diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Articles/Book4.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book4.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Articles/Book4.txt" @@ -0,0 +1,3157 @@ +ڪتاب جو نالو: ادب - ٻولي- تعليم + + + +ادب - ٻولي - تعليم +محمد ابراهيم جويو +”جِت نه پَکيءَ پيرُ اُت ٽمڪِي باهِڙِي، +ٻيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙڪي کيرَ ري.“ +”هوءَ جا ٻري هير، ڪاڇي ڏونگَر ڪنڌئين، +ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيرَ ري.“ +”ڏونگر منجهه ڏياٽُ، صبح ڏٺم سُڃ ۾، +کاهوڙين کاٽُ، هَنيو در حق جي.“ +ساهه جيئن پيارن ساٿين +محمد عثمان ڏيپلائي +۽ +مولوي نور محمد سنڌيءَ جي نالي +”ڏونگرُ ڏُکارو ڏٺم ري ڏوٿئين +پَهڻن رُنو پاڻ ۾ سڄو ڏينهن سارو +ڳُجهو تِن ڳارو، چَپَرَ هُو، ڇَٽَ هئا.“ +پيش لفظ +”تاريخ ۾ فرد جي ڪردار“ تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو، ڳالهايو ۽ بحث ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هڪ مضبوط، صحتمند ۽ مربوط معاشرو ئي اهڙو بنياد ۽ سبب پيدا ڪندو آهي، جنهن ۾ اهڙا نسل پيدا ٿي سگهن جيڪي نه رڳو اُن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ افرادي قوت فراهم ڪن، پر ساڳئي وقت جڏهن قومون ۽ معاشرا پنهنجن داخلي توڙي خارجي سببن ڪري زوال، پستي، ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيندا آهن ۽ سندس روايتي ادارا اڪارج ٿي ويندا آهن. تڏهن به اُهي غير معمولي فرد ئي هوندا آهن جيڪي زمانن جا ذهن ۽ ضمير روشن ڪري، قومن جون تقديرون بدلائي، کين جياپي، جاڳرتا ۽ آجپي جا آدرش ڏيندا آهن. قومن ۽ معاشرن جي تاريخ ۾ اهڙن ڏکين وقتن ۽ دورن جو اچڻ هڪ معمول جي ڳالهه آهي، ۽ اهڙن دورن ۾ سندن ڏاها ۽ غير معمولي فرد ئي هوندا آهن جيڪي معاشرن کي بحرانن ۽ خطرن مان ائين ڪڍي ايندا آهن. جيئن ننڍڙن ٻارڙن کي چيچ مان جهلي، صحيح دڳ تي هلائبو آهي. هلندڙ ويهين صدي سموري انساني تاريخ جي ڏاڍي هڪ اهم صدي شمار ٿئي ٿي، هن ئي صديءَ ۾ ٻه عالمگير جنگيون لڳيون، سوين ننڍيون توڙي وڏيون قومون غلاميءَ تي صدين جي سنگهرن مان آزاد ٿيون. دنيا ۾ انيڪ فڪري انقلاب آيا. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم ۽ محڪوم طبقن سياسي اقتدار جون واڳون سنڀاليون. هن ئي صديءَ ۾ سرمائيداري نظام آڏو سوشلزم هڪ وڏو متبادل (Alternate) ٿي آيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيداري نظام ۾ به گهڻيءَ حد تائين پنهنجو روايتي انسان دشمن رويو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ دنيا ۾ ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور نه رڳو اُڀريو پر اُن عملي شڪل به ورتي. هن ئي صدي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ ايڏا وڏا ۽ غير معمولي انقلاب آيا، جو فطرت به انسان جي تخليقي سائنسي شعور آڏو هيڻي ٿي پئي آهي. ائين، جي هن صديءَ ۾ آيل تبديلين ۽ انقلابن جي وچور کڻبي، ته اُها شايد تمام ڊگهي ٿي وڃي. اسان جي وطن پاڪ، سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان به هن صديءَ کي خاص اهميت آهي. ٻين ڳالهين سان گڏ اُن جي ’سائيءَ‘ ڪُکُ هن صديءَ ۾ ئي برک عالم، مشاهير، تدبر، ڏاهپ ۽ بصيرت جا صاحب، بهادر ۽ اڻ موٽ انسان پيدا ڪيا. رشي ڏيارام گدومل، ديوان هرچندراءِ وشنداس، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، دادا ڄيٺمل پرسرام، مولانا عبيدالله سنڌي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، سائين جي ايم سيد، الله بخش سومري، ذوالفقار علي ڀُٽي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسي، شيخ اياز، استاد بخاريءَ، الهداد ٻوهيي، رسول بخش پليجي، سراج ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه تائين اهڙن ماڻهن جي وڏي Galaxy آهي، جن نه رڳو سنڌ کي شعور ڏنو پر جديد سنڌ جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ مان پنهنجيءَ پوري ذميواريءَ سان اهو چئي سگهان ٿو ته ان سفر جي هلندڙ پنڌ ۾ هڪڙي جنهن ”اُلوپ“ ۽ آدرشي انسان جو بنيادي هٿ ۽ ڪردار رهيو آهي- اهو آهي سائين محمد ابراهيم جويو. سنڌ جي نئين نسل کي پوريءَ طرح معلوم نه آهي ته روايتي معنائن ۾ نه پر سچ پچ به هن اُتم انسان سنڌ جي وجود جي بقا، همه گير اوسر ۽ اڏاوت لاءِ ڪيتريون نه اَڻ وسرندڙ ۽ اڻ ورج خدمتون سرانجام پئي ڏنيون آهن. تاريخ ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ڪي غير معمولي ڪردار رکندڙ ماڻهو پنهنجي ماٺيڻي مزاج، طبقاتي پس منظر ۽ حالتن جي جبر سبب حقيقي معنيٰ ۾ قومي سرواڻ هئڻ جي باوجود سدائين پس منظر ۾ ۽ ڪارڪن ٿي رهندا آهن. اسان جو جويو صاحب به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي. جديد سنڌ جي فڪري، ادبي بلڪ قومي تحريڪ جو هيءُ حقيقي سپہ سالار پنهنجيءَ وضعداريءَ ۽ ارپنا تمڪ (Dedicated) مزاج سبب سدائين هڪ ”سپاهيءَ“ جيان هليو آهي. لطيف سائينءَ سچ پچ به اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي: +”نانگ ٻڌي نينهنَ جي، ڪڇين ڪاڇوٽي، +جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي، +تنين جي چوٽي، پوربَ ٿيندي پڌري.“ +(شاهه) +يعني اهڙن ماڻهن جي عظمت جون بلنديون تڏهن ظاهر ٿينديون جڏهن جهالتن، غلامين ۽ اونداهين جا ڌُنڌ لهندا ۽ آزاديءَ، شعور ۽ روشنين جا پوربَ پڌرا ٿيندا. +* سنڌ ۾ جويي صاحب جو بنيادي ڪردار ۽ حيثيت، هڪ فڪري استاد ۽ سوُنهين واري آهي. سماجن ۽ قومن کي هڪڙي نفسيات ته سندن ڪلچر جي حوالي سان کين ورثي ۾ ملندي آهي، جڏهن ته سندن شعور جي تشڪيل ۽ قومي شخصيت (National Personality) جي تعمير انهن جا حقيقي دانشور ۽ مفڪر ڪندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ يورپ جي گذريل پنج سؤ سالن جي تاريخ ئي وڏو مثال آهي. پنڌرهين صديءَ تائين يورپ دنيا جو هڪڙو پس مانده ترين خطو هو پر سورهين صديءَ کان وٺي روشن خياليءَ ۽ نئين سجاڳيءَ (Enlightenment and Renaissance) جون تاريخ ساز ۽ لڳاتار فڪري تحريڪون ئي هيون، جن يورپ کي ترقيءَ جي اؤج تي رسائي ڇڏيو. ان سڄي عمل ۾ سندن مفڪرن ۽ دانشورن جو بنيادي ڪردار هو. سنڌ پنهنجي ڪلچر جي مزاج جي حوالي سان اڳ ئي هڪ ماٺيڻو ۽ ويڳاڻو سماج رهيو آهي، ٻيو ته سنڌ صدين کان دنيا کان ڪٽيل ۽ ڪنڊائتي رهي آهي. هڪ طرف سماجي ۽ سياسي سرشتو نهايت فرسوده ۽ ٻيو دنيا جي جديد سائنسي شعور جي پاڇي کان به پري. اهڙي پس منظر ۾ سنڌ جي هڪ غريب ۽ ڳوٺاڻي گهراڻي ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي ڏاهي ۽ اهل فڪر ماڻهوءَ جو پيدا ٿيڻ سنڌ لاءِ ڪنهن بخت ۽ ڀاڳ کان گهٽ نه هو. هيءَ ويهينءَ صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن جي ڳالهه آهي. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ آهستي آهستي سنڌ ۾ به شروع ٿي رهي هئي پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سوال اڃا ڪنهن جي ذهن ۾ به نه هو. خود جناح به ڪانگريس جو رُڪن هو. سنڌ ۾ علم ادب جي شعبن کان وٺي پارلياماني سياست تائين سنڌ ۾ قوم ٿي فقط هڪ حصي يعني هندن جي پيشقدمي هئي. مسلمانن جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو طبقو نسورو جاهل ۽ ڪوتاهه ذهن هو. سنڌي مسلمانن ۾ وچون طبقو اڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. اهڙي ماحول ۽ پس منظر ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي مفڪر شخص جي پيدا ٿيڻ کي مان سچ پچ، هڪ غير معمولي واقعو ٿو سمجهان. سنڌ به سياسي ۽ فڪري رجحان طور ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ طرف ڪانگريس هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ سنڌ ۾ ٻيون به ننڍيون ننڍيون تحريڪون ضرور هيون پر بنيادي طور فڪري حوالي سان اهي ٻه ڌارائون هيون. هي اُهو ئي دور آهي جڏهن سوويت يونين ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي چڪو هو. دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلسٽ تحريڪون تيز ٿي رهيون هيون. هندستان ۾ علم ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز ٿي رهيو هو. فڪري حوالي سان هندستان ۾ ايم اين راءِ (M. N. Roy) جي فڪري لهر به اُڀري رهي هئي. اُن سڄي ماحول ۾ ڇاڪاڻ ته راءِ جي فڪري تحريڪ ٻين سمورين تحريڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ترقي پسند، سائنسي ۽ فلسفيانه شعور رکندڙ، عوام دوست ۽ مظلوم قومن جي حمايت ڪندڙ هئي، ان ڪري جويو صاحب ان ۾ شامل ٿيو. مان سمجهان ٿو ته هو شايد سنڌ بلڪ هن خطي جو پهريون ماڻهو هو جيڪو 'Royist' ٿيو. يعني هن جڏهن پنهنجي شعور جون اکيون کوليون ته هن جي مفڪرانه تخليقي نظر پنهنجي دور جي سڀني کان اڳتي وڌيل شعور ۽ ان جي نمائنده تحريڪ تي پَئي. رڳو ننڍي کنڊ جي حوالي سان ئي نه پر عالمي حوالي سان به هو هڪ اهڙي فڪر جو سنڌ ۾ مُهندار هو، جيڪو نه رڳو انسان جي صدين جي فڪري پورهيي جو معروضي ۽ منطقي نتيجو هو پر پنهنجي عالمي تاريخي دور (World Historic Age) جو به سڀني کان اڳتي وڌيل، سائنسي، عقليت پسند ۽ عوام دوست فڪر هو. اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو جنهن صدين کان اوهام پرستيءَ ۽ خود فريب روحانيت پرستيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل سنڌي سماج ۾ سائنسي ۽ مادي شعور جو ڦهلاءُ ۽ ان جي ترويج ڪئي. هن ئي سڀ کان پهرين سنڌ ۾ ڪائنات، فطرت ۽ تاريخ جي مادي نظرين يعني ”جدلي ماديت“، ”تاريخي ماديت“، ”حياتيءَ جي ارتقائي نظريي ۽ ان جي سماجي اطلاق“ ۽ ”سيڪيولرزم“ کي متعارف ڪرايو. هن ئي سڀني کان پهرين سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رُجحان کي هٿي ڏني. يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سائنسي شعور جي نشاط الثانيه (Renaissance) جا بنياد سڀني کان پهرين سائين محمد ابراهيم جويي وڌا ۽ اُنَ منجهان ئي سنڌ بابت جويي صاحب جي غير معمولي نگاهه (Vision) جي پروڙ پوي ٿي. اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه علمي، ادبي، سياسي ۽ فڪري سطح تي تازو پختو شعور آهي، ان جي بنياد وجهڻ ۾ محمد ابراهيم جويي جو به وڏو هٿ هو. جيئن بنگال ۾ سماجي نشاط الثانيه جا بنياد راجا رام موهن راءِ وڌا هئا. راجا رام موهن راءِ بنگالي سماج ۾ تمام گهڻا ۽ بنيادي سڌارا آندا پر هو فڪري طرح روايتي مذهبي ۽ روحانيت پرست شخص هو. جڏهن ته جويي صاحب سنڌ ۾ جنهن جاڳرتا جا بنياد وڌا، اُها روايتي اوهام پرستي نه پر جديد سائنسي سوچ ۽ شعور جي حامل هئي ۽ آهي. مان جويي صاحب کي سنڌي سماج جو محض هڪ فرد نه پر فڪري فنامنا (Intellectual Phenomenon) سمجهندو ۽ سڏيندو آهيان- جيئن شيخ اياز به منهنجي نظر ۾ رڳو هڪ شاعر نه پر جديد سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فنامنا هو. جديد يورپ جي تاريخ ۾ يعني پنڌرهين کان اوڻيهين صدي تائين فڪري سطح تي ٽي بنيادي راهون روشن ٿيون، جن انسان جي ذهني تاريخ جو روايتي مزاج ۽ رُخ ئي ڦيري ڇڏيو ۽ اُهي هيون- يورپي عيسائي سماج ۾ مذهبي سڌارن جي تحريڪ (Reformation)، ارڙهين صديءَ جي آزاد خياليءَ (Liberalism) ۽ عقليت پسنديءَ (Rationalism) جي تحريڪ ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ ڊارون جو حياتي فطرت بابت ارتقائي نظريو ۽ مارڪسزم جو ڪائنات، فطرت ۽ سماجي تاريخ بابت مادي ۽ جدلي نظريو. جويو صاحب بنيادي طور انهن ٽنهي فڪري ڌارائن جي اجتماعي جوهر جي پيداوار آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو قومي سماج جنهن پستيءَ ۽ غلاميءَ جي حالت ۾ آهي، اُهو اهڙي ئي فڪر آڌار، پنهنجيءَ موجوده پست حالت مان نڪري، نئون جنم وٺي، اوسر، آجپي ۽ وقار جي اُتاهينءَ منزل کي رَسي سگهي ٿو. +* هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا والهانه وابستگي هجڻ گهرجي ۽ ان جي آئيندي جي سلامتيءَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اونَ ۽ دور انديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جو سوال وڏيءَ شدت سان اُڀريو ۽ مسلم حڪمران طبقن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو، ته جويو صاحب پهريون مستقبل بِين ۽ دور انديش ماڻهو هو جنهن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن، ڇو ��ه مسلمانن جي جنهن حڪمران طبقي ان ڏس ۾ سرگرم ڪردار ادا ٿي ڪيو، ان جي سياسي تاريخ ۽ مقصد ٻڌايو ٿي ته سندن نيتون ۽ نگاهون صاف نه هيون. جويي صاحب ان زماني ۾ ”سنڌ بچايو – وڏو کنڊ بچايو“ (Save Sindh, Save the Continent) نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ تفصيل سان سمجهايو ته سنڌ جي سياسي قيادت کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جويو صاحب شايد واحد سنڌي دانشور هو، جيڪو ان مسئلي تي ايترو واضح هو. ان کان پوءِ پاڪستان جي قيام کان فقط ٻه ٽي مهينا پهرين جويي صاحب سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو ۽ کين سمجهايو ته ننڍي کنڊ ۾ ايندڙ سياسي تبديلين جو ادراڪ رکي، نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ غير مشروط طور شامل ٿيڻ بدران هڪ کليل ۽ باضابطه معاهدي ذريعي، پنهنجن قومي مفادن ۽ تحفظ جي تقاضائن پٽاندر، مشروط طور شامل ٿيڻ گهرجي. جويي صاحب پنهنجي اُن خط ۾ اُهي شرط به واضح ڪيا پر ان زماني ۾ سنڌ جي جاهل وڏيرن ۽ سياستدانن ۾ ايترو شعور ۽ قومي فرض شناسي نه هئي (۽ اها صورتحال بدقسمتيءَ سان اڄ به بدستور ساڳي آهي). ان حوالي سان مان اِها حقيقت به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته جويو صاحب اُهو کليل خط ڇپرائي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ورهائڻ لاءِ پاڻ کڻي ويو هو، پر اُتي ساڻس هتڪ آميز سلوڪ ڪري کيس اُهي پمفليٽ ورهائڻ نه ڏنا ويا. جيتوڻيڪ اڄ ان واقعي کي اڌ صدي گذري چڪي آهي ۽ اسين اهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو. ان کان پوءِ به ۽ ويندي اڄ تائين سنڌ جي سموري قومي تحريڪ ۾، بظاهر پس منظر ۾ هجڻ باوجود به، جويي صاحب جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. هن ئي سنڌ ۾ وطن دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ جا بنياد وڌا. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار متعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اهو واضح ڪيو ته جيڪو سڄاڻ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ عوام ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ بقا لاءِ نٿو جاکوڙي، اهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نٿو سگهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ جو سوال هجي، ون يونٽ جو نفاذ هجي يا هر اهو موقعو ۽ مسئلو (Issue)، جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي وجود ۽ مستقل تاريخي مفاد کي خطرو درپيش آيو هجي، تڏهن جويو صاحب هڪ دانشور طور سدائين اهڙين تحريڪن جو روح روان رهيو آهي. اڄ به جڏهن جويو صاحب 83 ورهين جو ٿي چڪو آهي، تڏهن به هو فڪري توڙي عملي طرح واضح ۽ بلند آهي. هن جي چهري تي اڄ به علم، شعور ۽ پنهنجيءَ قوم سان اٿاهه وابستگيءَ سبب اورچائيءَ ۽ عزم جا اهڃاڻ عيان آهن. هو اڄ به هن ضعيف العمريءَ ۾ هر موقعي تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. پنهنجيءَ قوم جي نئين نسل کي اوهام پرستيءَ ۽ رجعت پسنديءَ بدران سائنسي علم ۽ فلسيفانه شعور جا سبق ڏئي ٿو، کين بدظنيءَ ۽ مايوسيءَ ۾ اُلجهڻ بدران اُتساهه ۽ جدوجهد جون راهون ڏسي ٿو. +* سنڌي سماج جي پست حاليءَ جو هڪ بنيادي سبب ان جي علمي غربت به آهي. ڪنهن به سماج جي علمي ۽ ذهني غربت (Intellectual impoverishment) ئي هر قسم جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي غربت ۽ محروميءَ جو سبب هجي ٿي. سنڌي سماج به صدين کان علمي غربت جو شڪار رهيو آهي. هڪ طرف اسين پاڻ ماضيءَ ۾ ڪي غير معمولي عالم ۽ صحيح سائنسي سُرتِ جا صاحب پيدا نه ڪري سگهياسين، ته ٻئي طرف ٻاهرين دنيا ۾ جيڪي سماج علمي ۽ فڪري تحرڪ جا ڳڙهه ۽ مرڪز هئا، تن سان به پوري لاڳاپي ۾ نه اچي سگهياسين. نتيجي ۾ هڪ طرف طويل علمي ۽ فڪري ويڳاڻپ جو شڪار رهياسين ته ٻئي طرف اسان ۾ شعور جي اُها پختگي پيدا ٿي نه سگهي، جيڪا تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو جوهر هوندي آهي. هلندڙ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اهو جمود ادبي ميدان ۾ ڪنهن حد تائين مرزا قليچ بيگ ٽوڙيو ۽ اڳتي هلي فڪري ۽ علمي ميدان تي اهو جمود اسان جي هن ڏاهي انسان محمد ابراهيم جويي ٽوڙيو. جيئن مرزا قليچ بيگ کان پهرين شيڪسپيئر، بيڪن ۽ ائڊيسن سنڌ لاءِ قطعي اوپرا هئا، تيئن محمد ابراهيم جويي کان پهرين پليو ٽارچ، روسو، جارج پوليزر، پائلو فراري، بلائيٽن، برٽالٽ بريخت، هاوَرڊ موئر، اسٽيَن زويگ، لارڊ بائرن ۽ ايم اين راءِ به اجنبي هئا. جويي صاحب پنهنجن مثالي ترجمن ۽ فڪري جاکوڙ ذريعي هڪ طرف سنڌ جي صدين جي علمي ۽ فڪري غربت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، ته ٻئي طرف دنيا جي جديد علم ۽ سائنسي توڙي فلسفيانه فڪر کي سنڌي سماج ۾ دخلڪار ڪري، سنڌ کي صدين جي روايتي فڪري ويڳاڻپ مان ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. اهوئي سبب آهي، جو شيخ اياز کان وٺي سراج تائين، حسام الدين راشديءَ کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائيءَ تائين، رسول بخش پليجي ۽ الهداد ٻوهيي کان وٺي ويندي فقير محمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا هن دور جا لڳ ڀڳ سڀ اڪابر جويي صاحب کي پنهنجو فڪري ۽ ادبي استاد سڏيندا رهيا آهن ۽ اهڙو اعزاز قومن جي تاريخ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. +* جويي صاحب جو هي ڪتاب ”ادب، ٻولي، تعليم“، سندس چونڊ لکڻين جي چئن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب آهي جيڪو روشني پبليڪيشن جهڙي سٺيءَ ساک رکندڙ اشاعتي اداري طرفان شايع ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هن سلسلي جو پهريون جلد نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ، هٿان شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي سنجيده پڙهندڙن وٽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. هن سلسلي جو هي ٻيو جلد (ادب، ٻولي، تعليم) به پنهنجي مواد جي علميت ۽ افاديت، چونڊ ۽ خاص رٿا ۽ ترتيب سبب وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ڪتاب جي سموري مواد کي موضوعن ۽ مزاج جي لحاظ کان درجي بند ڪري پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو ۽ ترتيب ڏنو ويو آهي. جيئن پنهنجي عنوان مان ظاهر آهي، هيءُ ڪتابُ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم جي ڪارج بابت جويي صاحب جي ويچارن، روين ۽ نقطهء نظر جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو. +ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ”ادبي سنگت“، ”مهراڻ“ ۽ ”سنڌو“ بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي، رحيمداد مولائي شيدائي ۽ احمد بشير جي لکيل مضمونن جي ’آراڌنا‘ (دعائيه پيشبنديءَ) کان پوءِ 1-1955ع کان وٺي 4-1956ع تائين ”مهراڻ“ جي اٺن اشاعتن ۾ غلام محمد گراميءَ ۽ جويي صاحب جي لکيل ايڊيٽوريلن، ٻارن جي ادبي پرچي ”گل ڦل“ ۾ غلام ربانيءَ ۽ جويي صاحب جي ادارين ۽ ”مهراڻ“ ۾ شيخ حفيظ، رسول بخش پليجي، جمال ابڙي، شيخ راز، محترمه شمس صديقيءَ، بشير مورياڻيءَ، ثميره زرين ۽ ٻين ادب دوستن جي ادبي خطن ۽ پڙهندڙن جي پيغامن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ”مهراڻ“ ۽ ”گل ڦل“ جا اداريا ۽ انهن ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جا خط ۽ پيغام شامل ڪرڻ جو هڪ خاص مقصد آهي- ۽ اُهو هيءُ آهي ته جيئن اها ڳالهه ادبي اتهاس جي ريڪارڊ تي به رهي ۽ هن دور جي نوجوانن کي معلوم به ٿي سگهي ته جويي صاحب اُن زماني ۾ جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ”مهراڻ“ جو سرپرست ۽ ايڊيٽر هو، تڏهن هُن ڪهڙيءَ سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهُري ۽ اُها عملاً ڪري به ڏيکاري. محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي اچڻ، سنڌي ادبي، ٻولي ۽ پس و پيش سنڌي عوام لاءِ ڀاڳ سڀاڳ ثابت ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ، دنيا جي جديد علمن ۽ فڪري سرچشمن جي ڦهلاءُ جي مرڪز ۽ ذريعي طور، انيڪ ��تابي رٿائن، دنيا جي شاهڪار ڪتابن جي سنڌيءَ ۾ ترجمن ۽ مهراڻ ۽ گل ڦل وسيلي دنيا جي جديد فڪري ادب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو مُهندار بڻجي ويو. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ان جو آئينه دار آهي. مهراڻ جي ادارين ۽ ان ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جي راين، تبصرن ۽ خطن جي مواد مان ئي پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏين نه بلندين تي کڻي ويو هو. اُنهيءَ ئي زماني ۾ جمال ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اڀريو، رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي بلوغت کي پهتي. مهراڻ جا هي اداريا ۽ پڙهندڙن توڙي اديبن جا تبصرا ۽ خط پڙهي محسوس ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ئي اُهو دور هو، جڏهن جديد سنڌي ادب ۽ شعور جا بنياد پئجي رهيا هئا ۽ ان سڄي سفر جي سرواڻي سنڌي ادبي بورڊ، مهراڻ ۽ پس و پيش سائين محمد ابراهيم جويي ٿي ڪئي. اڄ جڏهن اسان جي ادبي ماحول ۾ سنجيدگي، علميت ۽ فضيلت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي تڏهن مهراڻ ۽ گل ڦل ۾ ڇپيل هي مواد تِهائين وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو، جو اُنَ مان پروڙ پوي ٿي ته اُن دور ۾ جويي صاحب جهڙا ماڻهو ادب جي شعور ۽ تنقيدي روايت کي ڪيترو نه مٿاهين درجي ۽ سطح تي کڻي ويا هئا. ادب ۾ سنجيده رويا، روايتون ۽ رُجحان ئي اعليٰ ۽ معياري ادب جي تخليق جو سبب بڻبا آهن. ان لحاظ کان اُنَ زماني کي سنڌي ادب جي معيار ۽ افاديت جي حوالي سان سونهري دؤر چئي ۽ قرار ڏئي سگهجي ٿو. +ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ادب بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جا ۽ ٻيا جويي صاحب جا لکيل ادبي پڌرناما، مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ اجتماعن جي موقعي تي سندس پڙهيل صدارتي خطبا ۽ ادب بابت متفرقه مضمون ڏنا ويا آهن. جيتوڻيڪ جويو صاحب پاڻ اعليٰ پايي جو اديب آهي پر ادب بابت هن جو نظريو توڙي رويو عام رواجي قسم جو ۽ سطحي ناهي. جويو صاحب هڪ انسان دوست ۽ وطن دوست دانشور ۽ اديب آهي ۽ ساڳئي وقت هو فلسفي ۽ تاريخ جو شاگرد به آهي، ان ڪري هن جو ادبي نقطي نگاهه ڏاڍو گهرو، وسيع، لطيف ۽ بيحد ذميوارانه آهي. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، جيڪو ادب بابت آهي، دراصل جويي صاحب جي ادبي شعور ۽ ادراڪ جو آئينه دار آهي. اچو ته ان لاءِ سندس ئي بيان ڪيل بنيادي ڳالهين تي هڪ نظر وجهون: +”ادب رڳو واندڪائيءَ جي وندر نه آهي، پر ان سان گڏ انسان جي ذهن کي اڇي اُجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي جو پڙهندڙن جي دلين ۾ جذبا ۽ اُمنگ اُڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي، جو پنهنجي آسپاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪُڌاين، اوڻاين اَڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا اُمنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري ۽ سندن سامهون اُهي رستا ۽ طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو پنهنجي زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي آڻي سگهن.“ +”ڪافي وقت کان ۽ ويندي هيلتائين، سنڌي ادب جي دنيا ۾ جيڪا چرپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اُها گهڻي قدر هڪ خاص قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي ٿو. علمي، سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص اسان وٽ نه اڳ پيدا ٿيو آهي ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو پيدا ٿو ٿئي، پر خالص ادب جي ذخيري ۾ پڻ، جنهن ۾ شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ ڳڻيا اضافا ٿي سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي، سائنسي، فني ۽ اد��ي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ، مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ گهرجن...“ +”ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حسن ۽ عشق آهي، سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تت آهي ئي زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي وڌائڻ. اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي ئي اِنهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگيءَ جي ڪنهن ڪنڊ، ڪنهن پاسي، ۾ حسن پيدا ٿئي. شعر شاعري، اسٽيج ۽ ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اها سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. حسن جي تلاش عشق آهي؛ عشق جي منزل حسن آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه ۾ حسن ۽ عشق جي ڳالهه نه ڪئي، ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ نه ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي ٿي.“ +”اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو ۽ رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو ۽، هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُجسوٿي پوندو، ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻَئي ڪَڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽ مهاڄار ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون (هڪ رنگيءَ جون) اثر انداز آهن، پر اڳتي هلي ادب ۽ فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئيندي کي اونداهو ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ – پاسائون ۽ همه گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي جملي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي.“ +”سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو آهي ته اهو پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو انهيءَ معنيٰ ۾ ته اُهو هڪُ ڪرندڙُ وڏيرا شاهي، يڪ پيرو شاهوڪار شاهي، بيٺڪي سماجُ آهي. هاڻي، ان جا ماڻهو ۽ ان جا اڳواڻ پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اهو ئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀَرو ٿئي، ته سندن ادب کي اهو ئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو. يعني هڪ نجات ڏيندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول- نجات ڏيندڙُ ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود اعتماد، پُر اميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن: ۽ ائين خود ان جو پنهنجو آئيندو به اُنهيءَ ئي انداز ۾ اُنهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪ اهو سنڌي سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي فرض آهي ته پنهنجي ادب جي انهيءَ علم دوست، فڪر آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رُخ کي مستحڪم ڪن ۽ اُن کي انهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين- ڇو ته ان جي آئيندي جي راههَ اها ئي آهي ۽ ان جو آئيندو نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي انهيءَ ئي منزل سان ڳنڍيل آهي، جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي.“ +هاڻي اندازو لڳائي ۽ تصور ڪري سگهجي ٿو ته جويي صاحب وٽ ادب ۽ ان جي سماجي ڪارج جو تصور ڪيڏو نه سنجيده، ذميوارانه، گهڻ- پاسائون، لطيف ۽ بامقصد آهي. دراصل هيءُ ئي ادب جو اُهو اعليٰ تصور آهي، جنهن ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب تخليق ٿي سگهي ٿو جيڪو نه رڳو اسان جي ماضيءَ ۽ حال جو ترجمان هجي، قومي زندگيءَ جي سمورن تاريخي، سماجي، ثقافتي، سياسي، تخيلاتي، فطري ۽ آدرشي پاسن جي عڪاسي ڪري، پر آئيندي لاءِ به شعور، جاڳرتا، حُسناڪي، لطافت ۽ اُتساهه جو اهڃاڻ بڻجي. يعني ٿورن لفظن ۾ اهڙو ادب جيڪو لطيفي روايت جو امين هجي. جويي صاحب جي ادب بابت هنن سمورين تحريرن ۽ تقريرن ۾ نه رڳو اسان کي اهڙي ادب جو واضح ۽ وسيع تصور ملي ٿو پر پراُها رٿا بندي به ملي ٿي، جنهن وسيلي سنڌي ادب کي اُنَ گهربل معيار ۽ منزل تي رسائي سگهجي ٿو. خود جويي صاحب جو پنهنجو سمورو ادبي پورهيو ادب جي اهڙي سنجيده تصور ۽ روايت جو پاسبان آهي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهوَند ليکڪن تي جيترو اثر جويي صاحب جي ادبي فڪر ۽ شعور جو پيو ۽ پوندو رهيو آهي، ان جي ساک ۽ ثابتيءَ لاءِ اهوئي ڪافي آهي. جيستائين ادب ۽ ان جي ڪارج جو تصور واضح نٿو ٿئي تيسين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهو ادب پيدا ٿيڻ محال آهي، جيڪو قومن جي شخصيت جي تعمير ڪندو آهي، ۽ ڪتاب جي هن ٻئي ڀاڱي ۾ اهو تصور بلڪل چٽو ٿي سامهون اچي ٿو. +ڪتاب جو ٽيون حصو ”ٻوليءَ ۽ تعليم“ بابت آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم بابت جويي صاحب جا مختلف مضمون، ادبي محفلن ۾ پڙهيل خطبا، ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ، ۽ ٻيون لاڳاپيل موضوعن بابت، متفرقه لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. +ٻولي جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعور توڙي تحت الشعور جي ترجمان ۽ زبان هوندي آهي، ان ڪري جويو صاحب، هڪ اديب ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي، ۽ ٻوليءَ بابت هن جي اِها حساسيت ئي آهي جنهن سبب هن جي سڄي ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري ۽ صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، ان جي اصلوڪي حيثيت ۽ هيئت جي احياءَ، وياڪرڻي ٺاههَ- ٺوهه، نجُ ۽ نباز لفظن جي سنڀالَ سان گڏ نون لفظن، محاورن ۽ اصلاحن جي ٺاهڻ ۽ اُنهن جي سنڌي ٻوليءَ جي صوتي مزاج موجب گهَڙَ، سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو دائرو شاعريءَ، افسانن ۽ آکاڻين سان گڏ فلسفي، سائنس ۽ اهڙن ٻين شعبن تائين وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اِن قابل بنائڻ لاءِ جاکوڙڻُ ته جيئن اِهي شعبا پوريءَ طرح اسان جي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهن- اِن سڄي سلسلي ۾ جويي صاحب کان وڌيڪ عملي ڪم، مان نٿو سمجهان ته گذريل 50 سالن ۾ ٻئي ڪنهن ڪيو هجي. جويي صاحب پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وَهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حسن ۾ هُڳاءَ ۽ جوڀن جو رَسُ ڀريندا آهن.“ پر مون سميت گهڻن سنجيده ليکڪن جي راءِ آهي ته جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي نثر کي جوانيءَ تائين رسايو. ٻوليءَ جي پختگيءَ، لفظن جي ذميوارانه استعمال ۽ سٽاءَ، ٻوليءَ جي وياڪرڻي ٺاههَ- ٺُهَه ۽ صوتي اثرن جي نفاست ڀريي نڀاءَ، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، لطافت ۽ هڳاءَ کي نه رڳو برقرار رکڻ پر ان ۾ تخليقي واڌارن جي لحاظ کان جويي صاحب جي ٻولي اسان جي ادب جو مثالي نثر آهي. اِن ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ جويي صاحب جو لکيل طبعزاد مواد توڙي سندس نگرانيءَ ۽ نظر هيٺ ايڊٽ ٿيل ۽ شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتابَ ڏسي ۽ پرکي سگهجن ٿا. سائين جي ايم سيد کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ حسام الدين راشديءَ کان وٺي الهداد ٻوهيي تائين، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان وٺي انيڪ ليکڪن تائين، جويو صاحب ئي سندن ٻوليءَ جي تصحيح ۽ تاليف ڪندو رهيو آهي ۽ اِهو ڪو معمولي اعزاز ناهي. ڪتاب جي هن حصي ۾ جتي جويي صاحب سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ، ان جي خاص مزاج، شاهوڪاريءَ ۽ زرخيزيءَ کي نروار ڪيو آهي اُتي هن موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي امڪاني خطرن کان پڻ خبردار ڪيو آهي ۽ نيٺ اُهي گسَ به ڏسيا آهن، جن رستي اسين پنهنجي سدا ملوڪ ۽ سدا حيات ٻوليءَ جو نه رڳو بچاءُ ڪري سگهون ٿا پر ان کي جديد دور جي ضرورتن ۽ تقاضائن سان به هم آهنگ ڪري سگهون ٿا. +ٻوليءَ سان گڏ ڪتاب جي هن حصي ۾ جويي صاحب جا تعليم بابت به ليک شامل آهن، جيڪي تعليم بابت هُنَ جي سوچ، نگاهه ۽ ادراڪ جو احاطو ڪن ٿا. جويو صاحب پيشي ۽ ذهني رجحان سبب پاڻ به سدائين هڪ استاد ۽ معلم رهيو آهي. هڪ اهڙ�� استاد ۽ معلم جيڪو ساڳئي وقت دانشور، مفڪر ۽ اديب به هجي، پنهنجيءَ قوم، عوام ۽ وطن جي سڌاري، واڌاري ۽ آجپي لاءِ سوچيندو، لوچيندو ۽ ووڙيندو هجي، ان جو تعليم بابت تصور لازمي طور منفرد ۽ وسيع ئي هوندو. جيئن جويو صاحب ادب ۽ ٻوليءَ جي سمورين سرگرمين کي پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ پس و پيش سموريءَ انسانذات لاءِ ذميوار ۽ انهن جي اجتماعي مفادن سان مشروط سمجهي ٿو، تيئن هو تعليم کي به محض روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه پر قومي اڏاوت جو بنياد تصور ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو جويي صاحب پائلو فراري جو جڳ مشهور ڪتاب Padagogy for the Oppressed، ”علم تدريس- مظلومن لاءِ“ جي نالي سان، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته جيئن سنڌي سماج ۾ تعليم جو روشن خيال ۽ عوام دوست تصور متعارف ٿي سگهي ۽ تعليم رياستي مشينريءَ لاءِ پرزن پيدا ڪرڻ بدران سماج جي قومي تعمير جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهي. +ڪتاب جو چوٿون حصو، جويي صاحب جي مختلف تنقيدي مضمونن، تبصرن ۽ اڀياسي ليکڪن تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ جويي صاحب پاڻ ڪڏهن به ”نقاد“ هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري گهڻي ڀاڱي سنڌي ادب ۾ نقادن جي صف ۾ کيس ڳڻيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو، جنهن پنهنجي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ واري زماني ۾ ”مهراڻ“ معرفت جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد جو بنياد وڌو ۽ ادب ۾ اُنَ بنيادي اهميت جي حامل شعبي ۽ لاڙي کي نه رڳو پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ سان متعارف ڪرايو، پر اُهي قدر، معيار ۽ مُحرڪ به واضح ڪيا، جن کي بنياد بڻائي سنڌي ادب ۾ رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙا زبردست ۽ بي مثال ادبي نقاد پيدا ٿيا. هن رڳو تنقيد لاءِ سنجيده معيار، قدر ۽ مُحرڪ ئي واضح نه ڪيا پر پاڻ به انيڪ تنقيدي ليک لکيا. جن مان ڪجهه ڪتاب جي هن چوٿين حصي ۾ ڏنا ويا آهن. جويي صاحب جي پنهنجي شخصيت وانگر، هن جي تنقيد جي انداز ۽ لهجي ۾ به شائستگيءَ، دلي ڪُشادگيءَ ۽ فضيلت جا عنصر نمايان آهن. جيئن جويو صاحب ذاتي زندگيءَ، ادب، سياست توڙي هر سماجي وهنوار ۾ اخلاقي قدرن جو قائل آهي، تيئن هو ادب ۽ خاص طور ادبي تنقيد ۾ به اخلاقي قدرن ۽ لحاظ جو بيحد قائل رهيو آهي. جويي صاحب جي تنقيد جو لهجو ۽ ڏانءُ مخالف جي هتڪ ڪرڻ نه پر هن جي رهنمائي ڪرڻ هوندو آهي. يعني تنقيد ۾ به جويو صاحب هڪ ڄاڻو ۽ وضعدار استاد وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي ثابتي هن جون ڪتاب جي هِن ڀاڱي ۾ شامل تنقيدي لکڻيون آهن. مثال طور هِن حصي جو پهريون مضمون جيڪو 1954ع ۾ مولانا گرامي صاحب جي ادارت هيٺ شايع ٿيل ادبي مخزن ”شاعر“ تي تنقيد آهي، سوئي جويي صاحب جي اِن انداز ۽ ڏانوَ جو مظهر آهي. مضمون ۾ جويي صاحب مولانا گراميءَ سان مخزن جي مواد، ان جي سٽاءَ، ايڊيٽر جي ادارتي ذميوارين ۽ اهڙين ٻين ڳالهين بابت سنجيده اختلاف رکندي، ساڻس پنهنجن تحفظات ۽ اعتراضن جو اظهار ڪيو آهي، پر مضمون جي آخر ۾ جنهن دل جي ڪشادگيءَ ۽ مثبت رويي سان بحث کي سهيڙيو آهي، ان جو مثال اسان وٽ تنقيد ۾ گهٽ رهيو آهي. مثال طور تي هو لکي ٿو: +”گرامي صاحب وڏي مرتبي جو شاعر ۽ اهلِ قلم آهي. سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪٺن ڪم آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون ڪاوڙيون، بارُسوخ ماڻهن جا رعب تاب سِرَ تي سهڻا پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي- ۽ اُنهيءَ دائري �� جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اورچائيءَ ۽ محنت سان، پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ ۾، ’شاعر‘ جي ترتيب ڪندو، ته هو ان جي موجوده علمي، ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي ٿو.“ +اهڙيءَ طرح هن ڀاڱي ۾ جويي صاحب جنهن انداز سان پليجي صاحب جي ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گل“ جي پرک ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ جي موضوع، ٻوليءَ ۽ اهميت کي تنقيدي شعور سان ساراهيو آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيءَ سان نڀاءَ جي سلسلي ۾ رهجي ويل ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي، ان ۾ به تنقيد جي حوالي سان جويي صاحب جو ساڳيو رويو نظر اچي ٿو. مثال طور هو لکي ٿو: +”هڪ ٻن هنڌِ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا مسودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب، افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا آهن. مثلاً افساني جي ثانوي مک ڪردار، پاروءَ، کي ’هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اُوچين ٽارين‘ تي چڙهي ويٺل ڏيکارڻ، حالانڪ ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه ان جون ٽاريون ايتريون اوچيون ٿينديون آهن، جن تي ائين چڙهي ويهي سگهجي. يا پهرئين مُک ڪردار، ملوڪان، جي ماءُ کي اّر ۾ هڪ ئي وقت جيئرو ڏيکارڻ، جڏهن ملوڪان جهلجي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آندي وڃي ٿي، ۽ اُتي ئي اُن کي ملوڪان جي واتان مري ويل بيان ڪرڻ، جڏهن ملوڪان، نيئرن ۾ قابو، ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي، ڪري پئي آهي، ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جمعي، جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اڄ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري، بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو. +”اهڙيءَ طرح، شايد ڪجهه قدر، افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلاً ان جي بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا- جيڪا ان کان اڳ واريءَ پئرا جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اُتي ئي ٿيڻ کپندو هو، جڏهن ’تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي روح واريءَ‘ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته قياس اچي ٿو، جو پاڻ کي پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري سمجهي، اُن سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي ته هيتري سُورَ سهڻ کان پوءِ ’هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي‘ ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چويس ٿي: ’..... سمهي رَهُه، ملوڪان ادي سمهي پئو! ....‘ +”اِهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي ۽ خسيس آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ائين ڪو لوڏو رسي ٿو، ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو پئجي ويو هجي يا ڪنهن حسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ ڪارٺ جو داغ اچي ويو هجي. اِنهيءَ خيال کان، اِهي معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا- بلڪ ائين جيئن ڪو ڪاروتِرُ معشوق جي گلابي ڳل کي شاعرن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽ اظهار جي شاعرانه پرواز تي اِنهن هڪ اڌ بنهه رواجي اوڻاين سبب ڪنهن به قسم جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا ٿئي.“ +مون مٿي اُهي ٽُڪرا اِن ڪري ڏنا آهن، جيئن تنقيد ۾ جويي صاحب جو اسلوب، ڏانءُ ۽ رويو پوريءَ طرح واضح ٿي سگهي. ۽ ائين ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي ۾ شامل سمورين تحريرن، تقريرن ۽ تبصرن ۾ جويي صاحب جو اه��ئي انداز ۽ لهجو اسان کي نظر اچي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هڪ ادبي استاد کي اهڙو ئي انداز ۽ رويو سُونهين ٿو. +ڪتاب جو پنجون حصو- ”پيغام ۽ شعر“ جي نالي سان جويي صاحب جي مختلف علمي تنظيمن ۽ ادبي مجسلن ڏانهن موڪليل پيغامن، ۽ سنت فرئنسيس آسيسي، پي. بي. شيلي (1832 – 1792ع)، جي ايم مهڪريءَ، سروجني ديويءَ ۽ ندَي وَرما جي نظمن جي تخليقي سنڌي ترجمن ۽ سندس پنهنجي هڪ طبعزاد اصلوڪي نظم ’او سنڌ!‘ ۽ ٻن مختصر انٽرويوز تي مشتمل آهي. ذهني ۽ فڪري طور هڪ صاف ۽ واضح دانشور ۽ ڪميٽيڊ مفڪر جي زندگيءَ جي هر سوچ، لوچ، اُن جو هر قدم ۽ قلمي پورهيو، سندس زندگيءَ جي متعين ڪيل بنيادي مُحرڪ ۽ مقصد تي ئي مرڪوز هوندو آهي. جويو صاحب به ائين آهي. هن ڀاڱي ۾ شامل مواد، پوءِ پيغام هجن يا دنيا جي مختلف شاعرن جا چونڊ نظم، يا سندن انٽرويوز ۾ ڪيل ۽ چيل ڳالهيون هجن، اُنهن جي پويان مُحرڪ ۽ مقصد به اهوئي ساڳيو آهي. ۽ اُهو آهي ’زندگي سان ڪمٽمينٽ، سرسيتائي‘ سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي، ان سان اٿاهه وابستگي: سنڌ جي آزاديءَ ۽ ان جي عوام جي دائمي سلامتي، خوشحالي ۽ شانَ لاءِ سوچڻ، لوچڻ، ۽ ان عظيم مقصد ۽ آدرش جي حاصلات جي جُهد ۾ سدائين جنبيل رهڻ ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويهڻ. هن ڀاڱي ۾ شامل سندس اصلوڪو نظم ”او سنڌ“ سندن اِنهن ئي آدرشن جو آئينه دار آهي. هو چئي ٿو: +نظم (او سنڌ) +او سنڌ! +منهنجي پنهنجي سنڌ! +اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان، +ٻڌاءِ! +تون کان ڇا ٿي گهرين؟ +تون مون کان ڇا طلبين؟ +آءٌ ڪير آهيان؟ +تون ٿي مون کان پڇين؟ +…… ماءُ! +آءٌ …… تنهنجو اولاد! +تنهنجي مامتا جي گهراين، +تنهنجي شادابين، سبزين، +تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا، +۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ! +تنهنجو اولاد ……! +تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت! +منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون، +تو مون کي ڄڻيو، +تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو، +تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو: +تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه، +تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا، +تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان، +تنهنجا جبل ۽ پهاڙ، +تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ- +هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت- +منهنجا ڀائر، +هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي، +هي تنهنجي تلائن ۽ ڍنڍن ۾، +ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت، +هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾، +گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان: +هي اسان جا رنگ، اسانجا آواز، هي اسان جون نگاهون؛ +…… تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن! +هي سڀئي! +هي ۽ آءٌ … اسين سڀئي تنهنجوئي ته اولاد آهيون! +اسان سڀني جو ساهُه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي! +اسان سڀني جو جسمُ، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي +اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ توسان ڳالهائي ٿو، +… تو کان ڪجهه گهري ٿو، تو کان ڪجهه طلبي ٿو: +۽ تون، +جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، +سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي، +اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پَئي ٿي هميشہ ڏين! +۽ آءٌ …… +انهيءَ جي عوض ڪجهه ڏيان، +ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو، +- ۽ ڪجهه ڏيندس- +اهو ڪجهه، جو توکان، +تنهنجي وسعتن مان، +تنهنجي شادابين مان، +چورائجي ويو …… +ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو! +۽ تون هڪ سوال بنجي وئينءَ،- +منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ، +ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ! +جيجل …! +اهوئي سوال …… +… تڏهن ٿو اڄ توکان آءٌ پڇان! +سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ! +منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ! +ٻڌاءِ …… +تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟ +تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟ +۽ اِن کان اڳ، جو ڌرتي ماءُ هُن کان ڪجهه طلبي ها- هُنَ ڌرتيءَ جي هڪ فرض شناس ۽ ڏاهي پُٽَ جي ثابتي ڏيندي. پنهنجي سموري حياتي ۽ سگهه سندس آجپي، جياپي ۽ اوسر کي ارپي ڇڏي. ان لحاظ کان جويي صاحب جو هي ڪتاب سندس انهيءَ مقصد حيات جواحاطو ڪري ٿو. +* مجموعي طرح سائين محمد ابراهيم جويي جو هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو ۽ اسان جي پڙهندڙن لاءِ وڏي وَٿُ آهي- جنهن ۾ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم بابت عقليت پسند ۽ فلسفيانه نقطهء نگاهه کي نه رڳو واضح ڪيو ويو آهي پر مستقبل لاءِ قومي زندگيءَ جي اِنهن ٽنهي شعبن جي حوالي سان، رٿابندي به ڪئي وئي آهي، ۽ اُها واٽ به ڏسي وئي آهي، جنهن تي هلي اسين سنڌي سماج کي پستين، جهالتن، اونداهين، غلامين ۽ محرومين جي ڪُنَ مان ڪڍي، هر قسم جي آجپي، ذهني توڙي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي آسودگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ زندهه ۽ متحرڪ قوم طور اڳتي وڌي سگهون ٿا، ۽ دراصل اهوئي ته قومن جي حقيقي سُونهن ۽ سرجڻهارن جو ڪم ۽ ڪردار هوندو آهي، جيڪو اسان جي ڏاهي ۽ سٻاجهي ڪاتار اسان لاءِ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ سڄي ڄمار پئي ڪَتيو آهي. +منهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه شايد زندگيءَ جي تمام وڏي ذاتي خوشيءَ ۽ فخر جو باعث آهي، جو هِنَ سڄيءَ سنڌ جي استادَ، مون کي ان قابل سمجهيو ۽ هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو اعزاز بخشيو. اِها هُنَ جي وڏائي ۽ محبت آهي. جويي صاحب سان پنهنجي دلي سُٻنڌ ۽ اٿاهه دوستيءَ باوجود، مان سدائين پاڻ کي هن جو شاگرد ۽ هن جي ئي فڪري پيداوار سمجهندو آهيان. مون کي اِها عزت بخشي دراصل هن پنهنجي فڪر جي عظمت جي مڃتا ڪئي آهي. هن پنهنجي شاگرد کان وڌيڪ ڄڻ ته پنهنجيءَ ”استاديءَ“ تي بي پناهه اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. مون کي افسوس آهي، جو هن ڪتاب جو مسودو مهاڳ لاءِ مون وٽ ڪيترن مهينن کان پيو رهيو ۽ هن مُهاڳ لکجڻ ۾ گهڻي تاخير ٿي وئي، پر اِها جويي صاحب جي دل جي ڪشادگي ۽ وضعداري آهي، جو هن منهنجين ڪوتاهين کي درگذر ڪيو ۽ ان غير ضروري تاخير لاءِ پاڻ ڪڏهن به برهم نه ٿيا. +مون لاءِ اِها وڏي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي، جو مون جويي صاحب جهڙي اُتم انسان کي نه رڳو پنهنجي سانڀر ۾ اکين سان ڏٺو، پر هن سان ڳچ عرصو گڏ گذارڻَ، کيس نهايت ويجهڙائيءَ سان ڏسڻَ ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو. جويو صاحب سنڌ مٿان آخري ڇانوَ وڃي بچيو آهي. منهنجي دعا آهي ته: +”ڪاش! اِهي سنڌ جي صدين جي پيڙائن جون شاهد اکيون سلامت رهن. اِهي اکيون جن سدائين سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏٺا. اِهي نم ۽ بَڙَ جي گهاٽن وڻن جهڙيون ٻاجهاريون اکيون ۽ سندن عُشاق نظرون سدائين سنڌ تي علوم ۽ ادراڪ جي ڇانوَ ڪنديون رهن. اِهي اکيون جن کي ’پيرَ‘ ڪري شايد سنڌُ اتهاس جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي.“ +- جامي چانڊيو +اربعا، 25 فيبروري 1998ع +1/2، صبا ڪمرشل – II، +عبدالله ٽائون هائوسز، +قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ +”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب +ٻولي – ادب – تعليم +ترتيب +مهراڻ ۽ گل ڦل +(تصويرن جون اٺ پليٽون ۽ ص ص 1-210) +ادب +(ص ص 211 – 306) +ٻولي ۽ تعليم +(ص ص 307 - 422) +مطالعا ۽ تبصرا +(ص ص 423 – 498) +پيغام ۽ شعرَ +(ص ص 499 – 526) +ٻه انٽرويو +(ص ص 527 – 534) + + +(1) +مهراڻ ۽ گل ڦل +* مهراڻ (رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو لکيل مضمون): تعريف ۽ نالا – سنڌو نالو ڪيئن پيو – هاڻوڪو وهڪرو- لائڊيراج سسٽم – ڪوٽڙي براج – گڊو براج. +* سنڌو (اصل انگريزي ۾ احمد بشير جو لکيل. سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي. +* گذارشون: +مهراڻ 1-1955ع: ”پهريون دورُ، ۽ هاڻي“. +مهراڻ 2-1955ع: آزادي- ون يونٽ- اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ- مهراڻ- دعوت- معذرت- گذارش. +مهراڻ 3-1955ع: ٻولي- سنڌي ٻولي ۽ ان جا ڳالهائيندڙ- سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا سنڌي ريڊيو اسٽيشن- مهراڻ- شڪر گذاري- گذارش. +مهراڻ 4-1955ع: فنڪار جا ڳوڙها – لفظن جي چونڊ- ٻولين جي ڏي وٺ- ”نج“ سنڌي لفظ- سنڌي ڪافي ۽ غزل- اسان جون اميدون ۽ ارادا. +مهراڻ 1-1956ع: گذريل 3 مهينا- ٻه پُور- لوڪ ادب- ترجما- اسان جو نئون سال. +مهراڻ 2-1956ع: ادب جي درگاهه- ”مهراڻ“ جا پڙهندڙ- تنقيد- مضمونن جو معاوضو. +مهراڻ 4-1956ع: نئون سال – ادب ۽ ان جا نقاد- ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس- مهراڻ جا نوان ايڊيٽر- گذارش. +* گل ڦل (ناشر طرفان ٻه اکر): سنڌ ڄا ٻار- ”منهنجي ڀيڻ، منهنجا ڀاءُ!“ +* ادبي خط (مهراڻ 1955ع کان 1959ع): شيخ اياز جا لکيل 3 خط – عقيدت جا گل – مشاعرو – شاهه جو رسالو – شيخ حفيظ – رسول بخش پليجو – جمال ابڙو – شيخ راز – شيخ حفيظ – مس شمس صديقي – بشير مورياڻي – مينڌري ع. سعادتي – دين محمد لاشاري – محمد دائود بلوچ – ”جهرڪن جو شهر“- ثميره زرين. +* پڙهندڙن جا پيغام: (مهراڻ – سال 1955ع کان 1957ع. +قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻُ ۽ سمجهڻُ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن- ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اُڌاري ٻوليءَ يا گاڏُڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي آزادي ماڻن آسان ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق سمجهيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو آهي- توڙي جو سندس اُها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا اُن جو ادب کڻي ڪيترو به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي، ۽ اُن جا لفظ کڻي ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن، يا رڳو اڻ پڙهيل جهانگين ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي وڃي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجهه ڀريل رهي ٿي، اُها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي. پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اُهي ڏٺل وائٺل دنيا سان لاڳاپيل رهن ٿا- جيئن ڌارئين لفظ ”قرارداد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ٺهراءُ“ آهي، ۽ ائين لفظ- ۽ انهيءَ ڪري اُهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪُ سمجهه ۽ هڪُ سڀاءُ جي ڏور ۾ ٻڏي ڇڏين ٿا. جيڪڏهن ادب کي قومي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي، ته اُن لاءِ ادب جي ٻوليءَ کي پهريائين ڇڙجي ڇنڊجي قومي ٻولي يا عوامي ٻولي بنجڻو آهي. – م.ا.ج +(”وڄون وسڻ آيون“، آگسٽ 1973ع، جي پيش لفظ تان کنيلُ) +”مهراڻ“ پهرئين پرچي جي ڪور ڊزائين +”مهراڻ“ +”ستين ڀرئي مهراڻ جو ماٺيڻو منڍ“ +[هماليه کان هيٺ لهندي، اسان جو محبتي مهراڻ، پنهنجي مَوَ موج ۾ اچڻ کان اڳ، هيءُ من موهيندڙ نظارو پيش ٿو ڪري.] +”سنڌو“ +(لَهرنِ لَکِ لباس، پاڻيءَ پَسَڻ هڪڙو! – شاهه) +الا! جهري م شال غريبن جي جهوپڙي! +- ”بيوس“ +جواني ۽ پوڙهه پڻ +”گل ڦل“ جي پهرئين پرچي جي ڪور ڊزائين + + +رحيمداد خان مولائي شيدائي +مهراڻ +ڪاري رات، ڪَچو گهڙو، نڪا سيڻهه ساڻ، +وجهي ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ، +محبت کي مهراڻ، سُڪي سڀ پَٽ ٿيو. +- شاهه رحه +سنڌڙي سونهاري، جا دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو شمار ٿئي ٿي، تنهن جو سبب ”مهراڻ“ آهي. هن خوش نصيب واديءَ جي رهاڪن جو جياپو به مهراڻ جي ڪري آهي. هيءَ ندي سينڌ وانگر هن صوبي جي وچان وهي ٿي، جنهن جي شاخن تي صوبي جي آباديءَ جو مدار آهي. مهراڻ سنڌ سونهاريءَ کي ڏات ۾ مليل آهي. مهراڻ جي وجود ڪري سنڌ ايشيا کنڊ جو باغ آهي، نه ته جيڪر هي صوبو راجپوتانا جي صحرا جو حصو هجي ها، ۽ سندس حدون اراولي جبلن کان وٺي کيرٿر تائين هجن ها، سنڌ جي سڀني طبعي حالتن جو دارومدار هن نديءَ جي وهڪري تي منحصر آهي. +تعريف ۽ نالا: مسلمانن جي روايتن توڻي هندن جي ويدن ۾ هن درياهه جي تعريف ڪيل آهي. هڪ حديث آهي ته جنت مان چار درياهه نڪرن ٿا: (1) نيل، (2) فرات، (3) جيحون، (4) سيحون (سنڌو). اصلي حديث جنهن کي علامه سيوطيءَ نقل ڪيو آهي، سا هت ڏيون ٿا: ”ان النيل والفرات و جيحان وسيحان ڪل من النهار جنة“.[1] اهڙيءَ طرح هندن جي سڀ کان جهوني رگويد ۾ هن نديءَ جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي، جن مان بعض مئڪس ملز ترجمي سميت نقل ڪيون آهن، جن کي هيٺ نقل ڪريون ٿا: +”او سنڌو! تون ان ڪري برک آهين، جو تنهنجو ماڳ وواسوت آهي! ست درياهه ٽن رستن کان وهن ٿا، مگر سنڌو قوت سان سڀني کي لتاڙي ٿي[2]. (ست نديون پنجاب ۾ آهن، جن جي ڪري سنڌوءَ جي ميدان تي ”سپت سنڌو“ جو نالو پيو هو). ورونا ديوتا تولاءِ رستو تعمير ڪيو. جڏهن تون گهوڙيءَ وانگي ڊوڙين ٿي، تڏهن تون هڪڙي سيناپتي (ڪمانڊر) وانگي ٻين ندين جي ڄڻ اڳواڻي ڪري رهي آهين. +”تنهنجي دهشت، ڌوم ۽ ڪنن جي ڪڙڪاٽ جو آواز زمين کان آڪاس تائين پهچي ٿو. جيئن بادل گرجن ٿا، تون ڍڳي وانگر رنڀندي وهندي ٿي رهين. (رگويد ۾ سندن گجندڙ آواز ”سوشمام“ ڏنل آهي.) +”تنهنجي پٺيان، او سنڌو! ٻيون نديون ڍڳيءَ جي وهڙين وانگي کير لاءِ ڊوڙن ٿيون؛ جيئن ڪو جرنيل ميدان ۾ ساڄي ۽ کاٻي جنگ جي نگراني ڪندو آهي، تيئن تون وهندڙ ندين جي اڳواڻي ڪري رهي آهين. +”او گنگا، جمنا، سرسوتي، ستودري (ستلج)، پروشني (راوي)، او مردوريڌا، وتستا (بياس)، او آرگيڪيا! منهنجي تعريف جيڪا مان ’سوشوما‘ (مهراڻ) لاءِ ڪري رهيو آهيان، اوهان کي مڃڻي پوندي. +”او سنڌو! تون ستن سهيلين سان گڏجي وهين ٿي: ساڄي پاسي کان ڪڀا (ڪابل)، گومتي (گومل) ۽ ڪرمو (ڪرم) توسان گڏجي هلن ٿيون. +”او سنڌو! تون شفاف چمڪندڙ امرت جهڙو پاڻي کڻي ميدان لتاڙين ٿي. او سنڌو! مها سيناپتي! تنهنجي رفتار جو منظر تيز رفتار گهوڙيءَ وانگي آهي. +”تنهنجو ميدان اڪيچار گهوڙن سان آهي، جيڪي تنهنجي رٿ کي هڪلين ٿا. تنهنجي ڳلي ۾ سونيون مالهائون پيل آهن، جي توکي مال غنيمت ۾ هٿ لڳيون آهن. تو وٽ يتسم (ڪپهه) آهي، تنهنجي ڪپن تي سرُها گاهه اُڀرن ٿا. +”او سنڌو! سوڀياوان! ’عروس نوبهار‘ وانگر تنهنجي پوشاڪ گلن مان جڙيل آهي: تنهنجو شباب لافاني آهي.“ +سنڌو نالو ڪيئن پيو: سنڌو نالو ”مهراڻ“ تي ڪيئن پيو، ان لاءِ جدا جدا بيان آهن. ”تحفة الڪرام“ جي ليک موجب سنڌ ۽ هند، سام بن نوح عليه السلام جا پٽ هئا، جن جي نالن ڪري اقليم سنڌ تي ۽ مهراڻ تي مٿيون نالو پيو[1]؛ ڪن مورخن جي راءِ موجب سنڌو معنيٰ چنڊ- هڪڙي سلوڪ ۾ ”سوشوما“ نالو ڏنل آهي. ڪرنل جيمس ٽاڊ ”تاريخ راجستان“ ۾ هن نديءَ کي ”نيلاب“ نالو ڏنو آهي.[1]. ”منتخب تاريخ“ جو صاحب مهراڻ جو نالو ”پنجاب“ ڏيکاري ٿو، جيئن بدايوني لکي ٿو: ”ناصرالدين قباچه در پنجاب غريق بحر فنا گشت“، يعني ناصرالدين مهراڻ ۾ ٻڏي ويو. +اهڙيءَ طرح مهراڻ کي ڏن ڀريندڙ ٻين ندين جا نالا به سنسڪرت رگويد ۾ ڏنل آهن: جهڙوڪ (1) ڪڀا (ڪابل)، (2) ڪرومو (ڪرم)، (3) گومتي (گومل)، (4) وتستا (جهلم)، (5) اسڪيني يا چندر ڀاگا (چناب)، (6) پروشني يا اراوتي (راوي)، (7) ستودري (ستلج)، (8) وپسا (بياس). +يونانين وري پنهنجي ٻوليءَ ۾ مٿن جدا جدا نالا رکيا: مثلاً: انڊس (مهراڻ)، هيڊ اسپيس (جهلم)، اسينيز (چناب)، هيڊروبيٽس (راوي)، هيفاسيز (ستلج).(1) مهراڻ جي قدامت عربي، سنسڪرت ۽ يوناني زبانن ۾ بيان ڪيل آهي. مهراڻ جي قديم شاخن مان ”هاڪڙو“، ”سرسوتي“ ۽ ”دروشادتي“ نالي ٽي نديون هيون، جن جو وجود اڳ مٽجي ويو. اُهي نديون شيوالڪ جبل مان نڪري راجپوتانا جي اُترئين حصي کي آباد ڪنديون هيون. سرسوتي ۽ دروشادتي، مهاڀارت کان اڳ، راجپوتانا جي صحرا ۾ گم ٿي ويون. هاڪڙو لکپت وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ گم ٿي ويو. تن ڏينهن ۾ ڪڇ جو سمنڊ هيٺ هو. يونانين جي ڏينهن ۾ منجهس ڍنڍن جي صورت ۾ پاڻي هو. سلطان محمود غزنويءَ جي ڏينهن ۾، سمنڊ ۾ وير چڙهڻ وقت، رڻپٽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو.(2) +سڪندر مقدوني، پنهنجي اميرالبحر نيرڪوس کي پٽالا کان جهاز ڏيئي، مهراڻ جي ڊيلٽا کي جاچڻ لاءِ روانو ڪيو هو ۽ پڻ ارستو بولس نالي هڪڙي سائنسدان کي، مهراڻ ڊيلٽا جي اڀرندي ڪپ واري حصي کي جاچڻ لاءِ موڪليو هو، جنهن ٻن هزار شهرن ۽ ڳوٺن جا ويران نشان ڏٺا. ارستو بولس جو بيان آهي، ته اهي سمورا شهر هاڪڙي جي ختم ٿي وڃڻ ڪري ئي ويران ٿي ويا هئا.(3) تنهن کان پوءِ ابن حوقل بغداديءَ جو سنڌ جو نقشو آهي، جنهن ۾ هاڪڙي جو نالو نشان ڏنل ڪونهي.(4) +هاڻوڪو وهڪرو: مهراڻ، هماليه جي ڪيلاش پربت واريءَ مانسروور ڍنڍ مان نڪري، ٻارهن هزار فوٽن جي بلنديءَ واري گلگت جي جابلو حصي کي لتاڙي ٿو، جت انسان جو گذر مشڪل آهي. ”بنجيءَ“ تائين، پهرين اُتر- الهندي ڏانهن رخ اختيار ڪري ٿو، تنهن کان پوءِ ڏکڻ- الهندي ڏانهن وهڻ لڳي ٿو. ”اٽڪ“ وٽ، سندس پيٽ پهريائين پنجاهه گز ويڪرو ٿئي ٿو، پوءِ اڳتي هڪ ميل ويڪرائي ۾ آهي. آخر پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي لتاڙي، 1800 ميل وهي، وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. دنيا ۾ سترهون نمبر وڏي ندي آهي. اٽڪ ۽ ڪالا باغ، مٿس مکيه پتڻ آهن.(1) اٽڪ، بکر ۽ سيوهڻ وٽ مکيه تاريخي قلعا هن نديءَ تي ٻڌل آهن.(1) اٽڪ، روهڙي، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وٽ مهراڻ تي پليون ٻڌل آهن، جن مان سکر بيراج پل دنيا جي موجود عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي. +ساڄي ڪپ تي بعض نديون افغانستان جي مٿانهين پٽ کان نڪري، هندستان جي سرحد وارن جبلن کي لتاڙي، منجهس ڇوڙ ڪن ٿيون. ڪابل ندي اٽڪ وٽ منجهس پوي ٿي، جنهن جون ڪونر ۽ سوات شاخون آهن. +ڪابل نديءَ کان پوءِ ٻيو نمبر ڪرم ندي آهي، جا ڪرم واديءَ کي لتاڙي، منجهس ڇوڙ ڪري ٿي. ٽوچي ان جي شاخ آهي. اڳتي هلي ديري اسماعيل خان جي ڏکڻ ۾، گومل برساتي ندي منجهس پوي ٿي. اٽڪ تائين، جابلو پيچرن مان لنگهڻ ڪري، مهراڻ، جهازرانيءَ جي قابل نه آهي. اٽڪ کان پوءِ منجهس جهاز اچي سگهن ٿا.(2) هيءَ ندي پاڻيءَ سان گڏ لکها مڻ واري پاڻ سان گڏ آڻي ٿي. ”انڊس رورڪميشن“ جنهن 1901ع کان 1930ع تائين سنڌو نديءَ تي رپورٽ پيش ڪئي، تنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هيءَ ندي هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن واري سمنڊ ۾ اڇلائي ٿي. مهراڻ وانگي، پنجاب، پنجاب جي ندين به وقت بوقت پنهنجا وهڪرا بدلايا آهن. اڳ پنجاب جون نديون اُچ وٽ مهراڻ ۾ پونديون هيون، هينئر چاليهه ميل هيٺ ڀرو، مٺڻ ڪوٽ وٽ، مهراڻ ۾ پون ٿيون. اڳ ستلج ندي پاڪپٽڻ وٽان وهندي هئي، هينئر شهر کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهڙيءَ طرح امير تيمور جي ڪاهه وقت راوي نديءَ جي هڪڙي شاخ، ملتان ۽ قلعي جي وچان وهندي هئي.(3) +سنڌ جا گهڻائي قديم شهر جيڪي اڳ سنڌو نديءَ ۾ سندس شاخن تي آباد هئا، سي وهڪرن جي ڦرڻ ڪري يا آبڪلاڻيءَ جي ڪري ويران ٿي ويا. جهڙوڪ: موئن جو دڙو، الور، ديبل، پاري نگر، برهمڻ آباد، ڀنڀور، وڳهيه ڪوٽ، لاهري بندر، اورنگا بندر، وغيره ۽ اڃا تائين آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ مهراڻ جي مستانيءَ چال ڪري سنڌ جي ڪيترن شهرن کي خطرو رهي ٿو، جنهن ڪري سال بسال سنڌ سرڪار کي بندن تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو.(4) +لائڊ براج سسٽم: اڳ سنڌ ۾ واهه ٿورا هئا. آبڪلاڻيءَ ڪري به زمينون گهڻيون آباد ڪونه ٿينديون هيون. مگر براج سسٽم ڪري هينئر سنڌ جون زمينون اڳي کان گهڻيون آباد آهن ۽ اسان جو صوبو مملڪت پاڪستان ۾ اناج جي لحاظ کان بچت وارو صوبو آهي. انگريزي راڄ جي زماني ۾ سکر وٽ 1923ع ۾ مهراڻ جي پاڻيءَ جي روڪ لاءِ، لائڊ بيراج پل جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1932ع ڌاري پورو ٿيو. هيءَ پل پٿرن جي ٿنڀن سان، 4725 فوٽ يعني هڪ ميل ڊيگهه ۾ آهي. بمبئي جي گورنر لارڊ لائڊ جي نالي تي مٿس لائڊ براج نالو پيو. پُل کي 66 فولادي در ڏنل آهن، جي بجليءَ سان کڄن ٿا. پل جي ساڄي ڪپ تي ٽي وڏا واهه نڪرن ٿا: (1) کيرٿر ڪئنال (2) رائيس ڪئنال (3) دادو ڪئنال کاٻي ڪپ تي چار وڏا واهه نڪرن ٿا: (1) اڀرندي ناري کي پيچ ڏيندڙ واهه. (2) اتر- اوڀر خيرپور واهه، (3) روهڙي ڪئنال، (4) اولهه خيرپور کي پيچ ڏيندڙ واهه. انهن سڀني واهن کي در ڏنل آهن، جي بجليءَ ذريعي کڄن ۽ بند ٿين ٿا، ۽ پنهنجين شاخن سميت 6400 ميلن تائين وهن ٿا. اٽڪل 55 لک ايڪڙ زمين وچولي، لاڙ ۽ ڪجهه سري ۾ آباد ٿئي ٿي. سکر جي عظيم الشان لائڊ براج تي 25 ڪروڙ رپيا خرچ لڳو. اهو قرض هند سرڪار کي پنجهتر ورهين اندر وصول ڪرڻو هو. مگر ٻيءَ عالمگير جنگ تائين، هن صوبي جي زرعي اُپت ۾ ايترو اضافو ٿيو، جو سمورو قرض لهي ويو. +ڪوٽڙي بيراج: سنڌ جي لاڙ واري حصي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ، سنڌ سرڪار ڪوٽڙيءَ وٽ بيراج تعمير ڪرائي رهي آهي، جنهن جو ڪم آڪٽوبر 1948ع کان شروع آهي.(1) تخميني طور، 27 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي ۽ هي صوبو ايشيا کنڊ جو باغ بنجي ويندو.(1) +گڊو براج: مٿين ٻن براجن کان پوءِ به 54 لک 50 هزار ايڪڙ زمين هن صوبي ۾ غيرآباد رهندي، جنهن کي آباد ڪرائڻ لاءِ سري ۾ گڊو براج جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تي تيرهن ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. گڊو براج پوڻ کان پوءِ، يقين آهي ته هي صوبو غير معمولي طرح سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو. تخمينو آهي ته هن بيراج ڪري 20 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي.(2) +سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار دوست مِٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين! +[مهراڻ: سيارو، 1955ع] +[1] مٿين حديث جلال الدين سيوطيءَ ”در منثور“ ۾ ڏني آهي، جنهن کي رحلته (سفرنامه) ابن بطوطه ۾ نقل ڪيو آهي. ڏسو امام جلال الدين سيوطيءَ جو تفسير در منثور، ج 1، مصر. عجائب الاسفار، ج 1، ص 25، مترجم: مولانا عطاء الرحمان، رحماني پريس، دهلي. +[2] ووسوات معنيٰ سج جو گهر، يعني زمين يا قربانگاهه، جت ’آريا‘ گهوڙن جي قرباني سوريه (سج) ديوتا لاءِ ڪندا هئا. +[1] مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفة الڪرام، ج 3، مهاڳ، مطبع ناصري بمبئي. +[1] J. Tod: Annals & Antiquities of Rajisthan, vol. 1, Calcutta, 1894. جيمس ٽاڊ جو بيان غلط آهي. نيلاب هڪڙو پتڻ آهي، جو پشاور کان 35 ڪوهه هيٺ ڀرو کاٻي ڪپ تي آهي. هتي مهراڻ جو پاڻي نيرو آهي. +H. Gupta Dr. Studies in Latter Moghal History of Punjab, (1707-1793) p. 8, Lahore, 1944. +(1) The Cambrige History of India, vol 1, Map No: 4, p.374. Cambridge, 1992. +(2) M. R. Haig: The Indus Delta Country, Ran of Kuchh, London, 1894. +(3) مغربين مان اسڪائيلاڪس پهريون يوناني جهازران هو، جنهن دارا اعظم جي حڪم سان (486-522 ق.م) سنڌو نديءَ جي وهڪري کي معلوم ڪيو هو. کانئس پوءِ ارستو بولس مهراڻ جي اڀرندي ڪپ جو معائنو ڪيو هو. ڏسو The Cambridge History of India, vol 1, pp393-403, ch. xvI +(4) هاڪڙي جي ويراني ڪري سنڌ جو اڀرندو حصو، جتي هينئر واريءَ جا دڙا آهن، جنهن کي ٿرپارڪر سڏجي ٿو، سو ويران ٿي ويو. البت ڪن ڍنڍن جا نشان اڄ به موجود آهن. اڪبر اعظم جي زماني تائين سمنڊ بدين وٽ هو. مسٽر پيٿاوالا سنڌوندي جي ڦيرن گهيرن جا جدا جدا نقشا ڏيکاريا آهن، جن مان مهراڻ جي وهڪري ۽ سندس ڦرڻ جو پتو پئجي سگهي ٿو. اڄ کان اڳ اٽڪل پنج دفعا مهراڻ پنهنجو وهڪرو بدلايو آهي. پويون دفعو 1758ع ڌاري، نصرپور کان منهن موڙي، موجود وهڪرو قائم ڪيائين. وڌيڪ مفصل بيان لاءِ ڏسو: Majer Raverty: The Mehran of Sindh, Calcutta, 1892 +(1) ڪالا باغ جو پتڻ، صوبي سرحد کي ملتان سان ڳنڍي ٿو، ڪالا باغ کان پوءِ ديرو اسماعيل خان مکيه پتڻ آهي، جو دره گومل جي سامهون آهي. هن رستي کان محمود غزنوي (1001ع کان 1027ع) تائين) ٻارهن دفعا هندستان تي ڪاهون ڪيون هيون. ديرو غازي خان به مکيه تاريخي پتڻ آهي، امير تيمور پشين ۽ ٿل چوٽيالي کان ايندي ديري غازي خان وٽان هندستان تي ڪاهه ڪئي هئي. وڌيڪ ڏسو: Sir T. H. Holdich: The gates of India. London, 1910 +(1) اڳ هندستان جون حدون اٽڪ تائين هيون، تنهن ڪري اڪبر اعظم 1853ع ۾ هت قلعو تعمير ڪرايو هو. اڳ اٽڪ جي پتڻ کي ”شاهه گذر“ سڏيندا هئا. +(2) H. R. gupta: Latter Moghal History of Punjab. P.8. D.H. Cola: Imperial Military geography, ch xz. the gates of India, pp.265-270, London, 1922. +(3) ابن حوقل بغداديءَ جو نقشو، جو ائوڌ جي نوابن جي ڪتبخاني مان ايليٽ کي هٿ لڳو، ميجر ريورٽي جي مهراڻ ۾ ڏنل آهي. +(4) 19 ۽ 20 صديءَ ۾ آبڪلاڻيءَ ڪري سنڌ جا گهڻا ئي ڳوٺ ويران ٿي ويا. سن 1863ع ۾، مهرو ماڙيءَ وٽان درياهه جي ليٽ ڪري گهڻائي ڳوٺ ويران ٿي ويا، 1874ع ڌاري، ليٽ جو پاڻي جيڪب آباد ڇانوڻيءَ تائين پهتو هو. 1879ع ۾ ڪشمور بند ٻيهر تعمير ڪرايو ويو. ڪشمور بند کان اڳ، ليٽ جو پاڻي جيڪب آٻاد کي لتاڙي، لاڙڪاڻي ضلعي تائين پهچندو هو. 1895ع ۾ ڪوٽڙيءَ وٽ درياهه 17 فوٽ چڙهيو هو، جنهن ڪري ڪلري ۽ بگهاڙ ڦاٽن جا بند ڀڄي پيا ۽ خريف جي فصل کي نقصان پهتو هو. 1914ع ۾ آبڪلاڻيءَ ڪري، ڪوٽڙي ۽ گهوڙاٻاريءَ کي نقصان پهتو. لائڊ براج کان پوءِ به آبڪلاڻيءَ جو سلسلو هلندو اچي ٿو، سترهن سالن اندر چارگهمرا، يعني 1929ع، 1930ع، 1942ع ۽ 1948ع ۾، صوبي جي چانورن جي پوک کي نقصان پهتو ۽ سرڪار کي بندن تي خرچ ڪرڻو پيو. ڏسو: +Dawn, March, 28, 1949/ Karachi/ The Sukkur Barrage- p.3 +(1) 1848ع ۾، انگريز سرڪار مهراڻ جي ماپ وٺڻ لاءِ بکر ۾، 1898ع ۾، دين ٻيلي ۾ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ انتظام رکيو. اهڙي انتظام کان پوءِ اٽڪ، ديري غازي خان، بکر ۽ ڪوٽڙي تائين پاڻيءَ جي چاڙهه جو پتو پوي ٿو. +J.W. Sinth: gazetteer of the Province of Sindh- “B”- vol. III- Sukkur District، Bom 1919. +(1) Economic Survey of the Middle East, Pakistan, p. 69 Karachi +(2) Sindh in Picture, August, 1952. Karachi. p. Agriculture + + +اصل انگريزيءَ ۾ احمد بشير جو لکيل +سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي +سنڌو +مان انهيءَ عظيم ماءُ، مانسروور ڍنڍ جي ڄائي آهيان، جيڪا لافاني هماليا جي عظيم پهاڙن ۽ انهن جي آسماني چوٽين جي وچ ۾، آد کان وٺي، هڪ بي انت سوچ ۽ ويچار جي دنيا ۾ گم رهندي پئي آئي آهيان. اهي شاهاڻا پهاڙ، منهنجي ان مانائتي ۽ ماٺيڻيءَ ماءُ جي حفاظت ڪن ٿا، جتي هر شيءِ خاموش آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڀڻڪ ڪانهي، جتي حسن ۽ حيرت، اثر ۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي هڪ گنڀير، دل ڏاريندڙ، ڀيانڪ دنيا آهي- قدرت جي هڪ لاجواب ۽ لازوال چترڪاري آهي! ان جي نوراني نرملتا ايڏي ته آب تاب ۽ اثر واري آهي، جو خود مان، سنڌو، پڻ اتان کسڪي وڃان ٿي ته متان قدرت جي هي بيچون ۽ بيمثال نظاري جي بي عيب جڙت ۽ بناوت کي ڦٽائي نه وجهان! پوءِ مان زندگيءَ جي روح کي پنهنجي ساهه سان سانڍيندي، رستي جي هيٺانهين مٿانهين، جبلن ۽ ٽڪرن، چُرن ۽ غارن مان ڇلانگ هڻندي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، ٽپندي ۽ ڪڏندي، نڪري ٻاهر ميدانن تي نروار ٿي ٿيان! برف جي ڇپن ۽ پهاڙن، جهنگن ۽ جهرن، ٻيلن ۽ چراگاهن، وڻراهن ۽ وڻڪارن جي وسيع ميدانن ۽ پٽن مان، اُس ۽ ڇانوَ مان، ڪڏهن تيز ۽ تڪڙي، ڪڏهن ماٺيڻي ۽ آهستي، ڇپن کي ڀڃندي، پٿرن کي لوڙهيندي، ڊاهيندي ۽ ٺاهيندي، نيست ۽ نابود ڪندي ۽ وري جياريندي، لهرين پويان لهريون هڻندي، پکڙبي ۽ ملڪن کي پائيندي، موجون ماريندي، وڌندي وهندي وڃان ٿي! مان آهيان ”سنڌو“. جيون جي نشاني ۽ زندگيءَ جي علامت! +پنهنجي هن جوکائتي سفر ۾، مان پيلي پوشاڪ پهريل ڌرماتما لامائن کي هماليه تي، معصوم ۽ اٻوجهه ڪشميري ڪنوارين کي پنهنجا ڌڻ چاريندي، ماکيءَ کان مٺڙين هيرن کي پنهنجن رانجهن لاءِ ڏوهيڙا ڏيندي، صوفين ۽ سنتن کي وڇوڙي جي ماريل سسئين جون بيشمار ڪافيون ڳائيندي، ٻڌندي ۽ ڏسندي آهيان. جيئن ئي راتيون پنهنجي ڪاراڻ جي چادر ڌرتيءَ جي مٿان وڇائي ڇڏينديون آهن، ته تارن ڀرئي آسمان هيٺ ٿڪا ماندا ڪڙمي ۽ ڪاشتگار منهنجي ڪناري تي اچي آرام يا بندگي ڪندا آهن. ننڍڙا ٻارڙا سمهندا يا کيڏندا آهن، ۽ اَڀرا ۽ ضعيف مانجهي ۽ مهاڻا مٺيون ۽ سريليون ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. آءٌ انهن سڀني کي پنهنجي سيني تي پالي نپائي وڏو ڪريان ٿي. هنن جو مون سان پيار آهي ۽ هو مون کان ڊڄن به ٿا، ڇاڪاڻ ته مان ”سنڌو“ آهيان، انهن ئي وانگر مهربان ۽ دياوان به، ۽ چيڙاڪ ۽ مست پڻ! +مان ڪيترن ئي جُڳن کان هنن جي واقف آهيان. مون کي اڃا تائين انهن جا بدلجندڙ چهرا، انهن جو ننڍپڻ، نينگرائپ، ڦوهه جواني، پيري ۽ نستائي ۽ ڏٻرائپ، سڀ ياد آهن. مان هنن سڀني کي سڃاڻان ٿي. +مان انهن جي باري ۾ توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي. مان توکي اڳي اڳي جون ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جا قصا، ۽ بادشاهن ۽ راجائن، فاتحن ۽ حڪمرانن، انهن جي زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن، دک ۽ سک جا سمورا داستان ٻڌائي سگهان ٿي- اهي قصا، اهي داستان، اهي افسانا، جي تو اڳ ڪڏهن به شايد نه ٻڌا هوندا. مان توکي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري سگهان ٿي، جيڪي مون ڏٺو!..... چڱو، هاڻي هيڏانهن نهار! اجهو هو سامهون هنن جو شان ۽ هنن جي عظمت ڏس. اهو آهي موهن جو دڙو. مرد پنهنجين ٻنين ۾ هر ڏيئي کيتي ڪري رهيا آهن، زالون پنهنجن خوشحال گهرن جو ڪم ڪار ڪري رهيون آهن ۽ ٻارڙا راندين ۾ مشغول آهن. سڀ سکيا سهنجا، خوش ۽ آباد. هنن جا گهر نهايت ئي سهڻا ۽ سلسليوار آهن. هنن جي بازارين جي ڌوڪ ڌوڪان، گوڙ ۽ هل کي ڏس! پوءِ وري هڪ وحشي قوم جو ڪٽڪ اچي ٿو. هي قداور ۽ خوبصورت ماڻهو آهن. هو اچن ٿا، ۽ هنن اچڻ شرط بيرحميءَ سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. مرد ڪِري ۽ مري رهيا آهن، عورتون لڪڻ جي ڪري رهيون آهن ۽ ٻار ڦڙڦوٽ پوڻ ڪري ريهون ڪندا ڀڄي رهيا آهن ۽ وري نماشام جي منهن اونداهيءَ کان اڳ سڀ ماٺ ٿي ويئي. نئون ڏينهن اڀري ٿو. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو آهي، ڇوته اهو قدرت جو قانون آهي!... هاڻي ٻڌ! پريان هو ڌڌڪيدار نغارن جو گجندڙ آواز ٻڌ. هنن جي صورت ۽ طاقت، جاهه ۽ جلال کي جاچ. اهي سنڌ جي راجائن جون سنسٿائون آهن، جن کي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ پانڊون خلاف ڪورون جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. هنن جي عجيب غريب ويسن، وڳن، هٿيارن پنوهارن ۽ رَٿن ڏانهن نهار. وري هنن کي غائب ٿيندو ڏس، جيئن ڌوڙيو مٿي آسمان ۾ گم ٿي ويندو آهي!..... ۽ هاڻي وري هو نوجوان جنگي جوڌو سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش دل ۾ کڻي نمودار ٿئي ٿو. هن خيبر کي فتح ڪري ورتو، هو هاڻي جهلم جي پورس راجا کي شڪست ڏيئي، اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي خوبصورت چهري ڏانهن نهار، ۽ هن جي مٿي تي زرهه جي رڪ واريءَ جهرڪندڙ ڪلنگيءَ ۽ هن جي ڊگهيءَ ٻن ڌارن واريءَ ترار کي جاچي ڏس. هو وڙهيو ۽ هن فتح حاصل ڪئي، مگر هن جو بي انداز لشڪر، گهڻي وقت تائين وڙهڻ ڪري، هاڻي ٿڪجي ماندو ٿي پيو آهي. هتي هو پنهنجن خوابن کي ڪوڙو ثابت ٿيندو ڏسي، مري وڃي ٿو، ۽ هن جا هٿ خالي ۽ اکيون کليل رهجي وڃن ٿيون! هاڻي نهار.... سندس جرنيل، نيروڪس، واپس ورڻ جي سفر لاءِ آرماڙ کي گڏ ڪري رهيو آهي. هي پڻ هليا ويا!.... هاڻي وري سفيد چمڙيءَ وارا ”هوڻ“ لوڪ حملو ڪن ٿا.... بيرحم ۽ قاتل.... هو واچوڙي وانگر تڪڙا اچن ٿا،“ ملڪ کي ڦريندا ۽ ساڙيندا، چوڌاري پَٽن تي پکڙبا وڃن ٿا، جيئن مان موجون ماريندي ميدانن کي ٻوڙندي ويندي آهيان. پر اهي سڀ ڪٿي آهن؟ هليا ويا.... سڀ هليا ويا، اوندهه انڌوڪار ۾، موت جي اونداهيءَ واديءَ ۾. پوءِ ٿوريءَ مهل تائين سڀ ماٺ ٿي ويئي. هيءَ سرزمين ماٺيڻي آهي. آسمان تان گرد ۽ غبار صاف ٿي ويو ۽ پوءِ هڪ اجنبي مست واٽهڙو اچي ٿو. هي هڪ چيني مسافر آهي، هيون تسيانگ، جيڪو علم ۽ سوجهري جي ڳولا ۾ رلي رهيو هو. هن کي سوجهرو ملي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪو به ان جي ڳولا ڪري ٿو، ان کي پائي ٿو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ سرزمين علم ۽ سوجهري جي کاڻ هئي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ڏوراهن ماڳن تان علم جي تلاش ۾ هتي ايندا هئا.... جُڳ لنگهي ويا: سوجهرو ۽ اونداهي.... اونداهي ۽ سوجهرو.... سوجهرو ۽ اونداهي.... پر، زمانن کان پوءِ وري ٻيا ماڻهو آيا، جن هن زمين تي علم ۽ سوجهري جي نئين شمع آندي. هو عرب جي ريگستان مان اُڀريا ۽ دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ آفريقا ۽ هندستان جي اونداهين ڪُنڊن کي علم جي سوجهري سان روشن ڪري ڇڏيائون.... هن جوشيلي عرب، محمد بن قاسم ڏانهن نهار‍. هن جي گجندڙ منجنيقن ۽ طاقتور کانڀاڻين کي جاچ. هن سڄيءَ سر زمين کي فتح ڪري ورتو ۽ هاڻي هو سڄي ملڪ تي حڪم هلائي رهيو آهي. ڏاڍو پيارو ۽ عزيز آهي، ڇوته جنهن وقت هو موڪلائي وڃي ٿو، هن جا هي نوان دوست هن لاءِ رڙن ۽ روئن ٿا. هن کان پوءِ شوخ ترڪ، قداور تاتاري، مغل، پٺاڻ ۽ انگريز اچن ٿا.... هنن جي ڀڳل ترارين، ۽ ڦٽيل رت ڳاڙيندڙ دلين ڏانهن نهار‍. +سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بهادريءَ جي شان کي ڏس. پراچين ديبل، برهمڻ آباد ۽ قديم منصوره ۽ محفوظه ڏانهن نهار. اهي فنا ٿي ويا ۽ هن وقت سندن نشان به ڪونهي، پر مان اڃا تائين انهن جون پيهه پيهان واريون بازاريون، نون رنگن ۾، نون چهرن سان ڏسي رهي آهيان. مان اڃا تائين ڀنڀور ڏانهن لُڙهندي، ننڍڙيءَ سسئيءَ جو پينگهو پنهنجي ڪناري تي لڏندو لمندو ڏسي سگهان ٿي. مان پنهونءَ کي ڪيچ جي جبلن ۾ ڏسي سگهان ٿي، جنهن کي سندس دغا باز ڀائر، ڊوهه ڪريو، اُٺ جي پٺيءَ تي ٻڌيو چاڙهيو وٺيو پيا وڃن ۽ اجهو، هو پريان عمر ڪوٽ جون مغرور محلاتون نظر اچي رهيون آهن، جي مان وڇڙيل مارئيءَ جي آهُن ۽ زارين جو پڙاڏو اچي رهيو آهي-- مان اڃا تائين هن جي سوز ۽ فراق کي ٻڌي سگهان ٿي .... هو پريان.... ڀِٽ تي.... سهڻو سيد لال لطيف پنهنجين مٺڙين لاتين ۽ روحاني راڳن ۾ مست ويٺو آهي. هن وقت هو ڪونهي، پر مان هن جا درد ڀريا بيت ۽ مٺڙا ڪلام اڄ به ٻڌي سگهان ٿي. مان اڃا تائين کيس اهڙو چٽو ٻڌي رهي آهيان، جهڙو هن کي جيئري ٻڌندي هيس. هو هڪ لافاني روح، وسيع ۽ اتم، سخي ۽ ٻاجهارو، جذباتي ۽ مهربان آهي. هو خوبصورت، قداور ۽ خوش اندام آهي. جيئن هو پنهنجون من موهيندڙ ڪافيون ڳائي ٿو، تيئن هن جون گول گول ڪاريون اکيون چمڪن پيون. جڏهن هو ڏکارن ڏوٿين کي دعائون ڪري ٿو، تڏهن هن جو چهرو ٻهڪي اٿي ٿو. هو مون سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هن کي سمجهي سگهان ٿي. مان هن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. مون تهذيبون ۽ تمدن پيدا ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺا، مون فاتحن جي سوارين کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر سنڌ جو فاتح فقط هو شاهه ئي آهي، جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيا فاتح زمينون ۽ ملڪ فتح ڪن ٿا، پر هن ماڻهن جي دلين تي فتح حاصل ڪئي آهي ۽ هن جي نينهن جو نياپو، هن جي سهڻي سڳنڌ ڀري ساروڻي، امر آهن. +هو مٺڙيءَ سنڌيءَ ۾ الاهي افضل ڳالهيون ڳائي ٿو. پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سان هو ماڻهن جا رخ ڦيريو، تقديرون ۽ قسمتون بدلايو ۽ روح کي دائمي راحت ڏيو ڇڏي. +هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ننڍڙن ڪکاين جهوپڙين ۽ چونئرن ۾ گذارين ٿا. منجهانئن جيڪي سکيا ۽ شاهوڪار آهن، سي حوضن ۽ مڇين جي تلائن سان سينگاريل اوچن گهرن ۾ رهن ٿا. پر مان انهن جي گهر ۾ قرب ۽ اتساهه گهٽ ڏسان ٿي. مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان ٿي، جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ گذارين ٿا، جتي وچ ۾ هڪ ننڍڙي صاف سٿري مسيت آهي، جنهن جي ننڍڙن منارن تي مؤذن چڙهي عبادتگذار بندن کي پنهنجي مولا جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏيندو آهي. جتي هڪ سرهاڻ پکيڙيندڙ سهڻو مندر آهي، جنهن جي سريلن گهنڊن جي مڌر آوازن تي پوڄاري سوير گهرن کان پوڄا لاءِ ٻاهر نڪري ايندا آهن. جڏهن گهر جا وڏا ڪم ڪن ٿا يا عبادت ڪن ٿا، تڏهن زالون ڪچهري لايو ٽهه ٽهه پيون ڪن ۽ ننڍڙا من موهيندڙ ٻارڙا وري لڪلڪوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند پيا رهن. هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي مال کي پيار ڪندا آهن. +هن ديس جا سپوت هميشه کلمک ۽ خوشمزاج طبيعت جا صاحب ٿي رهيا آهن-- ڪم ڪاڄ، پيار ۽ محبت، کل ۽ خوشيءَ، لئي ۽ رس جا ڪوڏيا. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي. سندن عيدون ۽ هوليون گڏجي گذرن. انهن موقعن تي وڏيون وڏيون دعوتون ۽ مجلسون، گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ٿينديون آهن. زالون وري مٺايون ۽ گل ورهائينديون آهن. اهي پنهنجن ٻانهن ۾ عاج جون ٻانهيون ۽ وڏا چوڙا پائينديون آهن. هر چنڊ واري مهيني جو پهريون جمعو ۽ هر سهائو سومار نهايت ئي وڏي ڌام ڌوم ۽ مزي سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن وسڪارا ۽ برساتيون پونديون آهن، تڏهن ڳوٺن کان ٻاهر مجلسون ۽ محفلون ڪيون وينديون آهن، جتي يڪتاري ۽ گهڙي تي سريلا ڪلام ۽ ڪافيون ڳايون وينديون آهن. هتي مان پنهنجين اکين سان هنن جا رنگ برنگي ناچ ڏسي رهي آهيان. تنهن زماني ۾ به، بلڪل اڄ وانگي، سگهڙن ۽ شاعرن، هن پنهنجي ملڪ جي سونهن سوڀيا، حسن ۽ نزاڪت منجهان ئي پنهنجي شاعريءَ جا مواد ۽ موضوع حاصل ڪيا. هنن منهنجي اٿلن ۽ سيلابن، مڇين، پلن، واڳن ۽ سيسرن، ۽ منهنجي پوراليءَ طبيعت جي هر روپ رنگ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو. هنن هن ديس جي اُٺن ۽ اوٺيڙن، جتن ۽ جهانگيئڙن، لڏن ۽ قافلن، ڪارن ڪڪرن ۽ زرد رنگ بيابانن، ميهارن ۽ ريڍارن ۽ چهچ چراگاهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. هنن هن ديس جي لين ۽ لاڻن، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، ڪرڙن ۽ کٻڙن تي بيت چيا. هنن هن سهڻي ديس جي انهن نارين کي ڳايو، جن جي ڪونج جهڙين ڊگهين ڳچين ۾ چانديءَ جون مالهائون ۽ هس ۽ سهڻين سنهڙين ڪاراين ۾ ڪنگڻ ۽ ننڍڙن نازڪ پيرن ۾ ڪڙيون ۽ پازيب پهريل آهن، سندن مٿي تي واسينگ نانگ جهڙن ڀنئور جهڙن ڪارن وارن جون پيچدار چڳون ۽ گهنڊيدار ڳتون نڪتل آهن، ۽ سندن مرگه�� جهڙيون ڪجلدار ڪاريون اکڙيون مشعله وانگي ٻري رهيون آهن. شاعرن حسين نارين جي پيارن مڙسن ۽ پريمين جي انهن پتڻن ۽ ٻيڙين کي پڻ ڳايو، جيڪي وڻجارن سنڌ ور ڪين کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ واپس ماڳ موٽائي وٺي ٿي آيون. هنن، گهرڌياڻين جي گهرڙن، چرخن ۽ آتڻن کي پڻ ڳايو.... مطلب ته سنڌ جي هنن سدا حيات سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجي سٻاجهيءَ سونهن ونديءَ سنڌ جي هر ڳالهه ۽ هر ادا کي هر دفعي ڳايو. +ڌرتيءَ جي کيڙيندڙ هارين پورهيو ڪيو ۽ پگهر وهايو ۽ زميندار ۽ شاهوڪار انهن جي پگهر واريءَ خسيس ۽ ٿورڙيءَ ڪمائي کي به ڳهندا، ڳڙڪائيندا، مچندا ٿلها ٿيندا ويا ۽ غريبن کي ٿونها هڻندا رهيا. مگر مفلسيءَ جي هر حال ۾، آسيسن ۽ دعائن حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن پيرن ۽ سيدن سڳورن جي رڪيبن ۽ لغام جي واڳن کي هر وقت چمي سيني سان لڳايو. سنڌ جي لافاني شاعر، شاهه، هنن سڀني کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو، ڇاڪاڻ ته هو هنن جو هو. مان اڃا تائين هن جي روحاني ڪافين ۽ ڪلامن کي ٻڌي سگهان ٿي. +مان آهيان ٻلوان ۽ زور واري سنڌو!..... مان پاڻ سان داءُ رکڻ واري کي اڇلايو ڇڏيان. جن به مون سان شرط رکي، انهن هميشه راند هارائي. جن به مون سان سينو ساهيو، پاڻ کي نيست ۽ نابود ڪيائون. پر شاهه مون کي ماٺو ڪري ڇڏيو. مون هن جي آسپاس شانتي ۽ پيار حاصل ڪيو. مان هن جي دل جي گهرائپ ۽ شاعريءَ جي رواني سان محبت ڪريان ٿي. مان هن جي مٺي ڪلام تي قربان آهيان. هو ڪيترو نه مون جهڙو ۽ ڪيترو نه مون کان اعليٰ هو! +اوهان جي هن ملڪ ۽ اوهان جي ڪَچي وارن ميدانن جي هن زمين ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجي ماڻهن کي لنگهڻ ۽ فاقا ڪڍارايا، ڇوته پاڻي ڪونه هو. منهنجو پاڻي ڪيترن ئي ويران برن ۽ ساڙيندڙ ميدانن کي آباد ڪري سگهيو ٿي، پر وقت جي راجائن ۽ فاتح حڪمرانن ڪا خاص پرواهه ڪانه ڪئي. انهن مان ڪن ٿورڙن ڪي ننڍا ۽ نماڻا واهه کڻايا، پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ منهنجي لَٽ ۽ ريٽ جي واريءَ انهن کي لَٽي ڇڏيو. اڄ پهريون دفعو انهن ماڻهن لاءِ چاهه ڀريل، سچيءَ پچيءَ دل واري ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪي منهنجي نالي پويان سڏجن ٿا. سکر وٽ هڪ زبردست براج منهنجي پيٽ ۾ سوگهو بيٺل آهي. آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪم ۾ ساٿڙو ڏيئي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجو اوهان سڀني سان پريم آهي ۽ اهو اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي. ڪوٽڙيءَ وٽ پڻ اوهين منهنجي ٻل واري گهوڙي تي سنج وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مون انهيءَ لاءِ اوهان کي اجازت ڏني آهي. پنهنجين زمينن ۽ ٻنين کي آباد ڪريو، مان چوانوَ ٿي، سونهري ڪڻڪ پيدا ڪريو! کيڙيو ۽ کائو، پيئو، پهريو ۽ خوش گذاريو! مان اوهان کي نه روڪينديس. منهنجو پاڻي کڻي وڃو ۽ مون کي اهي قديم ۽ اڳي اڳي وارا خوشيءَ جا ناچ ۽ راڳ رنگ ڏيکاريو! مون کي اهي ٽهڪ ٻڌايو، جيڪي دلين مان اڌما ڏيئي نڪرندا هجن. مان اوهان کي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏينديس، جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي..... ۽ مون وٽ ان کان تمام گهڻو آهي، جيتري جي اوهان کي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته مان آهيان ٻلوان ۽ طاقتور سنڌو!... مان آهيان اَجيت ۽ امر سنڌو!... مان آهيان اٽڪ، مان آهيان جهلم، مان آهيان چناب، مان آهيان راوي، مان آهيان بياس، مان آهيان ستلج.... مان آهيان مهراڻ، انهن سڀني جي اپت ۽ جوڙ: مان آهيان سنڌو!.... مان آهيان مها ٻلوان، اجيت ۽ امر سنڌو! +[مهراڻ: اونهارو، 1955ع] +گذارشون +”مهراڻ“ – پهريون دَورُ، ۽ هاڻي +”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾، جنهن مياري مقام جو رسالو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. سنڌي ادب ۾، ”مهراڻ“ جو پنهنجو خاص رنگ رهيو آهي. ”مهراڻ“ جي مسلسل مطالعو ڪند�� اهل علم دوست چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته رسالي ۾ علمي، ادبي، فني، لغوي، مضمون نهايت تحقيق ۽ محنت سان ئي لکيل شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس پهرئين دور ۾ علامه دائودپوٽو، جناب عثمان علي صاحب انصاري، پير حسام الدين راشدي، حڪيم مرحوم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم احمد چاڳلا، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، آنجهاني ڀيرومل مهرچند، آنجهاني ڄيٺمل پرسرام، آنجهاني لالچند امرڏنو مل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد خان غني، مسٽر لطف الله بدوي، مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي، شيخ مبارڪ ”اياز“، حاجي محمود ”خادم“، حافظ محمد احسن، عبدالڪريم سنديلو، گل حسن ڪربلائي، آنجهاني ڪشنچند ”بيوس“، (آنجهاني) جهامنداس ڀاٽيا، مولانا عبدالڪريم چشتي (مرحوم)، سائينداد سولنگي، مرحوم محمد بخش ”واصف“، مرحوم قادر بخش”بشير“، مرحوم جمع خان ”غريب“، مرحوم غلام احمد ”نظامي“، مرحوم فقير غلام سرور ”مسرور“، آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسٽر ليکراج ڪشنچند ”عزيز“، پروفيسر ايم.يو. ملڪاڻي، پروفيسر ڀمڀاڻي، سوڀراج نرملداس، پرسرام ”ضيا“، کيئلداس ”فاني“، وغيره مهراڻ جا خاص ليکڪ آهن، جن جا علمي، ادبي، اصلاحي، لغوي ۽ فني افسانا ۽ مضمون گذريل پرچن ۾ محفوظ آهن، ۽ اهو هڪ بهترين معياري علمي ذخيرو آهي. +اها به هڪ مسرت انگيز حقيقت آهي ته ”مهراڻ“ جي ان معياري ۽ بلند پايه ادبي حيثيت کي، بمبئي يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ارباب بست وڪشاد به تسليم ڪيو، ۽ ايم.اي. جي شاگردن لاءِ ان مطالع جي سفارش ڪئي. +”مهراڻ“ جا جهونا پرچا اڄ تائين ڄڻ ته نوان آهن: ڪيئي اهل ذوق دوست هن ناياب علمي خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ طلب ڪندا رهن ٿا، ۽ اسان حتي المقدور سندن ان علمي جذبي جو احترام ڪندي،کين پرچا موڪليندا رهون ٿا. +”مهراڻ“، مارچ 1946ع ۾ جاري ٿيو. ۽ 46 ۽ 47ع وارا ٻه سال، باقاعدي شايع ٿيندو رهيو: تان جو 1948ع ۾، جنوري کان جون تائين ”مهراڻ“ وري نه نڪتو. +”مهراڻ“ ان پهرئين دور ۾، ايڊيٽوريل بورڊ تي هي صاحب هئا: جناب عثمان علي انصاري صاحب چئرمين، مولوي مرحوم دين محمد وفائي چيف ايڊيٽر، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ميمبر ۽ آنجهاني لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي مئنيجنگ ايڊيٽر. +مهراڻ، هن وقت،ٻئي دور ۾ قدم رکيو آهي. اڄ دنيا ٻي آهي، ۽ ماحول ٻيو آهي. مهراڻ جي پهرئين دور واري سنڌ، ۽ هن موجوده سنڌ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن. لساني ۽ سياسي، معاشرتي ۽ معاشي طور، پنهنجو وطن نهايت اهم ۽ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. ادبي مقتضيات، ۽ ماحول جي اثرات کان ڪڏهن به چشم پوشي نٿي ڪري سگهجي. سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ۽ حفاظت لاءِ جوڳا اپاءَ سوچڻ گهرجن، ۽ سنڌي زبان کي زنده ۽ پاينده زبانن جي ڪڙيءَ تي رسائڻ جي لاءِ ڪم ڪجي. ”مهراڻ“ جا اڳيان ليکڪ ڪي حالت حيات آهن، ته ڪي خلد آشيان ۽ سرڳواس ٿي چڪا آهن. مسٽر ڀيرومل مهرچند، لالچند امرڏنو، ڄيٺمل پرسرام جهڙا اديب تقسيم کان پوءِ، جئين سنڌ ڇڏي ويا، تيئن وري نه وريا، بلڪ هن فاني دنيا کان منهن موڙي، وڃي عالم جادواني ۾ پهتا. ان طرح مسلمانن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد ”وفائي“، سيٺ احمد چاڳلا، مرحوم غلام محمد شاهواڻي، مرحوم محمد بخش ”واصف“، مرحوم غلام احمد ”نظامي“، مخدوم محمد صالح ڀٽي، فقير غلام علي ”مسرور“، مرحوم قادر بخش ”بشير“، مرحوم علي خان ابڙو، مرحوم جمع خان ”غريب“، مرحوم شيخ مراد علي ”ڪاظم“، حافظ عبدالله ”بسمل“، اسان کان موڪلائي ويا آهن، الله انهن کي مرهي، ۽ اسان کي انهن سڀني جو نعم البدل عطا ڪري، ۽ اسان کي انهن وانگر،سنڌي ادب ۽ تهذيب جي خدمت جي قوت عطا فرمائي. +”مهراڻ“ جي هن ٻئي دور لاءِ علمي ۽ ادبي ۽ معياري مضمونن، افسانن ۽ ڪلام کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي آهي، ان ۾ ڪيتري قدر ڪاميابي حاصل ٿي آهي، ان جو ناظرين ڪرام پاڻ اندازو فرمائين ته بهتر. اميد ته اها آهي ته ”مهراڻ“ اهل ذوق حضرات کي پسند ايندو. +اڄ هر قوم پنهنجي ادب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهڙي دور ۾ سنڌي قوم تي فرض آهي ته هو پنهنجي ادب ۽ تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جي خدمت ۽ اشاعت لاءِ ڪمربسته ٿئي. هن وقت سنڌ ۾، جميعت الشعراءِ سنڌ، روح ادب سنڌ، بزم نظامي ڪراچي، محفل احباب ڪراچي، بزم بلبل ميهڙ، سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي، سنڌ سڃاڻ سوسائٽي ڪراچي، سنڌي ادبي انجمن حيدرآباد، انجمن علم و ادب هالا، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، مغل پبليڪيشنس شڪارپور، حبيب پبلشنگ هائوس سکر، دارالاشاعت اسلاميه حيدرآباد، اداره انسانيت حيدرآباد سنڌ ۽ ٻيا ادارا علمي ۽ ادبي خدمت ۾ مشغول آهن، انهن ادارن جي پاران وقت بوقت ساليانيون ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون ۽ ماهيانا ميڙ ۽ مشاعرا، منعقد ٿيندا رهن ٿا. ۽ انهن کان سواءِ منجهانئن ڪن جا ماهناما ۽ معياري علمي ۽ ادبي ڪتاب به شايع ٿيندا رهن ٿا. +انهن سڀني علمي ادارن، ۽ سندن ڪارپردازن جي علم دوستيءَ ۽ ادب نوازيءَ ۾ اسان کي وڏيون اميدون آهن، ۽ يقين اٿئون، ته سندن قلمي تعاون ۽ ٻي هرڪا مناسب سرپرستي هميشہ ”مهراڻ“ کي حاصل رهندي. جن صاحبن جا مضمون ۽ ڪلام ”مهراڻ“ جي هن اشاعت ۾ شايع ڪري چڪا آهيون. اميد ته اهي صاحب آئنده به معياري ۽ بلند پايه مضمونن، ۽ ڪلام موڪلڻ سان اسان جي همٿ افزائي ڪندا ايندا. +اسان هت خاص طور سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۽ سندن جوان همت ۽ زنده دل نوجوان شاگردن جا ممنوع آهيون، جن ”سنگت“ جي انعامي مقابلي ۾ آيل افسانا، ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليا آهن. اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو هي اسان جا نونهال، ۽ مستقبل جا اڏيندڙ، علمي ۽ ادبي، فني ۽ تهذيبي ضرورتن کان غافل نه آهن. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي زبان جي قديم ادب ۽ تهذيبي روايتن کي محفوظ رکڻ لاءِ، منظم ڪم ڪري رهي آهي، ۽ سندن مقصدن ۾ نهايت اهم چيزون آهن- ادبي ميڙ ڪرڻ، ادبي مقابلا ڪرڻ، ٻين زبانن جي معياري ڪتابن جا ترجما ڪرڻ ۽ سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي ادب کي عوام تائين پهچائڻ. سنڌي ادبي سنگت هن وقت تائين باقاعدي ڪئين ادبي ميڙ ۽ مشاعرا ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ ادبي مقالا، ڪهاڻيون ۽ ڪلام پڙهيا ويا آهن. ان کان سواءِ مشهور ادبين مان آنجهاني لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي ۽ مرحوم مرزاقليچ بيگ جون ورسيون به ملهائي چڪا آهن. ۽ خاص طور ”سچل سرمست“ جي ورسي نهايت ڌام ڌوم سان ملهائي، هڪ معياري ننڍڙو ڪتاب ”سچل سائين“ ورهائي، هڪ عمدو ادبي مثال قائم ڪيو اٿن. ”مهراڻ“ جي هن اشاعت ۾ ”سنگت“ جي سنڌي مختصر ڪهاڻين جي مقابلي جون پهريون چار انعام کٽندڙ ڪهاڻيون- ”شاه جو ڦر“، ”اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن“ ”امان آءٌ اسڪول ڪونه ويندس“، ۽ ”سيما“ شايع ٿي رهيون آهن. ان لاءِ اسان ”سنگت“ جي ڪارپردازن جو دلي شڪريو ادا ٿا ڪريون. ۽ انهن سڀني ادبي جماعتن ۽ اديبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جن پنهنجا علمي ادبي مضمون ۽ شعر اسان ڏانهن موڪليا آهن. +”مهراڻ“ جو اصل نالو، جناب شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب (مرحوم) جن ئي تجويز فرمايو هو. مهراڻ جو هي نئون دور پڻ جناب ڊاڪ��ر صاحب مدظله جن جي ئي سنيهي ۽ دعا ساڻ شروع ٿي رهيو آهي: +”الحمدلله، جو مهراڻ وري مس مس منهن ڪڍيو، دعا آهي ته پنهنجي نئين جنم ۾ خوب وڌي ويجهي، ۽ سانوڻ جي سماءَ وانگر نِڪون ڏيئي نُوڙيين وهي، جئن سڀ ڪوچڙيون ڪسيون، واهه ۽ نياڻ منجهس مدغم ٿي وڃن!“ +اندر رهي نه گهٽ، سپيريان جي ڳالهڙي، ڇاڳر سهي نه سٽ، جه ”مهراڻ“ موج ڪئي! +ڪهڙو نه مٺو نالو! ڌريان ئي ڌريل درويش جو، شل سنڌي ساهت جي معياري خدمت ڪري، ۽ دائم ۽ قائم رهي - آمين! -غ. م. گ +[مهراڻ: سيارو 1955ع] +آزادي +چوڻي آهي ته ”مينهن وسندا، ته چِڪون به ضرور ٿينديون.“ تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦير کاڌو، جو ڀانيوسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهيءَ سيلاب ۾، ڪي لٽجي ۽ ڪي پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر بنهه ختم ٿي، لڙهي هليون وينديون، ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ پنکڙيون، چونڊڻ چپوٽڻ سان به ٻيهر شايد اسان جي پلئي ڪڏهين به پئجي ڪين سگهن! +پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي جي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي! سمنڊ ۾ سپون بيابانن ۾ کاڻل تتل واريءَ جا دڙا، ۽ بستين ۾ ڍور ڍڳا، پکي پرندا ۽ هاري ناري به ته انهيءَ آب حيات مان پنهنجون اُڃون لاهي، حياتيءَ جا ثمر حاصل ڪندا آهن! ساڳيءَ ريت، آزاديءَ ملڻ سان ئي ڏٺوسين ته چوڌاري، سنڌي ادب جا سوين سيڪڙائو، نون ادارن ۽ نون امنگن سان، پنهنجا پنهنجا ساز و سامان سينگاري ۽ صاف ڪري، ميدان تي نڪري آيا، سنڌي ادب جي ويران ۽ لهسيل باغ کي ٻيهر سرسبز ۽ شاداب باغ بنائڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي رس ڀريون ڪچهريون ۽ مدبرانه مجلسون ڪٺيون ٿيون، ۽ هرڪو، هند توڙي سنڌ ۾، پنهنجي پنهنجي منهن ۽ پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي باغبانيءَ ۾ دل ۽ جان سان جنبي ويو: ايتري قدر جو ترت ئي اسان جا ڏولاوا ڏور ٿي ويا، ۽ اسان کي نه فقط اهو خوف نه رهيو ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جو بيش بها ادبي خزانو ڪڏهن ڪو ناپيد ٿي ويندو. پر دلين ۾ اها اميد پڻ اسرڻ لڳيسون ته جيستائين سنڌي مائرن، پنهنجن معصوم مٺڙن ٻارن کي، پنهنجين محبت ڀرين هنجن ۾ سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي ٻولي، ۽ ان جي ادب جا پر بهار گل - ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ- جيئن پوءِ تيئن زياده اڀرندا ۽ اسرندا، وڌندا ۽ ويجهندا ئي رهندا. +”ون يونٽ“ +آزاديءَ جي وسڪاري کان پوءِ، اڄ وري اسان جي ملڪ ۾ ٻيهر آسمان آگميو آهي، کنوڻيون کڙيون آهن، ۽ ڀريل بادل بنهه برسڻ وارا ئي آهن. اولهه پاڪستان يعني بلوچستان، سرحد پنجاب ۽ سنڌ جي، هڪ ”وحدت“ قائم ٿي رهي آهي. مينهوڳيءَ ۾، سنڌ جا ڌنار پهنوار ۽ هاري ناري، وسندڙ آسمان ڏانهن نهاري، ”ڀيڄ، مولا‍! ڀيڄ“ به پيا ڪندا آهن. ته وڄن جا چمڪاٽ ۽ گوڙين جا ٽڙڪاٽ ٻڌي، پنهنجن ٽمندڙ ٽوئن ۽ جهرندڙ جهوپڙين ۾، خوف وچان، ڀنل پکيئڙن وانگر، مٿڙا لڪايو،” الله صمد، الله صمد“ به ويٺا پڙهندا آهن! سنڌ ۾ ”ون يونٽ“ جي مخالفن توڙي حمايتين جي به اڄ اها ساڳي حالت آهي. چوڌاري، دلين ۾ اهي اُڊڪا ٿي بيٺا آهن ته هاڻي، اسان جي ادب، اسان جي ثقافت، ۽ اسان جي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟ +1860ع ۾، جڏهن اٽليءَ جو ملڪ، فرانس، آسٽريا، اسپين ۽ نيپلس جي گڏيل فوجن فتح ڪيو، تڏهن، اٽليءَ جي هڪ لاثاني محب وطن، گئري بالڊيءَ کان پڇيو ته ”هاڻي، اٽليءَ جو ڇا ٿيندو؟“- تڏهن جهٽ هن ورندي ڏني ته ”ملڪ منهنجو ويو، ته نيٺ وري پوندو: منهنجي ٻولي شل مون کان نه وڃي!“ اڄ، اسان جي حالت گئري بالڊيءَ جي اٽليءَ جهڙي ته نه آهي: نه اسان جو ملڪ ٿو هٿان وڃي، ۽ نه اسان جي ٻولي ئي ٿي اسان کان کسجي. ”ون يونٽ“ اسان جي پنهنجي ملڪ جي هڪ حصي جي ”وحدت“ آهي- ٻئي ڪندي، اها ”وحدت“ هڪ سياسي ۽ انتظامي وحدت آهي: ۽ انهيءَ نقطه نگاهه کان مغربي پاڪستان ته ڇا پر سمورو پاڪستان، مغرب وارو توڙي مشرق وارو، هڪ ئي ”سياسي وحدت“ جو درجو رکي ٿو. ائين برابر آهي ته ملڪ جي هيءَ سياسي وحدت، جيئن ٻن يونٽن جي موجودگيءَ ۾ قائم رهي سگهي ٿي، تيئن ان جي هڪ يونٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ صوبن جي موجودگي به ان کي ٽوڙي نٿي سگهي: پر جيڪڏهن اڄوڪن ويهارو کن جمهوريت نا آشنا صوبن ۽ رياستن کي ملائي، انهن جو هڪ ئي نظامي مرڪز قائم ڪيو وڃي ٿو، ته ان مان آخر ڪنهن تهذيب، ڪنهن ثقافت، ڪنهن ٻوليءَ ۽ ان جي ادب کي، ڪنهن نقصان جو انديشو ڇو پيدا ٿئي؟ مغربي پاڪستان جي هن خالص ”انتظامي وحدت“ جي هيءَ معنيٰ ته هرگز نه آهي ته اتي بلوچ، پٺاڻ، پنجابي ۽ سنڌي ٻولين ۽ ثقافتن جو ڪو مستقل ۽ عليحدو وجود ئي ڪونهي! ائين وسهڻ ۽ ائين چوڻ ٿيندو ڄڻ سج جي تڙڪي کي کاريءَ هيٺان لڪائي وٺڻ جي دعوا ڪرڻ. جيڪڏهن يونائٽيڊ اسٽيٽس، چين، برطانيا، ڪئناڊا، سئٽزلينڊ وغيره جهڙا عظيم ملڪ، پنهنجي پنهنجي جڳهه تي، هڪ قومي وحدت هئڻ هوندي به، انتظامي لحاظ کان توڙي ثقافتي ۽ لساني حيثيت ۾، سچ پچ هڪ کان وڌيڪ رياستن، ٻولين ۽ قوميتن جا مجموعا آهن، ته عين ممڪن آهي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اسان ۾ جمهوريت جي شناس ۽ ان جي صلاحيت پيدا ٿئي، تڏهن خود ان زماني جي ملڪي انتظام لاءِ لازمي ٿي پوي ته ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خصوصيتن کي خيال ۾ رکندي، ٻيهر هتي بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جون مڪاني خود حڪومتون جمهوريون ٺاهيون وڃن، ۽ اهڙيءَ طرح لفظ، ”پاڪستان“ جي اصلي تصوير مطابق، صالح ۽ صحتمند ”ڪثرت“ جي بنياد تي، اسان جي وطن پاڪ جي به هڪ، واقعي حقيقي معنيٰ ۾، مضبوط، لافاني ۽ عظيم ”وحدت“ قائم ٿي وڃي. اسان به پاڪستاني آهيون، ۽ پوءِ به پاڪستاني ئي رهنداسون: پر جيئن هندو، ڪرستان، پارسي ۽ مسلمان هئڻ سان گڏ، ڪو اسان کي پاڪستاني ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي، تيئن پاڪستاني هئڻ سان گڏ، نه هاڻي ئي اسان کي ڪو بلوچ، پٺاڻ،پنجابي، بنگالي ۽ سنڌي هئڻ کان روڪي ٿو، ۽ نه آئنده ئي ڪو روڪي سگهندو. +سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آهن. ”مهراڻ“ جي اڳئين اشاعت ۾ هڪ هنڌ اسان چيو هو ته ’سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت ۾ ڪي اهڙيون امتيازي خوبيون موجود آهن، جيڪي جڏهن گم ٿي وڃن ، ته انهن جي پورائي يا تلافي ڪنهن به ٻئي ملڪ، ڪنهن به ٻيءَ قوم ۽ ڪنهن به ٻيءَ ثقافت هٿان ٿي نه سگهندي.‘ ظاهر آهي ته جيسين اسان وٽ اهي امتيازي خصوصيتون موجود آهن، تيسين اسان جي سنڌ، اسان جي سنڌي ثقافت ۽ اسان جي سنڌي ٻولي پڻ قائم آهن- ون يونٽ ۾ توڙي ڪنهن ٻيءَ صورت حال ۾، انهن جو هڪ وار به ونگو ٿي نٿو سگهي. ائين برابر آهي ته جيئن سڀڪا نئين ڳالهه ڪي نه ڪي مشڪلاتون پيدا ڪندي آهي، ”ون يونٽ“ ۾ پڻ اسان لاءِ، اسان جي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ ڪي نه ڪي نوان مسئلا ضرور درپيش ايندا پر سرائيءَ جي ڳالهه وانگر ”آپڻي شئي اي، روسون به کاسون به!“ سو پنهنجي ”ون يونٽ“ ۾ به، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيڪڏهن اسان پنهنجو ڪري سمجهيو ۽ ان جي قسمت سان پنهنجون قسمتون ڳنڍيون سين ته نه فقط ان ڳالهه جو ڪو امڪان ڪونهي، پر اهو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي ته ان کي ڪنهن قسم جو ڪو گزند پهچي سگهندو. +اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ +”ون يونٽ“ ته پاڻ هڪ موقعو آهي جنهن ۾ اسين پنهنجي ٻوليءَ جي ڪامياب مستقبل جي هڪ بنيادي ۽ پائيدار تعمير ڪري سگهون ٿا. ضرورت فقط هن ڳالهه جي آهي ته سڄاڻ هاري وانگر، زمين آهر ۽ موسم پٽاندڙ ٻج ڇٽيون، پنهنجن فرضن جي ڄاڻ ۽ ذميوارين جو احساس ڌاريون، پنهنجي آس پاس کي ڏسون ۽ جاچيون وقت جي تقاضا ۽ زماني جي اشاري کي بنهه دل جي ڪنن سان ٻڌون ۽ هنئين سان هنڊايون ائين ڪرڻ سان ئي اسان جا اديب ۽ ناشر پنهنجي همعصر دور توڙي آئنده نسلن لاءِ صحيح فخر جو باعث بنجي سگهن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مخلص ۽ لافاني خادمن جي زمري ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. +ادب، واندڪائيءَ جي وندر، ناموريءَ جو ذريعو ۽ پئسي پيدا ڪرڻ جو وسيلو به برابر آهي، پر ان جو اصلي شان ڪنهن زياده اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد لاءِ مخصوص آهي. ادب ذريعي ، انسانن جي ذهن کي اڇو اجرو ۽ صاف ڪري سگهجي ٿو کين صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ڪري سگهجي ٿو سندن دلين ۾ هن عيبدار دنيا کي بدلائي نئين سر ٺاهڻ جا جذبا ۽ امنگ، همتون ۽ ارادا پيدا ڪري سگهجن ٿا. منجهن علم جو احترام سچ لاءِ محبت ۽ حسن جي صحيح پرک پروڙ لاءِ، گهربل جمالياتي حس، ۽ انسان ۽ انسان جي عظمت جو قدر ۽ احساس پيدا ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان اديب ۽ ناشر ادب جي انهن اعليٰ مقصدن کي خيال ۾ رکنداسون ته يقيناً پنهنجي ادبي تخليقن ۽ مطبوعات کي سندن مڙني معنوي توڙي ظاهري وصفن سان پهرين سينگاري ٺاهي مڪمل ڪري پوءِ ئي پنهنجن محترم پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهنداسون. جڏهن پنهنجن پڙهندڙن جي لاءِ عزت ۽ محبت جو اظهار، انهيءَ صورت ۾ اسين ڪنداسون تڏهن ئي هنن جي دلين ۾ اسان لاءِ محبت ۽ عزت جا جذبا پيدا ٿيندا، ۽ پوءِ اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ ٽيئي گڏجي پنهنجون سموريون دلچسپيون ۽ ڪوششون هڪ ئي گڏيل مقصد يعني ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ مخصوص ڪري سگهندا. ٻيءَ حالت ۾، جيڪڏهن لکڻ وارا صرف بي لغام قلم ڪارين ۾ تيز، ناشر صرف غلط ۽ بدزيب ڇپيل ڪتابن تي بي جا قيمتن هڻڻ ۾ ڀڙ، ۽ پڙهندڙ صرف مفت جي ڪتابن تي اتفاقي نظر ڦيرائڻ ۾ ئي خوش هوندا، پوءِ اسان جو غريب ادب جتي آهي، اتي ئي پيو اُسڙڪندو، انهن حالتن ۾ ۽ اهڙن اديبن، ناشرن ۽ پڙهندڙن هٿان ان جو اُسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ذرا مشڪل ٿو معلوم ٿئي. +”مهراڻ“ +”مهراڻ“ جي پهرين پرچي کي جنهن پريم سان مرتب ڪري سينگاري ٺاهي پنهنجي عزيز پڙهندڙن جي هٿن ۾ اسان پيش ڪيو، ان لاءِ اسان جي اميدن کان به سوائي شاباس، اسان کي کانئن ملي چڪي آهي. ان لاءِ اسان سندن نهايت شڪرگذار آهيون. اسان کي پنهنجي اوڻاين جو به پورو احساس آهي، تنهن ڪري هڪ گهڙيءَ لاءِ به اسين وسڪي ويهي نه رهيا آهيون ته اسان جي پهرين پيشڪش رڳو تعريف جي لائق هئي ۽ ان ۾ ڪي نقص هئا ئي ڪونه. ڪٿي پنهنجي اعليٰ مقصد جي بلند معيار تي پڪ آهي ته پهچي نه سگهيا آهيون، تنهنڪري، پنهنجي محترم پڙهندڙن کي پهرين گذارش هيءَ آهي ته جتي به هو اسان جي ڪا ڀل چڪ ڏسن اتي ڀلائي ڪري اسان جي رهبري ڪن. ”مهراڻ“ جي پهرين توڙي هن پرچي ۾ جيڪي به خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن تن لاءِ گهڻي ڀاڱي اسان جي شاعرن، افسانه نويسن ۽ مضمون نگار دوستن کي ئي جس چئجي ته وڌيڪ مناسب آهي. ”مهراڻ“ جي اوڻاين لاءِ اسان خالص پاڻ کي جوابدار سمجهون ٿا ڇو ته هڪ ته مواد جي چونڊ اسان پاڻ ڪئي آهي، ۽ ٻيو ته پنهنجن ڪن سنڌي اديبن ۽ عالمن کان سندن ادبي شاهڪار اڃا هٿ نه ڪري سگهيا آهيون، جو اهڙي جامع ذخيري مان ڪا اڃائي وڌيڪ بهتر چونڊ ممڪن ٿي سگهي ها. پنهنجين نيازمندانه منٿن ميڙن کي اڃا ايترو اثرائتو نه بنائي سگهيا آهيون، جو اسان جا اهي اديب ۽ عالم اسان کي پنهنجي قلم جي نظر فيض اثر سان نوازڻ تي آماده ٿين- اسان اياڻن اڀرن لاءِ، جيڪڏهن معاملو ”مڙيئي مون ڏانهن، هوتن ڏانهن نه هڪڙي“ تي ئي ختم ٿئي ته به چئبو ته لک کٽيا سون! +دعوت +”مهراڻ“ ۾ آئنده اشاعت کان وٺي، ٻن وڌيڪ عنوانن کي شامل ڪرڻ جو ارادو آهي-(1) ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ....“، ۽ (2) ”سنڌي نثر جا مثالي فقرا“. پهرئين عنوان ماتحت، زندگيءَ جا ڪي سچا واقعا، جي لکندڙن جي شخصي تجربي يا مشاهدي هيٺ آيل هجن، اهي ڏنا ويندا. هن عنوان لاءِ، ڪوبه دوست، رسالي جي هر اشاعت لاءِ هڪڙو واقعو، گهڻي ۾ گهڻو 300 لفظن يا ان کان به مختصر لفظن ۾ لکي اسان ڏانهن موڪلي سگهي ٿو. واري واري تي، بهترين واقعو لکي موڪلڻ واري دوست کي، ”مهراڻ“ جي اداري طرفان، ڏهه روپيا انعام طور ڏنا ويندا. هتي مثال طور، اسين پنهنجي شخصي مشاهدي هيٺ آيل هڪ سچو واقعو لکندڙن جي رهبريءَ لاءِ پيش ڪريون ٿا: +”- ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ماستر هوس، رسيس ۾ اڪثر ٻاهر بندر روڊ تي هوٽل ۾ چانهه پيڻ ويندو هوس، هڪ ڏينهن، جيئن چانهه ڪوپ پي، هوٽل مان ٻاهر نڪتس، ته ڏٺم ته هڪڙو چڱو موچارو ٿلهو ماڻهو، سوٽيل بوٽيل، ٽوپلو مٿي تي، ڪڇ ۾ ٻه چار فائيل، هڪڙي هٿ ۾ ڪيلن جو ڇڳو کنيو، ٻئي هٿ سان ڪيلي جون کلون لاهيندو، بي پرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو به وڃي، ۽ ڪيلو کائيندو به وڃي! پنج ڏهه وکون اڳيان پئي ويو، اوچتوئي اوچتو، همراهه جو پير پنهنجي ئي اڇلايل ڪيلي جي کل تي اچي پيو، ۽ وٺي ٿو مڙس ترڪي- بس ڌو پٽ تي! ڪيڏانهن ويو ٽوپلو، ڪيڏانهن ويا فائيل! ٿڙي ٿڦڙي اٿيو؛ فائيل ميڙيائين، ٽوپلو هٿ ڪيائين، ڪيلا ته هٿ ۾ هئس ئي: ۽ اوچتو نظر ٿي پويس، پاسي ۾ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ ويچاري گهورڙئي تي، جنهن خالي لفافا، رٻڙ، پينسلون وغيره پئي وڪيون! بس سائين، پوءِ ته صاحب نه ڪئي هم نه تم، ويچاري گهورڙئي تي رڙ ڪري الرجي ويو- چي، ههڙا تهڙا، شرم نٿو اچيئي، فٽ پاٿ تي رستو روڪيو ويٺو آهين، ماڻهن کي هلڻ به ڪين ڏيندين ڇا؟ ويچارو گهورڙيو اچي ڦاٿو: جي ٿو جواب ڏئي ته ٿو گوڙ وڌي، ۽ پوليس وارو اجهوڪي اجهو، اچي اٿارينس!مڙيئي جيئن تيئن ڪري جند ڇڏايائين. هيڏانهن هيءُ سنئون سيبتو، سوٽيل بوٽيل همراهه، غريب تي ڪاوڙ ڇنڊڻ کان پوءِ اٿي اڳتي هليو. مون پنهنجي اکين سان اهو لقاءُ ڏٺو: صاحب بهادر کي اهوئي مٿي ۾ ٽوپلو، ڪڇ ۾ اهي ئي فائيل، ۽ هٿ ۾ اهوئي ڪيلن جو ڇڳو، اٿي هليو: خالي هٿ سان ڪيلي جون کلون ڇليندو، بي پرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو، ڪيلي کي چڪيندو منهنجي اڳيان ئي اڳيان، سڌوئي سڌو، بندر روڊ جي فٽ پاٿ وٺيو، اڳتي ويندو رهيو- ڄڻ ته ڪجهه ٿيوئي ڪونه هوس!“ +ٻئي عنوان ماتحت، ڪوبه دوست، ڪنهن به قديم توڙي جديد سنڌي نثر نويس جو ڪو لکيل هڪ فقرو يعني فقط هڪڙي پئراگراف جيڪا کيس مطلب، ٻوليءَ، لفظن جي اثرائتي استعمال وغيره سبب بهترين لڳي هجي، سا اسان کي لکي ڏياري موڪلي. اهڙن مڙني آيل فقرن مان، سڀ کان وڌيڪ جيڪو فقرو اداري کي پسند ايندو، تنهن لاءِ موڪلڻ واري کي 5 روپيا انعام ڏنا ويندا. هڪ دوست، هر اشاعت لاءِ هڪ ئي فقرو موڪلي سگهي ٿو. فقرو مڪمل حوالي سان هئڻ ضروري آهي- يعني اهو ڪنهن جو لکيل، ڪهڙي ڪتاب جي ڪهڙي صفحي تي آيل آهي، اها ڳالهه صاف طرح ڄاڻائڻ گهرجي. +مهراڻ جي آئنده اشاعت کان وٺي، اداري طرفان، سنڌي مختصر افسانن جي پڻ چٽاڀيٽيءَ رکڻ جو ف��صلو ڪيو ويو آهي. هر اشاعت لاءِ جيڪي به افسانا وصول ٿيندا، تن مان جيڪو بهترين افسانو سمجهيو ويندو. ان جي لکندڙ کي، اداري طرفان، 20 روپيا انعام ڏنو ويندو. +معذرت +اڳئين پرچي ۾، اسان کان هڪ نهايت دکدائڪ غلطي ٿي ويئي آهي. محترم سوڀراج نرملداس ”فانيءَ“ کي، ڀل کان، ”آنجهاني“ سڏيو اٿئون. رسالي جي شايع ٿي وڃڻ کان پوءِ، اسان کي معلوم ٿيو ته هو صاحب زنده آهي. اسان جي دعا آهي ته اسان جي سنڌڙيءَ جو هيءُ غير فاني شاعر، هند ۾، سنڌي زبان جي خدمت لاءِ شال هزار عمريون زنده رهي، ۽ هر عمر هزار سالن جي ماڻي- آمين! +گذارش +آخر ۾، پنهنجي محترم اديبن ۽ پڙهندڙن سنڌ توڙي هند وارن جي خدمت ۾ وري به عرض ٿا ڪريون ته هو سنڌي زبان ۽ ان جي ڪارآمد ادب جي اشاعت لاءِ اسان جا ساٿي ٿين، اسان ڏانهن وقت بوقت پنهنجا مشورا موڪلين، اسان سندن قلمي تعاون، سندن تجويزن ۽ نڪته چينين کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا.- والسلام! م. ا. ج +[مهراڻ: بهار،1955ع] + + +ٻولي +”ٻوليءَ“ جي مفهوم ۾ ان جو ڳالهائجڻ ۽ لکجڻ ٻيئي شامل آهن، ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي انهن ٻن حيثيتن ۾ وڏو فرق آهي. ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾ ٻولي ڦرندي گهرندي ٿي رهي. سندس آواز، اُچار، لهجو، لفظ ۽ انهن جون معنائون ڪي قدر هميشه بدلجنديون ٿيون رهن. هي چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ سو به ٻوليءَ جي انهيءَ ڳالهائجڻ واريءَ حيثيت کي خيال ۾ رکي ائين چوندا آهن. هڪڙيءَ ٻوليءَ جا هڪ کان وڌيڪ مقامي روپ، انهن مقامي روپن مان اڳتي هلي جدا جدا ٻولين جو ٺهڻ، ۽ اهڙي طرح شروعات ۾ دنيا جي بنهه ٻن- چئن ٻولين مان وڌي اڄ جي صدها ٻولين جو وجود ۾ اچڻ، اهي سڀئي ”ٻوليءَ“ جي ڳالهائجڻ واريءَ حيثيت جا ڪرشما آهن. برخلاف ان جي، ٻوليءَ جي لکجڻ واري حيثيت، ٻوليءَ جي انهيءَ ڦيرگهير کي ڪافي حد تائين روڪي ٿي، ۽ ان ۾ هڪ قسم جي هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ٿي ڪري. هڪ دفعو ٻوليءَ جي صورتخطي، سندس لفظن جي هِجي ۽ معنيٰ، جملن جي ترتيب ۽ ان جا اصول، تحريري صورت ۾ قائم ٿي ويا. هڪ دفعو ڪنهن ٻوليءَ پنهنجو ادبي سرمايو تحريري صورت ۾ محفوظ ڪري ورتو، هڪ دفعو ڪنهن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ان جي علمي ادبي ترقيءَ جا سامان ۽ ان جي علم سکڻ ۽ سيکارڻ جا وسيلا پيدا ڪري ورتا ته پوءِ ان ٻوليءَ گويا پنهنجو مستقبل دائمي طور محفوظ ڪري ورتو، ۽ پڻ چئبو ته پوءِ ان ٻوليءَ ۾ ڪنهن بنيادي تبديلي يا بگاڙي اچڻ، جا امڪان بنهه ختم ٿي چڪا. +سنڌي ٻولي، ۽ ان جا ڳالهائيندڙ +اسان جي موجوده سنڌي پنهنجي سر هڪ قديم ٻولي هجي يا نه، هوءَ هڪ قديم النسل ٻولي آهي، تنهن کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. عيسوي سن کان ٻه - اڍائي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت ٻوليءَ سنڌ (۽ هند) ۾ داخل ٿي. تنهن کان اڳ موهن جي دڙي جي سڀيتا جي ڪهڙي ٻولي هئي، ۽ ان سان اسان جي موجوده سنڌيءَ جو ڪهڙو ۽ ڪيترو لاڳاپو ثابت ٿي سگهي ٿو، ان متعلق فقط تڏهين ئي ڪي ڪجهه چئي سگهبو، جڏهن موهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي جيڪي حرف لکيل آهن تن جي پڙهڻ ۾، ۽ اهي حرف ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، ان ٻوليءَ جي سمجهڻ ۾ دنيا جا عالم ڪامياب ٿي سگهن. بهرحال، سنڌيءَ جو سڌو سنئون بنياد، سنسڪرت کي ئي شمار ڪيو ٿو وڃي. اوائلي سنسڪرت بدلجي، وچولي درجي واري سنسڪرت ۽ پوءِ آخرين قسم جي سنسڪرت جو روپ اختيار ڪيو: ان کان پوءِ پراڪرت جي مختلف قسمن مان هڪ يعني اپڀرنش پراڪرت جي بگڙيل صورت، جنهن کي وراچڊ اپڀرنش چيو وڃي ٿو، وجود ۾ آئي: وراچڊ اپڀرنش ۾ وڌيڪ جو بگاڙو ۽ ڦيرو آيو، تنهن اٽڪل يارهين صدي عيسويءَ ۾، اسا�� جي موجوده سنڌيءَ کي جنم ڏنو. اڄ خود سنڌيءَ جا ڇهه - ست (نهايت هلڪا) مقامي روپ آهن، جهڙوڪ: اترادي (ڪنهن حد تائين) سرائڪي، وچولي، لاڙي، لاسي، ٿري ۽ ڪڇي، سندس ڪل ڳالهائڻ وارن جو تعداد سٺ لک کن آهي، جيڪي پاڪستان ۾ سنڌ، خيرپور ۽ لسٻيلي جي رياستن ۾ ، ۽ هوڏانهن هندستان ۾ بمبئي ۽ اجمير جي شهرن ۽ راجستان جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جوناڳڙهه وارن ڀاڱن ۾ پکڙيا پيا آهن. +سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا +”ملڪ“ جي ورهاڱي کان پوءِ، اٽڪل اٺ لک سنڌي هندو، سنڌ کي ڇڏي، هندستان ويا، ۽ اتان اٽڪل ٽي لک ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جوناڳڙهي ميمڻ ۽ ٻيا جن جي مادري ٻولي (فقط ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾) ڪڇي سنڌي آهي، سنڌ ۾ لڏي آيا آهن، انهيءَ دوطرفي لڏپلاڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ ڪي اهم ۽ مشڪل مسئلا پيدا ڪيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪڇ جي هڪ عوامي شاعر شري ڪاراڻيءَ، هتان کان اوڏانهن لڏي ويل سنڌين جي آجيان ۾، پنهنجي ڪڇي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ گيت چيو آهي(1) ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪڇ کان هيڏانهن لڏي آيل پنهنجن سنڌي ڀائرن جي هتي اسين به اهڙي ئي قسم جي آجيان ڪيون، ۽ ان نموني سنڌ توڙي هند جا سڀ نوان ۽ پراڻا سنڌي گڏجي پنهنجي پنهنجي منهن، پنهنجي مادري ٻوليءَ جي خدمت ۾ لڳي وڃون، ته هوند سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهتيه جو مستقبل نهايت شاندار ٿي سگهي ٿو. جيئن هتي پاڪستان جي لسٻيلي رياست جي ماڻهن جي جيتوڻيڪ مادري ٻولي سنڌي آهي، تنهن هوندي به تعليم کين اردو ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي، تيئن هتي هندستان ۾ جيڪي ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ”سنڌي“ آهن، تن کي تعليم گجراتيءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو هيڏانهن لسٻيلي جي سنڌي ڀائرن کي ۽ هوڏانهن ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ڀائرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ملي. ان مان وڌيڪ لکڻ پڙهڻ وارا ملي ويندا، ۽ ٻوليءَ جي ادب ۾ به اضافو ٿيندو. اهو اسان جو ئي فرض آهي ته ان لاءِ ڪو اهڙو آواز اٿاريون، جو اهي لاسي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جوناڳڙهي ڀائر، هت ۽ هت، انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪري، اسان سان ساٿ ڏين. ۽ پنهنجي ۽ مٺڙيءَ مادري زبان لاءِ ڪجهه ڪن! +”ورهاڱي“ جي ڪري، جيڪي سنڌي ڀارت ۾ وڃي آسودا ٿيا آهن، سي به اسان وانگر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪاڻ ادب ۽ ساهتيه کي ميدان ۾ آڻي رهيا آهن. هنن جو نئون ماحول جو گهڻو ڪري گجراتي، مرهٽي ۽ هندي ٻولين جو ماحول آهي، ضرور هنن جي ٻوليءَ تي ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، پنهنجو اثر ڪندو. اسان وٽ به اردوءَ جو وايومنڊل اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب تي اثر ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي گهڻگهرن لاءِ اهو به هڪ مسئلو آهي ته اهو اثر متان ڪن سالن جي عرصي کان پوءِ اهڙو گهرو ۽ اونهو ٿي وڃي، جو هتي جي سنڌي ٻوليءَ، اردو، فارسي ۽ عربي لفظن جي گهڻي ٽنبجڻ ڪري ڀارت،جي سنڌي سڄڻن لاءِ ماڳهين اوپري ٿي پوي- ۽ هتي جي سنڌي، هندي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين جي غير مانوس لفظن جي ڪري، هتي اسان سنڌين لاءِ سمجهڻ کان ڳري ٿي پوي. ٻنهي طرفن جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن تي اهو فرض آهي ته ٻولي اهڙي لکن ، جنهن ۾ ڌارين ٻولين جو اڻسهائيندو، غير ضروري ۽ اجايو استعمال نه هجي، ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي سوڀيا ۽ سلوڻائي قائم رهندي اچي. نه رڳو اهو، پر هينئر ڀارت ۾ جو مسئلو اٿيو آهي ته ٻوليءَ جي لپي ڪهڙي رکجي- عربي يا ناگري؟- سو اسان سڀني لاءِ ڌيان جوڳو مسئلو آهي. اسين ته پنهنجن ڀائرن کي منت اها ڪنداسين ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي صدقي ان جي لپي اهائي قائم رکن، جنهن ۾ اسان جو گڏيل علمي ۽ ادبي خزانو ۽ صدين جي سڀيتا محفوظ ٿيل آهي. لپيءَ جي هاڻوڪي صو��ت، جيئن به آهي، اسان جي ادبي ضرورتن سارو آهي- ۽ لپي کي ڦيرائڻ مان هتي ۽ هتي جي سنڌين جو ويڇو پئجي ويندو، تنهن جو مٽجڻ پوءِ محال ٿي پوندو. +انهن سمورين ڳالهين سان گڏ، ٻوليءَ جون ٻيون به ضرورتون ڌيان جوڳيون آهن- مثال طور، اسان جي لفظن جي صورتخطي يا هجي يا گرامر جي صورت سڀ ڪنهن هنڌ ساڳي هئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لکجڻ جي حيثيت ۾، اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ٿي چڪي آهي، تنهن هوندي به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي مختلف هنڌن تي مختلف ماڻهو جدا جدا لکن ۽ ڪم ۾ آڻين ٿا- مثال طور: (1) ”نون غني“ وارا لفظ (چڱو، چنڱو، چڱون، چنڱون، وغيره)،ء، و ۽ ي“ وارا لفظ جن ۾ اهي حرف علت، حرف صحيح طور ڪم ٿا اچن، ۽ هڪٻئي ۾ پيا مٽجن سٽجن (هئا، هوا، هيا، وغيره)، ”اِي يا اَو“ پڇاڙيءَ وارن لفظن جون اهي صورتون جن ۾ ”الف همزو“ پٺيان استعمال ڪرڻو آهي ڇوڪريءَ رنو، ڇوڪري رنو، مٺوءَ کي، مٺو کي، وغيره“ ”هاي ساڪت“ پڇاڙيءَ وارا فارسي لفظ (زمانه، وغيره) جن کي سنڌي صورت ۾ آڻڻ گهرجي (زمانو، زمانا، زماني“ وغيره)، الڳ الڳ معنيٰ ۽ وجود رکڻ وارا هڪٻئي سان لاڳاپيل لفظ جيڪي هڪٻئي کان الڳ ڪري لکجن (مون کي، مونکي، تنهن کان سواءِ، تنهن کانسواءِ، ٻيءَ طرح، ٻيئطرح، وغيره)، لفظ جيڪي گڏي لکڻ گهرجن (منهنجو، منهن جو، پنهنجو، پنهن جو، تنهنجو، تنهن جو)، وغيره. ٻوليءَ ۾ وزن، اثر ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ بيهڪ جي نشانين (،:! ؟ ” “ ’ ‘ - .) جو استعمال نهايت ضروري آهي. دنيا جي سڌريل ٻولين جي حالت ۾، صورتخطيءَ يا هجي جي چُڪن، بيهڪ جي نشانين جي غلط واپرائڻ، ۽ لفظن جي غير موزون، نامناسب يا ضروري استعمال ۽ اهڙين ٻين خالص فني خامين کي نهايت عيبدار ڳالهه سمجهيو ويندو آهي. انهن چيزن کي نظرانداز ڪرڻ سان اسان جا اديب ۽ ساهتيه ڪار، پنهنجي ٻوليءَ جي هڪجهڙائيءَ ۽ دائميت کي وڏو ڌڪ ٿا هڻن. انهيءَ طرح جا مسئلا ويهي ڳولبا ته بيشمار اهڙيون ڳالهيون ملنديون، جي اسان جو ڌيان ڇڪائينديون. هنن جزوي مثالن جو مقصد رڳو اهو آهي ته انهن سمورين ڳالهين تي سوچي، ويچاري اسين اهڙي ڪوشش ڪريون جو ٻوليءَ جا اهي مسئلا ڪاميابيءَ سان حل ٿيندا رهن. ۽ اسان جو ادبي ۽ علمي خزانو مفاصلي، ماحول ۽ زماني جي ڦيرين گهيرين هوندي به سدائين وڌندو ويجهندو رهي. +سنڌي ريڊيو اسٽيشن +ٻوليءَ جي سيڀتا کي قائم رکڻ لاءِ ٻوليءَ جي لکجڻ واريءَ صورت سان گڏ، ڳالهائجڻ وارو پهلو به مکيه آهي. ڳالهائجڻ ۾ اچڻ وقت، ٻولي جدا جدا هنڌن تي جدا جدا صورتون وٺندي آهي. مفاصلو ۽ ماحول جڏهن به مٽبو، تڏهن ڳالهائجڻ واري صورت به هري هري ٿي مٽجڻ شروع ڪندي. اسان جي سنڌي به ائين ڪيترين صورتن ۾ مٽجندي رهي آهي. اتر ۾ ٻوليءَ جي، ڳالهائجڻ ۾، صورت هڪڙي آهي، لاڙ ۾ ٻي، ٿر ۾ ٽي، ته ڪڇ ۾ وچئون چوٿين. اهو صرف انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو ماڻهن جا ماحول جدا جدا آهن. جيئن جيئن ماڻهن جي پاڻ ۾ ملڻ جا ذريعا گهٽ هوندا، تيئن ٻوليءَ جون صورتون مٽبيون رهنديون آهن، لهجي ۽ اچار ۾ فرق پوندو آهي. انهيءَ جو علاج لکڻ جي صورت ۾ ڪرڻ کان سواءِ، ڳالهائجڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ سان به ٿي سگهندو آهي. هاڻي ته ملڪ ۾ ماڻهن جي پاڻ ۾ ملڻ جلڻ جا ذريعا به عام جام آهن- پر ان هوندي به ماڻهن جي تعليمي طرح پوئتي پيل حالت انهيءَ جي اثر کي زائل ڪريو ڇڏي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي تعليم عام ڪرڻ سان ئي ٻوليءَ جي دائمي مرڪزيت قائم رهي سگهندي. ٻوليءَ ۾ اها هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ ۾ ريڊيو ڪارائتي چيز آهي. ريديو ذريعي، ٻولي دنيا ۾ هر هنڌ پنهنجي صحيح ۽ مرڪزي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي. ان کان سواءِ، سڀيتا جون مکيه ضرورتون ۽ ڪيفيتون ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ريڊيو جو وڏو هٿ آهي. اسان جي سنڌ، هيل تائين انهيءَ کان محروم هئي، پر تازو حيدرآباد ۾ ريڊيواسٽيشن کولي ويئي آهي. اهو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تهذيب لاءِ ڏاڍو سٺو سوڻ آهي. سچ پچ ته ريڊيو، ٻوليءَ جي مختلف اُچارن ۽ صورتن، ۽ سڀيتا جي مختلف پهلوئن ۾ هم آهنگي، هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ڪرڻ جو ڪارائتو وسيلو آهي. اسان کي اميد آهي ته حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن انهيءَ ڏس ۾ ڪارائتا قدم کڻندي. +”مهراڻ“ +”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو اوهان جي هٿن ۾ ڪجهه دير سان پهتو آهي. پنهنجي بچاءَ ۾ ڇا عرض ڪجي! ڪي ته سبب واقعي هئا، جن مهراڻ کي ميدان ۾ آڻڻ ۾ دير ڪرائي! پر اسين انهيءَ دير جي پورائي ڏيڍوڻي مواد پيش ڪرڻ سان ڪري رهيا آهيون. اميد ته انهيءَ نذراني کي اسان جا عزيز پڙهندڙ ضرور قبول ڪندا. +”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي ۾ اسان اعلان ڪيو هو ته ”مختصر افسانن“، ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي.....“ واري عنوان جي مضمونن ۽ ”سنڌي نثر جي مثالي ٽڪرن“ جي چٽاڀيٽي ڪئي ويندي. پر هڪ ته هن ڀيري اسان جي لکندڙن کان افسانا يا اهي مضمون ايتري انداز ۾ مليائي ڪونه، جو انهن کي چٽاڀيٽي ۾ آڻي سگهجي، ۽ ٻيو ته ڪن عالمن ۽ اديبن اهي صلاحون ڏنيون ته ”مهراڻ“ جهڙي رسالي لاءِ اهو مناسب ڪين ٿو لڳي ته انعام طور اديبن کي ”پئسڙا“ آڇيا وڃن. انهيءَ مشوري تي عمل ڪري انعامي سلسلو واپس وٺي، بند ڪري رهيا آهيون. پر ان سان گڏ لکندڙ صاحبن کي عرض آهي ته هو مهرباني ڪري پنهنجا، افسانا، مضمون يا مثالي نثر جا ٽڪرا دستور موجب ڏياري اماڻيندا رهن- جيئن اهي عنوان قائم رهندا اچن. اسان کي اميد آهي ته اسان جا اديب اسان کي پنهنجون قلمي ڪاوشون موڪلي احسان مند ڪندا رهندا، ۽ پنهنجي ”مهراڻ“ کي ساڳيو آب ۽ تاب بخشيدا رهندا، جهڙو هن کان اڳ ان کي بخشيدا رهيا آهن. +شڪرگذاري +”مهراڻ“ جي اڳين ٻن پرچن لاءِ سنڌ ۽ ڀارت جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ ليکڪن اسان جي همت افزائي ڪرڻ فرمائي آهي- ۽ رسالن ۽ اخبارن ۾ به حوصلي افزا تبصرا ۽ سمالوچنائون لکيون آهن. انهن لاءِ اسين انهن سڀني سڄڻن جا تهدل سان شڪرگذار آهيون. درحقيقت اها عزت افزائي رڳو انهن مدبرن، اديبن ۽ شاعرن جي طفيل نصيب ٿي اٿئون، جن پنهنجي دماغي ڪاوش ۽ ادبي شهپارن سان اسان جي جهوليءَ کي جرڪايو آهي. لک ٿورا ۽ احسان آهن، انهن اديبن ۽ شاعرن جا، جن پنهنجي مٺڙي سنڌيءَ کي اجارڻ ۽ جرڪائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي. اسين انهن ساٿين جا به بيحد ٿورائتا آهيون، جن ڪي مفيد مشورا ڏيئي اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي. +اسان جي مهربان ۽ مشفق پڙهندڙن ۾ ڪي دوست اهڙا به آهن جن کي اسان ۾ خامين ۽ ڪوتاهين، اوڻاين ۽ عيبن کان سواءِ ٻيو ڪي به نظر ڪونه ٿو اچي- ايتريقدر جو هو اسان جي ناچيز خدمتن متعلق پنهنجي هڪ طرفي راءِ ۽ فيصلي تي نه فقط نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا، پر پنهنجي جذباتي ۽ انتهاپسند اختلافن کي شايع ڪرڻ کان به نه گٿا. انهن کي حق آهي ته هو ڀل پنهنجي عمل کي حق بجانب سمجهن، يا ادبي ۽ علمي خدمت تصور ڪن- پر کين يقيناً اهو معلوم هوندو ته علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هنگامه آرائي ۽ انتها پسنديءَ کي سخت معيوب سمجهيو وڃي ٿو. سنجيده طبقو ڪڏهن به هنن جي انهيءَ انتها پسنديءَ کي سٺيءَ نظر سان نه ڏسندو. ڪاش! اهي حضرات پنهنجن انهن ”ادبي خدمتن“ تي افادي نقطه نظر سان غور به ڪن ۽ ڪجهه سوچين به! +گذارش +آخر ۾، اسين پڙهند��ن، اديبن ۽ ليکڪن کي هڪ نئين گذارش ڪريون ٿا: جيڪڏهن هنن وٽ اسان جي سنڌڙيءَ جي جدا جدا شهرن، ڳوٺن، ٻهراڙين، درياءَ، واهن، ٻيلن ۽ ٻنين جي نظارن جا فوٽو موجود هجن ته مهرباني ڪري ”مهراڻ“ ۾ ڇپڻ لاءِ اماڻي ڏين. اسان جي پڙهندڙن ۽ اديبن مان ضرور ڪي ساٿي اهڙن نظارن ڪڍڻ جو ذوق رکندا هوندا. اهي مهرباني ڪري، اهڙا فوٽو اسان کي عنايت ڪن ته اسين سندن شڪريي سان ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪنداسين. انهيءَ مان اسان جي پياري سنڌڙيءَ جي سونهن ڀرين نظارن کي ڏسي نه رڳو هر سنڌيءَ جون اکڙيون ٺرنديون دل کي فرحت ملندي، پر هنن کي پنهجي وطن مبارڪ جي جدا جدا هنڌن متعلق معلومات به حاصل ٿيندي. اميد ته اسان جا اهي مهربان سڄڻ اسان جي هن وينتيءَ کي ضرور قبول ڪندا. -م.ا.ج +[مهراڻ: اونهارو، سال1955ع] +فنڪار جا ڳوڙها +”مهراڻ“ جي نئين دور جو پهريون سال پورو ٿيو. هي چوٿون سه ماهي پرچو پڙهندڙن جي خدمت ۾ حاضر آهي. پهرين ٽن پرچن جي جيڪا عام قدر شناسي، ۽ ڪن خاص هنڌن تي عيب جوئي ٿي آهي. تنهن مان سمجهجي ٿو ته ”مهراڻ“ پنهنجي مقصد ۾ گهڻي قدر ڪامياب ٿيو آهي. ڪنهن چڱيءَ شيءِ جو نندجڻ پوءِ به اوترو نقصانڪار نه آهي جيترو ڪنهن بريءَ شيءِ جو ساراهجڻ- تنهنڪري، جن ”مهراڻ“ ۾ رڳو اوڻايون ئي اوڻايون ڏٺيون آهن، تن جي پسند جو معيار اڃا ئي اوچو سمجهي، ان تائين رسڻ جي ڪوشش ڪرڻ به اسان جو ئي فرض آهي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي! ڊينمارڪ ملڪ جي هڪ عظيم بت تراش، برٽل ٿارلڊن، جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ڏينهن ماڻهن ڏٺو ته هو پنهنجي تازي ٺاهيل بت جي سامهون ويٺو روئي! پڇيائونس، ”ڪهڙي ڳالهه آهي جو روئين ٿو؟ هيءُ جيڪو بت تراشيو اٿيئي، سو نٿو وڻيئي ڪيئن؟“ بت تراش وراڻيو، ”مون کي هن ۾ ڪوبه نقص ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي!“چيائونس، ”پوءِ ڇالاءِ ٿو روئين؟“ جواب ڏنائين، ”انهيءَ لاءِ، جو ڀانيان ٿو ته هاڻي منهنجي فن جي ترقي ختم ٿي چڪي- پنهنجي ڪم ۾ ڪو نقص، جو نٿو ڏسي سگهان!“ پنهنجي تخليق جي سامهون ڪو فنڪار ائين ويهي ڳوڙها ڳاڙي، تڏهن ئي سندس فن لافاني ٿي سگهندو. اسين چاهيون ٿا ته اسين پاڻ ۽ اسان جا سنڌي اديب، شاعر، سگهڙ ۽ پارکو سڀيئي پنهنجي سونهاري سنڌي ساهتيه جي چانئٺ تي پڻ هميشه اهڙي ئي قسم جا پوتر ۽ پريم ڀريا خود سپردگيءَ جا ڳوڙها نذراني طور پيش ڪندا رهون- پوءِ ئي اسين پنهنجي پياريءَ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي عظيم ادب جا پاڻ کي صحيح خدمتگذار سڏي ۽ سڏائي سگهنداسين. +لفظن جي چونڊ +ٻولي، آواز جو هڪ مهاساگر آهي. ان ۾ لفظن جي موتين جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن. اديب ۽ ليکڪ اهي سڄاڻ ۽ ساڃاهه وارا غواص آهن جيڪي هن جي بحر بي پايان مان رڳو املهه ۽ عين گهرج وارا موتي چونڊي ٻاهر ٿا آڻين. ۽ پوءِ انهن مان ويهي پنهنجي ادب جون مالهائون ٿا پوئين. لفظن جي اها چونڊ ۽ جائيتي جڙت ئي آهي، جيڪا هڪ اديب جي عبارت کي امتياز ٿي بخشي. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ٻوليءَ جو هر لفظ پس منظر ۾ معنائن جي هڪ دنيا پاڻ وٽ رکي ٿو: ۽ جڏهن ڪو لفظ ڳالهائجي ٿو يا ٻڌجي ٿو، لکجي ٿو يا پڙهجي ٿو، تڏهن اهو پنهنجي انهيءَ سموري دنيا سميت اچي ٿو اسان جي سامهون بيهي. لفظ جي انهيءَ دنيا کي سمجهبو. تڏهن ئي ان جو صحيح ۽ وزنائتو استعمال ڪري سگهبو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي مقبول عام اديبن هميشه ڌارين ٻولين جي غير ضروري لفظن، اصطلاحن ۽ ترڪيبن، ۽ خود پنهنجن ٻولين جي ڳرن ۽ غير مانوس لفظن کي استعمال ڪرڻ کان انتهائي پرهيز پئي ڪئي آهي: ۽ ان جي عوض هنن هميشه ڏٺل وائٺل، سنوان سڌا، عام فهم ۽ سادا سودا لفظ پئي ڪم آندا آهن. ڪنهن ڳالهه يا لکت جو اثر بنيادي طرح ته هونئن به ان جي فڪر ۽ معنيٰ تي مدار ٿو رکي: ڳالهه ۾ هوندو ڪي به ڪين، رڳو ٺلهيون هونديون گهنتريون ۽ لفظن جون ڦلبنديون، ته اهڙين مداحن تي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اياڻا موهت ٿين ته ٿين، باقي کري کوٽي ڄاڻڻ پرکڻ وارا ته پڪ ٻيهر انهن کي ٻڌي اتي جو اتي اَڻٻڌو ڪري ڇڏيندا! ڪم علمي ۽ ذهن جي اڻ- هوند، وڏن وڏن ۽ ڏکين ڏکين لفظن، فارسيءَ ۽ لاڳيتين ترڪيبن، ۽ عربيءَ جي ڇڪ ڇڪان وارن اچارن ۽ ان جي صرف- نحو جي پابندين جي غلافن ۾ ڪڏهن به لڪي ڪين سگهندي! تنهنڪري، هي جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ تحرڪ اٿيو آهي ته نج سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ گهرجي، تنهن ڏانهن اسان جي محترم اديبن کي گهرجي ته جوڳو ڌيان ڏين، ان جي اصلي اهميت کي سڃاڻن ۽ سندس بنيادي مقصد کي سمجهن: اڄ اسان جا پڙهندڙ محض لفظن جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار نه آهن، ۽ نه وري رڳو انهن جي ظاهري ڏيک ويک ۽ رعب تاب تي ڀنڀلجي يا دهلجي ويهي رهڻ وارا آهن. اڄ اسان جي پڙهندڙن کي اهو ادب گهرجي جيڪو سندن زندگيءَ جي حقيقتن جي ترجماني ڪري، جيڪو کين زندگيءَ جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جون راهون ڏسي، ۽ جيڪو وٽن اهڙيءَ ٻوليءَ ۾ پهچي، جنهن ٻوليءَ کي هو ٻڌي سگهن، سمجهي سگهن ۽ هنئين سان هنڊائي سگهن. +ٻولين جي ڏي- وٺ +اسان جا لکندڙ هتي هي سوال اٿاري سگهن ٿا ته ”ڇا، اسانجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو ذخيرو موجود آهي،جو اسان جي مڙني ادبي ۽ علمي ضرورتن جي پورائي ٿي سگهي؟“ جواب ۾ عرض آهي ته ان ڳالهه جو دارومدار ”ضرورت“ جي مخصوص نوعيت تي آهي: خالص ادبي ضرورتن يعني شعر و شاعري، افسانه نويسي ۽ تنقيد وغيره لاءِ، ۽ پڻ ٻين انيڪ علمي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ايترو ئي ذخيرو موجود آهي، جيترو دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾،- فرق رڳو هيءُ آهي ته هنن ۾ خالص علمي اصطلاحن جو انداز نسبتاً زياده آهي. علمي اصطلاح انهن ٻولين ۾ ڪي اصل کان موجود ڪونه هئا: جيئن جيئن اُهي ٻوليون جدا جدا علمن جي جديد ترقي يافته صورتن سان روشناس ٿينديون ويون، ۽ جيئن جيئن سندن سماجي پس منظر، جاگيرداري دور مان نڪري صنعتي دور ڏانهن وڌندو ويو، تيئن تيئن وايو منڊل نين نين ضرورتن سارو انهن ٻولين ۾ نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح پڻ داخل ٿيندا ويا. ٻين ٻولين وانگر اسان جي ٻولي به آئنده اهي نوان علمي لفظ ۽ اصطلاح ڪجهه پنهنجو پاڻ مان پيدا ڪري، ڪجهه ٻين ٻولين کان گهري، هٿ ڪري سگهي ٿي. سڀيئي ٻوليون اهڙي قسم جي ڏي- وٺ هميشه پيون ڪن: ان کان سواءِ، سندن سامهون ٻيو ڪو چارو به ڪونهي، تنهنڪري،جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ به وقت سر ٻين ٻولين کان ڪي لفظ هٿ ڪيا ته ان ۾ ڪوبه اهم ڪونهي- خود کائنس به ته ٻين ٻولين ڪي لفظ کنيا آهن! پر، هيءَ ته نيٺ به شانائتي ڳالهه نه چئبي جو پنهنجي هڙ ۾ موڙيءَ هوندي به ڪشتو کڻي ٻين جي دران پِنَ ڪبي وتجي! اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان جا شاعر ۽ اديب پنهنجي ٻوليءَ جي اصلي خزانن کي جاچيندا، سندس اوائلي ادب جو پورو مطالعو ڪندا، پنهنجن اڳين شاعرن ۽ اديبن جي لافاني تخليق کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه بنائيندا، ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي ٻوليءَ جي سدا حيات، عظيم ۽ اکٽ سرچشمن يعني سنڌي عوام سان پنهنجا جيئرا جاڳندا ۽ قريبي ناتا قائم رکندا، ته پوءِ هو ڏسندا ته نازڪ کان نازڪ جذبن، لطيف کان لطيف امنگن ۽ مشڪل کان مشڪل خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ به سندن ٻوليءَ ۾ لفظن جي ڪا اڻاٺ ڪانهي. +”نج“ سنڌي لفظ +نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ڪرڻ جي صلاح ٻڌي، ڪن دوستن کي چرچو سجهي ايندو آهي، ۽ ويٺا تاڙيندا آهن ته صلاح ڏيندڙ حضرت ڪٿي ڪو ڌارينءَ ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻي ته ڪو مزو لڳي! ظاهر آهي ته هيءَ طعنيبازي ۽ هڪ ٻئي کي شهه ڏيڻ واري- هيءَ روش درست نٿي سڏي سگهجي. مطلب هي هرگز نه آهي ته سمورا ڌاريا لفظ ٻوليءَ مان چونڊي چپوٽي، هڪ هڪ ڪري، ٻاهر ڦٽا ڪري ڇڏجن! دنيا جي ڪابه ٻولي جيڪڏهن اهڙي ريت پنهنجي ”اصل نسل“ ۽ ”خالص خاندان“ جي رُڃ پٺيان ڊوڙندي ته آخر ۾ سواءِ، سڃاڻپ کان ئي نڪري وڃڻ، يا بنهه ختم ٿي وڃڻ جي ان لاءِ ٻيو ڪو مستقبل ئي نه رهندو! تنهنڪري سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا جيڪي لفظ داخل ٿي چڪا آهن، نه فقط اهي جيئن جو تيئن ان ۾ هميشہ موجود رهندا، پر آئندي پڻ اسان جي ٻولي اهڙيءَ ريت ڌارين ٻولين سان لفظن، اصطلاحن، ۽ بيان ۽ فڪر جي طريقن جي ڏي - وٺ ڪندي ئي رهندي، ٻوليءَ جي ”نج“ استعمال مان، جيئن مٿي اڳي ئي عرض ڪري آيا آهيون، مراد فقط هيءَ آهي ته هڪڙو ته پنهنجي هوندي سوندي ٻين جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو وڃي، ۽ ٻيو ته جڏهن ضرورت آهر ڌارين کان امداد حاصل ڪئي وڃي، تڏهن ان امداد سان گڏ ڌارين جي غلامي جا ڳَٽَ پنهنجي ڳچيءَ ۾ نه وڌا وڃن. ٻولين جو اصول آهي ته ڌارين ٻولين جا لفظ هو هميشہ پنهنجن شرطن تي پاڻ وٽ قبول ڪنديون آهن، ۽ خاص پنهنجن طبيعتن پٽاندر ئي اهڙن ڌارين لفظن کي هو پاڻ وٽ کُپائيندون آهن. هرڪا ٻولي جڏهن به ڪو ٻاهران لفظ هٿ ڪندي آهي، تڏهن ان لفظ جو استعمال هوءَ پنهنجي قاعدي ۽ قانون موجب ڪندي آهي- صورتخطيءَ ۾، اچار ۾، لهجي ۾، گرامر جي صورتن ۾ ان لفظ تي حڪومت نئينءَ ٻوليءَ جي هلندي آهي. لسانيات يا ڀاشاوگيان جو اهو هڪ بنيادي اصول آهي، جيڪو اسان جي سنڌيءَ سان به ايترو ئي لاڳو آهي جيترو دنيا جي ٻين سڀني ٻولين سان: تنهنڪري، جيڪڏهن ڪو فارسي، عربي، انگريزي يا ٻيءَ ٻوليءَ جو فدائي اسان کي چوندو ته هن يا هن ٻوليءَ جا لفظ سنڌي ٻولي فقط تڏهن حاصل ڪري ٿي سگهي، جڏهن انهيءَ ٻوليءَ جا قاعدا ۽ دستور پڻ انهن لفظن سان گڏ پنهجي مٿان عائد ڪري، ته اسين انهيءَ حضرت کي چونداسين ته ”جيڪڏهن تنهنجي ٻوليءَ جا لفظ انهن ئي شرطن تي ملڻا آهن ته پوءِ ’اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني‘- اسان کي انهن شرطن تي اهي لفظ بنهه کپن ئي ڪونه!“....ته، ”نج“ سنڌي لفظن ۾ اهي لفظ، ويندي خالص علمي اصطلاحن تائين، پڻ اچي وڃن ٿا، جن کي سنڌي ٻولي پنهنجي مهر هڻي پنهنجو بنائي ٿي ڇڏي- پوءِ اهي لفظ ۽ اصطلاح کڻي ڪهڙيءَ به ٻيءَ ٻوليءَ جا هجن! اسان کي يقين آهي ته اسان جي محترم شاعرن ۽ اديبن کي ”نج“ سنڌي لفظن جي انهيءَ دائري ۾ جنهن جي وصف مٿي عرض ڪري چڪا آهيون، پنهنجي هر ادبي ۽ علمي ضرورت لاءِ، گهرج سارو لفظ هر وقت موجود ملندا. +سنڌي ڪافي ۽ غزل +اسان جي ادب ۾ هيئنر هڪ ٻيو به تحرڪ زور وٺي رهيو آهي ته ”غزل“ کي ڇڏي، ڪافين ۽ بيتن تي ڌيان ڏجي. اسان جي شعري ادب ۽ غزل جو هجڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي، پر غزل جنهن ماحول جي ترجماني ٿو ڪري، اهو ماحول اسان جي سنڌ ۾ بلڪل ڪينهي. غزل، جاگيرداري دور جي پيداوار آهي- جڏهن وڏاوڏا نواب ۽ جاگيردار پنهنجي، درٻارين ۾ غزلن کي اهميت ڏيندا هئا، محفلون مچنديون هيون، شمعون ڦرنديون هيون، ساقي جام پر ڪري، ڏيندا هئا، ۽ شاعر غزل ڇيڙيندا هئا! غزل، عشق و محبت جي هڪ خاص ماحول جي نشاني آهي. اهو ماحول ايران ۽ هندستان جي بادشاهن ۽ جاگيردارن جي درٻار ۽ انهن سان لاڳاپيل دنيا ۾ موجود هوندو هو. اسان جي سڳوري سنڌ ۾ نه آهن اهي جام ۽ ساقي جا خرافات، جن ۾ سهڻيون نينگر��ون ۽ ڳڀرو نيگر شاعرن کي جام ڀري ”ساقيءَ“ جا فرض ادا ڪن، نه اهي بلبليون آهن جي گلن جي چوگرد پنهنجا پَرَڇائينديون وتن، نه آهن اهي سرو ۽ صنوبر جا وڻ جن سان محبوب جي قد کي تشبيهه ڏجي، نه اهي”بتخانا“ آهن، جتي سلامي ڀرڻ ۽ ڪورنشون ڪرڻ لاءِ شاعر وڃي حاضريون ڀرين- ۽ حسن جي حضور ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ دربانن جي خوشامد ۽ دلجوئي کين ڪرڻي پوي! +انهن سڀني ڳالهين هوندي به، هن ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي ته ”غزل“ جي صنف اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾ هڪ نهايت پائيدار جڳهه والاري بيٺي آهي. ائين ته ”گيت“ به ته اسان جي زبان جو ڪونهي! اسان جي شعري ادب ۾ اصل ته رڳو بيت، ڏور، وائيون ۽ ڪافيون ئي آهن. انهيءَ ڪري، ٻين صنفن کي ڌڪاري ڇڏڻ به ڪو صحيح قدم نه آهي- پاڻ جيترو ٿي سگهي اوترو ٻين مشهور زبانن جي ادبي صنفن کي پنهنجي ئي رنگ ۾ رڱي ڇڏجي. غزل، عشقيه شاعريءَ جو هڪ جزو آهي عشق ته هڪ پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبو آهي، ۽ اسين به عشق جي رنگينين ۽ دلچسپين کي محسوس ڪريون ٿا، اسان ۾ به اهي پاڪيزه جذبا موجود آهن: پر انهن جذبن جي ترجماني سنڌي ماحول اندر ئي ٺهي ٿي. اهو ماحول، ڪو ايراني يا لکنوي ماحول کان گهٽ ميٺاج وارو سهڻو نه آهي. انهيءَ ڪري غزل کي اسين سنڌي جامو پهرايون ته پوءِ غزل به اسان جي ادب ۾ هڪ سهڻو اضافو ٿيندو- پر، جيڪڏهن اسين پنهنجا امنگ ۽ جذبا ڌارئين ماحول ۾ ڪنداسين، ساقي، جام، بلبل، نرگس ۽ لاله عنقا ۽ ڪوهه قاف، ختن ۽ زلف پيچان جي پڃرن ۾ پنهنجي عشق ۽ محبت کي بند ڪنداسين، ته اهو غزل ته ڪونه ٿيندو البت ۽ ”گوَنزل“ ضرور ٿيندو. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”ادا، تون گوَنزل پيو هڻين، گوَنزل!“- يعني ”اجائي لٻاڙ ۽ ٻٽاڪ پيو هڻين!“- سو اسان جا غزل به شيراز ۽ لکنؤ جي ماحول ۾ بيان ٿيندا ته اهي به ”گوَنزل“ ئي ثابت ٿيندا. انهيءَ ڪري اسان جي شاعرن کي گهرجي ته هو پنهنجي ئي نظارن ۽ پنهنجي ئي ماحول ۾ ۽ پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ غزل خواني ڪن. غزل جي صنف ۾ جيڪي نوان تجربا خود فارسيءَ ۽ اردو ٻولين ۾ ٿي رهيا آهن، انهن کي سامهون رکي پاڻ به اهي، ٺلها وصال ۽ فراق جا پراڻا قصا بند ڪري، نوان خيال ۽ نوان فڪر ۽ غزل جي معرفت پيش ڪن. ٻوليءَ جي لحاظ کان به غزل جي انهن ڌارين بندشن کان اسان جي شاعرن کي پرهيز ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ کي سنوارڻ جي بجاءِ بگاڙين ٿيون، مثلاً،اضافت ۽ واو عطفيءَ جون بيجا ترڪيبون، نون غني جو اجايو استعمال، ۽ خود پنهنجي ٻوليءَ جي ساڪن حرفن کي متحرڪ ۽ متحرڪ حرفن کي ساڪن ڪري لکڻ، ۽ لفظن جي نحوي صورتن کي بدلائي، خود سڌن سنون لفظن کي به ڇڪي تاڻي غزل جي وزن ۾ پورو بيهارڻ- اهي ۽ ٻيون جيڪي به اهڙيون ڪوششون ٿينديون، سي ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي صحت کي ڪاپاري ڌڪ هڻنديون. انهيءَ ڪري، اسان جي غزلگو شاعرن کي التجا آهي ته هو انهن سمورين ڳالهين کان سنڌي ادب کي بچائين ۽ اهڙيءَ طرح خالص سنڌي غزل جي نئين صنف سان پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪن. +سنڌيءَ جي شعري ادب ۽ ”ڪافيءَ“ جو هڪ ٻئي سان جسم ۽ جان جو ڳانڍاپو آهي. اڄڪلهه ته خود شهري اديبن ۽ شهري پڙهندڙن وٽ به ڪافيءَ جي مقبوليت عام ٿيندي پيئي وڃي. ڪافيءَ ۾ اها عام دلچسپي اسان جي ادب لاءِ نيڪ فال ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ هڪ نئين سجاڳي ۽ نئون تحرڪ پيدا ٿيو آهي ته ان جي شروعات هميشہ سندس اصل کي اجاگر ڪرڻ سان ئي ٿي آهي. ڪافي، انساني عشق ۽ محبت جي امنگن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي. البت اسان وٽ ان ”مجازي“ عشق جي موڙ وٽان ڪ��فيءَ کي هميشہ تصوف ۽ ”عشق حقيقيءَ“ جي ناپيد ۽ غيبائتين منزلن ڏانهن نيو ويندو آهي. خود مجازي عشق جا داستان به اسان وٽ مخصوص بڻجي رهجي ويا آهن. انهن پنهنجن خالص سنڌي رومانوي داستان جي سورمين جي زباني، عشق محبت جون وارداتون بيان ڪرڻ ۽ تصوف جا مسئلا سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ به مبارڪ ڪم آهي، پر ڪجهه ته ڪافي چوندڙ شاعرن کي به نئين زماني جو ساٿ ڏيڻ گهرجي! اڄ ٻين ٻولين جو ادب نين نين ڳالهين کي پنهنجي شعري ادب ۾ سموهي رهيو آهي. فارسي ۽ اردوءَ جو غزل به پراڻو رنگ ڇڏي، نئين ماحول ۾ نئون رنگ ڍنگ اختيار ڪري رهيو آهي، ۽ نون قدرن کي پنهنجو ڪري رهيو آهي. اسان جي ڪافي اڃا تائين انهيءَ پراڻي ڍنگ ۾ ”مجازي“ ۽ ”حقيقي“ عشق جي تمثيل ۾ گم آهي- ساڳيا خيال، ساڳيا لفظ ڦريو گهريو پيا سامهون اچن- وقت جي تقاضا آهي ته اسان جا ڪافي گو شاعر به پراڻن پيچرن کي ڇڏي، نيون راهون سوجهين. پراڻن موضوعن سان گڏوگڏ ڪجهه نوان موضوع به قبول ڪري سگهجن ٿا. ڪافيءَ لاءِ نئين شاعراڻي ماحول تجويز ڪرڻ سان اسان جا ڪافي گو شاعر، سنڌي زبان جي ادب تي هڪ عظيم احسان ڪري سگهن ٿا. +اسان جون اميدون ۽ ارادا +”مهراڻ“ جو هي چوٿون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن پرچي سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو پهريون سال پورو ٿيو. اميد ته پهرين ٽن پرچن وانگر، هي پرچو به اسان جي پيارن پڙهندڙن کي پسند ايندو. نئين سال ۾، گذريل سال جي اوڻاين ۽ آزمودن جي روشنيءَ ۾، ارادو آهي ته اڳي کان به وڌيڪ ڪجهه ”مهراڻ“ معرفت پنهنجي پڙهندڙن کي ڏيون. اسان کي يقين آهي ته سندن نيڪ تمنائون ۽ دلي دعائون اسان ساڻ آهن. وڌيڪ ڀروسو اٿئون ته جيئن گذريل سال ۾ سنڌ هند جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجا لک لائق ۽ انيڪ احسان ڪري ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ اسان سان ساٿ ڏنو، تيئن نئين سال ۾ به هو انهيءَ نيڪ ڪم ۾ اسان سان ساٿ ڏيندا! +- م. ا. ج +[مهراڻ: سرءُ، سال 1955ع] +(1) اهو گيت، مهراڻ جي نمبر 3 (اونهارو)، سال 1955ع ۾ صفحي 177 تي ڇپيل آهي. + + +گذريل ٽي مهينا +هن پرچي سان، ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال شروع ٿي رهيو آهي. گذريل ٽن مهينن ۾، اسان جو وطن پاڪ، ”اسلامي جمهوريہ، پاڪستان“ جي نهال ڪندڙ نالي سان نوازيو ويو آهي. ”اسلامي جمهوريه، پاڪستان“ جي تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾- يعني ان جي آئين ۾- جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون، اتي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن. سچ جي وجود کان انڪار صرف اکين کان سڄا ئي ڪري ٿا سگهن. ٻئي ڪندي، ”مشرف به اسلام“ ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندي پئي ٻڌبا ۽ ڏسبا هئا- پر ملڪن ۽ قومن جي نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي. تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پيئي اٿئون ”اسلامي جمهوريه، پاڪستان“ جي مغرب واريءَ اک جو نور اڙدو ۽ مشرق واريءَ اک جو بنگله ڀاشا- جيڪڏهن باقي سندس ڪنهن ڀاڱي جي رهواسين کي وچئون ڪا ٽين پنهنجي ٻولي عزيز آهي، ته هو ان جي پاڻ حفاظت ڪن- تنهن ۾ به ڪنهن کي ڪوبه اعتراض ڪونهي“ خداوندان مملڪت خداداد جا واقعي اهي لک لائق آهن، جو اسان کي اهو حق عنايت ڪيو اٿن، نه ته هن نفسانفسي واري زماني ۾ ڪير ٿو اڄ ڪنهن جا حق تسليم ڪري سائو سائو، ڪچڙو ڪچڙو گاهه ته صرف چپجڻ ۽ لتڙ لائق هوندو آهي. پوءِ جنهن ٻوٽڙي جون پاڙون منهن مٿان مٽيءَ ۾ اٽڪيل هونديون، اهو هڪ چڪ ۽ هڪ ئي لت سان اکلجي ٻاهر نه اچي پوندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟‍ البت جنهن جون پاڙون زمين ۾ پختيون کتل هوندون، سو هزار چپجڻ ۽ مڇجڻ کان پوءِ به پاڻ کي مڙيو ئي تيتر بچايو بيٺو هوندو، جيتر وري سندس مورجڻ جا ڏينهن موٽي اچن. هن سلسلي ۾ هڪڙو گفتو دل تي تري آيو آهي، سو اڳوپوءِ پنهنجن عزيز پڙهندڙن کي ٻڌائي ڇڏيون ته بهتر. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي ڪنهن پرئي مڙس جي ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي نڪتي ته ”گورن سنڌ ڀيلي بنهه چٽ ڪري ڇڏي!“ پرئي مڙس تنهن تي ورندي ڏني، ”ابا! گورا آهن گڏهه اسين آهيون ڊڀ، هنن کي چرندي آهن حال: پنهنجون پاڙو آهن پاتار ۾- سو اسين اڳي کان اڳرا، سدائين ساوا ٿيا بيهاريا بيٺا هونداسين! ٻولين ۽ سڀيتائن جو مثال پڻ اهو ئي آهي- جيڪڏهن سندن پاڙون بنهه ٺڪريءَ تي بيٺل آهن. ته هوا جي هڪ ئي جهوٽي، هٿ جي هڪ ئي ڊوهه سان، پاڙون سڌو پٽجي امالڪ اچي ٻاهر سٽبيون، پر جيڪڏهن سندن بنياد اڏول ۽ برجستا آهن، ۽ سندن اڏاوت مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ته هزار انهن جي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري، سواءِ، پنهنجي مٿي ڀڃائڻ جي هن کي ٻيو ڪجهه به پلئه ڪين پوندو. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت به ڪي ڏينهن- اڌ جون چيزون ڪينهن. دنيا جي قديم کان قديم ۽ عظيم کان عظيم ثقافتن ۽ ٻولين جي صف ۾ کين امتيازي جڳهه حاصل هئڻ جو بجا فخر آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي صاحب مشرق ۽ صاحب مغرب حضرات جي في الحال منجهن ڪا اک ئي نٿي ٻڏي، ته ان ۾ انهن صاحبن جي پنهنجن ئي شڪي ۽ شوم نگاهن جو قصور آهي- سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وجود سندن نظر فيض اثر تي منحصر نه آهي. +ٻه- پُور +سنڌي ٻوليءَ کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سرڪاري سرپرستي نصيب ڪانه ٿي آهي. منڍ کان وٺي، هيل تائين دنيا جي ٽن عظيم ٻولين- عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جي مڪمل محڪوميت ۾ رهي ڪري به، سنڌي ٻوليءِ پاڻ کي زنده رکيو- نه رڳو زنده رکيو، پر ادب جو بيمثل لاثاني خزانو پاڻ وٽ پيدا ڪيو- اهو اسان جي ٻوليءَ جو تحقيق هڪ امتيازي ڪمال آهي. صدين کان پوءِ، مس مس هاڻي وڃي سنڌي ٻوليءَ کي هڪ جهڙي تهڙي پنهنجائپ واري وايو منڊل ۾ سک جي ساهه کڻڻ جو وجهه مليو هو- پر ڏنگيءَ چال واري آسمان کان سندس اها به خوشبختي سٺي ڪين ٿي! ۽ پيار ۽ پرورش وارو اهو هٿ، جيڪو ڏانهنس وڌيو ئي اڃان مس هو، تنهن کي زوران زوريءَ جهلي، مروڙي، ڀڃي مرڳوئي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ويو. +سِر جِي تان سور، سامائِي تان سک ويا، اهي ٻيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا! +(شاهه) +اها صورتحال سنڌي ٻوليءَ لاءِ تحقيق ڪا نئين چيز ڪانهي- ۽ پنهنجي زنده رهڻ جي حق ۽ صلاحيت کي هميشه لاءِ ثابت ڪرڻ خاطر انهيءَ آخرين آزمائش مان به شايد سنڌي ٻوليءَ کي گذرڻو هو- پر، هن تازه ترين آزمائش جون ڪي خصوصيتون آهن، جي ڪي اسان جو خاص ڌيان لهڻن: پهريون ته اڳين زماني جي ڀيٽ ۾ اڄ ريڊيو، سئنيما، پريس، اسڪول ۽ حڪومتي سرشتي جي همه گيريءَ وسيلي ڪنهن به ٻوليءَ کي جيڪڏهن بنهه نابود نه، ته به ايتريقدر ته نپوڙي ۽ چيڀاٽي، بي حس ۽ نستو ضرور ڪري سگهجي ٿو، جو ان جي هئڻ يا نه هئڻ ۾ ڪو خاص فرق نه رهي، ٻيو ته پهريون پهريون ڀيرو هاڻي، مفاد پرست عناصرن طرفان ”وطن“، ”قوم“، ۽ ”مذهب“ جا جذباتي نعرا سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مخالفت ۾ دليلن طور استعمال ٿيڻ شروع ٿيا آهن- حالانڪه سنڌ سان محبت پاڪستان سان عداوت جي برابر نه آهي، سنڌي قوميت کي پاڪستاني قوم جو هڪ مستقبل وجود رکڻ وارو ترڪيبي عنصر ڪري مڃڻ پاڪستاني تحريڪ جي ڪنهن به بنيادي اصول جي خلاف ورزي ڪانهي، ۽ ظاهر آهي ته ڏاڍن جا جذبا ”مذهب“ متعلق مفهوم خاص پنهنجي مطلب مطابق ئي هوندا آهن، ورنه اصلوڪي ۽ صحيح اسلام دنيا ۾ رنگ، نسل، ٻوليءَ، ملڪ، قوم وغيره جي ڪٽرپڻي کان ته برابر، پر انهن جي ڪثرت کان هرگز خائف نه آهي. هيء�� ڳالهه به بگهڙ ۽ گهيٽي واري ئي چئبي- پاڻي وهندو مٿان کان ئي اسان ڏانهن اچي، ته به پاڻيءَ کي وٽارڻ ۽ لڙائڻ وارا اهي الزام اهي ئي اسان تي! +هن پس منظر ۾- جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي ديس ۾ هڪ ڀيرو وري بيگانن وانگر رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اهو خالص اسان جيئرن جاڳندن سٺ لک سنڌي ڳالهائيندڙن تي ئي منحصر آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ سان ڪيتري قدر ٿا پنهنجي سر جا سودا نباهيون. هرڪا وڇ پنهنجي ڪلي سارو ڪڏندي آهي: تنهنڪري، جيستائين اسان جي سنڌ کي وري صوبائي خود مختياريءَ جو درجو حاصل ٿئي، تيسيتائين سنڌيءَ لاءِ الهندي پاڪستان جي سرڪاري ٻولين مان هڪ سرڪاري ٻولي هئڻ جو حاصل ڪرڻ اسان جو فرض به آهي ۽ حق به. ساڳي وقت، اسان کي پنهنجي ٻوليءِ جي همه گير تربيت ۽ ترقيءَ لاءِ پڻ پنهجو پاڻ تي ئي ڀاڙڻو آهي، ۽ ڏسڻو آهي ته اسان جون سموريون علمي ۽ ادبي ضرورتون ان جي ئي معرفت جيئن پوءِ تيئن زياده بهتر ۽ مڪمل انداز ۾ پوريون ٿينديون ٿيون رهن. انهيءَ ڏس ۾، اسان جي سمورين ڪوششن جو بنيادي اصول هيءُ ئي هئڻ جڳائي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ۽ بهتر کان بهتر ڪتاب سستي اگهه تي ميسر ٿي سگهن، ته جيئن اسان جي سونهاريءَ سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۾ علم دوستيءَ ۽ ادب نوازيءَ جي هڪ اهڙي زندگي بخش فضا قائم ٿي وڃي، جيڪا هر حالت ۾ هر زماني ۾ ترقي يافته ۽ مهذب ماڻهن جو هڪ امتيازي نشان پئي رهي آهي. جيڪڏهين علم ۽ ادب واقعي انسانن جي ذهن ۽ روح جي پاڪيزه ترين خوراڪ آهن، ته پوءِ اسان جي ذهني سجاڳيءَ ۽ روحاني صحتمنديءَ لاءِ لازمي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جو پڙهيل طبقو انهيءَ خوراڪ کان ڪڏهن به محروم نه رهي. هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ جهڙي آهي ته اهو علم ۽ ادب جيڪو پنهنجي مادري زبان معرفت حاصل ٿئي ٿو، سو زياده گهرو، ۽ زياده پائيدار، پاڻ لاءِ توڙي پنهنجي قوم لاءِ زياده مفيد ٿو ٿئي. +ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي سرمايي کي وڌائڻ لاءِ ظاهر آهي ته ڪتابن جا لکندڙ، ڪتابن جا شايع ڪندڙ ۽ ڪتابن جا پڙهندڙ ٽيئي جڏهن گڏجي ڪم ۾ هٿ وجهندا، تڏهن ئي ان ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهندي. ڪتاب لکيا به وڃن تنهن هوندي به جيڪڏهن انهن جي خريد ڪرڻ وارا ۽ پڙهڻ وارا جيئن پوءِ تيئن زياده تعداد ۾ پيدا نه ٿيندا رهندا، تيسين قوم جي بيداريءَ جي رفتار ۽ ان جو دائرو محدود، تنگ ۽ سست رهندو. تنهنڪري، هر پڙهيل سنڌيءَ تي سڀ کان وڌيڪ ’اڄ‘ لازم آهي ته جيترو به هن جي وس ۾ هجي، هو گهڻي ۾ گهڻا سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪري: انهيءَ لاءِ جيڪڏهن هر شخص پنهنجو پاڻ تي، پنهنجي پيدائش آهر هڪ ماهوار يا سالياني ”ٻولي ٽئڪس“ لاڳو ڪري ڇڏي، ۽ تنهن سان گڏ اثر رسوخ وارا صاحب پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، شهر يا محلي جي علم دوست ماڻهن سان گڏجي ننڍيون ننڍيون لائبريريون قائم ڪن- جيئن سڄي سنڌ ۾ اهڙين عام لائبررين جو گويا هڪ ڄار وڇائجي وڃي- ته سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتاب اخبارون ۽ رسالا کپي سگهن ٿا. ۽ پوءِ ڪتابن جا ڇاپيندڙ ۽ لکندڙ پنهنجو ايترو قدر ۽ ايتري همت افزائي ڏسي، ڪيترا وڌيڪ ۽ ڪيترا اعليٰ پايي جا ڪتاب لکي سگهن ٿا ۽ شايع ڪري سگهن ٿا، ۽ اهڙيءَ ريت سنڌي ادب جو باغ ڪيڏيءَ تيز رفتار سان چوڌاري سرسبز ۽ شاداب ڪري سگهي ٿو- تنهن جو اندازو هرڪو سمجهدار شخص آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. +لوڪ ادب +مٿي چئي آيا آهيون ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جون پاڙون پاتار ۾ آهن. ٻوليءَ جي ڳالهه ڇڏي، رڳو ادب ڏانهن جيڪڏهن ڏسجي ٿو، ته به اسان جو ڪلاسيڪي ادب دنيا جي سڌريل کان سڌريل ٻولي�� جي ڪلاسيڪي ادب سان خوشيءَ سان ڀيٽ کائي سگهي ٿو. هيءَ به حقيقت آهي ته اسان جو ڪلاسيڪي ادب جيترو ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اوتروئي اڃا قلمي حالت ۾ موجود آهي جو اڃا ڇپائي جي زيور سان سينگارجي اسان جي هٿن تائين پهتو ئي نه آهي. تنهن کان سواءِ اسان جو لوڪ ادب، جنهن ڏانهن اڃا ڪنهن پورو منهن ورائي به ڪين ڏٺو آهي، هڪ بيڪنار بحر وانگر اسان جي اڳيان هاڻي به پکڙيو پيو آهي. يورپ جي لئٽويا رياست، جنهن جي آدمشماري اڄ به ڪل ويهه لک مس آهي، جيڪا ارڙهين صديءَ جي آخر تائين جرمنيءَ جي غلام رهي، جنهن جي ماڻهن ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تائين به ان ڳالهه کي هڪ خواب پئي سمجهيو ته منجهن ڪو اهڙو شاعر پيدا ٿيندو، جنهن جو نالو ۽ جنهن جا نغما، سندن ننڍڙي ملڪ جون ننڍڙيون سرحدون اورانگهي، ڪڏهن وڃي ٻاهر يورپ جي ڪنن تائين پهچندا- انهي ملڪ جي اديبن پنهنجي لئٽيائي ٻوليءَ ۾، آزاديءَ کان پوءِ قريباً پنجاهه سالن جي مختصر عرصي ۾، رڳو پنهنجي لوڪ ادب جائي جملي ٻه لک اسي هزار لوڪ داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون جمع ڪري ورتيون آهن. انهيءَ هڪڙي مختصر مثال مان اسان جا سنڌي اديب ۽ عالم آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ”اسان جي قديم سنڌ ديس ۽ ان جي قديم سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اسان جي اڻپڙهيل“ عوام وٽ پنهنجي لوڪ ادب جا ڪيترا نه بيمثل ۽ بيشمار خزانا موجود هوندا.‍ حقيقت هيءَ آهي ته جيئن جيئن تعليم وڌندي ويندي آهي، تيئن تيئن ماڻهو پنهنجي حافظي تي زور گهٽ ڏيندا آهن- ۽ حافظي تي هو آخر وڌيڪ زور به ڇو ڏين، جڏهن انهيءَ طاقت خرچ ڪرڻ ڌاران ئي اهو ذخيرو وٽن ڪتابن جي صورت ۾ موجود ٿي ٿو وڃي. تنهنڪري وڌندڙ تعليم جي ٻين مفيد نتيجن سان گڏ، انهيءَ هڪڙي نتيجي کي به خيال ۾ رکندي (جنهن موجب ماڻهو پنهنجي ادب کي پنهنجن سينن ۾ محفوظ رکڻ بدران ڪتابن ۾ محفوظ رکڻ وڌيڪ مناسب سمجهندا آهن)، اهو لازمي بنجي ٿو پوي، ته اسين انهي اٿاهه لوڪ ادب کي گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻيون، ته جيئن اهو ضايع ٿي وڃڻ کان هميشه لاءِ بچي وڃي. لوڪ ادب، هڪ ڳالهئين، قوم جي قديم تاريخ جو سرچشمو آهي، ملڪ جي قديم تهذيب و تمدن، رسم و رواج، قومي زندگيءَ جا لاها چاڙها، ماڻهن جي دلين جا اوائلي امنگ ۽ جذبا، سندن خواهشون ۽ اميدون ۽ سندن روزمره جي معاشي ڪشمڪش ۽ سماجي جدوجهد جا دل اڀاريندڙ داستان- سڀ ان ۾ موجود هوندا آهن. انهن ڳالهين سبب، لوڪ ادب ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جي عمارت جي بنهه پيڙهائتي پٿر مثل آهي. خود ٻوليءَ جي حسن بيان ۽ ناتي تاثر جو تقريباً سمورو دارومدار ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب تي آهي. پنهنجي ٻولي ۽ سندس ادب جي هن بنيادي پٿر کي اسان جيڪڏهن هيڪر ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ڪتابي صورت ڏيئي، منظر عام تي آڻي ڇڏيو. ته اهو اسان جي پنهنجي پاڻ تي توڙي پنهنجن ايندڙ نسلن تي واقعي هڪ عظيم احسان ٿيندو. جيتوڻيڪ اهو فرض اسان سڀني تعليم يافتن تي آهي، پر اسان جي سنڌي اسڪول جي استاد صاحبن کي هن ڳالهه لاءِ وقت به آهي ۽ آسانيون به آهن- تنهنڪري، اسان جي انهن صاحبن کي خاص طرح گذارش آهي،ته هو پنهنجي هن ادبي خزاني کي نابود ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڳتي وڌن، ۽ جتي به هجن اتي املهه ماڻڪ گڏ ڪندا رهن. ”مهراڻ“ جي هن پرچي ۾ سنڌ جا ڪي لوڪ گيت ۽ هڪ لوڪ ڪهاڻي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته اسان جي پڙهندڙن کي اهي چيزون پسند پونديون، ۽ آئندي وٽانئن لوڪ ادب جون نيون نيون ۽ بهتر کان بهتر چيزون اسان وٽ اشاعت لاءِ پهچنديون رهنديون. +ترجما +سنڌي ٻولي جديد نثري ادب ۾ جيڪي سولانجهي آهي،- خاص طر�� جديد سماجي ۽ طبعي علمن جا ڪتاب ان ۾ ايترا گهڻا ۽ ايڏي معيار جا موجود نه آهن، جو هڪ ڇڙو سنڌي پڙهيل شخص، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهي، انهن علمن کي خاطرخواه حد تائين حاصل ڪري سگهي. ظاهر آهي ته اها اوڻائي حال في الحال ٻين ٻولين تان ترجمن ڪرڻ سان ئي پوري ٿي سگهي ٿي. نه فقط علمي ڪتابن جا ترجما، پر خالص ادبي ڪتابن جا ترجما پڻ اسان جي ٻوليءَ کي فوري تقويت پهچائي سگهن ٿا. نهايت افسوس آهي، جو ترجمي جي ڪم کي اسان جا ڪيترا ليکڪ ۽ پڙهندڙ گهٽ نظر سان ٿا ڏسن. ڪيترن کي ته ائين به چوندي ٻڌو ويو آهي ته ”ترجما فقط اهي ٿا ڪن، جن کي پنهنجي طرفان پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به موجود ڪونهي، رڳو ٻين جي لکيتن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نقل ڪيو، پيا سستا اديب ۽ عالم بڻجڻ چاهين. ترجمي جي سلسلي ۾ اسان جا اهي خيال ثابت ٿا ڪن ته اسان وٽ علمي شوق ۽ شغف جي ڪيتري نه افسوسناڪ ڪمي آهي. مترجم کي ٻين اديبن ۽ ليکڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ سمجهڻ وارا دراصل پنهنجي ڪم علميءَ ۽ محدود ذهنيت جو اظهار ڪندا آهن. اڄ دنيا جي ڪنهن سڌريل کان سڌريل ٻوليءَ کي به جڏهن وٺجي ٿو ته ان ۾ هر سال سوَن جي تعداد ۾ ڌارين ٻولين جا ڪتاب ترجمو ٿيندي پيا ڏسجن.- ۽ اهو ترجمي جو ڪم ان ٻوليءَ جا وڏي ۾ وڏا اديب پنهنجن هٿن سان پاڻ پيا ڪن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ته اڄ قريب قريب اهو هڪ حياتيءَ ۽ موت جو سوال آهي، ته يا ته ترجمي وسيلي ۽ پڻ ٻين ڪوششن سان، ترت ئي کيس علمي ۽ ادبي نقطه نگاه کان پاڻ لاءِ هر طرح هڪ ڪارآمد ٻولي بنايون، يا ته سندس مٺگهرن جي مرضيءَ موجب، کيس هڪ گهريلو ٻولي بنائي ويهي رهون. تنهن ڪري اسان مان اهي جن کي ڌارين ٻولين جي ڄاڻڻ جو شرف نصيب آهي، تن تي لازم آهي ته هو انهن ٻولين جي حاصلات مان پنهنجي ذاتي پسنديءَ موجب، هميشہ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي عنايت ڪندا رهن. اسان کي يقين آهي ته اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن اسان جا اديب ۽ عالم پنهنجي ٻوليءَ جي ذاتي خزانن کي جمع ڪرڻ سان گڏو گڏ، ڌارين ٻولين جي شهپارن مان پڻ ان کي مالا مال ڪندا رهندا، ۽ ساڳئي وقت اسان جا پڙهندڙ پڻ سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن کي خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ پنهنجو عين فرض ڪري سمجهندا ته پوءِ سنڌي ٻولي ۽ سندس ادب جي مستقبل متعلق اسان کي زياده فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت باقي نه رهندي. تنهن کان پوءِ، ڳالهه رهندي ملڪ جي آئين جي ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جائز مقام جي- سو اسان مختصر قسم جي انسانن جا پنهنجي عارضي خواهشن مطابق بنايل اڻپورا آئين ڪي لوح محفوظ تي اڪريل اعمال ناما ته ڪين آهن، جو بدلجي نه سگهن! جيسين سنڌ ون يونٽ جو حصو آهي، تيسين ون يونٽ ۾، جڏهن سنڌ ٻيهر هڪ جدا صوبو بنبي- تڏهن سنڌ ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ٿي رهڻ جو بنيادي حق آهي، جنهن کان دنيا جي ڪابه طاقت ان کي گهڻي وقت لاءِ محروم نٿي ڪري سگهي. ان جو اسان کي يقين آهي. +اسان جو نئون سال +”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال هن پرچي سان شروع ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون ته ”مهراڻ“ جا محترم اديب ۽ پڙهندڙ جيئن هيتري وقت تائين ’مهراڻ‘ کي بنهه پنهنجو سمجهندا پئي آيا آهن، تيئن اڳتي به ان کي پنهنجو سمجهندا ايندا. هن سال کان ”مهراڻ“ جو ساليانو چندو اٺن رپين مان وڌائي ڏهه رپيا ڪرڻو پيو آهي. ان لاءِ اسان جا عزيز پڙهندڙ اميد ته اسان کي معاف ڪندا: رسالي جي ضخامت ۽ ڇپائيءَ تي خرچ هڪ پاسي، ۽ رجسٽر ٽپال رستي پڙهندڙ ڏانهن جو رسالي جي ڪاپي موڪليون ٿا، تنهن جو خرچ ٻئي پاسي: رسالي مان اسان کي مالي فائدو بنهه ڪونه ٿو ٿئي. اها ڳالهه اهڙي ناهي، جيڪا چئي ٻڌائجي: جن رسالا پاڻ ڇپرايا هوندا، يا جن کي ٻين رسالن سان اسان جي ”مهراڻ“ کي، قيمت جي لحاظ سان به، ڀيٽڻ جو موقعو مليو هوندو، تن لاءِ اها ڳالهه پنهنجو پاڻ ظاهر هوندي. اسان کي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ اڳئين وانگر نئين سال جو هيءُ نئون چندو ڀري، اسان جي همت افزائي ڪندا ۽ پنهنجن ٻين دوستن کي به ’مهراڻ‘ جي خريدار بنائڻ جي ڪوشش فرمائيندا رهندا. +- م. ا. ج +[مهراڻ: نمبر 1، 1956ع ] +ادب جي درگاهه +”مهراڻ“ جي هر پرچي جي اشاعت کان پوءِ، اهو اچي خوف دامنگير ٿيندو آهي ته ٻيو پرچو ان ساڳئي معيار جو تيار ٿي سگهندو الائجي نه! موجوده حالتن ۾، هونئن به، ڪنهن به رسالي جي اشاعت- سو به ڪنهن چڱي رسالي جي اشاعت- هڪ انتهائي ڪٺن ڪم آهي. اديب دوستن جون بنهه ٿڪائي وجهندڙ ڍلايون، ڏوراپا ۽ فهمائشون، پڙهندڙ حضرات طرفان پنهنجي پنهنجي پسندگيءَ جون اٿندي ويهندي زور پارتون، ۽ خود پنهنجي همراهن مان وري هڪڙن جون پري کان بيٺلن واريون بالادستيون، ۽ ٻين جون ويجهڙائيءِ پنهنجائپ واريون البيلايون ۽ الغرضايون- اهي سڀ قصا ڏسي ڏسي ۽ ٻڌي ٻڌي، هيڪر ته بنهه دل هارجيو وڃي. انسان ۾ حسن جي سڃاڻپ جي لياقت واقعي رکيل آهي، پر، جيترو وڌيڪ حسن جي ڳولا ۽ پرک ۾ انسان ڀٽڪي ٿو، حسن جو ڪرشمو اوترو ئي زياده حيرتناڪ ۽ اُن جو جلوو اوترو ئي وڌيڪ پوشيده ۽ پرفريب ٿيندو ٿو رهي، نيٺ ٿڪجي ٽٽجي، انگريزيءَ جي هڪ گمنام شاعر وانگر دانهڻو ئي پوي ٿو ته : +”هن تارن سان جڙيل وسيع گنبذ هيٺان، +جتي چانديءَ جهڙين ڍنڍن ۽ زمرد جهڙن سمنڊن جا فرش پٿريل آهن، +- ڇا، ڪڏهن به ڪا روح رچندي جاءِ آرام جي نصيب نه ٿيندي؟ +- ڇا، خواهشمند دل کي ڪڏهن به سڪون حاصل ٿي ڪين سگهندو؟“ +روح جي هن دائمي ”ناراضگيءَ“ جو علاج وري به هڪڙو ئي ٿو ڏَسائجي: ڳولا، ڳولا، ۽ اکٽ ڳولا! +”ان تڙ منجهان تِڪ، ڏني پاڻ اُڃ ٿيي!“ (شاه) +آمريڪا جي پريزيڊنٽ ابرهام لنڪن کان هڪ ڀيري پڇيائون: ”هي جو غلامي خلاف ملڪ جو اترئون حصو ڏاکڻي حصي سان وڙهي رهيو آهي، تنهن ۾ الله اوهان سان آهي يا هنن سان؟“ جواب ڏنائين ”الله اسان سان آهي يا نه، تنهن جي خبر ڪانه اٿم، پر......... اميد ته اسين الله سان آهيون!“ تنهن وانگر اسان کي به اها خبر نه آهي ته ادب حي درگاهه ۾ ايتريءَ سرگردانيءَ کان پوءِ به، اسان کي واقعي ڪا رسائي حاصل ٿئي ٿي يا نه: پر اميد سا دل ۾ اهائي رکي اڳتي پيا ٿا وڌون ته اسان جا سڀئي ارادا ۽ اسان جون سموريون ڪوششون ادب جي ئي پوتر آستاني ڏانهن اسان کي نينديون! اهڙيءَ ريت، پورا ٽي مهينا چونڊي چپوٽي، چيز هِتان چيز هُتان ميڙي گڏ ڪري، رسالي جو هڪڙو پرچو ڊڄندي ڊڄندي اڃا پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جهڙا ئي مس ٿا ٿيون، ته مٿان اچي ٿو نئون فڪر ورائي ته ”هاڻي“ ٻئي پرچي جو ڇا ٿيندو!“ +”مهراڻ “ جا پڙهندڙ +ڀيري ڀيري سان اسان جي گهڻن ئي ڪرم فرمائن جا نوازش ناما اسان ڏانهن ايندا آهن، جن جي مهميزن، رهنمائين ۽ همت افزاين جا ٿورا واقعي ڪيترا ڳائي ڪيترا ڳائجن! درحقيقت، اسان جي هنن محسنن جي ئي اها قدرشناسي ۽ حسن ذوق آهي، جنهن جي آڌار تي ”مهراڻ، کي ايترو اڳتي آڻي سگهيا آهيون. ڪي اسان جا پڙهندڙ اهڙا پڻ آهن، جن کي اسان ۾ نه رڳو ڪابه چڱائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي پر محض عيب ۽ اوڻايون ئي هو اسان ۾ لهن ٿا. سي به اهڙيون ۽ ايتريون، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي، مرم ۽ ماڻهپي واري ٻولي ئي هو ڀلجيو ٿا ويهن، ايتري قدر جو سندن اجوڳ ۽ اَڻانگا لفظ پڙهي ڪري، دل ۾ اهوئي ايندو آهي ته اتي جو اتي سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڪو ڳالهاءُ ڏيئي وٺجين! پر فوراً من کي سرچائي وٺبو آهي ته جيڪڏهن ههڙيءَ منورتيءَ وارا حضرت اسان ۾ ڪا ”چڱائي“ ڪانه ٿا ڏسن، ته ان جي معنيٰ ته اها ٿي، ته سچ پچ اسان ڪي نهايت چڱيون چيزون پيش ڪري رهيا آهيون! موتين کي پهڻيون سمجهي جيڪڏهن ڪو بيهي پيرن هيٺان لتاڙي، ته ان ۾ موتين کي قصور وار چئي ڪين سگهبو. +هڪڙي ڳالهه البت جنهن ڏانهن گهڻو ڪري اسان جا سڀئي پڙهندڙ گڏجي آڱر کڻن ٿا، تنهن جي بچاءَ ۾ ٻه لفظ گوش گذار ڪري ڇڏڻ لازمي آهن. گهڻي قدر شڪايت هيءَ آهي ته هن پرچي ۾ خاص طرح هڪ ٻه مضمون ايترا ته اجايا ۽ ڊگها شايع ٿا ٿين، جو هڪ پاسي پڙهندڙن کي اهي تنگ ڪري ٿا وجهن، ۽ ٻئي پاسي اديبن جي دلشڪنيءَ جو پڻ باعث ٿا بڻجن. ٻين اديبن جي دلشڪنيءَ متعلق گذارش هيءَ آهي ته پنهنجي پرک موجب هيل تائين ڪنهن به پرچي جي ترتيب وقت ڪو به بهتر مضمون ڇڏي ڪري، هنن طويل مضمونن کي جاءِ نه ڏني وئي آهي، ٻيو ته هنن طويل مضمونن کي شايع ڪري سچ پچ ته دنيا جي بهترين ۽ معياري علمي ۽ ادبي رسالن جي پيروي ڪئي ٿي وڃي، جن جي هر پرچي ۾ هڪ يا ٻه اهڙا خاص مضمون لازمي طرح شايع ڪيا ويندا آهن جن جي سڄي رسالي جي چوٿين حصي، اڌ، بلڪ ڪن حالتن ۾ ويندي ٽن حصن جيتري جڳهه پڻ والاري بيهندا آهن، ٽيون ته اهڙن تحقيقي مضمونن جي، پنهنجي پر ۾ هڪ خاص ۽ مستقل اهميت آهي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي، چوٿون ته اسان جي پڙهندڙن کي هلڪن ۽ مختصر مضمونن سان گڏوگڏ، پاڻ ۾ طويل ۽ ”خشڪ“ مضمونن جي لاڳيتي مطالعي جي عادت پڻ پيدا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته علم ادب جي دنيا ۾ عزت ۽ مقبوليت واري جاءِ رڳو مزاحيه، تفريحي، اتفاقي ۽ سطحي مطالعه بازن کي ڪڏهن به نصيب ٿي ڪين سگهندي. طويل لکتون ئي آهن، جن جي لاڳيتي مطالعي سان علمي معيار ۽ فڪر جي پختگي حاصل ٿئي ٿي. مفصل ۽ سير حاصل مضمون- تاريخي، ثقافتي يا خالص ادبي وغيره ئي اڳتي هلي اسان جي قوم جو علمي سرمايو بنجندا. انهيءَ ڪري، اميد ته اسان جا پڙهندڙ ٻين چيزن سان گڏ ههڙن ڊگهن مضمونن ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪندا، توڙي جو انهن ۾ بامقصد تحقيق ۽ تنقيد جي لحاظ کان ڪجهه قدر اوڻايون ئي ڇو نه کڻي هجن! +تنقيد +اسان جي ادب ۾ تنقيد جي موضوع تي خيرڪا چيز موجود آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جو ادبي ۽ علمي سرمايو تيسين مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي، جيسين ان ۾ تنقيد جي موضوع تي ڪارآمد مواد موجود نه هوندو آهي. تنقيد، هڪ اهڙو موضوع آهي جو ادب کي نيون راهون ڏيکاري ٿو، پيش ٿيندڙ ادب جي فني ڪمزورين کان لکندڙن کي واقف ڪري ٿو، ۽ نون لکندڙن کي انهن ڪمزورين جي روشنيءَ ۾، صحيح ادب پيدا ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. نهايت افسوس جو مقام آهي، جو اسان وٽ جيڪي تحقيقي مضمون پيش ٿين ٿا، انهن ۾ به تنقيد جو پهلو بنهه غائب ٿو رهي. ڪو به تحقيقي مقالو، تنقيدي عنصر کان سواءِ مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري ڪم از ڪم اهي محترم دوست جيڪي تحقيقي چيزون پيش ڪن ٿا،انهن کي انهيءَ پهلوءَ ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي. +تنقيد جا پنهنجا ڪي مقرر اصول آهن: فقط ڪنهن چيز کي ساراهڻ يا نندڻ کي تنقيد نه سڏبو آهي. ڪنهن به ادبي پاري کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي آزمائڻ وقت، ذاتيات کي الڳ رکي ان جي فني خوبين ۽ خامين جي اجاگر ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو. هر ادبي چيز جي پس منظر ۾ ڪي ذهني ۽ نظرياتي، سماجي ۽ معاشرتي، نفسياتي ۽ خارجي محرڪات هوندا آهن: جيسين انهن محرڪات تي روشني نه پوندي، تيسين ان کي تنقيد نه چئي سگهبو. تنقيد هڪ پاڪيزه موضوع آهي، جنهن لاءِ محنت، علمي ديانتداري ۽ اصولن جي پابندي ضروري چيزون آهن. +اڄ جڏهن سنڌي قوم پنهنجي علمي ۽ ادبي سرمايي کي سهيڙڻ ۽ سنيگارڻ لاءِ قدم کنيو آهي، تڏهن اسان جي اديبن ۽ محققن کي گذارش آهي ته هو ادب جي هن ضروري حصي کي هٿ ۾ کڻن- ۽ تنقيدي مضمون لکي سنڌي ادب جي هن خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن. ”مهراڻ“ جو ادارو هر صحيح تنقيدي مطالعي جي وڏيءَ خوشيءَ سان آجيان ڪندو، ۽ اهڙن مضمونن کي شڪريي سان امتيازي جاءِ ڏيندو. +مضمونن جو معاوضو +ڪجهه وقت ٿيو ته سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) اها تحريڪ هلائي ويئي ته جهڙيءَ طرح ٻين زبانن جي لکندڙن کي ناشرن طرفان مناسب معاوضا ڏنا وڃن ٿا، تهڙيءَ طرح سنڌي لکندڙن کي به ملڻ گهرجن. اصل ۾ اها تحريڪ حڪومت پاڪستان جي انهيءَ ٻه- اکيائيءَ واريءَ روش خلاف هلائي ويئي هئي، جنهن ۾ سندن اطلاعاتي کاتي طرفان شايع ٿيندڙ، سنڌيءَ جي ماهواري رسالي ”نئين زندگيءَ“ کان سواءِ ٻين سمورن رسالن جي لکندڙن کي معاوضا ڏنا وڃن ٿا! اسين سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادب دوست گروهن جي فقط انهيءَ مٿئين هڪ نقطه نگاهه کان، انهيءَ مطالبي سان پورو پورو اتفاق ڪريون ٿا. +ترت ئي اسان کي ڪن اديب دوستن کان خط پهچڻ شروع ٿيا ته ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندڙ شعرن، افسانن ۽ مضمونن لاءِ ادبي بورڊ پڻ معاوضا ڏئي. اسان اهو مسئلو بورڊ جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ پيش ڪيو. ميٽنگ ۾ ان بابت جو فيصلو ٿيو، اهو اکر به اکر پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ هيٺ ڏيون ٿا: +”رٿ پيش ٿي ته ٻين زبانن جا تقريباً سمورا معياري رسالا اديبن کي معاوضا ڏين ٿا: ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پاڪستان اطلاعاتي کاتي وارا سندن طرفان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”نئين زندگيءَ“ لاءِ پڻ ويچار ڪري رهيا آهن ته سنڌي اديبن کي به لکيتن جو معاوضو ڏنو وڃي: انهيءَ ڪري ضروري آهي، ته ”مهراڻ“ جي لکندڙن کي پڻ مناسب اجوري ملڻ واري سوال تي ويچار ڪيو وڃي. +”ڪاميٽيءَ“ پيش ٿيل رٿ سان اصولي طرح اتفاق راءِ ظاهر ڪيو، پر، ميمبرن جي راءِ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سندس ادب جي موجوده صورتحال کي خيالن ۾ رکي، آخرين طرح ائين چئي ڪين سگهبو ته معاوضن ڏيڻ جي سرشتي رائج ڪرڻ مان هروڀرو رڳو ڪي فائديمند نتيجا نڪري سگهندا. +”ساڳئي وقت، سنڌي اديبن جي دلين ۾ صحتمند ۽ معياري ادب لاءِ چاهه ۽ امنگ پيدا ڪرڻ، ۽ سندن همت افزائي لاءِ هنن اَٺ انعام مقرر ڪيا: پهريون انعام پنجاهه رپين جو، ٻه انعام، هرهڪ پنجويهن رپين جو، ۽ پنج انعام، هرهڪ ڏهن رپين جو. اهي انعام هر اشاعت لاءِ رهندا، ۽ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندڙ هر چيز (شعر، افسانو يا مضمون) بنا امتياز جي، انعام لاءِ ويچار هيٺ آندي ويندي.“ +اسان جي ٻولي ۽ ادب هن وقت جنهن آزمائشي دور مان لنگهي رهيا آهن، ان ۾ رسالا گهٽ، پڙهندڙ گهٽ، ناشر گهٽ ۽ سڀ کان مٿي، ارباب حڪومت جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ڏانهن سردمهريءَ واري روش اسان جي سامهون آهي. اهڙي صورتحال ۾ اديبن کي معاوضي ڏيڻ جو سوال، جيڪو اڳتي هلي ممڪن آهي ته اديبن، ناشرن ۽ پڙهندڙن- سڀني جي دلين ۾ باهمي شڪ ۽ گمان پيدا ڪري، ۽ اهو به ممڪن آهي ته ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جي جذبي بدران، ٿوري يا گهڻي ڀاڱي، مالي مفاد خاطر ادب لکجڻ شروع ٿئي. سو ڪيتري قدر صحيح ۽ فائديمند ٿيندو، اها هڪ غور طلب ڳالهه آهي. تنهنڪري، جيڪڏهن ڪو به ماڻهو اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي انهيءَ خالص مطالبي سان مڪمل اتفاق راءِ نه رکي. ته اسان جي اديبن کي هروڀرو انهيءَ شخص جي نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ آڻڻ نه گهرجي. ٻوليءَ ۽ ادب جي ئي مفاد کان جيڪڏهن ڪو اسان جو دوست انهيءَ مطالبي کي في الحا�� درست ۽ فائديمند نه سمجهي، ته به اسان جي محترم لکندڙن کي سندس راءِ جي آجيان ڪري، ان تي ٿڌي سيني سان غور ڪرڻ ۽ ويچارڻ گهرجي. +سنڌي ادبي بورڊ، مٿيون فيصلو ادب جي ڀلائي ۽ اديبن جي همت افزائي کي مدنظر رکي ڪيو آهي. اميد ته اسان جا لکندڙ انهيءَ فيصلي کي قدر جي نگاهن سان ڏسندا. +ناولن، ناٽڪن ۽ افسانن جي سالياني چٽاڀيٽي +سنڌي ادبي بورڊ اهو پڻ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ ۽ سنڌي اديبن جي وڌيڪ همت افزائيءَ لاءِ ناولن، ناٽڪن ۽ مختصر افسانن جي سالياني چٽاڀيٽي پڻ ڪرائي وڃي. اسان جي ادب ۾ انهن صنفن- ناولن، ناٽڪن ۽ مختصر افسانن- جو ڪو خاطر خواهه مواد پيدا نه ٿي رهيو آهي، ان ڪري انهن صنفن ڏانهن اديبن جي توجهه ڇڪائڻ ۽ سندس همت افزائي ڪرڻ لاءِ هيٺيان انعام مقرر ڪيا ويا آهن. +(1) هر سال جي ٻن بهترين ناولن لاءِ، ترتيب وار 600 روپيا ۽ 400 روپيا. +(2) هر سال جي ٻن بهترين ناٽڪن لاءِ، ترتيب وار 500 روپيا ۽ 400 روپيا. +(3) هر سال جي ٻن بهترين مختصر افسانن لاءِ، ترتيب وار 150 روپيا ۽ 100 روپيا، ۽ +(4) هر سال جي ٻن بهترين هڪ ائڪٽ جي ناٽڪن لاءِ، ترتيب وار 150 روپيا ۽ 100 روپيا. +انهن چٽا ڀيٽين لاءِ هيٺيان شرط مقرر ڪيا ويا آهن: +(1) ناول، ناٽڪ يا مختصر افسانو طبعزاد ۽ اصلوڪو هجي؛ +(2) ڇپيل يا اڻ ڇپيل جو قيد نه آهي- البت جيڪڏهن ڇپيل آهي ته هو اُن ئي سال اندر ڇپيل هجي، جنهن سال جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پيش ٿي رهيو هجي؛ +(3) ناول جي ضخامت تقريباً پنجاهه هزار ۽ ناٽڪ جي ضخامت تقريباً پنجويهه هزار لفظن تي مشتمل هجي: ناٽڪ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ائڪٽن جو هئڻ گهرجي- مختصر افساني ۽ هڪ ائڪٽ جي ناٽڪ جي حالت ۾ ضخامت جو ڪوبه شرط نه آهي؛ +(4) ناول، افسانو يا ناٽڪ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، معاشرت ۽ ماحول، حالتن ۽ مسئلن متعلق هئڻ گهرجي؛ +(5) قلمي صورت ۾ هڪ ڪاپي، ۽ ڇپيل صورت ۾ پنج ڪاپيون- سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچيءَ ڏانهن موڪلڻ کپن؛ +(6) سال جي چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙ ناولن وغيره جي پهچڻ جي آخرين تاريخ، آئنده سال جي جنوري مهيني جي 15 تاريخ شمار ٿيندي؛ +(7) چٽاڀيٽيءَ لاءِ ناول وغيره موڪلڻ وقت خط تي پهريائين هي لفظ لکڻ گهرجن: ”ساليانه ناول/ناٽڪ/افسانه چٽاڀيٽي، سال ...........، لاءِ“؛ +(8) بورڊ طرفان مقرر ڪيل ججن جو فيصلو قطعي ۽ آخري ٿيندو- ججن جا نالا مخفي رکيا ويندا؛ +(9) جيڪڏهن موڪليل چيزن مان ڪا هڪ به انعام ڏيڻ لائق نه هوندي، پوءِ کڻي پهريون نمبر ڪنهن جو به هجي- ته بورڊ انعام ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو؛ +(10) انعام کٽندڙن جا نالا اخبار ذريعي ظاهر ڪيا ويندا، ۽ ٽن مهينن اندر کين انعام جي رقم ڏني ويندي؛ ۽ +(11) چٽاڀيٽيءَ ۾ آيل چونڊ بهترين ناولن، ناٽڪن يا افسانن کي مصنفن جي اجازت سان شايع ڪرڻ جو بورڊ کي پهريون حق رهندو. +اميد ته سنڌ ۽ هند جا سمورا اهل قلم هن ڏس ۾ بورڊ سان دل کولي تعاون ڪندا. ان بابت وڌيڪ لکپڙهه بورڊ جي سيڪريٽريءَ سان ڪري سگهجي ٿي. +ڪجهه پنهنجي متعلق +”مهراڻ“ سنڌ ۾ هڪ قومي رسالي جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. سندس معيار ۽ مواد جا بهتر مصنف خود پڙهندڙئي آهن. اهڙي رسالي جي همت افزائي ڪرڻ پڙهندڙن جو قومي فرض آهي. انهيءَ همت افزائيءَ جي صورت اها آهي ته جيڪي سڄڻ اڃان تائين ”مهراڻ“ جا ساليانه خريدار نه بنيا آهن، سي مهرباني ڪري پنهنجا ساليانه چندا موڪلي خريدار بنجن- ۽ ان سان گڏ پنهنجي دوستن يارن کي به ”مهراڻ“ جي خريدار بنجڻ لاءِ همتائين. اسان جا پڙهندڙ جيترو هن ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندا، اوترو ئي وڌيڪ ا��ين پنهنجي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جي اشاعت ۾، هيءَ قومي خدمت ڪاميابيءَ سان بجا آڻي سگهنداسين. -م. ا. ج +[مهراڻ: نمبر 2، 1956ع] +------------ + + +”منجهانئن ڪيئي مون وٽ آيا، ۽ چيائون، اسان کي ڪا صلاح ڏي‘! +مون جواب ڏنو: +’اهڙي ته خاص صلاح مون وٽ ڪانهي، جيڪا اوهان کي ڏيئي سگهان. +ٻاهرينءَ دنيا ڏانهن اوهان جا جيڪي رد عمل آهن. اوهان جي عملن جو انهن تي ئي دارومدار آهي. +۽ آءٌ پاڻ به اوهان جي ان ٻاهرينءَ دنيا جو ئي هڪ جزو آهيان. +منهنجي ڳالهين مان ، ۽ پڻ ٻين جي ڳالهين مان اوهان اهوئي ڪجهه جذب ڪندا ، جنهن کي اوهان پاڻ لاءِ موزون ۽ مناسب سمجهندا. +پر، جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ ٿا گهرو ته جنهن ماحول ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن ۾ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ +ته پوءِ هڪوار چُپ ڪري، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو.‘“ +- فرئنڪ ٽائون شينڊ +انسانيت: +هزارها سالن جي تهذيبي ارتقاءَ کان پوءِ، فضيلت ۽ ڀَل مانسائيءَ جي جنهن بلنديءَ تي اڄ انسان بيٺل آهي، اتان هن جي سامهون انسانن جي وچ ۾ فرق صرف حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جي بنياد تي ئي جائز ٿي سگهي ٿو. رنگ، نسل، مذهب، قوم ۽ اهڙيون ٻيون سڃاڻپ جون صفتون، قدرت طرفان حسن، سگهه ۽ صحت جون عنايتون، زندگيءَ جي پنهنجي منهن حاصل ڪيل علم دولت، عزت و اقبال جون نعمتون- انهن مان ڪابه چيز، بذات خود، هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ تي حقيقي فوقيت ڪانه ٿي بخشي. پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، اهي سڀ چيزون چڱيون ئي آهن، پر، انهن مان ڪنهن هڪ جي بنياد تي به پاڻ کي ٻين کان برتر ۽ اعليٰ سمجهڻ، ۽ ان ابليسي عادت جي اثر هيٺ ٻين کي نفرت ۽ ٻيائيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ- فقط ان ڪري، جو هو ڪنهن ٻئي نسل، ڪنهن ٻئي مذهب يا ڪنهن ٻئيءَ قوم سان واسطو ٿا رکن يا هو شڪل جا ڪوجها، بيمار ۽ ڪمزور آهن، يا هو جاهل، غريب ۽ گمنام آهن- اهو آهي ماڻهپي واري انساني ليڪي کي ڄاڻي ٻجهي لتاڙڻ، جنهن کي انسانيت پنهنجي سڃاڻپ ۽ امتياز لاءِ جڳن جي اڻڳڻين ڪشٽن ڪڍڻ کان پوءِ، مس مس وڃي هاڻي قائم ڪيو آهي. نظرياتي طور، اڄ ڪهڙو به مهذب انسان ڪونهي، جيڪو انسانيت جي انهيءَ ڪسوٽيءَ کان انڪاري هجي. ساڳيءَ وقت، حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جو مفهوم پڻ ذاتي، خانداني، قبائلي، فرقيوار يا قومي مفاد جي دائري کان نڪري، اڄ ساري بني نوع انسان جي مفاد سان اچي همڪنار ٿيو آهي. خالص فلسفو، جنهن جو بنياد عقل تي آهي، ۽ خالص مذهب جنهن جو بنياد ايمان تي آهي. سي ٻيئي، هڪٻئي سان انيڪ ڳالهين ۾ قطبين جي اختلافن هوندي به انسانيت ۽ نيڪيءَ جي مٿين ٻن اصولن تي اڄ هر طرح متفق آهن. ”ذات انسان جي پيدائش هڪ نفس واحد مان آهي“، ”الله وٽ ڀلارو اهو آهي، جيڪو نيڪيءَ جو صاحب آهي“، ”نيڪ انسان اهو آهي، جيڪو بني نوع انسان جي ڀلائي ٿو ڪري“- اهي انهيءَ عظيم مذهب جا فرمودا آهن، جيڪو آخري مذهب آهي، ۽ جنهن تي مذهبي فڪر جي ارتقا جو اختتام ٿيل آهي. جيڪڏهن انساني اخوت، مساوات ۽ حريت جي هن مذهب جا ڪي عالم سڳورا اڃا به ان مان ڪي ابتڙ معنائون ۽ مطلب ٿا اخذ ڪن، ته اهي سندن خاص پنهنجي ذهنن جا ڪرشما آهن، جي کين مبارڪ هجن- مذهب جي ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي اها چؤنري شال مٿن ئي ڍرندي رهي، ته بهتر! پنهنجو ته واقعي سڌوسنئون ايمان هيءَ آهي ته ”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ“- پوءِ، جيڪڏهن عقل جا اڪابر، ڪمن جا سچا ۽ هر طرح معتبر فتواباز اسان تي ڪفر، الحاد يا ڪميونزم جا نالا رکن، ته انهن کي ائين ئي چوندا سين ته +بدم گفتي خرسندم عفاڪ الله نڪو گفتي! (حافظ) +سندن علمي تبحر اڳيان- جنهن جو واقعي ڪو اٿو مٿو کين به ڪونه ٿو معلوم ٿئي- اسان کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جو احساس آهي، پر، کين جو ان ۾ گهوتا کائيندي سالن کان پيا ٿا ڏسون، سو چئون ٿا ته ٿورڙو ئي علم، پر صحيح علم ۽ ذهن ۾ رٿائتو رکيل علم جيڪڏهن آهي ته اهو انسان جو صحتمند ۽ سالم نگاهه لاءِ ڪافي آهي. دل جو اطمينان ۽ قلب جو سڪون اهو ئي بس آهي، ته پنهنجي آسپاس سان بي لوث ۽ مخلصانه تعلقات هجن. پورهيت ماڻهوءَ جون پنهنجي پورهئي ۾ اکيون سونهن. ٻين کي لقبن لائڻ بدران جيڪڏهن پنهنجي پاڻ تي ئي اک رکجي، ته هوند دلين جي ڪيني ۽ نفرت جا اوڙاهه ازخود ٿڌا ٿي وڃن- +”ڪونهه آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من“ (شاهه) +”مهراڻ“ ۽ سندس ادب: +”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو ٽيون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن ٿورڙي عرصي ۾ ”مهراڻ“ سنڌ جي تقريباً سڀني ڪهنه مشق توڙي نوآموز شاعرن، افسانه نويسن، مضمون نگارن ۽ ٻين اهل قلم ۽ صاحب فڪر، اديبن ۽ عالمن جو تعارف پڙهندڙن سان ڪرائي چڪو آهي. سنڌ جي نامور اديبن مان ڪو به اهڙو اسان جي خيال ۾ ڪونه رهيو آهي، جنهن ”مهراڻ“ کي سينگارڻ ۾ حصو نه ورتو هجي. سنڌي شعر و ادب جي ڪابه اهڙي صنف اسان کي ڪانه سجهي، جيڪا اسان ”مهراڻ“ ۾ پيش نه ڪئي هجي. مواد جي لحاظ کان مداحون، قصيدا صوفيانه ڪلام، عشقيه شاعري ۽ لوڪ گيت وغيره، مختلف سماجي، نفسياتي، ۽ ٻين اهڙن اهم مسئلن تي ٽوٽڪا، افسانا، ۽ ناٽڪ، سوانح، تاريخ، سائنس ۽ علم و ادب جي اڪثر موضوعن تي تحقيقي توڙي تنقيدي مقالا ۽ مضمون- مطلب ته ڪابه اهڙي ڳالهه اسان جي سامهون نه آئي آهي. جنهن کي اسان ”مهراڻ“ ۾ جاءِ نه ڏني هجي. تنهن هوندي به اسان جا ڪي لکندڙ ۽ پڙهندڙ ”مهراڻ“ کي ’هڪ ئي مڪتب خيال جو ترجمان‘، ۽ ’هڪ ئي وڙ جو دڪان‘ٿا سمجهن ۽ سڏين! ممڪن آهي ته هي حضرت پاڻ جنهن ’وڙ‘ جا وڻجارا آهن، تنهن جي خريد فروخت ”مهراڻ“ ۾ ٿيندي نه ڏسي ئي ان لاءِ اهو خيال قائم ڪيو هجين: ذاتيات، تعصب، نفرت، ڪم علمي ۽ ڪثيف جذبات ڪڏهن به سٺو ۽ صالح ادب پيدا ڪري نٿا سگهن، ۽ نه ان کي ڪڏهن ڪٿي سڃاڻي ئي سگهن ٿا. +جهڙيءَ ريت اڄ انسان ۽ انسان جي وچ ۾ فرق صرف حق، انصاف ۽ نيڪي جي بنياد تي ئي جائز آهي- باقي سمورا رنگ، نسل، مذهب، قوم، وغيره جا نالا فقط سڃاڻپ جا نشان ئي وڃي رهيا آهن، ۽ انهن مان ڪو هڪڙو نالو به بذات خود فضيلت ۽ فوقيت لاءِ سَنَد جو ڪم نٿو ڏيئي سگهي. بلڪل تهڙيءَ طرح ادب ۽ فن پڻ- ڇاڪاڻ ته اهي انسان جي خالص انسانيت جا مظهر آهن- رنگ، نسل، وطن، مذهب ۽ قوم وغيره جي ويڇن کان پاڪ آهن: ادب ۽ فن جي پرک ”انسانيت“ آهي. ڏسڻو آهي ته ادب معرفت انسانيت جا عالمگير قدر ۽ اصول زيادهه اوجر جي اڳيان ٿا اچن. يا نتيجو مرڳوئي ان جي ابتڙ نڪري. پهرينءَ حالت جو ادب پيش ٿيندو. سو صالح، صحيح ۽ سچو ادب آهي، ۽ ان کان سواءِ، ٻيو هر ڪو ادب بيمار، ڪوڙو ۽ کوٽو ادب آهي. انهيءَ هڪ بنيادي فرق کان سواءِ، ادب ۾ ٻيو ڪو به تفرقو نه آهي. ”ادب براي ادب“ زور جماليات تي آهي، ۽ ”ادب براي زندگي“، جنهن جو زور زندگيءَ جي تنقيدي عڪاسيءَ تي آهي- ٻئي، صحيح ۽ سچي ادب جي محض ٻن صفتن جا نالا آهن. ”ادب براي ادب“ ۽ ”فن براي فن“ مڃڻ وارو اديب يا فنڪار خالص حسن جو گهوريو آهي- ۽ اها حسن لاءِ سندس تلاش ئي حسن جي تخليق ۽ تبليغ لاءِ کيس مجبور ٿي ڪري. پنهنجي شخصي توڙي آسپاس جي زندگيءَ ۾ حسن کي دلپسند انداز ۾ موجود نه ڏسندي ، هو پنهنجي زندگيءَ جي تنقيد ۽ حسنڪاريءَ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو، ته اهو سندس عمل ”ادب براي زندگيءَ“ ۽ ”فن براي زندگيءَ“ کي مڃڻ واري اديب يا فنڪار جي عمل کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف نه آهي. ادب متعلق هنن ٻن نظرين جو هيءُ ”ضد“ پهريائين يورپ ۾ پيدا ٿيو هو- پر اتان جي اديبن ۽ فنڪارن مٿيئن استدلال جي بنياد تي اڄ انهن مسئلن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي. عالمي ادب جي سامهون ادب جا اهي ۽ ٻيا اهڙا مرحوم تفرقا اڄ آهن ئي ڪونه. اسين به انهيءَ عقيدي کي پنهنجي سامهون رکي پنهنجي پڙهندڙن جي خدمت ۾ ادب جو نذرانو پيش ڪندا آهيون. اسان وٽ ادب ۾ اڄ ڪي به ’اختلافي‘ نظريا نه آهن. اسان وٽ ادب جو صرف هڪڙوئي نظريو آهي- ۽ اهو هي ته پنهنجي عزيز وطن لاءِ، پنهنجي پاڪ ٻوليءَ ۾ صحيح ۽ صالح ادب پيدا ڪريون ۽ پيش ڪريون. انهيءَ کي جيڪڏهن اسان جا ڪرم فرما ”مهراڻ“ کي ”هڪ ئي مڪتب خيال“ سڏي، اسان کي نندين ٿا ته هنن لاءِ تحقيق اسان وٽ وڌيڪ ٻيو ڪوبه جواب ڪونهي- +”اکر ڇُتي هيڪڙي، ٻَهون جي نه ٻجهن“ ڪوهه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي؟“ +(شاهه) +سنڌي ادبي بورڊ: +ڪراچيءَ جي هڪ اخبار، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”سنڌي ادبي بورڊ جو قيام سنڌ جي باشندن جي اهم ضرورت هئي... ليڪن ڇا (هن) سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي انهن ضرورتن کي ڪنهن حد تائين پورو ڪيو آهي، يا انهيءَ ڏسَ ۾ ڪو قدم به وڌايو آهي؟ اسان وٽ انهيءَ جو جواب نفيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن ٻئي ڪنهن وٽ انهيءَ جو اثباتي جواب آهي ته انهيءَ جو کيس ثبوت ڏيڻ گهرجي...“. اسان پنهنجي هن معزز معاصر جا شڪرگذار آهيون، جو هن اسان جو اوڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. جيتوڻيڪ سندس مدير محترم پاڻ بورڊ جو ميمبر آهي، ۽ کيس بورڊ جي ڪارگذارين جي مفصل خبر آهي، تنهن هوندي به ڀانئجي ٿو ته جڏهن پاڻ مٿيون رايو بورڊ متعلق قلمبند ٿي ڪيائين، تڏهن سندس سامهون اهي چيزون موجود ڪين هيون. هي موقعو غنيمت ڄاڻي، هتي ”مهراڻ“ ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ، بورڊ جي ڪم جي مختصر ڪيفيت پيش ڪئي وئي آهي. اميد ته ان جي پڙهڻ سان بورڊ متعلق پيدا ٿيل غلط فهميون گهڻي قدر دور ٿي وينديون. ايترو سو پنهنجي هن عزيز معاصر کي گوش گذار ڪنداسون ته: ”صفائي ايمان جي نشاني آهي.“ ۽ جهڙي طرح جسماني صفائي انسان جي بدن ۽ پوشاڪ مان ظاهر هوندي آهي، اهڙيءَ طرح ذهني پاڪيزگي وري سندس منهن مبارڪ مان جيڪا گوهر افشاني ٿيندي آهي، انهيءَ مان معلوم ٿيندي آهي: تنهنڪري، آئندي جنهن کي به جيڪي ڪجهه چوڻو هجي، سو ڪجهه مهذب لفظن ۾ ئي ادا ڪري- ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي مخاطب کي آسانيءَ سان پنهنجو همخيال بنائي سگهندو. +گذارش +”مهراڻ“ کي جنهن ڪوشش ۽ محنت سان ترتيب ڏني وڃي ٿي، ان کان پڙهندڙ ۽ اسان جا محترم اديب خود به واقف آهن. انهيءَ ترتيب ۾ هڪ مشڪلات اها به رهي ٿي ته اديب پنهنجون چيزون وقت اندر نٿا موڪلين، جنهنڪري هڪ ته رسالي جي اشاعت ۾ دير پئجي ٿي وڃي، ۽ ٻيو ته اديبن جي افسانن جي شعرن وغيره کي دنيا جي مشهور ۽ بلند پايه رسالن وانگر تصويرن ۽ خاڪن سان نٿو سينگاري سگهجي. انهيءَ ڪري، اسان جي اديبن کي گذارش آهي ته اسان کي مهرباني ڪري پنهنجا شاهڪار ڪافي اڳواٽ ڏين ته جيئن رسالي جي ترتيب ۽ آرائش ۾ اسان کي به آساني ٿئي، ۽ سندن چيزن کي پڻ زياده اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري سگهون. اميد ته اسان جا محترم اديب هميشه وانگر هن ڳالهه ۾ به اسان سان سهڪار ڪندا، ۽ آئيندي، وقت اندر، اسان ڏانهن پنهنجن ادبي نوازشن موڪلڻ جي عنايت ڪندا. +- م. ا. ج +[مهراڻ: نمبر: 3، 1956ع] +نئون سال +”مهراڻ“ جي هن اشاعت سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال خير سان پورو ٿيو. نئين سال ۾ پير پائيندي، ”مهراڻ“ پن��نجن عزيز پڙهندڙن ۽ محترم اديبن جي خدمت ۾ سندن آئيندي جي مسرتن ۽ ڪاميابين لاءِ پنهنجون نيڪ تمنائون پيش ٿو ڪري، ۽ پنهنجيءِ ڳُڻن- ڀريءَ سونهاريءَ سنڌڙيءَ جي سالميت ۽ سُڪار لاءِ ساڻن گڏجي دلي دعائون ٿو گهري، ۽ انهن دعائن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ کين مخلصانه جدوجهد جي دعوت ٿو ڏئي. خالص ادب جي ميدان ۾ ”مهراڻ“ جي معيار جو، جيئن اڳي تيئن هاڻي، وري به مٿن ئي دارومدار آهي: سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جو بي پايان بحر سنڌي عوام جي سالم نگاهه، پاڪيزه جذبات ۽ صحتمند فڪر وسيلي ئي قائم آهي ۽ تا قيامت رهندو: هن بي بها موتين جي اکٽ ڀنڊار مان ”مهراڻ“، پنهنجي وت ۽ وس آهر، سندن ئي ڪرم فرماين وسيلي، هيلتائين ٻه- چار موتي پئي ميڙيا آهن،- آئيندي پڻ ”مهراڻ“ کي مٿن ئي ڀروسو آهي ته مهل ڪُمَهل، ٿَڪيءَ ٽَٽيءَ، هُو ئي کيس هَٿ هٿ ۾ ڏيئي، هميشه پاڻ سان گڏ، اڳتي نيندا رهندا- +”مَيَن مَٿي سَمَرا، کُهيِن سَڏ ڪَرينِ، ساٿ نِباهِيو نِين، اِيَ پَر سَندي سَڄڻين!“ +ادب، ۽ ان جا ’نقاد‘ +ادب معرفت ماڻهو زندگيءَ جي حقيقتن کي ڄاڻڻ چاهيندا آهن، ۽ انهن متعلق جي ڪي شڪ شبها ۽ سوال سندن دلين ۾ پيدا ٿيندا آهن، تن کي ادب ۾ زيادهه صاف ۽ اثرائتي انداز سان بيان ٿيل ڏسي، هو خوش ٿيندا آهن: ساڳئي وقت، زندگيءَ جي انهن حقيقتن کي بدلائي ڪنهن بهتر صورت ۾ آڻڻ لاءِ سندن دلين ۾ جيڪي خيال، ارادا ۽ امنگ اٿندا رهندا آهن، تن جي ترجماني ۽ اظهار پڻ ادب وسيلي ئي سندن سامهون ايندا آهن. ادب جون اهي ٻه حيثيتون- هڪ تنقيدي ۽ ٻي اصلاحي- اديبن توڙي باشعور پڙهندڙن وٽ مُسلم آهن. افسوس فقط هن ڳالهه جو آهي ته جڏهن به ادب، پنهنجي تنقيد توڙي اصلاح ۾، سچ ۽ صاف- گوئيءَ جي بنهه ويجهو وڃي رسندو آهي، تڏهن ڪوڙ جي هيراڪن جا ٻيئي هٿ هڪدم ڪنن تي اچي ويندا آهن، ۽ اونداهين جي رهواسين جون اکيون سُسَندي سُسَندي بنهه بند ٿي وينديون آهن- ۽ پوءِ وٽن باقي جيڪا وڃي رهي کهي هڪڙي زبان بچندي آهي، تنهن کي وٺي کڻي مرڳوئي ٻاهر ڪڍندا آهن- ڪير جو سندن ان ڇڙواڳ ۽ ذهن جي ضابطي کان نڪتل نجس- پيما کي پوءِ روڪي سگهي! سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾، ننڍي وڏي جي وات ۾، هيءَ ڳالهه عام هوندي آهي ته هِن يا هُن خاص هنڌ تي ناڻي جي ديڳ پوري پيئي آهي، پر واسينگ نانگ ان تي پنهنجي زهر ڀريل سسي رکيو ستو پيو آهي: جيڪو ان ديڳ جي ويجهو ويندو، ان کي هو هڪ ئي ڦوڪ سان ڀسم ڪري ڇڏيندو. ٻهراڙيءَ جي هن کِل جهڙيءَ عام روايت ۾ ممڪن آهي ته سنڌ جو پورهيت عوام پنهنجي ئي روزمرهه جي مفلس زندگيءَ جو عڪس ڏسندو هجي، جنهن موجب سندس پنهنجي پگهر جي پيدا ڪيل سموري دولت ميڙجي سيڙجي وڃيو ڳوٺ جي زميندار وٽ ڍڳ ٿئي، ۽ هو پاڻ ان جو پيدا ڪندڙ اک کڻي رڳو ان ڏانهن پورو نهاري به نٿو سگهي!- بهرحال، سچ جي دولت ته واقعي ان روايتي ناڻي جي ديڳ وانگر زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ پوري پيئي آهي: پر افسوس، جو ان تي پڻ مالدارن ۽ مفاد پرستن جا زرخريد راکا ۽ پهريدار لٺ کنيو محڪم بنيا ويٺا آهن: مجال آهي، جو زندگيءَ جي تنقيد ۽ اصلاح ۾ ڪنهن اديب يا عالم جو قلم، سچ جو پيرو کڻي، سندن پاٿارين تائين پهچي- هڪدم هائيدوس مچي ويندو، وٺ- وٺان پئجي ويندي، ڀيرين تي ڏونڪا لڳي ويندا-چي، ’گهوڙا هاڻي ڳالهيون ٿيون کُلن، پت ٿي وڃي!‘ ادب جو واقعي اهو هڪ قديم ۽ بنيادي مسئلو آهي ته حقيقتن جي بيان ۾ صاف- گوئيءَ ۽ رک- رکان جي هن متضاد سماجي ضرورت کي ڪيتريءَ حد تائين تسليم ڪيو وڃي. ”مهراڻ“ جي گذريل ٻن سالن جي ادارتي فرض ادائيءَ ۾ ادب جي ان��يءَ نازڪ مسئلي کي نباهڻ جي، پنهنجي طرفان، هيٺئين اصول تي ئي اسان ڪوشش پئي ڪئي آهي: +”سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ سان سچو رهي: +”پوءِ، جيئن رات کان پوءِ ڏينهن جي اچڻ جي پڪ آهي- +”تيئن ئي پڪ آهي ته ڪٿي هو ڪوڙو ٿي ئي نه سگهندو!“ +مگر افسوس، جو هن سموري عرصي ۾ سنڌ جي ادب ۽ صحافت جي ڪن عاليجنابن کي ”مهراڻ“ مان محض ڪفر ۽ الحاد ئي پلئه پيو آهي. هي صاحب جيڪڏهن اسان کي معاف ڪرڻ فرمائين ته کين عرض ڪري ڇڏيون ته هيتري ساري سندن ايمان سان گڏ ٿورڙو الحاد، ۽ ٿورڙو ڪفر جيڪي سو کين فائدوئي پهچائيندو- اهڙي اسان کي اميد آهي! وڌيڪ کين گذارش هيءَ آهي ته +”يا واقعي پاڻ ڪا بهتر ڳالهه پيش ڪريو، يا انصاف کان ڪم وٺو، +يا علم جي دريادلي، نمرتا ۽ سهپ ڌاريو، يا نظر جي بلند ۽ قلب جي وسعت پيدا ڪريو، +”يا خاموش رهو، صلاح مڃو، ۽ چپ چاپ اٿي وڃو، بحث بند ڪريو، پنهنجو رستو وٺو،... خدا حافظ!“ +ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس +ڊسمبر1956ع جي 23 کان 29 تاريخ تائين، دهليءَ ۾، ايشيا جي اديبن جي هڪ عظيم الشان ڪانفرنس ٿي گذري. ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سترهن ملڪن کان آيل وفدن شرڪت ڪئي- (ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي اداري طرفان مهراڻ: نمبر 4، سال 1956ع ۾ پيش ڪيل آهي.) مختلف ٻولين جي اديبن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي ٻوليءَ جي ادبي صورتحال ۽ رجحانن تي تقريرون ڪيون ۽ مقالا پڙهيا، هڪٻئي کي ادب جي نين راهن ۽ تقاضائن کان آگاه ڪيو، ۽ سڀني گڏجي ايشيائي ادب ۽ ثقافت جي ڦهلاءَ جو وسيع پروگرام ٺاهيو. اها ڪيتري نه ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته ههڙيءَ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ اسان جي وطن سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به نمائندو شريڪ نه ٿيو- جنهنڪري سنڌ اندر سنڌي زبان جي صورتحال ۽ ادب بنسبت ڪانفرنس ۾ ڪجهه به پيش ٿي نه سگهيو! اها به غنيمت آهي ته هندستان مان سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي اسان جي لائق بزرگ، پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ وڏي وفد ڪئي. هنن ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان جي اهميت ۽ سنڌي ادب جي مجموعي صورتحال تي تقريرون ڪيون، هندستان ۾ سنڌي زبان کي تسليم ڪرائڻ، ۽ ان کي ترقي وٺائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون اٿن، تن کان ايشيا جي اديبن جي ساٿين جي هيءَ بيمثل ڪوشش ۽ حوصلو اسان سنڌ جي اديبن ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ هڪ کلي للڪار آهي. شل هتي اسان کي به پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اهميت جو اهڙوئي احساس ٿئي! +”مهراڻ“ جا نوان ايڊيٽر +”مهراڻ“ جي پڙهندڙن ۽ اديبن صاحبن کي اهو ٻڌي نهايت خوشي ٿيندي ته هن نئين سال کان محترم ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب ۽ محترم پير حسام الدين شاه راشدي صاحب جن ”مهراڻ“ جي ادارت جا فرض سنڀالڻ قبول ڪيا آهن. ”مهراڻ“ جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوش بختي ٿيندي، جو کيس سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ سنڌ جي هنن ٻن مايه ناز اديبن ۽ عالمن پنهنجون گرانقدر خدمتون پيش ڪيون آهن. اسان کي پورو پورو يقين آهي ته سندن مبارڪ هٿن ۾ ”مهراڻ“ جو معيار بلند کان بلند تر ٿيندو ويندو، ۽ بورڊ جو هيءُ علمي ۽ ادبي رسالو سنڌ جي ادبي ۽ علمي تقاضائن کي آئيندي پڻ بهتر کان بهتر نموني ۾ پورو ڪندو رهندو. +گذراش +”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو هيءُ چوٿون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن پرچي سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال پورو ٿيو. ”مهراڻ“ جا محترم اديب ۽ پڙهندڙ هيتري تائين هن سان جيڪا وابستگي ۽ محبت ڏيکاريندا پئي آيا آهن، اميد اٿئون ته نئين سال ۾ پڻ ان ۾ پوئتي ڪين پوندا ۽ هميشه وانگر ان کي پنهنجو رسالو سمجهي، اسان سان پنهنجو دلي تعاون ڪندا ايندا، ”مهراڻ��� جي خريدارن کي گذارش آهي ته گهڻي تعداد ۾ هو پاڻ، پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سميت، نئين سال جو چندو ڀري، ”مهراڻ“ کي سندن ادبي خدمت جو موقعو ڏيندا. -- م.ا. ج +[مهراڻ: نمبر 4، 1956ع] +”گل ڦل“ +ناشر طرفان ٻه اکر +هن رسالي کي ٻارن جو رسالو سڏيندي، اسان کي جيڪي سو حجاب ۽ حذر محسوس ٿئي ٿو؛ ڇو ته ڪيتريءَ عمر واري ٻار کي ”ٻار“ سمجهي ”ٻارن جو رسالو“ پيش ڪجي- اهو البت هڪ مشڪل مسئلو آهي. ٻارن جا سمجهدار مائٽ ۽ نفسيات جا ماهر ڄاڻن ٿا ته ڄمڻ گهڙيءَ کان وٺي ٻار جي آڏو تجربي ۽ ڄاڻ جي دنيا ڪيتري نه تڪڙي تڪڙي وڌندي ۽ وڏي ٿيندي ٿي رهي، ۽ پنهنجا ۽ پنهنجي آسپاس جا راز هڪٻئي پٺيان ڪيتريءَ نه باقاعدگيءَ سان هروقت مٿس کُلندا ۽ ظاهر ٿيندا ٿا رهن! ذهني اوسَر ۽ تربيت جي هن لاڳيتي ۽ بي انت سلسلي جي اها ڪهڙي منزل آهي، جنهن تي پهچي، ٻار ”ٻار“ نٿو رهي، ۽ ڦري ”وڏي“ سڏجڻ جي لائق ٿو بنجي- اهو فيصلو آخر ڪيئن ٿئي! يا مرڳوئي اِن ڳالهه جو فيصلو ”بزرگي بعقل است نه بسال“ واري مقولي تي ڇڏي ڏجي! ٻار ”وڏن کان وڏا“، ۽ وڏا ”ٻارن کان ٻار“ به شروع کان ئي سڏبا پئي آيا آهن. انگريزيءَ جي جڳ- مشهور شاعر، وليم ورڊس ورٿ، جو قول آهي ته ”ٻار، انسان جو ابو آهي.“ هيڏانهن اسان جي سنڌي شاعريءَ جي سدا جيئري ”شاهه“ جي تلقين پڻ اهائي آهي ته ”ٿيءُ ٻاراڻيءَ ٻوجهه، ته ’سپيريان‘ جي ساٿ مِڙين! پنهنجيءَ جاءِ تي، هيءُ به هڪ قابل غور نڪتو آهي ته ڪهڙي اُها ”ٻاراڻي“ ڳالهه ٿي سگهي ٿي، جنهن مان وڏا، پنهنجي منهن، لطف اندوز ۽ مستفيد نٿا ٿي سگهن؛ يا ڪهڙي اها ”وڏي“ ڳالهه سوچي سگهجي ٿي، جنهن ۾ ننڍن لاءِ دلچسپيءَ ۽ رهبريءَ جا سامان موجود نه هجن!- ڳالهه جو ڍنگ البت هر ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ جي حالت ۾ پنهنجو پنهنجو ٿي سگهي ٿو. مطلب ته هن رسالي کي ”ٻارن جو رسالو“ سڏيندي، ان ۾ ڪهڙيون ڳالهيون پيش ڪجن ۽ ڪهڙيون نه ڪجن- اهو مسئلو اسان لاءِ (۽ شايد اسان جي اديبن لاءِ پڻ) واقعي هڪ منجهائيندڙ مسئلو آهي. +هيءُ مسئلو اسان لاءِ هِن ڪري به منجهائيندڙ آهي، جو آزاديءَ جي گذريل ڏهن ٻارهن سالن جي سموري عرصي ۾، ٻارن جي ادب جي ڪابه (شمار ۾ اچڻ جهڙي) تخليق ۽ اشاعت اسان وٽ عمل ۾ ڪانه آئي آهي؛ ۽ هوڏانهن، ان کان اڳ واري عرصي ۾ جيڪي ڪجهه اُن صنف ۾ اسان کي مهيا ٿي مليو، سو ٻيهر ڇاپي ۾ نه اچڻ سبب، اسان وٽان ائين گم ٿي ويو، جو اسان جي پڙهندڙن توڙي لکندڙن ٻنهي لاءِ ڄڻ اهو ڪڏهن پيدا ئي ڪونه ٿيو هو! ادب جو وڻ فقط تڏهن ڦولاربو آهي، جڏهن ان جون پاڙون پاتال ۾ هونديون آهن! تاريخ ۽ روايت جو هڪ ڊگهو سلسلو گهرجي، جو ڪو ٿورڙو ادب به پيدا ٿي سگهي. اڄ، جو اسان جي سموري سنڌي ادب تي ايترو سڪتو طاري آهي- جو اڪثر لکندڙ، ايڊيٽر ۽ پبلشر پنهنجين بنهه ڪِنَ جهڙين لکيتن ۽ ڍير تي اڇلڻ جهڙين ”پيشڪشن“ تي هڪ طرف ڀنڀليا، ميان مٺو بنيا، جڳ جهان تي ڪاوڙيا ۽ آڪريا بيٺا آهن، ته ٻئي طرف اسان جي باذوق پڙهندڙن کي سندن اُنهن ”شهپارن“ ڏانهن منهن ورائي ڏسڻ به گواره ڪونهي- سو فقط ان ڪري، جو اسان ٻئي ڌريون، لکندڙ توڙي پڙهندڙ، پنهنجي ادبي ورثي کان واقف ڪين آهيون، ۽ ان ۾ شايد ڪنهن جو ڪو خاص ڏوهه به ڪونهي- اسان جو ادبي ورثو هن وقت تقريباً ناپيد آهي- جيڪڏهن ڪو اڄ ان مان استفادو ڪرڻ گهري، ته جو ڪجهه ڪنهن زماني ۾ ڇپيو، سو گهڻو تڻو اسان وٽ موجود ڪونهي، ۽ جو اڃا ڇپجي ميدان ۾ ئي نه آيو آهي، ان جي انداز ۽ عظمت جي شناس جو ته ڪنهن لاءِ ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي! ڪلاسيڪي ادب معيار ۽ سونهون ٿين��و آهي. جديد ادب لاءِ ۽ جديد ادب معيار ۽ سونهون ٿيندو آهي ادب جي نت نئينءَ ۽ بهتر تخليق لاءِ جيڪا زبان پنهنجي ادبي ورثي جي اثر ۽ رهبريءَ کان ايتري محروم هجي، ان جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي ذوق ۽ پرک جي تربيت، ان حد تائين، ناممڪن آهي: ۽ جيئن زندگيءَ جي ٻيءَ هرچيز ۾، تيئن فن ۽ ادب جي پرک ۽ پيدائش جي سلسلي ۾ پڻ، بدذوقي بيذوقيءَ کان هميشه زياده هاڃيڪار ۽ بدتر ثابت ٿئي ٿي. هن نقطي نگاهه کان، اسان جي ٻارن جي ادب جو معاملو ته پاڻ زياده نازڪ ۽ قياس جوڳيءَ حالت ۾ آهي. ادب جي هن اهم صنف ۾ هونئن به اسان وٽ ايترو گهڻو مواد پيدا ڪونه ٿي سگهيو، پر جو ڪجهه پيدا ٿيو – سوين ننڍا وڏا ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا وغيره- تنهن سڀ جو اڄ اسان وٽ نالو نشان به موجود ڪونهي. ظاهر آهي ته ههڙيءَ طرح، جڏهن معيار ۽ سونهپ لاءِ اسان جي سامهون هن قسم جي ادب جي ڪا خاص روايت موجود نه آهي، تقريباً نئين سر هن ميدان ۾ قدم رکندي، اسان کي ۽ اسان جي اديبن کي جيڪڏهن ڪجهه هٻڪ ۽ اٽڪاءُ محسوس ٿئي، ته اها ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه چئبي- نه فقط ايترو، پر اُن سلسلي ۾ اسان جو هيءُ احتياط ۽ تذبذب ممڪن آهي ته اسان جي پنهنجي اوڻاين جي احساس ۽ انهن کي پوري ڪرڻ جي فرض شناسيءَ جو ئي نتيجو هجي!- ۽ اسان جي دعا آهي ته شل واقعي ائين هجي! +ٻارن لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ادب پيدا ڪرڻ جو فرض- ان ٻوليءَ ۾ جيڪا اسان کي بيحد پياري آهي، جنهن جي دائمي زندگيءَ ۾ اسان کي پورو يقين آهي، جنهن جي روشن مستقبل جي ضمانت لٿي پَٿي وري به اسان جي اِهي ٻارئي آهن- هڪ اهڙو فرض آهي، جنهن جي اهميت جو احساس اسان مان جنهن کي جيترو هجي، اوترو بهتر. هونئن ته ٻارن جي ادب ۾ هر اُها چيز شامل سمجهي سگهجي ٿي، جنهن جو سمجهڻ ۽ سکڻ ٻارن لاءِ ضروري آهي- يعني، انسان جي تجربي ۽ ڄاڻ جي اُها ڪل حاصلات جيڪا جُڳن کان انسان ذات وٽ جمع ٿيندي پئي آئي آهي (جنهن لاءِ هر علم ۾ ٻارن جي لازمي درسي ڪتابن توڙي اضافي معلوماتي ڪتابن جي خاطرخواه تياري ۽ اشاعت اچي وڃي ٿي)؛ پر خالص ادب جي دائري ۾، جتي انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جا پُرپيچ ۽ گوناگون مظهر، ٻاجهاري انداز ۽ دلنشين پيرايي ۾، بيان ٿيندا آهن، جيڪڏهن خالص ٻارن جي زندگيءَ کي بيان جو موضوع بنايو وڃي، ته شايد زياده مناسب ۽ بهتر ٿئي. بادشاهن ۽ سوداگرن، جنن ۽ پرين، پکين ۽ جانورن جون آکاڻيون؛ ڳجهارتون، چرچا ۽ ٽوٽڪا؛ ناميارن ماڻهن جون سليس ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل سوانح عمريون، ۽ انساني تاريخ ۽ تمدن ۾ انهن جي عظيم ڪارنامن جا تفصيل ۽ بيان- اهي ۽ اهڙيون ٻيون سڀ چيزون، پنهنجي جاءِ تي، ٻارن لاءِ بيحد ڪارائتيون ۽ ڪافي وندرائيندڙ ٿي سگهن ٿيون. پر ٻارن جي پنهنجي زندگي- جنهن ۾ ڏک به اٿاهه آهي ته خوشي به بي انت؛ جنهن جي حسرتن ۽ مسرتن جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي؛ جنهن جي پسند ۽ ناپسند، جنهن جا ارادا ۽ عمل معصوميت ۽ محبت جا شاهڪار؛ جنهن جون اميدون ۽ حاصلاتون هِي، جو چنڊ جي گهر ڪن، ته آرسيءَ ۾ ان جي پاڇي تي انهيءَ ئي مهل خوش ٿي ويهي رهن!- ٻارن جي هيءَ بنهه پنهنجي زندگي به ادب لاءِ نت نوان ۽ لاثاني موضوع مهيا ڪري سگهي ٿي. اسان جا اديب ۽ دانشور، ٻار کي پنهنجو موضوع يا مرڪزي ڪردار بنائي، پنهنجن مضمونن، پنهنجن افسانن، ناٽڪن، ناولن ۽ شعر و شاعريءَ جي مختلف صورتن ۾، جيڪڏهن ٻارن جي هن نجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن، ته ٻارن جي ادب جون جديد تقاضائون شايد بهتر ۽ زياده ڪارآمد انداز ۾ پوريون ٿي سگهن ٿيون. پر هن ڪم ۾، مناسب مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ، ظاهر آهي ته گهري فڪر ۽ ڀرپور محنت جي ضرورت آهي- ۽ اهي ئي خصلتون آهن، جي هر اديب ۽ فنڪار لاءِ هميشه ۽ هر هنڌ فخر جو باعث رهيون آهن. ۽ هُن جي ادبي ۽ فني تخليق جي ڪاميابيءَ ۽ مقبوليت جي ضمانت به سندس انهن ئي اوصافن ۾ موجود آهي. اسان کي يقين آهي ته اسان جا مهربان ۽ مشفق اديب – ٻارن جا پيءُ ماءُ، ٻارن جا ڀائر ڀينر، ٻارن جا استاد، ۽ ٻارن سان پيار رکندڙ ٻيا سڀيئي اسان جا همڪار ۽ ساٿي- اسان جي هن پهرئين ”ٻارن جي رسالي“ کي ڪامياب بنائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا؛ ۽ ڪجهه پنهنجي ٻاراڻي زندگيءَ جي يادگيرين مان، ڪجهه پنهنجي اولاد، ڀائرن ڀينرن، شاگردن ۽ پاڙي اوڙي جي ٻاررن جي دک سک ڀريل زندگيءَ جي مشاهدن مان، ڪي نه ڪي سبق آموز ۽ ادب آفرين چيزون اشاعت لاءِ اسان ڏانهن هميشه موڪليندا رهندا، ته جيئن اسان جي ٻوليءَ ۾ ادب جي هن لطيف ۽ ٻاجهاريءَ صنف جي جيڪا اڻاٺ آهي، اُن جي ڪنهن حد تائين پورائي ٿي سگهي. +هن رسالي جي اجراء جو اعلان ڇهه ست مهينا ٿيندا، جو اسان اخبارن ۾ شايع ڪيو هو. ساڳئي وقت اٽڪل ٻن سون اديبن کي، هتي سنڌ ۾ توڙي هوڏانهن ڀارت ۾، مواد موڪلڻ لاءِ، جدا خط پڻ لکيا هئاسون، پر ڪٿان به ڪا خاص چيز اسان وٽ ڪانه آئي. اسان کي اميد آهي ته رسالي جي هن پهرئين پرچي جي اشاعت کان پوءِ، اسان جا محترم اديب ضرور اسان کي پنهنجي مهر ۽ توجهه جي نگاهه سان نوازيندا. هن پرچي جي ترتيب ۾، هڪ حد تائين، اسان جي دوست مسٽر نور الدين سرڪيءَ ۽ سندس بيگم صاحبه، محترمه شمس نور الدين سرڪيءَ، اسان جي مدد ڪئي آهي- مواد جو هڪ حصو (خاص طرح، ”جاڳو ٻارؤ“، ”ڪنهن جو برو نه ڀانءِ“، ”موڪل جو ڏينهن“ ۽ ”روشنيءَ جا منارا“) گڏجي پاڻ تيار ڪيو اٿن، جنهن لاءِ اسين سندن نهايت ممنون آهيون. رسالي جي ايڊيٽنگ جا فرض آئينده اسان جو عزيز ڀاءُ مسٽر رباني بجا آڻيندو، تنهنڪري سندس نالو هن ئي پرچي ۾، ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏيئي ڇڏڻ مناسب سمجهيو ويو آهي- نه ته پاڻ هن پرچي جي ترتيب لاءِ ايترو ذميوار نه آهن. +اسان جا پڙهندڙ جيڪڏهن رسالي جي هن پرچي لاءِ جيڪي سندن خيال بيهن، انهن کان اسان کي واقف ڪندا، ته اسين سندن نهايت شڪر گذار رهنداسون. – م. ا. ج +[”گل ڦل“، 1-1959ع] +سنڌ جا ٻار … منهنجي ڀيڻ، منهنجا ڀاءُ! +توکي ڪهڙيون ڳالهيون وڻنديون آهن؟ +- راند روند جون ڳالهيون! +- جهيڙي جهٽي کان پوءِ رُسڻ ريجهڻ جون ڳالهيون! +- بهادريءَ جون ڳالهيون! +- ڏاهپ ۽ هوشياريءَ جون ڳالهيون! +- نيڪيءَ، پيار ۽ پورهئي جون ڳالهيون! +”گل ڦل“ ۾ اهڙيون ڳالهيون، ۽ انهن کان سواءِ، پکي پکڻ ۽ جيت جڻئي جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو مزيدار احوال؛ اسان جي ابن ڏاڏن، يعني اوائلي ماڻهن جي حياتيءَ جو اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙو احوال؛ سمنڊن ۽ دريائن جي دنيا جو احوال؛ سج، چنڊ ۽ تارن جي جهان جو احوال؛ قدرت ۽ انسان جي ڪرشمن ۽ ڪارنامن جو اچرج جهڙو احوال؛ وڏن ماڻهن جي حياتيءَ جو سونهري احوال، جن جي واٽ وٺڻ سان تون به دنيا جو وڏو ماڻهو ٿي سگهين ٿو، ۽ ٻيون طرح طرح جون دلچسپ ڳالهيون، نقل نظير، ٽوٽڪا، ڳجهارتون ۽ بيت، تنهنجي ۽ ٻين لکين سنڌي جوانڙن جي پڙهڻ ۽ سوچڻ لاءِ، مهيني سر مهيني ڇپجي، تنهنجي هٿن ۾ پهچنديون رهنديون. +هن دنيا ۾ هر ڪا شيءِ عجب ۾ وجهندڙ آهي. ڏس، خود اهائي ننڍڙي ڳالهه ڪيڏي نه عجب جهڙي آهي، ته تو هيل تائين پاڻ کي ”اڪيلو“ ڪري سمجهيو آهي، يا وڌ ۾ وڌ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ”پنهنجو“ ڪري سمجهيو اٿيئي! پر درحيقت ائين نه آهي! تون ”اڪيلو“ نه آهين. توهين هزارين لکين آهيو. ��نڌ ملڪ، جنهن جي اَنَ ۽ پاڻيءَ تي تون تڳين ٿو، ۽ جنهن کي تو جيڏا ڏاها ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ جيان پيارو ڀائيندا آهن، تنهن ملڪ ۾، اٽڪل روءِ، اهڙا ڏهه لک (1000000) جوانڙا آهن، جي توکي پنهنجو بنهه پيارو- اصل پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ وانگر- ڀانئڻ لاءِ تيار آهن … پر هڪ شرط سان! ۽ اهو شرط هيءُ آهي: آئينده، تون پاڻ کي ”اڪيلو“ نه سمجهندين، ۽ سنڌ ۾ جي تو جيڏا لکين ٻار آهن، تن کي پنهنجي ڀائن ۽ ڀيڻن وانگر ڀائيندين. جي تو ڀائپيءَ جو اهو شرط مڃيو، ته پوءِ تولاءِ هڪڙي ڳالهه ضرور ٿيندي. اها هيءَ ته تون انهن لکن ٻارن جو نالو نيشان ۽ حال احوال معلوم ڪرڻ چاهيندين! ڇو ته هرڪو سٻاجهڙو ٻار پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي ڏک سک جو احوال معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي. پر ان ڳالهه لاءِ تون ڳڻتي نه ڪر. هي ”گل ڦل“ رسالو آهي نه … انهيءَ وسيلي، اوهين پنهنجو احوال هڪٻئي کي ٻڌائيندا رهندا. توهان مان جيڪي ٻين سان خط پٽ رستي ناتو ڳنڍڻ گهرندا، سي پنهنجو نالو، ائڊريس ۽ ٻيو ضروري احوال لکي موڪليندا، جيڪو جڏهن ”گل ڦل“ ۾ ڇپبو، ته ٻيا ٻار انهن کي سندن ائڊريس تي خط پٽ لکندا. اوهان مان جن کي ڪي مزيدار ۽ نصيحت واريون ڳالهيون اينديون هونديون، سي اهي لکي، ”گل ڦل“ ۾ ڇپجڻ لاءِ، ٽپال رستي موڪليندا- جي جڏهن ڇپجي پڌريون ٿينديون، ته ٻيا ٻار پڙهي خوش ٿيندا. اوهان منجهان جن کي تصويرن جو شوق هوندو، سي جيڪي سهڻيون تصويرون موڪليندا، تن کي ”گل ڦل“ ۾ ڏسي، ٻيا ٻار شابس چوندا. بس اجهو ائين چهچٽو لڳي ويندو. رنگ ٿي ويندا. منڊل ٿي پوندا! منڊل به منڊلن جهڙا!! مينهن جا منڊل ڏٺا اٿيئي؟ هونئن ته هڪ هڪ ڪَڻي پنهنجي پنهنجي شان مان سان آهي، پر جڏهن سڀئي گڏجي، واءَ جي گهوڙي تي سوار ٿي، وسڻ جا ويس ڪري اچن ٿيون، ته ڪيئن ٿو ڀانئين! بلڪل ائين ئي، جڏهن اوهين سوين هزارين، نينگر ۽ نينگريون، ”گل ڦل“ جي وسيلي، هڪٻئي کي ڀائپيءَ جي ڏوريءَ سان ڳنڍي، گڏجي اڳتي وک وڌائيندا ته هي سڄوئي سِڪ ساءَ جو سڪايل ملڪ، پيار، پريت ۽ سونهن سرهاڻ وارن گلن ڦلن سان ائين ئي واسجي ويندو، جيئن مينهن پوڻ کان پوءِ ميدان، برپٽ ۽ واريءَ جون ڀٽون ساوڪ ۽ سبزيءَ سان ڍڪجي وينديون آهن! +انهيءَ نيڪ ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ پنهنجي پورهئي تاب پوڻ واسطي، اچ ته پاڻ به پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جي شاعر، ڀٽائي گهوٽ، سان گڏجي دعا گهرون: +پورهيو پورهيتن جو، والي ڪيم وڃاءِ، +سومون ٿورو لاءِ، جيئن جيئري ڏسان ”جت“ کي! +”جت“ جي خبر اٿو ته معنيٰ ڇا آهي! هونئن ته ڪهڙي به معنيٰ هجيس، پر هتي معنيٰ اٿس ”من جي مراد“، ”مقصد“، ”،نزل“! ۽ اسان ۽ توهان جي من جي مراد ۽ مقصد به پورهئي سان ئي پورو ٿيندو. بس، هن مهيني لاءِ اهائي ڳالهه دل تي رکون ته بهتر. +…… ۽ پوءِ هڪ مهيني جي جدائيءَ واري عرصي لاءِ، هڪٻئي کي ”خدا حافظ“ چئون. – غلام رباني +[”گل ڦل“ 1-1959ع] + + +ادبي خَطَ +شيخ اياز جا لکيل ٽي خط +عقيدت جا گل +”ادا، نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو تون وعدي مطابق اُنهيءَ رات نه آئين. اسان مئلن سان به نباهي آياسين: تو جيئرن سان به نه نباهيو! اچين ته ها- پوءِ اسان کي، اسان جي حال تي ڇڏي، هليو وڃين ها! وري ٿو لکين ته اسان جي اها رات ڪيئن گذري؟ ادا، اڃا تائين اها ڪ – جي ڪاري رات نه ٿي وسري. مان ۽ ح – سڙڪ تان چپ چاپ وڃي رهيا هئاسين. اسان ٻنهي جا روح نديءَ جي ٻن لهرن وانگر هئا، جن ۾ چنڊ جو پاڇو جهلڪي رهيو هو. ٻنهي جي زندگي ڪنهن نامعلوم ساحل ڏانهن روان دوان هئي؛ ٻئي هڪٻئي جي قريب هئاسين، ليڪن هڪٻئي کان بي خبر؛ ٻنهي چانڊوڪيءَ کي چاهيو هو- مون چپن سان، هن اکين سان: ۽ اڄ ٻئي گڏجي وياسين ٿي، ته ڏسون ته چانڊوڪي، اونداهيءَ جي گود ۾ ڪيئن ستي پئي آهي- زندگي موت جي آغوش ۾ ڪيئن خاموش ۽ پراسرار آهي! +”چئني طرفن کان مڪانن جون قطارون هيون، ۽ انهن جي وچ ۾ شاهي رستو کپر نانگ وانگر ليٽيو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جن قدمن جي آواز تي اڇانگ ڏئي منهنجي ڏاهه کي ڏنگي رهيو هو. اهو ساڳيو رستو آهي، جنهن تان مان هن جي گهر ڏانهن ويندو هوس جڏهن هوءَ زنده هئي: اڄ انهيءَ رستي تان مان سندس مزار تي وڃي رهيو هوس. اهو ساڳيو رستو آهي، جو زندگيءَ جي ٽهڪڙن تائين ٽلندو هلندو هو: اڄ اهو موت جي اوڇنگارن تائين ٿڙندو ٿاٻڙندو ٿي ويو. مان چاهيو ته ح- کان پڇان ته سندس آخرين ڏينهڙا ڪيئن ٿي گذريا، پر سوال اُڀري، سانت ۾ ٻڏي ويو. مان چاهيو ته ح- کي ٻڌايان ته منهنجي ڪتاب ’پنهل کان پوءِ‘ ۾ اها برساتي نئين جي تيزي ڪيئن آهي- ان ۾ سمنڊ جي گهرائي نه سهي، پر ان جي بي پناه روانيءَ جو سبب ڇا هو؟ مون چاهيو ته کيس ٻڌايان ته هوءَ منهنجي ڪهاڻيءَ ”کلڻيءَ“ جو روح هئي؛ هن ئي ’پنهل کان پوءِ‘ جا جوابي خط لکيا هئا، ۽ هوءَ ئي منهنجي افساني ”هيءُ شاعر“ ۾ زندگيءَ جي تلخي ۽ شڪسته – دلي کڻي آئي هئي. دراصل هوءَ افسانن جو اکٽ ذخيرو هئي، جڏهن هوءَ ڳالهائيندي هئي، ته ڳالهڙيون مکڙين جي ميڙ وانگر پکڙجي وينديون هيون؛ سندس چپن ۽ ڳلن مان موتيا ۽ مگرا وسندا هئا؛ سندس زندگيءَ جا حسين، هلڪڙا تجربا ٽهڪن ۾ ويڙهبا ويندا هئا، ۽ هوءَ انساني ڪردار تي نهايت پياري طنز ڪندي نظر ايندي هئي، ۽ مان سندس سچا پچا، جيئرا جاڳندا انسان، ڪهاڻين ۾ قيد ڪري، انهن جي روحن کي ادبي زندگي عطا ڪندو هوس. مون چاهيو ته ح- کي گهڻو ڪجهه ٻڌايان. زندگيءَ جون نهايت پياريون پلڪون، جي مسرت جي پرڙن تي اُڏاڻيون هيون ۽ جن محبت جي بهشت ۾ آکيرو اَڏيو هو، جي هميشه منهنجي روح ۾ چهڪنديون رهيون هيون، جن جي لات منهنجي ڏات جو سرچشمو آهي- اُهي پلڪون جيڪر لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي ح- کي ڏيان، - ح، جنهن جو وجود هڪ قفس آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن جا تجربا پَرَ ٿڙڪائيندا نظر ايندا آهن. ليڪن جذبات جي بيحد تيز روي منهنجي روح کي لوڙهيندي ٿي وئي، ۽ مان ڪوشش جي باوجود به ساحل تائين نه ٿي پهتس. لفظ منهنجي زبان تائين نه آيا ۽ مان خاموش هلندو رهيس. +”آسمان تي هلڪو جهڙ هو، ۽ ساري نيري وسعت هڪ پراسرار پردي وانگر ٿي لڳي، جنهن مان سفيد ڪڪريون محبوبڙين جي منهنڙن وانگر ليئا پائي رهيو هيون. مڪانن جي ڪنهن ڪنهن ڪمري ۾ بتي ٻري رهي هئي، جنهن جو اُجالو درين جي شيشن مان نظر ٿي آيو. هر ڪمري ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ستل هيون، انسان جا غم غصا، پيار پڇتاءَ، ميٺ ميلاپ، ويڻ وڇوڙا ننڊ جي جهوليءَ ۾ آرامي هئا. ازل کان ابد تائين هڪ اٿاهه اونهو سمنڊ ڇوليون ماري رهيو هو، جنهن ۾ ڪروڙين ڪشتيون لڏي لمي رهيون هيون. منهنجو روح به پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ تان، حيرت ۽ افسوس مان، ڇتين ڇولين کي ڏسي رهيو هو. – اَلا، منهنجو مٺڙو حسين همسفر ڪيڏانهن ويو! الا، هن عميق جي اونهيءَ اوندهه ۾ مان هن کي ڪٿي ڳوليان! معلوم نه آهي ته هو ستارن جي سونهن ڏسي سگهندو هوندو يا نه! هيءَ خنڪي ڀري هير سندس ڳلن کي ڇهندي هوندي يا نه! اي، موت، تون زندگيءَ کي ڪيترو نه بي معنيٰ بڻائي ڇڏين! تنهنجا برف جهڙا هٿ ڪهڙا نه ڀوائتا آهن! توکي انسانن سڪون جو سرچشمو ڪيئن ڪوٺيو آهي! تنهنجو تصور ئي لڱ لڱ ڪانڊاري ٿو ڇڏي! زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، اُمنگن جو جهُولو آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي! هي چنڊ، هي ستارا، هي بادل، هي برساتيون، هي گل، هي غنچا، هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون، هي سڀ زندگيءَ جون نعمتون آهن! اي موت، تون هڪ تکي تير انداز وانگر ڪمان ڪشيون بيٺو آهين: جنهن سيني ۾ مسرت جو واسو آهي، ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين. اي ڪاش! تنهنجي ڪمان ڪشجي ڪشجي ڀڄي پئي، ان جي زهه ٽٽي پئي! +”منزل قريب اچي وئي، پريان قبرستان جو دروازو هو. ح- جا قدم ڍرا ٿي ويا. دل اُڇلون ڏنيون. اکين لڙڪن کي پڪاريو ته ’اچو اها خاڪ پاڪ اچي وئي آهي، جنهن ۾ جذب ٿيڻ ابدي نجات آهي!‘ آهستي آهستي وڌندا رهياسين. ناريل جي درختن جا پراسرار پاڇا قبرن سان لائون لهي رهيا هئا. چنڊ ڪڏهين ڪڏهين ڪڪرن مان جهاتي پائي، کلي رهيو هو ته ’اي نادانو! چانڊوڪي ته منهنجي چيز هئي؛ اُها ته آسمانن تي اُڏامي آئي؛ توهان ان کي زمين جي ڇاتيءَ ۾ ڇپيل ٿا سمجهو! چڱو، ڳوليو، ڏسو، متان ملي وڃيوَ‘ درختن مان هوا جو سرڙاٽ روحن جي بيچينيءَ وانگر ٿي لڳو، اسان، قدم قدم ۾، چپ چاپ وڌندا رهياسين. +”ح- اوچتو روڪجي ويو، ڪائنات جون نبضون بيهجي ويون. هو ڪجهه نازبو ۽ رابيل جا گل ڏسي رهيو هو، جي قبر جي آس پاس لڏي لمي رهيا هئا. منهنجي دل کي ڌوڏو آيو، گويا ڪوئي جوالا ڦاٽو هو ۽ ڪائنات جو ذرڙو ذرڙو ڪنبي رهيو هو. هيءَ هئي سندس قبر! هوءَ جا خوبين جي کاڻ هئي، سا هتي ٻه گز مٽيءَ ۾ سمايل هئي. هن جو بي پناهه حسن، رابيل ۽ نازبوءَ جي گلن ۾ لڏي رهيو هو. مون چپ چاپ رازدارانه سرگوشيءَ سان چيو، ’مان آيو آهيان، تنهنجو شاعر، منهنجا حسين ترين شعر! اُٿي جاڳ، تنهنجي روح جي مٺڙي موسيقي منهنجي شاعريءَ جي جان هئي. اُٿي، منهنجي ساهه جي ستار تڙڦي رهي آهي: ان جي تارن کي ڇيڙ، ان ۾ هزارها سُر تنهنجن آڱرين لاءِ مضطراب آهن!‘ مون چتائي ڏٺو، ڪوئي ڪونه هو. ڪوئي جواب نه آيو. ناريل جي ڇڙين مان لنگهي، چانڊوڪيءَ جا پاڇا قبر تي لڏي لمي رهيا هئا- آسمان جي چانڊوڪي زمين جي چانڊوڪيءَ کي ڳولي رهي هئي! – تنهنجو پنهنجو ....“ +مشاعرو +”ادا… تاريخ تي، خيرپورميرس ۾، ’ڪل پاڪستان اردو، سنڌي مشاعرو‘ ٿيو. صدارت جو شرف مون کي بخشيو ويو. توکي معلوم آهي ته مان هجوم کان گهٻرائيندو آهيان. جيترائي انسان زياده هوندا آهن، اوتروئي مون کي اڪيلائيءَ جو احساس ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ مون کي معلوم هو ته اهڙي مجمعي ۾ مختلف ذهنيت، مذاق ۽ علمي استعداد جا ماڻهو شامل ٿيندا آهن؛ جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي ته منهنجي زندگي ۽ ادب جي نظريي سان اتفاق رکندڙ اديب ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا؛ ۽ جيتوڻيڪ مان مخصوص مجلسون چاهيندو آهيان، جتي همعصر اديبن ۽ شاعرن سان زياده سچائيءَ ۽ گهرائيءَ سان ڏات جي ڏي – وٺ ٿي سگهندي آهي، - ان هوندي به مون دعوت قبول ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو اهو گڏيل سڏيل مشاعرو هو، جنهن ۾ اسان کي موقعو هو ته سنڌي شاعريءَ جي يگانگت ظاهر ڪري سگهون، ۽ غير سنڌي سامعين کي ڏيکاري سگهون ته سنڌي ادب ۽ ثقافت ڪنهن به صوبي جي ادب ۽ ثقافت کان پٺتي نه آهي؛ سنڌي شاعريءَ ۾ به دلڪش ۽ گهري انفراديت آهي. +”شام جو اٺين بجي مان، ’راز‘ ۽ ’آفاق‘ ڪار ۾ نڪتاسين. ’راز‘، ’سارنگ‘ جو مصنف آهي، ۽ ’آفاق‘ صديقي اردوءَ جو باذوق شاعر ۽ منهنجي اردو ڪلام جي مجموعي ’بوي گل نالهءِ دل‘ جو مرتب. سکر براج ٽپي ڪارشاهي رستي تان آهستي آهستي شاعراڻي رفتار سان هلڻ لڳي. رات تارن ڀري هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان ميلن ۾ کجوريون هيون، جي پريشان روحن وانگر آسمان جي اطمينان بخش ٿڌي نيراڻ ڏانهن تڪي رهيون هيون. مٿان دور دور ابابيل اُڏرندا ٿي نظر آيا. گويا ستارن جو ٽمڪڻ، آسمانن جي شاعري هئي؛ ابابيلن، جو اڏرڻ، کليل فضائن جي شاعري هئي؛ کجين جي پراسرار خاموشي، زمين جي شاعري هئي. هر حسين چيز ترنم واري آهي؛ ترنم ۾ حسن آهي، حسن ۾ ترنم آهي. +”اٽڪل پوڻين نوين خيرپور پهتاسين. مختلف صوبن مان شاعر اڳيئي پهچي چڪا هئا ۽ رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهن مان ڪي منهنجا دوست هئا؛ ڪن سان شخصي واقفيت هئي ۽ ڪن سان فقط ادبي، حمايت علي شاعر، صهبا لکنوي، ابراهيم جليس (جو مقاله نگار جي حيثيت ۾ آيو هو ۽ صبح جو مقالو پڙهيو هئائين) وغيره ڪراچي مان آيا هئا. ظهير ڪاشميري ۽ قتيل شفائي لاهور مان آيا هئا. انهن ٻنهي صاحبن سان منهنجي اڳ جي واقفيت ڪانه هئي. منهنجو نوجوان دوست بشير مورياڻي اڳيئي اتي هو. جيڪب آباد مان عبدالڪريم ’گدائي‘ آيو هو. ٻيو ڪوئي به سنڌي شاعر ٻاهران نه آيو هو. اهو ڏسي مون کي ڪجهه نااميدي ٿي. +”اٽڪل 10 بجي ڪارروائي شروع ٿي. مون صدارتي تقرير ڪئي- ’ناز‘ مرحوم جي سرزمين جي ساراهه ۾ ٻه چار لفظ چيا، ڪجهه اردو ادب ۽ سنڌي اب جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهايو، ۽ پوءِ مشاعرو شروع ٿيو. +”مترنم آواز، مئڪرو فون تان فضائن ۾ ڦهلجڻ لڳو. ماڻهو محظوظ ٿيڻ لڳا. ’واه واه‘، ’ڪيا ڪهنا‘، ’پهر پڙهيئ‘ ’بهت خوب‘ جا آواز شاعرن لاءِ وسڪيءَ جون بوتلون کوليندا ويا. اردو مشاعرو اها جاءِ آهي، جتي تحسين ۽ تضحيڪ ۾ فرق ڳولڻ مشڪل آهي، جتي روح جي لات مان جڙيل سٽون ڪوڏين جي ملهه وڪامنديون آهن، جتي ساده مزاج شاعر هر جڙتو ساراهه تي ٺڳجي ويندا آهن! اهي بهادر علي شاهه ’ظفر‘ ۽ نواب واجد عليءَ جا زمانا ويا، جڏهن محفلن ۾ سنجيدگي وسندي هئي، شمع ڦرندي رهندي هئي ۽ ان جي جوت سان انساني ڏات ملي، ماحول کي ٻهڪائي ڇڏيندي هئي- پر انهيءَ غالب ۽ ذوق جي زماني ۾ به تخليق جي توهين ئي ٿيندي هئي- هينئر بيهودگيءَ سان ٿيندي آهي، تڏهن سنجيدگيءَ سان ٿيندي هئي؛ هينئر عوام ڪري ٿو، تڏهن خواص ڪندا هئا: شاعر ويچارو امر جو بندو، شاهه يا نواب جو تنخواهه دار، فخر سان قصيدي جا بند پڙهندو هو ۽ شهنشاهه ضل الله ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي بحر قافيه م پابند ساراهه تي خوش ٿي، ويچاري شاعر کي نوازيندو هو، ۽ شاعر ان ادبي ضمير فروشيءَ تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو. ادا، مان جڏهن ’غالب‘ جهڙي عظيم شاعر جا قصيدا ڏسندو آهيان، ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن. +”ڪڏهن ڪڏهن هوا بند ٿيڻ سبب مونجهه پئي ٿي. مان فضا جي هانوَ – ٻوساٽ مان نڪرڻ لاءِ نيري آڪاش ڏانهن نهاريو. تارن جي کٽ تي گوريا ڪوئي ابدي شاعر ليٽيل هو، جو نور مان نغما جوڙي رهيو هو. منهنجو جسم اتي مشاعري ۾ هو، ليڪن منهنجو روح ترنم جي لهرن وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو. مون سوچيو ته مشرق جو عوام فنڪار جي صحيح عزت ڪڏهن ڪندو؟ هاءِ، هي انسان، جي خدا فروش فقيرن جي قدم بوسيءَ ۾ کٿا نه ٿا پڄن، سي ڪڏهن ڄاڻندا ته سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آهن؟ اهو وقت ڪڏهين ايندو، جڏهن بيت آيتن کان اڳرا ليکبا؟ پنجن ڇهن سنڌي شاعرن سنڌي ڪلام پڙهيو، جنهن تي غير سنڌي عوام خنده زني ڪئي. انهن مان ڪن جو ڪلام واقعي کل جهڙو هو، پر سامعين ان جي معنويت تي نه ٿي کليا؛ هو فقط سنڌي زبان جي لهجي ۽ ڪن لفظن جي اُچار تي ٿي کليا. شايد هو سمجهي رهيا هئا ته سنڌي نااهل آهن. مون کي اها کؤنس اُگري لڳي. مان خوش ٿيان ها، جي هو سنڌي ڪلام جي بي معنائيءَ تي کلن ها، ڇو ته عبدالڪريم ’گدائيءَ‘ جي بيتن کان سواءِ، جو به سنڌي ڪلام پڙهيو ويو، تنهن مان اردوءَ جي پاروٿي شاعريءَ جي بانس ٿي آئي: اهي ئي ساڳيون اردو ۽ فارسي غزل جون جهونيون پراڻيون ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا، جي خود اردو ۽ فارسي ادب ’ٿُو کٽا‘ ڪري ڦٽا ڪيا آهن؛ اهي ئي اوڳاڇيل پارسي لفظ، جي موجوده سنڌي غزل جي جان آهن ۽ جن تي هر سنڌي مشاعري ۾ ’واه واه‘ ٿيندي آهي! اَلا، هي شاهه لطيف جي سرزمين! ان جي ادبي تخليق جا سرچشما سُڪن، اهو ناممڪن آهي! معلوم نه آهي ته اسان جا شاعر ڇو پنهنجو ورثو وساري ويٺا آهن! +”رات جو ٻين بجي مشاعرو ختم ٿيو، گهر پهتس ته ننڊ نه آئي. شايد ڪوتا ننڊ جي پهاڄ آهي- پوءِ ته لکندو رهيس …… جيستائين مؤذن بانگ ڏني- مخلوقات جاڳي، مان سمهي پيس! – تنهنجو ……“ +شاهه جو رسالو +”ادا، هاڻي سر ’يمن ڪلياڻ‘ جي پنجين داستان جي آخري وائي اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن. ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊ- آکرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي: +’سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!“ +اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساري روحاني ڪشمڪش جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هينئون جهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳُوڙهائي آهي ان ۾، ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! ’ننڊ نه هيريو نيڻ ……!‘ منهنجو تصور اُڏاڻو: صديون سميٽجي ويون ۽ مون انهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي ڇانو هيٺان ڏٺو. مون ڏٺو نه لطيف پنهنجي لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هو انهن مان ستارا ڇنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهر جهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو، پسون پکي ستا پيا هئا؛ ليڪن ڀٽ- ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز ان جي مڌڀري هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبورو کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان سيسراٽ اُڀري ويا. تند وڄڻ لڳي. رڳون رباب ٿينديون ويون. هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا، سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو: +وسارج م ويڻ، جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا! +لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ: +جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا! +اصل اَسارن جا، سُتي ويڙا سيڻ؛ +جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا! +جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ: +جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا! +راتڙيون جاڳن جِي، سي آءٌ ڪندڙي سيڻ: +جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا! +آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون ننڊا نيڻ: +جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا! +هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن تاثر گهرو ٿيندو ٿو وڃي. انهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۽ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چمي اکين تي رکي، روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي! مٿينءَ وائيءَ جي گهرائي، اهوئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي اوجاڳن سان پياراڻي هجي؛ جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ ۾ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جو جاڳي، جلي، لوچي ۽ لهي. +”ادا، هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪئي ڀيرا پڙهندو آهيان- ڪائي ازلي مستي، وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾ پيهي، سپون سونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي: رسالي جو ��ردو نظم ۾ ترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي. شال مان اهو ڪم توڙ تائين سرانجام ڏئي سگهان! – تنهنجو پنهنجو ……“ +[مهراڻ: سَرَءُ، 1955ع] +شيخ حفيظ ............. ڀائو! تتي تاوَ پيو جواب ڏيانءِ- رهي ڪين سگهيس.تو منهنجي دوستيءَ جي ڀيٽ ٻين جي دوستيءَ سان ڪئي آهي. واقعي اسان ٻنهي جي دوستي دنيا جي دوستين کان نرالي رهي آهي- ور ور ڪري وڙهيا آهيون. ڪنڌ ورائي ماضي جي پيچرن تي نظر ٿو ڪيان ته انيڪ ننڍڙا ننڍڙا جهيڙا کنڊڙيا پيا آهن- ڪڏهن ”ڪلفٽن“ جي ڪناري تي هڪ ٻئي کي واريءَ ۾ دسي ويٺا آهيون، ڪڏهن ڪراچيءَ جي فلئٽن ۾ ٺونشي بازيءَ جي مشق پياپچايون. الجهي الجهي وڇڙي ويا آهيون ۽ وري اهو ”تون“، اهو ”مان“، اهي ڀاڪر، اهي ڳراٽڙيون! +اڄ دل تي هڪ احساس طاري آهي ته تنهنجي منهنجي دوستي هميشه محض ائين ئي رهي آهي- انهيءَ دوستيءَ جو ڪو مقصد نه رهيو آ- ڪا مدعا ڪا نه هئي. اها دوستي هئي به، ۽ ڪا نه به هئي؛ ڄڻ ٻه روح هئا، ٻه غبار جا ٽڪر هئا، يا جهڙ جا ڪڪر هئا- ويجهو اچي ٽڪريا ٿي- هڪ ٻئي ۾ مدغم ٿي وڃڻ لاءِ ۽ پوءِ کنوڻيون هڻندا ڌار ٿِي ٿي ويا. ڪهڙو نه عجيب هو زمانو! پر افسوس، گذري ويو. +آءٌ خمارن غبارن جي دنيا جو رهواسي، اڳ توکي به پيچن ۾ اٽڪائي، فضائن ۾ اڏائي کڻي ويندو هوس؛ پر هاڻي انهيءَ دنيا ۾، تنهنجو ڇڪجي هلڻ، تولاءِ نه رڳو ڪٺن آهي، پر نقصان ڪار به آهي. آءٌ ادب جي تخيلاتي دنيا ۾ رهان ٿو، انهيءَ دنيا ۾ منهنجي دماغ تي هميشه خمار طاري رهن ٿا ۽ مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اندر ۾ بخار ڀرجي آيا اٿم ۽ آءٌ ڪنهن ڪبوتر جيان فضا جي ڇولين تي ڇلڪي رهيو آهيان. تو آڪاس ۾ ڪنهن ڪبوتر کي هوا جي ڇولين تي ڇلڪندو ڏٺو به آهي، الاجي ڪين – پر آءٌ ڏسي چڪو آهيان. +انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي، ته آءٌ هٿين خالي پينو فقير آهيان. مون وٽ دنيا جو ڌن دولت ڪين آهي، پر پنهنجي دنيا ۾ آءٌ پاڻ کي تونگر سمجهندو آهيان. ڪڏهن ڪنهن افساني جو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پڙ ڪڍي بيهندو آهي، ته آءٌ ايئن جـُهرڻ لڳندو آهيان جيئن چيڪي مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾، هري هري حل ٿي، جهڄندي وڃي. ۽ پوءِ منهنجي روح جي انهيءَ حلاوت مان منهنجي افساني جو ڪردار ڪر موڙي، آرس ڀڃي، ائين اٿندو آهي، جيئن ڪو سَلوڪنهن شاداب زمين مان اسرندو هجي يا ڪا نرتڪي نيهن مان اٿي جهومڻ ڳائڻ لڳي وڃي ۽ جڏهن منهنجي افساني جو ڪردار اهڙو روپ ڌارڻ لڳندو آهي ته آءٌ سمجهندو آهيان ته آءٌ خود خدا آهيان- خالق جو هوندو آهيان هڪ ڪردار جو. +تون چوندين: ”اڄ هن مست کي وري ڪا مفت جي مَي ملي آهي.“ پر جي سچ پڇين ته مون تي بنا پيتي به کيپ چڙهيل آهن. مون لاءِ ڪنهن شيءِ جو تصور به ڪافي ٿيو پوي. تون ان ڳالهه کي سمجهي ئي ڪين سگهندين. زندگيءَ جا لطف ڀل تو مون کان وڌيڪ ماڻيا هجن، پر جيڪي مزا مون کي منهنجي موهه ماڻايا، سي تنهنجي وس کان ٻاهر آهن. انساني زندگي لڙڪ مرڪ جي کچڻي آهي- توکي کلندي نير هارڻا پيا هوندا ۽ رئندي ٽهڪ ڏنا هوندءِ- پر منهنجي جندڙي ئي نرالي آهي. +پهرن جا پهر ڪنهن دلبر جي چاهه جي چکيا تي چڙهي، آءٌ کامندو پچندو رهندو آهيان؛ پر انهيءَ جهوريءَ جُهرڻ جي لطف تي، لالَ، آءٌ هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان! چانڊوڪي رات ۾ ساگر جي ڪناري ڪنهن پرينءَ سان پرت ڀرين ڳالهڙين جوتصور، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پوريءَ فضا تي بهار ڇانيل آهي، ۽ ڪو ديوانو پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾ گيت پيو پوکي- مڌر مٺڙيون راڳڻيون. +مون کي دنيا جي مالڪ جي ٺاهيل بي بقا مورتين سان هڪ طرف نفرت ٿي وئي آهي. ڪمبخت ڪر موڙي اٿند��ون مس، ته ائين پسرڻ شروع ڪنديون، ڄڻ آيون ئي من ۾ چوچڙي لڳائڻ، باهه بکائڻ، ۽ وري وڃڻ لاءِ هيون. انهن جي ڀيٽ ۾ منهنجي من جي مورتين کي ڏس! مون پنهنجي مورتين کي قوس قزح جي رنگن سان رڱيو آهي. هڪ رنگ ٻيو وڌو اٿم، نالو اٿس ”بقا“. دنيا جي خالق جي تصويرن ۾ بقا جو رنگ آهي ئي ڪين- سڀ بي بقا آهن. +هيءَ هير گهلي، هيءَ رت بدلي؛ +گل گل جي منهن تي مرڪ ملي- +افسوس انهيءَ مکڙيءَ تي، جا +نه کڙي نه ٽڙي، نه کِلي نه کُلي! +مون کي ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ آءٌ ۽ الله ٻه بت گر آهيون. هو به ٿو بت ٺاهي، آءٌ به بت ٿو ٺاهيان. حسن ڪمال هن جي تمنا- حسن ڪمال منهنجي آرزو. مون شايد هيءَ ڏات، هيءَ تات وٽانئس ئي چورائي آهي؛ ڇو ته هو ازل کان آهي، ابد تائين هوندو ۽ آءٌ فاني آهيان- فنا ٿي ويندس. هوبه بت ٿو ٺاهي، آءٌ به بت ٿو ٺاهيان؛ هو به مصور، آءٌ به مصور؛ هو به خالق، آءٌ به خالق! البت- هن جا بت فاني، منهنجا بت لافاني؛ هنجا بت پريشان، منهنجا بت خندان؛ هن جا بت نياز ڪيش وارا، منهنجا بت بي نياز؛ هن جا بت تند خو، منهنجا سادا سٻاجهڙا! +ڏس اسان ٻن بت گرن جي ڪلا ۾ ڪيڏو نه فرق آهي! +بقا ۽ فن جي ٻن رنگن ڪيڏو نه هل هلاچو مچايو آهي! +صدين کان انسان ائين الجهندو رهيو آهي. فنا جو رنگ هر شيءِ تي حاوي ۽ طاري آهي. انسان خود به فاني آهي، پر تنهن هوندي به بقا جا عڪس پيو لوچي. +۽ آءٌ انسان آهيان.......... فاني انسان، خدا جو شاهڪار. +منهنجي فطرت ۾ بقا جي تلاش جو رنگ ڀريل آهي. ۽ مون ساهه جون سٽون ڏئي بقا حاصل ڪئي آهي. اها بقا مون ڏاتار بڻجي، پنهنجي نقشن کي عطا ڪئي آهي. +قدرت عظيم آهي. آءٌ- سندس نقش ڪمال آهيان، ۽ منهنجو نقش،حدِ ڪمال آهي. الاجي، تون منهنجي روح جي رباب جا هي سر سمجهي به سگهندين ڪي ڪين. ازل کان منصور سوريءَ کي سيج چئي، سر ڏئي، سردار ٿيو آهي. تون به شايد مون کي گهوگهو ڏئي، پوءِ منهنجي مزار تي مجاور بڻجي وهين! +مٺ جيترين ساعتن جي مهلت جيڪا جڳ ڏاتار مون کي ڏني آهي، تنهن ۾ مون کي پنهنجي نقشن کي سينگارڻو آهي، منجهن رنگ ڀرڻا آهن، ۽ سڀ کان وڌيڪ منجهن بقا جو ناياب رنگ ڀرڻو آهي. +تون منهنجي دنيا جي پيچيدگين کي نه ڪڏهن سمجهي سگهيو آهين ۽ نه سمجهي سگهندين. هي ازلي راز جيڪي منهنجي سيني ۾ سمايل آهن، آءٌ جي چاهيان، ته به توکي ڪين ٻڌائي سگهندس. ازل ڇاهي، ابد ڇاهي ۽ ڏاتار جي ڏات ڇا هي – سي سڀ اهڙا ته پيچيدا مسئلا آهن، جو منهنجي سمجهائي به تون شايد سمجهي ڪين سگهندين. مون کي ان دوست جي سمجهه تي رشڪ ايندو آهي، جنهن هڪ خط ۾ لکيو: ”وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل مذهب، منهنجي لاءِ من گهڙت، جڙتو ڪهاڻيون آهن. فرقي بنديون ۽ ظاهر داريون مون لاءِ خود فريبي ۽ خدا فريبيءَ کان گهٽ ڪين آهي. خشڪ اخلاقيات جي ڳالهه منهنجي چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ آڻيندي آهي. بهشت، دوزخ، گناهه ثواب، حرام حلال جي بحث تي ئي مون کي کل ايندي آهي- کل، جا مرڪ ۾ اسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي ۽ ساري ڪائنات کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وچڙي ويندي آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين گونجندي رهندي آهي. منهنجا ٽهڪ زمان ۽ مڪان جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن.“ انهيءَ دوست جيان آءٌ پڻ انهن سوالن تي کلي کيرو ٿي پوندو آهيان، ۽ راز ازل مون لاءِ ائين ظاهر ٿي پوندو آهي جيئن ڪا مهه وش حسينا پنهنجي عاشق جي آواز تي رخ تان نقاب لاهي وٺي- شرمائيندي، لڄائيندي، هزار ناز و ادا سان. +اڄوڪي محفل ۾ توسان انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي رهاڻ رهان. چنڊ لڙي اچي منهنجي دريءَ مان جهاتي پائڻ بيٺو آهي. آڪاس تي هلڪيون هلڪيون ڪڪريون اک ٻوٽ مچائي بيٺيون آهن. منهنجي نيڻن ۾ ننڊ جا کيپ آهن، ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته جهٽ پل لاءِ اکيون ٻوٽي، ڪنهن پرينءَ کي ساري، نندرا ديويءَ جي گداز گود ۾ پئجي رهان.- منهنجو ٿڪل روح قرار لاءِ بيقرار آهي. تنهنجو – جهڙو به تون ڀائين............. +رسول بخش پليجو +سائين، ڏسندو آهيان ته لکندڙ اڪثر پڙهندڙن کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا آهن. چي: ”عام ماڻهن کي فن جي اسرارن ۽ نزاڪتن جي ڪهڙي خبر ؟“ تنهنڪري پڙهندڙن جي وجود کي پنهنجي اديبن وٽ تسليم ڪرائڻ لاءِ ”مهراڻ“ جي سرءِ واري پرچي تي هڪ سرسري نظر وجهي، هڪ پڙهندڙ جا تاثرات پيش ڪريان ٿو. آخر پڙهندڙن جي وات ۾ به ته زبان آهي! +مون کي الائي ڇو، اخبار يا رسالي ۾ ايڊيٽوريل نوٽ پڙهڻ تي دل نه ٿيندي آهي- شايد ان ڪري، جو ڪڏهن آءُ به اهي نوٽ لکندو هوس. هونئن به آءٌ ايڊيٽرن کي نجي ادبي خيال کان ڪجهه مڙيئي ”ايئن“ سمجهندو آهيان. سو هن دفعي جو اتفاق سان ”مهراڻ“ جي ”گذارش“ نظر مان ڪڍيم ته وڻندڙ حيرت لڳيم. لکندڙ جو تنقيد ڏانهن هڪ پاسي ۽ ٻوليءَ ۽ فن ڏانهن ٻئي طرف ڪهڙو رويو هئڻ کپي، تنهن تي ڪهڙي نه سهڻي ۽ ذهن نشين نموني روشني وڌي اٿوَ! +شيخ ”اياز“ جا من موهيندڙ دل ڌاتاريندڙپيارا بيت پڙهي، روح کي راحت آئي. اياز جي شاعري سنڌي ادب جي هن دور جي هڪ مکيه خصوصيت آهي. هو بنيادي طرح هڪ رومانوي شاعر آهي. سندس شعر جا موضوع به گهڻو ڪري روايتي آهن: محبوب جي فراق ۾ لڇڻ، سندس حسن جا گيت ڳائڻ، پنهنجي محبت جون ساکون ڏيڻ، کيس پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺهرائڻ، وغيره. هن جو محبوب جيڪڏهن ايراني ۽ اردو شاعريءَ کان اڌارو ورتل ڪونهي، ته سنڌي به ڪو نه ٿو لڳي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جو جيڪو ماحول ملي ٿو، سو سنڌ ۾ اڻ لڀ آهي. هن جي شاعريءَ جي دنيا گهڻوتڻو هڪ خيالي، تصور جي دنيا آهي. +پر اها اسان جي آسپاس واري دنيا نه هوندي به، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. ان ۾ اسان کي پنهنجي دٻيل ۽ اڻ لکن امنگن ۽ جذبن جو تعبير ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو ماحول جيڪڏهن پنهنجو ڪونهي، ته صفا اوپرو به ڪونهي. +شيخ ”اياز“ جي شاعريءَ جي جان سندس موضوع نه پر فن آهي. اها سراسر سونهن رس ۾ رچيل آهي. هن جي لفظن ۾ جادو ۽ طلسم ڀريل آهي: هن جو تخيل گوناگون ۽ زمان ۽ مڪان جي قيدن کان بي نياز آهي. سندس جذبن ۾ مٺو مٺو سيڪ، اسرار ڀريو سوز، اٿاهه گهرائي ۽ بي پناهه خلوص آهي. سندس شاعري دل ۾ زندهه رهڻ جي هڪ بي پناهه تڙپ پيدا ڪري ٿي. ڪير هي وجد آڻيندڙ سٽون پڙهي بي اختيار ”واهه! واهه!“ چئي نه اٿندو! +پيڻ ۽ جيڻ، متو متوالن جو. +... +نهارن پيا نيڻ، سڄڻ جا سنسار مان. +... +پرينءَ کي پائڻ، رلندي پنهنجي راڳ ۾. +... +الا وقت اجهل! لتاڙيئي لک عاشقيون. +... +پرين سارو پٽ، ڇُهي ڇُهان ڪيترو! +... +او اڻ ڄاتل آءٌ، ڄاڻو منهنجي ڄاڻ جا! +”گدائيءَ“ جا بيت سنڌي عوام جي دردناڪ زندگيءَ جو چڀندڙ نقشو آهن- +آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي، +سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي، +اڄ به هيڻن سان هلن ڏاڍا ڏاڍائي، +نڌڻڪين سان نت ڪرن عمر ارڏائي، +سڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾! +ڪافين جو حصو هن دفعي ڪمزور آهي. اڳين جي وکر ۾ پير خدا ڏني ۽ صاحبڏني شاهه جون ڪافيون البت وڻندڙ آهن. اڄوڪن استادن ۾ ”غني“ ۽ گرامي“ ته، موضوعن جي ڳولا ۾، مڻئي جي موهه ۽ ڏونگر جي ڏاڍاين ۾ اڙجي ويا آهن. ”فائق“ ۽ ”برده“ جون ڪافيون چڱيون، ۽ ”رضا“ ۽ ”پنوهر“ جون موچاريون آهن. ”برده“ جي ڪافيءَ ۾ ”مخفف“ ”مشرف“، ”قلزم“ ۽ ”حزن“ جهڙا دير هضم لفظ کٽڪن ٿا. +گيتن ۽ نظمن جو حصو رسالي کي کڻيو بيٺو آهي. ”برده“ جي ”توکي ساهه سنڀاري“ ۾ بلا جو سوز ۽ شوخي ۽ اٿاهه رواني ۽ نغمگي آهي. منظرنگاريءَ سان ته حد ڪري ڇڏي اٿس. شيخ ”اياز“ جو ”تنهنجي تات تنوار“، ”خليل“ جو ”ڪيئن گذري هيءَ رات“، ”عارف الموليٰ“ جو ”اجهي ڄاڻ مسافر آيا“، ۽ ”صائب“ جو ”موٽ مسافر سپرين“، سڪ، اداسيءَ ۽ پياس جا دل ۾ چڀندڙ ورلاپ آهن. ”تنوير“ جو ”پيار جو سمنڊ اجهاڳ“ پيار جي بيخوديءَ ۽ سپردگي جي تصوير آهي. گوورڌن جي ”اوسيئڙو“ جو اونهو درد ۽ سوز ۽ بي انت اداسي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ئي نه ٿا ملن. +پمي مل ”پياسي“ ۽ ”فائق“ جا سنڌيءَ جي شان ۾ قصيدا عمدا آهن. ٽيئي نظم شاندار آهن. غزلن ۾ شيخ ”اياز“، جو غزل لاجواب آهي. مهرچنداڻي ”مهر“ ۽ نعيم صديقيءَ جا غزل ۽ ٻين غزلن جا ڪي بند وڻندڙ آهن. ٻئي آزاد نظم سهڻا آهن، خاص ڪري ”برده“ جي ”هيڪلي ڪڪري“. +شيخ ”اياز“ جا خط نثر ۾ شاعري آهن. ادب لطيف واقعي انهيءَ کي چئجي. +مضمونن مان هر هڪ اسان جي ادبي خزاني جي سوني ڪنجي آهي. منهنجي خيال ۾ انهن مضمونن کي جيتري جاءِ ملي ٿي، سا بلڪل سجائي آهي ۽ مضمون نگارن جو جيترو احسان مڃجي سو ٿورو. البت فارسي شعرن مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا خوش نصيب لطف وٺي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري نموني طور ٿورا شعر ڏيئي انهن جو ترجمو پيش ڪرڻ کپي، ته جئن اسان جهڙا فارسيءَ کان ڪورا به ڪجهه پلئه پائين. +پڙهندڙن جي پيغامن ۾ بشير مورياڻيءَ جو پنهنجي باري ۾ لکيل مضمون انهيءَ هنڌ مناسب نه ٿو لڳي. شيخ حفيظ جو خط، آءٌ ڀانيان ٿو، ته شيخ اياز جي خطن سان وڃي ٿو ڪلهو هڻي. ههڙا خط اسان جي ادب ۾ هڪ حسين اضافو آهن. عمدين تجويزن جي خيال کان مينڌري سعادتيءَ جو پيغام گوءِ کڻيو بيٺو آهي. +آخر ۾- ۽ سڀ کان وڌيڪ افسانن بابت ٻٽي ڳالهيون چوڻ جي اجازت ڏيوم. +ربانيءَ جو ”بري هن ڀنڀور ۾ ههڙا هاڃا ٿين“ هن اشاعت جو بهترين افسانو آهي. گذريل ٻوڏن جي ڊرامائي پس منظر ۾ ڏاڍن پاڻ وهيڻن جي هيڻن سان هلت جي هڪ ڪڏهن به نه وسرندڙ جهلڪ ڏيکاري ويئي آهي. قدرتي آفتون، جن ۾ خود شيطان جي دل به ويچاري انسان جي دردناڪ حالت ڏسي پگهرجي ويندي هوندي، جڏهن هڪ جهڙي مصيبت بظاهر ڏاڍي ۽ هيڻي، وڏي ۽ ننڍي، امير ۽ غريب جا فرق ۽ ويڇا ڪکن مٺ وانگر اڏايو ڇڏي، تڏهن به انسان ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پنهنجي هم جنس کي ستائڻ جي وندر جاري رکڻ جا رستا ڳوليو وٺي- اهو ڏسڻو هجي ته هيءَ ڪهاڻي پڙهجي. افساني ۾ ٻوڏ جي راڱن جون تصويرون دل ڏاريندڙ آهن. +”.............. اٿل به اٿلن جهڙي! ميربحرن چيو ”اڇيون ڏاڙهيون انهن ڊونڊين ڊوڙائيندي ڪيوسين، پر ههڙو پاڻي اسان جي اکين نه ڏٺو! مالڪ مهر ڪري، باقي هيل خير ڪونهي“! +”........ رات ٿي، ته پاڻيءَ اچي ٺهڪو ڪيو نولکيءَ تي......... ورهين جا ڪاٻلي ٻٻر پاڙئون ڪڍي ڇڏيائين. چوڌاري گوگاءِ پيو ٿو ٿئي. چئه ڪو جهاج (جهاز) ٿو هوا ۾ گهوگهٽ ڪندو اچي!“ +”چوطرف فضا ۾ پاڻيءَ جو ڪڙڪو لڳو پيو هو. ڇولين جو سٽڪو، مرن جو ٻهڪارون ۽ هڏڪارون!- سندس اکين ۾ خوف ڀرجي ويو! سامهون نولکيءَ جي ڪپر جو ڪو نالو نشان به ڪو نه هو! پاڻيءَ الاجي ڪيڏيءَ مهل ڪپر ڪڍي ڇڏيو!“ +گفتگو به بلڪل قدرتي، سادي ۽ موادي آهي- +”پوءِ عيسيٰ تون ڪئن ڪندين؟ نولکيءَ جو ڪپر ڪندو ڪو جهالو، ڪي سٽ ئي ڪو نه جهليندو؟ ڊپ ڊاءُ هجيئي ته زوراور هلي آءُ پڪي تي. ٻه چار ڏهاڙا اچي هتي رهه- جيسين پاڻي موٽي ڪري ۽ سو ڪهڙو ٿئي.“ +”وڏيرو آهي مڙيئي ارڏو ماڻهو. هيڻن تي ڪهل ڪبي آهي سائين.......! غريبن تي مڙيئي سدائين ڪٽڪي هوندي اٿس. بي شڪ به ڪجانءِ سائين، توسان اٿس گهڻي گهڻائي........ اميد هيم ته حاڪم جو در آهي....... ڇهين ڏهاڙي تي وڃي ٻڌايو مانس ته ڪم پورو ٿيو. تڏهن چيائين ته ”چڱو ٿيو. خوش هوندين، هاڻي ڀلي وڃ، توکي موڪل آهي.، منهنجي ته ڏند چپن سان لڳي ويا؛.... مشڪين ماڻهو!....... ڪٽنب ڀاتين جو....... هنن جي مفت ۾ مزوري ڪندا وتون ته ٻچن ٻارن جو واهي الله!“ +افساني جي شروعات توڙي پڇاڙيءَ جا جملا دل ۾ کپي وڃن ٿا. +شروعات- ”بروهين واري ٻيلي جي چور پهي ۾، پراڻي نولکي واهه جي ڪڙ تي سندس چونرو هو.......“ +پڄاڻي؛ ”........ ۽ پوءِ پاڻيءَ جي وڌندڙ ڇولين ۾، مٿان ڪرندڙ مينهن جي ڦڙن سان گڏ، عيسيٰ جي اکين مان ڳوڙها وسڻ لڳا.“ +ابن الياس جو ”اختيار“ هڪ بدنصيب ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جنهن کي دولتمند پيءَ جي غرور ۽ گهمنڊ جي قربانگاهه تي پنهنجي عصمت ۽ زندگيءَ جي قرباني ڪرڻي پئي ٿي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ فطري ۽ اعتبار ۾ ايندڙ آهي. بيان ۾ هلڪي، اڻ لکي طنز ڪهاڻيءَ جي نتيجي کي وڌيڪ دردناڪ بڻائي ٿي. دولتمند ٿيڻ تي صوبيدار صاحب کي اڳيان سمورا ناتا وسريو وڃن- ڌيءَ جي سـڱ جو به! +”زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ اڃا پاڻ اهڙو چڙهيل ڪين هو... ڪڪيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي اچي وڏي ڀاءُ کي هنج ۾ ڏنو هئائين: چي، ”ادا، ڀائرن جون ونڊيون ڀائر کائيندا!“ مگر هاڻ ”هڪ سج ٻه پاڇا آهي، جيڪو جڏهن چڙهي سو تڏهن سوار“-وڏو ڀاءُ مقاطعن ۾ ترين ڀر وڃي ڪريو، پر صوبيدار صاحب پاڻ بالا ٿي اپت مان سڻڀو ٿي پيو هو، ۽ هاڻي اڳين ڳالهه رڳو ٻڌڻ لاءِ به تيار ڪو نه هو.“ +”ٻيا به ڪئين، سکر سڱ گهرڻ لڳا پر صوبيدار صاحب کي منجهن ڪو به پنهنجو ثاني شريڪ نظر نه آيو، هر ڪنهن ۾ ڪو نه ڪو نقص ڳولي ورتائين. سندس انهيءَ هوڏ ۾ خوبي ڏسڻ وارن جي کوٽ ڪا نه هئي.“ +”هائو امان، ڏهن هزارن حق مهر کي ڇا ڪبو؟..... وڏي ڳالهه آهي انسان جي عزت.“ – تان جو نيٺ‎ سندس وفات کان پوءِ اها ”انسان جي عزت“ جنازي جي صورت ۾ وڃي قبر داخل ٿي- +”غلام فاطمه ......... کي ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ ڪو پيٽ ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو..... (کيس) رکي رکي اهو ئي خيال پئي آيو ته جيڪر ڪيڏانهن هلي وڃان ۽ ........ آجي ٿي اچان!......... اٿي ماٺ ماٺ ڪري شيشي ڪڍيائين........ (۽) يڪ ساهيءَ پي ويئي.“ +ولو، جنهن جي ڪرتوتن، صوبيدار صاحب جي عزت جو جنازو ڪڍيو، سو ڇو غلام فاطمه جهڙي سڻڀي گراهه کي ڇڏي هليو ويو- سو ڪهاڻيءَ ۾ صاف ڪونهي. نه وري غلام فاطمه جي ڪردار کي سڌيءَ طرح اڀاريو ويو آهي. پر انهيءَ هوندي به ”اختيار“ هڪ بهترين معياري افسانو لڳي ٿو. +ابن حيات پنهور جو ”واهه وڏيرا“ انساني نفسيات جي هڪڙي اهم ۽ دلچسپ پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن انسان ٿورڙيءَ خوشامد ۽ڪوڙيءَ همدرديءَ جي اثر هيٺ اچي اهو ڪجهه ڪري وجهندو آهي، جيڪو هو جيڪر لکها روپين جي لالچ تي به هرگز نه ڪري ها. شمن خان ماڇي پاڙي جي وڏيري جي ڌيءَ ڀڄائي ويو. وڏيري کيس ختم ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. پر پنهنجي سر ڏيڻ لاءِ به تيار ڪو نه هو. تنهنڪري پنهنجي هڪ اٻوجهه ۽ ايماندار هاريءَ کي استعمال ڪرڻ جوخيال ڪيائين. وڏيري ۽ سندس ڪمدار جي چتر زبانيءَ ۾ اچي، گلڻ وسهڻ لڳو ته هو کيس پنهنجودل گهريو دوست ۽ مڙس ماڻهو ڪري ٿا سمجهن. انهيءَ خوش فهميءَ جي نشي ۾ هو آخر شمن کي خون ڪري وجهي ٿو ۽ وڏيرو گهر ويٺي پنهنجو ڪڌو مطلب حاصل ڪري ويو. ”واهه وڏيرا“ جي پلاٽ جي رٿا قابليت واري ۽ ان جي تڪميل عمدي آهي. بيان ۾ اڇاترائي ۽ لهر پڙهندڙ تي اثر ڪري ٿي. گلڻ کي ڦاسائڻ لاءِ وڏيري ۽ ڪمدار جي چالين کي بيحد نفاست ۽ نرالي هنرمنديءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. +اياز ��ادريءَ جو ”فرشتو“ هڪ ماءُ لاءِ سندس پٽ جي محبت جي دردناڪ آکاڻي آهي. ماءُ ۽ اولاد جو رشتو سڀني رشتن کان وڌيڪ گهرو، پيارو ۽ لافاني آهي. جيجل جنهن جي پيرن هيٺ جنت چئي وڃي ٿي، جنهن جي خوشيءَ لاءِ لائق اولاد پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ فخر سمجهندو آهي، سا جڏهن موت جي بستري تي آخري پساهه کڻي رهي هجي، تڏهن ڪهڙو پٿر دل پٽ هوندو، جو سندس خواهش کي پورو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري- ۽ سو به تڏهن جڏهن اها خواهش رڳو ٻٽن آنن جي دوا لاءِ هجي؟ ليڪن هڪ اهڙو به مصيبت جو ماريل بدنصيب پٽ آهي، جو مٺڙيءَ ماءُ کي دوا جي ڍڪ وٺي ڏيڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ۾ ناڪام ٿي، آخر دوا بدران کيس هڪ ٻيءَ شي جو ڍڪ آڻي پياري ٿو- زهر جو ڍڪ! ويچاري بي خبر ماءُ دعائون ڏيڻ لڳي ٿي. چي: ”ابا، تون ته ڪو فرشتو آهين!“ ”فرشتو“ اسان جي سماجي نظام جي ٻاهرئين ڏيکاءَ جي ملمعي هيٺ لڪل هيبت ناڪ ۽ تلخ حقيقتن جو پردو چاڪ ڪري ڏيکاري ٿو، ته بک ۽ بيروزگاريءَ جون وبائون ڪيئن نه انسان جي گهرن، نازڪ ۽ نفيس جذبن ۽ خون جي لاڳاپن کي بي رحميءَ سان ٽوڙي ڇڏڻ جي پويان پيل آهن. +مرزا مراد عليءَ جو ”سوال“ به ساڳئي موضوع تي هڪ اثرائتي ڪهاڻي آهي. +ڪنهن ڪهاڻيءَ پويان زبردستيءَ ڪنهن خاص نتيجي ڳنڍڻ جو حرص ڪئن هڪ بهترين ڪهاڻي جو اثر ڪمزور ڪريو ڇڏي- سو ڏسڻو هجي ته شيخ حفيظ جو افسانو”مبارڪون“ پڙهجي. هن نوجوان افسانه نگار جي ڪهاڻين ۾ سنڌي عوام جي روزمره جي ٻول چال ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ انساني سڀاءُ جي تاڃي پيٽي جي جيتري ڄاڻ ۽ انساني جذبن جو جيترو گهرو ۽ نازڪ احساس ملندو، سو ٻين ٿورن وٽ ملي ٿو. مثلاً ”مبارڪون“ جا هي فقرا افسانه نگار جي گهري مشاهدي، حساس طبعي ۽ رنگين بيانيءَ جا ڪيڏا نه لاجواب ثبوت آهن- +نئينءَ ڪنوار کي ماءُ جي نصيحت: ”امڙ، لڄ رکجانءِ! مڙس جئن پڪو تئن سچو! عمر ۾ چڙهيل آ ته ڇا ٿيو؟.... گهر ۾ گهوٽئن کان سواءِ پهر ئي ڪانهي. راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ ..... دل نه لوڙهه.“ +ڄڃ جو گهوٽيتن ۾ اچڻ: ”گاڏين جو رونگٽ شرناين ۽ دهل جي آواز ۾ دٻجي ويو..... زالن لهڻ شروع ڪيو. ننڍڙا ٻار.... جاڳي پيا ۽ شرناين جي آواز ۾ سر ملائي روئڻ لڳي ويا..... ”اڙي ادي، منهنجو رئو ڪاڏي ويو؟...“ ”اڙي هي گلوءَ جو چولو ڪاڏي ويو؟ هت جو رکيم“.... ؟امان! او امان! اچي هي جُتيءَ جوپادر لڌم“... ”مائي شڪر ٿيو جولڌو. منهنجو ته هانءُ کاڄي ويو“! +پوڙهو گهوٽ ۽ نوجوان ڪنوار، شاديءَ جي رات: ”هن جو گهوٽ ڄاڃين کي روانو ڪري اندر پيهي آيو. ”سمهين پئينءَ ڇا؟ ٿڪجي پيئي هوندينءَ؛ ٺهيو ننڊ ڪر!“ +ٻيءَ رات: ”..... هن پنهنجي گهوٽ جي شڪل چڱيءَ پر ڏٺي ۽ هن جي خوابن جو محل قلابازيون کائيندو اچي پٽ تي پيو. سٺ ورهين جو پوڙهو، هن جي پيءَ کان به وڏو، موت ۽ حيات جي جنگ جو نقشو سندس گهوٽ هو. هن جي دماغ ۾ سندس ماءُ جا لفظ وڄي رهيا هئا. ’اسان توکي سڱ سڃاڻي ڏنو آهي!’“ +شاديءَ کان پوءِ: ”رتيون بدليون- اونهاري پٺيان سرءُ آئي، ڪڍ سيارو ۽ نيٺ بهار به آيو. ڳوٺ جي چوڌاري ٻنين ۾ پوکيل سرنهن گل ڪيا ۽ سڄي فضا ڀنل ڀنل خوشبوءِ سان رچي وئي.... سهاڳڻيون پنهنجي گهوٽن سان خوشيءَ سان گيت جهونگارڻ لڳي ويون. ۽ ڳوٺ جي پوري فضا هڪ مزي ۾ مٽجي پئي. ها البت هوءَ- هن جو وجود، انهيءَ مرڪ تي هڪ ٽهڪ هو. هن جي جوان مکڙي تي سدائين هڪ اداسي ڇانيل هوندي هئي.... ڳائينديون، کلنديون، الهڙ نينگريون هن کي ڏسي خاموش ٿي وينديون هيون.“ +ڳوٺاڻي محبت: ”ڳوٺ جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ پيار محبت جي ڪمي ڪا نه هئي... شام جو کوهن تي، واٽر جي تڙن تي ۽ راهه رند ائين ٻنين ۾ محبت پ��هنجا گس ڳولي لهندي هئي. مگر.... هوءَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زال هئي ۽ بس.“ +پرڻيل عورت جي پهرين محبت: ”ڏينهن گذريا، هوءَ تڙپندي رهي.... پوءِ نيٺ لابارن پئي، هن جي به دعا قبول پيئي- هن جي منهن تي به هلڪي هلڪي، ڊنل ڊنل مرڪ تري آئي. هن جي دنيا ۾ به ڪنهن پير پاتو.“ +زال هٿان زهر: ”هڪ رات جو جانل جي مڙس کي پيٽ ۾ اچي سور پيو؛ صبح جو نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. جانل رنڙ ٿي پيئي. ڳوٺ جو چڱو مڙس مري ويو. ختما درود ٿيا. ڪنهن چئي ڪڍيو ته مڙس کي زهر مليل آهي!“ +”مبارڪون“ چڀندڙ سچائي، گهري سوز، ۽ بي انت خلوص سان دولت جي لالچ ۾ نوجوان ڇوڪرين کي پوڙهن پڃرن جي حوالي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ دل ڏاريندڙ نظارو پيش ڪري ٿو. ليڪن افساني جي آخر ۾ جانل ۽ گلڻ کي وڏيري جي خون ۾ آيل ڦاسيءَ خلاف ڪيل اپيل جي فتويٰ ٻڌڻ لاءِ چيف ڪورٽ ويندي واٽ تي ويٽنگ روم ۾ ويهارڻ، ۽ آخر ۾ ڦاسيءَ جي تختي تي گلڻ کي جانل ڏانهن پوليس وارو موڪلي، سندس حمل سان ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌي خوشيءَ ۾ جهومندو ۽ فتحياب ٿيندو ڏيکاري، هڪ دردناڪ ۽ همدردي پيدا ڪندڙ داستان کي جذبات جي وهڪري ۾ وهي، زبردستيءَ ڪامياب ۽ پسنديءَ جهڙيءَ پڄاڻيءَ تي آڻڻ جي افسوسناڪ ۽ ناڪام ڪوشش ڪري، افساني جي مجموعي تاثير کي ضربيو ويو آهي. مزي جي ڳالهه آهي ته اهو پويون واقعو هڪ غلط واقفيت تي ٻڌل آهي. حقيقت ۾ اپيل جي فيصلي وقت جوابدارن کي ڪورٽ ۾ گهرائبو ئي ڪونهي. قانوني دستور کان انهيءَ ناواقفيت ۾ ڪا به ايڏي اربع خطا ڪانهي، پر جنهن نموني افساني جي پڄاڻي ڪئي ويئي آهي، تنهن جو اثر اهو ٿو رهي، ڄڻ ته نوجوان ڇوڪرين کي جيڪڏهن پوڙهن سان پلئه اٽڪي پوي، ته ان جو فڪر ڪونهي، جو سولو علاج ٻيو اهو آهي ته مڙسن کي زهر ڏيئي، پاڻ مزي سان وڃي يارن سان گڏ ڦاهيءَ چڙهن- رڳو ايتري پڪائي سا ڪري ڇڏين، جو پويان ڪا نشاني ضرور ڇڏي وڃن، جئن سندن ڪارناما هميشه ياد رهن! بهرحال پڇاڙيءَ ۾ بري ٺوڪر کائڻ جي باوجود ”مبارڪون،“ هڪ بيحد دلچسپ ۽ اوچي تخليق آهي. +ناٽڪ ”نجومي“ اڳ ڇپيل ۽ پڙهيل هجڻ جي باوجود ڪافي سوادي ۽ مزيدار ٿو لڳي. +ٻين ٻولين جي شاهڪارن بابت ڪجهه چوڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻو آهي- البت انتخاب ۽ ترجمي جو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. +اوهانجو........... + + +جمال ابڙو +- ادا سائين،مون پنهنجو ”پشو“ اوهان طرف موڪليو آهي. اميد ته پهتو هوندو. +مون”پشو“، ”بلو دادا“ ۽”شيدو ڌاڙيل“ کان متاثر ٿي لکيو، ڇو ته انسان جو مقام منهنجي نظر ۾ نهايت بلند آهي. منهنجو ”پشو“ نه ڌاڙيل آهي نه داداگير، پر هڪ سڌو سنئون انسان آهي. آهن ته اهي ٽيئي هڪڙي ئي ماحول جي پيدائش، پر صرف ان ڪري اسان جي ساڻن همدردي ٿئي ڇا؟ ائين ته وڏيرو ۽سيٺ به انهيءَ ماحول جي پيدائش آهن. پوءِ انهن کي ولين (Villian) ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ پوءِ ته اسان جي همدردي وڏيري ۽ سيٺ سان به هئڻ کپي! اسين ته منجهي ٿا پئون! ڇاڪاڻ ته هڪ انسان مسڪين آهي تنهنڪري ۽ صرف تنهنڪري، هو رحم جي لائق آهي ڇا؟ منهنجي دل اها ڳالهه نه ٿي مڃي. +مان ڀانيا ٿو ته انسان کي ”رحم جوڳو“ ٿيڻ ئي نه کپي. اها انسان جي توهين آهي- انسانيت جي توهين آهي. انسان نهايت بلند ۽ بالا آهي. هو”ويچارو“ ۽ ”ڪين جهڙو“ نه آهي. مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي. انسان جيڪڏهن ڪنڊن ۾ اوٻاسيون ڏئي، شوڪارا ڀري ڇڙهيون هڻي مري وڃي ته چئبو ته منجهائنس انسانيت ڪڏهوڪومري چڪي هئي. +انسان اهو جومفلسي، بيماري، بي علمي ۽ ظلم جي حملن جي باوجود اڳتي وڌي. ڏسڻو آهي ته اهي رنڊڪون سندس ”انسانيت“ کي ڪيترو جرڪائين ٿيون. پوءِ انسانيت جي واڌاري جي راهه ۾ جيڪي اهڙيون رنڊڪون آهن، تن کي پاڙئون پٽيندي ڪو خون ڏيئي مئو، ته شهيد ٿيو: پر جي ڪو صرف اکين مان پاڻي هاري مئو، ته ٻين کي به دلشڪستو ڪري مئو- انسانيت کي بدنام ڪري مئو- هوته مرڻ کان اڳي ئي مري چڪو هو! جو مڙيو سو به مئو ۽ پڻ کريو. مون انهيءَ ڪري ”پشو“ پيش ڪيو. خبر نه آهي ته ڪيتر قدر موضوع کي نباهي سگهيو آهيان. اسين اڃا سکون پيا. چئي نه ٿو سگهجي ته اهو موضوع ڪيتري قدر صحيح آهي، يا منجهس ڪيتري قدر سڌاري جي گنجائش آهي. +ائين نه آهي ته ”شيدو“، ۽ ”بلو دادا“ ڪو گهٽ آهن- سنڌي افسانوي دنيا جا شاهڪار آهن. ”شيدو“ ۽ سندس ماحول جو نقش نهايت فنڪارانه طرز تي پيش ڪيو ويو آهي. لکندڙجي زنده دلي ۽ احساس جو ثبوت آهي. ٻولي ته لاجواب آهي. پر افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کِلي رهي آهي. شايد آءٌ غلط هجان. ڏسجي ٿو ته هي هڪ اختلافي مسئلو آهي... +جمال ابڙو، لاڙڪاڻو سنڌ. +]ڀاءُ جمال، ..... ”بلودادا“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ جي باري ۾ جيڪي نڪتا اوهان ظاهر ڪيا آهن،انهن جو تت اوهان جي هن جملي ۾ اچي وڃي ٿو ته ”افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کلي رهي آهي.“ اوهان انهن افسانن مان، جيڪڏهن اهو تاثر ورتو آهي ته اوهان برابر ٿي سگهو ٿا. پر منهنجي خيال موجب، افسانن جي جملي تاثر جو فقط اهو هڪڙو پهلو آهي. ٻئي ڪندي، اسان جي هن سماج ۾ حقيقت به اها آهي ته انسانيت تي حيوانيت جو غلبو آهي- پوءِ انهيءَ حقيقت جو اظهار جيڪڏهن افساني نگار، فني نقطي نگاهه کان ڪاميابيءَ سان پيش ڪري، ته اهو افسانو منهنجي خيال ۾ هر طرح ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو. مختصر افساني جي هڪ خصوصيت آءٌ سمجهان ٿو ته اها به آهي ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪو به هڪ پهلو، ڪا به هڪ حيثيت پيش ڪئي وڃي، ۽ ان ۾ سماجي ڪيفيتن ۽ پس منظر کان اثرائتي انداز ۾ اڀاري، پڙهندڙن جو ڌيان ان جي اصلي حقيقت ڏانهن ڇڪايو وڃي. ڪامياب افساني جي هروڀرو اها خصوصيت ڪانهي ته ان ۾ ڀيري ڀيري سان انسان جو اعليٰ مقام پڙهندڙن وٽ ثابت ڪيو وڃي؛ يا نتيجي طور ان ۾ انسانيت ۽ نيڪيءَ جي فتح، ۽ حيوانيت ۽ بديءَ جي شڪست ئي ڏيکاري وڃي. اهڙي قسم جا افسانا ته شايد فني نقطي نگاهه کان ٿورا به ڪمزور ٿيا، ته مٿن تبليغي افسانن، يا قديم ناصحانه آکاڻين هئڻ جو الزام مڙهجي ويندو. حيوانيت جو کلڻ ۽ انسانيت جو روئڻ، اڄوڪي سماج جون تلخ حقيقتون آهن. جيڪڏهن انهن حقيقتن کي پيش ڪندي، پڙهندڙ جي دل ۾ حيوانيت ڏانهن نفرت، ۽ انسانيت لاءِ عزت ۽ محبت جو رد عمل هڪ افساني نگار پيدا ڪري سگهي ٿو، ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ کي جيڪڏهن انهيءَ الٽي گنگا جي اصلي حقيقت ۽ ماهيت، يعني ان جا ڪهڙا سبب آهن، ۽ زندگيءَ جي اها مخصوص حيثيت،جنهن کي چٽيو ويو آهي، تنهن جي سچي سماجي پس منظر ۾، اصل جڳهه ڪهڙي آهي. جيڪڏهن انهن ڳالهين تي افساني نگار روشني وڌي آهي، ته منهنجي نظر ۾ اهڙن افسانن کي ڪامياب افسانا چئي سگهجي ٿو. +[اوهان کي معلوم آهي ته آءٌ لکي ڪونه ڄاڻان- ڪڏهن به ڪو افسانو ڪونه لکيو اٿم- شاعر ڪونه آهيان؛ ننڍپڻ کان سواءِ ڪڏهن به ڪو شعر ڪونه چيو اٿم- سو جيڪڏهن مٿين ڳالهين کي اوهين ڪوبه وزن نه ڏيو، بلڪ انهن کي غلط سمجهيو، ته اوهين هر طرح حق بجانب ٿي سگهون ٿا. +] ”مهراڻ“ ۾ اوهان صلاح ڏني آهي ته مضمونن- خاص طرح افسانن جي منڍ ۾ مختصر طور صحتمند تنقيد جا ٻه چار جملا لکيا وڃن. منهنجي راءِ آهي، ته هر پرچي ۾ گذريل پرچي جي ڪنهن چڱي مضمون يا افساني تي اوهان ۽ اوهان جهڙا اهل قلم ۽ ڪامياب افساني نگار دوست مفصل تنقيد لکن، ۽ اها اسين شايع ڪريون ته ان طرح لکندڙ دوستن کي وڌيڪ رهنمائي ملندي ۽ انهيءَ نموني تنقيد جو موضوع به ”مهراڻ“ ۾ پيش ٿيندو رهندو. +اوهان جو، محمد ابراهيم جويو[ +جمال ابڙو +ادا سائين، اوهان جو خط مليم +افساني ۾ عام طرح ٻه پهلو ٿين ٿا. هڪ ”ماحول“ ٻيو ”ڪردار“. منهنجي سمجهه ۾ ماحول برو ٿي سگهي ٿو پر ڪردار نه. ائين برابر آهي ته ظاهراً انسانيت روئي پئي ۽ حيوانيت کلي پئي. پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته حيوانيت جي کِل کوکلي آهي. ڇا اها حقيقت نه آهي، ته انسانيت جو روئڻ ڪارنهن کي ڌوئندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄ ڪلهه آويءَ ۾ آهي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪا نه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي- انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي. +پوءِ جيڪڏهن افساني ۾ ”ماحول“ کي مقدم رکيو ٿو وڃي، ته انهيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اٿلائي پٿلائي چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي؛ ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنهنجو ئي گهڻو کائي رهيو آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا افسانا لکجن پيا. انهن ليکڪن بيشڪ کيرون لهڻيون- کين مبارڪ هجي. +جڏهن ”ڪردار“ کي افساني ۾ مقدم رکيو ٿو وڃي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن بنهه نازڪ شي کي ٿو هٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊهڻ ۽ ڪرڻ، بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سُن ٿي وڃڻ، ڇتو يا چريو ٿيڻ، ڌڪار ۽ نفرت جو اڀرڻ يا وري بچڻ ۽ جرڪڻ، نهايت حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اسان جو ”ڪردار“ ڊهي ٿو پوي، سن ٿي ٿو وڃي، بيوس ۽ بي حس ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ۽ بس، ته چئبو ته اهو ڪردار به ماحول جو نشانو ٿي ويو. ان افساني ۾ به ماحول مقدم رهيو، نه ڪردار. اهڙو افسانو به پهرئين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اهائي گندي ماحول جي گندگي ظاهر ڪئي وئي. پر، ادا سائين، نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رهنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رهندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رهندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار ميِڪ ميِڪ ڪندا رهندا؟ ڇا اڃا اهو وقت نه آيو آهي، جو پيار ۽ محبت، پورهيو ۽محنت، ماڻهو ۽ ماڻهپو، اڳتي وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آهي ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن جنازو کڄندو؟ جنازو ته حيوانيت جو کڄندو. انسانيت زنده رهندي. +وقت آيو آهي جڏهن اسان جا ليکڪ ڪردار کي ماحول جو نشانو نه بنائين. انسانيت کي مظلوم ۽ قابل رحم نه بنائين. اهي ڪردار چونڊين، جي ماحول کي مٽائين. دهل جي ڏونڪي تي ٻڌائين ته انسانيت ۾ اهي قوتون لڪل آهن، جي جوالا بنجي حيوانيت کي جلائي ڇڏينديون ۽ زمين جي سطح تي ماڻڪ ۽ موتي پٿاري ڇڏينديون. ٻيو نه، ته ڀلا اهو ته ٻڌائين ته انهيءَ گندي ڦيڦي ماحول جي اڍ ۾ اها باد ڀريل آهي، جا پاڻهئي سندس پيٽ ڦاڙي رکندي، من ائين ڪجهه اميد جا پيغام پهچائين. +ها ائين آهي ته ائين ڪرڻ لاءِ فني پختگي کپي. پر رڳو فني پختگيءَ لاءِ منزل ته ڪا نه وڃائبي. اهو وري هر ڪنهن ليکڪ تي مدار آهي. اسين سڀ پانڌيئڙا آهيون، ڪچا آهيون. پر نيٺ انهيءَ پختگيءَ کي ڳٿڙ کان جهلينداسين. اڄ نه، ته سڀاڻي. اسين نه، ته ٻيا. +انهيءَ ڏس ۾ ”پشو“ منهنجي پهرين ڪوشش آهي. مڃان ٿو ته منجهس اها پختگي ڪانهي. شايد ڪجهه مصنوعي به لڳندو هجي. پر اميد اٿم ته هوريان هوريان مان ۽ منهنجا ٻيا هم سفر سڌرندا وينداسون. +لکڻ کان معذور آهيان. ساڄڙ هوندي، کٻي سان پيو لکان. ان ڪري افسانا موڪلي نه سگهيو آهيان. +اوهان جو، جمال ابڙو +[مهراڻ: 1-1956] +شيخ ”راز“ +– محترم عزيز، سلامت! نئين سال جو ”مهراڻ“ ڪراچيءَ ۾ اوهان هٿئون هٿ عنايت ڪيو. مون هن رسالي ۾، مسٽر جمال ابڙي ۽ اوهان جو، مختصر افساني جي فن جي متعلق، خطن جي صورت ۾، هڪ معلوماتي بحث پڙهيو. ڏاڍي مسرت حاصل ٿي. اهو هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن جي هن وقت اسان جي سرزمين کي گهڻي ضرورت آهي؛ ۽ اهڙا خط ئي رسالي جي زينت وڌائي، پڙهندڙ جي شعور کي وڌيڪ اڀاري، سمجهڻ ۽ سوچڻ جو موقعو ڏين ٿا. منهنجي خيال موجب، افساني جي فن لطيف جي رفتار، جيڪڏهن انهيءَ نموني جاري رکي وئي، جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان عمل ۾ آئي آهي، ته يقيناً مختصر افسانو، اسان جي جذبن ۽ احساسن جي صحيح عڪاسي ۽ ترجماني ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪارآمد ذريعو ثابت ٿيندو، جنهن جي اهميت کي اسان جي ملڪ جو ڪوبه طبقو، نظرانداز ڪري نه سگهندو. +برادر عزيز، مون کي ته مختصر افساني جي فني قدرن ۽ تقاضائن تي لکڻو آهي، جو هن کان اڳ اوهان جي بحث جو موضوع بڻيو آهي؛ پر ايئن ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته هن فن جي فني لوازمات تي سوچڻ، ۽ منجهس نئين طرز کي ڪارفرما ڪرڻ، اسان وٽ ڪڏهن شروع ٿيو، ۽ ڪيئن شروع ٿيو. تقريباً 13-14 سال اڳ اوچتو ئي اوچتو، ڪراچيءَ ۾ چند احبابن جي انجمن تيار ٿي ويئي– ايئن کڻي چئجي ته ڏينهڪ ٺهي وئي. ”اياز“ ۽ مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ بي. اي پڙهندا هئاسون. ”اياز“ جو نالو انهيءَ ڪري ٿو کڻان، جو انهيءَ وکر مان ’هو ۽ مان‘ بچيا آهيون، ۽ ٽيون ’سوڀو گيانچنداڻي‘ آهي، جيڪو اهو ميدان ڇڏي ويو آهي. هن ڪم ۾ گوبند ”مالهي“ پيش پيش هوندو هو. ادا، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جهڙس ادب جو مريض ڪونه ڏٺو آهي. هن جي خلوص ۽ ايمانداريءَ کي آفرين چوڻ کانسواءِ رهي نٿي سگهيس. انهيءَ انجمن– يعني ”پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن“– جون هر آچر تي شام جو 4 بجي، باقاعدي ميٽنگون ٿيڻ لڳيون. اسان جا دوست رام پنجواڻي، گوبند ”مالهي“، سوڀو، ”اياز“، نارائڻ ”شيام“، سڳن آهوجا، ارجن ”شاد“، سنتو درياني وغيره انهيءَ ڪم کي لڳي ويا؛ ۽ مون انهيءَ وقت ’آزاد نظم‘ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. نارائڻ ”شيام“ ’سانيٽ‘ لکڻ شروع ڪيا. اسان جا دوست ۽ استاد– ملڪاڻي، سدارنگاڻي، پنجواڻي ۽ منشاراماڻي– به انهيءَ مجلس ۾ شامل ٿيندا رهيا. انهيءَ مجلس جو طريقي ڪار به پنهنجي سنگت وانگر هو. +جناب عالي، انهيءَ نموني سنڌي ادب جو نئون موڙ شروع ٿيو، ۽ اسان جي فني شعور نئون رخ اختيار ڪيو. ’ريگستاني ڦول‘، ’پرهه ڦٽي‘، ’لهرون‘، ’سفيد وحشي‘، ’اڳتي قدم‘ وغيره انهيءَ تحريڪ جون ڪڙيون آهن. ملڪ جي ورهاست جي اعلان کان اڳ ئي انهيءَ خورد سال تحريڪ جو بي وقت موت ٿي ويو. وڃڻ وارا ويا هليا. ’آءٌ جهليندس ڪيترو، آيل! آديسين“ جي مصداق اسان به خاموشي اختيار ڪئي. ”اياز“ پنهنجي وڪالت جي پيشي کي استوار ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو، ۽ آءٌ به پنهنجي ناپائدار سرڪاري عهدي ۾ مگن ٿي ويس. پر ’دير آيد– درست آيد‘ جي مصداق ”اياز“ وري لکڻ شروع ڪيو: گهڻو لکيائين، ڪجهه نوان تجربا پيش ڪيائين، ۽ ڪامياب ٿيو؛ ۽ منهنجي ڪلام جو مجموعو ”سارنگ“ ڇپجي شايع ٿيو؛ ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي نوجوانن ۾ پڻ چوڌاري هڪ نئون تحرڪ پيدا ٿيو. +ادا، اهو ضروري سمجهيم ته سنڌي نئين ادب– جنهن جو مختصر افسانو هڪ خاص حصو آهي– جي دور جي تاريخ جو تجزيو ڪري، پوءِ آءٌ پنهنجي موضوع تي اچان. تمام گهڻو اختصار کان ڪم ورتو اٿم. اميد ته طبيعت تي بار نه ٿيندو. +هونءَ به اسان جو ملڪ آکاڻين جي پيدا ڪرڻ لاءِ زرخيز ملڪ ثابت ٿيو آهي. فضا خوشگوار، ماحول سازگار، هر ڳوٺ، هر قصبي، هر شهر ۽ هر ڪچهريءَ ۾ عام طور رات جي وقت، آکاڻين ۽ ڳجهارتن جو شغل، ٿڪل ۽ پريشان دماغن لاءِ تفريح ۽ تسڪين جو باعث پئي رهيو آهي. آکاڻين جو رواج نه رڳو سنڌ صوبي ۾ رهيو آهي، پر هند و پاڪ جي برصغير جي هر ڪنهن صوبي ۾، لوڪ ڪهاڻين جو دور ڄڻ انساني زندگيءَ جي گهرجن جو خاطر خواهه نتيجو پئي رهيو آهي. ساڳئي نموني يورپ ۾ اهڙين لوڪ آکاڻين جو تمام گهڻو ذخيرو موجود آهي، ۽ انهن ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جو تتبع ڪندا رهيا آهيون. اسان جي ملڪ جي لوڪ ڪهاڻين جي لمبي ڪهاڻي آهي؛ باقي آکاڻيءَ جو رواج لکيتن ۾ پهرين جنگِ عظيم وقت عمل ۾ آيو، جنهن کي ڦهلائڻ لاءِ اسان جي هم قوم سنڌي هندن خاص تحرڪ ورتو، جن جا مثال ’سنڌي ساهت سوسائٽي‘ ۽ ’پنجابي ڪمپنيءَ‘ جي رسالن مان، ۽ ’ڀارتواسي‘ اخبار مان ملي سگهندا. ان کانپوءِ ’سندر ساهتيه‘، ’رتن‘ ۽ ’سنڌو‘ وغيره انهيءَ ڏس ۾ ڪافي ڪم ڪري چڪا آهن. 1915ع ڌاري مسٽر ڄيٺمل ۽ مسٽر لالچند ننڍڙيون آکاڻيون لکي، سنڌ ۾ هڪ نئين تحريڪ جي شروعات ڪئي. تنهن کانپوءِ اردو ۽ هندي ڪهاڻين جا ترجما شايع ٿيندا رهيا، ۽ هن ميدان ۾ سنڌي ادب ۾ گهڻو مواد ترجمن جو آهي، ۽ گهڻو ڪري پريمچند جي شروع دور، سدرشن، ٽئگور ۽ رڻبير وغيره جي ڪهاڻين جا ترجما آهن، جي گهڻو ڪري محض ڪهاڻيون آهن يا وري مختصر افساني جي ابتدائي مرحلي جون چيزون آهن. +محترم عزيز، سنڌ ۾ مختصر افساني جي زندگي گذريل 13-14 سال کن آهي: ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته ٻي جنگِ عظيم کان هڪدم پوءِ انهيءَ فن جي اسان جي ملڪ ۾ شروعات ٿي، جيڪا حالتن پٽاندر لازمي ٿي پئي هئي. منهنجي خيال موجب اسان وٽ مختصر افساني جو فن، روسي ادب ۽ اردو ادب کان متاثر ٿيو آهي. اردو افسانو، فني لحاظ سان مغرب جي ادب جي تتبع ڪري چڪو آهي. انهيءَ نموني اسان جي مختصر افساني ۾ اهي سڀ فني لوازمات اچي وڃن ٿا، جن افسانوي ادب کي مقبول بنائي بامِ عروج تي پهچايو آهي. مختصر افساني ۾ ڪجهه بنيادي اصول، ڪجهه ضمني تحريڪون، ڪجهه فني پابنديون آهن، ۽ افسانوي ادب کي پنهنجو انوکو معيار به آهي. انهن سڀني کي نظر ۾ رکي افسانو تخليق ڪيو وڃي ٿو. +اوهان وٽ مختصر افساني جو بنياد ٻن اصولن تي قائم ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهي اصول ’ڪردار ۽ ماحول‘ بنايا ويا آهن. انهيءَ خيال سان آءٌ گهٽ متفق آهيان. منهنجو مطلب آهي ته اهي ٻئي اصول مختصر افساني ۾ بنيادي حيثيت نٿا رکن. اهي پنهنجي جاءِ تي ضرور ڪائي حيثيت رکن ٿا؛ ليڪن بنيادي نه، پر ضمني. +ڪردار نگاريءَ جو جائزو وٺندي، سنڌي ادب ۾ ’شيدو ڌاڙيل‘ وغيره چڱا مثال آهن– پر صحيح نموني جيڪڏهن انهن کي جاچبو ته اها ڪردار نگاري، ڪنهن ٻئي نظريي جو سهارو وٺي اڳتي وڌي ٿي: ڪردار نگاري ڪنهن خاص نظريهء حيات کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪ ذريعو آهي؛ اهي هلندڙ گهمندڙ ڪردار، پڙهندڙ جي دماغ تي پنهنجي اهميت جو اثر ضرور وجهن ٿا، ۽ پڙهندڙ جي ذهن کي ڪافي حد تائين پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿا. نه فقط ايترو، پر هو پنهنجي خاص مرڪزي محور جي چوگرد ڦرن ٿا، جنهن ڪـري کين نمايان حيثيت حاصل ٿئي ٿي. +ماحول جو ذڪر به، مختصر افساني جي فني لحاظ کان، ضمني طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ماحول جو تفصيل گهٽ ۾ گهٽ بيان ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته مختصر افساني ۾ انهيءَ جي گنجائش به نٿي رهي. وري آءٌ ساڳيو مٿيون خيال دهرايان ٿو ته جنهن به نظريي کي سامهون رکي، افساني جي تخليق ڪئي وڃي ٿي، اهوئي افساني جو بنياد تسليم ڪيو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ جي سهاري فضا ۽ ماحول کي بنايو وڃي ٿو. مختصر افس��ني جي اختصار کي خيال ۾ رکي، انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ڪم وٺڻو آهي. ماحول به ڪردار نگاريءَ وانگر پنهنجي مرڪزي محور جي چوڌاري ڦرندو نظر ايندو، ۽ بنيادي مقصد جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندو رهندو. +مختصر افساني ۾ پلاٽ به هڪ لازمي جزو آهي، جنهن جي حيثيت به ضمني آهي؛ پر ٻين سڀني ضمني جزن کان وڌيڪ افساني ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿو، ۽ سندس اهميت کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ نموني مٿيان ٽيئي عنصر گڏجي، مختصر افساني جي مقصد ۽ نقطهء نظر کي واضح ڪرڻ جا ضروري اسباب ۽ ذريعا بنجن ٿا. آکاڻيءَ جي ترتيب پلاٽ جي ذريعي ٿئي ٿي. زندگيءَ جو ڪو معمولي حادثو يا ڪا وقتي ڪيفيت هڪ پلاٽ جي صورت پيدا ڪري ٿي؛ ۽ اهو معمولي حادثو، افساني ۾ هڪ غير معمولي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهوئي تاثر، افسانه نويس کي تخليقي عمل لاءِ آماده ڪري ٿو. پلاٽ ۾ وحدت ۽ تسلسل هڪ ضروري خصوصيت آهي. مواد مختصر، اسباب مختصر، لفظَ مختصر– تنهنڪري سلسلي ۽ وحدت جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي، ۽ انهيءَ پابنديءَ جي انحرافي ڪرڻ سان افساني کي سخت ضرب لڳي ٿي. +مون مٿي مرڪزي محور جو بار بار ذڪر ڪيو آهي. عزيزم، اها ڪهڙي شيءِ آهي– انهيءَ جو مختصر ذڪر ڪريان ٿو. اهو مرڪز، خيال جي وحدت جي سهاري وجود ۾ اچي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري تاثر ۾ وحدت پيدا ٿئي ٿي، ۽ انهن جو تسلسل نقطهء نظر کي شروع کان وٺي آخر تائين نمايان ڪندو رهي ٿو. مون مٿي حادثي جو ذڪر ڪيو آهي: اهڙو واقعو يا اهڙي وقتي ڪيفيت، جيڪا فنڪار جي دماغي رڳن کي ڇيڙي، هڪڙي اهڙي جنبش پيدا ڪري، جو سندس احساس جاڳي پوي، سندس فني شعور بيدار ٿي پوي، ڪجهه سوچي ۽ انهيءَ واقعي کي پنهنجي تخليق جو نقطهء نظر سمجهِي، ان کي بنياد تصور ڪري، ان جي لاءِ مسالو ۽ مواد ڪٺو ڪري ان کي تيار ڪري، پر اهو سمورو وقت سندس نظر پنهنجي مرڪزي خيال ۾ هجي– پوءِ اهو سياسي، معاشي، معاشرتي، جنسياتي وغيره ڪجهه به هجي، ۽ انهيءَ نموني پڙهندڙ کي پنهنجي نظريي کان واقف ڪري، سندس دماغ ۾ اهو نظريو سمائي ڇڏي– ته انهيءَ کي ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو. +افساني کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، بيان ڪرڻ جو نمونو ۽ لفظن جي ساخت به اهم ۽ ضروري عنصر آهن، جن کي ’اسلوب بيان‘ چئجي ٿو. هن جزي کي مختصر افساني ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي، جنهن کي ڪنهن به قيمت تي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي– سواءِ انهيءَ جي افسانو فقط دماغي دم پختو ٿي، دماغ ۾ ئي رهجيو وڃي. هن مان ظاهر آهي ته افساني جو سارو دارومدار طرز بيان تي آهي. نظريهء حيات ڪجهه به هجي، مقصد ڪجهه به هجي، نقطهء نظر ڪيترو به اهم ۽ خاص هجي، پلاٽ ڪيترو به دلفريب يا دلگذار هجي، اداڪاري ڪيتري به دلپسند ۽ هولناڪ هجي، فضا ۽ ماحول ڪيترو به خوشگوار، فرحت ڏيندڙ يا هيبت وارو هجي– پر جيڪڏهن انداز بيان جي ڪمي آهي، ته افساني جي فن کي سلهه جو مرض ٿيو پوي. ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته مختصر افسانو پاڻ سان گهٽ مواد، مختصر پيماني تي پيش ٿيل اداڪار ۽ هڪ محدود ماحول آڻي ٿو: ڪٿي به وسعت ۽ ڊيگهه جي گنجائش نٿي رهي، پر انهن سڀني محدود ۽ مختصر ذريعن جي باوجود، اسلوب بيان جي تشڪيل افساني ۾ هڪ وسعت پيدا ڪري سگهي ٿي. +محترم عزيز، مغربي ۽ مشرقي اديبن مٿين صورتن کي مختصر افساني جا اصول ڪري تسليم ڪيو آهي. ڪن ڪجهه ردو بدل ڪئي آهي، پر انهيءَ جو روح مٿين اصولن جي اندر، ڪنهن نه ڪنهن نموني سمائجي وڃي ٿو. مٿين اصولن جي امتيازي حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ به منجهن ڪجهه اختلاف آهن. مون زير بحث مسئلو مختصر نموني پيش ڪيو آهي، جيئن خط جو خط رهي ۽ مضمون جو مضمون. ها، هڪڙي ڳالهه وسري ويم– ته مٿين اختلافن جو ردِعمل اهو ٿيو آهي، جو افسانا نگارن کي آزادي ملي ويئي آهي، ۽ هر ڪنهن پنهنجي طبيعت موافق پنهنجي نئين راهه ڳولي، پنهنجي افساني لاءِ اصول ٺاهيا آهن. اها ترتيب اسان وٽ گهڻو ڪري اردو افساني جي تقليد آهي، ۽ اها روايت ڪيتري قدر مستحسن رهندي– انهيءَ لاءِ اوهان وڌيڪ سوچي سگهو ٿا. +مٿئين مسئلن تي اڃا وڌيڪ روشني وجهڻ لاءِ ڪافي گنجائش آهي. هن خط جي پڙهڻ ۽ ختم ڪرڻ وقت، ڪيترائي سوال دماغ ۾ اڀري سگهن ٿا، ۽ عام راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙو سوالنامو ٺهي سگهي ٿو. +هن کانپوءِ وقت مليو ته انشاء الله ”مهراڻ“ جي افسانن تي هڪ تنقيدي مقالو لکي، پنهنجي مٿئين مضمون جي کوٽ کي پورو ڪندس. +شيخ حفيظ +– ڀائو، ”مهراڻ“ جو پنجون پرچو مليو– پڙهيم. +”جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي“– جهونگاريندي پوري ٽماهي گهاري اٿم. وساري نٿو وسري. گيت پڙهيم– ’ديپڪ‘ دل ۾ آڳ لڳائي. نظم پڙهندي ’موهن جي دڙي‘ حال مان ڪڍي بيحال ڪري ڇڏيو. مضمونن ۾ ’رس ڀاوَ‘ مان جيڪو رس مليو، تنهن چت ۾ اڄ به چڄڙون پئي ڏنيون آهن؛ ۽ افسانن ۾ ’پشو پاشا‘ پڙهي، سڄا سارا ٽي مهينا ويچار ڪندو رهيو آهيان. +ادا، ”مهراڻ“ جي پنجين پرچي جي خصوصيت آهي ”جمال“ ابڙي جو خط– بيٺل سانتيڪي پاڻيءَ ۾ هن يار اهو ڦوڙ اڇلائي، ڇوليون ڇلڪائي ڇڏيون آهن. لکي ٿو: ”مون ’پشو پاشا‘، ’بلو دادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿي لکيو آهي.“ هي لفظ آهن ’شاهه جي ڦر‘ جي خالق جا! منهنجي خيال ۾، ”مهراڻ“ ۾ هن وقت تائين جيڪي به افسانا ڇپيا آهن، تن ۾ ’شاهه جو ڦر‘ سڀ کان سٺو آهي– ايئن کڻي چوان ته گذريل ٻن چئن سالن ۾، سنڌ اندر سنڌي زبان ۾ جيڪي به افسانا لکيا ويا آهن، تن ۾ هيءُ بهترين آهي. پر تنهن هوندي به ”جمال“ ابڙو ’بلو دادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿو ٿئي، سو ڇو؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، پر تنهن هوندي به، توهان کي توڙي ڀاءُ جمال کي عرض ڪندس ته انهيءَ سوال جو جواب اوهان به سوچيو ۽ ڏيو. +سڀ کان پهرين ته اسان کي اهو جاچڻ جڳائي، ته آخر ’شاهه جي ڦر‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ ڇوته جيڪڏهن اسان انهيءَ فرق کي سمجهي سگهون، ته پوءِ اهو به سمجهي سگهنداسين ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا ’شاهه جي ڦر‘ جي خالق کي ’پشو پاشا‘ لکڻ تي مجبور ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ ايئن ڪرڻ لاءِ، بهتر اهو ٿيندو ته انهيءَ ڏس ۾، جمال جي پنهنجي اعتراف کي آڏو رکي، اسان ’بلو دادا‘ کان ’پشو پاشا‘ تائين، سنڌي افساني جي ارتقا جاچي وڃون. +پهرين پهرين ”اياز“ قادريءَ ’بلو دادا‘ پيش ڪيو: مون کي ياد آهي ته ”اياز“ قادريءَ ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ افسانو پڙهڻ ويل، اهو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته اهو افسانو، اردوءَ جي مشهور ڪهاڻي ڪار ”منٽو“ مرحوم جي افساني ’ممو دادا‘ کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي. سچ پچ ته جيتوڻيڪ ”اياز“ قادريءَ جو افسانو منٽو جي مٿي بيان ڪيل افساني کان بلڪل مختلف هو، پر تنهن هوندي به ان ۾ ’منٽوئيت‘ پئي جهلڪون ڏئي. ’بلو دادا‘ ڪٿي به ته ڪو گٿو ڪم ڪين ٿو ڪري: بس جانگيان مڪرانيءَ جي ڪئبن جي ڪنڊ ۾ چانهه جو ڪوپ ويٺو چاڙهي. تصور ۾ ايئن ٿو اچي، ڄڻ هڪ تياڳي ويٺو عمر خيام جي ڪا رباعي جهونگاري، يا ويٺو چوي: +اسان تي الزام، آندا جڳ جيڻ جا، +جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام– +الا! ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي؟ +گهر ڪونه، گهاٽ ڪونه، لڏ ڪانه، مڏي ��انه؛ تن تنها يار ويٺو وجهه واجهائي ته ڪنهن پر هن ڪَل جُڳ جو مانڊاڻ مٽي رکي. يار ڪيو اٿس، سو به هڪڙو ماستر. ڳالهين ڳالهين ۾ ماستر سان پنهنجي روح جا راز سليندو اچي. ڄڻ چوندو هجي: ”ڀلارا سائين! هي منهنجا احساس انهن آئيندي جي ابن تائين پهچائي ڇڏج، جن کي تون پاڙهين ٿو.“ مڃجي ٿو ته بلو دادا ماستر سان سنگت ڪو ڄاڻي ٻجهي ڪين رکي هوندي، پر هت ته بلو دادا جو ڪردار اهڙو چٽيل آهي، ڄڻ جسم اٿس ئي ڪين– رڳو هڪ روح آهي، جنهن جي هر ادا مان انسانيت جي نيڪ ۽ پاڪ جذبن جي جهلڪ پئي جهلڪي. اهڙيءَ صورت ۾ ماستر سان سنگت مان به جيڪڏهن ڪو اهڙو انومان ڪڍي ته غلط ڪين ٿيندو. +هر حالت ۾، اڪيلو ”بلو دادا“ ڪري ڪجهه به ڪين ٿو سگهي؛ ۽ ڪاري، پهاڙ جهڙي عمارت ۾ رهندڙ، زهريلي نانگ جهڙي سيٺ هن کي مڪران موڪلرائي ڇڏيو، ۽ ”اياز“ قادري پنهنجي يار لاءِ ويڳاڻو ٿي ويهي رهيو. +ان بعد ”ربانيءَ“ جو ’شيدو ڌاڙيل‘ نڪتو. ”ربانيءَ“ کي شايد ”بلو دادا“ جو سڪوت ڪين وڻيو. شايد هن چاهيو ته جيڪر ”بلو دادا“ کي ”شيدو ڌاڙيل“ بڻائي، کانئس اهڙو ڪم وٺي، جو چوڌاري ”شيدو ڌاڙيل“ پيدا ٿي وڃن، ۽ هي مانڊاڻ مٽجي پوي. انهيءَ افساني جي ڇپجندي ڇپجندي، انهيءَ کي ور ور ڪري دوستن جي دائري ۾ بحث لاءِ پيش ڪيو ويو، ۽ عجيب عجيب قسم جا رايا ظاهر ڪيا ويا. اهي بحث اڃا اڌ ۾ هئا ته ’شيدو ڌاڙيل‘ ڇپجي آيو. سنڌي ماحول، سنڌي ڪردار، ذري گهٽ سچي ڪهاڻي– رڙ مچي وئي، سڀني چيو ”واهه!“ پر جيڪڏهن انهيءَ ’واهه‘ کي ٻڌي، لکندڙ ويهي رهن ته سندن دلين مان وهندڙ نارا ته سڪي بٺ ٿي پون. دوستن جي ذاتي دائري ۾ ’شيدو ڌاڙيل‘ تي جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي، سا انهيءَ کان بلڪل مختلف هئي، جيڪا رسول بخش پليجي اوهان کي لکي موڪلي هئي. ”ربانيءَ“ کي ’بلو دادا‘ سان اها شڪايت هئي ته هڪ ته اهو ڪردار رڳو ڪراچيءَ جي ڪئبنن تي ويهي پئي سگهيو، ۽ ٻيو ته نهايت ساڪت هو. ”ربانيءَ“ انهن ٻنهي ڳالهين کي خيال ۾ رکي، ’شيدو ڌاڙيل‘ لکيو. پر سندس ايئن ڪرڻ سان، جيڪي خاميون ’شيدو ڌاڙيل‘ جي ڪردار ۾ پيدا ٿي پيون، تن کي جڏهن ”ربانيءَ“ جي ڌيان تي آندو ويو ته هو پاڻ به گهٻرائجي، ڇرڪ جي ڇوهه ۾ ٻيءَ انتها تي پهچي ويو، ۽ ’ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾“ لکي ڪڍيائين. هت مختصر طور ايترو ٻڌائڻ ڪافي ٿو سمجهان ته ’شيدو ڌاڙيل‘ ۾ ”شيدوءَ“ جو ڪردار نهايت بڇڙيءَ طرح ڪري پيو آهي، ۽ ان ۾ ”ڌڱاڻي خان“ جو ثانوي ڪردار، ”شيدوءَ“ جي ڪردار تي به چڙهت ڪري ويو آهي– بلڪ ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ”شيدو“ ڪو ڪردار ئي ڪين ٿو رکي، ۽ وقت جي ڇولين تي ڇلڪندڙ ڪک پن کان وڌ ڪا حيثيت ئي ڪانه اٿس. ماستر جي مار کائي، هو خاموش ٿو رهي– انهيءَ ڪري جو ٻي ڪا واهه ئي ڪانه اٿس. سڀني کي دٻائي، ”ڌڳاڻي خان“ آڏو هو ايئن ٿو جهڪي وڃي، ڄڻ اصل کان ان جو پگهاردار نوڪر آهي، ۽ ان جي پٺ نه هجيس ته پاڻ ۾ ڪو ٽپڙ ئي ڪين اٿس. وقت ۽ حالتون کانئس سڀئي ڪڌا ڪم ڪرائينديون ٿيون رهن، پر هن جو احساس، هن جو ضمير ۽ انسانيت ايئن ننڊ ۾ پيل آهن، جو جهٽ پلڪ به پنهنجي ڪئي تي ڪو پڇتاءُ ڪين ٿو ڪري. شغل سندس هو ’زيبيءَ‘ جهڙيون سرتيون ڌارڻ. اسڪول جي موچڙن، ماءُ پيءُ جي وڇوڙي ۽ اهڙين ٻين حالتن سان سنڌ ۾ لکين ماڻهو منهن مقابل ٿين ٿا؛ پر سڀ ته ”شيدو ڌاڙيل“ ڪين ٿا ٿي پون. گهڻا تڻا ته ”ڪريم“ ٿيو پون. ”شيدو“، ”ڪريم“ ڇو ڪين بڻيو، سو ته افساني ۾ ڏيکاريل ئي ڪين آهي. ڀلا جيڪڏهن مڃجي کڻي (جيتوڻيڪ مڃڻ لاءِ ڪو بنيادي سبب افساني ۾ ڏنل ڪين آهي) ته هي سڄو مانڊاڻ منڊڻ لاءِ، ”ڌڱاڻو خان“ ئي جوابدار آهي، ته پوءِ انهيءَ جو تدارڪ؟ ’بلو دادا‘ جو سڪوت، سماج سان ذاتي ’سوشل بائيڪاٽ‘، ٻين کي ايئن ڪرڻ لاءِ پيو هرکائي؛ ۽ سچ پچ ته اهو ’سوشل بائيڪاٽ‘ هڪ اهڙو تدارڪ آهي، جيڪو دير ڪندو انڌير ڪين ڪندو. ’بلو دادا‘ ۾ ڪم آندل انهيءَ اشاري کي تبليغ ڪين ٿو چئي سگهجي، ۽ نه ئي ڪنهن ”اياز“ تي اهڙو الزام مڙهڻ جي جرائت ڪئي آهي. +خير، سو ڳالهه پئي ڪيم ته ”ربانيءَ“ ڇرڪ جي ڇوهه ۾ وڃي ’بري هن ڀنڀور ۾ ههڙا هاڃا ٿين‘ لکيو. ”بلو دادا“ کي ”شيدو“ نه بڻائي سگهيو ته کيس ”عيسو“ بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڪوشش ڪامياب هئي. ”عيسو“ هڪ مظلوم ڪردار جي لاجواب تصوير آهي، ۽ لطف اهو جو متحرڪ به آهي؛ پر افسوس جو هن جا احساس به پنڊ پهڻ مثل خاموش آهن. پڙهندڙ کي خود ”عيسي“ تي ئي ڪاوڙ اچيو وڃي؛ ۽ سچ ته انهيءَ ڪاوڙ جو ئي نتيجو هو، جو ”جمال“ ’پشو پاشا‘ لکڻ تي سنبريو. جيتوڻيڪ کيس انهيءَ ڳالهه جو احساس ڪونهي، ۽ لکي ٿو ته: ”’پشو پاشا‘، ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿي لکيو اٿم.“ ’پشو پاشا‘ بابت، ”جمال“ پاڻ جيڪي لکيو آهي، سو بلڪل مناسب آهي. لکي ٿو: ”مڃيان ٿو، منجهس اها پختگي ڪانه آهي. ممڪن آهي ڪجهه مصنوعي به لڳندو هجي........“ سچ پچ ’پشو پاشا‘ هٿرادو پيو لڳي. +خير، هر حالت ۾ ”رباني“ خواهه ”جمال“ جي اها تمنا پوري ڪانه ٿي سگهي، ته ڪنهن پر اهڙن ڪردارن مان هڪ اهڙو ’آئيڊيل‘ ڪڍي پيش ڪن، جيڪو سنڌي ماڻهو پنهنجو ڪري سگهن، ۽ ان جي نقشِ قدم تي پنڌ ڪندا، اڳتي وڌندا هلن. ”پشو پاشا“ هن دور ۾ ته سنڌ ۾ پيدا ڪين ٿو ٿي سگهي، ۽ جي ٿي پوي ته اڃا زمانو اهڙو سازگار ڪين آهي، جو اهو ڊرامو کيڏي سگهي. +سمجهان ٿو ته انهيءَ سڄي وچور مان، اها ڳالهه ثابت ٿي وئي هوندي، ته اسان سنڌين جو سڀاءُ اهڙو آهي، جو سانتيڪي ڪردار کان اسان متحرڪ ڪردار کي وڌيڪ پسند ٿا ڪريون. ”رباني“ انهيءَ ڪري ’بلو دادا‘ جي مقابلي ۾ ’شيدو ڌاڙيل‘ ٿو لکي، ۽ ”جمال“ انهيءَ ڪري ئي ’شيدو ڌاڙيل‘ ۽ ’ههڙا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾‘ کي ڏسي ’پشو پاشا‘ ٿو لکي– اهو آهي عام لاڙو اسان سنڌي ليکڪن جو. +هاڻي سوال ٿو اٿي ته اسان سنڌي انهيءَ ڍنگ ۾ ڇو ٿا ويچاريون؟ ڀائو، مون انهيءَ تي گهڻو ويچاريو آهي. چئي نٿو سگهان ته ڪيتري قدر صحيح فيصلي تي پهتو آهيان، پر تنهن هوندي به جنهن فيصلي تي پهتو آهيان، سو دوستن آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجهان. +منهنجي خيال موجب، انهيءَ لاءِ سنڌي سماج جي ذهني ارتقا گهڻي ڀاڱي جوابدار آهي. آخر به اسين ليکڪ به ته انسان آهيون. ايئن ڪيئن ٿي سگهندو ته پنهنجي ماحول کان متاثر نه ٿيون؟ ڪچيءَ کان امڙ ڪنن ۾ وڌو ته ”جڏهن رُڃ ۾ رُلبو آهي ته ’خضر‘ اچي دڳ لائيندو آهي“– جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين ته عجيب عجيب شخصيتن جا عجيب عجيب قصا ٻڌندا رهياسين. هاڻي حالت اها آهي، جو گهر پيو سڙيئون، ڍينگو پيو ڍيري ٿئيئون، اگر تگر پيو لُٽجي– پر ويٺا آهيون انهيءَ آس تي، ته اجهو ’نون لکن پيرن‘ مان ڪو هڪڙو پاسو ٿو ورائي، ۽ سالن جا سور پلڪن ۾ لاهي. نه اهڙو ڪو ’پير‘ اٿندو، ۽ نه اسان جو ڪو بلو ڀيڻي ٿيندو– سو توهان به ڄاڻو ٿا ۽ آءٌ به سمجهان ٿو. جن پاڻ گهوٽِي تن ڪالهه به پيتي، اڄ به پين پيا ۽ سڀاڻ پڻ پيئندا– سا ڪا لڪل حقيقت ڪانه آهي. پر تنهن هوندي به ”ربانيءَ“ جي رڳ ٿي ڦڙڪي، ته ٻيو ڪو پير فقير نه ڏسي، جهليو ”شيدو ڌاڙيل“ کي، آڻيو پڙ ۾ پيو بيهاري. ”جمال“ ابڙو جو ڏسي ٿو ته نڪو ٻيلي، هن يار به ٻوٽو ڪين ٻاريو؛ سو ”پشو پاشا“ کڻيو گهڙي. مطلب ته هي نوان ’پير‘، نوان ’خضر‘ پيا گهڙجن، جيڪي ڪرامتن جا ڌڻي ته ڪين آهن، البت هڪ نه ٻي ڏات اهڙي کنيو اچن، جيڪا هزار ڪاني ڪرامتن جو مٽ ٿيو پوي، ۽ اهڙيءَ طرح ليکڪن جون سڪون پوريون ٿيون پون، ۽ پڙهندڙن لاءِ آفيم جي خمارن جهڙي موج مهيا ٿيو پوي. +پر ڀائو، اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي ٿي رهي ته جهڙيءَ طرح قبرن ۾ ستل پير، قيامت تائين پاسو نه ورائي سگهندا، تهڙي طرح ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”پشو پاشا“ به ڪجهه ڪين ڪري سگهندا. اسان جو سنڌي سماج اهڙي دور مان گذري رهيو آهي، جتي اهي ڪردار ڪڏهن به پنهنجو ڪردار (Role) ادا نه ڪري سگهندا، جيڪو ”جمال“ ۽ ”رباني“ چاهين ٿا. ”بلو دادا“ ته رڳو ڪراچيءَ جهڙي شهري ماحول ۾ ئي اسري سگهي ٿو. +هاڻي سوال اهو ٿو اٿي ته تڏهن ڀلا سنڌ ۾ ڪهڙو ڪردار اٿِي، پاڻ موکائي سگهي ٿو؟ ڀائو، منهنجو خيال آهي ته سنڌ ۾، جيڪڏهن ڪو ڪردار اٿي سگهي ٿو ته اهو آهي ”مريم“ جو– جيتامڙي ننڍڙي، مکڙيءَ سمان نازڪڙي، نه اٿس ڇل نه ڦند ۽ مستن جيان نعرو پئي هڻي: ”ماما!“ ڪير شاهه جو ڦر آهي، يا گدا جو– هن کي انهيءَ جي پرواهه ئي ڪانه آهي. ڀلا جهليس ته ڪو! مڙندي؟ اصل نه، سائين! اصل نه مڙندي. ازلئون اصول کڻي آئي آهي، ۽ نعرو پئي هڻندي وتي: ”انسان سڀ هڪ جهڙا آهن.“ ۽ ”شاهه جو ڦر“ جڏهن هن جي انهيءَ نعري کان گهٻرائجي ٿو اٿي، جڏهن ذات پات جي ڀيد ۾ انسان انسان جي وچ ۾ کڙيون ڪيل ديوارون، هن کي ڪرنديون ٿيون نظر اچن، جڏهن هو ڏسي ٿو ته جنهن ڀيد جي سبب سوين ماڻهو عقل هٿان وڃائي، هزارين رپيا کيس ڏن ڪري پيا ڏين، سو ڀيد هن ڇوڪريءَ جي هڪ لفظ سان ريٽجڻ شروع ٿيو آهي ته هو پاڳل ٿو ٿي وڃي ۽ پوءِ.......... پوءِ به ”ماما سائين پئسو......“ ڪين مڃيائين ڀائو! ڪين مڃيائين. ”مريم“ هار نه مڃيندي، ۽ جڏهن ”مريم“ ”شاهه جي ڦر“ جي لت کائي، گولاٽيون هڻندي وڃي قبر ۾ پوندي ته سوين هزارين ’مريمون‘ سنڌ ۾ پيدا ٿي پونديون؛ شاهه جي ڦر کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڳيو: ”ماما، ماما“ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو– ذات پات جا ڀيد ڀڄي پوندا، انسان انسان ۾ ڪو فرق ڪين رهندو، ۽ هي مانڊاڻ مٽجي پوندو. +يارن جي افسانن تي گهڻو ڪجهه لکي ويٺو آهيان. پڪ اٿم چڙندا اصل ڪين؛ ڇوته جن کي سنگيت سان سڪ هوندي آهي، سي ڳائڻي جي منهن ڏي نهارن ئي ڪين– اکيون ٻوٽي آواز جي تار تي پيا توندا، ساز جي آواز تي لنو لنو منجهه لڳاءُ پيو لڇندن. هاڻي پاڻ تي به ساڳين ويچارن سان ٽيڪا ڪيان ته چڱو. +’امان، مان اسڪول ڪين ويندس‘ ”مهراڻ ۾ ڇپجي چڪو آهي. ”گلڻ“ منهنجي خيال ۾ مريم جو ننڍو ڀاءُ آهي. ’ننڍو‘ چيم، جو اهو رتبو ”گلڻ“ کي نصيب ڪين آهي، جيڪو ”مريم“ پئي ماڻي. ۽ وري ’مبارڪون‘ ۾ مون اهڙو ته ڌڪو کاڌو، جو ڳالهه ئي نه ڪجي. رسول بخش پليجي جيڪي ڪي انهيءَ بابت ”مهراڻ“ ۾ ڇپرايو آهي، سو انهيءَ کان بلڪل مختلف آهي، جيڪي هن مون کي روبرو چيو. ”مهراڻ“ ۾ ته رڳو ٽن سٽن ۾ ايئن چئي ڳالهه اڪلائي اٿس ته افساني جي پڄاڻي درست ڪانه آهي؛ پر روبرو مليو ته مڙس مڇري پيو. چي: ”تون ٿيندو ڪير آهين، جو اسان جي افسانن جي ايئن ٻيڙي ٻوڙين؟“ وايون بتال ٿي ويم. ڀُل به سچ پچ ڀلن جهڙي ڪئي هئم، پر انهيءَ جو تدارڪ ڇا پئي ڪري سگهيس؟ لک معافي پنيم، اصل روئڻهارڪو ٿي ويس؛ پر جي پليجو مڙي! جٺ ڪيائين جٺين جهڙي. نيٺ سائين، جڏهن سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائيمانس ته ڪيئن هڪ دوست اهو حادثو مون کي ٻڌايو، ۽ ڪيئن انهيءَ حادثي کان متاثر ٿي، آءٌ انهيءَ پڄاڻيءَ ڏانهن گهلجي ويس، تڏهن مس مس انهيءَ واعدي ڪرڻ تي معافي ڏنائين ته جڏهن ٻيهر ’مبارڪون‘ ڇپبو ته پڄاڻي سڄي مٽي رکبي، ۽ اها ڪوڙي سوڀ جيڪا ”گلڻ“ ۽ ”جانل“ جي پاند سان زوريءَ اٽڪائي وئي آهي، تنهن کي ڪوري، ايئن ڏيکاربو ته هي ٻئي معصوم ماحول هٿان مجبور ٿي، ڪتو به کائن ٿا ۽ ڪک به نٿي ڀرجين. +’مبارڪن‘ پڄاڻا، منهنجي افسانن ۾ ’عيد جي رات‘، ’مکڙي مرجهائجي وئي‘ ۽ ’زمانا‘ ذڪر لائق آهن. ’عيد جي رات‘ نئين سنڌ اخبار جي عيد نمبر ۾ ڇپجي چڪو آهي. ’مکڙي مرجهائجي وئي‘ هن اشاعت لاءِ پيو موڪليان. رهيو ’زمانا‘– سو ته اڃا مون پنهنجو پاڻ به پڙهي پورو نه ڪيو آهي. ٽنهي افسانن ۾ نئين واهه وهي هليو آهيان. آئيندي لاءِ اميد اٿم ته منهنجا ڪردار ڪڏهن به خاص شخصيتون ڪين بڻبا، ۽ معمولي ڏکن سکن ۾ ٻين سئون ئي رهندا. البت ڏک سهندي، سندن ساهه پيو سٽون ڏيندو، روح پيو ريلا هڻندن، انسانيت پئي اڇلون هڻندن– ۽ پوءِ جڏهن اهي ڪردار افسانن مان نڪري، حقيقي بڻجي پوندا ته انهن ڏکن جي پڄاڻي اچي ويندي– سچ ته مانڊاڻ مٽجي پوندو. +ڀلا ڀائو، هاڻي موڪلايان. پوئين پهر جي هير گهلڻ شروع ٿي آهي. چنڊ ڪونهي، چانڊاڻ ڪونهي– هن اداس موسم ۾ مون کي هن هير کي غنيمت سمجهڻو ٿو پوي. هاڻي هيءَ هلڪڙن سيساٽن چيٽن جي سر ۾ پنهنجو راڳ ڇيڙيندي ۽ مون کي ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ڪو لولي پيو ڏئيم ۽ آءٌ سمهي رهندس. مان سمهي اٿندو آهيان ته صبح ٿي چڪو هوندو آهي. پر ڀائو! دل ۾ هڪ آس اٿم: الائجي اهو صبح ڪڏهن ٿيندو، جنهن لاءِ واجهائيندي ورهيه ٿيا آهن، ۽ جنهن جي طلب ۾ تن من پيو تڙپي! +ٺهيو، آءٌ حال ته سمهان ٿو. شايد صبح اهو صبح هجي ۽ مون کي ستل ڏسي، چوريءَ چوريءَ اچي چوڌاري چٽجي بيهي– ماڻا پيو ڪري، لڪي لياڪا پيو پائي؛ سمهان ته شايد ڇند ڇڏي پڌرو ٿئي. +- اوهان جو........... +مس شمس صديقي +– ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ“ جي نئين سال جو پهريون پرچو منهنجي اڳيان رکيو آهي. منهنجون اکيون ڪوٽڙي بئراج جي تصوير ۾ کتل آهن. سدا وهندڙ واهه جي ڪناري، زبون حال هاريءَ جي تصوير– ”ڪنڌيءَ سڪائين ڪانهه، ٻاهر ٻيلا ٻوڙيين!“ – ڪير ڄاڻي ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا باب هن هڪ مصرع ۾ سمايل آهن! ”مٽي پاڻي مولا جا، اناج اُپايون اسين، ۽ ڪُٽيون کائين ٻيا؛ اڳتي ايئن ڪونه ٿيندو!“ – جناب ايڊيٽر، توهان سان گڏ منهنجي به دعا آهي ته شال اهڙو وقت جلد اچي! +”مشرف به اسلام ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندا پئي ٻڌبا ۽ ڏسبا هئا، پر ملڪن ۽ قومن جي نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي– تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پئي اٿئون!“ – خدا جو شڪر، توهان کي خبر ته پئي. هينئر به هوش آيو، ته جلد آيو؛ پر خدا ڪري جو اها هوشمندي جٽاءُ ڪري....... وقتي جوش نه ثابت ٿئي. هاءِ گهوڙا مچائي ويهي رهڻ ته اسان سنڌين جي عادت آهي. جذبات جي رو ۾ اچي، ”اسلامي جمهوريت“ جي ٻن چئن چُٽڪين ڦاڙڻ سان، ڪو سنڌ کي سنڌي ڪانه ملي وئي، ۽ نه وري سنڌ جي تمدن جي حفاظت، ”نعرهء مستانه“ سان ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لاءِ رياض جي ضرورت آهي– منظم تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن کي هلائڻ لاءِ خلوص کپي، لگن کپي؛ پنهنجي مقصد کي پائڻ جي تمنا هجي؛ زنده دل، بيدار دماغ ۽ بصيرت افروز نگاهه جي ضرورت آهي. مرده دليون ۽ ستل دماغ صرف نعرا ئي هڻي سگهن ٿا. خالي ٿانوَ هونئن به گهڻو کڙڪندا آهن. صرف سوچيندي رهڻ سان سوراج ڪونه ملندو آهي- کوهه پياسن وٽ هلي اچن ها، ته وهندڙ واهه جي ڪنڌيءَ، هاري پياسا نه مرن ها. اهوئي سوچيندو رهڻ ته ”غيرن جي هٿ ۾ وطن وارن جو ڇا ٿيندو!“ – وطن کي غيرن جي چنب�� مان ڪونه ڇڏائيندو. آزاديءَ جو سوچيندي رهڻ سان ڪوٽ جا ڪنگرا ڪرن ها، ته مارئي جيڪر واويلا نه ڪري ها. وقت جي تقاضا آهي ته اسين پنهنجن احساسن کي عملي جامو پهرايون– پنهنجيءَ تهذيب، پنهنجي تمدن کي عزيز رکون، پنهنجي ٻوليءَ جِي جيءَ جان سان حفاظت ڪري، سنڌ جي آبرو رکون..... پنهنجي عزت ٻين کي ڪرڻ سيکاريون. پر، اسان جي گهر کي باهه گهر جي چراغ مان لڳي– ٻين کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي! ڪنهن قوم جي آئين ۾ جاءِ زنده زبانن کي ملندي آهي، جيڪي ارتقا جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪري سگهن– نه انهن ٻولين کي، جن جون پاڙون پنهنجن ئي جي هٿان کوکليون ٿي رهيون هجن! جتي اسان جي قوم جا ”ناخدا“، اسان جا صاحب سلامت حضور.... ۽ اسان جا آسوده حال تعليم يافته صاحب بهادر پنهنجن ٻارن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ کي فخر سمجهن، جتي ڌاريءَ ٻوليءَ کي پنهنجي ٻوليءَ تي ترجيح ڏني وڃي– جت پنهنجي ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ ان جي موسيقيت کي– جنهن جا پرڏيهي به قائل آهن– وساري، غير زبان جي نامانوس لهجي کي پنهنجو ڪرڻ ۾ وڏ ماڻهپائي محسوس ڪئي وڃي– ات سنڌ جي تمدن، سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ تمدن هميشہ اميرن جي پاڇي ۾ پلبو آهي– اها تاريخي حقيقت آهي– زبان به هميشہ امير طبقي جي سرپرستيءَ ۾ ٺهندي سڌرندي آهي. زبانن جي خوبصورتي، ان جي سونهن ۽ سوڀيا خواص جي توجهه جي مرهون منت ٿيندي آهي. اهو سڀ ڄاڻندي به سنڌ جا رسالا ۽ اخبارون امير طبقي جي انهيءَ اُرهه زورائيءَ تي خاموش آهن! قوم جي نئين نسل کي پنهنجي ٻوليءَ کان بيگانو رکيو وڃي، ۽ سنڌ جا اديب ۽ شاعر ڏسندا رهن! پنهنجو سرمايو اهڙي صبر سان لٽجندو شايد ئي ڪنهن قوم ڏٺو هوندو. ادا، آئين ۾ جاءِ زنده قومن کي ملندي آهي! +”مهراڻ“ جي نظم جو حصو تحقيق حسن انتخاب جو هڪ نمونو آهي– خاص ڪري ”اياز“ جو نظم: ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي!“ – شاعر جي شاعريءَ جي نئين موڙ طرف اشارو آهي. خدا جو شڪر، سنڌ جي هن زبان دان، صاحب طرز شاعر کي زلفن جي پيچ ۽ خم مان نڪرڻ جي فرصت ته ملي. زندگي صرف ’شاهد‘ جي نازڪ لبن کي گلاب جي گلن سان تشبيهه ڏيڻ جو ئي نالو نه آهي: زندگيءَ جو تعبير هيءُ احساس به آهي ته: +”ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي، +آيا گهر ۾ اوپرا، نڪري ويا نيهي، +پراوا پيهي، والاري ويا سنڌڙي!“ +ڪنهن قوم جو ادب ان قوم جي تهذيب ۽ تمدن، اخلاق ۽ ڪردار جو آئينه دار ٿيندو آهي. شاعر جي شاعري سندس دور جي تاريخ ٿيندي آهي. جنهن شاعر جو ڪلام روح عصر کان عاري آهي، ان شاعر جي شاعري صرف ”بنيادي سچ“ جي سهاري زندهه ته شايد رهي سگهي– انهن بنيادي عالمگير جذبن جي سهاري، جيڪي هر قوم ۽ هر دور ۾، ازل کان وٺي اڄ تائين ۽ اڄ کان وٺي ابد تائين ساڳيا رهيا آهن ۽ رهندا، مثلاً عشق ۽ استغراق، مي ۽ مينا، داستانِ زلف و زنخدان– پر اها شاعري قوم جي تمدني تاريخ جي صفحات کي زينت نٿي بخشي سگهي. شاعر زندهه جاويد پنهنجي قوم جي تمدني تاريخ ۾ ئي رهندو آهي. +”موج“ جو ”پروڪا پيرون“ شاعراڻي تاثير جو چڱو نمونو آهي. ”تنوير“ عباسيءَ ۾ ’مستقبل جي شاعر‘ ٿيڻ جون صلاحيتون موجود آهن. گوورڌن جو ’پيم جي آس‘ سنڌي ۽ هنديءَ جي امتزاج جو سهڻو نمونو آهي. +توهان کي خبر آهي ته روزمره جي گفتگو کان الڳ هڪ ادبي زبان به ٿيندي آهي؛ زبان جا معمار اديب ئي ٿيندا آهن؛ زباني گفتگو ۽ لکيت ۾ ظاهر آهي ته فرق ٿيندو آهي. مسٽر جمال ابڙي جو افسانو ”پشو پاشا“ پلاٽ جي لحاظ کان ترقي پسند سهي، پر زبان جي لحاظ ��ان ڪٿي ڪٿي مون کي ٿورو ڪمزور لڳو– لفظي تناسب منجهس ڪجهه گهٽ، ڀرتيءَ جا ڪيترا لفظ منجهس استعمال ٿيل ڏٺم، جن ڪن ڪن جاين تي جملن جي ترتيب کي ٽوڙي، اصل مفهوم کي وڃي ضرر پهچايو آهي– مثلاً ”پشوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا هئا“– ’آثار‘ ۽ ’ٽپڪڻ‘........ الفاظ تجربا ٿيندا آهن، هڪ مخصوص مفهوم رکندا آهن، انهن جي هڪ مخصوص نشست هوندي آهي؛ لفظن جو استعاراً استعمال روا آهي، پر انهيءَ ۾ به ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي ته لفظ پنهنجو حقيقي مفهوم جيئن نه وڃائي ويهن، نه ته اوپرا لڳندا....... آثار ظاهر ٿيندا آهن، عيان هوندا آهن، بَکندا آهن، جهلڪندا آهن– هيءُ جملو ايئن به ٿي سگهي پيو ته ’پشوءَ جي هر حرڪت مان زندگيءَ جا آثار بکيندا هئا يا جهلڪندا هئا!‘ ساڳيءَ پئرا ۾ ”اُڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو هو“– پيالن جو ڇلڪڻ، اکين کي پيمانن سان تشبيهه ڏيئي انهن جو ڇلڪڻ، ته پڙهيو هوسين؛ ماڻهوءَ جو اڇلون ڏيڻ ۽ ڇلڪڻ!....... پشوءَ جي ڳالهه هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه آهي يا درياهه جي؟ +گوورڌن محبوباڻيءَ جي گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل ڪهاڻيءَ ۾ گيت جهڙو ئي ميٺاج ۽ خوبصورتي آهي؛ من موهيندڙ طرز تحرير ۾ هڪ سندر ڪهاڻي آهي؛ جنهن جي اختصار ۾ به حسن آهي. ”لوئي“ جو پلاٽ سٺو آهي. ”ناڪام محبت“ نهايت ئي ناڪام افسانو آهي. +افسانن جا ترجما هر لحاظ کان سٺا آهن– خاص طور ”طوفان“ جهڙي مڪمل افساني جو ترجمو سهڻي نموني ڪيو ويو آهي. ڪڇي ۽ ٿري ٻوليءَ جو ناٽڪ ”واڀيڙو“ مون کي ڏاڍو وڻيو. جناب ڏيپلائيءَ جي ڪوشش قابلِ ستائش آهي. اهڙيءَ طرح توهان آئينده به سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جي ٻولين ۾ سنڌيءَ جي جدا جدا محاورن جا عڪس پيش ڪندا رهندا، ته اسان جي ادب ۾ هيءُ هڪ دلچسپ اضافو ٿيندو. +مقالن ۾ پروفيسر ملڪاڻيءَ جو ”ادب يا ساهت ڇا آهي“– مختصر هوندي به ڪارآمد آهي. سنڌي زبان ۾ تنقيد جو وجود نه هئڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن پروفيسر موصوف کان توهان کي ادب ۽ تنقيد تي سير حاصل مقالا آئيندي به ملندا رهن، ته پوءِ شايد سنڌي ادب هن اعتراض جو جواب ڏئي سگهي ٿو ته ’سنڌيءَ ۾ تنقيد جو وجود محض فرضي آهي– اقليدس جي خيالي نقطي برابر!‘ توهان جا ٻيا مقالا نگار صاحب به جيڪڏهن هن ڳالهه جو خيال رکن ته تحقيق بغير تنقيد جي بعض دفعا لايعني ٿي پوندي آهي، ته نهايت بهتر ٿئي. محض تحقيق ڪائي معنى نٿي رکي– جهڙيءَ طرح محض بنياد جنهن تي ڪائي عمارت نه تعمير ڪئي وڃي، ڪا اهميت نٿو رکي. تحقيق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ سر ساهه جو لاڳاپو آهي. محقق ته هرڪو بنجي سگهي ٿو– ڇوته انهيءَ ۾ صرف رياض ۽ ڪاوش جي ضرورت آهي– پر نقاد ٿيڻ هر ڪنهن لاءِ آسان نه آهي. خالق ٿيڻ هونئن به مشڪل آهي. ساڳئي وقت، سنڌي ادب کي نقادن جي گهڻي ضرورت آهي– توهان جي مقالا نگارن ۾، گهٽ ۾ گهٽ، پروفيسر صاحب ته انهيءَ طرف ڌيان ڏيئي سگهن ٿا. الف ليلى جي پراڻن قصن کي آخر ڪيستائين پنهنجي توجهه جو مرڪز بڻائيندا رهندا؟ +--- اوهان جي ڀيڻ............ + + +”بشير“ مورياڻي +– ڀائو، خوش هجو شال! حيدرآباد مان گرامي صاحب ”شاعر“ ڪڍيو آهي– ڏٺم. ان ۾ جناب عزيز الله ”مجروح“ جو هڪ ”پابند“ نظم شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن ”آزاد نظم“ کي گهڻي قدر ننديو آهي، ۽ ان جي اهميت کان ئي انڪار ڪيو اٿس– بلڪ آزاد نظم لکندڙن کي ”غير ادبي گاريون“ به ڏنيون اٿس؛ ۽ اهي گاريون وري پنهنجي امام خليل بن احمد جي قائم ڪيل ”پابند شاعريءَ“ ۾ ڏنيون اٿس. قدامت پسند هر نئين شيءِ جي اول اول مخالفت ڪندا آهن، ۽ پوءِ ان کي قبول به ڪندا آهن، ۽ اختيار به. +سنڌي آزاد نظم جي عمر مشڪل سان ڏهه سال کن ٿيندي. 1947ع ۾ شيخ ”راز“ آزاد نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. هن کانپوءِ، شايد سنڌ ۾ ڪنهن ڪوشش ڪئي نٿي ڏسجي. ٿورن وقفن کانپوءِ، البت شيخ ”اياز“ ڪجهه نه ڪجهه ان نموني جو شعر لکندو رهيو. ”مهراڻ“ جي نئين دور آزاد نظم کي وري جياريو.* +”آزاد نظم“ جي جيڪي ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن، انهن يا ته انگريزي شاعريءَ جو مطالعو نه ڪيو آهي، جو خبر پوين ته ڪيتريون نه سٺيون شيون، ان صنف ۾ لکيون ويون آهن. اڙدو ٻوليءَ ۾ پڻ اڪثر شاعرن شاندار ڪاميابيءَ سان ”آزاد نظم“ لکيو آهي. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ اهڙيءَ ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ ممڪن نٿا سمجهن؛ ۽ تنهنڪري ئي مخالفت ڪري، انهيءَ نئين صنف کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. منهنجو خيال آهي ته ”آزاد نظم“ ۾ جيڪڏهن توانائي آهي، زنده رهڻ جي صلاحيت آهي ته ان کي ڪوئي به ختم نه ڪري سگهندو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن نون شاعرن ڏٺو ته ان جي وسيلي، هو پنهنجي خيالن جو اظهار چڱيءَ طرح نٿا ڪري سگهن ته سنڌي آزاد نظم شايد ختم ٿي وڃي. ان هوندي به ”آزاد نظم“ جي اهميت ڪا ختم ٿيڻ جي آهي؟ +سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ڪامياب ڪوششون ان ڏس ۾ ٿيل آهن: سڀ کان پهرين، ڪامياب آزاد نظم شيخ ”راز“ جو ”غريبي ۽ اميري“ آهي. هن ٻيا به ڪيترا ڪامياب آزاد نظم لکيا آهن، جيڪي هن جي شعر جي ڪتاب ”سارنگ“ ۾ ڇپيا آهن، ۽ ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“ وغيره رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. تنهن کانسواءِ ”اياز“، ”شمشيرالحيدري“، ”برده“ سنڌي ۽ ٻين دوستن پڻ نهايت چڱيون چيزون پئي لکيون آهن. مون پاڻ ”آزاد نظم“ طرف ڌيان پئي ڏنو آهي. +”آزاد نظم“ جي معنى اها ناهي ته وزن، بحر ۽ شعر جي اصولن کان ”آزاد“– بلڪ فارسي بحرن جي مقرر ٿيل رڪنن کي گهٽائڻ وڌائڻ سان، آزاد نظم جڙي ٿو. آزاد نظم جي اهميت هڪ مثال ڏيئي ظاهر ڪندس: اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ”پابند نظم“ ۾ وڌاءُ هوندو آهي– يعني ڪن هنڌن تي ڪي غير ضروري ڳالهيون به اچي وينديون آهن، جن جو موضوع سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي. ايئن ڇو؟ – ڇاڪاڻ ته خيال ايترو مختصر هوندو آهي، جيڪو جيڪر چئن رڪنن ۾ اچڻ بدران ٻن رڪنن ۾ اچي ته سٺو ٿئي. پر ڇاڪاڻ ته بحر ۽ وزن جي پابندي آهي چئن رڪنن ۾ شعر چوڻ جي، تنهنڪري انهيءَ جذبي يا خيال کي ڇڪي تاڻي، لفظن کي وڌائي ۽ دهرائي، انهيءَ پابنديءَ جي پورائي ڪئي ويندي آهي. ان جي ابتڙ وري ڪنهن شعر ۾، خيال ۽ جذبي جو ڦهلاءُ مقرر رڪنن کان وڌي ويندو آهي، ۽ شاعر مختصر طور ۽ ڪَٽ سَٽ ڪرڻ بعد، انهيءَ خيال يا جذبي کي مقرر رڪنن تي بيهاري، نظم تيار ڪندو آهي؛ انهيءَ ڪري شعر ڦڪو، ٻُسو ۽ اثر کان خالي ٿي پوندو آهي. +”آزاد نظم“ ۾ خيال ۽ جذبي جي ڦهلاءَ، ۽ رڪنن گهٽائڻ وڌائڻ جي سهولت هجڻ سببان، تاثر وڌيڪ هوندو آهي. آزاد نظم ۾ جيڪڏهن قافين جو ٿورو خيال رکيو وڃي (آءٌ رکندو آهيان) ته ان جو اثر ۽ اهميت اڃا به وڌي سگهي ٿي. +– اوهان جو............ +[مهراڻ: 2-1956] +مينڌري ع . سعادتي +- جناب اعلى، ”مهراڻ“ جي نئين سال جي ٻي موج به ڏٺيم: نيون لهرون انهن ۾ نئون خيال، نيون ڇوليون اُنهن ۾ نئون جوش، نوان ڪـُن ڪڙڪا انهن ۾ نئون امنگ ڏسي، ساعت کن لاءِ بيخود ٿي ويس. ڀانيم پئي، ”مهراڻ“ ته عمر خيام جي رباعي آهي- نهايت وڻندڙ، مٺڙي ۽ پياري پياري! +مان بڙڇي مان گهاءُ، مان ئي وار وجود تي؛ +مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو. +اسان جو ۽ سنڌيءَ جو ساڳيو معاملو آهي، پاڻ ئي سنڌيءَ کي ختم ڪري، پاڻ ئي سندس مزار جا مجاور ��ي ماتم ڪريون ٿا. معلوم ناهي آخر اسان جي واءِ ويلا جو رد عمل ڇا ٿيندو؟ هن دفعي ”مهراڻ“ واقعي مهراڻ جون سـِڪون ٿي لاٿيون. شيخ اياز جي وائي نهايت رقت انگيز آهي. هري ”دلگير“ جو ”آهه ڪٿي پهتو انسان“ گيت نويسيءَ ۾ نئون موڙ آهي- ڇو ته عام طرح گيت ۾ ساده و معصوم فطرت جا امنگ ۽ پيار پڇتاو جون ڳالهيون هونديون آهن، پر هن ڀيري نئون رنگ ڍنگ ڏسي حيران رهجي ويس. گوورڌن جي ”رات راڻي“ نهيات وڻندڙ ۽ سهڻي آهي. بشير مورياڻيءَ جو ”وچ اوڀر“ واديء نيل جي فرزندن جي للڪار آهي؛ ”وچ اوڀر“ ۾ پيغمبرن جو مقدس پيار گونججي رهيو آهي، ان ۾ خليل جبران جي شاعريءَ جو روح چرندو پرندو محسوس ڪري رهي آهيان، عالمي مستن جا روح مقبرن اندر پريشان پريشان ڊوڙي رهيا آهن؛ شايد نيل کي نئين قرباني گهرجي- نئينءَ ڪنوار جي، جنهن جو ڳانو ۽ ميندي رت سان رڱيل هجي. ”سڀڪا مومل سڀڪو راڻو“ ”اياز“ جي شخصي معيار جي خلاف آهي، تعجب آهي ته اياز اهڙي سٽ ڪهڙيءَ ڪيفيت هيٺ لکي! جناب گرامي صاحب جي ”عورت“ نهايت سطحي آهي، موجوده وقت جي تقاضائن موجب اهو موضوع نهايت پراڻو ۽ بيڪار ٿي چڪو آهي. هونئن به گراميءَ جي شعر ۾ هو سيلاب نه رهيو آهي، ان ۾ فقط موٽي ويندڙ ڇوليءَ جي ڇـَرَ ٿي نظر اچي؛ گذريل جذبات جو تصور ڪيستائين ساٿ ڏيندو؟ ڇو ته شاعري به ڪاليءَ وانگر نت نئين خون تي راضي ٿيندي آهي. +”مڪلي نامه“ ته صفا ڪڪ ڪري وڌو، ڇو ته صفا فارسيءَ ۾ هو؛ اسان پارين کي سنڌي به مشڪل سان اچي، سو فارسي ڪٿان ايندي؟ اها معياري ۽ ادبي رسالن جي پيروي ناهي، فقط اوهان جند ڇڏائڻ جو بهانو بڻايو آهي. طويل ۽ خشڪ مضمون ڀل هجن، پر ايترو ته احساس ڪريو، جو سنڌيءَ ۾ هجن. ”مڪلي نامه“ فقط محدود طبقي لاءِ مخصوص دلچسپي ۽ فائدو رکي ٿو. اوهان کي هڪ عام معيار رکڻ کپي، جن کي فارسي نٿي اچي سي ”مڪلي نامه“ کي ڇا ڪندا؟ ضرور هلڪيءَ ٿڪاوٽ سان ئي پنا اٿلائيندا اٿلائيندا اڳتي هلندا ويندا. نتيجو اهو نڪرندو ته نه هڙ حاصل ٿيندو نه مزو. سنڌي ادب ۾ ٻيا اڃان ڪي ئي موضوع رهيا پيا آهن، جن جي اسان کي سخت ضرورت آهي. متان ائين سمجهو ته اهو منهنجو ڏوراپو ۽ ميار آهي يا البيلائي ۽ الغرضائي، البت اها عام سنڌي تعليم يافته طبقي جي پسنديدگيءَ جي پارت ضرور آهي. ڇو ته ادب انهن لاءِ ئي تخليق ڪيو وڃي ٿو، اهي ئي ان کي هنڊائيندا ۽ سانڍيندا. تنهنڪري ڀلي زياده تحقيقي مقالا شايع ڪريو. فقط ٻه لفظ ايترا چونديس ته سنڌيءَ ۾ مضمون هجن، پرواهه ناهي کڻي طويل هجن. +اوهان تنقيدي ادب لاءِ فرمايو آهي. درحقيقت جيستائين تنقيد نه هوندي، ته صحتمند ادب تخليق نه ٿيندو. سنڌي ادب ۾ اهڙو خاص تنقيدي ادب تي ڪتاب ڪونه ٿو ملي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ويهي تحقيقات ڪجي. لاچار جن کي فارسي ۽ عربي اچي ٿي، سي ان مان فائدو وٺن ٿا؛ جن کي انگريزي اچي ٿي، سي ان جي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ ويهي مقالو تيار ڪن ٿا. پر اسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ جن کي نه اچي فارسي، نه فرنگيءَ جي زبان! مون به تنقيد جي ڏسَ ۾ ڪجهه روانو ڪيو آهي، خبر ناهي ان جو ڇا ٿيو؟ اوهان تنقيد جا اصول مقرر ڪيا آهن، سي صحيح آهن. مان پنهنجي مضمون متعلق ايترو ضرور چونديس، ته نه آهي تنقيد نه تبصرو، وچان ڪجهه ٻي شي آهي. منهنجي تنقيدي مضمون جو عنوان آهي ”شيخ اياز ۽ سندس ادب“. مضمون جا ٻه بنيادي حصا آهن: (1) ”شيخ اياز“، جنهن ۾ سندس ذات بابت ۽ زندگيءَ بابت احوال آهي، ۽ (2) ”سندس ادب“- ان ۾ فقط سندس ادب متعلق لکيو ويو آهي. اهو مضمون مون وليم سمرسيٽ ماهم جي ڪتاب ”ڏهه ناول ۽ انهن جا مصنف“ (انگريزي) جي نوع تي لکيو هو. انهيءَ ۾ مصنف جي زندگي به آهي ۽ سندس ادب تي تنقيد پڻ. سو، متان ذاتيات جي غلط فهميءَ ۾ اچي ڪجهه ٻيو فيصلو ڪريو. ان ڪتاب جي پڙهڻ بعد اوهان کي منهنجي مضمون جي نوعيت جي خبر پوندي. پڪ اٿم ته مضمون ۾ ڪا به فنڪارانه جدت يا تنقيدي عنصر ڪونهي، ته به اميد اٿم ته محنت اجائي نه ويندي. +1956ع واري پهرئين پرچي ۾ مسٽر جمال الدين صاحب ۽ اوهان جو مختصر افساني متعلق بحث پڙهيم. هن دفعي شيخ ”راز“ ۽ شيخ ”حفيظ“ به ميدان ۾ آيا آهن. اسان کي اهڙن بحثن جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته ان ڪري ڪي ئي ڪمزوريون ظاهر ٿي پون ٿيون، جي بعد ۾ درست ڪرڻ گهرجن. اوهان وٽ مختصر افساني جو ٻن اصولن تي بنياد آهي، پر منهنجي خيال موجب ان ۾ ٽي اصول آهن: (1) ڪردار (2) ماحول ۽ (3) عمل. افسانو لنبائيءَ موجب ايڏو هئڻ گهرجي، جنهن کي ڏهن منٽن کان هڪ ڪلاڪ تائين وقت ۾ پڙهي سگهجي. افساني جا 3 حصا آهن: (1) شروعات، (2) وچ، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ڪلائيميڪس“ چئبو آهي، ۽ (3) پڇاڙي. افساني جي پڇاڙيءَ ۾ سندس شروعات جو سڀاويڪ، اصلي ۽ فطرتي نتيجو هئڻ گهرجي. افساني جي واقعن جي هڪ امڪاني نوعيت هئڻ گهرجي، جا نه فقط مضمون ۽ وشيءَ کي وڌائي، پر اصلي مقصد کي اڀارڻ ۾ مدد به ڪري. افسانو هميشه سلسليوار، ملندڙ ۽ موافق، ڳنڍيل ۽ ٺهڪندڙ هجي؛ ان سان گڏوگڏ دل وٺندڙ، متاثر ڪرڻ جهڙو ۽ مڃائڻ جهڙو پڻ هجي. افساني جو مکيه ڪردار ”سماجي پرچاءُ ڪندڙ“ يعني افساني جي محرڪ سماجي مسئلي کي ”سلجهائيندڙ ۽ حل ڪندڙ“ هجي. افساني ۾ اهڙو اشارو هجي، جو مسئلي جي اصليت ۽ ان جي پيش ڪيل حل کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جو وسيلو بڻجي وڃي. جيئن ته افسانوي ڪردار انسان آهي، ان کي ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ“ ڏانهن اشارو ڏيڻ يا ان متعلق پڙهندڙن کي اشارو ڏيڻ افساني نگار جو فرض آهي- ڇو ته پوءِ ئي افساني مان انسانيت جي اصلي مقام جو نشان پتو ظاهر ٿيندو- افساني جي افاديت اهائي آهي. ”پاڻ سڃاڻ“ جي اشاري بعد ئي، ڪردار يا پڙهندڙ ناسازگار ماحول سان وڙهڻ ۽ بغاوت ڪرڻ لڳندو. افساني ۾ اخلاقي نماءُ ڪرڻ يا افسانوي ڪردار جي بـُرن فعلن کي اُڀارڻ- اُن لاءِ ته افسانوي ڪردار سٺن اخلاقن جي روشنيءَ ۾ پنهنجون اوڻايون ۽ عيب ڏسي- ان کي چئبو آهي اخلاق جو پڙهو ڏيارڻ يا اخلاق جو ڍنڍورو گهمائڻ. ڪردار پنهنجي زماني ۽ ماحول جي ريتين رسمن جو ترجمان هجي. آخر ۾، ڪامياب افسانو اهو آهي، جنهن ۾ بي جان قاعدن ۽ بيٺل سرشتن سان گڏوگڏ سماج جي انڌن عقيدن ۽ خيالن تي سخت نڪته چيني ۽ پختي راءِ زني ڪري. اهي آهن هڪ ڪامياب افساني لاءِ منهنجا خيال، جيڪي مون پنهنجي مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيا آهن. جناب عالي، هن دفعي جيڪي تصويرون ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيون آهن، سي واقعي شاندار آهن. مهرباني ڪري اڃا به زياده تاريخي عمارتن جا فوٽا ڏيو. +ڪوئي پکي هوا ۾ ٻولي رهيو آهي- گهڻو ڪري چانڊوڪين ۾ لات لوندو آهي. هتي چڪور ته نه ٿيندا آهن. هي ڀلا ڪير آهي؟ چنڊ تي فقط چڪور جو ته حق نه آهي! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي مان منجهي پوندي آهيان ته چڪور جي محبت چنڊ سان آهي يا چانڊوڪيءَ سان؟ چڱو، اجازت گهران ٿي . . . +دين محمد لاشاري +”مهراڻ“ جا مٺڙا ۽ محترم ايڊيٽر! گهڻن ڏينهن کان شوق دامنگير هو ته اوهان کي ”مهراڻ“ جي اجراءَ تي مبارڪون پيش ڪريان، ليڪن رڳيون رکيون مبارڪون به موڪلڻ روح ڪونه ٿي ٿيو- ۽ اُن سان گڏ ڪجهه لکڻ جي فرصت به ڪانه ٿي ملي. اڄ وري جڏهن ”مهراڻ“ جو نئون (ڇهون) پرچو پهتو اٿم، تڏهن امنگ وري جاڳي اُٿيا آه��، ۽ دل گهري ٿي ته مبارڪن موڪلڻ سان گڏوگڏ اوهان سان ڪي ٻه ٽي ڳالهيون به ڪري ڇڏيان، . . . . . حقيقت ۾ ”مهراڻ“ جي ادبي دنيا ۾ اجراءَ جو علم مون کي بنهه تڏهن پيو، جڏهن گذريل سال جي سلسلي جي آخري ۽ چوٿين پرچي جي شايع ٿي وڃڻ جو ذڪر اخبارن ۾ پڙهيم. اُهو پرچو گهرايم؛ پڙهيم؛ نوان درد ۽ ستل سور جاڳيا؛ هرڻي اڳيئي نچڻي، رهندو پيس گهنڊڻي- تنهن ته ڪلور ڪري ڇڏيا؛ طبيعت گهڻي جذباتي ۽ رقيق- مهراڻ جي مواد ته دل جا پڪل چاڪ چڪائي ڇڏيا. دل نه رهي، گذريل ٽن پرچن جي موڪلڻ لاءِ ادبي بورڊ بڪ اسٽال کي عريضو موڪليم. قرب ڪري ٽي ئي پرچا موڪليا ويا. پوءِ جيستائين اُنهن سڀني پرچن کي پڙهي پورو نه ڪيم؛ تيستائين والله رات جو ننڊ ڪرڻ حرام ٿي چڪيم. اڄ ”مهراڻ“ جا ڇهه ئي پرچا اڳيان ٽيبل تي پکيڙي رکيا اٿم. سڀني کي هر هر پيو ٿو پڙهان- هر ڀيري ”مهراڻ“ جو هر جملو ۽ خيال نئون پيو لڳي. ”مهراڻ“ ڇا آهي؟ سنڌي علم ادب ۾ ”مهراڻ“ جي مقام ۽ قدر و قيمت جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي ۽ ڪير ڪري اُن جو جواب ڪم از ڪم مون کي ته اصل ڪونه ٿو اچي. ”مهراڻ“ جي اهميت بابت ڪنهن حد تائين محترم رسول بخش پليجي جي هن راءِ جي تائيد به ڪندس ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سالن جي جمود کي ٽوڙي، هڪ نئين پـُر بهار دور جو آغاز ڪيو آهي. هاڻي ”مهراڻ“ جنهن نئين بهار جو آغاز ڪيو آهي، تنهن کي شباب تي پهچائڻ، ۽ ”مهراڻ“ جي محبتين لاءِ ان بهار جا سرها سرها گل ۽ مٺڙا مٺڙا پڪل ميوا موجود ڪري ڏيڻ ۽ اُن سان گڏ ”مهراڻ“ جي مٺڙي ۽ خوش ذائقه پاڻيءَ سان سندس سڪايلن جي سڪل لبن کي سائو ڪري، اُنهن جي اندر جي آگ اجهائڻ به ”مهراڻ“ جي ملاحن جو ئي ڪم آهي- خدا ڪري ته ”مهراڻ“ جي هن نئين بهار جي ڪڍ ستت ئي ڪا نڀاڳي خزان نه اچي، جو اسان جي هن ننڍڙي ۽ ڪچڙي گلشن جي ننڍڙن ننڍڙن ۽ معصوم گلڙن کي، جي اسان جي آئينده اُميدن ۽ خواهشن جا ضامن آهن، ڪچيءَ ۾ ئي ختم نه ڪري ڇڏي! +منهنجي خيال ۾ ”مهراڻ“ هڪ اهڙي انوکي پيشڪش آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ هڪ بنيادي انقلاب آندو آهي ۽ اُن بنيادي انقلاب جا پرتوا ۽ ڪرڻا ضرور اسان جي زندگيءَ تي پئي، ان جي نقش نگار کي اڀاري، ان کي زياده دلڪش ۽ حسين بنجڻ ۾ مدد ڪندا. ادب جو زندگيءَ سان گهرو واسطو آهي- کڻي ائين چئجي ته ادب زندگيءَ جي سرگذشت آهي، جنهن منجهان معاشري جي هر فرد جي شڪل و صورت ۽ اُن جا خد و خال نهايت صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ صحتمند ۽ اصلاحي ادب زندگيءَ جي سڀني سماجي مرضن لاءِ گهڻيءَ حد تائين هڪ ڪامياب ترياق جو ڪم ڏئي ٿو، ۽ هيءَ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو ”مهراڻ“ اهڙين مڙني خوبين جو حامل آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان کي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي آئينده ترقيءَ، ۽ ان معرفت هڪ باوقار سنڌي سماج جي تعمير جون ڀرپور آسون ۽ اُميدون آهن- دعا آهي ته شل ”مهراڻ“ جي ”ملاحن“ کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ مٿن ڪا نظر بد نه پوي، جو اسان جون اُهي نازڪ اُميدون ۽ آسيسون اتي ئي ڪومائجي نه وڃن. +ادا، ”مهراڻ“ ۾ مختصر افساني جي فني لوازمات تي هڪ نهايت دلچسپ بحث ڇڙي چڪو آهي. منهنجي دل به سـُرڪي ٿي ته جيڪر اُن بحث ۾ مان به حصو وٺان. شيخ حفيظ واقعي سچ چيو آهي ته ”مسٽر جمال ابڙي هن موضوع تي بحث ڇيڙي سانيتڪي ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ قسم جو ڦوڙ اڇلايو آهي“: شايد اهو ڦوڙ اڃا به هن پاڻيءَ کي وڌيڪ ڇوليون ڏياري. مسٽر جمال جي دعويٰ آهي، ته مختصر افساني جا ٻه پهلو ٿي سگهن ٿا: هڪ ماحول، ٻيو ڪردار. سندس خيال موجب ماحول سٺو هجي يا خراب، اُن جي ڪا خاص پرواه ڪانهي؛ باقي افساني ۾ ڪ��دار ڪنهن به قيمت تي بلند رهي- هو نه ماحول جو شڪار ٿئي ۽ نه وري حيوانيت مٿس ڪو غلبو ڪري. سندس خيال موجب افساني ۾ جيڪڏهن ڪردار ڪنهن ٻيءَ طاقت اڳيان مجبور ٿيو يا ڪنڌ جهڪايائين، ته پوءِ اُهو افسانو ڪامياب افسانو نه چئبو. اُن جي برعڪس شيخ ”راز“ جو چوڻ آهي ته اِهي ٻئي مٿيان پهلو مختصر افساني جا بنيادي پهلو ته نه آهن، باقي ضمني پهلو ضرور آهن. سندس راءِ مطابق مختصر افساني جو بنيادي پهلو آهي اُهو نقطه نظر، جنهن کي سامهون رکي افسانو لکيو ويو هجي. هي آهن سنڌيءَ جي ٻن مايه ناز اديبن جا ٻه علحدا نظريا. علم ادب ۽ اُن جي فني پهلوئن تي هن قسم جا بحث نهايت ئي نيڪ فال آهن. اسرندڙ ادب جي سلسلي ۾ هن قسم جا بحث وڏي هٿي ڏيندا. حقيقت ۾ صحيح ادبي مذاق جو روح اسان ۾ پيدا ئي هاڻي ٿو ٿئي. مسٽر جمال جي چوڻ موجب واقعي ”هيءُ هڪ اختلافي مسئلو آهي“؛ ڇو ته زندگيءَ بابت هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي تجربي آهر پنهنجو ئي علحده نظريو آهي؛ تنهنڪري هن موضوع تي بحث ڪرڻ وقت مختلف قسمن جي نظرين جو پيدا ٿيڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي. +ڀائو جمال ابڙي افساني لکڻ جي ”اسباب“ کي نظرانداز ڇو ڪيو آهي، سا ڳالهه ته سمجهه ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن فقط هيءُ هڪ سوال ئي پڇيو وڃي ته ”اسان افسانا ڇو ٿا لکون؟“- ته مان سمجهان ٿو ته جيڪر نهايت اطمينان جوڳو جواب ملي وڃي. ادب، جيئن مون شروع ۾ ئي عرض ڪيو آهي يا جيئن جديد دور جا اڪثر اديب به تسليم ڪن ٿا، زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪرڻ جو هڪ ذريعو يا وسيلو آهي. هاڻي ”اسان افسانو ڇو ٿا لکون؟“ جو جواب نهايت صاف ۽ پڌري پٽ پيو آهي، ته افساني لکڻ وقت اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جا تلخ تجربا اڳيان هوندا آهن- ۽ پوءِ زندگيءَ جون اِهي تلخيون ئي ته آهن، جيڪي اسان کي مجبور ڪن ٿيون ته اسان مختصر افساني ذريعي، پنهنجي دکندڙ دل جا دونهان ٻاهر ڪڍون. هيءُ هڪ فطري اصول آهي، ته انسان کي جڏهن ڪو صدمو پهچي ٿو، ته پوءِ هو پنهنجن نماڻن نيڻن ذريعي ٻه ٽي گرم لڙڪ هاري، پنهنجي دل تي پيل بوجي کي هلڪو ڪريو ڇڏي؛ پر جي قسمت سانگي ڪو ”پشو پاشا“ وانگر خود دار ۽ سورهيه-دل نڪري پيو ۽ لڙڪ هارڻ پنهنجي خودداريءَ جي خلاف سمجهيائين، ته به اُن درد ۽ صدمي جو ذاتي طور اظهار ڪم از ڪم ڪنهن ”نازؤ“ جهڙي محرم راز ۽ غمگسار سان ته ڪرڻو ئي پوندس. بس اِهو ئي آهي افساني لکڻ جو بنيادي سبب. +جڏهن افسانو لکجي ئي ٿو ڪنهن خاص نقطه نظر جي پيش ڪرڻ لاءِ يا پنهنجن جذباتن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ، ته پوءِ اِهو ممڪن ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو ڪردار ماحول جو شڪار نه ٿين؟ ڪردار ته پيدائش ئي ماحول جي آهن- پوءِ جهڙو هوندو ماحول، اهڙا ئي پيدا ٿيندا ڪردار؛ جهڙي هوندي زمين، اهڙي ٿيندي پوک . . . . . . +ڪردار ماحول جا محتاج آهن، تنهن جي شاهدي ته خود محترم ابڙي جو هيرو ”پشو“ پاڻ به بيٺو ڏئي- جج جي سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ ته ”ناحق آهي توسان، ڦاٿل آهين تون“، يا وڪيل مٿان مڪون الاري، کيس چوڻ ته ”چريو آهين تون، هيڻو آهين تون، ظلم آهي توسان“- اهي الفاظ پشوءَ جي اڻ گهڙئي ۽ ”غير مهذب“ سڀاءَ تي ڪافي روشني وجهن ٿا. اِهو رڳو هـِن ڪري آهي، جو هن هڪ اهڙي خطي ۾ پرورش پاتي آهي، جنهن جي اڻ گهڙئي ماحول هن کي به ”اڻ گهڙيو ڪاٺ“ بڻائي ڇڏيو آهي. ”پشوءَ“ جا هن قسم جا جملا ۽ الفاظ ڪو سندس خودداري ڪونه ٿا ڏيکارين، ليڪن جنهن ”جاهل“ ۽ ”اڻ سڌريل“ ماحول ۾ هو رهيو ۽ پليو آهي، تنهن هن کي ”مجبور“ ڪري هن نموني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ سيکاريو آهي . . . . . ڀلا ادا، اِها تمنا ڪير نٿو رکي ته اسان وٽ شال پشوءَ جهڙا هزارين خوددار ۽ سورهيه پيدا ٿين! . . . . پر هو ته ”بلو دادا“ ۽ ”شيدوءَ“ کان به وڌيڪ ماحول جو شڪار ٿيو آهي! ”بلو دادا“ ته ڪنهن حد تائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو- پوءِ سندس حصول مقصد جي طريقي کي ڇو نه داداگيري ئي سمجهيو وڃي: اهڙيءَ طرح ”شيدو“ ته هونئن به ڌاڙيل آهي ۽ هـُن ڪافي ڌاڙا هڻي پنهنجا انتقام چڪايا ۽ پنهنجي تتل دل ٺاري- خواري ته منڍ ۾ ئي کنئي اٿس: ليڪن ويچارو ”پشو“ معصوم جو معصوم ئي رهجي ويو- هو نه پاڻ ڪامياب ٿيو، نه سندس تحريڪ: مٿس ڪيس هلائي، کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني وڃي ٿي- سندس ڦاسي سچ پچ عمل ۾ اچي ٿي الائي نه، اِها ڳالهه ته صاف ئي ڪانهي، پر هُن جي سزا جي اعلان کان پوءِ، سندس ساٿي گوڙ گهمسان ڪري جنن وانگر هوا ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا- پوءِ جو سندن پتو ئي ڪونه ٿو لڳي ته ”پشو“ ڪاڏي ويو، سندس ساٿي ڪاڏي ويا ۽ سندس تحريڪ جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه، رڳو مايوسي ۽ دلشڪستگي! +برادرم جمال جا هي جذبات ته ”مان ڀانيان ٿو ته انسان کي رحم جوڳو ٿيڻ ئي نه کپي. اها انسان جي توهين آهي، انسانيت جي توهين آهي. انسان نهايت بلند ۽ بالا آهي. هو ويچارو ۽ ڪين جهڙو نه آهي. مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي“- نهايت قابل قدر آهن. هن نوجوان اديب جي دل ۾ انسانيت لاءِ جنهن گهريءَ همدرديءَ جو احساس آهي، تنهن جي تعريف نه ڪرڻ ڪور چشمي ٿيندي. اسان جي دعا آهي ته شل سنڌ جو ٻچو ٻچو ”جمال“ بڻجي پوي. ادا سائين، ڪهڙي نڀاڳي جي دل ائين نه گهرندي ته ”انسانيت“ تي ”حيوانيت“ جو غلبو نه رهي؟ ڪهڙو چنڊو هيءَ خواهش نه ڪندو ته حيوانيت جا قلعا اُڏائي انسانيت کي قيد مان آزاد ڪجي ۽ اُن کي جرڪائجي؟ ڪير نه گهرندو ته انسانيت جي اندر مان حيوانيت کي تڙي، هڪالي، اُن جي بجاءِ اُن کي مِٺ محبت، قرب ۽ مزي سان ڀري ڇڏجي؟ اِنهن تمنائن ۽ آرزوئن رکڻ ۾ جمال ابڙو اڪيلو نه آهي، پر ساڻس اُهي سڀ افراد شامل آهن، جيڪي ”انسانيت“ جو قدر سڃاڻن ۽ ڄاڻن ٿا، پر مصيبت هيءَ آهي ته اُن پراڻي ۽ جهوني مرض جو علاج ڪجي ڪيئن؟ علاج ڪرڻ لاءِ هڪ ”پشو“ ته ٺهيو، هزارين ٻيا ”پشو“ به ميدان عمل ۾ اچي سگهن ٿا، فقط مرض جو بنياد ڪنهن کان لڀي. هتي ”پشو“ ته فقط جذباتي زور تي هڪلجي اچي ٿو. اسان کي هن قسم جا مصنوعي ۽ جذباتي ”پشو“ نه گهرجن. اسان کي سنجيده ۽ اصل ”پشو“ گهرجن، جيڪي موجوده سماج جي هن فرسوده ۽ باطل نظام کي، جيڪو ورهين کان وٺي اسان مٿان پنهنجي پراگنده ماحول کي حاوي رکندو آيو آهي، جيڪو بيوس ۽ مجبور انسانن کي پنهنجي ظالم هٿن سان ڪُهائيندو ۽ مارائيندو آيو آهي، تنهن جي بنيادن ۾ هٿ وجهي تيستائين ان کي لوڏين جيستائين سندس غريبن جي خون سان ڳاڙهي ٿيل ماڙي ڦهڪو ڪري پٽ تي نه ڪري آهي. اسان کي پنهنجي سماج جي تعمير نئين سر ڪرڻي پوندي. اڳوڻي سموري نظام جي ڪوڙن بتن کي پاش پاش ڪرڻو پوندو. هڪ بنيادي ۽ ذهني انقلاب آڻڻو پوندو. تڏهن ئي اسان جا ڪردار ماحول مٿان قبضو حاصل ڪري سگهندا. تڏهن ئي انسانيت آويءَ مان نڪري جرڪڻ لڳندي. تڏهن ئي اسان جا ڪردار ٻليءَ واري ميڪ ميڪ ڇڏي شير واريون گجگوڙيون ڪندا. نه ته هونئن ته ڀائو، هر روز پنهنجين هنن گنهگار اکين سان ويٺا ڏسون، ته انسانن ويچارن کي مفلسي زوران زور گهٽا ڏيئي ماري ڇڏي ٿي؛ انسان ويچارو اڃا ته ”مجبور“ ۽ ”ڪين جهڙو“ آهي؛ ”انسانيت“ اڃا ته نسوري ناحق ۾ آهي، ڏٺي وائٺي سڪرات ۾ آهي، هوءَ ته ويچاري اڃا ته واقعي ويچاري ۽ ڪمزور آهي، اڃا ته رت جا ڳوڙها وهائي پيئي روئي؛ ”حيوانيت“ اڃا ته ڏند شيڪيندي ۽ کلندي رهي ٿي. اهو سڀ ته اسان جي رومزه جو مشاهدو آهي انهن تلخ حقيقتن کان انڪار اڄ ڪهڙو خوش فهم انسان ڪري ٿو سگهي؟ +دادا، هيءَ ڳالهه به ٻڌي ڇڏ ته حيوانيت ”سيٺ“، ”وڏيري“ ڌڱاڻي ”خان“، ۽ ”رئيس“ گامڻ خان جي بنهه زر خريد ٻانهي آهي- اُنهن جي ئي در جي پاليل ڪُتي آهي- کين فقط بڇ ڪرڻ جي دير آهي: پوءِ ڏس ته ڪيئن نه ”انسانيت“ جي پڙيءَ کي اُها ڇتي ڪتي ڦاڙي چيري، ليڙون ليڙون ڪري پنهنجن مالڪن اڳيان هيچ ڪري ٿي ڏيکاري! پوءِ ڏس ته ڪيئن نه اُهي ”انسانيت“ جي هن بيوس ۽ مجبور ”ذلت“ تي وڏا وڏا ٽهڪ ٿا ڏين! ماحول اِنهن انسان دشمنن ۽ انسان نُما ديون جو غلام آهي. هو اُنهن جي اشارن تي ڇير وجهي نچندو آهي. هو اُنهن جي حڪم ته ڇتو ٿي محبوس ”انسانيت“ تي حملا ڪندو آهي، اُن کي چيري ڦاڙي پنهنجي ناڪام فتح تي بيهي پنهنجن مالڪن اڳيان ڏند شيڪيندو آهي ۽ شينگريو آهي. پوءِ ڀلا اڃان به اِنهن معتبرن ۽ وڏ-پيٽن کي اسين کَر (Vilains) نه سمجهون؟ ۽ اڃان به ”انسانيت“ ويچاريءَ تي رحم ۽ قياس نه ڪريون، ته ڇا ڪريون؟ بهرحال جيستائين اسان جو موجوده معاشرتي نظام پنهنجي ساڳيءَ شڪل ۾ موجود آهي ۽ جيستائين اُن نظام ۾ بنيادي ۽ انقلابي تبديلي نه آئي آهي، تيستائين ڪردار تي ماحول جو مقدم رهڻ هڪ ازلي امر آهي- ۽ ان صورتحال کي هڪ پشو ته ٺهيو، پر هزارين ٻيا پشو به بدلائي نه ٿا سگهن. وري جيستائين ماحول ڪردارن تي مقدم آهي، ”انسانيت“ جو ”حيوانيت“ جي قيد ۾ رهڻ به هڪ لازمي امر آهي. جيستائين ائين ٿئي، تيستائين جيڪڏهن اسان ”بلو دادا“، ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”انڌير ننگري“ جي اصطلاحن ۾ پنهنجن مجبورين کي دنيا اڳيان پيش ڪيو- اُنهن کي جيڪڏهن پنهنجي حالت زار کان واقف ڪرڻ لاءِ ان طريقي سان متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ظالمن جا پردا جيڪڏهن اِن نموني سان فاش ڪرڻ جي اسان ڪوشش ڪئي، ته ان ۾ آخر عيب ڪهڙو؟ اِن ۾ ته نه بزدلي آهي ۽ نه احساس ڪمتري. اهو ته هڪ طريقو آهي ظالمن کي خوار خراب ڪرڻ جو۽ مجبور ”انسانيت“ لاءِ همدرديءَ جي احساس جاڳائڻ جو. بيوس مظلوم کي ته آخر بيوس مظلوم ئي ڪري پيش ڪبو. پشو مظلوم هوندي به جارحانه ڪارروائي ڪرڻ گهري ٿو ۽ سندس اِن جارحانه عمل سبب اُها خودداري ۽ بلند حوصلگي جيڪا فطرتي طرح هُن جي ذات ۾ معلوم پيئي ٿئي، تنهن کان نهايت قابليت سان ڪم ورتو ويو آهي ته جيئن پشوءَ کي هڪ بيوس ۽ مظلوم جي ڪردار، ڏيکارڻ کان پاڻ بچائي سگهجي. پر حقيقت ته لڪي ڪين سگهندي: پشو ويچارو هڪ مظلوم آهي ۽ ڏٺو وائٺو مظلوم. جيڪڏهن هو مظلوم نه هجي ها، ته پوءِ سڄيءَ دنيا خلاف سندس صف آرائي بيهڻ جو مقصد ڇا؟ حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جو مقصد ڇا؟ ڀلا هڪ همه گير ۽ انقلابي تحريڪ اُٿاري باقاعده فوج ڪٺي ڪرڻ جو مقصد ڇا؟ حقيقت ۾ اِهي سڀ مقصد فقط هڪ اُصول خاطر هئا، ۽ ان حصول جي منزل هئي انصاف- ڇا جو انصاف؟ انصاف اُن ظلم جو، جيڪو سماج، پشو ۽ پشوءَ جهڙن ٻين مظلومن تي ڪيو هو. اوهان ئي هاڻي منصف ٿيو ته پشو غريب مظلوم آهي يا نه؟ +پشو پنهنجي انصاف حاصل ڪرڻ خاطر جيڪو طريقو اختيار ڪري ٿو، سوغير قدرتي ۽ غير معمولي آهي، جنهن ڪري سماج هُن ۽ سندس ساٿين سان همدردي ڪرڻ بجاءِ انهن کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي مظلوم سمجهڻ بدران ظالم ۽ باغي سمجهي ٿو. پشوءَ جو ڪردار پاڻ سان ٿيل ظلم جي نه تلافي ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري پنهنجي خودداريءَ ۽ بي باڪيءَ جو ڪو ڪامياب جوهر ڏيکاري ٿو سگهي: مظلومن جي قوم ۾ جنهن ٿوري گهڻي جذب�� پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، سو جذبو به هاڻي هڪ معمولي خوش فهمي ۽ ٻاراڻي دلاسي کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪانه ٿو رکي. پر جڏهن محترم جمال جون اُميدون برثواب ٿينديون، سندس خواب شرمندهء تعبير ٿيندو ۽ ڪردار ماحول تي قبضو ڪندا ۽ ”حيوانيت“ کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي. انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي“، تڏهن نه ’بلو دادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ لکڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه وري پشوءَ جي ڪردار پيدا ڪرڻ جي- پوءِ افسانن جي ’افسانوي‘ دنيا ئي ختم ٿي ويئي. +ادا! اوهان جي سمع خراشي تي ڪافي ڪئي اٿم، ليڪن باقي هڪڙي ٿورڙي ڳالهه ڪري بس ٿو ڪريان- سا هيءَ، ته اوهان جي هن نئين پرچي ۾ اسان جي دوست ’برده سنڌي‘ جو سرائڪيءَ ۾ لکيل افسانو ”انڌير نگري“ مون کي ڏاڍو پسند آيو. مان اڄ ڏينهن تائين جيڪي به افسانا پڙهيا آهن، تن سڀني کان هي افسانو شايد بهترين افسانو هجي. هن افساني جي خاص خوبي اها آهي ته جيتوڻيڪ اهو مختصر ۾ مختصر افسانو آهي، پر تنهن هوندي به هن جي پڙهڻ سان جيڪو تاثر پيدا ٿئي ٿو، سو طول طويل ۽ ڊگهن افسانن ۾ پيدا ٿيندو نه ڏٺو اٿم. قابل اديب ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ بند ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سندس طرز تحرير ۾ بلا جي طنز آهي، پر پڙهندي چپن تي مرڪ سان گڏ اندر ۾ چڪ ۽ چير پيا پون، ۽ اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. پنهنجي افساني جو عنوان ”انڌير نگري“ چونڊي اسان جي قابل اديب پنهنجي حسن انتخاب جو بهترين ثبوت پيش ڪيو آهي. ان کان وڌيڪ شايد ٻيو ڪو به موزون عنوان ملڻ محال بلڪ ناممڪن هو. غريب حجم هڪ مزور ۽ ڪاسبي ماڻهو آهي- سندس چوري ٿي وڃي ٿي، پر ان هوندي به هو پوليس ۾ فرياد ڪرڻ هرگز نٿو گهري؛ هُن کي خبر آهي ته پوليس ڪيئن نه جُهرلُو گهمائي ڀاڳين کي چور ۽ چورن کي ڀاڳيا بنائي ڇڏيندي آهي. پوليس جي اهڙين ڪرامتن جي ته هُن غريب کي اڳ ۾ ئي خبر آهي؛ پر ڇا ڪري، رئيس گامڻ خان جو چيو ڪيئن نه مڃي- رئيس جو ٿيو ۽ ڳوٺ جو بي تاج بادشاهه- پوءِ غريب حجم جي مجبوري ۽ بيوسي ڪهڙن نه سهڻن لفظن ۾ ظاهر ڪئي ويئي آهي- ”ٿيوي حجم، تي رئيسان دا آکڻ نه مَنّي!“ دانهن ڏيڻ کان پوءِ اُهو ئي نتيجو نڪري ٿو، جنهن جو غريب حجم کي نه رڳو کٽڪو، پر يقين هو. ڀلا اِن کان وڌيڪ ٻي انڌير نگري ڪهڙي چئبي، جو چوري به اُن غريب جي ٿئي، ته وري ڏاڙهي به اُن جي پٽجي! لک شابسون ته رئيس گلڻ خان کي ڏجن- چي، ”سائين حجم ڪون ايوين نه ڏيک، سکيا سهنجا هيئي؛ ڀيڻسان ڪلهه فجر ڪنون پيڇي سر کا ڳيا ها؛ آکي ’تون صوبيدار صاحب ڪني رليج ڄُل‘- ميڏا ڪجهه نه وڃي، سائين! تون ڄاڻ تيڏي مرضي!“ سچ پچ جيستائين اهڙا رذيل ۽ ذليل رئيس ۽ وڏيرا اسان جي سماج مٿان قابض رهندا، تيستائين اسان جو سماج سڌري، سو ناممڪن. ڀلا اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو بگهڙ رڍن جي واهر ڪن. هر ڪنهن ملڪ ۾ پوليس قانون جهڙيءَ پاڪ شي جي حفاظت لاءِ مخصوص هوندي آهي، پر هتي اسان جي ملڪ ۾ قانون جي حفاظت ڪندڙ سورمن جا اجهو اِهي حال آهن: ”اهن حرامي ڪون ’ساري رات سمهڻ‘ دي ڏوه وچ +چالان ڪر،“ ’هٿ جي هڻڻ‘ سنڌيءَ ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي، ۽ ان چوڻيءَ کي سنڌ جي صوبيدار صاحب جي مٿئين حڪم ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان نباهيو ويو آهي. ”چور ڇٽو وڃي، ڀاڳيو ٻَـڌو وڃي“- اهو اسان جي پوليس جي ڏائي هٿ جو هڪ معمولي کيل آهي. پوليس جو هڪ معمولي منشي يا سپاهي به صوبيدار صاحبن کان ڪو گهٽ ڪونهي- هتي سندن عياريءَ جي حد ٿي وڃي ٿي: ”صوبيدار ته ڪَوَڙيسي، پر هُڻ ايوين ڪر- اِها پڳ اَئون جُتي لاهه رک اِٿان- تون ڀڄ وڃ اِٿون. جهٽ ڪر، متان ڪو ڏيک نه گهنئي. ڪِيا ياد ڪريس��ن حرامي، هووَئي ٿورا!