diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book13.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book13.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book13.txt" @@ -0,0 +1,1178 @@ +ڪتاب جو نالو: محڪريءَ جا مضمون + + + +محمد ابراهيم جويو +پنهنجي طرفان +اداري جو ٽيهون ڪتاب، توهان جي هٿن ۾ آهي. ۽ جويي صاحب جو هي ٻيو ڪتاب آهي جنهن کي ڇپرائڻ جو شرف اداري کي حاصل ٿيو آهي. انهيءَ کان اڳ اسان جويي صاحب جو ترجمو ڪيل ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ڇپرائي چڪا آهيون. +ڊاڪٽر جي. ايم محڪري جنهن صاحب جا هي مضمون اصل انگريزيءَ ۾ لکيل آهن، تنهن جي شخصيت ۽ ادبي ڏات کان پڙهيل ڳڙهيل طبقو چڱيءَ ريت واقف هوندو ۽ مترجم جي شخصيت ۽ ترجمي متعلق منهنجو ڪجهه چوڻ فضول ٿيندو جو سائين جويو صاحب جن کي سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي. تنهن هوندي به مصنف جي شخصيت ۽ڪتاب ۾ شامل مضمونن متعلق جويو صاحب جو مهاڳ ڪتاب ۾ شامل آهي. +اداري طرفان مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري ڪتاب پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙ اسان جي پيش ڪيل ڪتابن جي معيار کان مطمئن هوندا. ڪتابن جي وڪري متعلق پڙهندڙن جي خدمت ۾ هي عرض ڪرڻو آهي ته اسين هر نئين ڪتاب جي اشاعت تي اخبارن ۾ اشتهار ڏيون ٿا، جي ڪنهن شهر يا ڳوٺ جي بوڪ اسٽال تي اسان جا ڪتاب موجود نه هجن ته مهرباني ڪري ٽيهه پئسي وارو هڪ ڪارڊ لکي سڌو سنئون اسان کان گهرائي وٺندا ڪن ڇو ته انهيءَ سان توهان کي ڪو وڌيڪ خرچ نه ڪرڻو پوند ۽ اداري کي به مالي اعانت ملي ويندي. اسان جي خواهش آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان جا ڪتاب موجود هجن، پر پئسن جي وصوليءَ جو معاملو ڪجهه ڏکيو آهي جنهن ڪري اسين اهو قدم نٿا کڻي سگهون. +پڙهندڙن جي تعاون جي اميد رکندي، ايندڙ ڪتاب تائين اجازت. +توهان جو پنهجو +عمر ميمڻ +8-7-1985ع +پيش لفظ +محترم عزيز ڊاڪٽر جي.ايم. محڪريءَ جو سنڌ سان تعارف پاڪسان کان ڪجهه اڳ جو آهي مون کي بهرحال سندن واقفيت جو شرف پاڪستان کان پوءِ نصيب ٿيو، ۽ اُن لاءِ آءُ پنهنجي بزرگ دوست- ڳُڻَ، ڳَتِ ۽ ڌُنَ جي ڳولائوءَ- محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم، جو شڪر گذار آهيان. غالباً، پنجاهه جي ڏهاڪي جي شروع ۾ هڪ موقعي تي آءُ اُن لائق صد احترام پنهنجي ساٿيءَ، ڏيپلائي مرحوم، سان گڏجي، ڊاڪٽر صاحب جي جاءِ تي، پاڪستان گورنمنٽ آفيسرس ڪوارٽرس، گارڊن نارٿ، ڪراچيءَ، ۾ ويو هوس، ۽ سندن ڪمال محبت ۽ اخلاص جي ورتاءُ سان گڏ سندن وسيع علم ۽ آزاد خياليءَ کان بيحد متاثر ٿي موٽيو هوس- ۽ اُن کانپوءِ اڄ تائين منهنجو ساڻن نيازمنديءَ ۽ عقيدت جو سٻنڌ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو ۽ پختو ٿيندو پئي آيو آهي. پاڻ اصل بئنگلور، انڊيا، جا آهن، ۽ انهيءَ ڪري بعضي پنهنجو ادبي نالو ’بئنگلوري‘ به لکندا رهيا آهن. سندن مضمونن جي هِن سنڌي مجموعي لاءِ ٻن اکرن لکڻ لاءِ نياپو موڪليومانِ، ته موٽ ۾ هيءَ هڪڙو پُر لطف مختصر خط ڏياري موڪليائون: +”منهنجا پيارا جويو جي، +”دوست مظهر يوسف کان ٻُڌي، دل ڏاڍي خوش ٿي ته اوهين منهنجي چاليهارو کن ’ٽڪرن ٽوٽن‘ جو پنهنجو مُلهائتو ترجمو پريس ۾ ڪتابي اشاعت لاءِ موڪلي رهيا آهيو. ڇا منهنجا لفظ ’اوهان جي ڏاڍي مهرباني!‘ منهنجي احسانمنديءَ جي جذبي جو پورو اظهار ڪري سگهندا! سچ ته هيءَ مون لاءِ ۽ مظهر لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي ته سڀ کان وڌيڪ جويو منهنجي اِنهن ’روڙيل رنڊن‘ جو ايترو قدر ڪري! پنهنجي فوٽي جي نِگيِٽو هِن گڏ موڪليان ٿو، ۽ ڏاڍي خوش ٿينديم ته ڪتاب ۾ هيءَ منهنجي تصوير به ڇپجي، ته سنڌي، منهنجا هم وطن ۽ هم قوم ڀائر ڀينرون، ڏسن ته آئون ڪهڙو هوس! منهنجي پڇڻ کان سواءِ منهنجن مائٽن مون تي ’غلام محي الدين مِهڪري‘نالو رک��و هو. اُن کي مون ننڍو ڪري، پاڻ کي ’جي . ايم مِهڪري‘ سڏيو، پر اُن مان منهنجو هاڻي مطلب پنهنجو ادبي نالو ’گلاب- موتيار مِهڪ‘ آهي! اميد اٿم ته اِهو منهنجونالو اوهان کي پورو دنيوي نالولڳندو! مون پوري ءَ طرح معلوم ڪيو آهي ته ڪنهن به عرب پنهنجي نالي کي ڪڏهن به ’غلام‘ جي اڳياڙي ڪانه ٿي ڏني، جيتوڻيڪ لفظ ’غلام‘ خالص عربي لفظ آهي، ۽ وٽن خريديل ٻانهي..... لاءِ مخصوص آهي. آءُ سمجهان ٿو ته ’غلام‘ اُنهن ماڻهن جي ذهنيت جي ئي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي اڀاڳن ۽ بيوس معصومن جي پيشانيءَ تي ڳولي ڳولي اها مُهر داغي ٿا ڇڏين- توڻي جو وٽن ڄمي، اُنهن ڪو سندن ايڏو وڏو ڏوهه به ڪونه ٿي ڪيو! ڪنهن به عرب کي پاڻ تي يا پنهنجي اولاد تي اِن نالي رکڻ لاءِ چئو، ته اوهان کي اُنهن جو غضبناڪ رد عمل اُنهيءَ ئي مهل معلوم ٿي ويندو. اِنهيءَ سبب کان ڏسجي ٿو ته عربَ پاڪستان ۽ انڊيا جي مسلمانن کي ’رفيق‘ به سڏين ٿا، پر اوهين جواب ۾ اُنهن کي ’رفيق‘ سڏيو ته هو اوهان کي اُتي ئي هوند ڪچو کائي ڇڏين! ’رفيق‘ مان، مون ٻڌو آهي ته سندن مطلب ’ماڻهو‘ نه پر...... هوندوآهي.“ ( هِن ۾، اصل لفظن جي جاءِ تي ، خالَ راقم جا ڇڏيل آهن.) +ڊاڪٽر محترم جي نالي جي صفاتي حصي- Mehkri- جي ڳالهه به هڪ سمجهاڻي گهري ٿي. سندن مضمونن جي سنڌي ترجمن جي اخباري اشاعت ۾، سڄو وقت مون پاڻ اِن سندن ادبي نالي ’گلاب- موتيا مِهڪ‘ ( مهڪ بعمنيٰ ’سرهاڻ‘) جي نسبت سان سندن نالو ’مهڪري‘ پئي ڪم آندو ۽ ڇپايو آهي. پر سندن مضمونن جي هِن مجموعي ۾ سندن دستوري آزاد فڪر ۽ اُن جي بي خوف اظهار جي نسبت ’مَحَڪ ّ/ مِحَڪ ّ‘ (بمعنيٰ ’ڪسوٽي‘، ’پئمانو‘) سان ڪندي، سندن سڃاڻپ ’محڪري‘ جي نالي سان ڪرائڻ جي جرئت ڪئي اٿم- سندن عالي ظرف ۽ ڪشادي دليءَ ۾ اميد رکندي، ته هيءَ منهنجي حُجّت پاڻ مون کي معاف ڪندا. +ڊاڪٽر محڪري واقعي پاڻ وٽ هڪ ڪسوٽي، هڪ سڃاڻپ،هڪ پيمانو رکن ٿا- کري ۽ کوٽي جو، روشنيءَ ۽ تاريڪيءَ جو، سچ ۽ ڪوڙ جو؛ ۽ اِن خيال کان پاڻ اسان لاءِ هڪ ٻهڪندڙ روشن مشعل آهن. نه رڳو روشني ڏيڻُ ۽ روشني پکيڙڻُ پنهنجي زندگيءَ جو پاڻ مقصد سمجهن ٿا، پر اُهو مقصد هو پورو ڪندا رهيا آهن، ڪندا رهن ٿا ۽ڪندا رهندا- اوستائين جيستائين، چؤڦير پنهنجي انساني دنيا ۾، پاڻ تاريڪي ۽ جهالت ڏسندا، اونداهه ڏسندا- ’اوهامن ۾ مڃتا‘ جي اوندهه. +هڪڙو وڏو وهم، جنهن اسان جي ذهنن کي، اسان جي پنهنجي زندگين ۾، دنيا جي اسان جي پنهنجي حصي ۾، چؤکنڀو ٻڌي ۽چڪرائي رکيوآهي، اُهو ’نظريي جو وهم‘ آهي- پاڻ کي اُهو ’نظريو‘ چوارائي ٿو. ۽ جيتوڻيڪ، پاڻ کي نظريو سڏيندي، اُن لاءِ پاڻ ثابت ڪرڻ به پهرين ضروري هو، ته جيئن اُهو اصولي طور قبوليو يا رد ڪيو وڃي- ۽ اِئين ڪنهن به ريت يا نِيت سان اُهو اڃا تائين ڪري به نه سگهيو آهي- اِهو پوءِ به اسان سان چنبڙيو پيوآهي ۽ اسان تي مڙهجي ويو آهي، توڻي جو پنهنجي ڪارج، يعني برصغير جي سياسي تقسيم جي ڪارج، ادا ڪرڻ کان پوءِ اُهو، ٻئي ڪنهن ڪم جي شيءَ نه هجڻ سبب، ڇڏي ڏيڻو هو- جيئن وقت سر قائد اعظم جهڙي ذميدار ماڻهوءَ پاڻ اُن کي ڇڏي ڏيڻ جو واضح، پر عزم ۽ بي ڌڙڪ اعلان ڪيو- ( ملاخطو ٿئي سندن تقرير، آگسٽ 13، 1947ع جو متن) +اُن کانپوءِ اُن نظريي جي وڌيڪ پاڻ وٽ سياسي پذيرائي ۽ پرورش نه رڳو هڪ وهم پرستي هئي- خالص ۽ محض- ڇو ته اُن وٽ باقي اسان لاءِ ڪو به انسان دوست افادي ڪارج ادا ڪرڻ لاءِ رهيل نه هو؛ پر وڌيڪ اُن جي پذيرائيءَ اُن کي اسان لاءِ هڪ بت ئي بنائي ڇڏيو، بلڪ فقط اسان جي عقل ۽ ماڻهپي کي توائي ڪرڻ لاءِ اُن کي هڪ ڀينڪر راڪاس جي صورت ملي ويئي- بي حس ۽ مبهم راڪاس جي – جنهن اسان کان، قومن ۽ ماڻهن طور، اسان جي بندگيءَ، اسان جي رت ۽اسان جي غيرت جو، اُٿندي ويهندي، بکُ ٿي گهريو، ۽ فورن ئي اُهو ڦِري هڪ دليلُ يا جهَلو بڻجي پيو- هڪ سڀ- زوري اندروني پرمار مفاد ۽ ٻيو سڀ- زوري بيروني پرمار مفاد جي هٿن ۾ پاڪستان جي ماڻهن ۽ قومن جي قطعي غلاميءَ جو- اندروني طور بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ جو ، جنهن کي Colonialism ٿو چئجي، ۽ بيروني طور گهڻ- قومي نؤ- بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ جو، جنهن کي Neo-colonialism ٿو چئجي. ۽ اسين اُن هولناڪ وهم جي، اُن وڏي بت جي، بي حس ۽ رٿيل ٺهيل ’خدائيءَ‘ جي پيرن ۾ چپجي ۽چيڀاٽجي، ڇا مان ڇا ٿي وياسون، اُن جو هڪ تُزبيان مون فريڊرڪ نٽشي (Nietzsche) جي مقالن ۾ تازو پڙهيو- جيڪو پڻ منهنجي معرز دوست، ڊاڪٽر محَڪريءَ، وانگر پنهنجي زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ جرمنيءَ تي ڇانيل تاريڪي جي خلاف – سماجي، روحاني ۽ هر قسم جي تاريڪي جي خلاف- گفتن ۽ مثالن جي صورت ۾ پنهنجي حڪيمانه ٻوليءَ ۾ بي ڌڙڪ ڳالهائيندو ۽ لکندورهندو هو. +هِن موقعي تي، جڏهن ڊاڪٽر محڪريءَ جي هِنن مضمونن کي پيش ڪرڻ جي خوشي ۽ اعزاز حاصل ڪري رهيو آهيان- جن مان هر هڪ مضمون کي آءُ پنهنجي چؤگرد ڇانيل تاريڪيءَ ۾ روشنيءَ جي شعاع مثل سمجهان ٿو- فريڊرڪ نٽشي جو اُهو مقالو، بعنوان ’رياست- هڪ نئون بت‘ اميد ته لائق پڙهندڙن کي موزون ۽ مناسب نظر ايندو. ۽ آءُ پنهنجي طرفان اُن مقالي کي هِن موقعي تي، خود محترم بزرگ ڊاڪٽر محَڪريءَ جي خدمت ۾ پنهنجي دلي عقيدت جي هڪ ڳُڻائتي پيشڪش سمجهان ٿو. ۽ مون کي پڪ آهي ته، هِتي پيش ٿيندڙ ڳالهه جي حوالي سان، سڀني کان ۽سڀ کان بهتر، اِئين هِن منهنجي اُڌاريءَ آندل پيشڪش جو قدر سڃاڻي،پاڻ اُن کي قبوليت جو مانُ ڏيندا- ڇو ته پاڻ ئي سمورو وقت، يڪسانو ۽ پوريءَ همت سان، هِن وهمن جي وهم، سرد روح مبهم وهم، بي ترس لُوءَ، ڪِني سُوڻل بُت، سان هيءَ سڄي ساري طويل مدت، پوري پنهنجي فهم ۽ دليل سان، جهيڙيندا رهيا آهن- جنهن وهمن جي وهم سڄي پنهنجي آهني چنبي ۾ - رڳو ”ڏينهن جي انڌن چٻرن، زبان بندين، فرمانن، قيد و بند جي ڌپ، سنترين جي مٽ سٽ، هٺ ڌرميءَ ۽بنهه کِٿل سمجهه“ سان – هيلتائين رڳو ئي پئي اسان کي چاڀوٽيو ۽ نپوڙيو آهي. نٽشي جي هن مقالي ۾ مون رڳو هڪ لفظ کي تبديل ڪيو آهي- اُن جي بلڪل آخر ۾، پنهنجي روان مراد ۽ حوالي جي خيال کان ، لفظ ’فوق البشر‘ جي جاءِ تي مون ’آزاد بشر‘ ( ’آزاد انسان‘) رکيو آهي - اِنهيءَ لاءِ ته آزاد بشر کان وڌيڪ ٻيو ڪو فوق البشر ٿي ئي نٿو سگهي- درحقيقت آزاد بشر ئي فوق البشر هجي ٿو. +نئون بُت +”ڪٿي ڪنهن هنڌ اڃا قومون ۽ ماڻهو آهن، پر اسان وٽ نه آهن، منهنجا ڀائرو: هِتي اسان وٽ رياستون آهن. ”رياست؟ اِها ڇا آهي؟ چڱو، هاڻي پنهنجا ڪن کولي منهنجي ڳالهه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوهان کي هاڻي قومن جي موت متعلق پنهنجو فيصلو ٻڌايان ٿو. +”رياست نالو آهي بي حس راڪاسن مان هڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس جو، هو ڪوڙُ به بي حسيءَ سان ڳالهائي ٿو؛ ۽ اُهو ڪوڙُ، سُرندو، اُن جي وات مان ٻاهر نڪري ٿو: ’آءُ رياستَ، قومَ آهيان‘! +” اِهو هڪ ڪوڙ آهي! تخليق ڪار هئا اُهي جن قومون تخليق ڪيون، ۽ اُنهن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون؛ ۽ اِئين اُنهن زندگيءَ جي خدمت ڪئي. +”تباهه ڪار آهن هِي، جيڪي گهڻن لاءِ ڄار پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي رياست سڏين ٿا: اُنهن جي مٿان هو تلوار لٽڪائين ٿا ۽ آڏو سوين ��الچون پکيڙين ٿا. +”جتي اڃا ماڻهو آهن، قومون آهن، اُتي رياست جي اِها معنيٰ ڪانهي، بلڪ ’نظر بد‘ وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي ٿي، ۽ اُن کي پنهنجن قانونن ۽ رواجن خلاف گناهه سمجهيو وڃي ٿو. +” آءُ اوهان کي هڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: هر قوم پنهنجي، ڀَلي جِي ۽ بُري جِي ٻولي ڳالهائي ٿي: اُها اُن جي پاڙيسري قوم نٿي سمجهي. ڇو ته اُن پنهنجي ٻولي، پنهنجي لاءِ، پنهنجن قانون ۽ رواجن ۾ رهي ايجاد ڪئي آهي. ”پر رياست ڀَلي ۽ بُري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿي، ۽ جيڪي ڪجهه اُها ڳالهائي ٿي، اُهو ڪُوڙ ڳالهائي ٿي؛ ۽ جو ڪجهه به وٽس آهي سو چوريءَ جو مال آهي. +” اُن جي هر شيءَکوٽي آهي، فريب آهي؛ چَڪُ هڻي ٿي، ته چوريءَ جي ڏندن سان، لڪي. خود سندس پيٽ جا آنڊا به دوکي جا آهن. +” ڀَلي ۽ بُري جي ٻوليءَ جو مونجهارو: اِهو نُڪتو آءُ اوهان کي رياست جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ، اِها نشاني موت جي خواهش ۽ موت جي ارادي جو دليل آهي! سچ پچ اِها نشاني ’موت جي مبلغن‘ کي اڳتي وڌي اچڻ لاءِ سڏي ٿي. +” گهڻا، تمام گهڻا، ماڻهو ڄمن ٿا: ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻهن لاءِ ئي رياست ايجاد ٿِي. +”ڏسو، هيءَ اُنهن کي، گهڻن- تمام گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽ لالچائي پنهنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِها اُنهن کي ڳڙڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي! +” ’ڌرتيءَ تي مون کان وڏو ٻيو ڪو به نه آهي: مان ئي آهيان، جيڪا خدا جي منتظم آڱر آهيان‘- هيءُ راڪاس اِئين ٿو گجڪاري، ۽ اُن گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاهه نظر ۽ دراز گوش ماڻهو ئي سربسجود ڪو نه ٿا ٿين! +”افسوس، اي عالي دماغوُ، خود اوهان جي ڪَنن ۾ اِها پنهنجا ڪارا ڪُوڙ ڀري ٿي! اِها اُهي وزني دليون به ڳولي هٿ ڪري ٿي، جيڪي اُن جي چانئٺ تي پنهنجي رضا خوشيءَ سان سڀڪجهه لُٽائي ڇڏين ٿيون. +”هائو، اِها اوهان کي به ڳولي لهي ٿي، جن پراڻي ’خدا‘ کي جيتيو هو! اوهين، اُن معرڪي ۾ وڙهندي، ٿڪجي پيا آهيو، ۽ هاڻي اُها اوهان جي نِستائي هِن نئين بت کي ڪم اچي ٿي ۽ اوهين اُن جي ٻانهپ ۾ لڳي ويا آهيو! +”هيءُ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنهنجي چؤڌاري گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿو! ۽ تمام گهڻي اطمينان سان نيڪ ضميرن جي اُس ۾ ويهي پاڻ سيڪي ٿو- هيءُ سرد راڪاس! +” هر شيءَ، هيءُ نئون بت اوهان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوهين هِن جي پوڄا ڪريو: اِئين هيءُ اوهانجي نيڪيءَ جي رونق ۽ اوهان جي پروقار اکين جي چمڪ اوهان کان خريدي ٿو. +” اِهو اوهان جي وسيلي گهڻن- تمام – گهڻن کي ڀنڀلائي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو! اِهو هڪُ جهنمي سنَجَٽُ اِنهي ريت اڏيو ويو آهي- هڪ موت- جو – گهوڙو، الاهي اعزازن جي و‎ڄندڙ گهنگهروئن سان جهنجهيل! +” هائو، عام خلق لاءِ، گهڻن- تمام- گهڻن لاءِ، اِئين نسورو هيءَ هڪ موت ايجاد ڪيو ويو آهي، پر پاڻ کي زندگي سڏي، اِهو پاڻُ واکاڻي ٿو ۽ چؤڦير جَس وٺي ٿو: تحقيق وڏي هڪ دعوت آهي، هيءَ ’موت جي مبلغن‘ لاءِ! +” آءُ اِن کي اسٽيٽ (State) (بمعنٰي، مَسندَ ڪُرسي) سڏيان ٿو، جتي سڀئي، ڀلا ۽ بُرا، زهر جو پيالو پيئن ٿا؛ جتي سڀئي، ڀلا ۽بُرا، پاڻ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل ’زندگي‘ سڏجي ٿو. ڏسو، هِنن غير ضروري، زائد ماڻهن کي ڏسو! هي ڏاهن جا خزانا ۽ ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنهنجي اُن چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا- ۽ هر شيءَ اُنهن جي هٿ ۾ بدلجي محض بيماري ۽ بدبختي بڻجيو پوي! +” ڏسو، هنن غير ضروري ، زائد ماڻهن کي ڏسو! بيمار روح آهن اِهي سدائين؛ پنهنجو پِتُ قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي هو ’اخبار‘ سڏين ٿا. هڪٻين کي هو هڙپ ڪن ٿا، ۽ هڪٻين کي هو هضم به نٿا ڪري سگهن! ”ڏسو، هِنن غير ضروري ، زائد ماڻهن کي ڏسو! دولت هو حاصل ڪن ٿا، ۽ اُن سان هو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. هي بي- ستا، طاقت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا- اُن کان به وڌ، هو طاقت جي ڪُنجيءَ پٺيان – پئسي پٺيان، وڌيڪ پئسي پٺيان- ڊوڙون پائين ٿا. +” اِنهن تيز باندرن کي مٿي چڙهندي ڏسو! هڪٻين کي لتاڙيندا، هڪٻين تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙهندا، سڌا گپ ۾ ڪِن جي کڏن ۾ ڪرندا ٿا رهن. +”سڀيئي مَسنَدَ ڏانهن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آهن: ڇا نه ديوانگي آهي اِنهن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مسَنَدَ تي هَنن لاءِ آتا ويٺا آهن! پر مسَنَدَ تي، گهڻو ڪري، ته گند ئي ويٺل هجي ٿو- ۽ گهڻو ڪري ته مسَنَدَ خود به گند تي ويٺل هوندي آهي! +” مون کي اِهي سڀ پاڳل نظر اچن ٿا، بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا ڏيکارجن – بيحد بي صبر ۽ بد حواس. مون کي اِن سندن بت مان، انهيءَ سرد راڪاس مان، بدبوءِ ٿي اچي: اِهي سڀيئي اِن جا پرستار پاڻ به فقط بدبوءِ ئي ڦهلائين ٿا. +” منهنجا ڀائرو، اوهين اِنهن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بُک جي ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آهي ته بدبوءَ جي اِنهيءَ چؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي ، ٻاهر کُليءَ هوا ۾ نڪري اچو! +” ان بدبوءِ جي سڄي پهچ کان ٻاهر نڪري اچو! آءُ چوان ٿو ته اِنهن غير ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪِن جي گنُدن جي پوڄا ڇڏي ڏيو! +” اِن بدبوءِ جي سڄي پهچ کان ٻاهر نڪري اچو! انساني ٻَليُن جي اِنهيءَ زهريلي دونهانٽ کان بچو ۽ نڪري ٻاهر ٿيو! +”اعليٰ دلين لاءِ زمين جون وسعتون اڃا به کليل آهن. تنها دل توڙي ساٿي دلين لاءِ، زمين جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي پيا آهن، جتي سانتيڪن سمونڊن جون هُٻڪار ڀريل هيرون گهُلي رهيون آهن. +” اعليٰ دلين لاءِ اڃا به آزاد زندگيءَ جا دڳ کليل آهن. سچ ته جنهن وٽ جيترو گهٽ اوترو وڌ اُهو آزاد. جيترو ڪو گهٽ قابض اوترو گهٽ اُهو مقبوض: مبارڪ آهي وچٿري غريبي! +” جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جي وجود جي ابتدا ٿئي ٿي، جو زائد نه آهي، غير ضروري نه آهي. اُتان ئي ضروري انسانن جو، اصلي انسانن جو، گيت شروع ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو! +” منهنجا ڀائرو، اُتي، اُن هنڌ تي نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي ٿي! دور، افق تي، اوهان کي انڊلٺ جا رنگ ۽ آزاد بشر جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“------- +(فريڊرڪ نٽشي: ”بقول زردشت“، ص 64-66) +آءُ، راقم، هاڻي اِن کان وڌيڪ اوهان مهربان پڙهندڙن ۽ محترم عزيز ڊاڪٽر مَحڪريءَ جي حڪمت ڀريل مضمومنن جي وچ ۾ روڪ بڻجي بيهڻ نٿو گهران، ۽ اِن اميد ۽ اعتماد سان ته اوهين سندن هِن” مَحَڪِ زرّين“ بلڪ ”مَحَڪِ زر ّ ِ ايمان“ کي توجهه سان پڙهندا ۽ اُن مان پورو افادو ڪندا، ۽ وڌيڪ سنڌ ۽ هند جي عظيم بلڪ بي بدل فارسي شاعر، حضرت ابوالفيض ”فيضي“ جي هيٺين سونَ ۾ تُرڻ جهڙي ڳالهه اوهان جي گوش گذار ڪرڻ سان، اوهان کان اجازت ٿو وٺان- يار زنده صحبت باقي! +مرد بايد ڪ زبان آئينه دل سازد، خواه ڪافر بود و خواهه مسلمان گردد. +مڪنش باور اگر باتو فلاطون گويد، آنچه برعقلِ تو ثابت نه ببرهان گردد +سربزانو بنهه و دل بتگاپوي درآر، گوي شرطست ڪ در عرصه بچو گان گردد. +۽ اِهائي ڳالهه، ۽ بلڪل اِئين ئي، ڊاڪٽر مَحڪري هِنن پنهنجن مضمونن ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو. +محمد ابراهيم جويو +حيدرآباد سنڌ +16- جون، 1985ع + + +” جتي آپيشاهي راڄ هجي، پريس تي مڪمل پابندي هجي، اُتان جي شديد رجعتي دؤر ۾ جڏهن سياسي عدم اطمينان ۽ احتجاج جي هلڪي ۾ هلڪي آواز کي به سزائن جو نشانو بڻايو ويندو هجي، اُتي، اُن ملڪ جي اَهڙي دؤر ۾ به مارڪسي انقلابي اصولُ، انسان دوست انقلابي ادبُ، پوريءَ طرح چڪاس هيٺ ايندڙ ادب جي وچ ۾ زوريءَ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري، اچانڪ پڌرو ٿي، آڏو اچي بيهي ٿو، ۽ توڻي جو ايسوپيائي(Aesopian) اصطلاح ۾ اظهاريل هوندو آهي، اُهو سڀني اُنهن وٽ، جن کي ’دلچسپي‘ آهي اُئين سمجهيو به وڃي ٿو.“ +[Lenin: “What is to be Done”- Burning Questions of our Movement, Vol.5, P. 361] +”..... جي مشوري سان، جنهن لاءِ اڄ ڏينهن تائين شڪر گذار آهيان، مون پنهنجو وقت ڌارين ٻولين مان ترجمي ۾ صرف ڪيو، ۽ هينئر به آءُ اِن کي هڪ نوجوان ليکڪ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ جي روح کي وڌيڪ گهرائيءَ سان ۽ وڌيڪ تخليقي طور سمجهڻ جو بهترين رستو سمجهان ٿو....... +” هر ڌارين ٻولي پهريائين پنهنجين وڌ ۾ وڌ نِجي خصوصيتن جي صورتن ۾ اُنهن جي آڏو جيڪي اُن جو نقل ڪرڻ چاهين ٿا، مشڪلاتون پيش ڪري ٿي، ۽ اِنهيءَ ڪري اُها اظهار جون اُهي قوتون طلبي ٿي جيڪي ٻيءَ طرح خود بخود ڪڏهن به نروار ٿي نه سگهنديون؛ ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ کان اُن جي اِئين وڌ ۾ وڌ مخفي جوهر حاصل ڪرڻ لاءِ هيءَ جاکوڙ ۽ اُن جوهر کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اُنهيءَ ئي ملائمت سان ڍالڻ جي ڪوشش- ذاتي طور، هِن ڪم ۾ منهنجي خصوصي فني تمنا اِها هوندي هئي، ۽ ڇاڪاڻ ته هِن خاموش ۽ دراصل بي قدرائين ڪم گهڻو صبر ۽ وڏي اورچائي گهُري ٿي - جيڪي اوصاف اسڪولي دؤر ۾ مون پنهنجي سهل پسندي‎ءَ ۽ طبع جي ارڏائيءَ سبب خاطر ۾ نه آندا هئا، اِن ڪري اُهو ڪم خاص طرح مون کي ڏاڍو پيارو ۽ دلنواز ٿي لڳو؛ اِنهي ‎ءَ لاءِ به، جو فن جي اعليٰ ترين خزانن کي اِئين منتقل ڪرڻ واري هِن نيازمنديءَ جي ڪم ۾ مون پنهنجي زندگيءُ کي پهريون ڀيرو هڪ سچي پچي ڪارائتي ڪم ۾ مصروف ڏٺو هو. ۽ اُهو ئي منهنجي نظر ۾ سڄي منهنجي وجود جو جواز به هو.“ +[Stefan Zweigi “The World of Yesterday,”P.119] +محڪريءَ جا مضمون ڪائي مُرڪ اکين ۾ اِئين چمڪ پيدا ڪندي آهي جيئن سج جا پهريان ترورا هرڻ جي اکين ۾ پيدا ڪندا آهن. اُها مرڪ مون پنهنجي بزرگ دوست ڊاڪٽر مهڪريءَ جي اکين ۾ ڏٺي آهي. هڪ ڀيري هُن مون کي چيو، ”شاعر، تاريخ جو ٽيون دور شروع ٿي چڪو آهي.“ +”ڊاڪٽر صاحب! ڪهڙو ٽيون دور؟“ مون حيرت مان هُن کان پچيو. +”بابا، قبل از مسيح ۽ بعد از مسيح کان پوءِ تارا مسيح جو دور“، هن جواب ڏنو. هُن جي اکين ۾ ساڳي مُرڪ هئي جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. +پر مون هُن جي اکين ۾ ٻي مُرڪ به ڏٺي آهي،جا آئيني وانگر هُن جو اَندر پسائيندي آهي. هو بنگلور مان هجرت ڪري آيو آهي. جنهن وقت به هُن کي بنگلور جي ياد شدت سان ايندي آهي تنهن وقت هو پنهنجي مضمون جي مٿان پنهنجو فرضي نالو ”بنگلور مهڪري“ لکندو آهي. اُن وقت هُن جي اکين ۾ مُرڪ ائين چمڪندي آهي جيئن وارياسي جي نٽهڻ اُس ۾ سج جا ترورا هرڻ جي اکين ۾ چمڪندا آهن ۽ هو ڪنهن ترائيءَ لاءِ واجهائيندو آهي. +(شيخ اياز: ”آتم ڪهاڻي“، ص 75، +سُڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو،1985ع کير سفيد ڪيئن ٿو ٿئي؟ +۽ ائين هڪڙو ٻيو نواب صاحب هو- بلڪل اهڙو نواب صاحب، جهڙا سڀ نواب صاحب ٿيندا آهن. +بلڪل ڳالهه اِئين هئي. هو صبح جو ننڊ مان اُٿندو هو ته ٻَرجي اُٿندو هو. سڀني کي خبر هئي ته ڇو! +پوءِ هڪڙي حاذق حڪيم کيس ڏس ڏنو ته جڏهن به هو دير سان اُٿي، تڏهن هُن کي کير جو هڪڙو ڀريل پيالو پي ڇڏڻ گهرجي- اُن مان هُن کي وڏو فائدو ٿيندو. +هو ڳالهه سمجهي ويو، ۽ حڪم ڏنائين ته سهمڻ کان پوءِ هو جڏهن اُٿي، ته کير جو پيالو بنهه تيار هُن جي چپن تي هئڻ کپي. +هڪڙي ڏينهن کير وارو پنهنجي روز روز جي سچا��يءَ کان اهڙو ته بيزار ٿي پيو، جو فيصلو ڪيائين ته نواب صاحب جي پيالي مان چوٿون حصو هن کي لاهي رکڻ کپي. +جڏهن نواب صاحب کي اِن جي سُڻس پئي، تڏهن هُن پوليس کي گهرايو ۽ معاملو اُن جي حوالي ڪري ڇڏيو. +پوليس واري کير واري سان اِئين سَٽل ڪيو ته جيڪڏهن هُن کي سندس چوٿون حصو ملي، ته ڳالهه جيئن دستوري طرح هلي رهي هئي تيئن ڀلي هلندي رهي. +نواب صاحب کي اِها ڳالهه ڪانه وڻي، سو هُن پنهنجي اَئنٽي ڪرپشن (رشوت ٽوڙ) عملي کي گهرايو، ۽ حڪم ڪيائين ته قانون جي نظام کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي. +اَئنٽي ڪرپش جي بَندي کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ويٺي ته هو کير جي پنهنجي چوٿين حصي کان پاڻ کي محروم ڇو رکي. +ڳالهه جي اِنهيءَ نئين سَٽل نواب صاحب جي حصي کي هيڪاري گهٽائي ڇڏيو. +جنهن تي نواب صاحب چيو ته ”قانون جو دستوري نظام ٺيڪ نه هو، بلڪل ٺيڪ نه هو.“ ۽ اِئين چئي، هُن اُنهن کي سڏايو جيڪي هونئن ئي اَڻ- سڏيا هليا ايندا آهن. +اَڻ- سڏائي همراهه اچڻ سان کير واري کي حڪم ڪيو ته کير جو باقي چوٿون حصون ’خاڪي تنبوءَ‘ ۾ پهچڻ گهرجي، ۽ اُن جي ٿوري پر گهاٽي سڻڀي مَلائي، جيڪا ئي اصلي شيءَ هئي، سا ’امورخاص‘ جي مقصدن لاءِ کيس پهچائي وڃي. +اڻ سڏئي پوءِ ملائيءَ جون ٻه آڱريون ڀري نواب صاحب جي چپن ته لائي ڇڏيون- ڇو ته نواب صاحب سڄيءَ رات جي قومي تعمير جي ڪم ڪار ۾ ٿڪجي، جو ستو هو، سو اڃا سج چڙهئي سوڌو کونگهرا هڻي رهيو هو. +جڏهن نواب صاحب اُٿي پنهنجي اُڃايل چپن سان لڳلُ خالي پيالو ڏٺو، تڏهن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هُن اَڻ- سڏئي کي پاڻ وٽ گهرايو. +”سمجهڻ؟ ڳالهه کي سمجهڻ! ڪهڙو سمجهڻ؟“ اَڻ – سڏئي واڪو ڪيو. +” ايڏي قومي تعمير جي گهڻي ۽ سخت ڪم کان پوءِ اوهان ئي ته تازي تواني ٿيڻ لاءِ سڄو کير جو پيالو يڪساهيءَ پي ڇڏيو! پوءِ به ڳالهه کي اڃا سمجهڻ ٿا گهرو!“ +” مون ته اڃا کير ڪونه پيتو آهي! ڪينَ، پِي ڇڏيو اٿم!“ نواب صاحب پڇيو. +” پنهنجن چپن تي هٿ لائي ڏسو، نواب صاحب! اوهان کي سچ جو پتو پئجي ويندو! +” ۽ اِن مان اوهان کي اِهو به پتو پوندو ته کير سفيد ڪِيئن ٿو ٿئي!“ +”پوءِ ته مون کي اِها به خبر پئي ته اوهين اِن کي ڇا ٿا سڏيو! +”اوهين اِن کي سفيد ڪوڙ سڏيندا آهيو. هائو نه ؟“ +اخلاق کان خالي دانشور +پهرين ڳالهه ته اُهي سڀ جيڪي اهڙن ڌنڌن ۾ لڳل آهن، جن کي عرف عام ۾ ذهني يا دانشورانه ڌنڌا چئجي ٿو، مثلاً قانون، ڊاڪٽري، تعليم ۽ اهڙا ٻيا ڌنڌا، سي سڀيئي لازمي طرح ڪي پاڻ به ذهين يا دانشور نه آهن. +اُهو اِنهيءَ ڪري، جو ذهن يا دانشوري ڪن ٿورن خاص ڌنڌن تائين ئي محدود ڪانهي. +ذهن سڄيءَ انسان ذات جو عام ورثو آهي- ۽ اُن ۾ ڪنهن هِن يا هُن خاص ڳالهه جو سوال ڪونهي. +اِنهيءَ ڪري سڄي انسان ذات- سڀ پاءُ اَٽو کائيندڙَ- ذهين آهن، ۽ فقط پنهنجي ذهن جي مدد سان هُنن سڀني شين کي، ۽ ننڍن وڏن جانورن کي، پنهنجي قبضي هيٺ آندو آهي. +اِنهيءَ ڪري ڪو به گروهه يا ٽولو اِنساني ذهن جي خاص هڪ هٽيءَ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. +ٻي ڳالهه ته ڪم ازم ڪم ڪي ڌنڌا جيڪي ذهني يا ’دانشورانه ڌنڌا“ سمجهيا وڃن ٿا، ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ، خون چوس ڌنڌا آهن- اِنهيءَ معنيٰ ۾ ته، اُهي ٻين بنيادي پيداواري ڌنڌن، مثلاً زراعت جي ڌنڌي، تي وڌن ٿا، جيڪو خوارڪ اُپائي ٿو، جنهن کان سواءِ ذهن چند ڪلاڪن ۾ ئي ڪک پن ٿي وڃي ٿو- اِن ڳالهه جو فورن تجربو به ڪري سگهجي ٿو! +هي ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ خون چوس ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو ته جنهن شيءَ کي ’خيال‘ يا ’فڪر‘ چيو وڃي ٿو ته اُهو ٿا تخليق ڪن، پر گهڻي قدر اُهو فڪر گهٽ ۽ مونجهارو وڌيڪ هوندو آهي، اُن کان وڌيڪ اُهو مُنجهيل فڪر هوندو آهي، ۽ اُن کان به وڌيڪ اُهو منجهائيندڙ فڪرُ هوندو آهي، +هيءُ راڪاسُ، هيءُ منجهائيندڙ فڪرُ، اسان جي سانڀر ۾ ئي، ذميدار رهيوآهي پربت جيڏي انساني دک لاءِ، پيڙا لاءِ، پاڙان اُکڙجڻ لاءِ ۽ رڳو نراسائيءَ لاءِ- ۽ اُن سڀ کان بچاءُ ٿي سگهيو ٿي، اُهو سڀڪجهه ٽري سگهيو ٿي. +جيئن ڳرن سالن پٺيان ڳرا سال گذرندا ٿا وڃن، تيئن هانءُ ٻوساٽيندڙَ ڳالهه صاف ٿيندي ٿي وڃي ته سرسبز ۽ شاداب نخلستان، جيڪي منجهائيندڙ فڪر جي ڪيميائي جادوءَ ٺاهي آڏو رکيا هئا، سي جيئن پوءِ تيئن بي ترس حقيقت جي تپندڙ بيابان ۾ ٺلهيءَ رڃ جا نشان ثابت ٿي رهيا آهن. +۽ دانشور وئشيائون، جن بنيادي جمهوريت، مقبوض جمهوريت ۽ اهڙن ٻين هوائي ڦِرموٽين سان نشن ۾ چُور بالادستن جي اُڀامندڙ وجودن کي مطلق لازواليءَ جي خوابن سان ڀري ڇڏيو هو، اُهي هاڻي وري مون کي اُنهيءُ ساڳئي لازواليءَ جي پڪ ڏيئي رهيون آهن. +اُنهن جو ناچ برابر مختلف آهي، پر اُهو سڀ اِنهيءَ ڪري، جو پٽَاپٽي بين باز (Pied Piper) جي صورت ۾ جيڪو سُرُ آءُ وڄائي رهيو آهيان، سو مختلف آهي، ۽ گهورَ به آءُ ئي پيو ورهايان- پوءِ کيسي ڪنهن جي مان به اُها نڪرندي هجي. +پاڻ کي ڪنهن طرح مون پڪ ڏيئي ڇڏي آهي، ته آءُ ۽ فقط آءُ عالمَ کي فوري تباهيءَ کان بچائي سگهان ٿو؛ اُن ڳالهه جو پڙاڏو آءُ اُنهن ڪُوئن جي ڇاتين ۾ ٻڌان پيو جيڪي منهنجي سُر تي پيا نچن- خالص گهورَ خاطر ئي سهي. +هئملن (Hamlin) جي ڪلاسيڪي پَٽا پٽي بين باز وانگر، آءُ به ڄاڻان ٿو ته مون سان ڪوُئن جا سڀ قسم گڏ آهن؛ ٿلها به ۽ سنها به، جوان به ۽ پوڙها به، سنوان به ۽ خاص طرح ڏسڻ ۾ سنوان ايندڙ چريا به جيڪي هِن موت جي ناچ جي تار کي قائم رکڻ ۾ ڏاڍا ڪمائتا آهن. +ڇاڪاڻ ته، موت جو ناچ ته اِهو آهي. +هر پَٽاٽي بين باز جي لازمي مِشن(Mission) اِها هوندي آهي ته خود فريبيءَ جي غم آگين موسيقيءَ جي مدد سان ڪُوئن کي سندن تباهيءَ ڏانهن و‎ٺي وڃي- تقدير جي اِها تقاضا آهي. +اِن ۾، مان ڏسان ٿو ته دانشور ڪُوئا، هميشه جيئن، اڄ به ڏاڍا ڏاڍا ڪمائتا آهن- اِنهيءَ ڪري، جو مجموعي ڳالهه موجب هو هڪڙي اُنهيءَ ڳري بار کان آجا آهن، جنهن کي اخلاق ٿو چئجي. +ڇا، کٽولي جو موت نه کپي! +”نيپولين انگريزن سان واٽرلو ۾ وڙهندي مارجي ويو“- هي اخبارن ۽ تاريخ جي صفن تي ڪهڙو نه عاليشان سِرو ٿي سگهيو ٿي! +بلڪل اهڙو جهڙو هيءَ سِرو: ” ٽيپو سلطان انگريزن سان ميسور جي ڇوٿينءَ جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو“. پر، افسوس، ائين نه ٿيو. +هو ”قسمت جو ڌڻي“، جيئن نيپولين پاڻ کي سڏيندو هو، اُنهيءَ طريقي سان فرانس کي امر بڻائي نه سگهيو، جيئن ميسور جي سلطان ميسور کي امر بڻايو. ڇو ته نيپولين جي اِها قسمت نه هئي. +اُن جي بدران هُن ”قسمت جي ڌڻيءَ“ کي موت جي کٽولي تي، پري پري، ذري گهٽ اڻ ٻڌل سينٽ هيلين جي ٻيٽ تي، پاسا ورائيندي، ساهه ڏيڻو هو- اِهڙي موت جي کٽولي تي، جيڪو سورمائي شهادت جي قوت ۽ شان کان خالي هو. +اِهڙيءَ ئي طرح موت جي کٽولي تي دکي، رواجي موت سقراط کي به گهڻي قدر شهيدي شان ۽ رتبي کان محروم ڪري ڇڏي ها. +۽ دنيا هن جو سدا- پڪاريندڙ سڏ نه ٻڌي، نسَت ۽ گگدام رهجي وڃي ها، جيڪوهن پنهنجي جلاد کي ڏنو هو؛ ” کڻي آ زهر جو پيالو، جي تو وٽ تيار آهي، ۽ جي نه آهي، ته جلد تيار ڪري وٺ، ڇو ته ويندڙ حياتيءَ جون ٿوريون گهڙيون بچائي، گهڻو ڪجهه ورائي ڪين سگهبو.“ +مسيح پڻ کٽولي جي موت کان پاڻُ بچائي ورتو، ۽ هو صليب کي صليب بڻا��ي ويو- سدا حيات زندگيءَ جي علامت. +منصور حلاج پنهنجي ڦاسي ڏيندڙ جلاد جي رسيءَ کي چُمي ڏيئي، پنهنجي پري بيٺل ’کٽولي جي موت‘ کان بازي کسي ويو. +رواجي، خسيس، کٽولي جي موت سان صوفي سرمد پاڻ به ته معمولي ماڻهو بنجي وڃي ها. پر دنيا کان موڪلائيندي، هو غير معمولي انسان بنجي ويو- سندس قاتلن جو مٿس هيءَ ڪيڏو نه وڏو احسان هو! +”هڪ ئي ڌڪ هڻي منهنجو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو!“ ڪڏهن –نه- مرندڙ قرئت العين، صبح ازل، پنهنجي جلادن کي هدايت ڪئي، جيڪي پاڻ به روئي رهيا هئا ۽ ماتم ڪري رهيا هئا. ” هڪ ئي ڌڪ سان هيءُ ڪنڌ ڪپيو، ته اوهان جو ڪم آسان ٿي سگهي.“ +ڇا، جيڪڏهن سيزر موت جي کٽولي تي چُڙي مري ها ۽ سُتي سُتي چُٽا پئجي وڃنس ها، ته دنيا جي شاعرن مان عمر خيام جهڙو شاعر ڪو هيءَ ڳالهه چئي سگهي ها!-”مان ڪڏهن ڪو رت جهڙو ڳاڙهو گلاب ڪٿي ٽڙيل ڏسندو آهيان، ته سوچيندو آهيان ته هِتي هِن مٽيءَ جي هيٺيان ضرور ڪو رت ۾ وهنتل سيزر پوريل هوندو!“ +۽، ڇا، ڪو مارڪ آئنٽوني به ڪڏهن چئي سگهيو ٿي: ” او سورهين جا سردار سيزر، تنهنجو مڙهه اُنهيءَ عظيم ترين شخص جو آهي، جو وقت جي سيلاب ۾ هڪڙو ئي ڪڏهن ڪو موجود هوندو آهي.... اڄ منهنجي پيشنگوئي آهي ته ماڻهن تي ڪا ڪُمهري نازل ٿيندي...... اونداهي طوفان ۽ خانه جنگيءَ ۾ هو وٺجي ويندا........ چوطرف بربادي ۽ رت هوندو، ۽ ساهه مُٺ ۾ جهليندڙ مصيبت ايتري ته عام ٿيندي، جو مائون جڏهن پنهنجا زرهه پاتل پٽ جنگ جي مُنهن ۾ ويندي ڏسنديون ته رڳو ويهي کلنديون. قياس ۽ ڏک جي دٻاءُ کان ساهه گهُٽجي ويندن، ۽ سيزر جو روح هِن سرزمين تي انتقام جي گردش بنجي هلندو ۽ بي خوف تحڪمانه آواز ۾ پڪاريندو ’نه ڇڏيو!‘ ۽ پوءِ جنگ جا ڪتا ڇُڙي پوندا....... ۽ هن ذليل عمل جِي ڌرتيءَ تي بدبوءِ پکڙندي، ۽ ڪِنا ٿيندڙ جيئرا انساني لاش پورجڻ لاءِ ڪنجهندا ۽ پڪاريندا رهندا.“ +جيڪڏهن سيزر کٽولي جو موت مري ها، ته بروٽس، جنهن ئي سڀ کان وڌ بي ترس ڌڪ هن کي هنيو هو، نيٺ پنهجيءَ ترار جي نوڪ تي پاڻ کي اڇلائيندي، دانهن ڪري، چوي ها ڇا: ” او جيولس سيزر، تون اُهو ئي اَجيت آهين، تنهنجو روح آزاد آهي ۽ پنهنجي دشمنن کي للڪاري رهيو آهي؟“ +نه، هر گز نه . +تاريخ ۾ هميشہ اهڙا ڪرشمه ساز شخص ٿيا آهن، جن هڪ پاسي پنهنجن جوڊاسن، بروٽسن، اِندرجيتن ۽ اهڙن ٻين کي ڇڏي ڏنو آهي ته ڀل هو پنهنجي روح جي ڪارٺ سان ازلي ذلت جي ايوان ۾ پنهنجي لاءِ پختي ڪا جاءِ ٺاهين، ۽ ٻئي پاسي خودياوريءَ جي بنياد تي يا خالص ”ذاتي عمل“ جي معجزي سان هُنن پاڻ کي کٽولي جي عام ۽ حقير موت کان بچائي ورتو آهي. +اُهي ئي جيئرا آهن، جُڳن تائين. جُڳن کان مٿي. +ڪينسر جو علاج ٿي ويو +ڪينسر جو نه رڳو علاج ٿي سگهي ٿو. +اُن جو علاج ٿي به ويو. +پوريءَ طرح. +رڳو ”ڪجهه فائدو“ نه. +اُن جي اُٿلڻ جو به خوف ڪونهي. +سڌو سادو صاف علاج. +هائو، صاف علاج. +عجب ته اِهو آهي- عجبن جهڙو عجب. +بلڪل سڌو صاف علاج. +حيرت ته اِها آهي. +هاڻي سڀني تي ڳالهه کلي آهي ته اِها ئي اُن جي بنهه اصلي سادي صورت هئي، جيڪا اُن جي علاج جي آڏو رڪاوٽ هئي. +ويد ڌن ونتريءَ جي ڏينهن کان وٺي، حڪيم ۽ طبيب سڀ ائين پئي سمجهندا آيا ته اُن جو علاج ڏکيو هو، ۽ اُن کان ٻيا ڊڄندا هئا. +قدرتي ڳالهه آهي ته ڊپ ۾ ڪنهن کان ڪجهه نٿو ٿي سگهي. +جڏهن اوهين شروع ئي اِنهيءَ ويچار سان ڪندا ته ڪا ڳالهه ڏکي آهي ته اُها ته ضرور ڏکي ئي ثابت ٿيندي. اِن ۾ پوءِ عجب ڇو ٿيڻ کپي. +انهيءَ ڪري هر ڳالهه جو مدار نقطي نگاهه تي آهي، بس . +جُڳ گذري ويا، ماڻهن خود ڌرتي��َ ۽ سج بابت عام سمجهه وارو نقطي نگاهه پئي رکيو ۽ قبوليو. +هر روز هُنن سج کي اوڀر کان اڀرندي ۽ اولهه کان لهندي ئي ڏٺو آهي. +ائين، هُنن جا سڀ مذهب ۽ سڀ هُنن جا فلسفا اِنهيءَ خيال تي بيٺل هئا ۽ دنيا پئي هلي. +دنيا جو ڪاروبار به هميشہ جيان هلندو ئي رهيو. جڏهن گليلو چيو ته ڌرتي آهي، جا سج جي چوڌاري ڦري ٿي، ته هُن ڄڻ نشي جي گولي کائي ٿي ڳالهايو. +اِها ڳالهه بيشمار لکن ڪروڙن ماڻهن جي جُڳن کان ڪيل مشاهدي جي ابتڙ هئي. ۽ جڏهن هن ” ثابت ڪري ڏيکاريو“ ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ نه سج ڌرتيءَ جي چوڌاري، تڏهن به سندس دور واريءَ وڏي ويڪريءَ دنيا جي روزاني ‎ءَ ڪارڪرت ۾ گهڻو فرق ڪو نه آيو. پر، وري به، چيو وڃي ٿو ته اُن ڳالهه ماڻهو جي سوچ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو هو. +ڪٿي؟ +هِتي ته بهرحال نه، بلڪل نه. +ڇا به هجي ، پر اُن سڄيءَ ڳالهه مان ثابت ٿيو ته جڏهن نقطي نگاهه بدلجي ٿو، ته گهڻو ڪجهه بدلجيو وڃي. +ساڳي ڳالهه ڪينسر جي علاج جي به آهي. +جڏهن نقطو نگاهه اِهو هو ته ڪينسر جو علاج سولو ڪونهي، تڏهن هر قسم جو علاج، مثلاً، ڪيمياوي، علاج، جراحت، ريڊيائي شعاعن جو علاج وغيره وغيره وڌ ۾ وڌ ته به رڳيون انڌيون منڊيون ڪوششون هيون. +پوءِ فقط تڏهن جڏهن اِهو مفروضو قائم ٿيو ته ڪينسر جو علاج سڌو سادو ۽ صاف آهي، ته هڪدم ڪاميابيءَ جو دروازو کلي پيو. +اِها سچ پچ به ته دروازي کلڻ جي ڳالهه آهي. +اِن سڄي ڪم جي مجرائي اسان کي ملڻ گهرجي، ۽ نه ڪنهن ٻئي کي. +اسان ڪينسر جي ڇڏائڻ جو وڌ ۾ وڌ هڪ ٽڪ ۽ سولو علاج ڳولي لڌو آهي. +اسين ڪينسر کي مريض مان ڇڏايون ٿا. +ڪينسر ڇُٽيو وڃي، ۽ ڏاڍي سگهاري ۽ وڏي حياتي ماڻي ٿو؛ ۽ سڄو وقت پنهنجي لائق حڪيم کي دعائون پيو ڪري- رڳو مريض مريو ٿو وڃي. ٻين پئي مريض کي ڪينسر مان ڇڏائڻ جو سوچيو. سچ پچ اِها هُنن جي اُبتي ڪوشش هئي. +اسان جي ڪاميابي ۽ هُنن جي شڪست بلڪل اٽل ۽ قدرتي ڳالهه هئي. +وسارڻ کپيس! پر وساري به سگهندي؟ +”توانائي.“ +”مڪان“. +”زمان“. +هيءَ ٽه- مورتي سامهون رکندي، آلفريڊڪورزسڪيءَ پنهنجي هڪڙي نئين تعليم پيش ڪئي آهي، جيڪا آمريڪي يونيورسٽين ۾ ”عمومي معنويات، جي نالي سان پاڙهي پيئي وڃي، جنهن جي هڪڙي عام فهم تشريح هايا ڪاوا جي ڪتاب ” لفظن جو ظلم“ ۾ شايع ڪئي وئي آهي. +هُن اصل ۾ پولنڊ ملڪ جي رهاڪو انجنيئر- فيلسوف ڪورزسڪيءَ جو خيال آهي ته سڀ ٻوٽا ”توانائي – گِير“ شيون آهن. +اُن جو مطلب ته کليل توانائي جيڪا آڪسيجن، نائٽروجن، پوٽيشم، سوڊئم وغيره جي صورت ۾ موجود آهي، اُن کي سڀ ٻوٽا، ننڍا توڙي وڏا، نئينءَ حيات بخش صورت ۾ بدلائي، پاڻ وٽ بند ڪن ٿا. +اِنهيءَ ڪري، هن جو چوڻ آهي ته ٻوٽا ”توانائي- گير“ آهن. +۽ سڀ ساهوارا، هن جي چوڻ موجب، جيڪي خوردبينيءَ سان مس ڏسجن ٿا توڙي وڏا وڏا هاٿي ۽ مانگر مڇ وغيره ”مڪان- گير“آهن، جنهن جو مطلب ته اُهي ”مڪان“ سان وابسته آهن يعني اُهي پنهنجي لاءِ ”جُوءِ“ يا ”تَرُ“ مقرر ڪن ٿا. +۽ ماڻهو، ۽ فقط ماڻهو، ڪورزسڪيءَ جي چوڻ موجب، سڄيءَ مخلوقات ۾ فقط ماڻهو ئي آهي، جو ”زمان- گير“ آهي. +فقط ماڻهو ئي ” وقت کي سانڍي ٿو.“ +هو ۽ فقط هو ئي آهي، جنهن لاءِ ماضي، حال ۽ مسقبل هڪ ئي لاڳيتي ۽ اٽوٽ شيءَ آهي. +ٻيا سڀ ساهوارا اُهوسڀ ڪجهه وساري ڇڏين ٿا، جو ڪجهه اُنهن جي وڏن سان ٿيو يا اُنهن کي پيش آيو. +هو فقط حال ۾ ئي رهن ٿا. +هو فقط حال سان ئي نباهين ٿا. +هنن لاءِ فقط حال ئي آهي، جو حال آهي. +جيڪڏهن اوهين ڪنهن ڍڳي کي سون جي ٺهيل ۽ جواهرن سان جَڙيل تخت تي ويهاريندا، ته اُها سڄي هڪ بي معنيٰ ڳالهه آهي، نه رڳو ڍڳي جي پونيرن لاءِ پر خود اُن ڍڳي لاءِ به – ڇاڪاڻ ته ڪي به ساهوارا، سواءِ ماڻهوءَ جي، ”زمان- گير“ نه آهن. اُنهن کي يادگيريءَ يا حافظي جي ڪا ساڃهه ڪانهي، جيڪو دنيا ۾ سچ پچ ته هڪ اهڙو ڪرشمو آهي، جنهن تي سوچڻ سا عقل چرخ ٿي وڃي ٿو. +واقعي، ماڻهو حافظي وارو جانور آهي. بلڪ ماڻهو حافظو آهي، ۽ حافظو ماڻهو. +پنهنجي حافظي کي وڌيڪ طاقتور ڪرڻ لاءِ، هن لکڻ ايجاد ڪيو، ۽ اُڪر، ڊرائنگ، مجسمه سازي، فوٽو گرافي، فلمسازي، ۽ ٽيپ رڪارڊنگ ۽ وي. سي. آر جا هنر ۽ تربيتون ايجاد ڪيون. +۽ جيتريون هن جي حافظي جون ڳالهيون پوريون ۽ صاف ، اوترو وڌيڪ موقعو ملي ٿو ماڻهوءَ جي ذهن کي اُنهن ڳالهين کي ڪم آڻڻ جو ۽ جيئن پوءِ تيئن وڏن کان وڏن عجائبات جي تخليق ڪرڻ جو. +حافظو دروازو آهي سڄي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو. حافظي جي رڳو عارضي ناڪامي به امتحان ۾ شاگرد جي زندگيءَ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿي. +ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پيريءَ، نستائيءَ يا صدمي کان حافظي جي دائمي ناڪامي به هڪ بيماري آهي، جنهن کي ”ويسر“ يا ”حافظي جو زيان، ٿو چئجي. +ٻئي طرف، نفسياتي معالج چون ٿا ته گهريءَ ننڊ جي جهاڙَ ۾ مريض کي اهڙيون ڳالهيون به ياد اچي سگهن ٿيون، جيڪي آپريشن ٽيبل تي پوريءَ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن کي پيش آيل هجن. +روحانيت جا صاحب چون ٿا ته قتل جي يا خودڪشيءَ جي ياد ڪوٺين جي ڀتين تي نقش ٿي وڃي ٿي، جتي اُهو سانحو واقع ٿئي ٿو. +طبيعيات جا صاحبِ قياس عالم اِهو قياس به پيش ڪن ٿا ته مسيح جو جبل تي ڏنل خطبو اسان لاءِ ٻڌڻ ناممڪن ڪونهي جيڪو اُنهن پهاڙن تي نقش ٿيل آهي جن اُن کي پهرين ٻڌو هو. +جيڪڏهن ايترو واڌارو اچي وڃي، ته اسين سيزر جا بروٽس کي چيل آخري لفظ به ٻڌي سگهون ٿا: +”بروٽس تون به ؟...... ته سيزرَ، ڪِري پَئهُ!“- جن لفظن کان پوءِ، شيڪسپيئر جي چوڻ مطابق، ”اُنهيءَ ئي چوغي ۾ پنهنجو مُنهن ڍڪي، عظيم سيزر ڪِري پيو. هيءَ ڇا ته ’ڪرِڻ‘ هو، او منهنجا ديس واسيوُ، جڏهن آءُ، توهين ۽ سڄي دنيا سڀ ڪِري پياسين، ۽ فقط رت ۾ رڱيل ڊوههُ اسان جي مٿان ڦِري رهيو هو.“ +جيڪڏهن سائنس جي اهڙي ايجاد عمل ۾ اچي وڃي، ته اسين ڪليسا جو گهنڊ رات جو هڪ وڄائيندي به ٻڌي سگهون ٿا، اُهو گهنڊ جيڪو مئڪبيٿ (Macbeth) ٻُڌو هو، جڏهن هو ڊنڪن(Duncan) کي خون ڪرڻ پئي ويو ۽ چوندو ويو ”ڊنڪن، تون اِهو نه ٻڌج، اِهو تنهنجي موت جو گهنڊ آهي!“ اسين اُن خونيءَ کي خون ڪرڻ کان پوءِ هي به چوندي ٻڌي سگهنداسون، ”منهنجو خيال آهي ته مان هڪڙو آواز ٻڌان پيو، جو چوي پيو: ’مئڪبيٿ، تنهنجي ننڊ ويئي! مئڪبيٿ ننڊ جو خون ڪري ڇڏيو.‘“ +۽ اسين جيئريءَ جاڳنديءَ ليڊي مئڪبيٿ کي به جيئن هوءَ پنهنجي هٿن تي رت جا ڦڙا ڏسي ٿي، رڙيون ڪندي ٻڌي سگهنداسين: ”لهي وڃو، لهي وڃو، منهنجي هٿن تان لهي وڃو!“ +پر رت جا چِٽا هن جي هٿن تان ڪونه لهندا. بلڪ اُهي ڦاٽندا، رتُ ڦاٽندو، خون ڦاٽندو. +پوءِ ڇا ڪرڻ کپيس؟ +خون وسارڻ کپيس! +پر وساري به سگهندي؟ + + +ننڊ، ڊاڪٽر صاحبؤ ، ننڊ! +”ننڊ“، ڊاڪٽر صاحبؤ، ”ننڊ“. +ڊاڪٽر صاحبؤ، اوهين طبيب آهيو؛ اوهين جراح آهيو؛ پنهنجي پيشي جا ماهر آهيو. اوهين ڄاڻو ٿا ته بستري تي پيل بيمار بابت پهريون سوال نه ته به پهرين سوالن مان هڪڙو سوال اوهين جيڪو پڇندا آهيو، اهو هيءُ هوندو آهي ته ”هِن ننڊ سٺي ڪئي آهي؟“ +۽ جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائبو آهي ته بيمار ننڊ سُٺي نه ڪئي آهي ته اوهين اُن جو تدارڪ ڪندا آهيو ته هن کي ننڊ اچي- ننڊ جيڪا قدرت طرفان شفا جو مرهم آهي. +پر هڪ پاسي ته اوهين بيمار جي ننڊ جو تدارڪ ڪريوٿا، ته ٻئي پاسي اوهان کي خبر آهي ته رات جو اوهان جي هيٺئين مددگار عملي جي هٿان اوهان جي سِولِ اسپتال ۾ ڇا ٿو ٿئي- جڏهن اوهين پاڻ حقي ننڊ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن وارڊن مان ٻاهر نڪري ٿا وڃو! +جيڪڏهن اوهين اِهو معلوم ڪرڻ گهرو ٿا، ۽ اوهين رڳو ملاقاتي ت-و-م، يعني تمام وڏن ماڻهن، جي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي وارڊن جو فقط ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏيک ويک رکڻ نٿا گهرو، ته پوءِ اوهين هڪڙي ڳالهه ڪريو. +پنهنجن ڪن بيمارن وٽ ڪي ٿورا ڪئسيٽ ٽيپ رڪارڊر رکي ڇڏيو، ته ڀل اوهان کي ۽ دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ اُهو سڄو دوزخ جو شور هو رڪارڊ ڪري وٺن، جيڪو اوهان جا هي هيٺئين مدد گار عملي جا ماڻهو رات جو اُتي مچائين ٿا. +ڪو گندو لفظ اهڙو ڪونهي، ڪا رڙ ، ڪا ڇڙٻ، ڪو دڙڪو اهڙو ڪونه ٿا ڇڏين، جيڪو هي اوهان جي هيٺيئن مددگار عملي جا ماڻهو هڪٻين تي نٿا آزمائين ۽ بيمارن جي مُنهن ۾ اڇلائي نٿا هڻن؛ اُن ۾ شريف گهريلو زالن ۽ ڇوڪرين جي موجودگي به هنن سنگدل بدفضيلتن تي ڪو اثر ڪونه ٿي ڪري، جيڪي وارڊن ۾ بيمار پيون هونديون آهن. +اوهان کي خبر آهي، ڊاڪٽر صاحبؤ، ۽ اوهان مان ڪي ته ملڪ کان ٻاهر تربيت به وٺي آيا آهيو ۽ اُتي اوهان ڏٺو به آهي، ته اسپتالن جي وارڊن ۾ خود ڏينهن جو ڪيتري نه مڪمل ماٺ هوندي آهي. +ڊاڪٽر ۽ سرجن به چپن ۾ ڳالهائيندا آهن، ۽ اُنهن مان ڪو به پنهنجن وارڊن ۾ رٻڙ جي تري وارن بوٽن کان سواءِ اندر ڪونه ايندو آهي. +۽ هِتي اوهين، جيڪي اهڙن اعليٰ استادن جا شاگرد آهيو، جن ميڊيڪل دنيا ۾ چؤڦير پنهنجا نالا روشن ڪيا آهن، سي پائيءَ جي پرواهه نٿا ڪريو ته اوهان جي بيمارن جو اوهان جي پرپٺ ڪهڙو ٿو حال ٿئي! +۽ اوهان جا طبي سماجي ڪارڪن، جن جو سڌو سنئون فرض اِهو آهي ته ڏسن ته بيمارن کي اسپتال ۾ پورو آرام ملي ٿو يا نه ، سي پاڻ ئي رات جو اسپتال مان سڄو وقت غائب رهن ٿا. +۽ ڏينهن جي وقت اوهان جي وارڊن ۾ هر ڪا شيءَ ٺيڪ ٺاڪ ٿيو وڃي! +ڊاڪٽر صاحبؤ، جيڪڏهن اوهان جي ننڊ اوهان لاءِ ايتري اهم آهي، ته ڇا، اوهان جي بيمارن لاءِ اُنهن جي ننڊ اُن کان وڌيڪ اهم نه آهي،جيڪي موت ۽ حياتيءَ جي وچ ۾ لوڏا کائيندا ٿا رهن. اوهين اِنهيءَ مسئلي جو سماجي طور ايترو خيال ڇو نه ٿا ڪريو، جيترو اُن جو طبي خيال پنهنجي دوائن رستي ڪريو ٿا. +اوهان کي ڪرڻو رڳو هيءُ آهي ته رڪارڊ ٿيل ٽيپ گڏ ڪري هڪُ ڀيرو سڀ ٻڌو، ۽ جي پڪ ٿي وڃيو ته رات جو وارڊن ۾ جنسي دوزخ جو شور متل رهي ٿو، ته اوهان کي ضرور اهڙا سخت قدم کڻڻ کپن، جن سان اسپتال ۾ ماٺ جي جنت قائم رهي،جيڪا اُتي قائم رهڻ ئي گهرجي—جيڪڏهن اسپتال کي اسپتال ٿي رهڻو آهي—يعني بيمارن جو شفاخانو، ۽ نه اُنهن لاءِ آزار ۽ اوجاڳي جي جاءِ. +”ننڊ“ ڊاڪٽر صاحبؤ، ”ننڊ.“ اوهان جي بيمارن کي اِها ئي گهرجي، ۽ اِها ئي اوهان جي بيمارن کي نصيب ڪانه ٿي ٿئي . ۽ اِها اوهين پاڻ ته خوب ڪريو ٿا. اِها اوهين هنن کي به ڪرائي سگهو ٿا. هنن کي ”ننڊ“ ڪرايو، ڊاڪٽر صاحبؤ ”ننڊ“. +پريس جي آزادي +اسان جا ڪي صحافي پريس جي آزاديءَ جي اصطلاح کي غلط سمجهڻ جي فن جا پڪا ماهر آهن. +پر ڪي اسان جا ٿورا صحافي پريس جي آزاديءَ جي اصطلاح کي صحيح سمجهڻ جي فن جا به پڪا ماهر آهن. +پريس جي آزاديءَ جي قسمت جو فيصلو هاڻي انهيءَ ڳالهه تي آهي ته اُنهن مان ڪير ٿو بازي کٽي. +ٽيليفون ۽ تار رستي جيڪو سوال بحث هيٺ آهي، سو هيءُ آهي: +(1) ڇا، پريس جي آزادي شروع به هڪڙي سوال سان ٿئي ٿي ۽ ختم به اُن ئي سوال سان ٿئي ٿي ته صحافين جي پگهارن جا اسڪيل وڌايا وڃن ۽ اُنهن لاءِ ويج ( پگهار) بورڊ قائم ڪيا وڃن؟ +(2) ڇا، پريس جي آزادي شروع به اِتان ٿئي ته ۽ ختم به اُتي ٿئي ٿي ته صحافين کي سرڪار وٽان گهٽ اگهن تي پلاٽ ملن؟ +(3) ڇا، پريس جي آزادي شروع ۽ ختم اِن تي ئي ٿئي ٿي ته ايڊيٽرن کي ولايت مان موٽرون گهرائڻ جون پرمٽون ملن؟ +(4) ڇا، پريس جي آزادي شروع توڙي ختم اِتي ئي ٿئي ٿي ته صحافين کي ۽ سندن ويجهن ۽ پرانهن مائٽن کي ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي ٽڪيٽن تي ڇوٽ ڏني وڃي، جيئن هو ٿوري خرچ تي، يا مرڳو ئي مفت ۾ سفر ڪري سگهن؟ +يا +(1) پريس جي آزاديءَ جي هڪ ئي معنيٰ آهي ته هر شهري قانوناً آزاد آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ وٽ ڪتاب ۽ پترا رکي، ڇاپي، ۽ پڌرا ڪري، ۽ هُن جو حق آهي ته مٿس بدناموسيءَ، الزام تراشي يا ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو ڪو ڪيس هلي، ته ڪنهن خاص پريس حڪم نامي ( آرڊيننس) هيٺ نه پر ملڪ جي عام قانون هيٺ هلي، ۽ ٻيو ته ڪنهن به ڳالهه جي ڇاپڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ هن کي سرڪار کان موڪلڻ وٺڻي نه پوي. +”حڪومت آزاد پريس کان سواءِ، يا آزاد پريس حڪومت کان سواءِ – ِانهن مان مون کي پوئين صورت پسند آهي“: +اِهو ٿامس جيفرسن جو قول آهي. +۽ آمريڪا ۾ ، جتي وڌ ۾ وڌ پريس جي آزادي آهي، آمريڪي سماج برباد ڪونه ٿيو آهي، ٽڪرا ٽڪرا ڪونه ٿيو آهي، اُن جو وجود ختم ڪونه ٿيوآهي. +اُتي جي ڪابه حڪومت صحافين کان مرعوب ڪانه ٿي آهي. +اُتي جيڪڏهن پريس جا رپورٽر سرڪاري رازن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ته اُنهن تي اِئين ئي رواجي طرح ڪيس هلن ٿا، جيئن ساڳئي ڏوهه ۾ ڪنهن عام شهريءَ تي هلڻ گهرجن. +آمريڪا جي آئين ۾ پهرين ترميم ڇڏي، بنهه ٻي ترميم اِها ڪئي ويئي هئي ته آمريڪا جي شهريءَ کي اظهار جي آزاديءَ جي ضمانت ڏني وڃي، پريس جي آزادي جنهن جو فقط هڪڙو ۽ فقط هڪڙو حصو آهي. +معمولي کان معمولي آمريڪي يا انگريز پريس رپورٽر جي اڳيان ڪيترن ئي نالي جي جمهوري ملڪن جا رپورٽر پاڻ کي بيوس ۽ مجبور محسوس ڪن ٿا، جڏهن هو ڏسن ٿا ته ڪيئن کين هڪ آزاد شهريءَ جي بنياد حق کان محروم رکيو وڃي ٿو ته جيئن هو ڏسن يا ٻڌن تيئن ئي خبر ڏين. +پر وڏي ڏک جي ڳالهه هيءَ آهي ته هو سولائيءَ سان ٺڳجي، دٻجي ۽ لالچ ۾ اچي، لٺين لڳل ڪتي جي حالت کي پهچي وڃن ٿا، ۽ اِهو سڀ اِنهي ڪري، جو هو اڪثر پنهنجي اعليٰ مقصد جي تقدس کي وساري ڇڏين ٿا. +هو وساري ويهن ٿا اُهي لفظ جيڪي ڪئسيس، سيزر بابت چيا هئا: +”ويچارو غريب، هو بگهڙ هوند اصل نه بڻجي ها، جيڪڏهن اسين پاڻ رڍون نه بڻجون ها.“ +۽ رڍون، ٿلهيون دنبيون رڍون، سدائين ڪُسجڻ جي ڪم جون هونديون آهن. +۽ سڀ کان افسوسناڪ ڪوس هِنن جي اخلاق جو ڪوس آهي. +جديد لانڊري بمقابل مقدس لنگوٽي +۽ هڪ اهڙو ماڻهو به هو ، جنهن جي مغز ۾ گهڻا ترقي پسند خيال هئا. +ائين، گهڻي وقت گذرڻ سان، هن کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته هن جو مغز خيالن جو هڪ وڏو قبرستان بڻجي ويو آهي ( ڇو ته فقط هو پاڻ ئي پنهنجي مغز کي ائين تپاسي سگهيو ٿي). +هڪڙي ڏينهن هو پنهنجن خيالن جي هِن سؤ في صدي موت جي انگ تي اهڙو ته منجهي پيو، جو هن پڪو ارادو ڪيو ته کيس اُن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي. +اِنهيءَ ڪري هن قسم کاڌو ته ٻئي ڏينهن صبح جو هن کي جيڪو پهريون خيال آيو، اُن تي عمل ڪندو ۽ پوءِ ڄم- روڪ جا هو اهڙا ته جديد کان جديد طريقا استعمال ڪندو، جو هُن جي مغز ۾ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪو نئون خيال ڄمي ئي نه سگهي. +اتفاق اهڙو ٿيو، جو ٻئي ڏينهن صبح جو پهريون خيال جيڪو هن کي آيو، سو هيءُ هو ته کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪڙو جديد ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪارخانو يعني جديد لانڊري، شروع ڪرڻ گهرجي. +اِنهيءَ ڪري پنهنجي اُڌمي کي نه رڳو جيئري رکڻ پر ٽپندي ڪڏندي ڏسڻ لاءِ ، هُن سڀ پنهنجا گڏ ڪيل پئسا سيڙائي، گهربل قسم جون جديد ۾ جديد مشينون خريد ڪيون، ۽ ائين هن جي ڳوٺ ۾، ڏسندي ڏسندي،هڪڙو فرسٽ ڪلاس ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪارخانو لڳي ويو. +هِن معاملي م هن جي آڏو ٻي هر ڳالهه بهترين صورت ۾ پيش ايندي رهي، سواءِ بلڪل هڪ معمولي ڳالهه جي، جيڪا هُن جي سڄي ڪاروبار ۾ رنڊڪ بڻجي رهي هئي. +۽ اُها ڳالهه هيءَ هئي ته هُن جي ڪارخاني ۾ ڪو ڪم، ڪو ڪاروبار، آيو ئي ڪونه ٿي. +ڪو ڪم، ڪو ڪاروبار—اِن جي معنيٰ ته ”ڪو به ڪم“ ، ”ڪو به ڪاروبار.“ +ڏينهن، هفتا گذري ويا، پر ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪارخانو جيئن جو تيئن بيڪار بيٺو رهيو: اُن وٽ ڪو به ڪپڙو ڌوپجڻ لاءِ ڪونه آيو. +پوءِ هُن جي مغز ۾ هڪڙو ٻيو خيال ڄمي پيو، ۽ اُهو هيءُ ته هن کي مارڪيٽ جي جاچ پڙتال ڪرائڻ گهرجي ته هن کي ڪاروبار آخر ڇو نه ٿي مليو! +مارڪيٽ جي تحقيقاتي ٽيم هن کان ڏاڍي وڏي رقم ڇڏائي، ڇو جو تحقيق جي ڪم لاءِ کين اُن جي گهرج هئي؛ ۽ نيٺ ٺاهي جوڙي هُن جي اڳيان رپورٽ آڻي پيش ڪيائون. +هنن جي تحقيق اِنهيءَ نتيجي تي پهتي هئي ته ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪارخاني جي مالڪ پنهنجو ڪارخانو اهڙي ڳوٺ ۾ لڳايو هو، جيڪو ساڌو حضرات جو ڳڙهه هو، جن مان هرهڪ پنهنجي پنهجي سر بنهه ننگا—پر بت جهڙو داگرن ساڌو هو. +۽ هِنن ساڌن پنهنجين مقدس لنگوٽين کي خودڪار طريقي سان پاڻ ئي ڌوئي ٿي ڇڏيو- بوقت ضرورت—مقدس غسل ڪندي، انهيءَ وڌيڪ مقدس نديءَ ۾ جيڪا سندن ڀرسان وهي رهي هئي: ۽ اِنهيءَ ڪري اُنهن کي ڪنهن جديد، دنيوي خودڪار مشين جي ڪا ضرورت ئي ڪانه هئي. +تنهن جي معنيٰ ته مقدس ۽ غير مقدس، يعني پاڪ ۽ ناپاڪ، ديني ۽ دنيوي، يعني لنگوٽيءَ ۽ لانڊريءَ، جي وچ ۾ ڪو به سُ-ٻنڌ، ڪو به قدر مشترڪ، ڪونه هو—رياضيءَ جو هيءُ مسئلو بس ائين حل ٿيو! +برائي جيڪا ماڻهو ڪن ٿا +”برائي جيڪا ماڻهو ڪن ٿا، اها سندن مرڻ کان پوءِ به رهي ٿي؛ چڱائي اڪثر ساڻن گڏ دفن ٿيو وڃي“- هي لفظ شيڪسپيئر پنهنجي هڪڙي ناٽڪ ۾ هڪڙي ڪردار کان چورايا آهن. +اُن وقت پڪ ئي پڪ هو برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي صاحبلوڪن ۽ کانئن پوءِ برٽش انڊين ايمپاير جي صاحبلوڪن بابت سوچي رهيو هوندو! +برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ۽ کانئن پوءِ برٽش انڊين ايمپاير وارن کان جيڪا برائي سرزد ٿي، اُها هيءَ هئي ته اسان لاءِ هِتي هُنن پريس جا اُهي قانون نافذ ڪيا، جن جي هو اُتي پنهنجي انگلينڊ ۾ رڳو ڳالهه به نه ڪري سگهيا. +اسين، جيڪي دعويٰ ٿا ڪريون ته برٽش ”غلاميءَ“ مان آزاد ٿيا آهيون، سي پنهنجي اُن ”آزاديءَ“ کان پوءِ نه رڳو اُهي پريس جا قانون پاڻ وٽ رکيو ويٺا آهيون، پر اُنهن ۾ اسان تمام وڏا اضافا به ڪيا آهن. +مثال طور، ڪو به انگريز—پوءِ هن پاڻ کي برٽش ايمپاير جي طاقت جي بنهه چوٽيءَ تي ويهي ڪيڏو به کڻي سامراجي ”رابن هوڊ“ سمجهيو هجي- ائين سوچي به نٿي سگهيو، ۽ نه اهڙي همت ئي ٿي سگهيس ٿي، ته اهڙو ڪو قانون جاري ڪري جنهن موجب پريس جي هڪ اڻڄاڻ کان اڻڄاڻ ۽ بلڪل اڻ پڙهيل پيپر ڪٽر کي به اُن پريس ۾ ڪنهن ڇپيل مواد جي ڏوهه جو ذميوار سمجهيو وڃي، جيڪو سرڪار جي ڪنهن عملدار جي نظر ۾ ’باغيانه‘ مواد هجي. +ڪو به انگريز، پوءِ هو ڪيڏو به کڻي ڪروڌي ۽ غصي باز هجي ها، اهڙي ڪنهن قانون جي نافذ ڪرڻ بابت هرگز سوچي نٿي سگهيو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ ڪي ڇاپي جي ٽائيپ جا داڻا هجن، ته اُهو اُنهيءَ الزام ۾ جهلجي سگهيو ٿي ته هن وٽ ”ڇاپڻ جا وسيلا“ موجود هئا! +اسان جو پريس آرڊيننس ويسهه ۾ نه ايندڙ ۽ ”عقل کي عاجز ڪندڙ“ اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي. +اهڙيءَ طرح ، ٻين معاملن ۾ به جيڪا بندش يا رنڊڪ برٽش سرڪار جي ڏينهن ۾ اسان جي مرضيءَ يا اسان جي آزاديءَ تي پيل هئي، اُها نه رڳو اسان جيئن جو تيئن، اُن جي اصلوڪيءَ ۽ سالم صورت ۾، قائم رکي آهي، پر اُن کي پنهنجي طرفان گهڻو ڪجهه وڌايو بلڪ”سڌاريو“ آهي! +هرسياسي پارٽيءَ، جيڪا هيلتائين اقتدار ۾ آئي آهي، اُنهن غير جمهوري ڪارن قانونن کي اوچي آواز ۽ صاف لفظن ۾ ننديو آهي، ۽ پوريءَ طرح پاڪباز بڻجي واعدو ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ سان پهريون ڪم هوءَ ڪارن قانونن کي ختم ڪرڻ جو ڪندي. +۽ اُنهيءَ ئي گهڙيءَ، جڏهن اُها اقتدار ۾ آئي آهي، اُن اُهي ساڳيا ڪارا قانون پوريءَ خبرداريءَ سان نه رڳو جاري رکيا آهن، پر انهن کي ڪاري کان وڌيڪ ڪارو ۽ وڌ کان وڌ ڪاري کان به وڌيڪ ڪارو بڻايو آهي. +ڇا، اسين ائين چئي سگهون ٿا ته ڪنهن به طرح، ڪنهن به طرح، اسين جيترا 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ آزاد هئاسون، اُن کان اڄ وڌيڪ آزاد آهيون_ فرد جي آزاديءُ جي صورت ۾، انساني سهپ ۽ رواداريءَ جي صورت ۾، سماجي ديانتداريءَ ۽ اخلاق جي صورت ۾؟ +ڇا، اسان کي ڌتاري ۽ اُلو بڻائي، پاڻ پنهنجن هٿن سان پنهنجن پيرن ۾ زنجير نه پارايا ويا آهن؟ ڇا، اسين آزاديءِ جي نالي ۾ قيد نه ڪيا ويا آهيون! +ڇا، عملي طرح، اسان پنهنجو سڄو انساني تعليم ۽ تربيت جو سرشتو نابود نه ڪري ڇڏيو آهي؟ +ڪهڙي شيءَ آهي ، جنهن کي اسان ڇهيو آهي ۽ اُها بگڙي بدشڪل نه بڻجي ويئي آهي؟ +ڇا، اسان وٽ قانون جي حڪومت بدلجي، خاص قانون جي حڪومت ڪانه ٿي ويئي آهي، ۽ قائدو ڦري ڪروڌ ۽ انتظام بدلجي انتشار نه ٿي ويو آهي؟ +ڳ ٽ ب +هيءَ آهي ڳ ٽ ب. +ٻي ڪجهه نه. +بس، ڳ ٽ ب. +هيءَ نه ج ا آهي، نه ج ع ا ۽ نه ج ع پ، ۽ نه پ ق ا. +برابر، هيءَ پڙهي نٿي سگهجي_ اُچاري نٿي سگهجي- ڇو ته هن ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ ڪو به حرف علت ڪونهي: نه نه، هيءَ ڪا گار به ڪانهي. +انگريزيءَ ۾ اهڙا گندا لفظ چئن حرفن جا هوندا آهن. اسان وٽ ته اِهي ٻن، ٽن، حرفن جا ئي ٿين ٿا. پر هيءَ ڪا اهڙي ٽي حرفي گٿل ڳالهه به ڪانهي. +جي بلڪل ويجهي برابر آهي—ڪو هٿَ ٻن جو بلڪ هڪ ٻن آڱرَن يا بنهه ڪو نُنهن اَڌ جو ويڇو ٿي سگهي ٿو. +”ته پوءِ هيءَ ڇا آهي؟“ +ڇا آهي؟ اِهو اوهين ٿا پڇو! +ڇا، پنهنجي ڪنڌ تي سوار اوهين ڪا شيءَ ڪانه ٿا ڏسو! ٿورو هٿ سوري، هيٺڀرو ڪرنگهي تي به آڻيو! ڪيئن، اوهين اِتي ڪا ڳ ٽ ب محسوس ڪريو ٿا! +ڇا، اڃا به اوهين ڀڇو ٿا؟ +اڙي ميان معصومؤ، اِها اَٿوَ ڳ ٽ ب – ڳاٽي ٽوڙ بجيٽ، ڀلا، اوهين محصول ڀريندڙ نه آهيو ڇا! ته پوءِ ته اِها اوهان جو ڳاٽو نه ڀڃندي ته ٻئي ڪنهن جو ڀڃندي! +چون ٿا ته جمهوريت نالو آهي جاگيرداريءَ ۽ سرمايه داريءَ جي خلاف بغاوت جو – يعني ملڪيت داريءَ جي خلاف بغاوت جو. پوءِ جتي مقدس ملڪيت ايتري مضبوط هوندي، اُتي اُن جو اِهو فرض ته اول آهي ته پاڻ کي اُکڙڻ ۽ پاڙان پٽجڻ کان بچائي! ۽ ملڪيت وٽ جمهوريت کان بچڻ جو رستو اِهو ئي ته آهي ته اُن کي هُش هُش ڪري، جهُڪائي ، نڪ ۾ نوڙي ۽ پُٺيءَ تي پلاڻ وجهي، ڪِنجهندي هلڻ جيترو بار لڏي ڇڏيس! +ڪنهن جي پُٺي يا ڳاٽو اِئين ئي ته ٽوڙبو آهي! +پوءِ جمهوريت هوندي شتر بامهار وانگر مهار جي ٻيءَ پڇڙيءَ کي پهچڻ ۾ پوري- ۽ تيتر اُن جي پٺيءَ جو ڪرنگهو ٻيڻو نه، ته به سنئون سڌو ٿي، پيٽ سان پڪ لڳو رهندو - تان جو سياري جي مستيءَ ۾ عليل اُٺُ جت کي ڪنڌ ۾ چڪ هڻي، ڪيرائي، گوڏن هيٺان ڏيئي، مهار جون ٻئي پڇڙيون ملائي ڇڏين��و آهي! +مهارداريءَ وانگر ملڪيت داريءَ جي سلامتي به فاصلي تي آهي - مهار جي ٻن پڇڙين جي فاصلي تي- يعني ملڪيت، مُلڪ ۽ ملتَ ٽنهي جو مالڪ، جن جي سلامتي ۽ بچاءُ هن جو پهريون فرض: ۽ تيسين محصول ڀريندڙ مسڪينَ اُهي ئي ڪاٺين ميڙڻ ۽ پاڻي ڀرڻ ۾ پورا- ڍَوَ جا ٽِٽ ۽ بُک جا چَڪ، سُک ۽ سور، هوند ۽ اڻهوند جا فاصلا... فاصلا....... فاصلا +۽ اُنهن جي وچ ۾ هيءَ نڪ جي نوڙي – هيءَ ڳ ٽ ب- ڳاٽي ٽوڙ بجٽ: پر ”بجيٽ“ انگريزي لفظ آهي. اوهين چاهيو ته ڀلي اِن کي ”بلا“به چئو! +پاڪستان ۾ پنگلن لاءِ موٽرون +اخبارن ۾ اعلان ٿيو ته پنگلن ماڻهن کي اجازت ڏني ويندي ته هو پنهنجي استعمال لاءِ خاص موٽرون ٻاهران درآمد ڪن: اُنهن تي کانئن ڪسٽم ڊيوٽي يعني درآمدي محصول ڪونه ورتو ويندو. اُن لاءِ کين صلاح ڏني وئي هئي ته هو اِنهيءَ قسم جي درآمدي پرمٽ يعني اجازت نامي لاءِ درخواستون ڪن. +اُنهن مان ڪن ڪراچي مان به درخواستون موڪليون. جن کي هاڻي چيو ويو آهي ته، درخواست ڪندڙن جي حيثيت ۾، هو راولپنڊيءَ ۾ هڪڙي ميڊيڪل بورڊ جي سامهون پاڻ کي پيش ڪن. +اِنهيءَ کي چئبو آهي – ”منهنجو ٿو وڃي ساهه ۽ تو کي لڳو آ چرچو.“ +پنگلا ماڻهو ويچارا اڪثر پنهنجن گهرن ۾ ئي اٿڻ ويهڻ کان هلاڪ هوندا آهن. +ڪنهن جي سهاري کان سواءِ هو ٻاهر ته بنهه چُري ئي نه سگهندا آهن. +هنن کي سهوليت جيڪا ملي سا ته ملي، پر مرڳو هنن کي هدايت ٿي ٿئي ته هلو، هلي، راولپنڊيءَ پاڻ کي بورڊ وٽ پيش ڪيو ته اوهان جي تپاس ٿئي ته اوهين سچ پچ پنگلا آهيو يا نه- ڄڻ هي پنگلا نه آهن، ڪي ڪسرتي پلٿيباز جوان آهن! +جنهن کي ڪو ٿورو به هوش هوندو – بشرطيڪ هو هڪ سنگدل حيوان نه آهي- اُهو اِنهيءَ ڳالهه کان به هرگز بي خبر نٿو رهي سگهي ته راولپنڊيءَ جي مسافري هڪڙي پنگلي ماڻهوءَ لاءِ سهڻ کان ٻاهر عذاب ثابت ٿِي سگهي ٿي. +پهرين ته هُن کي هِتان هڪڙو خدمتگار پاڻ سان وٺي وڃڻو پوندو؛ ٻيو ته هن کي خبر نه آهي ته ڪيترو وقت اُتي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻو پوي، ۽ پوءِ هُن کي پنهنجو پاڻ اهڙن ڪن مراقبي ۾ ويٺل مقدس شخصن وٽ پيش ڪرڻو پوندو، جيڪي فيصلو ڪندا ته هو موٽر جي پرمٽ جو حقدار آهي يا نه؛ ۽ آخر ۾ هن کي وري اُهو ساڳيو سفر جوعذاب سهي، واپس موٽي، گهر ۾ اچي مرڻو به آهي. +قومي نقطي نگاهه کان ڏسجي، ته هيءَ جيڪڏهن اذيت پسندي نه، ته به بيپرواهيءَ ۽ حماقت جي حد ته ضرور آهي. +ڇا، ائين نٿو ٿي سگهي ته پنگلي ماڻهوءَ جي شهر جا ٻه يا ٽي ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ته هو کيس تپاسي، هُنجي پنگلائيءَ جي تصديق يا ترديد ڪن! پوءِ، هيءُ پنگلن ماڻهن سان ايڏو جديد قسم جو سياسي چرچو ڇا لاءِ؟ +ڇا، خود هُنن جي پنگلائي هُنن لاءِ گهٽ عذاب آهي! اُن ۾ هيءُ اضافو ڇا لاءِ؟ هُنن تان هيءَ ٺٺول ڇا جي؟ هُنن کي هتان ايتري پنڌ تي راولپنڊيءَ گهرائڻ، مٿن ٺٺول نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ +نوڪر شاهيت کي ذليل ٿي، ايتريءِ بي حسيءَ ۽ بداعماليت جي حد تائين پهچڻ نه گهرجي. +او، ”صحت“ جي وزارت جي البيلي خاتون، ڪجهه عقل ڪر، ههڙا جگر خراش چرچا ته نه ڪر! +ٻيو ڪو احمق شهنشاهه نٿو ٿي سگهي +۽ اِئين هڪڙو ملڪ هو، جنهن جو هڪڙو شهنشاهه هو. +هِن شهنشاهه پنهنجي سموريءَ ڪوشش سان هيءَ ڳالهه هُلائي ڇڏي هئي ته هو سڀني حڪمرانن ۾ ڏاهي کان ڏاهو حڪمران هو. +معصوم ٻارن جا درسي ڪتاب اِنهيءَ خبر سان ڀريا پيا هئا ته هُنن جو شهنشاهه وڏو ڏات ڌڻي هو. +سئنيمائن ۾ اوچتو اوچتو پردي تي سلائيڊ سامهون اچي بيهندي هئي، جنهن تي لکيل هوندو هو: ” اسان جو شهنشاهه ڏاهپ ۾ اڄ جو افلاطون آهي.“ +ديس ک��ن ٻاهر پرديس ۾ به ڳالهه ديس جي نه، ۽ ديس جي ماڻهن جي به نه، پر رڳو شهنشاهه ۽ هُن جي عقل جي ٿي هُلي. +ايتري ۾ ٻه سيلاني شهنشاهت ۾ سير لاءِ آيا ۽ اچي ڏٺائون ته سواءِ محصولن، ڦيٽاڙي، نراسائيءَ ۽ اونداهه جي ، ملڪ ۾ ۽ ماڻهن وٽ ٻيو ڪجهه ڪونه هو- پر تڏهن ته ويچارا ڀاڳ – ڦٽيا ماڻهو کٽن تي پيل بيمارن جيان مُنهن تي زورائتي کِل ۽ اکين مان ڳوڙها وهائيندي، سيلانين جي آجيان ڪري رهيا هئا، ۽ ڏاڍيان ڏاڍيان اُنهن کي ٻڌائي رهيا هئا ته ”اسان جو شهنشاهه- ڌڻي هُن کي سلامت رکي—وقت جو بقراط آهي“. +سيلاني جڏهن پنهنجي مُنهن اڪيلا ٿيا، تڏهن منجهانئن هڪڙي هيڏانهن هوڏانهن نهاري، ٻئي کي چيو ته ”يَر، ڳالهه ته ٻُڌ، شهنشاهه ته احمق آهي!“ +پوءِ اُنهيءَ گهڙيءَ هو جهلجي پيا ۽ هڪڙي ٽن بٽن پاتل پوليس واري، جيڪو اُنهن جي پٺيان لِڪو بيٺو هو، هنن کي وٺي آڻي ڪورٽ جي اڳيان بيهاريو. +”پر اسان ائين ته ڪونه ٿي چيو ته ’اوهان جو شهنشاهه احمق آهي‘!“ هنن بچاءُ ۾ دليل ڏنو. +وڏو سرڪاري وڪيل تپي باهه ٿي ويو، ”ٻيو ڪو احمق شهنشاهه نٿو ٿي سگهي!“ هن ڏند ڪرٽيندي، زورائتي رڙ ڪئي. +تعجوب............ تعجوب................تعجوب! +۽ ائين پڙهيل بدمعاشن جي هڪڙي ٽولي جو هڪڙو اڳرو شخص هو، جن جي سڄي جيئڻ جو مدار ئي ان تي هو ته هو پنهنجن پوئلڳن کي جنوني، مَسَهوُ ۽ اڄاڻ رکندا هئا. +هن لعنتي ٽولي جي هن اڳري شخص جي من ۾ هڪ ڏينهن هڪڙو اهڙو حرامپائيءَ جو ريچڪ اٿيو، جو سامهون چپ چاپ بيٺل ڀت تي هڪڙي ڪاري سوراخ ۾ کڻي پنهنجي ڏسڻي آڱر وڌائين. اُنهيءَ ڪاري سوراخ ۾ هڪڙو ڪو هوڏيِ وڇون هو، جو ڄڻ اهڙيءَ ئي ڪنهن آڱر جي تاڙ ۾ ويٺو هو. +جڏهن لعنتي پڙهيل ٽولي جي اُن اڳري شخص جي آڱر سوراخ ۾ ڪجهه اندر ٿي، ته پٿر دل وڇونءَ ڇا ڪيو، جو وراڪو ڏيندي، پوري زور سان اُن ۾ اهڙو ڏنگ هڻي ڪڍيائين جو الله ڏئي ٻانهو سهي. +جيئن باهه مان آڱر ٻاهر ڪڍي وٺبي آهي، تيئن لعنتي پڙهيل ٽولي جي هِن اڳري شخص پنهنجي آڱر اُتان ٻاهر ڪڍي ورتي. +۽ سور پِي، پنهنجي هنئين ڦاڙ چيخ، اندر ئي اندر ۾ ڳهي ويو، ڇو ته سندس ئي ٽولي جا ٻيا ماڻهو اُن وقت اُتي هن جي ڀرسان بيٺا هئا. +اُنهيءَ ڪري، سور کان زورائتي چيخ ڪرڻ بدران، ”تعجوب تعجوب، تعجوب“ جي ڊگهي رڙ هن جي وات مان نڪري ويئي. +هن جي ڀرسان بيٺل بدمعاشن سمجهيو ته هو چوي پيو”تعجب! تعجب! تعجب!“ +اِنهيءَ ڪري ، بُکين اکين ۾ چمڪ آڻي، هو هُن کان پڇڻ لڳا: ”اهڙي ڪهڙي تعجب جي ڳالهه آهي!“ +اُنهن ٺڳن ۽ پنڊارين جي اُن لعنتي ٽولي جو اُهو اڳرو شخص به پنهنجي نالي سان هو، سو هُن اُنهن پنهجن جوڙيوالن سان سچي ڪانه ڪئي ته ڪو وڇونءَ کيس ڏنگيو هو! +ڇاڪاڻ ته سچ ڳالهائڻ اُنهن جي روايتي ڏٽيبازيءَ ۽ منظم بدمعاشيءَ جي طئي ٿيل اخلاقي ضابطي جي خلاف ڳالهه هئي. +اُنهيءَ ڪري، سڄو سُور پي، ”تعجوب..... تعجوب..... تعجوب“ جي رڙاٽ ۾ هو رڳو اُنهن کي هيترو چئي سگهيو: ”سوراخ ۾ آڱر وجهي ڏسو، سوراخ ۾ آڱر وجهي ڏسو!“ +اُن تي هن جي نائب بدمعاش، وڏي شوق سان هڪدم پنهنجي آڱر کڻي سوراخ ۾ وڌي. +سوراخ ۾ ويٺل وڇونءَ به اُن اڻ ڪوٺايل مهمان جي ستت آجيان ڪندي، پوري شوق سان فوري طور هڪ عدد اهڙو ڏنگ وهائي ڪڍيس، جو سڄي بت مان ڇرڻاٽ نڪري ويس. +بدمعاش ٽولي جي نائب بدمعاش پنهنجي اڳواڻ جيتري به دير ڪانه ڪئي- بنهه بجليءَ جي تيزيءَ سان آڱر ڪڍي ورتائين. هُن جي وات مان به اُها ئي ” تعجوب، تعجوب.......... واقعي تعجوب................“ جي رڙ مٿان رڙ پئي نڪتي. +”ڇا، واقعي اهڙي ڪا تعجب جي ڳالهه آهي؟�� هنن جي اضافي نائب بدمعاش پڇيو. +” ٻي ڳالهه نه پڇو!“ نائب بدمعاش رڙ ڪئي، ” بس تعجوب، تعجوب......“ +ائين سوچيندي ته ضرور اهڙي ڪا عجب جهڙي ڳالهه آهي، هن اضافي نائب بدمعاش به پنهنجي آڱري کڻي سوراخ ۾ وڌي. +تاريخ هڪدم پاڻ کي دهرايو ۽ هڪ ئي ”تعجو.......ب“ جي دهشتناڪ رڙ سان هن پنهنجي ڏنگيل آڱر پوئتي ڇڪي ورتي. +اهڙيءَ طرح هيءَ سڄو ٽِيٽ مڪڙن جو سست دماغ ٽولو ڏنگجي، وڃي پورو ٿيو: پر اُنهن مان ڪنهن هڪڙي به ٻئي کي پنهنجي اُن ”تعجوب“ جي ”تعجوب“ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌايو! +پر ڏنگن جي زهريلي سور کان هو سڀ ايترا پئي هيٺ مٿي ٿيا، جو سوراخ ۾ اندر ويٺل وڇونءَ جو منهن کِل ۾ سڄو ٻُڏو پيو هو! +گهوڙي جي شرط ماڻهوءَ تي +خبرن ۾ اِها ڪا خبر وڏي خبر ڪانهي ته توهان غلط گهوڙي تي شرط رکي. +اهڙيون ڳالهيون پراڻيون ڳالهيون آهن. +اڪثر، اڪثر، اسين غلط گهوڙن تي شرطون رکندا آهيون- ڇو ته ڏسڻ ۾ اُهي غلط گهوڙا لڳندا ئي نه آهن. +ڏسڻ ۾ اُهي صحيح گهوڙا لڳندا آهن. +توهان کي اهڙو ماڻهو ڪو سُجهي، جيڪو گهوڙي کي غلط گهوڙو سمجهي به، اُن تي شرط رکي؟ +نه توهان کي اهڙو ماڻهو ڪونه سُجهندو. +جي گهوڙن جي نسل جو ڪو پارکو به اسان کي ٻڌائيندو ته جنهن گهوڙي تي اسين شرط ٿا رکون، اُهو غلط گهوڙو آهي، ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو گهوڙو بلڪل صحيح گهوڙو لڳندو آهي. +تڏهن ئي ته اسين اُن تي شرط رکون ٿا، ۽ پوءِ پڇتايون ٿا- ۽ بيحد پڇتايون ٿا، انوُدي کڏ ۾ ڪري ٿا پئون ۽ اُهي نتيجا ڏسون ٿا، جيڪي اسان جي اولاد جي الاد کي ڀوڳڻا پون ٿا- ايندڙ جُڳن تائين. +ڪڏهن ته اسان جي شرط وارو گهوڙو پاڻ ئي اسان کي ٻڌائي ۽ چِتائي ڇڏيندو آهي—پوريءَ سچائيءَ ۽ ڏاڍيءَ صفائي سان . +اُهو ڄڻ اسان کي اول ئي چئي ڇڏيندو آهي ته ’مون تي شرط رکندا ته کڏ ۾ ڪرندا!‘ +پر ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن جي پٻين تي، جن جي کٽڻ جو مدار ئي اوهان جي هارائڻ تي هوندو آهي، اوهين ٻئي ڪنهن ڏاهي جي صلاح ٻڌندا ئي ڪونه آهيو. +۽ ڇاڪاڻ ته اُهو فيصلو وري به اوهان جو پنهنجو ئي فيصلو هوندو آهي، اوهين ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن کي ڪو ڏوهه به ڪو نه ڏئي سگهندا آهيو، جن ڪنهن طرح اوهان کي غلط گهوڙي جو ڏس ڏيئي، پڪ ڪري ڇڏي هئي ته اوهين اُن تي ئي شرط ٻَڌندا. +اوهين پوءِ اهڙا ته مُنهن جا پَڪا ٿي ويندا آهيو، جو اوهان جي اُها همت به نه رهندي آهي، جو کڻي چئو ته ’افسوس آهي، اسان غلط گهوڙي تي شرط هنئي!‘ +پر، اوهين اِئين چئو به کڻي، ته به اُن چوڻ سان پوءِ ڇا ٿو ٿي سگهي! +ٻيا گهوڙا ڊوڙائيندڙ، جن ڪنهن طرح اوهان کان ائين غلط گهوڙي تي شرط هڻائ، اُهي ته اوهان کي اُلو بڻائي،سڀ کٽي ويا؛ ۽ اوهين اُتي ئي وات ڦاڙيو، سڄي دنيا لاءِ سبق بڻيا بيٺا رهيا ! ۽ اُهو سڀ رڳو اِنهيءَ ڪري ٿيو، جو اوهان غلط گهوڙي تي شرط ٻڌي، ۽ سچ پچ ته صحيح گهوڙي سان زيادتي ڪيو، جو اُن تي شرط نه ٻڌيو. +بس، سنئين سڌي منطقي ڳالهه اِها آهي. +پر اُن کان به وڏو آزار اوهان لاءِ تڏهن اُٿندو آهي جڏهن غلط گهوڙو اوهان لاءِ فيصلو ڪندو آهي ته اُن تي اوهين نه پر اوهان تي اُهو شرط رکي! +”ڪهڙي نالائق توکي چيو ته تون اسان تي شرط رک!“ +”مون، پاڻ.“ +”پر گهوڙا هوندا آهن ته اُنهن تي شرطون رکجن...... ۽ هيءَ ڳالهه اُن جي اُبتڙ!“ +”هائو، هِتي سڀ ڳالهه اُبتڙ آهي.“ +”پر، ته به ٻڌائي ته سهي، تنهنجا ارادا ڪهڙا آهن؟“ +”ٻين گهوڙن جي ارادن کان اُبتڙ.“ +”اُن جي معنيٰ”“ +”اُن جي معنيٰ اِها ته آءُ اوهان تي شرط رکان—پوئتي هلڻ جي شرط!“ +”پوئتي هلڻ جي شرط!؟“ +”هائو، ��وئتي هلڻ جي—پوئتي کان پوئتي هلڻ جي.“ +”تون ڏاڍو ڪو عجيب گهوڙو ٿو لڳين!“ +”اُهو ته آءُ آهيان، سو ته آءُ آهيان. ۽ توهان کي به ته پوئتي هلڻ جو شوق آهي نه؟“ +”پر به، ڇا جي ڪري تون اسان تي اِها شرط ٿو رکين؟“ +”ڇا جي ڪري؟ اول ته اوهان پاڻ ئي غلط گهوڙي تي شرط رکي هئي نه؟“ +”ڪهڙي گهوڙي تي؟ اُن جو نالو ڇا هو؟“ +” اُن جو نالو اوهين ڄاڻو ٿا—’نفرت ‘!“ +”۽ تنهنجو ڀلا نالو ڇا آهي؟“ +”منهنجو نالو آهي—’قسمت‘!“ + + +حبشي حلوو +(هڪڙي سادي سودي آکاڻي، جيڪا شفيع بئنڪر ليکڪ کي نئين ڪري ٻڌائي) +گهڻا گهڻا ڏينهن اڳ، هڪڙي ملڪ جا ماڻهو پنهنجو بادشاهه ڏاڍي سولي، سڌي نموني ۾ چونڊيندا هئا. +جڏهن به هنن جو بادشاهه مرندو هو، ته ٻاهران جيڪو پهريون ماڻهو سندن شهر جي دروازي مان لنگهي اندر ايندو هو، اُن کي هو پنهنجو بادشاهه بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ جيسين اُهو جيئرو هوندو هو تيسين اُن جي حڪمن جي هو پوري پوري تابعداري ڪندا هئا. +اُنهيءَ طرح هو عام چونڊن، محلاتي سازشن ۽ جاءِ نشينيءَ جي جهنجهٽن کان سدائين ڇٽا پيا هوندا هئا. +هڪڙي ڏينهن، سندن بادشاهه سلامت جي فوت ٿي وڃڻ تي، جيڪو پهريون ماڻهو سندن شهر جي دروازي مان لنگهي اندر وٽن آيو، اُهو هڪڙو ڪو بکيو پينڙاٽ هو، جنهن جي سڄي عمر جي سڌَ هئي ته هڪ دفعو پيٽ ڀري ڪڏهن حبشي حلوو کائي ڍؤ ڪري. +”حضور بادشاهه سلامت جن پنهنجو وڏو وزير ڪنهن کي مقرر ڪرڻ پسند فرمائيندا؟“ تعظيمي سجدا بجا آڻيندي، هن کان پڇيو ويو. +”منهنجو وڏو وزير اهو بڻبو، جيڪو بهترين حبشي حلوو ٺاهي ڄاڻندو.“ +” ۽ عالم پناهه، حضور جا ٻيا وزير؟“ +” اُهي به حبشي حلوي جي ٺاهڻ جا ڪاريگر هئڻ کپن.“ +” حضورِ، ٻين مٺاين بابت به ڪو حڪم آهي؟، +” نه، مان هڪ ئي ڳالهه ٿو چوان ته حبشي حلوو سڀڪجهه آهي.