diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book14.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book14.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book14.txt" @@ -0,0 +1,328 @@ +ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ پکين ۽ جناورن جو شڪار + + + +غلام رباني اگرو +ڇپائيندڙ پاران +سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار گهڻي وقت کان هلندڙ آهي. سنڌ جا ماڻهو هن مشغلي کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا آهن.، سنڌ جي ڪچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ جانورن ۽ پکين جو شڪار تمام وڏي پيماني تي ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب: ”سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار“ سنڌ ۾ ٿيندڙ مذڪوره شڪار جي هڪ مختصر تاريخ آهي، جنهن تي ٻن لائق اديبن: محمد اسماعيل عرساڻي ۽ غلام رباني آگري هڪ چڱي محنت ڪئي آهي. شڪار بابت هيءُ مختصر تذڪرو بورڊ جي پريس مان سنه 1977ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ٻيو ڇاپو سنه 1999ع ۾ ڇپيو ويو. اهو ڇاپو به ناياب ٿي ويو ۽ پڙهندڙ حضرات طرفان نئين ڇاپي جي گُهر ٿي. اُن مطالبي کي نظر ۾ رکندي بورڊ هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جي اشاعت جو اهتمام ڪيو ۽ نئون ڇاپو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اميد آهي ته هن مشغلي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي اسان جو ڇپيل هيءُ ڇاپو پسند ايندو. +ڄام شورو سنڌ اعجاز احمد منگي +ڇنڇر 25- شوال المڪر 1327هه سيڪريٽري +بمطابق 18- نومبر 2006ع سنڌي ادبي بورڊ +حرف آغاز +جڏهن منهنجا ٻه مضمون (1) هرڻن جو شڪار ۽ (2) تترن جو شڪار سه ماهي ”مهراڻ“ جي رسالن ۾ شايع ٿيا ته ڪن احبابن مون کي تحسين جا خطوط لکيا. مان سندن ممنون آهيان جو هن خدمت تي داد ڏيڻ فرمايائون ورنه اسان سنڌين ۾ البت اها سستي ضرور آهي، جو ٻه اکر لکي ڪنهن ليکڪ جو حوصلو وڌائجي. +وري جو ريڊيو تي تبصرو آيو ته هنن مضمونن جو سلسلو شڪار جي شوقينن لاءِ نهايت پسنديده آهي. ان ڪري چيم ته سنڌ جا سمورا شڪار لکي پورا ڪريان. ويتر جو منهنجي محترم دوست غلام رباني صاحب فرمائش ڪئي ته سنڌ جا شڪار لکي پورا ڪريو، ته اسان انهن کي جدا ڪتابي صورت ۾ ڇاپيون. تنهن هيڪاري منهنجي عزم کي پختو ڪيو ۽ جملي ڇهه شڪار لکي پورا ڪيم جي آهن: +(1) تترن جو شڪار (2) هرڻن جو شڪار (3) بلبلين جو شڪار (4) پَلن جو شڪار (5) مِرُن (سُوئرن) جو شڪار (6) ڍنڍ جي پکين (آبي پکين) جو شڪار +هونئن ته ٻيا ننڍا ننڍا شڪار به سنڌ ۾ ڪيا وڃن ٿا جهڙوڪ: سَهن جو شڪار، روجهه جو شڪار، تَلوُر جو شڪار ۽ ڦاڙهي جو شڪار وغيره. ليڪن انهن تي گهڻو لکي ڪونه سگهبو ان ڪري، انهن کي در گذر ڪيم. ٻيا وڏا شڪار چيتي جو، شينهن جو، رڇ جو ۽ هاٿي وغيره جا آهن جن بابت مون کي ڪافي معلومات آهي، جا مون کي مرحوم سيد محمد علي شاهه درٻيلائيءَ ۽ مرحوم عثمان علي انصاريءَ جي صحبت مان فراهم ٿي. بهرحال اهي شڪار سنڌ جا نه آهن ۽ نه وري مون اکين سان ڏٺا آهن. تنهنڪري انهن کي به ترڪ ڪريان ٿو. جا ڳالهه مان اکين سان نه ڏسندو آهيان ان تي قلم فرسائي ڪرڻ جي جسارت نه ڪندو آهيان. ٻڌل معلومات ڪيتري به هجي، پر چيو اٿن ته: +شنيده کي بود مانند ديده، +ترا ديده و يوسف را شنيده +بهرڪيف مون ته فقط غلام رباني صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي آهي ۽ سڀ مضامين سندس حوالي ڪيا آهن. وڌيڪ رموز، سلطنت، خويش خسروان دانند. +محمد اسماعيل عرساڻي +حيدرآباد سنڌ +31-12-1976ع +پيش لفظ +سر رچرڊ برٽن اُڻويهين صدي عيسويءَ جي انگريز مشاهيــرن ۾ ممتاز حيثيت رکــي ٿو. هــو صحيح معنــيٰ ۾ ”هر فن مولا“، شخص هو، تن ڏينهن ۾ سنڌ تي انگريزن جي بادشاهي هئي، سو ، برٽن به سانگي سان سنڌ ۾ اچي نڪتو. هن سنڌ بابت گهڻائي ڪتاب لکيا، جن ۾ هڪڙو ”بازن سان شڪار“ جي موضوع تي هو. اهو ڪتاب توڙي، برٽن جا لکيل سنڌ بابت ٻيا ڪتاب ڪافي وقت کان اَڻلڀ هئا، ليڪن، هاڻي عام جام ملن ٿا، جو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس انهن کي ٻيهر شايع ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ سندس هڪ ڪتاب جو ترجمو ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ نالي سان شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ برٽن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به ڏنل آهيِ؛ پر بازن جي شڪار وارو ڪتاب اڃا به اَڻلڀ آهي. سنه 1962ع ۾ اهو ڪتاب مون کي اتفاق سان هٿ اچي ويو، سو مون ان مان ڪي مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپايا هئا. هاڻي، اهو ڪتاب سنڌ جي ڪلچر کاتي وارن شايع ڪيو آهي. +ســـنڌي زبان جي بــزرگ اديب، محــترم محمد اسماعيل عرساڻي منهنجي گذارش تي سنڌ ۾ شڪار جي موضوع تي مضمون لکي ڏنا، جي مون هڪ هڪ ڪري اول سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپايا ۽ پوءِ انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرڻ لاءِ پريس ۾ موڪليم، مون کي مناسب لڳو، ته باز جي شڪار تي مٿي ذڪر ٿيل برٽن جا مضمون به ڪتاب ۾ ڏيئي ڇڏجن. +سنڌ ۾ شڪار صدين کان وٺي امير توڙي غريب جو دلپسند شوق ۽ شغل رهيو آهي. سو، ان موضوع تي تمام گهڻي معلومات گڏ ڪري، هڪ شاندار ضخيم ڪتاب شايع ڪري سگهجي ٿو. بهرحال، جيسين ائين ٿئي، تيسين اُميد آهي ته هي ڪتاب شڪار جي شوقينن ۽ عام پڙهندڙن کي ڪم ايندو. +غلام رباني +سنڌي ادبي بورڊ +29-12-1999ع +(1) تترن جو شڪار +گهڻن ماڻهن کي پڇ پڇ جي عادت کان بڇان لڳندي آهي. منهنجي خيال ۾ پڇ پڇ جي عادت فائديمند ثابت ٿي آهي. مان سڄي عمر تعليم کاتي ۾ ماستر ۽ انسپيڪٽر ٿي رهيو آهيان. اسان کي ته اها سکيا ڏني ويندي هئي ته ٻارن جي پڇ پڇ جي عادت کي هرگز نه دٻايو وڃي. علم بي بحث پائدار ٿي نه سگهندو. سکڻ آهي ئي پڇڻ سان. +شيخ سعدي سڳوري فرمايو آهي ته ”تا پير شوي بياموز“ هر ڳالهه جو ڪجهه نه ڪجهه علم هئڻ ضروري آهي. مان ماستر ٿيس ان جو اهو مطلب نه آهي ته سواءِ پڙهائيءَ جي ڪم جي مون کي باقي ڪا به ڄاڻ هئڻ نه کپي. يا هڪ دين جي عالم کي سواءِ فقهي مسئلن جي ٻي ڪا به جهان جي ڄاڻ رکڻ نه گهرجي. مثنوي شريف جي هڪ حڪايت آهي ته ڪو عالم سڳورو پتڻ تي آيو ۽ اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. ميربحر (ناخدا) سان ڳالهين ڪندي پڇيائين ته ”ڪي پڙهيو آهين؟“ ميربحر جواب ۾ پنهنجي اڻپڙهائيءَ جو اظهار ڪيو. عالم چيس ”افسوس، جو تو اڌ حياتي وڃائي!“ ميربحر ويچاري صبر ڪيو. ٻيڙي هلندي رهي ۽ جڏهن وچ سير تي آئي، تڏهن سخت طوفان شروع ٿيو. ميربحر ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي خطري جو اطلاع ڏنو، ۽ عالم سڳوري کان پڇيائين ته ”حضور! ڪي ترڻ سکيا آهيو؟“ عالم سڳوري جواب ڏنو ته ”اسانجو ڪم علم سان، ترڻ سان ته ڪڏهن واسطو ئي ڪونه پيو.“ ان تي ميربحر ٿڌوساهه ڀري چيو ته افسوس، توهان اڄ پنهنجي سڄي حياتي وڃائي!“ +مطلب ته جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ وڃجي، ۽ ڪابه گفتگو نڪري ته ڪم از ڪم اسان کي هر موضوع بابت ٿوري ڪي گهڻي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي ۽ جنهن ڪري هو محفل جي گفتگو ۾ ڪونه ڪو حصو وٺي سگهي ۽ بلڪل ۽ ڪورو هئڻ سبب لڄي نه ٿئي. +استاد ارسطا طاليس هڪ دفعي ستار ويٺي وڄايو ته ڪو عالم لنگهي آيو ۽ ارسطوءَ کي چيائين ته ”اوهان جهڙي بزرگ کي ههڙو ڪِريل قسم جو ڪم ڪندي شرم محسوس نٿو ٿئي.“ ان تي ارسطوءَ وراڻيو ته ”شرم جو مقام ته ان وقت آهي، جڏهن ٻيا سڀ ستار وڄائڻ ڄاڻندا هجن ۽ مان هڪڙو ئي ڪورو هجان.“ +مذڪوره چند سٽن لکڻ مان مقصد اهو اٿم ته مون پنهنجي طبيعت ۾ پڇ پڇ جي عادت پڪي ڪري ڇڏي هئي ۽ جتي ڪو موضوع ڇڙندو هو ته ان ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هوس، جا ڳالهه نه سمجهندو هوس ان جي پڇڻ جي ضرور ڪوشش ڪندو هوس. محض انهيءَ خيال (اجائي) سان نه ته هيءَ جاهلن، اڻ پڙهيلن يا ڄٽن جي ڪچهري آهي ۽ ان ۾ وقت وڃائڻ فضول آهي. مون ڪڏهن به پنهنجي مٿي قبول نه ڪئي. پڙهيل ته فقط ڪتابن جي وسيلي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا، پر جن کي اڻ پڙهيل سڏيون ٿا، تن جي ڄاڻ خود پنهنجي تجربن ۽ چشم ديد واقعات تي مبني هوندي آهي، اهو بلڪل صحيح آهي ته: +شنيده کي بود مانند ديده، +ترا ديده و يوسف را شنيده +هن کان اڳ مون پلن جي شڪار، بلبلين جي شڪار ۽ ڍنڍ جي پکين جي شڪار تي مضامين لکيا آهن ۽ هينئر تترن جي شڪار تي قلم کنيو اٿم. +تترن جي شڪار بابت عام معلومات مون کي پنهنجي عزيز فرد خان چانڊئي بلوچ ساڪن ڪڍڻ کان ملي هئي. هو صاحب تِتِرن جي شڪار جو بذات خود وڏو شوقين ماڻهو هوندو هو ۽ تتر ڌاريندو ۽ ويڙهائيندو به هو. ۽ مون کي تترن جي شڪار بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جي منهنجيءَ دل تي نقش برسنگ ٿي وينديون هيون. مون کي بارها ڀڳوءَ جي شڪار تي وٺي به هلندو هو ته ان شڪار جي چشم ديد مطالعو ڪريان ۽ لطف اندوز ٿيان. بيشڪ اکين سان ڏسڻ، ڪنن کان ٻڌڻ کان هزارين دفعا بهتر آهي. +تترن جا قسمِ سنڌ ۾ ترن جا فقط ٽي قسم ٿيندا آهن (1) ڪارا (2) ڀورا (3) ايراني +مٿيان ٽيئي قسم لڳ ڀڳ شڪل ۾ هڪجهڙا ئي هوندا آهن، فقط رنگ جو تفاوت هوندو آهي. ڪاري نر تتر جي پاسي وارا کنڀ چٽڪمرا ۽ ڪارا اڇين ٻڙين سان هوندا آهن، باقي سينو صاف ڪارو ۽ پٺيءَ وارا ۽ ڪنڌ جا کنڀ به ڪارا ٿيندا اٿس. ڪنن وارا کنڀ ٻنهي پاسي صاف اڇا ٿين ٿا. ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي کڙهون (سيخون) ٿينديون اٿس، مگر اهي مڏيون هونديون آهن ۽ نوڪدار نه هونديون آهن. هي پکي تمام حسين ٿيندو آهي، مگر سندس ماديءَ جي بندن جا کنڀ ڀورا ۽ چٽڪمرا ڀورن تترن جي نموني هوندا آهن ۽ هيءَ شڪل ۾ حسين ۽ وڻندڙ نه هوندي آهي. ڪارو تتر قدبُت ۾ ڀوري تتر کان وڏو ۽ قداور ٿيندو آهي. هن قسم مان فقط نر ٻچو ماڻهو شڪار لاءِ يا ٻوليءَ ٻڌڻ لاءِ پاليندا آهن. هن جي مادي ڪانه پالبي آهي. ڇو ته هوءَ نر سان گڏ ڪانه ٻوليندي آهي. هي پکي ولر ڪري نه رهندا آهن، پر هر هڪ اڪيلو پنهنجي منهن رهندو آهي. فقط لڳ جي وقت هڪ نر تتر سان ٽي چار ماديون گڏ ڏسبيون آهن، پر جڏهن اهي ماديون آنن تي آرو ڪري ويهنديون آهن، تڏهن نر تتر انهن کي ڇڏي اڪيلو پنهنجي منهن وڃي گهمندو آهي ۽ وري مادين جي خبر نه رکندو آهي. ماديون ٻچن ڦوڙڻ بعد ٻچن کي تيستائين پاڻ سان رکنديون آهن، جيستائين وري لڳ جي موسم اچي. پوءِ ٻچن کي الوداع ڪري نر کي ڳولي وڃي لهنديون آهن ۽ ٻچن مان هر هڪ جدا پنهنجو رستو وٺندي آهي. هن جس ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪارو نر تتر شوق ۾ اچي وڏي ٺاٺ ۽ غرور سان ڪنهن دڙي يا ڪاٺ جي بنڊ يا ٻنيءَ جي بند تي چڙهي سکڻي ميدان ۾ هڪ جاءِ تي بيهي ڳچ وقت لڳاتار ٻوليندو آهي. جنهن ڪري شڪاري ماڻهو، توبچي، بازن وارا ۽ لاوَن وارا کيس آساني سان ماري وٺندا آهن. مگر مادي اصل نه ٻوليندي آهي ۽ ڪکن ۽ ڪانڊيرن ۾ لڪل ۽ محفوظ رهڻ ڪري بچاءَ ۾ رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لڳ جي وقت ۾ هڪ نر سان گڏ چار_ پنج ماديون هونديون آهن. +ڀورو تتر: هن تتر جي نر توڙي ماديءَ جو رنگ هڪجهڙو هوندو آهي. سيني وارا کنڀ ڀورا ڪجهه اڇائيءَ ڏانهن مائل هوندا آهن، جنهن تي ڳاڙهاڻ تي مائل ننڍا چِٽا داٻ داٻ وارا هوندا آهن ۽ پٺيءَ وارا کنڀ ڀورا ۽ ڳاڙهسر داٻن وارا هوندا آهن ۽ نر کي ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي چهنبدار کَڙهون (سيخون) هونديون آهن، جي پاڻ ۾ وڙهڻ وقت استعمال ۾ آڻيندا آهنِ؛ باقي مادين کي کَڙهون (ڪنهن به قسم جي تترين کي) نه ٿينديون آهن. هي پکي گهڻو ڪري ولرن جي صورت ۾ هوندا آهن. بعضي ته ڏهه_ پندرهن پکي ولر ۾ ڏسبا آهن؛ِ مطلب ته هي ٻن_ ٽن پيڙهين تائين گڏ رهندا آهن، بعضي منجهن اوچتو خانه جنگي ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڌار ڌار ٽوليون ٿي ويندا آهن، ان جي باوجود جوڙو تتر هڪ نر ۽ هڪ مادي پاڻ ۾ ضرور گڏ هوندا آهن، ۽ گڏجي ٻوليندا آهن. ويڙهه جي وقت ۾ مادي نر جي مددگار هوندي آهي. سندس ٻولي سيٽيءَ وانگي هوندي آهي ۽ تيز ۽ زور سان ٻولي نر کي وڙهڻ لاءِ همٿائيندي آهي. بعضي ٻنهي طرفن جون ماديون پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏينديون آهن ۽ نر تتر پاڻ ۾ وڙهي کَڙهن هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪري وجهندا آهن. اهڙي ويڙهه وري وري ميلن ڪرڻ سان اڌ ڪلاڪ تائين به هلندي آهي. جنهن ۾ هارايل ڌر اها جُوءِ ڇڏي ٻئي طرف ڀڄي ويندي آهي. کٽندڙ ڌُر فاتحانه انداز ۾ انهيءَ ميدان جنگ واري جاءِ تي ڪجهه وقت ٻوليندي رهندي آهي. ان بعد وري وڃي چڳڻ کي لڳندي آهي. مطلب ته هن قسم جي تترن ۾ نر ماديءَ جو گڏ هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به جوڙيءَ مان هڪ مارجي ويو ته ٻيو پريشان ٿي دانهون ڪندو رهندو. جيستائين کيس ڪو ٻيو جوڙيوال ملي. +هي پکي ڍنڍن وارين زمينن ۾ گهٽ ڏسبو آهي؛ سو به واهن تي بيٺل يا ڪڙين تي بيٺل ڄارين ۽ کِپن واري جهنگل ۾. مگر ڪارو تتر ڍنڍ واريءَ زمين ۾ گهڻو ۽ ٻوٽن واري هنڌ تي تمام ٿورو ڏسبو آهي. ان جي برعڪس ڀورو تتر خشڪ پوک واريءَ زمين، ٻوٽن ۽ ٿر جي ڀٽن واريءَ وڻڪار ۾ گهڻو ڏسبو آهي. هي پکي ڪاري تتر کان بدن ۾ هلڪو ۽ سونهن ۾ گهٽ هوندو آهي. +ايراني تتر: هيءُ تتر عين بعين ڀوري تتر جهڙو ۽ ساڳين وصفن وارو هوندو آهي. تفاوت فقط اهو هوندو اٿس ته هي قداور ۽ بدن جو ڳورو هوندو آهي. وزن ۾ ڪاري تتر کان به زياده وزني ٿيندو آهي. سندس ٻولي ڳَري گرڙاٽ واري ۽ گهٽ وڻندڙ هوندي آهي. هيءُ تتر خاص ڪري ويڙهائڻ لاءِ ڪڪڙ وانگي ڌاربو آهي. ڪي ماڻهو جوڙي نر ۽ مادي گڏ پاليندا آهن ۽ ڪي فقط اڪيلو نر پاليندا آهن، هنن جي ويڙهه تي سون ۽ هزارين رپين جون بازيون لڳنديون آهن. +پيدائش ۽ رهائش: هيءُ جهنگ جا پکي آهن ۽ جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ اتي ئي ٻچا ڪندا آهن ڪاري تتر جي مادي لڳ جي وقت ۾ ڪاري تتر کي ڳولي وڃي هن سان گڏبي آهي، پر جيڪڏهن اتفاقاً ڪارو تتر، باز وغيره جي خوف کان يا موسم جي خرابيءَ سبب ٻوليندڙ نه هوندو ته پوءِ جنهن جوءِ ۾ نر تتر گهمندڙ هوندو، انهيءَ هنڌ پهچي، مخصوص انداز ۾ هڪ ٻولي ڪندي، جيئن ڪڪڙ آني جي وقت ٽُرٽُر جي ٻولي ڪندي آهي، بلڪل انهيءَ طرح ڪاري تتر جي مادي اها سندس مخصوص ٻوليءَ ۾ ٻوليندي آهي. جنهن جي ٻڌڻ سان ڪارو تتر ڪيترن خطرن جي باوجود لِڪي ڇِپي ماديءَ وٽ پهچي ويندو آهي ۽ ان کي پاڻ کان هرگز جدا ٿيڻ به نه ڇڏيندو آهي، جيستائين هوءَ آري تي نه ويهندي. اهڙي طرح هو ٽي_ ٽي، چار_ چار ماديون وٺي پاڻ سان گهمندا آهي. هي پکي گهڻو ڪري ڍنڍ وارين زمينن ۾ رهندا آهن ۽ رات جو وسندي به زمين تي ڪندا آهن مادي آنا ڪنهن لَيُن يا ڪانهن جي گهاٽن ٻوٽن ۾ ٿورو ڪکن کي چپي مروٽي ان جي مٿان لاهيندي آهي ۽ جڏهن آري تي ويهندي آهي، تڏهن نر تتر کيس ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ري انهيءَ ماديءَ يا سندس ٻچن جي ڪا به پوئواري يا پرگهور نه لهندو آهي. مادي ٻن_ اڍائن هفتن بعد ٻچا ڦوڙي اٿندي آهي ۽ اڪيلي سر ٻچن کي چڳائيندي آهي، جيستائين هو لائق ٿين، اهو عرصو گهڻو ڪري پنج_ ڇهه مهينا هوندو آهي. +تترن جا سڀئي قسم سال ۾ ٻه دفعا ٻچا ڪندا آهن. موسم بهار ۽ موسم سرءُ، اهي ٻئي مندون تتر جي بچن ڪرڻ جون هونديون آهن. ٻن ڄڻڻ کان پوءِ اول ننڍا ڪيئان، پوءِ وڏا ڪيئان، ماڪوڙا، اناج جا داڻا، ان بعد وڏا مڪڙ ۽ مڪڙون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون شيون، ماءُ انهن کي کارائ��ندي رهندي آهي ۽ هو آهستي آهستي هِري پوءِ پنهنجو چوڳو خود هٿ ڪري کائيندا آهن. هيءُ پکي جيتوڻيڪ رات ڏينهن زمين تي رهندا آهن، ان هوندي به هو پنهنجي حفاظت ۾ وڏا ڄاڻو هوندا آهن ۽ اوچتو ئي اوچتو اهڙا ڇپي ويندا آهن، جو ڳولڻ سان به نه لڀندا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي لڪڇپ لاءِ مثال ڏبو آهي ته هوءَ ڪارڙي تتر وانگر ڇپي ويو. اهڙي حالت هوندي به ڪيترائي ٻچا جهنگلي جانورن ۽ شڪاري پکين جي ور چڙهي، انهن جو قوت ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪارڙو تر، ڀوري تتر جي ڀيٽ ۾ گهٽ انداز ۾ ٿئي ٿو. + + +ڀورا تتر، جهنگ ۾ رهندا آهن. جي جهنگن ۽ بندن، ڪڙين جي ڪپن ۽ پوٺن وارن ٽُڪرن يا وارياسي هنڌن تي هوندا آهن. هي پاڻ ۾ ولر ڪري رهندا آهن ۽ ويڙهه وقت گڏجي مقابلو ڪندا آهن. ڏينهن جو زمين تي گهمي ڦري چوڳو حاصل ڪندا آهن ۽ سندن قوت اناج، ڏٿ، ڄارين جي مَڪ ۽ پيرون، ڪيڙا ، ماڪوڙا، تِڏون، مڪوڙيون ۽ مڪڙ هوندا آهنِ؛ خاص ڪري ننڍن ٻچن جو گذران ڇيڻن، گهوڙن ۽ گڏهن جي لڏ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪِيئن ۽ اڏوهيءَ تي هوندو آهي. هنن ٻچن پالڻ لاءِ نر مادي گڏيل ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن. ڪنهن اوچتي خطري وقت ماءُ يا پيءُ جي ڪنهن خاص ٻوليءَ تي يا آواز تي ٻچا يڪدم هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ۽ ڇپي ويندا آهن ۽ خطري لهڻ بعد مائٽن جي سڏڻ تي وري اچي گڏ ٿيندا آهن. انهيءَ دوران نر ۽ مادي، ٻچن سميت رات ۽ ڏينهن گڏ رهندا آهن. مگر جيئن ئي ٻچا اڏامڻ جيڏا ٿيندا آهن، ته پوءِ گڏجي اچي ڪنهن گهاٽي وڻ تي رات جو رهڻ لاءِ انتظام ڪندا آهن، ڇو ته هي تتر رات جو وڻ تي گذاريندا آهن. اتي رهڻ لاءِ ڪو آکيرو وغيره ڪونه ٺاهين، مگر هر ڪو علحده علحده پنهنجي خيال موجب ڪنهن شاخ تي ويهي رات گذاريندو آهي. صبح ٿيڻ شرط وري هيٺ لهي وڃي پٽ تي چوڳو چڳيندا آهن، خاص طرح سياري جي موسم ۾ جڏهن پوٺن، ٿرن ۽ برن ۾ ساوڪ گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ آباديون وغيره به گهٽ ٿي وينديون آهن يا ختم ٿي وينديون آهن. تڏهن هنن پکين جو خاص کاڌو پوٺن تي ٿيندڙ سنهڙو گاهه هوندو آهي. جنهن کي ڪلورو چوندا آهن. اهو گاهه سياري ۾ بلڪل سڪي ويندو آهي. ان جي پاڙن ۾ لاهوري گجرن وانگر ننڍيون ڳنڊيون گول بصر جي نموني تي هونديون آهن، جن کي ڌاڃوڙا يا موٿ چوندا آهن ۽ اهي زمين اندر هونديون آهن، تن کي زمين مان کوٽي ڪڍي کائيندا آهن، اهوسندن خاص کاڌو هوندو آهي. +ايراني تتر خاص ڪري ويڙهه لاءِ پاليندا آهن. هنن جا ٻچا هٿراڌو نموني پيدا ڪرائبا آهن. ڌاريل نر مادي تتر جو پڃرو بانس، نيٽ يا آلچين جي سنهين ڪامن مان ٺهيل هوندو آهي، جنهنجا ٻه ڀاڱا هوندا آهن. هرهڪ ڀاڱي جو هيٺيون حصو چوڪنڊو ۽ مٿيون چؤنري (ڪکائين گهر) وانگر محفوظ نموني هوندو آهي. ٻنهي پڃرن جو هيٺيون حصو مليل ۽ چوٽيون جدا هونديون آهن. سندن چوٽين کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ هڪ جنڊيءَ چڙهيل ڳني جڙيل هوندي آهي. جنهن سان پڃري کي کڻي هلي سگهبو آهي. ٻنهي پڃرن ۾ ڌار ڌار دريون هونديون آهن. جتان تتر اندر وڃي ٻاهر نڪري سگهندا آهن. ٻنهي پڃرن جي وچ ۾ هڪ دري هوندي آهي. جنهن جي کولڻ تي نر ۽ مادي پاڻ ۾ هڪ پڃري ۾ گڏجي سگهندا آهن. ٻچن ڪرڻ وقت خاص طرح ائين ڪيو ويندو آهي، مگر لڳ واري وقت وڏا ۽ ويڪرا پڃرا استعمال ڪيا ويندا آهن. جنهن ۾ تتر سهوليت سان لڳ ڪري سگهن ۽ مادي آزادي سان آنا لاهي ۽ انهن تي آرو ڪري سگهي. ڪي ڪي شوقين تيتري اهڙن تترن کي پڃرن کان ٻاهر ڪڍي لڳ ڪرائيندا آهن ۽ انهن جا آنا پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهن، پوءِ ڪنهن ڄاريدار پڃري ۾ مادي تِتر کي آري تي ويهاريندا آهن. ننڍڙن ٻچن ک�� اول گڏرون ۽ ننڍڙا ڪينان ۽ پوءِ اناج، ڀڳڙن جو ڏارو وغيره کارائيندا آهن. اهڙي قسم جا ٻچا وڏيءَ قيمت تي تترن ويڙهائڻ وار شوقين خريد ڪري وٺي ويندا آهن. +تترن جو پالڻ: +سڀني تترن ۾ ڪارو تتر پالڻ تمام ڏکيو آهي، ڇو ته هي تتر طبيعت جو شوخ هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ سان جلد ۽ آسانيءَ سان نه هرندو آهي؛ انهيءَ ڪري هن کي ڄمڻ سان بروقت هٿ ڪيو آهي. جيئن جهنگ ۾ گهڻي رهڻ جو کيس ڪوبه سڌ سماءُ نه پوي. ان لاءِ تتريءَ کي آري تي ويٺل حالت ۾ هٿ ڪبو آهي ۽ روزانو ان جي نظرداري ڪبي آهي ۽ جيئن ٻچا ڦُٽندا آهن، تيئن انهن کي پهرئين يا ٻئي ڏينهن تي کڻي اچبو آهي ۽ گهڻو ڪري گهٽ ۾ گهٽ چار يا پنج ٻچا کڻي اچبا آهن، ڇو ته ڪاري تتر جي ٻچن ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون هونديون آهن. ننڍي هوندي سندن نر يا ماديءَ جي هجڻ جي ڪا به خبر نه پوندي آهي. انهيءَ ڪري گهڻا ٻچا ساڳئي وقت پالبا آهن ته جيئن انهن امن ڪو هڪ نر ٻچو ملي وڃي. شڪار لاءِ خواهه سونهن لاءِ نر ٻچو ڪم ايندو آهي. مادي فقط خفتي پاليندا آهن، جيڪي مادي تتريءَ واري ٻوليءَ جيڪا هو لڳ وقت ڪندي آهي، سا ڪري سگهندا آهن. اهڙا مثال نهايت ٿورا ٿيندا آهن، مگر عام طرح نر ٻچا ڪم +ايندا آهن. ٻچن کي هٿ ڪرڻ بعد انهن کي پالڻ جو ڪم نهايت ڏکيو آهي، ڇو ته هو ماءُ کان جدا ٿيڻ سبب بچي نه سگهندا آهن. تنهن ڪري انهن کي بچائڻ لاءِ ڀوري تتر جي پاليل ننڍن ٻچن سان گڏ پڃري ۾ رهائبو آهي. جيئن هو انهن جي کنڀن ۾ لڪي ويهي رات جو سيءَ کان بچاءُ حاصل ڪري سگهن. پر جيڪڏهن ڀوري تتر جا ٻچا نه هوندا آهن، ته پوءِ پڃري ۾ ڪپهه وجهي ٻچن لاءِ ننڍڙو گهر تيار ڪبو آهي. جنهن ۾ هو اندر آرام ڪري سگهن. انهيءَ گهر کي، هر وقت درست ۽ صاف رکڻو پوندو آهي. ننڍن ٻچن کي اول سندن چهنب کولي، ان ۾ گڏرون وجهڻيون پونديون آهن. اهڙي طرح سندن کاڌي جو انتظام ڪبو آهي. پنجن ستن ڏينهن بعد هو انهيءَ کاڌي تي هري ويندا آهن، پوءِ گڏرون سندن اڳيان ڦٽيون ڪبيون آهن ته خود انهن کي کائي ويندا آهن. پندرهن_ ويهن ڏينهن بعد ننڍيون تڏيون۽ مڪڙِون ججلي، انهن جا ذرا ذري ڪري، کين کائڻ لاءِ ڏبا آهن. اهو عمل تيستائين جاري رکبو آهي. جيستائين اناج کائڻ جهڙا ٿين، پوءِ کين ٻاجهريءَ يا چانورن جو ڏارو ۽ ڀڳڙن جو ڏارو کارائبو آهي. ڪجهه وڏي ٿيڻ بعد کين گوشت جا سنها ذرا به کارائبا آهن. پنجن ڇهن مهينن تائين سندن نر يا ماديءَ جي سڃاڻپ نه ٿيندي آهي ۽ وقت بوقت کنڀ بدلائيندا ۽ شڪل بدلائيندا رهن ٿا. سندن سڃاڻپ پڪيءَ طرح تڏهن ٿيندي آهي. جڏهن نر ٻچي جي ڪنن وٽ ڳلن تي صاف اڇا کنڀ نڪري نروار ٿيندا آهن ۽ سيني تي ڪارا کنڀ اڇين ننڍين ٽِڪڙين (پتڪڙين) وانگي نڪرندا آهن ۽ پوءِ رفتي رفتي سڄو سينو ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ سيني جي ٻنهي پاسي اڇين ٻڙين وارا کنڀ هوندا اٿس. انهن ٻچن جي سڃاڻپ بعد مادين کي جهنگ ۾ ڇڏي ڏبو آهي ۽ فقط نر ٻچا پالبا آهن، جي گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾ ٻولڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ سياري تائين ٻوليندا رهندا آهن، جي گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾ ٻولڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ سياري تائين ٻوليندا رهندا آهن. خاص طرح بهار ۽ سانوڻ ۾ موج ۾ هوندا آهن ۽ سڄو ڏينهن ٻوليندا رهندا آهن. فقط سياري جي سخت سردي ۽ باز جي موجودگيءَ سبب ٿڌ وارا ٻه_ چار مهينا ٻولي ڪونه ڪندا آهن. +ڀوري تتر جا ٻچا پالڻ، ڪاري تتر جي ٻچن کان آسان آهن، ڇو ته هنن جي سڃاڻپ سولي آهي. مادي ٻچن جون ڄنگهون لسيون هونديون آهن، پر نر ٻچن جي ڄنگهن تي کڙهن (سيخن) جا ننڍڙا نشان ظاهر هوندا آهن، جنهن ڪري تترن جا شوقين سندن مرضيءَ موجب نر ٻچا يا ماديون چاهين ته پالي سگهن ٿا. گهڻو ڪري ڪي ماڻهو، ٻه ٻچا_ هڪ نر ۽ هڪ مادي پاليندا آهن ۽ ڪي اڪيلو نر ٻچو پاليندا آهن. هن قسم جا تتر آسانيءَ سان ماڻهوءَ سان هري مري وڃن ٿا. هنن جا ٻچا گهڻو ڪري جهنگ مان جهلي پاليندا آهن. ڪجهه وڏا ٿيندا آهن ته پوءِ ماڻهن جي وات سان وڄايل سينڍ تي ٻولڻ شروع ڪندا آهن. هي ٻچا جيترو ننڍا هوندا آهن، اوترو جلد ماڻهوءَ سان هري ويندا آهن نر ٻچو جلد ٻوليندو آهي. مگر مادي نر سان گڏ وڏي ٿيڻ بعد ٻوليندي آهي ۽ جڏهن نر کان جدا ٿي ويندي آهي، تڏهن هن کي ڳولڻ لاءِ به ٻوليندي آهي. سندس ٻولي سيٽيءَ وانگر هوندي آهي. هنن تترن جي ٻچن کي ڪجهه وقت ڪيئان ۽ تڏيون وغيره کارائبا آهن، پوءِ ٻاجهري، چانور ۽ ڀڳڙن جو ڏارو از خود کائيندا رهندا آهن. وارياسن ڀٽن يا ڌڌڙ واريءَ زمين کي چهنب سان کوٽي اٽو ڪري ان ۾ ليٽندا آهن. جهڙيءَ طرح ماڻهو وهنجي بدن کي صاف ڪندو آهي. تهڙيءَ طرح تتر واريءَ ۾ ليٽي تازا توانا ٿيندا آهن. هنن پاليل تترن کي شڪار لاءِ لائوي طور ڪم آڻبو آهي ۽ ڪي ڪي شوقين انهن کي ويڙهائيندا ۽ بازيون پڻ رکندا آهن. +شڪار جا طريقا: +پهريون آهي بندوق سان شڪار: جڏهن ڪارو تتر ڪنهن بنڊ تي يا ڪنهن ماٿهين بند تي چڙهي موج سان ٻوليندو آهي، ان وقت توبچي لڪي ڇپي وڃي ان کي ڌڪ هڻندو آهي. هن نموني فقط نر تتر جو شڪار ڪبو آهي. ٻيو نمونو آهي، لائو تتر ڪنهن کليل هنڌ تي رکبو آهي ۽ ان جي ٻولڻ تي ڪارو تتر جهنگ مان نڪري وڙهڻ لاءِ اچي ظاهر ٿيندو آهي ان وقت لڪل توبچي کيس بندوق سان ماري وجهندو آهي. هن نموني به نر تتر جو شڪار ٿيندو آهي. ٽيون نمونو آهي ته جهنگ ۾ يا پوکن ۾ ٻه چار ماڻهو لٺيون ۽ بانٺا کڻي ٺڪاءَ ڪندا ۽ هڪلون ڏيندا ايندا ۽ تترن کي تڙيندا ايندا آهن. جنهن آواز تي تتر اڏامندا آهن، جن کي توبچي ڌڪ هڻندو ويندو آهي. هن نموني نر توڙي مادي ٻنهي جو شڪار ٿيندو آهي. مگر ڀوري تتر جو شڪار ٻيءَ طرح ٿيندو آهي. سانوڻي جي موسم ۾ جڏهن سائو ڪلورو (سنهڙو گاهه) پوٺن تي جام ٿيندو آهي، تڏهن تترن جا ولر اتي ظاهر ظهور چڳڻ لاءِ گهمندا آهن، يا سرءُ جي مند ۽ سياري ۾ جڏهن اهو ڪلورو سڪي ويندو آهي ۽ ان جي پاڙن ۾ ننڍا ننڍا ڌاڃوڙا هوندا آهن، جيڪي زمين مان تتر چهنبن سان کوٽي انهن ڌاڃوڙن کي کائيندا آهن، هيءَ سندن محبوب ۽ دلپسند خوراڪ هوندي آهي ۽ ان کاڌي تي تمام متارا ٿيندا آهن. اهڙي وقت ۾ سڄو ولر گڏ هڪ هنڌ زمين کوٽڻ ۾ مشغول هوندو آهي. اهڙن وقتن تي جڏهن تتر کليل ميدان ۾ هوندا آهن، تڏهن توبچي لڪي مٿن فار ڪندو آهي. جنهن ڌڪ سان هڪ کان وڌيڪ ٻه_ ٻه ٽي_ ٽي چار_ چار گڏ هڪ ڌڪ ۾ به اچي ويندا آهن. ٻيو نمونو ته شام جو جڏهن تتر وڻن تي وڃي ويهندا آهن، ان وقت کيس بندوق سان ماري سگهبو آهي. ٽيون نمونو ڪاري تتر جي شڪار وانگي ماڻهن جي مدد سان جهنگ مان تڙي پوءِ کين بندوق سان ماربو آهي. انهن ٽن طريقن سان ڀوري تتر جو شڪار بندوق سان ڪري سگهبو آهي. ان کان علاوه جهنگ ۾ لڪي ڀوري تتر جو شڪار بندوق سان ڪرڻ محال آهي. +بازن سان شڪار ڪرڻ: باز سرد ملڪن جي پيداوار آهن، اسان جي سنڌ ۾ سياري ۾ ايندا آهن ۽ اونهاري جي شروعات ۾ واپس هليا ويندا آهن. بازن جا گهڻائي قسم آهن. هو جڏهن سنڌ ۾ ايندا آهن. تڏهن بازن جا شوقين انهن کي ڳولي، سندن رات جي ويهڻ واري هنڌ جي ڳولا ڪندا آهن ۽ پوءِ اتي سنها رَڇَ (ڄاريون) اڏي ان ۾ کين ڦاسائيندا آهن ۽ بر وقت سندن اکين جي هيٺين ڇپرن کي سُين سان ٽنبي سنهيون ڏوريون وجهي مٿي جي مٿان ڏوريون ��ڌي سندن اکيون بند ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن هو ڪجهه به ڏسي نه سگهن. پوءِ سندن ڄنگهن ۾ چمڙي جون سنهيون ڏوريون يا ڪشا وجهي (جن کي دواليون چوندا آهن) انهن کي سنهيءَ مضبوط ڏوريءَ سان ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ هٿ جي مٿان چمڙي جو دستانو ٻڌي ان مٿان باز کي ويهاريندا آهن ۽ ڏوري هٿ ۾ قابو جهلي پوءِ باز کي شهرن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ گهمائيندا وتندا آهن، جيئن هو ماڻهن جي آواز جو خوف برداشت ڪري وڃي. پوءِ انهن جي اکين جون ڏوريون رفته رفته ڍريون ڪندا ويندا آهن. جيئن هو ماڻهن کي ڏسندو ۽ ڊپ جهليندو رهي. ان کان سواءِ رات جو کيس ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن ۽ هڪ ماڻهو کيس سڄي رات هٿ تي ويهاري آهستي آهستي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو کيس سجاڳ ڪندو رهندو آهي. اهڙي طرح اٺ ڏهه_ ڏينهن ڪندا آهن، جيستائين باز ماڻهوءَ جو ڊپ جهلي ساڻس هِري مري وڃي. پوءِ سندس اکين واريون ڏوريون صفا ڪڍي اکيون کولي ڇڏيندا آهن ۽ هٿ تي رکي خوب گهمائيندا آهن، جيئن سندس خوف اصل لهي وڃي ۽ ڪنهن به شئي کان نه ڊڄي. ان کان بعد ۾ کيس شڪار ڪرڻ لاءِ هيرائيندا آهن. ائين ڪرڻ لاءِ تتر يا ڪنهن ٻئي پکيءَ جي کل لاهي، گوشت جدا ڪري، ۽ ان کل کي ڪپهه سان ڀري هڪ بوتو تيار ڪندا آهن ۽ ان کي باز جي سامهون بال وانگر اڇلائيندا آهن. جنهن کي باز اڏامي وڃي جهليندو آهي. اهڙي آزمائش بعد جنسي جيئرو پکي کنڀن ڪٽيل اڏائيندا آهن ان کي باز وڃي پڪڙيندو آهي. اهو شغل ايستائين جاري رکندا آهن، جيستائين باز مڪمل شڪار جي لائق بنجي وڃي. انهيءَ عرصي اندر شڪاري جهنگلي ننڍا پکي، تتر، ڳيرا، ڪٻرون، هيڙها، بربلا وغيره ڦاسائي اچي باز کي کارائيندا آهن، ۽ جڏهن باز خود شڪار جي لائق ٿيندو آهي ته پوءِ کيس ڪيل شڪار وارن پکين مان کارائبو آهي. باز کي اڪثر مٿي ۾ چمڙي جي ٽوپي وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن هو گهڻو اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ پريشان نه ٿئي. پاليل باز کي پيرن ۾ سنهڙيون گهنگهريون وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن خبر پوي ته هي پاليل باز آهي ۽ شڪار وقت جيڪڏهن مالڪ کان جدا ٿي وڃي ته ان کي سولائيءَ سان ڳولي سگهجي. باز کي، جنهن ڏينهن شڪار ڪرائڻو هوندو آهي، ان ڏينهن صبح جو کيس کاڌو نه ڏنو ويندو آهي ۽ سويل ٽي ٻه_ ٽي ڄڻا باز کي جهنگل ۾ وٺي ويندا آهن ۽ بازدا خود باز کي سنڀاليندو آهي. باقي ٻيا ماڻهو جهنگل مان يا پوکن مان ٺڪائي پکين کي اڏائيندا آهن. بازدار باز کي بڇڻ مهل سندن پيرن مان دواليون ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ سندس مٿي مان چمڙي جي ٽوپي لاهي، باز کي مٺ ۾ قابو جهليندو آهي ۽ تتر جي اڏامڻ سان بروقت مُٺ سان بال وانگي باز کي ان تتر جي پٺيان ڦٽو ڪندو آهي. باز گهڻو ڪري تتر جي هيٺان اڏامندو ويندو آهي ۽ جنهن مهل تتر هيٺ ڪنهن وڻ ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، انهيءَ وقت باز لُوهه ڏيئي کيس وڃي پنهنجن چنبن ۾ ضبط ڪندو آهي ۽ پوءِ ٻئي يڪو اچي پُٽ تي ڪرندا آهن ۽ چنبن ۾ دٻائي تتر مٿان چڙهيو ويٺو هوندو آهي. پوءِ شڪاري وڃي باز جي چنبن ۾ بند ٿيل تتر کي تڪبير وجهندو آهي ۽ رَتُ باز کي پياريندو آهي جو رت باز سندس چهنب سان چوسيندو آهي. ان بعد آهستي آهستي باز جي چنبن مان تتر کي ڪڍيو آهي. پر جيڪڏهن تتر جيئرو ڇڏائڻو هوندو آهي ته پوءِ تتر کي قابو جهلي، ان بعد تتر جو بوتو، جو شڪاري پاڻ سان کڻندا آهن، اهو ان جي سامهون مٿي هوا ۾ اڇلبو آهي ته باز ازخود ان ڏانهن اڏامندو آهي ۽ جهليل تتر کي آزاد ڪرائي وٺبو آهي. ڪنهن به صورت ۾ باز جي چنبن مان شڪار زوريءَ نه ڦريندا آهن. جيڪڏهن هن کان شڪار زوري کسيو ويو ته هو بددل ٿي پوندو. جنهن کي ”ڪم نيرو“ چئ��و آهي. پوءِ وري اهو باز شڪار نه ڪندو. اهڙي خراب ٿيل باز کي وري شڪار لائق بنائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ گهڻو وقت لڳي ويندو آهي. تترن جو شڪار ٻين بازن سان به ڪري سگهبو آهي، پر هن شڪار لائق هڪ خاص قسم جو باز هوندو آهي، جنهن کي ”بانشو“ چوندا آهن ۽ هي باز ڪاري تتر کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي ۽ شڪار ۾ تمام ڦُڙت ۽ هوشيار پکي ٿيندو آهي ۽ ساڻس روزانو اٺ_ ڏهه تتر شڪار ڪري سگهبا آهن. شڪار ختم ٿيڻ بعد کيس کارائي ڍؤ ڪرائبو آهي. هن نموني باز جي شڪار ڪرڻ سان، ڪارا ۽ ڀورا سڀيئي تتر، نر توڙي ماديون، انهن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. ۽ هر هڪ باز جي سنڀالڻ لاءِ هڪ هڪ علحدو ماڻهو هوندو آهي، جنهن کي بازدار چوندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن کي کاڌي ۽ ڪپڙي کان علاوه چڱا خاصا پگهار به ڏبا آهن پسنديده شڪار ڪرائڻ تي کين انعامن سان به نوازيو ويندو آهي. +لائوي ”پاليل“ تتر سان شڪار ڪرڻ: ڪاري پاليل نر تتر کي جهنگ ۾ انهيءَ هنڌ جي نزديڪ کڻي ڇڏبو آهي، جتي جهنگلي تتر ٻوليندڙ هوندو آهي، اتي پهچڻ بعد ٽن لاڳيتن وڻن جي وچ واري گهٽ کي يا ڪنهن وڏي وڻ جي وچان ڪنهن ڳڙکيءَ ۾ لڪل طرح کنڌي (ڦاندو) ٻڌي ڇڏبي آهي يا انهيءَ گهٽ جي پٺئين پاسي سنهي مضبوط سُٽ جو رڇ (ڄاري)، جنهن کي لاڙڪي چئبو آهي ۽ گيڙو رنگ جي هوندي آهي ۽ جا ظاهر ڏسڻ ۾ نه اچي، اها وڻ کي ڦيرائي ڇڏبي. انهيءَ انتظار ڪرڻ بعد لائوي تتر کي انهيءَ گهٽ جي سامهون کليل هنڌ تي رکي، سندس پڃري مٿان مُٺ کن ٽارين جي ڏيئي ڇڏبي آهي. ان بعد شڪاري بلڪل انهيءَ گهٽ جي سامهون ٻئي طرف تتر کان ڪجهه پرڀرو لڪي وڃي ويهندو آهي ۽ تتر کي ٻولڻ لاءِ ڳٽڪار ڪندو آهي يا سيٽي وڄائيندو آهي، جنهن به نموني تتر ٻولڻ لاءِ هيرايل هوندو آهي. انهيءَ آواز تي تتر ٻه چار دفعا ٽچڪ ٽچڪ ڪري پوءِ ٻولڻ شروع ڪندو آهي. پر جيڪي تر ٻولڻ جا تکا آهن، انهن کي سيٽي هڻڻ جي ضروت نه هوندي آهي ۽ هو ازخود ٻولڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ سندس ٻولڻ تي يڪدم جهنگلي تتر ٻولڻ بند ڪري ڊوڙي ايندو آهي سندس ظاهر ٿيڻ تي پاليل تتر به ٻولڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جنهن طرف تتر هوندو آهي، انهيءَ طرف منهن ڪري پڃري ۾ منهن هڻندو آهي ۽ ٻاهر نڪري وڃي وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻئي پاسي جهنگلي تتر به پڃري جي چوڌاري گهيري ۾ ڦرندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو رهندو آهي، جڏهن خاطري ڪندو آهي ته ڪو خطرو نه آهي، تڏهن ويجهو چڪر هڻڻ لڳندو آهي. آخر اچي پڃري جي ٻاهران چهنبون هڻي پاليل تتر سان وڙهڻ شروع ڪندو آهي. +سندس ڦاسائڻ جي ترڪيب هيءَ آهي جو جڏهن هو تتر جي چوگرد وڏو گهيرو ڏيندو آهي ۽ جنهن مهل گهٽ جي سامهون ايندو آهي، ان وقت شڪاري ڪنهن رومال يا ٽوال سان هٿ مٿي کڻي کيس ٺاهه ڏيندو آهي. هٿ جي تڪڙي چرپر اهڙي نموني ڪندو آهي، جيئن تتر مجبور ٿي سامهون واري گهٽ ڏانهن ڊوڙي ۽ ڦاندي يا ڄاريءَ وڃي ڦاسي. اهو ڪم تمام تڪڙو ۽ جلديءَ ۾ ڪبو آهي، جيئن تتر کي ڦاندي يا ڄاريءَ هجڻ جو سماءُ ٿي نه پوي. پر جي ڍر ڪبي ۽ کيس ٿورو شڪ پيو ته ڊوڙڻ بند ڪري سڌو آسمان طرف اڏامي ويندو. هيءُ شڪار تمام ڏکيو ۽ چالاڪي وارو هوندو آهي. هيءُ پکي تمام سجاڳ هوندو آهي. پهريائين اچڻ سان چوڌاري چڪر ڏيئي ڏسندو آهي ۽ جي اوچتو ڦاندي يا ڄاريءَ تي نظر پئجي ويس ته اتي بيهي ٻه_ چار دفعا ڪِٽ ڪِٽ ڪري پوءِ چڪر ڏيڻ چالو رکندو آهي ۽ ٻين طرفن کان پيو گهمندو آهي ۽ انهيءَ گهٽ کي سامهون ايندو ئي نه آهي. پر جي زوريءَ انهيءَ طرف ڊوڙائبو اٿس ته يڪدم ٻئي طرف ڀڄي ويندو آهي يا مٿي آسمان طرف اڏامي ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جنهن طرف ڊوڙندو آهي، وري ٻيو ڦاندو انهيءَ پاسي ڪنهن گهٽ کان آڏبو آهي، جتان پهريائين مٽيو هوندو. پوءِ اوچتو وڃي ان ۾ ڦاسندو، ڇو ته هيءُ پکي تمام ضدي ٿيندو آهي ۽ وري لائوي جي ٻوليءَ تي يڪدم ڊوڙي ايندو آهي. اهڙي طرح ڪيترائي ڀيرا کيس ڦندو ڏبو آهي ته وري وري پيو ايندو آهي، تيستائين، يا ته ڦاسي پوي يا شڪاري بيزار ٿي کيس ڇڏي هليو وڃي. +ڪاري تتر جي ماديءَ سان شڪار ڪرڻ: +هيءَ شڪار اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي مادي تتر جي ٻولي ڄاڻندا آهن، جيڪا ٻولي مادي تتري لڳ وقت نر تتر کي ڳولڻ لاءِ ڪندي آهي. هن نموني تتر ڦاسائڻ لاءِ دام تيار ڪبو آهي، جو لوهي ڪامن جو ٺهيل هوندو آهي. ان جا چوڪنڊا خانا هوندا آهن، جن ۾ ڌاڳن جون تندون مڙهبيون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ گهوڙي جي پُڇ جي وارن مان ٺهيل ڦاندا پيل هوندا آهن. اهڙي دام جي هر هڪ پٽيءَ ۾ ٽي يا چار ور هوندا آهن، يعني هر پٽي ۾ ويهارو ڦاندا هوندا آهن. شڪار لاءِ تتري کڻي اتي پهچبو آهي، جتي نر تتر ٻوليندڙ هوندو آهي. پوءِ اچي ميدان ۾ هڪ ڪِلي کوڙي، ان ۾ تتريءَ کي پڃري مان ٻاهر ڪڍي سندس هڪ ڄنگهه ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏبي آهي ۽ ٻيءَ ڄنگهه سندس گوڏي وٽ ٻڌي کيس هڪ جاءِ تي بيهاري ڇڏبو آهي، جيئن هيڏانهن هوڏانهن نه ڊوڙي ۽ نه ڦٿڪي، بلڪ هڪ جاءِ تي بيٺي رهي. پوءِ سندس چوڌاري دام ڦيرائي ۽ شڪاري يڪدم لڪي ماديءَ تتر جي ٻولي وڏي آواز سان ڪندو آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان نر تتر يڪدم وڻن يا ڪکن ڪانن مان ڊوڙي نڪري ايندو ۽ جڏهن مادي تتر تي نظر پوندي اٿس ته بي خطا وٺي ان ڏانهن ڊوڙ ڪندو آهي، هن لاءِ ته لڳ ڪرڻ واسطي ماديءَ تي چڙهي وڃي. انهيءَ شوق ۾ ايترو ته مدهوش ٿي ويندو آهي جو کيس دام جو سماءُ نه پوندو آهي ۽ اوچتو ئي اوچتو دام ۾ ڦاسي ويندو آهي. جنهن بعد شۡاري، تتر کي ڪلي مان ڇوڙي پڃري ۾ وجهي کڻي وڃي ٻئي تتر جو شڪار ڪندو آهي. هيءُ شڪار ٿوريءَ محنت وارو ۽ آسان آهي، پر هر ڪو ماڻهو ڪري نه سگهندو، ڇو ته مادي تتر جي ٻولي ڄاڻڻ هن شڪار لاءِ خاص شرط آهي. +ڀوري تتر جو شڪار: هيءُ شڪار اڪيلي پاليل نر يا نر – مادي گڏ، ٻنهي نمونن ۽ وسيلن سان ڪري سگهبو آهي. ان لاءِ بانس جي ڪاٺين يا لئيءَ جي ڪاٺين مان اهڙي نموني دام ٺاهبو آهي، جهڙي نموني ڪارڙي تتر ڦاسائڻ وارو دام ٺاهيو ويندو آهي. شڪاري، دام پُٺن پويان ۽ پڃرو هٿ ۾ کڻي جهنگ جو رخ ڪندا آهن ۽ اتي سيٽي وڄائي تتر کي ٻولائيندا آهن. تتر جي ٻوليءَ تي جهنگلي تتر به ٻوليندا آهن، پوءِ ماٺ – ميٺ ۾ اتي دامُ پکيڙي لائوي تترکي ڪنهن وڻ ۾ مناسب هنڌ تي رکي پڃري کي ٽارين سان مضبوط ڪري ڇڏبو آهي، جيئن جهنگلي تتر پڃري ۾ بند ٿيل تتر کي ڏسي ٽهي ڀڄي نه وڃن. پوءِ شڪاري ڪنهن گهٽي وڻ ۾ لِڪي ويهي سيٽي وڄائي تتر کي ٻولائيندو آهي. ڪي تتر شڪاريءَ جي ڇپڻ سان گڏ يڪدم ازخود ٻولڻ شروع ڪندا آهن، جنهن جي جواب ۾ يا ته جهنگلي تتر ٻوليندا ۽ ڊوڙندا ايندا آهن يا ته ماٺ ماٺ ڪري اچي تتر تي حملو ڪندا آهن. ڇو ته جهڙيءَ طرح زميندارن جون زمينون ورهاست ٿيل هونديون آهن ۽ پنهنجي حد ۾ ٻئي زميندار جو دخل برداشت نه ڪندا آهن. ساڳئي طرح تتر به پنهنجي جُوءِ ۾ ٻئي تتر کي اچڻ نه سهندا آهن ۽ کيس ماري هڪالي ڪڍڻ لاءِ مٿس ڪاهه ڪندا آهن. هيءُ تترن جو مقابلو عجيب نموني ۽ حيرت انگيز به هوندو آهي ته عبرتناڪ به هوندو آهي. هڪ طرف تماشو هوندو آهي ته ٻئي طرف خدا پاڪ جي قدرت جو اهڙو مشاهدو هوندو آهي، جو عين انسانن جي فطرت مطابق هوندو آهي. جهڙيءَ طرح انسانن ۾ ڪنهن قبضيداريءَ تي وڏو فساد ٿيندو آهي ۽ ٻنهي طرفن جا ماڻهو وڏي هُل ۽ گوڙ سان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا آهن، ۽ هڪٻئي کي هڪلون ۽ دڙڪا ڏيندا ۽ گهٽ-وڌ ڳالهائيندا آهن، اهڙي طرح هي پکي جڏهن آمهون سامهون ٿيندا آهن ته سندن ئي آواز هوندو آهي. ”هون هون، ڪهڙو ڪهڙو“ اهڙي طرح هڪلون ڪندا ۽ ٻوليندا رهندا آهن ۽ ٻئي وطن جي آزادي ۾ غيرن کي تڙي ڪڍڻ جو هڪ انوکو ڪردار ادا ڪندا آهن. جنهن جهيڙي دوران ڪي دامَ ۾ ڦاسي وطن مٿان جان جي قرباني ڏيندا آهن. هر هڪ دامَ تي هڪ کان چئن – پنجن تائين تتر ڦاسندا آهن. اهڙيءَ طرح روزانه شڪاري پندرهن – ويهه تتر شڪار ڪري سگهندو آهي. ڪڏهن دام خالي به ويندو آهي. پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سڄي ڏينهن جي شڪار ۾ ماريءَ کي ڪجهه به هٿ نه ايندو آهي. ان ڪري چوڻي آهي ته شڪار بيڪار آهي. هن شڪار وقت ته تتر اچي دام ۾ ڦاسي پوندا آهن يا جيڪڏهن ڦري دام جي پاسي کان اندر لنگهي ايندا آهن ته انهن کي کنگهڪار ڪرڻ سان ڊيڄاري ڀڄائبو آهي ۽ موٽ ۾ ڊوڙندي دام ۾ ڦاسي پوندا آهن. ڪي وري دام ۾ ڦاسڻ بعد ڦاندا ٽوڙائي ڀڄي ويندا آهن ته ڪي وري پيرن جي ننهن سان ڦاندا کولي آزاد ٿي ويندا آهن، ڪي ڦاندي ۾ گهٽجي مري به پوندا آهن. اهڙيءَ طرح ڦاسڻ بعد جيڪي بچندا آهن، اهي في الحال ٽڙي پکڙي ويندا آهن ۽ پوءِ هڪٻئي کي ڳولڻ لاءِ ڪيڙو ڪيڙو جي ٻولي ڪري هڪٻئي کي سڏيندا آهن. جنهن بعد گڏ ٿيڻ + + +تي کين خبر پوندي آهي ته ڪهڙا سندن رفيق گم آهن ۽ پوءِ کين هٿ ڪرڻ لاءِ رکي کين سڏيندا آهن. اهو عمل ٻه-ٽي ڏينهن جاري رکندا آهن؛ جنهن کان پوءِ تسلي ڪرڻ تي سندن انتظار لاهي ڇڏيندا آهن. اهڙا ڪڙايل تتر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا وري دام تي نه ايندا آهن ۽ جڏهن وري به نئين سر ٻچا ڪندا آهن ۽ اهي جوان ۽ وڙهڻ جهڙا ٿيندا آهن ته انهن سان گڏجي وڙهڻ لاءِ ايندا آهن، مگر جيڪي دام سان ڦاسي پوءِ ان مان آزاد ٿي ويندا آهن، اهي يا ته دام وٽ اچي اتي بيهي رهندا آهن ۽ اتي پيا ٻوليون ڪندا ۽ هڪلون ڏيندا آهن يا ته دام مٿان ٽپي اندر لنگهي ايندا آهن ۽ پڃري واري وڻ جي هيٺيان بيهي پاليل تتر سان وڙهندا آهن ۽ سندس منهن ۾ مٽي وجهندا يا وري ٻه – ٽي گڏ پڃري تي چڙهي ويندا آهن ۽ پاليل تتر کي ايترو پريشان ڪندا آهن، جو هو نه رڳو وڙهڻ ڇڏي ڏيندو آهي، پر ٻولڻ به بند ڪري پڃري ۾ لڪڻ لڳندو آهي، ۽ اهڙو هيسيل تتر گهڻو وقت شڪار کان بيڪار ٿي ويندو آهي، يا اصل هميشه لاءِ شڪار کان بيڪار ٿي ويندو آهي. پڃري تي چڙهي ويل تترن کي ڦٽو ڏيئي ڊوڙائبو آهي ته اهي سڌو اڏامي هليا ويندا آهن، ۽ جيڪي هيٺ لهي ڊوڙندا آهن، اهي به دام وٽ رهجي ان مٿان ٽپي هليا ويندا آهن. اهڙا تتر اتفاقي ڦاسندا آهن. +پاليل تترن جي حفاظت ڪرڻ: +ڪاري تتر کي رات جو سيءَ کان بچائڻ لاءِ يا ٻلن وغيره کان محفوظ ڪرڻ لاءِ ماڻهو کيس پنهنجي ڀر ۾ يا کٿيءَ سان ڍڪي رکندو آهي، جتي ٻلو يا نور وغيره کيس نقصان پهچائي نه سگهي ۽ پڃري مٿان ڪپڙي جو پوش، يعني چولي وجهي ڇڏبي آهي، جيئن هو ڪنهن شي کان نه ڊڄي. فقط شڪار تي رکڻ مهل چولي لاهي ڇڏبي آهي، ۽ ٽارين جي مٺ پڃري مٿان رکبي آهي، جيئن جهنگلي تتر کي شڪ نه پوي ۽ سانڍيل تتر کي مٿان اوچتو باز ڌڪ نه اچي هڻي. هيءُ تتر سندس همجنس لاءِ سخت ضدي هوندو آهي. ان جي باوجود حد درجي جو ڊڄڻو هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت جهگراڙ ٻلي، نور، ڪتي يا باز جو اوچتو حملو ٿيو ته پوءِ ڪيترا ڏينهن ٻوليندو ئي نه آهي. جنهن بعد گهر ۾ ته ٻوليندو آهي، پر جهنگ ۾ شڪار تي ڪو نه ٻوليندو آهي، رڳو ڪِٽ ڪِٽ جو آواز ڪري خطري جو اطلاع ظاهر ڪ��دو آهي. پر ڪي تتر هميشه جي لاءِ ٻولڻ ختم ڪري شڪار کان بيڪار بنجي ويندا آهن. جنهن سبب شڪاريءَ کي وڏو نقصان رسندو آهي، ڇو ته ڪارو تتر گهٽ انداز ۾ پالڻ سبب وڏيءَ قيمت تي ملندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ شڪاريءَ کي سَوَن رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، انهيءَ ڪري هن جي بچاءَ ۽ حفاظت جو خاص انتظام ڪبو آهي ۽ شڪار جي وقت تمام چوڪس رهڻو پوندو آهي. ڀوري تتر جي بچاءَ لاءِ به ساڳيا انتظام ڪبا آهن، مگر ان جي پڃري جي مٿان چوليءَ ڍڪڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. رڳو شڪار جي وقت جهنگ ۾ کين ڍڪيل رکبو آهي، جيئن مناسب وقت ۽ شڪار جي نشان بغير نه ٻولي، ڇو ته جتي راها هوندا آهن، اتي تتر جي ٻوليءَ سان ٻڌڻ ساڻ ڊوڙي ايندا آهن ۽ دام رکڻ کان اڳ اچي شڪاريءَ کي ڏسي ٽهي ويندا آهن، پوءِ تتر ڪهڙو به کڻي ٻولي ته به وري ويجهو نه ايندا آهن، رڳو پري کان ٻوليندا رهندا آهن. ڀوري تتر کي جيتوڻيڪ شڪار وقت مٿي وڻ تي لڪائي رکبو آهي، جيئن گدڙ، جهگراڙ ٻلي، نور ۽ باز جي حملو جو خطرو نه رهي. ڇو ته شڪاري تتر کان پرڀور ۽ لڪل رهندو آهي ۽ تتر کي ڏسي نه سگهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ تتر تي حملي هئڻ جو وڏو خطرو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته لائوي تتر جو منهن جهنگلي تترن ڏانهن هوندو ۽ هو انهن سان وڙهڻ ۽ ٻولڻ ۾ مشغول هوندو آهي ته جانور اوچتو مٿس حملو ڪري ڏيندا آهن ۽ اهڙن جانورن ۽ بازن جو جيڪڏهن حملي کان اڳ پاليل تتر کي پتو پوندو آهي ته ٻولڻ بند ڪري زور سان چرڙاٽ ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جنهن تي شڪاري سجاڳ ٿي سندس بچاءَ لاءِ پهچي ويندو آهي. پر جيڪڏهن بيخبري ۾ مٿس حملو ٿي پوندو آهي ته مالڪ جي پهچڻ کان اڳ کيس نقصان پهچي ويندو آهي. نور سندس سنهو منهن پڃري جي ڪاُٺين جي مٿين مان اُڪاري تتر جي ڄنگهن يا کنڀڙاٽين سان جهلي سندس عضوا ڀڃي وجهندو آهي. ۽ جهنگ ٻلو يڪدم وات وجهي پڃرو ڀڃي تتر کي ماري وجهندا