diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book3.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book3.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book3.txt" @@ -0,0 +1,2701 @@ +ڪتاب جو نالو: مضمون ۽ مقالا + + + +علامه عمر بن محمد دائود پوٽو +پيش لفظ +”شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي، مورخه 5 مئي 1977ع ۾ تجويز بحال ڪئي وئي ته حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سوانح ۽ شاعرانه پس منظر کي نروار ڪرڻ لاءِ اهي سمورا تحقيقي ڪتاب دوباره شايع ڪيا وڃن، جيڪي ڪافي اڳي ڇپيا هئا ليڪن هن وقت ناپيد ٿي چڪا آهن. انهيءَ تجويز جي تڪميل ۾ هن کان اڳ علامہ دائودپوٽي جو 1937ع ۾ ايڊٽ ڪيل، ۽ (1958ع ۾) نظر ثاني ڪيل ڪتاب ”ميين شاه ڪريم جو ڪلام“ ٻيهر شايع ڪيو ويو. +هي ڪتاب علامہ دائودپوٽي جي اُنهن مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي اڳ ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل آهن. جيئن ته انهن مضمونن جو وڏو حصو حضرت شاه صاحب جي سوانح ۽ ڪلام، فڪر ۽ فلسفي متعلق آهي، تنهن ڪري اهي پڻ يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو ويو. +هن کان اڳ ڪاميٽيءَ جي اڳين منظور ٿيل ”جامع تحقيقي رٿا“ هيٺ اوڻيهه (19) ڪتاب شايع ٿيا آهن، ۽ نئين رٿا هيٺ جيڪي ڪتاب ڇپائڻا آهن، تن ۾ هيءُ ٻيو ڪتاب آهي. اهڙيءَ ريت ڪاميٽيءَ جي اشاعتي سلسلي جو مجموعيءَ طور هيءُ ايڪيهون (21) ڪتاب آهي. +آءٌ خانم خديجہ دائودپوٽي صاحبه جو ممنون آهيان، جنهن مهرباني ڪري، علامہ صاحب جا مضمون ترتيب ڏيئي، ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز کي اشاعت لاءِ ڏنا. ازانسواءِ ممتاز مرزا ۽ شيخ محمد اسماعيل جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ تعاون ڪيو. +1- ڊسمبر 1978ع +عبدالحميد آخوند +سيڪريٽري +شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز. +مهاڳ +مرحوم شمس العماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي شخصيت،اسان سنڌ واسين لاءِ، وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ، پنهنجي زبان جي علم و ادب ۾ قابل قدر اضافو ڪيو. ليڪن ڊاڪٽر مرحوم جي ادبي خدمتن تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندن قلمي جنبش ۽ تحقيق جي خاص چنتا هيءَ رهي آهي ته ڪنهن طرح سنڌي زبان جي گذريل زماني جون وَٿون ورائي هٿ ڪجن؛ جن ادبي شہ پارن تي لٽ چڙهي ويو هو، تن کي صاف ڪري، اُگهي پُگهي، پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ آندو وڃي ۽ اهڙي طرح پنهنجي ماضيءَ جي خزاني کي کولي عوام آڏو آڻجي ته جيئن علم و ادب جي ميدان ۾ ڪڙيون ملائي هڪ قسم جو تسلسل قائم ڪجي. +ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڊاڪٽر صاحب شروع کان انفرادي توڙي اجتماعي طرح ڪوششون جاري رکيون. اجتماعي ڪوششن ۾ اهڙيون ڪاوشون شامل آهن جن جي نتيجي ۾، سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ (جو بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو)، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي جهڙا عظيم ادارا قائم ٿيا ۽ وڏا ڪم هٿ ۾ کنيا ويا. ليڪن مرحوم علامہ دائودپوٽي جن طبيعتاً انفرادي ۽ خاموش ڪم کي ترجيع ڏيندا هئا. انهيءَ ڪري پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي، جيڪي ڪم بسم الله ڪري کنيائون، تن نه رڳو ڏينهن جي روشني ڏٺي بلڪ سنڌي ادب کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. پوءِ ان سلسلي ۾، ابيات سنڌي هجن، منهاج العاشمين هجي يا ڪلام گرهوڙي، سڀني ۾ تحقيق جو پهلو نمايان آهي ۽ ڪر کنيو پيو ٻڌائي ته انصاف جي تقاضا پوري ڪئي وئي آهي. +هيءُ ڪتاب اهڙن مفيد مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي ڊاڪٽر مرحوم جي قلم مان مختلف وقتن تي نڪتا. انهن مضمونن جي خصوصيت هيءَ آهي ته اهي مجموعي طرح ۽ ساڳئي وقت پڙهڻ سان، اسان جي ماضيءَ ۾ علم و ادب تي هڪ اهڙو تسلسل وارو تاريخي خاڪو پيش ڪن ٿا، جو ان کان وڌيڪ اختصار ليڪن جامعيت سان شايد ڪو مواد ملي. ”ٿورا ڪڻا به ٿالهيءَ ۾“ واري مصداق جون سڪون لاهين ٿا. +جيتوڻيڪ زياده تر هڪ ڊگهي عرصي جي شعر و شاعريءَ تي روشني پوي ٿي پر ان سان گڏوگڏ ان ادب سان واسطيدار شخصيتن تان به پردو کڄي ٿو ۽ ان دور جا شاعر پوري شان شوڪت سان اسان جي اکين اڳيان اڀرن ٿا (شعر و شاعري تائين محدود رهڻ ان سبب ڪري ٿي پيو آهي جو ماضيءَ مان نثري ادب نه هئڻ جي برابر دستياب ٿئي ٿو.) ازانسواءِ سنڌي شعر و شاعري جي عام طرح اختيار ڪيل عنوان تي به ڊاڪٽر مرحوم ضروري روشني وڌي آهي. ان کان پوءِ هن ڪتاب ۾ چند علمي مضامين به آهن ۽ آخر ۾ چڱو خاصو حصو سنڌ جي بزرگ صوفي شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۽ زندگيءَ کي وقف ڪيو ويو آهي. قديم سنڌي نثر جا به قابل قدر مثال ڏنا ويا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هي ڪتاب، علم و ادب جي ماضي وارن وساريل ورقن جي باب ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. +تاريخي طرح ڏٺو وڃي ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل تحقيقي مضامين 1375ع کان وٺي 1942 تائين واري وڏي عرصي تي محيط آهن. هونئن ته سنڌيءَ ۾ موزون ڪلام جي ابتدا سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن سان ٿئي ٿي، ليڪن هڪ روايت مطابق، ان جي شروعات اڃا به آڳاٽي آهي. ان جي ثبوت ۾ هڪ درويش جو اهو بيت ڪيو وڃي ٿو جيڪو هن ڄام تماچيءَ جي والده جي دکدائڪ حالت کان متاثر ٿيندي، جولان ۾ اچي چيو هو. ان جي تاريخ 1375ع آهي؛ ۽ انتها وري مرحوم فتح محمد سيوهاڻي جي ذڪر تي ٿئي ٿي، جنهن جي وفات 1942ع ۾ ڊسمبر مهيني ۾ ٿي هئي. ڏٺو وڃي ته اهو هڪ وڏو عرصو آهي جنهن ۾ سنڌ جي شعر ۽ نثر جون پايو وجهندڙ شخصيتون اچي وڃن ٿيون، جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ترقي يافته حيثيت ٻڌائي ٿي ته اسان جي علم ۽ ادب جو چرچو تمام گهڻو آڳاٽو آهي ۽ اوچتي آيل دورن جي زيادتي ۽ پنهنجن جي غفلت سبب اهو سنڌي ادب اسان کان هميشہ لاءِ وڇڙي ويو؛ هنن عالمن جا خيال۽ تخليقون اسان جي ادبي خزاني جا سرچشما آهن. انهن انمول ۽ انيڪ ادبي خوبين ۽ خصوصيتن کي ايتري اختصار واري ادب ۾ سمائڻ، سنڀالڻ ۽ پيش ڪرڻ، ڊاڪٽر مرحوم دائودپوٽي جي قلمي قوت جي مرهون محنت آهي. +1، نومبر 1978 خانم دائود پوٽو + + +سنڌي علم ادب [1] +سڀڪنهن قوم جو علم ادب پهريائين پهريائين شعر سان شروع ٿيو آهي. سنڌي به انهي قاعدي کان مستثنيٰ ناهي. اوائلي حالت ۾ انسان جا جذبا ۽ شعور صحيح ۽ صاف رهن ٿا جيئن، سُرندي جي تارن کي ٿوريئي ڇهڻ سان سرود نڪرندو، تيئن سالم دل کي ٿوريئي ڇٻي اچڻ سان عظيم اثر ٿئي ٿو. +قدرت جي من موهيندڙ نظارن پسڻ ڪري، قلب ۾ جا رقت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي، تنهن جو اظهار ڪرڻ لاءِ شعر ئي هڪ مناسب وسيلو آهي. شهر سان وزن ۽ قافيي جي شموليت ڪري، ان مان دل جي رقص ۽ راڳ جي مدعا پوري ٿئي ٿي. +جنهن صورت ۾ دل مان نڪتل سخن، دل تي اثر ڪن ٿا، تنهن صورت ۾ شعر جو پڻ دل جي پيدائش ۽ اندر جي آه آهي، تنهن جو اثر به دل تي گهڻو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري ابتدائي حالت ۾ نثر کان اڳ نظم وجود ۾ آيو. شعر جو اصل بنياد مذهب آهي. قدرت جي غيبي طاقتن ڀر ڊڄي، ڀورڙن انهن جي خاطر ۽ رضامندي لاءِ گيت ڳايا ۽ ڪرم ڪريائون بجا آندائون. +ڪنهن قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين ان عرصي جي علمي خزاني کي کولڻو ٿو پوي. سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو بنائين ٿيون، پر انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو، جڏهن سندس ادبي تاريخ جو ذخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پئي ته قوم جي قديم فردن جا ڇا ڇا خيال ۽ جذبا هئا. سندن علم جي مراد ڇا هئي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جا ڪهڙا سرچشما هئا! مطلب ته هر ڪنهن قوم جي تاريخ سڪندر جي زماني کان وٺي ويندي سومرن ۽ سمن تائين مبهم آهي. چه جائيڪ ان جي اوائلي ادبي تاريخ به اونداهيءَ جي پردن اندر لڪل هجي! +هت اسان جو مطلب نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي بحث ڪريون، يا سندس مخفي ادبي خزانن جي ڳولا ۾ اجايو وقت وڃايون؛ بلڪ اسان جو مقصد آهي ته ڏسون ته نظمي توڙي نثري ادب ڪڏهن کان وٺي شروع ٿيو. اگرچه سنڌي زبان نهايت آڳاٽي آهي، پر منجهس موزون ڪلام تقريباً 11 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ٿيو. اِهو ڪلام آهي سيد عبدالڪريم بلڙي واري جا بيت، جي سندس خاص مريد محمد رضا پنهنجي تصنيف ”بيان العارفين“ ۾ پنهنجي مرشد جي وفات کان 6 ورهيه پوءِ يعني 1044 هجريءَ ۾ قلمبند ڪيا. پر انهي عرصي کان گهڻو گهڻو وقت اڳي، سنڌي نظم جو پڙاڏو ڪَن تي پوي ٿو. ڄام تماچي، هڪ الله لوڪ شيخ حماد نالي جي دعا سان دهليءَ جي نظربنديءَ مان ڇٽي، سنڌ جو تخت ڌڻي ٿئي ٿو. ڄام تماچي جي والده جي زار حالت تي قياس کائي، درويش جولان ۾ اچي هڪ سنڌي بيت وڏي واڪي پڙهيو، جنهن ۾ سندس ماڳ موٽي اچڻ ۽ ملڪ ماڻڻ جو اشارو ڪيائين جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته انهيءَ جي بيت جي تاريخ سنہ 777 هجري (مطابق 1375ع) ڌاري مقرر ڪري سگهجي ٿي. +ساڳئي سمي سردار جي ڏينهن ۾ ”هفت تنن“ جو حادثو ٿي گذريو آهي، جن پنهنجي شهادت وقت آئينده واقعن جون پيشنگويون بيتن جي صورت ۾ ڪيون. اگرچه انهن جي صحت ۾ شڪ آهي، ته به سندن قديم هئڻ جو ضرور اقرار ڪرڻو پوندو. انهن کان پوءِ وري تحفة الڪرام جي صاحب شيخ ڀرئي جو نالو ورتو آهي، جنهن واتان حديقةالاولياءَ جي مصنف، اسحاق آهنگر جو هڪ بيت ٻڌو. هن درويش 903 هجري (1497ع) ۾ وفات ڪئي ۽ گنجي ٽڪر جي دامن ۾ پوريل آهي. اهڙي طرح راڌڻ شهر ۾ راڄو درويش هڪ خدا رسيدو مست ٿي گذريو آهي، جو استغراق جي حالت ۾ مٺي آواز سان سنڌي بيت پڙهندو هو، ۽ جيڪي چوندو هو، ائين ٿي پوندو هو. سندس وفات جو سنہ 977 هجري (1569ع) آهي. افسوس جو اهي بيت ڪٿي به قلمبند نه آهن. +پر راڄي فقير کان گهڻو اڳي قاضي قاضن جو اسم گرامي اچي ٿو. سندس وسيع ڪلام مان فقط ست بيت ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن. اهي سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا جي ستن تارن وانگر چمڪندڙ آهن. انهن مان اسان کي پنهنجي سلف صالح جي ذهني ۽ روحاني ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. اهي سراپا سونهن جو سر آهن، منجهائن عقل جزويءَ جي عاجزي، ظاهري علم جي سکڻائي سڃائي، محبوب حقيقيءَ ۾ محويت ۽ وحدت الوجود جا ڳوڙها مسئلا روشن ٿين ٿا. انهن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اسان جي بزرگن جو دلي رجحان هميشہ تصوف ۽ روحانيت ڏي رهيو آهي، انهن پنهنجي وجداني ڪلام کي مجازي عشق ۽ دنيوي امورن سان ملوث نه ڪيو آهي. حقيقت به ائين آهي ته اسان جي بزرگن ۽ شاعرن جو فطري لاڙو، روحاني ڳالهين ۽ اندر جي پاڪائيءَ ڏي آهي. انهن پنهنجي عرفاني سخن کي ڪڏهن به بادشاهن، اميرن ۽ تونگرن جي ساراه سان نه ڀريو. فقط الله جي ساراهه، بزرگان دين جي مهما، ۽ نصيحت پردازي تي سارو ڌيان صرف ڪيو اٿن. +قاضي قاضن (قادن) اصل درٻيلي (ڊڀري) جو ويٺل هو، ۽ مخدوم ميران مهدي جونپوري جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو، جنهن ڪري زماني جا ظاهري عالم مٿس لعن طعن ڪندا هئا. جن مان هڪڙو ”بيان العارفين“ ۾ ڏنو اٿس ته ڪيئن نه هڪڙي ملامتي فقير جي تنبيہ تي سندس اکين مان اونداهي جون اکياڙيون لهي ويون، ۽ ڪيئن نه معرفت جو ماڳ هٿ آيس: +جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ +تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري. +وري اٽڪل پنجاه ورهين تائين شهر جو پتو ڪونه ٿو پوي. اگرچه انهي مدت ۾ ڪيترن ئي بزرگن پنهنجا ڪلام چيا هوندا، جي زماني جي خوردبرد ڪري الوپ ٿي ويا آهن، سواءِ ڪن چند بيتن جي. بزرگن جا سماع ٿيندا هئا، حلقا لڳندا هئا، واعظ جون مجلسون ٿينديون هيون، جن ۾ اهي معرفت جا ڪلام پڙهيا ويندا هئا. اهڙي قسم جا ٻه ٽي بيت خوش قسمتيءَ سان هٿ آيا آهن. مخدوم احمد ڀٽي رحه حيدرآباد شهر ۾ سماع ٻڌنديئي (930 هه ۾) وفات ڪئي، تنهن بابت روايت آهي ته: هڪ دفعي سماع ۾ ڪنهن سوناري نينگر هي بيت ڏنو: +سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن +ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن. +هي بيت ٻڌنديئي مخدوم صاحب جن غش ٿي ويا ۽ انهيءَ حالت ۾ واصل بالله ٿيا. تنهن تي سوناري وري چيو: +سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين +مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وَٽِي ٿي وڌلهي. +۽ پڻ مخدوم نوح رحه پنهنجي وفات وقت (998 هه) هڪ خاص مريد کي پاڻ وٽ ستت اچڻ لاءِ هڪ بيت ڏنو آهي، جو سندن ملفوظات ۾ مندرج آهي. +مٿين حقيقتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات چوڏهين صدي عيسوي جي آخر ۽ پندرهين صدي جي اوائل ۾ ٿي آهي. ان کان اڳ سنڌي شعر تي ايترو ته ڌنڌ چڙهيل آهي، جو نور جو هڪ ترورو به نظر نٿو اچي. شاه ڪريم جو ڪلام سنڌي شعر جو وهائو تارو آهي ۽ منجهانئس انهي پرڀات جا پَرتوا پون ٿا، جن جو شمسي شعاع شاه لطيف جي بيتن ۽ ڪافين ۾ ظاهر ٿئي ٿو. شاه ڪريم سنہ 1030هه (مطابق 1620ع) ۾ چالاڻو ڪيو. ان کان پوءِ تقريباً سؤ سالن تائين وري شعر جو دهو ڪونه ٿو پوي، اونده انڌوڪار لڳو پيو آهي. +شاه عنايت صوفي جهوڪ واري جي شهادت جو مال 1130هه آهي. ان بزرگ جا ارشاد ۽ مقولا به ضرور شعر جي صورت ۾ هوندا ۽ جيڪڏهن درگاهه جي متصدين وٽ اڃا تائين سندس ڪلام موجود آهي ته اهو ڪوشش وٺي ڪٺو ڪرڻ گهرجي. شاه شهيد جو مٿو کوڙڻ ۽ لطيفي لات جو شروع ٿيڻ. ڇاڪاڻ ته سچو شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي، جنهن جو اثر يا سلسلو ڪڏهن نٿو ٽٽي. هڪڙي پُوڻي اڃا پوري مس ٿي ٿئي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. اهو نظم جو ڌاڳو ڪڏهن به ڇڄڻ جو ناهي. عربيءَ جي مشهور شاعر ابو تمام جو قول آهي: ولکنہ صوب العقول اذا نحلت سحائب منہ اعقبت سجائب، ”پر اهو (يعني شعر) عقلن جو ماٺو مينهن آهي: جڏهن ان جا ڪي ڪڪر وهي وڃن ٿا ته انهن جي پٺيان وري ٻيا پيدا ٿين ٿا.“ +اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اهو نظمي ڪلام اڪثر بيتن يا دوهن جي صورت ۾ هو، جن جي ڪمال اچي شاه عبداللطيف ڀٽائي تي دنگ ڪيو. انهيءَ شاعرن جي شاه پنهنجو ڪلام هڪ لاثاني نوع ۾ چيو آهي، جو ايتري قدر معمور معنيٰ آهي ۽ ايتري قدر سوز ۽ گداز، رقت ۽ ميٺاج اٿس، جو کانئس پوءِ آيل شاعرن جي انهيءَ قسم جي شعر مان اهو رس ۽ اها لذت ورلي حاصل ٿئي ٿي. پر شاه لطيف کان اڳ، توڙي ساڳئي ئي وقت، ڪي وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن سنڌي ادب ۽ زبان جي خاصي خدمت ڪئي آهي. کانئن اڳ ڪتابت سموري عربي يا فارسي ۾ ٿيندي هئي، پر هنن پنهنجن ڀائرن سان خاطر ٿيڻ ۽ انهن کي سچي دين جي دڳ تي هلائڻ لاءِ ڪيترائي قيمتي ڪتاب پنهنجي ٻاجهاريءَ سنڌي ۾ لکيا، انهيءَ لاءِ ته عام کي فائدو پهچي. انهن مان هيٺين صاحبن جا نالا قابِل ذڪر آهن: مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم، محمد ابراهيم نقشبندي، خواجه محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، رضوان الله عليهم. +مخدوم ابوالحسن جي سنڌي ته مشهور آهي. هن صاحب سنڌي صورت خطيءَ کي علمي شڪل ڏني، بلڪ ان ۾ اهي خوبيون ۽ نزاڪتون پيدا ڪيائين، جي اڄوڪي ’اَلفباءٗ ۾ به موجود ڪين آهن. ڪنهن مخدوم ضياءالدين جي سنڌي فقہ جي مسئلن تي جدا شعري هم قافيہ فقرن تي مبني آهي، زبان اعليٰ صاف ۽ سليس آهي، اگرچه منجهس ڪو اهڙو حظ ناهي. اهي سڀيئي گڻ ۽ وصفون وري مخدوم محمد هاشم جي سنڌيءَ ۾ آهن، جو پنهنجي پر ۾ بيمثل آهي. ساڳيو ئي سوز ۽ گداز اٿس، جهڙو شاه جي ڪلام ۾، اگرچه ان کان بلڪل نيارو آهي. ”بناءالسلام“ صاف ”اسين، آ آ“ وارين تڪن ۾ چيل آهي، ۽ منجهس ”دين متين جا مسائل درج آهن جنهنڪري عبارت گهڻي قدر رُکي، ۽ اڀوڳي ٿي پئي اٿس. پر عم سيپاري جي تفسير ۽ ”قوت العاشقين“ جي تمهيد ۾، جنهن ۾ سندس روح، الله جي ساراه ۽ رسول جي سڪ ۽ چئن يارن جي مدح ۾ ريلا پيو ڏئي. منجهس اهو جذبو، ميٺاج ۽ رواني آهي جو پڙهندڙن جو قلب جهڄيو پوي ۽ بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڳلن تي ڳڙيو پون. اهڙي قسم جو ميٺاج وري پوئين زماني جي بزرگن، جهڙوڪ ميان عبدالله منڌري، محمد اشرف ڪاماري شريف واري ۽ هارون شاه جي ڪلام ۾ آهي، انهن سڀني بزرگن جو ڪلام شعر ۾ آهي. +خواجہ محمد زمان ۽ فقير گرهوڙيءَ وري پنهنجو طبقو پاڻ ٺاهين ٿا. خواجہ صاحب جا سنڌي ابيات، جن جو تعداد 84 کان به مٿي آهي، هن ضعيف فقير عبدالرحيم جي شرح سان شايع ڪيا آهن، جو اصل دقيق عربيءَ ۾ هو. خواجہ صاحب جن جو نثري ڪلام ۽ وعظ به عربيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري سندس اصليت جي خبر پئي نٿي سگهي ته ڪهڙيءَ بناوت تي هو. +خود فقير گرهوڙيءَ جو ڪلام نهايت پاڪيزو ۽ اعليٰ درجي جو آهي، هڪڙن ڪلمن ۾ ته قرآني سورتن ۽ آيتن جو تفسير ڪيو اٿس، پر اهو به اهڙي دلڪش پيرايي ۾، جو ان جي پڙهڻ سان خستگي نٿي ٿئي. ان ۾ سچي شعر جون سڀيئي خوبيون ڪوٽ ڪوٽ ڀريليون آهن. ٻين ڪلمن ۾ وري تصّوف ۽ فلسفي ۾ اچي پلٽيو آهي، ليڪن اعليٰ شعر جي دامن هٿان نه ڇڏي اٿس. اڳين بزرگن جي ڪلام وانگي منجهس رکائي ۽ آلُوڻائي ڪانهي. ان جي پڙهڻ مان لنوُ لنوُ ٺري ٿي ۽ دل کي ڏاڍو لطف ٿو اچي. فقير عبدالرحيم گرهوڙي اسان جو پهريون ئي اديب ۽ شاعر آهي، جنهن جو نثري ڪلام اسان وٽ پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾ موجود آهي. سندس سارو ڪلام مون گڏ ڪري رکيو آهي، اميد ته جلد ئي کيس جلوه گر ڪيو ويندو. +مخدوم محمد هاشم، بزرگ گرهوڙي، ميان عبدالله منڌري ۽ ميان اشرف جي ڪلام تي عربيءَ جي مشهور شاعر بوصيريءَ جي مبارڪ قصيده ”برده“ جو ڳوڙهو اثر آهي. ”برده“ جو سنڌي مثنوي ۾ ترجمو بزرگ شفيع محمد پاٽائي ڪيو آهي، جو اڃا طبع هيٺ نه آيو آهي نهايت پاڪيزو ۽ رس ڀريو آهي، سنڌي بيتن ۾ وري مولوي علي محمد مهيري آندو اٿس ۽ ڪمال ڪيو اٿس. هي اديب ۽ عالم شخص ويجهڙيءَ ڇَڪَ ۾ گذاري ويو آهي. تازو فارسي مثنوي ۾ شرح سان ترجمو ۽ تفسير وري منهنجي دوست لطف الله بدوي ڪيو آهي، جنهن مان جامي ۽ سعديءَ جون سڪون ٿيون لهن، عبدالله اثر به پاڻ کي انهيءَ ڏس ۾ چڱو موکيو آهي. +شاه عبداللطيف جو ڪلام ته بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ ڪي استاد غواص ۽ روحاني رازن جي درياء جا نهنگ، پيهي معرفت جا موتي هٿ آڻي سگهن ٿا. هن مختصر مقالي ۾ ان جي جدا جدا ماهيتن ۽ موضوعن تي بحث ڪرڻ عبث آهي. سندس نڪو آند آهي نڪو پاند، ان لاءِ جدا هڪ ڪتاب گهرجي ۽ مطالعي سان گڏ فڪر ۽ تدبر، رياضت۽ باطني صفائي جي ضرورت آهي. مطلب ته ان جي سڀني ڪلامي ۽ عرفاني خوبين جي اپٽار جو دم هڻڻ ۽ دعويٰ ڪرڻ محض جسارت آهي. کانئس پوءِ سچل ۽ سوامي جو ٿورو ذڪر ڪرڻ واجب آهي. سچل جو ڪلام پڻ بيتن ۽ ڪافين تي مبني آهي، اگرچه ڪين گهٽايو اٿس، پر شاه جي ڪلام کان ڪئين ڪوهه پوئتي آهي. سندس بيتن ۾ اهو چَسُ ناهي ۽ نڪي ڪي وري سندس ڪافين ۾ اها شيريني ۽ سلاست. پنهنجي ڪلام ۾ تصّوف گهڻو ئي ميڙيو اٿس ۽ اناالحق جي نعري کان به ڪين گٿو آهي، پر ائين چئجي جيئن چچڙي ۽ هڏن جي ڪڙ ڪڙ. ماڳهين شريعت جي ليڪي کان لنگهي وڃي تار ۾ پيو آهي. ڪافين ۾ سو مستي ۽ موج واه جي اٿس. گويا ڏنڊو يا چمٽو کڻي رقص پيو ڪري. پر شاه جي واين واري منجهن لذت ڪانهي. سوامي وري ويدانت جي واٽ ورتي آهي. سندس ٻولي هندڪي آهي ۽ سنسڪرت جي غير مانوس لفظن ساڻ ڀريل آهي. ڪو ڪو شلوڪ لڀندو، جنهن مان دل کي ورونہ ايندي، يا قلب تي رقت طاري ٿيندي نه ته سراپا خشڪ ۽ بي سوادي آهي. +هتي قدما جو دور ختم ٿئي ٿو. اميد ته ٻئي بحث جي دوران ۾، وچين دؤر جي بزرگن جو وستار ڪنداسين، الله واهي! +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، مئي 1950ع تان ورتل. + + +قديم سنڌي شاعري: شاه ڀٽائيءَ کان اڳ[1] +اسان جي پياري سنڌي زبان گهڻو آڳاٽي آهي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اها سڌيءَ طرح پراڪرت زبان جي وراچبا ڀاشا مان نڪتل آهي. پر سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جو اصل سنسڪرت سان نٿو لڳي. شايد اهي قديم مرده زبانن جا آثار آهن، جي اسان جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ رهجي ويا آهن. هي تسليم شده ڳالهه آهي ته سنسڪرت زبان آريه لوڪن هند و سنڌ ۾ آندي. ليڪن آرين جي اچڻ کان هزارها سال اڳ سنڌ کي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجو تمدن هو، جنهن جا آثار موئن جي دڙي ۽ ٻين دڙن جي کنڊرات مان ظاهر آهن. قديم موئن جي دڙي واري ٻوليءَ جو نالوسميري ۽ ٻين قديم ٻولين سان وڃي لڳايو اٿن ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان جي جڙ اهي قديم ٻوليون آهن. +اگرچه پڪ سان چئي سگهجي ته سنڌي ٻولي موجوده صورت ۾ ڪڏهن ڳالهائڻ ۾ آئي. عرب سياح جهڙوڪ اصطخري ۽ مقدسي جيڪي ڏهينءَ عيسوي صديءَ ۾ سنڌ آيا، تن صاف لکيو آهي ته ان وقت ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون ۽ تقريباً ساڳئي زماني ۾ مشهور اديب البيروني پنهنجي تاليف ڪتاب الهند ۾ ڄاڻايو آهي ته ان وقت ڏاکڻي سنڌ ۾ ويندي ساحل تائين ملواري الفباء رواج ۾ هئي، ۽ ڪن ڀاڱن ۾ ارڌ ناگري رسم الخط چالو هو. پر يقين سان چئي نٿو سگهجي ته اهي اکرن جا نمونا ڪهڙي وقت عربي رسم الخط ۾ تحويل ٿي ويا. اها تبديل ضرور درجي بدرجي ٿي هوندي. منهنجي راءِ آهي ته جيئن سنڌ جا رهاڪو زياده تعداد ۾ مسلمان ٿيندا ويا، تيئن انهن جاهليت جي رسمن سان گڏ اهي هندو رسم الخط جا آثار به درگذر ڪري عربي صورتخطي اختيار ڪئي هوندي. ساڳيو رنگ ايران ۾ ٿيو. مجوسين جي اقتدار ٽٽڻ بعد سندن زبان پهلوي به ناس ٿي ويئي ۽ ماڻهن عربي لکڻ جو نمونو اختيار ڪيو. +بهر حال آڳاٽي ۾ آڳاٽو سنڌي عربي لکڻ جو نمونو جو اسان وٽ موجود آهي، سو آهي ”شاه ڪريم جا بيت“، جي خاص سندس مريد محمد رضا 1038 هجري ڌاري پنهنجي ڪتاب ”بيان العارفين“ ۾ درج ڪيا. اگرچه اهو لکڻ جو نمونو نهايت ناقص آهي، جو مرحوم ميرزا قليچ بيگ صاحب جهڙو عالم به انهن بيتن کي پوري طرح درست ڪري نه سگهيو. جيتوڻيڪ انهن جي اکري معنيٰ باقاعدي پارسي ۾ ڏنل آهي، ته به اهي گهڻي مشڪل کان پوءِ پڙهي سگهجن ٿا. انهن اکرن ۾ ”هه“ جو اچار ۽ ”نون جا غنو“ بلڪل ناهي، ۽ سڀڪو سمجهي سگهندو ته سنڌي ”الفباء“ ٻاونجاه آواز عربيءَ جي ٽيهن حرفن ۾ ادا ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي. +دنيا جي سڀني ادبن وانگر سنڌي ادب به شعر سان شروع ٿئي ٿو. انسان ذات کي جڏهن ٻوليءَ جي ڏات عطا ٿي، تڏهن کيس پنهنجي وندر لاءِ راڳ جي به نعمت بخشي ويئي. تنهن ڪري بلڪل بديهي امر آهي ته سنڌي زبان جي وجود ۾ اچڻ سان ان ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه شعر به چيو ويندو هوندو، ليڪن افسوس جي ڳالهه آهي ته اهي پراڻا دفتر اسان جي هٿن تائين نه پهتا آهن. سو ته ڇڏيو پر رڳو عربن جي زماني جي تاريخ به اسان تائين سلامت نه پهتي آهي. انهيءَ دؤر ۾ ڪيترائي سنڌي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن عربي زبان ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو، جنهن لاءِ عربي ادب، تاريخ ۽ ديني علومن ۾ اڪيچار شاهديون آهن. اهڙي طرح سنڌي عبقريت قبل از اسلام واري زماني ۾ به ضرور پنهنجو ذاتي جوهر ڏيکاريو هوندو. پر ان لاءِ حال في الحال اسان وٽ ڪا اهڙي زبردست ثابتي ڪانهي. اسلام پاڪ جي اچڻ بعد سنڌين پنهنجون اوائلي روايتون وساري ڇڏيون، ۽ سندن دليون اسلام جي خالص تعليمات سان معمور ٿي ويون، ۽ اڳڀرو هلي تصّوف جي اثر هيٺ نوان گل ڪڍيائون. +شعر جا آڳاٽا نمونا، جيڪي اسان جي هٿن تائين رسيا آهن، تن تي مذهب ۽ تصّوف جو ڳوڙهو صبغو چڙهيل آهي، ۽ ناصحاڻي سانچي ۾ سنڃيل آهن. انهيءَ اوائلي شعر ۾ اگرچه ايتري رواني ۽ ايترو تخيل ۽ نغمو ناهي، ته به اهو هلي هلي دلڪش راڳ ٿي پيو، ۽ ان جو انتها ڪمال شاه لطيف جي ڪلام ۾ ظاهر ٿيو. اسان جي سنڌي ادب جي اها بدبختي آهي، جو اسان جا ڪهنا اديب ۽ عالم عربيءَ ۽ فارسيءَ کي چهٽي پيا ۽ پنهنجي مادري زبان تي ڪوبه توجهه نه ڏنائون. انهيءَ جي معنيٰ اها ناهي ته سڀني ماڻهن کي عربي يا فارسي ايندي هئي. بلڪ ائين چوڻ برحق آهي ته عام ماڻهن جي زبان سنڌي هئي ۽ انهن پنهنجي اندر جا راز ۽ جذبا ضرور سنڌي زبان ۾ ظاهر ڪيا هوندا. ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا هوندا جن پنهنجا خيال پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ ۾ ادا ڪيا هوندا، پر زماني جي بي اعتنائيءَ ڪري اهي قلمبند نه ٿيا ۽ دنيا جي پٽيءَ تان ميسارجي ويا. ازانسواءِ عربن وانگي منجهن راوين جو دستور ڪو ڇڊو هو، جو سندن آواز پونيَرن کي پهچي. انهيءَ ناقابل معافي غفلت اسان جي ادب ۽ تاريخ کي عظيم نقصان پهچايو آهي. مان بلڪل تاڪيد سان چوان ٿو ته عربن جي دور ۾ سنڌي شاعري ضرور موجود هئي، جيئن هيٺينءَ حڪايت مان ظاهر آهي: مجمل التواريخ جو مصنف، برمڪين جي سخا جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته ”هڪ دفعي ڪو سنڌ جو ماڻهو فضل بن يحييٰ برمڪي وٽ آيو ۽ پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت چيائين: +اره بره کنکره کراکري مندره +فضل پڇيو ته: هي ڇا ٿو آکي؟ تنهن تي ترجمان چيو ته هيئن ٿو چوي! +واذا لمکارم في آفاقنا ذکرت +فاِ نما بڪ فيها يضرب اُلمثل. +(جڏهن اسان جي چوڌاري ملڪن ۾ چڱا ڪم ياد ڪيا ويندا، تڏهن تنهنجي ئي نالي پهاڪو ڏنو ويندو). تنهن تي فضل کليو ۽ کيس هزار دينار انعام ڏنائين ۽ سهڻي سروپا پهرايائين ۽ ڪيترائي اُٺَ ۽ چوپايا ڏيئي روانو ڪيائينس. ترجمان کي پڻ پنج سؤ دينار بخشيائين ۽ چيائين ته اسان کي هي زبان نٿي اچي.“ افسوس جو اهو بيت اڃا صحيح طور پڙهي نه سگهيو آهيان. اميد اٿم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ بيت تي ڪافي روشني وڌي ويندي. +ڳالهه ڪري ڪيئن به هجي، پر اهڙا گهڻائي سنڌي شاعر گمناميءَ جي گوشي ۾ مري کپي ويا هوندا. جن جو شعر جيڪر اڄ اسان جي اکين جو ٺار بنجي ها، تنهن هوندي به ساموئيءَ جي هفت تنن جا، جا ست بيت، جيڪي ايندڙ زماني جي اڳڪٿي ڪن ٿا، سي اڃا موجود آهن، پر شيخ جمالي (وفات 1326ع)، شيخ ڀرئي، درويش راڄي ڪامل ۽ ٻين قديم بزرگن جا بيت اُمّ کي غائب ٿي ويا. رڳو اسحاق آهنگر (لوهر) ڏي منسوب ٿيل بيت قائم آهي، جنهن ۾ هڪ عجيب خوبي رکيل آهي: +”ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ تي +مانَ چؤنم ڊرڪ، ٻاجهاريءَ ٻوليءَ سان.“ +جيڪڏهن اندلس جو هڪ مهذب عمدو شاعرابن زيدون هيئن چوي ته ”ڪاش مان ڏندڻ هجان“ جو معشوق ٻه ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ چپن سان لائي“ ته آهنگر جو هي بيت به نزاڪت کان خالي نه آهي. انهن آڳاٽن شاعرن کي ڇڏيو، پر ڪن تمام مشهور شاعرن جو سنڌي ڪلام، جهڙوڪ درس الهڏني جو ڪلام، جو سيد علي ثاني (وفات 971 هه) جو معاصر هو ۽ ساڻس بيت بازي به ڪندوهو. يا يوسف سهتي ۽ مخدوم محمد معين (وفات 1748ع) جو ڪلام اڄ عدم پيدا آهي، اگرچه اهو پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ معروف هو، هي سڀ اسان جي تذڪره نويسن ۽ مورخن جي تساهل ۽ غفلت جو نتيجو آهي. +هن بعد اُهي ٻه بيت آهن، جن جو لاڳاپو هالن پراڻن جي مخدوم احمد ڀٽي رحه جي وفات سان آهي، جنهن جو ذڪر تحفةالڪرام جي مولف ڪيو آهي. خوش قسمتيءَ سان اهي بيت ڀٽي بزرگن جي خانداني روايتن ۾ محفوظ آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ لڱا نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع جي محفل هئي. جنهن ۾ مخدوم صاحب به شامل هو. اتي هڪ سوناري ڇوڪر هي بيت ڳايو: +سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن +ڪوڙي دعوا دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن. +ميين عيسي پنهنجي سنڌيءَ ۾ اهو ساڳيو بيت هن ريت ڏنو آهي. چي، هڪ بزرگ فرمايو آهي: +سَڏُ سڃاڻي پرينءَ جو، واڪي جي نه ورن +ڪوڙي دعويٰ دوسن سين، سي ڪڄاڙي کي ڪِنَ، +طلب نه سُڄي تن، هُنهم سَڌ سڏائيون. +اهو ٻڌنديئي مخدوم صاحب جن غش ٿي ويا ۽ انهيءَ حالت ۾ واصل بالله ٿيا. تنهن تي سوناري ڇوڪر وري هي بيت ڏنو: +سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڪن سين +مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌلهي. +ساڳيو ئي بيت شاه جي رسالي ۾ هن ريت خواه مخواه شامل ڪيو ويو آهي: +سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين +ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، آڻي خنجر کوڙ +مرڻا منهن مَف موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي. +وچين سٽ ڪنهن ڄاڻي واڻي ٽنبي آهي ۽ پهرين توڙي پوئين سٽ سان ڪوبه واسطو ڪونهيس. نڪي ڪي اهڙو لفظي تڪرار وري شاه جي شان وٽان آهي. جنهن صورت ۾ اهو واقعو 1528ع ۾ ٿيو، تنهن صورت ۾ اهي ٻئي بيت انهيءَ سال کان گهڻو اڳڀرا ٿا ڀانئجن ۽ سچي سنڌي شعر جي شروعات تي دلالت ڪن ٿا. انهن کان پوءِ قاضي قاضن (وفات 958ع) جا ست بيت آهن، جي هن ضعيف پهريائين پهريائين واضع ڪيا آهن، نه ته شاه ڪريم جي ڪلام ۾ خلط ملط ٿي ويا هئا. اهي ثابت ڪن ٿا ته قاضي قاضن هڪ بلند مرتبي جو ”وحدت الوجودي“ صوفي بزرگ ۽ شاعر هو، جيئن سندس هيٺئين بيت مان پڌرو آهي: +سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي +هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت. +شاه ڪريم ان جي مقابلي ۾ وري هيئن فرمايو: +سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي سڀ ڪنهن +نابودي نه ٿيي، اي ناديدي جهت. +قاضي قاضن جو گهڻوئي شعر ٿو ڀانئجي، پر زماني جي خرد برد ڪري معدوم ٿي ويو آهي. اهڙي طرح حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليہ به پنهنجن ارشادن ۾ ڪيترائي بيت چيا ٿا ڏسجن، پر عام طرح ٻه ٽي مشهور آهن. هيٺيون بيت روحاني راز سان ڀريل آهي: +پئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا +روئي چري رات، ڏسي ڏکوين کي. +سندس وفات 27 ذوالقعد 998هه جمعي جي رات واقع ٿي، مگر سومهڻي نماز بعد مسجد مان نڪرندي فرمايائون ته: +نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سُکي چاٽ +ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻئا. +وفات کان ٿورو اڳ پنهنجي خاص خليفي ابوبڪر لڪياريءَ کي ساريندي چيائون: +ابوبڪر آءُ سامين سفر چتائيو +متان ٿي پُئاءُ، سارين سناسين کي. +خليفي ابوبڪر کي مڪاشفي ۾ اهو احوال معلوم ٿيو ۽ هي بيت پڙهندو فوراً اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو: +اچان ٿو اڃان، ڪجو ڪا ذري جي جٽا +متان ٿي پُئاءُ، سارين سناسين کي. +تاريخ 21 فبروري 1950ع تي جناب مخدوم غلام حيدر صاحب جي خدمت ۾ حاضر هوس، جن کان مخدوم صاحب عليہ رحمت جي وڌيڪ ڪلام بابت استفسار ڪندي معلوم ٿيو ته هڪ دفعي ڪنهن سوالي اچي سندن در تي سين هنئي: +سمي ڄام آئي، عالم سڀ آجو ٿيو. +تنهن تي پاڻ فرمايائون: +سمو به ساٿين گڏ، تون به لوچج لڄ کي +هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪيرت ڪج +ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي جي به سوڀ ٿئي. +منهنجي خيال ۾ هي بيت مخدوم صاحب جن جو نٿو ڀائنجي، ڇاڪاڻ ته ان جي عبارت گهڻو ڪريل آهي. ساڳئي وقت ڌاري. مخدوم پير محمد لکوي هڪ عاليشان شاعر ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪلام ”بياض خادمي“ ۾ مندرجه آهي، جنهن جو اختصار منهنجي دوست لطف الله بدوي پنهنجي تذڪره ۾ ڏنو آهي. انهيءَ شعر ۾ صبا کي پنهنجو قاصد بنائي نهايت دلڪش الفاظن ۾ پاڻ ڪريمن ڏي نياپو ۽ نياز موڪلي ٿو: +اي صبا واء صبح جا، خاطي خير هٿان +تون ريٻارو رحمان رحمان جو، ۽ قاصد قريبان +تون ميانچي محبوبن جو، پَيڪ سندو پريان +تون پانڌي پيارن جو، اولي اکڙيان +تون ساٿي سڪاين جو، ماهر مشتاقان +آڻين عجيبن جون، خبرون خوشحالا. +نين نياپا نينهن جا، واڍوڙين وٽان +آنا املح قول جنين، سلوڻا سڄڻا +حُب جني جي هيريو، هِنيون حيرانا +سڪ تنين جي ساه کي، سڪايو سوڪا +ونءُ تون مِٺا وائُڙا، واقف واٽِڙيا. +هيءَ مناجات خاص لنبي آهي. اهڙي قسم جو شعر مخدوم محمد هاشم، عبدالله منڌري ۽ پير محمد اشرف جي هٿن ۾ ڪماليت کي رسيو ۽ انهن سڀني سنڌي شاعرن تي ابن الفارض جي تائيہ ۽ بوصيري جي برده جو گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي. +هينئر اسين شاه ڪريم جي زماني (944، 1032هه/ 1537، 1623ع) کي اچي ويجها پيا آهيون، جنهن حضرت مخدوم نوح وٽان فيض پرايو ۽ جنهن کي سنڌي شعر جو ”وهائو تارو“ ڪري چئجي ته جڳائي. دوهرو جنهن جو قاضي قاضن موجد هو، سو شاه ڪريم جي هٿن ۾ پختو ٿيو ۽ ڪمال کي پهتو. سندس شعر ڪلي ٻه، تُڪا بيت ۽ ٽِه تُڪا بيت (جن مان هڪ پراڙ نالي شاعر جو ڏسجي ٿو) ۽ هڪ مصرع آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته شاه ڪريم جي وقت کان وٺي دوهري جي تُڪن ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. اهي ٽِه، تُڪا ٻه بيت هي آهن: +جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ +تان سڃي سيڄ پرين ري، پنهون پڌر ناه +نڪرندي چياءِ، گهوڙا گهر نه سپرين. +_________ +جهوڙيرا جهڻڪن، مٿس مين مڱڻا +سپڙ رات سمگئا، ڏکيا ڏيهه ڏسن +گهر ٿا گهوٽ وڃن، چِندا لٿي چارڻين. +شاه ڪريم جو شعر قدامت جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏو پايو رکي ٿو. منجهس مضمون جي گونا گوني سا ڪانهي، باقي سچ، سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ موجود آهن. پڙهندڙن کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي. سندس ڪلام سريلو ۽ سوزناڪ آهي. ڪيترابيت ته اهڙا آهن جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن ۽ انهي وقت جي سياڻپ جو آئينو آهن. گهڻا سلوڪ ۽ تصّوف تي آهن، جن ۾ عرفان ۽ اِيقان جا موتي پُوتل آهن. توحيد، وحدت درڪثرت، استغراق، حيرت، وصال وغيره جا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ ۽ ايجاز سان بيان ڪيا اٿس. مطلب ته شاه ڪريم جا بيت سنڌي نظمي ادب جو نهايت اهم حصو آهن، جن کان سواءِ هوند سندس اوائلي ماهيت جي پوري خبر نه پوي. اهي بيت صاف سنڌيءَ ۾ چيل آهن ۽ منجهن عربيءَ ۽ فارسيءَ جي گهڻي آميزش ڪانهي ۽ اهي انهيءَ ڳالهه تي پڻ دلالت ڪن ٿا ته اسان جي سنڌي زبان ٻين زبانن جي محتاجيءَ بغير اونهن روحاني افڪارن جو تعبير ڪري سگهي ٿي. شاه ڪريم جا اڪثر بيت سواءِ ڪنهن تحقيق جي شاه جي رسالي ۾ گڏجي مسجي ويا آهن ۽ ڪيترائي تنگ ظرف ماڻهو انهن کي شاه جو سمجهي ڀري مجلس ۾ انتشار ڪندا آهن. +اڳي اهو خيال ڪيو ويندو هو ته شاه ڪريم جي وفات کان پوءِ وري شاه عنايت جي شهادت تائين ڪو اهڙو نامي گرامي اديب يا شاعر سنڌ ۾ ڪونه پيدا ٿيو. مگر اِها وڏي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته ادب يا شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي، جنهن جو سلسلو ڪڏهن به نٿو ٽٽي. هڪڙي پُوڻي مس پوري ٿئي ٿي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. عربيءَ جي هڪ مشهور شاعر ابو تمام جو مقولو آهي: +ولڪنہ صوب العقول اِذا اُنجلت +سحائب منہ اعقبت بسحائب. +(يعني شعر عقلن جو ماٺو مينهن آهي. اڃا مس ان جا ڪي ڪڪر وسي وڃن ٿا، انهن جي پٺيان وري ٻيا پيدا ٿين ٿا.) +ٽيون سال اتفاق سان عزيزم پروفيسر قاضي نبي بخش جي معرفت بيان العارفين جو هڪ نسخو مليم جنهن سان گڏ لطف الله قادريءَ جو هڪ نادر فارسي ڪتاب ”منهاج المعرفہ“ به شامل هو، جو هن 1078هه ڌاري لکڻ شروع ڪيو، يعني شاه لطيف جي ولادت کان چوٽيهه ورهيه اڳي. منجهس قادري طريقي موجب 13 باب سلوڪ جا ڏنل آهن. هرهڪ باب جي آخر ۾ هڪ يا ٻه بيت سنڌيءَ ۾ ڏنا اٿس. اهڙا بيت ڪل 10 آهن، جن مان هڪ ٽِن سِٽن وارو، ڏهه چئن سٽن وارا، ٻه پنج سِٽا، هڪ ڇهه سِٽو ۽ هڪ ست سِٽو بيت آهي. انهن مان خبر پوي ٿي ته شاه ڪريم جي وفات کان ٿورو پوءِ سنڌي بيت ۾ ڪيتري قدر ترقي ٿي ويئي هئي. اها ڳالهه غلط آهي ته شاه لطيف ئي دوهري جي سٽن ۾ واڌارو آندو. مثال طور هڪ نموني جو بيت ڏجي ٿو: +ٽه سٽو +”لا“ سين لهه ٿئون، پار ”اِلہ“ جي آئيا +ڪين کنيائون پاڻ سين، سچو پهه پئون +وڃي تن ڪيو، منجهه سير سراءِ سبحان جي. +چؤ سٽو +اولياء تن عالم ۾، جيئن ستون منجهه گهرن +تئان ڪڙڪي هيڪڙي لڏي سڀ وڃن +هوءِ جوکو جيءَ تنين، هيجي ساڪن سنداتن +منجهي سڀ وڃن، مَتِيون ماڳ ڌڻين کي. +پنج سٽو +سيئي سالڪ هلئا، واٽون ويهه وهن +ڪوڏان پسون قطارئا، پانڌي لءِ پرين +اُوءِ هيجان هلئا حق ڏونه، ٻيون ڏيو ٻن +اوري ڪن نه آسرو، تاڻئو توڙ وڃن +وادي تنهن رهن، جت ري پرينءَ ڪين پسجي. +ڇهه سٽو +جنهن پنڌ نهايت نا ڪا، نڪو انت نه ڇيهه +سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيہ +ان هلڻ حيرت ۾ ٿيو، چيتا ٿو چليہ +اوري ڪر مَ آسرو، وادي وچ مَ ويہ +ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيہ +ته سو پسين ڏيہ، جنهن کي سڪي سڀڪو. +ست سٽو +تان ڪو ڏهو پهيڙا، سنيهڙو سندونءَ +ڪينءَ پانڌيڙا پنڌ ۾، ڪنهن پر اُهڃاڻون، +ڪنهن پر هلن حق ڏونہ، ڪنهن پر وصالونءِ +ڪينءَ فاني ٿيا في الله ۾، ڪنهن پر مشاهدون +ڪهڙو حال حقيقت ان جو، ڪهڙو پنڌ پرونِ +لايعلم تاويله الاالله، اونهون ان سندون +ڪو نه ڄاڻي منجهونِ، اوءِ ٻجهڻا ٻهر ٿيا. +شاه لطيف جو اڀياس انهن ٿورن بيتن جي مطالعي مان معلوم ڪندا ته شاه صاحب ڪيتري نه قدر اڳين بزرگن جي ٻولي ڪم آندي آهي. لطف الله قادريءَ جو ٻيو به ڪتاب سلوڪ تي لکيل آهي، پر اڃا اسان جي نظر نه چڙهيو آهي. هي شخص هڪ وڏي پايي جو صوفي بزرگ، مصنف ۽ شاعر ٿو ڏسجي. سندس زندگيءَ جو احوال هيل تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. +اهڙيءَ طرح لطف الله قادري جهڙا ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ شاعر ٿي گذريا هوندا، جي گلاب جي گلن جيان برپٽ واسي زماني جي تند رفتار اڳيان الوپ ٿي ويا ۽ ڪنهن به لکندڙ سندن بي واقع ۽ گمنام هستيءَ جو احوال پوئين لاءِ ڪونه ڇڏيو. +هن کان پوءِ ستت ئي لطيفي دور شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاه عنايت نصرپوري، مخدوم محمد معين، ميين عيسيٰ، مخدوم محمد هاشم، خواجہ محمد زمان ۽ شهيد گرهوڙيءَ جهڙا عظيم الشان بزرگ شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن جنهن جو بيان ڪرڻ هن موضوع کان ٻاهر آهي. قديم دور جي شاعرن جي شاعري بيتن ۽ مناجاتن تي مشتمل آهي، جن ۾ الله ۽ سندس رسول جي واکاڻ ۽ سلوڪ ۽ روحانيت کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. انهن جي سنڌي جبل جي چشمي وانگر صاف ۽ پاڪ آهي ۽ مٿس فارسي زبان جو برو اثر نه پيل آهي. جيئن متاخر ۽ موجود شاعرن جي ڪلام تي جنهن فارسي ترڪيبن جي جهجهائي ۽ زير اضافت جو زور آهي، ۽ جو چنڊ شهري دماغ ڦريل شاعرن بغير ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو. رب تعاليٰ توفيق ڏني ۽ عمر بخشي ته مستقبل قريب ۾ ”ادبي ذوق“ [2] تي مقالو لکي موجود شاعري تي مبسوط تبصرو ڪيو ويندو. +والله ولي التوفيق واليہ حسن الماب. +[1] علامه دائود پوٽي هيءَ تحريري تقرير پهرين نومبر 1952ع ۾ ”انجمن علم و ادب“ هالا ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪئي هئي، جيڪا پهريون ڀيرو ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ سپٽمبر 1958ع ۾ شايع ٿي. +[2] اهو مقالو جيڪب آباد واري جمعيت الشعراء جي جلسي ۾ پڙهيو هوم (۽ شايد) نئين زندگي ۾ شايع ٿيل آهي_”ع“ + + +شاه کان اڳ جا شاعر[1] +”اصليت“ هڪ اضافي امر آهي. ڪابه شيءِ گولاڙي جي وَلِ وانگر بي پاڙي نه آهي، خود گولاڙي جي ول به ٻين جي آڌار کان سواءِ وڌي نٿي سگهي. جيڪڏهن گلاب جو قلم نه هڻبو ته گل ڪيئن اڀرندو؟ جڏهن گل کي صالح زمين ۾ کپائبو ۽ ان کي ڀاڻ ۽ مصالحو ڏبو، ۽ ان جي پوري طرح آبياري ڪئي ويندي، تڏهن ان مان گلاب جا گل ٽڙندا. اهڙيءَ طرح ڪابه بزرگ هستي يا شخصيت پيدا نٿي ٿئي. ان جي پيدا ٿيڻ جا اسباب جاڳن ٿا. مادر فطرت کي ورهيه ولوڙڻو ٿو پوي. تڏهن ان جي بطن مان هڪ بي بها موتي پيدا ٿئي ٿو. شاه لطيف به اُهو دُرّ يڪتا آهي، جو اسان جي سونهاريءَ سنڌ ڄڻيو. ليڪنِ سندس ظهور کان اڳ شعر جي زمين سنواري ويئي هئي ۽ اُن جون دَڙِيون دِڪِيون لاٿيون وييون هيون. جيئن ڪِ هڪ امير يا بادشاه جي تشريف آوريءَ کان اڳ بيلدار ۽ آبدار اچي پَٽُ گهڙيندا آهن ۽ رستي تي ڇڻڪار ڪري گلم ۽ غاليچا وڇائيندا آهن ته اُتان ان سورهيه جي سواري لنگهي، تيئن شاه کان اڳين شاعرن به شاعري جي ميدان تان ڪَنڊ ۽ ڪانڊيرا ڪڍي ان کي پاڪ ۽ صاف ڪري، گل ڦل وڇائي سڀ تياري ڪري ڇڏي، ته سخن جو شهسوار ان تان رونق افروز ٿئي ۽ ان تي پنهنجا ڪومل پير گهمائي. آيا اهڙي خدمت لاءِ انهن اُجورو نه لهڻو ۽ تحسين جي خراج جا لائق نه ٿيا؟ +عام طرح خيال ڪيو ويندو هو ته شاه صاحب کان اڳ شاعري جو ميدان سڃو سکڻو هو ۽ پڙهندڙ شاه جي ڪلام جو حسن ڏسي ائين ڀائيندا آهن ته اهو جمال لازوال هنهئين حاصل ٿيو آهي. ۽ ان جي خط ۽ خال سينگارڻ ۾ ڪنهن ٻئي مشّاط جو هٿ نه هو، پر ائين نه آهي. شاه صاحب کان اڳ ڪيترائي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ سحر حلال جو سَرو پيتو ۽ انهيءَ ميخاني جي مَند مان گهڻائي پريت جا پهيڙا پياريائون. منهنجي مرضي ناهي ته اوهان کي ٻڌايان ته سنڌي شعر ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ٿيو. شعر ابدي ۽ ازلي آهي، يا اوهان کي ساموئيءَ جا بيت يا اسحاق آهنگر جو بيت پڙهي ٻڌايان، جنهن ۾ پنهنجي لطافت آهي. پر منهنجي مرضي آهي ته اوهان جو ڌيان ٻن ٽن وڏن شاعرن ڏانهن ڇڪايان، جن جو شاه جي شاعري تي سڌو سنواٽو اثر پيو آهي، جن جا الفاظ، عبارتون ۽ اصطلاح شاهه ڪم آندا آهن. ليڪن شاهه انهن جي خيالن ۽ ڪلامي خوبين کي پنهنجي تخيّل جي بوتي اندر سميٽي، نئين شڪل ۽ نئون رنگ ڏنو آهي. پر اوهين پڇندا ته جيڪڏهن اهڙا نام ڪٺيا شاعر اڳ ۾ موجود هئا ته پوءِ انهن جو اڄ نالو به ڪونه ٿو ٻڌجي، سو ڇو؟ ان جو سبب هي آهي ته شاه هڪ شمس آهي ۽ ٻيا شاعر تارن، ڪتين ۽ قمرن وانگي آهن، جيئن شمس جي شعاع کان ڪتيون ۽ ڪواڪب ڪافور ٿي ويندا آهن، تيئن شاه جي جلوه ۽ جوت اڳيان اهي ٽمڪندڙ شمعون به الوپ ٿي وييون، ليڪن رات جي وقت انهن کي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي، واٽهڙن کي اونداهيءَ ۾ دڳ لائين ٿا ۽ انهن جي دل کي راحت ۽ روشني ڏين ٿا. اسان کي ڪوشش ڪري اهي گمنام رهبر ڳولي ڪڍڻ گهرجن ته خبر پوئيون ته شاه جي شخصيت ۽ عَبُقريّت جا ڪهڙا سرچشما هئا. مان ڳچ وقت کان انهيءَ ڏس ۾ کوجنا ڪندو رهيو آهيان ۽ مختصر نموني ۾ پنهنجا خيال اوهان جي خدمت ۾ ��رض رکان ٿو. +قاضي قاضن (وفات 958هه) جا فقط ست بيت بيان العارفين ۾ موجود آهن، جي شاه ڪريم عليہ رحمت (وفات 1032هه) پنهنجي ارشاد ۽ شغلن جي دوران ۾ چيا آهن. جي بيان العارفين جو مصنف انهن جو بيان نه ڪري ها ته قاضي قاضن جو نالو به نه ٻڌجي ها. منهنجي خيال ۾ انهيءَ بزرگ جو ڪلام جهجهو ۽ جالارو هو. شاه ڪريم جا 94 بيت موجود آهن، جن مان ٻه بيت ٽن تڪن وارا آهن، جيئن ته: +جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ +ته سڃي سيج پرينءَ ري، پنهون پڌر ناههِ +نڪري چياءِ، ته گهوڙا گهر نه سپرين. +۽ +جهوڙيرا جهڻڪن، مٿي مين مڱڻا +سپڙ راتِ سمگئا، ڏکيا ڏينهن ڏسن +گهِر ٿا گهوٽ وڃنِ، چِندا لٿي چارڻين. +اهي بيت اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪيئن نه ٻِه تُڪي بيت يعني ڏوهيڙي مان ڦري شعر ترقي ورتي، قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جا گهڻو ڪري سڀيئي بيت شاه لطيف جي رسالي اندر گڏجي مُسجي ويا آهن، ۽ انهن مان ڪيترن جو شاه تتبّع ڪيو آهي. اگرچه شاه انهن کي پنهنجو رنگ ۽ روپ ڏنو آهي. +شاه ڪريم کان پوءِ اسان کي لطف الله قادريءَ جو ڪلام مليو آهي، جو يا سندس آهي يا ٻين جو. بهرحال پندرهن بيت سڄا سارا سندس ڪتاب ”منهاج المعرفت“ ۾ موجود آهن، جي هن سلوڪ جي جدا جدا مقامات جي باري ۾ چيا آهن. بيت ٽن تڪن وارو، ڏهه بيت چئن تڪن وارا، ٻه بيت پنجن تڪن وارا آهي. هڪ بيت ڇهن تڪن وارو ۽ هڪ بيت ستن تڪن وارو آهي. انهيءَ مان اوهين معلوم ڪندا ته بيت جي ساخت ۾ ڪيتري قدر تبديلي اچي ويئي. لطف الله قادريءَ جو اهو ڪتاب 1078هه ڌاري يعني شاه صاحب جي ولادت باسعادت کان 34 سال اڳ جو لکيل آهي. مون کي يقين آهي ته لطف الله جو ٻيو ڪلام سندس ٻين ڪتابن جهڙوڪ ”تحفة السالئين“ ۾ موجود هوندو. ڪاش، لطف الله قادريءَ بابت وڌيڪ خبر پوي. نموني طور هي ٻه ٽي بيت اوهان جي نزهت خاطر ڏجن ٿا: +(1) +”لا“ سين لَہُ ٿئون، پار ”اِلہ“ جي آئيا +ڪين کنيائون پاڻ سين سچو پَههُ پئون +وڃي تن ڪيو، منجهه سير سراءِ سبحان جي. +(2) +”اِلہ“ اوريائين ڇڏي ويا کِيپ کرِي +او ٿِيا سيڪڙو سبحان جا، پيئين وِکَ پَري +”صم“ بڪمءٌ عميءٌ فَهمُ لا يعلقون“، +اُوءِ پئا پروڙان پَري +وِئا تِتِ وري، جتي قال نه قيل ڪِينُ. +(3) +سيئي سالِڪَ هلئا، واٽون ويهون وهنّ +ڪوڏان پسو قطاريا، پانڌي لئي پرين +اوءِ هيجان هلئا حق ڏؤنہ ٻيو ڏيئي ٻَنِ +واديءَ تنهن رهن، جت ري پرينءَ ڪينِ پسجي. +(4) +جِنہ پنڌ نهايت ناهِڪا، نڪو آت نه ڇيہُ +سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيههُ +اُت هلڻ حيرت ۾ ٿئو، چيتا ٿو چَليہُ +اوري ڪرمَ آسرو، واديءَ وچ مَ ويههُ +ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيہُ +ته سو پسين ڏيہُ، جنہ کي سڪي سڀڪو. +(5) +تان ڪو ڏِهو پَهَيڙا، سَنيِهَڙو سَندونِ +ڪيئن پانڌيئڙا پنڌ ۾، ڪِنہ پَر اُهڃاڻونِ +ڪنہ پر هلن حقّ ڏونہ، ڪنہ پر وصالونِ +ڪين فاني ٿيا في الله ۾، ڪنہ پر مُشاهِدونِ +ڪهڙو حال حقيقت اُن جو، ڪهڙو پنڌ پَرونِ +”لاَ يَعلَمُ تَاوِيلہُ اِلاّالله“، اونهون ات سَندونِ +ڪونَ ڄاڻي منجهونِ، اوءِ ٻجهڻا ٻاهر ٿئا. +اهل ذوق معلوم ڪري وٺندا ته شاه صاحب ڪيتري قدر اها ساڳي ٻولي ڪتب آندي آهي: ”ڪين کنيائون پاڻ سين“، ”ويا کيپ کري“، ”جتي قال نه قيل ڪين“، اونهو اُت“ سندونِ“، ”ٻجهڻا ٻاهر ٿئا“، ”جت نهايت ناهه ڪا“، ”نڪو انت نه ڇِيہُ“، ”اوري ڪرمَ آسرو“، ”عقل اُت اوڇون ٿئو“، ”ڀورو ڪين ڀڄي“، ”اوري ڪرمَ آسرو“، ”عقل اُت اوڇون ٿئو“، ”ڀورو ڪين ڀڄي“، ”واٽون ويهون وهن.“ شاه صاحب فرمايو آهي: ”واٽون ويهه ٿيون، ڪَهه ڄاڻان ڪيهي وئا“، ”ٻيون ڏيئي ٻن“، وغيره وغيره. +لطف الله قادري کان پوءِ شاه عنايت رضويءَ جو وارو اچي ٿو، جنهن تقريباً سڀني سرن ۾ ڪلام چيو آهي، جن ۾ خود شاهه صاحب چيو آهي منجهس جمال جي جهاجهه ۽ لفظن، جي گهڻات ۽ احساس جي عَمق آهي. شاه لطيف جو وڏو همعصر هو چون ٿا ته هڪ دفعي شاه صاحب جو نصرپور وڃڻ ٿيو، جنهن تي شاه عنايت ڏانهن کير جو پيالو ڀري موڪليو، يعني ڳجهو اشارو ڪيائين ته اوهان جي هتي گنجائش ناهي. تنهن تي شاه صاحب ان ۾ گلاب جو گل وجهي موڪليو، يعني منهنجي اچڻ ڪري اوهان کي لکا نه پوندي. بهرحال جيڪڏهن شاه عنايت جي رسالي جو ڳوڙهو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته شاه صاحب سندس ڪلام جو ڪيتري قدر متدين رهيو آهي. شاه عنايت جي ڪلام سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي قادرالڪلام شاعرن جا بيت گڏجي ويا آهن. جهڙوڪ: قطب، شريف، سّيد، بلاول وغيره. ساڳيا ئي نالا شاه صاحب جي رسالي ۾ موجود آهن ۽ پڻ ٻين ڪيترن جا، جهڙوڪ: ٻڍو، کٽي، قاسم، لطف الله، لکمير، ڪيسر، جوڻيجو، حبيب، جلال، محمود، مڱيل، شاه حسين ۽ طالب. جي يا ته شاه کان اڳ جا هئا، يا شاه سان سهيوگي، جو انهن جا بيت خود شاه صاحب ڳائيندو هو يا سندس فقير جدا جدا موقعن تي چوندا هئا. انهن شاعرن ۾ عيسيٰ جو نالو به اچي ٿو، جنهن جو هڪ بيت سارنگ جي سر ۾ ڏنل آهي: +ڍٽ ڍُري، پٽ پيئيون، وڄن ڪئا ورن +اونهي ٿي، عيسو چوي، ڇاڇر سڀڪا ڇنِ +جن محب اندر من، سي پرين پيهي گهر آئيا. +هاڻ سوال آهي ته اهو عيسو ڪير هو؟ شاه صاحب کان اڳ ٿي گذريو آهي يا شاه جو معاصر هو؟ ياشاه کان پوءِ جو آهي؟ جتي ٻين سگهڙن ۽ شاعرن جا گهڻا بيت داخل آهن، اُتي فقط عيسي جو هڪ بيت اچي ٿو، انهي مان گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته عيسو ان وقت گهڻي قدر ويو ٿو ڏسجي. مون وٽ ميين عيسي جي ”سنڌي“ آهي، جا مون کي پنهنجي محترم هم زلف آخوند عبدالله وٽان ملي آهي، ڪلام ناهي پر خوبين جو ڀنڊار آهي. منجهائنس قدامت جي خوشبوءَ اچي ٿي ۽ منجهس اُهي لفظ ڪم آيل آهن، جي شاه جي رسالي ۾ به نه ملندا، جهڙوڪ ”راتوڌو“، ”لوف ٿيڻ“، ”اُڀيڪ“، ”رهڪ“، ”مِهت“ وغيره وغيره، ۽ پڻ ”پَهس“ ۽ پريندهم“ جا لفظ ذري ذري ڪم آڻي ٿو. سندس بياني قوت بيحد آهي. هجر ۽ وصال جو بيان نهايت دلڪش ۽ گوناگون پيرايي ۾ ڪري ٿو. مولانا رومي وانگر پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي تمثيلون ۽ نقل نظير ڏئي ٿو. منجهس سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، تماچي ۽ نوري، عمر مارئي، ليليٰ مجنون ۽ يوسف زليخا جي قصن ڏي اشارا آهن ۽ سڀ مجازي محبوب، حقيقي محبوب يعني رسول الله صلي الله عليہ وسلم جو عڪس آهن. رسول الله صلحم جي سِڪ ۾ ڦاٽيو ڳچ ٿيو پوي ٿو. آيا اهو شخص قاضي ميان عيسيٰ هالائي آهي يا ڪو ٻيو، تنهن جي تلاش ڪرڻ ضروري آهي. مشهور ”ٽيهه اکري“ جا 1312هه ۾ ڪوٽڙي ۾ ميان شير محمد شاهه ولد امير علي شاه محمد پوٽي ڇپائي پڌري ڪئي ۽ قاضي ميان عيسيٰ هالائي ڏي منسوب آهي، اها به عيسيٰ جي سنڌي ۾ مندرج آهي. ڪتاب ۾ هيٺين سنڌي بزرگن ڏانهن اشارا آهن: (1) مخدوم نوح رحمت الله عليہ (998هه) (2) شاه ڪريم رحمت الله عليہ 1032هه ۽ (3) مخدو محمد حيات سنڌي 1163هه (4) ميون عبدالباسط ولد ميون پير محمد هالائي. شايد ميون عبدالباسط جو شاه لطيف جي معتقدن مان هو ۽ جنهن جو ذڪر مرحوم مير عبدالحسين پنهنجي ”لطائف لطيفي“ ۾ ڪيو آهي. شايد شاه صاحب جن کان عمر ۾ وڏو هو. +مخدوم محمد حيات جو ائين ذڪر ڪيو اٿس جيئن مماتيءَ وارن جو ڪجي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي سنڌي 1193هه کان پوءِ لکي اٿس. بهرحال يقين سان نٿو چئي سگهجي ته هي بزرگ شاه صاحب کان متقدم هو، يا معاصر، يا متاخّر حافظ حاجي علي محمد صاحب آخوند هالائي کان روايت آهي ته ميون عيسو اصل کان اتر کان آيل هو ۽ ڪلهوڙن جي راڄ ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ درياه جي رستي سنڌ ۾ آيو. جڏهن ٻيڙي کاڻوٺ وٽ بيٺي، تڏهن مرشد چيس ته تنهنجي سڪونت هت آهي. ان کان پوءِ اُتي ڳچ وقت رهيو. ڪلهوڙن جو منجهس ويساه هو. آخر ۾ سندس مريد کوکر کيس لڏائي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويا، جو ملاّ ڪاتيار ۽ سيدپور جي وچ ۾ آهي. سندس مڙه مقام کٻڙن جي ڄارين ۾ ويڙهجي ويو آهي. حافظ حاجي ميان علي محمد کي به مڪاشفي جي رستي معلوم ٿيو، پر اسان آسارن کي ڪيئن هٿ اچي. اهڙي بزرگ تي هوند عاليشان مقبرو اڏائجي. والله الهادي للصّواب. سندس سنڌيءَ مان فقط ايتري خبر پوي ٿي ته پاڻ قادري طريقي جو هو. سندس مرشد دهلي ۾ رهندو هو، پر عزت وچان سندس نالو ظاهر نٿو ڪري قادري طريقي کي ٻين طريقن تي ايتري وڌر ترجيح ڏئي ٿو، جو ان جي ڇڏيندڙ کي مرتّد ۽ ٽُڪيل سڏي ٿو. سندس ڪلام مان نماڻائي، عاجزي ۽ نوڙت پيئي بکي ۽ منهنجو خيال آهي ته انهيءَ سنڌي کان سواءِ سندس ڪو ”رسالو“ هجي ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. ڇاڪاڻ ته سلوڪ جي ويهن بابن ۾ جيڪي بيت ڏنا اٿس، جي ٻه سَوَ کن ٿيندا، تن مان سندس شاعري جي عظمت ۽ بزرگي ظاهر آهي. بيت سرن ۾ سي ڪين ورهايل آهن، باقي مٿي ڏنل مضمونن تي ڪتاب ۾ گلن وانگر ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ منجهائن بوءِ بهار جي پيئي اچي. ميان علي محمد جي هي به روايت آهي ته پيريءَ ۾ هن بزرگ جي شاه لطيف تي نظر پيئي هئي، جڏهن شاه اڃا نينگر هو، ۽ پيشن گوئي ڪئي هئائين ته ”ڪو ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي گل نڪرندا جن جي سڳنڌ ساري عالم کي سرهو ڪري ڇڏيندي.“ جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته ميون عيسو شاه صاحب جو وڏو معاصر هو. ازانسواءِ ميين عيسي جي ڪلام جي ساخت ۾ اها سلاست ۽ لاس ناهي، جا شاه صاحب جي ڪلام ۾ آهي. انهي مان به سندس قدامت جو ثبوت ملي ٿو. هاڻي اوهين سندس ڪلام جي عطر جو واس وٺو: +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، جنوري 1951ع تان ورتل. + + +سهڻي +(1) +اوريين پَريين پار ۾، سونهڻين لک هزار +پر جنہ کي سڪ سرير ۾، محبت محض مِهار +اکِ نه کڻي هن عَالَم ڏي، رِيءَ پنهنجي يار +رِيءُ هِمُ سا سينگار، سونهي سهڻن وچ م. +(2) +سهسين سڄَن سوهڻيون، لکين لک هزار +سڀڪا ڀانئي ٿي، آءٌ سڪان کي پنهنجي يار +پَر جا آئِڙيِ اِنِ مِان، کي محبتي ميهار +سا پهچي پريين پارَ، وڏي ويرَ وٿاڻ ۾. +(3) +مينهون محب ميهار جون، سفريون سڀيئي +ڪنڍيون، ڪَامِلون، منہ موچاريون، مڙن مڙيئي +سِيمَاهُم فِي وُجُوهِهِم“ سندن اَهڃاڻ اِهيئي +پٺيءَ نه ڪا پيئي، سهڙيون سڀ وٿاڻ ۾. +(4) +ٻيلي ۾ ٻهون پَرِين، سهسين گاه سُڄَنِ +ميهون محب ميهار جون، چيتاريون چرن +جئان آئڙي اُن کي، تئان وات وجهن +پَلُـرَ پوڄ پِينّ، نندين کان نرمل جو. +سسئي +(1) +وِيہ وسامِي ڪِيَم ڪين، چُڪِيائي تون چَلّ +جهڙي تهڙي حال سين، هوتن پٺيءَ هَلّ +توڻي ويل ڪُويل ٿئي ته پڻ پئي ره م ڀَلّ +لالن بنان لَلّ، ڀوري ناه ڀنڀور ۾. +(2) +ويہ وسامي ڪين ڪين، ڇوري ڇپر ڇلّ +جَتَ ڪارڻ جهان ۾، رندن ۾ تون رُل +ته آري ڄام آملّ، پيئي ور وِير ڪَهين. +(3) +تون ستينءَ سک ٿي سسئي، سا ٿي ڪرينءَ سڏ +اڀهس اٿي، عيسو چوي، ٿي تن سين گڏ +مڇڻ منجهه ڀُوءِ ڏ، رڻ ۾ ٿي ريهون ڪرين. +(4) +واٽ ارِڙي وَرَ گهڻا، ۽ پنڌ اڻائو +سونهون شامل جن سين، تن سنهنجو سڻائو +اکيين ڏسن نه، عيسو چوي، رَهَ ۾ رڃَ رائو +پاڻا محب ميڙائو، تن ويندي واٽ ٿئي. +ليلا چنيسر +(1) +هاريا هٺ حرام کان، بچي ٿي بيزار +جان ڀا��ئين پرينءَ مڙان، پَسان سائين جو سنسار +ٻَن وجهي مڻئي کي، قريب ڪر تون يار +سو گهوريو ئي هار، جنہ تان چنيسر چت کڻي. +(2) +هي هار هيڪڙو، پر جي هجن هزار +وجهين ڪرين ويس وڏا، سهسين سڀ سينگار +ته چنيسر جي چت ڌار، ڪَر ڪوڙا مڻيا مِڙئي. +(3) +جي مڻيا مڙئي نه وجهين، نڪو هاري هار +پر چنيسر جي چت جي، تو ڏانہ تاڻ هوءِ تڪرار +ته سَڀوئي سينگار، تو مڙيو ئي ميسّر ٿيو. +(4) +چنيسر جي چت ۾، تو ڏانہ کڻي تاڻ +پر جيڪا آڏي آڻ، سو هاري توکي هار ٿيو. +مارئي +(1) +پَهر نه پنهوارن جي، وائي نه ڪائي +ساري سانڀيئڙن کي، ويٺس واجهائي +ڪا جا ڪيم ڪمائي، جئن هوءِ ملير، آءٌ ماڙئين. +(2) +ماڙين ۾ ريءَ مارئين، رهي نه سگهندياس +توڻي هزار حيلا ڪرين، ته پڻ آءٌ ويندياس +وڃي پنهوارن پاس، شال گولي ٿي گذاريان. +(3) +ته ڪا رهان هِتڙي، جي تون بندين منجهه بند +ماريس ماروئڙن جي، عيسو چوي اُڪنڍ +کوءِ حويليون هي هنڌ، وَر پکا پنهوارن جا. +رات سُهائي +(1) +رات سهائي، ڀون سنئين، پَس پڌرو پَٽُ +هلُ ته رسين هوت کي، پسين جانب جَتُ +ڪِهڙو رسيوءِ ڪَتُ، جئن تون وهين ويسري. +(2) +رات سهائي ڀون سئين، ويسر وهڻ عَبَثُ +وانء وهلو واٽ تنهِين، جنہ ڏنائون ڏس +وَاِن هذاصِراطي مُستقِيماً، ٻئي گَسان ڪِنہ مَ گَسُ +اي عيسيٰ، ڇڏ آرَسُ، ته هونديءَ رات هَتِ رسِين. +اهڙيءَ طرح ڪل ڇهه بيت چيا اٿس، شاه صاحب رڳو 4 بيت چيا آهن، جن جو مطلب مجازي آهي. جيئن: +(1) +راتِ سَهائي، ڀون سئين، پَٽَنِ وڏو پَنڌ +هلندي حبيب ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪَنڌ +ٻَنڌڻُ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرين کي. +(2) +رات سُهائي، ڀون سئين، ڀائي گهرجي ڀَل +مون توسان ڳالهڙي، ٻئي ڪنهن مَ سَلّ +هاهَر ڪندو هل، ته کجايون کرن کي. +(3) +رات سُهائي ڀون سئين، پرت نئين، پنڌ پور +ميا محبوبن جي، هلي وانءِ حضور +جي چڻڪن چت ۾، سي ڪينءَ سڄڻ دور +الله لڳ آسور، اُتائين ٿي آءُ تون. +(4) +رات سُهائي، ڀون سنئين، پرت نئين، پنڌ پَسُ +ميا محبوبن ڏي، وڃڻ ڪجي وَسُ +راتين ۾ رسُ، ته خبر کرن کي نه پُئي. +ميون عيسو، حقيقت ۾ حلّ آهي ۽ مجازي ڏي منهن ڪونهيس. ڏسو ته مٿي ڏنل بيتن مان ڪهڙو مطلب ٿو ڪڍي. +جو پِرهَ ڦٽي تو پنڌ ڪيو، پانهِجي پُندو +ڪو ڪَنهه جي ڪم کي، ويجهو نه ويندو +”يَرم يَفِرالمَرُءُمن اَخِيہِ“ سڀڪو ڀَؤ ڏسي ڀڄندو +مگر ڪرم مهر ڪندو، اُتِ شفيع سڀ جهان جو. +روحاني طبيب +(1) +تون ڪِينءَ جڏي جالِيين، طبيبن پاڙي +ڪِ ويجهي تون نه وڃين، ڇڏين تون لاڙي +جا اوڳي ان آڙي، سان ڪِري تون ڪوه نه ڪرين. +(2) +ڪِري ري ڪين لهي، اوڳي اِيءُ آزار +جيئن چُونِي تئن ڪَرِ، تُسِي سين تڪرار +ته نِسُهرو نروارُ، ڏکندو تو ڏور ٿئي. +(3) +ڪِري ڪَن نه پاڻ، ويڄن سِين وائيءَ پيا +اَگها هِنَ اُهڃاڻَ، پَسو سور سِجهائيا. +(هي بيت هوبهو شاه جي رسالي ۾ اچي ويو آهي.) +(4) +سَگها سِگها سي ٿئا، جي ويٺا وٽ ويڄن +پري ڪِري ڪوڏ منجهان، جِيَهِم چيائِنُ +”ولَهَي النّفسَ عَنِ الهَويٰ فاءِن اَلجَنة هِيَ اَلمايَ“ +سالڪ ايءَ سمجهن +ٻيا ڪوهُ ٻُجَهن، ان سنيهي شريف مان. +۽ شاه صاحب فرمايو آهي: +آگها ئي سَگها ٿِئا، جي ويٺا وٽ ويڄن +ترسي طبيبن، چيٺي هوند چڱا ڪيا. +چڱن جي صحبت +لَک پڙپي لِکَ سِينءَ، جي ويٺِي تنين وَٽِ +جَنِئا جِيَ جوکو ٿيي، پَههَ ۾ پوئي گهٽ، +سا مجلس ئي مَٽ توڻي ڪوڙين ڪَڻِنءَ ڏني. +شاه صاحب فرمايو آهي: +ويٺي جنين وَٽِ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي +سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصِلُ هوءِ هزار جو. +ميان عيسو اڳڀرو وڌي چوي ٿو: +هارئا تنهنجي حق ۾، اُوءَ ڪوڙ، آهي لوڙِ +جا کِلَ نه کِلن جهڙي، تِنهان مُنہ اڳاهَمُ موڙ، +تَرسُ ته رسين توڙَ، ڀَڄُ ته ڀيڻي تو ٿيي. +ڪونجون ۽ هنج +(1) +سڪ ساهيڙي جن جي، سي اَڄُ اڪثر اُسهيون +ڪُنجون قطارون ڪري، واقِهمِ روه رَمِيون +اِن پر اُڏاڻيون، جِئن ڪَل نه پيئي پکڻين. +(2) +ڪا جا رمز روه جِي، ڪُنجَنَ ڪَل پيئي +جِئن راتوڌو رمي چُريون، اڪثر سڀيئي +هنَجَن هَنجون هارَيون، تنين لءِ روئي +سَرُ اصلِيُون اُهوئِي، پر پکي مِهُس نه اڳيان. +(3) +مَرُ اُهوئي اڳيون، پَر پکي نه پَهرا +جن چيتاريو چِلُڙ کان، پنهنجا وَکيا پکڙا +هاڻي سيئي سَر ۾، اڪثر رهئا اِهِڙا +جي اُهچَ جا ڇُئڙا، کڻيو کِين خوشيءَسين. +رسول الله صلعم جي سڪ +(1) +پکا پکن سامهان، رهن رفيقن ساڻ +عجيب نعمت آه وڏي، جي هوءِ پَہُ پَرياڻ +هوند آڻجي هٿِ سا، پَرِ ۾ وڪڻي پاڻ +پر ڏِيهه ڏجي سڀ ڏاڻ، ته رِءُ حُب هڏهم نه جڙي. +(2) +جي ڪَنہ وهِي واٽ تان، سڄڻ عجيب اچن +سا جي واٽ سوريان، لَکَ هزارين ڀٽِن +ته لائق پرينءَ پيرن، اَڃا اُهائي نه ٿيِي. +(3) +جيڪي ئي جهان ۾، سَراهيون سَڄَنِ +سي سڀ آڻي اوتيان، وَرَنہ جي واٽنِ +ڪَنهِين وير ڪرم سين، اَچي اتان نڪرن +ته جا سَراهي سندين، سا هِن مڙني مات ڪَرِي. +(4) +پسان جي پَر ڪَنهين، هيڪر حبيبن +ته مور نه چران چانٺ کان، چهٽي پوان چَرڻَن +مٿي در دوسن، شال پڄن پساه سَنُدمِي. +(5) +جِئن کوري ۾ پَهَڻ پچي، صَحيُ صاف ٿين +تِئن پسَڻ سِين پرين جي، مَٺيون ميٽجن +اَڇائي اڱرنِ، پاڪِي پَريندهِين ٿيي، +(6) +جي گڏجان سڄڻين، سرتيون ڪنهن ساعت +ته ماڳهِين مئِيءَ هوند جِيان، رسي مون راحَت +اِن فيص جي فرحت، اُڏامان اَڀين مَڻي. +(7) +سين سراهِي سَڀ مَکِيان، پکي پَر سنداءِ +حڪايت هنجن جي، ڪا ڪنجن ڪَل سڻاءِ +ڪِ سکي سڀيئي سَر ۾، آهين جاءِ بجاءِ +ڪا اِءَ تو خَبَر آه، مان سِگهي گڏجان سڄڻين. +(8) +گڏجڻ سندي سڄڻين، جي تون ڏيين خَبَر +ته جَڙيان جواهرن سين، پکي تنهنجا پَرَ +سي هينئر هوندم هنڌ ڪَهِين، جن جي اُڪير اندر +تنہ وَ سان سَر سُڀَر، جنہ ۾ هنَج ڪُنجون هيڪانديون. +(9) +هيڪر هن اکين سين، جيڏيون جي ڏسان +ته ڳَري لائي ڪيڻنِي، وَچڙي پَهس پؤان +پَلُ سينءَ پَلُ پَر ڪَنهِين ڇنان تان نه ڇڏيان +سدائين سيڻانِ، هوند ڳجههَ ڳرهيان ڳالهڙيون. +هاڻ حيرت جو مقام بيان ٿو ڪري: +حبّ هِنيَڙي جَنّ جو، من اندر محبّت +جي تَنين جي سَري، ساعت ڪنہ صحبت +ته هڏ نه اُڄهي ڳالهه ڪا، سَندي تن خِدمَت +ايءَ وڏي عبرت، جئن محبن ڏٺي ماٺ ٿِي. +(11) +اين ڀايان ته هينءَ ڪريان، ساڻن ڳالهڙيون +جہ سي ڏٺا سپرين، ته سڀيئي وِسَريون +اِيَهِين وڃن وسَري، جئن ڪَر هيين ۾ نه هُيون +جڪسُ اُڃيون اکڙيون، ٿيون جهلين زور زبان کي. +(12) +ڪو جو پَہ پِرائيو، اديون اکڙين +جيئن جيئن پَسن پرينءَ کي، تئين ڍايون نه ڍاپَن +ڪونه ڏٺائون ڪڏهين، ساعت سپرين +ڪو دم سڄڻ نه سهن، پاسي پَسڻان پانهنجي. +انهن سڀني بيتن جو جهلڪو شاه صاحب جي ڪلام ۾ ظاهر آهي. +هڪ عرب عاشق شاعر واٽ ويندي، ڳيريءَ کي پنهنجي سنگتيءَ لاءِ روئندو ڏسي، پنهنجي وڇڙيل محبوب سُعدَي کي ياد ڪري ٿو. يادگيري ته اصل دل ۾ هيس پر ڳيريءَ جي مشاهدي اندر ۾ اُڪير جاڳايس، تنهن تي چوي ٿو: +فَلَو قَبل مَبکَا بَکيتُ صَبَابَةَّ +لِسَعُديَ شَفَيت النّفسَ قَبلَ التَندّم +وَلکِنُ بکتُ قَبُلي فَنَهيّج لِي البکا +بُکُاهَا فَقَلُتُ الفَضلُ لِلمتقّدِم +تنهن وانگي شاه وانگر اڳين اڳ ۾ رُنو، پوءِ اگرچه سندس گِريو ۽ روڄ راڙو اڳين کان اڳرو آهي، تڏهن به اڳرائي اڳين جي آهي. + + +قاضي قاضن سيوهاڻي[1] +قاضي قاضن ابن قاضي ابوسعيد، ابن قاضي زبن الدين، ابن قاضي قاضن، هڪ مشهور معروف شخص ٿي گذريو آهي. سندس حياتي جو مختصر احوال تاريخ معصومي ۾ ڏنل آهي. تحفةالڪرام واري پڻ لفظ بلفظ ان تان نقل ڪيو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو منجهس اضافو نه ڪيو آهي. هي صاحب گهڻن قسمن جي علمي فضليتن سان سينگاريل هو. قرآن مجيد جو حافظ هو ۽ قِرات ۽ تجويد به چڱي طرح ڄاڻندو هو. حديث، تفسير، اصول فقہ، تصّوف ۽ علم آلات (ڪَلن ٺاهڻ جو هنر) ۾ چڱو عبور هوس. انشاء (لکپڙهه جي علم) ۾ سندس جوڙجيس ڪونه هوس. علم رياضي ۽ حسابداني کان پڻ ڀليءَ ڀت واقف هو. ڦوهه جواني ۾ سيد محمد جونپوري، جو ميران مهدي جي نالي پڌرو آهي، تنهن جي مريدن جي لڙهه ۾ شامل ٿيو. جنهن ڪري شريعت جا عالم کيس ٽوڪيندا هئا. انهيءَ مان ڏسجي ٿو ته قاضي قاضن جو تصّوف ڏي خيال مريديءَ کان پوءِ ٿيو. سلوڪ جي واديءَ ۾ گهڻيون رياضتون ڪڍيائين ۽ سير سفر به ڏاڍا ڪيائين. +تاريخ 11 محرم سنه 927هه (23 ڊسمبر 1520ع) جو جڏهن شاه بيگ ارغون ٺٽي جي ويجهو درياه لنگهي، ڄام فيروز جي لشڪر کي شڪست ڏني، جو درياه خان جي سرڪردگي هيٺ هو، تڏهن شاه بيگ لاڳيتو 20 تاريخ تائين، ٺٽي ۾ عام ڦر جو حڪم ڏنو. ڪيترن ماڻهن جو اهل وعيال پڪڙيو ويو ۽ ڄام فيروز جا ٻارٻچا اندر رهجي ويا. جڏهن شاه بيگ کي خبر پيئي، تڏهن ڪن چڱن مڙسن کي ڏياري موڪليائين ته ڄام فيروز جي حويليءَ تي پهرو ڏين ۽ ان جي حرمت ۽ عصمت بچائين. آخر اهو غضب جو طوفان، قاضي قاضن جي طفيل اُجهاڻو. +قاضي قاضن صاحب جو عيال پڻ باندي ڪيو ويو هو، سو حيران ۽ سر گردان ٿي، ٺٽي جي گهٽين ۾ پنهنجي گم ٿيل پيارن کي پئي ڳوليائين. هڪڙو خط، جنهن ۾ ماڻهن جي تباهيءَ جو دردانگيز احوال درج ڪيو هئائين، سو حافظ محمد شريف جي هٿان شاه بيگ جي خدمت ۾ موڪليائين ان جي پڙهڻ ڪري شاه بيگ جي دل تي سخت اثر ٿيو ۽ پڙهو گهمارايائين ته ڪوبه سپاهي ٺٽي جي ماڻهن جي مال ۽ اولاد کي هٿ نه لائي ۽ پنهنجي بٿيءَ مان هڪ تير ڪڍي، قاضي قاضن کي ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته جنهن به ماڻهو ڏانهن قاضي صاحب اشارو ڪري، سو کيس سپرد ڪيو وڃي. هن واقعي بعد گويا قاضي قاضن جو شاه بيگ سان گهاٽو رستو ٿي ويو ۽ اڪثر موقعن مهل جڏهن شاه بيگ کي مڪاني ڳالهين بابت، صلاح مصلحت ڪرڻي پوندي هئي، تڏهن قاضي قاضن کي گهرائيندو هو. +ڄام فيروز جي پيش پوڻ بعد دريا خان جا پٽ محمود خان ۽ مِٺڻ خان مخالفت تي ڪمر ٻڌي بيهي رهيا. سارنگ خان ۽ رنمل سوڍي جي مدد سان، سهتن ۽ سوڍن جو لشڪر گڏ ڪري ظاهر ڪيائون ته ”مئي مارائي کان سواءِ ڪين مڙنداسين.