diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book21.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book21.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book21.txt" @@ -0,0 +1,3209 @@ +ڪتاب جو نالو: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون + + + +ڳالهيون منهنجي سنڌ جون +مرتب: غلام محمد لاکو +ڇپائيندڙ پاران +هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخ نويس سيد حسام الدين راشديءَ جي تاريخي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُهاڳن جو مجموعو آهي، جيڪو نامياري تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب وڏي محنت سان مرتب ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو. +سنڌ جي هن تاريخ دان، عالم ۽ ڏاهي جي املهه پورهئي کي مانُ ڏيندي، بورڊ طرفان هن ڪتاب کي سال 1992ع ۾ پهريون ڇاپو شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو واڌارن ۽ سڌارن سان سيد حسام الدين راشديءَ جي پنجويهين ورسيءَ (1- اپريل 2007ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. هاڻي هِن ٽيئن ڇاپي لاءِ ڪتاب جي مواد جي سهيڙ، موجوده ڇاپي ۾ واڌارن ۽ سڌارن سان سموري سُوڌ سنوار سوڌو نئين سِر مهاڳ لکي ڏيڻ وارو اهم ڪم به ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب مڪمل ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو. +هِن ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ جو ٽيون ڇاپو آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان عاطف صاحب جي خاص هدايتن تحت، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سهڪار سان بورڊ طرفان شايع ڪري خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. +اميد آهي ته اسان جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان چاهه رکندڙن وٽ مان لهندي. +01 ذوالقعد 1441هه سيد سڪندر علي شاهه +23- جون 2020ع سيڪريٽري +گذارش +سيد حسام الدين راشدي (1911ع – 1982ع)، سنڌ جو هڪ وڏو اديب، اسڪالر، محقق ۽ تاريخ دان ٿي گذريو آهي. سنڌ جي هن بي مثل عالم: فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾، سَٺِ کان به وڌيڪ ڪتاب ايڊٽ، مرتب، ۽ تصنيف ڪيا. ان کانسواءِ پاڻ ٽنهي ٻولين ۾، ڳچ تعداد مقالن ۽ مضمونن جو به ڇڏيو اٿن. راشدي صاحب جو اهم ڪم، سنڌ ۾ فارسي ادب کي شايع ڪرڻ، ۽ ان حوالي سان سنڌ جي تاريخ کي سائنسي انداز ۾ نروار ڪرڻ آهي. هونئن ان نوعيت جي ڪم جو آغاز ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم ڪيو هو. +راشدي صاحب جي حياتيءَ جي آخري مرحلي تي، سندن لکيل سنڌي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هڪ جلد ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان ڇپجي نروار ٿيو هو. هن ڪتاب ۾ ٽيتاليهه مضمون ۽ مقالا شامل آهن. هي جلد جناب عبدالحميد آخوند جي ڪوشش سان شايع ٿيو هو. +سال 1988ع ڌاري ڊئريڪٽر ”سنڌالاجي“ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، پير حسام الدين جي حوالي سان، مون کي ڪم ڪرڻ جي آڇَ ڏني. هي ڪتاب اصل ۾ ان رٿا تحت تيار ٿيو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ ميڊم مهتاب، سنڌ يونيورسٽي ڇڏي، حڪومت سنڌ جي ملازمت اختيار ڪئي. مواد جي ميڙا چونڊي ڪري مون اداري جي حوالي ڪيو. ليڪن حالتن جي تبديليءَ سان، ممڪن نه هو ته، اهو مواد سنڌالاجي اداري پاران ڇپجي سگهي. بعد ۾ ذڪر ڪيل مواد ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ عنوان سان، سال 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي ظاهر ٿيو. +ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، نالي هي ڪتاب، راشدي صاحب جي لکتن، مضمونن، مقالن ۽ تقريرن جو ٻيو مجموعو آهي. ان ۾ ڪجهه خَطَ به آهن ته، لِکندڙ جا پنج عدد انٽرويو به شامل آهن. هي سمورو مواد مختلف ڪتابن، رسالن، ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇڙوڇڙ حالت ۾ موجود آهي. انهن جي ميڙا چونڊي ۽ سليقي سان ترتيب، چاليهه سال لڳاتار ڳولا ۽ محنت جو نتيجو آهي. سمورو مواد پڙهندڙن جي لاءِ، ۽ خاص ڪري نئين نسل لاءِ ڄاڻ ڀريو، مقصد ڀريو، ۽ صحت مند فڪري اوسر جي لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. +ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1992ع ۾ نِڪتو. ان ۾ راشدي صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ويهن صفحن جو جائزو پيش ڪيو ويو هو. سمورو ڪتاب 340 صفحن تي ڇپجي آيو. سال 2007ع ۾ ٻيو ڇاپو ڪجهه واڌارن سان، ڪل 380 صفحن تي نروار ٿيو. هن ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو عنقريب ڇپجڻ جي اُميد آهي. ٽئين ڇاپي ۾ اٽڪل روءِ هڪ سؤ، صفحن جي مواد جو واڌارو آهي. خاص ڳالهه ته هن ڇاپي ۾، سنڌ جي سدا بهار عالم، سيد حسام الدين جي علمي خدمتن، ۽ سندن باري ۾ ٿيل ڪم جو مناسب مگر تفصيلي احاطو ڪيو ويو آهي. هي مواد مستقبل جي لکندڙن جي لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. +گذريل ٽن چئن سالن کان، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم هلندڙ هو. ان عرصي ۾ پبليڪيشن جي عملي: دبير مرزا، رفيق جمالي، عبدالصمد ٻٻر کي، بار بار تڪليف ڏني اٿم. بورڊ جي اڳئين توڙي موجوده سيڪريٽري به، صبر سان مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان لاءِ آءٌ سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان. جيسين زندگي آهي راشدي (پير حسام الدين) صاحب تي ڪم جاري رهندو. يار زنده صحبت باقي!! +2020-02-20 غلام محمد لاکو +ڄام شورو +مقدمو +(ٽيون ڇاپو) +سال 1972ع ۾ مون وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ داخلا ورتي. اهو سال سنڌ جي جديد تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. موري جو عبدالرزاق سومرو حيدرآباد ۾ شهيد ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت نئين دستور جي تياري ڪئي. سنڌي زبان جو بل سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو. سنڌ اندر زبان جي مسئلي تي غير ضروري طور تي زبردست ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ان طرح ڪيئي ٻيا ننڍا ننڍا مگر اهم واقعا ٿي گذريا. ان صورت حال ۾ سوين رسالا، مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا نڪري نروار ٿيا. سنڌ اندر موجود ان زبردست بي چيني ۽ پڻ نئين سجاڳيءَ جي پس منظر ۾، مون پنهنجي دوست غلام علي باگاڻيءَ جي صحبت ۾ ادب پڙهڻ شروع ڪيو. ان ريت سنڌي ساهت پڙهندي، رسالا ميڙيندي ۽ ڪتاب گڏ ڪندي، منهنجي ذهن کي مهميز لڳي، ۽ آهستي آهستي سنڌ شناسيءَ (Sindhological Studies) طرف توجهه ويو، جو اڄ سوڌو برقرار ۽ جاري آهي! +سنڌ شناسيءَ جي ان ابتدائي مرحلي وقت؛ جن اديبن، عالمن ۽ محققن سان شناسائي پيدا ٿي، بلڪ دلي ۽ روحاني سلسلو قائم ٿيو، انهن اسڪالرن ۾ سيّد حسام الدين راشدي مرحوم جو نالو سرفهرست آهي. تاريخ ڪلهوڙا تي سندس لکيل مهاڳ، پهرين لکت هئي، جيڪا مون پڙهي هئي. ستت پوءِ اپريل 1973ع ۾ ”سنڌي پبليڪيشن“ ۾ راشدي صاحب جو انٽرويو پڙهيم، جيڪو مسٽر خان محمد پنهور جو ورتل هو. ان بعد هن مثالي سنڌي مؤرخ ۽ اسڪالر جا ڪتاب، انٽرويو، مقالا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخباري بيان مطلب ته، جو ڪجهه به ڏسبو هو سو خريد ڪري پڙهبو هو، يا وري ڪاليج ۽ پوءِ جي زماني ۾، يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني مان هٿ ڪري نظر مان ڪڍبو هو. 1976ع ڌاري خود مون به لکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا(1). تاريخ 27 آگسٽ 1977ع تي، 60 الحمرا ڪراچيءَ ۾، راشدي صاحب سان پهريون ڀيرو مفصّل رهاڻ ٿي. سال 1979ع ۾ سندن ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ڇپيو ته، ان تي مون هڪ تعارفي تبصرو لکيو، جو رسالي ”مهراڻ“ (2/1981ع) ۾ شايع ٿيو، جنهن کي خود مصنف به پسند ڪيو. ان طرح سنڌ جي هن برک عالم سان منهنجو باقاعده تعلق پيدا ٿيو. ميل ملاقات ۽ خط و ڪتابت، سندن زندگيءَ جي آخر تائين جاري رهي. منهنجو هڪ مضمون سنڌالاجيءَ جي رسالي ۾ ڇپجي نه سگهيو، جو پاڻ رسالي سه ماهي ”اردو“ (2/1981ع) ۾ ڇپرائي ڏنائون. سال 1981ع جي پڄاڻيءَ ڌاري مون سندس ڪتاب ”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمي، حاشين ۽ وضاحتن سان شايع ڪرايو. هي ڪتاب کين 28 ڊسمبر 1981ع تي پيش ڪيو ويو. هي اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿي. +حسب نسب: +يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ سيّد علي موسوي سنڌ ۾ داخل ٿيو. روايتن موجب هو اچي ”لڪي“ ۾ رهيو. علي ۽ لڪي، گڏجي ”لڪعلوي“ کي جنم ڏنو. سيّد صاحب جي شادي دلوراءِ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان جيڪو اولاد ٿيو، ان کي ”لڪياري“ ساداتن جو نالو مليو. هن سيّد جي ويهين پشت مان سن 1135هه/1722ع ۾، پير محمد بقا ڄائو. هن سنڌيءَ ۾ شعر چيو. سندس ڏوهيڙا اڄ به ملن ٿا. راهه ويندي سن 1190هه/1776ع ۾، پير صاحب چورن هٿان شهيد ٿي ويو. کيس هڪ پٽ پير محمد راشد جي نالي سان هو، جو سن 1170هه/1756ع ۾ ڄائو هو. هن علم ادب جي خدمت ڪئي ۽ متعدد ڪتاب ترتيب ڏنا. هن پير صاحب جو اولاد اڳتي هلي ”راشدي“ خاندان جي نالي سان مشهور ٿيو. پير محمد راشد سن 1223هه/1808ع ۾ وفات ڪئي. راشدي خاندان گذريل ٻن صدين کان، سنڌ جي تمدن، سياست ۽ علم ادب جي خدمت ۾ مصروف رهندو پيو اچي. +سنڌ جي هن محسن خاندان ۾ ويهين سيپٽمبر 1911ع تي، اسان جو هي نامور عالم ۽ مشهور محقق توڙي مؤرخ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ”حسام الدين“ رکيو ويو. اڳتي هلي هي اعلى انسان، ادبي تذڪرن ۽ تاريخن ۾، سيّد حسام الدين راشديءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. روايتي ڳوٺاڻي تعليم بعد ويهن سالن جي عمر ۾، پاڻ سکر پهتو ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار سان وابستہ ٿي ويو، جنهن جو ان وقت ايڊيٽر، سندس وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي هو. صحافتي دنيا ۾ رهندي اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن ”ستارهء سنڌ“ نالي پنهنجي اخبار پڻ سکر مان جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر سيّد حسام الدين راشدي بنيو. هت رهندي پاڻ علم ادب جي دنيا ۾ به قدم رکيائون. پهريان شعر چوڻ جي مشق ڪيائون(2). بعد ۾ فڪشن ۾ پڻ طبع آزمائي ڪيائون. اهڙا ڪجهه افسانه ”المنار“ ۾ ڇپيا. هي رسالو حافظ عبدالحميد ڀٽي مرحوم سکر مان ڪڍندو هو. سال 1947ع تائين سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ صحافت ۾ سرگرم رهيا. سنڌ مسلم ليگ ۾ به ڪم ڪيائون. زمينداري به ڪيائون ۽ فڪشن سان گڏ ٺوس علمي عنوانن تي به قلم کنيائون. +هونئن ته اسان کين 1940ع کان ڪراچيءَ ۾ مصروف عمل ڏسون ٿا، ليڪن قيام پاڪستان کان پوءِ سياست، صحافت ۽ زمينداريءَ جهڙن مشغلن کي ڇڏي، مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان طرح باقاعده تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جي دنيا ۾ قدم رکيائون. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد ۽ ٻين کوڙ ادارن جا باني عالم آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد تائين، ڪيترن ئي ادبي، علمي ۽ تحقيقي ادارن لاءِ ڪم ڪيائون. ڪيترن ادارن جا سرگرم رڪن ڏسجن ٿا. متعدد ادارن جي گورننگ باڊيءَ تي رهيا ۽ ملڪ جي مکيه يونيورسٽين سان پڻ لاڳاپيل رهيا. راشدي صاحب جو ڪتابي ورثو فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ موجود آهي. ٽنهي ٻولين ۾ مضمونن ۽ مقالن جو به وڏو تعداد ڇڏيو اٿن. سندن مطالعي جو خاص مرڪز سنڌ جي تاريخ جا فارسي ماخذ، اوليائن ۽ شاعرن جا تذڪرا، سنڌ جي ادبي تاريخ جا سرچشما ۽ مکيه مکيه قديم آثار هئا. فارسي مطالعي ۾ سندن دائرو سنڌ کان ٻاهر هندستان ۽ ايران تائين پکڙيل ڏسجي ٿو. سنڌ جي مؤرخ جي حيثيت ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيائون، ۽ هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ نون لکندڙن لاءِ نت نوان گس گهيڙ ۽ نقطا نروار ڪيائون. سندن تقريرن، تحقيق ۽ لکت ۾ سنڌ دوستيءَ جو عنصر نمايان ڏسجي ٿو. راشدي صاحب جي ادبي ڪاوشن جو دائرو ۽ خدمتون اڌ صديءَ تي پکڙيل آهن. سندن اڻ ٿڪ علمي ڪاوشن ۽ تحقيقي ڪمن جي حاصلات جي ڪري، سال 1974ع ۾ تهران يونيورسٽي کين ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. شايد هي پهريون سنڌي عالم هو جنهن کي علمي خدمتن سبب، ايڏي وڏي پيماني تي بين الاقوامي علمي مڃتا ملي. ان کان پوءِ به هي رڪارڊ ٽُٽي نه سگهيو آهي.(3) سيّد حسام الدين ر��شدي پهرين اپريل 1982ع تي وفات ڪئي. پاڻ هميشه هميشه لاءِ وڃي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو! +تصنيف تاليف: +سيّد حسام الدين راشديءَ جي تحرير، تصنيف ۽ تاليف پنجاهه سالن تي پکڙيل آهي. سندن پهرين لکت جا اڄ اسان وٽ موجود آهي، اها ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سال 1932ع ۾ پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”بهار نثر“ ۾ شامل ڪئي هئي. ان جو عنوان ”ڪچي جو سير“ آهي. هي مختصر مضمون ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي(4). ان طرح سندن آخري تحرير ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ رسالي ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1980ع ۾ ڇپي هئي. هي مضمون به ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي. هي ڪتاب 1981ع ۾ شايع ٿيو. هن مستند ۽ معتبر عالم جي ڪتابي ورثي بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. راقم الحروف ويهه سال اڳ ان بابت هڪ جائزو شايع ڪيو هو(5). ليڪن پوءِ جي مطالعي، جستجو ۽ تلاش ذريعي، مذڪوره جائزي کي واڌارن ۽ سڌارن بعد، راشدي مرحوم جي ادبي اثاثي کي هيٺ نروار ڪجي ٿو. هي اڀياس ڪتابن جي اشاعت وارن سالن جي لحاظ سان مرتب ڪيو ويو آهي. +1. الزليخا: هن عنوان سان هڪ طويل ڪهاڻي لکيائون، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ناوليٽ جو نالو به ڏنو ويو آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1933ع ۾ نروار ٿيو هو. ٽيون ڇاپو ڪرائون سائيز ۾ 62 صفحن تي 1951ع ۾ سکر مان ڇپيو. ان زماني ۾ پاڻ ”سيّد فدائي الراشدي“ جي قلمي نالي سان لکندا هئا. طويل ڪهاڻي ”الزليخا“ کي، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ صاحب، نئين سر مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ نروار ڪيو. هي ڪتاب مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو آهي. خانائي صاحب مرحوم ”الزليخا“ کي راشدي صاحب جي پهرين ادبي ڪاوش سڏيو آهي. +2. افسانا/ڪهاڻيون: راشدي صاحب ابتدا ۾ شعر به چيو ۽ پوءِ افسانه به لکيائون. انهن ۾ ”انار ڪلي“، ”پاڪ دامن عورت“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”امانت“ ۽ ”بدنصيب شهزادو“ ڇپيل ۽ شايع ٿيل ملن ٿا. ان کان علاوهه ٻيا به ڪي افسانا لکيائون جي ڇپيل آهن. ضرورت آهي ته، ان آڳاٽي ادبي سرمايي کي گڏ ڪري ڇپرائجي. اهڙي مواد جي نشاندهي مشهور اديب رشيد ڀٽي ڪئي آهي.(6) +3. اسلامي ڪتبخانه: هي مختصر ڪتاب اطالوي خاتون مس اولنگا پنٽو پنهنجي زبان ۾ لکيو هو. ان جو پوءِ انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان انگريزي زبان تان قاضي اختر جهونا ڳڙهيءَ اردو ترجمو شايع ڪيو. ان اردو ترجمي تان بعد ۾ ”ستارهء سنڌ“ اخبار جي مدير سيّد حسام الدين راشديءَ جون 1937ع تي سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو. پبلشر نوٽ ۾ محمد صديق ميمڻ، ڪتاب ۽ راشدي صاحب جي محنت تي تبصرو ڪيو آهي. سيّد حسام الدين راشدي صاحب، پيش لفظ (تعارف) ۾ ڪتاب جي اصليت ۽ اهميت تي روشني جي وڌي آهي. هي ڪتاب سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1939ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. جڳ مشهور رسالي”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1984ع ۾ هن مختصر ڪتاب کي دوباره شايع ڪيو ويو آهي.(7) +4. سنڌي ادب: هي ڪتاب اردو ۾ پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1952ع ڌاري ڇپيو. سنڌي ادبي تاريخ بابت هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي دور وار ترتيب ڏئي لکي نروار ڪيو ويو. ان طرح سنڌي ادب جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿي. بعد ۾ ان جو روسي ترجمو مس ييگوروا رئيسه (Miss Yegorova Raissa) ماسڪو مان پڌرو ڪيو. مون کي اهڙو اطلاع رشيد ڀٽي صاحب، هڪ خط ذريعي ڏنو هو. مون ”سنڌي ادب“ جو سنڌي ترجمو سال 1981ع ۾، مصنف جي اجازت سان ڪيو. ڪتاب جو سنڌي ڇاپو گرامي پبليڪيشن دولت پور صفن شايع ڪيو. اردو ۽ روسي ايڊيشن ذريعي يورپ ۾، سنڌي ساهت جو اڀياس آسان ٿي پيو. ان کان علاوه سنڌي تذڪره نويسن به ان مان خوب استفادو ڪيو(8). سنڌي ��اپو ٻيو ڀيرو سال 1996ع ۾، ناز سنائيءَ جي دلچسپيءَ سان ڇپيو. هن وقت هي ڇاپو اڻ لڀ آهي. ماهنانه ”اظهار“ جي اپريل- مئي 1983ع واري شماري ۾، اصل اردو ڪتاب ٻيهر شايع ٿيو. +5. مهراڻ جون موجون: فيبروري 1950ع ۾ وزارت اطلاعات، حڪومت پاڪستان پاران ماهوار سنڌي رسالو ”نئين زندگي“ جاري ڪيو ويو. تمام ٿوري عرصي ۾ هي رسالو ترقي ڪرڻ لڳو ۽ ان ۾ بهترين مواد ڇپجڻ لڳو. پنجن- ڇهن سالن کان پوءِ، رسالي جي سرپرستن جي هي سوچ بيٺي ته، ان ۾ ڇپيل چونڊ مواد جو منتخب تيار ڪري ڇپرائجي. مليل ڄاڻ موجب مختلف عنوانن تي، پاڪستان پبليڪيشن پاران، اهڙا اٺ انتخابي ڪتاب تيار ڪري ڇپرايا ويا. +ان سلسلي جو پهريون ڪتاب ”مهراڻ جون موجون“ نالي سان سال 1956ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب سيّد حسام الدين راشدي صاحب ترتيب ڏنو. مواد جا ٻه حصا: نثر جو حصو، ٻيو نظم جو حصو، ڪري ڪتاب تيار ڪيو ويو. نثر جا پنج حصا: تاريخ، سير و سفر، سوانح، ادب ۽ افسانوي ساهت تي مشتمل آهن. نظم جي ڀاڱي ۾ ڪافيون، گيت، نظم، غزل، قصيدا ۽ قطعا شامل ڪيا ويا آهن. راشدي صاحب ديباچي ۾ هن انتخاب ڪيل مواد جي اهميت کي نروار ڪيو آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1956ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو 1964ع ۾ شايع ٿيو. +6. مثنوي چنيسرنامه: ادراڪي بيگلاري سنڌ جي عشقيه داستان ”ليلا چنيسر“ تي مبني، هي فارسي مثنوي 1010هه/1601ع ۾ مڪمل ڪئي. ارغونن جي گهل ۾ مرڪزي ايشيا مان لڏي ايندڙن ۾، بيگلار خاندان کي سياسي طور وڏي اهميت حاصل آهي. ارغون- ترخان دور ۾ نصرپور جو علائقو، بيگلارن کي جاگير ٿي مليو. مغلن جي دور ۾ هي خاندان ختم ٿيندو ويو. ادراڪي بيگلاري هن خاندان جو شايد درٻاري مصنف هو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي مطبوعات جي پهرين ڪڙيءَ طور 1956ع ۾ ڇپيو هو. سيّد حسام الدين راشدي مرحوم هي مثنوي ايڊٽ ڪئي، ۽ ان متعلق سنڌي زبان ۾ طويل مقدمو به لکيو. راشدي صاحب سنڌ ۾ بيگلار خاندان جي تاريخ تي مفصّل روشني وڌي آهي. بيگلارن جو قبرستان ٽنڊي الهه يار- ٽنڊي آدم روڊ تي ميين وهيي جي مقام جي نالي سان مشهور آهي. اميرن جي قبرن جا ڪتبا ۽ عڪس به، راشدي صاحب شامل ڪيا آهن. ان کان سواءِ هڪ عدد شجرو به ڏنو ويو آهي، جنهن ذريعي بيگلارن جو گهراڻو نروار ٿي بيهي ٿو.(9) ڊسمبر 2015ع ۾ مون هي تاريخي آثار ڏٺا. اڪثر اميرن جون قبرون زمين جذب ڪري رهي آهي. امڪاني طرح ڪجهه سالن ۾ هي تاريخي آثار ختم ٿي ويندا. هي تاريخي ماڳ ڏسڻ جو بندوبست، عزيز دوست ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ڪيو هو. +7. مثنوي مظهرالآثار: ارغون دور ۾ جيڪي مشاهير مرڪزي ۽ اولهه ايشيا مان سنڌ ۾ داخل ٿيا، انهن ۾ سيّد جهانگير هاشميءَ جو نالو خاص اهميت رکي ٿو. سيّد جهانگير هاشمي مثنوي ”مظهرالآثار“ سن 940هه/1533ع ۾ لکي. بعد ۾ حج تي وڃڻ لاءِ مڪران وارو رستو اختيار ڪيائين. پاڻ ڪيچ مڪران وٽ 946/هه 1539ع ۾ مارجي ويو. مفصل فارسي مقدمي ۽ شاعر جي تصوير سان، هي مثنوي راشدي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي 1957ع ۾ شايع ڪئي. شاعر جي تصوير سنڌ جي فن مصوريءَ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. +8. مقالات الشعرا: مسلم فتوحات کان پوءِ (712ع)، سنڌ اسلامي تهذيب، ثقافت ۽ علمن جو مرڪز بنجي وئي. عرب ۽ سومرا دور جو تحريري ورثو گم آهي. البت سمن جي دور کان ڪري، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ لکيل ڪتابي ذخيرو، ڪي قدر محفوظ آهي. جيڪڏهن ڪي ڪتاب گم آهن ته، انهن جا نالا ۽ عنوان پاڻ کي ملي وڃن ٿا. ننگر ٺٽو سمن جي دور ۾ عروج کي پهتو. ان دور ۾ شهر کي عراق ثاني به چيو ويندو هو. ڪلهوڙا دور ۾ هي شهر علمي ۽ تمدني لحاظ کان، بي شمار اهميت اختيار ڪري ويو. ان دور ۾ مير علي شير قانع جهڙو گهڻ پهلو اديب، شاعر، تاريخ دان ۽ تذڪره نويس پيدا ٿيو. ٺٽي واسي هن عالم فاضل انسان فارسي زبان ۾، چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. نثر ۾ هن تذڪراتي مواد به تيار ڪيو ته، تاريخ بابت به متعدد ڪتاب لکيائين(10). +سن 1174هه/1760ع ۾ قانع فارسي گو شاعرن جو تذڪرو تيار ڪيو. ان ۾ ذڪر هيٺ شاعر جو مختصر احوال ۽ سندس شعر جو انتخاب ڏنائين. هن تذڪري ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ذڪر ڪيل شاعرن کي ٽن طبقن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. اهي شاعر جي وچ ايشيا ۽ ايران مان ٺٽي آيا. اهي ڪجهه وقت هتي رهي پوءِ هندستان طرف هليا ويا. انهن شاعرن ۾ ٻيو گروه اهڙو آهي، جي ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ يا ٺٽي ۾، ٻين علائقن مان آيا ۽ هميشه جي لاءِ هتي جا ٿي ويا. هن تذڪري ۾ ٽيون گروهه خاص سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو آهي، جن متعلق مير علي شير لکيو آهي. ڳچ شاعرن سان سندس ذاتي تعلق هو. سنڌ جي ادبي تاريخ تيار ڪرڻ لاءِ، هن ڪتاب جي خاص اهميت آهي. +پير سيّد حسام الدين راشدي، مصنف جي هٿ سان لکيل نسخي کي سامهون رکي ”مقالات الشعرا“ کي ايڊٽ ڪيو. مُهڙ ۾ مير قانع جي سوانح ۽ علمي آثارن بابت، راشدي صاحب فارسي زبان ۾ ڀرپور ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. اڪثر شاعرن جي باري ۾ حاشين جي صورت ۾، وڌيڪ معلومات ڏني وئي آهي. چوٽيهه عدد شاعرن جون تصويرون يا پورٽريٽ به نروار ڪيا ويا آهن، ۽ انهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي ته، اهي ڪٿان ڪٿان اخذ ڪري، ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هي تذڪرو راشدي صاحب جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو. +9. تڪمله مقالات الشعرا: مير علي شير قانع جو پٽ مير غلام علي ”مائل“ ٽالپرن جي دور جو فارسي زبان جو شاعر ۽ تذڪره نويس ٿي گذريو. هن والد جي تذڪري (مقالات الشعراء) جي پيرويءَ ۾ هڪ تذڪرو ”مجمع البلغاء“ سن 1218هه/1803ع ۾ تيار ڪيو. ليڪن هي تذڪرو گم ٿي ويو. مير مائل هن ڪتاب ۾ وڌيڪ فارسي گو شاعرن جو احوال مهيا ڪيو هو. +(1) منهنجي پهرين مختصر لکت ”سنڌ جو ايران جي حوالي ٿيڻ“ عنوان سان، حيدرآباد جي ڊيلي ”آفتاب“ ۾ 13 فيبروري 1976ع تي ڇپي هئي. +(2) محترم حسين شاهه راشدي چوندو هو ته، اهڙا ڪجهه شعر وٽن محفوظ آهن. +(3) راشدي صاحب جي وفات کان گهڻو پوءِ، سنڌ يونيورسٽي به هن مرحوم عالم جي نالي تي، ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. +(4) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 11-12. +(5) رسالو ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1983ع، ص 224-248. +ڪجهه ليکڪن مولانا صباح الدين عبدالرحمان جي جائزي کي درست سڏيو آهي. حالانڪه هن خود لکيو آهي ته کيس سنڌي زبان جي ڄاڻ ڪانهي، ۽ ٻيو ته هو راشدي صاحب جا لِکيل اڌ جيترا ڪتاب به ڏسي نه سگهيو آهي. +(6) رشيد ڀٽيءَ جو مقالو ”هلال پاڪستان“، ميگزين ص ص 69-70، سيپٽمبر 1983ع، ڪراچي. +(7) اسلامي ڪتبخانه، جو هڪ ايڊيشن سه ماهي ”الرحيم“ ۾ به ڇپيو آهي (پرچو نمبر ٻيو، بهار، 1965ع). +(8) مون ان تي وڌيڪ روشني پنهنجي هڪ مقالي ۾ وڌي آهي: رسالو ”سنڌي ادب“ جلد 09، سال 86-1985ع، سنڌالاجي. +(9) ادراڪي بيگلاريءَ سنڌ جي تاريخ بابت عام طرح، ۽ بيگلار خاندان جي تاريخ تي خاص طرح سان، فارسي زبان ۾ هڪ ڪتاب ”بيگلار نامه“ نالي لکيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1980ع ۾ شايع ڪيو. +(10) مير علي شير قانع جي سَوانح ۽ علمي خدمتن تي، راشدي صاحب پهريون ڀيرو هڪ ڀرپور مضمون شايع ڪيو (مهراڻ، نمبر 02، سال 1956ع). موجوده دور ۾ ڪي لکندڙ پيدا ٿيا آهن، جي راشدي مرحوم پاران مير علي شير قانع جي ڇپرايل ڪتابن، ۽ ڪيل تحقيقي پورهئي تي، وڏي چالاڪيءَ سان هٿ صاف ڪري رهيا آهن. + + +ان علمي کوٽ کي محسوس ڪندي، انگريزن جي دور ۾ مخدوم ابراهيم خليل هڪ تذڪرو ”تڪملہ مقالات الشعرا“ جي نالي سان تيار ڪيو. گمان غالب آهي ته هي تذڪرو سن 1307هه/1890ع ۾ لکجي مڪمل ٿيو. خليل هن تذڪري ۾ 82 شاعرن جو ذڪر ۽ منتخب فارسي شعر ڏنو آهي. ڪتاب جي فاضل ايڊيٽر، جناب سيّد حسام الدين راشدي، هي تذڪرو شايع ڪندي، تمام گهڻي تحقيق ۽ کوجنا کان ڪم ورتو آهي. ابتدا ۾ ايران جي مشهور عالم علامه سعيد نفيسيءَ جي ”تقريظ“ ڏني وئي آهي. ان کان پوءِ راشدي صاحب ’مقدمو‘ لکي، مخدوم ابراهيم جي سوانح، علمي آثارن ۽ تڪملہ بابت، وافر معلومات فراهم ڪئي آهي. راشدي مرحوم تحقيق جو حق ادا ڪندي، جدا جدا شاعرن بابت حاشين ذريعي عمدي معلومات گڏ ڪري، مستقبل جي محققن جي لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي. ان کان سواءِ آخر ۾ تعليقات ذريعي به وڌيڪ مواد مهيا ڪيو ويو آهي. خاص ڪري ٽالپر حاڪمن ۽ شهزادن بابت، گهڻي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ذڪر ڪيل ٽالپر اميرن جون فارسي علم ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن. ڪتاب ۾ فاضل محقق ٽيتاليهه عدد تصويرون به ڏنيون آهن. سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي اڀياس لاءِ به، هن تذڪري جي خاص اهميت آهي. هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ خاص اهميت سان شايع ڪيو(11). +10. تذڪرهء اميرخاني: سنڌ جي امير خاني سيدن بابت هي تذڪرو، راشدي صاحب مرحوم سنڌي زبان ۾ لکيو آهي. هي خاندان مغل دور ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو. خاندان جو پهريون فرد ميرابوالقاسم ”نمڪين“ بکر جو عملدار مقرر ٿي آيو. بعد ۾ هن کي سيوهڻ جي حاڪميت به ملي. مير نمڪين سنڌ کي اختياري وطن قرار ڏنو. مغل دور ۾ اميرخاني سادات سنڌ جي سياست، تمدن ۽ ادب تي ڇانيل هئا. هن خاندان ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، ميرابوالبقا اميرخاني ۽ ميرڪ يوسف ٿي گذريا، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ وڏي حيثيت ماڻي. +هن تذڪري ۾ انهن اميرن، عالمن ۽ مشاهيرن جو ذڪر به ملي ٿو، جن مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ جدا جدا حيثيتن ۾ سماج ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن خاندان جا آثار، مقبرا ۽ قبرون وغيره روهڙي، سيوهڻ، ۽ ٺٽي ۾ موجود آهن. هي منفرد تذڪراتي ڪتاب، سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن بابت معياري معلومات ڏئي ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ فوٽن جو پڻ وڏو تعداد شامل ڪيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪرهء اميرخاني“ سال 1961ع ۾ پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ نڪتو، جنهن ۾ راقم الحروف پاران لکيل واڌارا پڻ شامل ڪيا ويا. هن ايڊيشن ۾ پروف ريڊنگ جو احتياط نه ڪرڻ سبب ڪيئي غلطيون رهجي ويون آهن. +11، 12، 13، 14. مثنويات وقصائد قانع: هڪ جلد ۾ مير علي شير قانع جون چار تصنيفون: مثنوي قضا وقدر، ا جو سينگار بنيو آهي. قات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ۾ لکي تيار ڪيو. رجمو مثنوي قصاب نامه، مثنوي محبت نامہ، توڙي قصيدا ۽ منقبت شامل آهن. ابتدا ۾ راشدي صاحب جو سنڌي زبان ۾ لکيل طويل مقدمو شامل ڪيو ويو آهي. مفصّل مقدمي ذريعي مثنوين ۽ قصيدن جي ادبي ۽ تاريخي اهميت تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي. ان کان علاوه موجوده دور تائين، مير قانع جي خاندان متعلق، هڪ نسب نامو پڻ تيار ڪري شامل ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب هي ارادو به ڏيکاريو هو ته، پاڻ هن خاندان بابت جدا ڪتاب تيار ڪرڻ جو به ارادو رکن ٿا. ليڪن ان قسم جو علمي ڪم نه ٿي سگهيو. سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب 1961ع ۾ شايع ڪيو. +15. تاريخ مظهرشاهجهاني: ميرڪ يوسف (امير خاني سيّد) سنڌ جي تاريخ تي هي ڪتاب سن 1044هه/1634ع ۾ لکيو، جنهن ۾ مغل دور بابت قيمتي معلومات ملي ٿي. سيّد حسام الدين راشدي هن ڪتاب کي دريافت ڪيو ۽ ايڊٽ ڪندي، ان تي ا��دو ۾ تفصيلي مقدمو لکيو. آخر ۾ معلوماتي تعليقات به شامل ڪيا. مغل دور ۾ ڪي ٻيا ڪتاب به، فارسي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ تي لکيا ويا. ليڪن هي ڪتاب خاص اهميت رکي ٿو. ميرڪ يوسف ڪتاب ۾ ٺٽي صوبي، سيوهڻ، بکر ۽ سبيءَ جو جدا جدا احوال لکيو آهي. مغلن جي انتظامي جوڙجڪ، شهر، ڳوٺ، پرڳڻا ۽ سرڪار، مختلف علائقن ۾ آباد قومون ۽ قبيلا، بيان ڪندي لکندڙ، مغل حاڪمن جي پرڪارن تي خوب روشني وڌي آهي. ان ڪري موجوده دور جي ڪجهه لکندڙن، هن ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ کي سترهين صديءَ جي سنڌ جي گزيٽيئر به سڏيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ جو هي منفرد ڪتاب سال 1962ع ۾ ڇپيو. +بورڊ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع ڪيو، جو نياز همايونيءَ جو ڪيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو 2009ع ۾ ڇپيو آهي. اردو ترجمو سيّد محمد افضال نقوي صاحب ڪيو آهي. اردو ترجمي تان فارسي ايڊيشن جي فاضل ايڊيٽر جو نالو به گم ڪيو ويو آهي. تاريخ جي حوالاجاتي ڪتاب طور، نه سنڌي ترجمو معتبر آهي ۽، نَه وري اردو ڇاپو اعتبار جوڳو آهي. (12) +16. هشت بهشت: سنڌ جي مشهور شاعر، ملا عبدالحڪيم عطا جي اَٺن فارسي مثنوين، جو هي هڪ مجموعو آهي. هن شاعر جو تعلق ٺٽي سان هو. پاڻ ”عطا“ جي تخلص سان مشهور آهي. عطا جو واسطو سبزپوش خاندان سان هو. لِکندڙن سندس پرهيزگاري، ادبي خدمتن ۽ فارسي زبان لاءِ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئي آهي. +راشدي صاحب اَٺ مثنويون ڏيڻ کان اڳ، انهن جو تعارف ڏيندي، مثنوين جي ادبي حيثيت تي به قلم کنيو آهي. ان کان علاوه عطا جي خاندان، شخصي زندگي، هندستان جون حالتون ۽ ننگر ٺٽي جي ان وقت جي صورت حال تي به تفصيلي روشني وڌي آهي. عطا جو دور مغلن جو دور هو. خاص ڪري هن جي جواني توڙي پيري، اورنگزيب جي دور ۾ نروار ٿي. ذاتي زندگيءَ ۾ عطا سُک گهٽ، ۽ ڏک گهڻا ڏٺا. پير حسام الدين راشديءَ هر پهلوءَ کان هن بي مثل شاعر جي زندگيءَ کي مڪمل طرح سان نروار ڪيو آهي. راشدي صاحب جو طويل سنڌي مقدمو، عَطا ۽ سندس خاندان توڙي زماني کي احسن طريقي سان نروار ڪري ٿو. اَٺن مثنوين کي ايڊٽ ڪندي، راشدي صاحب ”هشت بهشت“ جي نالي سان 1963ع ۾ نروار ڪيو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي. (13) +17. منشورالوصيت و دستورالحڪومت: فارسي زبان ۾ هي مختصر رسالو، سنڌ جي حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي، سن 1163هه/1749ع ڌاري لکيو. اصل ۾ هي وصيّت نامو آهي، جو پٽن جي رهبريءَ لاءِ تيار ڪيائين. حڪومت، رياست ۽ سياست ڇا آهي؟ حڪمرانيءَ جا اصول ڇا هجڻ کپن؟ ڀائرن جو هڪ ٻئي سان سلوڪ، اولاد، عزيزن ۽ قريبن ۾ جاگيرن جي مسئلي کي به، ميان صاحب احسن طريقي سان نروار ڪيو آهي. منشور ۾ ٽوٽل ٽيٽيهه نڪتا ڏنا ويا آهن. هي لکت هڪ دورانديش ۽ پڙهيل لکيل حڪمران جي آهي. سيّد حسام الدين راشدي، ميان صاحب جي هن قلمي ڪشالي کي محنت سان تيار ڪيو. ان ۾ اٺ ضميما شامل ڪري ڪتاب جي تاريخي اهميت کي نروار ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب سنڌي زبان ۾ مقدمو لکيو ته، جيئن عام پڙهندڙ به ميان نورمحمد جي ڪتاب جي اهميت کي سمجهي سگهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو. جناب ڊاڪٽر عبدالرّسول قادري هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1996ع ۾ ڇپرايو. نئون سنڌي ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ۾ نروار ڪيو آهي. +18. ترخان نامه: هي ڪتاب سنڌ جي ترخان دور بابت آهي، جو ٺٽي جي سيّد مير محمد سن 1065هه/1654ع ۾ مڪمل ڪيو. هي ڪتاب ارغونن ۽ ترخانن جي دور بابت معلومات فراهم ڪري ٿو. هي ڪتاب ان وقت لکيو ويو، جڏهن ترخان پنهنجي سياسي انجام تي پهچي رهيا هئا. مرزا محمد صالح پٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني)، جاگير کان واندو ٿي، گجرات ۾ شاهي فرمان جي انتظار ۾ هو. ان وقت سندس حڪم تي سيّد مير محمد، ٺٽي ۾ مواد گڏ ڪري هي ڪتاب تيار ڪيو. پير حسام الدين راشدي هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو، فارسيءَ ۾ مقدمو لکيائين ۽ آخر ۾ متعدد شجرا شامل ڪري، ارغونن ۽ ترخانن جي حسبِ نسب کي نروار ڪيائين. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. +مرزا عباس علي بيگ مرحوم جو ڪيل سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع ۾ ڇپرايو. سنڌي ترجمي جي ٻئي ڇاپي وقت، مترجم پاران ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا. ان طرح ٻيو ڇاپو وڌيڪ موزون ٿي نروار ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ هي ايڊيشن 2005ع ۾ شايع ڪيو. +19. مَاڪ ڀِنا رابيل: راشدي صاحب پاران ماهنامه ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل مواد جو، هي ٻيو انتخاب آهي. ذڪر ڪيل رسالي ۾ شايع ٿيل ويهن کان وڌيڪ، معياري مضمون گڏ ڪري، انهن کي ”ماڪ ڀِنا رابيل“ جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. سنڌي مضمونن جي هن بهترين انتخاب کي، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1965ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو. سيّد حسام الدين راشديءَ پاران، مرتب جو نوٽ اداري پاران لکيو ويو آهي. سبب هي آهي ته راشدي صاحب ان وقت ايران جي دوري تي روانو ٿي چڪو هو. ڪتاب جي آخر ۾ ”نئين زندگي“ ۾ ان وقت تائين ڇپيل ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي، مضمونن جي فهرست به ڏني وئي آهي. هن فهرست ڏيڻ سان ڪتاب جي خاص اهميت ٿي پئي آهي. +20. مڪلي نامه: مسلمانن علم تاريخ کي نه رڳو دوّام بخشيو، ليڪن ان کي مختلف شاخن ۾ تقسيم ڪري، هن علم کي وسعت به ڏني. ان ڏس ۾ مقبرن، مزارن ۽ قديم آثارن جي اڀياس جو فن به ايجاد ڪيو. عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ ان بابت گهڻو مواد ملي ٿو. +ٺٽي جي عالم مير علي شير قانع، سن 1174هه/1760ع ۾، هڪ مختصر رسالو ”بوستان بهار“ عرف ”مڪلي نامہ“ نثر توڙي نظم ۾، فارسي زبان ۾ لکي تيار ڪيو. مير قانع جي فارسي زبان تي مهارت جو علم هن ڪتابڙي ذريعي پوي ٿو. هي رسالو به ان سال ۾ تيار ٿيو، جنهن وقت ”مقالات الشعرا“ لکيو ويو. +مير علي شير قانع، هن رسالي ۾ مڪليءَ جي ٽيٽيهه (33)، ماڳن جي اهميت کي محسوس ڪندي قلم کنيو. اهي سڀ ماڳ مڪلي ٽڪريءَ تي آهن. مڪليءَ جي اُتر ۾ ساموئي ۽ ڏکڻ ۾ ڪلان ڪوٽ تائين، موجود مکيه مکيه تاريخي ماڳن جي چونڊ ڪري قلم کنيائين. ابتدا ۾ سيّد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ مختصر حاشين سان، رسالي ”مهراڻ“ جي ٻن اشاعت (02، 1956ع، ۽ 04، 1956ع) ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ان تي عالمانه انداز سان ڪم ڪندي، اٽڪل روءِ ٻاويهه عنوانن تي مفصّل حاشيا لکيائين. ڪجهه ماڳن جي نشاندهي ٿي ته ڪي ماڳ مقرر نه ٿي سگهيا. ان هوندي به جيڪو مواد مليو اهو ڪتابي ايڊيشن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. پاڻ جيڪي ماڳ متعين ڪري سگهيو، انهن متعلق ڀرپور تاريخي ۽ معلوماتي حاشيا ۽ تعليقات لکيائين. هونئن ته راشدي صاحب جي سموري ڪم جي اهميت آهي. ليڪن ڄام نظام الدين تي لکندي، وافر مواد مها ڪيائين. ان ريت سمن ڄامن جي دور تي ڪم ڪندڙن لاءِ آساني پيدا ٿي آهي. مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) تي تحقيق ڪندي، تمام گهڻي محنت ڪئي وئي آهي. هن عنوان جي لاءِ لڳ ڀڳ چار سؤ صفحا وقف ڪيا ويا آهن. +ان ريت، ترخانن جي عنوان تي ڪم ڪندڙن لاءِ، پير صاحب تمام گهڻو مواد نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه پير مراد شيرازي، ساموئي، جامع مسجد مڪلي، مرزا خسرو چرڪس، سيّد يوسف رضوي، پير عالي ۽ ڪلان ڪوٽ (طغرل آباد) تي به حاشين ۽ تعليقات ذريعي سٺي ڄاڻ ڏني وئي آهي. راشدي صاحب جا لکيل حاشيا سنڌي زبان ۾ آهن. سنڌي مقدمي سان گڏ ”مڪلي نامہ“ جو اصل فارسي متن به، ڪتاب جي مهڙ ۾ ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ مختلف گهراڻن جا نسب نامه، ۽ تصويرن جو سيٽ شامل ڪري، فاضل ايڊيٽر ڪتاب سان گڏ پنهنجي علمي حيثيت ۽ ساک کي دنيا ۾ تسليم ڪرايو آهي. هي مختصر رسالو مڪمل ڪتابي صورت ۾، سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو. ٻيو ڀيرو هي ڪتاب سال 1994ع ۾ ڇپيو. هن وقت هي ڪتاب ناياب آهي. +مڪلي نامہ، جو اردو ترجمو، سن 2011ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ ڇپرايو آهي. هي ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو آهي. ليڪن ڪتاب جي فهرست درست طرح، ترجمي ۾ شامل نه ٿي سگهيو آهي. ڪتاب جو هي ايڊيشن راشدي صاحب جي صد ساله جشن پيدائش جي نسبت سان شايع ٿيو(14). +21. مرزا عيسى ترخان: ترخان گهراڻي ٺٽي تي اڌ صديءَ کان وڌيڪ (1555ع- 1612ع)، وقت حڪومت ۽ حڪمراني ڪئي. جداگانه حاڪميت جي خاتمي کان پوءِ، ٺٽو مغل شهنشاهت جو هڪ صوبو بنجي ويو. زوال واري دور ۾ هن خاندان ۾، مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) وڏي نالي وارو امير ۽ حاڪم ٿي گذريو. هن ملازمت جو وڏو عرصو گجرات صوبي ۾ گذاريو. مرزا عيسيٰ وڏي ڄمار ۾ سن 1062هه/1652ع ۾ سانڀر (گجرات) ۾ فوت ٿيو. پنهنجي جيئري مڪليءَ تي مقبرو تعمير ڪرايائين. وفات کان پوءِ سندس لاش، گجرات کان ٺٽي پهتو. هن کي مڪليءَ تي سندس ٺهرايل رانڪ ۾ دفن ڪيو ويو. ترخان خاندان جو، ان کان پوءِ سياسي زوال تيز ٿيندو ويو. بعد ۾ صرف سندس پٽ مرزا صالح جو ذڪر ملي ٿو، ليڪن اهو ملازمت جي دور ۾، والد مرزا عيسيٰ ترخان (ٻيو) جي مرتبي کي نه پهچي سگهيو. مرزا جي رانڪ سڄي مڪليءَ تي موجود مقبرن ۾ خاص اهميت رکي ٿي. مير قانع کي مقبري جي بيهڪ، اڏاوت، ۽ مرزا عيسيٰ جي شخصيت پسند هئي. ان ڪري ”مڪلي نامہ“ ۾ ان کي خاص جاءِ ڏنائين. +سيّد حسام الدين راشديءَ ”مڪلي نامہ“ تي، هن عنوان تحت جيئن مٿي ذڪر ٿيو، وڌ ۾ وڌ مواد فراهم ڪيو آهي. مذڪوره مواد کي جداگانه نالو (مرزا عيسيٰ ترخان) ڏئي 1967ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جو انتساب دولهه دريا خان ڏي ڪيل آهي. +22. هفت مقاله: سه ماهي اردو ۾ فارسي ادبيات متعلق ڇپيل ستن مقالن جو هي هڪ انتخاب آهي. ڪتاب ۾ شيخ عطار، فردوسي، شاهنامي، عمر خيام، ماثرالامراءَ، ۽ ڪجهه ٻين عنوانن بابت گذريل صديءَ جي معتبر عالمن: حافظ محمود شيراني، حڪيم سيّد شمس الله قادري، پروفيسر شيخ محمد اقبال، ۽ داڪٽر سيّد عبدالله جا مقالا شامل آهن. ڪتاب اردو زبان ۾ آهي. راشدي صاحب جي ترتيب ۽ پيش لفظ سان هي ڪتاب، انجمن ترقي اردو پاڪستان، ڪراچيءَ مان سال 1967ع ۾ شايع ڪيو آهي. +23. حديقةالاولياء: سنڌ جي اوليائن تي پهريون تذڪرو، ٺٽي جي علامه قاضي محمود ”تذڪرة الاولياءَ“ سن 980هه/1572ع ۾ لکيو. هي تذڪرو وقت جي وهڪري ۾ گم ٿي ويو. ان کان پوءِ سيّد عبدالقادر هن عنوان تي قلم کنيو. هن سال 1016هه/1607ع ۾ سنڌ جي صوفين تي هڪ ڪتاب ”حديقة الاولياءَ“ فارسي زبان ۾ تيار ڪيو. هي تذڪرو نثر توڙي نظم ۾ تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڪيتاليهه صوفين جو احوال ڏنو ويو آهي. ابتدا بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ کان ڪندي، ڪتاب جو خاتمو ساڪري جي درويش آلو تي ڪيو ويو آهي. ضميمي طور آخر ۾ سيّد جميل شاه گرناريءَ متعلق مختصر رسالو به ڏنو ويو آهي. هي رسالو به سيّد عبدالقادر جو لکيل آهي. سيّد حسام الدين راشدي مرحوم، متعدد نسخن جي آڌار تي هن تذڪري جو متن تيار ڪيو. سنڌي زبان ۾ طويل مقدمو لکندي، ٻياسي ماخذن جو تعارف ڏنو ويو آهي، جي سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ تيار ڪرڻ لاءِ ازحد مفيد آهن. هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو آهي. مصنف ڪتاب جو انتساب، ترخان دور جي مشهور امير مرزا خسرو چرڪس جي نالي ڪيو آهي. فاضل ايڊيٽر تذڪر�� شايع ڪندي، ان کي پنهنجي جگري يار آغا بدرالدين خان درانيءَ جي نالي منسوب ڪيو. ڇو ته دراني صاحب کي ”حديقة الاولياءَ“ جي ايڊيٽنگ جو ڪم به ڪرڻو هو. ليڪن سندس اچانڪ وفات سبب هي ڪم نه ٿي سگهيو. سنڌي ادبي بورڊ بعد ۾ هي ڪم راشدي صاحب جي حوالي ڪيو. راشدي صاحب جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ هي تذڪرو سال 1967ع ۾ شايع ڪيو. +اسان جي عزيز دوست ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب کي، صوفين ۽ اوليائن سان وڏي عقيدت ۽ محبت آهي. ان جذبي تحت پاڻ هن اهم ڪتاب جو سنڌي ترجمو تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيائون. قادري صاحب، مصنف جي اصل انتساب ۾ هيرا ڦيري ڪندي، ڪجهه مواد ترجمي جي مهڙ ۾ رکيو. باقي مواد جي به پنهنجي ليکي تجديد ڪندي، رائج علمي تقاضا کي نظرانداز ڪندي، ڪجهه ماڻهن کي ته خوش ڪيو. البته سيّد عبدالقادر، سيّد حسام الدين راشدي ۽ سنڌي ادبي بورڊ سان زيادتي ڪئي آهي. ٻيو ته علمي دنيا ۾ معتبر مترجم طور تي، سندن ساک به سواليه نشان بنجي وئي آهي. سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ ڇپيو آهي. +24. تذڪره شعراء ڪشمير: انهن فارسي گو شاعرن جو تذڪرو آهي، جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪشمير سان لاڳاپيل هئا. هي ڪتاب مرزا اصلح سن 1161هه/1747ع ۾ تيار ڪيو. هي تذڪرو اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1983ع ۾ ڇپيو آهي. +25. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد اول: مٿئين تذڪري کي ايڊٽ ڪندي سيّد حسام الدين کي هڪ وڌيڪ ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. سندن هن ڪاوش کي مرزا اصلح جو تڪملو سڏڻ بهتر ٿيندو. جلد اول اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ 120 شاعرن (الف – ش) جو احوال ملي ٿو. 1983ع ۾ هي جلد وري ڇپيو آهي. +26. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد دوم: هي ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 54 شاعرن (ص – غ) جو ذڪر ٿيو آهي. اقبال اڪيڊمي ان کي 1968ع ۾ ڇپيو. هي جلد ٻيهر 1982ع ۾ شايع ٿيو آهي. +27. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد سوم: هن ٽئين جلد ۾ ڪشمير جي وڌيڪ 69 شاعرن جو (ف – م) تذڪرو ٿيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1968ع ۾ اقبال اڪيڊمي ڇپيو آهي. ٻيو ڇاپو پڻ 1982ع ۾، ساڳئي اداري پاران ڇپيو آهي. +28. احوال و آثار ملڪ الشعراء ابوالفيض فيضي: شيخ مبارڪ جا ٻه پٽ ابوالفيض فيضي ۽ علامه ابوالفضل، اڪبر بادشاهه جي درٻار جا ٻه اهم رڪن ۽ امير ٿي گذريا. ابوالفضل جي دلچسپي تاريخ سان هئي، جنهن- اڪبرنامہ ۽ آئين اڪبري- جهڙا معتبر تاريخي ڪتاب لکيا. جڏهن ته ابوالفيض فيضي اڪبر جي دور جو نامور فارسي گو شاعر ۽ مصنف ٿي گذريو. راشدي صاحب ”تذڪره شعراي ڪشمير“ جي ٽئين جلد ۾، فيضيءَ بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو، ان کي جداگانه ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي 1968ع ۾ پڌرو ڪيائين. ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي. +29. تذڪره روضةالسلاطين: سلطان محمد فخري، سنڌ ۾ ارغون دور ۾ پهتو. هن جو تعلق هرات سان هو. ان ڪري هروي سڏيو وڃي ٿو. هي فارسي تذڪرو انهن اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن بابت آهي، جي شاعر هئا. سلطان محمد فخري هرويءَ سن 958هه/1551ع ۾ هي تذڪرو ترتيب ڏنو، ۽ ان کي شاهه حسين ارغون ڏانهن منسوب ڪيائين. راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان هي تذڪرو سال 1968ع ۾ شايع ٿيو. +ان کان ٻه سال اڳ ”روضة السلاطين“ تبريز مان ڊاڪٽر عبدالرسول خيام پور پڻ ڇپيو هو، ليڪن اسان جي هن مانائتي عالم ان کي ناقص ايڊيشن سڏيو آهي. +30. جواهرالعجائب: فخري هرويءَ هي تذڪرو سن 962هه/ 1554ع ۾ تيار ڪري، مرزا عيسى ترخان جي زال ماهه بيگم کي منسوب ڪيو. هن ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ملي ٿو، جن شعر و شاعريءَ ۾ حصو ورتو. راشدي صاحب وڏي محنت سان هي تذڪرو ايڊٽ ڪري 1968ع ۾ ڇپرايو. ان کان اڳ به هن تذڪري جا ڪجهه ايڊيشن ن��تا هئا، جن کي ناقدين ناقص سڏيو آهي. تازي دور ۾ ”جواهر العجائب“ جو هڪ غير اهم ايڊيشن پڻ تهران مان ڇپيو آهي. +31. ديوان فخري: فخري هرويءَ فارسي غزلن جو هڪ ديوان مرتب ڪيو هو، ليڪن اهو ديوان وقت گذرڻ سان گڏ گم ٿي ويو. سنڌ جي برک عالم سيّد حسام الدين راشدي صاحب کي مختلف تذڪرن ۽ ڪتابن ۾، فخري هرويءَ جو جيڪو شعر مليو، ان کي ديوان جي صورت ۾ مرتب ڪيائين، ۽ مٿي ذڪر ڪيل ٻن تذڪرن سان گڏ 1968ع ۾ ڇاپي نروار ڪيائين. موجوده دور ۾ ايران مان به، ديوان فخري ڇپيو آهي. ليڪن ان کي غير اهم ڪوشش سمجهڻ کپي. +راشدي صاحب سلطان محمد جا ٽي ڪتاب ايڊٽ ڪندي، تمام وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ڳچ عدد قلمي نسخا سامهون رکي، ذڪر ڪيل ٻه تذڪرا ۽ فخريءَ جو ديوان ايڊٽ ڪيائين. ايران ۽ وچ ايشيا جي ادبيات ۾، هن سنڌي عالم جي مهارت، فخري هرويءَ تي ڪم ڪندي، نمايان ٿي بيٺي آهي. اردو زبان ۾ لکيل تفصيلي مقدمو، لاڳاپيل موضوع تي غير معمولي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. جڏهن فخريءَ بابت راشدي مرحوم جو ڪم، ايران پهتو تڏهن هر ايراني عالم ان جي واکاڻ ڪئي(15). +32. دود چراغ محفل: مرزا غالب آخري مغل دور ۾، فارسي ۽ اردو ٻولين جو ڀلوڙ شاعر ۽ نثرنگار ٿي گذريو آهي. سال 1857ع جي ويڙه جو دور اکين سان ڏٺائين. هي جنگ انگريزن ۽ بهادر شاه ظفر ۾ ٿي. بهادر شاه آخري مغل بادشاه ثابت ٿيو. جنگ ۾ شڪست کاڌائين. بعد ۾ انگريزن پوري هندستان تي پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪيو. مرزا غالب 1869ع ۾ وفات ڪئي. سال 1969ع ۾ غالب جي وفات کي هڪ صدي پوري ٿي. ان نسبت سان ادارهء يادگار غالب (ڪراچي) پاران ڪي تقريبون منعقد ٿيون. ان حوالي سان راشدي صاحب، هڪ ڪتاب ”دود چراغ محفل“ اردو زبان ۾ تيار ڪيو. اصل ۾ هي هڪ تذڪراتي ڪتاب آهي. ان ۾ مرزا غالب جي لڏي جي پنجن شاعرن جو، راشدي صاحب غيرمعمولي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي: ناطق مڪراني، خادم بردواني، رسوا بجنوري، شاه باقر علي، ۽ مولانا طرزي هاپوڙي. پيش لفظ (حقيقت حال) به دلچسپ آهي. راشدي صاحب ڪتاب جو انتساب، پنهنجي علمي دوست مولانا غلام رسول مهر جي نالي ڪيو آهي. +33. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد چهارم: ڪشميري شاعرن بابت راشدي صاحب جي رٿيل تذڪري جو هي آخري جلد آهي، جنهن ۾ ڪل 130 شاعرن (ن- ي) جو احوال ملي ٿو. هي جلد اقبال اڪيڊمي 1969ع ۾ شايع ڪيو. مجموعي طرح سان چئن جلدن ۾ 373 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. چارئي جلد ٻه هزار صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ لاتعداد تصويرون، عڪس ۽ آخر ۾ فهرستون به ڏنل آهن. +34. مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب: سنڌ جي آخري ترخان حاڪم (وفات: 1612ع) بابت هي ڪتاب راشدي صاحب اردو ۾ لکيو آهي، جنهن کي انجمن ترقي اردو ڪراچي 1970ع ۾ ڇپيو. ڪتاب نهايت تفصيلي آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ مرزا غازي بيگ جو پورٽريٽ (تصوير) به ڏنو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ مرزا بابت احوال ملي ٿو. هن حصي ۾ مرزا غازي بيگ جي احوال سان گڏ، ان دور جي سنڌ جي تاريخ کي به مفصّل طرح سان نروار ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اهڙن 35 شاعرن جو ذڪر ۽ شعر ملي ٿو، جي مرزا جي درٻار سان وابستہ هئا(16). +35. ديوان بيرم خان: مغل دور جي مشهور سپهه سالار عبدالرحيم خانخانان جو والد بيرم خان نه رڳو نامور امير هو، پر پنهنجي دور جو اعلى پايي جو فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر پڻ هو. ابتدا ۾ انگريز اسڪالر اِي. ڊينسن راس، بيرم خان جو ديوان مرتب ڪيو هو. هي ديوان 1910ع ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ذڪر ڪيل ديوان جي نئين ڇاپي جي ضرورت محسوس ٿي. ان سوچ تحت هي ديوان ٻيهر ايڊٽ ڪندي، ٻن عالمن گڏجي ڪم ڪيو. فارسي شعر راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر محمد صابر ترڪي شاعري ترتيب ڏني. ڊاڪٽر صابر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، اسلامي تاريخ جو پروفيسر هو. صابر صاحب ترڪيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي هئي، ان ڪري هن کي ترڪي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، سال 1971ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن ديوان تي مقدمو ڊاڪٽر ايم.ايڇ صديقيءَ لکيو جو انگريزي زبان ۾ آهي. +36. تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جو سيّد حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو. قانع ”تحفة الڪرام“ سن 1181هه/ 1768ع ۾ مڪمل ڪيو. ليڪن ان ۾ 1188هه/1775ع تائين واڌارا ۽ سُڌارا ڪندو رهيو. ڪتاب جو ٽيون جلد سنڌ جي تاريخ، مشاهيرن ۽ شهرن بابت آهي. فاضل ايڊيٽر هن جلد جو به تاريخ وارو حصو ايڊٽ ڪيو ۽ ان ۾ نهايت مستند ۽ معتبر تاريخي حاشيا، ضميما، تعليقات ۽ نسب ناما شامل ڪيائين. گڏوگڏ تصويرن جو سهڻو سيٽ به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1971ع ۾ ڇاپيو. راشدي صاحب هن ڪتاب تي ڪم ڪندي، مصنف جو لکيل پنهنجو نسخو سامهون رکيو. هي قلمي نسخو لاهور جي مولانا محمد شفيع جي ڪتب خاني ۾ موجود هو. رٿا موجب ڪتاب جي ٽئين جلد جا وڌيڪ ٻه ڀاڱا شايع ٿيڻا هئا. ليڪن فاضل ايڊيٽر جي ٻين علمي مصروفيتن ۽ ڪرندڙ صحت جي ڪري، قانع جي هن اهم ڪتاب (تحفة الڪرام) جو ڪم اڌورو رهجي ويو. +37. تذڪره مشايخ سيوستان: هي مختصر تذڪرو سيوهڻ جي صوفين بابت آهي، جو عبدالغفور بن حيدر سيوستانيءَ سن 1039هه/ 1629ع ۾ مڪمل ڪيو. تذڪري جي ڪاپي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ موجود آهي، جتان راشدي صاحب کي پنهنجي اسڪالر دوست سائمن ڊگبي فوٽو ڪاپي موڪلي ڏني. راشدي مرحوم هن مختصر تذڪري کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايو (3-4/1974ع). تذڪري جو سنڌي ترجمو نياز همايوني ڪيو، جو پڻ رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو (3-4/1979ع). هنن ڪاغذن جي ڪاري ڪندڙ، سموري مواد کي گڏ ڪري، 2010ع ۾ ”تذڪره مشايخ سيوستان“ ڪتابي صورت ۾ نروار ڪيو. هي مختصر تذڪرو شهباز ميله ڪميٽي ضلع ڄام شورو پاران شايع ٿيو هو. +38. مثنوي مهر و ماه: هندستان جي مشهور شاعر جمالي دهلويءَ، هي مثنوي سن 905هه/1499ع ۾ مڪمل ڪئي. سنڌ جي هن مانائتي عالم جي سعيي ۽ مقدمي سان، هي مثنوي مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد 1974ع ۾ ڇپي آهي. راشدي صاحب جو لکيل مفصل مقدمو فارسي زبان ۾ آهي. هي مقدمو پڙهندي خبر پوي ٿي ته راشدي مرحوم کي، سنڌ کان علاوه هندستان، ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي فارسي ادبيات تي مڪمل مهارت حاصل هئي(17). +39. تذڪره مشاهير سنڌ، (جلد اول): حضرت مولانا دين محمد وفائي (وفات: 1950ع)، سنڌ جي علمي دنيا جو هڪ اهم نالو آهي. هونئن ته هن جو هڪ صحافي ۽ قلم ڪار جي، حيثيت ۾ گهڻو ڪردار آهي. البت ”تذڪره مشاهير سنڌ“ لکڻ جي ڪري، وفائي صاحب جو نالو گهڻي وقت لاءِ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. +مولانا صاحب گهڻي وقت کان، سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، اميرن ۽ بادشاهن جي متعلق، هڪ ڪتاب لکڻ جي جستجو ۾ هو. ان ڏس ۾ هن پنج نوٽ بڪ لکيا هئا. البت وفائي صاحب کي مواد کي، فيئر ڪرڻ ۽ آخري شڪل ڏيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. +جڏهن سنڌي ادبي بورد مولانا جي، هن اهم علمي ڪم کي ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن اداري في الحال پهريون نوٽ بڪ، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي ڪيو. ان نوٽ بڪ ۾ 124 مشاهيرن جو لکيل احوال موجود هو. راشدي مرحوم مواد کي ايڊٽ ڪيو، ۽ ڪجهه عالمن جي باري ۾ مختصر حاشيا به لکيا. راشدي صاحب ڪتاب جي لکجڻ جي پس منظر ۽ ان جي اهميت تي، پنهنجي لکيل ’مهاڳ‘ ۾ احسن طريقي سان روشني وڌي آ��ي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جي نالي سان، سال 1974ع ۾ شايع ڪيو. +بعد ۾ جڏهن هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد ڇپيا، تڏهن راشدي صاحب جي ’مهاڳ‘ سان سينگاريل حصو، جلد اول طور نروار ٿيو. جلد ٻيو 1985ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 70 مشاهيرن جا سوانح آهن. جلد ٽيون 1986ع ۾ نروار ٿيو. ان ۾ 178 مشاهيرن جو احوال ملي ٿو. هي ٻه جلد ڪنهن خاص ايڊيٽنگ کان سواءِ ڇپيا، ان ڪري پارکو عالمن جي نظر ۾، انهن ۾ ڪوتاهيون رهجي ويون. وفائي صاحب جي لکيل ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جي ٽنهي جلدن ۾، ڪل 472 مشاهيرن جو احوال مهيا ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب (ٽي جلد)، اردو ترجمي جي صورت ۾ به ڇپيو آهي (18). +40. هو ڏوٿي هو ڏينهن: ويهين صديءَ سنڌي زبان جا ڪجهه، ناليرا نثر نويس پيدا ڪيا. ان ڏس ۾ راشدي ڀائرن جا نالا خاص اهميت رکن ٿا. پير علي محمد راشدي: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جهڙو شاهڪار نثري ادب لکڻ سبب مشهور نالو آهي. جڏهن ته سيّد حسام الدين جو ڀلوڙ سنڌي نثر: ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ نالي ڪتاب جي صورت ۾ آهي. +سيّد حسام الدين راشدي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب، سال 1960ع ۾ منيلا (فلپائن) ۾ رهائش دوران لکيو. ڪتاب مصنف جي يادگيرين تي مشتمل آهي، ۽ اهو ڏهن حصن (بابن) ۾ لکي تيار ڪيو ويو. هن ڪتاب لاءِ مصنف جو چوڻ آهي ته، سندس دور جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ لکڻ لاءِ، هي هڪ اهم ماخذ جو ڪم ڏيندو. راشدي ڀائر ابتدا ۾ سکر ۾ اخبار نويس ٿي رهيا. ان ڪري سنڌ جي ان دور جي اخباري دنيا، تبديل ٿيندڙ سنڌي سماج ۽ ان ۾ مذهبي عنصرن جي عمل دخل، توڙي ادبي يا وري شاعرن جي سوچ، سرگرمين ۽ جهان کي بيان ڪيو ويو آهي. سکر بئريج 1932ع ۾ وهي آيو، ان سماج جي مختلف پاسن تي ڪهڙا اثر ڇڏيا، انهن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. يارن دوستن جا قصا، زميندارن جا ظلم، ڪامورن جا قهر ۽ خانقاهي پيرن جا داستان، ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ لکيا ويا آهن. +هن ڪتاب ۾ هونئن ته سڄي سنڌ ليڪن خاص ڪري، اُتر سنڌ جي سوچن، ڪردارن، عملن، ماحول، هلچل توڙي روايتن ۽ ريتن رسمن کي، نهايت سهڻي نثر ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سال 1947ع کان پوءِ سنڌ جي صورت حال، راشدي صاحب جي لفظن ۾ هي وڃي بيٺي: +”هندو به ويا، جن سان مقابلو هوندو هو؛ انگريزن به ملڪ ڇڏيو، جن تي جهٽ ڪاوڙ وٺندي هئي، هاڻي ته ملڪ سڄوئي ملير- خودي بلند، جي ڪجهه چئبو ته موچڙا، جي ڪجهه ڪُڇبو ته ’کلا ۽ کوسڙا‘. تنهنڪري مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ!“ +راشدي صاحب جو هي ڪتاب 1977ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، نهايت عمدي طريقي سان شايع ڪري پڌرو ڪيو. مختلف خانگي ادارن به هي ڪتاب ڇپيو آهي. +41. تذڪره رياض العارفين، جلد اول: هي تذڪرو آفتاب راءِ لکنوي، سن 1300هه/1800ع ۾ لکيو. هي تذڪرو فارسي گو شاعرن بابت، ان وقت لِکيو ويو جڏهن ننڍي کنڊ مان ايراني ٻولي ختم ٿي رهي هئي. تذڪري جو قلمي نسخو (شايد واحد نسخو)، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچيءَ جي ذخيري ۾ موجود آهي. راشدي صاحب جي عالم دوست، مشفق خواجه جي نشاندهي ۽ معاونت سان، اسان جي هن سنڌي اسڪالر، هن تذڪري جي ايڊيٽنگ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. +(11) ڪجهه صاحبن ويجهي دور ۾، ”تڪملة مقالات الشعرا“ تي راشدي صاحب جي ڪيل تحقيق تي، منفي انداز سان تحريري گفتگو ڪئي آهي. +(12) هن ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن ”سنڌ انڊر دي مغلز“ جي نالي سان، سال 1990ع ۾ اسلام آباد مان تاريخ ۽ تمدن بابت قومي اداري ڇپيو آهي. ڊاڪٽر محمد سليم اختر جو انگريزي ترجمو، سنڌي ۽ اردو ترجمن جي ڀيٽ ۾، ڪي قدر معياري آهي. +(13) سيّد محمد مطيع الله راشدي برهانپوريءَ، ٺٽي جي هن شاعر جو فارسي ديوان ايڊٽ ڪيو. هي ديوان ��دبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو. +(14) مڪلي نامہ (فارسي متن)، جو انگريزي ترجمو Dr. N.B.G. Qazi صاحب ڪيو. هي ايڊيشن سنڌ آرڪائِوز (حڪومت سنڌ) ڪراچيءَ مان 2011ع ۾ شايع ڪيو. هن ايڊيشن ۾ فارسي متن به، شامل ڪيو ويو آهي پر ان تي ايڊيٽر طور راشدي مرحوم بجاءِ، ڪنهن ٻئي صاحب جو نالو ڏنو ويو آهي. +(15) فخري هرويءَ بابت راشدي صاحب جو لکيل مقدمو، ايران ۾ فارسي ترجمي جي صورت ۾ ڇپيو آهي. هي ترجمو محمد ظفر ڪيو ۽ دانشڪده ادبيات و علوم انساني مشهد جي رسالي ۾ 1350 هجري شمسيءَ ۾ شايع ٿيو. +(16) لڳ ڀڳ ان دور ۾ سيّد اختر مسعود رضوي: ”مرزا غازي بيگ اور اس کا دربار علم و فن“ پشاور مان ڇپيو هو. هي هڪ مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ مرزا جي درٻار سان وابستہ ٻارهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. رضوي صاحب پشاور يونيورسٽيءَ جي فارسي شعبي جو صدر رهيو. +(17) جمالي دهلويءَ جي ڪتاب ”سير العارفين“ جو اردو ترجمو ڊاڪٽر محمد ايوب قادري ڪيو، جو مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع ۾ شايع ڪيو. ان تي پڻ مفصل مقدمو راشدي صاحب لکيو آهي. هي مقدمو اردو زبان ۾ آهي. +(18) ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر عزيز انصاري، ۽ عبدالله ورياه ڪيو، پهريون جلد 1991ع ۾، ٻيو ۽ ٽيون جلد، هڪ جلد طور (ڪتاب)، سن 2005ع ۾ ڇپيو آهي. + + +پير حسام الدين راشدي، تذڪري تي مختصر پيش لفظ لکيو آهي. تذڪري جي اهميت ڄاڻائيندي لِکن ٿا ته: ”فارسي ادب جي دنيا ۾ ڇهه اهڙا تذڪرا لکيا ويا آهن، جن ۾ وڌ ۾ وڌ شاعرن جو تعداد شامل ٿيو آهي. انهن ۾ ”رياض العارفين“ جو پنجون نمبر آهي، جنهن ۾ 2157 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.“ +پيش لفظ اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي، جنهن کي فارسي ترجمي جي صورت ۾ به پيش ڪيو ويو آهي. تذڪري جي ضخامت جي ڪري ان کي ٻن حصن ۾، تقسيم ڪري شايع ڪيو ويو آهي. پهرئين حصي (جلد) ۾ الف- ظ اکرن سان شروع ٿيندڙ، ڪل 1136 شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي. +هي تذڪرو سال 1977ع ۾ مرڪز تحقيقات فارسي ايران وَ پاڪستان اسلام آباد شايع ڪيو. +42. مير محمد معصوم بکري: نالي مان ظاهر آهي ته هي ڪتاب، مير معصوم جي سوانح، علمي توڙي عملي خدمتن جو احاطو ڪري ٿو. مير محمد معصوم جي والد سيّد صفائي ارغون گهل واري عرصي ۾، افغانستان کان سنڌ طرف لڏپلاڻ ڪئي. مير محمد معصوم سن 1538ع ۾ بکر ۾ ڄائو. تعليم ۽ تربيت کان پوءِ عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندي، هندستان پهچي اڪبر جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. سندس سرڪاري ملازمت جو سمورو وقت، هندستان ۾ شهنشاه اڪبر جو زمانو هو. اڪبر 1605ع ۾ فوت ٿيو، ان وقت مير معصوم درٻار ۾ موجود هو. جهانگير نئون شهنشاه ٿيو تڏهن مير ڪجهه مهينا درٻار ۾ رهي، نئين بادشاه کان سنڌ (بکر) اچڻ لاءِ اجازت ورتي. مير معصوم بکر پهتو. ڪنهن اچانڪ بيماريءَ سبب پاڻ اپريل 1606ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت هن جي عمر سَتر جي قريب هئي. هن جي ميّت کي پنهنجي ٺهرايل قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. +مير محمد معصوم گهڻ پهلو شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو. پاڻ هڪ امير، سپاهي ۽ ڪامياب سفارتڪار ٿي گذريو. مير صاحب فارسي زبان جو شاعر ۽ سٺو نثر نويس به هو. هن جو لکيل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ خاص اهميت رکي ٿو. مير صاحب کي ڪتبن لڳرائڻ جو وڏو شوق هو. افغانستان، ايران، هندستان ۽ سنڌ ۾، سندس نصب ڪرايل ڪتبا، خاص خاص ماڳن ۽ رستن تي موجود آهن. +سيّد حسام الدين راشدي، سندس زندگي ۽ خدمت تي، هي نهايت مفصّل ۽ دلچسپ ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب ۾ ٽيهه باب آهن. مير صاحب جي خانداني قبرستان، هن پاران ٺهرايل مختلف عمارتن، علمي ورثي، ۽ مختلف ماڳن تي نصب ڪرايل 54 ڪتبن کي به، لِکت ۾ ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي. آخر ۾ 119 عدد تصويرن جو سيٽ به شامل ڪيو ويو آهي، سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب سال 1979ع ۾ احسن طريقي سان شايع ڪري پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ نڪتو آهي. ليڪن علمي لحاظ کان پهريون ايڊيشن وڌيڪ معتبر آهي. +هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 2011ع ۾ ڇپيو آهي. مصنف جو پيش لفظ ڪتاب ۾ شامل نه ٿي سگهيو آهي. هي ڪتاب پڻ راشدي صاحب جي صد ساله جشن پيدائش جي نسبت سان شايع ٿيو. البت ناشر اهڙو پنو لڳائڻ جو احتياط نه ڪيو. +43. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: هي ڪتاب، مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ راشدي صاحب جا ٽيتاليهه مضمون، 25 صفحا ترڪي متن، هڪ عدد نقشو (ٺٽو شهر)، ۽ 171 تصويرون ڏنيون ويون آهن. تصويرن جو تعلق ٺٽي جي مختلف ماڳن سان آهي. مواد کي ڇهن عنوانن: جاگرافي، تاريخ، سوانح، ادب ۽ تنقيد، ڪتابيات، ۽ متفرقات ۾ تقسيم ڪري، ڪتابي صورت ڏني وئي آهي. +ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي، ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو، سنڌ ۾ يوناني طب، اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري، بيدل فقير بابت مضمون، مير علي شير قانع، سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، ننگر ٺٽي ۾ تصنيف تاليف، ۽ ڄام نظام الدين سمون، توڙي سنڌي زبان ۾ ڇپيل قديم ڪتاب، جهڙا مکيه مضمون هن ڪتاب جو سينگار آهن. +هونئن ته هي سڄو ڪتاب، سنڌ بابت اڀياس ۾ خاص اهميت رکي ٿو. ان هوندي به ننگر ٺٽي بابت، تحقيق واسطي هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. ڪتاب جي پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ محمد ابراهيم جويي ڪئي. عالمانه پيش لفظ به جويي صاحب جو لکيل آهي. راشدي مرحوم جو هي ڪتاب 1981ع ۾، عبدالحميد آخوند صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ سان، انجمن تاريخ سنڌ نالي هڪ اداري پاران شايع ٿيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 2006ع ۾ نروار ڪيو. +44. تذڪره رياض العارفين، جلد دوم: مٿي هن تذڪري بابت گفتگو ڪئي وئي آهي. تذڪري جي ٻئي جلد جي ڇپائي جاري هئي، تڏهن 1979ع ۾ ايران ۾ انقلاب آيو. ان ڪري في الحال ڪتاب جي اشاعت روڪي وئي. سال 1982ع ۾ پير حسام الدين راشدي فوت ٿيو. ان وقت مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان تذڪري جي رهيل حصي جو ڪم شروع ڪيو. هن جلد ۾ ع- ي اکرن سان شروع ٿيندڙ بقيه شاعرن جو ذڪر ملي ٿو. ٻيو جلد يونس شاعر (نمبر 2155) تي ختم ٿئي ٿو. +تذڪري جي اشاعت جي نگراني عارف نوشاهي (هاڻي ڊاڪٽر) قبول ڪئي. پيش گفتار (مهاڳ) فارسي زبان ۾ لکيائين. ابتدا ۾ آفتاب راءِ توڙي سندس ڪتاب بابت، عالمانه انداز ۾ اظهار راءِ ڪيائين. ان کان پوءِ نوشاهي صاحب مختصر طرح سان، راشدي مرحوم جي فارسي ڪمن جو احاطو ڪيو آهي. مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد، هي تذڪرو 1982ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. +45. مرآة الجمال: راشدي مرحوم جي پسنديده فارسي، سنڌي، ۽ اردو شعرن جو هي هڪ انتخاب آهي. ابتدا ۾ سنڌي شعر آهن. انهن ۾ گهڻا شعر سچل سرمست جا آهن. ان بعد اردو شعرن جي چونڊ پيش ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ شامل وڌ ۾ وڌ شعر فارسي ٻوليءَ جا ڏسجن ٿا. شعرن جو هي انتخاب ”مرآة الجمال“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1984ع ۾ شايع ڪيو. ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو پبلشر نوٽ به دلچسپ جهڙو آهي. +46. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: راشدي صاحب جي سنڌي مضمونن ۽ مقالن جو هي ٻيو مجموعو آهي. ان ۾ فاضل مصنف جا انٽرويوز به شامل آهن. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ٻيو ڇاپو ساڳئي اداري واڌو مواد سان 2007ع ۾ نروار ڪيو. ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو وڌيڪ واڌارن سان ڇپجي رهيو آهي. ان متعلق وڌيڪ اوک ڊوک هيٺ اچي رهي آهي. +47. مقالات راشدي: هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب جا ايڪيهه اردو مقالا ۽ مضمون شامل آ��ن. هي ڪتاب راقم الحروف ترتيب ڏنو. جناب سيّد حسام الدين راشدي صاحب جي اردو قلمي ڪاوشن جو مقدمي ۾، اختصار سان مگر جامع طور تي احاطو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي پاڪستان جي علمي مرڪزن ۾ وڏي پذيرائي ٿي. ان کان علاوه هندستان توڙي ايران ۾ به ”مقالات راشدي“ کي وڏو مان مليو. هي ڪتاب پير صاحب جي ذاتي دوست پروفيسر ڊاڪٽر رياض الاسلام جي سعيي سان، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، پاران سال 2002ع ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ مون کي ليکڪ جو اردو زبان ۾ ڪجهه وڌيڪ مواد مليو آهي. ان ڪري هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جي ضرورت آهي. +48. پيوندهاي فرهنگي و ادبي ايران و پاکستان: هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب جا فارسي مضمون ۽ مقالا گڏ ڪيا ويا آهن. شامل مقالن جو تعداد ست آهي. انهن مان ڪي مضمون ايران ۾ ٿيل ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيا ويا. هنن تحريرن جو تعلق گهڻو ڪري، سنڌ جي فارسي ادبيات ۽ ايران- سنڌ لاڳاپن سان آهي. هن مواد جي حاصلات ۾، ڊاڪٽر عارف نوشاهي صاحب منهنجي گهڻي مدد ڪئي. مون اهو مواد حاصل ڪري، اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر انجم حميد جي حوالي ڪيو. سندس ڪوششن سان هي مواد، ڪتابي صورت ۾ مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان اسلام آباد 2014ع ۾ محدود تعداد ۾ نروار ڪيو. ڊاڪٽر انجم حميد سان منهنجو ٽيهن ورهين جو علمي تعلق آهي. هن منهنجي گذارش کي مان ڏنو، ان لاءِ آءٌ ذاتي طرح سندس شڪرگذار آهيان. +مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ راشدي صاحب جي ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جو پاڻ کي پتو پيو آهي. (19) انهن ۾ ڪجهه درسي ڪتاب آهن. ٻين ڪتابن ۾ راشدي صاحب ساٿي مصنف (Co-Author)، يا ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. +49. ارمغان: هي هڪ مختصر ڪتاب آهي. ممتاز حسن مرحوم، راشدي ڀائرن جو دوست ۽ مرڪزي حڪومت ۾ خزانه سيڪريٽري رهيو. ممتاز پاڻ به هڪ اهلِ قلم ۽ علم دوست انسان ٿي گذريو. هن جي ڪوشش سان ”انجمن ادبيات فارسي“ جو قيام عمل ۾ آيو. ان جي پهرين گڏجاڻي 11 ڊسمبر 1960ع تي، پير حسام الدين راشدي صاحب جي گهر تي ٿي. شعراءِ ڪرام موقعي جي نسبت سان فارسي، سنڌي ۽ اردو زبان ۾ شعر پڙهيا. ممتاز حسن جي سعيي سان هي شعر گڏ ڪري 1961ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ويا. پيش لفظ ممتاز پاڻ لکيو، جو انگريزي زبان ۾ آهي. ڪتاب جا مرتب: ممتاز حسن ۽ پير حسام الدين راشدي آهن. +50. آسان اردو، حصّه اول: هي ڪتاب چوٿين جماعت جي، سنڌي پڙهندڙ ٻارن جي لاءِ تيار ڪيو ويو. عبدالواحد سنڌي ۽ مسلم ضيائي ڪتاب لکي تيار ڪيو. ڪم جي نگراني ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ۽ پير حسام الدين راشديءَ ڪئي. ڪتاب جي قطعي نظرثاني به، راشدي صاحب ڪئي. ڪتاب ۾ 39 (اوڻيتاليهه) سبق آهن. ان کان سواءِ ڪجهه شعر ۽ نظم به ڏنا ويا آهن. هي نصابي ڪتاب اردو اڪيڊمي سنڌ، اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور لاءِ ڇپيو. پهرئين ڇاپي بابت ڄاڻ نه ملي سگهي. البت چوٿون ڇاپو 1967ع، ۽ پنجون ڇاپو 1968ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾، ڪل (اَٺهٺ) 68 صفحن تي مشتمل آهي. +51. بنيادي اردو: اردو زبان ۾ لغت جو هي مختصر ڪتاب ڊاڪٽر ابوالليث صديقي صاحب لکيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو جمال رند ڪيو ۽ نظرثاني توڙي نگراني، سيّد حسام الدين راشدي صاحب ڪئي. هي ڪتاب مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1968ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو. +52، 53. توزڪ جهانگيري: هي ڪتاب مغل شهنشاه جهانگير جي خودنوشتہ آتم ڪٿا يا سوانح آهي. جهانگير 1605ع کان 1627ع تائين هندستان تي بادشاهي ڪئي. نورجهان سندس، پسند جي راڻي هئي. اڪثر دنياوي ڪم هڪ ٻئي جي صلاح سان ڪندا هئا. سن 1627ع ۾ جهانگير گرم��ن جي موسم ۾، ڪشمير جي سفر تي روانو ٿيو. واپس ٿيڻ وقت مٿس، بيماريءَ جو شديد حملو ٿيو. ان بيماريءَ جي حالت ۾ فوت ٿيو. نورجهان لاش کڻائي لاهور پهتي. دهلي/ آگري ۾ جهانگير جو پٽ شاهه جهان، اقتدار تي قبضو ڪري چڪو هو. نورجهان مڙس کي لاهور ۾ راوي ڪناري دفن ڪرايو. نئين بادشاه نورجهان جي لاءِ ساليانو وظيفو ٻه لک روپيه مقرر ڪيو، ۽ حڪم جاري ڪيو ته مرحوم بادشاه (جهانگير) جي بيوه زندگيءَ جو باقي حصو لاهور ۾ بسر ڪندي(20). +توزڪ جهانگيريءَ ۾ سترهن سالن جو احوال جهانگير پاڻ لکيو آهي. بقيه سالن جو احوال بادشاه جي نگرانيءَ ۾، معتمد خان لکيو. هندستان جي تاريخ ۾ عام طرح ۽ مغل دور جي اتهاس ۾ خاص طرح سان، هن ڪتاب جي اهميت آهي. هن ڪتاب جا ٻه ايڊيشن فارسي ۽ هڪ ڇاپو انگريزي ترجمي جي صورت ۾ تيار ٿيا. بعد ۾ توزڪ جي معياري اردو ترجمي جي ضرورت محسوس ٿي. ترجمي جو ڪم اعجازالحق قدوسي مرحوم جي حوالي ٿيو. ليڪن سموري ڪم جي نگراني سيّد حسام الدين راشدي ڪئي. ان ريت هن ڪتاب جو ڪامل اردو ترجمو تيار ٿيو. مکيه مکيه ڳالهين تي وضاحتي حاشيا پڻ لکيا ويا. ان ڪري ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. سيّد حسام الدين راشدي، هن ترجمي بابت لکي ٿو ته: +”ڪتاب جي اصل عبارت کي ’هيٺ مٿي‘ ڪرڻ کان سواءِ، ترجمو ڪرڻ ۽ وضاحتي حاشيا لکڻ جي ڪري، ان جي ضخامت ۽ وزن وڌي ويو آهي. ان ڪري ڪتاب کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻو پيو. هونئن اصل ڪتاب به ٻن حصن ۾ آهي. پهريون حصو ٻارهن سالن جي حالتن تي، ۽ ٻيو حصو ڏهن سالن جي واقعن تي مشتمل آهي. ان ڪري ترجمي جي حالت ۾ به، ڪتاب کي ٻن جلدن ۾ برقرار رکيو ويو آهي(21). توزڪ جهانگيري، نظرثاني: سيّد حسام الدين راشدي، مجلس ترقي ادب لاهور، جلد اول سال 1968ع ۾، ۽ جلد ٻيو 1970ع ۾ شايع ڪيو. +54. سماجي اڀياس: هي هڪ نصابي ڪتاب آهي جو اٺين جماعت لاءِ لکيو ويو، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت شامل آهن. ڪرائون سائيز جي 228 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور 1969ع ۾ ڇپرايو آهي. +55. سماجي اڀياس: هي ڪتاب پڻ درسي آهي جو شايد اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور لاءِ لکيو ويو. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 134 صفحن تي آهي، جنهن کي اردو اڪيڊمي سنڌ 1969ع ۾ ڇپرايو. +56. هفت زباني لغت: بنيادي طرح هي هڪ اردو لغت آهي، جا اشفاق احمد، محمد اڪرام چغتائي ۽ فضل قادر فضلي تيار ڪئي. اردو سان گڏ وڌيڪ ڇهن ٻولين: بنگالي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ٻولين جي مترادف لفظن تي مشتمل هيءَ لغت، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1974ع ۾ ڇپرائي. +سنڌي لفظن (لغت) لاءِ، سيّد حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽ محمد انور بلوچ ڪم ڪيو. +57. آسان اردو، پهريون حصو: سنڌي ٻارن جي لاءِ هي ڪتاب تيار ٿيو. آسان اردو نالي هي ڪتاب چوٿين جماعت جي شاگردن لاءِ، اردو اڪيڊمي سنڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد پاران، پهريون ڀيرو 1975ع ۾ ڇپجي نروار ٿيو. هي ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز ۾، 61 (ايڪهٺ) صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ فهرست ڏسي خبر پوي ٿي ته، هن ۾ ڪل 42 (ٻائيتاليهه) سبق ۽ ننڍا ننڍا نظم به ڏنا ويا آهن. ڪتاب عبدالواحد سنڌي ۽ مسلم ضيائي لکيو. نگراني ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ پير حسام الدين راشدي صاحب ڪئي. قطعي نظرثاني به پير صاحب ڪئي. هي ڪتاب مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب کان مختلف آهي. 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ قائم ٿيو. تڏهن کان ڪري هر صوبي نصابي ڪتاب، نئين طرح سان تيار ڪري ڇپرائڻ شروع ڪيا. +58، 59. طبقات ناصري: سلطنت دهليءَ جي ابتدائي مرحلي تي، هي تاريخي ڪتاب منهاج سرا�� جوزجاني، سن 658هه/ 1260ع ۾ دهليءَ ۾ لکيو. ان وقت هندستان ۾ غلام گهراڻي جو اٺون سلطان ناصرالدين محمود (1246ع- 1266ع)، حڪمران هو ۽ قاضي منهاج سراج، هن کي گهڻو ويجهو هو. قاضي صاحب هي ڪتاب مڪمل ڪري سلطان ناصرالدين کي پيش ڪيو. هي هڪ عمومي تاريخ آهي جنهن کي مصنف ٽيويهن طبقن ۾ تقسيم ڪري تيار ڪيو آهي. طبقن کي وري وڌيڪ بابن ۾ تيار ڪري نروار ڪيو آهي. ابتدا ۾ پيغمبرن سڳورن جو احوال ملي ٿو. خلفاءِ راشدين جي ذڪر کان پوءِ بنواميه ۽ بنوعباس جي خلافت احوال لکيو ويو آهي، مرڪزي ايشيا توڙي ايران جي تاريخ بابت به، قاضي منهاج ججهو مواد پيش ڪيو آهي. ٻاويهون طبقو هندستان جي غلام گهراڻي بابت لکيو ويو آهي. هي طبقو جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو، سلطان ناصرالدين محمود جي ذڪر تي، ختم ٿئي ٿو جو ان وقت دهليءَ ۾ حڪمران هو. آخري ٽيويهون طبقو تاتارين جي حملن، ڪاهن، فتوحات، ڦرلٽ ۽ قتل غارت تي لکيو ويو آهي. ان وقت بغداد ۾ ڦرلٽ ۽ خون خرابو جاري هو. ان ريت عباسي خلافت جو خاتمو ٿي رهيو هو. منهاج سراج کي ان متعلق تازه ترين ڄاڻ ملي رهي هئي. هندستان جي سلسلي ۾، هن ڪتاب جون ٻه اهم نسبتون هيون. هڪ ته مسلم انڊيا جي دور ۾ لکيل، تاريخ جو هي آڳاٽو ڪتاب آهي. ٻيو ته هندستان جي پهرئين مسلم حڪمران خاندان (غلام گهراڻو)، بابت تحقيق لاءِ هي پهريون ۽ بنيادي ماخذ آهي. +1758ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني بنگال تي قبضو ڪري، سموري هندستان (برصغير) کي فتح ڪرڻ جو پروگرام تيار ڪيو. ڪلڪتي ۾ جديد تعليم ۽ هندستان جي تاريخ جي اڀياس جو آغاز ٿي ويو. اڳتي هلي ميجر ريورٽي ”طبقات ناصري“ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو. ٻين عالمن به ان ڏس ۾ وِکَ وڌائي. ليڪن افغان دانشمند عبدالحي حبيبي، اصل فارسي متن کي ايڊٽ ڪيو ۽ مفيد حاشيا به لکيا. ان کان علاوه حبيبي مرحوم، منهاج سراج جي زندگيءَ تي خوب تحقيق ڪئي. ڪتاب جو جلد اول ڪوئيٽه مان 1949ع ۾، ۽ جلد ٻيو لاهور مان 1954ع ۾ ڇپيو. عبدالحي حبيبيءَ جو هي ڪتاب پوءِ ڪابل مان هن ريت ڇپيو: جلد اول سال 1964ع ۾، ۽ جلد ٻيو سال 1965ع ۾ شايع ٿيو. (22) +مرڪزي اردو بورڊ لاهور هن ڪتاب جي اردو ترجمي جو ڪم مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيو. اردو ترجمي جو بنياد عبدالحي حبيبيءَ جي تيار ڪيل فارسي متن تي رکيو ويو آهي. مولانا صاحب سال 1971ع ۾ فوت ٿيو. اردو بورڊ ڪتاب جي اشاعت وقت، پير سيّد حسام الدين راشديءَ کان علمي معاونت حاصل ڪئي. راشدي صاحب هن علمي ڪم جي تڪميل لاءِ، مولانا اعجازالحق قدوسي، ۽ ڊاڪٽر ايوب قادري صاحب کان به مدد ورتي. حڪمرانن جي نسب نامن، فهرستن، تاريخي ۽ جاگرافيائي معاملن تي، تفصيلي حاشين ۽ واڌو مواد سان، هي اردو ترجمو سيّد حسام الدين راشديءَ جي نظرثانيءَ سان، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، ٻن جلدن ۾ سال 1975ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. +60. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: هي ٽن مختصر ترين لغتن جو هڪ مجموعو آهي. هي ڪم سنڌي زبان جي نامور عالمن جي هڪ ڪميٽيءَ مڪمل ڪيو، جن ۾ سيّد حسام الدين راشدي صاحب جو نالو نمايان ڏسجي ٿو. هيءَ لغت وزارت تعليم حڪومت پاڪستان پاران، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي. +61. تذکرة الشعرا: سلطان محمد مطربي سمرقندي (966هه- 1040هه)، سمرقند ۾ ڄائو، ۽ اتي ئي تعليم تربيت حاصل ڪائين. بعد ۾ سمرقند ڇڏي بخارا آيو. تنگي ۽ بک سبب عمر جي آخري مرحلي تي، مرڪزي ايشيا ڇڏي پشاور کان لاهور پهتو. جهانگير بادشاه ڪابل جي سفر تي هو. ان وقت جهانگير به پريشان حال، ۽ بادشاهت جي آخري سالن ۾ هو. +لاهور ۾ مطربي سمرقندي، بادشاه جهانگير سان ملاقات ڪري، پنهنجو لکيل تذڪري ”نسخهءَ زيباي جهانگير“ جو نسخو پيش ڪيو. بادشاه هن کي ”تذکرة الشعرا“ جي ڪاپي ڏني، جنهن کي سمرقندي پنهنجي ڪتاب ۾، ضميمي طور شامل ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ رهندي مطربي سمرقندي، ۽ بادشاه جون چوويهه ملاقاتون ٿيون. انهن ملاقاتن جي احوال کي به، تذڪره نويس پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو. +ويهين صديءَ ۾ مطربي سمرقندي، ۽ ان جي علمي ڪمن جي تلاش، سيّد حسام الدين راشدي مرحوم ڪئي. ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق ۽ کوجنا جو ڪم تاجڪستان ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز جي هڪ اسڪالر پروفيسر عبدالغني ميرزايف، راشدي صاحب جي تائيد سان ڪيو. ابتدا ۾ هن ”نسخئه زيباي جَهانگير“ ۾ شامل هڪ ضميمو ”تذکرة الشعرا“ تيار ڪيو. هي تذڪرو 1976ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ٻيو ضميمو ”خاطرات مطربي“ جي نالي سان، سال 1977ع ۾ شايع ٿيو. هي ٻئي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ اداري، انسٽيٽوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز پاران شايع ٿيا. بعد ۾ مطربيءَ جو لکيل تذڪرو ”نسخئه زيباي جهانگير“ تهران مان سال 1998ع ۾ مڪمل صورت ۾ شايع ٿيو. +سيّد حسام الدين راشدي ”تذکرة الشعرا“ تي ميرازيف جي ڪيل تحقيق تي نظرثاني ڪئي. ان تي وضاحتي نوٽس لکيا. ان کان علاوه سنڌ جي هن عالم ”حرفـﻶ چند“ (چند اکر) عنوان سان بحث ڪيو آهي ته، هي ڪتاب (تذکرة الشعرا)، جهانگير جو لکيل آهي، يا ”طبقات اڪبري“ تان مواد کڻندي، بادشاه ان کي پنهنجي تصنيف ڄاڻايو آهي. مطربي لاهور مان ئي شاهي خزاني مان، گهڻو ڪجهه حاصل ڪري وطن واپس موٽي ويو. (23) +فهرست نگارن پير صاحب جي ڪتابن جي سروي ڪندي, ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي به سندن ڪتابي ورثي ۾ شمار ڪيو آهي. هن ڏس ۾ ”ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ“ (سيدي علي رئيس) ۽ ”ٺٽي جي تاريخي جاگرافي“ جو ذڪر اڪثر ٿيندو رهي ٿو. حقيقت ۾ هي ٻئي مقالا رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ پير صاحب جي مقالن ۽ مضمونن جي ڪتاب ۾ به شامل ٿيا(24). ڊاڪٽر محمد ايوب قادري صاحب ”مولانا محب علي سنڌي“ کي سندن هڪ اردو ڪتاب لکيو آهي(25). حقيقت ۾ هي هڪ طويل اردو مقالو آهي، جو سه ماهي ”اردو“ جي آڪٽوبر 1950ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو(26). ان دور ۾ قاضي احمد ميان اختر جي تقريظ (ٻه اکر) سان، هن مقالي جا ڪجهه آف پرنٽس به نڪتا. اسان مٿي راشدي صاحب جي لکيل، ايڊٽ ڪيل ۽ مرتب ڪيل ڪتابن جي فهرست ڏني آهي. ان هوندي به هي امڪان آهي ته ڪجهه شين جو پاڻ کي پتو نه هجي، يا وري ڪي ڪتاب اڌورا، ۽ اڻ ڇپيل حالت ۾ رهجي ويا هجن. +ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: +راشدي مرحوم جي مضمونن، مقالن، تقريرن، انٽرويوز ۽ ٻئي متفرقہ مواد جو هي ٻيو مجموعو آهي. هن کان اڳ سندن حياتيءَ جي بِنهه آخر ۾، ان نوعيت جي مواد جو پهريون ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان 1981ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ڪل ٽيتاليهه مضمون، مقالا ۽ تقريرون شامل آهن. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن، ادب ۽ ثقافت جي اڀياس ۾، وڏي اهميت رکي ٿو. +ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، نالي ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو آهي. علم جي تحقيق ۽ تلاش هڪ مستقل ادارتي ڪم آهي. هن ڇاپي ۾ ٻئين ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مواد شامل آهي. ان طرح ان جي رٿابندي (فهرست) به، نئين طرح سان ڪئي وئي آهي. +ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾ مواد کي، چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. الف، مقالا، مضمون ۽ تقريرون، واري حصي ۾ ڪل چوويهه عنوان شامل آهن. ب، خط، اهي چار خَط ڏنا ويا آهن، جيڪي راشدي صاحب مون ڏي لکيا هئا. خطن تي مناسب وضاحتي نوٽس لکي، ڪجهه مبهم شين کي به نروار ڪيو ويو آهي. ج، هن حصي ۾ پير حسام الدين پاران لکيل، عزيزن ۽ دوستن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ، پيش لفظ، تعارف وغيره ڏنا ويا آهن. انهن جو تعداد ٻارهن آهي. د، حصي ۾ پنج انٽرويوز شامل ڪيا ويا آهن. اهي انٽرويوز راشدي صاحب توڙي سنڌ جي حوالي سان، بيحد اهميت رکن ٿا. هن جلد ۾ شامل پهريون مضمون 1937ع جو آهي، جڏهن ته آخري انٽرويو ۽ تقرير 1981ع جي ڏسجي ٿي. ان جو مطلب ته هن ڪتاب ۾ شامل مواد، مصنف جي چوئيتاليهن سالن جي ذهني توڙي قلمي پورهئي جو احاطو ڪري ٿو. +مضمونن، مقالن، خطن، مهاڳن ۽ انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب ۾ شامل هرهڪ مواد جو ذريعو مُهڙ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ان سان گڏ مواد جو سِٽاءُ ڪرانالاجيڪل سلسلي تحت رکيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ شامل ڪجهه مضمون پراڻي ۽ روايتي طرز تحرير جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن لِکتن ۾: مغل شاهي زماني ۾ هندن جي فارسي تعليم؛ غلام شاهه راشدي؛ فتاوى عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف؛ مرزا شاه حسين ارغون؛ ۽ مير علي شير قانع، جهڙا پراڻا ۽ روايتي انداز ۾ لکيل مضمون، شمار ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه هڪ مضمون ۾، سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ بابت، عربي ماخذن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هي مضمون ٻن قسطن ۾ رسالي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو هو. هي مضمون به راشدي صاحب جي، اوائلي لکيل هڪ تحرير سمجهڻ کپي. +سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط، هڪ غير معمولي مضمون آهي. هن مضمون ذريعي مصنف نه رڳو اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿو، پر تاريخ لِکڻ لاءِ هڪ نظرانداز ٿيل پهلوءَ طرف پڻ اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. ان کان سواءِ ’قاهره ميوزم ۾ چند ڪلاڪ‘ عنوان وارو مضمون، راشدي صاحب جو ڪتابن، ۽ ڪتابي مرڪزن طرف، بي انتها ڪشش کي ظاهر ڪري ٿو. هن مضمون جي ترجمي کي درست طرح سان نروار ڪرڻ جو جَتن ڪيو ويو آهي. ڇو ته ان ۾ عربي ۽ فارسي لفظن ۽ نالن جي ڪري وڌيڪ ڌيان جي ضرورت هئي. +سنڌي ادبي بورڊ جي قيام، ۽ علمي ڪم جي آغاز سان، ڪجهه معتبر عالم ۽ اديب گڏجي ويٺا، ۽ سنڌ جي ادب، ڏاهپ، ۽ تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ رِٿون تيار ٿيون. ان ڏس ۾ ٽي نالا خاص اهميت رکن ٿا: محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ابتدا ۾ هي ٽي اسڪالر ڪم ڪار، سوچ ويچار ۽ علمي رٿائن ۾ هم خيال رهيا. بعد ۾ جويو صاحب ۽ راشدي صاحب، هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي منفرد سوچ ۽ فڪري فهم جي ڪري، ٻنهي صاحبن کان الڳ ٿي بيٺو. +سنڌ بابت جويي صاحب جو هڪ خاص نقطئه نگاهه هو. ان ريت هو علمي ۽ تحقيقي ڪمن جي حوالي سان، راشدي صاحب کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ هڪ مختصر مضمون ۾، ان ڳالهه جي پچار ٿيل آهي. ان کان پوءِ راشدي صاحب جي تحقيق، لکڻين، توڙي سنڌ بابت سوچ سمجهه ۾ گهڻي تبديلي آئي. حق کي حق، ۽ ناحق کي ناحق چوڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين. حڪمرانن جيڪي سنڌ سان ڪلور ڪيا، انهن کي وائکو ڪندي، انهن جي دين ڌرم کي به، نه ڏٺائين. تاريخي مطالعن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي وڌيڪ اهميت ملندي وئي. ان پس منظر ۾ ”حسام الدين“ هر نئين ڪم ۾، تاريخ جي مدد سان سنڌ جي ڪيس کي بُلنديء طرف وٺي ويو. +اهڙي نوعيت جي سوچ، مقصد، فڪر ۽ لکڻين کان پوءِ، سيّد حسام الدين راشدي هڪ سنڌ دوست تاريخ دان ٿي اُڀريو. ان پس منظر ۾ راشدي صاحب جي زنده هوندي، توڙي وفات کان پوءِ به، سندن مخالفت ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو، ۽ پڻ ڏسڻ توڙي ٻڌجڻ ۾ آيو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي! +البت سنڌي ساهت ۽ سماج توڙي فن ۽ فڪر جي اڀياس ۾: سنڌي ٻوليءَ کي للڪار؛ فقير عبدالغفور؛ سچل سارو سچ؛ هڪ يادگار تقرير؛ سچل کان پوءِ؛ ۽ سنڌ جي آبروءَ جي پاسباني، جهڙا مضمون ۽ تقريرون، پڙهندڙن جي ڀرپور رهنمائي ڪن ٿا. اهڙين لکتن پڙهڻ کان پوءِ خاص ڪري نوجوان نسل کي هڪ پيغام ۽ اُتساهه ملي ٿو. +سنڌ ۽ ايران جو تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي تعلق، هزارين سالن تي پکڙيل آهي. هن عنوان تي سنڌ جي هن قابل صد احترام تاريخ دان، پهريون ڀيرو مختلف رخن کان علمي تحقيق ڪئي. راشدي صاحب مون کي چند موقعن تي، ”ائين چيو هو ته ايران منهنجو ٻيو گهر آهي. سچ هي آهي ته، مون جيترو ايران کي کي ڏٺو آهي، ايترو سنڌ کي بِه، نَه ڏٺو آهي جيڪو منهنجو وطن آهي.“ هن ڪتاب ۾ چار مقالا ۽ مضمون، سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن بابت شامل آهن. هِنن لکڻين ۾ تحقيق توڙي مصنف جي مشاهدي کي به وڏو دخل حاصل آهي. سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا؛ سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفوي؛ فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر؛ ۽ اصفهان جي هڪ يادگار شام، عنوان جهڙا معتبر ليک، هن ڪتاب جو اهم حصو آهن. هنن مضمونن جي ذريعي، ڪيئي مکيه تاريخي ۽ ادبي واقعن تي به روشني پوي ٿي. اصل ۾ اهي مقالا پاڻ ايران ولايت ۾ مختلف ڪانگريسن ۾ پڙهيا هئائون. جيتوڻيڪ ”اصفهان جي هڪ يادگار شام“ عنوان واري مضمون جو، سنڌ سان ڪو خاص تعلق ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان هوندي به راشدي صاحب جي ايران جي تاريخ، ۽ قديم آثارن ۾ دلچسپي ۽ احساسن کي ٺيڪ طرح سان، هن مضمون کي پڙهندي محسوس ڪري سگهجي ٿو(27). هونئن ته ايران ۽ سنڌ جي تعلق تي، گهڻي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، جنهن تي پڻ توجهه ڏيڻ کپي. البت راشدي صاحب جو ايران سان تمام گهڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تعلق رهيو، ان عنوان تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي(28). +ڊاڪٽر عترت حسين زبيري، ڪيفي دتاتريه، مولانا محمد شفيع لاهوري، ۽ نسيم امروهي صاحب، مشرقي ٻولين، علم ۽ ادب جي دنيا جا تمام وڏا نالا آهن. راشدي صاحب هنن اديبن تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ذريعي ذڪر ڪيل عالمن جي قد ڪاٺ، علم سان پيار، تحقيق سان دلچسپي، توڙي ذاتي زندگي (زندگين) جا ڪيئي گوشا نروار ٿين ٿا. وڏي ڳالهه ته خود علمي دنيا جي اهڙن ستارن سان، پير حسام الدين جي ويجهڙائي ۽ ادبي حجّت، اسان جي هن مانائتي عالم جي لاڳاپن، اثر رسوخ، شخصي آبرومندي، توڙي دانائي ۽ ڏاهپ کي به نروار ڪري ٿي. پاڪستان جي قيام کي ستر سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. پير الاهي بخش، حڪيم محمد احسن، راشدي ڀائرن، ۽ ڪجهه ٻين سنڌي اڪابرن، هندستان جي مسلمانن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۾ مخلص ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ جدا جدا طريقن سان مسلمان ڀائرن جي بي انتها مدد ڪئي. مختلف ادارن جي قيام خاص ڪري ”انجمن ترقي اردو پاڪستان“ جي قائم ٿيڻ جي حوالي سان به، سنڌي مشاهيرن جو اهم ڪردار آهي. ليڪن مُني صدي گذرڻ کان پوءِ به، اهي پاڻ کي مهاجر سڏائين ٿا، ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا. ان دور جي معتبر سنڌي مشاهيرن، هند کان سنڌ پهتل مهاجرن جي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو، ان لاءِ ”ڪيفي دتاتريه“ مضمون پڙهڻ کپي، جو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. هڪ مضمون جو عنوان: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ حب رسولؐ “ آهي. هي عنوان خود پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو، ان بابت ڪهڙي گفتگو ڪجي! پير سيد حسام الدين کي جيئري توڙي وفات کان پوءِ به، الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏنا ويا. ان نوعيت جا اديب دين سان سچائي يا وفاداريءَ بجاءِ، مالي فاعدا ۽ عهدا حاصل ڪندي، پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي به اڏي ويا. +ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ چار خط ڏنا ويا آهن. اهي خط سال 1980ع ۽ 1981ع ۾، راشدي صاحب، هن ڪتاب جي مرتب کي لکيا هئا. هي خط شامل ڪندي، ڪٿي ڪٿي حاشين جي ذريعي، ڪي وضاحتون به لکيون ويون آهن. +ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ ڇپيو هو. ان وقت مختلف ڪتابن تي لکيل، اٺ مهاڳ، پيش لفظ شامل ڪيا ويا هئا. نئين (ٽئين) ڇاپي ۾ اهڙين لکڻين جو تعداد ٻارهن آهي. ڪي علمي رُتبي جون لِکتون آهن ته، ڪي مهاڳ وري محض ادب جي دائري ۾ شامل آهن. ان هوندي به هنن لکڻين جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. +ڪتاب جو آخري حصو انٽرويوز تي مشتمل آهي، جنهن ۾ راشدي صاحب جا پنج انٽرويو شامل آهن. ادبي دنيا ۾ انٽرويوز جي تمام گهڻي اهميت آهي. انٽرويو ڏيندڙ اديب جي ذاتي سوانح، ادبي سفر، تيار ڪيل ڪتابن جي تعداد، ساهتي لڳ لاڳاپن، همعصر ليکڪن ۾ مليل مان مرتبي ۽ وڏي ڳالهه ته متعلقه شخصيت جي علمي ادبي سوچ ۽ فڪر جي اڀياس ۾، ان نوعيت جي مواد (انٽرويوز) جي تمام وڏي اهميت آهي. انٽرويوز جي ذريعي اصل ۾ ڪيئي گم ٿيل تاريخي ڪڙيون ۽ اُلجهيل مسئلا نبرن ٿا. پر هڪ محقق جڏهن انٽرويو ڏيندڙ جي سوانح بابت ڪم ڪري ٿو ته، هو پنهنجي تحقيق لاءِ به انهن مان گهڻي مدد وٺي ٿو. هتي ڏنل انٽرويوز مان پهريون، ٻيو، ۽ پنجون مختصر آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ ٽيون ۽ چوٿون طويل، مفصّل ۽ مقصد سان ڀرپور آهن. اميد ته انهن جو اڀياس پير صاحب جي ذاتي ۽ علمي زندگيءَ کان علاوهه، خود سنڌ متعلق پڻ مطالعي جي، ڪيئي پهلوئن ۾ مددگار ثابت ٿيندو. +سيّد حسام الدين راشدي مرحوم تي ڪم ڪندڙ ڪجهه اديبن، سندن 300 سنڌي، 20 اردو، ۽ 05 فارسي مقالن جو ذڪر ڪيو آهي. منهنجي ڄاڻ موجب اهو اندازو درست ڪونهي. هي ڪتاب ترتيب ڏيندي هڪ ته منتشر مواد جمع ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي راشدي مرحوم جي اردو ۽ فارسي مواد کي، جيڪو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي، ان کي به ميڙي چونڊي هن ڪتاب (ڳالهيون منهنجي سنڌ جون) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن لکڻين جا حوالا اڪثر ڪري، راشدي صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ ڏيندو رهندو هو. ان هوندي به، ٻه مضمون- بلگرامي ساداتن جو سنڌ تي اثر، ۽ پوراني سادات- هن جلد ۾ اچڻ کپن ها، پر باوجود تلاش جي اهي هٿ نه اچي سگهيا. +ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته مذڪوره مقالا يا ته لکجي نه سگهيا، يا وري ڪٿي ڇپجي نه سگهيا. ان کان سواءِ پير صاحب جو هڪ وڌيڪ مضمون، خواجه نظام الدين احمد (مصنف: طبقات اڪبري) تي به لکيل ۽ ڇپيل آهي. مون وڏي عرصي کان ان جي تلاش جاري رکي آهي، پر اڃا تائين ان جي حاصلات ۾ ڪاميابي نه ٿي آهي. ٽيهن سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿيو آهي. ان عرصي ۾ مون سنڌ جي هن ممتاز اسڪالر ۽ تاريخ دان توڙي دانشور کي ڳوليو آهي، پڙهيو آهي، ۽ ان جي ڪيل علمي ڪم کي سهيڙيو آهي. ان سان گڏ مون راشدي مرحوم جي باري ۾، ڪي معلوماتي مضمون به لکيا آهن. انهن مان ڪي اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڇپيا آهن. هن ڪتاب جي ٽئين ڇاپي لاءِ مون، وڌيڪ ٽڙيل پکڙيل مواد ڳوليو آهي. جو ڪجهه مواد ملي سگهيو، ان کي پوري ذميداريءَ سان مرتب ڪري، پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪجي ٿو. اُميد ته ڪتاب جو هي نئون ڇاپو، هڪ طرف سنڌ جي مطالعي ۾ هڪ اهم واڌارو ثابت ٿيندو؛ ته ٻئي طرف خود اسان جي هن سدا حيات عالم جي سوانح، فڪر ۽ ادبي ڪم ڪار جي اڀياس ۾ مفيد ثابت ٿيندو. +پير حسام الدين راشديءَ تي ٿيل ڪم، مختصر جائزو: +راشدي صاحب جي زنده هوندي، سندس بابت مواد لکجڻ شروع ٿي ويو هو(29). نه رڳو سنڌ ۾، پر ايران ۽ مرڪزي ايشيا تائين، راشدي صاحب جي هڪ محقق ۽ اسڪالر طور وڏي مڃتا هئي. ان ڪري سنڌ کان ٻاهر به، پير سيّد حسام الدين راشدي صاحب بابت مواد سامهون اچڻ جي ابتدا ٿي چڪي هئي. سال 1982ع ۾ سندن وفات کان پوءِ، هن عنوان تي ڏسڻ ۾ اچڻ جهڙو مواد ڇپيو آهي. ان متعلق هيٺ مختصر ذڪر ڪجي ٿو. +1. مکتوبات باب��ئے اردو۔۔۔۔ : مولوي عبدالحق (وفات: 16 آگسٽ 1961ع) اردو زبان جو ابو سڏجي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڻ دهلي ڇڏي ڪراچي لڏي آيو. شهر ڪراچيءَ ۾ ”انجمن ترقي اردو پاڪستان“ جو وجود عمل ۾ آندائين. ان ڪم ۾ راشدي ڀائرن، پير الاهي بخش ۽ شهر جي ميئر حڪيم محمد احسن، هن جي گهڻي مدد ڪئي. پير سيد حسام الدين سان مولوي عبدالحق جو گهرو گهاٽو علمي ادبي تعلق رهيو. راشدي صاحب ڏي مولوي عبدالحق جا لکيل خط، سَوَن جي تعداد ۾ هئا. اردو زبان جي عالم مشفق خواجه دلچسپي وٺي انهن کي مرتب ڪيو. هي خط ماهنامه ”قومي زبان“ جي آگسٽ 1964ع واري خاص پرچي ۾ ”مکتوبات بابائے اردو بنام پیر سید حسام الدین راشدی“ عنوان سان ڇپيا آهن. اردو زبان جي حوالي سان ته خطن جي اهميت آهي. ليڪن پير سيد حسام الدين جي زندگي ۽ علمي ڪمن جي اڀياس لاءِ به، هي خط خاص اهميت رکن ٿا. +2. پير حسام الدين راشدي نمبر: مرتب، خان محمد پنهور ۽ اعجاز سنڌي، سنڌي پبليڪيشن ڄام شورو، اپريل 1973ع. (30). +هن پبليڪيشن ۾ راشدي صاحب جو هڪ انٽرويو، ۽ سندن لکيل مضمون ”مرزا قليچ بيگ جي ڪتب خاني ۾ چند گهڙيون“ به شامل آهي. +3. پير حسام الدين راشدي نمبر: انجمن ترقي اردو پاڪستان (ڪراچي)، جي ماهوار جريدي ”قومي زبان“ ڊسمبر 1982ع ۾، هڪ خاص نمبر ”راشدي نمبر“ ڪري نروار ڪيو. هي پرچو جميل الدين عالي ۽ سيّد شبير علي ڪاظمي ايڊٽ ڪيو. پرچي ۾ راشدي صاحب متعلق، اردو زبان جي وڏن عالمن ۽ اديبن جا مضمون شامل آهن. +4. پير حسام الدين راشدي نمبر: هي خاص نمبر رسالي ”مهراڻ“ پاران ڇپيو. رسالو ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1983ع، ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ناشر سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. +هن پرچي ۾ سنڌي ۽ اردو جي عالمن جا لکيل مضمون شامل آهن. ڪي مضمون اردو يا انگريزيءَ ۾ اداري کي مليا، جن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي پرچي ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان سواءِ هن شماري ۾ راشدي صاحب جون چونڊ تصويرون ۽ ڪي علمي خط (عڪس جي صورت ۾) به ڏنا ويا آهن. ان ڪري پير صاحب جهڙي معتبر عالم جي زندگي ۽ ڪارنامن تي، هي پرچو هڪ خاص دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. +5. ماهوار ”اظهار“ يادگار نمبر: اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ جو اردو رسالو ”اظهار“ علمي دنيا جو هڪ نمايان پرچو آهي. اپريل- مئي 1983ع جي گڏيل شماري ۾، هڪ خاص حصو پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾ ڪڍيو ويو آهي. راشدي مرحوم بابت ڪجهه مضمون ۽ سندن اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“ سربستو هن شماري ۾ شامل آهن. ايڊيٽر ڪريم بخش خالد، اطلاعات کاتي جو عملدار ۽ خود به عالم فاضل انسان ٿي گذريو. +6. پير حسام الدين راشدي: ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ڇپرايل سووينئر، مرتبه: مهتاب اڪبر راشدي، سنڌالاجي 1984ع. +هن خاص سوونيئر ۾ ڪجهه مضمون آهن، جي اڪثر مٿي ذڪر ڪيل ”مهراڻ“ تان کنيل آهن. البت شامل ڪيل تصويرن ۾ ڪجهه نواڻ آهي. +7. پير حسام الدين راشدی اور ان کے علمی کارنامے: مولانا صباح الدين عبدالرحمان هندستان جو هاڪارو اسڪالر ٿي گذريو آهي. هي بزرگ عالم، پير سيد حسام الدين جو ذاتي ۽ علمي دوست ٿي گذريو. راشدي صاحب جي وفات کان پوءِ، حسين شاهه راشدي صاحب سان، تعزيت لاءِ پاڻ ڀارت کان ڪراچي ڪهي آيو. ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب، موقعي جو فائدو وٺندي، اردو لغت بورڊ جي نئين عمارت ۾، مولانا سيّد صباح الدين کان راشدي صاحب جي شخصيت ۽ علمي ڪارنامن تي، هڪ ڀرپور ليڪچر ڏياريو. هي يادگار ليڪچر اردو زبان ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز نالي اداري، سال 1984ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شا��ع ڪيو. مولانا صاحب هڪ عالم جي حيثيت ۾، راشدي مرحوم جي علمي ڪمن تي راءِ ڏني آهي. +8. پير حسام الدين شاهه راشدي: هي مختصر ڪتاب ٻاراڻي ادب سيريز تحت، حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو. ڊاڪٽر فهميده حسين هي ڪتاب نهايت سادي ۽ روان ٻوليءَ ۾ لکي، پڙهندڙن کي سنڌ جي، هن مانائتي عالم جي باري ۾ مناسب ڄاڻ ڏني آهي. ڪتاب سال 1990ع ۾ ڇپيو. +9. پير حسام الدين راشدي: هي ڪتاب ڪجهه اختصار سان، اردو زبان ۾، همدرد فائونڊيشن ڪراچي پاران، حڪيم محمد سعيد سال 1994ع ۾ ڇپيو آهي. هي ساڳيو ڪتاب آهي، جنهن جو ذڪر نمبر 08 تي ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين پاڻ ان کي اردو زبان ۾ تيار ڪيو آهي. +10. پير حسام الدين راشدي، ويهين صديءَ جو عالم: سيپٽمبر 1996ع ۾ حڪومت سنڌ جي تائيد سان، آواري ٽاورز ڪراچي ۾ ”ڪلهوڙا دور حڪومت“، عنوان تي ٻن ڏينهن جو بين الاقوامي سيمينار ٿي گذريو. ڪانفرنس جو سيڪريٽري جناب يعقوب علي زرداري صاحب هو، جو هن وقت دنيا ۾ نه رهيو آهي. ان موقعي تي راشدي صاحب کي ويهين صديءَ جو وڏو عالم تسليم ڪندي، هڪ ايوارڊ ڏنو ويو. هي ايوارڊ راشدي صاحب جي اولاد وصول ڪيو. ان موقعي تي هڪ مختصر انگريزي ڪتابڙو هن ريت شايع ڪيو ويو. +20th Century Scholar +Award +Conferred on +Dr. Syed Hussam-ud-din Rashdi +(Posthumous) +For His Scholarship +By +Kalhora Seminar Organizing Committee +11. راشدي صاحب متعلق ببليوگرافي: هي ببليوگرافي ”سيّد حسام الدين راشديءَ جي سوانحي ماخذن جو جائزو“ عنوان سان، رسالي ”مهراڻ“ جي ٻن اشاعتن (01، 1997ع، ۽ 1-2، 2008ع) ۾ ڇپي آهي. سمورو مواد راقم الحروف سهيڙيو. البت هي ببليوگرافيائي نوعيت جو ڪم، ٻين دوستن جي نالي ۾ ڇپيو آهي. +12. پير حسام الدين راشدي نمبر: رسالي ”مهراڻ“ پاران، راشدي صاحب جي ياد ۾، هي ٻيو خاص شمارو، نمبر 02، سال 1997ع ۾ ڇپيو. هي هڪ عام پرچو آهي. ان جي خاص ڳالهه مولانا صباح الدين عبدالرحمان جي اردو ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جو هن پرچي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مولانا جي ڪتاب جو وڌيڪ ذڪر هيٺ اچي ٿو. +13. فهرست نمائش: سال 2002ع ۾ ”مقالات راشدي“ (اردو) ۾ ڇپجي آيو. حسين شاهه راشدي مرحوم هن ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت تي گهڻو خوش ٿيو. ان موقعي تي فيمليءَ ۾ موجود راشدي صاحب بابت، اهم دستاويزن جي لسٽ به تيار ٿي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ظفر سعيد سيفي، نه رڳو هن لسٽ ڇاپڻ جو حڪم ڏنو، البته ان تي پيش لفظ طور ٻه اکر به پاڻ لکيائين. ڊاڪٽر ظفر ان ڪري به هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي، ڇو ته راشدي مرحوم جا اردو مقالا ۽ مضمون ”مقالات راشدي“ به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ اداري، ڪتابي صورت ۾ ڇپيا هئا. هي ڪتابڙو ”فهرست نمائش، نوادات، دستاويزات و ذاتي اسناد“ فل سائيز ۾، انگريزي ۽ اردو ۾ جيئن مٿي ذڪر ٿيو، 2002ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو. ذڪر ڪيل مجلس آواري هوٽل ڪراچيءَ ۾ ٿي. مير مجلس گورنر سنڌ محمد ميان سومرو هو. فهرست ۽ ڪتاب جي مهورت سومري صاحب ڪئي. هن فهرست ذريعي ڄاڻ ملي ٿي ته راشدي خاندان وٽ، پير حسام الدين سان ڪيئي عالمن، اديبن ۽ دانشورن توڙي ادارن جي خط و ڪتابت جا هزارن جي تعداد ۾ پنا پرزا موجود آهن. +14. مکاتیب راشدی بنام ڈاکٹر محمد باقر: پنجاب جو اسڪالر ڊاڪٽر محمد باقر (وفات: 1993ع)، سنڌ جي هن مانائتي عالم جو گهرو گهاٽو علمي دوست هو. راشدي صاحب جيڪي خط ڊاڪٽر محمد باقر کي لکيا، اهي ڊاڪٽر خضرنوشاهي صاحب هٿ ڪري مرتب ڪيا. خطن جو تعداد اٺاسي آهي. نوشاهي صاحب نهايت سليقي سان ڪم ڪندي، ڪِٿي ڪِٿي وضاحتي حاشيا به لکيا آهن. ان ڪري هي خط ٻنهي عالمن جي سوانح تي ڪم ڪرڻ لاءِ، هڪ اهم ماخذ جو مرتبو ماڻي چڪا آهن. ڊاڪٽر نوشاهيءَ جو لکيل مقدمو به ازحد مفيد آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز پاران، ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب 2005ع ۾ ڇپيو آهي. +15. دانش (فارسي): اسلام آباد ۾ قائم مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، سيّد حسام الدين راشديءَ جي پنجويهين ورسيءَ جي نسبت سان، پنهنجي پرچي ”دانش“ نمبر 90، خزان 2007ع ۾، هڪ خاص حصو وقف ڪيو. هن حصي ۾ راشدي مرحوم جي زندگي ۽ علمي خدمتن متعلق ست مضمون شامل ڪيا ويا آهن. هي خاص پرچو 2007ع ۾ جاري ٿيو، جيئن مٿي ذڪر ٿيو آهي. +16. پير حسام الدين راشدي ڪارنر جا قلمي نسخا: راشدي صاحب جي زندهه هوندي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لئبريريءَ ۾، سندس نالي تي ڪارنر قائم ٿي چڪي هئي. ان ۾ وقت به وقت ڪتاب ايندا ٿي رهيا. راشدي صاحب لکت ۾ وصيت ڇڏي هئي ته، سندن وفات کان پوءِ ڪتب خانو سنڌالاجيءَ کي ڏنو وڃي. ڇپيل ڪتاب هزارن ۾ آهن. ان کان سواءِ هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ، تمام اهم قلمي نسخا پڻ اداري کي ڏنا ويا. انهن اڻ ڇپيل ڪتابن جي، سنڌ جي تاريخ جي اڀياس ۾ گهڻي اهميت آهي. منهنجي گذارش تي ڊاڪٽر انس راڄپر، انهن قلمي نسخن جي فهرست تيار ڪئي. هي فهرست سنڌالاجيءَ جي پرچي ”سنڌي ادب“ ۾ سال 2007ع ۾ ڇپي آهي. ان کان سواءِ هي فهرست، اردو رسالي ”پيغام آشنا“ ۾ پڻ، ٻن قسطن ۾، شمارو 35، ڊسمبر 2008ع؛ ۽ شمارو 36، مارچ 2009ع اردو ۾ شايع ٿي آهي. هن ڏس ۾ مفصل ڪم ڪرڻ جي ازحد ضرورت آهي. +16. Pir Hussamuddin Rashdi: +لاڙڪاڻي جو رهواسي عبدالستار ڀٽي، ملازمت سان گڏ مختلف محاذن تان، علم ادب جي خدمت به ڪندو رهيو. ان ڏس ۾ هن جو سهيڙيل ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي“ انگريزي زبان ۾ مارچ 2008ع ۾ لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي (ڪراچي) پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي 57 عالمن ۽ اديبن جا، راشدي صاحب جي باري ۾ مختصر مگر جامع تاثرات ڏنا ويا آهن. ڀٽي صاحب 14 نومبر 2017ع تي هي فاني جهان ڇڏيو. +17. Sindh: Glimpses Into Modern History: +18-19 آڪٽوبر 2008ع تي شعبهء تاريخ (جنرل هسٽري)، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران، جديد سنڌ جي تاريخ تي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي تاريخ منعقد ٿي. ڪانفرنس جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾، راقم الحروف هن علمي ميڙاڪي کي پير حسام الدين راشديءَ جي نالي منسوب ڪيو. افتتاحي اجلاس جو خاص مهمان، ڪراچيءَ ۾ مقيم ايران جو ثقافتي ڊئريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد محمدي توّسلي صاحب هو. هن ڪانفرنس ۾ اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ايڪيتاليهه (41) مقالا پيش ڪيا ويا. انهن ۾ ڇهه مضمون راشدي صاحب بابت هئا. ڊاڪٽر سليم اختر پنهنجي ڪليدي خطبي ۾، پير حسام الدين جي زندگي، علمي لاڳاپن ۽ تحقيقي خدمتن تي خوب روشني وڌي. ڊان اخبار 19 آڪٽوبر جي اشاعت ۾، ڪانفرنس کي عام طرح سان، ۽ سليم اختر صاحب جي تقرير کي، وڏي اهميت سان شايع ڪيو. +پير حسام الدين راشدي انٽرنيشنل هسٽري ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مقالن کي ”سنڌ: گلمپسس ان ٽو ماڊرن هسٽري“ جي نالي سان، جنرل هسٽري شعبي 2008ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. +20. روش تحقیق حسام الدین راشدی درگرد آوری و تصحیح کتب فارسی: محترمه روزينه رشيد، هن عنوان تي ڊاڪٽر سيّد جواد همداني صاحب جي نگرانيءَ ۾ تحقيق ڪئي. هن تحقيقي مقالي ۾ راشدي صاحب جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون اجاگر ڪيون ويون آهن. روزينه رشيد کي هن ڪم تي شعبهء فارسي، بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد، سال 2010ع ۾ ايم. فل جي ڊگري ڏني. +21. پير حسام الدين راشدي: مٿي ذڪر ڪيل (مولانا صباح الدين عبدالرحمان) ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي. سنڌي ترجمو امام راشدي صاحب ڪيو (مهراڻ، 02/1997ع). سال 2011ع کي سنڌي ادبي بورڊ پاران، سنڌ جي هن بي مثل عالم جي جنم صديءَ طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ياد رهي ته راشدي صاحب 20 سيپٽمبر 1911ع تي ڄائو هو. هي ڪتاب صدي پروگرام تحت تيار ٿيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي 2011ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. آزاد قاضي ترجمي جي اصلاح ڪئي ۽ سڌارن واڌارن جي صورت ۾، ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ جي جستجو ڪئي.(30) +22. پير حسام الدين راشدي: هي ڪتاب پڻ راشدي صاحب جي ڄم جي، سؤ ساله جشن ملهائڻ جي پروگرامن تحت تيار ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مٿي ذڪر ڪيل رسالي ”مهراڻ“ جي خاص پرچن ۾ ڇپيل مواد، ٻن حصن ۾ جدا جدا مرتب ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب جي ٽئين حصي ۾، ذڪر ڪيل رسالي ۾ ڇپيل وڌيڪ تيرهن مضمون (2010ع تائين) به شامل ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي- سوانح، علمي ڪارناما ۽ حاصلات“ جي نالي سان، سنڌي ادبي بورڊ 2014ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب کي آزاد قاضي وڏي محنت ۽ محبت سان مرتب ڪيو. مولانا صباح الدين جو مواد ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1997ع ۾ ڇپيو هو. ان کي جداگانه ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرڻ ڪري، هن ڪتاب مان خارج ڪيو ويو آهي. ڇپائي، گيٽ اپ توڙي استعمال ڪيل ڪاغذ جي ڪري، هي ڪتاب علمي دنيا ۾ ساراهه جوڳو نه بنجي سگهيو. +23. پير حسام الدين جي تاريخي خدمتن جو جائزو: محمد علي لغاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو استاد آهي. لغاري صاحب ”پير حسام الدين راشديءَ جي تاريخي خدمتن جو تنقيدي جائزو“ عنوان تحت، يونيورسٽيءَ ۾ Ph.D لاءِ داخلا ورتي. آخرڪار سنڌ يونيورسٽي هن کي، سال 2018ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني. +ڪجهه حڪايتون، ڪجهه شڪايتون: +سيّد حسام الدين راشديءَ جي سطح جا عالم، روز روز پيدا نه ٿيندا آهن. اهڙن عالمن، محققن ۽ دانشورن، جن کي دنيا تسليم ڪيو، احترام ڪيو، ۽ مڃتا ڏني؛ راشدي صاحب جو نالو ان ڏس ۾ خاص جاءِ والاري ٿو. سال 1982ع ۾ جڏهن سنڌ جي هن ساک ڀريي عالم جي وفات ٿي، ان وقت انقلاب اچڻ جي ڪري، ايران ۽ افغانستان جون حالتون انتهائي سنگين هيون. پاڙي ۾ انقلابن جي ڪري، پاڪستان به وڏي ڏوجهري ۾ اچي ويو. وڏي ڳالهه ته پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هئي، ۽ جنرل ضياء جي مارشل لا ۾، پاپولر اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي هئي. ان پس منظر ۾ ذڪر ڪيل ملڪن توڙي مرڪزي ايشيا ۾، ۽ پاڙيسري ملڪ هندستان جي علمي مرڪزن ۾، پير حسام الدين راشديءَ جي وفات تي، جيڪا سوڳواريت جي فِضا پيدا ٿيڻ کپندي هئي، اهڙي ڪيفيت پيدا نه ٿي سگهي. ان هوندي به ذڪر ڪيل ملڪن ۽ دنيا جي مکيه مکيه نشرياتي ادارن ۽ اخبارن، پير صاحب جي وفات جي خبر کي خاص جاءِ ڏني، ۽ هن مانائتي عالم جي زندگيءَ ۽ علمي خدمتن کي اجاگر ڪيو. پاڪستان مان ڇپجندڙ ڳچ اخبارن به، پير حسام الدين جي لاڏاڻي جي خبر کي نِشانبر ڪري شايع ڪيو، ۽ پڻ تعزيتي مقالا ۽ اداريا ڇپيا. +ليڪن اهلِ سنڌ جيڪو هن بي مثل عالم جو قدر ڪيو، اهو اسان جي سامهون آهي. انهن عملدارن، اديبن، استادن ۽ پروفيسرن کي، جن کي راشدي صاحب ويجهو رکيو، دنياوي ۽ روحاني فائدا ڏنا، انهن سان جڏهن هن عنوان تي، ڳالهه ڪجي ٿي ته اهي اگر مگر ۾ پورا هوندا آهن! +راشدي صاحب هزارن جي تعداد ۾ ڇپيل، ۽ هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ اڻ ڇپيل قيمتي ڪتاب، سنڌالاجيءَ کي تحفي ۾ ڏنا. اڄ ڏينهن تائين هن اداري پير حسام الدين بابت، ڪوبه علمي يا تحقيقي ڪم ميدان تي نه آندو آهي. ان کان سواءِ اڻ ڇپيل (قلمي) ڪتابن جو ڪو، ڪيٽالاگ تيار ڪري دنيا کي، هي ڏيکارڻ جي جستجو به نه ٿي آهي ته، اداري جي راشدي ڪارنر ۾ ڪيترو ��زانو موجود آهي؟ +سال 1999ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، چوٻول هليو ته، تاريخ جي شعبي جي سايي ۾، پير حسام الدين راشدي چيئر جو، وجود عمل ۾ اچي رهيو آهي. ليڪن 2003ع جي ابتدا ۾، هي معاملو ائين ختم ٿي ويو، ڄڻ ته ان جو ڪو وجود نه هو. +مون ان وقت جي وائيس چانسيلر (جناب مظهرالحق صديقي) کان پڇيو ته، ذڪر ڪيل چيئر ڇونه ٺهي سگهي؟ مون کان پڇيائين ته، حسام الدين راشدي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي خلاف ڳالهائيندو هو ڇا؟ مون چيو ته هو يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار تي گفتگو ڪندو هو. پروفيسرن جي قابليت بابت سوال ڪندو هو. سترهن- ارڙهن سالن جي عرصي ۾، سنڌ يونيورسٽي ”سنڌي“ شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري نه ڏني هئي، ان بابت فڪرمنديءَ جو اظهار ڪندو هو. جڏهن ته يونيورسٽي ان دور تائين اردو ادب ۾ کوڙ اسڪالرن کي پي.ايڇ.ڊي ڏئي چڪي هئي. ان متعلق سيّد غلام مصطفيٰ شاهه جي دور ۾، راشدي صاحب جي زور ڀرڻ تي، آخرڪار ”سنڌي“ ٻولي ۽ ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ شروع ٿي. مون مظهرالحق صديقي صاحب (وائيس چانسيلر) جي سامهون، جڏهن حقيقت پيش ڪئي ته هو خاموش ٿي ويو ۽ بي وس ڏسڻ ۾ آيو! +پير حسام الدين راشديءَ جي وفات کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽي راشدي صاحب جي علمي خدمتن کي نظر ۾ رکندي، ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري (Posthumous) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ليڪن هي ڊگري به ان وقت ڏني وئي، جڏهن محترم حسين شاهه راشدي، سينيٽر بنجي سينيٽ ۾ وڃڻ لڳو. +سيّد حسام الدين راشدي، 20 سيپٽمبر 1911ع تي ڄائو هو. اسان ڪجهه دوستن 2011ع کي، پير صاحب جي جنم صديءَ طور ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي چيئرمين، راشدي صدي ملهائڻ لاءِ اسان ڪجهه دوستن جي صلاح تي، هڪ ڪميٽي وجود ۾ آندي. ابتدائي طور تي ڪجهه ميٽنگون به ٿيون پر پوءِ اهو معاملو آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. ان هوندي به بورڊ پنهنجي هن محسن عالم جي باري ۾، ڪجهه ڪتاب شايع ڪري، ڪي قدر علمي قدرشناسيءَ جو ثبوت ڏنو. +ڪجهه دوستن کي خبر آهي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، راشدي صاحب جي صلاح سان، ابتدا ۾ مرڪزي حڪومت ۾ ثقافت متعلق، هڪ سيل وجود ۾ آندو. راشدي صاحب جي مشوري تي، فيض احمد فيض کي ان جو نگران مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ صوبن ۾ ثقافت متعلق، تعليم کاتن جي ماتحت، ڊئريڪٽوريٽ قائم ڪيا ويا. هن وقت سنڌ ثقافت کاتو الڳ طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. راشدي صاحب جي سعيي سان، سنڌ جي سرڪاري ڪاغذن ۽ دستاويزن کي مستقبل جي مؤرخن لاءِ محفوظ ڪرڻ خاطر، سنڌ آرڪائِوز جو وجود پڻ عمل ۾ آيو. +سن 2011ع کي راشدي صدي ڪري ملهائڻ لاءِ، جڏهن ڪجهه دوستن سنڌ ثقافت کاتي جو توجهه ڇڪايو، تڏهن ان ڏس ۾ مڪمل مايوسي پلئه پئي. پاڪستان جو نامور ترقي پسند شاعر، فيض احمد فيض به، سن 1911ع ۾ ڄائو هو. سنڌ ثقافت کاتي، فيض صاحب کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ، نه رڳو پيسي ڏوڪڙ جو خوب استعمال ڪيو، پر ان ڪم لاءِ ٺهيل ڪميٽين سان ڀرپور ساٿ ڏنو. ان کان سواءِ فيض مرحوم جا ڪيئي ڪتاب پڻ، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا ويا. +ثقافت کاتي جي عملدارن ۽ وزير صاحبه کي، اها خبر نه هئي ته جنهن شعبي جي پاڻ سربراهي ڪري رهيا آهن، ان جو باني پير حسام الدين راشدي هو. فيض احمد فيض لاشڪ ته انقلابي ماڻهو هو، ۽ هن معاشري جي مثبت تبديليءَ لاءِ، مختلف وقتن تي تڪليفن، سختين، ۽ سزائن کي منهن ڏنو، ۽ جلاوطني پڻ اختيار ڪئي. ليڪن فيض صاحب ۽ راشدي صاحب جي خيالن ۾، مڪمل هم آهنگي هئي. جڏهن به فيض احمد مرحوم، ملاقات لاءِ پير صاحب وٽ ايندو هو، تڏهن سندن شان (راشدي مرحوم جي) ۾ قصيدو لکي ايندو هو. حسين شاه راشدي صاحب ٻڌائيندو هو ته، فيض جي هٿين اکرين اهڙا ڪيئي شعر، اڄ به محفوظ آهن. افسوس ته پوءِ به حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي کي 2011ع جي نسبت سان، پير حسام الدين راشدي ياد نه آيو! +1- جنوري 2020ع غلام محمد لاکو +ڄام شورو +(19) ڏسجي منهنجو اردو مضمون، مجله ”تاريخ و ثقافت پاکستان“، اپريل- سيپٽمبر، اسلام آباد، 2006ع. بعد ۾ ڪجهه ٻين ڪتابن جو به پتو پيو. اهڙن ڪتابن کي به هتي درج ڪيو ويو آهي. +(20) نورجهان بيگم، نظربنديءَ جي حالت ۾، لاهور ۾ ارڙهن (18) سال گذاريا. سندس وفات 17 ڊسمبر 1645ع تي ٿي. جهانگير جي مقبري جي ويجهو، لاهور ۾ سندس ڪفن دفن ٿيو. +(21) مقدمو، ص 6، توزڪ جهانگيري، اردو، جلد اول، لاهور 1968ع. +(22) طبقات ناصري، ڪابل ايڊيشن، تازو تهران (ايران) مان، عڪسي صورت ۾ ڇپيو آهي. ڪتاب جو نئون ڇاپو، منهنجي ذاتي ذخيري ۾ موجود آهي. +(23) ان کان علاوه سلطان محمد جو ٻيو ڪتاب ”تذکرة الشعراءَ“ به، تهران (ايران) مان ٻيو ڀيرو 2003ع ۾ شايع ٿيو. پهرين اشاعت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. +(24) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 367-408، ص 43-142. +(25) ماهنامہ قومي زبان، ص 82-90، ڊسمبر 1982ع. +(26) سيّد سرفراز علي رضوي (اشاريه اردو، ص 42، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي، 1976ع). رضوي صاحب لکيو آهي ته، راشدي صاحب جو هي مقالو سه ماهي ”اردو“ ۾ آڪٽوبر 1951ع ۾ ڇپيو هو. هي معلومات درست ڪونهي. +(27) راشدي صاحب جو ايران جي حوالي سان هڪ وڌيڪ مضمون: ”اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري“ به ڇپيل آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 422-433). مضمون سان گڏ 36 تصويرون به ڏنل آهن. +(28) عنوان تي ڏسجي منهنجو مضمون: ”پير حسام الدين راشدي ۽ ايران ولايت“، سماهي ”مهراڻ“، نمبر 3-4، سال 2007ع. ساڳيو مضمون اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڇپيو آهي. +(29) ملندڙ ڄاڻ موجب ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پهريون ليکڪ آهي، جنهن راشدي صاحب جي باري ۾ هڪ مضمون لکيو. هي مضمون: ”سيّد حسام الدين راشديءَ جون علمي خدمتون“ عنوان سان، رسالي ”نئين زندگي“ ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپيو هو (آڪٽوبر، نومبر 1966ع). +(30) سيد صباح الدين عبدالرحمان، هندستان جي مسلم دور تي، هڪ مستند عالم ٿي گذريو. سندس وفات اتفاقي حادثي سبب، 18 نومبر 1987ع تي ٿي. + + +مغل شاهي زماني ۾ هندن جي +فارسي تعليم +[هي يادگار مضمون ماهوار ”اخبار“ تعليم جي جلد 37، نمبر 1، اپريل 1937ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. هن جي فوٽو اسٽيٽ عزيز دوست بشير احمد هيسباڻيءَ موڪلي ڏني. هي مضمون ڏسندي خبر پوي ٿي ته راشدي صاحب مرحوم، ان وقت سيّد فدائي الراشديءَ جي ادبي نالي سان لکندا هئا] +مغلن کان اڳي (توڙي) هندن سان، فارسي دان قومن جو ميل جول، سلطان محمود غزنويءَ جي حملن کان اڳ به ٿورو ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته فارسي دان مڪراني ماڻهن جو هندن سان لاڳاپو هو ۽ پڻ يعقوب صفار جي زماني ۾ به سنڌين سان ايرانين جا تعلقات هئا، ته به هندو فارسيءَ سان گهڻو راهل مائل غزنويءَ جي حملن کان پوءِ ٿيا. سلطان محمود جي درٻار ۾ هڪ هندو فارسي عالم ”تلڪ“ نالي هو، جنهن جهڙو فارسي دان ان زماني ۾ مشڪل ٿي مليو. +سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ جي تعليم ۽ لکپڙهه جو رواج پکيڙڻ چاهيو، مگر ايتريقدر ڪامياب ٿي نه سگهيو، جيترو چاهيائين ٿي. شير شاهه جي حڪومت ۾ به اهو سلسلو هلندو آيو، مگر سواءِ ڪن ٿورن فارسي دانن جي وڌيڪ هندو پيدا ٿي ڪين سگهيا. ديوان توڏرمل کتري جيڪو اڪبراعظم جي زماني تائين هو، سو ان زماني ۾ نهايت عالم ۽ فاضل هو. سندس جهڙو خوش نويس ته ڪو ورلي هوندو. ڪشمير ۾ سلطان زين العابدين جي بادشاهيءَ ۾ هندن ۾ فارسي تعليم جو آغاز ٿيو. مگر اهڙو نه جهڙو سندس دل چاهيو ٿي. بودي بٽ فارسي دان پيدا ٿيو. شاهنامہ جو حافظ هو ۽ نهايت مٺي آواز سان شهنشاهه اڳيان شاهنامي جا شعر پڙهندو هو. +گرونانڪ صاحب جنهن سان مسلمان صوفين جا نهايت نيازمندانه ۽ گهرا تعلقات هوندا هئا، فارسيءَ کان واقف هو. گرنٿ صاحب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب ڪجهه فارسي شعر به چئي ڄاڻندو هو. تاريخ ۾ مغل شاهي زماني کان اڳ ئي فارسي دان هندو معلوم ٿين ٿا. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، مغلن جي اچڻ کان اڳ فارسي تعليم هندن ۾ ڪيتري قدر هئي. +اڪبر جون ڪوششون: +اسان مٿي لکي چڪا آهيون ته سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ کي رواج ڏنو مگر سندس ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگهيون ۽ مغلن جي وقت تائين، سواءِ خاص هندن جي ٻيو ڪو به فارسيءَ جو ڄاڻو ڪونه هو. +مغلن جي آمد کان پوءِ فارسيءَ جيڪو هندن ۾ رواج پاتو اهو اڳ ڪڏهن ڪونه هو. اڪبر اعظم جڏهن سلطنت جو مالڪ ٿيو، تڏهن هن پنهنجو سمورو خيال انهيءَ طرف صرف ڪيو. ابتدا ۾ راجا توڏرمل حڪم ڪڍيو ته دفتري زبان ۽ لکپڙهه سموري فارسيءَ ۾ ٿئي، جيڪا اڳ گهڻو ڪري هنديءَ ۾ ٿيندي هئي. نتيجو اهونڪتو جو ان زماني ۾ هندو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين تي قائم هئا ۽ ٿيندا رهيا ٿي. تنهن ڪري بلڪل ٿوري عرصي اندر منجهن فارسيءَ جو ايترو مايو ٿي ويو، جو بلاخمن لکي ٿو ته 18 صديءَ تائين هندن ۾ فارسي تعليم جي ترقي مسلمانن کان به وڌيڪ ٿي وئي. منجهن انشاء پرداز، شاعر، نثر نويس، فلاسفر اهڙا اهڙا پيدا ٿي ويا، جو مسلمانن کي به مٿن رشڪ ايندو هو. +تعليم جو انتظام: +هندستان ۾ پراڻي زماني کان وٺي تعليم جو انتظام پئنچاتن جي هٿ ۾ هوندو هو. مڪتب جو مکيه سنڀاليندڙ پنڊت هوندو هو، جيڪو پنهنجي جاءِ يا ڳوٺاڻن ماڻهن جي ڏنل ڪوٺيءَ ۾ ويهي ٻارڙن کي تعليم ڏيندو هو. سندس خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بار ڇوڪرن جي مائٽن تي هوندو هو. +مغلن کان اڳي اسلامي مدرسا تمام گهڻا هوندا هئا، جن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، ڇوڪرا اوچي تعليم جي تحصيل وڃي مرڪزي مدرسي ۾ ڪندا هئا، جو ڪنهن وڏي شهر ۾ هوندو هو. مغلن کان پوءِ به اهو رواج بدستور قائم رهيو ۽ ان کي زور وٺرايو ويو. اڪبر جي زماني ۾ ته مدرسن ۽ مڪتبن جي اها حالت هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڀتر اڇلبو ته اهو به ڪنهن مدرسي ۾ وڃي ڪرندو هو. اهي مدرسا ۽ مڪتب نه ڇڙو مسلمانن لاءِ مخصوص هئا، پر مسلمانن وانگر هندو به ان ۾ باقاعده پڙهڻ ايندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي برادرانه تعلقاتن جي اها حالت هئي جو مسجدن ۾ به جيڪي مدرسا هئا، جن جو ان زماني ۾ عام رواج هوندو هو، انهن ۾ به هندو ڇوڪرا بنا روڪ ٽوڪ عام جام پڙهڻ ويندا هئا. +مدرسا يا مڪتب اڄوڪن کٿڙيل ملا اسڪولن جهڙا نه هئا، مگر هاءِ اسڪولن جهڙا آباد ۽ منظم هوندا هئا. انهن ۾ فارسي تعليم جو وڌيڪ ۽ خاص طرح رواج هوندو هو، جيڪو مغلن جي آخري زماني تائين پوري بندوبست سان هلندو آيو. مگر خدا ڀلو ڪري زماني جي گردشن جو جڏهن هندستان جنت نشان ۾ مغربي ڌارين لوڪن جو سڀاڳو قدم پيو ۽ سندن سلطنت تي قبضو ٿيو، تڏهن هنن هندستاني بدبختن جي تعليم جو جهونو سلسلو بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري فارسي تعليم پوئتي پئجي وئي. پر انهن جي اها ذهنيت گهڻو وقت قائم نه رهي ۽ وارن هيسٽنگس آخر فارسي تعليم جو وري سلسلو جاري ڪيو، پر تڏهن به اهو اوج وري حاصل نه ٿي سگهيو، جيڪو اڳ هو. آقي باقي پارسيءَ جا پساهه سن 1835ع ۾ لارڊ ميڪاليءَ ڪڍي ڇڏيا ۽ رفتہ فتہ سن 1844ع تائين ان جو نالو نشان به نه رهيو. +نصاب تعليم: +فارسيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ ڳالهه ٻولهه، خط و ڪتابت ۽ اخلاقي آکاڻين جا ڪتاب نصاب ۾ داخل هئا. جهڙوڪ پند نامه عطار، ڪريما، ما مقيمان، دستورالصبيان، نصاب الصبيان ۽ اخلاص محسني، جيڪي اڄ به گهڻو ڪري انهيءَ لاءِ مروج آهن ۽ اوچي تعليم لاءِ گلستان، بوستان، زليخان، انشاءِ خليفه، انشاءِ ماڌورام، سہ نثر ظهوري، پنج رقعه، اخلاق ناصري، بهاردانش، انوار سهيلي، سڪندر نامه ۽ شاهنامه وغيره ڪتاب هئا. +بندرابن داس خوشگو پنهنجي تذڪري ۾ لکي ٿو ته، ”مان ۽ لاله حڪيم چند ندرت هڪ ٻئي جا گهاٽا سنگتي هوندا هئاسين ۽ ٻئي گڏ ميان محمد عابد وٽ اخلاق ناصري پڙهندا هئاسين.“راج چندر ڀانداس پنهنجي فرزند خواجه تيج ڀانداس کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته تون: گلستان، بوستان، اخلاق جلالي ۽ اخلاق ناصري هميشہ پنهنجي مطالعي ۾ رک! +هندن جو ذوق: +جيئن ان زماني ۾ مسلمان سوين ڪوهن جو سفر ڪري وڃي مرڪزي مدرسن ۾ سالن جا سال رهي تعليم جي تحصيل ڪندا هئا، تيئن هندو طالب العلم به گهران اٽو ٻڌي انهيءَ ڏورانهين سفر تي تعليمي ذوق پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا. کين فارسي تعليم جي شوق سان گڏ گهڻو ڪري عربي تعليم جو ذوق به هوندو هو. لاله لڇمي سنگهه غيوري نهايت قابل عربي دان هو. تحرير اقليدس ۽ شرح چغمني کيس پوريءَ طرح ياد هئا. لڇمي نارائڻ دهلوي عربيءَ سان گڏ منطق ۽ فلسفي جو به وڏو عالم هو. +18 صديءَ کان پوءِ حساب دانيءَ جو تمام گهڻو رواج پئجي ويو ۽ هندن جي طبيعت جو انهيءَ طرف قدرتي لاڙو هو، جيئن اڄ تائين آهي. تنهن ڪري ان فن ۾ منجهائن ڪيترائي ماهر بلڪل ٿوري عرصي اندر پيدا ٿي پيا. ديوان ڪاهني، رتن سنگهه زخمي، منو لال، ڀجو لال ۽ تمڪين وغيره زبردست حساب دان هئا. +طب ۽ فلسفي ۾ به هندن جي گهڻي هٿ پڄندي هئي. رتن سنگهه زخمي، ديوان سنگهه قتيل، منو لال فلسفي نهايت قابل طبيب ۽ فلسفي دان هئا. +سلطنت مغليه جي زماني ۾ هندو عام طرح نوڪرين ۾ هوندا هئا، تنهن ڪري هنن پنهنجو گهڻو توجهه انشاء، واقع نگاري، حساب داني ۽ خوش خطي سکڻ تي ڏنو، ڇاڪاڻ ته انهن ئي فنن جو ان زماني جي دفترن ۾ رواج هوندو هو. جيتوڻيڪ خوش خطي مسلمانن جو خاص فن هو، مگر هندن به ان ۾ قابليت پيدا ڪرڻ سان ڪين گهٽايو. آرنولڊ صاحب به پنهنجي ڪتاب ”مسلمانن جي مصوري“ ۾ ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي. منشي لڇمي نارائڻ دهلوي خوشخطيءَ ۾ نهايت قابل هو. ان کان سواءِ شعر، فلسفي، طب، ادب، تاريخ ۽ انشاءِ ۾ به ماهر هو. +هندو استاد: +گهڻو ڪري مدرسن مڪتبن ۾ مسلمان ماستر يا معلم هوندا هئا، جن وٽ هندو ڇوڪرا به نهايت پريم ۽ يگانت سان تعليم حاصل ڪندا هئا پر تڏهن به ڪيترا مثال ملندا، جن ۾ مسلمان شاگردن جا استاد هندو عالم به هئا. 18 صديءَ جي مشهور استاد ۽ عالم لاله چني داس ذرهه ڪيترا هندو ۽ مسلمان پاڻ وٽ پاڙهي عالم فاضل بنايا. مفتي لطف الله صاحب مرحوم جو فارسي استاد منشي سوهن لال آنجهاني هو. جعفر علي حسرت جو استاد راءِ سرب سنگهه ديوانه هو. اهو ئي سبب آهي، جو بلاخمن (ترجمه آئين اڪبري، ص 351) چيو آهي ته ”18 صديءَ جي ختم ٿيندي ئي هندو فارسي زبان ۾ مسلمانن جا ماستر بنجي پيا.“ +هندو شاگردن جا مسلمان معلم: +ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي هڪ زبردست عالم هو، جنهن وٽ هزارين ڪوهن تائين طالب العلم هلي اچي تعليم پرائيندا هئا. منشي چندر ڀان برهمڻ جيڪو زبردست مصنف ٿي گذريو آهي، سو سندس ئي شاگرد هو، جنهن کي شهنشاهه شاهجهان پيار وچان ”هندو فارسي دان“ سڏيندو هو. ”عمل صالح“ جو مصنف ملا محمد صالح لکي ٿو ته برهمڻ ابتدائي تعليم مولوي صاحب وٽ ورت��، تنهن کان پوءِ بنوالي داس ولي سان گڏ ملا شاهه بدخشيءَ وٽ پڙهڻ ويو. وليءَ جو صوفيانه لٽريچر شايد ملا شاهه صاحب جي ئي تعليم ڪري ظاهر ٿيو. +ولي هندو برهمڻ لاءِ اهو معلوم ٿي نه ٿو سگهي ته هن شعر شاعريءَ ۾ ڪهڙو استاد ورتو، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪٿي به ذڪر لکيل اسان جي نظر مان نه گذريو آهي. +شهنشاهه عالمگير جي زماني ۾ مولانا محمد افضل سرخوش تمام وڏو عالم ۽ فاضل هو. انهيءَ وٽ هندن جي سڀ کان وڏي فلسفي ۽ شاعر ڀوپتراءِ بيراڳيءَ تعليم ورتي. ان کان پوءِ بندرا بن داس خوشگو به انهيءَ صاحب جو شاگرد هو. +انهيءَ کان پوءِ جي زماني ۾ مرزا عبدالقادر بيدل ۽ شيخ سراج الدين علي آرزو ٻه وڏا عالم هئا، جن جا هيٺيان هندو شاگرد هئا: +منشي امانت راءِ امانت، شوارام حيا، سکراج سبقت، سري گوپال تميز، حضوري ۽ ندرت. سراج الدين خان علي آرزو پنهنجي ڪتاب ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هيٺين هندو شاعر شاگردن جو تذڪرو ڪيو آهي: بابو بالمڪند شهود، پنڊت جي ڪرشن عشرت، راءِ انند رام مخلص، بندرا بن داس خوشگو ۽ ٽيڪچند بهادر. ديوان بهادر اهڙو ته زبردست عالم فاضل ٿي گذريو، جو هو آخر پنهنجي استاد آرزوءَ جي قولن تي به نڪته چينيءَ ڪرڻ ريءَ ڪين رهيو. سندس فارسي لغت ”جامع لغات“ جي نالي سان اڄ به مشهور آهي. +مير محمد علي رائج سيالڪوٽي انهيءَ صديءَ جو نهايت وڏو استاد ليکيو وڃي ٿو. سندس شاگردن مان مشهور هندو محقق حضرت وارسته سيالڪوٽي هڪ هو. ڪشن چند خلوش (اخلاص؟)، نشاط ۽ مرزا عبدالغني قبول پڻ مشهور ٿي گذريا آهن. +بساون لال بيدار، سرب سنگهه خاڪستر ۽ ثروت، مولانا مظهرالدين جان جانان جا شاگرد هئا. سکن جي زماني ۾ پنجاب ۾ مولوي نور احمد چشتي بلند پايي جو عالم هو. ڪيترا هندو صاحب به ان جا شاگرد هئا. ”ظفر نامه رنجيت سنگهه“ جو مصنف ديوان امرناٿ اڪبري ان جو شاگرد هو. +مسلمان استادن جي هندو شاگردن سان محبت: +اسان مٿئين باب ۾ فقط مختصر حال ان ڪري ڏنو آهي ته، انهيءَ زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ يگانگت جو اندازو ٿي سگهي. اڄ ڪلهه جي نفاق کي ڏسندي اڳيون وقت جڏهن ياد ٿو اچي ڳچ ڳري ٿا پون. آهه! هندستان جون گذريل صديون بهشت مثل هيون. نه هندن ۾ مسلمانڪي هئي نه مسلمانن ۾ هندڪي. ٻئي قومون ڀائرن جيان گذارينديون هيون. +مسلمان استادن جو قرب هندو شاگردن سان به اهڙو هو جهڙو مسلمان شاگردن سان. خان آرزو ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هندو +شاگردن جو هن ريت محبت وچان ذڪر ڪري ٿو: +”شهود تخلص اٿس. نهايت مهذب جوان آهي. قوم به شريف جو آهي. منهنجي ساڻس ملاقات ۽ واقفيت عزيزالقدر خوشگو (بندرابن داس) جي خط آڻڻ ڪري ٿي. تمام سٺي سڀاءَ جو نظر اچي ٿو. اڃا سيکڙائو آهي. جيڪڏهن زماني ساڻس ساٿ ڏنو ته بهترين شاعر ٿيندو (انشاءَالله). عشرت نوجوان ڪشميري آهي. خدا مٿس نگهبان هجي. ويچارو نهايت وفادار ۽ غريب آهي.“ +اهڙيءَ طرح سوين مثال آهن، جن مان هندو شاگردن لاءِ، مسلمان استادن جي محبت جو دليل ملي سگهي ٿو. خان صاحب جي مٿين ڪارن اکرن وارن فقرن مان پنهنجي هندو شاگردن لاءِ ڪهڙي نه محبت ۽ الفت ٽپڪي ٿي. +هندو شاگردن جي مسلمان استادن سان محبت: +نه فقط مسلمان استادن کي هندو شاگردن سان ايتري الفت هئي، مگر هندو شاگردن کي به ساڻن ايتري ئي عقيدت ۽ محبت هئي. +بندرابن داس پنهنجي ڪتاب ”سفينه“ ۾ جتي به خان آرزوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته نهايت ادب ۽ احترام سان کيس ”قبله ڪعبه من“ جي نالي سان سڏيو آهي. +انندرام مخلص پنهنجي چٺين ۾ به انتهائي خلوص ۽ عقيدت سان پنهنجي استاد آرزوءَ کي خطاب ڪيو آهي. شفيق اورنگ آباديءَ پنهنجي تصنيفن ۾ جتي به استاد آزاد بلگراميءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته کيس مير صاحب، قبله و ڪعبه برحق، پير مرشد جي خطاب سان مخاطب ڪيو اٿس، ۽ پاڻ کي ”غلام“ جو لقب ڏنو اٿس. +اهڙا هزارين مثال موجود آهن. ڪهڙا لکي ڪهڙا لکون. خدا گذريل زماني تي رحمت ڪري، ۽ هن زماني لاءِ سڌاري جا دروازا ڪشادا ڪري. +اهو آهي مغل شاهي زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سان مٺي تعلقات جو مختصر خاڪو ۽ هندن جي تعليمي بندوبست جي هڪ ڌنڌلي تصوير. + + +غلام شاهه راشدي +(سنڌ جو هڪ باڪمال شاعر) +[هي مضمون مشهور رسالي ماهوار ”سنڌو“ ۾ نومبر 1937ع ۾ ڇپيو هو. مضمون جي فوٽو ڪاپي ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي ڏني] +غلام شاهه سنڌ جي مشهور علمي خاندان راشديه جو هڪ بلند پايه شاعر ۽ باڪمال بزرگ هو. سندس والد بزرگوار جو نالو پير علي ذوالفقار شاهه هو. +هو پير صاحب پاڳاري (سيّد صبغت الله شاهه) جو پٽ ۽ پير صاحب محمد راشد (روضه واري) جو پوٽو هو. غلام شاهه جي تعليم ۽ تربيت پير ڳوٺ ۾ ٿي، جتي فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پير صاحب جي مدرسي ۾ ورتائين. انگريزي به اعلى درجي جي ڄاڻندو هو. مگر اهو معلوم نه آهي ته اها تعليم ڪٿي ورتائين. بهر حال انهن زبانن جي لٽريچر جو ڪافي مطالع ڪيو هئائين ۽ بحث مباحثه ۾ به بلڪل برک هو. +پير صاحب حزب الله شاهه (پير پاڳاره) جي زماني ۾ رشتي دارن جي بد سلوڪيءَ سببان، پير ڳوٺ کي خير باد چئي، بدين تعلقه جي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وڃي مقيم ٿيو ۽ پوءِ مرندي مهل تائين موٽي پير ڳوٺ ڪونه آيو. گهر کان نڪرڻ وقت وٽس ڀاڙي کان مٿي پائي به ڪانه هئي. مگر لاڙ ۾ پهچڻ کان پوءِ ايڏو بخت بلند ٿيس جو وڏي ملڪيت جوڙي ويو ۽ ايڏو رسوخ حاصل ڪيائين جو اڄ به لاڙ جي ٿر ٿاڪن تي سندس ڏونڪو وڄي رهيو آهي. +پير صاحب رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت سادو ۽ خوراڪ پوشاڪ ۾ ڏاڍو سنئون سنواٽو هو. ململ جو ڪشادو چولو ۽ چئن والن جي ننڍي سٿڻ پائيندو هو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ مٿي تي سرائڪي ٽوپي پائيندو هو. سياري خواهه اونهاري اها پوشاڪ هيس. ڪڏهن ڪڏهن اندر ٻاهر ويندو هو ته ڪوٽ ۽ بوٽ جي تبديلي ڪندو هو. ورنه عام طرح ڪنهن به کيس ٺٺ ٺانگر ۾ ڪونه ڏٺو. انهيءَ سادگيءَ ۾ به مزاج شاهانه رکندو هو. تمام آزاد ۽ لااُبالي هو. ڪڏهن پٿر جهڙو سخت هو ته ڪڏهن وري، هڪ مهجور عاشق جي ڳوڙهن کان به وڌيڪ نرم ٿي ويندو هو. +سموري حياتي، خوشحالي، فارغ البالي ۽ آزاد خياليءَ ۾ گذاري 60 ورهيه کن جي ڄمار ۾ 2 يا 3 تاريخ ذوالحج 1319هه جي پنهنجي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس ”ذات الجنب“ جي بيماري ٿي، جنهن ۾ ڪل 7 ڏينهن کن مبتلا رهيو. موت کان هڪ ڏينهن اڳ چون ٿا ته سندس زبان تي بار بار هيٺيون مصرع هيو: +”چنيسر جي چت ۾ هن کان اڳي هو، +نيڻن سندو مامرو تهان پوءِ ٿيو.“ +بزرگ جي مزار گولاڙيءَ ۾ سندس ڪوٽ جي اوڀر طرف ڇتائين ڪوٺيءَ ۾ آهي، جتي هر سال سندس عقيدت مند ميلو لارائيندا آهن. +(2) +غلام شاهه جي شاعرانه زندگيءَ جي حقيقي ابتدا، وطن جي وڻن ڇڏڻ بعد ٿي. وطن ڇڏڻ کان ٿورو اڳ سندس بيبي ۽ والده به وفات ڪري ويون، جن جي انتقال به سندس طبيعت ۾ هڪ تغير پيدا ڪيو. توڙي جو انهيءَ فن جو ازل واري استاد کان ئي سبق سکيو هئائين. مگر انهن واقعن کان پوءِ سندس سچا پچا جوهر کلي پيا. لاڙ ۾ وڃڻ کان پوءِ ٿر جي فطري رنگينين به سندس اداس طبيعت تي سوزگداز جو پرتو وڌو. +سيّد بادشاهه هر وقت شعر ڪونه چوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ سندس ملڪا کلي پوندا هئا ۽ مصراعون موزون ٿي وينديون هيس. جڏهن اُٺ تي چڙهي ٿر جو سفر ڪندو هو ۽ وڃي ڀٽن تي چڙهندو هو. اتي ساوڪ ڏسندو هو، آسمان تي جهڙ ٿيندو هو، ۽ سنهي سنهي بوند هلڪي هلڪي هير سان ملي ڀٽن جي سبزهه زار تي موتين جان ڪرندي هئي، ان وقت مٿس مستي طاري ٿيندي هئي ۽ يڪدم اٺ تان لهي پوندو هو ۽ شعر چوندو هو. يا وري جڏهن راڳ ٻڌندو هو ۽ مٿس وجد طاري ٿيندو هو، ان مهل به مصراعون موزون ٿي وينديون هئس. ان کان سواءِ جڏهن ڪنهن خاص واقع ڪري غم ۾ هوندو هو اهو وقت به سندس شعر چوڻ جو هو. +راڳ سان سندس خاص ذوق هوندو هو. جڏهن ڪو ڪن تي هٿ رکي ”الو ميان“ ڪندو هو، يا ڪو ڌنار چانڊوڪي رات ۾ جهنگ ۾ بين وڄائيندو هو، ان وقت غلام شاهه مدهوش ٿي ويندو هو. جهومندو به هو ۽ زارون زار رئندو به هو. هڪ دفعي والد مرحوم کيس ٻه ٽي مصراعون ٻڌايون. مٿس ايتري مستي چڙهي جو ڪافي ختم ٿيڻ بعد به ڪيترو وقت اکين مان لڙڪ نه ٿي بيٺس. پوءِ پاڻ به ڏاڍي سوز منجهان پنهنجي ڪافي چيائين. عيد براد جي موقع تي جڏهن مٽ مائٽ ۽ وطن ياد پوندو هئس تڏهن ڏاڍو سوز گداز پيدا ٿيندو هئس. هڪ دفعي عيد جي موقع تي نماز کان اڳ جماعتن جي مجلس ۾ ڪافي چيائين؛ +”اٿم اميدون اڃان اڃان، مان ته پاند پائيندس پنهل پرچائيندس.“ +ڪافي ايترو ته سمان پيدا ڪيو جو ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ سڀ ٿي رنا. اهو سارو ڏينهن سيّد کي سوز نه ڇڏيو. ٿر جي سفر ۾ جيڪا ڪافي ٺاهيندو هو ان ۾ خاص طرح اثر هوندو هو. حاجي صالح ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ دفعي ٿر جي سفر ۾ هئاسين. واٽ ويندي اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي آيا، سنهي ڦڙ ڦڙ پوڻ لڳي، بهار جي موسم هئي، ۽ مندائتا گاهه پٽن تي ڇالر هيون پيا هئا، موسم جي اها مستي ڏسي غلام شاهه اٺ کڻي جهڪايو، سبزهه زار تي گهمڻ لڳو ۽ جهونگارڻ لڳو. ان وقت هيٺين ڪافي راس ڪيائين:- +ساڻيهه جي ميان سومرا! آهي سڪ سچي، ويڙهيچا وانجهن ۾ واهه واهه وس چرو، قوت جني جو ڪونڍير، ٻگرا، ٻوهه، ٻرو، گولون گولاڙن ۾ پيڙيون سي پچي، ســــــــاڻيهه جــــــي..... ميها، موگر، مکڻيون، موٽون مانڌاڻان، کهه کوماڻا کنڀيون، سائون ساماڻان، ويڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي. ســــــــاڻيهه جــــــي.... +حاجي صالح محمد چوي ٿو ته هڪ لڱا ”برهان واري تڙ“ تي لٿل هئاسين، رات جو مولوي قطب، اشرف شاهه جي هيٺين ڪافي چئي:- +منهنجي سرتين ۾ ڪا سنڀال، +آءٌ ٿي ونجهلان ويڙهيچن لئه! +1. اُن انهن جو آ جڪو، مٿن لويون لال 2. اٺڙا مينهن ملير تي، مارو چارن مال 3. مينهن مانڊاڻا ڪيا، ڇپر وسي شال 4. اشرف شاهه چوي آيا، مارو ڪاهي مال منهنجي سرتين........ +پير صاحب کي اها ساري رات ننڊ نه آئي، ڪڏهن رنو ٿي ۽ ڪڏهن بسترو ڇڏي هيڏي هوڏي گهميو ٿي. آخر اسر ويل جو هيٺين ڪافي موذون ڪيائين:- +1. سڪندي ٿيڙم سال، آءُ ٿي ڏکيا گذاريان ڏينهڙا وجهيو ويٺي وندرائي، ڦوڙائي جي فال آءُ ٿي ڏکيا........... 2. ويهي مون سان واعدا ڪيائون، ڪالهه ڪالهوڻيءَ ڪال +اُن انهن جو آجڪو، لويون مٿن لال آءُ غلام شاهه انهن کي، جئري گڏجان شال آءُ ٿي ڏکيا....... +انهن واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر جي طبيعت تمام حساس ۽ سوز و گداز جو مخزن هئي. پور پوندو هئس ته شعر والهانه انداز ۾ خود بخود زبان مان نڪري پوندو هئس، ورنه اڄوڪن ڪاٽڪو شاعرن جيان پراوا ڪلام پڙهي، قافيه ۽ خيال اڏائي، قلم مس کڻي ڪڏهن ڪجهه ڪونه چيائين. ڪنهن حڪيم جو قول آهي ته ”نيچرل شاعر جي شاعري هيٺين اسبابن تي منحصر ٿيندي آهي: رات جو سناٽو، صبح جي هير ۽ رنگيني، برسات جي گهڏ، طيور جو ترنم، درياهه جي رواني، چنڊ جي چانڊاڻ، پرڪيف تغير، سرسبز باغ، اهي آهن قدرتي شاعرن جي هيجان طبيعت جا اسباب. جيسين انهن مان ڪا به شي موجود نه هوندي تيسين شاعر جو فڪر شعر کان معذور هوندو“. غلام شاهه جي به اها حالت هئي، برسات جي بوند، ٿر جي سفر، ڀٽن جي ساوڪ، وطن جي ياد، راڳ ۽ غم سندس شاعريءَ جا اسباب هئا. تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته سندس ڪلام جو گلدسته طويل راتين ۽ عميق افڪارن جو نتيجو نه آهي، مگر چند قليل مصروفيتن جي مختصر لمحن جو هڪ رنگين مجموعه آهي. +(3) +شاعر جو شعر جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته فطري ۽ بي اختيارانه آهي، تنهن ڪري منجهس تصنع يا بناوٽ اصل ڪا نه آهي. زمين سادي، مطلب سڻائو ۽ الفاظ بلڪل مختصر آهن. شاعرانه خصوصيتون به شعر ۾ ملن ٿيون. مناظر ڪشي، اسلوب بيان، جذبات ۽ رواني وغيره موجود آهي. مثال لاءِ مناظر ڪشيءَ جو ڪمال ڏسو جو هڪ مصرع ۾ ٿر جي ساوڻيءَ واري موسم جو مڪمل منظر ڇڪي ڇڏيو اٿائين:- +موسم ٿي مينهن اُٺا، پاڻي ٿيڙا پلر ڏٿ ڏيهائن جو، لنب لاڻا ۽ للر لوءِ يارين سين، وڃي لوءِ لڻان! +اسلوب بيان ۽ اظهار جذبات جو طريقه هيٺين مصراعن ۾ ڏسو، ڄڻ هڪ ٻئي سان منهون منهن پئي گفتگو ٿئي:- +1. کلي ويٺينءَ کٽ تي تون ته، پر سسئي، ساڻ پرائي، ٿاريلين ٿر ڄاين کي، ڪيئن لقب وڌو تو لائي، 2. سوين سنگهاريون راڄ ۾، ڇو عمر اهي نه اٽڪائي، منڙو ريڌئي مارئي نه ته باند نه ٻئي ڪنهن ڀائي، 3. ورڻ وس نه پنهنجي، رهڻ تو نه رهائي، ڪڙم اباڻي ڪير ريءَ، ته به جيڻ تو نه جڳائي. +مائي مارئي کي ٿا مارو ميارون ڏين ته ”تون پرائي پرس سان کٽن تي خوش ٿي ويٺيئن، ٿر ڄاين کي لقب لائي وڌئي، تنهنجو پنهنجو من ريڌو، نه ته ٻيون به تو جهڙيون سوين سنگهاريون راڄ ۾ آهن. انهن کي عمر باند نه ڪيو. توڙي زور سان باند ۾ آهين ته به تو کي مري وڃڻ کپندو هو، جيڪڏهن موٽي نه پي سگهينءَ.“ +اَسلوب بيان ڏسو:- +اَجڙوال عمر تو ڇو قيد ڪئي، +وڇوڙا ورهن جا سگهي ڪين سهي +عبث عمر ڪوٽ ۾ جيڏين ريءَ جيان +موڪل ڏي عمر ميان ڀيڙي ٿر ٿيان +زريون زر بفت سندءِ طول وهاڻا تنهنجا، هو جي آندئي عمر سانگياڻيءَ لئي سهنجا کهه کهنبا مون نه وڻن، ٻن تنهنجا ٻانڌڻان- موڪل ڏي........... ماڙيون مون نه وڻن، درسي چونڪيون چوئنرا کاڄ کٿيرين جو ڏيهه سندا هِن ڏوئنرا ميوا، مڪ، پُسي، پيرون کي نه پڻان موڪل ڏي......... +مارئي ٿي عمر کي چئي ”اَ جڙوال کي ڇو قيد ڪيو اٿي، ايترن ورهين جا وڇوڙا ڪٿي سهي سگهندي، تنهنجون زريون زربفت، طول وهاڻان ۽ کهنبا مون کي مور نه ٿا ڀاءِ پون. تنهنجون ماڙيون، چوئنڪيون ۽ چونئرا، آئڙن ئي نه ٿا، تنهنجا ميوا ڏسي آءُ پنهنجي ملڪ جي ڏوئنرن ۽ پيرن جي گلا ڪا نه ڪنديس.“ +جدت بيان جا جوهر هيٺين مصرع ۾ ڏسو:- +عمر اميدون اٿم وطن آءُ وينديس، ڏيهاين کي وڃي ڏوراپا آءُ ڏينديس چوڙيلن کي چونديس منهنجي ڪا نه ڪيا و! +مارن کي مهڻن ڏيڻ جو انداز ڪيڏو نه لطيف ۽ وڻندڙ آهي. +ازين قسم فن شعر جي جنهن به اسلوب تي ڏسندؤ ته غلام شاهه جو شعر ضرور لڀندو. شعر گداز، سادگي ۽ سلاست خاص طرح آهن. آخر ۾ بندش ۽ روانيءَ جي خوبيءَ جو به نمونه ڏسو:- +ميها، موگر، مکڻيون، مرٽون، مانڌاڻا، کهه کوماڻان، کُنڀيون، سائون، ساماڻا، +ديڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي. +غلام شاهه جي ڪلام ۾ ٿر جي ٻوليءَ جا اڪيچار لفظ ڪم آيل آهن، جيئن ته ديڪر، ڪونڍير، ٻوهه، ٻرو، گولون، ويڙهه، ڀُڻان، ڀيڙي، پلر، ڦانڊون، ٻانڌوڻا، لوءِ، لوءِ يارين، کٿيرن، پرسئي، ڪيڙ، نائي، ساڻيهه، ساروڻي، کيڻ، ڏيج، اوڇڻ، ڪوارينديس، اُڪنڊ وغيره وغيره. +(4) +غلام شاهه جو ڪلام لاڙ ۾ عام جام چيو وڃي ٿو. باوجود ايتري پذيرائيءَ جي به اهو گهڻي حد تائين محفوظ رهي ڪونه سگهيو آهي ۽ جيئن جيئن وقت ويو آهي گذرندو، تيئن تيئن اهو ويو آهي ميٽبو. جنهن وقت مان سندس ڪلام گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت سندس صحبتي باقي ٽي ڄڻا بچيا هئا: +هڪ سومار، ٻيو محمد صالح، ٽيون طيب. اهي ٽئي سندس خاص خليفه هئا ۽ انهن کي جيڪو ڪلام ياد هو اهو ۽ ڪجهه پنهنجن ڪتابن مان اتاري گڏ ڪيو اٿم. سندس سمورو ڪلام ٽن حصن ۾ آهي: (1) مارئي (2) سرائڪي زبان ۾ (3) متفرق. هن هيٺ سندس ٻه ٽي ڪافيون نموني خاطر ڏيان ٿو: +ڄام عمر آن ڄائي مهڻن خاطر مارئين. 1. مربا، ماکيون، مصريون، کيڻ هر کائي- ساڪڙ جو ساڻيهه جو ماروئڙن جي مٺائي. 2. اوڇڻ آءُ نه وڃاڻجي، طولن آهيان تپائي- ڏيج اسان جو ڏوڙا کهنبن جند کپائي. 3. وطن اسان جو ويڙهه ۾ ڪوٽن دلڙي ڪنبائي- سا ڪيئن مرڪي ماڙئين، جيڪا ڄارن ڀر ڄائي. 4. ساروڻي تنهن ساڻيهه جي سورن دل سجهائي- گوندر منجهه غلام شاهه چوي ويڙي عمر اجائي. +(1) +عـمــــر ابـــاڻـــا ڏوٿـــــي ڏاڏاڻــــا- +الا وسئون آئـون نــــه وســـارينديـاس +1. مينڍن ۾ ميان عمر مر پيو چيڙهه چڪي ساهه سنگهارن کي ساريون روز سڪي ڳوٺاڻن کئون ڳتون ڌر نه ڌواريندياس. 2. باغ باغيچا بنگلا مير ڏسي ماڙيون، ڪيئن وهان ڪوٽن ۾ واهن تنهنجون واڙيون، جهانگيئڙن جا جهوپا ڪيئن ڪواريندياس. 3. هينئڙي جن سان هيرون سي منهنجا ٿر ٿيا، محلاتن ۾ مئيءَ کي جن ريءَ پهر پيا، ان ري غلام شاهه چوي گهڙي نه گهاريندياس. +سرائڪي زبان جي ڪلام جو نمونو هي آهي:- +رمزان لاڪي رانجهن نال، بيوس ٿي آن بيحال +صورت معنى عشق اوهان جو، +ڪـــــيتس قــــرب ڪــــمـال بــــيــــوس ٿــــي آن..... +محبت تيڏي متيان منجهايان، +عــــشــــق وڃــــايــــا افعال بــــيــــوس ٿــــي آن...... +ڪر ڪر ناچ ماريان تاڙيان، +آکي غلام شاهه ڪلال بــــيــــوس ٿــــي آن..... +متفرقات ۾ هيٺين قسم جو ڪلام آهي: +( 1 ) +دلڙي ديواني ڪري وئين يار، +پوءِ ساجن مُئي جي لڌئي نه سار +1- اڏر کيا نتل ڪڏهن ايندا، +دوست دلاسو دل کي ڏيندا، +ڪانگل ڪج تون خبر چار. +2- پل نه سري مون جنهن پر ريءَ، +تنهن جا نب کئون جدا جئري، +ڪنهن پر ڪج نه ڌڻيم ڌار. +3- تون منهنجو سائين آءٌ تنهنجي ٻانهي، +اڱڻ آسروند جي آءُ تون جاني، +سوڍل لڳ جبار. +4- سڪ سدا تنهنجي آهي ساهه کي، +آهي آسا بند اهو غلام شاهه کي، +گــــهــــڙي گــــهــــڙي گــــفتــــار، +دلــــــــــــــــــــــــــــڙي ديــــــــــــوانــــــــي..... +(2) +ساجن وڃ نه سفر وقت وڃڻ جو، +هاواڻو هلڻ جو ٿو ماري مئي کي، +قــــدم ڪــــرم جــــا ڌر تــــون ڌڻيءَ لڳ ميان، +دوســــــــت اســــــــان جــــــــي در الا– +هــــاواڻو...... +رئان رهن نه سپرين ميان پليان ڪهڙي پر الا– +هــــاواڻو..... +ورهه وڇوڙو ٿو ماري مئي کي ميان ڪا ته ملڻ جي ڪر الا– +هــــاواڻو.... +رهــــه اڄــــوڪــــي راتــــڙي تــــون مــــيــــان گهوٽ +غــــلام شــــاهــــه جــــي گــــهــــر الا– هــــاواڻو.... +(3) +هڪ هڪ نيڻن جي ناز تئون سؤ سؤ ڀيرو صدقي ٿيان، +جيڪي پرين پر ۾ پهيو هينئڙو ڳڻن تن سان گهيو، +ايڏا سورڙا جيءَ ۾ سهيو، ناحق جيڏيون آءُ ٿي جيان، +هڪ هڪ....... +جــــن لــــئــــي ٿــــي مڃتائــــون مڃان ايندا ڪنديس +ڳالهيون ڳچان. +ڪــــو ڏيــــنــــهــــن اٿــــي بــــاقــــي اڃــــا– +ملندئي نه ٿي هيڻون هيان +هڪ هڪ...... +ڀري نه ڪيڙس برهه بر ڀينر پرايم ذوق ذرو +انهيءَ عشق جي سودي ۾ سرڪو هڪ ڏني آءُ ڏهه ڏيان +هڪ هڪ....... +(4) +اٿــــم امــــيــــدون اڃــــان اڃــــان، +مان ته پانڌ پائيندس، پنهل پرچائيندس! +دعا ڪريو جيڏيون جي جانب آيو، +پنون مئيءَ جي روح جو رايو، +سرتيون اوهان کي ٿي سنڃان، سنڃان، +آءُ کنڊون کارائيندس وٽون ورهائيندس، +اٿم اميدون...... +جــــٺيون ڦٽيــــون ڀتيــــن ڀڻڪــــا، +تنهنجي ڪــــارڻ تعنا تُنڪــــا، +ســــر ســــڀئــــي مــــون مڃيان مڃيــــان، +آءُ ڪوهه لڪائيندس، ڇاکون ڇپائيندس! +اٿم اميدون..... +درد ونــــديءَ کــــي دم دم دلبر، +درد فــــراق جــــا دل تــــي دفتر، +ڳالهين جا اٿم ڳڃان ڳڃان، +آءُ ڳجهو ڳالهائيندس، ساري سڻائيندس! +اٿم اميدون..... +سڄڻ هليا مــــون کــــي منهه ٿيو، +پريــــن ڌاران ويــــهــــڻ وهه ٿيو، +وهــــان ڪيئن آءُ وڃــــان وڃــــان، +ويــــا ورائينــــدس، موٽــــائــــي آڻيندس! +اٿم اميدون..... +ســــويــــن ســــالــــن ورهين ويــــهــــان، +آکــــي غــــلام شــــاهــــه راتيــــان ڏينهان، +ڀــــاڃ اهــــي ويــــٺــــي ڀڃــــان ڀڃان، +آءُ گهر گهرائيندس گهورون گهمائيندس! +اٿم اميدون..... +اهو ٺيٺ سنڌي نموني جو ڪلام آهي، جيڪو سر ۽ ساز سان مزو ڪندو آهي. شايد اڄوڪن تڪ بازن کي ان مان لطف نه اچي، مگر حقيقت ۾ ته اڄوڪيءَ تڪ بازيءَ کان لک دفعا هي سادو سڌو ۽ سنئون ڪلام سٺو آهي. + + +فتاويٰ عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف +۽ +سندن بزرگ +[راشدي صاحب مرحوم جو هي مضمون مشهور اردو رسالي ”معارف“ جي پرچي نمبر6، جلد 59، سال 1947ع ۾ شايع ٿيو هو. مذڪورهه پرچو شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. جتان هن پيپر جو فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪري، ان جو ترجمو ڪيو ويو، جو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1990ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو] +مغل بادشاهه اورنگزيب (1658-1707ع) جي حڪم سان، فقہ جو هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪيو ويو. هي ڪتاب پوءِ ”فتاويٰ عالمگيري“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن علمي ڪم جي پورائي لاءِ شيخ نظام الدين برهانپوريءَ جي سربراهيءَ ۾ عالمن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ساڻس گڏ چار وڏا عالم: قاضي محمد حسين جونپوري، سيّد علي اڪبر سعدالله خاني، ملا حامد جونپوري ۽ محمد اڪرم لاهوري شريڪ ڪار رهيا. هرهڪ عالم سان گڏ ڏهه معاون عالم مقرر ٿيا، جن ۾ سيّد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽوي به شامل رهيا. فقہ جو هي جامع ڪتاب اٺن سالن ۾ تيار ٿيو ۽ ان تي عالمگيري سڪي جا ٻه لک رپيا خرچ ٿيا. مترجم +معارف جي ڊسمبر 1946ع، ۽ جنوري 1947ع وارن پرچن ۾ ”فتاويٰ عالمگيري ۽ ان جا مؤلف“ عنوان سان جيڪو مضمون ڇپيو آهي، تنهن ۾ سنڌ جي ٻن بزرگن سيّد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جا نالا به کنيا ويا آهن، جن کي هن جامع فتاويٰ جي مؤلفن ۾ شامل هجڻ جو شرف حاصل آهي. صاحب مضمون هنن ٻنهي بزرگن جي باري ۾ مولانا رحمان عليءَ جي ”تذڪره علماءِ هند“ کي پنهنجو ماخذ بنايو آهي، جنهن ۾ ٻن ٽن سٽن کان وڌيڪ سندن سوانح حيات موجود ڪانهي. هيٺ ٻنهي بزرگن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏجي ٿي. +(1) سيّد نظام الدين ٺٽوي +نسب: +سيّد صاحب جو نسب هن ريت آهي: ”سيّد نظام الدين بن سيّد نور محمد بن سيّد نظام الدين اول بن سيّد نور محمد بن سيّد شڪرالله ثاني بن سيّد ظهير الدين والاسلام عرف سيّد جادم اول بن قاضي سيّد شڪرالله اول بن سيّد وجيہ الدين بن سيّد نعمت الله بن سيّد عرب شاهه بن سيّد امير نسيم الدين محمد المعروف ميرڪ شاهه بن امير عطاءُ الله جمال الدين المحدث بن سيّد فضل الله بن سيّد ميرعبدالر��مان بن سيّد عبداللطيف الحسيني الاسڪني شيرازي.“ +وطن: +سندن وڏا شيراز ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ هرات ۾ اچي رهڻ لڳا. هتان ئي قاضي سيّد شڪرالله اول بن سيّد وجيہ الدين سن 906هه ۾ قنڌار ۾ پهتو. +سنڌ ۾ اچڻ: +قاضي سيّد شڪرالله قنڌار ۾ 21 سالن تائين رهيو. ان بعد مرزا شاهه بيگ ارغون جي چوڻ تي، واپار سانگي سن 927هه ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هو صاحب علم ۽ فضل سان گڏ، وڏو متقي ۽ ديندار هو. مرزا شاهه بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه حسين ارغون بادشاهه بنيو، تڏهن قاضي صاحب کي ٺٽي جي قضا جي مسند تي فائز ڪيو ويو. +هڪ ڀيري شاهه حسين ڪجهه واپارين کان چند گهوڙا خريد ڪيا ۽ ڏوڪڙن ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي ايتري سُستي ڪئي، جو واپاري مايوس ٿي قاضي سيّد شڪرالله جي عدالت ۾ دعويدار ٿيا. قاضيءَ، بادشاهه کي جوابدار جي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ۽ جڏهن هو آيو ته، کيس فريادين سان گڏ بيهڻ جو اشارو ڪيائين. ڪيس هليو ته بادشاهه دعويٰ جي درست هجڻ جو اقرار ڪيو ۽ فريادين کي رقم ڏئي راضي ڪري ورتائين. بعد ۾ قاضي مسند تان اٿيو ۽ اڳتي وڌي سلطنت جا آداب بجا آڻي، بادشاهه کي پنهنجي مسند تي آڻي ويهاريائين. مرزا شاهه حسين پنهنجي قبا ۾ لڪل اگهاڙي تلوار ڪڍي، قاضي صاحب جي سامهون رکي ۽ چيو ته: ”اڄ جيڪڏهن اوهين فيصلي کان اڳ سلطنت جا آداب بجا آڻيو ها ۽ مون کي منهنجي درجي کي ڏسي، دعويدارن سان گڏ نه بيهاريو ها ته، هن تلوار سان اوهان جو سر قلم ڪيان ها.“ تنهن تي قاضي پڻ مسند هيٺان رکيل اگهاڙي تلوار ڪڍي ڏيکاري ته مون پڻ اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاهه شريعت جي خلاف هلت ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪوبه ماڻهو ويجهو اچڻ جي جرئت نه ڪري ته، مان پاڻ هن ترار سان شرعي سياست بجا آڻيندس. ڪجهه عرصي کان پوءِ سيّد صاحب استعيفا ڏني ۽ شاهه حسين، سندس جاءِ تي محمد اچيءَ کي مقرر ڪيو. +صاحب ”تحفة الڪرام“ لکي ٿو ته: ”قاضي شيخ محمد اُچي آل جعفر ڏي منسوب ۽ وقت جي مشهور عالمن مان آهي. پهريان هرات کان اُچ پهتو هو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ جڏهن سيّد ميران محمد جونپوري ٺٽي آيو ۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني، تڏهن هن قاضيءَ ان ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهر پرست عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڏنو. ڇاڪاڻ ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ حال جي صاحبن جي درجي کان واقف هو. سيّد ميران محمد هن جي حال ڏي توجهه فرمائي، سندس اولاد ۾ خوشحالي ۽ بزرگيءَ جي دعا ڪئي. ان ڪري هن خاندان تي ڪنهن به حادثي جو اثر نه ٿو ٿئي. بعد ۾ اُچ ۽ ملتان کان پوءِ سکر ۾ رهيو، پر پهرين مشهوريءَ ڪري اُچ ڏي منسوب رهندو آيو. جيئن اڳ ذڪر ٿي آيو ته ٺٽي جي قضا تان قاضي سيّد شڪرالله استعيفا ڏني، تڏهن مرزا شاهه حسين، مٿئين قاضي جنهن سان هن جا اڳئين وطن هرات کان ئي خانداني لاڳاپا هئا، ۽ انهن تعلقات کي برقرار رکڻ لاءِ هت پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان، رهائش ۽ واسطو پيدا ٿي پيو هون، جي رٿ موجب کين گهرائي (شيخ محمد کي) انهيءَ معزز عهدي تي فائز ڪيو. ميران سيّد محمد جونپوريءَ جي دعا جي برڪت ۽ قديمي نجابت سبب، هي عهدو موروثي طور تي سندس اولاد لاءِ وقف ٿيل آهي. مرزا عيسيٰ جي حڪومت جي شروعاتي زماني ۾ فوت ٿيو. ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيا اٿس. ان بعد سندس اولاد جو تذڪرو اچي ٿو“(1). +وڏا بزرگ: +سيّد شڪرالله ٺٽي جي انصارين مان شادي ڪئي، جنهن مان سيّد ظهيرالدين پيدا ٿيو. سيّد ظهيرالدين جي باري ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب لکيو آهي ته: ”والد بزرگوار جو جاءِ نشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱي حالت جو مالڪ هو، ظا��ر ۾ پرهيزگاري، شريعت جي پائبندي ۽ درس توڙي تدريس ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ ۽ وڏن جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو“(2). +تاريخ طاهريءَ جو مصنف کيس هن ريت ياد ڪري ٿو: عزت ۽ سيادت جي درياءَ جو موتي، فصاحت ۽ بلاغت جي کاڻ، سڀني علمن ۽ معنائن جو جامع مير ظهيرالدين(3). کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيّد شڪرالله ثاني، ٻيو سيّد عبدالرحمان. سيّد شڪرالله بابت ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي ته: ”پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل هو ۽ زماني ۾ نالي ۽ نيڪيءَ سان گذاريائين.“ هڪ يادگار مسجد به پنهنجي محلي ۾ ٺهرايائين. کيس چار پٽ ٿيا: سيّد محمد حسن، سيّد نور محمد، مير سيّد ظهيرالدين جادم ثاني، ۽ سيّد لطف الله. +سيّد نور محمد بابت ”تحفتة الڪرام“ ۾ آهي ته پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽ دين ۽ يقين وارن جو مرجع هو. کيس هڪ پٽ سيّد نظام الدين ٿيو، جو تحفة الڪرام موجب علم ۽ ڪمال ۾ منظم ۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو. کيس چار پٽ ٿيا: سيّد نعمت الله، سيّد نور محمد ثاني، سيّد فضل الله ۽ سيّد محمد شفيع. +سيّد نظام الدين ثاني: +سيّد نور محمد ثانيءَ کي ٻه پٽ ٿيا: سيّد ابوالقاسم ۽ سيّد نظام الدين ثاني. هيءَ سيّد نظام الدين ثاني ”فتاويٰ عالمگيري“ جي مؤلفن مان هڪ آهي. مير علي شير قانع سندس متعلق لکي ٿو: سيّد نظام الدين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي جذبي جي وس ٿي جهان آباد (دهلي) ڏي هليو ويو. اتي ٻين عالمن جون ”فتاويٰ عالمگيري“ بابت ڪيئي مشڪلاتون حل ڪيائين. بادشاهه کي خبر پئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي قاعدي موجب علم وارن کي نوڪر جي نالي سان نه سڏيندا هئا. سيّد ان عهدي وٺڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي بادشاهه وظيفي قبول ڪرڻ جي تڪليف ڏني، ته به سيّد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد ئي اتي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين.(4) +سيّد نظام الدين ثانيءَ جو اولاد: +کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيّد عرب شاهه ۽ ٻيو سيّد احمد. سيّد عرب شاهه پڇاڙيءَ ۾ مجذوب ٿيو ۽ ڪوبه اولاد نه ڇڏيائين. سيّد احمد کي هڪ پٽ سيّد عطاءُ الله ٿيو، جنهن شادي ڪئي ۽ اولاد وارو به ٿيو. ليڪن عين جوانيءَ ۾ هي به مجذوب ٿي ويو. +پويان بزرگ: +سندس پوين بزرگن ۾ امير نسيم الدين، ۽ عطاءُ الله جمال الدين ۽ پڻ سندس چاچي بزرگوار مير اصيل الدين جو تذڪرو، قاضي نورالله شوستري ”حبيب السير“ جي حوالي سان ”مجالس المؤمنين“ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته ”روضة الصفا“ ۽ ”هفت اقليم“ ۾ به سندن ذڪر آيو آهي. ٻئين جلد ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب به، انهن حوالن سان سندن حالات بيان ڪيا آهن. +(1) امير جمال الدين عطاءُ الله بن فضل الله المحدث الاسڪني الشيرازي، سيّد نظام الدين ثانيءَ جو ٻارهون ڏاڏو آهي. سندس متعلق ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: عقلي ۽ شرعي علمن سان سينگاريل، علم حديث جو ڄاڻو: تحفة الاحباءَ، رياض السير ۽ روضة الاحباب – سندس لکيل ڪتاب آهن(5). +اڳتي هلي ”حبيب السير“ جي حوالي سان لکي ٿو: هيءُ بزرگ پنهنجي چاچي امير اصيل الدين وانگر زماني ۾ علم حديث جو بي مثال ڄاڻو، سڀني ديني ۽ يقيني علمن جو ٻين کان وڌيڪ ماهر ۽ پنهنجي چاچي جو شاگرد آهي. ڳچ سال مدرسه شريفيه سلطانيه جي گنبذ ۾ جتي حضرت خاقان منصوره جو دو قبو آهي، ۽ ان کان پوءِ خانقاهه خلاصيه ۾ درس ۾ مشغول رهيو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو جامع هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي مجلس به ڪندو هو. سلطان ۽ حاڪم سندس خدمت ۾ وڃڻ کي واجب ڄاڻندا هئا(6). +هفت اقليم ۾ امين رازي لکي ٿو ته: سيّد اصيل الدين، عبدالله جو ڀائٽيو آهي. پنهنجي وقت جي اڪابرن ۾ نالي وارو هو. سندس دل، ڪتاب الاهي ۽ حضرت رسالت پناهه صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حديث مبارڪ سان روشن آهي. +زبانش مظهر اسرارِ تحقيق ضميرش مظهر انوار توفيق جمال دين مزين ز اهتمامش علوم شرع واضح ز ڪلامش +مطلب ته ان جي زبان تحقيقي اسرار جو مظهر آهي. سندس دل به توفيق جي نور جو مظهر آهي. سندس ئي ڪوشش سان دين جي سونهن آهي. سندس ڪلام مان شرعي علم چٽو آهي. سندس ڪتابن مان ”روضة الاحباب“ زماني ۾ مشهور آهي(7). +(2) امير نسيم الدين، امير جمال الدين جو پٽ ۽ سيّد نظام الدين جو يارهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو آهي. ان جي لاءِ مير علي شير لکيو آهي ته، حديث جي علم ۾ زماني جو وڏو ماهر هو، پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي مٿئين مدرسي ۾ مقرر هو. سندس پٽ سيّد عرب شاهه والد وارين صفتن سان سينگاريل هو. ان بعد سيّد وجيہ الدين سندس قائم مقام ۽ يادگار آهي. سندس پٽ شڪرالله شيرازي ٿيو، جنهن جو احوال ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾ ٺٽي جي بيان ۾ آيل آهي(8). +هي اهو ئي قاضي سيّد شڪرالله شيرازي هو، جو سن 906هه ۾ هرات کان قنڌار ۾ آيو ۽ سن 927هه ۾ قنڌار کان سنڌ پهتو. +(3) امير جمال الدين عطاءُ الله جي چاچي سيّد الجليل امير اصيل الدين عبدالله الحسيني الاسڪني الشيرازيءَ جي سلسلي ۾ ”تحفة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته: علم تفسير، حديث، انشاءَ ۽ تاليف ۾ سندس ڪو به ثاني نه هو. پاڻ سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ (855- 872هه) شيراز کان هرات ۾ اچي رهيو، هر هفتي هڪ ڀيرو مدرسي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ ڪندو هو. ان طرح سان ربيع الاول مهيني ۾ حضرت رسول الله ‌صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مجلس بيان ڪندو هو. سندس تصنيفات مان: شرح درج الدرر برسير سنيہ خيرالبشر ۽ مزارات هرات – اهم آهن. تاريخ 17 ربيع الاول سن 803 هه ۾ فوت ٿيو. کيس ٻه ناليرا پٽ: صفي الدين محمد ۽ برهان الدين محمد آهن(9). +ساڳئي سيّد جي باري ۾ ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: سيّد صاحب شرافت ۽ جلالت جي حقيقت ۾ مشهور هو. علم تفسير ۽ حديث ۾ به بي مثل هو. سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ شيراز کان لڏي، هرات ۾ اچي ٽڪيو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو بادشاهه جي تحريڪ تي وعظ ڪندو هو. سندس لکيل ڪتاب– درج الدرر برسير سنيہ خيرالبشر ۽ مزارات هرات– جڳ مشهور آهن(10). +هن خاندان جي ڪجهه ٻين بزرگن جو تذڪرو به آيو آهي. مير اصيل الدين جي سوٽ سيّد الحڪماء امير صدرالدين محمد شيرازيءَ جي باري ۾ ”هفت اقليم“ ۾ اچي ٿو ته طبيعت جي رواني ۽ ذهني فراواني جي ڪري سڀني متبحر عالمن ۽ پوئين دور جي فاضلن ۾ ممتاز ۽ نالي وارو هو. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد، درس تدريس شروع ڪيائين. ان بعد تصنيف ۽ تاليف تي همت ۽ ڪوشش ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: رساله تحقيق علم و اثبات واجب، حاشيه شمسيه ۽ مطالعه وحاشيه تجريد. سندس وفات سلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). هن ڏس ۾ ”تحفة الڪرام“ ۾ پڻ ساڳي عبارت آرائي ٿيل آهي.(12) +امير صدرالدين جي پٽ خاتم الحڪماء، غوث العلماءَ، امير غياث الدين منصور شيرازيءَ جي لاءِ ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: هو چنڊ جي روشني ۽ وڻ جو ميوو آهي. پيءُ کان پوءِ علم ۽ فضل ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس حڪمت ۽ رياضيءَ جي علمن جي مهارت جو غلغلو ويجهي ۽ پري جي عالمن جي ڪنن تائين پهتو ۽ پڻ سندس علم و فضل جو آواز به هرطرف گونجڻ لڳو. +وصف خورشيد ازنگويد هوشمند +فيض نور او بود مدحش پسند(13). +هن متعلق وڌيڪ تفصيل ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: سندس ولادت سن 900هه ۾ ٿي. پنهنجي والد بزرگوار امير صدرالدين کان علم جي تحصيل ڪيائين. چوڏهن سالن جي عمر ۾ علامه دوانيءَ سان مناظرو ٿيس. ويهن سالن جي عمر ۾ سڀني علمن کان فارغ ٿيو. ڪجهه وقت صدارت جو عهدو ماڻيائين. عراق کان مجتهد الزمان شيخ علي بن عبدالعالي تختگاهه ۾ آيو ته، ڪن فسادين شيخ ۽ سيّد جي وچ ۾ مناظرو ڪرائي وڌو. بادشاهه مجتهد الزمان جي حمايت ڪئي ۽ سيّد صاحب ناراض ٿيو. ان بعد صدارت جو عهدو ڇڏي شيراز هليو ويو، جتي سن 948هه ۾ فوت ٿيو(14). +تحفة الڪرام ۾ حبيب السير جي حوالي سان سندس تصنيفات جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي. حبيب السير جي صاحب سندس هي تصنيفون ڏٺيون: ڪتاب حجة الڪلام، ڪتاب محڪمات شرح هياڪل انوار، شرح رساله الثبات واجب، ڪتاب تعديل الميزان يعني منطق شفا جو خلاصو، ڪتاب معيار الافڪار، خلاصه تعديل الميزان، ڪتاب لوامع، معارج علم هيئت ۾ (هي ڪتاب سترهن سالن جي عمر ۾ لکيائين)، ڪتاب تجريد برحڪمت، رساله معرفت قبله، معالم الشفا طب ۾، معالم الشفا جو خلاصو شافيه، سفرويه هيئت، حاشيه برالاهيات شفا، حاشيه براشارات، حاشيه برحڪمت العين، رساله در باب خلافت فرزند مير صدرالدين محمد، رد برحاشيه تهذيب، رد حاشيه شمسيه علامه دواني، رد حاشيه خلاصته التحقيق، رد برانموذج، رساله در تحقيق جهات، رد بررساله زدار(؟)، رساله مشارق در اثبات واجب، ڪتاب اخلاص مغفوري، حاشيه براوائل ڪشاف، تفسير سوره(؟)، ڪتاب مقامات العارفين (هي رسالو تصوف ۽ اخلاص ۾ پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)، رساله قانون السلطنت. هنن ڪتابن کان علاوه هي ڪتاب به سندس چيا وڃن ٿا: رياض الرضوان، ۽ ڪتاب اساس در علم هندسہ وغيره. حبيب السير جي ليکڪ پڻ سندس ڪتابن جو تفصيل آندو آهي(15). +سيّد غياث الدين کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ سيّد شرف الدين، ٻيو سيّد مير صدرالدين. هن خاندان جي ٻين ٻن بزرگن جو ”تحفة الڪرام“ ۾ ذڪر آيو آهي. يعني سيّد نظام الدين احمد ۽ مير حبيب الله. هي ٻئي بزرگ به علم ۽ فضل جي لحاظ کان زماني ۾ بي مثال هئا. +شڪرالاهي سيد: +قاضي سيّد شڪرالله شيرازيءَ جي نسبت سان، مير نظام الدين جو خاندان، ٺٽي ۾ شڪر الاهي شيرازي سيدن جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جا گهڻو ڪري سڀ ماڻهو، علم و فضل ۾ ديني مرتبي جي ڪري، زماني ۾ مشهور ٿيندا آيا آهن. اڄ به هي خاندان پنهنجي قديم محلي ۾ آباد آهي. موقعي جي مناسبت سان آءُ هن خاندان جي چند بزرگن جو به ذڪر ڪندس، ته جيئن اندازو ٿئي ته هن گهراڻي جي مختلف ماڻهن، سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ علم ۽ ادب توڙي مذهب جون ڪهڙيون ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون. +سيّد شاهه ولي: +سيّد شاهه ولي بن سيّد ابوالقاسم بن سيّد علي اڪبر بن سيّد عبدالواسع بن سيّد محمد حسين بن سيّد شڪرالله ثاني علامه مخدوم رحمة الله جهڙي مشهور بزرگ جو شاگرد هو. هو املا، انشا ۽ شعر ۾ صاف طبيعت جو ۽ ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو(16). +”تحفة الڪرام“ جو صاحب، مير علي شير قانع ٺٽوي ”مقالات الشعرا“ ۾ سندس ذڪر هن ريت ڪري ٿو: تقويٰ، پرهيزگاري ۽ علمي ڪمالات جي فنن سان سينگاريل، پنهنجو وقت ڪتابن جي اڀياس ۾ گذاريندڙ ۽ طالبن کي درس ڏيندڙ هو. وڏن جي پيرويءَ تي پورو ۽ بزرگيءَ سان سينگاريل، حسن خلق ۾ وڏن ننڍن ۾ معروف هو. (17). +سيّد شاهه ولي ”تحفة المجالس“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. شوال جي 13 تاريخ سن 1150هه رات جي وقت، پنهنجي جاگير جڳت پور، تعلقي ڪڪرالي (سنڌ) ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي، 15 تاريخ تي سندس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان جي هڪ شاگرد لطف الله ”قد فات في عشقہ“ (يعني هو الله جي عشق ۾ وفات ڪري ويو)، مان هن جي وفات جي تاريخ ڪڍي آهي. +سندس ٻه فارسي شعر ”مقالات الشعرا“ ۾ نموني طور ڏنل آهن. ”تذڪره علماءَ هند“ ۾ صفحي 250 تي به سندس ذڪر ملي ٿو. کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيّد محمد ناصر ۽ ٻيو سيّد محمد سراج الدين. +مير سراج الدين: +هي به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. تاريخ گوئيءَ ۾ ان کي خاص ملڪو حاصل هو. ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي ته وڏن جي وصفن سان سينگاريل، وڏن جو يادگار ۽ جاءِ نشين، سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي......طبيعت ۾ شعر جو چڱو جذبو هئس ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو(18). +سيّد غلام اوليا: +سيّد غلام اولياءَ بن عنايت الله بن سيّد اسد الله بن سيّد عنايت الله بن سيّد عبدالرحمان بن سيّد ظهير الدين و الاسلام عرف مير جادم بن سيّد شڪر الله اول. هي سيّد تمام وڏو بزرگ ۽ اهل دل انسان ٿي گذريو آهي. ان بابت مير علي شير لکي ٿو ته ؛ سيّد غلام اوليا ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني علمن جي تحصيل ڪري، تقوى ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري، هميشه جي دستور موجب هر روز سيّد عبدالله جي زيارت تي ويندو هو ۽ پنهنجو برڪت ڀريو وقت چڱن ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو صاحب به هو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ هن فاني دنيا کي رخصت چئي، مريدن جي خاص جماعت پٺيان ڇڏي ويو. هر مهيني جي 21 تاريخ سندس وفات جي تاريخ تي، مريدن جي جماعت مزار جي زيارت تي پهچي ختمو خيرات ڪري مشڪل حل ڪرائيندي آهي(19). +سيّد محمد ناصر: +سيّد محمد ناصر بن سيّد عطاءُ الله بن سيّد نعمت الله بن سيّد نظام الدين بن سيّد نور محمد بن سيّد شڪر الله ثاني بن سيّد ظهير الدين بن سيّد قاضي شڪر الله اول. هي سيّد زهد ۽ تقويٰ ۾ زماني ۾ عجوبو هو. تحفة الڪرام ۾ آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جو منهن نه ڏٺو. ايتري تائين پاڪ هو جو جانورن ۾ نر ۽ ماديءَ ۾ فرق نه ڪري سگهندو هو. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ ڪامل هو. سندس پوئلڳن جي گهڻائي هئي، جن جي حاجت روائي ڪندو رهندو هو. +هڪ ڀيري ٺٽي ۾ اچي ڏڪار پيو. ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ مهانگائي ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي، وڃي ولين جي قبرن تي دعائون گهرڻ لڳا. ڪنهن ماڻهو خواب ۾ ڏٺو ته، جيڪڏهن ڪو اهڙو پرهيزگار جنهن عمر ڀر ڪنهن عورت جو منهن نه ڏٺو هجي، سو ٻاهر مينهن لاءِ نماز پڙهائيندو ته، پوءِ دنيا تي رحمت جي مينهن جي پالوٽ ٿي سگهندي. ماڻهو هن سيّد وٽ پهتا. پنهنجي والد جي چوڻ تي، ٽي ڏينهن باران نماز پڙهائي دعائون گهريائين. رحمت جو ڪڪر جوش ۾ آيو. آخر مينهن وسيو. +سيّد نظام الدين جي ٻئي ڏاڏي يعني سيّد نور محمد جي ڀاءُ سيّد ظهير الدين جادم ثانيءَ جي اولاد مان گهڻا ڪمال وارا بزرگ پيدا ٿيا. +سيّد محمد ڪاظم: +سيّد محمد ڪاظم بن سيّد محمد مقيم بن سيّد ظهير الدين ثانيءَ بابت تحفة الڪرام ۾ آهي ته، سيّد محمد ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو. ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن ننڊ ۾ جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي، خلوت ۾ پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جو قلبي ذڪر ٻڌندا هئا. آخر پاڻهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ڪماليتون هيس جن جو شمار مشڪل آهي(20). +تحفة الڪرام جو صاحب: +مير عليلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). عه وحاشيه تجريد. از ۽ نالي وارو هو. ي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ ڪندو ه ئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين. ين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. شير بن سيّد عزت الله بن سيّد محمد ڪاظم بن سيّد محمد مقيم بن سيّد ظهير الدين به هن سلسلي جو هڪ چمڪندڙ موتي هو. هن - تحفة الڪرام ۽ مقالات الشعرا- ۽ ٻيا به ڪيترائي يادگار ڪتاب ڇڏيا آهن. پاڻ خاص ڪري ذڪر ڪيل هي ٻه ڪتاب نه لکي ها ته، اڄ اسين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کان بلڪل بي خبر هجون ها. +مير عظيم الدين: +هن خاندان جي ٻي هڪ عظيم شخصيت مير عظيم الدين جي آهي. سندس سلسلو هن ريت آهي: سيّد عظيم الدين بن سيّد يار محمد بن سيّد عزت الله بن سيّد محمد ڪاظم بن سيّد محمد مقيم بن سيّد ظهير الدين ثاني. هي سيّد به وڏي درجي وارو شاعر ۽ اديب هو. هڪ ديوان، هڪ مثنوي هير رانجهو ۽ هڪ منظوم تاريخ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن. +مطلب ته سيّد نظام الدين مؤلف ”فتاويٰ عالمگيري“ جو سڄو خاندان شيراز، هرات ۽ قنڌار کان وٺي سنڌ تائين، ڪيئي صديون برابر علم جو درياءَ وهائيندو ۽ دين جي خدمت سرانجام ڏيندو رهيو. +(2) قاضي ابو الخير ٺٽوي +سيّد نظام الدين ٺٽويءَ کان پوءِ ”فتاويٰ عالمگيري“ جي مؤلفن ۾، قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جو نالو اچي ٿو. هي بزرگ به سنڌ جي مشهور مردم خيز ۽ تاريخي شهر ٺٽي جو رهاڪو هو. پاڻ ٺٽي جي مشهور عالم ۽ بزرگ علامه مخدوم فضل الله جو فرزند هو. جنهن بابت ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي ته ”پاڻ فضيلتن جو جامع، انساني علمن جو ماهر، پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل هو. هميشه درس ۽ تدريس ۾ مشغول رهندو هو“ (21). +ٿوري ڦير ڦار سان تاريخ معصومي (22)، ۽ ماثر رحيمي (23) ۾ به سندن ذڪر اچي ٿو. پاڻ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي ترخان جو همعصر هو. علامه فضل الله جي فرزند مخدوم ابو الخير ٺٽويءَ ( فتاوي عالمگيريءَ جي مؤلف) جي لاءِ ”تحفة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته، پنهنجي وقت ۾ هڪڙو ڪامل طالب علم پيدا ٿيو. فتاوي عالمگيري جي مسئلن جي چونڊ ۾ شريڪ رهيو(24) +تحفة الڪرام موجب سندس پٽ ملا اسحاق به ڪمالات جو صاحب هو. سندس هڪ پٽ ڪمال الدين هو، جنهن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. +حوالا ۽ حاشيا: +(1) تحفة الڪرام، قلمي، ص 615. +(2) تحفة الڪرام، قلمي، ص 543. +(3) تاريخ طاهري، قلمي، ص 11. +(4) تحفة الڪرام، قلمي، ص 543. +(5) تحفة الڪرام، جلد 2، ص 71، مطبوعه بمبئي. +(6) تحفة الڪرام، جلد 2، ص 71. +(7) هفت اقليم، مطبوعه بنگال، ص 261. +(8) تحفة الڪرام، جلد 2، مطبوعه بمبئي، ص 71. +(9) تحفة الڪرام، جلد 2، مطبوعه بمبئي، ص، 70. +(10)هفت اقليم، ص 261، مطبوعه بنگال. +(11)هفت اقليم، ص 261 مطبوعه بنگال. +(12)تحفة الڪرام، جلد 2، ص 71. +(13)هفت اقليم، ص 259 ۽ 260، مطبوعه بنگال. +(14)تحفة الڪرام، جلد 2، ص 72. +(15)تحفة الڪرام، جلد 2،ص 72 ۽ 73. +(16)تحفة الڪرام، جلد 3، ص 195، مطبوعه بمبئي. +(17)مقالات الشعرا، قلمي، ص 304. +(18) تحفة الڪرام، جلد 3، ص 196، مطبوعه بمبئي. +(19)تحفة الڪرام، جلد 3، ص 196، مطبوعه بمبئي. +(20)تحفة الڪرام، قلمي، ص 556. +(21)تحفة الڪرام، قلمي ص 620. +(22) مير محمد معصوم: تاريخ معصومي، مرتب: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه، ص 217. +(23) ماثر رحيمي، ص 328، مطبوعه بنگال. +(24) تحفة الڪرام، قلمي، ص 620. +سنڌ جي تاريخ جا ماخذ +]هن مضمون ۾ راشدي صاحب خاص طرح سان انهن عربي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي،جيڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا. هي مضمون اصل ۾ اردو زبان ۾ لکيل هو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ماهنامه ”نئين زندگي“ جي سيپٽمبر 1952ع، ۽ نومبر 1952ع وارن پرچن ۾ ڇپيو هو. علمي دنيا کي هن تاريخي تحرير جي گهٽ ڄاڻ رهي آهي[ +تاريخ سنڌ جي ماخذن جي جيڪڏهن فهرست لکڻ ويهنداسين ته اسان کي ان مواد کي چئن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪرڻو پوندو. 1، جاگرافي 2، ملڪي تاريخ 3، علمي ۽ تمدني تاريخ 4- قديم آثار. تنهن کان پوءِ وري اسان کي هرهڪ ڀاڱي جي ماخذن کي جدا جدا عنوانن جي ماتحت لکڻو پوندو. +جاگرافي +جڏهن اسان جاگرافي جي تاريخ مرتب ڪنداسين، تڏهن ان وقت اسان کي ٻن قسمن جي ڪتابن کان مدد وٺڻي پوندي. +(1) سفرناما: ان عنوان جي ماتحت انهن سمورن سفرنامن کي ٻوليءَ جي لحاظ کان جدا جدا لکڻو پوندو، جن ۾ سنڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي ۽ انگريزي ۾ وڌيڪ ڪتاب ملندا. +(2) جاگرافي: انهيءَ عنوان جي هيٺ اسان کي اهي سمورا جاگرافيءَ جا ڪتاب ڳولڻا پوندا، جيڪي سنڌ جي متعلق آهن. جن ۾ ضمناً سنڌ جو ذڪر آيو آهي انهن جي تقسيم به ٻوليءَ جي اعتبار سان ڪرڻي پوندي، جيئن ته عربي، فارسي ۽ انگريزي جدا جدا ڏيکارڻا پوندا. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ گهڻو مواد ملندو. اردو ۽ سنڌي ۾ شايد ڪي ٿورڙا ترجما ملندا نه ته ڪو خاص ڪتاب انهيءَ موضوع تي نه ملندو. انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي انگريزيءَ جا اهي سمورا رسالا، مخزن ۽ جرنل به ڏسڻا پوندا، جن ۾ خاص سنڌ جي جاگرافيءَ تي مضمون شايع ٿي چڪا آهن. +ملڪي تاريخ +عام ملڪي تاريخ لکڻ جي سلسلي ۾ جڏهن ماخذن کي گڏ ڪرڻو پوندو ته ان وقت فهرست هيٺين عنوانن تي ورهائبي: +(1) سنڌ تي خاص ڪتاب: انهيءَ عنوان هيٺ تاريخ جا اهي سمورا ڪتاب درج ڪرڻا پوندا، جيڪي خاص طرح سنڌ تي لکيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي فارسيءَ ۾ ڪي ٿورڙا ليڪن انگريزيءَ ۾ گهڻا ڪتاب ملندا. انگريزي ڪتابن جا ماخذ به چند فارسي تاريخ جا ڪتاب آهن، جيڪي انهيءَ عنوان هيٺ اسين لکنداسون. ليڪن آخري دور لاءِ انگريزيءَ ۾ خاص طرح سان سنڌ تي وڏي ڪثرت سان ڪتاب آهن، جيڪي اسان کي انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انگريزن، ڪلهوڙن جي حڪومت، ٽالپرن جي صاحبي ۽ پنهنجي راڄ جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. +(2) عام تاريخون: انهيءَ عنوان ۾ اهي سمورا تاريخ جا ڪتاب اچن ٿا، جن ۾ ضمناً سنڌ جو ذڪر آيو آهي. انهيءَ باري ۾ عربي ۽ فارسي تاريخن جو تت تيار ڪبو ۽ انگريزي تاريخن جا نالا لکڻا پوندا. اها فهرست به ٻوليءَ جي لحاظ سان ورهائڻي پوندي. +(3) رسالا ۽ مخزن: انگريزي زبان ۾ اسان کي اهڙا رسالا ۽ مخزن ڪثرت سان ملندا، جن ۾ سنڌ تي خصوصيت سان نهايت اهم مضمون لکيا ويا آهن ۽ اهي سمورا مضمون نهايت قيمتي ۽ ناياب مواد جي اهميت رکن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ عنوان تي ڪجهه به ناهي. اردو ۾ البته چند مضمون ممڪن آهي ته ملي وڃن. +(4) سياسي رهبرن جون سوانح عمريون: انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي سنڌ ۽ هندستان جي سياسي رهبرن ۽ سرڪاري عهدي دارن جي سوانح عمرين تي لکيل ڪتاب، فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انهيءَ عنوان تي اسان کي فقط انگريزيءَ ۾ ڪتاب ملندا. +(5) سياسي خَطَ: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا خط پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ ملڪي انتظام جي سلسلي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران پنهنجي نوڪرن کي لکيا ويا هئا يا وري ڪمپني جي نوڪرن، ڪمپني ڏانهن خط لکيا آهن. انهن خطن ۾ ڪي نادر ترين تاريخي شيون ملن ٿيون، جيڪي عام تاريخ جي ڪتابن ۾ نه ٿيون ملن. ليڪن انهيءَ قسم جا ڪتاب انگريزن جي صاحبيءَ سان تعلق رکن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ موضوع تي مواد نه آهي. +علمي ۽ تمدني تاريخ +تمدن و تهذيب ۽ سنڌ جي علم و ادب جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان کي جن ڪتابن کان مدد ملي سگهي ٿي، انهن کي هيٺين ستن عنوانن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. +(1) علمي مڪتوبات: انهيءَ عنوان هيٺ ولين ۽ بزرگن جا مڪتوبات ۽ ڪي علمي خَطَ درج ٿيندا. انهيءَ قسم جا مڪتوبات گهڻو ڪري فارسي ۽ سنڌي ٻولي ۾ آهن. +(2) ملفوظات: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اولياءَ ڪرام ۽ اسلام جي اڪابرن جا ملفوظات درج ڪرڻا پوندا. ملفوظات جا ڪتاب گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ آهن ۽ سنڌيءَ ۾ بلڪل گهٽ آهن. +(3) سوانح حيات: انهيءَ هيٺ اهي سمورا ڪتاب شامل ڪرڻا پوندا، جيڪي ڪنهن مصنف يا عالم جي سوانح عمري جي متعلق لکيا ويا آهن. انهيءَ قسم جا ڪتاب عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. +(4) تذڪرا ۽ طبقات: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي ڪثرت سان ڪتاب ملندا. ڪي عام تذڪرا آهن. جن ۾ ضمنًا سنڌي مشاهيرن جو بيان آيو آهي، ۽ ڪي ڪتاب خاص سنڌي مشاهيرن جي سلسلي ۾ لکيا ويا آهن. عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب انهيءَ موضوع تي موجود آهن. +(5) ديوان: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا فارسي، عربي ۽ سنڌي ديوان گڏ ڪرڻا پوندا، جيڪي سنڌي شاعرن مرتب ڪيا آهن، ۽ اهڙن ڪتابن جو تعداد سوَن تائين پهچي وڃي ٿو. +(6) سنڌين جون تصنيفون: جڏهن اسان علم و ادب جي تاريخ مرتب ڪنداسون ته اسان کي سنڌي بزرگن جي تصنيفن تي هڪ نگاهه وجهڻي پوندي ۽ اهي تصنيفون اسان کي علم و ادب توڙي مذهب جي متعلق ملنديون. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ موضوع جا هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. +(7) فنون لطيفه: انهيءَ عنوان هيٺ به گهڻا ئي ڪتاب اسان کي فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. +قديم آثار +قديم آثارن جي سلسلي ۾ اسان کي ٽي عنوان قائم ڪرڻا پوندا. ملڪي توڙي علمي تاريخ انهيءَ وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهندي، جيسين اسان سنڌ جي آثار قديمه کان استفادو نه ڪنداسون. +(1) آثار قديمه جي کاتي جون رپورٽون: هند سرڪار جي آثار قديمه جي سلسلي ۾ اسان کي اهي سموريون ساليانه رپورٽون گڏ ڪرڻيون پونديون، جي انگريزن جي صاحبي ۾ مرتب ٿيون آهن. +(2) ڪتاب: ساليانه رپورٽن کان سواءِ انگريزيءَ ۾ سنڌ جي آثار قديمه تي خاص طرح سان گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن، تن کي به فهرست ۾ شامل ڪرڻو پوندو. +(3) رسالا: گذريل ڏيڍ سئو ورهين ۾ يورپ توڙي هندستان مان انگريزي رسالن ۾، سنڌ جي آثار قديمه تي گهڻا مضمون شايع ٿي چڪا آهن، ۽ اهي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح استفادي جي اعتبار سان گهڻي قدر ضروري ۽ اهم آهن. سنڌ جي تاريخ انهيءَ وقت تائين مڪمل نه ٿيندي، جيسين تائين انهن مضمونن کي نهايت اونهي نظر سان مطالعو نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جا مضمون سوَن جي تعداد ۾ آهن. انهن رسالن جو اڄڪلهه ملڻ بلڪل مشڪل آهي. +هيءُ هو تاريخ سنڌ جي ماخذن جو ذڪر، ”نئين زندگي“ جي آئنده اشاعت ۾ عربيءَ جي جاگرافي ۽ سفرنامن جي فهرست پيش ڪئي ويندي. +جغرافيه ۽ سفرناما +1. ابن خورداذبہ: هيءُ سڀ کان پهريون ( 250 هجري) عرب جغرافيه نويس آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ ۾ هندستان ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. خليفه معتمد جي زماني ۾ ابن خوردازبہ پوسٽ آفيسن ۽ خفيه اطلاعات کاتي جو آفيسر هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ سنڌ ۽ هندستان ۾ نه آيو هو، ليڪن سندس لکيل احوال درست آهي. سندس ڪتاب 1889ع ۾ بريل ليڊن ۾ شايع ٿيو. ڊي جيوجي (De -Geoji) ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي. +2. سليمان تاجر: 237هجري ۾ هيءُ سڀ کان پهريون تاجر هندستان جي ساحلن تي واپار جي سلسلي ۾ پهتو هو. 237 هجريءَ ۾ هن پنهنجو سفرنامو تيار ڪيو هو. اهو سفرنامو 1845ع ۾ پيرس ۾ ڇپجي ويو آهي. سنڌ ۽ هند جي متعلق انهيءَ ۾ نهايت بيش بها معلومات آهي. +3. ابوزيد سيرافي: (264هه) سيراف ايران کاريءَ جو هڪ مشهور بندرگاهه هو. ابو زيد انهيءَ شهر جو باشندو هو. 264 هجري سندس ڪتاب ۾ ڏنل آهي. عرب جو مشهور سياح مسعودي 300 هجري ۾ هن سان سيراف ۾ مليو هو. هن 25 يا 30 ورهين کان پوءِ ان ڪتاب جو تڪمله لکيو. ابوزيد پاڻ ته ڪڏهن به ��ندستان ۾ نه آيو، ليڪن هُو انهيءَ بندرگاهه جي باشندي هئڻ سبب سنڌ ۽ هند جي مسافرن سان ملندو رهندو هو. سنڌ جي متعلق احوال معلوم ڪندو رهندو هو ۽ انهن کي لکندو ويندو هو. مسعودي جنهن انهيءَ سفرنامي کي پڙهي ان جو تڪمله لکيو هو، ڪيترا دفعا هندستان آيو هو. تنهن ڪري سيرافيءَ جون جغرافيائي چڪون به مسعوديءَ جي نظرثاني سان درست ٿي ويون. هيءُ ڪتاب پيرس مان 1845ع ۾ ”سلسله التواريخ“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي. +4. ابو دلف مسعر بن مهلهل ينبوعي: (331هه) انهيءَ عرب سياح جو زمانو 331هه کان 377هه تائين هو. هي سڀ کان وڏو سياح آهي. بغداد کان روانو ٿي، ترڪستان پهتو ۽ اتي بخارا جي بادشاهه نصربن احمد (المتوفي 331هه) سان مليو. اتان وري چيني ايلچيءَ سان چين ڏانهن روانو ٿي ويو. وري چين کان ڪابل، تبت ۽ ڪشمير مان ٿيندو ملتان پهتو. سنڌ ۽ هند جي ڏاکڻي ساحل (ڪولم) تائين پهتو. انهيءَ ڪتاب جو هڪ حصو 1845ع ۾ برلن ۾ ڇپيو ۽ ان جا ڪي ٽڪرا ابن نديم پنهنجي ”الفهرست“ ۾، ياقوت ”معجم البلدان“ ۽ قزويني ”آثارالبلاد“ ۾ ڏنا آهن. غالباً هيءُ پهريون عرب سياح آهي، جو خشڪيءَ جي رستي سنڌ پهتو هو. +5. بزرگ بن شهريار: (300هه) هيءُ هڪ جهازران هو، جو پنهنجي دريائي سفرن جي ذريعي عراقي بندرگاهن کان وٺي هندستان جي ساحلن تائين، ۽ ان کان پوءِ چين ۽ جاپان تائين پهتو. هن ”عجائب الهند“ جي نالي سان هڪ ڪتاب عربي ۾ لکيو هو، جو 1886ع ۾ بريل پريس ليڊن کان شايع ٿيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو فرينچ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو به اتان ئي شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي سلسلي ۾ عجيب و غريب واقعا ملن ٿا. +6. مسعودي ابوالحسن علي: (303هه) هن مصنف جا ٻه ڪتاب دستياب ٿيا آهن ۽ شايع به ٿي ويا آهن. هڪ آهي ”مروج الذهب و معادن الجواهر“ ۽ ٻيو آهي ”التنبيہ والاشراف“. ٻئي ڪتاب ليڊن مان شايع ٿي چڪا آهن ۽ پڻ مصر کان به ان ڪتاب جا متعدد ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. التنبيہ والاشراف– جي هڪ ڀاڱي جو اردو ترجمو دارالترجمه حيدرآباد دکن مان شايع ٿيل آهي. +مسعودي هڪ بلند پايه مؤرخ، جغرافيه نويس ۽ سياح هو. هن پنجويهه ورهيه مختلف ملڪن جي سياحت ۾ گذاريا. هيءُ سياح سنڌ ۽ هند ۾ به آيو هو. سندس ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾ نهايت قيمتي معلومات درج آهي. مروج الذهب، مسعودي پنهنجي سيروسفر ختم ڪرڻ کان پوءِ 332هه ۾ لکيو هو. هيءُ ڪتاب فرينچ ترجمي سان نون جلدن ۾ پيرس مان به شايع ٿيو آهي. +7- اصطخري: (340هه) ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي پورو نالو اٿس. هو اصطخر نالي شهر جو باشندو هو. تنهن ڪري هو اصطخري مشهور ٿيو. هيءُ سياح 340هه ۾ سنڌ ۽ هند ۾ آيو ۽ پنهنجي معاصر سياح ابن حوقل سان اتي ئي مليو هو. علم جغرافيه تي سندس ٻه ڪتاب آهن. هڪ ڪتاب ”الاقاليم“، جو 1839ع ۾ گوٿا کان شايع ٿيو. عرب، ايران، ماوراءُالنهر، ڪابلستان، سنڌ ۽ هند جو هن سفر ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ ڪي حالات لکيا. سنڌ تي هن هڪ خاص باب لکيو، جنهن ۾ هن تفصيلي حالات لکيا آهن. +8- ابن حوقل: ( 331هه / 943ع – 358هه / 979ع)، ابوالقاسم ابن حوقل النصيبي بغداد جو واپاري هو. سن 331هه / 943ع ۾ هن بغداد ڇڏيو. يورپ، آفريڪا، ايشيا، اسپين، سسلي ۽ هندستان جي سياحت ڪيائين. هيءُ سڀ کان پهريون جغرافيه نويس آهي. جنهن سنڌ جو نقشو پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هن هندستان جي طول ۽ عرض ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ سنڌ تي هڪ جدا باب آهي، جو معلومات سان ڀريل آهي، هيءُ ڪتاب ليڊن کان ٻه دفعا سال 1938ع ۽ سال 1939ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو نالو ”صورت الهند“ آهي. +9- بشاري مقدسي: (375هه) شمس الدين محمد بن احمد بشاري بيت المقدس جو باشندو هو. هن پنهنجو ڪتاب ”احسن التقاسيم في معرفة الاقاليم“ 375هه ۾ لکي راس ڪيو. هن اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ هند و سنڌ ۾ به آيو هو. بشاري پنهنجي ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ جا نقشا ڏنا آهن ۽ سنڌ بابت هڪ جدا باب به ڏنو آهي. هي ڪتاب ٻه دفعا 1906ع ۾ ليڊن کان شايع ٿيو. +10- البيروني: (400هه) البيروني پنهنجي مشهور تصنيف ”ڪتاب الهند“ سببان مشهور آهي، تنهن ڪري تفصيلي حالات لکڻ جي ضرورت ناهي. محمود غزنوي سان هندستان ۾ آيو هو. ”ڪتاب الهند“ ۽ ”قانون مسعودي“ سندس ٻه عالمگير مشهوريءَ جون تصنيفون آهن، جن ۾ هند جا تفصيلي حالات ۽ سنڌ جا حالات مختلف ٽُڪرن جي صورت ۾ ملن ٿا. ڪتاب الهند، عربي، انگريزي ۽ اردو ۾ متعدد بار ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ ترجمو مسٽر سخائو ڪيو آهي. البيروني جا تفصيلي حالات لکيا آهن. سخائو جي شهرت البيروني جي ترجمي سببان ٿي. ”ڪتاب الهند“ جو اردو ترجمو تازو انجمن ترقي اردو پاڪستان طرفان شايع ٿيو آهي. +11- ابن بطوطه: (779هه / 1377ع) مراڪش جو مشهور سياح هو. هن کي پنهنجي سفرنامي سببان لافاني مشهوري حاصل ٿي. سندس سفرنامي جو نالو ”عجائب الاسفار“ آهي. هي ڪتاب عربيءَ ۾ آهي. هن ڪتاب جا يورپ جي مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. اردو ۾ به هن ڪتاب جو ترجمو محمد حسين ڪيو آهي. هي ڪتاب ڪيترا دفعا ڇپيو آهي. اردو ۾ هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ آهي. ابن بطوطه محمد تغلق جي عهد حڪومت ۾ هندستان آيو، جتان سنڌ ۾ پهتو. هن سياح سنڌ جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. اهو احوال نهايت قيمتي ۽ دلچسپ آهي. +مطلب ته جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، جن ۾ سنڌ جو احوال ملي ٿو، ڪثرت سان ملن ٿا، جن جو تفصيلي بيان طوالت جو سبب ٿيندو، تنهن ڪري بعض ڪتابن جا اسان فقط نالا ڏيون ٿا: +12- ابن رسته: (290هه). اعلاق النفيسہ ليڊن مان ڇپيو آهي. +13- قدامه بن جعفر: (296هه).(1) +14- ادريسي: (560هه / 1165ع) نزهة المشتاق. +15- ياقوت الحموي: (627هه / 1229ع) معجم البلدان. +16- ذڪريا قزويني: (682 / 1282ع) آثار البلاد. +17- صوفي دمشقي: ( 728هه / 1326ع) عجائب البر والبحر. +18- ابو الفدا: ( 732هه / 1331ع) تقويم البلدان. +19- نويري: ( 733هه / 1331ع) نهايت الارب في فنون الادب +20. شهاب الدين العمري: ( 748هه / 1346ع) مسالڪ الابصار وممالڪ الامصار. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو لاهور مان شايع ٿيو آهي. +21. سيّد علي رئيس: ( 1553 - 1556ع)، ترڪ اميرالبحر هو. همايون جي عهد ۾ سنڌ ۽ هند آيو هو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ويمبري 1899ع ۾ لنڊن مان شايع ڪيو. +هي سمورا جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ سنگ ميل جو درجو رکن ٿا. ترتيب مان معلوم ٿيندو ته 25 هجري کان وٺي اٽڪل ڏهين صدي هجري تائين انهيءَ پوري زماني تي پکڙيل آهن. ڪن سياحن ۽ جغرافيا نويسن سنڌ جي بيان ۾ جدا جدا باب پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. ڪيترن مختلف عنوانن هيٺ يا هندستان جي حالات ۾ مختلف هنڌن تي سنڌ جي شهرن، دريائن، رستن ۽ ملڪي پيداوار، آب و هوا ۽ ٻين ضروري شين جي متعلق نهايت قيمتي معلومات ڏني وئي آهي. جيڪڏهن جغرافيه جي انهن ڪتابن ۽ سفرنامن جو نهايت غور سان مطالعو ڪبو ته اٺن صدين جا حالات اسان کي نهايت سولائي سان ملي سگهندا. +* ترجمو: شمشاد احمد جوڻيجو +(1) قدامه بن جعفر جا ڪجهه ڪتاب ملن ٿا. انهن ۾ سنڌ ۽ هند جي حوالي سان ٻن ڪتابن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو: (1) نقد شعر، (2) ڪتاب البلدان (مرتب). + + +مرزا شاهه حسين ارغون +]هي مضمون ماهنامه ”نئين زندگي“ جي جون 1956ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو، جتان ان کي اتاري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي[ +صدين جي ٺهيل ٺڪيل، مضبوط ۽ مستحڪم، ڪامياب ۽ ڪامران، سمن جي سلطنت جو زوال ان وقت ٿيو. جڏهن 914هه ۾ انهيءَ گهراڻي جي آخري بلند اقبال سلطان ڄام نظام الدين هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو. +زوال ۽ برباديءَ جي عام دستور مطابق، سندس پونيرن ۾ تخت ۽ تاج لاءِ جهيڙا ۽ جهڳڙا شروع ٿيا. هڪ طرف ڄام نظام الدين جو مدينه ماڇياڻيءَ جي پيٽ مان ڄاول، نا عاقبت انديش پٽ فيروز هو، ۽ ٻئي طرف ساڳئي خاندان جو هڪ ٻيو شهزادو صلاح الدين هو. ٻنهي وچ ۾ نزاع پيدا ٿيو، جهيڙا ٿيا، جنگيون لڳيون ۽ سمورو ملڪ خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ٻرڻ لڳو. ويڙهه جي ڄر ۽ ڄڀي سڄي سلطنت جي بنياد کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. +صلاح الدين گجرات جي سلطان کان مدد وٺي سنڌ تي لشڪر چاڙهي آيو ۽ فيروز قنڌار ۽ سيويءَ جي ارغون حاڪم مرزا شاهه بيگ جو ڪٽڪ ڪهرائي اچي پهتو. ٻئي لشڪر ڌاريا، ٻنهي کي ملڪ سان ڪا همدردي ڪانه، ٻنهي ڌرين جي مددگار لشڪر سنڌ جي سرزمين کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. ڄام صلاح الدين شڪست کاڌي، ليڪن فيروز به فتحمند ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته شاهه بيگ ارغون لوور سنڌ جو ڪجهه حصو سندس حوالي ڪري، باقي سموريءَ سنڌ تي پنهنجو قبضو ڪيو. صلاح الدين ۽ فيروز جي خانه جنگي 914هه کان شروع ٿي ۽ 928هه ۾ مٿئين نتيجي تي اچي ختم ٿي. يعني صلاح الدين ختم، فيروز سنڌ جي ٿوري ٽڪري جو شاهه شطرنج، باقي سڄو ملڪ ارغونن جي حوالي. +شاهه بيگ ارغون، امير ذوالنون جو پٽ هو. انهيءَ خاندان جو تعلق تيموري خاندان جي عظيم المرتبت حڪمران سلطان شاهه حسين بايقرا جي درٻار سان هو. جنهن جي دور ۾ اهو گهراڻو ڪابل، قنڌار ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جو حاڪم ٿيو. سلطان حسين بايقرا 912هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن کان پوءِ انهيءَ گهراڻي جو به زوال شروع ٿيو. ان وقت ايران اندر ٽي نيون طاقتون ظهور ۾ آيون: شاهه اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ امير تيمور گورخان (گورگاني) جي دود مان جو بلند اقبال نوجوان بابر. ٽئي هڪ ئي وقت ايران جي سرزمين تي پنهنجي قيام ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. +امير ذوالنون ارغون جو تعلق سلطان حسين بايقرا جي درٻار سان هو. انهيءَ گهراڻي جي ختم ٿيڻ بعد هن به حق نمڪ ادا ڪندي، سندس شهزادن جي طرفان مقابلا ۽ معرڪا ڪندي، محمد خان شيبانيءَ هٿان پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. کائنس پوءِ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون ڪابل ۽ قنڌار جو حاڪم ٿيو، جنهن هرات جي مرڪز ختم ٿيڻ بعد، پنهنجي گورنريءَ کي نيم آزاد سلطنت جو رنگ ڏئي ڇڏيو. +شاهه بيگ اگرچه خودمختيار هو، ليڪن پنهنجي خودمختياري قائم رکڻ جي منجهس طاقت ڪا نه هئي. ”شيباني“، ”صفوي“، ۽ ”بابر“، هڪ ئي وقت سندس سامهون هئا. ڪجهه وقت ته هن پنهنجي حڪمت عمليءَ سان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن آخر بابر ڪامرانيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندي، اچي سندس ويجهو پيو هو. +شاهه بيگ اگرچه پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو، ليڪن پنهنجو مستقبل کيس آخرڪار غير محفوظ ۽ تاريڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪري ڪنهن نئين ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ ان ۾ رهي پاڻ کي مضبوط بنائڻ لاءِ سوچڻ لڳو. سيويءَ تائين هن جو قبضو هو، ليڪن اهو معمولي خطو سندس گهراڻي جو بار ڪٿي کڻي ٿي سگهيو؟ سيوي سنڌ سان متصل هئي، تنهن ڪري هن جون اکيون ان تي هيون. +سنڌ ان وقت پنهنجي گهرو لڙائيءَ ۾ مصروف هئي. بخت جي ڪنهن جو ڦاٽ کائي ته ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو. ڄام فيروز عين ان وقت کيس سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن هن کي پاڻ به اچڻ جي آرزو ۽ خواهش هئي. سيوي سندس مرڪز هو، دعوت ملڻ تي فورن هليو آيو. +صلاح الدين جو ته، هن اچڻ سان خاتمو ڪيو، ليڪن عملي طرح فيروز کي به حڪومت نصيب ڪا نه ٿي. 927هه جي شروعات ۾ شاهه بيگ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ورندڙ سال جي آخر ۾ هن سنڌ ۾ انتقال ڪيو(1). مرزا شاهه حسين کانئس پوءِ سندس وارث ٿيو. جنهن تخت نشين ٿيندي ئي پهريون ڪم اهو ڪيو جو، لوور سنڌ جو جيڪو حصو فيروز جي حوالي هو سو به کائنس کسي، کيس گجرات ڏانهن اماڻي سمان خاندان جي اڍائن صدين جي حڪومت جو ڏيئو، هميشه هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو. +شاهه حسين ارغون 22 شعبان 928هه تي سنڌ جي تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو ۽ ڪم و بيش 35 سال سنڌ تي حڪمراني ڪري 12 ربيع الاول 962هه تي هي جهان ڇڏي ويو. +شاهه حسين جا اهي 35 ورهيه ئي سنڌ اندر جدوجهد ۾ گذريا، هڪ پل به هو واندو ڪونه ويٺو. ابتدائي چند سال ته هن کي سنڌ جي اندروني بغاوتن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳا. ان کان پوءِ هن پنهنجي سلطنت کي نه فقط مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو، بلڪه هيءُ به ڪوشش ڪيائين ته سنڌ جي حڪومت جون حدون چوڌاري وڌائي ڇڏي. سيويءَ تائين جو علائقو، اڳ ئي سندس قبضي ۾ هو. 933هه ۾ هن ملتان تي ڪاهه ڪئي، اچ کي فتح ڪري هن ملتان تي به وڃي قبضو ڪيو، ۽ اتي جي لانگاهه حڪومت کي ختم ڪري، ملتان جي دروازي تي هن پنهنجو جهنڊو کوڙيو. اتان جڏهن واپس وريو ته سڌو ڪڇ تي ڪاهه ڪري هليو ويو. اتي پڻ هن فتح ۽ نصرت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ گجرات ڏانهن رخ رکيائين. جتي به هن ڏاڍا معرڪا ڪيا، ليڪن ڪن ضروري سببن ڪري کيس سنڌ ڏانهن واپس ٿيڻو پيو. +شاهه حسين جي دور جو وڏي ۾ وڏو واقعو آهي، شير شاهه کان شڪست کائي همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ اچڻ. شاهه حسين جي دانشمندي، فهم ۽ فراست جو وڏي ۾ وڏو امتحان انهيءَ زماني ۾ ٿيو. همايون 28 رمضان 947هه کان 7 ربيع الاول 950هه تائين برابر اڍائي سال سنڌ ۾ ڦرندو رهيو. ليڪن نه شاهه حسين ساڻس مليو، ۽ نه کيس سنڌ اندر ڪٿي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنائين. اگرچه ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا، ليڪن همايون کي هڙ حاصل ٿي ڪا نه سگهي. نيٺ هو تنگ ٿي، پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ مجبور سمجهي، سنڌ مان ڪوچ ڪري ايران طرف هليو ويو. همايون هتي رهڻ واري زماني ۾ حميده بانو بيگم سان پاٽ جي شهر ۾ نڪاح ڪيو، ۽ هتي ئي عمرڪوٽ ۾ 5 رجب 949هه جو سندس بلند اقبال پٽ ۽ هندستان جي مغل گهراڻي جو عظيم ترين بادشاهه اڪبر اعظم پيدا ٿيو. +شاهه حسين ۾ حڪومت ۽ حڪمرانيءَ جا سڀئي گڻ موجود هئا، ۽ اهو ئي سبب هو جو هن سنڌ جي ڌارئي ملڪ تي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان حڪومت ڪئي. نه فقط ايترو پر هن جون حدون وڌائي ملتان، بلوچستان ۽ ڪڇ تائين پهچائي ڇڏيون. نه ڇڙو همايون جا اڍائي سالن جي جدوجهد بعد به هتي پير کُپي نه سگهيا، بلڪه شير شاهه جيڪو لاهور تائين همايون جو پيڇو ڪندو آيو، سو به سنڌ کان پاسو ڪري ٽري هليو ويو. +شاهه حسين، سلطان بايقرا جي درٻار ۾ اکيون کوليون هيون ۽ انهيءَ ۾ ئي هن پرورش حاصل ڪئي هئي. جنهن درٻار جا مير علي شير نوائيءَ جهڙا فاضل اجل وزير، مولانا جاميءَ جهڙا لافاني شاعر ۽ بهزاد مصور جهڙا عظيم ترين فنڪار رڪن رڪين ۽ زيب زينت هئا. هارون ۽ مامون جي درٻار کان پوءِ اها هڪ اهڙي درٻار هئي، جنهن جي علمي اوج ۽ اقبال جو اڄ تائين علمي طبقي جي دلين تي سڪو ثبت آهي. +مرزا شاهه حسين جو ڏاڏو، امير ذوالنون ارغون بلند درجي جو عالم ۽ فاضل هو. سندس پيءُ شاهه بيگ نه فقط عالم ۽ اديب هو، بلڪه پنهنجي دور جو بي مثل شاعر به هو(1). اهڙيءَ طرح شاهه حسين به نه ڇڙو شمشير زن سپاهي ۽ با تدبير حڪمران هو، بلڪه بي مثل عالم، اعليٰ درجي جو اديب، بهترين مصور ۽ فارسي ۽ ترڪيءَ جو شيرين بيان شاعر هو. ”سپاهي“ سندس تخلص هو. سندس شعر جو ڪو به مجموعو هن وقت تائين دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي البته سندس منتشر اشعار، تاريخن ۽ تذڪرن ۾ منقول آهن. سندس شعر جو رنگ ڍنگ هن طرح آهي: +چو سبزه ترت از برگ ياسمين برخاست، هزار فتنه بقصد دل از ڪمين برخاست، ز آتشين رخ او خط عنبرين برخاست، بجان زد آتش و دود از دل حزين برخاست، فشاند زلف معنبر بروي چون مصحف، شعار ڪفر ازان رو، ز اهلِ دين برخاست. +*** +عشقت ڪه بود مايہء ارباب سلامت، از وي نه بود حاصل ما جز به ندامت، آن ڪس ڪه بتيغ ستم عشق تو ميرد، نبود هوس زندگيش روز قيامت، عمريست ڪه اي سرو خرامندهه گذشتي، غائب نشد از ديدههء من آن قد و قامت، چہ تير بود ڪه آن چشم نميخواب انداخت، ڪه مرغ جان و دلم را در اضطراب انداخت. +سنڌ ۾ اگرچه کيس گهڻي حد تائين درٻار آرائيءَ جو موقعو ملي نه سگهيو، ليڪن ان هوندي به هن علمي سرپرستيءَ ۾ ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. ايران جا ڪيترا عالم ۽ شاعر وطن ڇڏي وٽس اچي رهيا ۽ ڪيترا سنڌي عالم ۽ اديب سندس صحبت ۽ علمي مجلس ۾ شريڪ رهيا. مولانا جاميءَ جو خاص دوست ۽ شاگرد، شاهه جهانگير هاشمي، پنهنجي اباڻي وطن کي خيرباد چئي، هت اچي پهتو. ايران جو بي مثل شاعر حيدر ڪلوچ سندس ئي قرب ڪري ڪهي هتي آيو. فخري هروي به هرات مان لڏي سنڌ اندر سندس ئي داد و دهش سبب اچي پهتو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي اهل علم بزرگن جي موجودگي، سندس درٻار ۾ تاريخ جي وسيلي اسان کي معلوم ٿئي ٿي. جهڙوڪ: شيخ عبدالوهاب پوراني، شاهه قطب الدين هروي، مخدوم محمود فخر پوٽو، مولانا عبدالعزيز ۽ اثيرالدين ابهري، قاضي ڏتو سيوهاڻي، مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو، مخدوم ميران، مولانا ضياءَ الدين راهوتي، قاضي عبدالله درٻيلائي، شيخ الاسلام قاضي محمد اوچي، مولانا مصلح الدين لاري، شاهه حسين تڪدري ۽ شاهه مسعود صدر وغيره. +شاهه حسين جي وقت ۾ فارسي زبان ۽ ادب سنڌ ۾ ڏاڍو عروج ۽ فروغ حاصل ڪيو. فارسيءَ جا ڪيترا ڪتاب انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر تصنيف ٿيا. مثنوي مظهر الآثار، ديوان حيدر ڪلوچ، فتاويٰ پوراني، شرح اربعين، شرح ڪيداني، شرح شمائل نبوي، حاشيه تفسير بيضاوي، شرح منطق وغيره انهيءَ دور جا يادگار ڪتاب آهن. اهڙيءَ طرح تذڪره ”روضة السلاطين“ به انهيءَ ئي زماني جو بي مثل تذڪرو آهي. سنڌي زبان جو ادب اگرچه قديم آهي، ليڪن شاهه حسين کان اڳ جو ڪو به شعر ۽ نوشتو اسان کي ملي ڪونه ٿو سگهي. شاهه حسين جي دور جو ئي اهو ڪرشمو آهي ۽ برڪت جو قاضي قاضن جا سنڌي ڏوهيڙا رهجي ويا، جيڪي اڄ سنڌي ادبي تاريخ ۾ اسان کي رهبريءَ جو ڪم ڏين ٿا. +شاهه حسين کي نرينه اولاد ڪونه ٿيو. فقط هڪ نياڻي چوچڪ بيگم نالي هيس، جيڪا بابر جي پٽ ۽ همايون جي ڀاءُ مرزا ڪامران کي پرڻائي ڏنائين. جيڪا پڻ مڙسس جي اکين نڪرڻ بعد، ان سان گڏ هتان هجرت ڪري مڪه معظم ڏانهن هلي وئي ۽ اتي وڃي فوت ٿي. تنهن ڪري 962هه ۾ جڏهن مرزا انتقال ڪيو، تڏهن سندس حڪومت ٻن حصن ۾ سندس ٻن اميرن جي مابين وراهجي وئي. اپر سنڌ سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي ۽ ان جو مرڪز بکر ٿيو. لوور سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان قبضو ڪيو، جنهن ٺٽي جو دارالسلطنت قائم رکيو. +مرزا شاهه حسين اگرچه ڏورانهين ڏيهه کان آيو هو ۽ ڌاريو بادشاهه هو. ليڪن سنڌ ۾ پهچڻ بعد هن پنهنجي قديم وطن سان سمورا لاڳاپا ٽوڙي پاڻ کي هتان جو وطني بنائي ڇڏيو. جيترو وقت هتي رهيو هتان جو ٿي رهيو. نه هن پاڻ کي ڌاريو سمجهيو، نه سنڌين سان هن ڌارين وارو سلوڪ ڪيو. قرب، محبت ۽ پيار واري طور ۽ طريقي سان ��ن سنڌين جو انهيءَ حد تائين اعتماد حاصل ڪري ورتو، جو هڪ گهڙيءَ لاءِ به سنڌين کيس ڌاريو، پرائو ۽ پرڏيهي نه سمجهيو. +(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريه سان) +ڊاڪٽر عترت حسين زبيري +]هي يادگار مضمون رسالي ”اردو نامہ“ جي 22 پرچي، ڊسمبر 1965ع ۾ ڇپيل آهي. ان جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ، جي پرچي، نمبر 04، سال 2012ع ۾ ڇپيو آهي[ +اها سال 1958ع جي ڳالهه آهي. مارچ جي ٻي تاريخ هئي، اسان کي ڀنڀور وڃڻو هو. ڀنڀور کان شايد هاڻ هرڪو واقف آهي، پر اُن دور ۾ سواءِ مخصوص ماڻهن جي، ڪنهن جو به نه ان پاسي ڌيان هو، نه ڪنهن کي خبر هئي. ان ڏينهن ڀنڀور جي کوٽائيءَ جو افتتاح ٿيڻ وارو هو. +ڪراچيءَ مان تقريباً 8 بجي اسان جو قافلو نڪتو. جناب ممتاز حسن صاحب فنانس سيڪريٽري، مسٽر ڪوريل ڊائريڪٽر آثار قديم کاتو، هي نيازمند ۽ هڪ جرمن خاتون ڊاڪٽر اينميري شمل جيڪا هاڻ ته شاهه لطيف ۽ علامه اقبال تي گهڻو ڪجهه لکڻ ڪري سڄي پاڪستان ۾ معروف ۽ معزز آهي، پر ان دور ۾ پهريون ڀيرو ڪراچيءَ آئي هئي. اسان جي قافلي ۾ هڪڙو ٻيو معزز شخص به شامل هو. ڊگهو قد، اڇو رنگ، شڪل شريفانه ۽ خوبصورت، ڏاڙهي ڪوڙيل، ننڍيون مُڇون، اکين ۾ چمڪ، آواز سنجيده، نرم ۽ باوقار. پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ دوستاڻو انداز، ڪشاده دل ۽ مستاني ادائن جو مالڪ، مٿي تي ڍلو ڇٽيءَ نموني فليٽ هيٽ، وڏن پاچن واري کليل پينٽ، ڍِلو ڪوٽ، لباس جي ٺاهه ٺوهه ۽ ڇنڊ ڦوڪ کان بنهه بي نياز. اهو هو مرڪزي حڪومت جو تعليمي مشير ڊاڪٽر عترت حسين زبيري. +شايد اسان پهريون ڀيرو ملي رهيا هئاسين. ڀنڀور تائين پهچندي پهچندي اسين هڪ ٻئي کان واقف ٿي وياسين، باقي جا گهٽتائي هئي ان جو پورائو، هڪ ٻئي سان تعارف ڪرائڻ وقت ممتاز حسن پنهنجي دلڪش اندازِ بيان سان ڪري ورتي. ڀنڀور جي ٽڪريءَ تي جڏهن اسان قدم رکيو ته اسين ٻئي دوست هئاسين. هڪ ٻئي جي ويجهو اچي چڪا هئاسين. هڪ ٻئي لاءِ دلين ۾ گرم جوشي هئي ۽ پاڻ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ دلين ۾ هڪ قسم جي ڪشش محسوس ڪري رهيا هئاسين. +کوٽائيءَ جو افتتاح ممتاز حسن صاحب پاڻ زمين ۾ پهريون لپو هڻي ڪيو. ان کان اڳ جو اُن قديم تاريخي ڀڙي کي کوٽيو وڃي. اسان خدا تعاليٰ جي بارگاهه ۾ گهڻي خلوص مان دعا گهُري. اها دعا عترت حسين زبيري گهُري هئي. +هڪ ڏينهن صبح جو ٽيلي فون جي گهنٽي وڳي. +”خليفة الواثق بالله جو ڪهڙو دور آهي؟“ +”227هه کان 232هه تائين!“ +”اڇا، ته پوءِ توهان هڪدم هليا اچو.“ +اها ممتاز حسن جي فون هئي. سندس آواز ۾ گهٻراهٽ هئي، جنهن منجهان مون ائين سمجهيو، ته ڪوئي تمام اهم مسئلو آهي. +جڏهن به ڪا خاص ڳالهه هوندي، ڪائي دلچسپ شئي کولڻي هوندي، ڪو مخطوطو لڀندو، ميوزم لاءِ ڪائي شئي خريد ڪرڻ لاءِ ايندي هئي، تاريخي دستاويز ملندا هئا، ڪنهن به وڏي علمي ڪم لاءِ پروگرام جوڙڻ، يا ڪنهن علمي انجمن ٺاهڻ جو ارادو هوندو، ته ممتاز حسن صاحب جو فون تي اهڙي طرح آواز تيز، گهٻرايل ۽ تجسس وارو ٿي ويندو هو، ڄڻ شهر ۾ باهه لڳي وئي هجي ۽ هو فائر برگيڊ کي اطلاع ڏئي رهيو هجي يا ڪنهن اچانڪ موت جو اطلاع فوتيءَ جي عزيزن تائين پهچائي رهيو هجي. هونئن وڏي صبر و تحمل وارو هو، ڏاڍو تجربيڪار ۽ اونهو، سندس پياري ڌيءُ فوت ٿي وئي ته به پنهنجي لهجي ۾ ڪڏهن به گهٻراهٽ واري ڪيفيت پيدا ٿيڻ نه ڏنائين. ننڍا وڏا ٻيا به اهڙا مسئلا زندگيءَ ۾ آيس جيڪي ڪافي گهٻراهٽ پيدا ڪري پي سگهيا، پر هي شخص ڪڏهن به بيقرار نه ٿيو. اها بيقراري، پريشاني ۽ اها هيجاني ڪيفيت رڳو ان مهل ظاهر ٿي پوندي هئي جڏهن ڪو علمي مسئلو يا مع��ملو سامهون ايندو هو. اها ڪيفيت ان وقت کان اڃا به وڌي وئي هئي، جڏهن کان عترت حسين زبيريءَ ايجوڪيشن جي چارج ورتي هئي. ٻئي هڪجهڙا مذاقي هئا، ٻئي علم دوست هئا ۽ ٻئي هم مذهب هئا، ان ڪري سنگتي ٿي ويا هئا، ۽ ٻئي پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرن پيا، ان ڪري زبان ۽ عمل ۾ اهڙي بي چيني لازمي هئي. +مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ فنانس سيڪريٽري جي دروازي تي پٽيوالو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. جيئن ئي مان اندر داخل ٿيس مون ڏٺو ته، هي ٻئي صاحب هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺا هئا. مون کي ڏسندي ائين فاتحانه انداز ۾ مُشڪيا، جيئن انهن ڪو وڏو راز معلوم ڪري ورتو هجي يا انهن کي ڪنهن وڏي ڳُجهي خزاني جو راز ملي ويو هجي، يا ڪنهن اهڙي مسئلي کي انهن سُلجهائي ڇڏيو هجي جنهن کي سُلجهائڻ لاءِ، سڄي اُمت چوڏهن سَؤ سالن کان مٿا ڪٽ ڪري رهي هئي. +مان جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس، ان وقت زبيري صاحب پنهنجي کيسي مان، وڏي احتياط سان هڪڙو لفافو ڪڍيو. زبيري صاحب جڏهن مسڪرائيندو هو تڏهن سندس دلي خوشيءَ جا آثار مُنهن مان ظاهر ٿي پوندا هئا. سندس پيشاني جيڪا ڪشادي هئي تنهن تي گهُنج پئجي ويندا هئا جيڪي ڏاڍا سهڻا ۽ دلڪش محسوس ٿيندا هئا. ڏند ڏاڍا سهڻا هئس، جيئن موتي پويل هجن. مسڪرائڻ مهل ڏندن جو توازن ۽ جڙاوت ڏسڻ واري کي ڏاڍو متاثر ڪندي هئي. +لفافو ڏيندي جيڪا مُشڪ سندس چهري تي ظاهر ٿي، سا مون کي پسند آئي ۽ اڃا به جڏهن مان ان جو تصور ڪندو آهيان ته دل جي عجيب حالت ٿي ويندي آهي. +لفافي مان هڪڙو سونو سڪو نڪتو. +”چئو منهنجا سائين!“ ممتازحسن ۽ زبيري صاحب جي زبان مان هڪ ئي وقت نڪتو. +”هي ڇا آهي؟“ +”واثق بالله جو سڪو آهي!“ +”ڪٿان مليو؟“ +”ڀنڀور مان!“ +اڳتي هلي معلوم ٿيو ته، اهو سونو دينار دنيا ۾ واحد اڪيلو سِڪو آهي. زبيري صاحب ۽ ممتاز حسن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي دولت ٿي پي سگهي؟ ٻئي خوش هئا. +ان کان پوءِ ٻئي ثقافتي، علمي ۽ ادبي تحريڪن ۾ اڃا وڌيڪ سرگرم ٿي ويا. +هيءَ به 1958ع جي ئي ڳالهه آهي، صبح جا ڏهه ٿيا هئا، اُها ئي فنانس سيڪريٽري واري آفيس، اهو ئي ممتاز حسن ۽ اهوئي عترت حسين زبيري. اڄوڪي سلسلي جي هڪ ٻي وِهڪَ اڳ به ٿي چڪي هئي. اسان سرڪار جي حڪم سان اردو ڊولپمينٽ بورڊ ڪراچيءَ جو بنياد وڌو. ممتاز حسن جي ڪوشش هئي ۽ زبيري صاحب جي تائيد، هڪڙو اسڪيم ٺاهڻ وارو ۽ ٻيو بي ڌڙڪ پيسا ڏيڻ وارو، پوءِ ڇو نه اسڪيمون ٺهنديون ۽ ڪيئن نه ڪم ٿيندا. اڄ اردو ڊولپمينٽ بورڊ جي بنيادي ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس هو. ياد نه ٿو اچي ته ان وقت مون کان سواءِ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ميمبر موجود هئا. +ان گڏجاڻيءَ ۾ زبيري صاحب لغت جا اصول ۽ لغت نويسيءَ جي فن ۽ گهُرجن بابت هڪ اعليٰ نوعيت جو علمي مقالو پڙهي اجلاس جو افتتاح ڪيو. مون کي خبر ڪونهي ته مقالي جو ڇا ٿيو، سندس ڪاغذن ۾ اهو آهي به، يا ڪونهي. جيڪڏهن اهو شايع ٿي پوي ته ڇا چئجي! اها وڏي ڪم جي شئي آهي. +ان ئي گڏجاڻيءَ ۾ طئه ٿيو ته، ادارو اردو جي وسيع تاريخي لغت مرتب ڪري. مولوي عبدالحق، باباءِ اردو مرحوم و مغفور کي لغت واري ڪم جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. +حضرت جوش مليح آبادي علمي مشير واري حيثيت سان مقرر ٿيو. هڪڙي ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جون ميٽنگون سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾، ۽ منهنجي گهر تي ٿينديون هيون. جن ۾ اصول، ضابطا ۽ دفتري قانون واضح ڪيا ويا. ڊاڪٽر سيّد عبدالله، ڊاڪٽر ابوالليث صديقي ۽ ڊاڪٽر شوڪت سبزواري به ان ڪميٽي جا ميمبر هئا. +ڊاڪٽر عترت حسين زبيري غالباً مشرقي پاڪستان جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان مرڪزي حڪومت جو تعليمي مشير مقرر ٿي، وڏي جذبي سان، ڪجهه ڪرڻ واري ارادي سان پهتو هو. ممتاز حسن جهڙي سمجهدار، عاقل ۽ علم پرور مشير سان علمي سهڪار، سندس جذبي ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻ واري ارادي کي وڌيڪ تقويت بخشي ۽ طاقت ڏني. +ٻنهي جو خيال هو ته ڪنهن ملڪ، قوم ۽ حڪومت جي عزت آبرو مندي جو انحصار، چند جديد قسم جي عمارتن ۽ قيمتي ڪپڙن پهريل ڪارندن تي ناهي هوندو. پر ڪا به قوم اُن وقت سرخرو ٿئي ٿي ۽ ڪو ملڪ دنيا ۾ تڏهن عزت حاصل ڪري ٿو، جڏهن ان وٽ تاريخ جو سرمايو وسيع پيماني تي محفوظ هجي. قديم آثارن جو سلسلو منظم ۽ ترتيب سان هجي. ڪتب خانا، ميوزم ۽ علمي انجمنون ججهيون هجن، پنهنجي تاريخي ورثي ۽ ثقافتي روايتن جي عظمت جا بنياد، نه فقط مستحڪم هجن، پر انهن تي شعوري فخر پڻ هجي. سندن خيال بلڪل صحيح هو. دنيا جون ٻيون معزز قومون پنهنجي قديم روايتن جي ئي بنياد تي، دنيا ۾ عزت ۽ آبرو سان ڏٺيون وينديون آهن. ملڪيت جي گهڻائي، وڏيون وڏيون ڪوٺيون، صوفا ۽ ريفريجريٽر، ڪنهن قوم کي دولتمند ته ڪري سگهن ٿا، پر عظمت ۽ وقار نه ٿا بخشي سگهن. ان وقار ۽ عظمت جون ديوارون فقط ثقافتي ورثي جي بنيادن تي ئي کڄنديون آهن. +عترت حسين زبيريءَ اچڻ سان، ممتاز حسن صاحب سان ملي ذڪر ڪيل بنيادي اصولن تحت هن نئين ملڪ کي پنهنجي ورثي کان واقف ڪرڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا. سندن رستي ۾ ڪائي رڪاوٽ ڪانه هئي. ٻنهي جون شخصيتون نڪتهء چيني کان مٿي هيون. ٻنهي جو ڪردار آڱر کڻڻ کان مٿانهون هو. ان ڪري ٻنهي گڏجي ڪافي ڪم ڪيا ۽ ڪيئي علمي ادارا ٺاهيا. اڄ جيڪا ٿوري گهڻي ثقافتي عزت حاصل آهي اها انهن ڪارنامن جي طفيل آهي. +غالباً 1958ع جي نومبر جو مهينو هو، مان سيپٽمبر کان پنهنجي گهر ۾ بيمار پيو هئس. شام جو اٺين نائين جي وچ ڌاري هي ٻئي دوست مون وٽ آيا. ممتاز حسن جي اها عادت هئي ته جڏهن به کيس ڪو صدمو پهچندو هو تڏهن بظاهر صبر کان ته ڪم وٺندو هو، پر اندر ۾ باهه ٻرندي رهندي هيس. اهڙي حالت ۾ کيس جڏهن ڪو دل گهريو دوست ملي ويندو هو، ته اڪثر ڪري شعر پڙهڻ لڳندو هو ۽ ضابطي جي باوجود اکيون به ڀرجي اينديون هيس. ڪڏهن ڪڏهن ٿڌا ساهه کڻڻ لڳندو هو ۽ مُنهن ڦيري اکيون به اُگهندو رهندو هو. +عترت حسين زبيري انگريزيءَ جو جيد عالم هو. اهڙو عالم ۽ اهڙو استاد جنهن خود اهلِ زبان وارن وٽ به وڏي طمطراق سان پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هئي. پر هو اُن جي باوجود جيئن ته مالدار نه هو، ان ڪري ساڳيو مشرقي مسلمان، ساڳيو عبادت گذار ۽ ساڳي عالمانه ڪسرنفسي ۽ سادگي. ڍلي انگريزي پوشاڪ ۽ مشرقي جسم ۾ مسلمان جو روح هئس. کيس انگريزي شعر ۽ چوڻين سان گڏوگڏ فارسي ۽ اردو جا شعر پڻ ياد هوندا هئا، ۽ مهل موقعي سان شعر بيان ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻندو هو. +مون کي دل جي بيماري هئي. هي ٻئي دوست احتياط ڪندا هئا ته منهنجي اڳيان ڪنهن تڪليف واري واقعي جو اظهار نه ٿئي. ممتاز حسن جي ڌيءُ جي وفات ٿي چڪي هئي، دل ڪپجيس پئي، گهر ماتم جو ميدان ٿيو پيو هئس، پر جڏهن مزاج پرسيءَ لاءِ مون وٽ ايندو هو ته ڪوشش اها ڪندو هو ته، هن جي اندر جي ڪيفيت مون اڳيان ظاهر نه ٿئي. پر ڪيستائين؟ هو مومن آهي ان ڪري هزار ڀيرا ضبط ۽ تحمل جي باوجود هن جي دل جي ڪيفيت، سندس چهري مان ظاهر ٿي پوندي هئي. هو هزار ڀيرا لڪائي پر چهرو ڪڏهن به رازدان ٿي نه ٿو سگهي. +اُن شام جو، هو ڪجهه وڌيڪ پريشان هو. مون ڏٺو ته عترت حسين زبيري صاحب پڻ ملول آهي. مان تاڙي ويس، پر همت ڪانه ٿي، جو پڇان. مان پاڻ به ڊنس پئي. جيڪڏهن ڪائي اهڙي تهڙي ڳالهه ٿي، ته خبر ناهي ڇا ٿ��ندو. +ٻنهي شعر پڙهڻ شروع ڪيا. ٻنهي جي مُنهن جو پنو لهندو پي ويو، ۽ ممتاز حسن ڪيترا ڀيرا اکيون ڦيري ڳوڙها پڻ اُگهيا. +ڪنهن اسڪيم بابت مون ڳالهه ڪڍي، تڏهن مون ڏٺو ته ٻئي دوست معمول موجب گرم جوشيءَ سان ان ڳالهه ڏانهن متوجهه نه ٿيا، هان هُون ڪري ٽارڻ جي ڪري رهيا هئا. بهرحال ڪائي ڳالهه اهڙي هئي جو جواب ڏيڻ کان سواءِ هنن لاءِ ڪو چارو ڪونه هو. ٻئي مجبور هئا. ان مهل راز ظاهر ٿيو ته جناب عترت حسين زبيري عنقريب پنهنجي عهدي کان آجو ٿيڻ وارو آهي، ان ڪري هاڻ هو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. سمورا ارادا ۽ سڀئي پروگرام ختم. جذبن ۾ ماٺار اچي وئي هئي. +ممتاز حسن جڏهن ڪنهن روحاني تڪليف ۾ مبتلا هوندو هو، ته هڪدم ڪنهن دلي دوست جو گهر ”پناهه گاهه“ طور ڳوليندو هو ۽ اتي ڪجهه گهڙيون ويهي، دل وندرائي پوءِ هليو ويندو هو. معلوم ٿيو ته ان وقت به زبيري صاحب جي واندي ٿيڻ واري ڳالهه تي سخت روحاني ڪوفت ۽ اذيت ۾ گرفتار هو ۽ کيس پناهه جي ضرورت هئي. +ڳالهه به نازڪ ۽ ڏکاري ٿيڻ جهڙي هئي. پاڪستان جي علمي ۽ ثقافتي استحڪام ۽ عظمت لاءِ، هي ٻئي شخص جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارا هئا، ان جي اڃا شروعات ٿي هئي. +زبيري صاحب کي اهو ڏک ڪونه هو ته، هُو پنهنجي عهدي کان آجو ٿي رهيو آهي. چوندا آهن ته: +پائے گدا لنگ نیست، ملک خدا تنگ نیست +علم جو ۽ عمل جو صاحب هو، کيس خدا اِها دولت بخشي هئي، جنهن جو نه زوال اچي پي سگهيو ۽ نه اها ختم ٿيڻ واري هئي. جتي به وڃي ها اتي عزت ماڻي ها. شينهن جنهن به جهنگ ۾ ويندو آهي اتان پنهنجو شڪار ڪري وٺندو آهي. آخرڪار ٿيو به اِئين. وطن مان نڪتو، ماڻهن سمجهيو غريب الوطن ٿي ويو، پر هو غيرن ۾ ويو ۽ پنهنجن کان وڌيڪ مرتبو ماڻيائين. +عترت حسين زبيريءَ سان منهنجي اها آخري ملاقات هئي. پوءِ هو يورپ هليو ويو ۽ مان منيلا وڃي پهتس. هڪ ٻئي جي خبر نه رهي. هڪ ڀيري ممتاز حسن وٽ، ان جا خط ڏٺم، دوستن جي ياد ۽ وطن جي محبت ۾ ڪئي دلسوز شعر لکيل هئا. ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ سندس جسم ته جتي آهي، اتي وڏي آرام ۾ آهي، پر سندس روح بي قرار آهي. دوستن لاءِ ۽ وطن جي خاطر. +هڪ ڏينهن شام جو مان پراڻيون تصويرون ڏسي رهيو هئس. ڀنڀور واري ان سفر ۾ مون جيڪي تصويرون ڪڍيون هُيون اهي اڳيان اچي ويون. ممتاز حسن، ڊاڪٽر اينميري شمل، مسٽر ڪوريل ۽ ڊاڪٽر عترت حسين زبيري. ڇپري نما ٽوپي، ڍلو ڍلو انگريزي لباس، ويڪري پيشاني، کلمک چهرو، ڪيتري وقت تائين انهن پراڻين يادن ۾ گم رهيس. +ٻئي ڏينهن معلوم ٿيو ته عترت حسين زبيري غريب الوطني ۾ هن فاني جهان مان ڪالهه موڪلائي ويو. اِهو اُهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن مان سندس تصويرون ڏسي رهيو هئس. +موت برحق آ، هر ڪنهن کي مرڻو آ. هڪڙو موت انفرادي هوندو آهي، هڪڙو موت اهڙو هوندو آهي جيڪو خاندان تي اثر انداز ٿيندو آهي، جنهن جو اثر سڄي قبيلي تي پوندو آهي. پر هڪڙو موت اهڙو به هوندو آهي، جنهن جو اثر اجتماعي زندگي ۽ سڄي معاشري تي پوندو آهي. اهو هڪ عالم جو موت هوندو آهي جنهن سان سڄي قوم کي نقصان پوندو آهي. عترت حسين زبيريءَ جو موت فرد جو موت ڪونهي، هي موت اهو ڪونهي جنهن جو اثر رڳو خاندان تي پوي يا قبيلو متاثر ٿيو هجي، هي اهو موت آهي جيڪو سڄي ملڪ ۽ سموري قوم لاءِ نقصان جو ڪارڻ ٿيو. +عترت حسين زبيري هر روز قوم ۾ پيدا ڪونه ٿيندا آهن. قومن کي اهڙن فردن جي وڃڻ جي ڪري جيڪو نقصان پوندو آهي، ان جو احساس تمام دير سان ٿيندو آهي، پر ان احساس جا اثر عارضي نه، مستقل هوندا آهن.زخم جڏهن ٿڌو ٿيندو آهي تڏهن اُن جي سور ۾ وڌيڪ شدت ايندي آ��ي. (1) +(1) 22 شعبان 928هه جو انتقال ڪيائين. ”شهر شعبان“ مان سال وفات نڪري ٿو. +(1) سندس تخلص ”نفسي“ هو. +* ترجمو: آزاد قاضي. +(1) راشدي صاحب جي هن دلچسپ مضمون جو، ٻيو ترجمو ٽماهي ”تخيّل“ جي سال 2016ع جي پرچي نمبر 02، ۾ ڇپيو آهي. مترجم: محمد صديق منگيو. + + +ڪيفي دتاتريه +]راشدي صاحب جو مضمون ”ڪيفي دتاتريه“ اصل ۾ سہ ماهي ”اردو“ جي آڪٽوبر 1966ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو. مترجم وڏي محنت سان، ان کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هي ترجمو رسالي ”مهراڻ“، نمبر 03، سال 2002ع ۾ ڇپيو آهي[ +چون، گفتگو زلاله وسوسن، بر آورم، +دست چمن گرفتہ، بمسکن در آورم. +اِهو ياد نه آهي ته جڏهن ورهاڱو ٿيو تڏهن مولانا عبدالحق ڪٿي هو، البت ايترو ذهن ۾ ضرور آهي ته جڏهن دهلي پي لُٽي ۽ خونريزيءَ جي بازار گرم هئي، تڏهن مولانا حيدرآباد ۾ هو. اُتان جڏهن واپس دهلي پي آيو ته مرحوم شعيب قريشيءَ کيس زوريءَ ڀوپال جي اسٽيشن تي لاٿو. ڪجهه ڏينهن ترسيو، مگر دل نه پي لڳيس ۽ سڌو ڪراچيءَ هليو آيو. ڏاڍو ڪمزور ۽ فڪرمند ٿي لڳو. +دهلي بدستور اُجڙي رهي هئي. قيامت جو ڏيک هو. ڪنهن جي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي. مولانا کي نهايت وحشتناڪ خبرون ملنديون رهيون. ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون!....!“ انجمن برباد ٿي وئي. دفتر تباهه ٿي ويو، ڪتبخانو ساڙيو ويو ۽ هڪڙو ملازم به شهيد ٿيو. سيّد هاشمي وڃي جنت نشين ٿيو ۽ ويچارو پوڙهو ڪيفي به قاتلن جي هٿان بچي نه سگهيو. +مولانا سمجهي ويو هو ته ڪجهه ٿيو هجي يا نه ٿيو هجي، گهٽ ۾ گهٽ سندس قافلو ته سڄو سارو لُٽجي ويو. عمر ڀر جي ڪمائي چَٽ ٿي وئي، ڪيو ڪمايو خاڪ ۾ ملي ويو ۽ ٻه جگري يار، جن سان سڄي حياتي گڏ گذري هئي، سي قيامت تائين ساٿ ڇڏي ويا: +ديدار تو با قيامت افتاد، +نيک است! ولي دران سخنهاست. +تلوارون ۽ ڪِرپان جڏهن موٽي وڃي مياڻن ۾ پيا، درندگيءَ ۽ خون جا جيڪي ڦوهارا ڇٽجي رهيا هئا، تن جا بنياد بند ڪيا ويا، تڏهن وڃي معلوم ٿيو ته انجمن جو دفتر ته واقعي اهڙي نموني درهم برهم ٿي ويو آهي، جو وري اُن جي شيرازه بندي نه ٿي سگهندي! هڪڙو ملازم به اهل عيال سميت شهادت جو جام نوش ڪري چڪو آهي. مگر هاشمي صاحب بچي ويو آهي ۽ پنڊت جي [ڪيفي دتاتريه] به شهادت جي سعادت کان محروم ٿي دهلي پهچي ويو آهي. البت لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ سندس ڪوٺي هئي، جيڪا ماڻهن جي هٿ لڳي وئي ۽ ڪتبخانو ساڙيو ويو. شُڪر ٿيو جو جان ته بچي وئي. +مولانا هڪ ٿڌو ساهه کڻڻ ۽ وڏي آه ڀرڻ کان پوءِ وڃي اطمينان جو ساهه کنيو! +نوميدي از وصال تو، بس جانگداز بود، +صد جاگره ز ديدم، اميد بريده را. +* * * +اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مولانا جو قيام وزير تعليم سنڌ پير الاهي بخش وٽ گانڌي گارڊن جي پويان سائي رنگ جي ڪوٺيءَ ۾ هو. جسماني طور ته يقيناً اُتي ئي هو، ليڪن سندس روح ”دريا گنج“ نمبر پهرين (دهلي) جي آس پاس آواره ڦري رهيو هو. ڪڏهن فريد آباد پي ڀٽڪيو ته ڪڏهن رامپور ۽ حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪيفي صاحب جي ڳولا ۾ دهليءَ جي گهٽين ۽ رستن تي منڊڪائيندو رهيو! +آءٌ پنهنجي طور تي کيس وندرائڻ جون هزارين ڪوششون ڪندو پي رهيس. ملير، لانڍي، منگهوپير، جهونا مارڪيٽ، ڪياماڙي، صدرــــ اهي سڀ اُن زماني ۾ اسان جي پيرن هيٺان هوندا هئا. هوا بندر تي ته تقريباً روز شام جو چڪر لڳندو هو. ليڪن باوجود اُنهن سڀني ترڪيبن جي سندس خيال هر وقت اوڏانهن ئي رهندو هو. جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته اُتان جي ئي ڪندو هو. هندستاني احباب، انجمن ۽ اُن جو مستقبل، هاشمي، ڪيفي، صلاح الدين، بدرعالم، بشير بورچي، ڪتبخانو، نادر ۽ ناياب مخطوطا، مطبوعات جا هزارين جلد، انجمن جي عمارت جو پلاٽ، بينڪ ۾ پيل پيسا ـــ مطلب ته هڪ ماڻهو هزارين معاملا!... وقت اهڙيءَ طرح ڪٽجي ته ويندو هو، پر ڏاڍو ڏکيو. آخر هڪ ڏينهن ٻڌوسين ته انجمن جو باقي بچيل ڪتبخانو ۽ اُن جا نادر مخطوطا مولانا جا پنهنجا ئي پاليل وڪڻي کائيندا پي رهيا: +هزار گونہ بہ لنگم، بهر رهم کہ برند، +رهـﻶ کہ آن بسوئـﻶ تست، ترکنا زکنم. +پاڻ ئي چوندو رهندو هو ته ڪيفيءَ وصيت ڪئي آهي ته، جيڪڏهن مولانا جو انتقال اول ٿئي ته ڪيفيءَ کي ساڻس گڏ دفن ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن پهريائين ڪيفي صاحب موت سان ملاقي ٿئي ته سندس خاڪ رکي رهي ۽ جڏهن مولانا رحلت فرمائي ته محبت ۽ مروت جي اُن ننڍڙي پيڪر جي ان خاڪ لپ کي به اُن ئي قبر ۾ جاءِ ڏني وڃي! +* * * +منهنجو پنهنجو تعارف ته ڪيفي صاحب سان اُن وقت ٿيو هو، جڏهن مولانا اسان ٻنهي ڀائرن* کي دهلي جي ڪارونيشن هوٽل مان زوري پاڻ وٽ وٺي وڃي هڪ ڪمري ۾ اِهو چئي رهايو ته: ”ڏسو! ڀُلجي به هن حضرت سان شاهنامي جي ڳالهه نه ڪجو، نه ته مصيبت اچي ڪڙڪندي.