آهــن، يــــا کيس سخت نقصـــان پهچائيندو آهـــي. ان کان سواءِ ڪارن توڙي ڀورن کي گهمڻ ۽ واريءَ ۾ ليٽڻ ۽ سائي گاهه ۾ جيتن چڻڻ لاءِ پڃري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏبو آهي. تڏهن سندس بچاءَ لاءِ خاص طرح چوڪس ٿي ويهڻو پوندو آهي. +ڳارين يعني کنڌين سان شڪار ڪرڻ: +گهوڙي جي پڇ جي وارن سان ڏهه- ٻارنهن وار پاڻ ۾ ملائي، انهن چوٽين کي پاڻ ۾ گڏي ڳنڍ ڏيئي کين بند ڪبو آهي. پوءِ انهن کي وٽُ ڏيئي تند تيار ڪبي آهي، جنهن کي ڦاندو چئبو آهي. اهو ڦاندو ڪاري توڙي ڀوري تترن جي دام ٺاهڻ ۾ به ڪم آڻبو آهي. اهڙا ٽي يا چار ڦاندا هڪ نميءَ ۽ وٽيل ڏور، جيڪا فوٽ کن ڊگهي هوندي آهي، ان ۾ ڌار ڌار وِتين تي ٻڌي کين گول ڇلي وانگر سرڪڻ ٺاهي تيار ڪبو آهي. ان کي ڳاري يا کنڌي چئبو آهي. پوءِ اهڙيون ويهارو يا گهٽ وڌ انداز ۾، وقت ۽ حالت جي لحاظ سارو تيار ٿيل کنڌيون کڻي جهنگ ۾ جنهن جاءِ تي تتر گهمندڙ هوندا آهن، اتي وڃبو آهي ۽ ننڍي ڀروٽي سارين جي تهن (توترن) جي ساڻ لنيي آهي، پوءِ اتي وڃي گسن ۽ وڻن جي وچ ۾ مُٺ مُٺ تهن جي رکي گهڻي پَٽَ ۾ تهن کي ورڇبو آهي، ۽ وڻن جي وچ وارين گهٽين ۽ وٿين ۾ جتان پکين جي اچ وڃ جو لنگهه سمجهبو آهي، اتي وڻ جي ٽارين جون ڪليون کوڙي انهن ۾ کنڌيون ٻڌي وڃبو آهي ۽ رهيل وٿين ۾ ٽار هڻي بند ڪبو اٿن، ڄڻڪ هڪ قسم جو لوڙهو ٺاهبو آهي، جو جهنگ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين يڪو ڳنڍيل هوندو آهي، ۽ جن گهٽين تي کنڌيون اڏيل هونديون آهن، تن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌان اچڻ وڃڻ جو رستو نه هوندو آهي، پوءِ جنهن وقت جهنگلي تتر چوڳي ۽ گهمڻ لاءِ نڪرندا آهن، ان وقت تهن کي ڏسي ان کي پيرن سان ڦولهيندا آهن ۽ ان مان ريون ۽ اَن جا سنها داڻا کائيندا آهن ۽ وري ٻيءَ ڍڳيءَ ڏانهن ڊوڙندا آهن. اهڙيءَ هلچل سبب کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن. پوءِ جڏهن ٻن- چئن ڪلاڪن بعد شڪاري سڌ سماءُ لهڻ لاءِ ويندو آهي، تڏهن وڃي ڦاٿل تترن کي پڪڙيندوآهي. هن نموني ڪارا توڙي ڀورا، نر ماديون ڦاسايون وينديون آهن. اهڙي نموني واري شڪار کي ٽانڪ وارو شڪار چئبو آهي. هن شڪار مان شڪاريءَ کي وڏو فائدو نه پهچندو آهي، ڇو ته ڪو تتر ڪڏهن ڦاسندو آهي ته ڪو ڪڏهن. ڦاٿل تتر کي شڪاري ڪڍڻ لاءِ ويندو آهي ته کيس ڏسي ٻيا تتر اڏامي هليا ويندا آهن، انهيءَ ڪري ماري ٻن-چئن ڪلاڪن بعد گُهمرو ڪندو آهي. ان ڪري ڪي ڦاٿل تتر ڦاندو ٽوڙائي ويندا آهن ته ڪي گُهٽجيءَ مري ويندا آهن. ٽانڪ جو ٻيو نمونو هن ريت هوندو آهي ته تترن کي ڪن وڻن ۾ ويٺل ڏسي، انهن جي هڪ پاسي ٽانڪ ڏيئي پوءِ پوئين پاسي کان آهستي آهستي وڻن کي ٺڪائبو آهي ته تتر اڳتي ڊوڙندا ويندا آهن ۽ وڃي کنڌين ۾ ڦاسندا آهن. هيءُ شڪار ٻنپهرن جو گرميءَ ۾ ڪبو آهي. جڏهن تتر اڏامڻ بدران پيرڙيو ڊوڙندا آهن ۽ سڀيئي ڦاٿل تتر شڪاري بروقت حاصل ڪري سگهندو آهي. ٽانڪ جو مٿيون هيءَ طريقو هوندو آهي جو صبح جو يا شام مهل جهنگ ۾ ٺڪائي تترن جي ولر کي اڏائيندا آهن، جنهن سبب تتر پکڙي ويندا آهن ۽ پوءِ سندن وچان ٽانڪ جلدائيءَ سان ڪڍي ان ۾ کنڌيون ٻڌي لِڪي وڃبو آهي، پوءِ تتر هڪٻئي سان ملڻ لاءِ ٻوليون ڪندا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڊوڙندا آهن. اهڙي ئي ڊوڙ ۾ هو کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن، جن کي شڪاري بروقت هٿ ڪري وٺندا آهن. هن نموني واري شڪار ۾ فقط ڀورا تتر خاص ڪري ڦاسندا آهن، بعضي ڪاري تتر جا ٻچا، جيڪي جوانيءَ کان اڳ ماءُ سان گڏ گهمندا آهن ۽ اهڙي ٽاهه پوڻ وقت اڏامي ماءُ کان جدا ٿي ويندا آهن، اهي به سندن ماءُ جي سڏڻ تي ان سان ملڻ لاءِ اوڏانهن ڊوڙندا آهن. پوءِ جيڪڏهن وچ ۾ ٽانڪ هوندي آهي ته اهي به ڦاسي پوندا آهن. کنڌين سان شڪار جو چوٿون طريقو هن ريت هوندو آهي ته جهنگ ۾ تهه پکيڙي وڃبا آهن۽ هڪ هنڌ جهنگ جي وچ ۾ وڏي ڍڳي تهن جي ڪري ڇڏبي آهي ۽ ان جي چوڌاري ٽارين جو لوڙهو ڏيئي ان جون پنج چار گهٽيون کليل ڇڏبيون آهن ۽ تهن جي ڍڳيءَ ۾ ڪجهه ان جا داڻا به ملائي ڇڏبا آهن. پوءِ تتر جهنگ ۾ گهمندي تهن جي ننڍين ڍڳين کي ڦولهيندا، آخر وڏي ڍڳيءَ تي پهچي ويندا آهن ۽ ان کائي خوش ٿيندا آهن. انهيءَ آسري تي ٻئي ڏينهن سويل اٿي تهن جي ڍڳي تي اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، مگر سندن اچڻ کان اڳ ماري انهن گهٽين تي فجر مهل کنڌيونءَ ٻڌي ويندو آهي، يا اڳئين ڏينهن سج لهڻ مهل کنڌيون ٻڌي ڇڏيندو آهي. پوءِ جيئن تتر اندرلنگهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تيئن کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن. پوءِ جيڪڏهن شڪاري لڪل هوندو آهي ته بروقت شڪار کي هٿ ڪري وٺندو آهي. ٻيءَ صورت ۾ جهنگلي جانور ۽ نور وغيره لقمو بنائيندا آهن. پر جيڪڏهن کين ٻچن لاءِ کڻي وڃڻو هوندو آهي ته پوءِ سنڌيءَ جي پهاڪي واري ڪاروائي ٿيندي آهي.” گهاٽ ته چٽ، پر گهڙائي به گم.“ ساڳيءَ طرح شڪاري ته ويو، پر کنڌي به ساڻس گڏ ويئي. هن نموني واري شڪار کي پونگلي وارو شڪار چئبو آهي. هن ۾ ڪارا توڙي ڀورا تتر نر توڙي ماديون ڦاسائي سگهبا آهن.ڪڙهيءَ مان شڪار ڪرڻ: ڪڙهي اهو رَڇ آهي، جنهن سان مهاڻا يا ملاح ڍنڍن ۾ مڇي جهليندا آهن. هن جو هيٺيون پاسو ويڪرو ۽ مٿي چوٽي سوڙهي ٿيندي آهي، هيءَ ڇهن ڪاُٺين تي مخروطي نموني هوندي آهي. هن نموني جو شڪار پونگليءَ واري شڪار وانگر ڪبو آهي، مگر تفاوت فقط هيءُ هوندي آهي ته پونگليءَ واري شڪار ۾ تهن جي ڍڳيءَ کي چوڌاري ٽارين جو ويڙهو ڏيئي، ڳليون کليل ڇڏبيون آهن، پرهن شڪار لاءِ تهن جي ڍڳيءَ مٿان ڊگهين ٽارين جو هڪ جهوپڙو ٺاهبو آهي. انهن ٽارين جون پاڙون پري پري کوڙي فقط انهن جون ٽيون ملائي ڇڏبيون آهن، پوءِ ٻه-ٽي ڏينهن روزانه انهن تهن ۾ ان جا داڻا وجهي ڇڏبا آهن، جيئن تتر چڱيءَ طرح هري مري ۽ ڊپ ڊاءُ جهلي وڃن. پوءِ شڪاري کليل ڪڙهي کڻي وڃي انهيءَ جهوپڙيءَ هيٺان تهن مٿان رکندو آهي ۽ ڀر ۾ ٺهيل هڪ کُڏڻي ۾ لِڪي ويهندو آهي. ڪڙهيءَ جي چوٽيءَ ۾ هڪ سنهي ڏور پيل هوندي آهي، ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، جنهن سبب ڪڙهيءَ جو جيڪو پاسو ماريءَ جي طرف هوندو آهي، اهو زمين تي ڄميل رهندو آهي ۽ ٻيو پاسو مٿي کڄي ويندو آهي. پوءِ شڪاري اها رسي ڪليءَ ٻڌي ڇڏيندو آهي ۽ تترن جي اچڻ جو انتظام ڪندو آهي. سج اڀرندي ئي بکايل تتر سڌو چوڳي لاءِ پهچي ويندا آهن ۽ سڀيئي گڏجي ان ڍڳيءَ کي چؤگرد ڦولهڻ لڳندا آهن. انهيءَ ٽائيم تي شڪاري پنهنجو پاڻ تي اهڙو ضبط رکندو آهي، جو سندس ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌي نه سگهبو آهي. جڏهن سڀيئي تتر پوري تڪ هيٺ اچي ويندا آهن، تڏهن شڪاري ڏور ڪليءَ مان ڍري ڪندو آهي ته ڪڙهي تترن مٿان اچي ويندي آهي ۽ شڪاري يڪدم کڙڙيءَ مان نڪري ڪڙهيءَ هيٺ ڦاٿل سمورا تتر جهلي پنهنجي قبضي ۾ ڪندو آهي. هن طرح واري شڪار مان ڪو اتفاقي تتر سلامت بچندو آهي، جو ڪڙهيءَ جي رَڇ کان ٻاهر رهجي ويندو آهي. +ڍٻيءَ سان شڪار ڪرڻ: +هن شڪار لاءِ سخت ڌاڳن وارو رڇ (ڄاري) تيار ڪبو آهي. جنهن جي ڊيگهه ڇهه فوٽ ۽ ويڪر پنج- ڇهه فوٽ هوندي اٿس. سندس رنگ هلڪو ڀورو يا هلڪو ناسي هوندو آهي. اهو رڇ ڪاُٺين جي چونڪ سان ٻڌل هوندو آهي، جو چونڪ سنهين ڪاُٺين مان تيار ڪبو آهي ۽ اهو چونڪ کلي ۽ بند ٿي سگهندو آهي. سندس ٻنهي ڇيڙن جي سامهون چوٽين وٽ ٻه ڪليون لڳل هونديون آهن، جن ۾ رڇ جون ڏوريون ٻڌل هونديون آهن ۽ هڪ ڊگهي ڏوري وچ ۾ پيل هوندي اٿس، جنهن جي ڇڪڻ سان چونڪ بند ٿي رائنٽي (ننڍو قبو) جي نموني بنجي ويندو آهي ۽ چوڌاري وچ جو دائرو ڦري ويندو ۽ ڏور ڍري ڪرڻ سان چونڪ ڌرتيءَ تي ليٽي پوندو آهي. رڇ زمين تي پاٿارجي ويندو آهي. اهڙي رڇ تيار ڪرڻ بعد تهن جي چوڳ وڃي جهنگ ۾ وجهبي آهي. جهڙيءَ طرح ڪڙهي يا ڀونگلي واري شڪار لاءِ ڪبو آهي. +مگر هن ۾ نه ٽارين جو ويڙهو ڏبو آهي ۽ نه وري ٽارين مان جهوپڙي ٺاهبي آهي، پر ڪنهن وڻ جي ويجهو، جنهن وڻ ۾ شڪاري سندس لڪڻ لاءِ کڏڻو ٺاهيندو آهي. اتي ظاهر اڇي پٽ تي تهن جي ڍڳي ڪبي آهي. جنهن ۾ ان جا داڻا خاصي انداز ۾ ملائي ڇڏبا آهن، جيئن پکي چڱيءَ ريت هري ويندا آهن، پوءِ ماري سج لهڻ وقت اتي وڃي تهه ميڙي، هڪ طرف ڪري زمين تي ڍٻي اڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح جيئن ڍٻيءَ جي چونڪ جون ڪاُٺيون ۽ ڏوريون زمين ۾ بند ٿي وڃن، ائين ڪرڻ لاءِ انهن جي مٿان ٿوري مٽي وجهي انهن کي ڍڪي ڇڏبو آهي، ۽ ڄاريءَ مٿان ٿورا تهه وجهي ان کي به لڪائي ڇڏبو آهي. مطلب ته ان جو ڪوبه نشان ظاهر ڏسڻ ۾ نه اچي. جنهن بعد اڏيل ڍٻيءَ جي وچ تي تازن تهن جي ڍڳي ٺاهي اَن ۾ ان جا داڻا وجهي ڇڏبا آهن ۽ صبح جو فجر مهل شڪاري وڃي سندس ٺاهيل کڏڙيءَ (کڏڻي) ۾ لِڪي ويهندو آهي ۽ ڍٻيءَ واريءَ ڏوريءَ جو ڇيڙو پنهنجي هٿ ۾ جهلي ويهندو آهي. صبح ٿيڻ سان ڪارا تتر ۽ ڀورا تتر نر توڙي ماديون يا ڳيرا، ڪٻرو، سيڙها، جهرڪيون، مطلب ته جيڪي به پکي انهيءَ هنڌ چوڳي تي هريل هوندا آهن، اهي اچي گڏ ٿيندا آهن، پوءِ جڏهن شڪاري ڏسندو آهي ته اوچتو سڀني پکين جي مٿان ڍٻيءَ جي ڄاري ويڙهجي ۽ ڦري ويندي آهي، پوء�� ڏوريءَ کي ڪنهن ڪلي يا وڻ سان ٻڌي ڇڏيندو آهي. جيئن ڍٻي وري پٽ تي ڪِري کلي نه وڃي. ان بعد هڪ هڪ پکيءَ کي ڍٻيءَ مان ڪڍندو بند ڪندو ويندو آهي. هيءَ طريقو خاص طرح تترن لاءِ پاراتو آهي. جهڙيءَ طرح ڪنهن ماڻهوءَ کي پٽبو آهي ته شل بنياد بس ٿئيس. يعني انهيءَ آڪهه مان ڪو به سلامت نه رهي، تهڙيءَ طرح تتر به جيڪي ڍٻي تي ايندا آهن، سي گهڻو ڪري سمورا وٺجي پوندا آهن ۽ منجهانئن ڪوبه سلامت واپس ڪونه ويندو آهي. +رڇ يا ڄاريءَ سان تترن جو شڪار ڪرڻ : هن شڪار لاءِ هڪ قسم جو خاص رڇ تيار ڪبو آهي، جو سنهي ۽ مضبوط سٽ مان ٺاهبو آهي. سندس رنگ هلڪو ڀورو يا ناسي هوندو آهي. ۽ اهڙو نفيس هوندو آهي، جو بلڪل ويجهو وڃڻ بعد ڏسي سگهبو آهي. سندس ويڪر ڇهه- ست فوٽ ۽ ڊيگهه اسي کن فوٽ يا ان کان به وڌيڪ هوندي آهي، هن قسم جو شڪار ٻن طريقن سان ڪبو آهي، پهريون طريقو هيءُ آهي ته وڻن جي قطار جيئن واهن ۽ ڪڙين جي ڪپن تي هوندي آهي، انهن وڻن ۾ ٻوليندڙ تترن جي هڪ پاسي ڪنهن وڏي گهاٽي وڻ جي ٽن طرفن کان اها ڄاري (رڇ) ڦيرائي ڇڏبي آهي، جنهن جو ٿورو هيٺيون حصو زمين تي به پٿارجي ويندو آهي. اهو رڇ اهڙيءَ طرح وڻ تي وجهبو آهي، جيئن هيٺان ڪنهن به هنڌان ڪابه وٿي نه رهي، جتان تتر ٻاهر نڪري سگهن. پوءِ وڻن جي قطار جي ٻئي پاسي کان جتان تتر هوندا آهن، اتاهين وڻن کي آهستي آهستي ٺڪائبو آهي. جنهن آواز تي تتر اڳتي ڀڄڻ شروع ڪندا آهن. هيءُ شڪار گهڻو ڪري ٻنپهرن جو ڪبو آهي. جنهن وقت تتر گهڻو اُڏامندا نه آهن، مگر پيرن ڀر ڊوڙندا هڪ وڻ مان ٻئي وڻ ۾ هليا ويندا آهن. هن نموني وارو شڪار ٻه ڄڻا گڏجي بهتر نموني ڪري سگهندا آهن، ڇوته هو ٻنهي وڻن کي ٻنهي پاسن کان ٺڪائيندا ايندا آهن، جنهنڪري تتر ڪنهن پاسي نڪري نه سگهندا آهن ۽ صرف انهيءَ وڻ تي هليا ايندا آهن،جنهن وڻ تي رڇ پيل هوندوآهي، ان وڻ ۾ رڇ مان بچيل حصي مان اندر لنگهي ايندا آهن. انهيءَ وقت شڪاري تڪڙو انهيءَ کليل طرف کان وڻ کي ڦري ايندا آهن ۽ ڳالهائڻ ۽ زور سان وڻ کي ٺڪائڻ لڳندا آهن، جنهن سبب تتر ڊڄي وٺي زور سان ڊوڙندا آهن، جيئن وڻ مان ٻاهر نڪري اُڏامي وڃن. زور سان ڊوڙڻ سبب وڻ مان نڪرندي ئي ڄاريءَ ۾ اٽڪي پوندا آهن ۽ ڄاري کين ويڙهي ويندي آهي. پوءِ شڪاري هڪ هڪ تتر کي چونڊي ڄاريءَ مان ڪڍي ٻڌي پاڻ وٽ قابو ڪندو آهي. اهڙن تترن مان ڪي اتفاقي تتر بچي به ويندا آهن. جيڪي يا ته ڄاريءَ ۾ پوري ريت نه وڪوڙبا آهن يا پاسي کان ڄاريءَ کان ٻاهران مٿي وڻ مان نڪري ويندا آهن ۽ ڪي وري سڌو وڻ جي چوٽيءَ کان آسمان طرف اڏامي ويندا آهن. هن نموني جو شڪار هڪ ماڻهو ئي ڪري سگهندو آهي. +ٻيو طريقو: +سياري جي موسم ۾ جڏهن وڻن ۾ ڏٿ وغيره گهٽ ٿي ويندو آهي. ان وقت خاص طرح ڀورن تترن جا ولر پوٺن تي نڪري زمين کوٽي ڌاڃوڙا ڪڍي کائيندا آهن. جنهن لاءِ هو ڪنهن گهاٽي وڻ جو انتخاب ڪري، ان جي ڀر ۾ زمين کوٽي ڌاڃوڙا ڪڍي کائيندا آهن ۽ خوف جي وقت يڪدم ڊوڙي وڃي وڻ ۾ پناهه وٺندا آهن. اهڙي نموني چوڳ صبح جو ۽ شام جو ڪندا آهن ۽ ٻنپهرن توڙي رات جو گهاٽي جهنگل ۾ پهچي، آستانن تي وڃي آرام ڪندا آهن. شڪاري سندن چوڳ واري جڳهه جاچي ڀر واري وڻ کي ٻاهران ٽن طرفن کان ڄاري ويڙهي چوٿون چوڳ وارو پاسو کليل ڇڏي، پر ان جي سامهون ڪٿي لڪي ويهندو آهي ۽ جڏهن تتر چڳ ۾ مشغول ٿيندا آهن، تڏهن ڪپڙي لوڏڻ سان يا ڪنهن ٻئي نموني اهڙيءَ ريت ٽاهه ڏيندو آهي، جيئن هو اُڏامي نه وڃي. تترن جي وڻ ۾ وڃڻ بعد شڪاري نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ ڏانهن ڊوڙندو آهي. جنهن ڪري تتر هراسجي خوف وچان تڪڙو وڻ مان ٻاهر نڪري اڏامڻ لاءِ اندران ٻاهر ڊوڙي نڪرندا آهن، تيئن ڄاري ۾ ڦاسي قابو ٿي پوندا آهن. هنن مان جيڪي ڄاري ۾ پوريءَ ريت نه ٻڌبا آهن يا پاسن کان نڪري ويندا آهن يا سڌوئي آسمان طرف اُڏامي ويندا آهن، سي بچي ويندا آهن. +ڀڳو يا ڍٻوءَ سان تترن جو شڪار ڪرڻ: +هن شڪار لاءِ اٽڪل ڏيڍ وال ڊگهو ۽ سوا وال ويڪرو ڪپڙو ٺاهبو آهي، جنهن جي هڪ طرف وچ ۾ ٻه ننڍا سوراخ ڪبا آهن، جن جي وچ ۾ ايتري وٿي هوندي آهي، جيتري ٻن اکين جي وچ ۾ ٿئي ٿي. ان ڪپڙي کي هٿراڌو گيڙو رنگ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪپڙي تيار ٿيڻ بعد ان کي بانس جي ڪاُٺين واري ڪئنچيءَ ڇاپ ڪمانن مٿان ٻڌي، هڪ ڇٽيءَ جي نموني تيارڪبو آهي. ڪپڙو ڪمانن مٿان اهڙو ڇڪيل هوندو آهي، جو هوا لڳڻ سان به چرپر نه ڪندو آهي. ان کان سواءِ هن شڪار لاءِ خاص قسم جو هڪ رڇ تيار ڪبو آهي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل ڏهه- ٻارهن فوٽ ۽ ويڪر پنج- ڏهه فوٽ هوندي آهي، انهيءَ رڇ جي ڊيگهه وارا ٻيئي پاسا پاڻ ۾ ملائي اُن کي بند ڪبو آهي. جيئن هڪ ڪؤنرو ٺهي پوي. پوءِ سندس هڪڙي پاسي کي بند ڪري ڇڏبو آهي، جيئن هڪ ڳوڻ وانگر بنجي وڃي ۽ سندس کليل پاسي ۾ هڪ چؤڪنڊو ۽ سنهين ڪاٺين جو چونڪ اهڙي طرح بند ڪبو آهي، جيئن اهو پاسو هميشه کليل رهي ۽ ڪؤنري اندر سنهين ڪاُٺين واريون ڪمانون ٻڌي اهڙي نموني تيار ڪبو آهي، جو بند ڪرڻ مهل هڪ پاڪيٽ وانگي بند ٿي وڃي ۽ ماڻهو کيس ڪلهي تي رکي يا هٿ ۾ جهلي کڻي هلي سگهي، پر جڏهن کيس کولجي ته هڪ گنديءَ (ٻهراڙي جاماڻهو اناج رکڻ لاءِ مٽيءَ مان هڪ وڏو ٿانو ٺاهيندا آهن) وانگر يا تيل جي خالي ڊم وانگر اهڙي نموني بنجي وڃي، جيئن پاڻيءَ جو پائيپ پاسيرو رکيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. شڪار وقت ماري، ڪپڙي واري ڇٽي منهن آڏو ڏيئي تترن جي ڳولا شروع ڪندو آهي. سڄو ڪپڙي جي ڇٽيءَ اندر لڪل رهندو آهي. فقط گوڏي کان هيٺ ڄنگهون ظاهر ڏسڻ ۾ اينديون آهنس ۽ شڪاري ڇٽيءَ وارن سوراخن مان سڀڪجهه ڏسندو رهندو آهي، جيئن برقعي پاتل عورت ڏسي سگهندي آهي. جڏهن تتر اهڙي ڇٽي ڍڪيل ماڻهوءَ کي ڏسندا آهن، تڏهن ڊڄڻ ڀڄڻ جي بجاءِ حيرت سان ان ڏانهن بيٺا ڏسندا آهن. ڪي ڪي ته انهيءَ ماڻهوءَ جي سامهون ڊوڙي ايندا آهن ۽ سندن وچ ۾ ست_ اٺ گز مفاصلو باقي هوندو آهي. ان بعد پنهنجي منهن بيخوفاڻي سان پيا چڳندا ۽ گهمندا ۽ مٽيءَ ۾ لٽيندا وتندا آهن، ۽ مٿن خوف جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي. ان بعد شڪاري ڪو وزنائتو گهٽ ڏسي اهو رڇ جنهن کي گودر چئبو آهي، سو ڊگهو ڪري اڏي ڇڏيندو آهي ۽ سندس پاسا ٽارين بند ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ ڦري تترن جي پٺئين پاسي کان اچي کين رڇ جي طرف ڪاهڻ شروع ڪندو ۽ کين آهستي آهستي اهڙيءَ طرح ڪاهيندو ويندو آهي، جيئن پاسي ڀڄي نه وڃن، پر سڌو گودر ڏانهن هليا وڃن. کين اهڙي نموني آخري قطار ۾ آڻبو آهي، جهڙي نموني ڍور چرڻ لاءِ وڃڻ وقت سڌو گس (پيچرو ) وٺي هلندا آهن، پوءِ جڏهن گودر اندر لنگهڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن کين تيز ڪبو آهي، جيئن سمورا جلدائيءَ سان اندر هليا وڃن، پر جيڪڏهن ڪجهه ڍرائي ڪئي ويئي ۽ پهريون تترگودر اندر ڇيڙي تائين پهچي ويو ۽ پريان رڇ کي بند ڏسڻ تي هڪدم تيزيءَ سان واپس هٽندو ۽ ٻين کي به اڳتي وڌڻ کان روڪيندو، جنهن سبب سمورا تتر واپس دروازي مان نڪري اڏامي هليا ويندا. تنهنڪري هن شڪار لاءِ وڏي ڄاڻپ ۽ جلدائيءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ مشڪلات وارو ۽ ڏکيو شڪار آهي. شڪار وقت جڏهن سمورا تتر گودر اندر هليا ويندا آهن، ۽ ڏسبو آهي ته تتر واپس ورڻ وارا آهن ته ان وقت شڪاري جُتي ڦِٽي ڪري گودر طرف تڪڙ�� ڊوڙندو آهي، جنهن ڪري جيڪي تتر گودر کان ٻاهر هوندا آهن، سي اڏامي ويندا آهن، باقي اندرين کي روڪي وٺندو آهي، ۽ يڪدم گودر اندر هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ۽ ڦٿڪڻ شروع ڪندا آهن، جن کي شڪاري هڪ- هڪ ڪري جهلي گودر مان ڪڍي ڇٻيءَ يا ٽوڪريءَ ۾“ جيڪا پاڻ سان شڪار رکڻ لاءِ رکبي آهي، ان ۾ وجهندو ايندو آهي. سمورن تترن ڪڍڻ بعد گودر کي ويڙهي رکندو آهي ۽ ڇٻي پٺن سان ٻڌي ڀڳوءَ واري ڇٽي هٿ ۾ کڻي منهن سامهون ڏيئي وري ٻين تترن جي تلاش ۾ نڪرندو آهي، ۽ انهن کي هٿ ڪري ساڳئي نموني سان ڦاسائيندو آهي. اهڙي نموني روزانو ڪڏهن گهڻا ڪڏهن ٿورا تتر هٿ ڪندو آهي. ڪڏهن پنجويهه- ٽيهه تتر به جهليندو آهي ته ڪڏهن صفا خالي به رهندو. هي شڪار صبح جي وقت يا شام جو ڪري سگهبو آهي، جڏهن تتر چوڳ تي نڪرندا آهن، ۽ ظاهر ڏسي سگهبا آهن، مگر ٻنپهرن وقت شڪار نه ٿيندو آهي، ڇو ته ان وقت تتر آرام لاءِ وڻن ۾ لڪل هوندا آهن. هيءَ شڪار جيتريقدر فائديمند آهي اوترو نقصان ڪار به آهي، ڇوته شڪاريءَ جي منهن آڏو ڪپڙو آيل هوندو آهي فقط اکين وارن سوراخن سان ڏسي سگهندو آهي، سا به پري پري نظر ڪري سگهندو آهي، ان کان سواءِ سندس خيال سڄو تترن طرف هوندو آهي ۽ کيس پنهنجي اڳيان واريءَ ويجهيءَ سر زمين جو ڪوبه سڌو سماءُ نه هوندو آهي، جنهنڪري ڪٿي کڏن کوٻن ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندو آهي، وڻن جي سڪل کتين سان ٽڪرائجي ويندو آهي، جنهن مان کيس جاني نقصان پهچندو آهي ۽ بعضي ڪنهن عضوي کي ضرب اچي ويندي اٿس، ان کان سواءِ ڪنهن وقت ٻِرَ تي ويٺل يا پاٿاريل بلا سان سندس ٽڪر ٿيندو آهي، جنهن کان ڏنگجي حياتي وڃائڻي پوندي اٿس. + + +تترن جي شڪار جا مکيه هنڌ: +ڪارا تتر پوٺن تي گهٽ ۽ ڍنڍن يا گهاٽين هُڙين ۽ ٻيلن وارن هنڌن تي گهڻا هوندا آهن ۽ ان جي بر عڪس ڀورا تتر وري پوٺي ۽ خشڪ جهنگل واريءَ ايراضيءَ کي پسند ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ بدين تعلقي جا ڏکڻ وارا حصا، سيراڻي، ٻهڊمي، ڪڍڻ، لواري، نندو شهر ۽ ٽنڊي باگي تعلقي جا انهن ڳوٺن ۽ حصن کي ويجهڙائيءَ وارا علائقا تترن جي شڪارلاءِ موزون هوندا هئا. خاص طرح ڪڍڻ شهر جي اردگرد وارو خطو سڀني کان وڌيڪ هو، ڇوته هن جي ڀر ۾ وڏا ٻوٽا، وسيع جهنگل ۽ هُڙيون هونديون هيون، ان کان سواءِ کير ٿر، سيراب ۽ پير جو ڍورو، ولهاري، بڙجو ڍورو، واريءَ جون ڀٽون ۽ سرسبز ميدان چرانڊ وارو تلاءُ ٻيا اهڙا قدرتي نظارا گهڻا هئا، جنهن ڪري اتي تترن جو ايڏو وسيع انداز موجود هو، جو سارو ڏينهن چپي چپي تي تترن جون تنوارون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، پر ڪن هنڌن تي، پوڃاڻيءَ ۾ به تتر وڏي زور سان ٻوليندا رهندا هئا. ٿرپارڪر ضلعي جو پراڻ وارو حصو ته تترن جي خاص آماجگاهه هو، جتي ٻارهن ئي مهينا شڪاري شڪار ڪندا رهندا هئا ته به کوٽ ڪانه هوندي هئي، بدقسمتيءَ سان محمد ايوب خان پنهنجي دوُر ۾ هن شڪار تي اهڙيءَ طرح بندش نازل ڪئي. جو غريبن لاءِ شڪار جا دروازا بند ڪري، اميرن جي موجن وٺڻ جو انتظام ڪيو ويو ته رب پاڪ جي قدرت غيض وغضب ۾ اچي، سال1963ع ۾ 1964ع واري طوفي برسات نازل ڪئي، جنهن جي سخت شدت سبب گهڻي انداز ۾ تتر مري ويا باقي رهيل تترن کي. 1970ع واري برسات، جا لاڳيتو ٽي- چار روز هلي، تنهن پورو ڪري ڇڏيو. آئي پائي جيڪي ڪي چند داڻا بچيا هئا اهي وڏن ماڻهن ۽ ڪامورن جي شڪارين ماري ختم ڪري ڇڏيا. جن شڪارين کان گيم وارڊن وارا منٿليون وٺندا رهندا هئا ۽ جن ملڪ جي ستياناس ڪري ڇڏي. اهڙا شڪاري هاڻ ٿر ضلعي جي ڏيپلي تعلقي اندر وڃي شڪار ڪري، تتر جهلي ايندا آهن ۽ وڏن سرمائيدارن کي ڏيندا آه��، جن جي طفيل کين شڪار عام آزادي هوندي آهي. اهي شاهوڪار ماڻهو کوکن جي ڄاري، لوهه لڳل پڃرن ۾ اهڙا پڪڙيل تتر بند ڪري رکندا آهن ۽ ضرورت پاڻ کائيندا آهن. باقي وچولن طبقن جي سفيد پوش ماڻهن کي ڪنهن بيماريءَ (اڌرنگ) وغيره جي علاج جي لاءِ به تترن جو ملڻ دشوار هوندو آهي. گهڻين منٿن ۽ زور بار بعد کين هڪ – ٻه تتر وڏي انتظار بعد ملندا آهن، جنهن جي قيمت ڪارو تتر ڪم از ڪم ٽي رپيا ۽ ڀورو تتر ٻه رپيا ننگ ادا ڪرڻو پوندو آهي، باقي غريب ماڻهو تتر کائي، اها ناشدني آهي. رڳو تتر جو نالو وٺڻ به غريب لاءِ گناهه برابر آهي. لاڙ خطي ۾ لکين ڪروڙين تعداد ۾ تتر هوندا هئا، اتي هينئر ڀوري تتر جي ته ٻولي ڪٿي اتفاق سان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي نه ته اصل خير لڳو پيو آهي. البت ڪاري تتر جي ڪڏهن ڪڏهن ٻولي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته ڀورو تتر ولر ڪري رهندو آهي، جنهن ڪري ماري هنن کي پڪڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪارو تتر لڳ وقت شڪار ڪري نه سگهبو آهي، هو لڳ کان پوءِ ويڙهه لاءِ اڪيلو ايندو آهي، جنهن کي شڪاري ڦاسائيندا آهن، مگر انهن جو ماديون سلامت رهنديون آهن ۽ اتي ئي آرام ڪري ٻچا ڦوڙينديون آهن، جن مان جيڪي نر پيدا ٿيندا آهن، اهي جوان ٿي ٻوليندا آهن ۽ نئين سر لڳ ڪري پنهنجو نسل باقي پويان ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ شڪارين جي ڦندي ۾ اچي موت جي حوالي ٿي ويندا آهن، سندن جوانيءَ جي مؤج فقط چند مهينا هوندي آهي. شڪار تي بندش پوڻ کان اڳ اتي ڏهن سالن وارا کڙپيل يعني پوڙها تتر عام جام هوندا هئا. مگر هن وقت اهڙو حال آهي جو رهي نام الله جو. +(2) +هرڻن جو شڪار +الله تبارڪ و تعاليٰ جي قدرت تان قربان وڃان. ٿر جهڙي ريگستان ۾ اهي اُهي دلڪشيون ۽ دلربائيون پيدا