“ شاه بيگ ارغون سيوهڻ هٿ ڪرڻ بعد قاضي قاضن کي ڏانهُنِ موڪليو ته کين آڻ مڃڻ جي نصيحت ڏئي، پر انهن قاضيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنو. سيوهڻ جي قلعي جي مرمت ڪرائڻ وقت به قاضي قاضن منزل تي حاضر هو ۽ انعام اڪرام لڌائين. تنهن کان پوءِ شاه بيگ سان گڏجي بکر ويو، جتي ڌاريجن بنسبت کائنس صلاح پڇي ويئي. قاضي قاضن عرض ڪيو ته ”هيءُ زمين سيلابي آهي ۽ منجهس ڪانڊيرا گهڻا ڄمن ٿا. ڪانڊيرن ڪپڻ لاءِ هميشہ ڪوڏر کپي.“ شاه بيگ اهو ٻڌي، جيڪي به ڌاريجا سردار بکر ۾ موجود هئا، تن کي هڪدم قتل ڪرائي ڇڏيو. +شاه بيگ ارغون جي وفات 22، شعبان 928 هجري مطابق 18 جولاءِ 1522ع کان پوءِ ٿي. +مرزا شاه حسن، قاضي قاضن کي بکر جو قاضي مقرر ڪيو، اتيئي سڪونت اختيار ڪيائين. اٽڪل ويهارو ورهيه انهي قضائي منصب تي رهيو. جيڪي به شرعي فيصلا وٽس رجوع ٿيندا هئا، سي ڪمال احتياط، امانت ۽ ديانتداريءَ سان نبيريندو هو. شايد 947 هجري ڌاري استعفا ڏنائين ۽ اها جاءِ سندس ڀاءُ قاضي نصرالله کي ملي. پڇاڙي جا سال مديني منوّر ۾ گذاريائين، جتي سنڌ جا ٻه مشهور عالم قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم رائوتي ۽ شيخ عبدالله متقي ابن مولانا سعد درٻيلوي سندس هم صحبتي هئا. سنه 958 هجري مطابق 1551ع ۾ وفات ڪيائين. +جيئن مٿي چيو ويو آهي ته قاضي قاضن جو تصّوف ڏي لاڙو ميران مهدي جي ارادتمنديءَ کان پوءِ ٿيو. پر هيٺئين بيت مان ظاهر ٿئي ٿو. ته سندس دل جي دري انهيءَ کان به اڳي روحانيت جي طرف کليل هئي. بيان العارفين واري شاه ڪريم جي واتان هي بيان ڪيو آهي ته ڪنهن ڏينهن هڪ ملامتي بزرگ، قاضي قاضن جي مسجد جي محراب ۾ پير قبلي طرف ڪري ستو ۽ انگ تي لٽو ڪونه هوس. قاضيءَ کي خبر پيئي سو هٿ ۾ دُرو کڻي مسجد ۾ آيو، جان ڀانيائين ته پيرن کان وڃي دُرو هڻانس ته ڇا ڏسي ته پيرن جي جاءِ تي مٿو رکيو آهي ۽ مٿي جي جاءِ تي پير! ٻئي ڀيري جڏهن پيرانديءَ ڏانهن ويس تڏهن به سِرُ ڏٺائين. مطلب ته جنهن به طرف پيرن ڏي ٿي ويو اُتي ان بزرگ جو مٿو ڏٺائين، تنهن تي ڏاڍو ششدر ٿيو. آخر انهي بزرگ قاضي ڏانهن نظر ڪري چيو ته ”پير جيڏانهن وڻني تيڏانهن ڪر، پر پنهنجي دل خدا ڏانهن رک“. تڏهن دُرو ڇڏي خدا جي طالبن مان هڪڙو ٿي پيو ۽ اُن وقت هي بيت پڙهيائين: +جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ +تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري +باطني اسرارن سمجهڻ ۾ ظاهري علم هڪ وڏو پردو يا حجاب آهي، تنهن بابت قاضي قاضن چوي ٿو: +سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لئه +اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام. +يعني اهي ظاهري علم جا ڪتاب، جي مون پڙهيا، سي طريقت جي واٽ ۾ ويتر ٻاٻرن ڪنڊن وانگر ٿي لڳا ۽ انهن جو هرهڪ اکر واڳوءَ جي ڀيانڪ شڪل ڌاري مون تي اُڀري آيو. +طريقت جي واٽ ۾ سڀڪنهن قسم جو علم وسارڻو پوي ٿو. فقہ ۽ نحو جا ڪتاب انهيءَ جي راه ۾ ڪابه مدد نٿا ڏين. اهو پار ئي ڪو ٻيو آهي، جتان محبوب جو مشاهدو حاصل ٿئي ٿو، تنهن تي چوي ٿو: +ڪنز، قدوري ڪافيه، ڪينڪي پڙهيوم +سو پار هي ڪين ٻيو، جتان پرين لڌوم +______ +ڪنز، ڪدوري، ڪافيه، جي پروڙين سڀ +ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اُڀ. +فقہ ۽ نحو جا ڪير کڻي دقيق کان دقيق مسئلا سمجهي، پر حقيقت لهڻ ۾ سندس اهڙي حالت آهي جهڙي منڊي ماڪوڙي جي، جا کوهه جي تري ۾ ويهي، آسمان جي وماس ڪرڻ لڳي. يعني ظاهري علمن دوران، معرفت جو منجهه لهڻ ناممڪن آهي. +”همه اوست“ سڀڪجهه اهو (الله تعاليٰ) آهي، جو متو تصّوف جي اتنها آهي، تنهن تي ڌيان ڌريندي قاضي قاضن چوي ٿو ته حقيقت ۾ نفي آهيئي ڪانه، يعني دنيا ۾ ڪنهن کي حقيقي هستي آهيئي ڪانه، بلڪ هڪ ذات پاڪ اثبات آهي ۽ ان کي ئي مطلق هستي آهي: +”لا“ لاهيندي ڪن کي، لا موراهين نافہ +بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪو ٻيو. +نفيءَ کي دور ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي، نفي بالڪل آهيئي ڪانه، خدا جو سنهن ته پرين بنا ٻيو ڪي به هرگز (ڪٿ) ڏسڻ ۾ نٿو اچي. انهيءَ منزل جو بيان ڪندي، پاڻ هڪڙو ڏاڪو مٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو: +سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙ ئي +هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت. +درياه لت ڏيئي هيٺائين مٿائين زمين ٻوڙي ڇڏي، يڪي لس ٿي ويئي، ۽ سڀ (جهت) ميٽجي ويا. جيئن درياه جي اڇل ۾ دِڪيون دڙا ۽ کڏون کوٻا ڀرجي، هڪ درياه ٿي پوندا آهن ۽ ڪنهن طرف جو سماءُ نه پوندو آهي. تيئن وحدت (هيڪڙائي) جي درياه ۾ ڪثرت (گهڻائي) جون ڪايائون ڪالعدم ٿي ويون. انفرادي (جدا ۽ اڪيلي) هستيءَ جو سنڌو نه رهيو. يڪايڪ وحدت جو مهراڻ موجون هڻڻ لڳو. +انسان جڏهن اکيون ڪن ٻوٽي، حواسن جا دروازا بند ٿو ڪري، تڏهن روحاني عالم جو ديدار پسي ٿو ۽ سندس روح ��لڪوت جي جهان جو سير ٿو ڪري. ننڊ ۾ ته حواس هيڪاري بيڪار ٿين ٿا. دنيا ۾ ”ماسواءِ“ جو خيال نه ٿو رهي، تڏهن حقيقي محبوب انسان جي دل ۾ ديرو ڪري ٿو. پر جي هڪوار اکيون کليون ۽ جسماني عالم جي سار ٿي، ته اهو محبوب گم ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڪيتريون به هٿوراڙيون پاءِ، ۽ واجهه وجهه ته اهو هٿ نه ايندو. تصور جي حالت ۾ ائين آهي جو ذات پاڪ جو پرتوو دل تي پوي ٿو: +سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءُ ٿيا +هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هنيڙي جاڙ وڌامِ. +افسوس جو زماني جي خوردبرد هن اعليٰ هستيءَ جي ڪلام جا جوهر اسان جي نظر کان ڇپائي ڇڏيا. فقط ڪتيءَ جي تارن وانگر ست موتي داڻا موجود آهن، جي سنڌڙيءَ مائي جي سهڻي ڳچيءَ ۾ سونهن. جيڪڏهن وڌيڪ ڪلام موجود هجي ها ته هن بزرگ هستيءَ جو سڀني طرفن کان اڀياس ڪجي ها. اهو به جس آهي شاه ڪريم کي، جو پنهنجي مقولن سان گڏ قاضي قاضن جي قولن کي برقرار رکيو اٿس، نه ته اهي ست موتي به گم ٿي وڃن ها. +_____ +شاه ڪريم - شريعت ۽ طريقت جو روشن تارو[2] +شريعت جي شمس جو شعاع، طريقت جي تار جو تارو، حقيقت جي حال کان واقف ۽ معرفت جي مهراڻ جو غواص، خدا جو خاصو دوست سيّد عبدالڪريم، متعلوي (مٽيارين) جي مشهور شهر ۾ سن 944هه شعبان مهيني جي 20 تاريخ مطابق 20 جنوري 1538ع ۾ ڄائو هو. +متعلوي ساداتن جا ابا ڏاڏا اصل هرات جا ويٺل هئا. انهن مان هڪڙو امير سيد حيدر نالي پنهنجي والد بزرگوار سان گڏجي امير تيمور جي رڪاب ۾ هندستان ۾ آيو، پر ستت ئي کانئس موڪلائي، گهمندو ڦرندو هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) ۾ اچي پهتو، اتي هالا ذات جي ماڻهن سان هن گهڻا ڀلائي جا پير ڀريا جنهن ڪري سندن پرئي مڙس شاه محمّد نالي پنهنجي سيلوان نياڻي بيبي فاطمہ کيس شادي ڪري ڏني. سيد حيدر هالا ڪنڊيءَ ۾ سال ڏيڍ مس رهيو ته کيس سندس والد جي وفات جي خبر پيئي، ۽ هرات هليو ويو، جتي ٽن سالن بعد لاڏاڻو ڪيائين. سندس پرپٺ کيس فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو سيّد مير علي رکيائون. شاه ڪريم سندس پنجينءَ پيڙهي مان هو. +شاه ڪريم اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد ميان لعل محمد وفات ڪئي، جنهن ڪري پدري پيار کان محروم رهيو. سنديس پرگهور سنديس والده ماجده ۽ مربي ڀاءُ سيد جلال ڪندا رهيا. جڏهن پنجن ڇهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس مڪتب ۾ موڪليائون، جتي هڻي ڌڻي ٻه سيپارا ڪلام الله جا پڙهيو. شاه ڪريم خود پنهنجي مڪتبي زندگيءَ جو احوال هن ريت ڏنو آهي: ”ننڍپڻ جي زماني ۾ آخوند مون کي ٻين کٿابين سان گڏ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. مون کي توڙي ٻين کي حرف ڏيئي ڇڏيندو هو ته واٽ تي ياد ڪندا وڃو. جڏهن جهنگ ۾ ويندا هئاسون، تڏهن ٻيا سڀيئي سبق ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا، مگر مان رڳو الله جو نالو پيو اوريندو هوس. موٽڻ مهل ٻيا کٿابي پنهنجا سبق سُڻائي هليا ويندا هئا پر مون کي اکر به ياد ڪونه هوندو هو. مون کي پڙهائڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيائون، پر ڪجهه نه وريو.“ +انهيءَ مان پڌرو آهي ته شاه ڪريم جي دل ننڍي هوندي کان وٺي مولا ڏي مائل هوندي هئي. مڪتب کان نٽائي وڃي سماع جي حلقن ۾ داخل ٿيندو هو. جنهن تان پنهنجي وڏي ڀاءُ هٿان مار به کاڌي هئائين. بعضي وري وعظ ۽ نصيحت جي حلقن ۾ وڃي حاضر ٿيندو هو. هڪ دفعي مخدوم ضياءَ الدين صاحب رحمت الله عليہ، جو ان زماني جو عارف ۽ عالم هو، وعظ پئي ڪيو. شاه ڪريم اڃا صغير هو، تنهن به ڪنڊ ۾ ويهي ڪن لائي وعظ ويٺي ٻڌو. جڏهن وعظ ختم ٿيڻ بعد شاه ڪريم اُٿي گهر ڏي هلڻ لڳو، تڏهن مخدوم صاحب جي سندس پٺ تي نظر پئجي ويئي. ڏسڻ شرط فرمايائين: سبحان الله، هي نينگر هاڻي ئي مهتر ��ضر عليہ السلام سان هم صحبت آهي، جيڪڏهن جواني ۾ کيس ڏسان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي! اهڙا اهڃاڻ ڏسي سيد جلال ننڍڙي ڪريم کي ڪجهه به نه چوندو هو؛ ويتر جو ماڻس خبر ڏنيس ته شاه ڪريم جي ولادت جي پاڻ سڳورن بشارت ڏني هئي، ۽ ننڍڙيئي هوندي پاڻ پاڪن پنهنجن مبارڪ لبن جي پڪ سندس وات ۾ وڌي هئي، ۽ مٿس اهو نالو ڌريو هئائين، سو سمجهائين ته سندس ڀاءُ وڏي هوندي ڪرامت جو صاحب ۽ وڏي مرتبي وارو ٿيندو. انهي ڪري هميشہ سنديس راءِ رضا تي هلندو هو. ۽ جيسين جيئرو هو، تيسين مٿس عيال جو بار نه رکيائين. شاه ڪريم سارو فراغت جو وقت درويشن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. +جڏهن سيد جلال هن دنيا مان چالاڻو ڪيو، تڏهن شاه ڪريم کي رسول الله صلعم جي طرفان امر ٿيو ته هاڻي ڀاءُ وانگر عيال جي خدمت ڪر. تڏهن ضرورت سمجهي گذران خاطر پورهيو ڪرڻ لڳو. بيان العارفين ۾ ذڪر آهي ته ”اوائلي ڄمار ۾ حضرت پير پنهنجي والده شريف جي ٽهل ٽڪور ڪندا هئا. پورهئي سانگي ٻين مزورن سان گڏجي ويندا هئا. جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندا هئا. قوالي خوب چوندا هئا. ۽ سنڌي بيتن چوڻ ۾ پنهنجي خوش الحانيءَ سببان مشهور معروف هئا. مزور جڏهن اهي بيت ٻڌندا هئا، تڏهن کيس منٿ ڪري چوندا هئا ته: يا حضرت! اوهين ويهي بيت ڳايو، اسين پاڻهين اوهان جي زمين جو حصو صاف ڪري وٺنداسون. حضرت جن انهن جو چوڻ وٺي ويهي بيت آلاپيندا هئا. مزور ڏاڍو ذوق ۽ حظ حاصل ڪندا هئا، ۽ ڪوڏر جي ڪم جي سرانجامي به پيا ڪندا هئا. ڏينهن پوري ٿيڻ تي سڀ مزور گڏجي حضرت جن جي پتيءَ جي ٽڪري کي ساعت ۾ صاف ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ حضرت جن بنان ڪنهن ڏاکڙي جي مزوري وٺي خوش ٿي گهر موٽيندا هئا.“ +شاهه ڪريم هميشہ ڇڙائي پسند ڪندڙ ۽ پرڻي کان ٽهندڙ هو. ۽ پنهنجن فقيرن کي پڻ نصيحت ڪندو هو ته متان شادي ڪندا آهيو. پاڻ به لاچاري حالت ۾ ساداتن جو ننگ رکي قبوليت ڏني هئائين. کيس پرڻي مان ڪا روحاني راحت ڪانه ايندي هئي، لاچار اها سنت پاڙي هئائين. +هڪڙي دفعي ڪنهن مريد جي نڪاح تي ويا ۽ واٽ تي هي ٻه بيت پڙهيائون: +جا تو گهيڙي گهٽ، ماڪرياڙي مڇڙا +اُن ڪُنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙيا پٽ. +_____ +ڏوران پسي ڏور، وئين جي وهرو ڪري +ماڪرياڙيءَ مڇڙا، هوند نه وڌين هور. +(يعني اي مڇڙا، توجا ڪنڍي گهٽ اندر گهيڙي آهي، تنهن ڪنڍيءَ ڪيترن ئي کي ٻاهر ڪڍي پٽ تي سٽيو آهي. جيڪڏهن پري کان ڏور کي ڏسي تڪڙو تڪڙو نڪري وڃين ها ته اي مڇڙا، ڪنڍي توکي اهري مامري ۾ نه وجهي ها.) +مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته شاه ڪريم کي ننڍي هوندي کان سماع ۽ راڳ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ فراغت جي وقت ۾ پڻ فقيرن سان محبت ونڊيندو هو. هميشہ اهڙا وجهه پيو ڳوليندو هو ته ڪو مرد خدا جو مليم، جنهن جي لهه لڳان، ۽ هدايت جي واٽ وٺان. انهيءَ تات طلب ۾ ڪيترائي ڏينهڙا لنگهي ويس. تان جو ڪنهن ڏينهن هڪڙو رمتو بزرگ سلطان ابراهيم نالي، اصل بهار جو ويٺل، شاه ڪريم جي ڳوٺ واري ءِوو واري مسجد ۾ اچي لٿو. هوُ ڌڻي جو ڌُئل ٻانهو ۽ الاهي اسرارن جو ڄاڻندڙ هو، ان کي ڏسنديئي شاه ڪريم جي دل ڏانهس کينچجي ويئي، ۽ ان جي قرب جي ڪڙيءَ ۾ قابو ٿي پيو. راتيان ڏينهان سندس خدمت ۾ لڳي ويو ۽ سندس حڪمن جي بجا آوريءَ واسطي ڪمرڪشي بيٺو. آخر انهيءَ ڪامل درويش دعا ڪيس ته ”ٿوري وقت ۾ پاڻهي تنهنجي دل ۾ خدا جي محبت جو مچ مچندو، ۽ تون گهڻو خوش رهندين.“ آخر پنهنجن رياضتن ڪري وڃي وڏيءَ روحاني منزل کي پهتو. +سندس صحبت زماني جي وڏن بزرگن، جهڙوڪ مخدوم نوح رحه، سيّد محمد يوسف بکري رحه ۽ مخدوم آدم سميجي رحه سان هئي. مخدوم نوح وٽان گهڻو ف��ض پرايائين، ۽ انهن جي ئي اشاري تي بلڙي جو شهر وسايائين، جتي سندس هزارين مريد ۽ معتقد ٿيا. +شاه ڪريم جي زندگي فقر ۽ فاقي ۾ گذري. صابر ۽ شاڪر اهڙا هوندا هئا، جو ڪڏهن به پنهنجي حال جي شڪايت نه ڪيائون. ڪو ويڻ چئي ويندو هون ته به ان کي ورائي نه چوندا هئا. ”الفقر فخري“ سندن شعار هوندو هو. نماز ۽ روزا ڪڏهن به هٿان نه ڇڏيائون ۽ شريعت جا سخت پابند هوندا هئا. جڏهن هن بي بقا جهان مان لاڏاڻو ڪيائون، تڏهن سندين عمر 88 ورهيه هئي. تاريخ 7 ذوالقعد 1032هه آچر رات مغرب نماز جي وقت سندن روح مبارڪ وڃي ربّ کي پهتو. +سندن مقبرو بلڙي جي شهر ۾ ملاڪاتيار جي ڀرسان درياه لڳ آهي، سڀڪنهن ماهون پهرئين سومر تي مٿس ميڙو لڳندو آهي. جتي مريد خادم ۽ مخلص جمع ٿي سماع ڪندا آهن. انهيءَ ڏينهن تي ڏاڍو مزو ٿيندو آهي، جدا جدا ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ گهڻو حظ حاصل ڪندا آهن. سندن روضو شاه لطيف جي ڪوشش سان جڙيو جو سندن ٻئي فرزند سيّد جمال جي پيڙهي مان آهي. +شاه ڪريم جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندن ملفوظات سنڌي ڪلام سميت ”بيان العارفين“ ۾ ڏنل آهن، جي سندن خاص مخلص مريد محمد رضا ٺٽويءَ فارسي زبان ۾ گڏ ڪيا، جو هن 1038هه ۾ جوڙي راس ڪيو اهو ڪتاب سن 1210 هجري تائين گمناميءَ جي گوشي ۾ هو؛ جو عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ کي هٿ آيو، جنهن ان کي 1213هه ڌاري سنڌي نظم ۾ آندو. اسي (80) ورهيه پوءِ مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم اورنگ پوٽي ان کي سنواري سڌاري ڇاپارايو. تنهن کان پوءِ وري 1904ع مرحوم شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ صاحب سڀيئي قلمي نسخا ڀيٽي هڪ ننڍو ڪتاب ”رساله ڪريميءَ“ جي نالي سان شايع ڪيو، ليڪن سنڌي بيتن ۾ تمام گهڻيون چڪون رهجي ويون هيون. تنهن کان پوءِ هن بندي سڀ بيت درست ڪري، خود رضا ۽ فقير ڌڻي پرتي وارا قلمي نسخا ۽ عبدالصمد وارو بمبئي ڇاپو ڀيٽي، زياده مفصل صورت ۾ 1937ع ڌاري ڇپائي پڌرا ڪيا ڪل 94 بيت آهن جن مان 92 ٻه تُڪا ۽ ٻه ٽي تڪا آهن. اگرچه اهي ٿورا آهن ۽ منجهن مضمونن جي گونا گوني ناهي، ته به سچ، سونهن ۽ ستوڳڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ سمايل آهن. پڙهندڙ کي گهڻو رس ۽ راحت ايندي. سارو ڪلام سريلو ۽ دل جهٻائيندڙ آهي. ڪيترا بيت ته اهڙا آهن، جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن ۽ انهي وقت جي سياڻپ جو آئينو آهن. گهڻا سلوڪ تصّوف تي آهن، جن ۾ عرفان ۽ ايقان جا موتي پوتل آهن. اهي پڻ ان وقت جي روحاني حالت جو چٽو نقشو ڏين ٿا. توحيد، وحدت در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال جا باريڪ نقطا نهايت خوبيءَ سان بيان ٿيل آهن. مطلب ته شاه ڪريم جا بيت قدامت جي لحاظ کان سنڌي نظمي ادب جو نهايت اهم حصو آهن جن کان سواءِ هوند سنديس اوائلي ماهيت جي پوري خبر نه پوي. ائين چوڻ درست ٿيندو ته شاه ڪريم سنڌي شعر جو ”وهائو تارو“ آهي. هاڻي اچو ته سندن ڪلام مان ڪجهه مزو پرايون. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، سپٽمبر 1950ع تان ورتل. +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1951ع تان ورتل. + + +(1) الله تعاليٰ هڪڙو آهي، اهوئي سچو اکر من اندر پيو بکجي: +تون چؤ الله هڪڙو، وائي ٻي مَ سک +سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک. +(2) خدا هر هنڌ حاضر آهي: +سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي +تيهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي. +(3) سڄڻ جي سنڀار کان هينئڙو نٿو ورچي! +ڌَڪين ڌات پئو، هينئڙو لوهه سنداڻ جينءَ +سنڀاري کي سڄڻن، ورچي تان نه وئو. +(4) پرين کي ملڻ لاءِ لوڪ جا سڀ لاڳاپا لاهڻ گهرجن. متيون ۽ عقل ميڙي ساڙي ڇڏجن. پاڻ وڃائڻ کان سواءِ دوست جو ديدار ميسّر نه ٿيندو: +چرين جينءَ چت ڪري، سَڱ سڀيئي ڇن +جي ڀائين پرينءَ مڙان، ته مت منهنجي ڳن. +______ +متيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وچ پؤ +جو تو سائر ڀانئيو، سو هرٻوئي ناهه. +______ +پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءِ لهه +تهان ڌار نه سپرين، منجهه منجهئين پاء. +______ +جي لياڪا لوڪ ڏون، جان سي نه لتاءِ +تان ٿيي نه ماءِ، پورو پسڻ پري سين. +______ +(5) ٻه گدرا هٿ نه ايندا: +ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪنين نه نيا پاڻ سين +سڪڻ سپيرين کي، لاڳاپو سين لوڪ +______ +قرب ۽ ڪبرياءُ، ماءِ ملاقي نه ٿيي +صوفيءَ جي صلح ۾، پورو اي پرياءُ. +______ +(6) ظاهري علم وڏو حجاب آهي: +ڪنز، قدوري، ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ +ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اڀ. +(7) سانده تلاش جي ضرورت آهي، نه ته محبوب ملي نه سگهندو: +منڌ مَ منہ ويہ، اُڀي اوسڙ اس ۾ +تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏوُر جنين جو ڏيهه. +_______ +تان ڪي ڳوري ڇل، جان لاڙائو سج ٿيو +هاڙهي ڌاري هل، وڃي هوتن جو ٿيو. +_______ +(8) معرفت جو ماڳ ملڻ اڻانگهو آهي، ان جي پروڙ به اڻ پروڙ جي برابر آهي: +آهي اهڃائو، پير پريان جو جيڏيون +جنين ساڃائو، تنين تان نه پروڙيو. +(9) خدا جي ذڪر کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٻڌڻ! +پريان سندي ڳالڙي، جيڪو ٻئي ڪري +مت منهنجي ڪن ڪر، تي کي جاب نه ڏي. +______ +سا ڪئو سا ئي ڪن، سپيريان جي ڳالڙي +هيڪڙيائي سکئا، ٻي نه اُڄهي تن. +(10) خلوت در انجمن: +هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ +کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ. +مطلب ته شاه ڪريم هڪ وڏو روحاني بزرگ ۽ طريقت جو صاحب هو. اگرچه گهڻو پڙهيل ڪين هو. تڏهن به سندس باطن کليل هو. وقت جا وڏا سياڻا ۽ عالم جڏهن شاه ڪريم جي مجلس ۾ شامل ٿيندا هئا، تڏهن هو سندس توحيد جا باريڪ نڪتا ۽ معنائون ٻڌي حيرت ۽ فڪر ۾ پئجي ويندا هئا. (رحمت الله) +______ +شيخ عبدالرحيم گرهوڙي[1] +شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، خواجہ محمد زمان صاحب لنواريءَ واري جو وڏو خليفو ۽ زماني جي وڏن جيّد عالمن مان ٿي گذريو آهي. آباء ۽ اجداد مڱريہ قوم جا، اصل راجپوتانا جا ويٺل هئا، جي زماني جي گردش ڪري لڏي اچي راڻيپور ۾ ويٺا. سندس والد بزرگوار جو نالو سعيدالله هو. سندس اوائلي زندگيءَ جي وڌيڪ خبر ڪانه ٿي پوي، رڳو هي معلوم آهي ته ننڍي هوندي کان وٺي کيس ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ رفتي رفتي ايتريقدر علمي تجربو حاصل ڪيو هئائين، جو انهي وقت ساريءَ سنڌ ۾، ٺٽي کان ويندي ملتان تائين جهڙس ڪو عالم ڪونه هو. مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو دسترس هوس جو ڪوبه مٿس غالب پئجي نه سگهندو هو. فقہ جي ڪتابن ۾ ايترو اعتبار نه هوس، ۽ هميشہ پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو. +اوائل ۾ خواجہ محمُّد زمان صاحب سان گهڻي ارادت ڪانه هوندي هيس. بلڪ سندس مريدن تان چٿرون ڪندو هو. هڪ دفعي واٽ ويندي ڪو درويش گڏيس جو خواجہ صاحب جن جي زيارت لاءِ لنواريءَ ڏي پئي ويو. تنهن سان ٺٺولي ڪري چيائين ته: پنهنجي پير کان پڇ ته معراج خاص پيغمبر صلي الله عليہ وسلم لاءِ هئي يا ٻين لاءِ به؟ درويش جڏهن لنواري پهتو، تڏهن خواجہ صاحب جن جي صحبت ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو جو شيخ عبدالرحيم جو نياپو ڏيڻ وسري ويس. جڏهن موٽڻ جو ايرادو ڪيائين، تڏهن خواجہ صاحب کيس پاڻمرادو فرمايو ته: شيخ عبدالرحيم کي چئج ته بغداد جي خليفي لاءِ هڪ پل اڏائي هئائون، جا اڃا تائين قائم آهي ۽ هرڪو مٿائنس پيو لنگهي. ساڳيءَ طرح عالم جي سردار لاءِ به گويا هڪ پل ٺهرائي ويئي، سا ڪا ڊهڻ جي نه آهي. البت ان تان لنگهڻ جو حق ۽ شرف رسول الله صلعم کي ئي هو، پر سلطان جي پٺيان ٻيا به پنهنجي شان ۽ رواج موافق لنگهي سگهن ٿا. +شيخ عبدالرحيم کي جڏهن هي جواب پهتو، تڏهن هڪدم لنواري هليو آيو. پهريائين ارادو ڪيائين ته ڏسان ته خواجہ صاحب ڪهڙي پاڻي ۾ آهي. ڇا، وٽن حقيقت ۽ معنيٰ آهي يا فقط اسم۽ رسم! خواجہ صاحب کائنس قرآني آيت ”ولطـُّور وکتاب مِّستور في رّقِ منشور والبيت العمور“ جي معنيٰ پڇي. شيخ عبدالرحيم ظاهري معنيٰ بلڪل سهڻي نموني ۾ ادا ڪئي. پر جڏهن خواجہ صاحب مٿس روحاني معنيٰ جا دروازا کوليا، تڏهن اکين تان انڌاريون لهي ويس ۽ هڪدم سندس مريد ٿيو. پوءِ بحث مباحثا ڇڏي وڃي عرشين لڳو. هڪڙيئي ملاقات ڍئي ڇڏيس ۽ وري سندين حياتيءَ ۾ لنواريءَ نه آيو. +جڏهن خواجہ محمد زمان صاحب وفات ڪئي ۽ خدشو هو ته متان سجاده نشيني تي رڳڙو ٿئي، تڏهن شيخ عبدالرحيم پهريون ئي شخص هو، جنهن سندس صغير فرزند خواجہ گل محمد جي بيعت ڪئي ۽ هڪ سڄو سال سندس ملازمت ۾ رهيو. تنهن کان پوءِ موڪلائي پنهنجي ڳوٺ گرهوڙ ۾ گذارڻ لڳو. اتي ڳچ وقت خلوت ۾ گذاريائين. بلڪل ٿورو کائيندو هو، ۽ ٻئي ٽئي ڏينهن مُسهل وٺي معدو خالي ڪندو هو. انهي مجاهدي ڪري اهڙو ضعيف ٿي ويو، جو بنهه هڏن جي مُٺِ وڃي بچيو. +شيخ عبدالرحيم کي جهاد اصغر جو هميشہ شوق رهندو هو ۽ شهادت جي تمنا هوندي هيُس، جتي ڪا بدعت ڏسندو هو، اتي ان جي پاڙ پٽيندو هو، گرهوڙ کان ٽيهه ڪوهه پري خيرپور رياست ۾ هڪ مهاديو جي مڙهي هئي، جتي هر قسم جون بڇڙايون ٿينديون هيون. سندس آرزو هوندي هئي ته انهيءَ بتخاني کي ڀڃي نابود ڪريان. هڪ لڱان لنواريءَ ڏي ويندي، ڪن واٽهڙن کان خبر پيس ته بتخانو اڳي کان به ابتر ٿي ويو اهي، يارن کي چيائين ته ”هلو ته هلي بتخانو ڊاهي ناس ڪريون“. پوءِ هڪ درويش کي لنواري روانو ڪري، ان جي هٿان خواجہ گل محمّد ڏي هيٺيون نياپو ڏياري موڪليائين: +جنهن ڪَنَ ٽوپايا ڪوڙ مان، تنهن کي ڪڄاڙو! +ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي. +خواجہ صاحب اهو سنيهو سڻي ڏاڍو افسوس ڪيو، ۽ چيائين ته شيخ صاحب پنهنجي پڄاڻي ڏٺي آهي. +پوءِ ته وٺي پڙهو گهمايائين ته: آهي ڪو غازي جو جهاد في سبيل الله ۾ ساه ڏئي؟ 72 ڄڻا سندس سڏ تي لبيڪ چئي اُٿي هليا. اول بت پرستن کي پنج شرط ڏنائين، جي انهن نه مڃيا ۽ اٽلندو جنگ جون تياريون ڪيائون. غازين به وٺي هلان ڪئي. مهاديو جو مهتت، رامڻ ٻروچ جي هڪ ئي گوليءَ سان ختم ٿي ويو ۽ سندس وڏو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي ويو. پوءِ اک ڇنڀ ۾ بتخانو ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائون. شيخ عبدالرحيم پاڻ نڪو هٿيار هلايو ۽ نڪو اجايو سجايو ڳالهايائين. بيهي ”اياڪ نعبد واياڪ نستعين“ جا نعرا هڻڻ لڳو. کيس ڪيترا ترارين ۽ نيزن جا گهاؤ لڳا. جن جي ڪري گهڙي کن ۾ دم ڏيئي شهادت جو پيالو پيتائين. اهڙو ته پنهنجي بدن کي رياضت ۾ پچائي ڇڏيو هئائين، جو چون ٿا منجهائنس رت جو هڪ ڦڙو به نه نڪتو. سندس لاش کڻائي اچي گرهوڙ ۾ دفن ڪيائون. +هي حادثو 1192هه (1778ع) ۾ ٿي گذريو. ان وقت شيخ صاحب جي عمر چاليهه سال هئي. گرهوڙي صاحب زماني جي عجائبن مان هو، رحمة الله رحمة واسعة. +شيخ عبدالرحيم جون تصنيفون +شيخ عبدالرحيم اصول ۽ فرع جو عالم هو ۽ پنهنجي وقت ۾ بي نظير هو. سندس تصنيفون فقہ توڙي سلوڪ ۾ حد ۽ حصر کان ٻاهر آهن. سندس ڪيترا ڪتاب مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه وقت، جا لڏپلاڻ ٿي هئي، تنهن ۾ گم ٿي ويا. انهن مان ڪيترا اڃا به موجود آهن. جهڙوڪ: +(1) فتح الفضل، جنهن ۾ حضرت خواجہ محمد زمان جا سنڌي مقولا،عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس. +(2) شرح ابيات سنڌي عربي ۾، جنهن جو هن ضعيف ترجمو شايع ڪيو آهي. +(3) مڪتوبات، جي پير ميان سعيد حسن وٽ موجود آهن. +ٻيا به ڪيترا ڪتاب شايد لنواري واري ڪتب خاني ۾ هجن پر افسوس جو اهو نفيس خزانو ماسَرف عليہ خواجہ احمد زمان ۽ سندس گادي نشين جي عجيب رويي ڪري مسدود ۽ ڪِينئن جو کاڄ ٿي رهيو آهي. شال ربّ تعاليٰ کيس چڱي مت ڏئي جو انهي قيمتي گنج جو قدر ڪن! +گرهوڙي صاحب جو سنڌي ڪلام هن ضعيف ترتيب ڏيئي رکيو آهي، اميد ته جلد ئي سنڌي ساهت جي سڄڻن جي اکين جو ٺار ٿيندو. ڪلام ناهي پر موتين جو ڀنڊار آهي، سمجهو ڪي سمجهن. هتي فقط سندس هڪ ڪلمي مان ڪجهه اختصار ٿو ڏجي: +اسم ساڻ الله جي سڀئي ٿوڪ ٿيا +خود خالق مخلوقن جو رهبر رحيما +صلاتون سرور اُتي، جو جوهر جهانا +آل احمد ٻيڙيون، يا رَسِ ڏيہَ ڏيا +ڪٿي عاشق ڪوڏيا، سالڪ سچارا +جي سدا شوق شفيع جي، پچن پروانا +وڏا طالع تن جا، جي سڪن سيّد لاءِ +پر سِڪڻ سڃاڻڻ ري، محض محالي آ. +ڪونه سڃاڻي ڪڏهين، هوت هيين ڌارا +سي ڪئن پسن سپرين، جنين قلب ستا! +سڻي صورت ظاهري، اَين آرا ما +اي سڀ سُهڻو سڄڻين، پاڻ پراهون آه +دار دنيا جو ڇڏي، لنگهه لقا پر ڏانہ +جتي جلوي شاه جي، سج چنڊ سِجهايا. +لقاپر +لالن لقاپر رهي، پڌر پاڇويا +اُهي ڏسن اُن کي، جي اُنَ ڏيهه ويا +دنيا دار نه دوس جو، نڪر تنهن نجهرا +ملڪ پسين محبوب جو، جت عيش نه عيشِ جها +مرض موران ناهِه ڪو قحط جاءِ نه ڪا. +سدا سارنگ ٿو وسي، نڪو وڻ ڪوماءِ +موت مُحالي اُتهين، وائي ويريءَ ناهِ +علم عطائي اُتهين، ڪينهن شڪ شبها +ڏک نه ٿئي ان ڏيهه ۾، سڀئي سَرها +سج ري سَهائو ٿئي، ڪپهه ري ڪپڙا +سڀڪي ميّسر سڀڪنهين، ويلي واٽ نه ڪا +وِجهل ان وطن جي، مون کي ماريو ماءِ +اٺئي پهر اداس ۾، ڳري ماه مٿاء +سجهيس سڪ ساڻيهه جي، ويتر پاڙيچا +جنين قرب ڪنڊن سين، مڃر ماڻڻ لاءِ +پلر پياڪُو سپرين، سانگي سَلَمَ جا +جهڄان جهوري تن جي، ڳلن سر ڳوڙها +وري پاڙي پريان ڪنہ پر مڙان ماءِ +ساريو سپيرين کي، ڦاٽان فراقا +موليٰ ميڙ غريب کي، مٺو محبوبا. +سچو ڪلام سرتاپا سونهن جو سَرُ آهي. گرهوڙي صاحب پهريون ئي سنڌي بزرگ آهي؛ جنهن جا سنڌي نثر ۾ مقولا موجود آهن، جي سنڌي نثر جو سونو ديباچو ٺاهين ٿا. هيٺيان ڏه مثال ڏجن ٿا: +(1) مال ڪهڙو پار؟ هِنيون هورنئا ٺلو. +(2) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن مينهڙو وسي. +(3) حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاڇڙا سجهن. +(4) ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جيئن بڇڙيون کاڄن. +(5) جيڪي ڪري، سو خدا. +(6) ڏيڻ انهيءَ جو ڪم، بندو ڪڄاڙو ڏيندو، بندو سگهوئي ورچي. +(7) بندو جائِي گندو. پاڻ پاڪ، بندو جهلڪ. +(8) کوڻي آگن وسن. +(9) لکيو پري پر نه ٽَري. +(10) سڀڪو پنهنجي ڪرم جي ڇٺي ٿو لوڙي. +------- +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، جون 1950ع تان ورتل. + + +ميين عيسيٰ جي تربت جي تلاش ۾[1] +پر سال شاه لطيف جي ورسيءَتي ميين عيسيٰ جي ڪلام ۽ زندگيءَ تي ڪجهه تبصرو ڪيو هوم، ۽ ٻڌايو هوم ته هي بزرگ به شاه صاحب جي وڏن معاصرن مان آهي، بلڪ انهن هستين مان آهي، جن شاه جي بزرگيءَ جي پيشن گوئي ڪئي هئي. ڪلام جي وڌيڪ ڦولها ڪندي، معلوم ٿيو آهي ته هي بزرگ 12 صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي ۽ جيڪڏهن سنديس وڏي عمر حساب ۾ آڻجي، ته ڏسبو ته هن پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني 11 صدي جي آخر ۽ 12 صدي جي اوائل ۾ نباهي. ص 170 تي زماني جي انقلاب جو ذڪر ڪندي، قحط الرجال تي افسوس ۽ ارمان ڪيو اٿس: +ادب، استادي، مٽي مائٽي، دل دوستي هئي +منجهه هزارا +ڪ ڪ ڪارهن سن ۾ هئي سندين پچارا +ڏني اِن ڳالهين، منجهه ٻارهن ٻاتاڙا +تڏهن جهڙا اچن ڏينهڙا، گذارجن تهڙا +جهڙو ورندو واءُ ڏسين، ڏي تون پُٺِ تيڏاه. +پنهنجي ٽيہ اکري جي ”ر“ واري اکر ۾، ماڻهن جي لاغرضائي ۽ بيپروائي جو ذڪر ڪيو اٿس، چي: اڄ ماٺ ڪرڻ موچاري آهي، نه ته ماڻهو وڏي وڪر ۾ پئجي ويندو: +تنهان ماٺ موچاي هن ڏينهين، گهڻو آه سکر +ڪين ڪُڇجي ڪو ذرو، منجهه حال هن هيڪر +اوءِ سي ڪامل ڪئان لهان جنين ڪنہ نه ڪر +جي ڪلمو چون ڪوڏ منجهان، سدا ٿيا سڳر +اڄ سنڌيون جوڙڻ، قصا ڪرڻ، اِي مون ۾ جهل اثر +جو هوم نڪ، ڪِ ناس پتو، ته پيس پنهنجي ۾ گوندر: +بهرحال يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هن بزرگ ڪڏهن وفات ڪئي. پنهنجي ڪلام ۾ هيٺين سنڌي بزرگن ڏي اشارو ڪيو اٿس: (1) مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم نوح جو معاصر (2) مخدوم نوح رحه، وفات 998هه (3) سيد عبدالڪريم رحه، وفات 1032هه (4) مخدوم محمد حيات سنڌي رحه، وفات 1163هه (5) مييون عبدالباسط پٽ ميِيون پير محمد هالائي، سندس همعصر. +سندس بياني طرز مان ائين پيو لکائجي ته ڄڻ مخدوم محمد حيات دنيا مان لڏي ويو آهي. ۽ ميون عبدالباسط حال حيات آهي. انهيءَ مان پڌروآهي ته مييون عيسو 1163هه کان پوءِ گهڻو وقت جيئرو رهيو آهي. شاه لطيف جنهن 1165هه ۾ وفات ڪئي آهي، تنهن جو ڪٿي به نالو نه آندو اٿس: گويا شاه لطيف انهيءَ عرصي تائين ايتري قدر شهرت حاصل نه ڪئي ۽ نڪي ڪي لطيفي لات ايتري قدر ماڻهن جي وات هئي. اگرچه مجيد شاعر۽ ٻين ڪن اڳين گمنام شاعرن جا بيت انشاء ڪيا اٿس. عجب جي ڳالهه آهي جو شاه لطيف جو ڪوبه بيت تضمين طور ڪم نه آندو اٿس. پاڻان سندس ٻه ٽي بيت شاه جي رسالي ۾ اچي ويا آهن ۽ خود شاه صاحب سندس ڪيترن ئي بيتن جو تتبع ڪيو ٿو ڏسجي. جيڪڏهن هيءَ روايت صحيح آهي ته هن شاه صاحب کي ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ دعا ڪئي هئي ته ان مان هي انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته مييون عيسو ان وقت چڱي عمر جو هو ۽ سنديس علميت ۽ بزرگي تسليم شده هئي. ابواب سلوڪ جي پنجاهين صفحي لکندي، جتي تقريباً سندس ڪلام جون ٻه پتيون پوريون ٿين ٿيون، سنديس عمر 88 ورهيه آهي، جيئن هيٺين سٽن مان ظاهر آهي: +سطاءِ سڪ محبت سندي ڳالهڙي، سالڪ سڳورا +مانَ سڻي ڪا سڌ ٿئي، هن عيسيٰ ڪو اثرا +جنہ وڃائي ويسري، ڄاڻي ڄمارا +محبت سندي ميٺ جي، پيئيس نه پروڙا +هنهين لاف هڻندي لنگهيا، اٺاسي عمر جا ڏينهڙا. +اهڙي بزرگ جي مزار ڏسڻ جي گهڻي وقت کان اُڪير هيم. آخر تاريخ 19 آڪٽوبر 1951ع جو اٽڪل 9 بجي ڌاري عزيزم مسٽر الله بخش نظاماڻي سان جيپ ۾ چڙهي، ملاڪاتيار جي ڀرسان کوکرن جي ڳوٺ طرف روانو ٿيس. مسٽر الله بخش ٽالپر هڪ ڏينهن اڳيئي تڪليف وٺي ڳوٺ جي وڏڙن، جهڙوڪ حافظ احمد ولد حافظ عمر ميمڻ ۽ حافظ احمد ولد حافظ محمد بچل سانگائي ميمڻ جي مدد سان قبر جي تشخيص ڪري ڇڏي هئي، جا صدين کان خدا جي ٻانهن جي زيارت گاه ٿي رهي آهي. کٿڙ جي اسٽيشن کان رستو ٽکڙ شريف يا وسي ملوڪ شاه ڏانهن لڙي ٿو. اگرچه سنواريل ناهي ته به بسين ۽ بيل گاڏين جي اچ وڃ ڪري، اهو ٽاڪرو رستو پڪي جهڙو ٿي پيو آهي، ۽ کيس انجنيري کاتن جي انگلن ۽ آرن جي ضرورت ڪانهي. اڳتي ته هن موسم ۾ چؤڌاري ساوڪ لڳي پيئي هوندي هئي. پر هن سال پاڻي جي اڻاٺ ۽ مينهن جي ماٺائيءَ ڪري، سڄو ملڪ ڀڙڀانگ لڳوپيو هو. رڳو ٽکڙ جي اوريان درياه جو نظارو ڪي قدر وڻندڙ هو. واٽ تي حضرت مرشدنا خواجہ عبدالرحمان سرهندي قدس سره (1244، 1355هه) ۽ سندس فرزند حضرت خواجه حسن جان نورالله جي مقبري جي ورهين کان پوءِ زيارت نصيب ٿي. احاطي، جي ٻاهران هڪ تجر هيٺان عزيزي محترم سيّد ميران محمد شاه جي ٻن جگر گوشن نياڻيءَ ۽ سڪيلڌي فرزند قبول محمد شاه جي آرام گاه تي قلّ پڙهي ختمو بخشيو ويو. اتي پنهنجي آخري آرام گاه لاءِ پڻ خالي جاءِ ڇڏي ڏني اٿس. رب تعاليٰ کيس شل ڏينهن ڏئي! بي اختيار سعدي جو قطعو دل تي تري آيم: +بس نامور کہ زير زمين دفن کرده اند +کز هستيش بروي زمين بر نشان نماند +آن پير لاشہ را کہ سپرند زير خاک +خاکش چنان بخورد کز و استخوان نماند +زنده است نام فرخ نوشيروان بخير +گر چه بس گذشت که نوشيروان نماند +خيري کن اي فلان وغنيمت شمار عمر +زان بيشتر کہ بانگ برآيد فلان نماند. +خواجه عبدالرحمان صاحب نقشبندي زماني جو قطب ٿي گذريو آهي. سندس ڪرامتن جون ڳالهيون مون پنهنجي والد مرحوم کان ٻڌيون جو سندن مريد هو. هڪ دفعو ٽلٽيءَ جي ڀرسان شاه بخاري جي مقبري تي زيارت لاءِ ويا هئا، وچينءَ جو وقت هو. جيئن وضو ٿي ساريائون تيئن پنهنجو پاڻيءَ ڀريل ڪؤنرو کڻي، اوچتو ڀر واري وڻ جي ٿڙ کي هنيائون. حاضرينن کانئن ان جو سبب پڇيو، جنهن تي فرمايائون ته: اسان جو فلاڻو مريد سڪرات جي سختيءَ ۾ پاڻي گهري رهيو هو، تنهن کي شيطان پيشاب جو پيالو ڀري ٿي ڏنو. ٺڪرين لڳڻ تي شيطان ڀڄي ويو ۽ ڪونري جي پاڻيءَ وڃي سنديس نڙي آلي ڪئي پڇا تي معلوم ٿيو ته برابر ائين هو. ٻئي ڀيري قلندر لعل شهباز عليہ رحمت جي روضي مبارڪ تي زيارت لاءِ ويا ته هڪ ڪڃري بيٺي ناچ ڪيو ۽ خواجہ حافظ شيرازي جو هي غزل پئي ڳايائين: +دل ميرود زد ستم صاحبدلان خدارا +دردا کہ رازپتهان خواهد شد آشڪارا. +جڏهن هن بيت تي پهتي: +در کوئي نيڪ نامي مارا گذر ندادند +گر تو نمي پسندي تفير ڪن قضارا. +تڏهين خواجہ صاحب جن آڱر جو اشارو ڪيو ته ڪڃري غش ٿي ڪري پيئي ۽ سامت ۾ اچڻ بعد توبہ تائب ٿي، پنهنجو گندو پيشو ڇڏي ڏنائين ۽ باقي زندگي شرافت ۽ پاڪ دامني سان گذاريائين. حافظ احمد ولد حافظ محمد بچل وري ڳالهه ڪئي ته پهريائين ٽکڙ شريف ۾ سڪونت پذير ٿيا هئا، ۽ موجوده دفن واري جاءِ به پنهنجي جيئري چونڊي هئائون. ڪنهن مدت کان پوءِ درياه اچي ٽکڙ کي پائڻ لڳو، ۽ سڀ ماڻهو ششدر ٿي هيڏان هوڏان ڀڄڻ لڳا، تڏهن سيّد غلام نبي شاه (؟) کين عرض ڪيو ته: قبلا، ڌڻي جي درگاه مان دعا گهرو ته هيءَ مصيبت دور ٿئي. تنهن تي پاڻ پائيندڙ درياه جي ڪپ تي، ٽي ڏينهن سانده مصلو وڇائي سجدي ۾ پيا هئا. آخر سندين التجا قبول ٿي ۽ درياه پٽا ڏئي پوئتي ٽري ويو، اڄ تائين ٽکڙ جي ويجهو نه آيو آهي. اهڙا هئا قرب ۽ ڪرامت جا صاحب. +اوليا را هست قدرت از الله +تير جستہ باز گردانند زراه +مرکہ‎ خواهد هم نشيني باخدا +گو نشند در حضور، اوليا +ناز خندان باغ را خندا کند +صحبت مردانت از مردان کند +گر تو سنگ صخره اي مر مر شوي +چون بصاحب دل رسي گوهر شوي. +ان کان پوءِ ٽکڙ ڏي وڌياسين، جتي مرحوم حافظ عبدالله ”بسمل“ جي فرزندن جي زناني مڪتب ۾ قدري آرام ورتوسون. سيّدن سڳورن توڙي حافظن پنهنجا ڀال ڀلايا ۽ مهماني جا شرط خوب بجا آندائون، مسٽر الله بخش ٽالپر اتي اڳيئي اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو، ۽ جناب مرحوم قاضي سيّد اسدالله شاه صاحب ۽ جناب مرحوم حافظ ”بسمل“ جا ڪتاب اتي معائني لاءِ آڻي رکايا هئائين. افسوس جو شاه صاحب جي وسيع لائبريري اڏيهيءَ جو کاڄ ٿي ويئي ۽ منجهس رڳو شاهه صاحب جا تصنيف ٿيل ڪتاب به موجود ڪونه هئا. ٿورڙا ڪتاب حديث ۽ تفسير تي هئا، جن سان منهنجي گهڻي دلچسپي ڪانه هئي، باقي جناب مرحوم حافظ عبدالله ”بسمل“ جا ڪتاب گهڻي تعداد ۾ سلامت هئا. فارسي شاعرن جا ڪيترا اهڙا ديوان، مثنويون ۽ ڪليات موجودهئا، جي هاڻي عام طرح مشڪل ملي سگهن. ازانسواءِ هڪ نسخو ”خزانہ عامره“ ۽ ”حاجي بابا اصفهانيءَ“ جو موجود هو. مون رڳو ننديرام وارو ”تاريخ معصوميءَ“ جو سنڌي ترجمو ۽ ”مختارنامو“ تصنيف مرحوم مير حسن علي خان جو پاڻ لاءِ چونڊيا ۽ اهي مرحوم جي فرزند مون کي سوغات طور بخش ڪري ڏ��ا. وٽن جناب حافظ هارون جو ڪيتروئي ڪلام انتشاري حالت ۾ موجود هو، جنهن ڪٺي ڪرڻ لاءِ کين استدعا ڪئي ويئي. ڳالهين ڪندي وٽانئن خبر پيئي ته ڪشنچند ليکراج ”عزيز“ جي سموري ڪليات جناب حافظ ”بسمل“ صاحب جي تصنيف ٿيل آهي. +اي غريبي! حيف آهي توتي جو هڪ اديب مفلسي۽ مسڪيني سببان تنگ ٿي پنهنجي جگر جو ولوڙيل رت، ٿورن پئسن تي ٻين کي وڪڻي ڏئي! ۽ حيف آهي اهڙن خريدارن تي جو اهڙن اَتيتن جي محنت جو رڳو سکڻن اکرن ۾ اعتراف به نه ڪن. سچ چيو آهي پياري رسول (فداه ابي و امي) ”الفقرءَ سواد الوجہ في الدارين.“ يعني سڃائي ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارائي آهي. +”ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.“ +ڳچ وقت اتي ترسي ملاڪاتيارن ڏي اُسهياسين، جتي ڊاڪ بنگلي ۾ هٿ منهن ڌوئي سڌو کوکرن ڏي روانا ٿياسين ۽ آخوند ميين عيسيٰ جي قبر جي زيارت ڪئي سين. اها قبر خير واه ۽ درياه جي بند جي آڙ ۾ آهي. هڪ پٿرن جو ڍير آهي جنهن سان بزرگ جي ٻين عزيزن جون ٻه ٽي قبرون گڏجي مٽجي وييون آهن. رڳو هڪ پنڊ پٿر ميين عيسيٰ جي مزار جا پار ڏئي ٿو، جو جهولن جي جهڙپن ۽ مينهن جي وسڪارن ۽ اُسن جي اولاڪن ڪري زبون ٿي ويو آهي. قبرن جي چوڌاري هڪ چوکنڊي هئي، جنهن جو ورهين کان نالو نشان گم آهي. +سمنڊ جي سيني اندر آهن سمايل ڪيترا +لؤلؤ و ياقوت ۽ مرجان جواهر بيشمار +ڪيترائي ورد ۽ نسرين و نرگس نسترن +ٿا ڄمن صحرا اندر ڪونهي سندن ڪوئي وقار. +هو ميون عيسو به هڪ سنبل ساريءَ سنڌ جو +عطر جنهن جو ٻن صدين کان ٿيو هويدا آشڪار. +ڳوٺ ننڍي ۾ گذاري ربّ کي واصل ٿيو +لاءِ اسان جي دائما پويان ڇڏيائين شاهڪار +هر مبشر شاه جو ۽ قادري مشرب سندس +ليڪ نغمي راڳ کان هئڙو بري ۽ عاردار. +قائم شريعت تي سدائين پڻ طريقت ۾ تمام +مصطفيٰ جي حب ۾ مخمور هئڙو تار تار. +ٿي اڏايائين ڪبوتر ڪوڏ مان يثرب طرف +۽ مکيائين سان سراهيءَ پَر تنين جا برق وار. +ٿو گهري ”عاصي“ عمر رب کان دعا هر روزشب +شل وسي تنهن تي هميشہ ابر رحمت بار بار. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، جنوري 1952ع ورتل + + +رحمت الله رحمت واسعة. ارادو اٿم ته بزرگ جي مزار جي نئين سر تعمير ڪرائي مٿانئس ڇٽي ۽ چوڌاري پڪي ديوار کڻائي ۽ سندس لوڙهه تي سنگمرمر جو لوه کڙو ڪري، سنديس يادگار قائم ڪجي، والله ولي التوافيق واليہ حسن الماب. +آخر دلي رقت ۽ احساس مان ميان عيسيٰ کان موڪلائي خليفي لقمان جي پوين جي اوطاق ۾ لمحو کن ويٺاسين. اتان هڪ ”سيّد رشيدالدين“ جو ڇپيل پر ناقص ڪلام هٿ آيو. شايد اهو شاعر جهنڊي وارن بزرگن مان آهي. پوءِ خليفي لقمان کي ختمو بخشي، ملاڪاتيارن مان ماني کائي، قدري آرام ڪري، ظهر عصر جي نماز پڙهي سيدپور ڏي وڌياسين. سيدن مان ڪابه پهر حاضر نه هئي. سيّد قبول محمد شاه جنهن وٽ وڏن جو ڪتابي خزانو اڃا محفوظ آهي؛ سو ٻن ٽن مهنن کان گذاري ويو هو. ڏينهن به اچي لاڙائو ٿيو هو، جو رفاعي بزرگن جي خلف صالح ميان غلام محي الدين سان چارچشمي ٿي. بزرگ پنهنجو مستند خانداني شجرو ۽ مغلن کان مليل پروانو ڏيکاريو، ۽ انهن سان گڏ هڪ نهايت نفيس ۽ لاثاني حمائل، پنهنجي والد بزرگوار جو ڪلام ۽ ٻين خاندانن جي بزرگن جون تصنيفون ڏيکاريون. ضمناَ چيائون ته سندن والد بزرگوار جو سهڻن اکرن ۾ لکيل ”ديوان_گل“ جو نسخو ڪيترن ورهين کان خان بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ وٺي ويو آهي. بزرگ واعدو فرمايو ته جيڪڏهن ٻيو ڀيرو ايندا ته ساري ڪتب خاني جو ديدار ڪرائيندس، اتي وچين ويلا ڪري چڪي هئي ۽ آفتاب عالمتاب غروب ٿيڻ تي هو جو بزرگ رفاعيءَ کان موڪلائي، ٽنڊي محمد خان جي رستي، چِرڪو حيدرآباد پهتاسين. +______ +بيڪس: سنڌ جو مشهور شاعر[1] +”بيڪس“ جو اصل نالو محمد محسن هو، پر پنهنجي تخلص واري نالي سان مشهور آهي. هو سنه 1859ع ڌاري روهڙيءَ جي قديم شهر ۾ ڄائو هو ۽ سنڌ جي مشهور شاعر فقير عبدالقادر عرف قادر بخش ”بيدل“ جو وڏو فرزند هو. بيدل خود پنهنجي پنهنجي وقت جو وڏو عالم عابد ۽ زاهد ٿي گذريو آهي جو مجازي ۾ مخمور ۽ حقيقي سان معمور هو. شايد درازي فقيرن وٽان حسن پرستيءَ جي ڪِنار هِردي اندر چڀي هيس ۽ آخر عمر تائين انهيءَ حسن بازار جو هوڪو ڏيندڙ ٿي رهيو، مگر چون ٿا ته سندس اخلاق جو دامن ڪڏهن به مجاز جي مَوَ کان ملّوث نه ٿيو، ليڪن ڳڀرن سان نينهن لڳائڻ ۽ انهن جي صورت پچائڻ صوفي سڳورن ۽ روحاني بزرگن وٽ مذموم آهي. +پيءُ جي وفات وقت بيڪس جي عمر فقط تيرهن سال هئي ۽ اهو سندس ”عشق جو آغاز“ هو، جيئن پنهنجي والد بزر گوار جي مرڻ تي هڪ غزل ۾ اظهار ڪيو اٿس: +بيدل مرشد منهنجو، سائين غريب نواز هو +بيڪس خادم دَرَ جي کي، عشق جو آغاز هو. +اڃا ٻاويهن ورهين جو مس ٿيو ته اجل اچي اڳ ورتس. چئي نٿو سگهجي ته پاڻ عشق جي ڪهڙي منزل تي هو، بهرحال پيءُ وانگر ”عاشق“ مان ڦري ”عاشق عارف“ ٿي پيو هو، نڪي وري پيءُ جيان عابد ۽ زاهد هو. سينڌ سرمي ۽ سينگار جو ڏاڍو شوق هوندوهوس ۽ پوشاڪ به سهڻي پهريندو هو. نهايت خوش طبع ۽ عاشق مزاج هو. سندس شعر مان پروڙ پوي ٿي ته سڪ جو ساءُ خوب چکيو هئائين، ۽ سُڌ هيس ته ڀڳل دل ڇا کي چئبو آهي. +سندس ڪلام اگرچه اهڙو سُپَڪُ ناهي، تڏهن به منجهانئس بره جا ڀنڀٽ ۽ ”آزر جا انواع“ ڀڙڪو کايو اُڀرن ٿا. ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيائين. شايد اڳتي هلي وڌيڪ گل ڪڍي ها. کيس سنڌي ادب جي بانين ۾ شمار ڪرڻ مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪو شعر سازيءَ ۾ نئون طريقو اختيار ڪونه ڪيائين، قدري بيت ۽ ڪافيون آهن، جن مان بوءِ بهار جي اچي ٿي، نه ته منجهس ڪنهن جو قسم جو تنّوع ۽ گونا گوني ڪانهي. +هن وقت منهنجي اڳيان سندس سمورو ڪلام موجود ناهي، جو مٿس تفصيلوار تبصرو ڪجي. ننڍي هوندي کان سندس ڪي بيت ۽ ڪافيون گوش زد اٿم، جي نموني طور پڙهندڙن جي اڳيان عرض رکان ٿو. ڏسندئو ته ڪيئن نه مجاز جا مچ منجهانئس ڄڀي ڪڍي ٻاهر نڪرن ٿا: +(الف) ابيات: سڪ ۽ سور +(1) +آهون ۽ دانهون، ويچاريءَ وڏيون ڪيون +وٺيو گس گوندر جا، ڀڳائين ٻانهون +پنهون آڳاهون، سڏ نه سڻي مئي جا. +(2) +ڪيچ نه ٻجهي ڪوڪ، ويچاري جو وس ويو +ڦوڙائو فقير کي، پنهون ڪاڻ ٻيو +لهي ڏينهن ويو، مٺيءَ کي ماتام ۾. +(3) +هِئن نه لائق هوءِ، مارڻ مسڪينن کي +ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ +هِيئن نه گهربو هوءِ، جو بيڪس کي بيران ڪَيئِي. +(ب) اباڻي اڪير +اباڻن جي اڪير، راتيون ڏينهن ٿي رُئان. +1. آءٌ هت ماندي تن مارن ري، کليو پين هو کير، +ساه سنگهارن ساري +2. قسمت واري ڪوٽ مان ڪڍ تون، عمر ڄام امير +ڳاراڻو ٿو ڳاري +3. اباڻن جي آسري، لوئي ٿيڙم لِيڙَ، +پَتِ پنهور جي پاري +4. ”بيڪس“ وَسُ ناهي ويڙهيچن، توڙئون هي تقدير، +ڪير لکئي کي ٽاري. +(ج) درد جي دانهن +ماريس وڇوڙي، ور تون جيءَ جا جيارا جلدي. +1. شب و روز انتظاري، ڪئي بره بي قراري +لک لک ڪريان ٿي زاري، دل جي دوا نه لڳندي، +2. ماري فراق آهيان، ڪو دم جيئري ناهيان +سڱ توسان ڪهڙو ساهيان، ٻانهي توسان هلندي +3. ڪُوڪان ڪريان پڪاريان، ٻاڏايان ٿي ٻاڪاريان +توکي اکڙين ۾ وهاريان، ڪنهن کي نه سور سلندي +4. ”بيڪس“ فقير جون دانهون، ٻڌندين الله لڳ آهون +ٻهڳڻ ڏيندين تون ٻانهون، ٻيا در پوءِ ڪيها رلندي +(د) هِنَ هُنَ کان وي��سين +هِنَ هُنَ ٻنهين کؤن وياسين، پُکي يار جي پياسين +هي بار درد غم دا، چمي سر اُتي چاياسين. +1. چُستي جي چوٽ هڻ تون، هستيءَ جي اوٽ ڀڃ تون +مستيءَ جي ڳوٽ کڻ تون، سوريءَ جي سرچڙهياسين +2. شب روز ڪرندي زاري، درياه دل ويچاري +سڙ ڳئي جندڙي ساري، ڪنهن انگ ۾ اڙياسين +3. بيڪس نه ڪنهن ۾ اڙندا، سڪندي سوليءَ تي چڙهندا +دم بدم هي سڳڙا دَر دا، هرگز نه ڪنهن جهلياسين +(هه) ڪڏهن ملندين راڻا؟ +ڪڏهن راضي ٿي ملندين راڻا؟ +1. ڪاڪ ڪوماڻي، ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا +2. خيال خاطر ٻيو ڪو ناهي، ڄاڻيون توکي ڄاڻا +3. هيئن وسارڻ ناهي لائق، سوڍا يار سياڻا +4. توريءَ ڪنهن سان ڪندي جاني! مُٺِي مومل ماڻا +5. ڇا کئون، راڻا، تون رسي وئين، سختيون سور سماڻا +”بيڪس“ ڇاهي تنهنجي دَرَ بن؟ وتن ولي وڪاڻا +(و) خوني خماريل اکيون +خوني خمارين چشما چُٽن ٿيون +ڏسڻ سان عاشق، ڪيئن ته ڪهن ٿيون. +1. اهي ناز پرور، نازڪ نماڻيون +عاشق ڪهڻ لاءِ، شايد ساماڻيون +تکا تير مڙگن جا بيشڪ هڻن ٿيون +2. ڏاڍي ناز واريون، نينهن نا نباهن +چيو من کي مرشد، سدا بيوفا آهن +زوران زور زوري، بانوريون چڙهن ٿيون +3. تکا تير مڙگن جا، ابرو ڪماني +سپر سينو منهنجو، هڻ ڀل تون جاني! +اهي ناز واريون، ڪڏهن نا مڙن ٿيون +4. اهي ڪن ٿيون سودو، سدائين سِر جو +ڏسي، طالبو! تن، ڪڏهن ڪين مڙجو +”بيڪس“ سان بازر ۾، امالڪ اَڙن ٿيون +(ز) آءُ ته پرچون +راز محرم! رُس مَ يار! آءُ پرچون پاڻ ۾. +1. ڪئن ڪَيئي جاني جدائي، ڇو ڪيئي مون سان بيوفائي، +نام مولا جي نهار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾. +2. حال واقف يار هردم، هُج هميشہ همقدم، +دم به هڪڙو ٿي نه ڌار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾. +3. هي رقيبن راه ماري، تن ۾ طلب تنهنجي تاري، +اکيون تنهنجو گل انار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾. +4. بيڪس بيوس ڇا ڪري، جو دم دم تو لءِ ٿو مري. +توتان صدقي وار وار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾. +(ح) پنهل جو اجهو +ڪونهي پنهل بنا ٻيو ڪو اجهو، جَت ڏير ڏئي ويا مئي کي ڏَجهو. +1. آءُ اوٺي الله لڳ، ڏس ڏي پنهل ويو ڪهڙي دڳ، +اُتي من هجي ڪو سنگتي سچو. +2. ڇوٿيون جهليو مون کي اديون، هر ڪا ڏسي پنهنجون مديون، +ڇو ٿيون اوهين روح ۾ رَجهو. +3. ڪُوڪان ڪيان ڪيهان گهڻيون، رندن مٿي +رئنديس رڙيون، +لڳو درد دلبر جو ڳجهو. +4. ننڊ ندوريءَ لاچار ڪيو، پنهنجي پنهل کان ڌار ڪيو، +هاڻي جبل جالڻ ٿيو جهجهو. +”بيڪس“ چوءِ هن بحر مؤن، ٽٻي ڏيٿي ڏس لهر مؤن، +اوهين عشق جي دامن ٻجهو. +(ط) صورت جو ساز +بنائي ساز صورت جو، عجب لِڪڙا لڪائين ٿو. +1. آئين آدم رکي نالو، ڪيو ڪيڏو تو ڪشالو، +چوري چشمن سندو چالو،عاشق معشوق ٺاهين ٿو. +2. صوفي منصور ڪئي سواري، سِري نيزي ٿِي هسواري، +بلاشاه مد هاڪاري، پنهنجن جا ڪنڌ ڪپائين ٿو. +3. روهڙيءَ ۾ رنگ ٿئي رلمل، چائي سر بار ٿئي بيدل، +حسن بازار ڪري حاصل، هاڻي ”بيڪس“ چوائين ٿو. +مان ڀايان ٿو ته کيس ”حسن بازار“ حاصل ٿي ۽ انهي جي ”در جو سگڙو“ ٿي عمر پوري ڪيائين. پر سال ويندي”بيدل“ ۽ ”بيڪس“ جي زيارت ڪيم. قبي ۾ ڪٽهڙي اندر ٽي قبرون آهن: وچين بيدل جي، اولاهين بيڪس جي ۽ اوڀارين فقير عبدالله آخوند جي. اِها راحت ۽ رقت جا شاه ڪريم، شاه عنايت ۽ شاه لطيف جي روضن اندر ايندي آهي، سا ڪانه آئي. ديوارن تي چوڌاري عاشق جيوڙن جون بيتن ۾ سُکائون لکيل نظر آيم، اندر ۾ کِلَ سانڍي ٻاهر نڪتس. شايد ٻين تي ٻي ڪيفيت طاري ٿيندي هجي، پر منهنجي روح کي ته ڪوبه ريلو نه آيو. شل هادي سڀني حفظ ۾ رکي! +_________ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، فبروري 1951ع تان ورتل. + + +شمس العلماء ميرزا قليچ بي��[1] +(سندس سوانح ۽ ڪلام تي نهايت مختصر تذڪرو) +سنڌي ادب جي آسمان جو هي چمڪندڙ ستارو، اسي (80) ورهين جي جلوه ۽ جوت بعد 3 جولاءِ 1929ع تي الوپ ٿي ويو. سندس وفات جي ڪري سنڌي ادب کي جو نقصان پهتو آهي، تنهن جي اڃا تلافي ٿي نه سگهي آهي ۽ نڪي سندس ڪو همسر اڃا تائين جاڳيو آهي. ناچيز سان خاص نينهن هوس. 1921ع ۾ جڏهن”ديارام ڄيٺمل ڪاليج“ ۾ سنڌي زبان تي خطاب ڏيڻ لاءِ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن بندي سندس شان ۾ هڪ فارسي قصيدو چيو هو، جو کيس نهايت پسند آيو هو، ۽ پاڻ سان کڻي ويو هو. خبر ناهي ته ان جو حشر ڇا ٿيو؟ پر مرحوم شمس العلماء جي ادبي هستي ۽ عاليشان شخصيت ان وقت کان وٺي جو اثر ڪيو، اهو اڃا تائين دل تان نه مٽيو آهي. جڏهن مان ولايت کان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آيس ۽ ”سنڌ مدرسةالالسلام“ جو مدير مقرر ٿيس، تڏهن خاص ڪري غريب وٽ قدم رنج فرما ٿيندو هو. سال ۾ هڪ ٻه دفعو، سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ جي ضمن ۾، جنهن جو آءٌ پڻ ٿاڦيل رڪن هوس، ساڻس مکا ميلو ٿيندو هو. هوُنءَ به سرڳواسي گربخشاڻيءَ سان هم دوش ٿي شاه جي رسالي تي عرق ريزيءَ جو کيس گهڻو قدر هوندو هو. سندس وفات حسرت آيات جي خبر جا بجا پکڙجي ويئي. بنده جي ڪَن تي پڻ غير وقت تي پيئي. آنجهاني گربخشاڻيءَ کي اطلاع ڏنم، سو ٻيئي ڄڻا گڏجي پهرين ويندڙ گاڏيءَ ۾ حيدرآباد پهتاسين ته مرحوم جو جنازو تيار ٿي ويو هو ۽ منهن ڏيکارڻ لاءِ ٻاهر آندو هئائون. گربخشاڻي صاحب اگرچه هڪ نيڪ انسان هو، ته به ظاهري هندو هئڻ ڪري کيس منهن ڏسڻ نه ڏنائون، جنهن جو کين گهڻو ارمان ٿيو، باقي مان سندس ديدار فرحت آثار کان مستفيض ٿيس. سندس چهرو مبارڪ بدرمنير وانگر پئي چمڪيو، ۽ گلاب جي گل وانگر پئي ٻهڪيو ۽ سندس پيشانيءَ مان نور ظاهر هو. سندس سونهاري جا سفيد وار سج جي سفيد ڪرڻن وانگر پئي جَرڪيا ۽ نرڪيا. پاڻ ائين سُتو پيو هو جيئن ڪو جيئرو جاڳندو انسان مٺيءَ ننڊ ۾ هجي. مطلب ته عجيب لقاء لڳو پيو هو. جيئن سندس زندگي پاڪ ۽ پوتر ٿي گذري، گلاب جي مکڙيءَ وانگي مک پيئي ٽڙيس ۽ هڪ عجيب مرڪ سندس وجود تي نمايان هئي. ماڻهو سندس فراق ۾ گريان و نالان هئا ۽ پاڻ خندان هو جيئن فارسي واري چيو آهي ته ”ڄمڻ وقت سڀ حاضرين کلندڙ هئا ۽ تو پئي رنو، ائين زندگي بسر ڪر جو مرڻ وقت تون کلندڙ هجين، ۽ چو گرد ماڻهو رئندڙ هجن“. ان بيت جو پاڻ هيئن ترجمو ڪيو اٿس: +رئندو آئين دنيا ۾، جڏهن تو ڪيو وطن +ٻيا سڀ ٿي کليا، هو خوش سندن جان وتن، +اڄ ره تون ائين، جوجي سڀاڻي تون وڃين +کلندو تون وڃين، ۽ ٻيا سڀيئي رئندا رهن. +اها حالت آهي ان شخص جي، جو ”نفس مطمئنہ“ جي منزل کي رسيو آهي. جنهن تي زندگي ۾ ربّ راضي ٿيو، جنهن لاءِ دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي سمان هيون. جيئريئي پاڻ لاءِ قبرستان ۾ تجر تيار ڪري ڇڏي هئائين، اڪثر اوقات مقام ۾ وڃي پنهنجي قبر ۾ سمهي رهندو هو، جتان بهشت جي بوءِ ايندي هيس. جڏهن لحد ۾ رکيائونس، تڏهن سامي اهڙي دل وڻندڙ سرد هئي، جو يقين ٿيو ته هي خدا جو مقبول ٻانهون، اندر ڌرڻ سان جنت ۾ داخل ٿيو. سبحان الله! شل سڀ جو مرڻ ائين ٿئي! +سندس پاڪيزه حياتي تي سندس فرزندن ۽ محمد صديق مسافر ڪتاب لکيا آهن. ان تي تبصرو ڪرڻ ۽ ان کي دوباره دهرائڻ عبث آهي. سڄي نصيحت آميز آهي. ٻڌندڙ ان کي تفصيل سان پروڙي سگهن ٿا، مختصر مضمون ۾ ڪيترو بيان ڪري سگهبو. کيس نوڪري پسند نه هئي ۽ هميشہ چاهيندو هو ته ادب جي خدمت ڪريان. جيڪا به فرصت ملندي هيس سا يا ته مطالعي ۾ گذاريندو هو، جو بلڪل وسيع هو، يا قلم فرسائي ۾. آخر وقت تائين ڪتاب لکندو رهيو. هڪ دفعي جڏهن کيس ملڻ ويو هوس، تڏهن اوطاق ۾ پنهنجي بي ٽيڪ ڪرسيءَ تي ويٺو هو، ۽ هڪ ساديءَ ميز تي ويٺي لکيائين، اهو سندس دائمي شيوو هو، جو ٽيڪ ڏيئي ڪرسيءَ تي نه لکيائين نه پڙهيائين. مرهٽن شاگردن جو سو ٻڌو اٿئون ته چوٽي ڇت سان ٻڌي پڙهندا آهن ننڊ جي گهيرٽ تي نوڙيءَ جي ڇڪ، کين جاڳائي وجهندي آهي. پر ههڙي قسم جو ڌيان ۽ يڪجهتي بيمثال آهي. رات جو پهريون وقت ذڪر ۾ گذاريندو هو. اوطاق جي هڪ وڻ تي پڃرو ٺاهي ڇڏيو هئائين. جنهن تي پکي وانگر ويهي الله جو نالو ڳنهندو هو. +پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، جن جو عدد ٽن سون کان به مٿي آهي. تمثيل جي فن يا ناٽڪ تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڪين هئا. پاڻ انگريزي ناٽڪ ترجما ڪري ۽ پڻ اصلي ناٽڪ رچي، اها اوڻائي پوري ڪئي اٿس. جهڙوڪ خورشيد، دلارام، شاه ايليا وغيره، ان ڪري کيس سنڌ جو شيڪسپيئر چوندا آهن. نثر ۾ ڪي جزوي ڪتاب هئا، سو جدا جدا موضوعن تي انگريزي توڙي ٻين زبانن مان ترجما ڪيا اٿس، جيئن ته مقالات الحڪمت، تهذيب الاخلاق ۽ فرائض انساني. ”زينت“ سندس اصلي تصنيف آهي ۽ نهايت دلڪش پيرايي ۾ لکي اٿس. جدا جدا زبانن خصوصاً انگريزي ۽ فارسي شعر مان چيدا چيدا خيال چونڊي، انهن کي سنڌي نظم ۾ آندو اٿس. اهڙي طرح هن سڃي ۽ سکڻي ٻوليءَ کي مالا مال ڪيو اٿس، جا خدمت ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي. پڻ چچ نامي، تاريخ معصومي، تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪري انگريزي ۾ هڪ مبسوط ۽ سلسليوار سنڌ جي تاريخ لکي اٿس، جو ڪم هيل تائين ڪنهن به نه ڪيو آهي. مطلب ته جهڙس همہ گير اديب، نثر نويس ۽ شاعر اڃا تائين پيدا نه ٿيو آهي. شخصي ڪمالات کي ڇڏي جيڪڏهن سندس ادبي ڪرتبن تي رڳو نظر ڪبي ته بي نظير ڏسڻ ۾ ايندو. +سندس طبيعت هميشہ اعتدال تي رهندي هئي. منجهس جوش ۽ جولان گهٽ هو، تنهنڪري سندس ڪلام به معتدل ۽ ماٺيڻو آهي. نه منجهس عشق ۽ محبت جا ڪُن ۽ ڪڙڪا آهن، نه وري منجهس جواني جي تِکَ ۽ تابش آهي. ڀريل ڦوڪيل ندي واري سانت ۽ ڌيرج سان پيو وهي. سندس استاد به انگريزي شاعر وليم ورڊسورٿ جي اولاد مان هو. انهيءَ شاعر جي متي موجب پاڻ به شعر نهايت سليس ٻوليءَ ۾ چيو اٿس. تنهنڪري الهامي موقعن تي وڃيو فصاحت ۽ بلاغت جي توڙ کي پهچي ۽ سندس ڪلام ”سهل ممتنع“ ٿيو پوي، نه ته اڪثر تانگهي ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻي ۽ سندس ڪلام الوڻو، بي سواد ۽ بي رونق ٿيو پوي، جيئن مٿيون بيت، يا +فيض جيڪي مون کي ٿيو حاصل سو پنهنجي پيءُ کان ٿيو +رات جو ٿي گڏ ستس جنهن سان ۽ ويٺس ڏينهن جو. +گهڻو ڪري فارسي اشعار جا ترجما انهيءَ طرز تي ڪيا اٿس، جن جي پڙهڻ مان ڪنهن قسم جو ميٺاج ۽ رس خيرڪو ايندو. باقي ”سوداءِ خام“ ۾ درج ٿيل اوائلي شعر، جن ۾ ڪي قدر جواني جو جنون سمايل آهي. سي سونهن ڀريا ۽ سريلا آهن. مونکي ننڍي هوندي کان سندس هيٺيان شعر وڻندا آهن: +ڪر ڌيان دنيا آهي فاني، ڪنهن نه نباهي جاني. +______ +ماڻا ڪري نه مار سڄڻ تون ذري ذري +پاڻان نه ڪر مون کي پرين پيارا پري پري. +______ +ويو اخلاص عالم مان عجب هي دور آيو آ +______ +لانگ فيلو جي ”حياتي جو گيت“: +مَ چَو مون کي حياتي خواب آهي. +------ +منهنجو خدا آهي مون ساڻ +------ +۽ سهائي راتڙي وغيره. +بهرحال اهو مرحوم ميرزا صاحب جي اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو آهي، جو سنڌي ساهت ايتري ڪڙي تي پهتي آهي. جڏهن سنڌي ادب جي ڪامل تاريخ لکبي، تڏهن سندن نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، رَحمہ الله رحمة واسعةً. +________ +حڪيم فتح محمد تغمدالله برحمتہ[2] +مرحوم حڪيم فتح محمد صاحب جن علم ادب جي ميدان ۾ گهڻين خوبين ۽ صفتن جا صاحب هئا، ۽ نثر توڙي نظم ۾ امتيازي درجو حاصل هون. سندين وفات بعد اڃا ڪو اهڙو جامع الصفات آدمي پيدا نه ٿيو آهي، جو سندن جوڙ ۽ جيس هجي ۽ سندن جتيءَ ۾ پير پائي. +مرحوم جا قرب وند ۽ بزرگانہ ناتا، هن لکندڙ سان انيڪ هئا ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندين شفقت هلندي آئي. خود پنهنجا پويان پساه به منهنجي جوٽن تي ڏنائون، ۽ منهنجا اندوه آگين ڳوڙها سندن مشڪندڙ منهن ۽ زعفراني ڳلن تي پيا. کين سڪرات جي سختي به ڪانه ٿي، ۽ نهايت سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجي جان پنهنجي جان آفرين کي سپرد ڪيائون. +سندين ولادت جي پوري خبر ڪانه اٿم. پاڻ سيوهڻ جي عالي نسب ۽ علمي خاندان جا، جنهن ۾ طبابت ۽ حڪمت پشت بپشت هلندي اچي، تنهن جا گوهر گل چراغ هئا. سندن والد صاحب جو نالو خليفو ميان محي الدين صاحب هو، جو پڻ پنهنجي پنهنجي فياضيءَ ۽ فضيلت ڪري مشهور آهي استاد نا مرحوم مولوي حاجي عبدالرحيم منگسي، سنڌ مدرسةالاسلام جو معلم الفقہ، سندن همعصر هو، ۽ ٻئي ڄڻا پاٽ شريف جي عالم ۽ عامل مولوي خير محمد صاحب وٽ پڙهيا هئا. +طالبي جي زماني ۾ جناب حڪيم صاحب جن طبع جا وفاد ۽ غضبناڪ ذهن ۽ ذڪاءُ جا مالڪ هئا. عربي توڙي فارسي ۾ نهايت پاڪيزه شعر چئي ويندا هئا ۽ بحث مباحثي ۾ پڻ زرنگ ۽ يگانا هوندا هئا. جيڪو به سندين مقاربت ۾ ايندو هو، تنهن تي هيءَ حقيقت هويدا ٿيندي هئي ته هي جوان غير معمولي شخصيت رکندڙ آهي. +سياسي معاملات ۾ گهڻو تجربو ۽ مهارت حاصل هين، ۽ خلافت تحريڪ واري زماني ۾ ذري گهٽ حڪومت جي گرفت کان ڇٽل هئا، ليڪن سندين سياست سان واهپو بي لوث ۽ خاص وطن جي خدمت لاءِ هوندو هو، ۽ نه ٻين سياسي نام نهاد رهبرن وانگي، جن کي ڪو نه ڪو پنهنجو دنياوي مطلب سر ڪرڻو هوندو آهي. +مرحوم سان منهنجي معرفت مولوي عبدالرحيم صاحب جي وسيلي اٽڪل 1917ع يا 1918ع ڌاري ٿي هئي. پاڻ مون کي گهڻو ڀائيندا هئا ۽ مان به اڪثر ڪري هر هفتي سندن ڪچهري روڊ واري مطب تي ويندو هوس، جو دوا درمل کان سواءِ علمي مجلسن جو پڻ مرڪز هوندو هو. بي،اي امتحان پاس ڪرڻ بعد عربي پڙهڻ جو ذوق شوق جاڳيم، جنهن جا سلا اڳيئي مولوي عبدالرحيم صاحب جي تربيت هيٺ دل جي ٻنيءَ اندر پوکيل هئا. مولوي صاحب پنهنجي روءِ سوءِ فقہ جي درس وقت شاگردن کي عربي پڙهڻ جي ترغيب ڏيندو هو، ۽ پڻ انجمن حمايت الاسلام جو پهريون عربي ڪتاب پڙهائيندو هو، ۽ فجر نماز بعد قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير سيکاريندو هو. جنهن حلقي ۾ مون سان گرد ٻيا به ڪيترائي اتساهي شاگرد، جهڙوڪ مرحوم نصير محمد نظاماڻي ۽ مرحوم الله بخش ٽالپر شامل هوندا هئا، ليڪن بي،اي پاس ڪرڻ تائين مون اهو پهريون ڪتاب به پورو ڪونه ڪيو هو. جڏهن ايم،اي امتحان لاءِ عربي کنيم، تڏهن فارسي جي زور تي انجمن جا چارئي ڪتاب پاڻهي پڙهيم. باقي مشڪلاتن حل ڪرڻ لاءِ مرحوم حڪيم صاحب جن وٽ هلي ويندو هوس. ۽ انهيءَ سان گڏ پاڻ منهنجي سڀڪنهن سبق جي ذيل ۾ تمرينن ۽ ترجمي جي تصحيح فرمائيندا هئا. ليڪن وڏن ڪتابن پڙهائڻ ۾ سندين هلي ڪانه سگهي. ابن قتيبہ جي ”الشعر والشعراءُ“ جي پهرئين ئي صفحي پڙهائڻ بعد ٿڪجي پيا. شايد پيشگي مطالعي لاءِ فرصت ڪانه هين، يا مورڳو ڪتاب جي عبارت کي دق ڏسي نابري واريائون. اهڙي طرح مرحوم سيّد ابراهيم بغدادي، جنهن وٽ ابن خلدون جو مقدمو پڙهڻ ويندو هوس، سو به ٻن ٽن صفحن پڙهائڻ بعد پڙ ڪڍي بيٺو، چي مون کي سمجهڻ ۾ نٿو اچي کڏي واري مرحوم مرحوم مولوي محمد صادق صاحب علم و ادب کي ماڳهين حرام سمجهي، پڙهائڻ کان عذر ڪيو. ساڳيءَ طرح مولوي محمودعلي صاحب کان پڻ ”نهج البلاغہ“ پڙ��ڻ ڇڏي ڏنيم، جو هوُ صاحب وڃي صرف ۽ نحو جي موشگافين ۾ پوندو هو، ۽ اصلي مطلب تي نه ايندو هو. آخر ٻي واه نه ڏسي پنهنجي سر ايم،اي جا سڀيئي ڪتاب پڙهيم، ۽ عربي انشاء ۽ ترجمي تي دسترس ڪن خاص عربي ڪتابن ۽ سندن انگريزي ترجمن سان ڀيٽڻ ڪري حاصل ٿيم. بهرحال حڪيم صاحب جن جي ابتدائي مدد لاءِ مان سندن دائما شڪر گذار رهندس. +ولايت کان تحصيل بعد جڏهن موٽي آيس ۽ اچڻ سان پنهنجي پراڻي درسگاه سنڌ مدرسةالاسلام جو پرنسپال مقرر ٿيس، تڏهن مدرسي جي بري حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ همہ تن مشغول رهندو هوس. ايتري قدر جو ماڻهن سان ملاقات جو موقعو به ڪونه ملندو هوم. هڪ دفعي حڪيم صاحب جن ڪنهن ڪم سانگي مون کي ملڻ لاءِ آيا. مان ڪلاس جو معائنو ڪري مس آفيس جي دروازي تائين پهتس ته حڪيم صاحب جن دوبدو ٿيا، اتيئي کانئن احوال پڇي، ڪم جي ايفاء جو وعدو ڪري، کانئن رخصت ياب ٿيس، جا ڳالهه کين نه وڻي. شايد سندن ارادو هو ته کين اندر وٺي وڃي وهاريان ها ۽ حال ۽ احوال پڇان ها، پر مون کي ايتري فرصت ڪٿي؟ اهو ڏمر دل تي رهجي وين. انهيءَ وقت مدرسي جي شيعہ مسجد ۾ قرآن شريف جي درس لاءِ ڪلاس کوليو هوم ۽ مغرب نماز کان پوءِ جڏهن سڀ هئو مئو لهي ويندي هئي، تڏهن ڪن خواهشمند شاگردن کي پنهنجي اندر جي روشني ۽ علم آهر ترجمو ۽ تفسير سيکاريندو هوس. سکندڙن مان هڪ کڏي مدرسي جو پڙهيل شاگرد سونڊن جو ويٺل به شموليت ڪندو هو. مان ڪنهن خاص تفسير تي مدار ڪونه رکندو هوس. پر پنهنجي ٿوري علم جي آڌار تي، سائنس ۽ فلسفي جي حقائق موجب سمجهاڻي ڏيندو هوس. هڪ ڀيري ”يؤمنون بالغيب“ جي مفهوم تي ويا کياڻ ڏنم، جو رواجي تفسيرن جي خلاف هو. سونڊي ڇوڪري ٺڪ وڃي اها خبر مرحوم مولوي محمد صادق صاحب کي سڻائي، ۽ جنهن وري وڃي حڪيم صاحب وٽ هائيدوس مچائي، چي ”من تلقاء نفسہ“ (پنهنجي وات ويڻي) تفسير ڪري فلاڻو اسان جي نونهالن جا عقيدا ٿو بگاڙي. حڪيم صاحب جن ته اڳيئي آزرد ويٺا هئا، سو خار وچان يڪدم ويهارو کن تهمتون قلمبند ڪري، مون ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليائون، جي اڃا مون وٽ موجود آهن. ساڳئي وقت وڃي مرحوم خانبهادر ولي محمد حسن علي ۽ ٻين مدرسي جي ميمبرن کي منهنجي خلاف ڀڙڪايائون. مرحوم ولي محمد صاحب ته مون کي پٽن کان به وڌيڪ پيارو سمجهندو هو، تنهن مون کي صلاح ڏني ته حڪيم صاحب جن وٽ وڃي سندن تتل سيني تي ڇنڊو وجهه. اگرچه مون گهڻو ئي چيومانس ته مون کان ڪوبه ڏوه صادر ڪونه ٿيو آهي، ۽ مان سندين تڪفير جا جواب باصواب ڏيئي سگهان ٿو، تڏهن به سندن تاڪيد تي فتني ٽارڻ خاطر حڪيم صاحب جن وٽ لنگهي ويس. ٿورڙيئي گفتگو بعد سندن رنج دور ٿي ويو ۽ آئينده لاءِ باهمي محبت ۽ وداد جو رستو گهڙجي صاف ٿي پيو. +مدرسة الاسلام جي مديريت بعد مون کي اسماعيليہ ڪاليج (بمبئي) ۾ عربي پروفيسر (مدرس) مقرر ڪيو ويو. جڏهن ڪڏهن ڪراچي اچڻ ٿيندو هو، تڏهن گهڻو ڪري ڪشنچند شاهاڻي جي جاءِ تي پريس مٿان ٽڪنڊو هوس، ليڪن ٽنهين وقتن جي لذيذ ۽ متنوّع ماني جناب حڪيم صاحب جن جي گهران ايندي هئي. بعضي مان سندين چار چشميءَ لاءِ سندن مطب تي ويندو هوس ۽ بعضي پاڻ ڀلائي جاپير ڀري مون وٽ ايندا هئا. سندن ٻه ڪتاب ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ۽ ”بهار اخلاق“ منهنجي ئي ڪوشش سان ميٽريڪيوليشن لاءِ منظور ٿيا. نه سندين پاسخاطري ڪري، بلڪ ڪتابن جي استحقاق آهر. جڏهن مون پنهنجا ڪتاب (1) مرشد،المبتديءَ جا ٻه حصا (2) تاريخ معصومي ۽ (3) چچنامہ شايع ڪيا، تڏهن پاڻ انهن تي نهايت عاليشان ۽ مبسوط تقريظون لکيائون ۽ مون کي آسمانن تي چاڙهي��ئون اهڙي طرح جڏهن هندن منهنجن ڪتابن ”منهاج العاشقين“ ۽ ”ابيات سنڌي“ تي نازيبا حملا ڪيا ۽ اعرابن واري شرارت شروع ڪئي، تڏهن منهنجي بچاءُ ۾ انهن کي دندان شڪن جواب ڏنائون. وري جڏهن 1939ع ۾ ڊي، پي آءِ ٿي ڪراچي آيس، تڏهن به پنهنجي آخري دم تائين مون تي مهربان رهيا. اگرچه هڪ ٻه دفعا سوءِ فهميءَ ڪري قدري شڪر رنجي به رهي. +پير الاهي بخش صاحب جي سيما جي سڀاوَ کان ڀليءَ ڀت واقف هئا. جڏهن پنهنجي بوقلموني طبيعت کان لاچار ٿي، مون ڏانهن ڪجهه ڏمهرو ٿيو، تڏهن حڪيم صاحب سخت تنبيہ ڪئي. جيڪي فارسي ۽ سنڌي خط مون ڏي انهيءَ وقت لکيا اٿن، سي اڃا مون وٽ موجود آهن. انهن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته مرحوم حڪيم صاحب جن کي فارسي ۽ سنڌي انشاء تي ڪيتري استقامت ۽ پختگي ڪوٽ ڪوٽ ڀريل هئي. پاڻ سنڌي لغت ڪاميٽيءَ جا سرجوش ميمبر هئا ۽ نهايت حديت سان اهو اعزازي وظيفو بجا آڻيندا هئا. بسا اوقات مرحوم مولوي دين محمد وفائي سان لغت جي باري ۾ اختلاف ٿيندو هونِ ته آخري تصفيہ لاءِ مون وٽ ايندا هئا ۽ هميشہ حق سندن طرف هوندو هو. +زندگي جي پوين ڏيهاڙن ۾ کين استخواني سل جو عارضو ٿي پيو. اگرچه ذيابيطس جي شڪايت ڳچ سالن کان وٺي هين، جنهن جو علاج پاڻهي پاڻ ڪندا هئا. ٻنهين مرضن جي ميلاپ ڪري آخر سندن ڍاڪ جا هڏا کاڄي هيڻا ٿي پيا، ۽ اگرچه بمبئيءَ کان خاص ڪاٺ جي گهوڙي گهرايائون، ته به هلڻ جهڙا نه ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ابتلاء ڪري لازم الفراش ٿي پيا، ۽ نيٺ ضعف ۽ نقاهت ڪري هن فاني جهان کي ماه ذوالحجة سن 1361هه (مطابق ڊسمبر 1942ع) ۾ الوداع چيائون. وفات کان ڪيترو ئي عرصو اڳي پنهنجي وصال جو سال هڪ قطعي ۾ چئي ڇڏيو هئائون، جو ”مشت خاڪ“ (1361هه) مان نڪري ٿو، انهيءَ مان ئي سندن قادرالڪلاميءَ ۽ فراست جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، غفرالله والجميع المومنين. +مرحوم حڪيم صاحب جن جون تصنيفون. +هيٺين تصنيفن جي مون کي پوري پروڙ آهي. +(1) احوال لعل شهباز قلندر. نهايت تحقيق ۽ تدقيق سان لکيل آهي. مون وٽ هڪ نسخو هو، سو به پاڻ گهرائي ورتو هئائون. هينئر شايد عدم پيدا آهي. +(2) سيرة النبي. پنهنجي نوع ۾ لاثاني آهي. نهايت سهڻي ۽ سليس عبارت ۾ لکيل ۽ سڀني خوبين تي حاوي آهي. پاڻ ڪريمن صلعم جي سوانح عمريءَ تي سڀڪنهن ناحيت کان روشني وڌي ويئي آهي. گهڻن سالن جي اڻاٺ بعد، سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام سان ڇپايو ويو آهي. +(3) تنوير الايمان. قرآن شريف جي تفهيم لاءِ هڪ موزون تمهيد آهي. منجهانئن حڪيم صاحب جن جي همہ گير معلومات بکي ٿي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ مولانا ابوالڪلام جي تفسير کان افضل آهي. جديد نموني تي لکيل ۽ مصر جي مشهور مصنف فريد وجديءَ جي ڪتاب ”صفوة العرفان“ (جو مون کان اڌارو ورتو هئائون) جي طرز تي ٻڌل آهي. +(4) ڪمال ۽ زوال. نهايت سهڻي پيرايي ۾ لکيل، ابن خلدون جي معرڪة الارا ڪتاب ”المقدمہ“ جو اختصار آهي، جنهن ۾ حڪومتن ۽ قومن جي ترقي ۽ تنزل جا اسباب بيان ٿيل آهن. سنڌي زبان ۾ هي پنهنجي نوع جو ڪتاب آهي. +(5) ميرن جي صاحبي. نهايت سندر ۽ سليس سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ منجهس ميرن جي صاحبي جي ايامن ۾ سنڌ جي حالت ۽ ماڻهن جي آسودگيءَ جو دلڪش بيان آهي. +(6) ابوالفضل ۽ فيضي. هي پڻ سوڌيءَ سليميءَ سنڌي ۾ رچيل آهي. ٻنهي رتنن کي سيوهاڻي ڪري ليکيو ويو آهي. اگرچه اهي سورهيه ٻئي ناگور ۾ ڄاوا نپنا هئا، ليڪن اها نسبت قدري درست به آهي، جو سندن ابا ڏاڏا اصل ۾ عراق کان لڏي سيوهڻ جي پسگردائيءَ واري ريل جي پرڳڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا هئا. +(7) آفتاب ادب. جو پنهنجي حياتي ۾ لکي ڇڏيو هئائون، پ��هاڻ مس مس سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ شايع ٿيو آهي. منجهس سنڌي ٻوليءَ جي تقدم تاريخ، سندس سونهن ۽ سينگار ۽ صنايع و بدايع تي بحث ڪيو ويو آهي. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1958ع تان ورتل +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“، ڊسمبر 1956ع تان ورتل: + + +حڪيم صاحب جن جو شعر. +جهڙا يوناني حڪمت ۾ حاذق هئا، تهڙائي شعر گوئي ۾ ڀڙ هوندا هئا، ۽ سڀڪنهن مضمون تي فارسي توڙي سنڌي ۾ بلا تڪلّف شعر لکي ويندا هئا. گهڻن ئي وٽانئن شعر سازيءَ جو هنر پرايو ۽ شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو. جهڙوڪ منهنجو دوست ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ سندن گهڻو ڪلام ٽڙيل پکڙيل آهي ۽ شايد سندن لائق فرزندن وٽ موجود هجي. باقي ٿورو ناصحاڻو ڪلام مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”بهار اخلاق“ ۾ درج ٿيل آهي، جو 1935ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هئائون؛ ان مان ڪن چونڊ شعرن جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو: +اڳيون زمانو ۽ هاڻوڪو وقت +شل اچي عالم ۾ موٽي ايڪي الفت جو بهار +شل ٿين سرسبز ايڪي جا شجر ۽ شاخسار +شل دليون ٿين صاف ۽ ٿين شامتون شل سڀ معاف +شل وڃي غصو دلين تان، شل وڃي غم ۽ غبار +شل محبت جي عمارت اڄ وري برپا ٿئي +شل منجهس موٽي پسون اڄ نت نوان نقش ونگار +شل وري وڇڙيا ملن ۽ پاڻ ۾ پرچن وري +شل وري سي دوست جاني ٿين، ٿين سي يار غار +شل مبارڪ باد جا نعرا لڳن چارون طرف +شل ملن چؤڌاري واڌايون اسان کي لک هزار +شل بکيا بک کان ڇٽن ۽ شل ڏکيا سکڙا پسن +اڄ پيادا سي گهمن، شل سي سڀاڻي ٿين سوار +شل سڀئي هڪ گهر جا ڀاتي ٿي گذارن هيج سان +شل ڌريون سڀ گڏ ٿين، جي اڄ ڏسون ٿا ڌار ڌار شل +ياد ٿا سي ڏينهڙا، جڏهن پون قربن ڀريا +اڄ لنگهي دل مان وڃي تير حسرت آرپار +ياد پونم ٿا اڳيان سي کل خوشيءَ جا ڏينهڙا +ڇا ٿيو؟ جو اڄ رئن ڀائر ٿا هر جا زار زار +ياد پونم ڏينهڙا، جن ۾ رهياسين موج سان +هاسين همدم، همقدم، غمٺار ۽ پڻ غمگسار +ويا سي گذري ڏينهڙا، ڏينهن هي گذري ڏينهن ڀي. +عمر ساري آهي ڇا؟ بس ڏينهن آهن ٽي يا چار +ڇو ٿيو مايوس آهين، ڇو ٿو غمگين ٿين ”حڪيم“! +موٽي ايندا ڏينهن قربن جا، نه غم ۾ دل کي ڳار. +حب وطن +خوشيءَ ۾ نه ماپي ٿو منهنجو قلم اڄ +هڻي شاخ طوبيٰ هجڻ جو سو دم اڄ +کڻي ناز انداز سان ٿو قدم اڄ +ٿي ڄڻ عيد ان لئي خدا جو قسم اڄ +مليو آهي مضمون حبّ وطن جو +مليو موقعو آهي سير چمن جو +ٿيو صحن ڪاغذ جو اڄ خوب رنگين +بهشت برين جو ٿيو فرش زرين +ٿي مس منهنجي مشڪ ختن، فافہ چين +لکان لفظ جنهن سان معطر ۽ مشڪين +وطن جي محبت جو هي داستان ٿيو +وطن منهنجو دنيا ۾ جنت نشان ٿيو +وطن جا وڻن وڻ، وڻي ٽاري ٽاري +خزان وطن ۾ به آهي بهاري +ٿي ڄڻ روز روشن، سنديس رات ڪاري +منجهس مثل جنت جي ٿيون نهرون جاري +وطن منهنجو هڪ جنت آباد آهي +وطن سان ئي بس منهنجي دل شاد آهي. +بهار جي موسم +بلبلو! خوش ٿيو، جو آ باغن ۾ اڄ آيو بهار +عاشقن جي روح کي، اڄ آهي ريجهايو بهار +طبع منهنجي کي غمن کان ڪانه هئي فرصت نصيب +پر بهاري شعر لءِ اڄ تنهن کي ڀڙڪايو بهار +ناز سان آيو چمن ۾ آهي اڄ محبوب گل +بلبلِ شيرين نوا، اڄ واه جو ڳايو بهار +باغبان کان هو خزان ۾ ويو رسي بلبل، مگر +باغبان سان اڄ وري بلبل کي پرچايو بهار. +سچي قرباني +ڪي ٿين قربان پنهنجي يار تان +يار جي رفتار ۽ گفتار تان +ڪي وري گهورين سڀڪجهه ڪن نثار +يار جي سر تان ۽ هر هڪ وار تان +مال ۽ زر تان ٿا ڪي ڪن صدقي سِير +ڪي ٿا سر گهورين دنيادار تان +۽ ٿين ٿا ڪي فنا اولاد لاءِ +ڪي عزيز وخويش رشته دار تان +غرق ٿيا ڪي ڪنهن نه ڪنهن سواد ۾ +ڪي وڃن ٻلهار ٿا واپار تان +ڪي مرن اڄ پنهنجي نالي لاءِ ٿا +ڪي فدا ٿين ڪرسي �� درٻار تان. +______ +صدقي ٿيان شل اُن خدا جي نانءُ تي +آنُ ٿيان قربان پالڻهار تان +آنُ ٿيان صدقي وطن جي خاڪ تي +گهور ٿيان شل آنُ وطن جي خار تان +شاه ڀٽائي +سنڌ جو سهڻو مڻيو ۽ سنڌ جو سينگار شاه +شاعرن شيرين ڪلامن جو سچو سردار شاه +لال ٿيو جنهن جو لقب ۽ نانءُ ٿيو جنهن جو لطيف +سنڌ جي روحاني دلدارن مان هو دلدار شاه +جنهن جياريو مارئي کي ۽ عمر ڪيائين کي عمر +ساه جنهن سسئي ڏنو هو، سو پنهون جو يار شاه +ڇا سندس ٻولي مٺي، ڇا سنديس وائي عجيب! +واه خوش رفتار، واه خوش گفتار شاه +_______ +جنهن پڙهيو آهي رسالو شاه جو رس رمز سان +ٿو چوي سو هيج مان، آهي هئين جو هار شاه +جي منجهي من، دک سان دل ڀرجي، کڻي پڙهه شاه کي +ڏئي اکين آنند ۽ تو لاءِ ٿئي منٺار شاه. +حقيقت جي پڇا +بقا جي ۽ فنا جي سڀ حقيقت +اڙي غافل گل و گلزار کان پڇ +ڀلائي، ڀائپيءَ جو ڀيد ۽ رمز +مهاجر کان ۽ پڻ انصار کان پڇ +چڪو وحدت ۽ آزاديءَ جو پيتم +اچي سا ڪيفيت سرشار کان پڇ +جهادِ في سبيل الله جو رتبو +جنابِ حيدرِ ڪرّار کان پڇ +منهنجي همت ۽ طاقت جي حقيقت +رقيبِ رهزن ومڪار کان پڇ +منهنجي هن شعر جي ڪجهه قدر قيمت +وڃي تون ڪنهن دُرِ شهوار کان پڇ. +_______ +شعر اڪثر عروض جي بحرن ۽ وزنن تي چيو اٿن؛ پر گاه گاهي زير اضافت جي علت کان عليل آهي. اگرچه منجهس ايتري اضافت جي گهڻات ناهي، جيتري موجود وقت جي مصنوعي شاعرن جي ڪلام ۾ آهي. بالجملہ سندن شعر گهڻي قدر پاڪيزو، صاف ۽ متين آهي. فارسي ادب ۾ ”صائب“ ۽ ناظم هروي“ شاعرن، فردن جي شڪل ۾ ڪيترائي پهاڪا لکيا آهن. جن ۾ حسن تعليل سمايل آهي. حڪيم صاحب جن شايد پهريان ئي شخص هئا، جن سنڌي شعر کي فرد سان سينگاريو آهي. ڪي ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا. +لچن جي وچ منجهان پڻ ٿا لڀن ڪي ڪي چڱا انسان +وچين آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ ڏس ته اشهد ٿي. +_______ +نه فڪر نان جو ڪر، پڙهه نراڙ ۾ پنهنجي +ڀرن ۽ نڪ ۽ اکين کي ته آهي ”نان“ لکيل. +_______ +رهي سگهجي ٿو نرمي ساڻ پنهنجي دشمنن جي وچ +ڏندن جي وچ ۾ آهي، ڏس! سلامت ڪيئن زبان تنهنجي. +_______ +جي ڀائين تو ۾ برڪت ٿئي ته قرباني جو شيوو سک +سڙن سئو ٿا جي پروانا شمع تي، ته به لڀن لک ٿا. +_______ +چڱو انسان سڀڪنهن سان چڱو ٿي ٿو هلي هردم +رسائي ريج دريا، جهڙو باغن، تهڙو جهنگن کي. +______ +قديم سنڌي نثر[1] +منهنجي محترم دوست مسٽر ڏيا رام مير چنداڻي ”سنڌوءَ“ جي آگسٽ واري عدد ۾ سنڌي نثر تي هڪ مختصر مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ٻين ڪوتاهين کي ڇڏي فقط هن ڳالهه تي بحث ڪرڻ گهرون ٿا ته سال 1850ع کان اڳ سنڌي نثر بيشڪ موجود هو، پر جنهن صورت ۾ لکپڙه اڪثر فارسي ۾ ٿيندي هئي، تنهن صورت ۾ ٿورو ڪو قلمبند ٿيل آهي. اسان وٽ مرحوم مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (شهادت 17 ربيع الاول 1992هه/ 15 مارچ 1877ع) جا نثر ۾ گفتا موجود آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پوي ٿي ته سنه 1850ع کان سَوَ کن ورهيه اڳي هڪ بزرگ جا نثري مقولا قلمبند ڪيا ويا هئا. اسين هيٺ مٿئين بزرگ جا قول، جي سنڌي نثر جي هڪ آڳاٽي نشاني آهن، پنجن قلمي نسخن تان ڀيٽي درج ڪريون ٿا. +(1) ٽڪ ڏنگڙي هلي، کڙا ياسڻي جهلي. +(2) راڻي راو سان رُچي، ابو ڀائن ري اچي. +(3) ڪافر ڪفر کان اڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اجار. +(4) ملون بهشت ڏي هلاءِ، چَتوُن پڙهي پروجاءِ. +(5) ملون ڪيئن بهشت ۾ اچي، ڪوئي سير سون سين نچي. +(6) ٻه پهياڄون پرچاءِ، ٿلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ. +(7) مال ڪهڙو ڀلو، هو نرنئا نلو. +(8) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن مينهڙو وسي. +(9) ماسي مانڙي پچاءِ، امان کٽڙي وڇاءِ، ابا مِهتڙي اڏاءِ. +(11) حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاڄڙا سڄن. +(12) ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جئين مڇڙيون کاڄن. +(13) گرو چيلڙا پڙهاءِ، ڪڪڙ ٻچڙا چڻاءِ. +(14) ڪوئو سڀ پڇ سين نهي، ڪنهن پر ٻر ۾ پهي. +(15) اونداهي ۾ سوجهرو نيشاني نبي، تارا يار رسول جا سکي ڪج قوي. +(16) هيڪڙو الله، هيڪڙو ڳالهاءِ. +(17) وڏو وڙ (در) الله جو، ونهيون الله. +(18) سا وسي الله، مينہ ته مندن وسڻا. +(19) نالو الله جو نماڻو. +(20) وڏي کانڌ الله جي، کانڌيرو بادشاه. +(21) نالائق نوازي، ڀڳي سڄي ڪري. +(22) جيڪي ڪري سو خدا. +(23) ڏيڻ انهيءَ جو ڪم، بندو ڪڄاڙو ڏيندو، بندو سگهوئي ورچي. +(24) بندو جائي گندو، بندو گندو. +(25) پاڻ پاڪ، بندو جهاڪ. +(26) توڻي اگلا اوڏ، پڻ لاکي ڄام جا. +(27) گوني آگن وس. +(28) چڱائي ڪجي، ڪنهن جي نه وڃائجي. +(29) شڪرانو سندس در، وڏا ٿورا الله جا. +(30) بڇڙي جو پنڌ (بنياد) بڇڙو. +(31) جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ نه پڇجي. +(32) سڀڪو پاڻ کي، آيل پاڻ کي، جيجل پاڻ کي. +(33) ڪرند پسند، ڏيند لهند. +(34) پيش ڪنهن کي نه وڃجي. +(35) لکيو پري، پر نه ٽري. +(36) سڀڪو پنهنجي ڪرم جي ڇٺي ٿو لوڙي. +(37) ڪنهن جو ڏوه ڪونهي، جيڪي ڪري سو الله. +(38) مري جواب ڏبو، +(39) ڪو ڪنهن جو نه ٿيندو. +(40) حق ٿيندو، حق وڪيل ڪندو. +(41) سڀڪو پنهنجو وڙ ٿو ڳالهائي. +(42) نيت ولمراد، ڪ کائجي ڪِ اوبارجي. +(43) جي سڄڻ سڄي ٻانهن ڏي ته سڄي نه ڳهجي. +_______ +* هي مضمون پهريائين سنڌو مخزن 1934ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو دوباره ماهنامي ”نئين زندگي“، ڊسمبر 1963ع ۾ شايع ٿيو. + + +شيخ عبداللطيف جو احوال[1] +شيخ[2] عبداللطيف، سيّد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پوٽو[3] هو، جتي هو مٽارين کان لڏي آيو هو. هو تمام پرهيزگار ۽ متدين انسان هو، ۽ هالن واري مخدوم نوح جو دادلو مريد هو. سنديس نماڻائي ۽ نهٺائي تمام جھجھي هئي ۽ ان سان گڏ پرهيز ۽ تقويٰ سبب کيس بلڙيءَ ۾ وڏي عزت ڏني ويندي هئي. خدا جي برڪت سان کيس ٽي پٽ هئا[4]، جن جا نالا هئا: 1، عبدالوارث 2، عبدالواسع ۽ 3، شاه حبيب. شاه حبيب جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي، هالا تعلقي ۾ وسّن (وسنءُ) جي ڀرسان اچي گهر اڏي ويٺو، جنهن کي سندس نالي پٺيان سڏبو آهي، پر جا هينئر ويرانيءَ جو ڍير آهي. هتي ان کي 1102هه، 1690ع هڪ فرزند ڄائو. (هن حڪايت جو سورمو) يعني بزرگ ميان شاهه عبداللطيف، جو سنڌين جي چوڻ موجب ”ڄاپندي ڄام هو“ ۽ ولادت کان وٺي فرق الطرة طاقتن جي ڏات مليل هيس. هن پنهنجي زندگيءَ جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڪرامتون ڪيون، جي هن احوال ۾ ڄاڻايون وينديون. منجهس اهي وڏيون طاقتون هن ڪري پيدا ٿيون، جو هن کي سڀني مخلوقيل شين لاءِ گهاٽو عشق هو. انهيءَ عميق پيار ئي هن جي طبيعت کي روحاني شين جي طلب ڏانهن مائل ڪيو. انهيءَ مخلوق ۽ روحاني اسرارن جي گڏيل نينهن هن کي ڪامل ترين ۽ ديندار انسان بنايو. +گهڻن ئي مقدس شخصن هن ڳالهه تي قرار ڏنو آهي ته خالق سان محبت رکڻ جو پهريون قدم آهي ان جي مخلوق سان محبت، ۽ اهوئي پنهنجي من جي مرادن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، جو انهيءَ راه تي راسخ رهندو، ۽ جنهن جي پهرين وک اهو مخلوق جو نينهن آهي. پر اهي جن کي انهيءَ پيچري تي هلڻ جي همت ناهي، سي واٽ وڃائي وهندا. اهي جن کي الله تعاليٰ جو سچو عشق آهي، سي خدائي صعنتن کي فقط ظاهر مورتن وانگر نٿا ڏسن، بلڪ انهن مان سندن صانح جي قدرت جو سبق سکن ٿا. اهي جيڪڏهن اتفاق سان دنيائي (يعني مجازي) عشق جي گپ ۾ عارضي طور آڙجندا، ته به خدا تعاليٰ جي لطف سان ستتئي سواءِ ڪنهن آسيب جي ٻاهر نڪري ايندا. +اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شاه عبداللطيف (جواني ۾) مرزا بيگ (مغل) جي حسين نياڻي جي عشق ۾ ڦاٿو، جو ڪلهوڙن ��ان اڳ حڪومت ڪندو هو. سنديس نينگر هالا ۾ سانڱڙي واه جي ڪپ تي رهندي هئي. شاه جو عشق ڏينهون ڏينهن تڪڙو وڌندو ويو ۽ آخرڪار سندس ذهن ۾ آيو ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿيندي جو مرزا بيگ کيس پنهنجي نياڻي جو سڱ بخشي. سنديس الفت جي مرزا بيگ جي ماڻهن کي ڪڻڪَ پئجي ويئي. پر اهي مرتبي ۽ مال جي آڪڙ تي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويا، ۽ انهيءَ قصي کي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيائون. سمجهيائون ته شاه صاحب هڪ سڃو فقير آهي، سو جيڪڏهن ڪا تڪليف ڏنائين ته کيس سولائي سان اُڪلائي سگهبو. شاه کي جڏهن سندن انهي رويي جي خبر پيئي، تڏهن پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪرامتون ڏيکارڻ لڳو. هو باربار اهي جايون ۽ ڳليون گهمندو هو، جتي سندس معشوقہ رهندي هئي. جڏهن مغلن کي اها سڌ پيئي، تڏهن سندس اچڻ وڃڻ جون واهون بند ڪري ڇڏيائون. تنهن تي شاه پنهنجي محبوبہ کي ملڻ ۽ سندس منوهر جي منهن پسڻ لاءِ پاڻ کي بعضي ڀؤنر جي شڪل ۾، بعضي ڪبوتر ۽ ڪاريهر جي صورت ۾ بدلائي، مخفي طور سندس خاص حجري ۾ لنگهي ويندو هو. آخر مغلن کي انهي مام جي ڄاڻ پئجي وئي ته شاه ڪيئن نه پنهنجو ويس مٽائي، پنهنجي من موهن وٽ ڳجهي طرح اچي ٿو. سو گهر جا سڀيئي چارا بند ڪري ڇڏيائون. جڏهن شاه جا سڀئي سعيا صاب نه پيا، تڏهن لاچار ٿي مرزا بيگ جي نياڻي جي ماڙيءَ جي سامهون هڪ واريءَ جي دڙي تي وڃي ويهي رهيو. ڪيترائي ڏينهن اهڙي انتر ڌيان ۾ محو رهيو، جو مٿي کان سواءِ ساري ڌڙ مٿان واري وري ويس. +ڪنهن کي به انهيءَ اسرار جي ڪل ڪانه رهي. سواءِ هڪ ”ڄام“ نالي ٻڪرار جي، جنهن اتان لنگهندي فقط شاه جو مٿو ڏٺو، مگر سڄو ڌڙ واريءَ ۾ پورجي ويو هوس. هن سندس مٿي کي هٿ لاتو ۽ ڏٺائين ته جُونئن سان ڀريو پيو آهي دانهن ڪري چيائين ته ”او شاه! تنهنجو مٿو جونئن سان جهنجهيو پيو آهي.“ جنهن تي شاه هيٺيون بيت ڏنو: +ڏهلا مون ڏينهن ٿيا، پيم ڄام ڄيون +ڪندي پنڌ پهاڙ ۾، ٿيڙم روح ريون +لڇيو ٿيان، لطيف چي، ڪارڻ دوست ديون +ڀانيان لوڪ ليون، جي سور پريان جا ساڻ مون[5] +اهي لفظ ٻڌي ٻڪرار کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ وري جڏهن ٻن ٽن ڏينهن بعد اتان لنگهيو، تڏهن ڇا ڏسي ته شاه جو مٿو به واريءَ ۾ پورجي ويو آهي. تنهن ڪري يڪدم شاه حبيب ڏي ڀڄندو ويو، ۽ ساري روبڪار جو وڃي احوال ڏنائين. شاه صاحب اها ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌي يڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتو، ۽ شاه کي مئل سمجهي غم مان هيءَ سٽ چيائين: +لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي.[6] +شاه واري هيٺان وراڻيو: +پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.[7] +پيءُ پٽ کي واريءَ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ غسل ڏياري گهر وٺي آيس. جڏهن قوت قرار ٿيو، ۽ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هڪ واقف واڍي وٽ ويو ۽ چيائينس ته مون سان سانڱڙي واه جي ڀرسان مقام ۾ هل ۽ هن گدامڙيءَ جي پوري ٿڙ ۾ منهنجي لاءِ جاءِ جوڙ، ته اندر يڪ منو ٿي ويهي الله جي عبادت ڪريان. واڍي سندس عرض اگهايو، ۽ شاه وڻ جي ٿڙ اندر پيهي ويو، ۽ واڍي کي چيائين ته انهيءَ پور کي ٻنجو ڏيئي ڇڏ، ۽ پڻ ڊوهي وڌائينس ته اهو راز ڪنهن سان به نه کولي، نه ته ڪوڙهجي پوندو، شاه حبيب، شاه لاءِ هرهنڌ ڳولا ڪئي، پر ڪٿان به به پرو ڪونه پيس. ڪن ماڻهن صلاح ڏني ته فلاڻي سوٽهر کان جو اوهان جي فرزند سان گهرو آهي تنهن کان پڇيو اهو اوهان کي ڪونه ڪو ڏس پتو ڏيندو. تنهن تي شاه حبيب واڍي کان پڇيو ته وس آهر سندس نشان ڏينم. واڍي پهريائين ته انڪار ڪيو، چي ”مون کي شاه منع ڪئي آهي“. پر پوءِ گهڻي منٿ ۽ معذرت بعد ۽ اڪيچار آپسن جي انجام تي هن اهو ڳجهه ظاهر ڪيو. ليڪن اهو به چتايائينس ته انهيءَ راز فاش ڪرڻ ڪري پاڻ ڪوڙهيو ٿي پوندو. تنهن تي شاه حبيب دلداري ڏيئي چيس ته تون خوف نه ڪر، مان تنهنجي حق ۾ دعا گهرندس (۽ تون نوبنو ٿي پوندين.) +واڍو شاه حبيب کي انهيءَ هنڌ وٺي ويو، جتي سندس فرزند لڪو ويٺو هو. وڻ جو ٿڙ کوليائين، جتي شاه لطيف جيئرو جاڳندو تفڪر ۾ مستغرق ڏسڻ ۾ آيو. واڪو ڪري چيائين ته ”اي ڪوڙهيا! مون توکي نه چيو هو ته انت ڪنهن سان نه اوجانءِ؟ تو ائين ڇو ڪيو؟“. واڍو هڪدم ڪوڙهيو ٿي پيو. پر شاه حبيب سندس سارو بدن پنهنجي زبان سان چٽيو، ۽ هو مرض کان آزاد ٿيو، مگر ڪوڙهه جو هڪ ننڍڙو چُٽو منهن تي رهجي ويس، جو ميٽجي نه سگهيو. شاه لطيف چيس ته اهو ٽڪو مرڻ گهڙيءَ تائين نه لهندءِ. انهيءَ تي شاه حبيب کي ڏاڍو غصو آيو، ۽ شاه لطيف پيءُ کي اتيئي ڇڏي وڃي رمتو سامي فقيرن جي بهير سان شامل ٿيو، جي لکپت[8] ۾ پنهنجي نانيءَ جي جاٽا لاءِ اتان پنڌا ڪندا ويا. +لکپت ۾ پهچڻ شرط، هو مندر ڏي ويو، جتي هڪ پهڻ جو بت هو، جنهن تي هرهڪ فقير کير جو ڪوزو ٿي هاريو، ائين چوندي ته ”اوناني! هي سڀ کير پي وڃ“. بيجان بت ڪجهه به پي نٿي سگهيو. تڏهن شاه هڪ کير جو ڪونرو آندو، ۽ هڪڙو پادر هٿ ۾ جهلي بت کي چيائين: ”اي سامين جي ناني! هيءُ کير پيءُ، نه ته هن موچڙي سان لاک لاهيندو سانءِ.“ +بت يڪدم ڪونرو ورتو ۽ گِٽِ ڳِٽِ ڪري پي ويو. سامين انهيءَ دم سهي ڪيو ته شاه ڪرامت جو صاحب آهي، ۽ سندن ڀيٽائون ڪنهن به ڪم جون نه آهن. تنهن تي منصوبو سٽيائون ته شاه کي ڪهي کائجي، انهيءَ لاءِ ته کين به اها ڪرامت جي شڪتي حاصل ٿئي. شاهه کي سندن باطن جي ٽيٽ پئجي ويئي، ۽ پاڻ کي خطري ۾ ڏسي هڪدم وٺي زمين ۾ ٽٻي هنيائين تان جو ڪوٽڙي کان اچي نڪتو، جتي مغل راڄ ڪندا هئا.[9] +پوءِ هو هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو، پر ڪير هن کي سڃاڻي نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو هو سامين جي لباس ۾ هو. هتي سڀڪنهن ڏينهن. کيس از غيبي طور پنج رپيا ملندا هئا، جن کي هو هٿ به نه لائيندو هو. هڪ مُلان جو ڀرسان رهندو هو، سو اهي رپيا ڏهاڙي کڻي ويندو هو. ڪنهن ڏينهن هن کي هڪڙيءَ ڪاسائيءَ ائين ڪندي ڏٺو، سوٻئي ڏينهن ملان کان اڳ پهچي اهي پئسا کڻي رمندو رهيو. اهڙي طرح ٻه ٽي ڏينهن ڪيائين. آخر ملان بيزار ٿي شاه کي هيئن چيو ته ”اي برهمڻ! رپيا ڪٿي آهن؟ تو لڪائي رکيا آهن ڇا؟“. شاه ڪوبه جواب نه ڏنو، تنهن تي ملان چيو ته ”تو وڏو گناه ڪيو آهي، توکي مسلمان ڪرڻ گهرجي.“ شاه اهڙي جُٺِ ۽ گارگند بعد پنهنجو آواز بلند ڪري چيو: +ملان ملان مَ چئو ملان ڪانڊي ڪنڊ +مٿي وظيفن ونڊ، ڌڻيءَ ڌتاري ڇڏيا.[10] +_______ +ملان ملان مَ چئو، هي آهيڙي آهين +مروُنءِ سندي ماس تي، ٿا ماڻڪ مٽائين +اهڙائي آهين، لالچي لطيف چي.[11] +ماڻهن ٻڌنديئي شاه کي سڃاڻي ورتو، ۽ ملان صاحب سندس پچر ڇڏي ڏني. +شاه پوءِ وڻ هيٺ وهڻ ڇڏي ڏنو ۽ وري اڳئين وانگر شهر جون بازاريون ۽ گهٽيون گهمڻ لڳو. تنهن تي مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ لالہ بيگ (؟) حڪم ڏنو ته شاه کي قتل ڪيو وڃي. اهي ماڻهو جيڪي کيس مارڻ لاءِ موڪليا ويا، سي جڏهن شاه جي جاءِ تي پهتا، تڏهن ڇا ڏسن ته شاه اڳيئي مئو پيو آهي، ۽ سندس عضوا ڌڙ کان ڌار پيا آهن. اهو منظر ڏسي هو وائڙا ٿي ويا ۽ اٿي پوئتي ڀڳا. پر سندين حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺائون ته شاه جيئرو جاڳندو بازار جي هڪ هٽ تي ويٺو آهي. سڀئي سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ ٻڌايائونس ته مغلن کين سندس ڪهڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. شاه چين ته وڃي پنهنجي مالڪ کي ٻڌايو ته اوها ڇا ڏٺو. لالہ بيگ اها روئداد ٻڌنديئي پنهنجي بيٺڪ تان اٿي کڙو ٿيو، ۽ ڌوڪيندو انهيءَ هنڌ ويو جتي شاه ويٺو هو، ۽ خوب ڇنڊ ڪڍيائينس ۽ گاريون ڏنائينس، تڏهن شاه هيئن چيس: +بيگ! تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانَ! +اٿم آس الله ۾، دل مارينئي مانَ! +هن واقعي کان ٿورائي ڏينهن پوءِ دلّي ڳوٺ جي دلّن جو هڪ ڊلو، جي مخدوم نوح (جي درگاه) جا مريد هئا، سي واٽ ويندي مخدوم صاحب جي مقبري جي زيارت خاطر اچي ڪوٽڙي کان نڪتا. اتفاق سان انهن جو شهر جي هڪ واڻئي سان تڪرار ٿي پيو. جڏهن اهو اطلاع بيگ کي مليو، تڏهن هو انهيءَ جاءِ تي ويو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي لڳي، جنهن ۾ هو مارجي ويو. اهڙي طرح شاه جي پيشن گوئي پوري ٿي. دَل پنهنجي جان بچائي وٺي ڀڳا. +شاه جون ڪرامتون گهڻو توجهه ڇڪائڻ لڳيون. سندس پيءُ (شاه حبيب) وٽس آيو، ۽ بيگ جي قضيي جو ٻڌي پٽ کي گهڻو ڇينڀيائين، جنهن تي شاه کي ڏاڍي بُڇان لڳي، سو ڪوٽڙي ڇڏي، وٺي جهنگ منهن ڪيائين. پڻس پٺيان ويو ۽ موٽڻ جي منٿ ڪيائين، پر شاه نه مڙيو، تنهن تي شاه حبيب چيو: +ڪنهن جنهن نينهن ننڌا، جو مون واجهيندي نه ورو؟ +جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري. +شاه وراڻيو: +متان ٿئين ملور، ڪين اڳانهون آهيان +ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهين جي هيڪڙي. +شاه پوءِ پنهنجو رستو وٺي رمندو رهيو، ۽ شاه حبيب (غمگين ٿي) گهر موٽي ويو. +خدا جي حڪم سان مغل سڀ جلد ئي مري ويا، ۽ سندن سردار پڻ دنيا کي الوداع ڪري ويا. شاه ”ڪوه نور“ ڏي هليو ويو“ جو مڪران ۾ لاهو ت لامڪان جي ڀرسان آهي، اُتي سارو وقت روزن ۽ رياضت ۾ گذارڻ لڳو. سندس والد کي ڏاڍو فڪر ٿيو، سو هر روز مخدوم نوح جي درگاه تي پنهنجي پٽ جي مراجعت لاءِ دعا گهرڻ ويندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن مقبري مان آواز آيس ته ”او شاه حبيب! توکي پنهنجو پٽ ملندو، پر ضرور پنهنجو مريد ڪجانس.“ ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاه موٽي آيو ۽ شاه حبيب کيس ”الله“ جي نالي وري وري چوڻ بعد پنهنجو مريد ڪيو. هاڻي مغلن سردارن مان فقط هڪ ڇوڪر ”گولي“ نالي وڃي بچيو هو، جنهن کي شاه جي معشوقہ دعا لاءِ وٺي آئي، ڇاڪاڻ ته هو مغلن جو آخري پونيرَ هو ۽ ٻيا سڀ شاه جي پِٽَ سببان مري چڪا هئا. شاه چيو ته ڀل گولو به مري وڃي جيئن اڳتي ڪو اهنج نه رسي (”مُئو گولو لٿو ڀولو“). ٿورن ئي ڏينهن ۾ گولي جا پساه پورا ٿيا، ۽ شاه انهيءَ حسين مغل نينگريءَ سان شادي ڪئي. +شاه جي ڳوٺ ڀرسان (مخدوم) نوح هالائي جو مقبرو هو، (جنهن جي جاءِ نشين) ڳجهيءَ طرح ڪوشش پئي ڪئي ته شاه کي ڪنهن طرح پنهنجي نزديڪي ۾ رهڻ کان روڪي. شاه لاچار ٿي ملتان ڏي هليو ويو، جتي پنهنجو احوال غوث بهاول شاه[12] سان وڃي ڪيائين. انهيءَ فرمايس ته سنڌ ملڪ ڏي موٽ ۽ وڃي سيّد معصوم شاه سان اڏيري لعل جي نزديڪ سندس ”ديري“ تي مل. شاه ائين ڪيو، ۽ سيّد معصوم شاه حڪم ڏنس ته وڃي هڪ وڏي ڀٽ والار، جنهن جي هيٺان پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، ۽ جنهن تري ۾ لڌڙن جي لڏ پيل آهي. انهيءَ هنڌ کي هينئر ”شاه جي ڀٽ“ سڏبو آهي. +شاه جڏهن اتي پهتو تڏهن ساڻس فقط ٿورا فقير هئا، ڇاڪاڻ ته هن فقط اتي هڪ رات جي ڊاٻي جو ارادو ڪيو هو. پنهنجا ٻار ۽ مائٽ وسڻ جي ڳوٺ (؟) ۾ ڇڏي آيو هو. ٻئي ڏينهن فجر جو سوير هو جاڳيا ته ڇا ڏسن ته هڪ نانگ پڇڙي وات ۾ وجهيو، سندن گردو ڪيو ويٺو آهي. شاه اهو عجيب نظارو ڏسي گوڏن ڀر ڪري پيو، ۽ سيّد معصوم شاه کي هن طرح سڏڻ لڳو: ”او سيّد! مون تنهنجي حڪم موجب هتي سڪونت ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پوءِ ڇو هن بلا کي موڪل ڏني اٿئي، ته اسان کي گهيرو ڪري؟“. جواب ۾ هڪ آواز آيو: ”توکي جو هيڏيون ڪرامتون آهن ۽ پنهنجي ڪٽنب کي هت رهائڻ ٿو چاهين، ڇا توکي ايتري طاقت ناهي جو هڪ ننڍڙي نانگ جي سنڀال ڪرين؟ جو ڳيڪو ويس پائي نانگ کي بگري ۾ وجهي ڇڏ.“ شاه ��ئين ڪيو. ماڻهن جو اعتقاد آهي ته اهو ڪو سچو پچو نانگ ڪونه هو، پر مخدوم نوح (جي گادي نشين جو خاص خليفو) سيّد حسن شاه هو، جنهن لاچار ٿي نانگ جي صورت ورتي هئي ته شاه کي مخدوم نوح جي پسگردائي ۾ رهڻ کان روڪي. مخدوم محمد زمان جو مخدوم نوح جي درگاه جو پنجون مسند نشين هو، تنهن جڏهن نانگ جي پڪڙجڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن شاه کي عرض ڪيائين ته سيد حسن شاه جي بند خلاص ڪري، ۽ جيڪو ملڪ سانڱڙي واه جي پريان پيو آهي، سو بيشڪ پنهنجي قبضي ۾ آڻي. +شاه نانگ کي آزاد ڪيو، ۽ پنهنجو قبيلو لڏائي اچي ڀٽ تي جاءِ اڏائي ويٺو. هاڻ شاه کي مريدن جي وڏي جماعت هئي، جن مان مکيه مريد ”تمر فقير“ ٿي گذريو آهي، جو شاهه جي وفات تائين سندس خدمت ڪندو رهيو. هو شاه جو ڪاتب پڻ هو، ۽ پنهنجي سائين جو ڪلام قلمبند ڪندو ايندو هو. اهڙي طرح هڪ وڏو پستڪ ٺهي پيو، جنهن کي ”شاه جو رسالو“ ڪري سڏيندا آهن. هو پنهنجي مريد جي باري ۾ چوندو هو ته ”جنهن تمر کي ڏٺو تنهن گويا دنيا ۽ عقبيٰ حاصل ڪئي“. کيس ٻيو به هڪ مريد سيّد بلال نالي هو، جنهن کي هو پنهنجو پٽيلو ڪري سمجهندو هو. هو ڀٽ کان ٻه ميل پري سانڱڙي واه جي ڪپ تي رهندو هو. +هڪ دفعي جيئن شاه صاحب بلال جي ملاقات ڪري موٽيو ٿي ته واٽ تي جاني فقير جي گهر وٽ وڃي وسرام ورتائين. جاني فقير جي پٽ (عفات) جي شاه سان الفت ٿي ويئي، ۽ پوءِ ڪيترائي سال سندس ڪنجڪ ۾ رهيو. پڻس نياپو ڏياري موڪليس، پر هن ورڻ جي نه ڪئي. انهيءَ تي جاني فقير جي ڪاوڙجي شاه عبداللطيف کي پاراتو ڏنو ته ”پٽ ڪونه ٿيندءِ“ شاه مشڪي جواب ڏنو ته کيس پٽ جي ضرورت ناهي، سندس مريد سندس ٻالڪائي آهن. +شاه سچ پچ ته لا ولد وفات ڪئي. سندس مسند نشين سيد جمال شاه جي نسل مان ٿيا، جو شاه حبيب جو ڀائيٽيو هو. جڏهن شاه جي جماعت مقيم ٿي ويٺي، تڏهن فقير راڳ ڳائڻ ۽ تنبورن ستارن وغيره ٻين سازن وڄائڻ ۾ دل پوري ڪرڻ لڳا اها ڳالهه ٺٽي ننگر جي مخدوم ٺاري[13] جي ڪنن تي پيئي، جو هڪدم اچي ڀٽ تي سهڙيو ته شاهه کي اهڙي منڊل ۽ ڪلول کي درس ڏيڻ کان منع ڪري. شاه اڳيئي پاڪ دين جو مرم ڪري فقيرن کان سڀئي ساز وٺي هڪ ڪوٺيءَ ۾ تالو ڏيئي بند ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن مخدوم ٺارو اتي آيو، تڏهن ان ڪوٺي مان سازن جو آواز نڪرندو ٻڌائين. پڇيائين ته سازيندڙ ڪير آهن. تڏهن واڍوڙيل ۽ ڪٺل پاڻ ۾ گڏجي وايون ڪندا آهن، تڏهن شاهه فرمايو ته ڪاٺ ڪوڪندو آهي ”يا ڪريم، يا ڪريم“ ۽ تندون تنواريندو آهن ”تون هي تون.“ اهي دانهون ڪندا آهن جو گهڻي وڇوڙي بعد پاڻ ۾ مليا آهن. وڍيل آهن الله جا سچا عاشق، جي شڪايت ڪن ٿا. مگر جنهن درد سان سندين دل ڀريل آهي، تنهن کي اظهار نٿا ڪن. ”اها ٻاڦ به ٻاهر نٿا ڪڍن، رڳو سڪ ۽ سوز سان پنهنجي مقصود جي طلب ۾ مشغول آهن“ [14]انهن لفظن مخدوم ٺاري (جي دل) تي هڪ عجيب اثر پيدا ڪيو ۽ هو هڪدم شاه جو مريد ٿي پيو. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، ڊسمبر 1958ع تان ورتل. اصل ۾ هي احوال ڪنهن سرڪاري ملازم جو سنڌيءَ ۾ لکيل هو، جو سنڌ سرڪار جي ترجمان ڊبليو سائودي (Southey) نالي، سربارٽل فريئر لاءِ 7 نومبر 1870ع ڌاري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ وڏن فولسڪيپ پنن تي ڇپيل آهي. سائوديءَ، جي انگريزيءَ ترجمي جو هڪ پراڻو ۽ زبون نسخو مون کي جناب محترم نواب عبدالرحيم خان ولد مرحوم نواب خداداد خان مؤلف ”تاريخ لب لباب سنڌ“ پراڻي سکر واري جي هٿان مليو، جنهن لاءِ مان سندس نهايت شڪر گذار آهيان. منهنجي نظر ۾ هيءُ آڳاٽي ۾ آڳاٽو شاه لطيف رحه جي زندگيءَ جو احوال آهي. هي به ٻن اولياءالله جي تذڪرن وانگر ڪرامتن، ڪ��شمن ۽ ڏند ڪٿائن سان ڀريل آهي، جي سندين حياتيءَ جو حصو آهن، ۽ ڪنهن به طرح جدا ڪري نٿيون سگهن (ع./). +[2] خبر ناهي ته سوانح نگار سيّد عبداللطيف کي ڇو شيخ عبداللطيف ڪري لکيو آهي. مرشد کي به شيخ چئبو آهي. +[3] در حقيقت: تڙپوٽو، سيد عبداللطيف بن سيد حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد عبدالڪريم. +[4] هي سارو بيان حقيقت جي برخلاف آهي. شاه ڪريم کي چار پٽ ها: (1) سيد دين محمد (2) سيد لعل محمد (3) سيد حسين ۽ (4) سيد جمال +[5] انگريزيءَ ۾ مطلب ٻيءَ طرح ڏنل آهي. شايد اهو ٻئي ڪنهن بيت جو ترجمو آهي، جو رسالي ۾ موجود ناهي: آي ڄام، مون کي جونئن هلاڪ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڏينهن مون لاءِ ڏکيا گزريا اهن. هنئين جي هنجن سان مون تڪليفن جو مقابلو ڪيو آهي، اهي مشڪلاتون اوائل ۾ وڏيون نظر نٿي آيون. پر جلد ئي اهي مون کي ڏکوئڻ لڳيون، ڄڻڪ ڪنڊا آهن. +3 انگريزي جو اکري ترجمو: واريءَ هن کي ٻوساٽي ڍڪي ڇڏيو، تان جو هو مري ويو. +[7] انگريزيءَ جو لفظي ترجمو: جيستائين هن کي ساه آهي، تيستائين هو پنهنجي محبوب جي پسڻ جي ڪوشش کان نه رهندو. +1 حقيقت ۾ نانيءَ جو مڪان لس ٻيلي جي نزديڪ هڪ ٽڪر تي آهي ۽ نه لکپت ۾، جتي رمتو فقير زيارت لاءِ ويندا آهن. ناني اصل ۾ هڪ متقڻ عورت جو نالو هو، جا انهيءَ هنڌ پوريل آهي. کيس حضرت علي ڪرم الله وجهه دعا ڪئي هئي، جنهن ڪري وڃي ولايت جي درجي کي پهتي. سندس مقبري جي آس پاس پٽ آهي جنهن کي ”علي جو ميدان“ چوندا آهن. +1 اهڙي قسم جي خرافات علم ۽ عقل جي خلاف آهي، جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ها ته خود پاڻ ڪريم صلعم جن دشمنن جي تعقب کان غار ثور مان ٽٻي هڻي وڃي مديني نڪرن ها. +1 انگريزيءَ جو لفظي ترجمو آهي: ملان ڪانڊيرا آهن، تنهنڪري کڻ کُڙي ۽ ڀج، متان ڪنڊن سان ڪپڙا نه چيهاڙيون ٿي پونئي. +2 انگريزيءَ جو لفظي ترجمو آهي: ملان ۽ برهمڻ، چهڙا ۽ نيچ آهن. اهي سواءِ مانين پنڻ جي ٻيو ڪجهه به نٿا ڪن. +1 هي بيان نسورو غلط ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته غوث بهاءالحق، ڪيتريون صديون شاهه جي زماني کان اڳي ٿي گذريو آهي. شايد شاه پنهنجي همعصر، غوث بهاءُالدين جي ڪنهن معاصر مسند نشين وٽ ويو هجي. پر ڪاڏي وئي شاهه جي ڪاني ڪرامت، جو پاڻ جهڙي يا پاڻ کان گهٽ پير وٽ مدد لاءِ وڃي؟ ۽ ان کان سواءِ ”ڀٽائي ۽ هالن جي مخدومن جي تعلقات“ تي حضرت مخدوم نوح رحه جي موجوده سجاده نشين حضرت محمد زمان صاحب طالب الموليٰ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جو ان ڳالهه تي وڌيڪ روشني وجهي ٿو ۽ انهن سمورين ڪوڙين روايتن جي ترديد ٿئي ٿي. +[13] مخدوم معين الدين، جنهن کي ماڻهو عام طرح ”مخدوم ٺارو“ سڏيندا هئا +[14] هيءُ شاه جي هيٺئين بيت جو شرح ٿو ڏسجي: +وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري +هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لءِ هاري. +جو خود مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي پهرين بيت جو اقتباس آهي. +بشنو از ني چون شڪايت ميکند، از جدائيها حکايت ميکند، + + +جڏهن شاه جوان هو [1] تڏهن سڀ ڪنهن ڏينهن ٺٽي وڃي مخدوم جو وعظ ٻڌندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن قضاني هو حاضر ٿي نه سگهيو ۽ مخدوم جي وعظ ٻڌندڙن جي دلين تي ڪوبه اثر ڪونه ڪيو. جڏهن کانئس انهيءَ ڳالهه جو سبب پڇيائون، تڏهن چيائين ته ”اهو شخص جو دل ۽ جان سان وعظ ٻڌندو هو، سو غائب آهي“. ٻئي ڏينهن شاه اچي مجلس ۾ شامل ٿيو. وعظ تمام زور وارو هو ۽ هر ڪنهن ٻڌندڙ تي وڏو اثر ڪيائين. وعظ جي آخر ۾ مخدوم سڀني سامعين کي سڏي شاه ڏي اشارو ڪيو، جو هڪ سامي فقير جي ويس ۾ ويٺو هو. ڇا ڏسن ته شاه جي پوشاڪ سڄي رت جي ٽڪن سان ڀري پئي آهي(3). شاه ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، ه�� کي ڪابه بيماري ڪانه ٿي. پر مراقبي ۾ پران ڏنائين 1165هه، 1751ع). کيس ڀٽ تي دفنيائون، انهيءَ گنبذ واري مسجد جي لڳ، جا پنهنجي هٿن سان جوڙي هئائين. سکر جي مشهوري رازي عيدن غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪم سان سندس مقبرو (1167هه 1753ع) ۾ اڏيو. ٻيون قبرون پڻ ٺاهيون ويون، جن ۾ سندس ڪٽنب واران ۽ فقيرن جا جنازا رکيل آهن مير محمد خان ستت ئي شاه جي مقبري کي هڪ صندل جو دروازو چانديءَ جي پٽن سان وجهايو. خيرپور جي لونگ فقير، جو هڪ شاهه جو مريد هو، تنهن مقبري جي ڏاکڻي طرف (ڪراڙ) ڍنڍ جي ڪپ تي هڪ کوه ٻن پؤڙين سان کڻايو، ۽ پڻ ٻه وڏا گهر ۽ ڳچ ڪٽهڙا کڙا ڪيائين. ٻيون جايون زيارتين ۽ فقيرن جي رهائش لاءِ پوءِ ڀرو شاه صاحب جي سجاده نشينن ٺهرايون. موجوده (1870ع) جو سيّد مسند ڌڻي آهي، سو شاه عبداللطيف جو ستون قائم مقام آهي. +شاه جي پونين کي گذران ۽ معاش لاءِ پنهنجا مستقل ذريعا آهن، ۽ آرام سان رهن ٿا. مير ۽ ٻيا رئيس سندن مريد آهن، جي ڪشاده دليءَ سان شاه جي مقبري تي ڀيٽائون ڏيندا آهن. +--------- +شاه ڀٽائي ۽ مخدوم محمد کهڙائي[2] +تازو مخدوم شفيع محمد کهڙن واري مخدوم محمد عاقل صاحب جي فارسي تاريخ ”گنجينہءِ جهان نما“ جي هڪ حصي جو ترجمو مطالعي لاءِ ڏنو. ان ۾ قديم سنڌ جي ڏند ڪٿائن سان ڀريل تاريخ ۽ اولياءالله جو ڪرامتن سان ٽمٽار احوال ڏنل آهي، جنهن کي ڪابه تاريخي اهميت ڏيئي نٿي سگهجي. تاهم منجهس ڪي نيون ڳالهيون آهن، جي دلچسپيءَ کان خالي نه آهن، انهن مان شاه لطيف رحه ۽ مخدوم محمدي رحه جي ملاقات جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. +هڪ دفعي شاه صاحب سير ڪندو اچي کهڙن جي شهر ۾ نڪتو ۽ فقير ميان چنيہ جي کوه تي اچي منزل انداز ٿيو[3]، ۽ ساڻس ڳچ خليفا ۽ قوال به طنبورن سميت همراه هئا. مخدوم محمدي صاحب جي ماڻهن شاه صاحب کي نه سڃاتو ۽ سندس اها روش غير شرعي محسوس ڪري قدري ناراضگي به ڏيکاريائون. شاه صاحب کانئن پڇيو ته جيڪڏهن ڪو آدمي هن شهر ۾ اهڙو غير شرعي ڪم ڪري، ته ان کي ڪهڙي سزا ڏيندا آهيو؟ جواب ڏنائون ته ان کي تعزير ڪندا آهيون، يعني ان جو ڪارو منهن ڪري، پٺيرو گڏه تي چاڙهي ۽ شهر ۾ ڦيرائي ”هيڙو هيڙو“ ڪندا آهيون. تهان پوءِ خليفن وڃي مخدوم صاحب کي خبر ڏني ته ههڙي وضع وارو شخص طنبورن ۽ قوالن سان اچي پرگهٽ ٿيو آهي. مخدوم صاحب کي مڪاشفي سان معلوم ٿيو ته اهو شخص خود حضرت شاه ڀٽائي آهي، تنهن تي پنهنجو خاص ماڻهو دعوت لاءِ ڏانهس موڪليائين. شاه صاحب هڪ ٺڪريءَ تي ڪوئلي سان هيٺيون جواب بيت ۾ لکي موڪليو[4]: +اڄ نه آيس آنءُ، سڀان ايندس سپرين +توتي جنهن جو نانءُ، کڻي بار کُهِيَنِ جو. +مخدوم صاحب اهو جواب پڙهي وجد ۽ حال ۾ اچي ويو. +ٻئي ڏينهن صبح جو حضرت شاه صاحب بنان چوڻ چائڻ پاڻ کي تعزير ڏيئي، گڏه تي سوار ٿي گهٽيون گهمندو، اچي مخدوم صاحب وٽ پهتو. مخدوم صاحب کيس سڃاڻي چيو ته ”توهين پنهنجي مشرب کان مجبور آهيو. توهان جو پاڻ کي تعزير ڏيڻ اجايو آهي.“ ڀٽائي صاحب وراڻي ڏني ته ”شرع محمدي برسرو و چشم منظور آهي.“ +حضرت شاه ڀٽائي جو سفر خواه حضر ۾ دستور هوندو هو ته پوئين رات جو تهجد جي نماز کان پوءِ، سرودن سان قوالن فقيرن جي مدح خواني ۽ قوالي ٻڌندا هئا. جڏهن مخدوم صاحب وٽ اچي مهمان ٿيا، ته ان رات مخدوم صاحب جي خليفن سرودن وغيره کي قفل ڏيئي حجري واريءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري رکيو هو. جڏهن سحور جي وقت تهجد کان پوءِ حضرت شاه صاحب مراقبي ۾ ويهي رهيو ۽ فقيرن قوالي شروع ڪئي، تڏهن ڪوٺيءَ ۾ بند ٿيل سرود ازخود وڄڻ لڳا. مخدوم صاحب خليفن کان پڇيو ته: اهي مزامير ڪير ٿو وڄائي؟ خليفن چيو ته: قبلا سائين! اهي ته ڪوٺي ۾ اندر قابو آهن ۽ پاڻهي پاڻ ٿا وڄن. تنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته: اهي انهن تي مباح آهن. +الغرض ته ڀٽائي صاحب کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ هفتو کن رهيل هو. ان کان پوءِ موڪل وٺي درازن ۾ فقير ميان صاحبڏني فاروقيءَ وٽ ويو، جو ان وقت سرڪاري اهلڪار هو. کيس چيائين ته: اوهين سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏيو، جو اوهين صاحب امانت جا ٿيندؤ. کيس هڪ کوهي کڻڻ جو حڪم ڪيائين، انهيءَ جاءِ تي جتان پاڻ اڳيئي ڪوڏر جو لپو هڻي مٽي ڪڍي هئائين. پوءِ رخصت وٺي واپس ڀٽ شريف تي هليو ويو، ”دروغ بر گردن راوي“. +________ +شاه لطيف جي تصوير[5] +(شاه جي سچي تصوير اصل کان موجود ناهي) +اسان جي سونهاريءَ سنڌ قديم زماني ۾ اهي اڪابر پيدا ڪيا، جن دنيا جي مسلمانن کي ديني ۽ روحاني علوم جا سبق پڙهايا. جن جي فيض جي چشمي مان گهڻائي اُساٽيل سيراب ٿيا؛ جن اجتهاد جو نعرو هڻي تقليد جي تاڙي ڀڳي ۽ جن پنهنجو فضل ۽ ڪمال اوج تائين پهچايو. اڄ انهن جا پويان اصليت کي ڇڏي نقليت کي چنبڙي ويا آهن، ۽ پنهنجي دماغ جا در پوري ٻين جي ٻريل چراغ کان روشني اڌاري وٺي رهيا آهن. +ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي +اُنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار +ڪٽين ڪٽ لوهار، هاڻي اُنهين ڀيڻيين. +(شاه) +ادبي نقالي ۽ چوري ته ايتري قدر وڌي ويئي آهي، جو ڪي نو ساخته نام نهاد اديب جا مضمون چورائي، انهن تي پنهنجو نالو ڌرين ٿا، ڪي وري مصنفن جا نالا مٽائي ڪتابن جا ڪتاب پنهنجي نالي ڪن ٿا. ڪي وري ٻين کان ٿورن پئسن تي ڪتاب ۽ شعر لکارائي، انهن تي پنهنجو نالو ٿڦين ٿا، ۽ ڪي وري امانت تي ورتل ڪتاب تڳائي، انهن جي موٽائي ڏيڻ کان نابري وارين ٿا. آءٌ حيران آهيان ته ههڙي سرقہ مان ڇا ٿو هٿ اچين! ايترو به احساس نه اٿن ته آخر خون ۽ کستوري ڳجها ڪين رهندا ۽ اها سندن چوري اُره زوري نيٺ ڦاٽندي، پوءِ خداوند ۽ خلق کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا، يوم تبلي السرائر فمالہ من قوة ولا ناصر. شايد دنيا ۾ اها بازي ڦٻي وڃين، پر آخرت ۾ ته ضرور انهن جو ڦورو ڦلهندو. +مان قارئين ڪرام جو ڌيان هڪ عبرتناڪ ۽ دلير تدليس ڏي ڇڪايان ٿو. ادبي نقطہ نظر کان بالڪل واجب آهي ته اهڙو ڊوهه ظاهر ڪجي. عالم آشڪار آهي ته اسان جي سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاه لطيف رحه جي ڪابه تصوير موجود ڪانهي. باقي سندن حليو مبارڪ سو معلوم آهي. مرحوم مير عبدالحسين سانگي جي لفظن ۾: ”سندن قد بلند بالا ۽ سنئون هو، سندن چمڙي ڪڻڪ رنگي هئي ۽ سندن سونهاري هموار ۽ شرع شريف جي مواقف هئي ۽ شهپرن[6] کي برو سمجهندا هئا. سندن حق بين اکيون ڪشاديون ۽ ڳاڙهيريون ۽ ماڻڪيون ڪاريون هيون. سندن پيشاني صاف ۽ ڪشادي هئي. سندن سينو، جنهن ۾ ڪيني جو ذرو به ڪونه هو ۽ الاهي معرفت سان ڀريل هو، موڪرو هو. بدن ۾ پورا پنا هئا، نه پتلا نه ٿلها...“. باوجود انهيءَ صاف بيان جي سنڌ جا صورت پرست، معنيٰ جا محتاج ائين ڀائيندا آهن ته شاه جي ڪا خيالي تصوير ڪڍون. مورک بني اسرائيلن سامريءَ جي هر ڪاهڻ تي خدا کي گابي جي صورت ۾ پوڄيو ۽ بت پرست هندن خدا جي ذات والا صفات کي ٽه مورتي جي شڪل ڏني ۽ ايران جي ڀليل نقاشن رسول الله صلعم جي معراج واري منظر کي هڪ براق تي سوار برقع زده انسان سان تشبيهه ڏني. گويا ظواهر ۾ ڦاٿل ڀورڙن کي آڪاريءَ صورت بغير معنيٰ جي سخت مشڪل نظر آئي. اندر ۾ گهڻا ئي گهاٽ گهڙيائون، گهڻائي بوتا ۽ صنم ٺاهيائون، پر معنيٰ جي مغز کان محروم رهيا. شاه لطيف جي شان واريءَ شخصيت جي سمجهڻ لاءِ هنن کي ظاهري صورت جي ضرورت ٿي ۽ ��ن جي معنوي لطائف ۽ فضائل کان مهجور رهيا. +شاه جي تصوير شايع ڪرڻ جو خيال پهريائين مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جي دل ۾ پيو ٿو ڏسجي. کيس شاه لطيف بريءَ [7] جي تصوير ڪنهن طرح هٿ چڙهي، جا پنهنجي 1913ع واري شاه جي رسالي جي ڇاپي اڳيان سرورق تي ڇپائي، ڀانيائين ته شايد ڪو ٻيو شاه لطيف بحري ٿي گذريو آهي. سو هيءَ تصوير ضرور شاه عبداللطيف ڀٽائي جي هوندي. پر هن فضيلت جي صاحب ايمانداريءَ سان ”بري“ لفظ تصوير هيٺان باقاعدي بحال رکيو ۽ هروڀرو ائين ڪونه لکيائين ته هي شاه عبداللطيف جي تصوير آهي. هن تصوير ۾ هڪ شخص مٿي اگهاڙو، مڇون وڏيون، چيتي جي کل جي لنگوٽ سان، ڍنڍ جي ڪناري تي وڻ هيٺ مراقبي ۾ ويٺو آهي، وڻ جي ٿڙ ۾ ٻه ٽي ستارون به ٽنگيون پييون آهن. جي شاه لطيف جي حليي کان بيخبر آهن، سي ضرور دوکي ۾ پوندا ته اها صورت شاه لطيف جي ئي آهي. +بهرحال شاه لطيف بريءَ جي شبيهه وڌيڪ انگور ڪڍيا. سنه 1946ع ڌاري شاه لطيف جي ٻاريءَ وارن، هڪ هندو مصّور مسٽر دادلاڻيءَ هٿان شاهه لطيف جي هڪ ٻي تصوير ڪڍائي. انهيءَ رسام جي تخيل ته هيڪاري وڃي توڙ ڪيو. شاه کي هڪ ننڍڙي ڳڀرو جوان جي هيئت ۾ ظاهر ڪيو اٿس. مٿو اگهاڙو، ننڍڙي شهمور ڏاڙهي، ڪنن ۾ ڪيوٽيون، پير اگهاڙا، کاٻي پير ۾ ڪڙي، ڀرسان سنهيءَ ڳچيءَ وارو ڪونرو ۽ پريان هڪ پوشيدي ملتاني جتي ٺهي ٺڪي رکي اٿس. وري دعويٰ ته اِها شڪل سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڏنل بيان موافق آهي. سبحان الله! +هن کان پوءِ پرسال تازو مرحوم غلام محمد شهواڻيءَ، شاه جو رسالو ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪرڻ گهريو، تڏهن دل ۾ خبط جاڳيس ته رسالي جي سرورق تي ڪانه ڪا شاه جي مورت ڇپايان. سو نڪا ڪيائين هم، نڪا ڪيائين تم، مسٽر ايم. گدواڻي جي انگريزي ڪتابچي ”شاه لطيف“ تان، هڪ هندستاني صوفي (اتن انڊين صوفي) جي تصوير، جا کيس 1922ع ۾ برٽش ميوزيم (بريطاني عجائبخاني) جي ڪنهن قلمي نسخي مان هٿ آئي هئي، سان کڻي ڇپايائين. اهو ته ٺهيو پر هڪ هندستاني صوفي جا لفظ به محو ڪري، ان جي هيٺان لکيائين ”شاه عبداللطيف ڀٽائي“. انهيءَ تدليس ۽ جعلسازيءَ تي مون مرحوم کي گهڻوئي ڇينڀيو هو، پر ڏڌل کير ٿڻن ۾ پئجي نٿو سگهي. +پر اها خرابي اتي ختم نه ٿي. مارچ 1951ع ۾ جڏهين ميان محمد عثمان ڏيپلائيءَ پنهنجو ”اصلي وڏو مڪمل (؟) شاه جو رسالو“ شايع ڪيو، جو سندس دعويٰ موجب ”سڀني رسالن کان گهڻن بيتن وارو آهي“ (!)، تڏهن ان جي غلاف توڙي سرورق تي ساڳي برڪت واري تصوير ڇپايائين، ۽ پڻ ان جي سرورق تي هي لفظ وڌائين ”اصلي تصوير شاه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليہ“. مطلب ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ. هن تصوير ۾ اهو هندستاني صوفي پيش جي تڏي تي، ساڄي پاسي کان صندل تي طول رکي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي، کاٻي هٿ ۾ وڃڻي اٿس، ۽ مٿي تي اڇي ڪپڙي جي بخائين ٽوپي. عجب جهڙي ڳالهه آهي جو هڪ متشرع صوفي، ٺهي ٺڪي پنهنجي صورت ڪڍائي، ۽ اندر جي اصنامن کي ڀڃڻ بدران اٽلو پنهنجي بت کي پوڄڻ لڳي! آنجهاني سر ٽي. ڊبليو. آرنلڊ، جنهن گدواڻيءَ جي ڪتاب تي تمهيد لکي آهي، تنهن تمهيد جي آخر ۾ انهيءَ تصوير جي باري ۾ هي لفظ فرمايا آهن: ”شاه لطيف جي ڪابه سچي صورت معلوم ناهي، مگر سرورق تي ڏنل تصوير هڪ اهڙي طبقي جي مسلم ديني بزرگ جي آهي، جنهن ۾ شاه لطيف به هو.“ +هينئر جڏهن هر سال شاه جي ورسيءَ ملهائڻ جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي آهي، تڏهن هرڪو واجهه وجهي رهيو آهي ته ڪهڙي به طرح شاه جي تصوير ايجاد ڪريون، خواه حقيقي هجي خواه موهومي. اسان جي فاضل دوست مولوي عبدالواحد سنڌي ايڊيٽر ”نئين زندگي“ جي اڳيان شهواڻي صاحب جو شاهڪار موجود هو. سو کيس خيال آيو ته ڇونه ”شاه لطيف عدد“ کي انهيءَ تصوير سان سينگارجي. ڇا ڪيائين جو انهيءَ ”هندوستاني صوفي“ جي تصوير جو بلاڪ ٺهرائي، ان جو ٺپو ”نئين زندگيءَ“ جي عنواني صفحي تي هڻڻ گهريائين. اتفاق سان مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ مورت جو تذڪرو ڇيڙيائين. تنهن تي مون کيس گدواڻيءَ وارو ڪتاب هوبهو ڏيکاريو ۽ چيومانس ته: اها تصوير شاه لطيف جي ناهي، بلڪ هڪ هندوستاني صوفي جي آهي، جا مرحوم شاهواڻي ماڻهن کي مونجهاري ۾ وجهڻ لاءِ شاه ڏي منسوب ڪئي آهي. انهيءَ باري ۾ مون هڪ خط پاڪستان جي ”اداره مطبوعات“ جي نائب مدير مسٽر عزيز احمد ڏانهن به لکيو ۽ روبرو به سمجهايومانس. آخر پنهنجي چوڪ قبول ڪيائون، پر چيائون ته: جنهن صورت ۾ بلاڪ وغيره تي ڪافي خرچ ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري رڳو تصوير شايع ڪئي ويندي. پر ان جي هيٺان نڪي شاه جو نالو نڪي هندوستاني صوفيءَ جا لفظ درج ڪيا ويندا. بهرحال اها مورت ”نئين زندگي“ جي سر صفحي تي لڳي، ۽ نئين چشم بندي شروع ٿي. جيئن ته انهيءَ مورت جو واسطو شاه جي ورسيءَسان هو، نه فقط عام ماڻهن دوکو کاڌو، پر الوحيد جي سابق فاضل ۽ محقق ايڊيٽر به ان کي ”شاه جي تصوير“ ڪري ليکيو. ”چو گل بسيار شد“ پيلان بلغزند“، فاعتبرو يا اولي الابصار. +شاه جو شان ڪاغذي تصوير کان مٿهون آهي. سندس مورتون ڇپائڻ سنديس شخصيت جي اهانت ۽ بي مروتي آهي. اهڙين حرڪتن کان باز اچڻ گهرجي. جن جو اندر اجرو آهي ۽ دل جون طاقتون کليل اٿن، تن کي شاه جي بزرگيءَ جي تصور لاءِ ٻاهرين ٽيڪن جي ضرورت ناهي. شاه جي عظمت ۽ بلندي انهيءَ ۾ آهي ته خود سندس ڪلام پڙهي پرجهون ۽ دوئيءَ جا ورق ورائي ڇڏيون. اهي صنم ۽ صورتون پاڻ حجاب آهن ۽ دوست جي ديدار کي ڇپائين ٿيون. اهي گهڙائي گهوريا جي محبوب جي ملڻ ۾ گهڙيون وجهن. +صورت سوجهه مَ تنهن جي، پيءُ پڇين ٿو جو +اِي سخن آهي سو، جو منهن مقابل نه ٿئي. +(شاه) +[1] مخدوم ٺارو ۽ شاه صاحب لڳ ڀڳ هم عمر هئا. +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1955ع تان ورتل +[3] اهو کوه اڄ تائين کهڙن جي شهر جي اوڀر طرف ”قبي وارو کوه“ جي نالي سان مشهور آهي. +[4] هيءَ به شاه صاحب جي اُمي نه هئڻ جي هڪ نشاني آهي. +[5] ماهنامي ”نئين زندگي“، فيبروري 1952ع تان ورتل. +[6] منهنجي ڪينئن کاڌل ”لطائف لطيفي“ جي نسخي مان هي لفظ کاڄي ويو آهي، تنهن ڪري اوٽ تي لکيو اٿم. +(1) شاه لطيف بري ڏهين صدي هجريءَ جو هڪ صوفي قادري بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مزار راولپنڊيءَ جي ڀرسان ”نور پور“جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ آهي، جتي هر سال ويساک مهيني جي 15 تاريخ کان پوءِ پهرئين خميس تي ميلو لڳندو آهي. مون کي معلوم ٿيو آهي ته اهو فوٽو ميرزا صاحب جن کي خبر ڏيڻ کان سواءِ پوڪرداس وارن ڇپايو هو ۽ ميرزا صاحب جن جو انهي فوٽي سان ڪو تعلق ناهي. + + +شاه جي عظمت جا اسباب[1] +هيءَ ڳالهه ته عام مڃيل آهي ته شاه لطيف دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪڙو آهي. سنڌ جي شاعرن ۾ ته سندس درجو سڀني کان مٿانهون آهي، خصوصاً بيت گوئي جي باب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. کانئس اڳ توڙي پوءِ ڪيترائي نام ڪٺيا شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ فن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. پر انهن جو ڪلام گويا بيجان بوتو آهي، جنهن مان ڪنهن به قسم جو روحاني رس ڪونه ٿو اچي، اِلا ماشاءالله. خدا ئي ڏنل ڏات سان ڪنهن جي ريس ڪانهي. ڪوبه لئيءَ مان لٺ ڀڃي شاعر ٿي نٿو سگهي. +ٻه ٽي سال ٿيا جو مون کي سنڌ جي سڄڻ ۽ شاه جي شائق ڊاڪٽر سارلي پنهنجو دنيا جي ڇهن قديم ۽ جديد ٻولين (جهڙوڪ، يوناني، لاطيني، فرانسوي، عربي، سنڌي ۽ اردو) مان 13 چيده شاعرن جي غنائي شعر جو انتخاب، پنهنجي انگريزيءءَ ۾ شاعراڻي ترجمي ساڻ هديه طور موڪليو هو.