“ واه جو احسان ڪيائينس! شايد غريب حجم پوليس واري جي انهيءَ احسان کي مرندي گهڙيءَ تائين نه وساري، پر اسان جي محترم لکندڙ جنهن خوبيءَ سان سماج جي هنن دستوري سياهه ڪارين ۽ ان جي ههڙين روزمره جي بدمعاشين تان پردو کنيو آهي، سو قابل تعريف آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن سماج اندر ٿيندڙ خرابين ۽ ظلمن جي اهڙيءَ طرح جانچ پڙتال ڪرڻ شروع ڪئي، ته پوءِ اهي ڏينهن پري ڪونهن، جڏهن اِهي سنڌ جا ’صوبيدار بهادر‘ ۽ ’رئيس گامڻ خان‘ جن وڃي ڳاٽن ڀر ڪرندا. +محمد دائود بلوچ +- ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ جي ٻئي سال جو ٻيو پرچو هٿن ۾ آهي، ڇا پڙهي ڇا پڙهان- بيت پڙهان يا غزل، گيت پڙهان يا ڪافيون، نظم پڙهان يا نيون طرزون، افسانا پڙهان يا مضمون....! +ادا، ”مهراڻ“ هٿن ۾ کڻڻ سان منجهي پوندو آهيان: ڄڻ اجهاڳ سمنڊ ۾ وڃي پوندو آهيان. ”مهراڻ“ جي تعريف ڪهڙن لفظن سان ڪريان! شل ”مهراڻ“ هميشه موجن ۾ هجي ۽ اسين هميشه منجهس تڙڳندا رهون. ”مهراڻ“ مان جيڪڏهين ڪو موتين بدران صرف پٿريون ئي ڪڍندو ته اها ان جي ڀل آهي. ها، جيڪڏهن گهڻن موتين ۾ ڪا هڪڙي اڌ پٿري نڪتي، ته ان ۾ موتين جو قدر ڪو گهٽ ته ڪين ٿيو! اول، هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان- خبر نه آهي ته توهان مون سان شامل آهيو يا نه! ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا گهڻا شاعر اڳتي قدم نٿا وڌائين. ڪي اَنڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جي ستل دلين کي، ننڊ وارين اکين کي، ڪجهه سجاڳ ڪرڻ لاءِ همتائي رهيا آهن. ٻيا دوست ته وري ”زلفن جي دام“ ۾؛ ”شرابخانن“ ۾ گرفتار آهن، جتان خبر ناهي ته ڪڏهين نڪرندا، يا اصل نڪرندا ئي ڪون! افسوس اٿم جو ”تنوير“ ۽ ”اياز“ به هن دفعي اهڙا گيت نه چيا آهن، جي ستل دلين کي سجاڳ ڪن، قوم ۾ قوميت آڻين- شايد اهي ٻئي ”باغي“ به وڃي زلفن جي ور وڪڙن ۾ ڦاٿا آهن- نه ته اڳئين پرچي ۾ ”تنوير“ جو ”موهن جو دڙو“ ۽ ”ديپڪ“، ”اياز“ جو ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ....“ جنهن ۾ سنڌڙيءَ کي مخاطب ٿي چوي ٿو: +”جيئون تنهنجي جند سان، مرون توسان ماءُ، +ڳوڙها ڳاڙ مَ ”سنڌڙي“، وري ورندو واءُ، +ڄرڪن پيون جندڙيون، تن آهي تاءُ، +لونءَ لونءَ منجهه لڳاءُ، سڀ کي آ ساڻيهه جو“- +ڪهڙا نه دل ڏاريندڙ هئا! +ادل، هينئر شاعرن کي عرض آهي ته عوام کي ميخانن ۽ زلفن جي ور وڪڙن ۾ گرفتار نه ڪن، بلڪ عوام کي اڳتي قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪن- جنهن جي هينئر عوام کي ضرورت آهي: اُهي گيت ڳائين، جي عوام جي ترجماني ڪن ۽ عوام کي نئين زندگي بخشين. توهان ڏسندا ته مان هڪڙو نه آهيان، جو ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿيان ٿو، مگر منهنجي خيال ۾ توهان وٽ جيڪي به خط پهچندا هوندا، انهن سڀني ۾ اهو ذڪر ضرور هوندو. مگر خبر ناهي، ڇو توهان اڃا انهيءَ طرف ڌيان نٿا ڏيو! شايد توهان خود زلف جي زنجيرن مان اڃا نه نڪتا آهيو! +گوورڌن محبوباڻيءَ جو ”ڪاري“ افسانو نه آهي بلڪ هڪ حقيقت سمجهڻ گهرجي. وڏيرا – شاهي جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري ڪيتريون نه مکڙيون مرجهائجي ويون آهن! انهن مان ”پٺاڻي“ به هڪ آهي. ڪيئن نه وڏيرو پنهنجي ڪيل ڪمن تي ”ڏندڙا ٽيڙي“ چوي ٿو ته ”مون ته خسيس چرچو ڪيو آهي“. هن جي خسيس چرچي ڪري ڪيئن نه هڪ انسان جي حياتي ختم ٿي- ڪيئن هڪ مکڙي مرجهائجي ويئي! ادا حفيظ جو ”۽ مکڙي مرجهائجي ويئي“ ڪهڙو نه دل ڏاريندڙ آهي- ”اي هل! هڪڙو قبرستان جو . . . . آهي ڪو هڪڙو قبرستان جو . . . . پون . . . . پون . . . . پپئون . . . . . پون“- سماج جي ههڙي ڀيانڪ تصوير! سراج الحق جو، ”ديوتا ۽ انسان“ لاجواب آهي. جيڪڏهين اسان جا ٻيا دوست ان طرح ديوتائن جا پول پڌرا ڪن، ته پوءِ انسان ۽ ديوتائن ۾ فرق باقي نه رهندو، ۽ انسان ۽ ديوتائن جو درجو ترت ئي چڙهي لهي اچي هڪ جهڙو ٿيندو. حقيقت آهي ته ”ديوتائن“ جي محلن جي پيڙهه غريبن جي جهوپڙين تي ئي اڏيل آهي: پوءِ جيستائين غريب سجاڳ نه ٿيا آهن، تيستائين ديوتا سندن ئي ڪماين تي پيا مچندا ۽ متارا ٿيندا؛ جڏهين عوام ۾ سجاڳي اچي ٿي ۽ عوام بيدار ٿئي ٿو، تڏهن ديوتا دانهون ڪندا هيٺ اچي ڪرن ٿا. ”پنهور“ جو ”زن طلاق“ وڏيرا شاهي ظلمن جي پڌري تصوير آهي. اميد آهي ته عوام کي اڄ نه سڀان ضرور سمجهه ايندي- پوءِ هو وڏيرن جي وڏيرپ کي ضرور سندس اصلي صورت ۾ سڃاڻي ويندا. +آخر ڳالهه، ته ”مڪلي نامه“، جو پارسي ۾ آهي، ان مان هڪ اکر به سمجهه ۾ نه آيو، اهو جيڪڏهين ترجمو ڪري پيش ڪيو وڃي ها، ته وڌيڪ چڱو هو . . . . . . . . . . . +[مهراڻ: 3-1956ع] +نور محمد پليجو +جهرڪن جو شهر +”مهراڻ“ جي گذريل سال (1956) واري پهرئين پرچي ۾ محترم خواجه عبدالحسين جو مضمون ”جهرڪن جو شهر“ جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي. قابل لکندڙ پنهنجي انهيءَ مضمون ۾ ٻڌل ڳالهين تي زياده زور ڏنو آهي. جهرڪن جو شهر مخدوم نوح عليہ رحمة جي زماني کان گهڻو اڳ جو ٻڌل آهي: ٺٽي، سونڊا ۽ جُوڻا (تعلقو ٺٽو) شهرن جي وقت جو ٻڌل آهي. اهو چوڻ ته مخدوم صاحب جي خليفن جي دعا سان ”جهرڪا ڀٽي“ وڌيا ويجهيا، ۽ شاهپور مان لڏي جنهن نئين پڊ تي اچي ويٺا، تنهن کي ”جهرڪا“ ڪري سڏيائون، سا هڪ ڏند ڪٿا آهي ۽ ان کي ڪابه تاريخي اهميت ڪانهي. جهرڪن ۾، وچ- شهر ۾ هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن تي اندر مون هڪ ڪتبو ڏٺو هو. هاڻي اهو آهي يا نه، مگر ان تي سال ”1030هه“ لکيل هو. شايد شاهجهان پنهنجي ملتان جي گورنريءَ واري وقت ۾ اها مسجد ٺهرائي هئي. مخدوم صاحب جا خليفا ۽ سندس اولاد مان پير صاحب اڄ به جهرڪن ۾ رهن ٿا. مضمون نگار جي راءِ ۾ جهرڪن جي ڳوٺ تي ”جهرڪا“ قوم جي ڪري نالو پيو آهي. ان جي ابتڙ، لاڙ ۾ هيءُ پڻ دستور آهي ته ڪنهن ڳوٺ جا عام ماڻهو ان ڳوٺ جي نالي سان سڏبا آهن. مثلاً، (1) ”سونڊن جو شهر“ جهرڪن جي لڳ آهي، اتي ڪي ملا، ڪي جاکرا، ڪي قاضي، ڪي گندرا سڏجن، باقي ”سونڊائي“ سڏجن؛ پڇبن ته چوندا، ”’سُونڊائي‘ آهيون“ سونڊا ب قديم شهر آهي، شاهجهان جي ٺهرايل مسجد منجهس آهي. (2) ”هيلايا“ ٿورو اڳتي آهن- ماڻهن کان پڇبو ته ”ڪير آهيو؟“ چوندا ته ”’هيلايا‘ آهيون“. (3) جهمپير جي ڀر ۾ ”کڏاين جو شهر“ آهي. اتي جي ماڻهن کان پڇبو ته چوندا ته ”ذات جا ’کڏائي‘ آهيون“. (4) هتي اسان جي ڳوٺ ”ٻَنو“ ۾ ڪي ماڻهو ڪجهه وقت ٿيو ته ننگر ٺٽي کان لڏي آيل آهن، سي سڏجن ئي ”نانگور“؛ پڇبن ته ”ڪير آهيو؟“ ته چوندا ته ”’نانگرو‘ آهيون“، منهنجي خيال ۾ جهرڪ ’قوم‘ تي نالو جهرڪ ’ڳوٺ‘ تان پيو آهي، نه جهرڪ قوم تان جهرڪ ڳوٺ تي. جهرڪن تي اهو نالو ڪيئن پيو سو تحقيق طلب آهي، اميد ته ڪنهن وقت ڪوشش ڪري پيش ڪندس. +مضمون نگار صاحب، ميان ولي محمد ڊکڻ کان 1942ع جي ڳالهه نقل ڪئي آهي. آءٌ ميان ولي محمد کي سڃاڻان، هو صاحب هاڻي ڪراچي نئون آباد ۾ پٽس محمد عثمان وٽ رهي ٿو. ميان ولي محمد 1888ع ۾ ڄائو آهي. هو صاحب ڪو ايڏيءَ عمر جو نه آهي، جو 1842ع واريون ڳالهيون ياد هجنس. باقي مون حسين ميمڻ جي واتان، جو هڪ سؤ ورهين جي عمر ۾ 1936ع ۾ گذاري ويو، اها حقيقت هيئن ٻڌي آهي ته ميرن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ وقت، اٽڪل سال 1842ع ڌاري، آغا حسين علي شاهه ايران مان لوڌجي اچي پنهنجي مريدن وٽ جهرڪن ۾ رهيو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ ڪچي گپ جي جاءِ جوڙايائين، جا اڄ تائين موجود آهي. خواجه قوم وارا ان کي ”آغا جو محلات“ سڏين ٿا، ۽ خود پرنس علي به ٻه سال کن ٿيندا ته اهو سندن اباڻو گهر ڏسي ويو هو. مريدن کي شڪ پيو ته حسين علي شاهه جو انگريزن سان ساز باز آهي، ڇاڪاڻ ته انگريز وٽس ايندا ويندا هئا. ”جهرڪ“ ان وقت وڏو بندر هو، انگريزن جي جهازن جي اتان ا وڃ ٿيندي هئي ۽ جهازن جي لاءِ راشن وغيره جهرڪن مان کڻندا هئا. ان وقت ”ويسو، خواجو به جهرڪن ۾ رهندو هو. هو وڏو واپاري هو، ۽ اسماعيلي خواجو هجڻ ڪري آغا حسين علي شاهه جو وڏو مريد ۽ معتقد هو. ميرن پنهنجي طرفان ڪوٽڙيءَ جي نومڙين مَلڪن کي حڪم ڏنو ته وڃي آغا حسين علي شاهه ۽ سندس مريدن کي مات ڪن. مَلڪَ، نُومڙين جو لشڪر وٺي، جهرڪن تي ڪاهي آيا. آغا حسين علي شاهه کي اڳواٽ پتو پئجي ويو. سو گهوڙي تي چڙهي ڪڇ جي رستي بمبئي ڏانهن ڀڄي ويو. پويان نومڙين جي لشڪر، خواجن کي ڳولي ڳولي ماريو. سيٺ ويسو ڀڄي وڃي سندس باغ ۾ لڪو، جو شهر جي هيٺان درياءَ جي ڪپ تي آهي جبل جا ماڻهو پيرن کڻڻ جا قابل آهن، سو نومڙيا به سيٺ ويسي جو پير کڻي باغ طرف ويا. سيٺ جو ٻڌو ته نومڙيا پويان پير کنيو پيا اچن، سو باغ مان نڪري ڪمند جي پالوندرن جي ڍير جي وچ ۾ وڃي لڪو. نومڙين به پير کڻي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري، آر ڏيئي، انهيءَ ڪمند جي چُوٿن جي ڍير ۾ پير وڃايو. پوءِ بيهي سيٺ کي سڏ ڪيائون ته ”ٻاهر نڪر ته توکي جيئدان ڏينداسون. تون فقط اسان کي خزاني جون چاٻيون ڏي.“ سيٺ ڍڳ مان ورندي ڏني ته ”مون وٽ خزانو ڪونهي!“ تنهن تي هنن اُتر ڏنو ته ”نٿو نڪرين، ۽ چاٻيون به نٿو ڏين، ته هاڻ ٿا ڍڳ کي باهه ڏيون.“ آخر جواب ڪونه ملين، ۽ هو ان ڍڳ کي سيٺ سميت باهه ڏيئي ساڙي هليا ويا. +مضمون نگار، ميان بچو مير بحر جي زباني، سوڍي صاحب جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. مون کي ته ”سوڍي صاحب“ جي نالي وارو، گورو آفيسر ڪونه سجهي. وڌيڪ ذڪر ٿو ڪري ته ٽُڪريءَ تي سوڍي صاحب جو بنگلو ۽ باغيچا هئا، ۽ پڻ عيسائي مشن سڪول هو، جتي پادري گورن جي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. ائين پڻ لکيو اٿس ته سوڍي صاحب جو بنگلو سلامت آهي. منهنجي خيال ۾ هن سڄي ڳالهه کي غلط نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. حقيقت هيئن آهي ته سڀني ڊپٽي ڪليڪٽرن جي رهڻ لاءِ هڪڙو بنگلو ٽَڪريءَ تي ٺهيل هو، جو ڊپٽي ڪليڪٽرن جي هيڊ ڪوارٽر جهرڪن مان کڄڻ جي ڪري ۽ حڪومت جي بي توجهيءَ جي ڪري زبون ٿي ويو، باقي جيڪو موجوده بنگلو آفيسر ڪم آڻين ٿا. سو پوءِ جو ٺهيل آهي. ۽ اُهو سوڍي صاحب جو ٺهرايل بنگلو ٿي نٿو سگهي. مشن سڪول هتي ڪڏهن هوئي ڪونه، نڪي ڪي انگريز ئي جهرڪن ۾ رهندا هئا، جن جا ٻار اسڪول ۾ پڙهندا هجن، باقي، مِشن بنگلو سو هو، جتي مون پاڻ ڏٺو هو ته ڪراچيءَ جا ڪارا ڪرستان يا ڪي پادري هوا بدلائڻ لاءِ انهيءَ بنگلي ۾ اچي رهندا هئا. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ اهو بنگلو زبون حالت ۾ آهي. ان جا گارڊر اُڏامي وڃي ڀر وارين جاين جي ڇتين جي زينت بنيا آهن. +مضمون نگار صاحب ڄاڻايو آهي ته محالڪاريءَ جي آفيس اسپتال جي اتر طرف هئي- اهو صحيح نه آهي. اسپتال جي اتر واري دڙي تي راءِ بهادر ديوان شيوا رام ڏيونمل، ڪراچي لوڪل بورڊ جي اڳئين پريزيڊنٽ جي وڏن جي جاءِ هوندي هئي. اهو پَٽ اڃا تائين راءِ بهادر وارن جي ملڪيت آهي. مرحوم سردار بهادر مير حسن بخش کان مون اهو پَٽُ خريد ڪرڻ چاهيو ٿي، جنهن صاحب مون سان مٿيون ذڪر ڪيو هو. ڳجهو نه رهي ته جهرڪ شهر جاگير اندر آهي، جنهن جا مالڪ ٽنڊي محمد خان جا مير صاحب آهن. حقيقت ۾ محالڪاريءَ جي آفيس، موجوده ٻيلي کاتي جي رينجر واري آفيس به هئي. اڃا ��ائين خزاني جي ڪوٺي انهيءَ حالت ۾ موجود آهي. +کاٽ کپري واري ذڪر ۾ سڄي ڳالهه ڏند ڪٿا تي بيهاريل آهي. کپري کاهوڙي کي ڪٿي درويش ته ڪٿي ”کپرو کاٽيڙو“ سڏيو ويو آهي. ڄاڻايو ويو آهي ته هن پنهنجي ڪرامتي هٿيار ’کني‘ سان راڄا مجيراءِ جي ڪوٽ کي ست کاٽ هنيا هئا؛ ۽ ٻُڌل ڳالهه جي بناء تي راجا جي ڌيءَ سان کپري جي عشق جو بيان ڪيو يو آهي. کپري چور جي قبر برابر ڏسيل جاءِ تي چوڻ ۾ اچي ٿي. هندو ان کي ڪالي ماتا جي قبر چوندا آهن. قبر ته برابر آهي، - کپري جي آهي يا ڪالي ماتا جي، يا اندر ڪجهه به ناهي، سا خبر الله کي! هينري ڪزنس پنهنجيءَ مشهور تصنيف ”ائنٽي ڪوئيٽيز آف سنڌ“ جي صفحي 107 تي مُجيراء جي ڪوٽ جي باري ۾ هيئن ٿو لکي ته ”هن ٽڪريءَ جي کوٽائي اڳيئي مسٽر ڪول ڊپٽي ڪليڪٽر ڪراچي 1852ع ۾ ڪرائي هئي، ۽ انهيءَ کوٽائيءَ جي آڌار تي سنڌ جي ڪمشنر، 1983ع ۾، رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئيءَ واري برانچ کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته بُتَ ۾ زيورات واريون شيون اهڙيون آهن، جهڙيون عام طرح ٻُڌ جي مندرن ۽ غارن مان ملن ٿيون. ٻُڌ جو هڪ پتلو به مليو آهي، جنهن جي سسِي مسلمانن ڀڃي ڇڏي آهي- غالباً انهن ئي سڄي عمارت ڊاٺي ٿي ڏسجي. انهيءَ زيورات تي مهرون لڳل ڏسڻ ۾ ٿيون اچن. اهي زيور گهڻن ئي قسمن جا آهن. انهيءَ ٽَڪريءَ کي هن وقت ”ڪافر ڪوٽ“ چيو وڃي ٿو. کوٽائيءَ ۾ مسٽر ڪول کي 85 چورس فوٽن جون ڪوٺيون ڏسڻ ۾ آيون، ۽ انهن ڪوٺين جون سرون کوهه جي سرن جهڙيون هيون.“ +کوٽائي وارن زيورن تي ماڻهن جا بت اُڪريل هئا. مسٽر ڪول، ڪوٽ جي اندر هڪ جاءِ کي اونهون کوٽايو هو؛ ۽ مسٽر ڪزنس وري انهيءَ ساڳيءَ جاءِ کي اڃا به وڌيڪ اونهون کوٽايو ته کيس ڪا خاص شي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مسٽر ڪزنس کي کوٽائيءَ ۾ 2/1-18x12/10x2/1-2 انچن جون سرون ڏسڻ ۾ آيون. +جيڪڏهن قابل مصنف اڃا وڌيڪ ڪوشش ڪري ها، ته کيس جهرڪن جي شهر توڙي پسگردائيءَ بابت وڌيڪ معتبر احوال هٿ اچي سگهن ها. +- نور محمد پليجو [مهراڻ: 1-2 1957ع] +* * ”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي ۾ ڪي شيون غلطيءَ کان ’آزاد نظم‘ جي عنوان هيٺ شايع ٿي ويون هيون– ”مهراڻ“ جي نئين دور شروع ٿيڻ وقت ادارو ان ڳالهه ڏانهن توجهه نه ڏيئي سگهيو؛ ان ڪري هاڻ انهيءَ غلطيءَ جو هن ذريعي اعتراف ڪري ٿو، ته جيئن ”آزاد نظم“ جي عنوان متعلق هن خط جي روشنيءَ ۾ ڪا غلط فهمي باقي نه رهندي– ادارو + + +ثميره زرين +محترم ڀاءُ، محمد ابراهيم صاحب - - +نئين سال جي بنهه شروعات ۾ هڪ افسانو لکيو هوم تڏهن کان ئي موڪلڻ جو ارادو هو، پر ڪجهه مصروفيت ۽ ڪجهه موڊ نه هجڻ سببان ايتري دير ٿي ويئي؛ هينئر موڪلي رهي آهيان. هيءُ افسانو تقريباً سال کن جي ذهني جمود بعد لکيو اٿم، - الائي ڪيئن آهي؟ +اوهين چوندا ته آءٌ وري ڀُلجي پيس! پر هن دفعي مان ڀليل ڪين آهيان، ڇاڪاڻ جو ٻڌو هوم ته محترم دائود پوٽي صاحب جي وفات بعد في الحال ”مهراڻ“ جي ايڊيٽنگ جا فرائض اوهان جي سپرد هوندا؛ ٻيو ته اڳي اوهان لکيو هو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجن افسانن لاءِ اوهان جو ذاتي رايو وٺڻ چاهيان ته وٺي سگهان ٿي؛ هن افساني موڪلڻ جو اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اوهان کان ان تي راءِ وٺڻي اٿم. +افساني جو اختتام اوهان کي شايد حقيقت کان پري نظر ايندو- ۽ واقعي آهي به. مون جنهن ويل هيءُ پلاٽ سوچيو هو، اُن وقت منهنجي ذهن ۾ به اهو اختتام ڪين هو، ۽ ڪا ٽريجڊي سوچيل هئي. اڄ جي دور ۾ اسان کي حقيقتن جي ويجهو هزارين ڏک پيا نظر اچن؛ تنهنڪري هن افساني ۾ به ڪا نه ڪا ٽريجڊي ٺهڪي اچي ها؛ پر نه ڄاڻان ڇو، افساني جي پڇاڙيءَ تي ايندي، اوچتو منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي ويئي. زمرد کي آخر تائين ڀٽڪندي ڏسڻ تي منهنجي دل نه ٿي. زندگي اول کان آخر تائين ٽانڊن تي ڇو ٽلندي رهي؟ نيٺ ته انسانُ انسان جي ڏک جو احساس ڪندو ئي – پوءِ دير سان ئي سهي. ڪڏهن ته انسان روح جي سونهن به پسي سگهندو؛ ڪڏهن ته هن جي مرده انسانيت سجاڳ ٿيندي، ۽ هو پاڻ جهڙي انسان جو ڏک سور محسوس ڪري سگهندو! تنهنڪري، مون فضلوءَ جي پيءُ کي زمرد جي ڏک جو احساس ڏنو آهي، ۽ کيس اُهي اکيون ڏنيون آهن، جيڪي هن جي بدصورت پيڪر ۾ لڪل روح کي سونهن پسي سگهيون آهن. +ائين برابر آهي ته پيءُ جي نسبت ماءُ جو جذبو وڌيڪ شديد ٿئي ٿو، ان ڪري مون کي به فضلوءَ جي پيءُ جي بجاءِ سندس ماءُ جو اِهو ڪردار ڏيکارڻ گهرجي ها؛ پر صرف هن خيال کان مون ائين نه ڪيو آهي ته مشڪل سان ڪا عورت پنهنجيءَ نُنهن لاءِ دل ۾ اهڙو جذبو رکي سگهندي: ۽ ڪجهه ان سبب ڪري به، ته مون لاءِ اڪثر چيو ويو آهي ته مان مرد جو ڪردار ڪٿي به بلند نه ڏيکاريو آهي، بنسبت عورت جي. در حقيقت، منهنجو ذاتي خيال ائين نه آهي. انسان جي عظمت ڪنهن صنف تائين محدود ڪين آهي! +مون اوهان کي پنهنجي خيال کان واقف ڪيو ته ڪهڙي جذبي جي تحت مون پڇاڙي ائين رکي آهي؛ هاڻي، اوهين ٻڌائيندا ته افساني جو هيئن اختتام تصنع ڀريو ته نظر نه پيو اچي؟ سچ ته مون کي پاڻ ان مان گهربل تسلي ڪانه ٿي ملي- شايد آءٌ پنهنجن خيالن جو اظهار پوريءَ طرح ڪري نه سگهي آهيان. اوهين ان تي مفصل راءِ لکندا، ۽ ڄاڻائيندا ته واقعات نگاري، ڪردار نگاري، پلاٽ ۽ اسلوب ۾ ڪهڙيون اوڻايون آهن. خامين لکندي اوهين ڪوبه احقراز ڪين ڪندا. +ادا، هڪ ڳالهه ٻڌايانوَ ٿي. جڏهن اڳي ”سنڌي ادبي سنگت“ ڪراچيءَ جو ادبي مقابلو پئي ٿيو، تڏهن مون کي ڀائرن چيو هو ته تون به ڪجهه لکي موڪل؛ پر مون کين انڪار ڪيو هو ته هند ۽ سنڌ جي اديبن جي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جهڙي قابليت مون ۾ ڪينهي. پر بعد ۾ جڏهن، بنهه آخري ڏينهن ۾، مون کي دعوت ملي ته دل نه رهي. ذهن ۾ هڪڙو ئي پلاٽ هوم. هوڏانهن افسانن موڪلڻ جي آخري تاريخ ۾ هفتو کن مس بچيو هو. خيال ڪيم ته اهو افسانو لکان ٿي، جيڪڏهن ڀاءُ کي چڱو نظر آيو ته موڪليندس، نه ته نه. مون کيس لکي ڏيکاريو، ته هُن پسند ڪيو. پوءِ مون جلد جلد اُن جون ٽي ڪاپيون لکي موڪلي ڏنيون. مان سچ ٿي چوان، ادا، تڪڙو تڪڙو لکندي منهنجي آڱر ۾ به لڦ ٿي پيئي هئي، (شايد اُن لڦ جي بدولت ئي انعام مليو هو!) مون کي خيال هو ته انعام ته ڇا، انعامي مقابلي ۾ شامل به مس ٿي سگهي، پر بعد ۾ واقعي چڱو سمجهيو ويو. +ايترو سڀ ان ڪري لکيو اٿم ته هيءُ افسانو جنهن کي پنهنجي زعم ۾ مان چڱو پيئي سمجهان، سو درحقيقت چڱو نه به هجي، ۽ اوهان جو وقت بيڪار ضايع ٿئي. سو اوهين ڄاڻائيندا ته ان جي پڇاڙي ڪيئن آهي: جيڪڏهن ٺيڪ نظر نه اچي، ته پوءِ خاميون ڄاڻائي ڪاپي واپس موڪليندا؛ نه ته ’مهراڻ‘ لاءِ رکي ڇڏجو. +ڀاءُ، مون کي پنهنجن افسانن سان ٻين جي هٿ چراند ڏاڍي ناگوار محسوس ٿيندي آهي- جيستائين ڪ ڪوئي ان جون خاميون منهنجي ذهن ۾ چڱيءَ طرح نه ويهاري- شايد اِها منهنجي ئي خامي هجي؛ پر هينئر جو آءٌ خود اوهان کي پيئي چوان، سو ان ڪري جو مان اوهان جي ادبي قابليت جي معترف آهيان، ۽ خوشي اٿم ته اِهو ڀاءُ سنڌيءَ ۽ سنڌيت سان حب رکندڙ آهي. اميد ته پنهنجي راءِ مفصل ۽ وضاحت سان لکندا. مان چاهيان ٿي ته مون کي پنهنجن افسانن جي خامين کان واقفيت ملي، جيئن آءٌ اُنهن کي دور ڪري سگهان. +هن افساني ۾ به اوهان کي يقيناً بيهڪ جي ن��انين جون بيشمار خاميون نظر اينديون. نه ڄاڻان ڇو، هن غلطيءَ جو احساس هوندي به همت اُن کي سڌارڻ جي ٿئي ئي ڪانه ٿي! پر آءٌ ڪڏهن نه ڪڏهن اِها خامي دور ڪنديس. اِها اوهان کي خاطري ٿي ڏيان. جواب ڏيڻ ۾ دير نه ٿئي ته بهتر، مون کي انتظار هوندو. +جيڪب آباد، 14- فيبروري، 1959ع +- اوهان جي ڀيڻ، زرين +- +ڀيڻ ثميره صاحبه- +نهايت افسوس اٿم، جو ايترو دير سان فيبروريءَ واري اوهان جي خط جو هيءُ جواب هاڻي موڪلي رهيو آهيان. هڪ ته افساني، توڙي اُن متعلق اوهان جي تشريحي خط ۾ جيڪي نُڪتا موجود آهن، تن جي باري ۾ ڪنهن ويچار جوڳيءَ راءِ پيش ڪري سگهڻ لاءِ فرصت جي ضرورت هئي؛ ۽ ٻيو ته اوهان، جو ويساهه ۽ جا اُميد رکي، افساني متعلق مون کان راءِ گهري آهي، تن ته آقي باقي به ڪنهن تڪڙيءَ راءِ پيش ڪرڻ کان روڪي رکيم. انهيءَ وچ ۾ ڀاءُ ربانيءَ اوهان کي افساني جي پهچ ڏياري موڪلي هئي، ۽ هونئن به هيءُ مواد اوهان موٽ رسيد جي رجسٽرڊ پوسٽ رستي موڪليو هو، سو اِهو به يقين هوم ته ان جي گم نه ٿي وڃڻ جي سلسلي ۾ اوهان کي ضرور اطمينان هوندو. +اوهان جو افسانو ۽ خود- تنقيدي جائزي وارو خط، ٻيئي ورائي ورائي پڙهيا اٿم. افساني کان وڌيڪ اوهان جي خط کان متاثر ٿيو آهيان. جيڪو اديب پنهنجيءَ تخليق جي اهڙي سمجهه ڀرئي ۽ پُرخلوص تجزيي جي همت ۽ صلاحيت رکي ٿو، تنهن کي پورو پورو حق آهي ته اُن تخليق متعلق آخرين طور هو پنهنجيءَ راءِ تي ئي اعتماد رکي- بلڪ اهڙي اديب جو فرض آهي ته هو پنهنجيءَ ان راءِ کي ئي ٻيءَ هر قسم جي راءِ تي مقدم سمجهي. هونئن به، پنهنجي ادب پاري جو پهريون پڙهندڙ اديب پاڻ آهي. عام پڙهندڙ ۽ نقاد ۾ فرق صرف هيءُ آهي ته عام پڙهندڙ ڪنهن چيز جي متعلق پنهنجي پسند ناپسند جي سببن کان شايد بيخبر آهي، ۽ انهن جي بيان جي ايتري قدرت نٿو رکي. پر نقاد پنهنجي پسند ناپسند جا سبب ڄاڻائي ٿو، ۽ انهن کي بيان به ڪري سگهي ٿو. پسند ۽ ناپسند جي معيار جي هتي ڳالهه ڪانهي- البت معيار ادنيٰ پڙهندڙ ۽ اعليٰ پڙهندڙ، ادنيٰ نقاد ۽ اعليٰ نقاد جي تفريق لاءِ ڪسوٽي ضرور آهي، ۽ انهيءَ لحاظ کان اديب پڻ واقعي اعليٰ ۽ ادنيٰ ليکجي سگهن ٿا- پر اديب بهرحال پنهنجي تخليق جي سلسلي ۾ پهريون نقاد پاڻ آهي، ۽ ڄاڻي ٿو ته هن جو پنهنجيءَ پيشڪش کي پسند ڪيو آهي ۽ قابل اشاعت سمجهيو آهي، تنهن لاءِ، سندس پنهنجي معيار مطابق وٽس ڪهڙا قوي دليل موجود آهن. جيڪڏهن ڪنهن اديب جي حالت ۾ ائين نه آهي، ته پوءِ جيئن ڪيترا ڳالهائيندڙ ڳالهائيندا رهندا آهن. پر پاڻ به ڪونه سمجهندا آهن، ته ڇا ڳالهائي رهيا آهن، تيئن اهو اديب به چئبو ته ’لکي عيسيٰ پڙهي موسيٰ‘ جي مصداق، لکندو ته واقعي رهي ٿو، پر ڇا ٿو لکي، ڪنهن لاءِ ٿو لکي، ڪهڙي مقصد لاءِ ٿو لکي، تنهن جي خبر کيس ڪانه ٿي رهي- ۽ ادب جي مقدس ميدان ۾ اهڙا ’جيڏانهن منهن تيڏانهن پير‘ وارا ڪاغذ ڪارا ڪندڙ ۽ پاڻ کي اديب چوائيندڙ شخص اڄ اسان وٽ ڪافي موجود به آهن. اوهان، جو پنهنجي هن پيشڪش جي ايتري اعليٰ، سنجيده ۽ بي ريا تنقيد خود پاڻ ويهي ڪئي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ اها هڪ انتهائي خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي. شال، اوهان جهڙن حوصله مند ۽ ذميوار اديبن جي سڄاڻ ذهن ۽ اثر آفرين قلم مان اسان جي سقيم ۽ مظلوم ادب کي وقت بوقت ڪي واقعي پختيون ۽ پائدار چيزون هميشہ ميسر ٿينديون رهن! +اوهان جي افساني کي پهريائين هڪ ٻه ڀيرا جو پڙهيم، ته ان جي اختتام جي سلسلي ۾ اوهان وانگر مون کي پڻ تسلي ڪانه ٿي. ائين لڳم، ڄڻ ان جو اهو اختتام ڪجهه اوپرو، ڪجهه اڻپورو، ته پنهنجي ان تاثر کي ڪجهه ڪمزور ٿيندو ڏٺم، ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيس ته اِهو منهنجو تاثر شايد ڪافي حد تائين خود اوهان جي پنهنجي خط ۾ پيش ڪيل تشريحي تذبذب جي روشنيءَ ۽ آڌار تي ئي بيٺل هو- ۽ پوءِ ترت ئي پنهنجي ذهن کي اوهان جي مستفهمانه راءِ سان تقريباً هم آهنگ پاتم ته مجموعي طور افساني جي موجوده اختتام کي واقعي هڪ موزون ۽ مناسب اختتام آخر ڇو نه سمجهيو وڃي! هن ذهني پس و پيش لاءِ مون کي فقط هڪ ئي سبب سُجهي آيو، ۽ اُهو هيءُ ته افساني جو اختتام ڪاميابيءَ سان پيش نه ڪيو ويو آهي: اختتام پنهنجيءَ جاءِ تي بلڪل فطري ۽ حقيقت پسندانه چئي سگهجي ٿو، پر ان جي ادائگي البت ناقص رهجي ويئي آهي. فضلوءَ جي ڪردار کي ڪجهه زياده اڀارڻ کپندو هو؛ ۽ خود فضلوءَ جي پيءُ جي واتان سڌيءَ طرح زمرد سان فضلوءَ جي ڀيڻ فاطمہ جي ماتا جي بيماريءَ ۽ موت وغيره جو داستان بيان نه ٿيڻ گهربو هو، بلڪ هيءَ خبر زمرد جي ڪنن تائين ڪنهن ٻيءَ طرح پهچڻ کپندي هئي. شايد اختتام کي ڪنهن اهڙيءَ ٻيءَ طرح پيش ڪرڻ سان افساني جي مجموعي تاثر ۾ ڪمزوري پيدا نه ٿي سگهي ها. +افساني ۾ هيٺيون چند چيزون مون کي مڙيئي ڪجهه اهڙيون مناسب ڪين لڳيون، اُميد ته اوهان اُنهن تي ويچار ڪنديون. +-- ڏاڏيءَ جو زمرد جي وارن ۽ منهن ۾ ڇار جا ٻُڪ وجهڻ. +-- ڪڻڪ رنگ سنڌين سان رشتو، پوءِ پهرينءَ ڌر جي ڇوڪري جي ڪنهن پناهگير ڇوڪريءَ سان شادي. +-- ڏاڏيءَ انگريزي صابڻ جي چڪي وٺي آڻي ڏنيس، ۽ چيائينس ته ”سرس هڻجانءِ“ ، وغيره. +اُميد ته اوهان هن افساني جي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيڻ لاءِ آخرين طور پنهنجي اجازت اسان ڏانهن موڪلينديون. مجموعي طور، هيءُ افسانو نه فقط مون کي پر ٻين جن به دوستن پڙهيو آهي تن سڀني کي نهايت پسند پيو آهي. اُميد ته اوهين خيريت سان هونديون. ڪراچي، 3- جون، 1959ع. +اوهان جو ڀاءُ، محمد ابراهيم +[”مهراڻ“، 2-1959ع] +پڙهندڙن جا پيغام +[مهراڻ: اونهارو، 1955ع] +(1) +”ڀاءُ ايڊيٽر، ’مهراڻ‘،....... سوچيان ٿي، هي جيڪي افسانه نگار اديب آهن، سي ڪيئن افسانا ٿا لکن! ادا، مان ته افسانن لکڻ لاءِ سڪان ٿي! هنن جي عقل جو واقعي داد ڏيڻو ٿو پوي، جيڪي اهڙا نازڪ خيال دل ۾ پالين ٿا، پر جن ويچارن کي اهڙو عقل نه هوندو، ۽ چاهيندا به ته ’اسان به ڪجهه لکون‘، تن جو ڀانيو ٿا ته ڪهڙو حال ٿيندو هوندو! جذبو ته هر انسان جو ڄڻ عضوو آهي، پر ڇا ڪجي، جو من جي اونهن خيالن جي پل ئي نٿي ٺهي، مٿان وري اها ڳڻتي ته ’مهراڻ‘ جي مڻيا دار موتين اڳيان ڪنهن سيکڙاٽ جو مٿاڇري تان ميڙيل مٺ آخر ڪيئن ساب پوندو! پوءِ صبر جو ڍڪ ڀرڻو ئي ٿو پوي. انسان ڦٿڪي ته گهڻوئي ٿو! بس منهنجي پڻ اها حالت آهي: خيالن جو طوفان آهي دماغ ۾، پر خيال گڏ ئي نٿا ٿي سگهن. ڇڙو کڙ ٿي پيا ٿا اڏامن، ۽ دل کي موڳو ڪري، هيڪاري پيا ٿا منجهائين. لاچار خار ۾ اچي خيالن کي تڙي ڪڍي ڇڏڻو ٿو پوي پر خيالن جهڙي ضدي به ڪا ٻي شي ٿي سگهي ٿي! رکي رکي، ڇار ۾ ڍڪيل ٽانڊڙن وانگر، هوا جي جهوٽي لڳڻ سان، ٽمڪاٽ پيا ڪڍن. هيڏانهن هوڏانهن جي ٺريل رک ميڙي، مٿان وجهي، وري کين ڍڪي ٿي ڇڏيان. ٻيو انهن کي مان ڇا ڪيان! +”اٺن نون سالن جي هڪڙي ننڍڙي معصوم ڌيءَ اٿم. آهي سا ننڍڙي پتڪڙي، پر سمجهندي پاڻ کي وڏي کان وڏي آهي. ضدي، هيٺيلي، شل نه ڪنهن ڳالهه تي بيهي، مائي پوءِ بس ڪندي. ڪنهن جي به واتان ڪا ڳالهه نڪتي ناهي، ۽ هن اڌ ۾ ٽُڪي ناهي- وچ ۾ پنهنجي ڪهات ڪڍي بيهي رهندي! تنهن ڏينهن، مانيءَ تي، ٻارن جي پيءُ سان ’مهراڻ‘ جي افسانن جي کڻي ٿي ڳالهه ڪڍان، ته بس ڇوڪريءَ کڻي ڳچيءَ کان ورتم. چي، ’ڪهڙِ وڏي ڳالهه آهي افسانا لکڻ؟ مان جو لکندي آهيان افسانا! آکاڻيون لکڻ به ڪي مشڪل آهن ڇا؟ پرين جون، ديون جون، بادشاهن جون، جانورن جون، جنهن جون چئو لکي ڏيکاريانوَ!‘ پڻس لڳس سمجهائڻ ته ’مائي وڏي! اڄ اهو زمانو نه آهي جو پرين، ديون ۽ بادشاهن جون آکاڻيون لکجن. اهڙيون واهيات ڪين جهڙيون آکاڻيون اڄ ڪلهه نٿيون هلن.‘ ٺهه پهه جواب ڦهڪايائين، ’واهه، واهه، بابا! مان کي به لنوايو ٿا! هي جو ننڍڙيون ننڍڙيون ڪتابڙيون، ٻارن جي آکاڻين جون، ٿين ٿيون. انهن ۾ اهي ته آهن سڀ آکاڻيون!‘ پڻس کلي کڻي چُپ ڪئي. پر هيءَ ارسطوءَ جي ڌيءَ چپ ڪري ته به ٺهيو! چوڻ لڳي، ’هون! اها ڳالهه آهي؟ اڳتي مان ناولن جهڙا وڏا ڪتاب نه لکيا ته مان کي چئجو، پوءِ ڏسنديس ته ڪيئن نه ٿا پڙهو!‘ +”ٻئي ڏينهن، ادا، سچ پچ هن جيتامڙيءَ آکاڻي لکي ڏيکاري ’هڪڙو هو بادشاهه بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هي اسپتالن جو بادشاهه هو. هڪڙي ڏينهن چمڙا پوش ڪري نڪتو گهمڻ. ڏسي ته هڪڙو بيمار رستي تي پيو آهي. ڇا ڪيائين جو کڻائي اچي پنهنجي اسپتال ۾ سمهاريائينس. ٿوري گهڻي ڏينهن، هو اٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪالهه ڏٺم ته هو کلندو خوش ٿيندو رستي تان پئي ويو!‘ بس پوءِ ته لڳي پاڻ پڏائڻ ’مان هي لکنديس، مان هو لکنديس. اسڪولن جي بادشاهن تي لکنديس، جي ٻارن کي ڀائيندا آهن، باغن جي بادشاهن تي لکنديس، جيڪي ڳاڙها، اڇا، نيرا گل ورهائيندا آهن، اڏامندڙ پرين تي لکنديس جيڪي ٻارڙن کي مٺايون، ٽول ۽ رانديڪا ڏينديون آهن....... چين، روس، آمريڪا، هندستان، پاڪستان ملڪ آهي، جيڪي، انهن جي بادشاهن تي لکنديس.... توهان ڏسجو!‘ هاڻي، هن اڄاڻ نينگريءَ کي ڪير سمجهائي ته اڄ ڪلهه ملڪن ۾ خود مختيار حڪومتون آهن، بادشاهه ڪي ورلي ٿا ٿين، ۽ سي به رڳي نالي ۾! +”نيٺ وڏي ڀاءُ چيس، ’آئي آهي وڏي افسانن لکڻ واري! اڳ ۾ بادشاهه ڪاٿي ٿا ٿين!‘ اهو ٻڌي، هو بنهه چپ ٿي ويئي. حيرت وچان لڳي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ، ڀاڻس کي لڳو رونشو سو چوڻ لڳس، ’چري ڇوڪري، اهو اڳيون زمانو هاڻي ڪونهي، هيءُ نئون زمانو آهي! اهي اڳيان تنهنجا چمڙا پوشي حاتم طائي، نوشيروان، راءِ ڏياچ، دودا ۽ عمر سومرا ويا مري کپي: سندن نالو نشان به هاڻي ڪونه ٿو ملي سمجهيئي!‘ ٻارن جي پيءُ جي دل تي الائي ڪهڙيون ڳالهيون تري آيون، سو هٿ جهلي، ڏورانهن نگاهه کڻي، ڳري آواز ۾ چوڻ لڳو: ’اڄ گهرجائن جي گهرون پوري ڪرڻ وارا ڪٿي؟ انصاف لاءِ سالن جا سال پيا ٿا ماڻهو اسڙڪن، ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه اٿن. ملڪ جا راڳيندڙ، اديب ۽ فنڪار بکن ۾ پيا ٿا پاهه ٿين، ڪو پڇڻ وارو ڪونه اٿن. وطن ۽ قوم جي بچاءَ لاءِ سر ساهه جي بازي لڳائڻ وارا ڪٿي، هتي ته هرڪو پاڻ هٿ سان کڻي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ڪير ٿو اڄ معصومن ۽ بي زورن جي عزت ۽ عصمت جي امانت ۽ رکوالي ڪري!‘ هوڏانهن هوءَ افسانن رچيندڙ منهنجي معصومڙي، وڏن جون اهي ڪڙيرڙيون ڳالهيون ٻڌي، هيڪر ته اصل سهمجي ويئي. کن پلڪ کان پوءِ ڀنل آواز ۾ چوڻ لڳي، ’پوءِ هينئر، ملڪ جو ڪو ڌڻي سائين ڪونهي. چمڙاپوش ڪري ملڪ جو واءُ سواءُ ڪوبه نٿو لهي!‘ سڀني کان ننڍو ڪڪڙو تنهن کي جو لڳو وجهه، سو تاڙيون وڄائيندو چوڻ لڳو: ’آءٌ ڀاڇا ٿيندس تمرا پوش ڪندس!‘ ويچارا ابهم ٻارڙا! ڇا ڄاڻن خيالن جي رڻ پٽ ۾ رلڻ مان، ماحول کي تورڻ مان، فضائن کي جاچڻ ما: جيئن هڪ طوطو چيل لفظ ٻڌي واپس اچاريندو آهي، تيئن هنن جي خيالن ۾ به ڀيانڪ جن ديو، قربائتيون پريون، رحم دل ۽ مهربان بادشاهه، ۽ انهن جون آکاڻيون وسيل هيون. کين ڪهڙي ڪل ته اڄ ڪلهه نه آهي ڪو بادشاهه ۽ نه آهي ڪا رعيت اڄ ڪلهه ته هڪ طرف آهن گورنر، وزير ۽ ميمبر صاحب ۽ ٻئي طرف آهن ويچارا ووٽر: ووٽر ويچارا رهن ميمبر صاحبن جي کيسي ۾، ميمبر رهن وزير صاحبن جي کيسي ۾، وزير ٿيا گورنرن صاحبن جا ٻانهن ٻڌا خادم، ۽ گورنر صاحب ٿيا بنگلن، موٽرن، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي بلي: سو ڪنهن کي ڪهڙي گتي پيئي آهي جو ويهي ڏسي ۽ ويچاري ته ملڪ جو مردو سرڳ وڃي رهيو آهي يا نرڳ! +”سو، ادا! ان ڏينهن کان وٺي ته هيڪاري دل ۾ اڌما اٿڻ لڳا ته ڪجهه لکان. پر لکان، سو ڇا لکان؟ ٻاهر مردن جي دنيا ۾ ڇاٿو وهي واپري، تنهن جي ته مون جهڙين گهريتڙين کي ڪل ئي ڪانه ٿي رهي. باقي گهرن جي چوديوارين ۾ پاڻ جهڙين ’ضعيفائن‘ جي حالت زار کان سو ڪي قدر واقف آهيان! چوان ٿي ته انهن پائبند پورهيت روحن تي ئي کڻي ڪي ٻه چار افسانا جوڙيان. من ڪي چڱا موچارا جڙي پون جي ’مهراڻ‘ جي منهن تي پئي سگهن! +”اڳوپوءِ، اوهان کي هڪڙي خوشخبري سڻائي ڇڏيان! مان هتان جي ’اپوا‘ ڪلب جي ميمبرياڻي آهيان. ’اپوا‘ پاڪستان جي زالن جي جماعت آهي، ۽ ان جو مقصد، اوهان ڄاڻو ٿا ته ڇا آهي ’پنهنجي ملڪ جي زالن جو ڀلو ڪرڻ‘. هڪ دفعي ڪلب ۾ فيصلو ڪيوسين ته ڪلب جي جلسن ۾ ڪي ڪارائتيون تقريرون ڪجن، پر سوال اٿيو ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ اردوءَ ۾، ڪين سنڌيءَ ۾؟ هرڪا پيئي نالو اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ لکائي چي ’سنڌيءَ ۾ شرم ٿو ٿئي!‘ ادا، ڏٺو! اڃا ’مهراڻ‘ ۾ لکيو اَٿوَ ته ’جيستائين سنڌي مائرون، پنهنجن معصوم مٺڙن ٻارن کي، پنهنجي محبت ڀرين هنجن ۾ سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي ٻولي، ۽ ان جي ادب جا پربهار گل ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ، جيئن پوءِ تيئن زياده اڀرندا ۽ اسرندا، وڌندا ۽ ويجهندائي رهندا.‘ ڪيترو نه اسان سنڌ جي مائرن ڀينرن ۾ اوهان جي دل ڀڄائيندڙ ڀروسو ۽ ايمان آهي! پر جن سنڌي مائرن جا ٻار پڙهن ڪرستانن جي انگريزي اسڪولن ۾ جتي پنجن سالن جي پڙهائيءَ کان پوءِ وڃي مس مس سنڌيءَ جي ’الف ب‘ اکئين ڏسن، جن جا مڙس گهر ۾ رڳو انگريزي ۽ اردو ڪتاب آڻين ۽ پڙهن، ۽ ٻارن کي به انهن ئي ٻولين ۾ ڳالهائڻ تي زور ڏين، جن جي گهرن ۾ ريڊيا، اردو راڳ ۽ تقريران ٻڌائيندا رهن، جي سئنيمائون ڏسن تڏهن به اردو سڻن، ۽ جي ’اپوا‘ ڪلبن ۾ گڏ ٿين ته به اردو ٻڌن ۽ ڳالهائين گهٽ ۾ گهٽ اهڙين سنڌي مائرن تي ته ايترو ڀروسو رکڻ بنهه بيڪار اَٿوَ. هان غريب ۽ وچولي طبقي جي گهرن جون ٻهراڙيءَ جون توڙي شهرن جون سنڌي مائرون ۽ ڀينرون برابر اوهان جي اميدن کي پورو ڪنديون. سو، ادا! ڳالهه ٿي ڪيم ته ’اپوا‘ ڪلب جي جلسي ۾ سڀڪا سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ کان پيئي نٽائي، ان تي مون کي جولان اچي ويو. چيم ’سنڌيءَ ۾ شرم ڇاجو، پنهنجي ماءُ جي ٻولي آهي، اسان کي هٿون خوشي ٿيڻ کپي، سو مان سنڌيءَ ۾ تقرير ڪنديس!‘ ’اپوا‘ وارين پناهه گيرياڻين چيو، ’ها، ڀلي ڪريو، خوشيءَ سان ڪريو، اسان پاڻ چاهيون ٿيون ته ڪا ’نئين‘ ڳالهه ٿئي. اردوءَ ۾ ڪيتريون ڪيون اٿسي: ڪا ته سنڌيءَ ۾ هجي!‘ ادا، اها ته هئي ٺٺوليءَ جي ٺٺولي، ۽ همتائڻ جو همتائڻ، پر مان به سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ جي صحيح وجهي، آيس گهر. صحيح ته وجهي آيس، پر اچي ڳڻتين ورايم. سوچيم ته خسيس خط لکڻ لاءِ به دماغ ڪونهيم. افسانا ته پري رهيا. هاڻي هلي آهيان تقرير ڪرڻ! نيٺ سوچي سوچي، هڪڙي انڌي منڊي تقرير لکي ورتيم چيم ته ڳالهائڻ لاءِ جي همت کپي، ته پڙهڻ ته پنهنجي وس آهي! بس، اسيمبليءَ جي اڻ پڙهيلن ميمبرن وانگر اها هئي منهنجي ”ميڊن“ تقرير پر مون، ادا، مڙيئي ڪجهه سمجهداريءَ جون ڳالهيون ڪيون، ۽ اهڙيون ته ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايون مان جو سنڌياڻيون ته چپ ٿي ويون، پر اردياڻين کي به ڄڻ نانگ منڊي ويوهو. ڪڇيون ئي ڪين. اوهان کي خوشي ٿيندي ته ان ڏينهن کان وٺي، هاڻي سنڌياڻيون ته سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ لڄي ڪين ٿيون ٿين، پر ڪيتريون اردوياڻيون به اسان سان سعيو ڪري سنڌيءَ ۾ ڀڳل ٽٽل گفتا پيون ڪن. هاڻي ارادو اٿئون ته ڪلب ۾ سنڌي ساهيڙين جي هڪڙي خاص ٽولي ٺاهيون جيڪي پاڻ به سنڌي اخبارون، سنڌي افسانا ۽ سنڌي ڪتاب پڙهن، پر پنهنجن ارديانين ساهيڙين کي به پڙهي ٻڌائين خبر ته هنن کي به پوي ته سنڌيءَ ۾ به ڪي شاعر آهن، سنڌيءَ ۾ به ڪو ادب آهي...... ادا، هاڻي خط به بند ٿي ڪيان ڏاڍو وڏو لکيو اٿم، توهين به پڙهي ڪڪ ٿي پيا هوندا. چوندا ته هيءَ مائي به ڪهڙي، جو نه ڳالهه نه مهاڙ، وٺي کڻي ڪهات کنئي اٿس، جيڪا کٽيس ئي نٿي! چڱو، ادا، ڪڪ نه ٿيو. بس ٿي ڪيان! هاڻي موڪلاڻي پرتو رب کي! ’مهراڻ‘ کان ته موڪلاڻي ڪانهي، اميد ته اهو مخموري سنڌ هميشہ پيو مند مند تي اڃايلن جون اڃون لاهيندو ۽ سڪل دلين کي سائو سرهو ڪندو. ادا اکرن تي کلجو نه! ڏنگا ڦڏا آهن ته ڇا! پوءِ به سنڌياڻي آهيان، سنڌي لکيا اٿم، ويندي ٽپال جي ائڊريس تائين! +اوهان جي ڀيڻ، ساجده عالم سکر (سنڌ)“ +(2) +- ”مهربان سمپادڪ، ’مهراڻ‘، حيدرآباد، سنڌ، اڄ پنهنجي جنم ڀومي، سنڌڙيءَ کي ڇڏئي ذري گهٽ اٺ سال ٿي چڪا آهن، پر ان ڀوميءَ جو ڪوبه سماچار، ڪنهن ننڍي هوندي جي يار به ڪونه ڏنو. ڪيترن ڏينهن کان اندر ۾ اُڪير هيم ته من ڪو دوست ٻه اکر لکي دل کي ٿڌو ڇنڊو وجهي ۽ پنهنجي مٺي ملڪ جو ڪو حال سڻائي، جيتوڻيڪ ٻه ٽي ڀيرا هن بندي شخصي خط، جهونن مترن کي لکيا ته ’اي يارو، جي ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته ڇا، پنهنجي دلين جو به ورهاڱو ڪرڻ جڳائي؟ هيءَ ته راڄنيتيءَ جي ريت آهي، اُن ۾ ڇا پنهنجي پراڻي پريت ڪو ڀلائڻ گهرجي؟ پر ڏسڻ ۾ ائين ئي آيو ته انهن يارن کان ياراڻي موڪلائي پر ڪري اُڏامي ست سمنڊ پار ڪري چڪي هئي ۽ اُن جي جڳهه ڀري هئي اچي راڄنيتيءَ! اُنهن کان ننڍي هوندي وارا واقعا به شايد وسري ويا آهن. اسڪول ۾ گڏ پڙهڻ، شام جو رانديون ڪرڻ، ڪاليج جا سکي ڏينهن، جيڪي مستيءَ سان گذاريا هئا، پروفيسر کي چيڙائيندي چيڙائيندي مطلب ته سڀ وسري ويا اُنهن يارن کان گذريل مٺڙا واقعا. اوهه! وري عجب اهو جو ڪا اهڙي سنڌي اخبار يا هفتيوار يا ماهوار يا ڪا اهڙي ٻي مئگزن يا رسالو به ڪونه نڪتو جو کڻي وڇڙيلن کي سنڌڙيءَ جو حال سڻائي! خير، جيڪي ڪجهه آهن سي آهن سڀ راڄنيتيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل ڪنهن کي ڪو اونو ڪونه آهي پنهنجي سنڌين جو! نه آهي ڪو ويچار پنهنجي مٺيءَ ٻولي جو! +پر سالڪن سچ چيو آهي ته ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن اچن پيا. زندگي هروڀرو رڳو نراشا جو بوتو ڪونه آهي. جيڪڏهن باريڪيءَ سان ڏسبو ته آشا جو ترورو به ان ئي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن زندگيءَ کي انسان ڌڪاري ٿو. ٻه ڏينهن اول جئن ڪلياڻ کان بمبئيءَ، لوڪل ٽرين ۾ وڃي رهيو هوس ته ڀر ۾ ويٺل شخص جي هٿن ۾ ”مهراڻ“ جو بهار وارو پرچو هو! هو جوان به ڪو سريلو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪو منهنجي اندر جو حال ڀانپي ورتو هو، ڇو جو آءٌ هڪ نئين پتريڪا هن جي هٿن ۾ ڏسي ڪجهه واجهائي رهيو هوس يا هن کي اڳيئي خبر هئي ته آءٌ ڪو ساهنيه جو شائق آهيان! مون ڏانهن منهن ڪندي، چپن تي مشڪ آڻيندي، هن جوان چيو، ”توهان هيءُ رسالو ڏٺو آهي، جو ’پنهنجيء��‘ حيدرآباد مان نڪرندو آهي؟“ مون ٿورو ڇرڪ ڀريو، هن جي ’پنهنجيءَ‘ اکر چوڻ تي! چيومانس ته ”ڇا حيدرآباد سنڌ مان هيءُ رسالو ڇپجندو آهي؟“ ورندي ڏنائين، ’ها!‘ ائين چوندي هن ”مهراڻ“ جو انڪ مون ڏانهن وڌايو. خبر نه آهي. ڇو، منهنجي من ۾ الائي ڪهڙو اُڌماند اچي ٿي. وڏيءَ اُڪير سان ”مهراڻ“ ورتم. اندر ۾ سانڍيل سڪ ڀڀڪو کائي اُٿي ۽ اکين اڳيان حيدرآباد جا نظارا تري آيا. ڇا منگهن جون قطارون، جيڪي سڄي پاڪستان ۽ هندستان ۾ ته ڇا پر سڄي جڳت ۾ به ڳولڻ سان نه لڀنديون، جن جي خوبي ئي پنهنجي! وري اهو ڪاليءَ وارو رستو اکين اڳيان ترڻ لڳو، جيڪو پنهنجي شانتيءَ واري ڀاو سان يا ترين جي آجيان ڪندو هو. ڇا گنجي ٽڪر ۾ گهٽ سونهن هئي! هو به پنهنجو پارٽ واهه جو خوب ادا ڪندو هو! پنهنجي ڪک مان چيڪي ميٽ جا چاپوڙا لاهي ڏيندو هو سنڌڙيءَ جي رهواسين کي! ڀلا اهو سڀ هتي ڪٿان ملي آنند! شام جي ٿڌي هير جيڪا ٽڪريءَ تي کائبي هئي، سا به ڪا وسرڻ جي آهي! ان جي پاسي ۾ سينٽرل جيل جي قيدين جي پگهر مان بنايل باغيچي ۾ ڪيڏي نه سونهن ۽ سڳنڌ هئي! ڇا وري حيدرآباد جون چاڙهيون هيون تلڪ چاڙهي، جنهن تان سائيڪل تي چڙهي وٺي جو ڇڏبو هو سو سڌو وڃي هيٺ پئبو هو بنا ڪنهن پئڊل هڻڻ جي! ٻئي طرف وري ٺوڙهي چاڙهي به ڪا وسرڻ جي آهي! مطلب ته هڪ هڪ ڳالهه دل تي تري آئي، صرف ”مهراڻ“ جي ڪاپي ڏسي! +”مهراڻ“ هڪ ئي رسالو هو جو هيل تائين منهنجي هٿن ۾ آيو هو، جنهن مان راڄنيتيءَ جي بوءِ ڪانه ٿي آيم آيم ٿي ته خوشبوءِ پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ جي! پنهنجي سنڌي اتهاس جي! آيم ٿي سڳنڌ ان سنڌڙيءَ جي ڦٽندڙ ڪليءَ جي! لوڪل گاڏي پنهنجي تيز رفتار سان هلندي هلي، پر منهنجو من ان کان به تيز رفتار ۾ اُڏامڻ لڳو هو. ڄڻ ته اڄ گاڏيءَ سان شرط پڄائي رهيو هو. گاڏيءَ اڃا ٻه چار ميل پنڌ مس ڪيو هوندو ته منهنجون من سوين ميل پار ڪري چڪو هو. هن کي نه هئي سگنل جي ضرورت ۽ نه وري ڪا پيچري جي پرواه. جبل ڏونگر ڪاٽيندو سڌو اچي حيدرآباد ڀيڙو ٿيو، ۽ پريان منگهن جي قطار ۽ قلعي واري تيز هوائي جهازن کي راهه ٻڌائيندڙ لائيٽ ڏسي، بهار بهار ٿيڻ لڳو. ”مهراڻ“ جا ورق ورائيندو ويس. هڪ هڪ سٽ مان آنند پيو اچي. ”مهراڻ“ سچو مهراڻ هڪ درياهه ساهتيه جو سچو درياه آهي. ”مهراڻ“ جي پهرئين صفحي ئي منهنجو من ڀڄائي ڇڏيو. منڍ ۾ ئي لکيل هو ”مينهن وسندا، ته چڪون به ضرور ٿينديون“. تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيونسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهي سيلاب ۾، ڪي لٽجي، ۽ ڪي پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر ته بنهه ختم ٿي لڙهي هليون وينديون ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ ڀريون پنکڙيون، چونڊڻ چپوٽڻ سان به، ٻيهر شايد اسان جي پلئه ڪڏهن به پئجي ڪين سگهن!“ +بس منهنجي به من جي اول اها ساڳي حالت هئي، اهي شڪ شبها دل ۾ اٿندا هئم ته ڇا ٿيندو اسانجي اتهاس جو ڇا ٿيندو ٻوليءَ جو؟ پر..... پر جڏهن اڳتي هلي ”مهراڻ“ جي پهرئين ئي صفحي جي ٻي پئرا پڙهيم ته ملي ويم جواب ”پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي!“ +”مهراڻ“ به هڪ اهو قاصد آهي جو اسان کي پنهنجو پيغام ٿو پهچائي ته ’اي سنڌيو‘ ڇو ٿا گهٻرايو! جيستائين سنڌي ماتا زنده آهي تيستائين هن جو ٻچو ٻچو سنڌيءَ ٻوليءَ جو باغ بهار ڪندو! +ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن پيڙهن جون پيڙهيون گڏ رهندڙ اسين سنڌي هڪ ٻئي کان وڇڙي وياسين، تڏهانڪر صرف اهي مٺيون مٺيون يادگيريون وڃي باقي رهيون آهن. اڄ اهو ڏينهن ياد ٿو اچي، جڏهن منهنجو هم ڪلاسي عبدالله، جنهن کي عبدو به ڪري چوندا هئاسين. اسان جي گهر ايندو هو ۽ منهنجي ماءُ لسيءَ جو ڪٽورو ۽ ڦلڪي جو ٽڪر ٻنهي کي گڏ هڪ ٿالهيءَ ۾ ڏيندي هئي (ڍوڍو به ڪڏهن ڪڏهن کائبو هو)، ۽ ٻئي گڏجي ان ٿالهيءَ جي صفائي ڪري اُٿي راند ڪرڻ ويندا هئاسين. اهڙوئي پريم ملندو هوم هن جي گهران به! پر هينئر اهي آهن صرف ڪويءَ لاءِ ڪلپنا ڪندڙ گهٽنائون. +هتي اچڻ سان پهرين ته اسان کان سڀ ڪجهه وسري ويو. رڳو هئي ڳڻتي پيٽن ڀرڻ جي ۽ اونو هو مٿي ڍڪڻ جو. ساهتيه ڏانهن بلڪل بي خبر. پر ان ۾ به ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟ اهو ته سڀاويڪ ئي آهي! ڪبير صاحب ڪونه چئي ويو آهي ته ”بوکي ڀڄن نه هوءِ“، سو ڀلا جيستائين ڪٿي ٿانيڪا نه ٿياسين، تيستائين ڀلا ٻيا ڪٿي ٿا ويچار اچن؟ پر آخر ٻوجهه پئي. هينئر سڄي ڀارت اندر، جتي جتي سنڌي آهن، اتي جدا جدا سنسٿائون ڍاهي سنڌيءَ ٻوليءَ کي بچائڻ جي، وڌائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. سنڌي ساهتيه کي پيا زور وٺائين، هرهڪ جوان پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪري رهيو آهي. +اسان جي به هڪ ننڍڙي سنسٿا، ”سنڌوينگ مينس ائسوسئيشن“ نالي آهي. هيءَ سڀني سنڌي سوشل ڪم ڪندڙ جوانن جي هڪ سنسٿا آهي، ۽ ڪلياڻ ڪئمپ، جتي سڄي هندستان ۾ ڪنهن به هڪ شهر ۾ وسيل سنڌي ڀائرن کان وڌ ۾ وڌ آدم رهي ٿو، اٽڪل هڪ لک کان به وڌيڪ آبادي آهي هن ڪئمپ جي (ڪئمپ جيڪر چوڻ نه جڳائيم ڇو ته هينئر هيءَ هڪ شهري صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ سرڪاري طور نالو به ”الهاس نگر“ رکيو ويو اٿس. ”الهاس“ معنيٰ ”خوشي“ وري پاسي ۾ به الهاس ندي اٿس جا به هن نگريءَ کي چئون ”سنڌو نگر“ ڀلا اسين به ته سنڌيت جي ڪا ته يادگيري رکون مطلب ته سڀ نالا مشهور آهن: سنڌونگر، يا ڪلياڻ ڪئمپ، يا الهاس نگر) انهيءَ وشال نگريءَ ۾ اسان جي ائسوسئيشن جا نوجوان وڏي اوتساهه سان سنڌي قوم جي شيوا ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ هتي ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون خواهه ننڍيون سنسٿائون آهن، پر پنهنجو ڪم نرالو آهي.اسين ٻاهرين پروپئگنڊا مان نه ڄاڻون. پنهنجي وت آهر ننڍي پئماني تي پيا ڪم ڪريون. آءٌ هن ائسوسيئيشن جو سڪيريٽري آهيان. +اسان کي هڪ ننڍڙي فري لئبرري آهي، جنهن ۾ جدا جدا پبلشر پنهنجو پنهنجو رسالو ڏيئي اسان کي همتائي رهيا آهن، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن توهان جو ”مهراڻ“ به پنهنجي عنايت ڪندو ته سچ لئبرريءَ جي سونهن ڪيڏي نه وڌي ويندي؟ جيڪڏهن ”مهراڻ“ جا سڀ پرچا لئبرريءَ جي سونهن وڌائين ته ڪيترو نه سٺو ٿئي! سڀ ڀائر هوند پڙهي اُن جو رس وٺن. سمجهان ٿو ته توهان لاءِ به ڪٺن آهي، پر چوندا نه آهن ته پريم هڪ ٻي چيز آهي! اميد ته توهين ضرور اسان کي ساٿ ڏيندا. +هتي اسان وٽ به سٺا سٺا ڪتاب پيا ڇپجن. پر جيئن اسان لاءِ هتي مشڪل آهي جو اوهان جا ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري سگهون، تيئن اوهان لاءِ اتي به اوتروئي ڪٺن آهي، جو جيڪي ڪتاب ۽ رسالا هتي اسان وٽ ڇپجن ٿا، سي ڪي وٺي سگهون. تنهن ڪري، اوهان جي چوڻ کان اڳ ئي، آءٌ به اوهان ڏانهن ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ هتان هڪ ٻه ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليندس! بس ائين ئي ته وڇڙيل دليون ملنديون! شيوا ۾، هريرام جي. جڳت، ڪلياڻ ڪئمپ 2 بمبئي.“ +[”مهراڻ“: سرءُ، 1955ع] +(1) +سچائي منزل، سنڌڙي روڊ، ميرپورخاص. +سائين توهان بار بار شفقت سببان ”ڪجهه لکڻ“ جو حڪم ڪندا پيا اچو، هر دفعي شرمساريءَ وچان ڪنڌ جهڪائيندي نيٺ سوچيم ته: +”تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.“ +افسانو، عرض ڪيو اٿم ته، لکڻ اچيم ئي ڪونه. تنهنڪري ٻيو نه ته به ”لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيڻ“ ۽ ”رت مَکي شهيدن ۾ نالي لکائڻ“ جو پهه ڪيم. +”مهراڻ، جي تازي پرچي ۾ هڪڙو افسانو ڏاڍو وڻي ويم. سو اُن تي ”تنقيد“ جي جڏي سڏي ابتدائي ڪوشش تي اڪتفا ڪئي اٿم. خوف اٿم ته اجائي پٽاڙ نه نظر اچي. بهرحال ڪوشش ڪئي اٿم ته تنقيد جو حق ادا ڪجي. آءٌ هروڀرو، نقص هجي يا نه هجي ته به، عيب گهڙڻ جو قائل ڪونه آهيان؛ تنهنڪري هڪ طرفي تنقيد جي الزام جو خوف رکندي به ان جي پرواهه نه ڪئي اٿم. اها ٻي ڳالهه آهي ته ناتجربيڪاريءَ سبب عيب نظر نه آيا هجنم. بهرحال ”جيڪو حال حبيبن سوئي پيش پرين.“ +منهنجي ناچيز راءِ آهي ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سالن جي جمود کي ٽوڙي، هڪ نئين پربهار دور جو آغاز ڪيو آهي. ”مهراڻ“ جي امتيازي خصوصيتن مان هڪڙي هيءَ آهي جو تقسيم کان پوءِ پهريون دفعو معياري ۽ اصلي مختصر افسانن جو باقاعدي سلسلو جاري ڪيو ويو آهي. اسان جي عزيز دوست غلام رباني سنڌيءَ جو مختصر افسانو ”شيدو ڌاڙيل“ جيڪو اونهاري نمبر ۾ شايع ٿيو آهي، منهنجي نظر ۾، موضوع توڙي فن جي لحاظ کان افسانه نگاريءَ جو هڪ اهڙو عمدو شهپارو آهي، جو ان کي دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي بهترين افسانن سان، بنان ڪنهن هٻڪ جي، ڪلهو ڪلهي سان ڏياري بيهاري سگهجي ٿو. +”شيدو ڌاڙيل“، جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، هڪ اهڙي ڌاڙيل جي ڪهاڻي آهي، جو ”انسانيت جي جسم ۾ هڪ هميشه چڪندڙ ڦٽ“ هو. پر شيدو ڪو پيدائشي ڌاڙيل ڪونه هو. هن نينگر جا مائٽ کيس ننڍي هوندي ئي ڇورو ڪري ڇڏي ويا، ۽ هو اوڙي پاڙي جا ٽڪر کائي، ڳوٺ جي اسڪول ۾ اکر وٺندو هو. نڌڻڪائيءَ، هڪ جيڏن ٻارن جي آڪڙ ۽ برتريءَ ۽ ڪلاس ۾ ماستر جي ٿوري گهڻي تان جٺ ڦٺ سندس معصوم ۽ حساس دل ۾ پنهنجي ماحول لاءِ بيحد مخالفت ۽ نفرت ۽ حد کان وڌيڪ خودداريءَ جو مادو پيدا ڪري ڇڏيو. اسڪول کيس جيل وانگر لڳندو هو ۽ ماستر کيس هڪ بي رحم جلاد نظر ايندو هو. آخر هو اچي گسائڻ تي پيو ۽ ماستر جي ٽنگا ٽوليءَ وارن کان بچڻ لاءِ جهنگ ۾ لڪندو وتندو هو. بک کي ٻني ڏيڻ لاءِ هو سنهين ٿلهين چورين ڪرڻ تي پيو، ۽ نيٺ چور، ۽ آخر ڌاڙيل بنجي ويو. هلندي هلندي، آس پاس ۾ چورين، ڌاڙن- ۽ خونن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي ويو. پوليس ٿاڻن تي شيدوءَ خلاف وارنٽن جا ٿها ٺهي ويا ۽ سندس ڏهڪاءُ ملڪن ۾ پکڙجي ويو. +تَر جي رهزن ۽ ناليري پاٿاريدار، رئيس ڌڱاڻي خان، شيدوءَ جي خونخوار جُريَت جي هاڪ ٻڌي کيس پاڻ وٽ آڻي ويهاريو، ۽ سندس هٿان ڌاڙا ۽ خون ڪرائي خوب جاوا ڪرڻ شروع ڪيا. پر جلدئي شيدوءَ کي هن پاٿاريدار جي پشت پناهيءَ جي قيمت جي خبر پئي. ڌڱاڻي خان شيدوءَ جي محبوبه، زيبيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي، کيس ڦاسائي پاڻ وٽ آندو؛ شيدو باهه ٿي ويو. پر رات وچ ۾ پوليس اچي ڪڙڪو ڪيو، ۽ شيدو ٻڌجي ويو! کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. ڌڱاڻي خان کي شيدوءَ جهڙي رهزن خونيءَ کي پڪڙائڻ ۾ سرڪار نامدار جي امداد ڪرڻ جي عيوض حڪومت وٽان آفرين ناما ۽ انعام اڪرام مليا. اها آهي ”شيدو ڌاڙيل، جي مختصر ڪهاڻي. +سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامنيءَ جي وبا عام ڦهليل آهي. اُن جا اصلي ڪارڻ ڪهڙا آهن، تنهن بابت هر ڪنهن جا پنهنجا رايا آهن. پر رفتي رفتي اهو راز کلي چڪو آهي ته بدامني ۽ ڏوهَه رڳو ڪن فردن جي اخلاقي پستيءَ جي پيداوار ڪونه آهن، پر اهي سڌيءَ طرح موجوده سماجي نظام جي پيداوار آهن. جن هن حقيقت تي جيترو گهڻو غور ڪيو آهي، اهي اوترو ئي وڌيڪ هن راءِ تي پختا ٿيا آهن ته جيستائين سماج جون واڳون هڪڙي اهڙي طبقي جي هٿ ۾ هونديون، جنهن کي پنهنجي ناجائز تسلط قائم رکڻ لاءِ دٻاءَ ۽ ڏاڍائي استعمال ڪرڻ جي هروقت ضرورت رهي ٿي: جيستائين حڪومت هڪ اهڙي طبقي جو هٿيار ٿي رهندي، جو صلح سانت جي حالتن ۾ پنهنجو اقتدار برقرار رکي نٿو سگهي، تيستائين هي چوريون، ڦريون، ڌاڙا ۽ خون ٿيندا رهندا. +هي ”شيدو“، هي ”رحيم هنڱورا“، هي ”بچو“، هي ”ڦل ماڇي“ پنهنجي سموري ظاهري ڏڏي ڏيکر جي باوجود اصل ۾ فقط حڪمران طبقي جي هٿ جا باز آهن، سندس اشاري تي نچندڙ ڪٺ پتليون آهن، جن جي وسيلي هو پنهنجي دٻاءَ ۽ ڏاڍائيءَ جو راڄ قائم رکيو اچن، ۽ جڏهن منجهائن پنهنجو ڪم ڪڍيو وٺن تڏهين وري اهي ”ڌڱاڻا خان“ انهن ”شيودئن“ جا ڇوڙا وڪڻي، پاڻ کي امن امان جا راکا ۽ پبلڪ جا محسن مشهور ڪرائي، لقب ۽ انعام حاصل ڪن ٿا. +اسان جي سماج جي انهيءَ دورنگيءَ ۽ ”ٻه مُنهين“ چال بابت ”شيدو ڌاڙيل“ ڪو پهريون افسانو ڪينهي- هن سماجي ناسور، وقت بوقت، ڪيترن فنڪارن جو ڌيان پئي ڇڪايو آهي- مگر ”شيدو ڌاڙيل، انهيءَ قسم جي اڪثر افسانن کان گهڻو موثر ۽ ڪامياب آهي. +بدقسمتيءَ سان، عام طرح اسان جا اڪثر افسانه نگار بلڪل خيالي ۽ اڻ ٿيڻين حالتن ۾ مصنوعي ڪردارن واتان، ناٽڪي ۽ خطيباني انداز ۾ سطحي قسمن جي ٺلهن جذباتي ليڪچرن ڏيارڻ کي افسانه نويسي سمجهي ويٺا آهن. سندن افسانن ۾ هارياڻين کي ڏسبو آهي ته ”محبت ۽ آزادي“ جهڙن موضوعن تي، ماشاء الله، پي. ايڇ. ڊي جي سند ملڻ جهڙا مقالا برزبان ياد ڪيو ويٺيون هونديون آهن! +اڻ پڙهيل ۽ ٺيٺ هاري اهڙا اهڙا ثقيل ۽ ڳاٽي ٽوڙ عربي فارسي لفظ ڳالهائيندا ٻڌبا، جي جيڪو خود اردوءَ جو ”باوو آدم“ به مشڪل هضم ڪري سگهي. ڪڏهين ڪڏهين جو وٺي پڙهندڙن جي شامت ايندي آهي ته افسانه نگار صاحب، ڪردارن کي ڇڏي، پنهنجو پاڻ ئي وٺي خطبا شروع ڪندا آهن- بس پوءِ ته الله ڏئي ۽ بندو سهي! +”شيدو ڌاڙيل“ انهن عيبن کان بلڪل پاڪ آهي. ”شيدو ڌاڙيل“ جا ڪردار جيئرا جاڳندا ۽ سچا پچا آهن. ڇا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ۽ ڇا هلت چلت ۾، هو بلڪل ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل ٿا لڳن. هو ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿا ڪن، جنهن مان پڙهندڙ جي دل ۾ ڪو کٽڪو پيدا ٿئي ته هيءَ ڪنهن بناوتي ۽ نقلي ماڻهوءَ جي ڳالهه آهي. افسانه نگار کين نهايت چابڪدستيءَ سان خلقيو ۽ خوبصورتيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان اجاريو آهي. انهيءَ ۾ هن ڪٿي به ٺوڪر نه کاڌي آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ته هن نهايت استاديءَ سان ڪنهن بظاهر نهايت معمولي ۽ غير ارادي ڳالهه مان ئي پنهنجي ڪردار جي اهم نفسياتي پهلوئن کي روشن ڪري ڇڏيو اٿس. +شيدوءَ جي ڪردار کي بلڪل غير جانبداريءَ مگر ڪمال ڪاريگريءَ سان چٽيو ويو آهي. ننڍپڻ کان ئي سندس ماحول ڏانهن هُن جو ردعمل، ٻين کان لاپرواهي ۽ نفرت ڀريل خاموشيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اسڪول جا ڇوڪرا کيس اچي ٿا سڏين ته هو بي پرواهه ٿيو ستو پيو آهي؛ ماستر جو دڙڪو ٿا ڏينس ته ڇُوٽ ۾ چوين ٿو ته ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس!“ ليڪن ڇوڪرن جي وڃڻ شرط سندس خوداعتمادي ۽ لاپرواهي ڪافور ٿيو وڃن. منهن ڌوئڻ لاءِ دلي مان پاڻي اوتي ته دلي جي ٽونگ مان سمورو پاڻي وهيو وڃي! ”ڀيڻسان دلو به ڀڳل …… ڀلا هجي ابو امڙ ته ……“ ۽ روئي وجهي ٿو. انهيءَ هڪڙي جملي ۾ ئي هن جي زندگيءَ جي بي وسيءَ، محروميءَ ۽ ويرانيءَ جو سمورو داستان سمايل آهي. ”به“ جو لفظ ڪيڏو نه معنيٰ ڀريو ۽ حسرتناڪ آهي! ماستر کيس حيوانيت سان ماري ٿو، مگر هن جي زبان مان ”اف!“ به نه ٿي نڪري، ڇو ته سندس زندگيءَ جو آخري سهارو سندس خودداري هئ��. هو رڙيون ڪري ها ته سندس اهو آخري سهارو به کسجي وڃي ها ۽ دلشڪستو ٿي مري وڃي ها. تنهنڪري ماستر جي آڻ مڃڻ بدران ملڪ ڇڏي وڃي ٿو. ان کان پوءِ، اسين کيس ”شيدو ڌاڙيل“ جي صورت ۾ پنهنجي سنگتياڻيءَ زيبيءَ سان رهاڻ ڪندي ڏسون ٿا. وڏيري جو قاصد ڪمدار ڪوٺڻ اچيس ٿو ته ان کي ٻه – ٺپو جواب ڏيئي ٿو ڇڏي- ”صبح جو ايندس!“ جڏهين ننڍڙي شيدوءَ ئي ”ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ“ قهري ماستر جي آڻ نه مڃي، تڏهين نامي گرامي ”شيدو ڌاڙيل“ ڪٿان ٿو هڪڙي معمولي وڏيري تي مڇ ڇنڊي! البت رئيس ڌڱاڻي خان جي ڳالهه ٻي هئي. هن رهزنن جي سردار اڳيان شيدوءَ کي به ٻانهون ٻڌي ”بابل سائين!“ آلاپڻو پوي ٿو! +ڌڱاڻي خان پاٿاريدار جي ڪردار جون ٻه ٽي جهلڪون ئي پڙهندڙ جي ذهن تي هن روغن لڳل بي رحم بدمعاش جي هيبت ناڪ ۽ پراسرار شخصيت جو امٽ نقش اڪيري ڇڏين ٿيون. شيدوءَ سان گفتگو ڪندي، سندس محتاط ڪم گوئي، سندس ويساهيندڙ لاپرواهه نوع ۽ پر فريب سادگي، ۽ ٻيا اهڙا ڇَڙيل ڇنڊيل هن گڙنگ بدمعاش جا طريقا به پڙهندڙ جي دل تي هن جي بي پناهه عياريءَ جو سڪو ڄمائين ٿا. ڌڱاڻي خان جهڙي مڪمل ۽ ڪامياب ڪردار جو ٻئي ڪنهن سنڌي افساني ۾ مثال ڳولڻ عبث آهي. پس منطر ۾ ماستر، ڪريم ۽ سندس زال جا مدهم ڪردار وري شيدوءَ جي ڪردار کي ڪاميابيءَ سان اڀارين ٿا. +ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنهن به اتفاقي ۽ زوريءَ ٽنبيل اڻ ٺهڪندڙ واقعي جو سهارو نه ورتو ويو آهي. پڙهندڙ تي ڪٿي به ڪا راءِ يا ڪو نتيجو زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي. شيدوءَ جي المناڪ زندگيءَ سان افسانه نگار کي جيڪا قدرتي همدردي آهي ۽ سندس درد ڀريءَ پڄاڻيءَ لاءِ جيڪي اسباب ذميوار آهن، تن لاءِ جيڪا نفرت اٿس، سا ڪٿي به افساني جي سطح تي اُڀري اچي، پڙهندڙ جي خيالن تي خلل نٿي وجهي. افسانه نگار پنهنجي جذبن کي نهايت تحمل سان پس منظر ۾ رکي، پڙهندڙ کي ڪنهن اڳ رٿيل جذباتي منزل ڏانهن زبردستي هڪلڻ بدران، کيس بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو آهي ته ڀلي جيڪو وڻيس سو نتيجو ڪڍي، پاڻ صرف هلڪن، اڻ لکن اشارن تي اڪتفا ڪئي اٿس. +حقيقت ۾ انساني فطرت جي تضادن جي وفادارانه ترجماني افسانه نگار جو خاص ڪمال آهي. شيدوءَ کي، ڇوڪرن کي کليو جواب ڏيڻ بعد ان فيصلي تي اٽل، يا وڏيري جي قاصد کي موٽائڻ بعد ڌڱاڻي خان جو نالو ٻڌي به جواب نه ڏيندو، يا خود ڌڱاڻي خان ڏانهن لاپرواهيءَ جو رخ اختيار ڪندو، يا سنگتياڻيءَ جي کسجي وڃڻ ڪري وڏيري تي کلم کلا حملو ڪندو ڏيکاريو وڃي ها، ته جيڪر افساني جي تاثر ۾ حقيقت پسنديءَ تي ڪاري ضرب لڳي وڃي ها. ههڙن نازڪ موقعن تي افسانه نگار جو مبالغه آميزيءَ ۽ جذباتي مظاهري کان دامن بچائي وڃڻ سندس فني پختگيءَ جو واضح دليل آهي. +واقعات نگاريءَ جي اعتبار کان به افسانو هڪ شاهڪار آهي. ڇوڪرن جي فوج جو شيدوءَ تي ڪڙڪڻ، ماستر جو شيدوءَ کي مارڻ، شيدوءَ جي گم ٿيڻ جي خبر پوڻ، ڌڱاڻي خان ۽ شيدوءَ جي ملاقات، ڌڱاڻي خان جو ڀاڳئي کي ڪتن هٿان چيرائڻ، شيدوءَ جي ڦاسيءَ جي خبر مشهور ٿيڻ ۽ ٻيا واقعا اهڙي ته اثرائتي نموني پيش ڪيا ويا آهن، جو پڙهندڙ جي ذهن تي هميشه نقش رهندا. اڪثر صورت ۾، افسانه نگار واقعن کي پنهنجي زباني بيان ڪرڻ جي بدران ٻين ڪردارن جي زباني ۽ خود حالتن جي معرفت پيش ڪيو آهي، جنهنڪري سندن تاثر ۾ بيحد اضافو ٿئي ٿو. +افساني جي ٻوليءَ ۾ فطري سادگي، اصليت ۽ حسن آهي. ڪردارن جي زبان مان نڪتل هر لفظ سندن سماجي درجي ۽ ڪردار سان ٺهڪندڙ آهي. گفتگو جو ڍنگ قدرتي ۽ موقعي سان مناسبت رکندڙ آهي. خاص ڪري شيدوءَ ۽ ڌڱاڻي خان جي وچ ۾ ٿيل پهرين گفتگو ته وسرڻ جي نه آهي. افساني جا ڪي ڪي ٽڪرا ته دل چوندي ته وري وري پيا دهرائجن. +”شيدو ڌاڙيل“ انهيءَ حقيقت جو هڪ ٻيو ثبوت آهي ته سنڌي افسانه نگاري ٻالپڻ مان نڪري، جوانيءَ ۾ قدم رکي چڪي آهي …… اوهان جو …… +رسول بخش پليجو ’ائڊوڪيٽ‘ + + +(2) +ميٺارام هاسٽل، ڪراچي. +ايڊيٽر ڀائو، ”مهراڻ، جو سيارو، بهار ۽ اونهارو نمبر، ميز تي، آڏو پيا اٿم ۽ آءٌ انهن بابت ڪجهه لکڻ جي تمنا پوري ڪرڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو ويٺو آهيان. ”مهراڻ“، سنڌي سماج لاءِ ڇا آهي- اهو ويچاريندي، مون کي ڏينهن گذري ويا آهن: آءٌ، پنهنجي دماغ ۾ اسريل هر تشبيهه کي ريٽي، ڪنهن ٻيءَ سٺيءَ تشبيهه جي تلاش ۾ مگن ٿي ويندو آهيان. +باک ڦٽيءَ ويل، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي محيط عمارت پوئتان، اسرندڙ سج جو پهريون ڪرڻو منهنجي دريءَ مان ليئو پائي، منهنجي ڪن ۾ هڪ هلڪي سرگوشي ڪندو آهي؛ ڄڻ چوندو آهي ”اٿ گهڻو ستين، صبح ٿيو ٿي، اٿ!“ ۽ پوءِ آءٌ اکيون پٽي، دريءَ مان انهيءَ عظيم عمارت طرف نظر ڪندو آهيان. منهنجي من ۾ انهيءَ تروري جي سرگوشي هڪ هلڪي ڪتڪتاڙي ڪندي آهي ۽ جهيڻي جهيڻي مرڪ منهنجي چپن تي ٽلڻ لڳندي آهي. انهيءَ وچ ۾ سج جا ڳچ جيترا ترورا منهنجي دريءَ مان اندر لنگهي ايندا آهن ۽ مون کي وڪوڙي ويندا آهن. انهيءَ ننڍڙي تروري کي آءٌ هوند ڪنهن سهاڳڻ جي پهريٺي پُٽ سان تشبيهه ڏيان، جنهن جي ڏٺي سهاڳڻ جو سينو زندگيءَ جي امرت رس سان ڀرجي ايندو آهي- ۽ هُو ڳچ جيترا ترورا آءٌ هوند انهيءَ سهاڳڻ جا ٻيا ٻار چوان جن کي حاصل ڪري هوءَ پنهنجي زندگي سَڦل سمجهندي آهي ۽ جن تي ناز ڪري هو ڳاٽ مٿي ڪري هلندي آهي! ۽ پوءِ جڏهن هي ڍڳ ترورا مون کي وڪوڙي ويندا آهن، آءٌ ڪر موڙي، هنڌ ڇڏي، اٿي وهندو آهيان؛ ۽ ان بعد ڏينهن پنهنجي مشغولين سان مون کي وڪوڙي ويندو آهي. اءٌ زندگيءَ جي جدوجهد ۾ جنبي ويندو آهيان، تان جو شام جو جهيڻي جهيڻي اوندهڙي منهنجي ڪمري کي ڪنهن ڪنوار جي اجرڪ جيان ويڙهي ويندي آهي، ۽ آءٌ بتي ٻاري پروانن سان گڏ نيڻ ساڙڻ لڳي ويندو آهيان! +دل ٿي چوي ”مهراڻ“ کي انهيءَ پهريٺي تروري سان تشبيهه ڏيان. جيئن منهنجي مختصر ذاتي زندگيءَ ۾ سج جو اهو پهريون ترورو هزار معنائون ٿو رکي، تيئن ”مهراڻ“ به سنڌي سماجڪ زندگيءَ ۾ هزار معنائون رکندو هوندو: جيئن اهو ننڍڙو ترورو منهنجي من ۾ ڪتڪتاڙيون ٿو ڪري، تيئن ”مهراڻ“ به سنڌي سماج جي دلين ۾ ڪندو هوندو: جيئن هي ترورو منهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪري چوي ٿو ”اٿي گهڻو ستين؛ صبح ٿيو ٿي، اٿ!“ تيئن ”مهراڻ“ هر پڙهندڙ جي ڪن ۾ ضرور اها ڀڻڪ ڀڻڪندو هوندو. ۽ شايد هن پهريٺي تروري- ”مهراڻ“ پڄاڻان ڳچ جيترا ترورا پيدا ٿيندا ۽ پوءِ جيجل سنڌڙي سدا سهاڳڻ جيان، اوچو ڳاٽ کڻي، انهن جي وچ ۾ جهومي اٿندي، الله ڪري منهنجي هيءَ آس پوري ٿئي! +مون کي خبر نه آهي، ”مهراڻ، لاءِ ٻيا ڇا ٿا چون. هن جهان ۾ هر قسم جا ماڻهو آهن، هر قسم جي وائي ٻڌي سگهجي ٿي. مون لاءِ ”مهراڻ“ ان ڪومل مکڙيءَ مثل آهي، جنهن جا اڃان رڳو ٽي ورق وريا آهن. جيئن ڪو ڀونرو ڪنهن مکڙيءَ کي ٽڙڻ اوڏو ڏسي، هن جي چوڌاري انتظار مان پهرن جا پهر چڪر لڳائيندو هجي، آءٌ پڻ هن گل ٽڙڻ جو منتظر آهيان. پر پوءِ ڀائو، هن گل ۽ عام گلن ۾ فرق رڳو اهو رهندو ته ٻيا گل ٽڙندي ئي مرجهائي ويندا آهن ۽ هي گل ٽڙيو ته وري نه ڪومائبو- شرط رڳو اهو ته هڪ وار ٽڙي بيهي! توهين باغبان آهيوس، پنهنجي رت تي تاتيو آٿَوس: تنهن هوندي به دل ٿي چويم ته توهان کي چوان، ”ڀائو! پارت اٿو، متان راهه هلندي ٿڪجي پئو!“ ها، منهنجي دل ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري جو آءٌ پڻ انهن هزارين ڀنورن مان هڪ آهيان، جن جي روح جي پياس هن گل جي رَسُ اجهائيندي. +ڀائو، مون ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل بيت پڙهيا، بيت پڙهندي، الائجي ڇو، منهنجي من تي ”شاهه“ جو بيت تري آيو- +”جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين، +نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي!“ +۽ جڏهن ”نئون نياپو“ ڏٺم ته الائجي ڇو، گهڻيءَ تائين جهونگاريندو رهيس- +”ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙهن ڀريون ڳالهڙيون، +لنوي منهنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيهه جا!“ +”شل سنڌ جي سڀني شاعرن جي لات ڏيهه جا ڏکڙا ساري ئي لنوندي ڪري!“ مون آڪاس طرف نيڻ کڻي چيو. +ڪافين پڙهندي، منهنجي نظر ”گراميءَ“ جي ڪافيءَ تي پئي- +”سڪ سور جو کڻ ڪو ثمر، آهي زمانو دم گذر، +اوکو ’گرامي‘ آ سفر، گهم عشق جون گهائل گهٽيون!“ +پڙهي، مون کي احساس ٿيو ته آءٌ اڪيلو ڪين آهيان. ڪي همزبان پيا پنهنجي پنهنجي سرتار تي ساڳيو نغمو جهونگاريندا هلن. ۽ آقي باقي جو ”اياز“ جي ڪافي ڏٺيم- +”وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سهاري، +نه ترهوئي تاڻيو نه ڪي آهيون تارون!“ +ته دل چيو، هن وچ وهڪري ۾ ته ڪي هم سفر به آهن: منهنجي نيڻن تي خوشيءَ جا لڙڪ لڙي آيا! +ڪافين ۾ البته ڪي ڪافيون اهڙيون به هيون، جيڪي دل کي ناگوار لڳيون. ’نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي‘ واري مثال هيٺ ڇپيل ٿيون ڏسجن، ڪنهن جي دل آزارڻ ڪين ٿو چاهيان، انهيءَ ڪري ڪنهن ڏانهن اشارو ڪين ڪندس. ڪافين ۾ لفظ استعمال ڪرڻ وقت، دوستن کي ٻين جي لطيف جذبن جو به خيال رکڻ گهرجي. عشق ۽ حسن جو مقابلو ڪندي به، عشق کي ايترو ڪيرڻ نه جڳائي جو ذهن کي نه آئڙي. +ان بعد گيت آهن- گيت منهنجي روح جي پڪار! +”دلگير“ جي ”آٿت“ پڙهندي، جڏهن ”مفاصلي کي اسان ترت ئي ڪنداسين طئي“ پڙهيم، يا ”برده“ جي ”مستاني رت“ پڙهندي جڏهن ”بيهي چائنٺ وٽ چتايان، روز صبح جون راهون“ پڙهيم، ته منهنجي دل ۾ آس اجاگر ٿي. زندگيءَ جي هر راهه تي آءٌ اهي گيت جهونگاري سگهان ٿو. هر دور ۾ (ايندڙ نسلن ۾ به) ڪو ڀونرو پنهنجي مکڙيءَ جي ڪن ۾ اهي گيت ڀڻڪي سگهندو، ۽ اهڙيءَ طرح، شايد هي گيت امر رهندا، ۽ انهيءَ ڪري ”مهراڻ“ امر رهندو. +گيتن ۾ مون ”نياز“ همايونيءَ جو گيت به پڙهيو. هو يار مون کان به وڌيڪ نراس پيو ڀاسي. چوي ٿو: +”هيج ٽٽي، آس رُني، تون نه آئين دادلا! +ڀيج ڀني، رات پُني، تون نه آئين دادلا!“ +۽ ان بعد ”تنوير“ جو: +”صبح نه آهي دور ساٿي، صبح نه آهي دور!“ +پڙهيم، ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ آءٌ نراس جي پينگهه لڏي رهيو آهيان. اجها پينگهه چڙهي- آس بڻي؛ اجها پينگهه لٿي، نراس نهوڙيو. اهي گيت، ڀائو! مون کي هن خس و خاشاڪ جي دنيا مان اڏائي، مٿي مٿي، فضائن ۾ کڻي ويا- جتي مست روح ازل جي انگورَ رس اوتي، پِي، جهومندا ڳائيندا پئي وتيا. +اڳلو باب نظم جو آهي. ٻئي پرچي ۾ پهريون نظم جو پڙهيم، ته شڪيس- مزوئي نه پيو ڏئيم! ڇا ڪيم جو اهو نظم سڌو اچي اسان جي بورچيخاني ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري ”ڪانڊيري“ کي پڙهي ٻڌايم، ڪانڊيرو ڏاڍو گستاخ ڇوڪرو آهي. چيائين. ”سائين! دٻي ۾ ٺڪريون. پنهنجي پڙ ڪي ڪين پيو!“ ڪانڊيرو نوابشاهي سنڌي آهي ۽ مون سان گڏ چار درجا سنڌي پڙهيو هو. هن ڪجهه نه سمجهيو ته مون کي ڪاوڙ اچي ويئي، ۽ مون اهو باب پوءِ ترڪي ڇڏيو. پنا اٿلائيندي، سڌو آزاد نظم تي اچي بيٺس ۽ دل چيو ته جيڪر ”حيدريءَ“ کي ڪن ۾ چوان، ”ذرا پنهنجي آواز کي ٻڌ“: +”ذرا هوشياريءَ سان …… +اڄ رات ڪٺن آئي آهي، +ڀڙڪي نه اٿن، +تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۾ لڪل +بگهڙن جي نگاهن جا شعلا!“ +۽ پوءِ آءٌ ڪيتري دير تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۽ انهن ۾ لڪل بگهڙن بابت ويچاريندو رهيس. مون ننڍي لاءِ پنهنجي ناني کان ديون ۽ پرين جون انيڪ ڪهاڻيون ٻڌيون آهن. انهن ڪهاڻين ۾ ڄاڻايل ديون جي خوفناڪ شڪلين کي راوي پنهنجي بيان سازيءَ جي ڏات سان زياده خوفناڪ بڻائي ڇڏيندو هو ۽ منهنجي ڪچڙي ذهن تي هڪ عجيب خوف طاري ٿي ويندو هو، ۽ آکاڻيءَ هلندي هلندي آءٌ چئي اٿندو هوس ”نانا!“ نانو آکاڻي روڪي ڇڏيندو هو ۽ ٿوري دير ساهه پٽي آءٌ چوندو هوس، ”ها، نانا! پوءِ؟“ ”- ۽ پوءِ ……“ ناني جي آکاڻي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙيون گهنڊيون هڻندي، اڳتي وڌي هلندي هئي، اڄ انهن تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۾ لڪل بگهڙن جو ويچار ڪندي، ناني جي آکاڻين وارا ديو منهنجي اکين آڏو اُڀري آيا، ۽ مون کي سياٽو وٺي ويو. +ان بعد ”مهراڻ“ جو روح، ادب لطيف ۽ افسانا پڙهيم. پڙهندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس. منهنجي ويچارن جي زنجير انهن افسانن جي ڪردارن کي پنهنجيون ڪڙيون بڻائيندي، انهن افسانن جي ڏيکاريل ماحول جي فضائن تي تَرندي، پري پري تائين پکڙجي وئي، ۽ مون محسوس ڪيو ته هيءَ زنجير افق تائين وڃي رسي آهي، جتان اڀرندڙ سج جي روشني ڌيري ڌيري وڌي، دنيا تي پکڙندي پئي وڃي. +هڪ هڪ افساني، ڊرامي کي ياد ڪرڻ ويهندس ته رات وهامي ويندي. دل ٿي چوي انهن سڀني ليکڪن جا هٿ چمان ۽ نمرتا مان چوان ”جس لهڻُوَ، ڀائو!“ +اتي پهچي، انهن ننڍڙن ننڍڙن مقولن جي يادگيري آئي اٿم، جيڪي ڪٿي ڪٿي صفحن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. جن جا اهي مقولا آهن انهن کي ڪجهه آکڻ ته ٿيو هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ. پر جنهن يار اهي چونڊيا، تنهن پڻ جس لهڻو. ڏاڍا وڻيا؛ اصل، بيحد! +پڇاڙيءَ ۾ مضمون ڏنل آهن. مضمون ڪوبه اهڙو ڪين نظر آيم، جيڪو هروڀرو ”مهراڻ“ جي معيار کان بنهه ڪريل هجي. ڪي ته بنهه لاجواب آهن. البته هيءُ حصو پڙهندي به اهو احساس ٿيو ته هت پڻ ”نانوَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي“ واري ڳالهه، اڻ لِکي ئي سهي، پر جيڪا سا، ٺهڪي ٿي اچي. ”منڇر جون موجون“ سچ ته منهنجي من ۾ به موج مچائي ويون. هي محبوباڻي ڀائو ڪو سچ پچ ”محبوب“ ٿو نظر اچي. ”ڪڇ جي عوامي شاعر جو ڪلام“ ٻڌي، ذهن ۾ ڪي جهيڻا جهيڻا خاڪا اڀري آيا، اوهان مَرُ انهن خاڪن کي هوائي قلعا چئو، پر آءٌ الائجي ڇو ڏاڍو پراميد آهيان ۽ الائجي ڪيئن زبان تي شاهه جو بيت: +”آس نه لاهيندياس، موٽي ايندا مون گهرين“- +تري آيو، ۽ پوءِ ايتري دير آءٌ پنهنجي ماضيءَ جي عميق گهراين ۾ تڙڳندو هليو ويس. ننڍي لاءِ جا يار، گڏ- کيڏيا جيڏا، جن کي ڪياماڙيءَ تي بيهي ڀِنل نيڻن سان الوداع ڪئي هيم، دماغ جي پردن تي ٽلندا رهيا ۽ آءٌ سوچيندو رهيس. +اهڙيءَ طرح ڀائو! گذريل رات ”مهراڻ“ جا هي ٽي پرچا ڏسندي گذري وئي. اڄ رات توهان ڏانهن خط لکڻ جي نذر ڪئي اٿم. آءٌ ڀلا ”مهراڻ“ جي شان ۾ ڇا لکي سگهندس؟ رات جيڪي دل تي وهيو واپريو سو ميڙي سموئي هن ڪاغذ تي پيٽيو اٿم. ”مهراڻ“ صنم هجي ها ته آءٌ برهمڻ بڻجندي ويرم ڪين ڪيان ها يا شايد ديوداسي بڻجي هن اڳيان جهومندي ڳائيندي، پنهنجو جيون صرف ڪري ڇڏيان ها. مون کي ”مهراڻ“ لاءِ ڏاڍي عقيدت ٿي پئي آهي ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪنهن ڪنڍيءَ ۾ اٽڪائي ”مهراڻ“ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ”مهراڻ“ جي هر پرچي جي تانگهه دل ۾ واسو ڪيو ويٺي آهي. ٽئين پرچي ملئي اڃان ڏينهن ئي گهڻا ٿيا آهن! ۽ آءٌ چوٿين پرچي لاءِ اکيون پائي ويٺو آهيان! ڪڏهين ڪنهن دوست سان ”مهراڻ“ بابت ڳالهه نڪرندي آهي ته پهرن جا پهر انهيءَ پچار ۾ گذري ويندا آهن ۽ ان بعد پڻ ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ ڪجهه نه چيم، ڪجهه نه ڪيم! +دعا ڪهڙي ڏيانوَ، من جا اڌما، دل جا جذبا، اوهان سان ساڻ آهن ۽ مون فقير جي گودڙيءَ ۾ انهن ڌاران ٻيو آهي به ڇا؟ رات، ڀائو! گهڻي وهامي وئي آهي. هيترڙي لکئي به هن وقت رات جا اڍائي پيا ٿين. ٽپڙ سهيڙيان، گودڙيون پٿاريان- تيسين ٽي لڳي ويندا. آءٌ انهيءَ وقت سمهي پوڻ پسند ڪندو آهيان، ڇو ته انهيءَ وقت ننڊ منهنجي اکين ۾ کيپ چاڙهي ڇڏيندي آهي ۽ قلم هٿ مان ڇٽي وڃڻ لاءِ بنهه ٿيڙ پيو کائيندو آهي. +اوهان جو: شيخ حفيظ +(3) +- محترمي!…… مون ڪجهه سال اڳ الائي ڇا جو ڇا پئي لکيو. بس ڀانيم پئي ته چوڌاري اوندهه آهي، جنهن ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهيان. نون ليکڪن لاءِ ڪو عارضي مرڪز به نه هو، جتي هو گڏ ٿي سگهن. بس رڳو لکڻ لاءِ، يا وندر سمجهي پئي لکيوسين. +جيئن اهو صحيح آهي ته جڏهن انسانن ۾ گڏجي رهڻ جي خواهش پيدا ٿي، هنن هڪ ٻئي سان ڳالهايو ۽ ڪن وقتن تي کين پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي قلمبند ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ۽ ائين ٻولين جو واڌارو ٿيو، تيئن آئنده نسلن پنهنجي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ورثي جو قدر ڪيو ۽ ٻه وکون اڳتي وڌي ويا، ۽ ڪڏهن اهو وقت به آيو جو نون نسلن ان طرف کان ڌيان هٽايو ۽ علم ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. جي اسين مڃون ٿا ته انساني زندگيءَ جي بدلجڻ سان قومن جي ادب تي پڻ اثر پوي ٿو، ان ۾ پڻ ڦيرو ايندو رهي ٿو، ته اسان کي اهو به سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته زندگيءَ جا به ڪي قاعدا قانون مقرر ٿيل آهن، جيڪي ترقيءَ ۽ تنزل جا قانون آهن. زندگي به ارتقائي عمل جي پابند آهي. +ڪجهه سال اڳ اهو نه پئي سمجهيم ته ”ادب پهريائين خارجي زندگيءَ مان پنهنجو مواد حاصل ڪندو آهي ۽ پوءِ فنڪار جو داخلي ردعمل ان ۾ شامل ٿي ويندو آهي.“ +منهنجي اڳوڻين لکڻين ۾ رڳو داخليت هئي. هينئر ان ۾ ماحول جو مشاهدو ۽ خارجي زندگيءَ جون حقيقتون شامل آهن. سماج جي اوڻاين جو احساس، اُن جي اوڻاين طرف اشارا اڄ جي هر حقيقت پسند ليکڪ جي فن ۾ لڀن ٿا. +هر ليکڪ کان ٽي عام سوال پڇي سگهجن ٿا: هو ڇو ٿو لکي، ڇا ٿو لکي، ۽ ڪهڙين حالتن جي اثر هيٺ رهي لکي ٿو؟ +اهي سوال ٻين سڀني اديبن سان گڏ مون سان به لاڳو ٿين ٿا. +جڏهن انسان جي سمجهه وڌي ٿي ۽ سندس مشاهدي ۽ احساس ۾ گهرائي اچي ٿي، ته هو زندگي ۽ اُن ۾ ٿيندڙ واقعن کي ٻيءَ نگاهه سان ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ اها سمجهه، اهو احساس جيئن جيئن پختو ٿيندو وڃي ٿو، تيئن تيئن هن جي انداز- نظر ۽ پرکڻ جي قوت کي وسعت ملي ٿي. جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿيندي آهي، ته هو اُها ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ پيو واجهائيندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪوئي پنهنجي ڄاڻ جي خزاني مان ڪي جواهر عالم کي آڇڻ پسند ڪندو آهي. ۽ ائين هر ليکڪ وانگر آءٌ به جيڪي ڏسان ٿو، سو ٻين کي ڏيکاريان ٿو. جيڪي سمجهان ٿو. ٻين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جيڪا شي پرکي پڌري ڪريان ٿو، ته عام کي به دعوت ٿو ڏيان ته هو به اُن کي غور سان ڏسن ۽ اُن جو کوٽو کرو الڳ ڪن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن کين ڇرڪائي ٿو ڇڏيان- هو اُن شي کان ڇرڪن ٿا جيڪا مون هنن مان، هنن جي ماحول مان، چونڊي، فني چوڪٺ ۾ جڙي ڇڏي آهي. اها حقيقت نگاري آهي، جيڪا ”مئڪسم گورڪيءَ“ جي چوڻ موجب هر سمجهو ليکڪ جي فن جي جان ۽ روح هجڻ گهرجي. +ڇا، مان ذهني يا جذباتي تسڪين لاءِ لکان ٿو؟ انهيءَ قسم جو سوال ”ادب، ادب لاءِ“ جي نظريي جي قائلن کان پڇڻ گهرجي. اسان جي خيال موجب ته: +”ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي، يعني پورو ۽ سچو ادب اهو آهي، جيڪو زندگيءَ جي سڀني لاهن چاڙهن تي روشني وجهي“ (ميٿو آرنلڊ). آسڪر وائليڊ جو قول آهي ته ”ادب زندگيءَ جا رستا مقرر ڪري ٿو. اهو اُن جو نقل نٿو ڪري، بلڪ زندگيءَ کي اصل مقصد ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ادب ۽ زندگيءَ ۾ چولي دامن جو ساٿ آهي.“ +مان ان لاءِ ٿو لکان جو سمجهان ٿو ته يا ته مون کي لکڻو آهي، يا بي احساس ماڻهن وانگر لنوائڻو ۽ ڪنڊ پاسو وٺي ويهڻو آهي- ۽ مان لکڻ ٿو چاهيان. +مان اِن لاءِ ٿو لکان، جو هي دور، موجوده حياتي، موجوده گندو ماحول مون کي پڪاري پڪاري چئي رهيو آهي ته ”لکندو رهه يا مري وڃ، بنهه ائين جيئن عام انسان، اٻوجهه مگر محنت ڪش انسان مري وڃن ٿا، جن ڏانهن ڪو اک کڻي نٿو نهاري، جن جو درجو سماج ۾ مقرر ٿي نه سگهيو آهي.“ سو مان انهيءَ لاءِ ٿو لکان جو مرڻ نٿو چاهيان ۽ حياتيءَ کي حسن بخشي ”هميشه جي حياتي“ ماڻڻ ٿو چاهيان. +ٻيو سوال آهي ته ”مان ڇا ٿو لکان؟“ +اُن جو جواب به خاص اهميت رکندڙ آهي. اُن جي جواب ۾ مان هتي ”ايليا اهرن برگ“ جا هي جملا پيش ڪرڻ بهتر ٿو سمجهان: ”اديب کي رڳو صدين لاءِ ئي نه لکڻ گهرجي. هن کي مختصر گهڙين لاءِ لکڻ جو نمونو به اچڻ گهرجي. هڪ گهڙي، جنهن تي قوم جي قسمت منحصر هجي!“ +اسان وٽ، اسان جي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب موجود آهي، جيڪو صدين گذرڻ کان پوءِ ساڳي سونهن قائم رکيو پيو اچي. اسان کي گهڙين ۽ پلڪن جو ادب گهرجي. هن وقت اسين بحراني دور مان گذري رهيا آهيون، ۽ هر گهڙيءَ تي اسان جي قوم جي سمت پئي بدلجي، اسان کي اهڙو ادب گهرجي جيڪو هن بحراني دور کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺي، ته جيئن آئنده نسل اسان جي حالتن کي آڏو رکي وري ساڳين غلطين کي دهرائڻ کان بچي وڃن. +آءٌ سمجهان ٿو ته پنهنجي وس آهر اهو عظيم فرض بجا آڻي رهيو آهيان. هن وقت اسان کي جنهن ڳالهه ڏانهن سڀ کان پهريائين ڌيان ڏيڻ گهرجي سا ”ادب ۾ حقيقت نگاري“ آهي. +مان ڇا ٿو لکان؟- جيڪا وقت جي تقاضا آهي. اسٽالن جي چوڻ موجب، ”فن جون پاڙون عوام جي ذهنن ۾ هيٺ پختيون هئڻ گهرجن. فن عوام لاءِ سمجهڻ جوڳو ۽ وڻندڙ هئڻ کپي. اُن جو ڪم آهي ماڻهن جي جذبات، ويچارن ۽ ارادن کي متحد ڪرڻ ۽ کين اڀارڻ.“ +ٽيون سوال آهي ته ”مان ڪهڙين حالتن هيٺ رهي لکان ٿو؟“ اُن جو لاڳاپو هر ليکڪ جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ سان آهي. مان سمجهان ٿو ته ان جو جواب پهرين ٻن سوالن جي جواب ۾ ئي اچي ويو آهي. +مون کي ”خليل جبران“ جو هيءُ فقرو ڏاڍو پيارو لڳندو آهي ته ”حسن دانشمندن جو مذهب آهي.“ هر شاعر ۽ اديب جي تخليق جي بنيادي شي اهو حسن ئي آهي. سچ پچ ته حسن ئي زندگي آهي ۽ زندگي حسن. حياتيءَ جي چهري جي اُنهن حصن کي چتائي ڏسو جيڪي قبيح آهن، پر مان ٿو چوان ته انهن ۾ ڪيترو نه حسن آهي؟ ”’حسن‘ هميشه جي خوشي عطا ڪري ٿو“ اهو صحيح آهي. هر شاعر ۽ اديب دانشمند هوندو آهي ۽ تنهنڪري انهن مان هر ڪو حسن کي چاهيندو آهي. جيڪو حسن کان پري ٿو ڀڄي اهو ڄڻ ته زندگيءَ کان پري ٿو ڀڄي. دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ لکيل ڪتاب حسن تخيل جا ڪرشما ۽ شهڪار آهن. اسان جي طبع ۽ ذوق ۾ جو حسن آهي، ان جي وسيلي اسين انهن مان محظوظ ٿيون ٿا. مان آخر ۾ پنهنجي ديس جي دانشمندن کان سوال ٿو پڇان ته اي دوستو! اسان جي زندگيءَ جي مکڙيءَ تي ڪن ڪُڌن ڪارنهن مَلي ڇڏي آهي- ڇا توهين اُن کي وري حسين بنائڻ جو سعيو نه ڪندا؟ …… +- اوهان جو بشير مورياڻي. +(4) +ادا، ”مهراڻ“ جا ايڊيٽر، تسليم، هفتو کن ٿئي جو حيدرآباد آئي آهيان؛ جيڏين اصل جند نه ڇڏي، مگر اڄ چند گهڙيون ميسر اچي ويون، جي ”مهراڻ“ جي نذر ڪيان ٿي. +ٽيون پرچو نظر ۾ اٿم؛ چند ڳالهين طرف اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿي. +(1) ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جون قسطون شايع ڪري درحقيقت اوهين صرف صفحه پُري ٿا ڪريو. بيشڪ اهڙو ڪتاب ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجي مگر ڪنهن رسالي جا صفحا ان لاءِ وقف ڪرڻ هڪ قباحت آهي. +(2) ”منشي صاحب راءِ آزاد“ جي بدران بهتر هو ته اوهان ”بلبل“، ”عزيز“ ۽ ”بيوس“ جي متعق لکو ها؛ سنڌي رسالي ۾ ايڏا طويل فارسي ڪلام ۽ نظم سهڻا نٿا لڳن. 237 صفحي کان جو نظم شروع ٿيا آهن ته 251 صفحي تي ختم ٿيا آهن. ڇا 15 صفحا ڪا گهٽ ڳالهه آهي! بهتر هو ته اهي صفحا ”بلبل“ جي مزاحيه شعر لاءِ وقف ڪيا وڃن ها، يا ٻين شاعرن جي نظمن لاءِ، جي اسان وٽ نه آهن. فوت ٿي ويا آهن. +(3) بهتر هو ته اسان جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ايڏين طويل قسطن بجاءِ ڪتاب ڇپائي ها ته ”مهراڻ“ جا صفحا ٻين جي ڪم اچن ها. +(4) اهو ڏاڍو سٺو ٿيو جو اوهان ترجما ٿيل افسانا به شايع ڪيو ٿا؛ اڃا به چونڊ ڪري بهتر هٿ ڪيو. اردوءَ جي عظيم افسانه نگار منٽو جي افسانن ”نيا قانون“، ”هتڪ“، ”ممي“، ”دهوان“، ”ڪالي شلوار“ جا ترجما پيش ڪيو ته بهتر. +(5) واشنگٽن ارونگ جي ڪتاب ”الحمرا جون آکاڻيون“ جو ترجمو، جي اوهان هڪ هڪ آکاڻي ڪري شايع ڪيو ته موڪلي ڏيان! +(6) ”شعر“ جو باب ڏاڍو سٺو آهي، پر چند ڳالهيون ان ۾ کٽل آهن، جيئن: ”لولي“، ”سهرو“، ”اوسارا“، ”جهولڻو، وغيره! +(7) هر پرچي ۾ ”هن شماري جا حسن ڪار“ جي عنوان هيٺ لکندڙن جا فوٽا ڏيو ته هوند ”مهراڻ“ جو حسن اڃا به وڌي وڃي. +(8) تنقيد ته مهراڻ ۾ اصل آهي ئي ڪانه، بهتر آهي ته تنقيدي سلسلو به شروع ڪيو. +(9) ”آيتون“ جي زير عنوان، شاهه صاحب جا سٺا چونڊ بيت شايع ڪندا: ان لاءِ هڪ صفحو ضرور وقف هجي. +(10) ڪوشش ڪري ”فن ۽ تنقيد“ ۽ ”فن ۽ زندگي“ متعلق مضمون هٿ ڪريو. +(11) ”رفتار عالم“ جي هيڊنگ هيٺ سنڌ جي ادبي ماحول تي سرسري نظر هئڻ گهرجي. ڪهڙا رسالا ڪهڙي طرز تي هلن ٿا، اخبارون ڪيئن آهن؟ +(12) ”نسواني تعليم، اسلام جي روشنيءَ ۾“ ۽ ”مغربي تهذيب ۽ اڄ جي عورت“ متعلق مضمون هٿ ڪري شايع ڪندا. +منهنجي هن خط کي ضرور شايع ڪندا، جو اميد اٿم ته سڄيءَ سنڌ ۾ ان کي پسند ڪيو ويندو- جناب اعليٰ، متان ان کي ”عورت کي عقل آهي کُڙين ۾“ سمجهي، ردي جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو! +- اوهان جي ڀيڻ، مينڌري سعادتي، حيدرآباد. +(5) +ايڊيٽر صاحب ”مهراڻ“، ”مهراڻ“ مان ۽ منهنجون ساهيڙيون پڙهنديون رهيون آهيون. بيحد وڻيو. خاص طرح سان هي اونهارو نمبر. ان ۾ افسانا به آهن، ناٽڪ به آهن، مضمون به آهن ته ادب لطيف به آهي. هر طرح سان سٺو رسالو آهي جنهن جهڙو اڳ ڪڏهن نه پڙهيو هيوسي. +هن نمبر جي خاص سونهن تصويرون، افسانو ”چهڙِي“، ترجمو ”اکڙيون“ ۽ ناٽڪ ”ضعيف انسان“ آهي. +جناب عاليٰ! سچ ڇو ته ”چهڙي“ پڙهي آءٌ هنجون هارڻ لڳي ويس، ڇا سچ پچ اسان جي سماج ۾ ائين ٿئي ٿو- ۽ جڏهن ننڍڙي نينگر چوي ٿي ”دادا ڏي وٺي هل!“ ته اهو سوال سڄي سماج کان ئي ٿي ڪري، ۽ سماج چپ آهي! مطلب ته اهو افسانو بيحد پسند آيو، اميد ته آئينده به اهڙيون چيزون وجهندا رهندا. ڪريون اميد ته ايندڙ پرچو اڃا شاندار نڪرندو. +- اوهان جي ڀيڻ، زيب النساء قريشي، سکر سنڌ. +(6) +محترم ايڊيٽر صاحب!- ”مهراڻ“ جا ٻه پرچا (سيارو نمبر ۽ اونهارو نمبر) هيستائين پڙهي چڪو آهيان- خبر ناهي ته ڇو مون کي انهن پرچن کي پڙهڻ کان پوءِ ايتري قدر خوشي ٿي آهي، جو توهان کي هي مبارڪ باديءَ جو خط لکي رهيو آهيان. بيشڪ اوهين مبارڪباديءَ جا پوريءَ طرح سان لائق آهيو! +سچ پچ ”مهراڻ“ ادب جي هڪ رتن کاڻ آ��ي، هڪ ٽڙيل گلن جَو گلزار آهي ۽ موتين جو هڪ خزانو آهي، جنهن جا لهندڙ، مالي ۽ پائيندڙ نهايت سمجهو، ذهين ۽ فراخ دل آهن! +آءٌ ”مهراڻ“ پسند ٿو ڪيان، ڇاڪاڻ ته هو ادب جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌين جو صحيح عڪس پيش ڪري ٿو ۽ انهن جو صحيح ترجمان آهي! ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته ”مهراڻ“ جي همت افزائي ڪرڻ سنڌي ادب جي همت افزائي ڪرڻ آهي! +پنهنجي پياري ”مهراڻ“ لاءِ آءٌ هڪ افسانو ”بدنصيب هاري“ عنقريب موڪلي رهيو آهيان. مون ”پنهنجي“ جو لفظ انهيءَ ڪري استعمال ڪيو، جو ”مهراڻ“ هر هڪ سنڌيءَ جو آهي ۽ سنڌيءَ جي لاءِ آهي- ۽ آءٌ به ته سنڌي آهيان! +فقط والسلام بهاؤ الدين ”طارق“ مجددي، ٽنڊو محمد خان. +(7) +پيارا ڀاءُ، ڪن ڪاملن کان سبق ورتو اَٿَوَ، جو ايتري ماٺ ڪري ٿا سگهو! مان جهڙو ڪمزور ته هوند الاجي ڪوڪي ٻاڪاري ٻارڻ ٻاري ڇڏي. مبارڪ ماٺ وارن کي به آهي ته ڪوڪڻ وارن کي به! ”مهراڻ“ جو ٽيون پرچو نهايت ئي نئين رنگ ۾ نڪتو آهي- ڪيتريون نه لهرون، ڪيڏا نه جدا جدا نقش ۽ نظارا، نقاش وانگر ڪاغذ جي استر تي کڻي اُڀاريا اَٿو! تصور ۾ آڻڻ اهي تصويرون ڪو رواجي ڪم نه آهي. انهن کي وري هڪ ئي بحر مان نڪتل ڏيکارڻ ڪو سهنجو ۽ سٿرو ڪم آهي ڪيئن؟ مُٺ مُٺ جي سڀڪو آڻي ته هوند ڪيڏو نه رنگ رچي پئي. مگر گهڻن کي ته اها ڄاڻ ئي نه رهندي ته آڻجي ڇا، ڇاڻجي ڪهڙي ڇاڻ! اِول لِکڻ لِکائڻ وارو لَکائي، مگر وري ڪاغذ تي ڪير اُٿلائي؟ +اوهان ”مهراڻ“ جا ميربحر آهيو ۽ پڻ ملاح ڊونڊين جا، جي پيون اُتس لُڏن ۽ لهرن. مون ته نه اوهان کي ڄاتو نه سڃاتو، الائجي ڪيئن اچي اوهان جي آڳنڌ ۾ پيرُ پاتم، ۽ اوهان هڪدم ڀاڪر ڀري کڻي ڀرسان وهاريو اٿم. ڇا چوان، طوفان جي توائي هئي يا مهراڻ جي لاهي هئي، جنهن گهلي کڻي اوهان جي آڏو ڪيو- شايد اتفاق جو اتفاق هو! +- اوهان جو جهام (جهامنداس ڊي. ڀاٽيا. شڪارپور) +[”مهراڻ: اونهارو، 1956ع] +(1) +جناب ايڊيٽر، ”مهراڻ“- رسالي جي 3 پرچي ۾ ”گذارش“ پڙهندي، توهان صاحبن جا سنڌي لکجڻ بابت املهه موتي هٿ اچي ويا. سچ پچ ته اهي لفظ رسالي جي سچي سونهن آهن! ۽ انهن بابت وڌيڪ کليل سمجهاڻيءَ جي گهرج اٿم. اميد ته ڪيل عرض جي پورائي ٻئي نڪرندڙ پرچي ۾ ڪرڻ فرمائيندا. +[1]. اوهان صاحبن لکيو آهي ته ’مون کي‘ ’صحيح‘، ’مونکي‘ ’غلط‘ آهي، ۽ ’منهنجو‘، ’پنهنجو‘، ’تنهنجو‘، ’صحيح‘ آهي، ۽ ’منهن جو‘، ’تنهن جو‘ وغيره غلط آهي.“ عرض آهي ته ترڪيب ڪرڻ وقت، ”مون“ضمير متڪلم ۽ ”کي“، حرف جر ڄاڻائبو- وري ”منهنجو“ جي ترڪيب وقت به لفظ کي ڇني، پوءِ ترڪيب ڪبي (منهن + جو- ”منهن“ ضمير متڪلم، ’جو‘ حرف اضافت، يا ”تُنهن + جو- ”تنُهن“ ضمير حاضر، ”جو“ حرف اضافت.) حرف اضافت، حرف جر جو ٻيو نالو آهي. اوهان صاحبن ”مون کي“ جدا ڪري لکيو آهي ۽ ”منهنجو“ گڏي لکيو آهي. آءٌ انهيءَ راءِ جوآهيان ته ”منهن جو“ لکڻ جو نمونو جدا صحيح آهي. تنهن هوندي به اوهان صاحب ان لاءِ مدلل ثابتيءَ سان سمجهائيندا، جيئن ٻيا حضرات پڻ معلوم ڪن. +[2]: ۽ ” “ ۽ ’ ‘ ۽ - هي نشانيون ڪهڙين جاين تي ڪم اينديون آهن؟ بهتر ٿيندو ته مثال ڏيئي جملن ۾ ڪم آڻي ڏيکاريو. +[3]. موجوده ڪتابن ۾ ”سڀاڻي“ جو لفظ ”سڀاڻي ۽ صبحاڻي“ ٻنهي نمونن ۾ لکيل آهي- انهن مان صحيح يا غلط ڪهڙو آهي، ۽ ڇو؟ +[4]. پهرئين ڪتاب ۾ ”ٽمِڪِن“، اَچَن“ وغيره ۾ نون غنه“ ظاهر طرح چيو ٿو وڃي، پر ”ڪنهن“، منهن (جو)“ وغيره جو ”نون“ ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ٻنهي جون اعرابون ساڳيون آهن- ائين ڇو آهي؟ +[5]. سنڌي ڪتاب جي 3 صفحي ۽ 5 صفحي ۾ لفظ ���اڃا“ نون کان سواءِ لکيل آهي، ۽ ”مهراڻ، جي 31 صفحي، ۽ ستين ڪتاب جي 93 صفحي ۾ ”وڃان“ نون سان لکيل آهي. ”اڃا“ ۽ ”وڃان“ ۾ ڪهڙو فرق آهي، جو هڪ کي ”نون“ سان ۽ ٻئي کي ”نون“ جي بغير لکيو ويو آهي؟ +[6]. چارئي رسالا ادبي نقطي نگاهه کان معياري مضمون سان سينگاريل آهن. ته به هن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته مضمون، افسانا خواه نظم اڃان به موجوده دور جي گهرجن موجب هئڻ گهرجن، اڪثري شاعر حضرات پنهنجو شعر پراڻي خيال جي قالب ۾ پلٽيندا اچن. صرف لفظن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي پيئي وڃي. هونئن به شعر ۾ مبالغي جي گهڻي گنجائش آهي ۽ اها شاعري دنيا ۾ آهي به مباح- پر شاعر صاحبن کي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته موجوده دور جي ”عوام“ کي ڪهڙي نظم جي گهرج آهي؟ ڪوشش ڪري گهربل مقصد لاءِ دماغ سوزي ڪري پنهنجا خيال عوام جي اڳيان پيش ڪجن. اوهان به گهربل مقصد وارا شعر شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ”مهراڻ“ جي ڪنهن پرچي ۾ اوهان صاحبن شعر جي مرڪزي خيال بابت اپٽار ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿو ته ”سنڌي نظم جو مرڪزي خيال گهڻو ڪري مجازي ۽ حقيقي عشق جي دائري کان ٻاهر بلڪل ٿوري انداز ۾ آهي. اڃان تائين انهيءَ خيال جي تقليد ٿيندي اچي“- اهو بلڪل سچ آهي. +آءٌ پاڻ پڇندس ته ڪن جزوي شاعرن جي ڪلام کان سواءِ حقيقي شعر ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ ۽ مجازي شعر جي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ رزم جي جاءِ بزم،۽ اصلاح جي جاءِ هَجو ۽ خوشامد اچي والاري آهي، ۽ بزم اسان جي ذهنيت کي ايتري قدر سوڙهو ۽ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تلافي صدين بعد ٿيندي! بنده ماستر محمد عالم لغاري، هه.م. اسڪول سعيد خان لغاري، تعلقو هالا. +(2) +- پيارا مهتمم ”مهراڻ“، اڄ منهنجي آڏو ”مهراڻ“ جا گذريل چار پرچا آهن. اڳ اهي جدا جدا وقتن تي پڙهيا اٿم ۽ هن وقت سڀئي هڪ ئي مهل ڏسي رهيو آهيان. مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ٿو چوان ته سنڌيءَ ۾ اهڙو رسالو اڳي ڪڏهن به ڪونه نڪتو آهي. +- پر هڪڙي شڪايت اٿم اها هيءَ ته ”مهراڻ“ جي چئني پرچن مان هڪ ۾ به سنڌي لوڪ ساهتيه بابت يا لوڪ گيتن بنسبت ڪجهه به نه آهي. اهي لوڪ گيت سنڌ ۾ ته جام هوندا. شادين تي ڳائڻ ۾ ايندڙ سهرا، ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ وقت مائرن جون،لوليون، کيتن ۾ ڪم ڪندي هارين جا گيت، رستن تي پورهئي ڪندي مزورن جا گيت، زالن جا جنڊ پيهندي سنهڙا سـُر َ – اهي ئي ته لوڪ گيت آهن! ۽ صحيح معنيٰ ۾ اسان جو سچو ادب ته اهو آهي. سنڌ جون لوڪ ڪٿائون، جي مائر رات جي وقت ٻارڙن کي ٻڌائينديون آهن- ڳالهر ميڙاڪن ۾ ويهي ڳالهيون کڻندا آهن، اهي لوڪ ڪٿائون ”مهراڻ“ ۾ ڪٿي؟ سنڌي ناچ، ڇيڄ وغيره جا چتر مهراڻ ۾ ڪو نه آهن- ڪيئن! اهي توهان جي نظر ۾ اهميت وارا نه آهن ڇا! جي آهن ته پوءِ انهن جي ڪمي ڇو؟ +- اوهان جو نارائڻ ڀارتي، بمبئي. (ڏسو هن پرچي جي گذارش! – ايڊيٽر) +(3) +- ”مهراڻ“ جا مدير، خوش هجوشال! ”مهراڻ“ جو چوٿون پرچو مليو- اچرج جهڙي ڳالهه آهي، يڪدم سال گذري ويو! انسان هميشه کان ماضيءَ کي پوڄيندو آيو آهي، ۽ مان به گذريل وقت جي آئيني ۾ جهاتي پائي ڏسان ٿي ته عجب ٿو لڳيم- ڇا ڏسندي ڏسندي سال گذري ويو! الله ڪندو ”مهراڻ“ جي عمر خضري ٿيندي ۽ سنڌين کي سيراب ڪندو رهندو. منهنجي ساهيڙي بانو چوندي آهي، ”ادب زندگيءَ لاءِ آهي.“ پوءِ ڀلا جڏهن اسان جي زندگيءَ جا هزارين عنوان آهن، يعني نفاست، ترتيب، حسن ۽ خيال، معلومات ۽ ڄاڻ، تنقيد ۽ وغيره- انهن جو اڀياس ڪڏهن ڪنديون سين؟ منهنجي ننڍڙي ڌيان موجب ان جو فقط اهو ئي اڪيلو وسيلو آهي ته اسان انهن موضوعن تي لکون- پنهنجي لکڻيءَ ۾ ”تڪڙ“ پيدا ڪيون، قلم جي رفتار ۾ تيزي آڻيون، ۽ پوءِ پنهنجي ديسي ادب کي خريد ڪيون، ميڙيون ۽ سانڍيون، پڪ آهي ته هڪ ڏينهن سنڌيءَ ۾ هر علم تي ڪتاب موجود ملندا- اجايو ٻين ڏي ڏسڻو نه پوندو؛ ٻين کان قرض کڻي کنڌا ڪارا ڪين ڪرڻا پوندا- ۽ پوءِ سنڌي کي ٻين ٻولين سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيهڻ ۾ شرم نه ايندو. يقين آهي ته پوءِ صحتمند ادب جي تخليق ٿيندي، ۽ زندگيءَ جي هزارن بابن جو مطالعو ٿي ويندو، ۽ زندگيءَ جي حقيقتن سان به شناسائي ٿي ويندي. +خلوص ڪار مينڌري سعادتي، حيدرآباد (سنڌ) +(4) +- سمپادڪ سائين، جئين سدائين! سنڌي ساهتيه تي اونداهيون ڇانيل هيون، هلڪيون هلڪيون، گهاٽيون گهاٽيون اونداهيون. سنڌي ادب پراڻين غيرآباد ماٿرين ۾ پئي ڀٽڪيو. پر چار مندون اڳ، هڪ چنڊ- چوڏهين جي چنڊ جيان روشن چنڊ- سنڌي ساهتيه جي آڪاش تي اڀريو - ۽ اهي اونداهيون پَر ڪري افق کان به پري- گهڻو پري – پرواز ڪري ويون! سنڌي ادب پراڻين ۽ ڦٽل ماٿرين مان نڪري، هاڻي نين من موهيندڙ جس ڀريل وادين ۾ پير پاتو آهي، جتي کيس اهو چنڊ پنهنجي ٿڌي ۽ وڻندڙ چانڊاڻ ۾ تَڙ پيو ڪرائي، چلڪائي پيو، چمڪائي پيو! ان لاءِ لکَ لکَ مبارڪون هجنوَ! +جيئن ڌرتيءَ جي چنڊ ڪڍ چڪور چڪرن ۾ آ، تيئن هِن چنڊ ڪڍ به ڪئين مستانا آهن- متوالا آهن. منهنجو من به پيو گهُري ته مان هِن چندرما جي چانڊاڻ ۾ وهنجندي، هِن اُملهه ماڻڪن جي اَکُٽ مهراڻ مان، ٽوٻئر ٿي، ماڻڪ موتي ڪڍي، ساهه سان سانڍيندي- ان جا انيڪ نياپا هنئين سان هنڊائيندي - ۽ هن جي لهرن ۾ لِڪل ڀالا سهندي، پنهنجي حياتي گذاري ڇڏيان، پنهنجو جيون صرف ڪري ڇڏيان! +هائو سائين! ”مهراڻ“ چنڊ آ، چوڏهينءَ جو چنڊ. پر منجهس ڌرتيءَ جي چنڊ جيان داغ به آهن، ڪارا ڪارا داغ! هن ماڻڪن جي مهراڻ ۾ ڪي پهڻ به آهن- هن مهراڻ جون ڪي لهرون محض ڏيکاءُ آهن. ڏيکاءُ، جنهن مان نڪو نياپو ئي جهاتي پائيندو آهي ۽ نه وري منجهس ڪي ڀالا ئي لڪيل هوندا آهن- ۽ سائين اهو ڏسي دل کي رنج رسندو آهي- رنج! +”مهراڻ“ نئين طرز جي ادب جو هڪ پودو آهي، ۽ هن ٻوٽي جي عمر ڇڙا چار پلڪ آهي. اوهان هن ٻوٽي جا پوکيندڙ آهيو ۽ مالهي پڻ! آس اٿم ته توهان هن ڪچي پودي کي پنهنجي دل جو رت ۽ آتما جي رَسُ ڏيئي، جڳ جي طوفانن ۽ باهين کان بچائي، پرگهور لهي هڪ وڻ ڪري ڏيکاريندا.... ۽ آءُ ڏسان پيو اهو پودو وڌي هڪ وڏو مضبوط ۽ گهاٽو وڻ ٿي ويو آهي. سندس ٽاريون ايترو ته وڌي ۽ ڦهلجي ويون آهن، جو ان جي ڇانو، هڪ دنيا کي آسماني آفتن کان، بچايو ويٺي آهي. ان وڻ جي مٿان سهسين پکي ويٺا آهن- مٺي ۽ من موهيندڙ لات لنوڻ وارا، رنگن جا، قسمين قسمين پکي! اجهي هي اڃايل آتمائون، هن وڻ جا ميوا کائي ۽ ميون جي ٿڌي، مٺي رس پي، سندس گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانو هيٺان ويهي، پکين جون وڻندڙ ٻوليون ٻڌي، پنهنجو ٿل لاهڻ ۽ پاڻ کي نؤ بنو ڪري رهيون آهن، ته جيئن هو، نون اتساهن ۽ تازن امنگن سان، پنهنجي ماڳ تي رسڻ لئي اُٿي اڳتي وڌن، ۽ کين پڪ آهي ته هن وڻ هيٺان ٿڪ لاهي اڳتي وڌندا، ته کين پنهنجي منزل ضرور ملندي! ۽ - ۽ مان اهو به پيو ڏسان.... ڀٽائي گهوٽ جو روح، جو ڪجهه وقت اڳ بيقرار ۽ ڏکايل هيو، سو هن وڻ کي ڏسي پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي سنڌيءَ کان خوش ۽ مطمئن آهي. +ڀائو! وقت هڪ مهاساگر آهي، ۽ ”مهراڻ“ اُتس لڏندڙ لوندڙ ڊونڊي. ان ڊونڊيءَ جا پتڻ، اوهان کي هڪ مضبوط ۽ مشتاق ملاح سمجهي، ڏنا ويا آهن. وقت جي مهاساگر ۾ ڪيئن طوفان ايندا، پاڻيءَ اندر لڪل ٽڪريون اينديون. توهان کي هيءَ ڊونڊي طوفانن ۽ ٽڪرين کان بچائي ٻيءَ ڀر پ��چائڻي آهي! اسان مهراڻين جون دعائون اوهان سان آهن- ۽ ڌڻي اوهان کي پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جي سگهه ڏيندو! +مون پنهنجي گودڙيءَ مان، الائي ڇا، موتي سمجهي ڪڍيو آهي، جو اوهان ڏي جدا موڪليان پيو. اوهان پرکيوس- معيار جي ڪسوٽيءَ تي! جي سچ پچ ماڻڪ آ ته ساڻس ”مهراڻ“ کي سينگارجو. جي پهڻ نڪتو ته کيس اڳين اونداهين جيان پري اڇلي ڇڏجو- افق کان به دور! اوهان جو مهراڻي، خواجا سليم، 11، سنڌ مسلم ڪاليج هاسٽل، فريئر روڊ، ڪراچي نمبر 2. +(5) +- مٺڙي مہ لقا ”مهراڻ“! تنهنجو ناز نياز، راز رمز ۽ زيبا قابل ستايش آهي. تون ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهين. +تنهنجي اونهه اوسيئڙو اڻهي منهنجي جيءَ لاءِ جهوري ٿي ٿو رهي، ۽ تنهنجو الڪو اڪانڊو هميشه هينئڙي اندر پيو هري ۽ هُڄي! تون سنڌين جي سونهن، ويڳاڻن جي ورونهه، اڻوسنديءَ جي وندر آهين. جي اياڻن ڪاڻ اوٽ آهين ته قربائتن واسطي ڪوڙڪي آهين. تنهنجي هر نقطي ۾ نڪتو آهي، ته تنهنجي هر سٽ ۾ سواد سمايل آهي. تون سنڌي ٻوليءَ جو اهوسندر ساگر آهين، جو پريتوان پڙهندڙن جي اکين جي اُلي ٿي اجهائين. اَويءَ سويءَ کي، ديسي پرديسيءَ کي پنهنجي ماڻ مئي مئو ڪري مائدي جي مال مليدن لئي موهين ٿي! جي ڪو توکي سنڌ جي صحابه ”مهراڻ“ يعني اڳوڻودرياءُ ڪري ليکي، ته به تنهنجو اڻميو اٿاهه جالارو جام جر، پٽن تي پالوٽ ڪري سنڌ سونهاريءَ جي پياسي ٻوٽن جي تاس تشنگي تمام ڪرڻ ڪاڻ ڪافي شافي آهي، پر تون ته علم حقيقت جو درياءُ آهين، شاباش هجي بلڪه ويهه لک واڌايون هجن، تنهنجن مُهتمن ۽ منتظمن کي، جن جاکوڙا جٽي، نور نچوئي توکي سهيڙي سموهي تنهنجي سجاوٽ ڪئي آهي. گويا قطرو قطرو ڳنڍي ڳوپي، ڳڻي ڳوتي ڪنارن جي وچ ۾ قابو ڪري قلزم بنايو آهي ۽ گيان وديا نديءَ جو روپ بخشيو آهي، ۽ تو ”لُڙ، لهريون لس ليٽ جتي انت ناهي آب جو“ پيدا ڪيو آهي! تون سنڌي جهالت جي اوڙاهه انڌوڪار جو اُجالو ۽ نيئر اعظم آهين. تنهنجو هر پرچو مون کي ائين ڀائپندو آهي، جئن حرفتي حريص واپاري صبح سج اڀرڻ جي مدح ۾ اکيون مهٽيندي چوندو آهي ته ”اڀريو آهي لکن جو ڏاتار!“ آءٌ به تنهنجو نت نئون نروار ٿيل پرچو ڏسي، ڪپڙن ۾ نه پيو مائبو آهيان، ۽ وري وري آئينده پرچي جي انتظار ۾ ڏهي پيل ڏسي، ڪاري ٻاڏ، اڻٽيهه اونداهيءَ جهڙو وچ وارو ويلو، ويجهيل ۽ وڇوڙي وند ويڳ پيو ڀاسندو اٿم. تنهنجي آمد جي مون جهڙن متوالن کي، مرڳو فڪر جي فرحي بر زبان ياد ڪرڻي پوندي آهي ڇو ته – +فڪر ته دنيا ۾ گهڻا، پر هن جو فڪر ٻيءَ طرح، +اي سونهاري، لاوارث سنڌيءَ جي نشامبر نشاني، +ديس جي ڌئل ۽ ڌوڻيل ڌڃاڻي، مهراڻ! +خوش هجين! آباد هجين! شل نه وسرين! +مرياد هجين! +شيدي ولي محمد طاهر زاده، ٽنڊوالهيار. +(6) +-ادا، سڄو سال ”مهراڻ“، ۾ ٽٻيون هنيون اٿم ۽ جيڪو بي پناهه مزو ماڻيو اٿم، تنهن جو ذڪر ڪري ٻين کي ڪجهه ڏيڻ نه ٿو چاهيان- ڀل ته مڙيوئي مون وٽ هجي. ”مهراڻ“ نه صرف اسان کي سرت بخشي آهي، پر اسان جا ڪنڌ ۽ ڪرنگها سڌا ڪري ڇڏيا آهن ته سنڌي پڻ فخر وٺڻ جي قابل آهي. اسان وٽ هتي ٻيو ته چڱو ادبي مال پيو پيدا ٿئي، پر اهڙو رسالو تحقيق وڏي همت ۽ سعيي جو ڪم آهي- +اوهان جو ڪيرت ٻاٻاڻي، باندرا، بمبئي. +- ادا ايڊيٽر، توهان جي ”مهراڻ“، ڏسي منهنجو ته نيڻ نيڻ ٺري پيو آهي. ايڏي معيار واري مخزن آءٌ ساري هندستان ۾ ٻي ڪا به ڪا نه ٿو ڏسان، سچ ته ”مهراڻ“ سنڌ جو شان بالا ڪيو آهي. اسان سڀني سنڌين کي ان تي فخر آهي، ناز آهي. اسان جي سنڌي ٻولي هندستان جي وڌان (constitution) ۾ داخل نه ڪئي ويئي آهي. هينئر اسان جي ڪاميٽي ان لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي. ”کير ڪميشن“ اڳيان پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. هو ان ڳالهه تي زور ٿا ڏين ته اسان جي سنڌي ٻولي هنديءَ کي ڪيتري قدر شاهوڪار ڪري سگهندي! انشاءَ الله ته فتح ڪنداسون. منو گدواڻي، اجمير. +(7) +- ڀاءُ ايڊيٽر ”مهراڻ“، ”مهراڻ جي چندي وڌائڻ جو اطلاع پهتو. مهراڻ جهڙي بينظير رسالي جو چندو ڏهه روپيا ته ڇا پر هزار روپيا به ٿورو آهي. مان گهڻيءَ خوشيءَ سان پنهنجا ٻه عزيز به خريدار ڪري موڪليان ٿي. - مس علي بخش راڄپر،چيهو، پڊعيدن. +-هيءُ هڪ انتهائي ظلم ٿيندو، جو اڄ جهڙي نازڪ دور ۾ به اسان پنهنجي ادب کي اکيون ٻوٽي پڙهندا رهون ۽ ان جو صحيح جائزي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪريون. منهنجي خيال ۾ اڄ ته پاڻ اسان تي زياده جوابداري عائد ٿئي ٿي ته پنهنجي ادبي شهه پارن کي ورائي ورائي پڙهون، تڪيون توريون، انهن جو اندازو لڳايون ۽ ڏسون ته منجهن ڪيتري قدر ادبي اگهائي آهي يا سگهائي. +مٿينءَ حقيقت جي مدنظر، ”مهراڻ“ جي جانچ پڙتال ڪبي، ته نه رڳو بار کڻي پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، پر منجهس زندگيءَ جي به ڪافيءَ کان ڪافي حرڪت پئي نظر اچي، ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن انهيءَ سلسلي سان سندس وجود سالم رهيو، ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو ”مهراڻ“، پنهنجا ادبي فرض پورا ڪري، سنڌ جي ٻين ادارن جو به سونهون بنجي، کين پنهنجي ادبي معراج ڏانهن وٺي هلي. +هڪ ڳالهه جنهن جو اظهار ڪندي بيحد خوشي ٿي ٿئيم، سا هيءَ ته هر پرچي کي ڏسندي، جڏهن نون نون ليکڪن تي نظر پوندي اٿم، تڏهن دل خوشيءَ مان مالا مال ٿي ويندي اٿم ۽ ازخود زبان مان ”مهراڻ“، لاءِ مبارڪ جا لفظ پلٽي پوندا آهن. ڇا هيءَ ”مهراڻ“ جي گهٽ خدمت آهي، جو ڏينهون ڏينهن سنڌ جو اهل قلم حقيقت جي جستجو ۾ ڪوشان نظر اچي. –اوهان جو ابن حيات پهنور، جهمپير. +[1] جيڪي لفظ (مون، تون، اوهان، اسان، وغيره) پنهنجي منهن الڳ وجود رکن ٿا، ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي اڪيليءَ صورت ۾ به ٻوليءَ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، انهن لفظن کي ٻين لفظن سان ملائي لکڻ غلط آهي. لفظ ”منهن“ (ضمير متڪلم واحد). ”تنهن“ ۽ ”پنهن“ اهڙا پنهنجي منهن الڳ وجود رکندڙ لفظ نه آهن، ۽ڪڏهن به اضافت جي حرفن (جو، جا، جي، جن) کان سواءِ ٻوليءَ ۾ استعمال نه ٿا ٿين: تنهنڪري انهن کي پٺيان ايندڙ حرف اضافت سان گڏي لکڻ نه فقط جائز آهي، پر نهايت ضروري آهي.- ايڊيٽر +[2] واڪ جي نشانين تي مفصل مضمون (مثالن سميت) هن پرچي ۾ شايع ڪيو ويو آهي. (ايڊيٽر) +[3] ”سڀاڻي“ لفظ صحيح آهي، ڇو ته عام استعمال ۾ ائين آهي: جنهن نيت سان، ۽ جنهن اصول ماتحت هن لفظ کي ڪٿي ”صبحاڻي“ جي صورت ۾ ٿو لکيو وڃي، جيڪڏهن ان نيت سان ۽ ان اصول ماتحت سنڌيءَ جي سڀني عربيءَ مان آيل لفظن کي نئين سر لکيو وڃي، ۽ هوند ”ٿوم“ کي ”فوم“ لکڻو پوي، ۽ بصر“ کي بصل“، وغيره- جا هڪ نهايت ئي غير ضروري ۽ منجهائيندڙ ڳالهه ٿي پوندي. – ايڊيٽر. +[4] ”ڪنهن“، ”منهن“، ”جڏهن“، لفظن ۾ ”نون“ تي جزم ڏيڻ غلط آهي- ڇاڪاڻ ته ”ڪنه“، ”هنه“ ”منه“، وغيره ۾ ”ن“ وارا آواز مفرد آواز آهن- بلڪل ائين جيئن لفظ ”گهوڙو“ ۾ ”گهه“ آواز يا لفظ ”جهرڪي“ ۾ ”جهه“ جو آواز مفرد آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون ڏيڻ صحيح نه آهي. ”ٽمڪن“، ”اچن“، وغيره لفظن ۾ ”ڪن“، ”چن“، وغيره آواز مفرد نه پر مرڪب آواز آهن- مرڪب آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون (ـ ـ، وغيره) ڏيئي سگهجن ٿيون. – ايڊيٽر. +[5] ”ن“ جو آواز ”ڃ“، ”ڻ“ ”ڱ“ ”م“، آوازن ۾ اڳي ئي موجود آهي: تنهنڪري ”اڃا“، ”گهڻا“، ”راڱا“ ”ماما“، وغيره، لفظن جي پٺيان ”ن“ ڏيڻ ۾ نه ٿو اچي. ساڳئي اصول تي ”وڃان“، ”لڻان“، ”مڱان“، ”نمان“، وغيره لفظن جي پويان پڻ ”ن“ جيڪڏهين نه ڏجي، ته غلط نه ٿيندو- پر اهي لفظ ساڳئي وقت فعل آهن، ۽ سندن صورت زمان مضارع جي آهي، جنهنجي ٺهڻ جو قاعدو آهي ته ”امر“ جي پويان ”ان“ يا ”يان“ اکر وڌا وڃن – تنهنڪري انهن لفظن جي فعلي صورت کي نمايان ڪرڻ لاءِ سندن پويان ”ن“ آڻڻ نه فقط غلط نه آهي، پر انهيءَ هڪ ڳالهئين لازمي پڻ آهي. - ايڊيٽر +[6] شعر و شاعريءَ متعلق پيش ڪيل خيالن سان مجموعي طرح اتفاق آهي: پر هي وسارڻ نه گهرجي ته حسن ۽ عشق، شاعريءَ جا بنهه اوائلي موضوع آهن، ۽ جيستائين انسان جي دل ۾ حسن لاءِ ڪشش موجود آهي، تيستائين شاعريءَ جا اهي پاڪ ۽لطيف موضوع هميشه قائم رهندا- تنهنڪري، حسن ۽ عشق جي شاعريءَ کي ايتري بيزاري هڪ صاحب ذوق دل لاءِ مناسب نه آهي. البت شعر جي ٻين موضوعن کي بنهه نظر انداز ڪري ڇڏڻ يا انهن ڏانهن ڪنهن قسم جي بي رخي ڏيارڻ اسان جي شاعرن لاءِ به مناسب نه آهي. – ايڊيٽر. + + +(8) +- بندي جي نظرمان ڪيترائي سنڌي ۽ غير سنڌي رسالا گذريا آهن؛ ليڪن ”مهراڻ“ هر لحاظ کان هڪ معياري رسالو آهي- ائين کڻي چئجي ته هڪ املهه موتين جا جي بي پناهه کاڻ آهي. +”مهراڻ“ مون کي ته ايڏو پيارو آهي جو قسم آهي موليٰ جي هيڪڙائيءَ جو ته رات جو توڙي ڏينهن جوآرام وقت پنهنجي سري هيٺان رکي،آرام مان لطف اندوز ٿيندو آهيان، ۽ جتي به ويندو آهيان ”مهراڻ“ اصل ساڻ هوندو اٿم. +دعا آهي ته اسان جي سلوڻي سنڌي ادب جو هي روشن چراغ هر هڪ سنڌيءَ جي گهر ۾ ٻهڪندو نظر اچي. - دعاگو محمد قاسم ”شاد“ڪڇي، ڳوٺ قادر ڏنو شاهه، تعلقو ٽنڊو محمد خان. +(9) +- ”مهراڻ“ جي هن سال واري وهڪري، اسان تائين جي چار تحفا لوڙهي اچي ڪڍيا آهن، تن کي الاهي غنيمت ٿا سمجهون. ڪهڙي ڳالهه ڪجي انهن چئن تحفن جي – دل ئي ٺاري ڇڏيائون! +منهنجا سائين آءٌ نه اديب آهيان ۽ نه شاعر آهيان. مگر ”مهراڻ“ جي ملاحن اڳيان هڪ وانجهي آهيان- ۽ اڃا پيو ونجهڙا هڻڻ سکان - نڪي منهنجي ادب جي ڪشتيءَ ۾ سڙه سوان ۽ لاڄو نوان آهن، نڪي عاج جا اولا آهن. نڪي پٽ جون رسيون آهن. مگر هڪ ميري ۽ ڦرهين کي ڦيٽ آيل ڊونڊڙي اٿم، جنهن ۾ سادو ۽ سستو وکر ونڌيو اٿم – سو خذمت ۾ موڪليان ٿو: شل قبول پوي! +-توهان جو ئي دائود پوٽو ”رفيق“ سنڌي، ٽلٽي، سنڌ، +(10) +”مهراڻ“ سنڌي ادب جو چمڪندڙ ۽ روشن ستارو آهي..... +وڏي خوبي، جا مون کي منجهس ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا هيءَ آهي ته ڪٿي به ڪنهن به مضمون، افساني يا شعر ۾ عربي، اردو، پارسي وغيره جا ڳاٽي ڀڳا شَد ۽ مد ڪونهن- جنهن محنت لاءِ سڀ اُهي اديب حضرات مبارڪ جا مستحق آهن، جي اهڙيءَ طرح اصل سنڌي ادبي خزاني کي نئين سر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. +دعا آهي ته شال اسان جو پيارو ”مهراڻ“ ڦَلي ۽ ڦولي، وڌي ۽ ويجهي ۽ شال هي سنڌي زبان جو پاسبان ٿي، کيس ايترو وڌائي جو سنڌي زبان مغربي پاڪستان جي سڀني زبانن کان گوءِ کڻي، قومي زبان جو درجو حاصل ڪري- آمين.- +- ”مهراڻ“جو متوالو عبدالرحمان پهوڙ، شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج، ميرپور خاص. +(11) +- سنڌي ادب به، سياست سان گڏ، گهڻو ڪي پئي سٺو آهي، ۽ ادبي دنيا ۾ نئين هلچل ۽ نئين جاڳرتا ۽ بيداري آڻڻ لاءِ ڪنهن اهڙي رسالي جي ضرورت هئي، جيڪا ”مهراڻ“ پوري ڪئي آهي. اسان جون توهان سان گڏ دعائون آهن. +- نارائڻ پراڳچند ”ناري“، حيدرآباد. +- سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ڪيل ڪتاب ”فتح نامه سنڌ عرف چچنامه“ ۾ عاليجناب ڊاڪٽر بلوچ جيڪا تحقيق ۽ تدقيق ڪئي آهي، ان جي داد ڏيڻ لاءِ ته لفظ ئي ملي نه ٿا سگهن. +صاحب موصوف ”قصبه وجور ته“ بابت، باوجود ٿر کان اڻ واقفي هوندي به، جنهن دماغ سوزيءَ کان ڪم وٺندي، ان کي ”ونگو“ قرار ڏنو آهي، ان تي به بي اختيار صد تحسين جا لفظ زبان مان نڪرن ٿا. مگر اهو لفظ اصل ۾ ”وجوتره“ آهي، جنهن جو صحيح تلفظ ”وڄوٽهه“ آهي. اهو ڳوٺ ونگي کان اٽڪل ويهه ميل اڀرندي مٺيءَ ۽ نئين ڪوٽ جي پوري وچ تي آهي. سمجهجي ٿو ته عربن جي فتح وقت اتي ايڏو وڏو قلعو هو، جو اهو ڳوٺ ضلعي جو ڪم ڏيندو هو. +– م. ع. ڏيپلائي. +[”مهراڻ“: بهار، 1956ع] +(1) +– ادل، ”آواز سنڌ“ جي سنڌ نمبر من ۾ هڪ قسم جي اٿل مچائي ڏني، جنهن ۾ لکيل هو ته: ”هڪ يونٽ واري عملي قدم، سنڌ کي ختم ڪري ڇڏيو؛ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي به تسليم نه ڪيو ويو آهي“– ۽ وري هت هندستان ۾ به تمام گهڻا سنڌي، پنهنجي ٻوليءَ جي مستقبل کان مايوس ٿي هندي ڳالهائي رهيا آهن. چي: ”سنڌي ڪهڙي ڪم ايندي؟“..... ڀلا اهي ڳالهيون انهيءَ شخص جي من ۾ ڪيڏي نه پيڙا پيدا ڪنديون هونديون، جو پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ ادب کي دنيا جي سڀني اعلى ۾ اعلى چيزن کان به وڌ ٿو سمجهي!..... مان سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ– اميڻن جو ڳوٺ، تعلقي قنبر– جو رهاڪو آهيان. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهين مان ننڍڙو هئس ۽ گهر جي لڳو لڳ رهندڙ وڏيرن جي گهر لنگهي وڃي وڏيريءَ عالميءَ کي چوندو هئس: ”عامني، ڀت ڏي!“ ۽ هوءَ پاٽ مان ڪنئرا ڪنئرا چانور ڪڍي، ڌونئرو وجهي ڏيندي هئي، ۽ مان مزي سان ”عامنيءَ“ جي گوڏي تي ويهي کائيندو هوس! – پوءِ ان سنڌ ۽ ڳوٺڙن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪيئن وساريان؟..... اهو سوچيندي ئي ازخود اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا اٿم.......... منهنجي سنڌڙيءَ جا شل ڳوٺ وسن! +مان سمجهان ٿو ته هن وقت، جڏهين هي حالتون آهن، تڏهين سنڌيءَ جو لوڪ ساهتيه (لوڪ ادب) گڏ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪجي– متان اهو به نه ختم ٿي وڃي. گهر گهر ۾، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي، لوڪ گيت (لاڏا، لوليون، ڪافيون، راڳ، اوراڻا، ۽ ڏوهيڙا وغيره) گڏ ڪجن ۽ انهن جو هر نموني پرچار ڪجي. بورڊ ”جهان آرا“ ڇپايو آهي ۽ مرزا قليچ بيگ مرحوم جو ناول ”زينت“ ڇو نٿو ڇپائجي؟ +– نارايڻ ڀارتي، سنڌو نگر. +(2) +– ساٿي، منهنجو هڪ دوست هميشہ ”مهراڻ“ جو پرچو هٿ ۾ کنيو گهمندو هو........ مان کيس ٽوڪيندو هئس، ته هو مون کي به ان جي پڙهڻ جي ترغيب ڏيندو هو. آخر هڪ مهمان وٽ به اهو پرچو ڏٺم، ۽ خيال ڪيم ته هيءُ جو ڪافي دوست ”مهراڻ“ کي گڏ کنيو وتن، سو آءٌ به پڙهي ته ڏسان! پڙهڻ سان حيرت جو مجسمو بڻجي ويس؛ ڇوته هي پرچو ته نه هو، پر علم ۽ ادب جو ڪچڪول هو! 4 بجي شام جو پڙهڻ ويٺس ۽ 4 بجي رات تائين پئي پڙهيم، ته اوچتو ڀاڻم اٿي آيو ۽ چيائين: ”چريو آهين ڇا؟ ٻيو وقت ئي ڪونه ملندءِ؟“ مگر هن کي ڪهڙو جواب ڏيان! +جيڪي سنڌ جا خود ساخته ليڊر سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي ملڻ جي معيار جِي ٻولي نٿا سمجهن، سي ”مهراڻ“ پڙهندا ته اکيون کلي پوندن. +”مهراڻ“ ۾ شيخ ”اياز“ جا پيارا بيت پڙهي پاڻ کي خيالي دنيا ۾ سمجهيم. ”اياز“ هڪ ترقي پسند شاعر آهي– هي ”باغي“ رسالي ۾ بيت ۽ افسانا لکندو هو، ان وقت آئون ڪو خاص هن جي شعر مان مطلب نه ڪڍي سگهندو هوس؛ پر هاڻي ”اياز“ صاحب اڄ ڪلهه جي موضوعن تي لکڻ لڳو آهي: سنڌ لاءِ ڏسو ته ڪهڙا نه جذبا اٿس: +” – جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي.“ +گدائي ته بلڪل ٻهراڙيءَ جو نقشو چٽيو آهي. منجهس آزاديءَ جي بوءِ آهي: +”آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي“ ۽ ”سنگهارن جي ساٿ ۾ ڪان��ي سرهائي“ ڪافيون وڻندڙ ۽ دلسوز آهن. ڪي ته موضوعن ڳولڻ لاءِ مٿا هڻن ٿا. ”برده“، ”تنوير“، ”غني“، ”رضا“ جون ڪافيون چڱيون آهن. +عارف المولى جو گيت ”اجهي ڄاڻ مسافر آيا“ بس سندس دل جي ترجماني ڪري رهيو هو. ”تنوير“ جو گيت ”پيار جو سمنڊ اجهاڳ“ بس وجد ۾ وٺي ويو– تنوير صاحب ۽ مٿان شاعر کيرون لهڻن. هنن جا جواهر پارا ”مهراڻ“ جي سونهن آهن. +”بڻ“ افسانو به ملوڪ هو. وڏيرڪي نظام ۾ هڪ وڏيري هڪ انسان کي پنهنجي ڪتي تان قربان ڪيو، ڇو جو وڏيري واري ڪتيءَ جو بڻ سٺو هو. اهڙو ڪتو وڏيري کي شايد نه ملي ها– ماڻهو ته ٻيا به اڪيچار ملي سگهيا ٿي! +هڪ افسانو شيخ حفيظ جو ”مبارڪون“ ته وري هن ٿڳڙيل سماج جو جنسي جنازو آهي. هڪ ڏاڏي کان به وڏو ماڻهو هڪ نوخيز ڇوڪريءَ سان محض شهوت پرستيءَ خاطر شادي ڪري ٿو. ٻيا ته ٺهيو پر سندس والدين به کيس اها تلقين ڏين ٿا ته: ”امڙ! لڄ رکجان– مڙس جيئن پڪو تيئن سچو– گهر ۾ راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ.“ +انهيءَ افساني ۾ سماج جي ٺيڪيدارن لاءِ هڪ للڪار هئي: ڇا هو پاڻ کان چئوڻي وڏي عمر واري عورت سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ جي نه، ته پوءِ پنهنجين ڏوهٽين ۽ پوٽين جيڏين سان ڇو ٿا شادي ڪن ۽ انهن جي ارمانن کي ڪچلين؟ ڇا هنن بي زبان نينگرين کي دل نه آهي؟ پر ٻڏڻ گهرجي انهن والدين کي، جيڪي پنهنجي بي زبان نينگرين کي اهڙن پوڙهن سان پرڻائي چون ته: ”مڙس جيئن پڪو تيئن سچو– راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ!“ +افسوس، اهڙا والدين، جن جون اکيون سون ۽ چانديءَ انڌيون ڪيون آهن، ڪڏهن اکيون کولي، بي زبانن کي زنده درگور ڪرڻ کان پاسو ڪندا! +م. ع. ڏيپلائي جو ناٽڪ ”نجومي“ ته بس چئي کڻي بس ڪر– ڏيپلائي ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي هڪ مائٽ چيو ته: ’شايد ڏيپلائي صاحب پاڻ ڪجهه وقت نجومي ٿي رهيو هو، ۽ پنهنجا تجربا ٻڌايا اٿس.‘ ناٽڪ ۾ اهو صاف ڏيکاريل آهي ته ڪيئن نه ماڻهو مت موڙهلن کي ابتو سبتو ٻڌائي ڦرين ٿا. پر هڪ اکر چوڻو پوندم ته نجوميءَ سان گڏ جو ڇوڪرو هو، ان جي عمر سمجهه ۾ نٿي اچي. ڇا ايتري ننڍي عمر وارو اهڙيون چالاڪيون ڪري سگهي ٿو؟ اهو البت سمجهه ۾ نه آيو. +”بلو دادا“ ته افسانوي دنيا جو شاهڪار آهي. اهڙا افسانا ئي سماج جو پول پڌرو ڪن ٿا: اهڙا افسانا ئي اسان جي اکين تي ڏنل سماج جي پٽي کولين ٿا. +پرچي پنجين (سال 2– پرچو 1) ۾ اياز جو بيت: +ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي، +آيا گهر ۾ اوپرا، نڪري ويا نيهي، +پراوا پيهي؛ والاري ويا سنڌڙي– +سنڌ جي هاڻوڪي حالت جي ڪيتري نه سچي ۽ سهڻي ترجماني ٿو ڪري: اهو بيت هر سنڌيءَ جي دل جي ترجماني ڪري ٿو. ٻيا سڀ بيت سٺا هئا– البت ”ميوو خان لغاري“ جا بيت سرس هئا. +ڪافين ۾ ٻڍل فقير، صاحب ڏنو، طالب المولى جون ڪافيون بهترين آهن. ”سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي“– ان تخيل مون کي جهنگ سيال ۾ وڃي پهچايو– ايئن محسوس ڪيم ته ڄڻ اهو واقعو منهنجي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. لاشاريءَ جي ڪافي ته پنهنجو مٽ پاڻ هئي. گرامي صاحب جيڪر آئيندي ڪافين ۾ ڌارين لفظن بدران يا ڏکين لفظن بدران عام مروج لفظ ڪم آڻي ته ڏاڍو چڱو– پر اڄ جا شاعر ۽ ليکڪ شايد ڌاريا ۽ ڏکيا لفظ ڪم آڻڻ ۾ پنهنجي مطالعي جي وسعت ٿا ڏيکارين. +ڏيپلائي صاحب ”ٿر جا لوڪ گيت“ لکي هڪ وڃايل باب سنڌ جي ادب جو هٿ ڪيو، ۽ گم ٿيڻ کان بچايو آهي. لوڪ گيتن سان گڏ ترجمو ڏيئي هن جو ڪم ڪيو آهي، ان لاءِ مبارڪون لهڻي. +”نياز“ همايوني جو نظم ”للڪار“ نئين صبح کي سڏي رهيو آهي، ۽ ان جي آجيان ڪري ٿو. +گوبند ڀاٽيه ڪجهه غير مروج لفظ ڪم آندا آهن– جيتوڻيڪ انهيءَ جي بدران ڪيترائي سنڌي لفظ عام آهن. +ارجن ڊيٽارام جو ”وطن جي ياد ۾“ پڙهي بي اختيار اکين مان ڳوڙها وهي آيا– ڇا اسان سڀ سنڌي مادرِ وطن ۾ گڏ وري نٿا رهي سگهون؟ +التجا آهي ”سڪايل“ خاص ڪا درگاهه ۾ +ڪاش! مان هيڪر ڏسان سي سنڌ جا دلدار يار +ڇا انهن جون التجائون قبول نه پونديون– ڇا انهن کان حساب نه ورتو ويندو، جن اسان کان پنهنجي وطن جا ساٿي وڇوڙي ڇڏيا؟ ڪاش، سندن التجا قبول پوي! +محبوباڻي جو ”هاءِ! اڄ انسان ڀي حيوان آ“ سرمائيدارن جي ڪرتوتن جو آئينو آهي، جي ملڪ تي امن بدران جنگ جا ڪڪر آڻي رهيا آهن– +غزلن ۾ بشير ”مورياڻي“، ”تنوير“ عباسي ۽ حيدر بخش جا غزل بهترين هئا. عبدالحليم ”جوش“ پستيءَ طرف قدم کڻي رهيو آهي– کيس موضوع بدلائڻ گهرجي. +افسانو ”پشو پاشا“ بلڪل ٺيڪ هو. افسانو ڏيکاري ٿو ته جيستائين پنهنجي مدد پاڻ نه ڪنداسين، تيسين ڪجهه نه ٿيندو. ”پورهيت ڪڏهين به نٿو مري سگهي“– اهو ته اڄ جتي ڪٿي ثابت ٿي رهيو آهي. گوورڌن محبوباڻي جي ”ڪهاڻي“ للڪاري پئي ته هاڻي وقت آيو آهي، جو هن ٿڳڙيل سماج جي چنبن مان پاڻ ڇڏائجي، ۽ پنهنجي لاءِ نئون آزاد سماج اڏجي: ”چمپا جي هٿن جي ميندي اڃان رنگ ئي نه مٽايو هو جو هوءَ بيواهه ٿي پيئي“– ڇا اهڙي سماج کي به اڃا نه ڊاهجي؟ +جڏهن ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ”تون پڇين ٿو مان ڇو اداس آهيان؟“ پڙهيم، تڏهن دل ڀرجي آئي، ۽ اها همت نه ٿيم جو اڳتي پڙهي سگهان. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ اباڻي وطن کي ساريو آهي..... ننڍپڻ جي يادگيرين کي دهرايو اٿس، جي هينئر کيس خواب وانگر پيون ڀاسجن. وطن ڪوبه وساري نه سگهندو– وطن جن وساريو، ”حيف تنين کي هوءَ“ دل چيو ته چوانس: ”ڀاءُ ڪيرت! تون دل نه لوڙهه– اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڻ وري سنڌو نديءَ ۽ ڦليلي تي گڏ ٽٻيون هڻنداسين، ۽ ڪوٽڙي جا پلا کائينداسين. سنڌين ۽ سنڌ جي هر شئي کي جيئن تو نه وساريو آهي، تيئن انهن به توکي نه وساريو آهي: جيستائين سنڌ ۾ ان جا باشندا زندهه آهن، تيستائين هو پنهنجي جگري ڀائرن کي وساري نٿا سگهن!“ +”پڇتاءَ جا ڳوڙها“، ”ملڪ مڙيوئي منصور“ بهترين هئا– گوبند ڀاٽيا کيرون لهڻي. +”آزاد نظم“ وارو باب مزيدار ڪونهي. ان کي جيڪر ڪڍي ڇڏيو ته بهتر، جو شاعر ان ۾ ڪو خاص موضوع نٿا رکن. +”ميڪده حيات“ نه عنوان سان ٺهڪيو، نه ڪا طرز هيس. +”ادب لطيف“ وارو باب بلڪل سٺو هو. ”بيهڪ جون نشانيون“ وارو مضمون اسان پارن جي رهنمائي ڪندو. ”سيف الملوڪ“، ”انسان ۽ سندس دنيا“، ”ابوالعلاء معري“ اسان جي ادب جا شاهڪار آهن. +قسط وار مضمون نه ڏيو ته چڱو، جو ان مان لطف نڪري ٿو وڃي. ”ادب يا ساهت“ بابت ملڪاڻي صاحب جا خيال سٺا آهن. +اميد ته ”مهراڻ“ ڏينهون ڏينهن سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ جي راهه تي وک وڌائيندو ويندو. سندس ڪارڪن مبارڪباد جا مستحق آهن. +– ادبي سمنڊ جي ڪناري تان ڪڪريون چونڊيندڙ، محمد خان جمالي ”آواره“. +– مهربان مهتمم صاحب، ”مهراڻ“ جا سمورا پرچا پڙهيم– خوب پڙهيم. پڙهي ايتري نه پرسنتا ۽ خوشي پلئه پيئي، جو ڪي لفظ ئي ڪين ٿا سجهن، جن سان اها خوشي ظاهر ڪري سگهان. سچ، مون پنهنجي سموري حياتيءَ ۾، ”مهراڻ“ جهڙي معياري مخزن اڃا تائين ڪين ڏٺي آهي. شعرن، مضمونن ۽ ڪهاڻين جي چونڊ لاجواب آهي. سچ پڇو ته مان انگريزي، هندي، مرهٽي، گجراتي ۽ اڙدوءَ جا ڪيترا رسالا نظر مان ڪڍندو آهيان، پر ”مهراڻ“ جهڙو اتم رسالو سندم نظر تي چڙهيو هجي، سو بنهه نه! +– اوهان جو گهڻگهرو، واسديو نرمل، بمبئي. +(3) +– ڀاءُ ايڊيٽر، ���مهراڻ“ جي گذارش پڙهي اکين مان بي اختيار لڙڪ وهڻ لڳا. سمجهي نٿو سگهان ته اهي لڙڪ الائي ڇا جا هئا– خوشيءَ جا يا غم جا، برتريءَ جي احساس جا يا ڪمتريءَ جي احساس جا! سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي لکيل هو، تنهن کي پوري ڌيان سان پڙهيم. اسين ڪوشش ڪندا رهنداسين ته اڄ نه سڀان– ڪڏهين نه ڪڏهين اسان جي سنڌي ٻولي به ضرور هڪ خود مختيار ۽ سرڪاري ٻولي ٿيندي! +سدائين سنڌڙي، تنهنجو صاحب رکندو شانُ، +دشمن سڀ دفع ٿيندا، قادر هڻندن ڪانُ، +مولى مهربانُ، وسائيندو وطن کي! +– محمد دائود بلوچ، حيدرآباد سنڌ. +(4) +– پريا ساٿي، ”مهراڻ“ ڪنهن دوست کان هٿ آيو. سچ ته مان سندس ساراهه لکي ئي نٿو سگهان– هر لحاظ کان ”مهراڻ“، ’مهراڻ‘ ثابت ٿي آهي. هي رسالو پاڪستان توڙي ڀارت ۾ سنڌي ادب ۾ اوچي جڳهه والاري چڪو آهي. اوهان جي ”مهراڻ“ سنڌ جون سڪون لاهڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. ان چوڻ ۾ مون کي ڪابه واڌ نظر نٿي اچي– ڀلا سورج کي ڏيئي جي ڪهڙي ضرورت! +– سروج ڪمل، بمبئي. +(5) +– محترم ايڊيٽر صاحب، ”مهراڻ“ صرف هڪ سال دير سان نڪري ها ته شايد سنڌي ادب کي نه سهڻ جوڳو نقصان پهچي ها. +– عبدالرؤف قريشي، جيڪب آباد. +(6) +– مڪرمي، ”مهراڻ“ کي جيڪڏهن ”سنڌي ادب جو روح“ سڏيان ته به اها تعريف ڪافي ناهي؛ ڇاڪاڻ ته هن جو درجو روح کان گهڻو بلند آهي. ڪاش! جيڪڏهن هو اهڙيءَ طرح ماهوار نڪري ۽ سندس چندو پنجويهه رپيا هجي! +– ماستر محمد قاسم، گوني. +(7) +– محترم ايڊيٽر صاحب، سوين ڪتاب ڏسون ٿا، پر هن رسالي ڏسڻ بعد ئي دل جو ڍؤ ٿئي ٿو. چار ئي پرچا ساهه سان سانڍي رکيا اٿم. اٿندي ويهندي، سفر ۾ يا سمهڻ مهل هر نئون پرچو گڏ اٿم. منهنجي من جي اِها آس آهي ته شل اڃا به ڦلي ڦولي ۽ ولائتن تائين ورڇي. +– جمال الدين لغاري، ميرپورخاص. +(8) +– مڪرمي، سنڌ جا مورخ سـسئيءَ جي ڄمڻ جو هنڌ ”ڀنڀر واهه“ ڳوٺ لکن ٿا، پر اهو نٿا لکن ته اهو ڪٿي هو. رياست بهاولپور ۾ هڪ ڳوٺ ”ڀٽا واهڻ“ آهي، جو اسٽيشن صادق آباد کان اولهه طرف 12–13 ميلن تي آهي. اتي قديم ايامن کان اها روايت لڳو لڳ هلندي اچي ٿي، ته مائي ســسئي هن ڳوٺ ۾ ڄائي هئي. سال 35–1936ع ۾ مان اتي ويو هوس؛ مون کي اها جاءِ به ڏيکاري ويئي، ۽ درياءَ ۾ لوڙهڻ وارو هنڌ به ڏيکاريو ويو هو. ماڻهن ٻڌايو ته هاڻي سندس خاندان مان ڪوبه باقي نه آهي– ڪيترائي ماڻهو انهن هنڌن کي ڏسڻ ايندا آهن. +– مولانا محمد صادق، راڻي پور. + + +[”مهراڻ: 2،1- 1957ع] +(1) +- پريه ايڊيٽر صاحب، ”مهراڻ“ بابت مان ڇا لکان، سو منهنجي سمجهه ۾ ڪونه اچي رهيو آهي. اسان کي اوهان جي ”مهراڻ“ لاءِ ڪيترو ۽ ڪهڙو انتظار ڪرڻو ٿو پوي، سو جيترو لکجي اوترو ٿورو آهي. چوڻي آهي، ”دير پيا، درست ٿيا“- تيئن ”مهراڻ“ جي انتظار جو ڦل اسان کي تمام سٺو ۽ جهجهي انداز ۾ حاصل ٿيندو آهي. پنهنجو سڀ ڪجهه ڀُلائي ”مهراڻ“ کي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون. هفتي ٻن لاءِ ان کي ڪنهن به ٻئي پستڪ جي گهرج ڪانه پوندي آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو توهين ”مهراڻ“ مهيني سر مهيني ڪڍندا رهو! ”مهراڻ“ جهڙي رسالي لاءِ ٽي مهينا ترسي رهڻ هڪ وڏو عرصو آهي، ۽ ايترو انتظار ساهتيه پريمين لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. +ڪنهيوٽي. کٽر، راجڪوٽ (ڀارت) +(2) +- ڀائو، شال سلامت هجو! ”مهراڻ“ ٽن مهينن جي طويل انتظار بعد موصول ٿيو. هن پرچي (4/1956ع) جي هر چيز پنهنجيءَ جاءِ تي نهايت خوب آهي: افسانا، نظم، مضمون- هرچيز پنهنجو جواب پاڻ آهي. افساني سان گهڻي دلچسپي اٿم، تنهنڪري ان تي پنهنجي ناقص راءِ لکان ٿي. هن دفعي جا خاص ڳالهه افسانن جي حصي ۾ آهي، اها هيءَ ته سڀ افسانا مختصر آهن. ”مهراڻ“ جي پهرين پرچن ۾ زياده تر طويل افسانا پيش ڪيا ويا آهن- ايتريقدر جو پڙهي پڙهي طبيعت ’بور‘ ٿيو پوي. اميد ته آئيندي به اهڙائي معياري ۽ مختصر افسانا پيش ڪندا رهندا. +هن دفعي سڀ کان سٺو افسانو رشيد آخوند جو افسانو ”ڍونگ“ آهي. پڙهندي وقت ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ته سڀڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. حالانڪ اهو پلاٽ هينئر ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي، پر افساني نگار ان ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. افساني جي ٻولي به وڻندڙ ۽ صاف آهي. هڪ هڪ لفظ ۾ سماج جي خلاف بغاوت آهي، ۽ تاثير اهڙو آهي، جو بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. ”ها امان تون سچي آهين- هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ. اچڻ سان مڙس کي ماريائين. جي ٿورا سال ٻيا هن پاڙيءَ ۾ رهي، ته الائجي ڪهڙو قهر ڪندي!“ ڪيترو نه درد آهي انهن جملن ۾! مختصر ته رشيد آخوند جو هي افسانو ظالم سماج جي ڳل تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي. ڪاش! اهي هن چماٽ کي محسوس ڪري سگهن! +”ڪڏهن بهار ايندو“ سٺو افسانو ته ضرور آهي، پر دل کي پاڻ ڏانهن مائل خاص طور سان نه ڪري سگهيو: خبر نه آهي، هي افسانو دل تي ايڏو اثر ڇو نه ڪري سگهيو! +”هو ديوتا آهي“- ڪمل پياسيءَ جي لکڻيءَ کان ته مان اوئين ئي گهڻو متاثر آهيان، پر سندس هي افسانو پڙهي مان کيس ادب جي بلندين تي تصور ڪريان ٿي. ڪنهن کي سمجهڻ ڪا سٿري ڳالهه نه آهي: مگر ڪمل ڀاءُ ته عورت ۽ مرد ٻنهي جي فطرت کي عيان ڪري ڇڏيو آهي: عورت ۽ مرد جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو اٿس. اگر مرد کي (ديوتا) بنايو اٿس، ته شايد عورت کي ’ديوي‘! پڙهندي سمي ائين ئي لڳو ته پرستان جو سير ڪري رهي آهيان! سندس جملا ڪهڙا نه وڻندڙ آهن- هڪ هڪ اکر ۾ ڄڻ ته هيرا پوتا ويا آهن1 سڄو افسانو ڄڻ ته املهه ماڻڪن جو هار آهي. مون کي ته هي افسانو ڏاڍو وڻيو. +غلام ربانيءَ جو افسانو پڙهيم- ”الا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي!“ افساني جو عنوان پڙهڻ شرط ساري افساني مان واقف ٿي وِيس- ڄڻ مون کي اڳي ئي خبر هئي ته ان ۾ ڇا هوندو- ۽ سچ پچ اُهوئي هو، جيڪو منهنجي ذهن ۾ اهو عنوان پڙهي آيو هو. افسانو پنهنجيءَ جاءِ تي تمام ٺيڪ آهي، مگر هڪ ڳالهه عرض ڪنديس: جنهن ساده لوحيءَ جو مظاهرو رباني صاحب پنهنجي افساني ۾ ڪيو آهي، ان جو حقيقت ۾ هن دور سان ڪوبه واسطو نظر نٿو اچي. اها ساده لوحي ته گهڻو اڳ جي آهي. هن دور ۾ ڪم از ڪم مان ته نٿي سمجهي سگهان ته ڪو ائين ٿيندو به هوندو! ڇاڪاڻ ته ٿوريءَ ڳالهه تي به ڳوٺن وارا ممڻ ايڏو ٿا مچائين، جنهن جي ڪا انتها ڪانه آهي- خون به ٿي پوندا آهن. توهان ائين نه سمجهيو ته منهنجي دل ۾ ڳوٺاڻن لاءِ محبت نه آهي- منهنجي دل ۾ پنهنجن ڳوٺاڻن ڀائرن لاءِ محبت جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي: مگر منهنجو مطلب آهي ته اهو ڪي لکجي، جو اڄ اسان سڀني جي اکين آڏو هجي. هونئن افسانو تمام سٺو آهي: حقيقت کان ڪي قدر ويجهو، ۽ گهڻي قدر پري! +”تاري اُجهام گئي“ سرائڪيءَ جو افسانو آهي- منهنجي سمجهه کان ته پري آهي. +”ساڍا ٽي آنا“ منٽو جي اڙدو افساني جو ترجمو آهي. اُڙدو ادب ۾ مان منٽوءَ کي مصور ڪري ڪوٺيندي آهيان. هو پنهنجي افسانن ۾ اسان جي، عوام جي، ملڪ جي مالڪن جي- غرض ته ساري معاشري جي مصوري ڪري ٿو: هو پنهنجي طرفان ڪجهه نٿو لکي، بلڪ جو ڪجهه ڏسي ٿو ان جو فوٽو ڪڍي اسان جي سامهون رکي ٿو، ۽ پڙهندڙ فوٽو ڏسي پاڻ ئي فيصلو ڪري ٿو ته فوٽو ڪيئن آهي. سعادت حسنن منٽو اڄ هن دنيا ۾ موجود نه آهي، مگر سندس ڪامياب لکيتون اڄ به اسان کان داد گهرن ٿيون. علي بخش ميمڻ ب�� قابل مبارڪباد آهي، جنهن افساني جي زينت نه وڃائي، بلڪ ان کي تمام سٺيءَ طرح پيش ڪيو. ”ساڍا ٽي آنا“ منٽوءَ جو ڪامياب افسانو، ۽ علي بخش ميمڻ جو سٺو ترجمو آهي. +”لاهي چاڙهي“، ڀيڻ ثميره زرين جو ترجمو ڪيل، پڙهيم. خوب، - مگر جيئن ته اڳ ڪيترا دفعا پڙهيل آهي، ان ڪري خاص سٺو نه لڳو. +”هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه“ ۾ هن دفعي علي بخشُ سراج کان گوءِ کڻي ويو: ”تون به ...“ کان هن دفعي ”سوڙ“ وڌيڪ سٺو هو. سراج جو پنهنجو افسانو ڪيترن ڏينهن کان ”مهراڻ“ ۾ نه آيو آهي. خبر نه آهي ڇو، هو گهڻو ڪري ترجمي کي پنهنجيءَ تحرير تي ترجيح ڏئي ٿو. +نظم جو حصو به پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي، مضامين به معلومات سان پُر آهن: غرض ته هن دفعي جو پرچو اڳي کان اڳرو آهي. +توهان جي ڀيڻ، رشيده ”حجاب“، شهدادپور، سنڌ. +(3) +- ڀاءُ ايڊيٽر، السلام عليڪم، ”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو آخري پرچو هٿن ۾ آهي. ”گذارش“ مان معلوم ٿيو ته هن کان پوءِ ”مهراڻ“ جا نوان ايڊيٽر جناب ڊاڪٽر دائودپوٽو ۽ جناب سيد حسام الدين راشدي ٿيندا. ٻئي صاحب پنهنجي سر وڏا اديب ۽ پارکو آهن: اُميد ته هو ”مهراڻ“ جي معيار کي اڃا به اعليٰ بنائيندا، ۽ سنڌي عوام جي پوري پوري ترجماني ڪندا. مهراڻ جي اڳئين ايڊيٽر، جويي صاحب، پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ”مهراڻ“ کي جنهن نموني اوج تي پهچايو ۽ عوام جي پوري پوري رهنمائي ڪئي، سا ته سدائين ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي. +ادا، نظم ۾ گوورڌن محبوباڻيءَ جو نظم ”سرمائيداري“ گهڻو پسند پيم. گوورڌن ته آهي ئي عوام جو شعار – چوي ڇا ٿو: +”دم ڄاڻ گهُٽيو تنهنجو ظالم! ٿي ويندي تنهنجي نبض ڍري، +مسڪينن ۽ مزدورن جي قدمن ۾ پوندا محل ڪري!“ +”نياز“ همايونيءَ جي نظم ”پڙلاءُ“ لاءِ کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ”تنوير“ به ”اچو ته ڳايون“ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي- ڏاڍو جوش اٿس! +”بيدم“ جو ”سوال“ به سوچ ٿو گهُري- +”سندءِ دنيا جي رونق ڪوڙ، ڪچ ۽ بيوفائي ٿي، +ته مون کي ڇو بنايئي باوفا، همدرد ۽ همدم؟ +۽ ڇو تنهنجن ئي ويرين کي ڪيو تو ملڪ جو حاڪم، +دغابازن سان جي ڀرپور هيءَ تنهنجي خدائي ٿي؟“ +”بشير“ جو ”سئيز“ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جا شاعر هاڻي بين الاقوامي مسئلن کان به متاثر ٿيڻ لڳا آهن- ائين هئڻ به کپي. سُڳن آهوجا جو ”لڙڪ هڪ، جو تنهنجي ڳل تي مون ڏٺو“ ۽ ”رشيد“ لاشاريءَ جو ”مجبوريءَ جو نتيجو“ به سٺا نظم آهن. آزاد نظم ۾ شمشيرالحيدريءَ جا ”مشورا“ دل سان لڳي آيا. اميد ته هو آئيندي به اهڙا مشورا ڏيندو رهندو. رباعيون سڀ سٺيون آهن. ادب لطيف ۾ ”آواره“ جو ”سوال“ به معقول آهي. مجموعي طرح، نظم جو حصو معياري ۽ وزنائتو آهي. +افسانا سڀ، ’فسڪلاس‘ آهن. رشيد آخوند جو ”ڍونگ“ سماجي غربت جو اثرائتو نقش آهي. واقعي ڪي پاڙيسري اهڙائي آهن، جو پاڙي ۾ ڪنهن سان همدردي ڪرڻ ته بجاءِ خود، اٽلو انهن جي زخمن تي لوڻ پيا ٻُرڪيندا- ٻئي جي جيئڻ ۾ به ارها! جمالي جي ماءُ ٿي بيماريءَ سببان کنگهي، ته پاڙي واري مائي ٿي چويس: ”اي جمالي جي ماءُ، اهو تال تيتال بس ڪر!“ ڀلا، آسودن کي ڪهڙي خبر ته غريبن تي ڇا ٿي گذري: اهي واقعي بيمار آهن، يا ’تال تيتال‘ ٿا ڪن پاڙا نبين کي پرتا آهن! پاڙي جو ننگ وڏو آهي- هڪٻئي جي همدردي ته ڪرڻ ئي کپي! +ربانيءَ جي افساني ”آلا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي“ کي افسانو نه، بلڪ شاهڪار ئي چئجي. ڪهڙي نه گندي ذهنيت آهي اسان جي اڳواڻن جي: ڪنهن دل واري کڻي ڪڏهين عوام جي فائدي ۾ ڳالهائي وڌو، ته بيهي مٿس چٿرون ڪندا- ”ماٺ ڪري ويهه…! وڏو ��يو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد…!“ رب پاڪ ڪا ساڃهه ڏئين، غريبن جو رت ئي پي ويا آهن1 جهڙو تهڙو اَجهو ته هرڪو لهڻي، سو جهوپڙيون به جهوريو رکن- +”بلڊوزر کي اشارو ٿيو، بلڊوزر جي مشين ۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا. جهوپڙيون ڏڪڻ لڳيون، ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا. عورتن اوڇنگارون ڏنيون، ٻارن سڏڪا ڀريا. بلڊوزر اڳتي وڌيو- اڃا به اڳتي وڌيو … ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان ٽڪريو … کڙکڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي: انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو! +”بلڊوزر اڳتي وڌندو رهيو، جهوپڙيون ڪرنديون رهيون… ۽ آخر بلڊوزر اچي آخرين جاءِ وٽ پهتو… ان جي فولادي ڦيٿن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا- اڳيان مسجد هئي! ڪنهن جاهل جي جهوپڙي ڪانه هئي؛ ڪنهن جهنگليءَ جو آکيرو ڪونه هو، جنهن ۾ مائن جي مرڪ ۽ معصومن جا ٽهڪ هجن- اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي، … پر بلڊوزر جا پير اڳتي وڌي ڪونه سگهيا ……!“ +هڪ انسان جي دردمند دل جي پڪار آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تن من ۾ طوفان اچيو وڃي،… مون کي ته اهو افسانو ڏاڍو پسند آيو. باقي افسانا به معياري آهن. سنڌيءَ ۾ اسان جي افساني نگارن جون ههڙيون لکيتون، هن فن کي گهڻو اڳتي وٺي ويون آهن. +دعا آهي ته ”مهراڻ“ جيئن پوءِ تيئن ترقيءَ جي راهه تي قدم کڻندو رهي! +- محمد دائود، بلوچ +(4) +- جناب اعليٰ، ”مهراڻ“ جا ٻه مبارڪ سال پورا ٿيا، ۽ ٽئين سال جي نئين پرچي ڏسڻ لاءِ اکيون ائين سِڪن ٿيون، جيئن عيد جي چنڊ لاءِ. ”مهراڻ“ اسان لاءِ نئين ۽ اُجهلي روشني آندي آهي، جنهن کان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ چمڪي پيئي آهي. +دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب پنهنجي ماحول ۽ اتهاس جي حالتن پٽاندر بدلجي ٿو، سو، سنڌي ادب ۾ به ٻه بنيادي انقلاب آيا آهن- پهريون انقلاب ٻي عالمگير لڙائيءَ بعد آيو. ۽ انقلاب به اهڙو آيو جو ڳالهيون ئي بدلجي ويون ۽ ڳالهين جي چوڻ ۽ ٻڌائڻ جو ڍنگ ۽ نمونو به بدلجي ويو: ٻيو انقلاب ورهاڱي بعد آيو، ۽ اهڙو آيو جو گذريل پراڻا موضوع ۽ مواد صفا بيڪار ٿي ويا؛ ادبي دنيا ۾ داخلي ۽ خارجي تبديليون اچي ويون؛ ادبي تخليق جو رنگ ڍنگ، موضوع ۽ مواد، عنوان ۽ وشي، سڀئي بدلجي ويا. درحقيقت ان تبديليءَ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ ادب جي اوسر ٿي، ۽ سنڌي زبان بلندين کي ڇهڻ لاءِ ڳاٽ ڀرڻ لڳي. پوئين تقسيم واري انقلاب جو رهبر ۽ رهنما ”مهراڻ“ ئي آهي: کڻي ائين چئجي ته ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪيل ادب، اُن انقلاب جي ڪاميابيءَ جي سچي تصوير آهي. +”مهراڻ“ جي ادب متعلق ڪجهه چوڻ ائين ٿيندو، جيئن هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ: موجوده معيار ۽ مقبوليت ئي ”مهراڻ“ ۽ ان جي اصلي مقصد جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. ”مهراڻ“ کي رنگ روپ ڏيڻ، سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ تقريباً سڀني ڪهنه مشقن هٿ هلايو آهي. ان ڏس ۾ نون لکندڙن به ڪين گهٽايو آهي. هند توڙي سنڌ جي سڀني شاعرن ۽ افساني نگارن، مفڪرن ۽ عالمن، مؤلفن ۽ مترجمن، مؤرخن ۽ محققن، ٿورو ڪي گهڻو، مڙيئي بهرو پئي ورتو آهي. مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان به شعر و ادب جون سڀئي صنفون پيش ڪيون ويون آهن. نيون طرزون ۽ نيون تحريرون به لکيون ويون آهن. نوان تجربا ۽ دنيا جي ٻولين جا ڪتاب ترجما به ڪيا ويا آهن. البت، ٻارن ۽ عورتن جي ادب ڏانهن سو خيال گهٽ ڏنو ويو آهي. ماهنامو ”گلستان“ (حيدرآباد) ٻارن جو رسالو آهي، ته به ٻارن جي ڪم جي شيءِ ان ۾ گهٽ آهي: فقط ٻارن جي تفريح جو خيال رکيو وڃي ٿو، ۽ ٻارن جي عام معلومات، مختلف نفسياتي ۽ ذهني واڌاري جهڙن اهم مسئلن ۽ ٻين ڪيترن ئي پهلوئن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ ’عورت‘ ته ڄڻ آهي ئي ڪانه. ”مارئي“ جي شايع ٿيڻ بعد البت اميد جو ترورو نظر اچي ٿو. مگر، ”مارئي“ جي اداري کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه هو پيش ڪن، سو نهايت سوچ ۽ سنجيدگيءَ سان. ”مارئيءَ“ جو مقصد فقط اهو ناهي ته سنڌي عورت کي آزادي ڏياري ۽ ان جي همت افزائي ڪري؛ پر سچو مقصد تڏهن پورو ٿيندو، جڏهن ”مارئي“ جي معرفت هر گهر جنت بڻجي وڃي: جنهن گهر ۾ ”مارئي“ هجي، ان ۾ ”عائشه“ ۽ ”فاطمہ“ جي گهرن جهڙي راحت به هجي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ”مهراڻ“ ۾ به عورتن ۽ ٻارن بابت ضروري مسئلن کي ڪنهن حد تائين جڳهه ڏني وڃي! +اوهان ڪنهن گذريل پرچي ۾ موجوده تنقيدي رويي تي اعتراض ورتو آهي. اوهان جيڪي فرمايو آهي، سو بجا آهي. ”مهراڻ“ ۽ ان جي قلمڪارن متعلق ڪيترا مضمون منهنجي نظر مان گذريا آهن، جن ۾ تنقيد گهٽ ۽ تعصب ۽ ساڙ زياده هو. اها حقيقت آهي ته اسان جو تنقيدي سرمايو، نه هئڻ جي برابر آهي. ادبي دنيا جي ان خال کي ڀرڻ لاءِ گهڻا ئي سستي شهرت جا طلبگار نقاد ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيئن ته اسان وٽ اڃا تنقيدي ادب جون صحيح راهون واضح ۽ متعين ناهن، تنهنڪري نوان تنقيدنگار، موقعي کي غنيمت ڄاڻي، غلط فائدو وٺن ٿا. ڪي ته مورڳو مذهب ۽ دين جا نعرا هڻي، پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ ظاهر ڪرڻ جي خوش فهمين ۾ مبتلا آهن. اهي صاحب جڏهن به ڪجهه لکن ٿا ته پاڻ تي اهڙو جلال ۽ مذهبي سوڳ ٿا طاري رکن، جو پنهنجي آپي کان نڪري، گارين تائين به پهچيو وڃن- بنا دير کڻي فتوا ڏيندا ته فلاڻو شاعر يا ادب ’ماديت‘ ڏانهن مائل آهي! ڪنهن تي اسلام دشمنيءَ جي تهمت، ڪنهن تي دهريت جي پرچار جو الزام. هرڪو سمجهدار انهن صاحبن جي مضمونن مان سمجهي سگهي ٿو ته ويچارن جو تنقيدي شعور ۽ فڪر تمام محدود آهي. جديد علم و ادب ۽ ان جي موجوده مسئلن ۽ مزاج، هئيت ۽ فضا. مواد ۽ اسلوب بيان جي کين ڪيتري سڌ ۽ مطالعو آهي، سو هو پاڻ به ٿا ڄاڻن: چند فرسوده لفظن جو ميڙ ٺاهي، انهن کي اجايو سجايو استعمال ڪري، ادبي دنيا ۾ پنهنجو رعب رکڻ ٿا چاهين! تعجب وري اهو آهي ته ڪيترائي اخباري ايڊيٽر به، هنن صاحبن جي منتر کان متاثر ٿي، انڌڌنڌ ۾ پيا هنن سان ها ۾ ها ملائين! +انهن صاحبن جو اهو حڪم ته ”اسان جي چوڻ مطابق لکو!“ سو ته ادب مان ايجاد ۽ افاديت کي يڪسر ختم ڪري ڇڏيندو. فنڪار کان سندس طبعي ميلان کسڻ هڪ بي انصافي آهي! +خلوصڪار، مينڌري ع. سعادتي +(5) +- ايڊيٽر ڀاءُ، ڳچ ڏينهن ٿيا جو مون کي هڪ ويجهي عزيز ”مهراڻ“ جا سڄا سارا ٻه پرچا کڻي ڏنا- چيائين، ”هي پڙهي ڏسجان“. اڙدوءَ جا ڪتابڙا ۽ رسالا ته مون به کوڙ پڙهيا آهن، سو هٻڪ بنهه نه ٿيم، پرچا وٺي هٿ ڪيم. سچ ته ان ڏينهن سڪول کان اچي جيئن ”مهراڻ“ کوليم، تيئن وڃي ڇيڙو ڪيومانس. اوهين چوندا ته پوءِ پَڪ هن مائيءَ ”مهراڻ“ کي اصل سمجهيو ئي ڪونه هوندو! ٿي سگهي ٿو ته اوهين هڪ ڇوڪريءَ کي ايترو سمجهُو به خيال نه ڪندا هجو ته ڪو هوءَ اوهان جا مضمون ۽ ڪهاڻيون رڳو سمجهي به سگهي ته آخر لکڻ واري ڇا لکيو آهي. پر ، ان وقت ئي مون کي بنهه اچي اهو خيال ٿيو ته ڇو نه آءٌ به اوهان کي ههڙيءَ عمديءَ مخزن ڪڍڻ تي مبارڪ جو خط لکان. اهو ته رڳو خيال آيو، پر جڏهن پنهنجي ان عزيز سان اهو ذڪر چوريم، ته کِلي ويٺو! چي، ’مهراڻ‘ کي مبارڪ، ۽ سا به سکڻي! گهٽ ۾ گهٽ ٻيو جي نه، ته به جيڪي منجهس پڙهيو اٿئي، ان بابت ڪا راءِ ئي کڻي موڪل!“ +ڀاءُ، منهنجو ته مبارڪ موڪلڻ وارو خيال به ويو ختم ٿي- دل ۾ چيم، ’ههڙن ماڻهن کي، جيڪي هيڏا قابل آهن ۽ ايڏو سارو پرچو پيا ڪڍن، تن کي منهنجي راءِ جي به ڪا درڪار ڪيئن ٿي پئجي سگهي!‘ انڪري مرڳوئي سڀ ڳالهيون کڻي دل ۾ رکيم- ۽ اهو ڪاغذ جنهن تي ٻه چار ڳالهيون درج ڪيون هيم، سو به اتي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيم. پوءِ وري پنهنجي هڪ سهيلي مليم، - ان سان جا ڳالهه ڪيم، تنهن مون کي ڄڻ سڄي ڳالهه سمجهائي ڇڏي. سچ ته اسان عورتن کي مرد اصل بيوقوف بنائڻ جو ڪو ٺيڪو کنيو ويٺا آهن. سهيليءَ ٻڌايم ته ”مهراڻ“ ۾ انهيءَ پنهنجي عزيز جو هيستائين هڪ حرف به ڪونه ڇپيو اٿن،- سو تنهنجو لکيل ڪو هڪڙو لفظ به ’مهراڻ‘ ۾ ڇپجي ويو ته پوءِ سندس هوشياري ته ٿي پوندي پڌري- ان ڪري پيو تو کي روڪي ۽ ٽوڪي!“ اهو ٻڌي، مون کي به سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. پر ان ۾ ڇا آهي؟ ٿي سگهي ٿو، منهنجا هي لفظ به ڪٿي پهچي وڃن رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾! ڪجهه به ٿئي- ڀل ته اوهين منهنجي خط کي پڙهو به نه- پر هڪ دفعي ”مهراڻ“ بابت هي خط اوهان جي دفتر ۾ ضرور پهچائڻو اٿم. +ڊپ کان دريون دروازا بند ڪري، پوءِ هيءُ خط لکڻ ويٺي آهيان- متان سچ پچ وري به ڪو اچي روڪيم، يا وري منهنجي هنن آڏن اُبتن ويچارن کي ويتر منجهائي، ڌيان ڦيرائي ڇڏي. +”مهراڻ“ جو هڪڙو ’سرءُ نمبر‘ هٿن ۾ اٿم ۽ ٻيو سال 1956ع جو آخري نمبر اڳيان رکيو آهي. جڏهن سرءُ جي اها ڪيفيت آهي جو دل ۾ سمائجي ٿو وڃي، ته سندس بهار ته خبر نه آهي ڪيترن کي گهائي وڌو هوندو! ايڏي ساري محنت اوهان کان ڪيئن ٿي پڄي! گهڻا ڄڻا آهيو، ڀاءَ؟ ان ڪم جو بار، منهنجي ته دل ائين ٿي چيو ته سڀني سنڌين تي سَرکو آهي. ڀانيان ٿي، ضرور هن راهه تي اوهين اڪيلا بنهه ڪين آهيو: هيترا سارا ليکڪ، شاعر، علم جا خيرخواه ۽ عام جا گهڻگهرا ته واري سان پيا ”مهراڻ“ جي موج ۾ سوايو اضافو ڪن،- تڏهن به ايڏي ساري ڪم کي هڪ هنڌ اهڙي نموني سان سينگاري سنواري جابجا بيهارڻ ۽ پيش ڪرڻ جي هن عظيم جوابداريءَ ۾ اوهان به ڪو مثال قائم ڪيو آهي! جس هجيوَ، ڀاءُ- سڄو رسالو سون آهي!- پر ڀاءُ، هڪڙي ڳالهه سا مون ڏٺي آهي هن رسالي ۾، ان لاءِ مون کي ٻيو ته ڪي چوڻو ڪونه آهي- نڪي اوهان اڪابرن کي ڪا منهنجي راءِ جي حاجت هوندي- پر ڀيڻ مينڌري سعادتيءَ جي خط بابت ڪجهه لکڻ ٿي چاهيان، سو اُها موڪل ملي، ۽ ڀيڻ سعادتيءَ کي دل ۾ نه ٿئي، ته جيڪر آءٌ سندس هڪ خط بابت سوال ڪريان، جنهن ۾ هن سنڌي ادب ۾ اضافي آڻڻ لاءِ اوهان کي صلاح ڏني آهي ته سعادت حسن منٽوءَ جا خاص فلاڻا فلاڻا افسانا ترجمو ڪري ”مهراڻ“ ۾ ڏجن ته جيڪر ڏاڍو چڱو ٿئي. +ڀيڻ سعادتيءَ سان غائباڻي واقفيت به اجهو ”مهراڻ“ وسيلي ٿي اٿم. شايد ڪڏهن روبرو به ملي، ته اهي ئي ساڳيا سوال کانئس روبرو به پڇنديس؛ پر جڏهن ته اوهان به ان جون صلاحون ٺيڪ ڄاڻي کڻي حرف بحرف ڇپي پڌريون ڪيون آهن، ته پوءِ ڪجهه اوهان به خواب ضرور ٺاهي رکيو هوندو! +ڀاءَ، ڀلا ڀيڻ مينڌريءَ جو ائين لکيو آهي ته منٽوءَ جا افسانا ”دهوان“ ۽ ”ڪالي شلوار“ وغيره ”مهراڻ“ ۾ اچڻ کپن، سا ڳالهه ٺيڪ آهي؟ آءٌ هي اِن خيال کان ڪانه ٿي چوان ته ڪو اُهي افسانا بڇڙا آهن، تنهنڪري مورڳو پڙهڻ ئي نه کپن- ڪهڙا به آهن، ته به فن ۽ حقيقت موجب ٺيڪ آهن: پر آءٌ ته ائين ٿي چوان ته هڪڙي سنڌي عورت پئي پنهنجي دل ڏيکاري! چوي ٿي: +”اهو ڏاڍو سٺو ٿيو جو اوهان ترجما ٿيل افسانا به شايع ڪيو ٿا- اڃا به چونڊ ڪري، بهتر هٿ ڪيو. اردوءَ جي عظيم افساني نگار منٽوءَ جي افسانن ’نيا قانون‘، ’هتڪ‘، ’ممي‘، ’دهوان‘ ۽ ’ڪالي شلوار‘ جا ترجما پيش ڪيو ته بهتر.“ +ڀلا ائين ڇو لکيائين؟ اردوءَ جا ’عظيم‘ افساني نگار ته ٻيا به گهڻا آهن- انهن ��ا نالا به ڳڻائي ها. يا وري اگر هوءَ رڳو منٽوءَ جي ئي عظمت کي ٿي مڃي، ته پوءِ فقط ائين کڻي لکي ها ته ”اردوءَ جي عظيم افساني نگار منٽوءَ جا افسانا ترجمو ڪري پيش ڪرڻ کپن.“ باقي، چونڊي چونڊي ههڙن افسانن جي صلاح ڏيڻ، سو ته ٿيو هڪڙيءَ عورت جو پنهنجو پاڻ پسائڻ. وري اِن ڳالهه جي ثابتي اِن مان ٿي ملي، جو لکيو اٿس ته ”منهنجي خط کي ضرور شايع ڪندا، جو اميد اٿم ته ’سڄيءَ سنڌ‘ ۾ ان کي پسند ڪيو ويندو!“ پاڻ ته اڳي ئي پڙهي چڪي آهي، سو ٻيهر اهي افسانا کيس ڳولي ڏيڻ جو سوال ئي ڪونه آهي؛ پر ٻين کي جو پنهنجي اها پسند ٿي ڏيکاري، سو اِن مان سندس مراد ڇا آهي؟ هيءَ الائي ڪهڙي قسم جي عورت آهي- سابه سنڌي عورت! +ڀاءُ، هاڻ ته اِلاهي لکي وئي آهيان. چوڻو ته گهڻو ڪي هوم، پر وري ٻئي دفعي. پر، آءٌ ته ائين ڪانه ٿي چوانوَ ته ’منهنجو خط ضرور شايع ڪندا، جو ان کي سڄيءَ سنڌ ۾ پسند ڪيو ويندو!‘ پڙهي، پوءِ کڻي ڦاڙي به ڇڏيندا، ته چونديس منهنجو لکڻ سجايو ٿيو. جي اوهان هن خط جو جواب ڏنو، ته پوءِ پڪ سان وڌيڪ ڳالهيون جيڪي ”مهراڻ“ ۾ پڙهيون اٿم، تن بابت لکندي رهنديس. ائڊريس اوهان جي جواب لاءِ خط جي هيٺ لکي اٿم. چڱو ڀاءُ. موڪلاڻي. +- حميده ڪي. بخاري، حيدرآباد، سنڌ. +[”مهراڻ: اونهارو، 1956ع] +(1) +- محترمي، داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ آڻي هتان ڪڍيو آهي. هتي اچي خيال ڪريان ٿو ته اسان جي ماٺي سنڌ ساگر ۾ ڪيڏيون نه لهريون اٿيون آهن، جو پنهنجا ڪک ڇڏي هتي پهتا آهيون. +مهراڻ جا ڪپر وري پيا ياد پون. پنهنجي سنڌوءَ سان ڪا راوي پهچي سگهندي! راويءَ جيترو ته اسان جو اڀرندو نارو آهي. سنڌي دليون به ايتريون ئي ڪشاديون آهن. +هتي آيس، ۽ پنجاب جي آفيسرن جا مريءَ جا سير ٻڌي، آءٌ پاڻ به وڃي اتي نڪتس. هتي قدرت جيڪڏهن مريءَ کي بڻجڻ جو موقعو ڏنو آهي، ته گورنمينٽ به واهه جو سڌاريو اٿس. اسان جي سنڌ جا انجنيئر اسڪيمون گهڻيون ئي ٺاهي سگهيا، مگر افسوس جو گورنمينٽ وڙهڻ ۾ پوري هئي. جيڪڏهن سنڌي انجنيئرن جون اسڪيمون – دائو ڊئم ٿاڻي بولا خان وٽ، گاج ڊئم جوهيءَ وٽ، ۽ ٻيون به ڊزن کن ڊئمن واريون اسڪيمون – چالو ڪري ڇڏين ها، ته ڏهن سالن اندر اندر اسان جا کير ٿر ۽ پٻ جبل به ساوا چهچ هجن ها - ۽ اسان جي سنڌ کي به مريءَ جهڙا ڏاڍا سٺا تفريحي مڪان ميسر هجن ها. +پارٽيبازين ۾ اچي ويچاري سنڌ ائين جو ائين رهجي ويئي. هاڻي انهن ٺوٺ جبلن کي سرسبز ڪرڻ جو وارو شايد ئي اسان جي زندگيءَ ۾ اچي، ۽ اسان جي سنڌي انجنيئرن جون اُهي رٿون ائين ئي سرا کائي ويندا. +ادا، معاف ڪج – نه ڄاڻ نه سڃاڻ، الائجي ڇا لکي ويو آهيان! ”مهراڻ“ جي خدمتگارن سان سور نه سليان، ته ٻيو وري ڪنهن کي چوان. اسان جا هموطني ته هتي وڇوڙي اڌ مئا ڪري وڌا آهن. +- اوهان جو، سائينداد سولنگي، لاهور. +(2) +- لنڊن ۾ مهراڻ جي تحفي ملڻ کان نهايت گهڻي خوشي ٿيم، ۽ ائين پئي ڀانيم ته ٻن سالن بعد وري سنڌ ۾ ويٺو آهيان. ڀاءُ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي مضمون ”تون پڇين ٿو، آءٌ ڇو اداس آهيان“ دل تي ڏاڍو اثر ڪيو، ۽ ساڳيون ڳالهيون ڄڻ ته پاڻ سان پئي ٺهڪايم – پر فرق اهو هو ته مون کي ترت واپس موٽي ساڳين هنڌن کي ڏسڻ ۽ ساڳين دوستن کي ملڻ جي اميد آهي، ۽ هنن ويچارن لاءِ ”ويا جي هنگلور، سي ڪرم ملندا ڪاپڙي!“ وارو قصو آهي. +اوهان پنهنجا تاثرات مضمونن جي صورت ۾ موڪلڻ لاءِ لکيو آهي. ننڍپڻ جي زماني ۾، مون کي ناولن ۽ رسالن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق ۽ چاهه هوندو هو (۽ ڪنهن حد تائين اڃا به قائم آهي)، ۽ مون کي ياد آهي ته ”گلزار چنبيلي“ نالي هڪ نهايت نصيحت آميز ڪتاب ۾ ”ڪليله ۽ دمنه“ جي گفتگو جي صورت ۾ زماني ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي تبصرو ڪيل هو. ان ڪتاب جي هڪ حصي ۾ ”سير و سفر“ جي سلسلي ۾ نهايت موزون نموني ۾ سمجهايل هو ته ”بغير سفر جي تجربو حاصل ڪرڻ محال آهي، ۽ آدمي هڪ بيٺل پاڻيءَ برابر آهي، جو جلدي لڙ بنجي پوي ٿو“ . . . . . ”سير وا في الارض“ جي معنيٰ به هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ سچ پچ ته ڏيڏريءَ واري تلاءَ مان نڪري، هن اٿاهه ساگر ۾ اچي جيڪي اکيون کلن ٿيون، تن تي حيران نه ٿيڻ ناممڪن نه، ته به محال ضرور آهي! +عدم فرصتيءَ سبب في الحال ته ڪجهه لکڻ مشڪل آهي، پر ارادو آهي - ۽ ڌڻيءَ پاڪ توفيق ڏني – ته واپس وطن پهچي پرايل تجربي جو صحيح استعمال ڪريان. پوءِ جيڪڏهن هيءَ منهنجي ناچيز زندگي پنهنجي عزيز وطن وارن کي ڪنهن ڪم آئي، ته هي وڇوڙا ۽ تڪليفون تڇ سمجهندس. دعا ڪندا! +- ڊاڪٽر صالح ميمڻ، لنڊن. +(3) +- سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ شايع ٿيندڙ ”مهراڻ“، سِہ ماهي مخزن، وقت بوقت نظر مان ڪڍندو اچان ٿو. سندس هر هڪ نئون پرچو، گذريل پرچن کان هر ڏس ۾ وڌيڪ سڌاريل ۽ وڌايل نظر ۾ ٿو اچي. منجهس عالمن، فاضلن ۽ اديبن جا، بلند پايه شعر، نصيحت آميز ۽ اخلاقي آکاڻيون، معلوماتي، هدايتي ۽ تعليمي مضمون درج ٿين ٿا، جي ادبي شائقن جي ادبي اُساٽ مٽائين ٿا. کوجنا وارا ليک ته جنسي ساهه سان سانڍڻ جهڙا ڇپجن ٿا. +”مهراڻ“ مخزن جي ڇپائي، سٺائي، بيهڪ ۽ نمونو، اعليٰ مضمونن جي چونڊ، صورتخطيءَ جي باريڪ جاچ وغيره ظاهر ڪن ٿا ته ”مهراڻ“ جا بانيڪار نهايت گهڻيءَ محنت ۽ سخت جفا ڪشيءَ کان ڪم وٺن ٿا، پر ڏسجي ٿو ته ”مهراڻ“ ۾ غير سنڌي اکر، جيڪي روز مره ۽ محاوري ۾ ڪتب نٿا اچن، سي حد کان وڌيڪ ٿا واپرجن. ”مهراڻ“ جا بانيڪار البت وڌيڪ ڪوشش وٺي، اهڙن ڏکين اکرن جو واهپو گهٽائين، ته پڙهندڙن لاءِ گهڻي سولائي ٿي پوي. سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪارن جي خذمت ۾ وڌيڪ گذارش آهي ته ”مهراڻ“ جا جيڪر ٻن قسمن جا ڇاپا شايع ٿين، ته ڏاڍو سٺو – هڪڙو اوچي پني تي (جئن هن وقت شايع ٿيندو اچي ٿو)، ٻيو هلڪي پني ته يعني اخباري پني تي. اوچي پني واري ”مهراڻ“ جي قيمت ساڳي ٺهرائجي، باقي اخباري پني واري جي قيمت لاڳت پٽاندر گهٽ مقرر ڪجي. نتيجو اهو نڪرندو، جو هر هڪ ننڍو وڏو، ٻار ٻڍو، ٻوليءَ ۽ ادب جو شائق، جو اڍائي روپيا خرچ ڪرڻ جي طاقت نٿو ساري، سو هلڪو ڇاپو خريد ڪري، سڪون پوريون ڪندو. اميد آهي ته اهڙي طريقي اختيار ڪرڻ سان، ”مهراڻ“ جا خريدار وڌندا ۽ ٻوليءَ جي تحرڪ جو آواز گهر گهر پهچندو. +- موتيرام سونيجي، بمبئي. +(4) +- مان ناسڪ ۾ پبلشر ۽ بڪسيلر آهيان، ڪافي رسالا ۽ ڪتاب هلايان ٿو؛ پر جڏهين ”مهراڻ“ ڏٺم، تڏهين اکيون ئي چرخ ٿي وييون. سنڌي سڀيتا ۽ ٻوليءَ جو سمنڊ عرف ”مهراڻ“، جڏهن اکين اڳيان آيم، تڏهن، ڪجهه يادگيريون ۽ وسريل ورق اٿلي آيا. هزارين ميل پري هوندي به، ”مهراڻ“ مون کي سنڌ ڏيکاري. مان سندس اها ئي شيوا ڪري سگهان ٿو ته ڪوشش ڪريان ته سندس خريدار وڌن. توهان کي خوشي ٿيندي ته ساري ڀارت ۾ هڪ ناسڪ آهي، جنهن ۾ اسان جي ساهتيه منڊل وسيلي، سنڌي عوام جي ايڪتا سبب، سنڌي ٻولي پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ اسڪولن ۾ هلي ٿي. +- مينگهراج ڪاريا، ناسڪ. +(5) +- جي ڪاوڙ نه ٿئي ته مان ايترو ضرور چوندس ته ”نانءِ چڙهيو واپاري کٽيو کائي، ۽ نانءِ چڙهيو چور ڦاسيءَ چڙهي“ جي مصداق ”مهراڻ“ ۾ وڏن اديبن لاءِ جڳهه آهي، باقي اسان نو آموزن کي ته ٿڏيو پيو وڃي. هن کان اڳ مون ڇتي فقير جي ڪافي موڪلي، ته اها ڪا نه ڇپي؛ مگر اهي ساڳيون ڪافيون ڊاڪٽر صاحب کي موڪليم، ته ان هٿان شايع ٿي وييون. ممڪن آهي ته مضمون وغيره سان به اها حالت ٿيندي هجي. ائين ٿيڻ نه گهرجي. آخر اسان کي به قلم آزمائيءَ جو موقعو ملڻ گهرجي. +بورڊ کي لازم آهي ته شاهه خواهه سنڌ جي ٻين اوليائن جي روضن جون تصويرون ائين ڇپائي وڪرو ڪري، جئن خواجه اجميريءَ ۽ ٻين جون آهن. +- ماستر نبي بخش منگي، سکر. +(6) +- اوهين جنهن محبت ۽ اورچائيءَ سان ”مهراڻ“ رسالو ڪڍو ٿا، انهيءَ لاءِ اوهان کي کيرون هجن؛ ڇو ته ”مهراڻ“ نه فقط اسان وڏن پرين کي پسند آهي، پر اسان جا ٻار به اها مخزن چڱي چاهه ۽ چوڄ مان پڙهن ٿا. +- چيتن ماڙيوالا، بمبئي. +(7) +- ”مهراڻ“ جي تازي پرچي ۾ علامه قاضي صاحب جو سنيهو زندگيءَ جو پيغام آهي. پير حسام الدين صاحب جيڪڏهن پارسيءَ جو ترجمو به لکي ها، ته چڱو هو؛ ورنه رڳو پارسي ڪتاب سنڌي دانن جي ڪهڙي ڪم جو؟ +- عارف الجيلاني، ڊٺڙو. +(8) +- ”مهراڻ“ اسان سنڌين جو روح آهي. مڪليءَ جو مضمون خوب آهي پر فقط سنڌي دانن لاءِ بيڪار، جيستائين ترجمو گڏ نه هجي. +- عبدالله گندرو، سونڊا. +(9) +- ”مڪلي نامه“ بهترين چيز آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي. ۽ ايم . اي. جي فارسي ڪورس تي ”پيام مشرق“ ۽ ”جاويد نامه“ رکيل آهن: ڇو نه انهن بدران ههڙا سنڌي بزرگن جا ٺاهيل ڪتاب رکيا وڃن! +- محمد بخش انصاري +(10) +- ”مهراڻ“ جي اديب صاحبن کي عرض آهي ته هو ڏکيا هندي، سنسڪرت، عربي ۽ پارسي لفظ ڪم نه آڻين. +- مراد علي خان جمالي ”مسافر“، حيدرآباد سنڌ. +(11) +- مڪرمي، ”مهراڻ“ موصول ٿيو: ”مهراڻ“ ڏسي خوشي حاصل ٿي. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ اوهان جي محنت لائق تحسين آهي. +- حضرت مولانا فضل محمد صاحب، صدر ۽ مهتمم مدرسہ عربيہ مظهر العلوم، کڏو. + + +[مهراڻ: سرءُ، 1956ع] +(1) +• معزز متر، اوهان جو رسالو ”مهراڻ“ ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ کي پوني ۾ ملندو آهي؛ اوهان جي مهرباني مڃي ٿو. مون کي چيو اٿس ته مان اوهان کي سندن ماهوار رسالو ”سنت مالا“ موڪليان. +وري وري پياريءَ سنڌ جون يادگيريون اسان جي دلين اندر اٿنديون آهن. وطن جي وِرهه ورو ور اندر ۾ اُڪيرون اٿاري ٿي- شل اها اُڪير، اها حب، من اندر هميشه تازي رهي! سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي دعا ۽ سلام ڏجو. +شل ”مهراڻ“ وڌي، ويجهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شيوا ڪري! +- آتما واسواڻي، پونو. +(2) +• محترمي، السلام عليڪم: سال گذريا قلم ڪونه کنيو اٿم. اڳ لکڻ فقط ”سنڌوءَ“ تائين محدود هو. ٿورو گهڻو ”تعليم“ اخبار ۽ هڪ اڌ ٻئي پرچي کي ڏيندو هوس، سو به بند ڪري ڇڏيوهوم. ”مهراڻ“ جي ٻئي دور وري ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ آماده ڪيو. مهيني سوا کان ڇهون پرچو (2-1956ع) مطالعي هيٺ آهي- ور ور ڪيو پيو پڙهان. توهان ته روز افزون ڪوشش ڪريو ٿا: توهان ته وسان ڪونه ٿا گهٽايو، پر جيڪو مواد ملندوَ سوئي عام اڳيان آڻيندوَ. اها سموري جوابداري اديبن ۽ مضمون نگارن تي آهي. مون کي آزمودو آهي ته ”سنڌو“ رسالو جڏهن ’ميان جي ڳوٺ‘ مان نڪرندو هو، تڏهن اُن وٽ به ڪيترائي اهڙا مضمون ايندا هئا، جي قابل اشاعت نه هوندا هئا- ته به مجبوراً اُنهن کي ٽنبيو ويندو هو. آءٌ مسٽر راجپال کي چوندو هوس ته ”ائين ڇو ٿا ڪريو؟“ چوندو هو ته ”ڇا ڪجي! هڪ ته سنڌ ۾ اديبن جي اڻاٺ آهي، وري جيڪي چڱا ليکڪ آهن، تن کي يا ته فرصت ڪانهي، يا ته سستيءَ ڪري مس مس ٻه اکر ٿا موڪلين، انهن حالتن هيٺ، اسان وٽ جيڪو مواد هوندو، سوئي پيش ڪنداسين: ڇاڪاڻ ته پرچو به وقت اندر ڪڍڻو آهي، نه ته شڪايتن جا ڍڳ اچي ٿا گڏ ٿين!“ سندس اهو چوڻ بلڪل س�� هو. آءٌ ڏسندو هوس، مسٽر شيوا رام لالا جهڙو اديب به پنهنجو مسودو صاف ڪري نه موڪليندو هو- انهيءَ ’رف‘ تي درستيون، ۽ مسودو به پينسل سان لکيل هو. وقتي وٽس ته مواد ئي ڪونه هوندو هو، ان ڪري پرچو مجبوراً ليٽ ڪرڻو پوندو هوس. مارچ 1937ع ۾ ته وٽس ڪوبه مضمون ڪونه هو؛ البت ڪي ترسايل افسانا فائيل ۾ پيل هئس: اهي ۽ ٻه افسانا مون کان لکائي، سڄو پرچو ’آکاڻي نمبر‘ ڪري ڪڍيائين! توهان سان پڻ ساڳي حالت هوندي، هڪ اديب ٿورڙا، ٻيو پرچو وڏو- ور ور ڪري لکو، تڏهن مس مس ڪجهه موڪلين. انهن حالتن هيٺ، اوهان وٽ جيڪي ايندو سو ڇنڊي ڇاڻي پيش ڪندا: پرچي جي طويل تاخير جو هڪ سبب اهو به هوندو، تنهن هوندي به، توهان اديبن ۽ مضمون نگارن کي ڌونڌاڙي ٻڌايو ته ”اوهين جيڪي به موڪليو ته سو اڳئين کان بهتر هجي.“ گهٽ معيار جون شيون سندن ئي وقار وڃائينديون، باقي ”مهراڻ“ جي موج ڪانه گهٽبي؛ البت ڪڏهن تار وهندو، ڪڏهن تري ۾. +اوهان گذارش ۾ جيڪي لکيو آهي، سو بلڪل صحيح آهي- خاص ڪري ”هڪڙن جون پري کان بيٺلن …… هارجيو وڃي.“ هڪڙا چوندا ته سندن ڪائو به موتي ٿي وڃي؛ ٻيا وري چوندا ته ”اوهان ڏيو ڇا ٿا، جو اوهان جون بيگرون وهندا وتون!“- کٽيو کائي کتيجان، ڌڪ جهلي ڌيڻس- ان ڪري اوهان جي دل برابر هارجي ويندي…… دل نه هاريو، ”مهراڻ“ بفضل خدا روز افزون ترقي ڪندو رهندو! +- محمد عظيم وڪڙائي، پوسٽ چوڏهيو، شڪارپور سنڌ. +(3) +• ادا سائين، اوهان تي رب جي رحمت هجي! +ڪيتري وقت کان مس مس پياري ”مهراڻ“ جو ديدار نصيب ٿيو. ”مهراڻ“ جي جدائيءَ ۾ ڪيترو وقت اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوي ٿو؛ پوءِ ملڻ سان ايتري ته خوشي حاصل ٿئي ٿي، جيتري هوند ڪنهن عاشق کي محبوب جي وڇوڙي کان پوءِ، وصال مان ٿيندي هجي. ملڻ کان پوءِ، جيترو وقت بچائي سگهيو آهيان، ته کيس پڙهندو ئي پڙهندو رهيو آهيان- تان جو سڄو پڙهي پورو ڪيم. نه ڄاڻان ڪيترو لطف آيو هوندو. ڪيترو سوچيو ۽ سمجهيو هوندم، ۽ ڪيترو پرايو ۽ پرکيو هوندم: مطلب ته هڪ اٿاهه سمنڊ آهي! +اوهان جي گذارش مخالفن ۽ نقادن کي سنجيدو، سهڻو ۽ سنئون جواب آهي، پر شل هو مسلمانڪي، هندڪي ۽ اشتراڪي نظر سان نه، پر ’سنڌي‘ نظر سان ڏسن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي ۽ عروج خيال ۾ آڻي، ”مهراڻ“ پڙهن. +”سانگيءَ“ جون ”يادگيريون“ بيشڪ هڪ لافاني شي آهي. ’سانگي‘ سنڌيءَ جو هڪ بهترين شاعر هو؛ پر اڃا تائين اسان ڏانهنس توجهه ڪونه ڏنو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن بورڊ ’سانگيءَ‘ جون سموريون تصنيفون سهيڙائي ’ڪليات سانگي‘ ڇپارائي! +بيتن ۾، جيڪي ئي بيت آيل آهن، سي سراسري سڀ سٺا آهن؛ سپڪ ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ ڪم آڻڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي، پر جيئن ته پڙهيل ۽ عروضي شاعرن جا چيل آهن، انهيءَ ڪري ڪنهن قدر بناوتي پيا لڳن. بيت چوڻ لاءِ ضروري آهي ته سگهڙن، سالڪن ۽ راڳيندڙن جي ڪچهرين ۾ شاعر گهڻو اٿيو ويٺو هجي؛ تڏهن به سنڌي شاعرن جو هي قدم نهايت ئي مبارڪ ۽ لائق صد تحسين آهي. سنڌي قوم کي هرڪو پنهنجو فن آهي؛ انهن کي وسارڻ ٿيندو، پنهنجو عضوو وڍي ڦٽي ڪرڻ. +اسان جي شاعرن دوهن جي شروعات به ڪئي آهي. چڱي ڪوشش ڪئي اٿن؛ گهڻو ڪامياب ويا آهن- اها به نهايت مبارڪ ڪوشش آهي. +ڪافين ۾ ”برده“ سنڌي ۽ حافظ محمد احسن جون ڪافيون نهايت ئي پرلطف ۽ بلند پايي جون آهن. ڪافيءَ چوڻ لاءِ ضروري آهي ته سُرتار مان واقف هججي. گهڻيون ڪافيون بناوٽي پيون لڳن، سنڌي شاعرن جو هي قدم به نهايت مبارڪ آهي. مون کي ته نهايت خوشي ٿيندي آهي، جو سنڌي شاعر هاڻي پنهنجي ملڪ موٽي رهيا آهن. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن تقليد سان گڏ ان فن ۾ جدت کان ڪم وٺي، انقلابي ۽ قومي خيال به پيش ڪيا وڃن! +گيت چوندڙن پهريائين قومي ۽ انقلابي خيال پيش ڪرڻ شروع ڪيا هئا، پر هاڻي مڙوئي ٿڌا ۽ ”عيشي“ ٿي ويا آهن. دلگير جو گيت نهايت ئي اعليٰ درجي جو آهي، دلگير کي گيت تي خاصي دسترس حاصل آهي. شمشير الحيدريءَ جو ”سڏ“ واقعي قوم کي هڪ انقلابي سڏ آهي؛ ٻولي به واهه جو ڪم آندي اٿس! +لوڪ ادب جي سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ به اسان جا اهل قلم هاڻي لڳي ويا آهن. لوڪ گيتن جا قسم ڏيکارين ٿا ته اسان جو لوڪ ادب ڪيڏو نه وسيع ۽ اعليٰ درجي جو آهي. گهڻي وقت کان ڏسندو هوس ته لوڪ گيتن مان ”لوليءَ“ طرف اڃا تائين ڪنهن توجهه نه ڏنو آهي، ۽ پيو سانباهو ڪندو هوس ته عوام کي انهيءَ فن کان به واقف ڪرائجي- پر رشيد احمد لاشاري اڳ ڪڍي ويو. +نظم ۾ ”دلگير“ جو ”مهراڻ جي موج“ سڄي رسالي جي سونهن آهي. هيءُ نظم ”دلگير“ جي فن جو ڪمال ۽ عروج آهي: نه فقط ”دلگير“ جو عروج ۽ ڪمال آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ همه گيريءَ جو پڻ چٽو ثبوت، ۽ سنڌي شاعريءَ جو سهڻو مثال آهي؛ ٻولي سادي، سلوني ۽ سپڪ، حد درجي جي روانگي ۽ سلاست، پڙهڻ ۾ مزيدار ۽ ميٺاج وارو- مطلب ته جديد سنڌي شاعريءَ جو هي سڀني کان مٿاهون نظم آهي. دلگير بيشڪ کيرون لهڻيون. +شيخ اياز جو ”توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!“ هڪ اعليٰ درجي جو قومي نظم آهي. ههڙن شعرن جي هن وقت سخت ضرورت آهي، جي قوم ۾ قومي روح ڦوڪين ۽ وطن جي پيار جو احساس ڏيارين. +صالح محمد سمي جو ”مارئيءَ جي ڀيٽ“ به ٺيٺ سنڌيءَ جو نادر نمونو آهي، ۽ سنڌي لغت جي وسعت جو دليل آهي. +آزاد نظم ۾ سراج جو ”ڪراچي“ واهه جو وڻيو! واقعي ڪراچي سنڌ جو سينگار ۽ روح آهي. سراج، سنڌي قوم کي ننڊ مان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي- شل ستل سنڌي سجاڳ ٿين ۽ پنهنجو گهر سنڀالين! شيخ ”راز“ ته اڃا تائين ٻين ٻولين جي غير مروج لفظن جي پچر نٿو ڇڏي. +نين طرزن تي ڪوشش ڪرڻ به سنڌي شاعريءَ جي واڌاري جي ڪوشش آهي. ”سانيت“ تي بشير مورياڻيءَ چڱي ڪوشش ڪئي آهي- پر ڪجهه گهرجي ٿو. +رشيد صاحب ”ٻوليءَ“ جي شروعات ڪري، سندس چوڻ موجب، سنڌي شاعريءَ ۾ نئين ايجاد ڪئي آهي. ’ٻولي‘ برابر هڪ نئين ۽ مبارڪ پيشڪش آهي، پر ائين نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ”محرم لوليءَ“ جي صنف آهي ئي ڪانه. مون ڪيترا دفعا سنڌيءَ ۾ ”محرم لولي“ ٻڌي آهي. ڪنهن وقت ”سنڌي محرم لولي“ ان جي ثبوت ۾ پيش به ڪندس. ”سنڌي شلڙو“ ته عام جام ڳايو ويندو آهي، جو لوليءَ جو هڪ قسم آهي. +افسانن ۾ جمال ابڙي جو ”بدمعاش“ سٺو افسانو آهي. جمال صاحب جو افساني جي فن بابت پنهنجو خاص نظريو، هن افساني مان بلڪل عيان آهي. گندي سماج جا وکا پڌرا ڪيا ويا آهن؛ پر حقيقت کان گهڻو دور آهي. موجوده دور ۾ چور، ڌاڙيل ۽ خوني، وڏيرن جا پاليل ٿين ٿا، جي وڏيرن کي غريب هارين کي هيسائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. بهتر ٿئي ها، جيڪڏهن جمال صاحب افساني جي مکيه ڪردار کان عام ڪوس، عام چوري ۽ ڌاڙي جي بجاءِ، ظالمن ۽ جابرن سان وڙهڻ جو ڪم وٺي ها. باقي ٻولي، محاورا ۽ اسلوب بيان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جمال، افساني جي خاص لکڻيءَ جو مالڪ آهي، جا نهايت وڻندڙ، جازب ۽ مروج ٻوليءَ ۽ محاورن تي مبني آهي. جمال جهڙي لکڻي اڃا تائين ته ڪنهن کي نصيب ڪانه ٿي آهي. +موهن جو ”ڦيرو“ به اعليٰ درجي جو افسانو آهي. سنڌي قوم هڪ غيرتمند قوم آهي. هن افساني ۾ سنڌين کي غيرت جو احساس ڏياري، کين سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي، جو مزورن کي ويڇا وساري هڪ ٿي وڃڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي- حقيقت ۾ ”ايڪو“ سڀ لاءِ سٺو آهي. +هريڪانت جو ”غفور“ هڪ ڪامياب افسانو آهي. ماڻهن ۾ انسانيت پيدا ڪرڻ لاءِ ههڙن افسانن جي سخت ضرورت آهي. جيستائين انسان، انسان ئي نه ٿيو آهي، تيستائين مذهبي ڪيئن سڏي سگهبو؛ ڇاڪاڻ ته سڀني مذهبن جي شروعاتي تعليم ’انسان بنجڻ‘ جي آهي. +”سراج“ صاحب جو ترجمو ڪيل ڊرامو به هڪ سٺي ڪوشش آهي. اڪبر دنيا کي محبت، پيار ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو هو؛ ان جي وسارڻ کان پوءِ ئي قوم ۾ نفاق پيو، جنهن جي نتيجي ۾ آخر غلام بنجي ويئي. شال، اسان جي قوم کي ساڃاهه اچي، ۽ انهيءَ پيغام تي عمل پيرا ٿئي! +اوهان ”لوڪ ڪهاڻيءَ“ جي شروعات ڪري، سچ پچ سنڌي ادب جي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏيئي رهيا آهيو. هاڻي گهڻن کي ريس ايندي. ”لوڪ ڪهاڻي“ لفظ اسان وٽ مروج نه آهي. اهڙين ڪهاڻين کي عام طرح ”ڳالهه“ چيو ويندو آهي، وري ڳالهيون گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ ۾ کنيون وينديون آهن، تنهنڪري ان کي ”لوڪ ڪهاڻيءَ“ جي بجاءِ جيڪڏهن ”ڳوٺاڻي ڳالهه“ سڏيو وڃي ته بهتر ٿيندو؛ نه ته به فقط ”ڳالهه“ به ٺيڪ ٿيندو. +مضمونن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مضمون ”پارس کاڻ“ واقعي پارس کاڻ آهي. سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ڊاڪٽر صاحب جي اها تصنيف هڪ بيبها ۽ بلند پايي جي تصنيف ٿيندي، جنهن جي سخت ضرورت هئي. اسلوب بيان به نهايت سهڻو، سادو، سلوڻو ۽ علحدو اٿس. +”مهراڻ جا موتي“ به واقعي بيبها موتي آهن. اهڙن موتين سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪري سگهجي ٿو. +تبصرن ۾ ”شاعر“ تي جيڪو تبصرو ڪيو اٿو، اهو هڪ بلند پايي جو تنقيدي مضمون آهي، جنهن کي تنقيد ۾ اعليٰ درجو حاصل رهندو. تنقيد به صحيح ۽ تعميري تنقيد آهي. +”مهراڻ“ جي هڪ پرچي ۾ ”ڇتي سانگيءَ“ تي هڪ مضمون ڏنو ويو هو، جنهن ۾ نبن فقير جو ذڪر آيل هو. انهيءَ ڏس تي نبن فقير جو ڪلام ۽ احوال هٿ ڪري، هڪ مضمون لکيو اٿم، جو موڪلي ڏيڻ تي دل ٿي ٿِي، پر اوهان کي سچ ضرور چوندس ته اوهان پنهنجي سنگتين، ساٿين ۽ نام ڪٺين کان سواءِ ٻين جا مضمون ڪونه ٿا شايع ڪريو. مهرباني ڪري انهيءَ تنگ نظريءَ کي دور ڪري، هر ڪنهن کي ميدان ۾ اچڻ جو موقعو ڏيو. +- ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اوورسيئر، رتوديرو. +(4) +• پيارا دوست، اميد ته بلڪل خوشباش هوندا. +توهان جي ادبي مخزن ”مهراڻ“ ڪافي عرصي کان مون کي باقاعدي ملندي رهندي آهي، جنهن لاءِ تمام گهڻا شڪريا. مخزن مون کي بيحد وڻندي آهي، ۽ شروع کان آخر تائين دلچسپيءَ سان پڙهندو آهيان. +مان ادبي ميدان ۾ گهڻو تڻو افسانوي حصي ۾ گهڻي دلچسپي رکندو آيو آهيان، جنهنڪري توهان صاحبن جي مخزن جي اُن حصي بابت ئي ڪجهه چئي سگهندس. +”مهراڻ“ ۾ ڇپيل ڪهاڻين ۾، ترجما لاجواب آهن- پوءِ اهي ديسي هجن خواه وديشي. ڪرشن چندر جو ناٽڪ ”هئڊروجن بم کان پوءِ“ ته ڪڏهن به نه وسرندو! وديشي لکيڪن جي افسانن ۾ ”ڀيڻ“ (موپاسان)، ”اوورڪوٽ“ (گوگول) ”پاشا“ (گورڪي) شاهڪار ڪهاڻيون آهن. اصلوڪين ڪهاڻين جي معيار اوچي نه هوندي به، شروعاتي ڪوششن طور، اهي ساراهه جي قابل آهن. مان سمجهان ٿو ته توهان صاحب نون ليکڪن کي ترجمن ڪرڻ تي قلم- آزمائي ڪرڻ لاءِ همتائيندا، ته اڳتي هلي هو وڌيڪ سٺا ليکڪ ٿي سگهندا. +توهان جي تازي پرچي ۾ ڏيپلائي صاحب جو ناٽڪ نه ڏسي، سخت رنج ٿيو. هن جا اڳيان ناٽڪ ”شاهدي“، ”نجومي“ خواه ”واڀيڙو“ کلائڻ ۾ بيحد ڪامياب ويا آهن. توهين ائين نٿا ڪري سگهو، جو هر پرچي لاءِ هن صاحب کان هڪ ناٽڪ لکائي وٺو؟- ٽن مهينن ۾ صرف هڪ ناٽڪ! +سنڌي ادبي دنيا ۾ مون گذريل پندرهن وي��ن سالن کان پنهنجي نهٺي نموني قلم- آزمائي پئي ڪئي آهي. هن مهل تائين ترجماني پئي ڪيا اٿم- پنجويهارو کن ننڍا وڏا ناول ۽ ٻه سؤ کن ڪهاڻيون ترجمو ڪيون هونديم. ٿورن ڏينهن ۾ توهان صاحبن جي مخزن لاءِ به هڪ عمدي ڪهاڻي ترجمو ڪري موڪليندس، ۽ جي توهان کي اها پسند آئي، ته هر پرچي لاءِ هڪ سٺي ڪهاڻي ڳولي ترجمو ڪري موڪلي سگهندس. +گذريل ٻارهن سالن کان مون سنڌي پبلشر جي حيثيت ۾ به پنهنجي نموني ادبي ڪارگذارين ۾ پئي حصو ورتو آهي. سڄو وقت، جيڪي مون کان ٿي سگهيو آهي، مان اڪيلي- سر پيو ڪندو آيو آهيان. هنمهل تائين (سنڌ ۾ ٽيهه، ۽ ورهاڱي کان پوءِ هي ستر) ڪل سؤ کن ڪتاب ڇپايا اٿم. +ورهاڱي بعد، هتي اچي مون ئي پهرين پهرين ادبي مخزن ”نئين دنيا“ شروع ڪئي هئي، جا هڪ سال هلائڻ بعد، ڪن دوستن کي ڏنيم، جي اڄ تائين هلائيندا اچن ٿا. پوءِ ”سرگم“ رسالو شروع ڪيم، جنهن جي ذريعي ڪيترا ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ڪرايا اٿم. +آخر ۾ منهنجو هڪ عرض آهي: +هڪ مدت کان منهنجي دل ۾ اها خواهش پلجي رهي آهي ته پاڪستان جي سنڌي ليکڪن جي هڪ ٽولي هن طرف (هندستان ۾) گهمڻ لاءِ اچي. ان طرح، نه صرف اسان کي توهان ڀائرن سان ملڻ ۽ پنهنجي مادر وطن جي احوال ڄاڻڻ جو موقعو ملندو، پر توهان صاحبن کي به ورهاڱي بعد هند جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل سنڌي هندن جي حال احوال ڄاڻڻ جو موقعو ملندو. ان لاءِ، اسين هتي اٽڪل ڏهن ٻارهن ڄڻن جي ٽوليءَ لاءِ، رهڻ، گهمڻ، وغيره جو آسانيءَ سان بندوبست ڪري سگهنداسين- صرف توهان صاحب ليکڪن کي گڏ ڪري هيڏانهن آڻڻ جو ذمو کڻو. ليکڪن ۾ ڪجهه شاعر، افسانه نويس، مضمون نويس، ۽ معزز علمي ماهر هئڻ گهرجن. شاعرن ۾ شيخ ”اياز“ اچي ويو، ته هتي (اسان) جي نوجوان ليکڪن لاءِ خوش قسمتيءَ جو وڏو موقعو ٿيندو. ڪاش، ڪوئي ڏسي سگهي ته ادبي جلسن ۽ محفلن ۾ هن کي ڪيتري نه عزت ۽ رغبت وچان ياد ڪيو وڃي ٿو! هن جي ويجهڙائيءَ ۾ لکيل بيت، ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ“، ته هر هڪ جي زبان تي آهي. +اُميد آهي، توهان صاحب ان رٿ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوري ڪوشش وٺندا. ٻيو سڀ سک. +- بيهاري لال، بمبئي. +(5) +• محترم شفقيم، تسليم: ”مهراڻ“ جو تازوپرچو اکين آڏو آهي. +افسانوي ادب سان خاص دلچسپي اٿم، تڏهين پهريائين افسانا پڙهي ختم ڪيم. افسانن جي ٽيڪنڪ تي ڪافي مقالا پڙهيا اٿم، سو مطالعي موجب، جيڪا حالت اڪثر سنڌيءَ جي افسانن جي آهي، تن مان ايترو مطمئن ڪين آهيان، جيترو هئڻ کپيم. ڪن افساني نگارن کان سواءِ مڙيئي اوندهه آهي. جيڪڏهن انهن جا نالا ٿو لکان، ته ٻيا دوست ناراض ٿيندا ۽ چوندا ’ڄٽ کي ڪهڙي خبر افسانن جي؛ اچيس پاڻ کي پائي به ڪانه، هليو آهي وڏون ڪڍڻ!‘ تن کي عرض آهي ته برابر مان اڃا پهريون ئي ڏاڪو طي ڪونه ڪيو آهي، پر مطالعي مان جيڪا خبر پئي اٿم، انهيءَ آهر، پنهنجي ناقص خيال موجب، اها راءِ قائم ڪري رهيو آهيان. +اڃان اسان جو افسانوي ادب ڪافي پٺتي آهي، تنهن لاءِ اسان کي گهرجي ته ٻين زبانن جي ادب- پارن جو مطالعو ڪريون. جيستائين اسان جا اديب ائين نه ڪندا، تيستائين اسان جو ادب ترقي ڪري ڪين سگهندو. تنهنڪري، گهڻو ڪري، مان اوهان ڏانهن افسانا ترجمو ڪري موڪليندو آهيان. ترجمن مان خبر پوندي ته ڌاريا اديب، زندگيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا تجربا، ڪهڙي نموني پيش ڪن ٿا، ۽ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جي شهپارن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خاميون آهن. اها به خبر پوي ٿي ته اهي اديب، ٻين افساني نگارن جي مقابلي ۾، ڪيتريءَ حد تائين زندگيءَ جي حقيقتن جي ترجماني ڪن ٿا. +ڀاءُ، موجوده وقت جيڪي اسان جي افسانن ۾ ڪمزوريون آهن، سي اوهان کان لڪل ڪين آهن- ڇو ته اوهان جي نظرن مان ڪيترا افسانا گذرن ٿا. اهڙن ڀٽڪيل ۽ نو- مشق افساني نگارن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ، ترجما پيش ڪرڻ، هڪ نهايت عمدو ۽ ڪارآمد قدم آهي. ڪيترا اهڙا به ادب سان ذوق رکندڙ آهن، جيڪي اصلوڪي سنڌي افسانن کي پڙهن ئي ڪونه. ان جو ڪارڻ اڄڪلهه جا اڪثر رسالا ۽ اخبارون آهن. انهن جو ذوق، سٺن افسانن جي ترجمن شايع ڪرڻ سان ئي وڌائي سگهجي ٿو. تنهنڪري، ”مهراڻ“ جي هر پرچي ۾ ترجمو ٿيل ٽن چئن افسانن جو هئڻ لازمي آهي. منهنجي لکڻ جو مقصد اهو نه آهي ته ”مهراڻ“ ۾ اصل سنڌي افسانا خراب شايع ٿين ٿا، پر منهنجو مطلب ٻين رسالن متعلق آهي، جيڪي خراب افسانن کي جاءِ ڏيئي، ماڻهن جو ذوق گهٽائين ٿا. ”مهراڻ“ جي نئين دور شروع ٿيڻ کان اڳ واريءَ حالت جي مدنظر افساني جي هاڻوڪي حالت ڪافي سڌريل نظر اچي ٿي. +هن زماني ۾ اسان جي زندگي هڪ انتشار ۽ اضطراب ۾ مبتلا آهي، پراڻن ۽ فرسوده عشق ۽ محبت جي داستانن کي ڇڏي، پنهنجين حالتن ڏانهن نهارڻ گهرجي. اسان کي پهرين پنهنجي ماحول ڏانهن مُڙڻ کپي- ڇو بيڪار ڳالهين ۾ وقت وڃائجي؟ جنهن ادب جو زندگيءَ سان واسطو نه آهي، اهو ادب نه پر ذهني عياشي آهي. انساني زندگي ڏاڍي پيچيدي آهي، ۽ ان جي گهرائيءَ ۾ هزارين داستان ۽ اسرار لڪل آهن، اسان جي چئني طرفن گهڻو ڪجهه ڦهليل آهي، ۽ اهو ڪم اسان جي فنڪارن جو آهي ته هو فرسوده موضوعن کي ڇڏي، انهن حالتن جو جائزو وٺن. منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ڪانه آهي، جا ٻين ڪن دوستن ۾ ڏسان ٿو. تنهن هوندي به، جيڪي ڪجهه ايندو اٿم سو ڪوري ڪاغذ تي ڦهڪائي ڏيندو آهيان. هاڻي، سائين، اوهان ئي ٻڌايو ته اهو ڪم انهن فنڪارن ۽ اهل قلم جو آهي ته هو انهن جائزن ۽ تجربن کي فنڪارانه تخليقات ۾ سموئن، يا اسان جهڙن جاهلن جو؟ +- چنا شبير ”ناز“، شڪارپور سنڌ. +(6) +• جناب عالي، توهان صاحبن جيڪا سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي، ۽ ڪندا رهو ٿا، تنهن لاءِ آءٌ توهان کي دل و جان سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ۽ دعا ٿو ڪريان ته مالڪ شل اڃا به وڌيڪ توهان کي سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪرڻ فرمائي. +جئن ته ”مهراڻ“ رسالي جو هر پرچو آءٌ پڙهندو رهان ٿو، ۽ ”مهراڻ“ جو اڳيون دور به مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڏٺو هو، ۽ هاڻوڪو دور به ڏسي رهيو آهيان- ائين برابر آهي ته ”مهراڻ“ سنڌيءَ ۾ بيشڪ هڪ لاجواب علمي ۽ ادبي رسالو آهي، ۽ منجهس هند خواهه پاڪ ۽ سڄيءَ دنيا جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جا مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا رهن ٿا، ۽ هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي به رسالا شايع ٿيا آهن، ۽ شايع ٿيندا رهن ٿا، تن سڀني رسالن ۾ ”مهراڻ“ رسالو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. +جيستائين ”مهراڻ“ رسالي جو نئون پرچو اکئين نٿو ڏسجي، تيستائين دل ۾ ڌڪ ڌڪ ۽ اندر ۾ آنڌ مانڌ ٿيو پوي، ۽ سڄو رسالو پڙهي پوري ڪرڻ کان سواءِ دل کي چين بلڪل حاصل نٿو ٿئي، ۽ رسالو هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ منجهيو پئجي ته رسالي ۾ پهرين ڪهڙي چيز پڙهجي! مطلب ته ”مهراڻ“ ۾ هر فن ۽ هر قسم جا مضمون ۽ شعر ملن ٿا، جن کي، پڙهڻ کان پوءِ تمام ڳوڙهي ۽ اونهي ويچار ۾ پئجيو وڃجي، ۽ ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ ”مهراڻ“ جي اٿاهه لهرين ۾ لڙهي، ڪنهن سندر ۽ آنند واري ڪناري تي وڃي رسبو! +چڱو جيڪر ائين ٿئي ته ”مهراڻ“ رسالو سہ ماهي مان ماهوار ڪيو وڃي، ۽ سندس سالياني قيمت ڏهن مان وڌائي پنجويهه رپيا ڪئي وڃي، ته به سندس کاپو اوترو ئي ٿيندو، جيترو کاپو هن وقت آهي. +- چيلارام سامنداس، بانو شالي، سجاول سنڌ. +(7) +برادرم، السلام عليڪم: گهڻي ��قت کان اندر ۾ اها آرزو سانڍيندو آيس ته جي تاثرات ۽ خيالات منهنجي من تي بار بنيا وتن، سي قلم ذريعي ڪاغذ تي آڻي، اوهان جي آڏو رکان ۽ پاڻ کي ان بوج کان سبڪدوش ڪريان. مون جهڙي عديم الفرصت انسان لاءِ اهو ڪم تمام ڪٺن هو. ڪئين دفعا خيال ڪيم ٿي، ۽ قلم به کنيم ٿي، مگر ٿڪاوٽ ۽ سستيءَ سبب وريو رکيو ٿي ڇڏيم- ڀلا قانون جي قلمن کان نجات ملي، ته ٻئي طرف به ڪو ڌيان ڏجي. ڪنهن وقت چور، ته ڪنهن وقت چاڪي- جند ئي نه ڇڏين: هڪ ڏينهن جي ڳالهه هجي ته به ٺهيو، مگر هتي ته آهي هر روز جو معاملو، تنهن جي شڪايت ڪهڙي! البت ان دوران جهونگاريندي، ڪنهن وقت ڪافي يا غزل، بيت يا گيت، بي اختيار وات مان نڪريو وڃي، ۽ تڪميل بعد دماغ کي تازگي ۽ سيني کي سرور حاصل ٿيو پوي- ڇو نه ٿئي! اديب يا شاعر لاءِ سندس مضمون يا شعر ائين آهي، جيئن ڪنهن اولاد جي آسائتي لاءِ پٽ جو پيدا ٿيڻ، يا چڪور لاءِ چنڊ جو اڀرڻ، يا پرواني لاءِ شمع جو ٻرڻ، يا بلبل لاءِ گل جو ٽڙڻ. اهو ته آهي مسرت- ماڻ، جنهن سان ان خوشيءَ کي ماپي سگهجي ٿو، جا اديب يا شاعر، شعر يا مضمون لکڻ بعد پنهنجي من ۾ محسوس ڪري ٿو- جنهن جي لکجڻ بعد اديب يا شاعر پاڻ کي خوش نصيب کان خوش نصيب انسان تصور ڪري ٿو، يا هفت – اقليم جي حاصل ٿيڻ جهڙي خوشي محسوس ڪري ٿو. مگر اهو به ڪنهن خيال ڪيو آهي ته جڏهن اهو ساڳيو مضمون يا شعر ڪو نقاد رد ڪري ٿو. تڏهن ان اديب يا شاعر جو ڇا حال ٿئي ٿو؟ ساڳيو اهو حال ٿئي ٿو، جو ان ماڻهوءَ جو ٿئي، جنهن جو پٽ سکائن باسڻ بعد پيدا ٿئي، ۽ ڪو ان کي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي نپوڙي ڇڏي؛ يا ان بلبل جو ٿئي، جڏهن تازي ٽڙيل گل کي ڪو تماشبين پٽي پيرن هيٺان چيڀاٽي هليو وڃي؛ يا ان چڪور جو ٿئي، جڏهن چنڊ جي اڀرڻ سان ئي ڪو ڪارو ڪڪر مهتاب جي منور منهن کي سندس نظرن کان پوشيدو ڪري ڇڏي؛ يا ان پرواني جو ٿئي، جنهن ٻريل شمع تي اڃا ٻه ڀيرائي مس ڏنا هجن، ته ڪو ڦوڪ هڻي شمع کي گل ڪري ڇڏي! اهڙيءَ بيدردانه هلت جو نقاد صاحب صرف اهو جواب ڏيئي، پنهنجي گلو خلاصي ڪندو آهي ته ’مضمون يا شع’ر معياري نه آهي‘. ليڪن آءٌ هميشہ ان ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر رهندو آهيان ته معيار جيڪو نقاد پاڻ قائم ڪري ٿو، سو اهو معيار آهي جيڪو پاڻ پنهنجي خيال موجب قائم ڪيو اٿس، يا جيڪو ادبي معيار عام ادبي اصولن موجب مقرر ٿيل آهي؟ +ڏهه ٻارهن سال منهنجو جيڪو ادب سان تعلق رهيو آهي، ان جي بنا تي آءٌ اهو اندازو لڳايان ٿو ته ڪن نقادن جو معيار متعلق قائم ڪيل نظريو ادبي اصولن پٽاندر مقرر ڪيل معيار جهڙو نه آهي. هو معيار کي پنهنجي خيالات، جذبات، اصولن ۽ اندازي جي ماڻ ۾ ماپين ٿا- جيڪو شعر يا مضمون سندن خيال جي ڪسوٽيءَ تي کرو ٿو ٿابت ٿئي، سو معياري، ورنه غير معياري؛ پوءِ کڻي اهو صنائع بدائع جي خوبين سان سينگاريل هجي، يا فصاحت ۽ بلاغت جي زيورن سان آراسته. +حقيقت اها آهي ته ادب جي دنيا ۾ ’معيار‘ لفظ جو مطلب اهو نه آهي. ادب جي اصولن موجب مقرر ٿيل معيار جو ذاتي خيالات، جذبات، اصول ۽ اندازي سان ڪو خاص تعلق ڪونهي. ادب وٽ معيار کي ماپڻ لاءِ پنهنجا ماڻ آهن، جن کي ”ادبي اصول“ چئجي ته به ٺهي اچي؛ يا معيار کي تورڻ لاءِ وٽ ۽ تورا آهن، جن کي صنائع بدائع، تشبيهون ۽ استعارا، محاورا ۽ پهاڪا، فصاحت ۽ بلاغت، وغيره چئجي ته به درست آهي. جيڪڏهن ان مضمون يا شعر ۾ مٿيون خوبيون يا انهن مان ڪي موجود آهن، ته پوءِ مضمون يا شعر معياري آهي- اگرچ نقاد جي خيالات ۽ جذبات سان ٺهڪي نه به بيهي. +منهنجو هروڀرو اهو خيال نه آهي ته اديب يا شاعر جيڪو به مضمون يا شعر لکي ٿو، سو معياري آهي: مگر ايترو ضرور خيال اٿم ته ان کي معياري بنائڻ انهن جو فرض آهي، جيڪي اها دعوا ٿا ڪن ته هو مشهور اديب آهن، ۽ هنن کي معيار جي صحيح پرک آهي. انهن جو درجو پوءِ رهنما ۽ هاديءَ جو آهي، جن کي راهه ڏيکارڻ ۽ هدايت ڪرڻ گهرجي. اهو ماڻهو، جو رڳو تنقيد ويٺو ڪندو ۽ پنهنجي ذاتي جذبات، خيالات ۽ اصولن مطابق به شعر يا مضمون درست ڪري نه سگهندو، يا ڪنهن به قسم جي اصلاح ڪري نه سگهندو، اهو جيڪڏهن پاڻ کي اديب ته سڏائي ته بهتر آهي، ڇو ته ان مان ادب کي فائدي جي بجاءِ نقصان ٿو رسي؛ ادب جي خدمت جي بجاءِ ادب لاءِ مصيبت ٿي پيدا ٿئي. +اول کان اڄ تائين، ”مهراڻ“ جا نڪتل پرچا منهنجي نظر مان گذريا آهن. مون کي اهڙي ادبي معياري رسالي جي موجودگيءَ تي بيحد خوشي ٿيندي آهي. عموماً محسوس ڪندو آهيان ته اسان جي ادبي دنيا ۾ جي ”مهراڻ“ موجزن نه هجي ها، ته هوند ادب جا باغ ۽ بستان، چمن ۽ گلستان، نابود ٿي وڃن ۽ منجهن نه گل گؤنٽا هجن ۽ نه بلبلون ٻولين ۽ ٽپن. +آرزو اٿم ته شل ”مهراڻ“، اوهان جي ادارت هيٺ، ادب جي زرخيز زمين جي آبياري ڪري، کيس سرسبز ۽ شاداب رکندو اچي. +- ”حافظ“ حسيني +(8) +• سائين، السلام عليڪم! +”مهراڻ“ جي مواد جي چونڊ ۽ ترتيب هر پهلوءَ کان بهترين ۽ قابل داد آهي. ان کان پوءِ به، جيڪڏهن ڪي صاحب ”مهراڻ“ کي صرف ”هڪ ئي مڪتب خيال جو ترجمان“ ۽ ”هڪ ئي وڙ جو دڪان“ سمجهن ٿا، ته انهن لاءِ صرف، بقول عرساڻي صاحب، ايترو چئي سگهجي ٿو ته ”ٽيڏي کي سارو سنسار ٽيڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي: ان ۾ ٽيڏي جو ئي ڏوهه آهي، نه سنسار جو“. +”مهراڻ“ (3/1956ع) ۾، شعر جي هر حصي ۾ شيخ ”اياز“ پيش پيش آهي. ”اياز“ فطري شاعر آهي، جو نت نوان طريقا ۽ طرزون پيش ڪري ٿو. سندس هيءُ بيت به ڇا خوب آهي … چي: +”اسان ڪيئن ڪاٽيون، سي ريجهڻ جون گهڙيون: +ڳوڙها، ڳراٽيون، هيانوَ ڏُسڪيا هيج مان!“ +”غني“ صاحب ته روز واٽون ويٺو واجهائي، ۽ آس ڪري ته: +”ڌارين سان ڪيئن دل اٽڪايان- منهنجا مون کان مُنهن نه مٽيندا!“ +- ليڪن افسوس جو هي ”منهنجا“ مُنهن مٽي، پنهنجو مادر وطن، زبان ۽ ثقافت، سڀ جا سڀ، وڪڻي ويهي رهيا! +هينئر وقت آهي ته اسان جا عزيز شاعر، پيچ و خم کان آزاد ٿي، قوم جي تعمير ڪن: ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته انقلاب ۽ قومي تعمير جا باني اديب ۽ شاعر ئي آهن. هينئر اسان کي ”ادب براي ادب“ بدران ”ادب براي زندگي“ گهرجي. هن وقت حيدريءَ جهڙن جي گهرج آهي، جي اها صدا بلند ڪن ته: +”هر هنڌ زر جو زور ٽُٽي پيو، +انسان ڪشٽن مان نڪري پيو: +اچ همت سان پاڻ به ساٿي، +پنهنجو ڀاڳ ورايون!“ +سنڌ جو هر باشندو، جنهن جي زبان سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي يا ٿري آهي، ”مهراڻ“ کي پنهنجو سمجهي ٿو، ڇو ته ”مهراڻ“ انهن جي لوڪ گيتن ۽ لولين کي به نه وساريو آهي. +هري دلگير جو ”مهراڻ جي موج“، ”مهراڻ“ جي جوانيءَ جي هڪ زنده تصوير آهي. ”نياز“ همايونيءَ جو ”زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان“، ۽ گوورڌن محبوباڻيءَ جو ”زندگيءَ جي راهه تي“، قابل ستائش آهن. صالح محمد سمي جو ”مارئيءَ جي ڀيٽ“ هڪ سانڍڻ جهڙي سوکڙي آهي. شال مارئيءَ جيان سنڌ جي هر نر ۽ ناريءَ کي وطن جي هرچيز سان اهڙي حب هجي! هن شاهڪار ۾ ڳوٺاڻن جي دلين جي ترجماني آهي. +ڀاءُ جمال ابڙو ته هر دفعي فرسوده نظام جا بخيا اُڊيڙي ٿو. سندس هر افساني جو ڪردار، ماحول تي دانهين نظر اچي ٿو. ”هو وڏو بدمعاش هو- پهرئين نمبر جو!“ پر، اهي ”بدمعاش“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ ڪنهن پيدا ڪيا؟- انهيءَ فرسوده نظام!- جي سماج جي ڏاڍاين ۽ ظلم ڪري، ننڍي هوندي کان ئي اهو عزم ڪن ٿا ته ”بيهه، وڏو ٿيان ته اهو وير وٺندس“. مگر افسوس، جو اڃا اهي ”بدمعاش“، ”شيدو“، ”پشو“ ۽ ”بلو دادا“، انهيءَ ظالم سماج ۽ فرسوده نظام جي وڏيري، سيٺ، رئيس، ”ڌڱاڻي خان“، ”گامڻ خان“ ۽ انهن جي در جي پاليل ڪتن کي ختم ڪري نه سگهيا آهن! +”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي“ ۾ ”سنڌ جي اٻوجهه عوام جي بنهه پنهنجي اخبار“ جو ايڊيٽر صاحب، سنڌ جي اٻوجهه عوام جي ”حفاظت“ ڪرڻ بدران، خوب ”حجامت“ ڪري ٿو- خوب! +اسان کي دنيا جي انهن عظيم فنڪارن ۽ شاعرن لاءِ احترام آهي، جن پنهنجي خون سان قوم جي آبياري ڪئي آهي: انهن مان خليل جبران جو ”اڳتي قدم، ۽ نذر الاسلام جا ’باغي نظم‘، ”مهراڻ“ جي هن پرچي جي زينت آهن. +آخر ۾ هن پرچي جي سڀ کان انوکي ۽ بهترين مضمون جو ذڪر ڪندس، جو ادبي دنيا ۾ هڪ نئين تخليق آهي- اهو آهي ”سنڌي ادب جي ڪولمبس“، جناب محترمي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”پارس کاڻ“ ڊاڪٽر صاحب ادبي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. اهڙي مايه ناز هستيءَ تي سنڌ ۽ سنڌي هميشہ فخر ڪندا، جنهن جو تن، من ۽ ڌن سنڌي ادب لاءِ قربان ٿيل آهي. ”پارس کاڻ“ ڪتاب، خود پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو. صاحب موصوف جو سنڌي ادب ۾ اهو پهرئين نموني جو نيارو ۽ انوکو ڪتاب ٿيندو، جو ڄڻ ته هڪ ”ڪامل استاد“ آهي، جنهن جي متعلم کي ان بابت هر پهلوءَ کان ان مان ئي سمجهاڻي ملي ٿي: جنهن ۾ سنڌ جي گمنام شاعرن جي سادي ۽ سلوڻي ڪلام سان گڏوگڏ، سڀئي چَوڻيون، گرامر ۽ لغت سميت سمجهايل آهن. صرف ٻن اکرن ”ڏِس“ ۽ ”الله توهار“ تي ڪيتري نه تشريح ۽ڪامياب بحث ڏنل آهي، ۽ ”توحيد“ واري باب جي پڄاڻي به ڪهڙي نه سهڻيءَ ڳجهارت تي آهي ته: +”الله ’ذات‘ آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي ’نالو‘ ٿئي!“ +اميد ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”مهراڻ“ جي هر پرچي ۾ انهيءَ ”پارس کاڻ“ جون قسطون ڏيڻ فرمائيندو. +- جوکيو رحيم خان ”جرس“، ڪوهستاني، جهرڪ. +(9) +• ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ“ جو ستون پرچو اڳيان آهي. سنڌ ۽ هند جي هر هڪ چيز کي ”مهراڻ“ ۾ چڱيءَ جاءِ ڏني ويئي آهي- ان لاءِ توهين مبارڪ جا مستحق آهيو. توهان جي انهيءَ خدمت کي ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ ڪڏهين به وساري نٿا سگهن. توهان ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن اڳيان اهڙيون چيزون پيش ڪيون، جي دراصل ختم ٿيڻ تي اچي بيٺيون هيون. توهان اهو ادب پيش ڪري هڪ ته ادب جي خدمت ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف پڙهندڙن کي سندن وڃايل خزاني جو احساس ڏياري، انهيءَ کي محفوظ رکڻ جي تلقين ڪئي آهي. ٻي خوبي ”مهراڻ“ جي اها آهي ته نوَن اديبن جي به همت افزائي ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ جو مثال اسان پڙهندڙن اڳيان آهي- هر نئين پرچي ۾ نوان ليکڪ آهن. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪهنه- مشق اديبن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. جهونن اديبن سان گڏ نوجوانن کي به ”مهراڻ“ ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو وڃي ٿو. +ڀاءُ، هڪ ڳالهه چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته رسالو ”مهراڻ“ اڪثر ڪري دير سان نڪري ٿو. مهرباني ڪري ٻڌايو ته انهيءَ جو سبب ڪهڙو آهي- توهان جون مشغوليون ۽ مجبوريون، يا اوهان کي ’مواد‘ وقت تي نٿو پهچي! +اوهان افسانن، ناٽڪن، ۽ ناولن جي سالياني چٽاڀيٽيءَ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. اهو اعلان ڪري اوهان جي بورڊ ادب کي هڪ نئين زندگي بخشي آهي. چيٽا ڀيٽيءَ ۾ هڪ ته سٺن افسانن، ناولن، ۽ ناٽڪن جي خبر پوندي، ٻيو ته اديبن جي به همت افزائي ٿيندي. اسان جي سنڌ گويا ه�� ادبي کاڻ آهي- منجهس ڪيتريون ئي چيزون پيل آهن. اميد ته ان طرح ”سنڌي ادبي بورڊ“ وڃايل ادب کي هٿ ڪري، ڪتابي صورت ڏيئي، سنڌي ڪتابن ۾ زبردست واڌارو ڪندو. هن دفعي، نظمن ۾ شيخ ”اياز“ جو ”توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!“ تمام پسند پيو- ان لاءِ اياز کي مبارڪون هجن. اميد ته اسان جا شاعر پنهنجي مادر وطن، سونهاريءَ سنڌ کي ڪڏهين به نه وساريندا. +’آزاد نظم‘ ۾ ”سراج“ جو ”ڪراچي“ پسند پيو: چوي ٿو ته: +”هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون!“ +اميد ته ڪراچي وري سونهاريءَ سنڌڙيءَ سان هڪ ٿي ويندي- خدا ڪري شل ”سراج“ جي آس پوري ٿئي! +”گدائيءَ“ جي غزل مان اهو درد پيدا ٿيو، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي- کيس مبارڪون هجن. اميد ته هو پنهنجا گيت هميشہ اهڙائي ڳائيندو رهندو. ”گدائيءَ“ جو غزل ته سڄو لکڻ لائق آهي، پر مان هتي صرف ٿورو ٽڪر پڙهندڙن جي اڳيان ٻيهر پيش ڪريان ٿو- چوي ٿو: +”دورِ خزان ۾ اڳ هئا بيچين گل رڳو، اڄ اضطراب آهه مگر خار خار ۾! +مون کان نه پڇ سوال خدارا تون ئي ٻڌاءِ: بلبل جي زبان بند ڇو فصل بهار ۾؟ +دهقان بدنصيب کي ماني نه آ نصيب، سمجهيو وڃي ٿو اجنبي پنهنجي ديار ۾! +معمارِ ملڪ خاڪ بسر، دربدر بکيو، بيڪار عيش ٿو ڪري هر وقت غار ۾! +هن ارض پاڪ جو اڃا آئين پاڪ ناهه، ملت جي ڌيءَ ٿئي پئي وڪرو بزار ۾!“ +ڪهڙو نه درد سان ڀرپور ۽ حقيقت تي مبني آهي هي غزل! +افسانن ۾ جمال ابڙي جي ”بدمعاش“ نظر مان گذريو. جمال هڪ ’بدمعاش‘ کي سندس اصلي روپ ۾ پيش ڪيو، ۽ اهو به واضح ڪيائين ته پوليس وارن جي انهن خلاف ڪهڙي روش آهي، ۽ هو انهن کي ڪهڙيون تڪليفون ڏين ٿا. تاهم، هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ان ۾ جمال اهڙيون ڳالهيون درج ڪيون آهن، جي درحقيقت کيس لکڻ نه کپنديون هيون- جهڙوڪ، مرچ وڌائون؛ مُٽ پياريائونس؛ ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، ۽ چيائونس ته وار پٽينس؛ کيس ڏنڊي لنگهائي ڪڍيائونس؛ رت وهي هليو، چيائون ته سُوري هيس؛ وغيره. قبول ٿو ڪجي ته پوليس عملدارن جي ”بدمعاشن“ طرف اهڙي روش ٿي سگهي ٿي؛ تڏهين به ’ادب‘ جي لحاظ سان، اهڙيون ڳالهيون لکڻ گويا ’ادب‘ جي بيعزتي آهي. +”لُڙڪن جي لڙي“ پڙهندي سچ پچ لُڙڪ وهي هليا. جڳديش لڇاڻيءَ اهڙيءَ طرح ”لُڙڪن جي لڙي“ ٺاهي آهي، جو جيڪو پڙهندو، سو جيڪڏهن پٿر دل هوندو ته خير- نه ته ضرور لڙڪ ڳاڙيندو. +بشير مورياڻيءَ جو افسانو ”ٽڪري“ پسند آيو: جنهن ۾ هڪ غريب جي زندگيءَ جو نقشو چٽيل آهي ته ڪيئن ”ڇٻي“ ۾ ”ڇولا“ وجهي؛ ويچارو مٿي تي رکي سڄو ڏينهن رستن تي هلندو هو، تڏهن وڃي پيٽَ قوُت نڪرندو هوس. هن وٽ سؤ رپيا ڪٿا اچن، جو پنهنجي ڀاءُ جو علاج ڪرائي سگهي- جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ لاءِ کيس ڪافي کان زياده پيار هو. آخر اها مجبوري کيس جوئا جي ٽِڪريءَ ۾ گهلي ويئي- ۽ انهيءَ مجبوريءَ ئي کيس ’جوئا‘ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. +”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ ۾ محترم ”ا-ب-ت“ جي ”اخبار“ بلڪل پسند آئي. ”ا-ب-ت“ جي خبر نٿي پئجي سگهي ته ڀيڻ آهي يا ڀاءُ- تاهم اسين کيس ڀاءُ ڪري لکون ٿا. برادرم ”ا-ب-ت“ جي ”اخبار“ ۾ ايڊيٽر جو رويو اهڙو ٻڌايو ويو آهي، جو اڄڪلهه جي حالتن تي بلڪل ٺهڪي ٿو اچي. اٻوجهه عوام جي هڪ فرد، ايڊيٽر کي ”ڦي“ ڏيڻ کان پوءِ، پڇيو: ”سائين، منهنجي پارت هجيئي: ڀلا ڪا اپيل ٻپيل ڪيان؟“ +”نه، نه، رک سائينءَ تي!“…… ايڊيٽر انهيءَ مسئلي کي شايد وڌيڪ ڇيڙڻ نٿي چاهيو، ۽ غريب کي ائين ئي آسري ۾ ٿي رکڻ چاهيو. هوڏانهن هن غريب جي سادگي ۽ اٻوجهائي هيٺين لفظن مان ظاهر آهي: +”ابا پرديسي آهيان- مون کي ڪنهن مسيت جو ته ڏَسُ ڏجانءِ. نماز پڙهندس“- انهن لفظن مان سندس شرافت ۽ سادگي پيئي بکي. +واقعي ڪن پيشه ور ۽ پينو ايڊيٽرن جي اها حالت آهي، جو غريبن کي ڦُرين، ۽ وڏيرن کي به: پر وڏيرن جو ڪم ٿئي ته حاضر، ۽ غريبن جا صرف ڏوڪڙ کائن ۽ بس- پوءِ دعويٰ اها ته ”سنڌ جي اٻوجهه عوام جي بنهه پنهنجي اخبار!“ +اميد اٿم ته آئنده پڻ ”مهراڻ“ ۾ هميشه اهڙيون چيزون پيش ٿينديون رهنديون، جن ۾ ادب سان گڏوگڏ، عوام جي ترجماني به ڪئي ويندي. +- محمد دائود بلوچ. +(2) +ادب +* پڌرنامو: سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ (1950ع). +* سنڌي اديب ڇا ڪن؟ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جو پڌرنامو (1973ع). +* سنڌي ادب – ان جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ (1974ع). +* وطن دوست ۽ قوم شناس ادب: 19- مارچ، 1976ع تي سنڌي ادبي سنگت، سڪرنڊ ۾ هڪ ادبي شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي ڪيل تقرير. +* سنڌي ساهت جو آئيندو: ڪراچيءَ ۾ سڏايل سنڌي ساهت ڪانفرنس (1981ع) لاءِ لکيل. +* سماج جي قومي تعمير ۾ وچين طبقي جو ڪردار: 27- ڊسمبر 1985ع تي سنڌي ادب سنگت جي بسنت هال ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پڙهيل صدارتي تقرير. +* ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين!: شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ طرفان 31- مارچ 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۽ سيمينار ”شاهه ۽ نوجوان“ جي موضوع تي، پڙهيل صدارتي تقرير. +* ڏکوين اُهڃاڻَ، مٿي سَڳر پنڌڙا: سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، ڪراچيءَ جي سهاري هيٺ سڏايل بين الاقوامي سچل سيمينار (نومبر 1989ع) ۾ پڙهيل مضمون. +* تال، رس ۽ لئي: ثقافتي ادبي تنظيم، شاخ ڪوٽڙيءَ، پاران نوجوان راڳي وحيد عليءَ سان رچايل رهاڻ (1989ع) جي موقعي تي ڪيل صدارتي تقرير. +* نئين ۽ پراڻي جو مسئلو – ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ (1996ع). +* سرڪاري آفرين جي ترديد (1996ع). +شاعريءَ جو سماجي ڪارج: ٽي. ايس. ايليٽ (ٿامس اسٽيئرنس ايليٽ (1960ع). + + +ٻوليءَ ۽ ادب جي .... حيثيت ۽ ... ڪارج تاريخي طور عام مڃيل آهي- اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً اُنهن جون مقدس ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني/ لاطيني ۽ عربي وغيره ۽ اُنهن کان پوءِ يا اُنهن سان شامل ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حد بندين ۽ علائقائي ٻولين هر هنڌ اُنهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي جاءِ ورتي ۽ اُهي لکيت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ادبي ۽ علمي ٻولين بڻجڻ شروع ٿيون؛ ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد قومي جمهوري نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن قومي رياستون وجود ۾ آيون ۽ اُنهن جون قومي ٻوليون پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اُهي آهن. +قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي اِن اهميت ۽ اِن ڪارج جي ڳالهه ڪندي. تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم چيو آهي ته ”جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي، هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن لاءِ ٻولي آهي- سڄيءَ هُن جي قوم جي تاريخ کان هُن کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي. اُن پنهنجيءَ ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو، ۽ قبر تائين ساڻُ ٿِئي ٿو، هو گذريل وقتُ ياد ڪري ٿو، سهيوڳي سنگَ ۽ رفاقتون خيال ۾ آڻي ٿو، ۽ پنهنجا هو آئيندي جي وقتن جا خواب لهي ٿو.“ +ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها زندگي بخش روح افزائي ۽ اِها اُنهن جي. مسيحائي هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محب وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا موجود، سدا زنده ۽ تر و تابنده رهي ٿي. سنڌي ٻولي ۽ اُن جو ادب ته اِنهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻن جي ارادي جدوجهد جي تاريخ جا محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن ۽ ائين ئي، خاص طور جديد قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اُهو سڄي جو سڄو اڄوڪي دور جو، مخصوصن 1947ع جي تقسيم برصغير ۽ اُن جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دوچار ٿيڻو پيو، اُن جو اُهو شعوري ردعمل ۽ پورو ۽ سچو تفصيل آهي. – م.ا.ج. +(”راج گهات چنڊُ“، نومبر 1987ع، جي پيش لفظ تان کنيل) +پڌرنامو +(سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ.) +چوڻي آهي ته مينهن وسندا ته چڪون به ضرور ٿينديون، تنهن وانگر آزاديءَ جي بارش پنهنجي مڙني رحمتن سان اسان جي مٿان نازل ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيوسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس ٽڙڻ تي هيون، سي اِنهيءَ سيلاب ۾ بنهه ختم ٿي لڙهي هليون وينديون، ۽ سندن سهڻيون ۽ سڳنڌ ڀريون پنکڙيون چونڊڻ چپوٽڻ سان به ٻيهر شايد اسان جي پلئه ڪڏهن پئجي ڪين سگهن! +پر چڪن سان گڏ، نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي! سمنڊ ۾ سپون، بيابانن ۾ کاڻل تتل واريءَ جا دڙا ۽ بستين ۾ ڍور ڍڳا، پکي پرندا ۽ هاري ناري به ته اُنهيءَ آبحيات مان پنهنجون اڃون لاهي، حياتيءَ جا ثمر حاصل ڪندا آهن! ساڳيءَ ريت آزاديءَ ملڻ سان ڏٺوسين ته چوڌاري سنڌي ادب جا سوين سيڪڙائو نون ارادن ۽ نون امنگن سان پنهنجا پنهنجا ساز ۽ سامان سينگاري ۽ صاف ڪري ميدان تي نڪري آيا. سنڌي ادب جي ويران ۽ ٻوساٽيل باغ کي ٻيهر سرسبز ۽ شاداب بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي رس ڀريون ڪچهريون ۽ مدبرانه مجلسون ڪٺيون ٿيون، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي باغبانيءَ ۾ دل و جان سان جنبي ويو. ايتري قدر، جو هاڻي نه فقط اهو خوف نه رهيو آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ان جو بيش بها ادبي خزانو ڪڏهن ڪو ناپيد ٿي ويندو، پر دلين ۾ اها اميد پڻ اسرڻ لڳي آهي ته جيستائين سنڌي مائرون پنهنجي معصوم مٺڙن ٻارن کي پنهنجن محبت ڀرين هنجن ۾ اسان جي سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اُها اسان جي ٻولي ۽ اسان جو ادب جيئن پوءِ تيئن زياده وڌندو ۽ ويجهندو، اڀرندو ۽ اسرندو ئي رهندو. +ساڳئي وقت، سڄاڻ هاري اُهو جو زمين آهر ۽ موسم پٽاندر ٻج ڇٽي، جي نه ته ٻنيءَ جو ريج کيس ڪنهن به ڪم جو ڪين ٿيندو. هاڻوڪيءَ پيڙهيءَ جا اُهي سنڌي ادب جا خادم جن کي اِن ڏس ۾ پنهنجن فرضن جي ڄاڻ ۽ ذميدارين جو احساس آهي، تن کي گهرجي ته پنهنجي آسپاس کي ڏسن ۽ جاچين، وقت جي تقاضا ۽ زماني جي اشاري کي دل جي ڪنن سان ٻڌن ۽ هنئين سان هنڊائين، سمجهن ۽ پروڙين، تان ته نه فقط سندن پنهنجو دور کين پنهنجين اکين ۾ جايون ڏيئي دلين ۾ سڪ ۽ محبت سان سانڍي، پر اسان جون آئنده پيڙهيون به ائين ڀانئين ته سندن ان وقت جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا بنياد ته سندن ابن ڏاڏن جي صحيح ۽ دورانديش فڪر ۽ عقل جو نتيجو آهن! +ادب نه رڳو واندڪائيءَ جي وندر آهي، پر ان سان گڏ انسان جي ذهن کي اڇي اجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي، جو پڙهندڙن جي دلين ۾ جذبا ۽ امنگ اڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي، جو پنهنجي آسپاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪڌاين، اوڻاين ۽ اڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ اُنهن بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا امنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري، ۽ سندن سامهون اُهي رستا ۽ طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو پنهنجي زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي آڻي سگهن. +ههڙي قسم جو ادب ئي آهي، جو صحيح ادب چوائڻ جو حقدار آهي. زندگيءَ جي سنوارڻ ۽ سڌارڻ وارو اهڙو ادب پنهنجي ڪامياب ۽ مقبول عام ٿيڻ جي سند پاڻ آهي. اُهو ادب جنهن ۾ عوام پنهنجي زندگيءَ جي جهلڪ ڏسندو ۽ جنهن ۾ پنهنجي روزمره جي مظلوميت، جهالت ۽ ڪسمپرسيءَ کان ڇوٽڪاري جي اميد اکئين ڏسندو، تنهن ادب کي اسان جو عوام ڇو ڪين قبول ڪندو، ۽ ڇو ڪين پنهنجي ساهه سان سانڍيندو؟ +شايد اِهوئي هڪ نُڪتو آهي، جنهن کي اڃا اسان جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن پنهنجي ذهن ۾ پورو ڪين ويهاريو آهي: ٻيو ته ڪوبه سبب اسان کي ڪونه ٿو سجهي، جو اسان جا هيترا سارا ڪهنه مشق ۽ ڪارائتا اديب، انفرادي طرح يا پنهنجن پنهنجن جماعتن طرفان رسالن مٿان رسالا ۽ ڪتابن مٿان ڪتاب شايع ڪرائين، تڏهن به سندن اِهي رسالا ۽ ڪتاب رڳو پنهنجو خرچ به ڪين لاهي سگهن ۽ جنم پائيندي ئي موت جون سِسڪيون ڀرڻ شروع ڪريو ڏين ۽ جيئن ڄاوا هئا تيئن ئي ختم ٿيو وڃن! +اِنهن ڳالهين کي خيال ۾ رکي، اسان جي ڪن نوجوان دوستن، همت جو سندرو ٻڌي، ”سنڌي ادبي انجمن“ جو بنياد رکيو آهي، جنهن جا مقصد ۽ ارادا هي آهن: +سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ، موقعي پٽاندر ۽ ميسر وسيلن ۽ ذريعن آهر، هيٺئين قسم جا ۽ ٻيا اهڙا جوڳا اپاءُ وٺڻ: +(1) هر هڪ هفتي يا 15 – 15 ڏينهن هڪ ادبي مجلس سڏائڻ، جنهن ۾ سنڌي اديب هڪٻئي جا لکيل مضمون، پڙهي ۽ ٻڌي، انهن جي علمي ۽ ادبي ڇنڊڇاڻ ۽ تور تڪ ڪن؛ +(2) هڪ سنڌي ادبي ماهوار يا سه ماهي رسالو جاري ڪرڻ؛ +(3) هر سال گهٽ ۾ گهٽ 800 صفحن جي اندر چيدو ۽ وقت جي تقاضا مطابق ڪارائتو ادبي مواد سنڌي زبان ۾ ڇپائي پڌرو ڪرڻ. +(4) عام ٻهراڙين ۾ سنڌي سگهڙن جي واتان جيڪي ادبي جواهر ميسر ٿي سگهن، تن کي سنواري ۽ سينگاري قلمبند ڪرڻ ۽ ڇپائڻ. +(5) سنڌي ادب جي مقبول عام ناياب ڪتابن کي وري ڇپائي پڌرو ڪرڻ. +(6) سنڌي ادب کي محفوظ رکڻ خاطر هڪ مرڪزي ڪتبخانو قائم ڪرڻ، ته جيئن مروج عقيدن ۽ رسم و رواج جي باري ۾ ذهني جستجو ۽ فڪر جي آزاديءَ کي فروغ ملي ۽ سائنس، فلسفي، ادب ۽ فنون لطيف لاءِ عام ماڻهن ۾ دلچسپي جاڳي، ۽ اهڙيءَ طرح منجهن ذهني، سماجي ۽ سياسي بيداري پيدا ٿي سگهي. +ميمبري: هن انجمن جي ميمبريءَ جا فرائض ۽ حق هيٺئينءَ ريت آهن: +(1) گهٽ ۾ گهٽ 18 ورهين جو ڪوبه سنڌي دان شخص، ڪاروباري ڪاميٽيءَ يا مجلس عامله جي مرضيءَ ۽ منظوريءَ سان، انجمن جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. ميمبر ٽن قسمن جا ٿيندا: (1) مربي يا محسن، (2) حياتيءَ جا ميمبر، (3) رواجي ميمبر. +(2) 250 رپيا روڪڙا، يا 500 رپين جا ڪارائتا ڪتاب، يا 250 رپيا ڪنهن ڪارائتي ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ انجمن کي امداد ڏيئي، انجمن جو مربي يا محسن ٿي سگهي ٿو. +(3) 125 رپيا روڪڙا يا 250 رپيا جا ڪارائتا ڪتاب يا 250 رپيا ڪنهن ڪارائتي ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ انجمن کي امداد ڏيئي، انجمن جو حياتيءَ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. +(4) 10 رپيا ساليانو چندو ڀرڻ سان انجمن جو رواجي ميمبر ٿي سگهي ٿو. +(5) مربي يا محسن کي انجمن جا سمورا ڇپايل ڪتاب سندس حياتيءَ تائين مفت ڏنا ويندا، حياتيءَ جي ميمبر کي انجمن جا سندس ميمبر ٿيڻ کان پوءِ جيڪي به ڪتاب ڇپبا سي سندس حياتيءَ تائين مفت ڏنا ويندا، ۽ رواجي ميمبر کي جيستائين هو ميمبر ٿي رهندو، انجمن جا ڇپايل ڪتاب مفت ڏنا ويندا. +انجمن جون شاخون: سڀني شهرن ۾ ڪي به سنڌي ادب جا خير خواه ۽ خادم، انجمن جون شاخون کولي سگهن ٿا، بشرطيڪ هرڪا اهڙي شاخ انجمن جي مقصدن ۽ فيصلن سان پاڻ کي ٻڌل رکندي. +انجمن جي هرڪا شاخ انجمن جي مقصد نمبر 1 ۽ نمبر 3 تي پنهنجي منهن عمل پيرا ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪ سندس زير اهتمام پڙهيل مضمون، ۽ ٻئي جمع ڪيل ادبي مواد تي انجمن جو پورو پورو حق رهندو. +انجمن جي هرڪا شاخ انجمن طرفان ڇپايل ڪتابن ۽ شايع ٿيندڙ رسالن وغيره جي توسيع ۽ اشاعت لاءِ انجمن سان هر ڪنهن قسم جو تعاون ۽ سهڪار ڪندي. +انجمن جي هر ڪنهن شاخ جا سڀئي ميمبر چندو ڏيئي انجمن جا براه راست ميمبر پڻ ٿيندا. +سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي شائقين ۽ خيرخواه دوستن کي اسان جي هيءَ گذارش آهي ته هو اسان جي هن انجمن کي پنهنجي انجمن ڪري سمجهن ۽ ان جون هر هنڌ شاخون کولين ۽ ان کي پنهنجي قلم سان توڙي پنهنجي پئسي سان سڀڪا مدد ڏين، تان ته جن ارادن ۽ جن اميدن سان ان جو بنياد رکيو ويو آهي. اهي ارادا ۽ اهي اميدون ڪنهن تسلي بخش حد تائين برصواب ٿي سگهن. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب، ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي عوام، جو زبان هوندي به اڄ زبان جو محتاج آهي، ۽ جو پنهنجن مخصوص ادبي خزانن سان مالا مال هوندي به صحيح ادب کان بي بهره آهي، اڄ پنهنجي لائق ۽ مخلص خادمن کان فقط اهوئي ڪجهه طلبي سگهي ٿو. +[م. ا. ج.] +اسين آهيون اوهان جا مخلص +1- محمد عثمان ڏيپلائي +2- غلام محمد گرامي +3- محمد ابراهيم جويو +4- اميد علي سرائي +5- مرزا فيض علي فيض +6- محمد بخش جوهر +7- شيخ عبدالعزيز قنڌاري +8- عبدالله شيخ +9- لعل محمد بن محمد يوسف +10- هري سيندو +11- مقبول احمد ڀٽي +12- ابن الياس سومرو +13- جان محمد جمالي +ميمبر ڪاروباري ڪميٽي، سنڌي ادبي انجمن، بيسنت لاج، حيدرآباد سنڌ. 19- فيبروري، 1950ع +[آفتاب پرنٽنگ پريس، شاهي بازار، حيدرآباد سنڌ.] +سنڌي اديب ڇا ڪن؟ +[سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جو پڌرنامو] +مڪڙ اچن ٿا، سوڪ ٿئي ٿي، ڳڙا پون ٿا، جهڪون لڳن ٿيون: ڄاول سلا سڙي وڃن ٿا، ڀريل سنگ کاڄي وڃن ٿا، بيٺل فصل تباهه ٿي وڃي ٿو: پر هاري، جنهن جو گذر فصل تي آهي، سو مند اچڻ تي زمين کي کيڙڻ ۽ اُن ۾ ٻج ڇٽڻ کان باز نٿو رهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي اديبن جو به اهو حال آهي. اِهو سندن حال رڳو هاڻي ڪونهي، پر شروع کان سندن حال اِهو رهيو آهي. +سنڌي ٻوليءَ کي شروع کان اُن جي عوام ئي ٺاهيو، بچايو ۽ وڌايو آهي. اُن جا چارڻ، لوڪ راوي ۽ سگهڙ به اُن جي عوام جو ئي حصو هئا ۽ آهن. اُهي ئي اُن جا ڳالهائيندڙ ۽ اُن جي لوڪ ادب ۽ لوڪ ساڃهه جا سنڀاليندڙ ۽ سانڍيندڙ رهيا آهن. عربن جي دور حڪومت کان وٺي انگريزن کان پوءِ واري هن تازي دور تائين، سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ اُن جي علمي ۽ ادبي اوسر ۽ اڏاوت جيڪا به ٿي آهي، اُها انهيءَ طرح فقط سندن عوام ۽ عوام- دوست اديبن هٿان ئي ٿي آهي. انهن تقريباً سڀني صدين جي سنڌ سرڪارين ۽ اُنهن سان لاڳاپيل اميرن ۽ عملدارن ۽ سندن درٻاري عالمن ۽ اديبن، جيڪي سدائين عوام دشمنيءَ ڏانهن مائل رهيا، تن کي جيڪڏهن ڪا ڳڻتي هئي فقط عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جي هئي ته اُها ڪيئن هو پاڻ سکن، ڳالهائين ۽ پنهنجن ٻارن کي اُن ۾ ماهر بنائين ته جيئن اُهي پاڻ آقا بنجي يا پنهنجن آقائن وٽ سرخرو ٿي ۽ اُنهن جا ايجنٽ بنجي، عوام کي گهڻي ۾ گهڻو ڏُهي ۽ ڪُهي سگهن. اڄُ به هِن طائفي جا ڪيترا ئي طاقت ۽ دولت جا پُڇائو ۽ پرستار، وڏا وڏا عهدا ۽ اختيار سنڀاليو، ٻاهران ”سنڌ سنڌ“ ۽ ”سنڌي سنڌي“ ڪندي ڪونه ٿا ٿڪجن، پر پنهنجن گهرن ۾ اُهي ٻي ٻولي پيا ڳالهائين؛ منجهائن ڪي وري پيءُ ماءُ جي زبان سنڌي هوندي به، پنهنجن ٻارن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائين ٿا، ۽ ٻيو نه ته اسڪولن ۾ سعيو ڪري، سنڌيءَ کي ڇڏي، پنهنجن ٻارن کي اول کان ئي اڙدوءَ ۾ پيا پاڙهين. اِهي ئي ماڻهو آهن، جن کي جتي به پڄي ٿو سگهي، اُتي اُهي سنڌي ٻوليءَ، اُن جي تعليم ۽ ادب ۽ اُن جي عوام دوست اديبن، عالمن ۽ دانشورن جي خلاف محاذ قائم ڪيو يا اُن ۾ شامل ٿيو بيٺا آهن. پنهنجي اُن سنڌي عوام دشمنيءَ ۾ هو پاڪستان ۽ اسلام کي به وچ ۾ آڻڻ کان نٿا هٽن، ڄڻ پاڪستان به فقط سندن آهي ۽ اسلام به فقط سندن آهي ۽ اُهي ٻيئي سنڌي عوام جي سماجي ۽ ثقافتي فلاح ۽ بهبود سان نقصان هيٺ اچي ويندا- حالانڪه هُنن وٽ ان محاذ آرائيءَ جو واحد ڪارج فقط پنهنجي ۽ پنهنجي آقائن جي پَرَماري مفاد جي بقا ۽ توسيع ئي هوندي آهي. سنڌ جي موجود عوامي حڪومت ۾ ئي اِها اُميد ٿي سگهي ٿي ته اُها سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب، تعليم ۽ تربيت جي آڏو صدين کان پيل رڪاوٽون دور ڪري سگهندي ۽ اُن جي ڀلائيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪي رٿائتا ۽ سلسليوار قدم کڻي سگهندي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جڏهن ٽي سال اڳ ٻوليءَ جو بل پاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي هِن عوامي سرڪار انهيءَ قسم جي ذميداري قانوني طور به پاڻ تي عائد ڪئي- تڏهن ته ماڻهن جي اها منجهن اميد يقين جي صورت ۾ بدلجي ويئي. پر ڀلو ٿئي اُن سنڌ دشمن ۽ سنڌي بلئڪ ميلي دٻاءَ جو، جيڪو پَرَماري حلقا انيڪ چالبازين ذريعي ۽ خاص طرح پنهنجي پروپيگنڊائي لغڙبازيءَ وسيلي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ويٺا آهن، جنهنڪري سنڌ جي هيءَ عوامي سرڪار به پنهنجي اُن تاريخي فرض پوري ڪرڻ کان ڪيٻائيندي رهي آهي ۽ هيلتائين اُن ڏس ۾ تقريباً ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي. +سنڌ دشمن ۽ سنڌي عوام دشمن حلقا ۽ اُنهن جي پروپيگنڊائي طائفي جا ماڻهو سنڌ جي تقريباً هر ڳالهه کي اسلام دشمني ۽ پاڪستان دشمني سڏين ٿا. خاص طرح هو سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي ادبي ۽ علمي مفاد جي ڳالهه کي اڙدو دشمني ۽ اڙدو دشمنيءَ کي پاڪستان دشمني سڏي، ”جيئي سنڌ“ چوڻ وارن تي ”مري پاڪستان“ چوڻ جو الزام هڻن ٿا، ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ (اصولي طور) جو سنڌ ۾ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو تجويز ٿيو آهي، اُن کي هو قومي يڪجهتيءَ جي منافي سمجهن ٿا. پاڪستان هڪ نظرياتي مملڪت آهي. اُن جو نظرياتي اساس هيءُ آهي ته قوم جو وجود وطن جي بنياد تي نه پر مذهب جي بنياد تي قائم آهي- يعني، ڪم از ڪم ۽ خاص طرح دين اسلام جا مڃيندڙ، رنگ ۽ نسل کان علاوه خود وطن ۽ زبان جي لحاظ کان سواءِ به، هڪ قوم آهن. عجب آهي، جو هن نظريي جي مڃڻ جي هڪ هٽي پاڻ لاءِ محفوظ رکندڙ، ”وطن کي ملت جو ڪفن“ سڏيندي به، پاڻ کي هاڻي اول درجي جا ۽ اڪيلا ’محب وطن‘ سڏڻ لڳا آهن! بهرحال، زبان ته نه اسلامي ۽ نه پاڪستاني قوميت لاءِ- نه نظرياتي لحاظ کان ۽ نه حقائق جي روشنيءَ ۾- ڪنهن بنيادي عنصر جو درجو رکي ٿي: ڇاڪاڻ ته نه سڀني دنيا جي مسلمانن جي، ۽ نه وري سڀني پاڪستاني مسلمانن جي ئي سهي، ڪا هڪڙي يا مشترڪ زبان آهي. انهيءَ ڪري مذهب کي ڇڏي يا ثانوي درجو ڏيئي، جيڪڏهن زبان کي پاڪستاني قوم جو نظرياتي اساس بنايو ويو- جيئن اڙدوءَ کي پاڪستان ۾ شروع کان بنائڻ جي عملي طور چؤطرفي ڪوشش ڪئي وئي، ۽ هاڻي به ڪئي پيئي وڃي- ته جيئن اڳي پاڪستان جي بنگله ديشي سانحي ثابت ڪيو، تئن اڳتي به اهوئي ثابت ٿيڻو آهي ته اڙدو ۽ اڙدوءَ جي پٺيان جيڪو پَرَماري دٻاءَ لڪل آهي، سو ئي پاڪستان جي قومي يڪجهتيءَ کي لوڏڻ، ڪمزور ڪرڻ ۽ هاڃي رسائڻ لاءِ ذميدار آهي. جڏهن ٻولي مسلم قوميت يا پاڪستاني قوميت جو نظرياتي اساس هئي ئي نه ۽ نه وري آهي ئي سهي، تڏهن اُن لاءِ خاص هڪڙيءَ اڙدو ٻوليءَ تي، پاڪستان جي ٻين سڀني ’قومي‘ (يا چئجي ته ’عوامي‘) ٻولين جي مقابلي ۾ ايترو زور آخر ڇو؟ دراصل اهو غير ضروري ۽ بنيادي طرح، پاڪستان جي حالت ۾ غير نظرياتي، زور ئي آهي، جيڪو پاڪستان جي متحده قوميت جي آڏو ايڏي وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي. پاڪستاني پَرَ ماري حلقا انهيءَ حقيقت کان چڱيءَ طرح واقف آهن، پر تنهن هوندي به، جو هو انهيءَ زور تي ايترو زور ڏيئي رهيا آهن، سو رڳو انهيءَ ڪري، جو اڙدو ٻولي کين، سندن طبقاتي ڦرلٽ ۾ مادري ٻوليءَ جي حيثيت ۾، يا تعليمي ٻوليءَ جي حيثيت ۾، مدد ڏئي ٿي. اڃا ته عملي طرح اسان وٽ خود سرڪاري ٻوليءَ طور انگريزي استعمال ۾ آهي؛ پر اڳتي هلي، جڏهن اڙدو اُن جي جاءِ تي براجمان ٿيندي، تڏهن ماڻهن ۾ جيڪي محروميت ۽ محڪوميت جا احساس پيدا ٿيندا، اُنهن جي انتشاري اثرن کان پاڪستاني متحده قوميت بيحد وڏي نقصان هيٺ اچي سگهي ٿي. انهيءَ اٽل قوم دشمن صورتحال کان بچاءَ جو رستو اهو نه آهي ته پاڪستاني قوميت لاءِ مذهب يعني اسلام جي اساس کي ڇڏي يا گهٽائي، اُن جي جاءِ تي لساني اساس يعني اڙدوءَ کي اُن جو اساس بنايو وڃي، يا خود اسلامي اساس جي خيال کان به ملڪ جي هڪڙن ماڻهن کي گهٽ اسلامي ۽ ٻين کي وڌ اسلامي سمجهيو وڃي. +انهي ڪري سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جامع ترقيءَ لاءِ يا سرڪاري حيثيت سان اُن جي علمي تعمير ۽ ادبي فروغ لاءِ، جيڪڏهن سنڌ سرڪار پنهنجي قانوني فرض ادائيءَ طور ڪي قدم کڻي، ته اُن سلسلي ۾ کيس ڪنهن به لساني يا ’قومي‘ قسم جي بلئڪ ميلي دٻاءَ هيٺ هيسجي وڃڻ يا هٽي، پري ٿي، هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. جيڪڏهن اسان جي عوامي سرڪار لاءِ، اسان جي مخالفن وٽ پنهنجي ’عواميت‘ جي بچائڻ يا ثابت ڪرڻ جو رڳو هيءُ رستو وڃي رهي ته اُها ڪنهن سنڌ يا سنڌي مفاد کان بيخبر بنجي يا لاتعلق ٿي ويهي رهي، ته ان ۾ اسين سندس بيوسيءَ کي ته سمجهي سگهنداسين، پر پنهنجي اُن بنيادي حقي مفاد تان هرگز دستبردار ٿي نه سگهنداسين. اُن حالت ۾ پوءِ اسين پنهنجي عوامي سرڪار جي حوصلي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اُن تي عوامي جمهوري رستن سان دٻاءُ وجهنداسين ۽ اُن کي مجبور ڪنداسين ته پنهنجي حيثيت سڃاڻي، ۽، ڪنهن جي رنج يا راضپي جي خيال ڪئي بنان، پنهنجو فرض ادا ڪري. +سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي اديبن جي ڪسمپرسيءَ جي اڄ ڪهڙي حالت آهي، اُها ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. ڪنهن وڏي کان وڏي شاعر جي شعري مجموعي، ڪنهن وڏي کان وڏي افسانه نويس، ناول نويس، ڊراما نويس يا مضمون نويس جي ڪنهن تخليقي محنت جي ڪتابي اشاعت جي ته ڇا، پر هاڻي رڳو ڪنهن ادبي يا علمي رسالي ۾ وقتي اشاعت جي به ڪا گهڻي صورت نه رهي آهي. اسان جي اديبن ۽ عالمن جون بيشمار لکيتون هيلتائين شايع ٿيل رسالن جي هزارها پرچن ۾ دفن آهن؛ اُنهن کي اُتان گڏ ڪري، دائمي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي ڪا واٽ ڪانهي. اسان جي اديبن ۽ عالمن وٽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوين ڪتاب لکيا رکيا آهن؛ اُنهن جي اشاعت جو ڪو بندوبست ڪونهي. اسان جي گذري ويل توڙي جيئرن جاڳندن اديبن ۽ عالمن جا سوين ڇپيل ڪتاب اڄ ڪتابي مارڪيٽ ۾ موجود ڪينهن، ۽ ڪيتريءَ قيمت تي به پڙهندڙن کي ملي نٿا سگهن؛ اُنهن جي نئين سر ڇپجڻ ۽ شايع ٿيڻ جو ڪو اسان وٽ رستو ڪونهي. اسان جي عالمن ۽ اديبن لاءِ اهڙي ڪا واهه ڪانهي، جو هو پنهنجي قلمي پورهئي سان پنهنجو ڪو رواجي گذارو به ڪري سگهن. اهڙين سقيم حالتن ۾، خاص طرح اڄوڪي غير دوستانه بلڪ مخالفانه ماحول ۾، اسان جي ٻولي، اُن جو ادبي ۽ علمي اثاثو ۽ اُن جا شاعر، اديب ۽ عالم آخر ڪيترو وقت وڌيڪ�� ٺلهو پنهنجي هانءَ جي زور تي، جي سگهندا ۽ اڳتي وڌي سگهندا! +ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جو بنياد سندن ٻوليءَ تي هوندو آهي- ايتري قدر جو جڏهن ڪا ٻولي پنهنجيءَ علحده ۽ مخصوص صورت ۾ ظاهر ٿي بيهندي آهي، تڏهن چئي سگهبو آهي ته هڪ علحده ۽ مخصوص ثقافت وجود ۾ آئي آهي. اسان جو عقيدو آهي ته انهيءَ حقيقت جي روشنيءَ ۾ اسان جي سنڌي ثقافت به هڪ علحده ۽ مخصوص ثقافت آهي. اُن کي قومي ثقافت چئو، صوبائي ثقافت چئو، علائقائي ثقافت چئو يا پاڪستاني، اسلامي بلڪ انساني ثقافت جو ئي هڪ خاص حصو يا روپ چئو- ان سان ڪو فرق ڪونه ٿو پوي. ڇو ته اُن کان ڪو انڪار ٿو ڪري، اُن کي مٽائڻ ٿو گهري يا اُن جي عوض ٻيءَ ڪنهن ڳالهه کي اُڀارڻ ٿو گهري، اِن مان ئي ثابت آهي ته اُها ڪا شيءِ آهي. اسان جو محڪم ارادو آهي ته اُنهيءَ شيءِ کي اسين بچايون، وڌايون ۽ وڌيڪ سُرهو ۽ سڦل بنايون، اُها اسان جي پنهنجي علحده ۽ مخصوص ثقافت آهي، جنهن جو بنياد اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي آهي. اسين پنهنجي اُن بنياد کي ضايع ڪرڻ نٿا چاهيون- ڇو ته اُن جي ضايع ٿيڻ سان هزارها سالن جي هڪ انمول ۽ بي مثل انساني حاصلات ضايع ٿي ويندي، ۽ اُهو اسان جو، پاڪستان جو، اسلام جو، انسان ذات جو هڪ عظيم ۽ ڪڏهن به نه پورو ٿيندڙ نقصان ٿيندو. اُن جي مٽجڻ سان اسين به مٽجي وينداسين. ۽ اسين مٽجڻ نٿا چاهيون. +انهيءَ عقيدي، انهيءَ خيال ۽ انهيءَ ارادي سان اسان ”سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي (لميٽيڊ)“ ٺاهي آهي؛ ۽ ان کي ڪوآپريٽو سوسائيٽيز جي 1925ع جي ائڪٽ 7 موجب، سيڪشن 10 هيٺ رجسٽر ڪرايو آهي. ٺلهو سرڪار تي ڀاڙڻ بدران اسين پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرون ٿا. اسين اَڀرا آهيون. اسين هيڪلا آهيون. اسين خالي هٿين آهيون. پر ان جو اسان کي خيال ڪونهي. اسين ڪنهن سان وڙهڻ نٿا گهرون. اسين ڪنهن به ٻوليءَ يا اُن کي مليل يا اُن جي حاصل ڪيل ڪنهن درجي جا انڪاري يا مخالف نه آهيون. اسين فقط پاڻ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. اڳتي وڌندڙ ادب وطن دوست ادب آهي- اُهو وطن، جنهن ۾ رهندڙ انسان امن ۽ خير ۾ رهن ۽ خوش رهن. اڳتي وڌندڙ ادب مذهب دوست ادب آهي، جنهن مذهب جي معنيٰ انسان شناس فڪر ۽ انسان پسند عمل آهي. اڳتي وڌندڙ ادب، انهيءَ ڪري، سڀ کان وڌيڪ انسان دوست ادب آهي، جيڪو انسان جي انسانيت کي اڳتي وڌائي ٿو، ۽ ماڻهوءَ مان مرونئپو ڪڍي، اُن ۾ ماڻهپو اڀاري ٿو. اهڙي ادب کي اسين ترقي پسند ادب سڏيون ٿا. اسان جي خيال ۾ جيڪو ادب انهيءَ معنيٰ ۾ ترقي پسند آهي، سو ئي ادب آهي، ٻيءَ حالت ۾ اُهو ادب ادب ئي نه آهي- چاهي اُن تي عقيدتمنديءَ، ايمان ۽ نعريبازيءَ جا ڪيترا به غلاف چڙهيل ۽ گل جُڙيل ڇو نه هجن. +اسان جي هن اديبن جي سوسائٽيءَ جا مقصد هي آهن ته مجموعي طور، سنڌي ادب جي سڀ پاسائين ترقي ٿئي، ۽ سنڌي اديبن جي ادبي، سماجي ۽ مالي مفادن جي حفاظت ۽ حاصلات ٿئي، ۽ خصوصي طور: +(1) سنڌي ڪتاب، اصل ۽ سنڌي ترجمن جي صورت ۾، خاص طرح اُهي جيڪي سوسائٽيءَ جي ميمبرن جا تيار ڪيل هجن، سي پڌرا ڪجن ۽ وڪرو ڪيا وڃن. +(2) اڳوڻن سنڌي ليکڪن جا ڪتاب، سڄا يا اختصارن جي صورت ۾، وري ڇاپجن، پڌرا ڪجن ۽ وڪرو ڪيا وڃن؛ +(3) هڪ يا وڌيڪ سنڌي ادبي ۽ تحقيقي رسالا ڪڍيا وڃن؛ +(4) سنڌي ڪتابن ۽ ٻين لکيتن جا حق ۽ واسطا، سندن ليکڪن کان يا انهن کان جن وٽ اهي وقتي محفوظ هجن، اشاعت لاءِ حاصل ڪيا وڃن. +(5) ليکڪن کي ڪم سپرد ڪرڻ سان يا کانئن شرطي مقابلي وسيلي، سنڌيءَ ۾ ادبي ۽ تحقيقي مضمون، ڪتابن ۽ لکيتن جي تيار ڪرڻ لاءِ، رٿائون ٺاهجن ۽ انهن کي عمل ۾ آندو وڃي؛ +(6) سوسائٽيءَ جي ڪتابن ۽ پڻ تجارتي ڇپائي لاءِ هڪ ڇاپخانو قائم ڪيو وڃي؛ +(7) سوسائٽيءَ جي ڪتابن ۽ پڻ ٻين ڪتابن ۽ رسالن جي وڪري لاءِ حيدرآباد ۾ هڪڙو ڪتابن جي وڪري جو دوڪان قائم ڪيو وڃي. +(8) حيدرآباد ۾ سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ پڻ چونڊ انگريزي ۽ اردو ڪتابن جي لائبريري قائم ڪئي وڃي. +(9) پيرسن ۽ گهرجائو سنڌي ليکڪن جي سهائتا لاءِ فنڊ قائم ڪيا وڃن. +(10) سنڌي ڪتابن، سنڌي رسالن ۽ سنڌي لکيتن جو معيار وڌيڪ اوچو ٿيندو رهي، ان لاءِ سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جي همت افزائيءَ لاءِ ساليانا انعام قائم ڪيا وڃن ۽ ڏنا وڃن. +(11) عظيم سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جون ورسيون ملهائجن، ادبي مذاڪرا ڪجن، سنڌي ناٽڪن ۽ ڊرامن جو بندوبست ڪجي، سنڌي فن جون نمائشون ۽ راڳ جون محفلون ڪجن. +(12) ۽ ٻيا سڀ اهڙا ڪم ۽ ڪوششون ڪجن، جيڪي مٿين مقصدن ۽ مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ مناسب ۽ ضروري هجن. +اسان جا سنڌي اديب، ڀائر جيڪي سوسائٽيءَ جي انهن مقصدن سان سهمت هجن ۽ اسان جا مٿي بيان ڪيل خيال ۽ احساس، جيڪي انهن مقصدن جو بنياد آهن، سي کين پنهنجا احساس ۽ خيال معلوم ٿين، ته سندن فرض آهي ته هو پنهنجي هن سوسائٽيءَ ۾ ميمبر طور شامل ٿين- ائين ڪرڻ جي اسين کين هيءَ مخلصانه دعوت عرض رکون ٿا. اسان وٽ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ سوسائٽيءَ جو ڇپيل آئين موجود آهي؛ اُن جي ڪاپي اسان کان گهرائي، پڙهي، هن سلسلي ۾ هو پنهنجو فيصلو ڪري سگهن ٿا. +اديبن جي ذهني ڪاوش ۽ قلمي محنت کان پوءِ ادب جي اشاعت لاءِ پئسو گهرجي. خود اديبن کي سندن ڪم لاءِ معقول اجورو ملڻ ضروري آهي. سوسائٽيءَ جو اشاعت گهر اڳتي هلي پنهنجي پيرن تي بيهي، ۽ اُن مان سوسائٽيءَ جي ميمبرن کي ڪجهه نفعو به پلئه پئجي سگهي، اُن کان اڳ ڪافي حد تائين پئسي جي سيڙپ ٿيڻي آهي. سنڌي ڪتابي تجارت جي موجوده صورتحال کي خيال ۾ رکندي، چئي سگهجي ٿو ته هيءَ پئسي جي سيڙپ به حال في الحال سنڌي اديبن کي، پنهنجي پيٽ سان پٿر ٻڌي، پاڻ ڪرڻي پوندي. اڄ سنڌي اديب اڪثر پنهنجا ڪتاب لکي به پاڻ ٿو، ۽ ڇپائي ۽ وڪڻي به پاڻ ٿو. اسان جي هيءَ سوسائٽي، سنڌي اديبن جي باهمي سهڪار سان، سنڌيءَ جي ادبي ۽ علمي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ وڪري جو مالي ۽ انتطامي بوج سنڌي اديبن ۽ عالمن جي ڪلهن تان لاهڻ گهري ٿي، ۽ اُن لاءِ تجارتي بنيادن تي ڀروسي جهڙا ۽ پختا عملي انتظام ڪرڻ گهري ٿي. هن نيڪ مقصد لاءِ اسين اديب پاڻ ۾ گڏجون ۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪريون، ان ۾ اسان جي ڀلائي به آهي ۽ اِهو اسان جو فرض به آهي. +- ڇو ته مڪڙ اچن ٿا، سوڪ ٿئي ٿي، ڳڙا پون ٿا، جهڪون لڳن ٿيون: ڄاول سلا سڙي وڃن ٿا، ڀريل سنگ کاڄي وڃن ٿا، بيٺل فصل تباهه ٿي وڃي ٿو: پر هاري، جنهن جو گذر فصل تي آهي، سو مند اچڻ تي زمين کي کيڙڻ ۽ اُن ۾ ٻج ڇٽڻ کان باز نٿو رهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي اديبن جو به اهو حال آهي. اِهو سندن حال رڳو هاڻي ڪونهي، پر شروع کان سندن حال اِهو رهيو آهي. اسان کي هن ڀيري به پنهنجي فرض کان غافل رهڻ نه گهرجي. +[م.ا.ج 1973] +سنڌي ادب – ان جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ +آزاديءَ جي تحريڪ پاڻ سان گڏ قوم جي تخليقي ۽ تعميري قوتن کي جاڳائيندي، اُڀاريندي ۽ تيز ڪندي آهي. اُهي قوتون آزاديءَ جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڀرپور اظهار جا موقعا حاصل ڪنديون آهن. +1947ع کان اڳ ۽ اُن کان پوءِ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڪافي هلچل موجود رهي آهي، ۽ اُن جا نتيجا به ڏاڍا چڱا نڪتا، ۽ اڃا به هيءَ هلچل جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ٿيندي وڃي ٿي. پر هيءَ سموري هلچل سنڌ پسند ۽ سنڌي عوام دوست اديبن ۽ دانشمندن پنهنجن پيرن تي پاڻ بيهي پيدا ڪئي ۽ هيستائين هو ��نهه خالي هٿن سان اُن کي هلائيندا پئي آيا آهن. کين حڪومت توڙي سماج جي بيٺل ۽ ورسيل طبقي طرفان هن ڳالهه ۾ ڪابه خاص مدد يا سرپرستيءَ حاصل ٿي نه سگهي آهي، بلڪ اُن جي ابتڙ انهيءَ طرف کان کين ڪافي ملامت جو نشانو ۽ سختين ۽ سزائن جو شڪار ٿيڻو پيو آهي. +هيءَ هڪ پڌري ۽ بيحد ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته جيتري بندش ۽ گهٽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي 1947ع کان پوءِ سهڻي پيئي آهي، اهڙي اُن کان اڳ اُن ڪڏهن ڪانه ڏٺي، ڪافي وڏي تعداد ۾ سنڌي اخبارون، رسالا، ڪتاب ۽ پريسون ضبط ٿيون، ۽ ضبط ٿيل ڪتابن منجهان اڄ تائين ون يونٽ ٽٽڻ ۽ عوامي صوبائي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ به، هڪڙو ڪتاب به وري آزاد ٿي نه سگهيو اهي. سياسي قيدي قيد جون سختيون سهي ۽ بنديخاني جا ڏينهن ڪاٽي ٻاهر نڪتا، پر سنڌي ادب جا املهه ڪتاب جيڪي ضبط ٿيا، سي اڃا تائين ئي ضبط آهن. سرڪاري طرح ڪتابن جي ضبطيءَ کان سواءِ سماج جي طبقاتي عمارت جي پشت پناهي ڪندڙ پراڻي فڪر سنڌي اديب ۽ دانشور جي نئين فڪر ۽ خيال جي آزاديءَ تي جيڪي حملا ڪيا ۽ جيڪي پهرا بيهاريا، اُهي اڄ تائين جاري آهن ۽ اهڙائي مضبوط ۽ محڪم بيٺا آهن، بلڪ جيئن جيئن اُن بوسيده عمارت جا بنياد لُڏن ٿا، تيئن تيئن اُن جو اُهو پُشتيبان مُدي خارج فڪر پنهنجي پهريداريءَ کي سجاڳ ۽ تيز ڪري ٿو ۽ نئين ۽ آزاد فڪر تي پنهنجا اشڪنجا مضبوط ڪري ٿو. +تنهنڪري پهريون ۽ وڏي ۾ وڏو مسئلو سنڌي ادب جو اڄ اهوئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا ضبط ٿيل ڪتاب ادب آزاد ٿين، ۽ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي خيال جي اظهار جي پوري آزادي ملي. ضبط ٿيل ڪتاب ته ٿوڙي گهڻي ڏينهن ضرور آزاد ٿيندا، پر نئين فڪر ۽ خيال جي اظهار جي پوري آزادي ظاهر آهي ته ازخود مٿان لهي يا ڪٿان پاڻمرادو اُڀري سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي ڪانه ملندي، اُن لاءِ تحقيق کين وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي ۽ منجهائن ڪيترن کي اُن لاءِ اڳتي هلي شايد پنهنجي پنهنجي جان جي بازي به لڳائڻي پوندي. +خيال جي اظهار جي آزادي هڪ بي مثل ۽ بي بها نعمت آهي. يورپ جي اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن سون سالن جي قلمي جهاد سان ۽ قيد جي انڌارين ڪوٺين ۾ سڄين سڄين ڄمارن ڪاٽڻ ۽ عيسائي علمائن ۽ مشائخن جي ٻارايل باهين جي مچن ۾ چپ چاپ جلي رک ٿي وڃڻ سان، مس مس اها آزادي هڪ حد تائين حاصل ڪئي. يورپ ۽ ٻيءَ مغربيءَ دنيا جي سڄي ترقي، جيڪا پوءِ اُنهن ڪئي ۽ جيڪا اڄوڪي انسان جي سموري سک، سلامتيءَ ۽ ثقافتي عظمت جو بنياد ۽ ضمانت آهي، سا هو خيال جي اظهار جي اُن آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪري سگهيا. اڄ ايشيا جا اڪثر ملڪ ۽ اولهه ايشيا جا سڀ ملڪ (جن کي يورپ جي زبان ۾، ’وچ اوڀر‘ چيو وڃي ٿو)، جو ايتري قدر پست ۽ ويچارا آهن، سي رڳو انهيءَ ڪري، جو بي سرتيو، اونداهو ۽ انڌو فڪر مٿن قابض آهي، ۽ انهن جي اڳيان اُهو ائين پيش ڪيو پيو وڃي، ڄڻ عين عقل ۽ اصل سوجهرو ۽ نُور اُهوئي آهي! هيءُ ’تقليد ۽ تحقيق‘، انڌي ويساهه ۽ اکين رکندڙ عقل جو مسئلو آهي، ۽ هيءُ ئي مسئلو آهي، يعني خيال جي اظهار جي آزاديءَ جو مسئلو، جيڪو سنڌ جي، بلڪ پاڪستان، سڄي ايشيا، اولهه ايشيا ۽ دنيا جي ٻين سڀني پوئتي پيل ملڪن جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو مسئلو آهي. افسوس جو 1947ع جي آزادي اسان لاءِ پاڻ سان گڏ انڌي ويساهه جو اُهو ديو، جيڪو ڪنهن طرح هار کائي، بوتل ۾ بند ٿيڻ وارو ئي هو، تنهن کي ڇيڙي، ڇتو ڪري، طبقاتي ڦرمار جو هٿيو بنائي، پاڻ سان گڏ کڻي آئي، ۽ اسان اُن جي هيبت ۾ وٺجي وياسين. سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي پهريائين پهريائين انهيءَ اوندهه جي ديو منجهان پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي، ۽ ويساهه ۽ عقل جي انهيءَ تصادمي مسئلي کي نبيرڻو پوندو. +ان کان پوءِ ٻيو وڏو مسئلو سنڌي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو هيءُ آهي ته سنڌيءَ کي جو سنڌ جي صوبائي ٻوليءَ جو درجو قانوناً مليو آهي، سو عملاً پڻ اُن کي ملي، ۽ ان لاءِ جيڪي ضروري ڪوششون ڪرڻ کپن سي ڪجن، ۽ جيڪي ضروري قدم کڻڻ گهرجن، سي کڄن. ٻوليءَ جي بل ۾ درج آهي ته ”حڪومت سنڌيءَ کي صوبائي ٻوليءَ طور ڪم آڻڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺندي- مثلاً ٻوليءَ جي پوري ترقيءَ لاءِ بورڊ، اڪيڊيمون وغيره قائم ڪندي، ۽ 12 سالن ۾ اُن کي ايتري پل تي پهچايو ويندو، جو اها صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ پوريءَ ريت ڪم اچي سگهي“. بل جي پاس ٿيڻ کي چڱو ڪجهه عرصو گذري چڪو آهي، هاڻي اُن سلسلي ۾ جيڪو به عملي قدم کڄندو، سو مهلائتو چئي سگهبو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سون سالن جي تاريخ ۾ ڪم از ڪم هاڻي وقت آيو آهي، جو ان جي جامع ۽ رٿائتيءَ ترقيءَ لاءِ ڪي اهڙا بنيادي ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جو اُهي مالي توڙي، افرادي وسيلن جي اڻهوند يا گهٽتائي سبب ناڪام ٿيڻ نه گهرجن. هن نئين زماني ۾ ۽ هن هيتريءَ ترقي ڪيل دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي قومي ۽ سرڪاري طور تسليم ڪيل ٻوليءَ ۽ اُن جي جامع ادب جي تيز ۽ بامقصد ترقيءَ لاءِ، اُن ملڪ جي حڪومت ڪو مخلصانه ۽ ڀرپور قدم نه کنيو، ته پوءِ ڪڏهن ۽ ٻئي ڪهڙي طرف کان اُن ڏس ۾ ڪجهه ٿي سگهندو! +آزاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ، ڪيترين ناسازگار حالتن هوندي به، سنڌي ادب واقعي چڱي ترقي ڪئي آهي- جيتوڻيڪ اُها سڄي ترقي، جيئن مٿي عرض ڪيو ويو، ان غير سرڪاري يا خالص نجي ذريعن ۽ انفرادي ڪوششن وسيلي ڪئي آهي، غالباً اهوئي سبب آهي، جو سنڌي ادب اڃا اُن موذي چڪر مان آزاد ٿي نه سگهيو آهي، جنهن ۾ ننڍين پوئتي پيل قومن جا ادب عام طرح مبتلا هوندا آهن، اُهو چڪر هيءُ آهي: سٺو ادب ڪافي انداز ۾ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ادب جا چاهيندڙ يعني اُن جا پڙهندڙ ڪافي ڪين آهن؛ ادب جا ڪافي چاهيندڙ ڪين آهن، ڇاڪاڻ جو سٺو ادب ڪافي انداز ۾ ڪونهي. (سٺي ادب مان مراد آهي گهڻ- پاسائون ادب يعني علمي، سائنسي، فني ۽ خالص ادب آهي). جيستائين اُن چڪر کي ڪنهن نه ڪنهن ڪڙيءَ وٽان ٽوڙيو نه ويو آهي، تيستائين صورتحال ۾ ڪو وڏو ڦيرو اچي سگهي، تنهن جي اميد رکڻ اجائي آهي. +ڪافي وقت کان ۽ ويندي هيلتائين، سنڌي ادب جي دنيا ۾ جيڪا چرپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اُها گهڻي قدر هڪ خاص قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي ٿو. علمي، سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص اسان وٽ نه اڳ پيد اٿيو آهي، ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو پيدا ٿو ٿئي، پر خالص ادب جي ذخيري ۾ پڻ، جنهن ۾ شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ ڳڻيا اضافا حاصل ٿي سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي، سائنسي، فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ گهرجن. ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ ٻه هزار نوان ۽ اصلوڪا ڪتاب شايع ٿيڻ کپن، جيڪي ڪن خاص پڙهندڙن جي گروهن لاءِ مخصوص هجن، مثلاً ٻارن لاءِ، جوانن لاءِ، زالن لاءِ، نئين يعني بالغ پڙهيلن لاءِ، وغيره وغيره. ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڪوبه ڪتاب، ڪنهن به موضوع تي ۽ ادب جي ڪنهن به صنف ۾، ڪو سنڌي مصنف طبعزاد لکي، ۽ اهو علمي ۽ ادبي طور تسليم ٿيل معيارن مطابق شايع ٿيڻ جهڙو هجي، ته اُن کي ڪنهن به طرح ڇپجڻ ۽ شايع ٿيڻ گهرجي. ايندڙ ڏهن سالن ۾ سنڌي صحافت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ��ُد تي اشاعتن جي ماهيت ۾ ۽ مقدار ۾ اهڙو انقلاب رونما ٿيڻ گهرجي، جو انهن جي هر اشاعت پنجاهه هزار کان گهٽ نه هجي. ايندڙ ڏهن سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڇپائيءَ جا وسيلا ايترا سڌرڻ کپن ۽ ايڏا وڌڻ گهرجن، جو قوم جي پڙهڻ جون سڀ ۽ پڻ ٻوليءَ جي قسم جون دستاويزي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. ايندڙ ڏهن سالن ۾ سنڌي ۾ هن ڪتابي انقلاب جي تياريءَ ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڪروڙ روپيا خرچ ٿيڻ کپن. +1947ع کان وٺي هيلتائين اردوءَ جي تصنيف ۽ اشاعت تي مجموعي طور 30 ڪروڙ روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. سنڌي جي سنڌي ٻوليءَ تي سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڏهن سالن ۾ ڏهه ڪروڙ رپيا، جيڪي آزاديءَ کان اڳ جي اگهن ۽ قيمتن جي ماڻ ۾ فقط هڪ ڪروڙ جي ئي برابر آهي، خرچ ڪيا ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه چئي سگهبي. پيسن جي تنگيءَ جو عذر هن معاملي ۾ ڪٿي پيش ٿئي ته اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اها ملڪ کي آزاديءَ جي هوا جياري، جاڳائي ۽ جاندار بنائي نه سگهي آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت طرفان جيڪڏهن مالي وسيلن جي اڻهوند يا گهٽتائيءَ جو اعلان ٿئي ۽ اُن جي پورائيءَ لاءِ عام سڏ ٿئي يا حڪم لاڳو ٿئي، ته سنڌ ۾ هر سنڌي پڙهيل ۽ ملازمت ۾ بيٺل شخص هر مهيني چئن آنن کان هڪ روپئي تائين ڪتابي نذر ادا ڪري سگهي ٿو- ٻيا نه ته گهٽ ۾ گهٽ پگهاردار پڙهيل ملازم ته اها ڪتابي ڀيٽا آسانيءَ سان ڏيئي سگهن ٿا، ۽ کانئن اُن جي وصولي به سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، ۽ اُن جي بدران کين اوتريءَ قيمت جا دلپسند ڪتاب پڙهڻ ۽ پاڻ وٽ سانڍي رکڻ لاءِ پيش ڪري سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن جي سڀ پاسائين. ادبي واڌاري لاءِ هيءُ ڏهن سالن واري وڏي رٿا هڪدم تيار ٿيڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادبُ، هڪ پوئتي پيل ننڍيءَ قوم جي ٻوليءَ ۽ ادب، هئڻ ڪري، جنهن موذي چڪر ۾ اڄ ورتل آهين، يعني ڪتاب ڪينهن ڇو ته پڙهندڙ ڪينهن، ۽ پڙهندڙ ڪينهن ڇو ته ڪتاب ڪينهن- اُن کي ”ڪتاب ڪينهن“ جي ڪڙيءَ وٽان ائين ئي ڪٽي سگهجي ٿو. +هن وقت سنڌ جي اٽڪل سٺ لک سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ مان 85 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهن، پڙهيلن جو وڏو تعداد ادب سان گهڻي دلچسپي نٿو رکي. سنڌ ۾ ادب- خاص ڪري نثري ادب سان دلچسپيءَ جي روايت اڃا به ڏاڍي ڪمزور، بلڪ نه هئڻ جي برابر آهي. ادب کي اسان مان جيڪي پڙهيل آهن، خود انهن جو وڏو حصو به نڪمن ماڻهن جي فضول ذهني عياشي سمجهي ٿي. جيڪي ٿورا يا گهڻا ادب سان دلچسپي رکن ٿا. تن مان ڪيترائي ننڍپڻ ۾ سٺي سنڌي ادب موجود نه هئڻ ڪري يا حاصل نه ڪري سگهڻ ڪري، انگريزي ۽ اڙدو ادب پڙهيا آهن ۽ پڙهندا رهن ٿا. ان ڪري هو سنڌي ادب سان قطعي ناواقفيت، اُن جي معيار لاءِ حقارت ۽ ان جي مزاج کان بيگانگي اختيار ڪري چڪا آهن. پڙهيلن جو جيڪو رهيل تعداد هنن ٻنهي وصفن ۾ نٿو اچي، تنهن مان اڪثريت برابر انهن جي آهي، جيڪي اُسرندڙ سنڌي ادب جي سرپرستيءَ جي خواهش ۽ پڻ صلاحيت رکن ٿا. پر اُنهن مان گهڻا ٻهراڙيءَ جي ٽڙيل پکڙيل ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ رهن ٿا، جتي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي پهچڻ جو آسان بندوبست نه آهي. ٻيو ته موجوده سنڌي ادب اڪثر اُنهن ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ڪتابن جي شائقن جي ماحول ۽ ذهني معيار جي گهرجن مطابق نه هئڻ ڪري هنن لاءِ بنيادي طور ڄڻ ڌاريون ۽ اوپرو آهي. سنڌي ادب جي اڄوڪيءَ عمارت جو بنياد شهرن ۾ رهندڙ ادب نوازن جي هڪڙي ننڍڙي ٽولي تي رکيل آهي، جيڪي گهڻي قدر شهري رنگ ۾ رڱيل آهن، ۽ مخصوص ذهني رخ ۽ محدود ادبي مذاق رکن ٿا. هو جو ڪجهه لکن ٿا، سو سنڌي ڪتابن جي پڙهندڙن جي اُن وڏيءَ اڪثريت لاءِ، جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا، ڪا خاص ڪشش ۽ ��اذبيت ڪانه ٿي رکي. اهوئي سبب آهي، جو اڄ به ”قصو چار درويش“ ۽ ”داستان امير حمزو“ ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب ته سون ڇاپن کان پوءِ به وري وري پيا ڇپجن، پر اسان جي اڪثر اڄوڪن چڱن چڱن اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب هڪ هڪ هزار لاچار ٻه ٻه هزار ڪاپين جي هڪ ئي ڇاپي کان مٿي اڃا نٿا چڙهي سگهن. +سچ پچ ته هي اسان جا عام طرح شهرن تائين محدود رهندڙ اديب اڃا ايترو گهڻو ۽ مختلف قسمن جو معياري ادب پيدا به ڪونه ڪري سگهيا آهن ۽ پيدا ڪري به نٿا سگهن، ڇاڪاڻ جو هو، فني نقطي نگاهه کان به ٻوليءَ جي نحوي صحت، ان جي اظهاري ممڪنات ۽ اُسلوبي حسن آفرينيءَ ۾ پوريءَ طرح تربيت پاتل نه آهن. کين جديد ادب، خاص ڪري نثري ادب، جو تمام ٿورو ۽ بنهه ابتدائي قسم جو ذخيرو ورثي ۾ مليو آهي، سندن مطالعو يا ته بنهه ڪونهي يا اڪثر انگريزيءَ ۽ اردوءَ جي چند ڪتابن تائين محدود آهي. سنڌي مسئلن، سنڌي انداز بيان، سنڌي سوچ جي انداز ۽ سنڌي زبان بابت سندن ڄاڻ گهٽ آهي. منجهانئن گهڻا اُهي آهن، جي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي حالتن کان بيگانا آهن، جتي سنڌين جي اڪثريت رهي ٿي ۽ جتي اُهي تصادم ۽ واقعا ٿين ٿا، جي عظيم ادب جو خمير بنيا آهن، وڏي ڳالهه ته اسان جا تقريباً سمورا لکندڙ شوقيه لکندڙ آهن- منجهانئن ڪوبه پيشه ور اديب ڪونهي، جو سمورو وقت ادب لاءِ وقف ڪري، اُن ۾ ڪمال حاصل ڪري سگهي. اڃا اسان وٽ، پيسن جي صورت ۾، ادب جي ڪائي قيمت ڪانهي، نتيجي طور، سنڌي اديب، اديب رهي، پيٽ پالي نٿو سگهي. ناقص فني تربيت ۽ اڻپوري مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي، ۽ نفعي جي اُميد نه هئڻ سبب عام سنڌي اديب جي تخليق جو معيار گهٽ رهجي ويو آهي. +خالص ادب جي چڱن لکندڙن ۾ هڪ گروهه اسان وٽ اهڙو به آهي، جو شعوري طور ”ادب براي ادب“ جي نظريي جي مخالفت ڪرڻ جي باوجود، لاشعوري طور، اُن جي اثر هيٺ آهي، اُهي اديب ’جدت پسنديءَ‘ کي هڪ مڪمل خوبي سمجهندي. هر اُهو اثر قبول ڪن ٿا، جيڪو سندن خيال ۾ ’جديد‘ آهي. سندن موضوعن جي انتخاب، انداز بيان ۽ نقطي نظر تي مغرب جا اڄوڪا زوال پذير، بي مقصد، کوکلا ۽ قنوطي لاڙا ڇانيل آهن، جنهنڪري سندن ادب عام سنڌي پڙهندڙن لاءِ ڪابه گهري جاذبيت، پنهنجائي ۽ اثر نٿو رکي. ’جديد‘ جي اها انڌي پرستش اسان وٽ اڃا ابتدائي دور ۾ آهي، پر اڳتي هلي، اُن جا ڏاڍا اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا! خالص ادب جي دائري ۾ هن اڀرندڙ خطري کي بروقت سڃاڻڻ ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ اسان جي باخبر اديبن جي پنهنجي ذميداري آهي، ۽ جيتري قدر هو ان کي پورو ڪندا اوتري قدر اُهو سندن پنهنجي زبان ۽ اُن جي اُسرندڙ ادب تي احسان ٿيندو. +آخر ۾ آءٌ هڪ نهايت اهم ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن جو اسان جي ادب جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن سان سڌو واسطو ته ڪونهي، پر اُن ۾ ئي سندن پنهنجو توڙي اسان جي زبان ۽ اُن جي سموري ادب، قديم توڙي جديد، خالص ادب توڙي علمي، سائنسي ۽ فني ادب، جو مستقبل محفوظ رهي سگهي ٿو. اُها ڳالهه آهي اسان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهڻ پڙهائڻ جي ڳالهه. نهايت افسوس جو مقام آهي ته اسان جي تعليمي درسگاهن ۾ اسان جي ٻارن کي سندن مادري ٻوليءَ جي تعليم اڄڪلهه بنهه ناقص، غير ذميدارانه، سطحي ۽ سچ پچ ته رڳو نالي ماتر ملي رهي آهي، هڪ ته سنڌي درسي ڪتاب ٻوليءَ، مضمون ۽ طباعت جي خيال کان غير معياري، ۽ ٻيو وري اسان جا سنڌي پاڙهيندڙ استاد بي خبر، لاپرواهه بلڪ ائين سمجهڻ وارا ته سنڌي ته پنهنجي ٻولي آهي، تنهن جي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ تي ڪنهن خاص يا وڏي ڌيان ۽ محنت جي ڪهڙي ضرورت! نصاب جي ٻين ڪمن جو پيا ٿورو يا گهڻو خيال رکندا، پر سنڌيءَ جي پڙهائيءَ تي اهو به نه! نه ان جي اکرن جي سهڻائي تي ڌيان، نه صورتخطيءَ تي، نه ان جي صرف نحو جو خيال نه ان جي ادبي حسن ۽ فضيلت جو. اسان جا نوجوان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين وڃيو ٿا رسن، پر رڳو شاهه سائين جا ٻه چار بيت ۽ وايون به نه اٿن ياد نه وري ڏسي پڙهي ئي ٿا سگهن. انگريزن جي دور ۾ ته مادري زبانن جي پڙهائيءَ جي ثانوي ۽ خوامخواهي حيثيت سمجهه ۾ اچي ٿي سگهي، پر آزاديءَ کان پوءِ هڪ آزاد قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي مادري زبان جي پڙهائيءَ جي اها دردشا! افسوس! دنيا جي ٻي ڪابه آزاد، باوقار ۽ غيرتمند قوم پنهنجي آئينده نسل جي تربيت جي سلسلي ۾ پنهنجي مادري زبان جي تدريسي ذميداريءَ کان ايڏي بي حس، بي شعور ۽ غافل رهي نه ٿي سگهي. پنهنجي تعليمي درسگاهن ۾ مادري ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس جي معاملي ۾ اسان کي دنيا جي آزاد سڌريل قومن جي ڪردار جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ اُنهن جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي، مادري ٻوليءَ جي تعليم ۽ تربيت، ترقيءَ ۽ حفاظت ڏانهن پوري ڌيان ڏيڻ سان ئي قومون، پنهنجي عزت ۽ آزادي قائم رکي سگهنديون آهن. +سنڌي ادب، ۽ اُن جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن، جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي سلسلي ۾ مختصر طور پنهنجون تجويزون هي آهن: +(1) سنڌي ٻوليءَ جا سمورا ضبط ٿيل ڪتاب آزاد ٿين. +(2) لکندڙن کي خيال جي اظهار جي پوري آزادي حاصل هجي. +(3) سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي گهڻ- پاسائين ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڏهن سالن جي وڏي رٿا ٺاهي وڃي ۽ اُن تي پوريءَ ذميداريءَ سان عمل ڪيو وڃي. اُن رٿا جون هيٺيون خاص ۽ اهم ڳالهيون هئڻ کپن: +(الف) ٻه هزار چونڊ ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ٿي شايع ٿين. +(ب) ٻه هزار نوان ۽ اصلوڪا ڪتاب مخصوص پڙهندڙن گروهن لاءِ لکجن ۽ شايع ٿين. +(ج) هر طبعزاد ڪتاب، جو اشاعت لائق سمجهيو وڃي، سو شايع ڪيو وڃي. +(د) علمي ۽ فني اصطلاحن جون لغتون ۽ ماخذي ادب جا گهربل ڪتاب ٺاهجن ۽ شايع ڪجن. +(هه) سنڌي ٻوليءَ جي ڇپائيءَ جا وسيلا سڌرڻ ۽ وڌڻ کپن. +(4) تجويز ڪيل ڏهه ساله وڏي رٿا جي تعميل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڪروڙ رپيا مخصوص ٿين. +(5) سنڌي پڙهيل ماڻهن، خاص طرح سرڪاري ملازم، هر مهيني 25 پيسن کان هڪ روپيو ڪتابي نذر طور ڏين. +(6) ٻهراڙين جي معيار ۽ مذاق مطابق ادب پيدا ٿئي. +(7) ’جديد‘ جي سطحي ڪشش ۾ وٺجي، بيمار ۽ قنوطي لاڙن کي جديد سنڌي ادب ۾ جاءِ نه ڏجي. +(8) لکندڙ پنهنجي فني صلاحيتن ۽ پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کي وڌائين. +(9) لکندڙن کي معاوضو ملي. +(10) سنڌي ڪتابن خريدڻ لاءِ عوام ۽ خواص ۾ ڀرپور مهم هلائي، ۽ ان کي قوميت جو هڪ انگ ظاهر ڪري، مقبول ڪرائجي، ”سنڌي ڪتاب خريد ڪريو!“ جو نعرو اخبارن ۾ ڇپائجي ۽ مقبول ڪرائجي، هن جدوجهد کي وڏي پيماني تي ، پوريءَ قوت سان ۽ ڊگهي عرصي تائين هلائجي. +(11) ٻهراڙين ۾ ڪتابن جي پهچڻ جو پورو انتظام هجي. +(12) تعليمي درسگاهن ۾ سنڌيءَ جي تعليم ۽ تدريس جو ڪم بامقصد بنائجي ۽ اُن جو معيار بلند ڪجي. +(1973ع) + + +وطن دوست قوم شناس ادب +(19 مارچ، 1976ع، شام جو ڇهين وڳي، سنڌي ادبي سنگت، سڪرنڊ طرفان هڪ ادبي شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي سندن ڪيل تقرير، جيڪا بروقت تاج جويي نقل ڪئي، ان جو ايڊٽ ڪيل متن) +سڄي زندگي گذري وئي آهي، پر دل ڪڏهن نه چاهيو آهي ته خودثنائي ڪجي، يا روبرو پنهنجي ساراهه ٻڌجي. مون ڪڏهن به پاڻ کي پڏايو نه آهي، نه ئي پنهنجي ساراهه ڪئي اٿم- ۽ آخر ڄمار تائين اها تمنا رکان ٿو ته شل اُن برائيءَ کان پري رهان. +..... جنهن مقصد سان هتي گڏ ٿيا آهيون، ��ُهو آهي ”سنڌ جي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ اُن سان هڪٻئي کي ڪجهه روشناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.“ سنڌ جو ثقافتي جوهر گهڻي ڀاڱي لِڪو پيو آهي. جا ڳالهه، جا شيءِ، لڪل آهي، اُن جي خوبيءَ جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر! اُها اڃا ظاهر ئي نه ٿي آهي. جڏهن ڳالهه کي کولي، سڀني تائين پهچائبو، ته اُن جو قدر به ٿيندو ۽ ماڻهن کي به فائدو ٿيندو ۽ هو ان کي پنهنجو سمجهندا. پنهنجيءَ شيءِ کي جيترو گهڻو سڃاڻبو، اوتري اُن سان محبت ۽ پيار ٿيندو، ۽ دل ۾ اُن کي سانڍي رکڻ ۽ وڌائڻ جو امنگ پيدا ٿيندو. +سنڌ جي شناس جيستائين اسان جي طبيعت جو جز نه بني آهي، جيستائين ان جي گذريل عظمت، موجوده حالت ۽ ان جي مستقبل بابت ذهن ۾ ڪو چٽو تصور قائم نه ڪيو ويو آهي، تيسين اسان جو جيئڻ بيسود آهي، اسان جي زندگي اجائي آهي- پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان هوا ۾ ڀريل، بي ثمر ۽ بي بقا آهي. اڪيلي انسان يا پاڻ تائين پوري رهڻ واري ماڻهوءَ جي زندگي بلڪل ائين آهي، پر جيڪڏهن اسين سنڌ جي ساگر تي ڦوٽا بڻجي به ڪا گهڙي لُڏون لمون ۽ پوري سرور، سونهن ۽ نزاڪت سان ٽلون ٽمڪون، ۽ پوءِ ڦِسي، ان ساگر سان ملي هڪ ٿي وڃون، تڏهن به چئبو ته اسان جي اُها گهڙي سجائي ۽ سڦل گذري. +ادب، راڳ، رقص، مصوري ۽ ٻيا تخليقي فن، جن کي لطيف فن چئجي ٿو، اهي ڪنهن قوم جو روح بلڪ روح جو به جوهر هوندا آهن. هونئن ته انسان اڪيلي پاڻ لاءِ علم، دولت، عزت، مادي طاقت، سک ۽ خوشيءَ جي هٿ ڪرڻ جا جتن ڪندو رهندو آهي، پر انهن سڀني ڳالهين جو سَتُ ۽ مقصد اها دائمي شيءِ آهي، جا سماج ۾ يا قوم ۾ هڪ نسل کان ٻئي نسل لاءِ ورثو ڪري ڇڏي وڃجي ٿي، اها آهي اها فڪر ۽ فنون لطيف جي سدا وڻندڙ ۽ سدا قائم رهندڙ روحاني دولت- جنهن جو ڪو ملهه ڪونهي، جنهن جو ڪو بدل ڪونهي. +منهنجي آڏو، سنڌي ٻوليءَ کان علاوه (جيڪا اسان جي سڃاڻپ جو بنيادي نشان آهي)، سنڌ جي سڄي شان ۽ شرف جا علامتي اهڃاڻ ٽي رهيا آهن: (1) موهن جو دڙو، (2) دودي جو داستان (3) لطيف جو شعر. +موهن جو دڙو سنڌ جي قدامت ۽ اصليت جو اهڃاڻ آهي. دودي جو داستان اسان جي اُن ارادي جي ترجماني ڪري ٿو ته اسين مُهتَ ۽ مانَ سان زنده رهڻ گهرون ٿا- هُو (موهن جو دڙو) تاريخ آهي، ۽ هيءُ (دودي جو داستان) تاريخ سان واعدو آهي- ۽ لطيف اسان لاءِ اسان جي زندگيءَ جي سموري مقصد ۽ معنيٰ جو ڏس آهي. اسان جي گذريل، هاڻوڪيءَ ۽ ايندڙ تاريخ جي جدوجهد ۽ فڪر جي ولوڙ جو باقي رهندڙ نتيجو يا ڦل اهو حسن، حق ۽ خير جو ’لطيفي‘ ورثو آهي-جنهن جي هڪ حيثيت عالمي ورثي جي به آهي. اسان کي پنهنجي تاريخ کي سڃاڻڻو آهي، ان سان واعدو به نڀائڻو آهي، ۽ ان جي پيدا ڪيل ۽ ڏنل ورثي کي سنڀالڻو، سمجهڻو ۽ پنهنجيءَ پر ۾ وڌائڻو به آهي ته جيئن اسان جي آئينده نسلن لاءِ ان ۾ اسان جو به ڪو حصو هجي. +اسين ائين پنهنجي تاريخي اصليت، تاريخي ارادي ۽ تاريخي پلمانسيءَ تي رڳو فخر ڪرڻ تي راضي ٿي ويهون، ۽ پنهنجي لاءِ موهن جي دڙي جي سنڌو تهذيب، دودي جي سرفروشيءَ ۽ لطيف جي انسان دوست تخليقي ورثي کي ئي ڪافي سمجهي ويٺا رهون، ته اها ’پدرم سلطان بود‘ واري ڳالهه ٿيندي. انهن ٽنهي ڳالهين جي مهان درجي کي سمجهي، اسان کي پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان ان تي پاڻ کي پورو ثابت ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي طرفان پنهنجي وس آهر، ان کي وڌيڪ اوچو ۽ اعليٰ بنائڻو آهي. +اسان کي پنهنجي موجوده گهڻ – پاسائين اجتماعي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اهڙي انداز ۽ سروفرشيءَ سان تيار ٿيڻ گهرجي، جهڙي نموني دودي ۽ دودي جي همعصر سنڌي سماج ڪري ڏيکاريو. اوهان مان هر نوجوان کي دودي چنيسر جو داستان، راتيون جاڳي، پنهنجي ڀٽن، ڀانن ۽ سگهڙن کان ٻڌڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو نوجوان دودي جو سربستو داستان نٿو ٻڌي، ته اهو ڄڻ زندگيءَ جي هڪ اعليٰ سبق کان محروم ٿو رهي- ان سبق کان جيڪو اسان کي اسان جي انهن عظيم ابن ڏاڏن جي لافاني ڪردارن جي صورت ۾ سيکاري ٿو ته باغيرت ۽ بامقصد زندگي ڪيئن گذارجي. جيڪي به سٺا ۽ سهڻا اوصاف هڪ انسان ۾ ٿي سگهن ٿا، اُهي اوهان کي دودي جي ڪردار ۽ سندس ڀيڻ ٻاگهيءَ، چنيسر جي پٽ ڀونگر ۽ ٻين سندن ساٿياري شخصن جي ڪردارن ۾ ملندا. اهي جيڪي اسان جا همت ڀريا، باغيرت ۽ باشعور ابا ڏاڏا هئا، انهن جي قصي ٻڌڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ اسين تاريخ جي هڪ اهم دور ۾، سنڌي سماج جو هڪ مثالي نقشو اکين اڳيان ڏسي رهيا آهيون، جنهن ۾ اهي اسان جا وڏا پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن. +اسان کي به تاريخ ۾ پنهنجو فرض ادا ڪرڻو آهي. اهو تاريخ طرفان اسان تي رکيل آهي. جنهن کي پورو ڪرڻو آهي، ۽ ان لاءِ اسان کي هر قيمت تي هڪ اجتماعي وجود طور، هڪ خاص سماج طور، زنده رهڻو آهي- ڇو ته پنهنجي ان وجود کي قائم رکي ئي اسين وسيع انساني سماج جي بهتريءَ لاءِ پنهنجي حصي جو سونپيل ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. +پنهنجي پاڻ لاءِ توڙي انساني دنيا لاءِ اسان جي وجود جي ڪهڙي افاديت آهي، اُهو اسان لاءِ اسان جي وطن دوست ۽ انسان پسند فڪري ورثو تجويز ڪري ٿو ۽ مقرر ڪري ٿو، جنهن جو نچوڙ يا جوهر اسان جي لوڪ فن، لوڪ ادب، لوڪ ساڃهه ۾ ۽ اسان جي معياري فنون لطيف ۾ موجود آهي. سنڌي ادبي سنگت جو مقصد ۽ ان جو ڪردار اسان جي ان انساني جوهر کي اجاگر ۽ عام ڪرڻ پئي رهيو آهي. انهيءَ ڪري اسان جي سنگت رڳو محدود معنيٰ ۾ ادب کي چهٽي پوي، سو ٺيڪ نه آهي. سنڌي سماج جي جيڪا تخليقي ڪوشش آهي، ادب ان جو فقط هڪ حصو آهي. اسان کي ادب سان گڏ مصوري، ناٽڪ، راڳ، رقص ۽ راندين روندين کي به زور وٺائڻ گهرجي. نوجوان جيڪڏهن صحتمند ۽ سگهارا نه هوندا ته مقصد جي حصول ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا، ڇو ته منجهن جاکوڙ ۽ اتساهه جي کوٽ رهندي. ان ڪري رانديون ڪرڻ ۽ ٻيا جسماني سگهه ۽ سورهيائيءَ جا ڪم ۽ ڪرتب سکڻ تمام ضروري آهن. ناٽڪ جو فن به ضروري آهي. اهو به ذهني صلاحيتون اُڀاري ٿو. آءٌ جڏهن سائين جي ايم سيد جي ڳوٺ سَنَ ۾ پڙهندو هوس ۽ ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي ۽ مٿي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، ته اسين ناٽڪن، راندين ۽ کيلن ۽ راڳ رس ۾ حصو وٺندا هئاسون. اسڪولن ۽ ٻين درسگاهن ۾ رڳو انگن اکرن ۽ ڌنڌن جي نصابي تعليم ڏيڻ ئي ضروري نه آهي. پر ٻارن ۽ جوانن جي خالص انساني صلاحيتن کي علم ۽ اب ۽ ادب سان گڏ راڳ رس، ناٽڪن ۽ راند روند وسيلي وڌائڻو ۽ اُڀارڻو به آهي. انهن ڳالهين لاءِ اسان جي سنگت کي پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ننڍا ننڍا، پنهنجي آزاد مرضيءَ سان هلندڙ ادارا، يعني ڪلب، ٽولا ۽ سنگتون قائم ڪرڻ گهرجن. +خالص ادب جي سلسلي ۾ هتي مون کي هيءُ چوڻو آهي ته اڄڪلهه جيڪو اڪثر ادب اسان جي ادبي سنگت ۾ پيدا ٿي رهيو آهي. اهو قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جو ادب سڏجي ٿو. قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جي ادب جي ڳالهه ته تمام سٺي ۽ فڪر جوڳي آهي. پر مجموعي طور ادب جي، يا قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جي ادب جي، معنيٰ جيڪڏهن قوم يا سماج جي فائدي جو ادب آهي، ته اهو رڳو اهو ادب ناهي، جيڪو اسان وٽ هڪ ئي نوع جو اڄڪلهه پيدا ٿي رهيو آهي. اهو ادب جو هڪ رخ يا هڪ موضوع آهي. ٻيا به موضوع آهن ۽ ٻيا به رخ آهن، جن تي به قلم کڻڻ گهرجي. مثال طور سنڌ جي سونهن ۽ سک ۽ عظمت کي سڃاڻڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سنڌ جي قدرتي نظارن، اُن جي گلن، پکين، موسمن، تاريخي واقعن، تاريخي ڪردارن، روايتي قصن ۽ ڪهاڻين، روزمره جي واقعن، اڄڪلهه جي دل ڀڄائيندڙ انساني ڪردارن، حسن ۽ عشق جي ڳالهين، نئين ۽ بهتر سماج ۽ ان جي آدرشي انسان جي تربيت لاءِ جديد اوچن انساني قدرن ۽ ان جي برخلاف پراڻن ۽ مدي خارج خيالن، عقيدن ۽ سرشتن ۽ سماج دشمن ۽ انسان دشمن طبقاتي قدرن ۽ ضابطن کي به ادب جا موضوع بنائي سگهجي ٿو، ۽ ادب جو رخ يا زور قومپرستيءَ جي ويچار ڌارا سان ٻٽوٻٽ يا ان کان ڪجهه مٿڀرو سماجي انصاف يا انقلابي ويچار ڌارا ڏانهن پڻ موڙي ۽ هلائي سگهجي ٿو. +ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حسن ۽ عشق آهي. سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تت آهي ئي زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي وڌائڻ، اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي ئي انهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگي جي ڪنهن ڪُنڊ، ڪنهن پاسي ۾ حسن پيدا ٿئي. شعر شاعري، اسٽيج ۽ ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اِها سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. حسن جي تلاش عشق آهي؛ عشق جي منزل حسن آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه ۾ حسن ۽ عشق جي ڳالهه نه ڪئي ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ نه ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي. +اسان کي پنهنجن سمورن سماجي مسئلن کي پنهنجي ادب ۽ فن جو مواد بنائڻ گهرجي. سرند ماڻهو پنهنجي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد جي بچاءَ ۽ لالچ ۾ ماڻهپو وڃائي ويهن ٿا، انهن مان انساني ڪهل ۽ ڪهڪاءُ نڪري ٿو وڃي؛ هو پنهنجي قاروني، فرعوني ۽ ابليسي سڌن جا غلام بنجي، دولت، طاقت ۽ رتبي تي ايمان ڪن ٿا. ۽ دولت، طاقت ۽ رتبي جو مقصد اجتماعي ڀلائي نه، پر پنهنجي ذاتي ۽ طبقاتي ڀلائي سمجهن ٿا. اسان کي گهرجي ته انساني سماج جي انهن حيواني اوصافن کي ۽ انهن جي بي حساب سماجي اظهارن مان هر هڪ کي پنهنجي ادب ۽ فن جو نشانو بنايون ۽ اهي جيئن انسان جي انسانيت جا ازلي دشمن آهن، تيئن انهن کي کولي پڌري پٽ ثابت ڪيون. +اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو يا رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو ۽ هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُجسو ٿي پوندو، ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻئي ڪڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽ مهاڄار ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون (هڪ – رنگيءَ جون) اثر انداز آهن، پر اڳتي هلي ادب ۽ فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئيندي کي اونداهو ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ – پاسائون ۽ همه گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي جملي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي. گذريل ڪجهه عرصي کان، اڳي ئي، اها دانهن اُٿيل پئي ٻڌجي ته اسان جي ادب جو چالامانو ماٺو ٿي ويو آهي. ان جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسين ادب ۾ رڳو هڪ رخ پيش ڪريون ٿا. هوڏانهن جماعت اسلاميءَ وارن به اسان جي خلاف ڪافي ڪجهه دانهن لائي ڏني آهي. [نوٽ – ڪنهن دوست چيو، ”سائين، گذريل ڪجهه عرصي ۾ سنڌي ادب ڇپيو ئي ڪونهي- ڪتاب ضبط آهن، رسالا بند آهن] آءٌ جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهيان، اها خود انهيءَ سبب ڪري به وزندار آهي. اسان وٽ ادب جي اها يڪطرفائي، جنهن اسان جي قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جي ادب کي گهڻي قدر نعريبازيءَ جي روپ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، اسان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي آهي- ڇو ته اسان جا مخالف اسان جي ان ادب کي پنهنجو هڪ سڌو ۽ آسان نشانو بنايو بيٺا آهن. هو اسان جي خالص ادب مان به هڪ اڌ شعر، هڪ اڌ جملو، هڪ اڌ ٽڪرو ڪڍي، باهوڙ لائي ٿا بيهن ۽ پنهنجن آقائن کي سڏين ته ’ڊوڙو، ڀڄو، سنڌ هٿن مان ويئي‘ پاڪستان ۽ اسلام بچائڻو اَٿوَ، ته سنڌ کي خاموش ڪرايو!“ اهي اسان وٽ ڪٿي ڪنهن جي قلم مان ڪا ’ويٽنامي روپ‘ جي ادبي تخليق پڙهن ٿا، ته پوءِ ته هو وٺ وٺان ۾ اچي وڃن ٿا، ۽ پوءِ سندن آقائن جي ’انڌي جي لٺ‘ گهمڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ هو ملڪ سيڙهيندا، پٽ ڪندا وڃي ٿا مٿي چڙهن. انهيءَ ڪري اسان جي اديبن کي پنهنجي ادب ۾ جڏهن ڪنهن اهڙيءَ ’ويٽنامي قسم‘ جي پيشڪش آڻڻ جو خيال ٿئي، تڏهن انهن کي سوچڻ گهرجي ته ويٽنام جو اديب ۽ شاعر ان کي پيش ڪري ٿو ۽ ڳائي ٿو، جيڪو عملي طرح وٽن سورهائيائي ۽ سرفروشي ڏيکاري ٿو. انهن وٽ سورمو عملي آهي، پر اسان وٽ ائين نه آهي. انهيءَ ڪري، مون کي اهوئي ڊپ ٿيندو آهي ته اسان جي ادب جي هڪ طرفائي ۽ ان سان گڏ هيءَ غير حقيق پسندي ڪٿي اسان کان اسان جا پڙهندڙ نه ٽاهي ڇڏين. ان لاءِ بهتر آهي ته اسين ادب کي ادب جي صورت ۾ پيش ڪريون. اسان کي ياد رکڻ کپي ته ادب به اجتماعي ڀلائيءَ جو هڪ محاذ آهي جيئن سياست به ان لاءِ هڪ محاذ آهي. اسان کي پنهنجو ادب، اجتماعي ڀلائيءَ جي گهڻ پاسائينءَ دنيا ۽ ان جي همه گير وسعت کي سامهون رکي تخليق ڪرڻ گهرجي. سياست، ننڍيءَ معنيٰ ۾ سياست، ان دنيا جو صرف هڪ پاسو آهي. +اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي اجتماعي وجود جي وڌ ۾ وڌ ثابتي اسان جو ادب آهي. ٻوليءَ ۽ ادب وسيلي ئي اسين سڃاتا وڃون ٿا. اسين سنڌ جي زمين کي پنهنجي زمين بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناتي سان سڏيون ٿا. اسان جي سڃاڻپ ۽ انفراديت ٻوليءَ سان قائم آهي. ٻوليءَ جي اظهار جي قوت ۾ واڌارو اسان جي اجتماعي قوت جو واڌارو آهي. ادب سان ئي ٻوليءَ جي اظهار جي قوت وڌي ٿي. جيتري قدر اسان جو ادب موضوع جي خيال کان گهڻ پاسائون ۽ معنيٰ جي لحاظ کان عميق ۽ آفاقي، سچو ۽ سهڻو هوندو، اوتري قدر ان سان اسين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهنداسين، ۽ اوتري قدر اهو اسان کي پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ ۽ مڃائڻ ۾ مدد ڏيندو. +عزيزو، آءٌ تقرير نه ڪندو آهيان، نه ئي جلسن ۽ وڏن ميڙن ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندو آهيان. منهنجو دستور رهيو آهي ته ٿورن، پر سمجهه رکندڙ دوستن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو آهيان. وڏن جلسن ۽ سياسي ميدانن ۾ ماڻهو منافقي به ڪري ويندو آهي. +چڱي ڳالهه جيڪڏهن گهڻا ٻڌن ته سٺي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ٿورا ٻڌن، ته به دل نه لوڙهجي. ’ٻه ته ٻارنهن‘- جا ڳالهه فقط اوهان جي دل ۾ آهي، ان جي ڪا حيثيت نه آهي، پر اها جيڪڏهن هڪ به ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچائي ويئي، ته ڄڻ اسان انقلاب طرف هڪ قدم کنيو، ۽ اهو هڪ قدم، جيئن خلا نورد آرمس اسٽرانگ چنڊ تي پير رکڻ سان چيو هو ته ”منهنجو هيءَ ننڍو قدم تاريخ جو هڪ وڏو قدم آهي“، تيئن انقلاب طرف ڪو هڪڙو ننڍڙو قدم به اڳتي هلي، قومن جي تقديرن جي بدلائڻ ۾، تاريخ جي وڏي قدم جو ڪم ڏئي سگهي ٿو. +آخر ۾ آءٌ اوهان سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي ساٿين جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي هيڏو مان بخشيو آهي ۽ مون سان ڪچهري ڪئي آهي. +(ان کان پوءِ محترم جويي صاحب پنهنجو لکيل مضمون پڙهيو، جيڪو ”سنڌي اديب ڇا ڪن“ جي عنوان سان ”نئون نياپو“ جي جون 1976ع جي اشاعت ۾ شايع ٿي چڪو آهي). +سنڌي ساهت جو آئيندو +سنڌي ساهت جو آئيندو، سنڌي ٻوليءَ سان ڳنڍيل آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي سماج سان، ۽ سنڌي سماج جو اُن جي ماڻهن، اُن جي اڳواڻن ۽ اُنهن جي مقصد ۽ اُن مقصد لاءِ سندن جدوجهد سان ڳنڍيل آهي. +سوال آهي ته سنڌي سماج آهي به؟ +ڪي حلقا اُن جو جواب انڪار ۾ ڏين ٿا ۽ چون ٿا، ”بحر آهي، جنهن ۾ ڦڙن جي حيثيت ڪانهي- فردَ، گروههَ ۽ سماجُ اُنهن جي مفاد، ٻوليون، تهذيبون- اُن ۾ گم ٿيو وڃن.“ پر عملي طور اُهي ساڳيا حلقا ڦڙا ته ڦڙا، سڄي بهر کي، لوڪ ڪهاڻيءَ جي گدڙ وانگر ڏوڪ ڏوڪان ڪري، پي وڃڻ چاهين ٿا. لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ گدڙ ٻه ڪچا ٻير کاڌا هئا، ٻه پڪا ٻير کاڌا هئا، ڇيڻن چونڊيندڙ ڇوڪري کاڌي هئي، ۽ ٻڪرين چاريندڙ ٻڪرار، ڳئن جو ڳنوار، مينهن جو ميهار، ۽ اُٺن جو اوٺار کائي، اُڃ لڳڻ تي، اچي بيٺو هو درياءَ تي- چي: ’درياءُ به کائيندس!‘ سو ڏوڪ ڏوڪان ڪندي، پيٽ ڦوڪجي پيو هوس ۽ نيٺ ڦاٽي پيو هوس- ۽ پوءِ اُن مان ٻه ڪچا ٻه پڪا ٻير نڪري آيا هئا، ڇيڻن چونڊيندڙ ڇوڪري، ٻڪرين سوڌو ٻڪرار، ڳئن سوڌو ڳنوار، مينهن سوڌو ميهار ۽ اُٺن سوڌو اوٺار سڀ نڪري آيا هئا، ۽ وڏي ڳالهه ته درياءَ جو پاڻي به گڙ گڙ ڪندو موٽي درياءَ ۾ وڃي پيو هو..... سو، ’ڦڙن ۽ درياءُ جي ڳالهه ته آهي، پر فرد فرد آهن، گروهه گروهه آهن، ۽ ٻوليون، تهذيبون ۽ سماج به آهن. ۽ ائين، حقيقتون نيٺ حقيقتون آهن. ڪنهن جي انڪار ڪرڻ سان يا ڪنهن جي کائي وڃڻ سان، اُهي هرگز گم نٿيون ٿين. +سو، سنڌي سماج جي وجود جي حقيقت به آهي. پر پڇي سگهجي ٿو ته اُهو اڄ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ منزل تي موجود آهي، ڇو ته هن سوال جي جواب تي ئي مدار آهي مقصد جي مقرر ٿيڻ جو، جيڪو سنڌي سماج جا ماڻهو ۽ اُن جا اڳواڻ پنهنجي جدوجهد لاءِ آڏو رکي سگهن ٿا- جنهن لاءِ ۽ جنهن جي روشنيءَ ۾، هنن کي پنهنجي ساهت جو آئيندو سوچڻو ۽ ٺاهڻو آهي. +سنڌي سماج هڪ پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي. جنهن منزل تي اُهو اڄ بيٺل آهي، اُن کي ’ڪرندڙ وڏيرپ، يڪ طرفي يا يڪ پيري شاهوڪار شاهي، بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي منزل‘ چئي سگهجي ٿو- ڪرندڙ وڏيرپ انهيءَ ڪري، جو سنڌي سماج جي اِنهيءَ ڏاڪي کي ٻُڍاپي جو سُرو کائي چڪو آهي؛ يڪ پيري شاهوڪار شاهي، اِنهيءَ ڪري، جو اُهو اُن جو ڏاڪو هڪ پير تي بيٺل آهي، يعني ’شهر‘ جي پير تي، جنهن جو سنڌي سماج جي باقي جنم سان سماجياتي يا حياتياتي سنگُ خير ڪو آهي؛ اُن جي بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي ڏاڪن جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ ملڪي ۽ غير ملڪي سياست ۾ اُلجهڻ، انهيءَ ڪري اُها اِتي ڍڪي ڀلي. ۽ هونئن به، واڻڪيءَ ٻوليءَ ۾، اُها ’جاهر جهور پڌڙي پيئي‘ آهي. بهرحال، سنڌي سماج هڪ پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي- علمي ۽ ذهني طور خصوصاً- ۽ ادب جي آئيندي تي ويچار ڪرڻ لاءِ اسان لاءِ اِها ڳالهه ڪافي آهي. +هاڻي، سوال اُٿي ٿو ته ڪو ماڻهو يا ڪو سماج ائين پوئتي پوي ٿو ۽ غلام بڻجي ٿو، اُن ۾ اُن جو پوئتي پوڻ اُن جي غلاميءَ جو سبب آهي، يا اُن جي غلامي اُن جي پوئتي پوڻ جو سبب بڻجي ٿي؟ دراصل پوئتي پوڻ توڙي غلامي، مطلقاً ۽ پنهنجي سر يا پنهنجي ذات ۾، ڪي سڃاڻپ ۾ ايندڙ ڪيفيتون يا حالتون نه آهن؛ اُنهن جي سڃاڻپ هر صورت ۾ ڪنهن لاڳاپي، ڀيٽ يا حوالي جي نقطن سان ٿئي ٿي. مثلاً ڪا بيٺل شيءِ هونئن ته هڪ هنڌ بيٺل ئي آهي، پر ٻيءَ ڪنهن اڳتي وڌندڙ شيءِ جي نقطي کان اُها نه فقط پوئتي پيل پر پوئتي کان پوئتي پوندڙ شيءِ سمجهبي. غلامي به ائين آهي. ڪو به جاندار، ماڻهو يا سماج، مطلقاً ۽ پنهنجي ذات ۾، غلام ڪونهي- اُهو غلام آهي ۽ اُن جي غلامي سڃاڻبي فقط ٻئي ڪنهن جاندار، ماڻهوءَ يا سماج جي حوالي سان، جيڪو اُن کان وڌيڪ ڄاڻو ۽ اڳڀرو ۽ اُن تي آڪرو يا غالب آهي. انهيءَ طرح، پوئتي پوڻ ۽ غلام دراصل هڪ ئي حالت جا ٻه نالا آهن. +روزانه انگريزي اخبار ’ڊيلي نيوز‘ جي آڪٽوبر 28، 1981ع جي اشاعت ۾ ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪريءَ جو ڪالم�� بعنوان 'When a wrong horse backs you' پڙهيم (اوهان مان به ڪن پڙهيو هوندو)، جنهن ۾ پوئتي پوڻ ۽ غلاميءَ جي حالت جي اشتراڪ جي اها ڳالهه هڪ سادي ۽ پُر لطف انداز ۾ پر ڏاڍي صاف ۽ کولي ٻڌايل هئي، ۽ اُن کي مون ’گهوڙي جي شرط ماڻهوءَ تي‘ يا ’جڏهن گهوڙو ماڻهوءَ تي شرط ٿو رکي‘ جو عنوان ڏيئي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو اوهان کي پنهنجيءَ ڳالهه کي چٽي ڪرڻ خاطر چئي ٿو ٻڌايان: +- خبرن ۾ اِها ڪا خبر وڏي ڪانهي ته توهان غلط گهوڙي تي شرط رکي. اهڙيون ڳالهيون پراڻيون ڳالهيون آهن. +اڪثر، اڪثر، اسين غلط گهوڙن تي شرطون رکندا آهيون- ڇو ته ڏسڻ ۾ اُهي غلط گهوڙا لڳندا ئي نه آهن. +ڏسڻ ۾ اُهي صحيح گهوڙا لڳندا آهن. +توهان کي اهڙو ماڻهو ڪو سجهي، جيڪو ڪنهن گهوڙي کي غلط گهوڙو سمجهي به، اُن تي شرط رکي؟ +نه، توهان کي اهڙو ماڻهو ڪونه سجهندو. +جي گهوڙن جي نسل جو ڪو پارکو به اسان کي ٻڌائيندو ته جنهن گهوڙي تي اسين شرط ٿا رکون، اُهو غلط گهوڙو آهي، ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اُهو گهوڙو بلڪل صحيح لڳندو. تڏهن ئي ته اسين اُن تي شرط رکون ٿا، ۽ پوءِ پڇتايون ٿا- ۽ بيحد پڇتايون ٿا؛ انودي کڏ ۾ ڪري ٿا پئون ۽ اُهي نتيجا ڏسون ٿا، جيڪي اسان جي اولاد جي اولاد کي ڀوڳڻا پون ٿا- ايندڙ جُڳن تائين. +ڪڏهن ته اسان جي شرط وارو گهوڙو پاڻ ئي اسان کي ٻڌائي ۽ چتائي ڇڏيندو آهي- پوريءَ سچائيءَ ۽ ڏاڍيءَ صفائيءَ سان. +اُهو ڄڻ اسان کي اول ئي چئي ڇڏيندو آهي ته ’مون تي شرط رکندا ته کڏ ۾ ڪرندا!‘ +پر ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن جي پٻين تي، جن جي کٽڻ جو مدار ئي اوهان جي هارائڻ تي هوندو آهي، اوهين ٻئي ڪنهن ڏاهي جي صلاح ٻڌندا ئي ڪونه آهيو. +۽ ڇاڪاڻ ته اُهو فيصلو وري به اوهان جو پنهنجو ئي فيصلو هوندو آهي، اوهين ٻين گهوڙن ڊورائيندڙن کي ڪو ڏوهه به ڪونه ڏيئي سگهندا آهيو، جن ڪنهن طرح اوهان کي غلط گهوڙي جو ڏس ڏيئي، پڪ ڪري ڇڏي هئي ته اوهين اُن تي ئي شرط ٻڌندا. اوهين پوءِ اهڙا ته مُنهن جا پڪا ٿي ويندا آهيو، جو اوهان ۾ اُها همت به نه رهندي آهي، جو کڻي چئو ته ’افسوس آهي، اسان غلط گهوڙي تي شرط هنئي!‘ پر، اوهين ائين چئو به کڻي، ته به اُن مان پوءِ ڇا ٿو ٿي سگهي! +ٻيا گهوڙا ڊوڙائيندڙ، جن ڪنهن طرح اوهان کان ائين غلط گهوڙي تي شرط هڻائي، اُهي ته اوهان کي اُلو بڻائي، سڀ کٽي ويا؛ ۽ اوهين اُتي ئي وات ڦاڙيو، سڄيءَ دنيا لاءِ سبق بڻيا بيٺا رهيا! ۽ اُهو سڀ رڳو اِنهيءَ ڪري ٿيو، جو اوهان غلط گهوڙي تي شرط ٻڌي ۽ سچ پچ ته صحيح گهوڙي سان زيادتي ڪيوَ، جو اُن تي شرط نه ٻڌَيوَ. +بس، سنئين سڌي منطقي ڳالهه اِها آهي. +پر اُن کان به وڏو آزار اوهان لاءِ تڏهن اُٿندو آهي جڏهن غلط گهوڙو اوهان لاءِ فيصلو ڪندو آهي ته اُن تي اوهين نه پر اوهان تي اُهو شرط رکي! +”ڪهڙي نالائق توکي چيو ته تون اسان تي شرط رک!“ +”مون، پاڻ.“ +”پر گهوڙا هوندا آهن ته اُنهن تي شرطون رکجن، ۽ هيءَ ڳالهه اُن جي بلڪل ابتڙ!“ +”هائو، هتي سڀ ڳالهه ابتڙ آهي.“ +”پر، ته به ٻڌاءِ ته سهي، تنهنجا ارادا ڪهڙا آهن؟“ +”ٻين گهوڙن جي ارادن کان ابتڙ.“ +”اُن جي معنيٰ؟“ +”اُن جي معنيٰ اِها ته آءٌ اوهان تي شرط رکان- پوئتي هلڻ جي شرط!“ +”پوئتي هلڻ جي شرط!؟“ +”هائو، پوئتي هلڻ جي – پوئتي کان پوئتي هلڻ جي.“ +”تون ڏاڍو ڪو عجيب گهوڙو ٿو لڳين!“ +”اُهو ته آءٌ آهيان، سو ته آءٌ آهيان، ۽ توهان کي به ته پوئتي هلڻ جو شوق آهي نه؟“ +”پر به، ڇا جي ڪري تون اسان تي اِها شرط ٿو رکين؟“ +”ڇا جي ڪري؟ اول ته اوهان پاڻ ئي غلط گهوڙي تي شرط رکي هئي نه؟“ +”ڪهڙي گهوڙي تي؟ اُن جو نالو ڇا هو؟“ +”اُن جو نالو اوهين ڄاڻو ٿا- ’نفرت‘!“ +”۽ تنهنجو ڀلا نالو ڇا آهي؟“ +”منهنجو نالو آهي ’قسمت‘!“ +هاڻي، ڊاڪٽر مهڪريءَ پنهنجي هن اٺسٺائيءَ ڳالهه، يعني فئنٽاسٽڪ اسٽوريءَ ۾ ڪهڙي به معنيٰ يا رمز رکي هجي، پر اُن جو ڪو ڪارٽون جيڪڏهن تصور ۾ آڻجي، ته ڏاڍو کل جهڙو ۽ سبق آموز هوند ٿئي. اوهين هڪ گهڙي اکيون ٻوٽي، پنهنجي آڏو ريس جي ميدان جو نقشو آڻي بيهاريو، جتي گهوڙا، تماشبينن جي جاين کي بينچون بنايو، پوين ٽنگن تي اوڪڙو ويٺا هجن ۽ پنهنجن اڳين سُنبن سان تاڙيون ويٺا وڄائين ۽ ڏند ڪڍيو پيا کلن، خوش ٿين ۽ هڻڪارون ڪن! ۽ اُنهن جي سامهون وڏي کليل ميدان تي ماڻهو آهن، جي پيا ڊوڙن- پر پوئتي، اڳتي نه! تِکا، وڌيڪ تِکا- پوئتي .... ڄڻ پوئتي هنن کي ترت کان ترت پهچي، ڪا کيپ کٽڻي آهي! آهي نه کلڻ جي ڳالهه؟ +پر کلڻ کان وڌيڪ هيءَ روئڻ جي ڳالهه آهي، ۽ پوئتي پوڻَ ۽ غلاميءَ جي ڳالهه آهي ته اِها آهي- ۽، جيئن مٿي چيو ويو، اصل ۾، پوئتي پوڻُ ۽ غلامي هڪ ئي شيءَ آهي. اوهين غور سان ڏسندا ته عالمي ميدان تي، جتي علم ۽ فڪر جي ڊوڙ هر وقت چالو آهي، اُتي عقل کان ۽ اُن جي روشن ڪيل اڄ جي دنيا کان نفرت تي سوار ٿي، بلڪ اُن نفرت کي پنهنجي مغز ۾ ويهاري، يعني اُن کي پنهنجي مغز تي سوار ڪري، نه رڳو پنهنجي قسمت تي يعني ڪنهن وقت پنهنجي حصي ۾ آيل علم تي خوش ٿي ۽ آڦونڊجي، هڪ هنڌ بيهي رهڻ، پر پوئتي ڪٿي اُن جي ’جوهر گم گسته‘ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، تکو تکو پوئين پير ڊوڙڻ، ۽ ائين دنيا جي آڏو پاڻ کي تماشو بنائڻ- هيءَ صورتحال ٻين تيز تيز اڳتي ويندڙ ماڻهن ۽ سماجن جي ڀيٽ ۾ هر طرح پوئتي پوڻَ ۽ اُنهن جي ئي ماتحت پنهنجي غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي صورتحال آهي. سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو ته اُهو پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو اِنهيءَ معنيٰ ۾ - هڪُ ڪرندڙُ وڏيرا شاهي، يڪ پيرو شاهوڪار شاهي، بيٺڪي سماجُ. هاڻي، اُن جا ماڻهو ۽ اُن جا اڳواڻ پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اِهوئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀرو ٿئي، ته سندن ادب کي اُهوئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو، يعني هڪ نجات ڏيندڙَ ۽ اڳتي نيندڙَ ادب جو رول- نجات ڏيندڙُ ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود اعتماد، پُراميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن: ۽ ائين، خود اُن جو پنهنجو آئيندو به اُنهي ئي انداز ۽ اُنهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪ اِهو سنڌي سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي فرض آهي ته پنهنجي ادب جي اِنهيءَ علم دوست، فڪر آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رخ کي مستحڪم ڪن، ۽ اُن کي اِنهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين- ڇو ته اُن جي آئيندي جي راهه اِهائي آهي، ۽ اُن جو آئيندو نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي اُنهي ئي منزل سان ڳنڍيل آهي، جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي. +(ڪراچيءَ ۾ سڏايل سنڌي ساهت ڪانفرنس 1981ع لاءِ لکيل) +سماج جي قومي تعمير ۽ وچين طبقي جو ڪردار +[27- ڊسمبر 1985ع تي سنڌي ادبي سنگت جي بسنت هال ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پڙهيل صدارتي تقرير] +انسانَ – فردَ ۽ اجتماعَ – جي سموريءَ ترقيءَ ۽ تعمير جو سببُ ۽ مظهرُ دولت جي پيداوار آهي- دولت، مادي ۽ روحاني: اُن سڄيءَ پيداوار جا ڪارگر جزا يا پُرزا ٽي هوندا آهن- پورهيو، وسيلا ۽ تنظيم، جيڪي پڻ مادي ۽ روحاني يعني جسماني ۽ ذهني نوع جا هجن ٿا، ۽ اُنهن جي وجودجڻ جو ۽ استعمال جو واسطو خود انسان سان هوندو آهي. اِنهيءَ ڪري انساني ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ، بهرحال، انسان ئي ذميدار رهي ٿو ۽ نه ٻي ڪا هستي يا قوت. +پورهئي ۽ وسيلن جي آسان ۽ سڦل استعمال لاءِ انسانن جو پهريون تنظيمي قدم، يعني ٻن يا ٻن کان وڌيڪ فردن جي ٻڌي يا گڏيل ڪم جي ڪوشش، انساني سماج جي تعمير جو بنيادي پٿر بڻيو. ۽ ائين ڪُڙم يا ڪٽنب مان ٿيندي، قبيلائي منزل تي جڏهن دولت يا اُن جي پيداوار جي ڪارگر جزن مان ڪنهن هڪ، ٻن يا ٽنهي تي ڪو فرد يا گروهه ڪنهن قدر خُلاصو قابض بڻيو، ته اِئين سماج ۾ طبقا پيدا ٿيا، جيڪي اڪثر ٽي شمار ٿين ٿا- مٿيون طبقو، هيٺيون طبقو ۽ وچون طبقو؛ ۽ اِن سان انساني سماج ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ شروع ٿي، جا تاريخ جي مختلف ادوارن مان گذرندي، اعليٰ صنعتي دور جي سماج واد دنيا ۾ گهڻي قدر ختم ٿي چڪي آهي، پر سامراجي دنيا ۾ مٿئين سرمائيدار ۽ هيٺئين پرولتاري طبقي جي وچ ۾، ۽ اسان وٽ زرعي – ڌنارڪي دور ۾ مٿئين سردار- زميندار ۽ گماشتائي سرمايه دار طبقي ۽ هيٺئين غلام – هاريءَ ۽ باندي- پرولتاري طبقي جي وچ ۾ اڄ به زوران زور هلي رهي آهي. +انساني طبقاتي سماج جو مٿيون طبقو، جيڪو قابض ۽ کائو يا کپتڪار طبقو آهي، وڏي طاقت رکي ٿو ۽ عيش ۾ رهي ٿو، ۽ هيٺيون طبقو جيڪو مفلس ۽ کاٽُو يا اُپتڪار آهي، ڏاڍو بيوس ۽ محروم رهي ٿو. وچون طبقو هيٺئين طبقي سان ويجهيءَ پنهنجائپ ۽ اُن سان ڪافي همدردي ۽ مٿئين طبقي سان رشڪ ۽ حسد ۽ ڪافي ڪجهه لالچ ۽ حرص جي واسطي ۾ رهي ٿو، ۽ اِنهيءَ ڪري سماج ۾ هڪ کيڏبازَ ٽياڪڙ طبقي جو درجو رکي ٿو، ۽ مختلف دورن ۾ اُن وچين طبقي موجود صورتحال کي سدا موجود رکڻ ۾ ۽ پڻ ڀرجي آيل وقت تي گهربل انقلاب لاءِ سگهاري آواز، قابل تنظيم ڪار ۽ حوصله مند اڳواڻ جو ڪردار به ادا ڪيو آهي، ۽ اِنهيءَ طرح سماج جي انقلابي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ هن وچين طبقي جو وڏو هٿ رهيو آهي. +هيءُ وچون طبقو، مٿئين ۽ هيٺئين طبقي جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو ڪم به ڏئي ٿو- سماج جي مادي ۽ روحاني حاصلات جي ڏي – وٺ لاءِ وسيلي يا ذريعي جي حيثيت ۾، ۽ پڻ اُن حاصلات جي گڏ ڪرڻ، وڌائڻ ۽ سڌارڻ ۽ اجتماعن ۽ عام ڪرڻ جو ڪم – سوچ ويچار ڪندڙَ، پرک پروڙ رکندڙَ، سموهيندڙَ ۽ رچيندڙَ ۽ ڄاڻوءَ ۽ ڄاڻ ڏيندڙ جي حيثيت ۾. +اِن طرح، وچين طبقي ۾ ڪاريگر ۽ ڏاها، واپاري ۽ سوداگر، ڪاردار ۽ رکوالا، استاد، عالم ۽ علمي پيشه ور، ۽ پڻ ملازم پيشه ۽ عملدارَ اچي وڃن ٿا. هن طبقي ۾ خاص طرح اديب، فنڪار ۽ شاگرد به شامل رهن ٿا- ٻن سببن ڪري: هڪ ته گهڻي قدر اُهي هيٺئين ۽ وچين طبقي جي مائٽن جو اولاد آهن، ۽ ٻيو ته جوان عمريءَ ۾ مٿئين طبقي جا اديب، فنڪار ۽ شاگرد به پنهنجن وڏن جي خود پسند طبقاتي ڪردار کان دور رهندڙ ۽ اصولي ۽ آدرشي رهت ڏانهن مائل هجن ٿا. +غلام سماجَ يا قومون سوچينديون آهن ۽ خواب لهنديون آهن ته آزادي حاصل ڪري هو پنهنجا مشڪل آسان ڪنديون ۽ مسئلا حل ڪنديون. آزاد سماجَ ۽ آزاد قومون پنهنجن اُنهن خوابن کي ساڀيان ۾ بدلائڻ ۽ پنهنجن اعليٰ مقصدن جي حاصلات لاءِ عمل جا رخ مقرر ڪنديون آهن، ۽ اُن لاءِ رٿائون، تجويزون ۽ پروگرام ٺاهينديون آهن ۽ اُنهن تي عمل پيرا ٿي، پنهنجي زندگين جا سُکَ ۽ سڦلتائون ماڻينديون آهن. +1947ع ۾ اسان جي قوم آزاد ٿي، پر نالي ماتر- ٻن طرحن سان: اندروني طور ٿورائيءَ واري قوم هجڻ سبب اسين پنهنجي ارادي ۽ اختيار کان تقريباً محروم رهياسون ۽، خارجي طور، سڀني ڪمزور ملڪن ۽ قومن وانگر، نئين عالمي سامراج لاءِ هڪ جديد نؤآبادي بنجي وياسون، ۽ ٻيو ته اسان جو وچون طبقو تقريباً سڄو – اسان جا اديب، فنڪار، استاد، عالم، تاجر، علمي پيشه ��ر، سياستڪار ۽ عوامي ڪارڪن، سرڪاري عملدار ۽ اعليٰ ڪاريگر- اسان وٽان نڪري ويا، ۽ ائين اسين پنهنجي تقريباً سڄيءَ شهري آباديءَ کان محروم ٿي وياسون، ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ ڌاريَن طبيعتن ۽ سڀيتائن وارا ماڻهو گڏجي سڏجي، مرڪزي طاقت جي پُشتيءَ سان، ڪافي وڌيڪ تعداد ۾ اچي، اسان جا وڏا شهر والاري ويٺا، ۽ ائين اسان جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ويڇو پئجي ويو ۽ اُنهن جو سُٻنڌ ٽٽي پيو، جيڪو اسان جي قومي سڀيتا جي جيئاپي ۽ اُن جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ سهڻ کان مٿي ۽ ناقابل تلافي نقصان هو. +معاشرتي علوم جا ماهر انساني سڀيتا کي ٻن روايتن جو مرڪب سڏين ٿا- ٻهراڙيءَ جي يا ڳوٺاڻي روايت جنهن کي هو ننڍي، ابتدائي يا بنيادي روايت چون ٿا، ۽ ٻي شهري روايت جنهن کي هو وڏي، ثانوي يا ثمردار روايت چون ٿا، جيڪا قوم جي انيڪ ڪٽنبن، خاندانن، قبيلن، ڳوٺن ۽ علائقن جي طرح طرح ۽ ڀانت ڀانت جي روايتن کي گڏي، ڇنڊي ڇاڻي، سڌاري ۽ وڌائي، عمومي ۽ اجتماعي صورت ۾ آڻي، سڄيءَ قوم جي ناموس ۽ ورثي طور مرتب ٿئي ٿي. اِئين زرعي- ڌنارڪي دور جي سماج جو وچون طبقو جيڪو گهڻي قدر شهري آباديءَ تي مشتمل هجي ٿو، اُهو ئي اُن عمومي، وسيع ۽ جامع قومي سڀيتا جي تشڪيل ڪري ٿو، جنهن ۾ قوم جي سڄيءَ رهت سهت، ڪارڪرت ۽ جسماني ۽ ذهني وسيلن، تنظيم ۽ پورهئي جي سڄي پيداوار- مادي ۽ روحانيءَ – جو عڪس يا نچوڙ اچي وڃي ٿو. +قومي سڀيتا جو ائين ٻهراڙيءَ جي وسيع عوامي روايت جي بنيادن تي شهري روايت طور اُسرڻ ۽ نِسرڻ، اجتماعجڻ ۽ عام ٿيڻ ممڪن ئي تڏهن هجي ٿو، جڏهن ٻنهي روايتن جي اظهارجڻ جو ذريعو ساڳيو هجي. 1947ع کان پوءِ سنڌي سڀيتا کي اظهار جي ذريعي جي اِها هم آهنگي ميسر نه رهي، بلڪ وڏن شهرن (ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن) ۽ ’ٻهراڙين‘ جي الڳ الڳ ٻولين هجڻ ڪري سنڌ جي انساني آباديءَ ۾ هڪ تفرقو ۽ ڏڦيڙ قائم ٿي ويو، جنهن کي اسان جي سنڌي حڪمرانن، هارايل رانديگرن وانگر، آخري هڪ داءَ طور ائين مُنهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جو نئينءَ شهري آباديءَ لاءِ اسڪولن ۾ اُنهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي قرار ڏني- پر افسوس، اختيار ۽ ارادن کان وانجهيل اسان جا اُهي ڪم عقل ۽ ڪوتاهه بين حڪمران جيڪي پنهنجي مدي خارج طبقاتي مفادن خاطر اڳي ئي قوم وڃائي ۽ ملڪ تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا، پنهنجو اُهو داءُ به هلائي ۽ پنهنجي اُها ڳالهه به قائم رکي نه سگهيا، ۽ سڄي اسان جي قوم وائڙي ٿي ۽ توائي بڻجي ڌَڪيل ٻيڙي وانگر وقت جي بي ترس طوفان جي حوالي ٿي ويئي. +اُنهيءَ قومي آپدا جي وقت به اسان کي جهڙو تهڙو وري به اسان جو بچيل سچيل ۽ اڀرندڙ وچون طبقو ڪم آيو، ۽ اسان جي اديبن، شاعرن، استادن، شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن، چند قومي شعور رکندڙ مٿئين طبقي جي اڳواڻن ۽ سياستڪارن کي ساڻ کڻي ۽ اُنهن سان ساڻ بيهي، پنهنجن چند قومي ادارن ۽ تنظيمن وسيلي – جن ۾ سنڌي ادبي سنگت به هڪ باشعور تنظيم ۽ هڪ ذميدار اداري طور ڪم ڪيو – پنهنجي قومي سڀيتا جي اُن ڌَڪيل ٻيڙي کي هيتري تائين بچائي ورتو، ۽ اڃا به اُن کي تاري ۽ سلامت ساحل تي وٺي آڻڻ جي ڪم ۾ اُهي رُڌل آهن. +اڄ اسان جا شهرن ۾ آباد ٿيل ٻاهريان ڀائر، پاڪستان ۾ ٻيو ڪو وطن نه رکندڙَ، پاڻ ئي محسوس ڪري رهيا آهن ته هنن گذريل هيترو عرصو پنهنجي سنڌ وطن جي وسيع عوام جي ٻولي نه سکي ڪري، پاڻ کي هڪ پختي بنياد کان محروم رکيو آهي ۽ ائين هنن خود پاڻ سان ڪا ڀلائي نه ڪئي آهي. هو هاڻي پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ اُنهيءَ ئي اوائلي رٿا موجب سنڌي ٻولي چاهه سان پڙهارائڻ چاهين ٿا. اڄ اسان جو، خاص طرح اسان جي اديبن، شاعرن ۽ استادن ۽ شاگردن جو به اِنهيءَ ڪري فرض آهي ته اسين ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ۽ کين پنهنجي وطن جي ٻولي سيکاريون. جيئن پنهنجي وطن سنڌ ۾ سندن پاڙ پختي ٿئي، ۽ هو ۽ اسين گڏجي سنڌي قومي سڀيتا کي سڌاريون ۽ ائين اُن کي پنهنجو قابل فخر گڏيل ورثو بنايون. +عزيزو، اوهان پنهنجي اِن عظيم ڪارج کي هٿ ۾ کنيو آهي- سنڌي قومي سڀيتا کي آزاد ۽ مضبوط ڪرڻ جو ڪارج، پنهنجي پورهيت عوام جي سماجي – اقتصادي آزاديءَ جي حاصلات جو انقلابي ڪارج: اُن لاءِ اوهان کي پنهنجن آزاد عوامي ادارن ۾ شامل ٿي ئي ڪم ڪرڻو پوندو- ڇو ته اسين اديب جيڪي اڪثريت ۾ وچين طبقي جا فرد آهيون پنهنجو اِهو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا ته سواءِ ڪنهن نه ڪنهن عوامي، قومي، ادبي ۽ انقلابي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ جي اسين پنهنجو اُهو فرض هرگز نباهي ڪين سگهنداسون. +عزيزو، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي قومي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ، پنهنجي نيڪدل ۽ ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ ڳهندڙ پورهيت عوام جي آزاد ۽ باوقار جيئاپي لاءِ روحاني دولت جي تخليق ۽ سندن آڏو اُن جي مخلصانه ۽ نيازمندانه پيشڪش اسان اديبن جو ذمو آهي. +اسان کي هرگز اهو وسارڻ نه کپي ته اسان جي سماج ۽ اسان جي قوم کي تاريخ ۾ ڪافي گهڻو وقت ڌارين جي تسلط هيٺ، ڳلٿي ۽ ڌونس جو نشانو بڻجي رهڻو پيو آهي. اڄ به اُن جي حقي ڳالهه ٻڌي نٿي وڃي. اڌوري ٻڌي ٿي وڃي، ڄاڻي ٻجهي غلط ٻڌي ٿي وڃي ۽ هرگز مڃي نٿي وڃي. اڄ به اُن جي انيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آهن، اُن جي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حقن کي ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، ’علاقائي‘ بي آب و گياهه پَٽن مان ڪڍي، ’قومي‘ سرسبز چراگاهن ڏانهن نيو وڃي ٿو، سگهارن ابلاغي ذريعن – پريس، ريڊئي، ٽيليويزن- کان، ’علاقائيءَ‘ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌتاري رکڻ ۽ ’قومي‘ ٻوليءَ کي آڍي مکي، وڏو ڪري، ملڪن ۽ ماڻهن مٿان مڙهڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سهولتن ۽ موقعن کي – اِدارائي، تنظيمي، تعليمي ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ - ’قومي‘ ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، ۽ ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو وڃي ٿو ته ڀل ته اُها پنهنجي مُنهن مٽيءَ ۾ ليٿڙندي رهي. هٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، هڪ ساهيءَ ۾ مذهب کي قوم جو واحد اساس چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽ ٻيءَ ساهي ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اساس چئي، قومي ٻوليءَ جي تقديس جو جواز، موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ ائين اسين جيڪي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلاف – مذهب ۽ ملڪ دشمن، قوم دشمن چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني هيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رهون، پيش پئون ۽ پنهنجي انفراديت، پنهنجي قوميت، پنهنجي انسانيت تان هٿ کڻون، ۽ سماج ۾، قومن جي برادريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم – پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراهه بڻجون. عزيزو، اسان کي، بهرحال، اِهو پوريءَ طرح سمجهڻ کپي ته اسان کي پنهنجي اِها ٻين جي سڻڀي گراهه بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانهي، ۽ ان انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم ۽ هر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آهيون ۽ سچا رهنداسين. +عزيزو، اسان کي هي به ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي تخليقي لياقتن جو اظهار ۽ ترقي اسان جي قوم جو به اهڙو اولين فرض آهي جهڙ�� ٻين قومن جو - ۽ جيڪڏهن اديبن ۽ عالمن جو ئي ڪم آهي ته قوم جي آڏو جيئڻ جو زوردار امنگ سدا اِئين تازو ۽ اُن جو مقصد سدا اِئين روشن رکن، ته اسين سنڌي قوم جا اديب پنهنجو اِ هو ڪم ضرور پورو ڪنداسين. اسان کي خبر آهي ته وطن دوست ۽ عوام پسند اديبن، عالمن ۽ شاعرن جو هر دور ۾ ۽ هر هنڌ پنهنجو هڪ ڪردار، هڪ رتبو رهيو آهي- اُنهن هميشه اصولن سان وفا ڪئي آهي، نظرين جي سچائيءَ سان نباهيو آهي. هو سدائين پنهنجي زبان، پنهنجي ادب ۽ پنهنجي تاريخ سان سچا رهيا آهن. سڄو سندن ڪم هڪ ئي احساس سان واسيل هوندو آهي- پنهنجن ماڻهن جي محبت سان، اُنهيءَ سچائيءَ ۽ انصاف ۾ پختي يقين سان ته ڪوڙَ ۽ ظلم جو موجود چڪرُ ختم ٿيڻ تي آهي ۽ سندن ڌرتيءَ جو انسان هڪ نئين انقلابي تبديلَ چاهي ٿو؛ اُنهيءَ پڪي ۽ سرگرم ارادي سان ته هو پنهنجي تخليقڪاريءَ وسيلي پنهنجي ڏتڙيل، محڪوم سماج جي اُن مقصد جي تڪميل ڪندا. +۽ اسان جي قوم کي تاريخ جنهن صورتحال سان دوچار ڪيو آهي، اُن ۾ اسان سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾ انهيءَ اميد رکڻ جو هرڪو سبب به آهي ته هو پنهنجي قومي مشاورت جي دل، اُن جو روح، بنجي ڪم ڪندا- اُهو روح، جيڪو پنهنجي جنم ڀوميءَ، پنهنجن ابن ڏاڏن جي جنم ڀوميءَ ڪاڻ لافاني پيار سان سرشار هجي، پنهنجن اُنهن ابن ڏاڏن تي فخر سان ٽمٽار هجي، جن سندن سامهون واقعي اڳتي وڌڻ لاءِ کليل رستا ۽ اُنهن تي پنهنجي سڄاڻ پيرن جا نشان ڇڏيا آهن؛ هڪ ئي ٻهڪندڙ خواهش سان روشن هجي ته سندن وطن جي پاڪ ڌرتي نه فقط پنهنجي، پر بني نوع انسان جي، آدرش جي تڪميل ڏسي سگهي- اُها سندن ’پنهنجي ڌرتي‘، جيڪا،شاعر جي ٻولي ۾، ”جيئن ڏسان ٿو ته به چمان ٿو، پر جيئن اُها ٿيندي ته ٽي ڀيرا جُهڪي آءٌ چمندس“!- +جيئي سنڌ +جيئي سنڌي ٻولي +جيئي سنڌي عوام- + + +”ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين!“ +[شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ طرفان 31- مارچ 1985ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۽ سيمينار ۾ ”شاهه ۽ نوجوان“ جي مهلائتي موضوع تي پڙهيل صدارتي تقرير.] +شاهه عبداللطيف ڀٽائي – سنڌ جو ساههُ، سنڌ جو روح، عالمي، شاعرُ: سنڌي ٻوليءَ کي سندن فڪرَ ۽ فنَ جي اظهارَ جي ذريعي جو شرف نصيب ٿيو. سنڌي قوم قدرت جي اِن سعادت بخشيءَ تي به اوترو ئي فخر ڪري ٿي ۽ سندس احسانَ مڃي ٿي جيترو پنهنجي وطن پاڪَ، سرزمين سنڌ، جي مرحمت ٿيڻ تي. +سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪارَ، +دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين! +هِن دعائيه آيت ۾ حضرت شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ لفظَ ’عالم‘، جي واحد جي صيغي ۾ آندو آهي، ته به اُن عالمَ، بمعنيٰ ’دنيا‘ ۾ سنڌ کي هڪُ مستقل وطن سڏيو اٿن، ۽ جيڪڏهن جمع جي صيغي ۾ ڪم آندو اٿن، ته به ڌرتيءَ تي جيئن ٻيا ارضياتي انساني عالمَ، جيئن تُرڪيءَ جو عالمُ، افغانستان جو عالمُ، چين جو عالمُ، دکن، جيسلمير، ڪڇ، ڪاٺياواڙ وغيره جا عالم يا دنيائون، تيئن پنهنجي وطن سنڌ کي به هڪ قائم بالذات، مستقل عالمُ يا دنيا چيو اٿن- +موٽي مانڊاڻن جِي، واري ڪيائين وارَ، +وڄون وسڻ آئيون، چڱيءَ ڀَت چؤڌارَ، +ڪي اُٿيون اِستنبول تي، ڪن مڃيا مغرب پارَ، +ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندَ سارَ، +ڪي رَمي وييون رومَ تي، ڪي ڪابلِ ڪي قنڌارَ، +ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنارَ، +ڪنِ جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بُڪارَ، +ڪنهين ڀُڄُ ڀِڄائيو، ڪِنهين ڍَٽ مٿي ڍارَ، +ڪِنهين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهارَ، +سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ، +دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين! +حضرت شاهه سائينءَ جن پنهنجي رسالي ۾ (”رسالو“ يعني ”پيغام“) سارنگ جو هيءُ سُرود تخليق ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قدرتي نعمتن ۽ تهذيبي فضيلتن کي روشن ڪيو آهي. +مُند ٿِي منڊل وڄيا، ڪِي اوهيرن اوڪَ، +ڇاڇر ٿي ڇَنن ۾، مِنيهُون چرن موڪَ، +سَرهيون ٿيون سنگهاريون، پويو پائين طوقَ، +ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪَ، +لَٿا مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا. +- +موٽي مانڊاڻن جِي، ڀَري ڪيائين ڀَيڄَ، +وڄون وسڻ آئيون، سارنگُ چڙهيو سيڄَ، +نُوريون تَنهن نوازيون، ڏيئي ڏوڻا ڏيڄ، +ٻجَ کڻي پَٽِ هليا، هاري منجهان هيڄَ، +راضي منجهان ريڄَ، عالم سڀ آباد ٿيو. +- +موٽي مانڊاڻن جِي، جُڙي ڪيائين جوڙَ، +وڄون وسڻ آئيون، ٻَهه ٻَهه ڪري ٻوڙَ، +اَنن جا عالم ۾ کَون اندر کوڙَ، +سارنگَ لاٿي سوڙَ، ساندهه سُهائو ٿيو. +- +موٽي مانڊاڻن جا، ڀَري ڪيائون ڀَرَ، +وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪَرَ، +مينهون پاڻمراديون، ٿڌا چرن ٿَرَ، +ساري اچيو سامهيون، ڏِين سَنجهي کير سڄرَ، +ساڻ وانڍَين وَرَ، پَريون پَرچڻ جون ڪيون. +- +حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن، +وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مِينهن ٽِمن، +جن مَهنگي لئه ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن، +پنجن منجهان پندرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن، +ڏڪاريا ڏيهه مان شَل موذي سڀ مرن، +وري وڏيءَ وَسَ جون ڪيون ڳالهيون ڳنوارن، +سيّد چوي سڀن، آهه توهَه تَنهن جي آسرو. +شاهه سائينءَ هِن سُرود ۾، جنهن کي آءٌ وطن لاءِ سندن قصيدو سمجهان ٿو، سنڌ کي سنڌ سڏيو، سنڌڙي سڏيو ۽ جوءِ، ڀُون، ساڻيهه، ڏيهه، وطن ۽ مُلڪ سڏيو. ۽ اِن ۾ پاڻ سنڌي قوم کي، خاص طرح اُن جي عوام کي، وڏي پيار ۽ ڏاڍي پاٻوهه سان، پنهنجا سانگي، سيڻَ، سنگهارَ، ولهارَ ۽ لوڪَ سڏيو اٿن، ۽ اُنهن لاءِ ورائي ورائي پنهنجي سِڪ ۽ سَنيهه جو اظهار ڪيو اٿن ۽ دعائون گهريون اٿن- +- وطن وسائيج، ته سنگهارن سُک ٿئي! +- آءٌ آسائتي آهيان، مانَ ڀڄائي ڀُون! +- سٻاجهي ستارَ، لاٿا ڏُرت ڏيهه تان. +- کنوي خراسان، سُکِ وسايَئون سنڌڙي. +- قادر، ڪر ڪرم، ته وطن ۾ وس ٿئي! +- سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار! +پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ، اهڙي پنهنجي ڀلاري وطن ۽ اهڙن پنهنجن سٻاجهن لوڪن لاءِ اسان جي دلي حب ۽ دوستيءَ جي اظهار ۾ شڪ ڪندي، بلڪ اُن لاءِ اسان کي ننديندي، ۽ اسان تي ڪيئي الزام هڻندي، ڪن اسان جي ڪرم فرمائن پنهنجي برتر وفادارين ۽ ايماندارين جون دعوائون ڪيون، ۽ اسان کي اسان جو ”شاهه“ سيکارڻ چاهيو ۽ چيو ته شاهه جو سرود سارنگ سنڌ جو قصيدو نه، سنڌي ماڻهن جي سک، سڪار ۽ سلامتيءَ جي خواب جو اظهار نه پر سنڌ ۾ اسلام جي آمد جو علامتي اظهار هو- ڄڻ اهي ٻه ڳالهيون پاڻ ۾ ڌريائين ناموافق يا متضاد هيون! ڄڻ دين اسلام جي اختيار ڪرڻ سان عربستان، ترڪي، مصر، ايران يا ٻيا ملڪ، ملڪ نه رهيا هئا ۽ اتان جون عرب، ترڪ، مصري، ايراني ۽ ٻيون مسلمان قومون، قومون نه رهيون هيون، ۽ اُهي پنهنجي پنهنجي وطن کي ۽ پنهنجن پنهنجن لوڪن کي پيار ڪرڻ ۽ انهن جي دفاع ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي ويون هيون، يا انهن جي ڪنهن شاعر يا ان جي خاص ۽ عام پڙهندڙن کي پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ ۽ قومي اتحاد ۽ خوشحاليءَ جي چاهنا رکڻ ۽ خواب لهڻ جو ضرور ئي نه رهيو هو! ۽ جي هنن اهڙا خواب لڌا ٿي، ته اُهي ٻاهريان، جيڪي اسلام جو نالو کڻي وٽن آيا هئا يا ائين مٿن حاڪم بڻيا هئا، تن کي حق هو ته هنن تي اسلام دشمنيءَ ۽ غداريءَ جا لقب لائين ۽ پاڻ کان گهٽ درجي جو آدم سمجهن، جن جي ملڪ يا زمين ۾ ته سندن دلچسپي هجي، پر جن جي ماڻهن ۾ سندن ڪا دلچسپي نه هجي! +حضرت شاهه عبداللطيف سنڌ جو شاعر هو، سنڌي ٻوليءَ جو شاعر هو، جنهن جو پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان ازلي سنٻنڌ هو ۽ اُنهن لاءِ هن جي من ۾ آئيندي جو هڪ خواب موجود هو- آزاديءَ جو خواب، طويل ۽ لاڳيتيءَ غلاميءَ جي تاريڪ رات کان پوءِ آزاديءَ جي روشن صبح جي طلوع ٿيڻ جو خواب، جنهن جي حقيقت ۾ بدلجڻ جا آثار سندس آڏو نروار به ٿي رهيا هئا. مغل اقتدار پوريءَ طور للڪارجي رهيو هو. پاڻ يارنهن ورهين جو سمجهدار معصوم ٻار ئي هو، جو 1700ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙو، جنگ آزاديءَ ۾ وڙهندي، قرآن جي ضمانت تي ٺڳجي، ڳالهين لاءِ اورنگزيب جي پٽ معزالدين وٽ ويو، جنهن وعده شڪني ڪري کيس گرفتار ڪيو ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي چيچلائي، سَنڌَ کان سَنڌَ الڳ ڪرائي، شهيد ڪيو. ڪلهوڙن جي جهنڊي هيٺ، آزاديءَ جي جنگ پوءِ جاري رهي ۽ ميان دين محمد جو ڀائٽيو ميان يار محمد اُتر سنڌ مان مغلن جا پير اُکوڙيندو اڳتي وڌندو رهيو، تان جو مغل مجبور ٿي، پهريائين سبي ۽ ڍاڍر پوءِ بکر ۽ سيوهڻ جي علائقن تان دستبردار ٿيا، ۽ ائين 1711ع ۾، جڏهن شاهه جي عمر 22 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، سڄي اتر سنڌ مغلن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، ۽ پاڻ، مارئي جي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جي حتمي جواز طور فرمايائون- +کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، ور جهنگل ۾ جهُوپي، +جو اَباڻن اَڏيو، ڳڻن سان ڳُوپي، +وينديس ويڙهيچن ڏي، لوهه ڀڃي لُوپي، +چڀڙ آءٌ چُوپي، سڪ لاهينديس سومرا! +- +کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، وَرُ ويهڻُ وسڪاري، +منهنجو تُور تَلِن ۾، اُت چيها ٿو چاري، +مري رهنديس ماڙئين، ساهيڙيون ساري، +ڍائي ڍٽ ڌاري، آهم اُٺين مينهڙين. +- +ننگا آهيون نکتا، اسين مارو لوڪ، +ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍَڪ ڍاٽيئڙن جي. +شاههَ غلاميءَ مان آزاد پنهنجي ديسَ جو اِئين هڪ نبار آدرشُ ۽ دنيا ۾ پنهنجي آزاد ديسواسين جي انساني حيثيت ۽ قدر جو هڪ پرخلوص ۽ معصوم تصور آڏو رکيو ٿي. هو هڪ بيحد ملوڪ فرد هو، سدا پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن سان جُڙيل، انهن جي هر دک ۽ هر خوشيءَ سان واڳيل- بيحد هڪ حساس، مُتلاشي ۽ باغي روح، فطري ۽ سماجي فضا ۾ گهيريلَ انساني زندگيءَ جي اهميت ۽ اُن جي منزل جي ڄاڻ چاهيندڙُ – اهميتَ ڀلاين ڀريلَ، پر اَڪٿُ؛ منزل پري کان پري، پر سدا اکين آڏو؛ ته جيئن انفرادي ۽ قومي زندگيءَ جي اُن اعليٰ اهميت ۽ منزل ڏانهن وڌڻ ۾ جو ڪجهه ٿئي سو ڪجي- +منزل ڏور مَ مٽ، ڇڏ نه سير لڪن جو، +لُئن جي واٽ مَ لَٽ، لُئن ري حرفُ هئڻ کي. +’آزاد ديس جا آزاد ديس واسي‘ – شاهه جو سڄو روحاني جولان ۽ ان جو عروج اِهو هو: شاهه جي دؤر جي سنڌ جن تاريخي حقائق سان مُنهن مقابل هئي، اُنهن جي تقاضا شاهه جي اعليٰ انساني روح لاءِ اِها هئي، ۽ اُن کي ساڳيءَ طرح جو نِبارُ ۽ معصوم خيالي تصور، سادن، سهڻن، اَمَٽ لفظن ۾، پاڻ هيئن ڏنائون- +نڪا جهَل نه پَلَ، نڪو رائُر ڏيهه ۾، +آڻيو وجهن آهُرين، روڙيو رتا گُلَ، +مارو، پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مَرَڪڻو. +تحقيق، شاهه جي دؤر ۾، سنڌ پنهنجي قومي وجود جي شعور کان نوازجي رهي هئي ۽ پنهنجي ذات جي تسليميءَ ۽ قومي اظهار لاءِ جدوجهد ۾ مصروف هئي. سنڌ تي وحشي منگولن- ارغونن ۽ تَرخانن، ۽ مغلن – جي ڌارئين راڄ (جيڪي به بيشڪ مسلمان ئي هئا) ۽ سندن اَنڌي ظلم جي تقريباً سوا ٻن صدين (1520ع کان 1736ع تائين) جو ڊگهو سياهه ڪال ختم ٿي رهيو هو، ۽ سنڌ جي ماڻهن جي رتوڇاڻ بند ٿيڻ جي قريب اچي بيٺي هئي، ۽ سنڌ پنهنجي آزاديءَ ۽ اتحاد جي منزل تي ۽ سندس رهواسي پنهنجي خودمختياريءَ ۽ آزاد راڄ جي دروازي تائين پهچي رهيا هئا. +۽ شاهه جو رسالو سنڌ جي اُن آزاديءَ جي تلاش ۽ قومي تشخص ۽ خود اظهاريت جي اُڌمي جو ترجمان آهي. شاهه جو اِهو هڪ سڏ هو سنڌ جي ماڻهن کي، هڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڻ کي دريافت ڪرڻَ ۽ سڃاڻڻَ جو، ۽ پاڻُ مَڃائڻ جو. اِنهيءَ ڪري شاهه جو رسالو هِڪُ مذهبي يا حڪيمانه پستڪ کان وڌيڪ هڪُ قومي صحيفو آهي. اُن جي تشڪيل ۽ ترتيب سنڌ جي قومي زندگيءَ مان اُسريل هڪ روايت مثال آهي، جنهن جون پاڙون اُن زندگيءَ جي ٻن افضل ترين تاريخي دؤرن ۾ کُتل آهن – سومرن ۽ سمن جي ٻن دؤرن ۾، جيڪي (نائين صدي عيسويءَ جي وچ کان وٺي سورهين صديءَ جي شروع تائين) تقريباً ستن صدين تي پکڙيل هئا، ۽ سنڌ جي سماجي – تهذيبي سڃاڻپ جا عظيم ترتيبي دؤر شمار ٿين ٿا. +شاهه جي شعر جي ادبي افضليت ۽ صوفيانه اُڏام بيانَ ۽ ڪاٿي کان مٿي آهن، ۽ اُن جي فني خصوصيت ۽ سجلائت به پنهنجي مثل پاڻ آهن. پر سڀ کان وڌيڪ، اُهو سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ اخلاقي قوت جو هڪ سرچشمو آهي، ڇاڪاڻ ته اُهو اُنهن جي ٻوليءَ جي وسعت ۽ پختگيءَ جو حدَ نشانُ آهي- ٻولي، جيڪا سندن جُڳن جي زندگيءَ ۽ انساني جوهر جي پوري سفر جو هڪ مڪمل داستان آهي. +گذريل سال، سنڌالاجيءَ جي ”پير حسام الدين شاهه راشدي“ آڊيٽوريم، حيدرآباد ۾، پير صاحب مرحوم جي زندگيءَ ۽ ڪم بابت هڪ مضمونُ پڙهندي، مون چيو هو ته ”ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما“ هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سِرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو، سِرجڻ- ڪن تهذيبي، سماجي ۽ معاشي ادارن جي سرجڻ – ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو، وجود ۾ اچڻ؛ پوءِ جڏهن اُهو وقت آيو ٿي، جو خود خدا، يا ڪنهن خدائي آوازَ، ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو، ته عين اُن گهڙيءَ کان پوءِ اُهي پاڻ لاءِ ٻئي درجي جا ماڻهو ٿي رهڻ يا قومن ۾ هڪ گهٽ – برابر قوم ٿي رهڻُ هرگز قبولي نٿي سگهيا. پولنڊُ ۽ آئرلنڊُ جديد عالمي تاريخ جا اِن قسم جا ٻه سڀ کان وڌ قابل غور مثال آهن، ۽ ڪو ويجهي دؤر جو اهڙو مثال به گهرجي ته اُهو به بلڪل تازو، اسان جي بنهه وچ ۾ ۽ اکين آڏو، بنگله ديش جي صورت ۾، عمل ۾ اچي چڪو آهي. +اهڙيءَ طرح شاهَه اسان کي هڪ اَجهو ڏنو ۽ هڪَ پِراڻ – شڪتي ڏني، هڪ پناهگاهه ۽ پڻ آبحيات مهيا ڪيو، جيڪي تمام وڏن اَوَسَرَ جي وقتن تي ڪري پيل ماڻهن کي ڪم ايندا آهن ۽ نيم مرده قومن کي جيئاري پيرن ڀَر ڪندا آهن – اَجهو يا پناهگاهه ٻوليءَ جو، ۽ پراڻ – شڪتي، ساهه کڻڻ جي قوت، شاهه جو خود پيغام. اچو ته اَجهي جي اوٽ وٺون، ۽ پيغام سان واڳجي، اُن تي عمل ڪريون: ٻولي سهاري ۽ اتحاد جي ڳنڍ، ۽ قومن جي وچ ۾ برابريءَ جو باعزت درجو – قومي تشخص ۽ امن پسنديءَ جي عمل جي راهَه – سڀني جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سڀني جي وچ ۾ نيت ۽ نياءُ، عدل ۽ انصاف. +سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار، +دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين! +۽ پڻ چيائون: +جان تون ساقي آهئين، تان وٽي وچ مَ وجهه، +جُود تنهنجو جکرا، آهي ثاني سج، +نينهَن پيالو نج، کاس ڏج کُهيَن کي. +جيڪڏهن اسين هاڻي به پنهنجي شاهه جي هِن الاهي پيغام جو قدر ڪريون ۽ اُن تي هلون – يعني امنَ، انصاف ۽ مشترڪ ڀلائيءَ خاطر ”قومن جي وچ ۾ برابري“، ۽ هر قسم جي ”روڪ ۽ قبضي جو خاتمو“، اِنهيءَ لاءِ ته سڀني جي لاءِ ”محبت ۽ رزق جي وٽيءَ“ جي آزاد ۽ هڪ اکيائي، بلڪ کاس کُهيَن تائين پهچڻ جِي، گردش جاري رهي-، ته اڄ به اسين بچي سگهون ٿا ۽ نجات پائي سگهون ٿا- مري وڃڻ کانپوءِ نه، پر مرندي مرندي به – اسين معنيٰ، ته نه فقط اسين سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ ٻيا، پر دنيا جا سڀ ماڻهو ۽ قومون، جيڪي سامراجيت جي موتمار خطري هيٺ آيل آهن – سامراجيت ديسي ۽ وديشي-، ۽ پڻ سڄو بني نوع انسانُ، جيڪو، انگريزي هفتيوار رسالي ”ميامي هيرالڊ“ جي ڪالم نويس، جيني وينگارٽن، جي لفظن ۾، اَڄ ”سڀ کان وڏيءَ هولناڪ ٽيڪنالاجيءَ“، يعني ٿرمو- نيوڪلئر ٽيڪنالاجيءَ، جي قاتل خطري جي عين کُليل مُنهن ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. شاهه جو رسالو (وري به چئجي ٿو ته ”رسالو“ معنيٰ ”پيغام“) تحقيق، مذڪور ڪالم نويس جي لفظن ۾، اسان کي ”تابوت جي پيتيءَ جي اندر خاص بيرم“ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو، ۽ اسين جيڪي اُن تابوت جي پيتيءَ ۾ اندر بند آهيون، جيڪڏهن اڳي ئي موتُ اسان تي غالب پئجي نه چڪو آهي، ته اسان کي هيءُ بيرم تابوت جي ڍڪڻ کي کولڻ لائقُ بنائي سگهي ٿو، ۽ اسين ڪفن ڦاڙي موت جي اُن تابوت مان ٻاهر اچي سگهون ٿا. ۽ اِهو، يعني شاهه جو رسالو، تابوت جي پيتيءَ ۾، وري به مذڪور ڪالم نويس جي لفظن ۾، اسان لاءِ ”ساهه کڻڻ جي ڳڙکي“ به آهي، ته جيسين اسين بيرم کي دٻائي ۽ ڪفن کي ڦاڙي ۽ ٻاهر اچي، آزاد هوا تائين رسون، ۽ موقعي جو فائدو وٺون، ۽ پنهنجي جيئري رهڻ جو حق ماڻي سگهون، تيسين اندر تابوت جي بند پيتيءَ ۾ ٻوساٽجي مري نه وڃون. +اِنهيءَ ڪري، اچو ته گهٽ ۾ گهٽ اسين پاڻ پنهنجي لاءِ هميشہ اِهو ياد رکون ته سنڌي، اسان جي مادري زبان، اُها ٻولي جنهن ۾ شاهه جو اِلاهي آواز اسان ٻُڌو آهي، اسان لاءِ اُهو ”بيرم“ آهي، ۽ شاهه جو اسان کي هڪ قوم طور خود – چڪاسيءَ ۽ خود شناسيءَ جو پيغامُ ۽ صلاحَ اسان لاءِ اُها ”ساهه کڻڻ جي ڳڙکي“ آهي. اچو ته پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي فدائيت جي بنياد تي اسين متحد ٿيون، ۽، اتحاد ۾ پنهنجي قوت دريافت ڪري، قومن جي وچ ۾ برابريءَ جي درجي لاءِ جدوجهد ڪريون- ڌرتيءَ تي اُن جَنَتي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا هر قسم جي روڪ ۽ قبضي کان آجي هجي، ۽ جنهن ۾ سڀني لاءِ محبت ۽ رزقُ، منصفانه ۽ گهرج ساروُ، برابريءَ جي مانَ ۽ مَريادا سان موجود ۽ مهيا هجي. اسين پنهنجي شاهه جي حضور ۾، خراج عقيدت طور، فقط اِهو ئي گهٽ ۾ گهٽ سوچ ۽ عمل جو نذرانو آهي، جو حاضر ڪري سگهون ٿا. +پاڻ اسان کي چيو اٿن ته- +ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري، +سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي! +اچو ته پنهنجي هاديءَ ۽ پنهنجي محسن جو اِهو پيغام اَڄ سَرلين ڪَنين ٻُڌون ۽ هنئين سان لايون، ۽ ڏُور ستارن تي نظر رکي، پنهنجي مقصد جي امل نعمت ماڻڻ لاءِ، عمل ۽ قربانيءَ جي راهه تي، پنهنجي قافلي سان گڏجي ۽ قطار جي اڳتي وڌون- +ڇِڄُ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪئين، +مَڇُڻُ ٿِئين پُئان، وڳَ واٽَ ئي نه لهين! +شال اسان کان اِها ڳالهه نه وسري ته شاهُه – سنڌ جو ساهُه، اُن جو روحُ، عالمي شاعرُ، پر وري به اسان جو پنهنجو شاعرُ – پنهنجي سڄي فڪر ۽ سڄي اُتساهه سان، دنيا ۾ اسان جي حال ۽ اسان جي آئيندي جي پوري خير ۽ برڪتَ ۽ سڄيءَ نيڪيءَ جو طالب آهي، ۽ اسان کان ئي خواهشمند آهي ته اسين پاڻ اُن لاءِ عملاً ڇا ٿا ڪريون. هو سچ پچ پنهنجي رسالي جي هر سُرود جي هر داستان ۾ اسان کان فردن فردن ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم ۽ سڄي اسان جي معاشري کان اِهوئي سوال ڪري ٿو. هاڻي، اِهو اسان جو معاملو آهي ته اِن ڳالهه جو اسان وٽ ڇا جواب آهي-. +وندر جي وڃن، سي مَرُ ٻڌن سندرا، +ٻيون ڪوهه ٻڌَن، ڇوڙي جي ڇڏينديون! +- +وِهِين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي، +هارِي هيڪاندِي، ڪنهن پَر ٿيندِينءَ هوت سين؟ +- +وهين ۽ ويلا ڪرين، اِيءُ نه اُڪنڊ آهه، +سي لاڳاپا لاهه، اوريان اُڀارين جي. +جيئي شاهه! +جيئي شاهه جي سنڌ! +جيئي شاهه جو سنڌي عوام! +”ڏکوين اهڃاڻَ، مٿي سَڳَر پنڌڙا“ +عزيزو، مون حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ فن بابت هن مذاڪري لاءِ پنهنجي مضمون جو عنوانُ حضرت شاهه عبداللطيف جي هڪ لافاني سِٽ کي بڻايو آهي: +”ڏکوين اُهڃاڻَ، مٿي سَڳَر پنڌڙا“ +اُهي جيڪي ڏکويل آهن ۽ محروم آهن، اُهي پنهنجي ويل وَٿُ کي ورائڻ لاءِ، پنهنجي عظيم آدرش کي ڳولڻ لاءِ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ، سدائين پنهنجي راهَه عمل تي هلندا رهن ٿا ۽ وڌندا رهن ٿا – اِهائي اُنهن جي سڃاڻپ آهي. +عزيزو، هر سماجي فڪري نظامُ، پنهنجي ايامَ عملَ جي گذرڻ کان پوءِ، پنهنجو روحِ وڃائي، رڳو ڪريا ڪرم، خالي رسم رواج، جو ڍانڍو بڻيو، اُن جيان پِٽبو رهندو آهي. لفظ اُن جا پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندا آهن، بلڪ اصل جي جاءِ تي انهن جو مقصد بلڪل ئي ٻيو پيو هلندو آهي: اکرائين صورت ۽ آوازي غوغاءُ اُهوئي، پر اُن مان ڪجهه ورڻ سرڻ، سو بلڪل نه: انفرادي يا، وڌ ۾ وڌ، گروهي مفاد جو موهه ايترو، جو سچ ۽ ڪوڙ جو الڪو يا ساڃاهه ختم، ۽ اُن جي جاءِ تي ماڻهو رڳو منافقت کي ئي پنهنجي حاجت روائيءَ جو رستو سمجهي ويهندا آهن: نفسُ انساني، سڄي جو سڄو، ”آءٌ ۽ اسان“ جي حَوَس جو شڪارُ، ۽ ”ايمانَ ۽ ڪفرَ“ ٻنهي سان صداقت جو رويو ناپيد؛ ڳالهيون ۽ دعوائون وڏيون ۽ گهڻيون پر سچائي ۽ وفاداري ڪنهن هڪ سان به نه. اهڙن وقتن ۾، هڪ ڀيرو وري سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ هر هنڌ خود احتسابيءَ ۽ خودشناسيءَ جون تحريڪون پئي اُڀريون آهن. هِتي اسان جي پنهنجيءَ دنيا ۾، هندستان ۽ پاڪستان جي دنيا ۾، ۽ اُن جي آسپاس به، اسان جي ”ڌرمي“ ۽ ”مذهبي“ فڪري نظامن جي زوالجڻ، اُنهن جي اصل روح جي ختم ٿي وڃڻ تي اُنهن جي نئين سِر جيارڻ (اِحيا، پُونرَ جنم Revival، جون جيڪي اِن طرح جون تحريڪون اُٿيون، تن کي اسين ”ويدانت“ يعني ويدن جي انت جون، ”ڄاڻ“ جي نِڌانَ يا اصل جون ۽ ”تصوف“ يعني صاف (نبارُ، نجُ) سچ جون، معرفت جون، حقيقت جون، عين ”حق“ جون، تحريڪون سڏيون ٿا. سچ لاءِ اِن طرح جي بنيادي انساني امنگ، ارادي ۽ عمل جي دعوا اٿندي آهي، ته اُن جو سَٿُ، سَٿَ جو هر فردُ، اُن دعوا جي بار يا ذمي جي علامت طور ڪا پڳ ڪو ڇَٽُ (ڪنڊن جو ئي، ۽ اڪثر ڪنڊن جو) يا ڪا گودڙي، ڪو دَلقُ ضرور ڍڪيندو آهي، ۽ پوءِ ميدان ۾ لهندو آهي، ۽ اُن لاءِ هنن کي خواري به خواريءَ جهڙي سَهڻي ۽ جاکوڙ به جاکوڙ جهڙي ڪرڻي پوندي آهي. اُن ئي صورتحال ڏانهن اِشاريندي، حضرت شاهه عبداللطيف فرمايو هو: +”جي ڪُلاهُه رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿيءُ، +وِهه وٽي هٿ ڪري، پر پيالو پيءُ، +هَنڌُ تِنين جو هيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.“ +هِي پنهنجي ”حال“ جي سچ جا، اُن جي سچيءَ حقيقت، اصل يا نِڌان جا، کاهوڙي، هيڪل هيڪل ۽ سڄي پنهنجي سَٿَ سان، پنهنجي آسپاس جي سڄي ڪوڙَ، کِريب ۽ اَڀمان کي رد ڪن ٿا، ۽ اُن جي سڀني اَڀمانن، کِريبن ۽ ڪُوڙن کي سڃاڻن ٿا ۽ پڌرو ڪري بيهارين ٿا، اُن پردي کول کان وڌ ٻي ڪا اهم ڳالهه اُنهن لاءِ هوندي ئي ڪانهي: +اِن پَرِ نه ايمانُ، جِئن ڪلمي گوُ ڪوٺائيين، +دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان، +مُنهن ۾ مسلمانُ، اندر آذر آهيين! +(شاهه) +ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ، +هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو مَ جڳاءِ، +تلڪ تِنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سين! +(شاهه) +خوش بُود آزاد ز بند ڪفر و ايمان زيستن، +حيف ڪافر مُردن و آواخ مسلمان زيستن. +(غالب) +مي فروشم مسلماني را، +خوش بجان ڪفر را خريدارم، +مِي دهم آتش بمسجد و ديرها، +سَجا و سَجَاد را زنم به آتش؛ +زاهد بُپُرسد ڪ آن بيدين ڪيست؟ +صد بار بُگويم – مَنَم، مَنَم، مَنَم! +(سچل) +حق جانِ جهان ست و جهان همچو بدن، +اِملاڪ لطايف و حواس اين تَن، +افلاڪ و عنَاصر و مواليد، اعضا- +توحيد همين ست، دگرها همه فن. +(عمر خيام) +هزارن جي هڪ ڳالهه ٻڌائي ستگروءَ، +خلق وسي خالق ۾، خالَقُ منجهه خلقَ. +(سامي) +ساگر کَون نياري، ڪانهي موج ساگر جي، +سمجهي ڪو ”سامي“ چئي، اُتم اَڌڪارِي، +جنهن کي عين عشق جي، چڙهي خماري، +پَرڇِنَ پِنڊَ سارِي، سَٽي سماڻو سَمَ ۾. +(سامي) +سنتنِ، سا پُرسن، هوڪو ڏنو حق جو، +ٻُڌو تَنهن ٻانڀڻ چئي، محبت جنهن جي مَن، +ٻيا سڀ ڏيئي ٻنِ، دَرُ وَرائين دوست جو. +(سامي) +عجب موجي ڪِ بگذشت از سر ما، +غرق گر ديد ”ما و مَنن“ بَيَڪجا. +(سچل) +قربُ ڪِبرياءُ، ماءُ ملاقي نه ٿئي! +پورو اِي پرياءُ، صوفيءَ جي صلح ۾. +(شاهه) +عزيزو، ماڻهو جڏهن چؤپائي مان ڦِري، ٻه پيرو ٿيو، ۽ اُٿي بيٺو، زمين تان اکيون کڻي مٿي ڏٺائين ۽ پري نهاريائين، هُن جي ڄاڻ وڌي ۽ سمجهه پختي ٿي، ۽ ڪَس ڪَسَر سهي، ٻين پاڻ جهڙن ماڻهن سان هو گڏجي صلح سانت سان جيئڻ جو ڍنگ سکيو، ۽ ان جيئڻ کي وڻندڙ، سولو ۽ لاڀدائڪ ڏٺائين ۽ سمجهيائين، تڏهن اُن جيئڻ کي هُن پنهنجو ماڻهوءَ پڻو (ماڻهوئپ، ماڻهپو) سڏيو ۽ پنهنجي ”نيڪيءَ“ يا ”چڱائيءَ“ جو نالو ڏنو، ۽ اُن چڱائيءَ يا نيڪيءَ جا پوءِ هن ماپا ۽ ماڻ، نِيَمَ ۽ آدرش، سلسلا ۽ نظام ٺاهيا ۽ مقرر ڪيا، ۽ پاڻ تي ۽ ٻين تي انهن کي لاڳو ڪرڻ جا هو وڏا وڏا ويچار ۽ جَتَن ڪرڻ لڳو. ائين هُن مرُن وانگر، جانورن وانگر، پنهنجي پهرئين جيئڻ کي مِرونءَ – پڻو (مرونئپ، مرونئپو) سڏيو ۽ پنهنجي ”بديءَ“ يا ”بڇڙائيءَ“ جو نالو ڏنو، ۽ اڳتي اُن کان بچڻ جا، اُن کي روڪڻ جا، بلڪه ختم ڪرڻ جا، هو وڏا وڏا ويچار ۽ جتن ڪرڻ لڳو. چڱائيءَ ۽ بڇڙائيءَ، نيڪيءَ ۽ بديءَ، خير ۽ شرَ، سچ ۽ ڪوڙ، انصاف ۽ ظلم، محبت ۽ نفرت، امن ۽ جنگ وغيره جو اخلاقياتي دوراهو، اِئين ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي خصوصجڻ سان، انسان ۽ انسانيت جي شناخت سان ئي، ماڻهوءَ جي ردَ ۽ قبولَ جي وڌندڙ صلاحيت جي ڪسوٽي بڻجي، ڪافي اوائل کان هن جي سامهون موجود رهيو آهي. اِهائي هُن جي زندگيءَ جي طويل ۽ مشڪل راهه آهي، جنهن تي هن کي پاڻ ئي هلڻو آهي، ۽ اِهائي هُن جي تاريخ آهي- هُن جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اڻکٽندڙ سفر، سڀ هن جا علمَ ۽ سڄي هن جي علمي کوج ۽ ڄاڻ هُن جي اِن طويل سفر جي حقيقت جي گواهي ڏين ٿا. +ماڻهوءَ جي مذهبي روايت پڻ تاريخ سان هُن جي اِنهيءَ رفاقت، وقت سان لڳاتار هُن جي اِئين اڳتي وڌڻ ۽ مٿي اُڀرڻ جي حقيقت جي گواهي آهي. مقدس بائيبل جي پهرئين ڪتاب ”پيدائش“ ۾ آيل آهي ته ڇهين ڏينهن خدا فرمايو ته هاڻي، ”اسين ماڻهوءَ کي پنهنجي صورت تي، پنهنجي شبيهه جهڙو ٺاهيو ٿا.... ۽ پوءِ خدا ماڻهوءَ کي اِئين پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو، خدا جي شبيهه جهڙو هُن کي پيدا ڪيو“ (26:1-27). پر ماڻهوءَ کي اِئين پيدا ڪري ۽ اُن کي ڏسڻ کان پوءِ خدا اِئين ڪونه چيو ته ”اُهو سُٺو هو، چڱو هو“، جيئن اڳين پنجن ڏينهن تي زمين ۽ آسمان ۽ ٻين شين ۽ جانورن کي پيدا ڪندي ۽ اُنهن کي ڏسندي، اُتي ئي چيائين ته ”اُهي سُٺا هئا، چڱا هئا!“ اِن سلسلي ۾ بائيبل ۾ اڳتي هيئن چيل آهي: ”۽ خدا موسيٰ کي چيو، اسرائيل جي سڄيءَ جماعت کي چئو ته اوهين مقدس بڻبا، ڇاڪاڻ ته آءٌ اوهان جو مالڪ، اوهان جو خدا، مقدس آهيا��“ (احبار 1:19 -2)، ۽ اُن لاءِ سڄي بائيبل ۾ جڳهه جڳهه تي ماڻهوءَ کي ڏسيل آهي- جيئن قرآن مجيد ۾، دنيا جي سڀني مذهبي صحيفن ۾ به ڏسيل آهي- ته ماڻهن کي ڇا ڪرڻ کپي ته جيئن هو خدا جي تقدس جون، يعني خدا جي چڱائيءَ يا نيڪيءَ جون مکيه صفتون- انصاف، محبت ۽ امن جون- حاصل ڪن ۽ اُنهن تي عمل ڪن. بائيبل جي 33 ڪتاب ”ميڪاه“ ۾ آيل آهي: ”خداوند اوهان کي، اي ماڻهوؤ، ڏيکاريو آهي ته چڱائي ڇا آهي؛ خدا اوهان کان اِهوئي ٿو گهري ته اوهين انصاف ڪريو ۽ محبت کي هٿن ۾ مضبوط جهليو، ۽ ائين پنهنجي خدا سان گڏ امن سان هلو“ (8:6). +اِئين ئي پيغمبر اسلام اسان کي اها خبر ڏني: ”ان للهَ خَلَقَ آدمَ عليٰ صورتہ- بيشڪ آدم کي الله تعاليٰ پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو.“ قرآن حڪيم جو به فرمودو آهي: ”فطرت اللهُ التي فَطر الناس عليها- اِهي سڀ خدا جون صفتون آهن، جي انسان جي صفتن جو روپ وٺي ظاهر ٿين ٿيون.“ اسان جي سچل سائينءَ به، پاڻ کي ”سارو سچ“ چوندي، اسان کي اِهائي صلاح ڏني آهي: +”اوهي ڪم ڪريجي، جس وچ الله آپ بڻيجي.“ بلڪ تهان ئي وڌيڪ هڪ جرئتمنديءَ جو قدم اڳتي وڌائيندي، چيائين: ”دين ڪفر اسلام ۾ عاشق ڪڏهن نه اڙيجي.“ +بهرحال، ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي تاريخ کي ماڻهوءَ کان مٿانهينءَ ڪنهن هستيءَ جي ڏسيل راهه سڏجي يا ماڻهوءَ جو پنهنجو تجربو ۽ حاصلات چئجي، ٻنهي صورتن ۾، ذهني توڙي عملي طور، ماڻهو اُن سفر ۾ پنهنجي بهتر کان بهتر جيئڻ لاءِ، وڌ ۾ وڌ انصافَ، محبتَ ۽ امن جو متلاشي ۽ معمار رهيو آهي. +پر اِها به حقيقت آهي ته ماڻهوءَ جي ماڻهپي جو اِهو خدا کان مخصوصيل يا پنهنجي تجربي سان پنهنجا ويلُ تقدس، نيڪي يا چڱائي، اُن جا اِهي تفصيلي مظهر- محبت، انصاف، امن، وغيره- ڪي موتي يا هيرا ڪونه هئا جيڪي ڪٿي سمنڊ جي تري ۾ يا زمين اندر ڪنهن کاڻ ۾ پيل هجن، ۽ اُنهن کي اُتان رڳو ميڙي يا کڻي اچڻو هو؛ نه ئي اُهي ڪي وڻن جا ميوا هئا يا فصلن جا اناج، يا ٻيا ڪي ٺوس سامان هئا، جيڪي ڪٿي اپائڻا هئا ۽ اُتان پوءِ ڀريون ٻڌي کڻي هِت يا هُت رکڻا هئا، ۽ پوءِ اُنهن جي گهٽ يا وڌ هجڻ تي ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي تورَ ماپَ ٿيڻي هئي! نه، اِئين ڪونه هو. ماڻهوءَ جو ماڻهپو ته ماڻهوءَ جي هلت چلت ۽ هُن جي ڪردار مان، ٻين ماڻهن سان- پيءُ ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن، مٽن مائٽن، دوستن ۽ واقفڪارن، پاڙي وارن، ڳوٺ وارن، ديس واسين ۽ دنيا جي ٻين ڄاتل اڻڄاتل ماڻهن سان- هن جي لاڳاپن ۽ هن جي راهه رسم ۽ روش مان صورت وٺي ٿو ۽ ظاهر ٿئي ٿو. +ماڻهن ۾ ماڻهپي جي تربيت لاءِ، مذهبي ۽ غير مذهبي نوع جون ڪيئي ڪوششون عمل ۾ اينديون ۽ تاريخ جو حصو بڻبيون رهيون آهن. وقت گذرڻ سان ۽ بدليل حالتن ۾، هر اهڙيءَ ڪوشش کي پنهنجي دستوري ظاهر جي مقابلي ۾ اصلي ”باطن“ جي اصلاحي چئلينج سان دوچار ٿيڻو پيو آهي- مثلاً آريائي ڪرمَ ڪانڊَ جي ويدڪ برهمنيت کي گيان ڪَنڊَ جي اُپنيشد ۽ ويدانتڪ تحريڪ سان، مسيحيت جي پاپائي نظام کي ليوٿري ۽ ڪال ويني احتجاج ۽ اصلاح سان، اسلامي فقيهن ۽ اهاليانِ شريعت جي ”ظاهر“ کي تصوف جي باطن سان جنهن کي ”معرفت حق“ چيو ويو. +هر ”ظاهر“ جا لَکَڻ ساڳيا هجن ٿا ۽ اِئين هر ”باطن“ جون صفتون به ساڳيون ٿين ٿيون- توڻي جو ڪنهن ظاهر يا ڪنهن باطن جو کڻي ڪهڙي به پنهنجي اصل سان لاڳاپو هجي. ”ظاهر“ جيئن اُن جي نالي مان ڏسي ٿو سگهجي، ڏيکاءَ، وڏائيءَ، چالاڪيءَ، ڌڪارَ ۽ زور جو آڌاري هوندو آهي، ۽ قائم نظام جي بي انصافيءَ، غير برابريءَ ۽ ڪوڙ جو ساٿاري ۽ پنهنجي اصل کي اُن جي حمايت ۾ ڪم آڻيند�� هجي ٿو. ٻئي پاسي ”باطن“ سُور سهندڙ ۽ محبت ڪندڙ دل وارو، ڳنڀيرُ، نماڻو ۽ سچ سان صداقت رکندڙُ، ۽ پنهنجي اصل جي محرڪ جذبي جي ترجمان هئڻ سبب، سدائين ”ظاهر“ ۽ اُن جي ساٿي اقتدار جي مقابل اڏول بيٺل نظر ايندو آهي: ۽ اُهو هميشه ڏکويلَ ۽ محروميلَ وقت جي فرياد جو حاملُ، اُن جي آواز جو پڙاڏو، بلڪ خود اُهو آوازئي هوندو آهي. اِن طرح سماج ۾ جو ڪجهه به تخليقي عمل- علمَ، ادبَ ۽ فن جي صورت ۾، ۽ تاريخ ۾ جيڪي ڪي اصلاحي ۽ انقلابي تحريڪون اُٿن ٿيون اُهي سڀ، بلڪ ماڻهوءَ جو سڄو ماڻهپو، ماڻهوءَ جو هيءُ انفرادي توڙي اجتماعي باطن ئي ڄڻي ٿو- هيءُ اُن جو ضميرُ، اُهو هڪ ”خدا“ جو منجهس ويٺل آهي جيڪو کانئس ”اناالحق“ چَوَرائي ٿو. +اسان وٽ هتي، برصغير ۾ به، جيئن سڄيءَ دنيا ۾ هر هنڌ، ظاهر ۽ باطن جو هيءُ جهيڙو، انساني عمل ۽ روش جو هيءُ ٽَڪُر- سچ سان منافقت ۽ سچ سان صداقت جو مقابلو- ڪافي ڪن صدين کان هلندو پئي آيو آهي، ۽ سڄيون هي ڪيئي صديون ڌرتيءَ ڀلاريءَ جي هِن اسان جي بدنصيب خِطي پنهنجون سموريون انساني صلاحيتون فقط ۽ فقط اِنهيءَ هڪ تضاد جي چڪر ۾ شايع پئي ڪيون آهن، ۽ هندو ۽ مسلمان ٻيئي خلقون- هڪ پاسي ايڪو اَينڪال، تَتَ تومَ اَسِي ۽ اوم شانتي شانتي چوڻ واري خلق، ۽ ٻئي پاسي امن ۽ سلامتيءَ جي دين واري ۽ ”پنهنجي“ خدا کي رب اللعالمين ۽ اُن جي رسُول کي رحمت اللعالمين چوڻ واري خلق، پنهنجي پنهنجي ”ظاهر“ جي گهمنڊ ۾ ورتل، ٻَه پاڻَ ۾ توڙي هڪَ هڪَ اندروني طور، وڙهي وڙهي ڍانگها پئي ٿيون آهن، ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا بڻيون، دنيا جي بي ترس ۽ اُليءَ ورتل زوراور قومن آڏو ماس جي ٽڪرن جيئن پيون اڇلجن ۽ وري وري انهن جو سڻڀو گرانهه بڻجن. +پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”بقول زرتشت“ ۾ فِريڊرڪ نٽشي ”نجات“ جي عنوان هيٺ پنهنجي هڪ مضمون ۾، پنهنجيءَ دنيا کي، جاهَه ۽ جوفَ جي پٺيان اِئين الله ۽ مذهب جي نالي ۾ وڙهندڙ ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيندڙ ماڻهن کي ۽ قومن کي ڏسندي، چيو آهي: +”سچ پڇو، اي منهنجا دوستؤ، ته آءٌ اوهان ماڻهن ۾ هلان ٿو ته اِئين لڳيم ٿو ته آءٌ اوهان جي ٽُڪرن ۽ الڳ الڳ عضون جي وچ ۾ هلي رهيو آهيان! +”هيءُ منهنجي اکين لاءِ هولناڪ نظارو آهي، جو آءٌ ائين ماڻهوءَ کي ڀڳل ٽٽل ۽ ڇِڙِوِڇُڙ ڏسان ٿو، جهڙيءَ طرح ڪنهن ميدان جنگ يا ڪوس گهر ۾. +”۽ جڏهن منهنجي اک حال کان هَٽي، ماضيءَ طرف وڃي ٿي، ته به اُهوئي ساڳيو نظارو اُها ڏسي ٿي: رڳو ٽُڪرا ٽُڪرا، ڌار ڌار عضوا، ۽ ڀيانڪ حادثا- پر ماڻهو نه، انسان نَه! +”ڌرتيءَ جي مٿان حالُ ۽ ماضي- هاءِ! منهنجا دوستؤ، مون لاءِ منهنجي سهڻ کان مٿي هڪ پيڙا آهي؛ ۽ جيڪڏهن آءٌ ڪجهه ڌُور- ڏسندڙُ نه هجان ها اُن شيءِ جو، جا ضروري اچڻ واري آهي، ته مون کي هوند جيئڻ ئي ڪونه اچي ها. +”آءٌ هڪ ڏور – ڏسندڙُ، مقصد رکندڙُ، هڪ تخليقڪارُ، جو خود مستقبلُ آهيان ۽ مستقبل جي هڪ پُل به - ۽ افسوس هن پُل تي پاڻ به هڪ پِنگلو: آءٌ جو ڪجهه آهيان دوستؤ، بس اِهو آهيان. +”۽ اوهين به پاڻ ۾ اڪثر پڇندا آهيو: اسان لاءِ هيءُ ڪير آهي؟ اسان وٽ هو ڇا سڏبو؟ ۽ مون وانگر ئي اوهين جوابن لاءِ پاڻ کان سوال ٿا پڇو- +ڇا هو شاعر آهي؟ يا هڪ خالص ماڻهو؟ ڪو بَندَ ٽوڙيندڙ؟ هڪ نيڪ ماڻهو؟ يا ڪو بڇڙو ماڻهو؟ +”آءٌ به اوهان جي وچ ۾ مستقبل جي ٽُڪرن طور هلان ٿو: اُهو مستقبل جيڪو منهنجي تصور ۾ آهي. +”۽ منهنجي جذبي جو سڄو اُڀارُ منهنجي فڪر جو سڄو پرواز اِهو آهي ته اُنهن سڀني ٽُڪرن کي، رازن کي ۽ ڀيانڪ حادثن کي ميڙي گڏ ڪري ۽ جوڙي، هڪ ايڪي ۾ آڻي ��ڏيان.“ +۽ اِهوئي ڪم هو- ”ماڻهن کي ايڪي ۾ آڻن جو ڪم“ جو اسان جي جوڳين ۽ سنياسين، سنتن ۽ درويشن، ويدانتين ۽ صوفي سڳورن پئي ڪيو آهي. اِهوئي ڪم اسان جي شاهه سائينءَ ۽ سامي صاحب ڪيو، ۽ اِهوئي ڪم هو، جو اسان جي سچل سرمست ڪيو، جنهن جي فڪر ۽ فن تي اڄ اسين هتي سوچي رهيا آهيون، ۽ اسان سڀني کي به اڃا اِهو ڪم ڪرڻو آهي- جيترو ٿي سگهي اوترو، جيستائين ٿي سگهي تيستائين! +۽ انهيءَ ئي ڪري مون هِن پنهنجي مختصر مضمون کي شاهه سائينءَ جي هڪ لافاني سٽ جو نالو ڏنو: +”ڏکوين اُهڃاڻَ، مٿي سڳر پنڌڙا!“ +(سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، ڪراچيءَ جي سهاري هيٺ سڏايل ٽن ڏينهن- 26، 27 ۽ 28 نومبر 1989ع- جي بين الاقوامي سچل سيمينار ۾ پڙهيل مضمون). + + +تال، رس ۽ لئي +(ثقافتي ادبي تنظيم، شاخ ڪوٽڙيءَ، پاران نوجوان راڳي وحيد عليءَ سان رچايل رهاڻ جي موقعي تي ڪيل صدارتي تقرير.) +ثقافتي ادبي تنظيم ڪوٽڙيءَ جا اڳواڻو ۽ خدمتگارو ۽ هتي آيل سڀئي محترم دوستو، بزرگو، آءٌ اوهان جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، جو اوهان مون کي هن محفل جي صدارت جي عزت ڏني آهي. +اڄ رات جي هيءَ محفل اسان جي پياري نوجوان فنڪار وحيد عليءَ جي نذر آهي. فنڪار لاءِ سڀ کان وڌ خوشيءَ جي ڳالهه، سڀ کان وڌ عزت ۽ مانَ جي ڳالهه، اها آهي ته هن جو ڪم ٻڌجي ۽ ڏسجي ۽ هن کي صحيح داد ڏجي. سو اڄ جي هن اوهان جي محفل جي مانائتي فنڪار ۽ اوهان جي وچ ۾ آءٌ آڏ بڻجي بيهڻ نٿو چاهيان. هونئن به هن کان اڳي ئي ڪافي ڳالهيون ڏاڍيون سٺيون ۽ ڪم واريون ٿي گذريون آهن. وڌيڪ اوهان جي صبر ۽ پڻ پنهنجي صبر ۽ سڪ کي امتحان ۾ نه وجهجي ته چڱو، ۽ وحيد عليءَ ۽ ساڻس گڏ آيل ٻين راڳي فنڪارن کي ٻڌجي ته بهتر ٿيندو. +عزيزو، مون کي اوهان سان ڪا ڊگهي يا ڪا وڏي ڳالهه ڪرڻي به ڪانهي- اهڙي ڪا، جا اوهان لاءِ نئين هجي. بهرحال جنهن ڳالهه لاءِ يعني راڳ جي شوق ۾ اوهين هتي گڏ ٿيا آهيو، ان جي تعلق سان آءٌ اوهان جا پنج اٺ منٽ وٺڻ گهران ٿو. +اوهان کي خبر آهي ته هيءَ زندگي، هيءَ دنيا، هيءَ ساري ڪائنات ۽ اُن جي هر شيءِ يعني ڪل فطرت، هر دم تبديل ۽ روانيءَ جي عمل ۾ مصروف آهي. سجاڳ ذهن رکندڙ ڏاهَن پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي مان ائين معلوم ڪيو آهي ته هن سڄي تبديليءَ ۽ روانيءَ جي عمل دوران، فطرت ۾ ٽي خصوصيتون بهرحال موجود هجن ٿيون. انگريزيءَ ۾ انهن کي Melody, Harmony & Rhythm چيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ اسين انهن کي تال يا تار، رس ۽ لئي چئون ٿا، تارَ يا تالَ جو واسطو وقت جي مساوي اِڪاين سان آهي، ۽ ان جو عمل ورجاءَ يا وري وري ٿيڻ سان آهي. رس جو واسطو ۽ عمل جزن جي باهم موافقت، ۽ لئي جو سُريلائپ يا ترنم سان آهي. +فطرت جي اِن تبديليءَ ۽ روانيءَ جي عمل کي اُن جو ”وجودي عمل“ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ تسلسل به آهي ۽ ارتقائيت به آهي. اِنهن ٽنهي خصوصيتن مان ڪنهن هڪ، ٻن يا ٽنهي يعني تال، رس يا لئي جي ڳڙٻڙ سان، ان گڙٻڙ جي محدود دائري ۾ فساد جي يا تخريب جي صورت پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي فطرت جو وجودي (وسيع ۽ حاوي) عمل وقت سر ٺاهي جوڙي، بحاليءَ جي هڪ نئينءَ ۽ بهتر صورت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. اِهوئي ان جو عمل ارتقا جي راهه ۾ اُن جو سفر شمار ٿئي ٿو. +سوچ ۽ فڪر جي صاحبن ۽ ڄاڻن اسان کي ائين به ٻڌايو آهي ته فطرت جي اِن لڳاتار وجودي عمل جي اِنهن ٽن خصوصيتن يعني تال، رس ۽ لئي تي بنياد رکندي ۽ ان جو نقل ڪندي، انسان به پنهنجي سڄي انفرادي ۽ معاشرتي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي تعمير ۽ اصلاح جاري رکي آهي. انساني معاشري جا لطيف فن يعني ناچ، راڳ، ساهت ۽ مورت ڪاري يا مصوري به فطرت جي اِنهن خصوصيتن تي مداريل آهي. مصوري (جنهن ۾ چترڪاري، بت تراشي ۽ عمارت سازيءَ جا فن شامل آهن)، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ يڪجائي ۽ سڪون جي ڪيفيت آهي. تنهن ۾ رس يعني جزائين موافق تربيت ته هجي ٿي. پر ان ۾ تال ۽ لئي جون خصوصيتون موجود نه هونديون آهن. ناچ ۾ وري تال ۽ رس هجن پر لئي، ڇاڪاڻ ته لئي جو واسطو آواز سان آهي، ڪا نه ٿي ٿئي. خالص ادب، خاص طرح انهيءَ جي شعر، ۾ پڻ ائين هوندو آهي. يعني رس ۽ تال موجود لئي عدم موجود، اِن لحاظ کان موسيقي يا راڳ ئي هڪڙو اُهو لطيف فن آهي، جنهن ۾ فطرت جي وجودي عمل جون ٽيئي خصوصيتون يعني تال، رس ۽ لئي لازمي طور موجود هجن ٿيون، ۽ ان هڪ ڳالهه ڪري موسيقيءَ کي ڪامل فن يا فطرت جي ڪامل نقالي سڏجي ٿو. انسان پنهنجي انفرادي توڙي معاشرتي زندگيءَ ۾ ائين جيڪا به ڪاوش ڪري ٿو؛ ان ۾ ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجي ان عمل جي نتيجن کان باخبر به رهي ٿو ۽ انهن کي پسند ۽ ناپسند ڪري، پنهنجي ارادي يا مرضيءَ سان حاصل ڪرڻ به چاهي ٿو (۽ هُن کي ان ڪري تخليقي يا ايجادي جِيوُ به ڪوٺيو ويو آهي)، تنهنڪري انسان جي هر ڪاوش جا، هر عمل جا، ٻه رخ ٿين ٿا. هڪ رخ موجود حالتن جي قبوليت يا تسليميءَ جو ۽ ٻيو اُنهن جي عدوليءَ يا احتجاج جو: هڪ مڃتا يا بيعت جو ۽ ٻيو انڪار يا بغاوت جو. ان طرح فنون لطيف جي دائرن ۾ ته خاص طرح انسان جي ڪاوش جون اهي به نوعيتون نمايان طور موجود هجن ٿيون، انگريزيءَ جي تنقيدي علم ۾ جن کي Art of protest and Art of acceptaee, or Repudiative Art and Conformist art. سڏيو ويو آهي، فنون لطيف جي ان دو – رُخي صورت گرديءَ کي خيال ۾ آڻيندي، قديم يونان جي استاد افلاطون کي، جيڪو راڳ جو ڏاڍو شائق به هو ۽ ڄاڻو به، پنهنجي دور جي سياسي ۽ معاشرتي حالتن جي حوالي سان چوڻو پيو هو ته ”مان جڏهن راڳ جو ڪو نئون سر يا آلاپ ڳائجندي ٻڌان ٿو ته مون کي اٿينس جون ڀتيون ڌڏندي محسوس ٿين ٿيون!“ +اسان جي سدا حيات حضرت شاهه لطيف به ٻيجل جي راڳ لاءِ ائين چيو هو: +محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو، +جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾: +جنهن کي ٻڌندڙ جڏهن ٻڌو ۽ ان جو ٻول ان جي للڪار، يا سڏ معلوم ڪيو، ته جواب ۾ هن کي چوڻو ئي پيو: +چارڻَ ٻول ٻيو، گهريُئي سو گهوريان، +ڪلهنئون ڪوريان، ڪِ جاجڪَ جُسي سين ڏيئين؟ +تازو ون يونٽ خلاف سنڌي ماڻهن جي قومي جدوجهد ۾ هتي حيدرآباد ۾ Music Lovers Club (راڳ جي پياسن جو ڪلب) وجود ۾ آيو هو، جنهن ۾ اسان جي اڄ رات جي پياري راڳيءَ وحيد عليءَ جو ڀاءُ رجب علي به شامل هو. ان ڪلب پاران، خاص طرح ”روح رهاڻ“ رسالي جي ساليانن جلسن ۾ ۽ ٻين عام ادبي، سياسي ۽ سماجي اجتماعن ۾ سنڌ جا قومي راڳ، عوام دوست ۽ انقلابي راڳ، نئين طرز ۽ نئين آلاپ جا، خاص طرح ڪورَس ۾ ڳايا ويندا هئا. اوهان مان جن جا اهي نوان سر ۽ نوان راڳ ٻڌل هوندا، اهي چئي سگهندا ته احتجاجي ۽ باغي راڳ ڇا ٿيندا آهن، جن سان ڏاڍ جون ڀتيون ڪيئن ڪبنديون آهن ۽ ظلم جا قلعا ڪيئن آهستي آهستي ڏرندا آهن. +ساڳيءَ طرح اسان جي سنڌي ادب ۾، ان جي نثر ۽ شاعريءَ ۾، ان جي افسانن، ناٽڪن ۽ مضمونن ۾ هڪ احتجاجي نواڻ، هڪ باغيانه چال ۽ ادا هئي. ۽ اُها اسان جي ادب ۾ اڄ به موجود آهي، ڇو ته اسان جي سماج جي زبردستي ۽ اسان جي عوام جي هيڻائي ۽ محرومي جيڪا تڏهن هئي، اُها اڄ به آهي، بلڪ اُن ۾ تيئن اضافي ۽ سختيءَ جو رخ پڌرو ٿيل آهي. اسان جا اديب، شاعر ۽ پڻ راڳي اسٽيج آرٽسٽ، مصور ۽ ٻيا فنڪار، اڪثر جيئن اڳ عتاب ۽ دٻاءُ هيٺ رهيا، تيئن اڄ به آهن. سواءِ انهن مان چند حريص ۽ وِسڪندڙ روحن جي، ٻي�� سڀ اسان جا وطن دوست ۽ قوم پرست اديب، شاعر ۽ ثقافتي ڪارڪن اڄ به پنهنجو اُهوئي احتجاجي شان ۽ اُهائي باغيانه سرمستي قائم رکيو اچن ٿا. اهوئي سبب ۽ اهوئي مقصد آهي، جو اڄ به جتي ڪو مشاعرو ٿئي ٿو يا راڳ جو شغل ٿئي ٿو، اتي پنهنجي نجات لاءِ واجهائيندڙ اسان جو عوام ۽ اسان جا باشعور راڳي ۽ شاعر پنهنجا نوان روح رچندا، جاندار راڳ ۽ پنهنجي نئين اميدن ڀريل ۽ بيدار شاعري ٻڌڻ گهرن ٿا ۽ ٻڌائڻ چاهين ٿا ۽ اڄ هتي به اسين پنهنجي عزيز موسيقار وحيد عليءَ ۽ سندس ٻين ساٿين کان ڪنهن قدر اُن ئي قسم جي محفل به ٻڌڻ گهرنداسين. +عزيزو! +اوهان کي خبر آهي ته وحيد علي اسان جي معزز ۽ محترم راڳين جي اُن خانوادي سان واسطو رکي ٿو، جن پنهنجون ست پيڙهيون ته رڳو اسان وٽ هت سنڌ ۾ گذاريون آهن. سندن خاندان هن وقت سنڌ جي چئن وڏن شهرن ۾ آباد آهي- شڪارپور ۾، حيدرآباد ۾، ٽنڊي آدم ۾، ۽ ڪراچيءَ ۾ ۽ ڪجهه عرصو سندن هڪ ڪٽنب سکر ۾ پڻ قيام پذير هو. راڳين جي هن نيڪنام خانوادي گذريل ڏيڍ سئو کن سالن کان به وڌيڪ عرصو سنڌ جي راڳ جي لڳاتار خدمت ڪئي آهي. ۽ ڏاڍي وڏي خدمت ۽ اوچي معيار واري خدمت ڪئي آهي. آءٌ هن موقعي جو فائدو وٺندي، هڪڙي تجويز ڏيندس ته اوهان جي هيءَ تنظيم- ثقافتي، ادبي تنظيم – هن باوقار راڳائي خانوادي جي تاريخ، سنڌ ۾ راڳ جي سڌاري ۽ واڌاري جي حوالي سان، مرتب ڪرائي شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪري. ڪم از ڪم اوهين منهنجي تجويز جي پٺڀرائي ۽ تشهير ته ڪري سگهو ٿا. اوهين ائين به ڪري سگهو ٿا ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فائن آرٽس جي سربراهه استاد سان ڳالهائي سگهو ٿا. هو چاهين ته سچ پچ ته آسانيءَ سان ۽ سيگهڙائيءَ ۾ اهو ڪم سرانجام ڏيئي سگهن ٿا. آءٌ سمجهان ٿو ته هو ان موضوع تي ڪنهن پنهنجي اسڪالر يا طالب علم کان پي ايڇ ڊي ٿيسز لکارائي سگهن ٿا. مون کي يقين آهي ته اهڙيءَ ڪنهن پوريءَ ذميواريءَ سان ۽ محنت سان تيار ٿيل تحقيقي تصنيف وسيلي اسين پنهنجي وطن سنڌ جي تقريباً ٻن سؤ سالن جي ثقافتي تاريخ تيار ڪرائي سگهون ٿا. +عزيزو! وڌيڪ آءٌ اوهان جو وقت نه وٺندس، پيارو راڳي وحيد علي ۽ سندس ساٿي هاڻ اوهان جي سپرد آهن. آءٌ آخر ۾ وري اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي هيءَ عزت بخشي آهي، ۽ منهنجي هن خشڪ تقرير کي ٻڌڻ جي تڪليف ڪئي آهي- مهرباني. +[نومبر، 1989ع] +نئين ۽ پراڻي جو مسئلو – ماضيءَ جي روشني ۾ +مائيڪل اَئنجيلو (ڄم – 1474ع، وفات 1564ع)، اِٽليءَ جي شهري رياست، فِلارينس، جو بي مثل مصور، شاعر، عمارت ساز، انجنيئر ۽ عظيم بت تراش،- 1927ع تائين هِن باڪمال فنڪار جي سوانح حيات ۽ فن بابت 2100 ڪتاب مختلف ٻولين ۾ لکجي چڪا هئا، ۽ 1927ع کان هيلتائين پڻ سَوَن جي تعداد ۾ وڌيڪ ڪتاب دنيا جي هر مشهور ملڪ ۽ زبان ۾ شايع ٿيا آهن. سندس قول آهي ته، ”انسان فنا ٿي وڃي ٿو: رڳو هن جي فن جا شاهڪار لافاني آهن.“ هو تقريباً هٿين خالي هِن جهان مان ويو. سڄي ڄمار شادي ڪانه ڪيائين. هُن جي آخرين وصيت هئي ته ”مان پنهنجو روح خدا کي سونپيان ٿو، پنهنجو جسم ڌرتيءَ کي ٿو ڏيان، ۽ باقي جو ڪجهه ڇڏيو اٿم سو جي منهنجن وارثن کي وڻي ته اُهو اُنهن جو آهي!“ +ستر ورهين جو ٿيو ته سندس محبوبه، حسن جي ديويءَ، عيسائي جوڳياڻيءَ، وِٽوريا ڪولونا، وفات ڪئي. هن سان سندس بيحد محبت هئي. سڄي زندگي ٻنهي جو جنسياتي وصال ڪونه ٿيو. وٽوريا ڪولونا جي دائمي وڇوڙي تي پنهنجو جذباتي ردعمل هيٺئين شعر ۾ پيش ڪيو اٿس: +”جيڪڏهن باهه جي ويجهي هئڻ سبب، اُن ۾ ٻرندو رهيس، +”هاڻ جڏهن اُن جون ڄڀيون وسامي ويون، ۽ ڪونه ٿيون ڏسجن، +”تڏهن ڪهڙو عجب، جو اندر ئي اندر ڌڳندو ۽ وسامندو رهان، +”ٿورو ٿورو ٿي، ٻري، وسامي، رک جي رک، ڪوئلي جو ڪوئلو!“ +نوي ورهين جي عمر ۾، وفات کان ٻه چار ڏينهن اڳ، ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق اسپتال ۾ داخل ٿيو، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، سندس وفادار شاگرد، ٽوماسو، اچي ڏسي ته هميشه وانگر مٿي ۾ ميڻ بتيءَ وارو ٽوپ وجهيو، ڇيڻِي ۽ مترڪو کنيو مائيڪل اَئنجيلو سنگ مرمر جي بت کي پيو تراشي، توماسو سهمجي، ٻه قدم پري بيهي، چيس: ”استاد، ڊاڪٽر ڊوناٽي چوي ٿو ته توکي آرام جي ضرورت آهي!“ +”ٻيءَ دنيا ۾، منهنجا دوست!“ مائيڪل اَئنجيلو جواب ڏنو، ”بهشت اڳي ئي سهڻن تراشيل بتن سان ڀريو پيو هوندو. اوتي مون لاءِ سواءِ آرام جي ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ ڪونه هوندو.“ +ٽيهن ورهين جي عمر ۾، فلارينس جي شهري ڪائونسل هن کي سٽي هال جي هڪڙيءَ ڀت جي پوري اڌ تي فلارينس جي هڪ تاريخي فتح جي نظاري چٽڻ جو ڪم ڏنو. هيءُ ڪم هن کي کليل مقابلي ۾ سڀ کان بهترين تصوير جي نموني پيش ڪرڻ تي ڏنو ويو هو. اُن لاءِ هن کي ٽي هزار سونيون مهرون آڇيون ويون هيون. ڀت جي ٻئي اڌ تي اڳي ئي اُن زماني جي ٻئي عظيم مصور، ليونارڊو ڊاوِنشي، فلارينس جي ٻيءَ هڪ تاريخي فتح جو نظارو چٽيو هو، جنهن لاءِ هن کي ڏهه هزار سونيون مهرون مليون هيون. +مائيڪل اَئنجيلو کي ڀت تي جيڪا تصوير چٽڻي هئي، سا ڊيگهه ۾ 58 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 22 فوٽ هئي. اُن لاءِ هن پهريائين اُنهيءَ ئي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڪاغذ جي وڏين وڏين، الڳ الڳ چادرن تي تصوير جي الڳ الڳ حصن جا خاڪا تيار ڪيا. جڏهن سڄيءَ تصوير جا اهڙيءَ طرح الڳ الڳ حصن ۾ خاڪا تيار ٿي ويا، تڏهن هُن اُهي ڪاغذ جون چادرون، ترتيب سان ملائي، پنهنجي نگارخاني جي ڀت سان ٽنگائي ڇڏيون. پنهنجي پياري شاگرد، گِرئناشيءَ، جي زور ڀرڻ تي هن اها ڳالهه قبول ڪئي ته فلارينس جي خاص فنڪارن کي اجازت ڏجي ته نگارخاني ۾ اچي، سندس خاڪي جو ديدار ڪن. سڀني فنڪارن، جن خاڪي کي ڏٺو، اُن کي ’مصوريءَ جو معجزو‘ سڏيو. +ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، پيروجِينو اهو خاڪو ڏسڻ لاءِ مائيڪل اَئنجيلو جي نگارخاني ۾ آيو. پيروجِينو هن کان 25 ورهيه عمر ۾ وڏو هو. هونئن ته پاڻ کان عمر ۾ گهٽ ڪنهن نوجوان مصور جي ڪم کي هلي وڃي ڏسڻ جي تڪليف پيروجينو ڪانه وٺي ها، پر سندس شاگرد، رئفيل، کي جيڪو اڳتي هلي پاڻ به دنيا جو هڪ عظيم مصور شمار ٿيو، اُهو خاڪو ڏاڍو وڻيو هو، تنهن جو اُن لاءِ ايڏو اُتساهه ڏسي ۽ اُن جي زور ڀرڻ تي لاچار هُن مائيڪل اَئنجيلو جي نگارخاني جو پنڌ ڪيو هو. نگارخاني ۾ گهڙڻ سان، جيئن ئي هُن جون اکيون خاڪي تي پيون، تيئن ئي ڄڻ پيرن ۾ ميخون لڳي ويس- جتي هو، اُتي ڄمي بيهي رهيو. ڪيتري تائين ائين اکيون کُپائي خاڪي کي ڏسندو رهيو. آهستي آهستي ڪاوڙ چڙهڻ لڳيس. ٿيندي ٿيندي، منهن ڪاراٽجي اڱرُ ٿي ويس. اکين مان ڄڻ ٽانڊا ٿي نڪتس. چپ ائين ٿي ڦڙڪيس ڄڻ دل جو ڪو آڙاهه ڪڍڻ وارو هو. مائيڪل ائنجيلو هُن جي اها حالت ڏٺي ته ڊڄي ويو. اسٽول کڻي، هُن جي پوئتان رکندي، چيائين- +”مهرباني ڪري، هن تي ويهو، آءٌ پاڻي ٿو آڻيان!“ +پيروجيِنو، بيٺي ئي، وٺي جو اسٽول کي ابتي لت هنئين، ته اسٽول اونڌو ٿي، وڃي پري ڪريو...... +”واهيات!“ +مائيڪل اَئنجيلو جون اکيون ڦاٽي ويون. پيروجِينو، هڪڙو هٿ پنهنجي ڇاتيءَ تي زور سان کُپائي، ٻئي هٿ سان خاڪي کي گويا سڄي جو سڄو ڀت تان ميساري پري ڪندي، تکو تکو سهڪندي چوڻ لڳو- +”ڪنهن جهنگلي جانور کي برش هٿ ۾ ڏيو.... بس، هو اِهو ئي ڪجهه ڪندو! تون اسان جي ستياناس ڪندين..... اسان جو سڀ ڪجهه ناس ڪندين، جو ڪجهه اسان زندگيون وقف ڪري پيدا ڪيو آهي!“ +مائيڪل ائنجيلو جڏهن هي لفظ ٻڌا، تڏهن هن کي بيحد ڏک ٿيو، دل وسامڻ لڳيس، جهيڻي آواز ۾ چيائين- ”پيروجينو، ايتري هَلان مون تي ڇو ٿا ڪيو؟ مان اوهان جي ڪم جو قدر ڪريان ٿو ....“ +”منهنجو ڪم! هِن .... هِن پنهنجي گند جي اڳيان منهنجي ڪم جي ڳالهه ڪرڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي ٿئي؟ منهنجي ڪم ۾ فضيلت آهي، خوش ذوقي آهي، شرافت آهي. جيڪڏهن منهنجو ڪم مصوري آهي، ته هيءُ تنهنجو ڪم مصوري نه آهي. هي گند آهي- هِن جي هر ليڪ، هر نقطو گند آهي.“ +مائيڪل ائنجيلو ڊڄندي ڊڄندي پڇيو، ”اِن جي ترتيب خراب آهي، خط ڪشي خراب آهي، نقشو خراب آهي....!“ +”اِنهن ڳالهين مان تون ڇا ڄاڻين؟“ پيروجِينو رڙ ڪندي، چيو، ”توکي ته جهلي قيد ۾ بند ڪرڻ گهرجي، ته جيئن شريف ماڻهن جو هيءُ شريف فن بچي سگهي.“ +”آءٌ ڇا کان شريف ماڻهو نه آهيان؟ انهيءَ ڪري ته نه، جو مون اگهاڙا جسم چٽيا آهن؟ يا اِنهيءَ ڪري ته منهنجو ڪم نئون آهي؟“ +”نئين جي مون سان ڳالهه نه ڪر! مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي، جنهن مصوريءَ جي ڪايا پلٽائي ڇڏي هجي؟ نئون ڪم .... نئون ڪم ...!“ +”اوهان به گهڻو ئي ڪجهه ڪيو آهي، پر اوهان تي مصوريءَ جو خاتمو ته ڪونه ٿو ٿئي! هر سچو فنڪار فن جي ڪايا پلٽ ڪري ٿو.“ +”تون پوئتي ٿو وڃين، تهذيب کان اڳ، خدا کان به اڳ.“ +”توهان ته وڏي پادريءَ، سئو انارولا، وانگر ٿا ڳالهايو، جيڪو توهان کي به جيئري جلائڻ لاءِ تيار آهي!“ +”تون ياد رک! تنهنجي هن غير مهذب، ذليل خاڪي جي هڪ شڪل به سِٽي هال جي ڀت تي ڪانه لڳندي. آءٌ سڄي فلارينس جي فنڪارن کي اُڀاريندس.“ +ائين چئي، هو تکو تکو، نگارخاني مان ڪنڌ هڪ هنڌ جهليون، ڪاٺ وانگر اُڀي جي اُڀو، ٻاهر نڪتو ويو. مائيڪل ائنجيلو وڌي اسٽول سڌو ڪيو، ۽ اُن تي ويهي رهيو. سڄو پئي ڏڪيو. سندس شاگرد، آرجنٽو، جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ لڪو بيٺو هو، سو اڳيان وڌي آيو ۽ پاڻيءَ جو گلاس آڻي اڳيان جهليائينس. مائيڪل اَئنجيلو آڱريون پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، پنهنجي گرم منهن تي گهمايون. +ايتري ۾ ٻاهريون دروازو کليو ۽ رئفيل اندر آيو ۽ آهستي آهستي پاسي تي ٿي بيٺو. هو پيروجينو جو شاگرد به هو ۽ ڳوٺائي به هو. +”آءٌ پنهنجي دوست ۽ استاد جي پاران معافي گهرڻ آيو آهيان. هن کي سخت ڌوڏو آيو آهي، ۽ هو هاڻي ٺيڪ نه آهي.“ +”هيءَ هلان مون تي ڇا جي ڪاڻ ڪيائين؟“ +”شايد انهيءَ ڪري، جو ڪيترن سالن کان هو خود پنهنجو به رڳو نقل ڪندو رهيو آهي. پاڻ کي بدلائڻ جو خيال هو ڪري به ته ڇو- اڄ هن جو اٽليءَ جي سڀ کان مشهور مصورن ۾ شمار ٿئي ٿو. تو ڏٺو ڪينَ! جڏهن هُن جي نظر تنهنجي تخليق تي پئي، تڏهن هن به بنهه اهوئي محسوس ڪيو، جو مون محسوس ڪيو هو. يعني هيءُ ته مصوريءَ جي هيءَ هڪ الڳ دنيا هئي، جا تو جاڳائي ۽ آباد ڪئي هئي، ۽ اُن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن کي بلڪل نئين سر ڪاوش ڪرڻي پوندي. مون لاءِ ته اِن ۾ هڪ سڏ هو، هڪ للڪار هئي. اُن کي ڏسي منهنجون ته اکيون کليون ته هيءَ فن جي دنيا، جنهن ۾ مون پير پاتو آهي، اِن ۾ سچ پچ ته ههڙي حيرت ۽ هيتري حسناڪي هئي، جنهن جو مون کي خواب خيال به نه هو! پر آءٌ ته اڃا 22 سالن جو آهيان. سڄي زندگي منهنجي اڳيان موجود آهي. پيروجِينو 55 سالن جو آهي. هو نئين سفر تي نڪري ڪين سگهندو. هيءُ تنهنجو بي مثل ڪم هن کي وقت جي اڏندکٽوليءَ تان هيٺ لاهي ڇڏيندو...“ +”تنهنجي هن دلداريءَ جو مون کي قدر آهي.“ +”پوءِ، دريا دل ٿيءُ. ۽ هُن جي ڳالهه دل تان لاهي ڇڏ. توکي بچاءَ جي ضرورت ڪانهي. ڳالهائڻ ڏينس- نيٺ ٿڪجي پوندو. ۽ جوش ٿڌو ٿي ويندس.“ +”چڱو، رئفيل، آءٌ خاموش آهيان.“ +پيروجينو، بهرحال، پوءِ به خاموش ڪونه ويٺو. هن مائيڪل ائنجيلو جي برخلاف فلارينس جي فنڪارن کي اُڀاريو، پادرين کي مشتعل ڪيو ۽ عوام کي جوش ۾ آندو. آخر ۾ هُن سٽي ڪائونسل وٽ فرياد ڪيو، جتي مائيڪل اَئنجيلو تي نيٺ ڪيس هليو. سٽي ڪائونسل جو صدر، سوڊريني، هڪ علم دوست ۽ ادب شناس شخص هو ۽ فن جو شائق ۽ پارکو هو. پيروجِينو جي سڄي ڳالهه ٻڌي، پيروجِينو کي هُن ٿڌو ڪيو ۽ کيس مصوريءَ جو هڪ وڏو ڪم سپرد ڪيائين. مائيڪل ائنجيلو کي هُن هٿ ۾ کنيلَ ڪم کي ترت پوري ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو؛ ۽ ڪيس کي داخل دفتر ڪندي، چيائين- ”فن جو وڏو منصنف وقت ئي ٿي سگهي ٿو.“ +[1996ع] +سرڪاري آفرين جي ترديد +”مان ڪو فرشتو چِٽي نٿو سگهان، ڇو جو مون اهو ڪڏهن ڏٺو ڪونهي.“ +(ڪوريت) +1869ع جي چونڊن جي کيل رچائڻ کان پوءِ، عام ۾ پنهنجي حمايت وڌائڻ لاءِ، فرانس جي آمر، نيپولئن ٽئين، ۽ سندس فنون لطيف واري وزير، ايم. مارس رچرڊ موقعو وٺي، گُسٽيو ڪوريت لاءِ ”معزز قومي تُمَنَ جي پَٽي“ انعامڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ مصور ڪوريت جو نالو پوليس جي رڪارڊ تي چڙهيل هو ۽ هو جمهوريت پسند ۽ سوشلسٽ هجڻ جي ڏوهه ۾ جيل جي سزا به کائي چڪو هو، ته به هُن تي فرانس جي ان اعليٰ اعزاز جي انعام جي نظر نوازي ڪئي ويئي هئي! ڪوريت پوءِ فنون لطيف جي ان وزير ڏانهن موٽ ۾ هيءُ خط لکي موڪليو: +”هتي ائڊم ٻيٽ تي، پنهنجي دوست، جيولس ڊويپر، جي گهر رهندي، مون کي معلوم ٿيو ته ”معزز قومي تُمن“ جي صف ۾ منهنجي داخلا جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ اهڙو سرڪاري فرمان به جاري ٿي چڪو آهي. فنون لطيف جي انعامن ۽ معتبرائپ جي اهڙن لقبن القابن بابت منهنجي معلوم عام راين ۽ خيالن جي روشنيءَ ۾ مون کي هن فرمان جي نعمت کان معاف ئي رکيو وڃي ها، جيڪو منهنجي مرضيءَ بغير اعلانيو ويو آهي، ۽ اوهان عاليجنابن پنهنجي سرڪاري فرض طور پاڻ ئي ان قدم کڻڻ جي تڪليف ورتي آهي. +اهي اقدام اوهان عالي مقامن جي نيڪناميءَ جا ذريعا آهن، پر مون کي چوڻ جي اجازت ڏيندا ته منهنجي روش کي ۽ منهنجي فيصلي کي اهي بدلي نه سگهن! +منهنجا جمهوري عقيدا مون کي اهڙن خصوصي درجن جي قبولڻ جي اجازت نٿا ڏين، جيڪي سلطاني نظام جا خاصا آهن. منهنجا اصول اوهان جي معزز قومي تُمن جي ان نشان کي نامنظور ٿا ڪن، جنهن جي، منهنجي پرپٺ اوهان مون تي عنايت ڪئي آهي. +ڪنهن به وقت، ڪهڙين به حالتن ۾، ۽ ڪهڙن به سببن کان آءٌ اهو نشان قبول ڪونه ڪريان ها ۽ هاڻي جڏهن هر طرف خيانت ئي خيانت وڌي رهي آهي، ۽ انساني ضمير ايتريءَ خود غرض ايمان گرديءَ کان، هِت هُت، گهائجي رهيو آهي، مون لاءِ اهو قبول ڪرڻ اڄ ته ان کان به وڌ ناممڪن هو! +ماڻهوءَ جو مانُ ڪنهن لقب يا ڪنهن پَٽيءَ ۾ ڪونه آهي- اهو عملن ۾ آهي ۽ عملن جي نيتن ۾ آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو ڀاڱو پنهنجي نفس جي عزت ۾ ۽ پنهنجن خيالن جي عزت ۾ آهي. آءٌ پنهنجي عمر جي اصولن سان وفاداريءَ ۾ پنهنجو اصل مان ڏسان ٿو؛ جيڪڏهن آءٌ انهن سان غداري ڪريان ته ڄڻ مون پنهنجو مانُ ڪيرائي، پيرن هيٺ لتاڙي، اُن جو نشان پاڻ ئي ڊاهي ڇڏيو. +هڪ فنڪار جي حيثيت ۾ به منهنجا احساس ڪنهن به حڪومتي انعام قبولڻ جي گهٽ خلاف نه آهن. حڪومت فن لطيف جي دائرن ۾ پوري جي پوري نااهل آهي. جڏهن اها انعامن ڏيڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻي ٿي، تڏهن اها رڳو عوام جي ذوق کي گرفت ۾ آڻي ۽ پنهنجي تابع ڪري ٿي، ۽ بگاڙي ٿي. +ان جي اها دخلڪاري کاريندڙ ۽ خراب ڪندڙ آهي، ۽ فنڪار لاءِ وڏيءَ ه�� آفت سمان آهي. اها هن کي سندس لياقت متعلق ٺڳي ٿي ۽ گمراهه ٿي ڪري؛ ۽ فن لاءِ اها آفت ان ڪري آهي، جو فن کي اها سرڪاري دستور جي پڪڙ ۾ آڻي ٿي ۽ تمام هڪ خسيس معموليت جي سطح تي اڇلي ڇڏي ٿي. حڪومت لاءِ فضيلت جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ کي ان ڪم کان باز رکي. جنهن ڏينهن حڪومت اسان کي پنهنجي ڪم ۾ آزاد ڇڏيندي، تنهن ڏينهن اوهين سمجهو ته اسان ڏانهن ڄڻ ان پنهنجو فرض پورو ڪيو. +انهيءَ ڪري، جناب عالي، مون کي اجازت ڏيندا ته اهو اوهان جو اعزاز جنهن سان اوهان مون کي نوازڻ جو سوچيو، قبولڻ کان انڪار ڪريان. آئون پنجاهه ورهين جي عمر جو آهيان، ۽ هميشه آزاد زندگي گذاري اٿم، مون کي ڇڏيو ته باقي زندگي به آزاد گذاري پوري ڪريان. ۽ جڏهن مري وڃان ته ماڻهن کي منهنجي لاءِ چوڻو پوي ته هيءُ ڪنهن به ”مڪتب“ جي ڪو نه هو. ڪنهن به ”فرقي“ جو ڪونه هو، ڪنهن به ”اداري“ جو ڪونه هو، ڪنهن به ”اڪيڊميءَ“ جو ڪونه هو- سڀ کان وڌ، هيءَ ڪنهن به نظام جو، ڪنهن به راڄ جو ڪونه هو، سواءِ اُن راڄ جي، جيڪو آزاديءَ جو راڄ هو، آزاديءَ جو نظام هو.