون ھندي، اردو ۽ گجراتيءَ جا ڪافي غزل اٿلايا آھن. مون کي اھا دعوى ڪندي بلڪل ھٻڪ نھ ٿي ٿئي تھ حاسد جي سطح جو ڪو ھمعصر شاعر مون کي ان ۾ نظر نھ آيو آھي. غزل کي جنھن اوچائيءَ تي حاسد پھچايو آھي، سا سنڌي غزل لاءِ ئي نھ، بلڪ ٻين ٻولين جي لاءِ بھ رشڪ جي قابل آھي. +ان ڪري، مان چوان ٿو تھ حاسد جي ھن مجموعي جو عنوان اعتراض جوڳو آھي، ان جي پٺيان پنھنجي ليکي ئي ’ڇو. . . .‘ جوڙي ٿو ڇڏيان. +(’ساھي پٽجي ڇو؟‘ جو مھاڳ: +2006-01-31) +علي دوست ”عاجز“ +استاد بخاريءَ جو غزل +۽ ان جون خوبيون +ڏات جو سفر بھ انساني شعور سان گڏ شروع ٿئي ٿو- ۽ شاعري تھ نھ رڳو اعلى ذھنن جي تخليق آھي، پر فنون لطيفھ جي سرواڻ پڻ آھي. بخاري صاحب چوندو ھو تھ، ”زندگي مھري، شاعري ۽ موسيقيءَ آڏو آءٌ حيرت زده رھجي ويندو آھيان. انھن چئن چيزن سان اڪثر ليکو چوکو گھٽ ڪندو آھيان. اھي مون کي ڪنھن نھ ڪنھن نموني موھينديون رھنديون آھن ۽ آءٌ موھبو رھيو آھيان.“ +زندگيءَ کان سواءِ ذڪر ڪيل اھي ٽيئي شيون بھ استاد لاءِ زندگي ئي ھيون. زندگي، جنھن جي پوئين ھڏڪيءَ کي بھ استاد ”ڀيروي“ ڪوٺيندو ھو، تنھن سان پيار قدرتي ڳالھھ آھي، زندگيءَ جي ڏکن مان بھ کيس زندگيءَ جھڙو ئي لطف ايندو ھو: +مزو زندگيءَ مان مڪمل وٺي ڇڏ، +ڏکيو جي نھ آھين تھ ھاڻي ڏکي پؤ! +استاد جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي آس بھ زندگي ھئي، تنھنڪري استاد کي زندگيءَ جو شاعر چيو ويو آھي. ھن شاعريءَ کي زندگيءَ جھڙو تحرڪ ڏنو. مسئلن، مونجھارن ۽ مشڪلن جي باوجود ان ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھي گھڙيءَ گھڙيءَ سان وڌي مليو ۽ ان کي پوريءَ ريت ماڻيائين ۽ ماڻڻ جي صلاح ڏنائين: +اٿو سھڻيون، اٿو ساھڙ نچو ڳايو! +مٽيءَ جو ڍير ھونداسين مرڻ کان پوءِ. +استاد بورجوازي بيمار ذھنن جي ھٿ ٺوڪي سنجيدگيءَ کي زندگيءَ لاءِ آفيمي زھر ٿي سمجھيو. سندس وڏي ۾ وڏي خواھش ھئي تھ: ”ڪاش! منھنجي شاعريءَ جي سٽ سٽ، لفظ تھ ڇا، خود منھنجي زندگي ھڪ وڏو نعرو ٿي پوي، ’حق جو‘ !“ +پڳ پڳ جي ڳڻتي پد پد کي، +لوءِ لوءِ جي لوري لفظن کي. +ڪنھن ريت ڪنن ۾ جاڳ جلي، +شال آڳ لڳي ڪا غزلن کي! +۽ ھو ان جاڳ واري خواھش جي تڪميل لاءِ ڀرپور جذبي سان لکندو رھيو. اھڙو جذبو، جنھن کي عشق چئبو آھي. اھڙو عشق، جنھن ۾ مقصديت بھ ھئي: +فقط گيت، سنگيت، استاد ڪاٿي، +مرادون، مسئلا ملھالا بھ آھن. +استاد ان مقصد کي اھڙي ارپنا ۽ سچائي عطا ڪئي، جھڙي استاد جھڙي شاعر کي جڳائيندي ھئي. استاد اھڙو سچو شاعر ھو، جنھن سچ ڳوليو بھ تھ ٻوليو بھ: +سر گھرج ۾ تاريخ کي ھو، گھور ڪجي ھا، +ڪو ھرج نھ ھو، پاڻ ھجون ھا نھ ھجون ھا! +استاد جي ان انداز سان تاري�� تان سر گھور ڪرڻ، پنھنجو پاڻ ٻاري روشني ڪرڻ ئي کيس تاريخ ۾ امرتا بخشي ڇڏي آھي. بخاري صاحب، شاعريءَ ۾ فڪري آزادگيءَ، وقت ۽ حالات جي نمائندگيءَ کي ترجيح ٿي ڏني. محفل جي زيب زينت بجاءِ دل ۽ دؤر جا درد سڻڻ ۽ سڻائڻ- +زيبِ محفل ڻڍ، شريک شورش محفل نڻيڻ، +اڍ گل رنگين تيرڍ سيـنڍ ميڻ شايد دل نڻيڻ! +(اقبال) +اڄ جِي سنڌي شاعري خاص طور تي غزل، جنھن سڃاڻ ۽ فڪري مقام تي بيٺل آھي- ۽ سنڌي ٽوپ ۽ اجرڪ پايو محفل جو مور بڻيو ويٺو آھي، تنھن کي ان مقام تي پھچائڻ ۾ جن اھم شاعرن، تخليقڪارن جو حصو آھي، جن جي شوق، شعور ۽ قاتل ڪمائيءَ جو ڪمال ۽ پورھيو شامل آھي. استاد بخاريءَ جو نالو انھن اھم شاعرن جي پھرين صف ۾ آھي. استاد ھڪ صنفي ۽ ھڪ موضوع وارو شاعر ناھي. حالانڪ سندس شاعريءَ تي حسن ۽ ڌرتيءَ جو رنگ سوايو آھي، پر ھن انھن موضوعن ۾ ايڏي گونا گونيت پيدا ڪئي آھي، جنھن ۾ ڪيترين ئي ڪيفيتن جو ھڪ مڪمل جھان سمايل آھي. +[1] فوٽ نوٽ شامل ڪبو. + + +ڪوبھ شاعر، شعر جي ڪنھن بھ صنف، بحر يا وزن جي چونڊ شعوري طور ناھي ڪندو، پر ان جو دارومدار ان مھل جي جذبي ۽ ڪيفيت تي ھوندو آھي. بخاري صاحب ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ: +”. . . ڪلام جيڪو لکيو اٿم، سو وائي، گيت، غزل، نظم جو سنگم ٿي پيو آھي. مون لکڻ وائي ٿي گھري، اجھو ھي فارم يا گھاڙيٽو بيٺو آھي: +آءٌ ھتي ئي ھوس، ھتي ئي آھيان مان. +سڪ جو ساگر، سونھن جي ساحل سان جھوميو، +ھاڻي بادل بنجي ڏھرن ڏانھن اڏامان! +ھائو، ھتي ئي آھيان مان! +بخاري صاحب گھڻو ڪري ھر صنف ۾ لکيوآھي، پر سندس ڪلام جو گھڻو تعداد بيت، وائي، نظم، چوسٽن، گيت ۽ غزل جو آھي. استاد جو غزل بھ استاد جي ٻولي، اسلوب جي حوالي سان ”استاد جي غزل“ طور سڃاتو وڃي ٿو. +استاد جو شروعاتي زمانو بزمن جي اوج وارو دؤر ھو ۽ ڪيترن ئي شاعرن جون گاديون آباد ھيون، جن جون شاعراڻيون روايتون پنھنجون ھيون. اھي شاعر بھ پنھنجي فن ۽ ڪلام تي قادر ھئا. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ انھن پنھنجي شاعريءَ جي زمين کي ايران جي آب سان پئي سيراب ڪيو. انھن جي ڏات جي ڏيئي جي روشني محفل ۾ تھ ھئي، ليڪن خود ڏيئي جي ھيٺان نھ ھئي. ٿورا شاعر ھئا، جن سنڌوءَ جي جل ڌارا کي پنھنجي شاعريءَ لاءِ آب حيات طور ڪتب آندو. تنھنڪري ان دؤر جي گھڻي شاعري ھتان جي ماڻھن، سماج ۽ زندگي لاءِ اوپري ئي رھي، جنھن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي دل جا دؤر نھ ٻڌي پئي سگھجيا ۽ نھ ئي ٻڌائي پئي سگھجيا. ان سوچ ۽ فڪر جو ذائقو زبان کي لڳي ئي نھ ٿي سگھيو- ۽ ڪيترن ئي جگادري شاعرن ھوندي، اھا شاعري ھڪ مخصوص گروھھ جي محفلن تائين محدود رھي ۽ سندن فن ۽ ڪاريگري جي واھڙ وھي وڃي ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. ڪو اھڙو مست الست، سنڌو درياھھ وانگر پورالو شاعر نظر ئي نھ ٿي آيو، جيڪو ليون لاڻا لس ڪري، ڪنڌيون ۽ ڪانھن ٻوڙي ڇڏي. +آخر اھڙي ويراني ۽ قحط الرجاليءَ جي سڏن جي موٽ ۾ ڪي صدائون گونجيون، جن ۾ شيخ اياز وڏو نانءُ ھو، جنھن پنھنجي شاعريءَ کي سنڌي لوڪ شاعريءَ سان جوڙي ڇڏيو. اياز صاحب، جنھن جي شاعراڻي اثر ۽ زور ڪيترائي شاعر لوڙھي ڇڏيا، پر وڏن شاعرن جون واٽون گڏ ھوندي بھ پنھنجي سڃاڻ ۽ وھڪرا الڳ رھندا آھن. وڏا شاعر پنھنجي دور ۾ سج وانگر چمڪندا رھندا آھن، ۽ ويندي ويندي ڪنھن جي بقول: پنھنجي پويان گھڻائي فرقا بھ ڇڏي ويندا آھن. اياز، استاد کان عمر ۾ بھ وڏو ھو، تھ استاد وٽ ھن جي شاعري ۽ ذھانت لاءِ مڃتا بھ ھئي. تھ سندس شاعريءَ جي اثرن کي بھ محسوس پئي ڪيو، پر استاد جي طبيعت ٻي ھئي ۽ اياز جي طبيعت ٻي. اياز شعلو ۽ استاد مٽي ھو. اھو ئي سبب ھو، جو ھڪ ئي دؤر جا ٻئي وڏا شاعر ھڪ ٻئي کي پھاڙن جي چوٽين وانگر پري کان ڏسندا رھيا. +استاد پنھنجو دڳ، ٻوليءَ، لھجي ۽ اسلوب جي حوالي سان الڳ جوڙي ورتو ھو. ھن جيڪو Diction جوڙيو، اھو آسان ھوندي بھ آسان نھ ھو. ڊڪشن/ اسلوب چئبو آھي، خيال ۽ سوچ کي بيان ڪرڻ يا لکڻ لاءِ مناسب لفظن جي چونڊ ۽ ترتيب سان استعمال. استاد شعر ۾ خاص طور غزل ۾ لفظن جو سٽاءُ اھڙي تھ سھڻي انداز سان رکيو آھي، جنھن مان سندس تخليقي حسن ۽ فن جو ڪمال ٿو نظر اچي. +ھن عام زبان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کي غزل جي بنيادي جزن: رديف ۽ قافيي طور استعمال ڪري، نھ رڳو شاعريءَ کي عام فھم بڻايو، پر ٻوليءَ جي عام لفظن کي شعري ٻوليءَ جي حيثيت ڏيئي، غزل کي ھڪ نئين راويت بڻائي ڇڏيو. ۽ عام زبان ۽ شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ تڪلف کي ختم ڪري ڇڏيو. ھن غزل ۾ مڪالماتي فقرن جو استعمال ڪيو ۽ نظم جي موضوعن کي غزل ۾ نڀايو. ان ۾ ھن جون شعوري ڪوششون بھ ضرور ھيون، پر ھو ”مانتو“، ”چيم“، ”چيائيون تھ“، ”يا نحسي“، ”ھوندو ھوندو“، ”ھو يا نھ“، ”ايلي“، ”اھو آ“، ”اچان ٿو اچان“، جھڙن لفظن جو استعمال رديف ۽ قافيي طور بھتر انداز سان ان لاءِ ڪري سگھيو آھي، جو کيس لفظن جي استعمال جو ڏانءُ ۽ زبان تي دسترس ھئي. استاد وٽ، ٻِٽن، ھڪجھڙن ۽ متضاد لفظن جو استعمال بھ ڪمال جو آھي. توھان کي استاد جو ھي غزل پڙھي حيرت ٿيندي. اھڙو اسلوب ۽ انداز فقط استاد جو ئي ٿي ٿو سگھي، جيڪو پنھنجيءَ ٻوليءَ ۽ حسن ۽ فني خوبين جي ڪري بيحد حسين لڳي رھيو آھي. ھن غزل ۾ رديف ناھي. ان جي ھڪ بند ۾ پنجن قافين جو استعمال آھي. ۽ مٿينءَ سٽ جا لفظ/ قافيا بنجي، ھيٺينءَ سٽ سان ھٿ ھٿ ۾ ملايو بيٺا آھن: +گھٽ ۾ گھٽ روئين، لڇين، تڙپين تھ ھا، +ڪجھھ ڀرين ھا خون منھنجي جي بھا. +وڇڙندين، ويندا وڌي ڏاڍا ڏچا، +پرچندين، پوندا چڙھي پنھنجا ڳھا. +اسان وٽ غزل ھڪ عام صنف آھي، پر اھو عام ھوندي بھ خاص رھي ٿو ۽ پاڻ ڏانھن عام روش ناھي چاھيندو. چون ٿا تھ جھڙيءَ ريت خدا پنھنجي ٻانھن کان اطاعت چاھيندو آھي، غزل بھ ائين شاعرن کان پنھنجي اطاعت چاھيندو آھي. +غزل جي شاعرن کي غزل جي فارم يا گھاڙيٽي جي بنياد تي ورھائي ڪونھ سگھبو، ڇو تھ غزل جو فارم ساڳيو آھي: حالانڪ اياز گل تجرباتي طور ڏيڍو غزل بھ لکيو ۽ بخاري صاحب جو بھ ھڪ غزل آھي، جنھن ۾ مطلع واري ٻِي سٽ کي ھر بند کان پوءِ وراڻيءَ طور رکيو ويو آھي. جنھن کي پڻ غزل جو نئون سٽاءُ نھ چئبو، پر اھا سٽ موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آھي، جيئن ڳائڻ وقت ٿلھھ جي سٽ موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ ورجائبي آھي- +ڇو توبھون وھيءَ سوچيون، +ڇو چوڏھين اماس آھي؟ +ڪيڏي نھ دل اداس آھي. +اھڙيءَ طرح واسديو موھي ھائيڪو نما غزل جو تجربو ڪيو آھي. پر منھنجيءَ نظر ۾ اھي تجربا غزل جي ھيئت ۾ عارضي تجربا آھن، انھن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪا فتوى نھ ٿي ڏئي سگھجي. +ڪنھن جي غزل کي فقط ٻولي، ترنم، لھجي ۽ فڪري پيشڪش مان ئي سڃاڻي سگھبو، تھ اھو ڪنھن جو غزل آھي- غزل عرب مان آيو يا ايران مان، پر سنڌيءَ ۾، غزل ۾ پھريان پيوندڪاري ڪئي وئي، پوءِ ھن جون جٽائون بَڙ وانگر ھن زمين ۾ لھي ويون. اھا ھن ڌرتيءَ توڙي، ٻوليءَ جي خاصيت آھي. ڪيئي ٻاھريان قبيلا ۽ فرد وقت گذرڻ سان گڏ ھن مٽيءَ جو حصو ٿي ويا، ھيءَ تھ ھڪ شعري صنف ھئي، جيڪا علمي ماڻھن جي ھٿن ۾ ھئي. جيئن اياز صاحب فرمايو: +”اسان غزل ۽ آزاد نظم ۾ ايتري تبديلي آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نھ رھي. اسان بحر وزن، قافيي، رديف ۽ ٻئي پوري فني لوازمات کي سنڌين جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي ذھني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين.“ +شاعريءَ جون جڙون بھ ڪنھن قوم وانگر ڌرتيءَ ۾ نھ ھونديون تھ ان مان ڌرتيءَ وارو ساءُ ۽ مھڪار نھ ايندي؛ ان جا پير زمين تي نھ ھوندا، ان جا رنگ ھوا ۾ ڪرتب وانگر نظر ايندا، جيئن آتش بازيءَ وقت گولن جا رنگ گھڙيءَ کن لاءِ ڦھلبا آھن، تھ اھڙو شعر ٽٽل تاري جي لاٽ وانگر لڳندو، ڪنھن مشعال وانگر نھ. +فراق گورکپوري اردو شاعريءَ جي باري ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ، ”اردو شاعريءَ کي خيالن ۾ ٽٻي ھڻڻ تھ خوب اچي ٿي، پر زمين ۾ سمائجڻ، تحليل ٿي وڃڻ، قدرت جي منظرن جي تھھ در تھھ رمزيت ۾ ٻڏي وڃڻ ڪجھھ گھٽ ئي اچي ٿو.“ +ان سلسلي ۾ استاد جي شاعري ڌرتيءَ مان ڦٽي ٿي، ۽ ان ۾ سمائجي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿي. استاد مٽيءَ جو شاعر آھي. پنھنجي ضمير ۾ بھ تھ خمير ۾ بھ مٽي. ھو ڪچي جو ماڻھو ھو. درياھھ، زمينون، ٻيلا، ٻوڏون، لاب ۽ ڳاھھ، توريا، ڪڻڪون، سانوڻيون، برساتون، ڪاڇي جو سمورو پسمنظر ھن جي اڳيان ھو. سنڌ جي وچولي ۾ ھن زندگي گذاري، ڳوٺ ھن جا پنھنجا ھئا، شھري تجربا بھ سندس ئي ھئا، تنھنڪري ھن جي خيال ۽ ٻوليءَ جو دائرو بھ ڪتابن کان وٺي ڪچھرين تائين ڦھليل ھو: +اکين سان ٿيو مگر ٿورو، +گھڻو دل ساڻ دوکو ٿيو. +- +ڇاپڙون ڳوٺ جون، اسون غم جون، +زندگي ٻير ٿي پچي ٿي پئي. +سو استاد محفلون، مشاعرا ۽ معرڪا شوق سان اٽينڊ ڪندو رھيو، سندس ھي شعر ستر واري ڏھاڪي جو آھي: +حادثا چيتا بگھڙ ٿي ٿا اچن، +لطف آھي، ٿا ڪجن ڏاڍا شڪار. +1971ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ پڌرو ٿيو، جنھن ۾ استاد جي شاعري روايتن کان ھٽيل قومي جذبي ۽ عوامي نمائندگيءَ طور آڏو آئي. پر بقول استاد جي، ان تي ڪنھن بھ رسالي ۾ ڪا راءِ يا ڪو تبصرو نھ ٿيو. البت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان ھڪ تبصرو ھليو، جنھن ۾ غلام علي الانا صاحب چيو تھ: ”استاد بخاري زندگيءَ جي مکيھ مسئلن تي ھڪ سچ ڳالھائيندڙ شخص وانگر ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي ۽ غير وطني ماحول ۽ منظر کان پاسو ڪيو آھي.“ +استاد جي شاعري، پھرئين مجموعي ۾ ئي روايتي فڪر کان الڳ ۽ ھڪ نظريي طور آڏو آئي- جنھن جي ٻولي ۽ لھجو ٺيٺ سنڌي ھو: +ظلمن کي گھڙيءَ لاءِ ٿڏي ساڻ نھ ٿيڙيو، +چنجور کڻي پاڙ کان بنياد اکيڙيو. +اڄ تھ اڃاري ٿر تي بادل، +مون سان گڏجي ٿورو رو. +ڌيري ڌيري درد نھ ڌوڻ، +ڇوھو ڇوھو ڏي ڇيرو. +ڪھڙو وقت اچي اگھندو، +ماحولن جو منھن ميرو. +ھن مجموعي ۾ شامل ڪجھھ غزلن جو انداز گيت ۽ نظم جھڙو آھي. ٻن ٻن قافين جو استعمال بھ آھي تھ ٻھ چار زير اضافت واريون فارسي ترڪيبون، ٻھ ٽي طرحي غزل، ۽ غزل ۾ گفتگو وارو نمونو بھ آھي. +پڇو يارن تھ، عقبى ٿي وڻي توکي يا ھيءَ دنيا، +چيم، آزادگي گھرجي، نھ ھو گھرجي نھ ھي گھرجي. +-- +ھٿين خالي اسان ظلمن سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو، +اميد آھي، يقين آھي تھ کٽنداسين، کٽڻ ڏسجو. +-- +ڊڄڻا ماڻھو: ڀاڙي تي جلاد گھرايو بيٺا ھن، +سورھيھ ماڻھو: ٻيڙيون پايو سيس سھايو بيٺا ھن. +-- +سنڌ سان اھڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا، +جيئي سنڌ، سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا. +ان کان پوءِ ”اوتون جوتون“ (شاعريءَ جو مجموعو) زندگيءَ جا ڪيئي موضوع کڻي آيو، جنھن ۾ استاد جي دل جا جوالا ۽ جھرڻا، ڳوڙھا ۽ ڳالھيون، حيلا ۽ حوصلا، ووڙون ۽ وڄائون، سٽ سٽ ۾ ڀريون پيون ھيون، تھ سندس فڪر تي ڀٽائيءَ جو اثر بھ واضح ھو: +رتل رنگ ڏاڍو، جٽيل جنگ ڪيڏي، +ڪلھي ڪينرو، چيلھھ چاقو، ڪٽارو. +ڌماڪن جي ڌو ڌو ۾ ٻچ ٻچ چپن جي، +ھن سنسار مچ ۾ نچڻ جو نظارو. +ڪتاب جي مھڙ ۾ استاد اندر اوريندي لکيو تھ: ”منھنجي عقيدي ۾، ھن جيون جنگاھھ ۾ شاعريءَ جو عظيم ڪارنامو ۽ زنده شاھڪار، اھا سٽ آھي، جا سڌو سنئون سر ڌڙ جي بازي لڳائي، ديس ۽ ڌرتيءَ لاءِ ٻلھار ٿئي!“ ھن ڳالھھ مان، پڙھندڙ آسانيءَ سان ان سوال جو جواب سمجھي سگھي ٿو تھ، استاد جھڙو مالھي مزاج ماڻھو ڪيڏاري واريون ڳالھيون ڇو ٿو ڪري، ۽ ھن جي شاعري شعلا شعلا ڇو ٿي پوندي ھئي: ڇو تھ ھي انھن ماڻھن ۾ ويھي، اھڙي شاعري نھ ٿي ڪري سگھيو، جنھن کي خيال جو عيش چئجي: +مان بھ کلان ھا، دل بھ چوي ٿي لا، +پاڙي پِٽڪا، ٽھڪ ڏيان ڪھڙا! +پِيلا چھرا، تن تي نيلا پاڇا، +ھاڻي چاچا! حال پڇان ڪھڙا؟ +ننڍڙا ننگا، انگ منگن ڪپڙا، +ھيلھھ وڏيرا! ونئڻ وجھان ڪھڙا؟ +شعر مان شاعر جي اداسي ۽ ڏک جو ڪارڻ معلوم ٿيو وڃي. سادن سانگين سان مخاطب ٿيڻ لاءِ کيس رمزن، ڪناين، ارٿن ۽ اشارن جي ضرورت ئي نھ ٿي پئي. +جھنگن کي جھنجھوڙي، ڇرن کي ڇڇولي، +تکو تيز اوٿر ٿي اڏري وياسين. +ھڻي سوئا، سونبا، اوھان جِنس جاچيو، +اسان پاڻ اڳواٽ اڊڙي وياسين. +بخاري صاحب جي ڊگھن بحرن وارن غزلن جي خوبي، موسيقي ۽ بيان جي وسعت پنھنجي آھي تھ ننڍن بحرن وارن غزلن ۾ تاثر جي شدت، جذبن جي اڇل، احساسن جي عڪاسي ۽ ترنم پنھنجو آھي- +سمندر جي تر ۾ ملي لئي ڪريون ھا، لڇون ھا مڇي پئي مڇيءَ کي ڳھي ھا، +ھمالي جي چوٽيءَ تي پھچي نچون ھا، پچون ھا تھ بيروت شمشان آھي. +پڪن گھڙن کي ڪنا نھ پوندا، ببر خبر ٿئي ڇٻر نھ چرندا، +قلم کپائي، رقم سھيڙيان، اھو سبق مان سکي نھ سگھندس! +-- +جي ڏوھھ ڪيا ھم تھ ڪيان ھان دل تي، +جذبات جي غفلت تي ندامت آھي. +-- +تڪڙ آسمان توکي ڪھڙي لڳي، +ڪڍي ڀونءِ ڀاڪر، اچان ٿو اچان! +-- +بي سڌ تارن کي سڌ ڪھڙي، +ڇا استاد جي عزت آھي. +ڇا ناھي مڇي جر ۾، +ڇا پيار ويو تر مان؟ +استاد وٽ قافيي جي ڪا کوٽ ڪانھ آھي، قافيا نوان، پابند بھ، تھ آزاد (آوازي) بھ. جن جو استعمال ڪري ھن غزل ۾ ٻولي، موسيقي ۽ مقصد کي آسانيءَ سان بيان ۾ آندو آھي. +آوازي/ آزاد قافيي جو استعمال: +گھور سان گھور، افق جو گھيرو، +ڪو تھ ميلاپ ٿيو تنھنجو، منھنجو. +تنگدل عمر ڪيو ھو ڪڪ نھ تھ، +ڪيترو وقت ھو منھنجي آڏو. +اڄ تھ استاد سان آجو اورج، +ڇو تھ آزاد ھو قافيو ڪيڏو! +غزل ۾ رديف جو استعمال شعر جي جماليات ۽ رس کي وڌائي ٿو. ھن کوڙ سارا نوان رديف ڪم آندا آھن. قافين ۽ رديفن جو خوبصورت ميل استاد جي غزل جي وڏي خوبي آھي. ”رديف، خيال کي لاھي ٿو اچي“ ان ۾ وڌيڪ زور ۽ ترنم پيدا ڪرڻ استاد جو فن آھي. بخاريءَ وٽ شاعريءَ جي ھڪڙي وصف اھا بھ ھئي تھ، اھا ڪھڙي بھ موضوع، نڪتھ نظر ۽ فڪر تي مبني ھجي پر، پڙھي، سڻي وھوا ڪجي. جي وھوا نھ تھ بھ لطف اندوز ضرور ٿجي. +الائي ڪير ھو ڪارو تھ ڪير ھئي ڪاري، +ٻنھي جو خون ٿيو ھو، زيان ھو يا نھ؟ +-- +بلا تي پير نھ پيو ھو، جو ڇال ڏئي بچجي، +کنوڻ کي ٻانھن ٻکيو ھو، اھو نھ ٿو وسري. +تشبيھي ۽ استفھاميھ رديف بھ بخاريءَ جي غزلن جي سڃاڻ ۽ سونھن آھن. تشبيھي غزل مان شاعري ۽ ٻوليءَ جو حسن ڏسڻ ۾ ايندو آھي. سواليھ رديف استعمال ڪري استاد، پڙھندڙن جي سوچ جي تلاءَ ۾ پٿر اڇلي ڇڏيندو آھي: +تنھنجون ڳالھيون طويل تاريخون +تنھنجو ڪمرو مٺو وطن وانگي. +عمر استاد جي وڌي نھ سگھي، +شوق اينگھڻ لڳو جڳن وانگي. +-- +ڀونءِ بي واھيون ڀِٽون، سانگي سٽون، +عڪس ھي اڀري اڳيان آيو آ ڇو؟ +-- +ھيو ھميشه ھي استاد آئينو تنھنجو، +الائي تنھنجو انھيءَ ڏي ڌيان ھو يا نھ؟ +استاد جي غزل ۾ تغزل: +زندگي ھڪڙي، انھيءَ ۾ ھي ھزارين ھرکرون +ڄڻ پيل ماکيءَ جي شيشي ۾ ڪئين ڪوليون ھجن. +-- +چنڊ ھٽندي ئي وڏي وير ھٽي ويندي آ، +گھور گھٽجي ٿي تھ استاد بھ گھٽجي ٿو وڃي. +زندگي تضاد ۽ ٽڪراءَ آھي. استاد جي زندگي بھ ڪيترن ئي تضادن ۽ ٽڪرائن جو سلسلو ھئي، جنھنڪري ھو پاڻ کي ھميشه اھڙي ٽڪراءَ لاءِ تيار رکندو ھو. خارجي حالتون، داخلي ڪيفيتن کي جھنجھوڙينديون رھنديون آھن. استاد جي بقول: ”توھين بھ ھڪ دنيا آھيو، آءٌ بھ ھڪ دنيا آھيان. اھي ٻھ سنسار آھن، جيڪي ملي ٽيون تخليقي سنسار ٺاھن ٿا.“ پر تخليقي سنسار جوڙڻو پوندو آھي، جنھن کي جوڙڻ کان وڌيڪ بچائڻ جو مسئلو ھوندو آھي: +گيت جي جيت لئي جھليم گوليون، +موت جي وات ۾ جيو آھيان. +-- +اکيون ساڙيان، جلايان دل، لھي پئي لڙ، +اٿم پر ڪنھن سان آڌيرا، نھ ٿو ڀڙڪان. +بخاري صاحب گيتن ۽ غزلن جو زمينون ايتريون تھ کولي ۽ کنڊيڙي ڇڏيون آھن، جن ۾ ڪيترائي شاعر، وتن ٿا خيالن جا گھوڙا ڊوڙائيندا، پر استاد جو ’پنڌ‘ پري آھي. وڏي شاعر جو ڊڪشن ھجي يا شعري زمين، اھا شينھن جي ڪيل شڪار وانگر ھوندي آھي. ڪير اگر ان جي ويجھو وڃڻ جي ھمت ساريندو بھ کڻي، تڏھن بھ اھو شڪار سندس نھ ليکبو. +غالب وانگر استاد بھ پنھنجي غزل جي زمين ۾ بيان جا امڪان ختم ڪري ڇڏيا آھن. بقول ناصر ڪاظميءَ جي تھ، ”غالب پنھنجي غزل لاءِ جيڪا زمين ڪتب ٿو آڻي، تنھن ۾ اظھار ۽ بيان جا سمورا امڪان پوريءَ ريت ختم ڪري ٿو ڇڏي.“ +استاد جي غزل جا مھانڊا پري کان پڌرا آھن. ھونئن ئي غزل جو ھر بند ھڪ آزاد ۽ مڪمل يونٽ ھوندو آھي، جو مضمون ۽ فڪر جي حوالي سان مڪمل ھئڻ ڪري ان ۾ ياد ٿي وڃڻ جي صلاحيت پڻ ھوندي آھي. استاد جي غزلن جا نھ رڳو ڪيئي بند پر سڄا سڄا غزل ياد رھجي ويندا آھن. سندس سٽن ۾ صدين جي لوڪ ڏاھپ ھئڻ ڪري اھي چوڻين/ ضرب المثل واري حيثيت اختيار ڪري چڪيون آھن: +کنوڻ کنوندي تھ اونداھيءَ جو ڀوءُ ڀڄندو، +لھي ٿو رنج جو الڪو کلڻ کان پو. +-- +ميندي تھ انڌ ڌنڌ ۾ ڪنھن کي مکي وڃو، +پر پريت ڪنھن جي دل ۾ زوري نھ ٿي پوي. +-- +ڇو نھ پھرو مري بخاري ڏئي، +تنھنجو پاڙو مٺو وطن وانگي. +-- +پڪا پير ناھن تھ گھوڙو ڪچو، +تِکي ٻانھن ناھي تبر ڇا ڪري؟ +-- +ٿورو خاموش ھنيانو جون باھيون، +ھانءَ جو ٺار ڪجھھ ٻڌائي ٿو. +کيل ٿي ختم ويو بخاري تھ بھ +تنھنجو ڪردار ڪجھھ ٻڌائي ٿو. +-- +جلي جلي ٿو ڪيان اجالو، لڇي لڇي ٿو چوان جمالو، +کلي پڇين ٿو تھ ڪيئن ھلان پيو، جيئن ھلي پيو جھان جاني. +-- +مون کان تاريخ پڇي ٿي تھ ڪٿي بيٺو ھان +زندگي موت ٻِواٽو آ، اتي بيٺو ھان. +لوڪ سمجھي ٿو بخاريءَ جي ھٿن ۾ آ قلم، +آءٌ عباس علم چڪ ۾ جھلي بيٺو ھان! +سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي بھ استاد جي مادري زبان رھي آھي. سندس ڳوٺاڻو ماحول سرائڪي ڳالھائڻ وارن جو ھو، تنھن ڪري سندس سرائڪي شاعريءَ ۾ فڪري رنگ ۽ اظھار ۾ ڳوٺاڻي سادگي آھي. سرائڪي دوھيڙي سان گڏ سندس سرائڪي غزل بھ ڏاڍو پختو ۽ خوبصورت آھي، جنھن کي جديد سرائڪي غزل جو نمونو پڻ چئي سگھجي ٿو. جنس طور سندس سرائڪي غزلن جا ڪجھھ بند مطالعي جي طور ھيٺ ڏجن ٿا: +جنھن نھ ڪيتي گناھھ جوڀن وچ، +تنھن دي پِيري لڄِي لڄِي ھوسين. +-- +ميڏا محبوب ڪو خدا تان نھين، +ڪيون نظر ھڪ دفعا نھين آندا. +-- +پڙھھ دل دي ڌيان نال سچي سٽ سنڀال رک. +آيت رلي قرآن دي اھدن چڱا نھين. +استاد ھميشه ھنئين سان ھنڊائڻ واري ڳالھھ ڪئي. استاد ڏات جي ڏيھھ ۾ نھ رڳو لفظن جو عيسى ھو، جنھن لفظن ۾ جان ۽ سٽن ۾ ساھھ وڌو، پر تخليق جي ھڪ موج واري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي دور جو مسيحا بنجي ويو، جنھن نھ رڳو شاعريءَ ۾ مسيحائيءَ جا معجزا ڏيکاريا، پر پنھنجي تخليق ۾ پاڻ بھ ا��ر بنجي ويو: +اي تان محفل ھي مقامان چون مئا اٿ پوسين، +يار، جنھن مھل بخاري ڪون سڄڻ ياد آيا. +-- +خيال مر نھين سگھدا، امر بُخاري ھي، +جٿان سڏيسو، غزل، گيت وچ اٿان ھوسون! +مختلف رايا +ذوالفقار راشدي – غزل جو منفرد شاعر +· ذوالفقار راشديءَ، غزل ۾ جيڪا نئين رمز ۽ فنڪار جي ذات جو اثر سموھيو آھي، تنھن لاشڪ کيرون لھڻيون، ھن غزل کي روايتي لوازمات سان گڏ، جيڪو مڪاني ماحول ۽ ديسي رنگ بخشيو آھي، سو غزل جي موضوع ۾ فن جو واکاڻ جوڳو ميلاپ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ذوالفقار راشدي، سنڌي ادب جي سجاڳ ذھن ۽ حساس شاعرن سان ڪھلو ڪلھي ۾ ملائي رھيو آھي، جا ڳالھھ سندس فن جي عظمت جو دليل آھي. +- طارق اشرف +· راشدي صاحب، جديد دور جي انھن باڪمال شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن جو فن جامع الاصناف آھي. راشديءَ جي خيال ۽ حال جي دنيا زرخيز آھي. پائمال ۾ پائمال خيال کي رنگين لباس پھرائڻ ۾ کيس ڪمال حاصل آھي. ھر صنف تي سندس تجربا تخليقي ۽ جدت پسند آھن. راشدي پنھنجي انفراديت پسند فن جي حيثيت سان چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام ۾ زبان جي صحت ۽ محاوري جي برجستگي موجود آھي. زبان شستھ ۽ صاف لکي ٿو. سندس خيالات جي دنيا ۾، عاشقانھ ۽ فلسفيانھ رنگ جو امتزاج موجود آھي. غزل، نظم، آزاد نظم ۽ گيت تي استادانھ قدرت حاصل اٿس. سندس فن، سنڌي شاعريءَ لاءِ فخر جي قابل بھ آھي ۽ قابل ستائش اضافو بھ آھي. +- غلام محمد گرامي +· ٻوليءَ جي صحت، فن جي پختگي، ندرت، رواني ۽ موسيقيت، ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ جون خاص خوبيون آھن. ھن غزل، دوھي توڙي نظم تي ڪافي طبع آزمائي ڪئي آھي- پر ڪھڙي بھ صنف ھجي، ھن مٿين خوبين جو دامن نھ ڇڏيو آھي. خاص ڪري غزل ۾، ذوالفقار راشديءَ اھا ٻولي استعمال ڪئي آھي، جيڪا غزل جي صنف لاءِ تھ اوپري، پر وڻندڙ پئي لڳي. ھن وٽ لفظن جي کوٽ نھ آھي. ذوالفقار جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اھڙا سھڻا، مترنم، توڙي بامعنى لفظ ملندا، جن کي اسان جي ھمعصر شاعرن مان ڪنھن بھ استعمال لائق نھ سمجھيو آھي: اھو ان ڪري جو ذوالفقار راشدي، سنڌي ٻوليءَ کي ويجھو آھي، ٻھراڙيءَ ۾ ڳالھائي ويندڙ جيئري جاڳندي ٻوليءَ سان واسطو اٿس- جنھن سان نسيم کرل کي واسطو ھو، ۽ جنھن کان شھرن ۾ رھندڙ ۽ ملاوت واري ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ شاعر پري آھن. +- تنوير عباسي +· پاڻ پڏائڻ ۽ ھٿرادو پبلسٽيءَ کان ونءَ ويندڙ ذوالفقار راشدي، ان ٽھيءَ مان آھي، جيڪا ون يونٽ جي جبري دور ۾ اسري- ۽ اڳتي ھلي ھزارين مخالفتن جي باوجود پنھنجو پاڻ کي مڃرائي، سڄي ادبي ماحول تي ڇانئجي وئي. +ذوالفقار راشدي بھ ان دور جي وڏن شاعرن مان ھڪ آھي، جن لوڪ ڪلاسيڪل اتھاس سان ناتو جوڙي، ڏات ۽ ڏانو جي ڀرپور سچاين سان، نين تقاضائن پٽاندڙ لکيو ۽ ”نئين لوڪ- ڪلاسيڪل يگ“ کي جنم ڏنو. +- امداد حسيني +· ذوالفقار راشديءَ جي شعر ۾ ھميشه مون تلوار جي ان تيز ڌار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڏٺو بھ آھي، جا پلصراط آھي، جھنم جي آڙاھھ مٿان اڏيل، جنھن تان وک وک ۾ ڏيئي، جنت جي انساني زندگيءَ ڏانھن وڃبو آھي. اسان جي دور ۾، ۽ اسان جي شھر ۾ جن اديبن ۽ شاعرن، خلق انسانيءَ کي ان راھھ تان وک وجھڻ جو ڏس ڏنو ۽ پختو ڪو ڏانءُ بھ ڏسيو، انھن مان ذوالفقار راشدي بھ ھڪ دردمند، رھبر شاعر آھي، جنھن جي رچنائن ۾ پڙھڻ سان، سندس ئي لفظن ۾، پڙھي وٺبا آھن: +مٺا خوابَ، اچا خيال، ۽ نوان جذبا- +حسين سوچ بھ، ڄڻ چنڊ رات اڀري ٿي. +- محمد ابراھيم جويو +· ذھين، بااخلاق، سچو انسان، ”مذھبِ انسانيت“ جو پرچارڪ، شاعر باشعور ۽ ترقي پسند شاعريءَ جي بنياد وجھندڙن مان ھڪ، اسان جو ذوالفقار راشدي بھ آھي، جيڪو ڦٿڪائيندڙ ۽ للڪاريندڙ شاعريءَ جي سوال تي سنڌي زبان جو عظيم شاعر آھي. ھو سنڌي ادبي سنگت ۾ تھ، ھڪ شاعر جيان تمام وڏي مرتبي جو مالڪ آھي ۽ شايد سندس (غزل جي) شاعري بين الاقوامي معيار تي بھ آڻي سگھجي ٿي. +- ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو +· جن شاعرن جي لڳاتار فڪري جاکوڙ جي ڪري، سنڌي شاعريءَ کي اھو اعلى مقام حاصل ٿيو آھي- ذوالفقار راشديءَ جو نالو بھ انھيءَ پھرينءَ صف جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ذوالفقار راشدي بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي- ۽ ڄاڻو ڄاڻن ٿا تھ غزل جي صنف ڪيڏي نھ سؤلي ۽ ڪيڏي نھ اؤلي آھي- قاتل بھ آھي تھ مقتول بھ- قاتل ان ڪري جو ھر شاعر جو ھانءُ ڌتاريو وٺي ۽ مقتول ان ڪري جو ڪو ڪو شاعر ساڻس انصاف ڪري. + + +جيئن تھ ذوالفقار بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي ۽ انصاف جي ڳالھھ اھا آھي تھ جڏھن غزل، ذوالفقار وٽ ڏسون ٿا تھ ڏاڍو معصوم آھي. سنڌ ۾ جن ٿورن شاعرن، غزلن سان انصاف ڪيو آھي، راشديءَ جو نالو بھ انھن ۾ شامل آھي. +”اترادي ڊڪشن“ جيترو ۽ جتي، غزل کي، غير ھنرمنديءَ جي ڪري ڇيھو رسايو آھي، اتي ذوالفقار راشدي، ان لھجي جي آڌار وٺي، غزل کي ھڪ نئون ترنم ۽ تغزل بخشيو آھي: +مون کي آکي لوڪ تھ پيارا، پارس آڻ لھي، +احساسن جي ڪونج پکيءَ کي ڪاتيءَ ساڻ ڪھي. +ان کان سواءِ ذوالفقار ٺيٺ فارسي خيال ۽ ترڪيبن کي بھ اھڙو تھ سنڌي مزاج، موسيقي ۽ ردم ٿو بخشي، جو داد ڏيڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھجي ۽ اھو ئي مقام آھي، جو ھو پنھنجي ھمعصرن کان مختلف ۽ منفرد نظر ٿو اچي: +بھشت ھيءُ کڻي وڃو، اسان تھ دوزخي ڀلا، +ھي نعمتن جون قيمتون، جو ھيتريون ڳريون ڀريون. +ذوالفقار جي حقيقت پسندي ۽ نازڪ خيالي بھ پنھنجو مٽ پاڻ آھي: +خواب کي پنھنجو سڏڻ مان فائدو؟ +واءَ کي ڌاڳا ٻڌڻ مان فائدو؟ +پنھنجي اڌمن جي اگھڙ کان ٿي لڄي، +آئينا پورڻ، ڍڪڻ مان فائدو؟ +مست جوانيءَ ۾ ٻيرين جي ٿڌڙي ڇانو ۾ سمھڻ ڏاڍو خوبصورت ۽ روماني آھي، پر ذوالفقار کي ڪيو پڊ جو تير لڳي ٿو ۽ ھو ٻيرين جي ٿڌڙي ڇانو ۾ سمھڻ کان نابري واري ٿو. ذوالفقار ان درد جي اظھار لاءِ جيڪو لھجو اختيار ڪري ٿو ۽ ان لاءِ جيڪا لفظن جي چونڊ ڪري ٿو، ان سان، اھو درد پنھنجي پڙھندڙن جي دلين ۾ اوتي ڇڏي ٿو: +اوچتو ئي اوچتو ڪنڊو چڀي ويو ھانو ۾، +ڇا سمھي ھاڻي ڪبو، ٻيرين جي ٿڌڙي ڇانو ۾! +ذوالفقار جو ڪمال آھي، جو غزل جھڙيءَ نازڪ صنف ۾ بھ ڳريون ڳالھيون، ڏاڍي لطيف پيرايي ۾ بيان ڪيو وڃي: +باھھ جي ڀنڀٽ جيان ڀڙڪي پون، +جي ملي مارن کي ذھنن جي ذري. +ان ذھن جي ذريءَ ملڻ لاءِ ئي فنڪار تا ڄمار جاکوڙ ڪندو آھي. ذوالفقار راشدي، سپنن جو شاعر ناھي، ھو حقيقي آدرش لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شاعر آھي: +رڻن پٽن جو رول نھ سنڀري، ساندھھ صدين کان، +دريا ڀر تي سک جي ساعت ڪنھن ڀي ويري ۾. +ذوالفقار غزل کان سواءِ ٻين صنفن جي بھ شاعري ڪئي آھي- ڪٿي ڪٿي گھڻو ڪامياب بھ نظر اچي ٿو، پر جا ڳالھھ سندس غزل ۾ آھي سا ڪٿي! +ڪائي وانگر ٽٽي ڇڻي پيا، رنگا رنگي سارا سپنا، +ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اھڙا نازڪ پيارا سپنا. +- تاج بلوچ +· سال 1966ع جو زمانو ھجي. اسين بھ سنڌي ادب جو چاھھ دل ۾ رکي پيا مخزنون اٿلائيندا ھئاسين. . . سٺين ڪوتائن ۽ دل ۾ گھر ڪري ويھي رھندڙ، ڪھاڻين جي ڳولا لاءِ ھڪ عجيب اڻتڻ ھوندي ھئي- انھيءَ دور ۾ ھڪ غزل پڙھيم: +ڪائي وانگر ٽٽي ڇڻي پيا، رنگا رنگي سارا سپنا، +ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اھڙا نازڪ پيارا سپنا. +آس تھ اڄ ڀي جيئري آھي، جيون راس نھ آيو، ڇاھي، +اوندھھ ۾ ڀي ��رڪن ٻھڪن، جيون جا سيپارا سپنا. +غزل ڇا ھو، ڄڻ ذھن تي ڪنھن کيپ چاڙھي ڇڏيا. سنڌي غزل، جنھن تي شروعاتي دور ۾، فارسيءَ جو گھڻو اثر رھيو، انھيءَ پنھنجا پڙھندڙ گھٽ پيدا ڪيا- منھنجيءَ نظر ۾ ذوالفقار راشديءَ جي سنڌي غزل، جيڪي پنھنجا خاص پڙھندڙ پيدا ڪيا، اھو مثال تمام ٿورڙن شاعرن جي نالن سان ڳنڍي سگھجي ٿو. +- مدد علي سنڌي +· ذوالفقار راشدي، سنڌيءَ جي انھن ڪلاڪارن مان ھڪ آھي، جن جي رچنائن کي ٽولي بازيءَ، تعصب ۽ مصلحت جي ڪري صحيح جاءِ نھ ڏني وئي آھي، نھ تھ ھن جو فڪر ۽ فن ھڪ مٿانھون ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ مطالعو گھري ٿو. +- ڪيھر شوڪت +· ذوالفقار راشديءَ جي شاعري، انھن روشن چھرن جي شاعري آھي، جن کان ڪوڙ جا ھٿ، رانڀوٽا پائي بھ روشني کسي ناھن سگھيا؛ انھن ڳوٺن جي شاعري آھي، جن جي سونھن، ڪاري دونھين جي درياھھ ۾ ٻڏي، مري ناھي سگھي- انھن رستن جي شاعري آھي، جيڪي سونھن، سچ ۽ سرھاڻ جي شھر ڏي وڃن ٿا. +سندس شاعريءَ ۾ لفظ خاموش، ٿڌا ناھن، مئل ناھن- اھي ڪچي گھر جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائيندي نظر اچن ٿا، پرھھ ڦٽيءَ ويلي، ڏڌ ولوڙيندي ۽ سنجھا ويلي مال ورائيندي ڏسجن ٿا. گلاب- ڳل چمندي نظر اچن ٿا ۽ ”ھڻ ڀالا، وڙھھ ڀاڪرين“ ھاڪاريندي پسجن ٿا. +ذوالفقار راشدي، ڪنھن شعر جوڙيندڙ جو نھ، شعر جنم ڏيندڙ جو نالو آھي. سنڌي شاعري، خاص طور تي سنڌي غزل جو بيحد اھم نالو آھي. +- اياز گل +· ذوالفقار راشديءَ جي غزل کي پنھنجو الڳ ۽ منفرد رنگ آھي- مٽيءَ جو رنگ! ۽ ھن جي ٻوليءَ ۾ ان مٽيءَ جو ھڳاءُ آھي. +- سحر امداد +· بنيادي طور تي راشدي صاحب آھي ئي غزل جو شاعر- ريشم ريشم چپڙن تي ڪومل مرڪن ۽ جرڦل جرڦل ٽھڪن جھڙا غزل لکندڙ ھن شاعر جو غزل جديد مواد رکي ٿو يا نھ؟ مستقبل ماڻيندو يا نھ؟ ان جو فيصلو ادبي عدالتون ڪنديون- پر ھڪ ڳالھھ تھ پڌري پٽ ڪري سگھجي ٿي تھ، اسان جي زماني جا جيڪي creative (تخليقي) شاعر آھن، راشدي صاحب انھن مان ھڪ آھي- نھ فقط ھڪ، پر پري پري بيٺل، اڪيلو، سگھارو، ڦل ڦول ڏيندڙ ۽ ڇانو ڀريو وڻ . . . . . . . . ۽ راشدي صاحب جا ڪيترائي ڌوتل ڌوتل ۽ روشن روشن اکين وارا غزل، سچ پچ بھ مون کي ڏاڍا وڻندا آھن- سچ بھ. +- نصير مرزا +· نياز ھمايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ پروانو ڀٽي، ھن دور جي انھن شاعرن مان آھن، جن جو شعر جڏھن آءٌ پڙھندو آھيان، تڏھن لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي آھي ۽ پڪ اٿم تھ ھر پڙھندڙ جو اھو ئي حال ٿيندو ھوندو. +- پير حسام الدين راشدي +· ذوالفقار راشديءَ جو شاعريءَ ۾ (خاص ڪري غزل جي شاعريءَ ۾) ھڪ منفرد انداز آھي. سنڌ جي اڪثر شاعرن تي شيخ اياز جي ڇاپ آھي، پر راشديءَ جو رنگ ۽ ڍنگ نرالو آھي. سندس سريلي ۽ سلوڻي ٻولي، نراليون ۽ نيون تشبيھون، مرڪب لفظن جو سھڻو استعمال ۽ خيالن جي اتاھين اڏام- سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجو خاص مقام رکي ٿي. +مون پنھنجي شاعريءَ جي ابتدا سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اثر ھيٺ ”بيت ۽ وائيءَ“ سان ڪئي ھئي. 66 – 1967ع ڌاري. پر جڏھن شاعريءَ جو مطالعو ڪيم تھ غزل، گيت ۽ نظم بھ چوڻ لڳس- ۽ ان وقت جن شاعرن مون کي سڀ کان گھڻو متاثر ڪيو ۽ سندن تتبع ڪيم، تن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي ۽ ذوالفقار راشدي سرفھرست آھن. +. . . . راشدي ڪوتا کيتر جو شھسوار آھي ۽ سنڌ جي جديد شاعريءَ جي تاريخ ۾ سندس نالو قائم ۽ دائم رھندو. +- تاج جويو +· ذوالفقار راشديءَ جي غزل کي منفرد حيثيت حاصل آھي. ھن سادي ۽ فصيح انداز ۾ حسن ۽ عشق جا معاملا ۽ صوفياڻي فڪر کي غزل جي سانچي ۾ اھڙو فٽ ڪيو آھي، جو ھن جي غزل جي موضوع ۾ گھرو سماجي شعور نظر اچي ٿو. ھن سنڌي غزل کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. اھا بھ حقيقت آھي تھ ذوالفقار راشدي، ان زماني ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏھن لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ ”بلبل بيقرار“ جون صدائون ختم ڪونھ ٿيون ھيون. پر ھن پنھنجي قدرتي صلاحيتن سبب سنڌي غزل کي نين روايتن سان سڃاڻپ ڪرائي، ان کي ھڪ خاص معيار عطا ڪيو. ھن شاعريءَ ۾ بيجا ۽ انڌي تقليد کان پاسو ڪيو. اھو ئي سبب آھي، جو ھن جي سموري شاعريءَ ۾ ھن جي انفراديت قائم آھي، حياتيءَ جي جدوجھد محبوب جا ماڻا ٽاڻا شاعريءَ ۾ ھن جا پسنديده موضوع ھئا. جڏھن جو انتظار ڪري ٿلجي پوي ٿو بي اختيار چوي ٿو: +توبھھ ھي انتظار اسان کان نھ ٿو پڄي، +لٽجي وڃي قدار اسان کان پڄي نھ ٿو. +۽ ڪنھن مڄبوباڻي طعني تي چئي ويٺو +ڪنھن چلڪڻي ۽ شوخ چيو ڊڄڻا ذوالفقار +توسان ڪريون پيار، اسان کان پڄي نھ ٿو +ذوالفقار راشدي ذاتي زندگيءَ ۾ کرو ماڻھو ھو، ۽ ڪابھ ڳالھھ ڳٽي ۾ لڪائي رکي ڪونھ سگھندو ھو، تڏھن ئي تھ پاڻ چوي ٿو: +سرءُ چئون بھار، اسان پڄي نھ ٿو. +- پروفيسر نذير سومرو +اياز قادري +رمزيت ۽ اشاريت جو شاعر: عبدالحليم ’جوش‘ +شيخ عبدالحليم ’جوش‘، سنڌ جي مشھور شاعر ۽ نقاد شيخ عبدالله ’عبد‘ جو فرزند آھي. ھن ڪراچيءَ جي نؤآباد محلي ۾ (1- مارچ 1932ع تي) اک کولي، جتي سندس والد جي اسڪول ۾ مشاعرا ٿيندا ھئا. کيس ننڍي ھوندي کان پنھنجي والد ۽ ٻين سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن جي صحبت حاصل ٿي، جنھن سندس طبع ۾ شآعريءَ لاءِ چاھھ پيدا ڪيو. +عبدالحليم ’جوش‘ 1947ع ۾ ميرپورخاص مان مئٽرڪ پاس ڪئي، 1948ع ۾ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، 1949ع ۾ تعليم سان گڏ لياريءَ ھاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي ڪم ڪيائين، جتان نوڪري ڇڏي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ داخل ٿيو، جتي ترقي ڪري ڊائريڪٽر انفارميشن جي عھدي تي پھتو (۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين.) +شيخ عبدالحليم پنھنجي شاعريءَ جي شروعات، ’بزم نظامي‘ ۽ ’محفل احباب‘ جي مشاعرن سان ڪئي، جتي غزل جو ماحول ھو، تنھنڪري ’جوش‘ بھ غزل ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. سندس مضمونن ۽ تنقيد نگاريءَ جي ابتدا، ھفتيوار ”ناخدا“ ڪراچيءَ کان ٿي، اڄ ھو سنڌي ادب جو مڃيل نقاد (خصوصا شاعريءَ جو نقاد) ليکيو وڃي ٿو. +’جوش‘ نھ صرف ڪراچيءَ جي ’بزم مشاعرن‘ جي جان ليکيو ويندو ھو، پر ترقي پسند (اديبن جي) جماعت ’سنڌي ادبي سنگت‘ (ڪراچيءَ) جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر بھ رھيو آھي. +’جوش‘، بنيادي طرح غزل جو شاعر آھي. سندس والد جي رھبريءَ، سندس شاعريءَ کي سوڌي ۽ سنواري ڇڏيو آھي. اڄ ’جوش‘ سنڌ جي نالي وارن غزل گو شاعرن مان ھڪ آھي. ھن سنڌي غزل ۾ نھ فقط تجربا ڪيا آھن، پر سنڌي غزل کي خيالن جا نوان گل ۽ رمزيت ۽ اشاريت جي خوشبوءِ عطا ڪئي آھي، جنھن ڪري سندس ڪلام ۾ شوخي ۽ لطافت پيدا ٿي وئي آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي گھراين جي فلسفيانھ عڪاسي ۽ سماج جي پيچيده مسئلن جي ترجماني سمايل آھي. +(جوش جي) ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو، (جيڪو ’بياض جوش‘) مان ورتل آھي. (افسوس! جو ’جوش‘ جھڙي قادرالڪلام شاعر جو ’مجموعھ ڪلام اڃا تائين شايع نھ ٿي سگھيو آھي.) +ستم ڪيستائين، جفا ڪيستائين، +اسان کان بھ ٿيندي وفا ڪيستائين! +اسين دار کي پنھنجي منزل ٿا سمجھون، +ھلي ٿو ڏسون رھنما، ڪيستائين! +کڻي جام پيو حادثن کي پڪاريان، +وڌي ٿا وڃن حوصلا ڪيستائين! +ٿيو ’جوش‘! ڌرتيءَ تي دوزخ جو منظر، +اڃا ماٺ رھندو خدا ڪيستائين؟ +· +درد کي لادوا ڪري تھ ڏسان، +عشق جي انتھا ڪري تھ ڏسان! +ڇو ھ��ان رھنما جي مرضيءَ تي؟ +پاڻ کي رھنما ڪري تھ ڏسان! +تنھنجي بخشش جي مون ٻڌي تعريف، +مان بھ ڪائي خطا ڪري تھ ڏسان! +زندگي ۽ سڪون جي ڳولا؟ +تجربو ٿيندو، ھا ڪري تھ ڏسان! +ميڪدي ۾ يا دير ۾ ھوندو، +’جوش‘ جي ڪا پڇا ڪري تھ ڏسان! +’سنڌي غزل جي اوسر‘: ڀاڱو ٻيو، ص ٧٥ – ٤٧٣ (ڊسمبر ١٩٨٤ع) +- - - +ماحول ۽ زندگيءَ جو ترجمان: ’جوش‘ +شيخ عبدالحليم ’جوش‘ کي (پنھنجي والد)، سنڌيءَ جي ڪھنھ مشق شاعر شيخ عبدالله ’عبد‘ . . . کان ادبي ذوق ورثي ۾ مليو. . . . اسڪول (نئون آباد) جي تعليم دوران شاعريءَ سان سندس دلچسپي پيدا ٿي. جوش صاحب انھيءَ ماحول ۾ ننڍپڻ ۾ ئي مشاعرا ڏٺا، جن ۾ مخلص، خادم، نياز، مسافر، حقير، احسن، انجم، ڪاظم، نظامي، بيوس ۽ ضيا اڪثر شرڪت ڪندا ھئا. انھن علمي ڪچھرين ۾ شاعريءَ تي تنقيد بھ ڪئي ويندي ھئي. . . . سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا (دوران) ’بزم نظامي‘ ۽ ’محفل احباب‘ جي طرحي مشاعرن ۾ باقاعده شعر پڙھڻ شروع ڪيائين. تخيل جي بلنديءَ ۽ استاد شاعرن جي ھمت افزائيءَ سندس طبيعت کي پوريءَ طرح شاعريءَ ڏي رجوع ڪيو. . . . شروعات ۾ پنھنجي والدکان اصلاح وٺندو رھيو. . . . ’نئين زندگي‘ ۾ سندس (شاعريءَ جي) فن ۽ تنقيد جي مختلف مسئلن تي ڪيترائي مضمون ڇپيل آھن. +’جوش‘ بنيادي طور غزل جو شاعر آھي. شاعريءَ جي ميدان ۾ نون تجربن کي پسنديدگيءَ جي نگاھھ سان ڏسندو آھي. . . . سندس فن ۾ قلندرانھ بيباڪي آھي. سندس تغزل ۾ غزل جا تمام لطيف قدر ۽ معيار سمايل آھن، جن کيس سنڌي ادب (۽ شاعريءَ) ۾ نمايان مقام عطا ڪيو آھي. ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن جي ترجماني، سندس اشاريت ۽ رمزيت ۾ سمايل آھي، جنھن مان سندس فني پختگيءَ ۽ قادرالڪلاميءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو: +(سندس غزل جا ڪجھھ انداز پيش ڪجن ٿا.) +ھي گردش روز شب جي تنھنجو انداز نظر آھي، +خفا آھين تھ شام آھي، جي مرڪين ٿو سحر آھي! +دعا گھرو نھ اسان جي ڊگھي حياتيءَ لاءِ، +اھا ڄمار بھ ڪھڙي، جا مستعار ھجي! +اھو جو دل ۾ خوشيءَ جا ڏيا جلائي ٿو، +سو پاڻ پنھنجي ھٿان ئي فريب کائي ٿو. +ٽماھي مھراڻ ’شاعر نمبر‘ ١ – ٢ – ١٩٦٩ع (تان مختصر ڪيل) +تاج جويو +احسن الھاشميءَ جي غزل جو جائزو +تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌي شاعريءَ جون مختلف ڌارائون رھيون آھن، جھڙوڪ (١) لوڪ ڪلاسيڪي ڌارا، (٢) ڪلاسيڪي ڌارا، (٣) روايتي ڌارا ۽ (٤) جديد شاعريءَ جي ڌارا. +روايتي شاعريءَ جي ابتدا، عروضي شاعريءَ جي اوائلي عبوري دور کان ٿئي ٿي، جنھن جو زمانو ڪلھوڙن جي صاحبي آھي. ھن دور ۾ نور محمد ’خستھ‘، ميان عالي، ميان ڇتن، مرزا تقي ۽ ٻيا ڪجھھ نالا ملن ٿا، جن عروضي شاعري ڪئي ۽ غزل جا ابتدائي اھڃاڻ سندن شاعريءَ ۾ ملن ٿا. +عروضي شاعريءَ جي ٻئي دور جي ابتدا سچل سرمست کان ٿي ۽ ان کي عروج تي خليفي گل، خليفي قاسم، عبدالحسين سانگيءَ، غلام محمد شاھھ گدا، فضل محمد ماتم، حافظ حامد ٽکڙائيءَ ۽ مرزا قليچ پھچايو. +روايتي عروضي شاعريءَ جي جديد دور ۾ شيخ محمد ابراھيم خليل، عبدالله ’بسمل‘، رشيد احمد لاشاري، فيض بخشا پوري، عبدالله خواب، سرشار عقيلي، مخدوم محمد زمان طالب المولى، اسد الله شاھھ بيخود حسيني، محمد خان غني، انجم ھالائي، علي محمد مجروح، عبدالحليم جوش، مظفر حسين جوش، احسن الھاشمي، عبدالقيوم صائب، شبير ھاتف، احمد خان مدھوش، اسحاق راھي، قلندر شاھھ لڪياري ۽ ٻيا ڪيترا اھم شاعر اچي وڃن ٿا. +روايتي شاعريءَ جي جديد دور ۾ اسان کي ڪجھھ اھڙا شاعر بھ ملن ٿا، جن جي شاعري، ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جو نھ رڳو سھڻو سنگم آھي، پر ڪنھن حد تائين جديد شاعريءَ سان ڪلھو وڃي ملائي ٿي. اھڙن شاعرن ۾ حافظ حامد ٽکڙائي، حاجي احمد ملاح، محمد خان غني، حافظ حيات شاھھ کان وٺي مخدوم محمد زمان طالب المولى، غلام محمد گرامي، علي محمد مجروح، عبدالحليم جوش، شبير ھاتف، عبدالڪريم پلي، مرتضى ڏاڏاھي ۽ احسن الھاشمي اچي وڃن ٿا. +ھن صف جي شاعرن ۾ احسن الھاشمي ھڪ خاص مقام رکي ٿو، جنھن مرثئي، نعت ۽ منقبت جي شاعريءَ سان گڏ غزل جي شاعريءَ ۾ ڪمال شھرت حاصل ڪئي آھي. +احسن الھاشمي، حيدرآباد شھر جي ٽنڊي مير نور محمد ۾ 23 سيپٽمبر 1923ع ۾ جنم ورتو. ھن روايتي سنڌي تعليم سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم بھ حاصل ڪئي. ھن کي پنھنجي وڏي ڀاءُ حيدر شاھھ ”حيدر“ جي تربيت ۽ مخدوم طالب المولى جي صحبت، شاعريءَ جي ميدان ۾ ڇڪي آئي. +اسان جڏھن احسن الھاشميءَ جي غزل جو جائزو وٺون ٿا تھ معلوم ٿئي ٿو تھ غزل جي روايتي ماحول ۾، ھن جو غزل بلڪل نئون آواز ۽ نئون انداز کڻي آيو آھي. ھن غزل جي روايتي مضمونن کي روايتي غزل جي ورجايل خيالن جو ئي پابند نھ بنايو آھي، پر پنھنجن غزلن ۾ خيالن جي تازگي ۽ بھار آندي آھي. +ھن جا غزل، روايت کان بغاوت تھ نھ چئبا، پر روايت ۽ جدت جو سھڻو امتزاج ۽ سنگم ضرور چئي سگھجن ٿا. ھن جي غزلن جو ھڪ خاص لب ۽ لھجو آھي. سندس غزلن جي ٻولي جيتوڻيڪ فارسي زده آھي، پر اھا اجنبي ۽ اوپري محسوس نھ ٿي ٿئي. +ڇو نھ ٿئي منھنجي خزان جي موسم گل جو مزو، +منھنجي آھن جون ھوائون، منھنجي اشڪن جي بھار! +- +عشق ٿيو روز ازل کان ئي سراپا اعتبار، +حسن ٿيو بيحد نظر ۾ معتبر، ڳولي تھ ڏيو! +- +اوھان جي سنگ در تي جنھن کي فڪر جان ئي ناھي، +اھو سمجھي ٿو ٻيو ڪو درد جو درمان ئي ناھي. +- +اسان کي ڇا ٿا اوھين چئو تھ بار بار ڏسو! +خزان بدوش چمن ۾ ھلي بھار ڏسو! +حيات سوز مسلسل ۾ بي نياز سڪون، +مون کي ڏسو نھ ڏسو، چشم اشڪبار ڏسو! +- +مرڻ مون کي قبول آھن، مگر ڪٿ ٿي نھ پئي جاني! +مون کان پوءِ تنھنجي انداز تغافل کي پشيماني! +- +احسان الھاشميءَ جي زندگيءَ ڏانھن نظر ۽ نھار پنھنجي آھي. ھن جا غزل زندگيءَ جي تقاضائن جو احاطو ڪن ٿا. سندس غزل جا سمورا رنگ، زندگيءَ جا ئي رنگ آھن. ھو رڳو ذات تائين محدود نھ آھي، پر سندس شاعريءَ جو دائرو ڪائنات تائين وسيع آھي: +سا عمر نھ ھرگز عمر چوان، جا عمر ٿي گذري توکان سواءِ، +سچ پچ تھ حياتي آھھ، اھا، جا تنھنجي ڪکن ۾ گذري ٿي. +- +ھن زندگيءَ جو نيٺ تھ پورو سفر ڪبو، +روئي غمن جي رات کي آخر سحر ڪبو! +- +ھزارين سختيون ھر ھر سھي ھن زندگانيءَ جون، +مسيحا ساڻ آخر، برھھ جا بيمار اٽڪي پيا! +- +سوين جھان تنزل جا تنھنجي حسن ڏٺا، +۽ منھنجي عشق جي دنيا فنا ڪڏھن نھ ٿي! +- +نھ ڏس مون ڏي مشڪي، متان قطع ٿي پئي، +خيال غم زندگيءَ جو تسلسل! +- +راھھ فانيءَ ۾ ڪر نھ فڪر سراءِ، +رات ٿيندي بسر ڪٿي نھ ڪٿي! +عشق جي منزل ھميشه چنڊ تارن کان مٿي، +عشق جي بيھوش ٿيو، تھ بھ عقل وارن کان مٿي! +احسان الھاشميءَ جي شاعريءَ جي اڀياس مان خير پوي ٿي تھ ھو ڪٿي ڪٿي ذاتي صدمن، مرڪن ۽ لڙڪن، ڏکن ۽ سکن، مسرتن ۽ حسرتن، آس ۽ نراس جا جذبا ۽ احساس، پنھنجي خاص رنگ، وڻندڙ علامتن ۽ دلڪش اصطلاحن ذريعي، زندگيءَ سان ھم آھنگ ڪري پيش ڪي ٿو، ۽ پنھنجي درد کي انسان ذات کي درد جو حصو سمجھي ٿو: +اي درد! طاقتِ برداشت کي تسلي ڏجئين، +جو يار پاڻ بھ سمجھي ٿو بي قصور مون کي! +- +ھمدم! عذاب زيست آ برداشت کان مٿي، +توکان ٿئي تھ ڀل ٿئي، مون کان نھ ٿو ٿئي! +- +منھنجي لھجي ۾ درد و الم رنج کي ڏسي، +مشڪل ڪشا جي لاءِ بھ مشڪل اچي ويو. +- +سخا ۽ سادگيءَ سان مون گذاري زندگي ساري، +ڀلي مون تان کلن پيا کوٻلا، کاڻا، کلڻ وارا! +- +ستم جون سخائون رھن شل سلامت! +نھ آھن ۽ اشڪن جا کٽندڙ خزانا. +- +زندگيءَ تي خوگر طوفان طلاطم آشنا، +مطمئن گرداب ۾ آھيان ڪنارن کان مٿي! +. . . غزل جيئن احسن الھاشميءَ لکيو آھي، ۽ جيئن محفل ۾ ھن غزل کي پڙھيو آھي، اھو روايتي شاعريءَ ۾ ھڪ انقلاب کان ڪنھن بھ صوت ۾ گھٽ نھ آھي. ھن جديد دور جي شعور کي روايتي غزل جي زبان ۽ زمين ۾ ڪمال حسن بيانيءَ سان پيش ڪيو آھي. +ڪٿي ڪٿي ھن جي غزل جي ٻولي، جديد شاعريءَ جي پاسدار شاعرن جي ٻوليءَ وانگر بنھھ سادي، سولي ۽ سلوڻي بھ آھي، پر ان ۾ تغزل، رواني ۽ آھنگ، ھن جو پنھنجو آھي: +ٻھ ٽي ڀيرا مون ڏي تو مرڪي نھاريو، +مليا مون کي زنده رھڻ جا بھانا! +- +دوستي سوچي سمجھي رکجي پوءِ +دوستيءَ ۾ حساب ڪونھ ڪبو! +- +نھ روڪ مون کي نھارڻ کان ناز وارن ڏي، +خدا ڏنو آ ڏسڻ لئھ اکين ۾ نور مون کي! +- +دم دلاسو ڏي ٻين کي پاڻ دردن سان ڀريل، +اھڙي دل ڳولي تھ ڏيو، اھڙو جگر ڳولي تھ ڏيو! +_ +احسن الھاشمي انھن روايتي شاعرن مان نھ آھي، جيڪي زميني حقيقتن جا انڪاري ۽ وطن پرستيءَ جي جذبي کي بت پرستيءَ سان تعبير ڪندا ھجن. احسن الھاشمي سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر آھي ۽ وطن کي وڪڻي ڪرسي حاصل ڪندڙن لاءِ ھن وٽ ڪھڙا جذبا آھن، ۽ وطن جي حبدارن جو وٽس ڪھڙو تصور آھي، اچو تھ سندس غزل جي مخصوص انداز مان ڏسون ۽ پڙھون: +وطن وڪڻي ڇڏيوسي، پوءِ ڪھڙي منھن سان چئون يارو! +وطن جي حب جنھن کي ناھھ، سو اسان مان ئي ناھي! +- +اي امڙ سنڌ! ڇو پئي ڏسڪين؟ +ڳالھھ ٻڌ منھنجي ڏئي ڪن ٻوڙي! +ڏوھھ طوفان کي نھ ڏي ڳھلي! +تنھنجي ٻيڙي تھ ناکئن ٻوڙي. +- +مرد لڄدار جي آھي ھيءَ نشاني يارو! +مال منصب نھ سگھي ھن کي ڪڏھن ھرکائي. +- +جڏھن سائين جي. ايم. سيد کي ايوبي مارشل لا دوران قيد ڪيو ويو تھ ھي وطن جو وفادار شاعر، سائينءَ کي ”بلبل“ چئي مخاطب ٿيو: +بلبل! تون قفس ۾ دانھن نھ ڪر، ھي بند، خزان ۾ بھتر ٿئي! +توکي نھ خبر پئي پاڻ چڱو، ڇا گل تي چمن ۾ گذري ٿي! +سنڌ ۽ سنڌ وارن جو تصور ۽ سنڌ جو مستقبل ۽ تقدير ھن شاعر بينوا جي نظر ۾ ھي آھي: +ھتي جا ماڻھو محبت ۽ پيار جا ماڻھو +غريب، سادا، سٺا، سر ۽ تار جا ماڻھو +- +مٺي آ من جي مٽي، ميٺ موھھ ساڻ مليو، +ھي ٻارو ٻاجھھ سان ٻيلھيو ۽ ويڻ ڏئي نھ وليو! +_ +احسن الھاشمي جنھن علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم ورتو، اتي فارسيءَ جو وڏو چالامانو ھو، ۽ وري ھن جن بھ سخن جي محفلن ۾ شرڪت ڪئي، انھن ۾ مخدوم طالب المولى سڀ کان مقدم آھي، جنھن جو واسطو فارسيءَ جي تھذيبي رنگ ۽ روايت سان رھيو، ان ڪري احسن الھاشميءَ جي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو روايتي عروضي شاعريءَ وارو رھيو، پر جيڪا خيال جي ندرت، جيڪا شعور جي بلندي، جيڪو فھم ۽ فراست، جيڪو انداز بيان ۽ جيڪا مسئلن جي پھچ ۽ ادراڪ، احسن الھاشميءَ وٽ رھيو آھي، ان جو مثال گھٽ ملندو. زمين قديم ۽ خيال جديد، پر پيشڪش اھڙي دلڪش ۽ ذھن تي اثر ڇڏيندڙ آھي، جو وڃي ٿيا ست خير! +ھن باڪمال شاعر جي پنھنجي فن ۽ شاعريءَ تي جيتري دسترس رھي آھي، اوترو ئي ھو پنھنجي قلندرانھ مزاج سبب ان جي سھيڙ ۽ جمع بنديءَ کان بي خبر ۽ غافل رھيو آھي. سندس ڪلام جو وڏو ذخيرو يھ تھ ضايع ٿي ويو آھي، يا ٻين پنھنجي نالي سان ڇپائي ڇڏيو آھي. بھرحال جيڪو ڪجھھ مواد موجود آھي، اھو سون آھي. +ھن جي شاعريءَ جو جيڪو مقام آھي، ان تي غلام محمد گرامي صاحب 37 – 38 سال اڳ جيڪا راءِ ڏني ھئي، دنگ آھي. ”احسن جامع الفنون آھي“. ان جو احسان الھاشميءَ کي خود بھ احساس ھو، تڏھن تھ پاڻ بھ چيو اٿس: +ادب ۾، علم ۾، اعلى مقام آھي مون کي حاصل +چون ٿا اھل زبان ”احسن شيرين زبان“ مون کي! +- +احسن جو آفتاب سخت جلوه گر ٿيو، +ٻئي جو چراغشعر فروزان نھ ٿو ٿئي! +ھو واقعي ”جامع الفنون“ آھي، علم ۾ دنگ آھي، زندگي مفلسيءَ ۾ گذاريائين، پر خوددار رھيو: احسن جو ھي قطعو سندس زندگيءَ ۽ فن جو مڪمل احاطو ڪري ٿو. +علم ۾ دنگ، مفلسيءَ سان جنگ، +دانش فن ڪمال، دل بي رنگ +ڪيئن رديف سخن ملي، جو آھھ +پيٽ جي شاعريءَ جو قافيو تنگ! +واقعي ھن وڏي شاعر جو اسان زندگيءَ ۾ قدر نھ ڪيو ۽ ھو اسان بيقدرن کي آگاھھ ڪندي، اسان جي وچ مان 24 جنوري 2007ع تي اڏامي ھليو ويو: +چشم تز سان مھربان ڳالھيون ڪندا؟ +”احسن شيرين نوا“ اسري ويو. +- +نظر نھ ايندو اوھان کي وري زماني ۾ +اوھان جو ”احسن آشفتھ“ بينوا جھڙو! +احسن الھاشمي اميد جو شاعر ھو. ھن زندگيءَ جي شام وقت بھ پنھنجي ڪلام جي اثرانگيزيءَ جي پڪ سمجھندي، اسان کي سلام ڪيو آھي: +خدا ڪري تھ سندم پراثر ڪلام ھجي +اوھان کي احسن آشفتھ جو سلام ھجي! +موتيرام ايس رامواڻي +واسديو نرمل ۽ غزل جي شاعري +واسديو ’نرمل‘ جو غزلن جو سنگرھھ (مجموعو) ”ڳالھيون دل جون“ نرمل جي شعرن جو ٽيون ڪتاب آھي، جنھن ۾ فقط غزل ڏنل آھن. ھنن غزلن ۾، ايڪڙ ٻيڪڙ غزلن کي ڇڏي، باقي غزلن ۾ سنڌي قافيا ڪتب آندل آھن، جا نرمل جي خاصي خوبي آھي. سنڌيءَ ۾ غزل چوندڙ شاعر ڳاڻ ڳڻيا آھن، انھن ۾ نرمل جو درجو مٿاھون آھي. +نرمل جي شعرن جو پھريون ڳٽڪو ”منھنجا سر ۽ تنھنجا گيت“ 1968ع ۾ ڇپجي ظاھر ٿيو ھو. ان سنگرھھ ۾ گيت، وايون، نظم، رباعيون ۽ غزل ڏنل ھئا. سندس شعرن جو ٻيو مجموعو ”ھائي ھات“ ھو، جو 1986ع ۾ ڇپيو ھو. ان ۾ گيت، وايون، نظم، قطعات ۽ غزل ڏنل ھئا. +واسديو ’نرمل‘ جو سنڌي ساھت کيتر ۾ خاصو يوگدان آھي. ھو سٺو شاعر تھ آھي، پر ھن ايڪانڪي(one act play) ناٽڪ جي صنف ۾ پڻ پنھنجو جوھر ڏيکاريو آھي. ان ڏس ۾ بھ، سندس ٽي مجموعا شايع ٿي چڪا آھن. +ٻال ساھتيھ (ٻاراڻي ادب) جي کيتر ۾ واسديو ’نرمل‘ ھڪ سھڻو ۽ ٺاھوڪو ڪتاب ”امان توکي خبر آھي“ ڇپائي پڌرو ڪيو آھي، جنھن ۾ ڪيترائي سھڻا چتر ڇپيل آھن. +نرمل ترجمي جي کيتر ۾ بھ پاڻ موکيو آھي. ھن ڪيترائي وڏا ناٽڪ، ٻين ٻولين مان الٿو ڪري، سنڌي اسٽيج کي مالا مال ڪيو آھي. +”نرمل“ پنھنجن غزلن جي شعرن ۾، دل جي ڳالھين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: چڻنگ وڏي وٿ آھي. چڻنگ مان ئي مچ مچندا آھن. اول چڻنگ لڳائڻ لاءِ، ادم ۽ جتن ضروري ۽ لازمي آھي: +دل کي ھڪ چڻنگ لڳائي تھ ڏسان،. +مچ محبت جو مچائي تھ ڏسان! +(ص ٢٥) +ھڪوار محبت جو مچ مچيو، تھ پيار صدقي، سڀ ڪجھھ قربان ڪرڻ ۽ پاڻ لٽائڻ ۾ وڏي خوشي حاصل ٿئي ٿي: +ڏسجي ڪھڙي ٿي خوشي حاصل ٿئي، +پيار ۾ سڀڪي لٽائي تھ ڏسان! +سڀ ڪجھھ لٽائڻ، سر جي سٽ ڏيڻ ۽ جان جي بازي لڳائڻ، مانجھي مڙسن جو مرڪ آھي: +ھار ۽ جيت جو الڪو نھ ڪري، +جان جي بازي لڳائي تھ ڏسان! +انساني دل، دکن، دردن، تمنائن ۽ ارمانن- ھزارن مھمانن جو مڪان ٿي بڻجي پوي: +دک، درد، تمنائون ۽ ارمان ھزارين! +ھڪ دل ۾ رھن ڪيئن ٿا مھمان ھزارين! +(ص ٢٨) +انسان پنھنجي اندر ھزارن حسرتن جا شمشان کڻي پيو گھمي، اھا ھڪ زنده دليءَ جي نشاني آھي. +ظاھر ۾ لڳي زنده دل انسان ٿو نرمل، +اندر ۾ کڻي ٿو گھمي شمشان ھزارين! +(ص ٢٨) +زندگيءَ ۾ ڏک ۽ غم ضرور آھن. انھن بنا جيون اڌورو ٿو رھي. ڏک سکن جي سونھن آھن. وڏي وسيع ۽ ڪشاديءَ دل دواران، ڏکن، دردن ۽ غمن کي مشڪندي منھن ڏيڻ ۾ ئي لطف سمايل آھي: +منھنجي دل آ وسيع شايد، نھ تھ +ڪئن جھان ڀر جا غم سمائي ٿي؟ +(ص ٣٥) +زندگيءَ ۾ پھرين ماڻھو ٿيڻ ضروري آھي. ماڻھپي جو انگ پرائڻ ۽ پائڻ سان، ماڻھو صحيح معنى ۾ انسان بڻجي ٿو سگھي. انسانيت جي انگ سان، ماڻھو صحيح انسان بڻجي، صحيح زندگي گھاري ٿو سگھي: +پھرين ماڻھو اوھان ٿيڻ تھ سکو، +پوءِ انسان ٿي، جيئڻ تھ سکو! +(ص ١٥) +نرمل آشاوادي آھي. چي: ھي ڏک، رنج ۽ سور ضرور اچڻا آھن. پر اھا بھ خاطري آھي، تھ اھي ھڪ ھڪ ٿي ڪٽجي ويندا. سورن سندي رات کٽندي، رات پٺيان ڏينھن ضرور ئي اچڻو آھي. غم جي رات کان پوءِ سک جي پرڀات تھ ضرور ٿيڻي آھي. پوءِ، ھاءِ ھاءِ ڇا جي؟ ڄاڻ واھوندا ورندا، بھار ضرور اچڻي آھي. +نيٺ تھ کٽندي غم جي رات، +ڄاڻ آئي سک جي پرڀات. +(ص ٢٩) +ميويدار وڻ پھرين ٻور ٿو جھلي، ٻور ڇڻڻ بعد، ميوو ٿو پيدا ٿئي. ٻور اوس ڇڻڻو آھي ۽ ميوو بھ ضرور پيدا ٿيڻو آھي. نرمل ٿو چوي: +ٻور جيان گرچ ڇڻي وينداسين، +پوءِ بھ ڪو ميوو بڻي وينداسين. +(ص ٦٢) +انسان دنيا ۾ اچڻ ويل ڪجھھ ڪين آھي، ڇو نھ مان شان سان جيون گھاري، ڪين مان ڪجھھ ڪري ڏيکاريون، ڪي بڻي ڏيکاريون؟ سڪيار ٿي جيون ۾ ئي سڦلتا آھي: +ايندي ڪجھھ ڪين ھئاسين نرمل! +ويندي ويندي ڪي بڻي وينداسين. +(ص ٦٢) +نرمل سنڌيت جو شيدائي آھي. پنھنجي جيجل سنڌي ٻوليءَ سان نينھن جو ناتو اٿس. سدائين اھا صدا ھڻندو ٿو وتي، تھ سنڌي ڀائرو! سنڌي لکڻ پڙھڻ تھ سکو، سندس اندر مان اھو ئي آواز ٿو نڪري: +ڪير پڙھندو غزل ھي نرمل جا؟ +ھاءِ! سنڌي لکڻ پڙھڻ تھ سکو. +(ص ١٥) +نرمل سنڌ ڄائو آھي. سنڌڙيءَ کي ڪيئن ٿو وساري سگھي؟ سنڌ جون ڳالھيون ۽ مھاڙيون، سنڌ جا درشيھ (منظر) ۽ پسارا، نت پيو ياد ڪري: +سنڌ جو ھر ھڪ درشيھ پيارو، +ياد آھي ساري جو سارو. +(ص ٤٨) +اھڙيءَ طرح نرمل ”ڳالھيون دل جون“ ۾ ڏنل غزلن جي شعرن ۾ گوناگون وشين تي پنھنجا ويچار ظاھر ڪيا آھن، جي پاٺڪن جو ڌيان اوس ڇڪائن ٿا. + + +غزل اصل ايران جي پيدائش آھي، جنھن ۾ شمع ۽ پرواني، گل ۽ بلبل، جام ۽ شراب جو ذڪر ھلندو ھو. سنڌيءَ ۾ غزل ايران کان آيو. زماني جي گردش ۾ غزل ۾ گھڻو انقلاب اچي ويو آھي. ھاڻي سنڌي غزلن ۾، ھاڻوڪي زماني جون ڳالھيون، حالتون، ويچار ۽ مسئلا ڏنا وڃن ٿا. نئين ڍنگ جي نراليت ۽ نئين قسم جي گوناگونيت سنڌي غزلن ۾ پنھنجي جوڳي جاءِ جوڙڻ شروع ڪئي آھي. اھا ڳالھھ، ”نرمل“ جي غزلن جي ڪتاب “ڳالھيون دل جون“ مان ڀليءَ ڀت ظاھر ٿئي ٿي. +نرمل شاعراڻي محفل ۾ مانائتي جاءِ تھ حاصل ڪري چڪو آھي. ھيءُ سندس شعرن جو ٽيون مجموعو آھي. آشا اٿم تھ نرمل جي شعرن جا ٻيا سنگرھھ پڻ جلدي نڪري نروار ٿيندا. +(واسديو نرمل جي غزلن جي مجموعي +”ڳاليھون دل جون“ جو مھاڳ) +اياز قادري +غلام محمد گرامي +محسن ڪڪڙائي، غزل +جو دلڪش شاعر +سيد نياز علي شاھھ ”محسن ڪڪڙائي، چوڏھن پندرھن ورھين جي عمر کان شعر لکڻ شروع ڪيو. شعر ۾ سندس استاد حافظ ’احسن‘ ۽ آصف مصراڻي ھئا، مگر سندس شاعريءَ جو رنگ پنھنجي استادن جي ڪلام کان مختلف آھي. . . +محسن (ابتدا ۾) ’بزم طالب‘ خيرپور ناٿن شاھھ جو ڪافي وقت تائين سيڪريٽري رھي، مشاعرا منعقد ڪندو رھيو. اھڙيءَ ريت سنڌي غزل جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو. +سندس (پھريون) مجموعھ ڪلام ”امنگون“ جي نالي سان (اپريل 1962ع ۾) شايع ٿيل آھي. ’محسن‘ جا غزل پختا ۽ دلڪش آھن. انھن ۾ جديد ۽ قديم رنگ جو سھڻو ميلاپ آھي. سندس خيال ۾ نواڻ ۽ سرمستي آھي، جي ڪا پراڻي ڳالھھ بيان ڪري ٿو تھ ان کي نئون انداز ڏئي ٿو: +تنھنجي خيالن جي ڇايا، +منھنجي لاءِ وڏي مايا. +مون کان کل نھ ٿي بيھي، +ڳوڙھا آيا ڪي آيا. +��ون تھ لکيا ٿي ماڻھن لئھ، +ماڻھن منھنجا گيت جلايا. +شھرت جي ويرانن تي، +’محسن‘ ويھي لڙڪ وھايا. +- +ائين بھ ناھھ تھ توکان سوا نھ ٿي گذري، +گذاريون ٿا، ڏکي يا سکي، پئي گذري. +اھو سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي سائين، +تھ ھڪ ئي طرز تي ھر ڪنھن جي زندگي گذري! +اسين تھ پنھنجي ئي ڌن ۾ روان دوان آھيون، +اسان کي جو بھ چوڻ ڪو گھري، چئي گذري. +ڪنداسين، پيار ڪنداسين ۽ پيار جي صدقي، +جي ڪوئي حرف اچي تھ ڀل اچي گذري. +فضول آھي تھ ڇا ڇا اسان مٿي گذري، +اھو پڇو تھ فقيرن تي ڇا نھ ٿي گذري.[1] +محسن ڪڪڙائي. . . ڪلام جي پختگيءَ، دلڪشيءَ ۽ سادگيءَ جي حيثيت سان وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آھي. شعر جي سڀني صنفن تي برجستگيءَ ۽ چابڪدستيءَ سان طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان سندس شھرت کي بام عروج تي پھچائي ڇڏيو آھي. . . آثم، وفا ۽ راز سندس قابل فخر شاگرد آھن. . . +’محسن‘ جو فن جذبات جي رنگيني، تاثرات جي تلخي، مشاھدات جي شدت جي تخليق آھي. ھر تلخ ۽ تيز مسئلو ڪنھن رنگين اشاري ۾ بيان ڪرڻ سندس ڪمال آھي. ’محسن‘ پنھنجي معاصر. . . ۽ حوصلھ مند شاعرن ۾ انفرادي مقام حاصل ڪري چڪو آھي. لفظن جي صحت ۽ خيال جي ندرت سندس فن جو مخصوص معيار آھي. پائمال ۽ پراڻي خيال کي نئين دلاويز رنگ ۾ پيش ڪرڻ، سندس زرخيز طبع جو اھو ڪمال آھي، جو استادن کي بھ اڃا نصيب نھ ٿيو آھي. +فرياد نھ ڪر، پر جيڪڏھن فرياد ڪرڻ تون چاھين ٿو، +پٿر جو جگر پاڻي ٿي پوي، اي دوست! ائين فرياد ڪجي. +- +’محسن‘ تھ اھو ئي پڙھيو آ، ھن عشق جي مڪتب مان يارو! +دل کي نھ صفا پابند ڪجي، دل کي نھ صفا آزاد ڪجي. +حسن نظر سان ڪنھن جي نظر ٿا چمون پيا +پنھنجي پريت آھھ، سدائين خمار ۾! +ھھڙي حسين حيات، مگر پو بھ چند روز! +اھڙو گمان ڪونھ ھو پروردگار ۾! +- +زندگيءَ جا مزا وٺو يارو! +جيترو خوش رھو، رھو يارو! +منھنجي مايوس ھن جوانيءَ تي، +جيترو ڀي کلو، کلو يارو! +روشنيءَ سان ئي روشني ٿيندي، +ڪور چشمي، ڇڏي ڏيو يارو![2] +. . . . ’محسن‘ مختصر نويسيءَ جو قائل آھي. چئن لفظن ۾ ڪو مطلب ادا ٿئي تھ پنجين لفظ کي اقتصادي اصول ”فضول خرچيءَ“ وانگر ”فضول لفظي“ چوي ٿو. نھ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھھ ڪري ۽ نھ اھا وڻيس. اھو ئي سبب آھي، جو غزل سندس پسنديده صنف سخن آھي. طبيعت ڏاڍي اختصار پسند ملي اٿس. غزل جو اختصار سندس طبيعت سان پوريءَ طرح ٺھڪي ٿو اچي. نھ رڳو ايترو، پر، ھن غزلن ۾ گھڻو ڪري ننڍن وزنن ”فاعلاتن، مفاعلن، فعلن ۽ ”مفتاعيلن مفتاعيلن“ کان گھڻو ڪم ورتو آھي. جيتوڻيڪ عروض جي سڀني مروج وزنن تي پوري ذميداريءَ ۽ يقين سان لکي سگھيو آھي. اھا سندس اختصار پسندي ئي آھي، جو سندس ڪلام ۾ تشبيھون، استعارا ۽ منظرنگاري نھ جي برابر آھن. ھا، تشبيھن ۽ استعارن جي ڀيٽ ۾ محاورن ۽ اصطلاحن کي ترجيح ڏني اٿس. +قدرتي نظارا، جيل، درياھھ، سمنڊ، چنڊ، تارا، وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا، بيشڪ الله جي ڪمال ڪاريگريءَ جا خوبصورت مظھر آھن، اھي سڀ رنگ کيس وڻندا بھ ھئا، ليڪن ڪاريگر جو عظيم ڪارنامو- انسان- کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندو ھو. ان جي سونھن کيس مست بڻائي ڇڏيندي ھئي. سھڻو ماڻھو ڏسي، سندس زبان تي ”سبحان الله سبحان الله!“ جو ورد جاري ٿي ويندو ھو. انسان ۽ انساني سونھن ڪلام جو روح آھن. اھڙيءَ طرح سندس غزل ۾، سونھن جو ذڪر ۽ سونھن جي ساڃھھ، اھم جاءِ والارين ٿا. سونھن، حسن، ھوءَ، ھيءَ، ھي، ھو، ھن ۽ ھن لفظن جو ورجاءِ بھ ان ڪري آھي، جو سندس مخاطب ”ھڪ“ آھي. صرف ھڪ، انسان ۽ ان جي سونھن. تقريبا ھر غزل ۾ انساني معاشري ۽ ان جي مسئلن طرف بھ ھلڪا ھلڪا اشارا موجود آھن. +ڪ�� چوي ٿو: منھنجو محٻوب چنڊ جھڙو آھي، گلاب جي گل جھڙو آھي، ھو (محسن) چوي ٿو، بابا! جيڪڏھن چنڊ ۽ گلاب جو گل اوھان جي محبوب کان وڌيڪ خوبصورت آھن تھ پوءِ چنڊ ۽ گل سان عشق ڪيو نھ! ھروڀرو ھڪ شريف انسان جي پويان ڇو لڳا آھيو؟ شاھھ سائينءَ تھ چنڊ کي پنھنجي پرينءَ جي پير جو مٽ بھ نھ سمجھيو ھو. اھو محبوب ئي ڪھڙو، جيڪو ”پنھنجو مٽ پاڻ“ نھ ھجي؟ ڪن يارن تھ محبوب کي ظالم، قاتل، بيوفا ۽ دوکيباز ڪوٺيندي ڪوبھ شرم محسوس نھ ڪيو! ھو (محسن) چوي ٿو: ”بابا! اوھان کي، اوھان جي محبوبَ، قرآن تھ ڪونھ لاھي وڌو ھو تھ ساڻس عشق ڪيو! اوھان تھ پاڻ ھر تڙو ٿي پنھنجي دل وڃي سندس قدمن ۾ رکي ھئي! محبوب جي ايڏي بي ادبي ايڏي گستاخي! ايڏو اپمان! استغفر الله، استغفر الله! ڪي سائينءَ جا سنواريا وري حڪميھ انداز اختيار ڪن! ھن سان نھ مل، ھن سان نھ کل، ھيئن نھ ڪر، ھونئن نھ ڪر! اڙي بابا! چئبو تھ اوھان حسن سردار کي بھ پنھنجو ملازم سمجھيو آھي، جو کيس حڪم سان ھلائڻ چاھيو ٿا؟ پناھھ خدا جي!! ھن (محسن) جي ڪلام ۾ اوھان کي اھڙي ڪابھ ڳالھھ نظر نھ ايندي. +عروضي شاعريءَ (غزل) ۾ قافيي جي وڏي اھميت آھي. قافيي کان سواءِ عروضي شاعري بي معنى آھي. ھائو، قافيي سان گڏ رديف بھ ھجي تھ پوءِ کير ۾ کنڊ. محسن، ان غزل کي ”ٻٽو غزل“ چوندو آھي، جنھن ۾ رديف نھ ھوندو آھي. بيشڪ رديف جي پابنديءَ سبب ڪي خيال آسانيءَ سان غزل ۾ آڻي نھ سگھبا آھن، ليڪن ان ھوندي بھ رديف جي خوبصورتيءَ کان انڪار ڪري نھ ٿو سگھجي. ھن پنھنجي اڌ صديءَ جي شاعريءَ ۾ تمام ٿورا ”ٻٽا غزل“ لکيا آھن، ليڪن سندس مجموعي ”سونھن جي ساڃھھ“ ۾ ھڪ بھ ”ٻٽو غزل“ نھ آھي. +وقت سان گڏ نٿو ھلين ”محسن“! +پاڻ سان منھنجو احتاج ھيو! +- +عمر ساري ڊڄي ڊڄي گذري، +ھڙ وڃائي ڇڏيسون ڏاھپ ۾! +- +جنھن ۾ چاھت جو چنگ ڪونھي ڪو، +ان حياتيءَ ۾ رنگ ڪونھي ڪو! +- +نينھن جو شينھن در تي بيٺو آ، +پرک جو ڌينھن در تي بيٺو آ! +- +ساري دنيا کان بي نياز ھيو، +پاڻ تي ھن کي ڇا تھ ناز ھيو! +- +ھڪ مصور جو فن ٿو ڳالھائي، +ھن جو سارو بدن ٿو ڳالھائي![3] +تنوير عباسي +تاج بلوچ جو فن +ذري گھٽ سڀني نقادن تاج بلوچ کي بنيادي طرح غزل جو شاعر سڏيو آھي. مان انھن سنڀي سان سؤ فيصد متفق آھيان. تاج آھي ئي غزل جو شاعر. ھن جو مزاج ئي غزل جھڙو آھي. نازڪ، نفيس، تکو (sharp)، مختصر، تيز (swift) رنگين، ڇرڪائيندڙ، انوکو، حسين، نرم، حيرت ۾ وجھندڙ، رومانوي، عڪسي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھھ. غزل جون وصفون، ڪيترن ئي نقادن ڪيون آھن، پر غزل جي ڪابھ وصف مڪمل ناھي. مٿي ڏنل خاصيتن کان سواءِ ڪيتريون ئي خاصيتون غزل جا جزا آھن. ان ڪري، غزل جي وصف، جي ائين ڪجي، تھ غزل ۾’تغزل‘ ضروري آھي، تھ ڪافي ٿيندو. اھو ’تغزل‘ رڳو غزل ۾ ھوندو آھي، نھ نظم ۾، نھ مثنويءَ ۾، نھ گيت ۾، نھ بيت ۾، ۽ نھ ڪافيءَ ۾. اھو تغزل، جيڪو غزل کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ صنف ۾ نھ ھوندو آھي، اھو تاج بلوچ جي سڄيءَ شاعريءَ جو سڃاڻپ وارو ڪارڊ (Identity card) آھي. وائي ھجي، نظم ھجي. تغزل موجود ھوندو. مثال طور، نظم، ’خوشبوءِ جو زھر‘: +جيئن ابر آسوند رھي سپ سمونڊ جي، +مون کان سواءِ ھوءَ ائين تڙپندي ھئي. +منھنجي اڱڻ اچي ھوءَ جڏھن سھڙندي ھئي، +خوشبو ڳليءَ ڳليءَ ۾ پئي مھڪندي ھئي، +ڄڻ عطر ۽ عنبير کي شرمائيندي ھئي. +يا نظم ’ٻڌيمان‘: +ڏينھن مرڻ جو جنھن تان ڊٺل آ، +اھڙيءَ قبر جو ڪتبو آھيان. +چئني پاسي ميڙ متل پر، +ھوندو آءٌ اڪيلو آھيان. +يا ھيءَ وائي جيڪا تغزل جو نمونو آھي، ان مان وراڻي ڪڍي ڇڏيو، تھ ائين لڳندو ڄڻ غزل آھي: +جوڀن پڪي ٻي�� الو ميان، جوڀن پڪي ٻير. +جيڪو ايندو ڪنڪر ھڻندو +ڪنھن کي روڪي ڪير الو ميان! +ساڙ سڙيو آ پاڙو سارو، +پيار سان تنھن کي وير الو ميان! +اھڙي ئي ھڪ ٻي وائي، آھي، جيڪا غزل جي رنگ ۾ آھي: +ڀت تي لنوي ڪانءُ، +منھنجو ڪنبي ھانءُ، +ڀت تي لنوي ڪانءُ +تو بن ٽاڪ منجھند، +ڪين وڻي ڇانءَ +ان وائيءَ جي بھ وراڻي ڪڍي ڇڏجي، تھ غزل محسوس ٿئي. +اھي تھ مثال آھن نظمن ۽ واين جا، جن مان تاج بلوچ جو تغزل ڇاٽون ڏيئي ٿو نڪري. پر غزل، سنڌي غزل کي تاج بلوچ جنھن مقامي رنگ ۾ تغزل سان سنواريو آھي، ان جو مثال مشڪل ملندو. +سنڌي غزل خليفي گل محمد گل کان وٺي، اسان جي دور تائين ڪي ئي دفعا پاسا ورايا آھن. اسان جي دور ۾ ئي، غزل سنڌي شاعريءَ جي روايتن کي پاڻ ۾ جذب ڪري سگھيو آھي. جيتوڻيڪ ھن کان اڳ سانگيءَ ۽ حامد ٽکڙائيءَ جون ان ڏس ۾ ڪيل ڪوشش ذڪر لائق آھن. تاج بلوچ، پنھنجي شروعاتي شاعريءَ ۾ غزل جو اردو ۽ فارسي رنگ قائم رکيو آھي، پر مجموعي ’خوشبوءِ جو زھر‘ ۾، ان کان ھٽي، اھڙا غزل لکيا اٿائين، جو اھا صنف، سنڌيءَ ۾ اوپري نھ ٿي لڳي. سنڌي روايتن موجب ۽ فارسي، عربي محاورن کان خالي نج سنڌيءَ ۾ غزل تھ گھڻائي شاعر لکن ٿا، پر ان ۾ تغزل پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾، تاج بلوچ گھڻن کان اڳتي وڌي ويو آھي: +ايئن ويو ڪوئي روھھ ۾ رولي، +مان ٿڪو آھيان پاڻ کي ڳولي. +- +ھير ناھين تھ لڪ بڻجي آءُ! +دل جي کڙڪي ڇڏي اٿم کولي. +- +زلف جي زنجير ٿي مون کي سڏي، +ڪنھن ڇڏي ماحول ۾ خوشبو گڏي. +- +ذھن کولي مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون، +جنھن کي اچڻو آ اچي منھنجي تڏي. +- +لحظي لحظي کي زندگي بخشيون، +پل سمورا اجل جيان آھن! +تاج جو ھڪ مقبول غزل، جدت، مقامي رنگ، رجاعيت ۽ جدوجھد جو شاھڪار آھي، پر انھن سڀني ڳالھين کان سواءِ، ان ۾ تغزل ۽ نغمگي موجود آھي: +اوندھھ جو ڪليجو چير ڪري چانڊاڻ کڻي آيو آھيان، +ھن جڳ جي لئھ مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آھيان. +ان سڄي غزل جي ٻولي سليس ۽ روان آھي. +تاج جي ھڪ غزل جا ھيٺيان شعر بھ سلاست توڙي روانيءَ جو بھترين مثال آھن: +ھيڪلائيءَ ۾ الائي تھ ڪٿي گم آھيان، +مون کي ڳولڻ جي ڪيو مون کي پڪاريو يارو! +تاج نفرت جي حوالي سان مري ڪين سگھيو، +ھن کي مارڻ جي گھرو، پيار سان ماريو يارو! +عروضي بحر ۽ ان جا زحاف تھ ڪيترائي آھن، جيڪي غزل ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن، پر تاج ھڪڙو انوکو بحر چونڊيو آھي، جنھن ۾ ھڪ غير معمولي ردم آھي: +اڄ تھ سڃاڻي بھ نھ ٿي، +ڪالھھ ھئي جا مون ساڻ. +آھي ڪويءَ جو سپنو، +ڄڻ لوھر جي سانداڻ. +تاج بلوچ، سنڌي شاعريءَ کي ڪيترائي شاھڪار غزل ڏنا آھن، جن جي حيثيت سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ دائمي آھي، پر ھيٺيون غزل پنھنجي نغمگيءَ، سلاست، روانيءَ ندرت ۽ تغزل سببان سڀني کان اڳرو آھي. ان غزل جا ڪي ٿورا شعر ورجايان ٿو. ھونئن تھ اھو سڄو غزل مرصع آھي: +سڀ وساري ڇڏيون، +آءُ ھڪ ٿي وڃون. +ھو نھ پرچي تھ ڇا؟ +ھن کان وڇڙي وڃون. +- +ٻير ٻاھر ڪريا، +منھنجي گھر ڪنڪريون. +منھنجا جيڏا بھ سون، +تنھنجون سرتيون سچيون! +تاج جي شاعريءَ جو مجموعي تاثر آھي، ڏتڙيل انسان سان ھمدردي، پيڙيندڙ ۽ پرمار ڪندڙ طبقي خلاف جدوجھد، ۽ انسان جي ازلي خواب، امن، آشتيءَ، سماجي ۽ اقتصادي برابريءَ واري نظام جي تعمير. تاج بلوچ بنيادي طور تغزل جو شاعر آھي. غزلن کان سواءِ، واين توڙي نظمن ۾ بھ تاج بلوچ جو تغزل جھلڪا ڏيندو آھي نظر ٿو اچي. ھن سٺا تاثراتي ۽ اھڃاڻي نظم پڻ لکيا آھن. سندس غزلن مان ڪي غزل، سنڌيءَ جا بھترين غزل آھن. +(تاج بلوچ جي ڪتاب ”خوشبوءِ جو زھر“ جي مھاڳ تان ورتل) +سحر امداد +امداد : غزل جو منفرد ۽ جديد شاعر +. . . . امداد جي شاعريءَ جا گوناگون ۽ ڪڏھن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، ھن جي شاعريءَ جو سھڻو سٽاءُ، ھن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، ھن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction)، ھن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ آھنگ، ھن جي شاعريءَ جي لوچ ۽ رس؛ ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانيت جو رنگ؛ ھن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ؛ صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آھي. . . . +. . . . مھراڻ شاعر نمبر (١ – ٢ – ١٩٦٩ع) ۾، امداد جي تعارف ۾. . . . گرامي صاحب لکي ٿو: ”امداد حسينيءَ جو فن، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾، جديد ھيئت ۽ اسلوب جي انوکن ۽ دلڪش تجربن جي ڪري ھڪ ’فني علامت‘ بنجي چڪو آھي. (ص 506) +. . . . امداد ان دور جو اھو شاعر آھي، جو عمر ۾ اياز کان گھڻو ننڍو آھي، ۽ ان حساب سان امداد جي شاعريءَ جي عمر بھ ان کان اوتري ئي ننڍي آھي. پر ون يونٽ ٺھڻ ۽ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ آيل ان نئين اڀار کي امداد، اياز سان گڏجي شيئر ڪري ٿو. . . . ھن پنھنجي دور ۾ اياز جھڙي قداور شاعر جي سامھون پنھنجي ھڪ منفرد شناخت ماڻي، ۽ اياز جي پاڇي کان پري ھڪ منفرد، نمايان ۽ جديديت جو نمائنده شاعر ٿي بيٺو. +. . . . ان ساڳئي دور جو امداد جو ھڪ غزل آھي: +انڌي ماءُ ڄڻيندي آھي، انڌا سونڌا ٻار، +ايندڙ نسل سمورو ھوندو، گونگا ٻوڙا ٻار. +ھر ڪا مند ھتي جي آھي، نسل ڪشيءَ جي مند، +سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻار. +گونگا ھوندا، ٻوڙا ھوندا، ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت، +ھڪٻئي کي ڪئن سمجھي سگھندا، تنھنجا منھنجا ٻار +. . . . ھن غزل جو ھر شعر پنھنجي ٻوليءَ توڙي معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان گھڻي اھميت رکي ٿو. ان غزل جو ھر شعر پنھنجي ٻولي توڙي معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان گھڻي اھميت رکي ٿو. ان غزل جو رديف ”ٻار“ نھايت انوکو ۽ Unusual رديف آھي ۽ اھو رديف ئي ان پوري غزل جو ٿيم (Theme) آھي: ٻار، جو اسان جي آئيندي جي علامت آھي. ان لحاظ کان اھو غزل ھڪ علامتي غزل آھي. . . . ان غزل کي پڙھي، شاعري ۾ ”اصوات“ (sounds) جي اھميت ۽ انھن جي تز استعمال جي ڪري، سٽن ۾ ھڪ جادو ئي اثر پيدا ٿيڻ جي ڪمال جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. ان غزل ۾ ٻٽن لفظن جو پڻ نھايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. جھڙوڪ: اونڌا سونڌا، ڪانڊا ٽانڊا، گونگا ٻوڙا،. اھي لفظ پڻ غزل سان موضوعاتي ۽ استعاراتي سطح تي ٺھڪي اچن ٿا. ان غزل ۾ لفظن جي ورجاءَ، ۽ انھن سڀني جو مسلسل ڦيرو، ان غزل ۾ ڪن واريون ڦيراٽيون پيدا ڪري ٿو. خود ان غزل ۾ جن مسئلن جي نشاندھي امداد (1964ع ڌاري) ڪئي ھئي، اڄ بھ . . . . اھو سڀ ڪيڏو نھ سچو