diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book15.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book15.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book15.txt" @@ -0,0 +1,280 @@ +ڪتاب جو نالو: سمنڊ جا اسرار + + + +ڪريم داد پتافي +بسم الله الرحمٰن الرحيم +سمنڊ +اسان جي زمين ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ خشڪيءَ وارو حصو، ٻيو پاڻيءَ وارو حصو، پاڻيءَ واري حصي ۾ نديون، درياء، ڍنڍون، تلاءَ ۽ سمنڊ اچن ٿا. جيڪڏهن زمين جي ورهاست ڪبي ته هڪ حصو سڪي ۽ ٽي حصا پاڻي ٿيندو. +زمين جي ٺهڻ ۽ اڄوڪيءَ حالت ۾ اچڻ بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن، ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته زمين انهن ئي جزن جي ٺهيل آهي جن مان سج ۽ تارا ٺهيل آهن. انهن جزن مان جيڪي هلڪا هئا اُهي زمين جي سطح کان مٿي هليا ويا جن کي گئسون (Gases) چيو وڃي ٿو ۽ زهي گئسون پاڻ ۾ ملي هوا ٺاهن ٿيون جيڪا ساهه کڻڻ جي ڪم اچي ٿي، ڳؤرا جزا هيٺ تهن جي صورت ۾ ڄمندا ويا جن پوءِ زمين جي شڪل اختيار ڪئي. +ڪجهه سائنسدانن جي خيال مطابق مادو ننڍن ذرن جو ٺهيل آهي، جيڪي ذرا پاڻ ۾ ملي زمين ٺاهن ٿا، پر اڪثريت ان راءِ جي آهي ته زمين سج جو ڌار ٿيل ٽڪرو آهي جيڪو پهريائين تمام گهڻو گرم هئو ۽ آهستي آهستي ٿڌو ٿيندو ويو، ۽ ڪٿي آهستي ۽ ڪٿي تڪڙي ٿڌي ٿيڻ ڪري هيٺاهين، مٿاهين ۽ جبلن جي صورت اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح هيٺاهين جاين تي پاڻي جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو. پر ايتري گهڻي پاڻيءَ گڏ ٿيڻ بابت سائنسدانن جو خيال آهي ته پاڻي زمين جي گَهراين ۾ ان وقت کان ٺهڻ شروع ٿي ويو جڏهن کان زمين ٿڌي ٿيڻ شروع ٿي. جيئن ته پاڻي ٻن گئسن يعني آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب آهي، جيڪي پاڻ ۾ ملي پاڻي ٺاهن ٿيون جيڪو پوءِ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿي آخر سمنڊن جي صورت اختيار ڪري ٿو. +ڪن ماهرن جو خيال آهي ته سمنڊ، هوا (فضا) ۾ موجود ٻاڦ مان ٺهيا آهن، جيڪا ٿڌي ٿيڻ تي بادلن (جُهڙَ) جي صورت اختيار ڪئي ۽ لڳاتار بارش پوڻ ڪري، بارشن جي پاڻيءَ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿي سمنڊ جي شڪل اختيار ڪئي، ”مطلب ته کاري پاڻيءَ جو اهو وڏو ڀاڱو جنهن جي ٻي ڀڪ ڏسڻ ۾ نه اچي تنهن کي سمنڊ يا سمونڊ چئبو آهي“. +سامونڊي پاڻي +پاڻيءَ جي ٺهڻ ۽ گڏ ٿيڻ جو احوال ته مٿي ڏئي آيا آهيون، هاڻي اچو ته ڏسون ته سمنڊ جو پاڻي کارو ڪيئن ٿيو، ڇو ته سمنڊ جو پاڻي تمام کارو يا لوڻياٺو ٿيندو آهي، جو جيڪڏهن ان لوڻ کي گڏ ڪري آمريڪا جي سڀني رياستن مٿان وڇائجي يا پٿارجي ته جيڪر ڏيڍ ميل ٿلهو تهه وڇائجي وڃي، يا جيڪڏهن زمين جيترو ٿلهو تهه ڪري وڇائجي ته جيڪر آفريڪا جهڙو هڪ وڏو کنڊ ٺهي وڃي. +سمنڊ جو پاڻي کارو ته هوندو ئي آهي پر ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌيڪ. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ نه رڳو لوڻ پر ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي معدنياتي جزا شامل هوندا آهن، مثال طور ٽامون، لوهه ۽ سون ايتري ته مقدار ۾ موجود هوندو آهي جو جيڪڏهن سڀ ڪڍي وٺجي ته جيڪر دنيا جو هر ماڻهو لکاپتي ٿي وڃي. پر اصل مسئلو لوڻ جو آهي ته آخر ايتري مقدار ۾ لوڻ آيو ڪٿان. +سمنڊ جو وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين گرميءَ ڪري پاڻيءَ جا بخار ٺهندا رهن ٿا، جيڪي پوءِ جهڙ (ڪڪر) ٺاهن ٿا پر پاڻيءَ جي بخارن ۾ لوڻ ٿئي ئي ڪونه ۽ اُهي پنهنجي حصي جو لوڻ اُتي سمنڊ ۾ ئي ڇڏي ايندا آهن اهو لوڻ اُتي موجود پاڻيءَ سان گڏجي ويندو آهي، وري برساتن پوڻ تي، اهو پاڻي زمين جي لوڻن سان گڏجي اچي درياهن ۾ پوندو آهي. درياهن جو پاڻي وري اهي لوڻ کنيو اچي سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪندا آهن ۽ ائين سمنڊ ۾ لوڻ جو مقدار وڌندو رهندو آهي. +ڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته سمنڊن جو پاڻي برساتن مان نه پر زمين جي گَهراين مان آيل آهي ڇو ته توهان ڏٺو هوندو ته ڪيترن ئي اونهن کوهن جو پاڻي ايترو ته کارو هوندو آهي جو ماڻهو پيئڻ لاءِ به استعمال نه ڪري سگهندا آهن. +--��-- + + +سامونڊي لهرون +سمنڊ جو مٿاڇرو سدائين چرندڙ نظر ايندو آهي ۽ ڪڏهن به هڪ هنڌ بيٺل نظر نه ايندو آهي. طوفانن ڪري يا تيز هوائن ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون آهن. ظاهري طرح ته ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته سمنڊ جو پاڻي ڪيڏانهن هلندو پيو وڃي پر اصل ۾ ائين نه آهي، اهو صرف پاڻيءَ جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري هوندو آهي ۽ پاڻيءَ جو اوڀار ۽ هيٺ مٿي ٿيڻ کي اسان لهرون سڏيندا آهيون. +سمنڊ ۾ لهرون هڪ ٻئي پويان لڳاتار اٿنديون رهنديون آهن ۽ ٻن لهرن جي وچ واري عرصي کي وقفو يعني ساهي چئبو آهي جيڪا وچ سمنڊ ۾ ته ڪيترا سؤ فوٽ هوندي آهي، پر ڪناري وٽ لهرون جي اوچائي پنج فوٽ کن ٿيندي آهي جيڪا اڳتي هلي سمنڊ اندر پندرهن فوٽن تائين پهچي ويندي آهي. وچ سمنڊ ۾ ڪجهه لهرون ايترو ته وڏيون هونديون آهن جو وڏي کان وڏا سامونڊي جهاز به ان اڳيان ننڍڙا نظر ايندا آهن. وڏيون لهرون اڪثر لڳاتار طوفانن ڪري اڀرنديون آهن، جيئن ڏکڻ آفريڪا ۾ گڊ هوپ جي ويجهو جتي سدائين وڏين لهرن جي ڀرمار لڳي پئي هوندي آهي. +سمنڊ جي هوا، سج ۽ چنڊ سان رشتو +۽ سمنڊ تي هوا، سج ۽ چنڊ جو اثر: +جيڪڏهن توهان سمنڊ جي ڪناري تي بيهي ڏسندؤ ته توهان کي سامونڊي پاڻيءَ جون لهرون ۽ ويرون ڏسڻ ۾ اينديون. سمنڊ جو پاڻي ٿوري دير لاءِ پوئتي هليو ويندو آهي پر جلدئي وري موٽي ڪنارن سان لڳندو آهي. اڪثر ڪري سمنڊ ۾ ويرون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا اينديون آهن جيڪي وڏين وڏين لهرن مان ٺهنديون آهن. عام لهرون ته ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ اٿنديون آهن پر لهرون صرف مٿاڇري کان وٺي سمنڊ جي اونهن تهن تائين پهچي وينديون آهن جيڪي ڪافي وقت تائين هلنديون رهنديون آهن. پراڻي زماني ۾ ماڻهو ويرن بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون ڪندا هئا ۽ اڄ به ڪندا رهندا آهن. سندن چوڻ مطابق زمين پڻ ٻين ساهوارن وانگر ساهه کڻندي آهي ۽ نتيجي ۾ ويرون پيدا ٿينديون آهن. ”جولئيس سيزر“ جي خيال مطابق ويرون سج ۽ چنڊ جي ڪري ٿينديون آهن پر اهو ڪونه ٻڌائي سگهيو ته ويرون ڪيئن پيدا ٿين ٿيون. +توهان جيڪڏهن هڪ پٿر کي هوا ۾ مٿي اڇلائيندؤ ته اهو واپس اچي زمين تي ڪِرندو، اهو ان ڪري ته زمين هر شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي جيئن چقمق لوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. اهريءَ طرح سج ۽ چنڊ به زمين ۽ سندس مٿاڇري تي هر ننڍي توڙي وڏي شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا. توهان شايد اهو سوچيو ته سج چنڊ کان وڏي هئڻ ڪري ان ۾ ڪشش يعني ڇڪ به وڌيڪ اٿس. +چنڊ اٺاويهن ڏينهن ۾ پنهنجو ڦيرو پورو ڪري پنهنجي اصل جاءِ تي اچي ٿو پر جيئن ته ڏينهن رات ۾ چوويهه ڪلاڪ آهن ان ڪري ويرن جو وقت ڦرندو رهي ٿو ۽ روزانو هڪ ڪلاڪ پوئتي ويندو آهي. +چنڊ نه صرف زمين جي چوڌاري ٿو ڦري پر ڪڏهن هو (چنڊ) خط استوا جو اتر طرف ته ڪڏهن ڏکڻ طرف هليو ويندو آهي. ۽ ان ڦيري ڪري چنڊ ڪجهه سمنڊن کي ويجهو ته ڪن کان پري ٿي ويندو آهي. چنڊ جي پري ۽ ويجهي اچڻ ڪري ويرن تي به اثر ٿيندو آهي، جڏهن ويجهو هوندو آهي ته ويرون گهڻي ڇڪ ڪري وڌيڪ اٿنديون آهن. +چنڊ کانسواءِ سج جي ڇڪ به سامونڊي ويرن تي اثر ڪري ٿي ۽ جڏهن سج ۽ چنڊ زمين جي هڪ پاسي هوندا آهن ته سمنڊ ۾ ڇوليون ۽ ويرون به اوج تي هونديون آهن پر جڏهن سج ۽ چنڊ هڪ ٻئي سامهون هوندا آهن ته ٻنهي جي ڇڪ جو اثر هڪ ٻئي تي پوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سامونڊي ڇوليون ۽ ويرون گهٽجي وينديون آهن. +ڇولين ۽ ويرن تي سمنڊ جي ويڪر جو به اثر پوندو آهي تمام ويڪرن ۽ کليل سمنڊن ۾ ويرون وڌ ۾ وڌ ٻن فوٽن تائين هونديون آهن پر سوڙهن ۽ ايراضيءَ ۾ گهٽ سمنڊن ۾ ويرون تمام وڏيون هو��ديون آهن. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون ويرون نووا سڪوشيا (Nova Scotia) جي نار فنڊي (Funday) ۾ اينديون آهن. هتي ويرون پنجاهه فوٽن تائين اٿنديون آهن. نار فنڊي ۾ ايڏيون وڏيون ويرون انهيءَ ڪري اينديون آهن جو سندس شڪل ڪيف جهڙي آهي، ۽ جيئن جيئن پاڻي اڳتي وڌندو ويندو ته نار سوڙهو ٿيندو ويندو آهي ۽ ويرن جي اوچائي وڌندي ويندي آهي. +جڏهن سمنڊن ۾ وير چڙهندي آهي ته اُها درياهن جو رخ به بدلائي ڇڏيندي آهي، دنيا جي ڪنهن به درياهه ۾ ايتري طاقت ڪانهي جو سمنڊ جي چڙهيل وير کي پوئتي ڪري سگهي. +سج ۽ چنڊ کانسواءِ ٻي به هڪ شيءِ جو سمنڊ جي سطح تي اثر ٿئي ٿو. سمنڊ ۾ جيئن ته پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هوائن ڪري ڇُلڪڻ شروع ڪندو آهي جن کي ڇوليون چئبو آهي. سامونڊي ڇوليون سوڙهن سمنڊن ۾ ته عام جام ٿينديون آهن پر ويڪرن ۽ کليل سمنڊن ۾ گهٽ هونديون آهن. +قديمي زماني ۾ جڏهن زمين اڃا نئون ٺهڻ شروع ڪيو هو تڏهن ويرون تمام گهڻيون اينديون هيون. ان وقت ڏينهن چوويهن ڪلاڪن جو نه پر چئن ڪلاڪن جو ٿيندو هو ڇو ته زمين چئن ڪلاڪن ۾ پنهنجو ڦيرو پورو ڪندي هئي ۽ چنڊ به زمين کان ايترو پري نه هو جيترو اڄ آهي، ان ڪري ڇڪ تمام گهڻي زور واري هوندي هئي ۽ ويرون به تمام وڏيون ۽ اٽڪل هڪ سؤ فوٽن تائين هونديون هيون. هينئر جيئن ته ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهنڪري زمين جي گردش گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ اهو ڏينهن جو وڌڻ برابر هلندو اچي ۽ آخر اهو ڏينهن به ايندو جڏهن چوڏهن ڏينهن جو ڏينهن ۽ چوڏهن راتين جي رات ٿيندي. ظاهر آهي ته ان ڦير ڦار جو آبهوا تي گَهرو اثر ٿيندو. ويجهڙائيءَ ۾ اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته ڏينهن ڪيترائي سيڪنڊ وڌي ويو آهي ۽ برابر وڌندو رهي ٿو ڇو ته سج ۽ چنڊ جي ڇڪ زمين جي گردش کي برابر گهٽائيندي رهي ٿي. +سامونڊي وهڪرا +سمنڊ جو پاڻي هڪ هنڌ ٽڪيل نه پر ڪنهن طرف هلندو نظر ايندو آهي. توهان جيڪڏهن لهرن مان پيدا ٿيندڙ گجيءَ ۾ ٽٻي هڻي ڏٺي هوندي ته توهان محسوس ڪيو هوندو ته پاڻيءَ جا ذرڙا توهان جي پٺيءَ تان ڪيڏانهن هلندا پيا وڃن. گَهراين وارن سامونڊي تهن جو پاڻي پنهنجي سفر پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سال وٺندو آهي ۽ سمنڊ جي هيءَ بي آرامي بنيادي شيءِ آهي. +جيئن زمين جو پنهنجي محور تي، سج جي چوڌاري ڦرڻ ڪري، جيڪي سمنڊ خط استوا جي ويجهو اچن ٿا، انهن تي سج جي ڪرڻن جو سڌو اثر ٿئي ٿو ۽ قطبن وارن سمنڊن کان وڌيڪ گرم رهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو سمنڊن جو پاڻي هلندو رهي ٿو. سمنڊ ۾ وهڪرا ٽن سببن ڪري ٿيندا آهن: 1- زمين جو پنهنجي محور تي گردش ڪرڻ. 2- پاڻيءَ جو گرم ۽ ٿڌي ٿيڻ ڪري. 3- ننڍن ننڍن ٻيٽن ڪري وڏا سمنڊ ورهائجي ننڍن درياهن جي صورت اختيار ڪندا آهن. +جڏهن خط استوا وٽ سمنڊن جو پاڻي سج جي ڪري گرم ٿئي ٿو ته اُتي پاڻيءَ ۾ گرم ٿيڻ ڪري ڪجهه انچ چاڙهه اچي ٿو ۽ اهريءَ طرح هڪ قسم جي لاهي پيدا ٿئي ٿي، نتيجي ۾ خط استوا وارو پاڻي اتر ۽ ڏکڻ قطب ڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو، جتي پاڻيءَ جو سطح ٿڌي هئڻ ڪري ٿورو هيٺ هوندو آهي ۽ ائين خط استوائي وهڪرن وارو پاڻي اِن ٿڌي پاڻي جي مٿان اچي وڃي ٿو جيڪو وري آهستي آهستي خط استوا ڏانهن رخ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سان وهڪرن جو هڪ چڪر ٺهي پوي ٿو. سمنڊن جي پاڻيءَ جي چرپر لاءِ ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ جو ميلاپ ضروري آهي. +زمين جي ڦرڻ (Spining) ڪري به سمنڊ جي پاڻيءَ جا وهڪرا ٿيندا آهن. جيڪڏهن زمين جي ڦرن جو رخ اوڀر طرف آهي ته پاڻيءَ جو رخ وري اولهه طرف هوندو آهي. سڀني کان پهريائين جنهن ماڻهوءَ سمنڊن جي وهڪرن بابت ٻڌايو، اهو بينجامن فرينڪلن (Benjamin Franklin) آهي. +سندس چوڻ مطابق امريڪي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ ۾ صرف ٻه هفتا لڳائيندا آهن، ڇو ته امريڪا خلاصي جهازن کي هلائيندائي اهڙن سامونڊي حصن مان آهن جيئن وڌ ۾ وڌ وهرڪن جو فائدو وٺي سگهجي. فرينڪل (B. Franklin) پوءِ هڪ سامونڊي وهڪرن (جن کي سامونڊي درياء به چيو وڃي ٿو) جو نقشو ٺاهيو. مثال طور گلف اسٽريم (Gulf Streem) جنهن کي ميڪسيڪو جو وهڪرو به سڏيو ويندو آهي، جيڪا ميڪسيڪو نار ۾ فلوريڊا ۽ ڪيوبا جي وچ مان نڪري ٿي. هن نهر جي ويڪر اٽڪل نوي ميل ۽ گَهرائي اڌ ميل ٿيندي ۽ پاڻيءَ جي رفتار شروع ۾ صرف ٽي ميل هڪ ڪلاڪ ۾ هوندي آهي پر آهستي آهستي سندس رفتار تيز ٿيندي ويندي آهي ۽ يورپ پهچڻ تائين ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ سندس ويڪر به وڌي ويندي آهي. جڏهن هي ميڪسيڪو نار وارو وهڪرو يورپ پهچندو آهي ته ڪيترن ئي ننڍن ننڍن شاخن ۾ ورهائجي ويندو آهي. سندس هڪ شاخ انگلينڊ ۽ ناروي جي ڪنارن کان ٿيندي قطبن ڏانهن هلي ويندي آهي ته ٻي شاخ وري آفريڪا جي الهندي ڪناري طرف هلي ويندي آهي. هن وهڪري جي هڪ ٻي شاخ وري آئس لينڊ (Ice land) جو رخ ڪندي آهي. +خشڪيءَ وارا درياهه يا نديون ڪنهن ڍنڍ يا چشمي مان شروع ٿيندا آهن ۽ ختم به ڪنهن ڍنڍ يا سمنڊ ۾ ٿيندا آهن پر سامونڊي لهرن يا وهڪرن جي چڱيءَ طرح خبر ڪانه پوندي آهي ته ڪٿان شروع ٿيا ۽ ڪٿي ختم ٿيا ڇو ته شروع به پاڻيءَ کان ٿين ٿا ۽ ختم به پاڻيءَ ۾ ٿين ٿا. +زمين جي گردش اولهه اوڀر ڏانهن هوندي آهي ۽ ان گردش جو اثر هوائن تي به پوندو آهي. خط استوا وٽ زمين جي گردش تيز هئڻ ڪري، هوا جو رخ هڪ ئي طرف هوندو آهي ۽ اهڙين هوائن کي تجارتي هوائون چئبو آهي. +اولهه کان اوڀر ڏانهن زمين جي گردش ڪري هوائن جو رخ وري