“ +يورپ جي تاريخ ۾ 1815ع کان 1849ع جي وچ وارو نسل لڳاتار هڪ گهرو لڙائيءَ لاءِ تيار هو، نه رڳو تيار هو بلڪ ان ۾ غلطان هو. فرينچ انقلاب کان پوءِ، 1815ع ۾ قدامت پسند قوتون پراڻي نظام کي ٿوڻيون ٿنڀا، ڏيئي نئين سر اٿاري بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪيون هيون، ۽ يورپ جي اڪثر رياستن ۾ اهي پنهنجي روڳيل اقتدار کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هيون. انهن جي وقتي طاقت ان مان ظاهر هئي ته اهو پورو هڪ نسل پنهنجو اهو وري کٽيل بيٺل دُبي وانگر ڪِنو، ميدان بچايو ۽ پوريءَ سختيءَ سان تبديل جي قوتن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو بيٺيون رهيون. سماجي ۽ اقتصادي نظام جي قوتن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو بيٺيون رهيون. سماجي ۽ اقتصادي نظام جو اهو نمونو جيڪو امير شاهيءَ جي عين پنهنجي پسند جو نمونو هو، هڪ بيٺل ۽ بند نظام هو، جنهن جي عمارت زميني اسلاڪ ۽ زراعت تي، ديني اعتقاد تي ۽ سياست جي ”موجود سدا موجود“ عقيدي جي بنياد تي اڏيل هئي ۽ سماجي اقتصادي نظام جو اهو نمونو جيڪو نئون نئون وجود جي رهيو هو، اهو سائنس ۾ اعتماد ۽ صنعتي دولت جي بنيادن تي اڀري رهيو هو. +1848ع تائين پهچندي پهچندي، ائين ظاهر بلڪ ثابت ٿي چڪو هو ته ان ڪشمڪشا ۾ قدامت پسندي هارايل بازي لڙي رهي هئي. يورپ ۾ اڀرندڙ سماج جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتون نوان رخ ۽ نوان روپ اختيار ڪري رهيون هيون. نوان سياسي ۽ سماجي آدرش پهريائين ماڻهن جي ذهنن ۾ ۽ پوءِ سياسي ۽ سماجي باغيانه تحريڪن جي سيلابن ۾ اڌمجي ۽ اڦرجي رهيا هئا. چؤطرف انقلاب اٿي رهيا هئا ۽ وڌي رهيا هئا- ۽ اهو سڀ خاص طور فقط ان ڪري، جو اتي دولت جي پيداوار جي نئين سرشتي پراڻن نظامن جي پهڻجي ويل بنيادن کي اٿڻ سان ئي ڀڃي وڌو هو. +فنڪار گسٽيو ڪوريت تحقيق پنهنجي وقت جو هڪ طوفاني شخص هو. هن جي انقلابي نگاهه هن جي ماحول جي هڪ ثابت ۽ سچي ترجمان جو ڪم ٿي ڏنو. هو هاريءَ جو پٽ هو ۽ انقلابي قبيلي جو فرد هو. نيويارڪ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جئنسن، ڪوريت جي همعصر ۽ دوست فرينچ انقلابي شاعر، چارلس بودليئر، جو قول نقل ڪندي ته ”مصوري پنهنجي پنهنجي دور جي جرئت ۽ سورهيائي جو نقش آهي.“ لکيو آهي ته ”اُن دور ۾ فقط هڪ ئي مصور هو، جيڪو پنهنجي دوست بودليئر جي انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي فن جو اصول بنائڻ لاءِ تيار هو.“ +ڪوريت مڃي چڪو هو ته احساس ۽ تصور تي رومانوي رنگ آميزي وقت جي حقيقتن کان فقط هڪ فرار هو. هن جو خيال هو ته جديد فنڪار کي پنهنجي سڌي تجربي تي ڀاڙڻ گهرجي: ”مان فرشتو چٽي نٿو سگهان، ڇو جو مون اهو ڪڏهن ڏٺو ڪونهي.“ اهو فطرتيت جي سلسلي ۾ ڪوريت جي”حقيقت“ جو اظهارهو. هن جي تصوير، ”سنگتراش“، جيئن ئي منظرعام تي آئي ته پئرس جي فن جي دنيا ۾ طوفان مچي ويو. ڪوريت جي دوست، اشتراڪي پراوڌان، تصوير ۾ ڏيکاريل عورتن بابت ڳالهائيندي چيو، ”هي پنهنجي علامتي درجي جو خوءِ ۾ ٽمٽار بيٺل آهن، هي اسان ڏانهن ڪهل لاءِ ڪونه ٿيون ڏسن، اهي اٽل الاهي ڪتابن جا اعجاز آهن.“ +ڪوريت جي هن پينٽنگ جي سرڪاري گئلريءَ ۾ قبوليت، ان لاءِ هن کي ”معزز قومي تُمنَ جي پٽي“ جي اعلانن ۽ انهن کان هن جي انڪار وڏي هڪ مناظري کي جنم ڏنو، جيڪو اختيار جي صاحبن ۽ سندس وچ ۾ باقي سڄي سندس عمر هڪ لڳاتار جنگ جي صورت ۾ جاري رهيو. ڪوريت ويهارو سال اڳ پنهنجي ملڪ جي 1848ع جي واقعات ۾ سرگرم حصو به ورتو هو ۽ ان ڪري به هڪ سماجي انقلابيءَ جي حيثيت ۾ اڳ ئي هن جي شهرت عام هئي. هن جي هيءَ تصوير ”سنگتراش“ جنهن ۾ هن عام پورهيت ڏيکاريا هئا ۽ جيڪا هن جي تنقيدي نگاهه ۽ سماجي شعور جو هڪ شاهڪار هئي، اُن هن جي عصري فن کي نئين معنيٰ ڏني، ۽ ان جي نتيجي ۾ ”حقيقت“ جنم ورتو- حقيقت جيڪا يورپ ۾ رومانويت ۾ ’نئين‘ ڪلاسيڪيت کان پوءِ جي بيحد هڪ اُجهل ۽ جاندار تحريڪ طور سڃاتي وڃي ٿي. يورپ جي فن جي دنيا جيڪا ان منزل تي ڊَئوڊ جي تصورائي ڪلاسيڪي رخ ۽ ڊبل اڪروس جي ڊرامائي، آڏن ابتن ۽ رنگ آميز رومانوي تصورن ۽ چٽن سان مانوس هئي، ان ۾ ڪوريت رواجي هارين نارين ۽ پورهيتن ۽ اهڙن بلڪل عام ماڻهن جي روزمره جي زندگين جي ستمزدگين ۽ جفاڪشين کي نقشائڻ شروع ڪيو. +موضوع جي انهيءَ مواد جي ابتڙ ڪوريت اسٽوڊيائي ننگا جسم، مثلاً ”وهنجندڙ حسينائون“، چٽڻ به جاري رکيا، جيڪي ڏسي، هڪڙي ناقد راءِ ڏني ته ”هي گورَ حيوان ته اهڙا آهن، جو ماگرمڇ به ڏسن ته ڳرڪائڻ جي جرئت نه ڪري سگهن.“ بهرحال ائين ڪوبه چئي نٿي سگهيو ته اهي ننگا چتر هن پنهنجي حواسي چشڪي خاطر چٽيا ٿي يا اعليٰ امير خواتين جي جسمن تي نظرزنيءَ جو ذوق، جيڪو وقت جي امير شاهي حلقن ۾ وڌيل هو، ان جي پردي- اکيل يا طنز طور چٽيا ٿي. +1855ع ۾ پئرس جي عالمي نمائش ۾ ڪوريت جي فن جي داخلا تي روڪ وڌي ويئي. جواب ۾ هن نمائش جي ويجهو ئي پنهنجن فنپارن جي نمائش جو بندوبست ڪيو. انهيءَ موقعي لاءِ خاص طور، هن پنهنجي مشهور تصوير ”اسٽوڊيو“ تيار ڪئي. ان شهپارن کي هن ”پنهنجي نئين زندگيءَ جي ستن سالن جو سچو پچو قصو“ سڏيو. ان ۾ هن پاڻ کي هڪ پورهيت فنڪار طور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو پنهنجي ڪم ذريعي ڏکن ۾ ورتل ۽ انيڪ حيثيتن واري عام انسان ۽ پئرس جي عالي مقام شخصن جي وچ ۾ هڪ شعله زن جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو. +هن جون ڪي بهترين تصويرون ۽ حسين ترين گلن جا چتر، هن جي آخري عمر جي ڏينهن جا نڪتل آهن. جڏهن هو جيل ۾ باندي هو. 1871ع جي پئرس ڪميون (مزدور انقلاب) ۾ حصي وٺڻ جي ڏوهه ۾ فن تي اها سزا مڙهي ويئي هئي. جيل ۾ به هو خاموش نه ويٺو. پنهنجي چترڪاريءَ جي ڪم سان گڏ اختياريت ۽ تشدد جي خلاف احتجاج ۾ اڳرو ئي رهيو، ۽ ان جي سزا طور هن کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيڻو پيو، جتي هو زهريلن جيتن، منگهڻن، چمڙن، جونئن کان بار بار ڏنگجي بيمار ٿي پيو. اها عمر جي آخري سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هو جيل مان نڪتو ته هن کي سئٽزرلئنڊ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. ان جلاوطنيءَ ۾ هيءَ پنهنجي وقت جو عظيم چترڪار پنهنجي وقت کان اڳ ۽ تمام گهڻين دکدائڪ حالتن ۾ گذاري ويو. (1996ع). +شاعريءَ جو سماجي ڪارج +(ترجمو) +ٽي. ايس. اي��يٽ (ٿامس اِسٽيئرنس ايليٽ) ويهين صديءَ جو عظيم انگريزي شاعر ۽ نقاد آهي. هو سن 1888ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو، ۽ پوءِ سن 1927ع ۾ برطانوي شهريت حاصل ڪيائين. ايليٽ جو نالو پهرين سن 1922ع ۾ ماڻهن جي زبان تي آيو، جڏهن هن جو شهره آفاق نظم ”دي ويسٽ لئنڊ“ شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن جا ادبي شاهڪار مسلسل شايع ٿيندا رهيا، جن هن جو نامچار گهڻيءَ تيزيءَ سان، عام طور سڄيءَ دنيا ۾ ۽ خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڌايو. هن جي ادبي شاهڪارن ۾ هيٺيان تمام گهڻو مشهور آهن: ”ائش وينسڊي“، ”مرڊر اِن دي ڪئٿڊرل“، ”دي ڪاڪ ٽيل پارٽي“ ۽ ”ڪانفيڊينشل ڪلارڪ“. 1948ع ۾ ٽي. ايس. ايليٽ کي ادب لاءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو انعام، ”نوبل پرائيز“ ڏنو ويو. هن وقت مغربي دنيا ۾ هو پهريون نمبر شاعر، ۽ ادب جو نقاد تسليم ڪيو وڃي ٿو. 1964ع ۾ وفات ڪئي اٿس. +هن مضمون جو عنوان ڪجهه اهڙي قسم جو آهي، جو مختلف ماڻهو ان مان مختلف شيون مراد وٺي سگهن ٿا؛ تنهنڪري مون کي معاف ڪيو وڃي، جيڪڏهن پهريائين مان هيءَ ڳالهه واضح ڪريان ته آءٌ ان مان ڪهڙي ڳالهه مراد نٿو وٺان، ۽ پوءِ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ته دراصل منهنجي ان مان ڪهڙي مراد آهي. جڏهن اسين ڪنهن شيءِ جي ’ڪارج‘ جوذڪر ڪريون ٿا، ته غالبا اسين ائين سوچيون ٿا ته ان شيءِ کي ڇا ڪرڻ گهرجي، بجاءِ انجي ته هينئراها ڇا ڪري رهي آهي يا ماضيءَ ۾ ڇا ڪيو اٿس: اهو هڪ اهم فرق آهي، ڇو ته منهنجو اهو ارادو نه آهي ته ان بابت ڳالهايان ته منهنجي خيال موجب شاعريءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اُهي ماڻهو، جيڪي اسان کي ٻڌائين ٿا ته شاعريءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي- خاص ڪري جيڪڏهن اهي پاڻ شاعر آهن- سي ذهن ۾ گهڻو ڪري اها مخصوص شاعري رکندا آهن، جا هو پاڻ لکڻ چاهيندا آهن. اهو ته خير هميشه ممڪن آهي ته مستقبل ۾ شاعريءَ جو ڪم ان کان مختلف هجي، جيڪو ڪم ان جو ماضيءَ ۾ رهي چڪو آهي: جو ائين واقعي هجي به، ته به اهو مناسب آهي ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ڪجي ته ماضيءَ ۾ ان جو ڪارج ڪهڙو رهي چڪو آهي. ٻنهي طرحن سان- هڪ دور يا ٻئي دور ۾، ڪنهن هڪ زبان يا ٻيءَ زبان ۾، پڻ عالمي طور- آءٌ ان ڳالهه بابت سولائي سان لکي سگهيس ٿي ته آءٌ پاڻ شاعريءَ وسيلي ڇا ڪندو آهيان، يا ڇا ڪرڻ چاهيندس، ۽ پوءِ اوهان کي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ته درحقيقت ماضيءَ ۾ سڀني وڏن شاعرن شاعريءَ وسيلي اهو ئي سڀڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، يا کين ائين ئي ڪرڻ کپندو هو. رڳو هُو ان مقصد ۾ ممڪن آهي ته مڪمل طرح ڪامياب نه ٿيا هجن، جنهن ۾ به وري شايد سندن ڪو ڏوهه ڪونه هجي. بهرحال، مون کي اهو صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن شاعريءَ جو- ۽ منهنجي مراد سموريءَ عظيم شاعريءَ سان آهي- ماضيءَ ۾ ڪو سماجي ڪارج ڪونه هو، ته عين ممڪن آهي ته مستقبل ۾ به ان مان ڪو ڪارج سڌ ٿي نه سگهي. +جڏهن آءٌ سموريءَ عظيم شاعريءَ جو ذڪر ڪريان ٿو، ته منهنجي مرضي ان ٻئي طريقي کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ جي آهي، جنهن موجب به هونئن آءٌ هيءُ موضوع بحث هيٺ آڻي سگهيس ٿي- مثلاً، ڪو ماڻهو شاعريءَ جا مختلف قسم هڪٻئي پٺيان کڻي، ۽ ان مان هر هڪ قسم جي جدا جدا سماجي ڪارج تي واري سان بحث ڪري، حتاڪ هن عام سوال تائين پهچي ئي نه سگهي ته شاعريءَ جو بحيثيت شاعريءَ جي ڪهڙو ڪارج آهي! تنهن جو مطلب ته آءٌ شاعريءَ جي عام ۽ خاص ڪارجن ۾ امتياز ڪرڻ گهران ٿو، ته جيئن اسان کي پتو پوي ته ڪهڙيءَ ڳالهه بابت اسين سردست بحث نه ڪري رهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن شاعريءَ جو ارادتاً ۽ شعوري طور ڪو خاص سماجي مقصد هجي، ۽ شاعريءَ جي زياده اوائلي قسم ۾ اهڙو مقصد گهڻو ڪري صاف ظاهر پڻ آهي. مثلا، ڪي قديمي گيت ۽ راڳ آهن، جن مان ڪن جو عملي مقصد جادو ڪرڻ جو هوندو هو- جيئن ته بدنظر کي ٽارڻ، بيماريءَ جو علاج ڪرڻ، يا ڪنهن ديوتا کي ريجهائڻ. شاعري شروع ۾ مذهبي ڪرياڪرم ۾ ڪم ايندي هئي، ۽ هاڻي به اسين جڏهن ڪو مذهبي راڳ (مولود، مداح يا ڀڄن) رچيون يا ڳايون ٿا، ته شاعريءَ کي هڪ خاص سماجي ڪارج لاءِ ڪم آڻيون ٿا. رزميه ۽ داستان گوئيءَ واريءَ شاعريءَ جا اوائلي نمونا، جيڪي هلندي هلندي نيٺ هاڻي رڳو قبائلي وندر جي خاطر وڃي زنده رهيا آهن، تن اوائل ۾ اُن شي کي محفوظ رکڻ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪم ڏنو هوندو، جنهن کي ”تاريخ“ تصور ڪيو ويو؛ ۽ لکيل ٻوليءَ جي استعمال کان اڳ نظر ۾ اهو هڪ باقاعده نمونو واقعي حافظي جي لاءِ انتهائي مددگار ثابت ٿيو هوندو، ۽ اوائلي ڀَٽن ۽ چارڻن، ڪهاڻين ٻڌائيندڙن ۽ عالمن جو حافظو به واقعي غضب جو هوندو. وڌيڪ سڌريل سماجن ۾، جهڙوڪ قديم يوناني سماج ۾، شاعريءَ جا اجتماعي مڃيل سماجي ڪارج پڻ صفا ظاهر آهن. يوناني ناٽڪ مذهبي تقاضائن ۽ رسمن مان اُسريو، ۽ عام ماڻهن جي منظم ۽ باقاعده اجتماعي جشنن جي حيثيت سان، جيڪي سندن روايتي مذهبي ڪرياڪرم سان وابسته هئا، قائم رهيو؛ ’پنداري‘ گيت پڻ ساڳئي قسم جي هڪ خاص سماجي موقعي جي نسبت سان، ۽ اُن جي پس منظر ۾ وٽن پيدا ٿيا ۽ وڌيا. يقيناً، شاعريءَ جي اِن قسم جي واضح ۽ مقرر استعمال شاعريءَ کي هڪ اهڙو ڍانچو ڏنو، جنهن جي وسيلي انهن مخصوص قسمن جي شاعريءَ ۾ ڪاملپڻو ۽ عروج حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو. +جديد تر شاعريءَ ۾ اُنهن منجهان ڪي نمونا اڃا به موجود آهن- جيئن ته مذهبي راڳ (مولود، مداح يا ڀڄن)، جن جو آءٌ ذڪر ڪري چڪو آهيان. ”ناصحانه ۽ اصلاحي يا اِفادي شاعريءَ“ جي اصطلاح جي معنيٰ ڪنهن حد تائين بدلجي چڪي آهي. انهن لفظن جي هڪ معنيٰ ته ’معلومات پهچائيندڙ‘ به ٿي سگهي ٿي؛ سندن مطلب خالص ’اخلاقي هدايتون ڏيندڙ‘، يا ٻي ڪا اهڙي معنيٰ به وٺي سگهجي ٿي، جنهن ۾ اهي ٻئي معنائون سمايل هجن. مثلاً، رومي شاعر ”ورجل“ (ولادت 29 – آڪٽوبر 70 ق.م.، ۽ وفات 50 ورهين جي عمر ۾) جا ”جيارجڪس“ نالي شعر تمام سهڻا شعر آهن، ۽ منجهن کيتيءَ جي باري ۾ تمام مفيد معلومات ڏنل آهي. پر اڄ اها ڳالهه ناممڪن نظر ايندي ته کيتيءَ بابت هڪ جامع ڪتاب لکجي، جو ساڳئي وقت بهترين شعر پڻ هجي: هڪ ته ان ڪري جو موضوع تمام پيچيدو ۽ سائنسي نوعيت جو ٿي ويو آهي، ۽ ٻيو ته ان کي بهتر نموني ۾ نثر ۾ ئي نباهي سگهجي ٿو. نه وري اڄ اسين ائين ڪري سگهون ٿا، جيئن رومين ڪيو هو، ته علم نجوم ۽ فلڪيات تي ويهي رسالا قلمبند ڪريون. اهڙي قسم جي نظم تي، جنهن جو واضح مقصد معلومات پهچائڻ هجي، نثر سبقت ۽ فوقيت حاصل ڪري چڪو آهي. هن قسم جي ’معلوماتي يا افادي شاعري‘ هاڻي آهستي آهستي يا ته رڳو ’اصلاحي شاعريءَ‘ تائين محدود ٿي چڪي آهي، جنهن جو مقصد پڙهندڙ کي ڪنهن ڳالهه بابت مصنف جي نظريي ڏانهن مائل ڪرڻ آهي. ان ڪري، منجهس هاڻي اهو ڪي پڻ شامل ٿي ويو آهي، جنهن کي ”طنز“ سڏيو وڃي ٿو- جيتوڻيڪ ’طنز‘ جي دائري ۾ خالص ’ٺٺول يا سِٺ‘ يا ’مزاح‘ پڻ اچي وڃن ٿا، جن جو مقصد بنيادي طور صرف کل ڀوڳ ۽ خوشدلي پيدا ڪرڻ آهي. ”ڊرائيڊن“ جا ڪي نظم، سترهين صديءَ ۾، ان معنيٰ ۾ ’طنز‘ شمار ٿين ٿا، جو انهن جو مقصد انهن شين تي ٺٺول ۽ چٿر ڪرڻ آهي، جن جي خلاف اُهي لکيا ويا، ۽ ساڳئي وقت اُهي ’اصلاحي شاعريءَ‘ ۾ به شامل آهن، جو انهن جو هڪ مقصد پڙهندڙ کي هڪ خاص سياسي نظريي ۽ مذهبي نقطه نگاهه ڏان��ن مائل ڪرڻ آهي؛ ۽ ان ڳالهه جي حاصلات واسطي انهن نظمن ۾ حقيقت کي افساني جي وسيلي بيان ڪرڻ وارن تمثيلي نمونن کان پڻ ڪم ورتو ويو آهي. ان قسم جي نظمن ۾، هن جو نظم ”دي هائينڊ ائنڊ پئنٿر“ (هرڻي ۽ چيتو) تمام گهڻو اهم آهي، جنهن جو مقصد پڙهندڙ کي ان ڳالهه ڏانهن مائل ڪرڻ آهي ته انگلنڊ جي ڪليسا جي مقابلي ۾ روم جي ڪليسا حق تي هئي. ساڳيءَ طرح، اوڻيهين صديءَ ۾، ”شيليءَ“ جي شاعريءَ جو گهڻو حصو سماجي ۽ سياسي سڌارن آڻڻ جي ولولي کان متاثر آهي. +جيستائين ناٽڪ واري رنگ جي يا ’ڊرامائي‘ شاعريءَ جو تعلق آهي، هينئر ان جو سماجي ڪارج به ان قسم جو آهي، جو خود ان سان مخصوص آهي: ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي شاعري اهڙي لکي وڃي ٿي، جا اڪيلائيءَ ۾ پڙهجي يا هڪ ننڍي حلقي ۾ وڏي آواز سان پڙهجي؛ ۽ ’ڊرامائي شاعري‘ ئي اُها واحد شاعري آهي، جنهن جو اهو هڪ ڪارج آهي ته ماڻهن جي هڪ هجوم تي، جو اسٽيج تي هڪ خيالي حقيقت ڏسڻ لاءِ جمع ٿيو آهي، فوراً ۽ اجتماعي اثر پيدا ڪري. ’ڊرامائي شاعري‘ ٻئي هر قسم جي شاعريءَ کان مختلف آهي. جيئن ته ان جا خاص قاعدا قانون، ڊراما يا ناٽڪ جي قاعدن قانون سان هم آهنگ آهن، جنهنڪري ان جو ڪارج سرسري طور ناٽڪ جي مخصوص ڪارج ۾ ئي سمايل آهي: ۽ ظاهر آهي ته هتي ناٽڪ يا ڊراما جو سماجي ڪارج منهنجي موضوع سان واسطو نٿو رکي. +جيستائين فلسفيانه شاعريءَ جي خاص ڪارج جو تعلق آهي، ته ان کي سمجهڻ لاءِ ڪافي ڇنڊڇاڻ ۽ تاريخي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. مان سمجهان ٿو ته مان اڳي ئي شاعريءَ جا ڪافي قسم اهو واضح ڪرڻ لاءِ ڄاڻائي چڪو آهيان ته منجهانئن هر هڪ جو خاص ڪارج ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ شي جي ڪارج سان لاڳاپيل آهي- ’ڊرامائي شاعريءَ‘ جو ڊراما يا ناٽڪ سان، ’معلومات پهچائيندڙ افادي شاعريءَ‘ جو ان جي نفس مضمون جي ڪارج سان، فلسفي يا مذهب يا سياست يا اخلاقيات جي ’اصلاحي شاعريءَ‘ جو انهن موضوعن جي ڪارجن سان. تنهنڪري، ائين ٿي سگهي ٿو ته اسين انهن منجهان ڪنهن به خاص قسم جي شاعريءَ جي ڪارج تي غور ڪريون؛ پر خود ’شاعريءَ‘ جي ڪارج جو سوال پوءِ به ائين جو ائين رهجي ٿو وڃي، ڇو ته اهي سڀ مٿي ذڪر ڪيل شيون نثر ۾ به نباهي سگهجن ٿيون. +پر، اڳتي وڌڻ کان اڳ، آءٌ هڪڙي اِعتراض کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، جو هتي ڪري سگهجي ٿو. بعضي ماڻهو شاعريءَ جي اهڙي قسم کي، جنهن کي ڪو خاص مقصد سامهون آهي، شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن. مثلاً، اهڙي شاعري، جنهن ۾ شاعر ڪن خاص سماجي، اخلاقي، سياسي يا مذهبي خيالن جي تبليغ يا وڪالت ڪندو هجي. ان صورت ۾، ماڻهو جيڪڏهن اهي خيال پسند نه ڪندا آهن، ته فوراً ائين چوندا آهن اها شاعري شاعري ئي نه آهي. بلڪل ائين ئي، جيئن ڪي ماڻهو وري ڪنهن خاص شاعريءَ کي سچي پچي شاعري سمجهندا آهن، محض ان لاءِ ته اُن ۾ جن ڳالهين جي اپٽار ڪيل آهي، تن سان هنن جو اتفاق راءِ هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو سوال اهميت نٿو رکي ته شاعر ڪنهن مخصوص سماجي لاڙي جي خلاف آهي يا فائدي ۾. ٿي سگهي ٿو ته ڪا خراب شعر گوئي عام مقبول ٿي وڃي، ڇو ته ان ۾ اُن وقت جي عام لاڙي سان مطابقت هجي؛ پر سچي پچي شاعري نه رڳو ڪنهن خاص مقبول عام لاڙي جي بدلجڻ کان پوءِ به باقي رهندي آهي، پر خود انهن مسئلن ۾ عام دلچسپيءَ جي مڪمل طور ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به زنده رهندي آهي، جن سان خود شاعر جي پنهنجي جذباتي وابستگي هئي. رومي شاعر ”ليوڪريشس“ جو نظم اڄ به هڪ عظيم نظم آهي، توڙي جو علم نجوم ۽ طبعيات بابت هن جي نظرين جي هاڻي ڪابه اهميت نه رهي آهي. اهڙيءَ ط��ح ”ڊرائيڊن“ جو نظم، توڙي جو سترهينءَ صديءَ جي سياسي ۽ مذهبي جهڳڙن سان هاڻي اسان جو ڪوبه واسطو وجهه ڪونهي، ماضيءَ جي هڪ شاندار نظم جي حيثيت ۾ اڄ به اسان کي لطف ڏيئي سگهي ٿو- حالانڪ ان جو موضوع اهڙو آهي، جو اڄ ان کي نثر ۾ ئي بهتر نموني نباهي سگهجي ٿو. +هاڻي، جيڪڏهن اسان کي شاعريءَ جو لازمي سماجي ڪارج ڳولڻو آهي، ته پهريائين ته اسان کي ان جي انهن ظاهر ظهور ڪارجن ڏانهن- بشرطيڪ ان کي ڪي ڪارج پورا ڪرڻا آهن- ڏسڻ گهرجي، جيڪي ان کي واقعي پورا ڪرڻا آهن. انهن منجهان پهريون، منهنجي خيال ۾، جنهن بابت اسان کي خاطري ٿي سگهي ٿي، سو هيءُ آهي ته شاعريءَ کي لطف يا ورونهن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهين پڇندا ته ڪهڙي قسم جو لطف يا ورونهن؟ ته آءٌ چوندس ته اهڙي قسم جو، جيڪو شاعري ڏيندي آهي! ڇو ته ان کان وڌيڪ صاف يا مفصل ٻيو ڪوبه جواب اسان کي جماليات جي وسيع ۽ ڏورانهين دائري ۾ ۽ فن جي اصلي ماهيت جي سوال ڏانهن کڻي ويندو. +آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڳالهه پڻ مڃي ويندي ته هر سٺي شاعر کي، پوءِ هو ڪو وڏو شاعر هجي يا نه، لطف سان گڏ پنهنجن پڙهندڙن کي ٻيو ڪجهه به ڏيڻو آهي؛ ڇو ته جي هو خالي ۽ محض لطف ڏيندو، ته اهو لطف بذات خود به ڪنهن ڪمال درجي جو نٿو ٿي سگهي. اهڙن خاص مقصدن کان علاوه، جن جا مثال آءٌ شاعريءَ جي مختلف نمونن جي بحث ۾ اڳي ئي ڄاڻائي چڪو آهيان، شاعريءَ ۾ هيمشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي، يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئينءَ ادراڪ يا ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو؛ يا وري ان ۾ ڪنهن اهڙيءَ شي جو اظهار ٿئي ٿو، جنهن جي اسان کي ڄاڻ ته آهي پر ان جي بيان ڪرڻ لاءِ اسان وٽ لفظ نه آهن، ۽ اهو اظهار اسان جي ڄاڻ کي وڌائي ٿو ۽ اُن کي سڌاري ۽ سنواري ٿو. ليڪن، منهنجي هن مضمون جو تعلق نه ته شاعريءَ جي هن انفرادي فائدي سان آهي، ۽ نه وري ڪنهن انفرادي لطف ۽ ورونهن جي نوعيت سان. آءٌ سمجهان ٿو ته اسين سڀ اُن ورونهن ۽ ان لطف مان واقف آهيون، جيڪو اسان کي شاعريءَ مان ملي ٿو؛ ۽ تنهن سان گڏ، ۽ ان کان اڳتي وڌي ڪري، اسين اُن فرق کي به محسوس ڪريون ٿا، جو شاعري اسان جي خود زندگيءَ ۾ پيدا ڪري ٿي: انهن ٻن اثرن پيدا ڪرڻ کان سواءِ شاعري شاعري نه آهي. هيءُ سڀڪجهه قبوليندي به، عين ممڪن آهي ته شاعري اسان کي اسان جي اجتماعي حيثيت ۾-- يعني سڄي سماج کي—جو ڪجهه ڏئي ٿي، تنهن کي نظرانداز ڪري ويهون؛ ۽ جڏهن آءٌ اها ڳالهه چوان ٿو، تڏهن ان جو سارو وسيع مفهوم منهنجي خيال ۾ آهي، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته هيءَ هڪ اهم چيز آهي ته هر قوم کي پنهنجي شاعري هئڻ گهرجي—نه رڳو انهن ماڻهن واسطي، جيڪي شاعريءَ مان لطف حاصل ڪن ٿا (اهڙا ماڻهو ته هر وقت ڌاريون ٻوليون به سکي سگهن ٿا، ۽ انهن جي شاعريءَ مان لطف به حاصل ڪري سگهن ٿا)—پر ان ڪري، جو اها ڳالهه سڄي سماج لاءِ وڏي فرق ۽ امتياز جو باعث آهي: يعني انهن ماڻهن ۾ آءٌ اهي ماڻهو به شامل ڪريان ٿو، جن کي پنهنجن قومي شاعرن جا رڳو نالا به ياد نه هجن. هن مضمون جو بس اهوئي اصل موضوع آهي. + + +اسين ڏسون ٿا ته شاعري هن لحاظ کان ٻين هنرن کان هڪ نرالو هنر آهي ته ان جي قدر ۽ قيمت، جيڪا شاعر جي پنهنجي قوم ۽ زبان لاءِ ٿئي ٿي، اُها ڪنهن ٻيءَ زبان يا قوم لاءِ نٿي ٿئي. اهو سچ آهي ته موسيقي ۽ مصوري پڻ پنهنجيءَ جاٰءِ تي مقامي ۽ قومي يا نسلي خصوصيتون رکن ٿيون، ليڪن انهن هنرن جي تور – تڪ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ پرجهڻ جون مشڪلاتون هڪ ڌارئين شخص لاءِ گهڻيون گهٽ آهن. اهو به سچ آهي ته نثري لکڻين کي به پنهنجيءَ زبان ۾ مخصوص اهميت آهي، جا ترجمي ۾ ختم ٿي وڃي ٿي؛ پر اهو اسان سڀني محسوس ڪيو هوندو ته ترجمي ٿيل ناول يا قصي کان زياده اسين ترجمي ٿيل نظم ۾ گهڻي ڪجهه کان محروم ٿيون ٿا، ۽ ڪنهن سائنسي تصنيف جي ترجمي ۾ ته شايد ڪنهن شي جي ڪمي ئي محسوس ڪانه ٿي ٿئي. نظم ۾ نثر کان زياده مقامي رنگ ۽ خصوصيت موجود رهي ٿي، اها ڳالهه يورپي زبانن جي تاريخ جي مطالعي مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿي. وچئين دور کان وٺي چند صديون اڳ تائين يورپ ۾ لاطيني زبان ئي فلسفي، دينيات ۽ سائنس جي زبان هئي، تان جو مختلف قومن ۾ پنهنجيءَ زبان کي تحريري ۽ ادبي طور استعمال ڪرڻ جي تحريڪ پهريائين شاعريءَ سان ئي شروع ٿي. ۽ اها ڳالهه عين فطري پڻ هئي، ڇاڪاڻ ته اسين ڏسون ٿا ته شاعريءَ جو واسطو بنيادي طور احساس ۽ امنگ جي اظهار سان آهي، ۽ احساس ۽ امنگ مخصوص ٿئي ٿي؛ ۽ خيال ان جي برعڪس هڪ عام شي آهي. ڌارينءَ زبان ۾ سوچڻ سولو آهي، محسوس ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهنڪري ڪوبه فن ايترو مڪمل طور قومي نه آهي، جيترو شاعري. ڪنهن به قوم جي زبان ان کان کسي وڃي، ان کي سختيءَ سان دٻايو وڃي، ۽ ٻي ڌارين زبان اسڪولن ۾ زبردستيءَ رائج ڪئي وڃي، پر جيستائين ان فن جي ماڻهن جي ”ڌارينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ“ نه سيکاريو ويو آهي، تيستائين اصلوڪي زبان ختم ٿي نه سگهندي: اها شاعريءَ جي وسيلي، جا احساس جي اظهار جو وسيلو آهي، وري هوش ۾ ايندي ۽ نروار ٿيندي. +’ڌارئينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ‘ جي جيڪا هينئر مون ڳالهه ڪئي، تنهن مان منهنجي مراد ”ڌارينءَ زبان ۾ احساس جي اظهار ڪرڻ“ کان ڪجهه مٿڀري آهي. ڌارينءَ زبان ۾ ظاهر ڪيل ’خيال‘ بلڪل ممڪن آهي ته اهو ساڳيو خيال هجي، جو دراصل ذهن ۾ موجود هو، پر جيستائين ’احساس ۽ امنگ‘ جو تعلق آهي، ته اهو ڌارينءَ زبان ۾ ڪڏهن به اهو ساڳيو رهي نٿو سگهي، جنهن جو اظهار مطلوب هو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارينءَ زبان جي چڱيءَ طرح سکي سگهڻ جو هڪ سبب هيءُ آهي، جو اسين هڪ قسم جي ثانوي شخصيت حاصل ڪريون ٿا؛ ۽ پنهنجيءَ زبان کان علاوه ٻيءَ ڪنهن زبان جي نه سکڻ جو هڪ سبب هيءُ به رهي ٿو ته ماڻهوجو ڪجهه آهي، تنهن کان سردست مختلف ٿيڻ هو نٿو گهري. مطلب ته هڪ اعليٰ زبان کي تيستائين ختم نٿو ڪري سگهجي، جيستائين ان زبان ۾ ڳالهائيندڙن کي ختم نه ڪيو ويو آهي. جڏهن هڪ زبان ٻيءَ زبان جي جاءِ والاري ٿي، ته ان جو سبب هي آهي ته ان ۾ ڪي بهتر ۽ قبولڻ لائق صلاحيتون آهن، ۽ اها زبان دٻجي ۽ مٽجي ويل زبان کان نه رڳو سوچڻ لاءِ، پر احساسَ ۽ امنگ جي دائري پڻ نه رڳو مختلف پر گهڻو بهتر آهي: تنهن جي معنيٰ ته امنگ ۽ احساس، قوم جي عام زبان ۾ ئي بهترين حد تائين ظاهر ٿي سگهن ٿا. هتي ’قوم جي عام زبان‘ مان مراد اها زبان آهي، جا قوم جي سمورن طبقن – غريبن توڙي شاهوڪارن، شهرين توڙي ڳوٺاڻن—جي زبان هجي. زبان جي بيهڪ، ترنم، آواز ان جا اصطلاح، ورجيسون ۽ پهاڪا—اهي سڀ ان جي ڳالهائيندڙن جي شخصيت جو اظهار ۽ ترجماني ڪن ٿا. +جڏهن آءٌ چوان ٿو ته نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽ امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو، تڏهن منهنجو مطلب اهو نه آهي ته شاعريءَ ۾ ذهني مواد يا مفهوم جي ضرور نه آهي، يا هيءُ ته عظيم شاعري معنيٰ جي لحاظ کان گهٽ درجي واريءَ شاعريءَ کان گهٽ مائيدار هوندي آهي؛ پر ڳالهه جي هن پهلوءَ کي زياده ڇيڙڻ سان آءٌ پنهنجي فوريءَ مقصد کان پري هٽي ويندس، تنهنڪري مان، هيءُ ڳالهه هتي تسليم شده سمجهي، اڳتي وڌندس ته ماڻهو پنهنجي عميق ترين احساس ۽ امنگ جو شعوري ۽ ڀرپور اظهار صرف پنهنجيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ ئ�� پائيندا آهن، ۽ ٻئي ڪنهن به فن يا ٻيءَ ڪنهن به ڌارينءَ ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اها شي کين نه ملي سگهندي. ان جو اهو مطلب به نه آهي ته سچي پچي شاعري رڳو انهن احساسن ۽ امنگن جي اظهار تائين محدود آهي، جن کي ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن مان هرڪو شخص سڃاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿو. شاعريءَ کي رڳو مقبول عام شاعريءَ تائين اسان کي محدود سمجهڻ نه گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هم آهنگ قوم جي زياده پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ماڻهن ۾ عام سڌن سادن ۽ ناپخته ماڻهن جي احساسن ۾ هڪڙي اهڙي ڳالهه ضرور مشترڪ آهي، جا سندن ۽ ٻيءَ ٻوليءَ جي ساڳئي درجي وارن ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هرگز موجود نه آهي: ۽ جڏهن ڪنهن قوم جو تمدن صحتمند ۽ اڀرندڙ آهي، ته سندس عظيم شاعر وٽ پنهنجن سڀني همزبان ۽ هموطن ڀائرن کي پيش ڪرڻ لاءِ، سندن الڳ الڳ تعليمي سطح جي لحاظ بنا، ڪجهه نه ڪجهه ضرور هوندو آهي. +اسين هتي چئي سگهون ٿا ته شاعر جو، هڪ شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجيءَ قوم ڏانهن فرض اڻسڌيءَ طرح ئي آهي. هن جو سڌيءَ طرح فرض پنهنجيءَ زبان ڏانهن آهي—يعني پهريائين ان جي حفاظت ڪرڻ، ۽ ٻيو ان کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ. جو ڪجهه ٻيا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري ظاهر ڪري، شاعر انهن جي احساس کي باشعور بنائي ٿو، ۽ ائين خود ان احساس کي بدلائي ٿو. هو ماڻهن کي، جيڪي ڪجهه اڳي ئي محسوس ڪري رهيا آهن، تنهن بابت وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، ۽ ائين هو کين سندن ذات متعلق زياده باخبر بنائي ٿو. پر هو ٻين کان رڳو زياده باشعور نه آهي، پر انفرادي طور ٻين کان، خود ٻين شاعرن کان به، مختلف پڻ آهي؛ ۽ شعوري طور پڙهندڙن کي انهن احساسن کان به روشناس ڪري سگهي ٿو، جن جو ان کان اڳ هنن کي تجربو نه ٿيو آهي. اهو آهي اصل فرق، هڪ حقيقي شاعر ۽ هڪ خبطي ۽ ڇڙواڳ شاعر ۾. هڪ خبطي شاعر وٽ به اهڙا احساس ٿي سگهن ٿا، جي بنهه ذاتي هجن، پر جن ۾ ڪو ٻيو شريڪ نٿو ٿي سگهي، ۽ ان ڪري اهي بيڪار آهن؛ پر هڪ حقيقي شاعر ادراڪ ۽ احساس ۽ امنگ جي انهن نين صورتن کي اظهار بخشي، هو ان زبان کي وڌائي مالا مال ڪري ٿو، جا هو پاڻ ڳالهائي ٿو. +آءٌ هڪ قوم ۽ ٻيءَ قوم جي احساس جي اُن غير محسوس فرق بابت ڪافي ڪجهه چئي چڪو آهيان؛ اهو فرق سندن مختلف زبانن ڪري آهي، ۽ اُهي زبانون ئي ان فرق کي تئين وڌائين ٿيون. پر قومون مختلف تجربن سان، نه فقط مختلف جاين تي پرمختلف دورن ۾ پڻ دوچار ٿين ٿيون. درحقيقت اسان جو شعور ۽ احساس اسان جي بدلجندڙ دنيا سان گڏ هميشه بدلجندو رهي ٿو. اسان جو شعور ۽ احساس اڄ نه فقط اهو ساڳيو نه آهي، جو چيناين يا يونانين جو آهي، پر اهو ساڳيو به نه آهي، جو ڪئين سو سال اڳ خود اسانجن وڏن جو هو؛ اسان جو شعور ۽ احساس هينئر اهو به ساڳيو نه آهي، جو اسان جي پنهنجي والدين جو هو، ۽ خود اسين پاڻ به جيئن هڪ سال اڳ هئاسين، هينئر ائين نه آهيون. اِهو ته ظاهري آهي: پر جا ڳالهه اهڙي ظاهر نه آهي، سا هيءَ ته بس اِهوئي سبب آهي جو اسين ڪڏهن به شعر لکڻ بند ڪري نٿا سگهون. اڪثر پڙهيل ماڻهو پنهنجيءَ زبان جي وڏن اديبن ۽ مصنفن لاءِ فخر محسوس ڪندا آهن، توڙي جو هنن کي انهن کي ڪڏهن پڙهيو به نه هوندو آهي؛ بلڪل ائين، جيئن هو پنهنجي ملڪ جي ٻين ڪن اهڙي قسم جي نرالين خصوصيتن بابت فخر محسوس ڪندا آهن: ڪي اديب ۽ مصنف ته ايڏا مقبول ٿي ويندا آهن، جو سياسي تقرير بازين ۾ به هنن جا حوالا ڏنا ويندا آهن. پر، اڪثر ماڻهو اهو نٿا محسوس ڪن ته اِهو ڪافي نه آهي: ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مستقل طور نوان نوان وڏا اديب ۽ مصنف، خاص ڪري وڏا شاع��، پيدا نه ڪندا رهندا، ته هنن جي زبان کي زوال اچي ويندو، هنن جي تمدن کي زوال اچي ويندو، ۽ اُهو شايد ٻئي ڪنهن طاقتور تمدن ۾ جذب ٿي وڃي. +هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دور جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسون: جيستائين اسين ادب جي اوسر جو هيءُ سلسلو قائم نه رکنداسين، تيستائين اسان جو ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو، تان جو اُهو اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو- جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو: ۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غير معمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪ، سواءِ خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شي جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نستي ۽ نابود ٿي ويندي. +اها ڳالهه ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي رکي ته ڪنهن شاعر جي چاهيندڙن جو حلقو سندس حياتيءَ جي دور ۾ وسيع هو يا نه. اهم ڳالهه اها ته هر نسل ۾، ۽ هميشه، هن جي چاهيندڙن جو ڪجهه نه ڪجهه حلقو موجود هجي. بهرصورت انهيءَ منهنجي چوڻ جو اهو مطلب نڪري ٿو ته شاعر جي اهميت پنهنجي دور لاءِ ئي آهي، ۽ گذري ويل شاعر اسان جي ڪنهن ڪم جا نٿا رهن، جيڪڏهن اسان وٽ زنده شاعر موجود نه آهن. مان ته پنهنجيءَ پهرينءَ ڳالهه تي ايترو به زور ڏيندس ته جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي مقبوليت، سندس جيئري، تمام جلد وڌي وڃي ٿي، ته اها صورتحال خود شڪ جو باعث بنجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان مان اهو انديشو ٿئي ٿو ته هو ڪا نئين شي پيش ڪانه ڪري رهيو آهي، بلڪ جيڪي ڪجهه پيش ڪري رهيو آهي، سو اهو ئي ڪجهه آهي، جنهن تي ماڻهو اڳي ئي هريل آهن—يعني اهو سڀڪجهه، جيڪواهو اڳي ئي پنهنجن اڳين نسلن جي شاعرن کان حاصل ڪري چڪا آهن. پر اها ڳالهه اشد ضروري ۽ نهايت اهم آهي ته شاعر کي پنهنجي دور ۾ صحتمند ۽ باشعور چاهيندڙن جو هڪ ننڍو حلقو موجود هجي، جي شعر جي قدردان هجن، جي فڪر ۾ آزاد هجن، ۽ جي پنهنجي دور کان ٻه قدم اڳتي هجن—يعني اهڙا، جو نئينءَ شي کي جلد قبول ڪرڻ لاءِ تيار هجن. +تمدن ۽ ثقافت جي ترقي جي معنيٰ اها نه آهي ته هر شخص کي سردست اڳتي آڻي محاذ تي بيهارجي. اها ڳالهه ائين ئي ٿيندي ته هر شخص کي زورمس ڪري رڳو قدم سان قدم ملائي هلڻ لاءِ گهلي آڻي اڳيان بيهارجي. بلڪ، ان جي معنيٰ صرف هيءَ آهي ته هر دور ۾ ادب شناس ۽ باذوق ماڻهن جو هڪ منتخب ۽ ڌُڻيل حلقو موجود هجي، جن کان عام پڙهندڙن جي مُک جماعت ذوق ۽ ادب دوستيءَ ۾، هڪ – اڌ نسل جي ويڇي کان زياده پٺتي نه هجي. شعور ۽ ادراڪ جون تبديليون ۽ واڌارا، جيڪي اول ڪن ٿورڙن وٽ ظاهر ٿيندا، سي، پنهنجي اثر ذريعي، ٻين ترت مقبول ٿيندڙ مصنفن معرفت، آهستي آهستي زبان تي پنهنجا هلڪا هلڪا نشان ۽ نقش پيدا ڪندا؛ ۽ جنهن وقت اهي ان تي ڄمي، دائمي جڳهه والاري بيٺا، تڏهن وري هڪ نئين قدم، هڪ نئينءَ پيشقدميءَ جي ضرورت ٿيندي. ازانسواءِ، زنده اديب ئي آهن، جن جي وسيلي مئل اديب زنده رهن ٿا. مثلاً، ”شيڪسپيئر“ جهڙي شاعر انگريزي زبان تي جيڪو گهرو اثر ڇڏيو آهي، اهو اثر رڳو کانئس فوراً پوءِ واري نسل جي شاعرن جي ذريعي ئي نه ڦهليو آهي؛ ڇو ته عظيم شاعرن ۾ ڪي خصوصيتون هونديون آهن، جي ترت ظاهر ٿي نه سگهنديون آهن، ۽ صديون پوءِ وارن شاعرن کي سڌي طرح متاثر ڪري، اهي عظيم شاعر زنده زبان تي هميشه اثر وجهندا رهندا آهن. اڄ جيڪڏهن هڪڙو انگريزي ٻوليءَ جو شاعر اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته موجوده دور ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ هو ڪيئن استعمال ڪري، ته هن کي لازمي طور انهن اديبن جو گهرو اڀياس ڪرڻو پوندو، جن پنهنجي زماني ۾ لفظن کي صحيح استعمال ڪيو،جن پنهنجي دور ۾ زبان کي نئون روپ ڏنو ۽ نئين زندگي بخشي. +هيستائين مون ان آخري ڳالهه ڏانهن اشارو ئي ڪيو آهي، جنهن تائين، منهنجي خيال موجب، شاعريءَ جي اثر جي انتها ليکي سگهجي ٿي: ۽ اها ڳالهه هن نموني ۾ بهتر طور ادا ڪري سگهجي ٿي ته شاعريءَ دواران آخرڪار ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه، ماڻهن جي احساس ۽ ادارڪ، ۽ ماڻهن جي روزمره توڙي عام زندگين ۾ امتياز ۽ فرق—هڪ بنيادي فرق هڪ خاص امتياز—واقع ٿئي ٿو؛ ۽ اُهو امتياز ۽ فرق سماج جي سڀني فردن، قوم جي سڀني شخصن، بلڪ سڄيءَ قوم جي حالت ۾ مجموعي طور واقع ٿئي ٿو—پوءِ منجهانئن ڪي کڻي شاعريءَ کي پڙهندا هجن يا نه پڙهندا هجن، ان مان لطف اندوز ٿيندا هجن يا نه به ٿيندا هجن، يا کين پنهجي عظيم شاعرن جا رڳو نالا به کڻي ياد نه هجن. شاعريءَ جو اثر، پنهنجين آخري حدن تائين، درحقيقت، نهايت وٽڙيل، تمام اڻسڌو، ۽ ثابت ڪرڻ ۾ انتهائي مشڪل آهي. ان جو مثال ائين آهي، جيئن آسمان ۾ اڏامندي ويندڙ پکيءَ يا هوائي جهاز ۾ اک وجهي بيهي جانچجي: پوءِ جي اوهان کي تڏهن نظر ۾ رکيو هو، جڏهن اُهو اوهان کي چٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ ائين اوهين ان کي برابر نظر ۾ رکيو آيا، ته اوهين ان کي تڏهن به برابر ڏسندا رهندا، جڏهن اُهو تمام پري هليو ويو هجي—اصل ايترو پري، جو جيڪڏهن اوهين ان وقت ٻئي ڪنهن شخص کي اشارو ڪري اُهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هن جي اَڻهِريل اک ان کي ڏسي ئي ڪانه سگهندي. ساڳيءَ طرح، شاعريءَ جو اثر به جيڪڏهن اوهين پهريائين انهن ماڻهن ۾ جاچيندا، جن تي شاعريءَ گهڻو گهاٽو اثر ڇڏيو آهي، ۽ پوءِ انهن کي جاچيندا، جن ڪڏهن شاعريءَ کي پڙهيو به ڪونهي، ته اوهان کي اهو اثر تڏهن ته ضرور نظر ايندو، جڏهن ان قوم جو تمدن صحتمند ۽ زنده آهي؛ ڇو ته هڪ زنده سماج ۾ ان جي هڪ حصي جو ٻئي حصي تي باهمي اثر مستقل طور پوندو ئي رهندو آهي. ۽ آءٌ شاعريءَ جي ’سماجي ڪارج‘ مان اها ئي ڳالهه، سندس وسيع معنيٰ ۾، مراد وٺان ٿو: يعني هيءَ، ته شاعري پنهنجي رفعت، زور ۽ تاثير جي مناسبت سان سڄيءَ قوم جي ٻول چال، ۽ شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي. +اوهان کي ائين سمجهڻ نه گهرجي ته منهنجو مطلب ڪو هيءُ آهي ته اسين جيڪا زبان ڳالهايون ٿا، تنهن جو تعين فقط اسان جي شاعر ئي ڪن ٿا. ثقافت جو ڍانچو انهيءَ کان زياده پيچدو ۽ وسيع آهي. درحقيقت اِها ڳالهه به پنهنجيءَ جاءِ تي درست آهي ته اسان جي شاعريءَ جي لياقت انهيءَ ڳالهه تي منحصر آهي ته ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٻوليءَ کي ڪهڙي نموني استعمال ٿا ڪن؛ ڇو ته شاعر کي لازمي طرح پنهنجي زبان بلڪل ائين ئي پنهنجي مواد طور کڻڻي پوي ٿي، جيئن اُها سندس اردگرد ڳالهائي وڃي ٿي: جيڪڏهن اُها بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي، ته ان مان هو فائدو وٺندو، ۽ جيڪڏهن اُها هيڻي پوندي ٿي وڃي، ته هن لاءِ ان ئي پؤڻيءَ زبان جو بهتر کان بهتر استعمال ڪرڻ لازمي آهي. شاعري، ڪنهن حد تائين، ٻوليءَ جي سونهن کي قائم رکي سگهي ٿي؛ شاعري ٻوليءَ کي پيچيده حالتن ۽ زندگيءَ جي بدلجندڙ مقصدن لاءِ اهڙيءَ ڪاميابيءَ سان اظهار خيال جي موزون ذريعي بنجڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي، جهڙي طرح اها گذريل ساده زندگيءَ جي سڌن سادن مقصدن لاءِ هڪ موزون ذريعو هئي. پر، ساڳئي وقت، شاعري پنهنجي سر ان پُراسرار سماجي ڪرشمه ڪاريءَ جي ٻئي عنصر وانگر، جنهن کي اسين ”ثقافت“ سڏيون ٿا، اهڙي وسيع ۽ متعدد حالتن تي مدار رکي ٿي، جي سندس پنهنجي اختيار ۽ ضابطي کان ٻاهر آهن. +هيءَ ڳالهه مون کي ڪن زياده عام قسم جي خيالن ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جن کي هتي آخر ۾ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. هيستائين مان شاعريءَ جي مقامي قومي ڪارج تي زور ڏيندو رهيو آهيان، ۽ ان ڳالهه جي سلسلي ۾ مون کي هڪ صفائي پيش ڪرڻي آهي. مان اهو تاثر ڇڏڻ نٿو چاهيان ته شاعريءَ جو ڪارج قومن کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ آهي، ڇو ته مان اهو نٿو مڃان ته مختلف قومن جون ثقافتون ۽ تمدن هڪٻئي کان علحدگي اختيار ڪري ترقي ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ ان ڳالهه شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ ڪيتريون تهذيبون ٿي گذريون، جن اعليٰ فن، فڪر ۽ ادب پيدا ڪيو، ۽ اهي تهذيبون هڪٻئي سان لڙهه وچڙ ۾ نه هيون؛ پر انهن جي باري ۾ به مان ڪامل يقين سان چئي نٿو سگهان، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي تهذيبون، جي بظاهر اسان کي الڳ ٿلڳ نظر آيون، سي درحقيقت ٻين سان ربط ۾ رهيون هجن. پر يورپ جي تاريخ ۾، بهرحال، ائين ڪين ٿيو آهي. خود قديم يونان مصر کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، ۽ ڪنهن حد تائين ايشيائي سرحدي ملڪن کان پڻ. خود يوناني رياستن جي باهمي تعلقات ۾ اسان کي، سندن ٻولين ۽ طور طريقي جي اختلاف جي باوجود، باهمي اثر نظر اچي ٿو—بلڪل اهڙوئي، جهڙو يورپ جي مختلف ملڪن جو هڪٻئي تي. يورپي ادب جي تاريخ ۾ ته اها ڳالهه خاص طرح نظر ايندي ته هڪ زبان جو ادب ٻيءَ زبان جي ادب جي اثر کان ڪڏهن به الڳ ۽ آزاد نه رهيو آهي؛ منجهن هميشه آزادانه ڏي – وٺ ٿيندي رهي آهي، ۽ پڻ منجهانئن هر هڪ هڪٻئي کان نئين قوت ۽ توانائي حاصل پئي ڪئي آهي. ثقافت ۽ تمدن جي معاملي ۾ مڪمل علحدگيءَ مان ڪجهه به وري سري ڪين ٿو سگهي: ڪنهن به ملڪ جي ثقافت جي زنده جاويد رهڻ جو مدار ان تي آهي ته اُها ٻين ثقافتن سان آزادانه ڏي – وٺ ڪندي رهي. پر يورپ جي امن ۽ اتحاد لاءِ ثقافتي علحدگي جيڪڏهن هڪ خطرو آهي، ته اُهو ساڳيو خطرو اُن ثقافتي اتحاد ۾ پڻ موجود آهي، جيڪا يڪرنگيءَ ۽ يڪسانيت طرف وٺي وڃي. ڪثرت ۽ تنوع ايترو ئي ضروري آهي، جيترو اتحاد. مثلا، ڪن محدود مقصدن جي حق ۾ هونئن ته گهڻو ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو—جيئن ته يورپ جي ”هڪ گڏيل ٻوليءَ“ جي سلسلي ۾ بيجا آسانيءَ سان ”اپسپرنٽو“ يا ”بنيادي انگريزيءَ“ جا نالا وٺي سگهجن ٿا—پر سمجهو ته ملڪن جي سموري لکپڙهه ۽ ڳالهه ٻولهه ان جڙتو ٻوليءَ وسيلي شروع ڪري ٿي ڏجي، ته اُها ڪيتري نه اڍنگي ۽ اڻپوري لڳندي. شايد ائين به ٿئي ته ڪن معاملن ۾ ته اُها زبان مقصد کي پورو ڪري سگهي، ۽ ڪن ۾ بلڪل بيڪار ثابت ٿئي. هيڏانهن شاعري مستقل طور انهن شين جي يادگيري ڏياريندي رهي ٿي، جي فقط هڪ زبان ۾ چئي سگهجن ٿيون، ۽ انهن جو ترجمو ناممڪن آهي. هڪ قوم جو ٻيءَ قوم سان روحاني ڏي – وٺ جو رستو تيستائين قائم ٿي نٿو سگهي، جيستائين ڪي اهڙا ماڻهو نه هجن، جن پنهنجي ٻوليءَ کان علاوه ٻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارين زبان ايتري چڱيءَ طرح سکي هجي جيتري پنهنجيءَ زبان کان سواءِ ڪا ٻي زبان سکي سگهجي ٿي، ۽ نتيجي طور، اُن ڌارينءَ ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهجيءَ زبان وانگر ئي محسوس ڪري سگهندا هجن. ان طرح، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ڌارينءَ قوم کي سمجهڻ چاهي ٿو ته هو پهريائين انهن شخصن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو، جن پنهنجيءَ زبان کان علاوه سندس زبان کي سکڻ جي تڪليف ورتي هوندي- ۽ اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ قوم کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. +هتي ضمني طور هيءَ ڳالهه به ڪري ڇڏيان ته ڪنهن ٻيءَ قوم جي شاعريءَ جو اڀياس هڪ خاص انداز جي معلوماتي نوعيت جو ٿئي ٿو. مان چئي چڪو آهيان ته هر زبان جي شاعريءَ ۾ ڪي اهڙيون خصوصيتون آهن، جي فقط اهي سمجهي سگهن ٿا، جي اهل زبان آهن. پر ان ڳالهه جو ٻيو رخ به آهي. مون ڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ زبان جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي، جا مون کي چڱيءَ طرح نه پئي آئي آهي، ائين محسوس ڪيو آهي ته مان ان جي نثر کي ان وقت تائين سمجهي نٿي سگهيس، جيسين مون ان کي اسڪول جي استاد جي معيار ۽ دستور مطابق نه پڙهيو- يعني ان کي سمجهڻ لاءِ مون کي هر لفظ جي معنيٰ جي پڪ ڪرڻي پيئي، ان جو گرامر پڙهڻو پيو، وغيره؛ پر ڪڏهن ڪڏهن مون ائين محسوس ڪيو آهي ته ڌارينءَ زبان جي ڪنهن شعر کي پڙهڻ مهل، جنهن جو مان ترجمو ڪري نٿي سگهيس، ۽ جنهن ۾ مون لاءِ ڪيترائي ڏکيا لفظ به موجود هئا، ۽ اهڙا جملا به درپيش هئا جن جو مطلب مان سمجهي نٿي سگهيس، مون کي فوراً ڪنهن اهڙي واضح خيال يا تاثر جو احساس ٿيو، جو نه رڳو نرالو هو، پر انگريزيءَ ۾ جيڪي ڪجهه آهي تنهن کان به مختلف هو، ۽ ان ۾ مون کي هڪ اهڙي شي نظر آئي، جنهن کي مان لفظن ۾ ته بيان نٿو ڪري سگهان، پر ته به مون ڄاتو ته مان ان کي سمجهي ويو آهيان. پوءِ جڏهن مون اها زبان چڱيءَ طرح سمجهي ورتي، ته معلوم ٿيو ته اهو تاثر ڪو منهنجو وهم ڪونه هو، ڪا محض اهڙي خيالي شيءِ نه هئي جا صرف منهنجي ذهن جو اختراع هجي، پر اها شيءِ درحقيقت ۽ واقعي ان شاعريءَ ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هجي. هن مان منهنجو مطلب هيءُ آهي ته شاعريءَ جي وسيلي اوهين ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڌارئين ملڪ ۾، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي، جيڪڏهن چاهيو ته داخل ٿي سگهو ٿا. +يورپ جي حدن اندر مختلف زبانن ليڪن ملندڙ جلندڙ ثقافتن رکندڙ ملڪن جي رشتي جي هن مسئلي ڏانهن، شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي تحقيق ڪندي، اسين شايد غير متوقع طور نڪري آيا آهيون. آءٌ يقينا هن نقطي کان اڳتي وڌي، خالص سياسي مسئلن ۾ داخل ٿيڻ نٿو چاهيان، پر آءٌ اهو چاهيان ٿو ته جيڪي اهڙن مسئلن سان سڌيءَ طرح واسطو رکن ٿا، سي انهن سوالن جي سرحدن ۾، جن تي آءٌ مٿي بحث ڪري چڪو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ضرور داخل ٿين؛ ڇو ته هي سوالَ انهن سياسي مسئلن جو روحاني رخ پيش ڪن ٿا، جن جو مادي رخ سياست جو موضوع آهي. منهنجي پنهنجي بحث جي دائري ۾ ماڻهوءَ جو واسطو انهن زنده ۽ مئل شين سان آهي، جن جي وڌڻ ويجهڻ جا قاعدا قانون بنهه پنهنجا آهن، جيڪي، توڙي جو هميشه مدلل ۽ معقول نه به آهن، ته به عقل ۽ دليل کي اهي تسليم ڪرڻا ئي آهن. اهي اهڙيون شيون آهن، جن جي دستوري رٿابندي نٿي ٿي سگهي، ۽ جيڪي ضابطي هيٺ ايتروئي رهي سگهن ٿيون جيترو موسمون، مينهن يا هوا. +آخر ۾ آءٌ هي چوندس ته جيڪڏهن آءٌ اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيان ته شاعري کي شاعر جي سڄيءَ همزبان قوم لاءِ هڪڙو سماجي ڪارج ادا ڪرڻو آهي—توڙي جو قوم پنهنجي شاعر جي وجود کان باخبر هجي به يا نه – ته پوءِ ان مان هيءُ نتيجو نڪري ٿو ته يورپ جي هر قوم وٽ اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته ٻين قومن وٽ شاعريءَ جو سلسلو قائم رهڻ گهرجي. مان ناروي زبان جو شعر ته پڙهي ڪونه ڄاڻان، پر جي مون کي ٻڌايو وڃي ته ناروي زبان ۾ نئون شعر نٿو لکيو وڃي، ته مان ان کي هڪ خطرو سمجهي، اهڙي نموني ۾ ڇرڪبس، جو منهنجو اهو اظهار ’ڪشاده دليءَ واري همدرديءَ‘ جي اظهار کان گهڻو وڌيڪ هوندو: مان ان کي هڪ اهڙيءَ بيماريءَ جي نشاني سمجهندس، جا شايد سڄي برعظيم ۾ پکڙجي ويندي: اها هڪ اهڙي زوال جي نشاني ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته ماڻهو هر هنڌ تهذيبي جذبات جي قوت کان محروم ٿيندا ويندا، ۽ نيٺ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهجي ويندا-- ۽ ائين واقعي ٿي سگهي ٿو. هر هنڌ مذهبي اعتقاد جي زوال جي پذيريءَ بابت ڪافي ڪجهه چيو ويو آهي؛ پر مذهبي احساس ۽ شعور جي زوال پذيريءَ ڏانهن ايترو توجهه نه ڏنو ويو آهي. موجوده دور جي مشڪل رڳو اها نه آهي ته خدا ۽ انسان بابت ڪن انهن عقيدن ۾ ويساهه رکي نٿو سگهجي، جن ۾ اسانجن ابن ڏاڏن جو اعتقاد هو؛ پر اصل ڳالهه اها آهي ته جيئن اسان جا اڳيان بزرگ خدا ۽ انسان بابت محسوس ڪندا هئا، ائين هينئر محسوس نٿو ڪيو وڃي. هڪڙو عقيدو، جنهن ۾ هينئر اوهان جو اعتقاد نه رهيو آهي، بهرحال، اهو هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين اوهين پوءِ به سمجهي سگهو ٿا؛ پر جڏهن مذهبي احساس گم ٿئي ٿو، تڏهن اهي لفظ جن جي وسيلي ماڻهن ان احساس جي اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سي بي معنيٰ ٿي پون ٿا. اهو سچ آهي ته مذهبي احساس فطرتي طرح ملڪ ملڪ ۾ مختلف آهي، ۽ دور دور ۾ به مختلف آهي—ائين ئي، جيئن شاعرانه احساس مختلف آهي. احساس بدلبو رهي ٿو، توڙي عقيدو ۽ نظريو ساڳيوئي رهي؛ اهو ته انساني زندگيءَ جو هڪ اٽل شرط آهي. مون کي دراصل جنهن ڳالهه جو خوف آهي، سا آهي هن احساس جو مڪمل موت. ساڳيءَ ريت هيءَ ڳالهه پڻ ايتري ئي ممڪن آهي ته شاعريءَ لاءِ احساس، ۽ اهو احساس جيڪو شاعريءَ جو بنيادي مواد آهي، سو ڪنهن وقت هر هنڌ بنهه مري ۽ ختم ٿي وڃي: ۽ اهڙي صورتحال پوءِ دنيا ۾ يڪسانيت قائم ڪرڻ لاءِ شايد آساني به پيدا ڪري وجهي، جيڪا يڪسانيت ڪي ماڻهو محض يڪسانيت خاطر محبوب ۽ مطلوب سمجهن ٿا. +[مهراڻ نمبر 3 ۽ 4، سال 1960ع] +(3) +ٻولي ۽ تعليم +* سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو: (سماهي ”مهراڻ“ سيارو، 1955ع). +* ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي (1956ع) +* ٻوليون ۽ سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ (مهراڻ 1964ع) +* ڪريڪيولم ڇا آهي؟ (1970ع) +* ٻه لفظ صلاح جا، استاد لاءِ (1971ع) +* ٻوليءَ جو بچاءُ (1973ع) +* اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي تعليم ۾ اهميت (1980ع) +* تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي: سنڌ گرئجوئيٽس ائسوئيشن، ميرپورخاص جي لطيف يادگار مجلس، مورخه 19-11-88ع جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾ پڙهيل تقرير. +* سنڌي ساهت ڪانفرنس جا ٺهراءَ: (مورخه 26 – 28 – نومبر 1981ع تي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڪانفرنس). +* سنڌي ٻولي ڪائونسل قام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي اپيل (1983ع). +* ٻه اکر: سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد جي ڇپايل ڪتابچي (اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جو پيش لفظ (1983ع) +* پاڪستان ۾ سائنس جو خاموش موت (1984ع) +* سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا (1993ع) +* سنڌيءَ ٻولي ڏانهن سنڌي قوم جون ذميواريون: (سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي عمارت جي پيڙهه جي پٿر رکجڻ جي موقعي تي اداري جي مقصدن ۽ علمي رٿائن بابت مذاڪري ۾ پڙهيل تقرير) (1994ع) +* آسان سنڌي قاعدو (1973ع). +ٻولي، آوازُ – دانهن ۽ دانهن جو جوانُ- ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وَٿُ آهن، ۽ اُن لاءِ وڏو آٿَتُ آهن، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. رُوسي اديب تَرگينيف (83-1818ع)، جنهن پنهنجيءَ عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو منُ لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍُ ڏين ٿي ۽ مون کي بچائين ٿي. تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وَهي رهيو آهي، اُن کي ڏِسي، آءٌ هوند ڊَهي، بِنهه پَٽ اچي پوان: پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!“ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اُها اسان جو ڏَڍُ آهي، آٿَتُ آهي، ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي؛ ۽ جيڪا ٻولي اسان کي اڄ ”سندي ذات هجن“ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي!-م.ا.ج. +(”سنڌي ذات هجن“ آڪٽوبر، 1983ع جي مهاڳ تان کنيل) +سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو +سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت کي زندهه رهڻ گهرجي. انهيءَ ڳالهه کان ڪنهن به سمجهدار شخص کي انڪار ٿي نٿو سگهي؛ ڇاڪاڻ ته منجهن ڪي اهڙيون امتيازي خوبيون موجود آهن، جيڪي جيڪڏهن گم ٿي وڃن، ته انهن جي پورائي يا تلافي ڪنهن به ٻئي ملڪ، ڪنهن به ٻيءَ قوم، ۽ ڪنهن به ٻيءَ ثقافت هٿان ٿي نه سگهندي. +قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو دارومدار ٻوليءَ تي آهي. پر اها ٻولي جيڪا فقط گهرن جي چؤديوارين ۾ يا رڳو زندگيءَ جي رواجي ۽ مختصر معاملن ۾ ئي ڪم ٿي اچي، ۽ قوم جي علمي ۽ ادبي ضرورتن ۽ قومي زندگيءَ جي ٻين اهم معاملن لاءِ ڪارگر نه آهي، سا موجوده زماني ۾، قوم ۽ قومي ثقافت کي به جيڪڏهن زندهه رهڻو آهي، ته ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ زندهه رهڻ گهرجي، نه فقط زندهه رهڻ، بلڪ کيس لازمي طرح هڪ اعليٰ علمي ۽ ادبي ٻولي پڻ بنجڻ گهرجي. +سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقيءَ جا ممڪنات بي انداز موجود آهن؛ پر سندس گذريل صدها سالن جي تاريخ جا المناڪ داستان شاهد آهن ته کيس پنهنجي فطري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا ڪڏهن به ڪي سازگار موقعا نصيب نه ٿيا آهن. ڌاريان حاڪم سدائين هن ڪوشش ۾ رڌل رهيا ته علمي ۽ ادبي مرتبو فقط سندن پنهنجين ”حاڪمانه“ ٻولين لاءِ ئي مخصوص رهي، تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ نه فقط پاڻ کي زندهه رکيو آهي، پر ايڏيءَ مڪمل ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهي ڪري به پاڻ وٽ هڪ اهو عظيم ادبي سرماريو پيدا ڪيائين جنهن لاءِ دنيا جي هرڪا سڌريل ٻولي به مٿس اڄ رشڪ ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري، هاڻي جڏهن چيو ٿو وڃي ته سنڌي ۽ سنڌي قوم آزاد آهن، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي انهن مڙني بندشن کان آزاد نه ڪيو ويو جيڪي ڌارين مٿس عائد ڪيون هيون، ۽ وڌڻ ويجهڻ جا اهي سمورا موقعا جن کان کيس هيلتائين محروم رکيو ويو هو، کيس مهيا ڪري نه ڏنا ويا، ته پوءِ ان کان وڌيڪ بدنصيبي، سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي! +اسان جا پوئين کان پويان ”نئين روشنيءَ وارا“ حاڪم، انگريز، پڻ اسان جي ٻوليءَ کي هڪ ”ورنيڪيولر“ يعني هڪ ”غلامن جي ٻولي“ سڏيندا رهيا. جنهن جو مطلب هيءُ هو ته سندن سامهون اسان جي ٻولي هڪ اڻسڌريل، ۽ علمي شان کان ڪِريل ٻولي هئي. اهوئي سبب هو جو ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾، هنن پنهنجي ”شاهانه“ ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٻوليءَ کي اها غير اهم جڳهه ڏني جو هوءَ، خاص طرح علمي ۽ ادبي دائري ۾، اسان لاءِ ڪنهن به ڪم جي نه رهي، ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان جو ٻولي خود اسان جي نظرن ۾ ڪِري پيئي. پرائمري اسڪولن ۾ سو، پنهنجي مادري زبان معرفت، اسان جا ٻار اڌو گابرو انگ اکر سکي سگهيا ٿي؛ باقي سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”محڪوم“ ٻولي ڪو شانائتو پير پائي، اها ڳالهه ”حاڪمانه“ ٻوليءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگهي؟ تنهن کان سواءِ، حاڪم جو بنيادي مقصد ته فقط پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ جو هوندو آهي. تنهنڪري، انگريزن کي فقط هڪ محدود تعداد ”تعليم يافته“ غلامن جو گهربل هو جن جي هٿان هو پنهنجي حڪومت جو چرخو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهن. انهيءَ لاءِ پڻ لازمي هو ته تعليم جو سرشتو اهڙو تجويز ڪيو وڃي، جو هڪ ته اهي ”تعليم يافته“ غلام ڪٿي به گهرج کان وڌيڪ نه پيدا ٿي وڃن، ۽ ٻيو ته کين تعليم فقط اهائي حاصل ٿئي جا کين ”غلاميءَ“ لاءِ تيار ڪري ۽ ان جو خوگر بنائي. سنڌ جي سدا حيات شاعر لطيف اهڙن ”تعليم يافته“ غلامن جي تعريف، جن کي ڌاريان حاڪم پيدا ڪرڻ گهرندا آهن، هن ريت ڪئي آهي، +جو ”فارسي“ سکيو، گولو، توءِ غلام؛ جو ٻَڌو ٻن ڳالئين، سو ڪِن چائي ڄام؟ اڃو تان ”آب“ گهري، بکيو تان ”طعام!“ ايءُ عامن سندو عام، ”خاصن“ منجهان نه ٿئي. +انگريزن جو رائج ڪيل تعليمي سرشتو جيڪو، بدقسمتيءَ سان اڄ به، اسان وٽ موجود آهي، جنهن کي ”تعليم جو ٻه واٽائون سرشتو“ ٿو سڏجي، سندن هن حاڪمانه ذهنيت جي عين مطابق، ۽ انهيءَ حاڪمانه مقصد لاءِ لازمي ۽ عين مناسب هو. +”تعليم جو ٻه واٽائون سرشتو“ ڇا آهي؟- اسان جا ٻار جڏهن اسڪولي عمر جا ٿين ٿا، يعني جڏهن ڇهه سال پورا ڪري ستين سال ۾ پير ٿا پائين، تڏهن کين پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيڻو ٿو پوي. چئن سالن کان پوءِ، عمر جي يارهين سال ۾، پرائمري چئن درجن پاس ڪرڻ کان پوءِ کين هڪ ٻه واٽي تي بيهي، پنهنجي آئنده تعليم لاءِ، هڪ واٽ جو انتخاب ٿو ڪرڻو پوي. هڪ واٽ کين، ٽن سالن کان پوءِ، عمر جي تيرهين سال ۾، سنڌي فائنل جي امتحان تائين پهچائي ٿي. ۽ ٻي واٽ کين سيڪنڊري تعليم ۽ ان کان پوءِ، ڪاليج جي اعليٰ تعليم ڏانهن وٺي ٿي وڃي. جن پهرين واٽ ورتي، تن لاءِ سنڌي فائينل کان پوءِ، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو، انهيءَ واٽ سان، ڪوبه اڳتي رستو موجود نه آهي. سنڌ جي پرائمري اسڪول ۾ جيڪي به ٻار پڙهڻ وڃن ٿا، تن مان گهٽ ۾ گهٽ 90 فيصد ٻار تعليم جي هن پهرينءَ واٽ سان لڳي، وڌيڪ تعليم کان هميشه لاءِ محروم رهجي ٿا وڃن. +سنڌي فائينل امتحان، عمر جي تيرهن يا چوڏهين سال ۾ پاس ڪري، جڏهن ڪو ٻار اسڪول کان ٻاهر نڪري، عملي زندگيءَ ۾ پير ٿو رکي، تڏهن هو پاڻ کي ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ لائق ٿو پائي؟ غريب کان غريب ۽ اڻپڙهيل مائٽن جا ٻار ئي هن سنڌي فائينل واريءَ واٽ سان لڳن ٿا؛ شاهوڪارن ۽ تعليم يافته مائٽن جا ٻار هميشہ وڃي ثانوي ۽ اعليٰ تعليم واري ٻي واٽ وٺندا آهن. انهن غريب ۽ پورهيت مائٽن جي ٻارن کي، سنڌي فائينل انهيءَ لائق ته ڪونه ٿو بنائي جو هو پنهنجن مائٽن کي، سندن روزمره جي ڌنڌي ۾، پنهنجي حاصل ڪيل ”علم“ مان ڪو فائدو پهچائي سگهن. هو ته اٽلو پاڻ کي هڪ ”پڙهيل“ سمجهي، اباڻي ڌنڌي کان عار ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين؛ کين واقعي ڪا ”پڙهيلن“ جي شان وٽان، ٿڌيءَ ڇانوَ واري، نوڪري گهرجي! نوڪريءَ جي ”نعمت“ وري، عمر جي سترهين سال کان اڳ، قانون نصيب ٿيڻي ڪانه اٿن؛ ٽي يا چار سال ويچارن کي ويهي گذارڻا آهن، يا بيڪار رلي دربدر ٿيڻو آهي! مائٽ ويچارا، پڙهيل پٽن جي اها درگتي ڏسي چون، ”اسڪولن ۾ ٻار کرن ٿا، پڙهن ته ڪونه ٿا!“ عوام جي دل ۾ تعليم لاءِ هاڻي سخت محبت ٿئي سو ڪيئن ٿئي؟ تعليم مان ماڻهن کي فائدو ڪو پوي ئي ڪين؛ پوءِ پنهنجي اولاد کي ”تعليم“ ڏيارڻ لاءِ مٿن زوري نه ڪرڻي پوندي ته ٻيو ڇا ڪرڻو پوندو؟ +ٽن چئن سالن جي نڪمي زندگي گذارڻ کان پوءِ، فائينل پاس ڪيل نوجوان لاءِ هڪ نوڪري پرائمري اسڪول جي ماستري آهي. هيءُ نوجوان استاد، سنڌي فائينل تائين؛ صحيح معنيٰ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو علم حاصل ڪري چڪو هو، تنهنجي هرڪنهن کي خبر آهي، معمولي انگن اکرن ۽ جاگرافي، تاريخ وغيره جي چند نهايت ٻاراڻين ۽ اڪثر غلط ڳالهين کان سواءِ هن آخر ڪهڙي ڄاڻ پرائي هئي؟ تنهن کان سواءِ، جيڪي ٻه چار اکر هو پڙهيو هو، سي به ٽن چئن سالن جي ”واندڪائي“ ۾ سندس دل گهڻي قدر ميسارجي ئي ويا. پرائمري اسڪولن جا ههڙيءَ لياقت وارا استاد، پنهنجون اهم ترين تعليمي ذميواريون ڪيتريقدر پوريون ڪري سگهندا هوندا، ۽ ترت ئي پوءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ چونڊجي وڃڻ کان پوءِ، اُتي جي اڌوگابرو تربيت مان، آخر ڪيترو فائدو حاصل ڪري سگهندا هوندا،- انهن ڳالهين کي جڏهن خيال ۾ آڻجي ٿو، تڏهن ملڪ جي پرائمري اسڪولن جي تعليم جيئن پوءِ تيئن ڪِرندڙ معيار جي منطق آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي. +تعليم جي ٻيءَ، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم ڏانهن ويندڙ واٽ تي، اسان جا ٻار پرائمري چار درجا پاس ڪري، يارهين سال جي عمر ۾، جڏهن پنهنجا پهريان قدم ٿا رکن، تڏهن هنن لاءِ سندن مادري ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي حيثيت گويا ختم ٿيو ٿي وڃي. سندن آئندهه تعليم لاءِ اها کين ڪنهن به ڪم ڪانه ٿي اچي؛ ڇاڪاڻ ته پوءِ جيڪي ڪجهه علم يا ڄاڻ هو حاصل ڪن ٿا، سا انگريزي ٻوليءَ معرفت. اهڙي طرح جڏهن اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٻاهر زندگيءَ ۾ پير ٿا پائين، تڏهن پنهنجن وٽ به پاڻ کي پرايو پيا محسوس ڪن؛ پنهنجي تاريخ، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ان جي ادبي ميراث کان هو بنهه بي خبر رهجي ٿا وڃن؛ عوام ۽ سندن وچ ۾ ڪابه مشترڪ علمي ۽ ادبي ٻولي موجود نه ٿي رهي. البت هڪ ”سرڪاري“ ٻوليءَ ۾ ڪجهه مهارت حاصل هئڻ سبب، هنن لاءِ حڪومت جون ننڍيون وڏيون ”نوڪريون“ کليل رهن ٿيون جن جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو صاحب ۽ ڪامورا يا ”خواص“ سو ضرور بنجي ٿا پون. +مٿئين سموري بحث مان مراد فقط هن ڳالهه جي ثابت ڪري آهي ته اسان جي موجوده تعليمي سرشتي جي ٻنهي واٽن مان ڪابه واٽ اسان جي پڙهيل طبقي جي دلين ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ ڪابه محبت ۽ وابستگي ڪانه ٿي پيدا ڪري، سنڌي فائينل پاس ڪيل نوجوانن جي تعليم ايتري ته مختصر ۽ اڻپوري ٿي ٿئي جو اها کين سنڌي ٻوليءَ جي خوبين ۽ ان جي لافاني ادب جي عظمت سان ڪڏهن به روشناس نٿي ڪري؛ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم يافته نوجوانن کي، سندن علمي ۽ ادبي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾، سندن پنهنجي سنڌي ٻولي ڪابه خاص مدد ڪانه ٿي ڪري. +اڄ دنيا ۾ ڪوبه ملڪ موجود نه آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ اها تعليم جيڪا هڪ سڌريل ۽ مهذب شخص لاءِ موجوده دنيا ۾ لازمي سمجهي ٿي وڃي، سا اتان جي ماڻهن کي سندن پنهنجي مادري ٻوليءَ معرفت نه پر ڪنهن ٻيءَ ڌارين ٻولي معرفت ڏني ويندي هجي. سنڌ، پنهنجي ساليانه جملي آمدني جو تقريباً چوٿون يا پنجون حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي. دنيا جا ڪي ٿورا ملڪ آهن جيڪي پنهنجي آمدنيءَ جو ايڏو حصو تعليم تي خرچ ڪندا هوندا، تنهن هوندي به سنڌ ۾ تعليم جو معيار يا ان جو ڦهلاءُ ڪنهن به صورت ۾ تسلي بخش نه آهي. چوندا آهن ته وڻ کي سندس ميوي مان پرکبو آهي. جيڪڏهن ايتري زياده خرچ کان پوءِ به، سنڌ ۾ تعليم جي حالت واقعي ايتري قدر افسوس ڪرڻ جهڙي آهي، ته ان لاءِ ظاهر آهي ته تعليم جو مٿي بيان ڪيل سرشتو ئي جوابدار ٿي ٿو سگهي؛ ان تي آئنده پڻ جيڪو به پيسي جو ۽ وقت وغيره جو خرچ ڪبو سو اڳتي وانگر ضايع ئي ٿيندو رهندو. +تعليم جي موجوده ٻه واٽائين سرشتي سبب، سنڌي ٻوليءَ، ۽ ان جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ آڏو ڪهڙيون رڪاوٽون اچي حائل ٿين ٿيون، تن جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ ضروري نه آهي. سنڌي اخبارن، سنڌي رسالن ۽ سنڌي ڪتابن جي سُست اشاعت، ۽ انهن جي محدود ڦهلاءَ مان ثابت آهي ته سنڌي قوم جو پڙهيل طبقو پنهنجي مادري زبان جي واڌاري ۾ اها دلچسپي ڪانه ٿو ڏيکاري جيڪا کيس ڏيکارڻ گهرجي. پڙهيل طبقي کي آخر ڏوهه به ڪيئن ڏيئي سگهجي. سنڌي فائينل پاس ڪيل شخصن کي ايتري تعليم ڏني ئي نٿي وڃي جو هو ڪي ڪتاب لکي سگهن؛ مختصر تعليم سبب سندن دلين ۾ علم لاءِ ايترو پائدار ذوق به پيدا نٿو ٿئي جو منجهن اخبارن، رسالن يا ڪتابن پڙهڻ جي عادت پئجي وڃي؛ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم يافته سنڌي پنهنجو علمي ۽ ادبي ذوق فقط انگريزيءَ جي تصنيفات معرفت پورو ڪرڻ سکيا، ۽ جيڪا ٿوري گهڻي ڄاڻ هنن ڌارين ٻوليءَ مان حاصل ڪئي سا هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ کان معذور آهن. هن صورتحال ۾، سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڪير لکي، ڪير شايع ڪري، ۽ ڪير خريد ڪري؟ جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي پرورش ۽ خدمت خود سندس پنهنجن پڙهيل فرزندن وٽ به ايتري مختصر انداز ۾ ٿيندي هجي، تڏهن ان ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ جون ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون! +گذريل صدها سالن جي عرصي ۾، ڌارين حاڪمانه ٻولين جي ايتري دٻاءَ ۽ غلبي هوندي به، جو سنڌي ٻولي زندهه رهي سگهي آهي، تنهن لاءِ سنڌ جي پڙهيل طبقي کي شاباس نٿي ڏيئي سگهجي. ان لاءِ سنڌ جا اڻ پڙهيل ڳوٺاڻائي جس جا لائق آهن. سنڌ جي پڙهيل صاحبن ته، پنهنجي پنهنجي زماني جي حاڪمن مٿان نافذ ڪيل تعليمي سرشتي جي اثر هيٺ، شعر ۽ شاعري به ڌارين ٻولين ۾ ڪئي، پنهنجي سچيءَ علمي ۽ ادبي تخليق سان پڻ ڌارين ٻولين کي ئي نوازيو. اڄ انهن ”سنڌي“ اديبن ۽ عالمن جا فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل سوين ديوان ۽ ٻيا انيڪ علمي ۽ ادبي ڪتاب، قلمي نسخن جي صورت ۾، اسان وٽ موجود آهن؛ سندن اهي قلمي محنتون ۽ ذهني عرق ريزيون جڏهن اڄ اسان پنهنجن اکين سان ڏسون ٿا ته محض مٽيءَ ۽ اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيون آهن، تڏهن دل کي واقعي ڏک ۽ صدمو ٿو رسي، ته جن ڌارين قومن جي ٻولين جي ايتري خدمت اسان جي بزرگن ڪئي، خود انهن قومن سندن انهيءَ بي بها پورهئي کي رڳو منهن ورائي به ڪڏهن ڪين ڏٺو؛ شاهه لطيف رحه جي زبان ۾ اسان جي هنن مرحوم اديبن ۽ عالمن جو بلڪل هيءُ حال ٿيو جو، ”اُڃا تان ’آب‘ گهرن، بکيا تان ’طعام‘؛ اي عامن سندا عام، ’خاصن‘ منجهان نه ٿيا!“ غور فرمايو ته جيڪڏهن اسان جا اهي سمورا بزرگ پنهنجي عملي ۽ ادبي تخليق سان خود پنهنجيءَ سنڌي ٻوليءَ کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪن ها ته هوند اڄ اسان جي هيءَ غريب ٻولي ڪيڏي نه اوج تي رسيل هجي ها، ٻيو نه، ته به گهٽ ۾ گهٽ ان حالت ۾ اڄ سندن تصنيفن کي هٿ ۾ کڻي پڙهڻ وارا اسان ته موجود هئاسون! سنڌ ۾ ڌارين ٻولين جي تسلط وارن زمانن کي اڄ ياد ٿو ڪجي، ته پڌري پٽ معلوم ٿو ٿئي ته جيڪڏهن انهن زمانن مان ڪنهن به هڪ زماني ۾ ڪنهن ڌارين ٻوليءَ ذريعي تعليم سو فيصدي سنڌ ۾ عام ٿي وڃي ها، يعني سنڌ جا سمورا ٻار، زالون ۽ مرد سڀ عربيءَ، فارسيءَ يا انگريزيءَ ذريعي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سکي وڃن ها، ته ان زماني کان وٺي سنڌ ۾ نه سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ وارا، نه پڙهڻ وارا ۽ نه ڳالهائڻ وارا ئي ڪي رهن ها. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سڀيتا ۽ ثقافت دنيا جي تاريخ تان غلط حرف وانگر ميسارجي وڃي ها؛ ۽ اهو سڀڪجهه فقط ان زماني جي مروج تعليمي سرشتي جي سبب ئي ٿئي ها. هنن ڳالهين پيش ڪرڻ مان مراد هيءَ آهي ته ثابت ٿئي ته قوم، قومي ٻوليءَ ۽ قومي ثقافت لاءِ تعليمي سرشتو ڪيترو نه خطرناڪ ۽ مهلڪ ثابت ٿي ٿو سگهي! +اسان جي پوين حاڪمن، وري به، اها اسان تي ”مهرباني“ ڪئي جو اسان لاءِ تعليم جو ٻه واٽائون سرشتو پسند ڪيائون، ۽ هڪ واٽ، پوءِ اها کڻي ڪيتري به مختصر ۽ نڪمي واٽ هئي، اسان کي پنهنجي مادري زبان تائين پهچڻ ۽ ان کي جيئري رکڻ لاءِ پڻ موجود ڪري ڏنائون. نه فقط ايترو پر هنن پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جون لافاني خدمتون ڪيون. عربي ۽ فارسي ٻولين جي حاڪميت وارن دورن ۾ ته تعليمي سرشتو بنهه هڪ ئي واٽائون هو جنهن تي سواءِ عربيءَ جي، يا فارسيءَ جي، ٻيءَ ٻوليءَ جو نشان به نٿي مليو. اڄ پڻ ڪن دلين ۾ اهي خواهشون موجود آهن ته ڪنهن طرح اهو ساڳيو ”هڪ واٽائون“ تعليمي سرشتو رائج ٿئي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نشان به نه ملي. اڳ ئي، سمورن تسليم شده تعليمي ۽ نفسياتي اصولن کي ظاهر ظهور نظرانداز ڪري، سنڌ ۾ سنڌي ٻارن لاءِ نائين سال جي عمر ۾، ٻئي پرائمري درجي پاس ڪرڻ کان پوءِ، ٻي هڪ ٻولي يعني اردو پڙهڻ به لازمي ڪئي ويئي آهي. ڪراچي ثانوي تعليم جي بورڊ جيڪو ثانوي تعليم جو ڪورس مرتب ڪيو آهي، جنهن تي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ عمل به ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ اردو، ٻولي، اردو ڳالهائيندڙ توڙي غير اردو ڳالهائيندڙ شاگرد لاءِ لازمي ڪئي ويئي آهي؛ ۽ سنڌي، خود سنڌي شاگرد لاءِ به لازمي نه آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن طرفان هيءُ دڙڪو موجود آهي ته ڪنهن خاص عربي کان پوءِ هو سنڌي ٻوليءَ کي امتحانن ۾ جوابن لاءِ هڪ منظور ٿيل ٻولي تسليم نه ڪندا آهن. اهي ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته موجودهه حالتن ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي سامهون هڪ اها ٻولي اچي پيش ٿي آهي جنهن جو ڪن ڳالهين ۾ سنڌيءَ سان ظاهريءَ طرح نهايت قريبي رشتو آهي، ۽جنهن جي پيش ڪرڻ وارا خود اسان جا ئي هم وطن ۽ وڏي ڳالهه ته هم مذهب ڀائر آهن، ۽ جيڪا هڪ نهايت ئي منظم طريقي ۽ ظاهري طرح انتهائي دلڪش ۽ دلپذير دليلن سان اسان جي سامهون پيش ٿي رهي آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ جڏهن تعليم سو فيصدي عام ڪرڻ قومن جي زندگيءَ جو هڪ لازمي ۽ بنيادي اصول بنجي چڪو آهي، جيڪڏهن انهن حالتن ۾ اسان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي نه فقط محفوظ رکڻو آهي بلڪ ان کي علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ اڳتي وڌائڻو آهي، ته پوءِ اسان کي پنهنجي تعليمي سرشتي جي مدد سان ئي اهو مقصد حاصل ڪرڻو پوندو. +سنڌي ٻار کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم سان روشناس ٿيڻو آهي، ۽ ٿيڻ گهرجي، ۽ اها تعليم کيس سندس پنهنجي مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿيڻ گهرجي. اهواسان جو پيدائشي حق به آهي، ۽ بنيادي فرض به. ان لاءِ هڪ ته اسان کي پنهنجي سموري تعليمي سرشتي کي بنهه نئين سر ٺاهڻو پوندو، ۽ ٻيو ته ان لاءِ اسان کي سوين مناسب ۽ مفيد ڪتاب يا اصل لکڻا پوندا، يا ترجمو ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن جي سامهون اڄ انهن ٻن مقصدن کان سواءِ ٽيون مقصد ڪا اهميت ڪونه ٿو رکي. +سنڌي ادبي بورڊ، انهن ٻن عظيم مقصدن کي سامهون رکندي، هڪ طرف تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جوهڪ پنج سالائون پروگرام مرتب ڪيو آهي جنهن دوران کين انهيءَ عرصي ۾ تقريباً ٽن سوَن علمي ادبي ڪتابن جي شايع ڪرڻ جو ارادو آهي، ۽ ٻئي طرف هنن هڪ مڪمل تجويز سنڌ سرڪار جي تعليمي کاتي اڳيان پيش ڪئي آهي ته سنڌ اندر موجودهه ٻه واٽائين تعليمي سرشتي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي موجودهه مئٽرڪ جي علمي معيار واريءَ منزل تائين ٿيندڙ خالص هڪ واٽائون تعليمي سرشتو رائج ڪيو وڃي، جنهن ۾ سموريءَ تعليم جو ذريعو سنڌي ٻولي هجي. نهايت خوشي��َ جي ڳالهه آهي جو هڪ طرف سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي هن وسيع ۽ اهم اشاعتي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار وٽان وقت بوقت فياضانه مالي امداد حاصل ٿيندي ٿي رهي؛ ۽ ٻئي طرف، سنڌ سرڪار، بورڊ جي مٿئين تجويز کي اصولي طرح قبول ڪري چڪي آهي. بورڊ جي هن تجويز کان متاثر ٿي، سنڌ جي اڳئين وڏي وزير صاحب سنڌ اسيمبليءَ جي گذريل اجلاس ۾ پنهنجي سالياني (1955- 1954ع) بجيٽ واريءَ تقرير ۾ هن مسئلي متعلق، سنڌ سرڪار جي پاليسيءَ جي هيٺين لفظن ۾ اعلان ڪرڻ فرمايو. +”حڪومت سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي اچي ٿي. سنڌيءَ کي صوبائي زبان جي حيثيت ۾ جوڳي اهميت ڏيڻ لاءِ مناسب اپاءُ ورتا ويندا. موجودهه وقت سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ ورينڪيولر فائينل جي درجي تائين سيکاري وڃي ٿي. ٻئي طرف، ثانوي ۽ مڊل اسڪولن ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي به سيکاري وڃي ٿي ۽ وڏن درجن ۾ شاگردن کي گهڻن ڪمن ۾ انگريزي وسيلي پڙهايو وڃي ٿو. تنهنڪري ابتدائي ۽ مڊل اسڪولن ۾ ساڳئي درجن لاءِ نصاب جدا آهي. تعليم جي هن ٻٽي سرشتي عوام کي سخت نقصان پهچايو آهي. جيڪي شاگرد ابتدائي اسڪولن ۾ ورنيڪيولر فائينل درجي تائين تعليم حاصل ڪن ٿا، تن کي وڌيڪ تعليم نٿي ڏيئي سگهجي، جيستائين هو ٻيهر ڪنهن مڊل يا هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي کان پڙهائي شروع ڪن. ابتدائي اسڪولن ۾ تعليم جو معيار تمام گهٽ آهي. ابتدائي اسڪول جا تمام ٿورا شاگرد مڊل اسڪول يا هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺن ٿا، نتيجو اهو نڪري ٿو ته بنيادي تعليم کان حقيقت ڪري کين محروم رکيو وڃي ٿو. منهنجي حڪومت تعليم جي هن ٻٽي سرشتي کي سڌارڻ جي سوال تي غور ڪري رهي آهي. ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ تعليم اهڙي ريت ڏيڻ گهرجي جيئن اجايو بوجو يا وقت جو زيان نه ٿئي. منهنجي حڪومت جو وڌيڪ ارادو آهي ته شاگردن کي مئٽرڪ تائين هدايتون مادري زبان ۾ ڏيڻ گهرجن.“ +[سماهي ”مهراڻ“- سيارو 1955ع] + + +ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي +- جناب عالي، اسان ڪراچيءَ جي ايس. ايم. ڪاليج، ڊي. جي. سائنس ڪاليج، اسلاميه ڪاليج، اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊوميڊيڪل ڪاليج، ايس. ايم. لا ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي جا ٽن هزارن کان وڌيڪ سنڌي شاگرد، 4- سيپٽمبر 1956ع تي، سنڌي شاگردن جي هڪ عام جلسي ۾ پاس ٿيل پنهنجو هيٺيون ٺهراءُ، يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جي ويچار لاءِ عرض رکون ٿا، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌيءَ کي، هميشہ وانگر آئيندي به، يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن لکڻ جي ذريعي طور قائم رکڻ جو مطالبو ڪيل آهي: +”سنڌي زبان کي به، انگريزي ۽ اردو زبانن وانگر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني زبان جي حيثيت ۾ برقرار رکيو وڃي. +”آئيندي، يونيورسٽي امتحانن ۾ سوالن جا پرچا، انگريزي ۽ اردو ترجمي سان گڏ، سنڌي ترجمي سان به ڏنا وڃن. +”سنڌي زبان ۾ ڏنل جوابن جون ڪاپيون، فقط انهن ممتحنن کي ئي ڏسڻ لاءِ ڏنيون وڃن، جي سنڌي زبان کان چڱيءَ طرح واقف هجن. +”ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻين سڀني ملڪي ۽ غير ملڪي زبانن لاءِ قائم ٿيل شعبن سان گڏ، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ به هڪ جدا شعبو قائم ڪيو وڃي.“ +اسان، ڪراچيءَ جي اٽڪل پنج هزار شاگردن جو هڪ احتجاجي جلوس وٺي، 9- سيپٽمبر 1956ع تي، ڪراچي يونيورستيءَ ٻاهران پهچي، انهن سڀني ساٿين جي نمائندن جي حيثيت ۾، اوهان اڳيان مٿيون ٺهراءُ عرض رکيوسين؛ مٿئين ٺهراءُ ڏانهن اوهان جي ذاتي توجهه ۽ شخصي دلچسپيءَ لاءِ گذارش ڪري، وڌيڪ اهو به عرض ڪيوسين ته اوهان مهرباني ڪري يونيورسٽي سنڊيڪيٽ کي به اسان جي هنن واجبي مطالبن ت�� همدرديءَ سان غور ڪري هن بي انصافي دور ڪرڻ ۽ سنڌي شاگردن جي بنيادي حقن کي محفوظ رکڻ لاءِ سفارش ڪندا. +اوهان ان وقت پنهنجي گفتگو جي دوران اسان کي مشورو ڏنو هو ته اسان پنهنجي مطالبن جي تائيد ۾ هڪ ياداشت به پيش ڪريون، ته جيئن يونيورستي سنڊيڪيٽ کي هن مسئلي تي نظرثاني ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي. +اسان ان وقت به اهو عرض ڪيو هو ۽ هينئر به پنهنجو واحد ۽ فيصله ڪن دليل اهو ڏيون ٿا ته جيئن گذريل نون سالن کان سنڌيءَ کي امتحاني زبان جو درجو حاصل رهيو آهي، تيئن آئيندي به کيس اها حيثيت حاصل رهڻ گهرجي. جيڪڏهن انهيءَ وچ ۾ ڪي اهڙا اڻٽر سبب ۽ رنڊڪون پيدا ٿي پيون هيون، جن سنڊيڪيٽ کي انهيءَ اوچتي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو، ته پوءِ سندن فرض هيءُ هو ته علمي دنيا جي واقفيت لاءِ انهن سببن ۽ رنڊڪن کي پهريائين ظاهر ڪن ها، ۽ پوءِ انهن سببن ۽ رنڊڪن کي پنهنجي وت ۽ وس آهر هٽائڻ ۽ دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها. افسوس، جو سنڊيڪيٽ جي ڪارپردازن ائين نه ڪيو- ۽ اها هڪڙي بنيادي حقيقت ئي سندن فيصلي کي هڪَ طرفو، غير واجبي ۽ اعتراض جوڳو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. +چيو وڃي ٿو ته سنڌي زبان اڃا انهيءَ لائق نه ٿي آهي، جو ان کي يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن لکڻ جو ڪامياب وسيلو سڏي سگهجي. سوال ٿو اُٿي ته سنڌي زبان جي انهيءَ لياقت يا عدم لياقت جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهبو؟ جيستائين ڪراچيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي موجود هئي، تيستائين ته اسان جي زبان خلاف ڪڏهن به اهڙي قسم جو اعتراض ڪنهن ڪونه اُٿاريو- اُنهيءَ يونيورسٽيءَ کي اڄ به اسان جي زبان جي انهن لياقتن ۾ پورو ڀروسو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ پاڻ به شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي زبان کي امتحاني زبان جي حيثيت ۾ قائم رکندي پئي آئي آهي: حيرت جي ڳالهه البت هيءَ آهي ته هن يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن سنڌيءَ ۾ لکيل جوابن جون ڪاپيون هميشہ سنڌي زبان کان بنهه غير واقف شخصن کي ئي ڏسڻ لاءِ پئي ڏنيون آهن! بهرحال، اسان سنڌي شاگرد، جن جو ان ڳالهه سان سنئون سڌو واسطو آهي، سي ته امتحانن ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ سنڌي زبان جي صلاحيت ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو ڪونه ٿا رکون. عين ممڪن آهي ته اسان جا اهي غير سنڌي ممتحن ئي هجن، جن کي اسان جي زبان، يونيورسٽي امتحانن لاءِ، اڻپوري ۽ اڻسڌريل نظر آئي هجي- ۽ انهيءَ خيال ۾ هو واقعي حق بجانب ٿي سگهن ٿا، ڇو ته هرڪا زبان هر انهيءَ شخص کي، جو ان زبان ۾ لکي پڙهي نٿو سگهي، ائين ئي نظر ايندي. پر، يونيورسٽيءَ جهڙي اعليٰ تعليمي اداري جي شان وٽان اها ڳاله نه آهي، جو استادن جي هڪڙي گروهه ۾ اعتبار نه رکي، يونيورسٽي امتحانن ۾ لکيل جوابن جون ڪاپيون، استادن جي هڪ ٻئي اهڙي گروهه کي جاچڻ لاءِ ڏئي، جي انهيءَ زبان مان چڱيءَ طرح واقف ئي نه هجن، ۽ پوءِ انهيءَ ٻئي گروهه سان واسطو رکندڙ استادن جي ئي چوڻ تي لڳي، سنڌي زبان کي اڻپورو ۽ اڻسڌريل سمجهي، ان ٻوليءَ کي مرڳوئي امتحاني حيثيت کان هيٺ لاهي ڦٽو ڪري ڇڏي- اِن کان وڌيڪ بي واجبي، اڻسهائيندڙ ۽ غير معقول ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي! +سنڌي ٻوليءَ کي امتحاني ٻوليءَ جي حيثيت کان خارج ڪرڻ لاءِ هڪڙو سبب اِهو به ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي زبان جي هن حيثيت کي قائم رکڻ ڪري يونيورسٽيءَ کي ٻيڻا خرچ ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته امتحانن ۾ هر قدم تي خرچ لازمي طور وڌيڪ ٿيندا. سنڌي زبان کي قربان گاهه تي چاڙهي، يونيورسٽيءَ جي مالي بجيٽ کي درست رکڻ هڪ اهڙو ته خسيس، ٻاراڻو ۽ دل آزاريندڙ دليل آهي، جو ٿوري سمجهه رکندڙ انسان به جيڪر اها ڳالهه زبان تي آڻي ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪري. بهرحال، جيڪڏهن ان مالي تڪليف جي سوال تي ٿورو غور ڪبو، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته وڌيڪ خرچ جو سوال فقط ٻن ڳالهين لاءِ اٿندو: پهريون سوالي پرچن جي ترجمن ڪرائڻ لاءِ، ۽ ٻيو انهن جي ڇپائڻ لاءِ. ظاهر آهي ته انهن ٻنهي ڪمن تي يونيورسٽيءَ جا مشڪل سان ٻه – چار هزار رپيا خرچ ٿيندا. اسان کي يقين آهي ته خود ڪراچي يونيورسٽي اختياريءَ وارا به پنهنجن هيترن سارن شاگردن جي سهولت خاطر ايتريءَ معمولي رقم جي خرچ ڪرڻ تي ارها نه ٿيندا- ڀولو نه آهي جو سندن اهي شاگرد سنڌي ڳالهائيندڙ ئي ڇو نه کڻي هجن. +ائين به چيو وڃي ٿو ته هاڻي ڇاڪاڻ ته اردو اسان جي سرڪاري زبان آهي، تنهنڪري اردو کان اڻڄاڻ شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو جلد از جلد اردو سکي ان ۾ مهارت حاصل ڪن- ان ۾ هنن جو پنهنجو ئي فائدو آهي! +سرڪاري زبان بنجڻ لاءِ اردو جي لياقتن، يا ملڪ جي دستور ۾ ان کي ان درجي عطا ڪرڻ جي دانشمنديءَ يا غير دانشمنديءَ واري سوال کي ڇڏي ڪري، اسين هن ڳالهه تي احتجاج ڪرڻ کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي روڪي نٿا سگهون ته پاڪستان جي دستور ۾ اسان جي زبان جو ٺلهو نالو به داخل نه ڪيو ويو آهي- ۽ انهيءَ ظاهر ظهور زورآوريءَ خلاف، ۽ سنڌيءَ کي آئيني طور (مغربي) پاڪستان جي هڪ سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ سان گڏ سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ زوردار عوامي هلچل هلي رهي آهي: صحيحن جي دستاويز تي لکن جي تعداد ۾ صحيحون ملي چڪيون آهن ۽ سنڌ جي سڀني ميونسپالٽين، لوڪل بورڊن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين پبلڪ ادارن ۽ سنڌ جي سڀني اخبارن ان مطالبي جي پرزور حمايت ڪئي آهي، ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان ڪراچيءَ جا سنڌي شاگرد به ان عوامي تحريڪ جا دليون جانيون حمايتي آهيون،- پر ساڳئي وقت پاڪستان جي دستور ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري حيثيت نه ملڻ جي اها ته معنيٰ نه آهي ته ڪي شخص، توڙي يونيورسٽيءَ جهڙا پبلڪ جي پئسن تي هلندڙ ادارا ڄاڻي واڻي ان کي نڌڻڪو سمجهي، هيسائي ۽ ٻوساٽي مارڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪن. ڪراچي شهر ۾ اڳ ۾ ئي سنڌي پرائمري اسڪول بند ڪري، سنڌي ڳالهائيندڙ رهاڪن کي هر ممڪن طريقي سان پنهنجن ٻارن کي اردوءَ کي پرائمري اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ”ڪراچي سيڪنڊري تعليمي بورڊ“ وارن پڻ پنهنجي دائري اندر اسڪولن جي تعليمي نصاب ۾ اردوءَ کي ته سڀني شاگردن لاءِ لازمي ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌي رڳو سنڌين لاءِ به لازمي قرار نه ڏني اٿن. اِئين ڪرڻ سان، ڪراچي يونيورسٽيءَ ته سڀني کان ٻه قدم اڳتي وڌي، قلم جي هڪڙي ئي ڌڪ سان، سنڌي زبان کي، سندس پاڪستان کان به اڳ مليل درجي کان هيٺ لاهي، پنهنجي احاطي کان ڌڪاري ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي! +هتي اسين قائداعظم، قائد ملت، پاڪستان پارليامينٽ ۽ دستورساز اسيمبليءَ جي انهن خاطرين کي دهرائڻ ضروري نٿا سمجهون، جيڪي هنن ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ۽ وري سنڌ کي ”الهندي پاڪستان“ ۾ جذب ڪرڻ وقت، اسان جي زبان ۽ ٻين تهذيبي ورثن کي محفوظ رکڻ جي سلسلي ۾ اسان کي ڏنيون هيون. +اسان جو هيءُ عقيدو آهي ته سنڌ وانگر، پاڪستان جدا جدا تهذيبن ۽ سڀيتائن جو هڪ تجربيگاهه آهي، ۽ جدا جدا، رنگ برنگ گلن جي گڏجڻ سان هڪ پربهار گلشن جو مثال ٿو پيش ڪري. اسان جي هن پياري وطن جو هي پيارو تختگاهه- ڪراچي- ته ان لحاظ کان هڪ مثالي سرزمين آهي، جتي اسان جا بنگالي، بلوچ، پٺاڻ، پنجابي ۽ هندستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل اسان جا ڀائرَ، اسان هتان جي قديم سنڌي رهاڪن سان- اسين جن کي هن ملڪ جي قديم شهري هجڻ تي واقعي فخر آهي- نهايت ميٺ محبت، ڀائپيءَ ۽ وطني جذبي سان گڏ رهن ٿا. انهن حالتن ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ کي ته پاڻ اِن برادريءَ ۽ وطني حب جي مقدس جذبي تي قائم رهي، پنهنجي روشن دماغ، انصاف پسند ۽ بي ريا هجڻ سان ثابت ڪري ڏيکارڻ گهرجي ته هوءَ به سنڌ جي قديم تهذيب جي روح- يعني فراخ دليءَ، بردباريءَ، انساني همدرديءَ، ۽ عالمگير محبت ۾ رڱيل آهي، ۽ هر تنگ نظريءَ ۽ تعصب کان آزاد نظريي جي مالڪ آهي. +هيءَ مختصر گذارش خدمت ۾ عرض رکندي، اسين اوهان ۾ اميد ٿا رکون ته اوهين صاحب ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ جا ميمبر صاحب اسان جي هن ياداشت تي دلي همدرديءَ سان غور فرمائيندا، ۽ پنهنجي غير منصفانه فيصلي تي نظرثاني ڪري، سنڌي زبان کي يونيورسٽيءَ جي تعليمي دنيا ۾ سندس اڳئين درجي تي قائم رکندا. +[ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ آڏو پيش ڪيل ڪراچيءَ جي سنڌي شاگردن جي ياداشت: 1956ع] +ٻوليون ۽ سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ +(ديباچو، ”سنڌي ٻولي“) +هيءَ مضمون محترم سراج جي لکيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“- عظيم پبليڪيشنس، حيدرآباد، سنڌ 1964ع- جي مهاڳ طور پيش ٿيل آهي. هن مضمون جي مواد ۽ ترتيب لاءِ هيٺين ڪتابن تان مدد ورتل آهي: +An Introduction to Linguistic Science-E.H. Sturtevant, New Haven, 1947. +Linguistic Science in the 18th Century- H. Pedersen, Cambridge, Mass. 1931. +Language-L. Bloomfield, New York, 1933. +Phonetic- Kenneth-Pke, Ann Arbor, 1943. +- م. اج. +سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جي چلهه تي سر دل تي“- انساني لاڳاپن ۾ هيءَ ڳالهه ته شايد عام طرح صحيح به هجي، پر ٻيا ڪيترا معاملا آهن، جن ۾ ڳالهه مرڳوئي ان جي ابتڙ معلوم ٿي ٿئي. جيڪي چيزون انسان کي بنهه ويجهڙيون هونديون آهن، تن ڏانهن ان جو ڌيان اڪثر ڪونه ڇڪبو آهي: مثلاً ”ساهه کڻڻ“ آهي، ”هلڻ“ آهي- انهن ڏانهن عام طرح ڪنهن جو به خاص ڌيان ڪونه ٿو وڃي. ٻولي به اهڙين ئي ويجهڙين شين مان هڪ ويجهڙي ۽ هميشه ساڻ رهندڙ شيءِ آهي. ڪڏهن ڪڏهن سو ماڻهوءَ جو خيال ٻوليءَ ڏانهن ضرور ڇڪبو آهي: جڏهن ان جي ٻن هم- معنيٰ جملن يا ترڪيبن- مثلاً ”رت ڳارهو آهي“ يا ”رت ڳارهي آهي“ منجهان هن کي سوچڻو پوندو آهي ته ڪهڙي ترڪيب صحيح آهي ۽ ڪهڙي غلط. پر اهڙين حالتن ۾ به هن جي اڪثر هڪ ئي روش هوندي آهي: يا ته هو ڊوڙي وڃي اڳيان لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب ڏسندو آهي يا وري هڪدم ڪنهن نه ڪنهن لغت کي وڃي ڦولهيندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي سلسلي ۾ سندس اڪثر عقيدو هيءُ هوندو آهي ته اڳين عالمن ۽ اديبن ٻوليءَ جي اهڙن مسئلن متعلق دائمي ۽ آخرين فيصلا ڏئي ڇڏيا آهن. عام طرح ته ڪتابن ۽ لغتن ڏانهن رجوع ٿيڻ جي به هو ڪا ضرورت محسوس ڪانه ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول ”فاعل“، ”مفعول،، ”عدد“، ”جنس“، ”زمان“ وغيره متعلق- هن جي سامهون هوندا ئي آهن، جن جي آڌار تي هو سمجهندو آهي ته ٻوليءَ جي اهڙن مونجهارن کي هو آسانيءَ سان حل ڪري سگهي ٿو. پر حقيقت ۾ اهڙن سِڌن سَنون ۽ ۽ ساڳئي وقت کُتل ويچارن وسيلي ٻوليءَ بابت ڪابه بنيادي تحقيقات ممڪن نٿي ٿي سگهي. شايد سؤ يا ڏيڍ سؤ سال مس ٿيا آهن، جو ٻوليءَ بابت مطالعي ۽ فڪر جو اهو آسان ۽ ٻاراڻو انداز ڇڏي ڪري، ڪن عالمن ۽ مفڪرن نج علمي ۽ تحقيقاتي بنيادن تي انهيءَ ڏس ۾ سوچڻ ۽ ويچارڻ شروع ڪيو آهي. ٻوليءَ جي صحيح ۽ ڪارائتي مطالعي جو لازمي شرط هيءُ آهي ته پهريائين ان متعلق عام عقيدن کي يا ته بنهه نظر انداز ڪيو وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ انهن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت کي هميشه سامهون رکيو وڃي، ۽ اهڙيءَ طرح اُن مسئلي جي ذري پرزي جانچ پڙتال خالص عقل جي روشنيءَ ۾ ۽ ٺوس حقيقتن جي بنياد تي ئ�� ڪئي وڃي. +قديم يونانين روزمره جي واقعن ۽ بنهه رواجي ڳالهين تي هڪ عجيب ۽ بي خوف انداز ۽ اورچائيءَ سان سوچيو ۽ ويچاريو، ۽ ساري دنيا عام طرح ۽ مغربي دنيا خاص طرح اڄ به اُنهن جي عظيم احسانن کي پَئي ڳائي ۽ انهن مان پنهنجي فڪر جا رستا روشن ڪري. پر اڄ انهن اوائلي يوناني مفڪرن جي ٻڌايل نتيجن تي جيڪڏهن ڪو بنهه ڳنڍ ٻڌي ويهي رهي، ته هوند علمي نقطه نگاهه کان اهڙي ماڻهوءَ کي شايد ئي ”سڌريل انسان“ سڏي سگهبو. مثلاً 5 صدي قبل مسيح جو يوناني فيلسوف، هيروڊوٽس، پنهنجي ڪتاب ”تاريخ“ (جلد2، باب 2) ۾ مصر جي هڪ بادشاهه، ساميٽيڪس، جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ته ان بادشاهه کي هڪ ڀيري اچي خيال ٿيو ته معلوم ڪجي ته دنيا ۾ سڀ کان پراڻي ٻولي ڪهڙي هئي- سو ڇا ڪيائين جو ٻن نون ڄاول ٻارن کي هڪ ٻوڙي ۽ گونگي شخص جي سنڀال هيٺ، هڪڙي جهنگ ۾، ڇڏي ڏنائين. سندس خيال هو ته ٻي عام ٻولي، جو هي ٻارَ ڪنين نه ٻڌندا، سو هو آخرڪار جيڪو پهريون لفظ وات مان ڪڍندا، سوئي لفظ انسان جي پهرينءَ ٻوليءَ جو پهريون لفظ هوندو! چنانچه هنن ٻارن نيٺ هڪڙو لفظ وات مان ڪڍيو- ۽ اُهو هو ”بيڪوس“، جيڪو فِرِجَين ٻوليءَ جو لفظ هو ۽ معنيٰ هيس ”ماني“. بس، اُنهيءُ تجربي جي بنا تي اعلان ڪيو ويو ته ”فرجين“ ٻولي انسان جي پهرين ٻولي هئي. هيرو ڊوٽس جي نظر ۾ به اهو تجربو فيصله ڪن هو- ڇو ته سندس خيال ۾ ماڻهوءَ جي گهُر ”ماني“ ئي ٿِي ٿي سگهي! پر افسوس، جو هيرو ڊوٽس بادشاهه جي هن تجربي کي بيان ڪندي ان جو هڪڙو تفصيل هيءُ به بيان ڪري ٿو ته ان گونگي ٻوڙي شخص وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ به ساڻ هو. رڍون ۽ ٻڪريون ته ظاهر هو ته سواءِ ”ب ي ي ب ي ي“ جي ٻيو ڪو آواز ڪونه ڄاڻن. تنهنڪري انهيءَ سوچ پٽاندر ته وڌيڪ صحيح ڳالهه هيءَ ليکي سگهبي ته دنيا ۾ پهرين ٻولي رڍن ۽ ٻڪرين ئي ڳالهائي! +افلاطون پنهنجي هڪ ڊايالاگ، بعنوان ”ڪرئٽيلس“ ۾ لفظن جي اصليت تي بحث ڪندي، هڪڙو سوال پيش ڪيو آهي: ڇا شين ۽ شين جي نالن وارن لفظن جو باهمي تعلق فطري آهي، يا اُهو انسانن جو هٿراڌو ٺاهيل ۽ روايتي تعلق آهي؟ بس اتان ئي ٻولي وگيان ۾ ”لاڳاپي“ (Analogy) ۽ ”نيارائي“ (Anomaly) جو اختلاف شروع ٿيو. ”لاڳاپي“ جا حامي چوڻ لڳا ته ٻولي هڪ فطري (يعني قدرت طرفان عطا ڪيل) چيز آهي ۽ منطقي ۽ پيمائتي آهي، ۽ رڳو انسانُ غير منطقي ۽ اڻ پيمائتو آهي)- ۽ ”نيارائيءَ“ جا حامي، جن جو انهيءَ ڳالهه سان اختلاف هو، پنهنجي طرفان ٻوليءَ جي بيهڪ ۽ ڍانچي ۾ بي قاعدگيون ۽ ڏنگاريون ڦڏايون ڳوليندا ۽ ٻڌائيندا رهيا. ”لاڳاپي“ جي حامين جو خيال هو ته لفظن جي شڪل ۽ بناوت مان سندن اصل ۽ حقيقي معنيٰ لِهي سگهجي ٿي- ۽ ان مطالعي کي هنن ”علم اشتقاق“ سڏيو. ”اشتقاق“ جو لفظ اڄ به عام استعمال ۾ آهي- جيتوڻيڪ هاڻي ان جو مفهوم قدري مختلف ليکيو وڃي ٿو. +قديم يونانين پنهنجي ٻوليءَ جو خوب مطالعو ڪيو، پر اهو سڄو سندن هن نظريي تي بيٺل هو ته سندن ٻوليءَ جي ڍانچي ۾ انساني فڪر جا همه گير اظهاري نمونا موجود هئا. چنانچه هنن گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول وضع ڪيا ۽ انهن کي علمي ويس ڏنو؛ پر ظاهر آهي ته اهي قاعدا فقط هڪڙيءَ ٻوليءَ تائين ئي محدود هئا. ٻيءَ صديءَ ق.م. ۾ ڊيونيسس ٿرئڪس، ۽ ٻيءَ صديءَ بعد مسيح ۾ اپالونيس ڊسيولس انهيءَ ئي فلسفيانه تعميمي پيرايي ۾ پنهنجا پنهنجا گرامر پيش ڪيا. ٻوليءَ جي جزئياتي مطالعي طور، هومر جي ”اِليڊ“ ۽ ”آڊيسي“ ڪتابن جي جيڪا هڪ ٻئي يوناني عالم، آرسٽارڪَس (144-216 ق.م)، تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي، سا پڻ پنهنجي وقت جي نهايت ��ابل قدر ڪوشش هئي. بهرحال هنن يوناني عالمن جيڪي ٻولي وگيان جي ميدان ۾ هڪَ پاساوان ۽ مخصوص نتيجا پيش ڪيا، سي ارڙهين صديءَ تائين بحال ۽ قابل غور رهيا. ان کان پوءِ عالمن اُنهن خيالن کي ڇڏڻ شروع ڪيو، ۽ اِهو عام ويساهه ته ٻولي سنئين سڌي ۽ جيئن آهي تيئن خدا جي عطا ڪيل ڏات آهي، ان جي بدران ٻوليءَ جي ابتدا متعلق ٽئين قسم جي سوچ ويچار ۽ تحقيق شروع ٿي، ۽ هلندي هلندي، ان بابت هيٺيان نظريا پيش ڪيا ويا: +(1) ماڻهن جيڪي پنهنجي چوڌاري عام آواز ۽ شور ٻڌا. تن جي نقل ڪرڻ جي هنن ڪوشش ڪئي، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هِن کي ”هُو هُو“ يا ”وُو وُو the bow vow) جو نظريو سڏين ٿا. +(2) ماڻهن پنهنجي ماحول ۾ جڏهن ڪي خاص ۽ ڍنگائتا آواز ٻڌا، تڏهن اهڙا آواز ازخود ڪڍڻ شروع ڪيائون، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هِن کي ”ٽڻ ٽڻ“ (گهنڊ جِي) يا ”ڊم ڊم، (the ding dong) جو نظريو سڏيو ويو. +(3) ماڻهن پنهنجن اندروني اڌمن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ خودبخود آواز- ڪاوڙ جا، عجب جا، خوشيءَ جا، ڊپ جا وغيره- ڪڍڻ شروع ڪيا، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هِن کي ”آهه آهه“ يا ”واهه واهه“ (the pooh pooh) جو نظريو سڏيو ويو. ٻئي پاسي يوناني عالمن جي علم اشتقاق بابت جڳ- مشهور فرينچ فيلسوف، والٽيئر (1694- 1778ع)، انهيءَ حد تائين چئي ڏنو ته ”اشتقاق هڪ اهڙو علم اهي، جنهن ۾ حروف علت جي ڪا اهميت ڪانهي ۽ حروف صحيح به ڪنهن خاص شمار ۾ ڪونه ٿا رهن!“ +اُنهيءَ وچ ۾، رومن لوڪن پنهنجي لئٽن ٻوليءَ جا پڻ گرامر مرتب ڪيا، پر انهن کي يوناني ٻوليءَ جي ئي گرامر جي سانچي ۾ ٺهڪائي پيش ڪيائون. چوٿينءَ صديءَ ۾ ڊونيٽَس نالي، ۽ ڇهين صديءَ ۾ پريسيان نالي، لئٽن ٻوليءَ جا ٻه گرامر نويس پيدا ٿيا، جن جا گرامر سڄي وچولي زماني ۾ حرف آخر طور شمار ۽ استعمال ٿيندا رهيا. اُنهيءَ سڄي دور ۾، جڏهن لئٽن ٻولي، ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، بدلجي سدلجي (Romance) يعني ڏيهي يوروپي ٻولين، جهڙوڪ رومينين، فرينچ، اٽالين وغيره جا روپ وٺي رهي هئي، ٻوليءَ جي تحريري صورت اُهائي ڪلاسيڪي لئٽن واري اختيار ٿيندي رهي.[1] يورپ جي اڪثر ملڪن ۾، انهيءَ زماني جا عالم رڳو ڪلاسيڪي لئٽن جي ئي مطالعي ۾ مشغول رهيا. هن صورتحال جا نشان اڄ ڏينهن تائين مغرب جي اڪثر يونيورسٽين ۾ موجود ڏسجن ٿا، جن جي نصاب ۾ ڪلاسيڪي لئٽن هڪ مضمون طور اڄ به موجود آهي. وچولي زماني جي عالمن لئٽن گرامر جا ڪي نوان اصول، مثلاً اسم ۽ صفت جو فرق، وغيره ڳولي ڪڍيا، پر جيڪا تحقيق ۽ جيڪو مطالعو ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جو اڳيان گرامر نويس پيش ڪري چڪا هئا، تنهن جي مثال کي هو پوءِ به پهچي ڪونه سگهيا- ڇاڪاڻ ته سندن زماني ۾ ٻولي، ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، پنهنجو روپ ڪافي بدلائي چڪي هئي، ۽ هو ڪلاسيڪي لئٽن جي بيهڪ ۽ بناوت کي ئي انساني ڪلام جو عين منطقي ۽ مثالي ماڻ ڪري شمار ڪندا رهيا. هنن عالمن جي پيرويءَ ۾، ڪيترن نسبتاً جديد زماني جي عالمن پڻ گرامر جا ڪتاب لکيا، جن ۾ هنن، پنهنجي پنهنجي پسند ۽ واسطي پٽاندر، لئٽن توڙي ٻين ٻولين جي بناوت کي منطق جي عالمي اصولن جو مظهر ۽ امتيازي مثال ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي گرامر جي ڪتابن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور (Grammaire Generale et Raisonnee) نالي ڪتاب آهي، جو فرانس جي پورٽ رايل شهر جي هڪ خانقاهه ۾ سنه 1660ع ۾ لکيو ويو. ٻولين بابت هن قسم جو محض فلسفيانه طرز جو خيال اوڻيهين صديءَ تائين قائم رهيو. 1801ع ۾، گالفريد هَرمن نالي هڪ جرمن عالم ساڳئي قسم جو هڪ گرامر جو ڪتاب[1] تيار ڪيو. جنهن ۾ هن رڳو هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا عالمانه ٻولي موجود هئي، ته اها فقط لئٽن ٻولي ئي هئي. +مطلب ته وچولي دور جي مغربي عالمن لاءِ ڌيان لائق ڪا ٻولي يا زبان فقط لکيل ڪلاسيڪي لئٽن ٻولي هئي: ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ سندن دلچسپيءَ يا ان جي مطالعي جو علمي دنيا ۾ خاص ڪو نشان ڪونه ٿو ملي. جڏهن يورپ ۾ سجاڳيءَ جو دور آيو، تڏهن البت يوناني ٻوليءَ جو وري ڪجهه قدر چرچو ٿيو، ۽ صليبي لڙاين سبب عربي ۽ هيبريو ٻوليون پڻ عالمن جي مطالعي هيٺ اچڻ شروع ٿيون. ساڳئي وقت، هيءَ زمانو عام تلاش ۽ کوجنا جو زمانو هو. ڪيترائي ڏورانهن ملڪن تان موٽندڙ مسافر ڪنهن قدر اتان جون ٻوليون سکي واپس پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موٽندا ٿي رهيا، ۽ پڻ عيسائي پادرين هٿان مذهبي ڪتابن جا والاريل ملڪن جي ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ شروع ٿيا. انهن ٻولين جي گرامرن ۽ لغتن ٺاهڻ جون پڻ ڪنهن حد تائين ڪوششون ٿيڻ شروع ٿيون. اسپين جي پادرين 1500ع کان پنهنجي تبليغ جي ڪم سان گڏوگڏ ڪيترين اصلوڪين ”آمريڪي“ ٻولين ۽ فلپائين جي ٻولين تي ڪافي ڪتاب لکيا. پر پادرين جي انهن ڪتابن کي ٻولي وگيان جي دائري ۾ اڄ ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي ڏني وڃي. هڪ ته هنن پادري عالمن کي ڌارين ٻولين جي آوازن سڃاڻڻ جي ڪا خاص تربيت حاصل ڪانه هئي، تنهنڪري هو انهن ٻولين کي صحيح صورت ۾ قلمبند ڪري ڪين سگهيا، ۽ ٻيو ته، تڏهوڪي دستور موجب، هو پڻ مختلف ٻولين جي گرامرن کي لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ئي پلٽائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. جنهنڪري محنت جي زيان سان گڏ انهن ٻولين متعلق ڪيتري وقائتي معلومات پڻ جديد ٻولي وگيانين کان گويا هميشه لاءِ گم ٿي ويئي. +دنيا ۾ وڻج واپار جي واڌاري ۽ ملڪان ملڪ ماڻهن جي اچ وڃ سبب بهرحال ڪيترين ئي ڄاتل سڃاتل ٻولين جا گرامر ۽ لغتون ٺهڻ شروع ٿيون. ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٻولي وگيان جي ترقيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته روس جي مهاراڻي ڪئٿرين جي چوڻ تي يورپ ۽ ايشيا جي 200 ٻولين جي هڪ تقابلي شبد مالها[1] تيار ٿي، جنهن ۾ 285 لفظ گڏ ڪيل هئا. هن ڪتاب جي ٻي ايڊيشن 1791ع ۾ شايع ٿي، جنهن ۾ وڌيڪ 80 ٻوليون، جن ۾ ڪي آفريڪي ۽ ”آمريڪي“ ٻوليون به هيون، شامل ڪيون ويون. هن تقابلي شبد مالها جي ترتيب ڪجهه هن ريت هئي: +انگريزي +ڊچ +جرمن +ڊئنش +سئيڊش وغيره +مَئن (Man) +مان +مان +مانق +مان +هَئنڊ (Hand) +هانت +هانت +هانق +هاند +فُٽ (Foot) +وُٽ +فُس +فوقز +فوت +فِنگر (Finger) +وِنگَر +فِنگَر +فِينگقَر +فِنگر +هَائوُس (House) +هوِئيس +هائُوس +هُقس +هُوس +ٻئي طرف ڪن عالمن پنهنجين ٻولين جي آڳاٽين لکيتن ڏانهن ڌيان ڏنو. هن ڏس ۾ انگريزي ٻوليءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين مثلاً فرسين، ڊچ، جرمن، اسڪئنڊي نيوين ۽ گوٿڪ وغيره جي مطالعي تي فرئنسيڪس جونس (1589 – 1677ع) نالي هڪ ٻولي وگيانيءَ وڏي محنت صرف ڪئي. جارج هائيڪس (1642 – 1715ع) نالي ٻئي هڪ عالم گوٿڪ ۽ ائنگلو سئڪسن ٻولين جو هڪ گرامر[1] تيار ڪيو ۽ پڻ انگريزيءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين جي قديم صورتن متعلق هڪ متفرقه معلومات جو ذخيرو[2] شايع ڪيو. +ارڙهين صديءَ جي هنن عالمن جي ٻولين بابت معلومات مجموعي طور هيئن بيان ڪري سگهجي ٿي: (1) ٻوليءَ جون گرامري خصوصيتون عام طرح هنن رڳو فيلسوفي انداز جي تميمي صورت ۾ بيان ٿي ڪيون، ۽ ٻولين جي پنهنجي پنهنجي الڳ بناوت ڏانهن هنن ڪو خاص ڌيان ڪونه ٿي ڏنو، بلڪ اهڙن فرقن ۽ تفاوتن کي هنن لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ڀچائي، مرڳوئي لٽي ٿي ڇڏيو؛ (2) ٻوليءَ جي آوازي صورت تي ويچار ڪرڻ بدران، ان کي رڳو لکيل الف – ب جي نشانين سان ئي لاڳاپيل سمجهيو ٿي ويو؛ (3) ڇاڪاڻ ته هو اها ڳالهه محسوس ڪانه ٿي ڪري سگهيا ته ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جو استعمال محض هڪ مصنوعي ۽ خالص علمي مشق جي حيثيت کي وڃي رسيو هو. تنهنڪري هو هن ڳالهه کي چنبڙيا رهيا ته ٻولي فقط پڙهيل ۽ باخبر ماڻهن جي خاص استعمال سبب ئي محفوظ رهِي ٿي سگهِي، ۽ رڳو عام ماڻهو، جيڪي سندن نگاهن ۾ ڄٽ هئا، ان کي بگاڙيندا ۽ بدلائيندا ٿي رهيا. پنهنجي انهيءَ عقيدي ماتحت، هي گرامر جا عالم پنهنجي مرضيءَ موجب ٻولين جا عجيب غريب قاعدا مرتب ڪندا رهيا، جن جو بنياد سندن خيال ۾ منطق تي بيٺل هو، جنهن ۾ اختلاف جي ڪا گنجائش ڪانه هئي. ههڙن اڻپورن غلط خيالن سبب هي عالم گهربل حقيقتن ۽ ٺوس مواد جي موجود هوندي- مثلاً قديم ٻولين جون لکيتون، جهنگلي قبيلن جي اڻ تراشيل ٻولين بابت معلومات، جديد ٻوليون ۽ انهن جون اپڀاشائون، ۽ سڀ کان وڌيڪ، ساڳيءَ ٻوليءَ مثلاً لئٽن، جديد رومانس ٻولين، ائنگلو سئڪسن ۽ جديد جرمئنڪ ٻولين جي تدريجي اوسر بابت شهادتون، وغيره- انهن سمورين حقيقتن ۽ ان سڄي مواد کي استعمال ڪرڻ کان هو قاصر رهيا. جيتوڻيڪ سندن علم ۾ هيءَ ڳالهه هئي ته ڪن ٻولين جي هڪٻئي سان مشابهت آهي، تنهن هوندي به انهن مشابهتن جي مطالعي کان هو حذر ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته سندن نظريي موجب اهي مشابهتون محض اتفاقي بگاڙي جو نتيجو هيون ۽ بس. سندن ذهن ۾ جو هيءُ خيال ويٺل هو ته لئٽن ٻوليءَ ۾ ڪا ڦير گهير ڪانه آئي هئي ۽ اها جيئن اصل هئي تيئن ئي وٽن موجود هئي، تنهنڪري هو ائين سمجهڻ لڳا ته ٻيون آس پاس جون ٻوليون ئي، اتفاقي بگاڙي سبب، هڪٻئي منجهان ڦٽي نڪتيون هيون. منجهانئن گهڻن هيبريو (عبرانيءَ) کي منڍ جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ٿي، پر ڪن جي راءِ ان کان الڳ هئي. ائنٽورپ جي رهواسيءَ، گورو پيس بيڪانس، جو پاڻ ڊچ هو، پنهنجي وطني حب جو مظاهرو ڪندي، هيءُ ظاهر ڪيو ته لئٽن کان سواءِ يورپ جون ٻيون سڀ ٻوليون ڊچ ٻوليءَ منجهان نڪتل هيون! +تقريباً اُنهيءَ زماني ۾، يعني ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري، يوروپي عالمن کي پاڻنيءَ جي گرامر جي سُڌ پيئي. سنسڪرت جي گرامر جو هيءُ ڪتاب ڪنهن مخصوص مفروضي بدران، حقيقتن ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ مرتب ٿيل هو، ۽ ان جي وسيلي يوروپي عالمن جي سامهون ٻولين جي تقابلي مطالعي جا امڪان پڌرا ٿيا. پاڻنيءَ جي گرامر ٻوليءَ جي ڇيد جو اصول سيکاريو، جنهن موجب ٻولين جي ترڪيبي جزن جي ڀيٽڻ سان سندن هڪجهڙايون، جيڪي هونئن لڪل ۽ ڍڪيل رهن ٿيون، سي پوري ڀروسي سان لڀجي سگهيون ٿي. سڀ کان اول ٻولي وگيان جي ماهر، وليم جونس (1746 – 1794ع)، هيءَ وضاحت پيش ڪئي ته لئٽن، سنسڪرت، انگريزي، فارسي وغيره ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي ٻوليءَ جون الڳ الڳ صورتون هيون. سندس چوڻ موجب ”سنسڪرت، يوناني ۽ لئٽن ۾ ايتري ته ويجهي مشابهت آهي، جو اها محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿي ٿي سگهي؛ بلڪ ان مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اهي ٽيئي ٻوليون ڪنهن هڪڙيءَ منڍ واريءَ ٻوليءَ منجهان ڦٽيون آهن، جيڪا شايد اڄ ڪٿي موجود ڪانهي؛ ۽ گوٿڪ (جرمئنڪ) ۽ ڪليٽڪ ٻوليون به شايد ان ساڳيءَ ئي منڍ واريءَ ٻوليءَ مان نڪتل آهن[1].“ وليم جونس جي انهيءَ بيان کان پوءِ يوروپي ٻولي وگيانين جيڪو هند- يوروپي ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪيو آهي، سو واقعي هڪ نهايت ڦل دائڪ ڪوشش ثابت ٿي آهي. وليم جونس جو هيءُ چوڻ ته جرمئنڪ ٻولين جو لئٽن، يوناني وغيره ٻولين سان تعلق آهي، سچو ٿابت ٿي چڪو آهي، ۽ ساڳيءَ طرح سندس اهو اندازو ڪيلٽڪ ٻولين (آئرش، ويلش، ڪارنيش، وغيره) بابت پڻ صحيح ثابت ٿي چڪو آهي. فارسي، الباني، هِٽي ۽ پ�� ڪيتريون مشرقي ٻوليون، جن جون بنهه مختصر لکيتون ئي موجود هيون، سي پڻ هند- يوروپي سٿ منجهان ثابت ٿي چڪيون آهن. +جيڪڏهن ڪا ٻولي ڪنهن وڏيءَ ايراضيءَ ۾، يا لڏپلاڻ سبب، گهڻين الڳ الڳ ايراضين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، ته ان ٻوليءَ ۾ جدا جدا هنڌن تي جدا جدا انداز ۽ نموني سان ڦير گهير واقع ٿيندي. ان ڦير گهير جو نتيجو هيءَ نڪرندو ته مختلف مگر لاڳاپيل ٻوليون وجود ۾ اينديون- مثلاً اٽالين، فرينچ، پورچوگيز، رومينين، ڪئٽالين، اسپئنش ۽ ٻيون رومانس ٻوليون، جن کي هڪ ئي سٿ يا گروهه جون ٻوليون سڏي سگهبو. ساڳيءَ ريت ٻين لاڳاپيل ٻولين جي ٽولن کي پڻ، مثلاً ’هند – پاڪستاني’، سِلاو ۽ ٻين اهڙين ٻولين جي ٽولن کي، جن ۾ پڻ ساڳئي قسم جون هڪجهڙايون موجود ڏسبيون، ساڳئي ئي طريقي سان پيدا ٿيل سڏي سگهبو. هيءُ هڪ خالص تاريخي اتفاق آهي، جو اسان وٽ ٻوليءَ جو اوائلي تحريري رڪارڊ موجود نه آهي. هنن اصلوڪين اڻ لکيل ۽ هن وقت غير موجود ٻولين کي ٻولي وگيان ۾ پروٽو سلاوڪ، پروٽو جرمئنڪ، پروٽو اِنڊڪ وغيره نالا ڏنا ويا آهن. ان کان پوءِ جڏهن ٻولين جي هنن ٽولن جي وچ ۾ اهڙيون ڪي هڪجهڙايون ڏسجن ٿيون، جيڪي محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿيون ٿي سگهن، تڏهن اسين انهن کي هڪ ئي مُک سٿ (هند- يوروپي) جون ٻوليون شمار ڪري ٿا سگهون، ۽ وليم جونس جي چوڻ موجب، اها پختي راءِ قائم ڪري سگهون ٿا ته اهي سڀيئي ٻوليون ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي ٻوليءَ منجهان اُسريل آهن، جنهن هڪڙي بنهه شروعاتي ٻوليءَ کي ٻولي وگيان ۾ اڄ پروٽو هند- يوروپي ٻولي سڏيو وڃي ٿو. +هند- يوروپي ٻولين جي سلسليوار ڀيٽ جي شروعات سنسڪرت، يوناني، لئٽن، فارسي ۽ جرمئنڪ ٻولين جي فعلي گردانن جي ڀيٽ سان ٿي، ۽ جرمن عالم، فرئنزباپ، سنه 1816ع ۾ هڪ ڪتاب[1]، شايع ڪيو، جو ان سلسلي جو هڪ بنيادي ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. 1819ع ۾ هڪ ٻئي جرمن عالم، جيڪب گِرم، پنهنجي ڪتاب جو پهريون جلد، ۽ ٽي سال پوءِ، 1822ع ۾، ان جو ٻيو جلد پڌرو ڪيو، جن ۾ هن جرمئنڪ ۽ ٻين هند – يوروپي ٻولين جي وچ ۾ ”صحيح حرفن“ (consonnts) جي آوازي مشابهت تي هڪ تفصيلي بيان پيش ڪيو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ بنيادي طرح ٻولين جي تاريخ جو ئي ورنن ڪيو ويو هو، پر ان آوازي مشابهت يا هم آهنگيءَ جي ٻيءَ طرح به هڪ وڏي اهميت هئي. ان مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ته، جيئن انساني عمل جي ٻين دائرن ۾، تيئن ٻوليءَ جي طويل اوسر ۾، آوازن جو پيدا ٿيڻ ۽ ان ۾ ڦير گهير جو واقع ٿيڻ پڻ هڪ قسم جي باقاعدگيءَ ۽ ترتيب سان عمل ۾ اچي ٿو. +سنه 1833ع ۾ مٿي ذڪر ڪيل جرمن عالم، فرئنزباپ، هند - يوروپي ٻولين جي تقابلي گرامر جو هڪ تفصيلي ڪتاب[1] پيش ڪيو، جيڪو ٻولي وگيان ۾ وڏيءَ اهميت جو ڪتاب شمار ٿئي ٿو. انهيءَ سال ساڳيءَ ئي اهميت وارو هڪ ٻيو ڪتاب[2] پڻ هند- جرمئنڪ ٻولين متعلق اشتقاق جي موضوع تي شايع ٿيو، جنهن جي اشاعت سان ٻولي وگيان ۾ لفظ ”اشتقاق“ جي آخرڪار هڪ صاف ۽ واضح معنيٰ مقرر ٿي. يوناني عالمن وٽ هن لفظ جو مطلب هيءُ هوندو هو ته لفظن جي صورت ۽ متعلقه شين سان سندن نسبت جو مطالعو ڪيو وڃي. پر هاڻي ان جي معنيٰ هيءَ مقرر ٿي ته ڪنهن لفظ جي تاريخ جو اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو وڃي، جو ٻوليءَ ۾ ان جون پراڻيون صورتون ۽ ٻين لاڳاپيل ٻولين ۾ ان جون اهي صورتون جيڪي سندس اصل صورت جا ڌار ڌار روپ يا نمونا آهن، اُهي ظاهر ٿي سگهن. انهيءَ لحاظ کان انگريزي لفظ مَدَر (ماءُ =) جو اشتقاق نائين صديءَ جي پراڻيءَ انگريزي لفظ مُودر آهي، جيڪو پراڻيءَ نارس ٻوليءَ جي لفظ مُزير، پراڻيءَ فِرسين جي م��دير، پراڻيءَ سئڪسن جي مُدار، پراڻيءَ جرمن جي موئوتير (جيڪو نقل آهي پروٽو جرمن جي مُدير مان) سان لاڳاپيل آهي. هن لفظ جون اهي جرمئنڪ صورتون وري سنسڪرت جي لفظ ماتا، اويستا (پراڻي پارسيءَ) جي ماتا، پراڻي آرمينين جي ميِييَر، قديم يونانيءَ جي ميِيتيَر؛ البانيءَ جي موتِر (هتي لفظ جي هن صورت جي معنيٰ آهي ”ڀيڻ“، جنهن مان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن هڪ قديم اصل وارو لفظ معنيٰ ۾ ڦري ٿو)، لئٽن جي ماتير، پراڻيءَ آئرش جي ماٿِر، پراڻيءَ سِلاوڪ جي ماتِي، لٿونين جي موتي (هتي هن جي معنيٰ آهي ”زال“- جيڪو البانيءَ ۾ معنيٰ جو ڦيرو ڏٺوسون، هي ان جو ٻيو مثال آهي) سان لاڳاپيل آهن. هن لفظ جون اِهي مڙيئي صورتون هڪ ئي منڍ واريءَ يعني پروٽو هند- يوروپيءَ جي گهڙيل يا فرض ڪري ورتل لفظ ”ماتير“ مان نڪتل شمار ڪيون وڃن ٿيون. ياد رکڻ گهرجي ته، مثال طور کنيل، هن لفظ جون اصلوڪيون صورتون ڪا هروڀرو پراڻي يا وڌيڪ صاف معنيٰ اسان کي ڪانه ٿيون ڏسين. +هڪ ڳالهه ته صاف آهي ته ڪي ٻوليون هڪٻئي سان ايتريقدر ته مشابهت رکن ٿيون، جو ان کي محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو سڏي نٿو سگهجي. هنن مان ڪي مشابهتون ته واقعي اهڙيون آهن، جيڪي رڳو ٻوليءَ جي عام خصوصيتن سبب ئي ائين ڏسجن ٿيون. مثلاً آواز، پد، لفظ، جملا وغيره- اهي ئي ته هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ موجود آهن، ۽ اهي خصوصيتون هر ٻوليءَ جي بنياد لاءِ گويا سِرن ۽ گاري جو ڪم ڏين ٿوين. ٻيون به اهڙيون خصوصيتون، مثلاً اسم- نما لفظ ۽ فعل- نما لفظ، جيتوڻيڪ سڀني ٻولين ۾ مشترڪ نه آهن، پر اُهي ايتريقدر ته اڪثر ٻولين ۾ موجود آهن، جو ان سبب انهن ٻولين ۾ ڪنهن نه ڪنهن لاڳاپي جو انومان ضرور ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ڪي مشابهتون ته ٻولين ۾ اهڙيون پڻ آهن، جي واقعي صرف اتفاق جو نتيجو آهن. مثلاً جديد يوناني ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽِي“ (= اک) ذريعي گهٽ ملايائي ٻوليءَ جي لفظ ”ماٽا“ جهڙو آهي، جنهن جي معنيٰ پڻ ”اک“ آهي. بهرحال، هنن ٻنهي ٻولين جي اوسر جي جيڪا ڄاڻ موجود آهي، تنهن مان چئي سگهون ٿا ته منجهن اها مشابهت محض اتفاقي آهي. ملايائي ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽا“ ان جي قديم ترين مثالن ۾ پڻ جيئن جو تيئن موجود آهي. پر جديد يونانيءَ جو لفظ ”ماٽِي“ نڪتل آهي. قديم يونانيءَ جي لفظ ”اَم ماٽِيئون“ مان، جيڪو نڪتل آهي سندس اصل ”اَمما“ (اک) منجهان. ساڳيءَ طرح ٻيون اهڙيون مشابهتون پڻ آهن، جيڪي ثابت ٿيل آهي ته اڌاري طور ورتل آهن. مثلاً سنڌيءَ جو لفظ ”ڪٽلي“ انگريزيءَ جي ”ڪيٽل“ مان، يا انگريزي لفظ پِيچ (Peach) فرينچ جي ”پِيش“ مان، جيڪو وري پراڻيءَ لئٽن جي اصطلاح ”پرسڪا فروٽا“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ايراني ميوو“. ههڙا لفظ يا انهيءَ قسم جا ٻيا، خاص ٻين ٻولين کان اڌارا ورتا ويندا آهن ته جيئن ڪنهن سڀيتا ۾ نون عنصرن جي داخلا سبب ٻوليءَ جون پيدا ٿيل ضرورتون پوريون ٿي سگهن. انهيءَ قسم جي اڌارڻ کي ٻوليءَ جي سهل پسندي سڏي سگهجي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو سڀيتائي عنصر اڌارو وٺجي، تڏهن ان جو نالو به ان سان گڏ کڻي ٿو وٺجي. البت اهڙين سڀيتائي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ٻولي خالص پنهنجا لفظ به گهڙي ٿي، جنهن جو مشهور مثال آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ ملي ٿو، جن جڏهن ريل جي انجڻ ڏٺي، تڏهن ان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سڏيائون ”لوهائون گهوڙو“. سنڌي ۾ پڻ ان جا مثال ملن ٿا، جيئن ته ”آگ گاڏي“ وغيره. +جڏهن ائين ٿو چئجي ته ٻولين ۾ مشابهت يا هڪجهڙائي سندن لاڳاپي يا سٻنڌ سبب آهي، تڏهن ان جو مطلب هيءُ ٿئي ٿو ته اهي ٻو��يون ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽيءَ ٻوليءَ جون پوءِ پيدا ٿيل صورتون آهن. مثلاً اڄوڪي بنگالي ۽ اڄوڪي سنڌي ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽي ٻولي مان نڪتل چئي سگهجن ٿيون. پراڻي زماني جي ڪنهن به خاص وقت جي نقطي تي آڱر رکي، ائين نٿو چئي سگهجي ته اِجهو هتان اها نسبتاً اصلوڪي ٻولي هِنن يا هُنن ٻن يا چئن نين ٻولين جي صورت ۾ ورهائجي ويئي، يا اِجهو هن وقت کان اڄوڪي سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي يا اِجهو هتان اڄوڪي بنگالي ٻولي شروع ٿي. مجموعي طور، ٻوليءَ جي منڍ ۽ قبل از تاريخي دور کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻولي وگيانين جي جاکوڙ ۽ کوجنا ڪنهن گڏيل ۽ ڀروسي جهڙي نتيجي تي اڃا ڪانه پهتي آهي. ٻولي هڪ سدا وهندڙ درياءُ آهي، ۽ سندس رخ بدلائڻ جا، سندس سموري طئي ٿيل اکٽ رستي تي، ڪي به کليل ۽ هڪ هنڌاوان نشان ڪونه ٿا ملي سگهن. ڪهڙين حالتن ۾ ٻولي پنهنجا رخ بدلائي ٿي، صرف اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ۽ بيان ڪري سگهجي ٿي. ساڳيءَ ٻوليءَ ڳالهائڻ وارا ماڻهو، خاص طرح ان جي لکيل صورت ۾ اچڻ کان اڳ، جڏهن ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي، جاگرافيائي طور هڪٻئي کان علحده ٿي وڃن ٿا، ۽ منجهن ڪو جماعتي سٻنڌ ڪونه رهي، تڏهن پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽ الڳ الڳ روزمره جي ضرورتن پٽاندر سندن ٻوليءَ ۾، آوازن ۽ اچارن، لفظن جي ذخيري، ساڳين لفظن جي الڳ معنائن ۽ پڻ اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ علحدگي ۽ اختلاف اُڀري ٿو؛ ۽ جيترا جيترا اهي ٽولا پنهنجي پنهنجي نئين ماحول ۾ پنهنجو پنهنجو اندروني ۽ باهمي سٻنڌ قائم ڪري، پنهنجي پنهنجي تاريخ جا ڪي دور گذارين ٿا. ايتريون ئي صورتون سندن اصلوڪي ٻولي اختيار ڪري وٺي ٿي. انهيءَ ڪري، ماڻهن جي ڪنهن خاص تعداد جو هڪڙي ڪا خاص ٻولي ڳالهائڻ هڪ اهڙي ته عظيم ۽ انتهائي گنڀير حقيقت آهي، جنهن جي اهميت جو اندازو، ثقافتي توڙي سياسي ميدانن ۾، پوريءَ ريت لڳائي ئي نٿو سگهجي. ٻولي ئي آهي، جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي ٿو ۽ قائم رهي ٿو. سَون، هزارن بلڪ لکن سالن جي تاريخي پس منظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقل ۽ علحده صورت اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگهي ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن، جيتريون سندن علحده علحده ٻوليون. +جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي، تڏهن ان جو پهريون ڌيان پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي. اسان جي عزيز دوست، محترم سراج صاحب، جو هيءُ ڪتاب ان نوع جي هڪ اهم ڪوشش آهي. لائق مصنف هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجو مطالعو پيش ڪيو آهي، جنهن مان هن جي جذبي ۽ هن جي محنت جو اندازو پڙهندڙ پاڻ ئي لڳائي سگهندا. سنڌي ٻوليءَ بابت ڪن عام ۽ ڪن خاص راين کي هن ڪتاب ۾ رد ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ لاءِ اڃا به ائين چوڻ ته اها يارهين يا ٻارهين عيسوي صديءَ ڌاري پيدا ٿي، جديد ٻولي وگيان جي روشنيءَ ۾ هڪ نهايت ڪَسي ۽ بي بنياد راءِ چئي سگهجي ٿي. عربيءَ جو سنڌيءَ تي اثر پڻ صرف هن حد تائين مڃي سگهجي ٿو ته ٻنهي ٻولين هڪٻئي کان اڌارا لفظ ورتا آهن- سنڌيءَ وڌيڪ ۽ عربيءَ گهٽ. ۽ اِها صورتحال ٻولين جي سهل پسنديءَ جي اصول مطابق عين ممڪن به آهي ۽ اٽل پڻ. ان کان وڌيڪ هيءُ چوڻ ته سنڌيءَ کي حرف علت (vowels) (سي به اکري صورت ۾ نه، پر آوازي صورت ۾!) عربيءَ کان مليا، يا عربي صرف نحو جا قاعدا سنڌيءَ قبوليا، وغيره- اهڙو آهي، جو ان لاءِ انگريزيءَ ۾ لفظ ”بَنڪ“ آهي، سوئي ڪم آڻجي ته سونهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ قائم ڪيل اهڙن هٿراڌو مفروضن کي سراج صاحب پختن دليلن سان رد ڪيو آهي. لائق مصنف هن ڳالهه جي مڃڻ کان به انڪاري آهي ته سنڌي ڪا سنسڪرت جي ڄائي آهي. ان باري ۾ سندس راءِ هيءَ آهي ته (هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند- پاڪستاني ٻوليون) سڀيئي ڪنهن هڪڙيءَ ساڳيءَ آڳاٽيءَ (اوائلي) ٻوليءَ مان نڪتل آهن. جنهن کي پڻ هو ”سنڌي“ سڏي ٿو، پر جنهن لاءِ هو شايد ”پروٽو سنڌي“ يا ”پروٽو- اِنڊڪ“ (يا ”پروٽو هند- يوروپي“) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون سمجهندو. ان آڳاٽيءَ ٻوليءَ متعلق سندس راءِ آهي ته اها اصل هتي سنڌو ماٿريءَ ۾ ئي پيدا ٿي، ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ئي پوءِ ان کي هند- پاڪستان جي ٻين حصن ۽ ان کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا، جتي اهي ماحول کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا. جتي اها ماحول جي تبديليءَ ۽ نين ضرورتن سبب الڳ الڳ ٻولين جي صورت اختيار ڪري ويئي- بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن ڪجهه پوءِ واريءَ منزل تي رومن لوڪن جي لئٽن ٻوليءَ مان، اڳتي هلي، خود ان ملڪ جي اٽالين ٻولي ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جون ٻوليون ڦٽي نڪتيون، جن کي رومانس ٽولي جون ٻوليون چيو وڃي ٿو. لائق مصنف ان آڳاٽيءَ ٻوليءَ جا تحريري نشان موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي مهرن ۾ موجود سمجهندي، انهن مهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ جيڪي پڙهڻيون هو قائم ڪري سگهيو آهي، تن مان هو اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اسان جي (هاڻوڪي) سنڌي ٻولي سڌيءَ طرح ان آڳاٽيءَ ٻوليءَ جي اسريل ۽ ترقي يافته صورت آهي. پنهنجي ٻوليءَ جو ايڏو قديم ۽ ايڏو عظيم اصل معلوم ڪري، هر سنڌيءَ کي خوشي ٿيندي ۽ ان تي اسان مان هر ڪو بجا طور فخر محسوس ڪري سگهي ٿو- ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ جي عظمت ۽ شان کان الڳ اسان جي ڪا عظمت، اسان جو ڪو شان ڪونه آهي. +- م.