افسوس جو انگريزي، الماني، اسپاني، لاطيني وغيره موجوده زبانن مان ڪي به ٽڪرا نموني طور ڪونه ڏنا اٿس. سنديس راءِ موجب غنائي وجداني شعر جي ميدان ۾ شاه سڀني کان سرسو آهي، ۽ انهن تيرهن شاعرن مان ڪوبه ساڻس برميچي نٿو سگهي. خود پاڪستان جي مشهور شاعر اقبال تي به شاه کي ترجيع ڏني اٿس، ڇاڪاڻ ته اقبال سواءِ ڪن جزوي نظمن جي پنهنجي ساري ڪلام ۾ فارسي شاعريءَ جي تقليد ڪئي آهي، جو لفظ موجوده وقت جو اردودان طبقو به اڻ پوري طرح سمجهي سگهندو. ان جي برعڪس شاه جو ڪلام سراسري فطري، سادو، سلوڻو ۽ شيرين آهي، جنهن کي عام خاص ماڻهو پوريءَ طرح پروڙي ۽ ڳائي وڄائي ان مان پورو حظ وٺي سگهن ٿا ۽ ڪنهن به خاص طبقي تائين محدود ناهي. +سارلي صاحب شايد وطن پرستيءَ جي موه کي لڪائڻ خاطر انگريزي غنائي شعر ڏي اشاري ڪرڻ کان احترام ڪيو آهي، نه ته هوند چئي ڏئي ها ته شاه جو غنائي شعر نه فقط مذڪور شاعرن جي شعر کان اعليٰ ۽ اتم آهي، پر خود شيڪسپيئر، شيلي، ورڊس ورٿ، ڪيٽس وغيره کانئس گهڻو هيٺ آهي. سوال آهي ته آيا شاه جو شعر مٿين انگريزي شاعرن جي شعر کان افضل ۽ احسن آهي، يا اها دعويٰ ڪرڻ ئي مورڳو حقيقت جي ابتڙ ۽ مبالغي آميز آهي؟ منهنجي ناقص خيال موجب ته تنوع ۽ تفنّن جي لحاظ کان اِهي انگريزي شاعر کڻي شاه کان ڪي رتيون ڪثر هجن، پر روحاني نقطهءِ نظر کان شاه جو ڪلام گهڻو بلند ۽ بالا آهي. ازانسواءِ شاه جو وطني شعر، جو هن مارئي جي وجود ۾ مجسم ڪيو آهي، تنهن جو مثال ساري دنيا جي شاعرن ۾ ڪو مشڪل ملندو. اهوئي هڪڙو گڻ آهي، جنهن کين ٻين شاعرن تي فوقيت بخشي آهي. +ڪنهن به شاعر جي بزرگي يا ڪوچڪي ان جي ماحول تي منحصر آهي. ملڪ جي مادي ۽ روحاني فضا، آب وهوا وغيره سنديس ذهنيت ۽ ڪيفيت تي اثر وجهن ٿا، تنهن ڪري ائين ڪين چئي سگهبو ته فلاڻو شاعر فلاڻي شاعر کان ڀلو ۽ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته بزرگي يا وڏائي هڪ اضافي يا اعتباري امر آهي. مثلاً هيئن چوڻ ته ابسن، شيڪسپيئر کان اڳرو آهي؛ يا شاه روميءَ کان، بلڪل حيف ۽ ظلم آهي، سڀڪو پنهنجي پر ۾ ماحول جي موافق وڏو يا ننڍو آهي، ۽ مقابلو ۽ مشابهت هرحالت ۾ مڪروه ۽ نامنظور آهي. هان! ڪي ٿورڙا شاعر برابر پنهنجي ماحول ۽ بسيط کان ٻاهر ٽپي، اهڙيون همہ گير ۽ سروڀومي حقيقتون سهڻي ۽ سندر پيرايہ ۾ اظهار ڪن ٿا، جي هر زمان ۽ هر مڪان سان عام لاڳو آهن. اهڙائي شاعر سدا جئرا ۽ جڳ جا رهبر آهن، جن ۾ ذات پات جو ڪو سنڌو سيڙهو ناهي، ۽ جي سڀڪنهن کي يڪسان پنهنجو فيض پهچائين ٿا: +ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سولهي. +اهڙا شاعر آهن شاه ۽ رومي. جن جي عظمت کان سارو عالم آهستي آهستي واقف ٿيندو وڃي. +سنڌ جي صحرا ۾ جو هي سرسبز گل پيدا ٿيو، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي، تنهن جي بزرگيءَ جا اسباب ڪهڙا هئا يا آهن؟ ڇا هن جي واقعي نگاري؟ ڇا هن جي اسلوب بياني؟ ڇا هن جي اخلاق پردازي؟ ڇا هن جي منظر مصوري؟ ڇا هن جي لساني نزاڪت ۽ خوبي؟ ڇا هن جي انساني عظمت ۽ انڪساري؟ ڇا هن جي روحاني لطافت ۽ خود انڪاري؟ اهي سڀ وصفون منجهس ڪوٽ ڪوٽ ڀريل هيون. بلڪ هو ڪِن اهڙين غير مفهوم صفتن سان به سينگاريل هو، جن جي بيان کان زبان ۽ قلم قاصر آهن. اسين فقط ڪن جزوي لساني خوبين تي اجمالي نظر وجهون ٿا، جي سنديس شاعراڻيءَ بزرگيءَ تي دلالت ڪن ٿيون. +عام طرح شاه جي ڪلام کي هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) غنائي (2) بياني (3) قصصي ۽ (4) روحاني. روحاني يا صوفيائي رمزون ته سڄي ڪلام جي رڳ ۽ ريشه ۾ سمايل آهن. هرهڪ بيت ۾ ڪو نه ڪو اونهو اسرار رکيل آهي، جنهن کي ڪي رند پروڙي سگهندا. تصّوف شاه جي ڪلام ۾ ائين آهي، جيئن ”سرندڙي ۾ وچون سڳو“. هِتان هُتان تصّوف جو درياه پلٽيو پاريون پيو ڪري. غناء يا راڳ يا نغمو سندس ساري ڪلام جي جند ۽ جان آهي. هر ڪنهن قسم جو سُر خوب آلاپي سگهجي ٿو. دهلن، ڌمرن ۽ شرناين جي ضرورت ناهي ۽ اهڙو ته من موهيندڙ، مٺو ۽ رقت انگيز آهي، جو دل ڏاريو ڇڏي ۽ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي اکين مان بي اختيار رحمت جا لڙڪ لڙيو پون. ڪهڙي به ڪٺور سنڌيءَ اڳيان شاه جو بيت چئبو ته سندس جگر پاڻي ٿي پوندو. اهڙو اثر ۽ جذبو دنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ ورلي لڀندو. +سنديس بياني طرز به عجيب ۽ نياري آهي ۽ ڪوبه سنڌي شاعر انهيءَ ڏس ۾ ساڻس همسري ڪري نه سگهندو. قصصي يا تمثيلي شعر رسالي ۾ تمام ٿورو آهي. سنڌ جا پنج مشهور قصا (1) سهڻي ۽ ميهار (2) سسئي ۽ پنهون (3) مومل ۽ راڻو (4) ليلان ۽ چنيسر ۽ (5) مارئي ۽ عمر حقيقت ۾ هڪ ڪاٺڳڙه وانگر آهن، جنهن تي شاه پنهنجي روحاني ڪلام جي ماڙي اڏي آهي. ڪهاڻيءَ سان سندس سروڪار ڪونهي ۽ هڪ مرڪزي خيال هٿ ڪري ويٺو منجهانئس روحاني راز پلٽي. سهڻيءَ جي ساهڙ لاءِ بي پناه سڪ، سسئي جي غفلت ۽ ننڊ، مومل جو سومل کي مڙساڻو لباس پهرائي پاڻ سان سمهاري راڻو رسائڻ، ليلان جو هار تي هرکي چنيسر کي هٿان وڃائڻ ۽ مارئيءَ جي وطن لاءِ اجهل اُڪيرَ؛ اهي سڀ هن کي ڪٿان جو ڪٿان وٺي وڃي روحاني عالم ۾ ٿا ڪڍن، ۽ پڙهندڙ به ساڻس پيو ملڪوت جو سير ڪري. +عام طرح جو سمجهيو ويندو آهي ته اهي قصا تمثيلي يا ناٽڪي آهن ۽ انهيءَ شعر جي صنف ۾ شاه پڻ شيڪسپيئر ٿيو پوي، سو منهنجي نظر ۾ سراسر صحيح ناهي. البت شاه هڪ مرڪزي نقطي تي حاوي ٿي، جنهن تي سڄيءَ ڳالهه جو مدار آهي، ان کي اهڙي تمثيلي نموني ۾ پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جو خيال جزوي تفصيلات کي ڇڏيو وڃيو انهيءَ نقطي تي کُپي، جا انهيءَ فن جي اعليٰ اٽڪل آهي، ۽ جا فقط شاه ۽ شيڪسپيئر جهڙن قليل ڪَوِيسرن کي ئي حاصل ٿي آهي. اهڙي طرح شاه رزمي شعر به ڪو ڇڊو چيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيڏاري جي سر جي ڏانهس نسبت نهايت شڪ گاڏئين آهي. +شاه کان اڳ ڪيترن ئي بزرگن پنهنجا خيال شعر جي رستي ادا ڪيا آهن. قاضي قاضن، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، سيد عبدالڪريم بلڙائي، لطف الله قادري ۽ ميين عيسيٰ جا نالا ڪنهن کان ڳجها هوندا؟ انهن سڀني صاحبن سنڌي شعر جي چمن جي آبياري ڪئي آهي ۽ سنڌي زبان جي کهرن۽ کڙٻڙي لفظن کي گهڙي صاف ڪري سرود وارو بنايو آهي. اها سندر ۽ ٻاجهاري ٻولي شاه جي ورثي ۾ آئي، جنهن پنهنجي قلب جي ڪوٺاري ۾ کيس پگهاري اهڙو ته ملائم ۽ جلادار بنايو، جو هن ۾ اهي استعداد ۽ ممڪنات پيدا ٿي پيا، جو هوءَ هر خيال کي هر رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ڪري سگهي ٿي. سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسي جي آميزش ڪري منجهس ايتري قدر ته وسعت ۽ مروت آهي، جو اسين دقيق ۾ دقيق خيالن جو ان ۾ تعبير ڪري سگهون ٿا. شاه انهيءَ سهڻي سماجوڳ مان جڙيل لفظن جي مجموعي کي پنهنجي لاثاني عبارت ۾ هميشگيءَ جي بود ۽ هستي پيدا ڪئي آهي، ۽ منهنجو عقيدو آهي ته جيسين شاه جو ڪلام جيئرو آهي تيسين سنڌي زبان کي وسوئي ڪونهي. ڪاش، سنڌ جي پٽن ۾ اها غيرت ۽ جذبو جاڳي، جو هو پنهنجي مادري زبان جي ساه سان سنڀال ڪن ۽ کين مدخواهن جي نرغي کان بچائين! +شاه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي، جو هن پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جي وسيلي، سنڌ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي خيالن ۽ افڪارن جي خاصي ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلاست ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها رنگيني ۽ رعنائي، اها جاذبيت ۽ ارڏائي، اها فصاحت ۽ بلاغت، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پهنائي رکيل آهي، جو پڙهيل سواءِ دقت جي کين پڙهي ۽ پرجهي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۽ جهڄندي، ڌڻار ڌڻ چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون ان پيهندي ۽ هنڌ سوريندي، پورهيت پورهيو ڪندي؛ غريب ۽ شاهوڪار اعليٰ ۽ ادانيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگارين ٿا. دل وهمن سان ويڙهيل هجي، هم ۽ غم هنئين کي وڪوڙي ويا هجن، مصيبت جا مينهن وسندا هجن، ڏک ۽ بک ڪري ڏيل ڏهيون ٿيندو هجي، جدائي ۽ فراق ڪري جهڄندڙ ۽ جدا ٿيندڙ هجي، شاه جو هڪ ٻه بيت ڳائبا ته دم پل ۾ سڀ اولاد لهي ويندا. سيني کي اها راحت رسندي ۽ دل کي اهو آٿت ۽ آرام ايندو، جو هزار حڪمتن سان به حاصل نه ٿئي. +جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ +سڳر سونهائينِ، پريان سندي پار جو. +-------- +شاه جو صوفيانو شعر[2] +شاه لطيف جو سارو شعر صوفيانه روحاني خيالن سان ڀرپور آهي. ان تي تفصيل سان بحث ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ۽ اڀياس گهرجي. هت فقط ڪن ٿورن نڪتن جو بيان ٿو ڪجي. شاه هڪ سچو صوفي هو. هي جو گربخشاڻي ۽ ٻين پڌرو ڪيو آهي ته شاه محّرم مهيني ۾ ڪارا ڪپڙا ڍڪيندو هو ۽ محرم ڪندو هو، سو بلڪل نادرست هو. اهو انومان سرڪيڏاري مان ڪڍيو ويو آهي، جو اڪثر احسان فقير ۽ ٻين سگهڙن جو چيل آهي، فقط شاه ڏانهن منسوب آهي. پاڻ شريعت جو پابند هو، ليڪن طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون طيء ڪيون هئائين، جيئن هيٺين بيتن مان پڌرو آهي. هي جهان حرص ۽ هوَسَ جو مڪان آهي، جنهن ۾ خدا تعاليٰ انسان کي آزمايش لاءِ موڪليو آهي ۽ چي: سڌيءَ سڙڪ تي هلجانءِ، پنهنجو روح نفس جي حملي کان سالم رکجانءِ، پنهنجو پاند هن پليت پاڻيءَ ۾ نه پسائجانءِ؛ انهيءَ ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي؟ +مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾ +اُڀا ائين چَوَن، مڇڻ پاند پسائيين! +حيرت ۾ پئجي سوال ٿو پڇي ته ڀلا ڪهڙي طرح پنهنجو پاند آلود نه ڪجي؟ +پيو جو پاتار، سو پُسڻان ڪئن پالهو رهي؟ +جواب ٿو ڏئي: +شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو +هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ +هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پُسڻان پالهو رهين. +امام قشيري صاحب پنهنجي ”رسالہ“ ۾، جنهن تي ساري تصّوف جو دارومدار آهي. لکي ٿو ته سچو صوفي اُهو آهي جو الله ۽ رسول صلعم کي مڃي. شريعت جي احڪامن تي پورو رهي ۽ ان سان گڏ پنهنجو اندر صاف ڪري. اها وصف شاه صاحب سان پوري لڳي ٿي. ڪٿان به معلوم ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو مرشد ورتو هئائين. پنهنجي ئي رياضت ۽ مجاهده ڪري اولوالالباب جي درجي تي پهتو هو، جيئن خواجہ محمّد زمان لنواريءَ واري سندس باب ۾ فرمايو آهي ته ”هوُ هڪ ”اهل دل“ آهي.“ حق جي تلاش ۾ گهڻا ئي وندر ووڙيائين، جوڳين سان جاٽائون ڀيٽيائين، آخر محسوس ٿيس ته ڏونگر ڏورڻ ۽ ڀٽن ۾ پنڌن ڪرڻ سان پرين نٿو ملي، پر اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ پاڻ کي ماري مات ڪرڻ سان: +ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي +لڪو ڪين لطيف چي، ٻاروچو ٻئي پار +نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو. +اهو ”پاڻ“ جو پردو آهي، جو سالڪ کي مالڪ کان پري ٿو رکي: +هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پريان +وَنَحنُ اَقرَبُ اِليہِ مِن حَبُل الوريدِ. تنهنجو توئي ساڻ +پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي. +دنيا ۽ ان جو ٽڪساٽ ڪجهه به ناهي، اهو سڀ حق جو پاڇو آهي. يا ائين چئجي ته جيڪي آهي سو خدا آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ حقيقي طرح موجود ناهي. سڀ ۾ پاڻ آهي يا سڀ منجهس آهي: +ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي +والله بِڪُلّ شَيءِ مُحِيطُ، ايءَ آرياڻيءَ اهڃاڻ +سڀ ۾ پنهُون پاڻ، ٻيو ڪونه ٻروچ ري. +هي هڪڙو منڊ رٿيل آهي يا مومل وارو طلسمي محلات آهي، ان کي جيڪو ڀڃندو، سو محبوب جو مشاهدو ماڻيندو،پر اهو به تڏهن جڏهن پنهنجي وجود جو ورق ڌوئي ڇڏيندو، ۽ پاڻ کي عدم ۽ فاني في الله ڪري ڇڏيندو. ”هوئڻ“ ۽ ”خودي“ جو خيال ڪڍي ڇڏيو، ته هن جهان مان پار پئي ”لقاپر“ ۾ لنگهه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ کيس ”ٻيائيءَ“ کان غيرت ٿي اچي: +”آئون“ سين اِن پار، ڪڏهن تان ڪونه پيو +اِن اللهَ وتُرُ، يُحِبُّ الُوِترَ، نيئي ”ٻيائي“ ٻار +”هيڪڙائيءَ“ وٽ هار هنجون جي ”هئڻ“ جون. +_______ +هيڪر ”هئڻ“ ڇڏ، ته اوڏو ٿئين عجيب کي +مار اءيتُ شَيئاً اِلاَّ وَرَ اءيَتُ اللهَ، نيئي اَجها اوڏاهين اڏ +ته هوت توهين کان هِڏ، پرين پاسي نه ٿئي. +رومي ۽ شاه، انهيءَ ڳالهه ۾ ”اقبال“ سان اختلاف رکن ٿا. اقبال آکي ٿو ته مسلم کي پنهنجي خودي وڌائڻ گهرجي ته هو ساري ڪائنات تي قابض ٿي سگهي. اسان جا صوفي سڄڻ وري هيئن ٿا فرمائين ته خودي مار ته يار جو ديدار نصيب ٿئي، ۽ ساريءَ ڪائنات تي قدرت حاصل ڪرين، ۽ سچ به ائين آهي ته ”خودي“ ۽ ”خدا“ هرگز نه مِڙندا. ”ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾“. پوءِ جنهن مسلم پنهنجو پاڻ ماري پاڻ کي خدا ۾ مَحو ڪيو، تنهن کي ٻيءَ مخلوق جو ڪهڙو ڊپ رهندو؟ اڳين مسلمانن دنيا تي انهي ڪري فتح پاتي، جو انهن پنهنجو وجود الاهي حڪمن تي فدا ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجو تن، من، ڌن سڀ خدا جي راه ۾ خرچ ڪري ڇڏيو هئائون، نه ته انسان ڪري پِيلِ مست هجي، ته به اهو هڪ ٽيڪ ڏنل ٿوڻي وانگر آهي. ”ڪاَنّهُم خُشُبُ مُسَنّدَةُ“ جنهن کي هڪ لوڏي سان اُکوڙي سگهجي ٿو. +هوندئان هوت پري، اوڏو آ اڻ هوند کي +ساڄن تن سري، ”لا“ سين لڏين جي. +حقيقت ۾ جيسين ”پاڻ“ جو احساس آهي، تيسين روزا ۽ نمازون به اجايون آهن. تڪبير جو مطلب به اهو آهي ته ايتري قدر خدا جي طرف متوجه هجي جو پاڻ وسري وڃي! +جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز +سڀ وڃائي ساز، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ. +_________ +جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهِ سجود +وڃائي وجود، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ. +________ +هاڻ جڏهن باري تعاليٰ هڪڙو آهي، تڏهن هي پسارو ڇا جو؟ هن وحدت مان ڪثرت جو سبب ڪهڙو؟ صوفين جي خيالن موجب ”بي آغاز ازل ۾ رب تعاليٰ پنهنجي اڪيلائي ۽ وحدت ۾ پاڻ تي جلوه پئي ڪيو، خواهش ته مخلوق خليقان، جي مون کي سڃاڻن، اگرچه مَلڪ به سندس مهما ۽ عبادت لاءِ ڪافي هئا. گويا پنهنجي وحدت کان آجو ٿي پيو هو، جيئن ڪنهن سهڻي وينگس کي چؤديواريءَ اندر پورجي، ته ضرور پنهنجو منهن ڪنهن نه ڪنهن بهاني کڙڪيءَ کان ٻاهر ڪڍندي. حسن جي به تقاضا آهي ته ظهور ڪري.“ صوفين جي هڪ جڙتو حديث موجب خدا تعاليٰ فرمايو آهي ”کنت ڪنزًا مخفياً فا حبت ان اعرف فخلقت الحق لڪّي اعرف، يعني ”مان هڪ لڪل خزانو هوس، ڀانيم ته سڃاڻجان، تنهنڪري هيءَ خلق پيدا ڪيم ته سڃاڻجان“. +انسان انهيءَ اندروني الاهي ارادي جو راز آهي. انسان جي نه هجي ته خدا جي خدائي نه رهي: +هُو پڻ ڪونهي هِنَ ري، هي نه هُنهان ڌار +اَلانسانُ سِري وَاَنَا سِرُّه، پروڙج پچار +ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي. +اُن جي لاءِ هي جوڙون جوڙيائين، آسمان بنايائين، زمين پٿريائين، ساري ڪائنات کي ڏينهن جو سج سان ۽ رات جو چنڊ ۽ تارن سان روشن ڪيائين، پوءِ آدم کي پنهنجي صورت ۾ خلقيائين ”خَلَقَّ آدَمَ عَليٰ صُورتِہِ“ ۽ کيس سڀني شين جو علم ڏنائين ۽ هدايت �� گمراهيءَ جا ٻه رستا ڏيکاريائين. جڏهن ابليس گمراه ڪيس تڏهن ارضي زندگي جو تلخ تجربو چکڻو پيس، اتيئي وڌيو ويجهيو، ۽ اتيئي انسان ذات جي واڌاري جو ڪارڻ بڻيو. اهڙي طرح وحدت مان ڪثرت ٿي، پر سڀني جي واتان هيءَ وائي نڪتي ”اسين ٻانهان، تون ڌڻي“. +سڀڪنهن وٿ ۾ ڪانه ڪا نشاني آهي، جا خدا جي وحدانيت جي شاهدي ڏئي ٿي: +وَ في ڪُل شيءِ لہ آيةُ ِ يَدُلّ عليٰ انّہ واحد +سڀني جو هلڻ هوت ڏي آهي، ۽ آخر اها ڪثرت وحدت ٿيڻي آهي. ”ڪُلّ مَن عَليها فَانِ و يبقيٰ وَجہُ رَبِکَ ذوالجَلال وَالاکرام“. کرو ڪو جو جيئريئي پاڻ کي ماري مات ڪري ۽ وحدت جي وهانءَ ۾ شامل ٿئي! +نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو +مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي +ڪَبي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي. +__________ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، آگسٽ 1959ع تان ورتل +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“، اپريل 1950ع تان ورتل. + + +شاه لطيف رحه ۽ رومي[1] +اهڙي عنوان تي مضمون لکڻ، گويا اهڙن ٻن شاعرن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻي آهي، جن جي زماني ۽ ماحول جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو تفاوت آهي، گويا اِبسن جي شيڪسپيئر سان، يا مارلو جي گئيٽي سان مشابهت ڪرڻي آهي. +چه نسبت خاک را با عالم پاک. +دهقاني سنڌ جي شاعر شاهاڻي شاه جو مقابلو جلال الدين روميءَ سان ڪرڻ ئي عبث آهي. رومي اهو شاعر يڪتا ۽ بي مثال آهي، جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هو ٻين شاعرن تي عقاب وانگر اڏامي ٿو. +آنجهاني محترم استاد ڊاڪٽر نڪلسن، جنهن جهڙو روميءَ جو ڳوڙهو اڀياس اڄ تائين ڪنهن به نه ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح شاه لطيف جو اونهو مطالعو اڃا ڪنهن به سنڌي نه ڪيو آهي. سو روميءَ کي دنيا جي سڀني صوفي شاعرن ۾ وڏو ليکي ٿو ۽ کانئس اڳ ”هرمن ايٿي روئيءَ“ کي سڀني قرونن جي ”وحدت الوجودي“ شاعرن ۾ بزرگ شمار ڪيو آهي. اِها ڪا اجائي لاف گزاف ناهي، بلڪ حقيقت آهي. تنهن ڪري شاه کي روميءَ سان ڀيٽڻ جنهن جي محيط ۽ بلنديءَ کي رواجي شاعر هرگز پهچي نه سگهندا، وڏو ظلم ۽ حيف آهي. شاه بيشڪ پنهنجي دائره ۽ نوع ۾ لاثاني آهي، ۽ سنڌي شعر جي صاف چشمي مان تِڪون ڏنيو اٿس، ۽ سندس ڪلام خارجي اثرات کان پاڪ آهي، پر مون کي کل وٺندي آهي، جڏهن ڪي اديب، جهڙوڪ ڊاڪٽر ٽرمپ، مرحوم شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ، آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سارلي، چوندا آهن ته شاه تي روميءَ، حافظ ۽ جاميءَ جو گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي. اِها دعويٰ سراسر غلط آهي. شاه جيڪڏهن ڪنهن جي پيروي ڪئي آهي، ته سنڌ جي قديم بزرگن جهڙوڪ قاضي قاضن، شاه ڪريم، لطف الله قادريءَ، شاه عنايت رضويءَ ۽ ميين عيسي جي ڪئي آهي. سندس شعر جو قالب توڙي مضمون فارسي شاعرن جي ڪلام کان بالڪل نرالو آهي. +جيڪڏهن هِتي هُتي شاه جي خيال ۾ روميءَ يا ٻين فارسي شاعرن جون جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ته انهيءَ جي اها معنيٰ نه آهي ته ڪو هن ڄاڻي واڻي پنهنجا خيال انهن کان اڌارا ورتا آهن. مثلاً عام طور چوندا آهن ته مثنوي جو پهريون بيت: +بشنو از ني چون حکايت ميکند +از جدائيها شکايت ميکند. +تنهن کي شاه هن طرح ادا ڪيو آهي: +وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري +هن پن پنهنجا ساريا، هوءُ هنجون هڏن لاءِ هاري. +پهريائين ته هي بيت فارسي بيت جو ترجمو ناهي؛ ٻيو ته هن بيت جو قرينو سسئيءَ سان آهي، ۽ نڙ سان ڪوبه واسطو نه اٿس؛ ٽيون ته سنڌي بيت جي قرات خود مشڪوڪ آهي، ۽ جدا جدا نسخن ۾ مختلف ڏنل آهي، ۽ چوٿون ته هن بيت جي ماقبل يا مابعد مان اِها خبر نٿي پوي ته اهو بيت ڪو شاه جو آهي. يا مثلاً شاه جو هي بيت: +پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جوجي لهين +هئا اڳهم گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. +انهيءَ بابت چيو ويندو آهي ته روميءَ جي هيٺئين بيت جو ترجمو آهي: +آن ندا کش اصل بر بانگ و نواست +خود ندا آنست و اين باقي صد است +اگرچه معنيٰ لڳ ڀڳ ساڳي آهي، پر طرز ادا بالڪل نياري آهي. تنهن ڪري ائين ڪين چئبو ته شاه انهيءَ فارسي جي بيت جو هوبهو ترجمو ڪيو آهي. +يمن ڪلياڻ جي پنجين فصل ۾ روميءَ جو نالو 6 دفعا ورتو اٿس، پر جيڪي بيت انهيءَ تي ٻڌل آهن، تن جي اڃا درست پڙهڻي به معلوم نه ٿي آهي، نڪي ڪي وري ساريءَ مثنويءَ مان ڪو انهن جو پرو پوي ٿو، نڪي ڪي رومي ۽ چيني نقاشن جي ڳالهه ڏي ڪو منجهن اشارو آهي. نه وري ”ايڪ قصر، در لک“ جي تمثيل مثنوي ۾ آهي. +قصو هيئن آهي ته ساري دنيا جي صوفين جي هڪ زبان آهي. دنيا هنن لاءِ غير موجود آهي، ۽ اڻ موجود ۽ غير حقيقي ڏي هُو لونڻو به نٿا ڦيرين. پرڪار وانگر هو هڪڙيئي مرڪز تي پيا ڦرن ۽ سندن اعمال توڙي افڪار انهيءَ نقطي تي ٻڌل آهن. اهي ڪڏهن به پنهنجي ٽٻڪي کان پري نٿا وڃن. ستارن وانگي هڪ خاص فلڪ ۾ چڪر ڏيئي رهيا آهن. تنهن ڪري سڀيئي صوفيانه خيال ۽ ڪتابتون هڪڙيئي رنگ ڍنگ جا آهن ۽ هڪڙيئي روحاني تجربي جو دفتر آهن. اهوئي سبب آهي جو ساري جهان جي صوفين جا خيال ۽ عبارتون ساڳيون آهن. +روميءَ وانگر شاه جي ڪلام کي به ڪا خاص ترتيب ۽ تنظيم ڪانهي. سندس خيال موتين وانگر کنڊڙيا پيا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ڪچ ڪوڏين سان به رليل مليل آهن. نڪي ڪي وري سندس صوفي خيالن جي اظهار لاءِ ڪي خاص اصطلاح معين آهن، جي اندلس جي مشهور صوفي ۽ ”وحدت الوجود“ جي پايي وجهندڙ ”ابن العربي“ پهريائين پهريائين گهڙيا، ۽ جنهن جو اثر سڀني صوفي شاعرن ۽ لکندڙن تي نمايان آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته شاه جو سارو ڪلام اسان جي هٿن تائين نه آيو آهي جو اسين انهيءَ باري ۾ پنهنجي راءِ بدلايون. اصلوڪي رسالي جو نسخو شاه پنهنجي هٿن سان ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ موجوده رسالو سندس مريدن جي دماغ ۽ حافظي جو نتيجو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي کرا ۽ کوٽا بيت اچي ويا آهن. شمس تبريز وانگي نڪا شاه ڪاني ڪرامت هلائي ۽ نڪي سندن مريدن، جو سربستو سلامت پاڻي مان ٻاهر نڪري اچي. سندس ڪلام جي پختگيءَ ۽ تنوع ۽ مالا ماليءَ بنسبت هيئن چئي سگهجي ٿو ته شاه کان گهڻو زمانو اڳي سنڌڙي سچن صوفين ۽ بزرگن جو آکاڙو هئي، جنهن ڪري سندس شعر متقدم صوفين ۽ شاعرن جي خيالن ۽ معنائن سان معمور آهي. سندس ڪلام جي لساني ۽ سلاست، نغعي ۽ سُر لاءِ هي سبب ڪافي آهي ته شاه خود هڪ باڪمال راڳيندڙ هو، جنهن ڪري سندس حاذق هٿن ۾ اڳين شاعرن جي کهري ۽ ڦِڪِي ٻاڻي، سلوڻي ۽ سُرَ واري ٿي پئي. جيئن ڊاڪٽر سورلي چيو آهي ته ”شاه پهريون ئي شخص هو جنهن سنڌي زبان جو تخيلي استعمال ڪيو“. هن پنهنجي ٻاجهاريءَ ۽ شيرين زبان ۾ اهيئي خيال ادا ڪيا، جي سندس وقت ۾ مروج هئا. +شاه جي عبقريت بذاتہ تغزل ڏي مائل آهي، ۽ سندس عشقي شعر ۾ ئي صوفيانه خيال سمايل آهن. سڀني ڳالهين جو مرڪزي موضوع آهي ”عاشق جو معشوق کان جدا ٿيڻ، عاشق جي معشوق لاءِ تلاش ۽ سندن آخري ميلاپ، جو اڪثر جسماني موت بعد حاصل ٿئي ٿو. اها جستجو اڻ ٿڪ، دائم ۽ بي انتها آهي. اها سرگرداني عاشق کي مرگهه ترشنا جي جل وانگر هرکائي، کيس لڳاتار ڳولا لاءِ همتائي ٿي، تان جو انهيءَ طلب ۾ مرندي، وڏي وڇوڙي بعد پنهنجي يار سان وصال پائي ٿو. جيئن تلاش زياده تيئن طلب ۽ سڪ زياده؛ عشق جي واٽ ۾ فوري وصال سالڪ کي خام ۽ ڪچو بنائي ٿو. شاه انهيءَ پي در پي تانگهه ۽ طلب ڏانهن ڪيترين ئي جاين تي اشارو ڪيو آهي: +ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال م ملان هوت +من اندر جا لوت، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي. +فوري وصال جي ڪري اندر جي لوڇ وساميو وڃي ۽ سالڪ جي اصلي مقصد کان رهجيو وڃي. اهو عاشق لاءِ صنم آهي، جو دل کي دوست جي ديدار کان رهائي ٿو: +صنم سوئي ڀانءِ، جو دل رهائي دوست کان. +تنهن ڪري جيڪڏهن مرڻ کان پوءِ قيامت جي ڏينهن به جيڪڏهن دوستن سان ميڙائو ٿئي، ته وڏي غنيمت آهي: +جي قيام مڙن، واڌايون وصال سپرين +تنهان پوءِ سڄن، ته ڪر اوڏا جون. +اها ابدي زندگي ڪيئن پلئه پوي؟ مرڻ کان اڳ مرڻ سان. ”موتوا قبل ان تموتوا“. شاه فرمائي ٿو: +مَري جيءُ ته ماڻيين، جانب جو جمال +ٿئين هوند حلال، جي پند اهائي پاڙيين. +۽ وري: +مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿيا مات +هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا. +شاه اول ۽ آخر هڪ موحد مسلمان آهي، ۽ شاه جو تصّوف سراسر اسلامي تصّوف آهي. هو خدا جي وحدانيت طرح طرح سان ڳائي ٿو: +وحده لا شريڪ لہ، اي هيڪڙائي حق +ٻيائيءَ کي بک، جن وڌو سي ورسئا. +اها وحدت وري ڪثرت ڪري ظهور ۾ اچي ٿي، پر ڪنهن به طرح خدا جي احديت کي جوکو نٿي رسائي. جيئن سمونڊ جي سطح تي سهسين لهرون هونديون آهن، اگرچه هيٺان پاڻي سيتل ۽ صاف رهندو آهي: +لهرين لک لباس، پاڻيءَ وهڻ هيڪڙو. +سڀ شيون، ماڻهو، مرون، پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ، سڀيئي هڪ آواز سان پڪاري رهيا آهن ته: هو هڪڙو آهي ۽ خود پاڻ ”هو“ آهن ۽ ”هن“ ۾ پنهنجو وجود وڃائي، منصور وانگي سوريءَ جا سزاوار آهن: +جر تر تک تنوار، وحدت وائي هيڪڙي +سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار +هنهين منصور هزار، ڪُهي ڪهندين ڪيترا. +انهيءَ وحدت الوجوديءَ جي واڪ بعد شاه صاحب الله جي پياري رسول جي ثنا ۾ سر جهڪائي ٿو، جنهن الله جي وحدانيت کي قائم ڪيو، هو عجب ۾ آهي ته اهڙي ڪارڻيءَ کان بندو ڇو ٿو ڪترائي، ۽ اهڙي عجيب هستيءَ کي ڇڏي، ٻين فاني وجودن ڏانهن ڀٽڪي؟ +وحده لا شريڪ لہ، جان ٿو چئين اينءَ +تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن +سون تون وڃيو ڪيئن، نايين ڪنڌ ٻين کي؟ +ان کان پوءِ هو حقيقت محمدي ڏانهن اشارو ڪري ٿو؛ جنهن جي وڌيڪ اپٽار خواجہ محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪئي آهي: +عاشق چؤ م ان کي، مَ ڪين چؤ معشوق +خالق چؤ م خام تون، نه ڪين چؤ مخلوق +سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱيو. +خواجہ صاحب انهيءَ حقيقت کي هن ريت واضع فرمايو آهي: +عجب جهڙي ڳالهه آه، حقيقت حبيب جي +نڪي چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا +شفق جيءَ ساڃاءِ، جامع ليل نهار کي. +رسول الله صلعم انساني ڪمال جي بلند ترين افق تي هو. اهو سنڌو جو الوهيت کي انسانيت کان جدا ڪري ٿو، شفق وانگر، جا نڪي ڏينهن آهي نڪي رات. انسان جي روحانيءَ ترقيءَ جي حد ۽ حساب ناهي. اها لا متناهي ۽ لاحد آهي، بشرطيڪ هو پنهنجي وجود کي حقيقي وجود ۾ وڃائي: +نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها +جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا. +_______ +نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو +مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت ۾ سيئي +ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي. +اهڙا ۽ ٻيا انيڪ خيال، دنيا جي سڀني صوفين آد کان ڳايا آهن. شاه انهن کي پنهنجو رنگ روپ ڏيئي سنڌي ويس ڍڪايو آهي. اهڙن خيالن جي وستار ڪرڻ لاءِ دفتر گهرجن. +__________ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، نومبر 1951ع تان ورتل. + + +جبر ۽ اختيار +يا تقدير ۽ تدبير جو مسئلو (شاه جي نظر ۾) [1] +اوائلي مسلمان بلڪل سادا سودا ۽ ڀورڙا انسان هئا. منجهن ڪوبه عقل ۽ حڪمت جو ذهني مونجهارو نه هو،الله ۽ رسول جا احڪام بنان ڪنهن چون چرا جي مڃيندا هئا. الله ۽ رسول جي واٽ ۾ سندن سر سدائين تريءَ تي هوندا ��ئا. جيڪي به فرمان الله ۽ رسول جي طرفان صادر ٿيندا هئا تن جي هو بلاڌڙڪ تعميل ڪندا هئا. جيڪي سپرين فرمايو سو سڀوئي سچ هو. ڪنهن به حجت ۽ دليل يا شڪ شبهي بغير ان کي اکين تي رکندا هئا. دنيا سندن لاءِ آخرت جو اسباب هئي، تنهنڪري مرڻ کان موشو نه ڪندا هئا. جان ۽ مال ۽ اولاد سڀ الله ۽ رسول کان گهٽ پيارا هئن، تنهن ڪري هر قرباني لاءِ هميشہ تيار رهندا هئا. +شيخين (رضي الله تعاليٰ عنهما) جي زماني بعد مسلمانن کي دنيوي دولت ۽ ثروت حاصل ٿي، جنهن ڪري منجهن ڏڦير ۽ نفاق منهن ڪڍيو. حضرت ابوذر رضه جهڙا دلير اصحابي ماڻهن کي مال ميڙڻ کان زجر ۽ منع ڪرڻ لڳا، ليڪن دنيا جي چوس بڇڙي آهي، تنهن ڪري دولت پسند ماڻهن، اسلام جي ظاهري احڪامن جي آڙ وٺي، حضرت ابوذر رضه ۽ حضرت صهيب جهڙن عاليمقدار انسانن جو خيال نه ڪيو، ۽ اهڙي طرح دنيا ۽ دين ٻئي هٿان وڃايائون. +ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو +دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا. +باري تعاليٰ جي ڀلن ٻانهن دنيا جي زمر ۽ زخرف کان پاسو ڪري. زهد ۽ رياضت جو رستو اختيار ڪيو. ويتر جو بنو اُميہ جي ڏينهن ۾ عيش عشرت ۽ بدڪاري وڌي ويئي، تنهنڪري سچا مسلمان شهري زندگي کان گوشو ڪري، تنهائي ۾ گذارڻ لڳا. اهڙي طرح رفتي رفتي زاهد ۽ عابد ڦري صوفي ٿي پيا، جن پنهنجو سارو ڌيان باطن جي صفائيءَ ۽ اِلاهي عبادت تي صرف ڪيو. +اصحابن سڳورن جي ئي ڏينهن ۾ منافقن جي ٽولي زور ورتو. يهودي، نصراني ۽ ايراني نو مسلم، جن کي رسول پاڪ ۽ اصحابن ڪرامن جي صحبت نصيب نه ٿي هئي، ۽ اسلام جي قبولڻ بعد پنهنجا موروثي خيال ۽ عقيدا پاڻ سان کڻي آيا، تن صاف دل ۽ سادن مسلمانن جي دل تي طرحين طرحين جا شبها ۽ شڪوڪ وڌا. عبدالله بن سبا جهڙي مڪار يهوديءَ جرات ڪري حضرت علي کي ”انت انت“ ڪري سڏيو، يعني ”تونهين تون“ يا ”الله آهين“. نصرانين وري حضرت عيسيٰ جي ٻٽيءَ طبيعت جو اصول پکيڙيو يعني حضرت عيسيٰ جي شخصيت ۾ ناسوتيت ۽ لاهوتيت ٻئي موجود هيون. اهڙن عقيدن پوءِ وڃي تصّوف جي رستي رنگ برنگي گل پيدا ڪيا. فلسفي ۽ سفسطہ جي اڀياس ڪري، اُلوهيت ۽ رسالت، حيات ۽ ماوراءُ الحيات بابت، مسلمانن ۾ عجب عجب خيالن نشونما ورتي. ”قدريہ ۽ ”جبريہ“ طريقن جو به ان وقت ڌاري بنياد پيو، جنهن ڪري مسلمان يا ته بلڪل ڇڙواڳ ۽ مطلق النعان بنجي پيا، يا ته ذهني تعطل ڪري ڪارآمد عملن کان عاري رهيا. +جبريہ فرقي وارن اظهار ڪيو ته انسان مجبور ۽ لاچار آهي، پنهنجي وس ۽ پاڻ وهيڻو ناهي. سندس اعمال ۽ افعال ٻي ڪنهن بالا هستي جي رحم ۽ ڪرم تي منحصر آهن. پاڻ هڪ هٿ وسيڪو لاٽئون آهي، جنهن کي ڪو ڦيرائيندڙ پنهنجي مرضي موافق پيو ڦيرائي؛ يا ڪا اِندر سڀا جي پُتلي آهي، جنهن کي پردي پٺيان ڪو بازيگر پيو نچائي ۽ ڪڏائي. بهرحال هو پنهنجن ڪمن لاءِ جوابدار ناهي. جيڪي پنهنجي مقدر ۾ لکيل آهي سو اوس ٿيڻو آهي، تنهنڪري سنديس ڪوشش بيسود ۽ سعيو اجايو آهي. جيڪي لوح محفوظ تي اُڪريل آهي، سو اڻ ٽر آهي. پوءِ انسان ڪري ڪيتروئي حيلو وسيلو ڪري ۽ هٿ پير هلائي، جيئن سونهاري شاه فرمايو آهي: +توڻي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وک +ليکي منجهان لک، ذرو ضايع نه ٿئي. +_________ +لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه وهي +پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾. +------------ +جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾ +تتي تيتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون. +سر سهڻي ۾ پڻ ساڳيو خيال هن طرح نروار ڪيو اٿس: +آءٌ ڪ مَ ڄاڻان اينءَ، ته جر گهڙيي جو کو ٿيي +قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪينءَ؟ +هڪ لکيي ٻيو نينهن، آڻي اوليس اول ۾. +_______ +نه ڪانيءَ نه ڪانهن، نه ڪو ڏوه قلم جو +انگ اڳيئي لکيو، جتي رسي نه ٻانهن +ڪنهن کي ڏيان دانهن، جيئن قضا قلم وهائيو. +ٻانهي جي من ۾ هڪڙي، خاوند جي من ۾ ٻي. سندس لطف ئي لهرين مان لنگهائي پار ڪري ٿو: +هڪ جا ٻانهي من ۾، ٻي جي ڪري الله +تنهن واحد کي واه، جو ستڙ سڀيئي ڪري. +_______ +هڪ جا ٻانهي من ۾، ٻي جا الله ڪري +پاڻهي وجهي ڪن ۾، پاڻهي ڪنڌيءَ ني. +اهڙا گهڻيئي بيت شاه جي ڪلام ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. +قدريہ فرقي وارن جو وري خيال آهي ته انسان خودمختيار ۽ فاعل، ۽ پنهنجي اعمالن ۽ افعالن لاءِ تلاهي آهي، ۽ ارادي ۽ عزم جو مالڪ آهي. سندس وجود ۾ اهي زبردست مخفي قوتون رکيل آهن، جن جي وسيلي هو ڪائنات جي ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو. مطلب ته هو هر ڪنهن نموني آزاد آهي، جو چاهي سو ڪري. اهل قدريہ کان اهو وسري ويو ته اهي مخفي طاقتون، جيڪي انسان جي وجود ۾ وديعت آهن، تن جو سرچشمو اها طاقت آهي، جنهن کان مٿي ٻي طاقت ڪانهي، ۽ اڪثر اوقات هو خسيس ۽ آسان شين حاصل ڪرڻ کان عاجز آهي. +بهر حال انسان هميشہ انهيءَ مسئلہ ۾ رهيو آهي ته آيا هو خود اراده ۽ مرضي مختار آهي يا مقيّد ۽ مجبور! منصور حلاج پنهنجي ڪتاب ”طواسين“ ۾ آندو آهي ته ابليس جي انڪار جي بناء هن ڳالهه تي هئي، ته هو ناچار ۽ بيوس هو ۽ اها نافرماني سندس حق ۽ توڙان لکيل هئي رب تعاليٰ کيس امر ڪيو ته آدم کي سجدو ڪر، پر سندس مشيّت ۾ ائين هو ته ابليس ان کان انڪار ڪري، نه ته هو ضرور اِلاهي فرمان جي اطاعت ڪري ها. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو ارادو اڻ گس آهي، پر ابليس جي اها حجت غلط هئي. ربّ تعاليٰ جو امر ته ابدي، مگر سندس ارادو يا مشيّت، ۽ سندس ان بابت اڳئي علم ته آيا انهيءَ ارادي جي اطاعت ڪجي يا انڪار، سو خلقيل آهي، تنهنڪري امر جي ماتحت ۽ تابع آهي. نيڪي ۽ بدي بيشڪ الله تعاليٰ جي ارادي اندر آهن. پر الله تعاليٰ فقط نيڪي جو امر ڪري ٿو، هن جي مرضي ناهي ته اسين پنهنجي ڏوهه، بديءَ جا مرتب ٿيون. حلاج کي خود انهي الجهن ۽ مونجهاري جو احساس هو. جيئن ته پاڻ هڪ شعر ۾ چيو اٿس: +مايفعل العبد والاقدار جارية +عليہ في کل حال، ايها الرائي +القاه في اليم مکتوفا وقال لہ +اياکَ اياکَ اُن تبتل بالماءِ. +(ٻانهو ڇا ٿو ڪري سگهي جنهن حال ۾ تقدير ان تي هردم جاري آهي. اي اکين وارا، خدا کيس ٻانهون پٺيءَ پاڏون ٻڌي وڏي دريا ۾ اڇلايو، ۽ چيائين ته خبردار خبردار، متان پاڻ کي پاڻي سان پسايو اٿئي!) +ساڳيو خيال هڪ فارسي شاعر هن طرح ادا ڪيو آهي: +درميان، قعر، دريا تخته بندم کردهء +باز مي گوئي کہ دامن ترمکن هشيار باش. +(يعني، دريا جي تري ۾ ڦرهي سان ٻڌي ڦٽو ڪيو اٿئي ۽ الٽو ٿو چئين ته خبردار، دامن آلي نه ڪجانءِ!) منصور جي پوئين سٽ تي ڌيان ڌريو ۽ ڏسو ته سهڻي شاه لطيف ڪيئن نه ان جو سنڌي ۾ سٺو نقل ڪيو آهي! فرمائي ٿو: +مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾ +اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين. +انهيءَ مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته شاه صاحب جو عربي توڙي فارسي تي ڪيتري قدر نه عبور هو. هي جو عام طرح گمان ڪيو ويندو آهي ته شاه فقط ”الف“ جو اکر پڙهيو ۽ بلڪل اُمي ۽ ظاهر علومن کان غير واقف هو، سو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. شاه صاحب ۽ مخدوم معين الدين ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ اويسي طريقي بابت خط و ڪتابت پڻ انهيءَ عامياني عقيدي جي ترديد ڪري ٿي. +ليڪن شاه صاحب هرگز ”جبري“ نه هو. کيس انساني سعيي ۽ الله تعاليٰ جي لطف ۾ پورو يقين هو. انهيءَ عقيدي جو حل خود پاڻ بتائي ٿو ته پاند پسائڻ کان ڪيئن پالهو ٿجي. ۽ ڪيئن هن گپ ڀرئي گدار ۾ پئي، پاڻ کي گناهن کان پاڪ ۽ آجو رکي. سوال ٿو پڇي: +پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻان پالهو رهي؟ +سالڪ مون سيکار، ڪو پهه انهيءَ پاند جو. +جواب ۾ فرمائي ٿو: +شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو +هنيون حقيقت گڏيو، ماڳ معرفت ماڻ +هوئج ثابوتي ساڻ، ته پُسڻا پالهو رهين. +هن مان ڏسبو ته شاه صاحب نڪي مطلق ”جبري“ هو، نڪي مطلق ”قدري“. بلڪ ٻنهين جو اومط. جيئن هڪ اعتدال پسند مؤمن کي جڳائي. سنديس تعليم آهي ته سکڻي توڪل نه ڪجي. بلڪ ويهن نهن جو زور لائي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پوءِ جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ٿي ته واه واه، نه ته تسليم اختيار ڪجي. چي، مالڪ تعاليٰ جي مرضي ۽ مشيّت انهيءَ ۾ هئي. انهي تسليم جي منزل ۾ انسان ڪڏهن نراس ۽ نا اميد نٿو ٿئي، پر هميشه توڙ ڏي تاڻيندو رهي ٿو. جيستائين ڪِ انساني ڪوشش ۽ الاهي لطف کيس منزل مقصود تي پهچائي. +سڀيئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم +ٿي تحقيق تسليم ۾، لاهي غم وهم +ته قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو. +سيّدنا عمر رضه انهيءَ باري ۾ ڪهڙو نه مناسب ۽ معقول فرمايو آهي: +لابقعد حدکم عن طلب الرزق و هو يقول: +للهم ارزقني، و قد علم اًن السماء +لا تمطر ذهباً ولا فضة. +(اوهان مان ڪوبه ائين چئي روزيءَ جي طلب کان ويهي نه رهي ته يا الله مون کي رزق ڏي. حالانڪ پوري پروڙ اٿس ته آسمان نڪي سون جو مينهن وسائيندو آهي، ۽ نڪي رپي جو.) +شاه صاحب به فرمائي ٿو ته: غفلت ڇڏ، سنجهيئي سمهي نه رهه، سج بيٺي پنڌ پؤ ته ڳاڙهي سج وڃي مطلب کي مِڙين ڪجهه ڪَت ڪجهه ڪنب، ڪجهه تون رڙهه ته ڪجهه محبوب تو ڏانهن رڙهي، تاڙي هڪ هٿي نه وڄندي آهي. قسمت کي ڏوه ڏيڻ اجايو آهي: +ستئين سنجهيئي، منهن ويڙهي مئن جيئن +اوجاڳو اکين کي، جاتئي نه ڏيئي +هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين. +_________ +لڙه، لاڙائو ٿيو، هلي ڪر همت +سج سامهون منهن ۾، ڪَهه ۾ ڪج مَ ڪٿ +سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سج ڳالهه مِڙين. +________ +هي ٿو وڃي هوت، آءٌ ڪ اڳڀري ٿيان +متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ کان ڪين ٿيو. +شاه وٽ ويسلو ٿي وهڻ وڏو عيب آهي. ڪشالو ۽ ڪوشش لازم آهي. بلڪ انسان آدم ۽ سعيو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري، جو هو نتيجي کان بي خبر آهي. سندس جهد ۽ محنتون سندس لاعلمي ڪري آهن: +ڄاڻي جي ڄاتوم، پوندو فلق فراق جو +ته اکر ارادت جو، ڌريان ئي ڌوتوم +پوءِ تان ڪونه ڪئوم، هوند ڪشالو ڪيچ ڏي. +هر حالت ۾ ربَ جي رحمت، بندي لاءِ تسلي ۽ تسڪين جو باعث آهي. سچي ٻانهي لاءِ سڀاڳ ۽ اڀاڳ هڪ سمان آهي. الله وٽان سڀ نيڪي ۽ خوبي ۽ سڀاڳ آهي. نڀاڳ ۽ ناڪامي ۽ بدي سڀ پنهنجي عملن جي شامت آهي. يا مورڳو هيئن چئجي ته سڀاڳ توڙي اڀاڳ ٻئي خدا جي طرفان آهن ٻانهي کي هر حال ۾ تسليم ڪرڻ جڳائي، رب تعاليٰ سڀڪنهن شيءِ مٿان قادر آهي. مارئي جي حق ۾ شاه صاحب فرمائي ٿو. +ڪونهي قادر ڪو ٻيو، اُنين جو اڀاڳ +قل لن يصيبنا الا ما کتب الله لنا، اي معذرت ماڳ +سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ٿيو. +اهوئي هڪ سچي مومن جو عقيدو هئڻ گهرجي، اهڙوئي عذر بندي لاءِ راحت ۽ اطمينان جو باعث آهي. +در طريقت هرچہ پيش سالڪ آيد خير اوست +در صراط المستقيم اي دل کسي گمراه نيست. +--------- +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، مارچ 1954ع تان ورتل. + + +ڀٽائي جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو مسئلو[1] +وحدت الوجود يا هم اوست (سڀ ڪجهه اهوئي آهي)، تصّوف جو روح ۽ روان آهي. اڪثر صوفي عارف انهيءَ متي تي هليا آهن. پر ان جو تعبير ڪرڻ اهڙو ته نازڪ آهي، جو هڪ قدم هيڏانهن يا هوڏانهن الحاد ۽ اشراڪ جي اوڙاه ۾ اڇلايو ڇڏي. جتي ”گنهگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيين“، اُتي هن اڻڄاڻ پنهنجي تُنَنِ پيل پراڻي پاکڙي اجيڪار ۾ اوهري آهي، يا الاهي امن سان پار اڪارج! +جت سُڄي تڙ ڀيڙ تک، ٻيڙو اُتي ٿيلهي وڌوم +لهر لوڏي کان اِلاهي امن سان پهچاءِ پار. +ان ڪپيري ۾ پير پائڻ ئي آهي سِر تان سانگهو لاهڻ. يا الله! تون ئي بر جو بورائو ۽ راه جو رهبر آهين تنهنجي ئي توهه جي طلب آهي، تون ئي دستگيري ڪري، هن بيراه مان ٻاهر ڪڍ! +ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ مفرد ناهي، ۽ نه ڪنهن مفرد شيءِ جو تصّور انساني ذهن ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو. جيستائين شيءِ کي صورت ناهي، تيستائين ان جو خيال ۾ اچڻ محال آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن باري تعاليٰ جي ذات پاڪ ڪائنات جي شين وانگي هجي ها، ته هوند انهن وانگر اسان جي تصّور جي دائري اندر اچي سگهي ها. اها هڪ مجرد حقيقت آهي، جا اسان جي عقل ۽ فهم، قياس ۽ وهم کان بالاتر آهي: +اي برتر از خيال و قياس و گمان و وهم +و از هرچہ گفتہ اند شنيديم و خوانده ايم +دفتر تمام گشت و باخر رسيد عمر +ما هم چنا در اول وصف تو مانده ايم. +صوفي سڳورا چوندا آهن ته ذات پاڪ هڪ مجرد حقيقت آهي، سا هڪ وجداني ۽ بديهي ڪيفيت آهي، روحاني ڪشف آهي، اندر جو آواز آهي. سڀ شيءَ ان جي احديت ۽ وحدانيت جي گواهي ڏيئي رهي آهي: ”و في ڪل شيء لہ آية تدل عليٰ انہ واحد“، ۽ حضرت سلطان الاولياء خواجہ محمد زمان لنواري واري فرمايو آهي ته: +پل پل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي +ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي. +خالق ۽ مخلوق، عبد ۽ معبود، ظاهر ۾ ٻه نياريون شيون آهن. انهن مان ڪابه ٻيءَ ۾ مدغم نٿي ٿي سگهي. +”اَنا عبد“ ”معبود تون“، ات نڪو شرڪ نه شڪ +پچارون پرين جون، محبتين مرڪ +سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرين کي. +ٽينءَ سٽ جي رمز تي پوءِ اينداسين، حال في الحال هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ ظاهر ۾ وڏو سنڌو ۽ سيڙهو آهي، ۽ ٻنهين جي وچ ۾ جيڪا نسبت آهي، سا عقل ۽ قياس کان ٻاهر آهي، ۽ ان جي ڪيفيت ۽ ڪميت جو بيان ڪري نٿو سگهجي، جيئن مولانا رومي فرمائي ٿو: +اتصالي بي تکيف بي قياس، +هست رب الناس را يا جان ناس“ +آخر اها ڳالهه تسليم شده آهي ته جان کي جسم سان، بصارت کي روشنيءَ سان، خوشيءَ کي دل سان، خوشبوءَ کي نڪ سان، نطق کي زبان سان، وغيره هڪ خاص تعلق آهي، ليڪن اهو تعلق بي چون و بي چگون آهي. اهڙي طرح الله کي به ممڪنات سان هڪ قسم جي خاص نسبت آهي، جا ڪيفيت ۽ ڪميت کان آجي آهي. +ماڻهو ٻين حيوانن کان انهيءَ ڪري نيارو آهي، جو ان ۾ اِلاهي نور جو ذرو موجود آهي. جنهن جي وسيلي هو خدا کي سڃاڻي سگهي ٿو، ۽ جنهن ڪري ئي ٻين حيوانن کان ممتاز آهي. جيڪڏهن اها باطني شناس ۽ اندورني حس منجهس نه هجي ها ته هو به پَسُن سمان آهي. انهيءَ ڪري چيو اٿن ته ”من عرف نفسد فقد عرف ربہ“. انسان عالم اصغر آهي، تنهن ڪري ان ۾ عالم اڪبر جون سڀ خصوصيتون ننڍي پيماني تي موجود ۽ متجليّ آهن. انسان جي دل هڪ آرسي آهي، جنهن ۾ عالم ملڪوت جا نقش ۽ نگار اولڙي طور جلوو ڪن ٿا، ليڪن انهيءَ قسم جي اتصال يا نسبت کي اتحاد ۽ حلول نٿو چئي سگهجي. +صوفين ۽ اهل ظاهر جي وچ ۾ هي اختلاف آهي، جو اهل ظاهر چوندا آهن ته خدا تعاليٰ ڪائنات جي سلسلي کان الڳ ۽ هڪ بلڪل نياري ذات آهي، ۽ صوفين موجب الله تعاليٰ ڪائنات کان ڌار ناهي. بلڪ هڪ ٻئي کي ڏٺي بغير سڃاڻي نٿو سگهجي: +”هو“ پڻ ڪونهي ”هن“ ري، ”هي“ نه ”هن“ ئان ڌار +الانسان سري و انا سره، پروڙج پچار +ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي. +ايتري قدر ته سڀيئي صوفي مڃين ٿا، ليڪن انهن جي تعبير ۾ گهڻو تفاوت آهي. هڪڙن وٽ الله تعاليٰ هڪ مطلق وجود يا مطلق هستيءَ جو نالو آهي، جو جڏهن تعيّنات يا مظاهر جي صورت ۾ جلوه گر ٿئي ٿو، تڏهن ئي سڀ ممڪن شيون پيدا ٿين ٿيون. +سرتيون سُٽ ڪپاه، مارهو مَ منصور کي +ٿي ترڪيب تباه، وحدت وائي هِڪڙي. +(خواجہ محمد زمان) +سمنڊ جون هزارين لهرون جدا جدا آهن، پر حقيقت ۾ پاڻي هڪ ئي آهي: +لهرن لک لباس، پاڻيءَ وهڻ هيڪڙو +ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار +جيءَ پنهنجي جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار +پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان. +(شاه عبداللطيف) +مظاهرن جي ڪثرت ڪري وحدت ۾ ڪابه ڪمي ڪانه ٿي پوي. جيئن ڌاڳي ۾ ڳنڍيون ڏبيون آهن، پوءِ اگرچه اهي ڳنڍيون جدا ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ته به ڌاڳي کان سواءِ ڳنڍيون ڪا زائد شيءِ نه آهن. رڳو ان جي صورت بدلي آهي. +ٻيا صوفي وري وحدت الوجود جي هي معنيٰ وٺندا آهن ته جيئن آدمي جو پاڇولو اگرچه بظاهر هڪ جدا شيءِ آهي، ليڪن في الواقع ان کي پنهنجو وجود ڪونهي. جو ڪجهه آهي، فقط آدمي آهي. اهڙي طرح اصل ۾ باري تعاليٰ جي ذات موجود آهي، ۽ ٻيون جيڪي به شيون موجود آهن، سندس پاڇولا يا پرتوا آهن. انهي قسم جي وحدت کي وحدت الشهود (همه از اُوست) چوندا آهن. +وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ هي فرق آهي ته وحدت الوجود جي لحاظ کان ”سڀڪجهه خدا آهي، ۽ (خدا) سڀ ڪجهه“. جيئن جَرَ جي ڦوٽي ۽ لهر کي پاڻي به چئي سگهجي ٿو، پر وحدت الشهود ۾ ائين چوڻ جائز نه آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو جو پاڇولو هرگز ماڻهو ٿي نه ٿو سهگي، ”چه نيست خاک رابا عالم پاڪ“ اهل ظاهر وٽ وحدت الوجود، نامنظور ۽ ممقوت آهي. انهيءَ عقيدي جي ڪري ايران ۾ حلاج ۽ هندستان ۾ سرمد پنهنجي سِري وڃائي. ليڪن پوئين زماني جي صوفين ۽ متصّوف عالمن ان جو نئون تعبير ڪري، ان کي اسلامي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي. +اهو وحدت الوجود جو مسئلو ڪنهن ڇيڙيو ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، تنهن جو يقيني فيصلو ڪري نٿو سگهجي. زهد ۽ عبادت، تقويٰ ۽ رياضت جي زملي بعد، جڏهن تصّوف خاص رنگ ورتو. +مٿس جديد افلاطوني فلسفي ۽ ٻين قومن جي روحاني خيالن جو اثر پيو، تڏهن انهي طبقي جا ماڻهو صوفي سڏجڻ لڳا. انهن تفڪّر ۽ ڪشف تي زياده زور ڏنو، ۽ انهن جي قلب تي جيڪي غيبي اطوار ۽ مشاهدا طاري ٿيا، تن کي انهن استغراق ۽ محويت جي حالت ۾ اچانڪ ظاهر ڪري وڌو اهي خيال عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئا، ۽ ڪيترن ئي جي گمراهيءَ جو باعث بڻيا. جيئن شيخ جنيد بغدادي (المتوفي 297هه) جنهن کي سيد الطائفہ يا صوفين جو سردار چوندا آهن، انهن معتدل صوفين مان هو، جي ”اهل الصحو“ (بيداري جا صاحب، جي مدهوشيءَ کان پري رهن ۽ جلان فلان نه ڳالهائين) جي نالي مشهور آهن، تنهن جا ڪي قول ٻڌو: +(1) خدا تعاليٰ سڄا سارا ٽيهه سال جنيد سان، جنيد جي زبان ۾ ڳالهايو، حالانڪ نه جنيد وچ ۾ هو ۽ نه خلق کي ڪا خبر هئي. (2) هڪ ڏينهن منهنجي دل گم ٿي ويئي. چيم ”الاهي، منهنجي دل موٽائي ڏي.“سڏ ٻڌم ته ”اي جنيد! تنهنجي دل انهيءَ ڪري کسي اٿئون ته تون اسان وٽ رهين، ڇا تون گهرين ٿو ته غير وٽ رهين؟“ +هيٺيان فقرا وحدت الوجود تي دلالت ڪن ٿا. +(1) ڪنهن رات هڪڙي مريد سان پئي ويو. واٽ تي ڪتي جي ڀونڪ ٻڌندي چيائين ”لبيڪ لبيڪ“. مريد پڇيس ”هي ڪهڙو حال آهي؟“. جواب ڏنائين ”ڪتي جو زور سان ڀونڪڻ ۽ بَهڻ، حق تعاليٰ جي قهر ۽ قدرت جي نشاني آهي. ڪتو وچ ۾ نه ڏٺم، تنهن ڪري چيم (لبيڪ).“ +(2) تصّوف اهو آهي جو خدا توکي تو کان ماري ۽ پاڻ جيئرو ڪري. +(3) جو شخص سواءِ مشاهدي جي ”الله“ چوائي، سوڪوڙو آهي. +(4) علم حاصل ٿيڻ وجود جي معرفت عين جهل آهي. چيائونس ته ”چٽو ٻڌاءِ“. جواب ڏنائين ته ”عارف ۽ معروف اهوئي آهي.“ +(5) جيست��ئين تون ”خدا“ ۽ ”بندو“ چوندين، تيستائين شرڪ ۾ آهين. بلڪ عارف ۽ معروف هڪڙو آهي. جيئن چيو اٿن ته: ”درحقيقت اهو آهي، هتي خدا ۽ ٻانهون ڪٿي آهي. يعني سڀ خدا آهي.“ +(6) ٻن ڄڻن جي وچ ۾ محبت تيستائين درست نه ٿيندي، جيستائين هڪڙو ٻئي کي نه چوي ” اي مون!“. +انهيءَ زماني جا سڀيئي صوفي بزرگ، جهڙوڪ ذوالنون مصري (وفات 245هه)، بايزيد بسطامي (وفات 261هه)، حلاج (وفات 309هه) ۽ شبلي (وفات 334هه)، اگرچه سڀيئي گهٽ وڌ وحدت الوجود جي عقيدي ڏي مائل آهن، ۽ خدا کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نٿا ڏسن. +ذوالنون مصري ڪيمياوي ۽ فيلسوف هو، ۽ گهڻو ڪجهه جديد افلاطوني فلسفي مان اقتباس ڪري تصّوف سان ملايو اٿس. بايزيد بسطامي ته ذوالنون مصري ۽ جنيد بغداديءَ کان به ڪئين وکون اڳتي ويو آهي ۽ نهايت دليريءَ ۽ بيباڪيءَ سان وحدت الوجود جو پرچار ڪيو اٿس. محويت جي عالم ۾ ۽ الاهي نشي جي اثر هيٺ، هيٺيان جملا سندس وات مان صادر ٿيا آهن: +(1) ليس في جبتي سوي الله. يعني ”الله کان سواءِ ٻيو ڪي به منهنجي جبي ۾ نه آهي.“ +(2) سبحاني ما اعظم شاني. يعني ”پاڪائي جڳائي مون کي، ڪيڏو نه وڏو شان آهي منهنجو.“ +(3) لااِلٰہ اِلا انا فاعبدون. يعني ”ڪوئي به الله ڪونهي سواءِ منهنجي، منهنجي عبادت ڪريو (يا مون کي سڃاڻو)“. +ڇاڪاڻ ته عبادت جي معنيٰ معرفت يا سڃاڻڻ به آهي، جيئن موليٰ سائين فرمايو آهي: وما خلقت الجنّ والانس الاليعبدون.“ ”نه خلقيو آهي مون جنن ۽ ماڻهن کي، مگر انهيءَ لاءِ ته مون کي پوڄين يا سڃاڻن “. شيخ محي الدين ابن العربي چوي ٿو: +”فيحمدني و احمد و يعبدني و اعبده“ (هو مون کي ساراهي ٿو ۽ هو مون کي پوڄي (سڃاڻي) ٿو ۽ آءٌ کيس پوڄيان (سڃاڻان) ٿو). +حلاج ته اناالحق جا نعرا ظاهر ظهور لڳائي ڏنا، جنهن ڪري سوريءَ جو منهن ڏٺائين ۽ چوڻ لڳو ته ”انا من اهوي انا نحن روحان حللنا بدنا“ (آءٌ اهوئي آهيان جنهن کي آءٌ پيار ڪريان ٿو، ۽ جنهن کي آءٌ پيار ڪريان، سوئي آءٌ آهيان. اسين ٻه روح آهيون جي هڪ بدن ۾ حل ٿيا آهيون). مطلب ته حلاج نهايت مرتب نموني ۾ خدا ۽ انسان جي اتحاد بابت سخن گوئي ڪري ٿو، ۽ اهي حلاج جا سخن ئي آهن جي پوءِ ابن العربي ۽ سندس پوئلڳن جو مدار ٿيا، تنهن ڪري هيءَ دعويٰ ڪرڻ ته ابن العربي، وحدت الوجود جي فلسفي جو اول باني هو، سراسر غلط آهي. ابن العربي ته پاڻ اشارن ۽ رمزن کان ڪم ورتو آهي، ۽ ڪڏهن به صراحت سان وحدت الوجود جي اپٽار نه ڪئي اٿس. نه ته حلاج وانگر هو به ڪنڌ ڪٽائي وهي ها. +مطلب ته موجوده تصّوف جو بنياد، انهيءَ عهد جي صوفين هٿان پيو، ۽ هڪ محڪم شڪل ۽ صورت ورتائين. البت زماني گذرڻ بعد ٻيون به گهڻيون ئي ڦيريون ڦاريون منجهس داخل ٿيون، ۽ نوان نوان اصطلاح، تعبير، رسمون ۽ سلوڪ جا احوال ۽ مقامات منجهس گهڙيا ويا. امام غزالي، ابن العربي ۽ سهروردي ان کي فلسفي جو رنگ ڏنو، ۽ امام قشيري، ابو نصر سراج، هجويري ۽ غزالي شريعت ۽ تصوف جي وچ ۾ وفاق آندو جيئن ته هي اصول قائم ڪيائون ته تصوف جا دقيق اسرار عام ماڻهن کي نه سلجن، جيئن شاه صاحب فرمايو آهي ته: +سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱئو. +يا +حوصلو حيرت جو، آه نه مٿي عام +سندي محبت مام، ڪور پروڙي ڪنيڪي. +رومي هڪ هنڌ چوي ٿو ته ”اناالحق جو نعرو حلاج جي نهايت انڪساريءَ ۽ نهٺائي جو ثبوت آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن چيو ”انا العبد“ (مان ٻانهون آهيان)، تنهن گويا پنهنجي خودي ڏيکاري ۽ خدا سان شرڪت ڪيائين.“ حلاج ائين چئي پنهنجي دوئي ماري، ۽ خدا تعاليٰ ۾ پاڻ کي ايتري قدر گم ڪيائين، جو ان کان سواءِ ٻيو ڪج��ه به ڏسڻ ۾ نه آيس. فريدالدين عطار جو حلاج جو شيدائي آهي، سو چوي ٿو ته ”قم باذني“ ۽ ”قم باذن الله“، ٻئي محبوب جي واتان نڪتا آهن ۽ جيڪو ”اناالحق“ جو نعرو نه هڻندو، سو ڪافرن جي جماعت مان آهي: +قسم با ذني و قم باذن الله +هردو يک نغمه آمد از لب يار +هر کہ ازوي نزد اناالحق سر +او بود از جماعت کفار. +۽ محمود شبستري چوي ٿو ته: جيڪڏهن ٻرندڙ ٻوٽو ”اناالحق“ چوي ته اهو روا آهي، پر جيڪڏهن ڪو نيڪ مرد ”اناالحق“ جو نعرو هڻي ته ڇو نه روا آهي؟ +روا باشد اناالله از درختي +چرا نبود روا از نيک بختي؟ +۽ شاه صاحب اهو وحدت جونڪتو نهايت سهڻي نموني ۾ نروار ڪيو آهي: +جر تڙ تک تنوار، وحدت وائي هيڪڙي +سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار +همہ منصور هزار، ڪهي ڪهندين ڪيترا. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، سپٽمبر 1956ع تان ورتل + + +ليڪن انهيءَ تنوار سڻڻ لاءِ ڪي ڪن گهرجن، فقط اهل دل انهيءَ معنيٰ کي محسوس ڪري سگهن ٿا، جيئن رومي فرمايو آهي: +جملہ ذرات عالم در نهان +با تو ميگويند روزان و شبان +ماسميعيم و بصيريم و خوشيم +با شما نا محر مان ماخا ميم +نطق آب و نطق خاک و نطق گل +هست محسوس حواس اهل، دل. +سنڌ ۾ تصّوف پنهنجي ڪامل صورت ۽ پوري جلوي ۾ پديدار ٿيو. سنڌ جي پاڪ زمين اهڙن خيالن لاءِ منڍ کان صالح هئي. سنڌ جي سڀني صوفين سڳورن ۽ روحاني شاعرن وحدت الوجود جو نغمو ڳايو، ۽ ان جي آسمان ۾ غلغلو مچايو. سنڌ جا حاڪم به ديني مصلحت ۽ رواداريءَ جا حامي هئا ۽ ڪنهن به حق جي عاشق کي ناحق نه ستايو. اسان جو پهريون عارف ۽ شاعر قاضي قاضن (وفات 958هه) وجودي هو، ۽ شاه ڪريم (وفات 1032هه) وجودي به هو ته شهودي به هو. قاضي قاضن چيو آهي ته: +لا لاهيندي ڪن کي ”لا“ مورانهين ناه +بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪين ٻيو +شاه ڪريم ان جي جواب ۾ چيو آهي: +”لا“ مَ لوڌي ڪڍ، ”الا“ م لاه لک سينءَ +جو مظهر سندو ماڙوئين، تي ڪيئن ڪرين وڍ. +قاضي قاضن بيخوديءَ جي حالت ۾ فرمائي ٿو: +سائر ڏيئي لت، اُوچي نيچي ٻوڙئي +هيڪائي هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت. +وحدت جي درياه پلوٽ ڪئي، سڀ دڙيون دڪيون ٻوڙي يڪسان ڪري ڇڏيائين، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جو وجود باقي نه رهيو ۽ سڀ طرف ميٽجي ويا. شاه ڪريم ان جي مقابلي ۾ هڪ باريڪ نڪتو اٿاري ٿو، چي: +سائر ڏي نه لت، اوچي نيچي سڀڪهين +نابودي نه ٿيئي، اي ناديدي جهت. +انهيءَ جو مثال ساوڪ وانگر آهي، جا زمين تي اڀري ٿي، اوچتو درياه زمين تي غلبو ڪري، ساوڪ ٻوڙي ناپيد ڪيو ڇڏي. اهڙي طرح جو ڏسندڙ جي نظر ۾ نه اچي. حقيقت ۾ ان کي نابود نه چئبو، ان کي هستي آهي. پر درياه جي غلبي ڪري گم ٿي ويئي آهي. +ساڳي طرح روميءَ وري باهه ۽ لوهه جو مثال ڏنو آهي، قاضي قاضن وانگي مغالطي ۾ پيو آهي. چوي ٿو ته: سرخ ٿي باهه سان هم رنگ ٿيو پوي. پوءِ جيڪڏهن نس پس باهه نٿو ٿئي، ته به باهه جون سڀيئي خاصيتون ان ۾ لڀن ٿيون. ايترو جو ماڻهو چون ته باه ٿي ويو. ”فنا في الله“ جي مقام ۾ پڻ انسان جي اها حالت بنجي ٿي: +رنگ آهن محورنگ آتش است +ز آتشي ميلا فدو خامش وش است +چون بہ سرخي گشت همچو ز رڪان +بس ”اناالنار“ است لافش بي زبان +شد ز رنگ طبع آتش محتشم +گويد او ”من آتشم من آتشم“ +آتشم من، گر ترا شک است و ظن +آزمون کن دست را بر من بزن +آدمي چون نور گيرد از خدا +هست مسجود ملائک ز اجتبا. +انهيءَ جي معنيٰ اِها ناهي ته لوهه جو وجود باه ۾ گم ٿي ويو. لوه جو وجود باقي آهي، رڳو باه جون ڪي خاصيتون پيدا ٿين ٿيون. اهڙي طرح فنا في الله ٿيڻ ڪري ڪو آدمي بالڪل خدا ڪونه ٿو ٿئي. جيئن فريدالدين عطار چيو آهي: +تو از دريا جدائي و عجب بين +ز تو يک لحظہ اين دريا جدا نيست +خيال کج مکن اينجا و بشناس +کہ هر کو در خدا گم شد خدا نيست. +پر رڳو سڪر ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ سندس هڪڙي صف سان منصف ٿو ٿئي، تنهن ڪري اهڙن شطحيات جي ڪلمن کان پاڻ کي سنڀالجي. +حقيقت ڪري اولياء الله ڪڏهن به اهڙي سڪرات جي حالت ۾ نه هوندا هئا، جو خدا جا فرض کانئن ڇڏائجي وڃن. اهي خدا تعاليٰ جي عصمت هيٺ هوندا هئا، ۽ جڏهن انهن تي استغراقي حالت طاري ٿيندي هئي، تڏهن نماز جي وقت هو از غيبي بيدار ٿي پوندا هئا، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين شريعت جي احڪامن تي پابند رهيا. جي جو ڪي نابڪار صوفي چوندا آهن ته فنافي الله جي حيثيت ۾ انهن تان سڀ ديني فرائض ۽ تڪليفون لهيو وڃن سو اسلامي تصوف جي اصولن جي برخلاف آهي خود حلاج ويندي پڇاڙي تائين نماز مشغول رهيو. هو ته پاڻ چوندا آهن ته ”حضور قلب حاصل ڪري پاڻ وڃائي، پوءِ تڪبير چئو“: +جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناه نماز +سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو. +(شاه) +باوجود قاضي قاضن سان ٽڪري کائڻ جي، شاه ڪريم صريح وجودي هو، جيئن سندس ڪيترن ئي بيتن مان پڌرو آهي: +مروئان موران، پکڻان، وائي ٻي م ڀل +هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين. +_________ +سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي +تيهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي. +__________ +پاڻئي سلطان، پاڻئي ڏي سنيهڙا +پاڻ ڪر پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ. +_________ +اسين سڪئون جن کي، تان سي اسين پاڻ +هاڻي وڃ گمان، مڃاتا سپرين. +لطف الله قادري، جو شاه ڪريم سان لڳ ڀڳ ۽ شاه لطيف کان گهڻو اڳڀرو زنده رهيو آهي، سو ”اسم ذاتي“ جي وصف ۾ هيئن ٿو چوي: +چيائون الله، هادي جو حق +او پاڻان ويا پيڙا، ٿين ذات مطلق +فلاهم الا انا: ات نڪو شبہ نه شڪ +حاصل جنين حق، سي واصل ٿيا وصال ۾. +ميون عيسو، جو شاه لطيف کان عمر ۾ وڏو پر سندس همعصر هو، هڪ متشرع عالم ۽ عامل ٿي گذريو آهي، سو وحدت الوجود کي هن طرح ٿو نباهي: +جي پاڻ نه پسين پرينءَ کي، ته تون پسي صحيح سڄڻ +ان الله بصير بالعباد، اي حرف هنئين سين هڻ +پرور کي پسڻ، آهي سڀڪنهن شيءِ جو. +________ +پسين جي پر ڪنهين، ته سڄڻ توهين ساڻ +و هو معڪم اين ما ڪنتم، اي عيسيٰ سڻ اهڃاڻ +نوڙت ۽ نياز سين، جي صحي سڃاڻين پاڻ +ته معرفت مهراڻ، منجهان تو موج هڻي. +_________ +اڌمي اندر کان، جو موج هنئي مهراڻ +ته علائقا هن عالم جا، ويندءِ پاڻئون آڻ +بلڪ پيهي ويندين پاڻ، پريندهم ان پاتار ۾. +مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1075هه) اگرچه هڪ فقيہ هو، ۽ ظاهر شريعت جو پابند هو، ۽ شايد ان ڪري ئي خواجہ محمد زمان ۽ شاه لطيف ۽ مخدوم محمد معين سان نه پوندي هيس. سو به هڪ وڏو صوفي ۽ روحاني بزرگ هو، جيئن سندس تصنيف قوت العاشقين مان ظاهر آهي ليڪن هو شهودي هو ۽ متين تي راسخ. جنهن ڪري دل نه چاهيندي هيس ته ماڻهو ڄاڻي واڻي وحدت الوجود جي ڪُن ۾ وڃي اَجهڪن، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن جي رهبري لاءِ شريعت بالڪل ڪافي ۽ شافي آهي، انهن کي ماوراء لحيات جي مسئلن ۾ نه منجهائڻ گهرجي: +حوصلو حيرت ۾، ڪري ڪونه درڪ +جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪينڪي. +ليڪن اندر جي اڇائي ۽ اخلاص، تڪبّر ۽ پاڻپڻي کان آجائي سڀني لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ اهو پنهنجو پاڻ آهي، جو پرينءَ کي پراهون ڪري ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو: +”پاڻ“ پردو پاڻ کي، سُڻي ڪر سنڀال +وچان جو وصال، سو تان هئڻ ”هن“ جو. +حافظ فرمائي ٿو: +ميان عاشق و معشوق، هيچ حائل نيست +تو خود حجاب خودي، حافظ از ميان برخيز. +نه فقط هيترو، پر جيڪو به خيال ڀائين ته حجاب (پردي) کي پري ڪندو، سو خود حجاب آهي. ��ن کي اڇلائي ڇڏ. خود عشق جو خيال ڪرڻ پڻ عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ حجاب آهي: ”العاشق والمعشوق“. +رومي فرمائي ٿو: +تو هر خيال کہ کشف حجاب پنداري +بينگنش کہ ترا خود همان حجاب شود. +شاه لطيف وري هيئن ٿو چوي: +عين شرڪ ايءُ، جيئن بي شرڪ ڀائين پاڻ کي +وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءُ +هيڏانهن ڪونهي ”هيءُ“، ”هو“ پڻ ڪونهي ”هن“ ري. +شاه لطيف محض ”وجودي“ هو. پر سندس ”وحدت الوجود“ جو متو اهڙي سهڻي نموني ۾ سنواريل آهي، جو ڪوبه اهل ظاهر مٿس اعتراض ڪري نه سگهندو. اهو زمانو ئي هو وحدت الوجودي خيالن جو. شاه ولي الله دهلوي، جو پڻ ان وقت ڌاري ٿي گذريو آهي (1114، 1176هه)، سو به وحدت الوجود جو قائل هو، ۽ ڪوشش ڪري ڏيکاريواٿس ته امام رباني واري وحدت الشهود ۽ وحدت الوجود وچ ۾ ڪو معقول فرق ناهي، رڳو لفظي ردوبدل آهي. ساڳيو ئي خيال شيخ عبدالرحيم گرهوڙي صاحب خواجہ محمد زمان جي هيٺئين بيت جي تشريح ڪندي ظاهر ڪيو آهي: +صورت معنيٰ وچ ۾، ڪونهي وچ وچان +هُو نه سڃاپي هن ري، هِي مور نه موجودا +ڪٿي جوهر ڪوٺجي، ڪٿي عرض آ +حقيقت هيڪاه، پر نالن مٿو ناه ڪو. +ظاهر توڙي باطن وارا مڃين ٿا ته مظهر خود ظاهر آهي، ۽ ڪي جهڙوڪ امام رباني صاحب، چون ٿا ته مظهر خود ظاهر (خدا) ناهي. حقيقت توڙي شريعت جي لحاظ کان ٻئي قول برابر آهن، پر جيئن ته امام رباني صاحب شريعت جو صاحب هو، تنهن ڪري شريعت جي پاسي کي وڌيڪ ترجيع ڏني اٿس، نه ته حقيقت ۾ ڪثرت آهي ئي ڪانه. +”ولي اللهي فلسفي“ جو اثر سنڌي شاعرن، جهڙوڪ شاه لطيف تي (جو شاه ولي الله کان 12 ورهيه اڳي ڄائو هو (11 ورهيه اڳي وفات ڪيائين) ڪيتري قدر پيو. سو اڃا تحقيق طلب آهي. مخدوم محمد معين يا ٻين تي پيو هجي ته ان ۾ شڪ ناهي، باقي شاه لطيف وحدت الوجود واري مسئلي ۾ پنهنجي وڏي ڏاڏي شاه ڪريم جي پيروي ڪئي آهي. سندس اڳ ۾ انشاد ٿيلن ٻن بيتن کي وڌائي هيئن چيو اٿس: +پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب +پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ طالب تن جو. +__________ +پاڻ ئي جل جلالہ، پاڻ ئي جان جمال +پاڻ ئي صورت پِر جي، پاڻ حسن ڪمال +__________ +پاڻ ئي پير مريد ٿئي، پاڻ ئي پاڻ خيال +سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي. +__________ +وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل +حق حقيقي هيڪڙو، وائي ٻي مَ ڀل +هي هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين. +هاڻي سوال آهي ته وحدت مان ڪثرت ڪيئن پيدا ٿي، ۽ ڪثرت ڪيئن وحدت آهي؟ جامي يوسف زليخا ۾ فرمايو آهي ته اوائل ۾ جڏهن وقت جي ابتدا نه ٿي هئي، خداوند تعاليٰ جي مطلق هستي، جا سڀني صفاتن ۽ قيدن کان پاڪ هئي، تنهن پنهنجي مطلق جمال جو تجلو پاڻ تي پاڻهي پيش ڪيو، پر جيئن ته ڪو سهڻو چؤديواري اندر لڪي نه سگهندو آهي ۽ دروازا بند ڪندي ڳڙکيءَ کان سسي ٻاهر ڪڍندو آهي، تيئن ان مطلق جمال ۾ به جنبش جاڳي ته پاڻ کي پڌرو ڪريان. انهيءَ لاءِ ڪائنات جو سارو پسارو وجود ۾ آندائين ۽ آخر ۾ انسان پيدا ڪيائين، جنهن ۾ شناسيءَ جي طاقت رکيل هئي. الله تعاليٰ حضرت دائود جي جواب ۾ هيئن فرمايو ته: ”کنت کنزاً مخفيا فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق لکي اعرف“. يعني: ”مان هڪ لڪل خزانو هوس، سڪ ٿيم ته سڃاڻجان، تنهن ڪري خلقيم خلق کي ته سڃاڻايان پاڻ.“ شاه صاحب اهو خيال هنن ٿورن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي: +پيس اي پرياڻ، ته ڪريان پاڻ پڌرو +نڪو ڳولي تڪيو، نڪو ڳولي پاڻ. +__________ +خالق خلقي خلق کي، باريءَ ڪيو بيان +چئي ڪن فيڪون کي جوڙيائين جهان +سج چنڊ تارا ڪتيون، ارض آسمان +ساراهي سبحان، پوءِ مڙني محمد مڃيو. +عام اعتقاد موجب الله تعاليٰ پهريائين حضرت محمد جو نور خلقيو، جن��ن مان پوءِ ٻي ڪائنات پيدا ٿي. هي وڏو وستار آهي، هتي هي اشارو ڪافي آهي. هي بيان ”همہ اوست“ جي متي مطابق آهي. پر انهيءَ مان به ٻه مرادون نڪري سگهن ٿيون: (1) جيڪي آهي سو سندس طرفان آهي، وٽانئس آهي، ۽ منجهائنس صدور پاتو اٿس. انهيءَ مان صوفين تعينات ۽ تنزلات جو نظريو قائم ڪيو آهي، جو اصل ۾ جديد فلاطوني فلسفي جو مکيه جزو آهي، ۽ صريح اسلامي نقطہء نظر جي ابتڙ آهي. (2) جيڪي آهي سو کانئس آهي ۽ مٿس ئي مدار رکي ٿو. عارضي ۽ فاني آهي. فقط ذات پاڪ کي بقا آهي. اها مراد قرآني آيت ”ڪل من عندالله“ جي مطابق آهي. +ڪن صوفي بزرگن ۽ شاعرن هڪڙي ڳالهه تي زور ڏنو آهي، ته ڪن ٻيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي آهي. انهيءَ ڏس ۾ فريدالدين عطار تمام پري وڃي پيو آهي، ۽ سندس ڪلام جي جهلڪ سچل فقير ۽ سندس سالڪن، بيدل ۽ بيڪس جي شعرن ۾ ملي ٿي. چي: ”خدا خود آدم جي صورت اختيار ڪري، جدا جدا رنگن ۽ روپن ۾، انسان ذات جي هدايت لاءِ اوتان ٿي آيو آهي.“ اهو نظريو اسلامي تعليم جي خلاف آهي. عطار جي هيٺئين قطعي تي غور ڪريو: +اي روي در کشيده ببازار آمده +خلقي بدان طلسم گرفتار آمده +غير تو هر چہ هست سراب و نمائش +کانجا نہ اندک است ولہ بسيار آمده +آبجا حلول کفر بود اتحاد هم +اين وحدت است ليک بتکرار آمده +يک عين متفق کہ جزاو ذره اي نبود +چون گشت ظاهر اين همہ انوار آمده +گوهر دو کون موج بر آرند صد هزار +جملہ يکي است ليک بصد بار آمده +ڪثرت حقيقت ۾ وحدت آهي، جنهن وري وري پاڻ کي پئي دُهرايو آهي. سمنڊ مان لکين لهرون اڀرن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي سڀئي هڪڙي لهر آهي، جا بار بار پئي اچي وڃي. سؤ صوف ۽ آبيون ڏسڻ ۾ جدا جدا آهن، پر جيڪڏهن سڀني کي نپوڙي گڏ ڪندين ته رس هڪڙي ئي ٿي پوندي، جيئن رومي چيوآهي: +گر تو صد سيب و صد آبي بشمري +جملہ يک گردد چہ آنرا بفشري +در معاني قسمت و اعداد نيست +در معاني تجزيہءَ افراد نيست. +يا جيئن شاه لطيف چيو آهي: +سو پڙاڏو، سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين +هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا. +ڪثرت آهيئي ڪانه وحدت اندر، وحدت است. عارف ۽ معروف، عاشق ۽ معشوق ٻئي هڪ آهن، بلڪ: +جملہ معشوقست و عاشق پرده اي +زنده معشوقست و عاشق مرده اي. +جيئن ابن العربيءَ فرمايو آهي +تو همت قدما قبل ان يڪشف الغطا +اخالي ڪاني ذاکر لڪ شاکر +فلما تجلي الصبح اصبحت عارفا +بانڪ مذڪور و ذڪر و ذاڪر. +(يعني: پردي کڄڻ کان اڳ ائين ڀائيندو هوس ته مان تنهنجو ذڪر ۽ شڪر ڪندڙ آهيان. پر جڏهن روز روشن ٿيو ته خبر پيم ته تون ئي ذاڪر، مذڪور ۽ ذڪر آهين.) +سرو، ساغر ۽ ساقي ٽيئي هڪ آهن. ساهڙ، سهڻي ۽ سائر ٽيئي هڪ ٻئي کان جدا نه آهن: +سو ساهڙ، سا سهڻي، سائر پڻ سوئي +آهي نجوئي، ڳجهه اندر ڳالهڙي. +سڀ پنهون آهي، سسئي ۽ سور عارضي ۽ لابقا آهن: +پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ +ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ +پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا. +جي پاڻ ۾ پٽيندا ويا. اهو پنهنجو پاڻ آهي، جو عجيبن جي آڏو ڦري ٿو: +سو پکي، سو پڃرو، سو سر، سوئي هنجهه +پيهي جان پروڙيو، مون پنهنجو منجهه +ته ڏيل جنهن جو ڏنجهه، سو ماري پيو منجهه ڦري. +حاصل ڪلام ته وحدت الوجود ۽ وحدت الشهور جو بحث تمام وڏو آهي. دفتر گهرجن ته به ان جو بيان پورو ٿيڻو نه آهي. الفناء في الله، انسان جي روحاني ترقي جو فقط پهريون ڏاڪو ۽ البقاء بالله جو پيش خيمو آهي جيئن الله تعاليٰ جي ذات بي ابتدا ۽ بي انتها آهي، تيئن انساني روح جي ترقي به لاانتها آهي. وڌيڪ چپن تي مهر آهي: +نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها +جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا. +__________ + + +شاه جي نظر ۾ انسان جو تصور[1] +ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي، اوتري قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته: +”اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماس.“ +انهيءَ ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ ”عالم اڪبر“ ڪري سڏيو آهي، ۽ انسان، جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي ”عالم اصغر“ ڪري چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آهي، تنهن جو اختصار انسان ۾ موجود آهي. تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي. انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامتناهي ۽ غير محدود آهن، جيئن شاه صاحب فرمايوآهي ته: +نڪا اِبتدا عبد جي، نڪا انتها +جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا. +انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ (جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو). +باوجود انهي رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ ۾ آهي. منجهس ملڪوتي طاقتون به آهن ته بهيمي (يعني مِرُن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بهيمي طاقتون زور پئجي ويون ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو. پر جيڪڏهن ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته مَلڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو. جيئن فارسي واري چيو آهي ته: +آدمي زاده طرفہ مهجونيست +از فرشتہ سرشتہ و از حيوان +گر کند ميل اين شود بہ ازين +ور کند ميل آن شود بہ ازان. +تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ ۾ هميشہ جنگ جاري آهي. جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق ورايو، ۽ پاڻ کي اِلاهي حضور جي لائق ثابت ڪيو. اهڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪندي ڪندي، آخر اهڙي حد کي پهچي ٿو، جتي ان کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آهي، جو نڪي عاشق آهي نڪي معشوق، ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق. انهيءَ باري ۾ شاه لطيف فرمائي ٿو: +عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق +خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چؤ مخلوق +سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱيو. +اهڙي حبيبي حقيقت، جنهن کي صوفي ”حقيقت محمدي“ ڪري چوندا آهن، خواجہ محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي: +عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي +نڪين چئبو سو ڌڻي، نڪين مخلوقا +شفق جي ساڃاءِ، جامع ليل و نهار کي. +گرهوڙي صاحب وري ان جو وستار هن طرح ڪيو آهي: +وصف جنهن ورنهه جي، مٿو مور نه آهه +سسئي سهڻي مون پرين، مارئي محبوبا +پاڙي مون پرينءَ جي، مجنون مشتاقا +حقيقت حبيب جي، عجب جهڙي آه +جامع ليل و نهار کي، شفق جي ساڃاءِ +آگو چؤ مَ ان کي، نڪين مخلوقا. +اهو سالڪ، جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو، تنهن گويا توڙ ڪيو ۽ اهوآهي انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاه فرمائي ٿو: +نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو +مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي +ڪبي اُتِ ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي. +اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصي ۾ نمايان آهي. ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي، جنهن جي اپٽار انهن بزرگن ڪئي آهي، جي اسلامي تصّوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن، سي انهن روحاني وارثن وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين. اها تمثيل شاه جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ايتري قدر عيان آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس. ڪي رند اهو راز پروڙين: +(1) +نرتي تند نياز سين، ٻرائي ٻيجل +راجا رتولن ۾، اونائي امل +راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل +انااحمد ”بلاميم“ چئي، سين هنئي سائل +ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هردوئي هيڪ ٿيا. +(2) +ڪنهن ڪنهين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي +”الا��سان سري واناسره“ ورتي ايءَ وائي +راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا. +اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ گهرجي. جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو: +تتيءَ ٿڌيءَ ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي +متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پِر جو. +________ +واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيهه ڏٺوم +ڏونگر ڏوراپن سين، ڪانيءَ ري ڪٺومِ +جيلاه محب مُٺومِ، تي ڇُلون ڪريان ڇپرين +________ +هتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون +ساڄن سونهن سُرت، وِکائي ويجهو گهڻو. +__________ +شاه جو سر سارنگ[2] +شاه سارنگ کي پنهنجو يار ٿو سڏي: ”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا“. سانوڻ ۽ بهار سال جي جوانيءَ جا ڏينهن آهن. مون جهڙا ڪتابن جا ڪيڙا ۽ گهر گهيتڙا به جوش ۾ اچي ويندا آهن. اڃا جهڙ جهاما ٿيو، رعد جي رڙ ٿي، ۽ وڄڙين ور وڌا ته حال في الحال ٽپڙ سيري ڇڏيندس، پير ۽ ٽنگون بي اختيار نچڻ لڳنديون، ۽ وات مان سارنگ جي بيتن جي جهونگار نڪرندي. اهڙي وقت موڙهلن کي به مت اچيو وڃي، ۽ اُهي به قدرت جي موج مستيءَ ۾ سڀ ڪجهه وساري، ڪو وقت اونگهه ۾ اچي ويندا آهن. +ڏينهن ڏاڍا ٿيا آهن ۽ ڪانءَ جي اک پيئي نڪري، هاڙهه لڳو پيو آهي. گاه سڪي ويا آهن. پري کان رڃ پيئي جرڪي. ماڻهو، مرگهه، مينهون، سڀ سارنگ کي پيا سارين. اَڙيون ابر جي آسري انتظار ۾ آهن. تاڙا تنواري رهيا آهن. سمنڊ جون سپون سج ڏي سڪ سان پيون نهارين. ساريءَ جوڙ ۾ آنڌ مانڌ آهي. ڏڪار پريان ڏيڪر پيو ڪري. ٿري بري ويلا ڪڍي رهيا آهن، باقي ڏڪارين جا ڀانڊا ڀريا پيا آهن. کڳيون پيا هڻن، چي ڄاڻ اسان جي آنن جو اگهه ٿيو. پر اجهو ٿو سندن سانڍيل ان گرڪي ٿئي. مطلب تي ساري ڪائنات ۾ ٿرٿلو آهي. +اتي خدا جي رحمت جنبش ۾ اچي ٿي. اتر جي ڪنڊ کان ڪڪر چوٽي ٿو ڪڍي لڳهن جي لالائي پسو، چوڌاري ڪارونڀار آهي. رعد جي رڙ تي ڪليون ٿيون ڪنبن. وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن. سانگ کي ساٺ ڪري ڏرکي چِٽي، رسيلا رنگ ڏيئي، سيج تي چاڙهيو اٿن. مينهن ٽهه ٽهه ڪري پيو ٽمي. سڀڪو پنهنجي اجهي ڀيڙو اچي ٿيو آهي. مينهيون ڀٽاريون به ڀڄنديون پنهنجي وٿاڻ تي اچن ٿيون. سڀ هنڌ سرهائي آهي. ڪانئر ڪم کان ڇٽي پيا آهن. جتي ڪٿي ساز سرندا،سارنگيون ۽ چنگ پيا وڄن.پر انهيءَ اگم جو انگ اهڙو نه آهي، جهڙو پرينءَ جو پسڻ؛ مينهن ۽ نيهن ٻئي هڪڙي اکر آهن. ورهين جا وڇڙيل اچي مليا آهن. ڇو ته سيڻن کان سواءِ روح رچنڊيون ڪيئن ٿينديون؟ انهي عالمگير خوشيءَ ۾ اسان جي لافاني شاعر جو خيال وڃيو غريبن تي پوي چي، ويچارا هن وڏڦڙي ۾ ڪيئن ڪندا؟ هنن جا نجهرا هيڻا آهن، واءُ ۽ مينهن انهن کي وڌيڪ جهوري وجهندو. ويچارا ڪهڙي وَهَه ويندا، نه اوڇڻ اٿن نه آجڪو. ٻرحال وانڊين جا، جن جا جاني وَرَ همشہ لاءِ جدا ٿي ويا آهن. شال سندن پکا نه پُسن! ويچاريون گجگوڙ ٻڌي وسيون ٿيو وڃن، ۽ ساه ئي سڪيو وڃين. شال، وارث مٿن اچي اولو ڪري ۽ سندن جهڳي کي جوکو نه رَسي! +پر اِهي منڊل ته مند تي منڊيا آهن. مندائتي مينهن جي ڪا کنوڻ کوٽي ٿئي؟ ٿر بر وٺا آهن. تل ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي وييون آهن. پلر جي پالوٽ سين پَٽن پاههَ جهليا آهن. گسن تي گاه ٿيا آهن. وڻ به ساوا چهچ پيا لڳن. اگوندري آب ڪري سانگين جا ساهه وريا آهن. ڌرار ڌڻ ڪاهي، ڇنا ڇڏي، ثمر سنباهي پٽن تي پکڙي پيا آهن. هاري ٻج کڻي، هيج سان ٻنين ڏي هليا آهن، ۽ هر سنباهيا اٿن اَنُ اَرزان ٿيو آهي. جن مهانگو ميڙيو هو، سي اڄ هٿ پيا هڻن. شل اُهي ڏڪاريل موذي، جن کي پندرهن جو آسرو هو، سي ڏيهه مان مري کڄي وڃن! (شاه جي اها دعا ٻن صدين کان پوءِ اگهاڻي آهي). سنگهارن ۾ سک ٿيو آهي. مينهيون پاڻ مرادو ٿڌا گاه پيون چرن. وڏي اوهه سان ڦَر پٺيءَ لائي آيون آهن، ۽ سامهون سڄر کير پيون ڏين. مکڻ ماٽيءَ ۾ ڪُنَ پيو ڪري. شل اهڙي وقت ۾ پرين پاسارا نه ٿين. +نيٺ سارنگ ملڪ تان سوڙهه لاٿي ۽ سانده سهائو ٿيو. اهي وڄڙيون جي لال لبيس ڪري آيون، تن جي مهر فقط هن ملڪ سان نه آهي! اهي ساري جهان جو سير ڪري، رسول الله صلعم جي روضي پاڪ تي وسي، روم، شام، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، چين، گرنار کان گهمي ڦري، ڍٽ ۽ عمرڪوٽ تي پنهنجي ورکا ڪرڻ آيون آهن. اي سائين! سنڌ تي سڪار ڪرين ۽ سڀ عالم آبادڪرين! شاه جي همدردي سنڌ تائين محدود ناهي، بلڪ ساري جهان کي پنهنجي دامن ۾ آڻي ٿي! +_________ +شاعر ۽ سگهڙ[3] +جيئن ته اڄ ڪلهه جا نؤخير علاما ۽ مَها مهوپڌيا انهيءَ ڳالهه تي اصرار ڪري رهيا آهن ته ”ادب“ [4] جهڙي پاڪ لفظ جو اشتقاق ”دُب“ يعني رڇ جهڙي ذليل ۽ نڪ ۾ نوڙي پيل جانور مان نڪتل آهي ۽ خوشامدڙيا انهن کي ”علامہ دوران“، ”اديب العصر“ ۽ ”فريدالدهر“ جهڙن بلند آواز القابن سان پڪاري رهيا آهن، ۽ جيئن ته شاعري رڳو نقالي ۽ تُڪ بندي بڻجي پئي آهي، ۽ نظم ۽ نثر جا صاحب انهن ٻنهي فنن کي اضافي ترڪيبن جي بيجا استعمال سان پائمال ڪري رهيا آهن، تنهن صورت ۾ واجب ٿيو ته ڀريءَ مجلس ۾ انهيءَ نازڪ مسئلي تي ٿڌيءَ دل سان ويچار ڪجي. +نهان کي ماند آن رازي کزو سازند معفلها +ورهين کان وٺي اندر ۾ اها آرزو پئي رهي آهي ته انهيءَ وڌندڙ ڦٽ جي مرهم پٽي ڪيئن ڪرڻ گهرجي. انهيءَ خيال سان چند سال اڳ ”ادبي ذوق“ تي هڪ مقالو لکيو هوم، جنهن ڪيترن ڪوچڙن جي ڪابوس ۾ هام وجهي ڇڏي هئي. ليڪن حضرت آغا شاه سرهندي جهڙي بزرگ ان جي تحسين ۾ هڪڙو وڏو خط لکي موڪليو هو. ان جو وقتي اثر هيءُ ٿيو، جو اضافي ترڪيب جو استعمال ڪي قدر گهٽ ٿيڻ لڳو. پر پوءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ. اسان جا ناثر ۽ ناظم انهيءَ علت غائيءَ کان آزاد ٿي نه سگهيا، ۽ سڀڪو اديبڙو، شاعرڙو پاڻ کي ڪَوِيسر سمجهڻ لڳو. تان جو نثر جي ڪايا پلٽ ٿي پيئي ۽ سڌاري بدران بگاڙو ٿيڻ لڳو. وقت آيو آهي ته انهيءَ ٻِرڙ کي ٻنجو ڏجي ۽ نثر ۽ نظم کي صحيح اعتدال ۽ ميزان تي آڻجي. +شاعرن بابت چيو ويو آهي ”لله ڪنوز تحت العرش مفاتيحها السنة الشعراء“: يعني الله تعاليٰ کي عرش هيٺان خزانا آهن، جن جون ڪنجون آهن شاعرن جون زبانون. ائين پڻ چيو ويندو آهي ته ”الشعراء السنة الرحمان “ يعني (شاعر الله تعاليٰ) رحمان ۽ رحيم جون زبانون آهن. تڏهن چئبو ته شاعر کي نهايت وڏو رتبو حاصل آهي. شاعر اهو آهي جنهن کي شعور يا احساس هجي، جنهن جي دل دنبوري جي تارن وانگر ڇُهڻ سان نيرنگي نغما ڪڍي ۽ سندس تن جون تندون وحدت ۾ وڄن. جو الاهي اسرارن کي، جي عرش هيٺان سانڍيل آهن ۽ ڪائنات جي ڪرشمن کي اهڙن عجيب ۽ لاثاني لفظن ۾ ادا ڪري، ۽ ان جي رازن جي اهڙي فطري نموني ۾ تعبير ڪري، جو عام توڙي خاص ماڻهن جو عقل چرخ کائي وڃي. شاعر اهو آهي جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ چڱائيءَ جون ٽيئي وصفون باڪمال طور بکن. شاعر اهو آهي جنهن جي اندر مان شعر اُڌمو کائي نڪري، ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي مٿي اُڀري. شاعر اهو ناهي جو هڪ هنڌ ويهي. ڪاغذ کڻي قافين جي لانڍ لکي، بحر ۽ وزن نبائي ۽ باقي حشو کي مصنوعي لفظن سان ڀري بيشڪ، اهڙيءَ ڪار گذاريءَ ۾ نزاڪت ۽ نفاست، صناعت ۽ مهارت آهي، پر اهڙيءَ سخن کي سگهڙ پائي سڏبو، نه شاعري. سگهڙ اهو آهي جو ڪلام کي چڱيءَ طرح گهڙي، ٺپي ٺاهي. وزن تي پورو بيهاري. ان جو مثال واڍي وانگر آهي، جو اڻ گهڙيل ڪاٺ واهولي سا�� گهڙي، ۽ رندي روات سان ان کي لسو ڪري. يا رازي وانگر آهي، جو سِرون رکندي، چُوني يا گاري سان کُپائيندي، شاهل سان ڀت جي اوساري سڌي ڪندو آهي. +جيڪڏهن اهو آهي امتياز شاعر ۽ سگهڙ جي وچ ۾، ته مهرباني ڪري ٻڌائي سگهندا ته اسان جي نظم نويسن مان ڪيترا شاعر آهن ۽ ڪيترا سگهڙ؟ ڪنهن کي به رنجائڻ بنان مان بي ڌڙڪ چوندس ته انهن مان اڪثريت سگهڙن جي ئي آهي، جي پنهنجي نظم کي عربي ۽ فارسي بحرن جي قالب ۾ وجهي پورت تي آڻين ٿا. غالباً شهري نظم نويس سگهڙ آهن. مان انهن کي شاعرن جو نالو نه ڏيندس. حقيقت ۾ ٻهراڙيءَ جا ڪلام چوندڙ ئي سچا شاعر آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ڪلام هروڀرو بحرن ۽ وزنن تي ٻڌل ناهي ۽ تصنّع ۽ تڪلّف کان گهڻي قدر خالي آهي. انهن جو سخن بيساختہ درياه جي پالوٽ وانگر آهي ۽ اهي پنهنجي احساسن ۽ امنگن کي ازخود، بلڪ بي خوديءَ جي حالت ۾ اظهارڪندا آهن. جڏهن به شعر چوڻ جو جذبو اندر جاڳندو اٿن، تڏهن سندن وار ڪانڊا جي ويندا آهن. اکيون ڦوٽارجي يا ٻوٽجي وينديون اٿن، دل ڌڙڪ ڌڙڪ ڪندي اٿن، ۽ غشي وٺي ويندي اٿن. پوءِ انهيءَ محويت ۽ فنائيت جي عالم ۾ انهن تي وجد ۽ حال طاري ٿيندو آهي ۽ وحدت جي واديءَ ۾ غرق ٿي، بي اختيار ڪلام چئي وجهندا آهن؛ جو کين ياد رهندو آهي، يا حاضرين قلمبند ڪري ڇڏيندا آهن. اها پيغمبري ريت آهي. +اهڙيءَ طرح صوفي سماع ۽ رقص ڪندي، راڳ ڳائيندي ۽ جلي ذڪر هلائيندي؛ ۽ عاشق صادق پنهنجي معشوق جي فراق ۾ جهڄندي جهرندي، پنهنجو وجود وڃائي، حسن جي حدن کان نڪري، روحاني عالم جو سير ڪندي، اچانڪ شعر چئي وجهندا آهن، جو عين حسن ۽ ڪمال هوندو آهي. بلڪ هڪ رواجي ماڻهو به قدرت جا نرمل نظارا پسي، موج مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي ۽ سهڻي الحان سا ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندو آهي. +اهڙي قسم جا شاعر دنيا ۾ ڪي قليل ٿي گذريا آهن. انهيءَ معيار موجب ڏسبو ته شاه لطيف پڻ گهڻي قدر سگهڙ هو ۽ ڪن شاذ ۽ نادر موقعن تي الهامي شعر چيو اٿس ۽ تخيل جي توڙ کي پهتو آهي؛ ۽ اهي عالمگير فلسفيانہ سچ چيا اٿس، جيڪي سندس خارق العادة بزرگيءَ جو باعث آهن، ۽ جيڪي کيس انهن قليل هستين ۾ مقام بخشين ٿا. اهڙا بيت اٽڪل سؤ کن آهن، جن ۾ تصّوف جي تنوار آهي، باقي ٻيو اڪثر رسالو بياني، اخلاقي ۽ عشقي افڪارن سان ڀريو پيو آهي، جو پنهنجيءَ پَر ۾ لاثاني آهي. اگرچ ان ۾ ڪي عميق خيال سمايل ناهن. مارئيءَ جي سر ۾ وري وطن جي اڪير جي بي نظير تصوير پيش ڪئي اٿس. درحقيقت بيت سازي جي باب ۾ شاه صاحب اڳين توڙي پونين سنڌي شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. ليڪن ائين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي ته سندس ڪلام ۾ گهڻي قدر سگهڙپائي جو به دخل آهي. مثلاً سر ڪلياڻ جو پهريون ئي بيت، جيڪڏهن سندس چيل آهي، انهيءَ ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو؛ ۽ خصوصاً اهي وڳارون بيتن جون، جن ۾ لفظي توڙي معنوي تڪرار آهي ۽ جي ٿوري مٽاسٽا بعد ورجايا ويا آهن. اهڙو ورجاء يا دهراء، منهنجي تخميني موجب اٽڪل هزار بيتن ۾ لڀندو، جو سندس سگهڙپائي جو قوي ثبوت آهي، جو ڪنهن عربي، فارسي يا فرنگي يا ٻئي ڪنهن غير ملڪي شاعر ۾ مشڪل ملندو، ۽ بلاغت جي اصولن خلاف آهي، جن ۾ ايجاز کي تطويل تي ترجيع ڏني ويندي آهي. اگرچه باز گوئي من حيث المجوع ٿڪائيندڙ آهي، تڏهن به من حيث المفرد نهايت فصيح ۽ بليغ آهي. +شاه صاحب جيڪو ٻئي قسم جو شعر چيو آهي، سو آهي وايون يا ڪافيون، جي علي العموم ڦِلهڙيون آهن، ۽ انهن مان ڪيتريون ئي راڳاين جون يا خود رسالي جي جمع ڪندڙن جون چيل ٿيون ڏسجن. رڳو انهن جي آخر ۾ شاه لطيف جو نالو وڌو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٽيهه اکريون (سواءِ سسئي واريءَ اکريءَ جي) ۽ ڏينهن راتين وارا بيت غالباً ڌاريا آهن. ”ڪاپائتي مت“ حافظ پيني جي چيل آهي، جيئن مُلي نعمت واري قلمي نسخي مان ظاهر ٿيو آهي. ڪافيءَ جي صنف ۾ متاخر شاعرن جهڙوڪ سچل سائين، رمضان ڪنڀر، پير اميد علي، نور محمد واڍو، مصري شاه، خير محمد فقير وغيره، شاه صاحب کان عبارت ۽ مضمون جي رنگيني ۽ هنر بازيءَ، رزانت ۽ متانت ۾ گهڻي قدر سرسا آهن. انهن ۾ رمضان ڪنڀر، نور محمد واڍو وغيره ٻهراڙيءَ جا اُمي يا اڻ پڙهيل شاعر آهن؛ جن جي ٻولي نهايت زوردار ۽ مٺي آهي. انهن کي ڪنهن به قول سگهڙ چئي نٿو سگهجي. سندن ڪافين جا مثال هتي وقت بچائڻ خاطر نٿا ڏجن. +اهڙي طرح شاه صاحب غزل کي ته ڇڏيو، پر شعر جي ٻين صنفن جهڙوڪ مولود، معجزي ۽ مدح ۾ به پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي آهي. اگرچه ٻين ڪيترن ئي ٻاهراڙيءَ جي شاعرن انهن ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو آهي. مان فقط رمضان ڪنڀر جهڙي امي ۽ دهاتي شاعر جي ڪلام مان حاضرين کي هڪڙا ٽي فقرا سڻائڻ گهران ٿو. پهريون هرڻيءَ واري معجزي مان، جو سڄوئي موتين جي ڪٺمال آهي: +هن ميو مستاڪ موهن، سوز دلبر جي سجهي +انت پنهنجي عشق جو، سڌ ڏس نه ٻئي ڪنهن کي ڏجي +حب هنيين ۾ حال هردم، ڪل نه وڃي ڪنهن سان ڪجي +جانڪون جيين دم زندگي، ناتو نباهي نينهن نجي +نفس مدعي نور ناقص، ڊءِ نه ڪنهن ڊپ کان ڊڄي +حق هدايت راه ڪڙدم، ڀؤ ڏسيو بيڪس ڀڄي +هڪ ٺپيءَ ۾ هيڪلو، ٻر ٻر! نڪو ٻيلي ٻجهي +تنهنجو سڄڻ سندرو سڌرُ، سڪرات ۾ سرور سجهي. +سامعين ڪرام تجنيس حرفي کي ڏسن ته ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان استعمال ڪئي ويئي آهي! ٻيو ۽ ٽيون فقرو ”ڪانگ“ جي وچين ڪلمي مان ڏجي ٿو، جو ٽنهين ڪلمن جو نڪ آهي: +(1) شهر بانوءَ جي سونهن جي ساراه: +شهر ولايت شام ۾، هئي حسن حيرت ڪا +دختر سندي ڌيءَ بادشاه، وڏو هو وياءُ +مورت ماهئون اڳري، نظر نزديڪا +بر نه تنهن بروبري، ڪينچل آه ڪجا +سج نه صورت سامهون، ڪري نه تابش تاءُ +هُوءَ منهن لڪائي لڄ پئي، قمر قنديلا +رخ جنهن جي روءِ جا، پيا پکن پرتوا +سي کاميو وڃن خاڪ ٿيو، پچيو پتنگن جان +سٽجو پون پٽ اُتي، ڪيفي ڪبابا +هوءَ کلنديئي خون ڪري، خوشدر خوشحالا +هي نه ڀيرو هيڪڙو، جنهن کي قدر پوي ڪهلا +نينهن تنهين نار جي، ڪيا نازڪ نهالا +چارئي عين چڀي ويا، ڳجهڙي رمز ڳتا +جيئن چندن وڻ ۽ چانڪو، تيئن پرت پيچ پيا. +(2) شهر بانو جو باغ جي بهاني عاشق فقير سان ملاقات لاءِ نڪرڻ: +افريد ڪيائين اڳ ۾، نڱي نروارا +ٻي سڀ چپ چپات هئي، ڪنهين ڪل نه ڪا +کنئي پور پرين جي، جيئن دور درياها +اُڀريس لهريون عشق جون، اجگر اُليلا +ڇلنگا ڇول اکين مان،آيس آب سندا +ٻُڏيو ٻُوڙهٽ ۾ وڃي، جنهن کي سورن ڏنو ساءُ +حُسن ڪيا تنهن حور جي، گنير گفتارا +چنڊ تارا چور ٿيا، همہ هيڪاندا. +ڪلام جو زور ۽ سلسلو ته ڏسو ٻولي اُها آهي جا سڀڪو سمجهي، نه ٻاتاڙي ٻولي جيڪا فقط شهري ڪم آڻيندا آهن. سڀڪو انهيءَ مان حظ پرائي سگهي ٿو. بيت چوڻ سولا آهن، پر اهڙو مسلسل ڪلام چوڻ؛ ڪنهن رواجي سگهڙ جو ڪم نه آهي. +شايد ٻهراڙيءَ جي هڪ ٻئي نوع جي شاعرن کي سگهڙ ڪري چئجي، جن جو ڪلام، هڪ سؤ سال اڳي مرحوم آخوند محمد وفا عباسيءَ پنهنجي ڳُٽڪي ۾، ۽ تازو مسٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ ۾ ڏنو آهي، جهڙوڪ جلال، ڪبير شاه وغيره. انهن ۾ لفظن جي جهاجهه آهي، جي اڪثر تهه ٻهراڙيءَ وارا استعمال ڪندا آهن ۽ شهري ماڻهو انهن کان به خبر آهن، پر انهن اڻ پڙهيل شاعرن به پنهنجي نموني ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ماڻهو عجب ۾ پئجو وڃي ته انهن کي پ��هنجي صاف ۽ چيدي ٻوليءَ تي ڪيترو نه دسترس هو سندن شعر گوئيءَ جو نمونو بلاشڪ فطري آهي، اگرچه تصنّع! ۽ تڪلّف انهيءَ ۾ پڻ گهڻي قدر ساري ۽ طاري آهي. مان ته اهڙن شعر گوين کي به سگهڙ ڪين چوندس، ڇاڪاڻ ته انهن سنئون سڌو قدرت جي صاف چشمي مان پوڄ پيتو آهي. +تڏهن سگهڙ ڀلا ڪنهن کي چئجي؟ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته سگهڙ اُهو آهي جو پنهنجا خيال بحر ۽ وزن جي سانچي ۾ سميٽي صاف ڪري بيهاري، جو جاءِ بيجاءِ زير اضافت جو مڪروه استعمال ڪري، ۽ جنهن جو ڪلام سواءِ ڪن شهري فارسي ۽ اردو زده ماڻهن جي ڪنهن کي به سمجهه نه اچي. اسان جا ڪيترائي موجوده وقت جا شاعر انهيءَ مرض ۽ مبتلا آهن، الا ماشاءَالله. ليڪن هاڻ نئون واءُ وريو آهي ۽ اسان جا ڪيترائي نوان شاعر هندو خوان مسلمان، سادو، سولو ۽ فطري شعر گونا گون نمونن ۾ چئي رهيا آهن، جنهن مان اصليت جي بوءِ اچي ٿي. سندن ڪوششون تحسين جوڳيون آهن، مگر آءٌ کين عجز ۽ نياز سان عرض ڪندس ته زير اضافت جي ڪني ۽ قبيح استعمال کان احتراز ڪن، نه ته سندن شعر پڻ مصنوعي، فارسي ۽ اردو زده ٿي پوندو، جن ٻنهي ٻولين اسان جي سونهاري سنڌي زبان جي ستيا ناس ڪئي آهي. +صاحبو! مون کي معاف ڪندا، مون پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن خاص شخص ڏانهن اشارو ڪونه ڪيو آهي. منهنجي مراد اصلاح آهي، نه فساد. +مراد ما نصيحت بود و گفتيم +حوالت با خدا کرديم ۽ رفتيم. +-------- +ڀٽ تي ڀيرو (گنج جو مطالعو)[5] +ڀلي ڀٽ ڌڻيءَ تي ڪرڻ ڀيرو گهرجي +انهيءَ راهه ۾ منهن ڪرڻ ميرو گهرجي. +هئو دوست سنڌ جو سڄڻ سورمو +مٿيري مڙس ڏي ڪرڻ ڦيرو گهرجي. +لڪي لال ويٺو. ڀڄي ڀٽ ۾ +طلب ۾ تنهين جي کڻڻ پيرو گهرجي. +”عمر“ کي اصل کان رهي سڪ اندر ۾ +انهيءَ در تي دمدم، دمڻ ديرو گهرجي. +هُونءَ ته لال لطيف جي زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا ڀٽ تي وڃڻ ٿيو آهي ۽ انهي ڀليري جي ڀلاين جو تصّور ڪندي روح کي رقت حاصل ٿي آهي، پر هي پويان ٻه لڱا خاص سندس ڀر ۾ رهي، لُڪن ۽ جهولن جا جهوٽا سهندي، سندس ڪلام سان رهاڻيون رهندي ۽ جهڻ ڀڻ ڪندي جا قلبي راحت سري سان بيان کان ٻاهر آهي. +جڏهن مرهيات گربخشاڻي سان گوڏا ڀڃي شاه جي رسالي جو متن ۽ شرح لکندو هوس، تڏهن کيس چوندو هوس ته: اڄ ڪ سنجهه صباح سندس سخن تي سميٽڻ منهنجي پُکي پوندو مرهيات به چوندو هو ته: مون جيئري مون مئي، اهو ڪم سرانجام تون ڪجانءِ ورهين جا ورهي گذري ويا، اها آس اندر ۾ سانڍيندو آيس، پر اها ڳالهه خواب خيال به نه هيم ته اهڙو وڏو مهم منهنجي هٿان ڪيئن تمام ٿيندو. ”ڪرهو نه ڪيڪان، پيرين آءٌ نه پڄڻي“، قدرت کي منظور هو، جو سنڌ ادبي بورڊ جو آرنڀ ٿيو. پهرين پهرين مڪمل رسالي جي اشاعت جي رٿ آئي. سيّد غلام مرتضيٰ شاه، انصاري عثمان علي، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين سڄڻن جي اها صلاح بيٺي ته اهو ڪٺن ڪم مان پنهنجن هيڻن ڪلهن تي هموار ڪريان. جوانيءَ جو اهو جوش نه رهيو آهي؛ پيري زوران زور ڪاهيندي اچي؛ اکيون نست ۽ عضوا نٻل: ”وڏڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کاڏو کوڙيو.“ دهشت وٺي ويم، پيريءَ ۾ پيئي اکيون آريءَ ڏي ڪيئن کڻندس پر دل جهلي چيم ته: اها منهنجي ورهين جي آرزو هئي، ۽ اگرچه پاڻ ۾ اهو ست نٿو سڀران، ته به ضرور پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪندس؛ من آگو ٻاجهه پئي ڪرائِيءَ ۾ قوت وجهي، جو اهو باري بوجو کڻي سگهان: +سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد +اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد. +مرحلا ۽ منزلون نظر آيون، پر اندر کي آٿت هوم ته الله جي آڳهه سان انهيءَ آجيڪار مان ضرور پار پوندس، ”عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها.“ +محترم انصاريءَ کي پنهنجي وساطت سان مرهيات گربخشاڻيءَ کان رسالي جا ٻه قديم نسخا، بلڙي ۽ ڀٽ وارا وٺي ڏنا هئم، جي وٽس رهجي ويا هئا. کيس استدعا ڪئي وئي ته اهي ٻئي نسخا ڪجهه وقت لاءِ عاريت طور ڏئي، پر مرد پڙ ڪڍي بيهي رهيو. اهڙي طرح ”لطائف لطيفيءَ“ جو قلمي نسخو، جو مون کي مرهيات جي ڪتبخاني مان هٿ آيو هو، ۽ جو مولوي دين محمد وفائيءَ مون کان ”لطف الطيف“ جي لکڻ لاءِ اڌارو ورتو هو، سو سندس وفات کان پوءِ گم ٿي ويو ۽ وڃي ڏاڍن جي ور چڙهيو. انساني ناسپاسيءَ جو مثال ٻيو ڪو ڇڊو لڀندو ان جو جيتري قدر افسوس ڪجي، اوترو ٿورو آهي. مِٺي به ماٺِ، مُٺي به ماٺِ. +بهرحال مون کي مايوسي ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته اهو بار آورد گنج ڪٿي پوريل آهي، جنهن جي ملڻ ڪري، اهي ننڍڙا ۽ نوان نسخا بالڪل ناچيز ٿي ويندا، جيئن سج جي سهائي تي ستارا الوپ ٿي ويندا آهن ۽ سندن جمال جي جوت جهڪي ٿي ويندي آهي. اها ڪيميا ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل هئي جا ٽامي کي سون ڪري ڇڏي. جڏهن اصل مليو ته نقل سڀ بيڪار؛ هنڊيءَ ڏٺي پائنٺ رد. اهو گنج بي رنج 1207 هجري کان تمر فقير جي اوطاق جي هڪ ڊٺل ڪوٺڙي ۾ سانڍيل هو، جو ڪنهن ٻڌو هو پر اکين نه ڏٺو هو؛ جنهن جي زيارت شاه جا شائق ضرور ڪندا هئا، پر ان کي اُپَٽي، اُن جو اُهاءُ نه ورتو هئائون. انهيءَ گنج بي رنج جي ڏسڻ جي اندر ۾ آپر اُڪير جاڳي، چيائون ته: فقير ويجهو به وڃڻ نه ڏيندا. دل ۾ چيم ته ماشاءَالله، هيڪر ته حملو ڪبو، پوءِ يا نصيب. +فبروري 1952ع جي آخر ڌاري، وڏيءَ اُڪاس ۽ اُڪنڊ سان ڀٽ کي ڀيڙو ٿيس. اسهڻ کان اڳ صاحب سجاده، جنهن سان اڳ نيازمنديءَ جو رستو هو ۽ سندس فرزند ميان غلام شبير شاهه کي پنهنجي ارادي جو اطمينان ڪيو هوم، جن ڪرم فرمائي، پنهنجي بنگلي تي خلاصي ڪمري ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ پڻ خبر ڏنائون ته تمر فقير جي جانشين ميهر فقير اجازت ڏني آهي، بيشڪ گنج شريف ڀيٽيو، پر انهيءَ شرط تي ته گنج کي اوطاق کان ٻاهر نه ڪڍبو، ۽ ڪرسي ۽ ميز کانسواءِ تڏي تي ويهي ڪم ڪبو. عجب ته فقير صاحب ڀلي تمر فقير جي دڪيءَ تي ويهي، پر ٻاهر ورانڊي ۾ ڪرسي ۽ ميز نه رکجي! ورانڊي توڙي اڱڻ ۾ ٿڪون ڦٽيون نه ڪجن، پر پيرين اگهاڙي هلجي! اتي پهچڻ شرط ڪمري ۾ لڏو لاهي، هٿ منهن ڌوئي، وضو ڪري ترت تمر فقير جي اوطاق ڏي راهي ٿيس. واٽ ويندي سهڻي لال لطيف جي زيارت ڪيم. اوطاق ۾ تڏي تي ڀت ڀر ٽيڪ ڏيئي ڪم کي جنبي ويس. نواز فقير ويراني مان گنج ڪڍي آڻي اڳيان رکيو، ان کي ڏسي گد گد ٿي ويس. اوطاق جي اونداهي، پٽ جي سختي ۽ اڱڻ جي ميرائي وسري ويم. ڄڻ ته سون جي کاڻ ملي هيم. +پيرن صاحبن چڱي پرورش ڪئي؛ پنهنجو خاص ماڻهو، جو اڳي اسان وٽ بورچي جو ڪم ڪري ويو هو، ۽ جنهن جو رڌ پچاءُ مون کي وڻندو هو، سو منهنجي خدمت ۾ ڏنائون. صبح جو سويرو نيرن ڪري اوطاق ۾ وهندو هوس، ظهر جو آرام ڪرڻ کان سواءِ، فقط هڪ وقت استنجا ڪري وضو ساري، ٻپهري ۽ ٽپهريءَ جي نماز گڏ پڙهي، سارو وقت گنج شريف ڀيٽيندو هوس ۽ ان جون مختلف پڙهڻيون ميرزا قليچ بيگ صاحب واري ڇاپي ۽ نسخي ۾ درج ڪندو هوس. لکڻ سان گڏ بيت الحان سان زيرلب جهونگاريندو هوس. انهيءَ ريجهه رهاڻ ۾ خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته وقت ڪيئن گذريو. وچ تي فقط ”هارلڪ“ جو پيالو گرم کير سان پيئندو هوس، ٻيو سڀ خير. شام جو هر روز ڏهه يارهن ڪلاڪ سانده ڪم ڪري، مغرب نماز پڙهي ڪمري ڏي موٽندو هوس. اهڙي طرح اٺ ڏينهن لحظي ۾ لنگهي ويا. پهرئين ڏينهن سو خالي تڏي تي ويهي چيلهه چُڪي پئي هئي، پر ٻئي ڏينهن ڀٽ جي هيڊ ماستر صاحب ۽ سندس نائبن هڪ رضائي ۽ طول آڻي ڏنو، جنهن ڪري اوطاق جو پَٽُ به پَٽَ جهڙو نرم ٿي لڳو، ۽ ورانڊو شاد روان ٿي پيو. موسم نهايت خوشگوار هئي ۽ پاڻي وڻندڙ، ۽ باوجود مشقت جي منهنجي صحت گهڻو سڌري پئي. شايد اولياء الله جي ڀلائي هئي، جنهن جي ڪلام سنوارڻ لاءِ ايڏا ڪشٽ ٿي ڪڍيم. +انهن ڏينهن ۾ هڪ دکدائڪ واقعو ٿي گذريو، جمعي رات شغل ۽ راڳ کان پوءِ، مجاورن ۽ ماڻهن جي بيخبريءَ جو فائدو وٺي، هڪ خبيث، شاه لطيف جي قبي جي سوني نيل لاهي فرار ٿي ويو، جو باوجود ڪوششن جي اڃا عدم پيدا آهي. منهنجي دل کي صدمو پهتو ۽ پير صاحب به تمام غمگين ڏسڻ ۾ آيا. فقيرن هينءَ پئي چيو ته: شاهه هاڻي پنهنجو گهر ٿو ڦٽائڻ گهري ۽ اڳتي ڪوبه ماڻهو منجهس ويساه نه رکندو. هيئن آهي ته الله جي پيارن کي نڪا سونين نيلن جي، نڪا عاليشان مقبرن جي ۽ نڪا ميڙن ملاکڙن جي ضرورت آهي. اهي شيون ته پيٽ پالڻ جا ذريعا آهن، جي اوليائن جي پوئلڳن اختيار ڪيا آهن. اهي مقبول ٻانها ته دنيا ۽ ماسوا کان منهن موڙي، الاهي ديدار ۾ محو ۽ مستغرق آهن. انهن کي دنيا جي جنسار ۽ ٺاٺ سان ڪهڙو واسطو؟ هڪ ويساه واري سفيد ريش اچي تمر فقير جي دڪيءَ اڳيان سجدو ڪيو. مون تنهن تي گهڻو شرمايو مانس ته اهي سڀ خدا جا عاجز بندا آهن، تنهنڪري هڪڙي خدا پاڪ اڳيان سرجهڪاءِ ته تنهنجي من جون مدعائون پوريون ٿين. ٻڍو رمز سڃاڻي ويو ۽ واتان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين. +سنڌ ۾ گهڻا اولياءالله آهن، پر جيڪو شغل ۽ چهچٽو شاه جي درگاه تي ٿئي ٿو، سو ٻئي هنڌ ورلي لڀندو، رات ڏينهن زيارتين جي ڌم لڳي پئي آهي. هڪ هنڌ جهنڊيون پيون لهن ۽ زالون پيون ڳائين، ته ٻئي هنڌ گهوٽ کي سرگس ڪرائي، پڇاڙيءَ جو نفل اچي شاه جي درگاه تي پڙهائين. جمعي ۽ سومر رات، خاص رونق هوندي آهي، خصوصاً ماهون پهرئين سومر رات جڏهن آسپاس جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا آهن. زالن ۽ مڙسن جي پيهه لڳي پئي هوندي آهي. راڳائي فقير حلقي ۽ ويهي طبنورن تي شاه جا بيت ۽ وايون چوندا آهن هڪ هڪ راڳيندڙ کي سڄو رسالو ياد هوندو آهي، ليڪن سندن ڳائڻ جو طريقو علحدو آهي، جو اسان جهڙن مغربي تهذيب زده انسانن کي هوند نه آئڙي. اڃا بيت ته جيئن تيئن ڪري سمجهبا مگر وائي ڳائڻ ۾ اهو ولولو ۽ ووڪ آهي، جو هڪڙو حرف به سمجهي نه سگهبو. هڪ قسم جي زيل ۽ سانده ڪوڪ آهي، جو ٻڌندڙ جو ساهه نڙيءَ تائين پهچيو وڃي. هڪڙي قسم جي محويت ۽ سنسناٽو هوندو آهي، ۽ اهڙي چپ چپات لڳي پئي هوندي آهي، جو جيڪر سئي ڪري ته به ان جو آواز به معلوم ڪري سگهجي. ماهون پهرئين سومر جي رات وري صحن ۾ مچ ٻاريندا آهن، جنهن جي چوڌاري ميهر فقير جي سرڪردگيءَ هيٺ فقير سماع ڪندا آهن، ۽ چوگرد ڦرندا آهن. اها هڪڙي قسم جي بدعت آهي، جا قديم زماني کان هلي اچي. شاه جي باري ۾ گهڻيون روايتون ۽ نقل ۽ نظير فقيرن جي وات آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي. اميد ته شاه جي سوانح عمريءَ ۾ انهن جو وستار ڪيو ويندو. +گنج شريف هڪ ڪهنو ڪتاب آهي. وچئون شيرازو ٽٽي پيو اٿس. ورق اهڙا جهونا ٿي ويا ٿس جو ڇهڻ سان ڦاٽيو پون. گنج نالو انهيءَ ڪري پيو اٿس جو منجهس شاه جا سڀيئي بيت سواءِ ترتيب جي درج ڪيا ويا آهن. پر حقيقت هي آهي ته گنج جي ترتيب نهايت سهڻي آهي. داستان مضمون موافق ڏياريا ويا آهن ۽ بيتن جي ڪڙيءَ ڪڙيءَ سان مليل آهي. هيئن چوڻ روا آهي ته رواجي قلمي نسخا ۽ ڇاپي نسخا، جي جمعي فقير، حسين فقير ۽ ٻين راڳاين جي رسالن تان اتاريا ويا آهن. تن ۾ ڪنهن به قسم جي ترتيب ڪانهي. خبر ناهي ته گنج جي جوڙ اول ڪنهن بگاڙي. بهرحال جنهن صورت ۾ فقيرن هٿان ئي شاه جي بيتن جو ربط ضبط پئي ڦريو آهي، تنهن صورت ۾ نئين سنواريندڙ کي حق آهي ته رسالي جي جوڙجڪ کي مضمونن جي مدنظر تي نئين جوڙ ڏئي ۽ سچ پچ ته رسالي کي نئين رنگ ۽ ريت ۾ پيش ڪرڻ نهايت اهم آهي. +گنج شريف 1207 هجريءَ ۾ يعني شاه صاحب جي وفات کان 42 ورهيه پوءِ لکيو ويو. اهو ڪم تمر فقير جي خليفي ميان اسماعيل جي تحريڪ سان سيّد عبدالعظيم نالي فقير هٿان پورو ٿيو. ميون اسماعيل هڪ برگزيدو شخص هو ۽ شاه لطيف سان روحاني توسّل هوس. سڄا سارا سؤ سال تمر فقير جي مسند تي ويٺو هو. ۽ سڄي ڄمار تجرد ۾ گذاري 1282هه ۾ وفات ڪيائين. سڀني فقيرن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته گنج کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نسخو معتبر ناهي. جيڪي يبت ان ۾ ناهن سي ڌاريا آهن ۽ شاه جي فقيرن جا جوڙيل آهن، ۽ زماني جي گذرڻ ڪري شاه جي ڪلام سان گڏجي سڏجي ويا آهن. مثلاً بمبئي ڇاپي ۾ جيڪي فالٽو بيت آهن ۽ جي مرحوم ميرزا صاحب پنهنجي ڇپايل رسالي ۾ درج ڪيا آهن، انهن مان اڪثر گنج شريف ۾ اصل ڪينهن ازانسواءِ گنج ۾ ڪيترا اهڙا بيت آهن، جي ٻين نسخن ۾ موجود ناهن. مثلاً: +جڏهن سائين ٿي سڏ ڪيا، ٻڌءِ نه ٻوڙي +همراهي هوتن سان، تو جودان نه جوڙي +پلءِ ڄام پنهونءَ جو، جهليئي نه ڊوڙي +هاڻي ناحق ندوري، ٿي رندن ۾ ٿي ريهون ڪرين. +________ +هڪ تراڙي گناه، سڀيئي سنواريا +پاڻيءَ پار ناه ڪا، نڪا ويساند واء +کاڌي لرز، لطيف چي، سبب اُن جي ساه +ڪو فضل ڪر فتاح، ٻي تراڙي ٻاجهه جو. +اهڙا بيت بيشمار آهن ۽ انهن ۾ بيشڪ لطيفي لغار آهي. تنهن کان سواءِ گنج جون پڙهڻيون زياده موزون آهن ۽ مٿن قدامت جو رنگ آهي. موجوده خطي نسخن ۾ ڪاتبن ۽ فقيرن پنهنجا رنگ رچايا آهن. مثلاً ڪير چوندو ته هيٺيون بيت شاه جو آهي: +انت تمثي في الطلوع، صبح ٿيو صاف +ميي تي مصحف، پنهون ڄام پڙهندو هليو. +جنهن ۾ چون ٿا ته امام حسين رضي الله عنہ جي سِري مبارڪ ڏي اشارو آهي. اهڙيءَ طرح شاه جو مشهور بيت: +جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ +نيو من لائينِ، پريان سندي پار ڏي. +گنج شريف ۾ هن ريت سمايل آهي: +جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ +سڳر سُونهائينِ، پريان سندي پار جو. +منهنجي نماڻي راءِ موجب هيءَ قراًت افضل ۽ اعليٰ آهي ۽ زياده شاه جي مقصد کي نروار ڪري ٿي. +چون ٿا ته گنج شريف کان اڳ شاه جو سڄو ڪلام خود تمر فقير گڏ ڪيو هو، جو هڪ روايت موجب ڪڇ ڀڄ ڏي ويندي اڏيري لال جي سيّدن وٽ امانت طور رکي ويو هو، ۽ اتيئي زبون ٿي ويو، يا ٻيءَ روايت موجب ڪڇ ڀڄ ۾ رهجي ويو، جتان تمر فقير جا ٻالڪا ڪيڏانهن کسڪائي کڻي ويا. بهرهال هن وقت دنيا ۾ گنج کان سواءِ ٻيو ڪونسخو وڌيڪ آڳاٽو ۽ معتبر ڪونهي. هڪ خطي نسخو عزيزم محمد حنيف صديقي کان مليو اٿم، سو به سؤ سال کن جهونو آهي. اهڙي طرح برٽش ميوزم وارو نسخو ايتري ئي عمر جو آهي. آخوند احمد ڀٽائي واري صحيح نسخي جو پتو عزيزم محبوب علي چنا وٽ پيو آهي، اهو ڏسجي ته ڪيتري قدر جهونو آهي. +گنج جي ترتيب به عجيب آهي. پهريائين سر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو، جو يڪو ڏنل آهي ۽ پنجن سرن ۾ نه ورهايل آهي. ان جو پهريون بيت آهي: +وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري +هن پڻ پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هڏن لءِ هاري. +جو سر معذوريءَ جي ڇهين فصل جي آخر ۾ ڏنل آهي. ساڳيءَ طرح سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ گڏجي هڪ سر جي صورت ۾ آيل آهن، ۽ ”اول الله عليم اعليٰ“ جي بدران پهريون بيت آهي. +اُٿياري اٿي ويا، منجهان مون آزار +حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار +طبيبن تنوار هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون. +جو ڪلياڻ جي ٽئين فصل جو پهريون بيت آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن سر جي صورت علحدي آهي. +سر سسئي، جو رسالي جو نائ��ن حصو آهي، تنهن جا بيت ايتري قدر منتشر آهن، جو هرهڪ بيت جي پڇاڻ لاءِ ڇاپي رسالي جا سؤ ورق اٿلائڻا ٿي پيا. تنهنڪري اهي اٺ ڏينهن رڳو انهن جي سوجهڻ ۽ تصحيح ڪرڻ ۾ گذري ويا. منجهس ٻٽي نوان داستان ۽ ڪيترائي نوان بيت آهن، جي پنهنجي پر ۾ نهايت شيرين ۽ رقت آميز آهن. اهي نوان داستان ۽ ليزين جو داستان، ٻين قلمي نسخن ۽ ڇاپيل رسالن مان حذف ڪيا ويا آهن. پڙهندڙ بيتن جي هن ڇُڳي تي ڌيان ڏين ته منجهس ڪيتري نه لذت ۽ لاءُ آهي! +مون ڀانيو مون گهر، هميشہ هوندا پرين +ساجن سيڄ وڇايان، جوڙي جيءَ اندر +ڪہ ڄاڻان ڪنهن پر، ڏير ڏمرجي هلئا. +_________ +ڏير ڏمرجي هلئا، بر ڪاهي بوتا +نِهو نماڻي پاڻ سين، هيڪر آئين هوتا +مارن ٿا معذور کي، گنگن جا گهوتا +ايهيءَ پر پهتا، رات نه رهيا هيڪڙي. +_________ +ڏير ڏمرجي هلئا، ڪرهل قطاري +چڙهئا لڪ، لطيف چي، توڏا تنواري +ٻانڀڻ ٻروچن لءِ، رويو جر هاري +آديون اوتاري، رات نه رهئا هيڪڙي. +___________ +جي نه رهئا رات، ته ڪهڙو سک سرتيون +ٻانڀڻ ٻروچن جي، مٺي ملاقات +متان مُٺي ڇڏيين، طلب پريان جي تات +آءٌ تان جوٺي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين. +هڪڙي داستان ۾ وري مُلن ت مَٽيو آهي ۽ سندين چڱي لاک لاٿي اٿس. ڪي بيت اغراقي شطحيات سان ڀريل آهن، جي ڇاپي نسخن مان ڄاڻي واڻي ڪيرايا ويا آهن. مثلاً: +منکي ڪين ڪئو، موران مسلمان +احمد ڪونه آندو، عرب کان ايمان +اي سر آهي سبحان، آدم ليکي آدمي. +انهن ڏينهن ۾ پڙهڻ جو چشمو اتفاق سان ڀڄي پيو، جنهن ڪري ڪجهه ڪم ۾ کانجاڻو پيو. پر لطيف جي لطف سان بنان عينڪ نور نچوئيندي اکين کي اهنج نه پهتو. مطلب ته اٺ ڏينهن خير سان پورا ڪري ڪراچيءَ پهتس، دل ۾ حسرت رهجي ويئي ته ڇو نه سموري گنج کي نظر مان ڪڍيم. پهرين جون 1952ع جي 55 ورهين جو ماڻ ڀرجڻو هوم، سڄا اٺ مهينا حقي موڪل رهيل هيم، پر ڪميشن ۾ زود پڪي نه ٿيڻ ڪري اها نه ورتم. نيٺ ربّ جي رحمت وري، اپريل جي شروعات ۾ پڪو ڪيائين ۽ تاريخ 14 کان وٺي ويندي 30 مئي تائين 47 ڏينهن حقي موڪل ورتيم، انهيءَ لاءِ ته گنج جو رهيل ڀاڱو ختم ڪريان. +16 تاريخ اپريل جي گرميءَ ۾ ڀٽ تي پهتس. اگرچه سيّدن ۾ شاديون هيون ۽ سندن جايون ڄاڄين ماڃين سان معمور هيون، تڏهن به پاڻ ملهائي وري به ساڳيو ڪمرو عطا ڪيائون. چؤڌاري غوغاءِ هئو ته به بندي کي ”خلوت در انجمن“ حاصل هئي. غلام حيدر خانسامان هن دفعي ڪراچي هليو ويو هو، تنهنڪري پهريان ڏينهن سوڪ سنهڙي ماني ۽ تورين جي ڀاڄي، سجاده نشين جي حويليءَ تان ايندي هئي. رات جو سڻڀو ماهيو کير ايندو هو، جو رات جو به پيئندو هوس ۽ صبح جو سوير نيرانو به واپرائيندو هوس. انهيءَ سنهيءَ سيڪيل مانيءَ مان جا لذت ايندي هئي، سا هوند جعفرخاني ۽ باقرخاني مان به نه اچي، پر هن خاڪسار کي مانيءَ جي گهرج ڪانه هئي ۽ انهيءَ سڪيءَ مانيءَ جي ساءَ ننڍي هوندي طالبيءَ جو زمانو ياد ڏياريو، جڏهن پاروُٿيون مکڻ سان جهٻيل جوئر جون مانيون، سياري ۾ ٽانڊن تي سيڪي، انهيءَ ذوق سان کائيندا هئاسين، جو هفت اقليم جي حاڪم کي به نصيب نه هوندو. چئن پنجن ڏينهن جي عرصي بعد غلام حيدر موٽي آيو، ۽ لذيذ کاڌو پيٽ پيو. پر ان ۾ ايترو حظ نه هو، جيترو سيّدن جي رکي روٽلي ۾. +ٻارهن ڏينهن سڄا لڳولڳ تمر فقير جي اوطاق ۾ تڏي تي گذاريم. سراسري ڏهه ڪلاڪ هر روز متن جي مقابلي جو ڪم ڪندو هوس. ڪڏهن به پاسي ڀرنه ليٽيس. اهڙي روحاني سرور ۽ حبور ۾ شاه کي چپن ۾ ڳائيندي وقت گذريو: جو ٿڪ جو احساس نه رهيو. موسم گرم ٿي رهي هئي، لُڪون ۽ جهولا، سارو ڏينهن واري پئي وسي. ڪپڙا لٽا ۽ جسم سڀ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويندا هئم. ايندڙن ويندڙن کي عبرت هوندي هئي ته ڪيئن اهڙي فضا ۾ هڪ ڪَنِهي ويهي ڪم ٿو ڪريان. لال لطيف جي جوانيءَ جا ڏينهن ياد پيم، جڏهن يار جي خيال ۾ ڀٽ تي ويهي، سندس جسم مبارڪ تي واري وري ويئي هئي، ۽ شاه حبيب وڏي ارمان سان مٿانئس هيءُ درد انگيز مصرع اُچاريو هو: +”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي“ +۽ شاه، واريءَ جي تهن اندران وراڻيو هو: +”پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“. +تاريخ 24 جو خميس ڏينهن اٺين بجي ڌاري، جڏهن سويلئي تُندِ هوا شروع ٿي هئي، ۽ هينئڙو ٻيڙيءَ جان پئي ٻڏو ۽ اُپڙيو، تڏهن هڪ طوطن جو شوخ ۽ شنگ ٽولو اچي کٻڙ جي وڻ تي ويٺو. هيڏانهن هوڏانهن پرواز ڪري پاڻ ۾ خوب پئي راندين ڪيائون ۽ ٻوليون پئي ٻوليائون. اهڙي وٺي ”ٽِين ٽين“ مچايائون جو دل بي اختيار انهن ڏانهن ڇڪجي ويئي. اهو تماشو ڏسي دل کي ڏاڍي فرحت آئي. فقيرن کان معلوم ٿيو ته اهڙو طوطن جو ٽولو ڪڏهن به ڀلجي ڪونه آيو هو، اگرچه ڪڻڪ جون پوکون نزديڪ آهن. سمجهيم ته سبز پوش فرشتا يا ڇُٽل روح، طوطن جي شڪل ڌاري منهنجي دل ڌتارڻ آيا هئا. ايتري قدر خوشيءَ مان ڇاتي کُلي جو بيان کان ٻاهر آهي. +باقي چار ڏينهن به انهيءَ ڌُنَ ۾ گذريا ۽ گنج جو ڪم پورو ڪري، خير سان حيدرآباد پهتس. اندر کي آٿت هوم ته وڏو خزانو ساڻ کڻي آيو آهيان: +ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي +تِنِ سِپُون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي +پسندا سيئي، اَمُل اکڙين سين. +_________ +ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1961ع تان ورتل. +ماهنامي ”نئين زندگي“، آگسٽ 1960ع تان ورتل. +[3] آگسٽ 1958ع تي ڀٽ شاه ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهيل تقرير، جيڪا نئين زندگي آڪٽوبر 1958ع ۾ شايع ٿي. +[4] حقيقت ۾ ادب جو لفظ ڪنهن به ٻئي لفظ مان مشتق ناهي، بلڪ خود اشتقاق آهي، برخلاف ان جي ”دُب“ جو لفظ اسم جامد آهي، جنهن مان ٻيو ڪوبه لفظ نڪري نٿو سگهي. +ماهنامي ”نئين زندگي“، نومبر 1952ع تان ورتل + + +رسالي جا قديم قلمي نسخا[1] +حضرت شاه عبداللطيف عليہ الرحمت جي ڪلام جا قلمي نسخا، جا بجا سنڌ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. پر ڏيڻ جا ڏاتار اڄ کُٽي ويا آهن؛ ۽ باوجود استدعائن جي ڪوبه اعتبار جوڳوقديم نسخو هٿ ڪونه آيو آهي، سواءِ ٻن ٽن بياضن يا انتخابن جي، جن جو ذڪر ٻين مشهور نسخن جي ذيل ۾ ڏنو ويندو. +عام روايت آهي ته شاه صاحب عليہ الرحمة پنهنجي گڏ ٿيل ڪلام جا چند نسخا، پنهنجي وفات کان ٿورو اڳڀرو ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيا، پر پوءِ فقيرن جُهد پِٽي، پنهنجي بزرگوار مرشد جو ڪلام گڏ ڪري ورتو جنهن کي گنج چوندا آهن. چون ٿا گنج جواصلوڪو نسخو تمر فقير جي حفاظت هيٺ هو، جو سيّد جمال جي رنجش ڪري پاڻ سان ڪڇ ڀڄ ڏي کڻي ويو، يا اڏيري لعل جي ساداتن وٽ امانت طور رکي ويو. بهرحال انهيءَ نسخي جو اڃا تائين پتو ڪونه پيو آهي شايد زماني جي خورد برد ڪري وچانئي معدوم ٿي ويو هجي؛ پر انهيءَ حالت ۾ ان جا اُتارا، تمر فقير جي ٻالڪن وٽ ضرور رهجي ويا هوندا. چنانچه اهڃاڻن مان پڌرو آهي، ان جي تلاش جاري آهي. ۽ جيڪڏهن ربّ تعاليٰ جي فضل سان ان جو ڪو نقل هٿ چڙهي ويو ته وڏو وثيقو ٿي پوندو، ۽ حضرت شاه صاحب جي ڪلام کي ڪامل بنائڻ ۾ وڏي مدد ملندي، وليس علي الله بعزيز. +اصلوڪي گنج جي عدم موجودگيءَ ۾ ائين چئبو ته ڀٽ شريف تي جيڪو ”گنج“ رکيل آهي. سوئي موجود قلمي نسخن ۾ زياده قديم ۽ معتبر آهي، ۽ ان ۾ شاه صاحب جو سارو ڪلام سمايل آهي. نه فقط ايترو پر ان ۾ ٻين همعصر شاعرن جا بيت به شامل ڪيا ويا آهن، جي شايد شاه جا فقير جدا جدا موقعن تي ڳائيندا هئا. انهيءَ خلط ملط ۾ ڪن شيعا صاحبن جا بيت به اچي ويا آهن، جهڙوڪ ”عطا“ جا، جن جي آڌار تي حضرت شاه سائين کي هروڀرو شيعو سمجهيو ويندو آهي. +موجوده ”گنج شريف“ تمر فقير جي خليفي ميان اسماعيل جي ارشاد موجب، فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاه ابن سيد محمد علي شاه ابن سيّد ميان ڪلان، تاريخ 7 ماه جمادالثاني سنه 1207 (؟) هو اڱاري ڏينهن لکي پورو ڪيو يعني حضرت شاه صاحب عليہ الرحمة جي وفات کان 42 ورهيه پوءِ. ان جي ترتيب به علحدي آهي، شروعات سسئي جي سر سان ٿئي ٿي، جنهن عنوان هيٺ سسئي جا پنجئي سرود اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ، رامڪلي ۽ پورپ به گڏ لکيا ويا آهن. اگرچه داستان جدا جدا نه ڏنا ويا آهن، پر هرهڪ بيتن جي جهڳٽي کان پوءِ وائي جو اچڻ، هرهڪ داستان کي نروار ڪري ٿو. بيتن جي ٿهوڙ مضمونجي لحاظ کان پونين نسخن ۽ ڇاپي رسالن کان گهڻو عمدي ۽ ڍنگائتي آهي. سسئي جو پهريون بيت آهي: +وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري +هن پڻ پانهجا ساريا، هيءَ هنجون هڏن لئي هاري. +ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي: +اُٿياري اٿي ويا، منجهان مون آزار +حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار +طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون. +عام قلمي ۽ ڇاپي نسخن جو آغاز ”اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي“ واري بيت سان ڪيل آهي، سو ”گنج“ ۾ هن سر جو چوويهون بيت آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته شاه جي فقيرن کي ڪڏهن به اهڙو خيال دل ۾ نه آيو ته سندس مبارڪ ڪلام ڪو الله جي نالي سان شروع ڪجي. نڪي ڪي اهو بيت اهڙو آهي، جو شاه صاحب اوائل ۾ چيو هجي. منهنجي نظر ۾ ته اهو بيت شاه صاحب جو چيل ئي ناهي. شايد رسالي جي ڪن متاخر جمع ڪندڙن جي دل ۾ اهو انديشو اُڀريو هجي ته شاه جو ڪلام ضرور الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪجي. ۽ انهن اهو بيت پنهنجي طرفان ٺاهي ڪلام ۾ داخل ڪيو هجي. انهيءَ ڳالهه جي تائيد هن حقيقت مان ملي ٿي ته برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيسن وارن بياضن ۾، جي گنج کان به ڪن آڳاٽن نسخن جو اختصار آهن، تن ۾ اهو بيت اصلي ڪونهي. اهڙي طرح منهنجو قوي گمان آهي ته بمبئي ڇاپي ۾ ”اول الله عليم“ واري بيت کان پوءِ جيڪي ٽي بيت رسول الله صلي الله عليہ وسلم ۽ اصحابن ڪرامن جي ساراه ۾ آيل آهن، سي به ڪنهن سگهڙ جي دماغ جو دم پختو آهن. ڇاڪاڻ ته ان جي دل ۾ ضرور اهو خيال ٿيو هوندو ته الله جي تعريف کان پوءِ رسول الله صعلم ۽ سندن يارن سڳورن جي ثنا به لازم آهي. +”گنج“ شريف کان پوءِ دلدار فقير وارو قلمي نسخو آهي، جو هن ڪنهن سنڌي مرشد لاءِ لکيو آهي. اهو نسخو 1279 هجري کان اڳ جو لڪيل ٿو ڏسجي ۽ مون کي عزيزم محمد حنيف صديقي هٿان مليو آهي. قرائن مان معلوم ٿو ٿئي ته فقير ڪڇ ڀڄ جو ويٺل هو ۽ سندس هٿ اکر نسخو شايد تمر فقير واري گنج جو اتارو آهي منجهس ڪيترائي بيت آهن جي ڀٽ واري گنج ۾ موجود ڪينهن. انهيءَ نسخي کان پوءِ ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارا نسخا آهن، جي مسٽر عثمان علي انصاري وٽ موجود آهن؛ ۽ پڻ ميان احمد ڀٽائي، حافظ عمر کاڻوٺي، سيد دوست علي متعلوي ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ وارا نسخا آهن جي لڳ ڀڳ چوڏهين صديءَ جي اوائل ڌاري لکيا ويا آهن. اهي پويان مذڪوره نسخا بنده وٽ حاضر آهن، جن جي مدد سان نئون مڪمل نسخو تيار ڪيو پيو وڃي، و الله ولي التوفيق. +برٽش ميوزيم، انڊيا آفيس، سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم خان وارا بياض پنهنجي اهميت رکن ٿا. برٽش ميوزيم وارو نسخو ڪنهن فاضل ۽ عالم جو انتخاب ٿيل آهي. اکر تمام سهڻا اٿس، ۽ جسته جسته پراڻن سنڌي لفظن جي معنيٰ فارسي ۾ ڏني وئي آهي. هي ڪنهن آڳاٽ�� معتبر نسخي جو اختصار آهي. بيتن ۽ داستانن جي ترتيب نهايت سنجيدي ۽ مسلسل آهي منجهس ڪيترائي بيت آهن، جي گنج ۾ به ڪين آهن. انڊيا آفيسن وارو بياض هوُبهو برٽش ميوزيم واري بياض جو نقل آهي، اگرچه ڪٿي ڪٿي ڳچ بيت حذف ڪيا ويا آهن. ٻنهي جي شروعات سر سسئيءَ واري هن بيت سان ٿئي ٿي: +”پرتوو پنهون جو، جهُڙُ جيئن جهالا ڏي.