“ +”بجا ارشاد، ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، بس ائين ئي ٿيندو“، هنن چيو. +۽ پوءِ شاهي درٻار جا سڀيئي نورتن ۽ اُنهن جا نائب ۽ نائبن جا نائب ۽ اُنهن جا ننڍا نائب مڙيئي حبشي حلوي جا ماهر حلوائي اچي گڏ ٿيا. +۽ ڳالهه سڄي ملڪ ۾ هُلي ويئي. +پوءِ جيڪو تيڪو ۽ سڀيئي، جيڪي هر قسم جو ٻيو حلوو کائي ڪڪ ٿي پيا هئا، ۽ حلوو هنن کي ڀانءَ ڪونه ٿي پيو ۽ حلوي جي نالي ٻڌڻ سان هنن کي اوڪارا ٿي آيا، اُهي به ٽپ ڏيئي حبشي حلوي جي گاڏي ۾ چڙهي ويٺا ۽ اُن جي عالمي اوصافن جا گيت ڳائڻ، نعرا هڻڻ ۽ هوڪا ڏيڻ لڳا. +جنهن به ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿي، تنهن هڪڙي هٿ ۾ حبشي حلوو ٿي کنيو ۽ ٻئي هٿ ۾ اُن جي صفت ۽ ساراهه جا پترا ۽ ڪاغذ ٿي جهليا، ۽ اڳتي ٿي آيو. +اخبارن جو ڪو ايڊيٽوريل يعني اداري نوٽ تيسين پورو نه ٿي ٿيو، جيسين اُن ۾ حبشي حلوي جي خوبين جو ذڪر نٿي ٿيو، اديب، ليکڪ ۽ ريس ڪورس جا رپورٽر گهوڙي سوارن تي ۽ خود گهوڙن تي حبشي حلوي جي پوريءَ خوراڪ جا اثر بيان ڪرڻ لڳا. سئنيمائن ۾ فلمي آکاڻيون ۽ اُنهن جا پلاٽ حبشي حلوي جي رنگ، ذائقي، سرهاڻ ۽ هاضمي جي هلڪاڻ تي رٿجڻ ۽ بيان ٿيڻ لڳا. +”ڇو نه اسين به وڌي وچ ۾ بيهون ۽ انبوهه جا اڳواڻ بڻجون!“ دانشورن سوچيو، جن کي ڪالهه تائين حبشي حلوي جي بي مثال مٺاڻ جي ڳالهه ٻڌڻ سان آت ٿي آيا. +اِئين ، ”هو ڏسو- هي آسمان جا تارا به ته حبشي حلوي جا ٺهيل آهن!“ فلڪيات جي ماهرن رڙ ڪئي. +”اسان جي هن ڌرتيءَ جو ڳڀ به حبشي حلوي جو جڙيل آهي“، ارضيات جي عالمن اعلان ڪيو. +”ڪيميا جو اثر حبشي حلوي جي ملاوٽ کان سواءِ بي معنيٰ شيءَ آهي“، علم ڪيميا جي ڄاڻن چيو. +اقتصاديات جي عالمن ظاهر ڪيو ته ”جڏهن حبشي حلوي جي در آمد ۾ توازن پيدا ٿي��دو، تڏهن حلوانيا ۾ خوشحاليءَ جو دور ايندو ۽ هر ڪنهن کي پيٽ ڀري حلوي کائڻ ۽ شڪر ڪرڻ جو موقعو ملندو.، +حياتيات جي عالمن پڌرائي ڪئي ته ”حبشي حلوو ئي حياتياتي جوهر جو اصل مادو آهي.“ +”سڀ کان مجرب ۽ يڪ ٽڪ علاج ٽي- بيءَ، ڪئنسر ۽ ذيابيطس جو حبشي حلوو آهي“، شاهي طبيب پڙهو گهمايو. +پوئتي نه پوندي ۽ هار نه مڃيندي، شاهي جراح هوڪو ڏياريو ته ” هر قسم جي جراحت (آپريشن) کان پوءِ پيدا ٿيندر هر تڪليف، ايذاءَ ۽ خرابي جو آزمايل بچاءُ حبشي حلوو آهي ۽ ٻيو ته حبشي حلوي جي آڏو هاڻوڪا سڀ برقي ۽ ريڊيائي علاج جا طريقا بي اثر ۽ بيڪار ثابت ٿي چڪا آهن“. +”حبشي حلوو نفسياتي طرز علاج جي ڪيموٿراپيءَ کان به گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي!“ هيءَ نئين دريافت نفسيات جي ماهر معالجن جي هئي. +”حبشي حلوو اکين جي ڪڪري کي ۽ پڻ ڪاري پاڻيءَ کي ائين ٿو ڳاري ڇڏي، جهڙو جادو!“ اکين جي ماهر سرجن اعلان ڪيو. +”گهر؟ هائو، دلپسند ۽ آرامده گهر—سيمنٽ ۾ اوترو ئي حبشي حلوو ملائي اوساري کڻڻ سان جهٽ پٽ سستو اڏي سگهجي ٿو“، ماهر عمارتسازن اِها پڌرائي ڪئي. +۽ وسري ويل فنڪار ۽ مصور، جيڪي پاڻ کي بدلائي خوش رقم ڪاتب بڻجي پيا هئا، تن ” حبشي حلوي“ جي ٻن لفظن جي صورت کي ڦيرائي گهيرائي، اُنهن جي اهڙي ته انگڙ ونگڙ، حبشي طرز جي نقش نگاري ڪئي، جو خود حبشي حلوي کان به وڌيڪ اُهي فنڪار پاڻ سڀني جي ڌيان جا مرڪز بڻجي پيا. +فيلسوفن جي قلم مان، جيڪي بدلجي حلويسوف ٿي پيا هئا، سوين مضمون،ڪتاب ۽ ڪتابچا نڪرڻ شروع ٿي ويا ۽ نڪرندا رهيا. +”نظريي اضافت جو جامع- دائرائي اصول فقط تڏهن پوريءَ طرح سمجهي سگهبو، جڏهن حبشي حلوي جي ڇڄي ڌار ٿيل ذرات جي آزاد ۽ اجهل عملي ڪيفيت جو بغور مطالعو ڪبو!“ حلوانيا جا اعليٰ ماهر طبيعات چوڻ لڳا. +”رنگين فوٽو گرافن جي رنگن ۾ چمڪاٽ آڻڻ لاءِ حبشي حلوو بهترين ڪم ڏئي ٿو“، فوٽو گرافرن پنهنجي تجربي جي ڳالهه ٻڌائي. +”حبشي حلوي کان ٽي- ويءَ ۽ سئنيما ۾ حسن آرائيءَ ۽ حسن افزائيءَ جو بهترين ڪم وٺي سگهجي ٿو“، حسن سازيءَ جي ماهرن تجربي جي بنياد تي اِها پنهنجي ماهرانه راءِ ڏني. +”انسان ذات لکن سالن جي جاکوڙ کان پوءِ نيٺ حبشي حلوي جي صورت ۾ ٺوڙهه تي وارن ڄمڻ جو علاج ڳولي لڌو آهي“، سڪيءَ پاڪيءَ سان مٿن ڪوڙيندڙن ۽ جديد ماهر گيسوڪارن پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت جي شهرت لاءِ پترا ۽ هئنڊبل ورهايا. +ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته انساني زندگيءَ، انساني فڪر، انساني کوجنا ۽ ايجاد جو ڪو هڪڙو به اهڙو پاسو ڪو نه هو، جنهن ۾ حبشي حلوي جي عمل، دخل ، هاڪ ۽ ڌاڪ موجود نه هئي. +۽ اُن سڀ لاءِ ظاهر هو ته حلوانيا جا رهواسي پنهنجي بادشاهه سلامت جا شڪر گذار هئا، جنهن کين حبشي حلوي جي دور سان اِئين روشناس ڪرايو هو. +۽ هوڏانهن عاليجاهه حضور بادشاهه سلامت هو، جنهن پنهنجي ڳالهه ڪا ڪانه ٿي ڪئي، پر سڄي ساراهه حبشي حلوي جي پئي ڪئي ۽ چيو ته حبشي حلوي جي ڀلاين ۽ فضيلتن جي آڏو هو پاڻ هڪ ڪمزور، فاني شخص، ڪجهه به ڪين هو. ” حبشي حلوو سڀني انساني دکن جو علاج آهي!“ هن ڏاڍيءَ نمرتا سان اعلان ڪيو،جنهن تي بادشاهه سلامت جي حق ۾ وڌيڪ نعرا لڳا. +پر جڏهن حلوانيا ۾ هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ آزمائش طور باضابطي اُڏامندڙ ڏور- مار توبن ۽ نيم ضابطي توڙي بنهه بي ضابطي ڏور- مار اُڏامندڙ توبن جي ٺاهڻ ۾ حبشي حلوي جو استعمال ڪيو ويو، ته پاڙي واري بادشاهه جون پوريءَ طرح وايون بتال ٿي ويون ۽ هو پنهنجي سلامتي خطري ۾ محسوس ڪرڻ لڳو ۽ وڌيڪ ڪا خطرناڪ دير پئجي وڃي ۽ مهل هٿان نڪري وڃي، تنهن کان اڳ هن ” اڳرائي بچاءَ جي بهترين صورت آهي“ واري آزمايل اصول تي عمل ڪندي هڪدم حلوانيا تي حملو شروع ڪري ڏنو. +حلوانيا جا ماڻهو پنهنجي بارود، بمن، گولن، ٽئنڪن ۽ توبن ۾ حبشي حلوو ڀري، ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيا، پر دشمن ڪنهن طرح سندن شاهي محلات جي ٻاهرئين در تائين پهچي ويو. +”بادشاهه سلامت!“ ڪنهن حلوانيائيءَ ڊپ ۾ ڀرجندي رڙ ڪئي، پر وري به ڏاڍي ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو: +”جان جي امان ٿو گهران حضور، پر دشمن شاهي محلات جي ٻاهرين در تائين پهچي ويو آهي!“ +”دشمن کي ته جيڪو سبق آءُ هاڻي سيکاريندس، سو پاڻ ته هو ڪڏهن نه وساريندو پر سڄي دنيا تا قيامت ياد ڪندي!“ بادشاهه سلامت پنهنجي گدائيءَ جو ڪشتو، جيڪو حبشي حلوي سان ڀريل هو، پنهنجي هٿ ۾ جهلي، غائبانه دشمن تي اُلاريندي، بيحد زور سان رڙ ڪئي. +”ڪهڙو عبرتناڪ سبق حضور جن دشمن کي سيکارڻ ٿا گهرن؟ هاڻي ته هو محلات جي اندرئين دروازي تي اچي پڳو آهي!“ حبشي حلوي جي شاهه ڪاريگر ۽ قابل صنعتڪار، وڏي وزير، بادشاهه سلامت جي اڳيان جُهڪي، زمين بوس ٿيندي، پڇيو. +”ٻڌو اوهين سڀيئي جيڪي هتي حاضر آهيو!“ حضور سلامت تمام وڏي دانهن ڪندي چيو—سندس آواز ۾ ايترو ته ڇوهه ۽ زور هو، جو محلات جون سڀيئي ڀتيون سچ پچ ته ڪجهه ڪجهه لڏي ويون. ”ٻڌو، اوهين سڀيئي جيڪي هتي حاضر آهيو! هاڻي، جو هو اسان جو غلط، نالائق دشمن، جنهن سان اسين بي انداز نفرت ٿا ڪريون، اُتي پهچي چڪو آهي، جتان هن جو موٽڻ محال آهي ۽ پاڻ ئي اندر اچي اسان جي وڪڙ ۾ ڦاٿوآهي، اُن تي آءُ ، جيڪو حلوانيا جو چونڊيل ۽ ڌڻيل بادشاهه آهيان، ڪو رحم نه ڪندس ۽ نه هن کي معاف ڪندس ۽ جيڪا وڏي طاقت، بي انداز قوت، همت، بي مثل هيبت ۽ حشمت مون کي حبشي حلوي کان ملي آهي ۽ ملي رهي آهي، اُن سان، ۽ پنهنجي خالص آزاد ضمير جي اجيت آواز جي مدد سان، ۽ حلوانيا جا جيڪي مون تي فرض ۽ جوابداريون عائد ٿيل آهن، ۽ جيڪي ذميداريون ۽ بار مون کي پنهنجي وفادار ۽ فرمانبردار ماڻهن طرفان سونپيل آهن اُنهن جي تعميل ۽ اُنهن جي پوري ادائگي ڪندي، هاڻي آءُ مجبور آهيان ته آءُ پنهنجو اُهو غير معمولي، اصلوڪو ۽ مطلق شاهي اختيار استعمال ڪريان ۽ اُن کي ڀرپور ۽ پورو پورو ڪم ۾ آڻيان- ڇو ته اُهو اَجهل ۽ اڻ موٽ ۽ اصلوڪو شاهي اختيار جيڪو خالصاً ۽ مطلقاً ۽ سڌيءَ طرح حبشي حلوي کان مون کي مليل آهي، اَهڙن ئي هنگامي موقعن ۽ وقتن تي استعمال ۾ آڻي ٿو سگهجي—يعني بلڪل اڄ، بلڪ هن گهڙيءَ ۽ هاڻي، جڏهن حلوانيا پنهنجي اُنهيءَ انتهائي نازڪ ۽ بلڪل هڪ نئينءَ ۽ اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل صورتحال سان دوچار آهي، جو سندس دشمن جنهن کي ڪاوڙ جو ڪو به سبب ڪونه هو.......“ +”پر حضور جي سربخت جو خير آ، حضور جو اُهو غير معمولي، اصلوڪو، شاهي اختيار آهي ڪهڙو، سو ته ٻڌائين!“ درٻارين مان حلوانيا جي حبشي حلوي پسند بادشاهه کان ڪنهن هِن ڏکئي سوال جي پڇڻ جي گستاخي ڪئي. +جمهوريت کي ڪيئن مارجي +”جمهوريت کي ڪيئن مارجي“- هڪ اهڙو موضوع آهي، جو جن تاريخ ۾ جمهوريت کي ماري ماري وري ماريو آهي، اُنهن اِن جو، يعني اِن موضوع جو، پورو پورو مطالعو ڪيو آهي. +قديم تاريخ ۾ مئسيڊونيا جي بادشاهه فلپ ( سڪندر اعظم جي پيءُ) ۽ ، اُن کان پوءِ روم جي ڏاڍي مڙس جوليس سيزر ائين ڪيو هو. +فلپ اِن ۾ آسانيءَ سان ڪامياب ٿيو، انهيءَ ڪري جو شهري يونانين جي ڀيٽ ۾ هو سچ پچ ائين هو جيئن ڊيموسٿنيز ڏاهي هن لاءِ چيو هو: يعني ڏٺو وائٺو جهنگلي، مڙني اوچن ويچارن ۽ اعليٰ قدرن کان خالي- جيڪي اٿينس ��ي شهر واسين کي پيارا هئا. +اٿينس جي شهر کي اڳي ئي اسپارٽا وارن حملو ڪري، هيسائي، ترين ڀر ويهاري ڇڏيو هو، سو هِن جهنگلي ڍڳي جي اڳيان پاڻ جهلي نه سگهيو ۽ ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو. +۽ جتوڻيڪ پوءِ هُن جو پٽ، سڪندر،اعظم ئي اِن ڪري ٿيو، جو هُن اُن ساڳئي اٿينس جي هڪ معزز رهواسيءَ، پنهنجي عزيز استاد ارسطوءَ، کان اٿينس جي ئي تهذيب جو سبق ‎حاصل ڪيو ۽ ائين نه فقط پاڻ مهذب بڻيو پر اُن دور جي سڄيءَ ڄاتل دنيا ۾ اُن تهذيب جو هو مشعل بردار بڻيو: پر غريب اٿينس کي هُن جي جهنگلي پيءُ اهڙا ته موتمار ڌڪ هنيا هئا، جو اُن جي سڄي جمهوريت تاريخ جي ڦٽل دڙي هيٺ دٻجي دفن ٿي ويئي. +”رومن جمهوريت کي ڪيئن مارجي ۽ زمين ۾ پورجي“- اِهو روم جي ڏاڍي مڙس جوليس سيزر جو به پهريون مقصد هو- جڏهن ته اُن ساڳيءَ جمهوريت ئي کيس اُها فوج ظفر موج ٺاهي جوڙي، هٿ ۾ ڏني هئي، جنهن سان هن فرانس ۽ انگلينڊ فتح ڪيا هئا ۽ جنهن کان سواءِ هو، وڏي هام هڻي، هر گز اِها دعوا نٿي ڪري سگهيو ته ”آيس، ڏٺم ۽ فتح ڪيم!“ +۽ جيتوڻيڪ سيزر کان اڳ سندس پيشرو فوجي جنرل- موريو، پامپي، سولا- اُهڙا ئي نامور جنرل هئا جهڙو هو پاڻ هو، پر اُهي شهنشاهه جيڪي کائنس پوءِ سندس جانشين ٿيا ۽ سندس نالي سيزر جي پٺيان سيزر سڏيا،اُهي سيزر ته هئا پر جوليس سيزر نه بڻجي سگهيا. +۽ رومن شهنشاهيت روم کي اهڙو ته نپوڙي نستو ڪري ڇڏيو ۽ اُن تي اُها ته زبون حالي آندي، جو ڪٺور آٽيلا، جيڪو وحشي هوڻ قوم جو حمله آور هو، روم کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ جڏهن واپس موٽيو، تڏهن هو ڇاتي ٺوڪي دعوا ڪندو ويو ته ” روم جو ڪو هڪ پٿر ڪو هڪ مجسمو به جتي هو اُتي اڄ ڪونهي!“ +هيءُ اُهو ساڳيو روم هو، جنهن پنهنجي جمهوريت جي ڏينهن ۾ خونخوار هانيبال جي ڪٽڪ ۽ اُن جي مست هاٿين جو رڪ جي ديوار بنجي مقابلو ڪيو هو ۽ بجاءِ اِن جي، جو هو ررم کي اَڪ جي ماکيءَ وانگر لاهي کائي وڃي، جيئن هن چاهيو ته ٿي ۽ دعويٰ ڪئي هئي، آخر ۾ جمهوري رومن عوام جي هٿان هار کائي، پنهنجي سڄي لشڪر سميت روم جي گهٽين ۾ ڪُسجي فنا ٿي ويو. +هوڏانهن نيپولين جيسين فرانس جي جمهوريت جي شان لاءِ وڙهندو رهيو تسين هو ايڏو ته اجيت هو، جو انگلنڊ جي بيمار وزيراعظم وليم پِٽ جڏهن هن جي هڪڙي‎ءَ سوڀ جي خبر ٻڌي، تڏهن پنهنجن مصاحبن کي چيائين : ” اهو يورپ جو نقشو هاڻي ويڙهي رکو- اِهو ڪجهه عرصي لاءِ هاڻي ڪنهن ڪم جو ڪونهي.“ +اُنهي ”ڪجهه عرصي“ جي وچ ۾ نيپولين، جيڪو جمهوريه فرانس جو سربراهه اول هو، تنهن پنهنجي هٿن سان جيتوڻيڪ فرانس جو ڇٽ کڻي پنهنجي مٿي تي رکيو ( جيتوڻيڪ اُن تاجپوشيءَ جي رسم لاءِ هن روم جي پاپاءِ اعظم کي به دعوت ڏني هئي)، ۽ اعلان ڪيو ته هو فرانس جو شهنشاهه هو. +”ڇا؟“ استاد بيٿوون دانهن ڪئي، جيڪو اُن دور جي راڳ جو بي مثل بادشاهه هو ۽ جنهن ”جمهوريت جي علمبردار“، ”بي مثل“ نيپولين جي شان ۾ پنهنجو هڪڙو عظيم سازينو قريب قريب ٺاهي تيار ڪيو هو- ”ڇا؟ ههڙو خسيس ماڻهو؟!“ ۽ ائين چئي، هن پنهنجو اُهو سازينو پوءِ، اُن ”محض شهنشاهه،“ ڏانهن منسوب ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. +۽ جيئن ئي نيپولين ائين ”محض شهنشاهه“ بڻيو، تيئن هو ماٺ ڪري نه ويٺو- پنهنجي عزيزن مان جنهن تنهن کي بادشاهه بنائيندو ويو، هڪڙي کي ڪنهن ملڪ جو، ٻئي کي ڪنهن ملڪ جو ، تان جو پنهنجي سلهه ۾ ورتل پٽ کي روم جو بادشاهه بنايائين- ۽ نيٺ ويلنگٽن جي هٿان پاڻ ئي پنهنجي ”واٽرلو“ تائين پهچي ويو- ويلنگٽن، جيڪو جمهوريه انگلستان جو خادم هو، جنهن جمهوريه، نيپولين کي پوء�� قيد ڪري سينٽ هيلينا ٻيٽ تي بند ڪري ويهاري ڇڏيو، جتي هو پنهنجي ماضيءَ بابت سودائون پچائيندو رهيو، ڇوته پنهنجو مستقبل هُن هميشه لاءِ پنهنجن هٿن مان پاڻ وڃائي ڇڏيو هو. +۽ فرانس کي نيپولين کان پوءِ يورپ جي فتح ڪيل سڀني ملڪن تان هٿ کڻڻو پيو، ۽ وري به جمهوريه ئي بنجڻو پيو، ۽ پوءِ ئي هو خود پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري بچائي سگهيو. +”انگلينڊ جو بادشاهه شاهي ڪري ٿو پر حڪمراني نه، آمريڪا جو پريزيڊنٽ نه حڪمراني ٿو ڪري نه شاهي، پر هندستان جو وائسراءِ حڪمراني به ڪري ٿو ۽ شاهي به“- اِهي سياست جا ڏاهپ ڀريا گفتا اوهان ضرور ٻڌا هوندا. +“جمهوريت کي ڪيئن مارجي“- هيءُ خيال اُنهن ماڻهن جي دل ۾ اُٿندو آهي، جيڪي سمجهندا آهن ته اِن جي، يعني جمهوريت جي، بري حالت آهي ۽ اِن جو بچڻ محال آهي. +سيرز اِن مان تنگ ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته روم جو تڏهوڪو ( جمهوري) نظام حڪومت جيئن پوءِ تيئن هيڻو ٿيندو ٿي ويو ۽ اُن ۾ اُهو جهلو نه رهيو هو، جو اُهو ايڏي وسيع رومن شهنشاهيت کي يڪجاءِ جهلي ۽ قائم رکي سگهي، جيڪا ايڏي وڏي شهنشاهيت هُن سمجهيو ٿي ته هُن ئي کٽي روم کي ڏني هئي. +سيزر، ڏاهو بنجي، سوچيو ٿي ته جيئن جهاز جي ڪپتان جي حالت ۾ هوندو آهي، تيئن رياست جي سڀني آخري فيصلن لاءِ پڻ هڪڙو، واحد شخص ذميوار هئڻ گهرجي. +معلوم ائين ٿو ٿئي ته جوليس سيزر کي ذاتي ڪو حرص يا ڪا لالچ ڪانه هئي، جنهن جي سندس سياسي رقيب، ڪيسيس، مٿس تهمت ٿي هنئين؛ نه وري هُن جو پنهنجي ڪنهن شاهي گهراڻي جي قائم ڪرڻ جو ڪو مقصد هو، جيئن صديون پوءِ نيپولين بوناپارٽ پنهنجي زال، جو سيفين، کي طلاق ڏيئي ثابت ڪيو ته هُن جو هو، ڇو ته جوسيفين مان هن کي ڪو اولاد ڪونه هو ۽ هُن کي ”وارث“ جي گهرج هئي جيڪو کائنس پوءِ سندس تخت تي ويهي سگهي. +سيزر جي نظر ۾ رڳي ڳالهه هيءَ هئي ته پراڻو جمهوريه نظام پراڻو ٿي چڪو هو- بس: اُن کي ختم ڪري، اُن جي جاءِ تي هڪ نئون نظام قائم ڪرڻو هو ۽ ائين ڪرڻ ضروري هو. +اِنهيءَ ڪري (پر وري به) هُن اقتدار کي پاڻ ئي زوريءَ ڊوهي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ بدران، کليو کلايو سينيٽ کي چيو: ”مون کي اوهين شهنشاهه بنايو ۽ پوءِ ئي مون وٽ اُهو اختيار ۽ اُها طاقت هوندي، جن سان آءُ اوهان جي مشڪل حالات کي منهن ڏيئي سگهندس.“ +رومن سينيٽ جي ”اڇين ڏاڙهين“ جي اکين آڏو، جيئن سيزر حقارت سان اُنهن کي سڏيندو هو، ۽ جيڪي هُن جي فتوحات ۽ ڪمالات کان هڪ طرف ۽ ٻئي طرف پنهنجي آئيني اختيارات جي بار ۽ پنهنجي نا اهليءَ جي احساس هيٺ هيسيا ويٺا هوندا هئا ته سيزر کي ڪيئن منهن ڏين ۽ قبضي ۾ رکن، منجهائن ئي هڪڙي ميمبر، ڪيسيس، ذاتي سببن ڪري ۽ ٻئي، بروٽس، ” اجتماعي فاعدي خاطر“، ٻين چند صلاحين سان گڏ، سيزر کي اُتي ٿڏي تي خون ڪري ڇڏيو- اُنهن سڀني غلطيءَ وچان ائين ٿي سمجهيو ته هڪڙي اقتدار جو هُوسِيءَ سيزر کي ائين ميدان تان هٽائي ڇڏڻ سان هو پنهنجي جمهوريه روم جي نظام کي بچائي سگهندا. +پرسيزر جي خون جي نتيجي ۾ جيڪا روم ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي، اُن کان پوءِ اُتي اُها ساڳي ”شهنشاهيت“ قائم ٿي، جنهن کان بچڻ لاءِ سيزر کي خون ڪيو ويو هو، ۽ جوليس سيزر جي نالي سان رومن شان ۽ عظمت جي وابسته هئڻ سبب جيڪي به پوءِ رومن جا شهنشاهه بنيا اُنهن سڀني پاڻ کي ”سيزر“ ئي سڏايو. +اِهڙي طرح اسين ڏسون ٿا ته سيزر روم جي ڀلائيءَ خاطر جمهوريت کي هٽائڻ گهريو ٿي. ۽ هن جي دوست، بروٽس، پڻ اُنهيءَ ساڳيءَ ” روم جي ڀلائيءَ“ خاطر سيزر کي هٽائڻ ٿي گهريو: ٻنهي جوليس سيزر ۽ بروٽس ��ي دلي نيت، بهرحال فقط ۽ فقط ” روم جي ڀلائي“ ئي هئي، ٻيئي ساڳئي حب الوطن جي جذبي سان سرشار ٿي ڏٺا ۽ ٻنهي جو محرڪ ساڳيو اُهو حب الوطني جو امنگ هو. +انهيءَ ڪري، جيڪڏهن، شيڪسپيئر جي لفظن ۾، مقتول سيزر جو مڙهه ”اُنهي‎ءَ شخص جو مڙهه هو، جيڪو زماني جي دورن ۾ هڪ عظيم ترين شخص هو“، ته هن جي قاتل بروٽس جو مڙهه به حقيقي طور وڏي احترام لائق هو، جنهن، گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ ئي سهي، پر آخر اِها ڳالهه دل جي گهراين سان پروڙي ورتي هئي ته جوليس سيزر موت کان پوءِ به اُهو ئي عظيم ۽ طاقتور هو ۽ هن جو روح هن جي دشمنن جي هانءُ کائڻ لاءِ اڃا به آزاد گهمي رهيو هو، ۽ اُنهيءَ پروڙ جي ايندي ئي بروٽس خودڪشي ڪري پنهنجو انت آندو، ۽ پڇاڙيءَ جا لفظ جيڪي هُن جي زبان تي هئا سي هُن سيزر کي ئي مخاطب ٿي چيا هئا: ” او سيزر، مون کي معاف ڪج! جنهن پوري ارادي سان مان پاڻ کي ماريان ٿو، اُن جو اڌ جيترو ارادو به مون کي تنهنجي مارڻ جو ڪونه هو.“ +ائين بروٽس جو مڙهه ڏسندي، آگسٽس جيڪو هن جو مخالف هو ۽ جوليس سيزر جو سئوٽ هو ۽ هاڻي پاڻ ئي ”سيزر“ ٿيو هو، تنهن چيو: ” اچو ته هِن ۾ جيڪو گڻ هو اُن موجب هِن جو احترام ڪريون ۽ اُن مطابق هِن کي ڪفنايون دفنايون. اڄ رات هِن جو مڙهه وطن جي هڪ غيرتمند سپاهيءَ وانگر منهنجي تنبوءَ ۾ رهندو.“ +۽ اهڙيءَ ريت بروٽس جي دفن ٿيڻ سان رومن عواميت ۽ رومن جمهوريت گويا پوري جي پوري دفن ٿي ويئي. +۽ سيزريت ، رومن فوجشاهيءَ جي آڌار ۽ ٽيڪي تي، روم ۾ حڪمراني به ڪندي رهي ۽ شاهي به، تان جو ترت ئي، هُوڻ اٽيلا آيو ۽ رومن مشعل کي هڪ ئي ڦوڪ سان اُجهائي ويو، جيڪا هونئن ئي پنهنجي اصلي شعلي مان گهٽجي ٽمڪندڙ لاٽ وڃي ٿي هئي: اٽيلا هڪ ئي وار سان سڄو روم ڊاهي ڍير ڪري ويو، جتي هانيبال پنهنجي مٿي ڀڃائڻ سان به ڪجهه نه ڪري سگهيو هو- ڇو ته هانيبال ۽ رومي جبل جي وچ ۾ روم جي جمهوريت ڍال مثل بيٺل هئي. ۽ تاريخ ۾ ائين ئي اسين ڏسون ٿا ته جڏهن به ۽ جتي به جمهوريت کي ڊاهي ٻي ڪا حڪومت قائم ٿي آهي- پوءِ اُن ۾ ڪنهن جون نيتون ڪهڙيون به سٺيون هيون- آخر نتيجو اُن ”مرگ بر جمهور“ جو جيڪو نڪري ٿو، سو لازمي طور جمهوريت جي اُنهن ماريندڙن جي نيتن ۽ ارادن جي ابتڙ ئي نڪري ٿو. +ڇاڪاڻ ته جمهوريت انسانن جي آزاد ارادي ۽ آزاد راءِ جو اظهار آهي، جيڪي ٻيو ڇا به هجن پر گونگا جانور هر گز نه آهن، ۽ جيڪو به ۽ جنهن به شڪل جو قدم اُنهن کي جانورن جي درجي تي پهچائڻ لاءِ کڄي ٿو، اُن ۾ جمهوريت جو زوال ۽ اُن جي بربادي ئي هوندي آهي. +جمهوريت کي مارڻ لاءِ اول اول انساني فطرت کان مايوس ۽ اُن جي اظهار تي بي صبر ٿيڻو پوي ٿو، ۽ انسانن کي انساني درجي تان هيٺ لاهي جانور بنائڻ جو فيصلو ڪرڻو پوي ٿو. +جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ اول اول عوام کي محسوس ڪرائڻو آهي ته هُنن لاءِ اميد ۽ بهتريءَ جي ڪا واٽ آهي ته اِها آهي ته هو پهريائين پنهنجن آزادين تان دستبردار ٿين. +جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهور کي پنهنجي جمهور هجڻ کان جاهل رکڻ کپي: هُنن کي اِها سمڪ اصل نه ڏجي ته هو ئي پنهنجي سڄي سماجي بنياد ۽ سياسي عمارت جون سرون ۽ اُنهن جي پيڙه جا پٿر آهن. +جمهوريت کي اٽڪل سان ختم ڪرڻ لاءِ عوام جي ذهنن کي اهڙن مسئلن تي مرڪوز ڪري، يعني کپائي، ڇڏجي، جيڪي هُنن لاءِ ”هاڻي“ ۽ ”هِتي“ جي ڪنهن به سڌي ۽ سنئين ڪم جا نه هجن. +جمهوريت کي مارڻ لاءِ ماڻهن کي ائين محسوس ڪرڻ سيکارجي ته سندن تقدير يعني سندن آئيندو هرگز هرگز سندن هٿن ۾ ڪونهي. +جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهور ۾، يعني ماڻهن ۾، انفراديت کي ڪڏهن به اُسرڻ نه ڏجي ۽ منجهن اُڀرندڙ اڳواڻيءَ کي ٻوساٽي ڇڏجي يا مُلهه خريد ڪري ڇڏجي، يا ٻيئي ڳالهيون ڪري ڇڏڻ کپن، يعني اُن کي ٻوساٽي به ڇڏجي ۽ خريد به ڪري ڇڏجي. +جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهوريت جي نالي کي پهريائين خوب اُڇالجي ۽ غوغائجي، ۽ جيڪو به اقدام ڪجي اُن سان جمهوريت جو نالو ڳنڍي ڇڏجي، ته جيئن عوام ڪڪ ٿي خار کائي، دانهن ڪري چوي ته ”جيڪڏهن جمهوريت اِها آهي ته پوي جهنم ۾، اسان کي ڪانه کپي!“ ۽ پوءِ جڏهن اِهو مسئلو ائين حل ٿي وڃي، ته ”صاف ضمير“ سان علي الاعلان جمهوريت کي ماري ڇڏڻ کپي- چي، ”عوام اُن مان بيزار هو ۽ اِها سندن ئي پنهنجي مفاد جي ڳالهه هئي ته جمهوريت مان سندن جند ڇڏائي وڃي!“ +جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني ويڪو دانشورن کان جمهوريت جا عيب کولائڻ ۽ بيان ڪرائڻ کپن. +جمهوريت کي مارڻ لاءِ ابلاغي ذريعن کي مارڻ نه گهرجي، پر اُنهن جي همت افزائي ڪجي ته اُهي خودڪشي ڪن- نام نهاد خود- روڪ جي ساهه- جهل وسيلي، جنهن جي استعمالي هو ” پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪريو“ جي اصول تي پاڻ ڪن. +جمهوريت کي مارڻ لاءِ ”ڏائڻ جي ڪُني“ تيار ڪرڻ کپي، ۽ جيئن اُها رڌجندي رهي، تيئن اُن جي مٿان هي منتر لاڳيتو پڙهبو رهجي: ”نيڪ بد آهي، بد نيڪ آهي.....“ +جمهوريت کي مارڻ لاءِ جيئن مئڪبيٿ، ڊنڪن کي مارڻ لاءِ ويندي، جڏهن ديول جو گهنڊ ٻڌو هو ته پنهنجي منهن چيو هئائين: ”ڊنڪن، اِهو نه ٻڌجان! اِهو نه ٻڌجان ‎! اِهو تنهنجي موت جو گهنڊ آهي!“- بلڪل تيئن ڪجي. +جمهوريت کي مارڻ لاءِ ڏند ڪٿائي، مابعدالطبيعاتي وسيلن کي ٻاهر ڪڍي اچجي؛ ۽ ”واهيات، ناشدني ۽ ڏاميچ“ شين کي اُڀارجي، ۽ عدم –انسانيت جي اڏيءَ تي، جنهن تي نيڪيءَ جو چمڙا پوش ٿيل هجي، جمهوريت کي ڪُهي ڇڏجي. +جمهوريت کي سولي ۾ سولي طريقي سان مارڻ لاءِ، خود، ”جمهوري“ همراهن کان وڌيڪ ڪارگر ٻيو ڪير به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي اهڙي عمل جا رستا ۽ نمونا خوب معلوم هوندا آهن، ۽ هُنن کي ڪرڻو رڳو هي پوندو آهي ته هو جمهوريت جو احترام ڇڏي ڏيندا آهن ۽ پنهنجي قول ۽ فعل سان ٻين کي به اُن جي احترام کان باز رکندا آهن. +جڏهن فرعون پنهنجي فرعونيت جا محافظ ٿي بيهن ٿا، جڏهن قارون پنهنجي قارونيت جو پنهنجي دولت سان بچاءُ ڪن ٿا، ۽ جڏهن اَمير پنهنجي امارت جو بچاءُ جمهوري ، ۽ جمهوريت جي حقارت سان ڪن ٿا، تڏهن سياسي حيوانن ۾ جمهور ۽ جمهوريت پسند سياستدان ئي هڪڙي اهڙي انساني جنس آهن، جيڪي، بيٺي بيٺي پنهنجي پيرن هيٺان گاهه ڄمائي ڇڏيندا آهن، بلڪ اُن کان به وڌيڪ، هو جنهن لام تي ويٺل هوندا آهن، اڪثر اُن لام کي پنهنجي ئي هٿن سان پاڻ ڪپي ڇڏيندا آهن. +نه رڳو اِهو، پر ڪيترائي اهڙا جمهوريت پسند هوندا آهن، جيڪي ٻين جمهوريت پسندن جا دشمن ٿي پوندا آهن، ۽ موقعو ملندو اٿن ته رات وچ ۾ ڦري پاڻ فرعون ٿي پوندا آهن. +جنهن طريقي سان سڄي آمريڪي قوم لرزش ۾ اچي وئي هئي، بلڪ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ اوچتي ڪا پيڙا، ڪو خطرو، ڪا اُداسائي هئي جنهن ۾ اُها وڪوڙجي ويئي هئي، ۽ ڳالهه ڪهڙي هئي؟ فقط هيءَ ته سندن پريزيڊنٽ، نڪسن، پنهنجي معيار تان ڪري، اُهي پرايا ٽيپ ٻڌا هئا جن جي ٻڌڻ جو نه کيس اختيار هو ۽ نه اجازت، ۽ ائين هو آمريڪي ٽئڪس ڀريندڙ ووٽر جي ذاتي نويڪلائي ۾ دخل اندازي جي حڪومتي بدعت جو ذميدار بڻيو هو- بس اِن تان آمريڪي قوم جو ايڏو غصو ۽ ايڏو اجهل تحرڪ ثبوت هو، سندن اُن ڪل –وقتي سجاڳيءَ، حوصلي ۽ بلند همتيءَ جو، جنهن سان هنن پنهنجي آزاديءَ، حري�� ۽ جمهوريت جو تحفظ ٿي ڪيو. +ساڳيءَ طرح، پروفيومو واري معاملي ۾ جڏهن انگلينڊ جي هڪ فاحشه، ڪرسٽين ڪيلر، پڌر پيئي، اُتان جي هڪ فيلڊ مارشل لاءِ ”تمغي مردانگيءَ“ جو اعلان ڪيو، ته برطانوي عوام اُن تي پنهنجي سرڪار خلاف ايترو ته مشتعل ٿيو ۽ ڪاوڙجي اٿيو، جو سندن وزيراعظم ڦڪائيءَ کان استعيفا ڏيئي، سدائينءَ لاءِ سياست کي ڇڏي،. گوشه نشين ٿي ويهڻ تي مجبور ٿي ويو. +اِن مان ظاهر آهي ته اُهي ماڻهو ڪيئن پنهنجي جمهوريت کي زنده رکڻ چاهين ٿا، ۽ زنده رکن ٿا. +جيڪي جمهوريت کي ماريندا آهن، انهن کي اهڙين شين ۽ اهڙين ڳالهين جي ڳڻتي يا پرواهه ڪانه هوندي آهي +انهن لاءِ ٻي ڪابه شيءَ اهم ڪانه هوندي آهي، سواءِ پنهنجي فائدن جي، جيڪي هو اُنهيءَ تنگ نگاهيءَ مان وٺندا آهن، جيڪا سندن هٿ مت ۾ موجود هوندي آهي ته ”هرڪو پنهنجي لاءِ، شيطان سڀ جي آخر ۾.“ +پر شيطان، جو ٿيو ئي شيطان، سو سڀ جي آخر ۾ رهِي، ڪٿي ٿو بس ڪري بيهي؟ +سچ پچ ته جمهوريت جڏهن مري ٿي، اُن کان پوءِ ٻيو ڪو به ڪونه ٿو بچي—ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جو ماڻهپو پهرين اُن سان گڏ مري ٿو. +زنجيرن تي زنجير +پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به سمجهدار ماڻهو ڪونهي، جيڪو عجب ۽ افسوس ۾ ورتل نه هجي ته پاڪستان سان هيءُ نيٺ ڪهڙي ويڌن ٿي ويئي، ڪنهن ڪئي، ۽ گذريل 33 سالن کان هيءُ ملڪ سياسي ڌٻڻ ۾ ڪيئن ڦاٿل رهيو آهي. +پاڪستان جي گورنرن جنرلن ۽ پريزيڊنٽن خود هن سلسلي ۾ ڪڏهن پنهنجي چنتا کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، ۽ هو سدائين پنهنجي اِنهيءَ دلي خواهش جو اظهار ڪندا آيا آهن ته ملڪ ۾ ڪڏهن ڪو بهتر ڏينهن جو سج اُڀري. +اُنهن مان گورنر جنرل غلام محمد ته سڀ کان زياده صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي، چئي ڏنو ته هن کي ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته قوم تي اُداسيءَ جو هڪڙو گهاٽو ڪڪر ڇانيل هو! پر افسوس، جو اُن لاءِ ڪڏهن به اُنهن مان ڪنهن کي جديد ڊاڪٽري تشخيص جي طريقي جي اختيار ڪرڻ جي همت ڪانه ٿي. +تاريخ جي وچين اونداهي دور ۾ بيماريءَ جي تشخيص جو طريقو هيءُ هوندو هو، جو جيڪڏهن ملڪ جي ڪا جيئندي، بچندي شهزادي بيمارٿي پوندي هئي، ته اُها محل جي بنهه ڪنهن اندرئين ڪمري ۾ وڃي ويهندي هئي، ۽ هُن جي بيماريءَ جي تشخيص ڪرڻ وارو طبيب- ڇاڪاڻ ته شاهي طبيب هو- ٻاهر بادشاهه سلامت جي حضور ۾ گوڏا کوڙيو ويٺوهوندو هو. +طبيب ۽ بيمار شهزاديءَ جي وچ ۾ رڳو هڪڙو نفيس پَٽ جو ڌاڳو هوندو هو، جنهن جي هڪڙي پڇڙي شهزاديءَ جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل هوندي هئي، ۽ ٻيءَ پڇڙيءَ تي آڱر رکي طبيب ٻڌائيندو هو ته بيمار جي نبض جي ڪهڙي حالت هئي ۽ بيماري ‎ءَ بابت اُها ڇا ٻڌائي رهي هئي. +هڪڙي اول درجي جي مرحوم ڊاڪٽر کان ٻڌل ڳالهه آهي ته جڏهن هو 1895ع ۾ انگلينڊ جي هڪڙي ڪاليج ۾ ڊاڪٽري پڙهندو هو، تڏهن اتي سندن هڪڙي استاد محترم کين جديد تشخيص جي سکيا ڪيئن ڏني هئي! +هن جِي زبانِي ڳالهه آهي—”منهنجا پيارا نوجوانو“، استاد اسان کي چوندو هو، ” جي انگلينڊ جي راڻي به بيمارٿي پوي ته به پهرين چڪاس.... ڇو ته متان ڪا.....“ +اهو آهي فرق- وچين اونداهي ۽ جديد روشنيءَ جي دور جي طبي تشخيص جي طريقن جي وچ ۾. +ساڳئيءَ طرح جيڪڏهن اسين واقعي جديد زماني ۾ رهون ٿا ( جيڪا به، افسوس، ڪي ماڻهو اڄ ڳالهه قبول نٿا ڪن)، ته سياسي تشخيص کي به اهڙو ئي جديد ٿيڻو پوندو جهڙو طبي تشخيص کي. +پاڪستان کي ڪڙي بيماري لڳل آهي؟ +هڪڙيءَ تشخيص موجب: ”سياسي تگڙم“ جِي، جنهن کي عام فهم ٻوليءَ ۾ ”سياسي ٺڳي“ به چئبو آهي. ڪهڙي قسم جي سياسي ٺڳي؟ بس، هڪڙي مثال سان اها پوري سمجهه ۾ اچي سگهندي. +آمريڪا ۾ هڪڙو شيدي هو، جنهن ڦٽل نَهَوَرَ زمين کي، جنهن مان ڪجهه به پيدا ڪونه ٿيندو هو، سالن جي محنت ڪري، پنهنجي پگهر جو پاڻي بلڪ پنهنجو رت ڏيئي، آباد ڪيو. ۽ اُها نيٺ ڦري بلڪل هڪ باغ بڻجي پيئي. +۽ جڏهن اُن جو طرح طرح جي ميون ۽ ڀاڄين جو پهريون فصل لٿو، تڏهن ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ ڀرجي اُهو ڏيکارڻ لاءِ هو پنهنجي پادري ءَ کي دعوت ڏيئي اُتي وٺي ويو. +”سائين ، هي وڏا وڏا، تازا تازا پٽاٽا ٿيا آهن، سي ڏسو!“ +”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“ پادري ورندي ڏني. +”۽ بابا ، هي رس ڀريل سهڻيون سهڻيون نارنگيون ڏسو!“ +”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“ +” ۽ حضرت بابا، هي چمڪندڙ ڳردار ڊاک جا ڀريل ڇڳا ڏسو!“ +”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“ +” ۽ هي مٽ جيڏا هنداڻا ڏسو!“ +”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“ +۽ جڏهن نماڻي پورهيت، ادب گذار شيديءَ، پادريءَ کي پنهنجي باغ جا وڏا وڏا، سرُها سرُها صوف ڏيکاريا، تڏهن پادريءَ سڳوري، جو اُها ئي هن کي شڪر جي تلقين ڪئي ۽ ”مقدس پيءُ توسان پورهئي ۾ گڏ هو“ جو رڪارڊ وڄايو، تڏهن ( آخر ڳالهه جي حد هوندي آهي.....) شيديءَ جي منهن مان لفظن اُٻڙڪو کاڌو:” حضرت سائين، جڏهن مقدس پيءُ هِن زمين تي اڪيلو مالڪ هو، تڏهن اِن جي حالت اوهين ڏسو ها!“ +هاڻي اسين پاڪستان جي ڳالهه ڏانهن اچون ٿا. +هرڪنهن ماڻهو کي اها خبر آهي ته سڄي هندستان جي مسلمانن چاهيو ٿي ته پاڪستان وجود ۾ اچي. +خاص طرح 1940ع کان 1947 ع تائين ،هندستان ۾ ايترا ته فرقيوارانه فساد عمل ۾ آيا، جو پاڪستان جي بانيءَ پنهنجي تقريرن، تحريرن ۽ پريس ملاقاتن ۾ وري وري اعلان ڪيو ته جيستائين پاڪستان قبوليو نه ويو آهي تيسين اُهي هنگاما بند ٿيڻا نه هئا. +اِن مان پوريءَ طرح ثابت ٿيو ته پاڪستان، هندستان جي مسلمانن جي انساني خواهشن، انساني ڪوششن ۽ انساني تڪليفن جي وسيلي ئي وجود ۾ آيو- ۽ اُنهن ۾ ٽراونڪور جا چار في صد مسلمان به اوڙيسا جا ٻه في صد مسلمان به ۽ مئسور جا ڇهه في صد مسلمان به شامل هئا. جن سڀني مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ پاڪستان لاءِ ووٽ ڏنا، جنهن لاءِ واعدو هو ته اُهو هندستان جي مسلمانن جو وطن ٿيندو. +هندستان جي مسلمانن جو وطن پاڪستان- هيءُ واعدو هندستان جي مسلمانن سان سال 1940ع کان 5 آگسٽ 1947ع تائين بيشمار موقعن تي ڪيو ويو. +اُن ئي سڳوري ڏينهن تي، پهريون ڀيرو، انهن کي اهو ٻڌايو ويو ته کين پنهنجي پنهنجي ملڪ سان وفادار ٿي رهڻو هو، جو ”ڪو به ملڪ غدارن کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي“ +هي سموران بيان، جي مٿي ڏنا ويا ، اڄ به اُنهن ڏينهن ڇپيل رڪارڊن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، ۽ اُتي اِهي وري پڙهڻ گهرجن ۽ پڪ ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سان جيڪا ويڌن آهي، اُن جا ٻجائتا سبب ڇا آهن. +پوءِ ، 11 آگسٽ 1947ع تي، پاڪستان جي بانيءَ هڪڙي تقرير ڪئي، جيڪا ڪنهن به نموني مروڙجي ۽ غلط طرح سمجهي نٿي سگهجي، جنهن ۾ هن پوريءَ وضاحت سان ۽ پوريءَ پختگيءَ سان واعدو ڪيو ته پاڪستان ۾ دنيوي طور هڪ جديد جمهوري نظام حڪومت قائم ٿيندو، جنهن ۾ هر هڪ ۽ سڀني شهر واسين جا حق، سندن عقيدي ۽ ايمان جي فرق جي باوجود، ڪلي طور هڪجيترا ۽ هڪجهڙا هوندا. +هنن ٻن تاريخن جي وچ واري دور ۾، يعني 1940ع ۽ 1947ع جي وچ ۾، پاڪستان جي بانيءَ پوري زور ۽ اٽل انداز سان اعلان ڪيو – ۽ هڪ ڀيرو نه، ٻه ڀيرا نه، پر ڪي چوڏهن ڀيرا- ته ”پاڪستان ۾ مولائيت يا ملائيت جو راڄ، يعني ٿيوڪرسي ( ملاشاهي) قائم نه ٿيندي.“ +اِنهيءَ طرح، گهٽ ۾ گهٽ اُهي جيڪي نئين ٺ��يل پاڪستان جا رهواسي هئا، اُنهن جي دل ۾ اِهو امنگ هو ته سڄي هندستان جي 95 في صد مسلمان اڪثريت وارن صوبن کان وٺي ٻه في صد مسلمان اقليت وارن صوبن جي مسلمانن جي ڪوشش سان، هندستان کان الڳ ڪري بيهاريل پاڪستان ۾، اُنهن جي پنهنجي جمهوريت هوندي، جنهن ۾ هو جمهوريت جا عالم آشڪار فائدا وٺندا ۽ اُن جون ڄاتل سڃاتل رعايتون ماڻيندا. +هنن کي خبر هئي ته اُهو سڀ ڪجهه، يعني اُها سڄي نعمت هنن کي انساني جدوجهد، انساني خواهش، انساني ڪوشش ۽ انساني تڪليف ۽ قربانيءَ سان حاصل ٿي هئي. +ڪو هڪڙو ملائڪ به اُنهن سڀني انساني قتلامن ۾ ، جيڪي لڳاتار ٿيندا ٿي رهيا، ڪڏهن خون ٿيندي يا خون وهائيندي ڏٺو يا ٻڌو ڪونه ويو. + + +انسان ئي هئا جن جهد ڪيو، انسان ئي هئا جن ڏک سٺا ۽ انساني ئي هئا جن پنهنجو مقصد حاصل ڪيو، ۽ انسان ئي هئا جن تانگهيو ٿي ته هو اُن زمين جا وارث ٿيندا، ڌڻي ٿيندا ۽ حاڪم ٿيندا، جيڪا سندن ڪوشش سان برصغير کان ڪورجي الڳ قائم ٿي بيٺي هئي. +۽ اُهي سڀئي انسان- هندو، مسلمان، عيسائي، پارسي،- هندستان توڙي پاڪسان جا ، ايامن جا ايام، پنهنجن ابن ڏاڏن کان، مذهب جي ڪامل شيدائي هئڻ سبب، دل جي پوري حضور سان ، پنهنجي خدا کي نه رڳو پنهنجي هن ڌرتيءَ جو، نه رڳو سڄي نظام شمسيءَ جو، پر هيترن سارن ڳاڻاٽي کان ٻاهر افلاڪي نظامن ۽ اربين کربين تارن سان جهنجهيل هن سڄيءَ ڪائنات جو مالڪ مڃيندا ٿي رهيا ۽ مڃيندا ئي رهن ٿا. +ڪائنات جي هنن بي انت وسعتن ۾ هُنن کي خاص اهڙيءَ ڪنهن خاطريءَ جي ضرورت ڪانه هئي ته خدا برابر هن اسان جي ڌرتيءَ جو مختصر ذرڙي جي ڪنهن هڪ جاءِ يا خاص اُن جي ڪهن هڪ ٽڪري جو مالڪ هو. +اُنهيءَ ڪري، پاڪستان جي بانيءَ جي وفات کان پوءِ، جڏهن پاڪستان جي فڪر مند شهر واسين کي اسيمبليءَ جي ايوان مان بذريعي اعلان ٻڌايو ويو ته پاڪستان جا ماڻهو نه، پر ڪائنات جو مالڪ پاڻ پاڪستان جو ڌڻي هو، يعني اُهي هر گز نه، جن اُن لاءِ جهد ڪيو هو، ڏک سٺا هئا ۽ خون ڏنو هو- ته هُنن لاءِ اهڙي هڪ حيرانيءَ واري صورتحال پيدا ٿي پيئي، جيڪا نه هو قبولي ٿي سگهيا نه اُن کان هو ڪو انڪار ئي ڪري ٿي سگهيا. +اُن جو انڪار هو ته ان ڪري نٿي ڪري سگهيا، جو اهڙي انڪار جي معنيٰ سنئون سڌو ڪفر هو- ڇو ته ڪو به سچو مسلمان پنهنجي ايمان جي بنياد کان انڪار جي همت ڪري ئي نٿي سگهيو. +۽ اُها ڳالهه سڄي جي سڄي قبولجي به نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اصل ڳالهه کي اُن جي معنيٰ واري دائري مان ڪڍي ڪري ، اُن وسيلي پاڪستانين کي سندن محنت جي ثمر کان محروم ڪرڻ لاءِ رڳو دم ۾، ڌئونس ۾ ۽ ڌاڌر ۾ رکيو ٿي ويو- ۽ سندن محنت جي سڄي اُن ثمر کي خدا جي پاڪ نالي جي اوٽ ۾، پوريءِ طرح اُنهن سياست ڪارن جي حوالي ڪيو ٿي ويو، جيڪي اُنهيءَ انگ جي استعمال سان کين يعني پاڪستان جي جمهور کي جمهوريت کان محروم ڪري رهيا هئا ۽ اُن لاءِ اُهي خدا جو نالو بيجا وچ ۾ آڻي، پاڪستان جي جمهور جِي اُن ڳالهه جي سلسلي ۾ زبان بندي ڪري رهيا هئا- ڇو ته اُن سلسلي ۾ ڪا به احتجاجي لب ڪشائي پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني مسلمانن جا جذبات مجروح ڪري ٿي سگهي. +۽ اُن لاءِ، آڪڙجي ۽ اڳتي وڌي، پاڪستان کي خدا جي ملڪيت سڏيو ٿي ويو- ڄڻ باقي سڄي ڪائنات خدا جي ملڪيت ئي نه هئي! +۽ اُها سڄي ساري ڳالهه ڪا طفلپڻي جي ڳالهه ڪانه هئي، بلڪ اِها ته بلڪل ان جي اُبتڙ ڳالهه هئي، ڇو ته خدا جو نالو، پاڪستان جي واحد ملڪ جي حيثيت ۾، وچ ۾ آڻڻ جي معنيٰ هيءَ هئي ته خدا پاڻ ته سڌيءَ طرح ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪندي ڏٺو ڪونه ويو آهي، ۽ ضرور ڪنهن ا��ساني وسيلي سان ائين ٿيڻو آهي، انهيءَ ڪري ڳالهه بلڪل صاف هئي ته اُهي ماڻهو جن ڳوڙها ڳاڙي، محنت ڪري، رت ڏيئي، پاڪستان حاصل ڪيو هو- اُهي نه پر فقط اُهي جن خدا جي نالي ۽ اُن جي قبضيداريءَ جي دعوا ٿي ڪئي، اُهي اُن ۾ حڪمراني ڪندا. +ڳالهه جي انهيءَ وٽ سان پارليماني جمهوريت جو خيال ته پهرينءَ ئي پڇنڊ ۾ بنهه واءُ ٿي ويو، ۽ اهڙو اظهار بلڪل انهيءَ صورت ۾ اسيمبليءَ جي ڪن ميمبرن بروقت اٿي بيهي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ به ڪيو هو. ۽ اُن دور ۾ ڇپيل اسيمبليءَ جي ڪارگذارين ۾ اِها روئداد اڄ به پڙهي سگهجي ٿي. +اسيمبليءَ ۾ جڏهن قراداد مقاصد بحث هيٺ هو، تڏهن اُن بابت مخالفن طرفان خيال ظاهر ڪيو ويو هو ته ان جي پاس ٿيڻ سان يوناني ڏند ڪٿا واري ” پنڊورا جي پيتي“ کلي پوندي، جنهن ۾ بند ته ”آخري اميد“ هئي پر کلڻ سان بني نوع انسان کي تهه و بالا ڪرڻ لاءِ ”انساني خواهشون“ اُن مان ٻاهر نڪري آيون هيون. بهرحال، اُهو قرارداد پاس ٿيو، جنهن ۾ صاف سڌن لفظن ۾ ته نه پر لاڳو مراد جي خيال کان فيصلو صادر ٿيو ته پاڪستان جو نظام حڪومت ”ٿيوڪريسي“ رهندو، جنهن ۾ حڪمراني ملڪ جي جمهور جي نالي ۾ يا ٻئي قسم جي حڪومتي نظام هيٺ نه هلندي، پر اُها هڪ اهڙي حڪومت هوندي، جا خدا جي نالي ۾ هلندي. +جئين ئي هيءُ ”قرارداد“ پاس ٿيو، ملا دنيوي تخت تي ويهڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويا. اُنهن بلڪل صحيح طور چيو ته صدين کان ۽ نسلن کان خدا جي راهن جا ماهر ۽ عارف هو هئا ۽ نه سياستدان، جن کي اُن پٽ جي هيٺ مٿانهين جي ڪابه خبر ڪانه هئي. +۽ جئين ئي اُها دعوا کليءَ طرح سياست جي داءُ تي آندي ويئي، تيئن ”قرارداد مقاصد“ جي سياسي پيشڪارن کي جهٽڪو محسوس ٿيو ۽ هو، حيرت جي ٽٻيءَ مان نڪرندي ئي، باني پاڪستان جي بيانن کي غوغائڻ لڳا ته ”پاڪستان ۾ ملاشاهي (Theocracy)ڪانه هلندي.