“ +هڪڙو، تراشيل ڏاڙهيءَ وارو، وڏين مُڇن سان ڪُراڙو ماڻهو ميري پاجامي ۽ معمولي گنجيءَ ۾، چؤطرف ڪتابن جا ڍير پيل، کٽ جي پريان پلٿي ماري پروفن پڙهڻ ۾. ايتري قدر محو ۽ مشغول هو جو مولانا جو اِهو فقرو جڏهن فضا ۾ گونجيو ته هڪدم ڇرڪي اُٿيو. اسان کي ڏسي کِليو ته ضرور، پر سندس مسڪراهٽ ڦڪي پي لڳي، جا گرمجوشيءَ کان بلڪل عاري ۽ خوشيءَ کان خالي هئي. يا ته اُن ڪمري ۾ اسان اجنبين جو رهڻ هن کي ناگوار لڳو هو يا هي دَمه ۽ پيريءَ جي دردمنديءَ سبب ائين ئي مرجهايل هو. +اِهوئي هو هندستان جو مشهور محقق ۽ عالم، حافظ محمود خان شيراني!.... اِهو ئي فردوسيءَ تي چئن مقالن وارو، تنقيد شعرالعجم وارو، پرٿوي راج راسا وارو، پنجاب ۾ اردوءَ وارو، ۽ هي اِهوئي پيءُ هو، جنهن جنم ڏنو هو ”حضرت ابو المعاني الاختر شيراني الافغاني“ کي، جنهن جي ”سلميٰ“ اُن وقت جي نوجوان طبقي ۾ هڪ سُرور واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي. يعني تصور ۾ ست رنگو سُهانو سمو پيدا ڪيو هو، ۽ جنهن جي رومانوي شاعريءَ سان هر اهو انسان جيڪو جواني ۽ جوڀن ۾ هو، مست ۽ مگن هو! +”شاهنامي“ جي ڳالهه ته نه نڪتي، ليڪن ڏهن پندرهن ڏينهن جي قيام ۾ ٻيون هزارين ڳالهيون پي وچ ۾ آيون. اُن ويجهڙائپ پاڻ ۾ وڏو اُنس پيدا ڪري ڇڏيو. ايسين تائين جو اسان جي وڏين مُڇن واري پٺاڻ محافظ لالا عباس خان سان به اُن جي محبت ٿي وئي. اسان عجب مان ڏسندا هئاسون ته گرم راتين ۾ اِهي ٻئي پٺاڻ پاڻ ۾ ڪهڙيون ٿا لڙيءَ رات تائين ڳالهيون ڪن؟ شڪار جون ڳالهيون، تيرو تفنگ جون حڪايتون ۽ هندستان ۾ پٺاڻن جي حڪومت جا داستان!... لالا عباس خان هڪ رات اسان کي ٻڌايو: +”پیر!۔۔۔ شیرانی خو ٹھیک کہتا ہے، خو چار مرتبہ پٹھان کو ہندستان کا حکومت ملا، اس خانہ خراب نے خو چھوڑدیا۔۔۔۔ وئی! وئی! وئی! اوکدا!“ +لالا عباس خان جي مڇن جو هڪ هڪ وار پيو ڦڙڪي!... معلوم پيو ٿئي ته پاڻيپٽ جي ميدان ۾ احمد شاهه ابداليءَ جون فوجون اُن اوسيئڙي ۾ بيٺيون آهن ته اجهو ٿي دهلي فتح ٿئي. لالا عباس خان جي وڏين گول ۽ ڳاڙهين اکين ۾ ائين رت ڀرجي ويو، جو ڄڻ شعلا پيا نڪرن، ۽ هو ’مجموعه نغز‘ جي ايڊيٽر شيردل خان آفريدي، جنهن دشمن قبيلي جي هڪ سو ڏهن ماڻهن کي ٿري ناٽ ٿري سان دُف ڪيو هو، اُن کان به پاڻ کي وڌيڪ بهادر ۽ غيرتمند سمجهي رهيو هو. +اُن مختصر قيام دوران مون شيراني صاحب کان گهڻو ڪجهه سکيو. سچ ته اِهو آهي ته اُن ئي ڄڻ مون کي تحقيق جي دڳ تي لاتو. اسا�� روز شام جو جامع مسجد جي طرف ويندا هئاسون. هن مون کي ڪيترائي قيمتي ۽ مفيد ڪتاب چئين آني وٺي ڏنا. هڪ ڏينهن ”گلشن بيخار“ تي وڏو جهيڙو ٿيو. ڪتب فروش چئين آني ۾ پيو ڏيڻ چاهي ۽ شيراني صاحب ڇهين پيسن کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. خدا خدا ڪري ٻن آنن ۾ وڃي معاملو نبريو. اهو آنن وارو ”گلشن بيخار“، اڃا تائين مون وٽ موجود آهي. هاڻي به جڏهن اُهو کڻندو آهيان، تڏهن اُهو ئي تصور اکين جي آڏو اچي بيهندو آهي. جامع مسجد جي آخر ۾ هڪ سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، چئني پاسن کان هوا جو گذر بند، پگهر ۾ شَل، ڇهن پيسن ۽ چئين آني تي پيو جهيڙو هلي. وڏي اطمينان سان پئي ٻوليءَ تي ٻولي هلي. +* * * +اُن ئي زماني ۾ اُتي ”دريا گنج“ نمبر پهرئين ۾ صبح جو ٽهلندي، منجهند جو کاڌي جي ميز تي، شام جو چانهه تي، هڪ ننڍي قد واري ماڻهوءَ کي مون سوٽ ڪوٽ ۾ ڏٺو. قميص جو کُليل ڪالر، جيڪو ڪوٽ جي ڪالر کي ڍڪي ڇڏيندو هو. اُنهي تي ڪنهن وقت ٽاءِ به ٻَڌي ويندي هئي. قميص عموماً اُها پهري ويندي هئي، جنهن جو ڪالر ٽينس ڪٽ جو هوندو هو. اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعطم بن گوريان جي تصوير ڏسو، بس اُنهيءَ ئي دور جو فيشن هو. +اُهو ننڍڙو صاحب گهٽ ملندڙ ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ هو. ڳالهائيندو ته رڳو مولوي صاحب سان هو. شيراني صاحب هوندو ته اُن سان به ٻه چار ڳالهيون ٿي وينديون، ليڪن مطلب جي چئن جملن کان اڳتي اصل نه وڌندو. جڏهن ته مولوي صاحب کاڌي جي ميز تي پنهنجن لطيفن سان پيو رعب ڄمائيندو ۽ ڪمرو پيو ٽهڪن سان گونجندو. اُن وقت به اُهو مٽيءَ جي مُٺ مان جڙيل جسم وارو انوکو انسان رڳو مسڪراهٽ کي ئي ڪافي ڀائيندو هو. آواز ڳورو هئس، مگر اُن ۾ وڏي ڪشش هئي. +اُن وقت اهڙي خشڪ ماڻهو سان گڏ اسان جو پنهنجو معاملو رڳو ’صاحب سلامت‘ تائين هو. اسان جي لاءِ کيس علم رڳو ايترو هو، ته هي سنڌ جا وڏا رئيس ۽ جاگيردار آهن، جن کي مولوي صاحب پنهنجي عادت موجب اِنهيءَ اُميد تي پيو پالي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اِهي ماڻهو ”انجمن“ جي مقتل ۾ ڪم ڏئي ويندا. +خير اسان کي ته اُن لاءِ معلوم ٿي چڪو هو ته هي حضرت اردوءَ جو تمام وڏو عاشق ۽ اديب، محقق ۽ عالم ”پنڊت برج موهن دتاتريه ڪيفي صاحب“ آهي، جو سڄو ڏينهن ”انجمن“ جي اُن خاص ڪتبخاني ۾ لکندو پڙهندو رهندو آهي، جتي انسان ته ڇا پکيءَ کي به پهچڻ جي اجازت نه هئي. انجمن جي ڪل ڪائنات ۾ اُن ڪتبخاني جو اُهو ئي مقام ۽ مرتبو هو، جو نه ڄاڻان ته ڪهڙي آسمان تي طوبيٰ جو آهي. اُتي ئي ڪتبخاني سان گڏ هڪ ڪمري ۾ اُن جي رهائش هئي. جيستائين اسان رهياسون، ڪتبخانو ۽ ڪيفي صاحب ٻئي اسان لاءِ ڳجهه ڳجهاندر ئي رهيا! +* * * * +تاريخ ياد نه رهي آهي. بس اُهو وقت نه ٿو وسري، جڏهن مولانا دهليءَ کان ڪراچيءَ پهتو ته ڪيفي صاحب به جهاز مان ساڻس گڏ لٿو. ڏاڍو ڪمزور ۽ ڪُراڙو! وهڻ لاءِ هٿ ۾ هوا سان ڀريل هڪ ٽيوب هئس. لڪڻ جي سهاري آهستي آهستي ڪراچيءَ جي سرزمين تي ڪيفي صاحب قدم رکيو. حالتن کيس ڪيڏو نه ڪمزور ڪري ڇڏيو هو! اُن عجيب غريب انسان کي انسان جي حرڪتن ڪيتري قدر بي جان بنائي ڇڏيو هو! ڪجهه به نه هو، زندگيءَ جي آخري پساهن جي جهلڪ هئي، جيڪا جهاز مان لٿي هئي! +مولانا جون اکيون روشن هيون، جن ۾ مشتريءَ جو تاب هو. ڪيفي صاحب کي اسان سان اهڙيءَ طرح ملائي رهيو هو، ڄڻ هُو پنهنجو ڪو وڏو ڪارنامو ڏيکاري، پورو پورو داد پيو وصول ڪري، معلوم ائين پي ٿيو ته جڏهن دهليءَ جو سهاڳ پي لُٽيو ته مولانا به اُن لُٽ ۾ پورو پورو شريڪ هو، يا اڃا به اُنهن لٽيندڙن تي غالب هو ۽ هيڏانهن هي حضرت، ڄڻ اُن اڀاڳڻ جي نڪ جي اُها نٿ کڻي ڀڳو هو، جنهن جي قيمت سندس نظر ۽ نگاهه ۾ هيءَ سموري ڪائنات به ٿوري پي لڳي. واقعي مولانا اُن مهل ڄڻ هڪ فاتح جو ڏيک پي ڏنو، جنهن جي منهن تي جلال به هو ته جمال به. +دراصل اها ڳالهه هئي به دُرست، ته هُو سڀ ڪجهه لُٽائي چڪو هو ۽ زندگيءَ جي سڄي ڪئي ڪمائيءَ تي پاڻي ڦِري ويو هئس. ليڪن پنهنجي هڪ اهڙي علمي همدم ۽ هم نفس کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو، جنهن جي آڏو حقيقت ۾ سندس ٻئي جهان به هيچ هئا. اسان ڏٺو ته ڪيفي صاحب جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جو ڪيف هو، جو هو مطمئن پي نظر آيو. اسان سندس وجود ۾ هڪ قسم جو سڪون محسوس ڪري رهيا هئاسون. اِهو سڀ ڪجهه شايد ان ڪري به هو ته گويا اُهي ٻيئي يار غار ورندڙ ڏينهن ڏهاڙا هِتي گڏجي گهاريندا ۽ گڏجي مرندا. سندن گڏجي دفن ٿيڻ لاءِ جيڪا دشواري آڏو هئي، سا هاڻي ختم ٿي وئي هئي. +مولانا جڏهن خوشيءَ مان مست ٿي جهومندو هو، تڏهن سندس ڳاڙهي ٽوپيءَ جو ڦندڻ خودبخود ڦٿڪڻ لڳندو هو. اهڙيءَ طرح ايئرپورٽ تي به ڪيچ مڪران کان آيل تيز هوائن لڳڻ سبب سندس ڦندڻ اُن روايتي انداز ۾ پنهنجو پاڻ ڦٿڪندو پي رهيو. بلڪل اهڙي طرح جهڙيءَ طرح ڪٺ پُتلي قسم جي ڪا گُڏي پئي ناچ ڪري! +* * * * +مولانا جڏهن ڀوپال مان تشريف فرما ٿيو، تڏهن سندس کيسي ۾ ڪل ٽي سؤ رپيا پيا هئا! هن ”انجمن“ جو بنياد اُن ٿوري پونجيءَ مان نئين سري سان ڪيئن ٿي پئجي سگهيو؟ ”ڪل پاڪستان انجمن ترقي اردو“ ته وڏي ڳالهه ٿي، پر اُن مختصر پونجيءَ مان ته ڪنهن ننڍڙيءَ محفل جو اهتمام به نه پي ٿي سگهيو. حقيقت ۾ اهي ٽي سؤ رپيا ته مولانا جي ڪنهن چڱي دعوت لاءِ به ڪافي نه هئا. +هاشمي صاحب هميشه اهو فرمائيندو هو ته مولوي صاحب ته وڏو خوش قسمت ۽ بلند بخت ثابت ٿيو آهي. بلڪه کيس اِهو گمان به يقين جي حد تائين ٿي چڪو هو ته مولوي صاحب جيڪڏهن قطب ۽ ابدال نه آهي ته ولي ته پڪ آهي. خدا کي خبر ته سندس وليءَ وارو قول ڪيتري قدر صحيح ثابت ٿيو، البت سندس خوش بختيءَ ۽ خوش قسمتيءَ جا حيرت انگيز ڏيک ته ڪنهن حد تائين آءٌ پاڻ به اکين سان ڏسي چڪو هئس. هميشه سُٺو کائيندو، سٺو پيئندو، سٺو پهريندو ۽ سٺو رهندو هو. جڏهن به کيس ڏٺم ته سٺو ئي ڏٺم. اهڙيءَ طرح هِتي به سندس خوش قسمتي ۽ خوش بختيءَ ۾ واڌارو اچڻ لڳو. اوچتو هِتي به ’هذا من فضل ربي‘ جي هوا گُهلڻ لڳي. کيس ڀريل تريل ’شاردا مندر‘ ملي ويو. هي گجراتي هندن جو اُهو باوقار تعليمي ادارو هو، جيڪو پنهنجي اعليٰ ترين تعليمي روايتن جي لحاظ کان ”مندر“ جو روپ اختيار ڪري چڪو هو. تلڪ مهراج جڏهن به ايندو هو، تڏهن اِتي ئي قيام ڪندو هو. مهاتما گانڌي جڏهن به ڪراچيءَ آيو تڏهن اِتي ئي ترسيو. سردار پٽيل به ڪانگريسين جا جهيڙا نبيرڻ جڏهن به آيو، تڏهن اِتي ئي رهيو. هڪ دفعي اسان اِنهيءَ ’شاردا مندر‘ جي مٿينءَ منزل جي ڪمري ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي امامت ۾ نماز ادا ڪئي هئي. حد ته اها آهي ته شاردا مندر ۾ جيڪي وڻ لڳل هئا، تن مان چوٿون حصو به هاڻي باقي ناهن بچيا. اُنهن جي گهاٽي ڇانو ۾ لوهه جون بينچون پيون هونديون هيون. اُهي وڻ هندستان جي ڪنهن نه ڪنهن وڏي ليڊر جا لڳايل هئا. بال گنگا ڌر تلڪ مهراج، سي.آر.داس، مهاتما گانڌي، موتي لال نهرو، جواهر لال نهرو، لالا لجپت راءِ، ولڀ ڀائي پٽيل، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر انصاري، مولانا محمد علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، بادشاهه خان ۽ غالباً سڀ کان آخري وڻ سڀاش چندر بوس پوکيو هو. ڪنهن ڪنهن جا نالا ڳڻايان؟ مطلب ته ڪوبه رهنما اهڙو نه هو، جنهن ”شاردا مندر“ ۾ ٻوٽو نه پوکيو هجي. +* * * * +مولانا جي هِت پاڪستان اچڻ جي حوالي سان، مون مندر جي ويجهو هڪ وڏو گجراتي اسڪول ”انجمن“ جي لاءِ ذهن ۾ رکيو هو، پر جڏهن حڪيم محمد احسن، جو اُن وقت ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر هو، سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ته اُهو مون ۽ مولوي صاحب کي سڌو ”شاردا مندر“ وٺي آيو. عمارت ۽ اُن جو شان مان ڏسي پهرينءَ نظر ۾ ئي مولوي صاحب هڪو ٻڪو ٿي ويو! موصوف هر چڱي چيز کي خوب پسند ڪندو هو ۽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ملڪيت ڪنهن جي به هجي، اُن سان مولانا جو سروڪار ڪونه هوندو هو. شاردا مندر کي ڏسي مولانا جو وات پاڻيءَ سان ڀرجي ويو! +مولانا جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن کان ڪم وٺڻ مقصود هوندو هئس، تڏهن اول اُن ڪم جي نه ٿيڻ جا سبب وڏي شَد مَد سان بيان ڪندو هو. پر بيان اهڙيءَ ترڪيب سان ڪندو هو، جو جنهن کي ڪم سپرد ڪندو هو، سو سندس ڳالهه ٻڌي ڪم پوري ڪرڻ جي شرط لڳائڻ تي آماده ٿي ويندو هو ۽ طيش ۾ اچي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ جو به قسم کڻي وِهندو هو. اِهو هڪ نفسياتي حربو هو، جو مولانا وڏي چابڪدستيءَ سان ليڪن بظاهر وڏي معصوميت جي انداز ۾ هر اهم موقعي تي استعمال ڪرڻ فرمائيندو هو. ان مرحلي تي اُن جي استعمال جو سچ پچ هڪ نادر موقعو نڪري آيو هو... ”انجمن“ جي لاءِ ايڏي شاندار عمارت! ڏاڍو اهم ۽ نازڪ موقعو هو! +مولانا پنهنجيءَ پر ۾ ڏاڍو مطمئن، پير الاهي بخش جي بنگلي ۾ وقت گذاري رهيو هو يا وري سير و تفريح مان لطف اندوز ٿي رهيو هو. گهڻو ڪري سندس صبح ”گانڌي گارڊن“ ۾ ۽ شام ”هوا بندر“ ڪلفٽن تي گذرندي هئي. هوڏانهن حڪيم احسن هو، جنهن جي خودي انهيءَ امتحان ۾ اڙجي وئي: مطب بند، بيمار دربدر ۽ هي خود الاٽمينٽ جي چڪرن ۾ سرگردان... آخر هڪ سڀاڳي ڏينهن جڏهن حڪيم صاحب الاٽمينٽ جا ڪاغذ هٿ ۾ کڻي پهتو، تڏهن مولوي صاحب رڳو ايترو چيو ته: +”واهه ڀَئي واهه! +حڪيم صاحب! اهو اوهان جو ئي حصو آهي! +اسان ته چيو پي ته اوهان کان سواءِ هي ڪم ٿيڻ جو ئي ناهي. +جيڪو ڪجهه به هو، اوهان جوئي معجزو آهي! +هاشم رضا به ڇا ڪري سگهي ها؟ +واهه ڀَئي واهه! +اهو اوهان جو ئي ڪمال آهي! +واهه ڀَئي واهه!“ +۽ آخر ۾ فرمائيندو هو ته، ”خدا اوهان کي خوش رکي.“ سچي ڳالهه اِها آهي ته اِهو فقرو سندس اندر مان نڪرندو هو. اِها هن جي وڏي مهرباني هوندي هئي. جيڪڏهن ائين به نه چوي ته ڇا هو؟ ”ڀلا اسان اٻوجهه ’سنڌي ماڻهو’، سو ”بابائـﻶ اردو“ جي ايتري ئي شاباس اسان سڀني کي باغ و بهار ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي هئي. +”انجمن“ جي هيٺينءَ منزل تي وڏي ڏاکڻي ڪمري ۾ ڪيفي صاحب جو قيام ٿيو ۽ هاشمي صاحب ڪيفي صاحب جي ڀرواري ڪمري ۾ رهڻ لڳو، جتي اُن وقت ڪتبخاني جا شهيد ٿيل ڪتاب رکي ٻئي بزرگ پنهنجي صورت اهڙي ٺاهي وِهندا هئا، جو سچ پچ چئجي ’ڪاغذي هي پيرهن هر پيڪر تصوير ڪا‘ يا وري جهڙيءَ طرح ڪنهن خسته خانقاه جا متولي خلوص جا پتلا بنجي دروازي تي ڏوڪڙن جي انتظار ۾ ويٺا هجن ۽ اهڙي نموني پيا گهورين جو بظاهر ڪن وردن وظيفن ۾ مشغول هجن ۽ اصل ۾ سمورو وقت اوڪڙو ويٺا هوندا آهن. +مولانا شروع کان ئي مٿينءَ منزل جي وچئين طبقي ۾ رهندو هو ۽ کاڌو اُن ننڍڙي ڪمري ۾ واپرايو ويندو هو، جتي پوءِ قاضي احمد ميان ”اختر“ جهوناڳڙهي اچي دفتر ڄمايو ۽ هاڻي اُتي جليل احمد قدوائي کي ”آتي هين غيب سـﻶ يه مضامين خيال مين.“ +کاڌي جي اُن ننڍڙي ڪمري ۾ پيل بيضوي ٽائيپ ميز تي علم ۽ دانش جا ڪيترائي مشاهير کاڌو کائي چڪا هئا. عبدالرحمٰن قريشي مرحوم، شعيب قريشي، مولوي محمد امين زبيري مرحوم، عمر يافعي مرحوم، غرض ته ڪنهن ڪنهن جا نالا ڳڻايان؟ مرحومين جي هڪ قافلي دنيا مان ڪوچ ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پنهنجي حصي جو رزق ان ئي ميز تان کنيو هو. +اُن ڪمري ۾ مولانا اُنهن شاهوڪار ماڻهن ۽ سيٺين کي طرحين طرحين جا طعام نوش ڪرايا، جن ۾ هُو اهو مقصد رکندو هو ته انهن وٽان ”انجمن“ لاءِ وڏي وصولي ٿيندي! مون ڏٺو ته اهڙي قسم جو اهتمام هميشه اجايو ئي ويو. ”نه راههِ خدا نه راههِ رسول.“ اهڙن ماڻهن هميشه کاڌو ته ٻنهي هٿن سان ڍَءُ ڪري کاڌو ۽ خوب اوڳرايون ڏنيون، پر جڏهن عطيي ڏيڻ جي نوبت آئي ته مجال آهي جو سندن هٿ کيسي ڏانهن وڌي! آخر ۾ ڪاوڙ واريءَ ڪيفيت ۾ اُنهن ماڻهن جي حق ۾، مولانا جي منهن مبارڪ مان ”اردوئـﻶ معليٰ“ جا گل پکڙجندي ڏٺا ويا! +هڪ دفعي هڪ وڏي گجراتي سيٺ کي قاضي صاحب پنهنجن پراڻن لاڳاپن جي بنياد تي ريجهائيندو ”انجمن” ۾ وٺي آيو. اُن جي دعوت جو اهتمام ۽ تياريون شروع ٿي ويون، محض اُنهن ڏوڪڙن لاءِ، جن جي حصول خاطر دل سان دسترخوان وڇايو ويو. وڏيون وڏيون اسڪيمون سوچيون ويون. قاضي صاحب هن وقت اُن سيٺ سان پنهنجن پراڻن ۽ گهرن لاڳاپن، سندس دولت جي فراواني ۽ فراخدليءَ جا داستان ٻڌائيندي مولانا جي يقين کي پختو ڪندو رهيو ۽ گڏوگڏ مالي گهرجن کي به وڌائيندو رهيو. البت اهو مسئلو آخر تائين مولانا ۽ قاضي صاحب جي وچ ۾ متنازعه رهيو ته آخر هن حضرت کان رقم ڪيتري طلبي وڃي. ڳالهه اها هئي ته هوڏانهن دولت جي فراواني هئي ۽ هيڏانهن ضرورتن جي ڀرمار! اهڙين حالتن ۾ ڪنهن نتيجي تي ڪيئن پهچجي؟ +بهرحال اُها ساعت به اچي پهتي. اسان کي ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ گهرائي اِهو ويچاريو ويو ته دسترخوان تي ڪهڙيءَ طرح ”انجمن“ جو الميو ڇيڙيو وڃي؟ حُسن طلب جا ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن؟ سلسلئه ڪلام جو ڪهڙو حصو ڪير بيان ڪري؟ مطلب ته ”علم الڪلام“ جا سڀ ئي گُر برزبان ياد ڪرايا ويا. آخر ۾ سڀ اِن ڳالهه تي متفق ٿيا ته جيڪا به گفتگو ٿئي ۽ جنهن به نموني ۾ ٿئي، تنهن جون حدون خدا ۽ اُن جي رسول تائين رسائڻ کپن. مجوزه ”مهمان خصوصي“ ميمڻ قوم جو فرد فريد ۽ چشم چراغ هو. رهي ”انجمن“ جي حالت زار، سو سندس لاءِ سورة الم نشرح کان وٺي تفسير حقاني تائين سڀني مذهبي ڪتابن جي ڇپائڻ جو ذڪر ڪري ’حسن طلب‘ جي تيرن جو وسڪارو هر طرف کان ڪيو وڃي. +هڪ طرف اسان اِها ’ريهرسل‘ ڪري رهيا هئاسون ته ٻئي طرف، اُتان جو بورچي بشير مختلف قسمن جي طعامن جي نوڪ پلڪ درست ڪري رهيو هو. اِن ٻه واٽي تان جڏهن به سيّد بدرعالم پي آيو ويو، تڏهن انتظار ۾ سٺي سليقي جي سلسلي ۾ مولوي صاحب جي گارين جو ڦوهارو مٿس پي برسيو، ايسين تائين جو هُو غريب وڃي کاڌي جي ڪمري ۾ پهچي ساهه کڻي. اها ٻي ڳالهه هئي ته هو معمول موجب ڏندن هيٺان ڪي ڳجهيون مصراعون ضرور پيو گنگنائي، جنهن جا تيور ته اسان سڀ سمجهي پي سگهياسون، مگر روانيءَ جي تک ۽ تاءَ ۾ ”حسن بيان“ مان پوريءَ طرح لطف اندوز ٿيڻ محال هو. +مولانا شيرواني زيب تن فرمائي، اُهائي ترڪي ٽوپي ٿورڙو ڏنگُ ڏئي مٿي تي رکي ۽ لڪڻ هٿ ۾ کڻي الله جو نالو وٺي اٿي کڙو ٿيو. اسان جو سڄو قافلو سندس پويان پي هليو. هڪ وڏي موٽر در تي اچي بيٺي. هڪ ڊگهو جوان هٿ ۾ ”فائيو فائيو“ جو دٻو کڻي وڏي شان سان لٿو. قاضي صاحب نهايت ئي بي تڪلف ۽ فاتحانه انداز سان کانئس پوءِ ڪار مان ٻاهر نڪتو. +مولانا ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين مهمان محترم جو غور سان جائزو ورتو. ڪا صورت حال ڪانه سُجهي. پنهنجي عادت موجب ڏندن ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين، پر مون نه ٻڌو. هاشمي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٿورو ٽهڪ ڏنو ته سندس ٻٽيهي ظاهر ٿي پئي ۽ سندس اکين جا تارا ٽمڪڻ لڳا. هن جي منهن ۾ پيل گهنج ڏاڍا سهڻا ٿي لڳا. مولانا ظاهري طور تي وڏي خلوص ۽ اخلاق سان اڳتي وڌي، مهمان جو استقبال ڪيو ۽ اسان سڀ ئي به واري واري سان هڪ ٻئي کان وڌيڪ گرمجوشي ڏيکاري ساڻس هٿ ملايا. هُو اڳيان، مولانا پٺيان ۽ اسان سڀ ئي مولانا جي پويان آهستي آهستي ڏاڪڻ ڏانهن وڌياسين. +ڪيترا ڏينهن ان انتظار ۾ گذري ويا، پر مقصد برثواب ٿيندي نظر ڪونه ٿي آيو! آَخر هڪ وقت کان پوءِ اهو موضوع فقط قاضي صاحب کي ڇيڙڻ تائين محدود رهجي ويو. مولانا طرحين طرحين جا مزا وٺي قاضي صاحب کي ڇيڙيندو ٿي رهيو. اسان سڀني ۽ قاضي صاحب به مزو ورتو. اول ته هو ڪجهه شرمائيندو رهيو، پر پوءِ مولانا جي جملي بازي مان پاڻ به خوب لطف حاصل ڪيائين. +جيسين تائين آس دل ۾ قائم رهي، تيسين تائين مولانا جڏهن به ڪلفٽن ويندي، اُن سيٺ جي شاندار ڪوٺيءَ جي سامهون لنگهندو هو، تڏهن اُن جي آل ۽ اقبال جي دائمي بقا ۽ قيام لاءِ سَو سَو دعائون گهرندو لنگهندو هو. پر جڏهن آس چيهاڙيون ٿي وئي ته پوءِ اُتان لنگهڻ وقت مولانا پنهنجي مخصوص انداز ۾ منهن ڦيري، خاص تشبيهن ۽ محاورن جي استعمال ڪرڻ ۾ مرحوم عبدالرحمان صديقيءَ کي به گهڻو پوئتي ڇڏي ويندو هو! +ان دل لڳيءَ جو سلسلو ڪو وقت هلندو رهيو. هڪ دفعو وري اهڙي هڪ دعوت جو پروگرام ٺهيو ۽ مولانا جا لطيفا ائين موزون ٿيا، جيئن مينهن جي مهل جهرڻن مان پاڻيءَ جون لارون وهن. +* * * * +منهنجون صُبحون ۽ شامون گهڻو ڪري ”انجمن“ ۾ پي گذريون. رات جو ماني به گهڻو ڪري اُتي ئي کائي گهر موٽندو هئس. اُن وقت منهنجي رهائش پلازا ڪوارٽرس ۾ هوندي هئي. کيمچند بلڊنگ جا مٿيان ٻه فليٽ مون وٽ هئا، جن مان هڪ ۾ هاڻي ماهرالقادري رهي ٿو. شام جو چانهه پي اسان سڀ وچينءَ منزل جي ڪوٺي تي ايندا هئاسون، جتي رات جي مانيءَ تائين محفل متل رهندي هئي. مولانا، ڪيفي صاحب، هاشمي صاحب، مولوي زبيري صاحب، پوءِ شعيب قريشي ۽ بعد ۾ عبدالرحمان صديقي. پاڪستان نئون نئون ٺهيو هو. نوان نوان ماڻهو ايندا ٿي رهيا. پنهنجي روايتي وضعداري کي اڃا ڪنهن به خيرباد ڪونه چيو هو ۽ دوستيءَ جو انگ نباهڻ، پراڻن قدرن موجب راهه رسم کي هٿان نه ڇڏڻ بهرحال باقي هو. لهذا، لکيل پڙهيل جيڪو پنهنجو ڏيهه ڇڏي هتي ٿي پهتو، اُهو هن چوياريءَ ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو. چودري خليق الزمان سان ته مولانا جي هونئن ئي وڏي ياري هئي. اُهو به جڏهن اوچتو لکنوءَ کان ڪراچيءَ اچي راتورات پهتو هو، تڏهن مهيني اڌ ۾ هڪ اڌ ڦيرو اسان وٽ ضرور ڪندو هو. اهڙيءَ طرح اردوءَ جا سڀ ئي مصنف، شاعر ۽ سامعين، جن جا اسان سنڌي ماڻهن رڳو نالا ٻُڌا هئا، اُهي هن چوياريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ علمي صحبت مان لطف اندوز ٿيندي ڏٺا ويا. +* * * * +بس اِنهن ٻن ٽن فردن تي ٻڌل هڪ بستي هئي ۽ اِنهن سان ئي اُن وقت جي ”ڪل پاڪستان انجمن ترقي اردو“ عبارت هئي. هونئن ته اِهي صاحب پاڻ ۾ رڳو ٽي يا چار فرد هئا، پر حقيقت ۾ اهي پوري دنيا تي ڳرا هئا. اِنهن پنهنجي سر هڪ الڳ دنيا ٺاهي ورتي هئي. سندن دنيا الڳ، جهان جدا، عالم انفرادي، مطلب ته سڀ کان جدا سڀ کان نرالا ۽ سڀ کان دلچسپ ۽ دلڪش. ڪنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سچ ته اهو آهي ته هنن اکين اُنهيءَ دور ۾ جيڪي پرخلوص علمي محفلون ڏٺيون ۽ اُنهن ۾ جيڪي دلچسپ ادبي قصا ۽ داستان ٻڌا، سي وري ڪڏهن ڪونه سُئا. اکين وري ڪڏهن اُهي منفرد منظر ڪونه ڏٺا! هاڻي وري ڪير ڪٿي ٻڌي سگهندو. اُهو هند ۽ پاڪ جي تهذيب�� پراڻي علمي روايت ۽ تمدن جو هڪ مثالي نمونو هو. اُهو اجهاڻل ڏيئي جي دونهون هو. هاڻي ته عرصو ٿيو جو اُها بستي به اُجڙي وئي آهي. +باورنمي شود کہ گهـﻶ آن دلِ خراب، +معموره بوده است، کہ ويرانہ کرده اند. +* * * * +ڪيفي صاحب سان منهنجي بي تڪلفي انهيءَ زماني ۾ وڌي. مون کيس گهڻو ويجهو انهيءَ ڪمري ۾ ٿيندڙ محلفن ۾ ڏٺو. دهليءَ ۾ هُو مون کي اصل ڪونه وڻيو هو، پر هِتي اهڙو وڻيو ڇا، بلڪ اهڙو لڳو، جو اڳي کان به وڌيڪ! انسان جي حيثيت سان به نهايت مٿاهين مقام تي محسوس ٿيو. جيتوڻيڪ هاشمي صاحب مون سان اِن مسئلي تي اتفاق ڪونه ڪندو هو، پر ڇا ڪجي، هر ڪنهن جي پسند جي پنهنجي ڳالهه آهي. حسن ۽ عشق تي نه اڳ ڪنهن جو وَسُ هليو آهي نه هاڻي ئي هلي سگهي ٿو. +ڪيفي صاحب تي اِها حقيقت هِتي اچي عيان ٿي ته مولوي صاحب شروع کان ئي اسان کي سنڌ جو رئيس ۽ جاگيردار سمجهي، خاص مصلحتن تحت مهمان طور رکيو هو، پر اسان ٻئي ڀائر نه سرمائيدار هئاسون، نه جاگيردار. البت اخلاص ۽ وفا شعاري جي دولت اسان وٽ اُنهيءَ حد تائين هئي، جو خدا نه ڀُلائي، ته مولوي صاحب کان به اِن معاملي ۾ اسان جو پلؤ وزن ۾ ڀاري هو. +ها!.... ته ”انجمن“ جُڙي وئي هئي: ”آل پاڪستان انجمن ترقيءَ اردو“. ڇاڪاڻ جو جاءِ موجود هئي. تمام وڏي جاءِ، پر ٽن جاين تي مشتمل ڪيترين ماڙين واري ۽ اڻ ڳڻين ڪمرن واري. گهاٽا وڻ وڏي ڇانو ڪندڙ، ٻاهر وهڻ لاءِ سَوَ بينچون ۽ اندر ڪمرن ۾ ڪتب ايندڙ هر طرف فرنيچر، ڪرسيون، ميزون، ڪؤنچ، الماريون، کٽون، ٽجوڙيون. ايسين تائين جو اِستنجي لاءِ ناريل جا ٺهيل سُهڻا بَدنا وغيره به موجود. انهيءَ گهڻي سازوسامان واري گهر ۾ اسين ايڏي اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان رهي، اُنهن جو استعمال ڪندا هئاسين، ڄڻ اهو سمورو سامان اسان پنهنجي رت پونءَ جي پگهر ۽ حلال جي ڪمائيءَ مان شرعي حق پورا ڪري خريد ڪيو هو! هوڏانهن ٻاهر نظر ڪريو ته چؤطرف گل ئي گل... وڏين ڪونڊين ۾ موسمي ۽ مستقل گل ٻوٽا.... ڏيهي توڙي پرڏيهي، اهڙا رنگا رنگي جو سندن سونهن سان سموري عمارت رنگ محل پئي لڳندي هئي. +اهو ته سڀ ڪجهه هو، پر انهيءَ کان علاوه لڏي ويل گجراتي استاد ميزن تي مس ڪپڙيون، قلم ۽ تصنيف توڙي تاليف لاءِ ڪاغذ به ڇڏي ويا هئا. بس، جي ڪا ڪمي هئي ته رڳو ”پيسي“ جي هئي! مولانا هر وقت مختلف اسڪيمون پيو سوچيندو هو ۽ پيسن پيدا ڪرڻ جي دائن ۽ پيچن ۾ پيو پاڻ کي مصروف رکندو هو. هاشمي صاحب به هِتي هُتي وٺ پڪڙ ۾ پيو پنهنجو وقت ڪڍندو هو. وقت گهڻو تڻو سنگت سان ئي گذرندو هو. دهلي ۽ اُن جي آسپاس توڙي حيدرآباد دکن کان آيل شڪلين جو هڪ سلسلو برابر ۽ سراسر جاري هو. +دهليءَ جو هڪ مرزا صاحب به هوندو هو، ڏاڍو کلمک، مگر گهڻ ڳالهائو. بيگماتي ٻولي پيو ٻوليندو هو. هر ڳالهه ”نوج“ کان شروع ڪري ”اوئي“ تي ختم ڪندو هو. اٽڪل روءِ روزانه پَهرن جو چڪر ته لڳندو هو. ظاهر ۾ ته ڪو ڪم هوئي ڪونه ۽ اڃا ترڪ ڪيل جائداد جي سلسلي ۾ ”فضل ربي“ جي هوا به ڪانه ٿي گُهلي، ان ڪري سڀني کي في الحال فراغت ۽ فرحت ئي هئي. +* * * * +ها، ته ڳالهه نڪتي هئي وقت گذارڻ جي. هِتي ڪيفي صاحب جي لاءِ وقت گذارڻ هڪ مسئلو ٿي پيو هو. مولوي صاحب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان هن جي دوستي هئي ڪانه. عام ملاقاتين کان هو سخت گهٻرائيندو هو. سندس مسلڪ هو ته: +باعاشقان نشين و همہ عاشقي گزين، +باهر کہ نيست عاشق، کم گوئي کم نشين. +اجائي گپ شپ ڪرڻ ته ڪڏهن به هُن کي آئي ڪانه ۽ اجايو وقت وڃائڻ ته هن جي مذهب ۾ ڪفر کان به هزار ڀيرا وڌيڪ حرام هو. دراصل هو هو ئي ”ڪتابي ڪيڙو“. مولوي صاحب کان سواءِ جي هن جي گاڏي هلندي هئي ته فقط ”ڪتابن“ سان. +حرام دارم با ديگران سخن گفتن، +کجا حديث تو آيد، سخن دراز کنم. +بس ڪتاب هن جي هٿ آيو ته اوسي پاسي ۾ به نظر نه ايندو. وڃي الڳ ٿيندو. سو هتي ڀلا ڪتاب اچن ڪٿان؟ جيڪڏهن ڪجهه هئا ته به اُهي مون وٽ. مگر مان مولوي صاحب جي هٿان مار کاڌل هئس. ديوان قلي قطب شاه اڌارو ورتائين ته وساري به ڇڏيائين! رسالي ”اردو“ جا چند فائيل گهرايائين ته اُهي سندس ويسر جي واديءَ جي ور چڙهي ويا! جڏهن ذڪر نڪرندو هو تڏهن اهڙو ڀالو ڀولو ٿي ويندو هو ڄڻ هُن ويچاري وٺڻ ته ڪجا، اُنهن ڪتابن جا نالا ئي نه ٻُڌا هئا. اهڙي عالم ۾ ڀلا انجمن جي احاطي ۾ ڪيفي صاحب کي ڪير ڪتاب آڻي ڏيندو. ٻنهي ڌرين گهڻو ئي ضبط کان ڪم ورتو. ليڪن بي وسي ۽ بيحاليءَ جي ان مسلسل عالم کي اکين سان ڏسي آخرڪار مون کي ئي هار مڃڻي پئي. مون فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي، ڪيفي صاحب کي ڪتاب ڏيڻا ئي پوندا. +سچ پچ اُهي ماڻهو ڏاڍا عجيب ماڻهو هئا! سڄو ساز سامان لُٽائي ويٺا هئا. گهر ويو، تڙ ويو، وطن ويو، وطن واسي ويا. صدين جا ڄميل گهراڻا لُٽجي ويا. +سڀ ڪجهه ويو، مگر غم ڪنهن به چيز جو ڪونه. جيڪڏهن کين ڪو غم هو ۽ صدمو رسيو به هو ته کين پنهنجن ڪتابن جو ۽ ڪتبخانن جو. جي سندن دل تي ڪو ٻوجهه طاري ٿيو هوندو، ته اُهو ته ڪتابن جي ذڪر سان. اهڙيءَ طرح جي سندن اکين ۾ لڙڪ لڙيا هوندا ته اُهي انهيءَ مهل ڳڙيا هوندا، جنهن مهل قديم مخطوطن، ناياب نسخن ۽ مسودن جي ياد کين ستايو هوندو! +نازم باهلِ عشق کہ برقيس غيرت است، +رشک بِملک و جاه فريدون، نکرده کس. +* * * * +ڪيفي صاحب جيڪو به ڪتاب چاهيندو هو، مان وٽس پهچائيندو هئس. مگر هڪ شرط ساڻس لاڳو ڪيو هئم ته پاڻ جڏهن ڪتاب واپس ڪندو تڏهن اُن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندو ضرور. گويا اِهو منهنجي لاءِ هڪ تبرڪ هو. مهينن جا مهينا وٽس ڪتاب پيا هوندا هئا. اندر ڪمري ۾ ويهي هُو هر وقت ڪجهه نه ڪجهه پيو لکندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مان اِهو سمجهي نه سگهيس ته اُن جي نوعيت ڪهڙي هئي، ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ دوران هن جي ڪائي چيز ڇپجي آڏو نه اچي سگهي هئي. +ورهاڱي کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ خانم محموده رضويه پنهنجي اردو دوستي ۽ اردو تاليفات جي بنياد تي ادبي حلقن ۾ گهڻي مشهور هئي. مولوي صاحب وٽ به ايندي رهندي هئي. جڏهن ڪيفي صاحب آيو تڏهن ته هُن جو اچڻ وڃڻ اڃا به وڌي ويو ۽ جڏهن ايندي هئي، تڏهن ڪيفي صاحب لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور کنيو ايندي هئي. ڪڏهن آچار، ڪڏهن چٽڻي، ڪڏهن پاوا ته ڪڏهن ڪا چَهري چيز. اِهي نعمتون ڪيفي صاحب اڪثر اڪيلائيءَ ۾ تناول فرمائيندو هو. جڏهن رات جي مانيءَ تي سڀ گڏجي وِهندا هئاسين ته اڪيلائيءَ ۾ کاڌل، اُنهن شين جي بدهاضمي جي موضوع تي مولوي صاحب ۽ ڪيفي صاحب جي وچ ۾ چڱي ڏي وٺ ٿيندي هئي. مگر ڪيفي صاحب جيسين تائين اُتي رهيو، تيسين تائين اُنهن مزن وٺڻ کان ڪونه مُڙيو، حالانڪ پنهنجي منهن ڀوڳيندو به گهڻو ئي هو. +مولوي صاحب جا پُربهار مذاق، محموده رضويه جون چهريون چيزون ۽ منهنجا ڪتاب ڪيفي صاحب جي تيسين تائين دل بهلائيندا رهيا، جيسين تائين هو ڪراچيءَ ۾ قيام پذير هو. اِنهن ڳالهين کي هاڻي زمانا گذري ويا. ارڙهن سال ڪو معمولي مدو ڪونهي. اهي گهڻيون يادون ته هاڻي ذهن مان به نڪري چڪيون آهن. هاڻي جڏهن پنهنجو ڪتبخانو صاف ڪري رهيو آهيان، تڏهن پنهنجن ڪتابن مان اُهي ڪتاب نڪرن ٿا، جن تي ڪيفي صاحب جا نوٽ لکيل آهن. ڪجهه ڪتاب ته اهڙا آهن، جن کي ڏسي دل ڦِسي پئي آهي. اُهي وسريل ڳالهيون وري دل تي تري آي��ن آهن ۽ مان بي چين ٿي ويو آهيان. اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي حقيقتن جي روپ ۾ گذريون آهن، اڄ افسانا لڳي رهيون آهن. هاڻي نه مولانا رهيو، نه ڪيفي صاحب، عبدالرحمان صديقي الله کي پيارو ٿي ويو، شعيب مرحوم به هليو ويو، مولوي زبيري ويو، خانبهادر رضا حسين به جدا ٿي ويو ۽ قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي به وڃي جنت نشين ٿيو. نه معلوم ڪيتريون صورتون اکين کان اوجهل ٿي ويون. هاڻي وڃي هڪ هاشمي صاحب بچيو آهي، سو به ايڏو ڏور جو ساڻس ميل ملاقات به مقدر جو معاملو ٿي پيو آهي(1) اُن محفل کي هاڻي هڪ خواب ۽ خيال ئي سمجهڻ کپي. +خزان رسيّد گلستان بہ آن جمال نماند، +سماع بلبلِ شوريده رفت و حال نماند، +نشان لالہء اين باغ، از کہ ميپرسي؟ +بروکہ آنچہ تو ديدي، بجز خيال نماند. +دل چوي ٿي ته ڪيفي صاحب منهنجن ڪتابن تي جيڪي نوٽ لکيا آهن، اُهي سڀ هتي نقل ڪيان، جي بطور تبرڪ ۽ علمي يادگار جي لحاظ کان قائم رهن. ڇاڪاڻ ته پاڻ اِهي عبارتون رڳو لکڻ لاءِ ئي نه لکيائين، پر اُنهن مان گهڻيون ڪم جون ۽ ڪارآمد چيزون بيان ڪري ويو آهي. مثلاً: +(1) ڪليات مير، طبع نول ڪشور (1941ع) بمقدمہء عبدالباري آسي مرحوم، تي لکي ٿو ته: +”آسي صاحب جي ڪوششن جي باوجود به غلطيون رهجي ويون آهن، جن جو ذڪر مان ’هماري زبان‘ ۾ ڪري چڪو آهيان. مير اُنهن شاعرن مان هو، جن جو ڪليات به منتخب ڪلام سان گڏ زنده رهڻ کپندو هو. ڪليات کي غور سان پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته مرزا غالب جا اڪثر سٺا غزل اُهي ئي آهن، جي مير جي ضِمن ۾ چيا ويا آهن. ’غالب‘ ضرور ’مير‘ کي آڏو آڻي غزل چيا هوندا. مير جا بهترين نشتر اُهي آهن، جن ۾ عربي ۽ فارسي جا الفاظ ڪٿي به نظر نه ٿا اچن. جي اچن به ٿا ته رڳو نالي ڳڻائڻ ڪاڻ ۽ عام فهم. هڪ نشتر هي ٻُڌو: +تهمتے تھمتے تھمیں گے آنسو +رونا ہے یہ، کچھ ہنسی نہیں ہے۔ +ڪيڏو چڱو ٿئي ها جي مرتب صاحب، هر ديوان جي شروع ۾ غزلن جي هر هڪ مطلع جي پهرين مصرع اشاري جي طور تي ڏئي ڇڏي ها.“ ڪيفي، 6-6-1948ع. +مون به اِهائي اِملا ضبط ڪئي آهي، جا مرحوم جي اختيار ڪيل آهي. حالانڪ ڊيش ۽ فل اسٽاپ جي بجاءِ ڪراس (X) قائم رکيو آهي. اها عبارت تيرهن سٽن ۾ آهي. +اِهوئي ڪتاب پورا ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ، منهنجي عزيز جناب جي.ايم.سيّد صاحب وٽ 10- آڪٽوبر 1958ع کان 31- ڊسمبر 1959ع تائين ڪراچيءَ جي سينٽرل جيل ۾ هو. جڏهن پاڻ مارشل لا لڳڻ سبب جيل ۾ هو، ۽ آءٌ دل جي عارضي سبب وطن کان هزارين ڪوهه ڏور فلپائين ۾ زير علاج هئس. +ڪيفي صاحب جي نوٽ پڙهڻ کان پوءِ، جيئن ئي ڪليات کوليم، تيئن اتفاق سان هي غزل نڪتو آهي. +جو تجھ بن نہ جینے کو، کہتے تھے ہم +سو، اُس عہد کو اب، وفا کر چلے +وہ کیا چیز ہے آہ! جس کے لئے +ہر اک چیز سے دل اُٹھاکر چلے +بہت آرزو تھی گلی کی تری +سو، یاں سے لہو میں نہاکر چلے +پرستش کی یاں تک کہ اے بت تجھے! +نظر میں سبھوں کی، خطا کر چلے +نہ دیکھا غم دوستاں، شکر ہے +یہی داغ اپنا، دکھا کر چلے +دکھائی دیے یوں کہ بیخود کیا +ہمیں آپ سے بھی جدا کر چلے +مولوي صاحب جڏهن هندستان کي ترڪ وطن ڪيو، ته کيس ڪيترائي ڏينهن من تي ملال رهندو هو. جڏهن به نجي محفلن ۽ صحبتن ۾ اورنگ آباد، دهلي ۽ حيدرآباد دکن جو نالو زبان تي ايندو هو، اُتان جي مينهوڳين جي مُندن جو ذڪر نڪرندو هو، محفلن ۽ مجلسن جون ڳالهيون کُلنديون ۽ دوستن ۽ احبابن جي ياد ايندي هئي ته سندس اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو ۽ گمڀير آواز ۾ هي شعر پڙهندو هو: +ہم نے جب وادیٔ غربت میں قدم رکھا تھا +دور تک یاد وطن آئی تھی سمجھانے کو۔ +ڪي گهڙيون مولانا ٽٻيءَ ۾ پئ��ي ويندو هو! مون کي سندس شعر تي هڪ ڏينهن هي فارسي شعر ياد اچي ويو! جڏهن ٻڌايومانس تڏهن چڱو وقت گُم سُم ٿي ويو. +چو اسبابِ سفر، از بهر غربت، بار ميکردم، +غريبانه نگه بر آن در و ديوار ميکردم. +مولوي صاحب اهڙن جيءُ جهوريندڙ موقعن تي ”مير“ جي غزل جو هي شعر پيو پڙهندو هو: +بہت آرزو تھی گلے کی تری +سو، یاں سے لہو میں نہاکر چلے۔ +اِها حقيقت هئي ته مولانا هندستان ۾ رهڻ ٿي گهريو، پر حالتن کيس ٽِڪاءُ ڪرڻ ڪونه ڏنو. +(2) انتخاب ڪلام مير، مطبوعہ انجمن ترقي اردو هند (1932ع) مرتب: مولانا عبدالحق صاحب بي. اي. (عليگ) چوٿون ڇاپو. ڪيفي صاحب لکي ٿو: +”ڏاڍو چڱو ٿيو، جو اهو انتخاب شايع ڪيو ويو. صفحي 86 تي هي شعر درج ٿيل آهي.“ +اب کے جنوں میں فاصلہ شاید نہ کچھ رہے +دامن کے چاک اور گریباں کے چاک میں +خواجه حالي اِن شعر جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ واقعي جو ذڪر به ڪيو آهي.(2) ڪجهه به هجي شعر ۾ ترميم جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. شروعات وارا ئي ٻه ٽي لفظ آهن، جن ۾ ترميم ڪرڻ کپي. موجوده صورت ۾ ائين ٿو معلوم ٿئي ته عاشق جو جنون مستقل ناهي. موسمي تپ وانگر ڪڏهن ٿيو ته ڪڏهن سالن جا سال نه ٿيندو. جنون عشق ۾ هيٺ مٿاهين چئي سگهجي ٿي ته ٿيندي رهندي آهي، پر اِها ڪنهن وقت به قطعي ڇڏي نه ٿي وڃي. جيئن بهار جي مند ۾ جنون جوڀن ۾ لڳندو آهي. خير، پهرين مصرع هيئن هجي ته بهتر: +اس فصلِ گل میں فاصلہ شاید نہ کچھ رہے۔ +(ڪيفي، 6-6-1948ع). +(اِهو نوٽ اوڻيهن سٽن تي مشتمل آهي) +(3) ديوان اثر، مرتب عبدالحق آنرري سيڪريٽري انجمن ترقي اردو (1930ع)، مطبوعه مسلم يونيورسٽي پريس علي ڳڙهه 1349هه. +”اگرچه مير اثر جو ادبي شاهڪار سندس مثنوي ’خواب و خيال‘ آهي. مگر سندس غزل ۾ به جيڪا لوچ ۽ بيان ۾ وسعت ۽ سادگي آهي، تنهن جي ڪهڙي تعريف ڪجي! ڪهڙيون نه پياريون پياريون ۽ معصومانه ڳالهيون ٿو ڪري“ (ڪيفي، 6-6-1948ع). +(اها لکت ستن سٽن تي ٻڌل آهي) +ڪيفي صاحب درست فرمايو آهي ته واقعي سادي زبان ۾ غضبناڪ شعر چئي سگهجي ٿو. +یا خدا پاس، یا بتاں کے پاس +دل کبھی اپنے ہاں رہا ہی نہیں +(4) ديوان درد (سلسلہ آصفيہ نمبر 3) مطبع نظامي، دفعو ٻيو، 1932ع. انهيءَ تي هي ڇهه سِٽي راءِ رقم فرمائي آهي: +”خواجہ مير درد اُنهن چند شاعرن مان هو، جي منهنجا ممدوح آهن. مان مير درد کي سندس سڀني همعصرن تي ترجيح ڏيندو آهيان. ڇا زبان ۽ اسلوب جي لحاظ کان ۽ ڇا نقطئه نظر ۽ آفاقيت جي لحاظ کان“ +(ڪيفي 6-6-1948ع). +هي غضب جا ٻه شعر ڏسو، ڪيڏا نه سٺا آهن: +تو ہی نہ اگر ملا کرے گا +عاشق پھر جی کے کیا کرے گا +اپنی آنکھوں، اُسے، میں دیکھوں +ایسا بھی کبھو خدا کرے گا۔ +(5) انتخاب سودا، از ثاقب ڪانپوري، مڪتبه جامعه دهلي، دفعو ٻيو، 1941ع. انهيءَ تي ڪيفي صاحب لکي ٿو: +”مان سودا کي مير تي ترجيح ڏيندو آهيان. مير وٽ رڳو پنهنجو پِٽڪو آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. سودا وٽ ٻيو ڪجهه به آهي، هن جي خارجيت مير جي مزاج کان پري هئي“ (ڪيفي، 6- 6- 1948ع). +ڪيفي صاحب پنجن سٽن ۾ اها راءِ لکي آهي. انهيءَ انتخاب مان ٻه ٽي شعر پڙهندا هلون. سودا فرمائي ٿو: +دیکھئے آج کہ کس طرح سے گذرے ہم پر، +دن سے محشر کے تو، کل دست و گریباں تھی رات۔ +* * * * +سودا سے شخص کے تئین، آزردہ کیجئے +اے خود پرست، حیف! نہیں تو وفا پرست +* * * * +سودا سے کا حال تونے نہ دیکھا کہ کیا ہوا؟ +آئینہ لے کے آپ کو دیکھے ہے تو ہنوز! +* * * * +جو گذری مجھ پہ، مت اُس سے کہو ہوا سو ہوا +بلا کشانِ محبت یہ جو ہوا سو ہوا۔ +(6) ديوان حالي، مطبع انوار احمدي، الہ آباد، تي لکي ٿو: +”ناشر چڱو ڪيو جو، مقدمہ شعر و شاعريءَ کان ديوان کي جدا ڪري شايع ڪيو(3). خواجه صاحب ديباچي ۾ لکيو آهي ته: ”اهڙيون نشانيون موجود آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي شاعريءَ جو ڏيئو تمام جلد ۽ هميشه لاءِ وسامڻ وارو آهي.“ درست ثابت نه ٿيو. خواجه صاحب کي گذر ڪئي به ٽيهه سال ٿيا آهن ۽ اِهي لَفظَ اڃا اڳ جا آهن، جيڪي نشانيون کيس نظر آيون هونديون، اُهي اڃا ته نظر نه ٿيون اچن. شاعريءَ کي حالي جتي ڇڏيو هو، اُها اُتان تمام گهڻي اڳتي وڌي وئي آهي ۽ يقيناً اڃا به اڳتي وڌندي“ (ڪيفي، 6-6-1948ع). +حالي جي ديوان جو ذڪر نڪتو آهي ۽ ڪيفي صاحب جي راءِ به آڏو آهي. هاڻي اُهي شعر به ڏسو جي مولانا کي وڻندا هئا ۽ مون سندس زباني هر هر ٻڌا: +آگے بڑھے نہ قصۂ عشق بتان سے ہم +سب کچھ کہا، مگر نہ کھلے رازدان سے ہم +اب بھاگے ہیں سایئہ عشق بتاں سے ہم +کچھ دل سے ہیں ڈرے ہوئے، کچھ آسمان سے ہم۔ +* * * * +ہے جستجو کہ خوب سے ہے خوب تر کہاں(4) +اب ٹھیرتی ہے دیکھئی جاکر نظر کہاں +یا رب، اس التفات کا انجام ہو بخیر +تھا اس کو ہم سے ربط، مگر اس قدر کہاں +ہم جس پہ مر رہے ہیں، وہ ہے بات ہی کچھ اور +عالم میں تجھ سے لاکھ سہی، تو مگر کہاں +ہوتی نہیں قبول دعا، ترک عشق کی +دل چاہتا نہ ہو، تو زباں میں اثر کہاں +حالی نشاط نغمۂ ومے ڈھونڈتے ہو اب؟ +آئے ہو وقت صبح، رہے رات بھر کہاں۔ +* * * * +کچھ ہنسی کھیل، سنبھلنا غم ہجراں میں نہیں +چاک دل(5) میں ہے میری جو کہ گریباں میں نہیں +ٹھیرے ٹھیرے دل، یوں ہی ٹھہر جائے گا +بات جو آج ہے، وہ کل غم ہجراں میں نہیں +* * * * +کچھ پتا منزلِ مقصود کا پایا ہم نے +جب یہ جانا کہ ہمیں طاقتِ رفتار نہیں +بات جو دل میں چھپاتے نہیں بنتی حالی +سخت مشکل ہے کہ وہ قابلِ اظہار نہیں +* * * * +فصلِ خزاں کمیں میں ہے، صیاد گھات میں +مرغِ چمن کو فرصتِ سیر چمن کہاں +جی ڈھونڈتا ہے بزم طرب میں اُنہیں، مگر +وہ آئے انجمن میں تو پھر انجمن کہاں +روکا بہت کل آپ کو حالی نے واں، مگر +جاتا ہے محو شوق کا دیوانہ پن کہاں +* * * * +پوچھی گئی نہ بات کہیں، پاسِ وضع کی +اتنے ہی ہم سبک ہوئے، جتنی گراں رہی +دیر و حرم کو تیرے فسانوں سے بھردیا +اپنے رقیب آپ رہے، ہم جہاں رہے +دارا وجم کو تیرے گدائوں پہ رشک ہے +نرخِ متاعِ عشق، الہٰی گراں رہے +* * * * +کل مدعی کو آپ یہ کیا کیا گماں رہے +بات اس کی کاٹتے رہے، اور ہمزباں رہے +کل کی خبر غلط ہو تہ جھوٹے کا روسیاہ +تم مدعی کے گھر گئی اور میہماں رہے +حالی کے بعد کوئی نہ ہمدرد پھر ملا +کچھ راز تھے کہ دل میں ہمارے نہاں رہے؛ +هي ٻه مشهور شعر به ان ئي غزل جا آهن: +يارانِ تیز گام نے محمل کو جالیا +ہم محو نالہ جرس کارواں رہے +دریا کو اپنی موج کی طغنانیوں سے کام +کشتی کسی کی پار ہو یا درمیاں رہے +* * * * +سخت مشکل ہے شیوۂ تسلیم +ہم بھی آخر کو جی چرانے لگے +وقتِ رخصت تھا سخت حالی پر +ہم بھی بیٹھے تھے، جب وہ جانے لگے +* * * * +چارہ گر! کار باندازہ تدبیر نہیں +کیجیو ہمت اگر، وقت دعا یاد رہے +* * * * +عدم کی راہ کٹ جاتی کبھی کی +مگر یاد عزیزاں راہزن ہے +* * * * +کیوں بڑھاتے ہو اختلاط بہت +ہم کو طاقت نہیں جدائی کی۔ +انهيءَ غزل ۾ ’حالي‘ پنهنجي اوائلي دوستن جي انتقال جو ذڪر ڪندي مطلع ۾ چوي ٿو: +زندہ پھرنے کی ہے ہوس، حالی +انتہا ہے یہ بے حیائی کی +* پير صاحب ۽ سندس وڏو ڀاءُ، پير علي محمد شاهه راشدي. + + +(7) ديوان نظير اڪبر آبادي، مرزا فرحت الله بيگ دهلوي، شايع ڪندڙ انجمن ترقي اردو دهلي، 1942ع. +”انجمن ڏاڍو چڱو ڪيو جو نظير جو هيءُ ديوان شايع ڪيو. فرحت مرزا مقدمو ��ه لکيو، مگر مان کيس انهيءَ لاءِ داد نه ڏنو، جڏهن هي مقدمو لکيائين، تڏهن سندس دماغ ۾ ديوانگي هئي.“ +(ڪيفي 6- 6- 1948ع). +(8) ديوان تابان، مرتب مولوي عبدالحق، شايع ڪندڙ: انجمن ترقي اردو اورنگ آباد، 1935ع. +”تابان جي شاگرديءَ جو مسئلو قطعي طور نبري نه سگهيو ۽ اِهو ممڪن به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اُهو حسن پرستيءَ وارو زمانو هو ۽ تابان جي حيثيت حسن ۽ جمال جي لحاظ کان... اِهوئي هڪ شهر ۾ قاتل بچيو آهي... جي مصداق هو، جنهن کان جڏهن به هن ڪجهه پڇيو ته ان کيس پنهنجو شاگرد ڪري ڇڏيو“ (ڪيفي 6-6-1948ع). +(9) ڪليات مؤمن، محمد هاشم مهتمم ـــ مطبع هاشمي 1282هه، ميرٺ. حسب فرمائش يڪتائي سوداگران دهلوي، شيخ محمد حسين صاحب بتاريخ 25 رجب المرجب 1282هه، ڪتابت: شيخ عبدالحق ڪيرانوي. ”مؤمن ڪير سڏائي؟ ڪنهن کان به گهٽ نه هو. ان جي ڪلام جو به انتخاب شايع ٿيڻ گهرجي“ (ڪيفي 6-6-1948ع). +ڪو زمانو ڪيفي صاحب هتي رهيو. پوءِ اِهو طئه ڪيو ويو ته هُو دهليءَ وڃي انجمن ترقي اردو (هند) جو ڪم سنڀالي. اهڙن ئي ٻن دوستن جي جدائيءَ تي ڪنهن شاعر چيو آهي: +پتا ٹوٹا ڈار سے، چلی پون اڑائے، +اب کے بچھڑے ناہی ملیں گے، دور پڑے ہیں جائے۔ +ڪيفي صاحب جڏهن هتان ويو ته اهڙو ويو، جو وري سندس ورڻ جي نوبت ئي نه آئي. هي ٻئي يار خوش گفتار اهڙا الڳ ٿي ويا، جو وري کين هڪ ٻئي کي ڏسڻ به نصيب نه ٿيو. +جو پاني اج پتنون لگدا فير نه آوندا پلکـﻶ +بيڙي دا پور، ترنجن ديان ڪڙيان کدي نا بيڻهن رلکـﻶ +* * * +رخصت کے واقعات کا بس اتنا ہوش ہے +دیکھا کيے ہم اُن کو جہاں تک نظر گئی۔ +رخصت جي تاريخ به ياد ناهي ۽ نه وداع وارا واقعا ذهن ۾ محفوظ رهيا. ڪجهه ڏينهن جو ساٿ ئي جيڪڏهن ختم ٿي ٿو وڃي ته دل ۾ درد محسوس ٿئي ٿو. هي ته مني صديءَ کان به وڌيڪ جو ساٿ ۽ سنگم هو، دوستي هئي ۽ باقاعده ياراڻي هئي. ياراڻي به اهڙي، جهڙي مثالي. بهرحال اهو ته ڏٺو ويو ته جڏهن ٻنهي جي جدائي ٿي، تڏهن سندن دل تي ڇا گذري هئي! +جڏهن ”لياقت ـــ نهرو سمجهوتو“ ٿيو ۽ پاڪستاني اخبار نويسن جو وفد منهنجي مربي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دهلي وڃڻو هو، تڏهن مان به ساڻس گڏ ويس. دهليءَ ۾ قيام دوران هڪ رات ”تيج“ اخبار جي مالڪ آنجهاني لالہ ديش بنڌو گپتا جي گهر هڪ مشاعرو ٿيو(6). اهو مشاعرو پنهنجي ماحول ۽ نوعيت جي لحاظ کان منفرد ۽ يادگار مشاعرو هو. انهيءَ مشاعري ۾ ”امن“ دهلوي جيڪو غزل پڙهيو هو، تنهن جو مطلع هو: +یگانگی کا جو پیغام لے کے آئے ہیں +خدا گواہ بڑا کام لے کے آئے ہیں +۽ لالہ ديش بنڌو گپتا جي صاحبزادي ڌرم پال گپتا ”وفا“ جي غزل ۾ هي شعر هئا: +دکھ درد لیا ہے، غمِ ایام لیا ہے +دل دے کے محبت میں یہ انعام لیا ہے +فرقت میں تصور سے عجب کام لیا ہے +جیسے ترے دامن کو ابھی تھام لیا ہے +ساقی! ترا سو مرتبہ جب نام لیا ہے +تب جاکے کہیں ہاتھ میں اک جام لیا ہے +ہنگامئہ ہستی کو کیا فتح اجل نے +اب آئی ہے نیند اور کچھ آرام لیا ہے +جب یاد کیا ہے تو تجھے یاد کیا ہے +جب نام لیا ہے تو ترا نام لیا ہے۔ +ورهاڱي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا شاعر ۽ اديب، جي پاڻ ۾ صدين کان گڏ رهيا هئا، پهريون ڀيرو هڪ ٻئي سان گلي مليا هئا. سڀني جون دليون جذبات سان ٽمٽار هيون. سندن اکين ۾ مينگهه ملهار هئا، جي ماضيءَ جي صحبتن کي ساري وسي پيون هيون. +ٿڌڙيءَ چانڊوڪيءَ جي نُور ۾ فرش تي پوندڙ خُنڪي ۽ لڳندڙ هير جڏهن پنڊت هري چند ”اختر“ جي شعرن کي پنهنجين پَرن تي کڻي پرواز پي ڪيو ته يقين ڪريو ته مشاعري ۾ چئني طرفن کان آهون ۽ سُڏڪا پي ٻڌڻ ۾ آيا! هونئن ته هر ��نهن سياسي مصلحت خاطر صبر جو ڍڪ ڀريو، نه ته سچ پچ ڪهرام مچائڻ ۾ اُنهن ڪائي ڪسر نه ڇڏي هئي. مصلحتي جتن ڪرڻ جي باوجود به ٻنهي ڌرين صبر ڪندي به، پنهنجون اکيون خوب پي مهٽيون! هن يار جا دلسوز شعر هئا: +یاس و حرمان کی، غم و آلام کی باتیں کریں +آ دلِ ایذا طلب، کچھ کام کی باتیں کریں +ہم نے مانا عہدِ الفت اک خیالِ خام تھا +آؤ لیکن، اس خیالِ خام کی باتیں کریں +دوست سے کہہ دیں دلِ بے مدعا کی داستان +آج ساقی سے شکستِ جام کی باتیں کریں +جسکی دنیا آپ سے تھی جسکی دنیا آپ تھے +آج اُس بدبخت کے انجام کی باتیں کریں۔ +”شکست جام“ تي ۽ آخري شعر تي سڀئي ڪوشش ڪري دل کي جهلي ويهي رهيا، پر ڪن کان صبر جو دامن هٿان ڇڏائجي ويو ۽ هڪ ڪُهرام مچي ويو! +مشاعري جي اِها ڳالهه ته ائين وچ ۾ اچي وئي، اصل ڳالهه هئي پنڊت ڪيفي صاحب جي، جو ”مير مشاعره“ هو. مشاعري ختم ٿيڻ کان پوءِ اڳتي وڌي ساڻس مليس. ڏاڍو پيار ڪيائين. ڪوٺيءَ جو ڏسُ ڏنائين ۽ ٻئي ڏينهن صبح سان ملڻ جو تاڪيد ڪيائين. پر وائے ناڪامي! هتي ڪنهن کي مهلت هئي، جو مقرره پروگرام (Conducted Tour) ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهي! +* * * * +ڪو زمانو گذري ويو. هڪ دفعي مولوي صاحب جي واتان ٻڌم ته ”جشن آزاديءَ“ جي سلسلي ۾ لال قلعي جي ”ديوان عام“ ۾ وڏي ڌوم ڌام سان هڪ مشاعرو ڪرايو ويو هو. ديوان عام يا ته شاهجهان بادشاهه جي دور ۾ سجايو ويندو هو يا وري اُنهيءَ رات جو مٿس چار چنڊ لڳايا ويا هئا. ”مير محفل“ جي وِهڻ لاءِ ”تخت طائوس“ جو انتظام ڪيو ويو هو. +”نتيجو ڪهڙو نڪتو؟...“ مولانا ايسين تائين پهچي، مٿي کي جهٽڪو ڏيندي ڏاڍي ڏکاري آواز ۽ لهجي ۾ جذباتي ٿيندي ٻُڌايو ته ”ٻُڌو!... اِهو منظر ڏسي ڪيفي صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪڙڪيدار لهجي ۾ چوڻ لڳو ته، توهان ماڻهن کي همت ڪيئن ٿي؟... هيءَ گستاخي ڇو ڪئي؟... شاهجهان جي مسند ۽ اُن تي مان وِهان؟“ +ائين چئي ڪيفي صاحب روانو ٿيڻ لڳو. وڏن ايلازن منٿن کان پوءِ وڃي راضي ٿيو، پر صدارت هيٺ فرش تي ويهي اُنهيءَ بادشاهي ڪرسيءَ جي قدمن ۾ ڪيائين. مولانا چيو ته ڏسڻ وارن جي بقول ڪيفي صاحب ويٺو رهيو، مگر آخر تائين سندس ڪاوڙ ۾ ڪمي ڪانه آئي. ان ئي ناگوار ڪيفيت ۾ رهيو. +* * * * +اُن کان پوءِ ڪيفي صاحب جي رڳو وفات جي خبر ئي پهتي ۽ ائين ئي اهو افسانو اختتام تي رسيو. پنجابي شاعر هدايت الله ڇا ته خُوب چيو آهي! +الف ايک ترنجن تون کت اگي +ساڊي نال ديان چرخـﻶ چگ گيان +رهي شکل نه اونهان دي ياد سانوں +جيڙهيان صورتان مڻي دي وچ لک گيان +ساڊي هان دﻵ رهـﻶ نه رکهه لوگو! +جيڙي پهل پتر شاخان سُک گيان +پُلي چال شطرنج هدايت الله +باري برد هوئي گوڻان مُک گيان. +هاڻي ته اهڙيون بابرڪت صورتون ڪوئي وري نه ڏسي سگهندو! +[ڪراچي: 10 ـــ جون 1963ع، نظرثاني: 10 ـــ اپريل 1966ع [ +حاشيه: +1) +هاشمي صاحب به، 19- جولاءِ 1964ع تي فوت ٿي ويو. +2) +چاک گريباں، جي عنوان جو ذڪر ڪندي، مولانا حالي ”مقدمه شعر و شاعري“ ۾ هڪ شاعر جي ديوان مان 23 نمونا لکي، آخر ۾ مير جو ذڪر ڪيل شعر ڏنو آهي ۽ فرمايو آهي ته، مون کي هرگز اميد ڪونهي ته اڳين شاعرن مان، ڪنهن به مير کان وڌيڪ بهتر ”چاک گريباں“ جو استعمال ڪيو هوندو“ (ديوان و مقدمه، ص 136، طبع لاهور). +3) +ديوان حالي، مقدمي سان گڏ سڀ کان پهريائين مرتبه مطبع انصار واقع دهليءَ مان، سال 1893ع ۾ ٻن قسمن جي ڪاغذ تي ڇپيو هو. +4) +هي غزل حاليءَ دهليءَ جي هڪ مشاعري ۾ پڙهيو هو. داغ به ان مشاعري ۾ شريڪ هو، سندس غزل هو: +اس مبتدا کی دیکھئے نکلی خبر کہاں +حضرت مولانا ابوالڪلام لکيو آهي ��ه، خواجه اڪرام الله مرحوم چيو هو (مولانا کي) ته، حاليءَ جو شعر مشاعري تي ڇانئجي ويو. ان ڪري جڏهن شمع، داغ جي اڳيان آئي تڏهن داغ چيو ته، هاڻي منهنجو غزل منهنجي نگاه ۾ به ڪري پيو آهي (يادگار حالي، ص 13). +5) +چاک دل، جو مضمون ڏسي مصحفيءَ جو هي شعر ياد آيو: +مصحفی ہم تو سمجھتے تھے کہ ہوگا کوئی زخم +پر ترے دل میں بہت کام رفو کا نکلا۔ +6) +هي مشاعرو ڇنڇر جي ڏينهن 06 مئي 1950ع تي رات جو ساڍي نائين بجي منعقد ٿيو. ٻئي ڏينهن ’تيج‘ اخبار ۾ ان جي روئداد شايع ٿي. +سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا +[هي طويل تاريخي مقالو سنڌ جي مايه نازعالم سيّد حسام الدين راشدي مرحوم، تهران ۾ منعقد ٿيل ايران شناسن جي پهرين بين الاقوامي ڪانگريس (31 آگسٽ – 6 سيپٽمبر 1966ع) ۾ پڙهيو هو. ان موقعي تي راشدي صاحب کي نه رڳو مقرر ڪيل پنجن ڪميٽين (ادبيات، آرڪيالاجي، تاريخ، زبان شناسي ۽ فلسفو)، مان هڪ ڪميٽي (تاريخ) تي نامزد ڪيو ويو، پر کين ”ايران شناسن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي مستقل ڪميٽي“ تي پڻ نامزد ڪيو ويو (ڏسجي: اورينٽل ڪاليج ميگزين، لاهور نومبر 1966ع). اصل مقالو فارسي زبان ۾ هو، جو پوءِ اردو رسالي ”نقوش“ ۾ شايع ٿيو (آڪٽوبر – ڊسمبر 1966ع). مون کي هن مقالي جو فوٽو اسٽيٽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مهيا ڪيو. ڇاپي متن ۾ لاتعداد غلطيون هيون، جن کي علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب قادري مرحوم جي مدد سان درست ڪيو ويو. قادري صاحب سان 25 نومبر 1983ع تي صبح جو رهاڻ ٿي ۽ ان ئي ڏينهن شام جو پاڻ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. خدا مٿس رحمت ڪري. سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 04، سال 1984ع ۾ شايع ٿيو. متن جي هيٺان ڪجهه حاشيا آهن، جي مترجم جي طرفان سمجهيا وڃن] +سنڌ هن وقت پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي. مون کي پڪ آهي ته سندس قدامت ۽ شاندار تمدني توڙي علمي ماضيءَ کان ڪوبه پڙهيل لکيل اڻ واقف ڪونهي. موهن جي دڙي واري ان جهوني سرزمين ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ جي ابتدا کان ئي گهرن لاڳاپن جا نشان ملن ٿا(1). تاريخي کنڊرن مان مليل شيون، سماجي ۽ واپاري لاڳاپن جو پتو ڏين ٿيون. قديم تخت گاهه بهمن آباد (برهمڻ آباد) (2)، ساساني ساخت وارو رني ڪوٽ، جيڪو ديوار چين جو ننڍڙو نمونو آهي (3)، يا خود منهنجي پنهنجي تاريخي ڳوٺ ”بهمن“ جي نالي ذريعي، اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته آڳاٽي زماني کان اسان جا سياسي لاڳاپا ڪيترو نه گهرا پي رهيا آهن. ان کان سواءِ بهرام گور ۽ شنگل (راءِ چڱل؟) جو واقعو (4)، سنڌ تي بهرام جو اثر ۽ هتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! فردوسيءَ جا هي شعر ڪنهن نه پڙهيا هوندا. +بنزديک شنگل فرستاد کس چنين گفت اي شاهه فرياد رس ازان لوليان (لوريان) برگزين دهه هزار نر و مادهه بر زخم بربط سوار که استاد بر زخم دستان بود در آواز او، رامش جان بود! +(2) +اسلام کان پوءِ ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا ايترو ته ويجهو ۽ مستحڪم رهيا آهن، جو چوڏهن سؤ سالن ۾ هي سلسلو ڪڏهن به ٽٽل نه ٿو ڏسجي. سياسي يا ثقافتي، ادبي يا فني، بهرحال ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هي لاڳاپا هر دور ۽ هر وقت قائم ۽ مستحڪم پي رهيا آهن(5). انهن لاڳاپن جي تاريخ کي تعلقات جي گوناگون صورت حال ۽ مواد جي ڪثرت توڙي پکڙيل واقعن جي ڪري، آءُ ڪٿان شروع ڪيان، ڪهڙن ڪهڙن عنوانن هيٺ بيان ڪيان ۽ وري ڪيسين بيان ڪيان، منهنجي لاءِ حيران ڪن ڳالهه آهي. +سراين رشته ندانم، زکجا بکشائم! +داستان طويل ۽ وقت گهٽ آهي. لهذا هتي آءُ ان دلچسپ حڪايت جو فقط هڪ مختصر خاڪو پيش ڪندس. +اوهان سڀني کي خبر آه�� ته، سنڌ ۾ اسلام ايران ذريعي پهتو. اگرچه تاريخي رستن ۽ راهن جي ذريعي اسان جي وچ ۾ واپاري آمد رفت آڳاٽي وقت کان موجود هئي (6)، پر شيراز کان ابن قاسم سان گڏ ايراني لشڪري جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيا، تڏهن عام نوعيت جي تعلق مذهبي رشتي جي صورت ورتي ۽ عربن سان گڏ ايرانين جون بستيون پڻ نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيون. سيستان جي طاهر ذواليمينين (205- 259هه) يا يعقوب بن ليث صفار (253- 265هه) جي زماني ۾، ايراني ڪارندن ۽ حاڪمن جي اچڻ وڃڻ جا، تاريخ ۾ چٽا نشان موجود آهن (7). +عربي دور حڪومت ۾ جتي عربي زبان کي سياسي بناءَ تي، سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو مليو، اتي هي قدرتي امر آهي ته تجارتي تعلقات ۽ ايندڙ ويندڙ قافلن (8)، يا انهن ايرانين جي ڪري جيڪي عربن سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٿيا، ايراني اثر سان گڏ ايراني زبان کي به هتي متعارف ٿيڻ جو موقعو مليو هوندو(9)، جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن هن ڳالهه کي غير ضروري سمجهي بيان نه ڪيو آهي، پر ان جو سبب به سمجهڻ جوڳو آهي. ايران ۽ ايراني ٻولي ان وقت غلام هئا، ان جي اثرن جو چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪا غير معمولي ڳالهه نه آهي. +سنڌ جي فارسي زبان سان واقفيت ۽ ان سان دلچسپي، جيڪڏهن پهريان کان پيدا ٿيل نه هئا، ته پوءِ عربي زبان جي حاڪميت ختم ٿيڻ بعد، فارسي زبان جو پوءِ جي زمانن ۾، سندس جڳهه وٺڻ ڪهڙيءَ طرح ممڪن هو! +(3) +مختصر مدت جي طوائف الملوڪيءَ بعد عربن کان حڪومت جي واڳ، سنڌ جي هڪ مقامي قبيلي سومرن جي حوالي ٿي. ان دور ۾ قرامطين جو اقتدار (10)، هن ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته ان زماني جو ايراني فڪر ۽ اثر سنڌ تي تمام گهڻو هو. محمود جڏهن ملتان (401هه) ۽ منصوره (416هه) کي غلام بنايو، تڏهن ظاهر ۾ قرامطي (11)، وجود کي هن شرعي سبب طور استعمال ڪيو هو. +محمود غزنويءَ جي لاڳيتن حملن ۽ سندس سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ سبب، سنڌ ۾ ايراني اثرن ۽ ان جي ادب ۾ تازگي پيدا ٿي پئي. ان دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن، سنڌ کي پنهنجي شعرن ۾ مختلف صورتن ۾ ياد ڪيو آهي، جي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سان سندن گهري واقفيت ۽ دلچسپيءَ جو پتو ڏين ٿا. دقيقي (وفات قبل 384هه)، فرخي (وفات 429هه)، عنصري (وفات 431هه)، قطران تبريزي (وفات 466هه)، ناصر خسرو (وفات 481هه)، مسعود سلمان (وفات 515هه)، عسجدي مروزي (وفات 514هه)، امير معزي (وفات 21- 518هه) ۽ مختيار غزنوي (وفات 535هه) جا شعر هن سلسلي ۾ پڙهڻ جوڳا آهن (12). +غزنوي اثر واري زماني ۾ فارسي شاعرن ۽ ليکڪن جي اچ وڃ سبب، سنڌ ۾ جو ڪجهه پيدا ٿيو، اسان کي ڏک آهي ته زماني جي هٿ چراند اهي سڀ آثار، ڪجهه اهڙيءَ ريت ختم ڪيا، جو اڄ اسين انهن علمي يادگارن مان ڪجهه به پيش نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال هي ته اسين اندازو ڪري سگهون ٿا، ته ملتان ۽ منصوره تي تسلط سبب علمي تخليقون لازمي ٿيون هونديون. +(4) +غزنوين جي دور (401-441هه) جي علمي اثاثي گم ٿيڻ جو اسين ڏک ڇو ڪريون، جڏهن ته اسان وٽ ان دور کان پوءِ ناصرالدين قباچه جي زماني (602- 625هه) جو علمي ذخيرو به محفوظ نه رهي سگهيو. ناصرالدين ۽ سندس علم پرور وزير عين الملڪ اشعريءَ جي علمي سرپرستيءَ ڪري، تاتارين جي غارتگري ۽ خونريزين سبب هجرت ڪندڙ، متعدد عالمن ۽ ناميارن شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ آڻي گڏ ڪيو(13). +مولانا قطب الدين ڪاشاني (14)، قاضي شرف الدين اصفهاني (15)، سيّد الندماءَ، تاج الفضلاء، فخرالقدماءَ شمس الدين محمد بلخي ]ڪي بزرگ هن شاعر جو نالو هن ريت به لکن ٿا – شمس الدوله سيّد الندماءَ، تاج الفضلاءَ، فخرالقدماءَ محمد الکاتب بلخي– سنڌيڪار[، فخرالشعرا ضياءَ الدين سجزي، منهاج سراج قاض�� (624هه)، سديدالدين عوفي (617هه)، ”بفروش“ شاعر ۽ فضلي ملتاني (16)، جا چند نالا آهن، جيڪي محفوظ رهجي اتفاق سان اسان وٽ پهتا آهن. جن جو نالو گم ٿي ويو، اهي نه ڄاڻ ڪيترا هوندا، جيڪي هن درٻار ۽ دور سان واسطيدار هئا. ”جامع الحڪايات“، ”الفرج بعد شدة“ جو ترجمو، ”طبقات ناصري“ جي تاليف جو آغاز ۽ ”چچ نامہ“ (613هه)، هن سونهري دور جا اهي علمي يادگار آهن، جي خوشقسمتيءَ سان زماني جي هٿ چراند کان بچي اسان تائين پهتا آهن. ”چچ نامہ“ جو فارسي مترجم سنڌ جي هڪ عالم مولانا ڪمال الدين اسماعيل جي لاءِ، جنهن وٽان کيس ”فتح نامہ“ جو عربي متن مليو، لکي ٿو ته: ”هو فارسي علم ۽ فن ۾ بي مثال هو“(17). هي بزرگ اروڙ جو هو، جيڪو شهر سنڌ جي اڳين بادشاهن جو تختگاهه هو. +محمد بن عليءَ جي هن قول مان سنڌ ۾ فارسي علم جي ترويج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هي فارسي مترجم پاڻ به شاعر هو. ”چچ نامہ“ ۾ به سندس شعر موجود آهن(18). +هيءَ تعجب ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته فارسي شاعرن جو سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ”ديوان“ سڏيو ويو آهي (19)، سنڌ جي سرزمين تي مرتب ٿيو، ۽ پوءِ ٻئي قديم ترين تذڪري ”لباب الالباب“ جي تڪميل جو شرف به سنڌ کي ئي حاصل ٿيو. +هن دور جي فارسي شاعريءَ جو ابتدائي نمونو اسان کي ”لباب الالباب“ ۾ ملي ٿو. خود عوفيءَ جو اهو قصيدو، جيڪو بکر جي قلعي جي فتح تي هن لکيو، اسان وٽ هڪ قيمتي ادبي اثاثو آهي(20). +بهرحال هي سڀ علمي آثار ۽ نشان غزنوي دور کان پوءِ جو بچي ويل سرمايو آهن. جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو، ان جو نقصان نه فقط سنڌ جي لاءِ، پر فارسي ادب جي تاريخ لاءِ هڪ ابدي نقصان جي حيثيت رکي ٿو. +شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني (وفات 666هه)، هن دور جو جيد صوفي ۽ صاحب حال بزرگ هو. وٽس سماع جو رواج هو، جتي اڪثر ڪري فارسي شعر پڙهيا ويندا هئا (21). هڪ ڀيري هن شعر شيخ کي ڊگهي عرصي تائين وجد جي حالت ۾ بي حال رکيو: +مستان که شراب ناب خوردند از پهلو ئي خود کباب خوردند (22). +شيخ بهاءُ الدين زڪريا وٽ، فخرالدين عراقي (وفات 688هه) وارد ٿيو. سندس غزل: +نخستين بادهه کاندر جام کردند ز چشم مست ساقي وام کردند +۽ هي غزل: +در کوئي خرابات ”کسي را که نياز“ است هوشياري و مستيش همه عين نماز است +هتي جا يادگار آهن(23).ڪم پي رهيا آهن (5). انهتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! ڳوٺ ” +شيخ عثمان قلندر لعل شهباز مرندي، جنهن جي خانقاهه سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ اڄ تائين زيارتگاهه بنيل آهي. پاڻ بلبن جي دور ۾ مرند کان سنڌ ۾ پهتو، جڏهن خان شهيد ملتان جو حاڪم هو (668- 683هه) لعل شهباز ڏي ڪيئي فارسي غزل منسوب آهن (650هه) (24). +هي ياد رکڻ گهرجي ته جلال الدين خوارزم شاهه جو اچڻ ۽ سڄو سال سنڌ ۾ رهڻ (18- 619هه) يا ديبل جي اردگرد جامع مسجد ٺاهي وڃڻ، بحث هيٺ آيل دور جي شروع جو اهم سياسي واقعو آهي. +(5) +سنڌ تي تغلقن جا حملا 752هه/ 1351ع کان شروع ٿيا، جڏهن ته هتي سومرن جي جاءِ تي، سَمن جو گهراڻو حاڪم ٿي چڪو هو. +هن دور ۾ فارسي شعر چوڻ جو، مقامي طور تي رواج جو اهڃاڻ پڻ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ اسان وٽ ان فارسي شعر جي هڪ مصرع ثبوت جي لاءِ موجود آهي، جا سنڌي نسل سنڌ جي حاڪم، فيروز تغلق آڏو پڙهي هئي. +شاه بخشنده توئي بنده شرمنده منم (25). +ملتان جي حاڪم عين الملڪ ماهرو جي خطن جو مجموعو ”انشاي ماهرو“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته، هن دور ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ جي سلسلي ۾، لکپڙهه لاءِ به ”فارسي“ کان ڪم ورتو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بادشاهن جي نالي جيڪي خط آهن، اهي هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا(26). +سنڌ ۾ هي رواج به ان زماني ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته، ماڻهو پنهنجن بزرگن جي مقبرن تي فارسي ڪتبا ۽ شعر لکائي نصب ڪندا هئا. چنانچه حاجي ترابيءَ جي مقبري تي ڪتبو 782هه (27)، ۽ محمد تغلق جي عارضي قبر تي سيوهڻ جا ڪتبا (28) هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا. +ننڍي کنڊ ۾ ڪلام پاڪ جا ٻه پهريان فارسي ترجما به سنڌ ۾ ئي ٿيا آهن، جن مان مخدوم جهانيان جهان گشت (وفات 785هه) جو ترجمو (29)، هن دور جو يادگار آهي، ۽ ٻيو (جيڪڏهن شهاب الدين دولت آباديءَ جي تفسير ”بحر امواج“ کي تفسير جي حيثيت ڏجي ته پوءِ) ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل فارسي ترجمو آهي، جو هند و پاڪ جي سڀني فارسي ترجمن ۾ آڳاٽو آهي (30). +اگرچه اها ڳالهه موضوع کان ٻاهر آهي، پر هڪ عجيب اتفاق جو هتي ذڪر ڪرڻ دلچسپ هجڻ سبب، منهنجي خيال ۾ برو نه ٿيندو. هي عجيب اتفاق آهي ته، ڪلام پاڪ جو پهريون ترجمو، جو ڪنهن به غير ٻولي ۾ ٿيو، اهو به سنڌ ۾ ئي هتي جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي (31). +(6) +اٺين صدي هجريءَ ۾ يا ان کان پوءِ، اسان کي ڪيترا ئي علمي گهراڻا اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جن جي اٿي ويٺي، مجلسن ۽ صحبتن جي ڪري، سنڌ ۾ فارسي زبان جي اشاعت ۽ اضافي کي وڏي تقويت حاصل ٿي. +هن سلسلي ۾ شيراز جي انجوي ساداتن جي هڪ شاخ جي بزرگ سيّد محمد جو نالو کڻي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾ شيراز کان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. خاندان جي تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، حافظ شيرازي هن سيّد محمد جو بي حد معتقد هو ۽ ان به ساڻس گڏ وطن ڇڏيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حافظ: +”گريه ميکرد و ميرفت“ (32). +هن دور ۾ دارالسلطنت ٺٽي ۾ توڙي سنڌ جي ٻين وڏن وڏن شهرن ۾، ڪثرت سان مدرسا موجود هئا (33)، جن ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ فارسي ڪتاب به پڙهايا پي ويا. +(7) +خراسان جو آخري تيموري سلطان حسين بايقرا (863-912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين (866-914هه) نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي سرپرستيءَ ۾ هڪ جهڙا هئا، جنهن ڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو ڳڙهه بنيل هئا (34)، ۽ سندن درميان هڪ جهڙائيءَ جو هي به هڪ عجيب اتفاق آهي ته، جنهن وقت تيمورين جي هن آخري سلطنت جي طاقت ختم ٿي، ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جو ڏيئو به گُل ٿي ويو. آزاد سنڌ حڪومت جو هي آخري ادب پرور بادشاهه ڄام نظام الدين سمون نه فقط علم دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ جو شاعر هو. هي رباعي سندس آهي: +اي آنکه ترا نظام دين مي خوانند تو مفتخري کہ مرا چنين مي خوانند گر در رهه دين از تو خطائي افتند شک نيست کہ ترا کافر لعين مي خوانند(35). +مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن دور ۾ ئي سنڌ پهتو ۽ مستقل طور هتي ٽڪي پيو (36). هن هتي علم جي اشاعت ۽ واڌاري لاءِ، هڪ وڏي مدرسي جو بنياد رکيو. علامه جلال الدين دواني (908هه) به، هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد مير شمس ۽ مير معين، سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي جيسين اتي پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي سفر تي روانو ٿي چڪو هو (37). +901هه ۾ مشهد مقدس کان سيّد يعقوب ۽ سيّد اسحاق هت پهتا، جن جو خاندان ”مشهدي سادات“ جي نالي سان ٺٽي ۾ اڃا هلندو اچي (38). مشهدين جو ٻيو گهراڻو ٻن ڀائرن سيّد احمد ۽ سيّد محمد ولد سيّد عباد مشهديءَ تي مشتمل هو، سو 906هه ۾ اچي هتي پهتو (39). +مڪليءَ جي قبرستان ۾ خواجه شرف الدين شيرازيءَ جي قبر به ان دور جو يادگار آهي�� جنهن تي هي ڪتبو موجود آهي: +وفــــــات مــــرحوم الواصل الي رحمة الله خــــــواجـــــه شــــــرف الـــــديـــــن شـــيــرازي في تاريخ شهر جمادي الاول سن 911هه(40). +هي بزرگ به انهن ايندڙن مان هڪ آهي، جن کي نظام الدين جي علم نوازي ايران کان سنڌ گهلي آئي. +ٺٽي ۾ مغلپوره هن سلطان جو يادگار آهي. هي محلو ان ڪري سرڪاري خرچ سان ٺاهيو ويو ته، جيئن ايران مان ايندڙ مشاهير ۽ عالم آسانيءَ سان ۽ آرام سان، اچڻ شرط هتي آباد ٿي وڃن. هي ياد رکڻ گهرجي ته هن دور ۾ ايرانين جي لاءِ ”مغل“ ۽ ”ولايت زاد“ لفظ استعمال ڪيا ويندا هئا. مغل لفظ شايد ان ڪري ايرانين جي لاءِ مشهور هو، ڇو ته ان زماني ۾ ايران جا مختلف ٽڪرا، تيموري مغلن جي قبضي ۾ هئا. +ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جهڙيءَ ريت ايران لاءِ ڏک ۽ ڏڦيڙ جو سبب بني، اهڙيءَ ريت سنڌ جي لاءِ به، هن صديءَ جي ابتدا مستقبل جي، مستقل سياسي نڀاڳ جو سبب بني. ايران ۾ تيمورين جو ڏيئو گل ٿيڻ شروع ٿيو هو. شيباني، صفوي ۽ بابري قوتون هڪ ٻئي خلاف ميدان ۾ هيون. هتي سنڌ ۾ سلطان نظام الدين جي وفات، خانداني جهڳڙي جو اهو سلسلو پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاد، مستحڪم ۽ وسيع سلطنت جون پاڙون پٽي ڇڏيون. +ايران شاهه اسماعيل ( 906-930هه) صفويءَ جي ذريعي، جلد ئي نه فقط هڪ مستقل گهراڻي جي هٿ ۾ انتشار ۽ طوائف الملوڪيءَ جي تباهه ڪارين کان بچي ويو، پر نئين سر آزادي حاصل ڪري پنهنجي ٽڙيل پکڙيل حصن کي گڏ ڪري، مستقل بادشاهت جو بنياد وجهي صحيح رستي تي گامزن ٿي ويو. ليڪن سنڌ جي حالت ٺيڪ نه ٿي سگهي. ڇو ته ٽن چئن ماڻهن تي مشتمل ارغون گهراڻو، جيڪو سلطنت هرات جي پاران قنڌار، ڪابل، بست ۽ زمين داور تي نيابت ڪندو هو، اهو بابر جي قنڌار ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ بعد، سنڌ جي ان گهرو جهڳڙي مان فائدو وٺي، سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو. +اڃا گهرو لڙائي هلي رهي هئي ته، هرات جي تيموري بادشاهت جو ڀٽڪيل شهزادو بديع الزمان (41)، سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام فيروز وٽ پناهگير بنيو ( 18- 919هه). ليڪن پوءِ جلد ئي هتان ترڪيءَ ڏي راهي ٿيو. +( 8 ) +هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا. ارغوني تسلط جي تصوير جو سياسي پهلو جنهن جي تاريخ (927هه) ”خرابي سنڌ“ مان نڪري ٿي(42). بلاشڪ اونداهو نه پر تاريڪ تر رهيو. ليڪن ٻيو پهلو جيڪو خاص علمي ۽ ادبي هو، اهو روشن بلڪ روشن تر گذريو. +* ترجمو: غلام محمد لاکو. +* نئين تحقيق موجب هي سٽ امير حسن سجزي (603-738هه) جي هڪ غزل جي آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صه 413). + + +جيتوڻيڪ سنڌ گذريل دور ۾ ئي فارسي زبان کي درٻاري ۽ علمي زبان قبول ڪري چڪي هئي، ليڪن هن خاص فارسي گو گهراڻي جي تسلط بعد، ايران سان اسان جا لاڳاپا زياده مضبوط ٿي ويا. شيراز، مشهد، سبزوار ۽ ٻين ايراني شهرن مان سوين روحاني ۽ علمي گهراڻا سنڌ ڏي لڏي آيا، جنهن ڪري فارسي ٻوليءَ ۽ فارسي تمدن جي جهڙوڪر، هڪ مڪمل دنيا سنڌ ۾ پيدا ٿي پئي. +هن زماني ۾ غياث الدين منصور دشتڪيءَ جي گهراڻي مان سيّد شڪر الله شيرازي (43)، سنڌ ڏي لڏي آيو، جنهن جي گهراڻي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ناميارن عالمن، فارسي گو شاعرن، طريقت جي صاحبن ۽ اهل قلم فاضلن کي جنم ڏنو. شيرازي ساداتن جو ٻيو خاندان سيّد ڪمال ۽ سيّد جمال نالي ٻن ڀائرن تي مشتمل، سيّد شڪر الله سان گڏ ٺٽي پهتو، جنهن جي گهراڻي به ڪيئي مشاهيرن کي پيدا ڪيو(44). +مولانا جامي رحه جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف آهي، جنهن ”نفحات الانس“ پڙهيو آهي. هن شيخ جلال الدين پورانيءَ جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود ��نڌ ۾ هن زماني ۾ پهتو(45)، ۽ ٻن سون سالن تائين سندس خاندان سنڌ ۾ عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن کي پيدا ڪندو رهيو. سنڌ ۾ هي گهراڻو عرب شاهي سبزواري ميرڪ سيّد جي نالي به مشهور آهي ۽ پوراني سادات پڻ سڏائي ٿو. +مير غياث الدين محمد معروف، سلطان رضائي عريضي سبزواري، صاحب ”حبيب السير“ يعني خواند مير جو ڏوهٽو هو(46). هي به پنهنجي اولاد کي وٺي هن دور ۾ لڏي آيو. سندس سنڌي اولاد به سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪيئي پائدار علمي آثار ڇڏيا آهن. هي معلوم هجڻ گهرجي ته ”حبيب السير“ واري ليکڪ جا ارغون گهراڻي سان تمام ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. خواند مير پاڻ هتي آيو هو، پر پوءِ هندستان ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين (47). +مولانا مصلح الدين لاري (48)، مولانا عبدالخالق گيلاني (49)، مولانا يار محمد ياري هروي (50)، ۽ مولانا يونس سمرقندي (51) به هن دور ۾ آيا، ۽ حيدر ڪلوچ به هن دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(52). +شاهه جهانگير هاشمي ڪرمانيءَ جي مثنوي ”مظهر الآثار“ (940هه) (53)، فخري هرويءَ جو تذڪرو ”روضة السلاطين“ (958هه) (54)، شاعريءَ جي فن ۾ ”صنايع الحسن“ (55)، ۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو ”جواهر العجائب“ (56)، يا وري ”فتاويٰ پوراني“ (57) ۽ ”آداب المريدين“ (58)، هن دور ۾ اسان جي مٿي ذڪر ڪيل خاندانن جون چند علمي نشانيون آهن. +هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ”روضة السلاطين“ فارسي شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لکيو ويو ۽ ان ريت فخري هرويءَ جو ”جواهر العجائب“ خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو آهي، جيڪو هتي لکيو ويو. +هند جي مغل بادشاهه همايون جو ايران وڃي پناهه وٺڻ، هن دور جو مکيه سياسي واقعو آهي. هن ڏس ۾ هي ياد رکڻ گهرجي ته اهو شاهه حسين ارغون ئي هو، جنهن سنڌ ۾ همايون کي (47-950هه) رهڻ نه ڏنو، ۽ پنهنجي سمورين ڪوششن ناڪام ٿيڻ بعد، ٻيو رستو نه ڏسي هو ايران ڏي ”صراط مستقيم“ (950هه) ذريعي روانو ٿيو (59). شاهه طهماسپ صفويءَ کي همايون بادشاهه جيڪو خط لکيو، ان ۾ شاهه حسين ارغون جي سياست ڪاريءَ ڪري، کيس پهتل تڪليفن جو اشارو هن ريت ڪيو آهي. ”از فضائي سواد اعظم هند، بتنگنائي ظلم سندهه، رسيدهه شد.“ +بگذشت از سرما آنچه گذشت چه بدريا و چه کهسار و چه دشت (60). +(9) +ارغونن کان پوءِ (962هه) سنڌ کي، ترخانن جي ٻن اميرن تقسيم ڪيو. هيٺئين سنڌ (ٺٽو) ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ اتر سنڌ (بکر) سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي. +هي اهو ئي مرزا عيسيٰ ترخان آهي، جنهن جي زال ماهه بيگم جي نالي فخري ”جواهر العجائب“ منسوب ڪيو هو. ليڪن جڏهن اڪبر بادشاهه تخت تي ويٺو (963هه)، تڏهن معمولي امير جي زال جي ڀيٽ ۾، هڪ وڏي بادشاهه جي دائي ماهم انگه جي نالي، هن پنهنجي انتساب کي تبديل ڪري ڇڏيو. +مرزا عيسيٰ ۽ سندس پوين (962-1000هه) جا لاڳاپا، ايران سان اهڙيءَ ريت ٺيڪ رهيا، جهڙيءَ ريت اسان ارغوني دور جو اڀياس ڪيو. هن دور ۾ به ڪيئي ايراني خاندان، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي سنڌ پهتا. سيّد بدرالدين مازندراني (61)، هن دور ۾ لڏي ايندڙن مان هڪ آهي. تاريخ ”نگارستان“ جو مؤلف قاضي احمد غفاري قزويني، هن زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ هتي ئي فوت ٿيو. (975هه) (62). +مشهد (آستان قدس) سان، مرزا عيسيٰ ترخان جي گهري وابستگي هئي. چنانچه عقيدت جي اظهار طور هن خاص اهتمام سان سنڌي مشعل ٺهرائي، اوڏانهن موڪلي ڏنا. مرزا عيسيٰ سياسي طور تي به ايران سان لاڳاپي جي لاءِ مجبور هو. هو سنڌ ۾ هڪ پاسي بکر جي حاڪم سلطان محمود بکريءَ کان ڊنل هو، ته ٻئي طرف اڪبر کان به کيس خوف هو، جيڪو نئون نئون فتوحات جي تازي جذبي ۽ ارادي سان تخت نشين ٿيو هو. لهذا مرزا جي لاءِ بيحد ضروري هو ته، هو پنهنجي پاڙيسري سلطنت بلڪه عظيم تر مملڪت يعني ايران سان لاڳاپو پيدا ڪري. ليڪن سندس مشهد ڏي لاڙو پڪ آهي ته سياسي نوعيت جو هو. +محمود بکري جنهن جو نالو اسان هاڻي کنيو آهي، سو ان وقت نه رڳو لاثاني بهادر ۽ جنگجو امير هو، بلڪه سياست ۽ ڏاهپ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. ايران ڏي ميرزا عيسيٰ جو لاڙو ڏسي، هن به پنهنجا سفير موڪلي شاهه طهماسپ سان پنهنجا تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا (63). +مير ابوالمڪارم بن غياث الدين سبزواري، جنهن جي خاندان جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، محمود بکريءَ پاران ۽ تردي بيگ يا حق بردي بيگ ايراني درٻار مان سنڌ ايندا ويندا رهيا (967هه) (64). شاهه طهماسپ نه رڳو پاڻ کيس ”خان“ ۽ ”سلطان“ جو لقب ڏنو، بلڪه محمود جي ئي درخواست تي، اڪبر کي به خط لکيو، ته محمود کي پنهنجي درٻار مان به ”خان خانان“ جو خطاب ڏنو وڃي. هندستاني درٻار ۾ جيئن ته هڪ وقت ۾ صرف هڪ ”خان خانان“ هوندو هو، ۽ ان وقت منعم خان هن منصب تي فائز هو، لهذا اڪبر، شاهه طهماسپ کي معذرت جو خط لکيو(65). +(10) +ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا، ۽ سال 1000هه ڌاري سنڌ، هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بنجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو. +’ يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مؤرخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ هو. اڪبر جي حڪم تي، مير معصوم (11-1013هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ (985-1038هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي، بلڪه ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. حڪيم شفاعي اصفهاني (وفات 1027هه) (66)، محمد رضا فڪري ۽ تقي اوحديءَ جهڙن شاعرن سان سندس صحبتن ۽ مشاعرن جو ذڪر، ايران ۽ سنڌ جي ادبي لاڳاپن جو هڪ مستقل عنوان آهي(67). اصفهان جي مسجد علي جو ڪتبو (68)، ڪاشان ۽ مورچه (مورچئه خورت) جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ عباس جو ڪتبو (69)، يا احمد جام زنده پيل جي مزار جو ڪتبو (70)، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا جيڪي مير معصوم ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم (وفات 1014هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر، ”تاريخ سنڌ“ جو مولف (1009هه)، صاحب ديوان ۽ هڪ ”خمسه“ جو مصنف آهي. خواجه نظام الدين”طبقات اڪبري“ (1003هه)، سندس ئي تحرڪ ۽ مدد سان لکي هئي (71). +سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو، ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم مرزا غازي وقاري هو، جنهن جي شخصيت نه فقط دلچسپ آهي، بلڪه رنگا رنگ خوبين جي ڪري بي انتها دلڪش پڻ آهي. جڏهن هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو (1017-1021هه)، ان وقت سندس ذاتي درٻار، سندس غير معمولي علم پروريءَ ۽ شخصي ڪشش جي ڪري ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. طالب آملي پهريان سندس درٻار جو شاعر هو، جنهن سندس مدح ۾ ايڏا ته سٺا قصيدا لکيا، جو کيس (طالب آملي) ”ملڪ الشعرا“ بنائڻ کان پوءِ به، جهانگير کي اهڙا قصيدا نصيب نه ٿيا. شمساي زرين رقم، مرزا فصيحي هراتي، ملا شاني تڪلو، مير الاهي اسد آبادي، سنجر ڪاشي، محوي اردبيلي، بزمي کوز، مير نعمت الله وصل شيرازي، ملا اسد قصه خوان، شيدا اصفهاني، مرشد بروجردي، عتابي تڪلو، مولانا صوفي مازندراني صاحب بتخانه، سروري يزدي، مير عبدالباقي ”قصہ خوان“- حڪيم فغفور لاهيجاني (72)، مرزا غازيءَ جي بزم ادب سان واڳيل ۽ سندس مدح خوان هئا. +مرزا غازيءَ جا شاهه عباس ڪبير سان گهرا لاڳاپا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ايلچي نياپو نڙو کڻي ايندڙ هئا. مرزا غازيءَ جي پاران، سيّد عبد الله سلطان عريضي سبز واري هي فرض بجا آڻيندو رهيو (73). +پهريان ته سياسي لاڳاپا رهيا. ليڪن جلد ئي شاهه ۽ مرزا جي وچ ۾ شخصي تعلقات پيدا ٿي ويا ۽ اهي ان حد تائين وڌيا، جو جهانگير وانگر شاهه عباس به پنهنجي خطن ۾ مرزا کي ”فرزند“ جي لقب سان مخاطب ٿيڻ لڳو. مرزا غازيءَ، شاهه عباس جي مدح ۾ جيڪي قصيدا لکيا آهن، ان مان هڪ قصيدي جو هڪ ئي شعر اسان تائين پهتو آهي. +ز زهر مار زمان، در امان بود آن ڪس ڪه شاهه مهرهه مدح تو، در دهن گيرد (74). +مرزا رستم صفوي (وفات 1051هه)، شاهه اسماعيل ڪبير جو پڙ پوٽو هو. ايران کان ڀڄي جڏهن سنڌ پهتو، ان وقت (1000هه) اڪبر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان درميان لڙائي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ واسطيدار تاريخن ۾ ڪو به حوالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي، ليڪن ”عالم آرائي عباسي“ ۾ آهي ته، هنن ٻنهي ۾ مرزا رستم صفويءَ ذريعي صلح ٿيو (75). +ميرزا غازي ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو (1021هه)، تڏهن مغلن سِڌو سنڌ تي صوبيدار (گورنر) موڪلڻ شروع ڪيا ته، سڀ کان اول مرزا رستم صفوي صوبيدار ٿيو، جيڪو 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو. حقيقت ۾ مرزا رستم کي موڪلڻ کان اڳ ۾ مرزا غازيءَ جي ئي هڪ مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) کي، صوبيدار ڪرڻ جي رٿ غور هيٺ آئي. ليڪن کيس هيڏي موڪلڻ کان ان ڪري ٽارو ڪيو ويو ته، متان هو قديم لاڳاپن جي ڪري، شاهه عباس جي مدد سان سنڌ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسند واپس وٺي وڃي ۽ هندي مغلن کان سنڌ کي آزاد ڪري وڃي (76). چند سال اڳ شاهه عباس جي پاران قنڌار تي حملو ٿيو هو، جنهن ڪري شاهه عباس ۽ جهانگير جي وچ ۾ لاڳاپا سٺا نه هئا، جيتوڻيڪ ٻنهي طرفن کان نياپي نڙي جو سلسلو جاري رهيو (77). جهانگير سنڌ جي مسئلي ۾ مناسبت ۽ چڱائي ان ۾ ڏٺي ته، سنڌ کان ايران جي لاڳاپن جي خاتمي لاءِ مرزا رستم صفويءَ کي موڪلي، جيڪو شاهه عباس جو مخالف هو ۽ ان مخالفت جي ڪري وطن ڇڏي هتي پهتو هو. +هن يارهين صدي هجريءَ ۾ جيڪا مغلن جي صدي آهي، ڪيئي ايراني شاعر هندستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا. مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شاگرد ملڪ تعظيما قمي (78)، هندستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا. اهڙا ٻيا ڪيئي مثال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن. +سرمد ڪاشاني شهيد (1070هه)، جيڪو هن دور ۾ ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو (79). ٺٽي جي ئي هڪ فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو ترڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو. جنهن لاءِ سرمد چيو هو: +خدا ئي کيست اي سرمد! درين دير نمي دانم ابي چند است، يا غير ! +ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي چڪو هو ۽ سنڌي فطرت جو حصو بنجي ويو هو، جو هن يارهين صديءَ ۾ جڏهن رضائي ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبانگار“ (1053هه) لکي، تڏهن هن عشق جو پورو مواد جيتوڻيڪ سنڌ مان کنيو، ليڪن عاشق ۽ معشوق جا مقامي نالا ان ڪري بدلائي ڇڏيا، ڇو ته فارسيءَ جي نرم فطرت انهن نالن جي ڌاريائپ واري وزن کي پهچي نه ٿي سگهي. باوجود ان جي ته هو پنهنجي مادري زبان سنڌي کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو: +زبان سندهه شيرين است شيرين بجاي خويش رنگين است رنگين! *** +نمي سازم بيان را سندهي آميز نيام از زبان سندهه پرهيز! *** +ز ملک پارس آدم پرنيان را بيو شانم عروس داستان را چو حرف از عاشق و معشوق دانم بلفظ فرس هر يک را بخوانم بگويم نام هر يک تابداني به هنگام که اين دفتر بخواني چو در معشوق حسن و زيب ديدم پي او نام ”زيبا“ بر گزيدم! *** +همان شهري که مي باشد مقامش زادم شهر حسن آباد نامش ”نگار“ از بهر عاشق ساختم نام که نقش اوست زيب لوح ايام (80). +(11) +ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو، حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون، ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. ان ڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪه ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ وغيره، هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن. +نادر شاهه جو دهليءَ کان موٽندي سنڌ ۾ اچڻ، هن دور جو ايران جي حوالي سان مکيه سياسي واقعو آهي (1152-1153هه). ميان نور محمد (1132-1167هه) ساليانو ڏن ڏئي، ايران سان پنهنجن لاڳاپن کي ٺاهيو ۽ نادري تلوار جي رتو ڇاڻ کان پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي بچائي ورتو، جيڪا محمد شاهه جي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري، دهلي ۽ دهليءَ وارن کي ڏسڻي پئي! +سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا آهن. هي علمي آثار ۽ نشانيون سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد جي تصنيف ”منشور الوصيت“ (81)، ۽ تاريخ جي متعدد ڪتابن تي مشتمل آهن ۽ ادب ۾ اهي مخالف توڙي موافق قصيدا آَهن، جيڪي نادر شاهه جي آمد تي سنڌ جي شاعرن چيا آهن. سنڌي شاعرن تلميح جي طور تي به نادر شاهه کي پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. مثال طور: +کرد غارت دهلي دل آن شهه، مهه پيکران، شوخ من اندر ستم کمترز نادرشاهه نيست (82). +ان دور ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري طور تي ايران جا ڪيئي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق اصفهاني (83)، مرزا جعفر شيرازي (84)، ۽ ٻيا ڪيئي شاعر ۽ حڪومتي ڪارڪن آيا، جن جو ذڪر ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ موجود آهي. شيخ علي حزين (85)، ۽ ايران جو مشهور مرثيه گو شاعر ملا مقبل (86) (وفات گجرات، 1158هه) پڻ ان دور ۾ سنڌ پهتا هئا. +نادر شاهه 11 محرم 1153هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو، جنهن جي تاريخ سنڌي درٻار جي شاعر هن ريت چئي: +اي آنکه تو ئي بملک دولت قائم از خوان تو افطار کند هر صائم تا مملکت ”سند“ شهنشاهت داد +تاريخ تو شد ”شــــاهه قـلـي خــان دائــم“ (1152هه) (87). +جيسين نادر شاهه جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور تي نادر شاهه جي قتل (1160هه) تائين ايران ۾ رهيا. جڏهن محمد مراد (1164هه) سنڌ واپس پهتو ته، شاعرن سندس آمد جي موقعي تي قصيدا ۽ تاريخون چيون. مثال طور: +با مزدهه رسيد، خان عالي به وطن (جعفر) +بافضل خدا، خان جوان بخت رسيد +از راهه خراسان، به وطن باز رسيّد (محسن)(88). +شيخ غلام محمد پڻ ايلچيءَ طور نادري درٻار ۾ آخر وقت تائين رهيو (89). مير ابراهيم شاهه حيدرآبادي ٻيو سفير هو، جو سنڌ مان ايراني درٻار ڪيئي ڀيرا آيو ويو (90). +سنڌ جي والي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايران پرستيءَ جو هڪ ٻيو مستحڪم ۽ مقدس نشان پڻ آهي، جو اڄ به اسان کي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. هي مشهد مقدس جي ڪتبخاني جي ميوزيم ۾ اهو لاثاني ڪلام مجيد آهي، جيڪو هن نادر شاهه جي اچڻ کان اڳ (1148هه) ”مقدس آستان“ ڏي موڪليو هو، جنهن جي سينگار ۽ سونهن جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪتبخانن ۾ ملي (91). +(12) +تيرهين صديءَ هجريءَ ۾ ”ٽالپور“ نالي هڪ ٻيو مقامي قبيلو حڪمران (1198-1258هه) هو. خود ”تال پور“ جي لفظي ترڪيب ايراني ۽ سنڌي لاڳاپن جي هڪ علامت آهي. ايران سان هن گهراڻي جو تعلق ان حد تائين ڳنڍجي ويو، جو انهن ايران دوستيءَ ۾ نه فقط ان کي پسند ڪيو، بلڪ سندن طور طريقا، حڪمرانيءَ جا قاعدا ۽ ضابطا، رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارت سازيءَ تي ايراني اثر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري بادشاهن سان، سندن گهرا لاڳاپا هئا. وڪيلن جي اچ وڃ ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏي وٺ آخر تائين جاري رهي. مرزا محمد عليءَ کي سفير طور 1214هه ۾ ايران موڪليو ويو، جيڪو واپسيءَ تي فتح علي شاهه قاچار جي سفير مرزا اسماعيل کي پاڻ سان وٺي آيو. هنن سفيرن جي اچ وڃ جون تاريخون مقامي شاعرن جي ديوانن ۾ موجود آهن (92). +سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيّد ثابت علي شاهه 1219هه ۾ ايران جي سفارت تان واپس پهتو، جنهن جي تاريخ مير مائل چئي آهي. مير غلام محمد ٺٽوي سفارت تان 1225هه ۾ واپس ٿيو ته سندس آمد جي تاريخ چئي وئي (93). +ٽالپور حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان شاعر هئا، چناچه نظم ۽ نثر ۾ هنن حڪمرانن ڪيئي ڪتاب ڇڏيا آهن. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي. ڪتبخانه ٺاهڻ جو کين خاص شوق هو. هر بادشاهه جي حرم اندر هر عورت جو ڪتبخانو الڳ الڳ هوندو هو، جن ۾ فارسيءَ جا مکيه ڪتاب موجود هئا. هي سڀ ڪتاب خاص طور تي شاهي ڪتبخانن لاءِ لکيا ويندا هئا ۽ اڪثر ڪاتب ايراني هئا (94). +هي ڪتبخانه انگريزن ”سنڌ“ غضب ڪرڻ وقت 1843ع ۾ ويران ڪيا. روس کان پيرس ۽ لنڊن کان جرمنيءَ تائين مختلف ڪتبخانن ۾ انهن جا جزا موجود آهن. هن وقت به جيڪي ڪتاب اسان وٽ بچيا آهن، اهي پنهنجي جاءِ تي بيحد قيمتي آهن. گهڻا ڪتاب اهڙن ايراني ڪاتبن جا ترتيب ڏنل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ايران ۾ اڻ ڄاتل آهن ۽ پنهنجي دور جي ”خطاطن جي تاريخ“ ۾ اهي قيمتي واڌاري جو باعث بنجي سگهن ٿا. وصال شيرازيءَ جا لکيل ڪيترائي ڪلام مجيد موجود آهن. مولانا جاميءَ جو مڪمل ”خمسه“ سندس پنهنجي اکرن ۾ لکيل موجود آهي. ماضيءَ جي ٻين هندي بادشاهن کان سواءِ شهنشاهه آريه مهر جو دستخط پڻ موجود آهي، جو سنڌ جي آخري دارالسلطنت حيدرآباد ۾ سندس آمد جي موقعي تي يادگار طور هنيو ويو هو. +ٽالپر دور جو هڪ ٻيو يادگار به اسان وٽ موجود آهي ۽ اهو آهي معاصر شاعرن جو تذڪرو، جيڪو سيّد مير حسن الحسيني شيرازي ”زبدة المعاصرين“ (95)، جي نالي سان، ٽالپر بادشاهن جي لاءِ (1240هه) تاليف ڪيو هو. هن تذڪري ۾ گهڻو ڪري اهڙن ايراني شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، جن کان خود ايران جا ادبي عالم به واقف نه هوندا*. +هن ڪتبخاني (ٽالپوري لائبريري حيدرآباد) ۾ ٻيا قيمتي ڪاغذات، جي ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن سان تعلق رکن ٿا ۽ ايراني بادشاهن جا موڪليل تحفا به شامل آهن. اسان مٿي چيو آهي ته هتي جي اٿي ويٺي ۽ عمارت سازيءَ تي به ايراني اثر غالب هو. هن هڪ جهڙائيءَ جي آخري نشاني حيدرآباد جي قلعي ۾ اها ننڍڙي عمارت اڃا به زبون حالت ۾ موجود آهي، جيڪا اصفهان جي ”علي قاپو“ جو نقل ڏسجي ٿي.* +(13) +تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پهريائين هندستان ۾، ۽ پوءِ سنڌ ۾ انگريز ۽ سندن قبضي جا آثار گهرا ٿيندا ويا. مسلمانن کي ان جو ڪافي احساس هو، ليڪن مسلم حاڪم ان حد تائين ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ مغل سلطنت جي وحدت ان حد تائين ختم ٿي چڪي هئي ۽ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي وئي هئي، جو ڪنهن ٻاهرئين تازه دم قوت جو مقابلو ڪرڻ سن��س لاءِ ناممڪن هو. هن دور جا رسالا، ڪتاب ۽ شاعرن جا ديوان هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته، هند جو خواهه سنڌ جو مسلمان، هر وقت ايران جي طرف واجهائيندو هو. کين يقين هو ته ايران ضرور هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندو. +هن دور جو هڪ هندي شاعر ظهورالله ”نوا“، جنهن جا وڏا ستين صديءَ هجريءَ ۾ ايران کان هند پهتا هئا (96)، سو سنڌ ۽ هند جي هن حالت کان متاثر ٿي ايران جي طرف ويو ۽ اتي پهچي، هن ”تاريخ جهانکشائي نادري“ جي مؤلف مرزا مهديءَ جي ڏوهٽي مرزا ذڪيءَ آڏو هي شعر پڙهيو: +تنگ دل، بيمار، جان بر لب، بہ ايران آمدم اندرين ”دارالشفاءَ“ محتاج درمان آمدم +هي فتح علي شاهه قاچار (1797-1834ع) جو دور هو. مرزا ذڪي شاهي درٻار جي شاعر فتح علي خان ”صبا“ تائين کيس پهچايو ۽ ان جي ذريعي ”نوا“ جڏهن شاهه جي آڏو پهتو ته هند ۽ سنڌ جي ڏک ڀري حالت تي هن هڪ دردناڪ قصيدو پڙهيو، جنهن جي شروعات هن فرياد سان ٿئي ٿي: +در هند از بد گوهران، آفت پديدار آمدهه! سبز نخل فتنها، ظلم و بلا بار آمدهه +۽ اڳتي هلي چوي ٿو: +احوال هندستان زِمن، کن گوش اي شاهه رمن درهند و سند و هم دکن، رايت نگونسار آمدهه! +”نوا“ قصيدي ۾ چيو آهي ته: اي دوست جنهن ڏينهن پيغامبر هي خوشخبري ڏيندو ته، شاهه ايران هندستان جي ارادي سان قنڌار تائين پهتو آهي، ان وقت اسين زبان سان سندس شڪر ادا ڪنداسين: +سازد ز قندش پر دهن، گويد چو منهى ناگهان، +ياران! پي هندستان، شاهم بقندهار آمدهه! +قنڌار، ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي طرف ويندڙ رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ، بهرحال انگريزن هي ضروري سمجهيو ته پهريائين سنڌ تي قبضو ڪجي. چنانچه دهليءَ تي تسلط (1857ع) ڪرڻ کان چوڏهن سال اڳ هنن (1843ع) سنڌ تي قبضو ڪيو. +آزاد سنڌ جي حڪومت ۽ ايراني مملڪت جي لاڳاپن جي آخري نشاني، اسان وٽ يادگار طور تي اهو لاجواب ڪلام مجيد آهي، جيڪو ٽالپورن جي آخري آزاد سلطان مير محمد نصير خان 1258هه ۾ مشهد مقدس جي لاءِ سنڌ کان موڪليو هو، جيڪو اڄ به اتي جي ميوزيم جي زينت بنيل آهي. هي ڪلام مجيد (97)، ان قرآن پاڪ کان، جيڪو هڪ سؤ سال اڳ سنڌ کان موڪليو ويو هو، سينگار ۽ سونهن ۾ ڪنهن ريت به گهٽ ڪونهي. +بزرگ خطئه هند و امير کشور سند که نام نامئي او خود علي مدد خان شد بزرگواري کز عقل و دانش و تدبير بدهر غيرت اغشى و رشک حسّان شد پس آنگه از پئي تاريخ اين زيارت مير خرد ”بعرصئه فکر و خيال“ پويان شد زهوش ”فرصت آورد سر“ پس آنگه گفت علي مدد مددش از علي عمران شد! (98). +1294=5+1289هه +جيتوڻيڪ انگريزن جي تسلط بعد سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا ظاهر ۾ ختم ٿي ويا، پر روحاني ۽ ادبي لاڳاپا، صدين وانگر برابر قائم ۽ جاري رهيا. هن وقت سنڌ، پاڪستان جو حصو آهي. پاڪستان ۽ ايران جي سٺن لاڳاپن جي صورت حال، ڪنهن رسمي تعارف جي محتاج ڪونهي. +[ڪراچي2-8-1966ع] +حوالا ۽ حاشيا: +(1) ص ص 162-148، 47، 38 J.B. +(2) رشيد: ص 23-49. +(3) قصص: ص Smith P. 118,107 +(4) عزر: ص 563، مسعودي: ج 2، ص 191-200. +(5) E.I.P 38 +(6) خان: ص 12-14، خرد: ص 62، مسعودي: ج 1، ص 349. +(7) تاريخ: ص 134-136-216-233، خل: جلد 3، ص 343، سيد: ص 241. +(8) ايران جي ماڻهن ۽ قافلن جو ذڪر عربي ڪتابن ۾ موجود آهي. +مثال طور: مسعودي (346هه)..... ”وبلاد الهند متصله ببلاد خراسان والسند ممائل المنصوره والمولتان و القوافل المتصله من السند الي خراسان“ (ج1، ص 157)، ۽ ادريسي (560-493هه) لکيو آهي ته خراساني ۽ ايراني بلخ جي بختي نسل توڙي سمرقندي نسل جي وڌائڻ لاءِ سنڌ کان اٺ خريد ڪيا هئا. ”اهل يرغب فيها اهل خراسان وغيرهم من اهل فارس وشبائها النتاج البخت البلخيہ والنوق السمرقنديه“ (�� 21). ان ريت ابن بطوطه (734هه) بادام متعلق لکيو آهي ته..... ”از خراسان بادام وارد مي کردند زيرا که در اينجا (درسند) درخت بادام وجود نداشت.“ عالمن ۽ شاعرن جي آمد رفت جو حال به عربي ڪتابن ۾ اچي ٿو. چنانچه مقدسي (تاليف 375هه) شيراز ۾ هڪ عالم سان ملاقات ڪئي، جو مدت کان سنڌ ۾ ٽڪيل هو، ۽ هن کيس سنڌ جي حالتن کان واقف ڪيو هو. هڪ وڌيڪ فاضل سان به مقدسيءَ جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ابوالهشيم نيشاپوريءَ جي دوستن مان هو، ۽ هن سرزمين سنڌ جي ڪيئي علائقن کي ڏٺو هو.... ”وسائلت رجلا من اهل العلم الحکمہ و کان يجلس بشيراز والاهواز ويقص عليهم و يعرف بالزهد و قد اقام بتلک البلدان مدة مديدة (ص 477)..... و کذالک سالت فقيها آخر من اصحاب ابي الهشيم النيشابوري وقد وطي تلڪ النواحي وعرف اسبابها فصح عندي من قولها (ص 477). +مقدسي انهن سفيرن سان به مليو هو، جي منصوره جي حڪومت پاران، عضدالدوله (283-338هه) جي درٻار ۾ مقرر هئا..... ”ورايت رسولهم قدواني، الى ابنہ ونحن بشيراز“ (ص 285). +جنهن وقت ابن بطوطه (734هه) بکر پهتو هو ته، ان وقت هن شمس الدين بن محمد شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي هئي. هنن لاڳاپن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، عربن جي دور ۾ پڻ سنڌ ۽ ايران جا گهرا لاڳاپا قائم هئا. +(9) اگرچه عرب جغرافيه نويسن منصوره ۾ فارسي زبان جي رواج جو ذڪر نه ڪيو آهي، تاهم انهن مڪران ۽ ملتان جي باري ۾ لکيو آهي ته اتي جا ماڻهو فارسي ڳالهائيندا هئا، بلڪ وڏيءَ حد تائين مڪران سر زمين سنڌ جو حصو هو ۽ ملتان به ان وقت منصوره کان جدا ٿي چڪو هو، ليڪن جغرافيه ۽ تاريخ جي خيال کان سنڌ جو هڪ حصو خيال ڪيو ويندو هو. اصطخري هندستان ۾ 534هه ۾ پهتو سو لکي ٿو: ”ولسان اهل مکران فارسي و مکراني“ (ص 40). اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو لباس به ايراني هو. ڏسو: اصطخري (ص 177). ان ريت مقدسي (تاليف 375هه) ملتان متعلق لکيو آهي. ”....وفارسية مفهومة“ (ص 480). +اگر ملتان ۽ مڪران ۾ فارسي رائج هئي، ۽ ماڻهو هن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ته پوءِ هي ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سنڌ فارسي زبان کان محروم هئي، جڏهن ته منصوره ۽ ديبل وڏا واپاري مرڪز هئا. +(10) 223. E.R.E:P. +(11) زين: ص 70، سنڌ ۽ ملتان جي اسماعيلين لاءِ وڌيڪ ڏسو، سيد: ص 305-329، 341-355، ۽ فرشته: ج 1، ص 17 ۽ 27، ڪامل: ص 132. هن ڏس ۾ عنصري چوي ٿو: +نه قلعه ماند که نکشاد و نه سپه که نَزد نه قرمطي، که نکشت و نه گبر نه کافر +(ديوان: ص 111). +(12) دقيقي: +شہ بر برستان وشاهان هند گزينش بدارند و شاهان سند +(ديوان، ص 80) +فرخي: +(جڏهن هو محمود سان گڏ سفر ڪري رهيو هو) +شنيدهه امه که فرامر ز رستم اند سند بکشت مار و بدان فخر کردبيش تبار +(ديوان، ص 53) +کز آن تو شود آنجا بجنگ يک چاکر زندهه پيلان کز در درياي سند آورده اي +(ص 73) +مال ديگر بگز راني ازلب دريائي نيل رايت توسايه افگندهه است بر دريائي سند +که بود شاها که سايه افگند بر کوهه شام سند و هند از بت پرستان کرد پاک رفتہ زيد سرتا بدرياي روان +(ص 221) +(ص 263) +عنصري: +بسند و هند زعکس رخ هزيمنيان مزار غوان را نتوان شناختن ز زيد بسند و ناحيت هند شهر يار آن کرد کجا بمردم خيبر نکردهه بُد حيدر +(ديوان، ص 37) +(ص 111) +هم اندرين مه کايد حرب کرد و رفت بسند بحرب کورهه و تارا چوگير کان کبر +(ص 112) +قطران: +اگرچه زاءِ تو اين جا و گرچه جاي تو ايدر بتو ترسانند اندر سند و چين اطفال را مادر +(ديوان ص 174) +ناصر خسرو: +از پارسي و تازي و از هندي و از ترک و ز سندي و رومي و ز عبري همه يکسر پيغمبر عرب يکسر مشرف گشت و فراد ز ترک و رومي وهندي وسندي گيلي وديلم بــعــلـ��م هــنــد ســر بــر کــشـيــدي بــســنــد و هـــنـــد اطـــراف خـــراســـان +(ديوان ص 174) +(ص 269) +(ص 213) +بسند انداخت گاهم گهه بمغرب چنين هرگز نديد ستم فلاخت من همي نازش بال حيدر و زهرا کنم تو همي نازش سند و هند بد گو هر کني +*** +بندهه اي را سند بخشي پيشکاري را طراز! کهتري را برزمين خاوران مهتر کني بخواهد خورد مر پروردگان خويش را گيتي +نخواهد رستن از چنگال او سندي و نه هندي چو فضل دين احمد را ز فضل خويش بفگندي چوباشد فضل سوي او برهندي وسندي +(ص 311) +(ص 423) +(ص 493) +(ص 494) +مسعود سعد سلمان: +رايان هند را هز بران سند را در بيشها بيان و بکجا نثار کن +(ديوان، ص 437). +عسجدي: +(جڏهن محمود غزنوي سان سنڌ ۽ گجرات ۾ هو) +تا شاهه خسروان سفر سومنات کرد کردار خويش را علم معجزات کرد +(ديوان، ايڊٽ: طاهري شهاب) +امير معزي: +بر زمين هند و سند از هيبت شمشير او شير غرند نگردد يکزبان غائب ز غائب از ناحيہ سند کنو تا بدر هند +(ديوان، ص 66) +بس کس که ازين رنج بدر دست و بيمار خصم ملک از گريزي صد لشکر آوردهه بهم از حد کالنجر و قنوج و سند و مولتان +(ص 202) +(ص 520) +مختار غزنوي: +(جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد سلمان جي ملڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو. مقدمه: ص 95). +ترا بحاکمي سند تهنيت چه کنم که گشت از هنرت هنرور زمانه سمر همه ممالک مشرق سپردهه گير بتو چو هند برتو نوشتند سند راچه نظر +(ديوان، ص 39). +(13) ناصريءَ ۾ لکيل آهي ته: ”چون ممالڪ سند بروي (ناصرالدين) قرار گرفت در حوادث کفار چين اکابر خراسان و غور و غزنين بسيار بخدمت او پيوستند واو در حق همگنان انعام و اکرام فرمود“ (ج 1، ص 419). +(14) مملوڪيه: ص 60 (بحواله فرشته). +(15) بزم: ص 93. +(16) لباب: ص 764، مملوڪيه: ص 39، ميگزين، ص 93، نومبر 1938ع. هي عبارت گل رعنا (شفيق) تان کنيل آهي: ”فضلي ملتاني ملقب بتاج الفضلا از علماءَ ملتان بود در خدمت ناصرالدين قباچه بسرمي برد“. +(17) چچ نامه، ص 11. +(18) ناصرالدين قباچه جي مدح ۾ چيو اٿس: +خسروا ملک بر تو خرم باد نخل گيتي ترا مسلم باد! +(وڌيڪ ڏسو: چچ نامه، ص 7.) +(19) عوفي: جلد 2، ص 418، ميگزين: ص 19 (نومبر 1938ع)، قانع: ص 27 (مقدمه) +(20) عوفي: ص 24. +(21) بزم: ص 104 (بحواله فرشته). +(22) بزم: ص 102 (حوالو فوائد الفوائد، ص 137). +(23) بزم: 157. +(24) P.P.S:P.P1-9، مظهر: حاشيه عثمان، لب: ص 8-6 ”در دربار خان شهيد (683-668هه) شعر و ادبيات فارسي رونق خاصي داشت اشعار فردوسي، سنائي، خاقاني و نظامي قرائت مي شد، و مورد بحث قرارمي گرفت“. برني لکي ٿو: و درميان او شاهه نامه و ديوان سنائي و ديوان خاقاني و خمسه شيخ نظامي خوانندي و در اشعار بزرگان مزکور دانايان درپيش او بحث کردند.... (ص 67). جنهن دور ۾ شيخ مرندي هن سر زمين تي رهيل هو، خان شهيد ٻه ڀيرا شيخ سعديءَ (691 هه) کي ملتان گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شيخ پيريءَ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. برني لکي ٿو.... شيخ عثمان مرندي که بزرگوار بود در ملتان رسيد.... خان شهيد...... او ابا فراط تواضع کرد......... و خان شهيد......... دوکرت از ملتان در طلب شيخ سعدي قاصد او عائد اکسان و خرج در شيراز فرستاد، شيخ را در ملتان طلب کرد، و خواست که بجهت او در ملتان خانقاهه سازد و دران خانقاهه دهه ها وقف کند خواجه سعدي از ضعف پيري نتوانست آمد وهر دو کرت بکان سفينه غزل بخط خود، نزد خان فرستاد و عذر نيامدن خود در قلم آورد..... (ص 68). +(25) عفيف: ص 246. +(26) عفيف: ص 406، ماهرو: مکاتيب نمبر1 (ص 2)، 8 (ص 19)، 46 (ص 100)، 99 (ص 186)، 134 (ص 229) ۽ مڪلي نامه (حاشيه)، ص 137-176. +(27) مڪلي: (حاشيه) ص 87-107، ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 140. +(28) ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 142-156. +(29) ايوب: ص 262 ۽ 263، قلمي نسخو ذاتي ملڪيت ڊاڪٽر معين الحق ڪراچي. +(30) قلمي نسخو، خانقاه مخدوم نوح هالا [طبع سنڌي ادبي بورڊ، 1401هه]. +(31) بزرگ: ص 3 +(32) مڪلي: (حاشيه) ص 41-72، معارف: ص 195، تک: ص 186. +(33) رحيمي: ج 1، ص 273. +(34) رحيمي: ج 1، ص 273، معصومي: ص 74-75. +(35) قانع: ص 816. +(36) معصومي: ص 76، 199، حبيب ج 4، ص 349، هاشمي: راقم الحروف جو مقدمو، رحيمي: جلد 1، ص 275، تک: ج 3، ص 141. +(37) رحيمي: جلد 1، ص 274، معصومي: ص 75. علامه دوانيءَ کي محمود گاوان وزير به دعوت ڏني هئي ته هو بيدر ۾ اچي رهي. ڏسو گاوان: مڪتوب نمبر 41، ص 172. +(38) تڪ: ج 3، ص 191. +(39) تڪ: ص 192. +(40) مڪلي: (حاشيه) ص 550. +(41) حبيب: ج 4، ص 390 کان 494، ترخان: شجرو ايل، مڪلي (مقدمو). +(42) فرشته: ج 2، ص 620، طاهري: ص 61. +(43) تڪ: ج 3، ص 193، قانع: راقم الحروف جو مقدمو، پڻ ص 531، قصائد: راقم الحروف جو مقدمو سنڌي: مير قانع جي زندگيءَ جو خاڪو از راقم الحروف. +(44) تڪ: ج 3، ص 198. +(45) معصومي: ص 91-92-181، تک: ج 3، ص 300 ۽ پوراني. +(46) معصومي: ص 44-46-47-52-112-215-225-239، تک: ج 3، ص 202. +(47) شيخ نظام الدين دهلوي مڪي خانقاهه ۾ دفن ٿيو. قبر اڄ به موجود آهي. +(48) معصومي: ص 204. +(49) معصومي: ص 44، 204، 217 ۽ 239. +(50) معصومي: ص 204. +(51) تک: ج 3، ص 141. +(52) معصومي، ص 206. +(53) ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ، ايڊٽ راقم الحروف. +(54) زير طبع، ايڊٽ ۽ مقدمو راقم الحروف (هاڻي شايع ٿيل) +(55) نسخو قلمي بانڪي پور جو ڪتبخانو. ان جو عڪس مون وٽ آهي. +(56) مطبوعه: نولڪشور لکنو 1880ع، ٻيو ڇاپو نولڪشور لکنو 1903ع، ٽيون ڇاپو: ماهنامه اردو: اورنگ آباد جولاءِ 1928ع، ۽ راقم جو قلمي نسخو. +(57) ناياب. +(58) راقم جو قلمي نسخو. +(59) قانع: ص 862، معصومي (ص 180) لکيو آهي - ”پل بر نهر مقابل قصبه جون بستند و تاريخ مصالحه و پل بستن را بادشاهه (همايون) ”صراط مستقيم“ يافتہ اند. پڻ ڏسو بيگم: ص 63. +(60) RAY:P.65، عباسي: ص 97. +(61) تڪ: ج 3، ص 199. +(62) قانع: ص 71. +(63) قانع: ص 465، تک: ج 3، ص 203. +(64) معصومي: ص 225 ۽ 239. +(65) عباسي: ص 116، اڪبر: ج 2، ص 237، (روملو: ص 422، اهو خط جيڪو شاهه طهماسپ لکيو هو ”عالم آراي عباسي (برٽش ميوزيم Add: 7654 f. 173a) جي قلمي نسخي جي ڪناري تي هڪ غير معلوم شخص جي هٿ سان لکيل موجود آهي. راقم کي ان جو اطلاع ڊاڪٽر رياض الاسلام ڏنو، جنهن لاءِ سندس شڪريو ادا ڪجي ٿو. +(66) تقي: 483-486، روز: ص 679، نشتر: ورق 327، مخزن: ص 1401-1406. +(67) معاني: ص 523-524. +(68) زخمي: ورق 254، هنر: ص 377، آثار ص 73. +(69) هنر: ص 359. +(70) سير: ص 169، معاني: 116 (حوالو عرفات). +(1) مرشد نامي شيخ گرامي احمد جامي عمم بره +سال وفاتش گرتو بجوي احمد جامي قدس سره +(2) 536 +(3) حرره محمد معصوم +(4) بکري نامي +(5) 1012 +راقم الحروف 13 سيپٽمبر 1966ع تي هي ڪتبو ڏسڻ ۽ ان جو عڪس پاڻ وٺڻ ويو. ڪتبو احمد جام تربت جي پٿرائين ڪٽهڙي جي مٿئين ڪناري تي نصب ٿيل آهي. +(71) عباسي: 647-663، اڪبر ج 3، ص 825، بکري: خط جيڪو مير معصوم، شاهه عباس جي نالي کڻي ويو هو، اهو جامع المرسلات ۽ فياض القوانين (برٽش ميوزيم O.R.9617) ۾ موجود آهي ۽ پڻ اڪبر: ج 3، ص 836. +(72) ترخان: ص 85، معاني: ص 293، 294، 325، 437، 453، 477، 555، 576، 598، 603، 605. +(73) تڪ: ج 3، ص 85-138، ترخان: ص 91، ماثر: ج 3، ص 346. +(74) ذخيره: ص 162. +(75) عباسي: ص 450. +(76) ذخيره: ص 286، ماثر: ج 3، ص 485، مڪلي (حاشيه)، ص 267-276، تزڪ: ص 129. +(77) مڪلي (حاشيه) ص 277-280، تزڪ: ص 350-356، 359. +(78) قانع: ص 130-759 +(79) قانع: ص 300. +(80) راقم جو قلمي نسخو: ص 51. +(81) وصيت: مقدمو از راقم الحروف. +(82) مهراڻ: ص 145. +(83) قانع: ص 390 (حاشيه). +(84) قانع: ص 150. +(85) حزين: ص 732، قانع: ص 168، سفينه: ص 1-54، آزاد: ص 193. +(86) قانع: ص 766، روئداد: ص 384. +(87) محسن: ص 487. +(88) وصيت: ص 12. +(89) وصيت: ص 23. +(90) مهراڻ: ص 180. +(91) نمبر 255 (مشهد مقدس جو ميوزيم، ورق: 4/36x23=606). +(92) مهراڻ: ص 179، ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ٽالپر، ايراني اثر هيٺ شيعا مذهب ۾ داخل ٿيا: +The Talpurs were originally Soonnees like Balochees and Sindhians in general. But their connection with Persia has infected the Court with the heresies of that Kingdom, and with the exception of Murad Ali and Sobdar, who are still attached to the orthodox doctrines, they have become Sheah’s or followers of Ali (p.81) +* هن دور ۾ هڪ ٻيو تذڪرو به تيار ٿيو. محمد صالح شاملوي خراساني سن 1252هه ۾ حيدرآباد آيو ۽ هن شهر ۾ رهندي ”محڪ شعراءِ“ نالي شاعرن جو تذڪرو لکيائين. ان وقت مير نور محمد ٽالپر مسند نشين هو (مرتب جو مقالو، ڇپيل رسالو ”مهراڻ“ ص 186، نمبر 04، سال 1985ع). +* علي قاپوءِ بابت پروفيسر مقبول بيگ بدخشاني لکي ٿو: ”هي عمارت شاهه عباس اعظم ٺهرائي ۽ هڪ دروازي جو ڪم ڏئي ٿي. هتان ئي ٽن ميلن تي پکڙيل شاهي محلات ڏي رستو وڃي ٿو. ’چهل ستون‘ پڻ هن محل جو ڀاڱو هو. علي قاپوءَ سان گڏ، باغ، بادشاهه جي بيٺڪ ۽ ديوان پڻ هئا. صفوي بادشاهه هتي غير ملڪي مهمانن جو استقبال ڪندا هئا ۽ هتي ئي ويهي پولو راند ڏسندا هئا. هي عمارت سٺ وال اوچي آهي. ست منزلون اٿس. هر منزل جي ديوارن ۽ دروازن تي چٽساليءَ جا بهترين نمونا ڏسجن ٿا (تاريخ ايران، جلد 2. ص 410، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1971ع). + + +جڏهن محمد علي وڪيل، فتح علي شاهه قاچار جي وڪيل سان گڏ، ايران مان سنڌ پهتو ته مير مائل مبارڪ باد جي هڪ قطعي ۾ چيو: +بنازم کز ايران دگر در وطن محمد علي ميرزا آمدهه چو هنگام رفتن دعا خواهه بود خدا کرد با مدعا آمدهه ز سلطان ايران گرفتہ وکيل باقبال شاهان ما آمدهه خوش آمد کہ خوشنودي طبع من ز بشنيدن اين صدا آمدهه دل من بشکرانهء اين نويد بشارت دهه مرحبا آمدهه بحمدالله کاين مسلم پاڪ دين سلامت بفضل خدا آمدهه فبلغ دعاي الى من لہ نويد حصول رجا آمدهه +فبلغ تساليم شوقي اليہ پيامم به پيک صبا آمدهه ببزم شهان باروي سرخرو ز ’مائل‘ بحق اين دعا آمدهه +هڪ ٻيو قصيدو مرزا محمد اسماعيل ايراني، شاهي وڪيل جي سنڌ اچڻ وقت مير مائل هن ريت چيو هو: +مزدهه اي دل کاين زمان از حضرت خاقان و شاهه مزدهه تشريف مرزاي بما خوش آمدهه مرزايم سيّد اسماعيل ذوالمجد و شرف بارک الله خير مقدم مرحبا خوش آمدهه خوش زسمت شاهه ايران جانب شاهان سند از صداقت آن وکيل با صفا خوش آمدهه در قدوم پر نشاط آن نشاط افزاي دل گفت از شادي دلم صبح و مسا خوش آمدهه از صداقت شاد دل آمد ز ايران چون بسند شاديءَ دوران بکارم اصدقا خوش آمدهه سال تشريف شريفش زان مکان در ملک سند چون زدل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمدهه“ +(1214هه) +باد دائم فضل حق بر مدعايش کام بخش ازدل ”مائل“ بحق عرض دعا خوش آمدهه“! +مهراڻ، ص 179. +(93) مهراڻ: ص 156. +(94) موج: مقالو احسن ڪربلائي. +(95) هي تذڪرو ڊاڪٽر محمد باقر لاهور مان سال 1966ع ۾ ڇپيو آهي. +(96) بدايون: ص 18-25. +(97) مشهد مقدس ميوزيم، شمارو 3. +(98) ديوان فرصت: ص 427، تهران، 1337 شمسي. +ببليوگرافي: +· ادريسي: نزهة المشتاق، شريف ادريسي، تصحيح مقبول احمد، علي ڳڙهه. +· اصطخري: الممالڪ و المسالڪ، الاصخطري، ليڊن 1927ع. +· اڪبر: اڪبرنامه، جلد 3، ابوالفضل، ڪلڪتو، 1877ع. +· ايوب: شرح حال مخدوم جهانيان جهان گشت، محمد ايوب قادري ڪراچي 1963ع. +· آثار: مجله آثار ايران، تهران 1937ع. +· آزاد: خزانه عامرهه، غلام علي آزاد، نولڪشور لکنو، 1900ع. +· بدايون: بدايون 1857ع مين، سليمان بدايوني، ڪراچي 1960ع. +· برني: تاريخ فيروز شاهي، ضياءَالدين برني، ڪلڪتو 1892ع. +· بزرگ: عجائب الهند، بزرگ بن شهريار، اسدي تهران. +· بزم: بزم ص��فيه، صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه 1949ع. +· بطوطہ: رحله، جلد 3، ابن بطوطہ، مصر 1938ع. +· بکري: مير معصوم بکري، اردو، تاليف سيّد حسام الدين راشدي (هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ سال 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي). +· بيگم:؛ همايون نامہ، گلبدن بيگم، بيورج، لنڊن 1902ع. +· پوراني: سنڌ ۾ پوراني سادات، تاليف: سيّد حسام الدين راشدي (اڻ ڇپيل). +· تاريخ: تاريخ سيستان (بهار ايڊٽ)، 1314 شمسي تهران. +· ترخان: ترخان نامہ، سيّد محمد ٺٽوي، ايڊٽ: سيّد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع. +· تزڪ: تزڪ جهانگيري، جهانگير بادشاهه، نولڪشور لکنو. +· تقي: خلاصة الاشعار، تقي ڪاشي، خطي مانچسٽر 312 نمبر. +· تڪ: تحفة الڪرام، مير علي شير قانع، مطبع ناصري دهلي. +· تيموريه: بزم تيموريه، سيّد صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه 1948ع. +· جامع: جامع القوانين، قلمي نسخو، برٽش ميوزيم. +· چچ نامہ، فتح نامہ (چچ نامہ)، علي ڪوفي، ايڊٽ: ڊاڪٽر دائودپوٽو، حيدرآباد دکن، 1939ع. +· حبيب: حبيب السير، خواند مير، تهران 1333 شمسي. +· حزين: سوانح شيخ علي حزين، بيلفور 1830ع. +· خرد: المسالڪ والممالڪ، ابن خردازبہ، ليڊن 1989ع. +· خل: تاريخ ابن خلدون، جلد 3، مصري ڇاپو. +· ذخيرة: ذخيرة الخوانين، فريد بکري، قلمي نسخو، ملڪيت حسام الدين راشدي. +· رحيمي: ماثر رحيمي، جلد 1، عبدالباقي نهاوندي، ڪلڪتو 1925ع. +· رشيد: مقالو ڪرنل رشيد، اقبال رويو، اپريل 1965ع، ڪراچي. +· روز: روز روشن، مظفر حسين صبا، ڀوپال، 1297هه. +· روملو: احسن التواريخ، حسن روملو، تصحيح بڙودا، 1931ع. +· روئداد: ادارهه معارف اسلاميه، جلد دوم 1936ع، لاهور 1938ع. +· زخمي: انيس العاشقين، رتن سنگهه زخمي، قلمي, دانشگاهه پنجاب. +· زين: زين الاخبار، گرديزي، برلن 1928ع. +· سفينه: سفينه حزين، مقدمه از مهاراج ڪشن پرشاد، حيدرآباد دکن 1930ع. +· سنڌي: تحفة الڪرام (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع. +· سيد: عرب و هند ڪي تعلقات، سيّد سليمان ندوي، الله آباد. 1930ع +· سير: سير ايران، اردو، محمد حسين آزاد لاهور. +· طاهري: تاريخ طاهري، طاهر محمد نسياني، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع. +· عباسي: عالم آرائي عباسي، تهران. +· عزر: تاريخ عزر والسير، الثعالبي اسدي، 1963ع. +· عظيم: ديوان عظيم، ڊاڪٽر غلام مصطفى خان 1962ع +· عفيف: تاريخ فيروز شاهي، سراج عفيف. ايڊٽ ولايت حسين، 1890ع. +· عوفي: جوامع الحڪايات، عوفي، ايڊٽ ڊاڪٽر محمد معين، تهران، 1335 شمسي. +· غازي: مرزا غازي بيگ اور اس کي بزمِ ادب، سيّد حسام الدين راشدي، ڇاپي هيٺ (هي ڪتاب 1971ع ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي شايع ڪيو). +· فخري: تذڪره روضة السلاطين، فخري هروي (راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو). +· فرشته: تاريخ فرشته، جلد 2، هندو شاهه فرشته، بمبئي 1833ع. +· فياض: فياض القوانين، شمارو O.R.9617 برٽش ميوزيم. +· قانع: مقالات الشعرا، مير علي شير قانع، ايڊٽ: حسام الدين راشدي، 1957ع. +· قصائد: قصائد و مثنويات مير علي شير قانع، ايڊٽ: حسام الدين راشدي، 1964ع. +· قصص: مجمل التواريخ والقصص، بتصحيح بهار، تهران، 1308شمسي. +· ڪامل: ڪامل، جلد 9، ابن اثير، ليڊن. +· گاوان: رياض الانشاءَ، محمود گاوان، مرتبه شيخ چاند. +· لب: لب تاريخ سند، خداداد خان، امرتسر 1900ع، حيدرآباد سند 1959ع. +· لباب: لباب الالباب، عوفي، سعيد نفيسي، تهران 1334 شمسي. +· ماهرو: منشات ماهرو، شيخ عبدالرشيد، لاهور 1965ع. +· مائل: ديوان مائل، غلام علي ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع. +· ماثر: ماثرالامراءَ، جلد ٽيون، مرزا اشرف علي، ڪلڪتو 1309هه. +· محسن: ديوان محسن ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع. +· مخزن: مخزن الغرائب، سنديلوي، قلمي، پنجاب يونيورسٽي. +· مسعودي: مروج الذهب، مسعودي، مصر 1948ع. +· مظهر: تاريخ مظهر شهجهاني، ميرڪ يوسف، ايڊٽ: سيّد حسام الدين راشدي، 1962ع. +· معارف: معارف الانوار، ملا زڪريا ٺٽوي، راقم جو قلمي نسخو. +· معاني: تذڪرهه ميخاني، عبدالنبي فخر زمان، گلچين معاني، تهران، 1340 شمسي. +· معصومي: تاريخ سند، ايڊٽ: ڊاڪٽر دائودپوته، بمبئي 1938ع. +· مق: احسن التقاسيم، المقدسي، ليڊن 1906ع. +· مڪلي: مڪلي نامہ، مير علي شير قانع، بتصحيح: سيّد حسام الدين راشدي (هي ڪتاب 1967ع ۾ ڇپيو آهي). +· مملوڪيه: بزم مملوڪيه، سيّد صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه 1954ع. +· موج: مهراڻ جون موجون، تاليف حسام الدين راشدي، ڪراچي، 1956ع. +· مهر: تاريخ ڪلهوڙا، جلد 1، اردو، غلام رسول مهر، 1958ع. +· مهراڻ: شرح حال مير مائل ٺٽوي، مقالو حسام الدين راشدي، رسالو مهراڻ، بهار 1955ع. +· ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1935ع. +· ميگزين: ارينٽل ڪاليج، شمارو نمبر 1938ع. +· ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1939ع. +· ناصري: طبقات ناصري، استاد حبيبي، ڪابل 1342هه. +· ندوي: هندستان عربون کي نظر ميي، ڪالب 1342هه. +· راشدي، رسالو مهراڻ، بهار 1955ع. +· 1971ع ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي شايع ڪيو(ن، معين الدين ندوي، اعظم ڳڙهه 1962ع. +· نشتر: نشتر عشق، قلمي، پنجاب يونيورسٽي. +· هاشمي: مثنوي مظهرالآثار، شاهه جهانگير هاشمي، سيّد حسام الدين راشدي، 1957ع. +· وصيت: منشورالوصيت، ميان نور محمد ڪلهوڙو، ايڊٽ: سيّد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع. +· هنر: گنجينه آثار اصفهان، ڊاڪٽر هنرفر، تهران 1344 ش. +· E.I.: Encyclopedia of Islam, V-II. +· E.R.E: Encyclopedia of Religion and Ethics, V-III, 1953 +· J.B: Foreign Influence on ancient India, R.A. Jairaz Bhoy N.Y. 1963. +· Khan: Indus Valley and Early Iran, Dr. F.A. Khan, Karachi, 1964. +· P.P.S: Persian Poets of Sindh, Dr. Sadarangani, Sindhi Adabi Board, 1956. +· RAY: Humayun in Persia, Sukamar Ray, R.A.S. of Bengal, Calcutta 1948 (Monographic Series Volume vi). +· Smith: The Early History of India, V.A Smith, Oxford, 1962. +مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي +[مير علي شير قانع جي سوانح ۽ تصنيف و تاليف- راشدي صاحب مرحوم جي مستقل اڀياس هيٺ رهيا. پاڻ مير صاحب جي مفصل سوانح عمري کان علاوهه سندس چار ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيائون. هي مختصر مضمون پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو سِہ ماهي ”الرحيم“ حيدرآباد جي نمبر 3-4، سال 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو] +هن بزرگ مؤرخ جو پورو نالو غلام علي شير آهي ۽ سندس نسب جو سلسلو قاضي سيّد شڪرالله تائين پهچي ٿو، جيڪو شاهه بيگ ارغون جي دور (927-928هه) ۾ شيراز کان سنڌ ۾ آيو ۽ سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي: +غلام علي شير بن مير عزت الله (وفات 1161هه) بن مير محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظهيرالدين دوم (وفات 1037هه) بن سيّد شڪرالله دوم بن مير ظهيرالدين (اول) بن قاضي سيّد شڪرالله (اول) نزيل سنڌ (وفات 966هه کان اڳ). +مير غلام علي شير ”قانع“ جي ولادت 1140هه ۾ ٿي ۽ ”خلق انسانا من السلالة“ مان سندس تاريخ ولادت نڪري ٿي. +مير علي شير ٺٽي ۾ پنهنجي وقت جي جيد عالمن کان تعليم پرائي. مقالات ۾ انهن بزرگ استادن مان هيٺيان نالا ٻڌايا اٿس: ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع ٺٽوي، آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي ۽ مرزا محمد جعفر شيرازي. +قانع کي شاگرديءَ جي دور کان ئي شعر و سخن سان چاهه هو، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ سال 1152هه ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين ۽ اٺن هزارن بيتن جي مجموعي جو هڪ ديوان مرتب ڪيائين، جو ڪن سببن ڪري ان کي درياءَ جو بک ڪري ڇڏيائين. +سال 1155هه ڌاري وري کيس شاعري لاءِ جوش جاڳيو. مير حيدرالدين ابو تراب ڪامل جي ڏيک ويک کيس جوش جاڳايو، ۽ شاعريءَ ۾ هن استاد جي شاگردي قبول ڪيائين. شروع ۾ ”مظهري“ تخلص سڏائيندو هو، پر پوءِ ”قانع“ کي پسند ڪيائين ۽ آخر عمر تائين انهيءَ تخلص سان مشهور رهيو. +هي خاندان مختلف دورن ۾ هميشہ عزت ۽ احترام سان رهيو آهي ۽ هتي جي هر حڪومت هن خاندان جي ماڻهن کي مجموعي طور يا ڪن خاص فردن کي خاص وظيفن ۽ انعامن سان نوازيندي آئي. هن لاءِ ڪي سندون يا شاهي فرمان جيڪي مون وٽ موجود آهن، انهن مان مٿين ڳالهه تي پوري روشني پئي ٿي. +سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور (1170-1186هه) ۾ قانع کي هن خاندن جي تاريخ لکڻ تي رکيو ويو هو. هن بادشاهي فرمان پٽاندر ٻه تاريخون لکيون، جن مان هڪ نظم ۾ شاهنامه جي وزن تي ۽ ٻي نثر ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هو ڪهڙن سببن ڪري انهن تاريخن جي تڪميل نه ڪري سگهيو. گهڻو ڪري هڪ ٻن سالن کان پوءِ نوڪريءَ کي ڇڏي واپس ٺٽي آيو. ڇو ته سن 1180هه ۾ اسين کيس ٺٽي ۾ ”تحفة الڪرام“ جي لکڻ ۾ سرگرم ڏسون ٿا. +سندس حالات مان (جن کي ان پاڻ لکيو آهي) پتو پوي ٿو ته ”قانع پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سورت، ڪڇ، احمد آباد ۽ جهونا ڳڙهه جي سفر کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويو آهي. پاڻ سڄي ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ تصنيف و تاليف ۾ مشغول رهيو. ٻارهن سالن جي عمر (1152هه) کان وفات جي سال 1203هه تائين، سندس قلم لکڻ کان نه بيٺو ۽ انهيءَ ڊگهي مدت ۾ سنڌ لاءِ علم ۽ ادب جو هڪ لافاني خزانو ورثي ۾ ڇڏي ويو. جيڪڏهن اسان وٽ اهو املهه وٿ نه هجي ها ته هوند اسين ملڪي ۽ سياسي تاريخ جي هڪ وڏي ڀاڱي کان هٿ ڌوئي ويهون ها. ان ريت ڪيترين مشهور هستين ۽ فارسي جي نثر و نظم جي عالمن کي نه سڃاڻون ها. +مير قانع اڪيچار ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻن جي ته اسان کي سڌ نه رهي آهي ۽ اهي شهه پارا گردش زماني ڪري اسان کان کسجي ويا آهن. پر مقالات الشعرا ۽ ڪتب خاني ٺٽي جي فهرست ۽ ٻين ذريعن مان يا جن ڪتابن کي اسان ڏٺو آهي، ان مان پتو پئي ٿو ته انهن تاليفن جو تعداد 43 تي پهچي ٿو. ان کان سواءِ سندس ڪي تاليفون نامڪمل ۽ اڻ پوريون رهجي ويون، هو پاڻ لکي ٿو: +”گهڻا مسوده جتي هئا، اتي ئي رهجي ويا.