اوڀر کان اولهه ڏانهن هوندو آهي پر خط استوا وٽ جيئن ته زمين پوريءَ طرح گول ڪانه آهي تنهنڪري خط استوا جي اتر ۾ هوائن جو رخ اتر اوڀر طرف هوندو آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڏکڻ اوڀر طرف هوندو آهي. هوائن جو هي مستقل رخ سامونڊي لهرن کي مستقل طور پيدا ڪندو آهي. +خط استوا کان ايندڙ وهڪرو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ميڪسيڪو نار ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ هن نار جي پاڻيءَ ۾ کليل سمنڊن جي مقابلي ۾ ڪافي چاڙهه اچي ويندي آهي ۽ هن چاڙهه ڪري اُتان پاڻيءَ جو هڪ وهڪرو اچي ائٽلانٽڪ ۾ پوندو آهي، جنهن کي گلف اسٽريم يا ميڪسيڪو جو وهڪرو چئبو آهي. +ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خط استوا جي ڏکڻ ۾ به هڪ پاڻيءَ جو وهڪرو آهي ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ به تمام وڏا وهڪرا آهن، جن کي سامونڊي درياهه چئي سگهجي ٿو. انهن مان هڪ خط استوا جي اتر ۾ آهي ۽ اٽڪل نوي هزار ميل ڊگهو آهي. اهو وهڪرو فلپائين جي سامونڊي ڪنارن کان ٿيندي، جپان تائين وڃي ٿو ۽ پوءِ اُتان واپس ٿئي ٿو. هن کي جپان جو وهڪرو چئبو آهي. +پئسفڪ سمنڊ ۾ جيئن ته ٻيٽن جي گهڻائي آهي اُن ڪري سامونڊي درياهه، ننڍن ننڍن شاخن ۾ ورهائجي وڃن ٿا. +هندي سمنڊ جيڪو ايشيا، امريڪا، ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ آهي. گهٽ ايراضيءَ ڪري سامونڊي وهڪرا ايترا آزاديءَ سان ڪونه ٿا هلن ۽ گهڻو ڪري سندن دارومدار موسمي هوائن تي آهي. انهن وهڪرن جي باوجود به ڪٿي پاڻي ماٺ ۾ هوندو آهي. +سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هڪ ٻئي قسم جي چرپر به ٿيندي آهي. جيئن ته ٿڌو ۽ ڳؤرو پاڻي مٿان کان هيٺ ويندو آهي ۽ گرم ۽ هلڪو پاڻي هيٺان کان مٿي ايندو آهي. قطبن وٽ ٿڌو پاڻي هيٺ وڃڻ کانپوءِ اندرئي اندر گرم علائقن ڏانهن ويندو آهي ۽ خط استوا جو گرم پاڻي وري آهستي آهستي قطبن جي ٿڌي پاڻيءَ ڏانهن رخ ڪندو آهي. گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ هئڻ ڪري، سمنڊ ۾ گرم ۽ سرد وهڪرا ٿيندا آهن. اهي گرم وهڪرا خط استوا کان قطبن وارن سمنڊن ڏانهن وڃن ٿا ۽ سرد وهڪرا وري قطبي سمنڊن کان خط استوا وارن سامونڊي حصن ڏانهن وهن ٿا. گرم وهڪرن ۾ ميڪسيڪو نار وارو وهڪرو ۽ جپان وارو وهڪرو اچي وڃن ٿا. سرد وهڪرن ۾ ليبريڊار جو ٿڌو وهڪرو آهي جيڪو ڏکڻ آفريڪا الهندي ڪناري سان وهندو، نيو فائونڊ لينڊ (New found land) جي ويجهو اچي گلف اسٽريم يا ميڪسيڪو جي وهڪري سان ملي ٿو. هن وهڪري ۾ تمام گهڻي برف به وهندي رهندي آهي. جيڪا جهازن کي نقصان پهچائيندي آهي. +ٻيو ٿڌو وهڪرو ڪئليفورنيا ۽ ميڪسيڪو جي الهندي ڪنارن سان وهندو اچي اتر خط استوائي وهڪري سان ملندو آهي. هن کي ڪئليفورنيا جو وهڪرو چئبو آهي. +پاڻيءَ جي هيءَ چرپر سامونڊي جانورن ۽ ٻوٽن تي به اثر ڪندي آهي، ڇو ته جيڪڏهن هي ٿڌو پاڻي هيٺ تري ڏانهن نه وڃي ها ته آڪسيجن سمنڊ جي تري تائين ڪانه پهچي سگهي ها ۽ پاڻيءَ جي ان ئي چرپر ڪري سمنڊ جا مختلف لوڻ، ڌاتو ۽ ٻيا جزا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نه پهچي سگهن ها. +جيئن اسان جي جسم ۾ رت جو دورو هلندو رهي ٿو ساڳئي طرح سمنڊن جو پاڻي به هميشہ گردش ۾ آهي. اسان جي جسم ۾ رت دل کان شروع ٿئي ٿو ۽ جسم جي هر حصي تائين پهچي ٿو، ايتريقدر جو آڱرين جي چوٽين تائين ۽ پوءِ اتان واپس دل ڏانهن اچي ٿو. رت جو ائين سڄي جسم ۾ دورو ڪرڻ تمام ضروري آهي يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي زندگيءَ جو دارومدار ئي رت جي دوري تي آهي، جيڪڏهن رت هڪ جاءِ تي بيهي رهي ته جيڪر انسان زنده نه رهي سگهي يا وري جنهن حصي ۾ نه پهچي ته اهو ختم ٿيل محسوس ٿئي. +اهڙيءَ طرح سان سامونڊي جانورن يا ٻوٽن جو دارومدار ئي سمنڊ جي پاڻيءَ جي ميل ميلاپ تي آهي. سامونڊي وهڪرن ۽ پاڻيءَ جي گردش مسلسل هلندي رهي ٿي پر ڪن هنڌن تي پاڻي بيٺل به هوندو آهي، جيئن ”سمنڊ اسود“، جتي سمنڊ ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر نه هوندي آهي ۽ چرپر نه هئڻ ڪري ان ۾ زهريلا مادا جمع ٿي ويندا آهن ۽ مڇيون يا ٻيا جانورن ان ۾ ڪونه رهي سگهندا آهن. +سائنسدانن جي هڪ اندازي مطابق جيئن ڪنهن تلاءَ يا دُٻي جو پاڻي مٽبو رهي ٿو تيئن ئي سمنڊن جو پاڻي به هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچي وڃي ٿو ۽ اٽڪل هڪ سؤ پنجهٺ (165) سالن ۾ قطبي سمنڊن وارو پاڻي هڪ ڀيرو مٽجي وڃي ٿو ۽ ساڳي طرح مختلف نارن ۽ ننڍن سمنڊن جو پاڻي به مٽبو ۽ ڦرندو رهي ٿو. +کنڊن جو ٺهڻ +اسان جڏهن ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي بيهنداسون ته ائين محسوس ٿيندو ته پاڻي ۽ خشڪي پاڻ ۾ مليل آهن پر اهي ڪنارا سدائين هڪجهڙا نه آهن ڇو ته سامونڊي ڪنارن ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. سمنڊ جون ڇوليون ۽ ويرون ڪنارن سان ايتري ته زور سان ٽڪرائبيون آهن جو ڪنارا کاڄندا رهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو انگلينڊ جا ڪيترائي ننڍا شهر سمنڊ هيٺ اچي ويا آهن. +هالينڊ ۾ جنهن جي زمين سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي اتي سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ وڏا وڏا بند ٻڌا ويا آهن ۽ وڏين وڏين مشينن سان پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيو ويندو آهي پر هڪ ڀيري سمنڊ ايتري ته جوش ۾ آيو جو سڀئي بند ٽوڙي ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيائين. +سياري جي موسم ۾ سامونڊي طوفان ايتري ته زور سان ايندا آهن جو وڏي ۾ وڏا وڻ به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا آهن. ڊينمارڪ جي سامونڊي ڪناري تي هڪ گرجا آهي جنهن جي هيٺان سمنڊ پٿر ۽ ڪڪري لوڙهي ويو آهي ۽ هاڻي اها گرجا هڪ وڻ مٿان بيٺل آهي ۽ ماڻهو ان کي عجوبو سمجهي ڏسڻ ايندا آهن. سامونڊي طوفانن، ڇولين ۽ ويرن ڪري ڪٿي ته ننڍا ٻيٽ پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا آهن ته ڪٿي وري نوان ٻيٽ وجود ۾ اچي ويندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح وڏن کنڊن جي ايراضي ۽ نقشي ۾ ڦيرو ايندو رهي ٿو. +پراڻي زماني ۾ اهي تبديليون تمام گه��يون اينديون هيون ۽ جيڪي نقشا اڄ کان ڏهه ڪروڙ يا پنجاهه ڪروڙ سال اڳ جا ٺهيل آهن، اهي اڄوڪن نقشن کان بلڪل مختلف آهن. پراڻن نقشن ۾ تقريباً سڄو اتر آمريڪا پاڻيءَ هيٺ ڏيکاريل آهي ۽ ان زماني ۾ صرف اوڀر ڪئناڊا، نيويارڪ، مچيگن ۽ وس ڪونسن خشڪ علائقن جا حصا آهن. ان زماني کان ٿورو اڳ ڏکڻ آمريڪا، ايشيا ۽ آسٽريليا جا ڪجهه حصا پاڻيءَ هيٺ آيل هئا پر آهستي آهستي پاڻيءَ کان نڪري اڄوڪيءَ صورت ۾ آيا آهن. ان کانپوءِ ڪافي تبديليون آيون آهن، مثال طور ڪجهه وقت اڳي اتر آمريڪا - ايشيا سان مليل هئي ۽ ان دور ۾ هندستاني ماڻهو وڃي آمريڪا ۾ آباد ٿيا هئا، اهي ايشيا کان آمريڪا خشڪي رستي پهتا هئا. ان وقت انگلينڊ يورپ سان مليل هئو. آفريڪا جو مشهور بيابان صحرا پاڻي هيٺ هئو. +خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ جي ان جنگ ۾ خط استوا جي اترين حصن ۾ خشڪي گهڻي آهي. وڏن کنڊن مان ايشيا، يورپ ۽ سڄي اتر آمريڪا ۽ آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جو ڪافي حصو خط استوا جي اتر ۾ اچي ٿو، ان هوندي به سمنڊ جو حصو خشڪيءَ کان وڌيڪ آهي. وڏن کنڊن ۽ سڀني کان مٿي ائنٽارڪٽيڪا يعني ڏکڻ قطب جو ملڪ آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان اٽڪل هڪ ميل مٿي آهي ۽ سڀني کان هيٺ وري آسٽريليا جو کنڊ آهي. +وڏن کنڊن کانپوءِ وري سمنڊ جو پٿريلو حصو ايندو آهي جنهن کي شيلف (Shelf) چئبو آهي. سمنڊ جا هي پٿريلا حصا گهڻو ڪري هڪ جهڙا ٿيندا آهن ۽ آهستي آهستي لهوارا ٿيندا ويندا آهن ۽ آخر ۾ ٻه اڍائي ميل پري اونهي سمنڊ ۾ غائب ٿي ويندا آهن، ڪن کنڊن جي ڪنارن وٽ وري هي پٿريلا (Shelf) حصا ڪونه ٿين ۽ انهن جي جاءِ تي وڏا وڏا قيمتي وڻ هوندا آهن ته ڪن کنڊن جا هي پٿريلا حصا ڪيترائي سؤ ميل ويڪرا ٿيندا آهن. هونئن عام طرح سان سندن ويڪر تقريباً ٽيهه (30) ميل هوندي آهي. ڪن سمنڊن جا ڪنارا وري وارياسا يا گپ وارا ٿيندا آهن، جن تي سمنڊ جي ڇولين جو تمام گهڻو اثر ٿيندو رهندو آهي ۽ جي پاڻ سان واري ۽ مٽي لوڙهي کنيون وينديون آهن، ۽ ائين سامونڊي ڦير ڦار ٿيندي رهندي آهي. + + +سامونڊي جبل +توهان جبل اڪثر خشڪي تي ڏٺا هوندا، جن مان ڪي ايڏا ته اوچا ٿيندا آهن، جو گرميءَ جي موسم ۾ به سندن چوٽيون برف سان ڍڪيل هونديون آهن. سڄي دنيا ۾ ڪيترائي جبل آهن جيڪي پنهنجي خوبصورتيءَ کان مشهور آهن، خاص ڪري اهي جبل جيڪي قطارن ۾ موجود هوندا آهن. مثلاً هماليه (Himalya) ۽ اينڊيز (Inded)، پر سڀني کان وڏي ۾ وڏيون جبلن جون قطارون سمنڊ اندر ملنديون، جيڪي سمنڊ جي پاڻي ۾ ٻڏل هونديون آهن. +سڀني کان ڊگھي سامونڊي جبلن جي قطار ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود آهي، جنهن جو هڪ سرو آئيس لينڊ (Ice-land) سان ملي ٿو ۽ سندن بيهڪ انگريزي اکر ايس (S) وانگر آهي. جيتوڻيڪ اهي جبل پاڻيءَ ۾ ٻڏل هوندا آهن پر ڪٿي ڪٿي سندن چوٽيون پاڻيءَ کان ٻاهر مٿي نڪتل هونديون آهن. ائٽلانٽڪ جي جبلن کان صرف ايشيا جا جبل ئي اوچا آهن پر اهڙن ئي قسمن جا جبل برازيل ۽ آفريڪا جي وچ ۾ ملن ٿا ۽ ٻين به ڪيترن ئي سمنڊن ۾ اهڙن قسمن جا جبل موجود آهن، جيتوڻيڪ اُهي اهڙا عاليشان ۽ خوبصورت +ڪونهن، پر انهن جون چوٽيون سمنڊ جي پاڻيءَ کان ٻاهر نظر اچن ٿيون، جيئن ”هوائي جي ٻيٽ“ ۾ ’موناڪي‘ نالي جبل جي چوٽي آهي، جيڪا سمنڊ جي سطح کان چوڏهن هزار فوٽ اوچي آهي ۽ اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته اهو پهاڙ سورنهن هزار فوٽ پاڻيءَ اندر موجود آهي ۽ سندس اصل اوچائي ٽيهه هزار فوٽ ٿئي ٿي، جيڪا مائونٽ ايوريسٽ جي بلنديءَ کان به وڌيڪ آهي. +سمنڊ جا تهه +جهڙيءَ طرح زمين مختلف تهن جي ٺهيل آهي، اهڙيءَ طرح سان سمنڊ جي پاڻيءَ جا به مختلف تهه آهن. مٿاڇري کانسواءِ ٻيا جيڪي به پاڻيءَ جا تهه آهن، انهن کي سمنڊ جا اونها تهه چيو وڃي ٿو. +سمنڊ جي جر تائين ته ڪوبه پهچي نه سگهيو آهي پر خيالي طرح جيئن اسان سج، تارن جهڙوڪ مريخ جي وادين ۽ ماٿرين تائين پهچي ويندا آهيون، اهڙيءَ طرح سان سمنڊ جي تري تائين به پهچي ويندا آهيون. +جڏهن اسان ڪنهن سامونڊي ڪناري تي گهمندا آهيون ته ائين لڳندو آهي ڄڻ سمنڊ جي تري تي پيا گهمون، ڇو ته ٿورو وقت اڳ پاڻيءَ جون ڇوليون پوئتي موٽي ويون آهن. ڪناري کان ٿورو اڳتي سمنڊ ڪجهه گهرو هوندو آهي، جتان ٽوٻا اسپنج ڪورل (Corals)، موتي ۽ جهازن مان ٻڏي ويل خزانا ڪڍي ايندا آهن. پر وڏن کنڊن جي ڪنارن وارن پٿريلن حصن (Shelfs) ۾ پاڻي ننڍو هوندو آهي، پر اصل سمنڊ ته اڃان به اڳتي شروع ٿيندو آهي جيڪو اڪثر ٻن کان ٽن ميلن تائين يا اڃان به وڌيڪ اونهو هوندو آهي. شروع ۾ ائين سمجهيو ويندو هئو ته سمنڊ جو ترو به زمين جي ميداني علائقن وانگر هموار آهي پر سمنڊ جي تري تي جبلن جون قطارون ۽ واديون موجود آهن. +ڪن عالمن جو خيال آهي ته پاڻيءَ ۾ ٻڏل مٿاهان سطح اصل ۾ وڏن کنڊن جي غرق ٿيڻ ڪري پيدا ٿيا آهن. قديم يونانين جي چوڻ مطابق ائٽلانٽس نالي هڪ ملڪ هوندو هو جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه اچڻ ڪري غرق ٿي ويو. جنهنڪري سندس نالو ئي ائٽلانٽڪ سمنڊ پئجي ويو. سمنڊ ۾ ٻڏل مٿاهان مٿاڇرا پاڻيءَ جي اندر ئي اندر هندي سمنڊ مان گذرندا، هندستان کي وڃي ڏکڻ قطب سان ملائن ٿا. سائنسدانن جي چوڻ مطابق اهو اصل ۾ هڪ وڏو کنڊ آهي جيڪو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي ’دکن‘ ۽ ’مڊگاسڪر‘ (Madagasker) سندس مٿاهان حصا آهن جيڪي پاڻيءَ هيٺ نه اچي سگهيا آهن. +ان کان به وڌيڪ مٿاهان مٿاڇرا اُهي آهن جيڪي پئسفڪ سمنڊ اندر وڇايل آهن ۽ ائنٽ آرڪٽيڪا کي وچ آفريڪا سان ملائن ٿا. +مٿين تمام وڏن ٻڏل مٿاڇرن کانسواءِ ڪجهه ننڍا مٿاڇرا به آهن جن کي بينڪ (Bank) چيو ويندو آهي. نئين لڌلن زمين (New found land) جي ڪناري ويجهو گرينڊ بينڪس (Grand banks)) جو مٿاڇرو آهي جيڪو ايراضيءَ ۾ ”نئين لڌل“ زمين برابر آهي. هن جاءِ تي ڪاڊ (Cod) مڇي عام جام ملندي آهي ۽ يورپ کان ماڻهو هتي ڪاڊ مڇيءَ جي شڪار لاءِ ايندا آهن. اهڙيءَ طرح اتر سمنڊ ۾ ڊوگر ڪنارا (Doggar banks) به مختلف مڇين کان مشهور آهن. هتي جڏهن ملاح مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڄار اڇلائيندا آهن ته مڇين سان گڏ ڪجهه پراڻن قسمن جا پٿر مان ٺهيل هٿيار به اچي ويندا آهن. ان مان ظاهر آهي ته ڪو وقت هيو ته هي پاڻيءَ هيٺ آيل علائقا آباد هئا. +انهن مٿاهن جابلو مٿاڇرن کانسواءِ سمنڊ ۾ ڪيتريون ئي ماٿريون ۽ هيٺاهين وارا مٿاڇرا آهن، جيڪي پڻ دلچسپ آهن. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هڪ اهڙي ماٿري معلوم ڪئي وئي آهي جيڪا اٺن ميلن تائين پکڙيل آهي ۽ ڪي ماٿريون ته اڃان اونهيون آهن، جن کي ڪڏهن سامونڊي تلاءَ يا کڏون سڏيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سان هندي وڏي سمنڊ ۾ به جاوا (Java) ٻيٽ جي ويجهو اهڙي قسم جا سامونڊي تلاءَ آهن. پئسفڪ سمنڊ ۾ ته اهڙا تلاء اڃان به اونها آهن ۽ انهن مان هڪ جپان جي ويجهو آهي ۽ فلپائن کان صرف چاليهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن جاءِ تي ان تلاء جي اونهائي تقريباً پنجٽيهه هزار فوٽ آهي. +ڪنارن سان گڏوگڏ به ڪيترن ئي جاين تي اهڙي قسم جون گهرايون آهن جن کي کاهي چيو ويندو آهي ۽ کاهيون اڪثر ڪري ڪنارن کان ٿينديون، پٿريلي (Shelf) حصن تان ڦرنديون وڃي وچ سمنڊ ۾ پون ٿيون. +انهن تلائن ۽ سامونڊي کڏن بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪنهن وقت اهي دريائن جا پيٽ هئا جڏهن اڃان اهي وڏا کنڊ پاڻيءَ هيٺ ڪونه آيا ��ئا ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته اهي کڏا ان وقت پئجي ويا جڏهن زمين ٿڌو ٿيڻ شروع ڪيو. خاطري سان ڪوبه ڪونه ٿو چئي سگهي ته آخر اهي تلاء ۽ هيٺاهيون وجود ۾ ڪيئن آيون. +سمنڊن جي ورهاست +خشڪيءَ واري حصي جي ورهاست ته سولي آهي پر دنيا جي پاڻي واري حصي جي ورهاست ڪجهه ڏکي آهي. پهريائين ته سمنڊ جو پاڻي ۽ پوءِ سمنڊ کان ٻاهريون پاڻي، جيڪو دريائن، چشمن ۽ ڍنڍن ۾ موجود آهي، هوا ۾ پڻ بخار جي صورت ۾ موجود هوندو آهي. پر جيڪڏهن سڄي دنيا جو پاڻي گڏ ڪجي ته سؤ مان پنجانوي حصا سامونڊي پاڻي ۽ هڪ حصو ٻاهريون پاڻي ٿيندو. +دنيا جا سمنڊ جيئن ته هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، سو انهن جي ورهاست آهي ته تمام ڏکي، پر تنهن هوندي به انهن کي پنجن وڏن سمنڊن ۾ ورهايو ويو آهي. +1- ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ. +2- پئسفڪ وڏو سمنڊ. +3- هندي وڏو سمنڊ. +4- اتر وڏو سمنڊ. +5- ڏکڻ وڏو سمنڊ. +ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نالو قديم يونانين پنهنجي هڪ ديو ”عظيم اطلس“ جي نالي تان رکيو آهي ۽ ديو مالاجي روايتن مطابق هي ديو، آفريڪا جي ڏکڻين ڪناري تي بيٺل آهي ۽ سڄو آسمان سندس ڪلهن تي بيٺل آهي. ڪن جي چوڻ مطابق ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نالو هڪ ملڪ ائٽلانٽس تان رکيو ويو آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ يورپ ۽ آفريڪا، اتر ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ آهي ۽ ٻنهي قطبي سمنڊن سان ڳنڍيل آهي. هن جا ٻئي ڪنارا گهڻي ڀاڱي ميداني آهن ۽ ڪيترائي ننڍا ننڍا سمنڊ ۽ اپسمنڊ اندر خشڪيءَ ۾ هليا ويا آهن. +2- هندي سمنڊ جو نالو ان ڪري پيو جو هڪ ته سنڌو درياءَ (اصل ۾ سنڌ - هند جي بدليل صورت آهي) اچي ڇوڙ ڪري ٿو، ٻيو ته هندستان جي سرزمين جي ويجهو آهي. هندي سمنڊ جي اتر ۾ ايشيا ۽ ڏکڻ ۾، ڏکڻ وڏو سمنڊ آهي. سندس الهندو ڪنارو، اڀرندي ڪناري کان وڌيڪ اونهو آهي. بنگال جو اپسمنڊ، عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ هن جا حصا آهن ۽ ايراني نار، بنگالي نار ۽ نار ۽ مرتبان نار پڻ هن ۾ آهن. +3- پئسفڪ سمنڊ جو نالو پهريائين ’ميگي لان‘ (Megelan) رکيو هو. ميگي لان هڪ جماعت سان گڏجي سڄي دنيا جي سمنڊن جو سير ڪندي جڏهن هن سمنڊ جي حصي ۾ پهتو ته کيس سمنڊ اهڙو خاموش ۽ پرسڪون نظر آيو، جو سندس نالو ئي سست سمنڊ (Pacific ocean) رکي ڇڏيائين جيڪو پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو ۽ اڄ تائين ان ئي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. +پئسفڪ سمنڊ جي اولهه ۾ ايشيا ۽ آسٽريليا، اوڀر ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا آهي. +4- اتر وڏو سمنڊ روس ۽ آمريڪا جي اترين ڀاڱي جي وچ ۾ آهي. هتي تمام گهڻي ٿڌ هوندي آهي ۽ پاڻي گهڻو ڪري سدائين ڄميل هوندو آهي. +5- ڏکڻ وڏو سمنڊ: هي سمنڊ پئسفڪ وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. هن سمنڊ جو پاڻي به گهڻي ٿڌ ڪري ڄميل هوندو آهي. +جاگرافي دان ڏکڻ وڏي سمنڊ کي ائٽلانٽڪ جو حصو تصور ڪندا آهن ۽ اتر وڏي سمنڊ کي، ٽنهي وڏن سمنڊن جو گڏيل حصو سمجهندا آهن. +ٽنهي مستقل سمنڊن مان پئسفڪ سمنڊ، ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو آهي ۽ سندس ايراضي تقريباً ٻنهي سمنڊن جيتري ٿيندي ۽ سندس ڊيگهه اٽڪل ڏهه هزار ميل ٿيندي. ٻئي نمبر تي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، ۽ سڀني کان ننڍو وري هندي وڏو سمنڊ آهي. +انهن وڏن سمنڊن کانسواءِ ٻيا ننڍا اپسمنڊ ۽ نارون پڻ آهن. جن ۾ ايشيا کنڊ جي اوڀر ۾، ڏکڻ چيني سمنڊ آهي ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ، اولهه ۾ ڪيسپين سمنڊ اٿس ۽ يورپ جي ڏکڻ ۾ ڀونوچ سمنڊ آهي. +ڪجهه سامونڊي حصا جيڪي ٻيٽن ڪري ڪٽجي الڳ ٿي ويا آهن، انهن کي عام طرح سان بحر، سڏيو ويندو آهي. سڀني کان مشهور ”بحر روم“ آهي، جيڪو آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا کي الڳ ڪري ٿو. هن کي رومي سمنڊ به سڏيو ويندو آهي. اهڙيءَ ��رح سان بحرِ بيرنگ جيڪو روس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ آهي. +ڪن ڪن جاين تي سمنڊ جون شاخون خشڪيءَ وارن علائقن اندر موجود آهن، جن کي نار چيو ويندو آهي، جيئن- +ايراني نار (Persian gulf). +بنگال اپسمنڊ. +ميڪسيڪو نار. +سمنڊ جو پاڻي عام طرح سان ته نيرو ٿيندو آهي، پر جن هنڌن تي پاڻي گهٽ هوندو آهي اتي سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سامونڊي پاڻيءَ جي رنگن کي به ڪن هنڌن تي اهميت حاصل آهي ڇو ته مٿن نالا ئي سندن پاڻيءَ جي رنگ مطابق رکيا ويندا آهن، جيئن ”زرد سمنڊ“ جنهن جو پاڻي زرديءَ تي مائل هوندو آهي ۽ ڳاڙهو جيڪو ڳاڙهو نظر ايندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سان ڪارو سمنڊ به آهي. +سمنڊ ۾ زندگيءَ جي شروعات +ڪو وقت هئو جڏهن زمين تي ڪابه جاندار يا ساهواري شيءِ موجود ڪا نه هئي، ان جو سبب اهو هو، ته جاندار شيون پهريائين خشڪيءَ تي نه پر سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيون ۽ پوءِ خشڪيءَ ڏانهن آيون. اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته پهريائين زندگي ڪيئن شروع ٿي، پر اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته جن جزن مان جسم ٺهن ٿا اهي گهڻي زماني کان سمنڊ ۾ جمع ٿيندا رهيا آهن، پوءِ جتي هوا ۽ اُس جو گذر چڱيءَ طرح هئو ۽ آبهوا موافق هئي اتي جاندار جسمن ٺهڻ شروع ڪيو. اڄ به ڪيترائي اهڙا جزا موجود آهن جيڪي پاڻ ۾ ملي عجيب قسم جي مخلوق وجود ۾ آڻين ٿا جن کي وائرس (Virus) چئبو آهي. وائرس کي ڪي سائنسدان ساهوارن سان ته ڪي وري بي جان شين سان تشبيه ڏيندا آهن. سندن قدبت ايترو ته ننڍو هوندو آهي جو عام دوربينيءَ (Microscope) سان ته ڏسي به ڪونه سگهبو پر ان هوندي به ان جا ڪيترائي قسم سڃاتا ويا آهن. جيڪي ٻوٽن ۽ جانورن ۾ ڪيتريون ئي بيماريون مثلاً نمونيا پيدا ڪندا آهن پر ڪيترا ته وري فائدي وارا به آهن. +ٻيون ڪيتريون ئي شيون وائرس کان وڏيون هوندي به هڪ انچ جي هزارئين حصي برابر ٿينديون آهن ۽ يقيناً ساهواريون شيون هونديون آهن. انهن مان ڪن کي ٻوٽن ته ڪن کي وري جانورن سان رکيو ويو آهي. اهي ننڍي ۾ ننڍيون ساهواريون شيون اڳتي هلي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻن جاندار شين جي شڪل اختيار ڪنديون آهن ۽ اهو سلسلو هلندو اچي ۽ اڻکٽندڙ آهي، ڇو ته وڏي ۾ وڏا جانور به پهريائين انهن ئي شين جي جزن وانگر يعني خلين (Cell) مان ٺهندا آهن جن کي جيوُ يا گهرڙو چئبو آهي. اهڙيءَ طرح سان پهريائين ننڍيون جاندار شيون، پوءِ وڏيون ۽ ان کان پوءِ وڏي ۾ وڏن جانورن جو پيدا ٿيڻ آهي. اهو سڀڪجهه ارتقائي (Evolution) اصولن مطابق آهي جيڪي (ارتقا) هلندا اچن ۽ هلندا رهندا پوءِ کڻي اهو عمل ڪيترو به سست ڇونه هجي. +ساهواريون شيون خشڪيءَ تي پهچڻ کان اڳ ڪروڙها سال پاڻيءَ ۾ رهنديون هيون، ڇو ته سندن پيدا ٿين جي جاءِ به سمنڊ آهي ۽ شروعات ۾ سمنڊ کان ٻاهر رڳو ميدان، واريءَ جا دڙا ۽ ڪٿي ڪٿي وڻ هوندا هئا. سمنڊ ئي هڪ اهڙي جاءِ هئي جتي اڪثر ساهواريون شيون رهنديون هيون، پر وقت گذرڻ سان گڏ ڪجهه جانورن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان نڪري اچي دريائن جي مٺي پاڻيءَ ۾ رهڻ شروع ڪيو. +ايتري گهڻي ڦيرڦار ۽ ارتقائي ڏاڪن مان گذرڻ کان پوءِ سمنڊ جو اڄ به انسان ۽ ٻين جاندارن جي زندگيءَ تي گَهرو اثر ٿي رهيو آهي. +انسان به پنهنجي زندگيءَ جي شروعات سمنڊ مان ئي ڪئي آهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته انسان جي رت ۾ لوڻ ان ئي نسبت سان موجود آهي. جنهن سان سمنڊ جي پاڻي ۾ آهي. اسان جي رت وارو لوڻ، پگهر ذريعي ٻاهر نڪرندو رهي ٿو پر جيڪڏهن مقرر حد کان وڌيڪ لوڻ جسم مان خارج ٿي وڃي ته جيڪر بيمار ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پوي. اسان جي جسم جي لوڻ ۽ سمنڊ جي لوڻ جي ساڳئي نسبت مان اهو ثابت ٿئي ٿو ��ه جن جانورن جي جسم ۾ پهريائين رت پيدا ٿيو انهن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات سمنڊ مان ئي ڪئي آهي. انهيءَ مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انسان به ٻين جانورن وانگر پنهنجي زندگيءَ جي شروعات سمنڊ مان ئي ڪئي آهي. +سمنڊ نه صرف زندگيءَ کي جنم ڏنو آهي پر ان جي حفاظت به ڪئي آهي. سمنڊ جي ايتري گهڻي پاڻيءَ جي ڪري جيڪا گهم (Humidity) پيدا ٿئي ٿي سا ڪيترن ئي ٻوٽن لاءِ فائديمند آهي ڇوته ڪي ٻوٽا گهم جي گهٽتائيءَ ۾ سڪي ختم ٿيو وڃن. ان مان صاف ظاهر آهي ته ساهوارا نه صرف سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيا آهن پر پاڻيءَ کانسواءِ انهن جو باقي رهڻ ناممڪن آهي. + + +سامونڊي ٻوٽا ۽ جانور +خشڪيءَ وانگر سمنڊ ۾ به ٻوٽا عام جام ٿيندا آهن پر ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌيڪ. سامونڊي ٻوٽن جو تعداد ايترو ته گهڻو آهي جو انهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ۽ گهڻائي انهن ئي ٻوٽن جي آهي جيڪي تمام ننڍا ٿيندا آهن جو جيڪڏهن ماڻهو انهن جي مٿان به اچي بيهي تڏهن به چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ ڪونه اچن. +سمنڊ جي مٿاڇري تي ترندڙ جانور ۽ ٻوٽا جن کي پلينڪٽان (Plankton) چيو ويندو آهي، انهن جي چرپر پاڻيءَ يا هوا جي رخ مطابق هوندي آهي. جيڏانهن پاڻيءَ يا هوا جو رخ اوڏانهن هنن بي سهارن ساهوارن جو به رخ هوندو آهي. سڀني کان اهم وري هڪڙا ننڍا ساهوارا آهن جن کي ڊاءِ ٽومس (Diatoms) چئبو آهي. جيڪڏهن ڪو ڊاءِ ٽوم (Diatom) ڪنهن صاف پاڻيءَ ۾ ترندو هجي ته معمولي مٽيءَ جي ذري وانگر نظر ايندو. ڊاءِ ٽوم کي دوربينيءَ سان ڏٺو وڃي ته سڄو صاف نظر ايندو. سندس چوڌاري هڪ شفاف شيشي جهڙو تهه هوندو آهي جنهن اندر هڪ رنگين ذرڙي وانگر نظر ايندو. +ٻنهي قطبن يعني اتر ۽ ڏکڻ قطب جي سمنڊن ۾ ڊاءِ ٽوم ايتري ته انداز ۾ موجود هوندا آهن، جو پاڻيءَ جو رنگ ئي بدليل نظر ايندو آهي. ڊاءِ ٽوم کان به وڌيڪ خوبصورت وري گهڻن گهرڙن (Multicellular) وارا جانور هوندا آهن جن کي ريڊيوليريا (Radiolaria) چيو وڃي ٿو. انهن جي جسمن جي ٻاهريان به چمڪندڙ تهه هوندو آهي جنهن تي ڪيترن ئي قسمن جا ڪنڊا ۽ رنگارنگي چٽسالي هوندي آهي جيڪا سندن خوبصورتي ۾ اضافو ڪندي آهي. +جيئن خشڪيءَ تي موجود گلن ۽ ٻوٽن مان پوپٽ، ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا جيت رس چوسڻ ايندا آهن، اهڙيءَ طرح سمنڊ جي ٻوٽن مان به ڪيترائي جانور پنهنجو کاڌو حاصل ڪندا آهن. جن ۾ سڀني کان اهم گانگٽ (Praion) جهڙا ننڍڙا ننڍڙا جانور آهن جن کي اسان ڪوپ پوڊ (Copepod) چوندا آهيون. ڪوپ پوڊ گهڻو ڪري ڊاءِ ٽوم کائيندا آهن. جهڙيءَ طرح ڪوپ پوڊ ڊاءِ ٽوم کائيندا آهن، تهڙيءَ طرح ٻيا جانور وري ڪوپ پوڊ کائيندا آهن. هڪ تجربي مطابق جڏهن هڪ وهيل (Whale) مڇيءَ جو پيٽ چيريو ويو ته سندس آنڊي مان چاليهه مڻ ڪوپ پوڊ نڪتا، هاڻي توهان خود اندازو لڳايو ته چاليهن مڻن ۾ ڪيترا ڪوپ پوڊ هوندا. +سامونڊي ٻوٽا ايتري ته گهڻي انداز ۾ ٿيندا آهن جو ڪٿي ڪٿي انهن کي سامونڊي باغ به چيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ تمام عجيب قسم جا جانور ڏٺا ويا آهن. ڪن جانورن (گانگٽن) جا مٿا وڏا، اڪيل سنڱ ۽ اکيون چمڪندڙ هونديون آهن ۽ ڪن جسمن مان ته وري ٽانڊن وانگر روشني نڪرندي رهندي آهي. اهي سمنڊ ۾ ايتري ته انداز ۾ موجود هوندا آهن جن ۾ ڪڏهن ڪو جهاز اڳتي هليو ويندو آهي ته سندس پٺيان جيڪي لهرون پيدا ٿينديون آهن، اهي ڳاڙهيون باهه وانگر نظر اينديون آهن. +سمنڊ جي مٿاڇري تي نه رڳو جانور پر سندن آنا ۽ ٻچا به ترندي نظر ايندا آهن جيڪي ڪجهه عرصي کانپوءِ هيٺ پاڻيءَ ۾ هليا ويندا آهن. +سامونڊي ٻوٽا جن ۾ پلينڪٽان (Plankton) به اچي وڃن ٿا، اڪثر ڪري ماڻهن جي ڪم ايندا آهن پر ��نهن ۾ ڪجهه نقصانڪار به هوندا آهن. +پئسفڪ سمنڊ (Pacific ocean) جي ڪن ڪناري وارن علائقن تي ڳاڙهي رنگ جا ٻوٽا ملندا آهن جيڪي رات جي وقت روشني ڏيندا آهن، انهن ٻوٽن جا اهي روشني ڏيندڙ جزا زهريلا ٿيندا آهن، ۽ جيڪي مڇيون اهي ٻوٽا کائينديون آهن انهن کي ماڻهو کاڌي طور يا غذا طور استعمال نه ڪندا آهن. +زمين جي ريگستاني حصن وانگر سمنڊ ۾ اهڙا حصا ٿيندا آهن جتي ٻوٽا ۽ جانور گهٽ ملندا آهن. آمريڪا نار هڊسن (Hudson) ۽ سمنڊ جي وچ وارا حصا سامونڊي بيابان ليکيا ويندا آهن. +سامونڊي ڪنارن ڀرسان هڪ پاڻيءَ جي ٻوٽي ٿيندي آهي جنهن کي سامونڊي گاه (Sea weed) چئبو آهي. اهي ننڍيون ٻوٽيون جيتوڻيڪ جانورن لاءِ گهٽ اهميت ٿيون رکن پر تنهن هوندي به نقصانڪار ڪونهن. +خشڪيءَ جا ٻوٽا ۽ گاهه اڪثر ڪري ساوا هوندا آهن ڇو ته انهن ۾ هڪ سائي رنگ جو مادو ٿيندو آهي جنهن کي سائو مادو (Chlorophyll) چئبو آهي. گاهه، ٻوٽن ۽ وڻن جي زندهه رهڻ جو دارومدار به انهيءَ مادي تي آهي ڇو ته اهو سائو مادو هوا پاڻي ۽ اس جي موجودگيءَ ۾ ٻوٽن لاءِ کاڌو تيار ڪندو آهي. +سامونڊي گاهه مختلف رنگن جا هوندا آهن جن ۾ ڪي ساوا ته ڪي وري نيرا ۽ ڳاڙها ٿيندا آهن پر سمنڊ جو گاهه اڪثر ڪري هلڪي سائي رنگ جو ٿيندو آهي. سمنڊ جي گهراين ۾ گاهه ڪونه ٿيندو آهي ڇو ته اُتي اُس جو گذر نه ٿيندو آهي پر جتي پاڻيءَ جي گهرائي گهٽ هوندي آهي اُتي سج جي روشني جو گذر ٿي ويندو آهي ۽ اُتي اهو گاهه تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو آهي. سمنڊ جي گهراين ۾ جيڪڏهن ٻوٽا ڦٽندا به آهن تڏهن به اُس نه پهچڻ ڪري سندن کاڌو تيار ٿي نه سگهندو آهي ۽ ڦٽڻ کانپوءِ وڌندا ڪونه پر مري ختم ٿي ويندا. هوڏانهن جن هنڌن تي پاڻي گهٽ هوندو آهي ۽ اس جو گذر سٺو، ته ٻوٽا سائي مادي مان کاڌو تيار ڪندا رهندا آهن جيڪو سندن زندهه رهڻ ۽ وڌڻ لاءِ تمام ضروري آهي. دنيا ۾ کُنڀين کانسواءِ تمام ٿورا ٻوٽا آهن جيڪي اس جا محتاج نه هوندا آهن. +سمنڊ جي گاهه ۾ گل ڪونه ٽڙندا ۽ نه وري کين پاڙون ٿينديون آهن، ڇو ته