ٿو ڀاسي. نسل ڪشيءَ جي مند سنڌ کي ڪڏھن بھ ڪا ويساند نھ ڏني آھي. ان غزل ۾ قوم، ٻولي ۽ اسان جي مستقبل جي حوالي سان، جنھن خوف جو اظھار، خوبصورت استعاراتي ٻوليءَ ۽ گھري علامتي انداز ۾ ڪيو ويو آھي، سو يقينا اسان جا لڱ ڪانڊارڻ لاءِ ڪافي آھي. ھي غزل سڀني وصفين سنڌيءَ جي چند اھم ترين ۽ خوبصورت غزلن مان ھڪ آھي. . . . +. . . . امداد وٽ غزل چوڻ جو منفرد ڏانءُ آھي. تنوير عباسيءَ، امداد جي غزلن کي ”البيلا غزل“ چيو آھي تھ غلام محمد گراميءَ شروعاتي دور ۾ امداد کي ”ھڪ نمايان غزل گو“ شاعر چئي، ھن جي ’رنگ تغزل‘ کي ساراھيو آھي. امداد جي غزل ۾ تخيل جي خوبصورتيءَ سان گڏ بيان جي پختگي ۽ تغزل جو رنگ ڇانيل ملندو. ساڳئي وقت اھي غزل معنوي سطح تي بھ اوترا ئي اعلى آھن. امداد جي غزلن جي ھڪ اھم ترين خوبصورتي انھن جا يڪتا (unique) قافيا پڻ آھن. نھ رڳو قافيا، پر جي قافين سان گڏ رديف اچي ٿو، تھ اھو پڻ نرالو ۽ منفرد آھي. . . . +. . . . امداد جا غ��ل، ھن جي ٻيءَ سموريءَ شاعريءَ وانگيان مٽيءَ جي رنگ ۾ رڱيل آھن. اھو نج سنڌي رنگ امداد جي غزلن ۾ 1962ع واري دور کان ئي وٺي لڳي ٿو. خاڪي ناسي ڀورو: ”ڀوري مٽيءَ جھڙو“ ڀورو رنگ. ھن جي غزلن ۾ اھا مھڪ آھي، جا اٺي کان پوءِ مٽيءَ مان اٿندي آھي، آلي مٽيءَ جي خوشبوءِ: +چمڪي پيئي چيڪي مٽي، +پاڻي چڙھي لھي ويو آھي. +_ +ٻن جسمن جي ھڪ رشتي جي، +اڃا تھ مٽي آلي آھي. +امداد جي اھا ٻارھن غزلن جي سنگھر، ھڪڙي ئي ڪيفيت جي آئينھ دار آھي. دک، درد ۽ پيڙا جي اھا ڪيفيت، جا ماڻھوءَ کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏي. 1967ع ۾ امداد جي پياري ۽ دل گھرئي ڀاءُ، نوجوان ۽ ذھين ڀاءُ مختيار جي موت جي صدمي کي امداد پنھنجي روح تي کنيو ھو. ان دور ۾ امداد خود پنھنجو پاڻ کان وڇڙي ويو ھو: +منھنجي ميري سيري ڳل تان، +رت جو لڙڪ وھي ويو آھي، +ھاڻي لھر لڇي ٿي ڇا لئھ، +چوڏھينءَ چنڊ لھي ويو آھي. +- +. . . . مون کان منھنجا دوست پڇن ٿا، +ڇا مان ھي ڇا ٿي ويو آھيان. +ڪنھن ماچس جي تيليءَ وانگر، +سڙي سڙي رک ٿي ويو آھيان. +ڏک ۽ سک ماڻھن لئھ ھوندو، +ھا، مان پٿر ٿي ويو آھيان. +امداد جي انھن غزلن ۾ اسان کي ٻولي ۽ معنى جي ھم آھنگي، احساس ۽ جذبي جي گھرائي، قافئي ۽ رديف جي خوبصورتي ملندي. . . . انھن کي امداد تخليقي انداز ۾ استعمال ڪيو آھي: +منھنجو ڪونھي ڏوھھ ميان! +مون سان ٿيئڙو ڊوھھ ميان! +. . . . +پٿر تي شيشو اڇلايم، +پنھنجي من کي ڇا سمجھايم. +بند ٿيل ڪمري ۾ تنھا، +پنھنجي منھن ويٺي ڳالھايم. +. . . . بعد وارن سالن ۾ ھن جي فن ۾ اڃا بھ پختگي آئي. ھن نت نوان تخليقي تجربا ڪيا ۽ غزلن جي تراش خراش تي اڳي کان وڌيڪ ڌيان ڏنو. +’سنڌ‘ اھو نانءُ آھي، جو امداد کان ڪڏھن بھ وسري ئي نھ ٿو؛ ايتريقدر جو ھن جي غزلن ۾ بھ ’سنڌ‘ آھي، ڇو تھ اھا ئي ھن لاءِ سر سنگيت ۽ سڳنڌ آھي: +سنڌڙي، سر، سنگيت سڳنڌ +مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ +. . . . امداد جو غزل، ”تنھنجو ھجڻ“ منھنجي پسنديده غزلن مان ھڪ آھي، جنھن جو ھر شعر ھڪ اشرفي لھي: +نھ تھ فاصلو گھڻو ھو، مون ۾ ۽ خودڪشيءَ ۾، +تنھنجو ھجڻ ھجڻ آ، ويساهھ زندگيءَ ۾. +لفظ ”خودڪشي“ جو ھڪ نھايت ثقيل ۽ غير شاعراڻو لفظ آھي، . . . ان جو ايڏو خوبصورت استعمال، سو بھ سنڌي شاعريءَ ۾، سو بھ پابند شاعريءَ ۾ ۽ سو بھ وري غزل ۾، مون نھ ٻڌو آھي، نھ پڙھيو آھي. ”خودڪشيءَ (موت) جي مقابلي ۾ ”زندگي“ جو قافيو آڻڻ معنوي لحاظ کان شعر کي بلند تر ڪري ٿو. +اڌ رات جو ڪوي ڪو ڪوتا لکي رھيو ھو، +ڪيڏا سٺا لڳا پئي اوراق روشنيءَ ۾! +شاعريءَ ۾ جماليات جي ھي بنھھ نئين ۽ نرالي اينگل (angle) آھي. امداد ھونئن بھ پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو نھايت تخليقي سطح تي استعمال ڪندو آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن لفظن کي ھو خاص طور سان ايڏي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪري ٿو، جو اھي خاص لفظ ”خاص الخاص“ مقام ماڻيندا آھن، جيئن لفظ ”اوراق“ جو استعمال. خود ان شعر جي منظرڪشي بھ ھڪ نرالي منظرڪشي آھي: ”اڌ رات، ڪوي، ڪوتا، اوراق، روشني.“ ھن غزل ۾ ”روشنيءَ“ جو قافيو ٻھ ڀيرا آيو آھي. ھڪڙي ڀيريstress (زور) ”اوراق“ ئي آھي، ٻئي ڀيري سمورو stress (زور) روشنيءَ تي آھي، بلڪ ”تيز روشنيءَ“ تي آھي: +اڌ اپٽيل اکين سان تنھنجي اڳيان ائين مان، +اونداھھ مان اچي جيئن، ڪو تيز روشنيءَ ۾. +ڄائس، جتي پليس مان، نپنس، وڏو ٿيس مان +اڄ وائڙو، پريشان، ان ڳوٺ جي ڳليءَ ۾! +ھن شعر ۾ ”ڄائس پليس، نپنس ۽ وڏو ٿيس“ جي سٽاءَ تي غور ڪريو. لفظي پڇاڙين (suffixes) جو ايڏو خوبصورت ۽ بامعنى استعمال جيڪو شعر ۾ اندروني قافيو پڻ آھي، ساڳئي وقت ڄمڻ کان وٺي وڏي ٿيڻ تائين جي ڪي��رن ئي سالن جي پکڙيل مرحلن کي شاعر ننڍن ننڍن Pauses (ساھين) جي صورت ۾ ڪيئن اجاگر ڪري ٿو. . . . +امداد جو ننڍي بحر ۾ ھي غزل پڻ ھڪ نھايت خوبصورت غزل آھي. +مٽي ٿڃ ۽ مٽي رت، +پوءِ بھ منھنجي موڙھي مت. +ھن غزل جي معنويت، ان ۾ ٻولي، معنى، تخيل ۽ وزن جي ھم آھنگي، غزل کي ھڪ انوکي crispness عطا ڪئي آھي. ساڳئي وقت ان غزل جو symbolical ۽ satirical انداز پڻ اھميت رکي ٿو. مثال طور ھن شعر ۾ شاعر جي satire (طنز) جو چپڪو توھين بھ محسوس ڪيو: +تون بھ تھ پنھنجو ھان امداد! +تون بھ ڀلي ڪا گھاڻي گھٽ. +سٽن جي روانيءَ ۾ ”گھاڻي گھتڻ“ جي ڳالھھ، نھايت معصوميت سان چھنڊي ھڻڻ جيان آھي. +. . . . (امداد جو غزل) ”اھا ئي ھڪڙي دعا اٿم“، بظاھر ھڪ روايتي غزل جو ڏيک ڏئي ٿو، پر امداد جو ڪمال اھو آھي تھ ھن ان روايتي غزل جي قالب ۾ ھڪ غير روايتي غزل لکيو آھي. ان غزل جي سموري سونھن، ان جي روايتي رنگ تغزل ۾ آھي. . . . +تنھنجي ھر جفا کي وفا چيم، تنھنجي درد کي بھ دوا چيم، +تنھنجي بددعا کي دعا چيم، تنھنجي ھر ستم کي چيم ڪرم. +ساڳئي وقت ھن شعر ۾ جفا، وفا، دوا، بددعا ۽ دعا جا اندروني قافيا بھ آھن تھ ٽي ڀيرا ’چيم‘ رديف جيان ورجائجي ٿو، ۽ اصل قافيو پڻ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ”چيم“ سان ٻٽو قافيو ٿي اچي ٿو. ھي غزل، پنھنجي مزاج ۾ ڪافيءَ کي ويجھو آھي: +جي ھلين تھ آءٌ ڪڪر ٿيان، جي ٽلين تھ مور جيان نچان، +۽ اتي اتي رکان اکڙيون، تون جتي جتي بھ رکين قدم، +ھي شعر بيحد خوبصورت احساسن ۽ تشبيھن سان سينگاريل آھي. +. . . . ھن شعر ۾ جمال جو رنگ بکي ٿو ۽ عشق جو اظھار نج سنڌي انداز ۾ آھي. طويل بحر ۾ چيل امداد جو ھي غزل، ڪنھن سريلي ڪافيءَ جا رنگ پسائي ٿو. +. . . . شاعري، سا بھ سچي ۽ اصل شاعري: ”باھھ جو سمنڊ ترڻ“ آھي. امداد اھو باھھ جو سمنڊ تري ٿو، ۽ لڙڪ کي لفظ ڪري ٿو: +لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي، +باھھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي. +امداد، ھتي باھھ ۽ پاڻي (لڙڪ) جي تضاد وسيلي مختلف ڪيفيتن کي اڀاري ٿو، جن ۾ پيڙ ۽ درد بھ آھي، تھ ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي تخليقي سگھھ بھ آھي، ڇو تھ ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ ئي شاعريءَ جو ڪمال آھي. . . . ھن غزل جو ڪمال ھڪ طويل رديف جو ننڍڙي قافيي سان ڦٻي بيھڻ بھ آھي. . . . +. . . . امداد وٽ ”سپرين جي سڪ“ ۽ ”سنڌڙيءَ جي سڪ“ ٻيئي اکر ھيڪڙري آھن. امداد انھن ٻنھي سان محبت جو اظھار ور ور ڪري ٿو ۽ ھر ڀيري نئين ورن سان ڪري ٿو. ھو انھن لاءِ جيئڻ بھ چاھي ٿو، پر ھو انھن لاءِ مرڻ لاءِ بھ ھر وقت تيار آھي- جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ايترو سولو ناھي، امداد ھن شعر ۾ سولو ھجڻ ۽ سولو نھ ھجڻ جي تڪرار وسيلي پنھنجي ڳالھھ جي اھميت واضح ڪري ٿو: +سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو بھ ھجي، +سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناھي. +شاعر سڀني جي دکن کي پنھنجي انداز ۾ پالي ٿو، ۽ انھن پويان شمع جيان روز سڄي رات ٻري ٿو، لڳاتار ڳري ٿو، تڏھن ئي روشني ڪري ٿو: +چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ٻرڻ، +۽ لڳاتار ڳرڻ ايترو سولو ناھي! +لڳاتار ڳرڻ ۽ لمحو لمحو فنا ٿيڻ جي پيڙ کي اھو ئي محسوس ڪري سگھندو، جنھن جي ڪڏھن درد سان شناسائي رھي ھجي ۽ امداد جي تھ درد سان شناسائي آھي. . . . +. . . . امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ جيئن خوبصورتين کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھھ مان گلابن ۽ ستارن سان ملايو ڇڏي، ان ريت امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي بدصورتين کي ان جي تمام تر ڪراھتن، قباحتن، ڌپن ۽ اگراڻن جي حوالي سان اجاگر ڪري ٿو. انھن ڪيفيتن جي شدت کي اڀارڻ ۽ اظھارڻ لاءِ امداد، استعارا بھ اھڙا ئي کڻي ٿو: مثال طور ”گٽر“ جو استعارو. امداد جي نظم ”حملو“ ۾ بھ ا��و استعارو، ان شديد ڪراھت ۽ نفرت جي ڪيفيت کي اڀاري ٿو: +’شاھي رستن تي سڙيل تيز گٽر جي بدبو‘ +”گٽر“ جو استعارو، امداد پنھنجي ھن غزل ۾ ”غدار“ لاءِ استعمال ڪري ٿو: +صرف غدار جو رت آھھ گٽر جو پاڻي، +ماءُ جو کير کرڻ ايترو سولو ناھي! +اھڙيءَ ريت امداد، غزل جي موضوع کي جديد نظم جي قريب تر ڪري ٿو ڇڏي، گٽر جي گندگي ۽ کير جي پاڪيزگيءَ جي تضاد وسيلي شعر جي مفھوم کي ڪيڏي نھ اعلى انداز ۾ سمجھايو ۽ محسوس ڪرايو ويو آھي. +[1] اياز قادري: سنڌي غزل جي اوسر، ڀاڱو ٻيو، ص ٨٤ - ٤٨٣ +[2] غلام محمد گرامي: مھراڻ ’شاعر نمبر‘- 1969-2ع ص ٣٢ – ٢٦ – ٢٥. +[3] محسن ڪڪڙائيءَ جي ٻئي نمبر شعري مجموعي ”سونھن جي ساڃھھ“ (2005) مھاڳ (جھڙو حال حبيبان) جيڪو محسن خود لکيو ھو، سندس خيالن کي ضمير غائب جي صيغي ۾ آندو ويو آھي. (تاج جويو) + + +جديد شاعريءَ جو ڪمال پراڻي کي نئون ويس ڍڪائڻ بھ آھي، تھ ان کي نئين رنگ ڍنگ ۾ رائج ڪرڻ بھ آھي. بلڪل ائين ئي جيئن پراڻو ۽ قديم، ھر نئين دور ۾ Antique جي حيثيت ۾ وڌيڪ ملھائتو ۽ قيمتي ٿي ويندو آھي. امداد پنھنجي شاعريءَ جا انيڪ اھڃاڻ ۽ ڪيترائي استعارا پنھنجي قديم ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ مان کڻي ٿو ۽ انھن کي ڪيتري خوبصورتيءَ سان نڀائي ٿو، ان جو واضح مثال سندس غزل جو ھي شعر آھي: +کوءِ سک، ٻن سمھڻ، جان ۾ جنڊي پائي، +ڏيھھ جا ڏک ڏرڻ ايترو سولو ناھي! +مٿين ٻنھي شعرن ۾ فعل کي قافيي جي صورت ۾ اسم سان گڏ آندو ويو آھي ۽ ڪيڏي ڪمال سان شعر ۾ سمايو ويو آھي. ”کير کرڻ“ ۽ ”ڏک ڏرڻ“ (اصطلاحن) ۾ تجنيس جو فطري انداز ۾ اچڻ پڻ سٽ جي سونھن کي سوايو ڪري ٿو. +ان غزل جو خوبصورت ترين شعر آھي: +سحر امداد سڄڻ، ٻيو تھ سڄو لوڪ ڏڄڻ، +۽ سڄڻ ريءَ سرڻ، ايترو سولو ناھي! +امداد، جنھن وٽ ٻيو تھ سڄو لوڪ ”ڏڄڻ“ آھي، تڏھن ئي تھ شاعر سڄڻ ريءَ نھ سري سگھڻ جي ڪيفيت کي نھايت خوبصورتيءَ سان بيان ڪري سگھيو آھي. ان لاءِ ھن سنڌي ٻوليءَ جي ٻن متضاد لفظن: ”سڄڻ“ ۽ ”ڏڄڻ“ جو ڪيڏي نھ خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آھي. ”سڄڻ“ ۽ ”ڏڄڻ“ نج سنڌي لفظ آھن، ۽ نھايت قديم لفظ آھن. اھي ٻئي لفظ ھنديءَ ۾ پڻ مستعمل آھن، پر نسبتا soft tones ۾: يعني ”سجن، درجن“. اھي ٻئي لفظ قديم شاسترن ۾ بھ استعمال ٿيل آھن. . . . +امداد ”سڄڻ- ڏڄڻ“ جي ان تضاد کي اڀارڻ لاءِ پنھنجي سڄڻ جو مثال کڻي ٿو ۽ نالي سان کڻي ٿو. ان شعر ۾ نزاڪت اھا آھي تھ اھو نالو ھڪ اڪيلو نالو بھ آھي، تھ اھي ٻھ الڳ الڳ نالا بھ آھن. ان شعر جي خوبصورتي اھا ئي آھي تھ ٻھ الڳ الڳ نانءُ سحر امداد ملي ھڪ جوڙو ٺاھين ٿا، ۽ ھڪ وشال معنى جو ڪارڻ بنجن ٿا. +(امداد حسينيءَ جي شعري مجموعي ’ھوا جي سامھون‘ +جي طويل مھاڳ مان غزل واري ڀاڱي جو اختصار) +علي محمد ’مجروح‘ +شبير ھاتف، غزل جي آئيني ۾ +غزل ھڪ نھايت مشڪل ۽ منفرد صنف سخن آھي. مشڪل ان ڪري تھ ان ۾ روايت جي پابندين جو ھڪ طويل سلسلو موجود آھي، جنھن ک نباھڻ لاءِ فني ڄاڻ ۽ علمي مھارت جي ضرورت آھي. روايت ۾ قدامت بھ آھي تھ لطافت بھ. حسن ۽ خوبي بھ آھي تھ انداز بيان جي شوخي ۽ نواڻ بھ. منفرد ان ڪري تھ ٻي ڪنھن بھ صنف سخن ۾ ايڏي وسعت موجود ڪانھي، جو ھر خيال، ھر مضمون، ھر تجربي ۽ مشاھدي ۽ انساني جذبن جي ھر ڪيفيت کي پاڻ ۾ سموئڻ کان پوءِ پنھنجي وجود جي اصل بيھڪ ۽ بناوت سان گڏ پنھنجي قدرتي حسن کي بھ قائم رکي سگھي. داخليت جيڪا بذات خود انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ موج در موج جذبن جو ھڪ لامحدود سمنڊ آھي، ان جي ترجماني لاءِ پڻ غزل ئي ھڪ بھترين ذريعو آھي. انھيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو تھ انسان جي سموري زندگيءَ جي مختلف ڪيفيتن سان ڀرپور آھي. ھجر جي دردانگيز ڪارين راتين جو ذڪر ھجي يا وصل جي مسرت ۽ خوشين ۾ ٻڏل خوشگوار لمحن جو تذڪرو؛ زندگيءَ جا بيشمار ڏک ھجن يا سکن جون اڏندڙ ساعتون؛ بھار جي رنگين رت ھجي يا باغن ۾ پکين جون نغمھ سرائيون؛ گلن جي رنگ ۽ خوشبوءِ جون ڳالھيون ھجن يا باد صبا جي خرام ناز جو احوال؛ محبوب جي حسن جون جلوه طرازيون ھجن يا عشق جون بيقراريون- خزان جي ويرانيءَ واري دور ۾ جڏھن گلن ڀريل شاخن سان گڏ انسانن جي اندر مان اڀرندڙ جذبا بھ ڪوماڻجيو وڃن تھ ان جي ترجماني بھ غزل ۾ ئي بھتر طور تي ٿئي ٿي. انھي ڌار ڌار ۽ رنگ رنگ ڪيفيتن، موسمن جي بدلجڻ ۽ جذبن جي مختلف صورتن جو نالو ئي غزل آھي. جيڪڏھن غزل ۾ اھي سڀ عنصر شامل نھ آھن تھ ان کي ٻيو ڪو نالو تھ ڏئي سگھجي ٿو، پر غزل سڏي نھ ٿو سگھجي. مون کي خوشي آھي تھ شبير ھاتف جي ڪلام ۾ اھي سڀ خوبيون موجود آھن، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آھي، يا جيڪي غزل جي شاعريءَ لاءِ بيحد ضروري ھونديون آھن. +شبير ھاتف جو تعلق ٽکڙ جي ھڪ علمي ۽ ادبي گھراڻي سان آھي. شاعري تھ کيس ورثي ۾ مليل آھي. سندس بزرگ بھ شاعر ھئا تھ سندس سرپرست ڀائر بھ سنڌي زبان جا معروف شاعر ھئا. منھنجو مطلب آھي مرحوم حافظ شاھھ ’ناطق‘ ۽ ڊاڪٽر اسد الله شاھھ ’بيخود‘ سان، ٻئي ڏاڍا پيارا انسان ۽ قدر شناس دوست ھجڻ سان گڏ سھڻا شاعر بھ ھئا. شبير ھاتف انھيءَ ماحول ۾ شاعري شروع ڪئي. ھي اھو زمانو آھي، جڏھن سنڌي شاعريءَ ۾ غزل پنھنجي ڀرپور روايت سان موجود ھو. ھونئن تھ سنڌ ۾ غزل جي شروعات ڏاڍي آڳاٽي آھي، پر اسان جيڪڏھن انھيءَ زماني کي سانگي- قليچ واري دور کان شروع ڪريون تھ اسان کي سنڌي موزون شاعريءَ جي ميدان ۾ غزل جي ئي ڪارفرماني نظر ايندي. مير عبدالحسين سانگي ۽ ان جا ھمعصر، جن ۾ سندس استاد غلام محمد شاھھ گدا کان سواءِ فاضل، حيدري، مرتضائي، حافظ حامد ٽکڙائي، قليچ ۽ ٻيا باڪمال شاعر موجود ھئا. ھي سڀ جا سڀ غزل جا استاد شاعر ھئا ۽ سندن ڪلام اڄ بھ سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي غزليھ شاعريءَ ۾ سند جو درجو رکي ٿو. سنڌ ۾ غزل کي رواج ڏيڻ ۾ پڻ انھن بزرگن جي شاعريءَ وڏو ڪم ڪيو ۽ سنڌ ۾ مشاعرن جو ماحول پيدا ڪيو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پڻ غزل جا مشاعرا منعقد ٿيندا رھيا، جن کي غزل جي شاعريءَ ۾ تاريخي حيثيت حاصل آھي. جميعت الشعراءِ سنڌ جو قيام پڻ سنڌي غزل جي ترقيءَ جو بھترين ذريعو ثابت ٿيو. +ھالا جو شھر پڻ قبلھ مخدوم محمد زمان طالب المولى جھڙي غزل جي قادرالڪلام شاعر ۽ عوامي ۽ روحاني رھبر جي مسڪن ھجڻ سبب غزل جي شاعريءَ جو ھڪ اھم مرڪز پئي رھيو آھي. اتي پڻ غزل جي جوت جلي. ادبي ڪانفرنسون بھ وقت بھ وقت منعقد ٿينديون رھيون ۽ ان سان گڏ مخدوم صاحب جي سرڪردگيءَ ۾ بزم طالب المولى جو قيام پڻ عمل ۾ آيو، جنھن جي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ قائم ٿيندڙ شاخن ۾ پڻ غزل کي ئي قبول عام حاصل رھيو. +بزم طالب المولى جي مشاعرن ۾ ئي شبير ھاتف پنھنجيءَ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. اھو ئي سبب آھي، جو سندس ڪلام ان وقت جي غزل ي روايتي حسن جو آئينھ دار آھي. +ھي دور سنڌي غزل ۾ فارسي ترڪيبن جي استعمال جو دور ھو ۽ تشبيھن ۽ استعارن ۾ پڻ اھو ساڳيو التزام موجود ھو، جيڪو ان وقت جي شاعريءَ جو بھترين معيار سمجھيو ويندو ھو. مثلا: ڪشنچند عزيز جو ھي ترڪيبي شعر، جنھن ۾ استعاري جي بھ خوبي موجود آھي. +ھيھات! تشنھ ڪامي بسمل بوقتِ قتل، +خود آب صاف ٿي ويو تلوار کان جدا. +حالانڪھ ھي شعر بھترين شعر آھي، پ�� مٿين مصرع سنڌيءَ جي گرفت کان نڪري فارسي ۽ عربيءَ جي بحر بيڪران ۾ وڃي پيئي آھي. پر خدا جو شڪر آھي تھ شبير ھاتف ترڪيبن جو استعمال بھ نھايت احتياط ۽ اعتدال سان ڪيو آھي، جنھنڪري سندس شعر سولائيءَ سان سمجھھ ۾ بھ اچيو وڃن ۽ عام فھم ترڪيبن جي استعمال سبب بياني انداز ۾ وڌيڪ لطف ۽ وسعت بھ پيدا ٿي پيئي آھي. +ھاڻي ھي ھڪ شعر، جنھن ۾ غم جانان يعني محبوب جي ڏک کي بھ دعا جي قابل سمجھيو ويو آھي، ھڪ خوبصورت انداز بيان ۽ زبان جي لطف جو آئينھ دار آھي ۽ وڏي ڳالھھ تھ سنڌيت جو مزاج بھ برقرار آھي: +اي غم جانان خدا بخشئي حياتِ جاودان، +زندگي ڀر ياد رھنديون دل کي تنھنجيون قربتون! +يا ساڳي ئي غزل جو ھڪ ٻيو شعر: +تنھنجو حسن دلنواز آماده مھرو و ڪرم +تنھنجي شوخين ۾ نگاھھ شوق لئھ ڪئين دعوتون! +ھن شعر جو بھ ساڳيو مزاج آھي ۽ ڪابھ ترڪيب ناگوار نھ ٿي لڳي. مورڳو شعر جي حسن ۾ اضافو آڻيو ڇڏي. +ھن حال ۾ بھ ساھھ سان سانڍي ٿي ياد يار، +ٿورائتو رھان ٿو دل پر ملال جو. +ھي شعر ترڪيب جي خوبصورتيءَ کان سواءِ مضمون جي معنويت جي لحاظ کان بھ خوبصورت آھي. ڏکن جي پرملال دور ۾ بھ يار جي تات ۽ تنوار ساڳيءَ سڪ سان سندس دل جي دنيا ۾ موجود آھن. نھ ھن ڏکن جي پيڙا کان پريشان ٿي ياد يار کان منھن موڙيو آھي ۽ نھ دوست جي ياد ئي کيس ڇڏيو آھي. بلڪ ھن ملال ۽ ڏک جي زماني ۾ بھ کيس ساھھ سان سانڍي کيس آٿت ۽ سھارو ڏيندي رھي آھي: +توصيف ٿي ڪجي تھ ٿو محدود حسن ٿئي، +ڪھڙو ڏجي مثال عديم المثال جو. +لازوال حسن ۽ ان جي سچي ساراھھ لاءِ نھ لفظن جي رنگيني ۽ نھ بي مثال لاءِ ڪنھن تشبيھھ ۽ استعاري جي معنى آفرينيءَ جي ضرورت آھي. ھو تھ پنھنجو مثال پاڻ آھي، ان جي جمال و ڪمال جي رعنائين کي لفظن ۾ قيد ڪري محدود ڇو ڪجي. خوبصورت شعر آھي. +انھن شعرن کان سواءِ اھي ٻھ چار شعر، جيڪي شبير ھاتف جي انداز بيان جو خوبصورت نمونو آھن، پيش ڪجن ٿا. انھن ۾ فارسي ترڪيبون ضرور ڪتب آيون آھن، پر شعر جي معنويت ۽ خوبصورتيءَ ۾ اضافي خاطر: +خزان رسيده دل زار ۾ اچي ويٺين، +تون آھين جان بھار ۽ مان خود بھار آھيان. +- +دور خزان ۾ باغ دل زار گلفشان، +اعجاز آھي ديده جادو مثال جو. +- +سر دار جيڪي ٿيا سرخرو +اھي لالھ و گل ۾ زنده رھيا. +- +ڪنھن تصور ڪيو تھ ڪسجي ويو، +ذڪر ابروءِ يار ڪير ڪري! +- +آشيانن ۾ خوف برق و شرار، +تحفئھ موسم بھار آھي. +- +حسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي ھاڪ آھي، +قتل گاھھ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب. +- +چيلھھ تي ڇوڙي ڇڏيندو زلف پيچان عنقريب، +منھنجي برباديءَ جو پيدا ٿيندو سامان عنقريب. +- +غزل جي شاعري اصل ۾ حسن ۽ عشق جي شاعري آھي، انھيءَ ڪري منجھس جماليات جو عنصر غالب ھوندو آھي. محبوب جي لب و رخسار جي ساراھھ ۽ ان جي حسن جي جادوگريءَ جي بيان کان سواءِ نامڪمل آھي. جيڪڏھن دنيا جي ڏکن ۽ زماني جي ناھموارين جون ڳالھيون ڪرڻيون بھ آھن تھ اھي بھ سڄڻ جي ساراھھ کان پوءِ: +مون کي ملندو مزده صبحِ بھاران عنقريب +بام تي ايندو سڄڻ سائين خرامان عنقريب. +محبوب ڇت تي بيھي جلوو پسايو تھ عاشق کي بھار جي دل آفرين صبح جو سنيھو ملي ويو. سڄڻ سائينءَ جي لفظ شعر ۾ حسن پيدا ڪري ڇڏيو آھي. +حسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي ھاڪ آھي، +قتل گاھھ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب. +”عنقريب“ جي رديف، غزل ۾ حسن پيدا ڪرڻ سان گڏ ھڪ تسلسل ۽ تواتر پيدا ڪري ڇڏيو آھي. بس اجھو ڪي اجھو سڀ مرحلا پورا ٿي ويندا. تنھن کان سواءِ قتل گاھھ عشق ۾ قربان ٿيڻ جو سلسلو تھ ڪڏھن ختم ٿيڻو ئي ڪونھي ۽ اھو سڀ ڪجھھ عنقريب ٿيڻو آھي، جو ��روع کان ٿيندو آيو آھي. +شبير ھاتف جي شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر سڀ کان وڌيڪ نمايان آھي يا ائين کڻي چئجي تھ ھو سنئون سڌو ھڪ جمالياتي شاعر آھي. محبوب جي مرڪ، مکڙين جي مھڪ، اکڙين جي الماس ۽ ايندڙ رتن جون بھار آَفرينيون ئي ھن جي شعري فڪر جو سرمايو آھن: +مصحف رخ جون آيتون ساڳيون، +عاشقن جون تلاوتون ساڳيون. +- +مکڙين کي تو مرڪون بخشيون، +چانڊوڪين کي تو جرڪايو. +- +جيئن جيئن نيڻ نشيلا کوليئي، +تئن تئن رت تي جوڀن آيو. +_ +رت جو اھو جوڀن شبير ھاتف جي سڄي شاعريءَ تي ڇانيل آھي: +تنھنجي جوڀن جي اٿل ساوڻي دريا جھڙي. +دل کي پائي ڪنھن گرداب ۾ پائين تھ چڱو! +يار جي رفتار جي مسيحائي تھ ڏسو: +گھمائي پير جتان ويو ھو يار جان بھار، +سو بوستان تھ ڪڏھن بھ بھار ٿي نھ سگھيو. +يا وري يار جي حسن جو اھو ڪرشمو: +جمال يار مھوش جو ڪرشمو ناھي ڇا يارو، +جو ھن تي جيئن نظر پيئي، علاجِ رنج و غم ٿي ويو. +يا اھو شعر: +ڪھڙي تعريف حسن و عشق ڪجي! +نڪھت و گل جو رشتو بي تفصيل. +جھڙيءَ طرح گل ۽ خوشبوءِ جي رشتي لاءِ ڪنھن تفصيل يا دليل جي ضرورت ناھي، اھڙيءَ طرح حسن ۽ عشق جي تعريف لاءِ ڪنھن دليل ۽ تفصيل جي ضرورت ڪانھي. اھي تھ ازل کان ھڪ ٻئي سان وابستھ رھيا آھن ۽ ازلي لاڳاپي لاءِ ڇا دليل يا تفصيل بيان ڪجي. +غزل جي شاعريءَ ۾ انداز بيان کي وڏي اھميت حاصل آھي، ڪنھن بھ خيال ۽ ڪنھن بھ مضمون کي سھڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تھ شاعر لفظن جي وسيع ذخيري رکڻ سان گڏ تشبيھھ ۽ استعاري جي استعمال جي بھ مھارت رکندڙ ھجي. شبير ھاتف جي غزل ۾ اھي ٻئي خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون. ان سان گڏ ھن رعايتِ لفظيءَ جي فني پابندين کي بھ خوب نباھيو آھي. مثال طور: +جھڙيون ميخاني جون راتيون +اکڙيون ڪاريون ۽ مڌ واريون. +ميخاني جي رعايت سان مڌ يعني شراب ۽ راتين جي مناسبت سان ڪارين اکين جو ذڪر شعر کي استعاري جو ھڪ خوبصورت شعر بڻائڻ سان گڏ رعايتِ لفظيءَ جي شعري قريني کي بھ نباھيو آھي. +انھيءَ غزل جو ھڪ ٻيو شعر آھي: +تو لئھ سو سينگار ڪيائون، +آسون جھڙيون ڳاڙھيون ڪنواريون. +ھي شعر بھ استعاري جو ھڪ خوبصورت شعر آھي. دل جون اميدون بھ محبوب جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ سينگار ڪرڻ کان پوءِ ڳاڙھي ڪنوار وانگر حسين پيون لڳن: +شبِ فرقت ۾ ياد جو عالم، +چشم گريان ۾ ٿا ٻرن قنديل. +ھن شعر ۾ بھ استعاري جو خوبصورت انداز آھي. جدائيءَ جي رات جا اڪثر اونداھيءَ جي درد انگيز رات ھوندي آھي، پر محبوب جي ياد ۾ جيڪي اکين ۾ ڳوڙھا آيا، سي ڄڻ تھ روشنيءَ جا قنديل ھئا، جن جدائيءَ جي رات کي روشن ڪري ڇڏيو. تنھن کان سواءِ ھن شعر ۾ لفظي رعايت جو بھ بھتر طور تي خيال رکيو ويو آھي. رات ۽ اوندھھ سان قنديلن جو ذڪر، شعر جي فني ضرورت ھئي. +تغزل +تغزل جون زبان ۽ فن جي ڄاڻن مختلف تعريفون بيان ڪيون آھن. شعر ۾ ڪا فني خامي ۽ زبان جي غلطي نھ ھجي، مضمون واضح ۽ ابھام کان پاڪ ھجي ۽ جيڪي ڪجھھ چيو وڃي، اھو