“ +اُنهن مان توڙي اُنهن جي ٻين پيروڪارن مان ڪنهن کي اِنهيءَ سوال ڪرڻ جي همت ڪانه ٿي ته ”قرارداد مقاصد جي سڄي مضمون جي روشنيءَ ۾، پاڪستان ۾ سواءِ ملاشاهيءَ جي ٻي ڪهڙي شاهي هلندي؟“ +اِنهيءَ طرح، هڪ پاسي،پاڪستان جي بانيءَ جو روڪ ٽوڪ بيان ته ” پاڪستان ۾ ملاشاهي ڪانه هلندي“ کوٽِي سڪي وانگر رد ڪيو ويو، ته ٻئي پاسي اُهو ساڳيو سڪو قرارداد مقاصد جي واضح حامين کي خاموش رکڻ لاءِ زور شور سان کڻڪائبو رهيو. +ملن کي ٻين به گهڻن رستن سان خاموش رکيو ويو، ۽ ساڳئي وقت، خاص طرح لاهور جي مشهور، ”بئلٽ باڪس کاٽ“ يعني ووٽن جي پيتين جي تالاشڪنيءَ کان پوءِ اُنهن ماڻهن جا حوصلا به پست ٿي ويا، جيڪي پاڪستان ۾ جمهوريت جي قائم ٿيڻ جون دل ۾ اميدون رکيو ويٺا هئا. +۽ ان ۾ ڳالهه جو واڌارو هيءُ ٿيو، جو رٿيل چونڊون هٽايون ويون ۽ وزيراعظم پورا پنڌرهن پورٽ فوليا ڇڪي خاص پنهنجي قلمدان وزارت جي گوڏي هيٺ رکي ڇڏيا ۽ باقي وزيرن کي سڄو وقت سندس منهن ۾ ڏسڻ ۽ ”ٻڌوسون ۽ مڃيو سون“ جي اسم وفاداري اُچارڻ لاءِ ويهاري ڇڏيو. +ان ”اعظم وزير اول“ جي من ۾ ملڪ جي مستقبل جون ڪهڙيون رٿائون هيون، اُهي معلوم نه ٿي سگهيون، جو اُنهن جو هن ڪو رڪارڊ ڪونه ڇڏيو هو، پر ڏٺو ويو ته حالتن کي ايترقدر ابتڙ ۽ منجهيل ڇڏي ويو، جو سندس قتل کان پوءِ جڏهن سياستدان گورنر جنرل پنهنجي اوچي گادي تان لهي اچي وزيراعظم ٿيو، تڏهن هُن پاڻ کي ايتري ته خرخسي ۾ ورتل، محسوس ڪيو، جو هو بنهه وائڙو پئي لڳو ۽ پاڻان تار پاڻيءَ مان غوطو کائي نڪتل ماڻهوءَ وانگر سندس حواس ساڻ ڪونه هئا، ۽ ائين نوڪر شاهيءَ جي هڪ فرد کي جيڪو ڀڙڪو ڏيئي وڃي گورنر جنرل بڻيو هو، هن کي ٻانهن مان جهلي وزيراعظميءَ تان لاهي پري ڦٽي ڪرڻ جو وجهه ملي ويو. +پاڪستان جي هوشمند ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالهه آسماني ڌماڪي کان گهٽ ڊيڄاريندڙ ڳالهه ڪانه هئي، اُن سان سندن دل جون سڀ آئيني واڌاري جون اُميدون مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي ويون، ۽ جنرل اسڪندر مرزا لاءِ مارشل لا کي نافذ ڪرڻ جي راهه نڪري آئي. اُن کان پوءِ ”ضرورت جي قانون“ جنرل ايوب کي سهارو ڏنو ۽ هو اسڪندر مرزا کي ڪلهو هڻي، پري هٽائي، پاڻ اقتدار جي گاديءَ تي سوار ٿي ويهي رهيو. +جنرل ايوب جي ڪارگذارين مان ائين محسوس ڪيو ويو ۽ معلوم ٿيو ته هُن صاحب پاڪستاني سرزمين جي رهواسين کي انگريزن کان اڳ وارا ڏينهن اکئين ڏيکارڻ ٿي گهريا ۽ ڏيکاري به ڇڏيا. +پر جمهوريت جو جيڪو ڪارٽون هن بنيادي جمهوريت عرف ”بيسڪ ڊيموڪريسي“ عرف ”بي- ڊيءَ،“ جي شڪل ۾ عالم آشڪار ڪيو، تنهن کليو کلايو اِها ڳالهه ظاهر ڪئي ۽ ڏيکاري ڇڏي ته ماڻهن کي آبرو منديءَ سان آزاد رهڻ جي موقعي ۽ بي روڪ جمهوريت جي حق کان سِڪائڻو هجي ته ڪيئن سڪائجي. +پوءِ، وچ ۾، هڪ موقعي تي ، ايوب خان جا دشمن بيمار ٿي پيا! ان صورت ۾ به پاڪساتن جي تڏهوڪي رائج آئين مطابق، قومي اسيمبليءَ جي پريزيڊنٽ کي رياست جي عارضي يا عبوري سربراهه طور حڪومت جو ڪم هلائڻو هو. +۽ جي ائين ٿئي ها، ته به پاڪستانين کي ڪجهه تسلي ٿئي ها، ته مشڪل ۽ نازڪ حالت ۾ ئي سهي، سندن پنهنجي چونڊيل شهرين مان به ڪو هڪڙو رياست جو سربراهه ٿي سگهيو ٿي، ۽ اِنهي طرح، پاڪستان جو اُهو آئين کڻي ڪيترين به عجوبائي ڳالهين سان ڀريل هو، پاڪستان ۾ جمهوريت جو وري به ڪو نه ڪو جز يا نشان موجود ضرور هو. +سو هڪ موقعي تي، اتفاق سان، جڏهن ايوب جا دشمن بيمار ٿي پيا، تڏهن قومي اسيمبليءَ جي پريزيڊنٽ کي رياست جي عارضي صدر بنائڻ بدران ، هن کي مرڳو هوائي جهاز ۾ وجهي زوريءَ مڪي شريف جي زيارت لاءِ موڪليو ويو ته عمري جو ديني فرض بجا آڻي، ثواب دارين حاصل ڪري! ( صدين جي جهونيءَ تاريخ ۾ هيءُ سچ پچ ته پهريون موقعو هوندو جڏهن ڪنهن شخص کي سندس پنهجي مرضيءَ کان سواءِ بلڪ ان جي بنهه برخلاف هوائي جهاز ۾ چاڙهي، حج تي موڪليو ويو هجي.) +جيڪڏهن هن موقعي تي جڏهن آئيني طور حقدار پريزيڊنٽ ملڪ کان ائين ٻاهر هو، نگريءَ بيماريءَ ۾ ورتل ايوب خان اتفاق سان مري پوي ها ۽ ”تخت“ خالي ڪيو وڃي ها، ته ملڪ جي ۽ ملڪ جي آئين جي ڪهڙي نئين صورتحال پيدا ٿي پوي ها—ان ۾ پنهنجي پنهنجي طور هرڪو اندازو لڳائي سگهي ٿو..... +اُن حالت ۾ شايد اُن هوائي جهاز ۾ ويٺل، زور اڳيان زاري ڪندڙ، حاجي سڳوري جي منزل اڃان اڳڀري مغرب طرف، ڪنهن ٻئي هنڌ هجي ها، بشرطيڪ اُن حالت ۾ پنهنجي آئيني جانشينيءَ جي فرض ادائيءَ لاءِ اڃا به هو پوئتي موٽڻ جو ارادو يا ڪو خيال ڏيکاري ها. +بهرحال هن واقعي مان سڀني پاڪستانين هيءُ سبق ورتو ته کين خاطري ٿي ويئي ته ايوب اُنهي اقدام سان جمهوريت لاءِ ڪا پنهنجي پيشه ورانه بيزاري ۽ بڇان ٿي ڏيکاري، ۽ هو پاڻ يعني پاڪستان جو جمهور پنهنجي سر ان سلسلي ۾ ڪجهه ، به ڪرڻ کان لاچار هو. +آخر ڪار، جڏهن وڏي مخالفت جي طوفان کانپوءِ ايوب کي تخت تان لهڻو پيو، تڏهن به هن ويندي ويندي جمهوريت لاءِ پنهنجي حقارت جو اظهار ائين ڪيو، جو رياست جو اقتدار ماڻهن جي چونڊيل عيوضيءَ يعني اسيمبليءَ جي پريزيڊنٽ جي هٿ ۾ ڏيڻ بدران ٻئي هڪ پاڻ جهڙي عملدار جي حوالي ڪندو ويو، جيڪو هُن وانگر مارشل لا جي رٿ تي سوار ٿي، اقتدار جي تخت تي اچي براجمان ٿيو. +جڏهن يحيٰ خان جو به، ملڪ جي ڀڄي ٻه اڌ ٿيڻ کان پوءِ صدارتي ڪرسيءَ کي ڇڏڻ جو وقت آيو، تڏهن هن کي واقعي مجبور ٿي، اقتدار باقي رهيل پاڪستان جي هڪ عوام جي چونڊيل عيوضيءَ کي ڏيڻو پيو. +۽ پوءِ سڄي ملڪ جي جمهوريت دوست حلقن اُن شخص کي پنهنجي اجهل اميدن جو مرڪز بڻايو ته هو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ ۽ استحڪام جي ڪم کي اُن نقطي کان هٿ ۾ کڻندو، جتي پاڪستان جي بانيءَ اُن کي ڇڏيو هو. پر مسٽر ڀٽي، ترت ئي، بلوچستان ۽ سرحد جي مقبول عام صوبائي، حڪومتن کي زوري ءَ ختم ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن کي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه سان ڪو وير هو ته اُهو جمهوريت سان هو. +سو، جيڪڏهن ”ماڻهو رڳو مانيءَ لاءِ ڪونه ٿو جيئي“ ۽ جيڪڏهن ”آبرومندي ۽ عزت ئي سڄيءَ اسان جي ڳالهه جا موضوع آهن“، ته پوءِ اسين ڏسي ٿا سگهون ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ هي سمورا سال اهڙو ڪو ڪارنامو نظر ڪونه ٿو اچي، جنهن تي بجا طور ڪو ناز يا فخر ڪري سگهجي. +جيڪڏهن هڪڙي شخص جمهوريت کي ماريو، ته ٻيو ان کي قبرستان کڻي ويو، ٽئين اُن جي قبر کوٽي، چوٿين اُن کي دفن ڪيو، ۽ پنجين اُن تي بيهي ختمو پڙهيو. +هن سڄي ڊگهي کيل ۾ اوهين ۽ ٻيا اڪثر پاڪستاني محسوس ڪندا رهيا ته اسان سان ڪيل واعدا، اسان جون اميدون ۽ اسان جا اوچا خيال- ته اسين جمهوري نظام حڪومت ۽ جمهوري نظام زندگيءَ ۾ رهنداسون- سي سڀ ڪيڏانهن ويا؟ ۽ ڏسندي ڏسندي، شهريت جي دنيا ۾ اسان جي حيثيت اُها وڃي رهي، جو ”نه اُٺ رهياسون نه پکي“، ۽ رڳو پڇندا ئي رهيا سين؛ ” ڇا، اسان جو سودو هيءُ هو؟ “ ۽ ان جو جواب پڙاڏو بڻجي، سو ئي اسان جي ڪنن تي پوندو رهيو- ” ڇا، اسان جو سودو هيءُ هو!“ +اوهين پاڻ ئي ڏسو، ڌيان سان، سنجيدگيءَ سان، ذاتي جذبات کي ڇڏي، انصافي انصاف سان، ته ڪهڙي هيءَ سڄي اسان جي پاڪستان جي تاريخ رهي آهي! +ڇا؟ اِها رڳو زنجيرن تي زنجيرن جي ڪهاڻي ڪانهي! زنجيرن تي زنجير ۽ اُنهن زنجيرن تي ٻيا زنجير؟ ڪو آئين اڃا پاس ئي مسو ٿيو آهي، آئين اڃا موجود ئي آهي، خود اسيمبليءَ اُها ئي هلي رهي آهي، ته آرڊيننس تي آرڊِيننس آهن، جي سدائين ڳڙن جي مينهن وانگر وسي رهيا آهن. +جيڪڏهن ملڪ تي حڪمراني آرڊيننسن وسيلي ٿيڻي هئي، ته آئين جي ڪهڙي ضرورت هئي، اسيمبليءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ ايوان بالا ۽ ايوان زيرين، ميمبرن، سينيٽرن ۽ جمهوريت جي هيڏي ٻئي ساز سامان ۽ چک مک جي ڪهڙي ضرورت هئي- سواءِ هن جي ته جمهوريت کي جهان جي هڪ ڪُڪرمي، وڻواند ۽ لوٺي رن ڪري پيش ڪرڻو هو، ته جيئن ماڻهو اُن تي کلن ۽ اُن سان نفرت ڪن! +۽ هِنن آرڊيننسن جو معجزو وري هي آهي ته اُهي سدا حيات آهن- حالانڪ جمهوريت ۾ ( سا به لاچاريءَ جي حالتن ۾ ) اُنهن جي زندگيءَ جي مدت فقط ڇهه مهينا هوندي آهي! هتي جيسين ڪا موجود حڪومت آرڊيننس پاس ڪندي رهندي، تيسين اُن جي جانشينيءَ جي دعويدار حڪومت ( نام نهاد مخالف ڌر) مون سان، اوهان سان، واعدن تي واعدا ڪندي رهندي ته اقتدار سنڀاليندي ئي پهريون ڪم جيڪو هوءَ ڪندي، سو اُنهن ”نفرت انگيز آرڊيننسن“ کي رد ڪرڻ هوندو! +۽ اقتدار جون واڳون وٺندي ئي، اُهي ساڳيا ” نفرت انگيز“ آرڊيننس اُن آرڊيننس دشمن حڪومت لاءِ پورا پورا مقوي ۽ روح کي راحت ڏيندڙ لقما بڻجي ويندا، ۽ اُهي ڪٿي ٿورا ثابت نه ٿي پون ۽ پاڻ کي هيڪلو محسوس نه ڪن، ٻه چار وڌيڪ ۽ پوءِ انهن کان وڌيڪ، ۽ اڃا انهن کان وڌيڪ پاس ٿيندا رهندا ۽ اڳين آرڊيننسن سان گڏجي موج ڪرڻ لاءِ اُنهن سان رلائي ڇڏبا ته جيئن ڌڻ وڌندو رهي. +هيستائين ته ڪو به آرڊيننس رد ڪونه ٿيو آهي- جنهن مان ثاب�� ٿيندو پئي آيو آهي ته هر ڪا جانشين حڪومت پنهنجي پيشرو حڪومت جي هر آرڊيننس سان نه رڳو متفق پر ان جي ولديت ۾ به پاڻ کي حصيدار پئي رکيو آهي. +هن نسل بنسل شجرائي سلسلي جي مثال طور، هڪ سڀ کان بدترين آرڊيننس يعني پريس آرڊيننس، کي پيش ڪري سگهجي ٿو، جنهن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر ٿيندي ته محڪوم خلق حاڪمن جي نفرت ۽ خوف جو ڪيتري قدر نه دائمي نشانو رهي، ۽ انهن جي هٿان ڪيئن نه ان کي زنجيرن تي زنجير پهرايا وڃن ٿا. +جيڪڏهن ”مڃو نه مڃو“ ڪتابي سلسلي جي مصنف، مسٽر رپلي، کي اُن جي خبر پوي، ته ضرور اسان جي پريس آرڊيننس کي پنهنجي ان سلسلي ۾ شامل ڪري ڇڏيندو، جنهن جو اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙو هڪڙو قلم هيءُ به آهي ته پريس جو مالڪ ڪجهه ڇاپي، ان جي سزا ۾ اُن جو جلد بند به جيل ۾ وڃي سگهي ٿو! +زنجيرن تي زنجير- افسوس اِها انهن ماڻهن جي اڄ تقدير بڻيل آهي، جي آزاديءَ لاءِ وڙهيا، جن آزادي کٽي، ۽ کٽڻ سان ئي اُها وڃا ئي ويهي رهيا. +يهوداه Judas صليب تي ڪيئن چڙهيو؟ +”پر اُهو تنهنجو مسيح ڪٿي آهي؟“ +”مون کي ڪهڙي خبر؟ مون ته اُهو اوهان کي ڏيکاريو. منهنجو ڪم اُتي پورو ٿيو.“ +”هائو، تو هن کي ڳل تي چمي ڏيئي اسان کي ڏيکاريو ته هو اُهو آهي. پر ائين ڪندي، تو هن جي ڪن ۾ ضرور اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي آهي! نه ته هو ائين ڪيئن گم ٿي وڃي ها! هاڻ هو اسان کي ڳولي به تون ڏي--.“ +”پر، اِهو ڪو قانون ڪونهي. پنهنجي شيءَ قابو ڪريو، ڏوهه ڪنهن کي نه ڏيو! مون اوهان کي اُهو ڏيکاريو، منهنجو سؤدو اوهان سان پورو ٿيو. هاڻي، هو جو گم ٿي ويو آهي، ته اُن ۾ منهنجو ڇا؟ منهنجي سؤدي پوري ٿيڻ کانپوءِ هو گم ٿيو آهي—اُن کان اڳ نه .“ +”اِها ئي ته تنهنجي چالاڪي آهي! ۽ هو گم به ته اِئين ٿيو آهي! تو اسان کان گينيون ورتيون ته پنهنجي گودڙي پوشن ۾ تون اسان کي هو ڏيکاريندين. پيسن وٺڻ کان پوءِ تو هڪڙي ڪنهن گودڙي پوش کي وڃي چمي ڏني ته اُهو مسيح هو، جنهن جي اسان کي ڳولا هئي. پوءِ اسان اُهو ماڻهو جهليو، جيڪو تو چيو ته مسيح آهي، ۽ هن تي ڪيس هلائي، فتوا ڏيارائي، نيئي هن کي بند ڪيوسين. ۽ هاڻي ڇاهي؟ ڏس! لاڪ اَپ خالي پيو آهي! ۽ اسان جي رومن سپاهين کي اُتي هو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. مسيح اتان گم ٿي ويو! هاڻ، اسان کي ٻڌاءِ ته هو ڪيڏانهن ويو؟ تو هن کي چمي ڏيندي، ۽ اسان کي ڏيکاريندي، هن سان ڪن ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، اُها ڪهڙي ڳالهه هئي؟ اُها اسان کي ٻڌاءِ، ۽ پنهنجو رستو وٺ!“ +” مون هن جي ڳل کي چمندي، هن سان ڪابه ڳالهه ڪانه ڪئي!“ +”اِها آکاڻي ٻارن کي ٻڌاءِ! اِها اُنهن کي وڻندي ۽ چوندئي ته ٻيون به اهڙيون ٻڌاءِ! هاڻ، سر جو خير گهرين ته ڏوهه مڃ!“ +” مان اوهان کي ٻڌائي به ڇا ٿو سگهان؟ مون کي ڪا خبر ڪانهي. هو جي گم ٿي ويو آهي ته مان اُن لاءِ ڪيئن ذميوار ٿيس؟“ +رڳو اوهين ٻه ئي نه آهيو، جيڪي اسان سان اهڙي چالاڪي ٿا ڪريو. اوهان کان اڳ گهڻن ئي اسان سان اهڙيون چالاڪيون ڪيون آهن. پر اجايون. تون به هِن سڄيءَ چالاڪيءَ ۾ هن جو جوڙيوال آهين! تو کي خبر ڪانه هئي ته مسيح غيبي ماڻهو هو؟ تنهنجي مراد ئي هئي اسان مان پئسا ڪڍڻ، اُهي پوءِ اوهان سڀني پاڻ ۾ ورهائي کنيا! اسان کي سڄي خبر آهي ۽ تو کي به اجها ٿي خبر پوي! هو هتي هن لاڪ اپ ۾ هو. تون پاڻ ڏس، لاڪ اپ خالي آهي ۽ هو هتان گم ٿي ويو! چڱو، هاڻ، تون ئي اِتي وڃي ويهه! هل، ٿيءُ اندر! ڪجهه تو کي به خبر پوي ته لاڪ اپ ڇا آهي...... هاڻي ٻڌاءِ، ڪن ۾ هن کي تو ڇا چيو؟ ڪيڏانهن ڀڄائي ڇڏيئيس؟ نه ته رڳو پوءِ تو کي ئي ڇڪي ٿا اُتي هلون جتي سيزر جي نائب، پلاٽس، ج�� حڪم تي هن کي وٺي ٿي وياسون.“ +” ڇا، صليب تي! مون کي ! او وو..... مسيح، مسيح، مسيح، تون ڪيڏانهن هليو وئين؟ ڪٿي گم ٿي وئين! ڪيئن گم ٿي وئين! هتي مون کي کڻي جهليو اٿن! اڄ تنهنجي بدران اُڃ ۾، بک ۾، مان پيو مران! او مسيح، تون ڪٿي آهين؟ صليب تي ٽنگڻ لاءِ مون کي ٿا وٺيو وڃن! هو اچن پيا...... اچن پيا! هنن جي پيرن جا کڙڪا پيو ٻڌان. او مسيح! مان ته هاڻي چريو ٿي پوندس!“ +” پهرين تون اسان کي ٻڌاءِ مسيح ڪٿي آهي؟ پوءِ ڀلي چريو ٿيءُ! هاڻي وري هيءَ ٻي ٿو اسان سان چالاڪي ڪرين! پر وڌيڪ تنهن جي چالاڪي اسان وٽ ڪانه هلندي. ٻڌاءِ اسان کي، مسيح ڪٿي آهي؟ نه ته کڻ اِها صليب،جيڪا هن ٿي کنئين، ٿيءَ اڳيان ! هو ته ڀڄي ويو، پر تون اسان کان ڪونه ڀڄندين. اِهي چپن ۾ ڀڻڪاٽ ڪرڻ ڇڏي ڏي. وڌيڪ رڙيون نه ڪر. اِهي ٺڳيءَ جا ٺاهه هاڻي ڪم نه ايندئي.“ +” پر، جي هو لاڪ اَپ مان نڪري، ماڻهن جي دلين ۾ گم ٿيو آهي،۽ اُتي وڃي ويٺوآهي، ته اُن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! آءُ ڇو صليب تي چڙهان؟ سيزر جو ته هو دشمن هو! آءُ ته ڪونه آهيان.“ +”هان ن ن..... سيزر جي دشمن کي ڀڄايئي، ۽ تون سيزر جو دشمن ناهين! ڀلا ٿَئي چالاڪ! صليب تي ڀلا ڪنهن کي چاڙهيون؟ صليب کي ته خالي رهڻو ڪونهي. هو نه، ته تون! ڪنهن کي ته صليب تي ضرور چڙهڻو آهي. مسيح کي نه ته يهوداه کي . سبب ڀل ٻيائي هجن. ڳالهه جي اِنهي وٽ ۾ صليب جو ڇا؟ سوال آهي ته ڪير ٿو ڪنهن کي صليب تي چاڙهي! ۽ هاڻي وَرَ ۾ تون آهين......“ +جمهوريت به هڪ ذهنيت آهي +پَرَ هَترائيءَ (Sadism)۽ آتم هَترائيءَ (Masochism)وانگر لوڪ شاهي يا جمهوريت به هڪ ذهنيت آهي. جيڪو ماڻهو پر هترائيءَ جو شڪار هوندو آهي، اُهو ٻين (ماڻهن ‎) کي ايذاءُ ڏيندي ۽ چيچلائيندي خوشي محسوس ڪندو آهي. +ڪي نفسيات جا ماهر چون ٿا ته ڪي ڇوڪرا، جو ڏسبو آهي ته گهرن ۾ ۽ گهٽين ۾ ڪتن ۽ ٻلين کي پسرائيندا ۽ ايذائيندا رهندا آهن، اُنهن ۾ اُهي اُنهيءَ پرهترائيءَ جا نشان هوندا آهن، ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن هڪٻين کي به اُنهيءَ پرهترائيءَ جي اثر هيٺ ئي ستائيندا ۽ چيچلائيندا آهن. +جڏهن اُنهن مان ڪو هڪڙو اُن ۾ حد لنگهي ويندو آهي، ته اُن کي بُلي (Bully) يا دڙٻاٽي چوندا آهن، ۽ جيڪڏهن اُهو وقت اندر سڌري نه سگهيو، ته وڏو هڪ خطرو بنجي پوندو آهي. +۽ جيڪڏهن حالتون هُن لاءِ وڌيڪ ساز گار هونديون ته هو تاريخ جو وڏو قهار بڻجي سگهي ٿو ۽ وقتي اُن جو رخ به بدلائي سگهي ٿو. +جڏهن تيمور کي چيو ويو ته پنهنجي فتوحات ۾ هن گهٽ ۾ گهٽ پنجٽيهه لک مسلمان ماريا هئا، ته هن کي ايترو ارمان ٿيو، جو پڇتاءُ ڪندي هن قسم کنيو ته هاڻي هو پنجٽيهه لک ڪافرن کي ماريندو! ۽ هن پوءِ فورن چين تي حملي جون تياريون ڪيون، پر جلد ئي پاڻ مري پيو. +ساڳيءَ طرح چنگيز کي پنهنجي حملن ۾ بستين، ڳوٺن، شهرن ۽ سڀيتائن کي نابود ڪندي، بيحد خوشي ٿيندي هئي، ۽ مسلم تهذيب جو جيڪو هن حال بڻايو هو، سو پنهنجي دائميت جي خيال کان ڏاڍو هڪ هولناڪ نقصان هو. +تاريخ نويس ٻڌائين ٿا ته بغداد جي گهٽين جون ڪسيون عالمن ۽ فاضلن، اديبن ۽ سائنسدانن، ۽ ٻين اهڙن تهذيب جي خادم شخصن جي رت سان ڀرجي پئي وهيون. +جڏهن چنگيز خان جو هڪڙو پٽ هڪڙي شهر کي گهيرو ڪندي مارجي ويو، ته هو غصي ۾ اهڙو ته تپي باهه ٿي ويو، جو ڪنهن هڪڙي کير پياڪ ٻار کي به هن اُتي جيئرو نه ڇڏيو، ۽ شهر کي ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيائين- ڄڻ ته شهر جي بچاءَ ڪندڙ ماڻهن هن جي پٽ جو ناحق خون ڪيو هو، ۽ اُنهن کي پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي ٻارن جي بچاءُ ڪرڻ جو ڪو حق ئي ڪونه هو! +ساڳيءَ طرح، جڏهن نيپولين جنگ جي ميدا�� ۾ پنهنجي صغير ٻالڪ جي مورت ڏٺي، جيڪا سندس ڏسڻ لاءِ ٻار جي ماءُ ڏانهس موڪلي هئي، تڏهن هُن جا ڳوڙها ٽمي پيا ۽ دانهن ڪري چيائين ته ”کڻي وڃو هِن کي هِتان! ههڙيءَ ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ هِن لاءِ جنگ جي ميدان کي هيئن ڏسڻ ٺيڪ ناهي.“ ( ڄڻ اُها مُورت مُورت نه هئي، پر سندس جيئرو جاڳندو ٻار پاڻ هو.) +سڀني پَرَ هَترَو ماڻهن جي اِها روش هوندي آهي. جڏهن اُهي ٻين کي ڏکوئيندا ۽ ايذاءُ ڏيندا آهن، ۽ انهن کي موت ۽ برباديءَ جو نشانو بڻائيندا آهن، تڏهن هنن جي اندر ۾ ڪو به انساني احساس موجود ڪونه هوندو آهي. +پر جڏهن خود مٿن ٿوري به ڪا تڪليف يا کين ٿورو به ڪو ايذاءُ ايندو آهي، تڌهن هو- بادشاهه هجن يا حجام هجن- پر ائين سمجهندا آهن ڄڻ ڪو سڄو آسمان مٿن ڪري پيو آهي. +هڪڙي ڪنهن پر هترو حجام تي هڪڙي ڪنهن بادشاهه جو ڏاڍو اعتبار ۽ اعتماد ويهي ويو. +جڏهن به بادشاهه هن کان پنهنجي ملڪ جي صورتحال بابت پڇندو هو، جيڪا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي ويئي، ته حجام ڏاڍيءَ چترائي سان بادشاهه کي چوندو هو ته ”سڀڪجهه ٺيڪ آهي، حضور!“ +”پر منهنجا وزير ته شڪايت ٿا ڪن ته حالتون ٺيڪ نه آهن؟“ بادشاهه چوندو هو. +”حضوراعليٰ، حضور جا وزير حضور کي خوامخواهه پريشان ٿا ڪن. ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهن، ماڻهو آرام ۾ آهن ۽ خوش آهن، ۽ حضور کي ڏينهن رات دعائون پيا ڪن ۽ حضور جي طاقت ۽ حشمت جي خوف کان حضور جي دشمنن جي ننڊ حرام آهي، ۽ حضور جي جاهه ۽ جلال جي رعب تاب ۾ هو ڏڪي رهيا آهن.“ +هيءُ ٻڌي، بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ۽ اُن پرهترو ڪُوڙي کي هَوَ سون جِي انعام ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو، جيڪا هو ڏاڍي ڌيان سان پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويندو هو، تان جو گڏ ٿيندي ٿيندي، هن وٽ ڪڪڙ جي آني جيترو سون گڏ ٿي ويو- ۽ هو اُن سون جي آني جي هر رات، لوڪ سُتي، اُٿي، پوڄا ڪندو هو. +”ملڪ تباهيءَ جي کڙهه تي پهچي ويو آهي، ۽ بادشاهه سلامت هن پرهترو حجام تي ڀاڙيو ويٺو آهي ۽ ٻڌي ٿو ته به رڳو هن کي- مهرباني ڪري ڪا اسان کي واٽ ڏيکار ته ڇا ڪرڻ کپي؟“ ڪن وطن دوست ماڻهن هڪڙي ڏاهي پيرسن وزير سان صلاح ڪئي، جيڪو پاسو ڏيئي پري ٿي وڃي ويهي رهيو هو. +”هڪڙي ڪنهن هاتڪ چور کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو!“ ڏاهي شخص انهن کي چيو. ۽ پوءِ جڏهن هاتڪ چور هن وٽ آيو، تڏهن پاسيرو ويهاري، هن جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏنائين-”انهي پرهترو حجام جو اِهو سونو آنو ڪٿي ’هڪ –ٻه – ٽي‘ ڪري ڇڏ!“ ۽ اُن رات جيئن ئي پرهترو حجام ڏٺو ته سونو آنو، جنهن ۾ سندس ساهه هو، وٽس ڪونه هو، ته هو ڇتو ٿي پيو، ۽ سڄي جو سڄو پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري آيو، ۽ وٺي بادشاهه سلامت جي خوابگاهه ڏانهن ڊوڙ پاتائين، ۽ اتي بيهي رڙيون ڪرڻ لڳو: ”حضور، حضور، دشمن دروازي تي پهچي ويو! ماڻهو بک ۾ پاهه پيا ٿين! ملڪ کي وبا وچڙي ويئي آهي! ننڍو وڏو، زالين مردين، هر ڪو تو کي پيو پِٽي!“ +”اڙي، پر اڄ صبح جو ئي ته مون کي تو پڪ ڏني هئي ته سڀڪجهه ٺيڪ آهي!“ بادشاهه سلامت حيرت ۾ پئجي ۽ خوف ۾ بتال ٿي، هن کي چيو. ”سڀڪجهه ٺيڪ هو، حضور، سڀڪجهه ٺيڪ هو- منهنجو سونو آنو مون وٽ موجود هو. پر بنهه هاڻي مون ڏٺو ته اهو مون وٽ ڪونهي......“ پر هترو حجام ڳالهه جو اِتو ڪڍيو- بلڪل ڪنهن تکي تکي هيٺ تري ڏانهن وڌندڙ ملڪ جي ڪنهن سياڻي سڻوپري عملدار وانگر، ڇو ته ”حاشا و ڪَلا“ سڀڪجهه ٺيڪ هو- اوستائين جيستائين سندس پنهنجو ”سونو آنو“ سلامت هو، پر اُن کان هڪ منٽ به پوءِ نه. +ساڳيءَ طرح آتم هَترائي (Masochism) به هڪ ذهنيت آهي- پاڻ کي ايذائڻ جي ۽ ان مان لطف وٺڻ ۽ مزي ماڻڻ جي. اڪثر زالن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي فطرتاً آتم هترو هونديون آهن. اُنهن جي اهڙن سَوَن مثالن مان هڪڙي مثال طور هيءَ ڳالهه اوهان جي به ٻڌل هوندي ته هڪڙي مهاراڻي صاحبه هوندي هئي، جيڪا پنهنجي صلح پسند ۽ نرم دل بادشاهه سلامت جي شريفاڻيءَ روش ۽ عزت ڀريءَ هلت جو قدر ڪونه سڃاڻيندي هئي. هن جو خاوند حيران هوندو هو ته ائين ڇو هو، ۽ ڳالهه جي ”ڇا ۽ ڇو“ کي سمجهڻ لاءِ هن نيٺ هڪ ڏاهي پيرسن کان صلاح وٺڻ جو فيصلو ڪيو. +پوءِ اُن ڏاهي پير مرد جي صلاح مطابق ۽ هن سان گڏجي، بادشاهه سلامت چمڙا پوش ڪري پنهنجي محلات جي ٻاهران ڀت جي اوٽ ۾ رات جو ويهي رهيو، ۽ هُن جي حيرت جي حد ڪانه رهي، جڏهن دير دير سان، لوڪ ستي، هن ڏٺو ته هن جي راڻي صاحبه، ڳوٺاڻيءَ ڪنهن عورت جو ويس پائي، مٿي تي ڪُٽيءَ جو تباخ رکي، محل جي هڪڙي چور دروازي مان نڪري، پير پير ۾ ڏيندي، ٻاهر ڏٽي مُٽي هڪڙي ڪاري ڪلوٽي شيديءَ جي بُهري ۾ گهڙي وئي، جنهن نه ڪئي هم نه تم، کڻندي ڊگهو چم جو هڪ چهبڪ بيهي راڻي صاحبه کي سٽڻ لڳو ۽ هڻي هن جي پَٽ جهڙيءَ نرم ۽ نازڪ پُٺيءَ تي ٻَنا ڪري ڇڏيائين- ڇو ته هن کي وٽس ايندي ايندي ڪجهه دير ٿي ويئي هئي يا ڪو ٻيو سبب هو جنهن تان هو مٿس ناراض هو! +بادشاهه سلامت تي وڌيڪ دهشت تڏهن طاري ٿي، جڏهن چهبڪ جي هر سٽڪي تي مهاراڻي صاحبه جي ڪومل چپن مان هُن اهڙا ڪُڻڪار نڪرندي ٻڌا جهڙي پُٺن تي ٿڌڙن نڪرندي ماڻهوءَ جي منهن مان نڪرندا آهن. +”بادشاهه سلامت،“ ڏاهي پير مرد بادشاهه سلامت جي ڪن تي منهن رکي چيو.،”حضور جن پاڻ ڏسي سگهن ٿا ته راڻي صاحبه آتم هترو آهي، ۽ حضور جن، جو راڻي صاحبه جي بت تان پَٽ جي تاندورن سان هوا کي هڪلي پيا پري ڪندا هئا، سو اُن مان ته راڻي صاحبه جي بت جا آڪُڙ پاڻ چڙهندا پيا هئا ۽ راڻي صاحبه بجاءِ خوش ٿيڻ جي، حضور مان وڌيڪ بيزار پيئي ٿيندي هئي! راڻي صاحبه لاءِ سُرور ۽ راحت ته ان ۾ آهي، جيڪي بادشاهه سلامت اڄ پاڻ اکين ڏٺو!“ +پر هِن سلسلي جي حقيقت هيءَ به آهي ته عام طرح ۽ گهڻي قدر پرهترو خود آتم هترو به ٿئي ٿو، ۽ آتم هترو خود پرهترو به. تاريخ جي ڪتابن ۾ سدا ياد رهندڙ رومن جنرل ۽ شهنشاهه جوليس سيزر لاءِ بيان ٿيل آهي ته هو ” هر مڙس جي زال“ به هو ته ”هر زال جو مڙس “ به هو. اِها هُن جي شهرت هن جي جيئري ئي عام اُٿيل هئي، ۽ کيس اِن جي خبر به هئي، ۽ اُن جي هُن کي پرواهه به ڪانه هئي. +اِهو ئي هن لاءِ ڪافي هو ته هن رومن شهنشاهت جي سرحدن ۾ توسيح ڪئي هئي، ۽ اُن ۾ هن جرمنيءَ ۽ فرانس جهڙا ملڪ به شامل ڪيا هئا، ۽ هن جي نالي جي هر ڪنهن جي دل تي ڌاڪ ويٺل هئي، سواءِ ڪليوپئٽرا جي، جنهن کي، معلوم ائين ٿو ٿئي، اهڙين هستين کي آڱر جي اشاري سان اٿارڻ ويهارڻ جو پورو علم هو بلڪ اُن لاءِ هن وٽ فن ۽ مصلحت جي بي مثل مهارت موجود هئي. +هر زماني جي ۽ هر ملڪ جي پرهترو- آتم هترو حاڪمن ۽ عملدارن لاءِ چيو ويو آهي ته ”جيڪو بادشاهه سلامت جي پير جو ٿڏو شاهي حاجب کي صبح جو لڳندو، اُهو هڪڙي کان ٻئي کي ۽ ٻئي کان ٽئين کي ٿيندي ٿيندي، شام تائين وڃي اصطبل جي گاهيءَ کي پٺيان ٺڪاءُ ٿيندو“- بذريعي ” سلسله هاي واجبه“ (اِن اصطلاح جي معني جيڪا به هجي يا نه هجي، اُن معنيٰ جي عين مطابقت سان) +”پاڻ کان هيٺئين کي لت ۽ پاڻ کان مٿيئن جي چُم چٽ“- نظامت جي سنجٽ ۾ ڪاميابيءَ جو گُر اهو آهي: هي ڳالهه اهڙي هڪڙي پرهترڪ – آتم هترڪ ڪاريگريءَ جي ماهر جي بيان ڪيل آهي، جيڪو پنهنجي پڌرن اوصافن ۽ سڻڀي ۽ چلڪيدار حُليي مان ظاهر هو ته اُن گُر جو ئي مفاديل ۽ ��وازيل هو. +هاڻي، هن پرهترڪ، آتم هترڪ ذهنيت جي سڀ کان وڌ عجيب غريب ڳالهه هيءَ آهي ته نه رڳو فرد ۽ رُڳو خود- مفادي گروهن جا ڪي ٿورا ماڻهو، پر سڄي جون سڄيون قومون هن پرهترائيءَ – واڌو – آتم هترائيءَ جي مرض جون شڪار ٿي سگهن ٿيون. +هن برصغير ۾ هڪڙيءَ رياست جو هڪڙو راجا هوندو هو، جنهنجو محبوب مشغلو هيءَ هوندو هو ته هو پنهنجي ماڻهن کي بکيو، اُڃيو، ڏکيو ۽ ذلت ۽ خواريءَ ۾ مبتلا رکي، اُنهن جي اُن اذيتناڪيءَ مان بيحد مسرور ۽ محظوظ ٿيندو هو. هو پنهنجي ٽئڪس ڀريندڙ رعايا مان ڪن کي جهلي، هڪڙيءَ اونهيءَ کڏ ۾ اُنهن مٿان لٽڪارائيندو هو، جنهن ۾ هيٺ ڏينهن جا بکايل چيتا ويٺا هوندا هئا، جيڪي ائين پنهنجي شڪار کي مٿان لٽڪندو ڏسي، اُنهن کي ڇِني پٽي کائڻ لاءِ و‎‎‎ٺي انهن تي مٿي ڇال ڏيندا هئا. +ان دور جي مشهور اخبار ”رياست“ جي ايڊيٽر پنهنجي اخبار جي صفحن ۾ تفصيل سان ۽ مسٽر ڪي- ايل- گابا، پنهنجي انگريزي ڪتاب ”هز هائينس آرپئٿالاجي آف پرنسز“ ( ”اعليٰ حضرت عرف شهزادن جي علت“) ۾ نموني طور، هندستان جي اهڙن 1947ع کان اڳ جي اعليٰ حضرتن يعني تڏهوڪن ڏيهي رياستن جي راجائن مهاراجائن جي اهڙن پرهترڪ طبعي لاڙن جو ڏاڍن دل لوڏيندڙ لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. +۽ اُهي ئي ساڳيا اعليٰ حضرت، اُنهن ئي ساڳين ڏينهن ۾، اُتي اُن ئي ساڳئي هندستان ۾، پنهنجي انگريز آقا جي هڪ معمولي عملدار جي رڳو اک جي اشاري تي، جيڪو ”ريزيڊنٽ ايجنٽ“ جي لقب سان سندن ڪنڌ تي سوار ٿيو ويٺو هوندو هو، پاڻ کي ذلت جي اونهي کان اونهي تهه تائين ڪيرائڻ کان به ڪين روڪيندا هئا، بلڪ ائين ڪرڻ ۾ هو پنهنجو فخر ۽ شان سمجهندا هئا- ۽ اِئين پنهنجي آقا طرفان وٽن ويهاريل اُن دڙٻاٽي چاڪر جي پيرن کي چمڻ لاءِ هر دم تيار هجڻ جي ثبوت طور، هو پاڻ کي ”فرزند سلطنت انگليسيه“ سڏائيندا هئا ۽ اُن پنهنجي سعادت- فرزندگيءُ تي کين وڏو ناز هوندو هو. + + +هڪ ڀيري جڏهن اهڙي هڪڙي انگريزن جي ريزيڊنٽ ايجنٽ هڪڙي اهڙي راجا ( يا مهاراجا؟) کي چيو ته ”مائي باپ انگريز بهادر جي سرڪار عاليه تو کان جيڪڏهن پنهنجي رياست واپس وٺي ته پوءِ ......؟“ تڏهن، لازمي آداب بجا آڻيندي، اُن جو جواب ڏنو ته ”نه، اوهين ائين نٿا ڪري سگهو!“ +”ڇو نٿا ڪري سگهون؟“ ريزيڊنٽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيو. +”ڇاڪاڻ ته منهنجي رياست اوهان مون کي خيرات طور ڏني آهي. ماڻهو پنهنجي خيرات ڪنهن کان واپس ٿورو ئي وٺندا آهن!، اِهو هو ذليل جواب پنهنجي آڏو گوڏن ڀر ڪريل رعيت جي اُن مغرور راجا جو. +”هر دڙٻاٽي ڪانئر هوندو آهي“- اِن حقيقت جو پورو پورو عملي مثال، سچ پچ ته، 1857ع کان 1947ع تائين برصغير جي اهڙن اڪثر اعليٰ حضرتن جي نوي سالن جي حڪمرانيءَ دوران، قدم قدم تي، دنيا جي آڏو ظاهر ٿيندو رهندو هو. +۽ پوءِ جڏهن جمهوريت جو اجهل طوفان اُٿيو ۽ قومي آزاديءَ جو اٽل سيلاب اڳتي وڌيو، تڏهن هِنن پر هترو- آتم هترو دڙٻاٽي ڪانئرن جون قطارون پٺيان قطارون سندن سامراجي آقائن جي فصيلن سميت، واريءَ جي ڀتين وانگر ڀور ڀور ٿِي ۽ ڪکن پنن اونگر اُڏامي، تاريخ جي پولار ۾ ائين گم ٿي ويون ڄڻ اُنهن جو وجود هئڻ لاءِ هِتي ڪڏهن هوئي ڪونه. +ههڙي پرهترائي- واڌو آتم هترائي، ههڙو دڙٻاٽي ڪانئرپڻو. رڳو ڪو ”موروثي شهزادن“ تائين محدود ڪونهي، نه، هر گز نه. ڪنهن به طرح رڳي موروثي شهزادا ان علت يا لعنت جا موروثي ملامتي نه آهن. +ڪو به طاقت ۾ آيل صاحب جڏهن طاقت جي نشي ۾ اچي ٿو، ته اُهو نشو اُن ۾ چريائي بلڪ ڇتائي پيدا ڪري ٿو. ۽ چريائيءَ يا ڇتائيءَ ۾ ��اقي اُن جي ڪهڙي ڳالهه هوش واري يا وزنائتي رهي سگهندي؟- ڪڏهن رهي سگهندي، ۽ ڪيئن رهي سگهندي؟ +فقط ۽ فقط جمهوري ذهنيت ئي آهي، جيڪا پاڻ وٽ اهڙي هوش ۽ اهڙي وزن يا هڪ ڪرائيءَ جي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. +۽ ان جو، يعني جمهوري ذهنيت جو اثرائتو اظهار سياسي دائري ۾ ڪڏهن ممڪن ٿي ئي نٿو سگهي، جيڪڏهن پهريائين اُها شخصي ۽ سماجي دائري ۾ موجود نه آهي. +سڀ کان اول ۽ سڀ کان مٿي، جمهوريت هڪ ذهنيت آهي- من جي هڪ ڪيفيت، روح جو هڪ لاڙو- زندگيءَ جي روش ۽ زندگي ڏانهن نگاهه جو هڪ رخ يا هڪ نقطو- ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي دلي تمنا، هڪ اها تمنا ۽ دلي رضا، جيڪا ماڻهن جي اڪثريت زندگيءَ جي هڪ رستي يا طريقي طور پنهنجي لاءِ سهل ۽ مفيد سمجهي قبول ڪري ٿي. +جمهوري ذهنيت هڪ پختو منفي ارادو آهي پنهنجي خاص طرز زندگيءَ کي واحد طرز زندگي سمجهي ٻين جي مٿان عائد نه ڪرڻ جو. +اهو هڪ اڏول ۽ اٽل فيصلو آهي زندگيءَ جي راهه تي گڏجي هلندي، ٻين جي پيرن کي نه چيڀاٽڻ جو، ۽ نه ٻين کي پنهنجي پيرن چپڻ جي اجازت ڏيڻ جو- ڇا به هجي ۽ ڇا به ٿي پوي. +اُها پرهترائيءَ ۽ آتم هترائيءَ جي پوري وچ ۾ بيٺل، خودشناس ۽ خلق شناس، محڪم ۽ پروقار انفراديت آهي. +جيڪڏهن يورپ کي گذريل ٽن هزار سالن کان وٺي سياست جو هڪ ۽ فقط هڪ، تجريبگاهه سمجهي سگهجي، جتي سماج ۽ سياست جي هر صورت ۾ هر قسم جي آزمائش ٿي آهي- وحشي پڻي يا حيوانيت کان وٺي، بربريت، قبائليت، نراجيت، ملوڪيت، جاگيريت، خواصيت، اُمراگردي، شاهوڪارشاهي، ويندي انبوهه شاهيءَ تائين ( ڇو ته فرينچ انقلاب جي اوائلي ڏينهن ۾ ائين ئي هو)، ۽ فسطائيت-انهن سڀني صورتن جي جتي آزمائش عمل ۾ آئي آهي ۽ اُهي سڀئي ناڪام، غلط ۽ مدي خارج ثابت ٿي چڪيون آهن: اُتي ئي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي اُها صورت- جيڪا پڻ سڀيئي تسليم ڪن ٿا ته اڻپوري ۽ نامڪمل آهي ۽ اِنهيءَ ڪري وڌندڙ ۽ اُسرندڙ به آهي- جنهن کي جمهوريت ٿو چئجي، اُها ئي زندگي جي انفرادي توڙي اجتماعي گذاري جي اهڙي هڪ صورت آهي، جا ڏسجي ائين ٿو ته نه پرهترڪ آهي ۽ نه آتم هترڪ. +اُن ۾ هڪ نقص يا ٻه نقص نه آهن. +اُن ۾ گهڻا نقص آهن. +پر اُن ۾ اهڙا ته اندورني خود اصلاح جا طريقا موجود آهن، جيڪي اُن جي ساخت جا لازمي جزا يا عنصر آهن، جو چرچل جهڙو سخت گير ماڻهو، جيڪو، وس پڄندي، پنهنجي آخري عمر تائين، اُن جي ڌارا کي پنهنجي زوال پذير برطانوي شهنشاهيت کي سيراب ڪرڻ کان روڪيندو رهيو، تنهن جو قول آهي ته ”جمهوريت جي سڀني خرابين جوعلاج هڪ ئي آهي: وڌيڪ جمهوريت ، اڃا وڌيڪ جمهوريت.“ +جمهوريت جي اعليٰ خوبيءَ جو بيان اِن کان بهتر ڪنهن ڪيو ئي ڪونهي ۽ نه شايد ڪو ٿيندو. +جمهوري ذهنيت لاءِ عقيدت ۽ اُن جي انساني اعتماد جو اظهار اِن کان بهتر ٻيو ٿي نٿو سگهي. +جمهوريت جا ست جنم +لوڪ ڪٿا جي ٻليءَ وانگر جمهوريت جا ست جنم ٿين ٿا. شايد اُن کان به وڌيڪ. +اِهو سڀ انهيءَ ڪري جو، جيئن ابرهام لنڪن چيو آهي، جمهوريت ”ماڻهن لاءِ ، ماڻهن پاران، ماڻهن جي“ حڪومت آهي. +پر يوناني ڏند ڪٿائي سورمي’ايڪلس‘ وانگر، جنهن کي بت تي ڪٿي به سواءِ پير جي کڙيءَ جي، ڌڪ لڳندو هو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو هوس، جمهوريت جي به هڪڙي ڏکندڙ کڙي آهي. اُن ڏکندڙ کڙيءَ سڄيءَ دنيا ۾ جمهوريت کي وري وري پئي هيڻو ڪيو ۽ نقصان رسايو آهي. جمهوريت جي اُها ڏکندڙ کڙي- اُن جي اِها ئي ڪمزوري چئجي- هيءَ آهي ته فقط جمهوري طرز حڪومت جي سايي ۾ ئي غير جمهوري ماڻهو رهي سگهن ٿا- نه فقط رهي سگهن ٿا، پر وڌي ويجهي به سگهن ٿا. +ڪابه غير جمهوري حڪ��مت پنهنجي انڪار ڪندڙن يا مخالفن کي برداشت نه ڪندي آهي. هڪ ڀيري، ڪٿان جو ڪو فيلسوف هوندو هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته هُن کي جمهوريت کان چڙ هوندي هئي، اُن ڏانهن هڪڙي ڊيڄو، ڪم طاقت بادشاهه پنهنجو هڪڙو غلام موڪليو ته حڪومت جي ضابطي جو ڪو گُر هن کان پڇي اچي. فيلسوف ڇا ڪيو، جو غلام کي ساڻ ڪري، ترار هٿ ۾ کڻي، هڪڙي باغ ۾ ويو، ۽ اُتي گلن جي هڪڙي ٻاري مٿان بيهي، ترار جي هڪ ئي ڌڪ سان وڏا وڏا گل ڪپي ڇڏيائين، جيڪي خوش خوش، پنهنجون سهڻيون چوٽيون ٻين گلن کان مٿي کنيو، هوا ۾ لُڏي رهيا هئا_ ۽ پوءِ پنهنجي علم، ۽ دانش جي هوا ۾ ڦوڪجي، غلام کي ڇڙٻ ڏيندي، چيائين: ”وڃ، وڃي پنهنجي بادشاهه کي سلام چئو، ۽ جيڪي اکئين ڏٺئي سو وڃي هن کي ٻڌاءُ“ +بادشاهه کي ايترو ته عقل هو_ سو ڇا ڪيائين، جو جيڪي به ماڻهو سندس بادشاهيءَ ۾ پنهنجا سِر اوچا ڪيو يا ڪنڌ ڊگهيريو، ڪجهه اڳڀري ٿيڻ يا اڳيان اچڻ جي ڪوششش ڪري رهيا هئا، تن جا فورن ڪنڌ ڪپائي ڇڏيائين، ۽ اُن کان پوءِ هو مزي سان ۽ پوريءَ چپ چپات ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو. +مطلب ته ڪابه ڇڙواڳ حاڪميت، ڪو به ڏاڍ يا استبداد ۽ ڪابه آپيشاهي پنهنجن اندروني دشمنن کي برداشت نه ٿي ڪري. پر جمهوريت، ڇاڪاڻ ته آهي ئي رهائيءَ جي هڪ راهه ۽ آزادگيءَ جو هڪ سرشتو، ان جو اهو ايمان آهي ۽ اُن جي دل ۾ اها اُميد رهي ٿي ته سندس مخالف سندس نعمتن کي سڃاڻيندا ۽ انهن جو قدر ڪندا ۽ انهيءَ ڪري اُها هر حال ۾ کين موقعو ڏئي ٿي ته جيڪڏهن هو چاهين ته ڀلي کيس ”آزمائي پڪ ڪن، وڌيڪ آزمائين ۽ وڌيڪ پڪ ڪن!