“ +سيد ابراهيم شاه واري بياض جي ترتيب وري بالڪل نرالي آهي، اگرچه شروعات سسئيءَ سان ٿئيس ٿي ۽ بيتن جي اختصار جو سلسلو به ”گنج“ تي ٻڌل آهي. ان ۾ به ڪيترائي نوان بيت آهن. مسٽر محمد قاسم خان وارو بياض به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ اختصار جي ڪيترائي سهڻا نوان بيت ايزاد ڪري ٿو مطلب ته بياض وارن پنهنجو پنهنجو طريقو ۽ ڍنگ اختيار ڪيو آهي. +نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته شاه صاحب جهڙي باڪمال شاعر جو ڪلام سوا صدي کن ڇاپي هيٺ نه آيو. ڊاڪٽر آرنيسٽ ٽئرمپ پهريون ئي شخص هو، جنهن جو توجهه اهڙي الهامي ڪلام ڏي ٿيو ۽ هن سرڪاري خرچ سان رسالي جي طباعت جو مهم شروع ڪيو. کيس هڪڙا به عمدا قلمي نسخا هٿ چڙهيا، جن کي هڪ ڏيهي فاضل کان ڀيٽارائي، حتي المقدور صحيح مسّودو تيار ڪرائي، ليپسگ جي شهر ۾ 1866ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيائين. جنهن صورت ۾ مليل خرچ اڻ ڪافي هو، تنهن صورت ۾ مارئي جو سر ۽ ٻيا پويان ننڍا سر ترڪ ڪرڻا پيس. اگرچه ڇپايل نسخي ۾ گهڻيون ئي اوڻايون آهن. تَهجِي بلڪل هندي ”الفباء“ تي ٻڌل آهي. ٻنهين قلمي نسخن جون مختلف پڙهڻيون درج نه ڪيون ويون آهن ۽ اوٽ تي جيڪي صحيح ڏسڻ ۾ آيون اٿس، سي متن ۾ اختيار ڪيون وييون آهن؛ ته به هي ڇاپو ڪيترين ڳالهين ڪري ممتاز آهي. ٽائيپ نهايت نفيس ۽ عربي رسم الخط تي آهي ۽ وس آهر ڪلام کي درست نموني ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن ڌارئين ڪرستان پادريءَ کي آفرين هجي، جو سرجوشي ڏيکاري ههڙو امل ماڻڪ نروار ڪري ٻين لاءِ مثال پيدا ڪيائين. +تقريباً هڪ سال بعد يعني اپريل 1867ع مطابق 1283هه ۾ مولوي عبدالصمد نورنگزادي جي تحرڪ سان، جنهن جا سنڌي ادب تي گهڻا ئي ٿورا آهن، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم پُلبندري، شاه جو رسالو سنگي حروفن ۾ شايع ڪيو. انهيءَ نسخي جو ڪاتب سنڌ جو مشهور عالم حاجي محمد سمون هو. ان جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه قديم قلمي نسخا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي حاشيي تي جدا جدا قرا تون به ڏنيون اٿس. گنج وارن بيتن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي بيت منجهس درج آهن، قاضي ابراهيم صاحب مرحوم جي پونيرن کان انهن نسخن جي پڇا ڪئي اٿم، پر انهن کي خبر ناهي ته اُهي نسخا ڪيڏانهن ويا. اهي نسخا يا ته مولوي عبدالصمد مهيا ڪري ڏنا هوندا، يا قاضي صاحب کي ڪڇ ۽ گجرات مان پڙ پيا هوندا بحر حال ائين گمان ڪڍڻ ته فالتو بيت حاجي محمد سمي جا ٺاهيل هوندا، امڪان کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ وضاحت جي توقع رکي نٿي سگهجي، والله اعلم باالصواب. +جنهن صورت ۾ مٿين ٻنهين ڇاپن جي ڪتابت جهونيءَ سنڌي مطابق آهي، تنهن صورت ۾ سنڌ جي هڪ اڳوڻي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جائيلس تجويز ڪئي ته نئون رسالو تيار ڪرائجي. کانئس پوءِ مسٽر فلٽن سندس جاءِ نشين ٿيو، جنهن ڀٽ شريف جي ڪنهن قلمي نسخي تان هڪ نقل ڪرائي ورتو. پر اُهو به هلندڙ صورتخطيءَ ۾ نه هو، تنهن ڪري اهو دستخط رسالو موجود صورتخطيءَ ۾ آندو ويو، ۽ ڇاپخاني ۾ موڪلڻ کان اڳ سنڌ جي ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر (مسٽر تاراچند شوقيرام) ڏانهن موڪليو ويو، جنهن انهيءَ کي ٽرمپ صاحب واري رسالي، ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي، ۽ ٻئي هڪ دستخط نسخي سان ڀيٽي ۽ سڌاري، ڊسمبر 1900ع ۾ شايع ڪيو، مگر ان ۾ به ڪي چوڪون رهجي ويون. انهيءَ ڳالهه جو احساس رکندي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب سنه 1913ع ۾ پنهنجو رسالو ڇپايو، جنهن ۾ سواءِ ڪنهن تحقيق ۽ تدقيق جي، سرڪاري ڇاپي جا بيت قائم رکي، بعضي جاين تي بمبئي ڇاپي واري رسالي جا زائد بيت ۽ وايون داخل ڪيائين، جن مان ڪيترا ته وري وري دهرايل آهن. ڪمال فقط ذات خداوندي کي آهي؛ مرحوم ميرزا صاحب جي رسالي ۾ اڪيچار غلطيون رهجي ويون. +1923ع ۾ وري آنجهاني پروفيسر گربخشاڻيءَ، شاه جي رسالي جي تصحيح ۽ تشريح جو ڪم پاڻ تي کنيو، ۽ هن بنده جي حمايت سان سال 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪن وجوهات ڪري رسالي جو چوٿون جلد تيار ڪري ڇپائي نه سگهيو. پروفيسر ماسوف عليہ وٽ پهرئين جلد ڀيري فقط بلڙيءَ ۽ ڀٽ وارا دستخط نسخا ۽ ٽرمپ ۽ بمبئي وارا ڇاپي رمالا هئا. ٻئي جلد تيار ڪندي مير عبدالحسين وارو دستخط نسخو ملي ويس، ۽ ٽئي جي تياري وقت مون انگلنڊ مان برٽش ميوزيم جي بياض جون مختلف پڙهڻيون ۽ ڏنل معنائون ڏانهس ڏياري موڪليون. ٽنهين جلدن ۾ اڳيون لاڙي تلفظ قائم رکيو ويو، جنهن جي فقط خصوصيت هيءَ آهي ته ”نون غنو“ ۽ ”هاءِ هوز“ مخذوف ٿيل آهن، ۽ ڪا ٻي منجهس خوبي ناهي. ازانسواءِ گنج شريف ۽ ٻين نسخن مان ڀيٽا جو موقعو نه مليو، جنهن ڪري چئبو ته ماسوف عليہ جو تيار ٿيل رسالو به گهڻي قدر ناقص آهي. +استاد گربخشاڻي کان پوءِ مرحوم غلام محمد شهواڻي پنهنجو رسالو شايع ڪيو، جو صوري ۽ معنوي لحاظ کان بلڪل معيوب ۽ نادرست ثابت ٿيو، باوجوديڪ مرحوم محنت ۽ جفاڪشيءَ کان ڪونه گهٽايو هو. مرحوم شهواڻي کان پوءِ ڪيترن ئي صاحبن تجارت ۽ جوفي خاطر رسالي جا رطب ۽ يابس نسخا ڇپايا آهن، جي اڄوڪيءَ اڻهوند ۾ ماڻهن وٽ گشت ڪري رهيا آهن. ربّ تعاليٰ توفيق بخشي ته رسالي جا هر ممڪن سڀئي نسخا ميڙي، هڪ مستند نسخو تيار ڪيو ويندو. سنڌي ادب جي سڀني سڄڻن کي استدعا آهي ته ناياب قديم نسخن جو پتو هن ضعيف ڏي ڏياري موڪلين. والثواب عندالله. +____________ +شاه جي رسالي جا ٽي آڳاٽا قلمي نسخا[2] +گذريل پنجن سالن ۾ تقريباً ٽيهه قلمي نسخا شاه جي رسالي جا ڀيٽيا اٿم، جن مان ڪن تي ڪتابت جي تاريخ ڏنل آهي، ته ڪن تي نه ڏنل آهي. انهن مان ٽي دستي نسخا سنہ 1270 هجري جا لکيل آهن، يعني شاه صاحب جي وفات بعد 105 قمري ورهيه پوءِ جا لکيل آهن. افسوس جو ڪوبه نسخو لڳ ڀڳ شاه جي زماني جو هٿ نه آيو آهي، اگرچه هڪ نسخو 1225 هجري جو مولوي احمد جت وٽ آهي، جو اڃا تائين ڏيڻ کان پيو ڪيٻائي، جيڪڏهن سچ پچ 1225هه وارو نسخو مولوي احمد جت وٽ آهي ته اهو نهايت ڪمائتو ثابت ٿيندو، ۽ ان کي ئي نئين نسخي جو اساس يا بنياد ٺهرايو ويندو. سنہ 1270 هجري جا رسالا هي آهن: +گنج، جو لطيفي درگاه تي تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل آهي. ان جو مفصل بيان اڳيئي ڏنو ويو آهي. اهو رسالو تاريخ 7 ماه جمادي الثاني اڱاري سنہ 1679ھ مطابق تاريخ 7 مارچ ڌينهن اڱارو سنه 1854ع) ڌاري خليفي اسماعيل جي حڪم موجب اڏيري لعل جي سيّد عبدالعظيم عرف وڏل شاه لکي پورو ڪيو. منجهس شاه صاحب جي ڪلام کان سواءِ ٻيو به گهڻو اوڦٽو شعر آهي. +لتڻي وارو نسخو، جو مير امام بخش خان ٽالپر (وفات 1914ع) جي فرمايش موجب ميان محمد حافظ نالي ڪاتب 29 شعبان 1270هه (مطابق 26 مئي 1854ع) ڌاري لکيو، يعني گنج جي ڪتابت کان اٽڪل اڍائي مهينا پوءِ. ليڪن هي رسالو ڪنهن به صورت ۾ گنج تان نقل نه ڪيو ويو آهي. بلڪ معمولي نسخن وانگر آهي، ۽ سرن جي ترتيب به ساڳي رکي ويئي آهي، جهڙي ڀٽ واري نسخي يا آخوند احمدي ۽ مير عبدالحسين وارن نسخن ۾ آهي. منجهس ڪن جزوي ڌارين بيتن کان سواءِ ٻيو ڪو گند گاهڻ ڪونهي. هي رسالو مذڪور مير صاحب مرحوم جي پڙپوٽي ۽ هم اسم مير امام بخش خان مون کي ٿورن ڏينهن لاءِ مقابلي خاطر ڏنو هو. اُهو ڪنهن آڳاٽي قلمي نسخي جو اتارو ٿو ڏسجي. +مرحوم مير نور محمد جي ڪتبخاني وارو نسخو، جو مون کي جوان بخت مير نور محمد خان ثاني، عزيزم الهبچائي آخوند جو توسط سان ڏنو آهي. هي رسالو هڪ مائي صاحبہ مُلَي نعمت نالي جو هٿ اکر لکيل آهي. نهايت خوشخط، صاف ۽ صحيح ۽ سونهري جدولن سان آهي. مائي صاحبہ ڪمال ڪيو آهي، ۽ سندس هي ڪارنامو ابدالاآباد قائم رهندو. اهڙيون پاڪباز ۽ نيڪ عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن نورناما ۽ ٻيا ڪتاب تبرڪ طور لکيا هوندا، پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن. نهايت فخر جي ڳالهه آهي، جو هن مائي صاحبہ جهد ڪري اهو رسالي جو نسخو تيار ڪيو آهي. ملياڻي صاحبہ بابت وڌيڪ احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي. شايد منهنجو دوست ميرزا گل حسن ”احسن“ انهيءَ ڳالهه تي روشني وجهي. شل خدا جي رحمت مٿس هجي! +هي نسخو ملّي نعمت تاريخ 28 ماه جمادي الثاني سنہ 1270هه (مطابق 28 مارچ 1854ع) ڌاري ڪنهن قديم نسخي تان اتاري پورو ڪيو، ۽ نهايت صحيح ۽ پونين اضافن کان خالي آهي. لڳ ڀڳ ٽرمپ واري رسالي ۾ ٻن استعمال ٿيل نسخن جي مشابهه آهي. اصل نسخي پوري ٿيڻ بعد ڪنهن اوپري ماڻهوءَ هيٺان ڪلام ضميمي طور ڳنڍي ڇڏيا آهن. +(1) مخدوم محمد هاشم جو ڪلام: +يا حبيب الا لہ خذبيدي مالعجزي سواڪ مستندي +اي خاصا دوست خدا جا، هادي هٿ وٺيج +توريءَ طاقت ناهڪا، يا رسول رسيج +هاشم چوي هاشمي، پريندهم پهچيج. +(2) سر رامڪليءَ واري ٽيهه اکري، جنهن جي ڳچ بندن ۾ شاه جو نالو اچي ٿو. +(3) ڪاپائتيءَ واري مدح يعني چرخو چوري ڪت ڪاتار، جا حافظ پِنئيءَ جي ٺهيل آهي. +(4) عربي ۽ سنڌيءَ ۾ نڪاح جو خطبو. +(5) فارسي زبان ۾ فالنامو،وغيره وغيره. +مائي صاحبہ پنهنجي نسخي جو خاتمو هن طرح ڪري ٿي،جنهن مان خبر پوي ٿي ته پاڻ هڪ پراڻي وضع جي شاعره به هئي. سندس پراڻي سنڌي وارو نمونو عڪس ۾ جدا ڏنو ويو آهي. +اَلحمدُلِلہ رسالو شاهَ عَبداللّطيف جو لکي ڪيم تماما +موجب حڪم ديري سرڪارِ ڪلان عاليمدار جي مُن مُلِّي نعمتا +عوض لکاڻيءَ جي مُنکي وڏا خرچَ ۽ جهجها ڏنا امدادا +ديرو مٿيون قائم هُوئي ڇالَ مِڙني وارثن ۽ عزيزن سان +اجر ثواب هن جا مولوي ڏي ان کي منجهه دنيا ۽ آخرتا! +سدائين خوش حال هُونِ، برڪت حضرت رسولا +چڱايون نصيب ٿين، خوبيون پسن خيرسين، هميشہ مداما! +مقصد سندن پورا ٿين ۽ مطلب مڙئي مدعا نصيبا! +آءُ دعاگي نه هيڪڙي، ٻيا پڻ سهسين آهين سَوَ هزارا +بتاريخ اٺاويهين ماه جمادي الثاني جي سن ٻارهن سو ستر صحيحا! +سڄو جڙي تيار ٿيو، ڪنان لکڻ ۽ جدول ۽ جلدا. +خبر ناهي ته ڪهڙي مير صاحب جي ديري ڏي اشارو آهي. +مير نورمحمد خان ته تاريخ 10 شوال سنہ 1255 هجري (17 ڊسمبر 1839ع) ڌاري وفات ڪئي (1). مياڻي ۽ دٻي جي لڙاين بعد انگريزن سندس وڏي فرزند مير حسين علي خان کي ٻين ميرن سان گڏ ڪلڪتي موڪلي ڏنو، جو وري شعبان 1275هه (مارچ 1859ع) ڌاري حيدرآباد موٽي آيو (2). ملّي نعمت هي نسخو ان کان پورا 5،4 سال اڳ ۾ لکيو، ڇا ان مان گمان ڪڍجي ته مير نورمحمد خان جا ديرا ان وقت حيدرآباد ۾ ساڪن هئا؟ بهرحال هيءَ ڳالهه تحقيق طلب آهي، وفوق ڪّل ذي علم عليم. +-------------- +(1)ڏسو انگريزي تاريخ سنڌ،تاليف مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب“ڀاڱو 2،ص 226 +(2)ايضا،ص238 +ماهنامي ”نئين زندگي“، نومبر 1953ع تان ورتل. +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“، سپٽمبر 1957ع تان ورتل. + + +شاه جي رسالي ۾ تحريفون[1] +شاه جي رسالي جي گڏ ڪندڙن، شاه جي ڪلام سان جنسي ڪِيسُ ڪيو آهي ۽ ان ۾ ديده دانستہ پنهنجا پراوا بيت ملائي ڇڏيا آهن. مثلاً، شاه ڪريم جا بيت جي گنج ۽ مير عبدالحسين واري نسخي ۾ ضميمہ طور ڏنل آهن، تن کي ڄاڻي واڻي مناسب يا غير مناسب جاين تي رسالي جي وچ ۾ ٽنبي ڇڏيو اٿن. پوءِ وري ڪي مت جا موڙهل چون ته انهن کي تضمين طور ڪم آندو ويو آهي، اگرچه حقيقت ان جي بالڪل ابتڙ آهي، ۽ شاه صاحب مورڳو انهن جو تتبع ڪيو آهي. +شاه ڪريم جا بيت ۽ انهن سان گڏ قاضي قاضن جا بيت گهڻو وقت اڳي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب غلط نموني ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا،۽ 1927ع ۾ مون انهن کي درست ڪري، شاه ڪريم جي روحاني گفتن سان گڏ هڪ زياده مفصل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو هو. تنهن هوندي به اوائلي غلطيون اديبن جي اندر ۾ ايتري قدر گهر ڪري ويون آهن، جو جو انهن مان ڪيترا ڏسڻا وائسڻا راهه گذارو شاهه ڪريم جا ڪيترائي مشهور بيت، شاه لطيف ڏانهن منسوب ڪندا آهن. مثلاً: +تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک +سچو اکر من ۾، سو ئي لکيو لک. +_______ +مروئان موران پکڻان، وائي ٻي مَ ڀُل +هو هلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين. +_______ +تو کي توڙائون ”لا“ سين لاٿائون +اڃا پڻ ”آئون“، واريو وجهين وچ ۾. +_______ +اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ +هاڻي وڃ گمان، سهي سڃاتا سپرين. +_______ +اسين تتان آئيون، جت کهنبو ناه +جي وڃون ويساه، ته پڻ مٿئون لوئيون. وغيره وغيره رسالي جي متن ۾ ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: احسان، ايوب، بلال، ٻڍو، جوڻيجو، حبيب، ڌوٻي، ڏاتو، زبير، شاه حسين، صالح، طالب، طبيب، عزيز، عطا، عنايت (عنات)، عيسو، قاسم، قطب، ڪيسر، لاکو، لکمير، محمود، مڱيل ۽ هلال. ازانسواءِ خواجہ محمد زمان لنواري ۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا ڪيترائي بيت بنا پڇاڻ جي داخل ڪيا ويا آهن. اهو ته ڇڏيو، پر ڳچ بيت نهايت قديم گمنام شاعرن جا پڻ ڄاڻي واڻي منجهس دوسيا ويا آهن. مثلاً هيٺيان ٻه بيت، جي 934هه کان به اڳ جا چيل ٿا ڏسجن، ۽ جن جي اسان وٽ سند آهي، سي به حق بناحق شاه ڏي منسوب ڪيا ويا آهن: +سڻي سڏ پرين جو، وانڪي جي نه ورن +ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن. +------- +سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين +مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي. +انهن بيتن جو واسطو مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات سان آهي، جو ٻئي ڪنهن ضمن ۾ ڪي سال اڳ ڏيکاريو ويو آهي. شاه جي فقيرن ٻئي بيت جي وچ ۾ هيٺين سٽ خواه مخواه وڌائي آهي ۽ لفظي تڪرار سبب ان جي خوبي خراب ڪري ڇڏي اٿن: +ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ. +ڪاتي، ڪرٽ ۽ خنجر، هڪڙيئي وقت ڪم آڻڻ شاه جي شان وٽان ناهي. +هاڻي اچون ٿا خاص موضوع تي. انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو انڌير چئبو، جو اصل شاعر جو نالو مٽائي، ان جي جاءِ تي ٻيا لفظ ڪم آڻجن ۽ ماڻهن کي انهيءَ واهمي ۾ وجهجي ته هي بيت شاه صاحب جا چيل آهن. خبر ناهي ته اهڙي نموني ڪيترن بيتن سان هٿ چراند ٿي هوندي. مثال لاءِ هيٺيان ٿورا بيت وٺو، جن جي پڙهڻي ڇاپي نسخن موجب آهي: +سر سهڻي +طعني لئي تران، مٿي وه واڪا ڪيو +مون کي سڪ ساهڙ جي، مر محبت منجهه مران +وچان ڪيئن وران، ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي. +ڀٽ واري نسخي کان سواءِ ٻين سڀني قلمي نسخن ۾ گنج سميت وچين سٽ هن طرح ڄاڻايل آهي: +مُنکي سڪ محمود چي، مر محبت منجهه مران. +ڄاڻي واڻي تعريف ڪري، ”محمود چي“ جي بدران ”ساهڙجي“ لکيو ويو آهي. ۽ ويچاري گمنام شاعر سان ظلم ڪيو ويو آهي. +سر ڪيڏارو +هي سرشاه صاحب جو چيل ناهي. اڪث�� بيت احسان فقير لانگاه جا آهن، جو پڻ شاه جو همعصر هو. ”احسان چي“ جي بدران جاءِ بجاءِ ”احسان سين“ يا ”احسان سان“ لکيو ويو آهي، اگرچہ انهن بيتن مان غيريت جي بوءِ پيئي اچي، الا ماشاءالله. مثلاً هي بيت تمام سهڻو آهي پر ان ۾ تحريف بالڪل ظاهر آهي: +جنت سندين جوءِ، فائق هليا فردوس ڏي +فنا ٿيا في الله ۾، هوءِ ۾ پيا هوءِ +رب ڏيکاريين روءِ، اُنين جي احسان سين. +ٻيو هڪ زائد بيت حسين فقير ۽ جمعي فقير وارن رسالن ۾ ڏنل آهي، ليڪن ان ۾ ظاهر ظهور ”احسان چي“ جا لفظ مندرج آهن، جنهن مان صاف ثابت آهي ته هن فقير جو ڪلام ڪهڙي نه بري نموني ۾ چورايو ويو آهي. +پهرين هن پليت تي، ڪيو حملو حر +گهڻا مرتد ماريا، ڪري غلبو گر +آرڻ ۾ ”احسان چي“، ڪئي پيارن پر +اِي ٻَئِي دانههَ در، آيا ڪم امام جي. +مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڪيڏاري جي تحريفات تي ورهيه اڳي روشني وڌي هئي، اميد ته موقعي آهر انهيءَ لاءِ نئين سر بحث ڪيو ويندو. +سر سسئي +موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيو نه جيڏيون +نهارينديس نڪري، آرياڻي البت +ڪنديس اوٽ ”عيب جي“، لڪن ڏيئي لت +سرتيون شريڪت، آءٌ ڪيئن آڳن سين ڪريان. +”ابتين ڪامائن“ ۾ ڏنل لفظن جي جاءِ تي، ڀٽ واري قلمي نسخي ۽ بمبئي واري قديم ڇاپي ۾ ”ايوب چي“ ڏنل آهي، جنهن مان ظاهر آهي هيءُ بيت ”ايوب“ نالي سگهڙ جو چيل آهي، ميان احمد ۽ مير صاحب وارن قلمي نسخن ۾ ”عيب چي“ لکيل آهي، ۽ گنج ۾ وري ”ان جي“ آهي. مطلب ته ڪاتبن انهيءَ بيت ۾ به وڏي دماغ سوزي ڏيکاري آهي. +سر سورٺ +هيٺيون بيت شاه صاحب جو نه، پر هڪ ”عزيز“ نالي بزرگ جو چيل آهي. ڇاڪاڻ ته برٽش ميوزيم واري قلمي نسخي جو ڪاتب ان جي هيٺان ”عليہ رحمة“ جا دعائيہ لفظ لکي ٿو. ڇاپي نسخن ۾ ”عزيز چي“ جي بدران ”عظيم جو“ ڏنل آهي. گنج ۾ وري ”عليل کي“ جا لفظ درج آهن. برٽش ميوزيم واري جي تائيد سيد ابراهيم شاه ۽ مير علي احمد وارن نسخن مان ملي ٿي. +موٽي مڱڻهار، شال اچين ڪڏهين! +اٺئي پهر عظيم جو، تنهنجو ڪنڍو منجهه ڪپار +جنهن تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين. +قارئين ڪرام معلوم ڪري وٺندا ته ڪهڙي پڙهڻي وڌيڪ درست آهي. +سر مومل راڻو +هيٺيون بيت شاه جو نه، پر سندس خاص فقير ”طالب“ جو آهي. ”طالب چوءِ“ يا طالب چي“ جا لفظ مٽائي، انهن جي جاءِ تي ”طرحن ساڻ“ لکيو ويو آهي. +اڃا ڀيرو هيڪڙو، پسبي مومل +وٺي ويندي پاڻ سين، ڏيندي نه موڪل +هت ويهن ٿي وڄايا، ”طرحن ساڻ“ طبل +جن کي هيون ڪلنگيون منجهه ڪل، سي ويا +ڪنبندا ڪاڪ ڏي. +سر بلاول +هيٺئين بيت ۾ ”طيب“ شاعر جو نالو حذف ڪري، ان جي جاءِ تي ”تکو ڪيو“ جا لفظ وڌا ويا آهن: +آلا بندي آئيو، تنهن جي هاٿيءَ هاڪ هنئي +آرڻ ٻڌي ابڙي، ٿي رڻ ۾ رڪ رئي +تيغن تائين ”تکو ڪيو“، سگهي ڪونه سهي +سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو. +هاڻ گنج ۽ ٻين ڇهن قلمي نسخن ۾ ”تکو ڪيو“ جي جاءِ تي ”طيب چي“ ڏنل آهي، جا ئي صحيح پڙهڻي آهي. سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم وارا نسخا ته اها سٽ ئي نٿا لکن. +سر مارئي +هيٺئين بيت ۾ ”حبيب چئي“ جي بدران ”حبيب جي“ لکيل آهي. اڳين قراء،ت گنج ۽ ٻين ٻن نسخن جي آهي: +تنهن پر اُٺن مينهڙا، جنهن پر گهريائون +رضا جا رحمان جي، ڀڄي پاريائون +ملير ماڻيائون، حڪم ساڻ ”حبيب جي“. +سر پورب +هيٺيون بيت ”بلال“ نالي هڪ سگهڙ جو آهي ۽ اهو نالو ڇهن معتبر قلمي نسخن ۾ ڄاڻايل آهي، ليڪن ”بلال چي“ جي بجاءِ ”بهار جي“ لکي، ويچاري ٻهراڙيءَ جي شاعر کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو ويو آهي: +ڪانگل قريبن جا، اچي وائيءَ وڻ +تو ۾ بوءِ ”بهار جي“، مشڪ کٿوري مڻ +اچي عجيبن جو، اورانگهج اڱڻ +توکي پسي تڻ، سُورنَئون صاف ٿئي. +اهو بيت ”بلال“ شاعر جو آهي. انهيءَ ڳالهه مان به ثابت ٿئي ٿو، جو ساڳئي بيت جي هڪدم پٺيان مير علي احمد واري بياض ۾ هيٺيون بيت ”بلال“ جي نالي سان ڏنل آهي: +سُورنئون صاف ٿيئي، تَنُ پسي توکي +پيهي پڇ ”بلال چي“ جا پر چوکي +ڏيل ڇڏيو ڏوکي، سور سڻي ٿي سچني. +مطلب ته رسالي جي جمع ڪندڙن وڏو قهر ڪيو آهي. اکيون ٻوٽي ٻين جو ڪلام کڻي رسالي ۾ داخل ڪيو اٿن. جن بيتن ۾ شاعرن جا نالا ڏنل آهن، تن جي تشخيص ڪرڻ ته سولي آهي، پر اهي بيت، جن مان شاه جو شعور ئي نٿو بکي ۽ جن مان اجنبيت جي بوءِ اچي ٿي، تن جي تميز ڪرڻ نهايت ڪٺن آهي، ۽ وري انهن کي اوٽ تي شاه جي ڪلام کان جدا ڪرڻ به انصاف جي خلاف آهي. بس، خدا جي وس. +_______ +شاه جا گم ٿيل بيت[2] +انهيءَ عنوان سان ڊسمبر 1955ع وارن ”عبرت“ جي پرچن ۾، ماستر شيخ محمد سومار بدينائي ڪي شاه لطيف رحه جا بيت شايع ڪيا هئا، جن ڏانهن بروقت جناب حاجي ابن مڱڻ منهنجو ڌيان ڇڪايو هو. محترم مولوي محمد عثمان ڏيپلائي انهن جو خير مقدم ڪندي هيئن لکيو هو ته ”اسان جو محترم دوست شيخ محمد سومار بدينائي لائق صد تحسين جو آهي، جو هن اهڙا ڪافي (؟) جواهر هٿ ڪري موڪليا آهن.... اگرچه ڪي صاحب ائين به چوندا ته هنن مان ڪي يا سڀ شاه صاحب جا نه آهن. مگر اسان جو چوڻ آهي ته هي به بهرحال اهڙائي جواهر آهن... ڀل ڪي علم وارا صاحب ڇنڊ ڇاڻ ڪن پر اسين ته هنن جواهرن کي جواهر ئي سمجهنداسون، چاهي ڪهڙيءَ به کاڻ مان نڪتل هجن.“ +هُونءَ ته مولوي صاحب جن نڪتہ دان ۽ گوهر سنج آهن، پر خبر ناهي ته هن ڀيري ڇو اکيون ٻوٽي کري کوٽي جي خبر نه رکي اٿن. ماستر ممدوح جي شوق جي ڪيتري به تحسين ڪجي پر اهو ذوق ڪٿي جو ڪچ جي ڪڻي ۽ امل ماڻڪ جي تميز ڪري. انهيءَ ڳالهه کي هڏهين ”جاکوڙا ڪڍڻ“ ڪين چئبو، جو رسالي جي هڪ ٻن نسخن تان ڪي اوڦٽو بيت نروار ڪري ڇپائجن. مون کي خبر ناهي ته ”مهراڻ“ ۾ ڪهڙا موتي ۽ جواهر پارا موڪليا هئائين، جن جي زرق برق پڙهندڙن جون اکيون کيريون ڪري ڇڏيون. بهرحال سندس کوجنا هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ۽ قدردانن انهن جو قدر سڃاتو، ۽ انهن جي انڪشاف ڪري سنڌ جي ادبي وايو منڊل ۾ انقلاب اچي ويو! +حقيقت هي آهي ته ماستر صاحب کي جناب پير عالي شاه جيلاني جي معرفت هڪ ڪڇ ڀڄ جو لکيل شاه جي رسالي جو خطي نسخو، جناب سيد مٺو شاه سيراڻيءَ واري وٽان مليو هو، ۽ پڻ لونگ فقير جي رسالي ۾ منهن پائڻ جي مهلت نصيب ٿي هئي. اهي ٻئي رسالا جناب پير صاحب جن رحمت فرمائي مون کي به مقابلي لاءِ تاريخ 31 جولاءِ ڏنا آهن، جو انهن جي ٻين قلمي نسخن سان ڀيٽ ڪري رهيو آهيان. لونگ فقير جو رسالو ته ڪو مس ڏهن پنڌرهن سالن جو لکيل ٿو ڏسجي، ۽ تمر فقير جي گادي نشين ميهر فقير (وفات 1954ع) جي اهتمام سان، رواجي پني تي لوهي قلم ۾ اتاريل آهي، جنهن ۾ شاه صاحب جي اصلي ڪلام سان گڏ ٻيو به گهڻو ئي گند گاهڻ ميڙيو ويو آهي، ۽ در حقيقت حسين فقير، سومري خان رند ۽ جمعي فقير جي رسالن ۽ ان جي نقلن جو ڪچڪول آهي. ڪاتب جي ڪاريگري انهيءَ مان پڌري آهي، جو ”تاريخ، مهينو، سال“ جا لفظ لکي، انهن جي پٺيان ڪوبه انگ نه ڄاڻايو اٿس، اهڙي رسالي جي معتبرائي پري کان ئي ظاهر آهي. +باقي رهيو سيد مٺو شاه سيراڻيءَ واري جو ڪڇ ڀڄ جو لکيل قلمي نسخو، جنهن بابت دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته ”شاه لطيف جي وفات بعد هڪ ٻن ورهين اندر لکيل آهي ۽ سندس صورتخطي ”گنج“ سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي.“ سو اهي ٻئي ڳالهيون سراسر غلط آهن. ڪنهن به صاحب مون کان سواءِ اڄ تائين ”گنج“ جو مقابلو نه ڪيو آهي، جو ويهه ڏينهن سانده ٻه سؤ ڪلاڪ هڪ پڙيءَ ويهي، ان تان مواد ڪٺو ڪيو اٿم. اگرچه سندس زيارت کڻي ڪيترن ئي ڪئي هجي. ”گنج“ عادي اڇي پني تي 1207هه جو لکيل آهي [3] جنهن ڪري هٿ لائڻ سان ورق ڀريو پون. باقي مٺو شاه واري رسالي تي نڪو ڪاتب جو نالو ۽ نڪي ڪاتب جي ڪا تاريخ ڄاڻايل آهي، مگر پنو مضبوط قديم سڻي وارو اٿس. هڪ صفحي تي (پير) ”غوث محمد قريشي از درگاه نالايہ کچهه بهوج“ جي هٿ اکرن ۾ تاريخ 12 رجب المرجب 1316هه لکيل آهي. ازانسواءِ صفحي 304۽ 305 تي ٻه جدا جدا مهرون آهن، جن جي ڪتابت حال في الحال پڙهڻ کان پري آهي. ليڪن انهن ۾ ڪابه تاريخ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. ٻئي صفحي تي ڳاڙهي مس ۾ هي لفظ مرقوم آهن ”اين رسالہ تصنيف شاه صاحب مخدوم شاه لطيف رحمت الله عليہ“. محتويات جي ازروءِ هي رسالو هوبهو آخوند محمد شفيح ولد آخوند الياس جي لکيل نسخي (17، 27 صفر 1273هه) جهڙو آهي، فقط آخر ۾ احسان فقير ۽ پٽس اسماعيل جي سرڪيڏاره مان سترهن بيت ڏنل آهن. آخوند محمد شفيع جو لکيل رسالو، ديوان تاراچند شوقيرام پنهنجي ٻن ڀائرن ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند جي يادگار ۾ اين، ايڇ اڪيڊمي (هاڻ گورنمنٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد) جي ڪتبخاني کي ڏنو هو، جو اڃا تائين اتي موجود آهي ۽ مون ان جي تطبيع ڪري ڇڏي آهي سيد مٺو شاه وارو رسالو حقيقت ۾ هڪ بياض يا منتخب آهي، جنهن ۾ جدا جدا سرن مان ڪي چونڊ بيت درج ڪيا ويا آهن. مثلاً مارئي جي سر جا منجهس فقط 6 داستان آهن. اگرچه ڇاپي نسخن ۾ ٽيهه اکري سميت 11 داستان؛ جمعي فقير ۽ ان جي نقلن ۾ 18 داستان، لونگ فقير واري نسخي ۾ 27 داستان، ۽ مولوي احمد جت واري رسالي ۾ فصلن ۽ منزلن کان سواءِ 28 داستان آهن. +هاڻي سوال آهي ته مٺو شاه وارو رسالو، آخوند محمد شفيع جو رسالو، برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيس وارا نسخا، سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم جا رسالا، سڀ حقيقت ۾ ڪامل مڪمل ديوان يا رسالا آهن، جيئن سندن عنوان مان پڌرو آهي، يا مورڳو ڪنهن خاص قديم رسالي يا ”گنج“ جا اختصار ۽ انتخاب. پهرين حالت ۾ چئبو ته گويا سڀ رسالا ويندي موجود ”گنج“ سميت سڀ هٿرادو ۽ جڙتو آهن ۽ منجهن زائد بيت خود شاه لطيف جا نه آهن، بلڪ پوءِ فقيرن انهنجي تتبع تي ٺاهي، شاه جي اصلي ڪلام ۾ داخل ڪيا آهن. ليڪن انهن بياضن ۾ باوجود اختصار جي ڪيترائي نوان بيت آهن، جي ”گنج“ توڙي ٻين قلمي نسخن ۾ نٿا ملن، مثلاً، برٽش ميوزيم واري بياضن ۾ هي بيت: +سفر سکيرون، هون سلامت سپرين! +چڙهيا جو چت ڪري، پنو سو ڪاچون +تئان مَ ڀاڳون! جو منهن ڏيئي هليا. +مون کي اڄ تائين ڪنهن به نسخي ۾ نظر نه چڙهيو آهي. اهڙا ٻيا به گهڻيئي مثال آهن، جن جو هت ايراد ڪرڻ تطويل جو باعث ٿيندو. مطلب ته اهي ابيات ڪنهن اهڙي آڳاٽي نسخي تان ورتل. ٿا ڏسجن. جو هاڻ عدم پيدا آهي. يا جو ڪڏهن ڀڙڪوکائي پيدا ٿي پوي. ليس علي الله بعزيز. +منهنجي خيال ۾ مٺو شاه واري بياض جي عمر به لڳ ڀڳ ساڳي آهي، جهڙي آخوند محمد شفيع واري بياض جي، يعني اٽڪل هڪ سؤ ورهيه. ماستر صاحب جنهن جو فهم ۽ فراست عقل ۽ ادراڪ به ٻين ابتدائي معلمن جي معيار تي هوندو الا ماشاءَ الله، تنهن گهڻو وڌاءُ ڪيو آهي. ڇا ڪيو اٿس جو لونگ فقير جي رسالي تان ڪي بيت اُتاري کڻي هن رسالي جي اڳ ۾ اٽڪايا اٿس. باقي ملحق بيت خليفي محمد بچل ۽ غوث محمد قريشي جا لکيل آهن، جن جي ڇيڙي ۾ سن 1334هه ڄاڻايل آهي، يعني ته انهن زائد مصنوعي بيتن جي ڄمار تقريباً 40 سال آهي. انهن کي اهميت ڏيڻ ۽ تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ، عو��م الناس جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي سمان آهي. +هاڻي اچون ٿا هن سوال تي، آيا اهي بيت شاه لطيف جا آهن، جي اڳين رسالي جي ترتيب ڏيندڙن کان نظر انداز ٿي ويا آهن، يا ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏنا اٿن، يا ڪن ٻين شاعرن يا سگهڙن جا چيل آهن! اهو هڪ نهايت مشڪل ۽ پيچيدو مسئلو آهي ۽ وڏو بحث گهري، منهنجو ايمان جي سلامتيءَ جو رايو آهي ته انهن مان ڳچ بيت شايد شاه لطيف جا هجن، باقي اڪثر سگهڙن جي دماغ جو دم پختو آهن؛ جن مان شاه جو شعور ئي ڪونه ٿو بکي. مان ائين به چوندس ته ڪيترائي بيت جن ۾ شاه لطيف جو نالو اچي ٿو، سي به شاه جا ناهن، بلڪ ڪنهن اڌڙوٽ شاعر خواه مخواه شاه صاحب جونالو کڻي منجهس ٽنبيو آهي. مثلاً، رامڪليءَ مان ڏنل بيت، جيئن مون اڳي هڪ مضمون ۾ واضع ڪيو آهي ته تمر فقير جا چيل اهن. انهن ۾ تمر فقير جو خاص شاعراڻو انداز يعني قطار البعيرين (لاڏو اُٺن جي قطار، پڇ ڳچيءَ سان ۽ ڳچي پڇ سان مهاريل) جو تلازم صاف صاف رکيل آهي: +بک لاءِ نه بکيا، نه ڌاڳا ڌوڙ ڀڀوت +ملنگ هليامنتها، منهن ڪيائون ملڪوت +سندي سان ثابوت، جوڳين سٽيو جذب سين. +________ +جوڳين سٽيا جذب سين، تان سو الف ميم +هوئڻان هٽي هوءِ ٿيا، عالم، علام، عليم +حقيقت حال حليم، احد عبد عين ٿا. +علم جرا، بندن جي سستيءَ ۽ عبادت جي لچڪ مان ئي معلوم ٿيندو ته اهي سمورا بيت شاه جا نه آهن. ”ڏاچي هڻي ڏه ۽ توڏو هڻي ٽيهه“ جي مصداق چيلو ڪيترن ئي باطني بيتن ۾ پنهنجي گروءَ کي شهه ڏيئي ويو آهي! +مارئي جي سر مان چونڊيل بيت اڪثر شاه لطيف جا آهن، ۽ آخوند محمد شفيع ۽ دلدار فقيرن وارن رسالن ۾ درج آهن. باقي بيت يا شاه عنايت جا آهن، يا تمر فقير جا. مثال طور ”هي ڀنگا، هي ڀيڻيون، الخ“ وارو سهڻو ۽ سوز وارو داستان سورو تمر فقير جو چيل آهي. جيئن سندس پوئين بيت مان پڌرو آهي: +هي ڀنگا، هي ڀيڻيون، هي واڙا ويڙيچن +بيشڪ ڀٽون لنگهيون، پرتي پنوهارن +تني جا، تمر چي، ٿاڻا منجهه ٿرن +ڏئي وڇوڙو وِرهن، اُٺي ويا اُڪري. +مگر رسالي جي ڪن گڏ ڪندڙن ۽ ماستر صاحب اهو بيت ديده دانستہ وساري، گويا ساري داستان کي شاه لطيف ڏي منسوب ڪري ڇڏيو آهي. +اهڙي طرح جمعي فقير واري يا ٻين رسالن جو چوڏهون داستان، جو هن بيت سان شروع ٿئي ٿو، سو به ڪجهه تمر فقير جو، ته ڪجهه شاه عنات (يا عنات چوڍي) جو چيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ به ”قطارالبعيرين“ وارو سلسلو هليو اچي. +پهرين رات پسي، مون ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو +ملير ماروئڙن کي، واحد ڏيج وسي +آهر جنهن اسين، سو ملندو شال ملير ۾! +هاڻ اچو اُٺن جي لانڍ تي: +سيئي ساريم سومرا، جن جا ٿرن اندر ٿوڪ +مون جيڏيون ملير ۾، کين مريڙا موڪ +جهڄان پسيو جهوڪ، تن ونهين ويڙيچن جي. +__________ +تن ونهين ويڙيچن کي، اُڪنڊي آئون +ماڻيان هوند ملير ۾، سرتين سين سائون! +اَڀاڳي آئون، ويٺي جهڄان جهل ۾. +________ +هڏ هي روح رڳون، منهنجون ماروئڙن سان +انين ري، عنات چي، جدا ڪين جيان +پلر شال پيان، وڃي ويڙيچن سين. +___________ +پلر پيتم جن سين، سي مارو مون ميڙ +پهري ويا پٽن تي، مٿي ونهيان ويو +تن جهانگين سان مَ جهيڙ، جن جا ٿاڪ ٿرن ۾. +سر معذوري وارو داستان (هلندي هوت پنهون ڏي، ڪج وڃڻ سان وس) نڪي سيد مٺو شاه واري رسالي ۾ موجود آهي ۽ نڪي آخوند صاحب واري يا ٻين بياضن ۾، ۽ نڪي ”گنج“ ۾ نڪي ٻين ڪچڪولن ۾. رڳو لونگ فقير واري رسالي ۽ مولوي احمد واري رسالي ۾ لڀي ٿو. منهنجي نظر ۾ انهيءَ داستان جا مڙئي بيت ڪنهن اڌڙوٽ شاعر جا آهن. اگرچه هڪ ٻن بيتن ۾ شاه صاحب جو نالو ناحق وڌو ويو آهي. جيتري قدر مون کي يادگيري آهي ته شاه صاحب ڪٿي به تقدير جو جمع ڪتب نه آندو آهي، ۽ نه وري ”تبار“ جهڙو عامي لفظ شاه جي شان وٽان آهي. مطلب ته ڪنهن ڄٽوڙ اُره زورائي ڪري، شاه جي ڪلام مان جملا ۽ تڪون انهن بيتن ۾ آڻي، مٿن شاه جو رنگ چاڙهيو آهي، ۽ ڪن بيتن ۾ ته هڪ کان وڌيڪ غير موزون قرآني آيتون يا عربي عبارتون ٿڦي، پنهنجي سگهڙ پائي جي ساک ڏني اٿس. +حقيقت ۾ ”بيت سازي“ سنڌي شعر جو هڪ اهڙو نوع آهي، جنهن ۾ ڪوبه پڙهيل يا اڌ پڙهيل يا اڻ پڙهيل ماڻهو طبع آزمائي ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري سچن ۽ ڪوڙن بيتن جي پرک تمام ڏکي ٿيو پوي. مثلاً، نڪي مان شاعر آهيان نڪي سگهڙ، پر بعضي بعضي بي اختيار شعر چئي وهندو آهيان. هڪ دفعي جيئن 24 تاريخ ماه ڊسمبر 1953ع جو صبح مهل، تمر فقير جي اڳيان وڏي کٻڙ هيٺ ”گنج“ کي سوجهي رهيو هوس، تيئن تترن جي تنوار ڪن تي پيم، جن جي متواتر آلاپ مان گويا منهنجي گهر واريءَ جو نالو ٿي نڪتو. هڪدم هيٺيون بيت دل تي تري آيم: +اندر ۾ آهين، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري +جانب کي جهنگن ۾، تتر تنوارين +صبح ويل سرت مان، نالو نروارين +ٻاجهاري ٻولي ڪيو، ساه کي سيباهين +اهڙائي آهينِ، صاحب منهنجا سپرين. +يا هيٺيان ٻه بيت، جيڪي جدا جدا موقعن تي چيا اٿم: +ڪو گهمندي گهور، آيم ٻاروچن جو +اُٺ گنگائي هليا، دل ۾ ڌري پور +پنهون نيائون پاڻ سين، اٽڪل ڪري اسور +صبح سنجريم سور، اديون آريچن جا. +________ +قاف ڪشالا ڪيترا، ڏونگر ۾ ڏاڍا +ڦٽيا ڦڻ فقير جا، هاڙهي هيڪاندا؟ +اُتي رس ”عمر“ کي، عربي ڄام اجها +سڻج سوز صدا، سائين سور وندن جي. +هاڻي جيڪڏهن پوئين بيت جي ٽين سٽ بدلائي هيئن لکجي: +”اتي لال لطيف چوي، رس آري ڄام اجها“ +۽ اهي بيت رسالي جي ڪنهن قديم نسخي ۾ مناسب هنڌن ۾ اٽڪائي ڇڏجن، ته ڪير چوندو ته اهي شاه لطيف جا نه آهن؟ مون ڪيترن ئي شاه جي راڳيندڙن کي ٻڌو آهي ته شاه جو هڪ بيت آلاپي پوءِ ان جي رمز تي ”ڳچ“ جيترا بيت چئي ويندا آهن، اگرچه شاه جي رسالي ۾ انهن جو بڻ بنياد به ڪونه هوندو آهي. اهڙي نموني ڪيترائي ٻاهريان بيت رسالي ۾ اچي ويا آهن، جن جي شاعر جي نالي بغير تشخيص ڪرڻ بالڪل اڙانگي ٿيو پوي. +علي هذا القياس، اهڙي قسم جا بيشمار بيت، وڳارن جون وڳارون، داستانن جا داستان، نه رڳو لونگ فقير جي رسالي ۾ آهن، پر گهڻو ڪري سڀني رسالن ۽ بياضن ۾ سمايل آهن، جي مون راتو ڏينهن رت ولوڙي، سُوڌي سهيڙي رکيا آهن. اميد ته جڏهن سڄو رسالو ضميمن سميت تيار ٿي ويو، تڏهن خلق کي خبر پوندي ته ڪيترين ويهين سؤ آهي؛ ۽ جناب ماستر صاحب جو هڪ رسالي تي هيترا بل کاڌا آهن ۽ ٽير ٽپا ڏنا آهن، تنهن کي پڻ معلوم ٿيندو ته جنهن شخص گذريل چئن پنجن سالن ۾ ساهه سڪائي، ويهن پنجويهن رسالن جو مواد ڪٺو ڪيو آهي، تنهن وٽ نون نفيس بيتن جو ڪيترو نه انبار هوندو! ليڪن سڀڪو پنهنجي هٽيءَ آهر هوڪو ڏئي ٿو، ڪل حزب بمالديهم فرحون! +------- +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1961ع تان ورتل. ”تحريف“ لفظ جي معنيٰ آهي: ڪنهن لفظ جا حرف مٽائي، ان جي صورت بدلائڻ. +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1956ع تان ورتل. +[3] ڇپيل مضمون ۾ ڇاپي غلطي سبب 1770هه ڄاڻايل آهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي مراد 1270هه آهي. اهو صحيح نه آهي، دراصل گنج 1207هه ۾ لکيو ويو. + + +سيد عبداللطيف ڀٽائي ”سنڌ جي امانت“[1] +ادي عثمان علي انصاريءَ جو مقالو ”ڀٽائي عبداللطيف سنڌ جي امانت“ مون کي ڏاڍو وڻيو. پر منجهس ڪي چند ڳالهيون آهن، جن جي ٽيڪاٽپڻي لازم آهي. اميد ته اهي ڳالهيون کيس تحقيق جي راه ۾ ٻين سا تعاون ڪرڻ ۾ وڌيڪ آماده ڪنديون. +سندس شخصي سوانح ڏي اشارن کي ڇڏي، اسان کي هن ڳالهه جو اچرج آهي ته سندس شاه جو اڀياس فقط 1947ع کان شروع ٿيو، سو به تڏهن جڏهن موٽر جي حادثي ڪري کيس لاچاري آرام ڪرڻو پيو، ۽ حيدرآباد جي هڪ گوسائين برهمڻ سندس حضور ۾ غلط لهجي سان ڳائيندي، شاه جي هن سهڻي بيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو: +ڍول مَ کڻج ٻانهڙي، پره مَ کڻج پاند +ته آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان. +يا اخبار واري يا خود لکندڙ ”رانئيان“ کي ”رانيان“ لکيو آهي، بهرحال اهو ڪو وڏو انڪشاف ڪونه هو، نڪي ڪي ڪولمبس واري امريڪا جي تلاش هئي. سڀني قلمي نسخن ۾ ”پره“ (يعني پرڀات) جو لفظ ڪم آيل آهي. +ادي انصاريءَ ڪنهن به مستند نسخي جو حوالو نه ڏنو آهي، اگرچه گذريل يارهن سالن ۾ تقريباً ويهه نسخا سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. وٽس ڪن نسخن جا اوراق هئا، جي به کيس ”عجيب عجيب طرح“ سان مليا هئا. پاڻ مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٻن قلمي نسخن ڏي اشارو ڪيو اٿس، جي سندس وقت کان ٿورو وقت اڳ مون کيس منٿون ڪري ادي انصاريءَ کي وٺي ڏنا هئا. پر پوءِ سندس قضيي کان پوءِ جڏهن مون سندس ڪتب خاني جي پرتال ڪئي، تڏهن اُهي نسخا منهنجي نظر نه چڙهيا؛ يعني هڪ ڀٽ وارو نسخو ۽ ٻيو بلڙيءَ وارو نسخو، جي ادي انصاريءَ پاڻ وٽ ڦٻائي رکي ڇڏيا هئا، ۽ مون کان انهن جي ياد گيري دل تان لهي ويئي هئي. +اتفاقاً 1950ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن شاه جي رسالي جي ترتيب جو ڪم مون کي سونپيو، ۽ ڪيترن ئي صاحبن مون کي پنهنجي شفقت سان نوازيو ۽ رسالي جا ڪيترائي نسخا مون کي سپرد ڪيائون. گذريل نون ورهين ۾ ٽيهه کن نسخن جي ڀيٽ ڪئي اٿم؛ پر افسوس، ڪوبه رسالو شاه جي وقت جو لکيل ناهي، ۽ عموماً سڀئي رسالا ڌارئين ڪلام سان ڀرپور آهن. +هڪ دفعي اچانڪ مولوي مرحوم دين محمد صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته آنجهاني گربخشاڻي واراٻئي رسالا ادي انصاري وٽ موجود آهن. مون کيس گهڻي ميڙ منٿ ڪئي ۽ ادب جي ڊوهي وڌي، پر مون کي انهن نسخن ڏيڻ کان نابري واريائين. آخر چيومانس ته ڀلا اجازت ڏي ته اوهان جي جاءِ تي اچي انهن جو مقابلو ڪريان پر صفا انڪار ڪيائين فقط هڪڙي ڏينهن ٿوري وقت لاءِ ٻنهين جي زيارت ڪرڻ ڏنائين، جو مون ٻنهين جو ڪالوفن اتاري ورتو. انهن نسخن مان هڪ نسخو ته برابر ڀٽ وارو هو، پر ٻيو مرحوم مير عبدالحسين جو اتاريل هو. مون بلڙيءَ واري نسخي بابت کانئس پڇا ڪئي، پر اَلِيءَ ويو، ۽ چيائين ته گربخشاڻيءَ صاحب مون کي اهو ئي نسخو اڌارو ڏنو هو. مون عرض ڪيومانس مون انهن نسخن تي تقريباً 10 سال ڪم ڪيو آهي، ۽ بلڙيءَ واري نسخي کي ائين سڃاڻا جيئن پيءُ پٽ کي. پر پاڻ هوڏ ٻڌي بيٺو، ۽ اهو قديم نسخو تڳائي ڇڏيائين جيئن پوئڀرو مون وارو لطائف لطيفي جو هٿ اکر نسخو، مرحوم مولوي دين محمد جي وفات بعد تڳائي ڇڏيائين. +چه نقشها کہ بر انگيختم و سود نداشت +فسون ما بر او گشة است افسانه. +قصو ڪوتاه. مون وقت جي تعليمي وزير قاضي محمد اڪبر کي عرض ڪيو ته ڪيئن به ڪري اهي نسخا مون کي ڀيٽا لاءِ ٻه ٽي مهنا وٺي ڏيو. پر مون کي ڏيڻ بدران مجبور ٿي اهي ٻئي نسخا ”سنڌ پراونشل لائيبرريءَ“ کي هديه طور ڏيئي ڇڏيائين، جي پوءِ مون لائيبرريءَ مان ڪڍائي ڀيٽي ورتا. باقي بلڙيءَ وارو آڳاٽو نسخو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين، والله اعلم بالصواب. +مذڪوره مقالي ۾ ادو انصاري آکي ٿو ته وٽس ويهه نسخا آهن، جن مان هڪ شاه جي وفات کان ٿورو پوءِ جو لکيل آهي، ۽ ٻيو اٿس درگاه قلندر بادشاه وارو اصلي بياض، جنهن جو عڪس مون منڍ ۾ برٽش ميوزيم مان 25 پائونڊ ڀري ڪڍائي ورتو آهي. ليڪن ادو انصاري پنهنجا رسالي جا نسخا ڏيکارڻ جي نٿو ڪري. مون تازو خط لکيومانس ته خبر ناهي اسان جي عمر ڪيتري رهي آهي، سو مهرباني ڪري مون کي پنهنجا رسالا عاريت ڏي، ته بورڊ جي رسالي جي متن لاءِ انهن کي ڀيٽيان. پر اڃا جواب جي عنايت نه فرمائي اٿس، ۽ عام خلق کي چوندو پيو وتي ته ڀل ڊاڪٽر دائود پوٽي وارو متن ڇپجي، ته پوءِ مان پنهنجو ڪرتب ظاهر ڪندس. +غمناک تبايد بود از طعن حسود اي دل! +شايد کہ چو وا بيني خير تو درين باشد. +منهنجا ته نيڻ ٺرندا جو مون کان اڳ ادو انصاري پنهنجو رسالو شايع ڪري، ته پاڻ ان مان فيض پرائجي. پر +سڪندر را نمي بخشمند آبي +بزور و زر ميسرنيست اين کار. +منهنجي شاه صاحب جي محبن کي دوباره استدعا آهي ته سندس ڪلام جو قديم ترين نسخو، جيڪڏهن وٽن هجي، ته مون ڏي موڪلين ته ڀيٽا بعد مع الشڪر واپس ڪيو ويندو، جيئن ٻيون امانتون به سندن مالڪن کي ڏنيون وينديون، جي مون وٽ محفوظ آهن. منهنجا سڄڻ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ۽ منهنجي اطوار ۽ اخلاق کان ڀليءَ ڀت واقف آهن. اميد ته مون کي اهي هن ڀلاري ڪم ۾ ضرور مدد ڏيندا ۽ نراس نه فرمائيندا. +جام جهان نما ست ضمير منير دوست +اظهار احتياج خود آنجاچہ حاجت است. +ادي انصاري چار تجويزن پش ڪيون آهن، جن سان مان منفق راءِ آهيان: +(1) شاه صاحب جي حياتيءَ جو سچو احوال لکي عوام جي اڳيان پيش ڪجي. +(2) سندس ڪلام جو مجازي ۽ معنوي شرح ڏنو وڃي. +(3) ڌاريو ڪلام سندس اصلي ڪلام کان ڇني ڌار ڪجي. +(4) ڪاتبن جون غلطيون سڌاريون وڃن. +اهي ڳالهيون ڪي نيون نه آهن، مون بار بار پنهنجي تحريرن ۾ انهن ڏي اشارو ڪيو آهي. +شاه صاحب جي وفات کي اگرچ ٻه صديون مس گذريون آهن، تڏهن به سندس زندگيءَ جو سچو احوال افساني ۽ ڪرامتي عنصر کان جدا ڪري نٿو سگهجي. شايد آڳاٽي ۾ آڳاٽي ملفوظات فارسيءَ ۾ لکيل هئي، جا ميان علي بخش شاه جي ٻئي گهر جا عزيز ڪابل ۽ قنڌار کڻي ويا، پر اها هٿ اچڻ مشڪل آهي. مرحوم سانگيءَ جو لطائف لطيفي پڻ تقريباً عدم پيدا احمد شاه، دڙي واري جو نسخو، جو مرحوم خانبهادر ولي محمد حسن عليءَ جي فرزند حسن علي پنهنجي استاد مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ڏنو هو، ۽ جو مون سندس وارثن کان هٿ ڪيو، سو اڄ شينهن ڪلهي چڙهيل آهي. باقي احوال جيڪي موجود آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا: +(1) شاه جي زندگي (انگريزي ۾) تاليف ديوان ليلارام وطڻمل لعلواڻي 1890ع. +(2) احوال شاه ڀٽائي 1910ع، جو مرحوم ميرزا قليچ بيگ صاحب ”لطائف لطيفيءَ“ تان ورتو آهي. +(3) شاه لطيف (انگريزي)، تاليف ايم. ايم. گدواڻي 1922ع. مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سارلي ۽ ٻين جو مدار انهن ٽن ڪتابن تي آهي. +مون وٽ هڪ نهايت پراڻي شاه جي سوانح عمري انگريزي ۾ آهي، جنهن جو هڪ زبون نسخو مون کي نواب عبدالحميد خان ولد جنت گزين نواب خداداد خان سکر واري ڏنو هو، جو سنڌ حڪومت جي ترجمان مسٽر سائودي (Southey) 1870ع ۾ لکيو آهي. اميد ته جلد سنڌيءَ ۾ نقل ڪري ”نئين زندگي“ جي ناظرينن اڳيان پيشڪش طور عرض رکندس. سڀني سنڌين جو فرض آهي ته شاه صاحب جي سوانح جو مواد ڪٺو ڪري، سندس زندگيءَ ۾ علمي نموني ۾ اظهار ڪن. +ليڪن اهي سڀ ڏندڪٿائن، اچرجن ۽ ڪرامتن سان معمور آهن. حقيقت ڪري ڪو به اهڙو اولياءَ الله نه ٿي گذريو، جنهن جي حياتي ڪرامتن ۽ قصن سان نه ڀريل هجي. اسين ادي انصاريءَ جا ازحد شڪر گذار رهنداسين، جيڪڏهن سڀيئي مصادر ڇنڊي ڇاڻي شاه جي هڪ مستقل ۽ مستند زندگي لکي. +درين ميدان پر نيرنگ حيرانست دانائي +کہ يک هنگامہ آرائي و صد کشور تماشائي. +پر پهريائين کيس گهرجي ته پنهنجا سڀيئي نسخا ڪڍي نروار ڪري ته ڏسجي ته ڪيترين ويهي�� سؤ آهي. +زبان در دهان خردمند چيست +کليد در گنج صاحب هنر +چو دربستہ باشد چہ داند کسي +کہ گوهر فروش ست يا پيلہ ور. +هڪ عالم جو مرڪ آهي ته پنهنجن همڪارن کان پنهنجي شيءِ نه لڪائي، بلڪ انهن سان تعاون ڪري پنهنجي ڀَل مانسيءَ جو جوهر ڏيکاري. +شاه جي ڪلام جو مجازي ۽ معنوي مقصد اهيئي ڪڍي سگهندا، جن کي اڳوڻي سنڌيءَ جي لغت پورو عبور آهي، جن روحاني درياءَ جي غواصي ڪئي آهي، جهڙن تهڙن جي جاءِ ناهي: +متو واهڻ ڪُنَ ڪري، ڀڃي سانڀويون ساڄ +پرين به پيا ڀن ۾، مون پائيندي واجهه. +ادي انصاريءَ سان گڏ ٻين گهڻن ئي انهيءَ ڏس ۾ ڪوشش ڪئي آهي، پر سندن معنيٰ ۽ مطلب محض ظن تخمين رهيو آهي. منهنجو ارادو آهي (شل ربّ العزت توفيق بخشي) ته شاه جي متن تيار ٿيڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ هيٺيان ٻه ڪتاب لکان: +(1) ڪنزاللطيف: لطيفي قديم لفظن جي صحيح معنيٰ جو فرهنگ. +(2) ڪشف اللطيف: اهو ابجد وار ڪتاب، جنهن جي وسيلي شاه لطيف جي هرهڪ بيت کي سولو ڳولي سگهجي. +ٻيا به گهڻيئي ارادا آهن. پر انهن جو اتمام مولا تعاليٰ جي هٿ آهي: +در ره عشق نه شد کسي بيقين محرم راز +هر کس بر حسب فهم گماني دارد. +ڌاريو ڪلام جدا ڪرڻ نهايت ڪٺن ڪم آهي. هڪڙا اُهي بيت آهن جي ٻين شاعرن جا چيل آهن ۽ سندن نالو منجهن نروار آهي. اِهڙا بيت ڪڍي ڇڏڻ ته بالڪل آسان آهن، پر وٺو انهن بيتن کي، جي ظاهر ۾ شاه لطيف جا نٿا ڏسڻ ۾ اچن، مگر انهن ۾ شاه لطيف جي ڪلام جي رعنائي ۽ شيريني ۽ شيوائي نمايان آهي. انهن کي سواءِ ڪنهن سند جي رد ڪري سگهجي، هان جيڪڏهن ڪنهن قلمي نسخي ۾ صراحت سان ڄاڻايل آهي ته اهي ٻين جا آهن، ته پوءِ ڀل انهن تي ڪاني هلائجي. باقي شخصي ذوق جي اوٽ تي خواه اهو ادي انصاريءَ جو هجي يا دائود پوٽي جو، انهن کي بلڪل خارج ڪري نٿو سگهجي. +باقي رهيو چوٿون نڪتو. ڪاتبن جون غلطيون جدا جدا نسخن ڀيٽڻ سان درست ڪري سگهجن ٿيون، پر ان لاءِ به لياقت ۽ محنت گهرجي. ادي انصاريءَ ته پنهنجي ننڍڙيئي مقالي ۾ ڪيتريون چوڪون ڪيون آهن. مان حيران آهيان ته ايترن ٿورڙن بيتن ۾ عظيم غلطين جو ارتڪاب ڪيئن ڪيو اٿس! +(1) شاه جيڪڏهن ”پريان جي... فرحت“ واري سٽ چئي ته ڪا اربع خطا ڪانه ڪيائين. آخر ته هو انسان هو، جيڪڏهن اهڙو خيال ظاهر ڪيائين تڏهن به سندس نيت صاف هئي. +”چو بشنوي سخن اهل دل، مگو کہ خطاست +سخن شناس نه اي دلبرا خطا اينجاست“ +(2) ”وڍيل ٿي وايون ڪري“، الخ. اهو ڪو روميءَ جي سٽ جو ترجمو ناهي، بلڪ هڪ تلميح آهي. ازانسواءِ انهيءَ ۾ ٽي مصراعون آهن نه ٻه، جيئن رواجي نسخن ۾ آهي. ”گنج“ واري قلمي نسخي ۾ سسئي جي سُر جو اهو پهريون بيت آهي. مثنوي هميشہ ساڻس هوندي هئي، سو جيڪڏهن ڪا معنيٰ اخذ ڪيائين ته ڪو وڏو ڏوه ته ڪونه ڪيائين. +(3) جيڪڏهن ڪي بيت ڍٽڪي ٻوليءَ جا آهن، ته ان جو اهو هروڀرو مطلب نه ٿيندو ته شاه انهن جو تتبع ڪيو آهي، يا شاه جي مجلس ۾ وهندڙن اهي بيت ڳايا آهن. +(4) عاشق جا امنگ ۽ اوقات جدا جدا هوندا آهن. ذري سير ته ذري ماسو. سو جيڪڏهن هڪ ڀيري چنڊ کي پاراتو ڏنائين ۽ ٻئي دفعي آزي نيازي ڪيائين ته ان جي شاعريءَ ۾ ڪو عيب ڪونه ٿي پيو. ڏسو سسئي بعضي ٻروچن کي پٽي ٿي ۽ بعضي دعا ڪري ٿي. اهو ته چوندڙ جي مزاج تي منحصر آهي. شاعر ته فقط عاشق جا گونا گون خيال ٿو ظاهر ڪري. +(5) شاه بيشڪ نهٺائي جو مجسمو هو. جيئن فرمائي ٿو ته: اديون عبداللطيف چي، اڃان مون ۾ گهٽ“. پر جيڪڏهن بعضي بعضي پنهنجي ڪلام جي تعريف ڪيائين ته ڪو مير مچي ڪونه ماري وڌائين. اهو به دل جو اڇنگ هو. مان مڃان ٿو ته: +جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آه��نِ +سڳر سونهائينِ، پريان سندي پار جو. +سهڻيءَ واري سر ۾ آيو آهي، ۽ سندس ڪوبه قرينو ڪونهي. پر تڏهن به هروڀرو ائين ڪونه آهي ته اهو ڪنهن شاه جي مداح جو چيل آهي. شايد ڪنهن وقت ڪنهن حاسد شاه جي ڪلام جي گلا ڪئي هجي، تنهن تي اهو بيت چيو هجيس، جو بلڪل سهڻو آهي ۽ شايد رسالي جي جامعن هروڀرو ڪري کيس سر سهڻيءَ ۾ ٽنبيو آهي. وڏن روحاني بزرگن ۽ شاعرن پنهنجي ڪلام جي بي ساخته ساراه ڪئي آهي. ڏسو حافظ شيرازي: +غزل گفتي کہ در سفتي، بيا و خوش بخوان حافظ +کہ بر نظم تو افشاند، فلک عقد ثريا را. +---------- +بشعر حافظ شيراز مي رقصندو مي نازند +سيہ چشمان کشميري و تر کان سمر قندي. +سؤ ورهيه اڳي برٽن صاحب اهو بيت پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي دُکيءَ وادي“ ۾ ايراد ڪيو آهي. عجب آهي جو اڄ ان تي اعتراض ڪيو ٿو وڃي. پر جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جو چيل آهي ته اسان وٽ ان جي سَنَد ڪانهي. +(6) ”سيد پير سپير هي“، الخ، سر پرڀاتيءَ ۾ نه پرسر ڌناسريءَ ۾ آهي. جو سراسر شاه جو ناهي. ۽ سندس مريدن ۽ معتقدن جو چيل آهي، ۽ جنهن کي شاه جي ڪلام مان تڙي ڪڍڻ گهرجي. +(7) ”ڪچو کان ڪنڀار“ بلڪل ٺيڪ آهي، ۽ سڀني نسخن ۾ ائين آيو آهي: ”ڪنڀار“ کي ”ڪپار“ پڙهڻ تنزل جي نشاني آهي. +(8) ”پنهون کي ڪامَ چئي“، سڀني نسخن جي پڙهڻي آهي. خبر ناهي ته ادي انصاريءَ اها پڙهڻي ڪهڙي قلمي نسخي مان آندي آهي، اگرچہ سندس پڙهڻي به نامناسب ناهي. +(9) ”لوچين ڇو نه لطيف چي“ به اڪثر نسخن جي قرآت آهي، اگرچه ”ليٽين ڪيئن لطيف چي“ پڻ چئن پنجن نسخن ۾ درج ٿيل آهي. مان نٿو ڀانيان ته ڪو معنيٰ ۾ وڏو ڦير ٿو ٿئي. اهي سڀئي قراتن جا اختلاف آهن، جي نسخن جي قدامت آهر درست ڪرڻ گهرجي. +(10) ٽرمپ صاحب جو نسخو اگرچه 1866ع ۾ ڇپيل آهي، ته به نهايت ردي آهي. ڏوه ڊاڪٽر ٽرمپ جو به ناهي، هن ٻن ڏيهي مولوين تي ڀاڙيو هو، ۽ وٽس فقط ٻه قلمي نسخا هئا، جن مان هڪڙو مير علي مراد خان لاءِ سيد قاسم جو لکيل (1849ع؟) آهي ۽ ٻيو شايد مختصر هو، جنهن تي سُرن ۽ بيتن جو مدار رکيو ويو آهي. مولوي صاحبن تمام خود سري ڏيکاري آهي، ۽ اصل عربي فارسي لفظ مَٽي انهن جي جاءِ تي اڻ سهائيندڙ سنڌي مترادف وڌا اٿن، جن جو مفصل احوال ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏنو ويندو. سيد قاسم اردو رسم الخط اختيار ڪئي آهي، ۽ اها ساڳي عين بين ٽرمپ واري رسالي ۾ ڪم آيل آهي. شاه لطيف جو واين جي آخر واري بيت ۾ نالو ٽرمپ صاحب ڪو پنهنجي پاران ڪونه وڌو آهي، پر مير علي مراد واري نسخي تي آڌار ڪيو اٿس. قسمت سان اهو نسخو بلڪل زبون حالت ۾ مون کي تازو خان بهادر محمد ايوب کهڙي ۽ ڀاڻس حاجي محمد مراد کهڙي جي معرفت هٿ آيو آهي ۽ ان جي ڀيٽا ڪري رهيو آهيان. ساڳئي نسخي جو نقل قاضي فقير محمد صاحب جي هٿ اکر به جلد ملڻ وارو ٿيو آهي. +(11) ”سرتيون سڳڻيون“ واري وائي سر پورب ۾ نه پر سر رپ جي ٻئي داستان ۾ آهي. نهايت سهڻي وائي آهي، پر ادي انصاريءَ باوجود ان کي مختصر ڪرڻ جي اڪيچار غلطيون ڪيون آهن. انهيءَ وائي سان هڪ وڏو قصو شامل آهي، جو ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏنو ويندو. پهرين ۽ ٻيءَ مصرع جي پڙهڻي هن ريت آهي: +سرتيون سڳڻيون، آءُ ساريان پر پنهنجو +للاڻيءَ جي لوءِ ۾، ساري رات سُيون. +(للاڻي يعني شاه ڪريم) +انصاري صاحب ’سڳڻيون‘ کي ’سنڱهڙيون‘ ۽ ’پِير‘ کي ’پرين‘ ۽ ’للاڻيءَ‘ کي ’لالائي‘ ڪري پڙهيو آهي. ”ميمڻ“ واري سٽ ۽ تخلص واري مصرع بالڪل علحديون آهن. ائين هرگز ناهي جو ”ميمڻ“ واري سٽ کي ڪيرائي ان جي جاءِ تي عبداللطيف جي نالي واري سٽ وڌي ويئي آهي. اهڙي قسم جي هٿ چراند ته امانت بدران خيانت آهي. +(12) سورٺ جي سر جي روحاني توجيہ البت مشڪل آهي، پر مرحوم مولوي غلام محمد خانزئي جي سمجهاڻي انهيءَ تمثيل بابت بالڪل صحيح ۽ شرع مطابق آهي (ڏسو ”منهاج العاشقين“ جو سنڌي ترجمو)؛ باقي ڊاڪٽر نبي بخش جون تمثيلون يا محمد علي دائود پوٽي جو ”شاه جو منڱيو“ اجايو ڳالهيون آهن. اسان کي مرحوم مولوي صاحب جو شڪر گذار رهڻ گهرجي جنهن وڏي خوض ۽ خيال سان شاه جي سُرن جا اشارا ۽ ڪنايا شرع شريف جي مطابق سمجهايا آهن. باقي اها ڳالهه ته سر سورٺ ۾ معراج جو ذڪر سمايل آهي، سو مان اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان اهي بيت ئي فالتو ۽ ڌاريان آهن. +(13) مون کي تعجب آهي جو ادي انصاريءَ باوجود يارهن ورهين جي اڀياس هوندي، ڌارين شاعرن جو تعداد فقط پنج ڄڻا ڏيکاريو آهي. درحقيقت اهي ويهن ڄڻن کان به مٿي آهن. سندن نالا ابجد وار هيٺ ڏجن ٿا، سمجهو ڪي سمجهن: احسان، بلال، ٻڍو، جبير، جوڻيجو، حبيب، حسين، طالب، عزيز، عطا، عنات، عنايت، عيسو، قاسم، قطب، ڪيسر، کٽي، لاکو لطف الله، لکمير، محمود، مڱيل ۽ هلال. +هيءُ آهي سندس ادبي ۽ علمي تحقيق جو حال، ”ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾“. +________ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“ نومبر 1958ع تان ورتل. + + +تمر فقير جو احوال ۽ ڪلام [1] +شاه لطيف رحه جي پهرين خليفن مان تمر فقير [2] نهايت مشهور خليفو ٿي گذريو آهي. سندس نالو اڃا تائين پيو ڳائجي. افسوس جو اهڙي پاڪدامن ۽ پاڪيزي شخص جي نڪا ڄمڻ جي تاريخ معلوم آهي ته نڪا وفات جي. پر جيسين شاه صاحب جو نالو جيئرو آهي، تيسين هي سندس ننڍڙو ٻالڪو به ياد رهندو. نه فقط سندس شاه صاحب سان الفت ۽ محبت ڪري؛ نه فقط سندس پرهيزگاري ۽ نيڪ اخلاقيءَ ڪري، پر سندس سهڻي ڪلام جي به ڪري، جنهن مان سندس آقا جي سخنن جو سڳنڌ پيو اچي. +باوجود تلاشيءَ جي سندس والده جو نالوته ڇڏيو، پر سندس پيءُ جونالو به اڃا معلوم ٿي نه سگهيو آهي. +”ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي“. +نواز فقير جي روايت موجب، تمر اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ سرجيوئي مس هو ته پڻس وفات ڪري ويو. مائي صاحبہ پنهنجي ڏير محبت فقير سالاري [3] ۽ ٻين عزيزن سان گڏجي حج تي وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر حج تي اسهڻ کان اڳ شاه صاحب کي پيرين پوڻ ۽ دعا گهرڻ لاءِ ويئي. شاه صاحب سندس حق ۾ دعا گهري ۽ چيائين ته: مائي! خدا ڪندو توکي پٽ ڄمندو، پر اهو اسان جو ٻالڪو ٿيندو. جڏهن حج ڪري مديني شريف پهتا، تڏهن مائي صاحبہ ”فدڪ“ جي باغ ۾ هڪ کجيءَ جي وڻ هيٺ هٿ پير لڌا ۽ فرزند ڄائس، جنهن جو نالو تمر (کارڪ) رکيائون، ڇاڪاڻ ته هڪ تمر يعني کجيءَ جي وڻ هيٺ ڄائو هو. سالن کان پوءِ جڏهن پنهنجي وطن موٽي آيا تڏهن هن دُرّ يتيم کي وڃي شاه صاحب جي حضور ۾ حاضر ڪيائون. جتي هو شاه صاحب جي نظر فيض اثر هيٺ پُٽيلن وانگر پلجي وڏو ٿيو. +مرحوم مير عبدالحسين سانگيءَ وري پنهنجي فارسي ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ۾ تمر جي پيدائش جي ذڪر هن ريت ڪيو آهي: تمر فقير جا وڏا اصل کان شاه لطيف جي والد شاه حبيب جا سچا مريد ۽ معتقد هئا. هڪ دفعي ماين ۽ نياڻين سان گڏجي مرشد کان موڪلائي حج تي روانا ٿيا. اتي تمر فقير جي والده کي (بيبي مريم وانگي) هڪ کجور جي وڻ هيٺ سنڀارون ٿيون ۽ ڇوڪرو ڄائو، جنهن جو نالو مائٽن ”حاجي علي“ رکيو. ٿيون ورهين کان پوءِ جڏهن ڀلي پار کان واپس آيا، تڏهن ٻڌائون ته شاه حبيب وفات ڪري ويو آهي [4] سو ڏاڍو ارمان ٿين ۽ سڀيئي زالين مڙسين ڪهي آيا ڀٽ تي ۽ شاه لطيف سان سندس والد سڳوري جي عذر خواهي ڪيائون ۽ ننڍڙي تمر جي ٻانهن شاه صاحب جي سپرد ڪيائون. شاه صاحب سندس چالاڪي ۽ ڦڙتائي ڏسي کانئس سندس نالو پڇيو، پاڻ وراڻيائين ته: منهنجو نالو آهي ”حاجي علي“. تنهن تي شاه صاحب فرمايو ته: ”علي“ ته الله تعاليٰ جي شينهن ۽ عارفن جي سردار ۽ عالمن جي امام جو نالو آهي، تنهنڪري تنهنجو نالوئي رکون ٿا ”تمر“، ڇاڪاڻ ته تون تمر جي وڻ هيٺان ڄائو هئين، ۽ ڄمڻ وقت عرب عورتن جهمريون پائي خوشيون ڪري، توکي هيءَ لولي ڏني هئي: +”فوق المطر، تحت التمر، لبن البقر، +هات الله، هات الله.“ +(يعني) مٿان مينهن، هيٺان کجور، ڳئون جو کير، +ڏي الله، ڏي الله. +اهو سڻندي ئي تمر جا مائٽ حيران ٿي ويا، ۽ پنهنجا هٿ اکين تي ڌري، ماک ڀريائون ته برابر سندس ڄمڻ وقت ائين ٿي گذريو هو. +قصو ڪيئن به هجي، ننڍڙو تمر ڪچيءَ وهيءَ کان شاه صاحب جي صحبت ۾ رهيو ۽ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو. روحانيت جا اڪثر مقامات سندس صحبت ۾ طيء ڪيائين، ۽ شاه جي ڪلام ڳائڻ ۽ وڄائڻ ۾ ڀڙ ٿيو، ڪڏهن به شاه صاحب کان پري نه رهندو هو. شاه صاحب به کيس پٽن کان وڌيڪ ڀائيندو هو. شاه صاحب ۾ سندس ڪمال محويت جو مثال هن ڳالهه مان ملي ٿو: هڪ دفعي شاه صاحب تمر کي چيو ته مان ٿو لڪان، تون مون کي ڳول. ايتري ۾ بيٺي بيٺي شاه صاحب نظر کان الوپ ٿي ويو. تمر ڪائنات جون ڪنڊون پاسا ڳوليندي آخر شاه صاحب کي اعليٰ عليين تي وڃي لڌو. وري چيائين ته: ڀلا تون لڪ، آءٌ ٿو توکي ڳوليان. شاه صاحب ارض وسماء جا سڀيئي اطراف ووڙيا، پر ڪٿي به نظر نه آيس. آخر جڏهن حيلا حوالا هلائيندي شاه صاحب ٿڪجي پيو، تڏهن تمر سندس وارن مان جونءَ جي صورت ۾ نڪري اچي سندس پيرن ۾ پيو. تنهن تي شاه صاحب چيس ته: تڏهن اسان ۾ لڪو هئين؟ تمر وراڻي ڏني: اوهان کان سواءِ ڀلا مون لاءِ ٻي به ڪا واه آهي ڇا؟ انهيءَ ڪري سڀيئي مريد ۽ خادم سنديس عزت ڪندا هئا. +تمر اڃا سامايو ئي ڪين هو ته شاه صاحب جن وفات فرمائي[5] رحلت کان اڳ پنهنجي هن ننڍڙي مريد لاءِ اوطاق جي زمين جو ٽڪر ليڪي ڇڏيو هئائين، جا اڃا به سندس نالي سڏبي آهي ۽ سندس پارت مخدوم ميان محڪم الدين سيلاني[6] کي ڪري ويو، جو هڪ جليل القد اولياء ۽ هڪ نهايت بلند خيال ۽ صاحب وجد ۽ حال جو هو، ۽ شاه صاحب سان اتحاد ۽ محبت جو رستو هوس. چون ٿا ته شاه لطيف کيس وصيت ڪئي هئي ته جڏهن تمر بلوغت کي رسي تڏهن کيس فقيريءَ جا سڀيئي فن سيکارج ۽ درويشيءَ ۽ دلريشيءَ جي راهن ۽ رسمن کان واقف ڪج. ٿيو به ائين جو ميان محڪم الدين جي رهبريءَ ۽ هدايت هيٺ هو وڏي ڪماليت کي وڃي رسيو. سڄي حياتي سَتو جَتو ٿي گذاريائين ۽ کانئس پوءِ جيڪي پهريان خليفا سندس گاديءَ تي ويٺا، جهڙوڪ ميون ڪمال بٽ ۽ ميون سماعيل، سي سڀ مجرد ۽ صاحب فضيلت هئا، ۽ انهن کي سندين لياقت موجب چونڊيو ويو هو، پر ميهر فقير جي وقت کان وٺي تمر فقير جي گادي به هڪ موروثي شيءَ ٿي پيئي آهي. ميهر فقير ئي تمر فقير جو پهريون خليفو آهي، جنهن تجريد کي ترڪ ڪري شاديءَ جو گهنگهر ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ هينئر سندس پٽ گاديءَ تي آهي، جو هڪ الڙ جوان آهي. +تمر فقير هڪ وڏو اهل دل درويش هو، ۽ هميشہ درگاه تي رهي فقيرن جي خدمت چاڪري ڪندو هو، ۽ انهن کي ذڪر فڪر سيکاريندو هو. مسجد شريف جي امامت ۽ آبادي پڻ سندس حوالي هوندي هئي. پنهنجي چاچي محبت فقير سالاري جي انتقال بعد، هو سيّد جمال جو ڪجهه وقت لاءِ خليفو پڻ ٿيو، پر اڪثر فقيرن جي تمر ڏانهن رجوعات ڏسي، سيّد جمال کي هميشہ دل ۾ کٽڪو رهندو هو ته متان ڪنهن ڏينهن مريد کانئس منهن نه موڙي وڃن. تمر فقير ته شاه لطيف وانگر تارڪ هو، جنهن کي دنيوي پدارٿن جي ڪابه ضرورت ڪانه هوندي هئي. تنهن خيال ڪيو ��ه مرشد جي جانشين کي ناراض ڪرڻ بدران بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃجي. سو ڳجهه ڳوه ۾ چند خاص رفيق ساڻ ڪري ڪڇ ڀڄ ڏي راهي ٿي ويو ڪڇ ڏي ويندي پهرين منزل دائره شريف (اڏيرو لعل) جي سيّدن وٽ ٿيس، جن سنديس گهڻي خاطر داري ڪئي. اُتان اُسهڻ وقت سيّدن وٽ پنهنجو ”گنج“ (يعني شاه جي ڪلام جو هٿ اکر لکيل نسخو) امانت طور ڇڏي ويو. چي، مون جيئري مون مئي جيڪڏهن ڪو اوهان کان انهيءَ امانت جي طلب ڪري، ته ضرور موٽائي ڏجو. ڪڇ ڀڄ ۾ پهچڻ بعد اتي جا ماڻهو سندس ڪرامتون ڏسي گهڻي تعداد ۾ اچي مريد ٿيا. خود وقت جو راجا ڳهڻ راءِ، جو بي اولاد هو، سو به وٽس دعا لاءِ هلي آيو. تمر فقير جي دعا سان راجا کي نرينو اولاد ٿيو، جنهن ڪري هو به سندس پڪو مريد ٿي پيو. +جلاوطنيءَ ۾ هن گهڻا ئي سال گهاريا، پر جڏهن ڏٺائين ته سندس حياتيءَ جو ماڻ اچي ڀريو آهي، تڏهن خيال ٿيس ته پنهنجي مرشد جي ڀر ۾ جاءِ ٿئيم. سو ڳچ فقيرن سان هڪ تيز ڏاچيءَ تي سوار ٿي ڀٽ شريف ڏانهن رخ رکيائين. اجل جيڪو هميشہ پٺيءَ پلاڻيو بيٺو آهي، تنهن کيس جيئري اتي پهچڻ نه ڏنو، ۽واٽ تي ئي پنهنجا پران جان پرور کي پَرنيائين. مرڻ وقت پنهنجي دوستارن کي وصيت ڪيائين ته سندس لاش ڏاچيءَ تي لڏي ڀٽ تي پهچايو وڃي ۽ چيائين ته سندس ڏاچي اڏيري لعل ۾ جنهن هنڌ گوڏا کوڙي ويهي رهي، تنهن هنڌ جي سيّدن کان منهنجي امانت واپس ورتي وڃي ۽ وري جنهن هنڌ ڀٽ تي پلٿو ماري ته اتي مون کي دفن ڪيو وڃي. تمر فقير جا ساٿي جيئن سفر ڪندا اڏيري لعل کان اچي لنگهيا، تيئن ڏاچي سيّدن جي حويليءَ اڳيان کوپو کوڙي ويهي رهي. امانت جي تقاضا ڪئي ويئي، پر سيّدن وراڻيو ته هاڻي جنهن صورت ۾ اها امانت اسان وٽ رهندي1 ۽ ڏيڻ کان صفا انڪار واريائون. ناقِي اُٿڻ جي نه ڪري، پر لاچار کيس ماري ڪٽي، ڀٽ ڏانهن روانا ٿيا. ناقِي حيواني عقل موجب انهيءَ هنڌ تي جهڪي، جتي هينئر فقير صاحب جو مدفن آهي. سندس تربت شاه صاحب جي مقبري جي ڏاکڻي طرف احاطي جي ڪنڊ ڏانهن هڪ ڪاٺ جي تجر ۾ آهي، ۽ ڀر ۾ ميين اسماعيل جو لوڙھ اٿس. ڪهڙا نه ٻه برگزيدا شخص هڪ ٻئي جا رديف آهن! سندس تربت تي هيٺيون بي معنيٰ ڪتبو اڪريل آهي: +هوالباقي +وصال مرحوم مغفور ميان +زنخلي اللسطييع تمر شد ثمر، عليہ رحمت +جنهن جي صحيح پڙهڻي ميان گهوٽ سائين موجب هيئن آهي: +”ز نخل لطيفي تمر شد ثمر“ +ابجد جي حساب موجب اکرن جي انگي رقمن جو جوڙ 2510 ٿئي ٿو، جو ناممڪن آهي. پر جيڪڏهن رڳو ”تمر شد ثمر“ جو حساب وٺبو ته به انگ وڃيو 1684 کي لڳي، جو پڻ ناشدني آهي. ڪاتب جي جهالت دل ۾ رکي جيڪڏهن ”ث“ کي ”ش“ سمجهجي، ته به ”تمر شد سمر“ جي قيمت ٿيندي 1244، جو پڻ غير ممڪن ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه وسهڻ جي ناهي ته تمر فقير ڪو شاه جي وفات بعد 80 سال جيئرو رهيو هوندو، والله اعلم بالصواب. ڇا ٿيو جيڪڏهن تمر جي وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي، ”تمر امر“، آهي سدا جيئرو. +هر گز نميرد آنکہ دلش زنده شد بعشق +ثبت است بر جريده عالم دوام، ما +اڄ به سندس دڪي يا آسڻ موجود آهي، جنهن تي پاڻ ويهي خلق کي هدايتون ڪندو هو ۽ اڃا تائين سندس فيض کان محروم خليفا ان تي ويهي ڀورڙن کي ڀلائي، تعويذ لکي، ڌاڳا وٽي ۽ ڦيڻا ڦوڪي، خوب پنهنجا کيسا ڀرين ٿا. وڌيڪ افسوس جي ڳالهه جو خوش اعتقاد سادا، ٻاهراڙيءَ جا جاهل، دين اسلام جي تعليمات کان غافل، انهيءَ دِڪيءَ کي سجدا ڏيئي ايمان وڃائين ٿا ۽ رونشي ڪوڏيون زالون نواز فقير جي هٿان پنهنجي ٻارن جون مُڏي پاڪيءَ سان جهنڊيون لهرائي پاڻ ڦُرائين ٿيون. واه زمانا تنهنجو پلٽو! +ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو +وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو. +تمر جو ڪلام +تمر فقير جو ڪلام گهڻو ۽ گهاٽو ٿو ڏسجي، پر ڪاتبن جي بي اعتنائي کان ذري گهٽ معدوم ٿي ويو آهي. ڪي بيت ۽ وايون خود شاه جي ڇاپي نسخن ۾ آهن، پر سندس ڪلام جو ڪوبه مستقل ڪتاب نظر نه آيو آهي، رڳو برٽش ميوزيم واري قلمي نسخي ۾ ئي رامڪلي ۽ پورب بعد سڄا سارا ساڍا ٻارهن صفحا تمر جو ڪلام اوڦٽو آندل آهي. پر ٻين ڪيترن ئي قلمي نسخن ۾ داستانن جا داستان تمر فقير جا اوڦٽو آندل آهن. سندس بيتن جي هيءَ خصوصيت آهي، جو اُٺن جي قطار (قطار البعيرين) وانگر هڪ بيت جي پڇاڙي ٻئي بيت جي اڳياڙيءَ ۾ آهي ۽ ٻئي بيت جو عجز ٽئين بيت جي صدر ۾ آهي. اهڙي طرح اها لانڍ پڇاڙي تائين هَلِي هلي. ليڪن انهن جي رواني عجيب آهي، لذت ۽ شيريني لا انتها، سوز ۽ گداز بي انداز، رقت ۽ نزاڪت بيمثال. اسين فقط سر سسئي ۽ رامڪلي جا ڪي بيت ڏئي، پڇاڙيءَ ۾ سندس ٻن بي نظيرواين تي اڪتفا ڪريون ٿا. +سر سسئي +(1) +پريندئي پنڌ ٿي، جتڻ ڪارڻ جوءِ +ريهون ڪيو رڃن ۾، چيهون ڪيو چوءِ +طالب کي، تمر چي، ڏس ڏيرن جو پوءِ +ڪيچان اوري ڪوءِ، ڪجان غور غريب جو. +(2) +ڪجان غور غريب جو، موٽي ڪو ميان +پانڌ نه ڇڏيان پرينءَ جو، جانسين ٿي جيان +سِسِي ساه ڏيان، پنوه ڪارڻ پٻ ۾. +(3) +پنوه ڪارڻ پٻ ۾، هلي هيڪاندي +هيس هوت پنهون جي، آڌر تنهن آندي +ڪيچ ڌڻي ڪانڌي، ٿيس تيڏي ويل، تمر چي، +(4) +تيڏي ويل، تمر چي، گهائي ويس گهٽ +اديون آريچن جي، ڪئو ڦوڙائي ڦٽ +مادر، آءٌ نه مٽ، آڌيءَ اوءِ اٿي ويا. +(5) +آڌيءَ اوءِ اٿي ويا، ڪر رکيائون ڪيچ +ٻاروچاڻي پيچ، منهنجو من منجهائيو. +(6) +منهنجو من منجهائيو، جتن جي جمال +وِڌو سورُ سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال +هوت نه ڀائي حال، مِٽ نه ٿيا معذور جا. +(7) +موٽي ٿيا معذور جا، حال نه ڀائي هوت +ڏنيم ڏاڍين ڏونگرين، جتن ڪارڻ جهوت +هينئڙو ٿيو ٻه پوت، جو وهم پريان جي وڍيو. +سرود رامڪلي +(1) +ويراڳي واحد سين، رکج چاءُ چوري +هي جي ڪَنَ ڪپار جا، سي ڪامل وجهه ڪوري +منجهان ڏيل ڏوري، ريجهائيج رام کي. +(2) +ريجهائيج رام کي، ڀري ڀليءَ ڀت +سناسي سنسار جي، مُورِ مَ وڃائج مَتِ +جا جڳائي جوڳ کي، پارج سا ئي پَتِ +هئي آديسي اَتِ، وانءُ سڱيون سناسي کڻي. +(3) +سڱيون سناسي کڻي، ٿيج پريين پار +سڳا، سيلِيُون، سڱيون، ڌاڳا ڪيم ڌئار +هيءَ جا هاج هٿن جي، سا ڪوڙي آهي ڪار +من منجهائين مار، ته اوڏو ٿئين الک کي. +(4) +جي ڀائين اوڏو ٿيان الک کي، ته وڃ رام سين راهي +سناسي سنسار جا، ڇڏ لاڳاپا لاهي +جتي جاٽا جوڳ جي، اُت سامي رس ساهي +ڪاپڙي ڪاهي، گنگا ڀيٽج گومتي. +(5) +گنگا ڀيٽي گومتي، سامي سير ٿيا +ويراڳي واحد لاءِ، ڪنهن جنهن پهه پيا +مٿي تيرٿ، تمر چي، اُو واڪيندا ويا +تن ڪاڇوٽينِ ڪيا، هڻي گس هنگلاج ڏي. +(6) +هڻي گس هنگلاج ڏي، هو سامي ٿيا سير +جتي جاٽا جوڳ جي، اُت مرڪي اُڀا مير +هِت ڪيائون راضي رام کي، هُتِ ٿا چائين پير +تان پڻ اي تقدير، مڃيندهين محو ٿيا. +(7) +منجهئين من محو ٿيا، واريائون وائي +”ترڪ الدنيا راس ڪل عبادة“ اِي انهين لاءِ آئي +پڇن ڪانه ٻيائي، اوءِ پيهي ويا پاتار ۾. +...... +رامڪلي سان تمر کي خاص عشق ٿو ڏسجي. ٻئي هڪ داستان ۾ گور کناٿ کي الله تعاليٰ سان ۽ گروءَ کي رسول الله صلعم سان ۽ چين کي امت محمدي سان تعبير ٿو ڪري ۽ اهائي رمز رامڪليءَ ۾ رکيل آهي. +(1) +نه بابو نه بکيا، نه اسم اثباتي +منجهان ارادي حق جي، ٿيو ظاهر عشق ذاتي +صورت صفاتي، پوءِ ڪيائين پڌري. +(2) +پوءِ ڪيائين پڌري، بابو بياني +پائي سر صورت جو، آيو انساني +اي سر ��بحاني، ذاتيءَ مان ظاهر ٿيو. +(3) +ذاتي مان صفاتي ٿيو، صفاتيءَ مان سڀ جَڳُ +آديسي الڳ، مشاهدو محبوب جو. +(4) +مشاهدو محبوب جو، سامي سڃاڻيج +احد جدا احمد کان، ڀورا مَ ڀانئيج +خالي ڪو مَ کڻيج، گُرري پساه گودڙيا. +(5) +گُر ري پساه گودڙين، خالي ڪونه کنيو +بيراڳيءَ کي ڀڳوان جو، روح ۾ نام رهيو +وچاندر ويو، گر کي گڏيو ڪاپڙي. +(6) +گر کي گڏيو ڪاپڙي، راول روبروءِ +”فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ رسيو جوڳي انهين جوءِ +حق کي گڏيو هوءِ، لاهوتي لامڪان ۾. +(7) +لاهوتي لامڪان جو، ساميءَ سير ڪيو +جتي رنگ نه روپ ڪو، راول تت رسيو +”ليس ڪمثلہ شيءٌ“ حسن حد نه ڪو +ڳجهه اندر ڳرهيو، احد احمد پاڻ ۾. +..... +پڇاڙيءَ ۾ سندس نهايت سريليون ۽ سوز واريون ٻه وايون ڏجن ٿيون. +(1) +مئيءَ مَ ماريجاه، ٻاروچا، رهو رات ڀنڀور ۾ +الله ڪارڻ اوٺيا، واڳون واريجا +ڏکي ڏونگر وٽ ۾، چڪي چاڙيجاه +مون سانگياڻيءَ جا سپرين، پرين پاريجاه +پيرانديءَ پنوه جي، منهنجو لوڙه ڪجاه +طالب کي، تمر چي، محبن ميڙيجاه. +(2) +هاڙي هلي روءِ، هلي روءِ، مَني پير هٿن سين +واڪا ڪيو وڻن ۾، ٿي جربون ماري جوءِ +رائي ۾ رڙيون ڪري، هن گازر گام نه ڪوءِ +آريچا اٺن تي، هيءَ تان جڏڙي جوءِ +وهڻ مون وهه ٿيو، پرينءَ پڄاڻا پوءِ +ان جا ڇڏي ڇپرين، تنهن هاريءَ هال نه ڪوءِ +الله ڪارڻ اوٺيا، ڪو پُري پنهل کي چوءِ +ڪجان غور غريب جو، ڪيچان اوري ڪوءِ +آريءَ جي اولاد جو، شل ساٿ سلامت هوءِ +ساڄن انهيءَ ساٿ سان، ڪو هوت منهنجو هوءِ +طالب کي، تمر چي، ڪو ڏس ڏيرن جو پوءِ. +مطلب ته تمر جي ساري زندگي هڪ مخفي مام آهي. دنيا ۾ اڪيلو ۽ تن تنها رهي، واحد سان ور وڌائين، ۽ آخر وڃي گورکناٿ کي گڏيو: +هيڪائي هيڪ ٿيا، اوڏا ساڻ احد +هيءَ ڇڏيائون حد، ويا مطلق محو ٿي. +________ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، ماه نومبر 1955ع تان ورتل. +[2] تمر فقير جو مختصر احوال شاه صاحب جي وفات تائين مرحوم مير عبدالحسين خان پنهنجي قيمتي تاليف ”لطائف لطيفي“ ۾ ڏنو آهي مرحوم عبدالحسين خان پنهنجي قيمتي تاليف ”لطائف لطيفي“ ۾ ڏنو آهي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب اهو ساڳيو احوال هوُبهو سنڌي ۾ نقل ڪيو آهي. مرحوم مولوي دين محمد وفائي به ساڳيوئي احوال ٿوري لفظي ڦير ڦار بعد ”لطائف لطيفي“ تان دهرايو آهي، ۽ منجهس ڪو جزوي اضافو ڪيو اٿس. مورڳو منهنجي ڏنل ”لطائف لطيفيءَ“ جو بُنڊُ به وڃائي ڇڏيائين، جو هڪ غير قابل تلافي نقصان آهي. مولوي صاحب جو خود ڪتاب ”لطف اللطيف“ نقاليءَ جو بد ترين مثال آهي. نه منجهس لکڻيءَ جي لذت آهي نه حقيقت جو حظ، بلڪ غلطين سان ڀريو پيو آهي. +[3] ، محبت فقير، جو پوءِ شاه صاحب عليہ رحمت جو خليفو ٿيو، ۽ سندس وفات بعد سيّد جمال جي مسند نشينيءَ ۾ بهرو ورتو هئائين، سو اصل سالارن جي ڳوٺ جو ويٺل هو، جو تعلقي هالا ۾ کنڊوءَ جي ڀرسان آهي. +[4] شاه حبيب جي وفات جي تاريخ هيٺين عربي عبارت مان نڪري ٿي. الموت جسر يوصل الي القاءُ الحبيب“. يعني ابجد جي حساب موجب 1155ه ۽ نه 1144هه، جيئن مرحوم مير عبدالحسين ۽ مرحوم مولوي دين محمد صاحب وفائي ڏيکاريو آهي. مير صاحب ته ”الي“ جي بدران غلطيءَ ۾ ”ل“ لکي 1144 جو انگ ڪڍيو، پر مولوي صاحب باوجود صحيح عبارت لکڻ جي حساب ڪرڻ کان سواءِ 1144 لکيو آهي. شاه لطيف جي عمر ان وقت 53 سال هئي، نه 22 سال، جيئن مولوي صاحب ڏيکاري آهي. پڻ عربي فقره جو سنڌي ترجمو غلط ڏنو اٿس (ڏسو لطف اللطيف، صفحا 109، 110) ان مان پڌرو آهي ته تمر جو تولد سنہ 1150 ۽ 1155ه جي وچ ڌاري ٿيو هوندو ۽ شايد پنجن ورهين جوم�� هوندو، جو کيس شاه صاحب جي خدمت با برڪت ۾ پيش ڪيائون. +[5] شاه صاحب 14 ماه صفر 1165هه مطابق 2 جنوري 1752ع ۾ وفات ڪئي. +[6] مرحوم مولوي دين محمد صاحب جي تحقيق موجب مخدوم محڪم الدين جو مقبرو رياست بهاولپور ۾ سماسٽا اسٽيشن جي لڳولڳ آهي. + + +بزرگ هستيون +(صحابي، ولي الله ۽ عالم سڳورا) +حضرت ابوذر غفاري رضه +شيخ عيسيٰ مسيع الاولياء سنڌي برهانپوري +شاه شهيد عنايت الله صوفي +ابوذر غفاري رضه[1] +(مختصر تبصرو) +ذوالحجہ مهيني جي اٺين تاريخ اها تاريخ آهي، ۽ جنهن ۾ رسول پاڪ عليہ الصلوٰة والسلام جي هٿ مبارڪ تي چوٿين يا پنجين بيعت ڪندڙ ۽ اسلام جي پهرئين ظاهر ظهور پرچار ڪندڙ مبلغ ۽ پهرئين اشتراڪي خيالن واري مسلم وفات ڪئي؛ جنهن بابت حضرت رسالت ماب فرمايو آهي ته ”کائنس وڌيڪ سچار انسان تي نه نيلي آسمان ڪڏهن سايو ڪيو، ۽ نه ميريءَ زمين ان جو بوجو کنيو. اها اولو العزم هستي ڪهڙي هئي جنهن جي سچ جي ڪلمي کان وڏا وڏا اصحابي ڇرڪندا هئا، ۽ جنهن جي لاڏاڻي وقت حضرت علي ڪرم الله وجہ فرمايو ته ”هاڻ دنيا ۾ ڪو به اهڙو شخص نه رهيو آهي، جو خدا جي ڳالهين ۾ لومة لائم جو ڊپ نه رکي؛ خود مان به پاڻ کي مستثنيٰ نٿو سمجهان.