انهن کي پاڙن جي ضرورت ئي نه پوندي آهي. زمين تي جيڪي گاهه، کاڌي يا لوڻ جا جزا پاڙن ذريعي حاصل ڪندا آهن، اهي سمنڊ جا گاهه پنهنجي پنن ذريعي سمنڊ جي پاڻيءَ مان ئي حاصل ڪري وٺندا آهن. پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪيلپ (Kelp) گاهه جا پن تمام وڏا ٿيندا آهن ۽ انهن جي لمبائي تقريباً ٻه سؤ فوٽن تائين ٿيندي آهي. ان قسم جي گاهه جا جهنگ اتر ايلاسڪا ۾ ٿيندا آهن جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانور عام جام ٿيندا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي گاهه ٿيندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڪنارن کان ڇڄي پري وچ سمنڊ ۾ هليا ويندا آهن جتي سمنڊ سست ۽ خاموش هوندو آهي ۽ ايتري ته گهڻي انداز ۾ هوندا آهن جو تمام وڏا جهنگ نظر ايندا آهن ۽ جيڪر وڏي ۾ وڏا سامونڊي جهاز به انهن ۾ ڦاسي پون. +خشڪيءَ وانگر سامونڊي گاهن ۽ ٻوٽن تي به آبهوا ۽ موسم جو گهرو اثر ٿيندو آهي. جڏهن ٻوٽن جو تعداد وڌندو آهي ته انهن ۾ جانور به گهڻا هوندا پر جيئن ئي ٻوٽا گهٽبا تيئن ئي جانورن جو تعداد به گهٽجي ويندو. مثال طور فيبروريءَ جي ٿڌي موسم ۾ اتر سمنڊ ۾ توهان کي ڪوپ پوڊ (Copepod) تمام گهڻي تعداد ۾ ملندا پر اپريل ۾ انهن جو تعداد گهٽجي ويندو آهي. سرءَ (Autumn) جي موسم ۾ سمنڊ جي ڪنارن تي تمام گهڻي تعداد ۾ ڪيلپ (Kelp) ۽ سامونڊي گاهه ملندا آهن ۽ جتي وري ڳاڙهو سيور (Algae) ڪنارن وٽ واريءَ تي رهجي ويندو آهي ته اُهو هنڌ ڳاڙهي رنگ سان رنڱيل نظر ايندو آهي. +اهڙن ئي قسمن جا گاهه دنيا جي ڪيترن ئي گرم سمنڊن ۾ موجود هون��ا آهن پر انهن سامونڊي باغن جي خوبصورتي ٻوٽن کان وڌيڪ رنگدار جانورن جي ڪري هوندي آهي. ڪيترن ئي قسمن جا اسپنجز (Sponges)، سامونڊي ايني مون (Sea Anemone) ۽ رنگين مڇين ڪري سندن رونق وڌي ويندي آهي. سامونڊي ايني مون جنهن کي ڪورلس (Corals) چئبو آهي جيڪي پاڻ ۾ گڏجي هڪ پٿر جو ڍير ٿي ننڍڙو شهر ٺاهيندا آهن جن کي ڪورل ريفس (Coral reefs) چئبو آهي. ڪورل ريفس اڪثر ڪري گرم سمنڊن ۾ ملندا آهن ۽ سندن ٽي قسم آهن: فرنجنگ ڪورل ريفس (Fringing coral reefs)، اٽول ڪورل ريفس (Atoll coral reefs) ۽ بئريئر ڪورل ريفس (Barrier coral reefs) ڪورل ريفس جا مختلف قسم هوندا آهن جيڪي مختلف رنگن ۾ ملندا آهن ۽ ڪٿي گهڻا ته ڪٿي وري ٿورا هوندا آهن. +آسٽريليا جي الهندي ڪناري تي انهن جي هڪ وڏي قطار آهي جيڪا اٽڪل ست اٺ ميل ڊگهي ٿيندي. ڪورل ريفس جي ايتري گهڻائيءَ ڪري ان سمنڊ جو نالو ئي ڪورل ريفس جو سمنڊ (Sea of coral reefs) رکيو ويو آهي. + + +سامونڊي پکي +پکين کي ٻن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪڙا اُهي جيڪي خشڪيءَ تي رهڻ وارا ۽ ٻيا اُهي جيڪي سمنڊ ۾. سامونڊي يا پاڻيءَ وارن پکين جي پيرن جون آڱريون هڪٻئي سان کَلَ ذريعي گڏيل هونديون آهن ۽ سندن کنڀ به سهڻا ٿيندا اٿن ته جيئن انهن مٿان پاڻي بيهي نه سگهي. +سمنڊ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پکي رهن ٿا، جن مان ڪن خاص پکين جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو: +(الف) سمنڊ ۾ هڪ وڏو پکي ٿيندو آهي، جنهن کي ”البطروس“ چئبو آهي. هن جو قدبت تمام وڏو ٿيندو آهي، سندس کنڀ به وڏا ٿين ۽ ڪنَ جا ته کنڀ ڏهه ٻارهن فوٽ ٿيندا آهن. ڳؤري جسم جي باوجود به تمام گهڻي مفاصلي تائين اُڏامي سگهندو آهي، ان کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين سامونڊي جهازن سان اُڏامندي ڏٺو ويو آهي. هي پکي اُڏامندي اُڏامندي ننڊ به ڪندا آهن ۽ اُڏامڻ مهل کنڀ به تمام گهٽ هڻندا آهن. پاڻيءَ جون ڇوليون يا ويرون ڪيتريون به تيز ڇو نه هجن، پر هي انهن تي آرام سان ويٺا هوندا آهن ۽ جڏهن مرضي پوين ته اُتان اُڏامي وڃن. انهن کي سامونڊي جهازن پٺيان ڪيترن ئي ڏينهن تائين اُڏامندي ڏٺو ويو آهي، پر جڏهن جهاز بندرگاهه جي ويجهو ايندا آهن ته هي وري ڪنهن ٻئي جهاز پٺيان هليا ويندا آهن. هي پکي سدائين سمنڊ جي مٿان اُڏامندي نظر ايندا آهن ۽ صرف آنن ۽ ٻچن جي پرورش لاءِ ڪنارن ڏانهن ويندا آهن. +(ب) سمنڊ جي پکين ۾ هڪ ابابيل جهڙو پکي ٿيندو آهي، جنهن کي فراءِگيٽ (Frigate) چئبو آهي. هي پکي تمام سهڻو ٿيندو آهي ۽ سندس اُڏامڻ جو نمونو به تمام سهڻو آهي. هن جو پڇ ڊگهو ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ کنڀ سنها اٽڪل ست اٺ فوٽ ڊگها ٿيندا اٿس. هن پکيءَ جي اها عادت آهي ته هو جڏهن ڪنهن ڪمزور پکيءَ جي چهنب ۾ مڇي يا ٻي ڪا کاڌي جي شيءِ ڏسندو ته زبردستي ان کان ڦري وٺندو آهي. +(ٻ) سمنڊ جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي به پکي رهندا آهن، اهي گهڻو ڪري پنهنجو گذارو سامونڊي مڇين تي ڪندا آهن. انهن ۾ ڪارمورنٽ (Carmorant) چڱو مشهور آهي ۽ هن کي مڇي خور سڏيو ويندو آهي. هي پکي جپان جي ويجهڙائي ۾ ملندو آهي. هي جڏهن پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندو آهي ته پنهنجي کنڀن ۽ پيرن سان ترندو تمام هيٺ هليو ويندو آهي. هڪ ڀيري کيکڙن (Crabs) کي ڦاسائڻ لاءِ جڏهن هڪ ڄار کي سؤ ويهه فوٽ هيٺ لاٿو ويو ته ان ۾ هي مڇي خور پکي ڦاسي پيو. جپان جا ماڻهو هن مڇي خور پکيءَ کي شڪاري ڪتن وانگر پاليندا آهن ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ هڪ مضبوط پٽي وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن مڇي ڦاسائي ته اچي پر اُن کي ڳهي نه سگهي ۽ جيئن ئي مڇي ڦاسائي اچي ته اها سندس مالڪ ڪڍي وٺي. +(ڀ) پَفنِ (Puffin) به عجيب قسم جو پکي آهي، سندس چهنب تي ڳاڙهي ۽ زرد رنگ جون ڌارون اٿس ۽ منهن اڪثر ڍڪيل هوندو آهي. هي به مڇين تي گذارو ڪندو آهي. هن کي سامونڊي طوطو به چيو ويندو آهي. +(ت) پيلي ڪان (Pelican) هي به هڪ عجيب قسم جو بيڍنگو پکي آهي. سندس عادت موجب هي پنهنجي شڪار جو ايڏو ته وڏو حصو ڳهندو آهي، جو اهو سندس معدي ۾ به نه اچي سگهندو اٿس. هي پکي قدبت ۾ چڱو وڏو ٿيندو آهي ۽ جڏهن کنڀ کنڊيريندو آهي ته اٽڪل ڏهن - ٻارهن فوٽن تائين پهچي ويندو آهي. هي ڏسڻ ۾ ته بيڍنگو ايندو آهي پر جڏهن ڪنهن مڇيءَ کي پڪڙن لاءِ پٺيان پوندو آهي ته تمام گهڻي تيزيءَ سان اُڏامندو آهي ۽ کيس ٽٻي هڻي به پڪڙي ايندو آهي. هي پکي آمريڪا جي آس پاس وارن سامونڊي ٻيٽن ۽ ڪنارن تي تمام گهڻو هوندو آهي. پيرو (Peru) جي ڀر وارن ٻيٽن ۾ تمام گهڻا ٿيندا آهن ۽ هڪ اندازي مطابق روزانو پنجاهه مڻ مڇي کائيندا آهن. +(ٿ) سئنڊ پائپر (Sand piper)، هي هڪ ننڍو پکي آهي، جيڪو اُڏامي ته ڪونه، پر سامونڊي ڪنارن تي تمام تيزيءَ سان ڊوڙندو آهي. سمنڊ جون ڇوليون جڏهن ڪنارن کان پوئتي موٽنديون آهن ته ڪيترن ئي قسمن جا ڪيڙا مڪوڙا ڇڏي وينديون آهن، جن جي پٺيان هي پکي ڊوڙي انهن کي پڪڙي ڳڙڪائي ڇڏيندا آهن. +(ٽ) پئنگوئن (Penguin)، سمنڊ جي پکين ۾ سڀني کان عجيب قسم جا پکي آهن، جيڪي پنهنجي اُڏامڻ جي سگهه وڃائي ويٺا آهن. سندن کنڀ تمام ننڍا ٿيندا آهن، جن جي مدد سان هي پاڻيءَ ۾ تري مڇين جو شڪار ڪندا آهن. ائنٽارڪٽڪ سمنڊ ۾ جيئن ته ماڻهو گهٽ ويندا آهن، ان ڪري هي ماڻهن کان ڊڄندا ڪونهن. پر ڏسڻ سان اچي ڀر ۾ بيهندا اٿن. جڏهن هي پکي پنهنجي ٻن پوين پيرن تي بيهندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن جلسي کي خطاب پيو ڪري. هن جي پيٽ تي ڪاري ۽ سفيد رنگ جا کنڀ ٿيندا آهن. پئنگوئن جي هڪ وڏي قسم کي شهنشاهه (Emperor) به چئبو آهي. هن جو قد چار فوٽ ۽ وزن هڪ مڻ جيترو ٿيندو آهي. هي ٿڌي آبهوا ۾ رهندڙ پکي آهي ۽ گرم علائقن ۾ ٿيندو ئي ڪونهي. +سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ پکين کانسواءِ ڪي پکي اهڙا به آهن جيڪي اصل ته خشڪيءَ جا رهندڙ آهن، پر هينئر سمنڊ ۾ رهن ٿا. جهنگلي گل (Gull) جڏهن ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڏاکڻين ملڪن جو سفر ڪندي آهي، ته ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ۾ به رهي ويندي آهي. سفر دوران هنن جي اڳواڻي ڪو تجربيڪار نر ڪندو آهي. جيڪو اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ساڳئي رستي سان اچي چڪو هوندو آهي. +سمنڊ جا وچان تهه ۽ جانور +سمنڊ جو پاڻي مختلف تهن ۾ ورهايل آهي، پر سڀني کان مختلف حصا سمنڊ جا وچ واري پاڻيءَ جو تهه آهي. سمنڊ جو هي حصو نه آسمان جي هيٺان آهي ۽ نه وري زمين سان ڳنڍيل، ان ڪري هتي جي رهندڙ جانورن جو ڪوبه مقرر گهر ڪونهي. پر خانه بدوش زندگي گذاريندا آهن. +سمنڊ جا هي وچ وارا تهه به ڪافي اونها ٿيندا آهن ۽ اڄ تائين دنيا جا ٻه يا ٽي ماڻهو آهن، جيڪي هنن تهن تائين پهتا آهن، جن ۾ پهريون نالو ڊاڪٽر بيب (Dr. Beebe) جو آهي. هن 1934ع ۾ هڪ دوست سان گڏجي، هڪ لوهه جي بند صندوق ۾ ويهي ٽي هزار اٺاويهه فوٽ سمنڊ جي تهن ۾ هيٺ ويو. ٻيو 1949ع ۾ ڪيلي فورنيا جي ڪناري کان ڪجهه اڳتي هڪ سائنسدان اوٽس بارٽن (Otis barton) جيڪو ساڍا چار هزار فوٽ هيٺ سمنڊ جي گهراين ۾ ويو. لوهه جي صندوق جنهن ۾ اهي سائنسدان ويهي سمنڊ جي گهراين ۾ ويندا هئا، ان ۾ ننڍيون ننڍيون دريون ٺاهيون ويون، جن ۾ پاڻيءَ جي بچاءَ لاءِ مضبوط شيشا لڳايا ويا ۽ انهن شيشن مان آس پاس جي پاڻيءَ ۾ بئٽري جي روشنيءَ سان ڏٺو ويو ته هڪ عجيب قسم جي مخلوق ڏسڻ ۾ آئي، جنهن کي اڄ تائين ڪنهن به انسان ڪونه ڏٺو آهي. +جيئن جيئن ماڻهو سمنڊ اندر هيٺ لهندو ويندو، تيئن اوندهه ٿيندي ويندي، ۽ روشني آهستي آهستي گهٽبي ويندي، تان جو گهراين ۾ مختلف رنگن جي روشني نظر ايندي. سمنڊ ۾ هيٺ وڃڻ سان پهريائين ڳاڙهي روشني نطر ايندي، جيڪا پوءِ زرد ۽ سائي رنگ جي ٿيندي ويندي ۽ اٽڪل ڏيڍ سؤ فوٽ گهرائي ۾ روشني بلڪل نيري ٿي ويندي ۽ هر شيءِ نيري نظر ايندي. پر جي اڃا هيٺ وڃبو ته هر شيءِ ڌنڌلي نظر ايندي ۽ آخر 1900 سؤ فوٽ گهرائي ۾ بلڪل اوندهه ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ ٿڌ به وڌندي ويندي. +خط استوا ويجهو سمنڊ جي سطح واري پاڻيءَ جو گرميءَ جو درجو 82 درجن (ڊگرين) جي لڳ ڀڳ هوندو آهي پر ڇهه (600) سؤ فوٽ هيٺ پاڻيءَ جي گرميءَ جو درجو 52 ڊگرين تي پهچي ويندو آهي. عام اصول اهو آهي ته جيئن جيئن اسان هيٺ وينداسون ته سردي وڌندي ويندي ۽ سمنڊ جي تري وارو پاڻي ته ايترو ٿڌو ٿي ويندو آهي، جو ڄمي وڃڻ کپيس، پر ڄمندو ڪونهي. +سمنڊ جي وچ وارن تهن ۽ تري تي تمام گهڻي اوندهه ۽ ٿڌ هوندي آهي. پر تنهن هوندي به هتي ڪيترن ئي قسمن جا جانور ٿيندا آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن حصي ۾ نه ملندا آهن. سمنڊ جي هن حصي ۾ گاهه ۽ ٻوٽا ڪونه ٿين. هاڻي جيڪڏهن انهن حصن ۾ ٻوٽا ٿين ئي ڪونه ته پوءِ اتي رهندڙ جانور ڪيئن ٿا زنده رهن، پر توهان کي خبر هجي ته هتي کاڌو سمنڊ جي مٿين تهن مان ايندو آهي، جيئن مئل مڇيون ۽ ٻيا جانور، سڙيل سڪل ٻوتا جيڪي آهستي آهستي پاڻي جي هيٺين تهن ۾ هلندا وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي ڪنهن جانور جي رخ چڙهي ويا ته کائجي ويندا. جيڪڏهن نه ته وڃي سمنڊ جي تري تي ويهندا. هتي رهندڙ جانورن جو هڪ ٻيو به اصول آهي ته جيڪڏهن اهي ڪنهن ٻئي جانور کي نه کائيندا ته ٻيا جانور انهن کي کائي ويندا. +سمنڊ جي حصي ۾ مختلف شڪلين ۽ رنگن جون سامونڊي جيليون (Sea Jellies) ٿينديون آهن ۽ پاڻيءَ جي لوڏن تي جهنڊن وانگر لڏنديون رهن ٿيون، جيڪي پوپٽن کي کنڀن جهڙيون ٽيروپوڊس (Pteropods) ٿينديون آهن. سڀني کان اهم گانگٽ جهڙي مڇيءَ جهڙا جانور آهن، جيڪي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر ڦرندا رهندا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه ته هلڪي رنگ جا شفاف ته ڪجهه وري شوخ رنگ جا ٿيندا آهن، هتي مڇيون به ٿينديون آهن. پر سندن شڪل اهڙي ته ٿيندي آهي جو پاڻ ڏسون ته ڊڄي وڃون. ڪن مڇين جا ڏند ايترا ته وڏا ٿيندا آهن جو سندن وات به بند ڪونه ٿي سگهندو آهي، هڪ اهڙي به مڇي رهندي آهي، جنهن جو معدو (Stomach) ايترو ته وڏو ٿيندو آهي، جو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ٻين مڇين کي ڳڙڪائي وڃي. هن مڇيءَ جي مٿي تي هڪ هڏن واري ڏوري ٿيندي آهي، جنهن جي مٿان ڪنڊا هوندا آهن. جن سان هوءَ پنهنجو شڪار ڪندي آهي ۽ وري ڪن جانورن جون اکيون چمڪندڙ هونديون آهن ته ڪي وري انڌا هوندا آهن. +سمنڊ جي هن حصي ۾ جانور ايتري دُڦ اوندهه هوندي به پنهنجو رستو ڪندا آهن، ڇو ته جانورن جي جسمن مان روشني نڪرندي رهندي آهي، جيڪا سندن جسم ۾ موجود فاسفورس ڪري نڪرندي آهي. فاسفورس تمام ننڍن ننڍن ٻوٽن ۾ هوندي آهي ۽ جيڪي مڇيون اهي ٻوٽا کائينديون آهن ۽ پوءِ جتي اهي فاسفورس جا جزا انهن جي جسم ۾ بيهي رهندا آهن، اُتي سندن جسم چمڪڻ لڳندو آهي. ڪن مڇين ۾ اها روشني ٻنهي پاسن کان نڪرندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ترڻ سان ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته ڪو سامونڊي جهاز پيو وڃي. ڪي مڇيون ته وري اها روشني پنهنجي مرضيءَ سان بند ڪنديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن بجليءَ جو بٽڻ اوچتو بند ڪري ڇڏيو هجي. +فاسفورس عام طرح سان سفيد رنگ جو هوندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ ڳاڙهو، سائو، زرد ۽ نيري رنگ جو به ٿيندو آهي. هڪ مڇي اهڙي به آهي جنهن جي مٿي تي ڳاڙهي ۽ پڇ تي نيري روشني نڪرندي آهي. اها مڇي اٽڪل ڏهن پائونڊن جي ٿيندي ۽ سندن بدن مان اڇي ڳاڙهي ۽ نيري روشني نڪرندي رهندي آهي. هي مڇي سمنڊ ۾ ٻه اڍائي ميل گهرائي ۾ رهندي آهي. پر آخر اهي جانور سمنڊ جي وچ وارن تهن ۾ ڇو ٿا رهن، يا ته مٿاڇري تي هليا اچن يا وري سمنڊ جي تري ڏانهن هليا وڃن. ان جو سبب اهو آهي ته هر جاندار پنهنجي پسگردائي وارين حالتن سان مطابقت رکندو آهي ۽ جتي پاڻ کي خوش سمجهندو اُتي ئي رهي پوندو. +سمنڊ جي گهراين ۾ رهندڙ جانور، مٿاڇري جي روشني ۽ گرمي برداشت نه ڪري سگهندا ۽ نه وري سمنڊ جي تري واريءَ ٿڌ ۾ ئي رهي سگهندا، ان ڪري انهن لاءِ سمنڊ جا وچ وارا تهه ئي موزون آهن. +ڪن مڇين ۾ ته وري هوا سان ڀريل ڦوڪڻا هوندا آهن، جيڪي سمنڊ جي گهراين ۾ جيڪڏهن وڃڻ چاهين تڏهن به نه وڃي سگهنديون. اونهي پاڻيءَ ۾ وهنجندڙ ماڻهو اڪثر هوا ڀريل رٻڙ جا ٽيوب پاڻ سان کڻندا آهن ته جيئن انهن تي تري سگهجي. ساڳي حالت مڇين سان به لاڳو آهي، ٻيو ته سمنڊ جي وچ واريون مڇيون هيٺ گهرائيءَ ۾ انهيءَ ڪري نه وينديون آهن جو اُتي پاڻيءَ جو داٻ وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو هو سهي نه سگهنديون آهن ۽ مٿي سطح تي وري ان ڪري نه اينديون آهن، جو پاڻيءَ ۾ داٻ گهٽ هوندو آهي، سو جيڪڏهن مٿي اچن ته سندن جسم ڦوڪڻي وانگر وڌي ڦاٽي پوي. + + +سمنڊ جي جر جا جانور +اسان اڳ ۾ سمنڊ جي وچ وارن حصن جي مخلوق جو ذڪر ڪري آيا آهيون، پر سمنڊ جي جر ۾ يا تري تي ان کان به وڌيڪ عجيب مخلوق معلوم ڪئي وئي آهي. سمنڊ جو جَرُ ايترو ته هيٺ هوندو آهي، جو اتي زندگيءَ جو تصور به ڪري نٿو سگهجي، پر ان هوندي به ڪجهه عجيب قسم جي مخلوق معلوم ڪئي وئي آهي. اڳئين زماني ۾ اهو چيو ويندو هئو ته سمنڊ جري تري تي ڪابه زندگي ڪانهي ڇو ته ان لاءِ پهرين رنڊڪ پاڻيءَ جو دٻاء آهي. سامونڊي پاڻيءَ ۾ ايترو ته دٻاء آهي، جو ماڻهن ڪيترا ڀيرا سمنڊ جي تري جو سير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. ڪيترن ئي ٽوٻن پئسفڪ سمنڊ ۾ خاص قسم جو لباس پائي، پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃڻ چاهيو پر هڪ سؤ فوٽن کان وڌيڪ اندر وڃي نه سگهيا. ڪي ته ڪجهه اڳتي به ويا پر پنجن سوَن کان اڳتي ڪونه وڃي سگهيا ۽ پاڻيءَ جو دٻاء ايترو ته وڌي ويو، جو جيڪڏهين مٿي نه اچن ها ته سڪي سوڙها ٿي مري وڃن ها. ڪن سائنسدانن لوهه جي صندوق ۾ ويهي، سمنڊ جي تري ڏانهن وڃڻ چاهيو پر اهي به ساڍن چئن هزار فوٽن کان وڌيڪ نه وڃي سگهيا. +سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو دٻاء تمام گهڻو هوندو آهي، هڪ ميل جي گَهرائي ۾ هڪ چورس انچ تي پنجويهه مڻ هوندو آهي ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ڪن هنڌن تي ته پاڻيءَ جو دٻاء پوڻا ٻه سؤ مڻ هوندو آهي، انهيءَ مان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن هڪ ميل جي گَهرائي کان اڃان به هيٺ وڃجي ته پاڻيءَ جو داٻ ڪيترو وڌيڪ هوندو. +سمنڊ جي پاڻيءَ جا مٿيان تهه هلڪا ۽ گرم ٿيندا آهن، پر جيئن هيٺ وڃبو ته اُهي گهاٽا ٿيندا ويندا ۽ سندن گرمي جو درجو به گهٽبو ويندو، جيڪڏهن اهي هيٺيان تهه به مٿين تهن جهڙا هلڪا ٿيڻ شروع ٿين ته سمنڊ جو پاڻي اٽڪل ٽيهه گز مٿي چڙهي اچي ۽ اڌ کان به وڌيڪ دنيا کي ٻوڙي ڇڏي. ٻيا جسم گرم ٿيڻ تي وڌندا آهن ۽ ٿڌي ٿيڻ تي سسئي ويندا آهن، پر پاڻي وري ٿڌي ٿيڻ تي وڌي ۽ هلڪو ٿي ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو برف پاڻيءَ کان هلڪي هوندي آهي. +مٺو يا صاف پاڻي ٻڙي درجي سينٽي گريڊ يا 32 درجي فيرنهائيٽ تي ڄمندو آهي پر سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ جيئن ته ڪافي مقدار ۾ لوڻ ۽ ٻيا ڌاتو ڳريل هوندا آهن ته گهڻي داٻ ڪري عام برف کان به ٿڌي ٿيڻ جي باوجود ڪونه ڄمندو آهي. +ڪن ماڻهن جي چوڻ مطابق ايتري اونهائي، ٿڌ ۽ داٻ ۾ آڪسيجن ڳريل هوندي، جيڪڏهن نه ته پوءِ آڪسيج�� جي غير موجودگيءَ ۾ وري ڪو جاندار نه رهي سگهندو. انهن ڳالهين کي خيال ۾ رکندي اها فتوى ڏني وئي ته سمنڊ جي تري تي ڪابه مخلوق ڪانهي. پر ائين نه آهي، زندگي هر جاءِ تي موجود آهي، پوءِ اها ڪهڙي به صورت ۾ هجي ۽ اها هڪ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته زندگي شروع ئي سمنڊ مان ٿي. هينئر ته ڪجهه جانور سمنڊ جي گَهراين مان به ڦاسايا ويا آهن، جيئن هڪ ڏهن پيرن وارن ڪٽل مڇي (Cuttle Fish) جيڪا ٽن ميلن کان به وڌيڪ گَهرائي مان پڪڙي وئي آهي ۽ ڪجهه ٻيون به عجيب قسم جون مڇيون سمنڊ مان اٽڪل چئن ميلن جي گَهرائيءَ مان ڦاسايون ويون آهن. سمنڊ جي تري مان ڪجهه سامونڊي ڪڇون به ڦاسائي مٿي آندا ويا آهن. +سمنڊ جي اونهن تهن ۾ هڪ ٻي مڇي ٿيندي آهي، جنهن کي ائنگلر مڇي چئبو آهي. هن مڇيءَ جي سونڍ (Snout) يا بونڊ يا سندس مٿي تي هڪ سڳي جهڙي تند ٿيندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ مان روشني نڪرندي رهندي آهي. هيءَ مڇي ان نڪرندڙ روشنيءَ کي پنهنجي شڪار لاءِ به ڪم آڻيندي آهي. جڏهن ڪا ٻي مڇي ان روشني ڏانهن ايندي آهي ته ائنگلر ان روشنيءَ واري چوٽيءَ کي پنهنجي وات ڏانهن ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جيئن ٻي مڇي ويجهي ايندي ويندي، تيئن هيءَ پنهنجي روشني جهڪي ڪندي ويندي ۽ جيئن ئي ٻي مڇي سندس وات ۾ ايندي ته هيءَ وات بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ائين روشنيءَ جي مدد سان شڪار ڪندي رهندي آهي. +ائنگلر مڇين ۾ نر ۽ ماديءَ جي قدبت ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي. نر تمام ننڍڙو ٿيندو آهي، جڏهن ته مادي وري تمام وڏي ٿيندي آهي. نر ننڍڙي هئڻ ڪري مٿاڇري تي ترندو رهندو آهي، ۽ لڳ واري موسم ۾ ماديءَ جي پيٽ سان چنبڙيل رهندو آهي ۽ پنهنجو کاڌو ماديءَ جي بت مان حاصل ڪندو رهندو آهي. +سمنڊ جي تري ۾ رهندڙ جانور کي اهڙي گهاٽي اونداهي ۾ ڪوبه خوف ڪونه ٿيندو آهي؛ جو انهن روشني ته ڏٺي ئي ڪانهي، ۽ انهن جانورن تي ٿڌ جو به اثر ڪونه ٿيندو آهي، ڇو ته سندن جسم ئي ٿڌو هوندو آهي ۽ پاڻيءَ جو دٻاء به کين تڪليف ڪونه ڏيندو آهي؛ ڇاڪاڻ جو هو پيدا ئي ان داٻ ۾ ٿيل آهن، ۽ انهيءَ ۾ ئي وڌي وڏا ٿيا آهن. +سمند جو ترو اسان پنهنجي اکين سان ته ڪونه ڏٺو آهي پر ڪئميرا وسيلي اتان جا فوٽو ڪڍي، انهن تي تحقيق ڪئي پئي وڃي ۽ اڃا به اها اميد ڪئي پئي وڃي ته اڳتي ان کان به سٺا فوٽو ملي ويندا. +اها سڀني کي خبر آهي ته سمنڊ جو علائقو تمام وسيع آهي ۽ اُتي زمين جي مقابلي ۾ وڌيڪ جانور رهي سگهن ٿا. جاندار، زمين جي صرف مٿاڇري ۽ ڪجهه اندر ڏرڙن ۾ ته ڪجهه وري وڻن ۾ رهن ٿا پر سمنڊ جي ته هر حصي ۾ جانور رهي سگهن ٿا ۽ رهن پيا. سمنڊ ۾ جانورن کي رهڻ لاءِ ڪيتريون ئي جايون ملي وينديون آهن ڇو ته سندس گَهرائي تمام گهڻي (اٽڪل ٽي-چار ميل کن) آهي. هڪ اندازي مطابق سڀني وڏن کنڊن ۽ ٻيٽن کي ملائي سمنڊ سان ڀيٽ ڪبي ته سمنڊ ۾ جانورن جي ٽيڻي آبادي رهي سگهي ٿي. +سامونڊي مڇيون +اسان مان مڇي ته سڀني ڏٺي ۽ کاڌي به هوندي پر جيڪي مڇيون اسان هينئر ڏسون ٿا يا کاڌي لاءِ ڪم آڻيون ٿا، اهي ٽيهه ڪروڙ سال اڳ هن شڪل ۾ نه هيون، ڇو ته سمنڊ ۾ مڇيون اڄ کان ٽيهه ڪروڙ سال اڳ پيدا ٿيون، پر اُهي هاڻوڪين مڇين کان مختلف هيون. +قدرتي طرح مڇين جي واڌ تمام گهڻي ٿيندي آهي ۽ جڏهن اهي گهڻي تعداد ۾ ٿي ويون ته پوءِ ڪجهه مڇيون سمنڊ ۾ ته ڪجهه وري سمنڊ ڇڏي دريائن ۾ رهڻ لڳيون؛ پر اڄ به مڇين جا گهنا قسم سمنڊ ۾ ملندا. +مڇيون جيئن ته گهڻن قسمن جون آهن، ان ڪري سڀ مڇيون سمنڊ ۾ هڪ جاءِ تي الڳ تهن ۾ رهنديون آهن، ڪي سمنڊ جي مٿاڇري تي، ته ڪي سمنڊ جي گَهراين ۾، ته ڪي وري وچ وارن تهن ۾ رهنديون آهن. جيڪي مڇيون سمنڊ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ رهنديون آهن؛ اُتي جيڪڏهن پاڻي ٿوروئي گرم ٿئي ته مري وڃن، يا وري اُتان ڇڏي ڪنهن ٿڌي پاڻي واري حصي ۾ وڃي رهن. مڇيون کاڌي جي اڻاٺ سبب هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن هليون وينديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو انگلينڊ ۽ اتر يورپ ۾ جتي ڊاءِ ٽوم (Diatom) ۽ ڪوپ پوڊ جام ٿيندا آهن ته مڇيون به عام جام ملنديون آهن. مڇين جي زنده رهڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لوڻ جو هڪ خاص مقدار به ضروري آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته بالٽڪ سمنڊ ۾ لوڻياٺ جي گهٽتائي ٿي وئي ته اتي رهندڙ هيرنگ (Herring) مڇيون ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ڪوڏ جن ۾ ننڍڙا جيت رهندا آهن، مري ويا. مڇين جا کاڌي جي لحاظ سان ٻه قسم آهن: هڪ اُهي جيڪي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڊاءِ ٽوم (Diatom) ۽ ڪوپ پوڊ (Cope Pods) تي گذارو ڪنديون آهن ته ٻيون اُهي، جيڪي سمنڊ ۾ ترو کوٽي ڪيچوا ۽ ڪوڏ ڳولي انهن کي کائينديون آهن. +مڇين ۾ آسپاس جي ماحول ۽ آبهوا جي تبديلين مطابق زندگي گذارڻ جي وڏي صلاحيت آهي ۽ پنهنجي دشمن کان بچڻ جي پڻ. +هيرنگ (Herring) مڇي نيري رنگ جي ٿيندي آهي ۽ مٿاڇري واري پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري مشڪل سان سڃاتي ويندي آهي، ڇو ته سمنڊ جي پاڻيءَ جي رنگ سان ملندڙ رنگ هوندو اٿس. ڪاڊ (Cod)، فلائونڊر (Flounder) مڇيون وري سرمائي ۽ نسواري رنگ جون ٿينديون آهن، شڪار جون شوقين ۽ رنگارنگي مڇيون آهن. +مڇين جي قد بت ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي، ڪي ته تمام ننڍيون ۽ ڪي وري ويهن گزن کان به وڌيڪ ڊگهيون هونديون آهن. گهڻو ڪري مڇين جي کل مٿان ننڍا ننڍا ڇِلَر آهن پر ڪن ۾ وري هڏن جون ننڍيون پليٽون هونديون آهن، ڪن جي کل ته وري ريگمال جهڙي کهري ٿيندي آهي، جيئن شارڪ (Shark). گهڻن مڇين ۾ وري سندن پڇ ۽ پر (Fins) مختلف نموني بت سان مليل هوندا آهن. مثال طور پنجاهه مڻن جي سج مڇي (Sun Fish) کي پڇ ٿيندو ئي ڪونهي. ۽ وري ”چپتري مڇي“ 12 انچ ٿلهي ۽ 20 گز ڊگهي ٿيندي آهي ۽ سڄي پڇ جهڙي نظر ايندي آهي، ۽ پاڻيءَ ۾ ڦيٿي وانگر گهمندي آهي ۽ سندس ڄاڙيون ڪمزور يا وري ٿينديون ئي ڪونه اٿس. +مڇين جي ترڻ، هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ ۽ گهمڻ جو دارومدار پڇ تي هوندو آهي. ڪجهه مڇيون اهڙيون به آهن، جيڪي پنهنجي پرن (Fins) جي مدد سان ٿورو هوا ۾ اُڏامي سگهنديون آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن طوفان جي رخ چڙهي وڃن ته پوءِ ٻه سؤ فوٽ به مٿي هليون وينديون آهن ۽ ڪجهه وري اهڙيون به آهن، جيڪي پنهنجي پرن جي مدد سان پاڻي ۾ بيٺل وڻن جي لامن تي چڙهي وينديون آهن. +وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائينديون آهن ۽ ڪن مڇين ۾ ته وري خاص قسم جا اوزار به هوندا آهن جن کي، خاص موقعن تي استعمال ڪنديون آهن. مثال طور تلوار مڇي (Sword fish) ۽ ڪارائي مڇي (Saw fish)، تلوار ۽ ڪارائيءَ جي جوڙجڪ سان پنهنجي شڪار کي ايترو ته زور سان ڌڪ هڻنديون آهن، جو هو بيهوش ٿي ويندو آهي. ڏنگ واري شارڪ (شاڪر مڇي) کي وري پڇ ۾ هڪ زهريلو خنجر ٿيندو آهي، جنهن سان پنهنجي دشمن کان بچاءُ ڪندي آهي. ٽارپيڊو وري پنهنجي شڪار کي ايترا ته تڪڙا جهٽڪا ڏيندي آهي، جو سندن شڪار بيهوش ٿي ويندو آهي. +عام طرح سان مڇين جو قد بت ننڍو هوندو آهي پر ڪن حالتن ۾ اهو وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ سول مڇي (Sole fish) ايتري ته چپتري ٿيندي آهي، جو ڄڻ ڪنهن پير سان چيڀاٽيو اٿس. قدبت جي لحاظ سان هيلي بٽ (Halibut fish) جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 10 فوٽ ۽ وزن نو مڻ ۽ ڪاڊ (Cod) مڇي اڍائي مڻن جي به ملي آهي. +مڇين جي عمر وڏي ٿيندي آهي، خاص ڪري هنن کي گهريلو تلائن ۾ اٽڪل (50) سالن تائين زنده رکي سگهبو آهي. ڪن حالتن ۾ مڇيءَ جا پيٽ وارا ڇلر به سندن عمر ٻڌائيندا آهن. گهڻو ڪري سڀ مڇيون آنا ڏينديون آهن، فلائونڊر مڇي اٽڪل ڏهه لک، ڪاڊ مڇي نوي (90) لک ۽ سج مڇي (Sun fish) ٽي ڪروڙ آنا ڏيندي آهي، جيتوڻيڪ سڀ آنا وڏين مڇين ۾ تبديل ڪونه ٿيندا آهن، پر تنهن هوندي به آنن جو انداز تمام گهڻو هوندو آهي. +مڇين جي لڏ پلاڻ: +ڪي مڇيون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايتري ته ڊگهي مسافري ڪنديون آهن، جو ماڻهو ٻڌي حيرت ۾ پئجيو وڃي. جيتوڻيڪ هر مڇيءَ لاءِ هڪ مقرر حد هوندي آهي، جنهن ۾ هوءَ آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهي پر تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن مڇيون اُن حد کان ٻاهر نڪري، ڪنهن ٻي جاءِ تي پهچي وينديون آهن. مڇين جي لڏ پلاڻ (Migration) ٻن سببن ڪري ٿيندي آهي. کاڌي جي ڳولا ۾ يا وري لڳ واري موسم ۾. کاڌي جي ڳولا ۾ جيڪي مڇيون لڏ پلاڻ ڪنديون آهن، اهي ميڙن جي صورت ۾ نڪرنديون آهن ۽ جڏهن اتي کاڌو گهٽجي يا ختم ٿي ويندو آهي ته اُتان غائب ٿي وينديون آهن. کاڌي لاءِ لڏ پلاڻ ڪندڙ مڇين کي کاڌي لاءِ لڏي ويندڙ مڇيون چئبو آهي. +ڪي مڇيون وري لڳ جي موسم ۾ لڏ پلاڻ شروع ڪنديون آهن. انهن کي لڳ لاءِ لڏيندڙ مڇيون سڏيو ويندو آهي. عام طرح سان ته سڀ مڇيون ٿوري گهڻي اصل رهڻ جي بجاءِ کان مٽ سٽ ڪنديون رهنديون آهن، پر پلو، سالمن (Salmon)، ليمپري (Lamprey) ۽ گوج (Eel) اڪثر ڪري لڏپلاڻ ڪنديون رهنديون آهن. +مڇين جي لڳ واري لڏ پلاڻ جو دارو مدار سندن بلوغت (Maturity) تي آهي. لڳ واري لڏ پلاڻ وري ٻن قسمن جي آهي. هڪ اها جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان دريائن جي مٺي پاڻيءَ ڏانهن ٿيندي آهي، جنهن کي ائناڊرامس (Anadromous) لڏ پلاڻ چئبو آهي، جيئن پلو، سالمن ۽ ليمپري؛ ٻي لڏ پلاڻ وري مٺي پاڻيءَ کان سمنڊ ڏانهن ٿيندي آهي، جنهن کي ڪئٽاڊرامس (Catadromous) لڏ پلاڻ چئبو آهي، جيئن گوج مڇي (Eel). +انهن ٻن قسمن جي لڏ پلاڻ کان علاوه ٻيا به ٻه لڏ پلاڻ جا قسم آهن، جيئن پوٽينوڊرامس (Potanodromous) جيڪا مٺي پاڻيءَ جي اندر ئي ٿيندي آهي، جيئن ٻلي مڇي (Cat fish)۽ ٻي وري سمنڊ اندر ئي يعني کاري پاڻيءَ ۾ ئي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن لڏ پلاڻ ٿيندي آهي، جنهن کي ارشنوڊرامس (Occanodromous) لڏ پلاڻ چئبو آهي، جيئن (Pearch) مڇي. +مڇين جي لڏ پلاڻ لاءِ ڪيترن ئي جسماني حالتن کي منسوب ڪيو ويو آهي. جيئن پاڻيءَ جا وهڪرا، پاڻي جون گهرايون ۽ ان جي اوچائي؛ ڪيميائي جزا، جهڙوڪ لوڻياٺي ۽ کاري پاڻي ڪري ۽ حياتياتي جزا، جهڙوڪ سن بلوغت، رت جو داٻ، هارمونل چستي ۽ بک وغيرهه وغيرهه. +تازو ڪائيڊيسٽر، هڪ مڇين جي ماهر (Ecttuyologist) ٻڌايو آهي ته مڇيون پنهنجي آيوڊين چرٻي (Iodine fet) کي برابر رکڻ لاءِ لڏ پلاڻ ڪنديون