ڪيون اٿس، جن جو هڪ هڪ ڪري بيان ڪجي ته هزار ها صفحن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب ٺهي پوي. ٿر جا نظارا هڪ هڪ منهنجي ذهن ۽ اکين اڳيان آهن. نه وسريا اٿم نه وسرندا. سال 1935ع کان سال 1950ع (لڳاتار) تائين پندرهن سال ٿر سان واسطو رهيو اٿم ۽ ان جي ڀٽ ڀٽ ۽ ڳوٺ ڳوٺ ڏٺو اٿم. ان جون نسون، ترايون، مڙها، ڏهر، تڙ، ويريون هڪ هڪ ڪري عبرت جون اکيون کولي ڏٺيون ۽ جاچيون اٿم. ٿر جو ڪلو (ڪنٺو) مهراڻو، ڍٽ، پارڪر ڇاڇرائي، سامروٽي سڀ منهنجي دل تي اُڪريل آهن. وسڪاري جا وقت ۽ اُوسر جا زمانا به ڏٺا اٿم. ٿر جا گس، گاهه، مال جو مستانه وار، هونگارون ۽ هڪلون ڪنن سان ٻڌيون اٿم، جن جا آواز اڃا منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن. مارن جا جهوپا، جهوپڙيون، لانڍيون، چوڪيون ۽ چؤنرا دماغ ۾ هر وقت ڦرندارهن ٿا. لکڻ ويٺو آهيان ته دل ڀرجي اچي ٿي. اکيون پاڻيءَ سان پرنم ٿي وڃن ٿيون، ڀانيان ته اڏامي وڃي ٿر جي ڀٽن کي پوسان، مگر ڪاش يا ته آءُ اهو هوس، اهو سخت جان عرساڻي هوس جو ڏهه ڪلاڪ اُٺ جي پٺيءَ تي سواري ڪندو هوس، ۽ روزانه چوويهه ميل اُٺ جي سواري منهنجو معمول هئي ۽ اڄ جسماني صعف هن منزل تي پهچايو آهي. جو گهر جي چاڙهيءَ جي چند ڏاڪن چڙهڻ سان به وٺيو سهڪ وٺيو وڃي. نظر موڪلائي ويئي آهي ۽ پڙهڻ کان عاجز ٿي چڪو آهيان. رب العزت مون کي صالح اولاد ۽ رزق وافر سان نوازيو آهي. ڪنهن جو محتاج نه ڪيو اٿس. البته صحت جي گرانبها چيز کان نرهه آهيان. ڄمار 67 سالن کي پهچي چڪي آهي ۽ بزرگن جي دعا ماري رکيوآهي! +مصيبت اور طول زندگاني- بزرگون ڪي دعا ني مارڊالا. +مٿان چند لفظ جذبات جي وهه ۾ وهي لکي ويٺو آهيان، ورنه اهو لکڻ مقصود نه هو. مقصد هو هرڻ جي شڪار بابت، ناظرين ڪرام کي ڪجهه معلومات ڏيڻ. قادر ڪارساز جي قدرت اپار آهي. ٿر جي بيابان ۾ سهڻي ۾ سهڻو پ��ي ۽ سهڻي ۾ سهڻو جانور بڪثرت پيدا ڪيو اٿس. يعني هرڻ ۽ مور. ٿر وڃڻ بعد انهن جا ولر ٿر جي ريگستان ۾ ڏسي حيرت وٺي ويئي: ٿر جا باغ ته کٻڙ، ڪنڊا ۽ ڪونڀٽ، ٽوهه ۽ ڪانڪهه هوندا هئا. مون پنهنجي ”سير ريگستان“ ۾ ان بابت ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري هن مضمون ۾ ان لاءِ گنجائش نه آهي. ورنه طوالت جو باعث ٿيندو ۽ مان هر ڳالهه کي مختصر ڪرڻ گهران ٿو. +هرڻ جي شڪاري بابت هيٺ ذڪر ڪيل معلومات مون کي پنهنجي محترم دوست مسٽر محمد قاسم صاحب ميمڻ ساڪن ڏيپلي جي صحبت مان نصيب ٿي. هيءُ منهنجو پيارو دوست اول ته ڏيپلي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ پنهنجي لياقت ۽ قابليت جي طفيل اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ مون سان ڏيپلي تعلقي جي گشت ۾ اڪثر اسڪولن جي امتحانن لاءِ همسفر هوندو هو. سندس حسين چهري ۽ ان سان گڏ سهڻي سيرت منهنجي دل ۾ سندس لاءِ برادرانه شفقت ۽ محبت واري جاءِ پيدا ڪري ورتي هئي. سندس کلڻ ڳالهائڻ دلپذير هوندو هو ۽ رعبدار شخصيت هوندي به نياز ۽ نمرتا منجهس مدرجهء اثم موجود هئي. جوبه ساڻس هڪ دفعو ڪچهري ڪندو هو، ان کي پنهنجي محبوبا نه گڻن سان موهي وجهندو هو. مان کيس ڪڏهن به زيردست نه سمجهيو، مگر هن کي عزيز ڀاءُ ڄاڻندو هوس. هينئر هن صاحب به رٽائر ڪيو آهي. سندس طبع مون وانگر ئي عليل رهي ٿي. دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ سندس عيال ۾ برڪت وجهي ۽ کيس صحت سالم عطا فرمائي. آمين. +شڪار ڪرڻ: +هرڻ ڪنهن نه ڏٺو هوندو! هيءُ جانور ٻاڪري مال جي دفعي مان اوڳاريندڙ جهنگلي پُسون آهي. سندس قد رنگ، شڪل، شباهت، ٻڪرين وانگر جدا جدا طبعي ڀاڱن مطابق ٿيندي آهي. بَريون ٻڪريون اڪثر هرڻين جهڙيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. جابلو ڀاڱي ۾ سرهه ۽ گڊ، ميداني ڀاڱي ۾ ڦاڙهو، ڪاريهر ۽ سامبر، رڻ پٽن ۾ پوڄانت ۽ کرکو، ٿر ۾ ڪرڙيو، سڀ هرڻن جا قسم آهن. پر ٿر جي هرڻ جي سونهن سڀ کان وڌيڪ آهي. سدا واکاڻ جڳائي، جنهن چوپاين جانورن ۾ هن هلڪڙي، جيتامڙي پسونءَ کي جا سونهن بخشي آهي. تنهن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي؟ هڪوار ڏسڻ سان ئي من موهجيو وڃي. ڀانءِ ته سدا پيو ڏسانس. سندس هر عضوو سونهن جو سرچشمو ڏسڻ ۾ ايندو. هلڪڙو جسم، هلڪو ريحائون پيٽ، هلڪو ڀورو ڳاڙهو رنگ، ڊگها سنها سنها سڱ، نهايت سهڻو مهانڊو، ننڍا ڪن، وڏيون گول ڪاريون ۽ نهايت حسين اکيون، جنهن تان شاعرن عوت جي سهڻين اکين کي ”مرگهه نيڻ“ سڏيو آهي. هرڻ کي مرگهه ۽ آهو به سڏيو ويندو آهي. هَنسي ڳچي، ننڍڙو پڇ، سنها ننڍڙا هلڪڙا مخملي وار، نهايت ڊگهيون مضبوط کڙيون ۽ تڙيون ۽ چست ڄنگهون، ننڍا کُرَ ۽ بلڪل چست بدن، ڪنن جو سرلو، ڇال تي ڇال هڻندو ايئن ڀڄندو آهي، ڄڻ ته زمين تي پير رکيئي ڪو نه ٿو، اک چنڀ ۾ هوا سان ڳالهيون ڪندو نظر کان الوپ ٿيو وڃي. +انگريزن جي زماني ۾ مشڪل سان ڪنهن امير کي بندوق جو پروانو هوندو هو، تنهن ڪري هرڻن جو شڪار به نالي ماتر ٿيندو هو. برسات جي بوندا باري ۽ سانوڻ ۾ ٿر ۾ چپي چپي تي هڪ، ٻه، پنج، ڏهه، پندرنهن هرڻن جا ٽولا جهنگل ۾ ڇيڪ سائو گاهه چرندا ڏسبا هئا ۽ دل کي راحت ۽ اکين کي سرور بخشيندا هئا. هرڻ، ٿر جي بي بها سونهن هو، هر ڳوٺڙي جي پريان سوين هزارين مور پکين جي چونگار پيئي پوندي هئي، ڄڻ ته بهشت آهي. انهن جي سونهن ڳوٺاڻن خواهه سياحن جي دل بهلائڻ لاءِ پنهنجو مثال پاڻ هئي، نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ٿيڻ بعد بچاءَ جي بندوق جي پرواني عام ٿيڻ سان هرڻ ۽ مور بندوقن چونڊي ڇڏيا ۽ ٿر جي سونهن هلي ويئي، وري به جيڪڏهن هرڻن ۽ مورن جي شڪار تي ڪا سخت بندش پوي ته ساڳي سونهن ٿر کي موٽي ملي. +هاڻي اچون ٿا ته شڪار تي، مروان موت ملوڪان شڪار، شڪار جو حرص، خبط، چوس ۽ شوق انسان کي نهايت بيدرد بنايو ڇڏي ۽ شڪار جو مرض به اهڙي بري بلا آهي، جهڙو نشو، جو نيٺ شڪارين کي علتي ۽ عادتي بنايو ڇڏي، شڪار هٿ آين ته ايڏي خوشي ٿيندين ڄڻ ته جاگير نصيب ٿين. شڪار پٺيان اُڃ، بک، ڏک ۽ ٿڪ جي پرواه ئي نه ڪندا آهن. دستور آهي ته جهڙو ملڪ جو طبعي ڀاڱو، تهڙي نموني شڪار جو حربو، جبل ۾ گهاٽ گهيڙ ۽ کڏڻا ٺاهي، لِڪَ ڪري هرڻن جو شڪار ڪن. پر ٿر ۾ شڪار جا ڪيترائي نمونا بنايا ويا آهن. +1- پيري کڻڻ سان شڪار: ٿر جو پٽ وارياسو آهي، جنهن ۾ پيرن جو نشان هميشه چِٽو پڌرو ٿئي ٿو. ماڻهو اڪثر چوپايو مال چاريندڙ آهن ۽ گم ٿيل مال جو پيرو کڻي وڃي جانور هٿ ڪندا آهن ان ڪم ۾ اڪثر هرڪو ماهر آهي. ٿر جا پکي مشهور آهن، جن تي هڪ جدا مضمون جي ضرورت ٿيندي. شڪاريءَ کي جهنگ گهمندي هرڻ جو تازو پيرو نظر آيو ته هرڻ کي ڳولڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو. وڻن جي اوٽ ۾ لِڪندو، گوڏن ۽ ٺونٺين ڀر گسڪندو، هرڻ جي نظر کان بچندي وڃي نشان جيتري فاصلي تان فائر ڪندو. هرڻ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ويهڻ جي پاٿاري، وارياسي پڌر تي ڪندا آهن، جا شڪاري اڳواٽ جانچي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ پير کڻي وڃي اتي پهچندا آهن. هن طريقي کي پيرو کڻي شڪار ڪرڻ سڏيو ويندو آهي. +2- گرگ جو شڪار: گرگ جي شڪار جا شڪاري ڇا ڪندا آهن جو هڪ ٻيلهانگي يا ٻيڙنگي ڪاُٺي هٿ ۾ کڻندا آهن، جنهن کي اُٺ جي ناڪيلي ڀرسان جهليندا آهن ۽ ناڪيلي واري اُٺ جي مهار ان ۾ ويڙهي ڇڏيندا آهن، تان ته اُٺ کي پنهنجي مرضيءَ موجب جنهن طرف يا جنهن ڏس ۾ کيس ورائو پوي ته کيس موڙي سگهجي ۽ پوءِ شڪاري اُٺ ۾ لِڪَ ڪندا هلندا آهن. اهڙي اُٺ کي گرگ چوندا آهن. هرڻ ويچارو انسان کان ته ڪوهين وري ڀڄي ويندو آهي، پر ٻئي چوپائي مال کان هرگز نه ٽهندو آهي. تنهنڪري شڪاري جتي هرڻ ڏسڻ ته اُٺ کي گرگ بنائي پاڻ هرڻ جي مخالفت سمت، اُٺ ۾ لِڪَ ڪري ساڻس قدم ملائيندا پاڻ لِڪَ ڪندا هرڻ جي نظر کان بچندا رهندا آهن. ويچارڙو ڀورڙو هرڻ اُٺ کي اڪيلو سمجهي چرڻ ۾ مشغول رهندو آهي. اوچتو اُٺ جي پوين ڄنگهن سان قدم ملائڻ وارو توبچي غريب هرڻ کي گوليءَ جو نشانو ڪري ڇڏيندو. ازانسواءِ اُٺ جي مٿان به ٽپڙڻ ۾ ويڙهجي سمهي شڪار ڪندا آهن. هن طريقي کي گرگ جو شڪار ڪوٺيو ويندو آهي. اُٺ اوڳو جانور آهي ۽ بندوق جي ٺڪاءُ تي هرگز نه ٽهندو آهي. فقط ڪن کَڙا هڪري هيڏي هوڏي نهاريندو رهندو آهي. +3. اوچتو شڪار: اوچتو هرڻ ڏسڻ ۾ اچي ۽ هرڻ به ماڻهوءَ کي ڏسي وجهي ته جهٽ ڇلانگ ماري وٺي ڀڄندو آهي ۽ نظر کان غائب ٿي ويندو آهي. پر هيءُ جانور تمام ڀورڙو آهي ۽ هڪ ٽپ ٽپي يا سڏ پنڌ ڊوڙي پوئتي ڏسندو ته ماڻهو نظر ڪو نه ٿو اچي ته ڳالهه وساري چرڻ کي لڳي ويندو آهي. شڪاري به هرڻ جي نظر بچائي لڪندو ڇپندو اچي پهچندس ۽ ويچاري کي فائر جو نشانو بنائيندو آهي. چون ٿا ته هرڻ کي ڀڄي وڃڻ بعد اها پوئتي ڏسڻ جي عادت نه هجي ته پوءِ کيس ڪڏهن به ڪو شڪاري هوند نشانو بنائي نه سگهي. +4. رڻ ۽ ٿر جي گس جو شڪار: جتي ٿر ۽ رڻ پاڻ ۾ اچي ملن ٿا، اتان جا هرڻ صبح ساجهر ماڻهن جي خوف کان يا پنهجي روزانه معمول موجب رڻ ۾ هليا ويند آهن. سڄو ڏينهن رڻ جي سڌي ۽ بنان وڻڪار ٻُٽي ميدان تي پَن ٻوٽا چوندا وتندا آهن. سج لٿي مهل درنده جانورن کان يا سيءَ کان بچاءَ خاطر يا ٻچا ڄڻڻ خاطر ۽ انهن جي سلامتيءَ واسطي رات جو ٿر جي ڀٽن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پنهنجي رهائش واري جاءِ يعني پوکارئي، پٽن جي ڏرڙن، غارن ۽ وڻن جي جهڳٽن �� وڃيو آرام ڪن جي جايون سندن لاءِ هميشه جو پوکاريو آستانو يا گهر هونديون آهن +شڪاري رڻ ڏانهن لهندڙ گس، گهيڙ ۽ گهاٽ وڃي جاچيندا آهن، جتان کين هرڻن جا پيرا رڻ ڏانهن ويندڙ نظر ايندا آهن. جڏهن خاطري ٿيندين ته سج لٿي مهل رڻ مان هرڻ واپس موٽندا ۽ انهن لنگهن تان لانگهائو ٿيندا ته پوءِ اهڙن لانگهن تي يا سج لٿي يا صبح جو ڀنڀرڪي ۾ زمين تي کڏون يا کڏڻا يا مورچا بنائي يا وڻن ۾ لِڪي وڃي ويهندا آهن يا پيٽ ڀر سمهي پوندا آهن. اڃا ويچارا هرڻ ويجها اچن ته گوليءَ جو نشانو ٿيو وڃن. هڪڙو ڪِريو ته ويچارا ٻيا ڀورڙا هرڻ منجهي پوندا آهن. ڪجهه ڊپ به ٿيندن ۽ ٽاهه به کائيندا ۽ ڪِري پيل هرڻ جي دانهن تي ڏانهس همدرديءَ مان موٽي ايندا؛ جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو ٻه_ ٽي ٻيا به اجل جو شڪار ٿيندا، ان بعد هراسجي ڀڄي ويندا آهن. +5. جيپ سان شڪار: اڄڪلهه اميرن ۽ آفيسرن جو شڪار جيپ جي ذريعي ٿيندو آهي. رڻ جي سڌي ميدان ۾ هرڻن پٺيان تيز جيپ کڻي ڇڏيندا آهن ۽ نيٺ ويچارو ساهه وارو جانور ٿڪجيو پوي ۽ جيپ ويجهو پهچيو وڃي ۽ هرڻن تي گولين جو وسڪارو لايو ڏين. هرڻن جي ڇالن جو نظارو هن شڪار ۾ عجيب منظر لائي ڇڏيندو آهي. هرڻ ويچارا ايڏا ته وڏا ڇال ماريندا آهن جو انگشت بدندان اچي ويندي آهي. هرڻن جي اها ڊوڙ فقط ان ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿي جو هيءُ جانور پاڻي نه پيئندو آهي، سو به جڏهن وسڪارو ٿئي ۽ ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن تڏهن رات جو لِڪي لِڪي تراين جي تَڙن تي ايندو آهي نه ته ٻيو ٿيو خير، پاڻي نه پيئڻ ڪري ئي هيءُ جانور ايترو ڊوڙي ۽ ڇال ڏيئي سگهي ٿو. پاڻي پيئندڙ جانور ائين ڪري نه سگهندو ۽ جلد ٿڪجي ڪِري پوندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي پيٽ سان (حامله) هرڻيون ويچاريون هن ظلم جو شڪار ٿينديون آهن. انهن کي جڏهن پيٽ ۾ پيل ٻچي سوڌي گولي لڳندي آهي، تڏهن جيڪا هوءَ ٻاڪار ڪندي آهي. ان جي ٻڌڻ سان هڪ انسان جا وار ئي ڪانڊارجي ويندا آهن، مگر ظالم شڪاري اها ٻاڪار ٻڌي ٽهڪڙي ۾ پئجي يوندا آهن. +هنن سڀني شڪارن جو مون معائنو ڪيو آهي. سال 1936ع ۾ مون به شڪار جو شوق دل ۾ ڌاري بندوق جو ليسن ورتو هو. مگر پهريون ئي دفعو جڏهن رڻ جوشڪار ڏٺم ته توبهه تائب ٿي ويس ۽ بندوق فقط لٺ وانگر سانڍيو رکيو ويٺو هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ڏيپلي جو ستارو ميمڻ مون کان بندوق گهرندو هو، جنهن کي ڪارتوس به ڏيندو هوس ۽ هو شڪار ڪري ايندو هو. ورنه ڏيپلي ۾ هرڻ جو پنڊو هڪ_ ٻن رپين ۾ ملي ويندو هو، ۽ پچارائي کائيندو هوس. ستارو ميمڻ هڪ هوشيار پيرڙيو شڪاري هو ۽ عام طرح آفيسر آفيسر کيس پنهنجي بندوق ۽ ڪارتوس ڏيندا هئا ته هو ڍَڪيءَ جو سوير ويندو هو ۽ شام جو وڏي سج ضرور ڪونه ڪو هرڻ شڪار ڪري ايندو هو، هرڻن ويچارن جا سهڻا سڱ مُنهن جي هڏن سوڌا اميرن جي بنگلن جي ديوارين جي آرائش هڪ طرف ٿيندا ته ٻئي طرف هرڻ جي کلن مان نرم بوٽ، نماز جا مصليٰ، فراسيون، نتون (فطعون) ۽ زير گاديون ٺاهيون وينديون هيون. +هن کان اڳ سنڌ جي جانورن ۽ پکين جي شڪار تي مضامين لکيا اٿم. دل چوي ٿي ته ڦاڙهن، تلورن ۽ گوڙامڻن، سهن ۽ سيهڙن جي شڪار بابت لکان، جي شڪار اکئين ڏٺا اٿم. انهن کان سواءِ شينهن جي شڪار ۽ هاٿين جي ڦاسائڻ بابت جيڪي حقيقتون مرحوم عثمان علي انصاريءَ جي زباني ٻڌيون اٿم، انهن کي قلمبند ڪرڻ سان به منهنجي نظر ۾ ناظرين ڪرام کي ڪافي معلوم حاصل ٿيندي. _ وما توفيق الابالله. + + +(3) +بربلن يا بلبلين جو شڪار +سيارو منهن ڪڍندو هو ته بربلن جي ڦاسائڻ جا سانباها شروع ٿيندا هئا. منهنجي ڳوٺ هالن نَون ۾ ته هي آزار ڏاڍو زور هوندو هو. بربلن ڦاسائڻ وارا ڪوڙڪا ٺاهڻ کي لڳي ويندا هئا، جي بربلن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ هئا، پراڻيون ڌوپ ڇٽيون وڪامڻ لڳنديون هيون، ڇو ته انهن جون لوهي تارون ڪوڙڪن ۾ ڪتب اينديون هيون. ٺهيل ڪوڙڪا هڪ طرف وڪامندا هئا، ته ٻئي طرف ننڍي ٽهيءَ وارا نوجوان ڇوڪرا پڻ پنهنجي شوق پوري ڪرڻ لاءِ خود ڪوڙڪا ٺاهيندا هئا. وٺ وٺان ٿي ويندي هئي. اسان جي ٻني ته بربلن ڦاسائڻ لاءِ ڄڻ هڪ شڪار گاهه هئي. ان جو سبب اهو هو جو ٻنيءَ جي هڪ طرف ويءُ هوندي هئي، جنهن ۾ بربلن جي پيئڻ لاءِ شفاف پاڻي موجود هوندو هو، ته ٻئي پاسي کان ڊپٽيءَ جو باغ هوندو هو، جنهن جا ميوا سندن لذيذ کاڄ هو، ٽئين طرف وري کٻڙين، ڄارين ۽ ڪرڙن جا وڻ هئا جن ۾ مَڪ، پيرون، پُسي ۽ پڪا ڪثرت سان پيدا ٿيندا هئا، جن جون بربلون عاشق هونديون هيون. اهو عشق کين گرفتاري لاءِ اتي ڪٿان جو ڪٿان آڻي ڪڍندو هو. چوٿين طرف هُڙي جا گهاٽا وڻ به سندن ٽيڪڙو ٽيڪڙو جي خوشنو آواز سان گونججي ويندا هئا، باقي وچ وارو ميدان اسان جي ٻني جو هڪ آئٺو هوندو هو، جنهن ۾ بربلن جا ظالم شڪاري ڍنگهر سَٿي اچي ٽَپَ ٺاهيندا هئا. چپي چپي تي هڪ ٽپ ٺاهيو ويندو هو ۽ ڍنگهر سٿي بربلن جي ڦاسائڻ لاءِ اڏا تيار ڪيا ويندا هئا. +ڪوڙڪيءَ ٺاهڻ لاءِ هڪ لئي جي ڪاٺي ۽ هڪ ڌوپ ڇٽيءَ جي تار ضروري هوندي هئي. ڪاٺيءَ ۾ هڪ ٽُنگ مٿان ۽ هڪ هيٺان ڪڍڻو پوندو هو ۽ تار کي ڪجهه قدر ڪمان وانگر ورائي ان ڪاٺي سان فٽ ڪيو ويندو هو. مٿئين پاسي هڪ زهه سان تار کي ڪاٺيءَ سان ملايو ويندو هو ۽ ٽُنگ جي ٻئي پاسي هڪ ننڍي ڪاٺي، جنهن کي مَکَ چيو ويندو هو، تنهن سان ملايو ويندو هو. هڪ، ٻي، ٽي انچ کن ننڍي ڪاٺي، جنهن کي آڪڙي چوندا هئا، ان جو هڪ پاسو ڪاٺيءَ جي مٿئين سوراخ ۾ اهڙي طرح وڌو ويندو هو، جو بربل جي ان آڪڙي تي ويهڻ سان آڪڙيءَ جو بربل جي بار سبب نڪري وڃڻ ۽ بربل ويچاريءَ جي بعضي هڪ ٽنگ ۽ بعضي ٻئي ٽنگون چَڀُ ڪوڙڪي جي زهه ۾ سُڪ ٿي وڃڻ جو عمل يڪدم ٿي ويندو هو. بربل ويچاري لڙڪي پوندي هئي ۽ جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻو ئي ڦٿڪندي هئي، مگر سڀ بيسود. +بربلن جا شڪاري ڇا ڪندا هئا جو شام جو وڃي ٽپن ۾ ڪوڙڪا مَنڊي ايندا هئا ۽ هر هڪ ٽپ تي هڪ ڌاريل بلبل مُلهي طور ويهاري ويندي هئي ۽ ڪوڙڪن جي آسپاس مَڪن ۽ پيرن جون ٽاريون مڪن ۽ پيرن سان جنجهيل پکيڙيون وينديون هيون. انساني دماغ عجيب آهي ۽ لالچ بري بلا آهي. سج اڀرئي کان اڳ ڪوڙڪائي وڃي ٽپن کي اک ۾ ڪري ويهندا هئا، سج اڀرڻ سان بربلن جا دُئار جڏهن هن ميدان جي مٿان لنگهندا هئا، تڏهن مُلهي طور ويٺل بربلون پنهنجي وڳر کي ڏسي پرت مان پڪارينديون هيون، مُلهيا ته ويچارا پيٽيءَ سان ٻڌل هوندا هئا، جنهن ڪري اُڏامي ان دُئار سان ملي ڪين سگهندا هئا، تنهنڪري هنن جا سڪ جا سڏ ڪندا هئا. هيءُ پيارا پکيئڙا پنهنجي هم جنس جو آواز اونائي، مڪ، پيرون، پُسي ۽ پڪا جام ڏسي ڀڙڪا کائيندا، ٽپن تي لهي ايندا هئا، جتي سندن ڦاسيءَ جو سامان موجود هوندو هو، صرف سندن هيٺ لهڻ جي دير هوندي هئي. بربلن ويچارن جي سڄي دُئار جو دُئار ڪي ڪنهن ٽپ تي، ته ڪي ڪنهن ٽپ تي قدم رکنديون هيون ۽ جيئن ڀائينديون هيون ته آڪڙيءَ تي ويهي مزي سان مڪ کائين، آڪڙي، جا اهڙِي اٽڪل سان رکي ويندي هئي جو فقط ڪک جي اشاري ئي ٿڙي وڃي، سا وڃي هيٺ پوندي هئي ۽ بربل جون ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾، مک وڃي ڪوڙڪي سان پڄندي هئي ۽ بربل ويچاري ٽنگن ڀر دام تزوير ۾ گرفتار ٿي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن بربلون سَوَن جي تعداد ۾ ڦاسي پونديون هيون. ڪن ننڍين بربلن جون ڪچڙيون ٽنگون ڀڄي به پونديون هيون، جو زهه ۾ ڏاڍو وَڪُ رکيل هوندو هو. شڪاري ويرم ئي ڪانه ڪندا ويندا هئا، ڊوڙندا ايندا هئا ۽ بربلن کي ڪوڙڪن مان ڪڍندا، پڃرن ۾ بند ڪندا ويندا هئا ۽ پڃرا گندي ۾ ويڙهي ڦٿڪندڙ بربلن کي کڻي شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ نازل ٿيندا هئا. بربلن جا گراهڪ هنن شڪارين جي انتظار ۾ هوندا هئا ته ڪڏهن ٿا پڃرا ڀرجي اچن. +بربلين جي قيمت به ڇا هوندي هئي؟ فقط ٽڪو يعني اڳواڻا ٻه پئسا. +بربلون مختلف قسمن جون هونديون هيون، مون کي هيٺيان قسم ياد اچن ٿا: +1 – ڪالرو 2 – سينڌرو 3 – کچائين ۽ 4 – ٿاريلي. +پهرين ٻن قسمن جي سڃاڻپ هيءَ هوندي هئي ته ڪالرو بلبلين کي مٿي تي سڀ کنڀ ڪارا هوندا هئا ۽ سينڌروکي سندس ڪاري مٿي ۾. +هڪ ڳاڙهو سنهو کنڀ هوندو هو. ڪالرو جلد هِري ويندي هئي، مگر سنڌرو هِرڻ ۾ دير لڳائيندي هئي، شڪل شباهت ۾ ٻيئي هڪجهڙيون هونديون هيون. البت وزن ۾ سينڌرو ڳري هوندي هئي، ڪي بربلن جا ڌاريندڙ سينڌرو بلبلن جا پڇ کوهي انهن کي لنڊو ڪندا هئا ۽ انهن کي سينڌرو جي بدران لنڊو سڏيو ويندو هو، لنڊو چپيءَ تي آسانيءَ سان ايندو هو ۽ وڏا چپا ڏيندو هو ۽ ڪالرو ايترو وڏن چپن تي ڪانه ايندي هئي، جيترن تي سينڌرو. هنن ٻنهي بربلن جو رنگ ۽ نمونو ساڳيو هوندو هو. فقط مٿي ۾ ڳاڙهي سنهي کنڀ مان سندن سڃاڻپ ٿيندي هئي، ڪالرو مادي هوندي هئي۽ سينڌرو نر هوندو هو. ٻنهي جي پڇ هيٺان پيلي رنگ جا نرم ۽ نفيس کنڀ هوندا هئا جن کي کِچا سڏيو ويندو هو. +ٽيون قسم کچکچائين بربل جو هوندو هو. جنهن ۾ فرق صرف اهو هوندو هو، جو مٿان ڪي زائد چٽڪمرا کنڀ هوندا هئس. جي گويا کمندا پيا هوندا هئا، هن بربل جي قيمت فقط هڪ آنو هوندي هئي، چوٿون قسم ٿاريلي بربل جو هوندو هو. هن بربل جو رنگ روپ، شڪل شباهت ۽ قدوقامت مختلف هوندي هئي. پهرين ٽن قسمن وارين جا ڳَلَ سفيد هوندا هئا، مگر ٿاريلي بربل جا ڳَلَ به مٿي وانگر ڪارا هوندا هئا. بدن ڀورو هئڻ جي بجاءِ تيرائون هوندو هوس ۽ کچا پيلي رنگ جي بجاءِ ڳاڙها هوندا هئس. هي بربلون تعداد ۾ گهٽ ڦاسنديون هيون، جنهن ڪري اقتصاديات جي اصول موجب قيمت به ٻيڻي هوندي هين، يعني ٻه آنا. گڙنگ شوقين هن بربل کي پسند ڪندا هئا، ڇو ته هيءَ وڌيڪ ويڙهو هوندي هئي، بربلن جا واپاري هر هڪ بربل کي پيٽي چيلهه ۾وجهي ڏيندا هئا، ۽ اها سندن قيمت ۾ داخل هئي، باقي ڏورو هر ڪو پنهنجو پاڻ وٺندو هو. پاٽلي به هن موسم جو فائدو وٺي ڏورا، قسمين قسمين ريشمي سڳن سان ۽ زريءَ جي تندن سان ٺاهي وڪري لاءِ رکندا هئا، سادا، اوچا، ريشمي، سوٽي ۽ زريدار. مطلب ته جيتري قيمت ڀري سگهي، سو اهڙي عمده ڏورو حاصل ڪري ٿاريلي بربل، بنسبت ٻين بربلن جي قد ۾ وڏي ۽ وزن ۾ گهڻي هوندي هئي، مگر ان هوندي به ڦڙت وڌيڪ هوندي هئي ۽ هِرڻ ۾ به دير ڪانه ڪندي هئي. +بربلن جي واپار مان چار ڌريون خوف ڪمائينديون هيون: هڪڙا شڪار، ٻيا ڪوڙڪا ٺاهيندڙ، ٽيان پاٽولي ۽ چوٿان پڃرن وارا. ڇو ته جيستائين بربلن هِري مِري ۽ هٿ تي ويهڻ جهڙي ٿئي ۽ ڪِليءَ تي ويهي سگهي، تيستائين پڃرو ضروري هوندو هو، جيئن ويچاري ٻلي يا ٻليءَ جو کاڄ نه ٿي وڃي. مروان موت ملوڪان شڪار، بربلن جي گرفتاريءَ مان ڪيترن جو روزگار ٿيندو هو. ان کان سواءِ بربلون ڌاريندڙ ۽ هيرائيندڙ به چڱو ڪمائيندا هئا. ڌاريل بلبل، جيڪا فقط چپن تي اچي سا اٺين اني وڪامندي هئي ۽ جا ڏوري ۽ پيٽيءَ سميت ڀت تي ڇڏي ڏجي ۽ اتان پيتي ڏيکارڻ ۽ سينڍ وڄائڻ سان موٽي چَپي تي هلي اچي سا رپئي ۾، ۽ اها بربلن جنهن ڏورو پيٽي ڪڍي ڇڏجي تڏهن به گهمي ڦري پنهنجي ڪليءَ تي موٽي اچي سا ڏيڍ رپئي وڪامندي هئي. +ڪي شوقين بربلن کي ويڙهائيندا هئا، جهڙيءَ طرح تترن ۽ ڪڪڙن کي ويڙهايو ويندو آهي. بربل کي اول وڙهڻ آرسيءَ تي سيکاريو ويندو آهي. آرسي اڳيان رکبي هئس ته ويچاري سمجهندي هئي ته اها ڪا ٻي بربل آهي ۽ ان کي خوب ٺونگا ۽ چنبا هڻندي هئي ۽ عجيب تماشو ڏسڻ ۾ ايندو هو. +بهرحال، ويچاري قيدياڻي بربل پهريائين ته پنهنجي آزاديءَ ۽ باغن جون بهارون ڇڏڻ تي گهڻو ئي تيسو ڪندي هئي، گيگ ڪندي هئي ۽ ڪڪڙين وانگر ڇار ڪندي هئي، نه کائيندي هئي نه پيئندي هئي، مگر آخر هي ڪار- مٿو ٻه – پيرو۽ اڀو جانور يعني انسان ڇا نٿو ڪري سگهي! بربلن کي لالچائي ڪيئن نه پنهنجو غلام ۽ اشاري تي هلڻ وارو پکي بنائي سگهي ٿو. رڌل لاهوري گجر، ڪتل، مٺايون ۽ ميوا وغيره ڀيٽيءَ طور کيس ڏيکاري، لالچائي، آخر کانئس چمن وسارائي ڇڏيندو هو. ٽوري گهڻي ڏينهن هوءَ کائڻ پيئڻ لڳندي هئي، پوءِ کيس ڪجهه وقت بک ڏيئي چپن تي آڻڻ لاءِ هڪ هٿ تي ويهاري ٻئي هٿ کي مٿي کڻي کيس ڀيتي ڏيکاربي هئي ته کاڌي لاءِ ويچاري ڀڙڪو ڏيئي چپي تي ايندي هئي. پهريائين ننڍا چپا آخر رفتي رفتي وڏا چپا ٿي ويندا هئا. +هتي چند لفظ آءُ پنهنجي متعلق به چوندس. مون کي ننڍي هوندي راندين سان گهڻي دلچسپي ڪانه هوندي هئي، پر بربل جي حسن تي دل مائل ٿي ويندي هئي ۽ بربل ڌارڻ جو شوق هوندو هوم. بيبلن ته مون کي مفت ۾ ملنديون هيون، جيتريون به دل چاهيم؛ ڇو ته اسان جي ٻنيءَ ۾ بربلن جو شڪار ٿيندو هو ۽ ڏن طور بربلون اسان کي مفت ۾ ملنديون هيون، پر شينهن وانگر ٻئي جي شڪار مان کائڻ مون لاءِ عيب هوندو هو. مون پاڻ چار ڪوڙڪا پنهنجا خريد ڪيا هئا ۽ آچر– آچر تي پاڻ وڃي ٽپن تي منڊي ايندو هوس. خوش قسمتيءَ سان بربلون ڦاسنديون هيون ته پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو سرهو ٿيندو هوس. ٻيون بربلون ٻين پاڙي وارن ٻارن کي مفت ڏيئي هڪ يا ٻه پاڻ ڌاريندو هوس، جنهن لاءِ مون کي گهڻيئي پٽ کو ۽ جفاڪشي ڪرڻي پوندي هئي.