“ +سن 1152هه ۾ اٺ هزار بيتن جي ديوان کي پنهنجي هٿن سان درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سن 1174هه ۾ جڏهن ”مقالات الشعرا“ لکي رهيو هو، ته پاڻ ئي چئي ٿو ته جي پنهنجي شعرن کي گڏ ڪيان ها ته اهي ٽيهه هزار ٿي وڃن ها. +مطلب ته اهو پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ان جي مسودن مان ڪيترا تڪميل تي پهتا ۽ ڪيترا نه پهتا يا انهن مان ڪيترا ضايع ٿي ويا. هيستائين اسان کي سندس تاليفات مان هيٺيان ڪتاب معلوم ٿي سگهيا آهن: +1. ديوان علي شير، سال تاليف 1152هه، درياهه ۾ ٻوڙي ڇڏيائين. +2. مثنوي شمه از قدرت حق (سال تاليف 1167هه)، اهو ڪتاب به رڳو نالي ۾ وڃي رهيو آهي. هن جو نسخو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. هن مان نموني طور ڪي بيت ”مقالات“ ۾ آيل آهن. +3. مثنوي قضا و قدر (سال تاليف 1167هه)، هن ڪتاب کي آقا رضا نگهت شيرازيءَ جي چوڻ تي لکيو هئائين. هن جو هڪ خطي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري ۾ موجود آهي. +4. نو آئين خيالات (1169هه)، اهو تاريخي نالو آهي ۽ ان مان سن تاليف نڪري اچي ٿو. هي ڪتاب نثر ۾ هو. هي ڪتاب به ناپيد آهي. هن جا ڪجهه جملا ”مقالات“ ۾ آيل آهن. +5. مثنوي قصه ڪامروپ (1169هه)، هي ٽن هزارن بيتن تي مشتمل مثنوي هئي، هن جو نسخو به موجود نه آهي. نموني طور ڪجهه شعر ”مقالات“ ۾ آيل آهن. +6. ديوان قال غم (1171هه)، هن ۾ نو هزار بيت، غزل، قصيده، مخمس، ترجيع وغيره تي پهچن ٿا. هي ڪتاب به ناپيد آهي. +7. ساقي نامه (1174هه). غير موجود. مقالات ۾ هن جا ڪجهه اقتباسات آيل آهن. +8. واقعات حضرت شاهه، هڪ هزار بيتن تي مشتمل. هي به ناپيد آهي. +9. چهار منزله (1174هه)، هڪ هزار بيتن جو مجموعو. هن جو ڪو به نسخو نه ٿو ملي. +10. تزويج نامه حسن و عشق (1174هه) نثر ۾، هي به اڻ لڀ آهي. +11. اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ (1174هه)، هن جو ڪو نسخو باقي نه رهيو آهي. هن ۾ هڪ هزار بيت هئا ۽ ”مقالات“ ۾ هن جو بيان آيو آهي. +12. بوستان بهار، معروف مڪلي نامہ (1174هه). نظم ۽ نثر ۾. هن جي تاليف جو سال ”بوستان بهار تازه دل“ مان نڪري ٿو. هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جو مڪليءَ جي قبرستان بابت آهي. هن جو قلمي نسخو ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ محفوط آهي، جنهن کي راقم الحروف حواشي سان، سنڌي رسالي ”مهراڻ“ نمبر 2-4، سال 1956ع ۾ شايع ڪيو آهي. +13. مقالات الشعراءُ، 1174هه. +14. تاريخ عباسيه، هي نامڪمل رهجي ويو. +15. تاريخ عباسيه، 1175هه، نثر، نظم ۾ (1175هه) نامڪمل. +16. تحفة الڪرام، ٽن جلدن ۾، مشهور ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي. +17. مثنوي اعلان غم (1192هه). هي مثنوي نظر مان نه گذري آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهل بيت جي مصيبتن بابت لکي وئي آهي. +18. زبدة المناقب (1192هه). +19. مختار نامه (1194هه). +20. نصاب البلغاءَ، هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو آهي، جو انساني زندگي جي مصلحات تي مشتمل آهي. هن کي قاموس سڏي سگهجي ٿو. +21. مثنوي ختم السلوڪ (1199هه)، ختم السلوڪ مان هن جي تاليف جو سال نڪري ٿو. تصوف جي رمزن ۽ نڪتن تي مشتمل آهي، هن ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي. +22. طومار سلاسل گزيده (1202هه)، سنڌ ۾ صوفين جي طريقت جي سلسلن جي تاريخ آهي. هن جو مصنف جي خط سان هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. +23. شجرهء اطهر اهل بيت (1202هه)، هن جي نالي مان سن تاليف نڪري ٿو. +24. معيار سالڪان طريقت (1202هه)، مير علي شير ”تحفة الڪرام“ ۾ مشاهيرن جي سال ولادت يا وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي، ان ڪري ان مان انهن جي دور جو تعين ڏاڍو ڏکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ان نقصان جي تلافي ڪئي وئي آهي. اٽڪل روءِ هڪ هزار مشاهيرن جو احوال وفات جي سن سميت هن ۾ آندو ويو آهي. +25. روضة الانبياء، منظوم. +26. زينت الاخلاق، منظوم. +27. غوثيه، منظوم سلوڪ ۽ معرفت ۾. +28. مثنوي قصاب نامه. +29. ميزان الافڪار، منظوم. +30. تهذيب طباع. +31. سرفراز نامه. +32. حديقته غلبا، مجموعه اشعار فارسي. +33. مثنوي ڪان جواهر. +34. ميزان فارسي. +35. رساله معما مع شرح، نظم و نثر. +36. لب تاريخ ڪلهوڙه. +37. بياض محڪه الشعراءَ. +38. ديوان اشعار. +39. قصائد و منقبت. +40. انشاءَ قانع. +41. مثنوي محبت نامه. +مير علي شير، نقشبندي طريقت جو طالب ۽ شيخ عبدالاحد جو مريد هو. هن خاندان جا ٻيا فرد به نقشبندي سلسلي جا مريد هئا. هن 63 سالن جي عمر ۾ سن 1203هه ۾ وفات ڪئي ۽ پڇاڙي تائين تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهيو. +قاهره ميوزيم ۾ چند ڪلاڪ +[هي مضمون ٽه ماهي ”الزبير“ ڪتبخانه نمبر، جلد 11، سال 1967ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي ترجمو ”سنڌي ادب“ (سنڌالاجي) ۾ سال 1995ع ۾ ڇپيو] +مان ڪجهه ڏينهن اڳ به قاهره جي هن عظيم الشان عجائب گهر کي ڏسي چڪو هئس. ليڪن تڏهن مون سان پاڪستان جو صحافتي وفد به گڏ هو. اِها قوم (صحافين جي) ته ڄاتل سڃاتل آهي. هي لکن ته رات ڏينهن پيا پر ڪتاب جنهن شيءِ جو نالو ٿئي سو نه ڪڏهن پڙهن ۽ نه ئي شايد هو ان لذت کان آشنا آهن. سو جڏهن اسان پندرهن ويهه ماڻهو انهن ڪمرن ۾ پهتاسون ته هُل مچي ويو. چڱيءَ طرح ڏسڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ ته پري جي ڳالهه هئي پر رڳو ڪتابن جي ميناڪاري ۽ ڪتابن تي سون ۽ چانديءَ جي جڙاوت جو ڪم ڏسي سندن وات پاڻي ٿي ويو. هيءُ ڏٺائون، هو ڏٺائون، هيڏانهن ڀڳا، هوڏانهن ڀڳا. مطلب ته ڪلاڪ ڏيڍ ائين ئي وڃائي واپس ٿياسون. انهن مان ڪن غيرمعمولي دلچسپي ڏيکارڻ ۽ پنهنجو شغف ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان ڪاغذ ۽ پينسل به کنئي ته جيئن ڪجهه نوٽ ڪن ۽ انهن (ڪتابن) جي تاريخي اهميت لکن. ليڪن جڏهن ڪتابن جا نالا ۽ انهن جي هِجي ڏٺائون ته غالباً نوٽ ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون ۽ پوءِ ڪنهن ڪجهه نه لکيو. +مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڪيلو ويس ته جيئن هڪ دفعو چڱيءَ طرح ان املهه ذخيري کي ڏسي وٺان. سو دروازي تي رکيل ڪتاب ۾ پنهنجو نالو پتو لکيم. ڏاڪڻ اُڪري پهرين ته وڃي دارالڪتب جا ڇپيل ڪتاب خريد ڪيم. ان کان پوءِ سانهَه سَتيءَ سان ميوزيم ۾ پهچي هڪ هڪ ڪتاب ڏسڻ شروع ڪيم. شيشي جا ڪيترائي ڪٻٽ سليقي سان رکيل هئا، ڀتين تي خطاطي جا نمونا ۽ وصليون ٽنگيل هيون. تصويرون پڻ ڀتين ۾ ٽنگيل هيون. +منهنجي اڳيان سوين نوادرات کليل رکيا هئا. ڪن ڪتابن تان نوٽ ورتم. پهرين ته چڱيءَ طرح غور سان ڏسڻ شروع ڪيم ليڪن جڏهن ڏٺم ته شايد وقت گذري وڃي ۽ مان هڪ به ڪمرو نه ڏسي سگهان، ان ڪري مون سرسري جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ خاص خاص ڪتابن جي فهرست به مرتب ڪندو ويس. ان مٿاڇري مطالعي ۾ به مون کي پنج ڪلاڪ لڳا ۽ جڏهن هيٺ لٿس ته ان وقت شام ٿي چڪي هئي، ڪتب خانو بند پي ٿيو ۽ ڪلرڪ ڪڙا ۽ آفيسر پنهنجو پنهنجو ڪم اُڪلائي ٿڪل ٽٽل هيٺ اچي رهيا هئا. +ان وقت مون جيڪا فهرست مرتب ڪئي هئي، اها هتي پيش ڪري رهيو آهيان ته، جيئن پڙهڻ وارن کي به هن عجائب گهر جي نوادرات جو ٿورو گهڻو اندازو ٿئي. +مصحف/قرآن مجيد: +1. بخط ابي سعيد الحسن البصري (ڪتابت سن 77هه). +2. فوٽو گراف ڪاپي، مصحف سيدنا عثمان رضه +(هي ننڍي تختيءَ جي حمائل جا ٻه صفحا هئا). +3. بخط احمد بن الاسڪاف الوراق (ڪتابت رمضان سن 360هه). +4. بخط امام جعفر صادق (المتوفى 148هه). +5. بخط علاؤالدين محمد الحسيني (ڪتابت سن 1140هه). +6. بخط قاري، فارسي نسخو (ڪتابت سن 1267هه). +7. بخط محمد بن محمد بن جعفر فارسي نسخو (ڪتابت سن 1222هه). سلطان فتح علي شاهه قاچار جي فرمائش تي لکيو ويو. +ڪي ڪلام مجيد سون جي پاڻيءَ سان سينگاريل، وڏي ۽ ننڍي سائيز جا نهايت خوشخط وڏي ڪمري ۾ رکيل آهن جن جي ڪتابت جا سال هن ريت آهن: +704هه - 841هه - 885هه - هڪ ڪلام پاڪ ارغون شاهه جي ملڪيت جو جيڪو انتهائي ڏسڻ وٽان هو رکيل هو. ارغون شاهه جي وفات سن 750هه ۾ ٿي. ڪن جي ڪتابت هيٺ ڏنل سالن ۾ ٿي هئي: +713هه - 873هه - 560هه - 912هه - 944هه - 957هه - 969هه -845هه - 876هه. لاهور جي هڪ مشهور خطاط حافظ روح الله جا لکيل ٻه ٽي ڪلام مجيد به موجود هئا. ڪي وڏي سائيز ۾ ته ڪي جيبي سائيز ۾ هئا. حافظ جو پورو نالو هن طرح لکيل هو، حافظ روح الله بن حافظ محمد حسين لاهوري. +ڪن جو خَطُ ٿلهو ۽ ڪن جو سنهو ليڪن ايڏو دل کي وڻندڙ ۽ ڏسڻ وٽان هو جو ڏسڻ سان اکيون روشن پي ٿيون. ڪتابت جا سال هن ريت هئا 1107هه - 1109هه - 1108هه. +هڪ ڪلام مجيد بخط قطب الدين 1197هه به ان ئي ڪٻٽ ۾ رکيل هو، جنهن ۾ حافظ روح الله جا ڪتابت ٿيل ڪلام مجيد رکيل آهن. +هي سڀ ڪلام مجيد مختلف سائيزن ۾ مختلف قسمن جي ڪاغذن تي لکيل هئا. خَطَ جي سونهن، طلاڪاري ۽ چٽ سازي جي تعريف ڪرڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان. بس اهو ڏسڻ سان ئي تعلق رکي ٿو. +ترڪيءَ جي سلطانن جي ڪتب خانن يا سندن خاص مطالعي جا ڪلام مجيد به وڏي تعداد ۾ رکيل آهن، جن مان ڪن جا نالا هن طرح آهن: +(1) مصحف بخط ياقوت 690هه. +(2) مصحف بخط ياقوت 689هه. +(3) مصحف بخط ياقوت (سَن لکيل نه آهي). +(4) مصحف بخط ياقوت الياس محمد بن الياس 720هه. +(5) مصحف بخط ياقوت عبدالرحمان بن ابي الفتح فرغ 599هه (سلطان سليم لاءِ لکيو ويو). +(6) مصحف بِخَط ياقوت، فارسي نسخو ڪاتب محمد بن احمد التبريزي 988هه. +(7) سوره الفتح، فارسي نسخو، بقلم شاهه محمد النيشاپوري 965هه. +(8) مصحف بِخَط بهاءُالدين محمد بن ابي الفضل الهجاني 1097هه. +عربي ڪتاب: +اُن وڏي ڪمري ۾ جنهن ۾ ڪلام مجيد رکيل آهن، ڪي ڪٻٽ اهڙا به آهن، جن ۾ عربي زبان جا اهڙا ڪتاب رکيل آهن جيڪي يا ته، مصنف جي پنهنجي خط ۾ آهن يا ڪنهن باڪمال ڪاتب يا مصنف جي ڪنهن همعصر جا ڪتابت ٿيل آهن. هر صديءَ لاءِ جدا جدا ڪَٻٽُ مخصوص ڪيو ويو آهي. ان ترتيب مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته خط ۽ ڪتابت جي فن ڪهڙيءَ طرح ارتقائي منزلون طئه ڪيون آهن. ڪن ڪتابن جي فهرست پيش ڪريان ٿو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. +1- المجالسة وجواهر العلم - شيخ ابي بڪر احمد بن مروان الدينوري، بخط علي بن محمد المعروف بسخاوي بتاريخ 636هه. +2- تاريخ بغداد للخطيب - بخط عبدالقادر بن ابي صالح الجبلي بتاريخ 531هه. +3- مقامات حريري – ابي محمد القاسم الحريري البصري، بخط مصنف بتاريخ 504هه. +4- مختارات اشعار العرب – لابن الشجري المتوفى 542هه، بخط مصنف. +5- مختصر المسند الجامع الصحيح للامام مسلم، ڪتابت 647هه. +6- التحرير في شرح الجامع الڪبير الجزء السابع – جمال الدين محمود بن احمد بن عبدالسيّد الحصيري البخاري، المتوفى 636هه، بخط مصنف بتاريخ 616هه. +7- الجامع البهي لدعوات النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم- شيخ ابي الڪريم عبدالسلام بن احمد الاندر سباني، بخط مصنف، بسال 564هه. +8- المختصر المحتاج اليه من تاريخ بغداد – للذهبي المتوفي 748هه، بخط مصنف 704هه. +9- مصباح المجتهد و ڪفاية المنفرد – محمد بن الحسين التنوخي، بخط مصنف، سال 569هه. +10- شرح الڪافيه لابن الحاجب – تاليف رضي الدين محمد بن الحسن الاسترآبادي المتوفى 686هه، بخط عمادالدين يحيى ابن القاسم الصنعاني شارح الڪشاف سال 732هه. +11- نسيم الرياض في شرح شفاء القاضي عياض – شهاب الدين احمد بن محمد الخفاجي المصري، المتوفي 1069هه، بخط مصنف سال 1058هه. +12- الطبقات الڪبرى لابن السبڪي – بخط مصنف. +13- المواهب اللدنيه بالمنح المحمديه – شهاب الدين ابي العباس احمد بن محمد القسطلاني، المتوفى 923هه، بخط مصنف، سال 904هه. +14- لطائف المنن والاخلاق في بيان وجوب التحَدث بنعمة الله على الاطلاق للشيخ عبدالوهاب بن احمد بن علي المعروف بالشعراني، المتوفى 973هه، بخط مصنف، سال 960هه. +15- الالقاب، لابن حجر عسقلاني، المتوفى 852هه، بخط مصنف. +16- طوالع الانوار من مطالع الانظار للبيضاوي، المتوفى 685هه، بخط ابي عبدالله محمد المعروف بابن جماعة، سال 809هه. +17- مغني اللبيب عن ڪتب الاعاريب - جمال الدين عبدالله بن هشام الانصاري، المتوفى 761، بخط حافظ ابن هشام، شهاب الدين احمد بن عبدالرحمان بن عبدالله، سال 835هه. +18- مشڪل القرآن - ابي محمد عبدالله بن مسلم المعروف بابن قتيبه الدينوري، المتوفى 376هه، بخط محمد بن احمد بن يحيى، ڪتابت 376هه. +19- دررالحڪم للثعالبي النيشابوري، المتوفى 429هه، بخط ياقوت مستعصمي ڪتابت 681هه. +20- ڪتاب الاغاني الجزء الرابع – ابوالفرج الاصفهاني، المتوفى 356هه، بخط محمد ابي طالب البدري ڪتبه 614هه. +21- المدونة الڪبرى – مالڪ بن انسرضه، المتوفى 179هه، ٻن صفحن جا فوٽو گراف رکيل آهن، اهي ان نسخي تان ورتا ويا آهن، جيڪو مرا��ش جي سلطان جي ملڪيت هو ۽ جنهن جي ڪتابت 438هه ۾ ٿي هئي، هي ان ڪتاب جو سڀ کان قديم نسخو آهي. +22- الجامع الصحيح للامام البخاري، المتوفى 256هه، بخط بن احمد بن عبدالله القزويني، ڪتابت 731هه. +23- الجامع الصحيح للامام البخاري، المتوفى 256هه، هن نسخي جي حاشين تي سال 424هه جا نوٽ آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي ڪتابت ان کان به اڳ ٿي هئي. +فارسي ادب: +فارسي ادب ۽ زبان جا به گهڻا اڻ لڀ مخطوطا ڪٻٽن جي سونهن بنيل آهن. نقش و نگاري، طلاڪاري ۽ خط جي گلڪاري پري کان ڏسڻ وارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. هڪ خاص ڪمرو انهن شين لاءِ مخصوص آهي، جنهن ۾ 10-12 ڪٻٽ مخطوطن سان ڀريل آهن. ڀتين تي مختلف خطاطن جون وصليون ۽ مصوري جا نمونا ٽنگيل آهن. شاهنامه، خمسه نظامي، جامي، حافظ ۽ مثنوي مولانا روم جا بيشمار مخطوطا ۽ سون سان سينگاريل نسخا رکيل آهن. ڪن نسخن جي فهرست هن ريت آهي: هي سڀ نسخا هر لحاظ کان نادر روزگار هئا. انهن کي ڏسي نهايت تعجب ٿيو. +1- ديوان حافظ، مصور مُذهب، منقش 973هه ۽ 1091هه. +2- خمسه نظاميءَ جا مصور نسخا، يارهين صدي ۽ ان کان اڳ جي صدين جا. +3- ديوان قاسم الانوار. +4- ديوان جامي. +5- جواهر التفسيرلتحفة الامير ملا ڪاشفي. +6- بوستان سعدي - بخط مير علي الحسين الڪاتب السلطاني. +7- ديوان محمد اصفهاني 1241هه. +8- انتخاب شعرا فارسي، ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ۾ رکيل هو. بيحد سهڻو ۽ منقش. هي هندستان ۾ لکيو ويو آهي. هڪ صفحي تي هڪ تصوير آهي، جنهن ۾ چند مشهور شاعر هڪ ٻئي کي شعر ۽ سخن ٻڌائي رهيا آهن. ان مرقع ۾ هي شاعر آهن: جامي، متين، سيد، نويد نظمي، حيا، ملا عطاءُالله هما، موئد. جامي سفيد ريش، خوبصورت ۽ وجيهه آهي. ان طرح هر شاعر جي تصوير کي حسين ۽ جميل بنايو ويو آهي. جامي کان سواءِ سڀ شاعر جوان آهن ۽ مڙني جي مُنهن تي ڏاڙهيون آهن ۽ مَٿن تي پٽڪا. هي نسخو 921هه ۾ لکيو ويو آهي. ٻئي صفحي تي سيّد ۽ شائق جا هم وزن ۽ هم قافيه غزل آهن. غالباً سموري ڪتاب ۾ چونڊ جو طريقو اهو ئي هوندو. سيّد جي غزل جو مطلع هيءُ آهي: +هر آنڪس خانه از بهر بودن مختصر گيرد، چو زنبوِر عسل او شهد راحت ڪام برگيرد. +مقطع: +مهاراجه چو خورشيد جهان تابست اي سيد، چه کم گردد ازوگر ذرهه را از خاک برگيرد. +شائق جي غزل جو مطلع هيءُ آهي: +عَطا ڪن نالئه يا رب ڪه رنگ از اثر گيرد، و گر دستِ دعاءِ دهه ڪه دامان سحر گيرد. +9- بوستان سعدي المتوفى 691هه، بخط سلطان علي الڪاتب سال 893. هن نسخي جون تصويرون بهزاد جي برش مان نڪتل آهن. +10- سلسلة الذهب جامي المتوفى 898هه. ڪتابت 958هه. +11- ديوان عرفي المتوفى 998هه. ڪتابت 1073هه +12- ديوان خسرو دهلوي المتوفى 720هه. بخط منعم الدين الواحدي الحسيني سن 921هه. +13- ڪليات سعدي المتوفى 691هه. گڏ ڪيل علي بن احمد بن ابي بڪرالمتوفى 726هه. ڪتابت 949هه. +14- تحفة الاحرار، جامي، بخط علي سن 911هه. +15- المواهب العلية حسين واعظ ڪاشفي، المتوفى 906هه، بخط علي بن محمود الڪرماني 904هه. +16- تحفة الاحرار جامي، ڪتابت 989هه. +17- هفت اورنگ جامي، ڪتابت تورڪ باقر سن 978هه . +18- خمسہ نظامي، المتوفى 596هه، ڪتابت 983هه . +19- خمسہ خسرو دهلوي، ڪتابت 1102هه . +20- ديوان حافظ، المتوفى 792هه، بخط علاؤالدين لذهه، ڪتابت 976هه، مصور. +21- ديوان گلشني، شيخ ابراهيم بن محمد بن ابراهيم المعروف بگلشني المتوفى 940هه. +22- ڪليله و دمنه، مصور. +23- مثنوي مهرو مشتري، احمد عصار، ڪتابت 898 هه. +24- شاهنامه فردوسي، المتوفى 416هه، بخط صفي قلي بن الفرهاد، ڪتابت 1066هه. +25- شاهنامه فردوسي، المتوفى 416 هه بخط نامعلوم، 905 هه. +26- شاهنامه فردوسي، ا��متوفى 416 هه، بخط السمرقندي معيني، 844هه. +27- شاهنامه فردوسي، المتوفى 416هه، بخط صفي لطف بن عيسى شيرازي، ڪتابت 796هه. +شاهنامه جا هي چارئي نسخا مصور مطلا ۽ دلفريب خط ۾ آهن. +28- ماني ۽ بهزاد جي تصويرن جا البم به ڀتين جي ڪٻٽن ۾ رکيل آهن ۽ ڪئين خوبصورت ۽ خوشخط وصليون ڀتين تي ٽنگيل آهن، جن ۾ ڪجهه وصلين تي آيتون آهن ۽ ڪن تي شعر لکيل آهن. +29- انتخاب شعراءِ فارس: هيءُ انتخاب سلطان عليءَ جي خط ۾ آهي ۽ ڪتابت جو سن 901هه آهي. هيءَ سلطان ابوالنصر بايزيد لاءِ لکيو ويو هو. انتخاب هنن شاعرن جو آهي: حافظ، امير خسرو، خواجه خسرو، شيخ ڪمال، خواجه سلمان، جامي، ثنائي، عصمت بخاري ۽ ناصر بخاري. +30- منتخب ڪلام شاهي: پهرئين صفحي جي لوح تي فتح علي شاهه قاچار جي سونهري مهر لڳل آهي. ڪاتب معزالدين محمد الحسين آهي ۽ سن ڪتابت 987هه. +پهرئين صفحي تي هي شعر آهن: +اي نقش بستہ نام خطت با سرشت ما، اين حرف شد ز روز ازل سرنوشت ما. ڪارم بسينہ تخم وفائي تو ڪشتن است. خود عقل خندهه مي زند ازڪار دشت ما. ما شرمسار ماندهه ز تقصير هائي خويش، لطف تو خود نمي نگرد خوب و زشت ما. +صفحو ٻيو: +اي شيخ شهر اگر بہ خرابات بگذري، رشڪ آيدت بڪلبئه همچون بهشت ما. بگذر بسوئي تربت شاهي ڪه بشنوي، بوئي وفا ز طينت عنبر سرشت ما. بتقصير وفا عيبم مڪن ڪز آب چشم من، هنوز اندر هم تخم وفا ميرديد از گَل ها. گر از گردون مَلالي باشدت برعشق املاڪن، ڪه عشق آمد درين شڪل بدور حل مشڪل ها. +ان ڪمري سان لڳو لڳ هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جنهن جي دروازي جو عنوان آهي ”غرفة الاوراق البردية“ ان ۾ پئپيرس (PAPYRUS) تي لکيل قديم ترين خط ۽ مڪتوب شيشن جي ڪٻٽن ۾ رکيل آهن. ڪي خط ثابت آهن ۽ ڪي بلڪل بوسيدهه ٿي چڪا آهن. مَسُ ڦڪي ٿي چڪي آهي. انهن خطن جا سن هن ريت آهن. 142هه- 178هه- 186هه- 236هه-241هه- 264هه- 285هه- 272هه- 299هه- 347هه- 450هه- 459هه. هتي هڪ ٻيو ڪتاب به ڏسڻ ۾ آيو. +الجامع الحديث، تاليف: ابي محمد عبدالله بن وهب الفهري القريشي. هن مصنف جي پيدائش سال 124هه-125هه ۾ ٿي آهي. هي ڪتاب ٽين صديءَ جي مُنڍ ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي. +هڪ خط وليد بن عبدالملڪ (86-96هه) جي زماني جو، ساڳئي ڪاغذ تي يوناني ۽ عربي زبان ۾ لکيل رکيو هو. هڪ خط ٻيو به وليد جو سندس ڀاءُ عبدالله بن عبدالملڪ جي نالي آهي، جيڪو ان وقت مصر جو گورنر هو. انهن خطن متعلق دارالڪتب المصريه انگريزي زبان ۾ ٽن جلدن ۾ هڪ ڪتاب ۽ عربي زبان ۾ هڪ جلد جو ڪتاب ڇپيو آهي. +وڏي ڪمري ۾ جتي ڪلام مجيد جا قديم نمونا ۽ مصنفن جا هٿ جا لکيل ڪتاب موجود آهن، اتي ڪجهه ڪٻٽ اهڙا به آهن، جتي ترڪ سلطانن جا ڪلام مجيد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن ۾ ترڪي زبان جا مخطوطا آهن. مير علي شير نوائي جي ترڪي ديوان جا چند بهترين نسخا به ڪٻٽن ۾ کليل، پنهنجي حسن ۽ زينت جي بهار پيا ڏيکارين. +ان ڪمري جي هڪ حصي ۾ چند ڪٻٽ رکيل آهن، جن ۾ علامه مرحوم تيمور باشا (پاشا) جي ذاتي استعمال جون شيون آهن. مثلاً قلمدان، انڊ پين، پيپر ويٽ، خوردبين، مس ڪُپڙي، هٿَ جون ڪاٺيون، چانهه جا پيالا، کاڌي جون پليٽون وغيره وغيره. غالباً اهي ئي قلم ۽ مس هوندا، جن جي ذريعي هن بي مثل عالم عربي ادب ۽ تاريخ تي املهه مضمون ڪاغذ تي لکيا هوندا. +علامه تيمور باشا (پاشا) جو ڪتب خانو به دارالڪتب جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن جي فهرست ڇاپي پئي وڃي ۽ خزانه تيموريه جي نالي سان چار جلد هن وقت تائين ڇپجي به چڪا آهن. (تيمور باشا (پاشا)، خلافت عثمانيه جو حڪمران هو. تيمور کي تيمور لنگ کان الڳ سمجهڻ گهرجي). (1) +* ترجمو: محمد صديق منگيو. +(1) هن مض��ون جي درست ريڊنگ ۾، ڊاڪٽر محمد ادريس سومري ۽ سندس فرزند مولانا عبدالباقي منهنجي مدد ڪئي، هن علمي تعاون لاءِ ٻنهي جي شڪرگذاري لازم آهي. + + +مولانا محمد شفيع لاهوري +[خان بهادر پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي شخصيت علمي دنيا ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي. مولانا محمد شفيع صاحب سن 1934ع ۽ 1937ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جو علمي سفر ڪيو ۽ نتيجي ۾ جيڪي تحقيقي مقالا لکيا، اهي سلسليوار ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ (سن 1935ع ۽ 1937ع) جي اشاعت ۾ شايع ٿيا. اڳتي هلي سن 1970ع ۾ انهن مقالن کي سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي، سندس لائق فرزند احمد رباني صاحب ”صناديد سنڌ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. پير حسام الدين راشدي مرحوم جا مولانا محمد شفيع مرحوم سان گهرا علمي ناتا هئا، جن جو اندازو پير صاحب جي هن املهه مضمون مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو مولانا محمد شفيع جي انتقال کان پوءِ مشهور سه ماهي رسالي ”اردو“ (ڪراچي) جي جنوري 1968ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو. ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر2، سال 1995ع ۾ شايع ٿيو] +جڏهن شعور واريون اکيون کليون، تڏهن ڏٺم ته علمي دنيا ۾ مولانا محمد شفيع جو سڪو ڄميل ۽ رعب ڇانيل هو. سندس منفرد ۽ ٺوس تحقيق، عميق نظر ۽ ان جو علمي مرتبو ۽ مقام ان دور جي مڃيل حقيقت هو. +اُهي ڏينهن اُهي شينهن هئا، جڏهن اورينٽل ڪاليج لاهور علمي لحاظ کان نه فقط اهم ادارن ۾ ليکيو ويندو هو، پر احترام جي نظر سان به ڏٺو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته مولانا محمد شفيع جهڙو محقق ۽ مدبر ان ۾ موجود هو ۽ ان وقت ڪاليج مان شايع ٿيندڙ رسالو ۽ خاص طور تي ان جو فارسي ضميمو سندس علمي جاکوڙ ۽ جستجو سبب عالمي شهرت جو سبب بنيو. جنهن جو واحد سبب اهو ئي هو ته مولانا جي تحقيق ان ۾ اشاعت هيٺ ايندي هئي. ”دانشگاهه پنجاب“ به انهن ڏينهن ۾ ئي علم و دانش جي دنيا ۾ غير معمولي شهرت ۽ عزت حاصل ڪئي، جو ان مان ڪيئي اهڙا علمي نوادرات شايع ٿي منظر عام تي آيا هئا، جن جي گهڻي عرصي کان علمي دنيا جي اڪابرن کي ڪمي پي محسوس ٿي. رشيدالدين جا خط ته پوءِ آڏو آيا، مگر انهن کان اڳ ۾ ”فهرست عقدالفريد“، ”مطلع السعدين“، ”تتمه صوان الحڪمه“، ”دره الاخبار“، ”تذڪره ميخانه“، خواجه غياث الدين جو ”چين جو سفر نامو“ ۽ ”اقتباسات آداب الحرب و الشجاعت“ جهڙا نادر ڪتاب علمي هستين جي هٿن تائين پهتا هئا. عنصري جي ”وامق و عذرا“ جي دريافت ۽ ان تي تحقيق ئي اهڙو غير معمولي انڪشاف هو، جنهن پڙهيل لکيل طبقي ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سموري علمي دنيا کي اهو بخوبي علم هو ته لاهور علمي لحاظ کان وڏي مان ۽ مرتبي وارو شهر آهي ۽ ان جو ادارو ”دانشگاهه“ حقيقت ۽ ڏاهپ جو هڪ اهڙو ئي سرچشمو هو، جو دنيا جي ڪنهن به وڏي علمي ۽ ادبي اداري کان گهٽ نه هو. +مولانا جو وجود نهايت ئي خير ۽ برڪت جو باعث هو. سندس مردم شناسي، قدرداني، شخصي ڪشش ۽ ذاتي صفتن جي ڪري جتان ڪٿان جا محقق ۽ مڃيل علمي هستيون وٽس اچي گڏ ٿينديون هيون. اهو ئي سبب هو جو ”دانشگاهه پنجاب“ کي به سندس ئي نسبت سان اهميت، افاديت ۽ فضيلت حاصل هئي. سچ ته ”دانشگاهه پنجاب“ جو اهو ئي دور اوج ۽ عروج وارو دور هو. انهيءَ سمي مولانا عبدالعزيز الميمني به اتي ئي رهندو هو. حافظ محمود خان شيراني مرحوم جو به اهو ئي زمانو هو ۽ شيخ محمد اقبال مرحوم، ۽ ڊاڪٽر شيخ عنايت الله به ان دور جا مشهور ۽ معروف استاد هئا. حقيقت ۾ اسان جي بزرگ شخصيت سيّد محمد عبدالله جو به اهو ئي سهانو سمو هو. اهي سڀ بزرگ هڪڙي ئي حلقي جا رڪن، هڪ ئي سلسلي جا موتي ۽ هڪ ئي محفل جا چراغ هئا. انهن سڀني برگزيده شخصيتن گڏجي سموري ملڪ ۾ تحقيق ۽ تجسس، علم ۽ عمل، قلم ۽ ڪتاب جي اهڙي فضا قائم ڪري، علمي ماحول کي ايڏي بلند مرتبي تي رسايو هو، جو هن دورنگي دنيا جڏهن انهيءَ سحر کي ٽوڙيو ۽ سندن ماڳن کي مٽايو، تڏهن کان وٺي هي اکيون هميشہ واجهائينديون ئي رهيون آهن. +مولانا محمد شفيع صاحب، شاهه حسين بايقرا جا حالات پڙهيا ۽ هرات جي نئين اوج ۽ عروج تي لکندي، پنهنجي شهر ۽ ملڪ کي قريباً انهيءَ ئي مقام تي رسائي ڇڏيو. علمي ذوق ۽ شوق جو شباب هو. لکڻ، پڙهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ ڏات جي صورت ٿي اختيار ڪئي. خالص علمي ۽ ٺوس تحقيقي ڪتابن جي گهرج وڌندي وئي. لاهور جون بازارون علم سان هردم ڀريون رهيون. هونءَ به بازار ۾ انهيءَ ئي سودي جي سرسي هوندي آهي، جنهن جا خريدار گهڻا هوندا آهن. ڪتابن جي خريداري ۽ سموري ملڪ ۾ قلمي نسخن جي تلاش ۽ پنهنجن وڏڙن جي ورثي جي حفاظت انهيءَ زماني ۾ مقدس فرض ڄاتو ٿي ويو. لاهور جي هر پڙهيل ڳڙهيل کي اهو فرض ضرور سرانجام ڏيڻو پوندو هو. حافظ محمود شيراني جا نوادرات، پروفيسر آذر جي ڪليڪشن ۽ خود مولانا جو ڪتبخانو انهيءَ سونهري دور جا يادگار آهن. +مولانا صاحب اهو پهريون بزرگ هو، جنهن اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر، مشرق ۽ مغرب ۾ علمي نوادرات ڪٿي ڪٿي موجود آهن ۽ ڪهڙن ڪتبخانن جي زينت بنيل آهن. دانشگاهه ۾ موجود ڪتابن جا فوٽو ۽ فلم به ان ئي زماني جا يادگار آهن. پنهنجي ذاتي ذوق شوق ۽ شخصي تلاش ۽ تحقيق جي ڪري ئي هن بزرگ ”دانش گاهه“ ۾ اهي نه مٽجندڙ نشان ڇڏيا، جن جي اڳوڻي ساک ۽ نقش نگاريءَ جي ڪري ئي پري پري کان پڙهيل ڳڙهيل اچي وارد ٿين ٿا. +مولانا سان شخصي ڏيٺ ويٺ ته غالباً پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان وقت ٿي هئي، جڏهن سيّد هاشمي فريد آبادي مرحوم، راقم لاءِ پنهنجي لاهور واري رهائشگاهه تي دعوت جو اهتمام ڪيو هو، ۽ مولانا صاحب کي پڻ ان ۾ شرڪت لاءِ مدعو ڪيو هو. جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته سندس روحاني شرف يابي ته ايامن کان ئي حاصل هئي، جنهن کي آءٌ سندس تحريرن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ چڱي طرح پروڙي چڪو هئس. +ان رات جڏهن پاڻ تشريف فرما ٿيا، تعارف ۽ گفتگو ٿي، تڏهن جيتوڻيڪ پهرين ملاقات هئي، ان هوندي به مون سندس شخصيت جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو ۽ کيس دل سان ڏٺو. پورو پنو قد، مضبوط هاٺي، جسم ڀريل ۽ کليل، ڪڻڪ رنگو چهرو، پُروقار پيشاني ۽ روشن ننڍيون اکيون، جن جو تيزتاب سهڻ نهايت ئي مشڪل ۽ ناممڪن هو ته انهن ۾ وري گهوري ڏسڻ جي ڇا مجال! شهپر مناسبت موجب وڌيل، جي ان دور جي يادگيري ڏياري رهيا هئا، جڏهن مرد مرداڻي ڏِکَ ڏيندا هئا. سندس سڄو منهن دلڪش ۽ کاڏي سهڻي ۽ جاذب نظر ٿي لڳي. سندس مٿي جا وار کسي چڪا هئا. سندس آواز ائين سنهو ۽ نرم هو، جيئن ريشمي ڪپڙو نرم ۽ نازڪ هجي. ڀلا اهو آواز تلخ ڇو ٿئي؟ هي ته سراسر پيار ۽ پاٻوهه مان دلين کي ڪشش ڪندڙ هو. مان ڏاڍو خوش هئس ته اڄ ان شخصيت جي آڏو آهيان، جنهن کي ڏسڻ جي تمنا ۽ آرزو گهڻي عرصي کان هئي. +نازم بچشم خود، که جمال تو ديده است، افتم بپائي خود، که بکويت رسيده است. +مولانا پهريون شخص هو، جنهن سنڌ جو علمي سفر ڪيو هو. سکر، روهڙي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ سيوهڻ پهچي اتان جا تاريخي آثار ڏٺا ۽ جتي به کيس ڪتبا نظر آيا، اهي نقل ڪيا ۽ ڪجهه اهم ڪتبن جا فوٽو به ورتا. پراڻن خاندانن وٽ ويو، جتي قلمي ڪتاب، بياض ۽ تاريخي تحريرون ڏٺائين. جيڪي خريد ڪري سگهيو، اهي خريد به ڪيائين ۽ باقين جي فهرست تيار ڪري ورتائين. +ان تاريخي سفر جا حالات جڏهن اورينٽل ڪاليج ميگزين جي مختلف اشاعتن ۾ ڪتبن سميت شايع ٿيا ته، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سنڌ جا علم دوست ماڻهو ڇرڪ ڀري اٿيا. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون تاريخي حقيقتون ۽ علمي تحقيق اهڙي سهڻي سليقي سان پهريون دفعو انهن جي سامهون آئي. پهريون دفعو کين انهن جي خبر پئي ته مقبرا ۽ خانقاهون پوڄا پاٺ کان سواءِ به ڪا اهم حيثيت ۽ افاديت رکن ٿيون. +مولانا انهن مضمونن جي ذريعي علمي دنيا آڏو اهو اهم تاريخي انڪشاف ڪيو هو ته سلطان محمد تغلق جڏهن ٺٽي جي ڀرسان مئو ته، ان جو لاش پهريائين سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ دهليءَ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ان عارضي مدفن تي جيڪي ڪتبا لڳايا ويا هئا، اهي مولانا صاحب سيوهڻ شريف مان دريافت ڪيا هئا ۽ انهن جا فوٽو مذڪوره مضمونن جي سلسلي سان گڏ ڇاپي، لکڻ وارن لاءِ اهم تحقيقي موضوع ظاهر ڪيو هو. +گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي ٺٽي وڃي ”تحفة الڪرام“ جي مصنف جو هٿ اکر لکيل نسخو سندس پوين کان ڪجهه ڏينهن استفاده ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هو. ڇپيل ۽ قلمي نسخي جي تقابلي مطالعي کان پوءِ جيڪي اضافا ۽ اختلاف آڏو آيا، تن کي ترتيب ڏئي پنهنجي روزانه اخبار ”ستارهء سنڌ“ جي ڪيترن ئي اشاعتن ۾ شايع ڪيائين. اها هڪ ڳالهه هئي، جا آئي وئي. نه ”ستارهء سنڌ“ رهي، نه اهي پرچا محفوظ رهيا ۽ نه وري اهو ئي معلوم ٿيو ته انهيءَ قلمي نسخي جو ڇا ٿيو ۽ ڪٿي پهتو؟ +انهيءَ صحبت ۾ ٺٽي متعلق تاثرات بيان ڪندي، مولانا صاحب اهو به انڪشاف ڪيو ته ”تحفة الڪرام“ جو اهو ئي نسخو پاڻ خريد ڪيو هئائون ۽ هاڻي اهو وٽس محفوظ آهي. اهو ٻڌي مان خوشي مان ڇرڪي اٿيس ۽ منهن ۾ مهڪ پيدا ٿي. گڏوگڏ اهو اطمينان به ٿيو ته اهو اهم ۽ نادر ڪتاب مولانا صاحب وٽ پهچي ضايع ٿيڻ کان بچي ويو. +مون ماڻهن کان ته اهو ئي ٻڌو هو ته مولانا صاحب ڏاڍو خشڪ طبيعت جو مالڪ آهي، جنهن ڪري منهنجي دل تي اهو ئي خوف ويٺل هو. پر جڏهن کيس ڏٺم ۽ ساڻس گفتگو ڪيم، تڏهن بلڪل ان جي برعڪس لڳو. ڏاڍو دلچسپ، شفيق ۽ نرم مزاج هو. +ان رات واري صحبت ۾ مزيدار ڳالهين ۽ حوصلو ڏيندڙ شفقت سبب هن هڪدم مون کي پنهنجو ڪري ورتو. شروع ۾ فقط ان جي علمي جاهه جلال کان مرعوب هئس، پر ملاقات کان پوءِ سندس سهڻي سلوڪ جي ڪري سندس ذات ۽ شخصيت مون لاءِ وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش بنجي وئي. جيئن جيئن منهنجون ساڻس ملاقاتون وڌنديون ويون، تيئن تيئن سندس طور طريقا ۽ طبيعت منهنجي آڏو وڌيڪ واضح ٿيندا ويا. مون محسوس ڪيو ته جيڪي ماڻهو کانئس گهٻرائيندا هئا، سي سندس طبيعت جي ڪري نه، بلڪه پنهنجي ڪم علميءَ سبب ئي کانئس پري رهڻ لاءِ مجبور هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان خشڪ رويو ۽ ٿڌائيءَ وارو سلوڪ اختيار ڪندو آهي ته پاڻ ان ۾ بلڪل حق بجانب آهي. آخر ايترو فضول وقت ڪٿان آڻي، جي ائين وقت وڃائڻ لڳي ها ته اهو سڀ ڪجهه جيڪو پاڻ ڪيو هئائون اهو ڪيئن ڪري سگهي ها. +حقيقت اها آهي ته مولانا صاحب جيڪڏهن سخت ۽ خشڪ هو ته فقط علمي معاملن ۽ تحقيقي مسئلن ۾ هو. اهڙن معاملن ۾ هو سخت کان سخت گير هو. سطحي لکت کي برداشت ڪري نه سگهندو هو. لکڻ وارا اڪثر سطحي لکڻ جا عادي هئا. مولانا صاحب ان عمل کي علم جي لاءِ بي عزتي ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ باعث ندامت سمجهندو هو. مولانا صاحب جو اهو خيال بلڪل صحيح هو ته اهڙن لکندڙن کي ساراهيو ويو، يا کين درگذر ڪيو ويو ته ملڪ مان حقيقي علم جو اختتام ٿي ويندو. استاد ۽ عالم جي حيثيت سان مولانا پنهنجي هن عادت ۽ عمل تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو. سندس اها خواهش ۽ ڪوشش رهي ته ملڪ ۾ تحقيق جو معيار پٺتي پوڻ نه گهرجي ۽ قلم مان جيڪي ڪجهه نڪري اهو حقيقت تي مبني هجي. سطحي ۽ سکڻو نه هجي.مولانا صاحب جي اها ڪوشش ڪيتري قدر ڪامياب ٿي يا سندس آرزوڪيسين تائين تڪميل تي پهتي، ان جي بيان ڪرڻ جو هي موقعو ۽ مهل نه آهي. مولانا صاحب جي اها گرفت رڳو عام لاءِ نه هئي، پر مڃيل عالمن ۽ قلم ڌڻين جي لاءِ به ساڳيو ئي دستور العمل هو. اهڙن ماڻهن جي لکڻي به جيسين تائين لفظ به لفظ ڪري نه پڙهندو ۽ پرکيندو هو، تيسين تائين ممڪن ئي نه هو ته پاڻ مطمئن ٿئي. +هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته صبح سوير اسان جو گڏيل دوست جناب عبدالحي حبيبي افغاني آيو. هو نهايت ئي پريشان هو، ڇاڪاڻ ته مولانا صاحب جي فرمائش تي پاڻ هڪ مقالو لکي، سندس خدمت ۾ پيش ڪيو هئائين. مولانا صاحب ان مان هڪ حوالي جي تصديق ڪرڻ ٿي گهري. بظاهر ڳالهه ته تمام معمولي هئي، پر سندس گهٻراهٽ جو ڪارڻ فقط اهو هو ته حبيبي صاحب اها ڳالهه ڪنهن ڪتاب جي حوالي جي بدران، پنهنجي يادگيري ۽ ذهانت جي ڀروسي هيٺ قلمبند ڪري ڇڏي هئي. اهو اتفاق چئجي يا مولانا صاحب جي دور نظري، جو ڏسندي ڏسندي سندس نظر اتي ئي وڃي رڪي ۽ طبيعت اتي وڃي اٽڪي، جتي تحقيقي اصول موجب ڪا ڪمزوري رهجي وئي هئي. گهڻيءَ دير کان پوءِ ڪيترن ئي ڪتابن جي اٿل پٿل کان پوءِ جڏهن گهربل حوالو ملي ويو، تڏهن محسوس ڪيم ته گويا حبيبي صاحب جي مٿان وڏو بار هو، جو خدا جي فضل سان لهي ويو. پوءِ پاڻ اطمينان جو ساهه کڻي پيشانيءَ تان پگهر اگهي سگريٽ دکائي مُرڪي چيائين ته: ”پير صاحب! واقعي اهو شخص صاحب نظر آهي. قدرت جو اوهان تي وڏو احسان آهي.“ مون ورندي ڏيندي کيس چيو ته: ”حبيبي صاحب! آخر ان ۾ ايڏي پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ فرمايائين ته: ”توهان چئو ٿا ته پريشاني! صاحب! منهنجي ته علمي حيثيت چوواٽي تي پيل هئي!“ اهو ئي پاڻ حوالي وارو ڪاغذ کڻي دلي اطمينان ۽ ذهني سڪون سان تڪڙا قدم کڻندو نيو ٽائون پوسٽ آفيس طرف ويندو رهيو. +گهڻيءَ دير تائين مان دروازي ڏانهن ڏسندو ۽ سوچيندو رهيس ته واقعي اها اسان جي خوش بختي آهي، جو هڪ اهڙو شخص اسان ۾ موجود آهي. ان وقت مون کي اهو به خيال آيو ته ڪجهه ماڻهن جو ڪاوڙجڻ ڪو ايڏو غلط نه آهي. مولانا صاحب جي تحقيق جي طلب انهن جي پهچ کان مٿاهين آهي ۽ انهن جي ظرف کان بعيد. +مولانا صاحب جي علمي تحقيق جي دنيا محدود نه هئي، بلڪ گهڻي وسيع ۽ لامحدود هئي. سندس گهري سوچ ۽ فڪري پهچ ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو هو. هتان جا ماڻهو ته پنهنجي آسپاس جي شين کان اڳتي وڌڻ جا عادي ئي نه هئا. اهو مولانا صاحب ئي هو جنهن هڪ خاص پد تي پهچي ٺوس ۽ اعلى تحقيق جو بنياد وڌو ۽ انوکن موضوعن توڙي وسيع علمي مسئلن جي مٿان پردو کنيو جو، پهريون دفعو ٻاهرين دنيا اسان جي ملڪ جي تحقيقات مان فائدو وٺڻ تي مجبور ٿي پئي. خطاطي، مصوري، ادب، شعر، تاريخ، سوانح، ڪتبا، مقبرا – مطلب ته علم ۽ قلم جي ڪا به اهڙي شاخ يا شعبو نه هو، جنهن تي مولانا صاحب جي تحقيق ۽ مرتب ڪيل نتيجن علمي دنيا ۾ ڪو مقام حاصل نه ڪيو هجي! +وچ ايشيا جي تاريخ، ادب يا فنونِ لطيفه تي اسان وٽ سڀ کان اول مولانا صاحب جي ئي نظر پئي، ۽ پاڻ ئي ان کي پنهنجي جستجو ۽ تحقيق جو موضوع بنايائين. تيمورين جي تاريخ هجي يا انهن جي معارف پروري، مولانا صاحب جي ئي قلم سڀ کان پهريائين انهن کي اجاگر ڪيو. انهن جي تاريخي اهميت کان نه صرف اسان کي متعارف ڪرايو، پر دنيا جي مختلف حصن ۾ جيڪي به عالم ان موضو�� تي تحقيق ڪري رهيا هئا، تن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي به دور ڪيو. اهوئي سبب هو جو ٻاهرين دنيا جا عالم اسان وٽ نه صرف مولانا صاحب جي ذات کي سڃاڻندا هئا، پر انهن جي علمي مجلسن ۽ محفلن ۾ مولانا صاحب کي ئي برابريءَ وارو بلڪ بلند مقام ۽ برتريءَ وارو درجو حاصل هو. جڏهن ”ارمغان علمي“ جو اعلان ٿيو، تڏهن ٻاهرين دنيا جي ڪيترن عالمن ان ۾ حصو وٺڻ محض ان ڪري پنهنجو فرض ڄاتو جو مولانا صاحب جي شخصيت سندن آڏو نهايت ئي محترم ۽ معتبر هئي. ان ئي موقعي تي استاد محترم آقاي بديع الزمان فروزانفر فرمايو هو ته: +دهر و دوران کم آورد فرزند چون محمد شفيع دانشمند +۽ اهو به سچ چيو هئائين: +خاک لاهور ازو فزودهه شرف پدر فضل را بهينه خلف +مولانا صاحب جي شخصيت پنهنجي ڪردار، عمل ۽ علم جي لحاظ کان اسان لاءِ نه فقط مثالي پر مشعل راهه به آهي. کين پنهنجي موضوعات سان نه رڳو دلچسپي هئي، پر عشق جو اهو عالم هو ته گهمندي ڦرندي، اٿندي ويهندي انهيءَ جي ئي کوجنا ۾ لڳل رهندو هو. علم جي اها صورت حال هجي جو گهر جي ٻاهر، سفر هجي يا حضر، هميشہ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي تحقيق ۽ تلاش ۾ ڪوشان رهندو هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڏيک ويک جي لاءِ نه، پر علم جي ئي حصول لاءِ هو. ان ۾ ڪو به ذاتي مفاد يا مطلب ڪونه هو ۽ نه ئي وري روزيءَ جو سهارو ڄاتائون. مولانا پنهنجي علم کي ڪنهن به بازار ۾ سودي بازيءَ لاءِ نه آندو ۽ نه ئي ان لاءِ ڪو واڪ ڏنو. +مولانا جي زندگي نهايت باضابطه زندگي هئي. سندس هر لمحو قيمتي ۽ ڪارائتو هو. هن جو هر قدم منزل جي طرف وڌندڙ هو. پاڻ وقت جو نهايت ئي قدردان هو ۽ هر ساعت سجائي ڪندي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهندو هو. وقت وڃائڻ سندس نظر ۾ گناهه کان به بدتر هو. هو ان وقت پنهنجي وقت کي سجايو سمجهندو هو، جڏهن ڪا نئين معلومات حاصل ڪندو هو يا ڪا نئين تحقيق پيش ڪندو هو. گهر ۾ پنهنجي ڪٽنب سان ڪڏهن ڪڏهن ڪا هِتان هُتان جي ڳالهه ڪئي هوندائين، ليڪن جيسين تائين مان ڄاڻان ٿو ته ٻاهرين دنيا ۾ ڪڏهن به پنهنجي واتان ڪا بي مقصد گفتو ادا نه ڪيائين. سندس سڄي ڄمار اول کان آخر تائين ڪنهن خاص سانچي ۾ پلٽيل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو مولانا جي زندگي قيمتي ۽ ڪارائتي گذري. پاڻ تمام گهڻو علمي ڪم ڪيائين ۽ اهي نشان ڇڏي ويو، جن تي ڪنهن طاقتور هٿ کي به کڄڻ جي مجال نه آهي. هڪ شخص جي سموري حياتي مسلسل عمل رهي، جو رهندي دنيا تائين نه رڳو دانش گاهه يا شهر، پر پوري ملڪ کي مانائتو بنائي ويو. +انسائيڪلوپيڊيا جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ يورپ ويندي، هڪ دفعي مولانا صاحب ڪجهه ڪلاڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي نياڻي وٽ ترسيو. آقائي عبدالحي حبيبي صاحب ۽ هن خاڪسار کي جيئن ئي اُها خبر پئي، تيئن ٻئي ڄڻا گڏجي سندس خدمت ۾ پهتاسون. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهڙو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيائين، گويا سندس ئي من جي مراد پوري ٿي هجي ۽ پاڻ اسان جو ئي انتظار ڪري رهيو هجي. انهيءَ زماني ۾ مولانا صاحب بازيدي فرقي تي تحقيق ڪري رهيو هو. ويهڻ سان ئي ان موضوع تي گفتگو ڪندي، مسئلن جي شروعات ڪيائين. حبيبي صاحب سان مخاطب ٿيندي ئي مولانا جا سوال هئا ۽ حبيبي صاحب جا جواب. تقريباً ٻه اڍائي ڪلاڪ لاڳيتو دنيا وما فيها کان بي خبر، يورپ جي سفر لاءِ ضروري سببن کان بي پرواهه، سفر جي تياري ۽ ضروري ڪاغذات وغيره جي کان بي نياز، نهايت اطمينان ۽ سڪون سان ”بازيدين“ جي متعلق تحقيق ۽ تفتيش ڪندو رهيو. +مان سوچيندو ئي رهيس ته هي انسان آخر آهي ڇا؟ يورپ وڃي رهيو آهي، نه ڊالرن جو فڪر نه پائونڊن جي پرواهه! نه نياڻي کان ٿو پڇي ته ڇا آڻجي ۽ نه نياڻيءَ کان ئي ڪا فرمائش جي فهرست ٿو لکائي. نه اها پڇا ڳاڇا ٿو ڪري ته لنڊن مان ڪهڙي شيءِ آڻجي، جا هتي وڪڻي ڪرايي سان گڏ نفعو ڪمائجي. ريفريجريٽر ڪهڙو بهتر ٿيندو آهي؟ ٽيپ رڪارڊر ڪهڙي ڪمپني جو هجي جو وٺجي. موٽر ڪار ڪهڙي موزون رهندي؟ نه ڪسٽم وارن جي روڪٿام ۽ پڇا، نه اهڙو اهتمام ته واپسيءَ وقت سامان بغير کُلڻ جي گهر پهچي وڃي. +اسان ٻئي جڏهن واپس هلياسون، تڏهن اهو سوچيندي ۽ چوندي گهر پهتاسون ته سبحان الله! علمي عشق ۽ اُن جي جهان جو ڇا ته عالم آهي! +مولانا اورينٽل ڪاليج مان رٽائر ٿيو ته انسائيڪلوپيڊيا جي اردو ترجمي جي نظرداري واري ڪم ۾ اهڙي ته انهماڪ سان جنبي ويو، جو صبح ۽ شام، رات ۽ ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين. +مولانا صاحب جي ڪتبخاني جي لان ۾ ڇٽيءَ نما هڪ خيمو ٺهيل هو، جنهن ۾ سردين ۾ وهندو هو ۽ گرمين ۾ ڪمري ۾ ئي ڪم ڪندو هو. مولانا جو اهو ڇٽيءَ نما خيمو ڪتبخاني جي اڱڻ جو هڪ نمايان ڪردار بنجي چڪو هو، جنهن ۾ ننڍي ڪرسي ۽ ٽيبل پيل هئي ۽ آسپاس ان ڏينهن ڪم ايندڙ ڪتابن جا ڍير ۽ فائيل موجود هوندا هئا، جن ۾ ترجمو ٿيل مقالن جا انبار پيل هوندا هئا. +مون کي ان خيمي ۾ ڪيترا ڀيرا مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ۽ ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو. هر واري ملاقات جو موقعو رڳو، ان ڪري ئي ملندو هو ته آءٌ ڪراچيءَ کان ڪهي ايندو هئس، نه ته ڪم جي وقت مولانا سان ملاقات ڪرڻ ناممڪن هئي. ملاقات برائي ملاقات کي مولانا گناهه ڄاڻندو هو، بلڪ قومي بداخلاقي سمجهندو هو. +مولانا صاحب جو اتي به ساڳيو ئي مخصوص طريقه ڪار رهيو. مضمون کي آڏو رکي، لفظ لفظ کي ڏسندو هو. هڪ هڪ سن، سال ۽ نالي جي جيسين تائين پاڻ تحقيق ۽ تصديق نه ڪندو، تيسين تائين مضمون اشاعت لاءِ ڪونه موڪليندو هو. تصحيح جي سلسلي ۾ هميشہ کيس پاڻ کي ئي تڪليف ڪرڻي پوندي هئي. ترجمه نگارن کي ته علمي ترجمي جي عادت ڪونه هئي ۽ نه اها ڄاڻ هئي ته جاگرافيائي لحاظ کان نالن، مهينن ۽ سالن جي اهميت ڪيتري آهي. عبارت ۽ جملن جي درستگي به مولانا کي خود ئي ڪرڻي پوندي هئي. +مون ڪيترا ڀيرا اخبارن ۾ اهي شڪايتون پڙهيون ته اداره دانشگاهه جا مالڪ ڏاڍا بيزار ٿيا آهن. ڇاڪاڻ جو مواد تمام گهڻو سست رفتاريءَ سان اشاعت هيٺ پيو اچي. انهن کي اهو اندازو ته ڪونه هو ته ترجمي کان پوءِ پريس تائين پهچڻ ۾ هڪ هڪ مقالي کي ڪهڙن تحقيقي ۽ علمي مرحلن مان گذرڻو ٿو پوي. +آخري دور ۾ مولانا جي طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. دل سُڄي وئي هيس ۽ جگر به ڪمزور ٿي ويو هئس. پري کان ئي ماڻهو محسوس ڪندو هو ته مولانا بيمار آهي، پر جيئرو رهندي پاڻ ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ ناغو نه وڌائين ۽ نه اهو برداشت ئي ڪيائين. روزانو اچي هر شيءِ جي نظرداري ڪندو هو، ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته پاڻ وقت کان اڳ گهر موٽي. هميشہ دير سان گهر موٽندو هو. +اڇي رنگ جي شلوار، ميرانجهڙي رنگ جي شيرواني ۽ ڳاڙهي ترڪي ٽوپي ۾ ملبوس، اسٽڪ جي آڌار تي موٽر مان لهي پير پير کڻي خيمي ۾ پهچي هڪ دفعو ويهي قلم هٿ ۾ کڻندو ته ڇا جي بيماري ۽ ڇا جي صحت. نه ڪمزوريءَ جو خيال نه ناتوانيءَ جو احساس. دنيا و ما فيها کان بي خبر، لفظن ۽ عبارتن جي دنيا ۾ گم سم ٿي ويندو. ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون ۽ ڪيترا مهينا ۽ سال مولانا ائين ئي گذاري ڇڏيا! +ڏهين مارچ 1963ع جي آچر ڏينهن ڪنهن دوست پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو اٿو؟ مون وراڻيو مولانا صاحب ڏانهن، هلندؤ؟ وچ ۾ ٻئي دوست دخل ڏيندي چيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين دوست! هي ماڻهو ته ويهي ڪندا قبرن جون ڳالهيون، کوليندا مرد�� جا داستان ۽ پراڻن ڪتابن جا قصا. اوهين وهو ته ڪريون ٿا پاڻ ۾ گپ شپ، هونءَ ئي آچر جو ڏينهن موڪل جو ڏينهن به آهي. +منهنجا ٻئي دوست عرف عام ۾ ”لکيل پڙهيل“ هئا. هڪ پي.ايڇ. ڊي ۽ ٻيو ڊبل گريجوئيٽ. غالباً ٻئي لنڊن مان تربيت حاصل ڪيل هئا. +سيارو ختم ٿي چڪو هو ۽ بهار جي موسم هئي. لارينس گارڊن جا ڪي گل کڙي چڪا هئا ۽ ڪن تي مکڙين جا پوش باقي هئا. ان ڏينهن صبح جي خنڪي ختم ٿي ته مان 24 ميسن روڊ تي پهتس. مولانا ورانڊي ۾ هڪ اُڀي ڪرسيءَ تي ويٺل هو. سندس ساڄي کاٻي ڪجهه ڪرسيون ۽ هڪ اڌ ٽيبل پيل هئي، جنهن تي ڪجهه ڪتاب هڪ ٻئي مٿان رکيل هئا. ’بروڪليمان‘، ’انسائيڪلوپيڊيا‘، ’سارٽن‘، ’قاموس الاعلام‘ ۽ ’ڪشف الظنون‘ پنهنجي ضخامت جي ڪري نمايان هئا. ڪي مسودا به آڏو رکيل هئا ۽ هڪ مسودي تي ڪنڌ جهڪائي تصحيح ۾ مشغول هو. مون کي هڪدم خيال آيو ته هي به هڪ آچر آهي ۽ موڪل جو ڏينهن آهي. +مون کي ڏسي ٻهڪي پيو! خوشدلي ۽ خنده پيشانيءَ سان گرمجوشيءَ مان اٿي مليو. هونءَ ته مولانا هميشہ اهڙو ورتاءُ ڪندو هو، پر اڄوڪو سلوڪ ڪجهه غير معمولي ۽ سَرسُ سَوايو هو. خوشيءَ مان منهنجو رت به وڌي ويو ۽ ذرو ڄڻ آفتاب بنجي پيو! +وهڻ شرط مون کان منهنجي دل جي تڪليف بابت پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳو. مان ڏسندو رهيس ته خود سندس حالت ابتر ٿي چڪي آهي. منهن ڦيڦو اڇو، ڳل سڄيل، اکين جو اهو تاب گهٽجي چڪو هئس. پيرن تي سوڄ، ڄڻ هڪ هڪ پير مڻ مڻ جو ٿي لڳو. سوڄ پنين کان مٿي چڙهي چڪي هئس. مون حيرت مان کانئس پڇيو ته مولانا هي ڇا آهي؟ ها هون ڪندي، منهنجي ڳالهه کي ٽاريندي مون کي ئي منهنجي صحت جي حفاظت لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪيائين. +مون موقعو ڏسي کيس چيو ته مولانا! آچر جي ڏينهن به اوهان آرام نه ٿا ڪريو. وراڻيائين ادا! جيڪڏهن ڪم نه ٿو ڪريان ته ڏينهن ئي نه ٿو گذري. هونءَ به ڪم تمام گهڻو آهي. ماڻهن جي اها حالت آهي جو لکڻ ته بجاءِ خود ترجمو ڪرڻ به ڪونه ٿا ڄاڻن. هر ڪا شيءِ مون کي ئي ڏسڻي پوي ٿي. +صحت جي اهڙيءَ حالت ۾ فرض شناسيءَ جو اهڙو جهان ڏسي آءٌ دنگ رهجي ويس، ليڪن مون کي سندس حالت تي ڏاڍو ڪهڪاءُ اچي رهيو هو. +تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ مان سندس خدمت ۾ ويٺو رهيس. دل کولي ڳالهايوسين ۽ گهڻيون ئي ڳالهيون ٿيون. +مولانا ’طاهر آشنا‘ جي ديوان جي ڳالهه ڪئي ته پاڻ پيرس مان ان جو فلم گهرايو هئائين، مگر ڪاغذ جي اڻاٺ سبب فوٽو اسٽيٽ ٿي نه سگهيو هو. مون چيو ته مولانا مون کي ڏيو آءٌ ٻئي ڏينهن ڪراچي وڃڻو آهيان ۽ اتان ئي ٺهرائي کڻي ايندس. وراڻيائين ته سڀاڻي آفيس مان فلم موڪلي ڏيندس. +محمد حسين آزاد مرحوم متعلق پاڻ حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌايائين ۽ ان تي لکيل پنهنجو هڪ تازو مضمون به عنايت ڪيائين. مفتي صدرالدين آزرده تي به انهن ڏينهن ۾ لکيل پنهنجو هڪ مقالو اندران آڻي ڏنائين. منهنجي عادت آهي ته مان اهڙين شين تي آٽو گراف وٺي ڇڏيندو آهيان. ليڪن مولانا جي شخصي رعب ۽ اثر سبب مون کي اها همت نه ٿي ته آءٌ ڪجهه ڪڇي سگهان. پوءِ ته مان اڄ ڏينهن تائين پڇتائيندو رهيو آهيان، ته جيڪر صحيح ڪرائي ڇڏيان ها ته غالباً اها سندس زندگيءَ جي آخري صحيح هجي ها. +منهنجي ٻنهي دوستن جو لنوائڻ بجا هو. اسان پاڻ ۾ اڏوهي کاڌل ۽ ڦاٽل پراڻن ڪتابن جون ڳالهيون ڪيون. مولانا شڪايت ڪئي ته سندس لئبريريءَ ۾ رکيل هڪ قلمي نسخو اڏوهيءَ جو لقمو بنجي چڪو آهي. هاڻي ياد نه آهي ته هڪ ٻن ٻين قيمتي ڪتابن جا به نالا ورتائين. جي اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي لئبرريءَ مان هڪ اڏوهي کاڌل ڪتاب کڻڻ به ويو، پر ان وقت اهو کيس نه لڌو. ڳالهين ڪندي مولانا اهو به ٻڌايو ته نظيري نيشاپوري کان سواءِ به هندستان ۾ هڪ نظيري شاعر ٿي گذريو آهي، جو صاحب ديوان شاعر هو. سندس ديوان تي مير مؤمن استر آبادي جي مهر به لڳل آهي ۽ اهو وٽس موجود آهي. مولانا هڪ ڀيرو وري اٿي لئبرريءَ ڏانهن ويو ته مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس حالت اهڙي نه هئي ته پاڻ هر هر اٿي اندر وڃي. مون محسوس ڪيو ته ڪرسيءَ تان اٿندي ئي سندس سهڪو وڌي وڃي ٿو. +اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر مون کي ڪراچيءَ ۾ چيو هو ته، آءٌ مولانا کان اهو معلوم ڪريان ته جيڪڏهن هو پنهنجي لئبرري وڪڻڻ چاهي ته قيمت مقررڪريان. ان سلسلي ۾ مون کي ڪجهه چوڻ جي جرئت ته نه ٿي، پر جڏهن پاڻ اڏوهي کاڌل ڪتابن جو ذڪر ڇيڙيائين ته مون ڍڪيل ڳالهه ڪندي مسئلو ظاهر ڪيو. وراڻيائين ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اڃا ته پنجن سالن تائين ڪم ڪرڻ جو خيال آهي. ڪجهه ڪم اڌورا به پيا آهن. ڪتابن کان سواءِ گذارو به ته ڏکيو ٿو ٿئي. +مولانا جو اهو پنج ساله منصوبو ٻُڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس. سندس منهن کي ڏسي، سندس تندرستيءَ جو جائزو ورتم ۽ پيرن جي سوڄ ڏانهن نظر ڪري چيم الله اڪبر! هي انسان ڪيڏي عزم ۽ پختي ارادي جو مالڪ آهي! +ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هاڻي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو ٻن ڏينهن جو وقفو باقي آهي. +چوڏهين مارچ خميس جي ڏينهن صبح ٿيندي جيئن ئي آفيس اچي ويٺس، تيئن ئي فون جي گهنٽي وڳي. اهو رازي (مرحوم) جو آواز هو، جو گهٻرايل ۽ هيسيل منهنجي ڪن تائين پهتو ته مون چيو خير ته آهي؟ چيائين: مولانا انتقال ڪري ويو. ڪڏهن؟ رات ٻارهين وڳي! انالله وانااليہ راجعون. +مان سڄو سُن ٿي ويس. ٽي ڏينهن اڳ ۾ مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هئس. منهنجي ٽيبل ڊائري ۾ ڏهين تاريخ آچر جي ڏينهن وارو ورق کليل ئي هو، جنهن تي منهنجو مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو پروگرام مون واري ”جنن جي لپيءَ“ ۾ لکيل هو. +منهنجي ذهن ۾ انهيءَ آخري ملاقات جا سمورا واقعا هڪ هڪ ٿي آڏو ايندا ويا. جيڪي به ڳالهيون ٿيون هيون، اهي سڀ ياد اينديون ويون ۽ بار بار سندس ڳالهايل جملا منهنجن ڪنن ۾ گونجندا رهيا. ”... اڃا ته مون کي پنجن سالن تائين ڪم ڪرڻو آهي!.... ڪيترائي ڪم اڌورا پيل آهن!..... ڪتابن کان سواءِ ڪيئن گذارو ٿيندو!....“ +آچر جو ڏينهن خير سان گهر گذريو هئس. سومر ڏينهن معمول موجب آفيس ويو ۽ ڪم ڪار ڪري گهر موٽي آيو. اڱاري ڏينهن مولانا جڏهن آفيس پهتو ته هلڪو بخار محسوس ڪيائين ۽ واپس گهر هليو آيو. رات جو سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ته اسپتال پهتو. اربع جي ڏينهن پهريان ٻه پهر خيريت سان گذريا ۽ جيئن جيئن ڏينهن لهندو ويو، تيئن تيئن سندس طبيعت بگڙندي وئي. شام جو جيئن سج لهڻ لڳو، تيئن مولانا جي نبضن جو تحرڪ به گهٽبو ويو. اڌ رات جو اسپتال جي گهڙيال جيئن ٻارهن وڄائي ان ڏينهن ۽ تاريخ کي الوداع ڪيو ۽ تاريخ جو ورق ورايو، تيئن هيڏانهن ملڪ الموت به مولانا محمد شفيع جي زندگيءَ جو ورق ورائي ڇڏيو. هي هڪ شخص جي زندگيءَ جو ورق نه هو جو وريو، پر پوري قوم جي علمي وقار جو ورق هو، جو اُن ڏينهن ۽ تاريخ تي هميشہ لاءِ ورايو ويو. هي اهو سانحو هو، جنهن جي اذيت عارضَي نه پر دائمي هئي. اها اذيت هڪ خاندان ۽ قبيلي يا شهر تائين محدود نه هئي، پر پوري ملڪ ۽ ملت لاءِ هڪ جهڙي هئي؛ +تو آگهي که مرا از غروب، اين خورشيد، چه گنجهائي سعادت، زيان جان آمد. +لئبرريءَ جي پويان ننڍي لان ۾ علمي دنيا جي هن اڳواڻ ۽ رهنما جو لاش آخري سفر لاءِ تيار رکيو هو. سندس عزيزن ۽ قريبن کان سواءِ شهر جا معزز ۽ علمي شخصيتون به موجود هيون. جسٽس رحمان صاحب، حميد احمد خان صاحب، حامد علي خان صاحب، مولانا صلاح الدين (مرحوم)، ڊاڪٽر سيّد محمد عبدالله صاحب، ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي، شيخ محمد اڪرام صاحب ۽ سيّد محسن شاهه صاحب جن هئا. انهن کان سواءِ يونيورسٽي جا ڪيترائي استاد به آيا هئا. جيترا به ماڻهو موجود هئا، غمزده ۽ سوڳوار بيٺا هئا. سڀني جي منهن تي اداسي ڇانيل هئي. سڀني کي ان نقصان ۽ زيان جو اندازو ۽ احساس هو. +آخري ديدار کان پوءِ چار وڄي پنجن منٽن تي ڪفن جون ڏوريون ٻڌيون ويون. اسان ڏٺو ته هڪ مؤمن جو منهن هو، جو ڏاڍو مطمئن ۽ پرسڪون ٿي لڳو. مولانا وڏي اطمينان سان هن دنيا کي ڇڏي وڃي رهيو هو. +بندهه ام پاک روي راکه، درين دير کهن تازيد باک زيد، چون برود پاک رود +پوري ساڍي پنجين وڳي خاڪي جسم کي خاڪ جي سپرد ۽ خالق جي حوالي ڪري، سندس عزيزن ۽ عقيدتمندن جو اهو ننڍڙو قافلو ڦرجي ويل قافلي وانگر اَڇره جي قبرستان مان ٻاهر نڪتو، ۽ ٿوري دير کان پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو. مولانا کي اسين رخصت ته ڪري آياسون، مگر: +گيرم که شدي ز ديدهه، مستور از سينه من، کجا شوي دور + + +سنڌي ٻوليءَ ۾ حُب رسول +]راشدي صاحب جو هي مضمون، اردو اخبار ”حريت“ ۾ 04، نومبر 1972ع تي ڇپيو هو. مترجم آزاد قاضيءَ، مضمون لکجڻ جي پس منظر ۽ پيش منظر تي احسن طريقي سان، روشني وڌي آهي. مضمون جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ ۾، نمبر 3-2، سال 2015ع واري پرچي ۾ نروار ٿيو آهي[ +]سنڌي ٻوليءَ مٿان وقت به وقت مختلف حوالن سان گهڻ رُخا حملا ٿيندا پي رهيا آهن. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر باڪمال شخصيت سائين غلام مصطفيٰ شاهه هو. يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي باوقار ميمبرن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جهڙو نامور عالم پڻ شامل هو. پير صاحب جي ئي ڪوشش سان، يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ فيصلو ڪيو هو ته ”يونيورسٽيءَ جي اندر لکپڙهه، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي ويندي.“ ان ڳالهه تان وڏو ممڻ مچي ويو هو. ڪيترن ئي ماڻهن بيان ڏنا ۽ مضمون لکيا، جن ۾ ڪيترن ئي ٻين حوالن سان گڏ ديني ادب واري حوالي سان به سنڌي ٻوليءَ کي غريب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايتري قدر جو اهو پڻ لکيو ويو ته سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جو به ڪو تفسير ڪونهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته پير صاحب، هي مضمون ان صورت حال کي نظر ۾ رکندي لکيو هو، جيڪو اخبار روزانه حريت ڪراچي 04، نومبر 1972ع تي شايع ڪيو هو. سنڌيڪار[. +سنڌ جيئن ئي اسلامي جهنڊي جي پاڇي هيٺ آئي، هتان جا ماڻهو حضور نبي ڪريم (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) جي ذات گرامي ۽ سندن آندل تعليم کان واقفڪار ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ تمام تيزيءَ سان اسلام جي روح تائين پهچي ويا(1). +اسلام قبول ڪرڻ سان ئي سنڌي ماڻهن جي مدينه طيبه طرف آمد شروع ٿي وئي هئي. تعلقات جي شروعات ٿيندي ئي سنڌ جي ماڻهن ان دين (اسلام) کي پنهنجو ڪري ورتو ۽ ان ۾ درڪ پيدا ڪيو. ڪيترين اهڙين شين ۾ انهن سبقت حاصل ڪئي ۽ اوليت وارو شرف حاصل ڪري، عالمِ اسلام ۾ پاڻ لاءِ هڪ خاص نوعيت جو مرتبو ۽ امتياز پيدا ڪري ورتو. +قرآن مجيد جو پهريون ترجمو هتي ٿيو(2)، ۽ دين جي رُڪنن ۽ عقيدن بابت پهريون ڪتاب هن سرزمين تي لکيو ويو(3). حديث جو پهريون مجموعو هتي مرتب ٿيو(4)، ۽ حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خطن کي پڻ مجموعي واري صورت هن سرزمين تي ڏني وئي(5). مطلب ته ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ اسلامي رنگ ۾ رڱجي وئي. +نئون دين هو، امنگون تازيون ۽ ولولو، نقطهء عروج تي پهتل هو، ان ڪري هتان جي بزرگن، دين جي رُڪنن سان گڏ، دين آڻيندڙ جي شخصيت کي پڻ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو مرڪزي نقطو ٺاهي، ان جي چؤگرد هڪڙو حلقو ۽ دائرو جوڙي ورتو ۽ ان جي حرارت ۽ روشنيءَ ۾ پنهنجون زندگيون گذارڻ شروع ڪيون. +ڪيئي خاندان ترڪ وطن ڪري مديني طيبه هليا ويا ۽ آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خواب گاهه جي چوگرد وڃي اجها اڏيائون ۽ هر گهڙي هر پلڪ پنهنجي ديني رهبر، خدا جي رسول، قرآن پاڪ ۽ روضي اقدس جي ديدار سان پنهنجي اکين کي پُرنور (ڪندا)، ۽ دل کي سُرور بخشيندا رهيا. رسول جي محبوب شخصيت، انهن عاشقن جي دلين جي دنيا تبديل ڪري ڇڏي هئي. پاڻ نه رڳو پهريون ڀيرو انسانن کي هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏنائون، بلڪه سندن ئي ذات گرامي هئي، جنهن هن دنيا ۾ رهندڙن کي پهريون ڀيرو مهرو محبت وارن اهڃاڻن کان عملي طرح آشنا ڪيو. انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ذهن نشين ڪرائي، ذهن جي انڌيرن ۽ دلين جي اونداهين کي بغض و حسد ۽ عناد واري اونداهي دنيا مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ وٺي آيو هو. پاڻ دنيا جي واحد پهرين ۽ آخري شخصيت آهن، جن سان سندن امت جي محبت، عشق ۽ پيار جنون واري درجي تائين پهتل آهي. ’مسلمان‘ دين جي فرضن ۾ ته ڪوتاهي ڪري سگهي ٿو، ممڪن آهي ته دين جي روح سان به کيس پوري طرح شناسائي نه هجي، پر سندن ذات مبارڪ لاءِ جيڪا شگفتگي ڏسجي ٿي، ان ۾ گهٽتائي يا ڪوتاهي ڪڏهن به برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ پنهنجي غلامانه وابستگيءَ ۾ ڪڏهن به غفلت نه ٿو ڪري سگهي. بلڪه سدائين سندن ناموس تان نثار ٿيڻ لاءِ هر وقت سر گهورڻ تائين تيار رهندو آهي. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي نبيءَ کي نصيب ۾ ڪانه آئي. ان شگفتگي ۽ تعلق سبب، جيڪو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات مبارڪ سان هو، سندن تعليم ۽ سيرت کان وڌيڪ واقف ٿيڻ لاءِ، سنڌ جا ماڻهو سيرت ۽ حديث طرف پنهنجو پاڻ راغب ٿي ويا. اهوئي ڪارڻ هو جو حديث ۽ سيرت سڀ کان اڳ سنڌين جي وسيلي ئي برصغير ۾ پهتي. سڄي برصغير ۾ روايتن جو ڪوبه اهڙو سلسلو ڪونهي، جنهن جون اڪيچار ڪڙيون سنڌي محدثن سان نه ملنديون هجن. ابو طيب سنڌي(6)، ابوالحسن(7)، ابوالحسن صغير(8)، قاضي عبدالله محدث(9)، محمد حيات(10)، ۽ محدث محمد قائم(11)، وغيره ان ڊگهي سلسلي جون چند ڪڙيون آهن، جن هن خطي ۾ حديث ۽ سيرت کي آندو، بلڪه پنهنجون عمريون حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي جوار مبارڪ ۾ گوڏو ڀڃي، حديث جو درس ڏيندي گذاري ڇڏيون، بلڪه مرڻ کان پوءِ به حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم (جن) جي ئي قدمن ۾ فنا ٿيڻ کي ترجيح ڏني. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سان بي انتها محبت، سيرت جي گهري مطالعي ۽ حديث واري شڪل ۾ ارشادات گرامي سان لڳاءَ، جيڪا تڙپ سنڌ وارن جي دلين ۾ پيدا ڪري ڇڏي هئي، ان نه رڳو نثر ۾ سندن ذات بابرڪات بابت ڪتابن لکڻ واري تحريڪ پيدا ڪئي. بلڪه جيئن ته هتي معاملو عشق ۽ شگفتگيءَ وارو هو ان ڪري ان پنهنجي اظهار لاءِ نظم کي پڻ اظهار جو ذريعو اختيار ڪري ورتو. +نثر ۾ لکيل ڪتاب آخري دور تائين بين الاقوامي شهرت حاصل ڪندا رهيا آهن، مثال طور مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو ”دراسات اللبيب“(12)، ۽ مخدوم محمد هاشم جو ”بذل القوة“(13)، ٻارهين صدي هجريءَ جا مستند ۽ مشهور ڪتاب آهن. آخري ڪتاب رسالت مآب جي 23 سالن واري زندگيءَ جي ڏينهن رات، گهڙيءَ گهڙيءَ جو تاريخ وار روزنامچه آهي، جيڪو سيرت نگاريءَ جي سلسلي ۾ هڪڙو ڪرشمو آهي(14). +اهڙي طرح سنڌ ۾ نظم جون ڪيئي صنفون حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي مدح ۽ ثنا ۾ ايجاد ڪيون ويون آهن، ڪن قبيلن ته، پنهنجي قبيلي کي رسول جي مدح لاءِ ��خصوص ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو قبيلي جو نالو، ان حوالي سان مشهور ٿي ويو، مدح چوندڙ قبيلن مان، هڪڙي قبيلي جو نالو ’ڀان‘ آهي، جيڪو پاڻ کي ڪعب بن زهير(15)، جي اولاد مان سمجهي ٿو، ۽ ان مان مشهور نعتيه قصيدي ”بانت سعاد“ واري نسبت سان بان- ڀان سڏرائيندو آهي. +سنڌي لغتن ۾ عرب جي مشهور نعت گو شاعرن جا نالا ڏنا ويا آهن، جنهن منجهان، ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ جا شاعر پنهنجي نبيءَ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي محبت ۾ عربيءَ جا نعتيه قصيدا پڙهندا هئا. شاعر صدرالدين(16)، جي نعت ۾ ’ڪعب بن زهير‘ جو نالو ان ريت اچي ٿو: +’ڪر قبوليت ڪعب جيئن، ڪو قصيدو ڪم ذات جو‘. +(اي منهنجا حضور، ڪعب جي قصيدي وانگر، منهنجي به ڪنهن قصيدي کي شرف قبول عطا فرماءِ) +ان نعت ۾ ’لبيد‘ کي پڻ ياد ڪيو ويو آهي. +تنهن لنگهي لاڳُ لبيد جان +ڏني خزاني دل خواه مان +(مون ڪمينيءَ کي به لبيد وانگر انعام سان نواز ۽ سرفراز فرماءِ) +سنڌي شاعريءَ ۾ نج مدح رسول لاءِ اٺ شعري صنفون ايجاد ٿيون ۽ استعمال ڪيون ويون آهن. +1. مناجات: هن صنف ۾ چوڻ وارو پنهنجي لاچاري، هيڻائي ۽ ضرورتون، مشڪل ڪشائي ۽ حاجت روائيءَ لاءِ درخواست ڪندو آهي(17). +2. مداح: اها دراصل مدح آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ مداح چيو ويندو آهي. هن صنف ۾ فقط تعريف ۽ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جون وصفون بيان ڪيون وينديون آهن. +3. مولود: هيءَ صنف هونئن ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ولادت وارو ڏينهن ملهائيندي ڳائي ويندي آهي. پر سنڌ ۾ ان کي سڄو سال ڳاتو ويندو آهي. ان ۾ مدح وارا مضمون هوندا آهن، هر تعريف جو عنوان هوندو آهي ۽ سيرت واري حُسن جا سڀ ئي پاسا بيان ڪيا ويندا آهن. شادي مرادي يا خوشيءَ جهڙن ٻين موقعن تي ناچ گانن بجاءِ مولود ڳايا ويندا آهن. +چند ماڻهن جي هڪڙي ٽولي سُريلي آواز ۾ مولود ڳائيندي آهي. جن کي مولود چوڻ ۾ وڏي مهارت هوندي آهي. انهن جا ڌار ڌار پنهنجا پنهنجا حلقا هوندا آهن. اهي شخص مولودي سڏيا ويندا آهن، ۽ هر هنڌ گهرايا ويندا آهن(18). +4. مناقبا: اهو مناقب واري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان گڏوگڏ سندس اصحابي سڳورن جي تعريف ۽ خاص طور تي خلفاءِ راشدين جون وصفون بيان ڪيون وينديون آهن. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن لاءِ ڌار ۽ خلفاءِ راشدين لاءِ ڌار مناقبا لکيا ويندا آهن(19). +5. معجزا: هن صنف ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڏانهن جيڪي معجزا منسوب آهن اُهي بيان ڪيا ويندا آهن. مجموعي طور معجزا ان بيان ۾ هوندا آهن ۽ هر هڪ معجزي تي ڌار قصيدو به چيو ويندو آهي. مثلاً: شق القمر، جابر انصاري-زيد ڪافر، زهر هاڻو گوشت، انڌو يهودي، اٺ جو قصو، هرڻيءَ وارو معجزو، مطلب ته حضور جن جي ذات (مبارڪ) سان جيترا به معجزا مشهور ۽ منسوب آهن انهن مان ڪوبه نه ڇڏيو ويو آهي(20). +6. نڙ جا بيت: اهو دوهي جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ ٻن ٽن يا چئن لاڳيتن مصرعن ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي تعريف ۽ سندن شخصيت سان پنهنجي وابستگيءَ کي والهاڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. اندازِ بيان واري لحاظ سان، اها صنف نهايت پاڪيزه ۽ نهايت متاثر ڪرڻ واري آهي. هڪڙو ماڻهو نڙ وڄائيندو آهي. ٻيو ان جي لئه تي بيت ڳائيندو آهي. ان کي سنڌيءَ ۾ نڙ چيو ويندو آهي. ان ڪري انهن دوهن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي. +ان صنف جا بيت سنڌي ادب ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن. ٻوليءَ ۽ لفظن جو انهن ۾ بي بها خزانو موجود آهي. مقامي استعارا، تشبيهون ۽ چوڻيون حيرت ناڪ حد تائين استعمال ٿيون آهن(21). +7. ڏور جا بيت: اهو به دوهي جو ئي هڪ قسم آهي، جيڪو ٻن ٽن چئن پنجن مصراعن تي مبني آهي. ان ۾ رمز رکي ويندي آهي. اها معمي جي شڪل آهي ۽ فقط حضور جن لاءِ مخصوص آهي. سندن ڪابه وصف يا سيرت پاڪ جي ڪنهن واقعي کي رمز يا معمي واري شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. گرمين ۾ چانڊوڪيءَ وارين شگفته ۽ خوشگوار راتين ۾، جڏهن ڪو سوچ سمجهه وارو مهمان ڳوٺ ۾ اچي ويندو آهي ته اوطاق ۾ گڏجي ماڻهو اهي بيت پڙهندا آهن(22). +8. لولي: مائرون ٻارن کي رات جو لوليون ڏئي سمهارينديون آهن، پر اها لولي بي معنيٰ ناهي هوندي. پر لوريون جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’لولي‘ چئبو آهي، اها مدح يا مناجات تي مشتمل هوندي آهي. سمجهه وارن ٻارن کي معجزي واري لولي ٻڌائي ويندي آهي. اهي لوليون عورتن جي تصنيف هونديون آهن. انهن ۾ ڏاڍو سوز ۽ جذبو هوندو آهي. لفظ نهايت نازڪ ۽ انهن ۾ ٻولي خالص گهريلو استعمال ڪئي ويندي آهي(23). +عربي ۾ ڪعب بن زهير جو قصيدو، لاثاني آهي. فارسيءَ ۾ قدسي مشهدي(24) جي مدحيه نعت کي غير معمولي شهرت حاصل آهي، ۽ تقريباً مڙني مشرقي ٻولين ۾ ان تي تضمينون چيون ويون آهن. اردو ۾ محسن ڪاڪوروي(25)، جي نعتيه قصيدي کي ٻوليءَ جي صفائيءَ ۽ بندش جي بنياد تي هڪڙو خاص مرتبو حاصل آهي. اهڙي طرح سنڌيءَ ۾ ڪجهه قصيدن کي لافاني شهرت حاصل آهي. مثلاً: سنڌ جي فرمان روا سرفراز خان(26)، جي چيل مدح: +”ڀلا ڄام هن غلام سندو، سوال سُڻج تون.“ +(اي منهنجا اعليٰ مرتبت، اعليٰ صفت آقا، پنهنجي هن ادنيٰ غلام جي التجا ته ٻڌو) +اهڙي طرح شاعر صاحب ڏني(27)، جي مدح: +”اغثني يا سيدا، رس يا رسول الله تون“ +هن ذهني خلفشار واري دور ۾ ته نه ٿو چئي سگهجي، پر 25-30 سال اڳ تائين، سنڌ جي هر مرد عورت کي اهو قصيدو بر زبان ياد هوندو هو. وڏڙيون ڪراڙيون عورتون رات جو سمهڻ وقت ڪابه مدح دعا طور پڙهي (پوءِ) سمهنديون هيون، ۽ مرد صبح جو ڪلام مجيد جي تلاوت کان پوءِ انهن مداحن کي دعا طور پڙهي ڇڏيندا هئا. اهو روز جو معمول ۽ مشغلو هوندو هو. مٿي ذڪر ڪيل صنفن جو رواج ستين صدي هجريءَ کان معلوم ٿئي ٿو. +سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا ۽ ڪجهه شعر پڻ ملن ٿا، پر مڪمل نظم يا مسلسل مواد ڏهين ۽ يارهين صدي هجري کان پوءِ ملي ٿو. +ماضي قريب ۾ ثنائي(28) ۽ مولانا غلام رسول(29)، مقبول ترين مدح گو شاعر ٿي گذريا آهن. جن جا مدح ۽ مولود 25 سال اڳ تائين سڄي سنڌ ۾ گونجي رهيا هئا. مطلب ته سنڌ ۾ اسان کي ڪو هڪ به اهڙو شاعر نه ٿو ملي، جنهن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات گرامي سان لڳاءَ ۽ لاڳاپي واري بنياد تي دل جي گهرائيءَ سان نعتيه شعر چئي پنهنجي غلامانه لاڳاپي جواظهار نه ڪيو هجي. اهو ئي سبب آهي جو نظم ۾ رسالت ماب جي مدح جون ڪيتريون ئي صنفون موجود آهن. +حواشي از سنڌيڪار: +(1) سنڌ جي ماڻهن جا عرب دنيا سان قديم ترين زماني کان تعلقات هلندا پي آيا. انهن تعلقات جو سلسلو رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي دور تائين نمايان نظر اچي ٿو. +مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ اها ڳالهه وڏي وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ظهور ٿيڻ ۽ عرب دنيا ۾ اصلاح آڻڻ واري عمل دوران سنڌي ماڻهو پڻ ان ماحول ۾ موجود هئا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن سنڌين منجهان ڪن رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سچائي ۽ ايمانداريءَ وارين صفتن جي مدنظر اسلامي پرچار وارن ابتدائي ايامن ۾ به کين ساٿ ڏنو هجي. +اهڙي ريت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سلسلي ۾ رسالت مآب جي حوالي سان ڪيئي حوالا ملن ٿا. انهن قديم لاڳاپن ۽ ويجهن واسطن سبب سنڌ جي ماڻهن عربن سان مٽيون مائٽيون به ڪيون، جن جو پڻ ڊگهو تفصيل آهي. (سنڌ، عربن جي نظر ۾، مهراڻ 2/1980ع). +(2) قرآن پاڪ جو اهو ترجمو راجا مهروڪ بن رائق جي ڏينهن ۾ منصوره جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم ڪيو، جيڪو سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو. +(3) دين جي رُڪنن ۽ عقيدن بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو لکيل ڪتاب ”فرائض الاسلام“ چيو وڃي ٿو، جيڪو مخدوم صاحب 1171هه ۾ لکيو هو. ان ڪتاب ۾ مخدوم صاحب 1262 فرض ڪتب آندا آهن، انهن مان ڪن جو فرض هجڻ قرآن مجيد مان ته ڪن جو متواتر حديثن مان، ڪي وري مجتهدن جي بيان مان ثابت ڪيل آهن. ”هن رسالي ۾ اهي فرض درج ڪيا آهن، جيڪي حضرت امام اعظم ابوحنيفه جي مذهب ۾ فرض آهن“ (قادري، 2002ع، ص 342). +(4) حديث جي ميدان ۾ امام اوزاعي، ابومعشر سندي، ابوبڪر، احمد بن سندي، اسلم بن سندي، ابو ابراهيم، اسماعيل بن عيسيٰ بن فرح سندي، ابو نصر سندي، ابو عبدالله، ابوجعفر بن ابراهيم ديبلي، محمد حيات السندي ۽ ٻين جا سوين ڪتاب لکيل آهن. +(5) رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي خطن مبارڪن کي ديبل جي هڪ سنڌي عالم مرتب ڪيو هو. +(6) ابوطيب سنڌي: ابوالطيب محمد بن عبدالقادر حنفي سنڌي مدنيءَ، مديني منوره ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس تعلق ٻارهين صدي هجريءَ جي محدثن سان آهي (اسحاق، 1976ع، ص 283). +(7) ابوالحسن ڪبير ٺٽوي: جنهن دور جو پير صاحب ذڪر ڪيو آهي ان دور يعني ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر ”ابوالحسن“ واري ڪنيت سان چار بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن مان ٽي ابوالحسن ٺٽي شهر جا رهاڪو هئا ۽ چوٿين ابوالحسن جو تعلق نواب شاهه ضلعي سان هو. انهن مان هڪڙي بزرگ يعني ابوالحسن صغير جو پير صاحب ڌار ذڪر ڪيو آهي، ان ڪري ٻئي ذڪر ڪيل ابوالحسن جو اشارو ابوالحسن ڪبير طرف آهي، جيڪو ابوالحسن ڪبير محدث مدني طور مشهور آهي. ٺٽي کان مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري ويو ۽ اتي جي ڪيئي مشهور عالمن کان وڌيڪ علم پرايائين، حرم نبوي ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيائين. هن اڪثر مشهور عالم پيدا ڪيا. هن جا لکيل ڪتاب اسلامي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. محدث ابوالحسن جي وفات 1139هجري ۾ مدينه منوره ۾ ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون آهي“ (قاسمي، 1997ع، ص 389). +(8) ابوالحسن صغير: هن کي وڏي ابوالحسن کان ڌار سڃاڻپ ڏيڻ خاطر ’صغير‘ سڏيو ويو. هن جو اصلي نالو غلام حسين ابن مخدوم ميان صادق نقشبندي آهي. محمد حيات سنڌيءَ کان علم پرايائين. هي اصل ٺٽي جو هو، اُتان هجرت ڪري مديني منوره هليو ويو. محدث محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ ان جي جاءِ تي حديث جو درس ڏيندو رهيو ۽ ڪيترن برگزيده عالمن جو استاد آهي… ڪيترا علمي ڪتاب پڻ تصنيف فرمايا اٿس… هن بزرگ محدث جي وفات مدينه منوره اندر ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون ٿيو (قاسمي، 1997ع، ص 390). +(9) عبدالله محدث: تحفة الڪرام جي صاحب درٻيلي جي قاضي عبدالله جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، ”هن علم مخدوم عبدالعزيز ابهريءَ جي خدمت مان سکيو هو، پورو پورو متقي ۽ پرهيزگار هو. سنه 934هه ۾ گجرات ۽ اتان مديني ڏانهن هليو ويو ۽ هميشه لاءِ اتي رهي سڪونت اختيار ڪري گذاري ويو (قانع، 1976ع، ص 360). +(10) مخدوم محمد حيات سنڌي: هيءُ بزرگ ذات جو چاچڙ، سندس پيءُ جو نالو ابراهيم عرف ڦلاريو، عادلپور لڳ گهوٽڪي اُتر سنڌ ۾ ڄائو. سنڌ ۾ ابتدائي علم حاصل ڪري، علم جي طلب ۾ مديني شريف وڃي نڪتو. اتي سنڌ جي ٺٽوي محدث ابوالحسن ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي تڪميل ڪيائين. پنهنجي استاد ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ تي مسجد نبويءَ ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي ويٺ��. (قادري، 2002ع، 191) +ڪيترن ئي تصنيفن جي مصنف هن سنڌي محدث، 26 صفرالمظفر 1163هه ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيو. +(11) مخدوم محمد قائم سنڌي مدني: پنهنجي دور جو نالي وارو بزرگ هو. مخدوم رحمت الله جو شاگرد هو. علم ۾ مخدوم محمد هاشم جي مدِ مقابل هوندو هو. ”هر روز ٽپهريءَ جي وقت حديث نبوي عليہ الصلواة والسلام جو بيان ڪندو هو ۽ ڪيترن توفيق جي صاحبن کي سلوڪ جي واٽ جي هدايت ڏيندو هو. سن 1145هه ۾ هڪڙو دفعو حج تي وڃي خير سان واپس آيو، وري ٻيو دفعو اهليه سميت وڃي اتي رهي پيو ۽ انهيءَ برڪت ڀريي هنڌ حديث جي درس ۾ سڀني عالمن ۾ مشهور ٿيو. سن 1157هه ۾ گذاري ويو“ (قادري، 2002ع، ص 189) +(12) دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة بالحبيب: نالي ڪتاب 455+56+55+107=674 صفحن تي مشتمل جديد ٽائيپ ۾، تصحيح ٿيل سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو هو. +(13) بذل القوة في حوادث سني النبوة: مخدوم صاحب جو سيرت پاڪ بابت هي نرالي نوعيت وارو ڪتاب، مخدوم امير احمد عباسي کهڙائي سن 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان مرتب ڪري شايع ڪيو هو. متن 307 صفحا، عربي مقدمو، فهرست، انڊيڪس ۽ تعليقات 331 صفحا، جملي 638 صفحا آهي“ (قادري، 2002ع، ص 327). +(14) هن ڪتاب جي اهميت بابت مخدوم امير احمد لکي ٿو، ”هيءُ مختصر ڪتاب آهي جنهن ۾ انهن واقعن جو تاريخي ترتيب سان ذڪر آهي، جيڪي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ٽيويهه ساله نبوت واري زندگيءَ ۽ دور ۾ واقع ٿيا، يعني 13 سالن جو مڪي زندگيءَ وارو دور ۽ 10 سالن جي مدني زندگي واري دور جا حالات، واقعا ۽ غزوات، سرايا يا جنگيون. ڪتاب لکڻ جي شروعات 5 ذوالحج 1166هه تي ٿي، ۽ پڄاڻي 4 صفرالمظفر 1168هه جي ڏينهن ٿي (قادري، 2002ع، ص 328). +(15) ڪعب بن زهير: عربي نعتيه شاعريءَ جو وڏو نالو، ڏکڻ يمن جو رهاڪو هو. پهريائين پاڻ سڳورن جي مخالفت ۾ شعر چوندو هو، انهيءَ ڪري سندس لاءِ رسول مقبول جو حڪم هو ته جتي نظر اچي ته کيس قتل ڪيو وڃي. مڪي جي فتح کان پوءِ جڏهن رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي عفوو درگذر جو چرچو چوڌاري ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن هو به اخلاق نبويءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو. هڪ رات رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جڏهن مدينه منوره جي مسجد ۾ هئا ته ڪعب اچانڪ ڏاچيءَ تي چڙهي اچي پهتو، ۽ آواز ڏنائين ته مان ڪعب بن زهير آهيان ۽ مشرف به اسلام ٿيڻ آيو آهيان. حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڏاڍا خوش ٿيا. ڪعب رسول جي شان ۾ پنهنجو قصيدو پيش ڪيو. …ڪعب جو اهو قصيدو ’بانت سُعادُ‘ نالي سان مشهور آهي. (فتحپوري، 1974ع، ص 30). +(16) صدرالدين چارڻ: سندس پيءُ جو نالو مهرل فقير، ويٺل ڳوٺ فتحپور ضلعو دادو، ميرن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شان ۾ چيل سندس هڪ مدح ملي آهي. +(17) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پهريون ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ آهي، ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گڏ ٿيل آهي. ان ۾ ئي سنڌ جي مختلف شاعرن جون مداحون ۽ مناجاتون گڏ ڪيل آهن. +(18) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو چوٿون ڪتاب ”مولود“ مرتب ٿيل آهي. ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گڏ ٿيل آهي، ان ۾ سنڌ جي 186 شاعرن جا 782 مولود آيل آهن. +(19) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو ٻيو ڪتاب ”مناقبا“ آهي، ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گڏ ٿيل آهي، 388 صفحن واري ان ڪتاب ۾ 73 مناقبا شامل ڪيا ويا آهن. حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ڄمڻ وارا ڇهه مناقبا ته مختلف شاعرن جا چيل آهن، جڏهن ته معراج بابت چئن مختلف شاعرن جا مناقبا آيل آهن. +(20) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو ٽيون ڪتاب ”معجزا“ آهي. ان ۾ آيل مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ڪيل آهي. ان ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن جا معجزن بابت 65 طويل شعر چيل آهن. انهن مان سنڌ ۾ مشهور هرڻيءَ وارو معجزو، ته يارهن شاعرن جو چيل آهي ۽ بادشاهه پير رحه جو ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو معجزو پنجن مختلف شاعرن جو چيل آهي. اهي معجزا اڄ تائين بيان ٿيندا ۽ ورجائبا اچن ٿا. +(21) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو اڻويهون ڪتاب ”نڙ جا بيت“ آهي. سنڌ ۾ سانوڻ فقير جا نڙ بيت مشهور آهن. هن ڪتاب ۾ سانوڻ فقير ۽ سندس ساٿيارن جا 54 طويل نڙ بيت ڏنل آهن، جن مان ارڙهن طويل بيت سڌي طرح حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم، اوليائن جي معجزن ۽ صفت ساراهه بابت چيل آهن. +(22) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پندرهون ڪتاب ”ڏور“ آهي. هي ڪتاب چئن ڀاڱن تي هن ريت مشتمل آهي: ڀاڱو پهريون، سوا لک (حضرت آدم کان نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ڄمڻ تائين) ڀاڱو ٻيو، پنجتن (نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ اصحاب سڳورا، ڀاڱو ٽيون، وليت (اولياء سڳورا)، ۽ ڀاڱو چوٿون، قدرت (ڌڻي سڳوري جي قدرت جا معجزا. ڪتاب ”ڏور“ ساڍا ست سؤ صفحن تي پکڙيل آهي. +(23) اهڙيون لوليون هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ڳوٺن وستين واهڻن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهي. افسوس جو لوڪ ادب اسڪيم جو ان عنوان هيٺ ڪو ڪتاب جُڙي ڪونه سگهيو آهي. +(24) قدسي مشهدي: حاجي محمد جان قدسي 1646ع ۾ وفات ڪئي. سندس نعتيه ڪلام عشق رسول جي نهايت لطيف، پراُثر ۽ پرڪشش مضمونن سان پُر آهي (ميمڻ، 1980ع، ص 70). +(25) محسن ڪاڪوروي: ٻارهين صديءَ جو بزرگ محمد محسن ڪاڪوري علائقي ۾ پيدا ٿيو. ان نسبت سان ڪاڪوروي سڏيو ويو. سندس تصنيفن ۾ صبح نجله، نگارستان الفت ۽ خزانه رحمت شامل آهن. 1905ع ۾ وفات ڪيائين، ”هي اردو جو پهريون شاعر آهي جنهن نعت گوئي کي سنجيدگيءَ سان مستقل فن وارو درجو ڏنو ۽ ايترو ته مٿاهين مقام تي کڻي ويو، جنهن کان مٿي کڻي وڃڻ ٻين لاءِ سولو نه هو“ (فتحپوري، 1974ع، ص 56). +(26) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فرزند، سنڌ جو حڪمران، سندس شهادت 1775ع ۾ ٿي. +(27) ملا صاحبڏنو: ويٺل شڪارپور 1843ع ۾ وفات ڪري ويو. +(28) ثنائي: مولوي ثناءَ الله ثنائي، ولادت 1895ع، ويٺل ڳوٺ ’کوهارا‘ ضلع لاڙڪاڻو، وفات 1977ع. +(29) مولانا غلام رسول: ذات جتوئي ويٺل ڳوٺ محراب پور، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جو، سندس وفات 1957ع ۾ ٿي. +ببليوگرافي +سنڌي +(1) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مناقبا، 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي حيدرآباد. +(2) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مداحون ۽ مناجاتون، 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد. +(3) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مولود، 1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد. +(4) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، معجزا، 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد. +(5) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ڏور، 1970ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد. +(6) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، نڙ جا بيت، 1969ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد. +(7) قادري، عبدالرسول، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، 2002ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. +(8) قاسمي، غلام مصطفيٰ، مقالات قاسمي، 1997ع، نفيس پرنٽنگ پريس، حيدرآباد. +(9) قانع، علي شير، تحفة الڪرام، 1957ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي. +(10) گرامي، غلام محمد، سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ، سه ماهي مهراڻ 4/1976ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. +(11) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌ عربن جي نظر ۾، سه ماهي مهراڻ 2/1980ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. +(12) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري، 1980ع، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو. +اردو +(13) اسحاق، محمد ڈاکٹر، علم حدیث میں پاک و ہند کا حصہ، 1976ء، ادارہ ثقافت اسلامیہ لاہور۔ +(14) فتحپوری، فرمان ڈاکٹر، اردو کی نعتیہ شاعری، 1974ء، آئینہ ادب چوک مینار انار کلی لاہور۔ +(15) ندوی، سید سلیمان، عرب و ہند کے تعلقات، 1976ء کریم سنز پبلشرز، کراچی. + + +سنڌي ٻوليءَ کي للڪار +[محترم عبدالغفور ”الستي“ ميمڻ ”ملير ڊائجيسٽ“ (حيدرآباد) ۾ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ جي عنوان سان بحث جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو. ان مباحثي جي موٽ سڀ کان اول، راشدي صاحب هڪ خط جي صورت ۾ ڏني، جو مذڪوره پرچي ۾ جولاءِ 1972ع ۾ ڇپيو هو. هي مختصر مگر يادگار تحرير پوءِ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ نالي ڪتاب ۾ پڻ شايع ٿي. ايڊيٽر جي نوٽ سان گڏ هي تحرير هيٺ ڏجي ٿي] +اسان سڀ کان اول هن مضمون ۾ سنڌ جي مشهور عالم، مؤرخ، محقق، مقرر ۽ مختلف ٻولين جي وڏي ڄاڻوءَ جناب پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو هڪ خط ڏئي رهيا آهيون، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ”ملير ڊائجيسٽ“ اداري کي سندن طرفان پهتو آهي. پير صاحب جن جو هي خط نه فقط پنهنجي مٺڙي ۽ مادري ٻوليءَ سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار آهي، پر ساڳئي وقت اسان سڀ جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي چاهيون ٿا، انهن لاءِ رهنمائي جي حيثيت رکي ٿو. +هي سلسلو شروع ڪرڻ وقت اسان ٻوليءَ جي عام ڄاڻن کان سواءِ، ٻولي جي خاص ڄاڻن کي به اها اپيل ڪئي هئي ته هو اسان جي هن سلسلي ۾ رهنمائي ڪندا رهن. پير صاحب به انهن خاص ڄاڻن مان هڪ هئا، جن کي اسان اپيل ڪئي هئي. جيئن ته پاڻ ان اپيل جو جواب اسان کي موڪليو اٿن، تنهن ڪري اسان هن مهيني جي سلسلي ۾ ”چئلينج جو جواب ڏيندڙ“ کين ئي سڏيو آهي ۽ چئلينج کي قبول ڪرڻ ۽ ان جو جواب ڏيڻ لاءِ سندن ٿورائتا آهيون. +هن کان پوءِ باقي جيڪي به صاحب خاص ڄاڻن مان رهن ٿا، انهن کي وري اسان جي چوٿون دفعو اپيل آهي ته هو پنهنجي ڄاڻپ سان اسان جي اڻ ڄاڻائيءَ کي دور ڪندا رهن. هن طرح به پنهنجيءَ ٻوليءَ جي هن خدمت ۾ اسان جي رهنمائي ڪن. +محترم عبدالغفور صاحب، السلام عليڪم. عرض ته خط ڪيترن ڏينهن کان پهتل هو. پر جواب ۾ دير ٿي، جنهن لاءِ اميد ته بخش ڪندا. سنڌيءَ جي سلسلي ۾ منهنجي راءِ آهي ته: +1. سنڌي اخبارون خبرن ۽ عنوانن ۾ زبان کي خراب ڪري رهيون آهن. لکندڙ اردو اخبارن تان ترجما ڪري يا اردو لٽريچر ۽ اخبارون پڙهي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظي ترڪيبون يا محاورا ڪتب آڻي رهيا آهن، سي ڪنهن صورت ۾ زبان ۾ ٺهڪي نه ٿا بيهن. اوهان هر رسالي ۾ مهيني جي اخبارن ۾ ڪتب آيل ترڪيبون، عنوان، لفظ ۽ محاورا گڏ ڪري ڇاپيندا رهو، جيئن اخبار نويسن کي خبر پوي ته سنڌي زبان جي ڄاڻ يا اڻ ڄاڻائيءَ سبب هو ڪيئن ٻوليءَ جي ٻيڙي ٻوڙي رهيا آهن. جڏهن اهڙي فهرست گڏ ڪندا ته پوءِ اوهان کي انهيءَ ڪلور جي خبر پوندي. +2. فارسي ۽ عربي اکر گهڻي ۾ گهڻا ڪتب آڻڻ علم جي نه بلڪ جهالت ۽ پنهنجي زبان کان اڻ ڄاڻائيءَ جي نشاني آهي. آءٌ 1928ع کان 1937ع تائين اخبارن ۾ ابوالڪلام ۽ ظفر علي خان جي پوئواري ۾ فارسي ۽ عربي جا وڏ ڦڙا وسائيندو هئس. ليڪن اڄ جڏهن اهي مضمون پڙهان ٿو ته نه ڇڙو غلطي محسوس ڪريان ٿو، پر شرم ۽ کل اچي ٿي. +3. آسان ۽ نج زبان لکڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي. غالب، سر سيّد ۽ عبدالحق اردو کي تمام سليس لکيو ۽ خاص طرز پيدا ڪئي. سنڌيءَ ۾ مرحوم گربخشاڻي، ڄيٺ مل پرسرام، پروفيسر شاهاڻي، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، مولانا وفائي ۽ دائودپوٽي مرحوم سليس، روان ۽ صاف سنڌي لکي آهي. اڄ به اوهين اهي لکتون پڙهو، ڄڻ لذت پئي ايندي. +4. ڳالهائيندڙن ۾ آءٌ مرحوم علامه قاضي صاحب جي سنڌيءَ جو قائل آهيان. جڏهن ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهائبو هو ته جواب ۾ ڪو به لفظ ڌارين زبان جو ڪتب ڪونه آڻيندا هئا. +شهرن ۾ رهي رهي ڌارين سان اٿي ويهي اسان ماڻهن جي زبان خراب ٿي وئي آهي. سچ پڇو ته اسان کان پنهنجي زبان وسري وئي آهي. اڳتي هلي، جنهن جا نتيجا ڏاڍا ڏکوئيندڙ نڪرندا. سنڌي زبان جي صورت بدلجي ويندي ۽ اهو هاڃو اسين پنهنجو پاڻ ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ آءٌ گهڻي ۾ گهڻو جوابدار سنڌي اخبارن کي سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي زبان ۾ سندن مطالعو ڪونه آهي. اردو اخبارون پڙهن ٿا، جڏهن لکڻ ويهن ٿا، تڏهن اها ئي زبان استعمال ڪن ٿا، جيڪا هنن صبح جو اردو اخبارن ۾ ڏٺي آهي. تڙ تڪڙ ۾ اهي ئي عنوان ۽ لفظ سندن دماغ سوچي ٿو. +ڪراچي واري ”هلال پاڪستان“ ۾ ٻولي جي صفائيءَ جو بيحد خيال ڪيو وڃي ٿو. سندس روش کي پنهنجو ڪرڻ هرهڪ لکندڙ جو فرض آهي. +5. اوهان جيڪي مقابلي ۾ لفظ ڏئي رهيا آهيو، تن کي اڃا آسان ڪرڻ گهرجي، اهي ٺهڪن نه ٿا. +6. سنڌي زبان جهڙي شاهوڪار زبان ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ آڻڻ آپ گهات ڪرڻو آهي. غلط آهي، ناجائز آهي، گناهه آهي ۽ آخر ۾ اهو طريقو لکندڙ لاءِ ۽ زبان لاءِ گهاتڪ ٿيندو. +سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفويءَ جا لاڳاپا +[هي مقالو سيّد حسام الدين راشدي سال 1972ع ۾، ايران شناسن جي ٻين بين الاقوامي ڪانگريس تهران ۾ پڙهيو هو، جو تازو اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“ (نمبر: 09، بهار 1366 شمسي هجري) ۾ ڇپيو آهي. نظريئه ضرورت تحت رسالي جي اهلڪارن هن مقالي جو عنوان تبديل ڪري ”ايراني درٻار ۽ سنڌ جي درٻار جا ڏهين صدي هجريءَ ۾ تعلقات“ موضوع سان ان کي ڇاپيو آهي. هن مقالي جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1988ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو آهي] +ڏهين صدي هجري (قمري) ۾ بخارا کان دهليءَ تائين، قديم گهراڻا ختم ٿيا ۽ ٻين خاندانن انهن جي جاءِ والاري. قديم حڪومتون ختم ٿيون ۽ نيون قوتون نسري نروار ٿيون. شيبانين جو خاتمو (906هه/1500ع)، صفوي سلطنت جو قيام (907هه/1502ع)، هرات جي تيموري خاندان جو زالن ۽ اولاد جي ڪثرت سبب گل ٿيڻ (913هه/7-1506)، بابر جو فرغانه کان ڀڄي ڪابل ۽ قنڌار تي قابض ٿيڻ (928هه/1521ع)، شاهه بيگ جو قنڌار ۾ بابر هٿان شڪست کائڻ ۽ سنڌ طرف اچي سمن جي خاندان کي ختم ڪري نئين حڪومت ٺاهڻ (927/1520ع)، شير خان سوريءَ هٿان همايون جي شڪست ۽ سنڌ ۾ پناهه نه لهڻ (1 رجب 947هه/2 نومبر1540ع- 9 ربيع الثاني 950هه/ 17 جولاءِ 1543ع) (1)، ۽ شاهه طهماسپ جي درٻار ۾ پهچي، تخت ۽ تاج جو هن بادشاهه جي مدد سان واپس وٺڻ، هي سڀ واقعا ڏهين صدي هجريءَ جي ابتدائي چوٿائيءَ ۾ ٿي گذريا. ان ڪري ايران جون قديم سياسي، ملڪي ۽ علمي حالتون، توڙي هند پاڪ ننڍي کنڊ جو نقشو به بدلجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ ننڍي کنڊ تي، صدين تائين ايران جي برتري جاري رهي. هتان جي ملڪي ماحول ۽ اجتماعي سياست کي جن به اميرن، عالمن ۽ مدبرن تشڪيل ڏنو ۽ نئين زندگي بخشي، اهي يا ته ايراني يا وري توراني هئا. +سلطان محمود بکري ۽ سندس خاندان به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جن ڏهين صديءَ جي ابتدا کان وٺي آخر تائين هرات، ڪابل ۽ قنڌار توڙي سر زمين سنڌ تي مهمون سرانجام ڏنيون. امير ذوالنون ارغون ۽ شاهه بيگ جي وقت سلطان محمود جو پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش ڪابل، قنڌار، بست ۽ زمين داور تي قائم رهيو (2). ان بعد هي ان ملڪ مان تڙيا ويا ۽ اچي سنڌ تي قابض ٿيا. هن خاندان جي ڪجهه ماڻهن خاص ڪري والد جي موت کان پوءِ سلطان محمود ملڪي معاملن جي لاهن چاڙهن ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا (3). شاهه حسين ارغون جي وفات (962هه/ 1555��) تي جڏهن سندس ڪو وارث نه رهيو، سلطان محمود اتر سنڌ ۾ سيوهڻ کان سبيءَ تائين پنهنجي الڳ سلطنت جو بنياد رکيو. +سلطان محمود جا وڏا خوارسڪان جا هئا، جيڪو اصل ۾ تحصيل ”جي“ جو هڪ ڳوٺ هو (4). مير محمد معصوم بکري پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ ۾ سندس خانداني سلسلو هن ريت لکيو آهي: ”سلطان محمود بن مير فاضل بن مير عادل بن احمد خواجه“ (5). وڌيڪ لکي ٿو ته: احمد خواجه جو واسطو ٽن پيڙهين ذريعي ملڪ محمود نان دهه (ماني ڏيندڙ) سان لڳي ٿو، جو اصفهان ۾ پهچ ۽ سخا جي ڪري مشهور هو. جنهن وقت امير تيمور اصفهان کي تاراج ڪيو (789هه/1387ع) (6)، ان وقت محمود جو وڏو ڏاڏو احمد خواجه، امير ذوالنون ارغون جي پيءُ امير حسن جي هٿ چڙهيو ۽ ان وقت کان شاهه حسين ارغون (پوٽو امير ذوالنون) جي وفات تائين هي خاندان ساڻن گڏ رهيو. +ارغونن سان گڏ ترخان به سنڌ ۾ آيا، جن جو تعداد گهڻو هو، جڏهن ته مير فاضل ڪوڪلتاش جو خاندان چند ماڻهن تي مشتمل هو(7). ان جي باوجود به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، ترخانن جي دشمني ۽ رقابت هوندي به، سلطان محمود اڌ سنڌ تي مسلط ٿي ويو. وٽس جانباز ۽ وفادار سپاهي هئا، جنهن ڪري پاڻ ترخانن تي حاوي رهيو. پاڻ مشڪل ڪمن کي سمجهڻ ۽ مسئلن حل ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سندس شخصيت نهايت دلچسپ هئي. سنڌ جي تاريخ ۾ جهڙس سياسي بصيرت جو مثال گهٽ ملي ٿو. +پاڻ جنهن وقت حڪومت جي واڳ ورتائين، اهو دور خطرن سان پر هو. ٺٽي جو حاڪم مرزا عيسى ترخان سندس سخت دشمن هو ۽ سندس وجود کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ هو. هندستان ۾ همايون بادشاهه، شاهه حسين جي موت کان هڪ مهينو اڳ (9 جمادي الاول 962هه/10 اپريل 1555ع)، لاهور تي قبضو ڪيو هو (3 ربيع الاخر 962هه/24 فيبروري 1555ع ۽ ٽي مهينا پوءِ (2 شعبان 962هه/22 جون 1555ع)، سرهند وٽ سورين کي شڪست ڏئي، ٻيو ڀيرو سرزمين هند تي مغلن جو جهنڊو ڦڙڪايو. همايون بادشاهه پڻ سلطان محمود جو دشمن هو. جڏهن هو شير شاهه سوريءَ هٿان شڪست کائي، سنڌ پهتو هو (28 رمضان 947هه/24 فيبروري 1541ع- 7 ربيع الثاني 950هه/17 جولاءِ 1543ع)، تڏهن سلطان محمود پنهنجي ولي نعمت، شاهه حسين ارغون جي حڪم موجب، هر جاءِ تي سندس مزاحمت ڪئي هئي ۽ کيس ڪٿي به آرام ڪرڻ نه ڏنائين. ايتري تائين جو مجبور ٿي کيس ايران وڃڻو پيو. مير معصوم موجب، سلطان محمود هٿان جيڪا شڪست بادشاهه همايون کي آئي، ۽ سندس بهترين امير ڪتب آيا، ان ڪري هو سنڌ ڇڏي ايران طرف پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيو(8). +ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سلطان محمود خان پنهنجي اباڻي وطن سان نسبت برقرار رکي. شاهه حسين جي دور ۾ (930هه/1524ع- 962هه/1555ع)، جڏهن پاڻ اڃا بکر جو نائب حاڪم هو، ايرانين ۽ خاص ڪري ديني بزرگن سان رستو پيدا ڪري، خط و ڪتابت جو تبادلو جاري ڪيائين. جڏهن ارغونن ۽ ترخانن، ٺٽي ۾ شاهه حسين جي پڄاڻيءَ ڌاري بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو (محرم 962هه/نومبر 1554ع)، تڏهن سلطان محمود بکر مان فوجي جٿا ساڻ ڪري، پنهنجي ولي نعمت جي مدد لاءِ خود روانو ٿيو. سيّد جعفر مشهدي ٻي منزل تي اچي ساڻس مليو ۽ روضهءَ رضويه جي نقيبن پاران، نقارن جو هڪ جوڙو پيش ڪيائين (9). ان کي پنهنجي حڪومت لاءِ سٺو سوڻ سمجهي وڏي احترام سان قبول ڪيائين. +جنهن وقت سلطان محمود ايران سان لاڳاپا پي وڌايا، تڏهن پاڻ هن حقيقت کان غافل نه هو، ته جيسين همايون بادشاهه جي دل ۾ ڪدورت باقي هوندي، تيسين پاڻ اطمينان سان حڪومت نه ڪري سگهندو. مرزا شاهه حسين جي وفات وقت اتفاق سان، ترڪ اميرالبحر سيدي علي رئيس به موجود هو، سو عيسى تر خان جي بجاءِ سلطان محمود جي ويجهو اچي ويو. سلطان محمود به هن ل��ڳاپي مان فائدو ورتو ۽ جڏهن اميرالبحر هندستان جو ارادو ڪيو، تڏهن کيس صورت حال کان واقف ڪري صلح جي درخواست ڪيائين. +سلطان محمود سان بخت ياوري ڪئي. سيدي علي رئيس کيس بادشاهي مهر سان خوشنوديءَ جو فرمان موڪلي ڏنو (10). ان وقت موجود خطرو ٽري ويو، ۽ چند مهينن کان پوءِ همايون بادشاهه به فوت ٿي ويو (10 ربيع الاول 963هه/28 جنوري 1556ع). +سلطان محمود ان دوران شاهه طهماسپ کي پنهنجو مددگار ۽ دوست سمجهي، چند ڀيرا پنهنجو سفير موڪلي بخشش ۽ لقب حاصل ڪيو. مير معصوم جي ”تاريخ سنڌ“ ۾ اچي ٿو ته سال 965هه (57-1558ع) ۾ شاهه ايران، سلطان محمود کي ”خان“ لقب عطا ڪيو (11). هن لقب کي گورگاني (مغليه) مؤرخن سطحي سمجهي اهميت نه ڏني، ۽ هميشہ کيس سلطان محمود بکري ڪري لکيو اٿن. سنڌ ۾ هي لقب سندس نالي جو حصو بنجي ويو، ۽ سڀني سنڌي تاريخ دانن کيس سلطان محمود خان بکري طور ياد ڪيو آهي. هن لقب سان گڏ کيس علم، نقاري، سروپاءِ ۽ ٻين تحفن سان نوازيو ويو(12). +همايون جي وفات سان ختم ٿيل خطرو وري موٽي آيو. سندس جاءِ نشين اڪبر جوان بلڪ نوجوان هو. جڏهن همايون جي لاءِ سلطان محمود خان تڪليف پيدا ڪئي، تڏهن عمرڪوٽ ۾ اڪبر ڄائو (5 رجب 949هه/15 آڪٽوبر 1542ع). هي ٻار ڇهن مهينن جو هو ته همايون سنڌ ڇڏي ايران ۾ پناهه ورتي. جيتوڻيڪ پيءُ هن واقعي کي وساري ڇڏيو، ليڪن پٽ ان کي فراموش نه ڪيو هو. هو انتقام وٺڻ لاءِ تيار هو. انهن خاص ماڻهن جي اڪثريت اڃا زندهه هئي، جن تڪليفون ڏٺيون هيون ۽ اهي ڳالهيون ڪري سندس (اڪبر) ياد کي تازو ڪندا هئا. اڪبر جو استاد سپهه سالار خانخانان بيرم خان ۽ اڪبر جي پڦي گلبدن بيگم انهن ڏينهن جا ڏکويل زندهه هئا. ان ڪري مصيبت اچڻ جو خطرو هر وقت موجود هو. +سلطان محمود خان اهي خطرا ڏسي، ڏاهپ ڪري خانخانان بيرم خان جي هڪ عزيز، تردي بيگ جي ڌيءَ گوهر تاج خانم سان شادي ڪري ورتي. مير معصوم لکي ٿو: عجيب طريقو رٿي شهر ۽ بازار ۾ هڪ دستور سان قبا تيار ڪرايائون ۽ متعدد مجلسون ڪري قسمين قسمين مزا ورتائون (13). ظاهر آهي ته ڪو ماڻهو ستهٺ سالن جي عمر ۾ شاديءَ جو اهڙو جشن نه ٿو ڪري. کيس نه ته مباشرت جي ضرورت هجي ٿي، ۽ نه وري نبوي سنت جو طريقو پورو ڪرڻ مقصد هو. هن واسطيداري پيدا ڪرڻ جو هڪ ئي سبب هو، ته جيئن بيرم خان تان ناگوار ۽ اڻ وڻندڙ صورت حال کي دفع ڪجي. اڪبري درٻار جو هي پراڻو ملازم جڏهن عتاب ۾ آيو ۽ منصب تان معزول ٿيو ۽ ڪعبة الله جي زيارت تي سنبريو، تڏهن ڪجهه وقت بکر ۾ ٽڪڻ گهريائين ٿي. سلطان محمود خان موقعي جي نزاڪت ڏسي، مٽي مائٽيءَ جو واسطو ترڪ ڪري، ٻٻرلوءِ جي ”چهار باغ“ کي ويران ڪرائي ڇڏيو، ته جيئن بيرم خان ان سرسبز ۽ شاداب جاءِ تي رهي نه پوي (14). همايون بادشاهه به ان جاءِ کي گهڻو پسند ڪيو هو. هي عمل سندس حالت سمجهڻ جو هڪ وڏو دليل آهي. +اڪبر سان گهڻي ويجهڙائيءَ کي سلطان محمود خان پسند نه ٿي ڪيو، ڇو ته ان ريت پنهنجي حڪومت وڃڻ جو امڪان هئس. هن کان پري ٿيڻ به نه ٿي چاهيائين، جنهن ۾ پڻ حڪومت وڃڻ جو خطرو ڏٺائين ٿي، ان ڪري سياسي طرح شاهه ايران کان، خاص عنايتون حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪيائين. +محمود کي ”خان“ لقب عطا ٿيڻ بعد، شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ هيرن جو هار، تاج، جڙاءَ دار ڪمربند، قيمتي سروپاءِ، ڇٽ، اتاغه، جيغئه زلف، عقار ۽ ٻيون قسمين قسمين نوازشون ۽ بادشاهي انعام کڻي بکر ۾ حاضر ٿيو (15). سفير جو جوڳو استقبال ڪري، سلطان محمود کيس گهڻي عزت ڏني. هي عمل بادشاهه اڪبر جي ڏيکاءَ کان علاوهه پنهنجي پراڻي دشمن مرزا عي��ى ترخان تي رعب وجهڻ لاءِ پڻ هو. مير معصوم لکي ٿو: حق بردي بيگ سڄو سال بکر ۾ رهيو ۽ جڏهن واپسيءَ جو ارادو ڪيائين، تڏهن سلطان محمود خان ساڻس گڏ سيّد ابوالمڪارم سبزواريءَ کي سفير ڪري موڪليو (16). هن صفوي دربار ۾ مهربانيون حاصل ڪيون. سال 971هه/1563ع جي باري ۾ صاحب ”عالم آراي عباسي“ لکي ٿو: ”سن نو سؤايڪهتر ۾ سلطان محمود خان بکر ۽ سنڌ جي حاڪم پنهنجي سفير ابوالمڪارم کي موڪليو. هن گهڻي وفاداري، عقيدت ۽ موروثي سچائي ڏيکاريندي، قيمتي تحفا به موڪليا هئا“ (17). +شاهه طهماسپ ٻيو ڀيرو به حق برديءَ کي سلطان محمود خان جي درٻار ۾ موڪليو ۽ مير معصوم موجب هن ڀيري کيس ”خانخاني“ لقب عطا ڪيو ويو. هو لکي ٿو: ”ٻيو ڀيرو حق برديءَ کي مير ابوالمڪارم سان گڏ ڏياري موڪليو. سلطان محمود خان کي ”خان خاني“ لقب ۽ طرحين طرحين نوازشن ۽ مهربانين سان نوازيو“ (18). سلطان محمود خان وٽ حق برديءَ جي اچڻ ۽ هن لقب ملڻ جو سال مقرر ڪرڻ ذرا مشڪل آهي، ڇو ته مير معصوم واقعاتي تسلسل ۽ تاريخن جي درستگيءَ ۾ لاپرواهه ڏسجي ٿو. هن ڏس ۾ ”تاريخ معصومي“ سن 970هه/1563ع لکي ٿي (19). جڏهن ته ”عالم آراي عباسي“ سال 971هه/1563ع ڏنو آهي. مير ابوالمڪارم جي واپسي ”احسن التواريخ“ پڻ هن سال ۾ ڄاڻائي ٿي. جيئن اچي ٿو ته: سن نو سو ايڪهتر ۾ شاهه عالم پناهه جي درٻار ۾ قاصد ۽ سوکڙيون موڪليائين. سلطان محمود خان بکر جي حاڪم ابوالمڪارم هٿان تحفن جا ڪئين قسم موڪليا..... شاهه دين پناهه. قاصدن (سفيرن) کي قيمتي خلعتون بخشي واپس موڪليو(20). +بهرحال سلطان محمود خان لقب ”خانخاني“ سان مشهور نه ٿيو (21)، ۽ اهڙو اشارو به ايراني تاريخن ۾ نه ٿو ملي. حقيقت ۾ هي لقب ايراني نه هو، بلڪ خاص گورگاني (مغليه) درٻار جو هو. هن ڏس ۾ مير معصوم غلطي ڪئي آهي. اهو سلطان محمود خان ئي هو، جنهن گهريو ٿي ته بيرم خان جي وفات بعد، گورگاني درٻار جو هي اعلى ترين لقب کيس ڏنو وڃي. سندس خيال هو ته ان لقب ملڻ سان، هو پاڻ کي پنهنجي داخلي دشمنن مرزا عيسى ترخان ۽ پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقيءَ کان محفوظ رکندو. ان ريت ان منظوريءَ لاءِ مير ابوالمڪارم (22)، کي صفوي درٻار ۾ موڪلي ڏنائين. ايراني بادشاهه وٽان سفير حق برديءَ جي منزل اڪبري دربار ڏي هئي. هو چند ڏينهن بکر ۾ رهي پوءِ اڪبري درٻار ڏي روانو ٿيو ڏسجي ٿو. +اسان کي خبر آهي ته شاهه طهماسپ ۽ اڪبر بادشاهه ۾، قنڌار جي معاملي ڪري رنجش موجود هئي. ان هوندي به ٻنهي بادشاهن ۾ چڱا تعلقات هئا. هي اندازو شاهه طهماسپ کي موڪليل جواب مان ٿئي ٿو، جيڪو ابوالفضل ”اڪبر نامه“ ۾ محفوظ ڪيو آهي. هو لکي ٿو: سن 972هه/1564ع ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي يڪجهتيءَ جي گلدستي ۽ هن درٻار جي تحفن سان گڏ پهتو. سلطان محمود خان بکري ٻانهپ جو اظهار ڪيو ۽ سندس خواهش هئي ته هو خانلرخاني يعني ”خانخاني“ جو لقب هن درگاهه مان حاصل ڪري. اڳ ۾ منصب روڪڙ ۽ سفارش تي ملندا هئا پر جڏهن اڪبر مسند تي ويٺو ته هن اهي لقب اهليت جي بنياد تي ڏيڻ شروع ڪيا ۽ سفارش کي رد ڪيو ويو. ان صورت حال ۾ جڏهن هي لقب منعم خان کي مليل هو، انهيءَ ڪري عذر ڪيو ويو ۽ ايلچيءَ کي واپس موڪليو ويو. (23). هن عبارت مان اڪبر ۽ طهماسپ جي لاڳاپن جي صورت حال سامهون اچي ٿي. +منهنجي تحقيق موجب حق بردي هي پيغام آندو، ۽ ابوالمڪارم سان گڏ بکر پهچي پوءِ اتان اڪبري درٻار ڏي ويو. هن سفارت کي مير معصوم صحيح طرح نه سمجهيو، ان ڪري شاهه طهماسپ جي سفارش جي حوالي سان گفتگو ڪندي، هن لقب ڏيڻ کي مذڪورهه بادشاهه ڏي منسوب ڪيائين. +ش��هه طهماسپ کي اڪبر جي پهتل جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود کي اڪبر ”اعتبار خان“ جو لقب ڏنو هو ۽ مستقبل ۾ پڻ وڌيڪ نوازشن جو واعدو ڪيو (24). هن حوالي کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪو به ماخذ هن لقب جو ذڪر نه ٿو ڪري، تاريخ مير معصوم، اڪبر نامه ابوالفضل ۽ پوين ڪتابن مان ”تذڪرة الامرا“ ڪِيولرام، سڀ ئي هن متعلق خاموش آهن. پويون ڪتاب خاص انهن اميرن بابت آهي، جن کي بادشاهن وٽان لقب مليل هئا. ان ۾ به سلطان محمود خان کي ”اعتبار خان“ جي لقب سان ياد نه ڪيو ويو آهي. چئي نه ٿو سگهجي ته بادشاهه اڪبر جي خط ۾ ڇو ۽ ڇا لاءِ اهڙو اشارو ٿيل آهي؟ +ميرزا عيسيٰ ترخان سن 973هه/1565ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ظالم ترين پٽ مرزا محمد باقي مسند نشين ٿيو (25)، جنهن کي سلطان محمود سان دشمني پنهنجي پيءَ کان ورثي ۾ ملي ۽ هن به ان کي برقرار رکيو. +سلطان محمود خان ۽ شاهه طهماسپ ۾، سن 973هه/1565ع کان پوءِ تاريخن ۾ سفيرن جي اچ وڃ جو احوال ڪونه ٿو ملي. پر ان زماني جي واقعن مان اهڙا اشارا ملن ٿا، ته سلطان محمود جو ايران سان خاص تعلق آخر تائين برقرار رهيو. مرزا باقي سن 974هه/1566ع ۾ اڪبر بادشاهه کي هڪ درخواست موڪلي ۽ شڪايت ڪئي ته سلطان محمود، سندس حدن ۾ قنڌار جي قزلباشن جي لشڪر سان، دخل اندازي ڪري ٿو، جنهن لاءِ کيس تنبيهه ڪئي وڃي (26). هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود جو، شاهه طهماسپ جي ڀائٽي قنڌار جي والي سلطان حسين ميرزا (984هه/1576ع) ولد بهرام مرزا سان ويجهو واسطو هو. +پرآشوب ۽ پر خطر زندگيءَ جا اسي سال پورا ڪرڻ بعد، هاڻي سلطان محمود خان ڪمزور ۽ ٿڪل هو. پيري مٿس حاوي ٿي چڪي هئي. کيس پٽاڻو اولاد نه هو، جو کانئس پوءِ حڪومت جي واڳ سنڀالي. هڪ نياڻي ”بکري بيگم“ نالي هيس، جا سال 980هه/1572ع ۾ اڪبر کي نڪاح ۾ ڏنائين (27)، ۽ گهريائين ته باقي حياتي آرام ۽ سڪون سان گذاري. ليڪن موت کيس ٻن سالن کان وڌيڪ مهلت نه ڏني. پاڻ 8 صفر 982هه/30 مئي 1574ع تي جلندر جي مرض وگهي چوراسي سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو (28). ٻه سال پوءِ 984هه/1576ع ۾ سندس مربي ۽ محسن شاهه طهماسپ به مري ويو. اهڙيءَ ريت خير سان هنن ٻن شخصن جا لاڳاپا به پورا ٿيا. +سلطان محمود جي تعريف ڪندي مير معصوم لکي ٿو ته: گهڻين صفتن جو مالڪ هو، بهادر ۽ سخي هو، سندس همت مشهور آهي. سندس طبيعت ۾ ڏاڍي تکائي هئي. جڏهن ڪاوڙبو هو ته آپي مان نڪري ويندو هو، خونريزيءَ کان به ٽارو نه ڪندو هو، بلڪ ٿوري وهم ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو گهرٻار برباد ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي شخص جي تاريخ وفات به ”در بهشت آسود“ مان لڌائين (29). 