“ +جمهوريت جي معنيٰ ئي آهي تنهنجي، منهنجي ۽ سڀ جي آزادي، ذاتي آزادي ۽ گڏيل آزادي_ ڇاڪاڻ ته تون ۽ آءُ ۽ اسين سڀئي جڏهن لوڻ چپٽي به خريد ڪريون ٿا ته ٽئڪس ڏيون ٿا، ماچيس جي ڪا تيلي وٺون ٿا، چانورن جو ڪو داڻو، رڳي واريءَ جي ڪا مُٺ خريد ڪريون ٿا، ته اُن لاءِ به پنهنجي حصي جو ٽئڪس ڏيون ٿا. +اڳين ڏينهن ۾ اسين ٽئڪسون ”ڏيندا“ ڪونه هئاسون؛ پر بادشاهه، ظالم، فاتح ٻين ماڻهن جا ملڪ فتح ڪندا هئا، ۽ انهن کان زوريءَ زمينون کسيندا هئا، ۽ گذاري لاءِ اُنهن کي پنهنجين ئي اُنهن زمينن کي آباد ڪرڻُ تڏهن ڏيندا هئا، جڏهن اُنهن کان زوريءَ هو ٽئڪسون ”وٺندا“ بلڪ ”ڦريندا“ هئا_ ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه هو اسان کان ائين ”ڦريندا“ هئا ان جي عيوض ۾ هو پنهنجي طرفان اسان کي نه ڪائي سهوليت ڏيندا هئا، نه اسان جي ڪا ڀلائي ڪندا هئا. +هو جيڪڏهن پنهنجي دشمنن کان اسان جو بچاءَ به ڪندا هئا، ته اُهو به ائين هوندو هو ڄڻ هنن پنهنجي کير ڏيندڙ مال جو يا آنن لاهيندڙ ڪڪڙين جو ٻين جانورن کان بچاءُ ٿي ڪيو. هو اسان جو بچاءُ اسان جي خاطر ڪو نه ڪندا هئا، اُهو به هو پنهنجي خاطر، پنهنجي فائدي ۽ پنهنجي دٻدٻي خاطر ڪندا هئا، +اُن جي مقابلي ۾ ، جمهوريت ۾، اسين عام ماڻهو جيڪي پنهنجي پنهنجي منهن الڳ الڳ ڪمن ۾ رڌل رهون ٿا، تن جي گڏيل سهوليت ۽ فائدي لاءِ، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ اسان جي جمهوري حڪومت، شعوري طور ۽ رٿائتي نموني، وڏي پيماني تي ۽ ڏاڍن الجهيل جديد طريقن سان اسان جي واپاري جنسن جي ڏي وٺ، کڻڻ آڻڻ ۽ مٽاسٽا، صحت ۽ تعليم، امن امان ۽ صلح سلامتيءَ جا اِئين بندوبست رکي ٿي، ڄڻ هوءَ اسان جي زر خريد خادم آهي_ جيئن واقعي آهي به، ۽ اُن کي ائين هئڻ به گهرجي. +اِنهيءَ ڪري قائداعظم ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۾ 15 ڊسمبر 1947ع تي حڪومت جي عملدارن کي جيڪي ”پبلڪ سرونٽس“ (عام جا خادم) سڏجن ٿا ۽ سڏائين ٿا خطاب ڪندي سڌو سنئون ۽ ڏاڍن زوردار لفظن ۾ ياد ڏياريو هو ته ”اوهين خادم لوڪ آهيو، نه صاحب لوڪ!“ ۽ اِهو انهيءَ ڪري، جو هو پگهاردار هئا، ۽ جيڪي پگهار اُنهن کي مليا ٿي، سي عام (ماڻهن) جي ڪمائيءَ مان ۽ اُنهن جي کيسي مان مليا ٿي. +مطلب ته جمهوريت ۾ جتي پڪيءَ ملازمت ۾ بيٺل عملدار آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي سونپيل ڪم جا ماهر ليکجن ٿا ۽ جن کي هر هر تبديل نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته کين خاص تربيت مليل آهي ۽ سندن تجربي ۽ ڄاڻ سبب سماج کي سندن لاڳيتي ضرورت رهي ٿي، اتي عوام جا چونڊيل عيوضي به آهن، جيڪي جمهوري طرز حڪومت جا قانون ۽ دستور ٺاهين ٿا ۽ پڻ عوام پاران سندن پگهاردار ملازمن تي ضابطو رکن ٿا ۽ پاڻ ڪنهن سوچيل سمجهيل ۽ آزمايل اصول هيٺ وقفي وقفي کان پوءِ نئين سر چونڊجن ٿا ۽ بدلجن ٿا_ اُهي ملازم توڙي عيوضيءَ سڀ عوام جا خادم آهن ۽ هر گز هرگز عوام جا مالڪ، ڌڻي يا آقا نه آهن. +هن ڳالهه جو سڌو سنئون ۽ صاف مثال تڏهن ملي ٿو جڏهن اسين هڪ پاسي ملڪ برطانيه جي هڪ ڳوٺ جي حڪومتي نظام ۽ ٻئي پاسي پنهنجي بلڪ سڄي برصغير هند و پاڪ جي هڪ ڳوٺ جي طرز حڪومت جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪريون ٿا. +پاڪ هند جي ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻو راڄ يا ڳوٺاڻي حڪومت تقريباً موروثي_ واڌو_ جاتي يا قبائلي بنيادن تي هلندڙ هئي (۽ اڄ به اڪثر ائين ئي هلندڙ آهي). ڳوٺ جا ڪي بزرگ_ ڇاڪاڻ ته اُهي اوچيءَ جات جا هئا، يا وڌيڪ شاهوڪار هئا، ۽ اِنهيءَ ڪري وڌيڪ عزت ۽ مان وارا شمار ٿي ٿيا، اُنهن مان پنجن جي پئنچات ٿي ٺِهـي‏، ۽ اُهي اُن جا تاحيات ”پئنچ“ هئا، ۽ اڪثر اُنهن جي جاءِ سندن اولاد مان ڪنهن اچي ٿي، والاري. (ڪن ڪن هنڌن تي وڏيرپ، ” چئن چڱن مڙسن“ يا جرگائي قسم جي ڳوٺاڻي راڄ جا بنياد به اُهڙا ئي نسل ۽ دولت جي بنياد تي موروثي صورت جا هئا_ پڳ ٻڌڻ يا ٻڌائڻ جو رواج اِن جي علامت بلڪ سَندَ طور اسان وٽ اڃان به موجود آهي.) +پر انگلنڊ جي ننڍي ڳوٺ ۾ جتي ”پئنچ“ يا ”چڱا مڙس“ کڻي ٽي ئي هجن، پر اُهي سال بسال نوان چونڊيا ٿي ويا، ۽ چونڊجن ٿا_ انهن ٽن مان هڪڙو ”شيرف“ (Sheriff) ٿي سڏيو. +هاڻي، سمجهو ته اتي ڳوٺاڻيءَ ڪائونسل تي ٽي ميمبر چونڊجي آيا آهن- هڪڙو نڪلسن، ٻيو جانسن ۽ ٽيون پيٽرسن، ۽ اُنهن مان شيرف آهي پيٽرسن. +هاڻي، فرض ڪيو ته ڳوٺ جي ماڻهن، جن اُنهن کي چونڊيو، تن جي اُنهيءَ ٿوري يا احسان جي بدلي ۾ هي ٽي اُنهن جا چڱا مڙس فيصلو ڪن ٿا ته پٽاٽن جي في سير ڳوٺاڻي ٽئڪس ۾ پنجن ”پينسن“ جي ڪمي ڪري ڇڏجي_ جيڪي سندن ڳوٺ ۾ وڪري لاءِ ٻاهران ٿي آيا. +ڇا، اوهين ائين ٿا سمجهو ته اِنهيءَ ٽئڪس جي تخفيف يا لاٿ سبب ڳوٺاڻا پنهنجي ڳوٺ جي گڏيل ڀلائيءَ جي ٻين ڳالهين جي سلسلي ۾ پنهنجي چوڪسي گهٽائي ڇڏيندا يا اُنهن پنهنجن هڪ سال لاءِ چونڊيل ٽن چڱن مڙسن جي ٻئي ڪم ڪار ۽ انتظام جي باري ۾ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ويهندا يا پنهنجون اکيون پوري ڇڏيندا! +نه، بلڪل نه. +”مئڪ“، هڪڙو ڪو اُنهن مان ميخاني ۾ ٻئي کي ٺونٺ هڻي يا رستي تي سڏ ڪري چوندو، ”مئڪ، ڳالهه مڙيئي ڪجهه اٿئي، ڪا اٽڪل مڙيئي ڪٿي آهي!“ +”ڇا ٿو چوين، ٽام؟ ڇا ٿو چوين؟“ +”مئڪ“، هنن يارن پٽاٽن تان پنج پينس ٽئڪس لاٿي آهي، پر ڏسجان، هي کنڊ تي وري ڏهه پينس وڌائي ڇڏيندئي! سڄا ڏهه پينس کنڊ تي، مئڪ!“ +۽ پوءِ هي، جن اُنهن ٽن کي چونڊي پنهنجو چڱو مڙس بڻايو، سي اها واڌو ٽئڪس لڳندي ته به ڏيندا، يعني کنڊ تي واڌو ڏهن پينسن جي ٽئڪس، پر هو پنهنجو واري لاءِ ترسيا ويٺا هوندا، سچ پچ ته اکيون کوليو، ڪن سرلا ڪيو، ترسيا ويٺا هوندا، ۽ جڏهن ٻئي سال چونڊن جو وقت آيو، تڏهن اِهي ٿا وڃن پنهنجي گهر اُهي ٽي ”چڱا مڙس“، ��ن پنج پينس پٽاٽن تان ٽئڪس لاهي کنڊ تي ڏهه پئنس ٽئڪس چاڙهي ڇڏي هئي! اُهي ٻئي واري وري چونڊجي سگهن، سا ڳالهه ڪانه ٿيندي. +انگلنڊ جي ڳوٺ ۽ اسان جي ڳوٺ جي وچ ۾ ٻيو فرق: اُتي انگلنڊ ۾ لارڊر (نوابن، جاگيردارن، وڏيرن) جي زوال سان گڏو گڏ جيڪو اُنهن جي بادشاهه هينري ستين جي (1485ع ۾) تخت نشينيءَ سان شروع ٿيو، انگلنڊ جي شهري تاجر طبقي جو عروج به شروع ٿيو، جنهن پورو پختو زور اُن جي پٽ هينري اٺين جي (47_1509ع) ۾ ورتو. +پر هتي هند- پاڪ جي ڳوٺن ۾، ويندي، ماضي قريب تائين، ائين ڪو نه ٿيون. (بلڪ اسان وٽ ته اڄ به ائين ڪونهي). هتي ڳوٺاڻيون پنچائتون، راڄ يا برادريون هر گز اُهي مثالي جمهوريتون ڪين هيون، جيئن پروپيگنڊائي مفادن لاءِ اُنهن کي مشهور ڪيو پئي ويو آهي. ڇو ته هتي زميندار ۽ جاگيردار، وڏيرا ۽ سردار، نواب ۽ صوبه دار، سڄن سارن ڳوٺن جا مالڪ هئا؛ جي هو ڪيترن هنڌن تي خريد فروخت ڪري ٿي سگهيا. ۽ پوءِ جڏهن جديد زماني جي پارليماني يا ووٽن واري جمهوريت اڌو گابري شڪل ۾ هتي رائج ٿي، ۽ سا به ”مٿان کان هيٺ“ يعني ”راجا کان رعيت“ تائين، تڏهن اُن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻن جا ”ووٽ“ اُنهن ئي زميندارن ۽ جاگيردارن، اُنهن ئي ”چڱن مڙسن“ ۽ ”پئنچن“ جي ائين قبضي ۾ اچي ويا، جيئن اُنهن جا پنهنجا رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳن ڍورن جا ڌاريل ڌڻ. +برطانوي ڳوٺ جي جمهوري راڄ ۽ هند، پاڪ جي ڳوٺاڻي پئنچاتي (وڏيراڻي، ”چئن چڱن“ جي يا جِرگائي) راڄ ۾ مکيه ۽ اهم فرق اِهو آهي. +برطانوي ڳوٺ جو هڪ هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي ووٽ جي پوري پوري قيمت ڄاڻي ٿو. هن وٽ ووٽ ئي هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن جي وسيلي هو پر امن نموني اڳين چونڊيل شخصن کي ڊوڙائي ڪڍي ٿو ڇڏي ۽ اُنهن جي جاءِ تي هو ٻين اهڙن پنهنجن عيوضين کي چونڊي ٿو، جن کي هو پنهنجي خدمتگار عيوضين طور ٻئي سال لاءِ آزمائڻ گهري ٿو. +۽ چونڊ لاءِ ڳوٺ يا تڪ جي ووٽرن جو بنيادي خيال يا امنگ اُتي هڪ ئي هوندو آهي، يعني ڳوٺ يا تڪ جا مخصوص فائدا جيڪي چونڊ لاءِ بيٺل هڪ اميدوار کي نه پر ٻئي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ سان حاصل ٿي سگهن ٿا، ۽ جيڪڏهن سڄو سال يعني ٻين چونڊن تائين اُهي فائدا حاصل نه ٿي سگهيا، ته اڳ چونڊيل عيوضيءَ يا عيوضين جي وڌيڪ ڪاميابيءَ جي اميدن کي وري به اُن ساڳيءَ بئلٽ باڪس يعني ووٽ جي پيتيءَ ۾ دفن ٿيڻو هو. +اِها آهي ڌرتيءَ مان ڄاول ۽ ڌرتيءَ مان اُڀريل جمهوريت، جنهن جا ست جنم آهن، ڇو ته اُن جون پاڙون پاتال ۾ کُتل آهن. +اِها ڳوٺ جي سدا سائي سَتابي ۽ صاف سُرهيءَ عوامي مت ۽ مريادا مان اٿيل جمهوريت آهي، جيڪا اُتان اٿي، اُڀري ۽ وڌي، ملڪ جي سڄي حڪومتي چرخي ۽ اُن جي عملداري مانڊاڻن کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ لاءِ، اهڙوئي چوڪس ۽ باخبر، مٿي پارليامينٽ هائوس تائين وڃي پهچي ٿي. +هِتي، سچ پچ به ته، هزارين ڪوهن تان ۽ اسان جي سامراجي حاڪمن وٽان مٿان يعني لنڊن جي برطانوي هائوس آف پارليامينٽ جي رعبدار فرمان سان جمهوري ادارا مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين کان وٺي ضلعي ۽ تعلقي جي بورڊن تائين قائم ٿيا، ۽ اُنهن سڀني جو مالڪ ۽ مختار ۽ حاڪم اعليٰ برطانوي گورنر جنرل هو، جنهن کي ”وائسراءِ“ (نائب بادشاهه) به سڏيندا هئا، ۽ جيڪو اُن ڏورانهين، رعبدار، اسان جي اعليٰ برطانوي پارليامينٽ جو پگهاردار ملازم هو (جيتوڻيڪ هن جو اُهو پگهار اسان کان ”ورتل“ ٽئڪس مان هندستان جي خزاني کي ئي ڀرڻو پوندو هو)، ۽ اُنهن مٿان کان مرحمت ڪيل يا مڙهيل جمهوري ادارن جي ٺاهڻ ڊاهڻ توڙي هلائڻ نه هلائڻ جون چاٻيون به ان جي يا ان جي ٻين ننڍن حڪم جي بندن، حاڪمن ۽ عملدارن جي ئي هٿ ۾ هونديون هيون، ۽ اُنهن اعليٰ حاڪمن کان عطا ٿيل جمهوريت ۽ اُن جي جمهوري ادارن لاءِ خود ووٽ جو حق به اسان وٽ هتي اسان جي بالغ آباديءَ جي سڀني ماڻهن کي نه پر فقط ڏهن کان پندرهن في سيڪڙو ماڻهن کي مس مليل هوندو هو. ۽ اِها صورتحال برصغير ۾ 1947ع تائين اِئين قائم هئي. +۽ ڇاڪاڻ ته اُن برطانيه جي مقرر ڪيل گورنر جنرل جو پگهار هندستان جي خزاني کي ڀرڻو پوندو هو، مهاتما گانڌيءَ اُنهن ڏينهن جي وائيسراءِ لارڊ ريڊنگ کي هڪڙو خط لکيو، جنهن ۾ هن کي چيائين ته ”دهليءَ جي انگ اکر آفيس مان نڪتل هڪ رپورٽ مطابق هڪ هندستاني شهريءَ جي سراسري روزاني آمدني ٻه پئسا (ان وقت جي هڪ آني جو اڌ) آهي، ۽ لنڊن جي هڪ اعليٰ سرڪاري پڌرنامي ۾ ٻڌايل آهي ته تنهنجو پنهنجو ماهيانو پگهار چاليهه هزار رپيا آهي. ڇا، اهو اسين معلوم ڪري سگهون ٿا ته جيڪو مالڪ روزانو فقط ٽڪو ڪمائي، سو پنهنجي ڪنهن نوڪر جو چاليهه هزار في ماهه پگهار ڀري سگهي ٿو؟.“ +ساڳئي مهاتما گانڌيءَ، 23 سال پوءِ 1947ع ۾، آزاد هندستان جي پهرئين گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن جي، هيٺين تاريخي لفظن سان آجيان ڪئي: ”ڪالهه تائين لارڊ مائونٽ بيٽن هندستان جو حڪمران هو. اڄ هندستان جي خادم طور اسين هن جي آجيان ڪريون ٿا. اڄ اهو عهدو هن کي هندستان جي ماڻهن پاڻ ڏنو آهي.“ (ملطب ته جي هو چاهين، ته سڀاڻي هو اُن کي لاهي به سگهن ٿا.) +ان کان گهڻو اڳ 1918ع ۾ پاڪستان جي بانيءَ به اهڙي بلڪ اُن کان به زوردار نموني ٽئڪس ڏيندڙ ”هندستاني شهريءَ جي حق“ جو اعلانيه اعلان ڪيو هو. ٿيو هيئن هو، جو ان زماني ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمني جي شڪست کان پوءِ برطانوي اوج جو سڄيءَ دنيا تي ڌاڪو ويٺل هو (غلام ملڪ هندستان جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي!) ‏، تڏهن سوال اٿيو ته بمبئيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان، بمبئي جي گورنر، لارڊ ويلنگڊن، کي، رٽائر ٿيڻ جي موقعي تي الوداعي پارٽي ڏني وڃي ۽ قدر افزائيءَ جو خطبو پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي قائداعظم وڏي حوصلي ۽ سياسي جرئتمنديءَ جو مظّاهرو ڪندي، ان ٺهراءَ جي خلاف هلچل هلائي_ جنهن ۾ ڪيترائي سندس وطن دوست ساٿي، هندو مسلمان، به واقعي ساڻس شامل هئا. +هتي هيءَ ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي، ۽ خاص طرح جديد سياسي جمهوريت جي ارتقا ۾ اِن ڳالهه جي بنيادي اهميت آهي، ته پاڪستان جو باني ۽ هندستان جو ”ٻاپو“ مهاتما گانڌي ٻيئي تاجر طبقي جا فرد هئا ۽ ٻنهي جي برادرين جو مفاد، دلچسپي ۽ واسطو پوريءَ طرح وڻج واپار سان هو. +۽ تاريخ جي هر دور ۾ ۽ هر هنڌ واپاري برادري کي ئي ڏٺو ويو آهي ته سماج جي سڻڀن ۽ سڀرن طبقن ۾ اُها ئي انساني زندگيءَ جي ذاتي توڙي سماجي ۽ سياسي دائرن ۾ جمهوري ذهنيت ۽ جمهوري نظام ڏانهن زياده مائل رهي آهي ۽ انهن جي تعمير ۽ ارتقا ۾ به اڪثر هِـن ئي برادريءَ اڳواڻيءَ جو رول ادا ڪيو آهي. قديم يوناني تاريخ جي اٿينس ۽ ٻين شهري جمهوريتن ۽ ان کان به اڳ هتي اسان وٽ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي شهري رياستن ۾، ۽ تاريخ جي مذهبي انقلابن جي سلسلي ۾ بداعمال ۽ منافق مذهبي پيشوا طبقي جي محروم فردن ۽ گروهن سان گڏجي، ۽ فرينچ انقلاب جي ابتدا توڙي ان جي ترقيءَ ۾، ۽ ان کان اڳ انگلنڊ جي ٽيوڊر شاهيءَ کان پوءِ اتان جي صنعتي انقلاب جي تحريڪ ۾، ۽ بنهه هاڻي تائين جيئن اسان جي بنهه اکين اڳيان ايران جي هلندڙ عظيم اسلامي جمهوري انقلاب ۾ ٿيو_ مطلب ته انساني تاريخ جي سڄي هيتري ساري انقلاب آفرين عرصي ۾ واپاري برادرين جو اِنهيءَ ئي قسم جو جمهوريت پسند، جمهوريت ساز ۽ جمهوريت نواز ڪردار رهيو آهي. +ساڳيءَ طرح هندستان ۾ به آزادگي پسند جمهوريت جي مطالبي، مختلف ماڻهن ۽ ننڍن ننڍن حلقن مان اٿي، مٿي اڀري، نيٺ تاجر طبقن ۽ واپاري ۽ صنعتي برادرين جي هٿن ۾ اچي ۽ انهن جي حمايت ۽ سرپرستيءَ ۾ پنهنجا تنظيمي ۽ عمل آفرين اثر ڏيکاريا. +ائين، برصغير ۾ جمهوري امنگ ۽ مطالبي جا بنياد، ظاهري طور ئي، جو تاجر برادريءَ ۽ واپاري طبقي جي مرڪزن مان اٿيل ۽ انهن جي مفادن سان وابسته ٿي ڏٺا، ۽ ڇاڪاڻ ته ڪانگريس ۾ با اثر ۽ عملي سياسي گورهه جي تشڪيل ۽ تنظيم به خود واپاري طبقي يا انهن جي ترجمان سياستڪارن مان ئي ٿيل هئي، انهيءَ ڪري ڪانگريس هڪ منزل تي پوري اعتماد سان ۽ بيڌڙڪ اعلان ڪري سگهي ته طاقت ۾ اچڻ سان هوءَ ملڪ مان زمينداري سرشتو فوراً ختم ڪري ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته ان سرشتي جي ئي آڌار تي جيئن ڏيهي رياستن جي نوابن، راجائن ۽ مهاراجائن جي ئي آڌار تي جيڪي سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏا زميندار ئي هئا، هندستان ۾ برطانوي سامراج پنهنجو اقتدار شروع ۾ به قائم ڪري سگهيو هو ۽ پوءِ به قائم ڪيو ويٺو هو. +اُن جي برعڪس ليگ جي تشڪيل ۽ تنظيم ائين هئي، جو ان ۾ اثرائتي طاقت ۽ عملي زور رئيسن، نوابن ۽ وڏن زميندارن جي هٿن ۾ هو، ۽ نه واپاري برادرين ۽ تجارت ۽ صنعت ڏانهن مائل حلقن يا مفادن جي هٿن ۾ ڇاڪاڻ ته سياسي طور اهڙا ڪي به فعال ۽ طاقتور واپاري ۽ صنعتي مفاد يا حلقا ليگ ۾ موجود ڪو نه هئا. +ليگ جي زميندارن لاءِ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي معنيٰ اُهائي هئي، جيڪا بادشاهه ”جان“ (1216_1199ع) کان برطانوي لارڊن ٿي گهري ته ڪنهن طرح انگلنڊ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ”هائوس آف لارڊس“ قائم هجي، جنهن ۾ هو يا هنن جا ”لارڊ زادا“ موروثي طور موجود هجن! هنن کي اُها خبر ڪانه هئي ته ڪو 1904ع جو سال به ايندو، ۽ هڪ عوامي ماڻهو، ڪاسائي جو پٽ، لائڊ جارج، به وزير اعظم ٿيندو، ۽ سندن ”پونگڙن“ جي موروثي نشست گاه يعني ”هائوس آف لارڊسنس“ کي پري کان بيهي دڙڪو ئي هڪ ڏيندو: ”هائوس آف ’عوام‘ جي آڏو پيش پئو! نه ته پنهنجا هٿرادو ’لارڊ‘ ٺهرائي، هائوس آف ’لارڊس‘ کي ائين ڀري ڇڏيندس، جيئن انگلنڊ جي ڪارخانن ۾ ’انگلنڊ ۾ ٺهيل، اکر جون چٽڪي لڳل تجارتي شيون ٺهي، مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ وڃي رهيون آهن!“ +ساڳئيءَ طرح، ليگ جي زميندارن لاءِ، وجود ۾ ايندڙ پاڪستان توڙي هندستان جي يو- پيءَ ۾، جمهوريت جي جيڪڏهن ڪا معنيٰ هئي ته هڪ هئي- زميندارن جي بي روڪ ۽ بي ٽوڪ طاقت_ بس ٻيو ڪجهه به نه. يو-پي جي مسلمان زميندارن ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ هليل ڳالهين ٻولهين جي ڇپيل ۽ شايع ٿيل رڪارڊ مان صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڪانگريس ساڻن رڳو اهو واعدو ڪري ها ته هوءَ يو-پيءَ ۾ زمينداريءَ جو خاتمو نه آڻيندي، ته هو پاڪستان سان نه پر هندستان سان گڏ رهڻ لاءِ تيار هئا؛ ۽ اِهو رڳو تجارت- واڌو- ڪاروبار- واڌو- صنعتڪاريءَ ڏانهن مائل ڪانگريس جو اهڙي واعدي ڪرڻ کان صاف انڪار هو، جو انهن يو-پي جي مسلمان زميندارن پوءِ پاڪستان لاءِ ووٽ ڪيو؛ ۽ جڏهن پاڪستان ٺهيو، تڏهن هو هيڏانهن لڏي آيا ۽ هتي کين يو –پيءَ ۽ هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ ڇڏيل زميندارين جا معاوضا زمينن توڙي نقديءَ جي صورت ۾ مليا. +۽ هتان جا مڪاني زميندار ۽ جاگيردار، جن کي هندو واپارين جي هتان نڪري وڃڻ سبب اُنهن جي وسيع قرضن مان ڇوٽڪارو مليو، سي به اِن ڳالهه جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا ته سندن عوام جي مغز ۾ هتي جمهوريت جي ڪا هوا ڀرجي وڃي ۽ هو اُن جي ڪنهن اثر ۾ اچي وڃن ۽ سندن من وڌي وڃي! + + +۽ مسلمان واپاري ٽولا جيڪي هندستان مان لڏي پاڪستان ۾ آيا ۽ جن کي هتي سڀڪجهه مليو پر هڪ ڳالهه جا نه ملي سا هئي وطن جي سرزمين ۾ پختي پاڙ، تن کي جمهوريت جو شوق نه پهرين هو نه هاڻي آهي. هتي اچڻ سان کين محفوظ تجارت جا انبار ۽ ٽئڪس کان تقريبا آجي صنعت جا اُڻميا ۽ اڻ گهريا موقعا مليا، ۽ هُنن پنهنجيون هڪ –هٽيون ۽ صنعتي طائفا قائم ڪيا، ۽ اُن پنهنجي ”ڪاروباري جنت“ جي سهنج ۽ سُرور ۾ ايترا ته محو هئا، جو اُن ڪيفيت مان نڪري جمهوريت جي چڪر ۾ هو اچڻ لاءِ تيار نه هئا، جيڪا هونئن نه ته سماج جي ڪاروباري، تاجر ۽ صنعتڪار برادرين کي گهُرڻي پوندي آهي ۽ جنهن لاءِ انهن کي پنهنجي ئي مفاد جي حفاظت ۽ فروغ لاءِ، سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. +اوڀر پاڪستان جي وڃڻ سان، جتان جي خلق سڄي پاڪستان ۾ اڪثريتي خلق هئڻ سان گڏ، زمينداري ٻوسٽ کان ڇٽل ۽ غير تاجر، غريب، ڳوٺاڻي ۽ انهيءَ ڪري جمهوريت ڏانهن مائل خلق هئي، ۽ هتي اسان وٽ نالي ۽ نعري ماتر زمينداري سڌارن کان پوءِ، جن سان زميندارن جي طاقت کي ڦنڊڪ به ڪانه لڳي، هتان جي زميندارن ۽ ٻاهران آيل ۽ پنهنجيءَ ۾ ورتل تاجر برادريءَ جي وچ ۾ جنهن پوري سمجهوتي ۽ ڪامل صلح جا تعلقات موجود ڏسجن ٿا، اُن صورتحال ۾ ملڪ جي خواب لهندڙ آدرشين جي ذهن ۾ وري وري جاڳندڙ غريب جمهوريت هتي اسان وٽ هر هر پئي ٿيڙ کاڌا آهن ۽ وري وري چڪرائجي پئي اُها ڪري آهي ۽ ناڪام ٿي آهي. +۽ اُن سان گڏ (ڪنهن شايد ڄاتو به نه آهي)، سڄيءَ خلق جو حوصلو ۽ اخلاقي جرئت جا اوصاف به پئي ڌڪيا ۽ ڪِريا آهن، ۽ عوام کي اِها ڄاڻ ئي ڪانه ٿي پوي ته ملڪ جي طاقتور زمينداري مفاد ۽ وطن سان نه ڳنڍيل هڪ- هٽي تجارت ۽ صنعت جي مفادن جي وچ ۾ موجود سمجهوتي ۽ رفاقت مان نيٺ به کين ڇا فائدو ملندو ۽ ملڪ جو ڪهڙو ڪلياڻ ٿيندو! اها پڻ عجيب حقيقت آهي (ڇو ته ٻئي هنڌ دنيا ۾ شايد ڪٿي به ائين ڪونهي) ته پاڪستان ۾ جاگيرشاهيءَ هٽي تجارتي مفاد کي ۽ تجارتي مفاد هٽي صنعتي مفاد کي جاءِ ڪانه ڏني_ جيئن ترقي ڪيل دنيا ۾ هميشه ۽ هر هنڌ ائين ٿيو آهي؛ پر هتي اُهي ٽيئي مفاد، هندو ، ڌرم جي ٽمورتيءَ وانگر، هڪ ئي قطار ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيو بيٺا آهن، بلڪ اهي گڏو گڏ هڪ ئي خاندان ۾ موجود ڏسجن ٿا. هتي اسين وڏو زميندار ڏسون ٿا، جنهن کي ٻهراڙيءِ ۾ هزارين ايڪڙ زمين آهي، جيڪو ضلعي جي شهر، ۾ ڪپڙي جي مل جو مالڪ آهي، وڏي شهر ۾ سئنيما جو ڌڻي آهي، بئنڪن ۾ ۽ ڪنهن اعليٰ هوٽل جي موڙي ۾ حصا سيڙايل اٿس، ۽ ان سان گڏ پنهنجي اخبار اٿس، جيڪا جيئن هو چاهي ۽ چوي تيئن لکي ٿي ۽ هن جي حڪومتي سرپرستن جي شهرت ۽ پذيرائي ڪري ٿي! +۽ ڪاملتاً، ۽ خالصتاً دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ، سڄو وقت مهڙ ۾ جمهوريت جو ڏيکاءُ به قائم رهندو آيو، ۽ جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته ”ماڻهو پئي آيا، ماڻهو پئي ويا“ ۽ پهاڪي وارو ”چشمو“ هو سو وهندو رهيو- تيئن هتي الڳ الڳ حالتن ۾ ڪيتريون ئي ”جمهوري“ چونڊون ٿيون، پر مهانڊا اُهي ئي، ۽ ساڳين ساڳين مفادن جا حامي، هر ڀيري ”چونڊجي“ اسان جي سامهون ايندا رهيا- سياسي ٺپا به سندن بدلبا رهيا، پر صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلين ۾ ماڻهو اڪثر اُهي ئي ساڳيا ڏند ڪڍيو اسان ڏانهن ڏسندا رهيا ۽ کلندا رهيا! +ڪنهن به عامي قسم جي ماڻهوءَ کي يا گروپ کي وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهڻ جي مهلت ملي نه سگهي. جنهن ۾ اُن جو يا اُنهن جو ڪو من وڌي سگهي. +اِنهيءَ معنيٰ ۾، بلڪل ٺيڪ طرح چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪا جمهوريت هئي ئي ڪانه ۽ انهيءَ ڪري اُن جي ”ورڻ“ يا ”��حال ٿيڻ“ جو ڪو سوال ئي شايد ڪو نه ٿو اُٿي. +اُن کي هتي جنم وٺڻو آهي_ جديد ترين صورت ۾ ۽ جديد ترين طريقن سان. پوءِ اسان وٽ به اسان جي اُن سچليءَ جمهوريت جا ”ست جنم“ هوندا. +اُن لاءِ مقدس ۽ حيات آفرين جدوجهد جو سڄو بار انهن ٿورن شعور رکندڙن، سوچيندڙن ۽ آدرشي انسانن کي ئي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻو آهي، جيڪي هميشه کان ۽ سدائين ”گهڻن“ لاءِ وڙهندا ۽ سختيون سهندا رهيا آهن. +اُنهن جو اِهو جدوجهد اڄ سڀ کان زياده اهم ۽ سڀ کان زياده بروقتو ۽ سگهائتو آهي، ڇو ته دنيا، جنهن ۾ رهندي ۽ جنهن سان گڏ، هُنن کي اڳتي وڌڻو آهي، ان جي پيرن جي آڱرين جي چيرن مان گاه ڦٽي ڪو نه نڪتو آهي، جو چئجي ته ڪنهن چانبڙ گپ ۾ اُها پير گپايو هڪ هنڌ بيٺي آهي. وڏي ۾ وڏيءَ اهميت واري حقيقت هيءَ آهي ته پاڪستان هڪ هنڌ بيهي رهڻ جي پوزيشن ۾ ئي ڪونهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان به جي هلندو ۽ وڌندو نه رهيو، ته اُهو وڌيڪ وقت بيهي به ڪو نه سگهندو. +جادوءَ جا عجيب ڪم +ڪير ٿو چوي ته جادو سڄو ڀرم ۽ سنسو آهي؟ ڪير ٿو چوي ته جادو عجب جهڙا ڪم نٿو ڪري؟ ۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته جادو سڄو لفظن ۾، لفظن ۾ ۽ لفظن ئي ۾ آهي ۽ جيڪڏهن جادو سڄو لفظن ۾، لفظن ۾ ۽ لفظن ئي ۾ آهي، ته پوءِ ڪير آهي جنهن کي لفظن جي طاقت جي خبر نه هجي؟ +۽ جيڪڏهن ڪو به اهڙو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به لفظن جي طاقت کان انڪار نٿو ڪري سگهي، ته پوءِ ڪيئن ٿو ڪير چئي سگهي ته جادو عجب جهڙا ڪم نٿو ڪري؟ +ڪنهن کي اها خبر ناهي ته جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر ڪي ٿورا به خوفائتا لفظ ڪنهن کي ٻڌائي ٿو، ته هو سڄو ڪنبي ٿو وڃي ۽ سڄي پنهنجي حياتي خطري ۾ ٿو سمجهي؟ +۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڊاڪٽر جيڪڏهن ڪي ٿورا به اميد ڀريا لفظ ڪنهن بيمار کي ٻڌائي ٿو، ته هيڪر ته هو جِـي ٿو اُٿي ۽ پاڻ کي بهتر پيو سمجهي؟ +اهڙو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ هوشمند ماڻهو آهي، جيڪو لفظن جي زبردست، اجهل ۽ قدرتي طاقت کان انڪار ڪري سگهي؟ +ڇا، بائيبل مقدس ۾ ائين آيل ناهي ته ”ابتدا ۾ هو ته لفظ هو؟“ اِنهيءَ ڪري ڪير اهڙو ٿي سگهي ٿو، جيڪو چوي ته هُن لفظن جي _ ۽ انهيءَ ڪري جادو جي _ طاقت کي پوريءَ طرح سمجهيو آهي يا ان جو هو پورو ڪاٿو به ڪري سگهيو آهي؟ +اِنهيءَ ڪري، انساني دنيا ۾ لفظن جي جادوءَ کان وڌيڪ به ڪا حقيقت ٿي سگهي ٿي! ڇا، سڄي تاريخ جادوءَ جي طاقت جي_ مطلب ته لفظن جي طاقت جي_ هڪ رعبدار بلڪ هيبتناڪ حقيقت نه آهي؟ +ڇا، رڳو هڪڙي فيلسوف جي چند لفظن ته ”انسان آزاد ڄائو، پر افسوس جو هو هر هنڌ زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو!“_ فرانس جو انقلاب ڪونه آندو هو؟ +ڇا، ٻئي هڪڙي فيلسوف جي چند لفظن ته ”دنيا جا مزدورو، اُٿو! پنهنجن زنجيرن کان سواءِ ٻيو اوهين ڇا وڃائيندا؟“_ فرانس جي انقلاب کان به وڌيڪ هڪ وڏو انقلاب ڪو نه آندو؟ +ان کان اڳ سر تريءَ تي رکي، سرَ – بها تي گهمندڙ هڪ قومي سرويچ جي هنن لفظن: ”جي هيءَ غداري آهي، ته اي هم وطنو! اچو ته غداريءَ کي توڙ تائين پهچايون!“ _ هن جي وطن ۾ اُهو ڌماڪو پيدا ڪو نه ڪيو هو، جنهن جو آواز سڄيءَ دنيا ٻڌو هو! +اُن کان اڳ، گهڻو گهڻو اڳ، ڪارٿيج جي بندر کي ناس ڪرڻ لاءِ، جيڪو قديم روم جو مد مقابل ۽ مخالف هو، هڪڙي رومن سينيٽر، آئپس ڪارنيليس سپيو، هر روز ۽ هر وقت، هر موقعي تي ۽ هر ڳالهه ۾، ڌنوڻي لائي ڏني هئي ۽ اٿندي ويهندي، سُتي ويٺي، هلندي چلندي، هو چوندو رهيو، چوندو رهيو، چوندو رهيو_ ڄڻ هن کي ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪانه ٿي سُجهي_ ۽ هو چوندو رهيو ، چوندو رهيو ۽ چوندو رهيو: ”ديلو دواستو ڪارٿيجو، ديلو دواستو ڪارٿيجو، ديلو دواستو ڪارٿيجو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو!“ ۽ ائين هن کي چوندي، چوندي، ۽ چوندي چوندي، پورا ويهه سال ٿي ويا_ ۽ پوءِ رومن لوڪ، سڀيئي ڳالهه کي سمجهي، هڪ ٿي، گڏجي، اَجهل طوفان وانگر اُٿيا ۽ ڪارٿيج کي اهڙو سڄي جو سڄو ۽ پورو ناس ڪيائون، جو ان جو رڳو پٽ، اُن جو رڳو نشان يا ڪو دڙو به دنيا جي تختي تان ڪو نه ٿي لڌو _ تان جو فقط هاڻي، ڪي ٿورا سال ٿيا آهن، جو هوائي جهازن جي جانچ پڙتال سان اُن جي کنڊرن جو پتو پئجي سگهيو آهي. اُن آئپس ڪارنيليس سپيو وٽ ٻيو ڇا هو، سواءِ اُن ڌنوڻيءَ جي، سواءِ اُن آواز جي _ ”ديلو دواستو ڪارٿيجو، ديلو دواستو ڪارٿيجو،_ ڪارٿيج کي ناس ڪريو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو!“ ۽ اهو آواز هر رومن مرد، عورت ۽ ٻار، ٻڌو ۽ پنهنجو ڪيو، ۽ پوءِ هنن سمجهيو ۽ محسوس ڪيو ته جڏهن اُنهن مان هر هڪ جي زبان مان اِهو آواز ٿي اٿيو، تڏهن اُهو بدلجي هنن جي وجود جو ارادو ۽ هنن جي اتحاد ۽ طاقت جو آواز بڻجي ٿي پيو، ۽ پوءِ ان سندن ارادي ۽ آواز، هنن جي ذهن ۾ اُهو، اٽل ڀروسو پيدا ڪيو، جو ناممڪن ڦري انهن کي ممڪن ڏسجڻ لڳو ۽ ڪارٿيج کي ڪيرائڻ ۾ جيڪي اُنهن جي آڏو رڪاوٽون هيون سي سڀ ڪک پن ٿي ويون، ۽ نيٺ اُهو ساڳيو ڪارٿيج جيڪو کين ايڏو اجيت ۽ اڏول ٿي لڳو، سو سندن هٿان، پوري جو پورو ۽ سڄي جو سڄو، هميشه لاءِ ناس ٿي ويو. +ايڏي وڏي پيماني تي لفظن جي هن ڌنوڻيءَ دنيا جي اڳيان اِها حقيقت ثابت ڪئي ته جڏهن عوام جو وسيع تعداد ڪا شيءِ يا ڪي حالتون يا ڪنهن صورتحال جو وجود نٿو چاهي، تڏهن اُهي ان جي خلاف ائين لڳاتار ۽ سڀ گڏجي ، بي خوف ۽ اٿڪ نموني ۾ ڌنوندا رهندا، ته هو اُن شيءَ، اُنهن حالتن يا اُن صورتحال جي خاتمي لاءِ پنهنجي پاڻ ۾ اُها طاقت ۽ اُهو ارادو پيدا ڪري سگهندا، جو کڻي ڇا به هجي ۽ ڇا به ٿي پوي، هو هر ممڪن بند کي ڀڃي وجهندا ۽ ممڪن مشڪلات مٿان سوڀ حاصل ڪري ئي دم کڻندا. +هنن کي ٻيو ڪجهه به نه، ڪجهه به نه، ڪجهه به نه ۽ ڪجهه به نه ڪرڻو آهي، سواءِ هن جي ته هو پنهنجي ارادي کي مضبوط ڪن ۽ دلگهريءَ تبديليءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي سگهه ۽ صلاحيت کي وڌائيندا، وڌائيندا ۽ وڌائيندا رهن. +ڪيئي صديون پوءِ، آئرلنڊ جي ماڻهن به انگريزن کان آزادي وٺڻ لاءِ اهڙو ئي طريقو اختيار ڪيو هو. خاص طرح 1910ع کان پوءِ، هر هنڌ، هر ڳالهه ۾، هر موقعي تي، سبب بي سبب، برطانوي پارليامينٽ جي اندر توڙي ان کان ٻاهر، هو سالن جا سال، رڳو ”آئرلنڊ جو مسئلو“، ”آئرلنڊ جو مسئلو“، ”آئرلنڊ جو مسئلو“ اٿاريندا رهيا_ ايتري ته زور ۽ ايتريءَ ته اورچائيءَ سان، جو ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ کين ڪا سئودا هئي، ڪا ديوانگي هئي، يا ڪنهن قسم جو ڪو عام پاڳلپڻو هو، جنهن ۾ هو وٺجي ويا هئا. +پر ڇا به هو، کين ڪنهن ڪيئن به ٿي سمجهيو ۽ ڇو ٿي سمجهيو، پر آئرلنڊ جا ماڻهو اهڙيءَ ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪئي بغير، اُهو پنهنجو هڪڙو زورائتو منتر اُچاريندا ئي رهيا، اُچاريندا ئي رهيا ۽ ان ۾ هنن ڪڏهن به ۽ ڪهڙيءَ حالت ۾ به ڪوتاهي ڪانه ڪئي _ ۽ ايڏي انگلنڊ جي فيل مست طاقت سندن اُن لفظن جي هيبتناڪ ۽ هوڏي منتر آڏو مجبور ۽ بيوس ٿي ويئي. +ڇاڪاڻ ته ڪير هو، جو ماڻهن کي، فردن کي، ٽولن کي، راڄن کي ۽ نيٺ سڄي عوام کي ۽ سڄيءَ خلق کي ڳالهائڻ کان، ڳالهائڻ کان ۽ هر حال ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ٿي سگهيو، جڏهن انهن وٽ انگلنڊ جي اُن ارڏيءَ ۽ جنگ طاقت جي خلاف، سواءِ اُن ڳالهائڻ جي، سواءِ پنهنجي اُن زبان جي، سواءِ پنهنجن لفظن ۽ پنهنجن خيالن جي اُن طاقت جي باقي ٻيو ڪجهه بچيو به ڪونه هو. +۽ اهي هٿيار به ڪي هٿيار هئا! لفظن جي طاقت، امنگ ۽ جذبي جي طاقت، خيالن جي طاقت _ ته هي جيڪي حالتون آئرلنڊ ۾ هيون سي ائين نه هجن_ اِهي هٿيار! سچ پچ انهن جهڙا هٿيار ڪي ٻيا هٿيار به ٿي سگهيا ٿي! هي خيال، هي لفظ، هي اُڌما ۽ امنگ _ اِهي هٿيار، جيڪي ڪڏهن به کسجي نٿي سگهيا، جيڪي جيئن وڌيڪ ٿي استعمال ٿيا تيئن ٿي وڌيڪ تيز ۽ وڌيڪ گهاتڪ ٿيا، هٿيار جيڪي اڻ ڏٺا هئا، ڇهڻ جهڙا نه هئا _ هٿيار، هٿيار، هٿيار، جيڪي هر هنڌ هئا ۽ هر ڪنهن وٽ هئا ۽ چئوطرف موجود هئا. +لفظ، لفظ ۽ لفظ_ هي هٿيار، جيڪي آئرلنڊ جي ماڻهن ائين ته هر ويلي ۽ لڳاتار، اهڙيءَ ته سيڌَ ۾ ۽ اهڙي ته شعور ۽ ارادي سان ۽ اهڙي ته اعتماد، ايمان ۽ مقصد سان برطانوي حڪومت خلاف استعمال ڪيا، جو آخر ڪار انهن جي وارو وار هيٺ اڏول برطانوي طاقت جو سڄو منڊ ٽٽي پيو، ۽ آئرلنڊ، پنهنجي اڳيان ڏسڻ ۾ بي انت ۽ ٽپي نه سگهڻ جهڙيءَ غلاميءَ جي کاهيءَ مان ٽپي پار ٿيو ۽ جيئن اُهو اڄ آهي تيئن بڻجي پيو_ يعني آئرش فري اسٽيٽ، آزاد آئرديش. +ايمان، ايمان، ايمان ۽ ايمان_ پنهنجي شومنترن جي طاقت ۾، اُنهن جي اچارڻ ۽ آلاپڻ ۾، برطانوي حڪومت جي خلاف پنهنجن لفظن ۾ _ شومنتر ۽ انهن جا آلاپ، لفظ، لفظ_ سڀني آئرلنڊ جي ماڻهن جا، انهن جي مردن، زالن ۽ اسڪولي ٻارن جا _ اُهي جادو هئا ۽ جادو ثابت ٿيا، جادو جيڪو هميشه ۽ هر وقت عجيب ڪم ڪندو آهي، ۽ اهڙا معجزا ڪري ڏيکاريندو آهي، جو کڻي ڇا به هجي ۽ ڪيئن به هجي، مشڪلاتون ۽ مجبوريون، خطرا ۽ رنڊڪون ڪهڙيون به هجن ۽ ڪيتريون به هجن، نجات ملي ٿي ۽ ضرور ملي ٿي_ ڇو ته ”ابتدا ۾ هو ته لفظ هو.“ +۽ لفظ جو معجزو، لفظن جو جادو، سچ پچ ته، عجيب ڪم ڪري ٿو. +بي سُرائي (Atonia) +بي سُرائي هڪ نرالي بيماري آهي، +سچ پچ ته ڏاڍي نرالي. +سـڄي علم طب کي اُن منجهائي وڌو آهي. +اُها سرطان وانگر خراب نه آهي. +اُها اڌرنگ وانگر خراب ڪندڙ به ڪانهي. +اُن جا جيوڙا ڪو نه ٿين. +پر اُن جو علاج ڪوئي ڪونهي. +بي سُرائيءَ ۾ بدن اُهڙي جو اُهڙو بيٺو هوندو آهي. +تازو توانو. +اکيون اکين وانگر نهارينديون پيون. +ڪن کڙا تڙا بيٺا هوندا. +چکڻ جو حواس به سالم. +ڇهڻ جو حواس به سالم. +۽ سونگهڻ جو به. +نه ڪنهن سور جو ۽ نه ڪنهن پيڙا جو ڪو نشان ڏسبو. +”ته پوءِ، اُن ۾ خرابي نيٺ ڪهڙي هوندي آهي؟“ اوهين پڇي سگهو ٿا. +”ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي.“ +”ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي؟“ +”نه، ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي.“ +”باقي؟“ +”باقي هيءُ ته ڪابه چڱائي ڪانه.“ +”ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي ۽ ڪابه چڱائي ڪانه ؟“ +”هائو، اِها ئي ته هِن جي ڳالهه آهي.“ +”ڪنهن جي ڳالهه؟“ +”بي سُرائي جي.“ +”تنهن جي معنيٰ؟“ +”تنهن جي معنيٰ بي سُرائي، يعني سُر کان ٻاهر.“ +”سُر کان ٻاهر؟“ +”سو ڪيئن؟“ +”سو هيئن ته رڳو، ماٺ ميٺ ۾، ۽ ڪڏهن ته ڏاڍيءَ نزاڪت سان، بدن جا سڀ عضوا ۽ الڳ الڳ عضوا، سانتيڪائيءَ سان ۽ جيئن ٿڌ تيئن وڌ، پنهنجي پنهنجي سُر مان نڪرندا ويندا، جيڪو زندگيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي.“ +”اُهو وري ڪيئن؟“ +”اُهو هيئن، جو اکيون ته هونديون پر ڏسنديون ڪجهه به ڪو نه، ڪن هوندا پر ٻڌندا ڪجهه به ڪو نه. چمڙي به هوندي پر ڪم ڪو نه ڪندي. نڪُ چُپ چاپ سونگهڻ ڇڏي ڏيندو. زبان ڪو به سواد مغز تائين ڪو نه پهچائيندي. ڳالهه، ٿوري ته بدن جا سڀ عضوا جيئن جا تيئن هوندا، سُڪل به نه هوندا، پر رڳو، ٿيندي ٿيندي، سُر مان نڪرندا ويندا، ۽ اُنهن سان سنگ ۾ رهڻ لاءِ وري مغز به ساڻن شامل ٿي ويندو، ۽ پوءِ سڄو بدن آهستگ��ءَ سان، آهستگي سان، ست ڇڏي ويندو ۽ ڍرڪي پوندو_ نه ٿڌو ساه، نه ڪنجهڪار، نه ڀُڻڪو.“ +”پر، بي سُرائيءَ جي اِها ڳالهه توکي هِن وقت ۽ هِتي ذهن ۾ ڪيئن آئي؟“ +”هو منهنجو ٽيليفون پيو اٿيئي.“ +”پوءِ؟“ +”اِهو ڪم ڪو نه ڪندو.“ +”شڪايت ڪر!“ +”شڪايت ڪيم“ +”پوءِ ؟ “ +”‎شڪايت ڪم ڪانه ڪندي.“ +”سو ڇو؟“ +”چئو واٽن جون بتيون آهن_“ +”پوءِ ڇا؟“ +”اُهي ڪم نه ڪنديون.“ +”۽؟“ +”اسپتالون آهن.“ +”سو؟“ +”اُهي ڪم نه ڪنديون.“ +”پوءِ؟“ +”مڪاني راڄ آهي.“ +”آهي؟“ +”هائو، آهي.“ +”پوءِ؟“ +”اَهو ڪم نه ڪندو.“ +”پوءِ ڇا؟“ +”ڪيتريون، ڪيتريون ۽ ڪيتريون شيون آهن، اسڪول آهن، ڪاليج آهن، يونيورسٽيون آهن، هيءُ کاتو آهي، هو کاتو آهي، ۽ هو ٻيو کاتو ۽ اُن کان ٻيو کاتو ۽ ٻئي کان ٻيو کاتو، ۽ ٻيو، ٻيو، ٻيو......۽ .......“ +”۽؟“ +”۽ هيءُ ته اُهي ڪم نه ڪندا، ڪجهه نه ڪندا، ڪک ڀڃي ڪک مان ٻه ڪک ڪو نه ڪندا. +”ڪک مان ٻه ڪک؟“ +”هائو.“ +”مثلاً؟“ +”مثلاً؟“ +”مثلاً قاعدو قانون، امن امان، عدل انصاف!“ +”اِهي ڪَکَ آهن؟“ +”نه آهن؟“ +”هئڻ ته نه کپن.“ +”هئڻ ته نه کپن.“ +قائد جي ورثي جو ڇا ٿيو؟ +پنهنجي مشهور ڪتاب ”فتويٰ بر هندوستان“ ۾ بيو رَلي نڪولس ائين خوامخواه ڪو نه چيو هو ته ”مسلم ليگ ۾ جناح جهڙو ته ٺهيو پر جناح کان اٺين نمبر تي به ٻيو ڪو موجود ڪو نه آهي.“ +تاريخ ثابت ڪيو ته قائد جو چوغو پوءِ هن جي نائين نمبر کان به پوئتي بيٺل ، اجاين ۽ مختصر ماڻهن جي ڪلهن تي وڃي پيو، جن جي سياسي نگاهه جي افق ضلعي لوڪل بورڊ جي ذهنيت کان ڪڏهن مٿي ڪانه چڙهي ۽ جن لاءِ جمهوريت فقط هڪ پريءَ جي ڪهاڻي هئي. +پهرين ڳالهه جيڪا هنن ڪئي، جڏهن هو پاڻ پنهنجي سر ڪجهه ڪرڻ جهڙا به ٿيا، سا اِها هئي ته هنن قائد جي اُها ڳالهه ماڻهن جي ذهن تان لاهڻ گهري، جيڪا هن سڀ کان زياده واضح لفظن ۾، پوري سوچ ويچار سان، جملو جملو ۽ لفظ لفظ ڪري ، پوري زور سان ۽ اهڙي ناقابل ترديد انداز ۽ نموني سان چئي هئي، جو ڪو به ماڻهو هر گز هرگز انڪار نٿو ڪري سگهي ته اُها واقعي قائد اعظم ائين چئي هئي. +ڪهڙي اُها ڳالهه؟ +هيءُ اها ڳالهه ته ”اوهين ڪهڙي به مذهب، ذات يا فرقي جا هجو، اُن ڳالهه جو رياست جي ڪم سان ڪو واسطو ڪونهي. وقت گذرڻ سان هندو هندو نه رهندا ۽ نه مسلمان مسلمان_ سياسي خيال کان ۽ رياست جي شهرين جي حيثيت ۾....... ڪنهن به حالت ۾ پاڪستان ٿيوڪرئٽڪ رياست نٿو بڻجي سگهي....... سڀ پاڪستاني برابر آهن.“ +اِهي لفظ هاڻي شيڪسپيئر جي ڊراما جي مرڪزي ڪردار، مئڪبيٿ، جي هٿن تي رت جي داغن جهڙا پڪا ۽ اَمٽ لڳن ٿا، جيڪو دانهون ۽ چيخون ڪندو اسٽيج تي نمودار ٿو ٿئي ۽ پنهنجي هٿن ڏانهن ڏسندي چوي ٿو: ”هٽو اي رت جا نشانوء، منهنجي هٿن تان لهي وڃو، لهي وڃو!“ پر اُهي رت جا نشان اُهڙا ئي اُن جي هٿن تي بيٺا آهن! ۽ مئڪبيٿ اُهو هو، جنهن هڪ آواز ٻڌو هو: ”مئڪبيٿ، مئڪبيٿ، ننڊ توکان ويئي، ڇو ته ننڊ کي ئي ته تو خون ڪري ڇڏيو!