سينڍو وڄائڻ به بربلن لاءِ سکيس ۽ ڏاڍي سٺي وڄائيندو هوس. منهنجي کيسي جي خرچي سڄي بربلن جي قوت لاءِ وقف هوندي هئي. بربلن کي روز وهنجاريندو هوس. وات ۾ پاڻي وجهي ڦونگهارا هڻندو هوسانِ ۽ پوءِ انهن کي ڪِليءَ تي اس ۾ ويهاريندو هوس. +مگر جڏهن پَر سوئي، ڇنڊي، کچاکنڊيڙينديون هيون، تڏهن ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو هوس. پَرن سڪائڻ بعد هو ڏاڍيون سهڻيون ۽ خوش نما نظر اينديون هيون. رات جو ڳچ دير تائين ويهي کين اوجاڳو ڏيندو هوس ۽ چپن تي آڻڻ جي مشق ڪرائيندو هوس. +مطلب هن موسم ۾ سڄو شهر، جتي ڏسبو هو اُتي بربلون ئي بربلون نظر اينديون هيون. درزين جا دڪان ته بربلن سان ڀريا پيا هوندا هئا، هر هڪ ڪاريگر کي پنهنجي پنهنجي هڪ يا ٻه هريل بربل هوندي ئي هوندي هئي، جتان لنگهبو هو ته ٽيڪڙو ٽيڪڙو جو مٺو ۽ دلپذير آواز ڪنن کي خوشي پيو بخشيندو هو، هالا ۾ بربلن وڪڻڻ وارن جا نالا به مون کي ياد آهن، مگر خاص ماڻهو جنهن جو نالو سوڍو هو، تنهن وٽ گراهڪن جي ڀيڙ نظر ايندي هئي. ڇو ته هو پنهنجي بربلن جي تعريف ۾ اهڙا اهڙا ته جملا گهڙيندو هو جو سڀڪو سندس گراهڪ ٿي ويندو هو. بيشڪ سوڍو هن ڪم ۾ طاق هو. چيو اٿن ته ڪسبِ ڪمال ڪن ڪ عزيز جهان شوي“ ٻه_ اڍائي رپيا روز ڪمائيندو هو، هيءُ ان وقت جي لحاظ کان تمام سٺي ڪمائي هئي. +سوڍو، سوڍو هو. بربلون ڦاسائي ته سوڍو، وڪڻي ته سوڍو، هيرائي ته سوڍو. سندس منهن سينئرن سان چگهيل، پنبڙيون کٿل، ڪنن ۾ چانديءَ جون ڪيوٽيون يا مرڪيون، بدن تي صدري ۽ ڪاري ڪانچ هوندي هئس. ذات جو ويچارو ڪڃر هو، مگر پاڻ خاڪ شوريءَ جو پورهيو ڪري کائيندو هو، ڀٽائيءَ جو پڪو جمعائي هوندو هو ۽ جمي تي آوس راڳ ٻڌڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي ويندو هو. پڇبو هوس ته، ”سوڍا جمعو چڱو لڳو؟“ ته چوندو هو ته، ”سائين، هن جمعي تي بنهه فقيرن جي ڀرسان جاءِ ملي ويئي ۽ هڪ تڏو وڇائي، بي فرحتي، ٿي ويهي رهياسين. جڏهن بربلن جي موسم ختم ٿي ويندي هئي، تڏهن درزين جي دڪانن تي استريون تپائيندو هو، ٻيڙا ٺاهيندو هو۽ ڪوڪ ڪڍندو هو. جيڪڏهن ڪو کيس ’استاد سوڍا‘، ڪري سڏ ڪندو هو ته نهايت گد گد پيو ٿيندو هو. خدا کيس مرهه ڪري، گهڻو زمانو ٿيو جو گذاري ويو، هنجي وفات بعد هالا ۾ بربلن جو سارو ڌنڌو رونق ڇڏي ويو ۽ آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. هينئر هالا ۾ هيءُ شوق برائي نام آهي. مٺو آواز ۽ زيور حسن جيئن انسان جا دشمن آهن، تيئن سهڻن پکين لاءِ به جاني دشمن آهن. ڪنهن شاعر چيو آهي ته: +خوشنوائيءَ ته رکيو مون کي اسير صياد، +مون کان صدقي ۾ ڪسڻ وارو آ ڪڪڙ به چڱو. +(4) +پَلن جو شڪار +”مهراڻ“، اسان جي پياري سنڌ ملڪ تي جيڪي لامحدود عنايتون ۽ نوازشون ڪيون آهن، انهن مان پلو به هڪ وڏي غنيمت آهي. سنڏو درياءُ جي هيءَ عجيب غريب مڇي، فقط سٻاجهڙن سنڌين کي ئي نصيب آهي، باقي تمام دنيا هن نعمت کان محروم آهي. هن مڇيءَ جي ڪشش دنيا جي ڪيترن ئي حڪمرانن، فاتحن ۽ سياحن کي ڪشان ڪشان سنڌ جي سير ۽ سفر لاءِ آماده ڪيو ۽ پلي جي موسم ۾ سنڌ ۾ رهي ان جي لذت حاصل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هرهڪ سياح جنهن سنڌ جو پلو کائي ڏٺو، تنهن پنهنجي سفر نامي ۾ ان جي تعريف کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو. +تاريخ ۾ لکيل آهي ته تغلق گهراڻي جو مشهور فرمانروا محمد تغلق باغين جو تعاقب ڪندي دهليءَ کان اچي سنڌ جي قديم تختگاهه شهر ٺٽي ۾ پهتو، جتي جي عمدي آبهوا کيس پسند اچي ويئي ۽ اتي رهي پيو. محمد تخلق کي پلو ايتريقدر ته مرعوب طبح آيو جو رات ڏينهن بي اختيار ٿي پلو کائيندو رهندو هو، حتي ڪ بيمار ٿي پيو ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ جڏهن پلي کائڻ کان پرهيز لازمي هئي، تڏهن به پلي کائڻ کان پاڻ کي پلي نه سگهيو، جنهنڪري ئي سندس موت واقع ٿيو. +اڄ به سنڌ ملڪ سان غير مانوس قومون، جي هتي آيون آهن يا اينديون رهن ٿيون، سي پلي کائڻ مان ڍاپن ئي ڪونه ٿيون. جيتوڻيڪ هنن کي پلي رڌڻ يا پچائڻ جي پوري تربيت به نٿي اچي، جنهن ڪري پلي جي حقيقي لذت کان به ناآشنا آهن.اسان جا هندو ڀائرجي پاڪستان قائم ٿيڻ بعد ڀارت ويا آهن سي ويچارا پلي لاءِ پڪاريندا ٿا وتن. +سنڌ ملڪ جو ڄرڪو، گندڻ، سينڱاري، مُڪر، کڳو، گانگٽ ۽ ٻيون چند بي ڇلر مڇيون، جن کي سنڌي ماڻهو بي لذت، بي سودا ۽ ڦوڳ جهڙي مڪروه مڇي سمجهي کائڻ کان اڪثر دريغ ڪندا آهن ۽ فقط واپار جي لحاظ کان هند و پاڪ جي ٻين ڀاڱن ۾ موڪلي ڏيندا آهن، تن کي اتي جا ماڻهو غنيمت سمجهي وڏي شوق سان واپرائيندا آهن. باقي تازو پلو ئي آهي، جنهن جي نعمت فقط سنڌ جي رهاڪن کي ئي نصيب آهي، هيءَ اها نازڪ مڇي آهي جا گهڻو وقت جٽاءَ نٿي ڪري، مگر جلدئي خراب ٿي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ برف جي ذريعي ان کي ڪجهه دور پنڌ تي موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي وڃي ٿي تا ته ٻيا به ان جو حط ۽ مزووٺن. مگر تازي پلي جو لطف هڪ اوُرئي نعمت آهي. آنياري پلي جي آني ۽ کيري پلي جي کس ۽ کيري، اهي چيزون آهن جي قوت جي لحاظ کان سون جي ڪشتيءَ کان به وڌيڪ آهن، ڇو ته دنيا جي ٻين سڀني مڇين کان پلي ۾ وڌيڪ قدرتي فاسفورس پيل آهي. جو پلي جو پيٽارو ته وري الله تعالي جو اهو اانعام آهي جو عام طرح سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا“. پلي جي بي انداز قدرتي لذت جو ثبوت هن مان ملي ٿو، جو دنيا جي ڪنهن به ٻئي ٻوڙ يا ڀاڄيءَ سان، ايتري ماني هرگز نه کائي سگهبي، جيتري پلي سان کائي سگهبي، پوءِ اهي ٻوڙ ڇو نه کڻي مختلف گوشتن، مڇين يا ڀاڄين جا هجن. ڪهڙو به ڏچر انسان پلي سان ڪم از ڪم ٽيڻي ماني يا چانور کائي اٿندو. اسان جا غير سنڌي دوست جڏهن به پنهنجي سنڌي احباب وٽ پلي جي موسم ۾ مهمان ٿيندا آهن. تڏهن اهائي وائي وات هوندي اٿن ته؛ ”ادا، ڪو اسان پڪل پلو کارايو“. سنڌ جا مهمان نواز سنڌي سٻا جهڙا پنهنجي عزيز ۽ دوستن کي وڏيءَ دل سان پنهنجي پنهنجي استطاعت آهر مهراڻ جي ڪناري وارن حسين شهرن ۽ ڳوٺڙن ۾ خاص موقعا پيدا ڪري وٺي ويندا آهن ۽ اتي تازا درياءَ مان نڪتل پلا وٺي، مختلف نموني سان مصالحه ڏياري تيار ڪرائي، ڍوُ ڪرائي، من مستي ڪرائي موٽندا آهن، بعضي ته وري سنڌ جا هلندي پڄندي وارا امير ماڻهو پنهنجي غير سنڌي دوستن کي خود ميربحرن جي مياڻين تي وٺي ويندا آهن ۽ کين ٻيڙين، ڪشتين ۽ ڍونڊين تي سير به ڪرائيندا آهن ۽ پلي کان به دل سير ڪرائي واپس وٺي ايندا آهن جو هو عمر تائين ياد ڪندا رهندا آهن، ان کان علاوه هنن کي پلي مارڻ جا مختلف نظارا پڻ ڏيکاريا ويندا آهن ته ڪهڙيءَ طرح نه سنڌ ملڪ جا سياڻا، سنوپرا ۽ پاڻيءَ جا پونئرا امير البحر مهراڻ جي لهرن سان لڙندا، سندس سيني تي سواري ڪندا، نهايت، سانت ۽ اطمينان ۽ يقين سان رب جي توه تي ترندا، رات ڏينهن پلن سان ورونهه ونڊيندا، شڪار ڪندا پنهنجون سون مياڻيون هزارين پلن سان پر ڪندا آهن، پلن مارڻ جا به مختلف طريقا آهن، مثلا پهريون طريقو آهي: +1-رڇ جو شڪار: +هن ۾ ميربحر ڄاريءَ کي ڦيرائي، گهيرو ڏئي ايندا آهن. هڪ ٻيو رڇ ٻيڙيءَ تي رکيل هوندو آهي. اهڙيءَ طرح پلن کي گهيري ۾ آڻي، رڇ جا ٻيئي پاسا ڇڪيندا آهن ۽ جيڪي پلا انهيءَ گهيري ۾ ڄاريءَ جي اندر اچي ويا تن کي ڪڍي ڪناري تي اڇليندا ويندا آهن، هرهڪ رڇ جي ورڪم ازڪم چاليهه نريون ٿيندي آهي ۽ هيٺان مٿان خواه تر ۾ رسا ٻڌل هوندا اٿس، جن کي ڇڪڻ سان جيڪوبه پلو رڇ ۾ اچي ويو سو ڦاسي پوندو. اهڙيءَ طرح هرهڪ رڇ ۾ واري واري سان پنجن کان ڇهن سون تائين پلا مرن ٿا. +2-گهائوءَ جو شڪار: +گهائو به رڇ وانگر آهي. تفاوت صرف هيءَ آهي ته رڇ ۾ ڳوٿريون ڪونه هونديون آهن، پر گهائوءَ ۾ ڳوٿريون به هونديون آهن، جن ۾ وڃي پلا ڦا سندا آهن. رڇ جي فقط ور ۾ پلا ڦاسائندا آهن. ڳوٿرين وارو ٻيو رڇ ڀن جو آهي، جنهن جي ڳوٿرين ۾ پلا قابو ٿيندا آهن. +3- ڀَنَ جو شڪار: +ڀَنَ ۾ سڄي درياءُ جي آرپار ڄار وجهي ڇڏبي آهي. اندران ئي اندرا ڀن ۾ ڳوٿريون ٺهيل آهن. جنهنڪري جيڪوبه پلو وهه کي سامهو اوڀارو ايندو_ ويندو، سو انهن ڳوٿرين ۾ لوهه تپندو ويندو. ڀن جي شڪار ۾ هڪ ئي دفعي ڏهن هزارن جي تعداد ۾ پلا مرن ٿا. +نوٽ: ڀن ۾ گهائو ٻيئي اهڙيون آفتون آهن، جو سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”هڻينس ڀن ۾“، يا، ”گهائوءَ جي منهن ۾ اچي ويو آهيان. خدا جند ڇڏائي.“ +4- سنڀوئي يا سَنڍ جو شڪار: +هن ۾ ٽي ڪاٺيون هونديون آهن. هڪ ڪاٺي قريبن پندرهن هٿن جي اڀي پيل هوندي آهي، جا پاڻيءَ کان مٿي نظر ايندي رهندي آهي ۽ ٻيون ٻه ڪاٺيون اٽڪل پنجن نرين جون پڻ ٻڌل هونديون آهن. انهن ۾ هڪ ڄاري پيل هوندي آهي، جنهن کي سنڀوئي چوندا آهن. اها سنڀوئي هرهڪ ميربحر الڳ الڳ کڻي، تنبو پيٽ هيٺان ڏيئي درياءُ ۾ لهي پوندو آهي. سنڀوئيءَ ۾ هڪ ڏور ٻڌل هوندي آهي، جنهن ڪري جيڪوبه پلو ڄاريءَ کي جنهن وقت اچي لڳندو، ان وقت ان ڏور جي وسيلي ماريءَ کي خبر پوندي ته پلي کنڊ ڏني آهي ۽ هڪدم وٺي ڄاريءَ کي ڇڪيندو ته پلو ڄاريءَ ۾ قابو ٿي پوندو. جيڪڏهن ماري غفلت ڪئي ۽ ڄاري نه ڇڪائين ته پلو ڀڄي پوئتي واپس هليو ويندو. اهڙيءَ طرح جيڪو پلو سنڀوئيءَ ۾ ڦاسندو اهو ميربحر ڪڍندو ويندو ۽ هڪ وڏو سوئو، جو پاڻ سان کڻندو آهي، تنهن سان پلي کي ڪلين ۾ ڪانڍيندو، سوئي جي ڏور، جنهن کي پاندي چئبو آهي، تنهن ۾ وجهندو اڳتي هلندو ويندو. هڪڙي پاندي ڀربي آهي ته وري پلا ڪڍي ميربحر ان کي ٻيو دفعو ڀريندو آهي، اهڙيءَ طرح پانديءَ پٺيان پاندي پيئي ڀربي آهي، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته، فلاڻو ڪيترو ٿو ڪمائي پر پاندي پوري ڪانه ٿي پويس. اهڙيءَ طرح ميربحر پاندين پٺيان پانديون پيا ڀريندا ۽ ڪيترا به پلا ماريندا، تڏهن به قناعت ڪانه هوندين. ڀٽائي بادشاهه اها چوڻي پنهنجي رسالي ۾ هن طرح ڪم آندي آهي. + + +ڪتيم سڀ ڄمار، پر پاندي پوري ڪانه ٿي، +مون کي سڄڻ يار، آڻي پاتا ڪپڙا. +پلو ٻين مڇين کان نهايت نازڪ مڇي آهي ۽ ٿوري ئي ايذاءَ سان هڪدم مري ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جيستائين ميربحر جو مارو هوندو، تيستائين پاڻيءَ ۾ لڙهندو ويندو ۽ پلا ماريندو ويندو ۽ بلڪل ڪين ٿڪبو، تان جو ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تان وڃي پڪي تي چڙهندو. هنن درياءُ جي شهنشاهن کي اهڙيون جڳهيون اڳيئي معلوم هونديون آهن، جتان هو آسانيءَ سان وڃي پڪي تي چڙهندا آهن. +5- ماٽيءَ جو شڪار: +ماٽيءَ وارو نمونو به ساڳيو سنڍ وانگر آهي. هن ۾ فرق رڳو هيءُ آهي ته پانديءَ ۾ پلي وجهڻ بدران جيڪي پلا ماريا ويندا آهن. اهي ماٽيءَ ۾ وڌا ويندا آهن. +6- ڪڙهيءَ جو شڪار: +ڪڙهي هڪ قسم جي ڄاري آهي، جنهن ۾ ڇهه ڪاٺيون لڳل هونديون آهن، جي ڏيڍ کان ٽن فوٽن تائين هونديون آهن. پلو جڏهن پاڻيءَ جي مٿاڇريءَ تي پويان پيو ايندو ته ماري ان کي هڪدم ڏسي وٺندو، بشرطيڪ جهڪ يا طوفان نه هجي. ماري ويچارو ٻيڙيءَ تي ڪڙهي رکيو ويٺو رهندو آهي جڏهن پلو پريان ايندو ڏسندو آهي، تڏهن هڪدم ٻيڙيءَ کي پلي جي طرف سڌو ڪندو آهي. جڏهن پلي کي ويجهو پهچندو، تڏهن ڇلانگ لڳائي ڪڙهي کڻي مٿان رکندس ته پلو هڪدم ڦاسي پوندو. ڪڙهيءَ وارو پاڻ وٽ ننڍا ننڍا مٽيءَ جا ڳوڙها ٺاهي رکندو آهي. جيڪڏهن ڏٺائين ته پلو ٻيڙيءَ کان پري ٿو هليو وڃي ته هڪڙو ڳو ڙهو ان پلي کي پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ طرح اڳ وٺي اڇلــي هڻنــدو، جو پلي کــان ڪم از ڪم ٻه نريون کن پري وڃي پاڻي ۾ ڪري. جي پلو اڀرندي طرف هوندو ته ان کي ورائڻ لاءِ ڳوڙهو الهندي طرف اڇليندو، جي الهندي طرف هوندو ته اڀرندي پاسي اڇليندو. اهڙيءَ طرح جنهن طرح پلي کي ورائڻو هوندس ان طرف ورائيندو. مٽيءَ جو ڳوڙهو پاڻيءَ ۾ دٻڪو ڪندو ته پلو ان جو آواز ٻڌي وٺندو ۽ امالڪ وري پوندو، مطلب ته انسان کي الله تبارڪ وتعالي ٻئي هر ڪنهن ساهواري تي قدرت ۽ مٿانهون هٿ عطا ڪيو آهي جو عقل جي طاقت سان هي شيءَ تي غالب پئجي وڃي ٿو. چوندا آهن ته، ”پلو ويچارو، غريب غربي جو گذارو“. واقعي آهي به صحيح حقيقت، جنهن پلي جي موسم اچي ٿي تڏهن مهراڻ جو سارو پاڻي ڪروڙن بلڪ لاتعداد پلن سان ڀر جيو وڃي. الله تبارڪ وتعالي جي قدرت ڪامله تان قربان وڃجي جو سندس مخلوقات جو انت ئي ڪونهي زمين جي اندر حشرات الارض، هوائن ۽ فضائن ۾ پکي پکڻ ۽ ٻيا پردار پتنگ، جيت ۽ پاڻي جي مڇين ۽ ٻين دريائي جانور جو ڪوبه انسان حساب ٻڌي نه سگهيو آهي ۽ نه ٻڌي سگهندو. سمنڊ جي اندر ته ڪن بيشمار قسمن جون مڇيون موجود آهن؛ مگر درياءُ جي مٺي پاڻي ۾ به سوين نمونا مڇين جا ��يدا ٿين ٿا. جن کي الله تعاليٰ اتي ئي قوت رسائي ٿو. مثلا ڄرڪو، سينگاري، گندڻ، کڳو، ڌڳڻو، چلونگڙي وغيره. اهي مڇيون آهن جي پاڻيءَ جا جيت کائين ٿيون ۽ مڇي مڇيءَ کي کائي ٿي. جڏهن ڪو ڏاڍو ماڻهو هيڻي تي ظلم ڪندو آهي يا شاهوڪار ماڻهو غريب کي هيسيندو آهي، تڏهن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي، ”ابا دنيا ۾ وڏي مڇي ننڍيءَ کي پيئي ڳيهي، ۽ ”وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ننڍو اسري ڪين سگهي.“ +ڪرڙو يا ڏنڀرو جا در حقيقت پلي کان سواءِ باقي سڀني مڇين کان بهترين ۽ سوادي مڇي آهي، اها وري پاڻيءَ جو سينور، لڙهي يا گپ کائي. ان کان سواءِ باقي مڇيون جهڙوڪ ٿيري، موراکي، ڏاهي، پوپري، ڇيلري وغيره صرف لڙهي کائين. گاگنٽ يا جهينگو وري فقط مٽي کائي. مڪر، ملير، گوج ۽ لهڙ مڇيون صرف ننڍيون مڇيون کائين. اسان جو دوست پلو فقط درياءَ جي چلڪڻيءَ اڇيءَ واريءَ تي گذران ڪندو آهي. +پلي جي رهڻ جو هنڌ اهل سمنڊ آهي. ميربحر چوندا آهن ته پلو ناتال وقت ڌاري، مٺي پاڻيءَ ڏي رخ رکي ٿو. سندن عقيدو آهي ته پلو آسمان واري وڇونءَ يعني عقرب تاري سان ٻڌل آهي. قدرتي طرح پلي جي پڇڙيءَ ۾ هڪ جيت پيدا ٿئي ٿو. جو جڏهن چرڻ شروع ڪندو آهي، تڏهن پلو مٺي درياءُ جو رخ وٺندو آهي ۽ مٺي پاڻيءَ ۾ اچڻ شرط اهو جيت مري ويندو آهي، جڏهن پلو سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان نڪري درياءِ جي مٺي پاڻيءَ ڏي رخ رکندو آهي. تڏهن اوڀارو وهه کي سامهون يعني سير ڏيئي هلندو اچي مٺي پاڻيءَ تي چڙهندو آهي ۽ رفتي رفتي سندس سمنڊ واري کارائڻ زائل ٿي ويندي آهي. سمنڊ ۾ هن جي پيٽ اندر ڪڏهن به آني پيدا ڪين ٿيندي آهي، جڏهن مٺي تي چڙهندو آهي. پڇڙيءَ جي هيٺان پلي کي هڪ سوراخ ٿيندو آهي. جتان هو پنهنجي آني جڏهن اها پوري ٿيندي آهي، تڏهن درياءِ ۾ هارڻ شروع ڪندو آهي، جا لهواري وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندي آهي. آنيءَ جو هڪ هڪ پست جي ڪڻ جهڙو داڻو گويا پلي جي بيضي مثل آهي، جي جڏهن وهي وڃي سمنڊ ۾ پون ٿا، تڏهن انهن مان ڪيئي ڪروڙين ٻچا پيدا ٿيندا آهن، جي سڀ پلا ٿيندا آهن، لوئر بئريج جي ٺهڻ کان اڳي پلو سمنڊ کان نڪري روهڙيءَ تائين هليو ويندو هو. ميربحرن جو عقيدو هوندو هو ته هرڪو پلو روهڙيءَ وٽ خواجه خضر جي زيارت لاءِ ويندو هو، جنهن کي هندو زنده پير چوندا آهن. پوءِ پٺيرو واپس موٽندو هو. مگر لوئر بئريج سبب هاڻي پلو ڄامشورو کان مٿي چڙهي نٿو سگهي ۽ فقط هيٺئين درياءَ ۾ سندس شڪار ٿئي ٿو. اتفاقا چند پلا مٿي وڃن ٿا نه ته ٿيو خير. اتر جا ميربحر ويچارا ان ڪري گذران لاءِ ڏاڍا تنگ آهن. لوئر بئريج جي ڄامشوري واري پل وٽ هڪ پاسي کان پلن مارڻ لاءِ هڪ خاص ننڍو دروازو ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ڄاري لڳائي ويئي آهي. اهو دروازو هميشه کليل رکيو ويندو آهي، جنهن ڪري وهڪرو تمام تيز هوندو آهي؛ خاص طور جڏهن باقي دروازا پاڻيءَ جي اچي چاڙهه سبب گهڻي قدر بند رهندا آهن. پلي جي فطري عادت جو مطالعو ڪرڻ بعد ماهرن انهيءَ دروازي کان پاڻيءَ جو وهڪرو ارادتاً تيز رکيو آهي. پلي جي عادت آهي ته هميشه سير ڏيئي وهه کي سامهون هلندو آهي. هن دروازي کان وهڪرو تيز ڏسي سمجهندو آهي ته درياءَ جي سير اها آهي. لهٰذا اتان لنگهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن ڪري انهيءَ دروازي وٽ ايترا ته پلا اچي جمع ٿيندا آهن، جو جيڪڏهن ڪو فقط هڪڙو ئي ميربحر ڪڙهي کڻيو ويٺو رهي ته واري واري سان اٺ-ڏهه پلا شڪار ٿيندا رهن. پلن جي شڪار جو هيءَ چرچو ڏسڻ وٽان آهي. +پلي جون ڪل ٽي ذاتيون آهن. (1) حبائي پلو، جو حب ندي ۾ ٿئي ٿو. (2) گوادري پلو، جو سنڌونديءَ ۾ نه ٿو اچي، مگر سمنڊ ۾ کاري پاڻيءَ ۾ ئي رهي ٿو ۽ اسان وارن پلن کان وڏو ٿئي ٿو. (3) ڦلائي پلو، جو مهراڻ ۾ ٿئي ٿو ۽ اسين عام طرح کائون ٿا. ڦلائي پلو وري ٻن قسمن ۾ ورهايل چئبو آهي. (1) کيرو (2) آنيارو. کيرو پلو اهو آهي جنهن جي آني تمام سنهڙي هوندي آهي، جنهن کي کس چئبو آهي. اهو ننڍو ٿئي ٿو ۽ منجها نئس کير جهڙو اڇو پاڻي وهندو آهي. آنيارو پلو کيري پلي کان وڏو ٿئي ٿو ۽ منجهس وڏي آني هوندي آهي. پلي جي کائڻ جو لطف ۽ لذت سندس تازگيءَ تي مدار رکي ٿي، جڏهن اڃا ان جو تازو ڳاڙهو خون به منجهس موجود هوندو آهي ۽ ڪارو يا خراب نه ٿي ويندو آهي. پلي جو تازو رت ڪيترين بيمارين لاءِ پڻ مفيد آهي ۽ ڪم آندو ويندو آهي. پلي جي لذت به گوشت وانگر سندس اڀرائيءَ يا سڀرائيءَ تي منحصر آهي. جيڪڏهن ساڄو سڻڀو کيرو هوندو ته وڌيڪ مزو ڏيندو، جي اڀرو هوندو ته گهٽ لطف ڏيندو. ساڳيءَ طرح آنياري پلي جو به ٿلهائي ۽ مائيداريءَ تي مدار آهي. بهرحال پيٽارو کيري پلي کان وڌيڪ عمده ٿيندو آهي. پلو جيڪڏهن ننڍوئي رهيو ۽ منجهس آني پيدا نه ٿي ته نر هوندو. جيڪڏهن آنيارو ٿي ويو ته مادي هوندي. +درياءَ جي پاڻي ۾ چاڙهه اچڻ کانپوءِ پلا لڳ به ڪندا آهن، مگر لڳ سمنڊ ۾ نه ڪندا آهن. لڳ فقط سنڌونديءَ جي مٺي پاڻي ۾ ڪندا آهن. لڳ جي جاءِ پلن جي پڇڙي ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن پلو ڦرجي پيو ته آني پيدا ٿيندي، ورنه نه ٿيندي. جڏهن درياءَ جو پاڻي لهڻ شروع ڪندو آهي، تڏهن پلا به جيڪي مري بچندا آهن، سي آهستي آهستي ٿي منهن ڦيري سمنڊ ڏي ورندا آهن ۽ وري پنهنجي موسم تي منهن ڏيکاريندا آهن. پلو هميشه ٻيڙي وانگر ترندو آهي. پلي وارو ڪنڊو جو ڪارسرو ٿيندو اٿس، اهو مٿي ڪري ۽ پيٽاري وارو پاسو هيٺ ڪري سير ڏيئي ترندو ويندو آهي. سندس رفتار هڪ ڪلاڪ ۾ اٽڪل ٻه ميل مفاصلو هوندي آهي. تحقيق الله تبارڪ تعالي جي قدرت جا رنگ آهن. هن دنيا ۾ انسان بيحد ڏاڍايون ڪري ٿو. هڪڙا ٻين جي محنت ۽ پورهئي تي پلجي موٽا ٿين ٿا. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”لٺيون جهلي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير“ جهڙيءَ طرح زمين صاف ڪري کيڙي ۽ پوکي هاري ۽ کٽيو کائي زميندار. ساڳي طرح مير بحر ويچارا پڻ رات ڏينهن لڌڙن وانگي سير جي سيني تي چڙهي، سر جون سٽون کائي، پلا مارين، پر ان جو کٽيو سڀ سرمائيدار مقاطعدار کايو وڃن ۽ هنن ويچارن کي هارين وانگر مزوري به مس پلئه پوي، گورنمينٽ عاليه هر سال درياءَ شاهه جي پلن جو نيلام ڪندي آهي، درياءَ جي خاص ٽڪرن جون حدون مقرر ڪري نيلام ڪيو ويندو آهي. مقاطع جي ملڻ سان، ميربحرن جي مياڻن تي ٺيڪيدارن جا منشي اچي نازل ٿيندا آهن. ميربحر ويچارا جيڪي پلا ماريندا آهن، ان جا ٻه حصا ميربحر کي ملندا آهن ۽ هڪ حصو ٺيڪيدار کي ملندو آهي. اهي ٻه حصا پلا به ميربحرن کي ڇني جدا ورهاڱو ڪري نه ڏنا ويندا آهن ته پنهنجي سر وڪرو ڪن، مگر صرف حساب ۾ اهو حصو رکيو ويندو آهي. درحقيقت پلا سڀ ٺيڪيدار جو منشي هڪ هٽي قائم ڪرڻ بعد نيڪال ڪندو آهي. مياڻين تي ساٽي ۽ ٻيا پلن جا سوداگر موجود رهندا آهن، جن کي جملي پلا وڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ پيدائش مان ورڇ ٿيندي آهي؛ هتي به غريب ميربحرن کي ٺڳڻ لاءِ مقاطعدار مخفي طور سوداگرن سان سوديبازي ڪندا آهن. مثلا‎ً؛ً ٺيڪيدارن جا منشي سوداگرن کي چوندا آهن ته ”ظاهري اسين اوهان کي في پلو هڪ رپئي ڏينداسين، پر اندروني طرح اوهان اسان کي ڏيڍ رپيو هرهڪ پلي جي قيمت ادا ڪندا.“ اهڙي طرح اٺ آنا في پلو، جو سوداگر وڌيڪ ڏيندا، اهو ٺيڪيدار کائي ويندا آهن ۽ ميربحرن کي فقط هڪ رپيو في پلو حساب سان جيڪا پيدائش ٿيندي آهي، ان جا ٻه حصا نصيب ٿيندا آهن، جنهنڪري غريب ميربحر ويچارا نقصان ۾ ويندا آهن ۽ ٺيڪيدار اڻ ميو ڌن ڪمائي ويندا آهن. جنهن سال درياءَ ۾ پلو جام ٿيندو آهي، تنهن سال ته پنج يا ڇهه پلا به هاريءَ ۾ ڏنا ويندا آهن، ورنه دستور موجب هاري معني هڪ کيرو پلو ۽ هڪ آنيارو پلو يا فقط ٽن کيرن پلن کي هاريءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. اها هاري پلن جي ڪثرت واري زماني ۾ ساٽين کي اٽڪـــل هڪ کـــان اڍائي رپيـــن اندر ملـــي وينـــدي آهـــي ۽ ساٽـــي وري عـــام طرح شهــــرن ۾ ڪم از ڪم ٻيڻي قيمت وڪڻندا آهن. پلي جي موسم ۾ اسان جي پياري سنڌڙيءَ ۾ جتي ڏسبو، اتي پلن جي وٺ وٺان لڳي پئي هوندي آهي. اول پلا شهرن ۾ آندا ويندا آهن، جتان ساٽي ٽنگڙيون ڀري گهوڙن تي ڍوئي، ٻهراڙين ۾ جتي ڪٿي وڃي پهچندا آهن ۽ غريب غربو پلن مان خوب ڍوءَ ڪندو آهي، پلن جي موسم ساٽين جي گهوڙن لاءِ مصيبت جو زمانو آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”گهوڙي جو ڀاڳ ڦٽي ته ساٽيءَ وٽ وڃي.