982هه +حوالا ۽ حاشيا: +(1) همايون اِن پرشيا، ص 1-49، ڪلڪته، 1948ع. +(2) ڏسو 920هه جو ڪتبو، جيڪو مير فاضل ڪوڪلتاش، بابا حسن ابدال (بابا ولي) قنڌاريءَ جي مزار تي نصب ڪيو (مجله، آريانا، ڪابل، ش 10، سال 6) ۽ تحفة الڪرام (حصه اول، ص 95-192)، راقم الحروف جو مرتب ڪيل (1971ع). پڻ ڏسو مولانا صبحي جي حڪايت، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، مير فاضل ’ڪزيو‘ زمين داور جو جڏهن صوبيدار هو، ان وقت ايترا ته ظلم ڪيائين جو ماڻهو دانهون ڪرڻ لڳا (بدايع وقايع واصفي، ماسڪو، ص 57-1156، ۽ تحفة الڪرام، ص 495). +(3) شاهه بيگ جي دور ۾ سلطان محمود بکر جو عملدار هو (مير معصوم ص 122). شاهه حسين جي وقت ۾ محمود جي حدن ۾ بکر، سبي ۽ شال (ڪوئيٽه) شامل هئا (طاهري، ص 72). سبي 950هه ۾ سندس تحويل ۾ آئي (مير معصوم، ص 220). محمود نالي سان بکر جي نسبت ان ڪري ٿي جو سندس سمورو دور هتي گذريو. تاريخ طاهري لکيو آهي ته، شاهه حسين ملتان جي فتح (933هه) کان پوءِ ملڪ جو هي حصو پوري طرح سندس عملداريءَ ۾ ڏئي ڇڏيو: محمود خان بن فاضل ڪوڪلتاش کي اتي جو (بکر) قائم مقام ڪري، سيوهڻ جي سرحد کان ملتان، سبي ۽ گنجا واهه تائين جون مهمون کيس سپرد ڪيائين (ص 72). +(4) خوارسڪان (فرهنگ جغرافياي ايران، جلد 10، ص 216-80). (گنجينه تاريخي اصفهان، ص 303). اصفهان ۽ يزد جي رستي تي واقع آهي. خراسگان به لکيو ويو آهي (فرهنگ آباد هاي ايران، ص 170). جَي (فرهنگ جغرافياي ايران، جلد 10، ص 216-60، فرهنگ آباد هاي ايران، بخش اول، ص 126). جَي، اصفهان سان لاڳو هڪ ديهه جو نالو آهي. شعر ۾ هن ريت آيو آهي: +چهار شهر عراقش هميشه باد مقام به چار فصل که نبود زوالش اندر پي ربيع در قم و هنگام صيف همدان خريف در جَي فرخندهه و شتا در ري +قابوس نامه جَي تي ختم ڪيو ويو آهي: +نوشت دفتر قابوس نامه بخطي چو آفتاب هويدا و در نظر چو جدي بروز بيست و هفتم ز ماهه زيقعدهه سال شش صد و هفتاد و سه بخطئه جَي +ان ريت ”ڪليله ودمنه“ جو قديم نسخو (673هه) جَي ۾ ڪتابت ٿيو: +بسال ششصد و هفتاد و سه بخطئه جَي که شد تهي ز بد انديشي و جفا کيشي +(از سعدي تاجامي، ص 45-144). +جَي جو قصبو راقم الحروف مارچ 1974ع ۾ ڏٺو ۽ ان تي هڪ مقالو به لکيو (هلال پاڪستان، ڪراچي)، اصل ۾ هيءَ عبارت غلط لکي وئي آهي ۽ ڪتابت جي غلطي آهي. ساڳي غلطي ”منتخب التواريخ“ اٽڪي کان به ٿي آهي: اصل ايشان از ملوک جرهه من اعمال اصفهانست (قلمي). جره جي جاءِ تي جي هجڻ کپي. تاريخ سنڌ، مير معصوم ۾ عبارت هن طرح غلط ٿي وئي آهي: موضع خراسان واصل ايشان از ملوک چين من اعمال دارالسطنت اصفهان (ص 218). جڏهن ته ٿيڻ ائين کپي: موضع خراسکان واصل ايشان ازملوک جي من اعمال دارالسطنت اصفهان. +(5) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 218. +(6) عراق ۽ عجم تي تيمور جو هي ٻيو حملو هو (798هه-1387ع)، جنهن ۾ اصفهان جي سڀني باشندن کي نشانو بنايو ويو (هسٽري آف دي ارغونس ائنڊ ترخانس آف سنڌ، ص 251، 1972ع، ايم. ايڇ. صديقي، بحوالئه: توزڪ تيموري، ظفر نامه، روضته الصفا، حبيب السير). +(7) سلطان محمود جو سلسلو هن ريت آهي: +احمد خواجه +789هه +عاقل خواجه اتڪه عادل خواجه +مير فاضل وفات 928 هه امان سلطان بيچه +شاهه بيگ سان گڏ سنڌ آيو +شاهه بابا احمد ولد ارشد مير عبدالفتاح مير عبدالواحد +وفات 928هه سلطان محمود بکري امير سلطان +(سبي ۽ بکر جو حاڪم) +محمد قلي بيگ بکري بيگم +(اڪبر جي نڪاح ۾ آئي) +تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، راقم الحروف جو ڇاپو (ص 200). اهي چند ماڻهو هئا، جن تي هي سلسلو پورو ٿيو. سکر يا بکر ۾ ڪنهن جي قبر يا مدفن گاهه جو پتو نه ٿو پوي. ڪنهن دور ۾ مير معصوم شاهه جي مناري جي سامهون، جتي ڊاڪٽر مس الفريڊ جو مڪان هو ۽ اولهه طرف فوجي عمارتون هيون، ڪاشيءَ سان سينگاريل هڪ خوبصورت قبر موجود هئي. ان کي سلطان محمود جي قبر سڏيو ويندو هو پر هاڻي نوان مڪان ٺهڻ سبب اها به گم ٿي وئي آهي. +(8) همايون ۽ شاهه حسين ارغون ۾ جون (جوڻ) جي ويجهو خونريز جنگ ٿي، جنهن ۾ سلطان محمود جي هٿان همايون جا اڪثر نامور امير مارجي ويا. مير معصوم جي لکت موجب: از حدوث اين امر خاطر پادشاهه بغايت محزون گرديد..... لاجرم دل از سند سرد ساخته راهه توجهه بجانب قندهار مصمم ساختند (ص 179). تاريخ طاهري، محمود جي ان ماراماريءَ تي سندس لاءِ لکيو آهي ته: محمود نامسعود، اوباش، بدمعاش کوکلتاش (ص 74). +(9) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 189. +(10) ڏسو ”مرات الممالک“ سيدي علي رئيس (1313 جو ڇاپو). سنڌ واري حصي کي راقم ترجمي ۽ حاشين سان رسالي ”مهراڻ“ نمبر01، سال 1971ع ۾ شايع ڪيو آهي. سيدي علي رئيس سنڌ ۾ 20 ربيع الاول کان ڪري اڌ شعبان 962هه تائين رهيو (پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن). +(11) خان جي لقب لاءِ ڏسو؛ انسائڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد 2، ص 898-897. صفوين جي دور ۾ ننڍي صوبي جي حاڪم کي سلطان چوندا هئا. سلطان، خان جو زيردست هوندو هو، جو ان کان وڏي صوبي جو والي هوندو هو (بارتول). تيموري ترڪن وٽ خان جو لقب سلطان کان وڌيڪ اهم هوندو هو ۽ وڏن وڏن اميرن کي ڏنو ويندو هو. لقب خان ازبڪن وٽ بادشاهه جو متبادل خيال ڪيو ويندو هو. ان ريت صفوي بادشاهه ”خاني“ جو لقب فقط اهم ترين اميرن کي ڏيندا هئا يا ولايت جي حڪمران يا والي جي لاءِ مخصوص هوندو هو (دائرة المعارف، غلام حسين، جلد 1، ص 879). وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”لغت نامه دهخدا“ (س اکر، ص 152). +(12) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 223، متن ۾ لفظ ”اقوا“ ڪتابت جي غلطي آهي. اصل ۾ هي اکر قور آهي، جنهن جي ترڪيءَ ۾ معنى آهي: جبه ۽ سلاح. +(13) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 223. +(14) مير معصوم لکيو آهي ته: سال 966هه ۾ هي خبر پهتي ته بيرم خان مڪي وڃڻ لاءِ سنڌ مان گذرڻ وارو آهي. سلطان محمود خان ٻٻرلو جي چهار باغ کي ويران ڪرائي ڇڏيو. کيس خيال آيو ته هي خطو همايون کي گهڻو پسند هو ۽ هو هتي گهڻو وقت ٽڪي پيو هو...... ممڪن آهي ته بيرم خان به هتي ٽِڪي پوي. ولي بيگ سان محمود خان جي رشتيداري هئي، ان ڪري واقعي بيرم خان جو ارادو هن رستي سان اچڻ جو هو. پر جڏهن برباديءَ جي خبر ٻڌائين تڏهن پٽنه گجرات جو رستو اختيار ڪيائين (ص 224). مير معصوم حسب دستور سال غلط لکيو آهي. 966هه بجاءِ هي واقعو 968هه ۾ ٿيو، جڏهن هو اڪبر کان ڏکوئجي مڪي معظم وڃي رهيو هو، تڏهن گجرات ۾ مارجي ويو (مقالات الشعرا، ص 99، راقم الحروف جو ڇپرايل). +(15) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 225. +(16) ساڳيو حوالو. +(17) عالم آرائي عباسي، جلد 1، ص 116، طبع ايران. +(18) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 225. +(19) ساڳيو حوالو. +(20) احسن التواريخ (ڇاپو بڙودهه، ص 422، 1931ع). +(21) بيورج جو قول آهي ته: خان خانان، جو لقب بابر جي دور کان هند ۾ رائج ٿيو. پهريون شخص جو ”خان خانان“ جي لقب سان سرفراز ٿيو، اهو دولت خان پٽ دولت خان (؟) هو. هي لقب هندي مغلن لاءِ مختص هو ۽ سندن ايجاد ڪيل هو (انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد 2، ص 898). ”لغت نامه دهخدا“ ۾ ”انندراج“ ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان آيو آهي ته: چين جي بادشاهه وٽ به خان لقب هو. نظاميءَ جو شعر آهي: +خان خانان روانه گشت ز چين تا شود خانه گير شاهه زمين +هر ترڪي قبيلي جو جدا جدا سردار هوندو هو ۽ وري انهن سڀني سردارن جو هڪ وڏو سردار هوندو هو، جنهن جي تابع اهي هوندا هئا. هن سردارن جي سردار کي ”خان خانان“ چوندا هئا (رودڪي، سعيد نفيسي). مقدم ۽ اميرن کي ”گورخان“ چون ٿا. يعني خان خانان (جهان ڪشائي جويني). ذڪر ڪيل دولت خان کي دلاور نالي ڪو به پٽ نه هو ۽ نه وري منهنجي ڄاڻ موجب، هن نالي واري ڪنهن شخص کي ”خان خانان“ جي لقب سان نوازيو ويو هو. +(22) مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين محمد سبزواري، مرزا شاهه حسين ۽ پوءِ سلطان محمود جي اميرن ۾ شامل هو. محمود خان کيس شاهه طهماسپ بادشاهه جي خدمت ۾ سفير ڪري موڪليو هو. بادشاهه کيس ”سلطان“ جي لقب سان نوازيو هو. گهڻو خوش طبع ۽ علمي ڪمالات سان سينگاريل هو. شعر به چوندو هو (مير معصوم، ص 239). مقالات الشعرا، مان ظاهر ٿئي ٿو ته ابوالمڪارم ”سلطان“ جو لقب محمود خان لاءِ کڻي آيو هو: برسم رسالت......... فرستاد، تا از برائي وي بانواع نوازش و خطاب سلطان مراجعت کرد (ص 17). ان ريت متضاد بيان ملن ٿا. ليڪن درست هي آهي ته پاڻ سلطان جو لقب محمود خان ل��ءِ آندائين (ڏسو ٻيا ڪتاب: ماثررحيمي، 2، ص 337-489، تحفة الڪرام، قديم ڇاپو، 3، ص 28-127، عالم آرائي عباسي ۽ احسن التواريخ روملو). جتي ابوالمڪارم جو ذڪر آيو آهي، اتي لقب ”سلطان“ جو اشارو به ڪونهي. هن لقب جي تنزل لاءِ ڏسو: دائرة المعارف، غلام حسين (1، 23-1322، ڇاپو 1345). +(23) اڪبر نامہ: 2، 237، تحفة الڪرام، ص 197، راقم الحروف جو ڇاپو. +(24) رياض الاسلام: انڊو پرشين رليشنس، ص 49-50، بنياد فرهنگ ايران، 1970ع. عالم آرائي عباسي، جي ورق 178 تي خط جو متن لکيل آهي. عالم آرائي عباسي، جو هي نسخو برٽش ميوزيم ۾ Add 7654 موجود آهي. خط جو پورو متن مون پهريون ڀيرو ”تحفة الڪرام“ ۾ ڇاپي ڇڏيو آهي (ص 495). +(25) تاريخ سنڌ، مير معصوم، تاريخ طاهري، حاشيا مڪلي نامہ، تحفة الڪرام. +(26) اڪبر نامہ، 2، 79-278، ڪلڪتو؛ بدايوني، 2، ص 91، ڪلڪتو، 1931ع. عبارت هي آهي: درين ولا سلطان محمود والي بهکر بمعاونت قزلباش کہ در قندهار ميباشند، اطراف ولايت بندهه را مزاحمت مي رساند (پڻ ڏسو: تحفة الڪرام، ص 495). +(27) 15 رجب 980هه تي بکر مان رواني ڪيائين (تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 230). +(28) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 235، بدايوني 2، ص 76-135. +(29) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 237. +* ترجمو: غلام محمد لاکو. + + +سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط +[سنڌ جي مايه ناز عالم سيّد حسام الدين راشدي مرحوم، هي مضمون اردو زبان ۾ پاڪستان هسٽري اينڊ ڪلچر ڪانگريس، منعقده اسلام آباد يونيورسٽي سال 1973ع جي هڪ بيٺڪ ۾ پڙهيو هو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو پهريون جلد، ساڳي يونيورسٽي سال 1975ع ۾ شايع ڪيو، جنهن کي ڊاڪٽر احمد حسن داني ايڊٽ ڪيو هو. هن مقالي جو سنڌي ترجمو ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 01، سال 1987ع ۾ شايع ٿيو آهي] +تاريخ جي سلسلي ۾ خط، دستاويز، درخواستون ۽ فرمان، اهميت جي لحاظ کان عالمن کان ڳجها نه آهن. اسان جي تاريخن ۾ واقعن کي گهڻي حد تائين وقتي ضرورتن تحت خاص خيال کان لکيو ويو آهي، جنهن ڪري واقعن ۽ حالتن جو اصل رخ پڙهندڙن جي اڳيان چٽو نه ٿو ٿئي ۽ حادثن جي اصلي سببن جو صحيح علم نه ٿو پوي. +تاريخ جا هي نقص تڏهن ختم ٿي سگهن ٿا، جڏهن اسين ان جي ترتيب ۽ تياريءَ لاءِ خطن کي به پنهنجي آڏو رکون ۽ انهن کي تاريخ جو ماخذ سمجهي فائدو وٺون. اسان خطن کي ”انشاءَ“ جو درجو ڏئي درس ۾ ته داخل ڪري ڇڏيو، پر انهن ذريعي تاريخي فائدو حاصل ڪرڻ کان پاسو پي ڪيو آهي. هن ننڍي کنڊ جي خطن يا ”انشاءَ“ جا جيڪي به ڪتاب تيار ڪيا ويا آهن، انهن متعلق منهنجي نظر مان ٻه تفصيلي مضمون نڪتا آهن. +1. ”انڊوايرانيڪا“ ۾ ڊاڪٽر مؤمن محي الدين جو مضمون چند اشاعتن ۾ ڇپيو آهي. +2. ”هنر و مردم“ تهران ۾ ”دبيري و نويسندگي“ جي عنوان سان آقاي دانش پزوهه جو چوڏهن قسطن ۾ مقالو، جنهن ۾ ”انشاء“ جي ٽي سؤ ڇاهٺ ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي مقالو تيار ٿيل انهن سمورن فارسي خطن متعلق آهي، جيڪي ترڪيءَ کان ڪري هندستان تائين ترتيب هيٺ آيا آهن. +جيڪي ڪتاب فهرستن ۾ داخل نه آهن ۽ اڃا تائين ذاتي ڪتبخانن ۾ موجود آهن، ظاهر آهي ته آقاي دانش پزوهه جي مقالي ۾ انهن جو ذڪر ڪونهي. مثال طور سنڌ ۾ خطن جا جيڪي ڪتاب ملن ٿا، اهي اڃا تائين اهل علم جي نظرن کان پري آهن، حالانڪه اهي مجموعا تاريخي مواد جي لحاظ کان ايران، افغانستان، سنڌ، ملتان، دهلي ۽ پنجاب تائين جي تاريخي واقعن ۽ حالتن جو گهيرو ڪيو بيٺا آهن ۽ ڪيترن ئي اهم واقعن ۽ حادثن جو پس منظر ۽ تفصيل انهن ۾ موجود آهي. +خوش قسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ته ڇاپي ڇڏيا آهن، پر خطن جي ذخيري کي اڃا ڇهيو به نه آهي. خود تاريخ بابت به ڪتاب اڃا قلمي حالت ۾ ايتري ته گهڻائيءَ ۾ آهن، جو جيڪڏهن رقم هجي ۽ ڪم ڪندڙ ملي وڃن ته سالن جا سال هي ڪم ختم نه ٿو ٿي سگهي. ان صورت حال ۾ هي ڳالهه امڪان کان خارج آهي ته، خطن جي انهن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي سگهندو. سنڌي انشاءَ نويسن جي مرتب ٿيل ڪجهه مجموعن کي دنيا ڄاڻي ٿي، ڇو ته مختلف ڪتبخانن جي فهرستن ۾ انهن جو ذڪر اچي چڪو آهي. مثال طور: +1. منشات نمڪين........ از ابوالقاسم نمڪين بکري. +2. رقائم ڪرائم..... از محمد اشرف پٽ امير عبدالڪريم امير خاني سنڌي. +3. آداب عالمگيري...... از شيخ ابوالفتح قابل خان ٺٽوي +هنن ٽن ڪتابن کان سواءِ سنڌ ۾ مرتب ٿيل خطن جا جيترا به مجموعا آهن، اهي سڀ جا سڀ تاريخ دانن جي نظر ۾ نه آيا. جيئن ته هن ڪانفرنس کي ارڙهين صدي عيسوي تائين محدود رکيو ويو آهي، ان ڪري آءٌ صرف انهن تاريخي خطن جي ڪتابن جو ذڪر ڪندس، جيڪي هن دائري ۾ اچن ٿا. في الحال آءٌ انهن خطن، رپورٽن، دستاويزن ۽ شاهي فرمانن کي ڇڏي ڏيندس، جيڪي ”انشاءِ ماهرو“ کان ڪري عالمگير جي آخري دور تائين ترتيب هيٺ آيا آهن. خطن جي هنن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هيءَ حقيقت آڏو رکڻ گهرجي ته، انهن جو واسطو جنهن صديءَ سان آهي، ان صديءَ ۾ اسان جي ۽ اسان جي پاڙيسرين جي سياسي صورت حال ڪهڙي هئي؟ عالمگير جي موت کان پوءِ هندستان ۾ مغل سلطنت جو زوال، متعدد شهزادن جو تخت تي ويهڻ ۽ ٿوري وقت ۾ ئي ڦاسي يا تلوار جي نوڪ تائين پهچڻ، سنڌ جو 1151هه ۾ مغلن جي قبضي مان آزاد ٿيڻ، عالمگير جي وفات کان ڪري سنڌ مان مغلن جي بستري ويڙهڻ تائين، يعني 1118هه کان 1151هه تائين ڪل ٽيٽيهن ورهين جي ٿوري وقت ۾، سترهن صوبيدارن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان خوار خراب ٿي ناڪام واپس موٽڻ، سنڌ جي پنهنجي هڪ خاندان ”ڪلهوڙن“ کي سنڌ حوالي ڪري وري پنهنجي قبضي ۾ رکڻ، هوڏي ايران ۾ صفوي گهراڻي جو زوال، افعانستان ۾ مير ويس ۽ محمود خان جو اڀرڻ، خراسان ۽ اصفهان جو انهن جي هٿان برباد ٿيڻ، لٽ مار جو مال ۽ قيمتي سامان سنڌ جي ڪلهوڙا بادشاهن ۽ اميرن وٽ آڻي وڪڻڻ، هن زوال جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظاهر ٿيڻ، ايران تي قبضو، دهليءَ تي نادر شاهه جي لشڪر ڪشي ۽ سنڌ کي ڏن ڀرو بنائڻ، سنڌ مان هيرا، جواهر، خزانو ۽ شاهي ڪتب خانو پاڻ سان ايران کڻي وڃڻ، سنڌ جي حڪومت کي هميشہ گهرو ويڙهه ۾ رکڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ بهاول خان کي سنڌ جو هڪ ٽڪرو ڏئي الڳ رياست ٺهرائڻ، نادر جي قتل کان پوءِ احمد شاهه ابداليءَ جو افغانستان ۾ هڪ الڳ ۽ مستقل حڪومت قائم ڪرڻ، سندس پنجاب ۽ هندستان تي لاڳيتا ۽ تباهه ڪن حملا، سنڌ جي ڌرتيءَ تي افغانن جو قبضو، ڍل جي نالي ۾ خزاني کان سواءِ هيرا ۽ جواهر وري وري اچي لٽڻ، شڪارپور کي مستقل طرح افغانستان جي قبضي ۾ ڏيڻ، سنڌ جي اصلي عوام کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ افعان قبيلن کي ڌڙا ڌڙ شڪارپور ۽ ان جي آسپاس آڻي وسائڻ، مدد خان افغان جو سنڌ ۾ پهچي هر شهر، هر بستي، هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي برباد ڪري سڀ ڪجهه لٽي کڻي وڃڻ، بهاولپورين جي هشيءَ تي ڪلهوڙا خاندان اندر گهرو ويڙهه، ٽالپور خاندان جيڪو اصل ۾ ڪلهوڙن سان لاڳاپيل ۽ درٻاري اميرن جو گهراڻو هو، انهن جو ڪلهوڙن سان اختلاف ۽ جهيڙو، جنهن جو نتيجو هنن ٻنهي گهراڻن جي وچ ۾ خونريزيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. آخر ۾ ٽالپور خاندان جو ڪلهوڙن کي ختم ڪري پاڻ تخت ۽ تاج تي ويهڻ، ان بعد ٽالپور گهراڻي ۾ جهيڙو، جنهن سبب سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٽن حصن تي پنهنجي الڳ الڳ حڪومت قائم ڪرڻ، ڪلهوڙا خاندان جي آخري دور ۾ انگريزن جو ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ، ٽالپوري عهد جي شروع ۾ افغانستان تائين پهچڻ لاءِ دريائي ۽ زميني رستا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجو اثر پيدا ڪرڻ ۽ آخرڪار پوري سنڌ تي قبضو ڪرڻ! +سياسي صورت حال جو هي سرسري خاڪو آهي، جيڪا ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ موجود هئي ۽ سنڌ ۾ جيڪي واقعا ظاهر ٿيا، ان جي لپيٽ ۾ ايران، افعانستان، هندستان، ملتان ۽ مرڪزي ايشيا جا به سڀ علائقا اچي وڃن ٿا. هن صديءَ جي تاريخ ايسين اڌوري ۽ نا مڪمل رهندي، جيسين، خطن جا هي ڪتاب ”انشاءَ“ مان خارج ڪري، تاريخي ماخذ جي حيثيت ۾ استعمال نه ڪيا ويندا. +خطن جي جن ڪتابن جو ذڪر آءٌ ڪري رهيو آهيان، انهن ۾ اهو سمورو مواد موجود آهي، جيڪو هن صديءَ جي سڀني واقعن جي اصل سببن ۽ اندروني معاملن بابت حيرت انگيز حد تائين روشني وجهي ٿو. +1. گلدستہء نورس بهار: +هي شيخ عبدالرؤف سيوهاڻي (و-1140هه) جا لکيل سرڪاري خط آهن ۽ عالمگير جي حڪومت جي آخري سالن کان ڪري 1140هه تائين جي سياسي واقعن ۽ حالتن تي روشني وجهن ٿا. شيخ عبدالرؤف، ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جو منشي هو ۽ شيخ موصوف جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شيخ محمد وفا سيوهاڻي، انهن خطن کي ”گلدستہء نورس بهار“ جي نالي سان گڏ ڪيو. هي مجموعو ٽن لطيفن تي مبني آهي: +لطيفو پهريون: بادشاهن، اميرن ۽ راجائن جي خدمت ۾ عريضيون، +لطيفو ٻيون: جاگيردارن، سيدن، عالمن ۽ معزز ماڻهن ڏي خط، +لطيفو ٽيون: وڪيلن ڏانهن خط. +پهرئين حصي ۾ اڻهٺ خط آهن، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان ڪري ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي شروعاتي دور تائين جيڪا سرڪاري لکپڙهه ٿي اها شامل آهي. عالمگير جي وفات تي سنڌ ۾ جيڪو رد عمل ٿيو، ان جي ذڪر کان سواءِ، ڪجهه شهزادن جي تخت سنڀالڻ جون خبرون، ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر ۾ صوبيدارن جي مقرري ۽ معزوليءَ جا واقعا، ميرويس غلزئيءَ جي افغانستان تي قبضي، قنڌار، قلات، بلوچستان، ملتان ۽ هندستان ۾ پيدا ٿيل حالتن ۽ انهن واقعن جي حوالي سان شخصيتن جي سڃاڻپ ۽ ملتان، سيوهڻ، بکر، بلوچستان ۽ ٺٽي جي صوبيدارن جا نالا ۽ انهيءَ دور ۾ ٿيل جنگين جو ذڪر هنن خطن ۾ ملي ٿو. +ٻئي لطيفي ۾ ٻه سؤ خط آهن، جن ذريعي هندستان جي وزيراعظم، سپهه سالارن، صوبيدارن ۽ ٻين واسطيدارن اميرن کي واقف ۽ حالتن کان باخبر ڪيو ويو آهي. هنن خطن ۾ ڪيئي ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ واقف مگر اهم ماڻهن جي نالن ۽ ڪارنامن جو ذڪر ملي ٿو. +ٽئين لطيفي ۾ درٻاري وڪيلن جي نالي خط آهن. انهن خطن ۾ ان وقت جي مکيه تاريخي واقعن جي لڪل ڪڙين تي روشني پوي ٿي. ان کان سواءِ مکيه ڪردارن ۽ ماڻهن جي ڄاڻ به ملي ٿي، جن جي نالن ۽ ڪارنامن کان تاريخ جا پنا بلڪل خالي آهن. هي حصو اٺاويهن خطن تي مدار رکي ٿو. +هن ڪتاب جا ٻه نسخا منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن، جن کي آڏو رکي مون هن ڪتاب جو متن تيار ڪيو آهي، ۽ انتظار آهي ته تاريخي حاشين ۽ چٽاين سان ان کي ڇاپيو وڃي. +2. خلاصة المڪتوبات: +هي خط سنڌ جي ٻن وڏن منشين ميان هارون ۽ منشي عبدالرؤف جا لکيل آهن. هي جلد حقيقت ۾ انهن خطن جي چونڊ آهي، جن کي انشا نويسيءَ جي خيال کان تيار ڪيو ويو آهي، ليڪن هر خط ڪنهن نه ڪنهن تاريخي حيثيت ۾ اهم آهي. +خط گهڻو ڪري جيوند ابڙي، تخت مل مهتي، نواب بختيار خان ۽ مير عبدالله بروهيءَ جا آهن. هن جلد مان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اميرن ۽ ان دور جي مشاهيرن جا نالا معلوم ٿين ٿا، جن مان ڪيئي نالا اسان جي لاءِ بلڪل نوان آهن. محمود خان، جنهن کي هنن خطن ۾ ”نامحمود قنڌار“ لکيو ويو آهي، ان سان جنگ ڪرڻ بابت به هڪ خط هن مجموعي ۾ شامل آهي. هڪ خط 1139هه جو لکيل آهي، جنهن ذريعي اصفهان ۽ افغانستان جي جهڳڙن تي روشني پوي ٿي. هڪ خط انهيءَ هرات جي حاڪم سلطان محمود خان افغان جو رياست پناهه مير عبدالله خان آنگه جي نالي آهي. ٻيو هڪ حڪم نامو آهي، جيڪو سلطان محمود خان 1135هه ۾، امير عبدالله خان جي نالي لکيو آهي. +هن خطن جي جلد ۾ محمود خان جو هڪ عهد نامو به آهي، جيڪونهايت اهم آهي. هن عهد نامي ۾ محمود خان افغان، اصفهان، افغانستان، سنڌ ۽ پنجاب جي باري ۾ نهايت اهم معلومات داخل آهي. هنن خطن مان اصفهان جي گهيري، هرات، مشهد وغيره ۽ پڻ افغانستان ۽ موجوده پاڪستان جي سرحدن متعلق وڏي قيمتي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. +افغانن ۽ صفوين جي وچ ۾ جيڪو جهڳڙو کڙو ٿيو ۽ جنگيون ٿيون ۽ جنهن جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظهور ٿيو، ان موضوع تي جيڪي ڪتاب منهنجي نظر مان نڪتا آهن، جيڪڏهن هنن خطن مان فائدو ورتو وڃي ها ته، هوند انهن جي تاريخي اهميت اڃا به وڌيڪ بنجي ها. +مون وٽ هن ڪتاب جو جيڪو نسخو آهي، ان تي هڪ مهر لڳل آهي، جنهن جا هي لفظ پڙهي سگهجن ٿا: بندهه؟ محمد 1163هه. گويا هي ان دور کي هڪ ويجهو نسخو آهي. +3. انشاءِ نورالحق مشتاقي: +هي سنڌ جي نامياري انشاءَ نويس، شاعر، عالم ۽ سرڪاري منشي ميان نورالحق مشتاقي سيوهاڻيءَ جي لکيل سرڪاري رپورٽن (مراسلن) جو هڪ نسخو آهي، جيڪو بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي سياسي، مالي ۽ ٻين تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي ۽ مکيه ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. +مثال طور: +محمد عطا منصبدار سرڪار سيوستان، +ٺٽي جي ڍل متعلق هڪ خط، +عبدالرحيم (؟) ٺٽي جي صوبيدار جا پنج خط، +سميجن جي وڳوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ابو المعاليءَ کي ڪيل درخواست. +4. انشاءِ عطارد: +منشي شيوڪرام عطارد، ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي شهيد جو درٻاري شاعر ۽ منشي هو. هو مکيه امير بجار خان ٽالپور سان به لاڳاپيل هو. هن جيڪي سرڪاري خط لکيا هئا، اهي سندس وفات کان پوءِ سن 1212هه ۾، امل راءِ اروڙا جمع ڪيا هئا. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو 1282هه جو آهي. +هي ڪتاب ”گلدستہءَ نورس بهار“ کان پوءِ خطن جو اهم ترين ذخيرو آهي، جنهن ۾ ارڙهين صدي عيسويءَ جي واقعن بابت ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. ڪل پنجاسي خط آهن. آخري خط مير بجار خان شهيد جو آهي، جنهن کي ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ شهيد ڪرايو هو ۽ جنهن جي شهادت ڪلهوڙا خاندان جي پڄاڻي ۽ ٽالپوري حڪومت جي ابتدا جو سبب بني. +مسقط جي شيخ، ايران، قلات، جوڌپور، سنڌ ۽ ملتان جي اٽڪل روءِ سڀني اميرن ۽ سلطنت جي مهندارن جا نالا، خطن جي هن ڪتاب ۾ ملن ٿا ۽ انهن ذريعي تاريخ جا ڪيئي گوشا اسان جي آڏو روشن ٿين ٿا. +5. مجموعه مڪاتيب دانشگاهه سنڌ: +هي سنڌ جي اميرن ۽ حاڪمن جي خطن جو هڪ اهم مجموعو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهي. هن مجموعي ۾ سنڌ جي ملڪي معاملن ۽ سياسي حالتن متعلق قيمتي خط موجود آهن. +6. مجموعه رقعات دانشگاهه سنڌ: +هي تاريخي خط قاضي عبدالرسول ۽ منشي جان محمد سيوهاڻي (وفات:1123هه) جا لکيل آهن ۽ سنڌ جي گوناگون سياسي، انتظامي، سماجي ۽ علمي حالتن جي چٽائي ڪن ٿا. هن صديءَ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ هنن خطن جي اڀياس کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري رهندي. مغلن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا لاقانونيت ۽ بدانتظامي پکڙي هئي، انهن خطن مان ان تي روشني پوي ٿي. ڪن خطن جو مطلب پيش خدمت آهي. +نواب عبدالصمد خان، نواب خان دوران، دل قوم جا ماڻهو، دل قوم جي ماڻهن جو قتلام، نور محمد ڪلهوڙو، ٺٽو، شيخ مبارڪ جو خط، سيّد عبدالجليل بلگراميءَ جو مڪتوب، مخدو�� عيسى ولد مخدوم عباس هڱورجو، مير يعقوب بکري، سنڌ جي امن امان جي تباهيءَ تي عبدالواسع جو خط، ٺٽي جو ميوو ۽ آب و هوا، ٺٽي جو ڪپڙو، ميان عبدالرؤف ۽ ابوالقاسم، ملان الله ڏنو بوبڪائي، مخدوم عبدالرحيم، ٺٽي ۽ ڪابل جو ناظم، بکر جو قانون گو ميان عبدالواسع رسول پوري، شهزادو محمد اعظم، ڏڪار، بدحالي ۽ قرضداري، سرڪار بکر، روهڙي ۽ سکر قلعي جي قضا، بکر جو وڏو خزانچي، ٽامي جو ڪارو سڪو، درٻيلي، الور ۽ ڪاڪڙي پرڳڻن جو انتظام، شيخ فيض الله، ملان نجم الدين بوبڪائي، ويهه هزار دام، ارسلا خان، قلعي بکر جي خاص درٻار، روهڙي، باغ ۽ ميوو، اولاد مخدوم عثمان درٻيلوي، قاضي نصيرالدين صدر سرڪار بکر ۽ سيوهڻ، خوشحال بخشي وقائع نگار سرڪار بکر، سيوهڻ سرڪار جا قانون گو، بومئي جي ماڻهن سان انهن جي بدسلوڪي، شيخ عبدالرؤف، مادي هاٿي، ۽ سوکڙين جي باري ۾ نواب عبدالصمد خان جي نالي خدايار خان جو خط. +7. گلدستهءِ باغبان: +هي خطن جو نهايت اهم ڪتاب آهي. هن ۾ قدوت السالڪين مخدوم قاضي محمد رحيم، مخدوم محمد پناهه، قاضي محمد شاڪر ۽ قاضي عبدالجليل ويٺل شهر نصرپور جا لکيل خط آهن، جن کي ميان قاضي محمد حافظ (ڀاءُ قاضي محمد اڪبر) بن قاضي ميان خميسو نصرپوريءَ مرتب ڪيو آهي. +خطن جو موضوع افغانستان جي سنڌ ۾ ڦرلٽ، مدد خان جي سنڌ ۾ آمد، انگريزن جي اچڻ تي سنڌ جي رهاڪن ۽ صاحب فڪر بزرگن جي ڳڻتي، شڪارپور تي افغانن جو قبضو، پنهنجن عملدارن جي مقرري ۽ خراسان، ايران ۽ افغانستان جا سياسي مسئلا ۽ معاملا آهن. هن مجموعي ۾ ڪوبه ديباچو ڪونهي. ان جي شروعات هڪ خط سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ محمد رحيم خان بارڪزئيءَ جي شڪارپور بدر ٿيڻ ۽ عاليجاهه مدد خان پٽ عاليجاهه غفور خان کي شڪارپور جي حڪومت ملڻ جو حال درج آهي. هي ڪتاب 223 صفحن تي ۽ هر صفحي تي چوڏهن سٽون آهن. هي مجموعو سنڌ، افغانستان ۽ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اثر متعلق تاريخ جو اهم ماخذ آهي. +8. انشاءِ ابري (دفتر اول): +خطن جو هي ڪتاب ٻن دفترن تي مشتمل آهي. مؤلف جو نالو ابراهيم بن حافظ نصرالله خان بن عبدالڪريم احمداڻي سيوهاڻي انصاري آهي. سندس تخلص ”ابري“ هو. هي پهريون دفتر 1204هه ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو پنجن فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي: +در خطوط جانب عزيزان و خويشان. +در مکاتيب ياران دوستي نشان. +در تحرير پروانه جات و پرزه جات، هي ٻن قسمن ۾ آهي. +دراستحصال دستکات کار و دستکات طالب سرڪار. +در عرائض حضور و امراءَ عظام و خوانين عالي مقام و در عرائض دربار معلى. +9. انشاءِ ابري (دفتر دوم): +هي دفتر 1207هه ۾ مرتب ٿيو ۽ ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي. +در تحرير اخلاص نامجات شوق انگيز آتش ريز. +در نوشتن مڪتوبات آميز، و يک فرد فرمان درگاهه فلک بارگاهه که تيمناً و تبرکا ثبت نمودهه شد. +ٻنهي دفترن ۾ ڪجهه ذاتي خط آهن. باقي سياسي خط آهن، جيڪي مغل، ڪلهوڙا، افغانستان ۽ ٽالپورن جي دور جي واقعن تي روشني وجهن ٿا. مون وٽ 1268هه جو نسخو آهي. +10. منهاج الشعور (ابراهيم ابري سيوهاڻي): +هن نالي سان ابري ٽيون مجموعو مرتب ڪيو آهي. هن جلد جي پهرئين حصي ۾ اعزازي عبارتون آهن، جي ان دور ۾ دوستن، اميرن، عزيزن يا سرڪاري ملازمن جي خطن جي لاءِ سنڌ ۾ رائج هيون. ٻئين حصي ۾ تاريخي دستاويز، درخواستون ۽ خط آهن. هي حصو بي حد قيمتي آهي. +ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن درميان خطن جي مٽاسٽا، ايران ۽ افعانستان ۾ لکپڙهه، سنڌ ۾ صوبيدارن جي مقرريءَ جا پروانه ۽ بهاولپور جي پهرئين حاڪم بهاول خان جي سلسلي جا خط ٻئين حصي ۾ شامل آهن. هن جا ٻه نسخا مون وٽ آهن، جن ما�� هڪ 1216هه جو مخطوطو آهي. +11. تاريخي انشاءَ: +هي مجموعو بياض جي صورت ۾ آهي. گڏ ڪندڙ يا مرتب جو نالو معلوم ڪونهي. پهريون خط شهزادي مراد جي نالي احمد نگر جي وڳوڙ متعلق ابوالفضل جو لکيل آهي. ٻيا خط سنڌ، ملتان، دهلي، بلوچستان ۽ افغانستان جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي آهن. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي باري ۾ هن مجموعي ۾ تمام مکيه واقعا آيا آهن، جن جو اڃا تائين تاريخ ۾ ذڪر نه ٿيو آهي. ڪل پنجٽيهه خط آهن. +12. انشاءِ خبرت: +هي مجموعو سلطاني مل تخلص خبرت جو ملتان ۾ ترتيب ڏنل آهي. ان جو تاريخي نالو رقعات ماني نگار 1143هه آهي. هن مجموعي جا ڪجهه خط تاريخي ۽ سماجي پس منظر ڪري اهم آهن. مون وٽ 1265هه جو قلمي نسخو آهي. +13. انشاءِ منشي محمد سعيد: +هي نسخو چند خطن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ ناقص آهي. هي خط آخري مغل دور جي سنڌ جي باري ۾ اهم ڄاڻ ڏين ٿا. +14. رقعات امام الدين: +خطن جو هي جلد امام الدين هالائيءَ جو مرتب ڪيل آهي. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو مؤلف جي پنهنجن هٿ سان لکيل آهي. ان جي ڪتابت جو سال 1265هه آهي. هي خط جيتوڻيڪ تاريخي خيال کان اهميت نه ٿا رکن، پر سنڌ ۾ فارسي عبارت نگاريءَ جو هڪ سهڻو نمونو آهن. +15. انشاءَ: +هن مجموعي جي مؤلف جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو. مون وٽ ان جو جيڪو نسخو آهي، اهو دولت راءِ 10 جمادي الاول 1126هه تي پورو ڪيو. هن ۾ سنڌ ۽ هند جي معاملن جو ذڪر ملي ٿو. +16. مجموعه شاهي اسناد و فرامين: +هن مجموعي ۾ ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جون سندون ۽ فرمان گڏ ڪيل آهن ۽ تاريخي اهميت رکن ٿا. ٺٽي جي مغل گورنرن جي تاريخن طئه ڪرڻ ۾، هن جلد مان وڏي مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ هن مان سلطنت جي اميرن، قاضين، ساداتن، عالمن، شاعرن ۽ سندن وارثن ۽ پونئيرن جي وظيفي جي باري ۾ به سٺي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ڪري عالمن ۽ قديم خاندانن جي حالتن، عهدن ۽ سلسلن جو به پتو پوي ٿو. هي سندون سڀ جون سڀ ٺٽي جي رهاڪن ۽ ٺٽي جي اميرن جي نالي جون آهن. هي نسخو مون قاضي علي محمد ٺٽوي مرحوم جي نسخي تان نقل ڪرايو آهي. +17. مجموعه اسناد و فرامين: +هي مجموعو ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جي اصلي حڪمن، فرمانن ۽ سندن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ذخيري ۾ موجود آهي. فرمان ٽن حصن ۾ گڏ ڪيا ويا آهن: +پنج فرمان: عيسى خان اول، باقي بيگ ترخان، جاني بيگ ترخان ۽ غازي بيگ تر خان جا آهن. +ٽي فرمان: شاهجهان ۽ عالمگير جا آهن. +عالمگير جي آخري ڏينهن کان ڪري مير نصير خان تائين، مغل صوبيدارن ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جا تيرهن فرمان آهن. هي آخري حصو ارڙهين صدي عيسويءَ جي تاريخ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. مون وٽ انهن فرمانن جا نقل موجود آهن. ڪجهه فرمانن جا فوٽو مون تحفة الڪرام ۾ به ڇپيا آهن. +18. مڪتوبات قانع: +هي خط سنڌ جي نامياري تاريخدان مير علي شير قانع جا لکيل آهن. هي تاريخ دان ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن ۾ سرڪاري منشي هو. خطن جي هن جلد ۾ چند ذاتي ۽ سرڪاري مراسلا آهن. هي مجموعو سنڌي ادبي بورڊ جي تحويل ۾ آهي. +19. مڪتوبات مير عظيم الدين: +مير عظيم الدين ٺٽوي ٽالپورن جي پهرين درٻار جو اڳواڻ شاعر هو.مثنوي ”فتح نامه“ ۽ هڪ ديوان سندس يادگار آهي. هي خط ڪلهوڙا خاندان جي آخري زماني ۽ ٽالپور گهراڻي جي شروعاتي دور جي ڪيترن ئي مکيه واقعن تي روشني وجهن ٿا. +20. مڪتوبات مير نصير خان ٽالپر: +مير محمد نصير خان سنڌ جو آخري ٽالپور حڪمران هو، جنهن کان 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جو اقتدار کسيو ۽ ٻين ٽالپور صاحبزادن سان گڏ کيس به ڪلڪتي ۽ هندستان جي ٻين شهرن ۾ نظربند رکيو ويو. مير صاحب جلاوطني جي زماني ۾ جيڪي خط پنهنجن زالن، اميرن ۽ ٻين عزيزن کي لکيا، هي انهن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ 292 خط آهن. آخري خط مير صاحب جي ڌيءُ، هڪ درخواست جي شڪل ۾ راڻي وڪٽوريا جي نالي لکيو آهي. +جنهن زماني ۾ سنڌ جو هي حڪمران ڪلڪتي ۾ جلاوطنيءَ جي حياتي ڪٽي رهيو هو، انهن ڏينهن ۾ واجد علي شاهه به مٽيا برج (ڪلڪتي) ۾ غريب الوطنيءَ جا ڏينهن گهاري رهيو هو. ان دور ۾ واجد علي شاهه پنهنجي زالن جي نالي خط لکيا آهن، جن جا ڪيئي جلد ڇپجي چڪا آهن. +مير نصير خان جا هي خط جتي ڪيئي تاريخي فائدا رکن ٿا، اتي سماجي ۽ تهذيبي لحاظ کان وڏي اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. واجد علي شاهه جي خطن جي جيڪڏهن مير نصير خان جي خطن جي عبارت ۽ مفهوم جي خيال کان ڀيٽ ڪئي وڃي ته، واجد علي شاهه جي خطن جون عبارتون، انهن جو مطلب ۽ انهن خطن ۾ بيان ڪيل عاشقاڻا جذبا نهايت خراب، عامي ۽ ڪريل نظر اچن ٿا. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ مير نصير خان جا خط نهايت شائسته، مهذب ۽ باوقار آهن. صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مير نصير خان جي خطن جو لهجو هڪ سڌريل ۽ سنجيده بادشاهه جي جذبن جو عڪس آهي، جنهن ۾ شاهي حرم جي عزت ۽ ناموس توڙي ان جي عظمت ۽ تقدس جو پورو پورو احترام رکي محبت جي جذبن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هڪ جملو به ڪريل ۽ پست ڪونهي. ان ذريعي جتي لکنو درٻار جي سماجي ذلت جو پتو پوي ٿو، اتي سنڌ جي بادشاهن جي تهذيبي برتريءَ جو چٽو اظهار ٿئي ٿو. +جيئن شروع ۾ چيو اٿم، مون هتي فقط تاريخي خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي معلوم ٿيل آهن. انهن سڀني خطن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جي صوفين ۽ عالمن جا لکيل آهن، جن ذريعي سنڌ جي مذهبي معاملن، مذهبي معرڪن ۽ ديني توڙي تصوف جي نقطن تي روشني پوي ٿي. ملڪي ۽ سياسي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ هي مجموعا ڪم نه ٿا ڏئي سگهن، پر ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي سماجي صورت حال، مذهبي حالتن ۽ صوفياڻن لاڙن جي خبر انهن ذريعي ضرور پوي ٿي. +ايران ۾ اڄڪلهه تاريخي خط ڇاپڻ جي طرف ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اٽڪل روءِ پندرهن ويهه مجموعا منهنجي نظر مان گذريا آهن. زندهه قومون پنهنجي تاريخي اثاثي ۽ تهذيبي ورثي کي سيني سان سانڍين ٿيون. ڪاش اسان وٽ به هن قومي سرمايي جي بچاءُ جو احساس پيدا ٿئي ۽ اسين به هوش ۾ اچون ۽ تاريخي خطن جا قدم به قدم اهڙا مجموعا گڏ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ شروع ڪيون، جنهن ذريعي اسان کي تاريخ جون گم ٿيل ڪڙيون ملي وڃن ۽ دلچسپ اندروني معاملا ۽ مسئلا معلوم ٿين، جن جو اڄ تائين اسان کي علم نه ٿي سگهيو آهي. +منهنجو علمي ۽ فڪري سفر +[6 مارچ 1974ع تي تهران يونيورسٽي، راشدي صاحب مرحوم کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. هن اعزاز ملڻ تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان؛ سندن مان ۾ 14، اپريل 1974ع تي هڪ پروقار ادبي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي همعصر اديبن ۽ عالمن کين ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو. هت ان تقرير جو متن ڏجي ٿو جا پاڻ دوستن آڏو ڪيائون. هن تقرير ذريعي سندن علمي ۽ ادبي سفر تي خاص روشني پوي ٿي. جلسي جي روئداد رسالي ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1974ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي] +وچ ايشيا ۾ عربي زبان کان پوءِ فارسي زبان اٺن سون ورهين تائين علم جو ذريعو رهندي آئي آهي. انهيءَ سڄي دور ۾ سنڌ جون جيڪي به تاريخون لکيون ويون آَهن، سي زياده تر فارسي زبان ۾ آهن. مون کي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۽ تصنيف ۾ انهن تاريخن کي ڏسڻو پيو. چنانچه، مون فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب ايڊٽ ڪيا، جن ۾ اڪثر سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيا. انهن ڪتابن وسيلي سنڌ ٻاهرينءَ دنيا ۾ متعارف ٿي، ڇو ته اڳ ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هوندا هئا، سي چند ماڻهن جا ڏٺل يا پڙهيل هوندا هئا. خود ايران جي محققن ۽ عالمن کي به پوري ڄاڻ نه هئي ته، سنڌ ۾ ڪيترو فارسي ادب ۽ علمي سرمايو موجود هو. حڪومت ايران فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جو قدر ڪندي مون کي دنيا جي انهن ڏهن چونڊ عالمن ۽ ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄيءَ عمر جي علمي ڪم جي اعتراف طور تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جون افتخاري ڊگريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه ايران سرڪار مون کي ٻيا به اعزاز ڏنا آهن. مثلاً: پهلوي لئبرري، جنهن جي سرپرست ايران جي راڻي آهي، تنهن جا جيڪي ڇهه امين مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو آهي. آءُ انهن مڙني مهربانين لاءِ ايران سرڪار جو شڪر گذار آهيان. پر مون جيڪو به علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو آهي، اهو بنيادي طرح علم سان حب ۽ پنهنجي وطن جي خاڪ پاڪ سان محبت جي جذبي هيٺ ڪيو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال آهي. مون کي ان ڳالهه تي خوشي ۽ فخر آهي ته مون عمر عزيز جو وڏو عرصو علمي خدمت ۾ گذاريو آهي. مولانا قاسمي مون لاءِ چيو ته آءُ ننڍي لاءِ کان روايت کان بغاوت ڪندو رهيو آهيان، ۽ سنڌي اديبن جي ذهن ۾ قوميت جو ٻج پوکيو اٿم. درحقيقت، سنڌي ادب ۾ قوم پرستيءَ جي تحريڪ جو معمار محمد ابراهيم جويو آهي. آءُ شروع کان تاريخ جو طالب علم رهيو آهيان. مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون لکيون ويون آهن، سي سنڌ جي فاتحن جي ثنا ۽ ساراهه ۾ لکيون ويون آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪم ذات ڪوٺيو ويو آهي. انهيءَ گناهه ۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مؤرخ ٻئي شامل هئا. اهي تاريخون فارسيءَ ۾ لکيون ويون، ڇاڪاڻ ته فارسي، عربي کان پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تسليمي ملي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته، سنڌي مؤرخن ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظل الله“ جي خطاب سان سڏيو. +منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هنن سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جنهن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آهي، اهو منهنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب صحيح راهه تي هلي رهيو آهي. آءُ نوجوانن کي عرض ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽ عالم لاءِ مان نه آهي، اها اڳتي وڌي نه سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي پنهنجي عالمن کي لڏائي، محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا. جڏهن ان تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته ان کي، حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻهو روزانه ڄمن ۽ مرن ٿا پر عالم روزانه پيدا ڪونه ٿا ٿين. اهي پوريءَ قوم جي ميراث آهن ۽ انهن جو تحفظ ۽ سلامتي، علم ۽ هنر جو تحفظ ۽ سلامتي آهي، جنهن کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن وانگر علمي ادارن جو پڻ احترام هڪ لازمي امر آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت بخشي آهي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا. +* ترجمو: غلام محمد لاکو. + + +نسيم امروهوي +]هي مضمون اردو اخبار ”حريت“ ڪراچيءَ ۾، 16 ڊسمبر 1974ع تي شايع ٿيو. مضمون جي اهميت کي ڏسندي، مترجم ان جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 04، سال 2015ع ۾ شايع ٿيو[ +نسيم صاحب(1)، ۽ منهنجي پهرين ملاقات 1951ع ۾ خيرپور ۾ ٿي، جڏهن هُن اردو ڪانفرنس گهُرائي(2). آءُ، مولوي عبدالحق مرحوم(3)، جي قافلي ۾ اتي پهتس. ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب ٿي ۽ مهمان نوازي واري لحاظ کان هر شيءِ شاهاڻي طور طريقي سان ٿي. +نسيم صاحب سنڌ ۾ ڪڏهن آيو ۽ ڪيئن آيو، اها ته مون کي خبر ڪانهي، پر هو هُتي پهتو ته خيرپور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين(4)، ۽ پنهنجي نسلي شرافت ۽ ذاتي فضيلت ڪري ”پناهگير“ (اهو لفظ 1947ع ۾ هندستان کان آيلن لاءِ رائج ٿيو، جيڪو اڳتي هلي ختم ٿي ويو) ڪونه ٿيو. گهرگهاٽ کان سواءِ خيرپور وارن کيس پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني(5). +منهنجو ساڻس سڌي طرح پالو ڪونه پيو هو، ان سرسري ۽ پهرين ملاقات جي ڪري ڪيترن سالن تائين اها نوبت رڳو پري جي عليڪ سليڪ تائين رهي، هر وقت منهن لڳڻ يا لاڳيتو لاڳاپو، جيڪو پوءِ ذاتي تعلق واري شڪل اختيار ڪري ويو. اهو ان وقت شروع ٿيو جڏهن پاڻ ڪراچيءَ اچي اردو بورڊ ۾ لغت نويسيءَ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ مان سندس علمي مقام ۽ مرتبي کان واقف ٿيس(6). +لغت نويسيءَ ۾ نسيم صاحب کي اڳ ئي عبور حاصل هو، ”نسيم الغات“ پاڪستان ۾ مشهور ۽ معروف ٿي چڪي هئي. اردو ٻولي، سندس پنهنجي ٻولي هئي. فارسي ۽ عربي زبان ۽ ادب تي کيس مڪمل دسترس حاصل هئي، ان ڪري جڏهن پاڻ بورڊ ۾ ڪم جي شروعات ڪيائين ته آهستي آهستي سندس جوهر نکرندا ويا ۽ علمي فضيلت آشڪار ٿيندي وئي. ٿوري ئي عرصي ۾ معيار ۽ رفتار واري لحاظ کان نه رڳو پنهنجي دفتري ساٿين کي ڪوهين ڇڏي ويو، پر بورڊ جي ميمبرن جي دلين تي به سندس علميت ۽ فضيلت جو ڌاڪو ويهي ويو ۽ سمورا ميمبر هڪ ڏاهي، ذهين، مايه دار عالم ۽ بزرگ واري حيثيت ۾ سندس احترام ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. سندس پختگي، وقار، سنجيدگي، علمي رسائي ۽ ان سان گڏ مزاح واري شگفتگيءَ، سڀني کي پنهنجو معتقد، مداح ۽ شيدائي ڪري ڇڏيو. +نسيم صاحب (اردو ڊڪشنري) بورڊ ۾ رهندي مون کي قريب تر ٿي ويو، مان سندس علمي برتريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ سندس بهترين ڪارڪردگيءَ مون کي مجبور ڪيو ته مان پنهنجي علمي ڪمن ۾ سندس مدد ۽ تعاون حاصل ڪريان. اهڙي ريت مون هن کان استفادو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن به ڪا ضرورت پئي ته، نه مون مدد وٺڻ ۾ گهٻراهٽ محسوس ڪئي ۽ نه ڪڏهن پاڻ مدد ڪرڻ ۾ دير ڪيائين. منهنجا ۽ نسيم صاحب جا رابطا، تعلقات يا گڏيل سوچ جو سفر ان نڪتي کان شروع ٿيو. +علمي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ اڻ ڳڻين ماڻهن سان منهنجو پالو پيو آهي، سندن خوبيون ۽ خاميون سامهون آيون آهن. ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون ظاهر ٿيون آهن، ڪارڪردگي ۽ علمي حيثيت جا راز کُليا آهن. مطلب ته چند ڏينهن ۾ هر ڪنهن جي حيثيت منهنجي اڳيان عيان ٿي ويندي آهي ۽ هي بندو سخت مايوسيءَ واري عالم ۾ دعائون ڏيندي پلئه ڇڏائي ويندو آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ مون کي نسيم صاحب جي ئي اهڙي شخصيت ملي جيڪا منهنجي خواهش، ضرورت ۽ خيال مطابق اعليٰ صفت هئي. اڄ تقريباً ڏهه سال گذري چڪا آهن. نسيم صاحب منهنجو دوست، منهنجو هم ڪار، منهنجو معاون ۽ مددگار آهي. هر مشڪل ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪندو آهي ۽ هر گهڙي، هر وقت منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌيو ويٺو آهي. +ڏهن سالن جي ان چڱي ڊگهي عرصي ۾ مون کيس هڪ جهڙو ڏٺو آهي. قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن لاها چاڙها ڪونه آيا. اهائي يڪسوئي، سنجيدگي ۽ ��زاج ۾ اها ئي شگفتگي ۽ منهن تي باوقار مسڪراهٽ، جيڪا پهرين ڏينهن ڏٺي هئي، اهائي اڃا تائين موجود آهي. ڪم کان ٽال مٽول، گهڻو ڪم وڌي وڃڻ ڪري گهٻرائڻ يا وقت اچڻ تي لنوائي وڃڻ، مون ڪڏهن نه ڏٺو! وقت جي پائبندي ۽ لکڻ جي اهائي رفتار جيڪا سندس شروع کان هئي اها اڃا تائين آهي، جيتوڻيڪ هاڻ ٿڪل ٿڪل لڳندو آهي، ۽ صحت واري حوالي سان به ڪمزور ٿي چڪو آهي. +پنهنجي ذاتي زندگيءَ کان نسيم صاحب ڪن سببن ڪري ڪڏهن به مطمئن نه رهيو. ڪيترا اهڙا به موقعا آيا جو جيڪڏهن ڪو ٻيو ننڍڙي ظرف ۽ عام مزاج وارو ماڻهو هجي ها ته صبر ۽ ضبط جو پيمانو پرزا پرزا ڪري ڇڏي ها، پر هن خدا جي بندي ڪڏهن اندر واري پيڙا ۽ تڪليف کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو. مطمئن، خنده پيشاني ۽ شادابي، سدائين پنهنجي ڪم ۾ دلي طرح مشغول ۽ مصروف رهيو. ڪڏهن ڪائي ڳالهه نڪتي به ته کلي اشارتاً چئي ڇڏيندو. ڪڏهن ’هان هُون‘ ڪري ڇڏي، ورنه سدائين صبر ۽ شڪر ۾ رهيو! اها بنهه هڪ سچي مسلمان جي نشاني آهي، جنهن جو پنهنجي خدا ۽ رسول تي ڪامل يقين هجي ۽ جيڪو هر ڪيفيت کي خداءِ ذوالجلال طرفان تصور ڪندي، امتحانن مان لنگهندي، زندگيءَ جو سفر سرِ ڪندي، اڳتي قدم وڌائيندو وڌندو ويندو هجي! سچي ڳالهه ته اها آهي ته نسيم صاحب جي اها ايماني قوت ڏسندي، اسان جهڙن ڪمزور ماڻهن جي دل به مضبوط ٿي ويندي آهي. زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڏکيا موقعا آيا، جڏهن منهنجي ايماني قوت ۾ سگهه اچي وئي ۽ مان زندگيءَ جي انهن اڙانگن مرحلن مان نسيم صاحب جي ڪردار کي اڳيان رکندي خير خوبيءَ سان نڪري ويس. +انسان ۾ سڀ ڪجهه هوندو آهي. سٺايون جيڪڏهن وڌيڪ آهن ته ڪجهه ڪسايون به گڏوگڏ هونديون آهن. خوبيون ڪثرت سان آهن ته ٿوريون خاميون به پلئه ۾ پيل هونديون آهن. آخري ڏهن سالن واري ساٿ سنگت ۾ زندگيءَ جا سمورا پاسا، هڪ ٻئي اڳيان عيان ٿي ئي ويندا آهن، پر بغير مبالغه آرائيءَ جي اڄ تائين نسيم صاحب ۾ اعليٰ انساني قدرن کان سواءِ مون کي ڪجهه ٻيو نظر نه آيو آهي. +گذريل ڏهن سالن کان نسيم صاحب مون سان گڏ آهي، منهنجا اڪثر و بيشتر مسودا، سندن تيار ڪيل آهن، جڏهن به مون ڪوئي ڪتاب نقل ڪرڻ لاءِ ڏنو ته اهڙي نموني خوش اسلوبي ۽ تيزيءَ سان اهو مسودي ۾ منتقل ڪري ويو جو مون کي ڀيٽا ڪرڻ يا نظرثانيءَ جي ضرورت تمام گهٽ پئي. نقل جهڙو اصل ڪيائين. فارسي ۽ عربيءَ جو پاڻ عالم آهي، خود شاعر، شعرگو ۽ اديب آهي، تاريخ گوئيءَ تي پورو عبور حاصل اٿس. مسودي ۾ جتي فارسيءَ جو غريب لفظ آيو ته صحت جو خيال رکيائين، حديث آئي ته ٻڌائي ڇڏيائين ته فلاڻي مسودي جي فلاڻو نمبر آيت آهي. عربيءَ جو مقولو آيو ته ٻڌائي ڇڏيائين. شعر يا عبارت ۾ ڪمزوري ڏٺائين ته نشاندهي ڪري ڇڏي، تاريخ ماده غلط ڪڍي وئي آهي ته ان کي درست ڪري ڇڏيندو، مطلب ته مشڪل معاملي کي حل ڪرڻ کان سواءِ اڳتي نه وڌيو. مون سان ڪافي ماڻهو ان علمي سفر ۾ گڏ هليا آهن، پر جيترو اطمينان مون کي نسيم صاحب جي تعاون مان ٿيو، اهو ڪو ٻيو ساٿي مون کي نه ڏئي سگهيو(7). حقيقت اها آهي ته ٻئي جي وس جي اها ڳالهه به ڪانهي. شاعري ۽ تاريخ گوئي نسيم صاحب جا خاص ميدان آهن. تاريخ ۽ تذڪره جي ڪتابن ۾ اڪثر ولادت، وفات يا ڪنهن واقعي تي چيل تاريخون اينديون آهن ۽ نقل تان نقل ٿيندي، ڇا مان ڇا ٿي وينديون آهن. اهڙين جاين تي مون ڏٺو آهي ته نسيم صاحب جي ذهانت، فني مهارت ۽ تاريخ گوئيءَ تي گرفت بنهه بجليءَ واري تجلي ڏيکاري ڇڏيندي آهي. جيڏانهن وهم گمان به نه هوندو آهي اتي سندس فهم رسائي ٿي ويندي آهي. مون هڪڙي تاريخ جي تصحيح ڪرڻ يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پَهَرَ ضايع ڪري ڇڏيا، پر جڏهن نسيم اڳيان اها تاريخ پيش ڪئي ته هڪڙي ئي لمحي ۾ حل ڪري تاريخ کي پنهنجي اصل صورت ۾ پيش ڪري ويو. اها علم سان گڏوگڏ ذهانت ۽ فراست واري ڳالهه به آهي، جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. +تا به بخشد خدائي بخشنده! +نسيم صاحب کي خداوند ذوالجلال جتي علم و فضل دانش ۽ بينش جا بي بها خزانا عطا ڪيا آهن، اتي زماني ۾ رفتار ۽ گفتار جي طور طريقن تي به پوري گرفت ۽ مهارت عطا ڪئي آهي. کيس معلوم آهي ته سخت کان سخت تڪليف ۽ بنهه ڏکين حالتن ۾ انسان کي ڪهڙي حيثيت ۾ زندگي گذارڻ گهرجي. محفل ۽ مجلس ۾ ڪهڙي انداز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، ۽ مشڪل کان مشڪل مسئلي کي ڪهڙي طريقي ۽ نموني سان ڪنهن جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، جو مسئلي جا سڀ ئي پاسا به اڳيان اچي وڃن، ۽ ساڳئي وقت حل به سولو نظر اچي. مون باربار ڏٺو آهي ته زندگيءَ جي معاملن يا ڪاروباري مسئلن ۾ جڏهن به ڪا پيچيدگي نظر آئي ۽ اسين سڀ پريشان ٿي وياسين، ان وقت نسيم صاحب فقط پنهنجي تدبر ۽ سمجهداريءَ سان معاملي کي سلجهايو. بلڪ گڏوگڏ ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙو ته انداز اختيار ڪيو، جو ان جو حل يا طريقه ڪار خود بخود ذهنن ۾ اچي ويو. +لغت نويسي هجي يا بورڊ (اردو ڊڪشنري) جا ڪاروباري معاملات، نسيم صاحب جو وجود هميشه مشعل راهه رهيو آهي. +مون جيسين تائين سندس شخصيت جو مطالعو ڪيو آهي، مان وثوق ۽ پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته سيّد قاسم رضا نسيم امروهوي صاحب کي جيڪو ماحول مليو آهي، اهو سندس فهم فراست، علم و دانش جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو تنگ ۽ محدود آهي. سندس لاءِ درحقيقت، حدِنظر کان ڏور، تمام ڏور بلڪ لامحدود وسعت گهربي هئي، پر ڇا ڪجي؟ زماني ته سدائين صاحبِ نظر ۽ اهلِ دل سان ناانصافي ڪئي آهي! +سنڌيڪار پاران حاشيا: +(1) پورو نالو سيّد قاسم رضا تقوي تخلص ’نسيم. 27 رجب 1329هه مطابق 24 آگسٽ 1908ع تي امروهه ضلع مراد آباد ۾ پيدا ٿيو. امروهه سان تعلق واري حوالي سان هن پاڻ کي مستقل طور نسيم امروهوي سڏائڻ شروع ڪيو. هندستان ۾ مختلف ملازمتون ڪرڻ کان پوءِ، اچي خيرپور جا ٿاڪ وسايائين. خيرپور مان پنهنجي آبائي ضلعي مراد آباد جي نسبت سان ٽه روزه ’مراد‘ نالي اخبار جاري ڪيائين جنهن جو 1958ع ۾ ”تاريخ خيرپور“ نالي ڊبل ڪرائون سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل شاندار نمبر جاري ڪيائين. 1961ع ۾ هو ڪراچي لڏي ويو، جتي 28 فيبروري 1987ع تي وفات ڪيائين. +(2) اها ڪانفرنس 4- مارچ 1951ع تي ٿي هئي، جنهن جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر محمود حسين ڪئي، جيڪو ان وقت مرڪزي حڪومت ۾ وزير هو. ٻي نشست جي صدارت مولوي عبدالحق ڪئي. ٽين نشست مشاعري جي هئي، جنهن ۾ هند و پاڪ جي تقريباً سڀني شاعرن کي گهرايو ويو هو (تاريخ خيرپور 1955ع، ص 124). +ان ڪانفرنس جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون قابل ذڪر آهن: +(الف) ان ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مولوي عبدالحق چيو هو، ”پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون رائج آهن، اهي سڀ اسان جون ٻوليون آهن، هر شخص کي پنهنجي مادري يا صوبائي ٻوليءَ سان محبت هوندي آهي ۽ هئڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن کي ان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو حق ناهي“ (خطبات عبدالحق، 1952ع، ص 431). +(ب) ان ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي تحريڪ ۽ جلسي وارن جي تائيد سان هڪ اهم قرارداد پاس ڪئي وئي، جنهن ۾ خيرپور سرڪار کي اپيل ڪئي وئي ته سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي ڪئي وڃي. انگريزي ٻوليءَ کي آفيسن مان فارغ ڪري، پاڪستان جي قومي زبان اردو کي رائج ڪيو وڃي (تاريخ خيرپور، 1955ع، ص 124). +(ج) ان ڪانفرنس ۾ ئي پير صاحب پ��هنجو مشهور مقالو ”سنده اردو ڪا مؤلد“ پيش ڪيو هو، جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مضمون ۾، راشدي صاحب راءِ ڏني ته اردو ٻولي سنڌ ۾ جنم ورتو. ليڪن بعد ۾ هن راءِ تان هٿ کڻي ويو. (ڏسو نقوش سليماني 1967ع، ۽ امين المُلڪ نواب مير محمد معصوم بکري 2005ع، ص 31). +(د) ان ڪانفرنس جي توسط سان خيرپور ۾ انجمنِ ترقي اردو جي شاخ کولي وئي، جنهن جو مولانا نسيم کي ناظم مقرر ڪيو ويو ۽ ان ميدان تان مولانا کي ”نسيم اللغات“ تيار ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ اردو جي اها جامع ۽ بسيط لغت تيار ڪري ورتي. +(3) اردو جو نامور عالم، جيڪو باباءِ اردو طور مشهور آهي. +(4) نسيم صاحب 1950ع کان پوءِ هيڏانهن آيو، سندس پاڪستان ۽ سنڌ اچڻ جو پڻ عجيب داستان آهي. مولانا صاحب ورهاڱي کان اڳ 900 صفحن تي مشتمل مسدس ”برق باران“ عنوان سان لکيو هو. جنهن ۾ هن مسلمانن کي هندن خلاف ڀڙڪائيندي ڌار ٿيڻ جي ترغيب ڏني هئي. ورهاڱو ٿي وڃڻ کان پوءِ 1950ع ڌاري اهو مسدس حڪومت هند ۾ بحث جو موضوع ٿيو ۽ مولانا خلاف بغاوت جي الزام ۾ ڪيس داخل ٿيڻ جون خبرون مشهور ٿي ويون. اهڙي ريت اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ هو پنهنجو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي، فوراً هندستان مان نڪري آيو ۽ 16 مئي تي اهل عيال سان لاهور پهتو. پاڻ اعليٰ پايي جو شاعر هو، پر هن مرثيه گوئي ۽ آل رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شان ۾ شعر چوڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني. تازو سندس مرثين کي ڊاڪٽر هلال نقوي ايڊٽ ڪري ”مراثيه نسيم“ نالي ڪتاب شايع ڪرايو آهي. +(5) خيرپور جو سينئر استاد مرحوم حاجي محمد حداد ٻڌائيندو هو ته، 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هندستان کان آيلن لاءِ، ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو سرٽيفڪيٽ ڪورس شروع ڪيو ويو هو، جتي مختلف استاد ابتدائي سنڌي ڪورس جي سکيا ڏيندا هئا. ڪورس جي پڄاڻيءَ تي جڏهن سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ٿي، تڏهن نسيم صاحب اهو چئي سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته ”ہمیں اس کی کوئی ضرورت نہیں ہے“. +(6) نسيم امروهوي صاحب، ڪراچيءَ ۾ 1961ع ڌاري آيو. +(7) ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي ۽ ان ۾ مختلف حوالن سان تحقيق جون اسڪيمون شروع ڪيون ويون. ان جي هڪڙي اسڪيم پراڻن قديم قلمي نسخن جو اتارو ۽ ايڊيٽنگ ڪرائي انهن کي محفوظ ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ هندستان کان دربدر ٿي آيل ڪجهه عالمن ۽ ڪاتبن کان معاوضي تي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ڪم به وقت سر سولائيءَ سان ٿي وڃي ۽ انهن علمي ماڻهن جي مالي مدد جو وسيلو به جُڙي پوي. ان ڳالهه کي بنياد بنائي اردوءَ جي ڪن عالمن پير صاحب خلاف موراڳو، منفي پرچار جي حد تائين اهو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته پير حسام الدين راشدي پاڻ ڪو محقق يا عالم ڪونه هو. هن ته هندستان کان آيل غريب الوطن عالمن کان مسودا تيار ڪرائي، پنهنجي نالي تي ڪتاب شايع ڪري نالو ڪمايو. +ان وقت پير صاحب جي دوست ۽ نامور عالم مشفق خواجه ”تڪبير“ رسالي ۾ ”تاريخ نويس يا ٹلی نویسی“ عنوان سان مضمون لکي، اهڙيون حرڪتون ڪندڙن کي عاليشان علمي جواب ڏنو هو. مشفق خواجه جو اهو مواد رسالي ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1997ع ۾ ڇپيو. +فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر +[جناب سيّد حسام الدين راشدي مرحوم جو هي مقالو اسلام آباد مان نڪرندڙ فارسي رسالي ”دانش“ نمبر 11 (سرءُ، 1366 هه.ش) ۾ ڇپيو آهي. اصل ۾ هي مقالو مشهد شهر ۾ ٿيل فردوسي ڪانفرنس (14-18 جولاءِ 1975ع) ۾ پڙهيو ويو هو. راقم الحروف جي ڪوشش سان ان جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1989ع ۾ شايع ٿيو] +سنڌ صدين کان فارسي ٻوليءَ ۽ ادب جو مرڪز پي رهي آهي. شعر ۽ سخن، تصنيف ۽ تاليف جو به فارسي زبان ۾ گهڻو رواج هلندو رهيو. عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. اڪثر ڪري علمي گفتگو، سوال جواب، خط و ڪتابت توڙي بحث مباحثا به فارسيءَ ۾ ٿيندا هئا. ايران ۽ ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به سعدي، رومي، فردوسي ۽ حافظ جو وڏو رتبو ۽ اثر رهيو آهي. ايتري تائين جو انگريزن جي تسلط کان اڌ صدي پوءِ به انهن شاعرن جو نالو ۽ ڪلام، محفلن ۽ مجلسن جو سينگار هو. جيتوڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي ۽ ماڻهو به فارسي نه ٿا ڄاڻن، پر اڄ به سنڌ ۾ انهن ادب جي استادن جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. +سعدي، مولوي (رومي)، نظامي، جامي ۽ حافظ جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر آهي، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن مان هر هڪ تي جدا جدا گفتگو ڪري سگهجي ٿي. بهرحال اڄ هن مجلس ۾ سنڌ تي فردوسي ۽ سندس شاهنامي جي اثر متعلق ڳالهه ٻولهه ڪبي. +سنڌ جا ماڻهو بهادر، جنگجو، غيرت مند ۽ پنهنجي تاريخ جا دل سان عاشق آهن. انهن جي تاريخ ئي سندن جنگي داستانن سان ڀرپور آهي ۽ ڏيکاري ٿي ته انهن دشمنن جي آڏو وطن جي خاڪ جو ڪيئن دفاع ڪيو. ليڪن سندن شعر پسندي ۽ لوڪ ادب به تاريخي داستانن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ به تيرن، تلوارن ۽ هٿيارن پنهوارن جو ذڪر آهي. انهن داستانن ۽ بهادرن جي يادگارن مان ظاهر آهي ته سندن ذهني ۽ فڪري پرورش به ساڳي ريت ٿيل آهي. اها به فخر جي صورت آهي ته اهڙي علمي ادبي ذوق شوق سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کي عزيز رکن ٿا، ۽ گڏوگڏ فردوسي ۽ سندس شاهنامي کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه سمجهن ٿا ۽ سندس شاعري ۽ روايتن مان فال به ڪڍن ٿا. +هاڻي کان ڪجهه وقت اڳ ڪيترن ئي اهل سخن کي شاهنامي جو ڪو حصو ياد هوندو هو. ان جي رزم آرائيءَ جون ڳالهيون ڪندا ۽ داد شجاعت ڏيندا هئا. انهن مان هڪڙا جنگي داستان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا ته ٻيا وري شاهنامي جا فارسي شعر ياد پڙهندا هئا. اهڙيءَ ريت پنهنجي بهادري ۽ دفاعي طاقت کي ياد ۽ زندهه رکندا هئا. سخن دان ته سڄو فارسي شاهنامو ياد ڪندا هئا. ادبي تاريخ ۾ انهن کي ”شاهنامي جا حافظ“ جي لقب سان به ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي شهر ۾ فارسي گو شاعر لاله آسا رام کي سڄو شاهنامو ياد هو (1). شاهنامي جو بحر خوش رنگ ۽ وڻندڙ آهي، ان ڪري هي وزن سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند هو. ٺٽي جي هڪ ٻئي عالم ابوالبقا وري سعديءَ جي فارسي ڪتاب گلستان کي متقارب مثمن مقصوربحر ۾ آندو هو (2). +سن 999هه ڌاري عبدالرحيم خانخانان سنڌ ۾ آيو هو ته، جيئن ان کي (سنڌ) ترخانن جي قبضي مان آجو ڪري، اڪبر جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري. علامه ابوالفضل، اڪبر بادشاه جو وزير ۽ گهاٽو دوست هو. جن ڏينهن ۾ جنگ جاري هئي، تڏهن ابوالفضل جا ڪجهه خط پهتا، جن ۾ تاڪيد ٿيل هو ته ان وقت شاهنامي جو اڀياس ضروري هو (3). انهن مان هڪ خط ۾ ابوالفضل لکي ٿو: +”توهان جي مجلسن ۾ ظفرنامه، شاهنامه ۽ چنگيزنامه جو ذڪر هجي. جنگ وقت اخلاق ناصري، مڪتوب شيخ شرف منيري، خاقاني ۽ حديقه پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي. ڇو ته انهن ڪتابن ۾ دنيا جي ترڪ ڪرڻ جي گفتگو ڪيل آهي ۽ اسان جو واسطو وري دنيا جي بزم ڪثرت.....“ (4). +ظاهر آهي ته لڙائيءَ جي ڏينهن ۾، ۽ جنگ جي وقت شاهنامي کي پڙهڻ لازمي سمجهيائون ٿي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته شاهنامي جي پڙهڻ سان احساس ۾ جوش ۽ ارادي ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي. شاهنامو بهادرن کي به جرئت ڏياري ۽ همٿ وڌائي ٿو. +حقيقت ۾ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي. اهي محفلون ۽ مجلسون سومهڻي نماز کان پوءِ اڌ رات تائين متل هونديون هيون. ڪڏهن سعدي ۽ ڪڏهن حافظ، پر زيادهه ۽ گهڻو ڪري ڪچهرين جو موضوع شاهنامو ئي رهندو هو. البته صبح جي وقت روميءَ جي مثنويءَ کي قرآن مجيد جي تلاوت کان پوءِ وڏيءَ عقيدت ۽ محبت سان پڙهندا هئا. +ٽالپر حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون. مير فتح علي خان ٽالپور، جنهن سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن سان جنگ ڪري ورتي هئي، پنهنجي جنگي ڪارنامن کي شاهنامي جي حڪمرانن ۽ ڪارنامن جي برابر ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ شاهنامي جي پڙهڻ کي رواج ۾ آندو (5). جيسين ”فتح نامہ“ لکجي تيار نه ٿيو هو، سندس مجلس ۾ شاهنامو ئي پڙهيو ويندو هو. مير فتح علي خان ٽالپور جي فتح ۽ ڪاميابين کي، جڏهن مير عظيم الدين ٺٽوي شاهنامي جي بحر ۾ ”فتح نامہ“ نالي ڪتاب لکيو، تڏهن به شاهنامي جو پڙهجڻ پنهنجي جاءِ تي اهم هو. ان بعد ”شاهنامو“ ۽ ”فتح نامہ“ ئي موضوع سخن بنيا رهيا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو: +”پاڻ شاعر کي مقرر ڪيائين.... ته سندس ڪارنامن کي فردوسيءَ وانگر شعر ۾ آڻي ۽ ”فتح نامہ“ کي ان جهڙو شاهڪار جاودان سڏيو..... هاڻي درٻار ۾ فتح نامو پڙهجي ٿو ۽ ڪي درٻاري ان مان وڻندڙ شعرن کي بر زبان ياد به ڪن ٿا“ (6). +جنهن وقت ٽالپرن جو حڪمران گهراڻو سٺ سالن جي حڪومت کان پوءِ 1843ع ۾ انگريزن هٿان زوال پذير ٿيو، تڏهن شاهنامي پڙهڻ جو ويتر رواج وڌي ويو، ڇو ته نا اميدي ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهنامي جا قصا تنهائي دوران دلجاءِ ۽ قرار ڏيندڙ هئا. ايران جي دليرن جي ڪارنامن، ميرن کي دلداري ٿي ڏني، ته هڪ ڏينهن هٿ مان ويل حڪومت وري موٽي ملندي. قيد ۾ بند ٿيل مير صاحبان، جي اڃا حال حيات هئا، سي شاهنامو ئي پڙهندا هئا. هيءُ سلسلو ڳچ وقت هليو. +ڪجهه روايتون: +سنڌ جي تاريخ ۾ فردوسي ۽ شاهنامي جي باري ۾ ڪجهه روايتون ملن ٿيون. انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو. +مير نصير خان ٽالپور تخلص جعفري (وفات 1261هه) (7)، فردوسيءَ جي هن بيت: +هر آنکس کہ شهنامه خواني کند اگر زن بود، پهلواني کند +(جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته بهادري ڪرڻ لڳي) جي جواب ۾ چيو آهي: +هر آنکس کہ خود پهلواني کند چہ حاجت کہ شهنامہ خواني کند (8). +(بهادر انسان کي شاهنامي پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي). +مير صاحب جي طرز فڪر ۽ روانيءَ کي هن مان ئي ڏسڻ گهرجي، جو پاڻ شاهنامي جيڏو ضخيم ڪتاب ”مختيار نامہ“ جي نالي سان 1241هه ۾ تصنيف ڪيائين (9). +سيّد ثابت علي شاهه (وفات 1225هه) ٽالپري درٻار جو مرثيه گو شاعر هو. خليل ٺٽويءَ جي قول موجب، پاڻ فردوسيءَ جي هن شعر: +سپر بود پشت شہ ڪامياب چو ابرسيہ مائل آفتاب +(ڪامياب بادشاهه جي پٺ تي ڍال ائين آهي، جيئن ڪارو ڪڪر سج جي سامهون اوٽ هجي)، جي جواب ۾ ان طرز جو شعر چيو ۽ گوءِ کڻي ويو: +سپر بود بر پشت زوجِ بتول چو مهر نبوت بدوش رسول (10). +(حضرت علي عليہ السلام (زوج بتول) جي پٺ تي ڍال ائين هجي، جيئن رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ڪلهي تي نبوت جي مهر). +خبر ناهي ته همعصر ايراني اديبن هن بيت کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو، پر سنڌ ۾ هيءَ خبر پهتي جا خليل جي زباني ٻڌو: ”جڏهن هي ماڻهو ايران پهتو ته انهن کي حيرت وٺي وئي. چيائون ته سنڌ جو ڄاڻو ڪيئن فردوسيءَ جي رتبي کي پهتو؟“ (11). +سچ يا ڪوڙ، پر هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته فردوسيءَ سان برابري جيتوڻيڪ هڪ بيت ۾ آهي، پر ڪمال جي ڳڻي سگهجي ٿي. ان ريت ٻين شاعرن به هن ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. خليل ٺٽويءَ ”يد بيضا“ مان صائب، شفائي ۽ مير محمد مراد هنديءَ جي تتبع ��ا مثال ڏنا آهن. آخر ۾ پاڻ به فردوسيءَ جي پيرويءَ ۾ هي بيت چيو اٿس: +بفرمود تا بر فرس زين کنند دام اندر دم ناي زرين کنند (فردوسي). +بگفتا کہ بر اسب زين را نهند نہ زين، بلڪه کشتي بدريا نهند (خليل) (12). +ٽالپرن کان اڳ ۾ به اهو رواج هو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ فردوسيءَ جي پيروي لاڳيتو هلندڙ هئي. جنهن وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو گذاري ويو ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان تخت تي ويٺو، تڏهن منشي چتر ڀوڄ (وفات 1171هه) ماده تاريخ فردوسيءَ جي هن مصرع مان ڪڍيو: +تقلب نيست در مصرع فردوسي کہ مرگ خرد بود سگ را عروسي (13). +ابراهيم خليل مؤلف ”تڪمله مقالات الشعرا“ جي مقدمي ۾ فردوسيءَ بابت هڪ لطيفو بيان ڪري ٿو: ”شاهنامي“ جي مقدمي ۾ نقل ٿيل آهي ته ڪنهن بزرگ فردوسي طوسيءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته، هو بهشت جي باغن ۾ گهمي رهيو آهي. ان بزرگ کانئس پڇيو ته، هي شرف ڪيئن مليو اٿئي؟ فردوسيءَ چيو الله تعاليٰ جي حمد ۾ بيت چيو هئم، جو رب پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول پيو ۽ هي فائدو پيو ۽ اهو هن ريت آهي: +جهان را بلندي و پستي تو اي ندانم چہ اي هرچہ هستي تو اي +(جهان جي بلندي ۽ هيٺاهين تون آهين. نه ڄاتم ڇا آهين، سڀ ڪجهه تون ئي آهين). ٻئي ڪتاب ۾ ڏٺم ته فردوسي هي ٻه حمد جا بيت پڙهيا هئا: +ستايش کنم ايزد پاڪ را کہ گويا و بينا کند خاڪ را بموري دهد مالش نره شير کند پشہ بر پيل جنگي دلير +شايد جدا جدا خواب آهن، جو هڪ ۾ هو بيت پڙهيائين، ۽ ٻئي ۾ هي ٻه بيت چيائين (14). +جيتوڻيڪ سنڌ جي شاعرن ڪجهه مثنويون شاهنامي جي بحر کان سواءِ ٺاهيون آهن، پر هرجاءِ تي انهن فردوسيءَ جو نالو ادب ۽ احترام سان ورتو آهي. مثال طور مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”هير رانجهو“ جداگانه بحر ۾ ٺاهي آهي. چوي ٿو: +گر از فردوس آيد روح طوسي بہ بزم دل درين جشن عروسي خط تهنيتش در محفل شاهه نويسانم بہ مهر مهر تاماهه(15). +سنڌ جي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ فردوسيءَ جي شعرن کي تضمين ۽ مثال طور به آندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعرن ۽ مصنفن جي فڪر تي فردوسي ڪهڙو نه اثر چٽيو آهي. تنهن کان پوءِ هي سڀ مثال ان جو دليل آهن ته ليکڪن ۽ شاعرن جاءِ بجاءِ پنهنجي تائيد لاءِ شاهنامي مان شاهد طور مثال ڏنا آهن. ”مظهر شاهجهاني“ سنڌ جي سياسي تاريخ ”سياست نامہ“ وانگر آهي. ان جي پهرئين جلد ۾ ملڪداري ۽ سلطنت جا آداب ڏنل آهن. مصنف ڪيترين جاين تي فردوسيءَ جي شعرن مان به استفادو ڪيو آهي. +فردوسيءَ جي طرز جي پيروي: +سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽ تتبع تي گهڻيون مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن. هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن. البت جن تائين اسان جي رسائي ٿي سگهي آهي، انهن جو تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو. +(1) نامهء نغز (1155هه) از باغ علي خائف: هن مثنوي ۾ 6473 بيت آهن. ميان نور محمد خدا يار خان عباسي ڪلهوڙي جي زماني ۾ هي مثنوي لکي وئي ۽ ان ۾ نادر شاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جا اکين ڏٺا واقعا تفصيل سان ڏنل آهن. هي مثنوي تاريخي واقعن سان سينگاريل آهي. هن مثنويءَ ۾ نادر شاهه جي باري ۾ جيڪي شعر آهن، اهي مون ”منشور الوصيت“ ۾ ضميمي طور شامل ۽ شايع ڪري ڇڏيا آهن. مثنويءَ جي ابتدا هن ريت آهي: +خدايا تو اي آفريننده جان تو داننده آشڪار و نهان ز تو شادماني ز تو غم بود ز تو بر فزوني ز تو کم بود +پڄاڻي هن ريت آهي: +زمين را ز اسپان ز غم در ستوه زسم ستوران دزم دشت وکوه عنان سپہ گر بہ ايران کنم بلشکر، زمين، کوه ويران کنم +۽ فردوسيءَ بابت هن ريت چيل آهي: +چو ديدم بمردانگي استوار دلاوردم از کار او در نگار کہ بندم بہ نامش يکي نامہ يي گرانمايہ گوهر چو ”شهنامہ“ يي چہ گفتہ است داناي ديرينہ طوس بيا راست ”شه نامہ“ چون نو عرس بدور سپہ دار محمود شاه کہ او بود باتاج و تخت و کلاه شہ غزنوي شاه نيکو نهاد ز هي نام محمود فرخ نزاد پزوهندگي را بيا راست کار بہ........ هوشمندان ديار بگيتي نهان دوست بودش يکي نشان کيان دادش آن بي شکي و را بود از موبدان سال خرد يکي چند اجزايي پيشش ببرد چو ديد آن خردمند روشن نهاد گذشتہ زمان را زسر کرد ياد بگوهر شرفنامہ را کنده کرد عجم را بدين پارسي زنده کرد ازو گشت روشن دلي هوشمند کہ بر خواند ديرينہ اجزايي چند سخن را بسنجند از هر دري ز هر موبدان و ز هر کشوري بسي رازهاي نهان کرد باز پراکنده گفتار را داد ساز چہ گفت آن گرانمايہ شيرين سخن بہ شهنامہ فردوسي راي زن نخستين خديوي کہ کشور گشود سر تاجداران کيومرث بود +*** +سخنگوي فردوسي هوشمند بلندي گرفتہ ز راي بلند پسنديده هر گوهر و لعل و دُر ببرد آن شرفنامہ را کرد پر گرانمايه گوهر بتاراج برد پس افتاده بر ديگران بر سپرد بگفت آن کہ بودش سخن دلپذير بخوانند گان گشت ور بينظير +*** +پس آن گہ شد اين نامہء ارجمند کزو گشت خوانند گان فيض مند مرا آرزو در دل آمد يکي کہ سازم يکي نامہء بي شکي چو ”شهنامہ“ ديدم سکندر دگر پسند آمدم در دل پر هنر کہ بندم يکي نامہ يي از نگار بنام خدايار خان نامدار بدين داستان شغل را ساختم يکي ”نامه نغز“ پرداختم بعهد خدا يار خان شيرنر سپہ دار عباسي نامور هزار و صد و سال و پنجاه و پنج کشيدم سہ سال اندرين نامہ رنج(16). +هي ڪتاب جيتوڻيڪ شاهنامي جي تتبع تي لکيل آهي، تاهم ان جي فارسي ڪمزور ۽ شعر ڪچو آهي. +(2) حملهء حسيني (1163هه) از محسن ٺٽوي (وفات 1163هه): حقيقت ۾ هي مثنوي حملهء حيدريءَ جو تڪمله يا ضميمو آهي ۽ ڪربلا جي سانحي کي نظم ۾ آندو ويو آهي. هن مثنويءَ جو ٻيو نالو ”اعلام ماتم“ آهي. هن مثنويءَ جو بحر شاهنامي جو بحر متقارب آهي. +ابتدا: +سپاس خرد صانع پاڪ را همان جان دهي پيڪر خاڪ را +(پيدا ڪندڙ پروردگار جو شڪر آهي، جنهن مٽيءَ جي بوتي کي جان بخشي). +پڄاڻي: +ڪہ تا ڪرد مختار ثقفي خروج ڪنون حال اورا ببخشم عروج +(مختيار ثقفي خروج ڪيو، هاڻي ان جي حال کي عروج بخشيم). +مختيار جي داستان جو آغاز اڃا مس ٿيو هو، ته پاڻ شاعر هن جهان مان موڪلائي ويو ۽ هن اڌوري مثنويءَ کي مير علي شير قانع ٺٽويءَ ”مختارنامہ“ جي نالي سان پورو ڪيو. حمله حسينيءَ ۾ 9 هزار بيت آهن (17). +(3) نادر نامه شاهنامه نادري (1172هه): هيءَ مثنوي فردوسيءَ جي شاهنامي جي طرز تي چيل آهي ۽ ان جو شاعر معلوم ڪونهي. ساڳئي نالي سان هڪ وڌيڪ ”شاهنامہ نادري“ محمد علي طوسيءَ جو به لکيل آهي، جيڪو انجمن آثار ملي ايران طرفان ڇپيل آهي. شاعر جو مختصر احوال ”مقالات الشعرا“ ۾ آيل آهي (18). +هن مثنويءَ ۾ نادر جي حملن، سندس آغاز ۽ پڄاڻي تفصيل سان منظوم ٿيل آهي (19). هن نسخي جو پهريون صفحو گم آهي، البته ٻئي صفحي جو پهريون بيت هن ريت آهي: +جهان خيزد از جا بہ رقص و سماع چو آن اختر از مهر در آرد شعاع +اڳين شاعرن جو ذڪر ساقي نامي جي شعر سان شروع ڪيل آهي ۽ انهن جي تعريف ڪيل آهي. فردوسيءَ متعلق چوي ٿو: +ز گفتار فردوسي نامدار دو بيتي بہ وصف سخن گوشدار کہ کافيست مارا درين انجمن همان چار مصرع بہ وصف سخن بناهاي آباد گردد خراب ز باران و از تابش آفتاب سخن را بنايي برافگن بلند کہ از باد و باران نگردد نزند نخستين کہ از فيض ارزندگي قلم رزدم ازچشمہء زندگي ز اعجاز فردوسي نکتہ سنج سر مار کلک، از سخن ريخت گنج ازو بود، چرخ سخن را مدار ازو پايہء نظم شد استوار زبان دار گلشن بہ دست شکوه بہ ”شهنامہ“ ميزد دم از تيغ کوه کسي را نيامد برون از زبان ازان دور تا حال نظمي چنان بہ بزم سخن تا مقدم نشست کہ منصوبہء کس چنان کم نشست بہ بحر تقارب درين داوري براو، ختم باشد سخن پروري ازو نام محمود شوکت مدار بهر صورتي مانده در روزگار ازو گرنمي يافت يکره گزند همين شد بہ نيکيش نام بلند +ان بعد پنهنجي شاعريءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، مثنوي ”شاهنامہ ۽ فردوسي“ جي بحر ۾ چيل آهي: +ز ايام فردوسي نامدار کہ گرديد آسان سخن استوار عزيزان پيشين ز بستان فکر همہ چيده گلهاي مضمون بکر بتاراج رفتہ است گل هاي باغ ازان مي کشان خشک مانده اياغ +*** +شد از کلک فردوسي پر هنر در ايام رستم چنين نامور شد از مشرق کلک آن آفتاب جهانگير خورشيد افراسياب ازان نکتہ پرداز شيرين کلام ملوک عجم را بلند است نام +*** +بعرض يکي سال فرخنده فال سراينده از راستي اين مقال همانا کہ ابياتش اندر شمار کہ از هفده باره بود يک هزار بہ شهنامہ فردوسي نکتہ سنج کہ سي سال در نظم آن برد رنج نہ بد پيشتر شصت باره هزار کہ از کلک او بر ورق شد نگار دوباره هزار از زبان قلم بسالي فزون تر نکرده رقم (20). +هن نسخي ۾ 289 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي تي 52 بيت آهن (21). هي مثنوي سيال ڪوٽ جي نظام الدين جي مثنوي ”شهنشاهه نادري“ جا 1162هه ۾ لکي وئي، ان کان ڏهه سال پوءِ تصنيف هيٺ آئي. +(4) مختار نامہ (1194هه) مير علي شير قانع: هن نظم ۾ قانع ست هزار بيت ”تڪمله حمله حسيني“ نالي سان آندا آهن. +بہ نام جهان داور کرد گار کہ بر قدرت اوست مختار کار +پڄاڻي: +بماني بہ اين حشمت واعتلا بہ حق محمد بہ آل عبا (22). +(5) فتح نامه (1199هه) مير عظيم الدين ٺٽوي: شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ۾ ان جنگ جو داستان آهي، جنهن ۾ ميرن ٽالپورن، ڪلهوڙن کان حڪومت کسي پاڻ هٿ ڪئي هئي. ان جنگ بابت هي پهريون ڪتاب آهي. ابتدا: +بنام خداوند هر دوجهان شہ هفت گيتي و نہ آسمان خداوند کم گير و بسيار بخش خرد بخش و دل بخش و ديدار بخش +(ٻنهي جهانن جي مالڪ جي نالي سان شروع، جو نون آسمانن ۽ ستن زمينن جو بادشاهه آهي. رب پاڪ گهٽ وٺندڙ ۽ گهڻو بخشيندڙ آهي). +خاتمو: +خداوند عالم نگهدار شان بہ هر دو جهان ياور و يارشان بہ شان باد دايم دعاي عظيم تو بشنو بفضل، اي خداي عظيم +(جهان جو مالڪ نگهبان ۽ ٻنهي جهانن جو مددگار آهي. اي خدا، تون فضل ۽ ڪرم سان ٻڌي دعا قبول ڪر). +فردوسيءَ بابت چوي ٿو: +بہ فردوس من بين، چہ خوش منظر است کہ هر مصرعہ اش موجئہ کوثر است بہ اين حجت امروز، فردوسيم و ليکن، نه فردوسي طوسيم کہ او بود مردي بسا نامدار بہ شعر معاني نکو شهريار بلند آمدش در سخن دستگاه قلم راند بر صفحہ مهر وماه بہ بزم سخن قدرت نام داشت زبان يک درخشنده صمصام داشت ميان من و اوست، بسيار فرق چہ فرقيکہ دارد بهم غرب و شرق کہ او عقل بستود من عشق پاک سلامت پسنديده او، من هلاک گرفت آن خردمند سر در سپر من بي خرد تيغ را داده سر بدامان کشتي زد او دست خويش نہ چون من بہ دريا بپيوست خويش +*** +مضامين شهنامہ اش ديده ام در افشاني خامہ اش ديده ام چہ گويد ز فردوسي و نظم او کہ عزمم کجا و کجا عزم او وي آراست، اکليل از گوهران ببزم خسيسان بي جوهران بہ عهد لواي سخن بر فراشت کہ عهد سلاطين، وفايي نداشت ز مسکين گرفتند گنج گهر ندادندش اندر عوض مشت زر وفا کرد شان وعدهء زر و سيم نہ گشتند بر وعدهء خود کريم چو گنج سخن ديد آن سيم را بہ آرنده ها داد زان نيم را دگر نيم داده بگرما بہ آن کہ در خدمتش گرم بود آن زمان عجب شاه دل مرد درويش بود کہ درهمت از شاه خود بيش بود دل بند، باري چو بيدار شد خداوند خود را خريدار شد نہ محمود ماند و نہ سيم و زرش نہ آن تخت ماند و نہ آن افسرش مگر سستي عهد او يادگار بمانده است برصفحهء روزگار (23). +(6) شاهنامه (1249هه) محمد عالم: هن مثنويءَ ۾ جنگ جو احوال آهي، جا خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ شاهه شجاع افغانيءَ جي وچ ۾ ٿي هئي. حملي آور شاهه شجاع شڪست کاڌي هئي. هن جنگ جي باري ۾ سنڌي زبان ۾ به ڪجهه مثنويون چيل آهن. محمد عالم ان کي 340 بيتن ۾ آندو آهي. سندس شعر البته ڪچو آهي. +ابتدا: +سپاس است مر حضرت ذوالجلال ڪريم الرحيم است تا در ڪمال +خاتمو: +همان دم بخوان باعث حفظءِ! بہ تصديق او را ولي خمسهءِ! +هن مثنويءَ کي مير علي مراد خان لاءِ ڪاتب، فتح چند پٽ ديوان ٽهلرام سيوستاني ڪتابت ڪيو آهي. ڪتابت جي تاريخ 29 رمضان المبارڪ ڏينهن آچر سن 1286هه آهي. شاعر فردوسيءَ کي هن ريت ياد ڪيو آهي: +عجب عالما تست خوش جامہ يي چو شهنامہ تست شهنامہ يي نه شهنامہ او است پيشينگان کہ فردوسي اش گفت وصف شهان بمن است شهنامہ شاهزاد چوشهنامہ، شهنامہ نامش نهاد +(7) فتح نامه (1254هه) مير صوبدار خان: هن مثنويءَ جو شاعر مير فتح علي خان ٽالپر جو فررزند مير صوبدار خان آهي. شاعر هيءَ مثنوي ڪلڪتي ۾ تڏهن لکي هئي، جڏهن هو وطن کان پري هو. هيءَ مثنوي تاريخ جو هڪ ماخذ آهي. مير فتح علي خان جي سوڀن ۽ ڪلهوڙن سان ڪيل لڙاين بابت، هن مثنويءَ ۾ 16300 بيت آهن، ۽ ”جنگ نامہ“ جي نالي سان به مشهور آهي: +آغاز: +بنام خداوند فتح و ظفر فزاينده عقل و بخت و هنر خداوند مهر و خداوند ماه خداوند جان و جهان را پناه +خاتمو: +بيا مطربا لحن دل کش بباغ بہ مضراب بيفروز چون شب چراغ سرودي کہ باشد پر از رنگ و بو چو داود نرم آهن آيد ازو پس از هجرت مرسل کرد گار هزار و دو صد رفت و پنجاه و چار کہ شد نظم اين نوبهار شگرف بمعني پر از در چو درياي زوف (24). +(8) سفرنامه (1260هه) مير نصير خان ٽالپر: مير نصير خان جنهن پنهنجو تخلص ”جعفري“ رکيو هو ۽ شاهنامي جي بحر جو دلداه هو، جيتوڻيڪ سندس شعر جو موضوع جنگ نه هو، پر ان وزن ۾ مثنويون چوندو هو. انگريزي تسلط بعد جڏهن ڪلڪتي ۾ وطن کان پري هو ته پريشانين ۽ سفر جي تڪليفن سبب هي مثنوي چيائين: +بنام خدايي کہ جان آفريد ازو گشت سختي و نرمي پديد فرستاد از لطف پيغمبران کہ گمراه نگردند تا انس و جان +(خدا جي نالي سان شروع جنهن ساه پيدا ڪيو. ان کان ئي ڏک سک ظاهر ٿين ٿا. لطف سان پيغمبرن کي موڪليائين، ته جيئن انسان ۽ جن گمراهه نه ٿين). +پڄاڻي: +بکن جعفري شکر صبح و مسا کہ موليٰ علي هست مشکل کشا کہ آسان کند مشکل ما تمام سخن ختم کردم و اين والسلام (25). +(جعفري صبح ۽ شام شڪر ڪر. مولا علي مشڪل ڪشا آهي، سو اسان جون سڀ مشڪل آسان ڪندو). +(9) مثنوي سفرنامه (1260هه) مير نصير خان ٽالپر: هي سفر بابت ٻي مثنوي آهي، ان جو موضوع ۽ بحر ساڳيو آهي. ابتدا: +بنام خدايي کزونقش بست درون دو عالم هر آنچہ کہ هست پس از حمد يزدان جان آفرين کنم نعت پيغمبر پاک دين +*** +کنون باز گويم همہ حال خويش بيان سازم اکنون، ز احوال خويش ازين پيش گفتم يکي داستان نمودم در او مختصر هم بيان +انگريزن جنهن وقت ميرن کان تاج ۽ تخت ورتو ۽ شاهي خزاني مان ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيا، ان بابت شاعر چوي ٿو: +بوقتي کہ از ما بگرديد هور بغاوت ببردند هزده کرور و هم ملک و ناموس ما سر بسر ببردند در دوستي بيخبر +(اسان کان جڏهن زمانو ڦريو. ملڪ، ناموس ۽ ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيائون. اسين بيخبر رهياسون، اهو سڀ ڪجهه دوستيءَ ۾ لٽيائون). +پڄاڻي: +بکن جعفري شکر هردم مدام بہ آل محمد عليہ السلام (26). +(جعفري سدائين شڪر ڪر. آل محمد عليہ السلام ئي بهتر آهي). +(10) جدائي نامه (1260هه) مير صوبدار خان: هي مثنوي به مير صوبدار خان وطن کان پري عزيزن جي ياد ۾ چئي. +ابتدا: +خدا يا شب هجر را ساز روز ز داغ جدايي دل من مسوز بيفروز چون صبح صادق چراغ گل جان من بشگفان باغ باغ +(اي خدا، هجر جي رات کي ڏينهن ڪر. جدائي جي داغ کي منهنجي دل مان نه پار. صبح صادق وانگر ڏيئو ٻار. منهنجي جان جو گل باغ وانگر کول). +پڄاڻي: +بيا مطربا! زخمہ بر زن بعود بياراي مجلس ببانگ سرود سرودي کہ از زيد خوشتر بود شکر خا چو گفتار دلبر بود (27). +(11) مثنوي مؤمن (1271هه) مير عباس علي خان مؤمن (وفات 1273هه): هي ٻياسي بيتن واري مثنوي مؤمن هڪ واقعي جي تعريف ۾ چئي آهي. +ابتدا: +بنام الاهي که گردان سپهر بر افراخت و افروخت ناهيد و مهر +فردوسيءَ جو ذڪر: +ز فردوسيءِ طوسيءِ پاک دين بيارم دو ابيات با آفرين چنين است رسم سراي فريب گهي بر فراز و گهي برنشيب +*** +چو مي گويد آن مرد داناي طوس کہ نظمش سراسر بود چون عروس درختي کہ تلخ است ويرا سرشت گرش در نشاني بباغ بهشت ور از جوي خلدش بهنگام آب بہ بيخ، انگبين ريزي و شهد ناب سر انجام گوهر بکار آورد همان ميوہء تلخ بار آورد ز بد گوهران بد نباشد عجب نشايد ستردن سياهي ز شب ز ناپاڪ زاده مداريد اميد کہ زنگي بشستن نگردد سفيد زبد اصل چشم بهي داشتن بود خاک در ديده انباشتن چہ خوش گفت رستم بہ اسفند يار دران دم کہ بودند، در کار زار کہ در راه من برستيزهه مريز کہ من خود يکي مايہ ام درستيز (28). +(12) رزم نامه نادر شاهه (قبل 1271هه) مير محمد علي بهرور (وفات 1278هه): هن مثنويءَ ۾ هڪ سؤ ڇهه بيت آهن. ڪرنال جي جنگ ۽ نادر شاهه طرفان دهلي فتح ڪرڻ جو احوال ”جهانڪشاي نادري“ تان ورتل آهي (29). +(13) رزم نامه شير (1271هه) مير محمد علي بهرور: هي مثنوي به بهرور ڪلڪتي ۾ رهڻ وقت چئي. ان ۾ شينهن جي شڪار جو بيان آهي. +آغاز: +سپاس آن خدايي کہ شير آفريد پي رزم شيران، دلير آفريد +فردوسيءَ بابت چوي ٿو: +کند مور بر شير نر چيره دست زپشہ دهد مالش پيل مست درين باب فردوسيءِ نيک نام چہ خوش گفت بيتي بہ حسن کلام ز موري دهد مالش نره شير کند پشہ بر پيل جنگي دلير +پڄاڻي: +بماند همين نسخہ در روزگار ز مير محمد علي يادگار (30). +(شال مير محمد عليءَ جو هي نسخو زماني جو يادگار رهي). +(14) شاهنامه سنڌ (1310هه) مير حسن علي ٽالپور (وفات 1324هه): هي مير صوبدار خان جي فتحنامي جو سنڌي ترجمو آهي ۽ شاهنامي جي بحر ۾ آهي. جيڪي واقعا فتحنامي ۾ نه آهن، اهي به هن ۾ اچي ويا آهن. ترجمو آزاد ۽ موزون آهي (31). +(15) شهنشاهه نامه (1318هه) مير حسن علي خان: هي حملهء حيدريءَ جو شاهنامي جي بحر ۾ سنڌي ترجمو آهي (32). +(16) قادري نامه (1326هه) پير علي اصغر راشدي (وفات 1354هه): هن جو مصنف اسان جي راشدي خاندان جو بزرگ هو. پاڻ راشدي خاندان جي تاريخ کي شاهنامي جي بحر ۽ نظم ۾ آندو اٿس. سنڌي ۽ فارسي شعر چوندو هو ۽ خوشنويس به هو. مثنويءَ ۾ چار هزار بيت آهن. سندس هٿ اکرين اڻ پورو نسخو مون وٽ موجود آهي. +ابتدا: +تو قادر ترا قدرت و قادري تو مي آفريني، تو مي پروري +(تون قادر، توکي ئي قدرت ۽ قادري آهي. تون پيدا به ڪرين ٿو ۽ پالين به ٿو). +فردوسيءَ جي پيروي هن ريت ڪئي اٿس: +عرب را بجايي رسانيد کار کہ گشتند دهقانها شهر يار کسي قصر کسري بکسر آوريد کسي پاي برمسند روم ديد يتيم آمد و شهرياري گرفت نہ امداد از کس، نه ياري گرفت +(عرب جو اهڙو ڀاڳ وريو جو ديهاتي بدو به بادشاهه بنيا. ڪنهن ڪسري جي محلات ٿي ڀڳي ته، ڪنهن روم جي تخت تي پير ڌريا. جيتوڻيڪ يتيم آيو ۽ بادشاهي ورتائين، ته به ڪنهن کان مدد نه ورتائين). +مرا از بسي سال بود اين خيال به تحرير چيزي کشم از مقال و ليکن، نه چو طوسيءِ پاکزاد ز کاووس وکسري کنم قصہ ياد +*** +چہ حاجت کہ شاهان ستايي کنم نه من مفلسم تا گدايي کنم +(بادشاهن جي تعريف ڇو ڪريان. سڃو ناهيان جو پنندو وتان). +بہ طمع زر از بادشاهان عهد شرنگ آوريدند بر جايي شهد +*** +همہ فکرتم را تو صائب نما چو فردوسيءِ طوسيم دل گشا (33). +(17) تاريخ حڪمرانان لس ٻيله (1341هه) محمد سليمان: هي لس ٻيلي جي مختصر تاريخ شاهنامي جي نموني ۽ بحر ۾ آهي (34). +آغاز: +بنام خداييکہ سلطان اوست خلايق همہ زير فرمان اوست خداييکہ او قادر مطلق است خداييکہ او رازق برحق است +(الله جي نالي سان شروع، جو بادشاهه آهي. سڀ مخلوق سندس حڪم جي ماتحت آهي. اهو خدا قادر مطلق آهي. اهو خدا رازق برحق آهي). +پڄاڻي: +بہ بين قدرت قادر ذوالجلال چنين بخت و دولت پذيرد زوال +(قادر ذوالجلال جي قدرت ڏسو، جيڪو ئي بخت ۽ دولت کي زوال ڏئي ٿو). +ڪتاب جي لکجڻ جو سال: +بده سيزده صد فزون چهل يکي (1341هه) شده ختم اين داستان اند کي (35). +(18) شاهنامه (1347هه) محمد عاقل: فردوسيءَ جي شاهنامي جو سنڌي نثر ۾ ترجمو آهي. پير صبغت الله راشديءَ جي حڪم سان، هيءُ ترجمو مولوي محمد عاقل عاقلي ڪيو، ته جي ماڻهو فارسي نه ٿا ڄاڻن، اهي هن شاهڪار جي مطلب ۽ مقصد کان محروم نه رهن. دراصل عاقلي ان کي اٺن جلدن ۾ پورو ڪرڻ ٿي گهريو، ليڪن اڃا پهريون جلد تيار ٿيو هو، جو پير صاحب ۽ مولوي عاقلي ٻئي جهان ڇڏي ويا. ڪتاب جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي. +* مُترجم: عبدالرسول قادري + + +شاهنامي جا ڪجهه قلمي نسخا: +سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت ۽ عظمت جو احوال مٿي آيو آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ کي شاهنامي جي قلمي نسخن سان مالا مال هجڻ کپي، پر ائين نه آهي جو ان جا ڪجهه سبب آهن. +جنهن ڏينهن کان فارسيءَ جو رواج گهٽيو ۽ نئون نسل مشرقي علمن کان بيگانو رهيو، تڏهن سوين ڪتاب ۽ ذاتي علمي خزانا فارسي نه ڄاڻڻ ۽ توجہ نه هجڻ ڪري، برباد ٿي ويا ۽ اها علمي تباهي شاهنامي سان به لاڳو رهي. +شاهنامي جي تتبع بابت جن تاريخي شاهدين جو ذڪر ڪيو اٿئون، انهن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت جي ڪري، ايراني واپارين کي به شوق جاڳيو ته اهي قلمي نسخا سنڌ مان خريد ڪري، اميرن ۽ بادشاهن کي سوکڙي ڪري ڏين ۽ انعام وٺن. جنهن وقت هند جا تيموري بادشاهه سنڌ تي مڙهجي ويا ۽ پنهنجا والي مقر ڪيائون، ته انهن والين مان هر هڪ پنهنجي دور ۾ اها ڪوشش ٿي ڪئي ته، وقت جي بادشاهن کي بهترين سوکڙين جي ذريعي خوش رکن. ان ڪري جنهن جي به نظر تي ڪا اهڙي چيز چڙهي ته، اها آگري ۽ دهلي ٿي موڪليائون. ظاهر آهي ته شاهنامي جا نسخا ان چڪر جي ور چڙهي ويا. اهڙن اميرن مان هڪ جي باري ۾ جهانگير لکي ٿو: +”جمادي الاول 1013هه، مصطفيٰ خان ٺٽي جي حاڪم شاهنامو ۽ شيخ نظاميءَ جو خمسو تصويرن سان، جيڪي تصويرون ماهر استادن ٺاهيون، ٻين تحفن سان گڏ سوکڙي ڪري موڪليا ۽ منهنجي نظر مان گذريا“ (36). +جنهن وقت اصفهان کي افغانن تاراج ڪيو، جو ڪجهه به انهن کي هٿ لڳو، بنا ڪنهن ڊپ جي پاڻ سان کڻي ويا. گهڻو پوءِ اهي هت آڻي، سنڌ جي اميرن کي وڪرو ڪري ڏنائون. اهڙن ذخيرن ۾ شاهنامو به هو. انهن مان هڪ نسخو اصفهان کان آيو، جو اڄ به حيدرآباد ۾ ٽالپوري ڪتبخاني ۾ موجود آهي. +اهڙي لٽيل مال مان گهڻو سون، چاندي، جواهرات ۽ نوادارت، ميان نور محمد خدايار خان سنڌيءَ خريد ڪيا. جنهن وقت نادر شاه، ميان جي خزاني کي ضبط ڪيو ۽ نوادارت هٿ ڪيا ته، انهن مان ايران جو به گهڻو سامان سڃاتو ويو. بيان واقع ۾ آهي ته: +”هن افساني جو لکندڙ سامان ۽ مال جي محاسبي وقت حاضر هو. گهڻيون چيزون صفوي بادشاهن جون هيون سي سڃاتيون ويون. جانچ کان پوءِ خبر پئي ته قنڌار جا افغان جنهن وقت ايران جا حاڪم هئا، انهن اهي اڻ لڀ شيون ۽ سوکڙيون چوڌاري وڪرو ٿي ڪيون“ (37). +گلدستهءَ نورس بهار، به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي: +”بهترين ۽ ناياب شيون هنن ڪميڻن جي هٿ لڳيون ته، اهي هندستان ملڪ جي حدن ۾ آڻي اڌ قيمت ۾ وڪڻي ٿي ڇڏيائون“ (38). +نادر شاهه به ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڪتبخانو زوريءَ کڻي ويو ۽ جنهن جو پاڻ مرڻ گهڙيءَ تائين افسوس ڪندو رهيو. پنهنجي ڪتاب ”منشورالوصيت“ ۾ به ان جو ذڪر ڪيو اٿس (39). خبر ناهي ته هن علمي ذخيري جون ڪهڙيون شيون پاڻي لنگهندي گم ٿيون ۽ ڪهڙيون ايران پهتيون (40). +ان ريت سنڌ جا ڪتبخانه هر دور ۾ تباهه ۽ برباد پي ٿيا آهن. ارغونن (927-962هه) سنڌ جي تختگاهه ٺٽي ۽ ٻين شهرن کي جي علمي مرڪز هئا لٽيو ۽ ساڙيو. سومرن توڙي سمن جي ذخيري کي تباهه ڪيو ويو. ترخانن جي دور (962-1001هه) ۾ پرتگالين جي هٿان ۽ ان کان پوءِ گهرو لڙاين ۽ هندستان جي تيمورين ۽ ترخانن جي ڪشمڪش سبب ۽ جو ڪجهه ارغونن ۽ ترخانن پاڻ سان علمي ذخيرو هرات ۽ بخارا مان آندو هو، اڳين تباهي کان پوءِ جو ڪجهه بچيو هو، سو اسان جي هٿن مان نڪري ويو. ان کان پوءِ ميرن ٽالپورن جا ڇهه يا ست بهترين گڏ ڪيل ڪتبخانه انگريزن جي ور چڙهيا يا وري اهي ولايت کڻي ويا. +اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ڳوٺن واهڻن ۾، جيڪي علمي مرڪز آهن، فارسيءَ جو ذخيرو موجود آهي، پر جيئن ته ان علمي ذخيري جي ڳولا ۾ دلچسپي نه ورتي وئي آهي، ان ڪري ان متعلق پوري ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. ڪنهن وقت اهڙي ذخيري تائين رسائي ٿئي ته بيشڪ شاهنامي جا ڪيئي ناياب نسخا ملي سگهن ٿا. هت شاهنامي جي چند نسخن جي لسٽ ڏجي ٿي، جن کي سرسري طورتي ڏٺو ويو آهي. +(الف) ڪراچيءَ جي قومي عجائب گهر جي ڪجهه نسخن جو احوال: +1. شمارو3/913- NM.1957- شاهنامي جو آخري اڌ آهي. صفحا 196، ڪتابت جي تاريخ 2 محرم 752هه ۽ ڪاتب محمد بن عبدالڪريم بن محمد بن ابوالحسن الفقيري تبريزي، پهرئين اڌ جي خبر نه ٿي پوي. ڪيفيت هن ريت آهي. +(الف): +الله اڪبر، از نايب اموال نواب غفران پناه ابوي داخل عاريت خان شد – حرره احسن الله بن ابوالحسن المخاطب بظفر خان (41). +(ب) عبارت وسطي: +........وديره صاحب محمد عمر خانجيو از دست خود هشت صد بوجہ تمام اموال سرکار کردهه ديگر زحمتي کہ رفتہ در شمار نياورده تا بغايت هيفدهم ذي الحج 1192 هجري. +(ج) مالکہ، مهر، کتاب شاهنامہ معرفت مولوي محمد الياس صاحب بقيمت مبلغ پنجاه روپيا خريد نمودهه شد در 1276.... +(هه) دو مهر بالا و دو پايين و درميان آنها، در حاشيه بيضي اين نوشة نصف دوم از کتاب شاهنامہ از گفتار سلطان الشعرا فردوسي عليہ الرحمة. +2. شمارو 181NM. – ڪاتب فقير مير علي مشهدي، ص 576، تاريخ 995هه. هيءُ نسخو اصل قومي عجائب گهر جي ملڪيت آهي، ليڪن هن وقت عارضي طور لاهور جي قلعي ۾ آهي. +3. شمارو –NM. 1958-23/3 صفحا 680 ڪاتب علي رضا قهپايي. ڪتابت 20 ربيع الثاني 1077 هه، نسخو مڪمل آهي. +4. شمارو –NM. 1957-881 صفحا 536- ڪن جاين تان کٽل آهي. هن نسخي ۾ ٻئي ڪنهن ڪاتب لکيو آهي ته هيءُ ابوالقاسم فردوسي طوسيءَ جو شاهنامو، شهنشاهه نورالدين جهانگير بادشاهه جي دور ۾ پورو ٿيو. بقلم عبدالله ڪتاب شاهي 1029هه. +5. شمارو 31، –NM. صفحا 634- هن نسخي تي ٻئي ڪنهن صاحب لکيو آهي ته هي نسخو ماه رمضان سن 746هه ۾ ملڪ ايران جي شهر شيراز ۾، ڪاتب احمد خان جي هٿان لکجي پورو ٿيو. شاهنامي تي خان حفظ الله جي فرمائش تي ٻه سؤ روپيا خرچ ٿيو. +6. شمارو 126-1962-NM- 513 صفحا، 53 تصويرون، هي نسخو گهڻو سينگاريل آهي. +(ب) سيدالله بخش شاهه، ٽنڊي محمد خان واري جو ذخيرو: +ڪنهن وقت هتي زبردست علمي خزانو هو، پر هاڻي زماني جي دستبرد ان ذخيري کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سيّد الله بخش شاهه انهن مان ڪجهه قلمي نسخا پاڻ وٽ محفوظ ڪيا آهن. شاهنامي جو هڪ اڻ پورو نسخو وٽس موجود آهي. +(ج) ميرن جو ذخيرو: +حيدرآباد جي اميرن ٽالپرن جي باقي بچيل علمي ذخيري ۾ ڪجهه ڪتاب آهن. هي ذخيرو خاندان جي پونير ڊاڪٽر مير نور محمد خان ٽالپر، استاد شعبه رياضي سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ محفوظ آهي (42). هن ڪتب خاني ۾ به شاهنامي جو هڪ نسخو آهي، جنهن ۾ ڪل 1111 صفحا آهن. مينا ڪاري ۽ نقش نگاري ۾ بي مثل آهي. ان جو واسطو تيموري عهد سان آهي. گمان آهي ته هي نسخو اصفهان کان لٽجي وڪري لاءِ هت پهتو، ڇو ته منجهس هڪ جاءِ تي دارالسلطنت اصفهان چٽو لکيل آهي. +(د) انجمن ترقي اردو ڪراچي: +(1) شمارو 3-ق.ف 255، صفحا 1232، ڪتابت سن 11 هجري. +(2) شمارو 3-ق.ف 256، صفحا 474، منڍ ۽ پڇاڙي کٽل اٿس. گهڻو ڪري 12 صدي هجريءَ جو نسخو آهي. +(هه) ڊاڪٽر حميده کهڙو: +ڊاڪٽر حميده کهڙي جي ذخيري ۾ به شاهنامي جو خط نستعليق ۾ هڪ سينگاريل نسخو موجود آهي. تاريخ ڪتابت نامعلوم. +حاشيا ۽ واڌارا: +(1) مقالات الشعرا، ص 77. +(2) ايضاً، ص 78. +(3) تحفة الڪرام، ص 296 (راشدي ايڊيشن) +(4) ايضاً، ص 301. +(5) مهراڻ جون موجون، ص 67. +(6) Employed a poet…. To record them in verse like ferodzi, and called the book in rival distinction to his immortal work the Shah Nameh, the futteh Nameh. The Futteh Nameh is rehearsed in durbar, and many of the courtiers mark their adulation, by committing the most fulsome passages to the memory. (A visit to the court of Sindh, P. 47, footnote). +(7) مير نصير خان قرآن مجيد جا ٻه نسخا آستانه قدس رضويه (مشهد) ۾ رکايا جي خطاطي ۽ ميناڪاريءَ جي لحاظ کان بي مثال آهن. ڏسو: رهنمائي گنجينہ قرآن، گلچين معاني، ص 311. انگريزن کان شڪست کائڻ کان پوءِ، مير نصير خان کي بمبئي ۽ بنگال ڏي جلاوطن ڪيو ويو هو. +(8) تڪمله مقالات الشعرا، ص 105. +(9) ايضاً، ص 105. +(10) ايضاً، ص 94. +(11) ايضاً، ص 94. +(12) ايضاً، ص 666، ص 667 +(13) مقالات الشعرا، ص 163. +(14) تکمله مقالات الشعرا، ص 3. +(15) ديوان عظيم، ص 207 (طبع سنڌي ادبي بورڊ 1962ع). +(16) سنڌي ادبي بورڊ ۾ نسخو آهي، جنهن تي سال 1166هه لکيل آهي. +(17) سن 1261هه جو لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. ان ۾ 187 صفحا ۽ هر صفحي تي 50 بيت آهن. ڪاتب غلام حسين بن غلام حيدر سبزپوش. +(18) مقالات الشعرا، ص 494. هي شاعر نادر شاهه سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. +(19) نادر جي حملي بابت شعر ”منشور الوصيت“ ۾ ڏسو (ص 89-96). +(20) مثنويءَ جي شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته امير حسين خان لزڪي نسب جي حڪم سان احمد شاهه درانيءَ جي دور ۾ لکيا ويا. چوي ٿو: +ز تاريخ نادر شہ نامدار دلش خواست نظمي شود استوار بہ فرمان آن سپهر پر هنر کهن خامہ فکر افکنده سر +*** +بسر بردم اين داستانِ دراز به اقبال آن داور سرفراز زصناع شاهان صفوي نزاد پي خامہ قاسمي کرده ياد ”شهنشاهه نامہ“ بان آب وتاب شد از نور توصيف او چهر تاب +*** +سخن سنج خان ��دالت شعار کہ باشد بہ دولت خراسان مدار چو از قدرداني درين انجمن شکوهش در آورد روي بمن +*** +چو زد قرعہ نظم اين داستان بنام من آن سرور راستان در اقصاي ايران بنظم سخن مرا يافت ممتاز ازين انجمن +حسن خان ڏي اشارو ڪري ٿو: +بفرمايش خان لزکي نسب کہ شد نظم اين داستان را سبب ز لزکي نزاد آن ملک فراه (کذا) بزرگي سزاوار تخت و کلاه بيکدست تيغ و بدستي قلم ز دولت بملک خراسان علم +*** +خراسان از و يافتہ زيب و زين بدولت سرفراز نامش حسين ز ايوان شہ صاحب اختيار بملک خراسان رعيت مدار +*** +بتحرير اين داستان شگرف اساسي بر افگند از صوت و حرف درين روزگار فراغت گداز کزين نظم شد خامہ ام سرفراز بہ هر هفته بيشتر ازسہ روز بپروردم از فکر شب را بہ روز ازين پيش در معرض ماه وسال سپهر ستمگر ندارم مجال بدين ضابطہ چار ده ماه پيش بکردم کنون صرف اوقات خويش +*** +بشکرانہ ام بخش جام نبيد کہ ”تاريخ نادر“ بہ پايان رسيد پس از الف وصد چونکہ هفتاد دو نورديد اين جرگہ چار سو بماه ربيع نخست اين مقال بسر برد اين کلک فرخنده حال +(21) قومي عجائب گهر ڪراچيءَ جو نسخو آهي، جنهن جي آخر ۾ سن 1184هه ۽ 1192هه جون مهرون لڳل آهن. +(22) هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي. ان ۾ 103 صفحا ۽ هر صفحي تي 32 ۽ 33 بيت آهن. +(23) مطبع سنڌي ادبي بورڊ، ص 16-17. +(24) يوسف نالي شاعر مير صوبدار جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ”فتح نامہ“ جي ماده تاريخ هن ريت چئي آهي: +کنون فتح نامہ بنظم آوريد برنگين مضامين و طرز حسن امير زمان صوبدار جهان کہ چون او نباشد شهي در زمن +*** +همہ جنگ هاي پدر شرح وار بيان کرد يکسر ز سر تابہ بمن +*** +پي سال تاريخ تصنيف او خرد خواستم رهبر آمد بمن سروش نکو فال فرخنده نام بگفتا: عجب شمع بزمِ سخن +شاعر يوسف ڪجهه قصيدا مير موصوف جي ساراهه ۾ ساڳئي بحر ۾ چيا آهن. ڏسو سندس ديوان: ص 478-490. ديوان جو قلمي نسخو راقم جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. +(25) هي مثنوي ”تڪمله مقالات الشعرا“ ۾ ڇپيل آهي. ص 710. +(26) هي مثنوي پڻ ”تڪمله“ ۾ ڇپيل آهي. ص 717-726. +(27) هن جو نسخو ٽالپري ڪتبخاني حيدرآباد ۾ موجود آهي. +(28) تڪمله مقالات الشعرا، ص 748-755. +(29) ايضاً، ص 732. +(30) ايضاً، ص 732-747. +(31) ڪجهه سال اڳ هن مثنويءَ جو اختصار سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي ڇپيو آهي. +(32) تڪمله مقالات الشعرا، ص 569. اصل نسخو ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ آهي ۽ 405 صفحن تي مشتمل آهي. +(33) تڪمله مقالات الشعرا، ص 444، ص 787-811. +(34) پاڪستان کان اڳ لس ٻيلي (بلوچستان) ۾ رياست جو حاڪم هوندو هو. +(35) هن جو هڪ نسخو منهنجي ڪتبخاني ۾ آهي. +(36) توزڪ جهانگيري، نولڪشور، ص 351، تحفة الڪرام، ص 392. +(37) بيان واقع، عبدالڪريم، ص 57 (ايڊٽ: ڊاڪٽر ڪي. بي. نسيم. ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور 1970). +(38) نورس بهار، قلمي ص 75، ۽ تاريخ ڪلهوڙا، جلد 1. ص 446 (اردو). +(39) منشورالوصيت. ص 15. ”سفاڪ ناپاڪ (نادر) سنڌ ملڪ ۾ آيو ۽ اسان جو ڪتب خانو ۽ ڪتاب کڻي ويو.“ +(40) بيان واقع. ص 59. ”اتان جڏهن قنڌار روانو (نادر) ٿيو ته ڪرشڪ درياهه مان گذرندي، هندستان مان آندل ڪجهه سامان، پاڻيءَ جي آفت سبب تباهه ٿيو.“ +(41) احسن الله خان، ظفر خان، تخلص احسن (وفات: 1073هه)، پٽ ميرزا ابوالحسن تربتي (وفات 1042هه)، شاعر صائب جو سرپرست ۽ ممدوح توڙي ٻين شاعرن جو محسن. ديوان جو صاحب ۽ ڪجهه مثنوين جو مصنف. ڏسو: شعراي کشمير، ص 26-75 (جلد 1، ڪراچي 1967ع). +(42) افسوس جو ڊاڪٽر مير نورمحمد خان ٽالپر، اٽليءَ ۾ 20 مئي 1975ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري ويو. جنهن جي وفات جو راقم کي دلي صدمو پهتو آهي. +اصفهان جي هڪ يادگار شام +[پير حسام الدين راشديءَ جو هيءُ مضمون اسلام آباد مان سال 1977ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”پيوندهاي فرهنگي ايران و پاڪستان“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1997ع ۾ شايع ٿيو] +جهان را اگر اصفهاني نبود جهان آفرين را جهاني نبود +ايران جي آرٽ، عمارتسازيءَ جي فن ۽ ٻين فنون لطيفه کي ٻه محسن اهڙا مليا آهن، جن انهيءَ جي تحفظ، ان جي تحقيق ۽ ان کي ابد تائين زندهه رکڻ ۾ پنهنجي سڄي عمر صرف ڪئي آهي. هڪڙي سڄي ايران کي پنهنجي دامن ۾ گڏ ڪيو ۽ ٻئي رڳو هڪ ئي شهر يعني ”اصفهان نصف جهان“ تي لکڻ کي پنهنجو فرض ڄاڻي، ان جي هڪ هڪ عمارت ۽ هڪ هڪ گهٽي ۽ پاڙي کي ڏٺو: بربادين ۽ آبادين جي تحقيق ڪئي ۽ انهن جي تاريخي نوعيت کي معلوم ڪري سندن تاريخ کي هميشہ هميشہ لاءِ مٽجي وڃڻ کان محفوظ ڪيو. +اوبم پوپ: +پهريون اوبم پوپ (Arthur Upham Pope) هو، جنهن 90 ورهين جي وڏي ڄمار ماڻي ۽ شعور کان وٺي آخري دم تائين پوري زماني ۽ وڏي عمر ۾ ايران جي خاڪ ڇاڻي ۽ تاريخي آثار ۽ عمارتون، خط، نقش نگار، ڪتبا ۽ ٻين سجاوٽي آرٽ تي ٻارنهن ضخيم جلدن ۾ هڪ ڪتاب (Survey of Persian Art) يعني ”تاريخ هنر ايران“ لکيو. جڏهن حياتيءَ جي آخري پساهن ۾ موت جي ويجهو پهتو، تڏهن هن وصيت ڪئي ته کيس اصفهان ۾ ”زنده رود“ جي ڪناري دفن ڪيو وڃي، جيئن مرڻ کان پوءِ به ”زنده رود“ جون موجون ۽ لهرون مدفن جي دامن کي چمنديون رهن. اڄ هن جو خوبصورت مقبرو، جنهن جڳهه تي هن چاهيو هو، انهيءَ هنڌ تي ايران حڪومت ٺهرائي، هڪ طرف هن مرحوم جي روح کي تسڪين پهچائي آهي ته، ٻئي طرف پنهنجي بزرگواري ۽ علمي قدردانيءَ جو زنده مثال قائم ڪيو آهي. +انهيءَ پوڙهي بزرگ سان آخري ڏينهن ۾ منهنجي به ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتون رهيون. وفات کان ڪجهه مهينا اڳ هن جي طرفان شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس جو دعوت نامو آيو، ليڪن ڪانفرنس ٿيڻ کان اڳ ۾ هن جو انتقال ٿي ويو ۽ ڪانفرنس به ملتوي ٿي وئي. +بہت شوق سے سن رہا تھا زمانہ +ہمیں سوگئے داستاں کہتے کہتے۔ +لطف الله هنرفر: +ٻيو عالم آهي ڊاڪٽر لطف الله هنرفر، جنهن ”گنجينئه آثار تاريخي اصفهان“ جي نالي سان هڪ هزار صفحن ۽ سوين تصويرن تي مشتمل ڪتاب لکي، شهر اصفهان ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن آثارن ۽ ثقافتي ورثي کي هميشہ جي لاءِ روشن ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو. هي حضرت به منهنجو عزيز دوست ۽ عنايت فرما آهي. اصفهان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر ۽ انهيءَ شعبي جو سربراهه آهي. هن جو صبح يونيورسٽيءَ ۾ گذرندو آهي ۽ سندس شام اصفهان جي آثارن کي ڳولڻ، ڏسڻ ۽ انهن جي تحقيق ۾ گذرندي آهي. هن جون راتيون لکڻ پڙهڻ ۾ گذري وينديون آهن. جوانيءَ جي ڏهاڙن کان وٺي اڇي مٿي ٿيڻ تائين هن جو ڏينهن رات اهو ئي معمول ۽ مشغلو رهيو آهي. هڪ ضخيم ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي مضمونن لکڻ جي باوجود سندس خيال آهي ته اصفهان تي اڃا ڪجهه نه لکيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻ اڃا باقي آهي. +گمان مبرکه، بپايان رسيّد کار مغان، هزار بادهء ناخورده، در رگ تاک است. +هاڻي ڇا ڏسڻو آهي: +مان ڪيترا ڀيرا اصفهان ويو آهيان، مشهور جايون، مسجدون، بازاريون ۽ مقبرا بار بار ڏٺا آهن، ليڪن اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به ”نصف جهان“ واقعي آهي. موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته معلوم ٿيندو اٿم ته هي آثار هئا، هي مقبرا ۽ هي تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃا گهڻو ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي. +هن ڀيري مارچ (1974ع) ۾ ٻه اڌ ڏينهن هن ”نصف جهان“ ۾ رهڻ نصيب ٿيو. سترهين تاريخ جي ٻن پهرن جو پهتس ۽ ٻئي ڏينهن يعني ارڙهين تاريخ ٽن پهرن کان پوءِ اتان روانو ٿيس. هن ڀيري پڪو ارادو هو ته ڏٺل جايون نه ڏسندس. بلڪ انهن بجاءِ: +1. نظام الملڪ طوسي جي مزار، +2. ملڪ شاهه سلجوقي ۽ ان جي خاندان جو مدفن، +3. ۽ مسجد لنبان، +ڏسڻا آهن. تنهن ڪري جهاز مان لهندي ئي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هنرفر کي مون ٻڌائي ڇڏيو ته، هاڻي مشهور هنڌن کي ڇڏي فقط ماضيءَ جي تاريخي جهروڪن ۾ ڏسنداسين. +زماني جي رسم کي پورو ڪرڻ ضروري هو. يورپي ملڪن جا اٺ ”ايران شناس“ ساڻ هئا. پهرين اسان ميدان شاهه، عالي قاپو، مسجد شاهه، مسجد لطف الله، چهل ستون ۽ ٻيون قابل ديد عمارتون ۽ هنڌ ڏٺاسين. هي اهي هنڌ آهن جن جي ڪري اصفهان کي شهرت حاصل آهي ۽ هر ايندڙ انهن کي ڏسڻ، اصفهان جي سفر کي حاصل مقصد سمجهندو آهي. +مدرسه ملڪ شاهه سلجوقي: +اصفهان جي هڪڙي محلي جو نالو ”احمد آباد“ آهي. ان ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ”دارالبطيخ“ چوندا آهن ۽ عوام جي زبان تي ان جو بگڙيل نالو ”دالبيتي“ يا ”دالبتي“ چڙهي ويو آهي. اها گهٽي تاريخ آهي. سلجوقين جي دور ۾ هي محلو، جنهن جو قديم نالو ”محله ڪران“ آهي، ڏاڍو وسندڙ ۽ علم و فن جو مرڪز هو. ملڪ شاهه سلجوقي جو جوڙايل وڏو مدرسو به انهيءَ محلي ۾ واقع هو. جنهن ۾ ڏورانهن ملڪن جا طالب علم اچي علم پرائيندا هئا. انهن جو ۽ استادن جو خرچ وغيرهه حڪومت طرفان ادا ڪيو ويندو هو. +مدرسي جو نالو نشان مٽجي ويو آهي، ۽ محلو به پنهنجو پراڻو رنگ ڍنگ، بناوٽ ۽ نقشو وڃائي چڪو آهي. نوان گهر، سڌيون گهٽيون ۽ جديد طرز جا محلا وجود ۾ اچي ويا آهن. محلي جو پراڻو نالو ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ”ڪران“ جي جاءِ تي ان کي ”احمدآباد“ چون ٿا. تاريخي آثارن ۾ ملڪ شاه سلجوقي جو قبرستان ۽ سندس مشهور عالم وزير نظام الملڪ طوسي جي مزار هڪ ئي احاطي ۽ هڪ ئي ڇت جي هيٺان باقي رهجي ويا آهن. +سلجوقي سلاطين: +سلجوقي سلاطين جون پنج شاخون، اسلامي ملڪن جي پنجن مختلف حصن تي حڪمران هيون. بنيادي شاخ اها هئي جيڪا ايران تي حڪمران هئي. ٻي شاخ عراق تي حڪومت ڪندي هئي، ٽين شاخ ڪرمان تي حاڪم هئي ۽ چوٿين شاخ اها هئي جيڪا روم ۽ رومي سلطنت جي قبضي هيٺ يعني ترڪي تي قابض هئي. پنجون سلسلو شام تي مسلط هو. +ايران جي بنيادي شاخ کي تاريخ ۾ ”سلاجقئه بزرگ“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ئي سلاجقه جا نالي وارا بادشاهه ٿي گذريا آهن. +سلاطين جو مدفن: +هي بادشاهه هڪ شهر يا هڪ ئي هنڌ مدفون نه آهن. مختلف شهرن ۾ دفن ٿيا. زماني جي لاهن چاڙهن ڪيتريون ئي قبرون اجاڙي ڇڏيون ۽ ڪيترن جي مقبرن جو نالو نشانو مٽائي ڇڏيو. هن بنيادي ”سلاجقئه بزرگ“ جا سلاطين هن طرح دفن ٿيا آهن: +1- طغرل بيگ بن ميڪائيل (429-465) ري (طهران). +2- الپ ارسلان بن چغري بيگ (455-465) مرو. +3- ملڪ شاه بن الپ ارسلان (465-485) اصفهان. +4- برڪيارق بن ملڪ شاهه (487-498) اصفهان. +5- محمد بن ملڪ شاهه (498-511) اصفهان. +6- محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (511-525) اصفهان +7- سنجر بن ملڪ شاهه (511-552) اصفهان. +عراق جيئن ته ايران جو حصو هو، ان ڪري اتان جا سلجوقي گهڻو ڪري “همدان“ ۽ ”ري“ ۾ دفن ٿيا، جن جي فهرست هي آهي: +1- طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (526-527) مدرسه طغرل همدان. +2- مسعود بن محمد بن ملڪ شاهه (527-547) مدرسه طغرل همدان. +3- محمد بن محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (548-554) همدان. +4- سليمان بن محمد بن ملڪ شاهه (554-556) همدان. +5- ارسلان بن طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (556-573) همدان. +6- طغرل بن ارسلان بن طغرل بن محمد (573-590) مقبرو طغرل بيگ ري. +مسجد لنبان: +مون کي هن دفعي هڪ ته ملڪ شاهه ۽ نظام الملڪ جون قبر��ن ڏسڻيون هيون ۽ ٻي مسجد ”لنبان“. ڊاڪٽر لطف الله هنرفر پهريان ”مسجد لنبان“ جو رخ ڪيو. ميدان شاهه کان نڪري ”چهار باغ“ جي شاهي رستي کي پار ڪري، خيابان شيخ بهائي جي ذريعي اسان جي موٽر ”مسجد لنبان“ جي دروازي تي اچي بيٺي. +مسجد لنبان، صفوي دور ۾ خدا جي گهر کان علاوهه هڪ سماجي ۽ ثقافتي مرڪز جي حيثيت به رکندي هئي. هي پراڻو محلو اصفهان جي شروعاتي آباد ٿيندڙ محلن مان آهي، ان ڪري ٻاهران هر نئون ايندڙ مسافر هن مسجد جو هڪ ٻه ڦيرو ضرور ڏيندو هو. شهر جا پڙهيل لکيل عالم، اديب ۽ شاعر روزانو هت ايندا هئا. انهن جون محفلون، مباحثا ۽ شعر و سخن جون مجلسون هتي ٿينديون هيون. ٻئي هنڌ ملاقات نه ٿي سگهي ته هتي ملاقات يقيناً ٿئي. ڄڻ ته سڄي اصفهان جو ثقافتي ۽ سماجي مرڪز هي هو. +طاهر نصرآباديءَ پنهنجي مشهور ”تذڪره شعرا“ (1083هه) ۾ هن مسجد ۽ مسجد ۾ ميل ملاقاتن جو ڏاڍو ذڪر ڪيو آهي. هي مرزا طاهر اهو ئي آهي جنهن جو جد امجد مرزا صادق مينا هندستان ۾ اچي رهيو ۽ ٻه نهايت اهم تاريخون لکيائين: ”صبح صادق“، جنهن کي هن 1048هه ۾ مڪمل ڪيو ۽ شهزادي شجاع جي نالي منسوب ڪيو. ٻي تاريخ آهي ”شاهد صادق“، جنهن کي 1056هه ۾ مڪمل ڪيائين. (1) مان جنهن زماني ۾ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ مرتب ڪري رهيو هئس ته ان وقت ”تذڪره نصرآبادي“ ۾ اڪثر شاعرن ۽ عالمن جي محفلن ۽ دلچسپ مجلسن جو ذڪر پڙهيو هئم ۽ ائين لڳو ته هي مسجد اصفهان جو هڪ نهايت اهم علمي مرڪز هو. قدرتي طور مون کي هن جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ۽ ان وقت تائين ان خواهش کي نپائيندو رهيس. +”لنبان“ هڪ سڄي محلي جو قديم نالو آهي. اصل ۾ هي شهر کان ٻاهر هڪ ديهه جو نالو هو ۽ جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه اصفهان جو هڪ محلو ٿي وئي. ان جي دروازي جو نالو ”دروازه لنبان“ هو. هن محلي ۾ ڪيترائي عالم، صوفي، درويش، اديب ۽ شاعر رهندا هئا، جن جو ذڪر تاريخ ۾ انهيءَ محلي جي مناسبت سان درج آهي. چوٿين صدي هجريءَ جا محدث ۽ عالم ”لنباني“ نسبت سان مشهور ۽ معروف آهن. ”تذڪره عرفات العاشقين“ جو مؤلف اوحدي (973-1030هه) هن ئي محلي جو هو، جيڪو هندستان ۾ آيو ۽ هتي رهي پنهنجو مشهور تذڪرو لکيائين. +مسجد لنبان اٺين صدي هجريءَ ۾ جمال الدين وزير ديلمي ٺهرائي. مسجد جي هينئر اها پراڻي عمارت نه رهي آهي. وقت بوقت ٿيندڙ مرمت هن جي اصل شڪل کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن وقت اها بلڪل جديد عمارت آهي. فقط گچ جي ديوار جو هڪ حصو، صفوي عهد جي ڪاشي ڪاريءَ جا چند نمونا ۽ انهيءَ دور جا ڪجهه تاريخي ڪتبا يادگار طور رهجي ويل آهن. البت اڱڻ ۾ هڪ وڏو ۽ گهاٽو وڻ اٺين صديءَ جي ياد ڏياري رهيو آهي. هي چنار جو وڻ آهي، جنهن سڄي اڱڻ ۾ ڇانوَ پکيڙي ڇڏي آهي. مسجد جي هال جي هيٺان هڪ نهر وهي ٿي، جنهن ۾ حاجت مند پنهنجون مرادون ۽ ضروريات جا عريضا لکي لوڙهي ڇڏيندا آهن. انهن جو عقيدو آهي ته سندن مرادون پوريون ٿي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح اهو به مشهور آهي ته هن مسجد ۾ حضرت امام حسن نماز پڙهي آهي. مسجد جو منبر ”منبر صاحب الزمان“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو اصفهان جي منبرن ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ سبب نفيس ترين منبر شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ان تي 1114هه سال لکيل آهي. +”رساله محاسن اصفهان“ جو فارسي مترجم بنياد رکڻ وقت پاڻ به موجود هو ۽ هُن ”عمارت جمال الدين“ جي نالي سان ان کي ياد ڪيو آهي ۽ باني جو نالو لکيو آهي: ”صاحب معظم، قدوت اعاظم الامم، جلال الوزراء، جمال الدولة والدين، محمد ديلم دستجردي الاصفهاني.