آهن، ڇو ته مٺي پاڻيءَ ۾ آيوڊين چرٻي گهٽجي ويندي آهي ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ اها وڌي ويندي آهي. اهوئي سبب آهي جو گوج (Eel) مڇي مٺي پاڻي کان کاري پاڻيءَ ڏانهن ويندي آهي ته جيئن آيوڊين چرٻي وڌي، ڇو ته اها سندس آنن ۽ ٻچن ڦٽڻ لاءِ ضروري آهي. پلو ۽ سالمن (Salmon) مڇيون وري کاري پاڻيءَ مان مٺي پاڻيءَ ڏانهن آيوڊين چرٻي گهٽائڻ لاءِ اينديون آهن ته جيئن آنا ۽ ٻچا رواجي حالتن ۾ ڦٽن. +سڀني مڇين کان مزيدار وري هيرنگ (Herring) مڇيءَ جي چرپر آهي، جيڪا ڪنهن مقرر جاءِ تي ڪڏهن ته تمام گهڻيون ملن ۽ وري ڪڏهن صفا غائب. هيرنگ (Herring) مڇيءَ کي سندس زندگيءَ جي چئن موڙن تي ڦاسائي يا گڏ ڪري سگهي ٿو. پهريون جوانيءَ ۾، ٻيو بلوغت کي پهچڻ وقت، ٽيون آنن لاهڻ کان اڳ ۾ ۽ چوٿون وري آنن لاهڻ کانپوءِ. +مڇين جي پيدا ٿيڻ جي اصل جاءِ ته سمنڊ آهي، پر هينئر ڪجهه مڇين کارو پاڻي ڇڏي وڃي مٺو پاڻي وسايو آهي، جن مان ڪن دريائن ۾ ته ڪن وري تلائن ۽ ڍنڍن ۾ رهڻ شروع ڪيو آهي، پر اڄ به سندن ابا ڏاڏا سمنڊ ۾ رهن ٿا. چيو وڃي ٿو ته مڇين سمنڊ جو کارو پاڻي ان ڪري ڇڏيو، جو مٺي پاڻيءَ ۾ سندن ڪوبه دشمن ڪونهي ۽ لڳ ڪرڻ لاءِ بهترين جاءِ آهي. +هاڻي اچو ته ڏسون ته مڇيون کاري پاڻيءَ کان مٺي پاڻيءَ يا وري مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻيءَ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪيئن ٿيون ڪن. پهريائين ڏسون ته سامونڊي مڇيون ڪيئن ۽ ڪهڙي وقت سمنڊ کان دريائن ڏانهن رخ ڪن ٿيون. هنن ۾ پلو ۽ سالمن (Salmon) مڇيون اچي وڃن ٿيون. +(الف) پلو: سنڌ جو پلو نه رڳو پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ پلي لاءِ ائين به مشهور آهي ته اها مڇي نه پر ميووات آهي ۽ اهو پڻ پلي لاءِ چيو ويندو آهي ته پلو پاڪستان ۽ بنگلاديش کانسواءِ ٻيو دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ٿيندو آهي. پلو تمام نازڪ مڇي آهي ۽ پڪڙڻ کانپوءِ اڌ منٽ به مشڪل سان زنده رهي سگهي ٿو. پلي جي حد يا مفاصلو جيڪو هو مٺي پاڻيءَ ۾ ڪري ٿو. ان لاءِ تمام گهٽ معلوم ٿي سگهيو آهي. بنگلاديش ۾ پلو لڳ ڪرڻ لاءِ چوماسي يا موسمي هوائن دوران مٿي دريائن ۾ چڙهڻ شروع ڪندو آهي ۽ سندس شڪار پاڻيءَ ۾ ئي ٿيندو آهي ۽ سڄو اونهارو هلندو آهي. پلو ديناج پور، رنگ پور، بوگرا ۽ چٽگانگ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ٿيندو آهي. +پاڪستان ۾ سنڌو ندي پنهنجي ٽن سون ميلن جي ڊيگهه ۽ اڇي ڊيلٽا سان پلي جي شڪار لاءِ تمام سٺي جوءِ آهي. سنڌو ندي ۾ پلو پنهنجي مسافري فيبروري کان شروع ڪري ٿو ۽ وچ آگسٽ ڌاري واپس سمنڊ ڏانهن موٽڻ شروع ڪندو آهي. پلي جي اها خاصيت آهي ته اهو اوڀارو وچ سير ۾ ترندو آهي ۽ سندس رفتار جو دارومدار پاڻيءَ جي گهاٽائي (Density) ۽ گرمي پد تي آهي، جيئن پاڻيءَ جي گهاٽائي گهٽ ۽ گرمي پد وڌيڪ تيئن سندس رفتار به تيز هوندي آهي. سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ پلي جو شڪار سکر تائين ۽ اڳتي به ڪيو ويندو هو. پر غلام محمد بئراج ٺهڻ بعد سندس مسافري ۽ شڪار جي حد ايستائين ئي آهي ۽ هاڻي پلو سنڌو نديءَ ۾ غلام محمد بئراج جي هيٺئين پاسي تائين ئي وڃي سگهي ٿو. +(ب) سالمن (Salmon): هي به اصل سامونڊي مڇي آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ذاتيون (Species) آهن، انهن مان ڪن ته هميشہ لاءِ يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ رهڻ شروع ڪري ڏنو. هي ته هيون ساموندي مڇيون جو کارو پاڻي ڇڏي، مٺي پاڻي ڏانهن آيون پر ڪي مڇيون اهڙيون آهن، جيڪي ڪن خاص وقتن تي مٺو پاڻي ڇڏي کاري پاڻيءَ يعني سمنڊ ڏانهن اينديون آهن. جيئن گوج مڇي(Eel): هن مڇيءَ جي لڏ پلاڻ تمام عجيب قسم جي آهي. ڪيترن سالن کان يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو گوج مڇيءَ کي پنهنجي واهن ۽ واٽر ڪورسن ۾ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا آهن ته اها ڇا آهي؟ ڇو ته اڄ تائين ڪنهن به گوج مڇيءَ جا آنا يا ٻچا ڪونه ڏٺا آهن. اهو ڳجهه نيٺ هڪ ڊينش (Danish) سائنسدان جي - ايل شمسٽ (J.L Schimdst) حل ڪيو ۽ ٻڌايو ته جڏهن گوج بلوغت کي پهچندي آهي ته اها هڪ وڏي مسافري جي تياري شروع ڪندي آهي، جنهن جيتري مسافري شايد اڄ تائين ڪنهن به مڇيءَ نه ڪئي آهي. +گوج مڇيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪ يورپين گوج ته ٻي آمريڪن گوج مڇي. يورپين گوج پيلي رنگ جي ٿيندي آهي ۽ سرء جي موسم ۾ پنهنجي لڳ وارن علائقن ڏانهن وڃڻ شروع ڪندي آهي. مسافريءَ دوران سندس رنگ پيلي مان ڦري ميرانجهڙيءَ چانديءَ جهڙو ٿي ويندو اٿس ۽ کل مٿان ڪارا ٽٻڪا به ظاهر ٿيندا اٿس؛ سندس اکيون وڏيون ۽ آنڊو ننڍڙو ٿي ويندو آهي. اهي پنهنجي مسافري اونهاري جي پڇاڙيءَ ۾ شروع ڪنديون آهن، ۽ لڳ جو ايترو ته شوق هوندو اٿن جو جيڪي مڇيون يعني گوج مڇيون دريائن کان پري ڍنڍن يا تلائن ۾ هونديون آهن، اهي به ڪنهن طرح سان اُتان نڪري ڪنهن ويجهي درياء تائين پهچي وينديون ��هن ۽ سمنڊ ڏانهن مسافري شروع ڪري ڏينديون آهن. سمنڊ ۾ سندن چرپر ۽ ميل ميلاپ معلوم ڪونه ٿي سگهي آهي، پر اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سندس رستو سامونڊي ڪنارن سان آهي ۽ لڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڏکڻ برموڊا (Bermuda) وٽ ٿيندو آهي ۽ آنا به اُتي ئي لاهيندي آهي. گوج مڇيءَ جو لڳ اٽڪل چار سؤ ميٽر هيٺ پاڻيءَ ۾ ٿيندو آهي ۽ آنا به اُتي ئي لاهيندي آهي. سندس ٻچا ڦٽڻ تي وري ساڳيوئي رستو يعني اولهه يورپ وارو سامونڊي ڪنارو وٺندا آهن، جنهن سان سندن وڏيون مڇيون آيون هيون. درياء جي ڇوڙ يا منهن تائين پهچندي گوج جا ٻچا ڪافي وڏا ٿي ويندا آهن. +آمريڪن گوج مڇيءَ جي به يورپين گوج سان گهڻي مشابهت آهي ۽ سندس لڳ ۽ ٻچن جي جاءِ به ساڳي يعني برموڊا ويجهو اولهه ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ ٻنهي جا ٻچا به گڏ ڏٺا ويا آهن. +هاڻي سوال ٿو اڀري ته ٻنهي جا ٻچا ڪيئن الڳ ٿين ٿا ۽ هڪ جا آمريڪا هليا ٿا وڃن ته ٻيءِ جا وري يورپ ڏانهن جيئن ته آمريڪن گوج جا ٻچا تيزي سان وڌن ٿا ۽ هڪ سال اندر وڏا ٿي وڃن ٿا، پر يورپين گوج جا ٻچا ٽن سالن ۾ وڏا ٿين ٿا، سو جيڪڏهن يورپين گوج جا ٻچا آمريڪا ڏانهن ويندا ته وڏي ٿيڻ کان اڳ ئي آمريڪا پهچي ويندا ۽ ٻئي طرف جيڪڏهن آمريڪن گوج جا ٻچا يورپ ڏانهن ويندا ته اڃان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ئي هوندا ته وڏا ٿي ويندا. ائين کڻي چئجي ته گوج جي ٻچن جو وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ سندس مفاصلي طي ڪرڻ سان مطابقت رکي ٿو؛ پر آخر اهي پنهنجو رستو ڪيئن ٿا ڳولهي لهن! ان لاءِ سائنسدانن جي چوڻ موجب سندن سنگهڻ جي حَسَ ۽ ڪيميائي ذريعا جهڙوڪ هارمونل چستي يا وري گوناڊس جو پچڻ ئي سندن رستي جي ڳولا لاءِ مددگار ٿين ٿا. +گهڻيون مڇيون ته ماڻهن جي کائڻ جي ڪم اينديون آهن، پر ڪي اهڙيون موذي قسم جون به هونديون آهن، جو ماڻهن کي نقصان به ڏينديون آهن. آمريڪا ۾ فلوريڊا جي ڪناري وٽ هڪ ويڙهو مڇي ٿيندي آهي، جنهن کي بيرا ڪيوڊا (Berra cuda) چئبو آهي، هن جا ڏند اهڙا ته تکا ٿيندا آهن، جو اُتي وهنجندڙ ماڻهن تي حملو ڪري سندن جان جوکي ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. ڪي مڇيون ته وري آدم خور هونديون آهن ۽ جتي اهي ٿينديون آهن، اُتي سمنڊ جي ڪنارن سان تارن جا لوڙها ڏنا ويندا آهن، جيئن اُن جاءِ جي اوسي پاسي ڪوئي وهنجي نه سگهي. ڪن مڇين کي ته جسمن مٿان وري زهريلا ڪنڊا ۽ پَرَ هوندا آهن. +مڇيون انسان جي ڪيترن ڪمن ۾ اچي سگهن ٿيون پر سڀني کان وڏو فائدو اهو آهي ته مڇيون اسان جي کاڌي لاءِ ڪم اچن ٿيون. سڀني کان وڌيڪ جيڪا سامونڊي مڇي کاڌي ويندي آهي، اُها آهي هيرنگ (Herring) مڇي، ان کانپوءِ ڪاڊ، هيڊوڪ، ميڪاريل، هيلي بٽ، فلائونڊر ۽ ٻيون مڇيون اچن ٿيون. سمنڊ ۾ اڄ به تمام گهڻي انداز ۾ مڇيون آهن، سو جيڪڏهن سڄي دنيا جي خوراڪ کپي وڃي، تڏهن به اهو اهڙو خزانو آهي جيڪو کٽڻ جو نه آهي. + + +خشڪيءَ جا اهي جانور جيڪي سمنڊ ۾ رهن ٿا +سامونڊي ڪنارن تي ڪيترائي اهڙا جانور ملندا آهن، جن کي سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته اُهي خشڪيءَ جا جانور آهن يا سمنڊ جا. مثال طور ڪيترن ئي قسمن جا. کيکڙا (Crabs) جيڪي ڪڏهن خشڪيءَ تي ته ڪڏهن وري سمنڊ ۾ رهندا آهن يا وري ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي ڪڇون، جيڪي عام طرح سان ته سمنڊ ۾ رهندا آهن پر جڏهن سندن آنن ڏيڻ جو وقت ايندو آهي ته ڪنارن جو رخ ڪندا آهن ۽ گرم واريءَ جي ڳولا ۾ هوندا آهن. +خشڪيءَ جا جيڪي جانور سمنڊ ڏانهن آيا آهن، انهن ۾ وهيل (Whale) سڀني کان اهم آهي. هي جڏهن خشڪيءَ تي رهندي هئي ته سندس قدبت ننڍو هوندو هئو پر جيئن ئي سمنڊ ۾ رهڻ شروع ڪيائين ته سندس قد ۽ وزن وڌڻ لڳس. وهيل جا ڪيتر��ئي قسم آهن جن ۾ وري نيري وهيل (Blue Whale) سڀني کان وڏي آهي، جيڪا ائنٽارڪٽيڪا جي ويران سمنڊن ۾ رهندي آهي ۽ سندس کاڌو به اُتي موجود ڪوپ پوڊس (Cope pods) ۽ ڊاءِ ٽوم (Diatoms) آهن. +وهيل دنيا جي سڀني جانورن کان وڏو جانور آهي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ دفعي نيو جارجيا (New Jorgia) جي ٻيٽ ڀرسان هڪ وهيل کي پڪڙيو ويو جنهن جي ڊيگهه هڪ سؤ ست فوٽ ۽ وزن ٽي هزار مڻ هو. +هنن مان ڏند صرف اسپرم وهيل (Sprem whale) ۾ هوندا آهن، باقي سڀ ڏندن کانسواءِ هونديون آهن. اسپريم وهيل جي ڊيگهه ته ستر فوٽن کان وڌيڪ ڪونه ٿئي پر تڏهن به +کيس سمنڊ جو بادشاهه چوندا آهن. اسپريم وهيل جون ڄاڙيون ايتريون ته مضبوط ٿينديون آهن، جو جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن ٻيڙيءَ کي ٻن اڌن ۾ ڀڃي ڇڏي ۽ سندس مٿو ايترو ته سخت هوندو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جهاز کي ٽڪر هڻي ته ان کي سوراخ ڪري +وجهي. هن جو کاڌو ڏهن پيرن واري ڪٽل مڇي (Cuttle Fish) آهي جنهن کي پڪڙڻ لاءِ هوءَ سمنڊ جي گهراين تائين هلي ويندي آهي. +اسپرم وهيل کان به وڌيڪ هڪ ٻي وهيل آهي جنهن کي خونخوار يا قاتل وهيل (Killer whale) چيو ويندو آهي. هن جو جسم مضبوط ۽ قد ٽيهه فوٽ کن هوندو آهي. اسپرم وهيل کي ڇڏي باقي سڀني سامونڊي جانورن سان وڙهندي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن مقابلي ۾ ڪا وڏي وهيل هوندي آهي ته ٻه چار قاتل وهيل پاڻ ۾ گڏجي ان سان وڙهنديون آهن. هي جڏهن پاڻيءَ ۾ ترندي آهي ته سندس چيلهه وارو کنڀڙ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل هوندو آهي، جنهن کي سامونڊي جانور خطري جو نشان سمجهندا آهن. +وهيل جو هڪ عجيب قسم جيڪو قطبي سمنڊن ۾ ٿيندو آهي ان کي نار وهيل (Nar whale) چئبو آهي، هن جي نر جي وات مان هڪ ڏند نڪتل هوندو آهي جيڪو نو فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. +وهيل جي ئي خاندان مان هڪ ٻي مڇي ٿيندي آهي جنهن کي ڊولفن (Dolphin) چئبو آهي. ان جا ڪيترائي قسم سمنڊ ۾ رهندا آهن، جن ۾ ڪن جون منڍيون چهنب جهڙيون سنهيون ته ڪن جون وري بوتل جهڙيون ٿينديون آهن. ڊولفن سان مشابهت رکندڙ وري ٻيا جانور آهن، جن کي سامونڊي سوئر (Porpoise) چئبو آهي، هي جانور سدائين سامونڊي ڇولين سان راند ڪندا رهندا آهن. هي جانور ڏاڍا ڪمائتا آهن. نيوزيلينڊ ۾ هڪ ڊولفن جنهن کي ”جيڪ“ سڏيو ويندو آهي، هر ايندڙ جهاز جي اڳوڻي ڪري کيس بندرگاهه تائين وٺي ايندي آهي، جيڪو ايترو ته فائدي وارو جانور ثابت ٿيو جو حڪومت کي ان جي حفاظت ڪرڻي پئي. +ڪجهه ڊولفن مڇيون ۽ سامونڊي سوئر وري سمنڊ ڇڏي وڃي دريائن ۽ ڍنڍن ۾ رهڻ شروع ڪيو. ڊولفن مڇيءَ جو هڪ قسم، هندستان جي گنگا نديءَ جي گَهري پاڻي ۾ رهندو آهي، ۽ گَهرائيءَ ۾ رهڻ ڪري سندس اکين ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي. +سيل (Seal) به دريائن کان آيل جانور آهي جيڪا سامونڊي ڪنارن تي رهندي آهي. گرميءَ جي موسم ۾ ٻيٽن تي گڏ ٿي اُتي ئي آنا ڏيندي آهي ۽ سندس ٻچن جي سنڀال وري نَرَ ڪندا اٿس. +خشڪي جو هڪ ٻيو جانور جنهن سمنڊ ۾ اچي رهڻ شروع ڪيو آهي، ان کي والرس (Walrus) چئبو آهي. هن جي مٿينءَ ڄاڙيءَ جا ٻه ڏند هيٺ نڪتل هوندا آهن جيڪي اڍائي فوٽ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان هو واري کوٽي انهيءَ مان سِپ ۽ ڪوڏ ڪڍي کائيندو آهي. +رڇ، پاڻيءَ جو جانور ته ڪونهي پر قطبن وٽ هن لاءِ پاڻي ۽ خشڪي هڪجهڙا آهن. هتان جو اڇو رڇ ٻين سڀني رڇن کان وڏو ٿيندو آهي. ڏاکڻين علائقن جا رڇ سرديءَ کان بچڻ لاءِ سڄو سيارو غارن ۾ گذاريندا آهن، پر قطبن وارا اڇا رڇ مجبوراً گهمندي گذاريندا آهن، جو اُتي انهن کي لِڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ڪانه هوندي آهي. +پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا +پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا اٽڪل 550 ميلن تائين پکڙي�� آهن ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. پهريون 350 ميل ڊگهو حصو جنهن کي مڪران جو ڪنارو سڏبو آهي، جيڪو ايران کان شروع ٿئي ٿو ۽ حَبَ نديءَ تي ختم ٿئي ٿو؛ ٻيو ٻه سو (200) ميل ڊگهو ڪنارو جنهن کي سنڌ جو سامونڊي ڪنارو چئبو آهي، جيڪو حَب ڊيلٽا (دو آبو) کان شروع ٿئي ٿو ۽ شاهه بندر تائين وڃي ٿو. +پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا ٽن ٽن قسمن جا ٿيندا آهن، پٿريلا، گپ وارا ۽ وارياسا. پاڪستان جي ڪجهه سامونڊي ڪنارن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو: +ڀٽ گوڙي: هي ڪراچيءَ کان اٽڪل 45 ميل اتر اوڀر طرف آهي، هي ڪنارو پٿريلو، وارياسو ۽ هڪ-ڪرو آهي، ۽ ائين ئي اونهي سمنڊ سان وڃي ملي ٿو. هن ڪناري تي کجين جا وڏا وڏا وڻ آهن جيڪي اتان جي ماڻهن جي ملڪيت آهن. +وارياسو پٽ (سينڊز پٽ): هي ڪنارو ڪراچيءَ کان صرف 25 ميلن تي اتر-اوڀر طرف آهي ۽ صرف وارياسو آهي پر ڪٿي ڪٿي قديم وڻ ۽ پکڙيل پٿر به ملندا آهن. هي ڪنارو اٽڪل هڪ يا ٻه ميل ڊگهو آهي ۽ سندس واري سليٽي رنگ جي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جي ڇولين اچڻ ڪري سامونڊي ٻوٽا هتي گهڻائيءَ ۾ ملندا آهن ته ڪڏهن وري ڇوليون ٻوٽن سان گڏ ڪجهه حصو واريءَ جو به کنيو وڃن. +پيراڊائنيز پوائنٽ: هي ڪراچيءَ کان اٽڪل 30 ميلن تي اتر-اولهه ۾ آهي. ان جي سڄي ۽ کٻي پاسي جابلو علائقا آهن. انهن جبلن ۾ ڪجهه پراڻي وقت جا سِپَ ۽ ڪوڏ ملندا آهن، مثال طور پيڪٽن (Pectin) جنهن کي برماشيل به چئبو آهي، هتي سمنڊ ۾ چڱو جوش هوندو آهي. +لائيٽ هائوس: هن ڪناري کي ڪيپ مونز (Cape Monze) به چئبو آهي ۽ ڪراچيءَ کان اٽڪل 40 ميل پري اتر-اوڀر طرف آهي، هتي بنا ڪرنگهي (Invert clorares) وارا جانور عام جام ملندا آهن، ان کان سواءِ هتان جي پٿريلي علائقي ۾ سائي ۽ اڇي رنگ جو سينور (Algae) به چڱي مقدار ۾ ٿيندو آهي. +بنگلو: ڪراچيءَ کان اٽڪل 37 ميلن تي آهي. هي ڪنارو به پٿريلو ۽ وارياسو آهي. هتي مضبوط وڻ ۽ پکڙيل پٿر هر جڳهه نظر ايندا ۽ ان کانسواءِ وڻن جي وچ ۾ بيٺل پاڻي جا دٻا به نظر ايندا آهن. +ٻوليجي: ڪراچيءَ کان 27 ميلن تي اتر-اولهه طرف آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو آهي. هتي سامونڊي ٻوٽا گهڻو ڪري پاڻي لهي وڃڻ کانپوءِ نظر ايندا آهن. هن ڪناري جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي هڪ ڪوڏ جهڙو جانور اسپونڊيلس (SPondylus) ملندو آهي جيڪو پٿرن سان مضبوطيءَ سان چنبڙيل هوندو آهي، پر عام ماڻهو هن کي سڃاڻي ڪونه سگهندو ڇو ته سندس رنگ پٿرن ۽ وڻن جهڙو ٿيندو آهي. هي جانور ماڻهن جي کائڻ جي ڪم به ايندو آهي. +گوادر: هي ڪنارو انگريزي اکر يو (U) جهڙو آهي ۽ هڪ ٽڪريءَ ذريعي ٻن حصن اولهه ۽ اوڀر نار ۾ ورهايل آهي. هن کي عام طرح سان جبل باطل يا ڪوهه باطل چيو ويندو آهي. هي ڪنارو پٿريلو، وارياسو ۽ گپ وارو آهي. هتي تراکڙيون مڇيون (Flat fishes) ۽ ڪيراڊين گانگٽ (Caradean shrimps) ملندا آهن. اوڀر نار جي اوڀرئين پاسي مائيٽياس (Mytilllus) ملندا آهن، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ کائڻ جي ڪم ايندا آهن. هن ڪناري جي مٽي سليٽي رنگ جي آهي پر ڪٿي ڪٿي رنگ ڪارو ٿي ويو اٿس، اهو ڪجهه جانورن جي موت ڪري ٿيو آهي، جيڪي مرڻ کان پوءِ اُتي ئي رهجي ويا آهن. +جيواڻي: هي ڪنارو گوادر کان 65 ميلن تي اتر-اولهه ۾ آهي ۽ سڄو ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو آهي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا سينور (Algae) ملندا آهن ۽ پاڻي جو چاڙهه تيز ٿي ويندو آهي. +ڪيٽي بندر: هي ڪنارو سنڌونديءَ جي ويجهو آهي ۽ ڪراچيءَ کان سڙڪ رستي اٽڪل 105 ميلن تي آهي. هتان جي مٽي پڪي ۽ سخت قسم جي آهي. هن ڪناري تي هڪ سنڱ جهڙو ڪوڏ جو قسم گهڻو ملندو آهي، جنهن کي ٽيلسڪوپيم (Telescopium) چئبو آهي. +ڀنڀور: ڪراچيءَ کان اٽڪل 35 ميل پري آهي، هي ڪنارو به گپ واري قسم جو آهي. +پورٽ قاسم (پپري): هي ڪراچيءَ کان ڏکڻ-اوڀر طرف 30 ميلن تي آهي. هتي سامونڊي ڇولين جو اثر تمام گهٽ آهي. هتي سامونڊي وڻ گهڻائيءَ ۾ ملندا آهن، جن ۾ مانگروو (Mangroove) به اچي وڃن ٿا. +ڪلفٽن: ڪراچيءَ کي ويجهي ۾ ويجهو سامونڊي ڪنارو آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري وارياسو آهي ۽ تفريح لاءِ تمام سٺي جاءِ آهي. +گذري: هي ڪنارو ڪراچيءَ کان ڏکڻ-اولهه ۾ 18 ميلن تي آهي. هي ڪنارو وارياسو ۽ گپ وارو آهي. هتي گپ ۾ ٿيندڙ جانور عام جام ملندا آهن. +پسني: هي ڪنارو بلوچستان ۾ آهي ۽ چنڊ جهڙي شڪل اٿس. هن ڪناري جي سڄي ۽ کٻي پاسي ٽڪريون آهن ۽ اٽڪل ٽي چار ميل ڊگهو آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو ۽ وارياسو آهي. +ڪورنگي ڪريڪ (ابراهيم حيدري): هي ڪراچيءَ جو ٻيو مڇيءَ جو بندرگاهه آهي، جيڪو اڃان ڪچو آهي. هي ڪنارو گپ وارو آهي ۽ هتي گانگٽ گهڻي انداز ۾ ملندا آهن. +منهوڙو: هي ڪنارو هاڻي هڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هي ڪنارو، ورياسو ۽ پٿريلو آهي ۽ هتي نرم قسم جا وڻ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي ٻوٽا ۽ جانور ملندا آهن. +سامونڊي کاڻيون +سمنڊ ۾ نه صرف ٻوٽا ۽ جانور ملن ٿا، پر ڪيترن ئي قسمن جي معدنيات ۽ ڪچي ڌاتوءَ جا لڪل خزانا موجود آهن. اڳئين زماني ۾ ته سمنڊ مان صرف لوڻ ئي حاصل ڪيو ويندو هو، پر اڄڪلهه زمانو ترقي ڪري ويو آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ڪچو ڌاتو هٿ ڪري مختلف مقصدن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. +دنيا ۾ اڃان به ڪيترا اهڙا ملڪ آهن، جتي پراڻي زماني وانگر لوڻ گڏ ڪيو ٿو وڃي. سمنڊ جو پاڻي ننڍن ننڍن ٻارن ۾ وڏا ٻنا ڏئي گڏ ڪيو ويندو آهي. پاڻي ته آهستي آهستي بخار ٿي ويندو آهي ۽ باقي وڃي لوڻ رهندو جنهن کي گڏ ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ويندو آهي. +لوڻ اصل ۾ سمنڊ جي پيداوار آهي ۽ اڄ به زمين جي جنهن حصي ۾ ڪٿي لوڻ ملي ته پڪ سمجهو ته ڪڏهن اُتان سمنڊ وهندو هوندو. +سمنڊ جي پاڻيءِ ۾ لوڻ کانسواءِ آيوڊين، برومين ۽ ٻيا به ڪيترائي ڌاتو ڳريل هوندا آهن. آمريڪا ۾ هڪ اهڙو هنڌ آهي جنهن ۾ سمنڊ مان ڌاتو ڪڍي اٽڪل سؤ کن مخلتف شيون ٺاهيون وينديون آهن. +ايليومينم: هي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪافي مقدار ۾ آهي. هي ڌاتو تمام هلڪو ٿيندو آهي ۽ ڪٽ به ڪونه لڳندي اٿس، ان ڪري ان کي کاڌي جي ٿانون ۽ جهازن ٺاهڻ لاءَ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. +هڪ ٻيو ڌاتو جنهن کي مئگنيشم چئبو آهي، ايليومينم کان به هلڪو ٿيندو آهي. هڪ آمريڪي ڪارخانيدار هينري فورڊ جي چوڻ مطابق آئينده موٽر ڪارن ۽ ٻين مشينن ۾ لوهه جي جاءِ تي مئگنيشم استعمال ڪيو ويندو ڇو ته سمنڊ ۾ مئگنيشم تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. +اڄڪلهه سمنڊ جو پاڻي انهن تلائن ۾ وڌو پيو وڃي جتي اوئسٽر (Oyster) پاليا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوئسٽر جي کوپن (Shells) ۾ مئگنيشم ڪافي مقدار ۾ شامل ٿي ويندو آهي، جنهن کي پوءِ ڪيميائي طريقن سان الڳ ڪري مختلف مقصدن لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو. +پيٽروليم جو ڪچو تيل جنهن مان موٽرن جو پٽرول ۽ گاسليٽ تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪي اصل سمنڊ جي پيدائش آهن. قديم زماني کان وٺي ننڍڙا ننڍڙا جيتامڙا جيڪي پاڻيءَ ۾ ترندا رهندا هئا ۽ مرڻ کان پوءِ سمنڊ جي تري تي ڄمندا ويا ۽ ائين انهن جا ڪيترائي تهه ڄمي ويا. پيٽرول انهن ئي ننڍڙن جيتامڙن جي تيل مان ٺهي ٿو. +انهن جيتامڙن جا تهه ڄمندا مٿي ٿي آيا، انهن ۾ مٽي ۽ واري به ملندي وئي، اهي تهه تمام گهڻو مٿي ٿي آيا ۽ پٿريلا ۽ سخت ٿيندا ويا. هينئر انهن جاين تي وڏا وڏا کوهه کوٽي انهن مان پيٽرول ڪڍيو پيو وڃي. پيٽرول جي ڳولا ۾ کوهه اُنهيءَ جاءِ تي کوٽيا ويندا آهن جتي يا ته سمنڊ آهن يا ڪنهن وقت سمنڊ هئو. مطلب ته سمنڊ ۾ معدنيات جا ڪيترائي خزانا موجود آهن، جيڪي سالن کان وٺي ان ۾ جمع ٿيندا رهيا آهن. + + +سامونڊي کاڌو +دنيا ۾ زمين جي مقابلي ۾ ساهوارن جي آبادي تمام گهڻي آهي. ڪن ملڪن جي زمين ته ايترو ٿورو اَن پيدا ڪري ٿي جو اهو سڄو سال هلڻ مشڪل آهي، ان جو سبب اهو آهي ته کائڻ وارا تمام گهڻا آهن ۽ زمين ٿوري آهي. +زمين جي پوک کي ڏسبو ته تمام سٺي قسم جون ڀاڄيون معمولي قسم جي جهنگلي ٻوٽن مان پيدا ڪيون ويون آهن. مثال طور پٽاٽا ڪنهن وقت معمولي قسم جون پاڙون هيون، ڪڻڪ ۽ چانور محض گاهه جا ٻج ليکيا ويندا هئا، پر سائنسدانن ۽ ڪڙمين جي سالها سال ڪوشش کانپوءِ اناج، توت، صوف ۽ ناسپاتين کي ڄڻ نئين طرح پيدا ڪيو آهي. آمريڪا ۾ اهڙا ڪيترائي مرڪز آهن جتي ڪڪڙين ۽ ٻڪرين پالڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي، پر اسان اڄ تائين اِهو ڪونه ٻڌو آهي ته ڪنهن اها ڪوشش ڪئي هجي ته سامونڊي مڇين کي به جديد طريقن سان ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان جي باوجود به اسان سمنڊ مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪريون ٿا. فرانس، اسڪاٽ لينڊ ۽ ناروي ۾ ڪيترن ئي سالن کان سامونڊي گاهه (Sea weeds) گڏ ڪيو پيو وڃي. انهن کي پاڙؤن ڪڍڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڏانداريون ۽ ڊگها بانس جا لڪڙا استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح سان ڪيتريون ئي مشينون ٺاهيون ويون آهن، جن سان ڪيلپ (Kelp) کي سمنڊ مان ڪڍيو پيو وڃي، جن کي وري سڪائي ڀاڻ (Fertilizer) ٺاهيو پيو وڃي، جيڪو پوک لاءِ تمام ڪارائتو آهي. سامونڊي گاهه ۾ وري پٽاٽن جي ٻج کي ويڙهي رکبو آهي ته جيئن کيس بيماري نه لڳي ۽ بيماري نه لڳڻ ڪري ان جو فصل تمام سٺو ٿيندو آهي. +سامونڊي گاهه کي ساڙي ان جي گاهه مان آيوڊين ٺاهي ويندي آهي، جيڪا پوءِ دوائن ۾ ڪم ايندي آهي ۽ ڪيلپ کي ساڙي ان مان وري پوٽيشم (Potassuim) ڌاتو حاصل ڪيو ويندو آهي. +اسان وٽ ته سامونڊي گاهه کي کائڻ ڏانهن ڌيان به ڪونه ڏنو ويندو آهي پر آمريڪا ۽ ڪجهه اوڀر جي رياستن ۾ ان مان هڪ شيءِ ٺاهي کپائي ويندي آهي، جنهن کي ڊلس (Dulse) چئبو آهي ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ ته ان مان کير به ٺاهيو ويندو آهي. نيو انگلينڊ ۾ +سامونڊي گاهه وري سائي، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي جنهن مان پڊنگ (Pudding) ٺاهي ويندي آهي. +ڪيترن ئي ملڪن ۾ سمنڊ مان خوراڪ ڪافي مقدار ۾ ڪڍي ويندي آهي. جپان ۾ تقريباً اڌ خوراڪ سمنڊ مان حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ مڇيون، گانگٽ ۽ اهڙي طرح ٽيهن قسمن جا سامونڊي کاڌن وارا گاهه هٿ ڪري کاڌي لاءِ ڪم آڻين ٿا. انهن مان ڪيترن ئي قسمن جون مٺايون ۽ ٻوڙ تيار ڪيا ويندا آهن. اسان وٽ به سامونڊي گاهن جو ٻورو آئيس ڪريم ۾ ڪم آندو ويندو آهي. جپان کانسواءِ چين ۽ فلپائين جي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو به سامونڊي گاهه کي کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن. آمريڪا جي ڏاکڻئين سِري تي هندستاني ماڻهن جو هڪ قبيلو رهندو آهي جن جو کاڌو ئي سامونڊي ڪيلپ تي آهي ۽ کين ڪيلپ خور سڏيو ويندو آهي. +سامونڊي ٻوٽا جن جو بيان مٿي ڏئي آيا آهيون، سڀ قدرتي طرح پيدا ٿيندا آهن پر ڪٿي ڪٿي ماڻهو به انهن کي ڪوشش ڪري پيدا ڪندا آهن. آئرلينڊ ۾ گهٽ پاڻيءَ وارن ڪنارن وٽ پٿر وڌا ويندا آهن ته جيئن ترندڙ گاهه اُتي اچي ٽڪي پون ۽ وڌڻ شروع ڪن. جپان جي ڪنارن وٽ وري وڻن جون لامون وڍي وجهبيون آهن ته جيئن سامونڊي گاهه اُتي اچي ڦاسي پون ۽ وڌڻ شروع ڪن. عام طرح سان ٻوٽن کي وڌائڻ کان ڏکيو ڪم آهي سامونڊي جانورن کي ترقي وٺرائڻ. سمنڊ جي اسپنجز (Sponges) کي ته سبزين وانگر وڌايو ويندو آهي پر گهٽ پاڻيءَ وارن سمنڊن جي تري تي پڪو فرش ٻڌي ان مٿان اسپنجز کي لڳايو ويندو آهي ۽ اُتي اِهي وڌڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، پر قدرتي طرح ٿيندڙ اسپنجز وڌيڪ ڪارائتا آهن. اهڙيءَ طرح اوئسٽر (Oyster) کي به هٿراڌو طرح ترقي وٺرائي ويندي آهي. جپان ۾ ته اوئسٽر مان هٿرادو طرح موتي تيار ڪيا ويندا آهن، جن کي موتين وارا اوئسٽر (Pearl oyster) چئبو آهي. اسان وٽ به اهو مشهور آهي ته جڏهن مينهن وسندو آهي ته سپون وات کولي ڇڏينديون آهن ۽ جڏهن مينهن جي ڦڙي ان ۾ پوندي آهي ته وات بند ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ ان ۾ موتي تيار ٿي ويندي آهي، پر اصل حقيقت هينئن آهي ته جڏهن ڪو واريءَ جو ذرو سپن ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ سپن جي نازڪ کل جا تهه اُن جي ٻاهريان ويڙهجي ويندا آهن ۽ پوءِ اهو ڄمي ويندو آهي، جنهن کي اسان موتي چوندا آهيون. +سمنڊ ۾ ڪٿي ڪٿي گانگٽن جا ولر هوندا آهن ته ڪٿي گهٽ، پر انهن کي هٿراڌو طرح به ترقي وٺرائي ويندي آهي، ٿيندو ائين آهي ته سمنڊ جي ڪجهه حصي کي بند ڏنو ويندو آهي، ان ۾ اندر گانگٽن جا تمام گهڻا ٻچا ڇڏيا ويندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح سان ڪافي مقدار ۾ گانگٽ حاصل ڪيا ويندا آهن. گانگٽن جي هڪ خاصيت هي به آهي ته اُهي پاڻ ۾ وڙهندا رهندا آهن ۽ ويڙهه ۾ ڪجهه مري ويندا آهن، باقي بچيل وري انهن مئل گانگٽن کي پنهنجو کاڌو ڪري استعمال ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح سان سمنڊ مان اسان گانگٽ ۽ ٻيو ڪيترن ئي قسمن جو کاڌو ۽ معدنيات حاصل ڪندا آهيون. +سمنڊ جو آبهوا تي اثر +آمريڪا ۽ يورپ جا ماڻهو ته سمنڊ ۾ سير و تفريح ۽ مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ لاءِ سمنڊ تي ويندا آهن پر ٻيا ڪيترا ماڻهو ته رڳو گرمي کان بچڻ خاطر سمنڊ ڏانهن ويندا آهن، ڇو ته سمنڊ جي ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ گرمي گهٽ ٿيندي آهي. +سمنڊ ڌرتيءَ جا اٽڪل ٽي حصا والاري ٿو. سندس اهميت ان مان ئي ظاهر آهي پر جيڪڏهن زمين تي پاڻي نه هجي ها ۽ رڳو خشڪي هجي ها ته پوءِ گرمي ۽ سردي ايترو ته وڌيڪ هجن ها جو ماڻهو برداشت به نه ڪري سگهي ها پر پاڻيءَ هجڻ ڪري موسم ايترو شديد ڪونه ٿي ٿئي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ هڪ اوزار ٿرمو اسٽيٽ (Thermo stat) گهرن ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن سان گرمي ۽ سردي گهٽائي ۽ وڌائي سگهبي آهي، پر حقيقت ۾ وڏي ۾ وڏو ٿرمو اسٽيٽ ته اسان جو سمنڊ آهي، جنهن جي ڪري موسم موافق رهندي آهي. +خشڪيءَ تي سردي ۽ گرميءَ جو تفاوت تمام گهڻو هوندو آهي، مثلاً خشڪيءَ جي ڪن علائقن ۾ سردين ۾ گرمي جو درجو (.) ٻڙي درجي کان چورانوي (94) درجا ڪاٽوءَ ۾ هليو ويندو آهي. گرمين جي موسم ۾ وري گرميءَ جو درجو تمام گهڻو مٿي هليو ويندو آهي، جيئن صحرا جي رڻ پٽ ۾ گرميءَ ۾ گرميءَ جو درجو هڪ سؤ ڇٽيهن درجن تائين واڌو ۾ هليو ويندو آهي. انهن ٻنهي درجن جو فرق ٻه سؤ ٽيهه