“ سو خاص انهيءَ وقت کي مدنظر رکندي چيو ويو آهي. +پلي جي رڌڻ ۽ پچائڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. مثلا؛(1) واريءَ ۾ پلو پچائڻ. (2) تئي تي پچائڻ. (3) تري کائڻ. (4) سيئڻ. (5) ڪوڪ ڪرڻ. (6) ٻوڙ رڌڻ. (7) پلي جو پلاءُ ٺاهڻ. (8) پلي ۾ بسريون پچائڻ وغيره. +1- واريءَ ۾ پچائڻ: پلي جا ڇلر لاهي، ان کي چيري، سيرون ڏيئي، ٻيرن جي صورت ۾ آڻي، سيرن ۾ لوڻ ٻيا ويڳر ۽ گرم مصالحا وجهي وري بند ڪري، ڪنهن ڪُني جي نموني ٽامي جي ٿانءُ ۾ بند ڪري، مٿان ٻيو ڍڪ ڏيئي، منهن کي اٽي سان لنبي، پوءِ ڪنهن واريءَ جي ڍڳ ۾ ان کي پوريو ويندو آهي ۽ ان جي مٿان باهه ٻاري ويندي آهي، جيئين واري تپندي ۽ ڪوسي ٿيندي ويندي، تيئن اها گرمي ڪُني کي لڳندي ۽ پلو اندر ئي اندر پچڻ شروع ڪندو، هڪ ڪلاڪ کن باهه ڏيڻ بعد واري کوٽي ڪنو ڪڍبو ته پلو پڪو تيار ٿيو پيو هوندو. هر ڪنهن سڀري پلي ۾ پنهنجو سڻڀ ڪافي هوندو آهي. هن ۾ البت کل جي باس رهي ٿي، مگر کائنڻ ۾ ڪافي لذيذ ٿيندو آهي، اتر سنڌ ۾ وري پلي کي ڪني ۾ بند ڪري واريءَ ۾ پورڻ جي بدران ان کي ڪپڙي ۾ لپيٽي پوءِ واري ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. اتر سنڌ ۾ واريءَ ۾ پلي پچائڻ جو طريقو نرالو آهي، اول کڏ کوٽي ان ۾ ڪاٺيون ۽ ڪک ٻاري ڪر ٺاهي ويندي آهي، پوءِ اڌ جيتري ڪر ٻاهر ڪڍي، پلي کي چيري، لوڻي، ويڳري مصالحه ڏيئي، ڪپڙي ۾ ويڙهي، باقي کڏ ۾ رهيل گرم ڪر جي مٿان پلو رکي، باهه اڌ ڪيري مٿان ورائيندا اٿس. پلي جي وات ۾ سيخ اهڙي طرح ڏيندا آهن، جنهن جو هڪ ڇيڙو کڏ کان ٻاهر رهندو آهي، پوءِ کڏ بند ڪري مٿان باهه ٻاريندا آهن، پوءِ پلي پچائڻ جو ڄاڻو، انهيءَ سيخ کي ڇهڻ سان گرمي جي حرارت معلوم ڪندا آهن، جڏهن حرارت جو درجو پوريءَ حد تي پهچندو آهي، تڏهن کڏ کولي پلو ڪڍندا آهن ته پلو تيار ٿيو پيو هوندو آهي. +2- تئي تي پچائڻ: پلي جا ڇلر لاهي، ان کي مٿي ذڪر ڪيل طريقي سان چيري، سيرون ڏيئي، لوڻي ويڳري تئي تي رکبو آهي ۽ پوري مقدار جي باهه ڏيڻ سان پچائي راس ڪبو آهي. ان بعد پلي جي ٻنهي پاسن، لائي خواه ڪانڊي تي جيڪا مرچ مصالحن ۾ گدامڙي جي چٽڻي اڳيئي تيار ڪري رکبي آهي سا لڳائي، ٿڦي، مٺي مٺي توَتي تئي تي رکي ڇڏبو آهي ته انهيءَ چٽڻي کي به سيڪ اچي ۽ پنهنجو پاڻي ڇڏي سڄي پلي کي وڌيڪ سوادي بنائي. +3- پلو تري کائڻ: هن ۾ پلي جا ڇلر نه لاهي سيرون ڏيئي لوڻ وجهي جدا جدا چوٿا يا ٻيري ڪري، جيترو به پلي جو حصو ترڻ جي خواهش هجي، اهو ڪڻڇيءَ يا تئي تي ضرورت آهر گيهه جو ذرو وجهي ان ۾ ٻيرا يا پلي جا ٽڪرا تري، بنا وڌيڪ مصالحن جي مختصر مرچن ٻرڪڻ سان کائي سگهجي ٿو ۽ نهايت سوادي ٿئي ٿو. هن ۾ محنت ۽ وقت گهٽ لڳندو آهي. +4- پلو سيئي کائڻ: هن ۾ پلي جا ڇلر نه لاهي، صاف ڪري، سيرون ڏيئي، لوڻ ٻرڪي، بصر مصالح مٿان رکي، هڪ ڪني ۾ ٿورڙو پاڻي وجهي، ان تي ننڍيون ننڍيون ڪاٺيون يا ڪاٺن جا ٽڪررکي پلي کي انهن جي مٿان رکي، ڪنو کڻي باهه تي رکبو ۽ ڍڪ ڏيئي ڇڏيو. باهه جي تو تي پلو پاڻي ڇڏيندو، جو ڪاٺين جي هيٺان ڪني ۾ جمع ٿيندو ويندو، ان مان جا ٻاڦ نڪرندي تنهن جي زور تي سمورو پلو رڌجي ويندو ۽ ڪنو لاهي کڻي هيٺ رکبو. پوءِ اهو بصر مصالح سان گڏي مانيءَ سان ويهي کائبو. سيئل پلو نهايت لذيذ ٿيندو آهي، غريب ماڻهو اهو جمع ٿيل پاڻي شوروي وانگر به ڪم آڻيندا آهن. پلي کي ٺڪر جي ڪني ۾ سيئڻ ڪري زياده لذت ٿيندي آهي. + + +5- پلي جو ٻوڙ رڌڻ: پلي جا ڇلر لاهي صاف ڪري، ان جا ننڍا ننڍا ٻيرا ڪري، ديڳڙي ۾ بصر جو داغ ڪري جهڙيءَ طرح گوشت رڌبو آهي، اهڙيءَ طرح پلي جو ٻوڙ رڌبو آهي. هن ۾ گوشت جي ٻوڙ وانگر پٽاٽا، ميها، بصر يا ٻيو ڪوبه بقر ويڳر وجهي سگهجي ٿو. پلي جو ٻوڙ به نهايت لطف ڏيندڙ آهي. +6- پلي ۾ بسريون: هن ۾ پلي جا ڇلر لاهي. ان جا ننڍا ننڍا ٻيرا يا ڳڀا ڳڀا يا ڳڀيون ڪري، گرم مصالح ۽ ڏاڙهونءَ جي ڪڻ ۽ بصر جي چٽڻي وغيره ٺاهي هر هڪ بسريءَ جدا جدا پلي جي ڳڀين تي چٽڻي ٿڦي مکي ٺاهي رکي ڇڏبيون آهن، پوءِ ڪڻڪ جي مانيءَ جو هڪڙو پڙ ٺاهي تئي تي ٿڦبو آهي پوءِ هڪ ڳڀي کڻي انهيءَ پڙ جي وچ تي رکبي آهي، وري ٻيو اٽي جو پڙ ٿڦي، تئي ۾ پيل پهرئين پڙ جي مٿان اهڙيءَ طرح رکبو آهي جو پلو اچي وڃي. بعد ۾ مانيءَ جي ٻنهي پڙن کي ڪنن وٽان پاڻ ۾ ملائي ڇڏبو آهي. ان بعد مانيءَ کي وراڻي ڏيئي گهه ذرو هيٺان ڏيئي ڇڏبو آهي ته تر سڙِي نه وڃي. پوءِ سبتي پاسي کان ڍاڪونءَ جو پڙ يا ڪا ٿا لهي، انهي ءَ تئي ۾ پيل مانيءَ جي مٿان رکي، ان کي ڪجهه وقت ڍڪي ڇڏبو آهي ته جيڪا اٻ نڪري ته ان ٻاڦ ۾ ئي پلو پچي وڃي. مناسب وقت بعد ماني تئي تان لاهي ٿالهيءَ ۾ ڪڍي رکبي آهي ۽ مٿان بسريءَ وانگر گهڻو ڪچو گهه اوتي ڇڏبو اٿس. جنهن ڪري هوبهو بسري جهڙي نظر ايندي آهي، کائڻ مهل مٿيون پڙ مانيءَ جو جدا ڪري وٺبو آهي ۽ ٻئي پڙ جي گهه ۾ جهٻيا پيا هوندا آهن، اهي وچ ۾ پيل پلي جي ڳڀيءَ سان چٽڻيءَ جي تي ويهي کائبا آهن. پلي جي بسري وڻندڙ ۽ مزيدار ٿيندي آهي، ۽ ويهي کائبا آهن، پلي جي بسري وڻندڙ مزيدار ٿيندي آهي، ۽ هڪ قسم جو عجيب وغريب طعام آهي، جن به صاحبن اها بسري کاڌي هوندي انهن کي سندس لذت ۽ لطف جو ڪافي تجربو ۽ قدر هوندو. +7- پلي ۾ پلاءُ: هن ۾ پڻ بدستور پلي جا ڇلر لاهي، ڌوئي صاف ڪري. لوڻ مصالح وغيره ڏيئي پلي کي ڪنهن لوهه جي رڌڻي يا ڪڻڇيءَ ۾ پچائي، گِهه جام مَکي ڪوڪ ڪري رکبو آهي، ٻئي طرف سٺا سڳداسي چانور پلاءُ جي نموني رڌي، انهن ۾ دالچيني، پلاجيري ۽ ڪارا مرچ وغيره وجهي سُرهو ڪري پلاءُ ٺاهي رکبو آهي، پوءِ ڪجهه چانور پليٽ ۾ رکي چانورن جي قدر سارو ڪوڪ ٿيل پلي مان ٽڪر چانورن جي مٿان رکي ڏبو آهي، جو چانورن سان گڏي کائبو آهي. ان کي پلي جو پلاءُ چيو وڃي ٿو. پلي جو پلاءُ هڪ نهايت ئي لذيذ ۽ پر لطف طعام آهي، جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: +اول ۾ الله ڀلو، پلي ۾ پلاءُ پلو. +يعني ته خداوند تعاليٰ جي مٺڙي نالي ۾ بيشڪ لذت آهي، مگر ٻئي درجي ۾ پلي جي پلاءُ ۾ ئي مزو آهي، جو مزو ٻين باقي سڀني طعامن کان وڌيڪ آهي. جهڙيءَ طرح گوشت ۾ بڪيون، ڪوڙي، ڪمر، ڪنڌو، مشڪ، ران، کيري، شيردان، جاڙي، مغز، منڍي، جيرانڊي، پاوا، نريون ۽ گُڏ وغيره. جدا جدا ڇيلي جا ڀاڱا، جدا جدا س��اد ۽ لذت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح پلي ۾ به پلي جو ڪناڙ، ڪندو، پُڇي، ڦوٽو، کيري، پيٽارو، ڦري، لائو، ڪانڊو، آني وغيره جدا جدا ڀاڱا جداجدا لذت ۽ هڪ خاص لطف پاڻ ۾ رکن ٿا، شال رب پاڪ سائين سنڌ جي مهراڻ ۽ سنڌين کي سلامت تاقيامت رکي. آمين! +سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، +دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“ +پلو، جنهن ڏينهن تازو درياءُ مان نڪري ٿو. فقط اهو هڪ ڏينهن يعني چوويهه ڪلاڪ ان کي تازو ڪوٺي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ٻيو ڏينهن پيو ته ان کي چيري مختصر لوڻ وجهي رکبو تڏهن ئي سلامت رهي سگهندو،.ٻئي ڏينهن تي اهڙيءَ طرح لوڻيل پلي کي، ”مِٺ لوڻو پلو، سڏبو آهي جيڪڏهن اڃا به پلي کي وڌيڪ وقت رکڻ مقصود هوندو ته وڌيڪ لوڻ ڏيئي ان کي ڇانو ۾ سڪائبو ۽ اهو، ”کارو پلو“ سڏبو آهي، جو ڪيترو به وقت رکي سگهجي ٿو. ڪيترا غريب ماڻهو خاص طرح ٻهراڙين ۾ جتي ڳُنڌڻ يا ٻوڙ ملڻ مشڪل آهي، کارو پلو سڪائي ٺاهي رکي ڇڏيندا آهن ۽ وقتي جڏهن ٻوڙ نه ملندو آهي، تڏهن کارو پلو رڌي کائيندا آهن. +پلي ۾ اڪثر مڇين کان ڪنڊا وڌيڪ ٿيندا آهن، پلو جيئن ننڍو تيئن ڪنڊا منجهس زياده ٿيندا آهن، جنهن ڪري کائڻ مهل نهايت ڌيرج ۽ خبرداريءَ سان ڪنڊا سوئي پوءِ کائبو آهي، درحقيقت جا شيءَ محبت سان حاصل ڪبي آهي اهائي وڌيڪ لذت ڏيندي آهي ۽ ان جوئي زياده قدر ڪيو ويندو آهي، ننڍا ٻار اڪثر پلي کائڻ وقت ڪنڊن جو شڪار ٿيندا آهن. جيڪڏهن پلي جي ماس سان گڏ ڪو ڪنڊو به ڳهي ويا ته سندن نازڪ نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندو آهي ۽ پوءِ والدين لاءِ جنسي ويل هوندو آهي؛ جو ٻارن جي رڙهيٺ رڙ مٿي لڳي ويندي آهي، ان حالت ۾ جيستائين خشڪ مانيءَ جو ٽڪر ٻارن کان نه ڳِهايو ويندو ۽ ان جي مٿان وڏا وڏا ڍُڪ پاڻيءَ جا نه ڀرايا ويندا تيستائين ڪنڊو نڙيءَ مان ڇوٿو نڪري هيٺ پيٽ ۾ وڃي؟ پر پلي جي لذت اهڙي ته لالچائيندڙ آهي جو ايتري عقوبت هوندي به ٻار پلو پلو پيا ڪندا ۽ تڪليف جو ذائقو ياد ئي ڪونه پوندن. اڄڪلهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪي اهڙا مصالح به ايجاد ڪيا ويا آهن جن جي ذريعي پلي جا تمام سنهڙا ڪنڊا پلو پچائيندي ڳاريا وڃن ٿا. والله اعلم! +سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: پلو مَلو آهي. اڪثر ٻارن جو بدن مَلي جي بيماريءَ کان ڦٽ ڦرڙيون ٿيو پيو هوندو آهي. مائٽ ويچارا انهن کان پلو پيا لڪائيندا آهن. مگر ٻارن جي رڙپيِئي پوندي آهي ته پلوڙي پلو! سچ آهي ته پلي ۾ قدرت پنهنجي ڪمال حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڪنڊا به گهڻا پيدا ڪيا آهن ته پلي کائيندڙن کي ڪجهه کائڻ ۾ اٽڪ هجي، ۽ دقت پيش اچي، ور نه پلي جي لذت اهڙي آهي جو منجهس ڪنڊا نه هجن ته کائيندڙ جيڪر سڄو سڄو پلو ويلي ويلي تي کائيندا رهن ۽ نه رات ڏسن نه ڏينهن ۽ نه جهڪ ڏسن نه مينهن، هوند اَنُ به ڇڏي ڏين ۽ پلو کائي پلو کائي محمد تغلق مرحوم جي ڀر پاسو وڃي وٺن، پلو هميشه پاڻي گهڻو پياريندو آهي. پلي کائڻ کان پوءِ خشڪي لڳندي آهي ۽ پاڻيءَ جا ٻه – چار گلاس هڪٻيئي پٺيان پيئڻان پوندا آهن، جنهن ڪري سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”پلو جيئري به پاڻيءَ ڏي ڇِڪ ڪري ۽ مئي به پاڻيءَ ڏي ڇڪي.“ +ڀلا يارو سنڌوءَ جا تازا پلا، +لطف ۾ ۽ لذت ۾ سڀ کان ڀلا، +وڻي خوب وهه واهه پلي جو پلاءُ، +پڪل ۽ تريل هيءُ! الاڙي الا! +(5) +مرن (سوئرن) جو شڪار +سوئر، جنهن کي عربيءَ ۾ خنزير چئجي ٿو، سو نهايت خبيث، خطر ناڪ ۽ نقصانڪار مرون آهي. هن جانور جو شڪار صرف نقصان کان بچڻ لاءِ شوقيه ڪيو ويندو آهي. وڏا وڏا مير ماڻهو هن شڪار جا خاص خبطي هوندا آهن. +سوئر جو شڪار عام طرح ٽن طريقن سان ٿيندو آهي: پهر يون پنجوڙ سان، ��يو ڪتن جي بڇ سان ۽ ٽيون بندوق سان. +سوئر اڪثر ڪري جبلن ۾ رهندڙ جانورن آهي، ليڪن فصلن لاءِ تباهه آهي. ٻيلن ۾ چؤڪڙين تي جيڪي سيلابي پوکون ٿيون ٿيون مثلاً ڪڻڪ، تن جا ٻارن جا ٻارا ڀڃي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، پر ٻيلن کان ٻاهر به جوئر، ٻاجهري. ڪمنڊ ۽ مڪائيءَ جا فصل به تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. هيءُ مرون گاهه کائيندو آهي ۽ خاص اناج وارو گاهه هن جو شڪار آهي. +خريف جي فصل واري مند ۾ سوئر ماديون ويم ڪنديون آهن ۽ اڪثر 2-3 ٻٺر سندن پٺيان لڳا وتندا آهن، جهڙيءَ طرح ڪتي جي ٻچن کي گلر، ٻليءَ جي ٻچن کي پونگڙا چئبو آهي، اهڙيءَ طرح سوئر جي ٻچن کي ٻٺر سڏيو ويندو آهي. پيٽ ته هر ساهواري کي خدا ڏنو آهي ۽ قوت جي ضرورت پکي پکڻ کي پوي ٿي. اهڙيءَ طرح سوئر جو حملو اناج وارين پوکن تي هوندو آهي. بندوق سان شڪار ڪرڻ لاءِ جنهن پوک جي جوءِ ۾ سوئر نقصان ڪندو آهي، ان جوءِ کي شڪاري نظر ۾ رکندا آهن ۽ رات جو بندوقون کڻي ان جوءِ جي اردگرد اچي لڪي ڇپي ويهندا آهن، مرون به سياڻو جانور آهي ۽ پنهنجي جوءِ مٽائيندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪنهن چؤڪڙيءَ ۾ ته ڪڏهن ڪنهن آئينٺي ۾. ان ڪري مرونءَ کي ڳولڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ هوشيار پيري يا پڳي هوندا آهن جي سوئر جو ڏينهن جي وقت پير کڻي هن جو ٿاڻ هٿ ڪري ڇڏيندا آهن. اوهان کي اها ته خبر هوندي ته سوئر ڪنهن کي چڪ ڪونه پائيندو آهي يا شينهن وانگر چنبي هڻڻ سان ڪونه ماريندو آهي. هن کي قدرت طرفن هيٺئين ڄاڙيءَ ۾ وڄ هوندا آهن ۽ مٿيئينءَ ڄاڙيءَ ۾ ڪات هوندا اٿس. هن جي عادت آهي ته گاهه کائڻ کان اڳ پنهنجا وَڄَ، ڪاتن تي تکا ڪندو آهي، جهڙيءَ طرح سراڻ تي ڪاتيون يا ڪهاڙيون لائبيون آهن. سوئر جي انهيءَ ڪرڻ سان اهڙي ته هڪ خطرناڪ ڪَرٽ ڪَرٽ ٿيندي آهي، جو ٻڌڻ سان ماڻهوءَ تي هيبت طاري ٿي ويندي آهي، مگر سندس اهائي عادت آهي جا سندس موت کي دعوت ڏيندي آهي. شڪاري جي سندس جوءِ کي بندوقن سان گهيري ۾ وٺندا آهن، سي سهي ڪري وٺندا آهن ته سوئر هت ڪي هت ويٺو آهي. ازانسواءِ هو پوک جا ڪانا وات ۾ وجهي ٽڙڪاٽ ڪرائي ڀڃندو آهي ۽ ڪانا ڪيرائي سنگن کي کائڻ لڳندو آهي. اها ڪرٽ ڪرٽ ۽ ٽڙڪاٽ سندس قضا جو ڪارڻ بنبا آهن. +شڪاري جڏهن هن جي وهڪ واري جاءِ متعين ڪندا آهن ته چئني پاسن کان ڦري ويندا اٿس ۽ گولين جا نشان ڇوڙيندا آهن. بندوق جي ٺڪاءَ تي سوئر ڪن کڙا ڪندو آهي ۽ ڀڄڻ جي واهه ڳوليندو آهي. ايتري ۾ شڪاري به هن کي تَڙَ ڪندا آهن. هاڻي سوئر کي ڀڄڻ جون واهون کٽي وينديون آهن ۽ جنهن طرف رخ ڪندو آهي، ان طرف کان گوليءَ جو نشانو ٿي ويندو آهي. ٻه چار گوليون رسيد ٿيس ته ڍيري ٿي پوندو ۽ واهه واهه ٿي ويندي. ٻيلن ۾ به بندوق سان سوئر جو شڪار ساڳيءَ ترتيب سان ڪيو ويندو آهي. +ٻيو شڪار جو طريقو آهي ڪتن جي مدد سان سوئر جو شڪار. سوئر جو شڪار جو شوقين امير، هن شڪار جو لطف وٺڻ لاءِ زبردست ۽ ڀانت ڀانت جا شڪاري ڪتا پاليندو آهي، جن جي قيمت هزارن ۾ هوندي آهي ۽ انهن جي پالڻ، تاتڻ، کارائڻ، پيارڻ حتي ڪ علاج معالج لاءِ وڏا خرچ ڪيا ويندا آهن. انسان ويچارا مانيءَ ٽڪر لاءِ محتاج هوندا آهن، مگر هن شڪاري ڪتن کي گوشت، قيمو ۽ ٻيا هر قسم جا مال مليدا مهيا ڪيا ويندا آهن. +جڏهن ٻيلن مان درياءَ جي اٿل جو پاڻي سڪي وڃي ۽ ٻيلن جا گهٽ گهيڙ صاف ٿي وڃن ۽ مرون بي ڊپا ٿي گهمن ڦرن ته امير ماڻهو شڪار جي شوق ۾ پنهنجي ڪتن جي لوڌ وٺي شڪار تي نڪرن ۽ سوئرن کي للڪارين. سوئر جي وهڪ واري پاٿاري متعين ڪري پوءِ اهي شڪاري ڪتا، جي سندن ڳچين ۾ پيل زنجيرن سان سوگها هوندا آهن ۽ هرهڪ بڇ ڪندڙ کي ٻه ڪتا، هڪ هڪڙي هٿ ۾ ۽ ٻيو ٻئي هٿ ۾ هوندا آهن؛ اهي ڪتا بس ڪڏندا پيا هوندا آهن ته ڇڏيو دير نه ڪريو. ڪتن جا خدمتگار، شڪار وقت انهن کي سوئر تي بڇ ڪرڻ وارا ماڻهو اڪثر ماڇي قوم جا هوندا آهن، جن جو نسل به نسل اهو ڌنڌو هوندو آهي، سوئر کي چئني طرفن کان گهيري ۾ وٺي هر طرف کان هڪ هڪ شڪاري ڪتو بڇيندا آهن. اها ته اوهان کي خبر هوندي ته سوئر سڌو حملو ڪندو آهي ڇو ته هو پنهنجو ڪنڌ ورائي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن طرف ڦيرائڻو پيس ته سڄو ڦري ايندو ۽ فقط ڳچي ورائي طرف مٽائي نه سگهندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن سرڪش ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندوآهي ته سوئر وانگر ڪنڌ ۾ ڪلي اٿس، بس مڙندو ئي ڪونه، سڌو پيو ايندو. +ماڇي شڪاري ته ان ڳالهه کي خوب کان خوب تر ڄاڻندا آهن، تنهنڪري ڪوبه ڪتو سوئر ڏانهن هن جي دونار کي سڌو نه ڇوڙيندا آهن، ورنه سوئر به اهڙي بَلا آهي جو پنهنجي وڄن سان ڪتي کي دونار تي کڻي چيري ڦاڙي وجهندو ۽ هزارن جو قيمتي ڪتو هٿان وڃائي ويهندا. +هن شڪار جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڪيترا شڪار جا شائقين به ويندا آهن جن کي محفوظ جاين تي بيهڻو پوندو آهي، شڪاري ڪتن کي به پاڻ ملهائڻ ۽ نمڪ حلاليءَ جو موقعو اهو هوندو آهي. ڳچيءَ مان زنجير نڪتو نه اٿن ته رائيفل جي گوليءَ وانگي اچي سوئر تي ٽٽندا ۽ سوئر جي پاسن ۽ پٺ کان ۽ ڪنن کان ڇڪي ڦاڙي، ڇيڇاڙي ڀاڱائي ڪڍي رکندس ۽ سوئر جي ڪيڪ ۽ رڙ پئي پوندي. شڪار جي ناظرين کي شڪاري ڪتن جي همت ۽ بهادريءَ جو قدر هتي پوندو آهي ۽ هنن کي جو کارايو پياريو ۽ سندن خدمت ڪئي وڃي ٿي ان جو اجايو يا سجايو هجڻ جي پرک هتي پوندي. شڪاري ڪتو پٺ ڏيئي ڀڄندو ته هرگز ڪين، پر جيڪڏهن ڪو سوئر زخمي ڪري وڌو ته لوڌ جا ٻيا به ڪتا ڇوڙي بڇ ڪندا. مطلب ته هن ڪتن جي شڪار جو تماشو نهايت هڪ دلپذير هوندو آهي ۽ ماڇين جي مهارت جو داد ڏيڻو پوندو آهي. ڪتن جي ڀونڪ سڄي ٻيلي کي ٻُرائي ڇڏيندي ۽ سوئر جون ڪراهون ۽ ڪيڪون ٻيلو مٿي تي کڻي ڏينديون. +آخر سوئر به ساهه واري شيءِ آهي؛ جڏهن ڪتا هڻي ساڻو ڪري ڪيرائي وجهندس ته زمين تي پئجي رهندو ۽ ماڇي ماڻهو ڏاڍي احتياط سان اتي وڃي سوئر جي پيٽ تي ڏڦو رکندا۽ جسم ۾ کوڙي ڇڏيندس ۽ سوئر ٻاڪاري پويان پساهه کڻندو. +هاٺي ڪتا وٺ ئي نه ڏيندا ۽ اڃا الرون ڪندا رهندا، مگر ماڇي انهن جا خدمتگار آهن، سي هنن کي ڳچيءَ ۾ ٻڌل پٽي ۾ هٿ وجهي بمشڪل هٽائي پري ڪندا ۽ نيئر سندن ڳچين ۾ وجهي هرهڪ جي پٺي ٺپرايندا ۽ انهن کي هڪ خاص انداز ۾ شاباس چوندا ته ڪتن جو گرم رت ٿڌو ٿئي ۽ ڇڪي پري ڪندن ته به ڪيترو وقت نِرا پيا کڻندا ته کين ڇڏيو وڃي ته صفائي ڪن. ماڇي ماڻهن کي ڏڦير به ان ڪري چوندا آهن، جو هو سوئر کي ڏڦو هڻندا آهن. +سوئر مئو ته واهه واهه ٿي ويندي. ڪاريا، اڪالي سک، باگڙي ۽ چهڙا شڪاري ته خوشيءَ ۾ نه پيا ماپندا. جتي به سوئر جي شڪار جو ڏس پين اتي اچي منهن ڪڍندا. هُتان سوئر مئو، هُتان ميڙ ڪن، ان جا ڀاڱا ڀاڱا ڪري کڻي ويندا جو هو سوئر کائيندڙ قومون آهن. +ڪتن سان شڪار بعد هڪ ٻيو شڪار، جنهن کي پنجوڙ جو شڪار چئبو آهي. سو سڀني شڪارن کان عجيب شڪار آهي ۽ ان ۾ وڏي مهارت ۽ استادي گهرجي. جڏهن به ٻيلي ۾ سوئر هجڻ جو يقين ٿيو ته وڏا ماڻهو، ماڇين جي ذريعي پنجوڙون کڻي ٻيلي ۾ پهچي ويندا. ماڇي سوئر جو پيرکڻي ان جو ٿانِ ڳولي وٺندا. هيءَ شڪار ڍڪئيءَ مهل ڀنڀرڪي جو ٿيندو آهي. ڪندا ڇا آهن جو پنجوڙ، مضبوط مُڃ يا ڪا ٻار جي رسين جي ٺهيل هوندي آهي. اها سوئر جي گهٽن تي وڇائڻ جو سانباهو ڪندا. پنجوڙ هڪ قسم جي رسن جي ڄاري هوندي آهي، جهڙي مهاڻن وٽ مڇين مارڻ لاءِرڇ جي ڄاري هوندي آهي. رڇ جي ڄاري بهرحال درميانه جي هوندي آهي ۽ پنجوڙ جي ڄاري مضبوط رسن جي ٺهيل هوندي آهي. +اوهان کي اها ته خبر آهي ته ٻيلن جا وڻ قطارن ۾ پوکيل هوندا آهن ۽ انهن جي وچ مان عام ماڻهن، مال ۽ ٻين جانورن جي لنگهڻ جا گُهٽَ ۽ پها هوندا آهن. +شڪار جا ماهر سوئر جا لانگها ڇڏيندا آهن ۽ انهن لانگهن کي پنجوڙ سان بند ڪندا آهن ڪم از ڪم تي لنگهه بند ڪرڻ جي ترتيب ڪندا آهن. پنجوڙ لاءِ ٽن ماڻهن جي ضرورت پوندي آهي. هڪ ماڻهو سوئر جي پٺ کان البته پرڀرو مگر تمام خبرداريءَ سان بيهندو آهي، جو هن کي هاڪاريندو آهي ۽ ٻه ماڻهو جنهن پنجوڙ سان ٽي گهٽ بند ڪيا ويندا آهن، تن جي هڪڙو هڪ ڇيڙي تي ۽ ٻيو ٻئي ڇيڙي تي هوشياريءَ سان لِڪَ ڪري بيهندو آهي. +ٻن لنگهن کي ته پنجوڙ جي ڄاريءَ سان گڏ لوڙها هڻي بند ڪري ڇڏيندا آهن. باقي وچ وارو گهاٽ کليل رکندا آهن. وچ واري لانگهي کي جيڪا پنجوڙ ڏنل هوندي آهي، ان جي پوري وچ واري سرڪڻ کي هڪ معمولي ڪاٺي اهڙيءَ طرح ڏيندا آهن، جيئن سرڪڻ ککي بيهي ۽ سوئر کي دونار وجهڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ هو ڀانئي ته اتان لنگهي ويندس. جڏهن تياري مڪمل ٿي ويندي آهي، تڏهين سوئر جي پٺ کان جيڪو ماڇي هوندو سو هڪ عجيب آواز ۾ زور سان چوندو”اِهو“۽ پاسن وارا ماڇي؛ اهو چوڻ سان سوئر کي تڙ ڪندا ۽ سوئر مجبور ٿي وچئين گهٽ مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪندو، ڇوته ٻيا به لنگهه وري لوڙهن سان بند هوندا، انڪري جي سوئر انهن لنگهن ڏانهن ويو به کڻي ته وري بي وس ٿي موٽي وچ واري گهٽ مان اچي گهڙندو. بس هن اڃان وچئينءَ سرڪڻ مان دونار ڪڍيو ناهي ته ڪاٺي ڪري پوندي ۽ سرڪڻ ۾ سوگهو ٿي ويندو. پوءِ جيئن هو پاڻ پڇاڙيندو تيئن ويندو لوهه ٿيندو. پنجوڙ سڄي ويڙهجي ويندس. تان جو ڪيڪڙاٽيون ڪندو پئجي رهندو. بس ماڇي فقط ان گهڙيءَ جا منتظر هوندا آهن. جڏهين ڏٺائون ته هاڻي سوگهو آهي ته ڦري ايندس ۽ اچي جيئرو جهليندس. مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته سوئر جا وَڄَ خوفناڪ ٿيندا آهن تنهن ڪري اول ته کيس ڏسي ڪارائيءَ سان سندس وڄ وڍي ڇڏيندا ۽ پوءِ ان کي کڻائي پنهنجي رئيس وٽ آڻيندا ۽ داد حاصل ڪندا. +رئيس جي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس اها خبر وڄ وانگر پکڙجي ويندي ته شڪار جيئرو جاڳندو پنجوڙ ۾ آندو ويو آهي ۽ هاڻي ان تي ڪتن جي بڇ ٿيندي سو هڪ ملاکڙو لڳي ويندو. هڪ ميدان جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڪاٺ جي مُني کوڙي ان ۾ هڪ سخت رسو ٻڌبو آهي ۽ ان جي ٻي پڇاڙي سوئر جي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ جي نموني ٺاهي وجهندا آهن، جنهن مان هو ڪنڌ ڪڍي نه سگهي. پوءِ پنجوڙ مان سوئر کي آزاد ڪري سڀ ڀڄي پري ٿي ويندا آهن ۽ سوئر رسي جي ڊيگهه تائين گول چڪر ۾ وٺي ڦرندو ۽ خُرِ خُرِ ڪندو آهي. هاڻي تماشوڏسڻ وٽان هوندو آهي. ماڇي چؤگرد چار ڪتا سوئر کي بڇيندا آهن. هڪڙي تي سوئر حملو ڪري ته ٻيو پٺيان ڦري اچيس، جي ان تي حملو ڪري ته ٽيون چڪي مارين. پستا ڪتا جي پڻ شڪاري ڪتا هوندا آهن سي ته سوئر جي بدن تي چڙهي سوئر جا ڪن ئي پٽيندا آهن. سوئر ٻين جهنگلي مرن وانگر چڪ ته هڻي ڪونه. هو ته وڙهندو آهي پنهنجي دونار ۽ وڄن سان. وڄ ته سندس اڳئي وڍي ڇڏيا آهن. تنهنڪري ڪتن جي زخمي ٿيڻ جو خاص خوف ڪونه هوندو آهي. پر سوئر به سوئرآهي ڏاڍي ويڙهه کائيندو آهي جلدي آڻ ڪونه مڃيندو آهي جيستائين ڦٽجي ساڻو ۽ نستو نه ٿئي. ڪم ازڪم ٻه ڪلاڪ کن هيءَ وٺ پڪڙ جاري هوندي. تماشبينن جي هجوم مان طرحين جون هڪلون ۽ آواز ۽ تاڙين جا ڦهڪا پيا ٻڌبا آهن. آخر جڏهن سوئر رتو ڇاڻ ٿي پئجي رهندو، تڏهين ماڇين کي اجازت ملندي ته هاڻي کي�� ختم، هڻوس ڏڦو. ڏڦي هڻڻ کي شڪارين جي زبان ۾ ڪڇ ڪرڻ چوندا آهن. ڏڦو لڳو ته ميڙ ٽٽو. ڪي تماشبين حلقو لڳائي سوئر کي اچي ڏسندا آهن ۽ چوندا آهن ته بس سوئر ته مهمائل سوئر آهي. دونار ته ڏسوس، وڄ ته ڏسوس، کر ته ڏسوس وغيره وغيره. اوهان کي خبر هئڻ کپي ته سوئر جا کر مينهن ڳئن وانگر چيريل ٿيندا آهن. ٽنگون ننڍيون ۽ سڄو ماس سان سُڄيل هوندو آهي. پوءِ ته وارو ملندو باگڙين ۽ ٻين کي جيڪي سوئر منجهان وڃي جاوا ڪندا. +شڪار جي ملوڪن جي واهه واهه ٿي ويندي ۽ اهو امير ماڻهو يا رئيس، جنهن جي حڪم تي شڪار ڪيو ويو هوندو، ان جي به جس پئي ڳائبي ۽ سڀڪو چوندو واهه واهه رئيس جهڙو شڪار جو شوقين نه ٿيو آهي نه ٿيندو، شڪار ڪرائي ته ڀلي اسان جو حاڪم رئيس ڪرائي ٻين جي ڪهڙي مجال هڪ هڪ ڪتو سندس لک ٿو لهي وغيره وغيره. +اسان جي سنڌ ۾ ته سوئر هڪ وڏو خوفناڪ مرون آهي، جنهن جي پري کان ڏسڻ سان ئي اسان جو ساهه سڪي ويندو آهي ۽ هن شڪار لاءِ ڪيترا جتن ڪيا ويندا آهن. پر اوهان کي حيرت وٺي ويندي ته يو-پي يا گڏيل علائقن ۾ سوئر کي ڌاريو ويندو آهي. علي ڳڙهه ۾ جڏهن اسان سوئرن جا ڌڻ ڏٺا جي فقط هڪ ڇوڪرو لٺ کڻي ڪاهي پئي ويو ته ڏند چپن سان لڳي ويا. جيئن هتي ڪو ڌراڙ ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي وڃي، بلڪل اهڙيءَ طرح يو- پيءَ ۾ ڌراڙ ڇوڪرا سوئرن جو ڌڻ وٺي جهنگ ۾ چاري پياري شام جو پنهنجي ٿاڻن ڏانهن وٺي ويندا آهن. نه ڪوڊپ نه ڪو ڊاءُ اتي هاري سوئرين کي ڏُهن، انهن جو کير ڏهي ڏڌ، مکڻ ٺاهين. مکڻ جوگيهه ڪن ۽ وڏو واپار هلي. +اسان جي سنڌ ۾ به ڪن شوقين خاندانن سوئرن جي پالڻ لاءِ لوڙها ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ ننڍاڙ ٻٺر پالي وڏو ڪري پوءِ انهن کي ڪتن جي بڇ واروشڪار ڪري لطف اندوز ٿيندا هئا. هاڻي اها بڇڙي رسم تقريباً ختم ٿي ويئي آهي ڇو ته انهن تي عالمن سڳورن اعتراض ورتو ۽ لعن طعن ڪيو. اسان جي سنڌ جي مسلمان مومنن سوئر جي شڪل ڏسڻ ۽ خصوصاً ان جو رت ڏسڻ هڪ عظيم گناهه ٿي سمجهيو. باقي شڪار اڃا به جسته جسته ٿئي پيو، مگر اڳوڻو شوق هينئر گهٽبو ٿو وڃي. + + +(6) +ڍنڍ جي پکين (آبي پکين) جو شڪار +ڍنڍ جي پکين جو شڪار نهايت قيمتي ۽ عمدو شڪار آهي. اسان جي سنڌ ۾ وڏيون ڍنڍون به ڪافي انداز ۾ موجود آهن، پر ننڍين ڍنڍن جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. جن ضلعن ۾ ساريال فصل ٿئي ٿو، اتي ننڍيون ننڍيون ڍنڍون تمام گهڻيون آهن. ڍنڍ جا پکي جهڙوڪ آڙيون. بدڪون، نيرگيون، ٻگها، ڪانئرا ۽ ٻيا به ڪيترا قسم آبي پکين جا ٿين ٿا. هڪڙا پکي هوا ۾ اڏامن ۽ وڻن ۾ پنهنجا آشيانه جوڙين، مگر هي پکي ٻارهوئي ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ رهن، خصوصاً سياري جي موسم ۾ ڪيترائي پکي ڍنڍن تي ڪٿان ڪٿان ڪَهي اچي ڪٺا ٿين. اڳي سنڌ ۾ هنن پکين جي شڪار تي ڪابه بندش ڪانه هئي، البته انگريزن جي زماني ۾ ڪن وڏين ڍنڍن کي عام شڪار لاءِ بند رکيو ويندو هو، جتي فقط وڏاوڏا انگريز آفيسرسنڌ جي وڏن زميندارن جي مدد ۽ رهبريءَ سان شڪار ڪندا هئا. باقي ڍنڍون ٻين لاءِ آزاد هيون. ڍنڍ جا پکي اسان جي سنڌي ٻارهيڙين ميربحر جي روزگار جو هڪ وڏو ذريعو هئا ۽ فقط چند آنن ۾ سير ڏيڍ گوشت وارو عمدو ۽ لذيذ پکي وڪامندو هو. غريب غربو سياري جي مند ۾ کائي خوش ٿيندو هو ۽ الله تعاليٰ جي نعمتن کي ساراهيندو هو. ڍنڍن تي بندش پوڻ سبب هنن جو روز گار به قدرتي بند ٿي ويو؛ تاهم بک بري بلا آهي. مهاڻا ويچارا لڪي ڇپيءَ رات جو وڃي شڪاري ايندا هئا ۽ صبح جو وڏن وڏن ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري پنهنجو گذر ڪندا هئا ۽ اڃان تائين اهو دستور هلندو ٿو اچي. ڪو وقت هو جو مون لاڙڪاڻي، بدين، ڇوڙ ۽ کپري ۾ هڪ هڪ بدڪ 2 آنه، کان 8 آنه ورتي، ناظرين ڪرام کي اها ته خبر آهي ته ڍنڍ جا پکي سخت سياري ۾ به ڍنڍن جي برف جهڙي ٿڌي پاڻي ۾ ئي رهندا آهن. +ان ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ انهن جي سڄي جسم مٿان چرٻيءَ جو هڪ تهه چاڙهي ڇڏيو آهي. جنهنڪري سيءُ مٿن ڪوبه اثر ڪو نه ڪري. انهن پکين جو ٻوڙ پلاءُ ڪر ته ڪنهن به گيهه جي ضرورت ڪانه پوي. سندن کنڀن ۾ سڻڀ هوندو آهي، ان ڪري پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي وري نڪري ته ڦڙو به سندن کنڀڙاٽين تي ڪونه بيهي سگهي. هوا جي پکين جي پيرن جون آڱريون الڱ الڱ هونديون آهن جيئن انسان جون، مگر هنن پکين جون آڱريون پاڻ ۾ هڪ وکي جهڙي کل سان ڳنڍيل ٿينديون آهن. ان ڪري سندن پير پاڻيءَ ۾ ترڻ وقت مدد ڪن. بدڪون، آڙيون، نيرگيون وغيره جڏهن ڍنڍ ۾ ترنديون آهن ۽ سندن ويڙهيل پير سندن پٺيان پاڻيءَ ۾ ليڪا ڪڍندا ويندا آهن جي ميٽبا ويندا آهن ڇو ته ڪو به نقش پاڻيءَ تي نه بيهندو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ادا، هيءُ ڪم اجايو ٿو ڪرين پاڻيءَ تي ليڪو ڪهڙو بيهندو! سندن ترڻ اهڙو ته مزو پيو ڏيندو آهي ڀانئبو آهي ته ڪي ننڍڙيون ڍونڊيون تري رهيون آهن ۽ اندر ۾ اڌما پيا اٿندا ته جيڪر کين پڪڙجي، جا ڳالهه سڀ ڪنهن جي وس جي ڪانه آهي. فقط ٻارهيڙي مهاڻا ئي ان جا ماهر آهن. +ڍنڍ جي پکين جو شڪار عام طرح اسان وٽ ٽن نمونن سان ڪيو ويندو آهي، پهريون ٽوپيءَ وارو شڪار، ٻيون ڄاريءَ وارو شڪار ۽ ٽيون بندوق سان شڪار- بندوق سان پکي جيئرا نه وٺي سگهبا آهن باقي ٻين ٻن شڪارن سان پکي جيئرا هٿ ڪيا ويندا آهن جي وڪرو ڪرڻ ۾ اچن. ڪي ماڻهو بدڪون وٺي پنهنجن گهرن ۾ ڪڪڙين وانگر پاليندا به آهن. +بدڪون به ڪڪڙين وانگي آنن تي آرو ڪن ۽ ٻچا ڦوڙين. سندن ٻچا جڏهن پنڌ ڪن ته هنن جي ڪبڪ رفتاري ڏاڍي پياري هوندي آهي. وڏا امير ماڻهو ته پنهنجن بنگلن جي ايوانن ۾ انهن جي رهڻ ۽ ترڻ لاءِ ننڍڙا تلاءَ به ٺهرائيندا آهن ۽ سندن کاڌي لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون مڇيءَ جيڪو ڪُرڙيون به خريد ڪري پاڻيءَ ۾ ڇڏيندا آهن. باقي جن گهر اهڙا نه آهن پر سادن گهرن ۾ رهن ٿا، سي ٻيو نه ته به وڏيون ڪونڊيون پاڻيءَ جون ڀري رکندا آهن. هي پکي ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ترن ۽ ڪڏهن زمين تي ڪڪڙين وانگر هلن چلن. +ڍنڍ جا پکي به خصوصاً بدڪون، ڪڪڙين وانگر آنا لاهين، جي ماڻهو پاڻ به کا5ئين ۽ وڪرو به ڪن. البت چون ٿا ته بدڪن جي آنن ۾ ايترا حياتين يعني وٽامن ڪين آهن، جيترا ڪڪڙين جي بيضن ۾، بدڪن جي بيضن ۾ البت ڪجهه کِکَ به ٿيندي آهي، ڇو ته هي پکي مڇي به کائين ٿا. ڪڪڙين وانگرصرف اَنَ ڪڻا کائين ته جيڪر اها کک به نه ٿئي. ڪڪڙين جا چُوزا ننڍا هوندا آهن ته پيارا لڳندا آهن، ليڪن بدڪن جا ٻچا انهن کان به وڌيڪ وڻندڙ هوندا آهن. ڪڪڙين جي چهنب نوڪدار ٿئي ٿي، مگر آبي پکين جي چهنب ڊگهي ۽ ويڪر ۾ هڪ آڱر جيتري هوندي آهي. الله تعالي اهو نظام ان ڪري فرمايو آهي ته بدڪون مڇيءَ جي ڪرڙين کي آسانيءَ سان پڪڙي سگهن. جيڪڏهن اوهان کي اهڙو موقعو ڪڏهن مليو هجي ته اوهان ڏٺو ڪرڙي جهلڻ کان پوءِ بدڪ پنهنجي چهنب پاڻيءَ ۾ ڪيئن ڦڙڪائيندي آهي ۽ ڪرڙيءَ کي پڇاريندي ۽ ڇاڇوليندي آهي. ان وقت هڪ عجيب منظر هوندو آهي. هر ڪنهن ساهه واري کي پنهنجو گذران ڪرڻ لاءِ ضرورت آهر الله پاڪ عقل ۽ سمجهه عطا فرمائي آهي. بهرحال هت پکين جي عادت واطوار تي لکبو ته معاملو طويل ٿي ويندو، منهنجو مقصد فقط شڪار جو آهي. +جن صاحبن ڍنڍون ڏٺيون هونديون ۽ انهن ۾ پوکيل ڪَلِ به ڏٺي هوندي، انهن ڏٺو هوندو ته آبي پکي ڪَلِ جي ڪانن ۾ ويهي آرام ڪندا آهن ۽ مڇيءَ جو شڪار ڪندا آهن. سڀني هم جنس پکين جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار ۽ اتحاد هوندو آهي. هڪ ٻئي کان پري رهڻ پسند نه ڪندا آهن. شاهه ڀٽائيءَ به فرمايو آهي ته؛ +ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، +پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو. +هي پکي ڪڏهن ڍنڍ جي هن ڪَپَ تي ته ڪڏهن هن ڪپ تي جهڳٽا ٺاهيو ويٺا هوندا آهن. مڇي شڪار ڪري کائي ڍوُ ڪري پوءِ اچي ميڙا ميڙا ڪري ڪنارن جي قريب ويهندا آهن. انسان جهڙو ڏاهو ۽ عقلمند ساهوارو ته ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. هو پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ جائز ته ڇڏيو ناجائز طريقا به اختيار ڪندو آهي. ميربحر هنن ساده لوح پکين کي جڏهن ٽوپيءَ جي شڪار جو نشانو بنائيندا آهن، تڏهن ڇا ڪندا آهن، جو هنن وٽ هڪ ٽپي ٺهيل هوندي آهي، جا پنهنجي مٿي ۾ پائيندا آهن، ان ٽوپيءَ جي مٿئين چَندي تي بدڪ جو بوتو ٺهيل هوندو آهي جا هوبهو سچي بدڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ٽوپيءَ سان ميربحر جو منهن ڍڪيل هوندو آهي ۽ فقط اکين وٽان ڏسڻ سوراخ ڇڏيل هوندا آهن. اها ٽوپي پائي پار هيڙي پاڻيءَ ۾ گهڙي پوندا آهن ۽ نهايت خاموشيءَ ۽ اٽڪل سان پنهنجو سڄو جسم پاڻيءَ ۾ وجهي فقط اکيون ۽ مٿو پاڻيءَ کان مٿي ڪري پاڻيءَ ۾ هلڻ لڳندا آهن ۽ جتي آبي پکي گڏ ٿيا ويٺا هوندا آهن، ان طرف رخ ڪندا. پکي ويچارا سمجهندا آهن ته اهو به ڪو پريان سندن ساٿي اچي رهيو آهي ۽ ان ڪري ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه ٿئين. هن طريقي کي ٽوپيءَ وارو طريقو يا ڪنڌو چوندا آهن. مهاڻو جڏهن پنهنجي حرفت ۾ ڪامياب ٿي زنده پکين جي جهڳٽي وٽ اچي ته جهٽ ڏيئي ويساهه وسوڙل پکين کي کڻي پڪڙي پوءِ ڀاڪر ۾ پنج پکي اچن، اَٺ پکي اچن يا گهٽ وڌ، ويرم ئي ڪانه ڪندو پڪڙي کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪندو ۽ ڪڍي اچي ٻاهر قابو ڪندو. ان طرح پنج چار دفعا ڦيرا ڪڍيائين ته 15-20 پکي ڦاسائي کڻي راهي ٿيندو ۽ پنهنجو پيٽ قوت ڪڍي ايندو. ٽوپيءَ جو، شڪار هڪ ٺڳيءَ ۽ دولاب جو شڪار آهي جو فقط مهاڻا ڪندا آهن. اهو شڪار ڪن وڏن زميندار ۽ اميرن وٽ مند جي شروعات ۾ ميربحر ڍوڻئي طور ڏيندا آهن، جهڙيءَ طرح هوائي پکين ۽ مڇيءَ جو ڍوئڻو به وڏن اميرن کي ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي چڱي مجرائي ملندي اٿن. هي شڪار به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ميربحر جي هنر جو ڪمال آهي. +ٻيو طريقو آهي ڄاريءَ وارو . جنهن کي وانجهار جو طريقو سڏيندا آهن جو وڌيڪ محنت گهري، مگر اپراسو جلد ٿئي، هن شڪار ۾ ميربحر ڇا ڪندا آهن جو ڍنڍ جي جنهن پاسي کان آبي پکي ويٺل هوندا آهن. ان پاسي جي سامهون، جتي ڪل بيٺل هوندي آهي اتي وڏا لڙها کڻي ڍنڍ جي آرپار پاڻ ۾ کوڙيندا آهن، اهڙيءَ طرح جو ڪم از ڪم اهي لڙها پاڻيءَ جي سطح کان اٺ فوٽ کن بيهن. هرهڪ لڙهو ٻئي کان 8-10 فوٽن جي وٿيءَ تي هوندو آهي. پوءِ انهن لڙهين ۾ سوٽي ڄاري پکيڙيندا آهن، جيئن هڪ ديوار ٺهي پوي. جڏهن اهو انتظام مڪمل ٿي ويندو آهي، تڏهن جنهن ڪناري تي پکي جهڳٽا ڪريو ويٺا هوندا آهن، انهن جي پٺ کان ڪناري واري زمين تي ڦري ايندا ۽ پکين ۾ آواز ڪرڻ سان يا ڪو پٿر ٺڪر اڇلڻ سان اچي ٽاهه وجهندا آهن ۽ ويچارا آبي پکي ڇرڪ ڀري وٺي سامهون منهن ڪري اڏامندا. ڄاريءَ جو سٽاءُ ايتري مفاصلي تي هوندو آهي جو گهڻا پکي ڄاريءَ جي مٿان اڏامي نه سگهندا آهن. اڃا سندن پر اڏامڻ ۾ ايترو زور نه وٺندا آهن ته ڄاريءَ کي اچي پهچندا آهن ۽ سندن ڳچيون ۽ پير ڄاريءَ ۾ اڙي ويندا آهن. ناظرين ڪرام سمجهي سگهن ٿا ته پکي به هوائي جهاز وانگر اڏا مندا ته پهريان هيٺيان اڏامندا ۽ پوءِ جيئن جيئن سندن کنڀڙاٽين ۾ زور پيدا ٿيندو، تيئن مٿي ويندا. هي پکي تترن يا ٻاٽي ڦرن جهڙا تيز ڀڙڪو کائي اڏامندڙ نه آهن. سندن بدن ڳرا هوندا آهن ۽ جيسين مٿي چڙهن تيسين ڄاريءَ ۾ اچي ٺڪاءَ ڪندا. بهرحال جن جي حياتي هوندي سي مٿان لنگهي به هليا ويندا ليڪن منجهائين اڪثر ڄاريءَ جي دام ۾ اچي ويندا. پارهيڙي ته ڪل ۾ لڪا بيٺا هوندا آهن سي دير ئي ڪانه ڪندا ۽ پکي ڦاٿو ناهي ته ڦٿڪڻ به ڪونه ڏيندس. ڪڍي ٽنگن مان جهلي هٿ ۾ ڪندا ويندس. جتي جتي ڪل تمام وڏي ماڻهوءَ کان تار هوندي آهي، اتي اڪثر ڄاري نه وڌي ويندي آهي؛ پر ننڍيءَ ڪل وٽ وڌيڪ اثرائتي ٿيندي آهي. هن شڪار ۾ به بيڪ وقت پنجاهه_ سٺ پکي ڦاسي پوندا آهن. ٽوپيءَ واري شڪار ۾ هڪ ميربحر اڪيلي سر به شڪار ڪندو آهي پر ڄاريءَ واري شڪار ۾ 5-4 ڄڻا گڏجي شڪار ڪندا آهن، جي پاڻ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا هوندا آهن ۽ مال ورهائي کڻندا آهن. +هي ٻئي شڪار جا نمونا مون ڇور اسٽيشن وٽ جا هڪ وڏي ڍنڍ آهي ۽ فقط آفيسرن جي شڪار لاءِ محفوظ هوندي آهي. ان تي اهو لقاءُ ڏٺو. محترم محمد رحيم ملاح سٽيشن ڇوڙ جي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر هو ۽ سندس مٽ مائٽ اهو شڪار ڪندا هئا، ان موصوف مون کي اهي شڪار ٿيندا هلي ڏيکاريا ۽ مفت جون بدڪون به خوب کارائيندو هو، هن وقت خبر اٿم ته ڪٿي آهي، خداوند ڪريم سندس ڀلو ڪري نهايت ئي سنجيده نوجوان هو ۽ بذات خود به انهيءَ شڪار ڪرڻ جو ماهر هو. + + +ٽيون شڪار آهي، بندوق جو- هيءُ شڪار هڪ وڏو ۽ اعليٰ درجي جو شڪار آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي گهرج ٿيندي آهي- هڪڙا ماڻهو پکين ۾ ٽاهه وجهي انهن کي اڏائيندا آهن ۽ ٻيا ٻيڙين تي چڙهيل بندوقچي هوندا آهن، جي انهن کي گولين جو نشانو بنائيندا آهن ۽ جو پکي اڏامندي گولي لڳڻ سبب پاڻيءَ ۾ ڪريو، ان کي اتي جو اتي ٻيڙي هلائي وڃي پاڻيءَ مان کڻندا ۽ ذبح ڪندا ٻيڙيو ڀريندا آهن- هن شڪار ۾ سَوَن جي تعداد ۾ پکي اجل جو شڪار ٿيندا آهن. خبر ناهي پنهنجي پيٽ قوت کان وڌيڪ ساهوارا مارڻ ڪيتريقدر جائز آهن. بهر حال هي پکي جيئرا نه ڦاسندا آهن ۽ شڪار جا شوقين انهن بي انداز مظلوم پکين مان پاڻ ته جاوا ڪن پر ٻين دوستن احبابن ۽ آفيسرن کي به سوغات طور پيش ڪن. +هن شڪار جو احوال آءُ اهو اکين ڏٺو نظارو بيان ڪريان ٿو جو مون منڇر ڍنڍ تي ڏٺو. سچ پڇو ته مان هن شڪار جي ڏسندي محفوظ به ٿيس ۽ دل تي ڏک به سخت ٿيم ۽ ان بعد وري شڪار ڏسڻ جي سَڌَي لاهي ڇڏيم خدا معاف ڪري. (آمين) +هڪ دفعي ڊسمبر مهينو هو، ناتال جون موڪلون هيون. ناتال کي ٻائيتال به ان ڪري چوندا هئا، ماڻهو ۽ آفيسر جن کي شڪار جون پرمٽون هونديو هيون، سي ڍنڍ جي پکين جي شڪار تي مڇر جي پوندا هئا ۽ ناتال جا ڏهه ئي ڏينهن رَکَ وارين ڍنڍن تي بندوقون ۽ ڪارتوسن جون پيتيون ڀري نڪري پوندا هئا. آءُ پنهنجي ڊيوٽيءَ سان دادوءَ ۾ هوس. چند دوست گڏ ويٺا هئاسين ۽ ڪچهري متل هئي ته هڪ دوست آيو، جنهن چيو ته يارو منڇر تي شڪار جا وڏا سانباها ٿي رهيا آهن. شڪار جي دعوت به ملي آهي جي ديدار ڪرڻو هجيوَ ته سنڀرو ته هلون ۽ دل وند رائي اچون. مون کان سواءِ سڀني کي ڳالهه پسند آئي، مون چيو يار مان ته شڪار مان ڪونه ڄاڻان ۽ نه بندوق هلائڻ اچيم مان ته ڪونه هلندس. ’پرائي‘ دهلين احمق نچي نچي، اوهان ڀلي وڃي موج ڪري اچو. پر هنن مون کي ڏاڍو زور ڀريو. ايتري ۾ سندن هڪ دوست جيپ سوڌو اچي وارد ٿيو ۽ ساڳئي ڳالهه ڪيائين، چيائين ته آءُ به شڪار لاءِ ئي سهي سنڀري نڪتو آهيان جيپ حاضر آهي، آهيان به اڪيلو، هلو ته رس رهاڻ ڪندا هلون ۽ هلو به ضرور اوهان کي هرگز نه ڇڏيندس. آخر هن اسرار تي چار اسين ۽ پنجون هو پاڻ جيپ ۾ چڙهي ويٺا سين ۽ڪهي اچي منڇر تي پهتاسين. ڪيترائي توبچي اتي ڳاٽ کڻيو بيٺا هئا ۽ پنهنجي بندوق کي شڪار لاءِ تيار پئي ڪيائون. +ڏهاڪو کن ٻيڙيون به حاضر هيون ۽ ميربحر به حاضر هئا، جي ڏاڍو خوش ٿي نظر آيا. آخر هر هڪ ٻيڙيءَ ۾ ٻه ٻه تو بچي سوار ٿيا ۽ ٻه ٽي خالي ٻيڙيون پکين کي ورائڻ لاءِ منجهن ٽاهه وجهڻ ۽ تڙ ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ همراهه سان هر طرف کان روانيون ڪيون ويون. توبچي ڪل اٺ هئا ۽ هڪ هڪ ٻيڙيءَ ۾ ٻه ڄڻا بندوقن سان تيار ٿي ويٺا. هاڻي اهي ٻيڙيون هاڪاري جداجدا طرفن ڏانهن هلڻ لڳيون. پريان پکين جون ٽوليون نظر اينديون ٿي رهيون. جڏهن پکين کي ڪجهه ويجها ٿيا ته هڪڙي خفتيءَ (خبطيءَ) وٺي هوائي فير ڪيو ۽ بندوق جو ٺڪاءُ ٿيڻ سان پکين ۾ جو ٽاهه پيو سو آسمان پکين جي اُڏام سان ڀرجي ويو ۽ مون جهڙي محض تماشبين جي مٿان به ولرن جا ولر اڏامندا ٿي ويا. پوءِ ته ٺڪا ٺوڪي لڳي ويئي ۽ اٺن بندوقن جو ڪڏهن ڪڏهن ته هڪڙوئي ڌڌڪو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. ڌڪ ڌڪ سان پکي ويچارا آسمان مان وٽبا سٽبا اچي ٿي پاڻيءَ ۾ ڪريا. مهاڻن جي واهه واهه مچي ويئي. پکي ڪرندا ويا ۽ مهاڻا انهن کي جهليندا تڪبير يا سير وجهندا ٿي ويا. مهاڻن کي ته اهڙو لطف پئي آيو جو اڃا پکي پرڀرو ئي هجن ته شڪارين کي رڙ ڪري خبردار ڪن ته سائين اهو نيرگين جو ولر پيو اچي. بس پکي اوڏڙا اچن ته شڪاري به بسم الله ڪري ڊز ڊز لڳايو ڏين- ڌڪ ڌڪ سان نير گي ڦرندي ڦرندي اچيو پاڻي ۾ ڦهڪو ڪري ڍنڍ جي پکين جا ڪيترائي قسم هئا، جهڙوڪ نيرگيون، ڊگوش، لنگها، چيخلا، بدڪون ۽ آڙيون وغيره. چيخلو پکي انهن سڀني کان اڏامڻ ۾ تيز هو. توبچين کي به چيخلي ڏاڍيون پوپٺيون پڙهايون. شڪار جو پروگرام سڄي ڏينهن جو هو تنهنڪري مانيءَ جو بندوبست به اتي ٻيڙين ۾ ئي ڪيو ويو هو. بس شڪار جي مزي ۾ ايئن پئي ڏٺو ته ڄڻ شڪارين خواهه تماشبينن کي ڪو عيد جو ڏينهن نصيب ٿيو آهي. ڌڻيءَ جي قدرت سان پکي به ايترا هئا جو شڪارين هٿ ٺاريا ۽ شام ٿي ويئي ته ڪل ڪانه ٿي پئي ته ڏينهن سڄو ڪيئن گذري ويو. سج لٿو ۽ شڪار بند ڪيو ويو. ڪل ست ٻيڙيون واپس آيون جن مان هر هڪ ۾ ڊنو ڊپ ڪري ڳالهه ٿو ڪريان ته ڏيڍ سؤ کان ٻن سون تائين پکي ڍير لڳا پيا هئا. رات اتي پئجي ويئي. شڪار مان ڪي پکي پچايا يا سيخ ڪيا ويا، ڪن جو پلاءُ ٺهيو ۽ ڪي ڀُڃي هرهڪ جاوا ڪيا. رات جو ڳچ حصو رڳو شڪار جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ڪي چوڻ لڳا ته ادا شڪار بيڪار آهي پر اڄ ته واهڙ وهي ويا. صبح ٿيو ته بنا ناشتي وري ساڳيءَ جيپ ۾ چڙهي اچي دادوءَ پهتاسين. مون کي اهو شڪار حياتيءَ نه وسرندو پر وهيا ته اهي پئي جن بندوق جا جوهر ڏيکاريا هئا، اهي ڀلي مرڪن. مون اکين سان ڏٺو ته اتفاقي ڪو ڌڪ گٿو هوندن نه ته ڌڪ ڌڪ ڪامياب پئي وين. مروان موت ملوڪان ’شڪار‘. شڪارين جي لاءِ ته مزو هو پر ويچارن گگدامن لاءِ قيامت صغرا هئي. ڪيئي ڪارتوس خلاص ٿيا ۽ ڪيترائي پکي حلال ٿيا. شڪار به خير سان پورو ٿيو نه ته شڪار وقت سڀ ان انڌ جي گهڙي تي سوار هئا ۽ خبر ڪانه ٿي پين ته مٿان اسان جو ڌڪ ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي نه لڳي وڃي. اڪثر اوقات ائين به ٿيو آهي جو ڌڪ گسي ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺل کي به لڳي ويو هوندو ۽ مورڳو؛ شکار کرني کو آئي، شڪار هوکي چلي“ جي مصداق قيمتي جانيون به نقصان ٿيون هونديون. هيءُ ته ٿيو وڏين ڍنڍن تي شڪار جو نظارو. پر ننڍين ڍنڍن تي به سيکڙاٽ توبچي جن تازو ليسن ورتو هوندو آهي سي شڪار لاءِ ويندا آهن ۽ ٻه چار ويٺل پکي ڊڙي ايندا آهن. وڏا شڪاري ويٺل پکيءَ کي ڌڪ هڻڻ معيوب ڄاڻندا آهن ۽ فقط اڏا مندڙ کي ڌڪ هڻندا آهن. پکي ڀلي ته ڪيترو سولو ويٺل هجي ۽ ان جي نشاني جي به پڪ هجي مگر هو ان کي اڏائي پوءِ ڌڪ هڻندا آهن ۽ سيکڙاٽ اول اول ويٺلن پکين تي بندوق آزمائيندا آهن. اڳي شڪار لاءِ وڏن ماڻهن وٽ خاص گاهون هيون ۽ شڪار لاءِ وڏا اهتمام ڪيا ويندا هئا، مگر هن وقت ماڻهن جون مصروفيتون تمام وڌي ويون آهن ۽ فرصت گهٽ آهي، تنهنڪري شڪار جو شوق به گهٽجي ويو آهي. هاڻي فقط وڏا وڏا شڪار حڪومت ڪرائيندي آهي. جڏهن ٻين ملڪن جا حڪمران پاڪستان ۾ سيرو سياحت ۽ تفرح لاءِ ايندا آهن ورنه ٻيو ٿيو خير. +ضميمو +بازسان شڪار +از سنڌيڪار +سررچرڊ برٽن +غلام رباني آگرو +باز سان شڪار +(1) سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ باز: +سنڌي بازدار کي باز جا هيٺيان مکيه قسم معلوم آهن: +1- شهباز: يعني بازن جو شاهه. هيءُ پيلين اکين سان خاڪي رنگ جو چڱو وڏو پکي آهي. افغانستان جي ٽڪرين ۾ ۽ انهن جي آسپاس ڦاسايو وڃي ٿو؛ پوءِ هيٺ ميداني علائقن ۾ آڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. شهباز جي جڏهن چڱي پالنا ٿئي ٿي ۽ کيس شڪار ڪرڻ جي سکيا ملي ٿي ته پنجن کان ڇهن پائونڊن تائين ملهه ۾ وڪامي ٿو. نر ماديءَ کان گهڻو ننڍو ٿئي ٿو، ٻئي (نر توڙي مادي) زبردست طاقت وارا خونخوار ٿين ٿا. انهن کي سڀني بازن ۾ زياده شاندار سمجهيو وڃي ٿو. بخارا ۽ برفاني علائقن واري مشهور ”شير- باز“ (شينهن –باز) جي سنڌي بازدار کي سڌ ڪانهي. +2- بهري: هيءُ پنهنجي بيڊپائي ۽ طاقت جي ڪري هندستاني بازدارن کي تمام گهڻو پسند آهي، تنهن کي هتي عام طور کيس شاهين سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي ڪن حصن ۾ ملي ٿو. تتر، ڪونج، مرغابي، ٻگهه ۽ سهي جو شڪار ڪري ٿو. +3- باشو: هيءُ جهرڪي- باز جو هڪ قسم آهي. پر ننڍا اٿس. هيٺاهون اڏامي ٿو. پيلي رنگ جون اکيون اٿس. سنڌ ۾ وڏو قدراٿس. ڇو ته تتر جي شڪار لاءِ تمام ڪارائتو آهي. جيئن ته سياري ۾ سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ اونهاري ۾ پهاڙي علائقن ڏي وڃي ٿو، انڪري ”سيلاني پکي“يا ”مندائتو پکي“ سڏجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ قيمت اٺ يا ڏهه شيلنگ اٿس. +4- شڪرو: هي پکي ساڳيو انگريزن وارو جهر ڪي-باز آهي. تتر جو شڪار سٺو ڪري ٿو. سنڌي بازدار ان کي ”ڪتو-پکي“ به سڏي ٿو، ڇو ته شڪري جي طبيعت ڪتي واري آهي. شڪرو، هر طرح سان نيارو، سنڌ ۾ هڪ ٻن شلنگن ۾ ملي ويندو. +5-لغڙ: هيءُ اڪيلو وڏن پرن وارو باز آهي جو سنڌ ۾ عام جام استعمال ٿئي ٿو. اکيون ڪاريون اٿس چنبا ڪاري رنگ جا ۽ پڇ ڀورڙو خاڪي. لغڙ تتر، ٻٽير ۽ سهي جو شڪار ڪري ٿو. لغڙ جو مزيدار مقابلو ڪانون سان ٿئي ٿو. +سراليگز ينڊر برنس پنهنجي ڪتاب “personal narrative of a +Journey to Cabool” جي ٻئي باب ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌين کي هيٺيان باز معلوم آهن: +لگڙ (لغڙ) مادي، جگڙ (جغڙ) نر. +سنڌ جو رهاڪو، جهرڪي- باز، ڪارين اکين سان، هڪ مند لاءِ پالجي ٿو ۽ مند مٽجڻ بعد ڇڏي ڏجي ٿو. +باز (شهباز) مادي، زره (جره) نر. +خراسان جو رهاڪو، گلابي (پيلي) اک. شاهاڻو پکي. +چرغ مادي، چرغلا (چر غلو) نر. +ڪوٺي (ڪڇ؟) جو رهاڪو، ڪاري اک ، هرڻ کي جهلي ٿو ۽ تلور ماري ٿو. +باشو (باشاه ) مادي ، بشين (باشي) نر. +خراسان جو رهاڪو، گلابي اک، جسم ۾ ننڍو. +بهري (باهري) مادي، بهري-بچي (شاهين) نر. +سنڌ جو رهاڪو، سنڌو درياه جي ڀرسان ملي ٿو. +ڪوهي مادي، ڪوهيلا نر. +شاهين به سڏينس ٿا، سنڌ جو رهاڪو آهي ڪاري اک اٿس. +توروراتي مادي، چٽوي (چٽوئا) نر. +سنڌ جو پکي، ڪاري اک، مند مٽجڻ بعد ڇڏي ڏجي ٿو. +شڪرو مادي، چپاڪ نر. +سنڌ جو رهاڪو، گلابي اک. +مغرب ۾. اسان جا اڳيان بازدار مشرقين وانگر، نر ۽ مادي باز لاءِ جدا جدا نالا استعمال ڪندا هئا. +سنڌ ۾ پڻ، ٻين هنڌو وانگر، ڊگهن پرن وارن بازن ۽ ننڍن پرن وارن بازن جي خصلتن ۾ وڏو فرق آهي. پهريان، پنهنجي اوچائيءَ، فرمانبرداريءَ ۽ جوش ڪري يورپ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا. اهي هوا مان کنوڻ وانگر لامارو ڏيئي جهٽ هڻن ٿا ۽ شڪار کي ڌڪ هڻي ڌرتيءَ تي اڇلائين ٿا. پويان يعني ننڍن پرن وارا هڪجهڙيءَ سنوت تي شڪار سان وڙهن ٿا. ان کي کنڀي مٿي کڻي ٿا وڃن ۽ پوءِ تيزيءَ سان تي زمين لهن ٿا. اهي شڪار کي زور سان پنهنجو پر هڻي، طاقت سان ماري وجهن ٿا، پوءِ پنهنجن چنبن ۾ جهلي، ان جا کنڀ پنهنجي چهنب سان پٽين ٿا. +سنڌ ۾ گهڻو ڪري گول پرن وارا باز استعمال ٿين ٿا. توڙي جو اهي مهانگا آهن ۽ انهن جي ترتيب ۽ پرورش ڏکي آهي؛ اهو شايد انڪري آهي جو يا ته سنڌ جي آبهوا يا ته سنڌي باز دارن جي ترتيب يا اهي ٻيئي ڳالهيون ان قسم جي بازن لاءِ موافق آهن. +مان نٿو ڀايان ته يورپ ۾ بهترين قسم جا بـــاز ابراهيم خان جي پاليل ۽ پسنديده بازن کان بهتر شڪار ڪري سگهن ٿا. +(2) ابراهيم خان جا باشا: +”صاحب، اڄ پاڻ کي وڏو سفر ڪرڻو آهي.