“ الله الله، اڄ اهڙا مڻيار ڪٿي آهن؟ اج ته ڪَچُ پيو ڪُٽجي، ۽ سچ جي هرهنڌ هار آهي: +اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي +پلءِ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران. +محل ۽ مڪان ساڳيا ئي آهن، پر ماڻهو ٻيا آهن. شاه صاحب چئي ٿو: +سَر اُهيئي ساڳيا، پکي ٻيا ٿيا +جن ٿي لميو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا +پاٽوندر، پيا، وڃي ڪينجهر ڪنڌيين. +يا جيئن هڪ شاعر چيو آهي: +اَمّا الخيام فانّها کيخامهم +واري نساء الحّي غير نساء ها. +اڄ ڪوڙ ڌنڌو ۽ ڪرت ٿي پيئي آهي. جنهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ نه اچي سو مورک ۽ سياست کان نا آشنا آهي. زندگيءَ جا قدر ۽ قيمتون قطعي ڦري وييون آهن. اڄ لينن ۽ اسٽالن جا شيدائي انهن جا سالگره ملهائين، پر اسلام جي سچي اشتراڪي، جنهن پنهنجو قول ۽ فعل قرآن پاڪ جي اڻ ٽر نسخن تي مبني ڪيو، تنهن جو اڄ نالو به ياد نه آهي. اِلله العالمين! اهڙو ڪو فضل جو ڦيرو ڪر، جو ڪوڙ جو طلسم ٽٽي پوي، ۽ سچ سير، ڪاري ٻڪريءَ جو کير ٿئي. عالم ۾ سچي مساوات جاري ۽ ساري ٿئي، ۽ غريب غربي ۽ شاهوڪار، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ امتياز نه رهي! اسلام پاڪ ته اهڙيءَ انڌيرننگريءَ لاءِ دنيا ۾ نه آيو آهي، ليڪن داغدار ماڻهن ان جي صاف چهري تي سامراجيءَ ۽ ذخيره اندوزيءَ جو بدنام داغ لڳايو. +اي گل تو دوش جامِ صبوحي کشيده اي +ما آن شقائقيم کہ با داغ زاده ايم. +هوس پرست انسانن ئي دنيا جي موهه ۾ انهي صاف پاڪ سرچشمي کي پليد ڪيو آهي. +صحيح حديث آهي ته پاڻ ڪريم جن سڀاڻي لاءِ ثمر نه رکندا هئا. حضرت ابوبڪر صديق جي مرڻ وقت بيت المال جي ڳوڻين مان فقط هڪ دينار نڪتو. حضرت عمر جي پهراڻ ۾ ارڙهن چتيون هيون. ڏڪار جي سمي ماکي مکڻ به ڇڏي ڏنائين ۽ سندس گندم گون چهرو ڪاراٽجي ويو. بيت المال جو سڀ پئسو عربستان جي مسلمانن لاءِ هو، جن جو واحد شغل هو اسلام جي نشر ۽ تبليغ لاءِ لڙايون ڪرڻ. ”اَن يکون الدين ڪّلہ الله، امّت جو هر هڪ فرد سپاهي هو، جنهن کي گهر ويٺي مقرر وِرءُ ۽ حصو ملندو هو. ذخيره اندوزيءَ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. حڪومت ئي خزاني ۾ پئسو ڪٺو ڪري، اسلام ۾ رتبي پٽاندر اهو پئسو ماڻهن ۾ ورهائيندي هئي. ڪنهن شخص حضرت عمر کي اشاري طور چيو ته: ڇو نه آئي ويل خاطر خزاني ۾ ڪجهه پئسو جمع ڪري رکو! ڪاوڙجي چيائين ته: اها ڳالهه شيطان تنهنجي دل ۾ وڌي آهي اسان لاءِ الله ۽ ان جي رسول اطاعت جو ذخيرو ڪافي آهي، جنهن اسان کي ايڏيءَ پدويءَ تي رسايو آهي. خدا شل اسان کي دولت جي شر کان بچائي! +قادسيہ جي لڙائيءَ بعد جڏهن بيشمار لٽ جو مال، غلام ٻانهيون، هيرا جواهر مديني ۾ آيا، تڏهن خوش ٿيڻ جي بدران اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. چيائونس ته: يا اميرالمومنين! هيءَ خوشيءَ جي مهل آهي، اوهين گِريو ڇو ٿا ڪريو؟ وراڻي ڏنائين ته: انهيءَ ڌن ۽ دولت ۾ مان مسلمانن جو زوال ٿو ڏسان. عمر سڳوري جي دوربين اک سڀڪجهه ڏٺو جو ٿيڻو هو. حضرت عثمان جي ڏينهن ۾ مال ميڙيءَ ۽ شاهوڪاريءَ، اسلامي امت جو اساس اکيڙي، ان جي مساواتي انتظام ۽ برتاو کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. اها زراندوزي ۽ زر پرستي هئي، جنهن جي برخلاف حضرت ابوذر رضه ڪات ڪهاڙا کنيا؛ ليڪن ان زماني جي مفاد پرستن سندس چوڻ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو ڇا ٿيو؟ حضرت عثمان جو ناحق قتل، خانه جنگي، حضرت علي جي شهادت، اُموي ملوڪيت، ڪربلا جو واقعو وغيره وغيره؛ جن اسلامي وحدت ۽ مساوات کي پاش پاش ڪري ڇڏيو، ۽ اڄ تائين شيعن ۽ سنين جي اختلافن ۽ جهڳڙن ۽ ٻين نا گفته بہ حالتن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، جيڪي اسلام پاڪ جي نالي تي اڻ سونهائيندڙ ڪلنڪ آهي. +حضرت عمر رضه جي وفات کان پوءِ حضرت ابوذر وڃي دمشق ۾ رهيو، جتي امير معاويہ، قيصر ۽ ڪسريٰ جي تقليد ڪندي ڏاڍي شان شوڪت سان رهڻ ۽ ماڙيون محل اڏائڻ لڳو. سندس عصبيت جا ماڻهو سڀ شاهوڪار بنجي پيا، ۽ غريب وڌيڪ مفسلي ۾ پيڙجڻ لڳا. اها حالت ڏسي ابوذر مساوات ۽ اخوّت جو غلغلو مچايو. ابن الاثير پنهنجي تاريخ ۾ ماحول جو صحيح نموني ۾ هن طرح مختصر نقشو چٽيو آهي: ابوذر جو رايو هو ته ڪنهن به مسلمان وٽ ڏينهن رات جي قوت کان سواءِ زياده نه هئڻ گهرجي يا ايترو هجي جو الله جي واٽ ۾ دان ڪري. هو قرآن ڪريم جي ظاهر تي هلندو هو. ”وَالّتينَ يکنزون الذّهب وَلفضّة وَلا يَنفقونها في سبِيل الله فَبشّرهُم بعذابِ اَلِيم (چي! اهي جي سون چاندي ميڙي ڍڳ ڪن ٿا ۽ الله جي واٽ ۾ نٿا خرچين، تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري ڏي) ۽ شام جي گهٽين ۾ بيهي وڏي واڪي چوندو هو ”يا معشرا لاغَنياء وَالفقراء! بشرّالذين يکنزون الذهب وَالفضّہ ولا ينفقونها في سبيل الله بمکاو من نار تکوي بها جباههم وَ جنوبهم وظهور هُم.“ يعني: اي شاهوڪارن ۽ غريبن جي جماعت! انهن ماڻهن کي جي سون ۽ چاندي ميڙي ڍڳ ڪن ٿا ۽ خدا جي واٽ ۾ نٿا خرچين، تن کي خبر ٻڌايو انهن باه جي سيخن جي، جن سان سندن پيشانيون ۽ پاسا ۽ پٺيون ڏنڀيون وينديون (۽ اهڙي طرح ٻيون قرآني آيتون، جن ۾ مال ميڙيندڙن لاءِ سخت ڀلڪار آهي.) سندس انهيءَ وعظ تي ڪيترا غريب ۽ مفلس سندس پوئلڳ ٿي پيا، جن شاهوڪارن کي تپائي کنيو، ۽ سندن آرام ڦٽائي ڏنائون. مالدارن امير معاويہ وٽ شڪايت ڪئي، جنهن ابوذر جي امتحان وٺڻ لاءِ ڏانهنس آڌي رات جو هڪ هزار دينار خرچ لاءِ ڏياري موڪليا. صبح جو نماز بعد امير معاويہ انهيءَ ماڻهو کي گهرايو، جنهن جي هٿان ابوذر ڏي پئسا ڏياري موڪليا هئائين. چي: ابوذر وٽ وري وڃ، چئينس ته مون کي پئسا موٽائي ڏي، ڇاڪاڻ جو مون اهي توکي ڀل ۾ ٻئي جي بدران ڏنا هئا، نه ته معاويہ منهنجو ڇوڙو به لاهي ڇڏيندو. اهو ماڻهو ابوذر وٽ لنگهي ويو، جنهن تي ابوذر ٻڌايس ته ”پٽڙا! وڃي چئينس ته اسان وٽ تنهنجي دينارن مان پائي به ڪانه بچي آهي. اسان کي ٽي ڏينهن مهلت ڏي ته چندو ڪري ڏيونءَ،“ +جڏهن معاويہ ڏٺو ته ابوذر پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچو آهي، تڏهن حضرت عثمان کي لکي موڪليائين ته ”ابوذر مون کي تمام تنگ ڪيو آهي، منهنجي ان مان جند ڇڏا��ِ.“ حضرت عثمان رضه لکي موڪليس ته ”فتني پنهنجو نڪ ۽ اکيون ٻاهر ڪڍيون آهن، ۽ قريب آهي ته ڇال ماري. تنهن ڪري وڌيڪ ڦٽن تي لوڻ نه وجهه ۽ ابوذر کي هڪ بورائي سان گڏ مون ڏي اُماڻ، ۽ پاڻ کي توڙي ماڻهن کي وسعت آهر قبضي ۾ رک.“ جڏهن ابوذر مديني پهتو تڏهن ڇا ڏسي ته ماڻهن جا انبوه جبل جي پاڙ ۾ سندس مرحبائي لاءِ ويٺا آهن، جنهن تي چيائين ته ”مديني جي ماڻهن کي پکڙندڙ ڪاه ۽ اڻ وسرندڙ جنگ جي خوشخبري ڏي.“ جڏهن حضرت عثمان وٽ لنگهي آيو، تڏهن چيائينس ته ”اي ابوذر! شام جي ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو تنهنجي تيز زبانيءَ جي شڪايت ڪن ٿا؟“ سارو قصو ڪري ٻڌايائينس. تنهن تي حضرت عثمان چيس ته ”اي ابوذر! مون تي فرض آهي ته جيڪي مون تي لازم آهي سو ادا ڪريان ۽ رعيت کي اجتهاد ۽ اقتصاد ڏي سڏيان، ۽ مون تي اهو فرض ناهي جو کين زهد تي مجبور ڪريان.“ +انهيءَ حجّت بازيءَ جو نتيجو آخر اُهو نڪتو، جو ابوذر کي مديني مان شهر نيڪالي ملي ۽ عمر جا پويان ڏينهن مديني کان ٽي ميل پري ”رَبذه“ جي ويراني ۾ بسر ڪيائين. پڇاڙيءَ جو مرڻ وقت سندس گهر ۾ ايترو ڪپڙو ٽڪر نه هو جو سندس ڪفن ٿئي. آخر سندس اڳڪٿيءَ موجب هڪڙي اُٺ سوار اتان اچي لنگهيا، جن سندس ڪفن ۽ دفن جو بندوبست ڪيو. هڪ جوان انصاري کيس غسل ڏنو ۽ پنهنجي هٿ سان ڪتيل کٿي ۾ کيس ڪفنيائين. حضرت عبدالله بن مسعود، جو اتفاق سان ڪوفي کان حج جي ايرادي سان هت اچي پهتو هو، تنهن مٿس جنازي نماز پڙهائي ۽ اکين جي بارش سان سندس قبر کي آلو ڪيو. +ستا سي سونهن، جي هئا ڪو ڏيا ڪاڪ جا +لڊوڻيان، لطيف چئي، لڏيو لوڌيئڙن +سي موٽي مسّ اچن، جي آتڻ آرامي ٿيا. +(هي مختصر احوال موقعي آهر لکيو اٿم. اميد ته ٻئي سال جي حياتيءَ بقا ڪئي ته سڀئي تاريخ ۽ حديث جا ڪتاب سوجهي. حضرت ابوذر جي پُرواقعات زندگيءَ تي سڀني ناحيتّن کان روشني وڌي ويندي، والله علي ما نقول وڪيل.) +__________ +شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء سنڌي برهانپوري [2] +”باز خوان اين قصہءِ پارينہ را“ +ڪنهن سمي سونهاري سنڌڙي علم ۽ عمل جو گهر هئي. سندس سلڇڻا سپوت اسلامي دنيا جي هر گوشي ۾ ڪلام الله ۽ ڪلام الرسول جو درس پڙهائيندا هئا، انهن مان ڪيترائي محبوب ربانيءَ جي ملڪ ۾ آرامي آهن. ڪن وري هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي واسو ڪيو ۽ روحانيت جي تعليم ڏني. انهن مان اڪثر ڪڇ ڀڄ، احمدآباد ۽ دکن ۾ دفنيل آهن. انهن سڀني جو جيڪڏهن وستار ڪجي ته هڪ وڏو دفتر ٿي پوي. رڳو ”عيسيٰ“ جي نالي ئي ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي سڳنڌ پر انهن ديسن کي واسي رهي آهي. عيسيٰ جندالله سنڌيءَ جو ڪنهن نالو نه ٻڌو هوندو؟ هتي اسين ”شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء“ جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا. +گذريل فبروري جي آخر ۽ مارچ 1954ع جي اوائل ۾ پشاور وڃڻ ٿيو، جتي ”ڪل پاڪستان تاريخي“ اجتماع ۾ شموليت جو شرف حاصل ڪندي اسلاميه ڪاليج جي ڪتبخاني ۾ ڪن قديم قلمي نسخن ڏسڻ جو موقعو مليو. انهيءَ ڪتبخاني ۾ هونءَ ته گهڻا ئي نادر ۽ نفيس علمي ذخيرا آهن، پر منهنجي نظر شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء سنڌيءَ جي فارسي ملفوظات تي وڃي پئي. پوءِ ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي پڇاڙي وارو ڏينهن انهيءَ جي پڙهڻ ۾ صرف ڪيم، ۽ ان مان ضروري فقرا چونڊيم، جي ”حضرت مسيح الاولياء“ جي سر گذشت بابت آهن. سندس صوفياڻن نڪتن ۽ روحاني رمزن کي ڇڏي ڏنم، جو انهن جي اُتاري لاءِ وقت نه هو مگر سڄو ڪتاب شايع ڪرڻ جي لائق آهي. +ڪتاب نهايت خوشخط آهي. ڪاتب جو نالو نعمت الله آهي، جنهن ان کي 1103 هجري ۾ اصل تان نقل ڪيو. ملفوظات جو جامع هڪ سنڌي بزرگ ابوالفرح سراج الدين اسماعيل بن محمد سنڌي القادري الشطاري آهي، جو حضرت مسيح الاولياء جو خاص مريد هو، هن اهو ڪتاب 1020 هجري ۾ شروع ڪيو ۽ 41 سالن جي دير مدار بعد 1061 هجري ۾ تمام ڪيائين، ۽ سندس نالو ”ڪشف الحقائق“ ڌريائين. ڪتاب جي ديباچي ۾ هن طرح رقم طراز آهي: ”جيئن ته اڪثر اوقات حضرت مسيح الاولياء جي زبان مبارڪ مان درس جي مسند تي ۽ ٻين موقعن جي اثناء ۾ سير ۽ سلوڪ جي باري ۾ عجيب نڪتا ۽ غريب اشارا نڪرندا هئا. منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته ڇو نه ڪو سندن فاضل مريدن مان انهن صاف گوهرن ۽ بي بها موتين کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي ته طريقت جا ارباب ۽ حقيقت جا اصحاب انهي مان بهرور ٿين. گهڻو زمانو گذري ويو پر ڪنهن کي به همت نه ٿي ته انهيءَ سڳوري ڪم ۾ هٿ وجهي. تنهنڪري جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو تيئن تيئن سندن باريڪ نڪتا ۽ اعمال ماڻهن جي دلين تان ميساريا پئي ويا، تنهنڪري هن حقير باوجود ڪم بضاعتيءَ جي اهو ڪم 1020 هجري ۾ پاڻ تي کنيو ۽ انهيءَ ملفوظات جو نالو ”ڪشف الحقائق“ ڌريو ۽ ان کي پنجن بابن ۾ مرتب ڪيو: +باب پهريون، سندن اباڻو وطن ۽ سندن اُتان لاڏاڻو، ولادت ۽ تحصيل. +باب ٻيو، حق جي طلب ۽ مرشد جي تلاش. +باب ٽيون، اشارا ۽ نڪتا، جي سندن معجز بيان زبان مان وقت بوقت صدورو ۾ ٿي آيا. +باب چوٿون، معاملات، مڪاشفات ۽ تصرفات. +باب پنجون، حضرت مسيح الاولياء کي 11 صديءَ جو مجدد ثابت ڪرڻ. +شيخ عيسيٰ جو حسب ۽ نسب. شيخ عيسيٰ بن حضرت شيخ قاسم بن حضرت شيخ يوسف بن حضرت ملا رڪن الدين بن حضرت شيخ معروف بن حضرت شهاب الدين سنڌي مد ظلہ. +شيخ عيسيٰ جو پايو ايتري قدر بلند هو. جو کيس هيٺين لقبن سان سڏبو اٿس: غوث العارفين قطب الموحدين، قدوة المتخلقين، زبدة المدققين، سيد المفسرين سند المحدثين، زينت العلماء، مربي الفقراء مسيع الاولياء،ابوالبرڪت،عين العرفان ۽ شيخ المشائخ.ايڏي، رتبي ڪري کيس 11 صدي هجري جو مجّدد ڪري سڏيو اٿن. جيئن حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريمن صلعم فرمايو آهي ته: هر صدي جي منڍ ۾ الله تعاليٰ هن امت لاءِ (پنهنجي ڪامل ولين مان) هڪ اهڙو شخص پيدا ڪندو جو سندس دين متين جي تجديد ۽ اصلاح ڪري. +شيخ عيسيٰ جو اصلي وطن. شيخ عيسيٰ جو اباڻو ڏاڏڻو وطن سنڌ جو مشهور ڳوٺ ”پاٽ“ آهي، جو پڻ سندس وڏن جو ٻڌايل آهي. +پاٽ مان لڏڻ جو سبب. جڏهن همايون بادشاه جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري 947، 950هه) چوڌاري تفرقو پئجي ويو، ۽ بد اَمني وڌي ويئي، تڏهن عيسيٰ جو والد ماجد ۽ والده مڪرمہ ۽ چاچو شيخ طاهر، جو وقت جو وڏو محدث ۽ عالم هو ۽ ٻيا ڪيترا عزيز ۽ خويش، پنهنجو پيارو وطن ڇڏي احمد آباد ڏي راهي ٿيا. +احمدآباد ۾ رهائش. انهن ڏينهن ۾ اُتي حضرت غوث العالم شيخ محمد غوث قدس سره جو انهيءَ شهر ۾ وڏو ڌاڪو هو. شيخ طاهر به زيارت جي خيال کان حضرت غوث العالم جي خدمت ۾ ويو. جڏهن حضرت غوث جي شيخ طاهر تي نظر پئي، تڏهن فرمايائون ته سندس شيشو نهايت صاف آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ان ۾ شراب پئي. شيخ طاهر کي اهي لفظ نه آئڙيا. پاڻ صاحب تقويٰ جو هو، ۽ دل ۾ چيائين ته اهڙي بزرگ کي ڀريءَ مجلس ۾ ”ام الخبائث“ جو نالو وٺڻ نه جڳائيندو هو. تنهن ڪري وري حضرت غوث العالم جي ملاقات لاءِ نه ويو، ۽ ستتئي ساري قبيلي سميت دکن ڏي رخ رکيائون. اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيائون ته واٽ تي هڪڙو واه اڳيان آين، جو مينهن جي غلبي ڪري سخت طغيانيءَ ۾ هو. ڀرسان هڪڙو ڳوٺڙو هو، جتي هفتو کن رهجي پيا، پر واه جو جوش ڍرو ئي نه ٿئي. ماڻهن کان معلوم ٿين ته اڳي اهو ڪڏهن اهڙو ڇڙهه نه وهيو آهي. نيٺ لاچار ��ي وري احمدآباد ڏي وريا، جتي ٻيهر شيخ طاهر جو حضرت غوث العالم جي خدمت ۾ وڃڻ ٿيو. جڏهن حضرت غوث العالم جي اک شيخ طاهر تي پيئي، تڏهن فرمايائون ته ”تون ته وئين ٿي پر اسان توکي نه ڇڏيو“. انهن لفظن مان معلوم ڪيائين ته واه جو غير معمولي ڇڙهه حضرت غوث العالم جي تصرف ڪري هو. پوءِ ته شيخ طاهر حضرت غوث العالم جي صحبت ۾ رهي پيو، ۽ طريقت جا سڀيئي مقامات سندن خدمت ۾ طيء ڪيائين، ۽ چوڏهين پيڙهين جي خلافت جو درجو حاصل ٿيس. +دکن ڏي روانگي ۽ برهانپور ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ. +انهيءَ بعد حضرت غوث العالم کان موڪلائي دکن ڏي روانا ٿيا ۽ برار علائقي جي شهر ايرجپور ۾ لڏو لاٿائون. اُتان جو حاڪم ۽ ٻيا رهواسي حضرت شيخ قاسم ۽ شيخ طاهر جي صحبت بابرڪت مان گهڻو فيضياب ٿيا. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“، ماه آگسٽ 1957ع تان ورتل. +[2] ماهنامي ”نئين زندگي“ ماه آگسٽ 1954ع تان ورتل. + + +شيخ عيسيٰ جي ولادت ۽ اوائلي تعليم. حضرت مسيح الاولياء جو تولد به هن ئي شهر ۾ تاريخ 5 ذوالحجة 962هه (يا 963هه) ڌاري واقع ٿيو ۽ سندس نالو عيسيٰ رکيو ويو. ننڍي هوندي کان وٺي ذهن ۽ ذڪاء جو صاحب هو ۽ 9 ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف حفظ ڪري ورتائين. متداول ڪتاب پنهنجي والد سڳوري ۽ شيخ يوسف بنگاليءَ وٽ پڙهيائين، ۽ حديث جا علوم پنهنجي چاچي بزرگوار شيخ طاهر وٽان حاصل ڪيائين. جڏهن سندس پيءُ تاريخ 5 محرم 981 هجري ۾ وفات ڪئي، تڏهن پنهنجي چاچي بزرگوار ۽ قبيلي جي سڀني ماڻهن ۽ ٻين سنڌين سميت ايرجپور مان لڏي برهانپور جي وسندڙ شهر ۾ اچي رهڻ لڳا. اهو پاڙو ئي اڄ ڏينهن تائين ”سنڌي پورا“ جي نالي سان مشهور آهي. +علم جي طلب ۽ رياضتون. ان کان پوءِ حضرت مسيح الاولياء جو خيال ٿيو ته علم جي طلب ۾ سفر ڪري، ۽ سلوڪ ۽ مجاهدي جي راه ۾ قدم ڌري. گواليار ۾ سيد ڪپور حسيني جي زيارت ڪندي احمدآباد ويو، جتي حضرت غوث العالم جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪيائين، ۽ دلي لذت ۽ حلاوت حاصل ٿيس. تنهن کان پوءِ اڪبرآباد ۾ پهچي قاضي جلال الدين ملتاني جي صحبت ۾ رهيو، ۽ وٽانئس تعليم حاصل ڪري، فقر ۾ عالي درجو پاتائين ۽ توڪل جي پوري معنيٰ حاصل ٿيس. ”التوڪل هوالفرار ۽ من التوڪل“ (توڪل جي معنيٰ آهي توڪل کان ڀاڄ). +مرشد وٺڻ. ان بعد جڏهن ملا عثمان حڪيم صديقي سنڌي برهانپور ۾ آيو، تڏهن چاچيس گهرائي ورتس، جنهن وٽان عقلي ۽ نقلي علوم حاصل ڪيائين. ليڪن سندس دل جو لاڙو هميشہ روحانيت ۽ طريقت ڏي هو. هڪ ڏينهن شهر جي چبوتري تي ويٺو هو ته زماني جو روحاني بزرگ حضرت شيخ لشڪر محمد عارف اتان اچي لنگهيو. شيخ عيسيٰ کي ڏسنديئي ماڻهن کان پڇيائين ته هي ڪير آهي؟ جڏهن معلوم ٿيس ته شيخ طاهر محدث جو ڀائيٽيو آهي، تڏهن گهوڙي جي واڳ واري وٽس هلي ويو ۽ چيائين ته: اوهين ته اسان جا آهيو، ۽ پوءِ ڇو نٿا اچو؟. ائين چئي رمندو رهيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ شيخ عيسيٰ سندس حلقي ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ سندس صحبت مان وڏو فيض پرايائين. پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ وڏا مقامات ۽ مڪاشفات ۽ تصرفات حاصل ٿيس. سندس پرهيز ۽ تقويٰ ۽ علميت جي ساراه هر هنڌ پکڙجي وئي. +حاڪمن وٽ عزت. امير ڳڙه جي فتح بعد (1008هه) اڪبر بادشاه کيس پنهنجي گاديءَ اڪبر آباد ڏانهن وٺي ويو، جتي سندس وڏو احترام ڪيو ويو. ميرزا خان خانان سندس خدمت ۾ ايندو ويندو هو، پر اڪثر اوقات ناڻي جون وڏيون رقمون سندس خدمت ۾ هديه طور موڪليندو هو، پر حضرت مسيح الاولياء پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندو هو. سندس گهر واري بيبي خديجہ هميشہ ائين ڀائيندي هئي ته سندس ڀتار ڪو وڏو شاهوڪار آهي. پر حقيقت ۾ وٽس پائي به ڪانه رهندي هئي. مرڻ وقت چار پنج سؤ قرض ڇڏيائين، جي پوءِ سندن فرزندن ادا ڪيا. هڪ وڏي مسجد ۽ ٻه مدرسا اڏايائين، پر چندو ڪنهن کان به نه ورتائين سنڌين جي هميشہ پر گهور لهندو هو. +شيخ عيسيٰ جو علمي رتبو. پاڻ وقت جو جيد عالم هو. +تصّوف تي سندس تصنيف ”عين المعاني“ نالي مشهور آهي. سندس ملفوظات ۾ وحدت الوجود ۽ تصّوف جا ٻيا به ڪيترائي باريڪ مسئلا حل ٿيا آهن، جن جي بحث جي هتي گنجائش ناهي. +شيخ عيسيٰ جي وفات. حضرت مسيح الاولياء 15 شوال 1031 هجري ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وصال جي تاريخ ”هادي اعظم“ ۽ ”فيض عالم“ مان نڪري ٿي. +_______ +شاه شهيد عنايت الله صوفي [1] +حسب و نسب. شاه عنايت الله ابن مخدوم فضل الله ابن ملا يوسف ابن ملا شهاب الدين ابن ملا آجب ابن مخدوم صدو لانگاه رحمهم الله اجمعين[2]. +مخدوم صدو لانگاه ويٺل شهر نصريہ، پرڳڻو بٺورو، وقت جي وڏن مشائخن مان ٿي گذريو آهي. ايتري قدر دنيوي پڌارٿن جو تارڪ هو، جو رات جو پاڻيءَ جا مٽ به هارائي ڇڏيندو هو، چي ”نئون ڏينهن، نئون رزق“. مٽيارين جا سيّد به اوائل ۾ سندس ارادتمند سندس فرزند ملا آجب به ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي، ۽ سخت موحد ۽ متوڪل هو. هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ڏي ٿي ويو. ٽپهريءَ وقت درياه جي ڪناري پهتو ته پتڻ جي ٻيڙي پور کڻي پريين پار نڪري ويئي هئي. خادمن چيس ته قبلا سياري جي موسم آهي بهتر آهي ته رات ڀر واري ڳوٺڙي ۾ گذاريون، صبح ٿئي ته پار هلنداسين وراڻي ڏنائين ته خير رات هتي ئي گذري ويندي اڃا رات جو لمحو کن مس لنگيو ته خدا جي قدرت سان درياء ڪر ڏيئي ڪَسِي ٿي پيو ۽ منجهانئس آواز آيو ته ”اي شيخ! جيڪڏهن پار لنگهڻ جو ارادو اٿيئي ته اجها واٽ.“ پاڻ قبول نه ڪيائين. تنهن تي بار بار اهڙو آواز پاڻيءَ مان آيو، جو سڀني جي ڪن تي پيو. پاڻ چيائين ته ”اسان کي خدا تي توڪل آهي، ۽ نه تنهنجو ڀروسو“. ملا آجب جو فرزند ملا شهاب الدين پڻ هڪ صالح ۽ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي سندس پٽ ملا يوسف پنهنجي فقر ۽ توڪل ڪري مشهور هو، کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم فضل الله پڻ هڪ بي رياء درويش ٿي گذريو آهي ۽ پنهنجي آباء ۽ اسلاف جي طريقي تي هلندڙ هو. +اوائلي احوال. شاه عنايت الله جي زندگي جو ابتدائي احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي ۽ نڪي ڪي سندس ولادت باسعادت جي پروڙ پئجي سگهي آهي. شايد جهوڪ شريف جي نهايت لائق ڳڻن ڀرئي موجوده سجاده نشين صوفي عبدالستار ثاني صاحب وٽ ڪو قديم ذخيرو يا ملفوظات هجي، جنهن مان اها خبر پئجي وڃي. پر وقت تنگ هئڻ سبب ساڻس انهيءَ باري ۾ مراسلت ڪري نه سگهيو آهيان. مون ڏي پاڻ لکيو هئائون ته اسين شاه شهيد جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪلام ڪٺو ڪري رهيا آهيون، پر اڃا تائين سندن ڪاوش جو ڪو نتيجو ڪونه نڪتو آهي. +طلب ۽ رياضت. بهر حال اهڙي روحاني فضا ۾ سڀاويڪ آهي ته شاه عنايت الله جو دلي رجحان هميشہ حق ڏي هو، ۽ حق جي تلاش ۾ گهڻا ئي سير ۽ سياحتون ڪيائون ۽ رياضتون ڪڍيائون. ورهين جا ورهيه سفر جا ڏاکڙا ڪڍندي، فقر ۽ فاقا سهندي آخر ٻين ٽن سنگتين سان گڏ وڃي دکن کان نڪتا ۽ اتي بيجاپور ۾ سيّد عبدالملڪ شاه قادري (متوفي 10 محرم 1111هه)[3] وٽان تلقين ورتائون، پنهنجي مرشد جي اشاري تي ڏاڍيون سخت رياضتون ڪڍيائون ۽ چلا پچايائون، تان جو سنديس صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيا ۽ فقيريءَ جي سند حاصل ڪيائون، ۽ سڀني مشائخن تي سروري پاتائون. ساڳئي وقت شاھ عبدالملڪ جي خدمت ۾ قديم دهليءَ (شاه جهان آباد) جو صوفي شاه غلام محمد به هئو، جنهن وٽان ظاهري علمن جي تحصيل ڪيائون. +سنڌ ۾ موٽي اچڻ. سڄا سارا ٻارهن مهينا پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ گذاري جڏهن رخصت ورتائون، تڏهن شاه عبدالملڪ سندن سنگتين کي تسبيح، مصلو ۽ ڪَرو، تحفي طور ڏنو ۽ کين هڪ ترار جوهردار امداد ڪري، پڇيائين ته ”فقير! هن سوغات جي ڪهڙي قيمت ڏيندين؟“. شاه ڪنڌ جهڪائي چيو ته ”بنده پرور، انهيءَ جي قيمت هي سر آهي.“ +سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد +اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد. +اهو سر جو سودو سٽي، واپس سنڌ ۾ آيا ۽ ٺٽي شهر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا، ۽ ذڪر فڪر ۾ اوقات بسر ڪرڻ لڳا. رفته رفته سندن بزرگيءَ ۽ ڪرامت جو آواز بلند ٿيڻ لڳو، ۽ ڪيترائي ماڻهو دور دراز مسافريون ڪري سندن حلقي ۾ داخل ٿيڻ لڳا. اوسي پاسي وارن پيرن جا مريد پنهنجن موروثي مرشدن کي ڇڏي اچي سندن ارادتمند ٿيا. خصوصاً بلڙي درگاه جي ڪريم پوٽي سيّد عبدالواسع کي گهڻي خار لڳي، جو ان جا معتقد پڻ کانئس منهن موڙي اچي شاه عنايت جي جماعت ۾ شامل ٿيا. +عين انهيءَ وقت جڏهن ظاهري عالمن ۽ موروثي پيرن ۾ شاه عنايت جي خلاف چوپچو شروع ٿي هئي، تڏهن صوفي شاه غلام محمد به دکن مان پنهنجي مرشد کان حقيقت ۽ معرفت جو اجازو وٺي اچي ٺٽي ۾ وارد ٿيو. هو شاه عنايت سان مريديءَ جو دم ڀريندو هو ۽ تعظيم وچان کيس تحيت جو سجدو ڪندو هو. جڏهن اها ڳالهه ٺٽي جي فقهين جي ڌيان تي آئي، تڏهن هو شاه غلام محمد کي شرعي تعزير ڏيڻ لاءِ آماده ٿيا. ليڪن شاه عنايت الله جي فرمودي تي هو ٺٽو ڇڏي شاه جهان آباد (پراڻي دهلي) ڏي روانو ٿي ويو، جتي وڃي خانقاه کڙي ڪيائين ۽ هزارين ماڻهن وٽائنس فيض پرايو. ڪيترائي سنڌ جا ماڻهو سندن مريد ٿيا ۽ احمد نالي پير آسات جي اولاد مان سندن لنگر هلائيندو هو. +جهوڪ وسائڻ. انهي حادثي بعد شاه عنايت الله جن لڏي وڃي ميرانپور (جهوڪ) ۾ ويٺا. اتي اهي وحدت جا واهڙ وهايائون، جو وقت جا والي ۽ وڏيرا، فقيرن جي جلالي ڏسي پيا اندر ۾ جلندا ۽ پچندا هئا، ۽ کين ايذائڻ جا وجهه ڳوليندا هئا. آخر ساڙ وچان ڪريم پوٽي سيّد عبدالواسع وڃي ٺٽي جي مغلي ناظم مير لطف علي خان (1125، 1128هه) وٽ صوفي صاحب جي برخلاف پڪاريو، جنهن بنا جاچ جوچ جي نورمحمد پليجي زميندا کي هُشِڪاريو ته سيدن جي حمايت ڪري. هڪ دفعي اوچتو ئي اوچتو ڪيترائي مخالف هجوم ڪري وڃي فقيرن تي ڪڙڪيا. گهڻا ئي درويش پنهنجي مرشد جي بچاءُ ۾ ناحق شهيد ٿي ويا، پوءِ شاه عنايت جي مشوري سان شهيدن جا وارث هڪ وفد ٺاهي مغل شهنشاه فرخ بيگ 1124، 1131هه) جي درٻار ۾ دهلي پهتا، جتان شرعي قاعدي موجب قاتلن جون سموريون زمينون خون بها ۾ شهيد ٿيل فقيرن جي وارثن کي مليون. +هن واقعي کان پوءِ شاه عنايت ۽ سندس فقيرن جو رسوخ اڳي کان به اڳرو ٿيڻ لڳو. ڪيترائي غريب غربا ۽ ٻيا ماڻهو مغلي آفيسرن جي ظلم کان ستائجي فقيرن جي پناه هيٺ آيا ۽ سرسبز ۽ آباد ٿيا. هاڻي جو فقيرن جون زمينون نورمحمد پليجي ۽ ٻين سڻڀن آسامين، جهڙوڪ حمل پٽ لاکو جت جي جائداد اندر هيون، تنهن ڪري روز بروز باهمي رقابت ۽ عداوت زور وٺندي ويئي، ۽ اهي خبيث دنيا پرست، فقيرن جي آهي لاءِ کڏون کوٽڻ لڳا. ويتر صوفين جي ”همہ اوست“ واري نعري هڻڻ ڪري ڪي وقت جا عالم به ساڻن بگڙجي پيا. +ان وقت ٺٽي جو اڳيون ناظم لطف علي خان معزول ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي نواب اعظم خان دهليءَ جي پاران مقرر ٿيو هو. سندس اٽڪل چئن سالن جو عرصو اهل سنڌ لاءِ نحوست جو زمانو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو ته ان ۾ حضرت حق شناس شاه عنايت الله جي شهادت جو واقعو پيش آيو. +شاه عنايت جي شهادت. نواب اعظم خان نظامت جون واڳون وٺنديئي اچي ٻا��ڻ ٻاريو. حاسدن جي چرچ تي هن صوفين کان زمينن تي ڍل وٺڻ جي تقاضا ڪئي. صوفين صاف جواب ڏنو ته اهي زمينون اسان کي باد شاه وٽان معافي مليل آهن، تنهن ڪري اسان ڪنهن به صورت ۾ ڍل نه ڀرينداسون. نواب اعظم خان کي فقيرن جي نابري تي سخت غصو آيو، ۽ انهيءَ تي هيڪاري سندن مخالفن کي وير وٺڻ لاءِ وجهه ملي ويو. سو وڃي نواب صاحب کي برغلايائون ته صوفي حڪومت جي پرواه نه ڪري پنهنجي صاحبي قائم ڪرڻ ٿا گهرن. نواب اعظم خان اها روئداد فرخ سير ڏي رواني ڪئي، جنهن هٿ جي ڪٽ پتلي حڪم صادر ڪيو ته فقيرن جي حڪدم پاڙ پٽي وڃي. تحفةالڪرام واري چيو آهي ته انهيءَ منصوبي ۾ هڪ سنڌي سيّد شاه سراج الدين جو پڻ هٿ هو، جو دهلي درٻار ۾ هڪيوتڪيو حاضر هوندو هو، ۽ اتي گهڻي هلندي هيس. هن ڳالهه ڏانهن شاه عنايت جي وڏي خليفي مير جان الله شاه روهڙيءَ واري پڻ پنهنجي شعر ۾ اشارو ڪيو آهي: +ترسيد زين کہ ملکش فقير تارڪ +يا رب نعوذ بالله زين عقل روسيائي. +مطلب ته نواب اعظم خان سنڌ جي سڀني برآوردن کي سڏ ڪيو ته هن قبيح ڪم ۾ ساڻس ساڻي ٿين. پوءِ يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين صوبن جي امداد سان هڪ شاهي ڪٽڪ ڪٺو ڪري فقيرن تي ڪاهي ويو ۽ سڄا سارا چار مهينا سندين بستي کي گهيري ويٺو. فقير به هزارن جي تعداد ۾ پتنگن وانگي پنهنجي شمع راه مرشد تان قربان ٿيا. اونداهين راتين جي پردي ۾ غنيم جي لشڪر تي شبخون هڻي، انهن کي اهڙو ته تنگ ڪيائون، جو ذري گهٽ محاصرو کڻڻ تي هئا. اتفاقا هڪڙي رات جو ڪو فقير ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ جوش ۾ الله اڪبر! جو نعرو هنيائين، تنهن تي سڀني ساٿين نعري جي پڪار ڪئي ۽ پڌرا ٿي پيا، دشمنن کي به لڳي ويئي ساڄي، سو سڀني کي ويڙهي ويا ۽ گهڙي کن ۾ سڀني کي ڍيري ڪري رکيائون. ليڪن گهيري اندر فقيرن سان پڄڻ محال هو سو دل ۾ دغار کي ميان محمد خان ول يار محمد ڪلهوڙو ۽ مير شهداد خان ٽالپر فوج جو سپہ سالار، قرآن ميڙ ڪري شاه عنايت الله وٽ مصالحت لاءِ ويا شاه عنايت الله الاهي ڪلام جي عزت ڪري ساڻن گڏجي، نواب اعظم خان جي ڪچهري ۾ ويو، جتي ڪن سوالن جوابن بعد کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. +چون ٿا ته جڏهن هن عاشقن جي امام تي جلاد ترار جي وار ڪئي، تڏهن اها بي اثر ثابت ٿي. اها حالت ڏسندي پاڻ پنهنجي مرشدن واري ترار گهرائي جلاد جي حوالي ڪيائون ۽ کيس فرمايائون ته هن شمشير سان اسان کي شهيد ڪر. پوءِ کيسي مان ڪجهه اشرفيون ڪڍي کيس ڏنائون، چي هي اٿيئي تنهنجي محنت جو اجورو، شهادت وقت سندن منهن مبارڪ مان حافظ جو هيٺيون بيت نڪتو: +رها نيدي مرا از قيد هستي +جزاڪ الله في الدارين خيرا. +(مون کي هوئڻ جي قيد کان آجو ڪيئي، شل خدا تعاليٰ ٻنهين جهانن ۾ تنهنجو ڀلو ڪري!) +هي دل ڏاريندڙ واقعو تاريخ 9 صفر 1130هه تي ٿي گذريو. مير علي شير قانع هيٺين فقرن مان سندن وصال جي تاريخ ڪڍي آهي: +(1) قتلواه يقيناً بل رفع +(2) آه مظلوم حق +فارسيءَ واري ڪهڙو نه چڱو چيو آهي: +بنا کردند خوش رسمي بخون و خاک غلطيدن +خدا رحمت کند آن عاشقان پاک طينت را. +شاه عبداللطيف جو ان وقت اٺاويهن ورهين جو هو، ۽ احتمال آهي ته سندن روحاني جاه و جلال جو جلوو ڏٺو هئائين، تنهن پڻ ڪيترن ئي بيتن ۾ انهيءَ حادثي ڏي اشارو ڪيو ٿو ڏسجي. مثلاًً +اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين +آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين +جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. +ليڪن اهڙا عاشق جن الله جي واٽ ۾ سر ڏنو، سي هميشه جيئرا آهن ۽ جيستائين هي جهان جاري آهي تيستائين سندن نالو جڳان جڳ پيو ڳائبو! +هرگز نميرد آنکہ دلش زنده شد بعشق +ثبت است بر جريدهءِ ��الم دوام ما. +سندس درگاه تي سال بسال 17 صفر جي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ هند جا زائر ۽ دلق پوش ۽ صاحب حال درويش اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ اهڙي ته موج ۽ مستي لڳندي آهي جو ”عدم جا ارواح به رقص ۾ اچي ويندا آهن.“ +سندن اولاد مان ڪيترائي صاحب ڪمال ۽ قلندر پيدا ٿيا آهن، جهڙوڪ شاه عزت الله ۽ شاه سلام الله. موجوده سجاده نشين پڻ هڪ فضيلت جو صاحب نيڪ، متقي ۽ ديندار شخص آهي. پڻ سندن فيض مان ڪيترائي اهل الله ۽ شاعر مستفيض ٿيا آهن. جهڙوڪ صديق فقير، سيّد مصري شاه، سيّد رکيل شاه ۽ فقير نصير، جن جو هِت ذڪر ڪرڻ طوالت جو باعث ٿيندو، ڪثرالله امثالهم. +_______ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي،“ فبروري 1957ع تان ورتل. +[2] هي احوال تصرف سان تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، الوحِيد سنڌ آزاد نمبر ۽ نواب حاجي محمد علي تاجپوريءَ جي چوپڙيءَ تان ورتو ويو آهي. +[3] انهي مان پڌرو آهي ته شاه عنايت ۽ سندس ساٿين جو شاه عبدالملڪ وٽ وڃڻ سندس آخري عمر واري زماني ۾ ٿيو هوندو. جنهن صورت ۾ شاه عبدالملڪ جي وفات ۽ شاه عنايت جي شهادت ۾ 19 ورهين جو ويڇو آهي، تنهن صورت ۾ شڪ آهي ته ظاهري عالمن ۽ ٻين حاسدن ڪيئن شاه عنايت کي ايترو وقت جيئڻ ڏنوهوندو. مسئلو موڙهل ٿو ڏسجي، ”ع“. + + +شخصي تاثرات +سنڌ جي ادبي تاريخ +ادبي ذوق +باران رحمت +نعت +مجازي معنوي شعر +سنڌ جي ادبي تاريخ [4] +هيءَ دنيا به هڪ حيرتناڪ هستي آهي. ساعت بساعت سانڊي جيان سوين رنگ بدلائي ٿي، گهڙيءَ گهڙيءَ نوان ويس ۽ روپ پائي ٿي ۽ ويک مٽائي ٿي. ائين ڪوئي ڪونه چئي سگهندو ته هيءَ دنيا هڪ حالت ۾ رهندي. سڪندر ۽ دارا پنهنجا وارا وڄائي ويا، پنهنجا نقارا ۽ نيشان ڇڏي ويا، مصر ۽ يونان، روم ۽ ايران، اسيريا ۽ توران جون قديم باشاهتون به انهيءَ لهر ۾ لڙهي وييون. جدّت پسند قدرت وري ٻيون قومون پيدا ڪيون، جن پڻ پنهنجي نوبت لنگهائي، عدم جي واٽ ورتي. انهن جي هستيءَ جو نيشان سندس تاريخ مان ئي ملي ٿو. +جيڪي به سڌريل قومون ٿي گذريون آهن، سي پنهنجا ڪارناما دنيا جي پٽيءَ تي ڇڏي ويون آهن. سڀڪنهن قوم جي ذاتي حالت معلوم ڪرڻ جو مکيه رستو آهي سندس علمي ۽ ادبي خزانو؛ ۽ قومن توڙي ساهت جو بقاءُ سندين لياقت تي مدار رکي ٿو. سڀڪو شخص پنهنجا خيال ۽ جذبا پهريائين پنهنجي ڪٽنب، پوءِ دوستن ۽ آخر پنهنجن هم وطنين ۾ ڦوڪي ٿو. انهن خيالن جي زندگي سندس همعصرن ۽ پوين جي فيصلي تي ڇڏيل آهي، ۽ جيڪڏهن اهي جيئرا رهيا ته قومي ادب جي هڪ محڪم ڪڙي ٿي پوندا. +ڪنهن به قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين ان عرصي جي علمي خزاني کي کولڻو پوي ٿو. سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو ٺاهين ٿيون. پر انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو. جڏهن سندس ادبي تاريخ جو ذخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پوي ته قوم جي قديم فردن جا ڇا خيال ۽ جذبا هئا. سندن علم جي مراد ڇا هئي، ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جا ڪهڙا سرچشما هئا. مطلب ته هر ڪنهن قوم جي هستي سندس علم جي ذخيري تي مدار رکي ٿي. +افسوس! اڍائي هزار ورهيه گذري ويا آهن ته سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي. موجوده وقت ۾ ڪي قدر ڪوشش انهيءَ باري ۾ ورتي ويئي آهي. پر اڃا تائين ڪو اهڙو معقول نتيجو ڪونه نڪتو آهي ۽ ڪنهن به پوري روشني نه وڌي آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ علمي خزانو هڪ پوريل دفتر ٿي رهندا، جيڪڏهن هرڪو فرد ان جي کوجنا ڪرڻ ۾ بهرو نه وٺندو. سنڌ ملڪ کي هڪ عاليشان تاريخ ۽ علمي خزانو آهي، جو اسان جي اڻڄاڻائيءَ ۽ وڏن جي لاغرضائيءَ کان ناس ٿي ويو آهي ۽ جي هينئر به اسين پنهنجون اکيون بيپرواهيءَ ۽ نيم خوابيءَ کان نه کولينداسوُن ته انهيءَ تاريخ جا رهيل کهيل آثار به آهستي آهستي ناپديد ٿي ويندا. +__________ +ادبي ذوق [5] +علم ادب به هڪ عمدو فن آهي، جيئن لطيف فنونن حاصل ڪرڻ لاءِ تجربو، مهارت ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي، تيئن علم ادب ۾ مهارت ۽ تجربو سخت درڪار آهن. نثر نويسي، شاعري ۽ مصّوري به لطيف آهن، جي وهبي به آهن ۽ ڪسبي به آهن. بيشڪ ڪن فردن کي خدائي ڏات مليل هجي يا ڄاپندي ڄام هجن، پر ڪوبه ماءُ پيٽان هنر يا فن وٺي ڪونه آيو آهي. ترتيب ۽ ماحول جو اثر هر ڪنهن هنر يا فن تي ضرور رهيو آهي، رڳو وهب يا ڪسب ڪنهن ڪم جو ناهي. جيستائين ٻنهي قوتن جو پورو ميلاپ نه ٿيو آهي، تيستائين ڪوبه اديب يا شاعر يا مصّور يا فنّان ڪماليت جي درجي کي پهچي نٿو سگهي. انهن سان گڏ متواتر اورچ ڪوشش به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به فن ۾ پير ڌري پوءِ ان کي ڇڏي ڏبو ته اهو اڻپورو ۽ ناقص رهجي ويندو. ازانسواءِ هڪ کان وڌيڪ فنن ۾ ڪماليت ورلي حاصل ٿي سگهندي. اهڙا متفنن ۽ ڪامل انسان دنيا ۾ شاذ ۽ نادر آهن. هرهڪ کي پنهنجي دائري اندر ڪنهن خاص ڪم جي سر انجاميءَ لاءِ مقرر ڪيي ويو آهي. جيڪڏهن سڀڪو ”هر فن موليٰ“ هجي ها ته قدرت جو ڪارخانو ٽٽي پوي ها ۽ ڪائنات ۾ بي بندوبستي ۽ بي انتظامي ڇائنجي وڃي ها. مثلاً هڪ اعليٰ درجي جو نثر نويس اديب مشڪل انتهائي درجي جو شاعر ٿي سگهي ٿو، يا ان جي ابتڙ. +هر کسي را بهر کاري ساختند“ +علم ادب به هڪ وهبي ۽ ڪسبي ڏات آهي. سڀڪو سڌڙيو لئيءَ مان لٺ ڀڃي اديب يا شاعر ٿي نٿو سگهي. هڪ شاعر يا اديب کي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان جي ڪمال ۽ توڙ تي پهچڻ لاءِ سخت جُهد پِٽڻا پون ٿا. هڪ وهبي شيء ائين آهي جيئن ڪو ٻيٺو يا چرا گاه، جنهن ۾ وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ گل ڦل سواءِ ڪنهن ترتيب يا نظام جي ٽڙيا پکڙيا پيا هجن. اگرچه انهن کي به پنهنجو حسن ۽ جمال آهي ۽ انهيءَ بي انتظاميءَ ۾ نظام آهي. پر جڏهن انسان جو هنرمند هٿ انهن کي خاص ترتيب ڏيئي بيهاري ٿو، تڏهن انهن جو جلوو ۽ جمال ويتر وڌيڪ ٿئي ٿو. پاڻي جي هڪ وهندڙ ڪسي، جبل تان جرڪندي گهِرڪندي، ور وراڪا کائيندي، نهايت خوشنما ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر جڏهن اها ڪنهن مَرغزار ۽ گلستان مان لنگهي تڌهن سندس زيب ۽ ٿي،زينت دوبالا ٿيو پوي.هڪ فطرتي شاعر يا اوائلي اديب جي ڪم کي ڏسندا، جنهن کي زماني جي مروڙ ۽ اڳين جي تجربي زياده آگاه ۽ پختو ڪيو آهي ته زمين ۽ آسمان جو فرق معلوم ٿيندو. وَهب لاءِ ڪسب ائين آهي جيئن سون تي سهاڳ. +انهيءَ مان ثابت ٿيو ته هرڪنهن هنر يا فن لاءِ تربيت وٺڻ ۽ هڪ استاد جي نظر ۽ رهبريءَ هيٺ ڪم ڪرڻ ۽ ڪِيڙجڻ بلڪل واجب سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان ۾ شاعري ۽ مصّوريءَ جو رجحان يا استعداد پاتو ويندو هو ته ان کي اهڙي قسم جي تعليم لاءِ اتاليق ۽ استاد جي ضرورت پوندي هئي. اڻ گهڙئي ڪاٺ کي سنواري سڌو ڪرڻ هڪ لازمي امر آهي. نظامي عروضي سمرقندي پنهنجي ”چهار مقالہ“ ۾ هڪ اديب يا شاعر جون خصوصيتون ڄاڻايون آهن. لکي ٿو ته هڪ هونهار شاعر لاءِ ضروري آهي ته سڀني متقدم، متوسط ۽ متاخر شاعرن جا ديوان پڙهي ۽ پڻ ڪيترا هزار شعر از بر ياد ڪري، تان جو مَلڪو پختي ٿئي. ازانسواءِ ٻيون به ڪيتريون وصفون بيان ڪيون اٿس. ان جو ماحصل هي آهي ته قديم ۽ حديث تي حاوي ٿي، پنهنجي فن ۾ اصليت ۽ عبقريت پيدا ڪري ۽ اڳين جو نقاد يا مقلد نه ٿئي. شعر ۾ جيڪي خيال سمايل آهن، سي اوائل کان وٺي ساڳيائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ان جا سرچشما، جي انساني عواطف سان وابسته آهن،ڇاڪاڻ ته ان جا سر چشما جي انساني عواطف سان وابسته آهن، سي گهڻو ڪري اَڻ ڦرندڙ آهن، اگرچه انهن ۾ زمان ۽ مڪان جي اختلاف ڪري مناسب تبديل ۽ تغيّر ضرور اچي ٿو، تنهنڪري هڪ شاعر لاءِ لازم آهي ته جيڪڏهن ڪنهن منقدم شاعر جو خيال وٺي ته ان کي هڪ نئين سانچي ۾ پلٽي علحده صورت بخشي ۽ ان ۾ لفظي ۽ معنوي جدت پيدا ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته سندس شاعريءَ کي ڪابه ترقي حاصل نه ٿيندي ۽ ڪوريءَ وانگر ساڳئي تَرتي پيو شعر جي تاڃي اڻندو. +الحمدلله! اسان جي ٻاجهاري سنڌ ۾ شاعرن ۽ اديبن جي ڪمي ڪانهي، پر انهن ۾ نوعيت ۽ جوت جي قلت بيشڪ آهي. انهن جي تربيت لاءِ ڪو مڪتب نه آهي. سڀڪو لڪير جو فقير بنجي پنهنجي نموني هلي رهيو آهي. اڪثر فارسي ۽ اردو شعر جي نقالي ۾ محو آهن. انهن جو شعر اهڙو آهي، جو هڪ ٿورو پڙهيل آدمي ته سندن ڪلام سمجهي نه سگهندو، بلڪ سنڌي ست درجا پڙهيل يا مئٽرڪ پاس ٿيل به منجهي پوندو. صاف سنڌي ۾ زير اضافت آهيئي ڪانه. موجوده اديب ۽ شاعر زير اضافت جو ايتريقدر استعمال ڪن ٿا جو فارسيدان ئي پڙهي سگهندا. موجوده شاعرن مان مشڪل ڪي ٿورا هوندا جن شاه جو رسالو يا سچل جو ڪلام يا اڳين اديبن ۽ شاعرن جي سنڌي پڙهي هوندي. پوءِ انهن کي صاف صاف سنڌي شعر گوئي ۾ ڪيئن درڪ حاصل ٿيندو؟ تنهنڪري طبعاً کين اردو شاعريءَ جي تقليد ڪرڻي پوي ٿي. انهيءَ سببان سندن ڪتابت ۽ ڪلام اصلي سنڌي صورت ڇڏي هڪ عجيب شڪل اختيار ڪري رهيا آهن. ڪانءَ وانگر مورن جي اهل ڪندي کانئن پنهنجي اصلوڪي رفتار ۽ گفتار وسري ويئي آهي، ۽ ديده دانستہ مشڪل پسندي اختيار ڪئي اٿن. اڳين اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم ۾ ڏسبو ته زير اضافت ورلي ڪم آندي اٿن. حتٰي ڪ خليفي گل محمد جهڙي شاعر به پنهنجي ڪلام ۾ زير اضافت جو خير ڪو استعمال ڪيو آهي. باقي آخوند محمد قاسم جو شعر سو فارسي ترڪيبن سان ڀريو پيو آهي. گل خندان جو مؤلف آخوند لطف الله ته انهيءَ ڳالهه ۾ اعتدال جو ليڪو لنگهي ويو آهي! هن جي نثر ۾ اگرچه اضافت جو ايترو استعمال نه آهي، پر شعر ۾ هاءِ ڪري ڇڏي اٿس. مثال طور: +عاشقن کي ٿي ازل کان هي پريشاني نصيب +نوءِ خار دشتِ محنت پاي عرياني نصيب. +__________ +عال ذوق سخن جي مغز معنيٰ لاءِ +نه هوم فڪرِ رسا ۽ هيم نه طبع روان +مگر بخاطرِ احباب و نزهتِ دلها +لکيم هي قصا مطبوع بادلِ شادان +مان ادب سان پڇان ٿو ته هي ڪِيڙ بَڪِيڙو ڪهڙو سنڌي سمجهندو! مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جو نثر به زيراضافت کان عاري آهي، اگرچه شعر ۾ جسته جسته انهيءَ مرض جو مشاهدو ٿئي ٿو. موجوده اديبن ۽ شاعرن جو نثر ۽ نظم ته زيراضافت ۽ ٻين فارسي ترڪيبن سان ٽمٽار آهي ۽ پنهنجي بار ۾ پيو ڇڄي. منجهانئس سنڌيت جو بوءِ اصل نڪري ويئي آهي. خصوصاً غزل سرائي ۽ مخمس ۽ مسدس ۽ مستزاد ۾ سو سنڌيءَ جي مٽي پليٽ ڪئي ويئي آهي. طرحي شعر ته بنهه سنڌي ڪلام تي هڪ بدنما داغ آهي. مثال طور وٺو هالا ڪانفرنس يا جيڪب آباد ڪانفرنس جي طرحي مصرع. عزيزو! اوهين ايمان جي سلامتي سان ٻڌايو ته ڪهڙو دهاتي ماڻهو انهيءَ جو مطلب پروڙي سگهندو؟ سنڌ جي موجود ۽ هتي حاضر شاعرن کي ڇڏي، مان ليکراج عزيز جي شعر مان هڪ ٽڪرو پيش ڪريان ٿو. +اي زمين، سنڌ جنت آشيان +سيل، انجم ٿي تنهنجي ريگ، روان +هو جهان ۾ شاعرن جو بادشاه +آسمان، علم جو تابنده ماه +ڳولي جنهن کي ساري عالم جي نگاه +آه! دنيا ۾ نه اڄ سو شاه آه +شوخي، خون، شفق مضمون آ +مطلع، چرخ، برين پُر خون آ +انقلاب، گنبد، گردون آ +آسمان زير، زمين مدفون آ +وغيره وغيره. +”زمين، سنڌ“ ۾ سنڌ مضاف اليہ آهي جو غلط نموني ۾ ڪم آيل آهي. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري. اهڙا مثال اڪيچار آهن، هيءَ مُٺ هزار جو نمونو آهي. صاحبو! منهنجو عرض شخصي تنقيد يا نڪته چيني ناهي، بلڪ منهنجي مراد آهي ته اصلاح ٿئي. منهنجو مقصد آهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر اجائي نقالي ڇڏي صحيح ادبي ذوق ڌارين ۽ پنهنجا خيال صاف سنڌيءَ ۾ ادا ڪن، جيئن انهن کي عوام وٽ پسندگي ۽ مقبولي حاصل ٿئي. +مان شاعر نه آهيان پر بعضي بعضي ازغيبي توارد ٿيندو اٿم ۽ ڪجهه نه ڪجهه شعر چئي وجهندو آهيان. تازو پنهنجي هڪ پياري دوست ڏي پنهنجو هڪ سادو سودو شعر ڏياري موڪليم. بيشڪ ان ۾ عروضي چوڪون گهڻيئي هيون، پر وڏو عيب ان ۾ اهو هو جو اهو تمام سادو ۽ عام فهم هو. منهنجي محترم دوست مون ڏي لکيو ته اهو شعر تمام سادو آهي ۽ هينئر سنڌي شعر ايڏي اوج ۽ ڪمال کي پهتو آهي، جو اهڙي شعر کي شايع ڪرڻ گويا شعر جي بيعزتي ٿيندي. عزيزو! هي آهي موجوده شاعراني ذوق جو هڪ مثال. +مون کي معاف ڪندا، جو مان پنهنجي عزيز دوست جي راءِ سان شامل نه آهيان. منهنجي نظر ۾ سنڌي شعر عروج جي بدران تنزل جي واٽ وٺي رهيو آهي. ان مان سادگي ۽ سنجيدگي صفا نڪري وئي آهي، رڳو تڪ بندي ۽ نقاليءَ تي ٻڌل آهي. شاعراڻا خيال فطري نموني ۾ ادا نٿا ڪيا وڃن، پر انهن کي ڌاريو لباس پهرائي پنهنجي اصل کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. اسان جو شاعراڻو ذوق نسورو اردو شاعريءَ جي نقالي ۽ تقليد آهي. آيا اسين ايتريقدر عاجز ٿي ويا آهيون، جو پنهنجي اندر جا امنگ پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ ادا نٿا ڪري سگهون! اها ٻولي، جا اسان جي بزرگن جي گود ۾ پلي ۽ وڌي وڻ ٿي ۽ اهڙا شگوفا ۽ گل ڪڍيائين، جو انهن جو واس اڃا به دٻيل دماغن کي ڍئي ڏيئي رهيو آهي. بيشڪ ٻوليءَ کي ترقي وٺائجي، ان ۾ نون نون خيالن جو اظهار ڪجي، نون نون سانچن ۾ شعر کي پلٽجي ۽ ان کي تونگر ۽ مالامال بنائجي. پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته ان جي صورت نسخ مسخ ڪري ڇڏجي، جو ان جا فرزند به کيس سڃاڻي نه سگهن! +هاڻي سوال آهي ته صحيح ادبي ذوق ۽ سليقو ڪيئن پيدا ڪجي؟ ان جي لاءِ ونگڙيون واٽون اختيار ڪرڻ ضروري ناهن. پڌرو پٽ شاهراه لڳي پيئي آهي، پر اسين خواه مخواه ورن ۾ وراڪا ڪري رهيا آهيون. سنئون رستو ته هي آهي ته شعر جي ميدان ۾ اسين اڳين جي اڳواڻي قبول ڪريون ۽ نثر جي نيستان ۾ ڪن جيّد نثر نويسن جو تتبع ڪريون، جي اضافت جي جي آزار کان آزاد آهن شعر جو ميدان ته نهايت ڪشادو آهي اڳين اسان لاءِ اڳيئي رستو گهڙي صاف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌيءَ کي سنواري، سينگاري اهڙو مسّودو بنايو اٿن. جو ان ۾ هرقسم جا پاڪيزا خيال ادا ڪري سگهبا. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته اسان مان گهڻا آهن جن شاه جو سڄو رسالو پڙهيو هوندو يا سچل سرمست جي ڪلام جو مطالع ڪيو هوندو؛ يا شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ميين عيسيٰ جي سنڌيءَ جو سواد ورتو هوندو؟ بهتر آهي ته اسان جا جوان، جن جي نازڪ طبع نثر ۽ نظم ڏي مائل آهي، سي پهريائين انهن ماڻڪن ڏانهن منهن ڪن ۽ انهن جي جلوي ۽ جوت منجهان ڪجهه اهاءُ وٺن. برٽن صاحب ڪهڙو نه خوب چيو آهي ته ”سنڌ جي پرڳڻي جو نظمي ادب، با طراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبع زاد، جهجهو، لفظن ۽ عبارتن ۾ گونا گون ۽ وقت سارو ۽ فطرتي آهي.“ افسوس جو انگريزي تعليم جي سرشتي هيٺ لکندڙ اديب زياده تصنّع کي لڳي ويا آهن، ۽ ٻين عالماڻين ٻولين جي تقليد ڪرڻ ۽ انهن مان خيال اڌارا وٺڻ لڳا آهن؛ انهيءَ ڪري شايد سنڌي نثر کي تقويت پهچي، باقي شعر کي س�� اهڙي قسم جي اهل ضرور زيان رسائيندي. +صاحبو! منهنجو وس آهي پيغام پهچائڻ. ادب جون واڳون اوهان جي هٿن ۾ آهن. چاهي ان کي اَسفل سافلين ڏي گِهلي وڃو. سنڌي جا سمجهدار سپوت ضرور ڪنهن ڏينهن اوهان کان ان جو جائزو وٺندا. +مراد ما نصيحت بود گفتيم +حوالت باخدا کرديم و رفتيم. +__________ +باران رحمت [6] +ڪيتري وقت کان وٺي عالم شهادت ۾ حشر ۽ واويلا پديدار هئي ۽ شور ۽ غل نمودار. انسان پنهنجي ربّ جي رحمت کان نا اميد نه ٿي استسقاء لاءِ استدعائون پئي ڪيون. جانور ۽ پکي به پنهنجي زبان حال سان قطره باران لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. سِپ سمنڊ جي وچ ۾ مينهن ڦڙي لاءِ تشنہ لب ٿي ابرِنيسان ڏي نگران هئي ته من سندس پيٽ ۾ ڪو موتي سرجي. سبزي ۽ ساوڪ، گل ۽ ڦل پنهنجو منهن پرده خمول ۾ لڪائي رهيا هئا. بلبل گل جي صحبت ۽ وصال لاءِ پريشان ۽ آزرده خاطر ٿي آه و فغان پئي ڪئي. +آخر اي پروردگار! تنهنجي ڪرمن جا ڀنڊار ڀرپور آهن. تنهنجا خزانا اکٽ ۽ اپار ۽ تنهنجيون مهربانيون بيحد ۽ بيشمار آهن. آخر تنهنجي رحمت جي موٽ ٿي ۽ دوباره نئين خلقت جي لوٽ ٿي، دود دل جي غمامن بدران اڄ مهر جامزن آبپاشي رهيا آهن. مرده دلين ۾ نئين سر ساه پيو آهي. ڪيترا اڃايل سيراب ٿي پنهنجي شڪر ڪاميءَ کان شڪر جا گيت ڳائڻ لڳا آهن. هاري ويچارا جن جا فصل پاڻيءَ لاءِ سڪندا هئا، سي اڄ سرها آهن. چوڌاري خوشي ۽ سرور آهي، چوطرف رحمت جو دريا موجزن آهي، ۽ چوڏس اميد جو ڪڪر قطره افشان آهي. شايد اي مولا! توکي پنهنجي بندن تي رحم آيو، جو انهن جي هنجن مينهن جي صورت ورتي. +اسان جي سنڌڙي به ٻن چئن سالن جي مدت مديد کان پوءِ سرهي ٿي آهي. چوڌاري وڄون وسڻ جا ويس ڪري آيون آهن. چوڌاري رعد جي رڙ آهي. تاڙي جي تنوار تي هارين هر سنڀاياآهن ۽ چوڌاري ”سائي ڪندو الله“ اها وائي سندن وات آهي. ڍور ڍڳا، پکي پکڻ سڀ خوشي مان نٿا ڍاپن. هر هنڌ عالم مظهر ۾ حياتيءَ جي بوءِ آهي. +اهڙي خوشي جي وقت ۾ جڏهن اڃا مينهن جي بوند قلب کي فرحت ڏيندڙ ۽ دماغ کي طراوت بخشيندڙ هئي، تڏهن خواب نوشين ڦِٽائي، عالم تصّور جي گلزار ۾ گهمڻ جي امنگ پيدا ٿي. اک پٽي ڇا ڏسان ته سبحان الله! سورج پنهنجي سونهري آکيري کان ٻاهر اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، ۽ مان هڪ بهشت آئين باغ ۾ ٽلندڙ آهيان، جنهن جو مثال عالم دنيا ۾ ڪو ڇڊو لڀندو. هڪ خيالي پتلو بنجي ان منظر جو مزو وٺڻ لڳس ۽ عبرت جي اک کولي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪرڻ لڳس. ان باغ جي سبزي من کي موهيندڙ هئي. چوڌاري پاڻي جون جدولون چاندي وانگي پئي جرڪيون، ميويدار وڻ ثمر جي بار کان سر تواضع مان جهڪائي رهيا هئا، ۽ انهن تي هر قسم جا پکي طرحين طرحين طنبور وڄائي رهيا هئا. هڪ مسرت جو ماڳ هئو، جتي ڏک ۽ رنج کي ڏهاڳ هئو. پکين جون مٺيون ٻوليون پاڻ ۾ ملي ”عشق ڪلي“ جو زمزمو اختيار ڪري رهيو هيون. هير جي گُهلڻ ڪري پنن جي ڦڙ ڦڙ دل کي بهار بهار ٿي ڪيو. هر شجر هر حجر مان اُن ذات پاڪ جو جلوو جمال ظاهر هئو. ڪوئل جي قهقهه، قهري جي ڪُوڪُو ۽ بلبل جي ڳٽڪار آفاق ۾ پڙلاءِ ٿي وڌا. مور ۽ ڊيل ان خوشيءَ ۾ مستان ٿي جهمريون پئي ڏنيون. ان وجد ۽ رقص جي وچ ۾ هن دورنگي دنيا جي ڪڙائي ياد نه آئي. ان کان پوءِ قلب جو ڪاڍو گلن ڏي ٿيو.سردار گلاب پنهنجو مُرڪندڙ چهرو غنچي جي قيد ۾ خار جي عذاب کان رخ ٻاهر ڪڍي جلوه نما هئو ۽ ان جي مٿان حزين بلبل پنهنجي دردن جو داستان اوري رهي هئي. +سچ آهي هيءَ خوشي مدام نه آهي. يار جو وصل پاينده نه آهي. مجازي دوست وانگي هو دلبر حقيقي به خفا جي جلبات ۾ مخفي آهي. بعضي پنهنجي عاشق صاد�� تي مهر جي نظر ڪري ان جي صدق ۽ لنؤ ڏسي پرده کان منهن ٿو پسائي. ان وقت اگرچه اپر حاصل ٿئي ٿي، مگر فراق جي يادگيري تي هيهات. ٿوري وقت کان پوءِ اهو ديدار بجلي جي چمڪاٽ وانگر گم ٿي ويندو، تنهن لاءِ نالان ۽ گريان آهي. +ٻين گلن تي به نظر پئي، جن جو هت بيان ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. مگر سنڌ جي هڪ وڏي شاعر رمضان ڪنڀر جا هيءُ الفاظ آهن، جي اوهان کي انهن گلن جو واس وٺائيندا: +گل استو، گل پستو، گل ڦلي ڦلڪارا +گل نرگس رهبيلو، گل گلشن گلزارا +گل زونر زنگي زردو، گل ڪيسو ڪچنالا +گل جاءِ گل جافران، ڪيا تُڪمي تماشا +گل چنبيل چهرو، گل روشن رنگينا +گل گونٽو گلاب گهرو، گل سنبل ۽ لالا +گل هزارو حڪمتي، گل نرمئون نامزدا +ٻيا ڀي گل ٻهون هئا افضل ۽ اعليٰ. +دوستو! دل ۾ جيڪي خيال ۽ احساس اتپن ٿين ٿا، سي وري ياد ڪرڻ ڏکيا آهن ۽ ان وقت جيڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ان جو اظهار ڪرڻ دشوار آهي. انسان کان به ان جي دل وڏي عظمت واري آهي. آخر اي يار! جيئن فراق ۽ خزان تيئن اُن ٻهڪندڙ نظاري تي هميشگي دائم نه آهي. ان مسرت ڀرئي ماڳ ۾ آخر حسرت جي اک کلي، ته اُهي عجائب اڏامي ويا ۽ پاڻ کي هڪ ويران برپٽ ۾ ڏٺم، جتي پڻ ڪرامت جي ڪڪر پنهنجي عطر افشاني ڪئي هئي. مگر اها زيبائي ۽ رعنائي ڪٿي، اها نزاڪت ۽ لطافت ڪجا؟ صالح زمين ۾ هر قطرو گل ۽ نبات جي صورت ٿو وٺي. مگر شوره زمين ۾ اهو ساڳيو ڦري ڪک ۽ ڪانڊيرا ٿيو پوي. +باران لطافت کہ در طبعش خلاف نيست +در باغ لالہ رويد و در شوره بوم خس. +تنهن ڪري اي سالڪ راه حقيقي! تون پنهنجي دل دنيا جي خس و خاشاڪ کان پاڪ رک ۽ پنهنجي دل جي زمين کي روحاني گلن جي پوکڻ لاءِ صالح ۽ قابل بناءِ ۽ پنهنجي دامن دنياوي خار جي نوڪ کان آلودي نه ڪر ته تو ۾ اهو روح رجاءِ ۽ محبوب حقيقيءَ جو تو ۾ آستانو ٿئي، جنهن جي رحمت هر هنڌ حاضرآهي. رڳو دل جي صفائي گهرجي. ”صفا ڪر صاف سيني کي اندر اسرار ڪافي آ“، نه ته ڪلراٺي زمين وانگر ڪرم ۾ ڪنڊا آهن: +تو کز سراي طبيب نمي شوي بيرون +کجا بکوي کرامت گذر تواني کرد. +______ +[1] ماهنامي ”نئين زندگي،“ فبروري 1957ع تان ورتل. +[2] هي احوال تصرف سان تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، الوحِيد سنڌ آزاد نمبر ۽ نواب حاجي محمد علي تاجپوريءَ جي چوپڙيءَ تان ورتو ويو آهي. +[3] انهي مان پڌرو آهي ته شاه عنايت ۽ سندس ساٿين جو شاه عبدالملڪ وٽ وڃڻ سندس آخري عمر واري زماني ۾ ٿيو هوندو. جنهن صورت ۾ شاه عبدالملڪ جي وفات ۽ شاه عنايت جي شهادت ۾ 19 ورهين جو ويڇو آهي، تنهن صورت ۾ شڪ آهي ته ظاهري عالمن ۽ ٻين حاسدن ڪيئن شاه عنايت کي ايترو وقت جيئڻ ڏنوهوندو. مسئلو موڙهل ٿو ڏسجي، ”ع“. +[4] ماهنامي ”نئين زندگي“، مارچ 1951ع تان ورتل. +[5]13، سنڌي ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد جي موقعي تي صدارتي خطبو. جيڪو ماهنامي ”نئين زندگي،“ مارچ 1953ع ۾ شايع ٿيو. +[6] ماهنامي ”نئين زندگي.“ جون 1953ع تان ورتل. + + +نعت +(علامه دائودپوٽي جو هي شعر، محترم لطف الله بدوي جي هڪ مضمون ”علامہ دائودپوٽي جو هڪ تازه شعر“ مان ورتو ويو آهي، جيڪو ماهنامي ”نئين زندگي“، ماه آڪٽوبر 1951ع ۾ ڇپيو. انهي مضمون ۾ علامہ دائود پوٽي جي شخصيت متعلق تاثرات پڻ شايع ٿيل آهن.) +تو جِهو سنسار ۾ ناهي سڄڻ ڪوئي ٻيو. +1. تون ٿئين شمس نَير، ٻيا سڀ ٿيا تارا قمر +تنهنجي نور مان سڀ جلوه گر، تون آهين ڏيهن جو ڏيو. +2. آدم کان اڳ تو نور هو، تنهنجي ذات جو به ظهور هو +ڪيڏو شان ۽ شعور هو، ايڏو نه رتبو ڪنهن مليو. +3. تنهنجو حسن ٿيو چوڏهن طبق، حيران ٿيا حورون مَلڪ +سهسين ٿيا تو تان صَدق، مليو يوس�� کي تنهن مان هو ذرو. +6. تنهنجي صفت ڪهڙي ڪيان، جا ٿي اصل کان بي بيان +تنهنجي ذات جي نه آڻي عيان، تنهنجو نَه پيو ڪنهن کي پرو. +5. وڻ ٽڻ مڙوئي بحر و بر، حيوان ۽ جنّ و بشر +ٿيا سڀ سلامي ڏيج گر، ڪونهي ڇٽل ڪوئي بندو. +6. عاصي ”عمر“ کي انورا، پهرائيو پنهنجي درا +ٻئي در وڃي ڪهڙي مڱا، ناهي تو بنا ڪو ٻيو آجهو. +_______ +مجازي ۽ معنوي [1] +(23، اپريل 1956ع تي مغرب کان پوءِ سارنگ پنهنجو سڀ صورت ۾ جلوه ڏيکاريو هو. جيئن ته علي الصباح سو ائين ٽين بي ڌاري بيداري ٿي، تيئن هي جذبا شعر جي صورت ۾ دل جي افق تي نمودار ٿيا، ”ع“) +ڪڏهم ايندين پتيم پيارا، تو رءَ گذريم سانوڻ سيارا +ڪڏهم ايندي نرمل نوري، تو لءِ تڪيم ڪتيون تارا +ڪهڙي سانگ جهليين تون سپرين، تو لءِ واهم نير نيسارا +نينهن ڍولڻ جي رمجهم لاتي، آگم اڏيا بوند بهارا +رنگ رسيلا سارنگ ساهيا، ڳاڙها ساوا نيلا نيارا +وڄڙين ويس وسڻ جا ڪيڙا، جهڙ ڦڙ بادل ميگهه ملارا +راڙ رعد جي اولهه آئي، وهه وهه وسيا وَس وسڪارا +تَڙ تاسيارا پُر ٿيا پاڻي، سرها ٿيئڙا سره سنگهارا +ساجن تنهنجي سڪ آنءُ ماري، ڪانهي تو بِن تات توارا +آءُ اندر جا ڏکڙا اوريون، ڳاهون ڳجهه جون پائي ڳارا +آءُ ته جايون ڏيانءِ اکين ۾، ٺرنم ٺڙٺپ نيڻن نارا +آءُ عجيبا تو لءِ اُڪنڊي، ڪوڙي لائج قربن وارا +شام حسن جي سيڄ سجائي، کوڻ تنهين کان آيا اُٻڪارا +آهه ”عمر“ کي آس پسڻ جي، ڪيتر رسندين منهن موچارا +ڪڏهين ايندين پيتم پيارا +سنڌي ادبي سوسائٽي جا مقصد ۽ پروگرام [2] +”قوم زنده رهي، جنهن جي زبان زنده رهي“ +محترم ناظرين ڪلام نئين زندگي! +السلام عليڪم ورحمت الله وبر کاتہ، عرض ته اوهان جي روشن راءِ ضمير کان مخفي نه هوندو ته هندوستان جي تقسيم بعد سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري، اسان جي زبان ۽ ادب کي تمام وڏو صدمو پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته اها حقيقت آهي ته گذشتہ ٽن صدين ۾ اگرچه سنڌي ادب مسلمانن اديبن جي ڪاوش جو نتيجو هو، ته به انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ ان جي اشاعت جو وسيلو اڪثر هندو ئي هئا، جي پنهنجي سود خاطر سنڌي بزرگن جا ڪلام نثر خواه نظم ۾ ڇپائيندا پئي آيا، تنهنڪري جيستائين اسان ۾ پنهنجي اسلاف جي ورثي سنڀالڻ جو احساس جاڳي، ۽ ان جي دوام ۽ بقاء لاءِ جوڳو بندوبست ڪريون، تيسين هندن جي يڪايڪ پڌارجڻ سبب، سڄو ادبي ميدان ڪتابن کان خالي ٿي ويو. ايتري قدر جو اسان جي بزرگن جا شاهڪار، جهڙوڪ شاه جو رسالو وغيره بلڪل اڻ لڀ ٿي ويا. هينئر اگرچه ڪن چند ماڻهن جوفي خاطر اهڙا ڪتاب ڇپايا آهن، ته به انهن جي ڇپائي ايتريقدر سقيم آهي، جو جهڙا ڇپيا آهن تهڙا نه. مٿين روبڪار ڌيان ۾ رکي، سال 1949ع جي آخر ڌاري ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جو پايو وڌو ويو، جنهن جا مکيه مقصد هي آهن: +(1) سنڌي بزرگن جون قديم توڙي جديد تصنيفون جدا جدا ٻولين ۾ گڏ ڪرڻ. +(2) انهن تصنيفن کي صحيح ۽ سندر نموني ۾ ڇپائي پڌرو ڪرڻ. +(3) انهي مقصد بر آريءَ لاءِ هڪ ڇاپخانو سهڻن عربي حروفن سان برپا ڪرڻ. +(4) سنڌي ادب جي تحفظ، بقا ۽ بهبودي لاءِ هر ممڪن اُپاءُ وٺڻ. +هي تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي، پر سڀڪو غيرتمند سنڌي، جنهن کي پنهنجي تهذيب ۽ فضيلت (سنڌيت) برقرار رکڻ جو اونو آهي، سو جيڪڏهن ويهن ننهن جو زور لائي، هر قسم جي قربانيءَ ۽ ايثار لاءِ تيار ٿيندو، ته مشڪل آسان ٿي پوندو. قومون پنهنجي وجود ۽ ادب ۽ زبان جي حفاظت لاءِ ڇا ڇا نه ڪري گذريون آهن، تنهن جي دنيا جي تاريخ گواهي ڏئي ٿي. ڇا اسين ايتري قدر پست همت ۽ بي غيرت ٿي ويا آهيون، جو پنهنجي اس��اف جو قيمتي ورثو به سنڀالي نٿا سگهون، ۽ عاجزن وانگر ٻين جي رحم ۽ ڪرم ڏي نگران آهيون؟ اسان جو ادب خصوصاً شعر تمام وسيع ۽ مالا مال آهي، جنهن تي اسان کي فخر ڪرڻ جڳائي. قدامت، متانت ۽ نزاڪت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. آيا اسان تي فرض ناهي ته ان جي حفظ ۽ بقا لاءِ پنهنجو تن، من ۽ ڌن قربان ڪريون؟ +الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جو اڃا اسان ۾ غيرت ۽ همت آهي ۽ عزت ۽ استقلال جا سرچشما سڪي نه ويا آهن. ان جو مثال هي آهي جو گذريل چئن مهينن اندر جزوي ڪوشش سان ساڍا 10 هزار روپيه ڪٺا ڪري سگهيو آهيان. ڪنهن کي اميد هئي ته ايتري قليل عرصي اندر ايتري رقم گڏ ڪري سگهبي؟ اڃا به الله ۾ اميد جهجهي اٿم. عزيزو! هن مقصد پوري ڪرڻ لاءِ لکها روپيه گهرجن، پر جيڪڏهن سنڌي قوم جا بر آوارده بزرگ اسان سان هن سڳوري ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا ته لک ڇا پر ڪروڙ روپيا به جمع ٿي سگهندا. پوءِ سارو ادبي خزانو صحت ۽ صفائي سان ڇپجي نروار ٿي عوام توڙي خواص جي اکين جو ٺار ٿي پوندو. +سوسائٽي جي ميمبرن جا هي درجا آهن. +(1) مربي اهو شخص جو 1000 روپين کان وٺي 5000 روپين جي رقم يڪمشت عطا فرمائي. +(2) همدرد اهو شخص جو 500 روپين کان وٺي 1000 روپين جي رقم هڪڙي ئي وقت عطيي طور ڏئي. +(3) دائمي ميمبر اهو شخص جو سال بسال هڪ روپيو ڏيندو رهي. +رب تعاليٰ جي لطف سان سنڌ ۾ گهڻائي اهڙا زميندار ۽ سردار ۽ جاگيردار پيا آهن، جي سوسائٽيءَ جا مربي ۽ همدرد ٿي سگهن ٿا ۽ گهڻائي اهڙا آهن جو هڪ ئي دفعي سؤ رپيا ادا ڪري لائيف ميمبر ٿي سگهن ٿا ۽ مان نٿو ڀانيان ته ڪو اهڙو فرد هوندو جو هڪ روپيو ڏيڻ جو پاڻ ۾ ست ساري نه سگهي. هي ڪو هميشہ جو ليکو ناهي، پر هڪ وار هٿ جي مر لاهڻي آهي. حاصل ڪلام جيڪڏهن نيت خالص آهي ۽ ارادو محڪم ته ٽڪر به ٽاڪي سگهجن ٿا. +منهنجي سنڌ جي سڄڻن کي نماڻي اپيل آهي ته هي جيڪو ڀاري ڪم سر تي کنيون اٿئون، تنهن جي اهميت محسوس ڪري، سوسائٽيءَ جي دل و جان سان حوصلي افزائي ڪن. سندن هي حق رهندا: +مربين کي سوسائٽيءَ جا سڀ ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا مفت ملندا. +- همدردن کي 50 في صدي ڪفايت تي. +- لائيف ميمبرن کي 25 في صدي ڪفايت تي. +- رواجي ميمبرن کي ٽپال خرچ معاف ڪيو ويندو. +ولا جرالا خرة خير و ابقي! +پيارا سڄڻ- هي آهي منهنجو نماڻو عرض، جو مختصر لفظن ۾ پيش ڪيو اٿم. مون کي قوي اميد آهي ته اوهين پنهنجي زبان ۽ ادب جي جياپي، واڌاري ۽ سڌاري خاطر هر ممڪن قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، ۽ سوسائٽي جا مربي، همدرد ۽ لائيف ميمبر بڻجي آئينده ترقي ۽ فلاح لاءِ ڪوشان رهندا. جواب جي زور عنايت - والسلام. +هيٺيان سنڌي ڪتاب پروگرام تي آهن، جي هينئر خاص عربي سنڌي ٽائپ مهيا ٿيڻ تي ترتيب وار پريس ۾ موڪليا ويندا. +(1) ڪلام گرهوڙي يعني ڪلام مرحوم مغفور شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جو. +(2) بيان العارفين (يعني شاه ڪريم رحه بلڙي واري جو ڪلام ۽ ملفوظات). +(3) ابيات سنڌي - يعني ڪلام خواجہ محمد زمان رحه لنواريءَ جو گرهوڙي جي شرح سميت. +(4) گل خندان تاليف آخوند لطف الله رحه. +(5) ميون عيسو هالائي اسلامپوري رحه. +--------- +ضميمو +(ترجما) +اسلامي تصوّف +عربي شاعريءَ جو فارسي شاعري تي اثر +اسلامي تصوف [3] +(اسلامي تصوف بابت سنڌ جي ڪن نام نهاد صوفين وٽ عجيب خيال آهن. انهن جي خاطر اسلام جي وڏي فيلسوف ۽ مورخ ابن خلدون، جنهن کان وڌيڪ سَند ملي نه سگهندي، تنهن جي معرڪة الارا ڪتاب ”مقدمہ“ مان تصّوف جو فصل ترجمو ڪيو وڃي ٿو ته کين اسلامي تصّوف جي حقيقت جي خبر پوي، ”ع“) +تصّوف جو علم به انهن شرعي علمن مان آهي، جو اسلامي ملّت مان نئين سر پيدا ٿيا. اصحاب ڪرام ۽ ٻيا سلف صالح، صوفين جي طريقي کي حق ۽ هدايت جو رستو ڪري ليکيندا هئا [4]. خدا جي عبادت ۾ مشغول رهڻ، خدا جي واٽ ۾ سڀ شيءِ ترڪ ڪرڻ، دنيا جي جنسار ۽ سينگار کان پاسو ڪرڻ، عيش عشرت ۽ مال مرتبي کان منهن موڙڻ، خلق کان الڳ ٿي (خلوت ۾ گذارڻ؛ اهي آهن تصّوف جا اصول جي اصحابن توڙي اڳوڻن صالحن ۾ مروج هئا. +جڏهن ٻي صدي هجريءَ ۾، ۽ ان کان پوءِ مسلمان دنيا جي طرف جهڪي پيا، تڏهن جن ماڻهن عبادت ۽ خلوت اختيار ڪئي تن کي صوفي ۽ متصّوف سڏڻ لڳا. امام قشيري رحه[5] فرمائي ٿو ته خبر ناهي ته صوفيءَ جو لفظ ڪيئن ٺهيو، ڇاڪاڻ ته قياس ۽ لغت جي لحاظ سان اُن جي اشتقاق جو قاعدو ئي نٿو ملي [6]. منهنجي راءِ آهي ته صوفي جو لفظ ”صُوف“ (اُنّ يا پشم) مان ئي نڪتل آهي، ڇاڪاڻ ته هن فرقي جا افراد عام ماڻهن جي برخلاف اوچن ڪپڙن ڍڪڻ بدران سادا اوني ڪپڙا پهرين ٿا. +جنهن صورت ۾ هي ٽولو زهد، خلوت ۽ عبادت جي لحاظ سان ٻين ماڻهن کان بلڪل الڳ ٿي ويو، تنهن صورت ۾ ان کي هڪ خاص قسم جو ادارڪ (معلوم ڪرڻ جو حواس يا اندري (Perceptive faculty) حاصل ٿيو، ۽ حقيقت ۾ ادراڪات جي ڪريئي آهي جو انسان ٻين حيوانن کان امتياز رکي ٿو. انساني ادراڪ ٻن قسمن جو آهي: (1) اهو جنهن سان علوم ۽ معارف سمجهي ٿو ۽ يقين، گمان، شڪ ۽ وهم جي حقيقت ڄاڻي ٿو. (2) اهو جنهن سان خوشي ۽ غم، قبض ۽ بسط، رضا ۽ غضب، صبر ۽ شڪر وغيره جو احساس ڪري ٿو. روح جنهن سان ماڻهو سمجهي ٿو ۽ جنهن جو بدن تي تصّرف آهي، ۽ جنهن جي ڪري هو ٻين حيوانن کان ممتاز آهي، سو ادراڪن ۽ ٻين احوالن جو نتيجو آهي. ادراڪ ۽ ارادا وري هڪٻئي مان پيدا ٿين ٿا: جيئن ته علم دليلن مان؛ خوشي ۽ غم، خوشي ۽ غم ڏيندڙ ڳالهين مان؛ چستي گرم غسل مان ۽ سستي ٿڪ مان؛ اهڙي طرح مريد ۾ به مجاهده ۽ عبادت ڪري هڪ خاص حالت نتيجي طور پيد اٿئي ٿي. اها حالت يا ته هڪڙي قسم جي عبادت آهي، جا ورجائڻ ڪري پختي ۽ محڪم ٿي مريد لاءِ مقام بڻجي ٿي؛ يا جيڪڏهن عبادت نه آهي ته ضرور ڪا صفت آهي، جا نفس کي حاصل ٿئي ٿي، جهڙوڪ خوشي يا غم، چستي يا سستي وغيره. اهڙيءَ طرح مريد هڪڙي مقام کان ٻئي مقام ڏي سير ڪندي آخر توحيد ۽ معرفت کي پهچي ٿو، جا مريد جي واسطي سعادت (خوشيءَ) جو انتهائي درجو آهي. +القصہ، مريد سالڪ ايمان جي رهنمائيءَ ۽ اخلاص ۽ اطاعت جي برڪت سان سلوڪ جا سڀ مقام لنگهي پار پئي ٿو. هرڪنهن مقام تي خاص خاص احوال ۽ صفتون نتيجي طور پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن مقام تي پورو نتيجو نه نڪتو ته سمجهڻ گهرجي ته انهيءَ مقام کان هيٺ ڪنهن عمل ۾ ضرور ڪا تقصير يا خلل واقع ٿيو آهي. انهن مقامات جي طيء ڪرڻ ۾ قلب تي ڪي نفسياتي خطرا وارد ٿين ٿا، جنهن ڪري مريد لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي نفس کان حساب وٺي، جيئن کيس پنهنجي عملن جي نتيجي جي خبر پوي، ۽ جي ڪٿي ڪوتاهي ڏسڻ ۾ اچيس ته ان جي تلافي ڪري. اهو سڀ مريد جي ذوق تي منحصر آهي. +ٿورا ڪي ماڻهو لڀندا جي انهن ڳالهين ۾ صوفين سان شريڪ هجن، ڇاڪاڻ ته غفلت ۽ بيپرواهي ماڻهن ۾ عام جام آهي. عام ماڻهو فقط فقہ جي لحاظ سان جزا ۽ سزا خاطر عبادت ڪن ٿا، پر صوفي پنهنجي ذوق ۽ وجد رستي اطاعت ۽ عبادت جي نتيجن کي ڇانڊي ڇونڊي ڏسن ٿا، انهيءَ لاءِ ته سندن علمن ۾ ڪا اوڻائي ته ڪانه رهجي ويئي آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته صوفين جي طريقي جو بنياد ٻڌل آهي نفس کان سندس عملن ۽ ويسر جي حساب وٺڻ تي ۽ ذوق ۽ وجد ۽ ڳالهين تي، جي مجاهدن ڪري حاصل ٿين ٿا. اهڙي طرح سالڪ مريد، جو هڪ مقام تي استقرار وٺي ٿو، جتان ترقي ڪندي ٻين مقامات کي پهچ�� ٿو. +انهن مجاهدن کان سواءِ صوفين وٽ ڪي خاص آداب ۽ اصطلاح آهن، جي هو پنهنجي فن ۾ استعمال ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته لغوي لفظ ۽ عبارتون انهن جي دلي معنائن جي اظهار ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. انهي ڪري سندن اصطلاح اهل شريعت جي اصطلاحن کان نرالا آهن. انهيءَ ڪري شريعت جي علم کي ٻن قسمن ۾ وراهيو اٿن. هڪڙو اُهو جو فقيهن ۽ مفتين سان تعلق رکي ٿو، جهڙوڪ عبادتن، رسمن ۽ دنيوي معاملن بابت عام احڪام؛ ۽ ٻيو اهو جو خاص صوفين سان واسطو رکي ٿو، جنهن ۾ هو مجاهدن، نفس جي محاسبي، ذوق ۽ وجدن جو بحث ڪن ٿا، ۽ پڻ اهڙن اصطلاحن جو، جي وٽن جاري آهن. +جڏهن جدا جدا علم تدوين ڪيا ويا ۽ فقيهن فقہ ۽ سندس اصولن ۽ ڪلام ۽ تفسير تي ڪتاب لکيا، جن ما ڪيترا خصوصاً تقويٰ ۽ نفس جي محاسبي بابت آهن، جهڙوڪ محاسبي [7] جو ڪتاب ”الرعاية“ ۽ قشيريءَ جو ڪتاب ”الرسالة“ ۽ سهروردي جو ڪتاب ”عوارف المعارف“ وغيره. +امام غزالي صاحب[8] وري پنهنجي ڪتاب ”اِحياءُ العلوم“ ۽ فقيهن ۽ صوفين جي طريقن کي ملائي ڇڏيو. هن نه فقط تقويٰ ۽ چڱن عملن ڪرڻ جا طريقا بيان ڪيا آهن، پر صوفين جا آداب ۽ دستور به واضع ڪيا اٿس ۽ سندن اصطلاحن جي سندين عبارت ۾ سمجهاڻي ڏني اٿس. اهڙيءَ طرح صوفي مشرب آهستي آهستي اسلام ۾ علمي صورت ورتي، نه ته اوائل ۾ صوفين جو طريقو فقط عبادت جو هڪ نمونو هو، ۽ ان جا احڪام واتين ويڻي ٻڌا ويندا هئا، جيئن ٻين علمن جي باري ۾ ٿيو. +مجاهدي، خلوت ۽ ذڪر جي ڪري اڪثر ڪشف حاصل ٿئي ٿو، جنهن ڪري حواسن جا پردا کليو پون ۽ الاهي عالمن جا راز معلوم ٿيو وڃن، جن جي انهن ماڻهن کي خبر ناهي، جي پنهنجي ظاهري حواسن کان ڪم ٿا وٺن. انهن عالمن (جهانن) مان روح به هڪڙو عالم آهي. انهيءَ ڪشف جو هي سبب آهي ته جڏهن انساني روح ظاهري حواسن کي ڇڏي باطن جي طرف رخ ٿو رکي ۽ حواس هيڻا ٿين ٿا، تڏهن روح جي قوّت ۽ اختياري وڌي ٿي ۽ ذڪر ۽ عبادت غذا جو ڪم ڏيئي، ويتر سنديس قوت وڌائين ٿا. اهڙي طرح روح وڌندي وڌندي علم جي مرتبي کان شهود جي مرتبي کي پهچي ٿو. پوءِ حواسن جا پردا کڄيو وڃن ۽ روح جو ذاتي وجود ڪماليت جي درجي کي پهچي عين ادراڪ ٿيو پوي. ان وقت رباني مواهب (ڏاتيون) ۽ لدني علم ۽ الاهي فتح (لطف ۽ فضل) سندس پلءِ پون ٿا ۽ آدمي انساني افق کان نڪري ملائڪن جي افق کي ويجهو ٿئي ٿو[9]. +اهو ڪشف اڪثر مجاهدي وارن کي ٿيندو آهي ۽ کين اهي ڪائنات (وجود) جون حقيقتون معلوم ٿينديون آهن، جي ٻين کي ميّسر ٿي نه سگهنديون. ڪشف جي رستي انهن کي واقعن جي اڳواٽ خبر پوندي آهي. ايتري قدر جو پنهنجي همت (دعا) ۽ روحاني قوت جي وسيلي هو دنيا جي سڀني شين تي تصّرف هلائي سگهندا آهن، پر وڏا اولياء انهيءَ قسم جي ڪشف کي تڇ ڪري ليکيندا آهن ۽ نڪي ڪي انهن ڳالهين جي حقيقت سڻائيندا آهن، جن جو انهن کي خدا جي طرفان حڪم نه هوندو آهي، بلڪ هو اهڙي قسم جي ڪشف کي پاڻ لاءِ آزمودو ڪري سمجهندا آهن ۽ ان جي غلبي کان پناه گهرندا آهن. +اصحاب سڳورا به اهڙو روحاني مجاهدو ڪندا هئا، ۽ ڪشف ۽ ڪرامت جا صاحب هئا، پر هو انهن ڳالهين جي پرواه نه ڪندا هئا. چئن خليفن جي فضيلتن ۾ اهڙين ڪيترين ئي ڪرامتن جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح صوفي طريقي جا وڏا مهندار، جن جا نالا امام قشيري جي رسالي ۾ درج ٿيل آهن ۽ جن ساڳيو رستو اختيار ڪيو، سي به اصحابن سڳورن جي پيروي ڪندا هئا ۽ ڪشف ۽ ڪرامت تي ڪو ڌيان ڪونه ڏيندا هئا. +جڏهن پونين صوفين جو زمانو آيو تڏهن منجهائن ڪي جاڳيا، جن ڪشف حجاب (پردا دور ڪرڻ) ۽ غيب جي ادراڪ کي خاص اهميت ڏني ۽ رياضت جا طريقا مخت��ف ٿي پيا. هرهڪ فريقي حواسن کي مارڻ ۽ ذڪر جي رستي روح جي طاقت وڌائڻ لاءِ جدا جدا تعليم جا نمونا وضع ڪيا، انهيءَ لاءِ ته روح کي ڪامل نشو و نما بعد پنهنجو ذاتي ادارڪ حاصل ٿئي. جڏهن انهن کي هي مرتبو مليو، تڏهن ڀانيائون ته سارو وجود (ڪائنات) اسان جي ادراڪات ۾ منحص آهي، ۽ اسان کي تمام موجوُدات ۽ ان جي حقيقتن جو علم عرش کان وٺي فرش تائين معلوم ٿي ويو. اها ڪيفيت امام غزالي صاحب پنهنجي ڪتاب ”احياءَالعلوم“ ۾ رياضتن جي صورت بيان ڪرڻ بعد لکي آهي. +ڄاڻڻ گهرجي ته صوفين وٽ اهو ڪشف تيتر صحيح ۽ ڪامل نه چئبو جيتر اهو استقامت تي ٻڌل نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪشف بعضي بک ۽ خلوت جي حالت ۾ به ٿيندو آهي، جيئن جادوگرن، نصارن ۽ ٻين رياضت ڪندڙن جي حالت ۾، جو اعتبار جو لائق نه آهي. اعتبار جو لائق اهو ئي ڪشف آهي جو استقامت مان پيدا ٿئي. مثلاً جڏهن محدب (ٻاهر نڪتل گولائي تي سطح وارو) يا مقعر (اندر پيٺل گولائيءَ تي سطح وارو) آئينو ڏسندڙ جي منهن مقابل رکبو ته سنديس صورت اُبتي ڏسڻ ۾ ايندي، پر جيڪڏهن آئينو مسطح (سڌو) هوندو ته صورت به سڌي ڏسڻ ۾ ايندي، تنهن ڪري استقامت به روح لاءِ ائين آهي جيئن مٿاڇري جي سڌائي آئيني لاءِ، بنسبت انهن حالتن جي جن جو پرتوو ان ۾ پوي ٿو. +[1] ماهنامي ”نئين زندگي“ جون 1956ع تان ورتل. +[2] ماهنامي ”نئين زندگي،“ اپريل 1952ع تان ورتل. +[3] هي مضمون ماهنامي ”نئين زندگي،“ جي نومبر ۽ ڊسمبر 1962ع ۽ جنوري 1963ع جي شمارن تان ورتل آهي. +[4] انهيءَ مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته تصوف ڪو انهيءَ زماني ۾ موجود هو، فقط ان جا بنيادي اصول موجود هئا: +[5] ابوالقاسم عبدالڪريم القشيري (352، 465هه/ 986، 1074ع) وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. السلامي ۽ ابوعلي الدقّات جو شاگرد هو. سندس مشهور تصنيف ”رسالہ الي جماعت الصوفية بيبلدان الاسلام“ (رسالہ انقشيري)، جو هن 438هه (1046ع) ۾ لکيو، تصوف جو اصل ليکيو ويندو آهي. +[6] مختلف رايا ته صوفي جو لفظ ”صافي“ جو مجھول آهي، يا ”اصحاب الصفہ“ يا ”بنوصوفة“ يا ”صفوة الفضا“ مان نڪتو آهي، سڀئي زٽ آهن. حقيقت ڪري صوفي لفظ اٺين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ ۾ استعمال ڪيل ٿو ڏسجي. (ڏسو: اينسائيڪلو پيڊيا آف اسلام، جلد 4، ماده تصوّف، ص 681). +[7] ابو عبدالله الحارث بن اسد الحاسبي، وفات بغداد 243هه/ 857ع +[8] اسلام جو وڏو مجتهد، مصلح ۽ فيلسوف ابو حامِد بن محمّد الطوسي الشافعي (504ه505ھ 1058، 1111ع) جنهن فلسفي ۽ تصّوف کي هميشہ لاءِ اسلامي تعليمات سان ملائي ڇڏيو. سندس وڏو ڪارنامو ”احياءُ علوم الدين“ آهي، جنهن بابت چيل آهي ته جيڪڏهن اسلام جا ٻيا سڀ ڪتاب ناس ٿي وڃن ۽ فقط احياءُ باقي رهي ته به اسلام کي ڪو جوکو ڪونه پهچندو. +[9] ملائڪن جو افق مٿانهين ۾ مٿانهون مقام آهي، جنهن تي روح پهچي سگهي ٿو. + + +جڏهن پونين صوفين اهڙي ڪشف کي ايتري قدر اهميت ڏني ۽ علوي ۽ سفلي موجودات ۽ ملڪوت، روح، عرش، ڪرسي وغيره جي حقيقتن بابت ڪلام ڪرڻ لڳا، تڏهن اُهي ماڻهو جي سندن طريقي کان ناواقف هئا ۽ سندن ذوق ۽ وجدان جي پوري پروڙ نه هين، سي اهي ڳالهيون سمجهي نه سگهيا. فقيهن مان ڪن سندن انڪار ڪيو ۽ ڪن اقرار، ڇاڪاڻ ته وجداني ڳالهين ۾ دليل ۽ حجت ڪنهن به ڪم جي نه آهي. ڪن مصنفن ڪوشش ڪئي ته صوفين جي مذهب موافق موجودات جا اسرار ۽ ان جون حقيقتون ترتيب وار کولي بيان ڪن، پر ائين ڪرڻ ڪري پاڻ مسئلي کي اهل ظاهر لاءِ وڌيڪ ڳوڙهو ۽ پيچيدو بنائي ڇڏيائون. جيئن ابن الفارضن[1] جي قصيدي جي شارح فرغانيءَ [2] پنهنجي شرح جي ديباچي ۾ ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: ���سارو وجود وحدانيت جي صفت مان نڪتو آهي، جا وري احديت جي مظهر آهي؛ ۽ اهي ٻئي وري ذات پاڪ مان نڪتيون آهن، چوندا آهن، صوفين وٽ تجلّيات جو پهريون مرتبو آهي ”ذات پاڪ جي پاڻ تي تجلّي (ظهور)“، جنهن ۾ ئي سڀ وجود ۽ ظهور جي فيضان جو ڪمال سمايل آهي، جيئن خود خدا صوفين جي مشهور حديث [3] ”ڪنت کنزاً مخفيا فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق ليعرفوني.“ ۾ فرمائي ٿو. يعني ته مان هڪ لڪل خزانو هوس. دل ٿيم ته سڃاڻجان، تنهن ڪري مون خلق کي پيدا ڪيو انهيءَ لاءِ ته مون کي سڃاڻن. +انهي ڪمال کي، جو وجود (عالم) جي تدريجي ايجاد (پيدا ٿيڻ) ۽ حقيقتن جي تفصيل ۾ متضمن آهي، معنائن جو عالم (عالم المعاني)، ڪمالي حضور (الحضرة الڪمالية) ۽ محمدي حقيقت (الحقيقت المحمدية) چوندا آهن ۽ انهيءَ ۾ صفات، لوح قلم ۽ سڀني نبين، رسولن ۽ اسلام جي ڪامل شخصين جون حقيقتون اچي وڃن ٿيون. اهو سڀوئي محمدي حقيقت جو تفصيل آهي. انهن حقيقتن مان وري ٻيون حقيقتون هُبائي حضور“ [4] ۾ ڦٽن ٿيون، جنهن کي ”مُثال“ [5] جو مرتبو به چئبو آهي. وري انهن هبائي حقيقتن مان عرش، ڪرسي، آسمان ۽ عناصرن ۽ ترڪيب جو جهان نڪرن ٿا. انهن سڀني کي گڏي عالم رتق چوندا آهن، ۽ جڏهن انهن شين جو ظهور ٿيندو آهي، ته ان کي عالم فتق چوندا آهن. انهيءَ مذهب کي اهل تجلّي يا مظهرن يا حضرات وارن جو مذهب چوندا آهن. اهي ڳالهيون اهڙيون پيچيديون ۽ منجهيل آهن جو اهل ظاهر هرگز سمجهي ڪين سگهندا، ۽ ازانسواءِ شريعت به ظاهراً اهڙي ترتيب جي برخلاف آهي. +ڪي صوفي وري مطلق وحدت جا قائل آهن. انهن جو بيان اهل تجلّي کان به زياده مغلق ۽ موڙهل آهي. هنن جي چوڻ موجب خود وجود ۾ اهڙيون قوتون رکيل آهن جي پکڙجي سگهن ٿيون. انهن قوتن جي ذريعي وجود جدا جدا حقيقتون ۽ صورتون وٺي ٿو. عناصرن ۾ ڪي قوتون آهن، جن جي ڪري انهن عناصرن جي صورت ورتي. اهڙي طرح خود ماده ۾ هڪ اهڙي قوت آهي. جنهن جي وسيلي ماده وجود ۾ آيو. هرهڪ مرڪب شيءِ ۾ عنقري قوتن کان سواءِ هڪ اهڙي قوت آهي، جا ترڪيب جي تقاضا ڪري ٿي. مثلاً هرهڪ معدني شيءِ جي هيولا ۾ عنصري قوتن جي علاوه معدني قوت آهي. وري حيواني قوت ۾ معدني قوت کان سواءِ خود پاڻ ۾ هڪ وڌيڪ قوت رکيل آهي. ساڳيءَ طرح انساني قوت ۾ حيواني قوت سان گڏ ٻيو ڪجهه وڌيڪ آهي. عالم افلاڪ يعني ملائڪن ۾ وري نه رڳو انسابي قوت، پر ٻيو به ڪجهه اسرار آهي. اهڙوئي هال ٻين روحاني ذاتين جو آهي. اها قوت جا سڀني قوتن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ۽ ملائي ٿي سا الاهي قوت آهي، جا سڀني جزئي ۽ ڪلّي موجودات ۾ پکڙيل آهي، ۽ جا سڀ کي ملائي ۽ گهيري ٿي، نه ظهور يا خفا جي لحاظ سان ۽ نه صورت يا ماده جي لحاظ سان، تنهن ڪري سڀ ڪجهه هڪ آهي، اها خود الاهي ذات آهي جا في الحقيقت هڪڙي ۽ سادي آهي، رڳو اعتبار ان جو تفصيل ڪري ٿو يا ان کي ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو. مثلاً انسان ۾ انسانيت ۽ حيوانيت رليو مليون پيون آهن ۽ هڪ ٻئي تي مدار رکن ٿيون، پوءِ بعضي انهن کي جنس ۽ نوع ۽ بعضي جُز ۽ ڪُل سڏين ٿا. +مطلب ته مطلق وحدت جا قائل هر طرح ترڪيب ۽ ڪثرت کان ڀڄندا آهن، ۽ چوندا آهن ته حقيقت ۾ ڪثرت آهيئي ڪانه، فقط وهم ۽ خيال ان کي قائم ڪيو آهي. ابن دهقان (؟) انهيءَ مذهب جي تقرير ۾ چيو آهي ته سندن وحدت بابت قول، فيلسوفن جي قول وانگر آهي ته ”رنگن جو وجود روشنائي تي منحصر آهي. روشنائي نه هوندي ته رنگ ڪنهن حالت ۾ نه رهندا.“ ساڳيءَ طرح انهن صوفين جي خيال موجب سڀني محسوس شين جو وجود حواسن جي ادراڪ جي وسائل سان ٻڌل آهي. جيستائين حواس آهن تيستائين سڀڪجهه آهي. جيڪڏهن حواس گم ٿي ويندا ته وجود جو تفصيل بالڪل نه رهندو. حواسن جي ڪري ئي آهي جو سردي ۽ گرمي، ڏاڍائي ۽ نرمائي جو احساس ٿئي ٿو. زمين، پاڻي، باه، آسمان، تارن وغيره جو وجود سڀ حواسن تي منحصر آهي، ڇاڪاڻ ته تفصيل ۽ ترتيب آهي ته انساني حواسن ۾؛ ۽ نه اصل وجود ۾. جيڪڏهن اهي تفصيل ڪندڙ حواس نه رهندا ته موجودات مان به تفصيل نڪري ويندي ۽ فقط هڪڙو ئي ادراڪ رهندو. ان جو مثال هي آهي ته جڏهن ماڻهو سمهي ٿو، تڏهن ان جا حواس بيڪار ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري کيس تمام محسوسات جو پتو نٿو رهي. رڳو سندس خيال ڪي محسوس شيون سندس ذهن ۾ موجود ڪري ٿو. پر جيڪڏهن ڪو جيئري جاڳندي پنهنجي حسي قوّت وڃائي وهي ته انهي حالت ۾ پڻ کيس تفصيل جي ڪا شناس ڪانه رهندي. هي آهي معنيٰ صوفين جي قول جي ته جهان ۽ ان ۾ سڀ موجود شيون وهمي ۽ موهوم آهن. هي آهي ابن دهقان موجب اهڙن صوفين جي اصول جو خلاصو. +حقيقت ۾ اهو بيان بالڪل ڪريل ۽ نا درست آهي. مثلاً اسان کي پڪ آهي ته اهو شهر، جنهن کان اسين ٿي آيا آهيون يا جنهن ڏي اسين وڃي رهيا آهيون سو ضرور موجود آهي، اگرچه اسان جي نظر کان غائب آهي. اهڙيءَ طرح آسمان، تارا ۽ ٻيون جيڪي شيون اسان جي نظر کان دور آهن، تن جي وجود جا قائل آهيون. هر آدميءَ کي انهن جي وجود جو يقين آهي، ۽ ڪوبه پنهنجي دل کي انهيءَ باري ۾ ڌوڪو نه ڏئي سگهندو. ازانسواءِ پونين صوفين مان محقق چون ٿا ته ”مريد کي ڪشف جي حالت ۾ اهڙيءَ وحدت جو رڳو توهم پيش اچي ٿو، جنهن کي ”مَقامَ الجَمع“ (گڏ ٿيڻ جو مقام) چوندا آهن، پر ستتئي انهي مقام کان پار پئي موجود شين جي وچ ۾ تميز ڪري سگهندو آهي، جنهن کي ”مقام الغرق“ (جدا ٿيڻ جو مقام) ڪري سڏيندا آهن. اهو عارف محقق جو مقام آهي. هو ائين به چوندا آهن ته معرفت بي انتهائي درجي تائين پهچڻ کان اڳ مريد ضرور ”مقام الجمع“ جي اٽڪ کان لنگهڻو آهي، جا هڪ سخت اٽڪ آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڊپ آهي ته متان مريد اتيئي بيهي رهي ۽ پنهنجو سودو وڃائي وهي. +انهن پونين صوفين مان، جن ڪشف ۽ غيب جي باري ۾ گفتگو ڪئي آهي، گهڻا حول ۽ وحدت جا قائل آهن. جهڙوڪ هروي [6] جو ڪتاب ”اَلمَقامات“ ۽ ٻيا. ابن العربي [7] ۽ ابن سَبعِين [8] ۽ سندن شاگردن ابن العفيف[9] ۽ ابن الفارض ۽ النّجمُ الاسماعيلي[10] پنهنجي قصيدن ۾ سندين پيروي ڪئي آهي. جيئن ته انهن صوفين جا وڏا پونين اسماعيلي رافضين سان ملندا جُلندا هئا، جن جو حلول ۽ امامن جي الاهيت ۾ اعتقاد هو، جو اڳين اسماعيلين ۾ موجود نه هو. انهن صوفين ۾ ساڳيا خيال اچي ويا ۽ ٻنهين فريقن (صوفين ۽ اسماعيلين) جي عقيدن ۽ قولن ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي پئي. اهڙي طرح صوفين جي ڪلام ۾ ”قطب“ جو لفظ اچي ويو، جنهن جي معنيٰ آهي ”عارفن جو رئيس“، جنهن بابت سندن دعويٰ آهي ته ڪوبه سنديس معرفت جي درجي کي پهچي نٿو سگهي؛ جڏهن مرندو تڏهن ئي ٻئي ڪنهن عارف کي ساڳيو مقام ورثي ۾ ملندو +شيخ ابن سينا [11] پنهنجي ڪتاب ”اشارات“ ۾ تصّوف تي بحث ڪندي چيو آهي ”جَلِّ جَنابُ الحقَ اَن يکُونَ شرعَة لِکُلِّ واردِ اَويَطّلِعَ عليہِ اِلاّالواحِدِ بَعدِ الواحِدِ“ يعني ته حق تعاليٰ جو درجو انهيءَ کان مٿي آهي جو هر شخص ان کي پهچي سگهي يا ان جي معرفت فقط هڪ جي مرڻ بعد ٻئي کي حاصل ٿئي. مطلب ته انهيءَ دعويٰ لاءِ نه عقلي حجت آهي ۽ نه شرعي دليل. اهڙو ساڳيو اعتقاد رافضي پنهنجن امامن جي باري ۾ رکندا آهن. اهڙي طرح صوفي، قطب کان پوءِ ”ابدالن“ جي وجود ۾ اعتقاد رکندا آهن، جو پڻ رافضين جي نقيبن ۾ اعتقاد موافق آهي. ايتري قدر جو تصّوف جو خ��قو، جنهن کي صوفي پنهنجي طريقي ۽ عام ماڻهن کان علحدگي جي نشاني سمجهندا آهن، سو به چوندا آهن ته حضرت علي رضه وٽان آيو، اگرچه حضرت علي رضه ٻين اصحابن کان يا ماڻهن کان علحدگي يا لباس جي طريقي ۾ بلڪل الڳ نه هو، بلڪ رسول صلعم کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه زهد توڙي عبادت ۾ سڀني ماڻهن کان سرس هئا. ديني ڳالهين ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه بيان ٿيل نه آهي، جنهن جو خاص لاڳاپو انهن مان ڪنهن به هڪ سان هجي. در حقيقت سڀ اصحاب سڳورا دين، زهد ۽ مجاهدي ۾ سهڻو مثال هئا. اهوئي سبب آهي جو فاطمي امام بابت روايتون اهڙن صوفين کان منقول آهن. روايتون جن جي اثبات يا نفيءَ بابت اڳين صوفين جي ڪتابن ۾ ڪوبه ذڪر ناهي. اهي ڳالهيون اصل ۾ شيعن ۽ رافضين جي ڪتابن مان ورتائون. پوءِ فقيهن ۽ فتويٰ ڏيندڙن انهن ڳالهين جا رد ڪد لکيا ۽ انهن مسئلن سان گڏ طريقت جي ٻين ڳالهين جو به انڪار ڪيائون. +درحقيقت ڏسبو ته صوفين جو ڪلام چئن قسمن جو آهي: +1. اهو جنهن ۾ مجاهدن، نفس جي محاسبي، ذوق ۽ وجد جي حصول ۽ مقامات جي ترقيءَ جو ذڪر آهي. +2. اهو جنهن ۾ ڪرامتن ۽ ڪائنات جي شين تي تصرف جو ذڪر آهي. +3. اهو جنهن ۾ ڪشف ۽ غيب جون ڳالهيون درج آهن. جهڙوڪ ربّاني صفتون، عرش، ڪرسي، ملائڪ، وحي، نبوت، روح، سڀڪنهن غائب توڙي حاضر موجود جون حقيقتون، ۽ عالم جي تڪوين (جوڙ) جو ذڪر. +4. اهو جنهن ۾ وهم وجهندڙ لفظ ذڪر ڪيل آهن. جن کي پنهنجي اصطلاح ۾ ”شطحيات“ ڪري چوندا آهن، جن جي ظاهر معنيٰ مشڪل آهي، ۽ جن مان ڪي چڱا، ڪي بُرا ۽ ڪي تاويل جا لائق آهن. +پهرئين قسم جي خوبين بابت ڪنهن کي به اعتراض ٿي نٿو سگهي. ٻيو قسم يعني غيب جون خبرون ۽ تصّوف، سي به صحيح آهن ۽ سندن انڪار ڪري نٿو سگهجي، اگرچه ڪن عالمن انهن جو انڪار ڪيو آهي، پر اهي حق تي ناهن. ٽيو قسم ته دنيا اهڙين ڪرامتن سان ڀري پيئي آهي. اصحابن ۽ سلف صالح کان اهڙيون گهڻيون ئي ڪرامتون مروي آهن. ٽئين قسم بابت جيڪو صوفين جو ڪلام آهي، سو اڪثر ”متشابہ“ (يعني تمثيل) آهي، ڇاڪاڻ ته اهو وجداني آهي. جو ماڻهو وجدان ۽ ذوق کان خالي آهي، سو اهي ڳالهيون سمجهي نه سگهندو. لغتي عبارت صوفين جي معنوي ارادن جي ادا ڪرڻ کان قاصر آهي. ڇاڪاڻ ته لغوي عبارتون فقط انهن شين جو تعبير ڪري سگهنديون، جيڪي حواسن سان پروڙي سگهجن، تنهنڪري اهڙي قسم جي ڪلام تي ڪوبه اعتراض وٺڻ نه جڳائي، ۽ قرآن جي متشابہ آيتن وانگر انهيءَ تي بحث نه ڪجي. اها هڪ خدائي ڏات آهي جو ڪو شخص، اهڙي قسم جو قولن کي شريعت موافق سمجهي سگهي. باقي رهيو چوٿين قسم وارو ڪلام. شڪ ۾ وجهندڙ لفظ، جن ڪري شرع وارا صوفين تي اعتراض وٺندا آهن؛ ليڪن حق ائين آهي ته انهن لفظن تي اعتراض نه وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته صوفي سڳورا اهڙي قسم جا الفاظ صرف اهڙيءَ حالت ۾ واتان ڪڍندا آهن، جڏهن هو حواسن کان غائب ٿي ويندا آهن ۽ مٿن هڪ اهڙي قسم جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. جو سواءِ قصد جي اهڙا ڪلما چئي وهندا آهن. اهي جيڪي هوش ۽ حواس کان خطا هوندا آهن يا لاچاريءَ ڪري ڪو اجايو ڪم هٿان ٿي ويندو اٿن، سي معافيءَ جا لائق ۽ معذور آهن. انهيءَ ڪري اهي صوفي جي پنهنجي فضل ۽ اقتداء ڪري مشهور ٿي گذريا آهن، تن جي اهڙن قولن کي چڱيءَ نظر سان ڏٺو ويو. وجد ۽ حال جو ظاهري لفظن ۾ تعبير ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي ادا لاءِ خاص عبارت گهرجي ابويزيد بسطامي [12] ۽ ٻين جو حال جاچي ڏسو، جڏهن انهن اهڙن جذبن کي لفظن ۾ اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر اهو صوفي جنهن جو فضل ۽ تقويٰ مشهور ۽ معروف ناهي. سو جيڪڏهن اهڙا ڪ��ر جا ڪلما چوندو ته اهو گرفت جو لائق آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي حق ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي جا عالمن کي تاويل تي مجبور ڪري. اهڙيءَ طرح جيڪو پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ اهڙا گفتا ڪڍندو، سو به سزا جو لائق آهي. انهيءَ بناء تي فقيهن ۽ وڏن صوفين اتفاق سان ”حلاج“ جي قتل جي فتويٰ ڏني، ڇاڪاڻ ته هن باوجود هوش ۽ حواس جي ”اَناالحق“ جو ڪلمون واتان ڪڍيو. +اڳيان صوفي سڳورا دين جا وڏا پيشوا ٿي گذريا آهن. کين حجاب جي ڪشف (پردي دور ڪرڻ) يا اهڙي ادارڪ حاصل ڪرڻ جو حرص نه هوندو هو. هوُ هميشہ نبوي سنت جي پيروي ڪندا هئا، ۽ ڪنهن کي به جيڪڏهن ڪشف جو غلبو ٿيندو هو ته ان تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندا هئا. بلڪ هو اهڙي ڪشف کي آزمايش ۽ اٽڪ ڪري سمجهندا هئا. هو خيال ڪندا هئا ته اهو نفساني ادارڪ آهي، ۽ ساري موجودات انسان جي ادراڪ کان ٻاهر آهي. تنهنڪري هو شريعت تي محڪم ٿي رهندا هئا، ۽ ڪڏهن به پنهنجي مڪاشفات کي ظاهر نه ڪندا هئا. جيڪڏهن سندس سنگتين کي مجاهدي جي حالت م ڪشف ٿيندو هو ۽ پردا دور ٿي ويندا هئن، ته انهن کي پڻ انهيءَ باب ۾ خوض ڪرڻ کان روڪيندا هئا.ڪشف ۽ شهود بعد به شريعت جي اهڙي اقتداء ڪندا هئا، جهڙي هوش ۽ حواس جي حالت ۾، ۽ پنهنجي مريدن کي پڻ هدايت ڪندا هئا ته شريعت تي قائم ۽ پختا رهو.در حقيقت مراد جو اهڙوئي حال هئڻ گهرجي ۽ ائين نه ته هو ڪشف ۽ شهود تي مفتون ٿي پوي ۽ ان کي مقصود بالذّات ڪري سمجهي، والله الموفّق للصواب. +____________ +عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر [13] +هيءَ مشهور تصنيف علامه دائود پوٽي مغفور، ڪئمبرج يونيورسٽيءَ کي پي. ايڇ. ڊي جي سلسلي ۾ پيش ڪئي هئي. اُن جي باب اول جو ترجمو، جنهن کي علامه ”ديباچو“ لکي ٿو، هت پيش ڪيو وڃي ٿو. مون هن ڪتاب جو ترجمو، علامه جي حياتيءَ ۾ اردوءَ ۾ ڪيو هو. افسوس جو منهجي سستيءَ جي سبب ڪتاب شايع ٿي نه سگهيو. هي هڪ عالمانه ۽ محققانه تصنيف آهي، جنهن کي علامه وڏيءَ محنت ۽ عرقريزيءَ سان پيش ڪيو آهي. اُن وقت جي عظيم مستشرقين، ڊاڪٽر تڪلسن ۽ ڊاڪٽر ميگٽيڪارٽ، هن تحرير جي وڏي ساراه ڪئي هئي، ڊاڪٽر صاحب جي هن علمي تحقيق مان خبر پوي ٿي ته وٽس تحقيقائي ذوق جي ڪيڏي نه فراواني موجود هئي. اُها علمي تحقيق، جنهن کي علامہ شبلي پنهنجي تصنيف ”شعرالعجم“ ۾ اڻپورو ڇڏيو. برائون پنهنجي تصنيف ”ادبياتِ ايران“ ۾ فقط ان جو خاڪو ڏيئي سگهيو، تنهن کي علامہ تڪميل تي پهچائي، پنهنجي غير معمولي علمي سِتعداد جو ڪمال ڏيکاريو آهي: هن باب مان اسان کي علامہ جي اديبانه ۽ مورخانه عظمت جو نشان ملي ٿو. هي باب ٿوري حذف کان سواءِ، اڳ ۾ ”ڊاڪٽر مودي يادگار جلد.“ ۾ ”فارسي شاعري ۽ عربي شاعريءَ جا اوائلي تعلقات“ جي عنوان سان شايع ٿيو هو. هاڻي هن کي ٿوري تبديليءَ سان شامل ڪيو ويو آهي. +لطف الله بدوي. +ابتدائي اسلامي ٻن صدين ۾ فارسي شاعريءَ جي تاريخ اڪثر خالي نظر اچي ٿي. هن طويل زماني ۾ عربي زبان اڪيلي حڪومت ڪندي رهي. هوءَ سياست، مذهب ۽ فنونِ جميلہ جي زبان هئي. ايران جا شاعر ۽ اديب، پنهنجيءَ وطني زبان تي ان کي فوقيت ڏيندا رهيا. عهد عباسيہ جا فارسي، عربي مصنف، جي فنِ تاريخ ۽ فلسفہ اللغات جي طرف شديد رغبت جو اظهار ڪندا ٿي رهيا، تن پنهنجي وطن جي شاعريءَ جي نوادرات کي گڏ ڪرڻ ۾ گهٽ انتفات کان ڪم ٿي ورتو. انهن ۾ اهي به هئا جي قديم ايران جي تاريخ ۽ تمدن تي لکڻ وارا هئا. هو پنهنجي لاءِ عربي کي ئي پسند ڪندا رهيا. شايد ان جو سبب هيءُ هجي، جو فارسي ان وقت تائين ادبي ڪمال حاصل ڪري نه سگهي هئي، يا ان زماني ۾ لک�� جو اسلوب عربي زبان ۾ هو. ايراني اديبن جي طرف کان هن جمود ۽ سڪوت ڪيترن قديم ديوانن کي فراموش ڪري ڇڏيو هوندو؛ ڪيترا وطني شاعر پنهنجي آواز کي ٻڌائڻ کان سواءِ، ملڪ جي ڪنهن گوشي ۾ گمنام مدفون ٿيا هوندا؛ ۽ ڪيترا سلف عُود جي تارن کي ڇيڙڻ کان سواءِ، پنهنجي خلف کي نشان ڏيڻ بغير گذريا هوندا! اهڙيءِ ريت اسان کي ظهورِ اسلام کان ٻه صديون پوءِ جو سندن نظمي دفتر ملي نه سگهيو آهي، نه وري سابق ساساني تذڪرا دستياب ٿي سگهيا آهن. شايد هي دفتر عرب فتوحات جي باعث ناياب ٿي ويا هجن يا خود ايراني عالمن جي غفلت جو شڪار ٿيا هجن. پر عرب فتوحات کان اڳ ۽ بعد، ايران ۾ شاعريءَ جي موجود هئڻ ۾ ڪو شبهو ٿي نٿو سگهي. قديم زماني ۾ ڪن مغنين جا نالا اسان کي ملن ٿا: جهڙوڪ باربر، بامشاد ۽ ٻيا، جي پنهنجي طرز ۾ مشهور هئا. جيئن ته موسيقيءَ ۽ شاعريءَ جو پاڻ ۾ سنٻنڌ آهي، تنهن ڪري شاعريءَ جو انڪار ٿي نٿو سگهي. [14] +حقيقياً قديم فارسي شاعريءَ جي ڪهڙي صورت هئي، اُها صحيح طور تي معلوم نه آهي (2) غالباً اها ٻن قسمن جي هئي: غنائيه (balled)، ۽ رزميہ (epic). ٻئي طرف فخرالدين اسد گورگانيءَ جي عشقيہ تصنيف ”ويس ورامين“ (240)، جنهن کي پهلوي شعر کان فارسي شعر ۾ تبديل ڪيو ويو هو، بحر ۽ قافيي کان خالي نظر اچي ٿي (3). هيءَ حقيقت اسان کي وضاحت سان يقين ٿي ڏياري ته قديم ايراني شاعري، فن جي لحاظ کان، شاعريءَ جي اصولن کان قطعي ناواقف هئي(4). اهو ئي سبب آهي جو مسلمان مصنفن قديم فارسي شاعريءَکي صحيح شاعري شاعري ڪرڻ ۾ تامل کان ڪم ورتو آهي. ڇاڪاڻ ته اها خليل بن احمد (100، 170هه) جي قائم ڪيل علم عروض جي قانونن جي ڪسوٽيءَتي نٿي لڳي سگهي. +اهڙيءَ ريت عوفي ۽ شمس قيس، ٻئي قبول ڪن ٿا ته خسرواني دور ۾ باربد جا نغما، وزن ۽ قافيي کان سواءِ، ادبي جهلڪ کان محروم هئا، حالانڪ اهي بادشاهن جي تعريف سان لبريز هئا. انهن جي خلاف هيءَ به قياس آرائي آهي ته قديم فارسي، يونانين وانگر پنهنجي شعر ۾ قافيي جو استعمال نه ڪندا هئا. هيءَ به حقيقت آهي ته ڪنهن هسوني يا هشوبي (؟) نالي واري مصنف اهڙي قسم جي غير مقفيٰ لفظن کي هڪ ڪتاب ۾ جمع به ڪيو هو، جنهن جو نالو ”يوبہ نامہ“ (ڪتاب الشتياق) رکيو هو، جو اسان کي ڊاڪٽر پال هارن جي راءِ ڏي وٺي ٿو وڃي ته اگرچه قديم زماني ۾ قافيي جو رواج نه هو، پر وٽن شاعري جا لوازما ضرور موجود هئا. قومي نغمن ۾ سندن نظمن جي مقدار کان قطع نظر، هرهڪ نظم ”اوستا“ وانگر لفظن جي زير ۽ بم تي موقوف هو. هيءَ اسان جي نظريي جي ثبوت واضع سَنَد آهي (5). انهيءَ ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته قديم غنائية فارسي شاعريءَ ۾ هڪ قسم جو وزن ۽ قافيو هوندو هو ۽ اهو ڪنهن حد تائين قبل اسلام جي رجز جهڙو هو، جو هيٺين عبارتن مان معلوم ٿيندو. +”تاريخ سيوستان“ جو مصنف لکي ٿو ته هيٺيون گيت زردشتي موبد (پروهت) ڪرڪايه جي آتشڪدي ۾ ڳائيندا هئا (6)، جنهن عبادتگاه کي ڪيخسرو، نور جاويد (هوش گرشاسپ) جي ياد ۾. سيستان ۾ تعمير ڪرايو هو (7)، هي نور مٿس ان وقت ظاهر ٿيو هو، جڏهن هو انهن ضلعن ۾ عفريتن سان جنگ ۾ مشغول هو. انهن لاتعداد گيتن مان هڪ هتي درج ڪجي ٿو. +فرخت بادا روش +همي پرست از جوش +دوست بدا گوش +هميشہ نيکي کوش +خنيدن گرشا سپ هوش +نوش کن ميء نوش +بہ آفرين نهاده گوش +دمي گذشت و دوش +شاها خدا يگانا بہ آفرين شاهي. +هن کان دليل وٺي سگهجي ٿو ته ايران جي ملڪي شاعري، ساساني عهد ۾ خواه سنہ هجريءَ جي ابتدائي ٻن صدين ۾ سادي قسم جي هئي. هن رجزي نموني جي شعر جو وڌيڪ ثبوت يزيد بن مفرغ اله��ياري جي سٽن مان به صاف نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هڪ قياسي شهادت عبدالله بن زياد جي ڏاڏيءَ سميہ بابت آهي جنهن کي معاويه پهرئين جي حڪم سان بصري جي گهٽين ۾ تشهير ڪيو ويو هو.(8) +آبست و نبيذ است حصارات و ذبيت است +سميہ رويءَ سفيد است. +هيٺيون شعر جو بلخ جي رهواسين سال 119هه ۾، خاقان کان اسد بن عبيدالله جي عارضي شڪست تي ڳايو هو، اسان جي دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو (9): +ازختلان آمدي +آباره باز آمدي +برو تباه آمدي +فشک و نزار آمدي. +(ختلان کان تون آئين، تباه حال آئين، بي خانمان ۽ برباد آئين،پريشان ۽ بيقرار آئين.) +مٿئين حوالي وارو شعر رجز جي مثال جو نمونو آهي. هن کان هيءُ صاف ٿي وڃي ٿو ته اوائلي فارسي شاعريءَ ۾ وزن، قافيو ۽ لوازمِ شاعري ڪيتري قدر موجود هئا، جي شعر جي واسطي ٽي ضروري مطلوبہ حالتون آهن. +بهرام گور، جنهن جي بابت عام طرح مشهور آهي ته هو فارسي شاعريءَ جو پهريون موجد هو. (10)، ۽ جنهن جي ديوان (؟) کان عوفيءَ بخارا ۾ استفادو ڪيو هو، ان بابت المسعودي ظاهري ڪري ٿو ته هن ڪجهه انداز عربي ۽ فارسي شعرن جو جمع ڪيو هو، مگر ان جي حوالي ڏيڻ کان اختصاراً گريز ڪري ٿو (11). شايد هي اشعار ان وقت جي فارسي شاعريءَ جي قبول ڪيل نموني مقرر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ها، مگر نه مسعوديءَ ۽ نه ٻين مورخن ان جي زياده تصديق ڪئي آهي(12). +[1] عظيم صوفي شاعر عمر ابن الغارض (وفات قاهرہ 632هه/1335ع)، جو پنهنجي تائيہ قصيدي ”سقتني حميا الحب راحة مقلتي“ ۽ ٻين سلوڪي قصيدن ڪري مشهور آهي. +[2] محمد بن احمد الفرغاني (وفات 700هه/ 1350ع) پهريون شخص آهي، جنهن ابن الفارض جي ”تائية“ تي شرح لکيو. +[3] ان تيميہ فرمايو آهي ته اها حديث پيغمبر صلعم جو ڪلام ناهي، يعني ته اها صوفين جي جڙتو حديث آهي. +[4] يعني ذرات جو عالم، حضرت يا حضور مان مراد آهي خدا جو مظهر. صوفين وٽ ”حضور“ جا ڪيترائي درجا آهن. ”هبائي“ نڪتل آهي ”هبا“ مان، جنهن جي معنيٰ آهي ”اهي خاڪ جا باريڪ ذرڙا، جي ڪنهن سج جي ڪرڻن سان روشن ٿيا ڪوٺيءَ جي فضا ۾ ترندا ڏسڻ ۾ ايندا آهن“، صوفين وٽ ”هبا“ مان مراد آهي اهو مظهر، جنهن جي وسيلي خدا تعاليٰ هيولا کي شڪل ڏيئي شين کي وجود ۾ آڻيندا آهي. تعريفات جي مصنف موجب ”هبا“ اها شيءِ آهي جنهن ۾ خدا عالم جي شڪل يا صورت ظاهر ڪري ٿو. اگرچه هبا کي ڪو خاص وجود ڪونهي، سواءِ انهن صورتن جي جيڪي خدا تعاليٰ منجهس ظاهر ڪيون آهن، تنهن ڪري ان کي ”عنقا“ به چوندا آهن، ڇاڪاڻ ته عنقا کي ڪو حقيقي وجود ناهي“ +[5] مثال _ خواب. +[6] عبدالله بن محمد بن اسماعيل الانصاري الهروي (هرات جو ويٺل)، مشهور صوفي ۽ حنبلي فقيہ (وفات 481هه/ 1088، 1089ع). سندس ڪتاب ”منازل السائرين“ جي وڏي ناموس آهي. +[7] محي الدين ابن العربي (560،638هه/ 1165، 124ع) اصل انداس راسپين) جو ويٺل هو ۽ دمشق ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب”فَصُوص الحکم“ ۽ ”الفُنُوحاتُ المکيّہ“ تصّوف جا اهم ڪتاب آهن. کيس ”اَلشيّخُ الاَ ڪبَرُ“ (صوفين جو وڏو شيخ) ڪري چوندا آهن. ”همہ اوست“ يا ”وحدتُ الوجود“ جو متو رکندو هو. +[8] ابو محمد عبدالحق بن ابراهيم الاشبيلي. عرب فيلسوف ۽ صوفي برادريءَ جو باني، ابن العربي وانگر مرسيہ جي شهر ۾ ڄائو هو، ۽ سنه 668هه/ 1296ع) ڌاري مڪہ شريف ۾ وفات ڪيائين. +[9] ابن العفيف جو احوال معلوم ٿي نه سگهيو. +[10] شايد نجم الدين ڪُبرَي (540، 618هه/ 1145، 1226ع). مشهور ايراني صوفي،جو خوارزم تي ڪاهه ۾ مغلن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. سندس صوفي خيال اڳين صوفين ۽ ابن العربيءَ جي خيالن جو وچ آهن. +[11] ابو علي سينا (وفات 428هه/ 937ع) ��سلام جو وڏو فيلسوف ۽ طبيب، جنهن جا ڪتاب ”شفاء“ ۽ ”قانون“ ڪيترين صدين تائين يورپ جي درسگاهن ۾ پاڙهيا ويندا هئا. +[12] ابويزيد بسطامي مشهور ايراني صوفي (وفات 260هه، 74، 875ع)، جو وجد ۾ اچي چوندو هو ”سبحاني ما اَعظم شانِيَ“ يعني پاڪائي جڳائي مون کي، منهنجو ڪيڏو نه شان آهي! +[13] ماهنامي ”نئين زندگي“، نومبر 1968ع تان ورتل. +[14] حوالا ۽ اشارا مضمون جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن. + + +”اوستا“ جي خاص نظمي عبارتن کان سواءِ، جي حقيقت ۾ ڪنهن شاعر جي بجانبيءَ جا غير جذباتي خيال هئا، اسان وٽ مشڪل سان قبل اسلام جي شاعري ميسر ٿئي ٿي. انکان زياده افسوسناڪ واقعو هيءُ آهي ته سنہ هجريءَ جي اوائلي ٻن صدين ۾، انهيءَ ئي شاعريءَ بابت نهايت گهٽ حقيقت حاصل ٿي آهي، هن جو سبب شايد مربيانه ڪاوشن جي قلت يا اسباب جي تبديلي هجي، مگر فارسي شاعريءَ جي مڪمل گم هجڻ لاءِ ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته اهي راوي، جي غنائيه شاعريءَ (ballad) جا خزانا جمع ڪري، پنهنجن جانشينن واسطي سينہ بسينہ محفوظ رکندا ايندا هئا، سي آهستي آهستي غائب ٿيندا ويا. +هن بحث کان اسان جو مقصد هيءُ نه آهي ته فارسي شاعريءَ جو اولين موجد تحقيق ڪيو وڃي، مگر هيءُ واضع ڪرڻو آهي ته پهريائين ڪهڙي شاعر کي چمڪڻ جي عزت نصيب ٿي. اگرچه ٻيا ڪيترائي شاعر اُتي وسندا هوندا، مگر فقط انهن جا نالا به اسان جي ذهن تائين نه پهتا آهن. حنظلہ (13) متوفي قبل 248 هجري)، جنهن بابت تذڪره نويسن ڪجهه مختصر حقيقت ڏني آهي، واحد شاعر هو جو طاهريہ دور (205، 259 هجري) ۾ ڪماليت جي درجي تي پهتو. +فارسي شاعريءَ جي جمع ڪرڻ وارن ته يعقوب بن ليث جي همعصر شاعرن جي وجود کان بيخبريءَ جو اظهار ڪيو آهي. ان وقت، جڏهن هن پنهنجي حڪومت کي مستحڪم بڻايو هو، انهن ۾ يعقوب بن ليث جو ڪاتب، واصف السجزي خاص اهميت رکي ٿو (14). +”تاريخ سيستان“ جو مصنف لکي ٿو ته امير يعقوب جڏهن پنهنجن دشمنن کي زير ڪري، سال 253 هجري ۾، طاهريه نواب کان هرات جي شهر جو قبضو حاصل ڪري، شهزادي محمد (248، 259هه) کي مجبور ڪيو ته هو اُن کي سيستان، ڪابل، ڪرمان ۽ فارس جو فرمانروا تسليم ڪري ۽ اهڙيءَ ريت جڏهن هو سيستان، جي دارالحڪومت ۾ داخل ٿيو ته ان جي آمد تي شهر وارن وڏو جشن ڪيو؛ ۽ شهر جي وڏي قاضي ابو احمد عثمان بن عفان (متوفي 255هه) جمعي جي خطبي ۾ ان جو نالو پڙهيو ۽ سندس فتح تي شاعرن عربيءَ ۾ قصيدا پڙهيا. جيئن ته يعقوب عربيءَ کان ناواقف هو، سو چوڻ لڳو ته ”ماڻهو اهو ڇو چئي رهيا آهن ته مان سمجهي نٿو سگهان“. هيءُ ٻڌنديئي محمد بن واصف، جو ان وقت تي موجود هو ۽ وڏو اديب شمار پئي ٿيو، تنهن في البديہ هي اشعار ٻڌائڻ شروع ڪيا (15): +1. اي اميريکہ اميرِ جهان خاص و عام +بنده و چاکر و مولاي وسگ بند و غلام +2. ازلي خطي در لوح کہ ملکي بدهيد +بي ابو يوسف يعقوب بن الليث همام +3. بسام آمدو رتبيل لتي خورد بلگ +لتره شد لشکرِ رتبيل وهبا گشت کنام +4. لمن المک بخواندي تو اميرا به يقين +با قليل الفتح کت داد دران لشکر کام +5. عمر عمار ترا خواست و زر گشت بَري +تبغ تو کرد سانجي بميان و دو دام +6. عمر او نزد تو آمد کہ تو چون لوح بزي +در آکار تنِ اُو سرِ اُو باب طعام +ترجمو +1. اي امير، تنهنجي اڳيان دنيا جا ننڍا خواه وڏا شهزادا خدمتگار، دريان؛ درباري، سگ بند ۽ غلام آهن. +2. ازل کان لوح تقدير تي نقش هو ته سلطنت ابو يوسف يعقوب بن ليث بهادر کي ڏني وڃي. +3. بسام (16) مطيع ٿيو. رتبيل (17) کي ٽنگ تي زخم لڳو. فوج جا سپاهي ٽڪرا ٽڪرا ٿيا، ۽ انهن جون جانيون خاڪ ۾ ملي ويون. +4. تو، اي امير، يقين سان پڪاريو ته اڄ ڪنهن جي لاءِ بادشاهت آهي (18)، ڪنهن توکي قليل تعداد سان ڪثير فوج تي فتح ڏني. +5. عمار تنهنجي حياتي وٺڻ گهري، مگر هو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. تنهنجي تلوار وحشي ۽ پاليل جانورن لاءِ فيصله ڪُن ثابت ٿي. +6. ان جي حياتي توکي چوندي آئي ته نوح جي طرح تون زنده رهين. ان وقت ان جو جسم ”آڪار“ جي دروازي تي ۽ اُن جو سِرُ ”سَر طعام“ جي دروازي تي لٽڪي رهيو هو (19).) +ابتدائي فارسي شاعرن جي اشعار مان، جي هنن يادگار ڇڏيا آهن، معلوم ٿئي ٿو ته هو خاص موقعن تي شعر قلمبند ڪندا هئا، يا جڏهن اهو اهم واقعو ظهور ۾ ايندو هو. انهن ۾ اڪثر عربي شاعريءَ جا استاد هوندا هئا. هو ٿورين خصوصي ڳالهين جي تحريڪ سان فارسيءَ جي طرف آسانيءَ سان غور ڪرڻ لڳا. اهوئي سبب آهي جو فارسيءَ شاعريءَ جي ابتدا توصيفي ۽ مديحي طرز سان. +دولت صفاريہ جي عروج کان گهڻو اڳي، ايراني موسيقي عرب ۾ پهچي چڪي هئي، جنهن ڪري عربي موسيقيءَ کي سخت ضرب لڳي. ابن مسجہ مڪيءَ پهريائين فارسي موسيقيءَ کي عرب سان روشناس ڪيو. هن ڳائڻ جو هنر ايراني ڪاريگرن کان سکيو، جن کي عبدالله بن زبير ڪعبي جي مرمت لاءِ مقرر ڪيو هو. +صائب خشير مدني پهريون شخص هو، جنهن ايراني ڇوڪرين کان طنبور وڄائڻ سکيو (20)، جن کي عبدالله بن عامر بن قريظه مديني آندو هو. سندن آقا هڪ ايراني نشيط (21) نالي هو. هن کان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ڳائڻ وارين ضرور پنهنجي وطني زبان ۾ گيت ڳايا هوندا (22). خليفي هارو الرشيد فارس کان هڪ مشهور طنبور نواز، سنياد نالي، انهيءَ لاءِ گهرايو هو ته هو فيصلو ڪري ته ابراهيم موصلي ۽ زلازل مغنين مان ڪهڙو مغني وڌيڪ ترجيع جي لائق آهي(23). +هن کان پوءِ ابوتمام طائي شاعر 190، 231 هجري) جو واقعو آهي، جو ابراشير (24) ۾ هڪ دعوت وليمہ جي موقعي تي ڳائڻ واريءَ عورت کان مسحور ٿي چڪو هو. اگرچه هو سندس نغمي جو مطلب سمجهي نه سگهيو هو، جنهن جو افسوس هن پنهنجي شعر ۾ هن طرح ڪيو آهي (25): +ولم افهم معانيها وللڪن +درت ڪبدي فلم اجهل شجاها +فبت ڪانني اعميٰ معني +يحب الفانيات و ما يراها. +(مان ان جي معنيٰ ته نه سمجهي سگهيس، مگر هن منهنجي دل کي روشن ڪيو آهي. مان سندس مسرت ڀريل نغمن کان تجاهل نٿو ڪري سگهان، ان ڪري مان هڪ انڌي ماڻهوءَ وانگر رهجي ويس، جو هڪ رقاصہ جي محبت سان تعلق ته رکي ٿو، مگر ان کي ڏسي نٿو سگهي) +ابن رومي 221، 283هه) به فارسي موسيقي جي رس ڀريءَ شرينيءَ کان واقف هو. هو چوي ٿو (26): +فامزج غناء المحسنات لکاسها +يغناء عجم في الجنان فصاح. +(شراب جي دور جي وقت، ڳائڻ وارين فصيح عورتن ساڻ ملي وڃ، باغن ۾ عجم جي فصيحن جي موسيقيءَ وانگر.) +وقت گذرڻ تي هيءَ موسيقي زياده ڪشادي ٿيندي ويئي، تان جو ”رودڪي“ جي صورت ۾ حقيقي شاعري ظاهر ٿي. ٻن خاموش صدين آخر پنهنجو آواز اُن ۾ لڌو. هڪ بربط نواز جي حيثيت ۾، هن بلند خيال شاعر بڻجي، فن کي جمع ڪيو، جنهن سان اسين فارسي شاعريءَ جي هر قسم کي منسوب ڪري سگهون ٿا، ۽ اڃا تائين اسين ان جي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون. سندس اڳيان ۽ پويان گهڻائي شاعر گذريا هوندا، جن پنهنجي شاعريءَ جو قيمتي ورثو ڇڏيو هوندو، مگر وقت جي ظالم هٿن ان کي برباد ڪري ڇڏيو. ساماني ڪتبخاني جو اتفاقي نذر آتش ٿيڻ (998ع)، بت شڪن محمود جي هٿان بواحد جي ڪتبخاني جي بربادي (420هه)، هن ڳالهه جي ڪافي شهادت آهي ته اتي جمع ٿيل ڪتاب ضرور ضايع ٿيا هوندا، ۽ علم ۽ فن جي غارتگر وحشي تاتارين ته هنن ڪارنامن تي ضرور تباهي آندي. ناصر خسرو (ولادت 394هه وفات 481هه)، جي زماني ۾، ان کان بعد ابتدائي فارسي شاعرن جا ديوان خاص طرح پڙهيا ويندا هئا. ان جي سفرنامي مان هيءَ ڳالهه اسان تي واضع ٿئي ٿي ته جڏهن هو تبريز ۾ هو (صفر 22 بسال 438هه)، تڏهن سندس ملاقات هڪ فارسي شاعر ”قطران“ سان ٿي هئي، جتي ٻنهين گڏجي ”دقيقي“ ۽ ”منجيڪ“ جي ديوان کي پڙهيو هو (27). +هن ۾ شڪ نه آهي ته اسان جي تذڪره نويسن ابتدائي شاعرن جي ڪلام ۾ دخل اندازي ڪئي هئي، مگر اسان وٽ اهوئي پهتو آهي، جو سندن معيار تي پورو آيو. ان ڪري اسان وٽ بلڪل گهٽ تعداد انهن شعرن جو باقي آهي، جي اسان وٽ مختلف مجموعن کان حاصل ٿيا آهن. مثلاً، اسديءَ جي ”لغات فارس“، سرويءَ جي ”مجموعہ لغات فارس“ ۽ ٻيا مقالا، جي ”شعوريءَ“ پنهنجي ضخيم لغات ”لسان العجم“ ۾ شامل ڪيا آهن. هن مواد جي قحط ۾ اسين صحيح طور فيصلو ڪري نٿا سگهون ته ابتدائي فارسي شاعر ڪيتري قدر عربي شاعريءَ کان متاثر ٿيا هئا. مگر هن حقيقت کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي ته ٻن صدين تائين ايران عربي اثر جي ماتحت رهيو، جنهن سندس معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي خالن تي گهرو اثر ڇڏيو. انهن سببن جي هوندي به، ابتدائي فارسي شاعريءَ جا متفرقات جي اسان تائين پهتاآهن، انهن ۾ تاثر جا غير انڪاري نشان موجود آهن، جي ايندڙ بابن ۾ بيان ڪرڻ اسان جو خاص مقصد آهي. +حوالا ۽ اشارا +1 +. ابو هلال العسڪري (395هه) ظاهر ڪري ٿو ته ”قديم ايرانين جو شعر موجود هو. اهو ايترو ته گهڻو هو جو ڪتابن ۾ جمع ٿي نه سگهيو هو.“ ساڳيو مصنف اڳتي لکي ٿو ته ”ايرانين جو شعر موجود هو، جنهن ۾ سندن تاريخ ۽ جنگين جو ذڪر هو. اهو شاهي ڪتبخانن ۾ موجود هو، پر زبان جي زواليت سان، سندن شاعري به مفقود ٿي ويئي ۽ سندس زبانن تي فقط عربي شاعري رهجي ويئي.“ (تفصيل، ص 217، التحفة البهيعه). +2. جيڪسن، ”اوائلي شاعري“، ص 2. +(3) ”ويس ورامين“، ايڊيشن ڪيپٽن ليز، ڪلڪتو، 1865ع. ساڳي راءِ الجاحظ (160، 225هه) جي به آهي. هو ظاهر ڪري ٿو ته هر قوم هڪ ٻئي طريقي سان پنهنجي گذريل آثار ۽ تاريخي روايتن کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. عربن پنهنجي روايتن کي شعر ۾ محفوظ رکيو جا انهن جي خصوصي وصف هئي. پارسين عظيم آتشڪدا، جيئن ته اصطخر ۽ مدائن، قلعا ۽ پليون يادگار ڇڏيا. +اهڙي ريت عربن انهن جي برابريءَ ۾ غمدان، قصر معرب ۽ ابلق تيار ڪيا، تان جو شعر جي دنيا ۾ واحد دعويدار رهن (”ڪتاب الحيوان“، جلد 1، ص 36). +4 ”لباب“، ص 2001، المعجم“، ص 170 +5. ”معيار الاشعار“، ليڊن، دستخط ڪوڊيڪس، ص 683 وارن، ص 65، برٽن ايڊيشن، 167، ص 4 ب. هي ڪتاب مفتي سعدالله رامپوريءَ، نصيرالدين طوسيءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جنهن ان جي شرح ”ميزان الافڪار“ جي نالي سان لکي آهي (لکنو، 1362هه). العسڪري ظاهر ڪري ٿو ته فارسي ۾ آواز جا نغما ٿيندا آهن، جي شعر وانگر جمع ڪيا ويندا آهن. لفظن کي طويل ڪيو ويندو آهي، تان جو صوتي نغما وزن وانگر ظاهر ٿين. اگرچه اهي الفاظ نثري صورت ۾ هوندا هئا. ”ڪتاب الصناعييتين“، ص 103 +(6) ”مشرقي خلافت جون زمينون“، ص 242 +(7) هيءَ حقيقت مرزا عباس اشتياني طهرانيءَ جي مضمون تان ورتي ويئي آهي، جا ”ڪاوه“ رسالي، عدد 2، جلد 2، نئين سلسلي ۾ درج آهي. ”تاريخ سيستان“ جي مصنف جو نالو معلوم نه آهي، پر هيءَ حقيقت آهي ۽ تصديق تائين پهتل آهي ته هو تاتاري مصائب جي زماني ۾ ٿي رهيو. ملڪ ناصرالدين والحق ۽ ان جا ٻه پٽ، ملڪ معظم رڪن الدين ۽ شاه معظم نصرةالدين، سندس مربي ۽ سرپرست هئا. هو ان وقت سيستان جا حڪمران هئا. ان جي تصنيف مان معلوم ٿي ٿو ته ڪتاب 675 ۽ 680 هجريءَ جي وچ ۾ لکيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ صفاريه خاندان جون بي بها حقيقتون درج آهن. ان کان سواءِ قديم فارسي شاعريءَ جا ڪيترا انتخاب منجهس ڏنا ويا آهن. رودڪيءَ جو پهريون غزل ”ما در ما...“ مرزا قزوينيءَ هن ڪتاب کان ورتو آهي. ڏسو جرنل رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، اپريل 1926ع +(8) يزيد بن مفرغ الهمياري، معاويه اول (661، 680ع) جي حڪومت جي دور ۾ رهندو هو، ۽ سال 688ع ۾ فوت ٿيو؛ يعني سنہ هجريءَ جي شروع کان 60 سال پوءِ. سياسي تضاد جي باعث، عبيدالله بن زياد کيس دور سجستان ۾ جلاوطن ڪيو هو، ۽ ان کي اتي قيد ڪري رکيو هئائين. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ابن قطه، ص 209، 213 ”طبري“ مان هن اشعار جو حوالو منهنجي جستجو آهي. هيءَ هڪ اتفاق جي ڳالهه هئي ته سال 1931ع ۾ مون کي ”بيست مقالہ قزويني“ جو هڪ نسخو، آقائي هوشنگ، ائنڪليسرا فورٽ پرنٽنگ پريس کان، سوکڙي طور ڏنو هو. مان ورق گرداني ڪندي ڏٺو ته فاضل اديب مون وانگر هن تي بحث ڪري، هن کي ظهورِ اسلام کان بعد جي اوائلي شاعري شمار ڪيو آهي. +(9) ”طبري“، ج 2، ص 1602، 1603 +(10) ثعلبي: ”غيورار“، ايڊيشن زوٽنبرگ، ص 0577 هي ابن خردادبہ کان سند وٺي ٿو، مگر سندس ڪتاب ”المسالڪ والعمالڪ“ ۾ سندس ڏنل بيت اهي ئي رجز جي قسم جا آهن. (ليڊن، ص 118): +منم شير شلنبه منم ببر تله +اهي شايد هن عياش بادشاه جي فوري جذبات جو نتيجو هجن. هن موقعي تي دولت شاه جي ڏنل ڪهاڻي بهرام جي عقلي خلل جو دليل آهي. مگر عوفي، شمس قيس يا نظامي عروضيءَ هن جو ذڪر ئي نه ڪيو آهن. اگرچه ابن الفقيہ، عربي بيتن سان گڏ ان موقعي جو حوالو ڏنو آهي. (ڪتاب البلدان“، مرتبہ گوئجي، ليڊن، 1887ع، 56، 257). ٻئي طرف ثعلبيءَ (غيورار“ ص 235) بهرام جي هرڻ جو شڪار جي مهارت کي بلڪل ٻيءَ طرح جي ڪهاڻيءَ ۾ درج ڪيو آهي، جنهن ۾ ان جي محبوبه سازنده آزاد اوار پنهنجي حياتي زياده عياشيءَ ۾ ضايع ڪندي رهي ٿي. مگر اهي اشعار جي سندس ذات سان وابسته آهن، اصليت کان دور آهن. البت ابن خردادبہ جي نقل ۾ صداقت قريب نظر اچي ٿي. +(11) ”لباب“، ص 1، 19. +(12) ”مروج“، ج 2، ص 193: ”والہ اشعار کشيرة بالعربية والفارسية اعرفنا من ذڪرها في هذا الموضع طلبا الاختصار والايجاز“. +(13) هڪ محمد بن البائض (متوفي 235هه) آهي، جنهن جا نظم طبريءَ، مراغہ جي هڪ پوڙهي کان ٻڌا هئا (طبري، ج 3، ص 1300) ٻيا اوائلي نظم طويل زماني تائين نه مليا آهن. البت انهن بابت معلوم ٿيو آهي ته ابو مسلم محمد بن بحر اصفهاني جو هڪ نظم ابو الاشعت قميءَ بيان ڪيو هو. (ياقوت: ”معجم الادباء“، ليڊن، ص 431)، ابوالحغص حڪيم بن اهواز سفدي ٽين صدي هجريءَ جو رهڻ وارو هو، جنهن سان هيٺيون نظم منسوب ڪيو وڃي ٿو. هو هڪ ساز ”شهرود“ جو موجد هو؛ مگر اولين شاعر ٿي نٿو سگهي (”المعجم“، ص 170، 171؛ ”مفتاح العلوم“، ايڊيشن وارن). +آهوئي کوهي در دشت چگونه دودا +او ندارد يار بي يار چگونه دودا +(جبل جر هرڻ ڪهڙيءَ ريت ميدان ۾ رهي سگهي. هو. بي يار آهي، ڪهڙي ريت بي يار رهي سگهي.) +(14) اها حقيقت ”تاريخ سيستان“ تان ورتي ويئي آهي، جنهن لاءِ مان مرزا عباس اقبال اشّتياني جي مضمون (ڪاوه، نو سلسله، 1921، عدد 2) جو ٿورائتو آهيان. معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن واصف السجزي وڏيءَ عمر وارو هو. هن دولت صفاريہ جو عروج ۽ زوال پنهنجي اکين سان ڏٺو. جڏهن عمرو بن ليث، اسماعيل ساماني کان شڪست کائي سمرقند ۾ قيد ٿيو ته ابن واصف ان جي تسليءَ لاءِ هيٺيون سٽون لکيون هيون. +کوشش بنده سبب رنجش نيست +کاز قضا بود ترا عيب نيست +بود نبود از صفتِ ايزد است +بندہء درماندهء بيچاره کي��ت +اول مخلوق چو باشد زوال +کارجهان اول و آخر يکيست +قولِ خداوند بخوان ”فاستقم“ +معتقدي شو و بر آن باسيت +انهيءَ ئي قطعي ۾ هو صفاريہ خاندان جي زوال تي مرثيو لکي ٿو. ان جي آخري ٻن بيتن م هن خاندان جي آخري تاجدار امير طاهر بن محمد بن امير عمرو بن ليث کي خطاب ڪري ٿو، جو پنهنجي زندگيءَ جي اوقات ۽ خزاني کي فضول عياشيءَ ۾ ضايع ڪري رهيو هو، ۽ سيستان جي عرب آباديءَ جي رئيس اياس بن عبدالله جي حڪيمانه مشورن کان گريز ڪري رهيو هو. هي رئيس صفاريہ خاندان جو وڏو خير خواه هو، ۽ گهر يائين ٿي ته طاهر کي تباهيءَ مان ڪڍي، اوج ۽ ڪمال تي پهچائي. چون ٿا ته هن شهزادي کي هيٺينءَ ريت تنبيہ ڪئي هئي ته ”هيءَ سلطنت شمشير جي زور سان فتح ڪئي ويئي هئي. تون ان کي فضول عياشيءَ ۽ تنعم ۾ برباد ڪري رهيو آهين. سلطنت ڪڏهن به بي همتيءَ سان پائدار ٿي نه سگهندي آهي. بادشاه کي عادل، عالم، منتظم، بذله سنج، ۽ شمشير ۽ سياست جو مالڪ ٿيڻ گهرجي.“ مگر امير ان جي مشوري تي عمل ڪرڻ بدران، کيس پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو. +مملکتي بود شده بي قياس +عمرو بر آن ملڪ شده بود راس +از حد هند تا بحد چين و ترک +از حد زنگ تا بحد روم و کاس +راس ذنب گشت و بشد مملکت +زر زرد شد از نحوست نحاس +دولت يعقوب دريغا برفت +ماند عقوبت بعقب هر حواس +عمر عمرو رفت وزو باز ماند +مذهبِ روباه، بنس و نواس +اي چه غما آمد و شادي گذشت +بود دلم دائم ازين پر هراس +هرچه بکرديم بخواهيم ديد +سود ندارد زقضا احتراس +ناس شدند نشناس آنکہ همہ +وزهمہ نشناس بگشتند ناس +دورِ فلک گردان چو آسيا +لاجرم اين اُس همہ کرد آس +ملک ابا هزل نکرد انتساب +نور ز ظلمت نه کند اقتباس +جدوجهد يعقوب بايد همي +تاکہ ز جده بدر آيد اياس. +ابن واصف ۽ بسام کان سواءِ هڪ ٻيو عالم، جنهن جو محمد بن مخلد السجزي هو، جو اڪثر فارسي شعر قلمبند ڪندو هو، تنهن هيٺان ٽي شعر يعقوب کي خطاب ڪري لکيا هئا: +جز تو نزاد حوا و آدم نگشت +شير نهادي بدل و پر منشت +معجز پيغمبرِ مکي توئي +بکنس و منش و بگوشت +فخر کند عمار روزي بزرگ +کي همانم من که يعقوب گشت. +(15) وزن جي غير مناسبت، تشڪيل جي تقالت ظاهر ڪري ٿي ته نظم جو هيءُ ٽڪرو قديم وضع جو آهي. شايد ابن واصف جي فارسي شعر ۾ هيءَ ابتدائي ڪوشش هئي. ”تاريخ سيستان“ جو مصنف ظاهري ڪري ٿو ته ابن واصف پهريون شخص هو، جنهن فارسيءَ ۾ شعر لکيو. کانئس اڳ ڪنهن به اهڙيءَ ريت طبع آزمائي نه ڪئي هئي، ڇو ته جيستائين ايراني (ساساني) حڪومت ڪندا رهيا، ماڻهو خسرواني خيالات مطابق شعر چوندا رهيا. عربن جي آمد کان پوءِ ايرانين عربيءَ ۾ شعر لکڻ شروع ڪيو ۽ عربيءَ ۾ چڱيءَ ريت لکي ٿي سگهيا. يعقوب کان وڌيڪ سيستان ۽ فارس ۾ ڪوبه عظيم الشان حاڪم اڳ نه گذريو هو، جنهن جي تعريف ۽ شاعر قصيدا لکن. سواءِ حمزه بن عبيدالله الفحاري جي، جو خود عالم ۽ عربي ڄاڻڻ وارو هو. سندس سپاهي اڪثر عرب هئا. سندس مدّاح کيس عربي شعر ۾ خطاب ڪندا هئا. ”تاريخ سيستان“ جو مصنف لکي ٿو ته هي ڏنل قصيدو وڏو هو، مگر ان مان ڇهه اشعار قلمبند ڪيا ويا آهن. +(16) بسام ڪُرد انهن خارجين مان هو، جي يعقوب جي خدمت ۾ اطاعت ۽ صلح لاءِ آيا هئا. هو عالم هو. جڏهن هن واصف جو طريقو ڏٺو ته پاڻ به فارسيءَ ۾ شعر لکڻ لڳو. هيٺين شعرن ۾ عمار جي بدقسمتيءَ جو ذڪر ٿو ڪري: +هرکہ نبود او بدل متهم +بر اثر دعوتِ تو کرد نعم +عمر ز عمار بدان شد بري +کاوي خلاف آورد تا لاجرم +ديد بلا بر تن و جان خويش +عهد ترا کرد حرم در عجم[1] +مکہ حرم کرد عرب را خداي +عهد ترا کرد حرم در عجم +هرکہ در آمد باقي همه شدند +باز فنا شد کہ نديد اين حرم. +1. هو، جو مجرم نه هو، تنهن جي صداتي لبيڪ چئي اٿيو. +2. عمار کان حياتي جدا ٿي، ڇو ته هو تنهنجي سامهون ٿيو ۽ ان جو کيس يقين هو. +3. (عمار تنهنجي حياتي وٺڻ گهري، مگر هو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو.) هن پنهنجي جسم ۽ روح تي بلا ڏٺي، ۽ سندس جسم دنيا ۾ عذاب ۾ مبتلا رهيو. +4. خدا تعاليٰ عرب ۾ مڪي ۾ حرم بڻايو، مگر تنهنجي عهد ۾ عجم ۾ حرم بڻيو. +5. جو حرم ۾ آيو اهو غير فاني بڻيو، ۽ جو نه آيو اُهو برباد ٿي ويو. +هن ننڍڙي نظم ۾ ايرانين جو حد کان زياده مبالغو نظر اچي رهيو آهي. +(17) اوائلي زماني ۾ ڪابل ۽ سيستان جي حاڪم کي رتبيل سڏيندا هئا (بلاذري: ص 397، 402) +(18) قرآن پاڪ +(19) ”سر طعام“ ۽ ”آڪار“ سيستان جي دروازن جا نالا هئا. +(20) آغاني: 3، 85، نويري 4، 232. +(21) آغاني: 7، 180، نويري: 4، 237. +(22) وارن ڪريمر +(23) الجاحظ: ”ڪتاب التاج“، ص 40، 41. +(24) نيشاپور جو قديم اسلامي نالو. لي. اسٽرينج: ”مشرقي خلافت جون زمينون“. +(25) ديوان: بيروت ايڊيشن، ص 476 +(26) ”سفر نامہ“، ڪاوياني پريس، ص 8؛ پروفيسر براؤن: +”ادبي تاريخ ايران“، ج 2، ص 222 +(27) ديوان ڪامل گيلاني. +[1] هن سٽ کي صحيح ڪيو وڃي: گشت بعالم تن او در الم \ No newline at end of file