“ +سعيد هروي انهيءَ زماني جو شاعر هو، هُن ان جي تعريف �� شعر لکيا آهن: +از پئي ذوق و تفرج، گربه لنبان ميروي مسجدي بيني مروح، بر سر آب روان در جوارش صاحب ”صاحب قدم“ را بقعئه کز لب تعظيم بوسد، آسمانش آستان صاحب عادل جمال الدين محمد، کا ورد سبز خنگي آسمان را، حکم او در زير ران +ڪاشيءَ جي قديم ڪتبن ۾ ٻه ڪتبا محمد رضا الامامي الاصفهاني (1080هه) جا آهن ۽ هڪ ڪتبو محمد باقر شيرازي (1256هه) جو آهي. هن ڪتبي جي مٿان دروازي جي بلڪل پيشانيءَ تي محمد طاهر نصرآبادي جا شعر، رضا اماميءَ جي خط ۾ ڪاشيءَ جي تختي تي لکيل آهن: +در زمان دادور گيتي ستان بحر دل آفتاب دولت مشرق، سليمان پادشاهه پادشاهي، کز برائي کسب اقبال و شرف فتح در ظل همائي رايتش گيرد پناه يافت تعمير اين بنا از لطف آن گردون شکوه شامل حال شريفش بار الطاف الــــه تا بود مسجد برائي سجدهء اهل ورع آستانش پادشاهان جهان را سجدهء گاه خامه بهر سال تاريخش، عبارت زد رقم +نو، شد اين مسجد، ز امر عادل عالم پناه (1080هه) +نصرآباديءَ پنهنجي تذڪري ۾ اهي شعر ڏنا آهن. اندر ٻاهر، گنبذ، مناري، درن ۽ ديوارن تي ڪاشيءِ جو بهترين ڪم ٿيل آهي. جنهن وقت اسان اتي پهتاسين ته ان وقت به مناري جي مرمت ٿي رهي هئي. مسجد جي ڏاڍي خوبصورت اڱڻ ۾ عمارت وڻندڙ ۽ محلو اهڙي هنڌ واقع آهي جو هر ايندڙ ويندڙ جو گذر هتان ضرور ٿئي ٿو. +معاشرو بدلجي ويو آهي. محفلن جي مرڪزن جي نوعيت به مختلف ٿي وئي آهي ۽ اسان جي تهذيب به وقت جي تبديليءَ سان بدلجي وئي آهي، ان ڪري هاڻي مسجدون تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز نه رهيون آهن، سواءِ تاريخي اهميت جي. خود مذهبي معاشري ۾ به انهن کي ڪو خاص مقام حاصل نه رهيو آهي. مسجدن ۾ اڪثر چوڪيدار ويٺل آهن ۽ سياح هيڏانهن هوڏانهن فوٽو ڪڍندي ڏسجن ٿا. +جڏهن اسان مسجد لنبان ۾ داخل ٿياسين ته ڪير به ڪونه هو. تقريباً هڪ ڪلاڪ اسان ان کي ڏسندا رهياسين ۽ جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ان وقت به ڪو اچڻ وارو نه مليو. +دارالبطيخ: +مسجد لنبان مان نڪري اسان جي موٽر هاڻي ميدان شاهه طرف هلي. خيابان حافظ کان ٿيندي محله احمد آباد جي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ٻن گهٽين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي چنار جي گهاٽي وڻ جي ويجهو اچي بيٺي. +ان وقت موسم ڏاڍي خوشگوار هئي. ڪڪرجا ننڍا ننڍا ٽڪرا سج سان گڏ اک ٻوٽ کيڏي اس ۽ ڇانو جو سمو پيدا ڪري رهيا هئا. +گهٽي آباد هئي. ڪرياني جا دڪان کليل هئا. عورتون ڪارا برقعا پائي کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪري رهيون هيون ۽ گهٽيءَ ۾ ڪم تي ويندڙ مردن جي اچ وڃ مسلسل جاري هئي. +هي چنار جو وڏو وڻ بيٺو آهي. انهيءَ ڪري ان حصي کي ”مقبره پائي چنار“، ”تڪيه پائي چنار“ ۽ ”تربت نظام“ چيو وڃي ٿو. هي چنار ڊاڪٽر هنرفر جي تحقيق مطابق، انهيءَ ”مدرسه ملڪ شاهه“ جو باقي بچيل يادگار آهي. +ان قسم جا ڪجهه قديم وڻ اصفهان ۾ موجود آهن، جن کي پنهنجي قدامت سبب تاريخي حيثيت حاصل آهي. مثلاً، ”چنار امام زادهه اسماعيل“، ”چنار دستگرد“ ۽ ”چنار باغ زرشک“. +انهيءَ جڳهه کي ”دارالبطيخ“ ان ڪري چوندا آهن، جو قديم دور ۾ هتي منڊي هئي، جنهن ۾ سبزي کان علاوه هر قسم جا ميوا، خاص ڪري اعليٰ قسم جا گدرا، گهڻي مقدار ۾ ايندا هئا. +هتي ملڪ شاهه سلجوقيءَ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ وسيع باغ ان جي ڀرسان لڳرايو هو. انهيءَ باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ خواجه نظام الملڪ طوسي کي دفنايو ويو، جنهن کان پوءِ هي حصو ”تربت نظام“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سال 724هه ۾ هن جاءِ کي انهيءَ نالي سان ڪتابن ۾ لکيو ويو. +گورستان: +هتي، برصغير ۾ عبدالرزاق ڪانپوري مرحوم پهريون شخص هو، جنهن نظام الملڪ طوسيء�� جي مفصل ۽ مستند سوانح عمري لکي، هن جي عظمت ۽ هن جي ڪارنامن جي اسان کي ڄاڻ ڏني. پڙهيل لکيل طبقو ان کان بعد ئي هن جي شخصيت سان متعارف ٿيو. نظام الملڪ جي حياتيءَ تي غالباً ان قسم جو مفصل ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه لکيو ويو آهي. +خواجه نظام الملڪ طوسي، سلطان ملڪ شاهه سلجوقي سان گڏ بغداد وڃي رهيو هو ته، نهاوند جي حدن ۾ منزل ”سحنه“ تي هڪ باطنيءَ درخواست جي بهاني ويجهو اچي کيس خنجر هڻي ماري وڌو. هي 12 رمضان 485هه جو واقعو آهي. هي تمام وڏو حادثو هو، جنهن تي عالم اسلام ماتم ڪيو. سندس لاش کي اتان کڻي اچي اصفهان جي هن محلي ۾ ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو. +* هن مقالي ۾ ذڪر هيٺ آيل قلمي نسخن جو هت مختصر ذڪر ڪجي ٿو. تفصيل سان دلچسي رکندڙ دوستن کي ڏسڻ گهرجي: دانش نمبر 11، سرءُ 1366هه. ش،ص 82-84، اسلام آباد (مترجم). +* ترجمو: امام راشدي. +(1) هن مصنف تي منهنجو مضمون پڙهو ”پارس“ ڪراچي، جلد اول، شمارو اول، آڪٽوبر 1967ع. + + +هن چنار جي وڏي وڻ جي سامهون هڪ معمولي دروازي مان اسان هڪ چار ديواريءَ جي اندر داخل ٿياسين. ننڍي اڱڻ کان پوءِ چار فوٽ مٿي هڪ ٿلهو هو، جنهن تي ڇت هئي. کليل اڱڻ جي وچ ۾ ڪجهه ميويدار وڻ هئا، جيڪي هر ايرانيءَ جي گهر جي سونهن پڻ آهن. +انهيءَ ٿلهي تي مقبرن جو اهو مجموعو آهي، جنهن ۾ خواجه بزرگ جي قبر کان سواءِ ڪجهه سلجوقي سلاطين به مدفون آهن. انهن سلجوقين ۾ سلطان سنجر کان بعد ملڪ شاهه سڀ کان گهڻو نالي وارو بادشاهه ٿي گذريو آهي، ليڪن خواجه نظام الملڪ جهڙي نامور وزير، عالم ۽ اديب جي ڀرسان دفن ٿيو، انهيءَ ڪري سندس نالو دٻجي ويو ۽ خلق جي زبان تي ”قبر نظام“ نالو رهجي ويو. خواجه بزرگ جي اوچتي مارجي وڃڻ جو واقعو ايترو ته وڏو هو، جو ان کان هڪ مهينو پوءِ جڏهن ملڪ شاهه جي لاش کي کڻي اچي هن هنڌ دفن ڪيو ويو ته، سندس مدفن کي ڪنهن به اهميت جي قابل نه سمجهيو ويو۔ +خواجه نظام الملڪ جي مزار: +ٿلهي تي ايندي ئي پهرين قبر خواجه جي اچي ٿي. مزار تي لڳل تختي سنگ مرمر جي، ڪنارا چٽيل ۽ قرآني آيتن سان سجيل، مٿي ڪنارن تي آيتون آهن ۽ سيرانديءَ کان گهڻن هنڌن تان ڊٺل ڪتبو آهي جنهن جي عبارت هن طرح آهي ۽ هيئن پڙهي وڃي ٿي: +”واصل گشت بجوار مرحمت و غفران، و فايزشد بغرفات جنان و روضئه رضوان، حضرت مغفرت مآب قيام بصفت رحمة ديان.... المفاخر و افتخار الاکابر و اعاظم الوزرا..... خواجہ..... الملک“ +مون کي ڊاڪٽر هنرفر ٻڌايو ته هي ٻين قبرن جا پٿر صفوي دور جا ڏسجن ٿا، موجودهه عمارت ويجهڙائي واري دور جي ٺهيل آهي. +انهيءَ قبر جي آس پاس خواجه جي پٽ ابوبڪر عبيدالله مؤيدالملڪ جي قبر به هئي، جنهن کي سلطان برڪيارق پنهنجو وزير بنايو ۽ پوءِ 494هه ۾ پنهنجي هٿن سان سندس سسي اڏائي ڇڏي. هاڻي اها قبر ظاهر ناهي. مرمت ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ۾، ٻين قبرن سان گڏ هيءَ قبر به مٽجي وئي آهي. +مان، انهيءَ عظيم الشان شخصيت جي تاريخي قبر جي چوڌاري هر هر ڦريس ۽ حيرت مان پٿر جي ان نشان کي ڏسندو رهيس جنهن جي هيٺان گمان آهي ته نظام الملڪ جهڙي عظيم شخصيت ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي. تصويرون ڪڍيم ۽ قدم اڳتي وڌايم. +ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي قبر: +چند قدمن جي فاصلي تي ٻه قبرون هڪ ٻئي سان گڏ آهن. ٻنهي جي مزار جو پٿر سنگ مرمر جو آهي. هڪ چٽسالي ۽ آيتن سان سجيل آهي ۽ ٻي ان جي ڀيٽ ۾ گهڻي نقش نگاريءَ سان آراسته آهي. ٻنهي تي نالا نه آهن. گمان آهي ته جيڪا گهٽ نقش دار قبر آهي، اها سلطان ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي آهي، جيڪو خواجه نظام الملڪ جي شهادت ک��ن هڪ مهينو بعد، شوال 485هه ۾ جمعي جي ڏينهن بغداد ۾ مري ويو. ملڪ شاهه جي درٻاري شاعر امير معزي ان واقعي تي هي شعر چيا هئا: +رفت در يک مه به فردوس برين، دستور پير شاه برنا، از پس او رفت، در ماه دگر کرد ناگه قهر يزدان، عجز سلطان آشکار قهر يزداني ببين و عجز سلطاني نگر +سلطان جو لاش پهريان امانت طور بغداد ۾ ”شونيز“ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتان سندس پٽ محمود شاهه کڻي اچي اصفهان جي هن ”مدرسهء ملڪ شاهي“ ۾ خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ڪيو. +ترڪان خاتون: +ترڪان خاتون ملڪ شاهه جي عظمت واري ملڪه هئي. جهڙو عظيم مڙس هو اهڙي ئي هيءَ بيگم هئي. سال 487 هه ۾ مڙس جي وفات کان تقريباً ٻه سال پوءِ اصفهان ۾، ۽ هتي ئي سلطان جي ڀرسان دفن ٿي. قبر چئني پاسن کان چٽيل آهي. ان تي نالو لکيل نه آهي، فقط قرآني آيتون نقش ٿيل آهن. +سلطان برڪيارق – سلطان محمد: +هي ٻئي ملڪ شاهه جا پٽ هئا. زندگيءَ ۾ هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جا سخت مخالف ۽ جاني دشمن هئا، ليڪن جڏهن هي جهان ڇڏيائون ته سندن قسمت ۽ بيوسيءَ، ٻنهيءَ کي هڪ ٻئي جي ڀرسان جڳهه ڏئي ڇڏي. ملڪ شاهه جي سيرانديءَ کان ٻه اڍائي فوٽ مٿاهينءَ تي ٻن قبرن جا نشان آهن ۽ اهي ٻئي قبرون انهن ٻنهي ڀائرن جون ٻڌايون وڃن ٿيون. +انهيءَ سڄي ڍڪيل ايوان جو فرش ۽ ديوارون سائي رنگ جي ٽائيلن جون آهن. سلطان برڪيارق جي قبر جو صندوق نما ٿلهو، انهن ساين ٽائيلن جو ٺهيل آهي. ڪا به چٽسالي يا ڪتبو لڳل نه آهي. روايت اها ئي آهي ته اها قبر برڪيارق ۽ محمد جي آهي. +ٻيون قبرون: +معلوم ٿئي ٿو ته ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ جي هيءَ ڪنڊ، جنهن ۾ پهرين نظام الملڪ کي دفن ڪيو ويو، بعد ۾ ”سرڪاري قبرستان“ جي شڪل اختيار ڪري ويو. اصفهان سلجوقي سلاطين جي هن شاخ جو دارالسلطنت رهيو. انهيءَ ڪري جو سلجوق سلطان فوت ٿيو، سندس دفن گاهه به اها ئي ڪنڊ بَني. بعد جي دورن ۾ ٻيا ماڻهو به دفن ٿيا آهن. ڪجهه قبرون نائين ۽ ڏهين صديءَ جون به موجود آهن، جن جي شخصيتن جي تاريخي حيثيت معلوم نه آهي. نالا ۽ سال انهن تي لکيل آهن. اسان انهيءَ عبرت گاهه تي تقريباً ٻه ڪلاڪ گذاريا ۽ قبرن جي پاسي بار بار گهمندا رهياسين، بحث ڪندا رهياسين ۽ انهن جي قتل ۽ ظلمن جا داستان ياد ڪندا رهياسين. +تاريخي شخصيتن جو آغاز توڙي انجام ۽ پوءِ هيءَ ڪسمپرسي واري حالت ڏسي، دنيا ۽ دنيا وارن جي بي ثباتي تي ملامت ڪندي اسان چار ديواريءَ کان ٻاهر نڪري آياسين، ۽ انهيءَ قديم چنار جي شاخن ۽ ٿڙ کي هڪ دفعو غور سان ڏسندا موٽر ۾ سوار ٿي ”مهمان خانهء شاه عباس“ طرف هلياسين. موٽر هلندي رهي ۽ منهنجي ذهن ۾ خاقانيءَ جو هي شعر ڦرندو رهيو: +ملک شه، آب وآتش بود، رفت آن آب و مرد آتش کنون، خاکستر و خاک است مانده، در صفا هانش +سلطان ملڪ شاهه خوش قسمت هو جو خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ٿيو ۽ ان نامور وزير، منشي ۽ مصنف جي ڪري سندس قبر اڄ تائين قائم رهندي آَئي آهي. جيڪو پڙهيل لکيل نظام الملڪ جي زيارت لاءِ ويندو آهي، اهو هن عظيم سلجوقي بادشاهه جي قبر کي به حيرت مان ڏسندو آهي. +(ڪراچي 6-8-1974ع)ارت ويجهڙائي واري دور جي ٺهيل آهي. +ن هنڌن تان ڊٺل ڪتبو آهي جنه ،دروازه لنبان“ هو. ۽ جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه اصفهان جو هڪ محلو ٿي وئي. ۽ عالمن جي محفلن ۽ دلچسپ مجسلن جو ذڪ +فقير عبدالغفور +(سنڌي موسيقيءَ جو سينگار) +[30 جون 1978 تي، حيدرآباد ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان، سنڌ جي نامور فنڪار فقير عبدالغفور سان هڪ شام ملهائي وئي. ان محفل جو خاص مهمان وطن عزيز جو مايه ناز عالم ۽ دانشمند پير حسام الدين راشدي صاحب هو. ان موقعي تي پير صاحب جي ڪيل تقرير کي روزانه ”عبرت“ 10 جولاءِ 1978ع تي شايع ڪيو] +جناب حميد آخوند، جناب فقير عبدالغفور، جناب حسين بخش خادم ۽ معزز خواتين و حضرات. +مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، دل جي گهراين سان اهو اظهار ٿو ڪريان، ته اوهان مون کي اڄ سنڌ جي هنن ٻن وڏن فنڪارن جي وچ ۾ وهاري منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي آهي. مان پاڻ کي ان اعزاز جو مستحق نه ٿو سمجهان. ان هوندي به مان منتظمين جو نهايت ٿورائتو آهيان. حقيقت اها آهي ته اها مٿاهين جاءِ فقط هنن ٻن فنڪارن (عبدالغفور ۽ حسين بخش) کي سونهي ٿي، جي پنهنجي فن جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم مقام والارين ٿا. +جيئن ممتاز مرزا پنهنجي تقرير ۾ هينئر اسان کي ٻڌايو ته فقير عبدالغفور پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ حيدرآباد شهر جو ڏاڍو مڙس هو. شهر جي دادائن کان آنڪي ڇڏائيندو هو ۽ ٽڪري هلائي نال به وصول ڪندو هو، وغيره. ته دوستو! اهو فقير عبدالعفور جي مجاز جو زمانو هو. توهان کي خبر آهي ته مجاز کان پوءِ حقيقت جو ڏاڪو اچي ٿو ۽ هاڻي اسان جو فقير حقيقت جي ڏاڪي تي آهي. فقير نال تڏهن به ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي به ڇڏائي ٿو. اڳي پيسن جو نال ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي ”دلين“ جو نال ڇڏائي ٿو. اڳ فقط حيدرآباد شهر تائين سندس نالو محدود هو، پر هاڻي ان جو دائرو سنڌ ۽ سموري فضا تائين وسيع آهي، جتي ڪٿي سندس وڻندڙ آواز اڄ به هر ٻڌندڙ کان ”دل“ جو نال ڇڏائي رهيو آهي. +دوستو! فقير عبدالغفور سنڌي موسيقيءَ جي هڪ ”اسڪول“ سان تعلق رکي ٿو، جيڪو سچل سرمست جي درگاهه مان ۽ نج سنڌي تصوف سان وابستہ آهي. اهو سلسلو پنهنجيءَ حقيقت جي حيثيت سان نهايت جامع، وسيع ۽ همہ گير آهي. انهيءَ سلسلي سنڌ ۾ جيڪا روح پرور ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، سا اسان جي سماجي زندگيءَ تي حاوي آهي. هن دور ۾ انهيءَ سلسلي جو واحد نمائندو فقير عبدالغفور ئي اسان وٽ باقي آهي. +دوستو! فقير عبدالغفور سان شام ملهائڻ جو اهتمام ڪري اسان پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي. دراصل اسان فقير جو تمام دير سان قدر ڪيو آهي. جنهن احترام ۽ قدر شناسيءَ جو هو مستحق آهي، تمام دير سان اسان محسوس ڪيو آهي، ڇو ته اسان سنڌي بدقسمت آهيون! +حسين بخش خادم پنهنجيءَ تقرير ۾ شڪايت ڪئي آهي ته، اسان فنڪار مالي لحاظ کان تنگ دستيءَ جو وقت گهاري رهيا آهيون. هن انهيءَ نقطي تي زور ڏنو آهي ته سنڌي فنڪارن جي مالي خوشحاليءَ طرف توجهه ڏنو وڃي. ان ڏس ۾ هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جو حوالو ڏنو آهي. +دوستو! اها شڪايت فقط فنڪارن تائين محدود ڪانهي. اسان، جيڪي قلم جا فنڪار آهيون، تحرير جا فنڪار آهيون اسان کي پڻ ساڳي شڪايت آهي. اسان اديبن ۽ شاعرن جي شڪايت، فنڪارن جي شڪايت کان مختلف ڪونهي. زماني جون حالتون اکين اڳيان آهن. اسان سنڌي، هڪ پيڙهيل ۽ نپوڙيل قوم جا بدقسمت فرد آهيون. ان ڪري اسان کي شڪايت کان پرهيز اختيار ڪرڻ گهرجي. +اسان کي بهرحال پنهنجي فرض جي ادائگي ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجو قلم وهائڻو آهي ۽ گلي مان سرن جي ورکا ڪرڻي آهي. اسان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي. سنڌي ادب کي زندهه رکڻو آهي، سنڌي موسيقيءَ کي برقرار رکڻو آهي، ۽ سنڌي ثقافت جي شان کي قائم ڪرڻو آهي. اها فرض ادائي اسان تي ان حد تائين لازمي آهي، جو توڙي بک هجي، ڏک هجي، سک هجي، اسان کي هر حال ۾ خدمت ڪرڻي آهي. اسان کي الله تعاليٰ جيڪا صلاحيت بخشي آهي، سا غير مشروط سنڌ جي خدمت جي خاطر بروءِ ڪار آڻڻي آهي. سنڌ جي مانائتي فنڪار فقير عبدالغفور جي خدمت ۾، مان سنڌ جي اديبن جي طرفان ”سلام“ ئي پيش ڪريان ٿو، ڇو ته اسان وٽ ٻي ڪابه شئي ڪانه آهي. +دوستو! مغليه شاهي فوجن جي مهندار مرزا عبدالرحيم خانخانان جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هتان جي مفتوح فرمان روا مرزا جاني بيگ ترخان کي پاڻ سان گڏ دهليءَ وٺي ويو ۽ اڪبري درٻار ۾ پيش ڪيائين. اڪبر، سنڌ جي معزول سلطان کي پستيءَ جي احساس ڏيارڻ خاطر اها سٽ سٽي جو عظيم فنڪار تانسين کي وٽس موڪليائين. تانسين جاني بيگ وٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مفتوح ۽ معزول سلطان وٽ رکيو ئي ڇا هو، جو تانسين جي قدر داني لاءِ سندس خدمت ۾ هديو رکي! خالي هٿين جاني بيگ، راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ ست دفعا تانسين جي چوڌاري پاڻ کي گهوري چيو ته، ”اي عظيم فنڪار! غريب الوطني ۾ مون وٽ ڪجهه به نه آهي، لهذا مان پاڻ کي تو مٿان گهوري رهيو آهيان، منهنجو اهو هديو قبول ڪر!“ +سو، دوستو! اڄ سنڌ سکڻي آهي، هٿين خالي آهي. هن وٽ ڪابه شئي ناهي عبدالغفور کي هديي ڏيڻ لاءِ. لهذا اڄ سنڌ پاڻ کي عبدالغفور جي مٿان گهوري رهي آهي. شال اهو جذبو اسان جي هٿان هن فنڪار کي قبول پوي. +حميد آخوند ۽ ممتاز پنهنجين تقريرن ۾ ٻڌايو ته اسان جي نج سنڌي موسيقيءَ جا املهه سر اسان جي نئين نسل کان وسرندا پيا وڃن ۽ باقي ڪي ٿورا سر اسان وٽ بچيا آهن. دوستو، ان جو سبب اها خلا آهي، جا ٻن نسلن کي منقطع ڪري رهي آهي. اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪافيون ٻڌيون، تن جا سر اڄ ناپيد آهن. ان وقت ۽ هاڻوڪي وقت جي درميان وڏو فرق اچي ويو آهي. تمام ٿورا سر اهڙا آهن، جي باقي آهن. اسان تي فرض آهي ته اسان انهن سرن کي، پنهنجي عظيم ڪلاسيڪي ورثي کي بچايون، سنڀاليون ۽ محفوظ ڪريون. ائين ڪرڻ سان ئي اسان سنڌي موسيقي کي بچائي سگهنداسون ۽ اها سنڌ جي وڏي خدمت ٿيندي. +ڪجهه وقت ٿيو ته حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا مون سان ملڻ آيا. مون کين ٻڌايو ته ”بابا! زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي، ٻه سال بيماري ۾ گذاريا اٿم ۽ باقي عمر جو پتو ناهي. ڪم ڪندي عمر گذري چڪي آهي، صحت جو حال ڏسو پيا، هاڻي ته ڪجهه وندر ورونهن جو سامان پيدا ڪريو ۽ ڪجهه وقت روح ريجهائجي، دل گهري ٿي ته عبدالغفور کي ٻڌجي. هنن دوستن منهنجي خواهش جي پورائي ڪندي اڄ عبدالغفور کي ٻڌڻ جو اهتمام ڪيو آهي، ان لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان. +ان موقعي تي مان سنڌ جي نئين نسل کي هڪ عرض ڪندس ته عبدالغفور، خادم ۽ ٻيا ڪجهه فنڪار اسان جي نج سنڌي موسيقي جا ٿورا نمائندا وڃي بچيا آهن. اهي فنڪار روز روز ڪونه پيدا ٿيندا آهن، انهن جو دم غنيمت آهي. اهي فنڪار سنڌ جو شان آهن، سنڌ جو سينگار آهن، سنڌ جي تاريخ آهن، سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر آهن، اهي سنڌ جي ساک ۽ وقار آهن. انهن جي قدرداني ۽ فن شناسي اسان تي لازم آهي. +سچل سارو سچ +[24 جولاءِ 1980ع تي درازا ۾ سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي هي يادگار صدارتي تقرير ڪئي. اها تقرير سروري پبليڪيشن هالا جي ڪتاب ”واريءَ تي مورت“ ۽ ”سرمست“ نمبر 02، سال 1982ع ۾ ڇپيل آهي. ٻنهي ڪتابن جي تقابلي اڀياس ذريعي تقرير جو هي متن تيار ڪيو ويو آهي] +دوستو، عزيزو، اها حقيقت آهي ته هن درگاه تي مان پهريون دفعو حاضر ٿيو آهيان ۽ اها منهنجي سعادت آهي، جو پنهنجي زندگيءَ ۾ مان هتي پهچي سگهيس. مانهنجو دوست تنوير عباسي چوي ٿو ته مان ڀرپور نموني ۾ پنهنجا معروضات پيش ڪيان. عرض هي آهي ته وقت تمام گهڻو ٿي ويو آهي ۽ ڀرپور نموني ۾ يا مختصر نموني ۾ جيڪي گذارشون ڪرڻيون آهن، انهيءَ منجهئون گهڻن تي ته توهان سڀ منهنجا دوست روشني وجهي ويا آهيو. خصوصاً منهنجي دوست حامي صاحب جيڪي ڪجهه فرمايو اُن سان مان بيحد متفق آهيان ۽ اهو ضروري ٿو سمجهان. اسان جي قاضي علي اڪبر صاحب جو مسئلو عشق آ ۽ جتي عشق هجي اتي بحر طويل ۽ بحر هجز جي جيڪو ويجهو آ، سو نه ايندو آ. اهو بحث ڪٿ ۽ ويچار کئون مٿي آ، پر جن سنڌ جي فڪر ۽ ذهن کي موڙيو، جن تاريخ پيدا ڪئي، جنهن پنهنجو مقام پيدا ڪيو، اُهي فقط ٻه آهن: هڪڙو شاهه ۽ ٻيو سچل سرمست. +جيڪي ڪجهه مانهجا دوست هتي چئي ويا آهن، انهن سڀني شين کان سچل مٿي آهي، سچل بيحد ارفع ۽ اعليٰ آهي. مانهجي دوستن نه حلاج پڙهيو آهي، نه عطار کي پڙهيو ٿن، نه انهن جي تعليم جو ڪو مطالعو ڪيو اٿن. فقط سچل چئي ويو. ان جي شعر ۾ ڏٺئون. ان کان پوءِ جو ڪو به انهن مطالعو نه ڪيو آهي. مقصد منهنجو هي آهي ته فقط سچل جو ديوان... مانکي کل ايندي آهي، جڏهن مان اخبارن ۾ پڙهندو آهيان ته ”شاعر هفت زبان.“ بابا شاعر هفت زبان جو مطلب ڇا آهي؟ اڄ يورپ جون ڇوڪريون ويهين ۽ پنجويهين ورهين جون، سورهن زبانون ڄاڻن ٿيون پيون ۽ ان ۾ لکن ٿيون پيون. هفت زبان ڪا به شئي دنيا ۾ اڄ نه ٿيندي آ. تنهن کان پوءِ سچل سواءِ سنڌي زبان جي باقي جيڪي ڪجهه چيو اُهو خام آهي. تنهن ڪري هن کي ”هفت زبان“ چئي ان جي مقام کي توهان هيٺ ٿا ڪيو. اسان جي ڊاڪٽر شميل آ، جنهن سچل تي به لکيو آ ۽ شاهه تي به. سورنهن زبانون ڄاڻي ٿي پئي ۽ سورنهن ۾ ئي لکي ٿي، جنهن جو مطلب اهو آ ڇا ته ڊاڪٽر شميل سچل سرمست کان مٿي آ. سچل ستن زبانن ۾ چوي يا سترهن زبانن ۾، سچل جو مقام جيڪو آهي، سو انهن سڀني کان بالا آهي. هن جو ڪنٽريبيوشن فقط اهو فڪر آ، اهو فلسفو آ، اهو پيغام آ، جيڪو هن ڏنو آ پنهنجي ڪلام ۾. انهيءَ کي ئي اسان کي سوچڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ کپي. مون کي معلوم آ، توڻي جو مان هتي ڪڏهن حاضري نه ڏني آ. ليڪن مون کي معلوم آ، ته پاڪستان کان اڳ ۾ هيءَ درگاهه روشن هئي. هن تي ٻارنهن ئي مهينا منڊل متو پيو هوندو هو. سڀني مذهبن، سڀني عقيدن، سڀني فرقن جا ماڻهو هتي سجدو ڪندا هئا. هر هندوءَ ۽ مسلمان جي گهر سخي قبول محمد جي تصوير لڳل هوندي هئي. اهو ڇا هو؟ +هاڻي مان هتي مزار ڏٺي آهي نماڻي فقير جي، جيڪا هندو مائي هئي. جنهن سچل سرمست جو رسالو هندستان ۾ مرتب ڪيو. اتئون لاش کڻايو اٿئين ۽ هتي پاڻ پورايو اٿئين. اهو ڇاهي؟ اهو ڪهڙو فلسفو، اها ڪهڙي شئي ۽ ڪشش هئي، جنهن نماڻي فقير کي هتي دفن ڪرايو؟ +جيسين ايهو فلسفو، جنهن نماڻي فقير کي دفن ڪرايو آ، اهو اسان جي سنڌ جو فلسفو زندهه آهي، ۽ انهين جي پيغام کي توهان زندهه رکيو آ، تيسين هي ياد رکو ته سنڌ زنده آهي. +سنڌ جي افاديت ۽ سنڌ جو مختلف هجڻ ٻين جي مقابلي ۾، اهو فقط انهن شين ۽ علامتن منجهئون معلوم ٿئي ٿو پيو. سنڌ کي پنهنجو مخصوص هڪڙو پيغام آ. سنڌ کي هڪڙو فڪر عطا ٿيو. جيسين اها شئي توهان کي حاصل نه ٿي آ، انهين کي نه سوچيو ۽ سمجهيو ۽ انهين کي فروغ يا انهين کي نه پکيڙيو آهي، تيسين توهان جو فرض ۽ توهان تي جيڪي وطن جي طرفان ۽ پنهنجي اديبن ۽ شاعرن جي طرفون ۽ هن درگاهه جي طرفون جيڪي فرائض عائد ٿين ٿا سي پورا ڪين ٿا ٿين. توهان جو فرض آ. توهان ماڻهو اديب آهيو. توهان پڙهيل آهيو. هن دور جا مهندار آهيو. توهان جو فرض آ ته جيڪي ضرورتون ادب جون آهن. جيڪي توهان جا اسان جا بزرگ چئي ويا آهن. انهن سڀني جو شرح، ان جو استحڪام توهان ڪيو. ائين ته نه ڪرڻ کپي ته ڪجهه وقت تي اچي پهتئو ۽ چار لفظ ڳالهايو. تنهن کان پوءِ خ��م ٿيو قصو. +مون کي معلوم آهه ته سچل سرمست جو رسالو ايڊٽ ڪونه ٿيو آ. تصحيح بلڪل ڪانهي ڪا. غلط آ جيڪو رسالو مرحوم انصاريءَ جو ڇپيو. يا جنهن جو ٻيو ايڊيشن هاڻي محمد ابراهيم جويي ڇپيو. اهو سؤ فيصد غلط آ. سرائڪيءَ ۾ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ مولوي محمد صادق کان رسالو ڇپرايو سو ڀي جعلي آ. حامي صاحب جيڪي چئي ٿو سو بلڪل صحيح آ. عشق جو مسئلو الڳ آ، ته عشق ۾ ڪا به شئي نظر نه ايندي آ. صحيح ۽ غلط جي ڪا به پروڙ عشق ۾ ڪانه ايندي آ. اهو مقام ارفع ئون اعليٰ آهي. ليڪن جيڪڏهن حقيقتون اسان کي ڏسڻيون آهن ۽ جيڪڏهن واقعي ڪنهن مقام کي واقعي ڪنهن پڙهلين ڪڙهلين جي محفل ۾، ۽ مجلس ۾ سچل کي متعارف ڪرائڻو آ ته فقط ”هفت زبان شاعر“ چئي اسان کي متعارف نه ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اها ڪابه ڪريڊٽ ڪانهي ڪا. اسان کي هن جي تعليم، هن جون جيڪي شاعري جون خوبيون آهن يا جيڪو فلسفو آ. عطار ڇا هو؟ حلاج ڇا آهي؟ اهي سڀ هڪڙا پيغام آهن. اهي فلسفا هن. اهي دائمي قيامت تائين رهندڙ پيغام آهن. سچل اسان وٽ انهن جو شرح آ. ۽ سچل مان سمجهان ٿو ته ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان تمام گهڻو مٿي آ. هن لحاظ کان مٿي آ ته شاهه پنهنجو پيغام فقط پاڻ تائين محدود رکي ٿو ۽ پاڻ ئي ان جو شارح ۽ پاڻ ئي ان تي تڪميل ٿئي ٿي پئي. ليڪن سچل پنهنجي زماني کئون وٺي ويندي اڄ تائين ۽ مون کي يقين آ ته هن کان پوءِ به جيڪو سنڌي شاعري ڪندو اهو سچل جي پيغام کي اڳتي وڌائيندو. توهان جا ڪنڊڙي وارا، بيدل، بيڪس، ٻڍڙو فقير، فتح پور وارا، يعني ڪهڙو شاعر آهي، سچل کان پوءِ جيڪو سچل جي تابع نه آهي، سچل جي فلسفي ۽ فڪر کي هن پنهنجو نه ڪيو آ. +تنهن ڪري منهنجا دوستو! خبر ناهي ته پاڻ ملون يا نه ملون، مان توهان کي اهو ئي عرض ڪندس، مانهنجو پنهنجو تجربو اهو آهي ته سچل تمام وڏو شاعر آهي. سچل جي لاءِ توهان کي – شاهه تي – ڀي ڪو ڪم ڪونه ٿيو آ. پر هن جو ڪم از ڪم هڪڙي ايڊيشن جو هڪڙو حصو مرحوم گربخشاڻي اهڙو اسان کي ڏئي ويو آ، جنهن تي اسان انحصار ڪري سگهون ٿا. يقين ڪري سگهون ٿا. انهيءَ کي مستند اسان چئي سگهون ٿا پيا. ليڪن سچل مرحوم جو ڪو به ايڊيشن، ڪوبه حصو، ڪو به جزو صحيح ڪونهي ڪو. تنهن ڪري سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين هجي يا اسان جي سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هجي. بهرحال انهن سڀني جي خدمت ۾، انهن تي منصبي فرض آ، جن جن عهدن تي اهي آهن انهن جو فرض آهي ته اهي شيون جيڪي قومي آهن ۽ جيڪي شيون لازمي آهن ۽ هن وقت جي تقاضا آهن، انهن کي پورو ڪن. اُهو ڪم هو ختم ڪرائين. +مان نهايت اڪير ۽ نهايت محبت سان هن سرزمين ۾ حاضر ٿيو هئس، مون کي اهو چيو ويو ته هتئون جو ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ميمڻ صاحب، انهين ۾ ذوق شوق وٺي ٿو پيو، هن جي نسبت، هو پاڻ اهل قلم ٿي رهيو آ، رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو آ. انهين نسبت سان مان هتي آيس. نه ته هونءَ ڪهين به ڊپٽي ڪمشنر يا ڪمشنرن جي فرمان ۽ حڪم تي آءُ نه ايندو آهيان. پر مان ڏٺم ته هي مانهنجو ڪنهن زماني ۾ هم قلم سنگتي هو. جيڪڏهن هو ڪم ڪرڻ گهري ٿو ته خيرپور ۾، هڪڙي ڦٽل درگاهه کي وري آباد ڪرڻ گهري ٿو پيو ۽ هڪڙو پيغام جيڪو وسري ويو آ ماڻهن کئون، ۽ ممڪن آ جيڪڏهن اهو تساهل ۽ ايهو ويسارو رهيو ته گهڻي حد تائين انهيءَ پيغام کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي ۽ ياد رکي ڇڏيو ته جيڪڏهن سچل جي پيغام کي ۽ فڪر کي ۽ فلسفي کي نقصان پهتو ته اهو انسان ذات جو هاڃو آهي، اهو انسان ذات جو نقصان آ، سچل معنيٰ انسان ذات آ. سچل سڄو اسلام آ. جيڪڏهن اسلام سلامتيءَ جو مذهب آ، جيڪڏهن ان ۾ انسان جي واسطي امن ۽ سلامتي ۽ راحت ۽ يڪسانيت آ ته اهو سچل جو مذهب آ ۽ اهو اسلام آهي. +تنهن ڪري منهنجا دوستو! مان هتئون جي نوجوان ۽ زنده دل ڊپٽي ڪمشنر کي عرض ڪندس ته جناب عالي ڪيترا ڊپٽي ڪمشنر آيا ۽ ويا. توهان کنئون پوءِ ايندا ۽ ويندا. هميشہ جيڪي ڪم ما‎ڻهو يادگار طور ڪري ويندو آ، اهو ئي ياد رهندو آ، ماڻهو اچڻا وڃڻا آهن. اچن ٿا وڃن ٿا اها ڪا به وڏي شئي ڪانهي ڪا. اسان وٽ حيدرآباد ۾ نياز مرحوم فوت ٿي ويو. ليڪن اسٽيڊيم ٺهرائي ويو. ٻيا ڪم ڪري ويو. اهي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. اسان جو ڊاڪٽر رضي الدين صديقي ڪنهن زماني ۾ اتي هيو، وائيس چانسلر. سنڌالاجي توهان کي ڏئي ويو ٺاهي. اڄ اها ياد اسان کي اچي ٿي پئي. تنهن ڪري منهنجا دوست توهان ممڪن آ ته هتي گهڻو وقت رهو. خدا ڪري گهڻو وقت رهو. پر صبحاڻي ويندوءَ به هليا. توهان کي محسوس ٿيڻ کپي ته هتي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي. توهان به محسوس ڪيو هوندو، مان ڀي محسوس ڪيو. هي مانهنجو وطن آهي. هن وقت سينٽر جيڪو آهي اسان جي سنڌ جو سو حيدرآباد اتفاق سان ٿي ويو آهي. تنهن ڪري سڄي علمي، ادبي ۽ جيڪا به طباعتي ايڪٽوٽي اسان جي آ، يا جيڪو عمل سو انهين طرف ٿئي ٿو پيو، ۽ هتي هي جيڪو اپر سنڌ آ سو سڄو ويران ٿي چڪو آ، ثقافتي لحاظ سان، ۽ اپر سنڌ اسان جي ادب ۽ اسان جي ڪلچر ۽ اسان جي سياست ۽ اسان جي ٻين اقتصادي مسئلن ۾ وڏي ۾ وڏو پارٽ پلي ڪيو آهي، تنهن ڪري هتئون جو ويران ٿيڻ ۽ نابود ٿيڻ سمجهان ٿو پيو ته سنڌ جي بربادي آهي. +تنهن ڪري توهان کي، مانهنجو عرض اهو ئي آهي ته خيرپور ۾ توهان کي اڪيڊمي ٺاهڻ کپي، ۽ اها انهين بنياد تي ٺاهڻ کپي، جنهن ساڻ تعلق اوهان جي ريڊيو اسٽيشن جو به هجي ۽ توهان وٽ مان ٻڌو آ ته يونيورسٽي به ٺهي آ، يونيورسٽي جاتي هوندي آ اتي علم جو مرڪز هوندو آ. اها ڳالهه الڳ آ ته اسان جي حيدرآباد واري يونيورسٽي بدعمليءَ ۽ جهالت جو مرڪز ٿي پئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، پر يونيورسٽيءَ جو وجود علم جو دليل ٿيندو آهي. تنهن ڪري توهان وٽ يونيورسٽي آهي، انهين کي ڀي فعال بڻايو. جاتي يونيورسٽي ۽ ريڊيو اسٽيشن هجي اُتي ڇو نه محفلون ۽ مجلسون ٿين، ڇو نه علم وڌي، ڇو نه شاعر پيدا ٿين. ڇو نه نوجوانن ۾ هڪ قسم جي جان ۽ زندگي پيدا ٿئي، ۽ تنهن کان پوءِ خدا توهان کي وڏي قوت ڏني آ. اقتدار توهان جي هٿ ۾ آهي، عمل توهان جي هٿ ۾ آهي. مان سمجهان ٿو جيڪڏهن توهان کان ٻيو ڪونه ڪو، تڏهن به قدرت پڇا ڪندي ته توهان ڇا ڪيو خيرپور ۾، ۽ توهان تي ايهو، ايمانداريءَ ساڻ ٿو مان چوان ته بِلا ڪنهن هن... جي ته توهان تي فرض آهي. هن لحاظ کان ته توهان پاڻ لَکندڙ ٿي رهيا آهيو ۽ اوهان کي قدر هوندو ۽ توهان کي محسوس ڪرڻ کپي ته لکندڙن جي تقاضا ڇا ٿيندي آهي. هنن جون خواهشون ڇا ٿينديون آهن، هنن جي تعريف ڇا آهي، انهي نسبت ۽ انهيءَ رعايت ۽ انهيءَ لحاظ سان توهان کي مان عرض ڪندس. گهڻو وقت ٿي چڪو آهي تنهن ڪري زيادهه تفصيل ۾ مانکي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي ڪا. توهان گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪا آهيو. بهرحال سچل تي ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي. سچل سان متعلق جيڪي به شاعر هتان جا رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن وقت اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي به تحقيق اسان کي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هيءَ به هڪڙي شخصيت آهي، جنهن جو تعلق آهي سچل جي درگاهه سان. مطلب هي آهي ته، انهن سڀني تي تحقيق ٿيڻ کپي، ٿيسزون اچڻ کپن. انهن جا ديوان. توهان کي هڪڙو يقين ٿو ڏياري ڇڏيان ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ جان نه پوندي، هڪڙو دفعو جيڪا شيءِ مري چڪي هجي يا مري ٿي وڃي انهن ۾، وري مئل کي ��ڙهه کي مکڻ لائڻ سان به ساهه نه ٿيندو. تنهن ڪري اهو نه ٿي سگهندو. تنهن ڪري توهان کي، نئين سر هتي مقامي حالتن کي مد نظر رکندي.... +مان سکر کان وٺي ويندي خيرپور تائين بي انتها کجين جا باغ ڏٺا آهن، ۽ انهن ۾ ايترو ڦر ڏٺو اٿم جو جيڪڏهن کجيءَ جي هڪ وڻ تي توهان هڪ هڪ رپيو عشر ۽ خمس جيڪڏهن ۽ ٻيو ڇا آهي؟ زڪوات، ته توهان هڪڙو ٽيون به پنهنجي هي ڪيو. آخر جڏهن ته اهو اسلام ايتريقدر وڌي هليو آهي ته توهان به هڪڙي کجيءَ جي هڪڙي وڻ تي جيڪڏهن هڪڙو رپيو رکو ته مان ڀانيان ٿو سڀئي توهان جون علمي ضرورتون جيڪي آهن، سي پوريون ٿي سگهن ٿيون پيون، ۽ ياد رکو ته هڪ هڪ ڏينهن جيڪو اسان جو، اسان سڀ وڃڻ وارا آهيون، عمريون اسان جون اچي پوري ٻني تي لڳيون آهن. نئون نسل پيدا ٿي رهيو آهي، هتي ٻن نسلن جو آهي، هڪڙو وڃي رهيو آهي، ٻيو اچي رهيو آهي. هن وقت بي انتها ضروري آهي ته توهان هر مسئلي ۾ الرٽ رهو ۽ هر شئي کي توهان پنهنجو ڪري ۽ انهين کي وڌايو. +خيرپور توهان کي معلوم هجڻ کپي ته سنڌ جي سياست بلڪ هندستان جي سياست ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. هتان جا وزير، هتان جا امير تشڪيل ڏيندا هئا سنڌ جي سياست کي. هندستان جي سياست کي. توهان اسان جي ڪتابن ۾، منهنجي ڀاءَ جي ڪتابن ۾، شيخ عبدالقادر جون يا ٻين وزيرن جون يا ٽالپرن جون ڪيفيتون پڙهيون هونديون، سڄو توهان جو سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، سنڌ جو بمبئي کان جدا ٿيڻ، مسلم ليگ، هي سڀ تحريڪون، انهن جي رهنمائي خيرپور ڪئي آهي. ادبي تحريڪون، توهان کي تعجب لڳندو ته ”دين الاهي“ جي تحريڪ به هتان ئي هلي هئي. مولوي محمد صادق مرحوم اسان جي مير علي نواز جي لاءِ تيار ڪيو هو قصو ايهو. بهرحال اهي سڀ شئي ۽ عشق جو ته وڏي ۾ وڏو مرڪز خيرپور رهي آهي. سچل سرمست، مرحومه بالي، علي نواز ناز. اهي سڀ شيون اُهي هن جيڪي سنگ ميل هن اوهان جي ڪلچر ۽ تهذيب جو. توهان انهن کي وساري نه ٿا سگهو پيا، يا جيڪڏهن توهان گهرو ٿا پيا ته انهن سڀني کي پاسي ڪري ۽ تنهن کان پوءِ توهان ڪا حيثيت ۽ شخصيت قائم رکو ته مطلقاً نه. قومن جي وطن جي شهرن جي شخصيت چند اصولن ۽ چند بنيادن تي انحصار رکي ٿي پئي، ۽ اهي اُهي بنياد آهن جيڪي اسان جي تهذيب اسان جي تمدن ۽ اسان جي ڪلچر جا آهن، ۽ توهان جنهن صورت ۾ حڪومت جا نمائندا آهيو ۽ ظاهر ته اسان جا ڀي، ته توهان تي فرض اهو آهي ته توهان مهرباني ڪري هتي سوسائٽي، اڪيڊمي قائم ڪريو ۽ انهي ۾ پروگرام رٿيو. جيڪي جيڪي ضرورتون آهن، جن جن شاعرن تي توهان کي تحقيق ڪرائڻي آهي. ۽ ديوان مان سمجهان ٿو يا ڪلام جيڪو آهي. اسان جي دوست شڪايت ڪئي ته ڪونهي ڪو، آهي ماڻهن وٽ موجود آهي، ڳولها ۽ جڏهن ضرورت ٿئي ٿي ته اها هر شئي خدا ميسر ڪري ڏئي ٿو پيو ۽ اهي سڀ شيون ملي سگهن ٿيون پيون. آخر جنهن وقت گربخشاڻي مرحوم خدا جنت نصيب ان کي ڪري، مان ڀانيان ٿو پيو مولوين جي اعتقاد مطابق گربخشاڻي کي بهشت نه ملندو، ڇاڪاڻ ته هندو هو پر مان سمجهان ٿو پيو ته قطعاً اسان سڀني کئون اڳ ۾ بهشت ۾ هليو ويندو. ممڪن آهي ته مولانا قاسميءَ کان به اڳ ۾ هليو وڃي! +ته مطلب هي آ منهنجو ته جڏهن مرحوم گربخشاڻيءَ ڪم شروع ڪيو هو شاهه جو، تڏهن به هن کي ڪا خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪيترا رسالا شاهه جا آهن؟ انهي وقت پنج ڇهه لڌا. اڄ ٽيهه، پنجٽيهه نسخا لڌا هن شاهه جا ۽ ايترا گهڻا هن، جو اسان جي پڙهيلن لکيلن کي هاڻ ايترو عقل نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئن سموهي سگهن، ڪيئن انهن جي تصحيح ڪن. تنهن ڪري اسان وٽ مواد جي ڪمي ڪانهي ڪا ۽ مان سمجهان ٿو جذبو ۽ شوق به آهي پر انهي شوق ۽ جذبي کي چئنلائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ مان توهان کي گذارش ٿو ڪيان پيو. انهين پراڻي نسبت جي ڪري جيڪا لکندڙ جي حيثيت ۾ توهان کي حاصل رهي آ، ۽ اهو وڏو اعزاز آ، ورنه بحيثيت ڊپٽي ڪمشنر جي ته ڪيترا ايندا ۽ ڪيترا ويندا. +بهرحال توهان تي حق ۽ فرض آ، هن سرزمين جو به ۽ هونءَ سنڌ جو به، ته توهان ڪجهه هتي جيترو وقت آهيو، ڪجهه ڪيو، ۽ هتي پڙهيل لکيل ماڻهو ڀي تمام گهڻا آهن، پيسي وارا ڀي آهن، خود ٽالپر جيڪي هن رياست جا مالڪ ٿي رهيا آهن، انهن وٽ پيسو جام آ، تنهن ڪري پيسي جي ڳڻتي توهان کي نه هجڻ کپي ۽ پيسو ملي سگهي ٿو پيو. همت ڪري، خدا تي توڪل رکي، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندؤ انشاءَالله ڪاميابي ٿيندي. ممڪن آهي توهان ۽ اسان پوءِ ههڙي ڪچهريءَ ۾ نه ملي سگهون، پر مانهنجون اهي توهان کي گذارشون آهن، ۽ مان توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان. مايوس توهان جي حالتن کي ڏسي ضرور ٿيڻو ٿو پوي. +مطلب هي آهي ته خدا ڪندو ملندا رهنداسين، ميڙا ٿيندا رهندا، پر بهرحال هر ملاقات کي هميشہ مسلمان کي گهرجي ته آخري ملاقات سمجهي. ممڪن آ پوءِ وري ملي يا نه ملي. تنهن ڪري گذارش اها ئي آ، جيڪي مان توهان کي عرض ڪيا آهن، ته تنوير عباسي يا اسان جي ٻين دوستن تي ڀي، پر مان سمجهان ٿو پيو ته توهان جي هٿ ۾ اختيار ۽ اقتدار آهي، توهان چئن ٻين کي سڏي جيڪڏهن انهي محفل جي تشڪيل ڪندؤ، ڪوبه انڪار ڪونه ٿيندو، ۽ مان سمجهان پيو ته جيڪو اوهان سيمينار شايد ڪرڻ ٿا گهرو پيا، سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾. انهي اڪيڊمي تيار ڪرڻ کان پوءِ انهين سيمينار کي توهان گهرايو. توهان هتان جي وائيس چانسلر کي به جنجهوڙيو. آخر يونيورسٽي آ، آخر پنهنجي زندگيءَ جو ثبوت ڇو نه ٿي ڏي اڃا؟ حيدرآباد جي جيڪا اسان جي يونيورسٽي آهي، انهي جو خدا ڪري ڪنهن کي مثال نه بڻجڻ گهرجي. انهي جي تقليد ڪا به يونيورسٽي نه ڪري. هن کي توهان جدا لائينس تي هلايو، ۽ يونيورسٽي ۾ به جان وجهو، ۽ توهان جيترو وقت رهو ته معلوم ٿئي ته هتڙي نوجوان رهي ٿو پيو. +انهن لفظن سان، مان توهان سڀني جو شڪريو ادا ڪيان ٿو پيو، ۽ ايمانداريءَ جي ڳالهه ته مان پنهنجي سعادت سمجهان ٿو جو هن سرزمين تي توهان مانکي گهرايو، مانکي هن درگاهه جي زيارت ڪرائي آهي، اهو مانهنجي لاءِ وڏو اعزاز ۽ سعادت آهي. خدا توهان سڀني کي خوش رکي، الله توهان کي خوش رکي. +* ترتيب: نفيس احمد شيخ. + + +هڪ يادگار تقرير +[سرڳواسي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورتي تقريب، پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ 09- نومبر 1980ع تي ٿي هئي. ان موقعي تي راشدي صاحب مرحوم هيءَ تقرير ڪئي، جا رسالي ”مهراڻ“ جي نمبر 2-3، سال 1991ع واري پرچي ۾ ڇپي آهي] +آغا صاحب، دادا گرداس واڌواڻي ۽ دوستو! +اسان ٻڌو هو دادا ليکراج، اڄ ٻڌوسين ته واڌواڻي به دادا آهي. خواتين، نوجوان دوستو منهنجا! منهنجي ڪيفيت ذهني ۽ جسماني، توهان کي منهنجي صورت ۾ چهري منجهئون معلوم هوندي. ڪلهه صبح جو ڪراچيءَ کنئون نڪتو آهيان ۽ مسلسل هن وقت تائين هلندو رهيو آهيان ۽ بيحد ٿڪل آهيان. اها شايد توهان سڀني کي خبر آهي ته مان بيمار رهان ٿو پيو اڪثر. تنهن ڪري زيادهه مان توهان جي خدمت ۾ پنهنجا خيال عرض نه ڪري سگهندس. منهنجي نوجوان دوستن بي انتها نفيس ۽ مؤثر مضمون پڙهيا آهن. جن کنئون ايمانداريءَ جي ڳالهه اها آهي ته مان متاثر ٿيو آهيان. بيحد اميد افزا ڳالهه آ، اها ته انسان تسلسل ۽ ذهن جي حاضريءَ ساڻ مضمون لکي سگهي ٿو. تنقيد ۽ تبصرا ڪري سگهي ٿي پيو. اها خود ا��يد افزا ڳالهه آ. مسٽر واڌواڻيءَ جي ڪتاب تي مفصل ڪلاڪ ڏيڍ تائين مان تقرير ڪراچيءَ ۾ ڪري چڪو آهيان. انهن ساڳين خيالن کي وري دهرائڻ جي ڪا هتي ضرورت ڪانهي ڪا. +توهان کي مان عرض فقط هڪڙو ڪندس. جيئن اسان جي هڪڙي نوجوان دوست توهان کي ٻڌايو ته: سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا تاريخي آثار، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جو تمدن، سڀ خدشي ۾ آ. برباد ٿي رهيو آ. سنڀال ڪانهي ڪا، تنهن ڪري انهيءَ شيءِ کي نظر ۾ رکندي، هن وقت اسان جي لاءِ بيحد ضروري آهي ته، ڀل اسان افسانه لکون، ڇاڪاڻ ته اهي ڀي ڪنهن مقصد جي تحت لکيا وڃن ٿا. نظمون ڀي ڀل لکون، ڇاڪاڻ ته ڪا به نظم سنڌ ۾ بي مطلب، بي معنيٰ ۽ بي مقصد نه ٿي لکي وڃي. اهي ٻئي صنفون بي حد ضروري آهن. ليڪن ساڳئي وقت مان توهان کي عرض ڪندس ته هڪ زمانو گذري چڪو آ. ٻيو زمانو جيسين تائين پڪو ٿئي، ۽ اچي تيسين تائين جو وچون دور جيڪو آهي، جنهن ۾ هن وقت توهان هلي رهيا آهيو، ۽ اسان موجود آهيون. اهو اهڙو آ جڏهن توهان جا عمر رسيده ماڻهو، جن هيءَ سڄي صدي ڏٺي آ، اهي پنهنجون يادگيريون، ايندڙ دنيا جيڪا تيار ٿي رهي آهي، انهيءَ جي لاءِ لکي ڇڏي وڃن. +توهان سيريس ڪتاب خبر ناهي پڙهو ٿا يا نه. ليڪن انهي ڏس ۾، جنهن ۾، اسان جي دوست واڌواڻيءَ لکيو آ ڪتاب. انهيءَ ۾ سڀ کنئون پهرين جي.ايم.سيّد ٻن جلدن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ لکيو آهي. تنهن ۾ انهيءَ سڄي زماني ۽ انهن سڀني ماڻهن جو هن ذڪر ڪيو آهي، جن سان اهو اُٿيو ويٺو، گڏ گهميو يا رهيو آ. بيحد مفيد، بيحد قيمتي ۽ آئنده نسلن جي تاريخ جي لاءِ مستند دستاويز آهي. اهڙي نموني سان پير علي محمد راشديءَ ڀي ٻن جلدن ۾ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي نالي سان ڪتاب لکيو آهي. ٽيون جلد ڇپجي رهيو آهي. اهو ڪتاب ڀي انهيءَ سلسلي يعني يادگيرين واري سلسلي جو بهترين ڪتاب آهي. اهڙي نموني ساڻ منهنجو ڀي هڪڙو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي ساڻ ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ ڀي ڪنهن هڪڙي خاص عرصي جون يادگيريون لکيل آهن. هن ڪتاب جو عنوان ”جيڪي ڏٺو مون“ سو حقيقت ۾ مان انهيءَ پنهنجي ڪتاب جي لاءِ جنهن جو پوءِ نالو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ٿيو، 1960ع ۾ رٿيو هئم ۽ تقريباً منهنجي سرڪل ۾ مشهور به ٿي ويو هو. ليڪن جي. ايم. سيّد انهيءَ ساڳئي نالي ساڻ هڪڙو ڪتاب ڇپرايو، تنهن کان پوءِ وري مان مناسب نه سمجهيو ته انهيءَ ساڳئي نالي ساڻ منهنجون يادگيريون ڇپجن. هاڻ چڱو ٿيو جو گرداس جو ڪتاب ڇپيو آهي. هي ڪتاب پنجون ڪتاب آهي، انهيءَ سلسلي جو، ”يادگيرين“ جو. توهان کي مان عرض ڪيو ته يادگيريون، مثلاً خواجه صاحب ويٺو آ، جنهن کي خوجو چون ٿا پيا، هن جي زندگي پوري تاريخ رهي آهي. هن هڪڙي دنيا ڏٺي آهي. توهان جي تعليم جو جنهن نئون نسل تيار ڪيو آهي، انهيءَ سموري جا داستان ۽ واقعا، نواب شاهه جي تاريخ، اهي سڀ جيڪڏهن هي پنهنجيون ويهي يادگيريون لکي ته اها هن جي لاءِ ته تاريخ نه هوندي، ليڪن پڙهندڙن جي لاءِ ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ اها تاريخ جو ڪم ڏيندي. +تاريخ جو مطلب ئي اهو آهي ته انسان واقعات جيڪي ڏسي ٿو يا جيڪي هن کي معلوم آهن، سي قلمبند ڪري. پڙهندڙ انهيءَ منجهئون ڪهڙو فائدو وٺن ٿا پيا، ڇا لاڀ پرائين ٿا پيا، اهو انهن تي ڇڏيل آهي. پندرهن ويهه ڏينهن ٿيا جڏهن گرداس جي ڪتاب جو مهورت ٿيو ڪراچيءَ ۾، تڏهن مان افسوس پي ڪيو ته خانبهادر کهڙي ڪجهه ڪونه لکيو. ڪجهه لکي وڃي ها ته بهتر هو. فلاڻي نه لکيو، شيخ صاحب نه لکيو، پنجن ڏهن ڏينهن کان پوءِ خانبهادر کهڙو ڀي هليو ويو. اها ڀي تاريخ اسان جي ختم ٿي وئي! +توهان کي مان حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي، هيءَ پرزور ۽ دست بدست گذارش ٿو ڪيان ته اوهان مهرباني ڪري هت جيئن آغا صاحب توهان کي چيو ته انگريزيءَ ۽ يورپ جي زبانن ۾ ايڏو علم آهي، جنهن جو ڪو سرو نظر ئي نه ٿو اچي پيو. اسان ته هڪڙي تمام محدود، تاريڪ ۽ ردي دنيا ۾ رهون ٿا پيا، جا ٿي جيڪو ساهه کڻون ٿا پيا سو تعفن ۽ بدبودار آب و هوا ۾ کڻون ٿا پيا. دنيا ۾ انسان ائين زندگي گذارين ٿا گندگيءَ ساڻ، جيئن هتي اسان جي سرزمين تي ڪيليون، ماڪوڙا يا ڪينئان زندگي گذارين ٿا! +اسان هن دنيا جي ڀيٽ ۾ حالتن جي لحاظ ساڻ، پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ جي لحاظ ساڻ، علم ۽ دانش جي لحاظ ساڻ، انهن جيتن جي برابر آهيون، انهيءَ دنيا جي مقابلي ۾. هيءَ اها صدي آهي، جنهن ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا ايجاد ٿيا آهن. ٻه جنگيون هن ۾ لڳيون. بادشاهيون هن صديءَ ۾ ويون. هوائي جهاز، ٽرانسسٽر، ٽيويون حتيٰ ڪهِ آغا صاحب راڪيٽ جو نالو ڀي کڻي ٿو.(1) مانکي ڀئو ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته راڪيٽ جي سلسلي ۾ دنيا ۾ خبر ناهي ته الا ئي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي. مطلب هي آهي ته هيءَ صدي ايڏي وڏي فن ۽ علم ۽ دانش ۽ سائنس جي لحاظ ساڻ ثروت مند آهي، ۽ علم جي انهن شاخن ۾ ماڻهن لکيا آهن ڪتاب، جو مان ڪهڙو توهان کي بيان ڪيان. تنهن ڪري توهان کي جيئن آغا صاحب فرمايو، آغا صاحب هڪ ڳالهه وساري ويو ته، سندس تعلق چورن ۽ ڌاڙيلن ساڻ ڀي رهيو آهي، اها ڳالهه کانئس وسري وئي. مطلب منهنجو هيءَ آهي ته اوهان کي پڙهڻ کپي، حاصل ڪرڻ کپي، علم ڄاڻڻ ۽ انهيءَ ڄاڻ کي توهان ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪيو. +منهنجا دوستو! اها حقيقت آهي ته اڄ بهترين تقريرون نوجوانن ڪيون آهن. دل خوش ٿي آهي. هڪڙي دوست انهيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ته، اسان جون سڀ تاريخي شيون برباد ٿي ويون آهن. انهيءَ جي تحفظ جي لاءِ سوسائٽي ٺاهيو يا ڪو ٻيو صلاح مشورو ڪيو. اها حقيقت اٿوَ ته اسان هن وقت درياه جي ڪپ تي ويٺا آهيون ۽ درياهه پائيندڙ آهي. ڪنهن به وقت درياه جو بند جيڪڏهن پاڻيءَ پاتو ته اسان وڃي پاڻيءَ پونداسين. اهڙي صورت حال ۾ هن وقت اوهان ويٺا آهيو، تنهن جي تحفظ ۽ انهيءَ جي بقاءَ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. مان ڪالهه ڊاڪٽر الانا جي تحريڪ ۽ پنهنجي دوست عبدالله ورياهه ۽ آخوند حميد جي تحريڪ ساڻ ويو هئس شاهپور چاڪر ٽالپرن جا مقبرا ڏسڻ ۽ اتون هاڻ سڌو اچان ٿو نهايت ڏکويل دل ساڻ. سڄو قبرستان جيڪو تاريخي آهي، اهو برباد ٿي چڪو آهي. انهيءَ جا پٿر ماڻهو کڻي ويا آهن. ڪابه قبر سلامت ڪانهي ڪا. تاريخي ڪتبا ڪرن ٿا پيا. اها ساڳي حالت هالن جي ڀڪ ساڻ ٽالپورن جي مقبرن جي آهي. حيدرآباد جي حالت توهان پاڻ ٻڌي. انهيءَ کنئون زياده ابتر حالت مڪليءَ جي تاريخي قبرستان جي آهي، جنهن جي تاريخي قبرن جا ڪتبا ڪراچيءَ جا واپاري ايندي ويندي پٽيون کنيون وڃن ٿا ۽ پنهنجن بنگلن ۾ وڃي محض ڊيڪوريشن آرائش جي واسطي هڻن ٿا. اتان جي تاريخ تباهه ٿئي ٿي. هنن جي بنگلن جي ديوارن جي هڪڙي زينت ٿئي ٿي، جنهن کي هو نه پڙهي سگهن ٿا، نه سمجهي سگهن ٿا، نه عربي ڄاڻن جو اهي ڪلام مجيد جون آيتون، انهن تي جيڪي اڪريل آهن سي پڙهي سگهن. نه فارسي منجهئون بهرور آهن، جو هنن کي خبر پئي ته هن تي ڪهڙو شعر لکيل آهي. +بهرحال مطلب اهو ته نقصان ضرور ٿئي. اها جيڪا تخريبڪاريءَ جي اسان جي عادت آهي، جو ايندي ويندي ڪنهن جي موٽر بيٺي هوندي. تڏهن ڀي ان کي نقصان ٿئي، ته اها تخريب جي عادت جيڪا آهي، انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ ضرور پٿر ساڻ کنيو ايندا. تنهن ڪري مڪليءَ جو قبرستان توهان جو برباد ٿو ٿئي ۽ اهو ته فقط اسان کي تاريخ جي لحاظ ساڻ عزيز آهي. ليڪن تازيءَ تاريخ جي سلسلي ۾ هن ڪري ڀي عزيز آهي، جو شيخ عبدالمجيد سنڌي هتي دفن آهي. ۽ مان کي يقين آهي ته اسان جي سنڌ جي نئين تاريخ مڪليءَ جي قبرستان تئون ٺهندي، تنهن ڪري توهان کي انهيءَ طرف توجہ ڏيڻ کپي. +هتي ڪيترا منهنجا فاضل دوست ويٺا آهن. مسٽر پنهور (ايم. ايڇ پنهور) آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري ٿو پيو. ڊاڪٽر الانا آهي. هي نوجوان اسان جو عبدالله ورياهه، جيڪو آهي زميندار، جنهن کي زندگي پنهنجي زميندارن جا جيڪي گندا شغل ٿيندا آهن وڏيرن جا، انهيءَ ۾ گذارڻ کپندي هئي. ليڪن انهيءَ جي مقابلي ۾ هن سنڌ جي تاريخ ساڻ دلچسپي ورتي آهي، ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته ويهه هزار سڪا سنڌ جا... جيڪي پنجاهه ورهيه اسان تاريخ لکي آهي. ليڪن انهن منجهئون هڪڙو نه ڏٺو اٿئون، سي هن عبدالله ورياهه اهي گڏ ڪيا آهن. انهن تي تحقيق ڪري ٿو پيو. مطلب اهو ته اسان وٽ مواد آهي. اسان وٽ ماڻهو آهن. اسان وٽ جذبو آهي ۽ اهو جذبو الله ڪارڻ آهي. وطن دوستيءَ ۾، آبروءَ جي خدمت جي لاءِ اسان کي اهو جذبو آهي. تنهن ڪري مان توهان نوجوانن کي عرض ڪندس ته توهان منجهئون هر هڪ ماڻهو سنڌ جي تاريخ جو محافظ بڻجڻ کپي. سنڌ جي زبان جو محافظ هجڻ کپي. سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو محافظ هجڻ کپي. جيسين توهان منجهئون هر هڪ ماڻهو انهيءَ شئي جي حفاظت جو عزم نه ڪندو، تيسين مان سمجهان ٿو ته اهي شيون گهڻي عرصي تائين قائم رهي نه سگهنديون. +منهنجا دوستو! منهنجي ڪيترن نوجوان دوستن، واڌواڻي صاحب جي ڪتاب متعلق توهان کي ٻڌايو آهي. مان سمجهان ٿو پيو ته بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾، ۽ بهترين دور جيڪو اسان جو سونهري دور آهي، انهيءَ جي سلسلي ۾ اهو دستاويز اٿو. ممڪن آهي ته انهيءَ شئي جو احساس ۽ اهميت هاڻ اسان کي نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته واڌواڻي ۽ اسان جو زمانو قريب آهي. تنهن ڪري جيڪا شئي قريبي هوندي آهي، انهيءَ جي اهميت جو احساس نه ٿيندو آهي. +ليڪن مان توهان کي يقين ٿو ڏيان ته زبان جي لحاظ ساڻ، لکڻ جي انداز جي لحاظ ساڻ، جڏهن هي پنهنجي وطن جو بيان ٿو ڪري ته ايڏي محبت ساڻ ۽ هڪڙي جذبي ساڻ ڪري ٿو جو، معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي دل به ٻاهر ڪڍي هٿ تي کنيو ٿو وتي پيو. تنهن کنئون پوءِ ڪرامت، واڌواڻيءَ جي هيءَ آهي ته هن سڄي زندگي انگريزيءَ ۾ لکيو. ڪڏهن ڀي سنڌيءَ ۾ هن هڪ سٽ نه لکي. ليڪن اها اسان جي زبان جي ڪرامت آهي ته، جڏهن هن انهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾ لکي هن تيار ڪيو. واڌواڻيءَ کي مان ڪراچيءَ ۾ عرض ڪيو هو ته، ڀائي! هن وقت اسان جي زبان ٻين سڀني ڳالهين ساڻ گڏ وڏي خدشي ۾ آهي. نه فقط اسان جي پنهنجي زبان خراب ٿي رهي آهي. هتي اخبارن جي ذريعي، ريڊئي ۽ ٽي. ويءَ جي ذريعي ۽ هي جيڪو بي شعور نوجوان جنهن کي ڪابه بيڪ گرائونڊ، پسمنظر ڪونهي ڪو، نه تهذيب، نه علم. انهيءَ جي گاڏڙ زبان يا اسان جا بعض ڪامورا ٻاهر سنڌي ڳالهائين ۽ گهر ۾ اردو ٿا ڳالهائين ۽ اردو ڀي ڪا فضيلت واري اردو هجي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي ڪو. ليڪن گورکن واري اردو ڳالهائين ٿا، جيڪا جيڪڏهن اردوءَ وارا ٻڌن ته مار ڪڍن هنن کي. ته اهڙي صورت حال ۾ منهنجا دوستو توهان کي، مان واڌواڻيءَ کي عرض ڪيو هو ته هندو اسان وٽئون هليا ويا. هاڻي اسان سڀني تي فرض آهي ته ان زبان کي محفوظ رکون. +ڊاڪٽر نواز علي شوق توهان کي عرض ڪيو ته ڪيترا لفظ هن جي پٽن کي يا اولاد کي نه ٿا اچن. ڇاڪاڻ ته هو ٻاهراڙيءَ منجهئون اٿي ۽ اچي شهرن ۾ آيا آهن. انهن ساڻ واهپو ڪونهي ڪ��. مان واڌواڻيءَ کي چيو ته ڀائي هندو اسان وٽئون هليا ويا آهن ۽ هندو سنڌ جو هڪ جزو آهي، ۽ تاريخ آهي ۽ هنن جو احساس آ! جنهن کي هاڻ اسان پنهنجي زبان چئون ٿا. حقيقت ۾ مشترڪ زبان هئي، اسان جي ۽ هنن جي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو پنهنجي زبان تي احسان هو. ليڪن بهرحال اهو اسان سمجهون ٿا اسان تي احسان آهي. مان عرض ڪيو هن کي ته اها وڏي ۾ وڏي خدمت ٿيندي. هي وقت آهي، جو تون ڀي جيئرو آهين. ممڪن آهي ته سڀاڻي تون ڀي نه هجين. بهشت ته ڪونه چوندس. ڇاڪاڻ ته مسلمان مڃيندا ڪونه، ته جنت نصيب توکي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اسان جو اعتقاد آهي ته فقط مسلمان، پوءِ ڪهڙا ڀي هجن اهي جنت ۾ ويندا. باقي ٻيو ڪوبه دنيا جو بني بشر ڪونه ويندو. تنهن ڪري ممڪن آهي ته تنهنجو ڀي جلد پراڻ تياڳي. تنهن ڪري ڀائي منهنجا، اها زبان، اهي اکر، مثلاً مان پنهنجي والدهه مرحومه تي مضمون پي لکيا، مانکي پنهنجي ڳوٺ جو نقشو انهيءَ ۾ ڏيڻو هو. مانکي ”رسويو“ نه آيو. ڀائي، جيڪو ماني پچائيندو آهي. ليڪن رڌڻي جو هندو اکر به مانکي نه آيو. مان ڪيترا ڏينهن بلڪ اڄ ڏينهن تائين سرگردان آهيان. شڪارپور....... مان واڌواڻيءَ کي عرض ڪيو ته اسان جي تهذيب ‎۽ تمدن جو خاص مرڪز هو. انهيءَ ۾ بهترين تمدن رکندڙ هندو هيا. جن جو تعلق سينٽرل ايشيا ساڻ هيو. انهن جون پڳڙيون جيڪي هيون ڪيئي نمونا ته، شڪارپور جي پڳڙين جا هئا. اهي هندو ويا، اهي پڳڙيون ويون، اهي رنگ روپ ويا، اهي کاڌا خوراڪون ويون، اها زبان وئي. مان کيس عرض ڪيو ته مهرباني ڪري، هاڻ گهڻو ئي ڪجهه تو اسان جو خانو خراب ڪيو آهي. اسان جا اعمال لکي انهيءَ ڪتاب ۾، انهيءَ کنئون مٿي لکڻ جي ڀي ضرورت آهي. پر مهرباني ڪري تون ڪوشش ڪر ته اهي لفظ جيڪي متروڪ ٿي ويا آهن، ترڪ ٿي ويا آهن، هندن جي وڃڻ جي ڪري ترڪ ٿي ويا آهن، انهن کي تون پنهنجن مضمونن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آڻ ته ڪي اهي اسان جي لاءِ محفوظ رهجي وڃن. انهن پڳڙين جا نالا، اهي ڪريا ڪرم جا نالا، اهي کاڌن خوراڪن جا نمونا ۽ نالا. اهي سڄيون شيون اهي آهن جيڪي نه فقط هتي اسان وٽئون عدم پيدا ٿي ويون آهن. ليڪن مان سمجهان ٿو پيو ته سنڌي هندن ساڻ هندستان ۾ اها ئي عقوبت آهي، جيڪا هتي اسان ساڻ آهي. انهن جي آل اولاد کان ڀي اها تهذيب ۽ اهو تمدن ۽ اهي زبان جا اکر، انهن کان ڀي وسري ويا هوندا! تون هتي آهين اڃا سلامت آن. توڙي جو توکي گهر ڪونهي ڪو ۽ اسان جي دوستن کي افسوس ٿيو ته توکي گهر ڪونهي. ليڪن مانکي افسوس اهو ٿيو ته گهر ته ڪونهي ڪو، ليڪن جنهن ڪوٺيءَ ۾ تون رهين ٿو، تنهن ۾ به ٻڌو اٿم ته هڪڙي مسلمان تو سان کهند ٻڌي آهي، جيڪا ڳالهه اخبار ۾ پڻ آئي آهي. تنهن ڪري گهر ته توکي هي وٺي نه ٿا ڏئي سگهن. انهيءَ کهند کان توکي بچائين ته ڀاءُ منهنجا! تون مهرباني ڪر اسان تي، جيئن مان توکي ڪراچي ۾ اڳي عرض ڪيو هو. مان هنن سڀني نوجوانن کي به عرض ڪندس ته توکي التجا ڪن ته، اسان جا وسريل اکر ۽ متروڪ ٿيل جملا ۽ تهذيبي نشانيون، اهي تون ڪوشش ڪر، پنهنجن مختلف مضمونن ۾ آڻڻ جي. +رڌڻي جو هندو اکر اڃا تائين مانکي نه آيو جو مان گهڻي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر الانا به هندو نسل جو آهي. ممڪن آهي ته هن کي خبر هجي ته رڌڻي کي ڇا چئجي. بهرحال مطلب اهو آهي ته معمولي شئي آهي. رسويو جو لفظ اچي ٿو مانکي. ليڪن جاتي رسوئي پچائجي ٿي انهيءَ جو ڇاهي هندو اکر؟ نتيجو اهو نڪتو جو هڪڙي جاءِ تي اچي مان اٽڪي بيهي رهيس ۽ اتي جو قلم مان ڇڏيو آهي ته اڃا تائين..... مطلب اهو آهي ته ڪيڏيون مشڪلاتون اچن ٿيون نئين زماني ۾ رهڻ جي ڪري. +ما�� توهان کي ٻڌايو هو ته مان ٿڪل آهيان ۽ حالت منهنجي خراب آهي. ليڪن باوجود انهيءَ جي ڀي، ڇاڪاڻ ته توهان جي خدمت ۾ بيهندي مانکي هڪڙي سعادت ۽ خوشي ٿئي ٿي. تنهن ڪري مان بي اختيار ڳالهائيندو ويو آهيان، ۽ انهيءَ ۾ وقت ظاهر آهي ته زيادهه ٿي ويو آهي. توهان کنئون معافي وٺان ٿو پيو ۽ توهان کي اهو عرض ڪندس ته واڌواڻي صاحب کي پنهنجي خانگي نشست برخواست ۾، انهيءَ ڳالهه تي ضرور آمادهه ڪيو ته اڃا ڀي لکي، گهڻو لکي ۽ انهن شين تي خاص طرح لکي، جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿيڻ تي آهن. مهرباني. +سنڌ جي آبروءَ جي پاسباني +[مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾، جناب رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ جي نامور تصنيف ”ڪيئي ڪتاب“ جي رونمائي تقريب ٿي گذري. ان مجلس جي صدارت محترم عبدالله ڪمشنر حيدرآباد ڪئي، ۽ خاص مهمان ممتاز عالم ۽ تاريخ دان پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب هو. ان موقعي تي پير صاحب جي ڪيل تقرير پيش ڪجي ٿي. هي تقرير ماهوار نئون ”نياپو“ جي پرچي، مئي- جون 1981ع ۾ شايع ٿي] +هن ڪتاب کي ته پنهنجي عظمت ۽ وقار حاصل آهي. رئيس جي انفراديت جيڪا آهي، سا پنهنجي جاءِ تي، پر سندس ڪتاب هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿو. +منهنجي دوست جويي صاحب پنهنجي تقرير ۾، رئيس صاحب لاءِ جيڪو ”ڏويون“ لفظ ڪتب آندو، اهو سندس سڄي تقرير تي ڀاري هو. يعني ”حيرتناڪ شخصيت“، جو ڪيترن سالن تائين ته مان ٻڌندو رهيس ته، رئيس ان قسم جي وضع قطع جو مالڪ آهي. هن جي مجلس، شغلن، ذوق شوق وغيره جا داستان، ٻڌي ٻڌي حيرت ۾ محور رهيس ته آخر هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ جنهن کي ايڏي ڀرپور ۽ ايڏي هماهميءَ جي زندگي آهي. ڪيترا ماڻهو هن جي پٺيان وارفتہ گهمن ٿا، ڪيترا هن سان منسلڪ آهن، وغيره. +حالانڪ هو صاحب هڪ اهڙي طبقي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو اسان وٽ... مُئل طبقو آهي، يعني ”زميندار“ طبقو. زميندار، مير پير وغيره جهڙي غير مقبول طبقي مان ان حد تائين ”مقبول ماڻهو“. فن، علم، ادب، دوستن، انسانن، ۽ غريبن جو دوست آخر ڪيئن پيدا ٿي سگهيو آهي! جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته مان ڏٺو ته واقعي رئيس حيرتناڪ ماڻهو آهي. +ڪتاب جي قيمت سؤ رپيا آهي. ڪتاب پيسن سان خريد ڪرڻ جي هونئن به اسان ۾ عادت ناهي. مون کي يقين آهي ته باوجود هن رونمائي تقريب جي، ڪتاب ڪوبه خريد ڪونه ڪندو. پر بهرحال جيڪڏهن خدا ڪنهن کي توفيق ڏئي ۽ اهو ڪتاب خريد ڪري وجهي! منهنجي ته سفارش اها ٿيندي ته اهو ڪتاب خريد ڪرڻ کپي ۽ پڙهڻ کپي. +هي ڪتاب ڪو معمولي ڪتاب ڪونهي. هي ڪتاب هڪ جهانديد ۽ تجربيڪار شخص جو لکيل آهي، ۽ هڪ برڪت ڀرئي دور جي تاريخ آهي. يعني انگريز دور جي تاريخ، جيڪو دور واقعي اسان لاءِ برڪت جو سبب رهيو آهي، اطمينان جو سبب، شادابيءَ ۽ درخشندگيءَ جو سبب رهيو آهي. هي ڪتاب ان دور جي عجيب غريب تاريخ آهي. ان ۾ توهان کي هر طبقي جو مثال ۽ نمونو ملندو. شخص توڙي ادارن جي اجتماعي زندگي ملندي. فردن جي شغلن ۽ غلط ڪارين جي جهلڪ ملندي. +رئيس جي زندگي هڪ عجيب غريب زندگي آهي. قدرت هن کي سڄي برصغير جو علائقو ميسر ڪري ڏنو هو. بمبئي تائين ٻارنهن رپيا ٽڪيٽ هئي. نه بندش، نه ويزا، نه فارين ڪرنسي، نه حد بنديون ۽ نه جاگرافيائي پابنديون هيون. جڏهن به رئيس کي وڻندو هو، پورو هندستان گهمي ايندو هو. مسلسل ۽ طويل سياحت جي ڪري هن جو مشاهدو نهايت قوي آهي. +اهو رئيس جو وڏو ڪمال آهي، جو جيڪي ڪجهه ڪتاب ۾ ڇپيل آهي، اهو سڀ سندس ياد داشت جو ڪرشمو آهي. اها خداداد ڏات آهي، جو رئيس هيترن سالن گذرڻ کان پوءِ به، ان دور جي ماحو��، حالتن، صورتن، سيرتن، عادتن ۽ ڪيفيتن کي جيئن جو تيئن چٽي سگهيو آهي. مشاهدي جي گهرائيءَ جو اهو عالم آهي جو واقعات جي جزئيات تائين سندس ذهن جي رسائي آهي. اها ڏات انسان کي اڪتساب يا پرائڻ مان نه ٿي ٿئي. پر اهو قدرت جو عطيو آهي، جيڪو رئيس کي حاصل آهي. +منهنجي عمر هينئر ستر ورهيه آهي ۽ اٽڪل روءِ پندرنهن ورهين کان مون لکڻ شروع ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين بفضل خدا تعاليٰ لکندو اچان ٿو. مون کي ياد ناهي ته سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٻه ورق ڊڪٽيٽ ڪرائي لکي سگهيو هجان. رئيس جو سمورو ڪتاب ڊڪٽيٽ ڪرايل آهي، جيڪا خود وڏي ڪمال جي ڳالهه آهي. +اها اسان جي خوش قسمتي آهي منهنجا دوستو! جو گذريل ٿورن سالن ۾ بعض سببن جي ڪري، اسان جي لکندڙن لکڻ ڏي گهڻو توجهه ڏنو آهي. انهيءَ ۾ سوانحي ادب به شامل آهي، جنهن مان معاشري ۽ تمدن جي تاريخ مرتب ٿيندي آهي. ان سلسلي ۾ چار پنج ڪتاب ڏاڍا چڱا لِکيا ويا آهن. جيڪي اسان جي مؤرخن لاءِ ”سورس بڪ“ ٿي ڪتب ايندا. +ان ۾ سڀ کان پهرين اسان جي محترم دوست جناب جي. ايم. سيّد جو ڪتاب آهي ”جنب گذاريم جن سين“. ان ڪتاب ۾ شخصيتن جا سوانح ۽ واقعا نهايت قيمتي آهن، جيڪي توهان کي ڪنهن ٻئي هنڌان نه ملندا. +ان طرح منهنجي بزرگ ڀاءُ علي محمد شاهه جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سؤ ورهين جي سياست، تهذيب، تمدن، ۽ اٿي ويٺيءَ جو عڪس ڏنو ويو آهي. +منهنجو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ سوانحي ادب ۾ شمار ته ڪري سگهجي ٿو. بهرحال اهو انهن ڪتابن کان گهڻو گهٽ آهي. بهر صورت، اهي ڪتاب يا رئيس صاحب جو ڪتاب، سنڌ جي جڏهن به سماجي تاريخ لکي ويندي، تڏهن انهن مان مواد وٺڻ جي بيحد ضرورت رهندي. +مون ڪشمير ڪونه ڏٺو آهي، ليڪن ڪشمير جي شاعرن جو تذڪرو لکيو آهي، جيڪو ٽن چئن هزارن صفحن تي، پنجن جلدن تي مشتمل آهي. ظاهر آهي ته جنهن موضوع تي ماڻهو ڪم ڪري ٿو ته، اُن جو سمورو لٽريچر سامهون رهي ٿو. ٽن ورهين جي تحقيقي ڪم دوران مون ڪشمير ايترو نه ڏٺو، جيترو رئيس جي ڪتابن مان، پنجن اٺن صفحن تي پڙهڻ سان ڏٺو. +ڪشمير بابت پڙهندي، قاري بلاشبه ائين محسوس ڪندو، ڄڻ هو پاڻ رئيس سان ڪشمير جي سياحت ۾ هم رڪاب آهي. ڪشمير جا گل، ڪشمير جا باغ، ڪشمير جا رستا، ڪشمير جو عطر عنبير، ماحول ۽ اتان جا نظارا، جنت سمان منظر ۽ روح پرور فضائون، پڙهندڙ پاڻ کي ان ماحول ۾ موجود محسوس ڪندو هن ڪتاب پڙهڻ سان. +وطن سان محبت اسان سنڌين جي ڪمزوري آهي. پوءِ اهو ايمان جي نشاني آهي يا اسان جي آبادين جو سبب آ. جنهن محبت ۽ پيار سان رئيس، ماتلي، ماتليءَ جي ماڻهن، ماتليءَ جي وڻن، کيتن، ماتليءَ جي سرزمين ۽ ماحول جو ذڪر ڪري ٿو، اهو مان ڀانيان ٿو ته ماڻهن کي ايمان جي روشني عطا ڪري ٿو. +رئيس کي ماتليءَ سان محبت آهي. حالانڪ ننڍو شهر آهي، هاڻ ته ان ۾ انب به ڪينهن، ۽ رئيس جيڪي اَنب ڏنا آهن، سي الانا چوي ٿو ته خراب هئا. بهرحال ڪنهن زماني ۾ ماتليءَ جا انب مُلڪان مُلڪ مشهور هئا. +دوستو! مون گهڻو وقت ورتو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته ان ڪتاب تي سڄي رات ڳالهائي سگهجي ٿو. اهو ياد رکي ڇڏيو ته جيڪي لکندڙ آهن، سي سِنڌ جي عظمت ۽ آبروءَ جا پاسبان آهن. رئيس اهو ڪتاب لکي سنڌ جو فرض پورو ڪيو آهي. سِنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ان کي ياد رکندي! +(1) آغا امداد علي صاحب، ان وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو +چيئرمين هو. + + +سچل کان پوءِ +[پير حسام الدين راشدي مرحوم 17 جولاءِ 1981ع تي، سچل سرمست جي عرس تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾، صدر جي حيثيت ۾ هي تاريخي تقرير ڪئي، جا ”سرمست“ نمبر 02، سال 1982ع، ۽ ��اهنامه ”پارس“ مئي 1983ع ۾ ڇپي آهي] +جناب غلام محمد صاحب،(1) منهنجا دوست تنوير صاحب ۽ عزيز دوستو. +اردو۽ فارسي ۽ سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ منهنجي قابليت جي تشهير ڏئي، مان کي به هفت زبان ثابت ڪرڻ گهري ٿو پيو تنوير صاحب: مان ڏسان ٿو ته هتي توهان وٽ هفت زبان ڪنهن کي چوڻ، يعني هن جي انتهائي قابليت جو دليل شمار ڪيو وڃي ٿو پيو. +بهرحال توهان به اڄ تقريرون ٻڌيون. مان کي ٻيو دفعو آهي، ۽ اها سعادت آهي منهنجي لاءِ، جو هن درگاهه تي آيو آهيان، ۽ سڀني توهان هيءَ ضرورت محسوس ڪئي ته سچل تي ڪم ڪونه ٿيو آهي، ۽ اها حقيقت آهي. مان اڳئين دفعي به توهان کي عرض ڪيو هو ته ڪم ڪونه ٿيو آهي. جنهن نموني رسالا ڇپيا آهن، تن مان ڪن جي اسان کي ذاتي طرح خبر آ، ۽ بهرحال جو ڪجهه ڇپيو آ، سو نور اعليٰ نور آ. ليڪن سچل تي تحقيق ڪرڻ جي از حد ضرورت آ، ۽ انهيءَ جي سڀني مقالن ۾ مانهنجن دوستن شدت محسوس ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته توهان جي خيرپور جو علم دوست ڊي. سي صاحب انهيءَ شئي جو احساس ڪندو، ۽ اڳي مان به توهان جي خدمت ۾ ۽ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو هو ته لوئر سنڌ ۾ ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي. اتي مختلف ادارا آهن. اتي ماڻهن جي نشونما ٿي آهي، اتي اديب پيدا ٿيا آهن، اديبن کي آئوٽ ليٽ مليو آهي ۽ جيسين اسان جي اديبن کي رستو ڪونهي ڪو ۽ پنهنجي جذبات جي اظهار ڪرڻ جو ڪو ابلاغ ڪونهي ڪو، تيسين ڪابه شئي نسري ڪونه ٿي سگهي. +تنهن ڪري، هتي هي ميلا ئون ملاکڙا سون آهن. اهي اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ ۾ هرسال ڇا، بلڪ سچل جي درگاهه تي روزانو ميلو هوندو هو، ۽ ويهن سالن جي خاموشيءَ ۽ سڪتي کان پوءِ غلام محمد صاحب (ڊي. سي) ۽ ٻين دوستن انهيءَ کي ٽوڙي وري نئين سر ڪيو آهي، پر بهرحال اهو ٺيڪ آ، ميلا ٺيڪ آهن، پر جيڪو دور توهان جي سامهون اچي رهيو آ، اهو فقط ميلن ملاکڙن جو ناهي، هڪڙو نهايت سنجيدي ذهن وارو دور اچي رهيو آ. +توهان کي ياد رکڻ کپي ته اسان جو نوجوان جيڪو اسان پيدا ڪيو آ. جيتوڻيڪ اسان ڳائي گيهه جي ايج (دور) جي پيداوار آهيون، پر اڄوڪو نوجوان ايٽمڪ ايج جي دور جي پيداوار آهي. اهو وڏو ذهين آهي، وڏو سمجهدار آهي، اسان کئون ڪيئي ڪوهه اڳتي آهي، هن جو فهم هن جي فراست، هن جي سوچ. +جيئن مانهنجي محبوب دوست مولانا قاسمي، وري چوندو ته حملو ٿو ڪري مان تي، جيئن اڄڪلهه پيشو اختيار ڪيو اٿن ته ٻه ڪلام مجيد جا ورق ڇپائي، ڪنهن ڊپٽي ڪمشنر کي سڏي، اهو ڏيکاري، وري ڇهه مهينا ڪڍي ٿا وڃن. سيرت نمبر ڇپي، توڙي چار سال رسالو (مهراڻ) نه نڪري، پر سيرت نمبر ڇپي، ڪنهن وزير کي سڏي، اهو ڏيکاري، وري ٻارهن مهينا آرام ڪن. انهيءَ قسم جو زمانو قطعاً نه آهي. ماڻهو پڇن نه ٿا چون نه ٿا، اها ٻيءِ شئي آهي، ليڪن ماڻهو سمجهن ٿا. +توهان جا هي مرڪز... ياد رکي ڇڏيو ته قومون نه حڪومتن تي مدار رکنديون آهي. ۽ نه جاين، عمارتن ۽ ٻين عظيم الشان تعميرن تي آبرو ۽ عزتمند ٿينديون آهن. قومون هميشہ فنڪارن، سائنسدانن، مفڪرن ۽ شاعرن جي آڌار تي دنيا ۾ عزت پائينديون آهن. مان کي ياد آهي، جنگ جي زماني ۾ جيڪا ٻي جنگ ٿي تڏهن هڪڙي ملڪ جڏهن ان ۾ جنگ شروع ڪئي، تڏهن پنهنجا سڄا فنڪار، پنهنجا سڄا شاعر ۽ سائنسدان ملڪ جي هڪ اهڙيءَ ڪنڊ کڻي وڃي محفوظ ڪيا، جاتي جڏهن صفا ملڪ تباهه ٿي وڃي، تڏهن اوستائين دشمن پهچي سگهي. هنن چيو ته ڀئي هي اسان ساڻ ڇاهي؟ هنن چيو ته بابا ماڻهو هر وقت ماءُ ڄڻي سگهي ٿي پئي، فنڪار ۽ اهل فن ۽ هنرمند ۽ شاعر ۽ فلاسافر اهي روز روز پيدا ڪونه ٿيندا. توهان وٽ شاهه کنئون پوءِ ڪو ٻيو شاهه آيو آ��ي؟ سچل کان پوءِ ڪو ٻيو سچل پهتو آه؟ صدين ۾ ڪو هڪڙو ماڻهو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پيغام آڻيندو آهي ۽ قوم کي بيداري ڏيندو آهي، ۽ قوم کي هڪڙي دولت بخشي ڇڏيندو آهي. دائمي ۽ ابدي. +زمانو بيحد ڏکيو ٿو اچي. توهان کي ياد رکڻ کپي ته حڪومتن جي ذريعي انتظام ته امڪان آهي ته هلي سگهي ٿو، ليڪن مذهب قائم رهي نه ٿو سگهي، نه مذهب ڦهلجي سگهي ٿو. جيڪڏهن مذهب حڪومت جي ڏنڊي سان ڦهلجي سگهي ها ته (اڄ) دهليءَ ۾ يا هندستان ۾ هندن جي ميجارٽي قطعاً نه هجي ها. اٺ سؤ ورهيه هتي مسلمانن حڪومت ڪئي آ. مذهب يا انسانيت يا اوچو اخلاق ۽ انساني وحدت هنن صوفين ۽ بزرگن جي ذريعي آئي آهي ۽ انهن جي پيغام تي توهان قائم رهو. +صوفي سچل سرمست هو يا مست الست هو. ڪو انهيءَ سان واسطو ڪونهي. زمانو اهڙو ڏکيو اچڻ وارو آهي جو انهيءَ شئي کي ڪو ڪونه ليکيندو. تنهن ڪري، هن جو جيڪو پيغام آهي، هن جيڪا دولت توهان کي ڏني آهي، جنهن بناءَ تي توهان اڄ اچي هت ڪٺا ٿيا آهيو، انهيءَ جي سلسلي ۾ توهان کي پورو پورو قدم اڳتي وڌائڻ کپي. +مان اڳي به توهان کي عرض ڪيو هو ته انهيءَ شئي جي لاءِ توهان وٽ اڪيڊمي جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اهو بيحد مشڪل آهي. اسان وٽ ٻه ادارا آهن، ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي. بيحد مشڪل آ. ايڏو وڏو اسڪوپ آ، ايڏو وڏو ڪم آ، جو امڪان ڪونهي. مان کنئون هڪڙي دفعي هڪڙي وڏي بزرگ ۽ شفيق دوست خدا بخشيندس، هاڻي مرحوم ٿي ويو آهي، پڇيو ته سنڌ تي اڃا، حسام الدين، گهڻو ڪم آهي؟ مان چيو، سائين،جيڪڏهن سؤ ماڻهو هجن ۽ سؤ ورهيه ڪم ڪندا رهن ته سورس مٽيريل فقط ڇپجي، سنڌ جو، انهيءَ جي لاءِ ناڪافي آهي! تنهن ڪري انهيءَ منجهائون اندازو ڪيو ته ڪيڏو ڪم آهي. منهنجو عرض اهو آهي ته ايڏو وڏو اسڪوپ آهي. توهان وٽ ٻه ادارا ڪنهن به حالت ۾ ڪافي ٿي نه ٿا سگهن پيا. توهان کي هتي ”سچل اڪيڊمي“ ۽ خدا جي واسطي انهيءَ سان ”سرمست“ جو لقب نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته سرمست جي معنيٰ جي نڪا توهان کي خبر آهي ۽ نه انهيءَ جا جيڪي مفهوم آهن اهي توهان سمجهي سگهو ٿا. توهان سمجهو ٿا ته سرمستي هڪڙو خدا وٽ پهچڻ جو ذريعو آهي. قطعاً غلط آهي. سچل سرمست جو قائم رکڻ ۽ شاهه لطيف کي قائم رکڻ ۽ شاهه عنايت کي سنڀالڻ ايهو توهان جو، جيڪڏهن غيرتمند قوم آهيو ۽ زندهه آهيو ۽ جيئرا رهڻ ٿا چاهيو، ته انهن کي قائم رکو. ڇاڪاڻ ته اهي مرڪز آهن توهان جي زندگيءَ جا، توهان جي وحدت جا، توهان جي تاريخ جا. توهان فقط انهن ساڻ زندهه رهي سگهندؤ. انهن کان علاوه توهان ڪا شئي ڪونهيو. +تنهن ڪري، منهنجا دوستو، مان اڳي به عرض ڪيو آهي ته اپر سنڌ صفا خالي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جو ميدان تمام وسيع آهي. مان کي افسوس آهي، چوڻ جي لاءِ گهڻو مواد آهي، پر هاڻي اسان پوڙها ماڻهو، بئٽري ڊسچارج ٿي چڪي آهي چار ڪلاڪ ويهاري، توهان به ٿڪا آهيو، تنهن ڪري مختصراً عرض ڪندو ٿو وڃان، سرسري عرض ڪندو ٿو وڃان. توهان کي انهن شين تي سوچڻ گهرجي، جڏهن توهان کي فرصت ملي. +سچل پنهنجي سر هڪڙو ماڻهو ڪونهي ڪو. سچل هڪڙو پيغام آ، جيڪو هتي سون شاعرن انهيءَ تي عمل ڪيو آ ۽ پنهنجو ڪلام چيو. انهن سڀني تي توهان کي تحقيق ڪرڻ گهرجي. خود سچل جي سوانح تي اڃا تائين تحقيق ٿيل ڪانهي ڪا. مان کي ياد آهي چڱي طرح ته مرحوم گربخشاڻي جڏهن شاهه جو رسالو شايع ڪيو، تڏهن پهريون دفعو آرائش ۽ تزئين جي لحاظ سان آغا صوفي مرحوم، جيڪو هتان جي درگاهه جو ايترو ئي عقيدتمند، ايترو ئي عاشق ۽ ايترو ئي وارفتہ ۽ جان فدا هيو، جيئن اسان جو اڄ علي اڪبر درازي ڏسو ٿا پيا، انهيءَ ويچاري تمام سٺي نموني رسالو شايع ڪري ۽ هيءَ تسڪين ڏيڻ دل کي گهري ته گويا گربخشاڻيءَ جي مقابلي تي هن شايع ڪيو هو، سچل جو رسالو. +از اين قسم، جڏهن اسان شايع ڪيو هو مرحوم انصاريءَ جو رسالو، تڏهن مان کي ياد آهي ته هن مرزا قليچ بيگ جو يا ڪنهن جو رسالو بهترين ڪاتب کئون نقل ڪرائي، سهڻو جلد ٻڌرائي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ پاڻ ڀي ميمبر هيو، ۽ ظاهر آهي، جيئن ميمبر ميمبر جي پرده پوشي ڪري ٿو پيو، اهو عيناً نقل آهي. جيئن اسان جي پهرين دوست نهايت خوبصورت ۽ نهايت فڪر انگيز ۽ مان کي واقعي خوشي ٿي آهي ته خاموشيءَ سان ڪيترو ڪم ٿي رهيو آهي. اهو اسان ڪن مجبورين جي هيٺ انصاريءَ جو شايع ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين هليو اچي ٿو پيو. اهو ڪو تحقيقي ڪونهي ڪو، نه انهيءَ کي مستند نسخو چئي سگهجي ٿو. +اها شئي بلڪل غلط آ ته سچل جا نسخا نه ٿا ملن. توهان ڳوليا ڪاٿي آهن؟ هن تر ۾ جيڪڏهن توهان قديم لئبرريون ڏسندئو ته قطعاً توهان کي نسخا ملندا. جڏهن اسان جي گربخشاڻيءَ ڪم شروع ڪيو، تڏهن ٻه ٽي نسخا معلوم ٿي سگهيا هئس. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جڏهن ڪم شروع ڪيو، جيڪو افسوس آهي مڪمل نه ٿي سگهيو، ته ڇٽيهه نسخا هن کي شاهه جا مليا هئا. ته توهان وٽ جڏهن ڪو ادارو ٺهي ٿو، توهان وٽ اهو مستقل آهي ۽ انهيءَ ۾ جان آهي ۽ انهيءَ ۾ ماڻهو فداڪار يعني ڪم ڪندڙ آهن، ته توهان کي ڪيترا نسخا هن تر منجهئون ملندا، ۽ انهن تي توهان ڪم ڪري سگهو ٿا. جان الله شاهه رضويءَ تي ڪم ڪونهي ٿيل. بيدل بيڪس تي ڪونهي. ٻڍڙي فقير تي ڪونهي. ٻڍڙي جي درگاهه مان وڃي ڏٺي آهي. سندس سجادهه نشين نهايت نازڪ نفيس، جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ڊيل وانگر، سڀ صحيح، ليڪن ٻڍڙي فقير جي درگاهه جيڪا آهي، سا ويران ۽ بيحد ضرورت آهي ته ان جي ديوان ۽ ان جي سوانح شايع ٿئي. يعني تعجب آهي ته ٻڍڙي فقير ۽ سندس والد جو نالو ملي ٿو پيو. پوٽو ۽ پڙپوٽو يا سندس ڏوهٽا موجود آهن، ليڪن ڏاڏي جو (نالومعلوم) ناهي. هاڻي اهي سڄيون شيون آهن. +شڪارپور جو شهر توهان وٽ بيحد تاريخي ۽ هن وقت مان کي معلوم آهي ته هن ۾ قيمتي ذخيرو ۽ نسخا ۽ فرامين تاريخ جا موجود آهن. روهڙيءَ جي شهر جو هر هڪ گهر ڀريل آهي تاريخي نسخن سان، ۽ تاريخي آثارن سان. اهي سڄيون شيون توهان جي ملڪيت آهن ۽ توهان جي عزت ۽ توهان جي ملڪ جو بقا ۽ قيام جيڪو آهي، اهو انهن شين تي آهي. +هن کان اڳتي دنيا اهو نه ڏسندي ته سچل پنج وقت نماز پڙهندو هو يا ڏهه وقت يا مورڳو پڙهندو ئي ڪونه هو، يا ڀنگ پيئندو هو يا چرس ڇڪيندو هو، يا عابد زاهد هو. انهيءَ شئي کي قطعاً تسليم نه ڪندي. زمانو اهڙو ڏکيو ۽ تيزيءَ ساڻ اچي رهيو آ. ايڏيءَ تيزي سان اچي رهيو آ، جو توهان تصور به نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ ايٽمڪ ايج ۾، انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪابه شئي توهان کي قائم رکي سگهندي ۽ آبرومند بڻائيندي ته اها فقط اها شئي آ، جيڪا بزرگ اوهان جا يا بحيثيت انهن جي جانشين جي پيدا ڪري ويا ۽ جا ڏيو ٿا اوهين ايندڙ نسل کي. ائين نه ٿئي جو ايندڙ نسل جيڪو اسان جو ٿئي. توهان کان نهايت واضح ذهن آ ان جو ۽ ان کي هڪڙو نصب العين آهي اڳتئون، اهو پڇاڙيءَ ۾ اسان تي لعنتون وجهي ۽ اسان تي چار قل به نه پڙهي! زندگي بيحد معمولي ۽ حقير آ، انهيءَ جي ڪابه قيمت ڪانهي ڪا، انهي کي قائم ۽ آبروءَ جهڙي رذيل شئي قائم رکڻ جي لاءِ ماڻهو در در جا جانا ڪري، وقت ضايع ڪري، قومي خزانو اڪارت ڪري، ۽ انهيءَ ڌوڪيبازيءَ کان ڪم وٺي. مان سمجهان ٿو انهيءَ کئون، جيئن اڳي منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ ڦيرائيندا هئا، پنهنجو پاڻ کي ماڻهو سمجهي ۽ پنهنجي گناهن جي دامن ڀرپور ڏسي پاڻ کي ائين ڪري... اهو ڌوڪو، اهو فريب، ممڪن آ ته ڪجهه وقت تائين مهلت ڪنهن کي ڏئي به سگهي. ليڪن وقت ايڏو گذرندو ٿو وڃي پيو، جو وقت ته توهان موٽائي ڪونه سگهندئو نه؟ ۽ آخر توهان کي مرڻو آ. آبرو ڇا ٿيندي آ، پئسو ڇا ٿيندو آ، انهيءَ کي ٿڪ به ڪونه هڻي. ماڻهوءَ کي انهيءَ جي لاءِ خدا ڪونه خلقيو آ، ڪنهن ڪم ۽ مقصد جي لاءِ خدا خلقيو آ. +تنهن ڪري، منهنجا دوستو، هاڻ ڏسان ٿو ته ڪو ڪتاب جو جهلڪو ٿو ويٺو هڻي، ڪو پکو ٿو پاڻ کي ويٺو هڻي، پگهر ۽ پسينو، بک به لڳي هوندي، جيڪي روزائت نه هوندا. خدا ڪري سڀني کي روزو هجي. پر، بهرحال مان هاڻي توهان سڀني کان اجازت ٿو وٺان پيو. ڳالهيون جڏهن يار گڏجن ٿا، دوست گڏجن ٿا ته گهڻيون ڪرڻ جون آهن. ليڪن هاڻي نه وقت آهي ۽ نه مان سمجهان ٿو مناسب آهي. مان چند معروضات اوهان جي آڏو رکيا آهن. يونيورسٽي توهان وٽ فعال هجڻ کپي. يونيورسٽيءَ ۾ مان نه ٿو ڏسان ته ڪوبه ڪم هتي ٿئي ٿو پيو. توهان انهيءَ کي فعال ڪيو. سچل اڪيڊمي ٺاهيو. يونيورسٽيءَ ۾ سچل جي چيئر رکو، جتي خود تحقيق ۽ تخليق ٿئي. انهيءَ سڄي پراجيڪٽ تي. ٻيو توهان کي مان صرف عرض هي ٿو ڪري ڇڏيان، خبر ناهي ته هيءَ درگاهه اوقاف جي حوالي آهي يا مالڪن جي حوالي آهي؟ حافظ شيرازي جو هڪڙو شعر آهي: +فقيہ مدرسہ وي مست بود و فتوي داد، مي حرام ولي به ز مالِ اوقاف ست +(شراب حرام آهي پر اوقاف جي مال کئون وري به چڱي شيءِ آهي). +اوقاف جيڪا عقوبت اسان جي مڪليءَ جي تاريخ سان ڪئي آهي، خدا شاهد آهي ته انهيءَ تي جيڪڏهن ڪو ملڪ ۾، اهو داد فرياد، ڪو حاڪم هجي ته انهيءَ تي، انهن ماڻهن، اوقاف جي تجاوز ۽ ڏاڍ تي دانهنجي! +يعني جن قبرن تي ڪتبا هئا، انهن جي رپيئر ۽ انهن کي اسلامي رنگ ڏيڻ لاءِ ان جي اصلي، ۽ اهو ياد رکي ڇڏيو ته تاريخي جاين جي حقيقت مٽائڻ، اوريجنلٽي (اصليت) کي تباهه ڪرڻ، اهو تاريخي هاڃو آهي: هنن ان کي رنگ سائو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي روضي جو رنگ سائو آهي، تنهن ڪري هر وليءَ جي قبر سائي هجڻ کپي. بابا، هرون ڀرون توهان ڇو.... +هڪڙي ڪنهن دوست چيو ته ڏنڊو پيو آ يار محمد جي مقبري تي. ڀائي ڏنڊو ته اڃا ڪنهن بهادريءَ جي نشاني آ، پيو آ. قلندر لعل شهباز جي سيوهڻ تي، هر عورت ۽ مرد وڃي ٿو ان کي چمي ڏي. اهو ڇاهي؟ ۽ انهيءَ نموني سان، اها سڄي غلط ڳالهه آهي. سڄيون تاريخان مٽائي ڇڏيون ٿئون، رنگ ڏئي ۽ انهن جي چوڌاري ڪٽهڙا ڪڍيا ٿئون، جيڪي اڳي نه هئا. شاهجهاني مسجد حالانڪ شاهجهاني نه آ، پر بهرحال شاهجهاني آهي. انهيءَ جي رپيئر ڪرائڻ ۽ ان تي پنهنجي حسن خدمتي ڏيکارڻ لاءِ (ان جي اصليت کي) صفا قطعاً تباهه ڪري ڇڏيو اٿئون. هاڻي در به ڏسندؤ، ونگان به ڏسندؤ ليڪن ڪا شئي ڪانهي. +تنهن ڪري، توهان کي مان هڪ عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته مانهنجو تجربو اوقاف، جيڪو حافظ جو شعر مان ڏسيو مانوَ ته شراب بيشڪ پيئو، ليڪن اوقاف جو مال نه کائو! اهو توهان اوقاف وارن کي ٻڌائي ڇڏيو. +سچل سرمست جي روضي جي ساخت... مان ڀي سڄي دنيا ڏٺي آهي، اسلامي ۽ انهيءَ جي آرڪيٽيڪٽ جو مطالعو ڪيو اٿم، مانهنجو سبجيڪٽ ڀي آهي، اهڙي يعني خصوصي حيثيت رکي ٿي پئي تعمير ۾، ۽ هندن جي وڃڻ کئون پوءِ اها ڊهي خراب ٿيندي ۽ زبون ٿيندي پئي وڃي، انهيءَ جي رپيئر نه ٿي ٿئي. مان توهان کي عرض ڪندس ته توهان اڪيڊمي ٺاهيو، جڏهن وڻيو ٺاهيو، توهان مالڪ آهيو، مگر روضي جي نه ٺهڻ ڪري جيڪو نقصان پهچندو، انهيءَ جو اندازو آئندهه نسل اچي ڪري سگهي ٿو پيو. ممڪن آهي اسان کي نه ٿئي، ليڪن اوقاف جي ذريعي هن جي رپيئر ڪنهن حالت ۾ نه ٿيڻ کپي! ڇاڪاڻ جو اهو رهيل کهيل نور به هن جو وڃائي ڇڏيندو. تنهن ڪري، آرڪيالاجيءَ جي ذريعي يا ڪم از ڪم انهن جي سپرويزن ۾. هي روضو تعمير جي لحاظ کان، توهان سڄي سنڌ گهمو، پنهنجو مثال پاڻ آهي. +سڄيءَ شئي غلط آهي ته ڪوٽ ڏجي ميرن ٺهرايو يا رني ڪوٽ ميرن ٺهرايو. ميرن جنگ ڪهڙي ڪئي، جنهن جي لاءِ انهن اڏاوتن جي ضرورت هنن کي هئي؟ ڀائي، خيرپور ۾ فيض محل کان سواءِ مير سڄيءَ پنهنجيءَ حڪومت ۾ ڪا عمارت نه ٺهرائي سگهيا. حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪوٽ ۾ اچي ويٺا. ڀائي رني ڪوٽ کي، ڏجي ڪوٽ کي ٺهرائڻ جي هنن کي ڪهڙي ضرورت هئي؟ +تنهن ڪري، اهي سطحي مسئلا آهن ته سچل، سرمست هو يا الست هو، يا نماز پڙهي ٿئين يا نه، اهي سطحي شيون هن. اهي مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ تي ڇڏي ڏيڻ کپن. ليڪن، بهرحال، هن جي رپيئر ۽ هن روضي جو تحفظ، اهو توهان کي سڀ کان اول ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته مان ڏسان ٿو پيو ته ڪِرندو پيو وڃي. +باقي رهيو سوال اهو ته مولانا غلام مصطفيٰ، توهان کي معلوم آهي، ته هي اسان جو وڏو معتبر ۽ معزز، محترم اسان سڀني جي لاءِ آهي. مذهبن جي ۽ تاريخ جي لحاظ کان به اسان وٽ سند آهي. سندس قول اهو آهي، يا راءِ اها آهي، ته سچل جو انتقال هن مهيني ۾ ۽ هنن ڏينهن ۾ ڪونه ٿيو هو. تحقيق طلب اها ڳالهه آهي، تنهن ڪري مان انهيءَ شئي کي اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي ڇڏيان ٿو. يعني مولانا جو چوڻ اهو آهي ته سياري جي موسم هئي اها ممڪن آهي! يعني گرمي هجي يا سردي هجي، اسان جيسين غلام محمد صاحب يا تنوير صاحب آهن، تيسين حاضر پيا ٿينداسي. صحت جو ڪهڙو حال به هجي. پر اهي شيون، سڀ نقطا، سوچڻ ۽ تحقيق جي قابل آهن. انهن تي تحقيق ڪيو. ۽ ڄمڻ جي سلسلي ۾ به چون ٿا ته 25 ڊسمبر سچل جي آهي. پر اهي مسئلا اهڙا آهن، جن تي توهان کي توجهه ڏيڻ کپي، سوچڻ کپي. خدا شاهد آهي، مان سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ ٻاهر ڦران ٿو، ۽ ڏسان ٿو پيو. توهان وٽ ماڻهو سوچيندڙ، لکندڙ، تحقيق ڪندڙ... ڪلهه تنوير مان کي ببليو گرافي ڏيکاري آهي، جيڪا هتان جي، توهان جي هڪڙي ماڻهو، ماستر ويچاري اڪيلي سر ويهي سچل تي ٺاهي آهي(1). مان سمجهان ٿو ته توهان جي ڪنهن اداري اهو ڪم نه ڪيو هوندو، جيڪو تنها واحد ماڻهو هتي ٻهراڙيءَ ۾ ويهي اهو ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح، توهان ڏٺو ته جنهن پهريون اهو مقالو پڙهيو هتي سائين، اوهان ته افضل آهيو. عرض ٻڌو، قاضي صاحب (علي اڪبر درازيءَ) توهان کان بغير هنن جو ڪم هلي نه سگهندو. قاضي صاحب، اهو ته هنن کي شامل ڪرڻو پوندو توهان کي. توهان جي عشق ۽ توهان جي جيڪا تحقيق ۽ توهان جي جيڪا خدمت ٿيل آهي. تنهن ڪري توهان کي وسارڻ هنن جو جرم آهي، تنهن ڪري توهان مطمئن رهو، توهان کان سواءِ ڪو به ڪم نه هلي سگهندو. +منهنجي گذارش اها هئي ته توهان وٽ خام مواد جنهن کي را مٽيريل چئجي ٿو، اهو گهڻو آ. انهيءَ کي فقط ڊيولپ ڪرڻو، انهيءَ کي آئوٽ ليٽ ۽ انهيءَ منجهئون ڪم وٺڻ جي ڪا سوچ ۽ ترڪيب ڪريو. +باقي مان توهان جي مهمان نوازي ۽ توهان جي محنت ۽ توهان جو هتي گڏ ٿيڻ ۽ هن اجتماع، انهن سڀني جي لاءِ توهان جا لکين احسان ۽ ٿورا آهن. لفظن ۾ جن جي ڪابه گنجائش ڪانهي. خدا توهان سڀني کي سلامت رکي! +خَـطَ +[انساني زندگي توڙي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جي مطالعي ۾ خط وڏي مدد ڪن ٿا. ليڪن اسان وٽ سنڌ ۾ هن موضوع تي اڃا توجهه نه ڏنو ويو آهي. هت راشدي صاحب مرحوم جا اهي چار خط ڏجن ٿا، جي پاڻ عمر جي آخري حصي ۾، هن ڪتاب جي مرتب (غلا�� محمد لاکو) ڏانهن لکيا هئائون. انهن خطن ۾ همعصر سنڌي ساهت بابت، اسان جي هن عالم جي سوچ سامهون اچي ٿي، ۽ پڻ سندن زندگيءَ جي آخري لمحن متعلق به مواد مهيا ٿئي ٿو] +خط نمبر 1 +23 ڊسمبر 1980ع عزيزم غلام محمد صاحب +بعد سلامن جي، عرض ته اوهان جو محبت نامون ۽ ٻه ڪتاب پهتا. وڏي مهرباني، خدا اوهان کي سلامت رکي ۽ تاريخي ذوق اوهان جو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي. سنڌ کي اوهان جهڙن باذوق نوجوانن جي اشد ضرورت آهي. جن کي پنهنجي وطن ۽ وطن جي تاريخ سان اُنس ۽ لڳاءُ هجي. +آءُ ڪيتري وقت کان ناخوش رهان ٿو. صحت اطمينان بخش نه آهي. لکڻ پڙهڻ بند آهي. دعا ڪريو رب ڪريم توفيق عطا فرمائي. جيئن چند ڪم ذهن ۾ آهن، اهي پورا ڪريان. +”سنڌ صدين کان“ سرسري ڏٺو اٿم(1). اندازو آهي ته ڪتاب بيحد مفيد ۽ منجهس استدلال جو انداز بلڪل صحيح آهي. يقين آهي ته هي ڪتاب بيحد مفيد ٿيندو. پڙهي وڌيڪ پوءِ لکندس! +تصوير آءُ جلدي موڪلي ڏيندس. ڪو ڪم ڪار هجي ته بلا حجاب لکندا. والسلام. +خيرانديش +حسام الدين +خط نمبر 2 +7 فيبروري 1981ع +عزيزم +آءُ چند ڏينهن ٻاهر يعني ڳوٺ ويل هيس. توهان جو خط پهتو. ڪتاب به مليو. ذخيرة الخوانين لاءِ هاڻي خط لکيو اٿم. جيئن ڪتاب پهتو خدمت ۾ موڪلي ڏيندس. تسليٰ فرمائيندا. +آريسر صاحب جو ڪتاب به موڪليو مهرباني. آريسر جي جذبات ڏسڻ کپي(2). جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ سختيون سهن ٿا، انهن کي حق پهچي ٿو ته اسان جهڙن سهل پسندن جي غلطين تي تنبيهه ڪن. +اوهان ميدان ۾ هاڻي پير وڌو آهي. نوان آهيو، ڪنهن جي غصي ۽ ڪاوڙ تي دلگير نه ٿيندا. اڃا ته اڳتي الائي ڇا رکيو آهي. رستو اڙهانگو، سفر طويل ۽ دشوار. ڪم ڪندا هلو. ڪاڏنهن توجهه نه ڏيو. هڪ ڪن کان جيڪڏهن ٻڌو ته ٻئي کان ڪڍي ڇڏيو(3). +والسلام +حسام الدين +خط نمبر 3 +2 اپريل 1981ع +عزيزم +السلام عليڪم. ٻه ڪتاب ۽ مضمون پهتو. مضمون ”اردو“ ڏانهن تاڪيدن موڪلي ڇڏيو اٿم. اميد آهي ته شايع ٿي ويندو. +شاهه عنايت پڙهان ٿو. دلچسپ ڪتاب آهي. خاص طرح نقطئه نگاهه قابل ستايش ۽ صحيح آهي. جنهن لاءِ لکندڙ کيرون لهڻيون(4). ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيم. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته، هن حالت تي اسان نه پهچون ها(5). +اصول، ڪردار، وفا، نباهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن. طارق اشرف وڏي خدمت ڪئي آهي، اهو ڪتاب ڇپي. +سر ۾ سانجهي وير پڙهي ڇڏيم. لکندڙ نهايت ئي ذهانت ۽ ديانت سان تاريخ مان نڪتا ڳولي مرتب ڪيا آهن(6). +آءُ سنڌ جي لکندڙن مان نا اميد نه آهيان. ذهني ڦيرو جنهن جا اسان متلاشي ۽ آرزومند هياسين سو اچي ويو آهي. اهو زندهه رهڻ جو نشان آهي. +ڊاڪٽر رياض الاسلام کي مضمون لاءِ چيو اٿم. عنقريب ڳولي ڏيندو ۽ آءُ اوهان ڏانهن موڪلي ڏيندس. اطمينان رکندا. +خدا اوهان کي خوش رکي ۽ علمي خدمت ۽ ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي. +حسام الدين راشدي +خط نمبر 4 +9 جولاءِ 1981ع +عزيزم غلام محمد صاحب +خط پهتو. اهو ڪتاب پاڪستان جي پهرين يا ٻي حڪومت جي چوڻ تي لکيو ويو هو. سرسري ۽ نامڪمل آهي. ازان سواءِ جديد دور جنهن صورت ۾ شروع نه ٿيو هو، تنهن ڪري اهو نظرانداز ٿيل آهي. تاهم ڪتاب مقبول ٿيو، يورپ ۾ ان مان استفادو ڪيو ويو ۽ روس ۾ ان جو ترجمو شايع ٿيو. ارادو هو ته انهيءَ ۾ اضافا ڪري جديد دور به شامل ڪري نئين سر ترتيب ڏيان. ليڪن اڄ تائين اها آس پوري ٿي نه سگهي ۽ نه اميد آهي. توهان ڀلي انهيءَ جو ترجمو ڪيو ۽ شايع ڪيو. بهرحال ڪتاب مفيد آهي(7). اميد ته اوهان بخيريت هوندا. +والسلام +حسام الدين راشدي +خطن ۾ ذڪر ٿيل ڪجهه ڳالهين جي وضاحت: +1، سنڌ صدين کان، سنڌ جي تاريخ تي مختصر ڪتاب. هي ڪتاب مون لکيو هو ۽ سال 1980ع ۾ شايع ٿيو. +2، سر ۾ سانجهيءَ وير، عبدالواحد آريسر جو هي ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو. +3، تاريخ مظهر شاهجهاني (نياز همايوني)، سنڌي ترجمي تي مون تنقيد لکي. هي تنقيد ڇپي ته مترجم سخت ناراض ٿيو. مون راشدي صاحب کي خط لکي ان کان آگاه ڪيو. ان جو جواب ڏيند مون کي نصيحتون ڪيائون. +4، صوفي حضور بخش جو لکيل ڪتاب ”شاه عنايت شهيد“، سال 1981ع ۾ ڇپيو. +5، ميرو ڌاڙيل، لکندڙ طارق اشرف. هي ڪتاب سال 1980ع ڇپيو. +6، آريسر صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ڏي اشارو آهي. +7، راشدي صاحب جو اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“. مون ان جو سنڌي ترجمو ڪيو. هي ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جو سنڌي ايڊيشن، راشدي صاحب کي 28 ڊسمبر تي پيش ڪيو ويو. +پيش لفظ، مهاڳ.... +سخن سال 1947ع ۾ ڇپيو]عريءَ جي ڪتاب ”سخن“ بي نظير“ تي لکيل تعارف. رجمو شايع ٿيو. ، هن حالت تي اسان نه پهچون ها.مهيا ٿئي ٿو].وهاتعارف +[سيّد اظهر گيلانيءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب ”سخن بي نظير“ تي لکيل تعارف. هي ڪتاب سال 1947ع ۾ ڇپيو] +”سخن بي نظير“ جي عنوان سان منهنجي عزيز دوست سيّد اظهر گيلاني جي شعر و شاعري جو هي مختصر مجموعو سنڌي ادبيات ۾ هڪ گرانقدر اضافو آهي. غزل ۽ غزل جي دنيا جا جيڪي به لوازمه آهن سي سڀ ئي گيلاني صاحب جي ڪلام ۾ نهايت حسن ۽ خوبي سان موجود آهن. عشق عاشقي، هجر فراق، گل و بلبل، ساقي مينا، الغرض هر اها شيءِ جنهن سان غزل جي دنيا آباد آهي، سا نهايت دلنشين پيرايه ۾ غزل اندر مهيا ڪئي وئي آهي. جذبات جي لحاظ سان سندس ڪلام نهايت زوردار آهي، مثلاً ”عاشقي جي زمانه“ جا چند شعر جذبات ۽ واقعات بلڪ واردات جي لحاظ سان ملاحظه ٿين: +ياد آ دل جي لڳي دل جو لڳائڻ ياد آ +ڪنهن جي پويان پاڻ کي مجنون بنائڻ ياد آ +ياد آئي دست بسته وصل لئه منهنجو چوڻ +ڏئي بهانو هڪ نه ٻيو تنهنجو نٽائڻ ياد آ +کلندي کلندي ڳالهه ٿوري تي رسي هڪدم اُٿڻ +منهنجو دامن مان جهلڻ تنهنجو ڇڏائڻ ياد آ +ڪين هڪ ٻي کي ڇڏينداسون چئي فرقان تي +-ثلاً؛صوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي درياهه وهايا ويا آهن. قعات بلڪ واردات جي لحاظ سان ملاحظه ٿين.ي وئي آهي. آهي. تنهنجو مون کان، منهنجو توکان، هٿ رکائڻ ياد آ +تون رٺين ٿي مون ٿي پرچايو، ٻئي ٻانهون ٻڌي +وقت تي منهنجو رسڻ تنهنجو منائڻ ياد آ +اهڙيءَ طرح ”تصوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي درياهه وهايا ويا آهن. مثلاً: +”ياد آهن ڏينهن“ لب تي هو تبسم موجزن +خار و خس ايندو نظر ۾ هو مثال لالـــه زار +”ياد آهن ڏينهن“ دل هئي رنج و غم کان بي خبر +وقت گذريو ٿي خوشي ۾ هو نه ڪوئي انتظار +الفاظن جي بندش ۽ چستيءَ جا به ڪٿي ڪٿي بهترين مثال پيش ڪيا ويا آهن. مثلاً: +منهنجي غم ۾ ٿا مرن ”ساعت ۾ صد ها“ ڇا ڪريان +ڪنهن جي غمخواري ڪريان غمخوار ڪنهنجو ٿي رهان. +”ساعت ۾ صدها“ جي بندش نهايت بهترين آهي. اهڙيءَ طرح ڪٿي ڪٿي ته هڪ لفظ جي آڻڻ سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي: +بعد مردن خاڪ کي يثرب رسائيندي ضرور اهڙو ”خاطر خواهه“ آ مون کي صبا جو آسرو +”خاطر خواهه“ جي لفظ آڻڻ سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي. شاعرانه خصوصيتن جي جيڪڏهن هر هڪ پهلوءَ تي ويهي ويچار ڪبو ته مختصر تعارف طويل ٿي ويندو، تنهن ڪري آءُ انهيءَ معامله کي پڙهندڙن جي ذوق سليم ۽ خوش نظريءَ جي حوالي ڪندي فقط چند شعر اندازهه ڪرڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو؛- +دل لڳائڻ سان مصيبت ٿي اچي +هڪ ��ه ٻي هر روز آفت ٿي اچي +------------ +وري ڪنهن سان نظرون لڙائڻ گهران ٿو +وري چوٽ نئين دل تي کائڻ گهران ٿو +----------- +وري ڪنهن جي آمد ٻڌي پاڻ وٽ مان +اکيون راهه تي ٻئي، وڇائڻ گهران ٿو +------------ +رهي رهندا رهائڻ سان گهڻو آخر وڃڻ وارا +رهڻ تي دل نه آ تن جي، نه ڪي آهن رهڻ وارا +-------- +جدائي يار تنهنجي منهنجي، لئه جنسي قيامت آ +غضب آ، قهر آ، شامت آ، آفت آ، مصيبت آ +--------- +اڱڻ منهنجي تي خود آيو، سندس ٿو ڀال ڀايان مان +ڪرم آ، مهرباني آ، نوازش آ، عنايت آ +-------- +دل نه ڏيان ها ته ڇو هوند ٿيان ها بدنام +سڌ نه هئي ٿيندو خوش آغاز جو بدتر انجام +مون کي يقين آهي ته سيّد صاحب جو هي مجموعه سنڌي جديد ادب جي ترقيءَ لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو، ۽ آءُ ذاتي طرح هن ڪتاب کي سنڌي جديد ادب لاءِ مبارڪ فال سمجهان ٿو. اميد آهي ته سنڌ جا شاعر گيلاني صاحب وانگر فارسي ۽ اُردو ادب جي موجودهه رجحان کان متاثر ٿي ضرور پنهنجي ڪلام ۾ تبديليون آڻيندا. مثلاً هن ڪتاب ۾ ”گيت“ به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ نقش اول جي حيثيت رکن ٿا. غلطين کان هن ناتمام دنيا جي ڪابه شيءِ خالي نه آهي. ممڪن آهي ته هن ڪتاب ۾ به ڪي شاعرانه غلطيون رهجي ويون هجن. ليڪن هڪ ته سرسري مطالع سبب مون کي موقعو نه مليو جو آءُ انهيءَ تي به نگاهه ڪريان ۽ ٻيو بحيثيت دوست جي مون کي پنهنجي دوست جي ڪلام ۾ فقط خوبين وارو پهلو ئي ڏسڻو پيو. تنهن ڪري آءُ نقد ۽ حرج، تنقيد ۽ تبصره، داد ۽ دهش لاءِ ٻين سخن فهم بزرگن لاءِ ميدان خالي ڇڏيان ٿو. +27 جولاءِ 1947ع سيّد حسام الدين راشدي +ڪراچي. +گذارش +[سنڌي ادبي بورڊ ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“ اردو ۾ 1958ع ۾ شايع ڪيو. هي علمي ۽ تحقيقي ڪتاب مولانا غلام رسول مهر لکيو هو. هي ”گذارش“ ان ڪتاب لاءِ لکي وئي. بعد ۾ بورڊ ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1963ع ۾ ڇاپيو] +سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل آهي. سنڌيءَ يا ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات، زماني وار، هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. انقلابي طوفان غالباً هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي ڪنهن به ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن. +قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجن بزرگن جا اعليٰ ڪارناما، آئنده نسلن لاءِ هميشہ واسطي زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي، ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي اسباب ۽ عوامل تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، آئيندهه جا خدوخال درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه هجي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت ئي اهم وسيلي کان محروم آهي. +اها ئي اهم ضرورت هئي، جنهن کي سامهون رکندي سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ مفصل ۽ مستند تاريخ لکرائڻ جي رٿا تيار ڪرائي، ۽ هيءُ فيصلو ڪيو ويو هو ته هن خطي جي سموري تاريخ اٺن جلدن ۾ مرتب ڪرائي وڃي، يعني – +جلد پهريون جاگرافيائي تاريخ +جلد ٻيو اسلام کان اڳ وارو دور +جلد ٽيون عربن جو دور +جلد چوٿون سومرن ۽ سمن جو دور +جلد پنجون ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور +جلد ڇهون ڪلهوڙن جو دور +جلد ستون ٽالپرن جو دور ۽ +جلد اٺون انگ��يزن جو دور +سنڌي ادبي بورڊ، چند اهل قلم حضرات منتخب ڪيا هئا، جي هن اهم ڪم کي بهتر کان بهتر طريقي سان سرانجام ڪري سگهيا ٿي، ۽ اهڙيءَ ريت مختلف دورن جي انهن ۾ ورهاست ڪئي وئي. جيئن ته هيءَ تاريخ ٽن زبانن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو هو، يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾، ته جيئن زيادهه کان زيادهه اصحاب تاريخ جي مطالعي مان مستفيد ٿي سگهن، انهيءَ لاءِ اهل قلم کي اختيار ڏنو ويو هو ته جنهن به زبان ۾ سندن مرضي هجي، ڪتاب مرتب ڪن ۽ باقي ٻن زبانن ۾ انهن جو ترجمو ڪرايو ويندو. +پهريون ۽ ٻيو جلد، مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ(1) کي ڏنا ويا هئا. هن صاحب، آڪسفورڊ ۾ رهندي، انهيءَ ڪم جو پورائو ڪيو. هي ٻئي جلد مستقبل قريب ۾ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيڻ وارا آهن، ۽ جلد ئي انهن جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو به شايع ڪرايو ويندو. +عربن جو دور مولانا سيّد سليمان ندوي مرحوم جي حوالي ڪيو ويو هو. اڃا ابتدائي مرحلا طئه نه ٿيا هئا ته سيّد صاحب موصوف عالم بقا ڏانهن اُسهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ حصو اڃا تائين ڪنهن ٻئي بزرگ کي نه ڏنو ويو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور متعلق ضروري معلوماتي سرمايو ڪٺو ٿي نه سگهيو آهي، ان ڪري طئه ڪيو ويو آهي ته ان کي سڀني کان آخر ۾ يڪسوئيءَ سان مرتب ڪيو وڃي. +پنجين، ڇهين ۽ ستين جلدن مان پهريون منهنجي ۽ ٻيو ۽ ٽيون جلد مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيا ويا هئا. ارغونن ۽ ترخانن جو دور مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. مغلن جو دور به مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. +مولانا مهر سڀني کان اڳ ڪلهوڙن جي دور تي قلم کنيو. شروعات ۾ خيال هو ته هن دور جي باري ۾ به معلومات تمام گهٽ آهي، ان ڪري بورڊ هن دور متعلق چئن سون صفحن جو ڪتاب ڪافي سمجهيو هو. مگر جڏهن مولانا مختلف حالات جون ڪڙيون ملائي، وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي، تڏهن ايترو مصالحو ڪٺو ٿي ويو جو ڪتاب هڪ هزار صفحن کان به وڌي ويو، ۽ انهيءَ ڪري ان کي ٻن جلدن ۾ ورهائڻو پيو. +هن وقت مولانا ٽالپورن جي دور تي لکي رهيو آهي، ۽ اندازو آهي ته هيءُ دور به ٻن جلدن تي ڦهلجي ويندو. انگريزي دور متعلق ڊاڪٽر ڊيوآرٽ(1) هڪ جلد تيار ڪيو آهي، جو انگريزن جي شروعاتي دور کان سنڌ جي فتح ٿيڻ تائين، سموري حالات تي مشتمل آهي. باقي حصي کي بعد ۾ ترتيب ڏيندو. +هن مجمل بيان مان سنڌي ادبي بورڊ جي هن رٿا جي ڪيفيت چڱيءَ ريت واضح ٿي سگهي ٿي. شروع ۾ اٺ جلد تجويز ڪيا ويا هئا، مگر هن وقت اندازو آهي ته سموري تاريخ غالباً تيرهن يا چوڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿي ويندي. +جيڪي جلد ڇپجي رهيا آهن، انهن جو ترجمو به گڏوگڏ شروع ڪرايو ويو آهي. انهيءَ رٿا موجب ”تاريخ ڪلهوڙا“ جو هيءُ سنڌي ترجمو، ٻن جلدن جي صورت ۾ قارئين حضرات جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. +مولانا مهر وڏيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش سان ڪلهوڙا دور جي سرگذشت مرتب ڪئي آهي، ۽ سراسر غير يقيني ذريعن مان ڇڙوڇڙ مواد کي ڪٺو ڪري، مختلف واقعات کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي، هڪ اهڙو سلسليوار داستان تيار ڪيو آهي، جو سڄي تصوير اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ڪلهوڙن جو دور، سنڌي قوم جي پُر عظمت جدوجهد، منتشرٿيل ملڪي اَجزا جي نئين سر ترتيب، ۽ همہ گير تعميري ڪارنامن جو اهڙو دستاويز آهي، جنهن جي اڪيلي هجڻ تي خراج تحسين ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو. +خدا جو شڪر آهي جو هن دور جي سموري سرگذشت پنهنجي سمورين خصوصيتن سان مڪمل ٿي وئي، جنهن لاءِ سنڌ جا رهواسي جيترو به فخر ڪن، بلڪل بجا ڄاتو ويندو. ڪالهه تائين اسين جن پنهنجن بزرگن جي فقط نالي کان واقف هئاسون، انهن جي ڪيل ڪارنامن جي عظمت جو اسان کي ڪو به احساس ڪونه هو، اهي اڄ پهريون دفعو پنهنجي ملڪي ۽ قومي روشن خدمتن سان گڏ اسان جي سامهان جلوهه گر ٿي رهيا آهن. +هن سلسلي ۾ مولانا کي ضروري حالات جي فراهميءَ ۽ تاريخ جي مختلف ڪڙين کي هڪ ٻئي سان ملائڻ ۾ جيڪي تڪليفون سامهون آيون، تن جو مون کي ۽ بورڊ کي پورو پورو احساس آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب ملاحظه ڪندڙ حضرات انهيءَ جو احساس نه ڪري سگهن ۽ اسين به اهڙو احساس ڏيارڻ نه ٿا گهرون. اسان جي خواهش فقط هيءُ آهي ته قوم پنهنجي هن عظيم الشان ماضيءَ جي تاريخ مان همت ۽ عملي جوش جا نوان ولولا حاصل ڪري، زندگيءَ جي نئين ڪروٽ حاصل ڪري ۽ عزت ۽ عظمت جي جنهن تاج سان ان جي بزرگن جون پيشانيون سينگاريل هيون، ان کي پنهنجو نصب العين بنائي، جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃي. ائين ٿيو ته اسين سمجهنداسين ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو. بورڊ جنهن ڪم جو ٻوجهه پنهنجي سر تي کنيو هو، اهو خداي برتر جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي انجام تي پهچي ويو. اسان جي هن ناچيز ڪوشش جو اهو ئي صلو آهي جنهن کي اسين پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهون ٿا. +اسان هن ڪتاب کي جنهن پيماني تي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ جا خواهشمند هئاسون، افسوس جو ان ۾ پنهنجي آرزوئن مطابق ڪامياب ٿي نه سگهياسون – مثلاً تاريخي نقشا مرتب ڪرائي نه سگهياسون. تاريخي مقامات تائين سفر ڪرڻ لاءِ مؤلف کي سهوليتون ڏئي نه سگهياسون، ۽ انهيءَ ڪري هن تاريخي عمارت جو باب هڪ حد تائين تشنه رهجي ويو. انهيءَ کان سواءِ تاريخي مقامات تي جيڪو سير حاصل تعميري ۽ جاگرافيائي بحث هجڻ گهربو هو، اهو ٿي ڪين سگهيو. اسان وڏين ڪوششن سان تصويرن جو چڱو خاصو مجموعو فراهم ڪيو آهي. انهن تصويرن ۾ بيش بها تصوير ميان نور محمد ۽ ميان مرادياب جي آهي، جا حسن اتفاق سان راقم کي اُچ جي نادر ”گيلاني“ ڪتبخاني مان ملي وئي ۽ راقم محڪمه آثار قديمه جي مدد سان هن تصوير جو عڪس حاصل ڪيو. هيءَ تصوير دراصل رنگين هئي، پر افسوس آهي جو ڪن فني مجبورين سبب اسان ان کي رنگن ۾ ڇاپي نه سگهيا آهيون. ڪن تاريخي جاين جا فوٽا ان ڪري نه ڇپجي سگهيا جو وقت اندر نه مليا. +مون تي پنهنجي احباب و ڪرام جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي، جن مواد جي فراهميءَ ۾، منهنجي ۽ مولانا مهر جي مدد ڪرڻ فرمائي. محڪمه آثار قديمه پاڪستان جو پڻ احسان مند آهيان، جنهن منهنجي ذاتي گذارش تي تصويرون مهيا ڪري ڏنيون. +آخر ۾، مولانا مهر جو دل جي خلوص سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. هو سنڌي نه هو، مگر هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت سان هن ڪتابن جي انبار کي ڦلهوري، هزارين صفحا هيٺ مٿي ڪري، ڪٿان هڪ سٽ، ڪٿان ٻه سٽون، ڪٿان اڌ صفحو ۽ ڪٿان هڪ صفحو فراهم ڪيو. اهڙيءَ ريت هن ملڪ جي جنهن کي پوريءَ طرح ڏسڻ جو به هن کي موقعو ملي نه سگهيو، تنهن جي تاريخ جي هڪ لازوال عمارت کڙي ڪئي. هن جي تحرير دلي همدرديءَ سان ٽمٽار آهي، ۽ ساڳئي وقت هن ڪنهن به موقعي تي حق ۽ انصاف جي تقاضائن کي نظرانداز نه ڪيو آهي، جنهن جي بغير ڪا به تاريخ، حقيقت ۾ تاريخ چوائڻ جي حقدار نه ٿي هجي. جيڪڏهن هو سنڌ ۾ ويهي هن ڪتاب کي مرتب ڪري ها، ۽ سمورا تاريخي مقامات نظر مان ڪڍي ها ته يقيناً هن ڪتاب جي زيب ۽ زينت جو اندازو ڪنهن ٻئي نموني جوهجي ها. +بهرحال، هن جيڪا محنت ڪئي آهي ۽ جنهن محبت ۽ انتهائي ڪوششن سان اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هيءُ حصو مرتب ڪيو آهي، ان لاءِ اسين سڀ ان جا شڪر گذار آهيون. آءُ ته خاص ڪري ان جو احسان مند آهيان، جو هن هي سڀ ڪجهه مون سان ذاتي محبت ۽ شفقت جي ڪري ڪيو، جا ويهن ٻاويهن سالن کان مون تي فرمائي رهيا آهن. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ کين صحت ۽ عافيت سان هميشہ سلامت رکي! آمين. +ڪراچي حسام الدين راشدي +23 جولاءِ 1958ع +(1) ان وقت جو ڊي. سي. خيرپور. +(1) هي ببليو گرافي محمد علي حداد مرتب ڪئي، ۽ سال 1982ع ۾ شايع ٿي آهي. +(1) H.T. Lambrick. +(1) Dr. Duarte. + + +شاهه جو پيغام +[حافظ محمد احسن چنا جي ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ لاءِ لکيل ٻه اکر. هي ڪتاب سال 1958ع ۾ شايع ٿيو] +سنڌ جا اديب ۽ سخنور، پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، ڀٽائي گهوٽ کي، مدتن کان عقيدت جا نذرانه پيش ڪندا رهيا آهن، پر شاهه هڪ اهڙو بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ جيتري غواصي ڪجي اها ٿوري. جنهن مان جيترا ماڻڪ موتي ڪڍجن اهي گهٽ آهن. حياتيون گهرجن جو انهيءَ بستان جي چمن بندي ڪجي. زندگيون کپن جو انهيءَ باغ جا گل ۽ ٻوٽا پيا سينگارجن ۽ سنوارجن. ڀٽ جي ڀوتار، پنهنجي لافاني بيتن، بي مثل ڪافين ۽ قيامت تائين زندهه رهندڙ واين کي سنڌ جي عوامي قصن ۽ ڪهاڻين، داستانن ۽ روايتن جي بنيادن تي نڀايو آهي. انهن داستانن ۽ انهن ڪهاڻين، انهن روايتن ۽ انهن قصن کي ڪيترن اديبن، پنهنجي پنهنجي زور قلم سان وقت بوقت پي ساراهيو ۽ بيان ڪيو آهي. ڪن انهن جي تشريح ڪئي آَهي، ته ڪن انهن جون معنوي خوبيون ۽ خصوصيتون ويهي شمار ڪيون آهن ۽ ڪن انهن جي رمزن ۽ نڪتن جي ويهي واکاڻ ۽ اپٽار ڪئي آهي. +اهڙيءَ طرح هر قلم ڪار ۽ هر اديب، پنهنجي سمجهه ۽ خيال آهر ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي. +منهنجي محترم محسن، حافظ محمد احسن، جنهن جي ادبي صلاحيتن جو آءُ هڪ مدت کان معترف، ۽ جنهن جي نعت گوئيءَ ۽ سخن سنجيءَ تي آءُ هڪ زماني کان مفتون آهيان، هڪ نئين ڍنگ ۽ هڪ انوکي رنگ سان شاهه سڳوري جي قصن ۽ ڪهاڻين کي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. هن صاحب، شاهه جي بيتن جون ڪڙيون ملائي، منتشر موتين کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي، سنڌ جي انهن مقبول عام داستانن جا اهي پهلو پيش ڪيا آهن، جن ۾ پريت جون پچارون، عشق ۽ محبت جون پڪارون ۽ سوز ۽ سڪ جون نازڪ رمزون رکيل آهن. +بيان ۽ اسلوب جي ندرت، زبان ۽ لفظن جي کيڏ ۽ قدرت، شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾، انهن گوشن کي ڪٿان جو کڻي وڃي ڪٿي پهچايو آهي! +مقفٰي عبارت، حسين پيرايه بيان ۽ تجنيس حرفي سان سينگارجي سنوارجي، اهي داستان، سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار بنجي پيا آهن، جن کي پڙهڻ سان ۽ اندر ۾ اورڻ سان دل کي راحت رسي ٿي ۽ روح، انهن جي اهڙين گهراين تي پهچڻ لاءِ وڌيڪ واجهائي ٿو ۽زيادهه واجهه وجهي ٿو، جن تي خود شاهه سائين، روح کي پهچائڻ ۽ رسائڻ گهري ٿو. +سنڌ جي مارئي، حب الوطنيءَ جو هڪ پاڪ مجسمو آهي. ساڻيهه جي سڪ، مارن سان بي پناهه محبت، وطن سان والهانه وابستگي، ملير، ملير جي مارن وٽ موٽي وڃڻ جي آرزو ۽ اميد، اهي مارئي جي امنگن جا سرچشما آهن. +حب الوطنيءَ جي انهن سڀني پاڪيزهه سرچشمن کي گڏي هڪ ئي هنڌ اهڙي انداز سان بيهارڻ، جو دل مان محب وطن مارئيءَ لاءِ محبت ۽ همدردي ۽ سنڌ جي هن عظيم ترين شاعر جي لاءِ اکٽ عقيدت مندي اٿلون کائڻ لڳي، هڪ اديب جو نه فقط قابل قدر بلڪ انتهائي ڪمال آهي. +دريا جا ڊيڄاريندڙ ۽ من ڏاريندڙ دهڪا ۽ ڌڌڪا انهن سڀني کي هڪ ئي لڙهيءَ ۾ پوئي، محبت ۾ نينهن سان ڇلڪندڙ بيتن سان ڳنڍيندي احسن صاحب، سچ پچ نثر ۽ شاعري ڪئي آهي، ۽ عبارت ۾ اهڙو آهنگ پيدا ڪيو آهي، جو سوين ساز ۽ سرود، ان تان قربان آهن. +سسئيءَ جي سورن جا حال، نوريءَ جي نماڻائي ۽ نياز جا حال، سورٺ ۽ سرمنگتي جا دل سوز مڪالما ۽ راءِ ڏياچ جي سر جو دان، اهي اهڙيون شيون آهن، جي هڪ ئي هار جا مختلف ماڻڪ ۽ هڪ ئي سلسلي جا جدا موتي آهن. +شاهه جا اهي مڙئي عنوان ۽ بيان، پنهنجي مخصوص طرز نگارش سان نثر ۾ جوڙي انهن جي رونق ۽ تابناڪيءَ کي سنڌ جي هن ڪهنه مشق اديب ۽ اهل دل صاحب قلم، پڙهندڙن جي اڳيان اهڙيءَ طرح روشن ڪيو آهي، جو بي اختيار زبان مان تحسين ۽ آفرين نڪريو وڃي ٿي. +جهڙا آهن شاهه جا شاهڪار تهڙائي آهن احسن صاحب جي لفظن جا درشاهوار! جهڙو آهي شاهه جو نظم، اهڙو آهي احسن صاحب جو نثر! گويا، جهڙا آهن گل گلاب جا، اهڙا ئي کين ويس ڏنا ويا آهن. +سنڌ جي نثري ادب ۾، انهيءَ قسم جي مقفيٰ عبارت آرائي جا مثال تمام گهٽ آهن. +جنهن ڪاميابيءَ ڪامرانيءَ سان احسن صاحب انهيءَ سخت ۽ مشڪل طرزِ نگارش کي نڀاهي پار پيو آهي، ان لاءِ هو صاحب يقيناً مبارڪن جو مستحق آهي. +احسن صاحب جي قلم مان ڪئين دلپسند چيزون نڪتيون هونديون. پر سندس هيءَ ڪوشش جتي سنڌ جي ٻين اديبن کي انهيءَ قسم جي نثر نويسي صلائي عام جو سبب ٿي آهي، اتي احسن صاحب لاءِ به سنڌي ادب ۾ هڪ خاص ۽ منفرد مقام پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي آهي. +سيّد حسام الدين راشدي +پيش لفظ +]مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جو نالو، سنڌ شناس عالمن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. سندس ڪتاب ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ اردوءَ ۾ سال 1959ع ۾ ڇپيو هو. پير حسام الدين راشدي صاحب، ان ڪتاب جو معلوماتي پيش لفظ لکيو. مذڪوره پيش لفظ جو سنڌي ترجمو، رسالي ”مهراڻ“ نمبر 1-2، سال 2011ع ۾ ڇپيو، جو هن ڪتاب ۾ شامل ڪجي ٿو[ +مولانا اعجاز الحق قدوسي 1954ع ۾ اسان جي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ انهيءَ لاءِ مقرر ٿيو هو ته، سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان جنهن مواد جي نشاندهي ڪيون، اهو سليقي سان نقل ڪري فائلن ۾ گڏ ڪندو وڃي. خيال اهو ئي هو ته مولانا پنهنجي ساٿين وانگر دفتر جي وقتن ۾ سنڌ ۽ ان جي تاريخ ۾ دلچسپي وٺندو. ان کان پوءِ ٻين ملازمن وانگر غير علمي مشغلن ۾ مصروف ٿي زندگيءَ جهڙي قيمتي شيءِ کي ضايع ڪندو رهندو. ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ خبر پئي ته آفيس ۾ رهندي هن جو اصل مقصد رڳو پگهار حاصل ڪرڻ نه آهي، بلڪ هو دفتر کان ٻاهر رهي به زندگيءَ جي قيمتي گهڙين کي علمي مشغلن ۽ مصروفيتن ۾ صرف ڪندو آهي. +مولوي صاحب حضرت شيخ عبدالقدوس گنگوهي رحمة الله عليہ جي جليل القدر خاندان سان تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري سندس پويان هڪ تمام وڏو علمي پس منظر آهي. خدا ڄاڻي ته اهو انهيءَ جي ڪرامت آهي يا منهنجي عزيز وطن يعني سرزمين سنڌ جي تاريخ، علمي ، ادبي ۽ روحاني ماضيءَ جي ڪشش هئي، جو مولوي صاحب اسان جي دفتر سان وابسته ٿيڻ کان بعد، انهيءَ سرزمين جي تاريخ ۽ ماضيءَ جي علمي، ادبي ۽ ديني عظمتن کي اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ڪَڙي ”سنڌ ڪي تاريخي ڪهانيان“ آهي، جيڪا شايع ٿيندي ئي پنهنجي دلچسپي ۽ دلاويزيءَ سبب هر ڪو پسند ڪري چُڪو آهي. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي پڻ هُن هڪ ڪتاب مرتب ڪيو آهي. کيس سنڌ جي نئين تاريخ سهيڙڻ جو خيال به آهي. تصوف جيئن ته سندس خانداني ورثو آهي ۽ ذاتي طور تي هُو پاڻ به انهيءَ پاسي لاڙو رکندو آهي، تنهن ڪري ان ذوق جي تسڪين لاءِ هُن ”تذڪره صوفياء سنڌ“ وڏي ڪاوش، تحقيق ۽ تلاش سان مرتب ڪيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب سنڌ جي مختلف سلسلن جي صوفي بزرگن بابت آهي. جن جي ذات گرامي، گفتار ۽ ڪردار، فڪر ۽ عمل، حق پرستي ۽ صداقت جو هڪ اعليٰ ترين نمونو آهي. +سنڌ کي هند- پاڪ جي گوشي گوشي تي نه رڳو ان ڪري برتري حاصل آهي، ته هيءُ خطو قديم ترين تهذيب ۽ تمدن سبب خاص اهميت رکي ٿو، بلڪ فضيلت جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته جنهن صديءَ ۾ عرب جي ريگستان ۾ ڪلمئه توحيد جي صدا گونجي، ٺيڪ انهيءَ صديءَ ۾ ئي هِن سرزمين پڻ انهيءَ صدا تي لبيڪ چئي، پنهنجو پاڻ کي اسلام جي آغوش ۾ آڻي ڇڏيو. اسلام جيڪي ديني ۽ دنيوي نعمتون پنهنجي مڃڻ وارن کي بخشيون، انهن جي حصول ۾ به هي ملڪ ۽ هن ملڪ جي قوم، هند- پاڪ ۾ سڀ کان اڳ ۾ پيش پيش رهيا. +جنهن زماني ۾ تصوف جو بنياد عرب ۾ پيو، انهيءَ دور ۾ هتي به ان جي نشونما ٿي. ڪيترن ئي صوفين ۽ جليل القدر بزرگن انهن ابتدائي صدين ۾ هتي جنم ورتو، جن جي ڪشش ٻين ملڪن جي صوفي بزرگن کي به جلد ئي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. +عرب، عراق ۽ عجم کان جيڪي صوفي بزرگ هندستان ۽ پاڪستان ڏانهن آيا، انهن ۾ گهڻا ئي هتان کان ٿيندا بعد ۾ ٻين ماڳن ڏانهن راهي ٿيا ۽ ڪيترا اهل الله اهڙا به هئا جيڪي هتي ايندي ئي هتان جا ٿي ويا. شيخ ترابي، شيخ نوح بکري ۽ شيخ عثمان مرندي هن خاڪ ۾ پيوست ٿيا. خواجه معين الدين اجميري رحمة الله عليہ جڏهن هندستان ۾ آيو، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان اڳ پنهنجي مرشد حضرت عثمان هارونيءَ سان سنڌ ۾ پهتو، ۽ سيوهڻ ۾ رهندي اتان جي عارف ڪامل شيخ صدرالدين محمد احمد سيوستاني کان سلوڪ جون منزلون طئه ڪيون. اُنهيءَ واقعي جي يادگار طور حضرت هاروني رحمة الله عليہ جي چلو ڪڍڻ وارو حُجرو اڃا تائين سيوستان جي ٽڪريءَ تي موجود آهي. حضرت خواجه فريد گنج شڪر پنهنجي پير و مرشد حضرت بختيار ڪاڪي جي هدايت تي جڏهن ظاهري ۽ باطني علم جي لاءِ سفر تي راهي ٿيو ته، سيوستان ۾ به تشريف فرما ٿيو. +هتي اُن دور جي شيخ ڪبير حضرت اوحدالدين ۽ هتان جي ٻين ڪيترن ئي اوليائن ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين. شيخ زڪريا سنڌي ۽ شيخ عصاره سيوستاني سندس ئي ٻه خليفا آهن. چشتيه سلسلي جو لعل شيخ نصير دهلوي به هتي پهتو هو. هُو ان وقت هتي موجود هو، جڏهن سلطان محمد تغلق جي، ٺٽي جي ويجهو وفات ٿي، تڏهن هتي ئي هندستاني سلطنت جو تاج هن ئي فيروز جي سر تي رکيو ۽ هتان کان پاڻ حضرت قطب الدين سان ملڻ لاءِ هانسي شريف ويو. حضرت جلال الدين سرخ بخاري جڏهن پنهنجي وطن کان نڪتو ته سڀ کان اول بکر پهتو، ۽ اتان جي صوفي حضرت سيّد بدر الدين جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين. انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان سيّد احمد ڪبير پيدا ٿيو، جنهن جو صاحبزادو حضرت مخدوم جهانيان جهان گشت آهي. حضرت جهانيان جهان گشت رحمة الله عليہ جو هِن سرزمين سان تمام گهڻو تعلق رهيو آهي. سندس ئي ڪوششن سان سلطان فيروز ۽ سنڌ جي سلطانن وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ سندس ٻه صاحبزادا سيّد صدرالدين ۽ سيّد ناصرالدين به بکر ۾ دفن ٿيا. پنهنجي دور جو ڪامل ولي حضرت شيخ بابو تاج الدين بکري پڻ سندس خليفو آهي. شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ، حضرت سهرورديءَ جي فرمائش تي جڏهن عراق مان نڪتو ته سڀ کان اول حضرت شيخ نوح بکريءَ سان ملاقات جي لاءِ بکر پهتو، ليڪن شيخ اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو. ان ڪري ملتان ويو، پر سنڌ ۾ به ايندو ويندو رهيو. +جيڪڏهن اهڙيءَ طرح جا واقعات سنڌ جي تاريخ مان گڏ ڪيا وڃن ته هند – پاڪ جو شايد ئي ڪو اهڙو صوفي يا بزرگ هجي، جيڪو سنڌ نه آيو هجي ۽ سندس ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌ جي سرزمين سان ڪو تعلق نه جُڙيو هجي. +سنڌ جو هونئن ته هر شهر ۽ ڳوٺ، بلڪ ائين چئجي ته چپو چپو ۽ گوشو گوشو تصوف ۽ عرفان ۽ رشد و هدايت جو مرڪز رهيو آهي. ليڪن خاص طور تي قديم شهرن ۾ الور، ديبل، سيوستان، منصوره، ٺٽو، بکر وغيره ۽ جديد شهرن ۾ روهڙي، ريل، لڪي، مٽياري، هالا، لواري، ٽلٽي ۽ بوبڪ وغيره کي ان سلسلي ۾ همي��ه مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. اهي ئي شهر هئا، جيڪي عرفان و تصوف، اصلاح واخلاق ۽ تزڪيه نفس جا سرچشما بنيا رهيا ۽ سنڌ ۾ سماجي انقلاب آڻڻ جو باعث بنيا. هتان جون ئي خانقاهون هيون جن جي اصلاحي نظام ۽ تربيت نه رڳو اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو، بلڪ ايمان ۽ عمل جي قوتن کي اجاگر ڪري خدا شناسيءَ جي فضا قائم ڪئي ۽ گناهه وارن سڀني چشمن کي خشڪ ڪري ڇڏيو. اڄ جيڪڏهن ڪو گذريل دور جي انهن شهرن ۾ پهچندو آهي ته جيڪو قلبي سُڪون، ذهني راحت ۽ روحاني اطمينان اتي ميسر ٿئي ٿو، اهو ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي ۽ اها سموري برڪت انهيءَ گذريل زماني جي ڪري آهي. +سنڌ ۾ صوفي بزرگن ۽ اوليائن جا تذڪرا ڪيترا ۽ ڪٿي ڪٿي آهن ۽ ڪڏهن لکيا ويا آهن، انهن جو گهڻي ڀاڱي ڪوبه علم ڪونهي. سنڌ جا علمي ذخيرا هر زماني ۽ هر دور ۾ تباهه ۽ برباد ٿيندا رهيا. ان ڪري نه پورا تذڪرا محفوظ رهيا ۽ نه وري انهن جي نشاندهي ڪنهن تاريخ مان ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي جا اڄ تائين جيڪي ڪتاب ملن ٿا يا جن جا نالا ملي سگهيا آهن، اُهي هي آهن: +1 +تذڪره اولياء سنڌ +علامہ قاضي محمود ٺٽوي +2 +حديقة الاولياء +عبدالقادر ٺٽوي +3 +تحفة الطاهرين +شيخ اعظم ٺٽوي +4 +تحفة الڪرام(جلد ٽيون) +مير علي شير قانع ٺٽوي +5 +معيار سالڪان طريقت +مير علي شير قانع ٺٽوي +6 +طومارِ سلاسل +مير علي شير قانع ٺٽوي +7 +تذڪرة المراد +شيخ حسين صفائي ٺٽوي +8 +معارف الانوار +محمد صالح بن ملا زڪريا ٺٽوي (1140هه) +9 +حيات محمد هاشم +ميان غلام محمد ٺٽوي +10 +فردوس العارفين +بلوچ خان ٽالپر (1201هه) +11 +مرغوب الاحباب +نظر علي ٽالپر (1273هه) +12 +صقال الضمائر +خواجه محمد سعيد (1303هه) +13 +لطيفة التحقيق +سيّد رفيق علي پشنگي (1120هه) +14 +الجواهر البدائع +بلال (1221هه) +15 +عمدة المقامات +خواجہ فضل الله +16 +زبدة المقامات +خواجگان نقشبنديہ +17 +انيس المريدين +خواجه حسن جان نقشبندي +18 +انساب الانجاب +خواجه حسن جان نقشبندي +19 +مونس المخلصين +خواجه شاهه آغا +20 +حالات بزرگانِ سيوستان +21 +حالات بزرگانِ صديقي سيوستان +22 +تذڪره مشائخ سيوستان +عبدالغفور سيوستاني +23 +رساله سير قلندري +خضر علي سيوستاني +24 +گلشن اولياء +(12 صدي) +25 +اولياء سيوستان +26 +دليل الذاڪرين +حاجي پنهور +27 +ڪئوس فخريه +28 +قلندر نامہ +29 +انوارِ قلندري +حالات مشائخ بڪيرائي (1283هه) +30 +اذڪار قلندري +31 +تذڪره مخاديم کهڙا +32 +مناقب غوثيه +مشتاق متعلوي +33 +مناقب السادات +مشتاق متعلوي +34 +ڪواڪب السعادات +مشتاق متعلوي +35 +لطائف لطيفي +مير عبدالحسين سانگي +36 +بيان العارفين +محمد رضا داروغه گهر +37 +گلزارِ ابرار +غوثي مانڊوي +38 +ارشاد الطالبين +غلام رسول قريشي هالائي +39 +سوانح حيات شاهه عثمان فراشي +40 +سوانح سيّد حيدر سنائي +41 +ملفوظات حضرت پير محمد راشد +42 +ملفوظات حضرت پير محمد صبغت الله راشدي +مولانا قدوسيءَ هيءُ ڪتاب ماخذن جي ڪمي ۽ مواد جي اڻاٺ جي باوجود وڏي محنت، تلاش ۽ ممڪن حد تائين تحقيق سان مرتب ڪيو آهي. جيڪو قلمي مواد حاصل ٿيڻ ممڪن هو، ان کي حاصل ڪيائين، پڙهيائين ۽ ان کي سليقي سان هِن تذڪري جي تڪميل ڪيائين. جنهن لاءِ هُو مبارڪ باد جو حقدار آهي. خاص طور تي ان ڪري به جو اسان پڙهندڙن جي شڪر گذاريءَ جو مستحق آهي، جو اردو ٻوليءَ ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن بابت ڪتاب لکڻ ۾ هن اڳ ورتو آهي. +مون کي يقين آهي ته اردو دان طبقو، جيڪو سنڌ کي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جو خواهشمند آهي، ان جي لاءِ هيءُ ڪتاب بيحد مفيد ۽ مددگار ٿيندو. +اُميد ڪريان ٿو ته مولانا جي ٻين ڪتابن وانگر هيءُ ڪتاب به شايع ٿيندي ئي ��قبولِ عام ٿيندو. آمين. +ڪراچي 25، فيبروري 1958ع حسام الدين راشدي +ٻه اکر +[حڪيم محمد احسن جي ڪتاب ”پرين جي پار“ مطبوعه سال 1961ع لاءِ لکيل ٻه اکر] +حضرت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي زبان ۽ ادب جو عظيم محسن هو. سندس قلم سنڌيءَ جي جهوليءَ کي ايترن ماڻڪن ۽ موتين سان، اهڙن جوهرن ۽ جواهرن سان ڀرپور ڪري ڇڏيو، جو سندس بخشيل اَملهه ماڻڪ اڄ به پنهنجي آب تاب، چمڪ ۽ چانڊوڪيءَ سان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي محفل ۾ جهرمر لايون ۽ رنگ رچايون بيٺا آهن. منهنجو محب دوست، حڪيم محمد احسن سنڌي ثقافت جي انهيءَ ئي مُرَبيءَ ۽ محسن جو فرزند رشيد آهي. فرزند رشيد هِنَ ڪري نه ته هُنَ پنهنجي والد جي طبي سجادي کي سينگاريو آهي، بلڪ رشيد ترين فرزند ارجمند هن ڪري ته هو سنڌي ادب جي خدمت گذاريءَ ۾ پڻ پنهنجي والد مرحوم ۽ مغفور جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿي رهيو آهي. +ايندڙ صفحن ۾ جيڪو ڪتاب پيش ڪيو وڃي ٿو سو بقول شاعر درحقيقت؛- +افسانه آن شبي کہ با يار گذشت +آهي، يعني مستعار زندگيءَ جي انهن چند راتين ۽ ڏينهن جي سرگذشت آهي، جيڪي حڪيم محمد احسن حج جي دوران ۾ مٺي مير مدنيءَ جي ملڪ ۾ گذاريا. جنهن پياري پيغمبر جي سيرت پاڪ تي حڪيم محمد احسن جي والد ”حيات النبي“ جهڙو دل وڻندڙ ڪتاب لکيو، جنهن جي سِٽ سٽ، جملي جملي، بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته اکر اکر مان محبت سَندو وَاس پيو اچي ۽ عشق وارو چَسُ ۽ رَسُ پيو حاصل ٿئي. +پرين جي پار، جي هيءَ ڪهاڻي هونءَ ئي پنهنجي ليکي لَکُ لهي، ليڪن لکندڙ جي لکڻيءَ، جملن جي جوڙجڪ، زبان جي سادگيءَ ۽ سهڻائيءَ، لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ويتر منجهس جوڙ ۽ جنسار رکي ڇڏيو آهي. سفر جي تصوير لکندڙ اهڙيءَ ريت چِٽي آهي جو پڙهندڙ ائين پيو سمجهي، ڄڻ هو پاڻ به انهيءَ سونهاري سفر ۾ ساڻس هم سفر هو. سچل چوي ٿو: +هوءَ جا ڪيچ وڻن مؤن، ٿي هِير اچي هاڻي، تنهن، آرياڻي آڻي، ڄڻ مون سان اڄ ملائيو. +اهو ئي حال هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ٿئي ٿو، گويا پڙهندڙ پاڻ پرين جو پار گهمي اچي ٿو. لکڻ جي قدرت ۽ لکڻ جو ڪمال اهو ئي آهي، جو لکندڙ پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ کنيو هلي. اها وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا حڪيم محمد احسن هن ڪتاب ۾ حاصل ڪئي آهي. +ڪراچي حسام الدين راشدي +30 مارچ 1961ع +پيش لفظ +[شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي پير حسام الدين راشدي تمام گهٽ لکيو، ليڪن جو ڪجهه لکيائين ان کي علمي حلقن ۾ وڏي وقعت حاصل ٿي. پير صاحب جي هيءُ لکت مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ مطبع 1962ع ۾ پيش لفظ طور آيل آهي. ورندي سال 1963ع ۾ بمبئي جي رسالي ”ڪونج“ سنڌ نمبر ڪڍيو ۽ ساڳي تحرير ”شاه جي حڪمت“ عنوان سان ان ۾ به شايع ٿي. هن لکت مان ڪجهه ٽڪرا اي. جي. اتم پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه، سچل، سامي“ 1982ع ۾ پڻ شامل ڪيا آهن. ياد رهي ته اتم هي ڪتاب، راشدي صاحب جي نالي منسوب ڪيو آهي] +سوارهه دي بگذشتي و ما هنوز از شوق نهادهه روءِ بخاک سم سمند تو ايم نهال عمر، ز باد اجل، فتادهه از پائي هنوز ما بهواي، قد بلند تو ايم! +1949ع جا پويان پساهه هئا ۽ 1950ع جي اچڻ ۾ ڀانيان ڪا پهر پاڇي جي دير هئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف تي هڪ ڪتاب پورو ڪري، ٻيو هٿ ۾ کڻي چڪو هو. ڳالهيون ته پيون هلنديون هيون پر اهو تريءَ تيل لائڻ نه ڏيندو هو ته ڪهڙو ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ ڪهڙو رٿا هيٺ اٿس. جڏهن ملي تڏهن ڇڙو ايترو چوي، سو به هميشہ جي عادت مطابق مخصوص انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏئي: +”ترس! پاڻهي هڪ ڏينهن ڏسندين.“ +اهو ئي زمانو هو جو مولانا، نئين ڇاپ�� لاءِ ”الهام الباري“ جي تصحيح شروع ڪري ڏني هئي ۽ سنڌ جي قديم مشاهيرن تي پڻ هڪ جامع تذڪرو تيار ڪري رهيو هو. گويا اهي هئا چار علمي ڪم، جن مان ٻه معلوم ۽ ٻه نامعلوم. +لطف اللطيف، جنهن جو نالو پوءِ معلوم ٿيو، پريس ۾ هو. پهرين جز جو پروف مولانا پاڻ پڙهي چڪو هو(1). سنڌي مشاهيرن جي تذڪري جي تڪميل عنقريب ٿيڻ تي هئي. ”الهام الباري“ وفات کان اڳئين ڏينهن جي شام تي نظر ثاني ڪندي سندس هٿ ۾ ڏٺم. باقي رهيو شاهه لطيف تي سندس ٻيو ڪتاب، انهيءَ جو هڪ نامڪمل فقرو سندس ڪَتُ مان نڪتل ئي هو جو قضا جي قلم جو وهڻ وهي ويو. يعني اجل جا چوبدار پرين سندي پار جو پروانو کڻي اچي مٿانئس بيٺا. مولانا سڀ ئي ڪم ڇڏي، بوڇڻ ڪلهي تي رکي، الله تو آهر چئي رب ڏانهن راهي ٿيو: +لڏي ويا ڇڏي، ڪاهي ڌڻ ڌراڙ نڪا ڪوڪ ڪنڌين ۾، نڪا تڙ تنوار ويچارا پنهوار، کِلندي رات کڻي ويا. +اتي ڀلا ڪنهن جي مجال هئي! ڪنهن دوست يار جي هلندي پڄندي هجي ها، ڪنهن جو هٿ پير هلي سگهي ها، چَئُه آک جو ڪو چارو چلي ها ته، هوند سندس دامن جا چار ئي پَلَو جهلي بيهون ها ليڪن: +دل شد مجاور، آنجا که جامي هذا فراقُ بيني و بينک +شاهه عبداللطيفرح متعلق اهو پويون ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ جيڪو اڄ پورن يارهن سالن بعد مرحوم جو جوان سال جوان همت فرزند علي نواز وفائي، ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته هر سنڌي ۽ لعل لطيف سان دلچسپي رکندڙ هر محب وطن، سنڌ جي انهيءَ پخته ڪار اهل قلم ۽ دانشمند مؤرخ جي هن آخري سوکڙيءَ، ۽ پوئينءَ پيشڪش کي ساهه سان سانڍيندو: +لڏي ويا جي لوءِ، مون کي اُن جي پٽين وڃڻ پيو، ڪو ڪو ڳُڻ قريب جو، من انگين اڙيو هوءِ، هل ته پسون هوءِ، جي آهن ڍنگر ڍُهيل پرين جا. +جيئن هڪ مؤرخ جي تصنيف پنهنجي دور جي تصوير ٿئي ٿي، تيئن هڪ سچي ۽ صحيح شاعر جو ڪلام پڻ پنهنجي عهد جو آئينو ٿئي ٿو. فرق فقط هيترو آهي ته مؤرخ سوچي سمجهي، ٺهي ٺڪي، رٿي پهي ۽ گهڻو ڪري مصنوعي ۽ خارجي محرڪات جي تحت پنهنجي تاريخ کي تيار ڪري ٿو، ۽ شاعر سواءِ ڪنهن نسبت ۽ سبب خاص جي، سواءِ ڪنهن زور بار يا خارجي اثر ۽ اقتدار جي، پنهنجي ماحول جي سچيءَ پچيءَ هليءَ چليءَ کان، اٿي ويٺيءَ کان، ٿيندڙ حق يا ناحق کان، هلندڙ طور طريقي، دستور خواهه ريت رسم کان، محض پنهنجي دل جي گهُر تي ۽ محض پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح متاثر ٿي، ڪلام ۾ اُهي اُهي واقعات شعوري يا غير شعوري طرح آڻي ڇڏي ٿو، جو سندس سڄي عهد جي گويا سچي پچي تصوير چٽي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مؤرخ جي لکڻيءَ تي ڏهه دفعا سوچ ڪرڻ لازمي ٿيو پوي ۽ شاعر جي ڪلام مان جيڪي تاريخي ۽ تمدني نڪتا هٿ اچن ٿا اهي گهڻو ڪري قابل قبول ٿيندا آهن. تنهن ڪري ئي جڏهن ڪنهن به خاص دور جي صحيح صورت حال لاءِ مواد ڏسڻو پوي ٿو، ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ لازمي، بلڪه از حد ضروري ٿيو پوي ٿو. +سونهاريءَ سنڌ جي سدا بهار شاعر، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ٻارهينءَ صدي هجريءَ واريءَ سنڌ متعلق، تاريخي، تمدني ۽ جغرافيائي مواد ايترو گهڻو ملي ٿو، جو جيڪڏهن ان کي منجهانئس ويهي سوئجي ته هوند سنڌ جي انهن سَوَ ورهن جي تصوير گهڻيءَ حد تائين پنهنجي سچيءَ پچيءَ صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي وڃي. ليڪن افسوس آهي جو انهيءَ قسم جي مواد کي شاهه جي رسالي سان گڏ ڪرڻ يا خصوصاً انهيءَ نقطه نگاهه سان رسالي کي ڏسي، ان مان مسالي ڪڍڻ جي ڪوشش اڃا تائين ڪنهن به سنڌيءَ ڪانه ڪئي آهي(1)، بلڪ شاهه جي زماني جو پس منظر پهريون دفعو جنهن ماڻهوءَ ڏنو، اهو مغربي عالم سورلي هو. جنهن به پنهنجي مواد ۽ خود شاهه جي ڪلام کي نه، بلڪ خارجي ذريعن کي اختيار ۽ استعمال ڪيو. +شاهه جي هم وطنن مان مرحوم مولانا دين محمد وفائي پهريون بزرگ آهي، جنهن خالص تاريخي ۽ تمدني نقطه نگاهه سان رسالي جو مطالعو ڪري، هڪ مستقل ڪتاب جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو، مرحوم پاڻ ئي ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ رکي ويو. اهو خيال به، خدا بخشي، مرحوم کي غالباً انهيءَ ڪري آيو جو سندس ذهن ۽ فڪر، ٻئي تاريخي سانچي ۾ ٺهي تيار ٿيا هئا. +ڪتاب ۾ جيئن پڙهندڙ پاڻ ڏسندا، مولانا سڀ کان پهريان مختصر طرح ”شاهه جي سنڌ“ جو سياسي پس منظر آڻي ان ۾ شاهه جو جيڪي حصو آهي، ان کي ان جي ئي ڪلام مان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه مُکُ ڳالهيون هي آهن: +1- ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڏاڍيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي، مغلن جي غلاميءَ جو ڳچيءَ مان ڳٽ نڪتو ئي مس، هتان جي مقامي خاندان سنڌ جي سربراهي ڪندي آزادي ورتي ئي هئي جو مٿان اچي نادر نمودار ٿيو، ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارين اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه بلڪه بار بار، گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾، انهيءَ ڪري ته وڏن چيو: +جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو! +بهرحال، غيرن جي غلاميءَ ۽ ڌارين جي پي درپي ڏکوئيندڙ ڏاڍاين، شاهه جي ذهن کي اذيت پهچائي ۽ هن، انهيءَ هاڃي کان متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ مختلف پيراين ۽ پهلوئن سان ”ڏيرن جي ڏاڍ“ خلاف جهاد جوٽيو ۽ مسلسل غلاميءَ ۾ رهڻ سبب، وطن سان محبت ۽ پنهنجي گرد و پيش سان وفادار رهڻ جو احساس، جيڪو صدين کان ستل هو، ان کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڪوشش ڪيائين، جيئن سنڌين کي پنهنجي سماجي روايتن، ريتن ۽ رسمن سان پريت پيدا ٿئي ۽ غلامي سبب سنڌي سماج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي جيڪي ڌاريا ۽ مصنوعي اثر پيا هئا، انهن جا داغ ڌوئي اسان جي پوتيءَ ۽ پيراهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري. +2- سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڪشمڪش ۽ تعصب ڏاڍو گهڻو پيدا ٿي پيو هو، حضرت مخدوم محمد هاشم عليه الرحمه جي سخت گير پاليسيءَ، سنڌ اندر عالم سڳورن جو هڪ اهڙو طبقو تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تبليغ اسلام لاءِ گهڻي حد تائين تشدد آميز بلڪ غير اسلامي انداز اختيار ڪيا هئا. جيڪڏهن ڪنهن غير مسلم جي واتان الله، محمد ۽ رسول جو لفظ نڪرندو هو ته ورُ ڏئي ان کي حلقئه اسلام ۾ داخل فرمائي، يعني مروجه مخصوص محاوري مطابق ”مشرف به اسلام“ ڪري، پنهنجا ”تبليغي“ فرائض بجا آڻيندا هئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سندن طور ۽ طريقي ۽ انهيءَ لفظي ڦند ۽ ڦير غير مسلمانن کي ڏاڍو هول ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو. اهي پاڪ نالا وٺڻ ته درڪنار ۽ بجاءِ خود رهيا، هنن پنهنجي چوٽيءَ ۽ ڌوتيءَ جو خير ۽ تحفظ ان ۾ سمجهيو ته مرڳو اهي اکر اچارڻ ئي ڇڏي ڏين جن مان خطري جو امڪان هجي. چنانچه ٻين لفظن سان گڏ رسو چوڻ هنن انهيءَ ڪري ڇڏي ڏنو هو، جيئن دين جا مبلغ ان ۾ ”ل“ پنهنجي طرفان وجهي ”رسول“ بنائي ڪو ممڻ نه مچائي وجهن. لسان الغيب حضرت حافظ جي چواڻيءَ ظاهري اکين کي اها خبر ڪانه هئي ته: +همہ کس طالب يا رَند، چہ هشيار وچہ مست همہ جا خانہ عشق است، چہ مسجد چہ گشت نا اميدم مکن از سابقه لطف ازل تو چه داني کہ پس پردهه، کہ خوبست وکہ زَشت +اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اڍائي سون سالن(1)، جي مسلسل تسلط سبب ذهني طرح سنڌ ۾ تنزل ۽ پستي اچي چڪي هئي. آزاد ماحول ۾ دلين اندر جيڪا وسعت، قلب ۾ جيڪا ويڪرائي ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي، فڪر ۽ نظر، علم خواهه عمل ۾ جا بلندي ۽ جز رسي، گهرائي ۽ گنڀيرتائي، حقيقت پسندي يا دور رسي ٿيندي آهي، سا سڀ ختم ٿي وئي هئي. تنهن ڪري رواداريءَ، برادريءَ، پاڙيسرائيءَ يا هموطنيءَ جا جيڪي انساني ننگ خواهه اسلامي انگ، هڪ آزاد قوم ۾ ٿيڻ کپن، اهي سڀ هتان نڪري چڪا هئا، ۽ اهو سڄو خلم هو انهيءَ احساس ڪمتريءَ جو ٻاريل، جيڪا غلاميءَ جي ذلت ۽ پستيءَ جي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري غلام قوم جا افراد پنهنجي انهيءَ احساس کي مٽائڻ خاطر، هڪ غير فطري برتريءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مصنوعي ريتون ۽ رستا پيدا ڪندا آهن. جن مان هڪ طريقو اهو پڻ آهي ته مذهبي فروعات تي خواه مخواهه زور ڏجي، مناظري بازي ڪري هڪ ٻئي مٿان سبقت ۽ برتري حاصل ڪجي، دين ۾ غير ضروري نمائش ڪري مذهب کان زيادهه پنهنجي ذاتي پاڪائي ۽ بزرگي جتائجي ۽ قطعي غير اسلامي طريقن جي وسيلي انسانن کي هڪ مذهب جي دائري مان زوريءَ گِهلي ٻئي مذهب ۾ داخل ڪري ان تي بگل باجا وڄائي، پنهنجي پدار کي آسودگي پهچائجي. +ملڪ اندر انهيءَ ڏڦيڙ وجهندڙ ۽ دلين جهڙي مٺي ۽ پياري دنيا ۾ ايتري ويڇي وجهندڙ پاليسيءَ، شاهه جهڙي صاف باطن صوفيءَ ۽ درد ڀري دل رکندڙ انسان کي سخت متاثر ڪيو. شاهه گهريو ٿي ته: +کفر کافر را و دين ديندار را ذرهه دردِ دل عطار را +سو هن پنهنجي ڪلام اندر مکڻ، ماکيءَ ۽ مصريءَ جي انهيءَ حد تائين پالوٽ ڪري ڇڏي جو ترشيءَ، تلخيءَ، تنديءَ، ۽ تيزيءَ جو جيڪو ڊوز غير مسلمان پنهنجي هم وطن ڀائرن هٿان چکي چڪا هئا، اهو يڪلخت ميٺ ۽ ميٺاج ۾ بدلجي ويو. ان جي شيرينيءَ سڀني کي ايتري قدر کنڊون ۽ کير پياري ڇڏيا، جو مولانا جي قول مطابق: +”هندن کي، جو ڪن اکرن اچارڻ ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو، سي به شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجو سمجهي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا. ويدانت جي رنگ ۾ هندن واتان اسلام جون ڳالهيون چورايون ويون، جو هوند مذهبي ماڻهو سموري ڄمار مٿو کپائين ته به هڪ هندوءَ کان ان جو اقرار ڪرائي نه سگهن..... الله جي هيڪڙائي ۽ رسول جي رسالت جي قبوليت ۽ قرآن شريف جون آيتون شاهه صاحب، هندن جي واتان ان ريت چورائي ٿو، جيئن هڪ مسلمان چوي يا ان جو اقرار ڪري. هوڏانهن اهي اقرار جيڪڏهن شاهه جي زماني ۾ ڪڏهن مذهبي ماڻهوءَ جي اڳيان ڪو غير مسلمان ڪري ها ته جهٽ مٿس، مسلمان هجڻ جي فتويٰ ڏئي، کيس مجبور ڪيو وڃي ها ته اٿي اسان جي پَر ۾ گڏجي رهه...... صوفيانه رنگ سنڌ جي هندن کي ان حد تائين پنهنجي ويجهو آندو، جو هو شاهه صاحب جي ٻوليءَ ۾ اهو سڀڪجهه چوڻ لڳا جو هڪ پڪو موحد مسلمان کليءَ دل سان چئي سگهي.“(1) +انهيءَ مذهبي منافرت ۽ سختيءَ واريءَ پاليسيءَ مان شاهه کي سنڌي وحدت جي ٽٽڻ ۽ ملڪي آزاديءَ جي سلب ٿيڻ جو پڻ وڏي ۾ وڏو امڪان، بلڪ جائز خطرو نظر آيو ٿي. کيس اهو ئي خيال هو ته انهيءَ ڦوٽ ۽ مذهب جي مصنوعي ڏڦيڙ مان افغاني حمله آورن، جن مغلن جي پڄاڻيءَ بعد ۽ نادر جي خونخواريءَ کان پوءِ هڪ نئينءَ بلا جي مهندارن اچي منهن ڪڍيو هو، تن جا پير پختا ٿيندا. +انهيءَ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز، انهيءَ زماني ۾، هونءَ ته گهڻا ئي هئا، ليڪن سڀني ۾ برک هو ٺٽو. جنهن تي صدين کان وٺي ڌارين جون هڪ ٻئي کان ڌار ڪندڙ پاليسيون اثرانداز هيون، ۽ ان کان پوءِ هئا مٽياري، هالا ۽ ملاڪاتيار جا شهر. اهي سڀ ئي مرڪز شاهه جي آس پاس هئا، اتي ٿيندڙ ڪارروايون رات ڏينهن ويٺو ڏسندو ۽ پسندو هو. ازان سواءِ ٺٽي ۾ جتي مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمہ جو اسڪول (مدرسا) قائم هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۾ اڻ ڳاڻو لهرن هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي ڪهڙي خيال خاطر ”هاشمي ڪوزا“ ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ، شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو. سندس ڪيترا دل گهريا دوست اتي موجود هئا، جن جون دليون نه فقط وسيع ۽ ويڪريون هيون، بلڪ آئيني وانگر اجريون ۽ کير جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون، جن تي نڪو هو داغ ۽ نڪو هو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا جيڏو ڪشادو آهي اسان جي مٺي محمد جو مذهب. انهيءَ شهر ۾ غيرن سان جيڪو سلوڪ هو سو ته هو ئي، پر خود اتي جي عالمن سڳورن جو، مذهبي فروعات تي پنهنجو پاڻ ۾ جيڪو جنگ و جدل ۽ مذهب جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو ٻارڻ ٻريل هو. جنهن اتان ٽڙي پکڙي سڄيءَ سنڌ جي فضا کي متعفن ڪري ڇڏيو هو، تنهن پڻ شاهه کي نه فقط وڌيڪ متاثر ڪيو بلڪ مجبور ڪيو ته انهيءَ سموري زهر لاءِ مٺ محبت، ساز سلوڪ جو ڪو موثر ترياق تيار ڪري. +هن ڪتاب جو مڪمل خاڪو، مولانا جي ذهن ۾ هو. ڇا لکي ها، ڇا منجهس آڻي ها، ڪهڙا ڪهڙا نڪتا بيان ڪري ها، مڪمل ڪرڻ تائين ڪهڙن عنوانن جو اضافو ڪري ها، ازان سواءِ نظرثاني ڪرڻ وقت ڪهڙيون گهٽ وڌايون ڪري ها؟ ان جي خبر هڪ ته رهي خود انهيءَ مرحوم کي، ٻي ڄاڻ رهي ڄاڻڻهار کي. پر جيتري قدر ۽ جيڪي ڪجهه لکي ڇڏي ويو آهي، اهو نه فقط پنهنجو مٽ پاڻ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ غيبي نعمت آهي، ليڪن ان کان وڌ هيءُ ته! انهيءَ ڪتاب لکڻ سان موجوده ۽ آئنده لکندڙن لاءِ مولانا هڪ نئون رستو کولي ويو آهي ۽ هڪ نرالي شاهراهه ڏيکاري ويو آهي. +هن نامڪمل ڪتاب اندر، سياسي پس منظر کان پوءِ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، اقتصادي حالت، معيشت، واپار وڙي ۽ مال متاع، کيتي واڙي، اميري غريبي، سماجي زندگي، رسم ۽ رواج، قبيلا ۽ وٿاڻ، پکي پرنڀ، سپ بلائون، جهنگلي خواهه گهريلو جانور، مطلب ته، شاه جي ڪلام مان هر اها شيءِ مولانا پهرين پنجن فصلن منجهه آندي آهي، جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن سان هو. ڇهون فصل رسالي جي تدوين ۽ ان جي مختلف نسخن وغيرهه متعلق آهي. ستون فصل جيڪو نامڪمل رهجي ويو، سو آهي انهيءَ ڌارئي ڪلام تي جيڪو رسالي اندر گڏجي ويو آهي. انهيءَ ئي فصل ۾ ڪجهه اڳتي هلي هڪ فقرو اڃا لکي مس پورو ڪيو هئائين جو اوچتو اچي موت مٿانئس بيٺو! پوءِ! نه ڇڙو ڪتاب ختم ٿي ويو پر! خود مصنف جي پنهنجي زندگيءَ جو صحيفو به پڄاڻيءَ تي اچي پهتو! يعني! +همين سو گئي، داستان کهتي کهتي. +ڪراچي +5 آگسٽ 1961ع حسام الدين راشدي +حقيقت حال +[محمد جمن هالي جي شعري مجموعي ”سوز عشق“ تي لکيل حقيقت حال. هي ڪتاب 1963ع ۾ ڇپيو] +بت جو ڀريل، قد جو نه منڌرو نه ڊگهو، وچ ٿرو ڏاڍو ٺاهوڪو. رنگ جو پڪو پر دل جو بيحد نرم، سُنهاري ندارد، شهپرن جي ڇڙي ريک، جيڪا چپن مٿان لئي لاتيون بيٺي آهي. عمر جوانيءَ مان پار پَئي، اچي انهيءَ منزل تي پهتي آهي جتي، وارن ۾ پَريا پري کان پيا نظر اچن. +ترڪي ٽوپي سڄي ملڪ منجهان تَرڪَ ٿي وئي، ليڪن سندس مٿي تي اڃا به موجود. احمد موسيٰ جي مٺي در واري دڪان تان خريد ٿيل يا خدا ڄاڻي بابا مير محمد بلوچ جي ڇاپ مان ورتل، پر ڊبل شير گولي واري قيمتي ۽ ڪاري ڦندڻ سان. رنگ جي رتائين اهڙي لال، ڄڻ عاشقن جي رتوڇاڻ مان ڪنهن ويهي ڏاڍيءَ دلجمعيءَ سان رڱيو اٿس. بت تي صاف استري ٿيل پوشاڪ. پاپلن يا ٽوئل جي سفيد ڪالردار قميص، جنهن مٿان هلڪي رنگ جو شارٽ ڪوٽ. شلوار جوڙيدار چُڻن سان بنهه ٺاهوڪي ۽ پيرن ۾ انگريزي گرگابي. +پري کان لمندو لڏندو ائين پيو ايندو، ڄڻ هاڻي پيالا پيون، پُر ٿيو ميخاني منجهان پيو اچي. منهن تي مشڪ ۽ مرڪ اهڙي مزيدار جو ڏسندي ئي، هيانءُ ٺري پوندو ۽ دل شاهدي پئي ڏيندي ته دولهه مڙس سان منهن ميل پئي ٿئي. +شادين مرادين تي سهرن ڳائيندي مايون چونديون آهن؛- +ڏند ادل جا، ماڻڪ موتي او! اکڙن جوڙ بنايو! +سو سندس ڏند به جي ماڻڪ موتي نه تڏهن به، سپ جهڙا سفيد ۽ اهڙا هڪ ڪرا، جو ڪنهن محبوب جا هجن ها ته هوند، انهن جي واکاڻ مان شاعر ڍاپن ئي ڪونه ها. جڏهن ٽهڪ ڏئي کلندو ته گويا بادلن منجهان کوڻ تجلو ڏئي ورتو. اکيون چيرويون، جن مان نيڪيءَ ۽ شرافت جو آب ۽ حجاب، صاف پيو بکي. +اهو آهي سروپا ميان محمد جمن هالي جو! جيڪو رهي ته ڪراچيءَ جي ڪنهن جهوني پراڻي محلي ۾ ٿو، پر وسي رسي ٿو سڄيءَ سنڌ جي دل ۾. ڌنڌا ٻه ڪندو آهي هڪ پنهنجي قوت گذر لاءِ ۽ ٻيو اهل دل جي روحاني غذا لاءِ. يعني گچ ۽ گاري جون ماڙيون ۽ محلات اميرن کي اڏي ڏيندو آهي، ۽ شعر و سخن جي ڪاڪ محل جوڙيندو آهي، انهن آوارهه گرد انساني روحن لاءِ، جيڪي تائي تتيءَ جي تاب ۽ تپش کان درماندا ٿي، امن ۽ راحت خاطر وتندا آهن دلن جا وٿاڻ ۽ ڇانوهرا ڳوليندا. +ڪراچيءَ جي سنڌي شعر و سخن جي سڀا – اڄ جهڙي سخت سمي ۾ - جن چند پاڪ روحن جي سببان آباد ۽ شاد آهي، انهن منجهان هڪ محمد جمن هالو به آهي. جيڪو شريفاڻي گذر بسر جيتري رقم اوٽ رکي، باقي سڄي ڪمائي، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ خاطر وتندو آهي ”چانهه پاڻيءَ“ ۾ خرچ ڪندو. +تنهن ڏينهن پنهنجي خاص لکيڻيءَ لوڏ سان، مرڪندو ۽ مشڪندو اچي مون وٽ پهتو. پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”سوزِ عشق“ هٿ ۾ ڏئي حڪم ڪيائين ته؛ ان لاءِ آءُ پنهنجي راءِ لکي ڏيان. حڪم نادري هو! جيتوڻيڪ مٿي کنهڻ جي واند ڪانه هئي ليڪن جواب جي مجال ڪٿي؟ سندس مرڪ اڳيان نه فقط پاڻ هٿيار ٿيڪي ويٺس بلڪ، منهنجي مصروفيتن به ائين کڻي آڻ مڃي جهڙيءَ ريت محبوبن جي مهن مقابل عاشقن جا ڇهه ڇڄي پوندا آهن. +ڪتاب وٺي رکيم. اڄ صبح جو بنڀراڪي ويل اُٿڻ سان ئي من تي مونجهه ۽ دل تي اداسي محسوس ٿي. سامهون مولانا جاميءَ جو ديوان رکيو هو، چاهيم ته روح ٻيءَ وجهان، کڻي جو کوليان ته مرڳوئي جيءُ جهوريءَ پئجي ويو. شعر هو: +رفتي و من، ملازمِ اين منزلم هنوز ز آبِ مزه بکوي تو، پا در گلم هنوز +ٻيو شعر هو: +اي گشته، دل ز تيغ جفائي تو ام دونيم! بامن دو دل مباش، که من يک دلم هنوز +دلين جا معاملا ۽ مسئلا اور ٿين ٿا. اِها دنيا ئي الڳ آهي، جتان جي هلي چلي الڳ ته جتان جا رسم ۽ رواج جدا. سو دل کي جيڪا ٽيڪ ملي سا ته گهوري اُلٽو مٿان ڄڻ ٽڪر ٽٽي پيو. جامي ڇڏي جمن کنيم، خيال هو ته ان جو ديباچو لکي دوست جو انگل به پورو ڪريان ۽ پنهنجو روح به ٻيءَ وجهان. ليڪن واءِ ناڪامي. +بهر کجا که رسيديم، آسمان پيدا ست +ان ۾ به ساڳي ڳالهه سامهون پئي: +اسين اُداسي آهيون جنهن جا مُحبُ اُهو، ڪينءَ مٽيئون يار! +.... .... .... .... +ڪينَ وڃن سي دليون ٻي در جانب جيڪي جهٽيون يار! +جلدي پنون اٿلايم. وري به ڳالهه اها ئي: +محبت مون کي سيکاري يار! محبت کان تو، منهن آهي موڙيو دلبر دل کي ڌُتاري يار! +محبت کان تو، منهن آهي موڙيو +.... .... .... .... +دل کي دلاسا، يار ڏنا تو غير کان ناتا، منهنجا ڇنا تو! هر هنڌ آهي يار ثنا تو ڀر ۾ مون کي بيهاري يار! +محبت کان تو، منهن آهي موڙيو +.... .... .... .... +اوکيون اکيون، يار اَڙائي سوليءَ تي، منصور چڙهائي! باب بِرههَ جا، پَلَ ۾ پڙهائي ماڻن مان مُکي ماري يار! +محبت کان تو، منهن آهي موڙيو +اڄ ڪو صبح ئي اهڙو هو، نه ڄاڻ سندس پنهنجي فطرت جو به لڙيءَ رات کان وٺي ڪو احوال دگرگون هو. وڌيڪ ورقن اٿلائڻ جي پچر کڻي ڇڏيم. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته اڳتي ست ساري ڪونه سگهيس. اها ”حقيقت ��ال“ ٻڌي اٿم ته منهنجو دوست، مون کي معذور سمجهي معافي ڏيندو. +آزردهه دل، آزردهه کند انجمني را! +ڪراچي +21 مئي 1963ع حسام الدين راشدي +* ترجمو:امام راشدي +(1) انهي ڪتاب جو ديباچو وفات کان ڇهه ڏينهن اڳ يعني 5 اپريل 1950ع جو لکي پورو ڪيو هئائين. +(1) ممڪن آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪن صاحبن ڪي مختصر مقالا لکيا هجن. ڪن هندو صاحبن پڻ ڪنهن زماني ۾ ننڍا رسالا لکيا هئا، پر انهن سڀني ۾ تحقيق جي بجاءِ تصور جو دخل زيادهه آهي. +(1) ارغونن کان وٺي مغلن تائين. +(1) ڏسو ڪتاب جو صفحو 70-72 (شاهه جي رسالي جو مطالعو). شاهه سائين جي انهيءَ دلڪش ادا ته سڀن جي دلين کي موهي رکيو ۽ اهو ئي سبب ٿيو جو مسلمانن کان وڌ، شاهه جي ڪلام جا پارکو هندن منجهه پيدا ٿيا ۽ پيدا ٿيندا رهن ٿا. سرڳواسي ليلارام، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لالچند امر ڏنو مل، ڀيرو مل مهر چند، ڪلياڻ آڏواڻي، رام پنجواڻي، فتح چند واسواڻي، پروفيسر جهمٽ مل ۽ ٻين سمورن هندو مشاهيرن جون خدمتون انهيءَ ڏس ۾ ڪير آهي جو وساري سگهي ٿو؟ + + +ذات تي ناهي ڏات +]جناب امان علي ”اظهر“ جو ڪتاب: مڱڻهار- تاريخ جي آئيني ۾، شايد 1975ع ۾ ڇپيو. راشدي صاحب هي ٻه اکر، مهاڳ طور ان ڪتاب لاءِ لکيا[ +مسٽر امان علي ”اظهر“ منهنجو پاڙيسري آهي. هن وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان، هي ڪتاب تيار ڪيو آهي، ۽ هن ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي ”مڱڻهار قوم“ سمن جي هڪ شاخ آهي، سندن اهو خيال آهي ته ان صورت ۾ هن قوم کي آبرو جي نظر سان ڏسڻ گهرجي ۽ نه تحقير جي نظر سان. سندن محنت ۽ مختلف ڪتابن مان ڪڍيل حوالا ۽ نتيجا بلڪل اهم آهن، اميد آهي ته پڙهندڙن جي معلومات جو سبب بنبا. +سنڌ جي ساداتن ۽ مڱڻهارن جو هميشه پاڻ ۾، سماجي طرح اشتراڪ رهيو آهي. شادي غمي ۾، موتي فوتي ۾، ڏک سک ۾، نيڪي ۽ ڀلائيءَ ۾ مڱڻهار هر حال ۾ سيدن جا دعاگو رهيا آهن. ان قرب ۽ ويجهڙائپ جي هوندي، ڪيترن هنڌن تي سنڌ ۾ سيدن ۽ مڱڻهارن جون مٽيون مائٽيون آهن ۽ سيدن جون شاديون ٿيل آهن. +پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ته هندستان کان آيل ڪوري، موچي، ڪاسائي ۽ ميراثي هتي پاڻ کي ”سيد“ سڏائين ٿا، ته پوءِ ڪهڙو اعتراض آهي جو سنڌ جا ”لنگها“ پاڻ کي اصلي ذات ”سما“ جي نالي سان سڏائين. درحقيقت مڱڻهار اسان جي سماج جو اهم جز آهن. خبر نه آهي ڪهڙي سبب کان انهيءَ قبيلي کي گهٽ نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي. سنڌ ۾ ڪيترن مانوارين قومن سان تعلق رکندڙ قبيلا، پنهنجي پيشي جي نسبت سان اهڙي طرح مشهور ٿي ويا آهن، جو سندن اصلي قوميت يا ذات غائب ٿي وئي آهي. مثلاً ڪوري، ڪنڀر، ڊکڻ، موچي، مهاڻا ۽ ماڇي جيڪي پيشي جي لحاظ سان مشهور آهن. حالانڪ جيڪڏهن تحقيق ڪجي ته اهي سڀ قبيلا ڪنهن نه ڪنهن اچي ذات سان تعلق رکن ٿا. اهو تاريخدانن جو فرض آهي ته رسمن رواجن ۽ اجاين ڏند ڪٿائن کي ڇڏي، اصليت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪن ۽ اصلي قوميت کي ظاهر ڪن. +انهيءَ ڏس ۾ سنڌ جي نوجوان مسٽر امان علي ”اظهر“ جي اها پهرين ڪوشش آهي. اميد ته سندس محنت مقبول ٿيندي ۽ ”مڱڻهار“ پنهنجي ذات ”سما“ سان شاد ۽ آباد رهندا. +13 نومبر 1974ع سيّد حسام الدين راشدي +تعارف +]راشدي صاحب هي تعارف ”پلئه پايو سچ“ ڪتاب لاءِ لکيو. ڪتاب جو ليکڪ علي نواز وفائي، مشهور عالم ۽ محقق دين محمد وفائيءَ جو پٽ هو. ٻَئي وفائي صاحبان، پير حسام الدين راشدي مرحوم جي، ذاتي دوستن ۾ شمار ٿيندا هئا. هي تعارف پڙهندي ئي اهڙو تاثر ملي ٿو. هي ڪتاب وفائي پبلشنگ هائوس ڪراچي پاران، سال 1976ع ۾ ڇپيو هو[ +مولانا وفائي مرحوم حال حيات هو. ان وقت اهو و��م وگمان به ڪو نه هو ته جيڪو فرزند پاڻ سان گڏ گهمائيندو وتي ٿو، سو هڪ ڏينهن وڌي وڻ ٿيندو ۽ مولانا صاحب جي روايتن کي نه ڇڙو قائم رکندو، بلڪ انهن جي پاسبانيءَ سان گڏ مولانا صاحب جي نالي ۽ مولانا صاحب جي علمي لاٽ کي به روشن رکيو ايندو. +شڪل شباهت سوڌ مولانا صاحب جهڙي، پيشاني ڪشادي، ڀرون گهاٽيون، اکيون چيرويون آبي، نڪ اشهد آنگر سڌو ۽ سهڻو، وار اڳيان ڇڊا پويان تارونءَ تان کٿل. مولانا صاحب قد ۾ سڌو جهڙو ٻيٽ جو چهو، بدن ۾ ڇڙڪ، بيهڪ ۾ سدا ملوڪ هو. هن جو قد منڌرو، بدن ۾ ڀريل آهي. ڳالهائڻ ۾ ساڳي مولانا صاحب واري ڌنڪ، ماڻهوءَ کي ٻٽن گفتن ۾ فريفتو ڪري وجهندو. سڀ سان سلاماليڪي، هر هنڌ موجود ۽ هر جاءِ تي وڻندڙ، مجلس ٻسي پيئي لڳندي جي هي نوجوان نه هوندو، ويهندو ته مچٽ مچائي ۽ محفل گرمائي ڇڏيندو. +مولانا صاحب جي سڄيءَ سنڌ ۾ هر طبقي جي ماڻهن سان اٿي ويٺي، ڄاڻ سڃاڻ ۽ اچ وڃ جو رستو ۽ راه و رسم هوندي هئي، هن جي به اها ئي روش آهي، مشڪل سان ڪو ماڻهو هوندو جيڪو هن کي نه سڃاڻندو هوندو يا هي ڪنهن کي نه سڃاڻندو هجي. +مولانا صاحب مرهيات هن پٽ کي ڪڏهن پاڻ کان جدا نه ڪندو هو، اسان ان وقت ساڻس پيا وڙهندا هئاسين ته ننڍو پٽ هميشه پيارو ٿيندو آهي، تنهنڪري مولانا صاحب انهيءَ پيار ۾ کيس کاري خراب ڪندو! اها خبر ئي ڪا نه هئي ته باقاعدي تعليم نه ڏيڻ جي باوجود هن فرزند کي اهي سڀ ئي وصفون سيکاري ۽ ڏئي ويندو، جيڪي هوند سالن جي ڪتابي تعليم مان حاصل ڪري نه سگهي ها. علي نواز وفائي ذهين هو، پيءُ جي هر ادا ۽ روش کي دل ۾ سانڍيندو رهيو، نتيجو اهو نڪتو جو اڄ پنهنجي والد جو صحيح جاءِ نشين ٿي ويو آهي. سڀ کان اعليٰ ۽ افضل ڳالهه اها جو کيس لکڻ جي ڏات به قدرت طرفان ملي وئي. اِها ڏات ڪتابي علم تي آهي به ڪا نه، جيڪي ڪجهه چڱن جي صحبت ۽ اٿيءَ ويٺيءَ مان حاصل ٿي سگهي ٿو، سو اُٺ ڪتابن جي پڙهڻ مان ماڻهو پرائي ڪو نه ٿو سگهي. ڇڙو ڪتابي علم تي تڪيو رکڻ ائين آهي جيئن- چار پايء برو کتابي چند- هاڻي سمجهون ٿا ته چڱو ٿيو جو علي نواز وفائي اسڪول نه ويو. اسڪولي علم کي پٺيءَ پاڏهن اڇلائي مولانا صاحب کيس اها سڀ ئي ڏات ڏئي ڇڏي جيڪا وٽس هئي. فڪر، سوچ، چڱن جي صحبت، اٿڻ ويهڻ، جرات سان ڳالهائڻ، خود داري ۽ خوديءَ کي هٿان نه ڇڏڻ، بنيادي طرح قلندر پيشگي، جي اچي وڃي ته راجا، جي نه هجي ته پاڻ پلؤ اَجا ۽ بار هلڪو. +”آزاد“ اخبار مرحوم خان بهادر الهه بخش سومري جڏهن پاڻ سنڌ جو چيف منسٽر هو، ڪڍي هئي. مولانا صاحب ان جو ايڊيٽر هو، علي نواز وفائي لکڻ جي مشق ڀانيان ان وقت ۽ اتهن ڪئي، روزاني اخبار بند ٿي وئي. الهه بخش شهيد ٿي ويو، سنڌ جي سياست ابتي سبتي ٿي وئي، مولانا صاحب به هيءُ جهان ڇڏيو. جڏهن علي نواز وفائي شعور کي پهتو ان وقت هن هفته وار ”آزاد“ کي ڪڍيو، پنهنجي مڙسيءَ تي ۽ حالتن جي سازگار نه هجڻ جي باوجود اخبار نه فقط چالو ٿي وئي، بلڪ اهڙن بنيادن تي اچي پهتي جو اڄ سال ٿي ويا آهن بلا ناغه هر هفتي نڪرندي رهي ٿي. +علي نواز وفائي کي لکڻ جو خاص سليقو ۽ ڍنگ آهي، سندس لکڻيءَ جو رنگ نرالو آهي، ٻولي نِج سنڌي، مٺي، نرم الفاظ ۽ چست فقرا. +”پلئه پايو سچ“ سندس انهن مختصر مقالن ۽ شذرن جو مجموعو آهي جيڪي هن ”آزاد“ ۾ لکيا آهن. مضمون مختلف عنوانن تي آهن. ملڪي، سماجي، تهذيبي ۽ قومي مسئلن تي تبصرو ۽ تنقيد ٿيل آهي. هن مجموعي جي وڏي خوبي هي آهي ته اڄ کان اڌ صدي پوءِ جيڪو ماڻهو پڙهندو تنهن کي معلوم ٿي ويندو ته جنهن دور ۾ اسان رهون ٿا، اهو ڪهڙي ق��م جو هئو؟ سماجي، تهذيبي ۽ ملڪي مسئلا ۽ معاملا ڪهڙا درپيش هئا؟ گويا هي ڪتاب اسان واري دور جي تاريخ لکندڙ لاءِ هڪ ڪمائتو ماخذ ٿي سگهي ٿو. مون کي ذاتي طرح خوشي آهي ته علي نواز وفائي پنهنجا مضمون يڪجا ڪري ڇڏيا ۽ يقين آهي ته ماڻهو هنن مضمونن کي نهايت دلچسپيءَ سان پڙهندا. +سچ هي آهي ته علي نواز وفائي کي لکڻ به اچي ٿو ۽ هن دور ۾ ڪيئن رهجي؟ انهيءَ جو ڍنگ ۽ رنگ به کيس اچي ٿو. هن جي زندگي پنهنجي نوعيت جي لحاظ سان ڪامياب زندگي آهي. خدا کيس نظر بد کان بچائي! آمين. +ڪراچي +15-8- 1976ع حسام الدين راشدي +مهاڳ +[راشدي صاحب جو هي مختصر ليڪن علمي مهاڳ ڪتاب ”خاطرات مطربي“ جي لاءِ انگريزي زبان ۾ لکيو ويو. مطربي سمرقنديءَ جو هي هڪ ننڍو ڪتاب آهي، جو اصل ۾ فارسي زبان ۾ تيار ڪيو ويو. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اداري ”انسٽيٽوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز“ پاران 1977ع ۾ شايع ٿيو. راشدي مرحوم جي مهاڳ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، ان جو سنڌي ترجمو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي] +مرڪزي ايشيا ۽ مغلن جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ دلچسپي رکندڙ محقق، هڪ نئون ماخذي مواد ڏسي متوجهه ٿيندا، ڇو ته انهن جي تحقيق لاءِ، ببليوگرافيءَ ۾ هڪ مکيه واڌارو ٿي رهيو آهي. اها اسان جي ڪوشش پي رهي آهي ته، متعلقه عنوان تي اهڙي مواد کي شايع ڪجي، جو اڄ تائين محققن جي نظر کان اوجهل پي رهيو آهي. ان ڪري ته اهڙو مواد اڄ تائين قلمي نسخن جي صورت ۾ پيو آهي. اهڙو مواد اڃا نه ڇپيو آهي، پر ان نوعيت جي ڪتابن جي تلاش ۽ تعارف جو ڪم به اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. +مولانا مطربي سمرقنديءَ جو ڪتاب ”خاطرات مطربي“ جنهن کي اسان ناياب تحرير سمجهون ٿا، اهو لکندڙ جي تذڪري ”نسخهءَ زيباي جَهانگير“ جي آخر ۾، ضميمي (خاتمه) جي صورت ۾ موجود آهي. هرمن ايٿي جنهن انڊيا آفيس لئبرريءَ جي قلمي نسخن جو ڪيٽالاگ تيار ڪيو، هن ڪتاب کي ”تذڪره جهانگيري“ سڏيو آهي. حقيقت ۾ هي هڪ منفرد قسم جو ڪم آهي، جنهن جي نوعيت بلڪل جداگانه آهي. اها مغل تاريخ ۽ مرڪزي ايشيائي اڀياس لاءِ، نهايت ئي دلچسپ ۽ ڪشش رکندڙ تحرير آهي. +هي ڪتاب جو هاڻي ڇپجي رهيو آهي، اهو ناياب، اصلي ۽ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اولهه ۽ وچ ايشيائي اڀياس مرڪز پاران، ان جي اشاعت اداري جي مکيه مقصدن جي حاصلات طرف، هڪ اهم اڳ ڀرائي آهي. اها علمي سوڀ تاجڪستان جي مشرقي علمن جي اداري جي، پروفيسر عبدالغني ميرزايف جي علمي تعاون ۽ سخاوت سبب ممڪن ٿي سگهي آهي. +نهايت ڏک سان لکڻو پوي ٿو ته، هن سلسلي جو پهريون ڪتاب ”تذڪرة الشعرا“ جنهن کي پروفيسر ميرزايف ايڊٽ ڪيو هو، ۽ اهو 1976ع ۾ شايع ٿيو هو. ان ڪتاب تي مون وضاحتي حاشيا ۽ تعارف لکيو هو. ان جي جڏهن ڇپيل ڪاپي ”دوشنبه“ پهتي،ايسين اسان جو هي معتبر عالم (پروفيسر ميرزايف) فاني جهان کي ڇڏي دارالبقا ڏي وڃي چڪو هو. سندس وفات 16 آگسٽ 1976ع تي ٿي. ان هوندي به هن جي مرڪزي ايشيائي اڀياس ۾، دلچسپي توڙي ذميداري، هن ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي. هي ڪتاب ”خاطرات مطربي“ هن سلسلي جي ٻئين ڪتاب جي اشاعت سان، جيڪا پروفيسر صاحب جي وفات کان پوءِ ممڪن ٿي آهي، اسان جي پختي ارادي کي ظاهر ڪري ٿي ته، ٻئي ادارا اهڙن مطالعن جي معاملي ۾، هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکندا. +ڊاڪٽر رياض الاسلام ۽ ادارتي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي، هن ڪم ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ٿي ته، اهي اهڙن مثالي تحقيقي ڪمن ۾، تمام گهڻي دلچسپي رکن ٿا. همدرد فائونڊيشن جي صدر حڪيم محمد سعيد جي دلچسپي، نه رڳو هن ڪتاب جي اشاعت ذريعي ظاهر ممڪن ٿي، پر سندس دلچسپي ۽ جذبو، مستقبل ۾ به اهڙن ڪمن لاءِ اميد ڀريو ڏسجي ٿو. +سيّد حسام الدين راشدي +ديباچو +[جناب غلام علي الانه ”عاجز“ جي شعري مجموعي ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ تي لکيل ديباچو. هي ڪتاب سال 1981ع ۾ ڇپيو] +جناب جي. اَلانا جي شخصيت ۽ وجود حيرت ۾ وجهندڙ آهي. آءُ سندس انساني خوبين جو انهيءَ دور کان معترف آهيان جڏهن پاڻ 1930ع ۾ انگريزي ۾ هفتيوار اخبار ڪڍي ”سنڌ جدائي“ واري يڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن سان همدوش ٿي بيٺو. پاڻ انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جي مسلمانن ۽ هتان جي انگريزي دان حلقه ۽ بحيثيت ليکڪ ۽ انگريزي نثر نويس جي، نهايت مقبول ۽ هڪ خاص مقام جو مالڪ هو. +جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن تيئن سندس ذهانت، قومي احساس، ۽ طبيعت جي گوناگون وصفن تان پردو هٽندو ويو، ۽ معاصرن لاءِ سندس ذات حيرت ۽ اچرج جو باعث بنجي وئي. الانا صاحب هڪ ئي وقت، صحافي، سياسي رهنما، پارليامينٽري زندگيءَ جو ڄاڻو، ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر، آغا خان جو وزير، الغرض سنڌ اندر خواهه پوءِ پاڪستان ۾ ڪابه حيثيت ۽ عزت اهڙي ڪانه هئي جيڪا هن صاحب نه ماڻي. هن فضا مان جڏهن ٻاهر جو رخ ڪيائين، تڏهن وري ڏسندي ڏسندي بين الاقوامي ادارن ۽ ايوانن ۾ ڇائنجي ويو. دنيا جي امن و امان ۽ انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڪوشش، انهيءَ دور واريءَ سندس زندگيءَ جو درخشان ۽ يادگار باب آهي ۽ دنيا جي حلقن ۾ تسليم شدهه امر آهي. +انگريزي ادب سان سروڪار ته جوانيءَ کان ئي هيس ليڪن اسان کي تڏهن حيرت ٿي جڏهن مغرب ۽ دور مشرق جي ادبي حلقن، علمي ادارن ۽ موقر دانشگاهن سندس انگريزي نظم ۽ نثر جي قوت ۽ قلم جي زور کي تسليم ڪيو، ساراهيو ۽ کيس اعزاز ڏنا. اهو سڀ ڪجهه ڪو معمولي ڪارنامو نه آهي! اسان سنڌ جي رهاڪن ۽ پاڪستاني باشندن لاءِ سندس وجود ۽ سندس شخصيت واقعي افتخار جو سبب بنجي پئي آهي. +مصنف جي حيثيت ۾ الانا صاحب جا ڪيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي ادبي حيثيت سان نهايت ئي ممتاز مقام رکن ٿا. ليڪن اهو سمورو ادبي ۽ علمي سرمايو انگريزي زبان ۾ آهي، جنهن مان ممڪن آهي ته پنهنجي وطن جي ماڻهن پورو فائدو نه ورتو هجي. هن وقت الانا صاحب پنهنجي اباڻي زبان سنڌيءَ ڏانهن توجهه ڪندي پهريون ئي ڪتاب نظم ۾ مڪمل ڪيو آهي جيڪو آئندهه صفحن ۾ پڙهندڙن وٽ پيش ٿي رهيو آهي. مادري زبان هجڻ ڪري ان جو نثر شايد لکڻ سولو هجي، پر نظم سو به ڪلاسيڪي صنفن ۾ چوڻ بيحد مشڪل ۽ تمام اوکو مسئلو آهي. ڪتاب کي ڏسي تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته ذهانت ۽ ڏات خداداد ٿئي ٿي. جنهن کي نصيب ٿئي، جنهن کي ملي! هر ڪنهن جي وس ۽ اختيار جي شيءِ نه آهي. قدرت ضروري نه آهي ته سڀ سان فياض هجي. +ڪي پڙاڏا ڪي سڏ، الانا صاحب جي سنڌي ادب ۾ سندس دسترس جو مظهر اسان جي سامهون آهي. هي ڪتاب ٽن حصن ۾ وراهيل آهي: پهرين حصي ۾ بيت، ٻئي ۾ ڪافيون ۽ آخري حصو آزاد نظم تي مشتمل آهي. پهريان ٻه حصا ظاهر آهي ته اسان جي ڪلاسيڪي صنفن ۾ آهن، جن جو مدار خاص ماحول، روايتن، سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ٿئي ٿو ۽ جنهن ۾ خصوصي استعارا، تشبيهون، ۽ محاڪات ڪتب اچن ٿا. ازان سواءِ تصوف جي چاشني به انهن صنفن جو لازمي جزو ٿئي ٿي. اِهو سڀ ڪجهه اُهو ماڻهو ڪاميابيءَ سان پنهنجي ڪلام ۾ آڻي سگهندو، جيڪو انهيءَ خاص عرفاني ماحول ۽ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هوندو. الانا صاحب شهرن ۾ زندگي بسر ڪئي آهي. مغربي زبان ۽ ادب سان سندس سروڪار رهيو آهي. سندس ادبي مطالعو به بظاهر يورپي لٽريچر جو رهيو آهي. ليڪن حيرت ٿئي ٿي ته هن صاحب بيتن ۽ ڪافين ۾ انهن صنفن جي سڄي ساز و سامان کي ايڏيءَ قابليت ۽ ڪاميابيءَ سان ملحوظ رکيو آهي، جو يقين ٿئي ٿو ته هي اڪتسابي نه بلڪ وهبي ڪرشمو آهي. يعني: +اين سعادت بزور بازو نيست تانه بخشند خداءِ بخشندهه! +الانا صاحب جي بيتن خواهه ڪافين ۾ اسلامي تعليمات، تصوف ۽ عرفاني رازن ۽ رمزن جا تمام گهرا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سندس فڪر جي سلامتي، اسلاميات جي اونهي مطالعي ۽ مشاهدي جو پتو ڏئي رهيا آهن. سموري ڪتاب ۾ ڪو به عامي خيال ۽ بزاري تصور ڪونه آيل آهي، جيڪو سندس فڪر جي پختگيءَ ۽ طبيعت جي سلامت رويءَ جو دليل آهي. +ڪلام ۾ بنيادي طرح حضرت شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جا روح ڪارفرما نظر اچن ٿا. شاعر انهن ٻنهي بزرگن جي رنگ ۾ رتل آهي. سٽ سٽ جي رڳ ۽ ريشي ۾ انهن جو عرفان محسوس ٿئي ٿو. مثلاً شروع واري بيت ۾: +سرور تون ستار، اجها عالم آسرا دائم قائم تون سدا، ڏيهن جا ڏاتار مالڪ، خالق، خلق جا، مڙني جا مختيار پرور پالڻهار، مهر ڪر مسڪين تي! +حضرت شاهه جو روح ٻولي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هيٺين بيتن ۾ به واضح طرح شاهه جو رنگ موجود آهي: +تــــــــــو ۾ اٿــــــــــم آس تــــــــــن مــــــــــن آهــــــــــه اداس +آدم اعلــــــــــيٰ تــــــــــون ڪرين مــــــــــون کــــــــــي ڪهــــــــــڙي اون +آيــــــــــتــــــــــون الهامــــــــــي آهين هو امــــــــــر الاهــــــــــي آکين +تــــــــون پڙاڏو، تــــــــون ســــــــڏ لاثــــــــانــــــــي! لافــــــــــانــــــــي! +ويــــــــهــــــــه مَ وک وڌاءِ تنهــــــــان پــــــــــــــــوءِ ملــــــــنديــــــــاءِ +-- +-- +-- +-- +ٻانهيءَ تي ڪا ٻاجهه ڪر سرهو ڪــــــــــر سچا ڌڻي +رڪ بنــــــــــائين ســــــــــون ڳڻي ڳڻيان ڳــــــــــڻ ڪيترا +بيت ٻانهيءَ جــــــــــو ٻولي وايون وڻندڙ هــــــــــي ٿيون +تون ڏيو تون روشني والي! واحد تون وڏو! +رکــــــــــــــــج آسَ الله ۾ واڌائــــــــي وصــــــــال جــــــــي +-- +ڏکيو ٿــــــــــــــــو سفــــــــر سُجهي ساٿي نــــــــه جــــــــت سنگتــــــــي ات جهلينــــــــدو ڏاتــــــــــــــــار +حيات جــــــــي هُن پــــــــار نــــــــه ڪــــــــو مددگــــــــار ٻانهيءَ جو هٿ ٻاجهه سين +-- +نــــــــانءُ نينهن ڳنهــــــــن جــــــــي ســــبـــــق پــــڙهــــــن نــــــــه ٻــــــيـــــو +تن سوريءَ ســــــــر رکيو آيـــــا عــــشــــق ارن ۾ +-- +پـــنـــــڌ پـــــري مــــنــــزل ڏور انــــــــدر نـــــــور ئــــــــي نـــــــور +نبري ڪا نه نينهن ريءَ جي دلبر سارين دل ســــــــان +-- +جــــهــــــوليءَ ۾ جــــهــــــــلـــيـــمُ آئـــــــــــــون ته مــــــڱــــــــڻــــــــهــــار +جـــــيـــڪــــي ڏنــــو ڏاتــــــار ڪوڙين ڪــــــــرم ڪريم جا +-- +جــــــــوڳــــــيــــــــئــــــــڙا جـــــــــــــــــاڳن خــــــــوديءَ کــــــــــــــي کــــــــائــيــــن +پـــــيـــــا الله! اُچــــــــاريـــــــــن سرجون صـــدائـــــون هـــڻـــن +-- +آديـــــــــســـــيــــــــن آڌيءَ اٿــــــــــــي ســـــــڪ ســـــيــــــن ســـــاريــــائــــون +انـــــــــــــــــدر اوريـــــــــــائـــــــــون پـــــــريــــن پـــــرور پانهنجو +-- +گــــــــيــــــڙو ســــنـــــدن لــــــبـــــاس ســـــــي جـــــوڳــــي پــــيــــا پــــــار +ڳــــــــلـــــــــ�� ڌاڳـــــــــن هــــــــــار جن روح ۾ رب ريجهائيو +مٿين چند بيتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شاهه جو ڪيتري قدر نه شاعر جي ذهن ۽ فڪر تي قبضو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيو اثر آهي مٿس سچل سرمست جو، جنهن جا اهڃاڻ به ڪلام ۾ گهڻي حد تائين موجود آهن: +چوي ٿو: +ڇا مــــســــجـــــد؟ ڇـــــــا مــــنـــــدر؟ الــــــــــــــک وســــــــــــــي انــــــــــــــــدر +گــــرجــــــــا ٽــــــڪــــاڻـــــن ۾! هر هنڌ حاضر حق ٿيو! +-- +پــــــــــــاڻ کـــــــــــــــي پاڻ ســـــــــڃــــــــــاڻ آئــــــــــون کـــــــــــڻ نـــــه ســـــــــــــاڻ +ورق ســـــــــڀ وســـــــــــــــار اڃـــــا پــــنــــڌ پـــــري ٿـــيـــــو +-- +آئون انســــــــان! آئون امر! آئون قطــــــــرو منجهه درياه +آئون جــــــــوت! آئون دانا عابد، ســــــــاجــــــــد آهيان +-- +دلــــــــبــــــــر ديــــــــرو دل ۾ پـــــــــــريــــــــــــنءَ پـــــــــيـــــــــالـــــــــو +ٿــــيــــــــــو انــــــدر اجـــــــالــــــو پياريو عشق عــمــيــق مــان +-- +نــــســـل رنــــگ تــــــرڪ ڪـــــري عــــشـــــق جـــــــــو چـــــــرخـــــــــو اڏ +مـــسجــــــد مــــــنــــــــدر ڇـــــــــڏ ته پرين پسين پاڻ وٽ! +-- +ڇــــــــا ذات ڇــــــــا ڪُذات جــــــــن وســــــــايــــــــو وهم +آدم مـــــــڙيـــــــو ئـــــــــــــي آدم ســــي ئـــــي پـــهـچي پار پيا +-- +پڙهيئي نــــــــمــــــــازون ســــــــدا انـــــــــــــدر تـــــــــــــــــــــون اُجــــــــــــار +روزا رکـــــيــــــئــــي يـــــــــار ته رڙهـي رســين رام کي! +الانا صاحب جي هن ڪتاب جو اول تا آخر اهو ئي رنگ آهي. ساڳي مستي ۽ موج ڪافين ۾ به آهي. بهرحال سندس هيءَ سوکڙي سنڌي ادب لاءِ املهه تحفو آهي ۽ جهڙيءَ طرح هُن صاحب انگريزي ادب ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو آهي. تهڙيءَ طرح سنڌي ادب جي تاريخ ۾ به هي ڪتاب پيش ڪري هن پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. جنهن لاءِ کيس جَسُ ۽ مبارڪون هجن! +ڪتاب جي ترتيب، تصحيح ۽ پروف ريڊنگ، اسان جي نوجوان اديب ۽ شاعر جناب عنايت بلوچ صاحب نهايت سليقي ۽ خوش ذوقيءَ سان ڪئي آهي، جنهن ڪتاب جي معنوي ۽ صوري حيثيت جو حسن دوبالا ڪري ڇڏيو آهي. جزاڪ الله. +ڪراچي حسام الدين راشدي +13-1-1981 +مهاڳ +]عنايت بلوچ جي ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ تي لکيل مهاڳ. ڪتاب سال 1981ع ۾ شايع ٿيو[ +1947ع ۾ برصغير جو ورهاڱو ٿيو، سنڌ پاڪستان ۾ آئي، ۽ لکن جي تعداد ۾ غير مسلم آبادي هتان لڏي هندستان هلي وئي. انگريزن جي راڄ ۾ هندن کي هتي نه رڳو اقتصادي برتري حاصل هئي پر ادب، ڇپائي، صحافت ۽ ادبي توڙي سماجي تحريڪن ۾ به هو مسلمانن کان اڳتي هئا. جڏهن ملڪ نئون ٺهيو ته نئين مخلوق به اچي پهتي. هتي جا اصلوڪا رهاڪو انهيءَ انقلاب ۽ آباديءَ جي اُٿل پُٿل مان پيدا ٿيندڙ صورت حال، نتيجن جي اندازي ۽ اثرات کان نه آگاهه هئا ۽ نه تيار. سماج جو هر طريقو ۽ زندگيءَ جو هر شعبو متاثر ٿيو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين متحير رهيو. جتي لڏي ايندڙ آباديءَ کي مسئلن سان سابقو پيو، اتي اصلوڪن رهاڪن کي به اڪيچار مشڪلاتن سان منهان منهن ٿيڻو پيو، جيڪو انقلاب يا وڏي ڦير ڦار جو قدرتي نتيجو ٿئي ٿو. انهيءَ سموري عمل جو ردِ عمل اسان جي زبان، ادب ۽ اديبن تي پيو جيڪي انهيءَ اوچتي آپدا لاءِ اڳواٽ تيار نه هئا، تنهن ڪري فوري طرح پاڻ سنڀالي نه سگهيا. مٿن اچرج، نااميدي ۽ نراسائيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. +ڪنهن انقلاب مان جتي نقصان پهچي سگهن ٿا اتي فائدن جي اميد به رکڻ کپي. انقلاب فقط نااميدي، مايوسي ۽ تباهيءَ جو نالو نه آهي بلڪ بيداري، جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جو سنيهو به ٿي سگهي ٿو، يا کڻي چئجي ته هڪ جوڻ بدلائي الهوٽ ننڊ مان اٿي کڙي ٿيڻ ۽ نواڻ اچڻ جو پيغام به ٿئي ٿو، ۽ سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ٿيو به ائين. نااميدي ۽ بيوسيءَ جي سمنڊ مان آسري ۽ سجاڳيءَ جي هڪ اهڙي لهر اُڀري جنهن سنڌ جي ادبي دنيا کي سيراب ڪري ڇڏيو. ادب، فنونِ لطيفه ۽ آرٽ جي سڀني صنفن ۾ سجاڳي ۽ نواڻ جو دور (Renaissance) اچي ويو. +سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة جي روايتن جو تسلسل توڙي جو ڪڏهن به ٽٽو نه هو، ليڪن ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ شهرن اندر ”غزل“ جي شڪل ۾، هڪ ادبي شوشو شروع ٿيو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ذهن، فڪر، زندگيءَ ۽ روايتن جو حاصل ۽ حامل نه هو. غزل جي سڄي جوڙجڪ، ان جون سموريون تشبيهون، استعارا ۽ مواد فرضي ۽ اهڙيون هيون جيڪي سنڌ جي اکين نه ڪڏهن ڏ‎ٺيون ۽ نه ڪنن ڪڏهن ٻڌيون هيون. شهري شاعرن غزل چئي نه ڇڙو پنهنجو وقت ضايع ڪيو بلڪ سنڌ جي نازڪ ۽ صاف زبان ۾ گندگيءَ ۽ عفونت جا انبار ڪٺا ڪري ڇڏيا. اصل ۾ شهر جا شاعر پنهنجي تهذيب، تمدن، روايتن ۽ فڪري نزاڪتن کان يڪسر بيگانا ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ هروڀرو جاکوڙ ڪندا رهيا جنهن جو حاصل ڪجهه به نه هو، يعني سندن ”فرمودات“ ۽ ”ارشادات عاليه“ سنڌ ۾ نه مقبول ٿي سگهيا ۽ نه اهي اسان جي ادب ۽ ادبي تاريخ جو جزو بنجي سگهيا. اهو هڪ نامعقول دور هو جيڪو ٽالپرن جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ انگريزن جي زوال واري زماني کان ٿورو اڳ پنهنجي موت مري ويو. افسوس فقط اهو آهي جو ڪاغذ ڪارا ٿيا ۽ وقت زيان ٿيو. اڄ نه انهن شاعرن جو ذخيرو قابِل قدر آهي ۽ نه اهي شاعر ڪنهن کي ياد ئي آهن. +سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو فڪر آهي، جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن جن کي ڪافي ۽ ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج ملڪي آهن. اهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ پيل آهي. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو نمونو آهي جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سر ۽ ساز به پنهنجا ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود هن جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا رهي، غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو، ٻاهرين جون رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍَ ۽ ڏَڍَ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اثر انداز ٿي سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي، عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور. ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق سان ٿيندس. +شهرن جي غلبي ۽ پنهنجي ادبي ورثي کان بيگانگيءَ سنڌي ادب تي جيڪو سڪتو طاري ڪيو هو، هندن ۽ مسلمانن جي ڪجهه روشن خيال نوجوانن جي اک پٽڻ ۽ ڪوشش سان، پاڪستان کان چند سال اڳ ٽٽڻ شروع ٿيو هو. انهن اديبن پنهنجي وڃايل روايت کي، جنهن جا مهندار شاهه سائين، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترا ڪلاسيڪل شاعر هئا، وري نه فقط زندهه ڪرڻ جي ابتدا ڪئي بلڪ نئين زماني ۽ ايندڙ حالتن جو جائزو وٺي سنڌي شعر �� نواڻ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي خواهه ملڪي ۽ سماجي ضروتن سان مطابقت پيدا ڪئي ۽ ان کي جاندار ۽ هڪ حقيقت جو روپ وٺرايو. ليڪن اڃا انهيءَ سجاڳيءَ جي ابتدا ئي هئي ته 1947ع وارو انقلاب آيو جنهن ۾ لڏپلاڻ هڪ دفعو وري ملڪ جي سڄي صورت حال سان گڏ ادبي ماحول تي به اثر ڪيو. نااميدي ۽ مايوسيءَ جو دور ٻيهر شروع ٿيو جيڪو هليو ته چند سال پر انهيءَ کان پوءِ هڪ غير معمولي ذهني ۽ فڪري انقلاب پيدا ٿيو. حقيقت ۾ اهو هڪ معجزو هو. ڪنهن کي به اميد نه هئي ته سنڌي شعر ۽ ادب انهيءَ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ اُسري سگهندو، ليڪن آفرين آهي اسان جي نئين نسل جي جوان سال شاعرن ۽ اديبن کي جن نه فقط ڇڳل تندون وري ڳنڍي ورتيون پر پنهنجي سڄي ادب ۽ ثقافت کي نئين سر جوڙي حيرت ناڪ انقلاب آندو ۽ انهيءَ ورثي کي آسمان تائين پڄائي دنيا جي آبرومند زبانن جي بهترين ادب جي صف ۾ آڻي بيهاريو. +اهو سمورو انقلاب 30-32 سالن جي قليل مدت ۾ آندو ويو. هڪ فرد جو ارادو ۽ عزم به پنهنجي جاءِ تي اٽل ٿئي ٿو، پر جڏهن پوري قوم ڪو فيصلو ڪري ٿي ته پهاڙن کي به پنهنجي جاءِ تان هٽڻو پوي ٿو. اسان جي نئين نسل جي اٽل فيصلي به نا اميديءَ واريون حالتون ختم ڪري، هڪ اهڙي دنيا پيدا ڪري ڇڏي جنهن تي زوال نه اچي سگهندو. هميشہ هميشہ لاءِ، انشاءالله. +هن وقت سنڌي ادب جي ڪا به اهڙي صنف نه آهي جنهن ۾ ترقي نه ٿي هجي يا نواڻ نه آئي هجي. انهيءَ سلسلي ۾ نه فقط پنهنجي پراڻين روايتن کي جياريو ۽ سنواريو ويو آهي پر سنڌي ادب ۾ خارجي اثرات ۽ رجحان به اهڙي انداز ۾ آندا ويا آهن جو اهي پنهنجا ٿا لڳن، جنهن لاءِ نوجوان نسل اسان سڀني جي مبارڪن جو مستحق آهي. هنن ٻن محاذن تي لڙائي لڙي ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪئي آهي: هڪ ته غزل جي لا يعني صنف جي پوئلڳن کي، جيڪي لڪير جا فقير بنيا ”مهانڊا ۽ مهندار“ شاعر ٿيا ٿي وتيا، ادبي ميدان مان هڪالي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ ٻي يُڌ ادبي صنفن جي تاريخي روايت کي نئين سر زندهه ڪري ان کي اهڙي آبرومند مقام تي آندو جو اسان سڀني جو ڳاٽ اڄ اوچو ٿي ويو آهي. اها جدوجهد ۽ اها فتح، ڪامراني ۽ ڪاميابي، هڪ لازوال تاريخي واقعو آهي جيڪو آئيندي جو مؤرخ نهايت فخر سان لکندو. +اڄ اسان جو ادب، اسان جو شعر، اسان جو افسانو، اسان جي تاريخ سڀ واقعاتي ۽ زندگيءَ جي روزاني روئداد سان وابستہ ۽ پيوسته آهن. حادثن، نا اميدين، زندهه رهڻ جي ڪشمڪش ۽ مسئلن سان تصادم سڀني کي سجاڳ ڪري ڇڏيو ۽ اڄ نه فقط شهر پر ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ سڀ ادبي تحريڪ جا مرڪز ٿي ويا آهن. هر هنڌ هڪ ئي تند ۽ تار، هڪ ئي سر ۽ ساز آهي. +انهيءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ جنهن کي اسان سنڌي ادب جو RENAISSANCE چئي سگهون ٿا، سوين ناميارا نالا اچن ٿا جن جو هتي ذڪر ڪرڻ هن ڪري ضروري نه آهي جو هر ادب دوست انهن کي سڃاڻي ۽ اهي هن وقت سج چنڊ وانگر سنڌ جي ادبي آسمان تي چمڪي رهيا آهن. مثلاً اسان جو نوجوان دوست ۽ نئين ٽهيءَ جو شاعر، عنايت بلوچ، جيڪو اڪتسابي نه بلڪ فطرتاً شاعر پيدا ٿيو آهي ۽ جنهن جي ڪلام جو مجموعو ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. سندس ڪلام مان پڙهندڙ اندازو ڪري سگهندا ته سنڌ جي جوان سال شاعرن، ڪيتري جاندار شاعري ڪري سنڌ ۽ سنڌي ادب جي اوجهل ٿيل آبروءَ کي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي. +عنايت بلوچ وڻندڙ ۽ سٻاجهي سڀاءُ جو نهايت مهذب نوجوان آهي. ادب سان دلچسپي ۽ شاعري کيس پنهنجي گهراڻي مان ورثي طور ملي آهي. هن انهيءَ خانداني روايت کي قائم رکندي جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها دني�� جي ڪلاسيڪي توڙي جديد ادب سان هم دوش ڏسي سگهجي ٿي. +سندس شاعريءَ ۾ الهام ۽ روح شاهه لطيف سائينءَ مان ورتل آهي، ليڪن هن قديم ۽ جديد جو نهايت لطيف امتزاج پيدا ڪري پنهنجي ذهانت ۽ فطري شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. +عنايت بلوچ جي مزاج ۾ جيڪا ملائمت ۽ فطرت اندر جيڪا سٻاجهائي آهي، انهيءَ جو عڪس سندس شعر جي هر سٽ مان ظاهر ٿي رهيو آهي، جنهن کي پڙهندڙ پهرين نظر ۾ ئي ڏسي سگهي ٿو. عنايت کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان، ملڪ جي هر هڪ شيءِ سان بي پناهه محبت آهي. استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون هن پنهنجي اوسي پاسي جون استعمال ڪري پنهنجي شعر کي مقامي ۽ ملڪي رنگ ۾ رچي ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ ته فرضي ۽ غير فطري معلوم نه ٿو ٿئي، ٻيو ته انهيءَ سرمايي سندس شعر کي ملڪ جي لازوال ملڪيت بنائي ڇڏيو آهي. +عنايت جو سمورو ڪلام ڪنهن نه ڪنهن تاثر جو نتيجو آهي. اهو ”شعر براءِ شعر“ نه پر ڪن حقيقتن، ڪن قلبي جذبن ۽ ڪن اکين ڏٺي ۽ فڪري محسوسات جو مظهر آهي. اهو ئي مکيه سبب آهي جو سندس شاعري لا يعني لفظن جو انبار ۽ بي مقصد جملن جو ڍير نه بلڪ هڪ حقيقت ۽ زندگيءَ سان مطابقت رکندڙ ادبي گفت و شنيد آهي. +حسن ۽ عشق انسان جي فطرت جو هڪ اڻ ڇڄندڙ انگ آهي. جڏهن انهيءَ جو اظهار عنايت بلوچ ڪري ٿو ته ان ۾ به سنڌ جي تهذيب، معاشري جي قاعدن ۽ انهن خاص لفظن ۽ جملن کي آڻي ٿو جيڪي اسان جي پنهنجي ملڪيت آهن. سنڌ سندس وطن آهي جنهن سان محبت سندس ايمان جو جزو آهي. انهيءَ جذبي کي ”ويڙها وسن“ ۽ ”وطن ڏي سلام ۽ پيغام“ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت سڄي دنيا جي انسانن سان جيڪو ابدي ناتو ۽ رشتو آهي، جيڪو اسان سنڌين جو نصب العين آهي. اهو به برابر سندس روح ۾ رچيل آهي جنهن جو اظهار هن ”مان انسان آهيان“ ۾ ڪيو آهي. +عنايت جي شاعري زندگي، واقعن ۽ سفر کان متاثر آهي. هي حساس شاعر جتي جتي ويو آهي ۽ جن واقعن سندس احساسن کي جهنجهوڙيو آهي انهن جو هن بي اختيار نظم ۾ اظهار ڪيو آهي. جيئن هڪ مصور ڪو منظر چٽي، اهڙيءَ طرح هن انهيءَ احساس کي نظم ۾ مجسم ڪيو آهي. ليڪن بنيادي طرح سندس شاعريءَ جو ماحصل مختلف صورتن ۾ مجموعي طرح اهو آهي جيڪو هن هيٺين نظم ۾ ٻڌايو آهي: +اَڄ آديسي اچڻا آهن ڏيئا روشن رکڻا آهن +هوشو، هيمون، دُولَهه دودا مانجهي مور نه مرڻا آهن +رات کُٽي ٿي، باکَ ڦُٽي ٿي ڀاڳَ اسان جا ورڻا آهن +سانڊا هاڻي سوگهو آهين توسان ليکا ڪرڻا آهن +ڪنهن جو ڏوهه نه آهي پيارا پنهنجا ڪرڻا ڀرڻا آهن +ڇَپر نيٺ ته ڇيتيون ٿيندا ٽَڪر آخر ٽرڻا آهن +شاهه جي ڌرتي، منهنجا توسان لکيل مرڻا، پرڻا آهن +ڀايان ٿو ته اسان جي هن نوجوان شاعر جي ذهن ۾ انهيءَ وقت شاهه جو هي شعر تري آيو هو: +”جهونا ڳڙهه جُهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾“ +آءُ هن شاعر لاءِ ٻيو ڇا چئي سگهان ٿو سواءِ هن دعا جي ته رب ڪريم سندس دل جون مرادون پوريون ڪري، ۽ زندگيءَ جون ڪامرانيون کيس نصيب ٿين. سندس وجود سنڌ، سنڌي ادب ۽ سڄي انسان ذات لاءِ هڪ قيمتي وِٿُ آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندي. +60، علي رضا هائوس، +الحمرا سوسائٽي حسام الدين + + +خصوصي ملاقات +[هي انٽرويو جناب عابد لغاري ”رهبر ڊائجسٽ“ سلسلي جي ڪتاب نمبر 9، ”مورتي ۽ لڙڪ“ ۾ شايد 1967ع ۾ ڇاپيو. هي مواد آزاد قاضي صاحب فراهم ڪيو] +ايڊريس معلوم هجڻ جي باوجود به اسان کي پير صاحب جي بنگلي ڳولڻ ۾ ڪافي دقت پيش آئي. آءٌ ته واقعي ڪراچي جو ايترو واقف نه هئس پر منهنجي ساٿي کي به بنگلو هٿ نه پيو اچي، جو پاڻ کي ڪراچي جو رهاڪو سڏائيندو آهي. جڏهن ڪافي ٿڪجي ��ياسين تڏهن منزل به اوچتو ئي اسان جي سامهون اچي وئي. ائين پيو محسوس ٿئي ته قدرت رحم کائي اسان لاءِ فاصلو گهٽائي ڇڏيو آهي. نوڪر کي سڃاڻپ جو ڪارڊ ڏنم، هو اندر ويو ۽ ٿوري دير بعد واپس آيو، اسان کي پاڻ سان وٺي اچي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. ڪمرو ڇا هو، هڪ ڪتاب گهر هو، زمين کان ڇت تائين ڪتابن سان ڀريل هو. صرف دريون دروازا ئي رهيل هئا. سرسري طور تي معلوم ٿي ويو ته ڪافي کان زيادهه ناياب ڪتاب هت موجود آهن. وري پير صاحب جو خيال آيم ته اهي سڀ ڪتاب سندن ننڍڙي دماغ ۾ ڪيئن محفوظ هوندا. اڃا سوچي ئي رهيو هئس ته اوچتو پاسي وارو در کليو ۽ هڪ پورو پنو مگر بت ۾ ڀريل ماڻهو اسان جي سامهون اچي بيٺو. اڇن وارن ۽ مهانڊي جي خد و خال مان سندن عمر واقعي 50 سالن کان مٿي پي لڳي. مگر تندرست جان و جسم ڪري جوان پي لڳو. +رسمي عليڪ سليڪ ۽ تعارف بعد مقصد تي آيس. جڏهن پير صاحب منهنجي واتان انٽرويو جا لفظ ٻڌا تڏهن سفيد چشمي مان ٻه سنهڙيون ۽ ننڍڙيون مگر اونهيءَ نظر رکندڙ ۽ گهرو سوچيندڙ اکيون هاڻي منهنجو جائزو وٺڻ لاءِ جهات جهات ڪري رهيون هيون. راشدي صاحب ڇا اندازو لڳايو ان جي ته خبر خدا کي مگر ٻئي ڏينهن ڏهين بجي صبح جو ٽائيم ڏنائون ته پاڻ منهنجي هر آرزو پوري ڪندا. اٿندي هي شڪايت به ڪرڻ کان نه رهيس، جا سڄي واٽ منهنجو ذهن چٽي رهي هئي، ”آءٌ ضرور هي پڇندس ته اوهان کي مون هڪ سوال نامو موڪليو هو مگر اوهان ان جو مون کي ڪو به جواب نه ڏنو.“ جڏهن سبب معلوم ٿيم ته پنهنجي ئي پاڻي ۾ پنهنجو چهرو ڏسي رهيو هئس، جنهن تي ڪئين عيبن جا نشان عيان هئا – ”سوال اردو تان ڪاپي ڪيا هئم“. +ڪافي ڪوشش جي باوجود راشدي صاحب منهنجي گوڏي وٽ سلوار تي اهي رت جا نشان ڏسي ورتا، جي سندن ئي ملاقات جي شوق ۾ ڪراچي جي ڊوڙندڙ زندگي جي بس تي چڙهندي گوڏو زخمي ٿيو هئم. هاڻي آئون ڪجهه شرم ۽ ڪجهه حجاب ۾ ڪنڌ نمائي ٻاهر نڪري آيس، جتي معلوم ٿيم ته سعيد يونس به منهنجي پويان هلندو منهنجي بيڪسي تي ڪجهه عجب ڪجهه رحم کائي پهچي ويو آهي. +ٻئي ڏينهن اڪيلو هن بحر مان ماڻڪ چونڊڻ لاءِ روانو ٿيس، مگر مليل ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ کن ليٽ پهتس. راشدي صاحب جن به انهيءَ لاءِ باز پرس نه ڪئي، شايد انهيءَ ڪري جو کين ٽائيم جي پوري خبر نه پئجي سگهي يا جي.ايم.سيّد جن جي موجودگيءَ ۾ کين اهو احساس ئي نه رهيو هو. مقصد ٻنهي لاءِ واضح هو. اجازت ملي ۽ مون اٿندي ئي هي سوال ڪيو ته- +”راشدي صاحب ! سنڌي ادب جي ترقي ۾ اها ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ بنيل آهي جنهن ڪري ان جي رفتار نهايت ئي سست آهي؟“ +”رڪاوٽ؟ رڪاوٽ ته ڪا به نه آهي، ادب پنهنجي پوري رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي. هڪ ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي اصليت، جاذبيت، رواني ۽ روح البت ختم ٿيندو پيو وڃي. ان جو سبب زياده تر اخباري زبان آهي، جا سڌو سنئون اردو تان ترجمو ڪئي وڃي ٿي. لفظ، محاورا ۽ چوڻيون ڌاريون، بي جوڙ ۽ اڻ ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪه اسان وٽ انهن کان به افضل موجود آهن. اسان جا اديب ۽ شاعر پنهنجي مضمونن ۽ شعرن ۾ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪن ٿا، مگر اخباري ٻوليءَ جو اثر وڌندو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته اخبارون گهڻي انداز ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. اها صورت حال ادب ۽ زبان لاءِ گهاتڪ آهي ۽ انهيءَ ڪري سخت نقصان پهچي رهيو آهي. زبان کي ايترو خراب ڪيو ٿو وڃي جو بعد ۾ ان جو درست ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ڪاش اخبار نويس ڪاپي ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي دماغي صلاحيتن کان ڪم وٺن. جيتري تائين خبرن جو تعلق آهي اهي انگريزيءَ ۾ مهيا ٿين ٿيون. پوءِ ان��ن کي سنڌي ۽ اردو اخبارن جي سانچي ۾ ڍالڻ سخت هاڃيڪار آهي. راشدي صاحب جي چشمي اندر ٻن چشمن ۾ دورانديشي، پيشاني تي لهرن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ائين پيو ٿئي ته پاڻ هاڻي به ان منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. +”اڪثر ائين چيو وڃي ٿو ته اوهان پهريائين اردو يا فارسي ۾ لکيو آهي، تنهن بعد ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ٿو وڃي. اهو ڪيتري قدر صحيح آهي؟“ +”اهو بلڪل غلط آهي لغاري صاحب، مون جيڪي لکيو آهي سو سنڌيءَ ۾ ئي لکيو اٿم. ويهه ورهيه اخبار نويسي سنڌيءَ ۾ ڪئي اٿم. هزارين اخباري مضمون ۽ سوين مقالا سنڌي ۾ لکي چڪو آهيان. اگر ڪي چند ڪتاب اردو ۾ لکيا يا فارسي ۾ مرتب ڪيا اٿم ته انهيءَ ۾ به مقصديت شامل آهي. مقصد هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي ادب کي ٻين سان روشناس ڪرائڻ“. +”اوهان کي ڪهڙي شيءِ متاثر ڪيو جنهن ڪري اوهان ٻين طرفن کان منهن موڙي هن ادبي سلسلي کي اختيار ڪيو؟“ +”ڪو به ڌنڌو ڪونه هو. جنهن ڪري سواءِ ان جي ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيس.“ هن جواب تي ڪمري ۾ ڪجهه ٽهڪن جو آواز اڀريو. سڀ ئي زور زور سان کلي رهيا هئاسين. آءُ سوچڻ لڳس ته نڪمي ماڻهو لاءِ اهو به بهتر. جڏهن مون کان به ڪو ڌنڌو نه پنو تڏهن ئي هن طرف رخ رکيو اٿم. ”ٻيو سڀ کان وڏو سبب علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جي صحبت ٿي جنهن انهيءَ طرف مائل ڪيو“. +جي.ايم.سيد، راشدي صاحب جن کي ٽوڪ جي انداز ۾ چيو ”ميرن لاءِ مشهور آهي ته جنهن به ماڻهوءَ کي ڪو ڪم ڪندي ڏسندا هئا ته پاڻ به اهو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. سو اوهان سان به ساڳيو ئي معاملو آهي.“ +”اوهان جي تعليم، تعليمي ادارن ۾ ڪيتري رهي؟“ مون وقت جو خيال ڪندي جلدي سوال ڪيو. +”بلڪل نه“ راشدي صاحب فخريه انداز ۾ چيو ۽، آءُ سوچڻ لڳس ته ڇا سندن اهو مقصد آهي ته اگر تعليم اسڪولن ۾، پرائين ها ته خوام خواهه زندگيءَ جو ٽيون حصو ضايع ٿي وڃي ها. وري چوڻ لڳا ”منهنجي تعليم صرف مدرسن ۾ رهي، سا به ابتدائي. تنهن زماني ۾ تعليم لاءِ ٻه دستور هئا، هڪ ته نوڪرين لاءِ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ٻي زميندار يا مٿيون طبقو فقط ديني (ٻي دستوري) تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ملان وٽ يا ڪنهن مدرسي ۾ ڏياريندا هئا. مون کي به اها ئي نصيب ٿي. باقي ڪجهه پنهنجي محنت ۽ مطالعي مان پرايو اٿم. +مطالعي جو لفظ ٻڌي مون وري به هڪ دفعو ڪمري ۾ غور سان مشاهدو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته اگر واقعي راشدي صاحب جن تعليمي ادارن تي ڀاڙي ويهن ها ته پوءِ شايد ئي ايترو ڪجهه پرائي سگهن ها جيترو هن وقت سرمايو موجود اٿن. اوچتو هڪ عجيب سوال ذهن تي اُڀريو، پڇيم، ”اوهان کي پنهنجن تصنيفن مان ڪهڙي پسند آهي ۽ ڇو؟“ +آءٌ جڏهن به ڪا تاليف ختم ڪندو آهيان ته ختم ڪرڻ بعد مون کي ان کان هڪ قسم جي دوري پيدا ٿي ويندي آهي. ٻيو ته اهي منهنجا ڪتاب عام مطالعي جا نه هوندا آهن. ضرورت پوندي اٿم ته لازماً کولي ڏسندو آهيان. ڪتاب سڀ ئي گهڻو ڪري جواني جا لکيل آهن. +هت هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هر سوال جي جواب بعد جي.ايم.سيّد به پنهنجي خيال آرائي ڪئي ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ته هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ٿي ويو ۽ مون به هڪ پياسي وانگر پورن ٻارنهن طاقن سان متوجه ٿي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. مگر افسوس هي ننڍڙو ذهن ايترو برداشت ڪرڻ کان قاصر ٿي رهيو. ان جو احساس ان وقت ٿي ٿيم جڏهن ٻاهر روڊ تي ٽريفڪ جي زوزٽ سان منهنجو ذهن به گاڏين کي پوئتي ڇڏيندو نامعلوم منزل ڏانهن ڊوڙندو ٿي ويو. وري جڏهن اهو محسوس ٿي ڪيم ته آءُ هڪ ڪمري ۾ ٻن مدبرن جي سامهون ويٺل آهيان، تڏهن ان نامعلوم منزل تان هڪ بريڪ ۾ ذهن کي واپس اصلي حالت ۾ آندم ٿي. هاڻي به جي.ايم.سيّد صاحب چئي رهيو هو: +”مرزا قليچ بيگ ۽ اوهان ۾ وڏو فرق آهي. هن زياده تر ترجمو بلڪه هر قسم جي ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. مگر اوهان خاص طرح سنڌ تي لکيو آهي ۽ تاريخ جا بنيادي ڪتاب ڇپايا اٿو. بهرحال شروعات ۽ پايو قليچ بيگ ئي پيدا ڪيو...“ ”ترجمو ڪرڻ به ته ڪو آسان ڪم نه آهي. سيّد صاحب“ راشدي صاحب مون ڏانهن نهاريندي چيو. جي.ايم.سيّد جن کي وري مخاطب ٿيندي چيائين: +”منهنجي لکيل تاريخن مان هڪ راهه ۽ هڪ نظريو ملي ٿو، تنهن ڪري لکندڙن اڳيان رستو صاف ٿيو پوي ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي نقطه نگاهه سان لکڻ گهرجي سو سندن اڳيان واضح ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌ اندر جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، تن ۾ ڪو نقطئه نگاهه ڪونه آهي. هر ڌارئي کي، جنهن به اچي قبضو ڪيو آهي ان کي اسان جي لکندڙن اکين تي رکيو آهي. در حقيقت تاريخ ۾ چور کي چور ۽ ساڌ کي ساڌ ڪرڻ گهرجي. تاريخ تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن هر هڪ جي عملن ۽ رويه جي تڪ تور ٿيل هوندي. مثلاً آءُ ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ تي قبضو غاصبانه سمجهان ٿو. اسان جي مؤرخن انهن کي به مسلمان سمجهي پنهنجي اکين تي رکيو آهي. حالانڪه اهي کانئن زياده سچا مسلمان هئا جن جي هٿان هنن سنڌ کسي.“ +”راشدي صاحب - ادب ڇا آهي؟ ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي؟ ڇا هڪ اديب سياست کي اپنائي نه ٿو سگهي؟“ هاڻي آءُ راشدي صاحب کان هڪ اهم سوال پڇي ويٺس. پاڻ ٿورو خاموش رهيا، ڪمري جو سرسري جائزو ورتائون. ڇت ڏانهن نهاريائون. هاڻي آءُ اهو محسوس ڪرڻ لڳس ته لئبريري جا سڀ ڪتاب سندن ذهن تي ايندا ۽ ويندا رهن ٿا. هڪ هنڌ نظر ڄمائيندي چيائون، شايد اتي ئي ڪو پيل ڪتاب سندن رهنمائي ڪرڻ لڳو هو. +”هر اها شيءِ جا قلم مان نڪري ۽ دل و دماغ کي پسند اچي ان کي ادب چئجي ٿو.“ +هن جواب تي علامه آءِ. آءِ قاضي جي ادب متعلق وضاحت منهنجي ذهن تي تري آئي. هن چيو هو: ”ادب معنيٰ آهي ريڙهيون پائڻ.“ ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي في الحال ته راشدي صاحب جي سلسلئه ڪلام اهو سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. +”تقريرون به ادب جو قسم آهن. سياست خود ادب آهي. هڪ ماڻهو جو هڪ ئي وقت ٻنهي ٽنهي شين سان وابسته رهڻ ئي مڪمل اديب هجڻ جو ثبوت آهي. جنهن لاءِ اسان وٽ مولانا ظفر الله (ظفر علي خان؟)، ڪاڪو ڄيٺمل پرسرام، عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام جن اديب ۽ ساڳئي وقت سياسي رهنما پڻ هئا. اديب جو ڪم ئي آهي سياست جي رهنمائي ڪرڻ، ور نه اهو اديب نه آهي جو سياست کان ڪناره ڪش رهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.“ راشدي صاحب جي هن وضاحتي بيان ٻڌڻ شرط منهنجي ذهن تي اهو گذريل مهيني جو ڪراچي ۾ ٿيل مباحثي وارو نقشو تري آيو جنهن ۾ مباحثي جو اختتام صدر صاحب جن هيٺـين لفظن سان ڪيو هو: ”اديب سياست ۾ بهرو نه وٺي.“ مون کي وري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. +”انقلاب فرانس روسو ۽ والٽيئر آندو“ جي.ايم.سيد، راشدي صاحب جي مدد ڪندي چيو. منهنجي ذهن تي انقلاب فرانس جي پوري تاريخ ترڻ لڳي. پير صاحب جو بيان اڃا ختم نه ٿيو هو، چيائين: +” مولانا محمد علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علي محمد شاهه (سندن وڏو ڀاءُ) جن پڻ اديب آهن. هن دور جو عظيم سياستدان چرچل پڻ وڏي ۾ وڏو اديب هو.“ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانهن نهاريندي شايد وري ڪو ٻيو ڪتاب ذهن تي اچي ويو هئس. چيائون: +”اقبال کي ڪنهن چيو ته سياست ۾ اوهين بيڪار رهيا آهيو. مگر اقبال جواب ڏنو. اگر ائين نه هجي ها ته مان جيڪر پيغمبر هجان ها.“ سو اهو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي ته اديب سياست کي پاسي تي رکي ڪا ادب جي خدمت ڪري. اگر ائين ڪندو ته ادب ۾ هڪ وڏو خال رهجي ويندو.“ هن پوئين جواب مون کي خود راشدي صاحب تي سوچڻ جو موقعو ڏنو. ڇاڪاڻ ته پاڻ خود سياست کان ڪناره ڪش رهيا آهن. مگر عين موقعي تي منهنجي لاءِ گلاس ۾ ڪوڪا ڪولا کڄي آئي. هڪ هڪ سرڪ ڀرڻ سان منهنجي ذهن مان سوڍا جي باٽل کلڻ سان جي بوڙيا نڪرندا آهن تن وانگر خيالات به منتشر ٿيندا ويا. ذهن خالي ٿيندو محسوس ڪيم. شايد راشدي صاحب جن جو پڻ اهو مقصد هو ته جيئن زياده قيمتي وقت ضايع ڪرڻ کان پرهيز ڪري، پر آءُ ته هي پهريون دفعو هڪ انٽرويو وٺڻ لاءِ نڪتو هئس، تنهن ڪري ايترا ته سوال جمع ڪري آيو هئس جو ڀانيان ته راشدي صاحب پنهنجي پوري عمر جي ڊائري منهنجي آڏو بيان ڪري ۽ نتيجا ٻڌائي جيئن نئين نسل لاءِ اهي مشعل بنجي سگهن. ڪوڪا ڪولا ختم ڪيم ۽ منتشر خيالن کي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو سوال پڇيم. +”اوهان ڪا تصنيف ڪري رهيا آهيو يا نه؟“ +”سنڌي ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان. مڪلي نامو ڇپيو اٿم. حديقة الاوليا، پڻ هن سال جو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي تجربات تي هڪ ڪتاب لکيو اٿم جو پڻ عنقريب پريس ۾ ڏيندس.“ خيالات موٽي پنهنجي ماڳ تي پهچي چڪا هئا. هاڻي هڪ اهم سوال ڏانهن راشدي صاحب جو توجهه ڇڪائيندي پڇيم. +”موجوده وقت ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪو انتشار آهي ان جا اسباب ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿا؟“ +”ادب جا ٻه قسم آهن، هڪ ساقط ۽ جامد جيڪو تفريحي آهي. ٻيو متحرڪ ۽ زندگي بخش جيڪو واقعات کي بيان ڪري ٿو ۽ ماحول جي چڱاين ۽ براين کي آشڪار ڪري ٿو. 1930ع تائين زياده تر ادب فقط تفريحي آهي. ان جو ماحول ۽ عمل سان ڪو به تعلق نه هو. اهو ته فقط دماغي عياشي هو. پر 1931ع کان پوءِ جيڪو ادب پيش ٿيو آهي ان ۾ هڪ پيغام آهي، ان ۾ مقصد به آهي ته منزل ڏانهن ڪشش پڻ، ۽ زنده ادب اهو ئي رهندو آهي جو ماڻهن جي هر عمل و فعل ۽ مقصد سان واسطو رکندڙ هوندو ...“ اڃا پير صاحب جو ڪلام پورو نه ٿيو هو ته جي.ايم.سيّد ۽ سندن وچ ۾ هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ويو ۽ آءُ فقط اهو سوچيندو رهجي ويس ته اگر هر سوال تي هي حال رهيو ته پوءِ عابد جو خدا حافظ. اڄ ئي حيدرآباد پنجين بجي شام جو پهچڻو اٿم... اڃا سوچي ئي رهيو هئس ته ٻئي فريق شايد دم پٽڻ لاءِ خاموش ٿيا ئي مس ته مون ان مان فائدو وٺندي چيو: +”اڄ جي دور ۾ لاديني، فحش ۽ عريان ادب جا رجحان وڌندا وڃن ٿا، جيڪي (اوهان جي چوڻ موجب) تفريحي ادب جي دور ۾ نه هئا. اهي مقصد ۽ منزل ڏانهن ڪيترو وٺي وڃي رهيا آهن؟“ +راشدي صاحب ڪجهه وقت ته خاموش فقط جي.ايم.سيّد کي تڪيندو رهيو، پوءِ مون ڏانهن حيرت مان نهاريندي چيائين: +”لغاري صاحب ! خبر نه آهي ته توهان فحش ۽ عريان ادب ڇا کي ٿا چئو! ڊاڪٽريءَ ۾ ٻئي جنسون مخالف جنسن جا آپريشن ڪن ٿيون. پريڪٽيڪل ڪن ٿيون، انهن تي ڪنهن به قسم جي پائبندي ڪانهي. ٻئي طرف اگر معاشري جي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي بي نقاب ڪجي ٿو ته توهان ان کي عريان ۽ فحش سڏيو ٿا. ڇا اها حقيقت نه هوندي آهي؟ حقيقت کي حقيقت ڪري لکڻ عريانيت ڪٿي آهي؟“ ٿورو ترسي وري چيائون: ”صوفين مجاز ۽ محبت جو دم ڀريو آهي، ڇا ان کي به فحاشت ۾ آندو ويندو؟ منهنجي خيال مطابق ادب ۾ ڪا به عريانت ۽ فحاشت نه ٿيندي آهي“. +”انگاري ۽ منٽو تي انهيءَ ڪري ئي ڪيس هلايا ويا هئا. مگر اڄ تائين انهن جي تصنيفن کي معاشري مان خارج نه ڪيو ويو آهي.“ جي.ايم.سيّد صاحب جن راشدي صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو: +”بلڪل اهڙيءَ طرح عربي ادب جا شهپارا ۽ فارسي ادب جا ڪلاسيڪل ڪتاب پ�� اهڙين شين کان خالي نه آهن. ڪيترا اهڙا ڪتاب درس ۾ داخل رهيا آهن جيڪي موجوده اصطلاح موجب فحاشت ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.“ راشدي صاحب چيو. +”آزاد نظم متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“ +”مون کي ته بلڪل ناپسند آهي. آزاد نظم نتيجو آهي ذهني افلاس ۽ دماغي سڃائيءَ جو. جڏهن به نثر يا نظم تي پورو پورو قبضو نه هوندو آهي تڏهن ئي آزاد نظم ۽ ادب لطيف تصنيف ٿيندو آهي.“ +”آزاد نظم ۽ ادب لطيف اصل ۾ تصورات جي ڪنفيوزن جو نتيجو آهي. جهڙي طرح تجريدي آرٽ. جڏهن به خيالن ۾ انتشار هوندو آهي ۽ زبان ۽ لفظن جو فقدان هوندو آهي تڏهن ئي اهڙي شيءِ ايجاد ٿيندي آهي.“ جي.ايم.سيّد جن لقمو ڏيندي چيو. ”بلڪل ائين“، پير صاحب اتفاق ڪندي چيو. +”سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن اهي ڪيتري قدر وقت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهيون آهن؟“ هاڻي مون تاريخ متعلق سوال ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي راشدي صاحب جو پسنديده موضوع رهيو آهي. پاڻ ان تي ڪافي مطالعو ڪيو اٿن ۽ ڪافي لکيو به اٿن. +”سنڌ اندر هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن سي در حقيقت پراڻي ڍنگ جون آهن. جن کي نه تاريخ چئي سگهجي ٿو ۽ نه اهي ضرورتن کي پورو منهن ڏئي سگهيون آهن“. +”سنڌي اردو گڏيل مشاعرن متعلق اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“ +”گڏيل مشاعري جي عياشي تڏهن ئي ڪار آمد ٿي سگهي ٿي، جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي زبان ۽ ڪلام جون خوبيون سمجهي سگهن.“ +”راشدي صاحب! اوهان مشاعري کي ادب لاءِ ڪيتري قدر فائدي مند سمجهو ٿا؟“ +”مشاعري جي مون وٽ اصل ۾ ڪا به اهميت ڪونه آهي. ان مان ڪو به عملي فائدو ڪونه ٿو پهچي. هندستان اندر زوال واري دور ۾ مشاعرا پيدا ٿيا. هي ته وقت گذاري ۽ عياشي جو ذريعو آهن. مشاعرن سبب پاڻ شاعرن جي خود داريءَ، مقام ۽ حيثيت کي ڪاري ڌَڪ لڳو آهي.“ +وقت ڪافي گذري چڪو هو تنهن ڪري ٻين سوالن کي در گذر ڪري آخري سوال پڇيم: +”اردو زبان جي نزديڪ پوڻ ڪري سنڌي زبان کي، ڪهڙو خطرو لاحق ٿي پيو آهي ۽ اهو ڪيئن دور ٿي سگهي ٿو؟“ +”اردو زبان جي ويجهو اچڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو مفهوم ئي بدلجي ويو آهي. اصليت ان مان ختم ٿيندي وڃي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ وري اسان جون اخبارون آهن. جن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، واحد علاج ڪو ٿي سگهي ٿو ته فقط ٻولي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ورنه ٿوري عرصي بعد سنڌي سنڌي نه رهندي بلڪه اردو سنڌي ڪا نئين ٻولي ٺهي پوندي.“ +هاڻي جي.ايم.سيّد ۽ راشدي صاحب جن فرش کي بوٽن سان رهڙڻ شروع هو، جيئن اسين ڪاليج ۾ ڪو پيرڊ اٽينڊ نه ڪرڻ چاهيندا هئاسين ته ليڪچرر جي ايندي ئي ائين ڪرڻ شروع ڪندا هئاسين ۽ هو اشراف ٿوري مان گهڻو سمجهي فقط حاضري وٺي هليو ويندو هو. تنهن ڪري آءُ به جلد موڪلائي ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجو رستو ورتم. +پير حسام الدين راشديءَ کان انٽرويو +[هي انٽرويو محترم خان محمد پنهور ”سنڌي پبليڪيشن“ ڄام شورو لاءِ ورتو، ۽ ان کي اپريل 1973ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو. هي پرچو ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو هو. هي انٽرويو متعدد ڀيرا ڇپجي چڪو آهي ] +سنڌ هڪ مردم خيز سرزمين آهي. هن وڏا وڏا سياستدان، عالم، شاعر، اديب، دانشور ۽ تاريخ نويس پيدا ڪيا آهن. پير حسام الدين راشدي تاريخ ۾ جيڪا مهارت ۽ حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان جي مقابلي جو ڪو ورلي هوندو ۽ سنڌ کي اهڙن سپوتن تي فخر آهي. +سنڌي پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪڍڻ جو سوچي اسان پير صاحب سان ان جو اظهار ڪيوسين ۽ 08 مارچ تي شام جو ساڍي پنجين بجي وقت وٺي مقرر وقت تي پير مظفر ۽ مان، پير خليل کي ڪئميرا سميت ساڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ جمشيد روڊ تي پير صاحب جي بنگلي تي اچي سهڙياسون. راشدي صاحب ٻاهر دروازي تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وٺي وڃي پنهنجي لائبريريءَ ۾ وهاريو، جنهن ۾ ڪئين الماڙيون ڪتابن سان سٿيل پيون هيون، جا سندس لکڻ پڙهڻ جي آفيس پڻ آهي. سندس سمهڻ وارو ڪمرو پڻ ڀرسان آهي، جيڪو پڻ ڪتابن سان ڀريو پيو هو، درين تي خواهه کٽن جي چوڌاري ۽ وهاڻي سان گڏ ڪتاب ئي ڪتاب پيا هئا. لائبريريءَ ۾ ڪتاب الماڙين ۾ ترتيب سان پيا هئا. ليڪن ڪيٽا لاگ نه هئڻ ڪري راشدي صاحب ٻڌايو ته ضرورت وقت ڪتاب موجود هوندي به نه لڀندو آهي ۽ پوءِ خريد ڪرڻو پوندو آهي. پير صاحب جي لائبريري ۾، گهر ۾، خواهه ڳوٺ ۾ اٽڪل 40,000 کن ڪتاب آهن، جن ۾ ٻه سئو کن قلمي نسخا پڻ آهن. اسان انٽرويو جو باقاعده سلسلو شروع ڪندي، سندن ابتدائي تعليم بابت پڇيو ته پاڻ چوڻ لڳو ته: ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ خانگي نموني مولوي صاحب وٽ ئي فارسي، عربي ۽ سنڌي پڙهياسون جا به اڌوري رهجي وئي، دستاربندي نه ٿي سگهي. اسان جي ڏاڏي پير شاهه خاص اسان ٻن ڀائرن علي محمد شاهه ۽ مون لاءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ اهو مڪتب کولايو هو. ڏاڏو اسان جو وڏو عالم هو ۽ پنهنجو نصاب شروع ڪرايائين، جنهن ۾ انگريزي الف، ب ۽ فارسي جو سڌو طريقو شامل هئا، ۽ ان وقت ”علم“ دانش ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هو. نوڪريءَ جو خيال به نه هوندو هو ۽ نوڪريءَ کي عيب سمجهيو ويندو هو. شهرن ۾ رهڻ جي بجاءِ ٻهراڙين ۾ رهڻ ۽ زمينداري ڪرڻ کي عزت وارو، مهمان نواز ۽ معزز سمجهيو ويندو هو. تاريخ ۽ ادب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ علم جو مقصد هو. علم روزگار جو ذريعو نه پر ذهن ۽ فڪر جي پرورش ۽ بلنديءَ لاءِ هو. ان کان علاوه اسان جو خاندان به علمي ۽ ادبي هو. اسان جو سلسلو پير پاڳاري صبغت الله شاهه سان آهي. جنهن کي ٻه پٽ علي محمد شاهه ۽ علي گوهر شاهه هئا. وڏو علي محمد شاهه هو، جنهن جوپٽ اسان جو ڏاڏو پير شاهه هو. علي محمد شاهه وڏي هئڻ جي باوجود پڳ نه ورتي ۽ ان جو توجهه علم، ادب، طب ۽ حڪمت طرف هو ۽ ڏاڏو ۽ ٻيا سندس ڀائر ان طرف توجهه رکندڙ هئا ۽ طب، علم، حڪمت تي ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. علمي ادبي ۽ لکيل پڙهيل ماحول هئڻ ڪري انگريزي، اردو خواهه سنڌي سڀ اخبارون اينديون هيون. زميندار هئڻ ڪري عزت آبرو پڻ هئي ۽ والد صاحب وارا ڪجهه انگريز پرست هئا. ڀرسان نصرت اسٽيشن تي مان ۽ علي محمد شاهه اسٽيشن ماستر وٽ انگريزي پڙهڻ ويندا هئاسون. عربي فارسي اڳ ۾ ختم ڪئي هئي سون، ڇو ته مائٽ وڌيڪ ٻاهر نه موڪليندا هئا جو اڳتي پڙهي وڌ ۾ وڌ مختيارڪار ٿبو هو. ليڪن نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو. اسان جي ان وقت رهڻي ڪهڻي سٺي هوندي هئي ۽ نصرت اسٽيشن تان ٽن پئسن جو ڪارڊ لکي ولايت مان وي، پي ذريعي گهرو ضرورت جو سامان گهرائيندا هئاسون. ايمانداري هئي، ذرو به ضايع نه ٿيندو هو. +صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ بابت پير صاحب چوڻ لڳو: پهرين علي محمد شاهه 23، 1922ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1925ع ۾ مولانا آزاد جي اخبار جي نموني تي ”الراشد“ اخبار بهمڻ مان ڪڍندا هئاسون. مان ساڻس مدد ۾ هوندو هئس. منهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1928ع کان ٿئي ٿو. هفتي وار ”سنڌ زميندار“ سکر مان نڪرندي هئي، جا خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي هئي. هن هڪ ڀيري سکر ويندي مون کي نصرت اسٽيشن تي ملڻ لاءِ چيو، جتي مان مليو مانس ته پوسٽ جي لفافي جي ڪاغذ جي ٽڪر تي مئنيجر ڏانهن لکي ڏنائين ته، حسام الدين کي 30 رپيا ماهوار پگهار سان سنڌ زميندار جو ايڊيٽر ��قرر ڪيو وڃي. مون کانئس سوال ڪيو ته توهان خوشحال گهراڻي سان تعلق رکو ٿا پوءِ به توهان جي زندگي ڪسمپرسيءَ ۾ ڇو گذري آهي؟ پاڻ چوڻ لڳو ته، اسان جا مائٽ انگريز پرست هئا ۽ اسان انگريزن ۽ هنن جي پاليسيءَ خلاف لکندا هئاسون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڀائر باغي ٿي گهران نڪتاسون ۽ گهران ڪا به مدد نه ملندي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ شروع ۾ آياسون ته وفائي پريس وٽ فٽ پاٿ تي سمهندا هئاسون. ڪراچيءَ مان ”صبح سنڌ“ اخبار ڪڍندا هئاسون. اخبار لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون جو تعاون ۽ مدد هوندي هئي. اخبار تي ان وقت ڪو به خرچ نه هوندو هو. 14 آنه ڪاغذ جو ريم ملندو هو ۽ 400 رپين ۾ اسان سڄي پريس ”ستارهء سنڌ“ ٺاهي هئي. پوءِ ”الحزب“ اخبار ڪڍي هئي سين. +توهان جو سياست سان به ڪو تعلق رهيو؟ چوڻ لڳو ته منهنجو گهڻو لاڙو لکڻ پڙهڻ ڏانهن هو. ليڪن پس پرده سياست سان به علي محمد شاهه سان گڏ رهندو هئس. جناح صاحب هڪ دفعي مسلم ليگ ڪائونسل تي مون کي به ميمبر ڪري رکيو هو ۽ علي محمد شاهه جو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان سان باوجود نظرياتي اختلافن جي جو مان ترقي پسند ۽ قوم پرست آهيان ۽ هو رجعت پسند، ليڪن مان هن سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي رهيو آهيان. ون يونٽ ٺهڻ وقت به علي محمد راشدي صاحب سان توهان ساٿ ڏنو؟ حسام الدين شاهه چوڻ لڳو بلڪل نه، مون ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان لاءِ هن کي چيم به. بهرحال باوجود متضاد طبيعتن هئڻ جي به. اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي کان متاثر آهيان، جيڪو علم دوست هو، يورپي لباس پائيندو هو، انگريزي، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سائين راشدي صاحب سان اسان جي ڪچهري مچي چڪي هئي ۽ اسان سندس زندگيءِ جي فلم ڏسي رهيا هئاسون ۽ ائين پيا محسوس ڪيون ته اسان به ساڻس گڏ هئاسون. پير خليل فوٽا وٺي رهيو هو ته ڇوڪرو چانهه کڻي آيو. بهرحال چانهه به اسان جي رهاڻ ۾ رڪاوٽ نه وڌي ۽ پير صاحب سلسلوڪلام جاري رکندي چيو ته 1937ع ۾ اسان جو والد صاحب فوت ٿي ويو، جنهن ڪري مون وري زمينداري سنڀالي ۽ علي محمد شاهه سياست، ليڪن ادب سان دلچسپي ۽ مطالع ۾ فرق نه آيو پاڻ وڌيو. ان زماني ۾ اسان کي سر غلام حسين وزارت ڏاڍو تنگ ڪيو. 10، 15 ڪيس هوندا ئي هوندا هئا. پوءِ هڪ دفعي جي.ايم.سيّد ۽ پير الاهي بخش چڪائي چڪ ۾ هڪ ڪانفرنس مان ٿي اچي رهيا هئا. واٽ تي اسان جي اسٽيشن تي والد صاحب جي تعزيت لاءِ لٿا. رات جو ڪچهري بعد پير الاهي بخش سمهي پيو ۽ جي.ايم.سيد، علي محمد شاهه ۽ مون بخاري هيٺان ويهي ان لاءِ سوچيو. فيصلو ٿيو ته مارچ سيشن ۾ ڪٽ موشن آڻجي، پوءِ علي محمد شاهه ڪراچي هليو آيو ۽ ان نموني وزارت ڊاٺي وئي ۽ الهه بخش وزارت اقتدار ۾ آئي جيڪا انقلابي هئي. پير الاهي بخش جي وزير ٿيڻ بعد علي محمد شاهه ان سان سنڌ جو گشت ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ماڻهن عملدارن ۽ ڪامورن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. +بهرحال اسان سياسي موضوع ڇڏي وري ڪجهه سندس ادبي زندگي طرف وڌي آياسون. لکڻ طرف دلچسپي ڪيئن ٿي؟ مون اٽڪل 30، 35 ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي لکڻ جي شروعات اخبار نويسيءَ سان ٿي، ۽ هن وقت به مان ڪتابن جو مسودو اخبار وانگر سلپن تي لکندو آهيان. پير صاحب ميز تي رکيل لکيل سلپون ڏيکاريندي چيو. فارسي سان وڌيڪ دلچسپي اٿم ۽ ان ۾ وڌيڪ لکيو اٿم، جو بنيادي ادب فارسيءَ ۾ آهي. اسان جي سنڌ جي تاريخ جا Source books فارسي ۾ آهن ۽ منهنجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين اٽڪل 30، 35 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي 50 ورهيه زندگيءَ جو مشاهدو پڻ لکيو اٿم، جنهن جو نالو ”جيئن ڏٺو آهي مون“ هو(1) پر جي.ايم.سيّد جي ان نالي سان شايع ٿيل ڪتاب بعد ان جو نالو بدلائي رکندس ۽ وقت اچڻ تي شايع ڪيو ويندو. جو ان ۾ ڪي تلخ حقيقتون پڻ بيان ڪيل آهن جي ڪن کي ناگوار به لڳن. +توهان ڪڏهن شعر به چيو؟ ها ڪنهن زماني ۾ شعر به چوندو هئس ۽ هڪ طويل نظم سهڻي ميهار تي لکي هئم، جا سنڌ زميندار ۾ ڇپي هئي، جنهن کي مرحوم ”مخلص“ پڻ داد ڏنو هو. پنهنجي استاد غلام سرور فقير (پروفيسر اياز قادريءَ جو پيءُ) جي فوت ٿيڻ تي پڻ هڪ مرثيو لکيو هئم، جو به تمام سٺو هو. هاڻي شعر پڙهندو آهيان ۽ ان سان دلچسپي آهي پر لکندو نه آهيان. سخن شناس آهيان. ان کان علاوه افسانه ۽ ناول لکڻ سان پڻ شوق هوندو هئم ۽ ڪجهه شايع به ٿيا هئا. +موجوده سنڌي ادب بابت توهان جو ڇا رايو آهي؟ +موجوده سنڌي ادب بلڪل اميد افزا آهي، اڳي ادب ۾ ڪو مقصد نه هو، تقليدي ۽ روايتي هو. اڄڪلهه تفريحي، تعليمي ۽ مقصد سان آهي، بي مقصد نه آهي. اڳ بادشاهن جي رڳو ثنا خواني ٿيندي هئي، پر هاڻ ماڊرن نموني لکيو وڃي ٿو. افسانه، تاريخ خواهه شعر مقصديت سان ڀرپور آهي. سنڌي ادب سرڪاري سرپرستي نه هجڻ جي باوجود وڏي همت سان ترقي ڪئي آهي، ضرورت ان جي آهي ته سنڌي ادب ۽ اديبن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. تاريخ لکڻ لاءِ انهن کي همٿائڻ گهرجي ۽ سڀ کان اول تاريخ لاءِ Source books هئڻ گهرجن. مغلن کان وٺي ميرن تائين خط شايع ٿيڻ گهرجن، جن جي ڪافي تاريخي اهميت آهي. ليڪن هتي قصو ئي الٽو آهي. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پير صاحب چوڻ لڳو ته، ان تي اڻ پڙهيلن وڏيرن جو راڄ آهي، جن کي ڄاڻ بلڪل نه آهي. ان جو مثال ڏيندي هن چيو ته مون 20 ورهين کان محنت سان ٺٽي تي تحقيقات ڪري مقالو لکيو آهي، جنهن تي حڪومت ماسٽر پلان ٺاهيو آهي، جنهن ۾ تاريخي حدون ڄاڻايل آهن، ۽ اهو مقالو ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي صاحبن چيو ته اهو اجايو آهي. ان ڪري مان هاڻي ايران جي ادارن ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ لکان ٿو. ان کان علاوه ”مشائخ سيوستان“ آثار قديمه وارن طرفان ڇپجي رهيو آهي. لکڻ کان سواءِ بچيل وقت ۾ مطالعو ڪندو آهيان ۽ شام جو ڪراچي جي بڪ اسٽالن تي ڪتاب جاچيندو آهيان، جن جو گهڻو ڪري قرضي هوندو آهيان ۽ هاڻي ته ڪتاب سنڀالڻ مون لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي. هڪ ته 20000 -25000 هزار ڪتابن لاءِ جڳهه نه آهي. ٻيو ته مون وٽ ڪو عملو نه آهي، ان ڪري هاڻ لائبريري وڪڻڻ جي تاڙ ۾ آهيان. +سنڌ يونيورسٽيءَ کي نه ٿا ڏيو؟ +چوڻ لڳو ته آءٌ پيسن تي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته مون وڏي محنت ۽ جدوجهد سان ڪتاب گڏ ڪيا آهن ۽ هاڻ انهن جي وٺڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي. يونيورسٽي جيڪڏهن وٺندي ته ان کي اوليت ڏني ويندي، ۽ اهڙيءَ طرح جي.ايم.سيّد ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جي ڪتابن جي حفاظت پڻ ڪئي وڃي ته بهتر. پنهنجي لائبريري لاءِ ٻڌايائين ته گذريل هنگامن ۾ ان تي پٿراءُ وغيره جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ليڪن حفاظتي انتظام چڱي هئڻ ڪري بچاءُ ٿي ويو. پير صاحب ٻڌايو ته منهنجن ڪتابن جو هن وقت ڪيٽالاگ به نه آهي، ٻه ٽي ڏينهن هڪ ٻه همراهه رکيم ليڪن اهي ڀڄي ويا، پر ڪجهه ڪتاب به کڻي وڃي رديءَ وارن گاڏن تي وڪيائون. هڪ ڪتاب پنجاب جي وزير خزانه حنيف رامي مون کي سوکڙي ڏنو هو، سو هن کي هڪ دوست فوٽ پاٿ وارن اسٽالن تان وٺي موڪليو هو. +سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ توهان جو ڇا رايو آهي؟ +راشدي صاحب جواب ڏنو ته مان اڄڪلهه جي سنڌي نوجوانن مان بلڪل مطمئن ۽ پر اميد آهيان. جي.ايم.سيّد جي فڪر جيڪا جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽ نوجوانن جي تحريڪ جنهن جو بنياد 04 مارچ کان پيو، ان نوجوانن ۾ انقلاب آندو آهي، ۽ اسان جا نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهن ۽ تمام ذهين آهن. پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ افسانه، ناول، مضمون خواهه شعر وڌيڪ فڪر انگيز صرف سنڌين جو ئي آهي ۽ مان پڙهندو آهيان ته منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو آهي. مان يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ با مقصد ادب صرف سنڌين جو آهي، بهرحال تڏهن به ترقي يافته ملڪن جي ادب جي لحاظ کان گهٽ آهي. اڃا محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ان لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي هجي ڇو ته اسان مصيبت ۾ آهيون. ذهني طرح آزاد نه آهيون، اڳ هندستان اسان جا حق کسيا هئا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ نشين ماڻهن. وڏن خواهه ننڍن، سرڪاري نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌين کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اسان جا نوجوان دربدر، روزگار لاءِ پريشان آهن ۽ مجبورن مسعود نوراني ۽ لالا قادر جهڙا نوجوان حڪومت وٽ وڪامجن ٿا. پر جيڪڏهن آزاد شهرين وانگر باعزت روزگار ملي ته ائين نه ٿئي. سائين حسام الدين شاهه چوڻ لڳو ته، اسان وٽ تمام وڏين صلاحيتن وارا ماڻهو هر ميدان تي موجود آهن ۽ هر فن ۾ سنڌي اڳتي آهن. اسان وٽ اي. ڪي بروهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب دنيا جو بهترين ذهن رکندڙن مان آهن. علامه آءِ. آءِ قاضي عالمن ۾، اردو لکندڙن ۾ علي محمد شاهه ۽ تاريخ ۾ مون جيتري کوجنا ڪنهن نه ڪئي آهي. سياستدانن ۾ جي.ايم.سيّد آهي، جو ڪڏهن به وڪامي نه ٿو سگهي ۽ هاڻي سجاڳيءَ جو دور آهي. سڀ ڪو پنهنجي لاءِ سوچي پيو. پنجاب ۾ هاڻي سرائڪي وارا به پنهنجي ٻوليءِ لاءِ جدوجهد ۾ آهن. ڇو ته بهاول پور– ملتان جو سرائڪي ڳالهائيندڙ حصو، سرحد صوبي کان وڏو آهي. ان ڪري سنڌ جي نوجوانن کي به پنهنجي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي، جو حڪومت تي آسرو رکڻو نه آهي، پر نوجوانن تي اهو بار آهي. جيڪڏهن نوجوانن سستي ڪئي ته، سنڌ قيامت تائين ڪنڌ نه کڻندي، ۽ ڪڏهن به کين بخش نه ڪندي. +تاريخ سان توهان جي دلچسپي ڪيئن ٿي؟ +ننڍي هوندي مذهبي تعليم هئڻ ڪري، اسلامي تاريخ پڙهڻ ڪري، تاريخ نويسيءَ سان دلچسپي ٿي ۽ 1930ع ۾ راجا ڏاهر خلاف مضمون لکيم.پاڻ چوڻ لڳو ته مسلمانن جي تاريخ خون سان ڀريل آهي. عوام ته ڪا شيءِ نه رهيو آهي.صرف اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو آهي.احمد شاهه ابدالي، محمود غزنوي، بابر، شاهجهان، جهانگير، عالمگير اورنگزيب اسلام جي نالي ۾ ظلم ڪيا ۽ دهلي ملڪ جو تختگاهه رهي. پر اتي هاڻي به هندو گهڻا رهن ٿا. پير صاحب ان موقعي تي مڙئي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اسلام جو ڪو به ٺيڪيدار نه آهي. اسان به خدا کي مڃون ٿا ۽ ان جي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان محبت آهي، پر هاڻي قصو ئي نرالو آهي. ۽ اهو ”منصور“ وارو آهي. راشدي صاحب موجوده تاريخ لکڻ بابت چوڻ لڳو ته، اڄڪلهه تاريخ بلڪل غلط لکي وڃي ٿي ۽ حقيقتن کي مسخ ڪيو وڃي ٿو. حاليه تاريخ ته آهي ئي ڪا نه ۽ هن وقت تاريخ اسلام جو نظريو رکي پوءِ لکن ٿا، حالانڪه تاريخ مسلمان نه ٿيندي آهي پر تاريخ تاريخ ٿيندي آهي ۽ تاريخ هن وقت سائنسي ۽ جديد طريقي موجب نه لکي وئي ته پوءِ سمجهه ۾ ئي نه ايندي. +پير صاحب جو اسان ڪافي وقت وٺي چڪا هئاسون. اٿڻ مهل پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي لائبريري واري نموني ڪتاب درين تي سٿيا پيا هئا، وهاڻي جي ٻنهي پاسي ڪتاب پيا هئا. خصوصن شاهه جو رسالو ۽ مثنوي مولانا روم، جن کي پير صاحب دلچسپي سان پڙهندو آهي، اهي پيا هئا. ڪمري جا ڪجهه فوٽو وٺڻ بعد اسان سندس ٿورو مڃي ٻاهر نڪتاسين ۽ راشدي ”برادران“ جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هڪ ٻئي سان مددڪرڻ واري ڳ��لهه پير مظفر تي اهڙو اثر ڪيو جو چوڻ لڳو ته ”يار مان به اهڙي نموني وڏي ڀاءُ پير مظهر جي مدد ڪندس ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهندس.“ +اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ +[هي انٽرويو محترم ناصر مورائي ورتو ۽ ان کي رسالي ”برسات“ ڪراچي، ڊسمبر1974ع ۾ شايع ڪيو] +سنڌ جي ڌرتي سدا جوان ڌرتي آهي. زرخيزيءَ ۾ ان جو مٽ دنيا جو ڪو مشڪل خطو هوندو. هن ڌرتيءَ پنهنجي ان خوبصورتيءَ، حسن ۽ زرخيزيءَ جي ڪري جيترو ڌارين بگهڙن جا حملا سٺا آهن، اوترو دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ نه سٺا آهن. دراوڙ ڪال کان ويندي هن دور تائين هن ڌرتيءَ جي حسن کي لٽڻ لاءِ ڪئين جارح حملي آور ٿيندا رهيا آهن. هن ڌرتيءَ جنهن جي عظمت جا نشان موهن جو دڙو ۽ رني ڪوٽ آهن، پنهنجي سيني ۾ سوين سورمن، هزارين ڪوپن ۽ ڪونڌرن جي ڪوس جا داستان دٻالٽ ڪري رکيا آهن ۽ پنهنجي عظمت ۽ اعلان کي برقرار رکڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين اهڙا ڪونڌر ڄڻيندي ٿي رهي. +سنڌ جي موجوده ٻڪر ٻوساٽ واري دور ۾ سائين جي.ايم.سيّد سان گڏ پير حسام الدين راشدي ئي واحد شخص آهي، جيڪو سنڌين جي تهذيب، ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڌارين کان ٿيندڙ حملن جو مقابلو ڪري رهيو آهي. +اروڙ جي فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل پير حسام الدين راشديءَ وٽ بنا وقت مقرر ڪرڻ جي، چند سوال پني تي لکي ۽ هزارين سوال سيني ۾ سانڍي ٽيپ رڪارڊ ڪلهي ۾ لڙڪائي وڃي پهتس ته ”برسات“ جي پڙهندڙن سان پير صاحب جي ملاقات ڪرايان. باريابي حاصل ڪرڻ جي ابتدائي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ ڪمري ۾ پير ڌريم ته پير صاحب هڪ وڏي ميز جي پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. فرش کان ڇت تائين ڪاٺ جي طاقن تي ڪتاب سٿيا پيا هئا. چؤطرف سانت ڇانيل هئي. سلام وارڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي سون. مان پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪمري جي وايو منڊل ۾ مبهوت هئس ته پير صاحب پڇيو: ”ابا، ڪر خبر ڪيئن آيو آهين؟“ ان وقت مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اروڙ جي صدين کان خاموش ماٿريءَ مان پڙاڏو اڀري رهيو آهي. مقصد بيان ڪيم ته ساڳئي وقت حجت به رکيم، ڇاڪاڻ جو پير صاحب بي انتها مصروف هو، متان ڪو انڪار ڪري وجهي. مون کي پنهنجي ارادي تي پختو محسوس ڪري پير صاحب کي ٻيو چاروئي نظر نه آيو. ان کان اڳ لکڻ ۾ مصروف هو، سو ڪاغذ پٽ سنڀالي پاسيرا رکي، مون ڏانهن متوجه ٿي فرمايائين : ها، چئه، ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟ “ مون ان وچ ۾ ٽيپ رڪارڊر کي تيار ڪري رکيو هو. سوال ڪيم ته : ”پير صاحب توهان سنڌ جي قديم تاريخ کي سهيڙڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، سنڌين تي توهان جو اهو وڏو احسان آهي، ڇاڪاڻ جو تسلسل نه ٿو ملي ۽ جيڪي ڪجهه تاريخ ۾ موجود آهي اهو بگڙيل صورت ۾ آهي. توهان ان مسئلي تي روشني وجهندا؟“ پير صاحب جواب ۾ ٻڌايو ته: +هن وقت تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، انهن ۾ ڪو به خيال يا ڪو موڙ ڏنل ڪونهي. ان کان سواءِ انهن مان عام حالتن جي ڪا به خبر نه ٿي پوي. اهي فقط وڏن ماڻهن، عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جون تاريخون آهن. عام ماڻهن جي ڪهڙي حالت هئي، انتظام ڪهڙو هو، اٿي ويٺي ڪهڙي هئي، مالي ۽ سماجي حالت ڇا هئي، نه فقط ان ڳالهه جي خبر نه ٿي پوي پر اها به ڄاڻ نه ٿي پوي ته سنڌ تي آيل ڌارين حڪومتن هتي ماڻهن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا، يا فاتح مفتوح سان ڪهڙي نموني هليو، مرحوم مرزا قليچ بيگ توڙي محمد صديق ميمڻ جي دور تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي تاريخون لکيون ويون، انهن ۾ ان شيءِ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. مون ماڻهن جي عام زندگي ۽ فاتحن جي مفتوح سنڌين سان سلوڪ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مطالع ۾ آيل مختلف ڪتابن مان ٽڪرا ڪڍي هڪ هنڌ گڏ ڪيا آهن.مثال طور اسان کي اها خبر نه هئي ته ارغونن ۽ ترخانن سنڌين تي ڪهڙا ظلم ڪيا. هاڻي اهي بلڪل وائکا آهن. انهن جي ظلمن ۽ ڏاڍ جا جيڪي به واقعا هئا اهي مون سمورا گڏ ڪري تاريخ ۾ ڏنا آهن. پڌرو آهي ته جيئن ته اهي فارسيءَ ۾ آهن، ان ڪري انهن جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ لازمي آهي. جيسين تائين سنڌ جي تاريخ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيندو تيسين تائين عام ماڻهو ان کي سمجهي نه سگهندا. دهليءَ وارن مغلن جو دور هميشه ساراهيو ويو آهي، پر انهن جي زماني ۾ اتفاق سان ”مظهر شاهجهاني“ نالي فارسيءَ ۾ هڪ اهڙي تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ مغلن جي گورنرن ۽ خود مغل بادشاهن جيڪي سنڌين سان ظلم، ڏاڍايون ۽ بي انصافيون ڪيون آهن ۽ سنڌين جيڪي اذيتون سٺيون آهن، انهن جو نهايت اندوهناڪ ۽ دردناڪ نقشو چٽيو ويو آهي. اها تاريخ مغلن جي هڪ ڪاردار لکي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۾ مغلن جي ٿيل ڪوتاهين کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها ”مظهر شاهجهاني“ تاريخ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ماڻهن جي آڏو اچي ته مون کي يقين آهي ته ان تاريخ پڙهڻ کان پوءِ ڪو به ماڻهو مغل حڪومتن جي ساراهه نه ڪندو. تاريخ ڪو مذهبي ڪتاب نه آهي، تاريخي واقعا الهامي نه آهن. مذهبي فريضو نه آهن. انهن کي سائنسي انداز سان پڙهڻ ۽ پرکڻ گهرجي. تاريخ هميشه پڙهڻ لاءِ آهي، تلاوت ڪرڻ لاءِ نه آهي. سنڌ جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪتاب ”چچ نامو“ آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي. اسلام کان اڳ جا جيڪي به سنڌ ۾ ڪتاب هئا سي سڀ مسلمانن جي انهن حملن ۾ تباهه ٿي ويا، جهڙي ريت مسلمانن ٻين هنڌن تي مفتوح ملڪن جا ڪتبخانه تباهه ڪيا آهن. سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هو، جيڪو عربن جي حملن ۾ تباهه ٿي ويو ۽ پوءِ اها ”چچ نامو“ تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا غلط ۽ هٿ گهڙيل واقعا ڏنا ويا آهن، جيڪي پوءِ ٻاهر لکيل تاريخن سان ڀيٽڻ کان پوءِ غلط ثابت ٿيا آهن. مثال طور اهو چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ جي ديبل بندر تي مسلمانن کي ڦريو ويو، زائفون لٽيون ويون ۽ قيد ڪيون ويون. اتان ڀڄي نڪتل ماڻهن وڃي حجاج بن يوسف کي ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن مسافرن کي ڦريو آهي ۽ انهن توکي ”اغثني يا حجاج“ چئي مدد لاءِ پڪاريو آهي. تنهن تي حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملي لاءِ موڪليو. اهي ۽ ان قسم جا ماڻهو علامتون (Symbol) ٿي اچن ٿا. اها مسلمان مسافرن جي ڦر واري روايت بلڪل غلط آهي. سنڌ تي حملو، مسلمانن جي ڦر جي داد رسي ۽ ڦر جو مال واپس موٽائڻ لاءِ نه ڪيو ويو هو. ان روايت کي ٿوري دير لاءِ کڻي مڃجي ته اهو ڪيئن روا ٿي سگهي ٿو ته رستي ويندي ڪي چور ڪنهن کي ڦرين ته ان ملڪ تي حملو ڪيو وڃي ! ٻئي پاسي ان کان اڳ عربن سنڌ تي ڏهه ٻارهن حملا ڪيا، انهن جو ڪهڙو جواز هو؟ +ظاهر آهي ته عربن جو ٻين ملڪن وانگي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو باقاعدي پروگرام هو، تاريخ ۾ ان حملي کي جائز ڪرڻ ۽ ملڪ گيري کي قاعدي اندر ڄاڻائڻ لاءِ اهو هڪ هٿ گهڙيو واقعو ٺاهيو ويو، جيڪو منطق ۾ بلڪل نه ٿو اچي. اهڙيءَ ريت ”چچ نامو“ تاريخ نه آهي، محض ڏند ڪٿائون آهن. جيڪا به حاڪم قوم ايندي آهي، اها پنهنجي غلط قدمن ۽ عملن جي جواز لاءِ تاريخون لکرائيندي آهي، جنهن ۾ هٿ گهڙيا واقعا درج ڪرائيندي آهي. اهڙي نموني سان اسان جي هر دور جي تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي. +ٽيپ رڪارڊر پير صاحب جو آواز محفوظ ڪري رهيو هو ۽ مان سندس زبان مان نڪتل تاريخ جي شفاف جهرڻي جيان وهندڙ ڌارا جي لئه ۾ گم هئس. پير صاحب جيئن بيان پورو ڪري مون ڏانهن سوال ڪرڻ لاءِ نهاريو ته ڇرڪ ڀري پاڻ کي سنڀاليم ۽ آڏو رکيل ڪاڳر تي نظر ڌري ٻيو سوال ڪيم: ”سائين، سنڌ جي قديم تاريخ بگاڙڻ جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟“ پير صاحب وراڻيو: +قديم دور کي ايندڙ دور يا حال ماضيءَ کي بگاڙي، اهو ته سدائين رهيو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ڪا به تاريخ صحيح ڪانه لکي وئي آهي. جنهن بادشاهه يا حاڪم تاريخ لکرائي آهي، يا جنهن دور ۾ لکي وئي آهي، انهي بادشاهه کي جائز ثابت ڪرڻ يا ان حاڪم جي حڪومت کي جائز ثابت ڪرڻ يا حاڪم جي حڪومت کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ گذريل بادشاهن يا حاڪمن جا گناهه لکيا ويندا آهن ته جيئن پڙهندڙ ائين سمجهن ته هيءُ بادشاهه يا حاڪم رحمت جو فرشتو آهي، باقي اڳين بادشاهن يا حاڪمن مصيبتون پي پيدا ڪيون آهن. +هندستان ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اهي ٻن نوعيتن جون آهن. هڪڙيون تاريخون اهي آهن، جيڪي مغلن ۽ ٻين بادشاهن سرڪاري طور لکرايون، جيڪي ظاهر آهي ته يڪ طرفيون آهن. +ان کان پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ته هتي گروهه پيدا ٿيا. هڪ هندن جو ته ٻيو مسلمانن جو. انهن گروهن پيدا ڪرڻ ۾ انگريزن جو پنهنجو مقصد به هو. ان دور ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون، انهن ۾ ڪي بت اهڙا بنايا ويا، جن جو مسلمان احترام ڪن ته ڪي بت اهڙا کڙا ڪيا ويا، جن کان هندو نفرت ڪن. انهن ۾ محمود غزنوي ۽ اورنگزيب عالمگير ۽ ڪي ٻيا بادشاهه سرفهرست آهن. اهي تاريخون تاريخي لحاظ کان نه، پر جواب در جواب طور لکيل تاريخون آهن. مثال طور هندن کي چيڙائڻ لاءِ محمود غزنوي کي مسلمانن جو وڏو سورمو، غازي، هندن جو وڏو ڪٽر دشمن ۽ اسلام جي علامت ڪري لکيو ويو آهي. حالانڪ محمود غزنوي هندستان تي جيڪي به ڪاهون ڪيون، اهي سڀ هن ذاتي ۽ دولت لٽڻ لاءِ ڪيون. اهي اسلام جي سربلندي يا مسلمانن جي ترقي ۽ فائدي لاءِ نه هيون. هن هندستان تي حملا ڪري رڳو لٽ مار ۽ قتل غارتگري ڪئي ۽ سمورو لٽيل خزانو غزنيءَ کڻي ويو. +منصوره جي حڪومت ظاهر آهي ته اسلامي علامت سمجهي ٿي وئي. اهو شهر اتان جا ماڻهو، انهن جي اُٿڻي وِهڻي مطلب ته سڀ ڪجهه اسلامي نمونو هو، جنهن کي محمود غزنوي تباهه ڪيو. ڪنهن هندو راجا يا مڪاني بادشاهه نه ڪيو هو. هن ملتان سان به ساڳي ڪار ڪئي، تنهن ڪري اهڙي شخص کي اسلامي علامت يا اسلام جو علمبردار ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ +حقيقت ۾ هو هڪ عام غاصب ۽ ظالم بادشاهه هو، جنهن جو اسلام سان ڪو به واسطو نه هو. جيڪي به مسلمان بادشاهه ٿي گذريا آهن، تاريخ مان انهن جي ڪردار جو جيڪڏهن ايمانداريءَ سان تجزيو ڪبو ته انهن مان ڪوبه بادشاهه مسلمانيءَ جي نقطي تي يا اسلامي علامت بنجڻ تي پورو ڏسڻ ۾ نه ايندو. هي بادشاهه به ٻين قومن جي بادشاهن ۽ فاتحن جهڙا هئا. +مغل بادشاهن ۾ اڪبر جون ڪمزوريون معلوم آهن. جهانگير جون اخلاقي ڪمزوريون بيحد گهڻيون آهن. حالانڪ تاريخ ۾ هن کي عادل ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پر سندس پنهنجي ڀائرن يا اولاد سان جيڪا روش هئي، ان جي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي. پيءُ سان بغاوت ڪيائين. هڪ ايراني عورت تي عاشق ٿيو ته ان جي مڙس کي مارائي هن کي هٿ ڪيائين. شراب بي انتها پيئندو هو. آفيم به کائيندو هو. گهڻي شراب پيئڻ ۽ آفيم کائڻ ڪري سندس پويان ڏينهن مايوسي ۽ بي چيني ۾ گذريا، ۽ Nerves Breakdown ڪري موت ٿيس. ان کان پوءِ شاهجهان تخت تي ويٺو، تنهن به پنهنجا ڀائر مارايا. هاڻي اها ڪهڙي اسلامي خدمت هئي يا هندستان ۾ شاهجهان جي انهن خوني ڪاررواين کان پوءِ اسلام جو ڪهڙو واڌارو ٿيو؟ ان کان سواءِ هو اخلاقي طور تي به تمام ڪمزور هو. اهو سڀ ڪجهه تاريخن ۾ موجود آهي. هاڻي جي تاريخ کي عقيد�� سان پڙهبو ۽ لازمي طور اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته مغل بادشاهه فرشته سيرت هئا ته پوءِ ان جو ڪو علاج ڪونهي! +اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏن ڀائرن سان وڙهيو. داراشڪوهه ۽ ٻين ٻن ڀائرن کي مارايائين. پيءُ کي ڪاٺ ۾ وڌائين. وچئين ڀاءُ جون اکيون ڪڍرايائين، وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ان جو سر پيءُ ڏانهن بندي خاني ۾ موڪليائين. مطلب ته اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون خونريزيون ڪيون. ڪيترا دفعا سنڌ ۾ اچي وڙهيا. اها انگريزن جي ڪوشش هئي ته اورنگزيب کي اسلام جو علمبردار ڪري پيش ڪن ته جيئن هندو اورنگزيب کان ڇرڪن ۽ نفرت ڪن ۽ مسلمان هن کي سورمو ۽ اسلام جي علامت سمجهن. اورنگزيب جي ڪردار کي ڏسجي ته اخلاقي طور بيحد ڪمزور هو، شڪي ۽ بدمزاج هو. هن دکن جي چئن مسلمان رياستن کي ناس ڪرڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ جا پنجويهه سال خرچ ڪيا. هاڻي سوال ٿو اٿي ته اونگزيب جنهن کي اسلام جو علمبردار سڏيو ٿو وڃي، دکن جي انهن چئن ئي رياستن کي ڇو ختم ڪيو؟ کيس گهرجي ها ته انهن مسلمان رياستن کي مستحڪم ڪري ها! پر ائين نه ڪيائين، انهن مسلم رياستن سان ساندهه پنجويهه سال جنگيون جوٽيو ويٺو رهيو ۽ مئو به اتي ئي. +شاهجهان توڙي اورنگزيب جي زماني ۾ سنڌ ۾ شورشون هيون. سنڌي بهرحال ڌارين جي حڪومتن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهيا آهن. ارغونن سان مقابلا ڪيائون. پر سنڌين ۾ جيڪي ذاتي نفاق ۽ عداوتون هيون ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ناڪام به ٿيا آهن، ۽ گهڻو ڪري سنڌين کي جيڪا شڪست آئي آهي اها سڌي سنئين وڙهڻ جي ڪري نه آئي آهي، پر ڌارين جي سازش ڪري آئي آهي. مثلاً ڄامن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ فيروز شاهه تغلق جو موقعي مان فائدو وٺي سنڌ تي حملو ڪرڻ. جنهن ۾ هن ڄامن کي شڪست ڪانه ڏني پر سازش ڪئي. جهانيان جهان گشت بخاريءَ کي دوکو ڏئي وچ ۾ آڻي ڄام کي صلح تي راضي ڪري پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. مغل، شاهه عنايت سان ويڙهه ۾ پڄي نه سگهيا. مغل گورنر وچ ۾ قرآن مجيد آڻي صلح ڪيو. پوءِ کيس ٺٽي ۾ آندو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌين جڏهن به شڪست کاڌي آهي يا حڪومت وڃائي آهي ته هميشہ سازشن ۽ دوکن سان وڃائي آهي. باقي لڙائي جي ميدان ۾ سنڌين کي ڪڏهن به زير نه ڪيو ويو آهي. +ارغونن ڄام فيروز ۽ صلاح الدين کي ويڙهائي سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي. ارغونن سان درياهه خان وڙهندي شهيد ٿيو ته پوءِ به درياهه خان جا پٽ ۽ راجپوت ارغونن سان هر قدم، هر جاءِ تي مقابلا ڪندا رهيا. هاڻي اهي تاريخي حقيقتون هڪ پاسي آهن ته ٻئي پاسي تاريخن تي جيڪي ڪتاب، اسان ننڍي هوندي کان پڙهيا آهن، انهن ۾ ٻئي قسم جا تذڪرا ڪيل آهن. اهڙي ريت تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي. اهو سڀ ان ڪري جو هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ لاءِ انگريزن اهڙيون تاريخون تيار ڪرايون. سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تاريخون لکرايون ويون، انهن ۾ ڪو به علم، قوميت، يا وطن سان محبت جو ڪو احوال نه ڏنو ويو آهي. اهي سڀ تاريخون انگريزن پنهنجي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لکرايون آهن ۽ انهن ۾ انتهائي غلط مواد ڀريو ويو آهي ۽ افسوس آهي جو اسان جي ئي مؤرخن انهن تاريخن کي لکيو آهي. انهن ۾ يا ته هو اٻوجهه هئا يا لکڻ لاءِ مجبور هئا. هنن هر ٻاهرئين حاڪم کي ”ظل الله“ يعني خدا جو پاڇو لکيو آهي. پوءِ کڻي ان ٻاهرئين بادشاهه، سنڌ جي مسلمان بادشاهه کي قتل ڪيو هجي، جنهن لاءِ کيس ڪو به اسلامي جواز، نه ئي ڪو حق هو، ته به انهن حاڪمن جي ساراهه ڪئي اٿن. انهن کي ڌوئي ڇڏڻ گهرجي. انهن تاريخن سان ذهن صاف نه ٿيندو ۽ اسان جي تاريخ نئين زماني سان هلي ن�� سگهندي. ان ڪري ضروري آهي ته تاريخن کي نئين سر پڙهڻ گهرجي، نئين سر تدوين ڪرڻ گهرجي ۽ جتي جتي تسلسل ٽٽي پيو آهي، ان کي ڳنڍڻ گهرجي. جنهن لاءِ اسان وٽ تمام گهڻو مواد موجود آهي. فقط اسان کي ڪوشش وٺڻ گهرجي. پيسو گهرجي ۽ پنهنجي ادارن کي فعال ڪرڻ گهرجي. +پير صاحب سوال جو جواب ڏئي پورو ڪيو ۽ مان سوچي رهيو هئس ته سنڌين کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪندڙ انهن تاريخن کي بلڪل ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، جنهن لاءِ سنڌ جي موجودهه نسل کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي آهي..... مون سوال ڪيو ته: ”سائين، سنڌ جي موجودهه تاريخ کي اصلي صورت ۾ رکڻ لاءِ ته جيئن آئيندي جا مؤرخ سنڌ جي هلندڙ دور جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪن، ڪهڙيون ڪوششون وٺڻ گهرجن؟“ پير صاحب وراڻيو ته: +”انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ، اسان جي هن وقت جيڪا تاريخ آهي، انهيءَ لاءِ هر ماڻهوءَ کي اخبارن جي ڪٽنگس، يا اڙدو اخبار ۾ سنڌين تي جيڪي حملا ٿي رهيا آهن، انهن جون ڪٽنگس گڏ ڪرڻ گهرجن. مون کي حيرت آهي ته اردو اخبارون اهي مطالبا ڪري رهيون آهن ته : ”نصابي ڪتابن مان دودي چنيسر جو احوال ڪڍي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو احوال ڏيڻ گهرجي.“ ڇا اسان جي سورمن، اسان جي مشاهيرن کي حق نه آهي ته اسان جي تاريخ ۾ لکيا وڃن؟ ڪراچيءَ جو مثال وٺو، جيڪا سنڌ پرڳڻي جو گادي هوندي به، ڪنهن به سورمي جو نالو رستن تي نه لکيو ويو آهي. سڀ ٻاهرين جا نالا لکيا ويا آهن. هڪڙو شاعر هو. ڄائو به هندستان ۾ ته مئو به هندستان ۾، سندس وفاداريون به هندستان سان هيون ته به سائين ان جو نالو هڪ تمام وڏي ۽ مکيه رستي تي رکيو ويو آهي: ”جگر مراد آبادي روڊ !“ ته منهنجو چوڻ آهي ته هن وقت جي تاريخ تمام آسان آهي ڇاڪاڻ جو اها اسان جي اڳيان هلي رهي آهي. اسان تي جيڪي ناجائز حملا ڪيا ٿا وڃن ۽ جيڪي اسان جا حق ڦٻايا ويا آهن. انهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ گهرجن.روزمره جي واقعن جي باري ۾ جيڪي اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو اهو محفوظ ڪرڻ گهرجي. اهو هر سنڌيءَ جو فرض آهي ۽ وقت ايندو جو انهن اخبارن جون ڪٽنگس ۽ ٽڪرا اسان جي تاريخ بنجندي. ان کان وڌيڪ ٻي تاريخ ٿي نه سگهندي. ڇاڪاڻ جو اسان جي انهن روزمره جي واقعن ۾ عجيب غريب شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. نوڪرين، واپار، زمين، قرضن ۽ شهرن ۾ سنڌين جي دخل هئڻ جي سلسلي ۾ اسان سنڌين تي جيڪي ملڪ دشمنيءَ جا الزام ڌريا ٿا وڃن، ايتريقدر جو هڪ مسلمان ڪنهن ڪافر تي جيڪي الزام هڻي، اهڙا الزام اسان تي هنيا ٿا وڃن، ان سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه مواد هٿ اچي اهو سڀ محفوظ ڪيو وڃي. جنهن مان اسان جي تاريخ جڙندي. سنڌين سان ناحق ٿي رهيو آهي. ڏاڍ ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو قوت هنن جي هٿ ۾ آهي. اخبارون هنن جون رهيون آهن ۽ اسان سنڌين کي پٺتي رکيو پيو وڃي. اسان موجوده تاريخ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اسان ماضيءَ جي تاريخ کي پرکي سگهون ٿا ته، جيڏو هن وقت اسان تي ٻاهرين طرفان ڏاڍ ٿي رهيو آهي، ايڏو ئي ماضيءَ ۾ ٻاهرين حاڪمن طرفان سنڌين تي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيو هوندو. ان ڪري ماضي ۽ حال سنڌ جي تاريخ لاءِ بلڪل ڳنڍيل آهن. نا انصافين ۽ ڏاڍاين جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. اڄ جيڪي ڪجهه سنڌين سان وهي واپري رهيو آهي، ان کي گڏ ڪري جيڪڏهن ڪو تاريخ لکي ته ان کي گذريل دورن ۾ ٻاهرين حڪمرانن جي سنڌين سان ڪيل هلت سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ان ڪري اسان کي اخبارون پڙهي اڇلائڻ نه گهرجن. اخبارن ۾ درج ٿيل اهي سموريون ڳالهيون ۽ واقعا ڪوري ڪاغذ تي رکڻ گهرجن. مثال طور سنڌي ٻوليءِ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جيڪا پندرنهن سالن کان هلچل ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن کي به ياد نه هوندي. پر مون وٽ اخبارن جون ڪٽنگس آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته فقط اهو مواد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ لاءِ ڪافي آهي. +(1) هيءُ ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي سان 1977ع ۾ ڇپيو آهي. + + +مون پير صاحب کان سوال ڪيو: +سائين سنڌ جي سرزمين تي صوفين جي پرچار جو گهڻو اثر آهي، ان تصوف مان سنڌي قوم جي مجموعي سرت ۾ واڌارو ٿيو آهي يا نه؟ توهان ان بابت ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ پير صاحب وراڻيو: +سنڌ تي صوفين جو وڏو اثر آهي جيڪونه فقط مسلمانن تي پر هندن تي به يڪسان آهي. توهان کي معلوم هوندو ته هندو، مسلمان بزرگن ۽ صوفين جا مريد هئا. شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل، ٻڍڙي فقير، بيدل بيڪس، ڪنڊڙي وارن توڙيِ اڏيري لال جا هندو به مسلمانن وانگي مريد هئا. مطلب ته تصوف جي سلسلي سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن مان مذهبي وڇوٽي کي هڪ طرف ته مذهبي ڪٽرپڻي کي ٻئي طرف ختم ڪري ڇڏيو آهي. هندن ۽ مسلمانن ۾ اقتصادي فرق برابر هو، جيڪو به سنڌي مسلمانن جي عملن جي ڪري هو. اسان ۾ جيڪا انساني همدردي آهي، انساني قدر آهن، دلين ۾ نرمائي، اکين ۾ حياءُ، شرم، پاڙي وارن سان مهر محبت جو سلوڪ آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي تصوف جي ڪري حاصل آهي. پر هاڻي جيئن حلوو وڌيڪ کائي وڃجي ۽ پوءِ بدهضمي پيدا ٿئي، تيئن جيڪڏهن اسان سئو سيڪڙو تصوف تي هلنداسين ته ظاهر آهي ته اسان کي تڪليفون پهچنديون. تصوف ۽ صوفين جي تعليم اسان سنڌين لاءِ ترياق ۽ اڪسير آهي. باقي جيڪو چيو وڃي ٿو ته اسان جي قوم جي سستي ۽ ڪاهلي صوفين جي اثر ڪري آهي، بلڪل غلط آهي. ان سستي ۽ ڪاهليءَ جا ٻيا ڪارڻ آهن. ان جو هڪ ڪارڻ سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو آهي. جنهن هيٺ زميندار سنڌ ۾ وچولو طبقو پيدا ڪرڻ نه ٿو ڏئي ته جيئن اهو وچولو طبقو ڪرسين تي ويهي سندن مقابلو نه ڪري. ان ۾ پاڪستان کان اڳ هندو ۽ پاڪستان کان پوءِ ٻاهرئين ڪاموري ملي، سنڌ جي زميندار جو ساٿ ڏنو آهي ۽ سرپرستي پي ڪئي آهي. ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته هر دور ۾ سنڌ تي ڪا نه ڪا ڌارين طاقت رهندي آئي آهي، جنهن سنڌين کي اڳتي وڌڻ ۽ خوشحالي ماڻڻ کان محروم پي رکيو آهي. جيئن هلندڙ دور ۾ اسان کي چيو پيو وڃي ته توهان تي هندن جو قبضو هو ۽ انهن توهان کي غلام بنائي رکيو هو ۽ هاڻي توهان آزاد آهيو. اسين چئون ٿا ته اقتصادي طرح اسان اڃا به بدحال آهيون، جيئن هندن جي زماني ۾ هئاسين، ته جواب ۾ چيو پيو وڃي ته توهان ۾ اهليت ئي نه آهي. توهان سست ۽ ڪاهل آهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪا به ڪوشش نه ٿا ڪريو. مان ٿو پڇان ته انهن هندستان مان لڏي آيل مسلمانن تي به ساڳي طرح هندوءَ جي بالادستي هئي ۽ هتي اچي هو پاڻ کي اهل ۽ لياقت وارو پيا سڏائين ته پوءِ انهن هندستان ۾ ڇو نه ٿي پنهنجي اهليت ۽ لياقت جا جوهر ڏيکاريا؟ ڳالهه پڌري آهي. اهي هندستان مان لڏي آيل مسلمان اتي اسان وانگر اقتصادي بدحالي ۾ مبتلا هئا ۽ هتي اچي جوهر ڏيکاريا اٿن. اهڙي ريت سنڌين جي پوئتي پوڻ جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت سواءِ هڪ ڄڻي جي، ٻي پوري حڪومت ٻاهران ٺهي آئي هئي. ان ڪري هتي سنڌ ۾ هندن جون ڇڏيل نوڪريون، واپار ۽ ٻيون ملڪيتون هنن جي هٿ اچي ويون. اسان ساڳي بدحالي ۾ رهجي وياسين. اهڙي ريت سنڌين جي ترقيءَ جا پورا وسيلا ۽ رستا هنن روڪي ڇڏيا آهن ته پوءِ اسان موڳا ۽ سست نه ٿينداسين ته ٻيو ڇا ٿينداسين ! ان ۾ تصوف جو ڪو به ڏوهه نه آهي. هيءُ هندستاني مسلمان هتي لکين ايڪڙ زمين، هر اداري ۾ نوڪرين ۽ هر هنڌ تي بنگلن جا ڌڻي ٿي ويٺا آهن. اسان کي خبر آهي ته هندستان ۾ انهن وٽ ڪجهه ب�� ڪونه هو. اهو سڀ ڪجهه ڪوڙن ڪليمن جو ڪرشمو آهي. حڪومت سندن ئي هئي، پوءِ ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا وارو حساب هو. حسام الدين کي هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڪانهي ۽ هيءُ جيڪي هٿين خالي هئا، هٿين خالي آيا هئا، اهي پنج پنج، ڇهه ڇهه بنگلن جا مالڪ آهن. مطلب ته بئنڪن ۾، ميونسپالٽين ۾ سندن ماڻهو آهن. ريهبليٽيشن (آبادڪاري) کاتو سندن هٿ ۾ هو، سو وٺي کڻي پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن يارن يا ڳوٺ وارن کي ورسايو اٿن. جيڪي آساميون نڪرن ٿيون، اهي پاڻ ۾ ورهايو ويٺا آهن. سنڌين کي نه ڪا نوڪري ٿي ملي، نه قرض ٿو ملي ۽ نه ئي ڪو پلاٽ ٿو ملي جو جاءِ ٺهرائي سگهن. اخبارون هنن جون آهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي وٺي ٿيون واءِ ويلا مچائين، ان ڪري هنن اسان کي منجهائي رکيو آهي. اسان سست نه آهيون. اسان جسماني توڙي دماغي لحاظ کان فقط پاڪستان ۾ نه پر هندستان ۾ برک آهيون. توهان ڏسندئو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان جا ذهين ماڻهو موجود آهن. لکندڙن ۾ به اسان هنن کان تمام مٿي آهيون. هنن وٽ لکندڙ به نه آهن، جيڪي سٺا لکندڙ آهن سي به پنجاب سان تعلق رکن ٿا. هنن ۾ ڪا به لياقت نه آهي. پوءِ اسان اقتصادي طور تي بدحال آهيون ته اهو سنئون سڌو حساب جو معاملو آهي ۽ اهو هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته اسان کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏنو وڃي. +مون سوال ڪيو: ”پاڪستاني ثقافت بابت ڪراچي ٽيليويزن تي ٿيل مذاڪري ۾ توهان جيڪي ڪجهه چيو، ان جي خلاف اردو اخبارون باقاعدي لکي رهيون آهن. توهان مهرباني ڪري ان تي تفصيلي روشني وجهندا “ پير صاحب وراڻيو: +”ادا ڳالهه هيءَ آهي ته انهن جو دماغ خراب ٿيو آهي. انهن جو نه مطالعو آهي نه سمجهه اٿن. هندستان مان جيڪي اهي اسان جا ڀائر آيا آهن، اهي گهرن ٿا پيا ته جيڪي ڪجهه هنن وٽ هندستان ۾ هو، اهو هتي ٿئي، ۽ ان جو نالو اسلام، ان جو نالو پاڪستان ۽ ان جو نالو پاڪستاني ثقافت ٿئي. جيڪڏهن اسان کي اها صورت هتي اختيار ڪرڻي هئي ته پوءِ هندستان کان جدا ٿيڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي! ظاهر آهي ته هتان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت، هندستان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کان بلڪل جدا آهي. پنجاب، سنڌ، سرحد ڳ ي لکي رهيون آهن۽ بلوچستان انهن سمورن پرڳڻن کي پنهنجون مخصوص ثقافتون، تاريخون ۽ روايتون آهن. پاڪستان کي وجود ۾ آئي مس ڇويهه ورهيه گذريا آهن، جيڪي سياسي خلفشار ۾ گذريا آهن ۽ هاڻي ويهي پاڪستاني ثقافت بابت مذاڪرا ڪرائڻ، منهنجي خيال ۾ وقت کان اڳي ۽ اجايو آهي. ڪا به ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ويهن پنجويهن سالن اندر پيدا نه ٿيندي آهي. ثقافت ٺاهي نه ويندي آهي پر خود نسلن گذرڻ کان پوءِ غير شعوري طور پنهنجي صورت اختيار ڪندي آهي. مثال طور مون انگريزي لباس اوڍيو ته انگريز ڪونه ٿي پوندس ! مان سمجهان ٿو ته هتي ڪنهن نئين ثقافت ٺاهڻ جو ڪو ضرور ناهي. هتي جي چئن ئي پرڳڻن جو مجموعو پاڪستان آهي ته پوءِ اسان جي سنڌي ثقافت به پاڪستاني ثقافت شمار ڪري سگهجي ٿي. هاڻي پاڪستاني ثقافت جو نعرو بلند ڪرڻ ۾ سواءِ ان جي ته هندستاني ثقافت جي اسان جي چئن ئي پرڳڻن جي ثقافتن تي بالادستي قائم ٿئي، ٻيو ڪو مقصد نه آهي. فطرت جو قانون آهي ته جيڪڏهن ڪي ٻاهريان ماڻهو ايندا آهن ته انهن کي زماني جي رفتار سان هتي جي اصلوڪي ثقافت ۾ جذب ٿي وڃڻو پوندو آهي. مون کي تعجب لڳو ته هي ماڻهو ان شيءِ تي مذاڪرا ڪرائي قومي پيسي ۽ وقت جو زيان ڪرائي رهيا آهن. جنهن جو نه ئي ڪو وجود آهي، نه ئي وجود ۾ اچڻ جو ڪو امڪان آهي. هتي پنجين ثقافت پيدا ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. باقي جيڪو مغل ثقافت جو راڳ ڳايو پيو وڃي، اها ثقافت مون کي ته نظر ئي نه ٿي اچي. مغل ثقافت کي، اسلامي ثقافت ته درڪنار، انساني ثقافت به چئي نه ٿو سگهجي، ۽ اهڙي مغل ثقافت جو اسان جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڪو به ٺهراءُ ٿي نه ٿو سگهي. مغل فقط بادشاهه هئا، فرد هئا ۽ جيئن ته ڏاڍا بادشاهه هئا، ان ڪري انهن جو عوام سان ڪوبه لاڳاپو نه هو. سندن اُٿڻي وِهڻي فقط سندن تائين يعني، بادشاهن، شهزادن ۽ اميرن تائين محدود هئي. هاڻي اسان جڏهن عوام جو نالو پيا ٿا وٺون ۽ مٿئين طبقي کي گڏي آڻي عوام سان شامل پيا ڪريون ۽ طبقاتي فرق مٽايون ٿا پيا ته پوءِ ان زبون ٿيل بادشاهي ثقافت جو راڳ ڇو؟ ان بادشاهي ثقافت ۾ ڪيتريون ئي بيهودگيون هيون. مثال طور واجد علي شاهه لکنو جي ثقافت! واجد علي شاهه جو هڪ بادشاهه هو، بيحد ڪمزور، هن ۾ گهڻيون ئي اوڻايون ۽ عيب هئا. هن جي اها حالت هوندي هئي جو ٻه مهينا پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، چي: بادشاهه کي حمل ٿيو آهي، سو هاڻي اسقاط ٿيندو. يا محمد شاهه رنگيلي جيڪي درٻار ۾ ميراثي گڏ ڪيا هئا ۽ هڪ نئين ثقافت جو مظاهرو ڪيو هئائين. هاڻي واجد علي شاهه جي لکنوءَ جي ثقافت، محمد شاهه رنگيلي جي ميراثين جي ثقافت ۽ مغلن جي راجپوت راڻين جي ثقافت، پاڪستاني ثقافت آهي؟ ڇا اسان اها پاڻ تي مڙهي سگهنداسين! +اها مغل ثقافت هڪ قسم جي مجهول، غير اسلامي ۽ غير انساني آهي ۽ منهنجي خيال ۾ موجوده حالتن ۾ اسان لاءِ زهر آهي. مغل انتهائي عياش، ظالم ۽ عوام جي دولتن مان عيش عشرت ڪندڙ هئا. انهن جو عوام سان ڪو به واسطو نه هو. پوءِ اهڙي ثقافت جو راڳ آلاپڻ، اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هندستاني ثقافت مڙهڻ جي ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. باقي رهيو اڙدو اخبارون، سي گهڻو ڪري بي سروپا ڳالهيون لکنديون آهن. انهن کي پنهنجو وڪرو وڌائڻ ۽ اردو دانن جي رت کي گرم رکڻ لاءِ ڪونه ڪو شوشو ڇڏڻو پوندو آهي. سنسي خيزي ته انهن اخبارن جو ڌنڌو آهي. منهنجي خلاف ته اهي اخبارون زبان جي مسئلي کان وٺي لکنديون رهيون آهن ۽ مان انهن ڏي ڌيان نه ڏيندو آهيان. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته تاريخ کي هڪ الهامي يا مذهبي ڪتاب جي حيثيت سان پڙهڻ نه گهرجي، ان کي هڪ تاريخ جي حيثيت سان پڙهڻ گهرجي. مون مغل ثقافت لاءِ ”حرامي“ جو لفظ ڪتب نه آندو آهي. ان مذاڪري ۾ جڏهن اهو ذڪر نڪتو ته مغل تهذيب پاڪستان جي ثقافت ٿيڻ گهرجي ته مون کي سخت تعجب لڳو ته ڪاڏي مغل ڪاڏي اسان ! مغلن جو پاڪستان سان ڪهڙو واسطو؟ مغلن جو واسطو هندستان سان هو. چيو ويو ته مغل اسلام جا اڳواڻ هئا. مون چيو ته بابر کي ڪهڙو ٿي حق پهتو جو ابراهيم لوڌيءَ تي حملو ڪري. بابر ته شرابي هو. خود لکيو اٿن ته هن هتي اچي شراب جا دنگ ڀڄارايا. ابراهيم لوڌي کائنس وڌيڪ پڪو مسلمان هو. شريف النفس هو. مسلمان بادشاهن کان ملڪ کسڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ ته پري رهيو پر مغلن جيڪي هڪ ٻئي جون، ڀائرن ۽ اولاد جون خونريزيون ڪيون، ان سان اسلام جي ڪهڙي خدمت ٿي؟ +تاج محل کي حرامي چوڻ ته منهنجو ڪم نه آهي. ڇاڪاڻ جو اها هڪ بهترين عمارت آهي ۽ بحيثيت عمارت جي فنون لطيفه ۾ ان کي وڏو درجو حاصل آهي. پر مسئلو هو ته آيا اهڙي عمارت، هڪ عورت جي قبر تي اڏڻ جو اسان کي هتي پاڪستان ۾ حق پهچي ٿو يا نه ؟ اهو پيسو قومي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم انهن عمارتن کي پنهنجي ثقافتي علامت ڪري ڪڏهن به قبول نه ڪندي. باقي مون اتي اهو چيو هو ته مغلن جيڪي هندو راڻيون پنهنجي حرمن ۾ شامل ڪيون هيون، انهن مان پيدا ٿيل اولاد ��ي توهان ڪهڙي شرعي حيثيت ڏيندا؟ ڇاڪاڻ جو هندو اهل ڪتاب نه آهن، انهن اسلام به نه قبوليو هو. انهن سان نڪاح جائز نه هو ته اهڙي حالت ۾ جيڪي مغل شهزادا ۽ بادشاهه هندو راڻين جي پيٽ مان پيدا ٿيا، انهن کي ڇا سڏيو ويندو؟ +مان سمجهان ٿو ته هندو راڻين کي زوريءَ حرمن ۾ داخل ڪرڻ ڪري، مغلن ۾ جيڪي اسلام جا جزا هئڻ گهربا هئا، اهي منجهائن نڪري ويا. اڪبر بادشاهه تي ان جو وڏو اثر هو، جنهن اسلام ڇڏي نئون مذهب ”دين الاهي“ ٺاهيو. جهانگير جي ماءُ هندو هئي، ان ڪري جهانگير تي اثر ٿيو. هندو راڻين جي ڪري مغلن ۾ گڏيل سڏيل مذهبي جذبو پيدا ٿيو، جيڪو اسلامي جذبو بلڪل نه هو. درشن يا جڳهن ۾ جهروڪا ٺهرائڻ، سج ۽ پاڻي جي پوڄا ڪرڻ مغلن جي اٿڻي ويهڻي ۾ شامل آهي. جيڪو اسلام ۾ بلڪل ناجائز ۽ غير شرعي آهي. ان کان سواءِ انهن مغل بادشاهن جي اعمالن ۽ پرڪارن جي ڪري، باوجود چار سئو ورهيه هندستان تي حڪومت هئڻ جي به مسلمان اقليت ۾ رهيا ۽ اڃا تائين اقليت ۾ آهن. هاڻي جن بادشاهن جي پرڪارن سان نه ته اسلام کي تقويت پهتي، نه ئي مسلمان وڌي سگهيا ته پوءِ انهن بادشاهن کي اسان ڪهڙي نموني سان اسلام جو علمبردار سڏي سگهون ٿا ! انهن جا اعمال توڙي ڪردار ڪنهن به صورت ۾ تقليد جي قابل نه آهن. منهنجو خيال آهي ته اسان جي مهاجر دوستن کي ”فسانه آزاد“ ۽ ”طلسم هوشربا“ جي ماحول مان نڪرڻ گهرجي. تاريخ ۽ تاريخي واقعن کي تورڻ گهرجي. تاريخ کي مذهب نه بنائڻ گهرجي. هر شيءِ جي تور تڪ ڪري پوءِ لکڻ گهرجي. جيڪي مسئلا آهن، اهي مون کي گاريون ڏيڻ سان، يا سنڌين کي گاريون ڏيڻ سان، يا اردو جي برتري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت گهٽائڻ سان، يا سنڌي ثقافت کي تسليم نه ڪرڻ سان نبيرجي نه سگهندا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي، جو اسان جا مهاجر دوست حقيقتن کي مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن. ٻيو ته هنن ۾ هن وقت نه ڪو مؤرخ آهي نه ڪو اديب ۽ عالم آهي. نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهي نه ڪو ڪتاب خريد ٿو ڪري. هنن ۾ مطالعي جو شوق بنهه نه آهي. هو مست ٿيا پيا آهن دولت ۽ ثروت ۾. هو فقط گاريون ڏئي ڄاڻن. مغل گڏيل هندستان جا حاڪم هئا، سندن مٽ، مائٽ، پڦاٽ، ماسات ته ڪونه هئا، پوءِ انهن بابت ڪنهن ڳالهه تي مون کي چڙ نه ٿي وٺي کين چڙ ڇو ٿي وٺي؟ مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي محدود علم ۽ ڄاڻ جي ڪري بلڪل معذور آهن. +مون سوال ڪيو ته: ”اردو جا اهي هٿ ٺوڪيا دانشور نه فقط توهان ۽ ٻين سنڌي سياستدانن ۽ دانشورن جي خلاف بدڪلامي ڪن ٿا، پر روسي عالم پروفيسر گانڪو فسڪي تي به ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، جنهن ”هسٽري آف پاڪستان“ ۽ ”پيپلس آف پاڪستان“ جهڙا ٻه شاندار ڪتاب لکيا آهن. توهان ڪجهه ان تي روشني وجهو؟“ پير صاحب جواب ۾ چيو ته: +ادا، اسان جا هيءُ جيڪي مهاجر دوست آهن، انهن جو هڪ ته علم محدود آهي ٻيو ته پاڪستان ۾ اچڻ کان پوءِ هنن پنهنجي چوڌاري هڪڙو دائرو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ان جي اندر جيڪا شيءِ کين پسند آهي اها برحق آهي ۽ ان کان پوءِ ٻاهر جيڪو آواز آهي اهو ڏکيو ٿو لڳين. هنن پاڪستان کي شيشي جو گهر سمجهيو آهي، جنهن کي ڄڻ ڪو ٻاهريون پٿر يا ڪنڪر لڳندو ته ڀڄي پوندو يا ڪا هوا لڳي ته ڊهي پوندو. هنن پاڪستان کي نه ئي ڪو ملڪ سمجهيو آهي نه ئي ڪا مضبوط شيءِ سمجهي آهي. +علمي دنيا ۾ جيئن مان توهان کي ٻڌائي آيو آهيان ته تنقيد ۽ تبصرو برحق آهي ۽ ڪرڻ کپي. ان منجهان واقعن ۽ حالتن جي صحتيابي ٿئي ٿي. تنقيد ۽ تبصري کان بالا خدا جي ذات ۽ رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي رسالت آهي. باقي دنيا جي سمورين شين تي تنقيد ۽ تبصرو ٿيڻ گهرجي. جيسين تا��ين اسان کي پنهنجي اوڻاين ٻڌڻ جي جرئت نه آهي تيسين تائين اسان پاڻ کي سڌاري نه سگهنداسين. پروفيسر گانڪو فسڪي، منهنجو ذاتي طرح به دوست آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نون لکندڙن ۾ هن جو مرتبو چڱو آهي. +هتي جيڪي پاڪستان جون تاريخون لکيون ويون آهن. اهي تاريخون نه پر مسلم ليگ جا ٺهراءَ (Resolutions) آهن. پر ٻاهريان عالم هڪ بي طرفدار جي حيثيت سان واقعن کي ڏسن ويٺا. هو نه اسان جا محڪوم آهن، نه مائٽ آهن. اهي نه پاڪستاني آهن ۽ نه مسلمان آهن. مسلمان ۾ پاڪستاني مسلمان! ڇاڪاڻ جو هيءُ جيڪو پاڪستاني مسلمان آهي، ان جي نوعيت ۽ هيئت ٻين مسلمانن کان جدا آهي. جنهن سان نه اسلام ٺهڪي اچي ٿو نه ئي ٻين مسلمانن سان هن جو ڪو تعلق آهي. هيءُ خدا جي هڪ خاص مخلوق آهي، جنهن جي عمر آهي ستاويهه سال ! +پروفيسر گانڪو فسڪيءَ اهي ٻئي ڪتاب هڪ بي طرفدار مورخ جي حيثيت سان لکيا آهن، جنهن ۾ سندس آڏو ڪا به مصلحت نه هئي ۽ نه ئي هن تي ڪا بندش هئي. کيس تاريخ جي واقعن ۽ نوشتن ۾ جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو آهي، اهو برملا لکي ڇڏيو اٿس. جيڪڏهن ان ۾ ڪا اسان جي اوڻائي بيان ڪيل آهي ته ان جي لکڻ جو کيس پورو حق آهي ۽ اسان کي وڏيءَ دل سان ان اوڻائيءَ کي پڙهڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها اوڻائي نه آهي ۽ هن بدنيتي سان لکيو آهي ته ان جو علمي جواب ڏيڻ گهرجي. باقي عالي صاحب جي نه ايڏي وڏي علمي حيثيت آهي نه ئي هو تاريخ ڄاڻي ٿو، نه ئي کيس ڪو ايڏو تاريخي شعور آهي. عالي صاحب، هن عالم ۽ مؤرخ کي ڪافر ۽ شيطان جا لقب ڏئي رهيو آهي ته ان مان سندس سفاڪ مزاجي هڪ طرف ته پاڪستان جي رسوائي ٻئي طرف ٿئي ٿي. عالي صاحب جا اهي نوشتا باعث شرم آهن. اسان کي اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو عالي صاحب جو مسئلو آهي، اسان جو مسئلو ڪونهي.“ +پير صاحب کي ڏاڍي ناراضگي هئي. پر مون عرض ڪيو ته ”سائين ان ۾ اسان جو مسئلو ان ڪري آهي، جو انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر ڪيل آهي“ پير صاحب وراڻيو: +”سنڌ به ته آخر پاڪستان جو جزو آهي. پاڪستان جي تاريخ ڪير لکندو ته سنڌ جو ذڪر ضرور ايندو. ”پيپلس آف پاڪستان“ ڪير لکندو ته سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جو ذڪر ضرور ايندو. ان تي عالي صاحب کي مٺيان ڇو ٿي لڳي. ڳالهه صاف آهي ته جيڪي هنن جي لڪير تي نه هلن، يا هنن جي طبيعت تي نه پون يا جيڪي هنن جي غلط مقصدن ۽ نيتن جي آڏو اچن ٿا. اهي سڀ غلط ماڻهو ۽ پاڪستان جا دشمن، هي جيڪي هندستان مان آيا، تن کي هيءُ ملڪ وڌيڪ پيارو آهي. جڏهن جو پاڪستان جي سرزمين اسان جي ملڪيت آهي، اسان سنڌي هتان جا اصلوڪا باشندا آهيون. هتي اسان جون پيڙهيون دفن ٿيل آهن. اهي ٿياسين غدار، ملڪ دشمن، ڪافر، ايجنٽ، نه معلوم ڇا ڇا الزام آهن اسان تي ! هيءُ ٿيا محب وطن ! ان تي ويهي بحث ڪرڻ بيڪار آهي.انهن تي توجهه ئي نه ڏيو.“ +پير صاحب کي هاڻي وڌيڪ ڪاوڙ پي آئي. پر مون جو سندس دل پسند موضوع تاريخ تي سوال ڪيو ته ڏٺم ته پير صاحب جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي، ائين جيئن ڪو محبوب جو ذڪر ٻڌي خوش ٿئي. مون پڇيو ته : ”سائين، توهان جيئن مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي توهان ڪتاب ڇپيا آهن، اهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي سنڌي ترجمي ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان ڪهڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهيو؟“ پير صاحب جواب ڏنو ته: +”ادا منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي فارسي ماخذ آهن، انهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريان ته منهنجي زندگي جا چند سال ته ڇڏيو ( مون وچ ۾ چيو ته الله توهان کي وڏي حياتي ڏي) اڃا پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪم متن ��ايع ڪرڻ آهي. ان ۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌي ۾ لکيا آهن. مون تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. مون کان اهو ٿي نه سگهندو ته انهن ڪتابن جا ويهي سنڌي ۾ ترجما ڪريان. ان لاءِ ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي کي انهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. اهي ٻئي ادارا ڪم ڪونه ٿا ڪن، سست ٿي ويا آهن. سنڌ جي تاريخ تي ماخذ شايع ڪرڻ ڪم نه آهي.اهو ته ٿيو بنياد وجهڻ، ڪم اڃا ٻي شيءِ آهي. اسان جو فرض آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو قائم ڪرايون. سنڌ جي قديم تهذيب جيڪا پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۽ جيئن هر ملڪ کي پنهنجي تهذيب تي فخر هوندو آهي، تيئن اسان کي به پنهنجي تهذيب تي فخر ڪرڻ گهرجي، ان ڪري بلڪل ابتدائي تعليم جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب، تاريخ ۽ ناليرين شخصيتن جا ذڪر اذڪار آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار کي ننڍي هوندي کان پنهنجي تهذيب۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. پر ادا، اسين آهيون پرائي وس ! سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي چند نامور هستين جو ذڪر آيو آهي ته اردوءَ جي اخبارن ۽ لکندڙن محشر مچائي ڏنو آهي ۽ اسان جا صاحب قدرت ماڻهو معاملي جي تهه ۾ ڪونه ٿا وڃن. فقط اخبارن کي ڏسي متاثر ٿا ٿين. هاڻي جي چند ماڻهن جي لکڻ تي اسان ڦاهيءَ جا سزا وار آهيون ته پاڻ هرتو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسين. اهو ته سرڪار ۽ سنڌين کي فيصلو ڪرڻو آهي. +باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما، سنڌ جي سلسلي وار تاريخ لکرائڻ، تاريخ، ثقافت ۽ علم جي ٻين ڪيترن ئي شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي، اها تحقيق ڪرائڻ، سنڌ جي قديم تاريخي جڳهين ۽ آثارن کي محفوظ ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي سنڌيءَ ۾ نه آندو ويو ته ان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي ڪيئن خبر پوندي، ڪيئن سرت ۽ جاڳرتا پيدا ٿيندي ۽ ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهه ۾ ڪيئن ايندا. پنهنجي ۽ پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽ همدرديءَ جو فرق آهي، ان جو هن کي ڪيئن احساس ٿيندو؟ ان ڪري تاريخ کي سنڌي ٻولي ۾ آندو وڃي، جيڪو اسان جي قومي زندگيءَ جو ثبوت ٿيندو. اسان کي هٿ وٺي پوئتي رکيو ويو آهي. گذريل ويهن سالن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾، سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڪا نه ڏني ويندي هئي. هاڻي اسان ڪوشش وٺي اهو ڪم ڪرايو آهي، جنهن ڪري غلام علي الانا ۽ ٻين ٻن ٽن کي سنڌي ۾ ڊگريون مليون آهن. ٻئي پاسي ساڳي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ٽيهن کان وڌيڪ شخصن کي اڙدو ۾ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون ڏياريون آهن. ان ۾ جيڪي هن ٿيسس Thesis پيش ڪيون آهن، اهي هتي ڪراچي ۾ پيسن تي لکرايون ويون آهن. اڄ به اهي جيڪڏهن منهنجي سامهون اينديون ته مان نه ٿو سمجهان ته اهي ڪو تاريخي ۽ علمي ترازو تي پوريون لهي سگهنديون. مطلب ته اهو سڀ ڪجهه پنهنجن کي ورسائڻ آهي. اسان ورسائڻ ڪونه ٿا گهرون، اسان ته حق ٿا گهرون ته جڏهن ته سنڌي زبان ۾ لکندڙ موجود آهن ته پوءِ ڇو نه تحقيق ڪرائي وڃي. اسان جي حڪومت کي انصاف کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ قوم کي ائين قربان ڪرڻ ڪو ٺهي ٿو !“ پير صاحب خاموش ٿي مون ڏي نهارڻ لڳو. +اروڙ جو اهو خاموش فرياد آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌ جو نئون نسل ان فرياد کان خاموشي ڦري وٺندو ۽ سنڌي قوم کي قربان ٿيڻ نه ڏيندو. +پير حسام الدين راشديءَ سان هڪ +ڀرپور انٽرويو +[هي انٽرويو خان محمد پنهور، شمشير الحيدري، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، طارق عالم ابڙي ۽ محمد قاسم ماڪا ورتو. هي انٽرويو ماهوار ”نئون نياپو“ نومبر – ڊسمبر 1980ع ۾ شايع ٿيو. پير صاحب جو ڏنل هي طويل ترين انٽرويو، متعدد ڀيرا ڇپيو آهي.] +س: خان��اني حالات کان واقف ڪريو. +ج: لڪياري سادات خاندان ٽڙي پکڙي ڪنگري پهتو، اتان ڀائرن کان جدا ٿي منهنجو ڏاڏو سيّد پير شاهه لڏي، ڳوٺ بهمڻ ضلع لاڙڪاڻي ۾ آيو. آءُ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي محمد شاهه ٻئي بهمڻ ۾ پيدا ٿياسون. ننڍ پڻ بهمڻ ۾ ئي گذريو، پر ذهني پرورش تي حقيقت ۾ مختلف اثر هئا: ٻاهر جا، گهر جا، وڏن جا، ڪتابن جا، اٿي ويٺي جا، وغيره. ڪتابن يا درس مان ماڻهو ايترو نه ٿو پرائي، جيترو ڪتابن سان گڏ مجلس ۽ سٺي صحبت وغيره مان. انساني اصل سکيا تاريخ جي تشڪيل ڏيندڙ ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ئي ٿئي ٿي. ڪتابن مان علم ملي ٿو، پر ان سان پختگي نه ٿي پيدا ٿئي. جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ”پڙهيو، پر ڪڙهيو ڪين.“ منهنجي سڄي پرورش چڱن ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ٿي آهي. +س: توهان جو خاندان اڃا تائين پير ڪري ٿو چورائي، پيري مريديءَ جي ان ماحول مان ڪيئن نڪتا؟ +ج: اسان جو خاندان اصل ۾ ته پير آهي. اوائلي ڌنڌو ته ”نذر نياز“ وٺڻ هو. پير علي محمد شاهه وڏو هو. وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ خانداني روايتن موجب گاديءَ تي سندس حق هو، پر هن ننڍي ڀاءُ کي گاديءَ تي ويهاريو، ۽ پاڻ پڙهڻ وغيره ۾ مصروف رهيو. پاڻ پيريءَ جي ڌنڌي کي ڇڏي ڏنائين. علي محمد شاهه جي فرزند يعني اسان جي ڏاڏي پير شاهه به زمينداري ڪئي. ان جو فرزند حامد شاهه ٿيو. هن پڻ زمينداري ڪئي. ان جا پٽ اسان آهيون ۽ اسان به ڌنڌو زمينداري اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان جي شاخ مان پيري مريديءَ واري ڌنڌي جي پاڙ پٽجي وئي. +س: پير صاحبن ۽ زميندارن، ٻنهي جو سنڌ جي باري ۾ ڪردار ساڳيو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اوهان جا ڇا خيال آهن، ته اسان جو نسل ان چڪر مان ڪيئن نڪرندو؟ +ج: مان انهن ٻنهي کي مردود ٿو سمجهان. هڪ خاص سازش جي ماتحت سنڌ جي ذهن کي منجهائي مصيبت ۾ آندو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ذهن آزاد هجي ها ته پوءِ انهن کي ڪو به ڪونه ليکي ها. پير يا زميندار جي بقا تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌ جو ماڻهو منجهيل رهي ۽ معذور هجي ۽ سندس هٿ هر وقت ٽنگيل هجي. تنهن ڪري هنن هميشه ڪوشش ڪري سنڌ جي ذهن کي مفلوج رکيو.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان اڄ ڏينهن تائين پيا لوڙيون ۽ سنڌ به ڏوجهرن ۾ آهي. سنڌ ۾ سڄي ذلت هنن جي پيدا ڪيل آهي. +س: اوهان هڪ سٺي علمي خاندان جي پس منظر سان، اڳتي باقاعده تعليم ڇو نه پرائي سگهيا؟ +ج: اسان ٻئي ڀائر اسڪولي تعليم پرايون ها، ته اڄ بس ”سگا“ جا ميمبر هجون ها (ٽهڪڙو)! اسڪولي ۽ غير اسڪولي تعليم جو مقصد اهو نه ٿيندو آهي. تعليم اها شيءِ آهي جنهن سان رچي ماڻهو تيار ٿئي. +س: ته به اها اوهان جي بزرگن کان ڪيئن سهو ٿي، جو زماني جو علم توهان کي نه ملي سگهيو؟ +ج: اڳي تعليم ٻن قسمن جي هئي، هڪ محفلي مجلسي ۽ ڪتابي، جيڪا بزرگ ويهي پاڻ حافظ ۽ مثنوي جا شعر وغيره پڙهي ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. ٻي تعليم هئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾. نوڪريءَ جي سلسلي واري تعليم لاءِ مشهور اهو ٿيو ته ”بابا، ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو ته نوڪري ملي.“ اسان کي ڇاڪاڻ ته نوڪريءَ جي ضرورت ڪا نه هئي، تنهن ڪري به اسڪول ۾ ڪونه وياسين ۽ اسڪول ۾ ان ڪري به نه وياسين، جو ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ڪو اسڪول نه هو. اسان لاءِ ڏاڏي مرحوم مسجد ۾ مدرسو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ باقاعده تحصيل وارو مولوي صاحب هو. اسان ان مدرسي ۾ ئي پڙهياسين پر پڳ ٻڌڻ جي نوبت نه آئي. اسان ٻنهي ڀائرن جي رسمي تعليم ان ڳوٺاڻي مدرسي تائين محدود آهي. اڳتي جيڪي علم حاصل ڪيو سون سو پنهنجي شوق ۽ جفاڪشيءَ سان. +س: توهان کي خاص طور تي فارسي زبان ۾ درڪ آهي، ته ائين ڪونهي ڪ�� ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري نقطه نظر سان توهان کي ان طرف ڏانهن رغبت ٿي وئي هجي؟ +ج: اسان جي ان وقت ۾ جيڪا ثقافت هئي، تنهن ۾ فارسي، عربي ۽ حڪمت اهي ٽي شيون لازمي هيون. حڪمت هن ڪري ضروري هئي ته جيئن وڏن گهراڻن ۾ پردو هجڻ ڪري ماڻهو پنهنجي گهر وارن، نياڻين سياڻين جو علاج پاڻ ڪري سگهي يا عام خلق کي دوا درمل ڏئي سگهي. اهو به هڪ وڏي ۾ وڏو جذبو هوندو هو. باقي فارسي تهذيبي طور ۽ عربي مذهبي زبان طور سکي ويندي هئي. +س: حڪمت به اسلامي ڪري چوندا هئا، تنهن ڪري خاص طور تي ان جو حصو لازمي هو؟ +ج: نه، ان کي مان اسلامي نه ٿو سمجهان. حڪمت هڪ فن هو، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجي گهر وارن جي، پاڙي پنبي جي، ڳوٺ وارن جي مدد ڪري سگهيو پي. +س: عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪو به عالم هوندو هو، گهڻو ڪري اهي نسخا گڏ ڪري، حڪمت سان رغبت ضرور رکندو هو. +ج: حڪمت نصاب جو لازمي جزو هئي ۽ ان جو سبب فقط پردو ۽ عام خلق جي خدمت هئي. اسلامي حڪمت ڪڏهن به نه هئي، بلڪل نه. ڪڏهن به يوناني طب کي ”اسلامي طب“ ڪونه چيو ويو آهي، هميشه ”يوناني طب“ چيو ويو آهي. +س: يوناني طب ۾ سنڌ جو ڪيترو ڪردار آهي؟ +ج: تمام گهڻو، سنڌ جو يوناني طب ۾ وڏو ۽ اهم حصو رهيو آهي. منهنجو هڪڙو مضمون”سنڌ ۾ طب“ جي موضوع تي لکيل آهي. ان موضوع تي ٻين به گهڻن ئي لکيو آهي. تازو هڪ مضمون پڙهيو اٿم. اهو هڪ بهترين مضمون آهي. جيڪڏهن مان پنهنجي زندگيءَ ۾ طب تي ڪو وڻندڙ مضمون پڙهيو آهي، ته اهو آهي، محمد خان ”مخمور“ جو لکيل مضمون، جو ايل ايم سي جي تازه ”لطيف“ ميگزين ۾ ڇپيو آهي. +س: سائين، عام طرح چون ٿا ته طب هتان سنڌ کان وئي آهي، مشرقي ملڪن ڏي، خاص طور تي...... +ج: اصل ۾ سنڌ ۽ هند تهذيب جا ٻه قديم مرڪز هئا، جتي طب، فلسفو ۽ ٻيا گهڻا قديم علم هئا، طب به هتي ٿي هئي. بغداد جي عباسي خليفن۽ دمشق ۾ بني اميه خليفن کي جڏهن به ضرورت پي پئي آهي ته هتان سنڌ مان طبيب گهرايا اٿن، جن اتي وڃي سندن علاج ڪيو آهي. +س: اوهان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙي نموني سان ڪئي، ۽ ان ۾ ڇا ڇا ڪيو؟ +ج: اوهان کي ٻڌايو اٿم ته اسان جي زمينداري هئي، ان ڪري جيئن هڪ وڏيري جو بيڪار پٽ هڪ کٽ کان ٻي کٽ تائين سڄو وقت فضول ضايع ڪندو آهي، منهنجي پهرين زندگي به انهيءَ نموني سان گذري. پر ڇاڪاڻ ته اسان جي گهرن منجهه علم، شعر و شاعري، حافظ، مثنوي، شاهه نامه وغيره جو چرچو هو ۽ هر شام جو ڏاڏي مرحوم جي علمي محفل لڳندي هئي. مون تي انهيءَ جو اثر پوندو رهيو. ٻيو ته پير علي محمد شاهه اخبار ڪڍي ”الراشد“ ۽ هن جو اخبار سان گهڻو مشغلو رهندو هو. اصل ۾ مون تي گهڻي ۾ گهڻو اثر علي محمد شاهه جو پيو. هن جي صحبت سبب اخبار نويسيءَ طرف بهمڻ ۾ ئي لاڙو پيدا ٿيو. اخبار ”الراشد“ اُتانئون ڪڍندا هئاسون. پوءِ مان ڀانيان ٿو ته 28، 1929ع ڌاري مان سکر ويس، علي محمد شاهه سان گڏجي ”سنڌ زميندار“ اخبار ۾. ۽ پوءِ سکر ۾ اخبار نويسي شروع ڪئي سين، توهان پارن اديبن ساڻ اٿي ويٺي شروع ٿي، ڳوٺاڻي زندگيءَ مان نڪري شهري ماحول ۾ رهائش ٿي. +س: ”الراشد“ ڪڏهن جاري ڪيو؟ +ج: مان ڀانيان ٿو ته 1925ع ڌاري يا 1926ع ڌاري جاري ٿيو. +س: ان زماني ۾ جمعيت الشعرا جو گهڻو زور هو ۽ مشاعرا وغيره ٿيندا هئا ۽ شايد توهان به ڪنهن زماني ۾ شعر چوندا هئا؟ +ج: جمعيت الشعرا جو نالو ان زماني ۾ نه هو، اهو بعد ۾ جڏهن حيدرآبادي اثر پيو، تڏهن نروار ٿيو. اسان واري زماني ۾، لاڙڪاڻي ۾ مشاعرو فقط ميان علي محمد قادري مرحوم وٽ ٿيندو هو. ”الحقيقت“ سندس اخبار هئي ۽ سندس اوطاق علم ادب جو مرڪز هئي. قادري هڪ سٺي علمي فيملي لاڙڪاڻي جي اديبن جي هوندي هئي، جن وٽان اخبار به نڪرندي هئي، مشاعرو به ٿيندو هو. +س: توهان انهن مشاعرن کان هٽي ڪري، ڪيئن ان ٺوس سبجيڪٽ (تاريخ ۽ تحقيق) طرف متوجه ٿيا؟ +ج: مون شاعري پيشي طور اختيار ڪونه ڪئي هئي. مان شعر به چيا ۽ اخبار نويسي به ڪئي پر ڇاڪاڻ ته ذوق هوندو هو تاريخي ڪتابن پڙهڻ جو، تنهن ڪري لامحاله تاريخ ڏي به توجهه رهيو. بنيادي طرح سان مان افسانه نويس هئس. ”سنڌ زميندار“ اخبار ۽ ٻين اخبارن يا رسالن ۾ منهنجا افسانه شايع ٿيندا هئا. +س: ڀلا ان مسئلي ۾ هڪ ضمني سوال، ته توهان شاعري وغيره ڪئي. اها ”لوڻي ڦير لپاٽ“ واري ڳالهه ته ڪا نه هئي، جا بعد ۾ ڇڏي ڏنو؟ +ج: مان سڄي زندگيءَ ۾ عشق نه ڪيو آهي. اها توهان کي خوش خبري ٻڌائي ڇڏيان. +س: سائين، پوءِ اها ڪا اهڙي چڱي ڳالهه ته ڪونه ٿي سمجهي وڃي ته عشق ئي نه ڪجي.... +ج: عشق کان علاوه به انسان شريفانه زندگي بسر ڪري سگهي ٿو، مون تي توڙي جو گهڻا ونگ وڌا ويا پر خبر نه آهي ته الائي ڪهڙي سبب يا ٿي سگهي ٿو ته انفيريارٽي ڪامپليڪس جي ڪري مان عشق نه ڪري سگهيس. +س: ان وقت ۾ اوهان جي شڪل صورت جيڪا هجڻ کپي، سو اوهان تي به اثر گهڻو پيو هوندو، پر انفيريارٽي ڪامپليڪس ڪيئن ٿيو؟ +ج: مان سان معاشقا تمام گهڻا ٿيا، عورتن تي پيرن جو وڏو اثر هوندو هو ۽ اسان جو اچڻ وڃڻ به ماڻهن جي گهرن ۾ بي تحاشا ٿيندو هو ۽ نياڻين سياڻين کي ڏسڻ جو به موقعو ملندو هو، پر طبيعت ۾ ڪميڻپ ڪا نه هئي. نه ته شايد خرابي ڪري وجهان ها. +س: متان گهڻائيءَ جي ڪري، خاص چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هجي؟ +ج: چونڊ جو موقعو ئي ڪونه آيو (ٽهڪڙو). +س: سائين ! ڪو شعر پنهنجو ياد اٿو؟ +ج: شعر ته مون کي ياد ڪونهي ڪو. مون تي گهڻو اثر پيو، لاڙڪاڻي جي شاعرن جو. مرحوم حاجي محمود خادم منهنجو استاد هو. ان کان اصلاح وٺندو هئس. پر مون کي شعر گوئي مان مزو نه ايندو هو. ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ شاعري رڳو لفظن جو ڪرتب هوندو هو. ديوانن مان قافيا ۽ رديف ڪڍندا هئاسين. پوءِ انهن جي حساب سان مضمون جوڙبو هو. ان ڪري اهو طريقو مون کي نه وڻيو، مزو نه آيو. +س: ان وقت جي ڪجهه شعري، ادبي، صحافتي ماحول بابت ڪجهه اسان کي ٻڌايو. +ج: اهو تمام سادو ماحول هوندو هو. اڄوڪا ڪمپليڪيشنس وغيره، تڏهن ڪونه هوندا هئا ۽ نه وري اهڙيون پوليٽيڪل حالتون هيون. سڌي سنئين سياست هئي. زمينداري هئي، پيري مريدي هئي. ڪي چڱا مڙس هئا، جي هلائيندا هئا سارو ڪاروبار سياست جو. اخبارن ۾ ڪا به وڏي شيءِ ڪا نه هوندي هئي. جيئن اڄڪلهه آهي. فقط ”ڌيان طلب ڪليڪٽر صاحب“ ۽ ”ڌيان طلب ايس پي صاحب“ هوندو هو. اسان کي جڏهن پيسي جي ضرورت پوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن صوبيدار جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ ليک ڏئي ڇڏيندا هئاسين. اهو پيسا آڻي ڏيندو هو. ٻئي پرچي ۾ لکندا هئاسين ته جاچ ڪئي سين ۽ ڳالهه صحيح ثابت نه ٿي. تنهن ڪري اسان کي نهايت افسوس آهي، جو اها خبر ڇپجي وئي. مطلب فقط اهو هوندو هو ته پيسا ملن. قريب قريب ان قسم جي صحافت هئي ان زماني ۾. +س: سکر ۾ توهين ڪيترو وقت رهيو؟ +ج: سکر ۾ 1928ع کان وٺي ويندي 1937ع تائين. +س: هن وقت سنڌ جي تاريخ تي ٿيل ڪم کان توهين مطمئن آهيو؟ +ج: مطمئن ڪو به ماڻهو نه ٿي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته انتها ڪنهن شيءِ جي به ڪانهي. تنهن ڪري منهنجو ائين چوڻ ته مان مطمئن آهيان ان ڪم بابت، سو ائين ناهي. اڃا ته فقط ابتدا ئي ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوشش کي شروعات يا آغاز چئي سگهون ٿا ! +س: ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ��ي ڪيتري قدر ڪم ٿيو آهي؟ +ج: ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اسان گهڻو خوش بخت آهيون. اسان وٽ تاريخ تمام گهڻي آهي. اسان وٽ شرافت آهي، اسان وٽ فضيلت آهي، اسان وٽ روايتون آهن، اسان وٽ ڪتاب گهڻا لکيا ويا آهن. اسان کي هڪڙي قسم جو فڪر آهي، تنهن ڪري ٻين جو ته اسان سان مقابلو ڪرڻ ئي غلط آهي. +س: ان وقت جي ۽ اڄوڪي صحافت ۾ ڪهڙو فرق آهي،ا ن وقت صحافت هڪ مشن يا تحريڪ هئي؟ +ج: اخبارون تحريڪ طور ته هلايون وينديون هيون. تحريڪ ان لحاظ سان ته برابر هئي ته ڪي ايڊيٽر خلافت تحريڪ سان هئا، ته ڪي ڪانگريس سان ۽ اخبارون بهرحال تحريڪن سان وابسته هونديون هيون. اڄ مثال طور جنگ آهي يا ٻيون ڪي اخبارون آهن، ته اهي ذاتي يا واپاري نقطه نظر جون اخبارون آهن. اڳي ائين نه هو. مثلاً ”زميندار“ اخبار لاهور جي، قومي اخبار هئي. مولانا ظفر علي خان جي اخبار، ذاتي کڻي چئجي ته هن ڪڍي، پر مقصد سڄو قومي هو ۽ ان منجهان هن خدا جي بندي ذاتي طرح ڪو به فائدو يا منفعت حاصل نه ڪئي ۽ نه وري ملڪيت يا بلڊنگون ئي ٺاهيائين. هاڻي صحافت شخصي ۽ ذاتي آهي. مثلاً ڪيتريون اخبارون ڪن خاص ماڻهن جون آهن، اهي ملڪيتون شخصي ۽ ذاتي آهن ۽ انهن کي اهڙي نموني هلايو ٿو وڃي، جنهن مان قومي مقصد جي حاصلات گهٽ ۽ مالي منافعو مالڪن کي زياده ملي. اڳي اها شيءِ نه هئي. ”الوحيد“ جو هميشه سڃ تي سندرو رهيو، ڇڙو قومي درد ۾. ”زميندار“ لاهور لکين رپيا ڏنڊ ۾ ڏنا ۽ جڏهن مولانا فوت ٿيو، ته ڪا به شيءِ سندس گهر منجهان ڪا نه نڪتي. ساڳيو حال ٻين اخبار وارن جو هو. +س: ان وقت جي صحافين جا نالا ٻڌائيندا؟ ڪهڙيون اخبارون نڪرنديون هيون؟ +ج: صحافين مان گهڻا نالا ته ياد ناهن پر اثر هڪڙو ته ”زميندار“ اخبار جو هوندو هو، مولانا ظفر علي خان جو اثر هو. ٻي سنجيده ۽ فڪر انگيز اخبار هئي ”انقلاب“ مولانا غلام رسول مهر جي. جنهن حقيقت ۾ فڪري مواد پيدا ڪيو. ان وقت هندستان جي سياست تي لاهور جي انهن اخبارن جو هولڊ هوندو هو. هتي الوحيد هوندي هئي. سکر مان سنڌ زميندار نڪرندي هئي. مخلص جي اخبار ”مسلمان“ هوندي هئي ۽ ”مسلمان“ يا ”الحق“ جي مقامي حيثيت هوندي هئي. الحق قديمي اخبار هئي. اها شايد 1900ع ۾ نڪتي هئي. +س: توهان وٽ پراڻين اخبارن مان ڪجهه فائيل وغيره آهن؟ +ج: هڪ به ناهي (خان محمد پنهور ٻڌايو ته هو تازو ميرپور بٺوري ويو هو، جتي ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستارهء سنڌ“ ۽ ٻيون ڪافي اخبارون هيون) هجي ڪو مالڪ، ڌڻي سائين سنڌ جو ته انهن کي هٿ ڪري. +س: سائين ! ڀانيو ٿا ته پراڻين اخبارن جا ذخيرا ڪٿي ڪٿي هوندا؟ +ج: سنڌ ۾ ته اهو چئو ٿا ته ميرپور بٺوري ۾ آهن. ٻيو، مان ڀانيان ٿو ته جيڪب آباد جي ڪن گهراڻن ۾ شايد ملي وڃن. ٺل ۾ شايد هجن، ممڪن آهي ته اخبارن جي ڪجهه پراڻن شوقينن جي گهرن ۾ هجن، يا ٻي حالت ۾، منهنجو اندازو آهي ته انڊيا آفيس لنڊن ۾ ضروري هجڻ کپن. لائبرري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ به انهن جي هجڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن مالڪ هوندو آهي، ڪنهن به شيءِ جو، ۽ پٺيان پوندو آهي، ته هر شيءِ ميسر ٿي سگهي ٿي. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جو تجربو آهي، ته جڏهن به ڪو ارادو ڪيو اٿم ته هي ڪم ٿيڻ کپي، ته قدرت اسباب پيدا ڪري ڏنا آهن. فقط ارادو پڪو هجڻ کپي ۽ ان ۾ ايمان هجڻ کپي ته اسباب پاڻ مرادو پيدا ٿي وڃن ٿا پيا. عزم ۽ ارادي اڳيان سڀ شيءِ آسان آهي. +س: انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ توهان ويا آهيو، اتي سنڌ جي تاريخ، يا ادب جي باري ۾ مواد آهي؟ +ج: تمام گهڻو مواد آهي. هڪ عرض ڪريان ته سنڌ هن لحاظ کان بي انتها خوش قسمت آهي، جو جڏهن مسلمانن جو دور هو، تڏهن به سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکيا ويا، مثلاً عربي ۾ لکيا ويا، فارسيءَ ۾ لکيا ويا ۽ جڏهن انگريزن جو وقت آيو ته انهن به سوين ڪتاب سنڌ تي لکيا. علاوه ڇپيل ڪتابن جي يعني جيڪي فائيل آهن لکپڙهه جا. مثلاً پوليٽيڪل ڪرسپانڊنس، تمام گهڻي آهي. هاڻي فائيل ڪڍيا اٿن ۽ ڊسپلي ڪيا اٿن. انهن ۾ سڀ شيءِ موجود آهي، جيڪا انگريزن جي سو ورهيه حڪومت ۾ رهي آهي. +س: انگريزن جي حڪومت جو رڪارڊ ته اهڙي هنڌ محفوظ آ جو اسان کي بهرحال ڪڏهن به ملي سگهي ٿو، پر مسلمان جڏهن هتي آيا، تڏهن ان وقت اسان جي پهرين تاريخ آهي چچ نامو، ان کان سواءِ عربي زبان ۾ عربن جو ڪو ڪم ڪيل آهي يا نه؟ +ج: عربن جو آهي: فتوح البلدان، جيهانيءَ جو ڪتاب گم آهي. پر بهرحال هڪ ٻه ڪتاب آهن. ۽ ٻيا مختلف ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌ جا حوالا ملن ٿا. +س: سنڌ زميندار اخبار جي سلسلي ۾ توهين 1937ع تائين سکر ۾ رهيا.... +ج: 1937ع ۾ جڏهن بابو مرحوم فوت ٿيو ته اسان ”ستارهء سنڌ“ بند ڪئي ۽ مان بهمڻ ۾ اچي زمينداري شروع ڪئي. اهڙيءَ طرح سکر مان پنهنجي مڏي پٽي اچي ڳوٺ رهياسين. +س: اهو 1936ع جو زمانو آهي، سنڌ جي بمبئي کان جدائي جو، ۽ پاڪستان جو خيال ان وقت هليو پي. ان سلسلي ۾ ”اوهان ٻڌائيندا ته پاڪستان تحريڪ ۾ اخبار جي ذريعي يا عملي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ ڪو ڪم ڪار ڪيو هجيو؟ +ج: عملي ڪارڪن جي حيثيت ۾ به گهڻو ڪجهه ٿي سگهيو. +س: جهنڊا ٻنڊا به کنيو؟ +ج: ها جهنڊا، ٻنڊا تمام گهڻا کنيا سي. سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارو فساد، هتي عيدگاهه ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ وارو جلسو، هندو مسلم فساد، انهن سڀني ۾ حصو ورتم. اهو فيصلو ته اڳتي هلي تاريخ کي ڪرڻو آهي ته اهو صحيح هو يا غلط. هن وقت ڪا به ڳالهه يقين سان نه ٿي چئي سگهجي. بهرحال انهن واقعن جا ٻه اهم ڪردار جي.ايم.سيّد ۽ علي محمد شاهه به رهيا آهن. هر مسئلي جي چڻنگ انهن ٻنهي ئي دکائي. +س: ٻئي پير صاحب، ٻئي سادات گهراڻو. +ج: بس پوءِ ڇا عرض ڪجي !...... +س: سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ جو نتيجو سٺو نڪتو يا خراب نڪتو؟ +ج: انهيءَ زماني ۾ انهيءَ لحاظ کان، جيئن هاڻي ٿا اسين سوچيون، ڪونه سوچبو هو ته ملڪ جو ڪيسين تائين فائدو ٿيندو. ان وقت سوچ فقط شخصن ۽ طبقن جي مفاد تائين محدود هئي. سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ٿي، سا اصل ۾ وڏيرن ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته عوام ۽ غريب ماڻهو ته ڪنهن قطار ۾ شمار هيا ئي ڪين، تنهن ڪري انهن جي لاءِ هو ڇو سوچين ها؟ توهان جيڪڏهن ان زماني جي بمبئي ليجسليٽو جي ميمبرن جي لسٽ ڏسندئو ته پنجهتر فيصد سيّد هئا. انهيءَ جا ميمبر ۽ باقي وڏيرا هئا. انهن ڏٺو ته بمبئي ۾ ته سياسي طرح ٿاٻا ٿا کائين. انهن کي ڪو ليکي به نه ٿو. پوءِ هنن ڪوشش ڪئي ته بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪجي ته هتي پنهنجو ڪو بلو ٿئي. ٻيو ته ذهني طرح سان ان زماني ۾ ماڻهن جو پنهنجو احساس هو ته اهو ئي هو. باقي رهيو سوال ته ان مان سنڌ کي فائدو پهتو ته اهو قدرتي امر هو، جو عمل ۾ آيو. +س: سائين ! توهان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪافي رهيا آهيو، ته اسان جي هاڻوڪي ادب جي سلسلي ۾ ڪو امپريشن آهي؟ اسان جا ڪتاب، رسالا وغيره اتي پهچن ٿا وغيره. +ج: سنڌ جي موجوده ادب جو (جنهن کي توهان تخليقي ادب جو نالو ڏنو آهي) منهنجي راءِ ۾ بي مثال آهي. بهرحال، جيڪو به تخليقي ادب توهان گذريل 20 ورهين دوران پيدا ڪيو آهي. خدا شاهد آهي ته دنيا جي بهترين ۾ بهترين ادبن جي صف ۾ اچي سگهي ٿو. ان جو سبب به اهو آهي ته توهان اڃا پيڙا ۾ آهيو، تنهن ڪري اها ڪيفيت توهان جي ذهن ۾ هلي ٿي، تنهن ڪري تخليقي ادب پيدا ٿين ٿا. اردو جو روايتي ادب ان ڪري بي جان آهي ته ان ۾ ڪو مقصد ڪونهي، تنهن ڪري هنن ۾ ڪا شيءِ ئي ڪونهي. حقيقت ۾ ته توهان جي ادب کي جو توهان جي آکاڻين جو، افسانن جو، شعرن جو، مختلف زبانن ۾ يورپ ۾، ترجمو ٿي رهيو آهي، هاڻي به مان وٽ ڊاڪٽر شمل جو ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ سنڌي آکاڻين جو ترجمو ڪيو اٿئين جرمن زبان ۾. زبان ته مان سمجهي نه ٿو سگهان پر مطلب اهو آهي ته توهان کي پنهنجي ادب جي متعلق، پنهنجي محنتن جي سلسلي ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ کپي. اها جدا ڳالهه آهي ته توهان وٽ وسيلا ڪونه آهن، تنهن ڪري ٻاهر ولايت وڃي نه ٿا سگهو، جو خبر پئيو ته توهان جي آبرو ۽ عزت ڪيتري آهي. ٻيو اسان لاءِ وڏي مصيبت شمشير ! هيءَ آهي، ته ذريعا جيڪي آهن ادب جي پکيڙ جا، اُهي ڪينهن ڪي. توهان وٽ رسالو ڪونهي، سڀ رسالا بند ٿي ويا آهن. ٻاهر ترجما ڪين ٿا ٿين پيا. مثلاً طلوع رسالي جو نمبر ڪڍيئون، ته ان ۾ سڀ اردو وارن جا مضمون ۽ شعر وغيره هئا. حالانڪه مون کي خبر آهي ته لينن تي ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي سنڌي اديبن تمام گهڻو لکيو آهي، پر ڇاڪاڻ ته انهن ويچارن جي رسائي ڪانهي، انهن جا ذريعا ڪينهن ۽ ڪجهه هو محجوب به آهن (خبر ناهي ڇاهي؟). اڳتي اچي زوري زبردستي پنهنجي جاءِ بنائين، اها ڳالهه هنن ۾ ڪانهي ڪا. اها اسان لاءِ وڏي تڪليف آهي، جنهن ڪري نقصان ۾ آهيون. +س: اسان وٽ ڪي ادارا تمام مشهور آهن، جي ڪم ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ آهي. توهان پاڻ ان جا ڪافي وقت رڪن رهيا آهيو ۽ توهان جو تمام وڏو ڪردار آهي. ان جي باري ۾ ڪجهه..... +ج: سنڌي ادبي بورڊ جي باري ۾ مان جڏهن به گفتگو ڪندو آهيان ته منهنجا دوست ڪاوڙبا آهن. شايد خيال ٿيندو اٿن ته مان هن ڪري ٿو غصي جو اظهار ڪريان، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ميمبر ناهيان. هڪڙي اسٽيج اها به ايندي آهي. جڏهن ميمبر ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪا نه هوندي آهي. مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ڪانهي ڪا، پر ڇاڪاڻ ته ادبي بورڊ اسان پاڻ ٺاهيو، ان کي اسان پاڻ پاليو ۽ ان کي انهيءَ درجي تي آندوسين، جو مان سمجهان ٿو ته دنيا جا جيڪي وڏي ۾ وڏا آبرومند علمي ادارا آهن، انهن ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو. ۽ هن جيڪي ڪم ڪيو آهي، سو پاڪستان ته ٺهيو، پر هندستان ۾ به ڪنهن اداري نه ڪيو آهي. بيحد ٺوس ۽ وڏو با فضيلت ڪم ٿيل آهي. پر هاڻي ڏسون ٿا پيا ته ان ڪيل سڄيءَ محنت کي لوڙهيو پيو وڃي، تنهن ڪري مان کي اعتراض ڪرڻ جو يا ان تي جوش ۾ اچڻ جو يا غصي ٿيڻ جو حق آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي مان پنهنجو ادارو ٿو سمجهان، مان ان کي پاليو آهي. حقيقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ٽن ڄڻن نپائي وڏو ڪيو آهي. هڪ محمد ابراهيم جويو، ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٽيون مان. ادبي بورڊ جي معنيٰ اهي ٽي ماڻهو آهن، ۽ جيڪي به ڪم توهان ڏسندئو هيل تائين، اهو سڄو هنن ٽن ماڻهن جو ڪيل آهي. هاڻي مان جڏهن به ڪٿي، ڪنهن جلسي ۾، يا گفتگو ۾ ڪجهه ٿو چوان ته منهنجا دوست چون ٿا هي اجايو ٿو چوي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ميمبر ناهي. بابا ! مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، تنهن ڪري مان کي فقط افسوس ٿو ٿئي ته اسان محنت سان جڏهن هڪ شيءِ تيار ڪري راس ڪئي، ته ان جو زوال شروع ٿي ويو. +س: نه سڌرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ +ج: نه سڌرڻ جا سبب هي آهن: بامقصد ماڻهو جيڪي هئا، سي مري ويا، ڪي هٽي ويا. +س: اهڙا ادارا اسان وٽ ٻيا به آهن، مثلاً سنڌالاجي آهي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز آهي. مهراڻ آرٽس ڪائونسل وغيره، جيڪي سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ هلن پيا. مثلاً سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي اهڙا ڪافي ادارا آهن. +ج: سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري ٿي پئي. ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو مقصد ته اٿس. سنڌالاجيءَ لاءِ منهنجي راءِ آهي ته ان ۾ ڪو به تحقيق جو ڪم ڪونه ٿو ٿئي پيو. پر سنڌالاجيءَ کي مان ان ڪري اهميت ڏيان ٿو پيو، جو هوءَ هن وقت هر شيءِ کي گڏ ڪندي رهي ٿي پئي. اها هن وقت بذات خود هڪ وڏي ۾ وڏي مهم ۽ وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. اهو بنيادي ڪم آهي. سڀاڻي هڪڙو نسل پيدا ٿيندو، جيڪو انهيءَ مان فائدو وٺندو. الانا، منهنجو دوست آهي، عزيز آهي، مان کي ڏاڍو پيارو آهي، پر مان ان کي چوندو آهيان ته ”مجاور“ آهي ۽ بهترين ”مجاور“ آهي. ”بيحد“ ايماندار مجاور. مجاور جو ايماندار هجڻ ۽ محنتي هجڻ خود هڪڙي قسم جي وڏي فضيلت ۽ سند آهي. جيڪا الانا ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو الانا تي اعتبار ڪندي، مان بِنا لسٽ ٺاهڻ جي سون جي تعداد ۾ پنهنجا ڪتاب ڏانهنس موڪليندو رهان ٿو، ته جيئن سنڌالاجيءَ جي لئبريريءَ ۾ سانڍي. الانا تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي. +س: توهان سنڌالاجيءَ جي بانين منجهان آهيو. الانا صاحب ٻڌايو ته اهو نالو ئي توهان تجويز ڪيو هو. ته توهان جي ذهن ۾ ان وقت ڪهڙي ڳالهه هئي، جڏهن اهو ادارو قائم ڪري رهيا هئا؟ +ج: سنڌالاجيءَ جي مفهوم جو دائرو تمام وسيع آهي. جيئن ايجپٽالاجي، انڊالاجي وغيره، اهي سرزمينون جيڪي قديم تهذيب جون مالڪ آهن، انهن جون اڪيڊميون انهن جي نالن سان منسوب ٿين ٿيون. اهي خود پنهنجي جاءِ تي جدا علم ٿين ٿا، جيئن ايجپٽالاجي يا مصريات پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل علم جي حيثيت رکي ٿو، تيئن سنڌ جو به علم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي جڏهن اهو ادارو قائم ڪيو، تڏهن ان جو نالو رکيائين ”سنڌي اڪيڊمي.“ مون چيو ته اهو نالو ته رسمي آهي. منهنجي ذهن ۾ ان اداري جو هڪ جامع تصور هو. ۽ مان ان جو نالو ”سنڌالاجي“ تجويز ڪيو. پر ان زماني ۾ اسان ون يونٽ ۾ وڪوڙيل هئاسين. سنڌ تي هڪ قسم جو خوف ۽ ڊپ هو. ڪامورا شاهي کي ”سنڌالاجي“ نالي تي حيرت ٿيڻ لڳي ! مون چيو ته بابا ”سنڌالاجي“ نالو رکڻ سان ڪهڙو اڀ ڏري پوندو؟ حسن علي عبدالرحمان، وائيس چانسلر چيو ته اهو نالو متان خوفناڪ سمجهيو وڃي. مان چيو ته ”ڪونه ٿيندو، دلجاءِ ڪيو.“ ان مجلس ۾ ممتاز حسن مرحوم به موجود هو. ڇاڪاڻ ته هو پنجاب جو هو. مون سوچيو ته هن کان به پڇي وٺان. هو ته عالم ماڻهو هو. هن کي خبر هئي. هن چيو ”ٺيڪ آهي، بلڪل ٺيڪ آهي، هن ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“ تنهن کان پوءِ ئي حسن علي جو ڀَؤ لٿو ۽ اهو نالو ”سنڌالاجي “ ٿيو. +سنڌالاجيءَ مان منهنجو مطلب اهو هو ته اهو حاوي هجي سنڌ جي هر موضوع تي. ان ۾ تاريخ هجي، ادب به هجي، لٽريچر به هجي، تهذيب به هجي. يعني هر شيءِ ان جي دائري ۾ هجي. ”سنڌ صدين کان“ (Sindh Through Centuries) هڪ خالص علمي اجلاس نيڪ نيتي سان سڏايل هو، جنهن ۾ دنيا جا عالم ۽ محقق آيا ۽ نهايت ٺوس علمي مقالا پڙهيائون ۽ ان تي به جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي سامعين کي معلوم آهي. اسان اڃا تائين ان ڪئي جا ڪيتا ويٺا ڏيون. يعني ماڻهو هتي پنهنجي تاريخ جي متعلق پاڪستان کان ٻاهران ڪي ماڻهو گهرائي ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي ! اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ تنهن ڪري اڄ توهان شيون گڏ ڪندا وڃو، ممڪن آ ته سڀاڻي ڪي چڱا ڏينهن اچن. جيڪي ڪجهه دستياب آهي، ممڪن آهي ته سڀاڻي حاصل نه ٿئي. تنهن ڪري انهن کي هن وقت هٿ ڪري محفوظ ڪرڻ تمام ضروري آهي. +س: سائين اها صحيح ڳالهه توهان ٻڌائي. ان موقعي تي آءٌ به هڪڙي ڳالهه ڪري ڇڏيان ته جيئن توهان ڳالهه ڪئي ته جڏهن ”سنڌ ٿرو سينچريز“ جو جلسو ٿيو ته ان ۾ جيڪي تقريرون ٿيون. اُهي سڀ، مون ۽ خان محمد (جڏهن اسان نئين زندگي رسالي ۾ هئاسون) ترجمو ڪري هڪ هڪ نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻه ٽي تقريرون اسان شايع ڪيون، پر پوءِ اسان کي منع ڪري ڇڏيائون ته آئنده ان کي نه ڏيو، ان جي ضرورت ڪانهي. حالانڪه ماهرن ڪيون هيون اسٽيج تي، کُلئي عام، پاڪستان سرڪار جي سرپرستيءَ ۾. +ج: بابا، مون کي معلوم آهي ته ڪيڏو عذاب ٿيو هو ان اجلاس جي سلسلي ۾. +س: سنڌ ٿرو سينچريز جي سلسلي ۾ پڙهيل پيپرس اڃا شايع نه ٿي سگهيا آهن، اُهي اڄ ڪلهه ڪٿي آهن؟ +ج: مان کي خبر ڪانهي ته ڪاٿي آهن. +س: ڪهڙي قسم جون اسان کي ننڍيون جماعتن يا ادارا ٺاهڻ کپن، ڪهڙي نموني ڪم ڪرڻ کپي، سنڌي لغت، سنڌي ادب تي، تاريخ تي، انهيءَ لاءِ اسان کي ڪي تجويزون ڏيو. +ج: تجويزون نه ٿينديون آهن. ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هر شيءِ پاڻ پيدا ٿيندي آهي. اسان جڏهن اهي ڪم شروع ڪيا، تڏهن ڪي به تجويزان ڪين هيون. بس پنهنجي ذهن ۾ جيڪي اينديون ويون، بسم الله ڪندا ڪم ڪندا وياسين. تجويزان نه ٿينديون آهن، تجويزون خود ذهن پيدا ڪندو آهي ۽ شوق ۽ ارادو پيدا ڪندو آهي ۽ تجويز پنهنجو پاڻهي ٿي ويندي آهي. +منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته سنڌ جو ماڻهو بي انتها ذهين ۽ فڪر وارو آهي. هو ڪڏهن به مري نه سگهندو. سنڌ کي پنهنجو هڪڙي قسم جو فلسفو آهي، پنهنجو تصوف اٿس، پنهنجو ادب اٿس، تنهن ڪري هن کي ته هڪڙي افاديت آهي، جيڪا کيس ٻين جي ڀيٽ ۾ ممتاز ڪيو بيٺي آهي. سنڌ جو ماڻهو هڪڙي ڏينهن بيدار ٿيندو، ۽ اڳتي هلي سنڌ جو ماڻهو پاڪستان کي ليڊ ڪندو، سنڌ جو ماڻهو غير معمولي آهي. سنڌ جو ماڻهو ڇا هي، اهو هڪڙي قسم جو راز آهي، جيڪو اڃا تائين لڪل آهي. +س: ”تخليقي ادب“ جي سلسلي ۾ جيئن توهان ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لکيو آهي، ان قسم جو ڪو ٻيو ڪتاب توهان جي زير ويچار آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ڪشادگيءَ ۽ کليءَ دل سان ڪي ڳالهيون ٻولهيون هجن؟ +ج: حقيقت اها آهي ته اسان وارو ”تخليقي“ ڌنڌو ائين آهي، جيئن اوستن جو ڪم. حقيقت ۾ ته تخليقي ڪم توهان وارو آهي. مان قبول ٿو ڪريان ته 1960ع ۾ جڏهن مون اهو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، تڏهن مان 1958ع کان هارٽ اٽيڪ جو شڪار هئس ۽ زندگيءَ جو به يقين نه رهيو هو. ان وقت ايوب خان مرحوم جو مارشلا لڳو هو. مارشلا جو نئون دور هو ۽ ان جو به اثر هو. هارٽ اٽيڪ جي تڪليف تنهن کان سواءِ، خانبهادر کهڙو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، هڪڙي قسم جو تڏا ويڙهه جو منظر هو. هتي مون تي نروس بريڪ ڊائون ٿي. ڊاڪٽرن مون کي مشورو ڏنو ته ماحول بدلائڻ لاءِ ٻاهر هليو وڃان. ادا علي محمد ان وقت فلپين ۾ پاڪستان جو سفير هو، تنهن ڪري ٻاهر وڃي رهڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي سهوليت هئي. اتي ٽي سال کن مان رهيس. منهنجي نروسنيس جو سڄو زمانو اتي گذريو. ان وقت نه پڙهي سگهندو هئس ۽ نه ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي. لکندو هئس ته هٿ ڏڪندا هئا ۽ اهو يقين نه هو ته ڪو آءُ وطن واپس ٿيندس. جتي انسان جي ابتدائي زندگي گذري ٿي، اتي جون يادون تمام پياريون ٿين ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خط پهتو ته نواز علي نياز لاڙڪاڻي وارو گذاري ويو. مهراڻ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه جا به خط پي پهتا ته اخبار جي سالنامه لاءِ مضمون موڪليان. نياز مرحوم تي مضمون لکڻ جي ابتدا ڪيم. ان وقت ڪتاب جو خيال ڪونه هو، فقط مضمون جي رٿا هئي. هڪ تنهائي ۽ ٻيو وطن کان دوريءَ وطن جي ڳالهين جي بيان ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. ماڻهو جنهن شيءِ جو گهڻو ذڪر ڪري ٿو ته پوءِ ان سان عشق ٿي پوي ٿو. پراڻيون يادون اينديون رهيون. مضمون شروع ڪيم، لکڻ جاري رهيو، تان جو ڪتاب لکجي ويو. جي نه اچان ها هيڏي، ته ٻيو جلد به لکجي وڃي ها. اهو ڪتاب ته مون اڌ ۾ ختم ڪيو آهي، جو به عشق جي هڪڙي بي انتها جذبي جي پيداوار آهي. +س: ان ڪري مون عرض ڪيو ته هن کان پوءِ به ان سلسلي ۾ ڪا وڌيڪ رٿابندي آهي توهان جي ذهن ۾؟ +ج: نه، هاڻي ڪانهي ڪا. هاڻي مان لکي به نه ٿو سگهان. اڄ ڪلهه مون تي وري به هڪڙي قسم جي پريشانيءَ جو وقت آهي. ٽي چار مون آپريشن ڪرايا گلي جا، انهن منهنجي اعصابن تي سخت اثر ڪيو. هاڻي هٿ به ڏڪن ٿا، لکي نه ٿو سگهان. ڪم تمام گهڻو ڪرڻو آهي. +س: تحقيق لاءِ ڪي بنيادي هدايتون، توهان، تحقيق جي هڪ ماهر ۽ استاد جي حيثيت ۾ ڏيو، جيڪي پيش نظر رکجن. +ج: پنجاهه ورهين تائين، پنجاهه ڄڻا چوويهه ڪلام ڪم ڪن ته به پورو نه ٿيندو. سنڌ تي ايترو گهڻو ڪم آهي ۽ اسان جيڪي ڪم ڪيو آهي، سو فقط تمهيد آهي، بنيادي ڪم ته اڃا اڳتي آهي. اڃا ته اسان جي تاريخ ڪانه لکي وئي آهي، جيڪو بنيادي ڪم آهي. اسان ته فقط ڪجهه سورس بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن. تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل ڪانهي. منهنجي اها نيت هئي ته سنڌ جي ادبي تاريخ لکجي، ادبي تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. تذڪرا بيشڪ لکيا ويا آهن ۽ ادبي تاريخ جيئن برائون لکي آهي، اسان وٽ ڪونه آهي. اها تاريخ، جنهن مان توهان کي خبر پوي ته شمشيرالحيدري جي پيدا ٿيڻ ۽ سندس ذهن ٺهڻ جا اسباب ڪهڙا آهن؟ اسان وٽ آهي ئي ڪانه. ادبي تاريخ ڪانهي، تمدني تاريخ ڪانهي. پوليٽيڪل تاريخ ڪانهي. اڃا ته خود سورس مٽيريل به ڪيترو رهيو پيو آهي. هڪڙو ڪتاب هاڻي اوچتو هٿ آيو، جيڪو مان ڇپارايان پيو. تاريخ معصوميءَ ۾ جن واقعن جا اشارا آهن، ان جا هن ۾ تفصيل بيان ڪيل آهن، ڪتاب جو نالو آهي ”نصرت نامہ ترخان“، جيڪو ٺٽي جي هڪ پوراني سادات جو لکيل آهي. اهو ڪتابرس بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن، تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل ڪانهي. منهنجو هڪ دوست ايڊٽ ڪري رهيو آهي ۽ انشاءَ الله جلد شايع ڪنداسين. مطلب اهو آهي ته اڃا تائين بنيادي ڪتابن جي اشاعت به رهيل آهي. +س: پنهنجي جاءِ تي اهو صحيح آهي ته تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. آءُ وري به پنهنجو اهو عرض ورجائيندس ته اسان جي محققن لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ابتدائي ليڪچر توهان ڪهڙو ڏيندؤ؟ +ج: طريقئه ڪار اهو آهي ته پهريون ته ذهن صاف هئڻ گهرجي. توهان جي ذهن ۾ جا عفونت ڀريل آهي، سان نڪرڻ کپي، مذهب جائز آهي پر هڪ حد تائين، ڇاڪاڻ ته هڪڙو نظام انسان جي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ اهو مذهب آهي. مطلب اهو آهي ته پهريون ته توهان جو ذهن صاف هجڻ کپي ته اوهان آهيو ڇا؟ يعني شميرالحيدريءَ جي وابستگي ڇا سان آهي. ڪنهن سان هو لائل آهي؟ پهريون ته لائلٽي گهرجي، هڪڙو عقيدو گهرجي. پهريون توهان جو عقيدو صاف هئڻ گهرجي. +س: اوهان جي خيال ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ سهيڙڻ ۾ ڪهڙي شيءِ سان وفاداري ڏيکارڻ کپي، جيڪا بنيادي طور صحيح هجي؟ +ج: وطن سان، ملڪ سان ۽ هن ملڪ جي ماڻهن سان. +س: سائين، آءُ هڪڙو گستاخي جهڙو سوال ڪريان ٿو. خدا توهان جي عمر وڏي ڪري، پر سوال ڪرڻ خاطر هڪڙي شيءِ، جيڪڏهن توهان جي دل ۾ اهو خيال اچي ته آءُ فقط اڄوڪو ڏينهن هيءَ گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي آخري موقعي تي توهان ڇا چوندءُ سنڌ جي ماڻهن کي. +ج: سنڌ! سنڌ!! تاريخ! تاريخ!! +سنڌ جي نوجوان تي سڄي مستقبل جو مدار آهي. جيڪڏهن گهرن تي سنڌ سنڌ رهي ۽ سنڌي رهن، ته ان جو وڪو ڏينهن هيءَ گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي آخري موقعي تي توهسنڌ جي نوجوانن تي مدار آهي. ان لاءِ سوچڻ کپي، ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ تيار رکڻ کپي. نوجوان سنڌ لاءِ وڏي شيءِ آهي. سڄو مستقبل ئي انهن جو آهي ۽ کين ئي ڪم ڪرڻو آهي، اسان ته ختم ٿي چڪا آهيون. +س: توهان سنڌ جي موجودهه شاعرن ۽ اديبن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن وقت جي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن مان توهان جي پنهنجيءَ پسند جا ڪهڙا آهن؟ +ج: مان تعريف نه ڪئي آهي پر حقيقت بيان ڪئي آهي. اسان جا شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي طريقي سان پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ نهايت بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڪنهن جي زبان پسند ايندي آهي ته ڪنهن جو انداز، پر اها هڪ جدا شيءِ آهي. مثلاً مان آهيان ڪچي جو ماڻهو، تنهن ڪري مان کي نسيم احمد کرل جا محاورا ۽ لکڻ جو اسٽائل وغيرهه تمام گهڻو پسند آهي. اسان جي ماهتاب محبوب، هڪ خاص انداز سان معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، يا نورالهديٰ شاهه آهي، اها هڪ خاص معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، اسان جي معاشري جي ناسورن جي جڏهن جراحت ٿئي ٿي ته دل کي وڻي ٿي، ڇو ته اسان جي سڄي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي رهيو آهي. +س: شاعرن ۾ سائين؟ +ج: شاعرن ۾ چوندس ته مان کي شمشيرالحيدري پسند آهي.. +(سائين آءُ ته ويٺو آهيان، توهان جي سامهون) +شاعريءَ ۾ توهين سڀ لک لهو. سڀ شاعر هڪ ٻئي کان وڌ آهيو. ڪنهن کي مان گهٽ چوان؟ هنن ويهن ورهين ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا آهن، انهن جي شعر کي دوام حاصل آهي. +س: سائين، توهان گذريل پنجاهه سالن کان مسلسل لکندا رهو ٿا. توهان جي لکڻين جو طريقئه ڪار يا ٽائيم ٽيبل، وقت مقرر آهي ۽ ڪهڙي نموني توهان لکندا رهيا آهيو؟ +ج: منهنجي حالت ته هيءَ رهي آهي جو جڏهن لکڻ ويهندو هئس ته چوويهه ئي ڪلاڪ لکندو هئس. پورو ياد ناهي، شايد 1928ع کان جڏهن شروع ڪيو اٿم، لاڳيتو لکندو رهيو آهيان. منهنجو پويون ڪتاب آهي ”مير محمد معصوم بکري“ جيڪو سال ٻه اڳ شايع ٿيو آهي. ان سڄي عرصي دوران، مان سمجهان ٿو ته اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن 15-20-25 صفحا نه لکندو هئس. +ٻيو توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجو ڪو به ڪتاب مڪمل طور لکجڻ کان پوءِ ڇپيو ناهي. مان ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح اخبار نويس آهيان، تنهن ڪري لکڻ جي سڄي ڪم لاءِ سلپن جو استعمال رهي ٿو. روزانه مواد سلپن تي لکجي، ۽ اهو پريس ۾ وڃي، شام جو لازمي طور ان جا پروف اچن، تنهن کان پوءِ ئي وڌيڪ مواد مان لکان. ته انهيءَ نموني مون سمورا ڪتاب لکيا آهن. +س: هن وقت توهان وٽ ڪي تصنيف تاليف هيٺ ڪتاب آهن؟ +ج: عرض ڪيم ته ٽن چئن سالن کان وٺي منهنجي ذهن ۾ ٽي ڪم آهن: خدا موقعو ڏنو ته انهن کي پورو ڪندس. هڪڙو ڪتاب آهي ”تاريخ رشيدي.“ منهنجي هڪڙي مرحوم دوست جي فرمائش آهي ته اهو ڪتاب مان ايڊٽ ڪري شايع ڪيان. خدا توفيق ڏئي، منهنجو اهو هڪڙو فرض آهي، جيڪو ادا ڪرڻو آهي. +س: ان ڪتاب تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ ڪڏهن شايع ٿيڻ کپي؟ +ج: ڪم اڃا شروع ڪونه ٿيو آهي. هن ڪتاب جا 5-10 نسخا، جيڪي دنيا جي مختلف هنڌن تي هئا، سي سڀ گڏ ڪري رکيا اٿم، ۽ انهيءَ کي فقط تصحيح ڪري متن تيار ڪرڻو آهي. ۽ اهو ڪم اڃا تائين ان ڪري شروع ڪري نه سگهيو آهيان، جو محنت تمام گهڻي آهي ۽ اها طاقت مان پاڻ ۾ نه ٿو سمجهان. مون نه ڪيو ته انشاءَ الله ڪو ٻيو ڪندو، ۽ بهرحال اهو ڪم منهنجي ذهن ۾ آهي. +ٻيو ڪم آهي ”پوراني سادات“. ٺٽي جا پوراني سيّد سنڌ جو تمام وڏو علمي خاندان هو. نصرت نامہ ترخان، ان خاندان جي هڪ فرد لکيو آهي. ان سڄي خاندان جو تفصيلي احوال مون گڏ ڪيو آهي. ارادو اٿم ته اهو ڪتاب، جيئن مير معصوم جو لکيو اٿم، لکي پورو ڪيان. ڇاڪاڻ ته اهو منتشر آهي ۽ تمام قيمتي مواد آهي، جو جيڪڏهن گڏ ٿي وڃي ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب مڪمل ٿي وڃي. ان خاندان جي علمي اهميت اها آهي، جو ان جو واسطو سينٽرل ايشيا، خراسان ۽ هرات سان آهي. ٽئين ڪتاب لاءِ ارادو آهي ته ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ لکان. +س: توهان سچل جي ميلي تي تازو اها ڳالهه ڪئي هئي ته اڪبر جي ”دين الاهيءَ“ جو تصور خيرپور مان پيدا ٿيو هو. +ج: دين الاهي خيرپور منجهان ڪونه پيدا ٿيو هو. دين الاهيءَ جي پيٽرن (نهج) تي مولوي محمد صادق راڻي پور واري مير علي نواز کي خوش ڪرڻ ۽ اڪبر جي ڪڙيءَ تي ڪري ڏيکارڻ لاءِ دين الاهي شروع ڪيو ۽ ان جو لٽريچر ۽ ڪتاب وغيرهه ڇپيا. مير صاحب کي به اڪبر بنايو هئائون. اتي مندر به ٺهرايائون. مسجد به. هاڻي تازو وڃي ڏٺم ته اهو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. باليءَ وارو بنگلو به ڀڄي ڀري ويو آهي. پر بهرحال دين الاهيءَ جو پيٽرن خيرپور ۾ سوچيو ويو هو. +س: توهان فرمايو ته اڄڪلهه جا راڳيندڙ ساڳيون ساڳيون ڪافيون ڳائين ٿا ۽ اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته توهان وٽ ڪافي جي شاعريءَ جو تمام وڏو ذخيرو آهي، توهان انهن جو ڪو انتخاب ڇپرايو. +ج: ڪيترا ڪم آءُ اڪيلي سر ڪري سگهان ٿو؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مان وٽ وڏو ذخيرو آهي، هن لحاظ سان ته منهنجو ڏاڏو به ڳائيندو هو (ڳائيندو هن لحاظ کان نه هو ته ڪو پيشه ور ڳائڻو هو. پر مطلب شوقيه ڳائيندو هو). بابو مرحوم بهترين ڳائيندڙ هو. منهنجو چاچو پير نورالحق شاهه سٺو ڳائيندو هو. ڪافيون ۽ بياض وغيرهه جو ذخيرو ان زماني کان اسان جي گهر ۾ تمام گهڻو هو ۽ اڃا تائين آهي. ڪيترا بياض گم ٿي ويا آهن، بهرحال ڪجهه آهن. اسان جي خاندان ۾ گهڻا شاعر ٿي گذريا آهن. جتي اهڙي ثقافتي فضا هوندي آهي، اُتي اهڙا علمي بياض به هوندا آهن. +اسان جي خاندان، يعني پير پاڳاري جي خاندان جي ڪافين جا جيڪي سر آهن، سي منفرد آهن. اُهي لوور سنڌ جي سرن کان مختلف آهن. مثلاً اپر سنڌ جا جيڪي سر آهن، سي جدا آهن، پر انهن ۾ به اسان جي خاندان جا سر البت مختلف به، ۽ منفرد به آهن. تنهن ڪري ڪافين جو تصور، ڪافين جا سر وغيرهه اهي به هر هڪ درگاهه يا سلسلي جي لحاظ کان علحده علحده آهن. مثلاً ڪنڊڙيءَ وارن جو فڪر ئي الڳ آهي. رکيل شاهه جي سلسلي جي ڳائڻ جو انداز به الڳ آهي. سچل جي ميلي تي تازو مون چيو هو ته شاهه لطيف پنهنجي فن ۽ فڪر جي لحاظ سان هڪ مخصوص شخصيت آهي، پر سچل جو باقاعدهه سلسلو آهي. يعني سچل کان شروع ڪندا ته ويندي فتح پور تائين پهچندا، پر شاهه جو سلسلو ائين ناهي. سچل جو پيغام، سلسلو وغيرهه طويل ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي. +س: هينئر سنڌي راڳ انگريزي طريقي واري جي باري ۾ راءِ ڇا آهي؟ +ج: آءُ خلاف آهيان، انگريزي راڳ جي ڪري ايراني ۽ افغاني راڳ به خراب ٿيو آهي. سينيمائن جي ڪري به راڳ خراب ٿيو آهي. تڏهن به سنڌي ۽ هندي راڳ شاندار آهي. +س: ان جو مطلب اهو نه آهي ته جديديت جي خلاف آهيو؟ +ج: قومن جون ڪي روايتون ۽ مخصوص عادتون ٿينديون آهن. ان ۾ هر قسم جي اصليت ٿيندي آهي، جنهن ۾ جديديت شامل ڪندئو ته اصليت به ويندي هلي. جيئن امداد حسينيءَ چيو ته هائڪو جپاني آهي، ان جو نالو مون ٽيڙو رکيو آهي. ليڪن جپاني معاشرو جدا آهي. جپان جي تهذيب جدا آهي. مارئي جپان ۾ نه ٿي اچي سگهي. آزاد نظم بلڪل غلط آهي. جن ايجاد ڪئي جهڙوڪ ن.م راشد وارن، اهي ختم ٿي ويا. اها هميشہ لاءِ نه آهي. پر اها ذهني انتشار جو نشان آهي. ساڳئي نموني تجريدي آرٽ (Abstract Art) آهي. اهي ٻئي شيون سمجهه لائق نه آهن. +س: ڀڳت جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ +ج: ڀڳت جو علمبردار ڀڳت ڪنور رام هو، جيڪو خود وڏو انسان دوست به هو. ان کان پوءِ ڀڳت ختم ٿي. فن جي لحاظ کان ان جو موت وڏو حادثو هو. +س: پراڻي زماني ۾ ناٽڪ منڊليون هيون، انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو. +ج: ان وقت شهرن ۾ ناٽڪ ٿيندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ گهٽ ٿيندا هئا. شڪارپور ان جو مرڪز هو. آغا صوفيءَ وارا ناٽڪ رچائيندا هئا. پر انهن جو ٻهراڙين ۾ گهٽ اثر هوندو هو. مون پهريون ناٽڪ 1925ع ۾ ڏٺو، ڪراچيءَ واري ڪيپيٽل سينيما ۾. جتي ان وقت ٿيٽر هو. +س: توهان ڪڏهن باقاعدهه ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ رهيا؟ +ج: بلڪل، ڪانگريس ۾ رهيس ۽ مسلم ليگ ۾ به. 1940ع ۾ قائداعظم خود مون کي مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ جي چئن سيٽن ۾ نامزد ڪيو. +س: توهان سڀ کان اول ڪهڙي مقبري تي تحقيق ڪئي؟ +ج: باوجود مسڪين هئڻ جي قدرت ايتري مهرباني ڪئي آهي، جو مشرق جي سڀني مشاهيرن جون قبرون ۽ مقبرا ڏٺا اٿم. +س: سير سفر جي لحاظ کان ڪٿي ويا آهيو؟ +ج: مشرقي ملڪن کي ڪافي ڏٺو اٿم. +س: ادب ۾ فحاشيءَ جي باري ۾ راءِ؟ +ج: اهو رڳو سنڌي ادب جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي. جنسيات منهنجي راءِ ۾ طبي مسئلو آهي. ٻاهرين دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو ته اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون. هاڻي ته ٻاهرين ملڪن ۾ اسڪولي سطح کان ٻارن کي جنسيات جي تعليم ڏني پئي وڃي. +س: سنڌي سماج ۾ ڪيتري حد مقرر ڪرڻ کپي؟ +ج: هر قوم کي بنيادي حدون ٿين ٿيون. هڪ دائرو وڏيرن ۽ پيرن جو آهي. جنهن ۾ ٻاهران پرديداري آهي، پر جڏهن اها هٽي ٿي ته ان تي اعتراض ٿئي ٿو، جنهن کي فحش سڏين ٿا. حقيقت ۾ اها فحاشي نه آهي، پر حقيقت آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ، سٺو اثر ڪري ٿو. جيئن نورالهديٰ شاهه لکي ٿي. اهي حقيقتون آهن، پر ڪجهه احتياط ڪرڻ کپي. هڪ اهڙي شيءِ جنهن مان اثر وٺي عمل ڪجي. ٻيو اهو آهي، جنهن ۾ بغاوت ٿئي. ساڳي ڳالهه ٿوري ڌيمي نموني ڪرڻ سان ڪري سگهجي ٿي. اهو ردعمل آهي. +س: سنڌي ٻوليءَ جي ڪراچيءَ ۾ آئيندي جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟ +ج: تمام سٺو آهي. جيڪڏهن سنڌي نالو آهي: سنڌ جي تاريخ جو، لباس جو، ٻوليءَ جو ته پوءِ اهو ڪم هتي بهتر آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي کان وڌيڪ شاگرد آهن. +س: ٻوليءَ سان جيڪو معاشي مسئلو منسلڪ آهي، ان لاءِ راءِ. +ج: اردو مان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي. سربراهي سنڌي ٻوليءَ جي رهندي. سنڌي ڪلچر کي ڪو به خطرو نه آهي. اقتصادي طور تي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر هاڻي مهاجرن تي اثر پيو آهي. هو خود سنڌيءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. توهان رڳو نعرن ۾ رهجي ويندؤ، ان ڪري نوجوانن کي گڏجي پنهنجي پنهنجي مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ کپي. باقي خان محمد رڳو پيو علاج ڪرائيندو، اهو خيال توهان کي دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ کپي ته سنڌ فقط توهان جي آهي، اهو غلط آهي. ان ڪري اردو وارن کي به پنهنجو ڪيو. انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي. ويندي رئيس امروهوي کان به سنڌ لاءِ ڪم ڪرايو. +س: شاعري وقت توهان جو تصور؟ +ج: ڪو به نه، صرف خيالي تصور. +س: توهان جي شاعري محفوظ آهي؟ +ج: نه، افسانه اخبارن ۾ ڪجهه هجن. مضمون البته ڪجهه گڏ ٿيا آهن. جي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ڇپجن پيا. +س: تنقيد جي باري ۾ راءِ؟ +ج: تنقيد، انگريزي، جرمن وغيرهه مان سڌي طرح فائدو ڪونه ورتو ويو آهي. البته سنڌي ادبي سنگت جا ڪلاس به هڪ سٺي شيءِ آهي. جڏهن سنڌ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ تي آءُ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي زماني ۾ هئس، اسان فيصلو ڪيو ته دنيا جي بهترين استادن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ گهرائي نوجوان تيار ڪ��ن، انجنيئر گهرائي پليون ٺهرائي سگهجن ٿيون ته ٻاهرين استادن کان قوم جو ذهن ڇو نه تيار ڪرائجي؟ پر ان تي اعتراض ٿيو ته اسان جي نوڪرين تي اهي ”ٻاهريان“ قبضو ڪندا، پوءِ اهو خيال لاٿو ويو. حالانڪ هاڻي به آمريڪا توڙي ايران جهڙن ملڪن ۾ ٻاهرين ملڪن مان استاد گهرايا وڃن ٿا. +س: سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي صنف پسند آهي؟ +ج: ڪافي ۽ ڏوهيڙو. +س: پسنديده شعرن جو ڪو بياض تيار ڪيو. +ج: ها. انهن مان پسنديده شعر هي آهن: +(1) انهــــــن وهن وٽان لڏ، جنهن جــــــو ناهه منهن ملير ڏي +اهــــــا ڇانــــــگ ئــــــي ڇــــــڏ، جيڪــــــا ڌڻ کـان ڌار هلي. +(2) مينهن وســــــنــــــدي ســــــومــــــرا اڄ پــــــڻ پــــــور پــــــيــا +پکا پنهوارن جــــــا سي مون ياد ڪيــا +ڏٺي گهڻا ڏينهڙا مــــــون ٿريچن ٿيا +وسري تـــا نه ويا، ڪا ساعت منهنجي ساهه کان. +س: ايران ۾ توهان جي ياد ۾ يادگار پٿر لڳايل آهن. اتان جي يونيورسٽين ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به ڏني، اتي سنڌي ادب تي ڪم ٿيو آهي؟ +ج: انهن جيڪو خود شناسي جو مظاهرو ڪيو ته کين نقصان پهتو. پنهنجي پسگردائي جي ملڪن مان فائدو نه ورتو، بلڪ يورپ جي اثر قبول ڪيو. نتيجي ۾ تهذيب کي نقصان پهتو. +س: تهذيب، فڪر ۽ علم لاءِ راءِ. +ج: علم، تهذيب ۽ فڪر محدود دائرن ۾ رهي حاصل نه ڪبو آهي. هر تهذيب ۾ خاميون ۽ خوبيون آهن. اسان جا ماڻهو ناني ويڙهو ٺاهي رهن ٿا. ان ڪري انهن جو ماحول به محدود رهي ٿو. چڱيون شيون حاصل نه ٿا ڪن. ان ڪري سڀني سان ملڻ ۽ سکڻ کپي. مون سير ۽ سفر ۾ هر قوم جي اٿڻ وهڻ ۽ گفتگو مان پرايو آهي. +پاڪستان ٺهڻ وقت انجمن ترقي اردو ٺهي ته مولوي عبدالحق سان سنگت هئي. اتي روزانو آل انڊيا ليول جي ايندڙ ماڻهن سان ملندو رهيس. ان کان علاوهه بين الاقوامي ادارن ۽ ملڪن جي ڏسڻ سان مون گهڻو پرايو. ايران برصغير مان صرف ٻن ڄڻن کي اعزازي ڊگري ڏني. هڪ ڊاڪٽر تاراچند ۽ ٻيو آءُ هئس. دنيا مان صرف اٺ ڄڻا هئا، جيڪي ايرانالاجسٽ هئا. سنڌ يونيورسٽي ٺهراءُ پاس ڪيو ته مون کي ڊاڪٽوريٽ ڏجي پوءِ مصلحت سبب عمل نه ڪيو ويو. +س: ٻاهر دنيا ۾ سنڌ تي مواد ڪٿي آهي؟ +ج: سڄي دنيا ۾ آهي. خاص ڪري انگلينڊ ۾ تمام گهڻو مواد آهي. +س: ميرپور بٺوري جي لئبريري ۾ سئو کن اخبارن جا فائيل آهن، اهي ڪيئن محفوظ ڪجن؟ +ج: پيسا خرچ ڪيو. هر حالت ۾ ضرور وٺجي. پيسو ڪا شيءِ نه آهي. اهي شيون قومن جو سرمايو آهن. اسان وٽ پيسي جي کوٽ نه آهي. رڳو همت جي ضرورت آهي. هر شيءِ لاءِ پيسو آهي، پر ڪتاب لاءِ نه آهي؟ ان ڪري اهي ذخيرا تباهه ٿي ويندا. +س: توهان جي تحقيق ۾ اردو زبان سنڌ جي پيداوار آهي. +ج: بلڪل صحيح آهي. حقيقت ۾ چيو وڃي ٿو ته اردو مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي. مقامي ماڻهن ۾ زبانن جا ماڻهو گڏ اٿيا ويٺا ته اردو زبان ٺهي. اهو اصول قبول آهي ته پوءِ مسلمان پهرين هتي آيا. ٻيا ان جا پيچرا هتي ملن ٿا. جيئن سرائڪي زبان، اها اردو جي ابتدائي صورت آهي. گجراتي، اها صرف سنڌ، گجرات ۽ بهاول پور ۾ استعمال ٿي. پر ملڪيت ٻاهر جي ڀلي ٻاهر آهي. +س: فوٽو گرافي سان شوق ڪڏهن کان آهي؟ +ج: ڇهن پيڙهين کان آهي. انهن کي محفوظ تڏهن ڪجي، جڏهن ڪو قومي ادارو هجي. هزارين فوٽو آهن، ڪير سنڀالي؟ اهڙا فوٽو سنڌ جي ڪيترن بزرگن وٽ به آهن. +س: اهي شيون تباهه نه ٿينديون، سنڌالاجي کي ڇو نه ٿا ڏيو؟ +ج: نه، اهي محفوظ آهن. مرڻ کان پوءِ هونئن ئي سنڌالاجي کي ملنديون. +س: توهان اهڙي وصيت ڪئي آهي؟ +ج: ها، مون حسين شاهه راشديءَ کي چئي ڇڏيو آهي. +س: هيءَ وصيت سمجهڻ کپي؟ +ج: ها، اها حسين شاهه کي خبر آهي. ڏاڏا پير شاهه جي نالي ڪارنر اتي ٺهرائي اٿئون. هينئر به جيڪي ڪم مان ڪتاب نڪرندا آهن، اهي سنڌالاجي کي موڪليندا آهيون. منهنجي دلچسپي سنڌالاجي سان آهي، ڇو ته اها سنڌ يونيورسٽيءَ سان شامل آهي. نيٺ ته درست ٿيندي، اهي ادارا نيٺ ته ٺهندا. +س: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لاءِ راءِ؟ +ج: گهڻي خبر نه آهي پر چڱو ادارو آهي. +س: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت! +ج: سگا کي ڪلارڪي ذهنيت جي بجاءِ آزاد ذهن جي ترتيب ڪرڻ گهرجي. هونئن سٺو ادارو آهي. چڱو ڪم ڪري ٿي. البته ڪامورڪي ذهنيت کان ٿورو خوف آهي. سنگت تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو. +س: سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ، تاريخ تي ڪو ڪم ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو؟ +ج: ڪراچي يونيورسٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هڪ پروفيسر رئوف سنڌ جي ساهه وران، نانگن، بلائن تي سڄي پگهار خرچ ڪري وڏي ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. +سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن کي سوچڻ کپي ته گذريل دور ۾ يونيورسٽي بند هئڻ ڪري ڪيترو هنن نقصان سٺو آهي. ان جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي. اهو قومي سانحو آهي. ان ڪري، هاڻي سنجيدهه ٿي پڙهڻ، پروڙڻ، تحقيق، تخليق لاءِ ڪم ڪري ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي. +س: کاڌي ۾ پسند جون شيون؟ +ج: کاڌي ۾ شوروو ۽ ماني وڻندي آهي. پر گوشت ۽ ڪباب به وڻندو آهي. +س: پوشاڪ؟ +ج: انگريزي پوشاڪ. جڏهن به انگريزي پوشاڪ ۾ ڏسو ته سمجهو ته تندرست آهيان. جڏهن سلوار قميص پائيندو آهيان ته سستي محسوس ڪندو آهيان. لکڻ وقت به انگريزي لباس پائيندو آهيان. + + +سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو +[هي انٽرويو محترم امير بخش حمايتي ڪراچيءَ جي ماهنامہ ”اديون“ لاءِ ورتو ۽ ان کي آگسٽ – سيپٽمبر، 1981ع واري پرچي ۾ ڇاپيو. غالباً پير صاحب مرحوم جو هي ڪنهن رسالي لاءِ ڏنل آخري انٽرويو آهي] +س: اڄڪلهه جي تعليمي سرشتي مان توهان مطمئن آهيو؟ +ج: نه نه، مطمئن ڇا، مان سمجهان ٿو ته زندگي ضايع ڪرڻ آهي. +س: اسان جو نوجوان نسل چوي ٿو ته اسان کي وڏن جي ورثي کان اهو تعليمي سرشتو مليو آهي، ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي. +ج: تعليم جيڪا اسان جي آهي، انهي جي تشڪيل ڪندڙن مان هڪڙو الزام انگريزن تي به آهي ڇا؟ پر انگريزن جي زماني جي پيداوار اسان آهيون. توهان ته انگريزن کان پوءِ ئي پيدا ٿيا. تنهن ڪري تعليم جو موجودهه سرشتو ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انگريزن، پنهنجي مقصدن خاطر تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي، پر ان دور جا استاد، تعليمي ماحول، گهرو ماحول ۽ آبهوا، موجودهه دور کان گهڻو بهتر هئا، ۽ ماڻهو فقط استاد وٽ نه پر گهر ۾ به تعليم وٺندو آهي. بزار ۾ وٺندو آهي، شهر ۾ وٺندو آهي، ڳوٺ ۾ وٺندو آهي، اٿي ويٺيءَ ۾ تعليم آهي، معنيٰ سڄي زندگي حقيقت ۾ تعليم آهي. تنهن ڪري اڳي جنهن زماني ۾ اسان پيدا ٿياسين، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جا جيڪي ليڊر هئا، تن ڪو امتحان ته پاس ڪونه ڪيو هو. +س: سائين تاريخ جي وصف جي اسان کي صحيح خبر ڪانهي، پر تاريخ ۾ بادشاهه، امراءَ ۽ وزيرن جو ذڪر آهي. عوام جو ڪونهي! +ج: بلڪل صحيح آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اڄ تائين هن صديءَ ۾ يا ان کان اڳ جي عوام کي ڪابه اهميت حاصل نه هئي، مغرب جي اثر جو نتيجو آهي، جو عوام، (Masses) جنهن کي چيو وڃي ٿو، ان ۾ بيداري آئي آهي، نه ته عوام جي سلسلي ۾ نه تصور ڪندا هئا نه گفتگو ڪندا هئا. حقيقت ۾ عوام ڪا شيءِ ئي نه هو، ان ڪري عوام جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو. اهڙين حالتن ۾ جن کي اسان سخت حالتون چئون ٿا، پراڻي هڪڙي ڊارڪ ايجز Dark ages چئون ٿا، ظاهر آهي ان زماني ۾ ڪوبه ماڻهو لکي نه پي سگهيو يا چئي نه پي سگهيو يا ان قسم جي ڪا تحريڪ ٿي نه پي سگهي. مثلاً جيڪي به تحريڪون اسان وٽ پيدا ٿيون آهن، ۽ هر دور ۾ ماڻهو آيا آهن، انهن جدوجهدون ڪيون آهن. پر انهن جو ذڪر تاريخ ۾ ڪونهي. اهڙن ماڻهن کي سخت اذيتون ڏئي ماريو ويو آهي، جيئن دادوءَ جو بلاول، جنهن لاءِ مشهور آهي ته کيس گهاڻي ۾ پيڙهايو ويو هو يا دولهه دريا خان وغيرهه، حقيقت ۾ اهي هئا آزادي جي تحريڪن جا علمبردار. انهي قسم جا ڪيترائي ماڻهو رهيا آهن، جن کي تاريخ جاءِ ڪانه ڏني آهي. +س: سنڌ ۾ ماڻهن ڪيتريون ئي تحريڪون هلايون آهن، پر انهن تحريڪن کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي، ڪٿي کين ڦورو ته ڪٿي ڌاڙيل ڪوٺيو ويو آهي. +ج: مان توهان کي ٻڌايو ته تاريخ حاڪمن پنهنجي مقصدن ۽ نظرين مطابق لکرائي. ان ۾ هو هنن ماڻهن کي ڪيئن جاءِ ڏيندا يا انهن جي عمل کي صاف ۽ واضح ڪوٺيندا. +س: ڇا، هاڻي ان جي تصحيح يا درستي ٿي آهي؟ +ج: توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اڃا ڪابه شيءِ نه ٿي آهي. اهو توهان غلط فهميءَ ۾ آهيو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪو ڪم ٿيو آهي. اسان هن وقت جيڪي Source Books آهن انهن مان ڪجهه ڇپائي سگهيا آهيون، ۽ هاڻي Sources فقط اهي ئي آهن، ۽ انهن تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ته هاڻي اسان جي سنڌ جي تاريخ يا پاڪستان جي ٻين صوبن جي تاريخ نه لکي وئي آهي جيئن يورپ ۾ ڪم ٿئي ٿو. مان فقط Source Books کي پنهنجي Notes سان شايع ڪري سگهيو آهيان ۽ انهن سڀني ڳالهين ڏانهن اشارا ڪيا اٿم، جن تي لکڻ گهرجي يا جيڪي ظلم ٿيا آهن، انهن ڏانهن مان فقط اشارا ڏنا آهن، تاريخ ڪانه لکي اٿم. +س: اسان وٽ Source Books (پير صاحب وچ ۾ ڪٽيندي جواب ڏنو). +ج: Source Books توهان وٽ تمام چڱا آهن ۽ اڃا به ڪيترا ئي آهن، جن کي شايع ڪري سگهجي ٿو. انهن Source Books جي ڇپجڻ کان پوءِ، نوجوان لکندڙن جي هڪ جماعت هئڻ گهرجي، جن جا ذهن صاف ۽ واضح هجن، جن کي تاريخ لکڻ جي جديد طريقن جي ڄاڻ هجي ۽ کين يورپ مان تعليم مليل هجي. حقيقت ۾ اسان وٽ سنڌ ۾ ڪجهه ڪونهي، ڪو ڌڻي سائين ڪونهي، ڪو رهنما ڪونهي، ڪو صحيح سياسي ليڊر ڪونه رهيو آهي جنهن جي دل سڙي ۽ قوم لاءِ ڪم ڪري. اسان کي رهنما گهرجن. هاڻي توهان هندستان جي قوم کي ڏسو، جتي سيّد (سر سيّد احمد خان) پيدا ٿيو، انهيءَ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي ۽ پنهنجي سڄي زندگي ان لاءِ وقف ڪئي. هاڻي توهان ڏسو، اهي سڀ علي ڳڙهه جا پڙهيل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ آيا، سي سڀ اتان جي پيداوار آهن. حالانڪه مولوين چيو ته ديوبند ۾ مدرسو قائم ڪجي ۽ انگريزن سان ڪو تعلق نه رکجي پر سر سيّد ايندڙ وقت جو سوچي انگريزن سان ٺاهه ڪيو ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي، جيتوڻيڪ ان ۾ سندس تمام گهڻي بدنامي به ٿي. پر هن دور انديشي کان ڪم ورتو ۽ جيڪڏهن سر سيّد يونيورسٽي نه ٺاهي ۽ مسلمانن کي تعليم نه ڏياري ها ته جيڪر اڄ هندستان جا مسلمان Red Indians وانگر هجن ها. جڏهن ته سنڌ ۾ فقط حسن علي آفندي اهڙو ليڊر پيدا ٿيو، جنهن مدرسو (سنڌ مدرسه) قائم ڪيو ۽ سنڌين ۾ ڪجهه تعليم آئي ۽ توهان جيڪي به ڪامورا ڏسو ٿا سي سڀ سنڌ مدرسي جي پيداوار آهن. هندن به جيڪا ترقي ڪئي، سا تعليم جي ڪري، ۽ هنن تعليمي ادارا قائم ڪيا. جنهن يونيورسٽيءَ ۾ توهان پڙهو ٿا سا به هنن ئي قائم ڪئي. اسان جا سنڌي نهايت ئي محنتي ۽ ذهين آهن. اڄڪلهه جي دور ۾ به جيڪي جتي آهن، سي پنهنجي ميدان ۾ ماهر آهن. ذهن اسان وٽ بهترين آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين کان سٺا آهن، پر ان ذهن کي استعمال ڪرڻ يا رستي تي لڳائڻ به ضروري آهي. +س: توهان جي ڳالهين ۽ خيالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جي ب��ري ۾ اوهان جي دل ۾ درد آهي! ته ڇا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اوهان تاريخ بابت ڪا اڪيڊمي قائم ڪيو. جتي يورپ کان تعليم حاصل ڪري نوجوان اچي تحقيق ڪن ۽ انهن ۾ به جيڪي جتي آهن، سي پنهنجي ميدان ۾ ماهر آحن. و ٿا سا به هنن ئي قائم ڪئي. نڌين ۾ ڪجهه تعليم آئي ۽ توهان جيڪي به ڪامورا ڏ Source Books ۽ واضح اشارن تي ڪم ڪري، تاريخ مرتب ڪن. +ج: اڪيڊميون توهان وٽ موجود آهن. مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي وغيرهه. نئين اڪيڊمي ٺاهڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. +س: جيڪڏهن ڪو شاگرد يا اميدوار Line of Action متعين ڪري ٿو ته ان جي گهروارن پاران Resistance ضرور ڪئي ٿي وڃي. مثال اسان جو ڪو ڇورو فوج ۾ ٿو وڃي ته گهر وارا وڃڻ نه ٿا ڏين، يا ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو ته گهر جا ڀاتي روڄ ۽ راڙو شروع ٿا ڪن، ته ان صورت ۾ نوجوان ڇا ڪري؟ +ج: مان توهان کي عرض ڪيو ته ان سلسلي ۾ گهر جو ماحول بيحد ضروري آهي. پر گهر جو ماحول به جيڪڏهن ٺيڪ ڪونهي ته جن نوجوانن تي اثر پوي ٿو، اهو ماحول ٺيڪ ڪرڻ به انهن نوجوانن جو ڪم آهي. +س: بنا ڪنهن سرپرستيءَ جي يا بنا ڪنهن ڳالهه جي دماغ ۾ ويهڻ کان سواءِ ماڻهو ڪوبه ڪم نه ٿو ڪري سگهي، جيتر ڪنهن کي اهو ٻڌايو نه وڃي ته تون غلط ڪم ٿو ڪرين. ان وقت تائين هو پنهنجو پاڻ کي درست سمجهندو، ته غلطيءَ جي نشاندهي ڪرڻ وڏن جو فرض آهي، نه ڪي اسان جو؟ +ج: مان سمجهان ٿو ته اڄ جو نوجوان وڌيڪ ذهين آهي ۽ هو پنهنجو نفعو يا نقصان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر سمجهي سگهي ٿو. +س: سنڌي شاگرد ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ ايترو آزاد ڪونهي. ٻين دوستن کي فقط پڙهائي ڪرڻي پوي ٿي. کين گهر جو ماحول به اهڙو ملي ٿو ۽ کين ٻيون سهوليتون به حاصل آهن، پر سنڌي شاگرد کي هڪ ته پنهنجي طور تي پڙهائي ڪرڻي پوي ٿي، ٻيو ته کيس پنهنجي پڙهائي سان گڏ پنهنجي حقن لاءِ به وڙهڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻين شاگردن لاءِ سندن اڳواڻ ۽ سندن تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، پر سنڌي شاگرد پنهنجي قومي حقن لاءِ پاڻ وڙهندو رهي ٿو، کيس سندن اڳواڻن بجاءِ هٿي ڏيڻ جي نقصان پهچايو آهي. +ج: ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ۽ توهان کي اهي ڏکيائيون آهن، توهان کي تعجب ٿيندو ته اسان بنا پڙهئي ۽ بنا امتحان ڏني، انهيءَ حد تائين لکڻ پڙهڻ ڪيئن سکيو. ان لاءِ مان عرض ڪيان ٿو ته اسان کي حالتون سازگار مليون. ان دور جا بزرگ حالتن کي سمجهي پنهنجي اولاد يا نوجوانن سان هلندا هئا. جنهن ماحول ۽ معاشري ۾ اسان پيدا ٿياسون، ان جون ضرورتون بلڪل مختلف هيون. ان زماني ۾ مثلاً اسان کي ڪا به نوڪري جي ضرورت ڪانه هئي، آمدني جي ضرورت ڪانه هئي ۽ جيڪي معاشي مسئلا اڄڪلهه آهن، سي ان دور ۾ ڪونه هئا، اڳي گوشت چئين آني سير ملندو هو ۽ هاڻي ڇويهين روپئي به نه ٿو ملي. اڳي اسان سير گوشت لاءِ چار آنا ۽ هاڻي توهان کي ڇويهه روپيه ڪرڻا پون ٿا. پر هاڻي انهن مشڪلاتن کي آڏو ڏسي ڇڏي نه ڏبو. سو اڄ يونيورسٽيءَ سطح تي به نوجوانن جي ذهني معيار کي رهنمائي ڏيڻ گهرجي. ڀيٽ ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪانهي. ڀيٽ ذهن جي معيار جي آهي. سنڌي نوجوانن جو ذهني معيار اهڙو ناهي. ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرد کي اهو فڪر ئي ڪونهي ته کيس نوڪري نه ملندي يا ڪوٽا سسٽم ڪري پڙهيو ويندو. کيس ڪو به مسئلو ڪونهي. سندن استاد، وائيس چانسيلر ۽ ٻيو اسٽاف به ڀرپور مدد ڪري ٿو. ان ڪري سندن يونين جي چونڊن دوران نعرن کي سطحي چئي سگهون ٿا، جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ ڪن ٿا. منهنجي شڪايت اها آهي ته نوجوان نعرن ۾ ايترو غرق ٿي وڃي ٿو، جو تعليم کان منهن موڙي ڇڏي ٿو. +س: وچ ۾ واقعي هڪڙو عرصو اهڙو آيو هو، جو سنڌي نوجوان پنهنجي راهه تان ڀٽڪي ويو هو، پر هن هاڻي موٽ کاڌي آهي، پڙهائي ۾ به اڳتي وڌيو آهي. توهان ان لاءِ ڇا چوندا؟ +ج: بهرحال، هاڻي توهان کي توجہ ڏيڻ گهرجي، پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ تي. جيڪڏهن توهان ٺهو ٿا ته سنڌ ٺهي پوندي. هر ماڻهو اهو سمجهي ته ڪل جو جز آهي، جڏهن ڪو ڪا شيءِ يا Contribution ڪري ٿو ته اها ملڪ لاءِ فائدي واري آهي. تنهن ڪري هر ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. توهان کي مان ٻڌايان ته مان ايڏو پشيمان ٿيندو آهيان ته اسان جي نوجواني ائين گذري وئي. سستي ۽ بيڪاري ۾ جيڪو وقت گذري ويو اهو ائين هٿ نه ٿو اچي ۽ افسوس ٿئي ٿو ته ڪجهه نه ڪيوسين. توهان جو هيءَ وقت نهايت ئي غنيمت ۽ قيمتي آهي. هي دور نهايت ئي خراب آهي، تنهن ڪري توهان کي هڪ اونداهي مستقبل ۾ مقابلو ڪري پنهنجي راهه پيدا ڪرڻي آهي. پنهنجي لاءِ رستو ۽ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن. توهان ڏسو ٿا ته سرپرست به توهان جي مدد نه ٿا ڪن، حالتون به سازگار ڪونهن، وسيلا به توهان جا محدود آهن، تنهن ڪري توهان کي پنهنجو رستو پيدا ڪرڻو آهي. توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي واٽ ڳولي لهڻي آهي، دل هاري وهڻو ناهي. +س: توهان مهرباني ڪري اسان کي ڪجهه نقطا اهڙا ٻڌايو جن کي هن اونداهي دور ۾ لائين آف ايڪشن وٺي اسان اڳتي وڌون. +ج: اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪونهي، جنهن تي هينئر ڪجهه چئجي. پر مان اهو چوندس ته توهان کي پنهنجو پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٺاهڻ ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻيو ته وسيع مطالعو ڪرڻ گهرجي. مختلف زبانون سکو ۽ وقت ضايع نه ڪيو. تعليم جا جيڪي ڏهه پندرهن سال آهن، انهن تي توهان جي باقي زندگي جو دارومدار آهي. روز رات جو پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو ته اڄ ڪهڙو ڪم اسان ڪيو، جيڪو ملڪ ۽ پنهنجي ذات لاءِ ضروري آهي. وقت جي قدر ڪرڻ جي بيحد ضرورت آهي. خاص طور تي سنڌين جو هڪ هڪ منٽ نهايت قيمتي آهي. اسان کي ايڏي فراغت ناهي ته اڄ ڪم نه ڪيو ته پرواهه نه آهي يا اسان جا ٻيا چار ويٺا آهن، جيڪي اسان کي ڪمائي آڻي ڏيندا، يا پنج پٽ پڙهيل آهن، هڪ نه پڙهيو ته پرواهه نه آهي، پر اسان جو هڪ هڪ منٽ اهم آهي. توهان جا ذهن صاف، اوچا ۽ سٺا آهن ته مطالعو توهان کي وڌيڪ قابل بنائي سگهي ٿو. ذهانت ايندي ۽ فائدو ٿيندو. جن حالتن ۾ اوهان آهيو، انهن حالتن ۾ اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اوهان کي ڇا ٿيڻو آهي؟ جن حالتن ۾ توهان آهيو، انهن ۾ توهان جو اولاد ايندو. هاڻي انهن جو مستقبل به اوهان کي ٺاهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو وقت ختم ٿي ويو آهي. جنهن مشڪلات ۾ توهان آهيو، هاڻي اڳيون وقت ان کان به وڌيڪ ڏکيو ايندو ۽ کين وڌيڪ مشڪلاتون درپيش اينديون، تنهن ڪري انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي توهان کي هلڻو آهي. +س: توهان فرمايو ته ڪو اهڙو ادارو هجي، جيڪو سنڌين جي رهنمائي ڪري، پر اسين ٿا سمجهون ته اهڙي ڪنهن اداري کي مشڪل سان هلڻ ڏنو وڃي! +ج: ڪنهن به اداري ٺاهڻ جي گهرج ڪانهي، پر جيڪڏهن ادارو فلاح ۽ بهبود لاءِ آهي، ۽ ان کي سياسي نعري بازي ۾ آندو نه وڃي ته ڪو سبب ناهي، جو ان اداري کي هلڻ نه ڏنو وڃي، پر اهو هلائيندو ڪير، ان لاءِ روپيه ڪٿان ايندا. ادارو هلائڻ ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي. مان توهان کي عرض ڪيو ته اوهان جتي به پنج سنڌي آهيو اهو هڪ ادارو آهي. غير رسمي طرح هت ويٺا آهيو، اهو هڪ ادارو آهي. هاڻي هر ماڻهو ادارو آهي، ٻه ماڻهو ادارا آهن، تنهن ڪري جتي به ٻه ٽي ڄڻا گڏجي وهن، اهي فضول گفتگو بدران ڪم جون ۽ عملي ڳالهيون ڪن. +س: شاهه لطيف جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جو عظيم شاعر آهي. ان ۾ ڪ��تري قدر حقيقت ۽ ڪيتري قدر جذباتيت موجود آهي؟ +ج: جيتري قدر سنڌي ٻولي جو تعلق آهي ته شاهه کان بهتر شاعر اسان وٽ پيدا نه ٿيو آهي ۽ جيڪي سندس خيال يا فلسفو سندس شعر ۾ بيان ڪيل آهي، سو عالمي آهي ۽ انسان ذات لاءِ آهي. باقي رهيو ته اهو وڌيڪ آهي يا گهٽ، اهو مقابلو نه ٿيندو آهي. باقي ڏٺو ويندو آهي ته جنهن ماحول ۽ جن حالتن ۾ شاهه رهيو انهن کي هن ڪيئن نڀايو ته شاهه واقعي وڏو شاعر آهي. پر سڄو ڌيان شاهه تي ڏيڻ، اهي شيون بي وقتيون آهن. +س: محبت يا عشق انسان جي شخصيت جي تعمير ڪن ٿا، ان باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟ +ج: عشق لاءِ ضروري ناهي ته عورت سان هئڻ گهرجي، يا جنسي هئڻ گهرجي. پر عشق جو مفهوم آهي، ڪنهن به شيءِ يا عمل سان لڳاءُ. مطلب عشق جو اهو آهي ته ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان دل وندرائيندو آهي، ڪو پڙهڻ سان، ڪو گل سان، يا پاڻ کي تعمير ڪرڻ سان. +س: ائين نه ٿا چئي سگهون ته انسان سان عشق يا جنسي عشق هڪ وڏي مقام لاءِ بنياد آهي؟ +ج: نه، مان ائين نه ٿو سمجهان. +س: معنيٰ ليليٰ مجنون يا سسئي پنهون جا داستان عشق نه ٿيا. +ج: عشق ته ٿيا، پر انهن دنيا لاءِ ڇا ڪيو. مثلاً مجنون زندگي تباهه ڪئي ليليٰ پٺيان يا رانجهي هير لاءِ، پر هنن انسان ذات لاءِ ڇا ڪيو ۽ مان چوان ٿو ته عشق اهو هجي جنهن سان ڪنهن کي فائدو رسي. +س: موجودهه دور ۾ توهان ڪهڙي ٻاهرين ليکڪ کان متاثر آهيو، جنهن پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي؟ +ج: موجودهه دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي اسان جا هندو ڀارت ۾ آهن، تن وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. سچل جو رسالو، شاهه جي رسالي جا ٻه ايڊيشن، قاضي قاضن جو ڪلام يا اهڙو ٻيو ڪلاسيڪل ڪم جيڪو سنڌ ۾ به نه ٿيو آهي، سو هو ويچارا ڪري رهيا آهن. غير سنڌين ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل آهي، جنهن جرمن، ترڪي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ تمام گهڻو شاهه تي لکيو آهي ۽ افسانن (سنڌي) جي هڪ مجموعي کي جرمنيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. +س: چيو وڃي ٿو ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي 25 سالن ۾ ۽ سنڌ ۾ 100 سالن ۾ ختم ٿي ويندي، ان جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟ +ج: ائين چوڻ غلط آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل خطري ۾ آهي ۽ جيڪو نئون نسل آهي، تنهن جا ڇا لاڙا آهن. في الحال جيڪي هينئر هندستان ۾ سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، تن جون عمريون به پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ آهن ۽ 15 يا 20 سالن ۾ اهي ختم ٿي ويندا. ساڳي ريت سنڌ ۾ به هن وقت جيڪو خراب وقت سنڌي ٻولي تي آيو آهي، اهڙو برو وقت ان کان اڳ ڪڏهن به نه آيو آهي. حالانڪه عربي، فارسي ۽ انگريزي سنڌ جون سرڪاري زبانون رهيون آهن ۽ ان دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ترقي ڪئي آهي. هن وقت جيڪي حالتون آهن، سي ان خيال کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، جو جنهن دور ۾ عربي يا فارسي سنڌ جون سرڪاري زبانون هيون، ان وقت نه ريڊيو هو، نه اخبار هئي نه ٽيليويزن هئي، ذريعو فقط لکڻ پڙهڻ جو هو، ۽ ان جو اثر فقط هڪ محدود طبقي تي ٿي پي سگهيو، سڄي عوام تي نه. اڄ بي.بي.سي جي نشريات توهان کي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ٻڌائجن ٿيون ۽ هڪڙو ڳوٺاڻو ٻڪرار به ان کي اردو ۾ ٻڌي ٿو. هتي ريڊيو، ٽي. وي، اخبارون مطلب ته سڀ اردو ۾ آهن، ۽ ماڻهو مجبور ٿي اهو پڙهن ٿا، ۽ ڏسن ٿا ۽ اوهان جي گهرن ۾ به هروڀرو اردو ڳالهائي وڃي ٿي، ۽ اوهان جا ڪامورا پنهنجي گهرن ۾ اردو ڳالهائين ٿا، پنهنجي ٻارن کي اردو پڙهائين ٿا، اهو ذهن ۾ رکندي ته شايد ان سان سندن معيشت جا مسئلا حل ٿي ويندا. يا فيشن طور تي به ڳالهائين ٿا. اهي سڀ اهڃاڻ ٻوليءَ لاءِ نقصان ڪار آهن. هندستان ۾ جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي خطرو آهي ته اهو ٿيڻو آهي، پر هتي سنڌ ۾ به جيڪڏهن اهي حالتون آهن ته سنڌيءَ جو برقرار رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان کان علاوهه توهان جي سنڌي اخبارن جي ٻولي به بگڙجندي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا اخبار نويس اردو اخبارن يا ريڊئي تان خبرون وٺن ٿا، ۽ اردو جا لفظ ۽ فقرا سنڌي اخبارن ۾ خبر لکندي وقت استعمال ڪن ٿا، ۽ ريڊيو تان جيڪا سنڌي نشر ٿئي ٿي، سا به ذري گهٽ اردو آهي. هاڻي اها توهان جي ذميداري آهي ته ريڊئي ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ عملي جي سستي ۽ ڪم علمي خلاف آواز اٿاريو. توهان هلال پاڪستان يا عبرت پڙهو ته ڏسندا ته ان ۾ اردو جا تمام گهڻا لفظ استعمال ٿيل نظر ايندا. توهان جو نوجوان افسانه نگار افسانن جي ڪردارن جا جيڪي نالا لکي ٿو، سي سڀ ڌاريا آهن. توهان انهن تي زور رکو ۽ کين شرم ڏياريو ته هو ائين ڪرڻ کان پاسو ڪن. اهو انهن جو ذاتي فعل آهي. انهن تي ڪا زبردستي زوري ڪانهي ته هو ائين ڪن ۽ اديب اها شيءِ شعوري طرح ڪونه ٿو ڪري، بلڪ اها غير شعوري ٿئي ٿي. توهان کي حقيقت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. ريڊيو، ٽي.وي ۽ اخبارن جي سڌاري لاءِ توجہ، پنهنجي تعليم، ملڪي ۽ قومي مسئلا، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. +س: تاريخ جي حوالي سان مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته جڏهن به ڌارين سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هو محڪوم ٿي ويا، ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو ته هنن اڳرائي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍيو هجي. عرب آيا، مغل آيا يا انگريز آيا. تن حڪومت ڪئي، پر عوام پاران ڪڏهن به Resistance نه ٿيو. +ج: عوام پاران هميشه Resistance ٿيو آهي. جڏهن فيروز تغلق حملو ڪيو ته عوام ۽ حڪومت کيس ڀڄائي ڪڍيو ۽ هو دهلي ويو ٻيو لشڪر وٺڻ. جڏهن هن موٽ کاڌي ته کيس ڪڇ جي رڻ جي رستي جي خبر ڪانه هئي. واٽ تي کيس هڪڙو واٽهڙو مليو، جنهن کان رستي جي پڇا ڪيائون، جنهن کيس اهڙو رستو ٻڌايو جو رڻ ۾ سڄو لشڪر تباهه ٿي ويو. فيروز تغلق جڏهن کانئس پڇيو ته تو اهو ائين ڇو ڪيو ته هن وراڻيو ته ”مان هونئن ته دشمن جو لشڪر تباهه نه پي ڪري سگهيس، پر منهنجو قومي فرض آهي ته توهان جي لشڪر کي تباهه ڪريان، هاڻي توهان ڀلي مون کي ماري ڇڏيو.“ اهو تاريخ جو فقط هڪڙو حوالو آهي. هاڻي اهو ذهن هڪ ماڻهوءَ جو ڪونه هو، بلڪ سڄي قوم جو هو، جنهن جي هن نمائندگي ڪئي. ان کان علاوه جڏهن مغل افغانستان کان آيا، تڏهن هنن کي سبي وٽ سنڌين شڪست ڏني. دولهه دريا خان جي قبر تي جيڪڏهن توهان ڏسندا ته ان تي لکيل آهي ”قنڌار ۽ هرات جي مغلن کي شڪست ڏيندڙ“. تاريخ لکي ٿي ته ان جنگ ۾ قنڌار ۽ هرات جي هر گهر ۾ ماتم هو، پر جڏهن مغلن ٻيهر حملو ڪيو آهي، تڏهن دولهه دريا خان شهيد ٿيو آهي. دولهه دريا خان جي پٽن، مخدوم بلاول، سيّد حيدر سنائي ۽ ٻين گهڻن ئي Resist ڪيو آهي. مطلب ته ان وقت جي حالتن ۽ وسيلن مطابق Resist ڪيو اٿن، ڪاميابي ۽ ناڪامي اها ٻي شيءِ آهي. باقي ٻاهرين خلاف نفرت هميشہ رهي آهي، ڪڏهن خاموش طرح ته ڪڏهن ٻيءَ طرح. هر فاتح جيڪو ٻاهران آيو آهي، سو آخر موٽي ويو آهي. ڪو 100 سال کان پوءِ ته ڪو 50 سال کان پوءِ. تنهن کان پوءِ به جڏهن اسين پاڻ ۾ وڙهيا آهيون، تڏهن ٻئي ڪنهن ڌارئي کي همت يا جرئت ٿي آهي ته هو ڪاهه ڪري. افغانستان جي مغلن به اسان جي نااتفاقي جو فائدو ورتو آهي. توڙي هي نئين سياست جو قصو آهي. تنهن ۾ به اسان پاڻ ۾ وڙهي هروڀرو پاڻ تي مصيبتون آنديون، ۽ قوم هميشہ گهرو فساد سبب تباهه ٿيندي آهي يا ٻاهرين کي تڏهن ئي جرئت ٿيندي آهي، جڏهن گهر ۾ نااتفاقي هوندي آهي. +س: سنڌ جي اصلوڪي قوم ڪهڙي آهي؟ +ج: گهڻن مڪاني ماڻهن فيشن طور ڌارين جا نالا يا ذاتيون رکيون. مثلاً بخاري يا فاروقي وغيرهه. ڪي ٿورا وڃي رهيا، جن اها ضرورت محسوس نه ڪئي يا کين پنهنجي قوم يا ملڪ سان محبت آهي. اهي سڀ سنڌي آهن، ۽ سيّد بابت اوهان کي ٻڌايان ته سيّد سڀ سيّد ڪونهن، پر لڏپلاڻ هميشہ ٿيندي رهي آهي. +س: سنڌي نوجوانن مان ڪي پاڻ کي راجا ڏاهر جو اولاد ۽ ڪي محمد بن قاسم جو اولاد سڏين ٿا. ان سلسلي ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ +ج: اهي ٻئي ڳالهيون بوگس آهن، فضول آهن. محمد بن قاسم سان نسبت ڏيڻ بي وقوفي آهي ۽ راجا ڏاهر جو اولاد ڪوٺائڻ به ڪا دانشمندي ڪانهي، ان جي ڪا گهرج ڪانهي. +س: توهان جي لائبريري ۾ اٽڪل ڪيترا ڪتاب هوندا؟ +ج: منهنجا 23 هزار ڪتابن جا جلد، جيڪي مان اسلام آباد يونيورسٽيءَ کي وڪرو ڪري ڏنا، جن جي سار سنڀال ڏکيو ڪم هو. انهن کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽي کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم انهن نه ورتا. اسلام آباد جي يونيورسٽي، نئين پي کُلي، هنن منهنجو سڄو ڪتب خانو خريد ڪيو، پر جن ڪتابن جي مون کي گهرج آهي، سي اڄ به منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. +س: اوهان اڄڪلهه ڇا تي تحقيق ڪري رهيا آهيو؟ +ج: مان ٻن سالن کان بيماريءَ سبب ڪو ڪم نه ڪيو آهي. مير معصوم بکري منهنجو پويون ڪتاب آهي. هينئر به منهنجي ذهن ۾ ٽي چار شيون آهن، جن تي ٿورو ٿورو ڪم ڪري رهيو آهيان. ان کي مڪمل ڪري سگهان يا نه، چئي نه ٿو سگهان ۽ نه وري منهنجي گهر ۾ ڪو اهڙو فرد به آهي، جنهن کي ان سان دلچسپي هجي. اهو ئي سبب آهي، جو مون پنهنجا ڪتاب وڪڻي ڇڏيا. +س: سنڌي ادب بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ +ج: منهنجي آڏو دنيا جا سڀ ادب ته ڪونهن، پر جيتري قدر پڙهون ٿا ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو اديب جيڪڏهن ڏهه ويهه سال ساڳي روش تي رهيو ته عجيب ذخيرو پيدا ٿي پوندو ۽ اسان وٽ هاڻي جيڪي افساني جي صورت ۾، نظم جي صورت ۾ شيون آهن، سي تمام قيمتي آهن. +س: سنڌي نوجوان، پراڻي سنڌي موسيقي بدران پاپ ميوزڪ ڏانهن وڌيڪ راغب آهي، توهان جي ان باري ۾ ڇا راءِ آهي؟ +ج: بنيادي طرح سان هر قوم، هر ذهن کي پنهنجون روايتون ۽ پنهنجون گهرجون هونديون آهن. پاپ ميوزڪ مان نه ٻڌو آهي. پر پاپ ميوزڪ جنهن ملڪ ۾ ايجاد ٿيو آهي، سو ان ملڪ جي ذهني انتشار جي هڪ نشاني آهي. پاپ ميوزڪ ڪا ڪلاسيڪل ميوزڪ ڪانهي. ائين جيئن تجريدي آرٽ پيدا ڪيو ويو، جيڪو پڻ ذهني انتشار جو نمونو آهي. ساڳي ريت ميوزڪ ۾ اهي جيڪي تجربا ڪيا ويا آهن، سي باقي رهندڙ يا دائمي ڪونهن. پاپ ميوزڪ جو لهرو ضرور ايندو، پر ڪو بامقصد ڪونهي ۽ هر غير فطري شيءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي ۽ صدين کان جيڪا ثقافت يا شيءِ هلندي ٿي اچي سو ته پنهنجو ورثو آهي، ان کي ڇڏڻ ته ٺيڪ نه آهي. +س: اوهان جي هن وقت وڏي ۾ وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟ +ج: ايمانداريءَ سان جي پڇو ته وڏي ۾ وڏي خواهش اها آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي فرحت ۾، ۽ مطمئن ڏسڻ چاهيان ٿو. +س: سنڌ اندر جيڪي ادارا هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن، مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي وغيرهه. انهن مان اوهان ڪنهن کان متاثر آهيو؟ +ج: مان متاثر ڪنهن مان نه آهيان، متاثر ماڻهو ٿيندو آهي ڪم کان، ڪم ڪنهن جو اچي ئي ڪونه ٿو، متاثر ڪيئن ٿبو. +س: سائين آخر ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟ +ج: سنڌ جي نوجوانن لاءِ توهان مون کان وڌيڪ سمجهو ٿا. اوهان سان جيڪا گفتگو ٿي آهي، تنهن مان پروڙ پوي ٿي ته اوهان کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي خبر آهي، حالتن مطابق اوهان کي فيصلي ڪرڻ جي خبر آهي، ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي. پر بنيادي طرح وقت جي پائبندي، مطالعي ۽ مقصد سان، پنهنجي زمين سان محبت، پاڻ کي ٺاهڻ ڏانهن ڌيان ڏي�� ۽ پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ بنا هڪ وڏي شيءِ جو جزو سمجهڻ ۽ اهو خيال ڪرڻ ته توهان جي عمل جو نتيجو توهان تائين محدود نه رهندو، بلڪ ان جو سڄي سماج تي اثر پوندو. تنهن ڪري توهان کي ڪيئن هلڻ گهرجي. توهان تي ملڪ، زمين، قوم، قبيلي جا ڪهڙا فرض آهن، ان مطابق هلڻ گهرجي. نوجوان لاءِ بيحد ضروري آهي ته پڙهي ۽ مختلف زبانون سکي. اڄڪلهه عالمي برادري ايڏي وڌي وئي آهي، جو هڪ زبان سان ڪم ڪونه ٿو هلي، تنهن ڪري عالمي زبانن ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. انگريزي، فرينچ، جرمن، عربي ۽ فارسي ضرور سکڻ گهرجي. فارسي زبان لاءِ ان ڪري وڌيڪ زور ڏيندس ته فارسيءَ ۾ ذهني مواد يا سنڌ بابت اوهان کي گهڻو مواد فارسيءَ ۾ ملندو. جيڪڏهن اوهان کي فارسي نه ايندي ته ذهني طرح سان اوهان جنهن عشق جي تلاش ۾ آهيو، ان لاءِ توهان کي مواد نه ملندو. اهو سڀ فارسيءَ ۾ آهي. انساني خيال جي نزاڪت اوهان کي فارسي ۾ ملندي. اوهان کي شوق جي لحاظ کان به ڪا زبان سکڻ گهرجي. اها نهايت ضروري آهي ۽ ڪتاب پڙهو. \ No newline at end of file