“ صبوح جو ٽين بجي جيئن مان گهوڙي تي سوار ٿيس ته امير مون کي چيو؛ ”باز ’هرڻ شڪار گاهه‘ تي اڳيئي مو ڪليل آهن. ساڳي جاءِ آهي جتي اوهان سان ذري گهٽ چگائي ٿي هئي.“ جيئن ته پکي ساڻ نه هئا، ان ڪري اسان گهوڙي کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو. ميدان لتاڙي، واه ٽپي، سڪل نديون اڪري، گونيءَ تي محمد خان جي ٽنڊي کي اچي سڻاوا ٿيا سين. +گونيءَ جي هڪ ڪپ تي هڪ شڪار گاهه آهي، جنهن ۾ جنهگلي مرون، هرڻ ۽ ٻيا جانور آهن، سامهون شهر آهي جنهن جي چوڌاري انبن جا گهاٽا باغ آهن. +توڙي جو صبح جا ڇهه به مس ٿيا هئا، پر 15 ميل سفر ڪرڻ سبب اسان سڀني کي بک ڇتو ڪري وڌو هو. هڪدم گهوڙن تان سامان لاٿو ويو ۽ انهن جي منهن تي توبرا چاڙهيا ويا. نوڪرن خرزين منجهان ماني، مکڻ، پکين جو پڪل گوشت، اٻاريل بيضا، پنير، کنڊ تماڪ ۽ حقا ڪڍيا. +گهڙي ساعت ۾ نيرن تيار ٿي وئي ۽ اسان شڪار واريون ڇريون کڻي، کاڌي کي جنبي وياسين. هر هڪ موج ۾ هو. امير ته وڏي ليءِ ۾ هو. +ڪاڪومل اسڪولي ٻار وانگر مکڻ ۽ ماني چٻاڙي رهيو هو. هريچند جو لوٽو سندس مڇن هيٺان لڪي ويو هو. خذمتگار اسان کي مزي ۾ ڏسي گد گد پئي ٿيا. +”صاحب، ياد اٿيئي، سويرو پاڻ علي بحرواهه جي منهن وٽ پاڻيءَ جي هڪ ڇنڀ مان لنگهيا هئاسين؟“ امير ائين پڇيو جو معلوم ٿيو ته کيس ڪو ٽوٽڪو ٻڌائڻو هو. +مون هاڪار ڪئي. +”گذريل سال“ امير چوڻ لڳو، ”جڏهين واهه ۾ پاڻي سڪي ويو هو ته سرڪار پنهنجي هڪ انگريزي عملدار کي هتي موڪليو ته هتي سرزمين جي جاچ ڪري ڏسي ته واهه ۾ پاڻي ڪهڙي سبب نٿي آيو . ڳالهه سنئي سڌي هئي؛ ڇا هو ته سنڌين واهه جي منهن وٽ دڪو ڏيئي ڇڏيو هو ته جيئن منهنجي زمين ۾ پاڻي نه اچي پر انگريزي عملدار، توڙي جو منشيءَ وانگر لکي پڙهي پئي سگهيو، سنڌي به ڳالهائي ٿي سگهيو ۽ وٽس زنجيرون، ڪاٺ جون گهوڙيون ۽ ٻيا ڪيئي اوزار پڻ هئا، ته به منجهي پيو. کيس اها خبر ڪانه هئي ته سنڌي ڪيڏا حرڪتي آهن! هڪ دفعي انهيءَ ئي پاڻي جي پاسي سان پسار ڪندي ڏٺائين ته هڪ ماڻهو پئي ٻڏو ۽ ڪناري تي پنجاهي کن ڄڻا پلٿيون ماري ويٺا هئا، پر هن همراهه کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نٿي ڪيائون. هن کين حڪم ڏنو ته ماڻهوءَ کي بچايو. انهيءَ تي هنن کان رڳو ايترو پڳو جو ڏانهس اک کڻي ڏٺائون. بعد ۾ هن جي تڙي چاڙهڻ تي سڀ ڀڄي ويا. جي رڳو هڪڙو رپيو آڇي ها ته سڀ سندس حڪم مڃين ها. لاچار صاحب کي لٽا لاهي، پاڻ پاڻي ۾ گهڙي ٻڏندڙ ماڻهو کي بچائڻو پيو. پر پوءِ ڇا ٿيو؟ جيئن هن همراهه جي نڪ ۽ نڙيءَ مان پاڻي نڪتو ته صاحب کي چيائين، ” صاحب، تو مون کي بچايو آهي، هاڻي مون کي ڇا ٿو ڏئين “ تنهن تي صاحب چيس ��ه مون کي جيڪي ڪجهه تو لاءِ ڪيو آهي، اهو ئي ڪافي آهي. اهو ٻڌي سنڌيءَ نه رڳو صاحب کي پاراتا ڏنا، پر ايتري همت ٿيس جو چيائين ته مون پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ جيڪي به گورا شيطان ڏٺا آهن، انهن ۾ سڀني ۾ تو جهڙو ٻيو ڪو نه هو! ظاهر آهي ته اهو ٻڌي صاحب کيس چهبڪ هنيا، جنهن تي اهو همراهه ڀڄندو مون وٽ آيو ۽ مون کان پڇائين ته جيڪڏهن گورنر صاحب کي دانهن ڏيان ته منهنجو پاسو کڻندو؟“ +”مون؟“ امير چيو ”مون هن کي ٻڌايو ته فرنگي ڌاريا آهن، تنهنڪري انصاف وارا ماڻهو نه آهن. پر ڀائنجي ٿو ته پاڻي همراهه جي مغز ۾ گهڙي ويو هو. هن مون کي ويجهو ٿي هڪ جواب ڏنو، اهڙو جو! ها! ها! مان......“ +اتي امير پنهنجو هٿ هيڏي هوڏي ڦيرائي حاضرين جو توجهه ڇڪايو. پوءِ پنهنجي آڱر چپن تي رکيائين، جنهن مان آخر مطلب وڃي اهو نڪتو ته سندس ٿورڙيءَ خرچيءَ هن همراهه جي زبان بند ڪري ڇڏي هئي. +1 عام طور سياه- چشم (يعني ڪارين اکين وارا) پکي شاهاڻي ۽ وڏن پرن وارا آهن. گلابي_ چشم (يعني پيلين اکين وارا) پکي گول يا ننڍن پرن وارا آهن. _ مصنف. +1 باشين ”بادشاهه“ جو مونث صيغو آهي، پر تنهن هوندي به عام طور مذڪر لاءِ استعمال ٿئي ٿو. +2 سنڌ ۾ ”شاهين“ لفظ، غلط طريقي سان، بهري جي نر لاءِ استعمال ٿئي ٿو. وڏا بازدار ان کي ڪوهي سان هم معنيٰ ۾ استعمال ڪن ٿا. +3 ڀانئجي ٿو ته صحيح لفظ دراصل ”ترمتي“ آهي، پر برنس صاحب جي ڪتاب ۾ ڇاپي جي غلطيءَ سبب ”توروراتي“ اچي ويو. _ مصنف. +1 انهيءَ جاءِ تي مان ذري گهٽ ٻڏو هوس. امير اٽڪل سان انهيءَ واقعي ڏي اشارو ڪري، پنهنجي قابليت جي ثابتي ڏني؛ سڌيءَ طرح سان انهيءَ واقعي کي بيان ڪرڻ بدسوڻ ٿئي ها. +2 گوني ”ڦليلي نديءَ“ جي شاخ آهي جا حيدرآباد جي ڏکڻ طرف وهي ٿي. _ مصنف. + + +ستت نيرن ٿي، حقا ٺاهي وزم ڪيوسين ۽ پوءِ اسان پنهنجو سفر وري شروع ڪيو. اڌ ڪلاڪ کن اندر اچي ”هرڻ-شڪارگاهه “ وٽ پهتاسين. +”او اجهي باشاه!“ امير هڪ لوٽي ڏانهن اشارو ڪيو، جا شڪارگاهه جي ڀت جي وٽ ويٺي هئي: ”اواجهي بادشاهه پر هي بدمعاش خدمتگار اتي ڇو ويٺا آهن؟“ +سبب ستت معلوم ٿي ويو، هنن هڪ سهو تاڙيو هو ۽ ارادو هئن ته شڪار جي شروعات اتان ڪن، اسان گهوڙن تان لٿانسين. امير ۽ مون بازدارن کان باشن جو جوڙو وٺي، انهن جي اکين تان ڍڪ لاهي، پنهنجي ڪراين تي وهاريو. پوءِ اسان ٿورو اڳتي وڌي، ”هڪ-هٿ“ سهي تي ڇڏيو. بازن واهه جو تماشو ڏيکاريو. جيئن ته ايڏي ساگهه نه هئڻ جو هڪ ئي لاماري سان سهي کي بيهاري سگهن، تنهنڪري ٻنهي واري سان پنهنجي شڪار جي پٺيءَ کي چنبن سان به پئي ڦٽيو ۽ ساڳئي وقت ان کي منجهائڻ لاءِ ذري اڳيان ۽ ذري پويان لامارا پئي ڏنائون. اهو ڏسي سڀ بلوچ ٽڙيا پئي ۽ دانهون پئي ڪيائون؛ ”شاباش ننڍڙا! شاباش وڏا!“ +پنجاهي کن قدمن جي ڊوڙ بعد ڊڄڻو شڪار سست ٿي پيو ۽ هيٺ زمين تي ڪري، کينهوڙي وانگر ليٽيندو ويو. +”جيئرو جهليوس! جيئرو جهليوس!“ امير اسان جي پويان واڪو ڪيو. +جيڪو خدمتگار سهي کي ويجهو وڃي پڳو هو، تنهن سهي کي ڄنگهه کان جهليو . بازدارن پکي وڃي ورتا ۽ انهن دستور موجب ”چڪ“ ڏنائون. +سهي کي هڪ خالي خرجين ۾ وجهي، اسان شڪارگاهه ڏي وڌياسين. ستت اچي هڪ مشهور تلاءُ وٽ پهتاسين. بازدار اتي اسان کي بيهاري پاڻ جنگ جي معاملي وانگر رٿ تيار ڪرڻ لڳا ته شڪار تي حملو ڪيئن ڪجي. +اسان جي سامهون بي انت شڪار هو! سچ پچ شڪار جي شوقينن جي لاءِ دل وٽان نظارو هو. پاڻي جو نيرو تهه، جنهن تي ڪٿي ڪٿي سينور جا ساوا پيا هئا، ذري گهٽ سڄو ئي پکين سان ڍڪيو پيو هو. ڍنڍ جي ڪپن سان مرغابين جا ولر هئا، بدڪون قطار ڪري پئي تريون، پرڀروقاز هئا، سارس پکي جوڙا جوڙا ڪري بيٺا هئا! الائي ته ڪيترا ڀانت ڀانت جا پکي هئا! +باز پاڻي جي مٿان پکين تي حملو ڪرڻ پسند نٿو ڪري، پر جڏهن تلاءَ جي رهواسين مٿي هوا ۾ باز کي اڏامندي ڏٺو ته منهجانئن ڪي چٽيون ڪري، قطار ٺاهي، ٻئي تلاءَ ڏانهن اڏاڻا. +انهن جي پٺ وٺڻ سان هڪ باشو ضايع ٿئي ها. ٻيا پکي وري تلاءَ جي چوڌاري ڦرڻ لڳا ۽ ان کان ٻاهر اصل نه نڪتا. ڪي اجل جي سامهون آيا ۽ گهڙيءَ کن ۾ ڍير ٿي پيا. اسان انهن کي گڏ ڪرڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن وڃايو. +ان کان پوءِ اسان اڳتي هلياسين. اوچتو اسان جي بازدار جي اک وڃي هڪ عقاب تي پئي، جو گهڻو مٿي هوا ۾ پئي اڏاميو ارادو اهو هئس ته هڪ باشو شڪار ڪري. جيئن اسان هڪ تلاءُ کان ٻئي تلاءَ ڏانهن پئي وياسين ته عقاب به اسان جي پٺ وٺيو پئي آيو. بازدار ان کي پٽون ۽ پاراتا پئي ڏنا پر عقاب برابر مٿان پئي اڏاميو ۽ لاچار هر دفعي اسان کي اهو هنڌ ڇڏڻو پئي ٿيو. +بهرحال، اسان کي شڪار ۾ ناڪاميابيءَ جي شڪايت نه هئي، ڇو ته شڪار گاهه جي ٻاهران گهڻائي ڪارا تتر جهت مان ڀڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪتا. ستت اسان ڏهاڪو کن تتر ماريا، تتر جي شڪار ۾ باشو شڪري کان زيادهه ڪمائتو پکي آهي، باشو وڌيڪ تيز ، ڦڙت ۽ سگهو آهي. +واپس ايندي اسان هڪ ٻئي واقعي جو مزو ڏٺو. +امير پنهنجي باشن بابت ڏاڍي ٻٽاڪ هڻندو هو. چي ”منهنجا باشا سڄيءَ بادشاهي ۾ اول نمبر بازدار جا پاليل آهن، پر هن ڀيري اسان جيڪي ڪجهه ڏٺو، ان مان سندس باشن جي تعريف ته جائز نٿي نظر آئي. مان ڀانيان ٿو ته کيس به ان ڳالهه جو احساس پئي ٿيو، ڇو ته واپسيءَ وقت هو خاموش هو ۽ کانئس نه رڳو کل ڀوڳ وسري ويو هو، پر سڄي هڪ ڪلاڪ جي مسافريءَ ۾ هڪ دفعو به ڪاڪومل ”ڪتي جو پٽ“ ڪونه ڪوٺيائين. +ستت کيس نااميدي جي اوندهه ۾ روشني جو هڪ ترورو نظر آيو. هو گهوڙي تان لٿو ۽ هڪ خدمتگار جي حوالي ڪري وڏي بازدار وٽ ويو ۽ کانئس دل گهريون باشو ورتائين. باشي جي اکين تان ڍڪ لاهي، بازدارن کي چيائين ته ٻيا چار باشا تيار جهلي بيهو. اسان کي سندس ارادي جو پتو پوي ئي پوي تنهن کان اڳ پنهنجو باشو مٿي هوا ۾ اڏامندڙ هڪ سرڻ ڏانهن اڏايائين. باشو ترت وڃي سرڻ کي سڻايو پيو. سرڻ به مقابلي لاءِ تيار ٿي . امير ٻيو باشو اڏايو جو به ستت وڃي سرڻ کي ساڻائو پيو. اتي سرڻ ٻه دشمن ڏسي خوف مان چيٽيون ڪيون ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين. سندس توجهه ٻنهي باشن ڏانهن هو، جن ذري ذري سندس مٿان لامارا ڏيئي کيس اهو احساس پئي ڏياريو ته خطرو ويجهو آهي. +اوڏيءَ مهل مون اميرکي چيو ته باشن جي مدد لاءِ لغڙ موڪل، پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ چيائين ته منهنجا باشا ڪم ڏيکاريندا. تنهن وچ ۾ ٽيون باشو ڇڏيو ويو. هوڏانهن سرڻ ٻن باشن جي وچ ۾ اڳيئي موڳي ٿي پئي هئي. +هڪ باشو تمام سوڙهو پئي پيس، جنهن سان بهادريءَ سان پئي وڙهي، ڌڪ جي عيوضي ڌڪ هنيائين. سندس مثال ائين هو، جيئن ڪا ٻلي ڇتي ٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي ڦاسي، پر سندس همت گهڻو جٽاءُ نه ڪيو، ڇو ته ٽيون باشو موقعو وٺي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ فوراً ان کان پوءِ ٻئي باشي سندس مٿي ۾ پنهنجا چنبا کڻي کوڙيا. پوءِ ته ٽيئي هوا مان ڦٿڪندا سڌو اچي امير جي پيرن وٽ ڪريا! بازدارن مان هڪڙي ڄڻي بدنصيب سرڻ جي ڳچي وٽ هڻي کيس ماري ڇڏيو. +باشن جي بهادريءَ تي ابراهيم خان خوشي ۾ ٽڙڻ لڳو. سندس چهري تي مشڪ هئي، ۽ مون جاچي ڏٺو ته جيئن اسان وري گهوڙن تي سوار ٿياسين ته هو منهنجي انهيءَ خيال تي ڪيترائي دفعا ٽوڪ طور کليو ته سندس باشا ��هڙا ڪي تمام اعليٰ درجي جا پکي نه هئا. +خيرو جو بيوقتو خاتمو: +اسان- يعني، منهنجو دوست ابراهيم خان ٽالپر، پنهنجي پيشڪار ڪاڪومل سان، ۽ مان، هريچند سان، امير جي ڳوٺ ۾، نم جي وڻن هيٺان نيٽ جون ڪرسيون وجهي ويٺا هئاسين. شام جي مهل هئي. اسان سڄو ڏينهن پوسل واري جهنگ ۾ هل هلان ۾ گذاريو هو. اسان جي پٺيان منهنجي مڏي هئي. جا هڪ ٻن تنبن تي مشتمل هئي. گهوڙن تان سنج لٿل هئا، اٺ هشيا ويٺا هئا ۽ ائين ٿي لڳو ته ڄڻ پنهنجن ڏکن سورن تي ويچار ڪري رهيا هئا: پرڀرو سنڌي، افغان ۽ بروهي ٽوليون ٺاهيو ويٺا هئا، منجهانئين ڪي شڪار کي تڙڻ لاءِ هئا، ته ڪي گهوڙو ۽ اٺن ڪاهڻ لاءِ هئا. انهن مڙني ۾ منهنجو پورچوگيز بورچي ائنٽونيو وڏي ڏک ڏئي بيٺو هو، اسان جي سامهون، امير جا خدمتگار اڌ گول ٺاهي ويٺا هئا. +هنن تماڪ به پئي ڇڪيو ۽ پاڻ ۾ گفتگو به پئي ڪئي، ۽ ساڳئي وقت اسان جي چپن مان موتين وانگر نڪرندڙ سياڻپ جا اکر ايتري ڌيان سان ويٺي ٻڌائون، جيتري ڌيان سان انگريزي عدالت ۾ وهندڙ امينن جي ٽولي موت ۽ حياتيءَ جي معاملن تي غور ڪندي آهي. +اها مهل سنڌ ۾ ڊسمبر جي مهيني جي هڪ وڻندڙ شام هئي، ۽ ان جي ڪيفيت انگلينڊ ۾ مئي مهيني ۾ ڏينهن جي پڇاڙيءَ واريءَ مهل جهڙي هئي. اولهه طرف آسمان ۾ گلابي رنگت تي مائل لالاڻ پکڙجي رهي هئي، هلڪي ٿڌڙي هير پئي لڳي. افق تي هلڪو ڌنڌ پکڙجڻ لڳو، جنهن جي اڳيان واڱڻائي روشنيءَ ۽ ڳاڙهسريءَ ڇانو جا اهڙا ته وڻندڙ پردا هئا جو انهن تي نظر ڄمائي وهڻ ۾ لطف پئي آيو. ٿوري ۾ ائين چئجي ته اسان جي اڳيان هڪ من موهيندڙ منظر هو. +اسانجي پيرن کان ٿورو پرڀرو هڪ ڪسي پئي اڙهي، جنهن جو پاڻي امير جي باغ اندر چن لڳل حوض ۾ وڃي ٿي گڏ ٿيو. اها ڪسي هئي ته کوٽيل، پر لڳي ائين پئي جو ڄڻ ته قدرتي هجي. ان ڪسيءَ جي ٻنهي ڪپن سان نم جا وڻ هئا، جن جون زمردي ٽاريون گهاٽي ڇانو ڪري بيٺيون هيون، ۽ شام جي هلڪيءَ هير لڏڻ ڪري، منجهائن”سرسر“ جو آواز پئي نڪتو، جنهن ۾ درد ڀريو سنگيت هو. +”هاءِ!“ امير هڪ ڊگهي وڻ ڏي اشارو ڪري چيو، ”ههڙي وڻ جي هيٺان جيڪر ڪيڏيءَ نه خوشيءَ سان سڄي عمر گذاري ڇڏجي! رڳو ان جي چوڌاري تڏا ڀتين وانگر وجهي ڇڏجن! ماڻهو ڪيستائين جيئرو هوندو ۽ آخر گهڻو کائي گهڻو کائيندو!“ +رات جي مانيءَ جي مهل هئي: امير جي خيال وقت پٽاندر وڏيءَ اهميت وارو هو. هريچند ۽ ڪاڪومل (جي ٻئي کائي پي ويٺا هئا) ”واهه ، واهه!“ ڪئي، پر هڪ ٻئي ڏي اک ٽيڏي ڪري به نهاريائون- وڻ جي هيٺان رهڻ جو خيال ڄٽڪو هو. +”نم جو وڻ“ ڪاڪومل پاڻ کي پنهنجي محسن جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ ٻڌل سمجهي چيو، ”حق تي آزاد درخت سڏجي ٿو. چڱن ڪمن ڪندڙ ماڻهوءَ وانگر اهو وڻ به هميشه موج ۾ رهي ٿو.“- (ياد رکي ڇڏيو ته ڪاڪو وڏو بدمعاش هو):- ”۽ اهو وڻ ڪوبه ميوو نٿو جهلي، جيئن الله وارن لاءِ اجر هن حياتي ۾ نه آهي.“ +امير تي ان گالهه جو اثر پيو، جيئن ٻين ماڻهن جي ميڙ تي به پيو. جن مان هرهڪ پاڻ کي ”ميليا آزادريڪٽا“ جي حيثيت ۾. ڪاڪوءَ سان ڀيٽڻ لڳو. +”سچ آهي، هائو،“ هريءَ ورندي ڏني، ” ۽ انهيءَ مان دنيا کي وڏو فائدو پهچي ٿو: ان جا پن نانگ بلا جي زهر لاءِ اڪسير آهن؛ جيئن رضا تي راضي رهڻ دنيا جي طمح کان بچڻ جو موثر علاج آهي“- (هري به گهٽ ۾ گهٽ ڪاڪوءَ جيترو بدمعاش هو)- ”تنهن کانسواءِ انجي ٽارين جا ڏندڻ ڏاڍا سٺا ٿا ٿين.“ +”پر کٻڙ جي پاڙ جي ڏندڻ جهڙا نه “ امير وچ ۾ چيو، اسان جو رسول پاڪ اهي استعمال ڪندو هو، تنهنڪري هر سچي مسلمان کي ائين ڪرڻ گهرجي. پر توهان چئو سچ ٿا. بيشڪ نم جو وڻ فقير آهي.“ +”انهيءَ تي“ هريءَ ڳالهه کي اڳتي کنيو“ شاعر چيو آهي: +”ماڻهوءَ جي فطرت ڪڏهن به نه بدلجندي جيئن نم ڪوڙي جا ڪوڙي هوندي توڙي جو تون ان جي کير ۽ ماکيءَ سان آبياري ڪر.“ +اسان مزي ۾ ڪنڌ ڌوڻ پئي ڪئي، مان ڪجهه سوچي رهيو هئس، +جو اسان سڀني جو ڌيان هڪ غير متوقع واقعي ڪري ٽٽي ويو. +ڪانون جي وقتي ”ڪان!ڪان!“ –جنهن تي هندستان جي سياحن جو ڪن هري ٿو وڃي- جي بدران اوچتو ئي اوچتو. اسان جي چوڌاري، ڪانون ايترو ته هل ڪيو جو اسان مان هڪ به اهڙو نه رهيو، جنهن ڪنڌ مٿي کڻي نه نهاريو. +هندو ڪانون کي پاڪ پکي سمجهندا آهن، ۽ شايد اها ڳالهه ئي ڪانو جي ايڏي گستاخ ٿيڻ جو سبب آهي. ڪن ڪن موقعن تي ڪانو کي اٻاريل چانور ۽ ٻيون لذيذ شيون ڏنيون وينديون آهن، جنهن کاڌي جي رڌ پچاءُ وقت ڪانو کان صبر ڪڏهن به نه ٿيندو آهي. مون ڪيترائي دفعا ڏٺو آهي ته ڪانو لامارو ڏيئي بکئي ڪتي وٽان هڏو کڻي ويندو آهي، ۽ ڪتي کان اهو هڏو ڇڏائڻ لاءِ ان جي منهن تي پنهنجي ڊگهيءَ چهنب سان ڏاڍي زور سان ٺونگا هڻندو آهي. +اوهان کي ڪانون جو مزو ڏسڻو هجي ته جنهن وڻ تي ڪانو گهڻا ويٺا هجن ان تي پنهنجي نوڪر کي چاڙهيو ۽ چئوس ته ڪانو جو آکيرو لاهي. +اسان جي ڪچهريءَ ۾ ڪانون جي گوڙ جو سبب ستت اسان کي معلوم ٿي ويو. ڇا ٿيو هو ته منهنجي بورچيءَ منهنجي رات جي مانيءَ لاءِ هڪ چوزو پچايو هو ۽ ان کي بيخياليءَ ۾ اتي ئي ڇڏي پاڻ اٿي ويو هو. انهيءَ چوزي تي هڪ ڪانو جي وڃي ڪا اک پئي. جنهن جي چهنب ڀرواري نم جي وڻ ڇوڏي جهڙي سڪي ۽ سخت هئي. اک ڇنڀ ۾ لامارو ڏنائين ۽ چوزي کي چهنب ۾ سنگتي ساٿي ولر ڪيون انهيءَ نيت سان اڏاڻا پئي ويا ته ڦرلٽ جي مال مان کين به ضرور ڪو ذرو نصيب ٿيندو ۽ ٻئي پاسي کان منهنجو بورچي، نوڪر، خلاصي ۽ گهوڙن ۽ اٺن هڪلڻ وارو سڀ، ڪانون جيتري ئي جوش خروش سان، انهيءَ نيت سان ڦورو لٽيري ڪانو تي پٿرن جو وسڪارو ڪندا ڀڳا ٿي ويا ته کانئس چوزو ڇڏائين. +”خيرو لغڙ گهرائي وٺ،“ امير ڪاڪوءِ کي ائين سرٻاٽ ڪري چيو جو ڄڻ ته ڀؤ هئس ته متان ڪو ڪانو ٻڌي وٺي. پڪ، امير ائين ٿي سمجهيو ته جي ڏاڍيان ڳالهائيندس ته ڪانو نالو سمجهي ويندا. +خدمتگارن مان هڪڙو آهستي زمين تان اٿيو ۽ بيتوجهيءَ سان چوڌاري نهاري. رستو ڇڏي، پاسي کان امير جي محلات ڏي روانو ٿيو. +اتي جو اتي ٻه ماڻهو آيا، جن کي سايون پوشاڪون پيل هيون ۽ ڪنهن تي چادرون ائين وڌيون هئائون جو سندس ٻانهون ٺوٺين ڏسڻ ۾ نه اچن. انهن جي پويان خدمتگار ڊزن کن گليليون ۽ تيرڪمانون کڻي آيا. (گليلي يورپ ۾ انهن حرڪتي ٻارن لاءِ ڪم جي شيءِ ٿيندي جن کي پنهنجي پاڙيسرين جي درين کي ڀڃڻ ۾ مزو ايندو آهي.) +اوچتو ڪانون مان هڪڙي جي اک وڃي نوڪرن جي هٿن ۾ تباهيءَ جي انهيءَ سامان تي پيئي. پوءِ ته هر ڪانو جي وات مان زور سان”ڪان! ڪان!“ جو آواز نڪتو، ۽ ڪي ڪانو ، جيڪي اڏامي رهيا هئا، وڻن جي پنن ۾ ڪا محفوظ پناهه جي جاءِ ڳولڻ لڳا ته ڪي، جيڪي اڳ ۾ ٽارين تي ويٺا هئا، کنڀ ڦڙڪائي ٻين جي واٽ وٺڻ لڳا. انهيءَ هنگامي ۾ مورڳو چوزو ئي کانئن خيال تان لهي ويو. +”ڀلي ته اهو چوزو وڻ جي هيٺان پيو هجي. جي اسان توجهه نه ڏينداسين ته ڪونه ڪو ڪانو ڄاڻ هيٺ لٿو“ امير چيو: ”خيروءَ کي تنبوءَ ۾ کڻي وڃو ۽ تير ڪمانون لڪائي ڇڏيو.“ +آزمودگار بازدار صحيح هو. اٽڪل ڏهن منٽن کانپوءِ وڻن جي پنن مان هڪڙو ڪانو نڪتو ۽ وري پنن جي هڪ جهڳٽي ۾ ماٺ ڪري ٺهي ويٺو . انهيءَ جي پٺيان ٻيو ۽ پوءِ ٽيون آيو، تان جو اسان کي ڊزن کن ڪانو نظر آيا. +”پکي کڻي اچو“ امير سر��اٽ ڪيو. +بازدار تنبوءَ مان نڪري آهستي آهستي آيو، خيرو لغڙ دستيءَ کي سوگهو جهلي، سندس ڪرائيءَ تي ويٺي هئي جو ڄڻ ته حملي لاءِ تيار هئي. سندس اکين تان ڍڪ لائو ويو ۽ پوءِ جيئن جو هڪ ٿلهو متارو وڏو ڪانو وڻ تان هيٺ لٿو ۽ زمين تي پيل چوزي ڏي وڌيو ته خيرو زوم مان ڏانهس اڏاڻي ۽ اک ڇنڀ ۾ وڃي مٿانئس ڪڙڪي. +غلغلو مچي ويو! هر بلوچ، جنهن کي تير ڪمان جو استعمال ايندو هو، ڪمان ۾ تير وڌو ۽ پوءِ اسان سڀ کليل ميدان ۾ تماشو ڏسڻ لاءِ ڊوڙياسين. +ڪانو باز ڏسي چوزو ڇڏي، ”ڪان! ڪان!“ ڪندو، وڻن ۾ لڪڻ لاءِ ڀڳو. پٺيان سندس جبرو دشمن ڪاهه ڪيون پئي ويو. +هاڻي هرهڪ جوش ۾ آهي. خدمتگار رڙيون ۽ واڪا به پيا ڪن ۽ هيڏي هوڏي به پيا ڀڄن ته جيئن شڪار (ڪانو) هيڪاري ڊڄي. ڪانو پناهه جي جاءِ ڳولڻ جي ڪوشش پيو ڪري، پرڪا مليس ئي نٿي. خيرو پٺيان لڳي ٿي اچيس ۽ جيئن پوءِ تيئن ويجهو پوندي ٿي وڃيس. ڪانو کي ڪا نئين چال کيڏڻ کپي . اجهو هوا ۾ چوگرد (گول) ڦيرا پائڻ شروع ڪيا اٿس ۽ جيئن پوءِ تيئن ڦيرا (گول چڪر) ننڍا ڪندو پيو وڃي. پر خيرو کيس اچي پڳي آهي، بس هڪڙي ٻئي لاماري سان جهٽي وٺندس. ڪانو چالاڪي ڪري، هيٺ پاڻ ڇڏي ٿو، چهنب ۽ چنبن سان خيروءَ جي حملي مان پاڻ بچائي ٿو وڃي، ۽ اهو سمجهي ٿو ته باز کان وٿي ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان، پنهنجي پناهه جي جاءِ ويجهي آهي. اها ڪنڊن وارين سڪين ڪاٺين جي پٺيان آهي، منجهانئس ڪانون جي هڪ انبوهه جا آواز پيا اچن خيرو هڪ سپاهيءَ وانگر نازڪ گهڙيءَ کي خيال ۾ رکي، پنهنجي پرن کي ٻيڻي زور سان هلائي پنهنجي شڪار کي پٺيان وڃي ٿي پڪڙي، کيس ڇوهه مان هيٺ ڇڪي ٿي، ۽ زمين کي ويجهو ٿي ، پنهنجا پروماڻ –ڇٽيءَ وانگر ڦهلائي ٿي. +مقابلو اڃا ختم نه ٿيو آهي. شڪار ڌڪ کائڻ جي باوجود اڃا به بهادريءَ سان وڙهي رهيو آهي. هيءَ اها گهڙي آهي جڏهن بازدار کي پنهنجي پکيءَ جي مدد ڪرڻ گهرجي. پنهنجي زخميل ساٿي جي دانهن تي هوشيار ٿي، ڪانون جو هڪ ولر ڀر وارن شرم ٻوٽيءَ جي جهڳٽن پٺيان نڪري ٿو ۽ گوڙ شور ڪندو خيروءَ جي مٿان لامارا ڏئي ٿو ۽ وقتي ان کي چهنبن سان ٺونگا هڻي ٿو. اسان خيروءَ کي خطري ۾ ڏسي ڏڪي ٿا وڃون- پر رڙيون واڪا ڪندا، ڪانون کي گليلا هڻندا، سندن پٺيان ڀڄندا وڃون ٿا. ستت، اسان کين پهچي ٿا وڃون پر افسوس مهل نڪري ويئي! جيئن ئي اسان انهن ٻوڙن ۾ ٽپي پئون ٿا، جيڪي اسان جي ۽ باز جي وچ ۾ آهن ته ويهارو کن ڪانو اسان کي ڏسي، زمين تان ڀڄن ٿا: بازدار تکو تکو لغڙ ڏي وڃي ٿو. شڪار (ڪانو) مئو پيو آهي، ۽ جڏهن خيروءَ کي هٿ ۾ اسان پندرهن ڄڻا چتائي ڏسون ٿا ته پتو پوي ٿو ته ويچاري خيرو اکيون وڃائي ويٺي آهي ۽ کيس ايترو ٺونگن ۽ چنبن –سان ڦٽيو ويو آهي جو اسان منجهان سڀني کان وڌيڪ اميدن ڀريل شخص به خيروءَ جي موت کي يقيني ٿو سمجهي. +”مون کي سجهي ئي ڪونه ٿو ته ڪڏهن هنن پٽيل ڪانگن وٽان ڪو خير ٿيو هجي“ امير اسان سان گڏ پٺتي موٽندي چيو، ” مونکي پڪ آهي ته انهن مان هڪڙي منهنجي ڀاءُ کي مينا ۾ ماريو هو. سڄي رات هڪ وڏو ڪارو ڪانو سندس تنبوءَ جي مٿان ويٺو رهيو ۽ هن تي اچڻ واريءَ مصيبت جي اڳڪٿي ڪندو رهيو، اسان انهيءَ چنڊي پکيءَ کي ڇهه دفعا ڀڄائي ڪڍيو هو پر وري به موٽي ٿي آيو.“ +”تڏهن به“ ڪاڪومل رائزني ڪئي، ”جهنگلي ڪانو، غراب البين، کي شاعرن مجرد سڏيو آهي ۽ کيس پنهنجي محبوب ڏانهن نياپي موڪلڻ لاءِ قاصد بنايو اٿئون.“ +”اهي گڏهه آهن، گڏهن جا پٽ! ۽ تون ، اڙي ڪاڪو! ڪل ئي ڪانو ڪافر ته ناهن!“ امير ابراهيم خان ڪاوڙ مان چيو، ”انهن تنهنجن مائٽن، ڪين ويچاريءَ خيروءَ لغڙ جو ڪيس ڪيو آهي؟“ +1 سنڌي ماڻهو گرامر جي قاعدن خلاف ”بادشاهه“ لفظ مان ”باشاه“ لفظ ڪڍن ٿا ۽ ان کي ”شهنشاه“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪن ٿا. جيئن ته بازن ۾ هي پکي کين گهڻو پسند آهي، ان ڪري ان جو نالو شان سان وٺن ٿا. _ مصنف. +1 مشرق ۾ بازدارن جي اصلاح موجب هڪ باز کي ”ايک دست“ (هڪ_ هٿ) سڏجي ٿو. _ مصنف. +2 ”چڪ“، بازدارن جي اصطلاح ۾ مغز يا رت جو ذرو سواد وٺڻ لاءِ. +1 هندستان ۾ سارس پکيءَ کي مارڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. ان پکيءَ لاءِ ڪيئي ڏندڪٿائون آهن. عام طور ائين سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن جوڙي مان ڪوبه هڪ ماريو ته ٻيو به فراق ۾ مري ويندو. +1 امير = ابراهيم خان ٽالپر _ (مترجم) +1 انهيءَ ڪري ئي ”علم نباتات“ ۾ انهيءَ وڻ کي ”ميليا آزاد ريڪٽا“ سڏيو ويو آهي. ان جا پن، گوريون ٺاهي، ڪاريهر جي زهر جي اثر کي لاهڻ لاءِ ڳهبا آهن. (مصنف) +1 لغڙ = باز جي قسم جو پکي، بت ۾ اصل باز کان ڪجهه وڏو. +2 دستي = مشرقي بازدار دستاني جي بدران هڪ سوٽي چوڪنڊيارو ڪپڙو استعمال ڪن ٿا. (مصنف) +1 ڪانگ، سنڌيءَ ۾ ڪانو جو نالو. (مصنف) +2 مجرد، اڪيلو، جنهن کي دنيا جي معاملن جو خيال ۽ غرور نه هجي. (مصنف) \ No newline at end of file