حسن ۽ عشق جي بيان ۽ انداز ۾ ھجي. پر منھنجي خيال ۾ تغزل جي سڀ کان اھم تعريف اھا آھي تھ جھڙيءَ طرح خوشبوءِ گل جي وجود مان اڏري ذھن کي متاثر ڪندي آھي، اھڙيءَ طرح تغزل بھ شعر جي ھڪ خوشبوءِ يا سرھاڻ آھي، جا شعر مان اڏري، ٻڌندڙ جي ذھن کي متاثر ڪندي آھي. جھڙيءَ طرح ھر گل ۾ خوشبوءِ جي اھا مھڪ موجود نھ ھوندي آھي، اھڙيءَ طرح ھر شعر ۾ تغزل جي سرھاڻ نھ ھوندي آھي. اسان کي ڪيترن ئي اھڙن شاعرن جا شعر نظر ايندا، جي صرف بحر وزن ۽ قافيي جي پابندين کي نباھڻ لاءِ چيا ويندا آھن. اھڙن شعرن ۾ معنويت تھ بيشڪ ھوندي، پر منجھن ��غزل واري مھڪ ڪانھ ھوندي آھي. +طوالت جي خيال کان آئون اھڙا شعر پيش نھ ٿو ڪريان، نھ تھ اھڙن شعرن جي بھ اسان جي ڇپيل شاعريءَ ۾ ڪمي ڪانھي. مون کي خوشي آھي تھ شبير ھاتف جي ڪلام ۾ اڪثر شعر تغزل جي ھن خوبيءَ سان سنيگاريل آھن ۽ پنھنجي ڀرپور خوشبوءِ سان پڙھندڙ جي ذھن کي معطر ڪندا رھن ٿا. مثال طور سندس ھي ٻھ چار شعر توھان ڏسندا تھ انھن ۾ اھي تمام خوبيون موجود آھن، جيڪي مون تغزل جي زمري ۾ ڄاڻايون آھن: +تنھنجي ايڏي جي بي رخي ھوندي، +زندگي ڪھڙي زندگي ھوندي. +- +اھو جنھن سان ڪي روح رچنديون ھيون، +اھو رات خوابن ۾ آيو وري. +ورڻ جا تھ ويساھھ ڏاڍا ڏنئين، +وڃڻ وارو موٽي نھ آيو وري. +- +تنھنجي يادن جون بھارون، تنھنجي غم جون لذتون. +دل جي دنيا ۾ تھ آھن، راحتون ئي راحتون. +تون اھو ساڳيو ئي بيگانن جيان ھلندو اچين، +عشق ويچارو اڃا ساري ٿو تو ۾ حجتون. +- +ھيءَ حقيقت تھ آشڪار آھي، +تو اڳيان چنڊ شرمسار آھي. +ورھھ ٿيا خواب ۾ ڪو آيو ھو، +ذھن اڄ تائين مشڪبار آھي. +- +ھاءِ! اھي رنگين بھاريون، +تو جي مرڪي ياد ڏياريون. +منھنجي من ۾ تنھنجيون سارون، +بر ۾ لڳيون ڄڻ بازاريون. +تو لئھ سو سينگار ڪيائون، +آسون جھڙيون ڳاڙھيون ڪنواريون. +- +وڇوڙي جا طوفان ايندا رھيا، +ڏيا تنھنجي يادن جا ٻرندا رھيا، +ڪئي حڪمراني ٿي موجن تي جن، +سي ٻيڙا ڪنارن تي ٻڏندا رھيا. +ھيون جن سان ميخاني جون رونقون، +اھي سرڪ جي لاءِ سڪندا رھيا. +- +جي نگاهھ ناز جون ھي فتنھ سامانيون رھيون، +پاڻ کان ويندا ڇڏائي دين و ايمان عنقريب. +- +دشمن تي عنايتون ساڳيون، +دوستن جون شڪايتون ساڳيون. +- +مکڙين کي تو مرڪون بخشيون، +چانڊوڪين کي تو جرڪايو. +جيئن جيئن نيڻ نشيلا کوليئي، +تئن تئن رت تي جوڀن آيو. +- +ھيل نيڻن بھ ڪيا واھھ جا آگم آھن، +مينھن جي مند مٺا مون سان ملھائين تھ چڱو. +- +مان بي خوديءَ جي حقيقت نھ ٿو ٻڌائي سگھان، +گھڻو ئي غور ڪيم اختصار ٿي نھ سگھيو. +- +ھي حسن ۽ عشق جا افسانا، چئبا تھ نگاھن ۾ چئبا، +اي ڪنھن جي محبت جا ماريل! محفل ۾ ويھي فرياد نھ ڪر! +- +توکي تنھنجي زبان ۾ سھڻا +شوخ، نازڪ، گداز، ڇا چئجي! +- +اھي شعر جيڪي مون پيش ڪيا آھن، انھن مان ڪنھن بھ شعر جي تشريح جي ضرورت ڪانھي. ھر شعر زبان ۽ بيان جي خوبيءَ سان موجود آھي ۽ تغزل جو حسن بھ نمايان نظر پيو اچي ۽ ان جي معنوي ۽ لفظي سرھاڻ ٻڌندڙ ذھن کي متاثر ۽ معطر ڪريو ڇڏي. اھائي تغزل جي سچي پچي تعريف آھي ۽ اھائي شبير ھاتف جي ڪلام جي خوبي آھي. اھڙا بي شمار شعر سندس بياض ۾ موجود آھن جن مان ھر ھڪ غزل جي شاعريءَ جي حسن ۽ تخيل جي بلندين جو آئينو آھي. +غزلن کان سواءِ شبير قطعا، رباعيون ۽ ھڪ اڌ نظم بھ چيو آھي. قطعن ۾ پڻ انداز اھو ساڳيو غزل جو ئي رکيو اٿائين. پھرين گھڻو ڪري شاعر غزل کان اڳ قطعا پيش ڪندا ھئا، جن ۾ پڻ غزل وارا عشقيھ مضمون ھوندا ھئا. اڄ ڪلھھ قطعا ڪجھھ موضوعاتي بڻجي چڪا آھن. شبير جي قطعن ۾ بھ اھو ئي عشقيھ انداز موجود آھي. +مون ڏٺا آھن جھان ۾ حسن وارا بي شمار، +ڪن تان چانڊوڪيون فدا، ڪن تان فدا رنگ بھار، +ڪن ۾ پرين جا مھانڊا، ڪن ۾ حورن جا نشان، +پر مٺي محبوب جي ھڪڙي ادا تان سڀ نثار! +- +تون لڪڻ سان ڪو لڪي سگھندين، +منھنجا محبوب سائين موچارا! +رخ تان لاھي حجان زلفن جو، +سج کي سپ ڏئي ڍڪڻ وارا! +- +منھنجي دل جا مڪين اکين کان پري، +ايترو قرب ايتري دوري! +شيوه حسن آھي جور و جفا، +ھاءِ تنھنجي ڪرم جي مجبوري! +- +ڪيڏيون معصوم تمنائون ڪھي ڇڏيوسين، +بزم جانان کي نئون رنگ ڏيڻ جي خاطر، +ڪيترا ڀيرا انھيءَ درد تي مئا ھونداسين، +رو ھڪ ڀيرو جيئڻ وانگي جيئڻ جي خاطر. +_ +قطعن جي روشنيءَ ۾ بھ شبير ھاتف جي شاعري ساڳي غزل جي تسلسل جي شاعري ٿي معلوم ٿئي. ھر قطعو خيال ۽ لفظن جي بندش جو بھترين نمونو آھي. تشبيھھ ۽ استعاري جو بھ اھو ئي ساڳيو ئي التزام آھي جو سندس غزل ۾ آھي ۽ وڏي ڳالھھ اھو لفظي ۽ معنوي ربط جو ھر قطعي جي چئني سٽن ۾ موجود ھئڻ گھرجي، شبير جي قطعن ۾ ڏاڍي سھڻي انداز ۾ موجود آھي ۽ ھن ربط يا چئني سٽن جي ھڪ ٻئي سان لاڳاپي سندس قطعن کي بھ نھايت خوبصورت بڻائي ڇڏيو آھي. +مون کي اميد آھي تھ سندس ڪلام سنڌي ادب جي پڙھندڙن، خاص طور غزل جي شائقين لاءِ ھڪ بيش بھا تحفو ثابت ٿيندو ۽ اھا تشنگي جا غزل جا پڙھندڙ گھڻي عرصي کان محسوس ڪري رھيا ھئا سا ھن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ دور ٿي ويندي. +شبير ھاتف جو غزل +سنڌي ادب ۾ جي نوجوان شاعر ذوق جماليات جي ترجماني ڪن ٿا ۽ جن جي شاعري خالص عشقيھ چئي وڃي ٿي، تن ۾ شبير ھاتف ھڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آھي. سندس تغزل فني لحاظ سان پنھنجي معاصر نوجوان شاعرن ۾ جنھن بلنديءَ تي پھتل آھي، ان جو داد وڏن وڏن قادرالڪلام استاد شاعرن پڻ ڏنو آھي. سندس غزل عرياني ۽ فحاشيءَ کان پاڪ آھي. تغزل جي زبان نھايت صاف آھي ۽ اسلوب رنگين اٿس. نھايت نازڪ ۽ مغلق مضمونن کي رمز ۽ ڪنايي جي انداز ۾ بيان ڪرڻ تي دسترس حاصل اٿس. +سندس فن کي ڏسڻ کانپوءِ اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ اگر فن تي رياض ۽ مشق سخن جاري رھيا تھ پوءِ سندس فن دوامي شھرت جو مالڪ ثابت ٿيندو ۽ ٽکڙ جي عظمتِ رفتھ کي قائم رکي سگھندو. +- غلام محمد گرامي +امداد حسيني +کليل اکين جا خواب : وفا ناٿن شاھي +شاعري رنگا رنگ پٽ ڏور وانگر آھي، جيڪا کلندي ويندي آھي، کلندي ويندي آھي. ”وفا“ جي شاعريءَ سان بھ ساڳي ڳالھھ لاڳو ٿئي ٿي. ڪيترن ھنڌن تي مارڪنگ ڪيم، نوٽس ورتم، ۽ جڏھن انھن کي سھيڙڻ ويٺس، تڏھن وڌيڪ پکيڙ ٿيندي وئي: +ڇو شاعر کي ٿا توريو؟ +ڪنھن ڌرتي ناھي توري! +شاعري پاڻ ڳالھائيندي آھي (يا ان کي پاڻ ڳالھائڻ کپي) پڙھندڙ سان، ٻڌندڙ سان. شاعريءَ جي ملھھ ڪٿ لازمي آھي. اھو ڪم تنقيد ئي ڪري سگھي ٿي، جيڪا عدم موجود آھي. ساھت ۾ بھ، تھ عام زندگيءَ مان بھ! +ڪنھن بھ شاعر جو شروعاتي دور، جڏھن ھر ڪوري ڪاڳر تي لکڻ لاءِ من چاھيندو آھي، تڏھن کيسا تھ خالي ھوندا آھن، پر دل ڀريل ھوندي آھي. ”وفا“ بھ اھڙي دور مان لنگھيو: +ڳاڙھا ڳاڙھا ٻير لھي پيا، +ڪانڊيرن ۾ پير لھي پيا. +۽ پوءِ تيز ھوائون لڳيون: +ھر طرف جي ھوا، +پوءِ بھ روشن ڏيا. +ون يونٽ جو ڳورو ڳٺ سنڌڙءَ جي ڪونج ڳچيءَ ۾ پاتو ويو. سنڌ جو نقشو ۽ نالو بُلن ڊٺل آڱرين سان ڊاٺو ويو. ۽ ائين خدا جي نشانيءَ کي ميسارڻ جي گندي ۽ ناپاڪ سٽ سٽي وئي. سنڌ جو نانءُ ڳنھڻ بھ ڏوھھ ٺھرايو ويو: +سنڌڙي تنھنجو نانءُ وتو، +ڪاريھر تي پير پيو! +(اياز) +پر سنڌ جا اديب ۽ شاعر سڳوريءَ سنڌ جي نالي ڳنھڻ کان ڪونھ مڙيا. ھر طرف جي ھوائن ۾ ڏيي ٻارڻ کان ڪونھ مڙيا- ۽ ائين انھن تيل بدران خون جگر سان ھر من ۾ جڳ مڳ جوت جيارڻ جو جتن جاري رکيو: +رت سان رکبي، +مشعل ٻاري. +ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ ايوب خاني مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنجين درجي تائين واڙيو ويو: +رڳو ڪتن، ٻلن جي بادشاھي، +غلامي گندگيءَ جو ڍير آھي. +سنڌي ٻوليءَ، ساھت ۽ سڀيتا لاءِ اھو ھڪ انتھائي خطرناڪ درو ھو. ان دور جي جبر جي ذڪر کان سواءِ اسين شاعريءَ جي ھڪ اتھاسڪ دور سان انصاف نھ ڪري سگھنداسين، ۽ انھيءَ چوڻ ۾ مون کي ڪابھ ھٻڪ نھ آھي تھ اھي اديب ۽ شاعر ئي ھئا، جن پوري سگھھ س��ن، قومي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ٻوليءَ جي محاذ تان ھڪ وڏي ويڙھاند ڏني. سنڌ اھڙي ويڙھاند ھر دور ۾ ڏني آھي: +چڙھندي چيائون، تھ ٿيندي ويڙھھ وڏاندري +(شاھھ) +ڀاڳو ڀان کان لطيف تائين ۽ لطيف کان موجوده دور تائين اھا رت ليڪ ڪٿي بھ ٽٽي نھ ٿي: +پنھنجي پويان رت جي ليڪ ڇڏي، ھلندا ھلجو. +(تنوير) +انھيءَ سموري صورتحال کي ”وفا“ غزل جي روپ ۾ اسان جي آڏو آندو ۽ شاعريءَ کي ھڪ مقصد عطا ڪيو: +آزاديءَ جو متوالو +پڃري سوڌو اڏري ويو. +پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي ’سنڌي ٻولي بچايو‘ جي تاريخي جاکوڙ سنڌي زبان سوسائٽيءَ جو قيام، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ جي تحريڪ، جلسا، جلوس، جيل، سزائون، تھمتون، فتوائون: +جرئتِ اظھار آ زندان ۾، +سچ گستاخي آ تنھنجي شان ۾. +انھيءَ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ جنھن دور سان ”وفا“ سلھاڙيل آھي، سو سنڌي شاعريءَ جو ھڪ سونھري دور آھي، ۽ جنھن کي سڳن آھوجا، ”روشن ڇانورو“ ۾ نارايڻ شيام جي شاعريءَ جي حوالي سان ”نئون ڪلاسيڪل يگ“ ٿو سڏي. ”وفا“ انھيءَ دور مان بھ لنگھيو. ھڪ آس کڻي- اتساھھ کڻي: +پوندا ڪڏھن، +ڏونگر ڏري +- ۽ پوءِ، اھو ڏاڍ جو ڏونگر ڏري پيو. ون يونٽ جو بُت ڀورا ڀورا ٿي ويو ۽ ”وفا“ ڪڏھن بھ، ڪٿي بھ، سنڌ ماءُ جي ٿڃ نھ لڄائي: +نمڪ حرام، نھ ڪي بي ضمير آھيون دوست! +خلوص دل سان پيا سنڌ سان نباھيون دوست! +اھڙي ڪاري قھري رات ۾ ھن خواب ڏٺا. کليل اکين جا خواب، جاڳندين اکين جا خواب، جيڪي شعر کي زندھھ رکندا آھن ۽ اھي خواب ھو پنھنجي پڙھندڙ کي ارپيندو آھي: +آزاديءَ جا خواب ڏسي، +قيديءَ رات گذاري آ. +- پوءِ ”وفا“ جھڙو حساس شاعر اکٽ اڪيلائيءَ جي دور مان لنگھيو: +روز گھمن ٿا ميلا ماڻھو، +پوڀي ٺپ اڪيلا ماڻھو. +- ۽ ھو نوڪريءَ جي ٽوڪري کڻي سڄيءَ سنڌ ۾ رلندو ڀٽڪندو رھيو. زھر پيئندو رھيو ۽ شعر لکندو رھيو. ائين ھو زھر کي امرت بڻائڻ جي تجربي جي ڪوٺاريءَ ۾ تپندو ڪندن بڻجندو رھيو: +سون وانگر ھميشھ رھياسين ’وفا‘، +ھر چتا ۾ اسان کي جلايو ويو. +”وفا“ ساڍا ٽي ھزار کن غزل لکيا آھن. مقدار جي لحاظ کان اھو ھڪ وڏو انگ آھي، پر معيار جي لحاظ کان بھ ”وفا“ موجوده دور جو ھڪ اھم غزل گو شاعر آھي. +ڪنھن بھ ھڪ صنف ۾، سو بھ غزل جھڙي صنف ۾، جنھن کي ڌاري صنف چئي عدوليو بھ ويو، ايتري مقدار ۽ معيار ۾ لکڻ ھڪ ڪارنامو ئي تھ آھي. ”وفا“ نھ رڳو غزل جي ڊڪشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي گڻ کي ڳولي لھي ٿو، پر ھو لفظ گھڙڻ جو ھنر بھ ڄاڻي ٿو. اِھو اھو دور ھو، جڏھن اياز ”گيڙو ويس غزل“ تخليقي رھيو ھو. ٺيٺ سنڌي غزل جي ان روايت جو ڏس اسان کي ”سانگي“ وٽ بھ ملي ٿو: +جي سھڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا، +چپ چاشنيدار چکائي ويس، ستي سورن کي تھ جڳائي ويا. +(سانگي) +ائين اڳتي ھلي ڪافي نما غزل ۽ غزل نما ڪافيءَ جي روايت جڙي. +اياز، شمشير، شيام، تنوير، ايم. ڪمل ۽ ذوالفقار راشديءَ جھڙن وڏن جديد غزل گو شاعرن ۽ طالب المولى، احسن الھاشمي، علي محمد مجروح ۽ شبير ھاتف جھڙن اھم ۽ وڏن روايتي غزل گو شاعرن جي موجودگيءَ ۾ ”وفا“ پنھنجي لھجي کي منفرد رکڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. ايتري گھڻي لکڻ کان پوءِ بھ ھو پاڻ کي ڪٿي بھ ورجائي نھ ٿو. ھو غزل ۾ گھڻي کان گھڻا موضوع، وارتائون، ترڪيبون، تشبيھون ۽ لفظ پڻ کڻي آيو آھي. ھو مسلسل تجرباتي عمل مان اڪري پار پئي ٿو. خود ھن جيڪي بحر وزن جا تجربا ڪيا آھن، اھو بھ ھڪ الڳ موضوع ٿي سگھي ٿو. سنڌ ۾ رلڻ ڀٽڪڻ جي ڪري ھن جو مشاھدو وسيع آھي ۽ ھن جي مشاھداتي حس بھ ڏاڍي تيز آھي. ائين ”وفا“ نوان گھاڙيٽا گھڙي ٿو ۽ ھڪ الڳ ۽ منفرد ردم کي رواج ڏئي ٿو ۽ ننڍڙي فارميٽ ۾ وڏي ڳالھھ ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو: +من سرڪاري، +تن درٻاري. +پڃرا ماري، +شھر شڪاري. +کٽ تي سائين، +پٽ تي ھاري. +اھو نج وفا جو لھجو آھي: +سا ئي جنھن سان آ ساجن، +سا ھارياڻي، راڻي آ. +ڪن نيڻن ۾ رت ڦڙا، +ڪن نيڻن ۾ پاڻي آ. +- +ھر چونڪ صليب آھي، +ھر موڙ تي ڦاھي آ. +غيرن جو عروج آھي، +پنھنجن جي تباھي آ. +شاعر جي سرشت ۾ بغاوت ۽ انقلابيت جو ٻج ڇٽيل ھئڻ لازمي آھي ۽ ھن کي ان ٻج جي آبياري خون جگر سان ئي ڪرڻي آھي. ائين ھو ڪنھن تي ٿورو نھ ٿو ڪري، بلڪ اھو ھن جو ظرف آھي: +ڪڏھن عيسى، ڪڏھن منصور آھيان، +مان پنھنجي ظرف کان مجبور آھيان. +”وفا“ جي لھجي ۾ جيڪا تلخي آھي، اھا خارجي آھي، جيڪا ان کي سماج کان ئي ملي آھي، ۽ ھڪ سچي شاعر جي بنيادي ذميواري اھا نھ آھي تھ ھو ان سموريءَ تلخيءَ کي، سموري وھھ کي ھڪ ٽڪ پي، امرت ڪري جڳ تي اوتي ڇڏي: +رات ڏٺو مون سپني ۾، +سنڌڙيءَ جي ھٿ ۾ ڪشتو. +ڀريندؤ اوھان زخم تھذيب؟ +اوھان جي شرافت تي ڇڏيون! +- +کپائي سنڌ کي پو سنڌ جا سڏايون پاڻ، +انھن ذليل ضميرن مان پاڻ ناھيون دوست! +سڏائي سنڌي، لٽيون سنڌ کي غضب آھي، +ڏيون ٿا پاڻ ئي پنھنجن گھرن کي باھيون دوست! +سچ کي بنا ڪنھن لليءَ چپيءَ جي، بنا ڪنھن ٻِت ٻِت جي منھن تي ڦھڪائڻ ’وفا‘ جي ريت آھي. پوءِ ان جو ردعمل ڪھڙو ٿو ٿئي، سو يقينا ڏسڻ وٽان ھوندو: +ھر پڙھندڙ جو بُڇڙو منھن، +اڻ وڻندڙ تحرير اسان. +اڄ جڏھن ادب ۾ گروھھ بنديون آھن، من ترا حاجي بگو وترا قاضي بگو جو ڪاروبار آھي، ٺيڪيداريون آھن، ٺپا آھن، فتوائون آھن، تڏھن ”وفا“ پنھنجي بنيادي فرض سان سچو رھيو آھي: +لاتي آ مون ڪٽ غزل تان، +پنھنجو رنگ ڄمائڻ خاطر. +توڙي جو ھو ان احساس جو شدت سان اظھار ڪري ٿو: +آھي بين زبانن تي، +ڇا ڪريون تقرير اسان؟ +پوءِ بھ ھو ڪڏھن بھ، ڪٿي بھ، پنھنجي بنيادي فرض کان منھن نھ ٿو موڙي: +توڙي پن ڇڻ لڳا پيا ھون، +منھن تي لالي کنيو وتون ٿا. +توڙي جو ھن جو پنڌ اين ڪاون تي اگھاڙين پيرين پنڌ آھي، پر پوءِ بھ ھو ساٿ کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساھي ٿو: +باقي سڏ کن پنڌ اٿئي. +يار! متان گھٻرايو ٿئي. +اڄ جڏھن دعوائن جي باوجود سنڌي ٻوليءَ، ڪھاڻي ۽ شاعريءَ تي، ۽ مجموعي طور سنڌ تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آھن، تڏھن ”وفا“ جي شاعريءَ جو منظرعام تي اچڻ، گھٽ ٻوسٽ ۾ ٿڌي ھير جي جھوٽي وانگر آھي: +ڪفر، اونداھھ ۾ رکڻ، +منھنجو مذھب پيار ٿئي. +”وفا“ وٽ روايتي تغزل بھ ملي ٿو، پر ھو ان کي وقت ۽ حالتن جي تقاضا پٽاندر ورتائي ٿو ۽ ان کان بغاوت بھ ڪري ٿو: +ويزا جي تڪليف نھ ڪر، +زم زم ڄاڻ پرينءَ جي پڪ. +”وفا“ جو غزل راويت ۽ جدت جو سنگم آھي، پر ائين چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو تھ ”وفا“ سنڌي غزل جون نيون روايتون قائم ڪيون آھن- ۽ غزل کي سنڌي شاعريءَ جي ھڪ مانائتي صنف جي پد تي پھچائڻ ۾ ھن ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. رھي ڳالھھ مڃتا جي تھ ھڪ سچو شاعر شھرتن کان سدائين پري ڀڄندو آھي ۽ ”وفا“ کي بھ اھڙري ڪنھن مڃتا جي کاپي نھ آھي: +روپوش ڪي رھن ٿا سدا باغين جيان، +۽ ڪن کي خوامخواھ ٿي شھرت ملي وڃي. +پر اسين ”وفا“ کي اھڙي مڃتا ڏئي، دراصل پنھنجو پاڻ کي ئي مڃتا ڏيون ٿا: +مون شاعريءَ کي ڇا ڏنو؟ +اھو بھ ڪجھھ حساب ڪر. +- ۽ شاعريءَ ھن کي ڇا ڏنو آھي؟ اھو ھڪ الڳ موضوع آھي.[1] +ايوب کوسو +وفا ناٿن شاھي جي غزلن تي ھڪ نظر +نئون نسل ڏيندو اسان جا حوالا +شاعري اندر جي احساسن جو اظھار آھي ۽ ان سان گڏ پنھنجي جاءِ تي ھڪ تاريخ بھ آھي. ائين کڻي چئجي تھ شاعري: احساسن، سچ، ضمير، سوچ ۽ اکين جو آواز ۽ تار��خ آھي. سنڌي شاعري لڪ لنگھي، اڄ جنھن جاءِ تي پھتي آھي، اھا بھ ھڪ ڊگھي تاريخ ۽ تسلسل آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، ھڪ تمام سگھاري ۽ مقبول صنف طور سڃاتو وڃي ٿو. اھو غزل طويل سفر ڪندو، سنڌ ۾ ھاڻي ھڪ خالص ”سنڌي غزل“ جي روپ ۾ اڀري ظاھر ٿي چڪو آھي. سنڌ ۾ غزل جا ھونئن تھ گھڻائي وڏا نالا ۽ سٺا شاعر آھن، پر جن ھن صنف سان مڪمل انصاف ڪيو آھي، تن ۾ ھڪ وڏو نالو وفا ناٿن شاھي، جو آھي. ائين چوڻ ۾ ڪوبھ وڌاءُ نھ ٿيندو تھ وفا ناٿن شاھي غزل جو ’خاص شاعر‘ آھي. سنڌي غزل جو تمام وڏو شاعر آھي. ھو ڄڻ تھ ڄائو ئي غزل لکڻ لاءِ آھي. غزل جھڙي حساس، نرم ۽ نازڪ صنف کي ڇھي، ان ۾ ڀرپور رنگ وکيرڻ، ان کي سنڌي ٻوليءَ جي نڪور ۽ نج تشبيھن سان ڪنوار جيان سينگاري پيش ڪرڻ، وفا جو ئي ڪمال آھي. وفا جا غزل ايڏا تھ حسين، دل کي ڇھندڙ ۽ ڀرپور آھن، جو پڙھڻ کان پوءِ دل بي اختيار واه واه ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوي، رڳو ايترو نھ، پر سندس غزل جو ھڪ ھڪ شعر ايڏو تھ وزندار، بامعنى ۽ جذبي جي انتھا جو گلدستو ٿو ڀاسي، جو اھي سٽون حسين مکڙي جيان جرڪنديون ٿيون نظر اچن. انھن رنگن ۾ اھي احساس پنھنجا ٿا ڀاسن، پنھنجي دل جو آواز ٿا لڳن. وفا جون تشبيھون ڪمال ۽ غضب جون آھن. ڪنھن خوبصورت چھري کي ڏسو يا وفا جو غزل پڙھو، ڳالھھ ساڳي آھي. وفا جو خيال خوابن مان جاڳيل، ڪچيءَ ننڊ مان اٿاريل اکين جا اولڙا، اھڃاڻ ۽ خيال آھي: +مان تنھنجي بقا وانگي، +تون منھنجي فنا وانگي. +احساس بنا ماڻھو، +بي رنگ حِنا وانگي. +ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ، +بي جرم سزا وانگي. +ان ساڳئي غزل ۾ وري اڳتي جا ھي احساس، اکين جو، روح جو، مشاھدي جو ڪو آواز ٿا ڀاسن ۽ خيال ۽ جذبي جي اھا ڄڻ تھ ڪا انتھا آھي: +ڪڃريءَ جي محبت آ، +بي فيض دعا وانگي، +ھر سوچ منافق جي، +جوتي ۾ بلا وانگي. +منافق جي سوچ- جوتي ۾ بلا، ڪڃريءَ جي محبت- بي فيض دعا، ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ ۽ بي جرم سزا جھڙيون تشبيھون، وفا جي فن جو ئي ڪمال آھن. ھڪ مڪمل ۽ حسين غزل تڏھن ئي مڪمل ۽ خوبصورت ٿئي ٿو، جڏھن ان ۾ خيالن ۽ تشبيھن جي خوبصورتي ننھن کان چوٽيءَ تائين سمايل نظر اچي. وفا ڪافي عرصي کان غزل جي شاعري ڪندو رھيو آھي، پر ھن جو اھو تسلسل ڪٿي بھ ٽٽو ناھي، ھن جو تازو لکيل غزل پڙھو يا اٺ ڏھھ سال پراڻو لکيل غزل پڙھو، توھان کي اھي غزل اوترائي ڀرپور ۽ سھڻا محسوس ٿيندا، جيتري ھيءَ ڪائنات سھڻي آھي. وفا جي شاعري حسن، عشق، ڌرتيءَ، درد، احساس، آجپي ۽ سچ جي شاعري آھي. سندر احساسن جي شاعري آھي. ڪوماڻيل ھٿن ۾ ٽٽل چوڙين جي شاعري آھي، ماڻھوءَ جي من جي سچائيءَ جي شاعري آھي، ۽ ان شاعريءَ جي ٻولي ڪنھن چميءَ کان وڌ مٺي آھي: +گل چڙھي ويا جڏھن مزارن تي، +باغ ڏاڍا رنا بھارن تي. +ھٿ کڻي ڪير حسن وارن تان، +ھٿ کڻي ڪير حسن وارن تي! +ھڪ نھايت حساس دل رکندڙ انسان ڄاڻي ٿو سگھي تھ باغن جو روئڻ ڇا آھي؟ حسن وارن تي ھٿ کڻڻ ڪيترو دل ڏکوئيندڙ پھلو ۽ منظر آھي، ۽ حسن وارن تان ھٿ کڻڻ بھ ڪيترو نھ اوکو آھي! اھي احساس ھڪ گھري مشاھدي جي علامت آھن. وفا جو مشاھدو سندس شاعريءَ جو انوکو پھلو آھي. ڪنھن بھ شاعريءَ جو اصل حسن، ٻوليءَ جي رواني ۽ ٻوليءَ جي سھڻي استعمال ۾ آھي. وفا جي شاعري ان رنگ ۾ رڱيل واضح نظر اچي ٿي، ۽ مٽيءَ سان محبت، پرينءَ جي پيار، ڌرتيءَ جي ذري ذري سان عشق واضح نموني محسوس ڪرائي ٿي: +[1] ’اکين ۾ الماس‘ – وفا جي شعري مجموعي (2000ع) تان ورتل.( + + +سيني سيني ۾ کڻي دل آھي، +مون کي دلدار جو احساس آھي. +ايڏي ٻيلن سان محبت آھي، +ھر ڀڳل ڏار جو احساس آھي. +کوڙ ديوارون گواھي آھن، +تنھنجي ديدار جو احساس آھي. +وفا جي شاعريءَ جو اھو ئي حسن آھي، اھو ئي نرالو ۽ اربيلو احساس آھي. ھن سماجي بيھڪ ۾ حق غضب ھئڻ، ناانصافي ھئڻ، ڪنھن جي جذبن کي قتل ڪرڻ، سوچن کي، احساسن کي قيدي بڻائڻ ھڪ شاعر جي نظر ۾ ڪيترو ڪڌو آھي، اھي احساس اسان کي وفا جي شاعريءَ ۾ چٽيءَ طرح ملن ٿا. +”چادر چئوديواري ماڻھو“، +عورت سان غداري ماڻھو! +يا وفا جون ھي سٽون ان جي ڀرپور عڪاسي آھن، ۽ سچ جو نرالو ۽ ڀرپور ثبوت آھن: +ٻئي پير ڇالا، +محبت ڪشالا. +دلين ۾ انڌيرا، +اکين ۾ اجالا. +ڪنن جون ڪھاڻيون، +نھ واليون نھ والا. +نويلين کي پردا، +حويلين کي تالا. +رڳو ھي چند شعر نھ، پر وفا جي سڄي غزل جي شاعري ڪو احتجاج آھي، ڪو آواز آھي، جيڪو اسان جي اردگرد ھوا جيان رلي ۽ گھمي رھيو آھي؛ جنھن ۾ ڪٺل احساسن ۽ درد جي شدت، مٽيءَ جي محبت جي ھڪ تاريخ سمايل آھي، ھڪ گھري چيخ سمايل آھي. اڄ جڏھن احساس ڪيڏا نھ گھرا ٿا ڀاسن، ۽ ان جي منظرڪشي ٿا ڪن تھ ائين ڇو آھي!؟ +ساري دنيا سان ٺھڻ مشڪل ھو، +ڪوئي پنھنجو ڪو پرايو ٿي ويو. +- +مٽيءَ ۾ تفاوت، +ڪي سيد ڪي ٻالا. +وفا سنڌي غزل کي اھا نواڻ، اھا خوبصورتي ڏني آھي، جو اھا روح پرور شاعريءَ جو اھڃاڻ بڻجي وئي آھي. ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ ھن جو سماج سان احتجاجي رويو کيس ٻين کان ممتاز بڻائي ٿو. ھونئن بھ ليکڪ ئي سماجي براين کي وڌيڪ موثر نموني پيش ڪرڻ جي اھليت رکي ٿو. شاعري تڏھن ئي دل جون گھرايون ڇھندي آھي، جڏھن ان ۾ پرويل خيال ماڻھن کي پنھنجا لڳن. محرومين، مجبورين، غداري، مقتل گاھن جي ھڪ ڊگھي تاريخ اسان ماڻھن جي آس پاس رھي آھي، جنھن جو احساس وفا جي ھنن شعرن ۾ جرڪندو ٿو نظر اچي: +مقتلن تي سورين تي فيصلو، +ڪير ڪنھن جو يار آ، قسمت کٽي. +ھڪ طرف آ ساک منھنجي پيار جي، +ٻئي طرف سنسار آ، قسمت کٽي! +وفا جي سڄي شاعري، اسان ماڻھن جي آس پاس جي عڪاس آھي. سندس غزل جي شاعريءَ ۾ ڪوبھ خيال اوپرو، ڪابھ تشبيھھ اڻ ٺھندڙ نظر نھ ٿي اچي. انھيءَ ڳالھھ کيس منفرد رکيو آھي. پاڻ ھن دور جو ھڪ وڏو شاعر آھي. ھو سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل جو جادوگر شاعر آھي. وفا جو ھر غزل چانڊوڪيءَ رات ۾ چنڊ کي ڏسندڙ معصوم حسين ڪنواري نگاھھ جيان آھي. سندس ھر غزل، حسن، عشق ۽ سچ جي ھڪ نئين سوکڙي آھي. وفا جي شاعري، سنڌ جي سرزمين مان کنڀيءَ جيئن اسري نروار ٿي، ھر من کي موھيو آھي. اھا شاعري معصوم اڃايل محبتن، ٽٽل خوابن، رٺل ارمانن ۽ اداس اکڙين جي شاعري آھي. اھا شاعري، اداس زلفن کي سنواريندڙ ڪومل آڱرين جي شاعري آھي، وصل ۽ وڇوڙن جي شاعري آھي. +جوڙ مليا بي جوڙن وانگي، +جن جا وصل وڇوڙن وانگي، +دل جي ڌرتي ناس ڪري ويا، +صدما، جنگي گھوڙن وانگي. +اھا اٽل حقيقت آھي تھ شاعري ھر دور ۾ تاريخ جي حيثيت رکي ٿي ۽ جي اھا شاعري سچ جو آئينو آھي تھ پوءِ ڳالھھ ئي ڇا ڪجي. وفا جا ھي شعر ھڪ دور جو ڪيڏو نھ سندر سچ آھن: +جسمن جي، جي پيار تمنا ٿئي ھا، +چڪلي مان ھر عاشق پئدا ٿئي ھا. +منھنجو پيار ھجي ھا جي بازاري، +منھنجي توکان ڪا تھ تقاضا ٿئي ھا! +وفا سنڌي غزل جي شاعريءَ کي غزل جو اھو تحفو ڏنو آھي، اھو ذخيرو ارپيو آھي، جيڪو اسان جي جديد سنڌي شاعريءَ جو وڏو سرمايو آھي، جنھن تي اسان کي سدائين ناز رھندو. وفا جا غزل ھر رت ۾ ھر ماڳ تي، پيار ڪرڻ جھڙا آھن. جڏھن بھ سنڌي غزل جي شاعريءَ جي ڳالھھ ڪبي، يا ٿيندي، اھا ڳالھھ وفا ناٿن شاھيءَ جي غزلن بنا اڌوري اڻ پوري ۽ نامڪمل رھندي. وفا پيار ۽ وفا جو شاعر آھي. سندس غزل ڪڏھن بھ نھ وسارڻ جھڙا آھن. وفا جا سجايل احساس ھر دور ۾ اسان سان، اسان جي ايندڙ نسل سان، ائين ساٿ رھندا، جيئن حسن ۽ عشق ساڻ رھندا آيا آھن. وفا جون ھي سٽون، شايد انھيءَ موقعي لاءِ ئي تھ آھن: +اکيون مورچن ۾، +جگر بي خيالا. +نئون نسل ڏيندو. +اسان جا حوالا. +تاج جويو +سنڌي غزل ۾ نئون رنگ : +آثم ناٿن شاھي +سنڌ سڄي ھيرن جي کاڻ آھي، پر شعر و ادب جي حوالي سان ڪي ڪي شھر ڏاڍا زرخيز آھن. دادو ضلعي جو شھر خيرپور ناٿن شاھھ بھ انھن شھرن مان ھڪ آھي، جتي شاعرن جي ھڪ پوري ڪھڪشان (Galaxy) موجود آھي. اسان جو يار، سٻاجھو، سادو، سچو ۽ سيبتو شاعر آثم ناٿن شاھي بھ ان ڪوتا ڪھڪشان جو ھڪ جرڪندڙ ستارو آھي، جنھن ڪھڪشان جا ٻيا ستارا وفا ناٿن شاھي، نشتر ناٿن شاھي، راز ناٿن شاھي ۽ وقار ناٿن شاھي آھن. وفا ناٿن شاھيءَ جو غزل، چئي کڻي دنگ ڪر. سنڌي غزل ۾ ”وفا رنگ“، غزل جو مقبول رنگ آھي. وفا، سنڌي غزل کي پنھنجو لھجو، پنھنجو ڊڪشن (Diction)، پنھنجي ٻولي ۽ پنھنجو منفرد مزاج بخشيو آھي. نئين غزل جي آبياريءَ ۾ وفا جو ڪردار مالھيءَ وارو آھي، بلڪ وفا اڄ جي نئين غزل جي نرسري (nursary) آھي. غزل جو شاعر نشتر ناٿن شاھي بھ آھي، پر ان جو رنگ استادانھ ۽ روايت جو پاسدار آھي. غزل، راز ناٿن شاھيءَ بھ لکيا آھن: +ھڏيون ھڏيون، عريان عريان، +ڇوري ٻار جيان تقديرون! +خوبصورت ۽ تغزل سان ڀرپور، پر راز کي ٽي. ويءَ جي دنيا ڳڙڪائي وئي ۽ وقار ناٿن شاھي ”ڪوتا ڪھڪشان“ ۾ منفرد رنگ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ”بي رنگ ۽ بي ڍنگ“ ٿي ويو. نشتر اڃا ميدان جو ملھھ آھي، وفا جو ڪوئي ملھھ نھ آھي، پر آثم بھ آثم آھي. وفا جي غزل وانگر آثم جو غزل، سنڌي غزل ۾ ھڪ نئون رنگ کڻي آيو آھي، نھن ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ وانگر نوان استعارا، نيون تشبيھون، نئين ٻولي ۽ ھڪ انوکو رنگ آھي. +اھا حقيقت آھي تھ آثم بنيادي طرح نظم جو شاعر آھي ۽ سندس ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ڳوٺاڻي ٻوليءَ، فطرت جي نظارن، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماحول ۽ ديھاتي حسن جي آڏاڻي تي اڻيل آھي، اھو ئي سبب آھي، جو ھو غزل ۾ بھ نظم واري روان ۽ مترنم ٻولي کڻي اچي ٿو، جنھن ۾ گيتائون سنگيت ۽ بوڙينڊي ۽ چنگ جو ٻراءُ آھي؛ پر آثم جو غزل جدت ۽ تغزل کان خالي نھ آھي. ھن جا مشاھدا، ھن جا احساس، ھن جون سوچون، ھن جا جذبا ۽ ھن جا لفظ اڇوتا ۽ نوان آھن، جن ۾ ڪٿي بھ مصنوعيت ۽ گھڙت جو شائبو بھ نھ ٿو ٿئي: +ھوءَ روئي پئي ڍڪيو منھن کي، +جنھن جي مڱڻي جون کارڪون آھن. +- +تنھنجي ڪنوارپ جو ٿو ملي سانئڻ! +مون کي ويساه تنھنجي مرڪن ۾. +- +پير ان جا ٽِڪن نھ ٿا پٽ تي، +تنھنجي نيڻن مان جنھن بھ پيتو آ. +- +وکن تو وٽ پھچايو اٿم، پر +تمنائون نھ تو تائين پڄن ٿيون. +- +جيءُ جيڪو بھ بي پريتو آ، +ڄڻ تھ ڪو ڳوٺ بي مسيتو آ. +- +گورين جا فضائن ۾ ٿا گونجن نعرا، +ڳڀرن جا اڀا ڳاٽ اجايا ناھن! +مٿين غزلن جي بندن ۾ نھ رڳو آثم جا مشاھدا، احساس، سوچون ۽ جذبا اڇوتا آھن، پر سندس سماجي شعور، سندس حسن بين نگاھھ جو انتخاب، سندس پنھنجي ماحول ۽ تھذيب سان ويجھڙائي ۽ سندس نرالو مشاھدو ۽ انوکو انداز بيان بھ جھلڪون پسائي ٿو. +اسان جي سماج ۾ شاديءَ کان اڳ مڱڻي ڪرڻ وقت ”مڱڻي جون کارڪون“ ورھائبيون آھن، جيڪا عام ڳالھھ آھي؛ پر ھتي ھڪ اھڙي سماجي مسئلي کي ٻن مختصر سٽن ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو اڄ جو وڏي ۾ وڏو ”سماجي مسئلو“ آھي. ’بيجوڙ شادين‘ جي ڪري خودڪشيءَ جا واقعا ۽ ڪاروڪاريءَ جا واقعا جنم وٺن ٿا. زندگيءَ ڀر ساٿ ڏيڻ وارن جي مرضي بھ پڇي نھ ٿي وڃي، ھڪڙي طرف مڱڻي جون کارڪون ورھائجي رھيون آھن ۽ ٻئي طرف نينگري ان غلط فيصلي خلاف منھن تي ڪپڙو ڏئي، روئي ”��شرقي داخلي احتجاج“ جو اظھار ڪري رھي آھي، ڇو تھ سماجي طرح ھوءَ ويچاري بغاوت نھ ٿي ڪري سگھي. +ڪنھن وينگس جي مرڪ مان سندس ڪنوارپ جو اندازو لڳائڻ، شاعر جي تجرباتي ۽ مشاھداتي اک جو ڪمال آھي، جيڪا روزانو چھرن جو مطالعو ڪندي رھي ٿي. ”نيڻن مان پيئڻ“، وارو تصور تھ الائي ڪيترن شاعرن پيش ڪيو آھي، پر ان ”نيڻن جي پيتيءَ جي نشي“ مان جيڪا سرھائي حاصل ٿئي ٿي، ان جي نج ڳوٺاڻي انداز ۾ پيشڪش، ”پير ان جا نٿا ٽِڪن پٽ تي“- ترڪيب ذريعي آثم ناٿن شاھيءَ جھڙو شاعر ئي ڪري سگھي ٿو، جنھن جي ٻوليءَ جي نبض تي گرفت پڪي آھي. ”وکون تھ محبوب وٽ پھچي سگھن ٿيون، پر تمنائن جي تڪميل نھ ٿي ٿئي“، ان مطلب وارو تغزل سان ڀرپور بند، پختو غزل گو شاعر ئي لکي سگھي ٿو ۽ آثم واقعي غزل جو پختو شاعر آھي. مسجد عرف عام ۾ ’مسيت‘ اسان جي ڳوٺاڻي ڪلچر جو حصو بنجي وئي آھي. ڳوٺ جو تصور ’مسيت‘ (مسجد) جي موجودگيءَ کان سواءِ اڻپورو آھي. ”بي پريتي جيءَ“ کي ”بي مسيتي ڳوٺ“ سان ڀيٽي، آثم سنڌي زبان جي دامن ۾ ھڪ خوبصورت تشبيھھ جو اضافو ڪيو آھي. ٻھراڙيءَ جي الھڙ ڇوڪرين جي ٽھڪن کي ”نعرن“ سان ڀيٽي، سندن قاتل نگاھن جي تيرن جو شڪار ٿيندڙ ڳڀرن جا ”ڳاٽ اڀا“ ڏيکارڻ، لوڙھائين گھرن جي ڳوٺ جو نظارو اکين آڏو آڻي بيھاري ٿو. ان تصور کان ”ماڊرن شھري“ وانجھا آھن. +آثم خيرپور ناٿن شاھھ ۾ رھي ۽ نشتر، وفا ۽ راز سان چوياريءَ ۾ رھي بھ، بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ منفرد رھيو آھي. دوست ۽ ھمعصر اڪثر ھڪٻئي تي اثر انداز ٿيندا آھن ۽ ھڪٻئي جو پڙاڏو محسوس ٿيندا آھن، پر آثم جي شاعري بلڪل نرالي ۽ اڇوتي آھي. ھن جا استعارا، ترڪيبون ۽ تشبيھون نيون ۽ تخليقي آھن: +لوڻ کي صابڻ نھ ھڻ ويٺو چريا! +لوڻ کان کاراڻ ڪيئن ٿيندي الڳ؟ +’لوڻ کي صابڻ ھڻڻ‘ وارو اصطلاح بلڪل اڇوتو ۽ نئون آھي، جڏھن تھ ’لوڻ کان کاراڻ جدا نھ ٿي سگھي‘ ترڪيب روايتي/ عوامي آھي، پر عوامي ۽ روايتي ترڪيب سان گڏ نئون اصطلاح گھڙڻ، نئين ٻولي جوڙڻ وارو عمل آھي، جنھن جو خالق عوام ھوندو آھي، يا عوام جا ترجمان شاعر ھوندا آھن، ۽ آثم بنا ڪنھن شڪ شبھي عوام جو ترجمان شاعر آھي: +حسن نھارريو جذبا ڀڙڪيا، +ڄڻ تھ ڪکن ۾ شعلا ڀڙڪيا. +- +جھڙي خوشبوءِ آ تنھنجي لڱ لڱ ۾ +تھڙو اتساھھ تنھنجي مرڪن ۾. +- +ڀلي ھج کڻي تون اچي ذات جو، +مگر پيار مون ساڻ آ ڏات جو. +- +ڪجھھ گھڙيون ھن رات جون ڏين ٿي تھ پوءِ، +ڪنھن ’سماجي خوف‘ کان ڦٿڪي نھ ڏي! +- +تو جي ڪالھھ تنيا ھا منھنجا انگھيل ڪپڙا، +اڄ تنھن تن تن جي تندن کي ھڏڪي آئي. +- +’ڪکن جي باھھ‘ تھ عوامي اصطلاح آھي، پر ’حسن جي نھارڻ سان جذبن جي ڀڙڪڻ‘ کي ”ڪکن ۾ شعلن جي ڀڙڪڻ“ سان ڀيٽ ڏيڻ آثم جو ئي ڪمال آھي. اھڙيءَ طرح ”لڱ لڱ مان محسوس ٿيندڙ خوشبوءِ“ جي ”مرڪن مان ملندڙ اتساھھ“ سان ڀيٽ؛ ھڪ طرف ”اچي ذات“ ۽ ٻئي طرف ”ڏات جو پيار“؛ ”رات جون گھڙيون، سماجي خوف کان ڦٿڪي نھ ڏيڻ جي گذرش“؛ ”انگھيل ڪپڙن جي تن تن کي ھڏڪي اچڻ“ جھڙا محاورا، تشبيھون ۽ ترڪيبون، آثم جھڙو پختو شاعر ئي ڪم آڻي سگھي ٿو، جھڙي تھڙي رواجي شاعر جي جاءِ نھ آھي. +آثم پنھنجي دور جي سماجي شعور جو عڪاس شاعر آھي. ھو ڳوٺن ۾ رھيو تھ ھن جي ٻولي ڳوٺن جي آئينھ دار رھي، ۽ ڪجھھ سالن کان شھري زندگي/ خاص ڪري ڪراچيءَ جھڙي مشيني شھر ۾ رھيو آھي، جتي ڪلئشنڪوفن جا آواز، ھيروئن جو واھپو، ۽ سمگلرن جون بستيون موجود آھن، تھ ھن جي مشاھداتي ٻوليءَ تي بھ ان ماحول جو چٽو اثر ٿيو آھي، جنھن جو اندازو ھيٺين شعرن مان لڳائي سگھجي ٿو: +تنھنجا نيڻ ڪليشن بگڙيا، +مون تي منھنجا دشمن بگڙيا. +- +ھيروئن جي ڪک مان ماڻھو، +رونجھا ۽ ٻيا رونڊا ڄايا. +- +آزادين جو اسمگلر، سج ڪرڻن جي ڊپ کان، +ويرانيءَ ۾ اونداھون بندر جاچي ٿو. +- +باوجود ان جي جو آثم شھري ماحول جا لفظ پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪم آندا آھن، پر انھن جو استعمال، عوامي لھجي ۽ انداز ۾ ڪيو آھي، ۽ پوري دور ۽ سماجي وارتا جو نقشو پيش ڪيو آھي. +”ڪلاشنڪوف“ عرف عام ۾ ”ڪليشن“ ڪم ايندي آھي، پر آثم نيڻن کي ڪليشن سان ڀيٽ ڏئي، نيڻن سان تير ۽ تلوار جي ڪلاسيڪي رنگ کان ھٽي، نئين زماني جو رنگ ڪم آندو آھي. ’ھيروئن‘ اڄوڪي نسل جو الميو آھي ۽ ھيءُ نسل ڪش نشو نھ رڳو اسان وٽ پر سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي رھيو آھي. نتيجي طور ’ھيروئني‘ انساني درجي کان ڪري، موت جي غارن جي منھن ۾ وڃي پيا آھن، لازمي طرح سندن اولاد ”رونجھو ۽ رونڊو“ ئي پيدا ٿيندو. ھتي ”ھيروئن“ جديد دور جو متعارف ٿيل لفظ آھي، پر آثم ان جو جڙاءُ ”رونجھو“ ۽ ”رونڊو“ لفظن سان ڪري، پنھنجي ديھاتي ٻوليءَ سان لڳاءَ کي برقرار رکيو آھي. ”اسمگلر“ جي مفھوم جي ھر ھڪ کي خبر آھي، پر ”آزادين جو اسمگلر، سج ڪرڻن جي ڊپ کان، ويرانيءَ ۾ اونداھو بندر جاچي ٿو“- ھيءُ غزل جو بند، نئين شعور/ ”سج- ڪرڻن“ جو اھڃاڻ (symbol) بڻجي ”آزادين جي اسمگلرن“ خلاف فيصلي ڪن ويڙھھ/ نتيجي جي نشاندھي ڪري ٿو- ائين آثم اسان جي دور جو ترجمان شاعر بنجي وڃي ٿو. آثم، رڳو ’پراڻ پسند‘ ڪونھي ۽ رڳو ’متروڪ لفظن‘ جو استعمال نھ ٿو آڻي، پر ھن جو ذھن ’نواڻ پسند‘ آھي. نوان لفظ ۽ نئون ماحول قبول ڪري اڳتي وڌي ٿو. ھيٺيون غزل جو بند، جديد سنڌي شاعريءَ جو شاھڪار بند آھي: +باک ڦٽيءَ جو نينگر- ننڊ، بِلاڪٽ منھن تان سرڪيل، +سج اڄ اوڀر بدران ھن جي ڪمري مان پيو اڀري. +باک ڦٽي وئي آھي، نينگر ننڊ ۾ آھي، ۽ سندس حسين چھري تان بلانڪيٽ سرڪي ويو آھي، ڄڻ تھ سج اوڀر بدران ھن جي ڪمري مان اڀري رھيو آھي- اھڙو خوبصورت بند، آثم جي حسن بين نگاھھ جي مشاھدي بعد ئي ھن جي سج جھڙي سوچ جو اظھار آھي. +مون مٿي ڄاڻايو آھي تھ آثم بنيادي طرح نظم جو شاعر آھي، ۽ ھو غزل ۾ بھ نظم جي ٻولي ڪم آڻي ٿو- ھا ھن ائين ڪيو آھي، پر ٻوليءَ جو اھڙو استعمال ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھھ نھ آھي، غزل جي زمين ۾ نظم جي ٻولي ڪو قادرالڪلام شاعر ئي ڪم آڻي سگھي ٿو: +ڪيڏيون مڌر لڳن ٿيون مومل! تنھنجون جھونگارون، +سنبري آيون، منھنجون وايون، تنھنجي ڳائڻ لاءِ! +- +ڪيڏا سرھا ٿي پيا گجرا، تنھنجا وار چمي! +سينڌي! ڏس مون ميندي آندي، توکي لائڻ لاءِ! +- +ڇڄ ڀري ھوءَ پينھڻ آئي جانڊهھ تي، +گوريءَ لپ ۾ ٻاجھر- داڻا مرڪي پيا. +- +کيتن ۾ ھن پوپٽڙيءَ جو پير رکيو، +سرھون، وڏفون، ھرٻا، ڌاڻا مرڪي پيا. +_ +”سنبري آيون، منھنجون وايون“، ”سينڌي! ڏس مون ميندي آندي“، ”ڇڄ ڀري ھوءَ پينھڻ آئي“، ”ٻاجھر داڻا“، ”کيتن ۾ پوپٽڙيءَ پير رکيو“، ”سرھيون، وڏفون، ھرٻا، ڌاڻا مرڪي پيا“، ھي سڀ ترڪيبون، لفظ ۽ اصطلاح ٻھراڙيءَ جا ۽ نظم/ گيت جي ٻوليءَ جا آھن، پر ڪمال آھي تھ آثم جو تغزل رنگ برقرار آھي. ”سنڀري آيون، منھنجون وايون“، ترڪيب، تجنيس ۽ مڌر موسيقي جو سنگم آھي، سينڌي! لفظ ’سينڌي‘ (دوست، ساٿي، محبوب) جو مؤنث، ٻھراڙيءَ جو لفظ ڪم آڻي، آثم پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ ان جو استعمال اجوڳو نھ ٿو لڳي. +”پوپٽڙي“ لفظ جي خوبصورتي ۽ ”سرنھن، وڏفن، ھرٻن ۽ ڌاڻن جو مرڪي پوڻ“ وارو خوبصورت استعمال ٻڌائي ٿو تھ آثم کي ٻوليءَ تي نھ رڳو ملڪو آھي، پر ان جي حسن کي، ڳوٺن جي ح��ن سان ملائي ھن اھڙي امرتا ڏئي ڇڏي آھي، جھڙي سنڌي ٻوليءَ کي استاد بخاري امرتا ڏئي ويو ھو- استاد ۽ آثم، ’دادو- جادو‘ ضلعي جا رھواسي، ھمعصر، ھمخيال ۽ ھم مزاج شاعر آھن. ھنن ھڪٻئي کي سمجھيو ۽ پرکيو ھو- اھو ئي سبب آھي، جو ڪٿي ڪٿي ھڪ ٻئي جو اثر بھ قبوليو اٿن: +استاد بخاريءَ جي ھڪ غزل جو بند آھي: +شام شفق جي رنگينيءَ ۾ ڳاڙھو ھاڙھو ۽ ھالار، +ڳل ڳاڙھن محبوبن جا، محبوب نظارا وسري ويا. +۽ آثم چوي ٿو: +ڇانئي آ ڳاڙھاڻ افق تي، +شايد ڳل تو وارا اڀريا. +ٻنھي جو انداز ۽ پيشڪش پنھنجي آھي، پر ھمعصر دور جو اثر ضرور معلوم ٿئي ٿو. +بھرحال، آثم ناٿن شاھي، اسان جي دور جو اھو سڄاڻ ۽ ساڃھھ وند شاعر آھي، جنھن جي شاعري نئين ٽھيءَ لاءِ متاثر ڪن مثال آھي. +(’لھرون لھرون لاٽ‘: آثم ناٿن شاھيءَ جي +شعري مجموعي جو مھاڳ:١٩٩٨ع) +لڇمڻ ’ڪومل‘ +برف جو ٺھيل +(واسديو جي غزليھ مجموعي جو تجزيو) +غزل جي تخليقي ۽ تخريبي پھلوءَ جي پس منظر ۾ واسديو موھيءَ جي غزليھ شاعريءَ کي پرکڻ عبث آھي. شاعريءَ جي ھڪ مشھور نقاد جي راءِ موجب ’غزل ھڪ وحشي صنف آھي.‘ مان ان رايي سان نھ رڳو پوريءَ ريت سھمت آھيان، پر ان کان بھ اڳتي وڌي ائين سمجھان ٿو تھ شاعريءَ ۾ سلاست ۽ Lucidity غزل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آھي، نھ رڳو خيال جي سطح تي، پر ڊڪشن ۽ ٻوليءَ جي سطح تي پڻ. +ان جو ھڪ چٽو ۽ واضح مثال سنڌي غزل ۾ سدا حيات شيخ اياز جو ’گيڙوءَ ويس غزل‘ وارو تجربو ھو، جيڪو سنڌ خواھھ ھند ۾ غزل گو شاعرن مان ڪنھن کي بھ قبول نھ پيو. اياز جي ’گيڙوءَ ويس غزل‘ جا شروعاتي ڪجھھ بند ھن ريت ھئا: +پويون پھر جدائي جاڳ +اڀ ۾ چندرما جي آڳ. +آس اسونھان، رڻ ۾ رات، +مٿان اچي پيئي پرڀات. +سٺ ستر بندن جي ھن گيڙو ويس غزل ۾ گھن گرج تھ تمام گھڻي ھئي، پر وسي ڪٿي ڪا بوند بھ ڪانھ. +واسديو موھيءَ جي غزلن کي مان گيڙوءَ ويس غزل جي خاني ۾ تھ نھ ٿو رکان، پر ھن جي غزلن جي ٻوليءَ جي سلاست واري پھلوءَ کي خيال جي موسيقيت سان ھم آھنگ ڪري ٿو بيھاريان ۽ خيال ۽ لرسزم(Lyricism) جو جيڪو رل مل احساس واسديو موھيءَ جي غزل واري شاعريءَ ۾ اڀري بيٺو آھي، ان جو جڙيل تاثر اظھار ھيٺ آڻيان ٿو. +واسديو موھيءَ جي ايڪونجاھھ غزلن تي ڦھليل مجموعي ’برف جو ٺھيل‘ جو مجموعي تاثر حيران ڪندڙ حد تائين soothening آھي. مجموعي جي مھڙ ۾ واسديو موھيءَ جي ھيءَ سٽ: +”انھن کڻن کي +جن ۾ مان پگھرجندو آھيان. . .‘ +پڙھي مون پھريون ڇرڪ ڀريو. نئين ڪويتا جي نمائنده شاعر واسديو موھيءَ جي نئين ڪويتا جي ھيءَ سٽ، جھڙي موزون شاعريءَ جي مجموعي ۾ بنا ڪنھن ٿنڀي ٿوڻيءَ جي ھيئن ٽنگي ڇو پيئي آھي. ڪنھن دور ۾ مون بھ غزل کي گھڻو ئي گھوٽيو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھڙا دورا اڃا بھ پوندا اھن. پر ان دور جو غزل واسديو موھيءَ جي غزل کان فارم کي ڇڏي، content جي لحاظ کان نھ رڳو مختلف آھي، پر اوپرو، اڇوتو ۽ الڳ ٿلڳ آھي ۽ ڪنھن حد تائين انوکو ۽ اڄاتو پڻ آھي. +آڏيون ڦڏيون لڪيرون پڙھي ماٺ ٿي وڃي، +ڪارين اکين ۾ ڇانو ڏسي ماٺ ٿي وڃي. +ھو برف جو ٺھيل آ پگھرجي ڦڙو ڦڙو، +ڀڻ ڀڻ ڪري ٻھ لفظ چئي ماٺ ٿي وڃي. +پنھنجي زمين کي ڀلي ڀلجي چڪو آ ھو، +آڏو اچي وڃيس ندي، ماٺ ٿي وڃي. +ڪڻ ڪڻ ٿيڻ جو درد بيابان کان پڇج! +بادل اچي، کنوي ۽ گجي، ماٺ ٿي وڃي. +احوال کنڊرن جو ٻڌي نيٺ ڇا ڪندو؟ +پنھنجي اڳيان ئي شيشو رکي، ماٺ ٿي وڃي. +’برف جو ٺھيل‘ مجموعي جو ھيءُ پھريون غزل، نھ رڳو ڌيان ڇڪائي ٿو، پر ڪنھن ڪنھن بند تي ڇرڪائي بھ ٿو. مون ھيءُ غزل ٻھ ڀيرا پڙھيو. پھريون ڀيرو مون ان جي ڊڪشن جي Lyricism جو لطف ماڻن لاءِ. مون کي لڳو تھ ھڪ وھندڙ درياھھ آھي، جنھن جي وھڪري جو ھڪ سرءُ وارو سانتيڪو روپ آھي ۽ ھر سٽ ھڪ ڇولي آھي، جيڪا سانتيڪي نموني ڇلندي ٿي رھي؛ پر پوءِ بھ ان ڇوليءَ جو سانوڻيءَ وارو ڇوھھ ڪٿي آھي؟ غزل جھڙي وحشي ۽ ڇتائيءَ واري صنف سخن ۾ ھيءَ جھرڻي واري ڪل ڪل ڪھڙو رخ وٺي بيھندي؟ +ڊڪشن جي Lyricism کي لنوائي، Lyricism of thought (خيال جي موسيقيت) جو حظ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڳئي ئي غزل کي مون ٻئي پھلوءَ کان پڙھيو ۽ مون کي لڳو تھ خيال جي موسيقي، ڊڪشن جي موسيقيءَ تي حاوي آھي ۽ اھا حقيقت منھنجي ذھن ۾ چٽي ٿي اڀري تھ واسديو موھيءَ جو نئين ڪوتا کان غزل تائين موٽ جي سفر جو جواز ڪھڙو آھي. ڇا ھن پنھنجي مڪت ٿيل نئين ڪوتا کي غزل جھڙي صنف سخن جي ڍانچي ۾ پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي؟ +ڪڏھن ڪڏھن اسان جو خريد ڪيل مال گم ٿي ويندو آھي ۽ پوءِ اسين ان مال جون رسيدون سنڀالي رکندا آھيون. واسديو موھيءَ جي غزليھ شاعري ڪٿي اھي سنڀالي رکيل رسيدون تھ ناھن. ورنھ ھو بنا لائيف بيلٽ جي غزل جي گھري پاڻيءَ ۾ بي ڊپو ٿي ڇو لھي آيو آھي؟ +پنھنجو وھنوار ڪجھھ ڦٻيو ڪونھي، +پير ٻئي پير سان ھليو ڪونھي. +ڏاڍي اوندھھ جمع ڪئي آ ھن، +روشنيءَ جو ذرو بچيو ڪونھي. +مرڪي مرڪي ڪري ٿو ڀاشڻ ھو، +راز ھن جو اڃا ھليو ڪونھي. +نعرا، ڊپ، ڀڄ ڀڄان، ڳتيل جھوپا، +ڪنھن چيو، ڳوٺ ھي وڌيو ڪونھي. +ھر سروٽي تي رت جو آھي داغ، +ڪوس جو ٻيو ڪو سڳ مليو ڪونھي. +ڪيڏي چپ! ڄڻ کڻي نھ ٿو ڪو ساھھ، +ڪوئي لشڪر ھتان لنگھيو ڪونھي. +موھيءَ جي ھن غزل جون ھي سٽون نئين ڪوتا جا نوان Images، نئين ذھنيت، نئون تصور ۽ نئين تصوير اڀاري بيٺيون آھن. رڳو نھ اڀري آھي تھ غزل جي ڦھڪيل، تراشيل ترار جي ڌار جھڙي تکي ۽ تيز ٻولي. ٻولي ۽ ڊڪشن خالص نئين ڪوتا جو آھي ۽ ڍانچو ۽ فارم ڦھڪيل غزل جو آھي. +شاعريءَ ۾ عام طور ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ خاص طور نئون فڪر ۽ خيال، ۽ نئين سوچ، غزل يا ٻي موزون صنف واري پابند شاعر کي آزاد نظم يا مڪت ڪوتا طرف مائل ڪندي آھي؛ پر واسديو جي حق ۾ نئين سوچ ۽ فڪر ھن کي غزل طرف ان ڪري رجوع ڪيو آھي، جو واسديو موھي پنھنجن تجربن، ۽ آزمودن ۽ شاعراڻي Process ۾ سالن جي ساڌنا دوران گذرندي، پاڻ ۾ اھي قوتون ۽ صلاحيتون پيدا ڪري ورتيون آھن، جو ڪنھن گھري ۾ گھري، پيچيدي کان پيچيدي خيال کي ٻن سٽن جي ھڪ بند ۾ گرفت ڪري سگھڻ لاءِ ھن کي ھاڻي ڪنھن ذھني ورزش جي ضرورت نھ رھي آھي. +اوسيئڙو عمر ڀر ڪا نئين ڳالھھ ٿي وڃي، +وچ واري ڀت مان، ھٿ اچي ھٿ سان ملي! +توکي خبر ئي ڪھڙي، تپت ڪيڏي مرڪ جي، +سيني جي برف، منٽ ۾ وگھري وھي وڃي! +ڪوڏر بجاءِ ھاري ڪھاڙي کان ڪم وٺي، +وحشت جا ٻج ڦٽن ۽ ڪئين سر لڻي وڃي! +بم گولا، ڪارتوس کڻي ٿو گھمي جو شخص، +ڪنھن ٻار جي اکين ۾ ڏسي، ڪجھھ لھي وڃي! +تنھنجي اکين جي ٻولي ڪٿي ھڪڙي ٿي ھجي! +معنى نئين، لغات نئين ڪا ٺھي وڃي! +من ۾ ائين بھ آيو چمتڪار ڪو ڪريان، +بس صرف اک کڻان ۽ سڄي ڀت ڀري وڃي! +ليکراج عزيزي قسم جي تنقيد ۾ بحر خفيف بوزن ’مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن‘ چيل ھن غزل جي مطلع جي مصرع اول ئي وزن کان ڪريل آھي، پر ھتي مون موھيءَ کي ڇاپي جي غلطيءَ يا اک ٿرڪي وڃڻ جو Benefit of doubt ڏيئي مذڪوره مصرع کي درست ڪري درج ڪيو آھي. مان ھتي فاعلاتن فاعلات ۽ واھياتن واھيات قسم جي تنقيد کي خارج ڪري، ڇھن بندن تي بيٺل مذڪوره غزل ۾ موھيءَ جي خيال جي وسعت ۽ Versatility کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان. پھريون بند +اوسيڙو عمر ڀر ڪا نئين ڳالھھ ٿي وڃي +وچ واري ڀت مان، ھٿ اچي ھٿ سان ملي وڃي! + + +ھڪ خالص ۽ ٺيٺ رومانوي خيال آھي، جنھن ۾ اوسيڙي جي اڻ تڻ ۽ اوجاڳن، ھڪ نئين تفصيل ۽ تصوير جي خوبصورت تصوير ڪشي ڪئي آھي. ان تصور کي رمز ۽ ڪفايي سان تمام Discreet ۽ subtle انداز سان پيش ڪيو آھي. ساڳئي سوچ واري سٽ شيخ اياز جي ھڪ غزل جو مطلع آھي: +ديوار ڊھي تھ ملان توسان. +۽ ٻئي طرف موھيءَ جي approach وچ واري ڀت مان ھٿ اچي ھٿ سان ملي وڃي. ھتي منھنجي مراد ٻن ھمعصر يا ھڪ سينئر ۽ ٻئي جونيئر شاعر جو تقابلي جائزو وٺڻ بنھھ ناھي. مون رڳو اھو چٽو ڪرڻ چاھيو آھي تھ موزون شاعريءَ جو ھڪ نمائنده شاعر ڪيترو نھ direct آھي ۽ ٻئي طرف غير موزون شاعريءَ معرفت يا ماتحت موزون شاعريءَ طرف مڙندڙ شاعر وٽ ڪيتري نھ شاعراڻي discretion آھي. +غزل جو ٻيو بند: +توکي خبر ئي ڪھڙي تپت ڪيڏي مرڪ جي +سيني جي برف منٽ ۾ وگھري وھي وڃي! +ڪڙھندڙ دل جي پل پل جي پيڙا، مرڪ جي تپت، سيني جي برف جو وگھري وھي وڃڻ، اکين جو زھر ڦڙو ڦڙو ٿي ٽپڪڻ جو عذاب ڀوڳڻ کان پوءِ ئي ان قسم جي شعر جي تخليق ممڪن ٿي سگھي آھي. +ھا، ھتي اسان کي وھي وڃڻ جھڙي expression تي ڪو اعتراض ان ڪري نھ آھي، جو اھا موزون شاعريءَ جي مجبوري آھي، ورنھ ’وھڻ‘ ۽ ’وھي وڃڻ‘ ۾ وڏو تضاد آھي. غزل جي ٽئين بند: +’ڪوڏر بجاءِ ھاري ڪھاڙي کان ڪم وٺي، +وحشت جا ٻج ڦٽن ۽ ڪئي سر لڻي وڃي. +وقت جي وير ۾ وھي ويل، مدي خارج نام نھاد ۽ بدنام زمانھ شاعريءَ وارو ترقي پسند خيال آھي. ھتي وحشت لفظ جو غزل جي وحشت سان ڪو واسطو نھ آھي. بھرحال، ان تي وڌيڪ ڪجھھ بھ چوڻ جي ڪا گنجائش ئي نھ آھي. +ھينئر مان ان غزل جي حاصل غزل بند تي ٿو اچان: +’بم گولا، ڪارتوس کڻي ٿو گھمي جو شخص، +ڪنھن ٻار جي اکين ۾ ڏسي ڪجھھ لھي وڃي.‘ +ارسطوءَ جي چوڻي آھي تھ ’ھڪ معصوم ٻار جي مرڪ ۾ ھن سڄيءَ ڪائنات جو جيڪو رھسيھ سمايل آھي، ان جي وضاحت مون کي سون سياڻن جي قولن ۾ بھ ڪٿي نظر نھ آئي آھي.‘ غزل جي ھڪ بند جي ٻن سٽن ۾ استاد ارسطوءَ جي قول جي ڪوزي بندي واسديو موھيءَ جي فني مھارت سان گڏوگڏ غزل جھڙي صنف جي فن جي مشترڪھ ڪماليت پڻ آھي. انھيءَ ئي حوالي ۾ مون کي فنا ڪانپوريءَ جي غزل جو ھڪ بند ذھن ۾ بار بار اڀرندو آھي: +موت ڪيا ھئھ زماني ڪو سمجھائون ڪيا؟ +اڪ مسافر ڪو رستي ۾ نيند آ گئي. +مون کي لڳندو آھي تھ اسان جي گيتا جي گيان جو تت ھڪ غير معروف غزل جي ٻن سٽن ۾ ذري گھٽ سمائجي ويو آھي. +واسديو موھيءَ جي نين ڪوتائن جا اڳيان مجموعا ”تضاد“ ۽ ”صبوح ڪٿي آھي“ ۽ ”مڻڪو“ ڪوتائن جو مجموعو، ھي مقالو لکڻ وقت مون وٽ موجود نھ آھن. جي ھجن ھا تھ مان موھيءَ جي شاعريءَ جي سفر جو سلسلو جوڙي سگھان ھا ۽ غزليھ شاعريءَ طرف ھن جو واڌو لڳاءُ، يا ان جي ضرورت جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگھان ھا. پر ’برف جو ٺھيل‘ پڙھڻ بعد مان سمجھان ٿو تھ شاعريءَ جا جيوڙا واسديو موھيءَ جي رت ۾ رچيل آھن، ورنھ نئين ڪوتا جو شاعر، غزل ۾ پاڻ کي اوپرو ۽ اجنبي محسوس ڪندو رھيو آھي. حالانڪ ان جي برعڪس بنيادي طور غزل جو شاعر، پاڻ کي نئين ڪوتا جي محاذ تي ايترو اوپرو محسوس نھ بھ ڪري. +واسديو موھيءَ جي غزل واري شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي ھن جي مختصر بياني ۽ لفظن جو سنجم economy of words آھي. جنھن جي نتيجي طور ھن جي غزليھ شاعريءَ جا مبھم عنصر وڌيڪ گھرائيءَ سان اڀرن ٿا. مان مڃان ٿو تھ غزل ۾ ڪو نئون نقطو پيدا ڪرڻ ڪا وڏي شاعري ناھي. وڏي شاعري اھا آھي تھ نقطو پيدا نھ ڪري بھ خيال جي گھرائيءَ کي ھڪ بلنديءَ تائين پھچائي سگھجي. قافيا ۽ رديف چشڪيدار نموني ڦٻائي ۽ جي مصرع مان الف ڪري تھ ان کي اٿاري کڙو ڪري بيھارڻ، سچ پچ روايتي شاعريءَ جي حدن اندر اچي ٿا وڃن، جنھن ��ان اسان جي مشاق شاعر سائين ھري دلگير کي سخت چڙ آھي ۽ عزيز صاحب جھڙي غزل گو شاعر کي سخت لڳاءُ ھو. موھيءَ اھڙيرن روايتن کان پنھنجو پلاند آجو رکيو آھي. +روز مره جي زندگيءَ جا آزمودا، انڀو، تجربا، وارداتون، moments ۽ happenings (ڪارگذاريون) واسديو موھيءَ جي غزليھ شاعريءَ جو ھڪ شفي (Positive) پھلو اجاگر ڪن ٿا، برعڪس نئين ڪوتا جي ٻين ھمعصر شاعرن جي، جيڪي زندگي ۽ سوچ جي نفي ۽ قنوطي پھلوءَ کان ڪڏھن پاند ڇڏائي نھ سگھيا آھن، موھيءَ جا غزل اڪثر سھج ۽ سھنجا آھن، جيڪا ھن جي شاعريءَ طرف واڌو سجاڳي بھ آھي تھ صچيتائي بھ. جتي جتي ھن وٽ پراڻا خيال بھ پھتا آھن تھ اھي نون حوالن ۾ ئي واضح ٿيا آھن. اھو برابر آھي تھ ڪن پراڻن خيالن ۾ موھيءَ پنھنجي جديد سوچ ۽ ذھنيت ڪري بدلاءُ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر اھا ڪٿي جي ڪامياب ٿي آھي تھ اڪثر ناڪام پڻ رھي آھي. +مڃان ٿو تير زھريلو ٿيل آھي، +اسان جي سيني تي پٿر رکيل آھي. +ڪڏھن ڪنھن ڳالھھ جو مھڻو ڏنو توکي، +شروع کان منھنجو چپ تي چپ چڙھيل آھي. +زماني سان شڪايت سڀني کي ھوندي +سڌين واٽن تي ھر ڪو ئي ھريل آھي. +لکي ڪاٽي، لکي ڪاٽي ٿو ھڪ نالو، +ٻئي ڪنھن سان نھ خود سان ڪاوڙيل آھي. +ايڪونجاھھ غزلن مان ڪي اٺ ڏھھ اھڙا آھن، جن ۾ اھا رواني ۽ سھجتا يا نفاست نھ رھي سگھي آھي يا ڳولڻ لاءِ ذھن تي زور ڏيڻو ٿو پوي. +مون کي ڄاڻ نھ آھي تھ واسديو موھيءَ غزل جي قاعدن قانونن ۽ علم عروض جو ڪيترو اڀياس ڪيو آھي يا ھن باقاعدي استاد غزلگو شاعر کان اصلاح بھ ورتي آھي، پر يقيني طور ھو عروضي شاعريءَ جي قاعدن کان conscious يا باخبر ضرور آھي، ورنھ ھو غزل جھڙي صنف سان ڪڏھن بھ مھاڏو نھ اٽڪائي ھا ۽ جي دليري ڪري اٽڪائي بھ ھا تھ پنھنجي شڪست جي احساس کان پويان پير ڪرري ھا. +پر واسديو موھيءَ وٽ شڪست جو ڪوبھ احساس نھ آھي. جيئن ھو نئين ڪوتا ۾ comfortable رھيو آھي، تيئن آھستي آھستي غزل ۾، ڪجھھ گھٽ ئي سھين، at ease ٿي رھيو آھي. +باقي ھو اڳتي ھلي غزل ۾ Master of Diction ٿيندو يا Master of Dictionary، اھو واسديو موھيءَ جي اڃا تخليق ٿيندڙ غزليھ شاعري ئي ٻڌائيندي. +ارجن حاسد +واسديو: انڊلٺ جا رنگ +ھر ڪنھن ڪويءَ جي نظر بھ الڳ، نظريو بھ. سوچڻ ۽ پرکڻ بھ الڳ. ڪوتا ٻوڌ، ھر دور ۾، نئين شبداولي، نوان ڇھاو، نيون تقاضائون سميٽي ھليو آھي. +ھر ڏھاڪو، ڊڪندڙ، ڀرندڙ، سماجڪ ڪجساين سان منھان منھن آھي. +ھڪ وڏي شاھي، ڏامر ۽ سيمينٽ جي رستي تي رات ڏينھن، کڙکڙاھٽ آواز، ڪويءَ کي بھ گھليندا، ڇيڇڙائيدا رھيا آھن. رستو، راھھ ۾ بدلجي، پيچرو بڻجي، سنھڙو ٿيندو، اڪيلو ڪٿي پھاڙ، کيت ۾ سمائجي ويندو آھي. +سج چنڊ گڏجي، نديءَ، سمنڊ ۾ وھنجندا آھن، ترورا، لھرن بوندن مان جھلڪندا، ڪوتا کي چمي وٺندا آھن. +ھر ڪويءَ جي پنھنجي محبوبا، سج پنھنجو، چنڊ پنھجو، پيچرو پنھنجو، ڪوي اڪيلو شخص، پيچري تي ھزارين دفعا، پنھنجن پيرن سان پاڻ کي پرکي ٿو، سوچي ٿو. اھو ننڍڙو سنھڙو اڪيلو پنڌ، سندس وراثت آھي، سڀاڻي اھو ھوندو، نھ ھوندو. ڪوي پاڻ کي جيترو ڦھلائي! +سڀني کي غير شخصي لڳي، +مال گاڏيءَ جيانءَ ٿو ھلي. +- +اک ۾ رنگين ڪا ھڙ ھيس، +ڪلھھ مليو ھو جڏھن واٽ تي. +موھيءَ جو پنھنجو پيچرو، پري پري کان ڏيکاري ڏيڻ لڳو آھي. شروع شروع ۾، نئين ڪوتا لکندي، سندس شعاع، پري کان پڌرو ھو. +ڀاو، ٻوڌ، لھجو، معنوي سمپورڻتا، سھج سرل مزاج. ھر ڪنھن جو شعور تھ نھ ٿو پھچي. فن ۽ فڪر جو ڪٿي بھ ڇيھھ ڪونھي، ڪنھن سان بھ ڪا ڀيٽ ڪانھي، ريس ٿيندي آھي. +منھنجي ساراھھ ٻڌي صرف کليو، +ھو اڪيلو ئي لڳي ٿو ويجھو. +سج ٿئي پن��نجو، ڪٿي آ ممڪن، +ترورو ڪڙو بڻي ٿو ويجھو. +ڪويءَ کي پنھنجي سوکيمتا آھي. پنھنجي آچار وھنوار جو ھڪ ھڪ گھنج share ڪرڻ ٿو چاھي. پنھنجي آتم کي رجائي، ھر لفظ جي ڄر ۾ اوتي ڇڏڻ ٿو چاھي، ڪڏھن تھ ٽانڊا پڄرن ٿا، ڪڏھن دز چڙھي ٿي وڃي، چڻنگن تي دز، لٽ، ڌوڙ، ڪويءَ کي وڌيڪ واضح ٿي ڪري، بنسبت واءَ ۽ واچوڙي جي. +ڪوي Loud بڻجڻ نھ ٿو چاھي. پاڻ کي سميٽي رکڻ ۾ وڏو سنتوش (اطمينان) آھي. ڪويءَ ھميشه سڃ جي ويجھو وڃي ويھڻ قبوليو آھي. +واڻ جي کٽ ڇڪي ٿو ٻڍو، +سوچ ۾ ننڊ اڻي ٿو ٻڍو. +- +وقت جا چِٽ بدن تي اٿس، +رنگ تن ۾ ڀري ٿو ٻڍو. +- +پاڻ سان ڀڻڪندو ٿو رھي، +پاڻ سان ئي کلي ٿو ٻڍو. +- +تو رڳو ڇانو جي ستي پيتي، +توکي ھلڻو آ انڌڪارن ۾. +چترڪار جي برش جا strokes، لفظ ۽ ارٿ جي دائري کان گھڻو وچتر آھن، سرير ۾ پيھي ٿا وڃن، ديھھ کي پورڻتا سان پسائي آلو ۽ ذھين بڻائي ٿا ڇڏين. ڪوي بھ چترن جھڙي ھٿ چراند ڪرڻ سکيو آھي. ٺوٺ جسمن ۾ ڪتڪتائيءَ جھڙو ڪري ٿو وٺي. آڪار ۽ آڀاس گونگا ڪونھن. +اڱڻ خطن ۾، +سارون خوشبو. +اِٽي، ڏڪر، گل، +لاٽون خوشبو. +ڳنڍ ڳوٺ سان، +پاڙون، خوشبو. +تناءُ، جھجڪ، ورھائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. دوريون ڪنھن تھ منزل تي پھچائينديون آھن، جتي ڪجھھ بھ حاصل نھ ٿيندو آھي، تڏھن بھ گد گد پيو ٿبو آھي. +ڪنھن رڳو آڏا ڦڏا جذبا سنڀاليا پاڻ وٽ، +ڪو صحيح احساس پائي، مان پڙاڏو ٿي پوان. +- +توکي ڪوشش ڪري پڙھي وٺندس، +تون لڳين ٿو پنو پسيل، سو ڇا! +پرڪرتي، ساڌنا، آراڌنا بھ ھر ڪنھن جي الڳ. انڊلٺ جا رنگ، جھڙا بھ آھن، صرف ڪن ٿورن پلن لاءِ جھٽڻا آھن، ۽ رچنا ۾ عڪس جي جھلمل پوئجي ٿي وڃي: +چنڊ، ڏٽا ڏيئي ڊوڙائي، +سھڪي سھڪي سمنڊ چوي ڪجھھ! +موھيءَ جي غزل جي نجي سڃاڻپ ”رديف“ آھي، عجيب، معنوي، رديف، جھڙو اڳ ڪڏھن ڪنھن بھ شاعر ڪم آڻڻ بابت، ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھجي. رديف غزل کي ڪنھن اھڙي رنگ ۽ خمار سان اڻي ٿو، جو پاٺڪ پنھنجي بھ شعور تي سوچڻ ٿو لڳي، ۽ نباھڻ ھميشه رديف سان ئي ھوندو آھي. موھيءَ، ائين چئجي، تھ غزل جي ڪنھن الڳ نئين روپ کي آڪار ڏنو آھي. اڳتي ھلي ان آڪار کي ڪيئن ٿو گرھڻ ڪيو وڃي، ٻيا نوان اڀرندڙ شاعر، رديف جي مرم کي سمجھڻ جي سوچ رکن بھ ٿا، يا نھ. غزل، ٻين بھ ڪيترين ڀاشائن ۾ شاعريءَ جو خاص Form ڳڻيو ٿو وڃي. ٻيءَ ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ رديف، غزل کي ايڏي ۽ ايتري معنوي وسعت نھ بخشي آھي. اڄ سنڌيءَ ۾ غزل، ٻين ٻولين جي ان صنف کان گھڻو الڳ ۽ اڳڀرو آھي: +چنڊ ڀوري ٿو اچان، تون انگ ڳڻ، +روشني ڳيھي وڃان، تون انگ ڳڻ! +مان نديءَ وانگر سفر ۾ ٿو ھجان، +قربَ ٿو ماڻي وٺان، تون انگ ڳڻ! +مان ڦلان ڦولان ٿو، سنڌي جو ٿيس، +روز پر پن پن ڇڻان، تون انگ ڳڻ! +- +پنھنجي ٻوليءَ کان الڳ ٿيندو الف، +عمر گونگو ٿي گذاريندو الف. +- +چھري جي ليڪن مان گھوري، چير پيل نقشو، +صورت، مورت، ڀاڱا ڀاڱا، داڻو داڻو گھر. +ڪڏھن تھ پنھنجو در کڙڪائي، ڇت ڀت سان سس پس، +ڪئن بھ وسائي ويٺي آھي، ھوءَ ويڳاڻو گھر. +ھن مجموعي ۾ غزل ۽ ڪوتائون آھن. sensibility ٻنھي صنفن جي ساڳي ئي آھي. ٻنھي جون وياپڪ دشائون، کليل وشال دائرا آھن. ڪوي جئن بھ چاھي، جيتري اڏام ڀري. تڏھن بھ فن جي لحاظ کان چڱو گھڻو فرق آھي. غزل جي شعر جون ٻھ سٽون پورو سنسار سميٽي ٿيون وٺن، پر ڪوتا سڄي پڙھڻ سان ئي مڪمل تصوير اڻي سگھبي. +مان وري ڪوشش ڪندس +تنھنجي سواسن جي ٻولي ٻڌڻ جي +تنھنجي اکين کي پڙھڻ جي +جن ۾ ھڪ بھ لفظ ڪونھي +معنائون انيڪ آھن. +غزل ديرپا آھي. ڪيترا ڪيترا سال جيئرو جاڳندو، گھوريندو ڀاسندو آھي. ڪوتا ڪجھھ سالن بعد وسامي ويل لڳندي. جنھن وشيھ، ماح��ل، نقطي بابت چئي ويئي ھوندي آھي اھو وقت پئي گھنججي پراڻو بڻجي ٿو وڃي. +ڪوتا کي جيئاري رکڻ گھڻو مشڪل ڪم آھي، انڪري ڪوتا لکڻ، جھڙي تھڙي ڪويءَ جي وس ۾ نھ آھي. ڀاو ٻوڌ سان جڙيل ھوندي تھ جيئندي، ڪٿا ٻوڌ سان جڪڙيل رچنا گھڻو جٽاءُ نھ ٿي ڪري. ائين سمجھڻ تھ منجھائيندڙ ڀاشا (ٻولي) شئلي ۽ وڄندڙ لفظن سان ڪوتا جڙي ٿي، صحيح پرک نھ آھي. +موھيءَ ڪوتا جون بھ ڪنڊون تراشيون آھن، جيئرو جاڳندو رکيو آھي. +مون کي خبر آھي نفرت ڪيئن ماپجي +نھ ڏندن وچ ۾ ڦاٿل گوشت پاروٿو ٿيو آھي +نھ خون جي ليڪ سڪي آھي. +موھيءَ وٽ ڪي پنھنجا مخصوص جذبا آھن، ان ڪري ڪي لفظ آھن، جن سان کيس خاص لڳاءُ آھي. سمنڊ، ندي، جبل سج، چنڊ، ڳوٺ، وڻ، پن، ڏيئو. وري ھو ڪن لفظن کان پرھيز بھ ڪري ٿو. +ھر ڪنھن ڪويءَ جو پنھنجو سڀاءُ، پنھنجي فطرت، پنھنجي پسند Liking رھي آھي. طرز بياني بھ ھر ڪنھن ڪويءَ جي، پنھنجي پنھنجي ھوندي آھي. موھيءَ جي شاعري مان پسند ڪندو آھيان. +ھيءُ مجموعو، ”چھنبَ ۾ ڪک“ جھڙو عنوان آھي، سنڌي شاعريءَ ۾، گھڻو ڪجھھ نئون ۽ چڀندڙ ڏيئي سگھيو آھي. +مير محمد پيرزادو +غزل جو ارتقائي سفر ۽ راشد مورائي +ھن پرٿويءَ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ سونھن جا انبار ڳتيا ۽ ڀريا پيا آھن. انھيءَ سونھن جي سمجھھ، ساڃھھ ۽ محسوسات جي خاصيت کي ”حساسيت“ چئبو آھي. حساسيت ڪا اھڙي خاصيت بھ نھ آھي، جيڪا ھر ھڪ انسان ۾ ھڪ جھڙي، ھڪ جيتري يا يڪسان ھجي، پر حساسيت جي شدت جي لحاظ کان جيڪڏھن ويھي ورھاست ڪبي تھ ماڻھن کي الائي ڪيترن گروپن ۾ ورھائڻو پوندو. ڪن ماڻھن لاءِ مورتون ۽ پورٽريٽ نفرت جو سبب بنبا آھن، ڪي ماڻھو گلن، باغن ۽ سينھرين کان بُڇان ڪندا آھن، ڪن انسانن کي ٻين جي ڏکن جو خيال ئي جھوري وجھندو آھي، پر ڪي انسان خود ٻين کي ڏکائي سرور ۽ سڪون محسوس ڪندا آھن. ڪي انسان ٻين جا لڙڪ اگھڻ لاءِ پنھنجي دامن ھٿ ۾ ڪيو پيا ھلندا آھن تھ ڪي ماڻھو ٻين جي لاشن تي بيھي پنھنجا وڌيل قد جتائيندا آھن. +انھن ڀانت ڀانت جي احساسن رکندڙ انبوھن ۾ ڪي ڪي ماڻھو اھڙا بھ ھوندا آھن، جن وٽ ٻين جي ڏکن جو مسلسل ٺيڪو پنھنجي سر تي کنيل ھوندو آھي، جيڪي ڪنھن جي لاڙيل لڙڪ مان، لڙڪ لاڙيندڙ جي سورن جو داستان پڙھي وٺندا آھن؛ جن وٽ سونھن جو احساس تھ ڇيھھ ھوندو آھي، پر کين قباحت ۾ بھ سونھن جا اڻ چٽا آثار ڏسڻ ۾ ايندا آھن. اھي ماڻھو سوچيندا آھن تھ انساني خاصيتن منجھان ڇو تھ اھا ھڪ عام خاصيت آھي، ان لاءِ باقي انسانن ۾ بھ اھا خاصيت ھئڻ گھرجي. ٻي ڳالھھ تھ انسان ھن دنيا ۾ جيڪا بھ زندگي گھاري ٿو؛ سا ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ڏکن ۽ سکن جو بھترين ڪاڪ ٽيل آھي؛سونھن ۽ قباحت جو خوبصورت سنگم آھي؛ ظلم ۽ انصاف جو گلدستو آھي. ان لاءِ انھن گھٽ حساسيت رکندڙ انسانن کي ڪنھن بھ ريت حساس بنائجي تھ صحيح معنى ۾ ڏک ۽ سک، سونھن ۽ قباحت، ظلم ۽ انصاف جي اثرن کي محسوس ڪن ۽ صحيح معنى ۾ زندگي بسر ڪري سگھن. +ان سمجھائڻ جي جڏھن عملي طرح شروعات ٿي تھ، پتو پيو تھ ڪجھھ ماڻھو اھو سڀ ڪجھھ سمجھندي بھ ان کي جيئن پاڻ محسوس ڪري رھيا آھن، ائين ٻين کي محسوس ڪرائڻ جي ڪيڏي بھ ڪوشش ڪن ٿا، پر ان ساڳئي اثر ۽ شدت سان ائين ڪري نھ سگھن، ڇو تھ ائين ڪرڻ جي وٽن نھ ڪي ڏات ۽ نھ ڏانءُ ئي آھي. وٽن نھ ڪو ايترو مشاھدو، مطالعو ۽ تجربو ئي آھي، جو ھو ٻڌندڙن جي دلين جي گوشي گوشي ۾ پھچي، انھن جي اندر جي ڪٽيل رباب جون تارون سوڌي، سنواري، تاڻي ۽ ان جي تند ڇيڙي سگھن. ان جو ٻيو سبب سماج جي ثقافتي/ ڪلچرلي پھلوءَ جي گھٽ ڄاڻ سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي ذخيري جي کوٽ سبب کانئن اھو عظيم منصب سڌ ٿي نھ سگھيو تھ پوءِ ھو جسماني مدد جي رستي، اصلاحي ڪمن جي رستي يا ڪنھن انقلابي تبديليءَ رستي ذھن کي جھنجھوڙي ۽ انھن ۾ ستل حِسن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي ٿي ويا. پر ان ساڳئي ھنڌ ۽ ساڳيءَ جڳھھ تي ڪي اھڙا بھ انسان ھئا، جن وٽ ھن احساسن، جذبن ۽ امنگن سان ڀرپور دنيا جي انھن احساسن، جذبن ۽ امنگن جي نمائندي ڪندي، ھتان جي سونھن ۽ قباحت، ڏک ۽ سک، ظلم ۽ انصاف کي بيان ڪرڻ جي پوري پوري سگھھ موجود ھئي. اھي حضرات ھئا اديب، دانشور، فيلسوف، مقرر، مضمون نويس، تاريخ نويس، افسانا نويس ۽ شاعر، جن سمجھيو، سٺو، ڀوڳيو ۽ ان تي سوچيو. پوءِ اھو سڀ ڪجھھ ٻين نھ سمجھندڙن، نھ سھندڙن، نھ ڀوڳيندڙن ۽ نھ سوچيندڙن (وسيع آباديءَ) اڳيان پنھنجي پنھنجي فن رستي ڪلاسيڪيت سان ناتو بحال رکندي، بھترين ٻوليءَ، چوڻين، پھاڪن ۽ اصطلاحن رستي خوبصوت نموني سان منظر نگاريون ۽ ڪردار نگاريون پيش ڪري اھڙي تز انداز سان پيش ڪيو، جو ٻڌندڙ ڪيترو بھ اوائي توائي ھجي، وائڙو ھجي يا بي حس ھجي، پر ان جي دل ۾ گرمي ۽ دماغ ۾ ولوڙ پيدا ٿي ٿي ويئي. +ان سموري لڏي مان ھتي اسان وٽ جن وڌ کان وڌ پاڻ ملھايو آھي ۽ جن جي دين تي اسين اڄ بھ فخر ڪري سگھون ٿا ۽ انھن جي تخليق کي بين الاقوامي سطح تي پيش ڪندي ڪا بھ ھٻڪ محسوس نھ ٿا ڪريون، سا آھي ھتان جي شاعرن جي دين. ھنن سنڌ متعلق ان قسم جو مواد تڏھن ئي ڏنو آھي، جڏھن اڃا اسان جي ٻوليءَ جي صورتخطي بھ وجود ۾ ڪانھ آئي ھئي. دوھو، بيت، وائي، ڪافي، ڳجھارت، ڏٺ، نڙ بيت، ڳاھن وغيره جي صورت ۾ حافظي ۾ محفوظ اھو سمورو ذخيرو، اسان جي بھترين ڪلاسيڪل ادب جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اسان جي شاعريءَ جي قديم ھئڻ سان گڏوگڏ ان وقت کان وٺي معياري ھئڻ جي چٽي شاھدي ڏئي رھيو آھي. +عام طور تي اھو ڄاتو پيو وڃي تھ انھن صنفن ۾، جيڪي بعد ۾ ڪن تاريخي واقعن سبب ۽ ھينئر ذريعي ابلاغ جي ڳانڍابي سبب وڌيون بھ آھن، فرق صرف سٽن جي گھٽ وڌائيءَ جو ھوندو آھي، ماترائن يا عروضي پدن جو ھوندو آھي. آءٌ سمجھان ٿو تھ فرق رڳو ٽيڪنڪ جو نھ آھي، پر ان سان گڏوگڏ ھر ھڪ صنف پنھنجي پنھنجي دنيا بھ رکندي آھي ۽ ھر ھڪ صنف وٽ پنھنجو پنھنجو ماحول بھ ھوندو آھي. ھر ھڪ صنف جي ڪا اوريجنلٽي بھ ھوندي آھي ۽ مواد جي لحاظ کان سندس ڪو تشخص بھ ھوندو آھي ۽ منجھس ڪا سھپ بھ ھوندي آھي تھ اھا ڪھڙي قسم جي مواد جو بار ۽ بوجھھ کڻي سگھي ٿي. پر، پوءِ بھ اھو شاعر جي ڏانءَ جو ڪم آھي تھ ھو ھر ھڪ موضوع کي، ھر ھڪ صنف رستي پيش ڪري، ليڪن ادائگي اھڙي ھجي، جو صنف تي بوجھھ محسوس نھ ٿئي، صنف جو حليو نھ بگڙي ۽ صنف جو تشخص ڊانوان ڊول نھ ٿئي. +مون مٿي ذڪر ڪيو آھي تھ اسان وٽ ڪجھھ صنفون تھ اڳي ئي موجود ھيون، پر ڪجھھ صنفن جو واڌارو تاريخي ردوبدل سببان ٿيو. جيئن سنڌ تي مغلن، ترخانن ۽ ارغونن جي فتحن سبب ھتي انھن جي شعري صنف ”غزل“ جي آمد ٿي تھ وري ذريعھ ابلاغ جي ترقيءَ سببان ۽ خاص طور تي ڇپائيءَ جي ميدان ۾ اليڪٽرانڪ انقلاب جي اچڻ سان پڻ ٻاھريون صنفون سنڌ ۾ متعارف ٿيون. قبوليون ويون، لکيون ويون ۽ ھتان جون بنجي ڪتب اينديون رھيون، جيئن: آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، ھائيڪو، ٽينڪر، رينگو وغيره. پر جيئن تھ ھر صنف کي وجود ۾ اچڻ لاءِ ڪنھن خاص ماحول جو ھئڻ ضروري آھي، ڏٺو ويندو تھ غزل جي وجود ۾ اچڻ وقت ايران ۽ عراق وارن علائقن ۾ بادشاھتون قائم ھيون. ان لاءِ ان صنف ۾ پرتڪلف ماحول، خاص قسم جا اصطلاح، ڳوڙھائپ، گھرائي، ساراھھ، ايتري تائين تھ ھر ھڪ انساني مھانڊي يا وصف جي ساراھھ ۾ نوان نوان محاورا ۽ تشبيھون گھڙيل نظر اينديون. ان قسم جي ماحول ۾ پيدا ٿي وڌي ويجھي ۽ جوان بنجي اھا صنف ميدان تي آئي ۽ سنڌ ۾ پھتي. ھتان جي شاعرن ان صنف کي مختلف دورن ۾ مختلف انداز ۽ مواد سان پئي پيش ڪيو آھي. شروع ۾ تھ ان صنف جي بيان جو طريقو، مواد ۽ انداز اھو ئي ايراني رکيو ويو، جيڪو اسان کي گدا ۽ حامد وٽ ملندو ۽ جنھن کي اڄ بھ فيض بخشاپوري ۽ ان جا ڪجھھ ساٿي جياريندا اچن ٿا. ٻيو ان جو انداز اسان کي گل ھالائيءَ ۽ سا وارو ملندو، جنھن ۾ ٽيڪنيڪون ۽ پابنديون چوٽ تي نظر اينديون، پر ماحول ۽ مواد ايران جو نھ، پر سنڌ جو ڏسڻ ۾ ايندو. مثال: +ڪڻڪ پوکي ڪڻڪ کاءُ، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم. +- +گل چيتو جاءِ ڪر ۽ سڀ ۾ چيتي ڏس چڱيان. +- +ٻولي ٻي سڻ ناھھ ڪا ۽ سڀڪو ٻولي تون ھي تون. +ان لحاظ کان بھ ڳالھھ تمام ڀلي، پر غزل پنھنجي اصليت وڃائي ويٺو ۽ منجھس اھا غزلي خاصيت ڏسڻ ۾ نھ آئي. اھو سبب ھو جو گل ھالائيءَ کان پوءِ ان قسم جي مواد سان غزل لکڻ جو رواج يا ڦھلاءُ زور وٺي نھ سگھيو. +ان کان پوءِ اسان کي ڪشنچند بيوس، ھري درياني دلگير، گورڌن ڀارتي ۽ شيخ اياز جا ڪجھھ ان قسم جا غزل ملندا، جن ۾ ڳوڙھائپ ۽ گھرائيءَ کي ڇڏي، سليس سنڌي ٻوليءَ تي انحصار ڪري ۽ سليس موضوعن ۽ مسئلن تي ننڍين سٽن ۾ چند ماترائن جي سھاري ڊگھا ڊگھا غزل لکيل نظر ايندا، جيڪي مواد توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان غزل کي گھٽ پر نظم کي وڌيڪ ويجھا نظر ايندا. جيتوڻيڪ انھن جي پوئواري ڪندي اڄ بھ اسان جا دوست ان قسم جا غزل لکن پيا، پر پوءِ بھ اھي غزل جي ارتقائي سفر ۾ سنگ ميل جي حيثيت ان ڪري ماڻي نھ سگھيا، جو ان ۾ غزل جي اصليت، جوھر يا تشخص سان ھٿ چراند نظر ايندي. پر ان سموري ارتقائي سفر مان اھي شيون، جيڪي غزل جي اصليت برقرار رکندي بھ کڻي سگھڻ جھڙيون ھيون يا ائين کڻي چئجي تھ غزل جي ڇاپ ڇڏڻ ۾ جن چند شاعرن جي ڪاوش شامل آھي، تن ۾ ٻين انيڪ دوستن سان گڏوگڏ استاد بخاري، ذوالفقار راشدي، عبدالحڪيم ارشد، وفا ناٿن شاھي، اياز گل ۽ راشد مورائي وڏي اھميت لھڻن ٿا. اھو صرف انھن جو ئي ڪمال آھي تھ انھن غزل کي سنڌي وڳو پھرائي سنڌي ماحول ۾ کنڀيءَ جيان کڙائي بھ غزل رھڻ ڏنو آھي. +او شڪاري! شاعري ڦاسڻ ڏکي، +توکي ڪھڙي ڪل تھ ڇا آھي غزل. +جيتوڻيڪ انھن دوستن کي اڃا بھ ايم. ڪمل ڏانھن ڌيان ڏيڻو پوندو تھ جيئن ھو ان جي پيش ڪيل ارتقائي صورت مان بھ استفادو حاصل ڪن تھ سندن غزل ان لحاظ کان بھ پورو ٿي اچي تھ چڱو. ان ڏس ۾ جيڪڏھن غور سان ڏسنداسين تھ غزل ۾ جيڪو تجسس قائم ڪيو ويندو آھي تھ جيئن ھڪ سٽ پڙھڻ کان پوءِ ماڻھو شش و پنج ۾ اچي وڃي تھ ٻي سٽ ۾ جلد پڙھان تھ ڪردار بابت روئداد ڪيئن پيش ڪئي وئي آھي. +اھو عنصر جيڪو غزل جي گھرائيءَ واري پھلوءَ کي دوبالا ڪري ڇڏيندو آھي، سو اسان کي راشد وٽ عروج تي نظر ايندو: +ڏاڍ کان ڏم جي ۽ دنيا جي غمن کان تنگ ٿي، +خيال سھڻيءَ جي وڃي ورتي آ کرڪن ۾ پناھھ. +نظارو يا منظر جيڪو غزل جي جان سمجھيو ويندو آھي، سو پڻ راشد وٽ ڪمال درجي جو ملندو: +پيار جو پاڻي نھ دل جي ڍنڍ ۾، +ذھن موڳو ڄڻ ڪماڻو آ ڪنول. +- +ڇا نھ آ ڳاڙھن گلابن سونھن ڪئي، +چوطرف ڳاڙھاڻ کي ڦھلائجي. +- +ڇا ھو ڪينجھر بھ ڪنجوس ٿي پئي؟ +ڇو ڪنڌيءَ تي ڪنول گل ڪماڻو! +تشنھ ڪامي، جيڪا تغزل جي ھڪ اھم نشاني آھي،سا راشد وٽ تھ ڏسو: +اي دوست!اميدن جو ڪوڙو، ناڪام سھارو ڇو ٿو ڏين، +مون سمجھيو آھھ تسليءَ کي پڻ دام، سھارو ڇو ٿو ڏين؟ +تون پياس اجھائڻ چاھين ٿو اي ساقي! جس ھجئي ليڪن، +آ ويتر اڃ وڌائيندو ھي جام، سھارو ڇو ٿو ڏين. +غزل ۾ شاعر پنھنجي پاران فتوى ڏيڻ بجاءِ ڪردار کي اھڃاڻ رستي ائين تھ تشريح ڪندو آھي، جو ان جي وضاحت کي ڪوبھ رد ڏئي نھ سگھندو آھي. +ھنن ٻن سٽن ۾ آزاد ذھن کي ڪيئن واضح ڪيو ويو آھي: +ھئي ذھن آزاد مارئي تڏھن، +ٿيس ڪونھ ڪوٽن ڪڙن جو اثر! +شاعر پنھنجي احساسن جي ڪچلڻ کي شيشي ۽ وڏاڻ جي اھڃاڻن سان ڪيڏي نھ اثرائتي انداز ۾ بيان ٿو ڪري: +ھن جھيڙي کي ڏسندا رھندا، ڏسندڙ حيرت ساڻ، +منھنجي ھٿ ۾ دل جو شيشو، تنھنجي ھٿ وڏاڻ. +غزل جي پرتڪلف صنف ۾ منطقي حقيقتون بيان ڪرڻ ڏاڍو اوکو ڪم ھوندو آھي، پر اھا راشد جي غزل تي حڪمرانيءَ جي نشاني آھي تھ ھن بنا ڪنھن ھٻڪ يا رنڊڪ جي غزل جي سٽن ۾ سماجي حقيقتن کي خوبصورت نموني سان بيان ڪيو آھي: +جي نھ بغير سھاري سگھندس، آھيان مان انسان، +ڌرتي يا اڀ ناھيان جن کي ڪانھ کپي ڪا ٽيڪ! +ماحول جي گھٽ ۽ ٻوسٽ کي بيان ڪندي غزل جي نزاڪت ۽ نھٺائيءَ وارو اوج ڏسو تھ ڪيئن ھڪ ئي ھنڌ ٻن سٽن جي شوڪيس ۾ سينگاري رکيو اٿس: +اميدون آسرا آھن، امن جا ھيل ڇا جي لئھ، +ڪبوتر ڇو پيو ڦٿڪي، رنا رابيل ڇا جي لئھ! +اصل غزل جي مواد جو خوبصورت نمونو تھ ڏسو: +صبح کان اڳي ڪجھھ ڪرڻ ڏي اسان کي، +نھ ڪر رات جلدي وھامڻ جي ڪوشش! +تھ ان صورتحال ۾ اسان کي ٿڌيءَ دل سان ويھي سوچڻو پوندو تھ شاعريءَ جي ھر صنف جو ارتقائي عمل ڪيئن پيو ھلي ۽ ان ۾ اسان جي شاعرن جو ڪھڙو ڪردار آھي تھ جيئن اسان جا شاعر حضرات اھو سمجھندي تھ اسان کي ڏسڻ، ٻڌڻ، سمجھڻ ۽ ڪٽڻ وارا تيز ويٺا آھن، ھو پنھنجي تخليق جي معيار تي سوچين. آءٌ آخر ۾ راشد مورائيءَ جي غزلن جون ڪجھھ سٽون مثال طور پيش ڪريان ٿو، جيڪي سندس غزل جي گھرائيءَ جو پورو پورو اندازو لڳائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون: +ڳوڙھا ڪرن ٿا مور جا جھٽيو وٺي ٿي ڊيل، +ڪيڏو نھ آھھ راشد لڙڪن جو احترام. +- +مکن سان منھن ڏئي وڃبو رڳو سرھيون جھلن گلڙا، +نھ آھي کاڄ ماکيءَ جي تھ آرن ۾ اڃا تائين. +- +گدستا ڇو اڇلي ڇڏيئي، گھر جو ھو سنيگار، +ميز تي تنھنجي ھو ڇا منھنجي گلدانن جو بار! +گل کي وڻندي آ چاھيندڙ ڀؤنرن جي ڀڻڪار، +شمعن کي محسوس نھ ٿو ٿئي، پروانن جو بار! +- +ھي بھ ڪنھن جي جگر جا ٽڪرا ھئا معصومڙا، +ڌرتتي پيرين ننگا ويا ٻار ٻيرن تي. +- +وس پڄئي تان گلن کي ۽ بوءِ کي تون بند ڪر، +اعتراض آھي اگر، ڀؤنرن جي ڀيرن تي. +- +ڪجھھ پڃري جون تيليون بھ ٽٽيون، ڪجھھ کنڀ ٽٽي پيا اي راشد! +محبوب ميارون ڏي نھ مون کي، ڏس اڏرڻ لئھ ڀڙڪي تھ ڏنم. +- +عيد گاھن ۾ ٿيا احساس زخمي راشدا! +مفلسن کي خيرڏئي مالدارن عيد ڪئي. +- +سارو آھي ننڊ سماج، ڏات اٿاريو آھھ سوير! +شيخ اياز +ڪوئي گل ڦٽو منھنجيءَ ٽاريءَ مان . . . +پنجابيءَ جو عظيم شاعر ماڌولال حسين ھڪ مجلس ۾ ويٺو ھو،. اتي ھڪ شخص ديوان حافظ کوليو. ماڌو لال حسين ھن کان پڇيو: ”ھي ڪھڙو ڪتاب آھي؟“ ۽ پوءِ ديوان حافظ جا پنا اٿلايائين، تھ، حافظ جي ھيٺين شعر تي نظر پيس. +چشمئھ چشم مرا اڍ بُتِ خنداڻ دراب +بر اميد تو بخوش آبِ روانڍ دارد. +(اي کلندڙا پيارا! منھنجي اکين جي چشمي کي دريافت ڪر، جو تنھنجي آس ۾ وھي رھيو آھي.) + + +ماڌو لال حسين، ديوان حافظ ڦٽي ڪري چيو: ”ھن حافظ جي عمر تھ پوڙھين رنن وانگي روئندي گذري آھي.“ ائين ئي اڳين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجھبي تھ، اڪثر شاعر روئڻا نظر ايندا ۽ اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گھڻو ڪري نھ رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پئي آھي، پر ابراھيم خليل تائين سنڌي شاعري بھ ائين لڪير جي فقير رھي آھي ۽ ان مان ٽاھھ ٽاھھ ڳوڙھا ڳڙندا نظر اچن ٿا. گل جا ڪجھھ غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجھھ سٽون ان مان ڪڍي ڇڏجن تھ، ساري غزليھ شاعري ’سرن درياھھ‘ ڪرڻ جھڙي آھي. +دراصل غزل ڌاريءَ زمين تي اسريو ھو، جو امير خسروءَ واري زماني ۾ ھندستان جي ڌرتيءَ اپنايو ھو. خسرو جي غزل ۾ جا پنھنجائي ھئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي. انھن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چربو ھو. غالب جھڙي مفڪر شاعر بھ چيو: +فارسي بين تابھ بيني، نقشڻائڍ رنگ رنگ +مجمع اردو چھ بيني، آڻ کھ بڍ رنگ من ست. +(فارسي ڏس تھ توکي منھنجا رنگ رنگ نقش نظر اچن، منھنجو اردوءَ جو مجموعو ڇو ٿو ڏسين، اھو تھ بي رنگ آھي!) +خسروءَ جون ھي سٽون: +سکھي پيا کو جو ميڻ نھ ديکھوڻ، تو کيسڍ کاٽوڻ اندھيري رتيان؟ +يا +وه صورتيڻ الاھي کس ملک بستياڻ ڻيڻ، +اب جن کڍ ديکھنڍ کو آنکھيڻ ترستياڻ ڻيڻ. +خسروءَ جھڙي شاعري، اردوءَ ۾ اڃا تائين ڪوئي نھ ڪري سگھيو آھي. اردو ۽ سنڌي غزل، ٻنھي فارسي غزل جون روايتون، تشبيھون، استعارا وغيره بي دريغ استعمال ڪيا ويا آھن، ايتري قدر جو غزل پڙھي دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي. +اياز گل، ادل سومرو ۽ انھن کان بھ پوءِ واري نئين ٽھيءَ جا شاعر اعجاز منگي، وغيره ادب سان ڀرپور لڳاءُ رکن ٿا ۽ اڻٿڪ محنت سان لکي رھيا آھن. ننڍيءَ عمر ۾، پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي ھنن جو شعور ڪافي پختو ڪري ڇڏيو آھي. تاج جويو، غلام حسين رنگريز وغيره انھن کان اڳئين نسل جا شاعر آھن، جن بھ سنڌي ادب سان بي انتھا لگن ڏيکاري آھي ۽ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي. +اياز گل جي شاعري پنھنجيءَ ڌرتيءَ جي پيدائش آھي. اھا فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نھ ٿي تڳي. ان کي ھڪ انوکي خوشبوءِ آھي، جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آھي ۽ ان کي ھڪ الڳ رنگ آھي، جو پڪل پيرن ۾ ٿيندو آھي. جي ھن مشق قلم جاري رکي تھ ڪنھن وقت ھن جي شاعري، فن جون اھي بلنديون ڇھندي، جا ڳالھھ ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آھي. ھو بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي، پر ھن جو غزل پيوند ٿيل نھ آھي، ازخود ھين ڌرتيءَ مان اسريو آھي. +مثال طور ھن جا ھي شعر: +سوچون ساريون ھاريل سردارن جيان، +خواب پيا ھا پيرن ۾ تلوارن جيان. +رستا ھونئن تھ اڻٽيھن جي انڌيارن جيان، +توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان. +ڪيئن الائي ٿيندو آھي ماڻھن کان؟ +شعر رچڻ ۽ پيار ڪرڻ وانگارن جيان. +- +ٽائرن جا گھرا ليڪا، تيز رڙ!! +روڊ تي چِٿجي وئي آ زندگي. +ھر طرف جھنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا، +جڳ کان وسري وئي آ زندگي. +تنھنجا ڌرتي! ڌراڙ جاڳيا ھن، +پيچرا، پٽ، پھاڙ جاڳيا ھن. +ھڪ تِکي چِيٽ آھي آزادي! +گھيڙ، گھٽيون ۽ گھاڙ جاڳيا ھن. +- +روز ملندا رھون تھ بھتر آ، +فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا. +- +حوصلو ڏي تھ حادثن مان لنگھان، +پيار! منھنجا مان آفتن مان لنگھان. +منھنجو سارو وجود نيڻ ٿئي، +تنھنجي لکيل جڏھن خطن مان لنگھان. +- +ھڪ ئي نانو تي ڌڙڪو تيز ٿئي دل جو، +مٽي سرمو ٿيندي ناھي ھر در جي. +- +ھر ڪنھن دور ۾ ڄمندا آھن، +باغي ۽ درٻاري ماڻھو. +- +روپ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولھي! +ٿاريليون ۽ ٿر، ٻڏي ويو اندھھ ۾. +تنھنجي يادن سواءِ ذھن پرين!، +ڪرفيوءَ ۾ بَزار وانگي آ. +ھر خوشي قرض ۾ ھلي ٿي وڃي، +ماستر جي پگھار وانگي آ. +- +ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاھر ناھي ھونئن، +ڳالھھ سڄي ھوندي آ جاني! ھمت جي. +جنھن ماڻھوءَ کي تنھنجو پيار مليو آھي، +تنھن ماڻھوءَ کي ڪھڙي دولت گھرجي ٻي؟ +- +منھنجي حالت آ وچ اوڀر جي، +تنھنجو شيوو تباھھ ڪاري آ. +اياز گل نئين ٽھيءَ جو منفرد شاعر آھي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي ھن پنھنجي جاءِ والاري ڇڏي آھي. مان ھن جي شاعري، ادل سومري جي ۽ نئين ٽھيءَ جي شاعري ڏسي، انھيءَ نتيجي تي پھتو آھيان، ��ھ اھا نيٺ ڪنھن بھ بين الاقوامي معيار تي اچي ويندي. ان شاعريءَ تي جاگيرداري دور مان نڪري، صنعتي دور ۾ داخل ٿيڻ جا آثار ملن ٿا ۽ ان جون تشبيھون، محاڪات وغيره روايتي شاعريءَ کان مختلف آھن ۽ انھن تي پنھنجي انفراديت جي ڇاپ آھي. +روھڙيءَ واري بيدل فقير ٻھ چڱا شعر لکيا ھا ۽ انھن مان ھڪ آھي: +اکران دي وچ جو ڪوئي اڙيا، +عشق دي چاڙھي مول نھ چڙھيا. +اھو شعر آھي تھ سرائڪيءَ ۾، پر ان ۾ جا ڳالھھ ڪئي وئي آھي، اھا جديد شاعرن سان لڳي ٿي. ھو اکرن ۾ اڙجي نھ ٿا وڃن ۽ عشق جي چاڙھي چڙھندا ٿا رھن. ھنن جا ابتدائي مجموعا ڏسون ٿا، تڏھن بھ ڪيترائي شعر دل ۾ کپي ٿا وڃن ۽ اڳين شاعرن وانگر ائين نھ آھي تھ، سڄو ديوان ڇنڊي ڇاڻي بيھجري تھ رڳو ھڪ يا ٻھ سٽون ملن، جي دل تي اڪرجي وڃن. سانده مطالعو ۽ مشاھدو ئي شاعريءَ کي پنھنجي توڙ تي پھچائي ٿو. اھي زمانا گذري ويا، جڏھن ڪنھن استاد جي استاديءَ ۾ شاعر سڄيون عمريون جک ماريندا ھا ۽ بحر وزن جي گھرڙ گھوٽ ڪندا ھئا. +بمبئيءَ ۾ مون ھڪ نشست ۾، سڳن آھوجا کي چيو ھو تھ: ”ھو پنھنجو شعر ٻڌائي.“ ان تي ھن جواب ڏنو ھو تھ، ”مون وٽ بَندي نھ آھي.“ ان تي مون ھن کي چيو ھو: ”جيستائين بندي اچي، تيستائين تڪ بندي ٿي وڃي.“ – ’بندي‘ ھن پنھنجي شعر جي بياض لاءِ چيو ھو. سڳن کي تھ مون اھا ڳالھھ مذاق ۾ چئي ھئي، ڇو تھ، ھو منھنجو دوست ھو، پر اھا ڳالھھ اڪثر ڪھنھ مشق شاعرن سان لڳي ٿي، ڇو تھ اھي تڪبندي ڪندا ھا- دور جديد ۾ ڪيترائي نوان شاعر تڪبندي تھ ڪونھ ڪن ٿا، پر جي اھي پنھنجي تخليق مان مطمئن ٿي ويا ۽ سانده لکندا ۽ تجربا نھ ڪندا رھيا، تھ انھن جي شاعري بھ تڪبنديءَ وانگر بي معنى ٿي ويندي. +اياز گل ۽ ٻيا شاعر، ھن وقت سڄاڻ شاعرن وانگر لکي رھيا آھن، ڪافي پڙھي رھيا آھن ۽ پنھنجي منفرد سوچ بھ رکن ٿا. سنڌي ادب ھڪ خوبصورت شمعدان وانگر رھيو آھي، جنھن ۾ اياز گل بھ انھن شمعن مان آھي، جيڪي وچ ۾ ٻري رھيون آھن. ھو شمع بھ آھي تھ، پروانو بھ آھي ۽ پنھنجي چوڌاري تخليق ٿيل ادب ۾ ھن جي بيحد دلچسپي آھي. چڱو جو ھن جي شاعريءَ ۽ ادل جي شاعريءَ ۾ نعري بازي نھ آھي، توڙي ھنن جي سياسي سوجھھ ٻوجھھ تکي آھي. +زندگيءَ جا گونا گون تجربا، ۽ خاص ڪري شھري زندگيءَ جو، ديھاتي زندگيءَ تي اثر، ھن جي شاعريءَ مان بَکن ٿا. جڏھن اھا شاعري پوري چوٽ تي پھتي، تڏھن سنڌي شاعريءَ تي پنھنجي ڇاپ ڇڏيندي. مون فقط ھن جي غزلن مان مثال طور ٽڪرا ڏنا آھن، پر ھن جي ٻي شاعري بھ جاندار آھي ۽ ھن جي لباس وانگر نج سنڌي آھي. +تنھنجي مايا ڏي جو لاڙو آھي، +پنھنجي پيرن تي ڪھاڙو آھي. +- +سچ ڪاڻ ويڙھھ ۾. +ھڪ بھ ھزار جئن. +- +سارو شھر لتاڙي وو! +آيس تنھنجي پاڙي وو! +تنھنجي پويان نڪتو آھيان +سارا ٻيڙا ساڙي وو! +- +منھنجي سچ تي ڪروڌ ۽ ھن جي، +ڪوڙ تي واھھ واھھ! ٿي وئي آ. +زندگي ھر ستم تي خوش آھي، +ٻن ٺڳن جو ڪو ٺاھھ ٿي وئي آ. +- +سوچون ننگي پيرين آھن، +ذھن تتل ڄڻ ٽاما آھن. +جيون جي آکاڻيءَ ۾ دک، +فل اسٽاپ ۽ ڪاما آھن. +- +ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کن ۾، +ڪجھھ تھ ويساھھ ڪجي ساجن ۾! +- +تنھنجي پيرن ۾ ھئي لڳل ميندي، +منھنجي گھر جا تھ ھا کليل رستا. +دل جون ڳالھيون بھ ڪين ٿو سمجھين! +ڪھڙي آخرڪار فارسي آھي؟ +- +توکي گڏجي تھ ڪين ھلڻو آ، +ڪھڙو توکي بيھارجي ھاڻي! +سڄي حياتي ڀري پيئي آھي لڙڪن سان، +ملون تھ ذڪر ڪيو، ھيل ڪي کلائڻ جا! +- +ھيءُ ڪتاب، مون وٽ مھاڳ لاءِ، گھڻو عرصو ٻيو رھيو ھو ۽ پنھنجي گوناگون مصروفيتن ۽ بيماريءَ سبب، مان اياز گل جي فرمائش ھن کان اڳ پوري ڪري نھ سگھيس. اياز گل جو نالو منھنجي نالي سان ائين وابستھ آھي، ڄڻ، منھنجي شاعريءَ جي ٽاريءَ مان ڪوئي گل ڦٽو آھي. مون کي اميد آھي تھ، اڳتي ھلي اھو ڏسان ڏس کي پنھنجي سڳنڌ سان واسي ڇڏيندو ۽ مون کي ھن جي نالي جي مماثلت تي بجا فخر ٿيندو. +(اياز گل جي شعري مجموعي +”توبن ڪھڙا ڇانورا“ جو مھاڳ) +رکيل مورائي +شريڪانت صدف : غزل جي نئين روايت جو شاعر +”ڪجھھ نھ چئي بھ، چئي وڃڻ جو ڏانءُ شاعري آھي.“ مٿيان لفظ سنڌي ٻوليءَ جي اھم شاعر ۽ نقاد ارجن حاسد جا آھن. منھنجي خيال ۾ مون شاعريءَ جي باري ۾ اھڙي راءِ اڳ ۾ ڪٿي بھ نھ پڙھي آھي. مٿينءَ ڳالھھ جو حاصل مقصد اھو وڃي ٿيندو تھ، غير محسوس ٿيندڙ، بغير ڪنھن ٺاھھ ٺوھھ، بنا ڪنھن غير ضروري وڌاءَ جي، سادن ۽ سمجھھ ۾ ايندڙ لفظن ۾، انتھائي صفائي، سٺائي ۽ سادگيءَ سان ڪنھن اھم ڳالھھ جو اھڙو اظھار، جنھن جو ڦھلاءُ، وسيع کان وسيع تر ٿئي، ان اظھار کي شاعري چئجي ٿو. شاعريءَ جون ٻيون سڀ تشريحون پنھنجي جاءِ تي اھم ھجڻ جي باوجود، مٿين راءِ جھڙيون تز، گھٽ لڳن ٿيون. گھٽ ۾ گھٽ شريڪانت ”صدف“ جي شاعريءَ جي شاعراڻيءَ اڏام جي باري ۾ مٿين راءِ تمام گھڻي اھميت رکي ٿي +1980ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي حالتون رھيون آھ،ن انھن حالتن مان ھڪ خاص شاعريءَ جنم ورتو آھي، جنھن کي اسان جا نقاد مزاحمتي شاعري ڪوٺين ٿا. اھڙي شاعريءَ جو وڏو حصو، اسان جي سياسي حالتن جي نذر ٿي ويو نظر اچي ٿو. پر ڪجھھ حصو اھڙو بھ تخليق ٿيو آھي، جنھن جو بنا ڪنھن وڌاءَ جي اعلى/ سٺي شاعريءَ ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ان شاعريءَ ۾ اھڙي اظھار جنم ورتو، جنھن اظھار ڄڻ تھ سنڌي شاعريءَ ۾ نئين روايت جو بنياد وڌو. ان نئين روايت وجھندڙ، شاعريءَ جي روپ ۾، جيڪي ڪجھھ لکيو ويو، اھو سڄي جو سڄو، ٻوليءَ کان وٺي گھاڙيٽي تائين، اظھار کان ويندي مسئلي تائين بلڪل نئون ھو. ان عرصي ۾ بھ ڪجھھ نالا ئي ملي سگھندا، جن شاعريءَ کي شاعري ڪري ڄاتو. سنڌي شاعريءَ جي اھڙي سگھاري، وڻندڙ ۽ پراثر اظھار کي مستقل جاري رکڻ ان عرصي جي لکندڙن جي وڏي انگ لاءِ شايد ممڪن نھ ھو، جو اھو ڏھاڪو ختم ٿيندي ئي، اھو اظھار گھٽبو ويو يا يڪسانيت جو شڪار ٿيندو ويو. ان جو نتيجو اھو نڪتو، جو ان عرصي کان پوءِ جيڪي بھ نوان لکندڙ آيا، انھن مٿين ٽھيءَ جي پيروي ڪئي ۽ پنھنجو ڪو خاص اظھار نھ جوڙي سگھيا، نتيجو اھو سامھون آيو تھ 1997ع تائين ڪجھھ اھم نالن کان سواءِ سنڌي شاعري ڪندڙن جو وڏو انگ لڪير جو فقير بڻجي ويو. بلڪل ائين، جيئن اياز کان پوءِ ڪجھھ نالن کان سواءِ باقي سموري سنڌي شاعري اياز جو پڙاڏو محسوس ٿيڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻيءَ ٽھيءَ جنم ورتو ۽ ان جو تسلسل اسين خوش نصيب آھيون، جن جي پويان ڀٽائيءَ ۽ شيخ اياز کان وٺي شريڪانت صدف تائين جو شاعريءَ جو اڻ ميو خزانو آھي. +ورھاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو ايمانداراڻو مطالعو ڪرڻ مان معلوم ٿيندو/ يا ٿئي ٿو تھ سموري سنڌي شاعريءَ جو ڪجھھ حصو ئي اھڙو بچندو، جيڪو سچ پچ اعلى ۽ دائمي قدرن واري شاعريءَ جو عيوضي پڻو ادا ڪندو. ان جو دارومدار بھ گھڻي ڀاڱي اياز جي شاعريءَ تي آھي. سنڌ کي ڇڏي، ھند ۾ سرجندڙ سنڌي شاعريءَ ۾ نارايڻ شيام اھڙو نالو آھي، جنھن تي سنڌ ۽ سنڌي شاعري فخر ڪندي. شيام کان سواءِ ھري دلگير، ارجن حاسد، ارجن شاد، پرڀو وفا، ارجن سڪايل، گورڌن ڀارتي، موتي پرڪاش، ڪرشن راھي ۽ ٻيا کوڙا اھڙا نالا ملندا، جن سنڌي شاعريءَ جو مان مٿاھون ڪيو آھي. +مون کي جن شاعرن موھيو، انھن ۾ ٻھ نالا اھم آھن ۽ ٻئي غزل جا شاعر آھن: ھڪ آھي ايم. ڪمل ۽ ٻيو آھي شريڪانت ”صدف“. شريڪانت صدف ان ٽھيءَ مان ھڪ نالو آھي، جنھن ٽھيءَ اسيءَ کان پوءِ ادبي جنم ورتو آھي. +سنڌ ۾ رھندڙ نوجوان ليکڪ کي پنھنجي ڌرتيءَ تي ھجڻ جي ڪري شاعريءَ لاءِ گھربل مواد ميسر آھي. صدف اھو نوجوان آھي، جنھن لاءِ اھو سڀ ڪجھھ ڪونھ آھي، جيڪو سنڌ ۾ رھندڙ شاعر لاءِ آھي. جنھن شيءِ جي تمام گھڻي اھميت آھي، اھا نھ ھجڻ جو احساس، جيڪو صدف جي شاعريءَ جي ڪجھھ حصي تي نظر اچي ٿو. اھو آھي صدف جو سنڌ کان پري ھجڻ جو درد- ظاھري طور ھند جي سنڌي شاعريءَ تي ورھاڱي جو درد سمورن موضوعن تي حاوي نظر ايندو، پر جيئن تھ صدف ڄائو ئي سنڌ کان ٻاھر آھي، ھن نھ سنڌ ڏٺي ۽ نھ ئي ورھاڱو ڏٺو آھي،[1] پوءِ بھ ھن جو اھو درد سندس شاعريءَ ۾ ايڏو شدت سان اڀري آيو آھي، جو پڙھندڙ/ ٻڌندڙ ان ڳالھھ جو اندازو نھ ٿو لڳائي سگھي تھ، ھو ڪو سنڌ ۾ نھ ڄائو آھي ۽ ھن ڪو ورھاڱو اکين سان نھ ڏٺو آھي- خود صدف کي سنڌ ۾ نھ ڄمڻ جو احساس دلي طرح تھ گھائي ٿو، پر سندس پڙھندڙ کي بھ اھا شدت ۽ درد محسوس ٿئي ٿو تھ: +ڪھڙي صدف جي ڳالھھ ۽ ڪھڙا غزل، ڇڏيو +شاعر جي خوب ھو تھ ڇا، سنڌ ۾ ڄميو نھ ھو. +(نفرت جا گل: ص ١٩) +شاعري پيغمبريءَ جو حصو/ جزو ڀلي کڻي ھجي بھ، پر دنيا جا سڀ وڏا ماڻھو شاعر ڪونھ ھئا ۽ نھ ئي سڀ پيغمبر شاعر ھئا- وڏي ماڻھو ٿيڻ لاءِ ھرو ڀرو شاعري ضروري نھ آھي. ھن موڙ تي صدف جو انداز بلڪل مختلف آھي. اھو صدف جي اندازي ۾ نھ آھي، جو ماڻھو مھانتا فقط سنڌ ۾ ڄمڻ کي سمجھي ٿو. اھو سندس جذبو ساراھڻ جوڳو تھ آھي، پر ڪجھھ حقيقت پسنديءَ کان بھ ڪم وٺڻ گھرجي. ايترو جذبي- وھيڻو ٿيڻ ڪنھن بھ فنڪار لاءِ درست نھ آھي: جو سندس فن ۽ فڪر ان جذبي آڏو ثانوي ٿي وڃي. کيس اندر ۾ اھڙي جذبي پيدا ڪرڻ ۾ يقيننا سندس ماتا ۽ پتا، ڪلا پرڪاش ۽ موتي پرڪاش جو دخل تھ آھي ئي، پر اظھار جو سگھارو ڏانءُ ۽ اھڙي وابستگي صدف جي اندر واري حساس فنڪار/ شاعر جو ڪمال آھي. شاعري کيس ڀلي ڪري ورثي ۾ ملي ھجي، پر ان ۾ ھن پنھنجي شناخت قائم رکي آھي. مٿينءَ ڪيفيت جو احساس ڏياريندڙ ھڪ شعر: +اڄ ڀي سڏن ٿا مون کي ڪي سنڌي پناھگير، +۽ ايئن بھ ناھھ ھت ڪوئي مون لئھ اجھو نھ ھو! +(نفرت جا گل: ص ١٩) +مختصر، صدف جو ۽ سندس شاعريءَ جو اھو آھي پسمنظر- صدف جو موجوده تعارف اھو آھي تھ ھو دبئيءَ ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ رھي ٿو.[2] ھو بنيادي طور شاعر آھي ۽ اھو بھ غزل جو شاعر- ھو شاعر آھي اول ۽ آخر شاعر- سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آھن: +١) نفرت جا گل ”غزل“ آگسٽ ١٩٩٠ع +٢) نانگن جا ٻِر ”غزل“ آگسٽ ١٩٩٣ع +٣) ذھن جا قبيلا ”غزل ۽ ڪوتائون“. آگسٽ ١٩٩٦ع[3] +سندس پھرئين ڪتاب ”نفرت جا گل“ جي مھاڳ ۾ سنڌي غزل جي ڀلوڙ شاعر ارجن حاسد لکيو آھي تھ: ”صدف جي شعر ۾ تازگي بھ آھي ۽ تلخي بھ- مان سمجھان ٿو تھ صدف جي اھائي سڃاڻپ آھي. نھ فقط سندس شاعريءَ ۾ تلخي آھي، پر اھا ڏاڍي تيز ۽، چڀندڙ آھي ۽ سندس نثر ۾ بھ تلخي آھي. جيتري قدر تازگيءَ جو سوال آھي، تھ اھا سندس تلخ لھجي مان بھ بکي ٿي. تازگي صدف جي ٽنھي ڪتابن مان ھوا جي جھوٽن وانگر اندر ۾ پيھي وڃي ٿي. سندس ھر غزل ۾ ڪي سٽون اھڙيون ملنديون، جيڪي بنھھ تازيون ھونديون، نھ رڳو تازيون ھونديون، پر سنڌي شاعريءَ ۾ اڻ اظھاريل ھونديون. مثال لاءِ مان سندس ڪتابن جي نالن واريون سٽون ھيٺ آڻيان ٿو: +نفرت جا گل ئي ٺيڪ ھئا جي سچ پڇين تھ دوست، +مون کان نٿا ھي پيار جا پٿر سنڀالجن، +(نفرت جا گل: ص ٢٣) +ھاڻ نانگن جا ٻر نظر ايندا، +مون ۾ سوراخ ٿي چڪا آھن. +(نانگن جا ٻر: ص ٤٦) +مختلف سوچ ۽ دائمي دشمنيون، +ذھن منھنجي ۾ ڪيئي قبيلا ھيا. +(ذھن جا قبيلا ص ٢٩) +صدف جي مٿين سٽن کي پڙھي، سندس شاعريءَ ۾ اظھار جي تازگيءَ جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل نھ ٿيندو. مٿيون ۽ انھن کان سواءِ اڃا بھ تازگيءَ سان ڀرپور سٽون، صدف جي شاعريءَ ۾ ڳاڻاٽي کان وڌيڪ موجود آھن، جيڪي اڳتي ھلي نئين سنڌي غزل جي سفر ۾ سنگ ميل جي حيثيت اختيار ڪنديون، اھڙي اميد صدف مان ڪري سگھجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي وڏي عالم سائين محمد ابراھيم جويي صاحب جي راءِ ۾ ”صدف جي شاعريءَ ۾ پڙھندڙ کي سندس منصفاڻي ۽ جوھر شناس ڏات جي صاف جھلڪ ملي ٿي، سندس ھر غزل ۾ ڪي آبدار موتي املھھ ماڻڪن جھڙا جرڪندا ڏسڻ ۾ ايندا.“ ھونئن سنڌي شاعريءَ ۾ ۽ خاص ڪري غزل ۾ صدف جو اظھار نڪور ۽ اھڙو سگھارو ۽ تازگيءَ ڀريو آھي، جنھن جو مثال سندس ٽھيءَ جي تمام ٿورن غزل لکندڙن جي غزل ۾ ملي سگھندو. سنڌ ۾ سرجندڙ شاعريءَ تي جڏھن گھري نظر وجھجي ٿي تھ ڪا خاص خوشي ڪانھ ٿي ٿئي. ان جو خاص سبب شايد اھو ھجي تھ اسان جو نئون لکندڙ پڙھڻ کي وقت گھٽ ٿو ڏئي، يا ھو پنھنجي وقت مان ڪجھھ گھڙيون بچائي نھ ٿو سگھي، ڇو تھ ھو گھڻو وقت ڳڀي جي ڳولا ۾ سرگردان آھي، جنھنڪري ھن جو خاص رخ شھر ڏانھن آھي. جا ڳالھھ اھم آھي، اھا ھيءَ آھي تھ اڄ جو نئون لکندڙ پنھنجي ان احساس کي بھ پنھنجي لکڻيءَ ۾ زوردار نموني اظھاري نھ سگھيو آھي، جيڪو احساس شھر جي گھٽجندڙ ماحول ۽ ڏامر جي تتل روڊ تي پيادل ھلندي کيس اندران اندران کائي رھيو آھي. ھو ھڪ عجيب يقيني ۽ بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ جي رھيو آھي. ھو ڄڻ تھ پاڻ کان بھ اڻ واقف آھي، ھو پاڻ کي بھ ڪا خاص سڃاڻپ نھ ڏئي سگھيو آھي. ھو ھلندو رھي ٿو، کيس پنھنجي منزل جو ڪوبھ ڏس پتو نھ آھي. مٿان نٽھڻ اس آھي، ھيٺان تتل روڊ آھي ۽ سفر اڻ کٽندڙ! اھڙي صورتحال کي جھڙي نموني صدف پنھنجي شاعريءَ ۾ پئنٽ ڪيو آھي، ان جھڙو سنڌ ۾ نئين لکندڙ نھ ڪيو آھي. اڄ جي پڙھندڙ آڏو ھڪ ھيءُ بھ سوال آھي تھ اسيءَ کان پوءِ سنڌي ماڻھوءَ ۽ خاص ڪري سنڌ جي شھرن ڏانھن ايندڙ سنڌيءَ ماڻھوءَ، شھرن ۾ جيڪي ڌڪاو سٺا آھن، ان جو اظھار سنڌي ادب، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتري قدر ٿيو آھي؟ +خود سنڌي لکندڙن جو وڏو تعداد گذريل چوٿائي صديءَ کان شھرن ۾ رھي ٿو، ان جي باوجود ھو شھري زندگيءَ جي عذابن کي پنھنجي تخليق ۾ ڀرپور نموني نھ اظھاري سگھيو آھي. وچولي طبقي ۽ ھيٺئين وچولي طبقي جي ماڻھوءَ جا عذاب، جيڪي ھو شھرن ۾ ڀوڳي ٿو، ان جو احساس اسان جي شاعريءَ ۾ ڇو ڪونھ اڀري سگھيو آھي؟ +اڄ کان پنجاھھ سئو سال پوءِ جو نقاد اھو ڪيئن سمجھندو تھ اسان جو لکندڙ شھرن ۾ بھ رھيو آھي! ٻيءَ معنى ۾ ڄڻ تھ اسان پنھنجي دور جو ادب تخليق نھ ڪري رھيا آھيون ۽ اھڙو ادب/ شاعري اسان کي صدف جي روپ ۾ ڪوئي ڏور رھندڙ، فقط سنڌ جو نقشو ڏسندڙ ۽ ان نقشي سان ماءُ جي جھوليءَ وانگر پيار ڪندڙ ڪوئي نوجوان ڏيئي رھيو آھي، اسان جا احساس اسان کان ظاھري پري رھندڙ شخص اظھاري رھيو آھي: +ڪيڏو نھ دوست پاڻ کي، بندرو لڳس ٿي مان، +ڪيڏا نھ تنھنجي شھر جا، اونچا مڪان ھا. +(نفرت جا گل: ص ١٨) +ٿڌو ھڳاءُ پئي ممتا جو، رات ڀر ماڻيم، +الائي ڪنھن ٿي سڏيو مون کي، منھنجي ماءُ وانگر. +(نفرت جا گل: ص ٢٠) +ٻولي آ منھنجي، شعر مان سنڌيءَ ۾ ٿو چوان، +مون وٽ اچي ٻڌڻ لئھ، جي ڪو ھم زبان ھجي. +(نفرت جو گل: ص ٢٢) +دشمني اڻ سڌو ڪرم ھوندي، +دوستو! دوستي ستم آھي. +(نفرت جا گل: ص ٣١) +تو پنھنجي گھر مان مون کي، ڪڍي ايئن ڦٽو ڪيو، +مون کي لڳو تھ ڄڻ ڪ ڪو، سنڌي ڪتاب ھان. +(نانگن جا ٻِر: ص ١٠) +ڪڏھن ڀلجي بھ جي مو�� سان خوشيون ملڻ آيون، +تھ دل کي اوچتو ويڙھي ويون اداسايون. +(نانگن جا ٻِر: ص ٢٩) +باقي ڪجھھ ڏينھن مان ڪندس ماڻا، +جيسين ھن جڳ ۾ دوست! ماءُ اٿم. +(نانگن جا ٻِر: ص ٥٦) +تازو ئي نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز چيو آھي تھ: ”شاعري اھا آھي، جا ٻڌڻ سان يا پڙھڻ سان خنجر وانگر دل ۾ پيھي وڃي. ۽ اھا پابند شاعري ئي ٿي سگھي ٿي.“ +صدف جي غزلن جون سٽون اھڙيون ئي آھن، جيڪي ٻڌڻ/ پڙھڻ سان اندر ۾ پيھي وڃن ٿيون. ھن شاعر پنھنجي اندر کي ڄڻ تھ غزلن جي روپ ۾ ظاھر ڪيو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو سندس اندر جي تلخي بغير ڪنھن ڊپ ڊاءَ ۽ رک رکاءَ جي سندس غزلن جي روپ ۾ ظاھر ٿي پئي آھي. ھونئن بھ ھر سچي ۽ کري تخليقڪار کي سڀ ڪجھھ صاف ۽ چٽو رکڻ گھرجي، جيڪڏھن ھو پاڻ ۽ سنسار سان سچو آھي تھ ۽ صدف جي ان سچائيءَ مان فائدي واري ڳالھھ سامھون آئي آھي، اھا ھيءَ آھي تھ، سندس شاعريءَ کي سونھون بنائي، سندس خيال جو پيرو کڻي، سندس دل جي لڪل تھن تائين آسانيءَ سان پھچي سگھجي ٿو. +نئين سنڌي شاعريءَ جي ٻي جيڪا اھم سڃاڻپ آھي/ ھجڻ گھرجي، اھا آھي اظھار جي سادگي ۽ ٻوليءَ جي نفاست، ٻوليءَ جي معاملي ۾ صدف ڪٿي بھ تڪلف کان ڪم نھ ورتو آھي. ھن نھ سنڌيءَ جي اڪثر شاعرن وانگر ڀاري وزن وارا لفظ کنيا آھن ۽ نھ وري پنھنجي وس ۽ وت کان وڏيون ۽ اجايون تشبيھون ۽ تمثيلون کنيون آھن. ھن روزمره جي سادي، عام فھم، صاف نازڪ نفيس ۽ ڪجھھ تلخ ٻولي کنئي آھي، جنھن کي پڙھندڙ/ ٻڌندڙ پاڻ ۽ ذھن مٿان بار محسوس نھ ٿو ڪري، ڪجھھ سٽون ھيٺ ڏجن ٿيون: +شاعري، پيار، دوستي، وشواس، +ڪجھھ ڪڏھن ڀي ڪري سگھيو ناھيان. +مون بھ تھذيب آ سکي ورتي، +ڪافي عرصي کان مان کليو ناھيان. +(نانگ جا ٻِر: ص ٣٤) +ورڊس ورٿ سمجھي ٿو تھ: ”جنبش پيدا ڪندڙ جذبن جي بي اختيار اٿل کي شاعري چئجي ٿو.“ جيڪڏھن ائين آھي تھ صدف جا شعر مٿينءَ راءِ جو سؤ سيڪڙو پورائو ڪن ٿا. سندس غزل جون ڪي نھ ڪي سٽون من ۾ ڪانھ ڪا لھر پيدا ڪن ٿيون. اھو سچ آھي تھ، سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جو وجود نھ ھجي ھا تھ، ان جي موجوده نزاڪت، لطافت ۽ وسعت تي اسان کي ايڏو ناز نھ ھجي ھا! ۽ مان اھا راءِ رکان ٿو تھ موجود سنڌي غزل جي نزاڪت، لطافت ۽ وسعت ۾ صدف جي غزلن جو ٿورو ئي سھي حصو رھندو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ سندس غزلن جي نزاڪت تي سندس تلخي حاوي نظر اچي ٿي، پر سندس عمر جو ان ۾ گھڻو عمل دخل آھي- سندس غزل جون صرف ٻھ سٽون ھيٺ شناخت لاءِ ڏجن ٿيون، جن ٻنھي سٽن ۾ مٿيون ٻئي ڪيفيتون نمايان آھن: +ھڪ گل ڏسڻ گھران ٿو مان، پنھنجي اڱڻ ۾ دوست، (نزاڪت) +مان ائين نھ ٿو چوان تھ، ھتي گلستان ھجي. (تلخي) +(نفرت جا گل: ص ٢٢) +صدف جي پھرئين ڪتاب ”نفرت جا گل“ جي غزلن ۾ شاعريءَ جي نفاست ۽ نزاڪت جو گھڻو خيال رکيل نظر اچي ٿو، ان کان پوءِ صدف جي شاعريءَ جي نفاست ۽ نزاڪت تي سندس تلخي زوردار نموني اثر انداز ٿي آھي. ائين بھ ناھي تھ ان تلخيءَ جي لپيٽ ۾ سندس سموري شاعري اچي وئي آھي، پر ان کي مڪمل ڪڍي بھ نھ ٿو سگھجي، تڏھن بھ شاعريءَ کي شاعري ڪري پيش ڪرڻ ۾ صدف ڪمال جو ڪامياب ويو آھي. +سندس غزلن جا ٻھ بند ھيٺ ڏجن ٿا، جن کي پڙھڻ/ ٻڌڻ کان پوءِ اندر مان بي اختيار ڪو آواز نڪري ٿو وڃي، ڪا آھھ اڀري ٿي اچي: +ڪوبھ رشتو ٽٽو ئي ناھي جو، +ڪير ڪنھن جو ڪڏھن نھ ھو يارو! +(نانگن جا ٻِر: ص ٣٨) +منھنجو ھجڻ ھو جن جي لھءِ، رونشو مذاق سي، +منھنجي وڃڻ کان پوءِ، اڪيلا نھ ٿيا ھجن. +(ذھن جا قبيلا: ص ٣٥) +غزلن جي مٿين سٽن ۾ ”شاعري“ صدف جي تلخيءَ کان وڌيڪ موجود آھي ۽ ھڪ لحاظ کان ڪامياب غزل جي لکندڙ لاءِ اھا سڃاڻپ ڪافي آھي تھ ھو غزل جي سٽن ۾ جيڪي ڪجھھ چوڻ آھي، چئي وڃي، پوءِ ڀلي اھو چوڻ ڪيترو ئي اگھاڙو ۽ ڪڙو ڇو نھ ھجي؟ ۽ غزل کي غزل بھ رھڻ ڏئي. اھا اڄ جي شاعريءَ جي ضرورت آھي ۽ ڳالھھ وقت چئي وڃڻ جي بھ نھ آھي، مسلسل چوندو رھڻ جي آھي ۽ ڪاميابيءَ سان چوندو رھڻ جي آھي. ”صدف جو تازو ڪتاب ”نانگن جا ٻِر“ سندس پھرئين ڪتاب کي پويان ڇڏي ڪيتريون ئي وکون اڃا بھ اڳتي وڌي آيو آھي. ھيءُ ڪتاب ڪيترن ئي شايع ٿيل سنڌي غزلن جي مجموعن ۾ ھڪ اڳرو مجموعو آھي. ھو نھ آشا وادي آھي ۽ نھ ئي نراشا وادي، نھ ئي ھو ڪن سينئر شاعرن وانگر رڳا طنز جا غزل ٿو لکي. ھو ڪنھن بھ لڳ لڳاءَ کان سواءِ شاعر آھي، صدف جي تازي مجموعي مان اھو صاف ظاھر آھي تھ کيس شاعريءَ جي فن تي لڳ ڀڳ پورو قبضو آھي.“ +(ھري دلگير- ”سنگيتا“ جولاءِ - سيپٽمبر ١٩٩٤ع) +مٿين راءِ صدف جي شاعريءَ لاءِ تمام گھڻي وڏي آھي. ان راءِ کان پوءِ ڪجھھ چوڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آھي. بس چوڻ لاءِ ورجاءِ جي باوجود اھو بچي ٿو تھ سنڌ ۾ تخليق ٿيندڙ شاعريءَ جي ٻولي خوبصورت آھي، جنھن جو سبب ڌرتيءَ جو ھجڻ آھي، ۽ صدف وٽ ٻوليءَ جي جاءِ، سندس احساس والاري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ احساس جي مٿاھين سطح بيان ٿيل آھي، جنھنڪري سندس شعر تلخيءَ، اظھار جي سادگيءَ ۽ ٻوليءَ جي نھ ھجڻ جي باوجود ڇھي ٿو ۽ ڪوپراٽيءَ مان ٺڪاءَ ڪڍي ٿو ڇڏي، جڏھن تھ صدف جي اظھار جي سادگيءَ جي پٺيان سندس غزل ۾ خيال جي اوچائيءَ ھن کي سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ اھميت جو حامل بڻايو آھي. اھا سندس مجموعي انفراديت/ سڇاڻپ آھي- ۽ اھڙي انفراديت/ سڃاڻپ ڪنھن خوش نصيب جي ڀاڳن ۾ ايندي آھي. سندس ڀاڳ ۾ تھ نارائڻ شيام، ھري دلگير، ارجن حاسد، ايم ڪمل، موتي پرڪاش ۽ گورڌن ڀارتيءَ جھڙا غزل جا باڪمال شاعر آھن. يقينا ان سموري ورثي جو اثر آھي، ان ڪري، اسان وٽ صدف بنھھ نڪور شاعر طور متعارف ٿيو آھي ۽ اسان کي، اسان جي سڄي ٽھيءَ کي اھا اميد آھي تھ ھو پنھنجي نڪور پڻي کي مسلسل قائم رکندو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجو ھڪ الڳ ٿلڳ مقام ٺاھيندو، جنھن جي پيڙھھ جا پھريان ٽي پٿر تھ ھو رکي چڪو آھي. +[1] تازو 2004ع جي آخر ۾ صدف گھمي ويو آھي، ان کان پوءِ جا احساس، ھن مضمون ۾ شامل نھ آھن. (ت. ج) +[2] ھاڻي صدف، ممبئيءَ ۾ ۽ سندس والدين آديپور (ڪڇ) ۾ رھن ٿا. (ت. ج) +[3] ان کان پوءِ سندس ٻھ مجموعا (١) ”وچ وارن کي لٽ بڻائي“ ۽ (٢) ”زندگي ھڪوار ٻيھر شروع ڪرڻي پوندي“- سندس چئني مجموعن جي گڏيل شاعري“ (سنڌ ۾: ) ڇپجي چڪا آھن. (ت. ج) \ No newline at end of file