“ +جمهوريت جو خون، جيڪو قائد جي موت کان پوءِ عمل ۾ آيو، ڇو ته ماڻهن کي اُنهيءَ حق کان ئي محروم ڪيو ويو ته هو ڪنهن سرڪش ”هينئر ۽ هتي“ جو ڪو خيال به ڪن، تنهن ملڪ جي ڪشتيءَ کي ونجهه، ويڻي ۽ سڙهه کان خالي ڪري، درياءَ جي هوائن ۽ لهرين جي منهن ۾ توائي ڪري ڇڏي ڏنو. +جڏهن اسين ڪنهن جمهوريت ۾ ماڻهن جا گوڙ، ميڙاڪا ۽ انبوه ڏسون ٿا ۽ انهن جي روش ۽ رهت کي خيال ۾ آڻيون ٿا، ته اُها اسان کي ڏاڍي بي ترتيب، ضابطي کان نڪتل، بي ڍنگي ۽ منجهيل معلوم ٿئي ٿي. +پر اُن سڀ جي پٺيان سماجي مشاهده نگارن ۽ سياسي عالمن کي عوام جي اُنهيءَ زور ۽ احساس جي اظهار جي ڪار فرمائي نظر ٿي اچي، جنهن تحت هو سمجهن ٿا ته هو پنهنجيءَ زندگيءَ ۽ اُن جي مسئلن جا مالڪ پاڻ آهن ۽ پنهنجي بري ۽ ڀلي جي فيصلي ۽ اُن جي حل جا هو پاڻ مختيار ۽ ذميوار آهن. +انگريزي ناول نگار، ڊڪنس (1812_1870ع)، جا ناول پڙهجن ٿا، ته اُنهن ۾ ڏسون ٿا ته هو تڏهوڪي لنڊن شهر جي بي پناهه ۽ پاڻ زورن انبوهن جون ڳالهيون ڪري ٿو، لنڊن جي اخبارن، لنڊن جي ڪورٽن، ۽ لنڊن جي زنده دل ڪوچوانن جا بيان لکي ٿو_ ته اُهي سڀ ڪهڙا نه سرڪش ۽ پاڻ وهيڻا گروه، ادارا ۽ ماڻهو هئا! اُها لنڊن ۽ اُهو انگلنڊ قائد به ڏٺو هو. پر اُهو انگلنڊ ۽ اُها لنڊن رڳو قائد ئي ڪونه ڏٺا هئا، پر سندس عظيم همعصر هندستاني سياستدانن ۽ مدبرن به ڏٺا هئا، جن ۾ اهڙيون اهڙيون تاريخ ساز شخصيتون به هيون، مثلۡا: سر فيروز شاهه مهتا، بدرالدين طيبجي، سر دين شاهه واڇا، جسٽس راناڊي، مسٽر ملباري، سر جمشيد جي ٽاٽا، تلڪ، گانڌي، سر سيد احمد خان، ٽئگور، ڀارتي، اقبال ۽ اڪبر الله آبادي. +هندستاني آسمان جي اُنهن چمڪندڙ ستارن مان گهڻن لنڊن ۽ يورپ کنڊ جو پاڻ سير ڪيو هو، ۽ اُنهن سڀني کي اِهو ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون ته انگلنڊ، جيڪو يورپ کنڊ جي اڱوٺي کان به هڪ ننڍڙو ملڪ هو، سو هندستان جيڏي وڏي، سڄي ساري اپکنڊ، تي قابض هو ۽ ان جو حاڪم هو! +هڪ پاسي، هنن هندستان ڏانهن ٿي ڏٺو، جيڪو ڪيترين سارين بادشاهتن ۽ شهنشاهتن جي زوال جو مرڪز هو؛ ۽ جيڪو فقط ڏيڍ سئو سال اڳ دنيا جو سڀ کان شاهوڪار ملڪ هو (اورنگزيب جي خزاني ۾ چيو ٿي ويو ته سڄا سارا يارهن مڻ ته رڳي هيرا، موتي ۽ جواهر گڏ ٿيل هئا، ۽ گولڪنڊي جي مير جملي وٽ، جيڪو هن جو وزير هو، اُن وٽ سندس آقا کان به وڌيڪ يعني 27 مڻ موتي ۽ هيرا جواهر موجود هئا)؛ ۽ جيڪو ذهني عظمت ۽ فڪري بلنديءَ جي خيال کان ڪڏهن ته سڄيءَ دنيا جي نگاهن جو مرڪز هو؛ ۽ ٻئي پاسي هنن ڏٺو ٿي ته اُهو ساڳيو هندستان اڄ پٺيءَ ڀر ڪِريل هو، جنهن جي بيمار ۽ پنگلي بت تي هيترا سارا نواب ۽ راجائون هئا، جيڪي اصل ته مرهٽن، جاٽن، پنڊارن، روهيلن ۽ ٻين اهڙن بهادر ۽ پهلوان قومن ۽ قبيلن جا پونير هئا پر اڄ اُهي، انگريزن جي پناهه ۾، هندستان جي اُن بيمار ۽ پنگلي بت تي رڳو چچڙن وانگر چهٽا پيا هئا. ۽ هوڏانهن هنن هي ڏٺو ٿي ته ڪيئن هڪ معمولي ننڍڙو انگلنڊ جو ملڪ، جيڪو جمهوري ملڪ هو، سو پوري ڇهن هزارن ميلن جي مفاصلي تان ساڳئي اُن ملڪ هندستان تي ائين حڪومت ڪري رهيو هو، جو اُتي ڪا جهرڪي به وڻ تان ڪِري ٿي ته اُن جي خبر به اُتي پنهنجي ملڪ ۾ ويٺي ويٺي، اُن کي پئجي ٿي ويئي! +هنن تيز نگاهه رکندڙ عظيم شخصيتن ڏٺو ته دراصل هندستان جي تنزل جو بنيادي سبب اُن جي عام ماڻهو جي انساني شخصيت جو زوال هو، جيڪا ذات پات ۽ ڏنڊي جي راڄ هيٺ دٻجي، نپوڙجي ۽ چيڀاٽجي رهي هئي ۽ جنهن ۾ خودداريءَ ۽ پاڻ وهيڻائيءَ جو احساس بلڪل ئي ناپيد ٿي چڪو هو، ۽ ٻئي پاسي انگلنڊ هو جنهن جو عوام پنهنجي دارالعوام معرفت دنيا جي اڌ کان به وڏي ڀاڱي تي راڄ ڪري رهيو هو! +اُن زماني ۾ جيڪي انگلنڊ ويا ٿي، تن اُتي جيڪڏهن ڊڪنس جي ناولن جا مسز بلنڊيل جهڙا باهمت ۽ خود دار عامي ڪردار جيئرا جاڳندا ٿي ڏٺا، ته اُنهن اُتان جي هر دلعزيز مهاراڻي وڪٽوريا جي جاهه ۽ جلال جا مشاهدا ۽ نظارا به اکئين ڏٺا ٿي، جيڪڏهن هڪ طرف هنن هائڊپارڪ جي تقرير بازن جون بي خوف زبان درازيون ٿي ٻڌيون، ته ساڳئي وقت اُتي اُنهن راڄ نيتيءَ جي ڄاڻن، ڊسرائيلي ۽ گلئڊ��ٽن جهڙن سياستدانن ۽ سماجي عالمن، جا مقالا ۽ ليڪچر به ٻڌا ٿي، جيڪي، شاعر ٽينيسن جي لفظن ۾، اُهي ماهر ۽ مدبر هئا، ”جن کي خبر هئي ته موقعي کي هٿ ۾ ڪيئن جهلجي، ۽ آزاديءَ جي حدن کي اڃا وڌيڪ ڪيئن وڌائجي ۽ وسيع ڪجي“. +هُنن انگلنڊ ۾ آزاديءَ جي نعمت کي ڏٺو ته اُها ئي انگلنڊ جي قوت ۽ اُن جي عظمت ۽ شان جو سرچشمو هئي. اُتان جي ماڻهن جي ذهني ڪشادگي ۽ قلب جي وسعت تڏهن ظاهر ٿي، جڏهن هُنن ووٽ ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته هندستان جي قديم مرض جو واحد علاج اُن جي آزادي هئي. اُنهن جي وڏيءَ اڪثريت، پنهنجي حوصلي ۽ دلي استقامت کان ڪم وٺندي، زوردار آواز اُٿاريو ۽ مطالبو ڪيو ته هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ به اُها ئي جمهوريت موجود هئڻ کپي، جهڙي سندن پنهنجي انگلنڊ ۾ هئي. +اسان جي پنهنجن اُنهن عظيم بزرگن ۽ ڏاهن اڳواڻن پوءِ پوئتي پنهنجي ملڪ ۾ ڏٺو ته هتي جمهوريت جي آڏو ڪيترا وڏا ڇيڏڪ ۽ و ِگهُن َ موجود هئا_ وگهن ۽ ڇيڏڪ ، مثلۡا ذات پات جي لعنت، ڀرم ۽ سنسي ۽ بيمار روايت جو موتمار بار، راجائن ۽ نوابن جا چهٽيل خوني چچڙ، سماجي انياءَ جا پراڻا ۽ پوتر ادارا مثلۡا بيوه عورتن جي ٻيءَ شاديءَ تي بندش وغيره، عوام جي اٿاهه جهالت، ۽ اهڙيون ٻيون هزارين روڪون ۽ رنڊڪون جيڪي آزاديءَ جي روح کي چيچلايو ۽ چيڀاٽيو بيٺيون هيون ۽ ان کي ڦلڻ ڦولڻ نه ٿي ڏنائون. اُنهن اسان جن بزرگن مان، پوءِ هر هڪ پنهنجي پنهنجي دلي لاڙي ۽ ذهني پسند مطابق ۽ پنهنجي پنهنجي صلاحيت آهر، برصغير جي خدمت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ان جي بيوس عوام کي اٿارڻ ۽ سجاڳ ڪرڻ جو ذمو کنيو. +جيڪڏهڻ گوڪلي پوُني ۾، ”سرونٽس آف انڊيا سوسائٽيءَ“ جهڙي پاڻ گهُوريندڙ خادمن جي جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جهڙو مثال اڳي بر صغير ۾ ڪو نه هو؛ ته ذهني سجاڳي کي هندستان جي لافاني تهذيب ۽ فڪر جي پائدار عمارت جي پيڙهه جي پٿر بنائڻ لاءِ اقبال اُن تهذيب جي امرتا جا هِنن لافاني لفظن ۽ دلتواز ترنم ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيا: +يونان و مصر و روما سب مٽ گئي جهان سي، اب تک مگر هي باقي نام و نشان همارا، کچهه بات هي که هستي مٽتي نهين هماري. +صديون رهاهي دشمن دور زمان همارا. +۽ جمشيد جي ٽاٽا هِن سرزمين جي آزاديءَ، خودمختياريءَ ۽ عظمت جي ڪارڻ کي وڌائڻ لاءِ اُن ۾ صنعت ۽ حرفت جا بنياد وڌا، ۽ اُن لاءِ هڪ پاسي هُن لوهه جا ڪارخانا قائم ڪيا، ته ٻئي پاسي، لارڊ ڪرزن، جي مخالفت جي باوجود جنهن چاهيو ٿي ته هندستان علمي ۽ سائنسي طور اڳتي وڌڻ بدران رڳو پنهنجي قديم آثارن جي حفاظت ۾ ئي محو رهي، هُن (ٽاٽا) بئنگلور ۾ ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس“ قائم ڪئي. +اهڙيءَ طرح اُنهن اوائلي بزرگن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ مطابق اڳتي قدم وڌايو. ۽ قائد پنهنجي هٿ ۾ جمهوريت جي پرورش جو ذمو کنيو_ جمهوريت، جيڪا برصغير جي مسئلن کي پوريءَ طرح ۽ رڳو پارلياماني سياسي طريقي ڪار وسيلي حل ڪري سگهي ٿي. ۽ هُن فقط هڪ باقاعدي، لاڳيتيءَ، بلڪل صحيح پارليماني طرز سان ۽ هميشہ ڪنهن شڪ کان بالاتر ۽ صاف سٿري، ديانتدار ۽ بي خوف، عقلي، دنيوي منطقي دليلن سان انگريزن ۽ پڻ پنهنجي هموطن ماڻهن کي سنئين رستي جي ڏسڻ ۽ ڳالهين کي سمجهڻ ڏانهن مائل ڪرڻ گهريو ٿي. +سچ پچ ته بيورَلي نڪولس ڳالهه جي حقيقت کي پاڻ گهٽائي ٿي چيو ته ”جناح جهڙو ته ٺهيو پر جناح کان اٺين نمبر تي به ٻيو ڪو مسلم ليگ ۾ ڪو نه هو.“ هو گهڻو غلط نه هجي ها، جي چوي ها ته قائد کان اٺين نمبر تي ته ڇا پر 80 نمبر تي به ٻيو ڪو مسلم ليگ ۾ ڪو نه هو. +ڇاڪاڻ ته پوئتي ڪنڌ ورائي هاڻي ڏسون ٿا ته هن کان پوءِ ڪو هڪ به اهڙو ڪو نه هو، جو هُن سان گڏ ته هو پر جنهن قائد وانگر جمهوريت جي اُن روشنيءَ جي ڪا جهلڪ به ڏسي ورتي هجي ها، جنهن جمهوريت انگلنڊ کي ايڏو عظيم ۽ اجيت بڻايو هو. + + +درحقيقت اُها جمهوريت رڳو ڪنهن حڪومت جي سرشتي جي ڳالهه به ڪانه هئي، اُها ته انساني عظمت ۽ شان جو اُهو هڪ اصول هو، جيڪو جمهور (عوام) جي هر ماڻهوءَ جي اصل ممڪنات کي ائين اُڀاري ۽ آزاد ڪري ٿو، جو ننڍڙي پتڪڙي انگلنڊ جو دارالعوام هڪ پاسي روس جي گادي سينٽ پيٽرس بزرگ ۾ ويٺل روسي شهنشاه پيٽر اعظم جي دل کي گرمائي ۽ جوش ۾ آڻي ٿو ڇڏي، ۽ ٻئي پاسي سينٽ هيلينا ٻيٽ جي هيڪليءَ هڪ قبر ۾ نيپولين جهڙي سڄي يورپ جي فاتح کي دفنائي ٿو ڇڏي، ۽ پاڻ ساڳيو خوش طبع انگلنڊ بڻيو، ڳائيندو، نچندو، شاعري ڪندو ۽ ڊڪنس جا ناول ”پڪو ِڪ پيپرس“ ۽ ”سن گراسز“ لکندو ۽ تخليق ڪندو رهيو. +قائد ۽ اُن جي همعصر هنن محب وطن عظيم شخصن جيڪا برصغير جي جامع حقيقت ۽ جملي صورتحال ڏِٺي ۽ اُن کي هُنن بدلائڻ جي همٿ ٿي ڏيکاري ۽ سعيو ٿي ڪيو، ۽ اُهو به رڳو پنهنجي ذهني قوت ۽ ارادي جي روحاني زور سان ۽ پنهنجي انساني حد کان به اوچيءَ پُر اميد بلند نگاهيءَ سان اُن سندن همت ۽ سعيي کي ڏسندي ۽ خيال ۾ آڻيندي، اڄ به اسان جي دل امنگ ۽ جذبي ۾ ڀرجي ٿي وڃي، ۽ پاڻ کي خوش نصيب ٿا سمجهون ته اسين به اُن دور ۾ رهياسين. +هنن تاريخ تي نگاهه رکندڙ سڄاڻ شخصن هندستان ۾ فڪري، سماجي ۽ ذهني موت ۽ تباهيءَ جا کنڊر ڏٺا، موريه شهنشاهيت جا، گپتا شهنشاهيت جا، اڪبر جي شهنشاهيت جا، ۽ پڻ ٽيپوءَ جهڙن بهادرن جي سرويچيءَ ۽ خود قربانيءَ جا. +۽ اُنهن کنڊرن جي وچ ۾ هُنن اڪثر اُهي راجائن ۽ نوابن جي صورت جا ڪوئا به ڏٺا، جيڪي انگريزي عملدارن جي آڏو ڏڪندا، پگهر ڳاڙيندا ۽ اُنهن جا پير چمندا ٿي رهيا ۽ پنهنجن ماڻهن کي اُهو ئي پنهنجن پيرن هيٺيان چپيندا ۽ ڳاهيندا، بي عزت ۽ بي مانو ڪندا ٿي رهيا، ۽ اُهي ئي پنهنجي غريب ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي آڏو، جن تي هو تڳي رهيا هئا، ڀتيون بڻيا بيٺا هئا، ۽ پنهنجين رياستن جون آمدنيون ملڪ کان ٻاهر پئرس جي طوائف گهرن ۾ لُٽائيندا ۽ وڃائيندا ٿي رهيا. +ملڪي ترقيءَ جي آڏو اُنهن اسان جي باخبر بزرگن ٻيون ڇپون ۽ ٻيا پٿر به پيل ڏٺا، جيڪي هنن جاگيردارن ۽ انعام دارن، خانبهادرن، راءِ بهادرن سردار بهادرن، هنن بهادرن ۽ هُنن شاهه شغالن ۽ ٻين اهڙن جي حضورن جي صورت ۾ ڏٺا، جيڪي برطانوي ڪليڪٽرن ۽ اُنهن جي ديسي ايجنٽن جي آڏو اِئين پڇ لوڏ لايو بيٺا هئا، جو پنهنجن اُنهن آقائن جي رڳو اک جي اشاري تي ئي هو پنهنجي عزيزن قريبن مان ڪنهن جي به پٽڪي لاهڻ ۽ مٿي ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ تيار هئا، هنن کي فقط پنهنجن آقائن جي خوشنودي گهربي هئي_ ايتري قدر، جو هڪڙي مزاحيه شاعر چئي ڏنو_ +خانبهادر ني جو دم توڙا تو بولي هنس کي موت، قبر مين اب لاٽ صاحب آئينگي امداد کو. +۽ اڪبر الهه آباديءَ کي چوڻو پيو_ +جدهر صاحب ادهر دولت، جدهر دولت ادهر چندا، جدهر چندا ادهر ”آنر“، جدهر ”آنر“، ادهر بندا! +اُهي سڀئي فرض بردار جيوڙا پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي آسپاس جي انساني ۽ سماجي حقيقتن کان ايترا پري هئا، جو لارڊ مانٽيگو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته هندستان جي سياستدان ۽ محب وطن اڳواڻن سان ڳالهائيندي، اُنهن جي علم، دل جي اون ۽ اوسيڙي ۽ ذهني بلندي تائين رسندي رسندي، هن جو مغز چڪرائجي ويندو هو، ۽ ٻئي پاسي جڏهن هو راجائن ۽ نوابن سان ڳالهائيندو هو ته کيس رڳو اُنهن جي پريشانيءَ جون ڳالهيون سندن ڪتن جي صحت، اصل نسل ۽ سک سلامتيءَ بابت ۽ انهن جي ڪُتين بابت، سندن ڀولڙن، سندن گهوڙن ۽ سندن ڪبوترن بابت ٻڌڻيون پونديون هيون، ۽ اُن لاءِ وقت بوقت ۽ هر هر کيس هنن سان هائو ۾ هائو ملائڻي پوندي هئي! +قائد ۽ سندس همعصر مشاهيرن کي آزاديءَ، جمهوريت ۽ انساني روح جي اوسر ۽ ترقيءَ جي آڏو انهن ڇيڏڪن، رڪاوٽن ۽ بندن سان منهن ڏيڻو پوندو هو. +۽ انگريزن جي طرف هُنن کي وري، هتي هندستان ۾، انهن انگريزن سان منهن ڏيڻو پوندو هو، جن کي هندستانين جو ايترو خيال به ڪو نه هوندو هو جيترو پنهنجن گهريلو پاليل ڪتن جو. +جيڪي انگريز هندستان ۾ آيا ٿي، خاص طرح اُهي جيڪي 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي هار کان پوءِ عملداري يا حڪمراني ڪرڻ لاءِ هيڏانهن ٿي آيا، تن مان اڪثريت جي تجاهل جاهلانه يا تجاهل عارفانه، ۽ هوڏي روشِ جون ڳالهيون سچ پچ ته ماڻهوءَ جي دل کي جلائڻ لاءِ ڪافي هيون. +سر سيد جهڙي وڏي ماڻهوءَ کي به هڪڙي بنهه معمولي انگريز عملدار چيو، جڏهن سر سيد هن جي گهر هن سان ملڻ ويو،” بوٽ لاهي پوءِ اندر اچ!“ ۽ سر سيد اهڙيءَ بي عزتيءَ جي سهڻ بدران اُتان ئي پٺ ورائي موٽي ويو. +پر سر سيد جهڙا ٿورا هئا ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ هئا، گهڻا اهڙا به هئا، جن نه رڳو اهڙين بلڪ اِن کان به وڏين جٺين کي قبوليو ٿي، ۽ نه رڳو قبوليو ٿي، پر اُنهن تي فخر ٿي ڪيو. ڪنهن موقعي تي جڏهن هڪڙي انگريز عملدار کي هڪڙي ننڍي گند جي نالي تان ٽپڻو ٿي پيو، تڏهن هڪڙو ناميارو سردار وڌي اڳيان اچي بيٺو، ۽ صورتحال کي ڏسي، هڪدم ٽپ ڏيئي گند جي نالي جي ڪني پاڻيءَ ۾ چيلهه سوڌو گهڙي، پُٺي ٻيڻي ڪري بيهي رهيو، ته جيئن اُهو انگريز بهادر هُن جي پُٺيءَ تي پير رکي، صحيح سلامت گند جو نالو ٽپي، پار ٿي سگهي! +مختصر ڳالهه هيءَ ته هندستان ۾ انگريزن جو، خاص طرح 1857ع جي واقعن کان پوءِ، ايترو ته خوف ۽ ڏهڪاءُ هو، جو قائد ۽ سندس روشن صفت همعصر شخصن جو اڀرڻ ۽ اٿي حالات سان منهن مقابل ٿيڻ، ائين هو جئين مثالي ققنوس پکيءَ جو ڪنهن چندر گپت ۽ ٽيپو سلطان جي رک مان ٻيهر جي اٿڻ_ جن ٻنهي امر انسانن پنهنجي حمله آورن جي اکين ۾ اکيون وجهي، ٽانڊن وانگر ٻرندي، اُنهن ۾ جوُهه وجهي ڏٺو هو ۽ سينو تاڻي اُنهن جي آڏو اٿي بيٺا هئا. +قائد جي هڪڙي اهڙي ئي همعصر لافاني شخص، فيروز شاهه مهتا، جو اِهو ڪو معمولي سورهيائيءَ جو ڪم نه هو، جڏهن هُن ائين چيو هو ته ”جيڪڏهن اسين هندستاني رڳو اٿي بيهون ۽ سڀ گڏجي هڪڙي هڪڙي ٿڪ اڇلايون، ته سڄا برٽش آئلس، (انگلنڊ، اسڪاٽلنڊ ۽ آئرلنڊ) هوند اُن ۾ ٻڏي وڃن!“ +اُن وقت جڏهن اسين لکين ڪروڙين عام ماڻهو سياسي طور پنگلا هئاسين، اسان جا راجا ۽ نواب ۽ ”بهادرن“ مٿان ”بهادر“، انگريزن جي ڇانو ۾ ويٺا، اُنهن جي پوسل جي مِٽي چٽَي رهيا هئا، ۽ هُنن کي قومي وقار ۽ شخصي عزت جو ڪو احساس ڪو نه هو ۽ کين ڀلجي به اِهو ياد نه ٿي آيو ته ڪو اسان جو به انسان ذات جي تاريخ ۾ شمار ۾ اچڻ جهڙو ورثو هو، ۽ اُن دور ۾ جڏهن اڪثر انگريز عملدار اسان جي منهن ۾ نهاري کلندا هئا جڏهن اسان مان ڪنهن پنهنجي قديم عظمت ۽ ذهني حاصلات جي ڪا ڳالهه ٿي ڪئي، ۽ هو اسان سان سواءِ ڪنهن ضرورت جي ڳالهائڻ به گوارا نه ڪندا هئا ۽ ائين سمجهندا هئا ڄڻ اسين گداگر هئاسين_ اُن دور ۾ ۽ اُنهن حالتن هيٺ، اُهو قائد هو، جنهن پنهنجي ذاتي لياقت ۽ صلاحيت تي ڀروسو رکندي، پوريءَ خود اعتماديءَ سان ۽ پنهنجي عزت نفس جو احترام رکندي، انگريزن جي غلاميءَ جي ٽي هزار رپيا ماهياني پگهار جي نوڪري��َ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چي ”ايترا پئسا ته مان هڪ ڏينهن ۾ ڪمائيندس!“ ۽ اُهو سامي وويڪانند هو، جنهن اسان کي پڪاري چيو: ”ڀائرو، هيءَ اُها قديم سرزمين آهي، جنهن کي فلسفي ۽ ڏاهپ پنهنجو پهريون گهر بڻايو هو، ۽ پوءِ فلسفو ۽ ڏاهپ دنيا ۾ ٻئي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويا هئا: هيءَ اُها سرزمين آهي، جتان هڪ ڀيرو وري به روحانيت جون ويرون اٿنديون ۽ زبونيءَ ڏانهن مائل انسان ذات کي ٻيهر زندگيءَ ۽ طاقت عطا ڪنديون. هيءَ ئي سرزمين آهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به پهاڙ کان وڌيڪ مضبوط ۽ اڏول بيٺي رهي آهي. هيءَ اُها سرزمين آهي، جنهن پنهنجي اَمر سگهه ۽ اَجيت روح سان سوين ڪاهون ۽ حملا، تهذيبن ۽ سڀيتائن جا، سَٺا آهن ۽ پوءِ به سلامت بيٺي رهي آهي، ۽ اسين سڀيئي واقعي اهڙي هڪ عظيم ۽ لافاني ملڪ جا سپوت آهيون.“ +۽ علامه اقبال اسان کي پنهنجي روح پرور ترنم ۽ ذي حيات نوري شعاع رکندڙ لفظن سان ائين مخاطب ٿي جاڳايو ته_ +چشتي ني جس زمين مين پيغام حق سنايا، نانک ني جس زمين مين وحدت کا گيت گايا، يونانيون کو جس ني حيران کر ديا تها، +ساري جهان کو جس ني علم و هنر ديا تها، مٽي کو، جس کي حق ني زر کا اثر ديا تها، ترکون کا جس ني دامن هيرون سي بهر ديا تها. ميرا وطن وهي هي، ميرا وطن وهي هي. +”جتي ذهن خوف کان خالي، +۽ گردن فخر سان بلند هجي، +۽ جتي عقل جو نرمل چشمو مرده روايت جي خشڪ واريءَ ۾ گم نه ٿي ويو هجي، +.... اُنهيءَ آزاديءَ جي بهشت ۾، +او منهنجا رب، +شل منهنجو وطن جاڳي اُٿي!“ +۽ قائد پنهنجي شخصي زندگيءَ ۾ پوريءَ ڪاميابيءَ سان اِهو ئي ثابت ڪري ڏيکاريو ”جتي ذهن خوف کان خالي ۽ گردن فخر سان بلند هجي، ۽ جتي عقل جو نرمل چشمو مرده روايت جي واريءَ ۾ گم نه ٿي ويو هجي“: جيئن هن جي زندگيءَ جي ڪيترن اهڙن مثالن منجهان هڪڙي اهڙي مثال مان ڏسي سگهجي ٿو. +ٻيءَ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي موقعي تي قائد ۽ انگلنڊ جو تڏهوڪو وزير اعظم، بالڊون، اوچتو هڪڙي وڏي هال ۾ آمهون سامهون گڏجي ويا:”هيلو، مسٽر جناح!“ بالڊون چيو، ۽ ”هيلو، مسٽر بالڊون!،“ بس اِهو ئي موٽ ۾ جواب قائد جو هو! ۽ هو هڪ سيڪنڊ لاءِ به بالڊون جي منهن ۾ ڏسي مُرڪڻ لاءِ يا هن سان برطانيه جي آبهوا بابت ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ، يا اهڙي ٻئي ڪنهن خوشامدي فضول ڳالهائڻ لاءِ ڪو نه ترسيو، ۽ ائين ئي ڪنڌ اوچو ڪيو، برطانوي وزير اعظم کان گهڙيءَ ۾ مٽي اڳتي هليو ويو. مسٽر بالڊون واقعي هيڪر ته سُن ۾ اچي ويو، ڇو ته هن کي پنهنجي هڪڙيءَ غلام رعيت جي ماڻهوءَ مان سچ پچ به ته ڪنهن وڌيڪ تواضع ۽ نياز مندي جي روش يا جواب جي اميد هئي، اِهو هو ”ذهن خوف کان خالي ۽ گردن فخر سان بلند!“ +۽ جيتوڻيڪ هن کي ”قائداعظم“ جو لقب ٻئي نمبر تي مليو هو (پهرئين نمبر تي مسٽر گانڌي هو، جنهن کي 1925ع ۾ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلوءَ ”قائداعظم“ جي لقب سان سڏيو هو). قائد ڪڏهن به غير واجبي يا تحڪمانه روش ڪانه ڏيکاري، ۽ ڪڏهن به هو ڪاوڙ ۾ تپي نه ڳاڙهو ٿيو، نه آپي کان ٻاهر نڪتو، ۽ نه ڪڏهن هن پنهنجيءَ ڳالهه کي مڃائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي، نه روزا رکيا ۽ نه ڪڏهن هن برت، جي ڳالهه ڪئي. +بجاءِ اُن جي، هن سياست جو هر مسئلو پوري جمهوري طريقي سان پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي اڳيان رکيو، ۽ هندستان جي برطانوي وائسراءِ کي به هر ڀيري هو ائين ئي صاف ۽ واضح لفظن ۾ چوندو رهيو (جنهن کي پهريائين ته قائد جي اُن ڳالهه تي اعتبار ئي نه ايندو هو) ته هو پوريءَ طرح پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽي جي فيصلن سان ٻڌل هو، جيڪي به اُهي ٿيا ٿي ۽ جهڙا به اُهي ٿيا ٿي_ ۽ اُن ۾ هن پنه��جي ذاتي خيالن ۽ راين کي به ڪنهن طرح دخل انداز ٿيڻ نه ٿي ڏنو. +اهو ئي هن جو پورو پورو معقول، پورو پورو جمهوري ۽ هر شڪ شبهه کان بالاتر ۽ پورو پورو ايماني عقيدو ۽ عمل هو، جنهن جو هن جي پوئلڳن مان هر هڪ کي پورو پورو يقين هو ته اُهو ئي قائد جو ورثو هو، جيڪو هو وٽن ڇڏي ويو هو_ يعني سڄي جو سڄو ۽ پوري جو پورو جمهوري فڪر ۽ عمل جو طريقو ۽ نظام. +۽ اهو ئي خاص هُن جو ورثو هو، جنهن سان هُن جي موت کان پوءِ اُها ڪار ڪئي ويئي، جيڪا ڪي عليل ۽ البيلا ٻار ڪنهن رانديڪي سان ڪندا آهن_ يعني قائد جو اُهو املهه ۽ ڳنڀير ورثو اُنهن جي هٿن ۾ سٽجي، ڪٽجي، ڦاٽي، بُج بُج ٿي ۽ بنهه پرزا پرزا ٿي ويو. +دنيا ۾ ”ڪليان“ نالي وڏي ۾ وڏي ۽ مشهور هيري جي هڪڙي ڳالهه مشهور آهي ته اُهو پهريائين هڪڙي آفريڪيءَ لڌو هو، جنهن کان هن جي پُٽ وٺي، اُهو پنهنجي هڪڙيءَ دلگهريءَ ٻڪريءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو، ڇو ته رڳو پري کان هُن لاءِ ان وڏي بي مثل هيري، شيشي وانگر چمڪاٽ پئي ڪيا! ۽ پوءِ جڏهن هڪڙي انگريز اُهو ڏٺو ته معلوم ٿيس ته اصل ۾ اُهو ڇا هو، ڪيترو املهه هو ۽ ڪيترو اڻ لڀ، تڏهن هُن اُن جي مالڪ کان اُن جي قيمت پڇي، جنهن نيٺ وڏيءَ خوشيءَ سان ٻن ٻڪرين جي عيوض اُهو اُن انگريز کي ڏيئي ڇڏيو! +بلڪل اُن طرح اُهي جيڪي قائد کان پوءِ آيا، تن هُن جي جمهوريت جو اُهو ورثو مسيح جي غدار ۽ يهوداه وانگر، ”ٽيٽيهن چانديءَ جي ٽُڪرن“ تي ڦُرائي ڇڏيو. +بي مغزائي...........سائين وڌيڪ مغزائي +سچ پڇو ته مغزائتيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي، مان ٿڪجي پيو آهيان. +۽ پڙهي پڙهي، به ٿڪجي پيو آهيان. +۽ ڏسي ڏسي ته هيڪاري ٿڪجي پيو آهيان. مان اقتصاديات جا ڪتاب پڙهان ٿو، +مان سائنس جا ڪتاب پڙهان ٿو_ +اُهي به اُهڙا ئي مغزائتا. +مان سياست جا ڪتاب پڙهان ٿو: +افلاطون کان وٺي اڄوڪن ڏاهن جا لکيل ڪتاب_ نراجي، سلطان پسند، جمهوري، سڀ سڀوئي ۽ ڪُليـتي، فسطائي، اشتراڪي_ +منهنجو اُنهن سان ڪو اتفاق هجي، يا اختلاف ان سان اُنهن جو واسطو ئي ڪو نهي. +مان ڪنهن سان اتفاق ڪريان يا اختلاف، اِهو منهنجو حق آهي. +پر اُنهن جي جنهن ڳالهه ڏانهن منهنجو ڌيان ٿو ڇڪجي، سا اِها ته هو ڪجهه مغزائتا آهن. +۽ اُنهن سڀني ۾ ساڳي به هڪ ئي اِها ڳالهه آهي ته ڪجهه مغزائتا آهن. +اِهي اديب هجن يا فيلسوف، پر ڏسجي ٿو ته هو سڀ ڄاڻن ٿا ته ڇا بابت ٿا ڳالهائين. اُنهن مان گهڻن ته پنهنجون سڄيون حياتيون سوچيندي سوچيندي گذاريون ته هن کي ڇا بابت ڳالهائڻو يا لکڻو هو.... +هو ڄاڻو هئا، ماهر هئا. +جيڪڏهن هو حجام هئا ته ڌاتن کي رجائڻ جي ڳالهه هنن ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن هو موچي هئا ته دل جي جراحت جي ڳالهه هنن ڪانه ڪئي آهي، وغيره وغيره +ڪي ماهر ته اهڙا ماهر آهن، جو اکين جو جراح، مثال طور، دندان سازيءَ جي ڳالهه نڪرندي ته چوندو ته هو دندان سازيءَ مان نه ڄاڻي. +هنن ماهرن ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻا ايترا ئي ڏکيا، ڪاريگريءَ وارا ۽ ڳوڙها آهن، جو مان اُهي پڙهي ئي نٿو سگهان. اُنهن کي سمجهڻ ۽ ڪم آڻڻ ته ٻي ڳالهه هئي. +پر پوءِ به هو ڳالهيون سڀ مغزائتيون ڪن ٿا. +خود کِـل ڀوڳ وارا ليکڪ .......... اُهي به، بهرحال، شيڪسپيئر جي چرچائي ڪردار فالسٽاف وانگر، گهڻن عالماڻن ليکڪن ۽ ڏاهپ جي صاحبن کان پاڻ وڌيڪ مغزائتا معلوم ٿا ٿين. +سروينٽيس بلڪل غلط هو، جڏهن هن سمجهيو ٿي ته سندس ڪتاب ”ڊان ڪئگزوٽ“ رڳو بي مغزي کل مسخري جو ڪتاب هو، وغيره وغيره وغيره. +پر دنيا ته اُن کي شايد وڏن کان وڏن ڪتابن ۾ شمار ڪري ٿي، اصل ٽالسٽاءَ جي ڪتاب ”جنگ ۽ امن“ سان گڏ رکڻ جهڙو. +ساڳي اهڙي ڳالهه جو ناٿن شئفٽ جي ڪتاب ”گليور جا سفرناما“ جي به آهي. +اِنهيءَ ڪري، مان هنن مغزائتين، مغزائتين ۽ مغزائتين ڳالهين مان بيزار ٿي پيو آهيان، جيڪي سڀ رڳو ٻاهران ائين بي مغزيون ٿيون لڳن. +مون کي خالص شيءَ گهرجي، خالص بي مغزي، خالص، بنهه خالص. +مون کان اِن ڳالهه ۾ ڪو کوٽ يا چالاڪي نٿي سَٺي ٿئي. +مان سچ پڇو ته بي مغزائيءَ جي تلاش ۾ آهيان، هر هنڌ، هر وقت....... +اصل ”ڳوليان ڳوليان، ۽ لهان!“ واري ڳالهه وانگر مون اُن کي هتي ڳوليو، هُتي ڳوليو، هيٺ مٿي ڳوليو، اندر ۽ ٻاهر ڳوليو، ساڄي ڳوليو، ۽ کاٻي ڳوليو، ۽ بنهه وچ تي به ڳوليو. +مان ته هاڻي لڳ ڀڳ نا اميد ٿي پيو آهيان،ته ڪٿي مون کي ڪا نج، خالص، ملاوت کان پاڪ بي مغزي ڳالهه ڪڏهن ملي به سگهندي – ڇو ته اڄڪلهه هر شيءَ ملاوتي ٿي پيئي آهي. +خود ملاوت به ملاوتي ٿي پيئي آهي. +خراب ۾ خراب ڳالهه ته سچ پچ اِها آهي. +اِنهن حالتن ۾ ماڻهو جي دل سُسيو وڃي، ۽ ماڻهو هر نموني جي رڳو گاڏڙ ساڏڙ ۽ جڙتو شين سان هريو پيو آهي ۽ اُنهن سان جڙ جي ٿو وڃي. +مان اهڙي ئي هڪ اونهي دک ۽ نراسائيءَ جي ڪُن ۾ ورتل هوس،ته جان بُنيان، پنهنجو ڪتاب ”زيارتيءَ جو سفر“ نالي وارو، هٿ ۾ جهلي، مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين ته ”پرهه ڦٽڻ کان اڳ گهاٽيءَ اوندهه جي گهڙي به ايندي آهي، ۽ مسافر کي کپي ته نامراديءَ جي بحر مان لنگهندي، پنهنجي دل نه لوڙهي- ڇو ته روشنين جو شهر سامهون آهي! (اُهو روشنين جو شهر يقينن ڪراچي جو شهر نٿي ٿي سگهيو، ڇوته ڪراچيءَ جي بجلي ڪارپوريشن وارن جي روشنيءَ، وري وري گل ٿيڻ سان، مصنف بُنيان يا ان جي ڪنهن زيارتي مسافر جي دل ۾ ڪراچيءَ لاءِ ڪشش باقي ڇڏي ئي ڪانه آهي.) +ڇا به هجي،پر مان ترسيو رهيس، ترسيو رهيس...... ۽ اوچتو اوچتو ڇا ٿو ڏسان ته منهنجي آڏو خالص بي مغزائي بيٺي هئي- نه رڳو منهنجي آڏو پر مون جهڙن ٻين هزارن لکن بي دريافتن جي آڏو به، جن جي مٿان بي مغزائي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سزا ٻڌجي چڪي هئي، ۽ مان هوس، جو ههڙي صاف ۽ پڌري ڳالهه ڏسي نه سگهيو هوس! +هيءَ پڌري ۽ ڏٺي وائٺي ڳالهه ڪانه ڏٺي هيم، ڇاڪاڻ ته اُها ايتري پڌري هئي، ايتري پڌري هئي، اصل اکر به اکر، سنئين سڌي ۽ منهان منهن پڌري، جو اُن جي اُن پڌرائيءَ ڪري ئي اُها ڏسجي سگهي. +اُها سڄي جي سڄي، پنهنجي سر پاڻ منهنجي آڏو هئي، منهنجي اکين آڏو ....شل ڪا سولي ٿيئس! ننهن کان چوٽي تائين، سڄي ساري، سامهون ئي سامهون بيٺي هئي- بس، ماڻهوءَ کي ڪرڻو رڳو هيءُ هو، جو اُن کي ڏسڻ لاءِ هٿ وڌائي، ٽي ويءَ يا ريڊيو جو کڻي بٽڻ کولي--. +ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي +هڪڙي ڪنهن اُلڙيل اسڪول ۾ هڪڙو قيءَ جهڙو ڪو ڊرل ماسٽر هوندو هو، جنهن جي رڳو نالي کان به شاگردن کي دُر وڙيون اينديون هيون. +ايتري قدر، جو هنن جي دل ۾ هن جوڪڏهن خيال ئي ايندو هو، ته هو پنهنجي دل سان وڙهي پوندا هئا ته اُن اُهو خيال پاڻ وٽ اچڻ ئي ڇو ڏنو. +پر اُن بابت هو ڪري ڪجهه نٿي سگهيا، ڇو ته اسڪول جي هيڊ ماستر کي پنهنجي مقصدن ۽ مصلحتن جي سلسلي ۾، اُن همراهه جي ضرورت هئي. +انهيءَ ڪري ويچارا شاگرد اُن معاملي ۾ رڳو اِهو ئي ڪجهه ڪري ٿي سگهيا، جو اهڙين حالتن ۾ شاگرد ڪندا آهن- يعني بُڇان، بُڇان، بڇان، پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان، سڄي ذهن سان، سڄي پنهنجي روح سان، هر پنهنجي ساهه سان ۽ پنهنجي پوري وجود سان،هو بڇان ڪرڻ لڳا، ۽ بڇان ڏيکارڻ لڳا. +هو خود ڌرتيءَ کان ئي بڇان ڪرڻ لڳا، ڇو ته هو اُن ڌرتي تي موجود هو. هو سج کان بڇان ڪرڻ لڳا، ڇو ته سج هن تي به اُس ٿي ڪئي. ه�� چنڊ کان بڇان ڪرڻ لڳا، ڇو ته چنڊ هن تي به چانڊوڪي ٿي ڪئي. +سڀ کان وڌيڪ هُنن وڄ کان بڇان ٿي ڪئي، ڇو ته اُها ڪِري ٿي ته هُن جي مٿان ڪانه ٿي ڪري. +هنن پنهنجي قسمت کان بڇان ٿي ڪئي، جو هو اُن اسڪول ۾ اچي داخل ٿيا هئا، يا اهو اُتي اچي موجود ٿيو هو، جتي واقعي هنن پڙهڻ گهريو ٿي ۽ جتي هنن پنهنجي جواني ماڻڻ گهري ٿي، ۽ جوانيءَ جا تازا تازا امنگ ۽ خيال ماڻڻ گهريا ٿي. +هنن پنهنجي مائٽن کان بڇان ٿي ڪئي، جو هنن کين تڏهن ڄڻيو هو، جڏهن اُهو شخص کُپ کوڙي، ڊرل ماسٽر بڻجي، اُتي اچي ويٺو هو. +سڀ کان وڌيڪ هنن هيڊ ماستر کان بڇان ٿي ڪئي، جنهن انسان جي ويس ۾ هڪڙي ههڙي بڇان لائق پسونءَ کي پٻي ڏيئي، مٿي تي چاڙهي ڇڏيو هو. +پر هيڊماستر کي ڪا به پرواهه ڪانه هئي، ته شاگردن اُن باري ۾ ڇا ٿي محسوس ڪيو يا سمجهيو. +سچ پچ به ته هيڊ ماستر شاگردن جي جذبن ۽ اُمنگن جي اڳ به ڪڏهن ڪا پرواهه ڪانه ڪئي هئي. +هيڊ ماستر کي جيڪڏهن ڪو اونو هو ته رڳو ٻئي هيڊماستر جي مقابلي جو هو، ته اُهو ڪڏهن هُن کي اُتان هٽائي نه ڇڏي. +اِئين ٻن هيڊماسترن جي وچ ۾ شاگردن ويچارن جي مفاد ۽ ڀلائيءَ جي ته ڪا ڳالهه شمار ۾ ئي ڪانه ٿي آئي، ۽ ائين هيڊ ماستر بلڪل خوش هو ته ڊرل ماستر هن جو فرمانبردار هو ۽ ان جي بڇان لائق وجود مان هن کي فائدو هو. +هيڊ ماستر کي اِن ڳالهه جو خيال به ڪونه هو ته جيترو وڌيڪ بڇان لائق سندس هيءُ ڊرل ماستر ثابت ٿي ٿيو ۽ اُن جي هن پُشتي ٿي ڪئي اوترو وڌيڪ سندس شاگردن ٻئي هيڊماستر جي طرف ٿي تاڻيو ۽ واجهايو- ڏاڍيءَ سڪ ۽ اُڪير مان – ته هو اچي هنن کي اُن بڇان لائق حيوان مان نجات ڏيندو ۽کين ڪنهن سولي ساهه کڻڻ جو وجهه ملندو. + + +پر، شاگرد جنهن حالت ۾ هئا، ۽ جنهن ۾ هُـنن پاڻ کي ڏٺو ٿي، اُن ۾ هو سڀ چپ چپ تي چاڙهيو، خاموش ويٺا رهيا ۽ ڪنهن به ڳالهه جو ڪو اظهار ڪو نه ٿي ڪيائون. +سواءِ سندن هڪڙي نٺر ڇوڪري جي. +پر اُن به ٻيوڪجهه ڪو نه ٿي ڪيو. +هُو فقط سوچيندو رهيو، سوچيندو رهيو، فقط سوچيندو، سوچيندو ۽ سوچيندو رهيو_ بس، اهو ئي ڪجهه سوچيندو رهيو، جو ڪجهه اهڙي ماڻهوءَ لاءِ سوچي سگهجي ٿو، جيڪو بڇان لائق هجي. +ان شاگرد ۾ اهڙي ڪا خصلت هئي يا ڪا ڳالهه هئي، جيڪا اُن بڇان لائق ڊرل ماسٽر کي ڏاڍي خراب ٿي لڳي، ٿيندي ٿيندي، اُها هُن جي سهڻ کان ٻاهر ٿي ويئي. +ان جي تدارڪ طور هن اُنهي شاگرد کي ڏاڍيءَ ڪنهن سخت سزا ڏيڻ جو خيال ڪيو، ته اُها جيئن ٻين لاءِ هڪڙو مثال رهي. +پوءِ، هڪڙي موقعي تي، جڏهن ڊرل جو پيرئڊ هو، ۽ ڊرل هلي رهي هئي، ته هُن اُن شاگرد ۾ اکيون وجهي، گهوري گهوري، هن جي منهن ۾ ڏٺو، ۽ زور سان رڙ ڪندي، هن کي چيائين: ”اِها، پنهنجي منهن تان اِها....... هٽائي ڇڏ!“ +”ڇا هٽائي ڇڏيان؟“ شاگرد حيران ٿيندي، پڇيو. ”اها راءِ پنهنجي منهن تان هٽائي ڇڏ!“ +”اِها راءِ، آءُ ٿو چوان اِها راءِ منهن تان اِها راءِ هٽائي ڇڏ!“ +”پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ شاگرد پڇيو. +”ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڪيئن ٿو ٿي سگهي...... ڪيئن ٿو ٿي سگهي....!“ هوا ۾ پڙاڏو گونجيو. +”نٿو ٿي سگهي..... نٿو ٿي سگهي........نٿو ٿي سگهي.........“ چوڌاري آواز اُٿيو. +سلام انهن تي جي آزاد آهن +مهتاب چنا، جيئري ئي، لافاني ماڻهن جي صف ۾ شامل ٿي ويئي. +لافاني ٿيڻ لاءِ سقراط جو ڏسيل نسخو رڳو هيءُ آهي ته ڇا به ٿي پوي، ماڻهو پنهنجن اصولن سان سچو هجي ۽ اُن لاءِ جا به قيمت ڏيڻي پوي، تنهن جي ڏيڻ لاءِ تيار رهي. +”اوهين جيڪي طاقت ۾ آهيو، منهنجي مارڻ مان اوهان کي ڇا ورندو؟“ +سقراط پڇيو هو ”آءُ هونئن ئي پوڙهو مڙس ��هيان ۽ مهينن ۾ قدرت ئي پنهنجو ڪم ڪري ها ۽ پير سنيءَ ۾ ئي آءُ مري وڃان ها.۽ منهنجي مارڻ مان هاڻ، اوهان کي ڇا ورندو، ڇو ته آءُ ته امر آهيان؟“ +”ڪيئن ٿو چوين ته تون امر آهين؟“ +”انهيءَ ڪري ٿو مان ائين چوان، ڇو ته آءُ جيڪو سچ ٿو سمجهان اُهو چوان ٿو ۽ اُن سان ناتي نباهڻ جي مون ۾ همت آهي ۽ اُنهيءَ پنهنجي ناتي جي حق جو بچاءُ آءُ پنهنجي ساهه سان ڪريان ٿو.“ +”ڇا اها تمام وڏي قيمت ڪانهي؟“ +”اها ڪجهه قيمت ڪانهي. امرتا ذهن جـِي، روح جـيِ، هڪ ڪيفيت آهي. گوشت پوست جي نه رت جي نه جن جو هڪڙي ڏينهن ته نڌان ٿيڻو آهي. امرتا آزاديءَ جي زندگي آهي، جيستائين اُها زندگي ڌرتيءَ تي قائم آهي. امرتا آزاديءَ جو امنگ آهي. جيسين منهنجو ضمير مون سان گڏ آهي، تيسين آءُ تنها نه آهيان، جيسين سچ منهنجي خوراڪ آهي، تيسين آءُ ڍاول آهيان، ڏاڍ ۽ راڄ _ هٺ َ آڏو آڻ کان انڪار_ زندگي جي سفر ۾ منهنجي روح جيِ اُڏند کٽولي اها آهي.“ +”تو سوچيو به آهي ته جيڪڏهن سڀئي ماڻهو، خاص طرح اٿينس جا ڳڀرو جوان، ائين تنهنجي پٺيان هلن، ته ڇا ٿيندو؟“ +”ڪنهن لاءِ به منهنجي پٺيان هلڻ ضروري نه آهي. هن کي فقط پنهنجي ضمير جي پٺيان هلڻو آهي. ۽ اِهو به مٿن ڇڏيل آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي ضمير جي پٺيان هلندا، ته آءُ سمجهان ٿو ته هو مون وانگر پاڻ کي آزاد محسوس ڪندا. مون ڪڏهن به هنن کي پنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ نه چيو آهي. مون رڳو هنن کان سوال پڇيا آهن_ هائو، سوال پڇيا آهن_ اِنهيءَ ڄاڻڻ لاءِ ته ڇا، هو ڄاڻن ٿا ته هو ڇا ٿا ڳالهائين ۽ ڇا بابت ٿا ڳالهائين_ انهيءَ ڄاڻڻ لاءِ ته ڇا، هو اُنهن لفظن جي معنيٰ ڄاڻن ٿا، جيڪي هو استعمال ٿا ڪن ۽ استعمال ڪندا ٿا رهن: ڇا ڪاڻ ته لفظن جو غلط ۽ اَجوڳو استعمال کين سندن پنهنجي مقصد جي ابتو ڏس ڏيئي سگهي ٿو ۽ گمراهه ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ مون ڪنهن کي ڪڏهن ڪو نه چيو آهي. اُنهن وٽ پنهنجي اندر جو آواز آهي. جنهن جي پٺيان هو هلي سگهن ٿا ۽ ائين امرتا جو احساس ماڻي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پوءِ، سندن پنهنجي اندر ۾ جيڪو سچ آهي، اُن سان سندن ناتو جڙندو ۽ هو اُن سان گڏجي هڪ ٿي ويل هوندا.“ +جُــڳن کان، لافاني انسان، وڏا ۽ ننڍا، ڄاتل اڻ ڄاتل، ٻيو نه ته اِن آزاديءَ جي احساس سان مالامال رهيا آهن _ ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڪري ٻيو ڪجهه هنن کي ملي نه سگهيو آهي، ته اهو آزاديءَ جي احساس جو احساس ئي هُنن لاءِ ڪافي رهيو آهي. اُهو احساس ته هو غلام نه آهن، اُهو احساس ته هو ڪامل شخصيت جا، جامع وجود جا، مالڪ آهن. +”قابل نفرت حڪم ڏيڻ کان بدتر ڳالهه آهي اُن قابل نفرت حڪم کي مڃڻ“ انساني آزاديءَ ۽ انساني فضيلت ۽ شان جي هڪڙي سورهيه سرويچ جو اِهو قول اڄ به اسان لاءِ برق جي تجليءَ مثل آهي. ۽ مهتاب چنا، جنهن اهڙي هڪڙي حڪم کي نه مڃيو، جيڪو هن جي نظر ۾ قابل نفرت هو، ائين ڪرڻ سان پنهنجي سگهه، سُرت ۽ پهچ مطابق گويا بني نوع انسان کي آزاديءَ جو گهربل هڪڙو ساهه عطا ڪيو آهي. +ڇاڪاڻ ته هر ڳالهه جي حد هوندي آهي_ چريائيءَ ۽ جهنگلي پڻي جي به، +ڏاڍ ۽ راڄ هٺ جي به هڪ حد هئڻ ضروري آهي، تنگدلي ۽ تعصب جي به هڪ حد هئڻ ضروري آهي. هن يا هُن جي نالي ۾ ٻين کي جڪڙڻ ۽ ٻڌڻ جي به هڪ حد هوندي آهي. +انسان ذات کي خوار ڪرڻ ۽ بي عزت ڪرڻ جي ڪوشش جي به هڪ حد هوندي آهي. +ٻين جي لاچاري ۽ بيواهي حالت مان اجوڳ فائدي وٺڻ جي حيواني سڌ جي به هڪ حد هوندي آهي، +ڇو ته ”جڏهن غلام سوچڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن غلاميءَ جي خاتمي جي شروعات ٿيندي آهي“. +دائمي ڪمهلائپ ۽ مستعد بيوقتائيءَ جي جاهل حرص جي _ ۽ تازه دم ۽ نون دماغن کي مئلن جي هڏن سان چٿڻ ۽ ڀڃڻ جي به هڪ حد هوندي آهي. +خوشقسمتيءَ سان مهتاب چنا انگريزي شاعر ملٽن Milton:1608-1674 وانگر نه گگدام ۽ ڊڄڻي آهي. ۽ نه راڄ- گهاتڪ، جنهن پنهنجي ضمير جي پيروي ڇڏي ۽ ڊڪٽيٽر ڪرام ويل (Cromwell) جي پيروي قبولي هئي، ۽ ايتري ته ڪُرنش ۽ نيازمنديءَ سان اُن جي قصيده سرائي ڪئي هئي، جو ڊاڪٽر جانسن جي لفظن ۾، ”جڏهن رومن سپهه سالار سيزر پاڻ کي تاحيات ڊڪٽيٽر بڻايو هو تڏهن اُن جي به ايڏي ڪريل ۽ زمين بوس چاپلوسي ڪنهن ڪانه ڪئي هئي.“ +ان جي عيوض، مهتاب چنا اڄ اسان سڀني جي دلين جي چهڪندڙ بلبل آهي ۽ اسين هن کي آزاديءَ جي پاڻ- وهيڻائيءَ جي، سورهيائيءَ جي، عظمت جي ۽ امرتا جي هڪ ديوي ٿا سمجهون، ۽ کيس سلام ڪريون ٿا. +هڪ ردي ۽ نامعقول حڪم جي عدولڻ سان هوءَ اسان لاءِ اڄ اُها هستي بڻيل آهي، جنهن لاءِ انگريزيءَ جي شاعر اعظم شيڪسپيئر جي لافاني لفظن ۾، اسين چئي سگهون ٿا ”انهي طرح، او ديوتائون، هيڻن کي اوهين ٻلوان ٿا بڻايو ۽ ڏاڍن ۽ راڄ هَٺِـيـَن کي شڪست ٿا ڏيو. نه پٿرن جا برج، نه لوهه جون ڀتيون، نه رڪ جا زنجير روح جي جاڳيل طاقت کي روڪي ٿا سگهن، ظلم ۽ ڏاڍ جي اُها صورت جيڪا اسين سهي ٿا وڃون ۽ پيش نٿا پئون، ۽ اُها اسان کي ڀوري نٿي سگهي، اُن مان اسين جڏهن چاهيون تڏهن آزاد ٿي سگهون ٿا.“ +تنهنڪري، سلام آهي اُنهن تي، جي آزاد آهن. +اسين، جي غلام آهيون، مهتاب چنا تي اسان جو سلام آهي. +ڏوهه___ڪهڙو؟ ۽ ڪنهن جو؟ +اوهين پڇندا ته مسلمان ملڪن ۾ ائين ڇو آهي ته جيڪي اُتي طاقت ۽ حيثيت جا صاحب آهن، اُهي ائين سمجهن ٿا ته محب وطن آهن ته هو ئي آهن ۽ اسلام جا سڀ کان وڏا شيدائي ۽ محافظ به هو ئي آهن؟ هُنن جي نظر ۾ سندن سڀ مخالف ”ڪجهه نه“ آهن، بلڪ غدار آهن، دشمن آهن؛ ۽ ٻيو ته ڏاهپ ۽ عقل ۾ هو پاڻ ئي وقت جا افلاطون آهن بلڪ حرف آخر آهن! +سوال معقول آهي ۽ ضروري به آهي. +اُن جو جواب جيڪڏهن اوهان کي نٿو اچي ته شيڪسپيئر وٽ اُن جو جواب آهي. هُن جي ناٽڪ، ”جولئس سيزر“، ۾ رومن سينيٽ جو ميمبر، ڪيسئس، اهڙو ساڳيو سوال سيزر بابت پڇي ٿو ۽ جواب به پاڻ ڏئي ٿو_ +”سيزر غريب، ڀلا، ظالم ڇو بڻيو؟ مان سمجهان ٿو ته هو بگهڙ ڪو نه بڻجي ها، جيڪڏهن رومن لوڪ رڍون نه ٿين ها. هو شينهن ٿئي ئي نه ها، جي رومن لوڪ هرڻ نه بڻجن ها. جيڪي وڌي، باهه جو ڀڀڙ بڻجن ٿا، سي شروعات ڇِينـڀَن سان ئي ڪندا آهن. هيءُ روم ڪيترو نه ننڍو آهي، نيچ ۽ هلڪو آهي، جيڪو ٻارڻ بڻجي، سيزر جهڙيءَ خسيس شيءَ کي چمڪائي ٿو! پيارا بروٽس! ڏوهه اسان جي ستارن جو نه آهي. ڏوهه اسان جو آهي، جو اسين اهڙا ڪک پن ۽ ڪوئلا آهيون.“ +جڏهن مشرق جا ڪي ”شاعر-فيلسوف“، لفظن جي جادو بيانيءَ سان، اسان کي مڃائي ڇڏين ٿا ته +ديو استبداد جمهوري قبا کي پيکر، تو اسي سمجها هي آزادي کي نيلم پري!- +۽ اسان کي راهه ٿا ڏسين ته +گريز از طرز جمهوريت، غلام پخته کاري شو، که از مغز صد خران فکر انساني نمي آيد +ته پوءِ بدنام ”مشرقي فرعونيت“ کان سواءِ مشرق کي ٻيو نصيب به ڇا ٿو ٿي سگهي! +”زنجير ايتري ئي مضبوط هوندي آهي، جيتري اُن جي سڀ کان ضعيف ڪڙي“—اِها آهي زندگيءَ جي وري وري آزمايل ۽ ثابت ٿيل حقيقت ڇو ته ڇڪ ۽ تڻاءَ وقت اها اُن ڪڙيءَ وٽان ئي ٽٽي ٿي، ٻي سڄي اُها ڪيتري به ڏاڍي ۽ اٽوٽ ڇو نه هجي. +هاڻي مسلمان ملڪن جي هيءَ سڀ کان ضعيف ڪڙي ڪهڙي آهي؟ ۽ واقعي ائين ڇو آهي ته جيڪي به انهن ۾ حيثيت ۽ طاقت جا صاحب آهن، اُهي ڇڙو پاڻ کي ئي حب الوطني جا پتلا سمجهن ٿا؟ ڪهڙي اُها شيءَ لڳ ڀڳ سڀني مسلمان ملڪن ۾ ساڳي آهي، جو اُتي جمهوري عمل جي روايت بنهه اُڀري ئي نٿي؟ +اها اُنهن سڀني ۾ هڪڙي ساڳي شيءَ اُنهن جو ”عام ماڻهو“ آهي ۽ اُهو ئي سندن زنجير جي سڀ کان ضعيف ڪڙي آهي- ڇو ته اُهو وٽن ڪاشيءَ ئي ڪانهي، بلڪ اُهو وٽن عملي طور ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي سماجي فڪري سلسلي ۾ ڳنڍيو ئي نه ويو آهي. +مسيح ته واقعي چيو هو ته سبت (مذهب) ماڻهو لاءِ آهي ۽ ماڻهو سبت لاءِ نه آهي“ پر ڇا اسان جو عام ماڻهوءَ اسان وٽ ائين نٿو سمجي ته ”هو سبت فقط سبت لاءِ ٺهيل آهي ۽ ماڻهو جي حيثيت ۾ هُن جي ڪابه انفراديت، ڪابه شخصيت ڪانهي، بلڪ ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هن کي هتي جيئڻ جو به حق ڪونهي؟ جڏهن ماڻهوءَ کي اِها سکيا ڏجي ته بنيادي طور هو غلام آهي، ته ڪير به هجي، اُن کي هو آقا مڃڻ لاءِ سدائين تيار رهي ٿو، هيسيتائين مسلمانن جي سڄي تاريخ انهيءَ هڪڙيءَ ڳالهه جي تشريح ۽ اِن هڪڙيءَ ڳالهه جو عملي مثال رهي آهي. +اِنهيءَ ڪري، ميوي تي ڪهڙي ميار جو هتي پاڙ ئي”ماڻهوءَ جي آزادي“ جي دشمن آهي. ۽ اِهو ته اوهين پاڻ به ڏسي سگهو ٿا بلڪ پڇي ۽ پڙهي اِن جي تصديق به ڪري سگهو ٿا ته جيستائين يورپ مسيح جي اِن خيال کي ريٽيندو ۽ رد ڪندو رهيو ته ”سبت ماڻهوءَ لاءِ آهي، ماڻهو سبت لاءِ نه آهي“، تيستائين اُن چوڏهن سئو طويل سال پنهنجي تاريخ جا ظلم ۽ جهالت جي اونداهن غارن ۾ بسر ڪيا. ساڳيءَ طرح جڏهن اسان وٽ اسان جا ”شاعر- فيسلوف“ ماڻهوءَ جي ذهن تي اڄ به چٿر ڪن ٿا ۽ اُن کي ذليل ڪن ٿا ۽ فڪر جي آزادي کي ”شيطان جي ايجاد“ (”آزاديءَ افکار هي شيطان کي ايجاد......“) سڏين ٿا، جيڪا ئي دراصل جمهوري طرز حيات جو روح آهي،. ته پوءِ اهو ئي ڪجهه اسان جي ”قسمت“ (حصي) ۾ يعني غلاميءَ ۽ حيوانيت جو طوق نه ايندو، جنهنجو ايترو زنانه وارو ماتم ڪيون ٿا، ته ٻيو ڇا ايندو؟ +اسان کي ڪجهه پاڻ سان صاف گو ٿيڻ گهرجي. اسان 1958ع واري مارشل لا جي اشڪنجي ۾ اچڻ کان اڳ ئي پاڻ وٽ جمهوريت جي ڪهڙي نه پڇڙي گت بنائي هئي! قومي اسيمبليءَ جي ڪانگريسي ميمبرن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن هڪڙي ميمبر به ڪڏهن پارليماني فڪر جي جمهوري طرز عمل جو ڪو خيال يا ٿورڙو احترام به ڪيو هو؟ ڇا، سمورا جمهوري قدر ظاهر ظهور اسان جي آڏو برباد نه ٿي رهيا هئا؟ جن جو جمهوريت ۾ رتيءَ جيترو به ويساهه ڪو نه هو، اُهي جمهوريت جو ڍونگ رچايو ويٺا هئا، ۽ ملڪ کي سچ پچ هنن باندرستان بڻائي ڇڏيو هو. +ڇا، پاڪستان جي ماڻهن کي کليو کلايو، بنان ڪنهن رک رکاءَ جي، عام جلسن ۾، ڪو نه چيو ويو هو ته ”قومي مسئلن متعلق سوچڻ اُنهن جو (عوام جو) ڪم نه هو؟“ پوءَ، هاڻي، طوفان، جو سر تي اچي ڪڙڪيو، ته طوفان کي ڪهڙو ڏوهه ڏبو، جو هوا جو ٻج ته اسان پاڻ ئي ڇٽيو هو! +جمهوري زندگيءَ ۾ اِها تمام ضروري بلڪ اٽل ڳالهه آهي ته فڪر جي آزادي ۽ فرد جي حرمت فرد جا حق مڃيا وڃن_ هن جي مذهبي سڃاڻپ کان سواءِ. +ڇا، اسان ڪڏهن ائين ڪيو؟ +ڇا، اسين ائين ڪيون ٿا، يا ڪرڻ چاهيون ٿا؟ +ذهني عصمت فروش +”ف ر و ش“ اکرن جو ميڙ به عجيب آهي. جدا جدا اڳياڙين سان اُن جي ڳالهه ئي ٻي ٿيو پوي. مثلاً دوافروش، عطر فروش، ڪتب فروش، سرفروش هڪ پاسي، ته ڪفن فروش، اصول فروش، وطن فروش، ۽ دين فروش وغيره وغيره ٻئي پاسي. +اُن کان پوءِ، لفظ ”عصمت فروش“ به آهي. اُن جا به انيڪ ۽ الڳ الڳ قسم ٿين، هڪ قسم ته اُن جو اُها بي راهه يا بدراهه پراڻي قسم جي غريب تن، ويچاري عورت ئي ٿئي، جنهن کي هرڪو سڃاڻي ۽ ڦٽڪاري ٿو. ۽ پوءِ ٿيندي ٿيندي، ڳالهه وڃيو اوچي کان اوچي درجي ۽ طاقت جي چوٽيءَ تائين پهچي، مثلاً ”جنرل راڻي“ تائين، وغيره وغيره. اُنهن ”راڻين“ مان ڪي ته پوءِ ”فيلڊ مارشلن“ کي به پيون مردانگيءَ جي اوچ نيچ ڏاڪن جا سرٽيفڪيٽ عنايت ڪنديون آهن. +ائين، ”عصمت فروش“ جو هڪ ٻيو قسم به ٿئي، جنهن کي ٺلهو عصمت فروش به نه چئبو_ اُن لاءِ ٻي اڳياڙي ڪم ڪندي_ مثلۡا ذهني عصمت فروش، جنهن وٽ ذهن جو يعني علم ۽ عقل جو وکر هوندو آهي_ وڪري لاءِ. +۽ اُن جي وڪري جي قيمت وڌ گهٽ به ٿيندي رهندي آهي، +ظاهر ظهور به، ۽ رازداريءَ ۾ به. +ظاهر ظهور ذهني عصمت فروش اناڙي ۽ ڀورڙو ماڻهو ٿيندو آهي. +۽ رازداريءَ جا تاجر وري اُهي، جن جي منهن تي تجارت جو پڪو رنگ چڙهيل هوندو آهي. +اُهي، عاقل ۽ بالغ، پنهنجي پر ۾، پوريءَ خبرداريءَ سان ساڳيو اُهو رک رکاءُ، ناز نخرو ۽ نٽ نٽاءُ ڪندا ۽ البيلائي ۽ الاغرضائي ڏيکاريندا رهندا آهن، جيئن ڪا ڌنڌي ۾ گهاگهه ڪسبياڻي ڪندي آهي. +ذهني عصمت فروش، اوچتو اوچتو، خاص طور انهن حلقن وٽ ڏاڍا پيارا ۽ معقول ٿي ويندا آهن جن جو پهريائين” قلم جي طاقت“ ۾ اعتبار ئي نه هوندو آهي. +اعتبار ته اعتبار جي ماڳ، هو قلم جي طاقت کان لاٽاريندا، اُن کي مرڳو عدوليندا بلڪ ڌڪاريندا رهندا آهن. هو اُن فرينچ ظلمي آپيشاه وانگر ائين سمجهندا آهن ته هنن جي بادشاهي ”خسيس ڪک جهڙيءَ ڪلڪ“ کان سواءِ ئي پيئي هلندي +پر پوءِ، جلد يا ڪجهه دير سان، ۽ اڄ جي دور ۾ ته اڳي کان گهڻو جلد، اهو وقت به ايندو آهي، جڏهن هو ڏسندا آهن ته ڪنهن هنڌ، ڪنهن نه ڪنهن طرح ۽ ڪجهه نه ڪجهه سندن پيرن هيٺان زمين کسڪندي ٿي وڃي_ ۽ ايتري ساري رعب تاب ۽ طاقت جي ڏِک ڏهڪاءَ ۽ بَم بکيڙي هوندي به هو ٿڙندا ٿا رهن. +۽ ڪنهن طرح هُنن کي اِهو محسوس ٿيندو آهي ته دلين جي پوري شدت سان هو ڌڪارجي ۽ ٿوڪارجي رهيا آهن، ۽ ماڻهو آهن، جي ڏانهن ِ هڪ ڀيرو نهارين ٿا ته ٻيو ڀيرو نهارڻ ئي نٿا گهرن. +۽ کين ڏسيو، اُهي پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪريو ٿا ڇڏين. +۽ ائين ٿا اُهي چاهين ته سندن اکيون ڪڏهن کين ڏسن ئي نه ها، ته چڱو. +۽ هاڻي به کين ڪٿي ڏسيو، هڪدم پٺ ورائي هو هليا ٿا وڃن. +ڪتابن جا صفحا، اخبارن جا صفحا ۽ رسالن جا صفحا هو ورائي ڇڏين ٿا، ريڊين ۽ ٽي وي پيٽين جا بُـونب هو ڦرائيندا رهن ٿا_ انهيءَ لاءِ ته هو اُهو نه ڏسن جو هو نٿا ڏسڻ گهرن ۽ اُهو نه ٻڌن جو هو نٿا ٻڌڻ گهرن. +ايتري ڪجهه کان پوءِ اُهي دڙڳيل ۽ ڌڪاريل حلقا پوريءَ چستيءَ سان ”ڪلڪ ڌڻين“ ڏانهن رخ ڪندا آهن ۽ ذهني عصمت فروشن جي تلاش ۾ نڪرندا آهن_ جيڪي، غلامي جي مارڪيٽ ۾، هڪيا تڪيا ۽ تيار کين ملي به ويندا آهن. +پوءِ اُهي درجنن تي درجن ۽ ولرن تي ولر وٽن رسين ۾ ٻڌجي ويندا آهن. +۽ اُنهن کي کانئن ٽڪر ڀور ۽ ڍير جا هڏا جام ملندا آهن. +پر اُهي ڪسبڪار، يعني اُهي عصمت فروش، پاڻ ئي پوءِ سمجهي ويندا آهن ته هو ڌٻڻ ۾ ورتل آهن. +اُنهن جي قلم جا بي روح ذهني جولان تجارتي ڇاپخانن ۽ نشر گاهن جا ڪاروبار ته ضرور وڌائيندا آهن_ پر ماڻهن وٽ سندن ذهني عصمت جي اُنهن ويڪو قلابازين جي قلعي به کليل هوندي آهي. +جيتري گهڻي سندن ڪوشش ۽ ڪاوش، اوترو سندن ڪم جي پيداوار سان ”ابتي اثر جو قانون“ لاڳو_ ۽ هو جيئن پوءِ تيئن ماڻهن جي اڳيان ڪِنا ٿيندا ۽ ڪرندا ويندا آهن. +۽ نيٺ سڀڪو اُنهن کي سڃاڻي ويندو آهي. +ته اُهي عالم ۽ عاقل نه، پر ”جي حضور“ آهن. +هزارين ”جي- حضور“، ۽ هزارين “جي حضور“، ۽ فقط ”جي-حضور“. +۽ اُهي سڀ ”جي –حضور“ ڪٺا ڪجن، چونڊي چپوٽي سڀ ڪٺا ڪجن، ته به اُهي سڀئي ڪنهن هڪڙي ايمل ��ولا * جي ڪنهن بوٽ پالش ڪندڙ موچيءَ ڇوڪري جيترو ملهه به نه لهن_ اُهو ايمل زولا، جنهن للڪاريو هو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪوٽ کي، ۽ دل لرزائيندڙ آواز ۾ هڪل ڪندي چيو هو اُن جي مردودن ۽ محافظن کي: ”اوهين ڏوهي آهيو!“_ ايمل زولا اُهو، جنهن جي زندگي، اناتول فرانس ** جي لفظن ۾، فقط ”هڪ گهڙي هئي_ انسان ذات جي ضمير جي!“ +* (ايمل زولا_ فرينچ اديب، وفات 1902ع، جنهن راڄڊوهي ملزم ڊريفس شهيد جي بيگناهه ڦاسيءَ جي خلاف فرينچ پريزيڊنٽ ڏانهن ”اوهين ڏوهي آهيو“ جي عنوان سان کليل خط لکيو هو، ۽ ڪورٽ ۾ نئين سر فرياد داخل ڪري، ڊريفس جي ڦاسي چڙهي وڃڻ کان پوءِ، 1900ع ۾ هن کي بيڏوهي ثابت ڪرايو. +** اناتول فرانس_ فرينچ اديب ۽ درويش. وفات 1924ع، جنهن کي عالمي ادب جي تاريخ ۾ ويهين صدي جو ”والٽيئر“ سڏيو ويو آهي._ مترجم) +شهادت ۽ قيامت +”توکي ڪهڙيءَ پنهنجيءَ شيءَ تي گهڻي کان گهڻو ناز آهي؟“ +”پنهنجي حافظي تي.“ +”پنهنجي صحت تي نه ؟“ +”نه. تون پاڻ ئي ڏس. وقت مون کي ڪيڏو نه پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي! توکي ته خبر آهي ته، جڏهن آءُ يهوديا جو حاڪم هوس، آءَ ڪيڏو نه ديو جهڙو مڙس ۽ طاقتمند هوس. پر منهنجي حافظي کي ڏس! اُهو اڄ به اهڙو ئي تيز آهي_ آءُ پنهنجي انهيءَ وقت کي پيو ياد ڪريان ۽ ان تي ناز ڪريان_ ۽ اِها مون تي منهنجي رومن خدائن جي مهرباني آهي_ شال، منهنجو سِرُ سدا اُنهن جي آڏو جهڪيل رهي!“ +”مرحبا، پل اطس، مرحبا! ڪهڙي نه هوش واري ڳالهه ڪئي اٿئي! تنهنجو حافظو برابر تيز آهي- اصل مڃڻ کان مٿي. ۽ انهيءَ ڪري ئي ته اڄ تنهنجو هوش اهڙو ٺيڪ ۽ جائيتو آهي! مون کي ياد آهي ته اُن همراه جو جڏهن تو وٽ ڪيس ٿي هليو، جنهن تي الزام هو ته پاڻ کي هُن يهودين جو بادشاهه ٿي سڏايو، ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجي قوم کي رومن لوڪ جي رعيت ئي نٿي سمجهيائين، تڏهن هڪڙي ڪنهن اٿي چيو هو ته ”سچ ته وڏي ۾ وڏي ۽ پڌري حقيقت آهي“_ تڏهن تو پاڻ واري پنهنجي هوش کان ڪم وٺندي، اُن سڄي بچاءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان ڀڃي ڀورا ڪري وڌو هو ۽ هڪ ئي ننڍڙي سوال سان تون ان جون ڌاڻيون ڪري ڇڏيون هيون. ’سچ؟ ڇا آهي سچ؟‘ تو پڇيو هو، ۽ تون جواب لاءِ به ڪو نه ترسيو هئين، ۽ پوءِ انهيءَ ڪوڙي دعويدار کي اوڏيءَ ئي مهل گهلي، وڃي صليب تي ٽنگيو هئائون.“ +” ڪير هو اُهو؟ ڪير هو اُهو؟“ +”هڪڙو ڪو هو. سمجهان ٿو ته يسوع نالو هوس. ناصره جو مسيح.“ +”يسوع؟ يسوع؟ ناصره جو مسيح؟ منهنجي ذهن تي ته اهڙو ڪو ماڻهو ڪو نه ٿو اچي!“ +”اُهو ئي، جنهن چيو هو: ’خدايا، خدايا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي‘“ +”...................._ _“ +يسوع اُهو هو جنهن کي، ٻن چورن سان گڏي، صليب تي چاڙهيو ويو هو، ۽ هو ”شهيد“ ٿيو هو، يعني ”شاهد بڻيو“ هو_ رومن ظلم ۽ رومن ڏاڍ جي انڌڪار تي_ ۽ پلاطس ۽ رومي لوڪن لاءِ اِها ڳالهه ائين هئي، جو ”وسرِي ته ڀلِي !“ اُن لاءِ سندن حافطو تيز ڪو نه هو. +پر دنيا لاءِ اُها ڳالهه ائين نه هئي، ۽ نه اڄ اُها ائين آهي. +يسوع جي قيامت جي، يعني هن جي وري اٿڻ جي ڳالهه سڄيءَ دنيا جي ڳالهه آهي. +دفن ٿيڻ کان ٽئين ڏينهن، چيو وڃي ٿو ته، هُن جي تربت خالي هئي ۽ اُن ۾ هن جو بوتو ڪو نه هو: پر لکين دليون هيون جن ۾ هو موجود هو، ۽ ڪروڙين دليون آهن جن ۾ هو موجود آهي، ۽ سڀ اُهي دليون هن جي محبت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو روح آهي، جيڪو اُنهن کي چوري ٿو ۽ جيئرو ٿو رکي. +زندگي اِها آهي. طاقت اِها آهن. +دنيا جي سڄيءَ تاريخ ۾ فقط شهيدن کي (شهادت وارن کي، شاهدن کي) اِها طاقت آهي ۽ هوئي اِها زندگي ماڻين ٿا. +مارڪ ائنٽوني، سيزر جي لاش مٿان بيهي، سيزر ��ي سڏ ڪندي، جنهن کي بروٽس دولاب سان ماريو هو، جنهن بروٽس تي هن جو سڀ کان وڌيڪ اعتماد هو، اجائي ڪا اها الوداعي ڳالهه ڪانه ڪئي هئي: ”او ڌرتي ماءُ جا رت ۾ وهنتل جگر ٽڪرا، مون کي معاف ڪج، جو آءُ تنهنجن غدارن سان هٿ ملايان ٿو. تون انهيءَ عظيم انسان جو اجڙيل نشان آهين، جيڪو وقت جي اڪيچار دورن جو اڻ لڀ انسان هو. مون وٽ نه لفظ آهن، نه لياقت، ۽ نه مون ۾ اُها ڳالهائڻ جي قوت آهي، جو آءُ ماڻهن جي مئل دلين کي وري جيئاري ۽ اڀاري سگهان. پر جي آءُ بروٽس ۽ بروٽس ائنٽوني هجي ها، ته پوءِ آءُ اُهو ائنٽوني هجان ها، جو ماڻهن جي روحن کي ڌوڻي، ولوڙي ۽ جاڳائي ڇڏي ها، ۽ آءُ سيزر جي هڪ هڪ گهاءَ جي زبان بڻجان ها، ۽ روم جي پٿرن ۾ به قيامت آڻي ڇڏيان ها ۽ اُهي پٿر به اٿي پون ها ۽ اُٿي بغاوت ڪن ها. +۽ پوءِ روم جي پٿرن سچ پچ به ائين ڪيو. جيئن خود انهيءَ محسن ڪش بروٽس کي به، پنهنجو موت اکئين ڏسي چوڻو پيو (فلپيءَ جي جنگ جي ميدان ۾، جتي وڙهڻ لاءِ ۽ مرڻ لاءِ سيزر جي ئي ڀوت کيس زوريءَ گهلي نيئي بيهاريو هو): ”سيزر جو روح ٻاهر آهي، سيزر ڏسي پيو ۽ سيزر هلي پيو، ۽ پنهنجي دشمنن جي سر تي برباديءَ جي ترار وسائي رهيو آهي..... او جولئس سيزر! ايترو ته اڌ ارادو به مون تنهنجي مارڻ لاءِ ڪو نه ڪيو هو!“ +اُن کان اڳ سقراط، هي لفظ اچاريندي، جان ڏني هئي: ”مون کي مارڻ مان اوهان کي ڇا ورندو؟ آءُ ته امر آهيان!“ +۽ اُها امرتا ئي ته انعام آهي، جيڪو انسان ذات، رنگ، نسل ۽ عقيدي جي فرق کان سواءِ، هر اُنهي عظيم روح کي ڏئي ٿي، جيڪو حمله آورن، قاتلن ، ڦورن ۽ سامراجين کان پنهنجي وطن کي بچائيندي، پاڻ قربان ٿي وڃي ٿو، ۽ پڻ هر اُنهيءَ ماڻهوءَ کي اُهو انعام ملي ٿو، جيڪو وسيع عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قابض مفادن خلاف پنهنجو سينو سپر ڪري بيهي ٿو، ۽ جيڪو قطار درقطار هڪٻئي جي پشتيءَ سان بيٺل زور ۽ طاقت جي خلاف ۽ اُنهن جي نوڪرن، چاڪرن ۽ چوڪرن خلاف، جيڪي پنهنجي آقائن کي ماري پاڻ آقا بڻجن ٿا، پنهنجو سر تريءَ تي رکي، وڙهي ٿو يعني برونو جهڙن سرفروش سورمن، بهادرن ۽ پهلوانن کي ئي اُهو انعام ملي ٿو، جيڪي باهه جي آڙاهن ۾ اڇلايا ويا، جن ۾ هو جيئري سڙي خاڪ ٿي ويا، اِنهيءَ لاءِ، جو هنن ظاهر ظهور، اُٿي بيهي، اُهو ڪجهه چيو، جنهن کي هنن سچ سمجهيو. +اُنهن مان هڪڙو بي مثل ۽ عظيم انسان، ڪاري رنگ جو، شيدي نسل، مارٽن ليوٿرڪنگ به هو، جيڪو جنوري جي پنجين تاريخ 1968ع ۾ آمريڪا جي ٽينيسي رياست جي ميمفس شهر ۾، هڪ سفيد رنگ آمريڪي شخص جي گوليءَ جو نشانو بڻيو هو ۽ شهيد ٿيو هو، يعني شاهد بڻيو هو، ۽ شاهد بڻجي امر ٿيو هو_ ۽ اڄ به هن جي ياد، هن جو امنگ ۽ هن جو عمل انسانيت جي اُنهيءَ جنگ عظيم ۾ اسان سان شريڪ آهي، جيڪا انسان مٿان انسان جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف، ۽ ظالمن ۽ ڏاڍن جي ڪوڙ، فريب ۽ منافقت خلاف، دنيا ۾ هر اُنهي هنڌ جاري آهي، جتي اڃا انسان آزاد نه آهي: هن جي قبر جي پٿر تي هي لفظ اڪريل آهن: +آزادي! +آزادي! +خدا جو سنهن، آزادي! +ڪاغذ جون ٻيڙيون____ طوفان ۾ +1914—1918ع واري عالمي لڙائي، جنهن کي پهرين مهاڀاري لڙائي چيو وڃي ٿو، اُن جي نتيجي ۾ جرمن شهنشاهت ۽ ترڪ شهنشاهت جو خاتمو ٿيو، ۽ پهريون ڀيرو آمريڪا عالمي سياست جي ميدان ۾ پنهنجا قدم رکيا. +اُن سان گڏ، برطانوي ۽ فرينچ شهنشاهتون اُڀامجي اُڀامجي ڦوڪڻا ٿي پيون. اصل ائين جيئن خوردبينيءَ ۾ شين کي ڏسندي، سائنسدان عجب کائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”هي کوکلا هوائي وستار ته ڏسو!“ +۽ پوءِ بنهه ديو جهڙو اجهل ۽ وڏو روسي انقلاب نڪري ميدان تي آيو. +ساڳئي وقت هن لڙائي جي پيٽ مان ليگ آف نيشنس (جماعت اقوام) به جنم ورتو، جيڪا وڏي بيماني تي ڄڻ اسڪولي ٻارن جي هڪ ڊيٽنگ سوسائٽي هئي، جنهن ۾ دنيا جا سڀئي ملڪ، ننڍا وڏا، رنگ نسل جي فرق کان سواءِ، وڌي اچي شريڪ ٿيا. +آمريڪا جي صدر، ووڊرو ولسن، قومن جي حق خود اختياريءَ جو اصول پيش ڪيو، جنهن جو ننڍن قومن وڏيءَ خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ وڏين قومن به ڪجهندي ڪرڪندي اُهو قبول ڪيو. +جرمن شهنشاهت ۽ ترڪ شهنشاهت جي اشڪنجي مان آجا ٿي نڪتل ٽڪر ٽوٽا، قومن جو روپ وٺي. تاريخ ۾ ’پڌرا ٿيا، جيتوڻيڪ اُنهن مان ڪيترن کي اوائلي ڪجهه ڏينهن لڙائيءَ جي فاتح قومن جي گود ۾ ۽ اُنهن جي محتاجيءَ هيٺ به رهڻو پيو. +21 سالن جي مختصر عرصي ۾، هڪ پاسي اڳ واري ترڪي رڳو پنهنجو خود مختيار ساهه ئي مشڪل سان محفوظ رکي سگهي، ته ٻئي پاسي اُن وانگر ئي هار کاڌل جرمنيءَ، پنهنجن اڪيچار علمي ۽ هنري وسيلن کان ڪم وٺندي، ايتري ته پنهنجي هٿياربند طاقت گڏ ڪري ورتي، جو اُها لڙائيءَ جي فاتح قومن کي، ڇاتي ٺوڪي، ٻيهر ميدان ڪرڻ لاءِ للڪاري سگهي. +۽ جرمنيءَ جي اتحادي ملڪ اٽليءَ به وڌي، ڪمزور ملڪ، حبش، کي ڳڙڪائي، ايڏو پنهنجو پيٽ ڀري ورتو، جو خود جماعت اقوام کي به ان اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون. +ڏور مشرق ۾ وري جپان ساڳيءَ طرح طاقت جي نشي ۾ اچي چين تي حملو ڪيو. +ائين جرمنيءَ يورپ ۾ پير پکيڙيا ۽ اٽليءَ آفريڪا ڏانهن چنبا وڌايا، ته 1939ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي، ۽ اُن ۾ آمريڪا جي خلاف جپان ٽپي اچي شامل ٿيو، ته اُها وڌي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويئي. +هن ٻئيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي سان رڳو جرمنيءَ، اٽلي ۽ جپان کي شڪست آئي، پر اُن جي نتيجي ۾ برطانوي، فرينچ، ڊچ، جپاني ۽ پورچو گيزي شهنشاهتون به ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويون. +اُن جي پيٽ مان يونائيٽيڊ اسٽيش آف آمريڪا ۽ سوويٽ روس جي ٻن جاڙين مهاڀاري طاقتن جو جنم ٿيو. +۽ پڻ اڳينءَ جماعت اقوام مرحومه جي جاءِ تي، اقوام متحده (UNO) وجود ۾ آئي، ۽ 1917ع واري روسي انقلاب جهڙو چيني انقلاب، اُهڙو ئي ديو جهڙو اجهل ۽ وڏو انقلاب، واقع ٿيو؛ ۽ پڻ اُن سان ڪيئي نيون قومون پيدا ٿيون. +اُنهن قومن مان اڪثر قومن جي وجود جو وڏو ڪم ۽ ڪارج ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رڳو هيءُ آهي ته اُهي هٿيار ٺاهيندڙ ۽ بارود بنائيندڙ ملڪن کان نت نئون بارود ۽ نت نوان هٿيار پننديون، ڇڏائينديون ۽ خريد ڪنديون رهن، جن پنهنجي اِها هٿيارن ۽ بارود ٺاهڻ جي واحد صنعت پاڻ وٽ ڄڻ قائم ئي اُنهن پوئتي پيل قومن جي ڀلي لاءِ ڪئي آهي! +۽ تنهن وچ ۾ ٻه مهاڀاري طاقتون، آمريڪا ۽ روس، پنهنجي بيشمار جوهري هٿيارن جي پيداوار ۽ ان جي بي انداز ذخيره اندوزيءَ سان وڌي وڌي ۽ ڦنڊي ڦنڊي مها- مهاڀاري طاقتون بنجي ويون آهن. +ٻي سڄي دنيا اُنهن ٻن جي وچ ۾ ائين پيل آهي، ڄڻ اُنهن جي آڏو هڪڙو ڪو تتر يا ٻٽير، ۽ ٻنهي مان هر هڪ اُن کي خاص پنهنجو لقمو بنائڻ گهري ٿي. +سڄي ڇڪتاڻ اها آهي. پر، هاڻي، ٻنهي طاقتن کي اِها سمڪ ٿي آهي ته ٻٽير کي ورهائي کائين ته چڱو_ ڇو ته سڄي اُن کي اڪيلي سر کائڻ جي ڪوشش ۾، ٻٽير سميت، هو ٻيئي ڪٿي پاڻ به پنهنجي جوهري بارود جو يڪو ئي لقمو نه ٿي وڃن. +اِنهيءَ ڪري، ”اثر جا دائرا“....... ”اثر جا دائرا“_ ٻٽير کي ورهائي کڻڻ جو خير صلاحي سرشتو اِهو آهي! ٻٽير جي پيٽ ۾ گهڻا هيرا آهن..... اُنهن جي ارضي دولت، زرعي ۽ معدني، ۽ پڻ انهن ڄٽن ۽ پست پيل ملڪن جا لکين ۽ ڪروڙين بکيا، اگهاڙا، بيمار، بي گهر ۽ جاهل ماڻهو، جيڪي هر سچي کوٽي ٺهيل مالڪ جا گراهڪ آهن. +هي مها- مهاڀاري طاقتون هڪٻئي جي خلاف جيڪي طاقتون مورچا پيون ٺاهين، ڊوڙي-ڊوڙي هنڌ پيون وٺن ۽ منچ ۽ مُـهاڙيون پيون ٻڌن، اُهي سڀ چوطرفي سمنڊ ۾ خطرناڪ طوفان جا آثار آهن. + + +هن سمنڊ ۾ جيترا به گهڻا پست پيل، اڳتي نه وڌندڙ ۽ وڌي نه سگهندڙ ملڪ ۽ رياستون آهن، اُهي اوتريون ئي گهڻيون ڪاغذ جون ٻيڙيون آهن، جن تي پَنيءَ جا ناخدا، خود ساخته خدا بنيا، چڙهيا ويٺا آهن. +مها- مهاڀاري طاقتن لاءِ هي پَـنيءَ جا خدا بيحد طاقتور للي پٽ(Lilliput) ۽ ٽام ٿمب(Tom Thumb) آهن_ زورآور ڄامڙا ۽ اڱوٺي جي ننهن جهڙا ضدي ٽنڊڻ_ جن کي پرڀائي ۽ ريجهائي رکڻو آهي....... اوستائين جيستائين هي مهاڀاري طاقتون ميدان ۾ هڪٻئي کي ڇنڊي ڇاڻي ڌڪي ٿيلهي، پنهنجا پنهنجا هنڌ ٺاهي بيهن ۽ مورچا مضبوط ڪري وٺن. +اُن وچ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙين جي ناخدائي ڪندڙ هنن پَـنيءَ جي خدائن کي پڪ آهي ته هيءَ دنيا جيڪا موجود آهي، سا آهي، ئي انهيءَ ڪري، جو هو موجود آهن! +نه فقط هيءَ دنيا، پر اڳتي واري ٻي دنيا به! +اِن وچ ۾ لُٽ مار ۽ ڦُر جاري آهي، جاري آهي، جاري آهي، ڪاغذ جون ٻيڙيون لُـٽ مار جي مال سان پُر آهن. +۽ ڇو نه هجن؟ +واءُ سڻائو آهي. ڪڏهن اهڙو نه هو....... +زندگي ۽ جنم قيد +ڇا، زندگي ”جنم قيد“ آهي؟ بس؟ +ڇا، زندگيءَ جي مراد ٻي ڪابه نه، فقط ”جنم قيد“ آهي؟ بس؟ +برابر، حياتيات جي اعليٰ علم ته ثابت به ڪيو آهي_ رڳو ٻڌايو نه_ ته زندگي ”جنم قيد“ آهي: پر اُهو به ته فقط جيتن جناورن لاءِ! +اُهي ته ٺهيل ئي ائين آهن، جو، خالص، پنهنجي ڪَــل_ پرزائين نموني، جيئن اُهي آهن اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ٿي ئي نٿا سگهن. +ماکيءَ جي مکين يا ماڪوڙين جو سماجي نظام سو واقعي حيرت ۾ وجهندڙ آهي، پر اُن ۾ به فرد کي ڪا آزادي ڪانهي. +مثال طور، ماکيءَ جي مکين ۾، نر مکَـن کي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو ۽ هڪ ئي ڪم ڪرڻو پوي ٿو_ راڻيءَ مک سان لڳ ڪرڻ جو، بس. +هڪ ڀيرو اُنهن لڳ ڪيو، اُنهن جو ڪم پورو ٿيو_ محافظ مکيون بيٺيون هونديون ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ اُنهن کي ڏنگ هڻي ماري ڇڏينديون ۽ اڇلائي ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏينديون: نه سندن بيوهه راڻي ڪو هُنن لاءِ ڳوڙها ڳاڙي، نه اُن جون ڪنيزون ئي هُنن لاءِ ڪو پٿر وجهن، ۽ نه هُنن جي جنازي جي ئي ڪا ريت رسم ٿئي ۽ نه هنن جي موت جي ڪٿي ڪا خبر ئي هُـلي يا ڇپجي. +هنن جي لاشن جا ڍير سندن سکئي ستابي، آباد ماناري جي ٻاهران پيل ڏسي، ڪير ائين مڃيندو ته رڳو ڪجهه گهڙيون اڳي، سهاڳڻ راڻيءَ جي سيج جي آڏو اُهي قطارون ڪيو بيٺا هئا، فقط اِنهيءَ لاءِ ته پنهنجي حياتياتي جبلت جي دٻاءُ هيٺ پنهنجو پنهنجو وارو وٺي، ڏنگبا وڃن ۽ مرندا وڃن. +۽ جيتن جي زندگي واقعي اِها ئي آهي_ ڪٺور، وحشي، اڻٽر جبلتن جي محض هڪ بِـدڙي_بس. +ڏاڪڻ جي ٻئي ڇيڙي تي بيٺل انسان، جديد من وديا جا اڪثر ماهر چون ٿا، ته ٻيءَ سڄيءَ حيواني خلقت کان نيارو آهي_ اِنهيءَ هڪ ڳالهه ۾ ته هو هر قسم جي جبلتي دٻاءَ يا جبر کان آزاد آهي. +۽ هيءَ ”آزادي“، جيڪا جيتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ممڪن آهي، سا انسان ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن آهي. +۽ فقط اِنهيءَ آزاديءَ جي امڪان ۽ عدم امڪان جي ڪري ئي انسان انسان آهي ۽ جيت جيت آهن. +۽ اُنهن ٻن نقطن جي وچ ۾ سڀ ٻيا حيوان بيٺل آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي مخصوص حياتياتي ڪل- پرزائين گهڙت مطابق، پنهنجي پنهنجي ممڪن آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندا رهن ٿا. +آزادي، وڌ ۾ وڌ آزادي، اِنهيءَ ڪري، خود بنيادي حياتياتي تقاضائن جي عين مطابق، انسان جي انسانيت جو مخصوص نشان آهي. +پر، افسوس، جيئن عظيم فيلسوف روسو، عجب ۾ ڀرجي، دانهيندي، چوي ٿو: ”انسان آزاد ڄمي ٿو، ۽ هر هنڌ هو زنجيرن ۾ ٻڌيو پيو آهي!“ +انسانن جا هي زنجير، بهرحال، انسانن جي پنهنجن هٿن جا ٺهيل آهن. +جيترا زنجير گهڻا ۽ جيترا اهي ڳرا، اوتري ئي گهٽ انسان جي خوشي ۽ اوترو ئي مختصر ۽ هلڪو هُن جي زندگيءَ جو ڳڻ. +۽ هي ته صاف ڏسي ٿو سگهجي_ جيترا وڌيڪ ٻنڌڻ، قالب ۽ قواعد، جيتري وڌيڪ روڪ ۽ پرهيز، اوتري ئي وڌيڪ انسانيت خوار ۽ شرمسار. +اِنهي ڪري انسان، آزاديءَ جي تلاش ۾، خود زندگيءَ کي داءَ تي لڳائين ٿا. +زنجير اندريان به ٿين ٿا ۽ ٻاهريان به. +پر سڀ کان وڌيڪ دشٽ ۽ شيطاني زنجير اندريان هوندا آهن. +جنم جي گهڙيءَ کان ئي، اڀاڳو انسان عقيدن ۽ مڃتائن، ڌرمن ۽ مذهبن جي ٻنڌڻن ۽ سرشتن ۾ ايترو وٺجي ۽ قابو ٿي ٿو وڃي، جيئن ڪو جيت ڪنهن ڪوريئڙي جي ڄار ۾، جتي مَـڇڏوُ ڪوريئڙو اُن کي ايڏي بيترسيءَ ۽ ڪٺورتا سان چوکنڀو جڪڙي ٿو ڇڏي، جو ويچاري جيتامڙي لاءِ سماجي رسمن رواجن ۽ قاعدن قانونن جي اُن ڄار منجهان آزاد ٿيڻ ڄڻ ناممڪن ٿيو پوي_ ۽ پوءِ اُن مهاڄار مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هٿ پير هڻندي هڻندي، هو پاڻ ئي ڪوريئڙو بنجيو وڃي ۽ ٻين ڪوريئڙن سان شامل ٿي پاڻ جهڙين ئي ٻين مسڪين ۽ ويسلين مکين جي شڪار ۾ جُنبيو وڃي. +”هليا اچو، بي ڌڙڪ منهنجي خوابگاه ۾ اندر هليا اچو!“ اِهو هوندو آهي سڏ هر ڪوريئڙي جو _ ۽ هُن جي ڪوڙڪي جا دروازا سدائين چمڪدار ۽ پرڪشش هوندا آهن. +ويچاري، وائڙي مک، ڪوريئڙي جي خيال کان سڄي جي سڄي ۽ صحيح سلامت، هيڪر اندر ٿي نه آهي، ته اُن جي ميڄالي جي مک چک ۽ مرامت شروع_ هِتان جو ڊپ، هُتان جو خوف، هڪ انجيڪشن مٿي ۾ هڪ پاسي ته ٻي پچڪاري مٿي جي ٻئي پاسي_ ڏسندي ڏسندي، گهڙيءَ ۾ غريب مک، مک مان ڦري، بنهه ڦرموٽي بنجيو وڃي! +لکن ۾ فقط ڪا هڪ مک، جنهن وٽ ڪنهن شينهن جي دل هوندي، سا ڪوريئڙي جي هن کيڏ کي رڳو سمجهي به سگهندي، ۽ دل ۾ اُنهن لاءِ حقارت رکندي، اُنهن وانگر پنهنجو ئي ڪو نئون ڪوڙڪو ٺاهي نه ويهندي، ۽ اُن ۾ ٻين ڪن غريب، ويساه وسوڙل مکين کي، ”بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو“ مثل نفساني انعامن جون لالچون ۽ وحشي سزائن جا ڊپ ڏيئي، پاڻ وٽ ڦاسائي، مزي سان ويهي، اُنهن جو شڪار نه ڪندي. +ڪوريئڙن جا هي ٽولا جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کي، هڪ هڪ ٿي ۽ جٿا ڪري به، ڌڪارين ٿا، پر آڏو جڏهن مکين جي آزاديءَ جو سوال ايندو اٿن، تڏهن سڀ ڪوريئڙا، پنهنجا ويڇا وساري، آزاد مکين جي جهلڻ لاءِ پنهنجي گڏيل مُـهاڙي ٺاهي بيهندا آهن. +هن ڌرتيءَ تي هو ٻيو سڀڪجهه سهي ويندا، پر مکين جي آزادي هنن کان سَٺي ڪانه ٿيندي. +پر دنيا ۾ روسو ۽ والٽيئر، ٿامس پين ۽ رابرٽ اِنگرسال جهڙين شينهن جي دل رکندڙ عقلمند ۽ آزاد ’مکين‘ جو اِهو احسان آهي، جو ڪم از ڪم ڪن مکين کي ڪوڙڪي جي اُنهن ڳُڙکن جي خبر آهي، جتان اندر ته وڃي سگهبو آهي پر ٻاهر اچي ڪو نه سگهبو آهي ۽ جيڪي اُنهيءَ هوش مان ڪڍندڙ، بيهوشيءَ جي ڳاڙي کان به واقف آهن، جيڪو عام مکين ۾ مفت ورهايو ويندو آهي_ خاص طرح تڏهن جڏهن اُهي ننڍيءَ، ڪچيءَ، اثرپذير وهيءَ ۾ هونديون آهن. +۽ اُهي ئي ڪي سجاڳ ۽ بي خوف چند ’مکيون‘ هونديون آهن، جيڪي ڪوڙڪي جي در کان اندر ٿي سڄي زندگي قيد ۾ رهڻ بدران، اُن جي ٻاهران ئي مارجي وڃڻ پسند ڪنديون آهن. +اُنهن لاءِ زندگي فقط زندگي تڏهن هوندي آهي، جو اها ”جنم قيد“ نه هجي. اُهي ئي ڌرتيءَ جو نمڪ هوندا آهن. ن _م- راشد اُنهن مان هڪ هو_ ڪوريئڙن جي نظر ۾ هڪ مک، پر اُنهن جي ڄار کان هڪ سدا سجاڳ، بهادر، آزاد انسان. +پرل هاربر _ فقط هڪ نه پر گهڻا +آمريڪا جي مشهور تاريخدان، جان ٽولنڊ، جو تازو هڪڙو ڪتاب ”بدنامي_ پرل هاربر جي، ۽ اُن جا نتيجا“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي، جنهن تي لائق مصنف کي آمريڪا جو هڪ اعليٰ علمي اعزاز يعني ”پولزر انعام“، به مليو آهي. +اُن ڪتاب ۾ هُن چيو آهي ته اهڙيون شهادتون ملن ٿيون، جن مان ثابت آهي ته آمريڪي سرڪار کي ”پرل هاربر تي 7 ڊسمبر 1941ع واري جپاني حملي جا هڪ نه، ٻه نه، پر ويهارو کن چتاءَ اڳواٽ ملي چڪا هئا..... حقيقت ۾ خود آمريڪي بحري ٻيڙي کي پورا چار ڏينهن پهرين جپاني حمله آور ٻيڙي جي چڙهائيءَ ۽ اُن جي رخ ۽ رفتار جي خبر هئي!“ +پر ”آمريڪي عوام کي ٻڌايو سو ائين ويو ته پرل هاربر تي جپانين جي بمباري_ جنهن کان پوءِ آمريڪي ٻيءَ مهاڀاري جنگ ۾ شامل ٿيا هئا_ سا سندن هڪ کُنڊي ۽ گيدي دشمن جي اوچتي چڙهائي هئي. بهرحال آمريڪي حڪومت کي اڳواٽ ئي اُن حملي جي ڄاڻ هئي. ۽ اُن حملي کي پري ئي روڪڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، پر اُن کي ڍر ڏني ويئي ته ڀل اُهو ٿئي_ رڳو انهيءَ لاءِ ته جنگ ۾ شامل ٿيڻ متعلق آمريڪا جي ماڻهن جي مخالف عام راءِ کي بدلائي پنهنجي پاسي ڪيو وڃي“ +ڇا به هجي، پر سچ پچ ته، جيتري قدر عالمي تاريخ جو تعلق آهي، اها هڪ وڏي ۽ سنگين تهمت آهي، جنهن کان آمريڪي سرڪار آساني سان پاڻ کي آجو نٿي ڪري سگهي. +هتي، اِن مان، اسان کي اِهو ئي سوچڻو پوي ٿو ته آمريڪي حڪومت حقيقتن ۽ انهن جي نتيجن کان باخبر هوندي به، آمريڪي عوام کي بلڪل ئي ٻيون حقيقتون ٻڌائيندي رهي، رڳو انهيءَ لاءِ ته ”سندس پنهنجي دل ۾ جيڪو ارادو آهي ان جي فائدي ۾ هوءَ آمريڪي عوام جي راءِ کي تڪڙو تڪڙو بدلائي ۽ موڙي، پنهنجي پاسي ڪري سگهي!“ ۽ ائين آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ وقت بوقت جيڪي اسان کي بي جوڙ ۽ اڻ سهائيندڙ ڳالهيون نظر اينديون رهن ٿيون، اُهي اِنهي طرح ئي اسين سمجهي سگهون ٿا ۽ سمجهائي ٿا سگهون. +مثلۡا، آمريڪا دنيا جي هڪ حصي ۾ ظلم ۽ حق تلفيءَ جي موجود هجڻ تي نهايت زوردار آواز اٿاري، ويندي اُن جي خلاف سخت عملي اقدام کڻڻ جا دڙڪا به ڏئي سگهي ٿي، ۽ ٻئي ڪنهن حصي ۾ ساڳئي بلڪه اُن کان وڌيڪ سخت ظلم ۽ حق تلفيءَ جي موجود هجڻ، جمهوريت جي مڪمل برباديءَ، ويندي ڪنهن لاقانوني قانون جي ڪٺور حڪمرانيءَ جي قائم ٿيڻ تي به، اُها ساڳي آمريڪا رنجيت سنگهه واري انڌي اک کڻي، اُن سڀ کي چپ چاپ ڏسي سگهي ٿي، اُن کان انڪار ڪري سگهي ٿي. بلڪ اُن جي بچاءَ ۽ پٺڀرائيءَ ۽ عملي اقدام کڻڻ جا نه رڳو دڙڪا ڏيئي پر اُهي عملي اقدام کڻي به سگهي ٿي_ ۽ اِها اُن جي منافق ۽ نمائشي منهن پڪائي فقط ۽ فقط اُن جي سياسي ديوانگيءَ جو نتيجو ئي سمجهي ۽ شمارجي سگهي ٿي. +ائين سو برابر آهي ته هر هنڌ هر ڪو اِهو ڄاڻي ٿو ته مختلف قومن ۽ ملڪن طرفان جيڪي سياسي آدرشن جون ڳالهيون ۽ دعوائون ڪيون وڃن ٿيون، اُهي سڀ نه ته به اڪثر رڳو سندن ڏيکاءَ ۽ ڍڪوسلا آهن. +جيئن چرچل چيو هو:” دائمي دوست ڪي به نه، دائمي دشمن ڪي به نه . رڳو دائمي مفاد“ بلڪ، ”پنهنجا دائمي مفاد“_ اِهو اصطلاح ائين وڌيڪ حقيقت کي قريب ٿيندو. +ٻي هر ڳالهه، عمر خيام جي لفظن ۾، آهي ته فقط ”سحر آفرين نمائشي دونهون “ آهي. +آمريڪي حڪومت جون هيءَ ”سحر آفرين نمائشي دونهون“ ڏسجي ٿو ته هِن صديءَ جي گذريل قريبي ڏهاڪن ۾ وري وري پئي واءَ ٿيو آهي، پر ڦڏو ڦڏو آهي، هٺ هٺ آهي. ۽ اِها اُن جي روش سدائين ”هرچه بادا باد“ يعني ”ڏٺو ويندو، جيڪي ٿيو“، جي ڊيڄڙائي بنياد تي بيٺل رهي ٿي. +ڪيترن ئي ”گهٽ ترقي ڪيل“ ملڪن ۾، بلڪ، جديد سياسي ارتقا جي ٻوليءَ ۾، ڪيترن ئي ��يز تيز ”پوئتي ترقي ڪندڙ“ ملڪن ۾ ڪن ٿورن اتفاقي پيدا ٿيل پر بي پهچ دانشورن جي دلين ۾ اِهو احساس زور وٺندو پئي ويو آهي ته آمريڪي حڪومت جو جيڪڏهن پنهنجو ڪو مقصد سڌ ٿيڻ وارو هوندو، ته اها دنيا جي هنن ”قبل از تعليم“ جي دوورن وارن ملڪن ۽ اُنهن جي ماڻهن ۾ پراڻي پٿر جي زماني کي به موٽائي آڻڻ ۽ اُن کي پنهنجي پوريءَ طاقت سان قائم رکڻ ۾ هڪ گهڙيءَ جي هٻڪ به محسوس ڪانه ڪندي. +۽ ائين آمريڪا جي سڄيءَ پروپيگنڊائي دعوا جا وکا پڌرا ٿي پون ٿا ته اُها دنيا ۾ جتي ڪٿي ۽ هر حال ۾ جمهوريت ۽ انفرادي آزادي جي علمبردار آهي. +۽ انهيءَ صورتحال جي روشنيءَ ۾ ئي، جيئن هڪڙي آمريڪي مصنف چيو آهي، دنيا ۾ هر آمريڪيءَ لاءِ “گندي آمريڪيءَ“ جو اعزازي لقب قائم ٿي ويو آهي. +آمريڪا جي هيلتائين ڏنل سڄي امداد سڀ خوراڪ فضول ۽ بيڪار ثابت ٿي آهي_ انهيءَ ڪري نه ته جن کي امداد ملي يا جن خوراڪ کاڌي، سي سڀ جا سڀ فطرتاً احسان فراموش آهن، پر رڳو اِنهيءَ ڪري، جو جيئن جيئن آمريڪا هنن جا بکيا پيٽ پئي ڀريا آهن تيئن تيئن هنن جي ملڪي ۽ قومي خودمختياريءَ ۽ پڻ انفرادي آزاديءَ جي امنگ جي بک هنن جي دلين ۾ وڌندي ۽ تيز کان تيز تر ٿيندي پئي رهي آهي. +ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي ڄڻ آمريڪا، تيز تيز سياسي طور ”پوئتي ترقي ڪندڙ“ ملڪن جي ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ جي گلن پوکجڻ ۽ ٽڙڻ جي ضرورت کان بنهه بيپرواهه ۽ لاتعلق رهڻ پنهنجو فرض پئي سمجهيو آهي. +۽ ٻئي پاسي، آمريڪا جو عالمي رقيب اُن جي بلڪل ابتڙ عمل ڪري رهيو آهي، ۽ اُن سان هو صدين کان ظلم، آپيشاهيءَ ۽ جاگيرداريت ۽ قبائليت جي چڪين ۾ پيسجندڙ ماڻهن جا روح ۽ اُنهن جون دليون کسي پنهنجي پاسي ڪري رهيو آهي. +جتي به اُهو ويو آهي، اُتي موجوده صديءَ ۾ هن اُهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو انگلنڊ، هن برصغير ۾، ارڙهينءَ ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ ادا ڪيو هو. +هِـن برصغير ۾، هِـتي، ”انگريزن جو پاسو وٺي، هندستاني هندستانين خلاف وڙهيا!“ +ڇو؟ +ڇاڪاڻ ته انگلنڊ هندستان جي عام ماڻهن کي هندستان جي راجائن، مهاراجائن ۽ نوابن جي ظلم ۽ ڏاڍ، انساني دشمنيءَ، نراجيت ۽ لڳاتار، گهرو لڙاين جي خونريزيءَ، ڦرلٽ ۽ حيواني ڏهڪاءُ جي آزار کان ڇڏايو. +صدين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هندستاني تاجر پاڻ کي آزاد ڏٺو، ۽ پيڙيندڙ محصولن ۽ انيڪ قسمن جي جاگيرداري ڍلن ۽ ابوابن کان پاڻ آجو محسوس ڪيو، ۽ ائين هر ٻئي ڪوڙي گادي جي دعويدار جي آڏو هن کي جهڪي ڪرنش بجا آڻڻي ڪانه ٿي پيئي_ پوءَ اُهو ڪوڙو گاديءَ جو دعويدار ڪنهن اصلي شاهي نسل جو هو يا ڪو خون پياڪ وحشي نادر وانگر رڳو ڪنهن ”ڏنڊيءَ“ جو يا ”تلوار“ جو پٽ. +انگريزن، برابر، ”قوم“ کي غلام بڻايو هوندو، توڙي جو ”قوم“ جو تصور هتي اسان وٽ اڃا پيدا ئي ڪو نه ٿيو هو؛ پر انگريزن هتان جي فرد کي، هتان جي ”شخص“ کي، ”ماڻهوءَ“ کي ضرور آزاد ڪيو هو. +انگريزن کان آزادي ملڻ کان پوءِ، برصغير ۾ اهڙو ڪو هڪ شخص به ڪونه هو، جنهن راجائن، مهاراجائن، نوابن ۽ سردارن جي مخصوص دور ڏانهن واپس وڃڻ پسند ڪيو هجي، جيتوڻيڪ اُهي سڀ ”مقدس وطني عظمت“ جا آثار شمار ٿيندا ٿي رهيا ۽ اڃان تائين به ڪن حلقن ۾ شمار ٿيندا ٿا رهن. +لڳ ڀڳ ساڳيءَ طرح، آمريڪا جي اُن عالمي رقيب (توڙي جو، شايد، پنهنجي ئي مفاد خاطر) ظلم، آپيشاهي، استبداد، قبائلي اقتدار ۽ مڪاني سردارن جي محصول معاف موروثي زمينداريت ۽ اُنهن جي آقائيت جي پراڻن قلعن کي ڊاهي، پٽ ڪري، اُنهن مان اڪثر مفت خور، حيوان صفت قبضيدارن کي هڪلي ۽ ڊوڙائي، ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. +آمريڪا جو هيءُ عالمي رقيب هاڻي موٽي پوئتي به هليو وڃي، پر ماڻهوءَ تي ماڻهو جي مڪاني ظلم ۽ ڏهڪاءُ جو چرخو وري موٽڻو نه آهي، ڇو ته، جيتري قدر عام انسان جو تعلق آهي، سڄو سماجي ۽ اقتصادي سرشتو اُتي بدلجي نئون بڻجي چڪو آهي ۽ بهتر ٿي چڪو آهي. +آمريڪا کي اِن ڳالهه جي پوري خبر آهي. پر، پوءِ به، اُهو ساڳيو اُن جو سياسي ٿرٿلو ۽ ڊيڄڙو اُن کي ڊوڙائي، سهڪائي ۽ اڌ مئو ڪري رهيو آهي، جنهن ان کي ويٽنام ۽ ايران ۾ ساڳيءَ ريت حقيقتن کان اکيون پوري ڀڄڻ ۽ ڀڄي بچڻ تي مجبور ڪيو هو_ ۽ اِها اُن جي انڌي سياسي اُڊڪي ۽ حرص جي ڀاڄ سڄي عالم ۽ آمريڪي پاليسيءَ جي پوريءَ ناڪاميءَ طرف هڪ تازي وک، ۽ هڪ بنهه وڏي وک، ثابت ٿيڻي آهي. +جيتوڻيڪ آمريڪا عام ماڻهوءَ جي اقتداري شان جو هڪ امٽ يادگار آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ سڀ کان ڪارائتو پريزيڊنٽ به پوريءَ بي ترسائيءَ سان پنهنجي صدارت جي ڪرسيءَ تان کڄي سياسي محل جي دريءَ مان سڄي سڄي جو سچو ٻاهر اڇلائجي سگهجي ٿو_ ڇاڪاڻ ته هن رڳو آمريڪي شهرين جي آزاديءَ سان هٿچراند ڪئي هئي_ جيئن ٽيپن جي اُن تاريخي تذليل جي نتيجي ۾ واقع ٿيو: پر افسوس، اُهي ساڳيا آمرڪي شهري اڄ دنيا جي گولي تي، اُن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، پنهنجي پگهاردار ملازمن، عيوضين ۽ پروردن کي چپ چاپ ڏسي رهيا آهن. ته هو اتي، دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۾ وقت جي ڪانٽن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو بيٺا آهن. بلڪه انهن کي اتي ڇڪي پوئتي گهمائي رهيا آهن_ ۽ اُتان جا عام انسان وقت جي وڌندڙ ڪانٽن سان اِنهيءَ آمريڪي جنگ سبب، اڄ ”ڪجهه“ مان، ڌڪجي ۽ هيٺ ڪري، ”ڪجهه نه“ ٿي پيا آهن، ۽ جتان جا ٽئڪس ڀريندڙ شهري ۽ عزتدار انسان اُتي اڄ غلام ۽ محض غلام بڻيل آهن. +۽ سڄي ”آمريڪا“ آهي، جا چپن تي چونو لايو، چپ چاپ، هيءَ تماشو ڏسي رهي آهي! +سچ پچ ته آزاد دنيا ۾ آمريڪا جي قومي ناموس ۽ سندس انساني نيڪ ناميءَ لاءِ سندس سرڪاري عمل جي هيءَ صورتحال اڄ جو”پرل هاربر“ آهي_ فقط هڪ پرل هاربر نه، پر گهڻا پرل هاربر! +سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو +سنڌ جي پنهنجي زبان سنڌي آهي، جيڪا پنهنجي اثر ۽ سواد ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. اُها دنيا جي عظيم شخصن ۽ سنڌ جي سنت ڪوين (Saint-poets) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي امر ۽ لافاني خيالن جي وسيلن جو ذريعو آهي. + + +هيءَ ٻولي سنڌ جي غريبن ۽ اميرن، شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻولي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجن خيالن جو اظهار هِـن عوام جي ٻوليءَ ۾ ڪيو، اِنهيءَ ڪري هو اڻ پڙهيل عوام توڙي اعليٰ تعليم يافته طبقي ۾ هڪجهڙو مقبول آهي، ۽ هن جي اعليٰ انساني فڪر ٻنهي کي هڪ اَٽـوٽ ڀائپيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اُنهن ۾ ڪي به اهڙا ثقافتي ويڇا ڪو نه رهيا آهن، جيڪي عام طور تي ٻين سوسائٽين ۾ موجود هوندا آهن. اِن ڪري سنڌي ٻولي هڪ مڪمل سماجي جمهوريت جي زبان آهي. +اِن کان سواءِ ورهاڱي جي صورت ۾ لڏي آيل سنڌ جي نئينءَ آباديءَ جو هڪ حصو پاڻ سان گڏ هڪ اهڙي زبان کڻي آيو آهي، جيڪا پڻ هڪ ادبي ۽ لساني ورثي جي مالڪ آهي، ۽ اُتي اُها هندستان جي هڪ چڱي حصي جي باهمي رابطي جي زبان جي حيثيت سان به ڪم ايندي هئي، ۽ اُن کي هِتي مرڪزي طور وڏي پذيرائي به مليل آهي. +سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کي هڪ وڏي تعداد ۾ پناهه ڏني، ۽ ڪو به سنڌين جي اِن احسان جو پورو بدلو نٿو ڏيئي سگهي. +اُنهن نون آيلن لاءِ ۽ اُنهن جي نسلن لاءِ سنڌ مادر وطن آهي ۽ اُن جي زبان، ثقافت ، اُن جا جذبا، اُن جا احساس ۽ اُن جا اُمنگ سندن پنهنج�� آهن ۽ جيڪڏهن هو پاڻ سان هڪ تاريخي ورثي جي ٻي زبان به کڻي آيا آهن ته اُن سان سنڌ جي اصلي زبان ۽ اصلي تهذيب ڏانهن سندن ذميدارين ۾ ڪو به تفاوت ڪو نه ٿو پوي. +سنڌ جي عوام پڻ سندن زبان جي ڪا مخالفت نه ڪئي آهي ۽ سنڌ جي دانشورن کي اُن جي وسعت جو احساس آهي ۽ اُن لاءِ سندن جذبن جو اُنهن کي شعور آهي. هُنن پنهنجي زبان جي بچاءَ لاءِ پنهنجي مادر وطن جي قرباني ڏني ۽ هو مهاجر بڻيا ۽ پنهنجي وڏن جي تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي وڏن جي قبرن کي ڇڏي آيا ۽ جنهن ڳالهه لاءِ انهن قرباني ڏني آهي سا کين برابر ڏاڍي پياري آهي. +پر جيڪڏهن اِن حالت ۾ هُنن اردو ڪنهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اردوءَ سان وڏي ۾ وڏيءَ دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندا_ حالانڪ اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هنن جي دل ۾ اِها خواهش هوندي ته جنهن شيءَ لاءِ هنن قرباني ڏني آهي تنهن کي وڌائين ۽ ويجهائين، پر جيڪڏهن معاملي جي تهه تائين پهچڻ بدران رڳو ڪناري تي بيهي معاملي کي اُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته ڪنهن جو به ڀلو نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن باقاعدي منصوبي جي ذريعي اردوءَ کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ اُن جي نتيجي ۾ ڪا مخالفت ٿي، جا ٿيڻي ئي آهي، ته اُهي ئي ائين ٿاڦڻ ۽ مڙهڻ وارا، اردوءَ جي اُنهن آئينده نسلن جي نقصان جا ذميدار ٿيندا، جن ويچارن جو اُن ۾ ڪو به هٿ نه هوندو. جيڪڏهن هُنن جي مادري زبان کي اُن حالت ۾ نقصان پهتو، جنهن حالت ۾ هنن جي زبان جي ترقيءِ جا هونئن موقعا به موجود آهن، ته اُن صورت جي ذميداري به اُنهن تي عائد ٿيندي. +اردوءَ جي اُنهن حامين، جن 23 سال اڳ ۾ هتي اچي پناهه ورتي هئي، تن کي هتان جي ماڻهن جي ٻوليءَ_ سنڌيءَ_ جي عظمت جي خبر ڪانه هئي، ۽ هو اُن جي عظمت، ميٺاج، صلاحيت ۽ سگهه کان قطعي غير واقف هئا، ڇو ته اُهي هندستان جي اهڙن حصن کان آيا هئا، جتي کين سموري زندگيءَ ۾ سنڌيءَ جي باري ۾ اهو پتو ئي ڪو نه هو. +اُن کان پوءِ هنن 23 سالن ۾ سنڌ جي هڪ نئين عظمت اڀري آئي آهي، ۽ سنڌي زبان جي ترقيءَ جي باري ۾ اُن قدر ئي هڪ جاندار ۽ نئين سجاڳي وجود وٺي چڪي آهي. سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ته مهاجرن جا ٻار سنڌي ڳالهائين ٿا، ۽ رڳو ٿوري عرصي جي دير آهي جو هو پاڻ ۽ اُنهن جا ٻار پنهنجين تخليقي صلاحيتن جو اظهار اُن زبان ۾ ڪري سگهن. +سنڌ ۾ رڳو ڪجهه اردو آباديون اهڙيون آهن، جتي اِها صورتحال نه آهي. +مختصر لفظن ۾ هيئن چوڻ کپي ته اردو اُنهن تي مسلط نه ٿي ڪري سگهجي، جن جي مادري زبان اردو نه آهي، ۽ نه وري سنڌي اُنهن تي مڙهي سگهجي ٿي، جن کي اردو پياري آهي، دنيا جي تجربن مان ظاهر آهي ته اِن قسم جون ڪوششون بلڪل ناڪام رهيون آهن. +اردو ڳالهائيندڙن کي اِهو محسوس ڪرڻ کپي ته سندن جاءِ پناهه ۽ سندن وطن سنڌ آهي ۽ هُنن هندستان مان هجرت جي صورت ۾ جيڪا پنهنجي همت ۽ صلاحيت استعمال ڪئي هئي، سا هو هاڻي سنڌ جي عظمت، خوشحاليءَ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي وچ ۾ ڀائپيءَ جي اُڀارڻ لاءِ استعمال ڪن. +اهي ٻيو ڇا به هجن، پر هو سنڌ ۾ سنڌين تي ٻوجهو ڪو نه آهن، پر ماحول مختلف آهي. هاڻي اُنهن کي نئين ماحول کي پنهنجو ڪرڻو آهي ۽ اهڙي نموني سان رهڻو آهي جهڙي نموني پراڻا سنڌي رهي رهيا آهن، ۽ اُنهن جو نسلي تفاوت اِن خوش آئند مستقبل جي آڏو اچڻ نه گهرجي. +حالانڪ اُنهن مان ڪيترن ئي، غلط ڪارين جي آڌار تي، دولت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منجهانئن ڪافي ماڻهن پنهنجي محنت جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ۽ ڪيترائي منجهن اهڙا آهن جيڪي هن مهل تائين اجهي جي تلاش ۾ آهن، ۽ اُهي هزارين لکين پراڻن سنڌين وانگر ڏکن ۽ ڏولاون ۾ گذاري رهيا آهن ۽ اُنهن جي مشڪلاتن جو ختم ٿيڻ في الحال نظر نه ٿو اچي. اُهي ماڻهو جيڪي ليڊرنه آهن، جيڪي تاجر نه آهن، پر جيڪي مزدور آهن، هاري آهن، جيڪي محنت ڪن ٿا، جيڪي ننڍا دوڪاندار آهن ۽ جيڪي ريڙهيون هلائين ٿا، جيڪي ننڍي وچولي طبقي جا ماڻهو آهن، تن کي هڪٻئي سان گڏ رهڻ کپي ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ کپي. +سنڌ ۾ رهندڙ اُنهن ماڻهن کي پنهنجيءَ زبان کي ٻين تي مڙهڻ جي ڪنهن به تحريڪ جو شڪار نه ٿيڻ کپي، ۽ پاڻ وانگر هر محنت ڪندڙ کي پنهنجي زبان جي استعمال جو حق ڏيڻ کپي. +اِهي رڳو سندن خودساخته ليڊرن جا ڪرتب آهن، جيڪي سندن مصيبتن جو سبب هئا، آهن ۽ رهندا؛ جهڙي طرح سنڌ جي هارين ۽ عام ماڻهن جي مصيبتن جو سبب سنڌ جا وڏا وڏا پير، مير، زميندار ۽ جاگيردار آهن. اِهي ليڊر ۽ وڏا ماڻهو ئي آهن، جي عوام جي تصادم ۾ خوش آهن، ۽ اُهي اُنهن لاءِ وڌيڪ مصيبتن جو باعث ٿيندا. ڪهڙو عجب، جو اِنهن ’رهنمائن‘ پنهنجي بقا لاءِ پاڪستان کان ٻاهر پڻ پنهنجو بندوبست ڪري ورتو هجي_ ڪوئن وانگر ٻڏندڙ جهاز کي ڇڏي هو پنهنجو بچاءَ ڪري ئي وٺندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿانيڪا ٿي ويهندا- ٻيو ڪٿي نه ته آمريڪا، دنيا جي شاهوڪار شاهيءَ جو ديس، هنن لاءِ هڪيو موجود آهي. +سنڌ جي ڪافي سمجهدار ۽ عوامي اڳواڻن اردوءَ کي اردو وارن جي تعليم، دفتر ۽ تجارت جي ٻوليءَ طور قائم رهڻ کان انڪار نه ڪيو آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي زبان، تهذيب ۽ ثقافت جي بچاءَ جي ضمانت ڏني آهي. +سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڪنهن به خطري جو شڪار ڪو نه آهن پر هو پنهنجن جي دولاب ۽ ٺڳيءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته سنڌين طرفان کين پنهنجن ٻارن کي اسڪول توڙي ڪاليج ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم ۽ پنهنجي مقدمن جي وڪالت ۽ دفترن ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ پڪارڻ جي حق جو يقين ڏياريو ويو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي ”درحقيقت“ سرڪاري زبان ملڻ جي اميد آهي. +تنهنڪري اُنهن کي سنڌ جي اڪثريت جي ٻوليءَ سنڌيءَ جي حيثيت جو به انڪار نه ڪرڻ گهرجي. اُن سان گڏ، جيئن ٻهراڙين ۾ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائڻ لڳا آهن. تيئن شهرن ۾ پڻ اهڙي ترڪيب ڪئي وڃي جو سنڌ ۾ ‎ٻوليءَ جو عار ۽ بُـعد ختم ٿي وڃي، ۽ هرڪو پنهنجي ٻوليءَ تي فخر ڪري ۽ ٻئي جي ٻوليءَ جو قدر ۽ احترام دل ۾ رکي. +(اخباري بيان: 1971ع) +سنڌ جون نياڻيون +نه فقط پنهنجي امڙ سنڌ پر سڄي پاڪستان جي مائرن ۽ ڀينرن جي واهر ۾ اڄ سنڌ جون نياڻيون نڪري ميدان تي آيون آهن. +تازو (اپريل، 1982ع) ڪراچيءَ ۾ ڪيل پنهنجي ڪانفرنس ۾، جيڪا هنن پير مرد، پر تيزيءِ سان اڀرندڙ، بيخوف ۽ جمهوريت دوست اڳواڻ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، جي صلاح ۽ سهاري سان، ڏاڍيءَ هوشمنديءَ ۽ وڏي جذبي ۽ جلال سان اُتي منعقد ڪئي، هنن سنڌ جي نياڻين، صاف صاف ۽ نهايت زوردار لفظن ۾، صديون پراڻي ظلم کان پنهنجين مائرن ۽ ڀينرن کي ڇوٽڪاري جو سڏ ڏنو آهي_ اُن ظلم کان، جيڪو مٿن تاريخ جي اهڙي بدترين حيواني روپ ۾ مسلط رهيو آهي، جنهن جو لفظن ۾ بيان ٿي ئي نٿو سگهي، ۽ هو جڳن کان اُن جي دهشت ۽ دٻاءُ هيٺ بيوس ۽ مجبور، بي اَبائتيون ۽ بي زبان پيڙهبيون پئي آيون آهن. +اڌ صدي کان اڳ، دنيا جي هن حصي ۾ هڪ بهادر آمريڪي خاتون، ڪئٿرين ماءُ، آئي هئي، جنهن ”مدر انڊيا“ (هند ماتا) نالي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو هو؛ اُن ۾ هُن رڳو اُهي چند ڀيانڪ حقيقتون، مختصر لفظن ۾، بيان ڪيون هيون، جيڪي هُن عورتاڻي عوام جي دک ۽ پيڙا جون هندستان جي اسپتالن مان معلوم ڪيون هيون. اُن ڪتاب جي اُنهيءَ حقيقت ڪُشائيءَ تي، اُنهن ڏينهن ۾، چوڌاري عجيب هڪ شور ۽ غوغاءَ مچي ويو هو، ۽ هندستان جي عالمن ۽ پنڊتن ۽ اُنهن جي آقائن ۽ اَن، داتائن کي باهه لڳي ويئي هئي ۽ هو سڙي پچي ڳاڙها ٽانڊا ۽ ڪارا ڪوئلا ٿي ويا هئا. +اُها عظيم مائي،ڪئٿرين ماءُ، جيڪڏهن برصغير جي هِن ڪنڊ ۾ به اچي نڪري ها ۽ هِتان جي عورتاڻي انسان سان جيڪي عذاب ۽ عقوبتون، ظلم ۽ زيادتيون روا رکيون ٿي ويون، اُنهن جو ڪجهه ذڪر به هوءَ پنهنجي اُن ڪتاب ۾ ڪري ها، ته يا ته دنيا کي مٿس ويساهه ئي نه اچي ها ته اڄ جي ويهين صديءَ ۾ ڪي مطلق غير انساني ڳالهيون اهڙيون به ٿي سگهيون ٿي، ۽ يا ته دنيا اُنهيءَ مڃڻ کان ئي صاف انڪاري ٿي بيهي ها ته جن ماڻهن ۾ ههڙيون ڳالهيون قبوليون ٿي ويون، اُهي ماڻهو انسان، ۽ انسانن ۾ ڪي اهڙا نيم وحشي انسان، به ٿي سگهيا ٿي! +۽ هِتي اسان وٽ اُهي سڀ ڳالهيون نه رڳو ٿينديون رهيون آهن ۽ اڄ به ٿي رهيون آهن، پر اسان جي سڳورن عالمن ۽ وٺ- نه- ڏيندڙ نامدار آقائن کي اُنهن جو علم آهي، بلڪ هو اُنهن تي چشم پوشي ڪن ٿا، ۽ اُنهن تي نه رڳو دل جو دل ۾ پر ڪافي ڪجهه ظاهر ظهور ناز ۽ پنهنجي نامڪٺيائي به ڪن ٿا. +ٻي هڪ اهڙي ئي عظيم آمريڪي عورت، ليڊي رائينڊ، پنهنجن ڪتابن ۾ ڏيکاريو آهي ته ظالم ۽ ڇڙواڳ فاتح يا آقا جنهن کي هن علامت طور ”ائٽيلا“ سڏيو آهي، جيڪو چنگيز منگول وانگر خوني هو ۽ وحشي ”هوڻ“ قبيلي جو اڳواڻ هو ۽ جنهن اٽليءَ تي قابض ٿي اُن جو ساهه مُٺ ۾ ڪيو هو، اُهو اَئٽيلا ۽ اُن جا ساٿي ”عالم“ يا ”ڀوپا“ ساڳيءَ لٺ جا ٻه مٿا آهن، جن سان سدائين بني نوع انسان جي ميڄالن مان ڪو به هڪڙو ٻئي کان سواءِ ڪابه حيثيت ڪانه ٿو رکي، بلڪ اُهي ٻيئي هيڪل هيڪل ڪجهه به نه آهن. +”هوڻ اَئٽيلا ‎“ پنهنجي ”ڀوپي عالم“ جي مفت ٽڪرن تي پالنا ڪري ٿو، ۽ ”ڀوپو عالم“ اُن بي محنتئي ٽُڪر ملڻ جي احسان عوض، عملي ۽ علمي، ٻنهي طرحين، ”هوڻ ائٽيلا“ جي مدد ڪري ٿو ته ڀل اُهو مرداڻي ۽ عورتاڻي برادر انسان کي زرخريد غلامن کان به گهڻو، گهڻو، گهڻو پيڙي ۽ چيچلائي پنهنجو ٻانهن ٻڌل جي – حضور بنائي، ڇو ته زرخريد غلامن لاءِ وري به آقا کي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، پر خالي کوپڙي رکندڙ انسان ته ٽنڊڻ ٿين ٿا ۽ اُهي بي زبان ۽ گگدام جانور هوندا آهن جيڪي ”هوڻ ائٽيلائن“ لاءِ نسل بنسل پيا پگهر ڳاڙيندا آهن ۽ ڳهندا آهن. +سچ پچ ته ”هوڻ ائٽيلائن“ ۽ ”ڀوپن عالمن“ جي وچ ۾ سدائين پورو پورو ساٿ ۽ ويجهي ۾ ويجهو سٻنڌ رهندو آهي_ ۽ ان جا پڌري پٽ ۽ وري وري ۽ وري وري تجربا ڏيکاري ۽ مشاهدا ڪري سگهجن ٿا_ ڇو ته اُهي ٻيئي حقيقي اپت ڪندڙن ۽ پورهيتن جي جسم تي بنهه بکين ۽ مڇڏو رت پياڪ چچڙن وانگر چهٽيل رهن ٿا. +”ائٽيلا“ اپت ڪندڙ ۽ تخليقي آدم ذات جي جسم ۽ ذهن کي ڪيرائي ۽ لتاڙي ٿو، ۽ ”ڀوپو“ اُن جي روح کي نجس ۽ نست ٿو ڪري. +بهرحال، هن تمام ڊگهيءَ ۽ تمام وڏيءَ ڳالهه کي ننڍو ۽ تمام ننڍو ڪندي، چئي ٿو سگهجي ته برصغير جي هن حصي جي جنهن ڪم جي ڪُنڊ ڪئٿرين ماءُ جي هٿان ڇهُجي به نه سگهي، اُهو ڪم، هڪ للڪار ۽ جنگ جي زوردار سڏ طور، ڪراچيءَ جي سنڌي عورتن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ وڌ کان وڌ ذهين، وڌ کان وڌ هوشمند ۽ وڌ کان وڌ باخبر سنڌ جي نياڻين، اڳتي وڌي قبول ڪيو ۽ هٿ ۾ کنيو آهي. +جيڪي ڪجهه تقريرون اُتي ڪيون ويون ۽ مقالا پڙهيا ويا، اُهي جيڪڏهن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ نه ڪيا ويا ۽ اُنهن جو ڪو هڪڙو لفظ به گم ٿيو يا ڪنهن طرح ضايع ٿيو، ته اُهو هڪ بيحد افسوسناڪ سانحو سمجهيو ويندو. +اِه�� ۽ پڻ سڀني اتي ڪانفرنس ۾ پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ اسان جي هنن مائرن ۽ ڀينرن جا فوٽا اسان کي پنهنجن ايندڙ نسلن جي تعظيم ۽ احترام لاءِ محفوظ ڪري رکڻ گهرجن_ ڇاڪاڻ ته هنن مڻيادار ۽ مانائتين سنڌ جي نياڻين جيڪا همت ۽ جيڪا بي مثل صداقت دنيا جي هن اسان جي بند حصي ۾ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ آزاديءَ، خوداختياريءَ ۽ جيوت جي خوشي جي وڏن وڏن رازن ۽ اسرارن جي کولي ٻڌائڻ ۾ ڏيکاري آهي، تنهن جو سچ پچ ته اسان وٽ ڪو مثال ڪونهي. +پر ايندڙ نسلن لاءِ ڇو؟ اسان جي اڄ جي نسل لاءِ ڇو نه؟ +اڄ جي نسل ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو اُها سموري ڳالهه اُهو نه ٻڌي، جيڪا سنڌ جي نياڻين پهرين پهرين ته خاص اُن لاءِ پنهنجي هن سچيءَ پچيءَ تاريخي ڪانفرنس ۾ ايڏيءَ محڪم صداقت ۽ ايڏي بي خوف اعتماد سان پڌري پٽ چئي آهي؟ +اِنهيءَ ڪري هِنن سڳورين سنڌ جي نياڻين جو هن موقعي تي چيل هڪ هڪ لفظ ايندڙ نسلن ۽ پڻ اڄ جي نسل جي ڪَنن تائين پهچڻ اشد ضروري آهي_ ڇو ته هڪ هڪ سندن اهو لفظ ”ائٽيلائن“ ۽ ”ڀوپن“ جي ڌپيل لاشن جي پيتين کي ٺوڪي بند ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ ڪوڪي ۽ هڪ هڪ ڪلي جوئي ڪم ڏيئي سگهندو. +هيءَ دور ڪيسٽ رڪارڊن جي انقلاب جو دور آهي. سنڌ جي هنن هوشمند نياڻين جو هيءَ پيغام_ ”هوڻ ائٽيلائن“ ۽ سندن ڇاڙتن ”ڀوپن“ جي گهُـٽ ۽ ٻُـوسٽ کان آزاديءَ ۽ خوداختياريءَ جو پيغام_ ڇپيل لفظن جي صورت ۾۽ پڻ ڪيسٽ رڪارڊن جي وسيلي سنڌ جي هڪ هڪ عورت، اسان جي هڪ هڪ ماءُ ۽ اسان جي هڪ هڪ ڀيڻ، تائين ضرور پهچڻ گهرجي. +ائين سڄي پاڪستان جي ٻڌندڙ عورتائي عوام تائين خاص سندن پنهنجين پنهنجين مادري ٻولين ۾ اِهو پيغام پهچڻ کپي_ ۽ اُن لاءِ ڪنهن ڌوتل پوتل ۽ پاڪ بڻيل ٻيءَ ٻوليءَ يا ڪنهن اعليٰ ادبي ۽ علمي طرز يا ادا جي ڪا گهرج ڪانهي. +اسان جي اڄ جي ضرورتن پٽاندر هي اسان جون ڏاهيون سٻاجهيون سنڌ جون نياڻيون ئي، هِن پل لاءِ، اسان جون اهم تاريخي شخصيون ۽ اسان جا عظيم رهنما آهن_ ڇو ته مومل جي منجهيل سُـٽ جي ڦوري کي راڻي مثل هِنن ئي هڪ ڌڪ سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. +عام سماج ۾ چوڻي آهي ته ”ناموس ۾ شڪُ معنيٰ ناموس چٽَ“ ڇو ته ”ناموس“ آهي ئي اهڙي هڪ بي بقا، هٿرادو ۽ ٽاڪُـئين چيز. +۽ ائين چاڻندي ئي ته ناموس صابڻ جي گجيءَ کان ئي سنهڙي، هڪ بي زوري ، بنهه ڦوڪ وهيڻي شيءِ آهي، سڀ ”هوڻ اَئٽيلا“ ۽ سڀ ”ڀوپا عالم“، الڳ الڳ ۽ پڻ گڏجي، صلاح ڪري، هر قيمت تي ”ناموس جي ڌانڌليءَ“ کي بچائڻ ۽ بچائي رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. +اُنهن کي پوريءَ طرح خبر آهي ته هڪ ڀيرو ناموس جي چلڪڻي چادر سڃاپجي پيئي ۽ معلوم ٿي ويو ته اُن ٺڳڻي روپ پٺيان ڇا آهي، ته سامهون بيٺل سڄي رڃ اوڏيءَ مهل الوپ ٿي ويندي ۽ وري اُن جي اُهو اڳوڻو پرڪاش ۽ چراغپڻو جُـڙي ئي نه سگهندو. + + +هزارين ڳرا ۽ معتبر، وڏين وڏين خبرن وارا ڳوڙها ڳوڙها ڪتاب هُـوڻ ائٽيلائن جا ڀوپا عالم، جي- حضور ۽ ٽڪريل، لکن ٿا، جن جو مقصد رڳو عام انسان کي هيسائڻ ۽ اُن جو هانءَ کائڻ آهي_ جيئن اُهو پوريءَ طرح سندن ڪڙي ۾ اچي وڃي ۽ سندن آقائن جي ناموس ۽ خود سندن ناموس کي هو ايماناً ائين مڃي ويهي، ڄڻ اُهي سون جون ڪي سِرون آهن جيڪي هن غريب کي پنهنجي پٺيءَ تي بنا ڪڇڻ پڇڻ جي کڻڻيون آهن ۽ سچ پچ اُنهن کي ڪو املهه ۽ عيبي بار سمجهي سڄي حياتي ائين ڍوئڻو آهي_ اُن سڄي ڍير کي، بُـٺَ کي، اُن پاکنڊ، اُن آفيم، اُن ڀَنـگ کي، اُن نرلڄ انساني ڪٺورتا ۽ لُـچائيءَ کي، جيڪا عام ماڻهوءَ، هر جوان ۽ پوڙهي، هر عورت ۽ هر ٻار جي آزاديءَ، آزاد ساهه ۽ زندگيءَ جي هر خوشيءَ جي خلاف درحقيقت هڪ سازش، هڪ منصوبو ۽ ڏٺو وائٺو هڪ ابليس پڻو آهي. +سنڌ جي نياڻين اِن ناموس کي سامهون بيهي للڪاريو آهي، ۽ پنهنجي وس آهر ڇڪي اُن جي منهن تان پڙدو لاٿو آهي، اُن جي قلعي کولي آهي، ڏندريءَ ڏائڻ کي ڏائڻ ڪوٺيو آهي_ ڪوجهي، ڪپُٽي، ڪـُـڪَرمـي ڏائڻ_ رابرٽ اِنگرسال جي لفظن ۾، ”اِها آقائيت جي واهيات، اَڻ- هجڻي، ڪار مُـنهين ناموس“_ جنهن جُڳن جا جـُڳ، بي ترس ۽ بدروح ظالمن ۽ ڏاڍن جو بدروح منَڊ ۽ بي ترس هٿيار بڻجي، ڪوڙ ۽ خوف جي ڪڙي ۾ ڦاٿل معصوم، ساده دل انسان ذات جا روح ڪنبايا آهن ۽ دليون ڌتاريون آهن ۽ اُن جي ذهنن ۽ ڪلپنائن کي گهٽيو، نپوڙيو ۽ پنگلو بنايو آهي. +سچ پچ ته اِها وڏي ڳالهه آهي، ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، جو هِنن سنڌ جي عظيم نياڻين ههڙيون سچيون پچيون بي خوف ۽ دليرانه تقريرون ڪيون_ عورتن جي آزاديءَ جي اعليٰ مقصد لاءِ، اُنهن جي خوداختياريءَ لاءِ، اُنهن جي پنهنجي آگهيءَ ۽ عظمت لاءِ، جيڪي اصل ۾ ته سڄيءَ انسان ذات جي آزاديءَ خوداختياريءَ عظمت جون تقريرون هيون_ ڇاڪاڻ ته غلام ذهن عورتون هرگز آزاد مرد ڄڻي ۽ نپائي نه سگهنديون، غلام ذهن عورتون ڄڻينديون ۽ نپائينديون ته فقط پاڻ بچائيندڙ مرد، وڙهڻ کان اڳ آڻ مڃيندڙ مرد، اذيت پسند ۽ روئڻا مرد. +پر هي سچ پچ عظيم ۽، سماجياتي خيال کان، سچ پچ لافاني (هائو، لافاني) تقريرون، پنهنجي جاءِ تي جيتوڻيڪ ضروري ته آهن پر پنهنجي جاءِ تي ڪافي نه آهن. +نه. ڪيتريون به کڻي اُهي حق حقاني، زوردار ۽ تُز نشاني تي لڳندڙ هجن، پر اُهي ڪافي نه آهن. +تقريرون ڪيتريون به عظيم ۽ لافاني هجن، ڪافي نه آهن، جيستائين جو اُنهن جي پويان طاقت، ارادو ۽ عمل جي تدبير نه آهي. +اوهان کي يوناني ڏاهي ۽ سرفروش درويش، ڊيماسٿنيز، جي تُـز ۽ لافاني تقريرن جي ڳالهه ته ٻڌل هوندي، جن لاءِ چوندا هئا ته اُهي هُن جا ”فلپ_ مار گُرز“ آهن_ جيڪي هو سڪندر _(اعظم) جي پيءُ، مئسيڊونيا جي ويٺل، وحشي ۽ خونخوار فلپ، تي، اٿندي ويهندي، کلئي عام، سَٽيندو رهندو هو. +پر ڊيماسٿنيز جون اُهي لافاني ۽ عظيم تقريرون وحشي فلپ جي خلاف بي سود ۽ بي اثر هيون، رڳو اِنهيءَ ڪري، جو ڊيماسٿنيز جي پنهنجي اٿينس جا رهواسي بي طاقت ۽ بي زورا هئا، هنن وٽ نه تدبير هئي ۽ نه ارادو ۽ همت، جو هو اُن درندي کي منهن ڏيئي سگهن ۽ ڪيرائي سگهن، ۽ تنهن وچ ۾ هُن اُنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي پَڻي ڪري ڇڏيو. +اِنهيءَ ڪري، تقريرون گرمائي ته سگهن ٿيون، پر مقصد جي حاصلات پنڌُ ٻيو آهي. ڏهه لک گئلن پئٽرول جا ٻَـرِي دونهون ته ٿي سگهن ٿا پر ائين رڳو هڪڙو اسڪوٽر، هڪڙو انچ به اڳتي، چري نه سگهندو_ اُن لاءِ ضروري آهي ته پيٽرول ڦڙو ڦڙو ٿي، پوري طريقي ۽ ترتيب سان، اسڪوٽر کي اڳتي هلائڻ جي طاقت رکندڙ انجڻ کي هلائي، ۽ چالو رکي. +اِها ئي حالت تقريرن جي آهي، پوءِ اُهي ڪيتريون به گرما گرم ۽ دونهان ڌار هجن. +تقريرن کان، پنهنجي پاڻ تائين، ڪڏهن به ڪو جبل ڏري نه سگهيو آهي. ڇو ته هوڻ ائٽيلائون ۽ سندن ساٿي منصوبي باز يا ساٿي شڪاري، ڀوپا عالم، پوري ڌيان سان سوچين ٿا، پوري ڌيان سان رٿائون رٿين ٿا ۽ پوري ڌيان ۽ بنهه رۡکي رُوح سان پنهنجي طاقت منظم ڪن ٿا ۽ ڪم آڻين ٿا، ۽ هُنن کي اُن لاءِ پورو وقت ۽ پوري فرصت آهي، ۽ جنهن ۾ هو پنهنجي بي ترتيب، ڇڙو ڇڙ ۽ غير منظم جوش ۽ جولان ۾ ورتل ۽ رڳو رڙيون ڪندڙ شڪار تي حملي جا گهاٽ گهڙين ٿا، ان کي جهلين ٿا ۽ پاڻ وٽ سوگهو رکن ٿا. +ٿڌائي سان سوچيندڙ ۽ گهاٽ گهڙيندڙ مخالف ڇري مثل آهي؛ جوش ۽ جذبي ۾ پگهرجندڙ ۽ زبان باز يا واڪِرُ مخالف مکڻ مثل آهي: ۽ سڄيءَ تاريخ ۾ ڪڏهن به مکڻ ڇُريءَ کي ڪٽي نه سگهيو آهي. +اِنهيءَ ڪري ئي ڪن روشن دل سنڌ جي نياڻين ڪانفرنس ۾ ئي پنهنجين تقريرن ۾ انهيءَ حقيقت جو پڻ چٽي طرح وستار ڪيو ته کين خبر هئي ته ٺلهين تقريرن سان ڪجهه ورڻو نه هو؛ بلڪ اُن لاءِ کين پوري منظم ۽ ضبط هيٺ، بيحد اورچائيءَ ۽ دلي ذوق سان ۽ پوريءَ ڪنهن سوچيل تدبير مطابق، ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي، ڇو ته سندن جُـڳن جا دشمن هڪ ته بيحد چالاڪ ۽ مڪار هئا ۽ ٻيو ته اُهي سندن رت ۽ پورهئي تي پلجي رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ بيحد منظم ۽ متحد هئا. +اسان مظلومن ۽ محڪومن، محنت ڪشن ۽ مسڪينن جي اڄ جي صورتحال جو هيءَ تجزيو شايد پوريءَ طرح صحيح ۽ هر طرح پورو تجزيو آهي. +هڪڙي وڏي اقتصادي عالم کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته ”ڇا، سڄيءَ ترقي“ جو سڄو مدار محنت ۽ سرمايي تي نه آهي؟“ تڏهن اُن عالم جواب ڏنو ته ”ٻنهي جي ڳنڍڻ واريءَ سڀ کان مکيه ڪڙيءَ کي ڇو ٿو وساري ڇڏين؟“ +”اُها ڪهڙي آهي؟“ هن کان پڇيو ويو. +”تنظيم“، هن جواب ڏنو، ”تنظيم“ رڳو سرمايو ڪهڙي ڪم جو؟ اُهو ته مئل ٻار آهي_ سست، بيڪار. ۽ رڳي محنت به ڪهڙي ڪم جي؟ رڳا محنت ڪش به ته رڳو انبوهُ آهن. ٻنهي جي وچ ۾، ٻنهي کي چرپر ۾ آڻڻ لاءِ، تنظيم گهرجي.“ +اهڙي طرح، ڪم از ڪم ڪي روشن دل سنڌ جون نياڻيون آهن، جن اڳتي وڌي، اِنهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏني ته کين معلوم هو ته ائٽيلائن، واڌو- ڀوپن عالمن جي منظم گهاڻي جي جـُڳن کان هلندڙ ظلم ۽ پيڙا کان نجات جي سندن جدوجهد ۾، تنظيم ۽ تدبير عمل جي معنيٰ ڇا هئي. ائين صاف صاف ڏٺو ٿي ويو ته هُنن کي خبر هئي ته ڪم کان سواءِ، عمل کان سواءِ، ٺلهيون تقريرون ائين هيون جيئن گرم هوا جي نيڪال جون ڳڙکيون. عمل_ نجات جو عمل_ ئي آهي، جنهن کان ائٽيلا ۽ ڀوپا عالم ڊڄن ٿا_ ڇو ته اُن کي هو پنهنجو عزرائيل ٿا سمجهن. +ڳالهه جي اِنهيءَ پروڙ ۾، ته ڪم ئي آهي جو ڪم ٿو ڪري، ۽ ٻي ڪابه شيءِ اهڙي ڪانهي جيڪا ڪم وانگر ڪم، يعني ڪم ڪري، هي سنڌ جون نياڻيون، هندو-،مسلم- عيسائي ۽ ٻيون سڀ، ساڳيءَ اِن ڳالهه جي ڳُڻ جون ضرورتمند آهن ۽ اُن جون ڳولائو هئڻ کپن_ جيئن گوئٽي،عظيم گوئٽي ، به چيو آهي: +آواز ٻڌا ويا، +سڳورا ۽ ڏاها سڀ ٻڌا ويا، +جـَڳُ ٻـُڌو ويو، سڀ ِ جُـڳَ ٻُڌا ويا: +چتائي، چونڊي، پنهنجي چونڊ ڪريو_ +ننڍي آهي پر اَڪَٿ آهي_ +اکيون اوهان تي آهن، +اَزل ۽ ابد جي بي اَنت ساگر ۾: +سڄو ڪمال هِتي آهي، +همت ڪريو، انعام کٽو! +ڪم ڪريو ۽ دل نه هاريو! +ڇا، اسان جو نوجوان نسل اڳواڻيءَ کان محروم آهي؟ +”ڪو به ڪونهي، جو اسان جي رهنمائي ڪري“_ اڄڪلهه جا گهڻا نوجوان اِها شڪايت ڪن ٿا، هيءَ صورتحال واقعي المناڪا آهي. +ٿورا ئي ڪي ڏهاڪا سالن جا اڳ، اها شڪايت ڪڏهن ٻڌڻ ۾ نه ايندي هئي. نوجوانن تڏهن محسوس ٿي ڪيو ته زندگيءَ ۾ اُنهن کي ڪو وڏو ڪم ڪرڻو هو. هو ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ جيئندا هئا. آزادي ۽ خودمختياريءَ لاءِ جدوجهد جي ڌُنَ سڄي برصغير جي اڪثر ماڻهن جي زندگين تي ڇانيل هوندي هئي. +تڏهن اسان وٽ عظيم شخص موجود هئا. زندگيءَ جي سڀني راهن ۾_ سياست ۾، فلسفي ۾، شاعريءَ ۾، موسيقيءَ ۾، ۽ اُهي عظيم شخص نوجوانن جي قريب هئا. مثلًا، نوبل انعام يافته، سر سِي. وي، رامن، خوشيءَ سان وڃي نوجوانن کي ليڪچر ڏيندو هو_ اهڙيءَ آسان ٻوليءَ ۾ جيڪا هو سمجهي سگهندا هئا. الهه آباد جا نوجوان جواهر لال نهروءَ وٽ پهچي سگهندا هئا ۽ هُن کان گهر ڪندا هئا ته هو ساڻن محرم جي مجلس ۾ هلي شريڪ ٿئي، ۽ هو خوشيءَ سان اُنهن جي ڳالهه مڃيندو هو. اهڙي ئي خوشيءَ سان هو دهليءَ ۾ ”ڦول والون ڪِي سير“ ۾ شامل ٿيندو هو، ۽ اُنهن جي اڳواڻي ڪندو هو. +تن ڏينهين، بزرگن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا هڪ شيءِ موجود ڪانه هوندي هئي، ته اُها هئي ”سِيٽَ ۽ ويڇو“ ُ مُغليت، يعني آڪڙ ۽ مٿڀرائي ڪانه هوندي هئي. اِئين ڪو نه هوندو هو ته ”مون کي اوهين رڳو ويجهو اچڻ ٿا ڏيو ته ڄڻ وڏو مون تي احسان ٿا ڪريو!“ ڪنڌ ۾ ور وجهي ڪو نه ڏسبو هو. ۽ ”خدا جي ڏيکائي ڏيو ۽ فضل جي نظر وجهو‘_ اِها ڳالهه ڪانه هوندي هئي. سروجني نيڊو جنهن سان به ملندي هئي اُنهن سان ماءُ بڻجي هوءَ ملندي هئي. +۽ ڪاليجن ۾، ۽ پڻ هاءِ اسڪولن ۾، اسان جا اڳواڻ ڪير هئا؟ شيڪسپيئر، مِلٽن ۽ بَـرڪ. اسان جا ”انقلابي“ ساٿي شيلي، ڪِيٽس ۽ بائرن، ٽينيسن ۽ برائونگ اسان جا ڏاها اڳواڻ هوندا هئا. +ڪارلائل اسان جو شوخ طبع ناظر هوندو هو، ۽ پياري رَسِڪن پنهنجن لافاني ڪتابن_ ”سيسيم آئيڊ لِلِيز“ (سرنهن جا ۽ سُـوسن جا گل‘)، ”اسٽونس آف وينس“ (وِينس جا پٿر!) ۽ ”سيوِن لئمپس آف آرڪي ٽيڪچر“ (’فن عمارتسازيءَ جا ست شمعدان‘)_ وسيلي اسان کي هر پهڻيءَ ۾، پاڻيءَ جي هر ڦڙي ۾، گاهه جي هر پن ۾، حسن جو مشاهدو ڪرڻ سيکاريو ٿي. +اُنهن ڏينهن ۾، اسين نوجوان عظيم شخصن جي وچ ۾ بيٺل هوندا هئاسين. +اڄ جيڪڏهن نوجوان پاڻ کي روحاني طور يتيم محسوس ڪن ٿا، ته اُهو اِن ڪري، جو اسان جي سَنگ کان اقبال ۽ ٽئگور جهڙا ماڻهو وڇڙجي ويا آهن. +اميدن کان نڪتل اڄوڪي ناشناس ۽ نامراد دور جا اوچتا مطالبا ۽ مامرا رڳو گذريل سالن جي ٿورن ڏهاڪن جي عظيم شخصن_ مردن ۽ عورتن_ ۽ اسان جي وچ ۾ وڏي کاهي بڻجي بيٺا آهن. +هڪ ڳالهئين، سڄي. دنيا پنهنجو اڳيون رنگ روپ وڃائي ويٺي آهي. اڳي ڪڏهن به انسان ذات جي سڄي مَنو َرتي ايتري تهه تائين اُٿَل پُٿل جو شڪار ڪانه ٿي هئي جيئن هاڻي اُها ٿيل ڏسجي ٿي. +اُن سان گڏ، مشرق ۽ مغرب جي ٽڪَـر ۾ مهاڀاري طاقتن جي پاڻَ زوري عروج کي ٿو ڏسجي_ جيڪي اڄ اُنهيءَ قوت ۽ تيش ۾ آهن، جو هڪ گفتي سان دنيا کي تباهه ڪري سگهن ٿيون_ تڏهن اِها ڪا حيرت جي ڳالهه ڪانه ٿي لڳي ته نوجوان نسل َ پاڻ کي حالتن ۽ واقعن جي سامهون لاچار ۽ بي بس محسوس ڪري رهيو آهي، جيڪي اُن تي غالب آهن ۽ جن جي بار هيٺ هو ڪچلجي رهيو آهي. رد عمل طور، اسان جا هي جوان – عمر َ حساس َ روحَ سڄيءَ پنهنجيءَ نراسائيءَ جو علاج منشيات-پسنديءَ جي آتم هترائي عمل ۾ ڏسي رهيا آهن، ۽ اِئين هُنن جو سڄو ذهن، جيڪو انسان جي تصرف ۾ فطرت جي ڏنل هڪ ئي اِمتيازي حاصلات آهي، تباهه ٿي رهيو آهي. +۽ اِها واقعي عجب کِل جهڙي ۽ پڻ المناڪ ڳالهه آهي، جو اسان جا ذهن جيڪي اڳي ئي ائين گهمسانيل هجن، انهن کي اسين وڌيڪ نشا پياري بنهه برباد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهون، ۽ اُنهن کي پنهنجي اَڻ لڀ ۽ املهه دولت سمجهي، ساهه سان سنڀالڻ بدران، وڌيڪ ايذائڻ ۽ مات ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون! +اِئين ته برابر آهي ته اسان جي چوڌاري دنيا ڪافي وڳوڙ ۾ ورتل آهي، ۽ جيڪو اُفق کان طوفان اُٿي رهيو آهي اُن کي اسين روڪي نٿا سگهون. پر اسين پنهنجي ٻيڙي کي ڌَڪجڻ کان بچائي سگهون ٿا. پنهنجيءَ ننڍڙي دنيا ۾، پنهنجا اڳواڻ پاڻ بڻجڻ سان، نوجوان وقت جي وڏي ۾ وڏي ضرورت پوري ڪري سگهون ٿا. ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو ڪي پهريان به ڪو نه هوندا. دنيا جي تاريخ ۾ ۽ هر ملڪ ۾ هر انساني قوم ۾ نوجوانن ۽ جوان مردن ائين ڪيو آهي، ۽ جڏهن به اُهي اَهڙيءَ ڪنهن پس و پيش سان ڪٿي مدمقابل ٿيا آهن، ته هو وڌي ڏاڍين ڪن للڪاريندڙ ��وچين بلندين تائين وڃي پهتا آهن. +اسان وٽ، 1857ع ۾، تڏهوڪي جوان نسل، پنهنجي اکين آڏو، پنهنجي سڄي دنيا مٽيءَ جي ڍيرن ۾ بدليل ڏٺي، ڪيترن پنهنجا ڀائرَ، پيئرَ ۽ پاڻ جيڏا انگريزن هٿان‏، غداريءَ جا لقب قبولي، ڦاسيءَ جي تختن تي چڙهندي ڏٺا، هزارين منجهانئن اهڙا هئا، جيڪي دشمن جي بندوقباز دستن جي سڌين بندوقن جي سامهون بيهي موت سان همڪنار ٿيا، شهرن ۾ محلن جا محلا تباهه ٿي ويا. عورتن جون بي حرمتيون ٿيون. معصوم ٻار يتيم ٿيا ۽ رت ۾ وهنجي مستقبل جو بَک بڻيا. +اوندهه جي اهڙيءَ ڪاريءَ چادر ۾ ويڙهيل وقت ۾ سر سيد احمد خان جهڙا ماڻهو، مولانا حاليءَ جهڙا ماڻهو، مولانا شبلي نعمانيءَ جهڙا ماڻهو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيا ڪيئي نامدار ۽ گمنام جوان مرد وڌي آڏو آيا ۽ مشعلون بڻجي ٻين جا رهبر بڻيا. کڙندڙ تارن مثل هُنن ”پاڻ ساڙي، رک ڪري، ڌرتي کي روشن ڪيو.“ +اُنهن جي اُها اڳواڻي اهڙي به نه هئي، جيڪا ٻئي ڪنهن يا ٻين ڪن جي تباهيءَ جو سامان بڻي هجي. ۽ لافاني اڳواڻپ جو اِهو ئي راز آهي_ ته اُها پنهنجي پٺيان ڪابه ابتري ڪانه ٿي ڇڏي. اُن جا اڻيمٽ نشان تعمير ۽ تخليق ئي هجن ٿا. +هو ”خون جو ڇَڇُ جهاڳي تخت تي“ ڪو نه ويندا هئا. ۽ نه ئي هُنن انسان ذات جي مٿان ”انساني ڪهل جا دروازا بند“ ڪيا هئا. نه سڌيءَ طرح ۽ نه اڻ سڌيءَ طرح هَنن جي ڪا پزيرائي يا تبليغ ڪئي هئي. +اسان جي نوجوانن لاءِ اهڙيءَ اڳواڻپ تائين پهچڻ جو ننڍي ۾ ننڍو، ويجهي ۾ ويجهو، رستو عظيم شخص جي سوانح عمرين جو مطالعو آهي. بينجامن فرئنڪلن جي سوانح عمري، مثال طور گهڻن ئي نوجوانن جي راهه روشن ڪري سگهي ٿي. ڪيرُ آهي، جو سر سيد احمد خان ۽ راجا رام موهن راءِ جون سوان حعمريون پڙهندو ۽ اُنهن جي اعليٰ ڪارنامن مان اتساهجي نه سگهندو؟ +جو ڪجهه مختصر احوال مهاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت يسوع مسيح جي زندگين بابت سچ پچ اسان کي معلوم آهي، اُن ڪيترن ئي معمولي ماڻهن کي ماڻهپي جي چوٽين تائين پهچائي ڇڏيو آهي. افلاطون جي ڪتاب ”ڳالهيون ٻولهيون“(”Dialogues“)، جن ۾ اصل ۾ سقراط جي ئي سوانح عمري موجود آهي، انساني حيات جي سڄيءَ تاريخ جو قدم قدم تي رخ پئي بدلايو ۽ سڌو ڪيو آهي؛ ۽ هن جو مضمون ”سقراط جو مقدمو ۽ شهادت“ دنيا جي اخلاقي اڳواڻپ لاءِ عظيم ترين رهنما تحرير آهي. ٽيپو سلطان جا آخري چيل لفظ_ ”شينهن جي حياتيءَ جي هڪ گهڙي بزدل گدڙ جي سئو سالن جي حياتي کان بهتر آهي“_ جوُلئس سيزر جي چيل آخري لفظن جي عين مشابهه آهن: ” بزدل ڪيئي ڀيرا پنهنجي موت کان اڳ مرن ٿا، پر دلير انسان َ موت جو ذائقو فقط هڪ ئي ڀيرو چکن ٿا!“ +ته، نوجوان نسلُ اڳواڻپ کان محروم ٿي ئي نٿو سگهي_ اڳواڻپَ، انساني تاريخ جي عظيم ترين ۽ لافاني اڳواڻن جي، ڇاڪاڻ ته اُهي پنهنجي موت کان هزارين سال پوءِ به اڄ ياد آهن، ۽ اُنهن جي اڳواڻپ نوجوانن جي رهبريءَ لاءِ سدا موجود آهي. +عظيم شخصن جي زندگين جو مطالعو اسان لاءِ پنهنجي عظمت ڏانهن ويندڙ ويجهي ۾ ويجهو رستو آهي: ڇاڪاڻ ته اَهڙي ئي هڪڙي عظيم انسان، گوئٽي، جو اسان کي چوڻ آهي: +آواز ٻُڌا ويا، +سڳورا ۽ ڏاها سڀ ٻُڌا ويا، جَڳُ ٻُڌو ويو، سڀ ِ جُڳَ ٻُڌا ويا: +چتائي، چونڊي، پنهنجي چونڊ ڪريو_ +ننڍي آهي پر اَڪٿ آهي_ اکيون اوهان تي آهن، +اَزل ۽ اَبد جي بي اَنت ساگر ۾: +سڄو ڪمال هتي آهي، همت ڪريو، انعام کٽو! ڪم ڪريو ۽ دل نه هاريو! +نوجوان نسل ُ، انهيءَ ڪري ڪڏهن به اڳواڻن کان محروم نه رهيو آهي. دنيا جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو مرد ۽ عورتون_ اُنهن جي رهبريءَ لاءِ سدا موجود ۽ بص�� رضا ۽ خوشي، چست ۽ چوبند، سندن آڏو تيار بيٺا آهن: ڊڪٽيٽرن (آمرن) يا غلامدار آقائن وانگر به نه، پر سندن سُونهپ لاءِ، سندن صلاحڪارن طور. عظيم گوتم ٻڌ نوجوان نسل کي هيٺين هڪ ڳالهين جي ڳالهه، خواهه مخواه يا بنان ڪنهن سبب جي ، ڪانه ٻڌائي آهي:” نه ڪجهه چئو ڇاڪاڻ ته ٻُڌ چوي ٿو، نه ڪجهه ڪريو ڇاڪاڻ ته ٻُڌ ڪري ٿو: نه ڪجهه سوچيو ڇاڪاڻ ته ٻُـڌ سوچي ٿو: پر چئو. ڪريو ۽ سوچيو ڇاڪاڻ ته اوهان جو عقل اوهان کي ائين ٻُـڌائي ٿو.“ +اَهڙن اعليٰ خيالن جي سامهون هوندي، نوجوان خود پاڻ ئي اڳواڻيءَ لاءِ اُمنگجي سگهن ٿا: جيئن انگريزيءَ جي شاعر، ٽينيسن، چيو آهي_ ”پاڻُ ڄاڻڻ، پنهنجو مانُ پاڻ ڪرڻُ ۽ پاڻُ پنهنجي وس رکڻُ_ خودشناسي، عزت نفس ۽ خودضابطگي_ اِهي ٽي گڻ ماڻهوءَ کي سلطاني سهُاڳ جي چوٽيءَ تائين رسائين ٿا.“ +اِنهيءَ ڪري، نوجوانَ بي اڳواڻ ڪيئن ٿا رهجي سگهن. هو ته پنهنجا اڳواڻ پاڻ آهن. +ڊاڪٽر جي. ايم. محڪري +جنم: 19- آڪٽوبر، 1908ع، بئنگلور سِٽي، مئسور +هاڻي، 1942ع کان، رهندڙ: ڪراچي، سنڌ \ No newline at end of file