درجا ٿيندو، جيڪو سمنڊ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو مٿي آهي. +دنيا ۾ سڀني کان گرم سمنڊ جو حصو ايراني نار (Perssian Gulf) جو آهي جتي گرميءَ جو درجو ڇهانوي کان مٿي ڪونه ويندو آهي ۽ سمنڊ ۾ ٿڌي جاءِ سندس اونها تهه آهن جتي گرميءَ جو درجو ستاويهه (27) درجن کان هيٺ ڪونه ويندو آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق ستر کان به گهٽ آهي جيڪو خشڪيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. انهيءَ فرق جو بنيادي سبب اِهو آهي ته پاڻي، هوا جي مقابلي ۾ دير سان گرم يا ٿڌو ٿيندو آهي. +سمنڊ جو آبهوا تي اثر ڪيترن ٻين به سببن ڪري ٿيندو آهي. ان جو هڪ سبب ته سامونڊي وهڪرا آهن. گرم وهڪرا جيڪي خط استوا کان قطبن ڏانهن وڃن ٿا، پاڻ سان گرم پاڻي کنيو وڃن ۽ قطبن جي ٿڌي پاڻيءَ جا وهڪرا وري ٿڌو پاڻي کنيو خط استوا طرف اچن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي جو ڏکڻ انگلينڊ ۾ سردين ۾ به گل ۽ ٻوٽا ڦٽندا آهن. سرد وهڪرن جو اثر وري انهيءَ کان مختلف آهي. اهي جتان به گذرندا اتي جي موسم کي ٿڌو ڪندا ويندا آهن، پر آبهوا تي گهڻو اثر انهن ڪڪرن جو پوي ٿو جيڪي سمنڊ مان اٿن ٿا ۽ خشڪ علائقن ۾ برسات وسائن ٿا، جنهنڪري اُتان جي موسم ۾ گهم وڌي ٿي ۽ موسم ٿڌي رهي ٿي. +سائنسدانن جي چوڻ موجب اڳئين زماني جي موسم اڄ جي مقابلي ۾ ڪڏهن وڌيڪ گرم ته ڪڏهن وري وڌيڪ سرد هوندي هئي. ان جو ثبوت اِهو آهي ته گرين لينڊ ۾ انجيرن جا وڻ برف ۾ پوريل نظر ايندا آهن ۽ ائنٽارڪٽڪ ۾ زمين اندر وڏا وڻ سڙي ڪوئلا ٿي ويا آهن. اهڙيءَ طرح سان جتي اڄ آبهوا موافق آهي اُتي ڪڏهن تمام گهڻي سردي هوندي هئي. ڪنهن زماني ۾ ڪئناڊا ۾ برف ئي برف هوندي هئي ۽ ڪن جاين تي ته برف جا تهه ٻه ٻه ميل ٿلها هوندا هئا، ته ڪٿي وري وڏا جبل برف سان ڍڪيل هوندا هئا، ۽ اهڙي قسم جا برف جا ميدان يورپ ۽ ايشيا ۾ هوندا هئا. اها برف ويهه هزار سالن کان ڳري رهي آهي پر اڃا به ائنٽارڪٽڪ ۽ گرين لينڊ ۾ ته برف جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ گرين لينڊ ۾ ته ڪٿي ڪٿي اَٺ اَٺ هزار ٿلها تهه آهن ۽ اڄ به هڪ اندازي مطابق زمين جو ڏهون حصو برف هيٺ آهي، جنهن جو آبهوا تي تمام گَهرو اثر ٿي رهيو آهي. +موسم جي تبديلين جا ڪيترائي ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا، ٻرندڙ جبلن مان نڪرندڙ لاوا، جو به موسم تي اثر ٿيندو آهي، ته وري زمين جي گردش جو به گَهرو اثر ٿي سگهي ٿو. انهن تبديلين جا کڻي ڪهڙا به سبب هجن پر اهي خشڪيءَ جي حالتن تي تمام گَهرو اثر ڪن ٿا، اڄ به جيڪڏهن ائنٽارڪٽڪ ۽ گرين لينڊ جي برف ڳري پاڻي ٿي وڃي ته سمنڊ جو سطح سؤ فوٽ اوچو ٿي وڃي ۽ ڪيترائي بندرگاهه پاڻيءَ هيٺ اچي وڃن. هوڏانهن جيڪڏهن اڄ به ويهه هزار سال اڳي جهڙي سردي پوي ته جيڪر سمنڊ جو پاڻي ڄمي وڃي ۽ سندس تهه به هيٺ ٿي وڃي، نتيجي ۾ اتي آمريڪا ۽ ايشيا وري پاڻ ۾ ملي وڃن ۽ انگلينڊ وري يورپ سان ڳنڍجي وڃي. اهڙيءَ طرح سان دنيا جي نقشي ۾ به وڏيون تبديليون اچي وڃن. + + +سمنڊ ۾ جهاز راني +قديم زمين ۾ سفر سمنڊ ۾ ئي ڪيو ويندو هو. وڏا جهاز ڪونه هوندا هئا، پر صرف ٻيڙن وسيلي مسافري ڪئي ويندي هئي. ٻيڙن کي سمنڊ جي ڪناري کان پري ڪونه ڪاهي ويندا هئا، ڇو ته رستي ڀلجي وڃڻ جو ڊپ هوندو هئو، پر هينئر ائين نه آهي، خلاصي نقشن ذريعي سمنڊ جي ڪنهن به حصي ۾ بيهي اهو ٻڌائي سگهندا ته هينئر ڪٿي بيٺا آهيون، يا جهاز ڪهڙي طرف پيو هلي. اهو اندازو ٻن جاين جو مفاصلو معلوم ڪري آساني سان ڪيو ويندو آهي. +خط استوا کان مفاصلو هڪ اوزار سيڪسٽنٽ (Sextant) سان معلوم ڪيو ويندو آهي. ان سان اوچائيءَ جو اندازو به لڳايو ويندو آهي ته جهاز خط استوا کان ڪيتري مفاصلي تي آهي. هڪ ٻئي اوزار ڪرونو ميٽر (Chronometer) ذريعي وري گرين وچ ”وقت“ معلوم ڪيو ويندو آهي، پوءِ ان وقت کي، ان جاءِ تي، پنهنجي واچ جي وقت سان ڀيٽيو ويندو آهي ۽ جيڪو به فرق اچي ان سان گرين وچ جو مفاصلو معلوم ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ڏسبو ته جهاز خط استوا کان ڪيترن ڊگرين تي اتر ڏانهن آهي ۽ گرين وچ کان ڪيترن ڊگرين تي اولهه ۾ آهي، پوءِ انهن ٻنهي مفاصلن کي نقشي تي قطبن ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي، جتي ٻيئي قطب هڪ ٻئي سان ملن، اها جهاز جي جاءِ ٿيندي ته جهاز هينئر ڪٿي آهي ۽ ڪيڏانهن پيو هلي. +خلاصين وٽ هڪ ٻيو به اوزار هوندو آهي جنهن کي قطب نما چئبو آهي. قطب نما اڪثر اسڪاؤٽ وارن وٽ هوندو آهي پر جهازن ۾ تمام اوچي درجي جو قطب نما لڳل هوندو آهي، جنهن مان پڻ طرف معلوم ڪيو ويندو آهي. قطب نما جون سئيون اتر ۽ ڏکڻ طرف اشارو ڪنديون آهن ۽ پوءِ اهو اندازو ڪري سگهبو آهي ته جهاز ڪيڏانهن پيو هلي. تجربيگار جهاز وارا، پاڻيءَ جي مٿاڇري تي، پاڻيءَ جون لهرون ۽ ڇوليون ته آسانيءَ سان معلوم ڪري ويندا آهن پر کين سمنڊ جي تري جي خبر ڪانه هوندي آهي. ڪنهن وڏي يا کليل سمنڊ ۾ جيڪڏهين جهاز پنهنجي رستي کان ٻه چار ميل ڪيڏانهن هليو وڃي ته +ڪو خطرو ڪونهي پر ڪناري جي ويجهو جهاز جو پنهنجي رستي کان ڪيڏانهن هليو وڃڻ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪناري ڀرسان وڏا وڏا وڻ پاڻيءَ هيٺ لڪل هوندا آهن، جن سان جهاز جي ٽڪرجڻ جو خطرو هوندو آهي. +قديم زماني ۾ مهاڻا ڪنهن رسيءَ ۾ لوهه جو ٽڪرو ٻڌي پاڻيءَ جي اونهائيءَ جي ماپ ڪندا هئا؛ جيتري رسي پاڻيءَ ۾ ٻڏي، اها سمنڊ جي گهرائي سمجهي ويندي هئي. جڏهن سمنڊ جي تري واري مٽيءَ جي ڄاڻ رکڻ چاهيندا هئا ته رسيءَ ۾ لوهه جو ٽڪرو ٻڌي ان مٿان ميڻ هڻي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ ان کي پاڻي ۾ تري تائين ڇڏيندا هئا ۽ تري واري مٽي ميڻ سان چهٽي پوندي هئي ۽ اهڙيءَ طرح سان سمنڊ جي تري تي واري يا ڪوڏن جي کوپن جي به خبر پئجي ويندي هين. +هينئر جهازراني جي سهوليت خاطر اڪثر حڪومتن پاڻيءَ جي گهرائيءَ جا چارٽ تيار ڪرايا آهن ته پاڻي ڪٿي اونهو يا تراکڙو يا وري ڪٿي جبل آهن، ڪٿي ڪٿي ته وڏا وڏا وڻ آهن جيڪي پاڻيءَ هيٺ آهن ۽ مٿاڇري کان بلڪل نظر ڪونه ايندا آهن. +اڳئين وقت ۾ سمنڊ جو سفر رات جو نه ڪيو ويندو هئو ۽ جي بندرگاهه پهچڻ کان اڳ اوندهه ٿي وئي ته جهاز کي اتي ئي ترسائي ڇڏيندا هئا. ڪنارن تي ڪجهه ته روشنيءَ جو بندوبست ڪيو ويندو هئو، پر تنهن هوندي به روشني گهٽ هئڻ ڪري رستي ڀلجي وڃن جو خطرو هوندو هئو. +اڄڪلهه ته سمنڊ ۾ وڏن وڏن وڻن جي ڍيرن مٿان روشنيءَ جا مينار يا ’روشني گهر‘ ٺاهيا ويا آهن؛ پر تنهن هوندي به طوفان ڪري جهازن کي هفتن جا هفتا سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻو پوندو آهي. +روشنيءَ جي مينارن کي سدائين سامونڊي ويرن جو خطرو هوندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي ويرون ايترو ته زور سان اينديون آهن جو مينارن کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن. +آمريڪا ۾ جڏهن پهريون ڀيرو روشنيءَ جو مينار ميساچيوسيٽس (Massa chusetts)، مينوٽ (Minot) وٽ ٺاهيو ويو ته سمنڊ جي تيز لهرن اُن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻيو وري آمريڪا جي ڪناري کان اڳتي هڪ ٻي مٿاهين جاءِ اوريگان (Oregan) آهي، جيڪا سمنڊ جي سطح کان ٻارهن سؤ فوٽ مٿي آهي، ان تي روشنيءَ جو مينار ٽيلاموڪ (Tillamook) ٺاهيو ويو پر ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جون لهرون ۽ ويرون ايترو ته اوچيون اينديون آهن، جو انهن مينارن جون دريون وغيره ٽوڙي ڇڏينديون آهن. اسڪاٽ لينڊ جي اتر ۾ نارٿ انسٽ (North inst) اڃان به هڪ مٿاهين جاءِ آهي پر هڪ ڀيري تيز سامونڊي وير ايتري ته اوچي آئي جو اتي ٺهيل مينار جو ٻارهن مڻن تور وارو دروازو به ٽوڙي ڇڏيو. +ڪن جاين تي اهي روشنيءَ جا مينار ٺاهڻ ڏکيا آهن، ڇو ته جتي اهي مٿاهيون جايون جابلو ۽ پڪيون آهن اُتي ته روشنيءَ جا مينار ٺاهي سگهن ٿا پر واريءَ وارين مٿاهين جاين تي انهن مينارن جو ٺاهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته واري سامونڊي لهرن سان لڙهي ويندي آهي ۽ ٺهيل مينار تباهه ٿي ويندا آهن. آمريڪا ۾ ڊائمنڊ چوٽيءَ تي ڪيپ هيٽراس (Hetteras) کان اڳتي ڪيترائي ڀيرا روشنيءَ جي مينارن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ڪامياب ڪونه ٿيا ۽ نيٺ ان جاءِ تي هاڻي هڪ پراڻو جهاز بيهاريو ويو آهي، جنهن کي ”روشنيءَ جي ٻيڙي“ چيو ويندو آهي. انهن روشنيءَ جي ٻيڙين مان اڪثر سفيد روشني نڪرندي آهي پر ڪيترا مينار وري ڳاڙهي، نيري ۽ سائي رنگ جي روشني به ڏيندا آهن. +روشني اڪثر هڪ طرف ڏانهن نڪرندي آهي ��ر ڪيترائي ڦرندڙ مينار هر طرف روشني ڏيندا آهن. چارٽن ۽ نقشن تي انهن سڀني روشني ڏيندڙ مينارن جي جاءِ ڏيکاريل هوندي آهي ته جيئن رات جي وقت ايندڙ جهاز آسانيءَ سان پنهنجو رستو ڳولهي سگهن. +اڄ ڪلهه ته انهن روشنيءَ جي مينارن جي به ضرورت گهٽ پوندي آهي ۽ بجليءَ تي هلندڙ ريڊارن ذريعي جهاز وارا خراب موسم ۾ به پنهنجو رستو ڳولهي لهندا آهن ۽ ريڊار وڏين لهرن، ويرن ۽ خراب موسم جي اڳڪٿي ڪري اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيندو آهي. +سامونڊي سوکڙيون +سامونڊي ڪنارن تي ڪيترن ئي قسمن جون سپيون، ڪوڏ ۽ انهن جا کوپا ٽڙيا پيا هوندا آهن، جن کي ماڻهو شوق سان گڏ ڪري پنهنجي گهرن کي سينگاريندا آهن، ڪن ماڻهن کي ته وري انهن کوپن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو خفت هوندو آهي. اهي کوپا هڪ جانورن جي خاندان جا ٺاهيل هوندا آهن، جن کي مولسڪا (Mollusca) يعني کوپن وارو جانور چئبو آهي. هن خاندان ۾ اٽڪل هڪ لک کن جانورن جا قسم هوندا آهن. هي جانور تمام نرم مادي جا ٺهيل هوندا آهن ۽ پنهنجي نرم جسم کي دشمنن کان بچائڻ لاءِ پنهنجي جسم جي ٻاهران اهي کوپا ٺاهيندا آهن. ڪن مولسڪا جي جانورن جا کوپا هڪ ئي ٽُڪر جا ٺهيل هوندا آهن ته ڪن جا وري ٻن ٽڪرن جا ٺهيل هوندا آهن. +سمنڊ جا ڪجهه مولسڪا اهڙا به آهن جيڪي سمنڊ ڇڏي اچي خشڪي تي رهيا آهن ۽ پنهنجو گذران سبزين جي پنن تي ڪندا رهن ٿا. آفريڪا ۾ ڪجهه خشڪيءَ جا مولسڪا اهڙا به آهن؛ جن جو وزن ٻه ٽي سير ٿيندو پر سامونڊي مولسڪا انهن کان به ڳؤرا هوندا آهن. فلوريڊا جي ڪناري ڀرسان هڪ مولسڪا ٻن فوٽن جو مليو آهي، ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ ته ان کان به وڏا آهن، جن جو وزن تيرهن سيرن کان به مٿي آهي، انهن جا کوپا اصل ۾ سندن گهر آهن، جيڪي هو تمام گهڻي محنت کانپوءِ ٺاهيندا آهن. مثال طور ناٽيلس (Nautilus) جو کوپو ڪيترن ئي ننڍن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن اڳيان هڪ وڏو حصو هوندو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ رهندو آهي. ناٽيلس، انهيءَ کوپي ۾ جيڪو سندس گهر آهي، انهيءَ ۾ آنا ۽ ٻچا ڏيندو آهي. سامونڊي ڇولين ۽ لهرن تي جڏهن هي کوپا، جن اندر ناٽيلس (جانور) به هوندا آهن، لوڏا کائيندا ويندا آهن ته تمام سهڻو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. +ڪن مولسڪس (Molluscs) جي کوپن ۾ هڪ وات جهڙو سوراخ هوندو آهي، جنهن مٿان هڪ ڍڪ هوندو آهي ۽ خطري وقت اهي جانور اِهو ڍڪ بند ڪري ڇڏيندا آهن. ڪن کوپن ۾ وري ڊگها ڪنڊا هوندا آهن جن جي ڪري مڇيون يا ٻيا جانور انهن کي کائي ڪونه سگهندا آهن ۽ سندن جان بچي ويندي آهي، انهن ۾ هڪ جانور، جنهن جو نالو وينس ڪومب (Venus comb) آهي. +مولسڪا جا اهي قسم جن جا کوپا ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن، جيڪي بند به ٿي سگهندا آهن ۽ جانور انهن جي وچ ۾ رهندو آهي. انهن ۾ ڪجهه ننڍا ته ڪي وري تمام وڏا ٿيندا آهن. انهن مان هڪ کي جائنٽ ڪليم (Giant clam) چئبو آهي، جنهن جو وزن ست اٺ مڻ هوندو آهي ۽ آسٽريليا جي ڪناري ويجهو ٿيندا آهن. سندن ڳؤري جسم ڪري هو هڪ جاءِ تي پيا رهندا آهن ۽ سندن وات کليل هوندو آهي، پوءِ جيڪا شيءِ انهن جي وات ڀرسان آئي ته هو وات بند ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙي طرح گذارو ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن جون ٽنگون، ٻانهون به انهن جي وات ۾ ڏٺيون ويون آهن، جيتوڻيڪ هو ماڻهوءَ تي حملو ڪونه ڪندا آهن پر پنهنجي بچاء ۾ وات بند ڪرڻ ڪري، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ويجهو هوندن ته ان جو يا ته موت ٿي ويندو يا جيڪو حصو يعني ٽنگ يا ٻانهن ان جي وات ۾ اچي ويندي ته اها ڪپجي ويندي. +مولسڪا جا کوپا ۽ ڪوڏ تمام قيمتي آهن، انهن مان ڪيترن ئي قسمن جا پيالا ۽ رڪيبيون ٺاهيون وينديون آهن. پئسفڪ سمنڊ جي ڪيترن ��ي ٻيٽن تي انهن مان ديڳڙيون وغيره ٺاهي ڪم آنديون وينديون آهن. فلپائن ۾ انهن کي درين ۽ ڪٻٽن ۾ شيشن جي جاءِ تي لڳايو ويندو آهي. +سپين ۽ کوپن مان خوبصورت زيور به ٺاهيا ويندا آهن، پر سڀني کان قيمتي شيءِ جيڪا سپين مان ملندي آهي، اُهي آهن موتي، جن کي سمنڊ جي شبنم به چوندا آهن. مولسڪا جا کوپا ڪيترن ملڪن ۾ سِڪي طور به ڪم ايندا آهن ۽ آمريڪا ۾ هندستاني ماڻهو (Red Indians) انهن مان هار ٺاهيندا آهن پر آفريڪا جي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو رواج آهي. +ڪجهه کوپا اڻلڀ هوندا آهن، لنڊن ۾ (برٽش ميوزيم) برٽش عجائب گهر ۾ هڪ اهڙو کوپو رکيل آهي جنهن جهڙو اڄ تائين ٻيو ڪونه ملي سگهيو آهي. هڪ ٻئي جانور جا کوپا جن کي سمنڊ جي شان چوندا آهن، اڄ تائين سڄي دنيا مان صرف هڪ درزن ملي سگهيا آهن. ڪن کوپن جي قيمت ته سون روپين تائين هوندي آهي. +اڪثر ماڻهو انهن کوپن کي خوبصورتيءَ لاءِ گڏ ڪندا آهن، پر اها خبر ڪونه هوندي اٿن ته اهي ڪهڙن جانورن ٺاهيا آهن ۽ اهي ڪهڙن جزن جا ٺهيل آهن. +جيڪڏهن اسان سمنڊ ۽ ان ۾ رهندڙ جانورن جي علم جو اڀياس ڪيون ته سڄي عمر به گذري وڃي پر سامونڊي دنيا جي علم کي پورو ڪري نه سگهون. ڇو ته علم هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جو ڪڏهن به ختم ڪونه ٿو ٿئي. \ No newline at end of file