ا.ج. +حيدرآباد سنڌ، 20- اپريل 1964ع +[1] لفظ ”رومان“، ”رومانوي ادب“، پهريائين هر انهيءَ ادبي پيشڪش لاءِ استعمال ٿيو، جيڪا لئٽن ٻوليءَ بدران انهن رومانس (يعني ڏيهي) ٻولين ۾ لکي ويندي هئي. +[1] De Emmendanda Ratione Graecae Grammaticae (1801). +[1] Linguarium Folisorbis Vocabularia Comparativa- St: Petersburg. 1786-89 edited by P.S. Pallos. +[1] Institutions Grammaticae Anglo Saxonicae et Mesogothicae – Oxford. 1689. +[2] Linguarium Thesaurus – Oxford, 1705. +[1] "Asiatic Reseraches" – Calcutta, 1788 (1:422) +[1] Franz Bopp: "Uber das Konjugations Systeme der Sanskritsproche," 1816- Franfurt an main. +[1] "Vergelenchende Grammatik des Sanskrit, Zend, Greichischen, Lateinische, Littonischen, Gottischen und Deutschen Sprochen. +[2] H.F. Pott: "Etymologische der Indo-Gremanischen" + + +ڪريڪيولم ڇا آهي؟ +ڪريڪيولم جي معنيٰ +نصاب لاءِ انگريزيءَ ۾ لفظ ”ڪريڪيولم“ (Curriculum) ڪم اچي ٿو. ”ڪريڪيولم“ لفظ جي معنيٰ لاءِ آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنريءَ جي صفحي جو لڳ ڀڳ سڄو ڪالم مون کي پڙهڻو پيو، تڏهن وڃي ان لفظ تي نظر پيم، ۽ ان تائين پهچندي پهچندي، مون کي ان لاڳاپيل ٽي لفظ پڙهڻا پيا- ”ڪرينسي“ (Currency)، ڪرينٽ (Current) ۽ ڪريڪل (Curricle) لفظ ”ڪرينسي“ جي معنيٰ ڏيکاريل هئي: ”مدت يا وقت، جنهن ۾ ڪا شيءِ ڪرينٽ هجي. مروج هجي، چالو هجي“؛ ٻي معنيٰ ڏيکاريل هئي: ”سڪو، جيڪو ڪنهن ملڪ ۾ ’ڪرينٽ‘ هجي، چالو هجي، سچ پچ استعمال ۾ هجي؛“ ٽين معنيٰ هئي ”هلڻ، چالو رهڻ- جيئن سڪي جو يا ڪنهن دوا جو يا حڪم جو هلڻ يا چالو رهڻ“. لفظ ”ڪرينٽ“ جِي صفت جي صيغي ۾ معنيٰ هئي: ”عام رواج ۾ يا استعمال ۾- جيئن سِڪا، خيال، رايا يا لفظ جيڪي عام رواج ۾ يا استعمال ۾ هجن“؛ اسم طور لفظ ”ڪرينٽ“ جي معنيٰ هئي: ”وهندڙ نهر، پاڻي، هوا وغيره ڪنهن خاص طرف ڏانهن ويندڙَ، يا رڳو (وڃڻ جو) رخ يا لاڙو- مثلاً حالات يا عام راءِ جو رخ“ وغيره وغيره. لفظ ”ڪريڪل“ جي معنيٰ ڏنل هئي: ”ٻن ڦيٿن واري ڪا هلڪي گاڏي، جيڪا عام طور ٻه گهوڙا ٻٽوٻٽ اڳتي ڪاهين“. ان کان پوءِ منهنجي ڳولا وارو لفظ ”ڪريڪيولم“ آيل هو، جنهن جي معنيٰ ڏيکاريل هئي: ”گس“ بس، ”گس“، يعني ”سڙڪ، راهه، رستو يا پٽو جيڪو وٺي هلجي يا جنهن تان ڊوڙجي“. هن جاءِ تي، ڊڪشنريءَ ۾ معنيٰ واري لفظ ”گس“ جي آخر ۾ ڏنگين اندر صفاتي لفظ ”تعليم جو“، ”مطالعي جو“، لکيل هئا- جن جي گڏجڻ سان ”ڪريڪيولم“ جي اصطلاحي معنيٰ وڃي پئي ٿِي ”مطالعي جو گس، تعليم جو گس، تعليم جو رستو.“ هي سڀيئي لفظ- ”ڪرينسي، ڪرينٽ، ڪريڪل، ڪريڪيولم.“- لغت ۾ لاطيني ٻوليءَ جا لفظ ٻڌايل هئا، جيڪي نڪتل هئا هڪ ئي بنيادي لفظ ”ڪريني“ (Currene) مان، جنهن جي معنيٰ ڏنل هئي: ”ڊوڙڻ“. اِن سڀ تفصيل مان ڏسي ٿو سگهجي ته هلچل، تحريڪ، ڦير گهير، وڌڻ جو رخ، رفتار، ڊوڙ جو پٽو، اڳتي وڃڻ- ڊوڙ ۾ يا ريس ۾ وقت جي ڀڄندڙ رٿ سان سدائين ٻٽوٻٽ- اِهي ئي ’ڪريڪيولم‘ جا، يا، تعليمي زبان ۾ چئجي ته، ”تعليم جي گس يا رستي“ جي وصف جا لازمي جزا يا عنصر هئا. +ان جو دائرو +اهو ته عام معلوم آهي ته انساني تعليم جو هيءُ ڪريڪيولم يا وهندڙ رستو ٻار لاءِ ماءُ جي گود کان، بلڪ اُن کان به اڳ، شروع ٿئي ٿو، ۽ ماڻهوءَ جي قبر تائين ئي اُن جي پڄاڻي ٿئي ٿي- پر، سو به رڳو ماڻهوءَ جي انفرادي تعلق جي حد تائين، نه ته جيتري قدر، سماجي خيال کان، اُن جو تعلق مجموعي طور انسان ذات سان آهي، اُهو رستو وڌندي ۽ اڳتي هلندي هلڻ جي سلسلي ۾ اکٽ آهي ۽ ان جي پڄاڻي ڪانهي. اِن طرح ته سڄيءَ حيوانيءَ دنيا جو هر نئون ڄاول جِيوُ به هڪڙو تعليمي رستو طئي ڪري ٿو، جنهن کي، هڪ ڳالهئين، اُن جو ’ڪريڪيولم‘ ئي چئي سگهجي ٿو- اِن لاءِ جو ائين هو پنهنجي زنده رهڻ جي ڄاڻ ۽ ڪاريگري، جنهن کي ’زندگيءَ جو فن‘ سڏجي ٿو، حاصل ڪري ٿو. پر هڪ انساني تعليم جي رستي ۾ جيوت جي غير انساني دنيا ۾ رائج اهڙي رستي جي وچ ۾ جيڪو فرق ڏسي سگهجي ٿو، سو اُن جي ٽن بيحد اهم ڳالهين ۾ ظاهر هجي ٿو: يعني پهرين، زندگيءَ جي اُن ڄاڻ ۽ ڪاريگريءَ جي حاصل ڪرڻ ۾، ٻيو اُن جي جمع ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾، ۽ ٽيون ان جي ڏي وٺ ۽ منتقليءَ ۾. +انساني زندگي حيواني زندگيءَ کان وسيع پيماني ۾ مختلف آهي. اِها پاڻ کي تمام وڏي انداز ۽ تمام وڏي تيزيءَ سان تبديل ڪندي پئي آئي آهي. ڄاڻ ۽ ڪاريگري، جيڪا خاص انسان جي زنده رهڻ لاءِ گهربل آهي، اوتري ئي وڏي انداز ۽ اوتريءَ وڏيءَ تيزيءَ سان وڌندي، بدلبي ۽ وستارجي رهي ٿي. ائين اسين (انسان) جدا نموني ڄاڻ گڏ ڪريون ٿا ۽ وڌايون ٿا، ۽ جدا نموني ڄاڻ منتقل ڪريون ٿا. ۽ فقط اِنهيءَ ئي طرح اسين وقت سان ٻٽ هلڻ جي لائق بڻجون ٿا- يعني اِن طرح ئي اسين سدائين پاڻ کي سامهون موجود ڪم کي مُنهن ڏيڻ جي قابل رکون ٿا. هڪڙو ماڻهو، جيڪو اڄ اُها ڄاڻ ۽ ڪاريگري رکي ٿو، جيڪا هڪ وحشي ماڻهو هڪ سئو هزار سال يا پنجاه هزار سال اڳ، يا هڪ اوائلي ڪاشتگار يا مالدار ڏهه سال اڳ، يا هڪ غلام ۽ آقا، غلام دار سماج ۾، ڪي ٻه هزار سال اڳ، يا ڪو جاگيردار ۽ ان جو کيت غلام يا ڪمي آخري وچين دور ۾، هڪ هزار يا پنج سئو ورهيه اڳ رکندو هو، اُهو ماڻهو اُن ڄاڻ ۽ ڪاريگريءَ سان، هڪ سڌريل جديد انسان وانگر، اڄ جي دور ۾، اسان جي هن پنهنجي زماني ۾، زنده رهي ئي نه سگهندو. اهوئي خاص سبب آهي، جو انساني تعليم جي نصاب کي، ڪريڪيولم يا رستي کي، وڌڻو ۽ چالوئي رهڻو آهي، ڇو ته جيڪا ڄاڻ ۽ ڪاريگري چالو آهي، جاري آهي، بنهه اڄ جي ڄاڻ ۽ ڪاريگري آهي، اُن سان ئي اسين وقت سان ٻٽوٻٽ هلي سگهون ٿا، ۽ سلامت رهي سگهون ٿا ۽ سڦل زندگي گذاري سگهون ٿا. +ان جو مقصد +سڦل زندگي گذارڻ جي ڳالهه ۾ م��صد جي جهلڪ موجود ڏسي سگهجي ٿي- زندگيءَ جي مقصد جي، جنهن جو تصور انفرادي ۽ پڻ اجتماعي يا سماجي بنيادن تي رکيو وڃي، يعني اُن ڳالهه جو تصور ته اڄ جي دور ۾، هلندڙ وقت ۾، ماڻهوءَ کان ڇا هجڻ ۽ ڇا ڪرڻ جي اميد ڪئي وڃي ٿي، ۽ تاريخ جي اڄوڪيءَ منزل تي سماج کان ڇا هجڻ ۽ ڇا ڪرڻ جي تقاضا ڪئي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ اِن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته ڪو خاص ڪريڪيولم يا تعليم جو خاص رستو مرتب ٿئي ۽ رٿيو يا ٺاهيو وڃي، اُن کان اڳ اُن رستي تان هلندي، تعليم جي جنهن مقصد تي رسڻو آهي، اُهو مقصد پوريءَ چٽائيءَ سان ۽ پوري تفصيل سان مقرر ڪرڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي. +ڪريڪيولم يوناني تهذيب ۾ تعليم جي مقصد جي تلاش ۾ تعليم ڪارن ۽ ڪريڪيولم ٺاهيندڙن کي انساني تعليمي عمل جي ماضيءَ، خاص طرح يوناني تهذيب جي دور ۾ ان جي رڪارڊ ٿيل ابتدائي صورت تي نظر وجهڻي پوي ٿي ۽ ان جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو، يوناني تهذيب، پنهنجي زندگيءَ جي تقريباً هڪ هزار سالن (600 ق.م کان 400ع تائين) جي مدت ۾، غلاميءَ جي بنياد تي بيٺل هئي- جنهن ۾ آزاد شهري اقليت ۾ هئا، ۽ اُن جي غلام آبادي اڪثريت ۾ هئي. هِن غلام دار سماج جون مخصوص ڳالهيون اُن جي شهري رياست، جنهن کي تاريخ ۾ پالس (Polis) سڏيو ويو آهي، سان وابسته هيون، ان دور جي يونان ۾ ٻن قسمن جون شهري رياستون هيون. هڪ ۾ اقتدار سڀني غلام دار شهرين وٽ رهيو ٿي- ان کي تاريخ ۾ غلام دار جمهوريت (Slave-owning Democracy) سڏيو ويو آهي. ٻيءَ ۾ اقتدارُ غلام دار شهري آباديءَ جي به اوچي درجي وارن خاص شهرين وٽ رهيو ٿي- ان کي امير شاهي يا اميراڻو راڄ Aristocary)) سڏيو ويو آهي. يونان جي قديم شهر اٿينس جي شهري رياست پهرئين نموني جي رياست جو ڪلاسيڪي مثال شمار ٿئي ٿو، ۽ ان جي اسپارٽا شهر جي شهري رياست ٻئي قسم جي رياست جو. اُن (غلام دار) سماج ۾ تعليم کي رياست جي خدمت لاءِ ۽ اِن لاءِ شهرين جي تربيت جو ئي هڪ ضروري وسيلو سمجهيو ويندو هو، ۽ اُن ۾ وڻج واپار ۽ هٿ جي پورهئي کي هيچ بلڪ نيچ سمجهيو ويندو هو، ڇو ته اُهي ڪم غلامن لاءِ مخصوص هئا. انهيءَ ڪري وٽن تعليم جي مروج سرشتي ۾ واپار ۽ هنرُ ڪريڪيولم جا حصا نه هئا. +اسپارٽا جي تعليم ۾ خاص طرح، فوجي برجستائيءَ ۽ قابل ڪاريءَ تي توجهه ڏنو ويندو هو. هيڻي جسم ۽ ناقص ذهن رکندڙ ٻالڪن کي هو ٻاهر اڇلائي ڇڏيندا هئا، جتي هو مري ويندا هئا. جيڪي سالم ۽ تندرست ٻار بچندا هئا، انهن کي ستن ورهين جي عمر ۾ مائٽن کان ڇني، يارهن ورهين جي ڄمار تائين جسماني تربيت ڏني ويندي هئي. وٽن ضابطي لاءِ، جسماني سزا کي هڪ اهم تربيتي طريقو سمجهيو ويندو هو. اُها نه رڳو ڏوهه جي عيوض پر سختيءَ ۽ تڪليف جي قوت برداشت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ ٻارَ فوجي ڪئڊيٽ بڻبا هئا، جنهن کان پوءِ هنن کان ٻه سال فوجي ڇانوڻيءَ ۾ جبري ڊيوٽي ورتي ويندي هئي، ۽ ائين ٿيندي ٿيندي، ٽيهن سالن جي عمر ۾ هو پورا ”شهري“ بڻبا هئا، پر پوءِ به هنن کي، رياست لاءِ جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ سڏ ٿيڻ جي حالت ۾، هر دم تيار رهڻو پوندو هو. +اٿينس ۾، تعليم کي جنگ ۽ امن ٻنهي لاءِ تياريءَ ۽ تربيت جو وسيلو سمجهيو ويندو هو. هڪ طرح جي ”جمهوريت“ هجڻ سبب، اُتي جنگ ۽ امن جي وچ ۾ ”اعتدال“ يا ”وچٿرائي“ جي اصول کي گهڻي اهميت ڏني ويندي هئي. ڇهن کان 14 سالن جي عمر تائين ابتدائي تعليم ۽ ان کان پوءِ 4 سال ثانوي تعليم ۽ پوءِ فوجي ڪيڊيٽن طور نوجوانن کي ٻه سال لازمي فوجي تربيت ڏني ويندي هئي- جنهن کان پوءِ منجهانئن هر هڪ کان ”پنهنجي شهر ۽ پنهنجن خدائن“ جي دفاع لاءِ تيار رهڻ جو قسم کڻايو ويندو هو. وٽن سڄيءَ تعليم جي ڪورس جا تفصيل اسان کي معلوم نه آهن، پر اسان کي خبر آهي ته موسيقي، ادب، فن لطيف ۽ جسماني ڪسرت ۽ ڪرتب وٽن مخصوص مضمونن طور تعليمي ڪورس ۾ شامل هئا. اِن مان ڏسي سگهجي ٿو ته اُهو هڪ فرصت يا واندڪائيءَ واري سماج جو ڪريڪيولم هو، جيڪو غلام دار آزاد شهرين لاءِ ئي وڌيڪ مناسب ۽ ڪارآمد هو، جن کي ئي ان طرح هُنن تربيت ڏيڻ ۽ پاڙهي، ٺاهي، پختو ڪرڻ گهريو ٿي. جيئن جيئن اٿينس جو، ۽ پڻ اسپارٽا جو، فرصت رکندڙ غلام دار ڪلچر وڌيو ۽ وڏو ٿيو، تيئن تيئن اُن ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ ڌيان ذهني مطالعن، روحاني ڳالهين ۽ غير پيداواري جسماني ڪرتب ۽ ڪسرت جي ڳالهين تي ئي صرف ٿيندو رهيو- ايتري قدر، جو سندن هڪ عالم ارسٽوفينس، مزاح مزاح ۾، سڄي سندن تعليمي سرشتي تي ’نوجوانن جي کارڻ ۽ انهن کي ائين فضول ۽ بيڪار بنائڻ‘ جا الزام ۽ طعنا هڻن شروع ڪري ڏنا. سقراط، افلاطون ۽ ارسطو (پنجينءَ ۽ چوٿينءَ ق.م جي صدين جا)، جيڪي ان غلام دار يوناني تهذيب جا عظيم ترين مفڪر هئا، تن پنهنجي دور جي تعليم جو مقصد ”هڪ سٺي شهريءَ جي تربيت“ ئي ٻڌايو، جنهن ۾ ”شهريءَ“ جو مطلب اُهو غلام دار آزاد ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجي سڄي انفرادي شخصيت رياست جي ”سياسي مانڊاڻ“ جي سپرد ڪري ڇڏڻي ٿي پيئي. افلاطون پنهنجي ڪتابن ”جمهوري راڄ“ (Repulic) ۽ ”قانون“ (Laws) ۾ سياست ۽ تعليم کي ”اٽوٽ انگ“ سڏيو آهي، ۽ هڪ قسم جي ڪميونزم جي وڪالت ڪئي آهي، جنهن ۾ جماعتي زندگيءَ لاءِ خانداني يا ڪٽنبي زندگيءَ کي، هڪ سماجي اڪائيءَ طور، ختم ئي ڪرڻو ٿي پيو، ۽ ٻارن جي پرورش لاءِ مائٽن جي سڄي ضابطي ۽ اختيار کي رد ڪرڻو ۽ وچان ڪڍي ٻاهر ڦٽوڪرڻو ٿي پيو. گويا زندگيءَ جي سڀني مسئلن، ڪمن ڪارين ۽ معاملن جي فيصله ڪن دائرن ۾ رياست کي ئي آخري حڪم جو اختيار هو، ۽ فرد بلڪل ئي ڪجهه نه هو! +وچين دور (500 – 700ع) ۾ +ابتدائي مهذب دؤر ۾ هيءَ جيڪا رياست کي فرد جي خلاف حد کان وڌيڪ اهميت ڏني ويئي هئي، تنهن تاريخ جي اڳتي وڌڻ سان آهستي آهستي بدلجي، ردعمل طور، اُن جي بنهه ابتڙ صورت اختيار ڪئي، ۽ سماج ۾ فرد ڦري مرڪزي اهميت حاصل ڪرڻ لڳو ۽ رياست، فرد جي خادم ۽ محافظ طور، ثانوي جڳهه وٺڻ لڳي. ۽ ائين تڏهن ٿيڻ شروع ٿيو، جڏهن سماج جي مروج ضرورتن ۽ ان جي عصري مقصدن اِن طرح جي تقاضا ٿي ڪئي. تان جو وڌيڪ هزار کن سالن گذرڻ سان يوناني سماج جي غلام دارَ ۽ ان جي غلام جي جاءِ تي جاگيردارُ ۽ اُن جو کيت ڪمي (يا سِرڙيو هاري) اچي ويٺا؛ ۽ اُنهن جي دؤر گذرڻ تي، انهن جون جايون وري سرمائيدار ۽ ان جي مزدور اچي والاريون. جاگيرداري سماج پنهنجي دور جي تعليم وسيلي هڪ ”آپي – باز پهلوان مڙس، هڪ سٺو سردار (Lord)، هڪ سٺو نواب يا وڏيرو“ پيدا ٿي ڪيو، ته سرمائيداريءَ پنهنجي دور جي تعليم وسيلي، پنهنجي مثالي انسان طور هڪ ”سٺو جوکم- ڪاري صنعت ڪار“ يا هڪ ”سٺو جوکم- ڪاري تاجر“ پيدا ڪرڻ گهريو ۽ پيدا ڪيو. آپي باز پهلوان، بي ميار سوڍو، جنهن جهڙو فرد اٿينس ۾ ٻئي نمبر جو شهري ليکجي ٿي سگهيو ۽ ليکيو ٿي ويو، سو جاگيرداري دور (500 کان 1700ع) ۾ هڪ مثالي شخص بڻجي ويو، جنهن کي ان دور جي تعليمي ڪريڪيولم (رستي) وسيلي پيدا ڪرڻو هو ۽ ’پاڙهي، ٺاهي، پختو‘ ڪرڻو هو- ايتري قدر جو، ترت ئي اهڙو هڪ ”نصيب آزمائو سورمو جانبازيءَ جي ڳولا ۾“ (The wandering hero in search of chivalrous adventures) سڄي سماج جو هڪ سوداءُ ۽ آزار بڻجي ويو. اٽليءَ جي داستان نويس بوڪيشيو، جو جڳ مشهور ڪتاب ”ڊي- ڪئميران“ (1349-1351) ۽ اسپين جي مشهور ناول نگار، سروينٽيس، جو زنده جاويد ناول ”ڊان ڪئگزاٽ“ (1615-1615) اهڙن ”سٺن سردارن“ ۽ ”سٺن جوڌن“ جي ڪردار سان ڀريا پيا آهن، جن ۾ انهن بي ميار سوڍن جي نامعقول ۽ بي لغام ڪارستانين ۽ فضول آپي بازين ۽ خرمستين کي خوب ننديو ۽ بڇڙو ڪيو ويو آهي. +سرمائيداري دور ۾. +رُوسو، ترهين صديءَ جو فرينچ فيلسوف، انفراديت جو هڪ بيباڪ حامي هو. پنهنجي وقت جي روح جي ترجماني ڪندي، جڏهن جاگيرداري نظام ڪِري پَٽ پئجي رهيو هو، ۽ سرمائيداريءَ جي آزاد جوکم ڪاريءَ جو روح فضا ۾ خوب اڏامي رهيو هو، هن يونان جي غلام داري دور جي ترجمان مفڪر افلاطون کان هڪ سڌو سوال ڪندي پڇيو هو: ”ڇا، رياست سان وفاداري پنهنجن ويجهن ۽ پيارن (يعني آل اولاد) جي محبت کان سواءِ به ڪو وجود رکي سگهي ٿي؟ ڇا، حب الوطني اُن ننڍڙي پياري وطن، پنهنجي گهر کان سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ به اسري ۽ وڌي سگهي ٿي؟ ڇا، سٺو پٽ، سٺو مڙس، سٺو پيءُ ئي نه آهن، جيڪي ئي ’سٺا شهري‘ هجن ٿا؟“ مطلب ته يوناني غلام دار سماج جو ”سٺو شهري“، جيڪو رياست جي مفاد جو باندي هو، ۽ جاگيرداري سماج جو ”سٺو سردار“ جيڪو پنهنجي ذات ۽ پنهنجي جاگيردار يا ڪيٽيءَ جي مفاد جو باندي هو، انهن تان ائين زور هٽي، ”سٺي پٽ، سٺي مڙس، سٺي پيءُ“ ڏانهن، يعني روسو جي وقت جي ”سٺي بورجوا“ يا ”سٺي تاجر“ ڏانهن بدلجي ويو، جيڪو پنهنجي ذاتي گهر، ڪٽنب ۽ پنهنجي جوکم ڀرئي ڪاروبار جي مفاد جو باندي هو ۽ ان پوئين صورتحال ۾ هُن جي دور جي بورجوا رياست صرف اِن لاءِ هئي ته اُها هِن ”ذاتي طرح سٺي شخص يا سٺي تاجر“ جي مفادن جي خدمت ڪري ۽ انهن جي پرگهور لهي، جيڪو ساڳئي وقت پنهنجي پبلڪ لائيف ۾ پاڻ کي هڪ ”سٺو شهري“ به سمجهندو هو ۽ چوائيندو هو. +هي سڀيئي جُڳ انساني تعليم جو ڪريڪيولم، ڪورس يا رستو- غلام دار يوناني تهذيب کان وٺي، جاگيرداري سماج ۽ ان کان پوءِ سرمائيداري سماج کان ٿيندي، جن ۾ ان جو مقصد پهرين ”سٺو شهري“، ۽ پوءِ ”سٺو لارڊ يا سردار“ ۽ پوءِ ”سٺو تاجر“ پيدا ڪرڻ هو- بهرحال فرصت مائل يا اوچي طبقي مائل ئي رهيو- ڇو ته تعليم انهن دورن يا سماجي نظامن ۾ عملاً فقط سماج جي اڻ- ڪمائيندڙ، فرصت يافته، مٿينءَ سطح جي آباديءَ تائين محدود ٿي رهي. علم جي نوعيت توڙي ان جو مقدار به- تُز سائنسن جو، فطري سائنسن جو يا انسانيات جو- جيڪو انهن سماجن جي تعليمي ڪريڪيولم ۾ شامل ڪيو پئي ويو، ان جي چونڊ، ترتيب ۽ تدريس فقط سماج جي ان فرصت يافته ۽ ڀرئي ڀاڳئي حصي يا طبقي جي خاص مفاد کي من ۾ رکي ڪئي پئي ويئي، جنهن کي ئي تعليم ڏيڻي هئي. +اشتراڪي دؤر ۾ +تاريخ ۾ اشتراڪيت ۽ عام انسان واري دور جي اچڻ سان ماڻهوءَ جي عام مادي ۽ سماجي گهرجن ۾ هڪ انقلابي تبديلي رونما ٿي. تعليم ڦري سڀني جو حق ۽ ڪل انسانن جي ضرورت بڻجي پيئي. سماج جي اپتڪار ۽ کپتڪار حصن، فرصت يافته يا فارغ البال طبقي ۽ پورهئي ۾ ڳهندڙ، مٿي کنهڻ جي فرصت نه رکندڙ طبقي جي وچ ۾ فرق مِٽجڻ شروع ٿيو. محنت، دولت ۽ فرصت جي ورهاست ماڻهن ۾ هڪ جهڙي ٿيندي ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿي. ۽ مهذب انسان پورهئي کي، هر قسم جي پورهئي کي- هٿ پورهئي کي به—عزت وارو ۽ راحت بخش ڳالهه سمجهڻ ۽ مڃڻ شروع ڪيو. ماڻهوءَ جون مادي ۽ سماجي گهرجون ايتريون ته وڌي گهڻيون ۽ قسمين قسمين جون ٿيون، جو سامانن جو پيداڪرڻ، مشينن جو جوڙڻ ۽ خدمتن جو مهيا ڪرڻ هڪ اٽل ۽ شديد ضرورت بڻجي پيئي. ائين هيءُ زوردار خيال وڌڻ ۽ پکڙجڻ لڳو ته سڀني کي ڪم ڪرڻو هو ۽ ڪنهن کي به سست ويهڻو نه هو. جديد ��عليم کي انهيءَ ڪري فرصت مائل هجڻ بدران پورهئي مائل ٿيڻو هو، ٿيڻو پيو ۽ ٿيڻو آهي- ان جو ڪريڪيولم يا ڪورس، فرصت – مائل ڪريڪيولمن ۽ ڪورسن جي برخلاف – جيئن اهي غلام دار يوناني سماج ۾، جاگيرداري، لارڊ يا سردار ۽ ان جي کيت ڪميءَ جي سماج ۾، يا سرمائيدار، صنعتڪار ۽ تاجر ۽ ان جي مزدور جي سماج ۾ هئا—پورهئي مائل ڪريڪيولم ٿيڻو هو، ٿيڻو پيو ۽ ٿيڻو آهي. اڄ جي سٺيءَ تعليم کي ”سٺو پورهيت پيدا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جديد سماج جي حوالي سان ”سٺو پورهيو“ ئي ”سٺو شهري“ ۽ ”سٺو انسان“ ٿي سگهي ٿو. ”پورهيو عبادت آهي“- هائو، پر رڳو غلام، کيت ڪميءَ، هاريءَ يا مزدور لاءِ ئي نه. پورهيو سڀني لاءِ عبادت آهي ۽ سڀني کي عبادت طور پورهيو ڪرڻ گهرجي ائين سمجهي ته اُهو سڀني لاءِ فائديمند آهي ۽ ضروري آهي. +انهيءَ ڪري اُن ماڻهو لاءِ، جيڪو هاڻ سٺيءَ تعليم جي روح کان مسفيد ٿيڻو آهي، پورهيو زندگيءَ جي هڪ بنيادي ضرورت ۽ هڪ اعليٰ اخلاقي نيڪي ۽ هڪ سٺي پورهيت جيئن جيئڻ ۽ زندگيءَ گذارڻ هن جي ڪردار ۽ اخلاق جا دائمي گڻ بڻجڻا آهن. +اهڙيءَ سٺي تعليم جو لازمي پيشگي شرط هي آهي ته اُها ماضيءَ جو ترقي مائل تهذيبي ورثو ۽ بني نوع انسان جو جمع ڪيل سمورو علم جو خزانو نئين نسل تائين پهچائي، جيڪو اُن ورثي ۽ اُن خزاني جو وارث به آهي ۽ اُن جي سنڀالڻ لاءِ تيار به آهي. اسڪولن جو هڪڙو بنيادي ڪم، ۽ تحقيق هڪ وڏي ۾ وڏو ڪم، اهو آهي ته اِها فضا ۽ صورتحال موجود ڪن، جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ذهني طور وڌن ۽ پورهئي مائل، سماجي طرح ذميدار ۽ تهذيبي طور اوچا انسان بنجي سگهن، ۽ اُهو نتيجو فقط تڏهن حاصل ٿي سگهندو، جڏهن هو خبر، ڄاڻ ۽ حقيقتن سان واسطي ۾ ايندا ۽ اُنهن سان پوريءَ طرح مانوس بڻبا. اِن ۾ ڪريڪيولم مدد ڪري سگهي ٿو. ڪتاب مدد ڪري سگهن ٿا. سٺيون ۽ جديد طرز جون بلڊنگون ۽ تجربيگاهه به مدد ڪري سگهن ٿا. پر هميشه ۽ هر صورت ۾ استاد ئي آهي، جو اصل منڍ آهي، مرڪز آهي، ۽ اصل ڪم ان کي ڪرڻو آهي. جو ڪجهه استاد کي ڪرڻ کپي ۽ هو ڪري ٿو، اُن مان ئي معجزائي نتيجا نڪرن ٿا. جو ڪجهه هن کي ڪرڻ کپي ۽ هو نٿو ڪري، تباهناڪ نتيجا اُن مان نڪرن ٿا، ضرورت سارو استادن جي تعداد کان سواءِ، جيڪي اتساهيندڙ هجن، ڄاڻو ۽ باخبر هجن، پنهنجن اسڪولن ۾ پنهنجين ذميدارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار هجن—اهڙن استادن کان سواءِ اسين بيءَ ڪنهن به طرح سٺي تعليم مهيا نٿا ڪري سگهون، ۽ سٺيءَ تعليم کان سواءِ اسين گهڻي وقت تائين تبديل ٿيندڙ دنيا جي تقاضائن کي ڪاميابيءَ ۽ سرخروئيءَ سان منهن نٿا ڏيئي سگهون. +ڄاڻ جو ڦهلاءُ +سڄي خبر، سمورو علم، سڀ حقيقتون ٽن مظهرن جي مطالعي مان حاصل ٿين ٿيون: 1- انسان جي پنهنجي ذات جو مظهر، 2- انساني تاريخ جو مظهر، ۽ 3- چوڌاري موجود فطرت يا ڪائنات جو مظهر. جيئن جيئن وقت اڳتي وڌي ٿو، اِها ٽه – شعلائين علم جي روشني، اڻ- مئي نموني وڌندي ٿي رهي. فطرت تي انسان جي فتح ۽ ضابطي جي لياقت اوتري قدر ئي وڌي ٿي، جيتري قدر انسان وٽ فطرت جي ڄاڻ وڌي ٿي. تازو مون کي هڪ سوويت مخزن ۾ ڪريڪيولم جو هيٺيون هڪ بيحد اهم ۽ بنيادي مسئلو بيان ٿيل ڏسڻ ۾ آيو: +”گذريل ويهن ٽيهن سالن جي دور، دنيا کي هڪ سائنسي ۽ ٽيڪينڪي انقلاب سان روشناس ڪيو آهي.“ +”هن انقلاب ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي سرشتي لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪري وڌا آهن.“ +”هيءُ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي انقلاب انيڪ مسئلا ۽ ڪمن جو وڏو تعداد وڌائي ۽ وسيع ڪري رهيو آهي، جن مان هر هڪ جي دائري ۾ علم جو تعداد ائين وڌي رهيو آهي، جيئن ڦرندڙ برف جو بال جبل تان ڪرندي ڪرندي، وڌندو ۽ وڏو ٿيندو ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته پنجن ڏهن سالن ۾ ڪي علم وڌي ٻيڻا ٿي پيا آهن. درسي ڪتابَ پريس مان ڇپجي اڃان ٻاهر ئي نٿا اچن، ته پراڻا ٿي وڃن ٿا. بهرحال، ائين ته چئي سگهجي ٿو ته ان حالت ۾ استاد جو ئي فرض آهي ته درسَي ڪتابن کي هر ڀيري ڪلاس روم ۾ تازي معيار تي آڻيندو ئي رهي. +”پر ڇا ڪريڪيولم هونئن ئي حد کان وڌيڪ ڦهلجي وڏو نه ٿي ويو آهي؟ هاڻي ته شاگردن کي وڏن کان وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ۽ هنن کي ڪلاس رومن کان پوءِ وڏي انداز ۾ گهر جو ڪم به ڪرڻو پوي ٿو.“ +”هن صورتحال ۾ شايد ائين مناسب ٿئي ته تدريس جي مدت وڌائي ڇڏجي، پر ثانوي تعليم اڳي ئي ڏهه ٻارهن سال وٺي ٿي. ٻيا 5-6 سال اعليٰ تعليم جي تحصيل ۾ لڳي ٿا وڃن اُن کان پوءِ ڪي سال ڪنهن نه ڪنهن خاص ڪاريگريءَ ۽ ڌنڌي جي مهارت حاصل ڪرڻ ۾ لڳن ٿا. جيڪڏهن اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جي مجموعي مدت ڄاڻ جي واڌاري آهر وڌائبي وڃجي، ته، جلد يا بدير، جديد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان رڳو سفيد وارن وارا گرئجوئيٽ ۽ کٿل مٿن وارا ٽيڪنيڪي ماهر ئي ٻاهر اچي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي رٽائر ٿيڻ جي عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ ئي لائق بڻجي، پنهنجن ڪمن کي پوريءَ طور هٿ وجهڻ جهڙا ٿي سگهندا. پر ڇا ڪجي، تخليقي پيداوار لاءِ ماڻهوءَ جي عمر جا سونهري سال ته جوانيءَ جا سال ئي آهن، ۽ اُهي گهڻو جٽاءُ ڪونه ٿا ڪن. +”ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هيءُ سوال اصل ته سائنسدانن جي جواب ڏيڻ لاءِ آهي. پر اسين جنهن حقيقت سان دوچار آهيون، سا هيءَ آهي ته تعليم جو نظريو ۽ عمل سڄيءَ دنيا ۾ اڄ زندگيءَ جي وڌندڙ تقاضائن کان پوئتي رهجي ويو آهي.“ +خصوصي تعليم بمقابل عمومي تعليم +ائين بيان ٿيل هن مسئلي جا مختلف حل اُن روسِي مخزن جي مضمون ۾ بحث هيٺ آندل هئا—ڇو ته مضمون جو عنوان ئي هو: ”ڇا سيکارڻو آهي ۽ ڪيئن؟ مسئلا ۽ حل.“ ۽ هڪ حل جيڪو مضمون ۾ پڙهندڙن جي خاص توجهه لاءِ ڏنل هو، سو هيٺينءَ طرح هو: +”تعليم جي سڄي سرشتي ۾ عموي تعليم جي جاءِ تي خصوصي تعليم جو نظام نافذ ڪيو وڃي- يعني هڪڙن اسڪولن ۾ تُز سائنسن تي زور ڏنو وڃي، ٻين ۾ فطري سائنسن تي، ۽ اڃان ئي ٻين ۾ انسانيات جي علمن تي. اُن خصوصي تعليمي نظام جو مقصد هيءُ ٿي سگهي ٿو ته خاص علم يا علمن ۾، ٻين علم کي درگذر ڪندي، وڌيڪ بنيادي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي وڃي. علم جي وڌندڙ ڪل- طرفي سيلاب کي منهن ڏيڻ لاءِ هن قسم جو تعليمي تقسيم ۽ چونڊ ظاهري طور پرڪشش ئي معلوم ٿي ٿئي. +پر ان طرح شايد نيون ۽ وڌيڪ خطرناڪ مشڪلاتون نروار ٿي بيهن. پهرين ڳالهه ته اهو ڪڏهن به ممڪن ڪونهي ته وهيءَ رسيل جوان ٻارن جي ذهني لاڙن جي خبر پئجي سگهي، جيتوڻيڪ اُهي ڪنهن قدر ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنهنجن ڪن لاڙن جو اظهار به ڪندا آهن (جيئن موسيقيءَ، ڊرائينگ، رياضيءَ جي مضمونن ۽ ٻولين وغيره لاءِ). هاڻي، جيڪڏهن سڀئي اسڪول ان خصوصي تعليم تحت آڻي ڇڏجن- بجاءِ اِن جي، جو ڪي ٿورا اڄ به جيئن اُن نظام هيٺ ڪم ڪندا رهن ٿا—ته ان سان شايد سڄي جي سڄي ننڍيءَ اوستا کان شروع ڪيل اهڙيءَ خصوصي پيشه ورانه تعليم جا ناپسنديده نتيجا اوس نڪري سامهون ايندا، ۽ جيڪي ڪن حالتن ۾ خطرناڪ غلطيون سرزد ٿيل نظر اينديون، تن جي درست ڪرڻ ۾ تاخير پئجي وڃي، ۽ ائين اُنهن جو ازالو ناممڪن بڻجي پوي. ڇو ته هڪ پختي خصوصي مهارت جي ڪورس جِي ٻئي پختي خصوصي مهارت جي ڪورس سان تبديل ايتري آسان ۽ مفيد نه ٿيندي، جيتري عمومي تعليم جي بنياد رکڻ کان پوءِ اڳتي هلي، پنهنجي مرضيءَ ۽ آ��اد راءِ سان خصوصي مهارت جي ڪنهن هڪ ڪورس جي انتخاب جو فيصلو شاگردن لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. +ان کان سواءِ انسانيت جي علمن کي اوائلي عمر ۾ ڇڏي ڏيڻ سان، ٻار جي اخلاقي گڻن تي ۽ هن جي سڀ- طرفائين ذهني اوسر تي به هاڃيڪار اثر پوڻ لازمي آهي: تعليم جي هيءَ يڪ طرفائي ٻار جي سڄيءَ شخصيت جي تربيت کي روڪي سگهي ٿي، ۽ اُها ڳالهه هر صورت ۾ بنيادي انساني شرف ۽ شان جي خلاف آهي- پوءِ ڪو انسان اڳتي هلي مزدور ٿئي، ڪاشتڪار ٿئي، يا سائنسندان ڇو نه کڻي بڻجي. +سوويت يونين جي ”تدريسي خدمات جي ائڪيڊميءَ“ ”خصوصي تعليم بمقابل عمومي تعليم“ جي مسئلي جي سڀني پاسن جي ائين تورتڪ ڪندي، تعليم جا پهريان ڏهه سال عمومي تعليم جا ڪريڪيولم جي بنيادي اصول طور، قبول ڪيا آهن- سواءِ ڪن خاص اسڪولن جي، جتي خصوصي تعليم جا ڪورس، عمومي تعليم جي ڪنهن وڌيڪ اوائلي منزل کان شروع ڪيا وڃن ٿا. مطلب ته خصوصي تعليم، هڪ پوري دستور يا سرشتي طور، ابتدائي منزل وارن اسڪولن جي بدران ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح تي ۽ خاص ڪاريگريءَ وارن ڪن چونڊ ڪارخانن ۾ ئي ڏني وڃي ته بهتر ٿيندو. +بهرحال، هنن ٻنهي، عمومي ۽ خصوصي تعليم جي، ڪريڪيولمن ۽ انهن جي تعميل ۾ سڌاري جي گنجائش هر وقت ۽ هر حالت ۾ تسليم ڪئي وڃي ٿي. +ڪريڪيولم جو سڄو مسئلو سچ پچ ته هڪ ئي سوال جي صورت ۾ بيان ٿي سگهي ٿو: ۽ اُهو آهي ته ڇا سيکارڻو آهي، ڪڏهن سيکارڻو آهي ۽ ڪيئن سيکارڻو آهي؟ هن سوال کي زير تعليم شاگرد جي مسئلي طور پيش ڪندي، هيئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته ڇا سکڻو آهي، ڪڏهن سکڻو آهي ۽ ڪيئن سکڻو آهي. +اسان وٽ، افسوس سان چوڻو پوي ٿو، ڪريڪيولم جون جيڪي به ڳالهيون ٿين ٿيون، اهي سڀ سوال جي آخري حصي تي يعني اُن جي ”ڪيئن“ واري حصي تي، زور ڏين ٿيون. هتي اسان وٽ تعليم جي مختلف مرحلن جي ڪريڪيولمن کي ڏسندي، جيڪي وقت بوقت مرتب پئي ٿيا آهن، مون ايماندارنه ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڏسجي ته ڪٿي ڪنهن نئين علم يا علم جي ڪنهن نئين مواد جو ڪو سگهارو ۽ جاندار نشان به ڏسي سگهجي ٿو يا نه؛ يا هيءُ ته ڪنهن علم جي مقدار کي ڪنهن نه ڪنهن ڪلاس ۾، يا ڪنهن مرحلي تي، وڌيڪ ذهانت ۽ علمي مهارت ۽ جديد تعليمي دور جي مطابقت سان ترتيب ڏنو ويو آهي يا نه- پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه ئي چئجي، جو اُن قسم جو ڪوبه ڪٿي اشارو يا نشان موجود نه ڏسي سگهيو آهيان. +اسان وٽ خود علم کي ”قابل قبول“ ۽ ”قابل ترديد“ حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جا اسان جي وڏيءَ بدبختيءَ جي ڳالهه آهي- ڇو ته ڄاڻ، ڄاڻ هئي، اُن ۾ ڪا ڄاڻ قابل قبول ۽ ڪا ڄاڻ قابل ترديد نٿي ٿي سگهي. بهرحال، قابل قبول علم ۽ ان جو مقدار، جيڪو اسان کي پنهنجي نئين نسل کي ڏيڻو آهي، اُن کي جڏهن اسين عمودي طور، مضمونن يا سبجيڪٽن جي صورت ۾ ورهايون ٿا، ۽ پوءِ اُنهن کي افقي طور به ورهائي رکون ٿا- ته جيئن شاگرد جي عمر پٽاندر، ڏاڪي بڏاڪي، انهن جي پڙهائڻ ۽ پڙهڻ ۾ آساني ٿئي، ان کي اسين هتي پاڻ وٽ ڪريڪيولم جي تربيت ڪاري سڏيون ٿا. ۽ ائين ڪريڪيولم ۾ شامل ٿيل هر قابل قبول مضمون يا سبجيڪٽ کي تدريس لاءِ سال سال، مهيني مهيني، هفتي هفتي، ڏينهن ڏينهن ۽ ڏينهن جي پيريڊن مطابق به اسان کي ورهائي رکڻو ۽ ترتيب ڏيڻ پوي ٿو. ائين اسين ان کي جزن ۾ ورهائي ۽ ترتيب ڏيئي، آسانيءَ سان پڙهڻ ۽ پڙهائي ڪرڻ جو اهتمام ڪري سگهون ٿا. ان قسم جي جزائين ورهاست ۽ ترتيب کي انگريزيءَ ۾ ”سلئبس“ چئجي ٿو- جيڪو لفظ ”سلئبري“ بمعنيٰ الف – ب جا اکر، مان نڪتل آهي. +نتيجو +ڪريڪيولم کي اسين سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن ”سک��ا مارڳ“ چئون ۽ سلئبس کي اُن سکيا مارڳ جي ’نشان پٽي يا اکر –پٽي‘ چئون ته چئي سگهون ٿا. +پر ڪريڪيولم کي ڪريڪيولم چئون، سلبئس کي سلئبس چئون، يا انهن کي نصاب يا سکيا مارڳ چئون، يا نشان پٽي چئون- ان سان ڪو فرق ڪونه ٿو پوي. اصل ڳالهه نئين فڪر، نئين علم، نئين مقصد، نئين جولان ۽ نئين عمل جي آهي- ته جيئن پراڻ مان نجات ملي ۽ آزاديءَ جو ۽ سک جو ساهه کڻي سگهون. جيستائين اسان ۾ اها جدت نٿي اچي، اها نواڻ نٿي اچي، جيستائين اسين اهو نئون ڪريڪيولم، اهو نئون سکيا- مارڳ نٿا وٺون، تيستائين ظاهر آهي ته اسين پاڻ ۽ پنهنجي نئين نسل کي غلام داريءَ ، جاگيرداريءَ، ۽ گهڻي ۾ گهڻو ته به مدي خارج سرمائيداريءَ جو گند ڀريل دور ۾ ئي رهڻ لائق ڪري سگهنداسين- انساني تاريخ جي اڄ جي، چالو، سُڪرمي ۽ صالح دؤر لاءِ، جيڪو عام انسان جو دؤر آهي، هرگز لائق بڻجي نه سگهنداسين. +[1970ع] +ٻه لفظ صلاح جا، استاد لاءِ +منهنجا محترم استاد ڀاءُ، توکي خبر آهي ته اسان جي وطن جا ماڻهو ڪيڏا نه مسڪين ۽ پوئتي پيل آهن! توکي اُنهن جي ٻچن جو استاد بنجڻ جو اعليٰ فرض سونپيل آهي. انهيءَ حيثيت سان تون اُنهن جي ڪيڏي نه وڏي خدمت ڪري سگهين ٿو! +اسان جا ماڻهو سادا آهن ۽ آسانيءَ سان ٺڳجي وڃن ٿا. اُنهن جا گهاو پراڻا ۽ ڏاڍا اونها آهن. هو ڏاڍيءَ هڪ ننڍڙيءَ ۽ ڪٺور دنيا ۾ رهن ٿا. ڇا، تون هُنن جو ساٿي ۽ اڳواڻ نه ٿيندين؟ تون هُنن جي مدد نه ڪندين، ته هو پنهنجن ٻچن جي سنڀال ڪن، اُنهن کي پڙهائي پختو ڪن، ته جيئن اِها سندن پيڙهي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻو ٿئي ۽ ڪجهه وڌيڪ سک سان جي سگهي! توکان جيڪڏهن اِنهيءَ ڏِس ۾ ڪجهه ٿي سگهيو، ته پوءِ تون مون تي اعتبار ڪر ته تو سچ پچ پنهنجو فرض پورو ڪيو. +جيڪڏهن تو اِئين پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته پوءِ توکي اِهو به ڏسڻو پوندو ته اڳتي هلي، اِن فيصلي تي متان ڪڏهن پڇتائين ۽ افسوس ڪرين! جي توکي اِن تي ڪڏهن افسوس به ٿئي ۽ ويهي پڇتائين ته نيٺ به تون استاد ڇو بڻئين، ته تنهنجو اِهو اخلاقي فرض ٿيندو ته هڪ بيڪار، بي وفا ۽ بي دليو استاد آهي بڻيو، اِن ڌنڌي سان ڇو جنبڙيو رهين، اُن کان خود تولاءِ هزارين ڀيرا بهتر ٿيندو ته عين اُنهيءَ گهريءَ اُن کي خير آباد چئي، ڇڏي هليو وڃ، ۽ ستت ئي وڃي ٻيو ڪو ڌنڌو اختيار ڪر. بهرحال جيڪڏهن ڪنهن به سبب کان، تون اِئين ڪري به نٿو سگهين، ته پاڻ کي توڙي ٻين کي اجايو ڳڻتيءَ ۾ نه وجهه ۽ پريشان نه ڪر- - جو پنهنجي ڪم سان نفرت ڪندو، اُن کان نٽائيندو ۽ ڇرڪندو وتين ۽ اُن کي بگاڙيندو ۽ خراب ڪندو رهين، ۽ پوءِ پنهنجي چوڌاري هر شيءِ تي ڪاوڙيو ۽ هر ماڻهوءَ تي آڪڙيو پيو گهمين، ڄڻ ڏوهاري سڀ ٻيا آهن ۽ تون اڪيلو بي ميار ۽ بي ڏوهو آهين. ڇو ته تنهنجي هيءَ روش ۽ هيءُ هلت جو نمونو تنهنجي مسئلن جو هرگز ڪو حل نٿو ٿي سگهي. دراصل ڪم، ڪم ۽ فقط ڪمَ سان ئي تنهنجو ايمان تو ۾ موٽي ايندو، ۽ انسان جي نيڪيءَ ۾ ۽ پنهنجي لاڳاپي جي دنيا ۾ اُن جي ساٿ سنگ ۾ تنهنجو ڀروسو وري جاڳندو. ۽ پوءِ ئي تون پاڻ کي سمجهي سگهندين ۽ پنهنجي وٿ سڃاڻيندين ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو به توکي پوءِ صحيح مفهوم ذهن ۾ ويهندو. جڏهن تون ٻين کي ڀانئيندين ۽ ٻين جي عزت ڪندين، تڏهن ئي ٻيا توکي ڀانئيندا ۽ تنهنجي عزت ڪندا. +مٿيون ڳالهيون جيئن تنهنجي آڏو رکيون ويون آهن، اُنهن سان جيڪڏهن تون سهمت آهين، ته پوءِ تون، مهرباني ڪري، وڌيڪ هيٺين ڳالهين تي ويچار ڪر: +پهرين ڳالهه ته تعليم جو واحد مقصد ۽ ڪارج هيءُ آهي ته اُن سان عام انسان کي سلامتيءَ ۽ عافيت جو احساس، آزاديءَ جو احساس ۽ عزت جو احساس ڏنو وڃي. +ٻي ڳالهه ته اِهي ئي خاص ٽي شيون آهن، جن جو غلط مفهوم ۽ خيال دنيا ۾ چوڌاري هر قسم جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي خرابين ۽ مسئلن جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. +ٽين ڳالهه ته هڪ استاد، اڀرندڙ نسل کي سلامتيءَ ۽ عافيت جو صحيح مفهوم، آزاديءَ جو صحيح مفهوم ۽ عزت جو صحيح مفهوم سمجهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري، اِن کان پهرين خود هُن جي ذهن ۾ اِنهن ٽنهي قدرن جو هڪ بلڪل صحيح مفهوم موجود هجڻ گهرجي. +چوٿين ڳالهه ته سلامتيءَ ۽ عافيت جو مفهوم هڪ مهذب انسان کان تقاضا ڪري ٿو ته هو فقط پنهنجي سلامتيءَ ۽ عافيت جي خيال بدران سڀني جي سلامتيءَ ۽ عافيت جو خيال ڪري، ۽ هڪ نيڪ انسان کان اُن جي تقاضا آهي ته پنهنجي سلامتيءَ ۽ عافيت جي نموني لاءِ هو پاڻ کان وڌيڪ هوند وارن ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ کان گهٽ هوند وارن پاڻ جهڙن انسان ڀائرن ڏانهن ڏسي. سلامتيءَ ۽ عافيت جو اهڙو صحيح مفهوم ئي سنڌ ۾ هر استاد کي هِن حقيقت جي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته قوم، بهرحال، خود سندس ڪافي چڱي سنڀال لهي رهي آهي. سندس پنهنجي عوام جا لڳ ڀڳ 85 في صد ماڻهو - - هاري، مزور ۽ عام ڪمي ڪاسبي - - ايتريءَ هوند وارا نه آهن جيتريءَ هوند وارو هو پاڻ آهي. سنڌ ۽ خود سڄي پاڪستان جي سندس عام پورهيت رهواسي ڀائرن جي سراسري آمدنيءَ کان سندس اڄوڪو گهٽ ۾ گهٽ پگهار اٽڪل چوڻو ۽ وڌ ۾ وڌ پگهار ڏهوڻو وڌيڪ آهي. وڌيڪ تون ائين سمجهه ته استادن جو لڳ ڀڳ 60-70 في صد شمار پنهنجن ڳوٺن ۾ يا اتان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ مقرر ٿيل آهي، جتي رڳو پگهار جي صورت ۾ اسان جي ماهياني آمدني يا اُپت ڳوٺ جي ٻن چئن خوشحال شخصن کان سواءِ ٻين سڀني ماڻهن جي آمدنيءَ يا اُپت کان وڌيڪ آهي. ۽ ماڻهو، نيٺ به پنهنجي من جي سڌن تي جيڪو پنهنجو وس يا ضابطو رکي سگهي ٿو، اُهوئي حقيقت ۾ ۽ آخرڪار هنن کان عافيت ۽ سلامتيءَ جو سچو پچو احساس ڏيئي سگهي ٿو، ۽ ان ذريعي ئي من جو اهو آرام به هن کي ملي سگهي ٿو، جيڪو ئي آخرڪار زندگيءَ ۾ حاصل ڪرڻ سڀني ماڻهن جي معاشي ڪوشش جو مقصد هوندو آهي. +پنجين ڳالهه ته آزاديءَ جي صحيح مفهوم جو بنياد زندگيءَ جي موجود درجي يا ذميواريءَ ۽ ان سان لازم شرطن ۽ حدن جي تسليميءَ ۽ شعور تي ٻڌل هوندو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن درجي يا ذميداريءَ سان لاڳاپيل حد يا ليڪي اندر هرڪا چرپر آزاديءَ جي چرپر هوندي آهي. ليڪي جي ٽپڻ يا لتاڙڻ جي هر ڪوشش، اُن دائري جي حوالي سان، آزاديءَ جي حد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش آهي. اُن صورتحال ۾ زندگيءَ جو وڌيڪ اوچو، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ پختو درجو سامهون رکي، اُن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوسش سان ئي اُن ليڪي يا حد مان ٻاهر نڪرڻ جي واڌو راهه حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ ائين بهرحال پنهنجي لياقت کي وڌائڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيتري لياقت وڌندي اوتري صلاحيت وڌندي، ۽ صلاحيت جي وڌڻ سان ئي اسان جي آڏو آزاديءَ جي منظر ۾ حسناڪي ۽ افق ۾ وسعت رونما ٿئي ٿي. +انهيءَ ڪري فقط زيردستي انسان جي آزاديءَ کي نه محدود ۽ نه هُن کي اُن کان محروم ڪري ٿي، ۽ انهيءَ ڪري اهڙي ڪنهن سبب کان اُن کي عدولي نٿو سگهجي. انساني معاملن جي انتطام ۽ ترتيب ۾، جي ٻي ڪا زيردستي نه ته به قاعدن جي زيردستي هر شيءِ لاءِ ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ اڻ ٽر آهي. آزاديءَ جي صحيح مفهوم ۾ انهيءَ ڪري زيردستيءَ کي آزاديءَ جي پنهنجي هڪ لازمي شرط طور قبول ڪيو وڃي ٿو. ان خيال کان، مسئلي جي بنيادي تورتڪ جي روشنيءَ ۾، خود ضابط گي ئي، زندگيءَ جي سونپيل درجي ۽ ذميداريءَ جي حوالي سان، ماڻهوء�� لاءِ پنهنجي آزاديءَ جي جائز حق جي واقفيت، حاصلات ۽ استعمال جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. +ڇهين ڳالهه ته عزت جي صحيح مفهوم جي معنيٰ ئي آهي پاڻ سميت سڀني جي عزت. عزت گهربي يا وٺبي نه آهي، اُها ملندي آهي ۽ اُها کٽبي آهي. عزت جو انعام، جنهن ۾ عزت نفس جو شان به شامل آهي، ٻين جي ڀلائيءَ ۽ خدمت گذاريءَ جي امنگ ۽ عمل آهر ئي کٽبو ۽ ماڻبو آهي. عزت جي خيال کان، جا ڳالهه خاص شمار ۾ اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته پرپٺ ماڻهو ڪيئن ڳائجي ٿو ۽ ڪيترو هُن جو قدر ٿو ٿئي. خوشامد يا چاپلوسي، ٿئي يا ڪجي، عزت جو ماڻ نٿي ٿي سگهي، غلامانه نيازمنديون ۽ قدم بوسيون ڪجن يا ٿين، عزت جو مان نٿيون ٿي سگهن. جيڪو ماڻهو عزت نفس جو صاحب آهي اُهو نه ڊڄندو، نه چاپلوسي ڪندو، ۽ نه ئي وري چاهيندو يا خوش ٿيندو ته ڪو کانئس ڊڄي يا سندس چاپلوسي ڪري. ماڻهوءَ جو ڪم ئي هُن لاءِ عزت جو نشان ۽ سَنَد آهي. اِنهيءَ ڪري عزت نفس وارو ماڻهو هميشه ائين چاهيندو ته هو ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪري ۽ هُن سان پڻ سندس ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪيو وڃي. +مٿين سڀني ڳالهين جو تت هيئن ٿي سگهي ٿو ته قناعت (جنهن کي سنتوش يا من جي شانت به چئجي ٿو) ۽ خود ضابط گي ۽ ڪم سان چاهه ئي آهن، جن سان حرص رڪجي سگهي ٿو، جيڪو سلامتيءَ ۽ عافيت جي غلط مفهوم سبب اڀري ٿو؛ بي لغامي ۽ غير ذميداري رڪجي سگهن ٿيون، جيڪي آزاديءَ جي غلط مفهوم سبب اڀرن ٿيون؛ ۽ هڪ پاسي وڏماڻهپ ۽ سرڪشي ۽ ٻئي پاسي ٻانهپ ۽ هٿ جوڙ رڪجي سگهن ٿيون، جيڪي عزت جي غلط مفهوم سبب اڀرن ٿيون، ۽ جن سان ڪم تان ارواح کجي وڃي ٿو بلڪ اُن کان من ۾ ڌڪار پيدا ٿي پوي ٿي. هڪ استاد کي، جيڪڏهن هو استاد چوائڻ لائق آهي، هِنن سڀني ڳالهين کان بچڻو آهي- يعني حرص کان، غير ذميداريءَ کان ۽ ڪم جي نٽ نٽاءَ کان. استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي خود اظهاريت جي اهڙي مسلسل ۽ اعليٰ جهاد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ٽن منزلن واري هڪ ئي راهه آهي، جنهن کي سڃاڻڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ جنهن سان هلڻو آهي: خود تنقيد جي راهه، جيڪا خودشناسيءَ ڏانهن نٿي ٿي، جنهن سان خود اصلاح جي نئين نت نئين منزل روشن ٿئي ٿي. عزيز ڀاءُ، تون اها راهه وٺ: انهيءَ راهه سان، استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي زندگيءَ ۽ تنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي توکي گهرج ڪانه رهندي. +هاڻي ٻه اکر، استاد طور تنهنجي اصلي ڪم بابت. تون جڏهن پنهنجي اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهندين، تڏهن تون ڏسندين ته ٻار ڪلاس روم ۾ تنهنجي انتظار ۾ ويٺا هوندا. توکي انهن ٻارن سان ۽ انهيءَ ڪلاس روم ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪامياب ٿيڻو آهي. اِهي اُهي ٻار آهن، جن جون مائرون ۽ جن جا پيئر پنهنجن گهرن ۾، ٻاهر کيتن، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ ۽ آفيسن ۾ ۽ ٻين جاين تي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن- ته زندهه رهڻ لاءِ ۽ زندگي ماڻڻ لاءِ توکي جن شين ۽ خدمتن جي گهرج آهي، ۽ جيڪي تون ڪم ۾ آڻين ٿو، اُهي شيون ۽ خدمتون هو پيدا ڪن ۽ تولاءِ موجود رکن. اُنهن ئي ماڻهن پنهنجا ٻچا توکي سونپيا آهن، جن کي هو اٿاه پيار ڪن ٿا، ته جيئن، موٽ ۾. تون پنهنجي حصي جو بار کڻين ۽ سندن ٻچن جي سنڀال لهين ۽ انهن کي پاڙهي پختو ڪرين. جيڪو معاوضو ماهيانه پگهار جي صورت ۾، توکي ملي ٿو، اُهو به اُنهن ماڻهن پاران توکي قوم ڏئي ٿي، ته جيئن تون ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪرين، جيئن هرڪو ٻيو- ڇا هاري، ڇا ڪاريگر، ڇا دڪاندار، ڇا منشي، ڇا سپاهي، ڇا ڪو رستي تي، ڪارخاني ۾ يا هيٺ ڌرتيءَ اندر ڪنهن اونداهيءَ کاڻ ۾ - ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪري رهيو آهي. هيءَ ڪم جي باهمي حصي رسي انساني سطح تي قائم مهذب ��ندگيءَ جو اصل روح آهي. ۽ جيئن ته هر ڪنهن جا ٻار آهن جيڪي هو پڙهائيءَ لاءِ اسڪول موڪلي ٿو، انهيءَ ڪري سڀني جون اکيون تو ۾ ۽ تنهنجي ڪلاس ۾ کتل رهن ٿيون- ۽ اُهي هر گهڙيءَ خوف ۽ اميد ۾ توڏانهن کڄيل آهن ته، استاد طور، شل تون پنهنجي ڪم ۾ سرخرو ۽ ڪامياب رهين! اهوئي سبب آهي، جو هرڪو تعليم جي ڳالهه ٿو ڪري، ۽ ان جي ننڍين ننڍين ناڪامين تي راءِ زني ڪري ٿو. انهيءَ ڪري، سڀني ڌنڌن ۽ خدمت ڪاريءَ جي ڪمن ۾ تعليم هڪ ئي ڌنڌو، هڪ ئي ڪم آهي، جيڪو هرگز ناڪام ٿيڻ نه کپي. توکي ياد رکڻ گهرجي ته مائٽ پنهنجا ٻار اسڪول ۾ مار کائڻ، وسارجڻ يا ڌڪاڻ جڻ لاءِ ڪونه ٿا موڪلين. تون انهن جي استاد طور اتي انهن کي پاڙهڻ، پيار ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ لاءِ موجود آهين. هائو، ٻار کي مانُ ڏيڻو آهي، پيار ڪرڻو آهي، ۽ پاڙهڻو آهي، ته جيئن هو مٿي شروع ۾ بيان ڪيل زندگيءَ جا ٽي بنيادي قدر- عافيت، آزادي ۽ عزت- حاصل ڪري سگهي، جن جي حاصلات ئي تعليم جو اڪيلو ۽ سچوپچو مقصد آهي. +هڪڙي مشهور انگريزي چوڻي آهي ته ”ٻار ماڻهوءَ جو پيءُ آهي!“ ائين، ساڳئي خيال کان، چئي سگهجي ٿو ته ”ماڻهو ٻار جو ٻارُ آهي.“ ڪنهن وقت اسين سڀيئي، بالغ مرد ۽ عورتون، ٻار هئاسين. انهيءَ ڪري ٻار کي جيڪڏهن بالغن کان، وڏن کان، سکڻو آهي، ته اسان وڏن کي به اهو ڪجهه ورائي ياد ڪرڻو آهي، سانڍڻو آهي، بلڪ نئين سر ئي سکڻو آهي، جو ڪجهه ٻالجتيءَ ۾ اسان وٽ هو ۽ پڻ پوءِ به اسان وٽ شايد هو، پر وڏيءَ وهيءَ تائين ايندي ايندي اُهو اسين وساري يا مرڳوئي وڃائي ويٺا آهيون. ٻار جي معصوميت، ٻار جو تجسس ۽ ٻار جي مسرت- ٻار جي نرملتا، ٻار جي سونجهه ۽ ٻار جي خوشي- اچو ته اهي ٽي شيون اسين پنهنجن ٻارن کان وري سکون، جيڪي اسان جي آڏو تڏن تي، بينچن تي يا ڊيسڪن تي ويٺا آهن. اُهو استاد، جنهن جي من ۾ مسرت آهي، تجسس آهي، معصوميت آهي، اُن استاد ڄڻ آڏو ويٺل پنهنجن شاگردن سان يڪدليءَ جي تار کي توڻي ئي ڇيڙي ۽ ملائي ڇڏيو آهي، ۽ علم ۽ جذبي جي من کان من تائين لهر جي رسائيءَ لاءِ گهربل ڪڙي ڄڻ اڳي ئي اُنهن سان ڳنڍي ڇڏي آهي، جيڪي کانئس ٻڌڻ لاءِ تيار، وٺڻ لاءِ تيار ۽ وٺي پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار هئا- جو ڪجهه به استاد طور وٽس کين آڇڻ لاءِ موجود هو. +باقي، توکي، پنهنجي سامهون ويٺل اُنهن جوان ذهنن جي هڪ سڄاڻ ۽ روشن ضمير استاد طور، جو ڪجهه ڪرڻو آهي، سو اول هيءَ ته توکي معلوم ڪرڻو ۽ سمجهڻو آهي ته توکي ڇا پاڙهڻو آهي- يعني فوراً اُنهن کي ڪهڙو سبق توکي ڏيڻو آهي، ۽ پڙهائيءَ جو سڄو ڪيترو ڪورس يا رستو توکي اُنهن سان پورو ڪرڻو آهي؛ ۽ ٻيو هيءَ ته اهو سڀ ڪجهه توکي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن تون هڪ تربيت ورتل استاد آهين، ته توکي اڳي ئي چڱي ڪجهه ڄاڻ هوندي، ۽ وڌيڪ تون ان لاءِ وقت به وقت، پنهنجي هيڊ ماستر کان ۽ پنهنجن وڌيڪ لائق ۽ تجربي ڪار ساٿين کان پڇي ۽ معلوم ڪري سگهين ٿو، ۽ سڀ کان وڌيڪ ان لاءِ تون جنهن ڪلاس تي مقرر ڪيو ويو آهين، اُن جي درسي ڪتابن ۽ پڻ اُن لاءِ مقرر ٿيل ۽ لکيت ۾ تو وٽ موجود نصاب جي مطالعي مان به تون معلوم ڪري سگهين ٿو. مختصر کان مختصر لفظن ۾ توکي ان ڪم لاءِ هيءَ ئي صلاح ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪلاس ۾ پير رکڻ کان پهريائين توکي جو ڪجهه پاڙهڻو آهي، اُن جي پوري ڄاڻ، ۽ اُن جي پڙهائيءَ لاءِ پوريءَ طرح پاڻ کي تيار رکڻ گهرجي. ڪلاس روم ۾، بلڪ سڄيءَ پنهنجيءَ تدريسي زندگيءَ ۾، استاد جي ڪاميابيءَ لاءِ ان کان بهتر ٻي ڪا فارمولا يا نسخو ٿي ئي نٿو سگهي. +انهيءَ ڪري، پوري يقين ۽ خود اعتماديءَ سان تدريس جي راهه ۾ پنهنجو قدم اڳتي وڌاءِ. هڪ نيڪ طبع، خيرپسند، ۽ خيرخواهه استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي آڏو هڪ تمام سٺو ۽ ڏاڍو ڪارائتو جيون مارگ موجود آهي. +[ڊسمبر 1971ع] + + +ٻوليءَ جو بچاءُ +سڌريل ۽ سجاڳ قومون هميشہ پنهنجي ٻوليءَ کي صاف، سليس ۽ صحيح صورت ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ڪابه اهڙي قوم دنيا ۾ ڪانه ٿي رهي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ، گرامر يا محاوري جي ڪنهن غلط يا نامناسب استعمال کي قبولي سگهي يا سهي سگهي. ڪابه اهڙي قوم ڪٿي ڪانه لڀندي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي ڪنهن سهڻي ۽ سولي لفظ کي ڇڏي، ان جي جاءِ تي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جي لفظ کي ڪم آڻڻ ۾ خوش ٿئي يا فخر ڪري. علمي ۽ فني ضرورتن جي خيال کان، ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجا ڪرڻا پون ٿا، پر اهڙا لفظ هرڪا ٻولي پنهنجي گرامر جي اصولن موجب بنهه پنهنجا بڻائي پوءِ پاڻ وٽ رکي ٿي. +سنڌي قوم پڻ گهڻي وقت کان پنهنجي وطن جي آزاديءَ، سالميت ۽ خوشحاليءَ جي جدوجهد سان گڏوگڏ پنهنجي ٻوليءَ کي اِنهيءَ ريت صاف، سليس ۽ صحتمند رکڻ لاءِ پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل رهي آهي. سنڌي ٻولي گذريل ڪيترين صدين کان هڪ نه ٻيءَ حڪمران ٻوليءَ جي تهذيبي دٻاءَ هيٺ رهندي پئي آئي آهي ۽ هن وقت پڻ ساڳيءَ طرح اهڙي ئي هڪ دٻاءَ هيٺ آيل آهي. عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جي تهذيبي آڪرائيءَ جا اثر سنڌيءَ ۾ اڄ به گهڻيءَ حد تائين موجود ڏسي سگهجن ٿا. اڙدوءَ جو حڪمراني درجو پڻ ساڳيءَ ريت بلڪ وڌيڪ اُگريءَ حد تائين اڄ سنڌيءَ تي پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي. اڙدو پريس، ريڊيو، ٽيليويزن، سئنيما، اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم ۽ عام ڪتاب ۽ انهن سان گڏ اڙدوءَ جي قومي درجي جو تاب ۽ زور سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿي رهيا آهن. اِهو سنڌيءَ جي اديبن، شاعرن، صحافين، استادن ۽ ٻين عام پڙهيل ماڻهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪن ۽ اُن جي ڍال بنجي، اُن جي صحت، سادگيءَ ۽ اصليت کي قائم رکن. +وڏي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي ٻولي اسانجن پنهنجن ئي هٿن سان بگڙي ۽ ڪمزور ٿي رهي آهي. هن ڳالهه ۾ اسان کي خود اڙدوءَ جي تاريخ مان سبق وٺڻ گهرجي. اڙدو ٻولي اصل ۾ ته هندي ٻولي ئي آهي، پر ان ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن جي ايتري ته ڀرتي ڪئي ويئي، جو هوءَ پنهنجي اصلوڪي صورت وڃائي، ٻولي ئي ٻي ٿي پيئي. ايتري تائين، جو اُها عام جي سمجهه کان نڪري ۽ کانئن بنهه الڳ ٿي، رڳو ٿورن اميرن جي محلن ۽ حاڪمن جي درٻارين جي ٻولي بنجي ويئي. پنهنجي اصليت ۽ خانداني شانَ وڃائڻ کان پوءِ اها ساڳي ٻولي هاڻي رڳو مُنهن مَٿي پِٽڻ، جهيڙي ڪرڻ ۽ وات هڻڻ ۾ ئي پوري آهي. اِها سڄي ويڌن هن ٻوليءَ سان ڪيئن ٿي؟ رڳو هن طرح، جو اُن ۾ بنهه ٿورا ڪي اصلوڪا لفظ (ضمير، فعل ۽ حرف جر) جيئن جا تيئن ڇڏي، اسم، صفتون، ظرف، حرف جملا وغيره عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ايترا ته گهڻا آندا ويا، جو هوءَ سڃاڻپ کان ئي چڙهي ويئي ۽ بدلجي بنهه هڪ نئين ٻولي ٿي پيئي. اڄ ڪيترين سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ اڙدوءَ جي اثر ۾ ورتل لکيتن کي ڏسي ۽ ريڊيو تان توڙي جلسن ۾ شهري ۽ عام پڙهيل ماڻهن جون اهڙي ئي نوع واريون تقريرون ٻُڌي، پنهنجي ٻوليءَ سان پڻ اهڙي ئي ڪنهن حشر ٿيڻ جو ڊپ وٺي وڃي ٿو. +ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم هڪ ڀيري سنڌيءَ ۽ اڙدوءَ کي ڀيٽيندي، ڏاڍي ڀروسي سان چيو هو ته ”اڙدوءَ ۾ ’دل‘ مذڪر ۽ ’ڪتاب‘ مؤنث آهي، جنهن ۾ ڪوبه منطق ڪونهي، ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ابتڙ، ’دل‘ مؤنث ۽ ’ڪتاب‘ مذڪر آهي، جائي ڳالهه سچي به آهي، سمجهه ڀري به آهي.“ پر، ��فسوس جو تازو مون هڪ نامياريءَ روزانيءَ سنڌي اخبار ۾ اڙدوءَ وانگر ”ڪتاب“ کي مؤنث ۽ ”دل“ کي مذڪر جي صيغي ۾ ڪم اندل پڙهيو. اهڙيءَ ريت ”توجهُه“، ”دليل“، ”تاڪيد“، ”اُمنگ“، ”نظمُ، فريادُ، دادُ“ ۽ ٻيا ڪيئي لفظ، جي پڌري پٽ اسان وٽ مذڪر آهن، اڄ اسان جي ڪن اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ مؤنث وانگر پيا لکجن، ۽ هوڏانهن، مثال طور، لفظ ”ستيا“ کي مذڪر وانگر ڪم آندو پيو وڃي- ”ستيا ناس ٿي ويو!“ ۽ اِئين اڙدوءَ جي اثر هيٺ، ڪيترائي اسان جا لفظ مذڪر بدران مؤنث ۽ مؤنث بدران مذڪر ۾ ڪم ايندا رهن ٿا، ۽ اسان جي ٻوليءَ کي بنيادي ڌڪ لڳندو رهي ٿو. +ڪيترائي فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ آهن، جيڪي اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ بنهه ٻيءَ معنيٰ ۾ قبوليا آهن. جيئن لفظ ”تمام“ آهي. هيءَ لفظ اڙدوءَ ۾ ”سڀ، سڀيئي يا سڀني“ جي معنيٰ ۾ صفت طور، ڪم اچي ٿو ۽ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ظرف طور. ان جي معنيٰ ”ڏاڍو، ڏاڍا“ جيئن ”تمام چڱو، تمام سٺا“ وغيره آهي. پر اڄ اسان جا ڪيئي لکندڙ ۽ تقرير ڪندڙ صاحب پنهنجا سٺا ۽ سولا صفاتي لفظ ”سڀ، سمورا، مڙيئي، هڙئي“ انهن جو سڌو سنواٽو استعمال ڇڏي، لکندا ۽ چوندا وتن: ”تمام پئسا خرچ ٿي ويا! تمام مڇر مري ويا! تمام هو هيئن ٿي ويو ۽ تمام هيءُ هونئن ٿي ويو!“ انهيءَ نموني جو هڪ لفظ ”منصوبو“ به آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ ”سازش“ جي مطلب سان ڪم اچي ٿو. پر ان کي اسان جا اڙدوءَ جي وَٽَ ۾ آيل ڪيترا ليکڪ ”رٿ“ يا ”رٿا“ جي معنيٰ ۾ ڪم آڻيندا رهن ٿا. ساڳي حالت ٻين ڪيترن اهڙن لفظن، جيئن ته ”هلاڪ يا هلاک“ ۽ ”اتفاق“ جي آهي. ”هلاڪ“ سنڌيءَ ۾ ”ڪڪ، تنگ يا بيزار“ جي معنيٰ ۾ ۽ ”اتفاق“، ”هادثي يا واقعي“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا. پر اڙدوءَ جي پيروي ڪندي، اڄ اسان جا ڪيترا ليکڪ هنن لفظن کي ”مرڻ“ ۽ ”ٻڌيءَ“ جي معنيٰ ۾ پيا لکن- چي: ”هڪ ڌڪ سان ست مکيون هلاڪ ٿي ويون! اتفاق سان سڀ ڪجهه ٿئي ٿو!“ هاڻي جي انهن جملن ۾ ”هلاڪ ٿي ويون“ بدران لکجي ”مري ويون“ ۽ ”اتفاق“ بدران ”ٻڌي“ لکجي، ته اِهي ڪيڏا نه سمجه ڀريا ۽ وڻندڙ جملا ٿي پون! +سنڌيءَ ۾ خوف جملي يا ظرف جا لفظ اهڙا ته سهڻا ۽ سٺا موجود آهن، جو انهن کي ڇڏي، فارسيءَ يا عربيءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ ڪم آڻڻ نه رڳو ضروري نه آهن، پر پاڻ سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان وڏي جُٺ ڪرڻي آهي: مثال لاءِ- +جي، جيڪڏهن بدران اگر +جيتوڻيڪ ” اگرچه +پر ” ليڪن يا مگر +تنهن، اِن، اُن – ڪري ” لهذا +تنهن، اِن، اُن، کان سواءِ ” ازان سواءِ +تنهن، اِن، اُن – وچ ۾ ” درين اثنا +اِن هوندي به ” باوجوديڪ +ڇا به هجي، هر حال ۾ ” بهر صورت، بهرحال +سچ پچ يا سچي پچي ” في الحقيقت، حقيقتاً، في الواقع +ابتڙ ” برعڪس، خلاف +ڌار ڌار، الڳ الڳ، جدا جدا ” مختلف +تان جو ” حتيٰ ڪه +متان ” مبادا +تنهن، اِن، اُن – هوندي به ” به اين همه +ڇاڪاڻ ته ” چونڪه +انهيءَ ڪري ” بنا برين، چنانچه +نه ته ” ورنه +ٻيءَ صورت ۾ ” به صورت ديگر +الڳ، ڌار ” علحده +ڌار ” علاوه +پوءِ ” بعد +هيٺ ” زير، تحت +ڀيٽ ” مقابلو +رڳو ” محض، صرف +ته به، تڏهن به – تاهم – وغيره، وغيره. +حيدرآباد جي ريڊئي تان، هر روز ”جمهور جو آواز“ ٻڌايو وڃي ٿو. اُن پروگرام ۾ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ چڱي مڙس جي ڪردار طور، ”عارب خان“ پنهنجي اوطاق ۾ ڪچهريءَ ۾ سرواڻ ٿي ويهندو آهي. هن پروگرام ۾ هڪڙي ڏينهن ”عارب خان“ جي واتان، سندس ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي ڍنگ ۾ ٻڌم: ”ادوڙي! اچو ته اتحاد ڪيون، اتحاد سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.“ هاڻي، اسان جا عام ٻڌڻ وارا، جن لاءِ ئي هيءُ پروگرام ٿئي ٿو، سي ڇا سمجهندا ”اتحاد“ کي ۽ ڪيئن سمجهندا ”مسئلن جو حل ٿيڻ!“ اُن جي بدران ”عارب خان“ هيئن به چئي ٿي سگهيو ته ”ادوڙي! اچو ته ٻڌي ڪيون، ٻڌيءَ سان سڀ ڳالهيون نبري وينديون.“ 17- جولاءِ 72ع تي ٻئي هڪ پروگرام ۾ هن ريڊئي تان هيٺيان لفظ ڪم ايندي ٻڌم، جيڪي سڀ جا سڀ ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي ٻوليءَ تي بار بنجڻ کان سواءِ ٻئي ڪهڙي ڪم جا ٿِي ٿي سگهيا! انهن جي جاءِ تي اسان جي ٻوليءَ ۾ اڳي ئي ڏاڍا سٺا ۽ سلوڻا لفظ پيا آهن، ڇو نه اُهي اسين ڪم آڻيون، ته جيئن ٻڌڻ وارا ٻڌن ته سمجهي به سگهن! – هيٺ انهن لفطن جي لسٽ ڏجي ٿي: +باشندا = رهواسي؛ بخوبي آگاهه ٿيا = چڱيءَ ريت يا پوريءَ طرح واقف ٿيا؛ معيار زندگي = زندگيءَ جو معيار يا پدَ؛ فلاحي مملڪت = عام ڀلي جي حڪومت؛ باهمي تعلقات = هڪٻئي جا لاڳاپا؛ احترام = عزت؛ تعمير = اڏاوت (تعمير ڪرڻ، اڏڻ)؛ ذي هوش، ذي فهم = هوش وارو، فهم وارو، ڏاهو، خبردر؛ جيب خرچي = کيسي جي خرچي؛ تعاون = سهڪار؛ ترقي يافته = ترقي ڪيل؛ ايجاد ڪيون آهن = ٺاهيون آهن؛ خبرن تي مشتمل پروگرام = خبرن تي ٻڌل پروگرام؛ فرصت جا اوقات = واندڪائيءَ جون گهڙيون؛ تعليم جو فروغ = تعليم جو واڌارو؛ اعتماد = ڀروسو؛ ضروريات = گهرجون تعلق رکن ٿا = لاڳاپو رکن ٿا؛ سرمايو = موڙي؛ دشواري = تڪليف، ڏکيائي؛ يڪجهتي = ٻڌي؛ جذبهءِ قرباني = قربانيءَ جو جذبو؛ جذبهءِ خدمت = خدمت جو جذبو؛ خيالات = خيالَ؛ حاضر خدمت = خدمت ۾ حاضر؛ ترويج = واهپو؛ استحڪام = جٽاءُ؛ وقفو = ساهي؛ مهلت = وڇوٽي؛ نافذ رهيو = لاڳو رهيو؛ وغيره وغيره. +هڪڙي مشهور رسالي جي ايڊيٽر صاحب هڪ ڀيري ”پڙاڏي“ بدران ”صداي باز گشت“ جي فارسي ترڪيب ڪم آندي؛ ڏاڍي نوڙت سان چيومانس ته ”ڀاءُ، جيڪڏهن لفظ ’پڙاڏو‘ اسان جي ٻوليءَ مان ائين نڪري ويو، ته ”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين!“ وارو شاه صاحب جو املهه بيت ڪيئن ڪير سمجهي سگهندو!“ ايڊيٽر صاحب ڳالهه کي سمجهيو ۽ مڃيو، پر عمل اڃا به هِن نُڪتي تي گهڻو گهٽ ٿئيس ٿو! +اسان جا ڪيترا عربيءَ جي اثر ۾ ورتل ليکڪ وڏي شوق سان عربي اسمن جا عربي جمع پنهنجن مضمونن ۽ لکڻين ۾ ڪم آڻين ٿا. سنڌيءَ جو لاڳاپو عربيءَ سان گذريل 1200 ورهين کان به گهڻي عرصي جو آهي. ايتري ڊگهي لاڳاپي کان پوءِ به اسان جي ٻوليءَ بنهه ڳاڻ ڳڻين عربي اسمن جا ئي عربي جمع قبوليا آهن. جيئن ته احوال، افعال وغيره. پر اُهي به هوءَ پاڻ وٽ واحد جي صيغي ۾ ڪم آڻي ٿي. اِن جي ابتڙ سنڌيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل نامياري ادبي رسالي جي هڪ مهتممي نوٽ ۾ ئي مون هيٺيان 12 عربي جمع ڪم آندل ڏٺا: جذبات، احساسات، خيالات، تصنيفات، تاليفات، ڪمالات، تعلقات، واقعات، معاملات، تخليقات، امڪانات، اختيارات! جيڪڏهن ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه اڙدوءَ کي سندس اصل کان ۽ پڻ عام ماڻهن کان ڪَٽي الڳ ڪري بيهاريو ۽ بنهه هڪ ڌاري صورت ڏيئي ڇڏي، ته اُها اِهائي عربي جمع جي صيغن جي اُن ۾ بيجا ۽ اڻ مَئي ڀرمار هئي. اِنهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ٻوليءَ کي بنيادي طرح سندس اصل صورت ۾ قائم رکڻو آهي ته جيئن ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم فارسيءَ جي معاملي ۾ اُن لاءِ چئي ويو ته ان کي فارسيءَ جي اضافت جي ترڪيب کان پاڪ ۽ صاف رکيو وڃي، تيئن عربيءَ جي معاملي ۾ وري اُن کي هن عربي جمع جي صيغي جي استعمال کان بچائڻ گهرجي. اِهي سمورا عربي اسم اسان کي پنهنجي سنڌي جمع جي صورت ۾ پاڻ وٽ ڪم آڻڻ کپن ۽ نه سندن اصلي عربي جمع جي صورت ۾. +ضمير مبهم جا لفظ ڪو، ڪا، ڪي، ۽ ڪِي ۽ انهن سان گڏ ظرف جا انڪاري لفظ ڪو��ه، ڪانه، ڪين ۽ ڪيِن، اسنا جا ڪيترا ليکڪ اهڙيءَ طرح ڪم آڻين ٿا، ڄڻ سنڌي سندن مادري ٻولي ئي ڪانهي. هڪ ته ”ڪو“ مذڪر لاءِ ۽ ”ڪا“ مؤنث لاءِ، ”ڪي“ مذڪر، مؤنث ٻنهي لاءِ جمع ۾ ۽ ”ڪِي“ ڪنهن بيجان شيءِ لاءِ ”ڪجهه“ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندڙ لفظ آهن. ٻيو ته انڪاري لفظ ”ڪونه“ ساڳيءَ طرح مذڪر واحد لاءِ، ”ڪانه“ مؤنث جي لاءِ، جمع جي صيغي ۾، ۽ ”ڪِينَ“ رڳو ”ڪِي“ صمير سان ڪم اچي سگهن ٿا- جيئن ته: +ڪو ڪونه ايندو. +ڪا ڪانه ايندي. +ڪي ڪين ايندا/اينديون. +ڪِي ڪِين ٿيندو/گهرجي. +اسان جا ڪيترا ليکڪ اڄ لفظ ”ڪونه“ مذڪر ۽ مؤنث ٻنهي لاءِ ڪم آڻيندا رهن ٿا. جيئن چون: (ڪو) ڇوڪرو ڪونه آهي/ڪونهي ۽ وري هيئن به چون: (ڪا) ڇوڪري ڪونه آهي/ڪونهي! ظاهر آهي ته ”ڇوڪريءَ“ لاءِ ”ڪونه آهي“ يا ”ڪونهي“ چئي ڪِين سگهبو، مؤنث واحد جي اِن صيغي ۾ لفظ ”ڪا“ ۽ ”ڪانه“ ئي ڪم آڻڻ صحيح ٿي سگهن ٿا. +اسان جي پڙهيل ڀينرن ۾ وري هڪ عجيب خيال پيدا ٿيل ڏسڻ ۾ آيو آهي ته هڪ ٻئي سان يا سندن زيردست ڀينرون يا سندن مرد ڀائر ساڻن جيڪڏهن مؤنث جع جي صيغي ۾ ڳالهائيندا- جيئن ته ”اوهانِ ڇا پيون ڪريو؟ اوهان ڪڏهن آيون آهيو؟ اوهان هاڻي ڪيڏانهن وينديون؟“ وغيره وغيره- ته اِها سندن بي عزتي آهي يا سندن شان ۾ گستاخي چئجي! تنهنڪري هنن سان ڳالهائبو، ته چئبو: ”اوهان ڇا پيا ڪريو؟ اوهان ڪڏهن آيا آهيو؟ اوهان هاڻي ڪيڏانهن ويندا؟“ وغيره وغيره. ڄڻ هو مرد آهن ۽ عورتون نه آهن! هيءُ اهڙو هڪ کل جهڙو، غلط ۽ هاڃيڪار خيال آهي ۽ ٻوليءَ جو هيءُ هڪ اهڙو اڻ گهڙيو ۽ بدزيبو استعمال آهي، جنهن کي جيترو جلد ڇڏي سگهجي اوترو سٺو. +سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ، اسم ۽ صفتون، فارسيءَ ۽ عربيءَ مان آيل آهن، جن جي پڇاڙي ننڍيءَ هه سان ٿئي ٿي- جيئن نقشه، ضلعه، ديوانه، دروازه وغيره. هاڻي، سنڌيءَ جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته ان جي ڪنهن به لفظ جو پويون پد ساڪن نٿو ٿئي، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ ايندي ئي اهي لفظ ڦري نقشو (واحد، حالت فاعلي)، ضلعو، ديوانو، دروازو وغيره ٿي پيا ۽ پوءِ عدد ۽ حالت پٽاندر انهن جو گردان لازمي بنجي پيو. جيئن نقشا، (جمع، حالت فاعلي)، نقشي (واحد، حالت جري ۽ اضافت)، ضلعا، ضلعي، ديوانا، ديواني، دروازا، دروازي، وغيره. بجاءِ اِن جي جو ههڙن فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن کي پنهنجي ٻوليءَ جي انهن آوازي قاعدن موجب اُچارجي ۽ لکجي، اسان جي ڪيترن ليکڪن خود ڪيترن سنڌي لفطن کي زور ڪري، ننڍيءَ هه وارن انهن فارسي ۽ عربي لفظن جي سانچي ۾ وجهي، انهن جو صيغن پٽاندر گردان ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي!- جيئن: چنو، چنا، چني بدران چون ۽ لکن چنه؛ ڀٽو، ڀٽا، ڀُٽي بدران رڳو ڀٽه؛ ٽنڊو، ٽنڊا، ٽنڊي بدران رڳو لکن ٽنڊه؛ ٿاڻو، ٿاڻا، ٿاڻي بدران رڳو ٿاڻه! هيءَ سنڌي صورتخطيءَ جي توڙي سنڌي صرف جي هڪ اهڙي غلطي آهي، جو اُن مان ٻوليءَ جو، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، ڏاڍو دکدائڪ بگاڙو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ تمام ضروري آهي. +اڄڪلهه دڪانن، آفيسن، بسن ۽ لارين، رستن جي پٿرن ۽ ريلوي اسٽيشنن وغيره تي سنڌيءَ ۾ نالا ۽ پار پتا لکيا پيا وڃن، پر جتي جتي لکڻ وارا غير سنڌي يا اڌ پڙهيل سنڌي آهن، اُتي هِنن بورڊن تي اِهي سنڌي لفظ ۽ عبارتون غلط ٻوليءَ ۽ غلط صورتخطيءَ ۾ لکيون پيون وڃن- جيئن ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل ڏٺم: ”شعبو ڪان، ناڪ، حلق“، ”شعبو امراض زنانو“، ”اوقات مريض سان ملاقات“، ٻئي هنڌ ڏٺم: ”ديرپا قوت“، ٽئين هنڌ هڪ بس تي لکيل ڏٺم: ”اٻاوڙو جي لاءِ“. جو هئڻ گهرجي ها ”اٻاوڙي جي لاءِ“ يا رڳو ”اٻاوڙي لاءِ“. جتي جتي، جنهن جنهن سنڌيءَ جي گهڻگهري، پوڙهي توڙي جوان، جو وس پُڄي ته هن کي گهرجي ته پڌري پٽ اهڙيون لکيل چُڪون، پيار ۽ سهڪاري اُمنگ هيٺ درست ڪرائي ڇڏي. +سنڌي ٻولي گرامر جي خيال کان، گهڻيءَ حد تائين، هڪ پوري قاعدي واري ٻولي آهي. اُن جا اسم، ضمير، صفتون، ظرف ۽ فعل هميشہ عدد، جنس ۽ حالت سان گڏ پنهنجي صورت بدلائين ٿا، لفطن جو هيءُ ڦيرو يا گردان سڀني ٻولين ۾ سندن پنهنجي پنهنجي گرامر جي قانونن هيٺ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ هيءُ گردان لازمي طرح ڪرڻو پوي ٿو. افسوس جو اسان جا ڪي ليکڪ، ٻين ٻولين جي اثر هيٺ، پنهنجي ٻوليءَ جي بنيادي ڳالهه کان بيخبر يا لاپرواهه بڻجي ويل ڏسجن ٿا. هتي رڳو هڪ اخبار جي ٽن لاڳيتن پرچن منجهان هن قسم جي لاپرواهيءَ جا مثال ڏجن ٿا. جن مان سمجهي سگهبو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيتريءَ حد تائين پنهنجن جي ئي هٿان بگاڙو اچي چڪو آهي ۽ اچي رهيو آهي: +تاريخ 7-3-1972ع جي پرچي مان +(1) سٺو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع. +(2) رستو بند ٿيڻ سبب مل بند. +(3) گورنر کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي اپيل +(4) ريڊيو ٻڌڻ تان جهيڙو. +(5) پنجن ڏينهن جو دورو ڪرڻ بعد رپورٽ +تاريخ 8-3-1972ع جي پرچي مان +(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جا چارڪارخانا قائم ڪرڻ جون رٿائون زير غور +(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جو پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم +(8) سپاهي مسافرن جو قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار +(9) نوڪرين لاءِ درخواستون ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو +تاريخ 9-3-1972ع جي پرچي مان +(10) حڪام طرفان مري ويلن جو تعداد ظاهر ڪرڻ کان انڪار +(11) هارين کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي +(12) مولانا ... بنا معاوضي زمينون حاصل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. +(13) زرعي پيداوار جي وڪري جو بندوبست ڪرڻ لاءِ زرعي ادارو قائم. +(14) تعلقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ تي غور. +حالت جريءَ يا اضافت جي حالت ۾ سنڌيءَ جي اسمن ۽ صفتن جا لفظ هيٺينءَ ريت آهن: +(الف) واحد جي صيغي ۾ اَ، اِ ۽ آ پڇاڙين جي صورت ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه ٿيندو، جيئن: کَٽ تي، ڀِت تي، راجا کي، وغيره +(ب) واحد جي صيغي ۾، اُ پڇاڙيءَ جي صورت ۾ اُ ڦري اَ جي صورت وٺندو، جيئن: گلَ تي، پَٽَ تي. +(ج) واحد جي صيغي ۾، او پڇاڙيءَ جي صورت ۾ او ڦري اي جي صورت وٺندو، جيئن دلي تي، کٽولي تي. +(د) واحد جي صيغي ۾، اِي، اُو ۽ اُون پڇاڙيءَ جي صورت ۾ لفظ جي آخر ۾ ’ءَ‘ آواز وڌائبو، جيئن: ماکيءَ کي، مٺوءَ کي، مرونءَ کي، وغيره. +(هه) جمع جي صيغي ۾ ئون، يون، اون، اِي، آ، اَ، اُو جون پڇاڙيون ڦري ئن، ين، ن جي صورت وٺنديون- جيئن ته بلائون، ڀتيون، کٽون، ڌوٻي، بلائن کي، ڀتين تي، کٽن تي، ڌوٻين کي، گُلَ، دلا، مٺُو، گِلن تي، دلن تي، مٺن کي. +مٿي جيڪي 14 مثال ڏنا ويا آهن، انهن ۾ پاڻي، رستو، دورو، ريڊيو، پيپر، سامان، درخواستون، تعداد، قبضو، زمينون، بندوبست ۽ مسئلا سڀ اسم آهن، جيڪي حالت اضافت ۾ آهن ۽ انهن مان هر هڪ جي پٺيان حرف جر يا حرف اضافي ”جي“، ڳجهو بيٺل آهي، انهيءَ ڪري اُهي پنهنجي صفتن ۽ انهن جي اڳيان آيل حرف اضافت جي لفظن سميت پنهنجي صورت ڦيرائيندي، جيئن: +(1) سٺي پاڻيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع. +(2) رستي بند ٿيڻ سبب مل بند. +(3) گورنر کي ٿر جي دوري ڪرڻ جي اپيل +(4) ريڊئي ٻڌڻ تان جهيڙو +(5) پنجن ڏينهن جي دوري ڪرڻ بعد رپورٽ +(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جي چئن ڪارخانن قائم ڪرڻ جون رٿائون زير غور. +(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جي پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم +(8) سپاهي مسافرن جي قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار +(9) نوڪريءَ لاءِ درخواستن ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو +(10) حڪام طرفان مري ويلن جي تعداد ظاهر ڪرڻ کان انڪار +(11) هارين کان قبضي ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي. +(12) مولانا ... بنا معاوضي زمينن حاصل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. +(13) زرعي پيداوار جي وڪري جي بندوبست ڪرڻ لاءِ .... +(14) تعلقي جي بنيادي مسئلن حل ڪرڻ تي غور +ٻولي قومن جي طبيعت جو آئينو ٿئي ٿي. مثال طور، اڙدو هڪ واترادي ۽ گهڻ- ڳالهائو ٻولي آهي، ۽ سنڌي هڪ ماٺيڻي ۽ ٿور- ڳالهائو ٻولي آهي. هڪ جو خاص گڻ زبان درازي ۽ اُڀ ۾ تراريون هڻڻ آهي، ۽ ٻيءَ جو خاص گڻ نماڻائي ۽ نرم ٻولڻ آهي، تنهنڪري سنڌي جيڪڏهن اڙدوءَ جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ته نه رڳو پنهنجو شانُ وڃائيندي، پر اڙدوءَ سان اُن جي لفاظيءَ ۽ نقاليءَ ۾ مٽ به پئجي ڪانه سگهندي ۽ الٽو اِنهيءَ ڪوشش ۾ پاڻ کي ڏٺو ڪندي. ڏاڍي گهڻي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اسان جا ڪي هرک- هارئا دوست اڙدوءَ جي اِنهيءَ درٻاري ڏيک ۽ ماڙيچاڻي مَک چک ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايترا ته وٺجي ٿا وڃن، جو مثال طور، حيدرآباد ريڊئي جي اُنهيءَ ساڳئي مٿي ڄاڻايل ”جمهور جي پروگرام“ ۾ مون پنهنجن ڪنن سان اهڙن دوستن کي چوندي ٻڌو. ”ادا عارب خان! بجا ٿا فرمايو!“ (”سچ ٿا چئو!“ نه)، ”ادا، هاڻي ٻڌاءِ خَبرَون!“ (”خبَرون“ نه)، ”تَيار ٿيو“ (”تِيار نه)، ”خَيال ڪريو“ (”خِيال“ نه)، (اُميد آهي...“)، (”اُميد“ نه)، ”درميان“ (نون غُني سان) (”درميانُ“ به نه ۽ ”وچ ۾“ به نه) – بنهه ايتري تائين، جو ”عارب خان“ چوي ته ”ادوڙي، خوش آهين! چڱو ڀلو، جوڙ متارو!“ ته هن کي جواب ڏين: ”عارب خان، عنايتون، ڪرم فرمايون، ذره نوازيون!“ سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندي، جيڪر سر ۽ آواز منجهانئن ڪي اختيار ڪن ٿا، سو سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو ٻڌي پنهنجن ريڊين کي جيڪي سڌيون ٻڌائين سڻائين ٿا، سي ريڊئي وارا پاڻ ته ڪونه ٿا ٻڌن، پر هن مضمون جا پڙهندڙ چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا، اسان جي هنن دوستن کي ياد رکڻ گهرجي ته ٻولي لکجڻ ۽ پڙهجڻ کان گهڻو وڌيڪ ڳالهائجي ٿي. هر ٻولي پنهنجي خاص ڍنگ ۽ لهجي ۾ ڳالهائبي آهي. ڳالهائڻ به هڪ لطيف فن آهي- شاندار، وڏو ۽ تمام ڏکيو. اُن جي ترنم ۽ لئي کي هڪڙو کهرو آواز، هڪڙو اڻ سهائيندڙ اُچار به ڏکوئي ۽ ختم ڪري سگهي ٿو. عربي ۽ فارسي لفظ کڻي، اسان اُنهن جي اصلوڪن اُچارن کي پاڻ وٽ قائم رکڻ لاءِ ٻڌل نه آهيون، جيئن اڙدو سمجهي ٿي ته هوءَ ٻڌل آهي. مون، خاص طرح، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي جلسن ۾ پنهنجن ڪيترن ڏاهن ۽ اتساهي نوجوانن کي ڏٺو آهي ته ميڙ ۾ ڳالهائيندي، هو عربي ۽ فارسي لفظن جي ڳولا ۾ ۽ اُنهن کي هروڀرو سندن ”صحيح“ اُچارن سان ڪم آڻڻ جي ڪوشش ۾ ايترا ته مُنجهي پون ٿا، جو بنهه رواجي خيال به پنهنجا ظاهر ڪري نٿا سگهن. هيءَ ڪيتري نه ارمان ۽ عجب جي ڳالهه آهي، جو ڌارين ٻولين جي ڏِک ۽ اُنهن جو تاب اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جو پورو فائدو به وٺڻ نه ڏئي! جڏهن سنڌ جو امر شاعر لفظ ”بغير“ کي ”بگر“ ڪري ڪم آڻي سگهي ٿو ”ڪونهي ڪميڻيءَ جو بگر تو بلو“- اسين خَبرَ، اُميدَ، تِيارُ، خِيالُ، سُوالُ، خَتَمَ، وغيره، وغيره ڇو نه چئون؟ اسين سنڌي برابر ماٺيڻا ۽ ٿور- ڳالهائو آهيون، پر ائين به ٿيڻ نه کپي ته پنهنجن چپن تي، اڙدوءَ جي نقالي ڪندي، عربي ۽ فارسي لفطن ۽ اُنهن جي اُچارن جون مهرون هڻي، بنهه گونگا بڻجي ويهي رهون. يا شهري يا علمي بڻجڻ جي شوق ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ايترو بگاڙي ڇڏيون، جو ٻولي ته ٻولي پر خود پنهنجي عامَ کان ئي ڪٽجي الڳ ٿي وڃون! +اڄ جي نئين دور ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري جو وڏي ۾ وڏو ۽ ڪامياب ۾ ڪامياب وسيلو ان ٻوليءَ جي پڙهائي آهي، جيڪا اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين �� ٿئي ٿي. تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي پڙهائيءَ تي پورو ۽ مناسب ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. اُن جا سبب کڻي ڪيترا به هجن ۽ ڪهڙا به هجن، پر اِنهيءَ حالت کي هڪدم بدلجڻ گهرجي ۽ اسان جي تعليمي مرڪزن ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي پڙهائي کي ايتري ئي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ گهرجي، جيتري ڪنهن آزاد ۽ سڌريل ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن جي مادري ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي ملي ٿي، ۽ اِن ۾ ڪوبه ٻيو نصابي ڪم- جيئن حساب، انگريزي، سائنس، وغيره- سنڌيءَ تي آڪرو ٿيڻ نه گهرجي. سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي هيئن اسان جي تعليم ۾ پهرين جڳهه ملي، ان لاءِ وڏي ۾ وڏو فرض اسان جي سنڌي استادن جو آهي، جيڪي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورستين ۾ سنڌي پاڙهڻ تي مقرر ٿيل آهن. هڪ ته هو پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي پوريءَ طرح پڙهن ۽ سمجهن ۽ ان جي ادبي ۽ علمي خزاني کان وڌ ۾ وڌ واقف ٿين، ٻيو ته پنهنجن شاگردن کي اُن جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ڪم آڻڻ لاءِ پنهنجي وس آهر وڌ ۾ وڌ تيار ڪن. اُن لاءِ نصاب ۾ به ڪجهه ڦيرو اچڻ گهرجي، پر سڀ کان وَڌ دلي چاهُه ۽ ڀرپور پورهيو ئي کين توڙي سندن شاگردن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ڏانهن پنهنجن فرضن ۽ ذميدارين جي پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سگهندو. +سنڌي ٻولي جنهن خطري هيٺ آهي، اُهو اِن مان ئي پڌرو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي صوبائي ٻولي بنجي، اُن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ کي بل پاس ڪرڻو پيو. ۽ پوءِ اُن گناهه لاءِ اٻوجهه ۽ صلح پسند سنڌي عوام کي ڪيترائي ڪونڌر ڪهائڻا پيا، ۽ اُن جي پنهنجي سرڪار کي ڇاڇا نه سهڻو پيو ۽ ڇا ڇا نه مڃڻو پيو! هاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جيڪي بورڊ ۽ ائڪيڊميون ٺهڻيون آهن، جڏهن اُهي ٺهن ۽ ٻن سالن ۾ يا ٻارهن سالن ۾ جڏهن ٻوليءَ ۾ اُهو ڪجهه واڌارو ٿئي، جيڪو هڪ آبرومند قومي ٻوليءَ ۾ سچ پچ ٿيڻ گهرجي، اُن لاءِ ڪي ڀرپور تجويزون جُڙن ۽ انهن تي عمل ٿئي، سوين هزارين ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب لکجن، ترجما ٿين، ڇپجن ۽ پڌرا ٿين، سنڌ جا سڀ رهواسي سنڌي سکن، سنڌي پڙهن ۽ لکن- تڏهن چئي سگهبو ته سنڌ ۾ ٻولي پنهنجي پوري ۽ حقي درجي تي پهتي ۽ اُن لاءِ اسان جي وڏن جون ۽ اسان جون سڀ قربانيون، جيڪي ڏنيوسين ۽ اڳتي ڏينداسين ۽ سڀ محنتون، جيڪي ڪيون سين ۽ اڳتي ڪنداسين، سڀ سوليون ۽ سجايون ٿيون. +جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن کي قبولڻ ۽ قائم رکڻ جو سوال رڳو ايترو آهي ته ٻين ٻولين جا لفظ کنيا وڃن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ، بلڪ وڌيڪ سچيت ۽ سهڻا لفظ ڇڏيا وڃن- ته ائين هرگز هرگز نه ٿيڻ کپي. ائين ڪرڻ سان ٻولي پنهنجو بنياد بچائي ته نه سگهندي، پر پنهنجي بنياد سان پنهنجو سڀيتائي لاڳاپو به بحال رکي نه سگهندي. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ڳالهه وڃي اهڙيءَ حد تي پهچي، تڏهن اُن ٻوليءَ کي پاڻ وٽان ڌاريان لفظ زوريءَ به ڪڍي ڦٽا ڪرڻا پوندا. ههڙو عمل، جنهن ۾ ڌاريان فاسد لفظ ڪوشش ڪري ڪڍڻا پون ۽ پنهنجا بي گناهه نڪتل لفظ واپس آڻڻا پون، دنيا جي سڀني سڌريل ۽ سجاڳ قومن کي، پنهنجي قومي سجاڳيءَ جي پهرينءَ منزل تي، پنهنجي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، لازمي طرح اختيار ڪرڻو ئي پيو آهي. ساڳيءَ ريت، سنڌي ٻوليءَ جي اها واڌ به ڪڏهن واڌ ڪانه چئي سگهبي، جنهن مان، مثال طور، شاهه جي ٻوليءَ جا لفظ گم ٿيندا ٿيندا بنهه گم ٿي وڃن، ايتري تائين، جو ڪو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ شاهه جو رسالو پڙهي ته پڙهي نه سگهي ۽ ٻڌي ته سمجهي نه سگهي. ايتريءَ قيمت ��ي ڪنهن ٻوليءَ جي ”ترقيءَ ۽ سڌاري“ کي ڪهڙي حساب ۾ ڪو ترقي ۽ سڌارو چئي سگهندو! هن خيال کان، اڄ اسان تي واجب به آهي، ۽ بنهه جائز پڻ، ته پنهنجي ”اسڪولي“ ۽ ”علمي“ ٻوليءَ جي ڪجهه ڇانگ ڪريون، ته جيئن ان ۾ اوتري قدر، بلڪ ڪجهه وڌيڪ، تازو ڦوٽهڙو ٿئي. ٻوليءَ جي هيءَ ضروري ڇانگ هرڪو اسان جو لائق اديب ۽ شاعر پنهنجي سچيتائيءَ ۽ فني پختائيءَ سان پنهنجي منهن به ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي پياريءَ ٻوليءَ لاءِ آب حيات مثل هيءُ بنهه ضروري عمل، ڪنهن رٿائتي ۽ سلسليوار طريقي سان، اسان جا سڄاڻ مقبول عام علمي ۽ ادبي ادارا پڻ هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا. +[1973ع] +اسان جي مادري زبان ۽ ان جي تعليم ۾ اهميت +”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي اهي.“ +… … … … … … +”هر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.“ +… … … … … … +بي اختيار يا ڪم – اختيار معاشري جي آڏو پنهنجي بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ فقط ٻه رستا موجود رهن ٿا: پهريون پاڻ کي بااختيار رکڻ يا زياده بااختيار بنائڻ لاءِ جدوجهد ۽ قرباني؛ ۽ ٻيو، ”تانسين ڀڳي سان ئي ڀير جانسين رتو راس ٿئي.“ يعني تنهن وچ ۾، حالتن پٽاندر، جو ڪجهه پنهنجي بهتريءَ لاءِ ممڪن ٿي سگهي، اُن تي عمل ڪرڻ. +سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زنده انساني معاشرن وانگر، هڪڙو اهم ۽ بنيادي حق پنهنجي زبان جي حفاظت ۽ فروغ آهي - - ڇو ته اُن تي ئي سندس سڄيءَ بلڪ پوري وجود ۽ اُن جي افاديت جو دارومدار آهي. +اقوام متحده جي منشور ۾ ملڪن جي لساني اقليتن جو وجود تسليم ٿيل آهي، ۽ سندس بنيادي انساني حقن جي دستاويز ۾ لساني اقليتن جي ٻولين ۽ تهذيبن جي بچاءُ جو واعدو ٿيل آهي. هم مذهب انساني اجتماع ۾ لساني اقليت جو وجود قائم رهي ٿو، ختم ڪونه ٿو ٿئي، هم مذهب اڪثريت به هم مذهب اقليت مٿان ڏاڍ ۽ اُن جي حق تلفي ڪري سگهي ٿي. +آزاديءَ کان پوءِ ڪجهه جذباتي ترنگ ۾ ۽ ڪجهه گروهي مفاد جي ڇڪ سبب، اسلام سان گڏ اردوءَ کي پاڪستان جي نظرياتي اِساس جي هڪ عصر طور اڳيان آڻيندي، ڪافي ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ تهذيبي حيثيت کي نظر انداز ڪيو ويو، بلڪ اُن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. +ڪراچيءَ ۾ سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي يڪطرفي ترديدَ - - اِن سلسلي جا ڪافي ڳرا ۽ مهلڪ قدم هئا. +اُن کان پوءِ وقت بوقت، بلڪ مرڪزي حڪومت جي هر تبديليءَ سان تعليمي ڪميشنن جا انعقاد شروع ٿيا، ۽ هر ڀيري ”مادري ٻوليءَ“ جي اصطلاح کي ”قومي ٻوليءَ“ جي پرڪشش ۽ رعبدار اصطلاح سان ڍڪيندي، اردوءَ کي سڄي ملڪ ۾ تعليم جي ذريعي طور رائج ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون - - جنهن جي نتيجي ۾ پڻ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي محڪم بيٺل تهذيبي اهميت ۽ تعليمي درجي کي ڌڪ لڳڻ جا امڪان اٿندا ۽ نقصان پهچڻ جا انديشا سامهون ايندا رهيا. +1958ع ۾ پهرئين مارشل لا جي دوران، قومي يڪجهتيءَ جي مفاد ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت طرفان عمل ۾ آندل مساويانه فارمولا کي ختم ڪري، اردوءَ کي يڪطرفي فوقيت ڏياري ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي معاشري ۾ تهذيبي طور گروهي تفريق ۽ امتياز جي صورت پيدا ٿيڻ جا آثار اُڀري اڳيان آيا، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جا هاڃيڪار نتيجا پڻ نمودار ٿيا. +تنهن وچ ۾، ۽ پوءِ گهڻي وقت تائين، قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جا ٻولين جي آئيني حيثيت جي سلسلي ۾ فڪر ۽ عمل جون ڪيئي متضاد صورتون اٿنديون رهيون، ۽ ڪافي ڪشمڪش کان پوءِ، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ۽ نامناسب ڳالهيون واقع ٿينديون رهيون، نيٺ 1973ع جي آئين ۾ مسئلي جي هڪ صورت ملڪي سطح تي، ۽ ان جي آڌار تي خاص طرح سنڌ ۾ صوبائي سطح تي، طئي ٿي، جنهن جي منصفانه تعميل جو سوال اڃا به التوا جي حالت ۾ موجود آهي. +هن سڄي عرصي ۾، سنڌي معاشري جي باخبر، ذميدار ۽ حساس حلقن طرفان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود جي تسليميءَ ۽ اُن جي تهذيبي ۽ آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب پيشقدمي ٿيندي رهي، ۽ پنهنجي هن بنيادي انساني حقن جي دفاع ۽ بحاليءَ لاءِ گهربل جدوجهد ۾، سنڌي معاشري جي ڪابه اهڙي اهم شخصيت، ڪوبه ادارو يا جماعت ڪانهي، جنهن پنهنجي وس آهر پورو پورو حصو نه ورتو هجي. هزارين پترا، سوين ڪتابچا، ڪيئي ڪتاب، عرضداشتون، ليک، ٺهراءُ ۽ عرض ناما شايع ٿيا، ۽ تقريباً هر مرڪزي حڪومت آڏو اديبن، عالمن ۽ تعليمدانن جا وفد پيش ٿيندا رهيا، جن مان هڪ هڪ جو ذڪر لازم ته آهي، پر هن موقعي تي، خاص طرح وقت جي تنگيءَ جي خيال کان، مناسب نٿو لڳي. البت، اُن سلسليءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان 9- نومبر 1962ع تي ”يوم سنڌي زبان“ جي ملهائڻ ۽ وسيع پيماني تي دستخطي مهم ۽ ان جي طوماري دستاويز جي تياريءَ، ۽ 1960ع ۾ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ جي قيام ۽ اُن سوسائٽيءَ پاران 1962ع ۾ هڪ تفصيلي عرضداشت جي تياريءَ ۽ تڏهوڪي صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي وفد جي صورت ۾ ان جي پيش ڪرڻ جي ڳالهين جو هن موقعي تي، فقط يادگيري طور، ذڪر ڪري ڇڏڻ مناسب ٿو معلوم ٿئي. +هيتري ساري لاڳيتي، بي خوف ۽ بي لوث اجتماعي جدوجهد جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ اسان جي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي حيثيت هِتي اسان وٽ اُهائي قائم آهي، جيڪا آزاديءَ کان اڳ اُن جي هئي - - يعني: +(1) ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ ڏهين ڪلاس تائين اسان جي مادري ٻولي اڀياسي مضمون به آهي ۽ ذريعو تعليم به آهي. +(2) ڪلاس چوٿين کان 12 ڪلاس تائين غير سنڌي ذريعي تعليم وارن شاگردن لاءِ سنڌي لازمي اڀياسي مضمون جي حيثيت رکي ٿي - - جيئن سنڌي ذريعي تعليم وارن شاگردن لاءِ اردو لازمي اڀياس مضمون آهي. +(3) ٻارهين ڪلاس کان پوءِ (سنڌ يونيورسٽيءَ) جي بي- اي جي تعليمي سطح تائين پڻ اسان جي مادري زبان اڀياسي مضمون به آهي ۽ اڪثر نصابي ڪورسن لاءِ تعليم جي ذريعي طور پڻ تسليم ٿيل آهي. +(4) ايم- اي جي سطح جي تعليم سنڌيءَ ۾ (بحيثيت اڀياسي مضمون جي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ وٽ سنڌيءَ جي ذريعي تسليم ٿيل آهي. +(5) سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سنڌي ٻولي ڊاڪٽوريٽ آف فلاسافيءَ جي سَنَدَ لاءِ تحقيقي مضمون جي ٻوليءَ طور تسليم ٿيل آهي. +(6) صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ملازمتن لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي بحيثيت هڪ مضمون جي ۽ پڻ ڪن محدود حالتن ۾ امتحاني ٻوليءَ جي، ۽ مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ پي- سي- ايس جي اعليٰ ملازمت لاءِ مقابلي جي امتحان ۾ فقط بحيثيت هڪ مضمون جي تسليم ٿيل آهي. +(7) اسان جي مادري ٻولي، اردوءَ سان گڏ (جنهن کي آئيني طور مرڪزي حيثيت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو به مليل آهي) سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان طور تسليم ٿيل آهي. +هڪ مرڪز پسند وفاقي طرزِ حڪومت ۾، وفاق جي هڪ اڪائيءَ جي حيثيت ۾، جيڪا اِڪائي مطلق ۽ مستقل اقليت ۾ هجي، اسان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ان حيثيت تي خوش هجڻ جا ڪافي سبب آهن. ائين برابر آهي ته اُها اُن جي اصلوڪي حيثيت هئي ۽ اُن حيثيت کي اسين وڏي اجتماعي جدوجهد کان پوءِ تسليم ڪرائي يا قائم رکي سگهيا آهيون، ۽ اُن لاءِ اسان کي وري وري جدوجهد پئي ڪرڻي پيئي آهي ۽ آئنده به شايد ائين ٿئي- جنهن لا��ِ اسان کي واقعي تيار به رهڻ کپي. ڇو ته ”زندگيءَ جي نعمتن لاءِ دائمي سجاڳيءَ جي قيمت“ ڏيڻي ئي آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ اسين پوريءَ طرح فقط تڏهن مطمئن ۽ بي خوف ٿي سگهون ٿا، جڏهن تعليم جو شعبو خالص صوبائي اختيار ۾ هجي ۽ اُن ۾ مرڪز جي دخل اندازيءَ جو امڪان نه رهي - - ۽ اِهو پاڻ کي يعني سنڌي معاشري کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ جي مسئلن مان هڪ مسئلو آهي. جنهن لاءِ هيڻن ۽ اقليتي معاشرن کي جدوجهد ڪرڻ ۽ قربانين ڏيڻ جي ضرورت رهي ٿي. بهرحال، هن وقت ائين به برابر آهي ته اسان جي ٻوليءَ جي انهن تهذيبي ۽ تعليمي حيثيتن مان ڪي گهڻي قدر ڪاغذ تي ئي موجود آهن ۽ عملي طور اِنهن سڀني حيثيتن جو شرف اُها پوريءَ طرح اڃا ماڻي نه سگهي آهي، ۽ اُن لاءِ گهڻيءَ حد تائين حڪومت جي انتظامي چرخي ۽ اُن جي ڪن خاص پرزن جي عدم توجهي، سرد مهري ۽ خصومت ئي ذميدار آهي - - ۽ جنهن لاءِ پڻ متاثر ٿيل معاشري تي جدوجهد ۽ قربانيءَ جو فرض لازمي طور عائد ٿئي ٿو. +هنن سڀني ڳالهين کان پوءِ، هِن سلسلي ۾ اسان کي پاڻ به سوچڻو آهي ته موجوده حالتن ۾، جڏهن اسان جي معاشري ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي تسليم ٿيل تهذيبي ۽ تعليمي حيثيت ايڏي حوصله افزائي آهي، تڏهن اُن جو پنهنجي اُنهيءَ حيثيت سارو معاشري ۾ قدر به ٿئي ۽ اُها عملي طور پنهنجو اُهو درجو ماڻي به سگهي، ۽ اُن جي وسيلي، تعليم ۽ تهذيب جي دائري ۾، خود اسان جو معاشرو به اُهو فروغ ۽ اُها پنهنجي صلاحيت حاصل ڪري سگهي، جيڪا اُن کي هڪ زنده ۽ باوقار معاشري جي صورت ۾ حاصل هئڻ گهرجي- - اُن سڀ لاءِ اسين پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون، ۽ پنهنجي ڪوشش ۽ عمل سان ڪيتري قدر ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ٻوليءَ جي ان مڃيل حيثيت کي حقيقي صورت ڏيئي سگهون ٿا؟ +منهنجي خيال ۾ اسين هِن سلسلي ۾ هيٺيان اقدام ڪري سگهون ٿا: +(1) اسان جا اديب ۽ عالم انفرادي طرح ۽ اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا، پنهنجن پنهنجن سونپيل ۽ هٿ ۾ کنيل فرضن ۽ ذميدارين جي تعميل طور، ٻارهين ڪلاس کان مٿي هر اهڙي تعليمي نصاب جا ڪتاب، جنهن لاءِ سنڌي ٻولي اڀياسي مضمون يا تعليمي ذريعي طور تسليم ٿيل آهي، لکي سگهن ٿا، لکائي سگهن ٿا، ۽ ڇپائي ۽ شايع ڪرائي سگهن ٿا. +هن سلسلي ۾ ٻارهين ڪلاس جي تعليمي سطح تائين گهربل درسي ڪتابن جي لکائڻ، ڇپائڻ ۽ موجود رکڻ جي سرڪاري ذميداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تي عائد ٿيل آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ اُن جو منصبي فرض آهي، ۽ اُن ڪم ۾ سندس ناڪاميءَ جي حالت ۾ اُن کان پوري پوري جواب طلبي ڪرڻ اسان استادن ۽ مائٽن جو به فرض آهي ۽ اُهو اسان جو حق به آهي. +حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا پنهنجا دردمند ۽ باهمت عملدار، پنهنجي پنهنجي دائري اختيار ۾، ۽ وٽن موجود حڪومتي وسيلن آهر، هن ڪتابي ميدان ۾ يعني انهن جي تياريءَ، اشاعت ۽ استعمال جي سلسلي ۾ ڪافي ڪجهه ڪري سگهن ٿا. +(2) اسان جا استاد ۽ تعليمي ادارن جا منتظم ۽ سربراهه، پرائمري تعليمي سطح کان وٺي يونيورسٽيءَ جي تعليمي سطح تائين سنڌيءَ جي تعليم ڏانهن خصوصي توجهه ڏيئي سگهن ٿا - - جيئن اڀياسي مضمون طور اُن جي پڙهائي ۽ ذريعي تعليم طور اُن جو استعمال، جديد کان جديد طريقن سان، بهتر کان بهتر نموني ۽ دل جي پوري ذوق ۽ ڪامل ذهني صلاحيتن سان، عمل ۾ اچي سگهي. +(3) انهيءَ حقيقت جي مدنظر ته اڄ سان وٽ خاص طرح وڏن شهرن ۾، سنڌي ذريعي تعليم وارن اسڪولن ۽ اسان جي ٻارن لاءِ مادري زبان جي بنيادي تعليمي سهوليتن جي سخت اڻاٺ آهي، اسان کي حڪومت جي ذميدار اختياريءَ وارن کان هڪ طرف پنهنجي اِن بنيادي حق وٺڻ جون پنهنجي پنهنجي منهن توڙي جماعتي طور گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن؛ ۽ ٻئي طرف اسين ”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“ جي اصول تي عمل ڪندي، پنهنجي محلي ۾ پنهنجن ٻارن لاءِ ٻاراڻا ڪلاس، پرائمري اسڪول ۽ پڻ هاءِ اسڪول قائم ڪري ۽ هلائي سگهون ٿا. +(4) اسين پنهنجي محلي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ سنڌي ڪتابن جا مرڪز، لئبررين ۽ پڙهائي گهرن جي صورت ۾، قائم ڪري ۽ هلائي سگهون ٿا. +(5) اسان کي، وس پڄندي، ڪڏهن به پنهنجن ٻارن کي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ٻاراڻي ڪلاس يا پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ نه گهرجي. مجبوريءَ کان ڪنهن ٻار جي حالت ۾ جيڪڏهن ائين ڪرڻو به پوي، ته گڏوگڏ ڪم از ڪم پنهنجي گهر ۾ پنهنجي اُن غريب ٻار کي اسين پاڻ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، يعني اُن جي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، پڙهڻ لکڻ به سيکاري سگهون ٿا. +اسان کي انساني نفسيات ۽ تعليمي فلسفي جو هيءَ بنيادي اصول هميشه ياد رکڻ گهرجي - - جيڪو اقوام متحده جي تعليمي، تهذيبي ۽ سماجي بهبود جي اداري (يونيسڪو) هيٺين لفظن ۾ قلمبند ڪري، دنيا جي سڀني زبانن متعلق ۽ سڀني ماڻهن جي عام اطلاع لاءِ شايع ڪرايو آهي: +”… ٻار لاءِ بهترين تعليمي ذريعو سندس مادري زبان آهي. بهترين تعليم شاگردن جي مادري زبان ذريعي ئي ڏيئي سگهجي ٿي … تعليم بهترين نموني سان مادري زبان ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي … پوءِ ڀلي ته شاگرد ٻارُ هجي يا بالغُ … قومي زبان مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري سگهي …“ (يونيسڪو طرفان نومبر 1951ع ۾، ”تعليم ۾ مڪاني زبانن جي استعمال“ تي پئرس- فرانس ۾ سڏايل سڄيءَ دنيا جي وڏيءَ تعليمي ماهرن جي ڪانفرنس جا فيصلا ۽ سفارشون.) +يونيسڪو جي تعليمي ماهرن جا اِهي فيصلا انساني نفسيات جي هيٺ بيان ڪيل هڪ بنهه بنيادي ۽ اَٽل حقيقت تي ٻڌل آهن: +ٻار جي تعليم شروع ڪرڻ وقت ڪنهن جي ڪهڙي به نيت هجي، پر اُن نيت ۾ بار جي خود پنهنجي ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي آهي. مائٽن کي، سماج کي ۽ حڪومت کي اُن وقت پنهنجون پنهنجون الڳ الڳ مرادون ۽ نيتون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي ڪجهه متضاد ۽ ڪجهه موافقت ۾ به هونديون آهن، پر اُنهن جي ڪنهن به نيت سان خود ٻار جو شعور اتفاق يا واسطو ڪونه هوندو آهي. +جڏهن مائٽُ ٻار کي ٽن سالن جي عمر ۾ ڪنهن ٻاراڻي ڪلاس ۾ يا ٻه سال پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ويهاري ٿو، تڏهن خود ٻار جو پنهنجو فطري اتساهه يا دلچسپي ڪهڙي هوندي آهي؟ فقط هڪ: ۽ اُها هيءَ ته هو پنهنجي دنيا کان واقف ٿئي، ۽ اُن واقفيت مان مزو ماڻي يا فائدو وٺي - - ڇاڪاڻ ته اُها واقفيت کيس پنهنجي اُن دنيا تي قابض ٿيڻ يا هجڻ جو شعور ۽ خوشي ڏئي ٿي. سندس هن ڄاڻ جي اتساهه جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻار وٽ پنهنجا پنج حواس ته آهن ئي، پر اُن لاءِ هن کي تنهن وچ ۾ ٻي به هڪ حاصلات، فطرت جي هڪ تحفي طور، هٿ اچي ويندي آهي - - ۽ اُها هوندي آهي، هن جي ڳالهائڻ جي اٽڪل، يعني هن جي مادري ٻولي، هيترو وقت، هو گهر ۾ پنهنجي مائٽن جي محفوظ پناهه هيٺ رهيو، تنهنڪري هو نه ڪنهن کان ڊڄي ٿو، نه ڪنهن جو پاڻ ئي مٺگهرو آهي، ۽ بنهه هڪ بي ميار معصومَ وانگر پنهنجي مائٽاڻي پناهه گاهه مان نڪري، پنهنجي چوڌاري موجود شين کي ڏسي ٿو ۽ پنهنجي دنيا کي ڪجهه وڌيڪ وسيع ڪرڻ گهري ٿو. هاڻي، بلڪل اِنهيءَ پَلِ، جڏهن هن جي نازڪ ۽ نرمل دل دنيا جي نيڪيءَ ۽ گهڻگهرائي جي تَرنگ ۾ ڀريل آهي، ٻار کي هڪ اهڙي وايومنڊل ۾ آڻي وڌو ٿو وڃي، جيڪو هن جي مادري ٻوليءَ جو وايو منڊل نه آهي! ۽ هڪدم هو ڏسي ٿو ته نه هن کي ڪوئي سمجهي ٿو ۽ نه هوئي ڪا ڳالهه ٿو سمجهي! هن جي ڪلاس جي ڪمري ۾ جيڪا ٻولي چالو آهي، سا هن جي ٻولي ڪانهي! ٻار کي اوچتو صدمو ٿو رسي- ڌاريائپ جو صدمو ۽ هو سڄو نراسائيءَ ۾ ويڙهجي ٿو وڃي. هن جي ٻولي، جيڪا هن لاءِ هن جو گهر هئي، ۽ اُن پَلَ تائين سڄي هن جي زندگي هئي، اُها هن جي اسڪول ۾ هن جي ڪنهن ڪمِ ڪانه ٿي اچي. نتيجي ۾، هو اُن پنهنجي نئينءَ دنيا کان هميشہ لاءِ، ذهني طور، جذباتي طور، ڪٽجي ٿو وڃي، ۽ هن جي من ۾ اڪيلائپ جو احساس، ٺڳجي وڃڻ جو احساس، بيزاريءَ ۽ غصي جو احساس، پيدا ٿي پوي ٿو- اُن ڌاريائپ واري فضا ۾ ٻار لاءِ اهڙو ڪو خطرو به واقعي ڪونهي ته اُتي ڪو هن تي اُلر ڪندو، هن کي ڌڪ هڻندو يا اهڙو ڪو نقصان پهچائيندو: پر سچو پچو هڪڙو خطرو هن کي اُتي آهي، ۽ اُهو اِهو آهي ته اُتي هو ڌيان تان لهي ويندو، ۽ انهيءَ ڪري هن جو قدر گٽجي ويندو، ۽ هو خسيس لڳندو. +اسان سڀني کي، جن کي پنهنجن ٻارن جي تعليم جي اهميت جو احساس آهي، ياد رکڻ کپي، ته ”اسڪول جي دنيا ۾ جيڪي به شغل، دلچسپيون ۽ ڪم ڪار ٿين ٿا، انهن ۾ هڪ هڪ کان ۽ سڀني کان وڌيڪ اهم شيءِ اُتان جي ٻولي آهي؛ ۽ اُها ئي هڪ شيءِ آهي، جيڪا اُن اسڪول جي دنيا ۾ هرڪو ٻار پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. ڪلاس روم ۾ موجود اُنهي هڪڙي بنيادي سچ، اُنهيءَ هڪڙيءَ بنيادي حقيقت جو اسان سڀني کي احساس هئڻ کپي، ۽ اُن هڪڙي ننڍڙي سچ ۽ اُنهيءَ هڪڙيءَ ننڍڙيءَ حقيقت سان اسان سڀني کي انصاف ڪرڻ کپي؛ ۽ اسان جي ٻار جي تعليم جي سموريءَ ڪاميابيءَ جو دارومدار اُنهيءَ هڪڙيءَ ڳالهه تي آهي - - ڇو ته ”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آهي“ ۽ ”هر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.“ +[25- اپريل 1980ع، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسئيشن جي ڪل سنڌ تعليمي ڪانفرنس، حيدرآباد، جي موقعي تي پڙهيل تقرير] + + +تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي +پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽ ڪم ٿو آڻي، سا هُن جي ماءُ جي ٻولي آهي. +اوسين تائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻوليءَ ئي نه رڳو مؤثر، سڀ کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي ۽ مڃي وڃي ٿي. +اُن کان پوءِ به، دنيا جي آزاد ۽ مهذب انساني معاشرن ۾ هر هنڌ، ۽ سڄيءَ انساني تاريخ ۾ اڄ تائين، تعليم جي نه فقط مؤثر، پر سڀ کان سستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي ويئي آهي ۽ استعمال ٿيندي آئي آهي. +فقط ٻاهران آيل مذهب ۽ ٻاهر جا فاتحَ ۽ حاڪمَ ئي مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اها حيثيت ۽ اِهو حق ۽ اُن جي اِها لياقت قبولڻ کان انڪاري رهيا آهن ۽ انڪار ڪن ٿا - - ۽ اُن ۾ هر طرح اُنهن جا بالادستي ۽ استحصالي مفاد موجود هجن ٿا. +غيرمادري زبان ذريعي تعليم ورتل قومون يا معاشرا سدائين متعلقه مادري زبان وارين ’تعليمي‘ قومن يا معاشرن جا غلام، تابع ۽ محتاج رهيا آهن - - اقتصادي، سياسي ۽ سماجي طور - - سڌا سنوان ۽ ظاهر ظهور يا اڻ سنڌي ۽ اڻ لکائتي نموني. +اهڙن زيردست ۽ تابع معاشرن ۾ جڏهن تعليم لاءِ ٻوليءَ جي ذريعي جي ڳالهه ڪجي ٿي، ته تعليم جي سڄي سماجي مانڊاڻ يا ساج سٽاءَ (Mechanism) کي نه، پر فقط اُن جي رسمي پهلوءَ کي خيال ۾ رکي پوءِ اُها ڳالهه ٿي ڪجي - - ڇو ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ڪتابن، اخبارن، ريڊين ۽ ٽيليويزنن، ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ جي مذهبي واعظن ۽ مبلغن ۽ اُن جي اهڙن ٻين حڪومتي يا بالادستي واسطن کان علاوه ۽ انهن کان بلڪل دور رهي ڪري، ماڻهن جو باقي سڄو پنهنجو وقت پنهنجي مادري زبان جي سماجي فضا ۾ ئي رهڻ ٿئي ٿو - - ۽ اُهو سڄو وقت ۽، لساني طور ان سڄي پنهنجائپ جي فضا سان تعلق دوران، کين پنهنجي مادري زبان ۾ ئي حسي تربيت ۽ ذهني تعليم ملندي رهي ٿي. بالادست ۽ استحصالي مفاد کي دراصل اها عين فطري ۽ قدرتي صورتحال به ڏکي لڳندي آهي، ڇو ته اُن ۾ هو زيردست معاشري يا قوم کي پنهنجي گرفت مان انيڪ نمونن ۾ آجو ٿيندي ڏسي ٿو- - يا ڪم از ڪم، محڪوم قوم جي اُن غير رسمي تعليم جي دائري ۾ هو پاڻ کي ڪمزوري ٿو محسوس ڪري، ۽ اِنهيءَ ڪري اُن محاذ تي هو پاڻ کي ڪٿي به موجود نٿو ڏسي، ۽ اِنهيءَ ڪري بي اطمينان، ناخوش بلڪ غصي ۾ ڀريل رهي ٿو. ۽ پنهنجي اِها بي اطميناني، ناخوشي ۽ ڪاوڙ پوءِ هو ائين ظاهر ڪندو آهي، جو هو تابع معاشري يا قوم جي زبان جي استعمال ۽ اثر کي بلڪل ختم نه، ته به وڌ کان وڌ ۽ هر طرح گهٽائڻ ۽ محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اُن ڪوشش ۾ پهريون نشان اُن جي اڳيان اِهو هوندو آهي ته ڪنهن طرح زيردست معاشري جي ٻوليءَ کي رسمي تعليم جي ذريعي جي حيثيت ۽ عمل کان محروم رکيو وڃي - - ريجهه راز ۽ ماٺ ميٺ ۾، نه ته زوران زوريءَ ۽ حڪما حڪميءَ به، بلڪ ٻنهي طريقن جي گڏيل ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ وسيلي. +رسمي تعليم جي ميدان يا سرشتي ۾، ٻوليءَ جي حيثيت يا اهميت جي ڳالهه ٿي ڪجي، ته اُن لاءِ ٻوليءَ جي ٽن ڪارجن کي خيال ۾ رکڻو پوي ٿو: (1) تدريس جي ذريعي (Medium of teaching) جو ڪارج - - ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ؛ (2) تدريس جي هڪ مضمون (A subject of teaching) جو ڪارج؛ ۽ (3) اَڻ- اکرائيءَ (Illiteracy) جي خاتمي لاءِ ذريعي جو ڪارج. +تدريس جي هڪ مضمون طور ڪنهن ٻوليءَ جي تعليمي کي اُن حد تائين ۽ اُن نوع جي ئي اهميت ملندي، جيتري ۽ جهڙي اهميت اُن کي تدريس جي ذريعي طور سڄي تعليم جي سرشتي ۾ مليل هوندي. جيڪڏهن تدريس جي ذريعي جو ڪارج اُن کي ابتدا کان وٺي اعليٰ تعليمي درجي تائين ادا ڪرڻو آهي، ته خود اُن جي پنهنجي تدريس يا سکيا جو اهتمام (هڪ مضمون جي صورت ۾) اُن ئي معيار يا درجي جو ۽ اُن ئي سطح مطابق ڪرڻو پوندو - - جيئن انگريزن جي دور ۾، اسان وٽ، خاص طرح انگلش ميڊيم تعليم جي متوازي سرشتي ۾، موجود هوندو هو؛ يعني سڄي سٽاءُ ۾، سڄو زور، ابتدا کان اعليٰ سطح تائين، انگريزيءَ جي پڙهائيءَ تي؛ ۽ ڪا ٻوليءَ ثانوي طور پاڙهڻ ۾ ايندي هئي ته اُها به فرينچ، لئٽن، جرمن وغيره - - نه سنڌي، نه اردو، ۽ نه وري محڪوم رعايا جي ٻي ڪا ٻولي، دنيا ڄاڻي ٿي ته اُنهيءَ خاص ۽ متوازي انگلش ميڊيم سرشتي تعليم جا پڙهيل امير نسل جا، يا ائين انگريزي پڙهي نئينءَ مان ڪي امير بڻيل، خاص شخص ئي هوندا هئا، جيڪي انگريزي سامراج جي عملداري سرشتي جا هتي اسان وٽ معتبر ۽ معتمد سُتونَ يا ٿنڀا هوندا هئا، ۽ اُهي ’عام رعايا‘ جي ڪا ٻولي پڙهندا يا سکندا به هئا ته اُها به فقط پنهنجي عملداريءَ جي ڏينهن ۾، ۽ سا به رڳو پنهنجي آقائن جي مفاد ۾ پنهنجي عملداريءَ جي فرضن ۽ ذميدارين جي ڪامياب ادائگيءَ لاءِ. انگريز سامراج، ملڪ جي سڄيءَ سياست کي لڳ ڀڳ اُهڙن ئي انگريزي پڙهيل ’دانشورن‘ هٿان آخر تائين پنهنجي ضابطي ۾ رکيو، ۽ پوءِ جنهن حال ۾ ۽ جنهن صورت ۾ اسان جي هيءُ دنيا هو ڇڏي ويا، اُها اڄ به گهڻي قدر سندن ئي پنهنجي عالمي مفاد جو رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو بيٺي آهي. تدريس جي هڪ مضمون طور ٻوليءَ جي تعليم، ٻين ڳالهين کان علاوه، ماڻهوءَ ۾ تخليقي ۽ اظهاري صلاحيتن کي وڌائي ٿي ۽ اُن حد تائين هن جي من ۾ خود پنهنجي لاءِ ۽ اُن ٻوليءَ جي ’معاشري‘ لاءِ عزت ۽ قدر جو جذبو اڀاري ٿي ۽ پختو ڪري ٿي - - ۽ جيڪڏهن اُها ٻولي ڪنهن پر ماڻهوءَ جي پنهنجي مادري ٻولي نه آهي ته، ردعمل طور، هن جي من ۾ پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۽ اُن جي وسيع ۽ عام معاشري ��اءِ، جيڪو هن جو پنهنجو اصل معاشرو آهي، بنهه ڌڪار نه، ته به هتڪ، ٺٺول ۽ لاغرضائيءَ جا رخ اڪثر اڀرن ٿا؛ ۽ اُن سان گڏ، جيڪڏهن هن کي سندس ذاتي ۽ طبقاتي مفاد به اُن طرح يعني اُن ڌارينءَ ٻوليءَ جي معرفت، سِڌ ٿيندي ڏيکاري ڏين، ته پوءِ ته هو پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي جنمي ۽ اصلي معاشري کان پوري بيگانگي اختيار ڪرڻ ۽ انهن جي مفادن جي زيان کي نه رڳو خاموشيءَ سان برداست ڪرڻ بلڪ اُنهن کي پنهنجن هٿن سان پاڻ قربان ڪرڻ کان به ڪين گسندو. انهيءَ ڪري ئي مهذب ۽ آزاد معاشرا پنهنجي تعليمي سرشتي ۾ خود پنهنجي مادري زبان جي تعليم لاءِ بلڪل بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت مقرر ڪندا آهن ۽ اُن تعليم کي اُن سرشتي جي اعليٰ کان اعليٰ سطح تائين خصوصي اهميت ڏيندا آهن. +اڻ اکرائيءَ جي خاتمي لاءِ، يعني اڻ پڙهيل بالغن، مردن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ، ماءُ جي ٻوليءَ کي اڄ، پوري پوري تجربي کان پوءِ، دنيا ۾، پست کان پست معاشرن لاءِ به، واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آهي. +ساڳيءَ ريت، ابتدائي تعليم لاءِ پڻ، عالمي پئماني تي، ۽ سماجي ۽ انساني مفاد جي سڀني حلقن ۾ - - پوءِ اُهي سياسي نوع جا هجن، مذهبي نوع جا هجن يا تهذيبي نوع جا هجن - - اتفاق راءِ سان، مادري زبان کي ئي واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آهي. +بالغن جي تعليم توڙي ابتدائي تعليم لاءِ ڪا مادري زبان ذريعي جو ڪم ڏيئي سگهي، اُن لاءِ سڀ کان اول جا ضروري ڳالهه، بطور شرط جي مڃي ويئي آهي، اُها آهي اُن زبان جي رسم الخط يا لپيءَ جي موجودگي. ٻيو ان سان لاڳاپيل، ضمني شرط اُن لاءِ اهو ضروري مڃيل آهي ته، اُن لپيءَ ۾ لکيل پڙهائيءَ جو اڳ تيار ٿيل مواد موجود هجي، ۽ ٽيون، ته وڌيڪ پڙهڻ، ۽ پڙهائيءَ کي جاري رکڻ لاءِ شايع ٿيل ۽ شايع ٿيندڙ مواد به ڪافي ڪنهن انداز ۾ موجود هجي، ۽ چوٿون ته پڙهائي لاءِ تعليمي طور لائق ۽ پڻ تربيت پاتل استاد به موجود هجن، هنن ڳالهين سان گڏ، مالي وسيلا، پڙهائيءَ لاءِ عام گهرج جون شيون آهن ۽ ڪنهن خاص زبان جي پڙهائيءَ لاءِ ئي فقط لازم نه هونديون آهن. اِنهيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اُن عام ضرورت جي ساز سامان سان گڏ ڪنهن خاص زبان جي تدريس لاءِ جن ڳالهين جي خصوصي ضرورت آهي - - يعني لپيءَ جي، ڪتابن جي ۽ استادن جي - - تن جو فوراً (يعني ڪنهن مقرر ڪيل، خاص مدت ۾) موجود ڪرڻ اهڙو ڪو مشڪل مسئلو ڪونهي، جيڪو وقت جي حڪومت حل نه ڪري سگهي: بشرطيڪ اُها اُن مسئلي کي، پنهنجي هڪ فرض منصبيءَ طور حل ڪرڻ گهري، ۽ اُن لاءِ عالمي طور مڃيل ۽ آزمايل اصول اختيار ڪري ۽ طريقا عمل ۾ آڻي. دنيا ۾، خاص طرح ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ، جڏهن سوين ملڪ مغربي سامراجيت جي بيٺڪي اِشڪنجي مان آزاد ٿي، خودمختيار ۽ مستقل وطن جو درجو حاصل ڪري چڪا آهن - - مثلاً آفريڪا جي ’اونداهي‘ کنڊ جا ڪيترا ملڪ - - تن جي ڪوڙئين بلڪ سوين مادري زبانن جي تعليم لاءِ ان قسم جا اهتمام ڪيا ويا آهن، ۽ اُتي اڄ بالغن جي پڙهائيءَ لاءِ، ۽ پڻ ٻارن جي ابتدائي تعليم ۽ درجي بدرجي اعليٰ تعليم لاءِ اُتان جون اُهي مادري زبانون، تدريس جي ذريعي طور ۽ پڻ تدريس جي مضمون طور، استعمال ٿي رهيون آهن. +اِن سلسلي ۾، يعني مادري زبانن جي انهيءَ تعليمي ڪردار (Educational Rolc) جي حمايت ۾، جيڪو مادري زبانن جو فطري ۽ اصولي ڪردار آهي، عالمي پيماني تي، پهريون ڀيرو 1951ع ۾، ”يونيسڪو“ (UNESCO) جي ماهرن جي ميٽنگ ۾، هڪ زوردار ۽ پُر اعتماد آواز اٿيو. اُن ميٽنگ جي ڪارروائيءَ جي رپورٽ پوءِ 1953ع ۾ سڄيءَ دن��ا جي قومن جي عام اطلاع طور پڌري ٿي، جنهن ۾ هڪ مطلق ڪُليي طور، اِهو رايو ظاهر ڪيو ويو ته ”تعليم جو عمل، بهترين قسم جو، ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آهي .... شاگردن کي پنهنجي اسڪولي تعليم ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گهرجي .... ۽ اُن جو استعمال تعليم جي ممڪن کان ممڪن مٿاهين درجي تائين وڌائبو رهجي.“* اُن کان پوءِ، هيءُ رايو، هيلتائين ڪيئي ڀيرا، دنيا ۾ ماهرن ۽ تعليم دانن جي قومي ۽ بين الاقوامي اجلاسن ۾ وري وري پئي اعلانيو ويو آهي. مثلاً ”انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ آفريڪي ٻولين جو تعليم ۾ استعمال“ بابت ڪوٺايل يونيسڪو جي هڪ خصوصي ڪانفرنس ۾، هيءُ نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”جيڪو ٻار پنهنجي ٻوليءَ جي ماحول ۾ رهي ٿو، تنهن لاءِ بهترين صورت هيءَ آهي ته هن کي سندس مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي“ ۽ ٻيو ته ٻارن کي جيتري به زياده ۾ زياده ٿي سگهي اوتري مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي (ڏسجي: ”آفريڪي ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم جو مسئلو،“ از بي- ڊبليو- ٽفن، ص ص. 73-78، آڪسفورڊ يونيورستي پريس، لنڊن، 1968ع)**. اُن کانپوءِ 1972ع ۾ يونيسڪو جي ماهرن جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو ”ٻوليءَ جي تعليم بابت سرڪاري پاليسيءَ جي تربيت ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو دخل ۽ ڪردار“ جي موضوع تي مذاڪراتي جلسو ٿيو؛ جنهن ۾ ”يونيسڪو“ جي 1953ع واريءَ رپورٽ سان ئين سر اتفاق ظاهر ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته ”خود اهڙين حالتن ۾، جڏهن ڪنهن مادري زبان جا ڳالهائيندڙ ايتري تعداد ۾ موجود نه هجن، جو اُن ۾ تعليمي مواد جي ڪتابي اشاعت ڪنهن وڏي پيماني تي مناسب لڳي، ڪم از ڪم شروعاتي انگن اکرن جي سکيا، بهرحال، انهن حالتن ۾ به، مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مفيد ٿيندي“ (ڏسجي، ”ٻولي سکيا جي عمل ۽ پاليسيءَ ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو ڪردار،“ ص 11، يونيسڪو، پئرس، 1972ع*). +”اقوام متحده جي ”يونيسڪو“ تنظيم طرفان تعليمي اصول ۽ عمل بابت اِهي اظهار ۽ اعلانيه رايا، اِن مسئلي تي عالمي فتويٰ جو درجو رکن ٿا، جن جي تسليميءَ کان انڪار ۽ تعميل کان گريز فقط اُهي حلقا ڪن ٿا، جي پنهنجي استحصالي بالادستيءَ ۽ حاڪميت کي قائم رکڻ چاهيندا آهن، يا اُهي جيڪي پنهنجي زيردست حيثيت يا غلامانه صورتحال تي راضي هوندا آهن يا اُن تي مطمئن رهن ٿا.“ +[سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، ميرپورخاص، جي لطيف يادگار مجلس، مورخه 19-11-1981ع، جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾ پڙهيل تقرير]. +26-28 نومبر 1981ع تي سنڌ مدرسي، ڪراچيءَ ۾، ٿيل سنڌي ساهت ڪانفرنس جا ٺهراءَ +سنڌي ساهت ڪانفرنس 1981ع جي آخري اجلاس ۾ سنڌ جي ليکڪن، شاعرن، عالمن ۽ تعليمي ماهرن جو هيءُ نمائنده ميڙ حڪومت جي تازين پاليسين ۽ انهن جي نفاذ لاءِ ورتل اپائن جي پيش نظر سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي مستقبل کي تشويش جي نظر سان ڏسي ٿو، جن مطابق ٻوليءَ جي درجي ۽ اسڪولن ۾ تعليم جي ذريعي طور ان جي استعمال، ۽ ابلاغ عامه ۽ تفريحي ذريعن جهڙوڪ پريس، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جهڙن شعبن لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون ويون آهن، اهي سڀ فقط اردوءَ کي اڀارڻ ۽ ان تي مڪمل زور ڏيڻ جو اظهار ڪن ٿيون. بطور ليکڪن، معلمن ۽ بطور والدين جي پنهنجي فرض ۽ ذميداري جو لحاظ ڪندي، اهو فيصلو ڪيو ويو اهي ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان جي وفاقي حڪومت کي سنڌ جي عوام جي هيٺين جائز مطالبن جي پورائي لاءِ تڪڙن ۽ مؤثر اپائن وٺڻ ڏانهن متوجهه ڪجي، جن ذريعي کين سندن بنيادي انساني حق ملي سگهن، جهڙوڪ سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ تعليم جو حق، جيڪو بنيادي انساني عدل، انصاف ۽ مساوات جو بنياد ��هي ۽ جنهن جي کين اسلام ۾ پڻ ضمانت ڏنل آهي. اهي مطالبا پاڪستان جي نظريي سان پڻ مطابقت رکن ٿا جنهن ۾ پاڪستاني ملت لاءِ بنيادي ڳالهه اسلام کي سمجهيو وڃي ٿو، ۽ نه ئي ٻوليءَ کي. اُهي مطالبا هي آهن: +(1) صوبائي ٻوليءَ طور سنڌيءَ جي واڌاري ۽ نفاذ لاءِ سنڌي ٻولي ڪائونسل جو قيام، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائي، ترقي ۽ ان جي استعمال واري ائڪٽ 1972ع ۾ ڄاڻايل آهي. +(2) ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ جتي سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو اقليت ۾ آهن ۽ پڻ راولپنڊي – اسلام آباد فيڊريل ايريا ۾ 25 سنڌي ميڊيم ٻارن جي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاس/ گريڊ تعداد لاءِ سنڌي ميڊيم پرائمري/ سيڪنڊري تعليم جو قانون. +(3) سنڌ جي سڀني اڳوڻن انگلش ميڊيم اسڪولن جهڙوڪ سينٽ مائيڪلس ميرپورخاص، سينٽ ميريز ۽ سينٽ لارينس سکر، ۽ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي اهڙن سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم سيڪشن قائم ڪرڻ. +(4) سنڌ صوبي جي مقرر تعليمي نصاب مطابق ڪراچي شهر جي سڀني اردو ميڊيم تعليمي ادارن، خاص طور جيڪي ڪي. ايم. سي. پاران هلايا وڃن ٿا انهن ۾، هڪ مضمون طور سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا استاد مقرر ڪرڻ. +(5) سنڌ صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ اسڪولن، ريڊيو ۽ ٽريننگ ڪاليج ۾ عام سنڌي ذريعي تعليم ۽ تعليم بالغان جا پروگرام فوري طور عمل ۾ آندا وڃن. +(6) وفاقي سطح تي ٻارن جي مضمونن جي مقابلن وغيره ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارڙن لاءِ سنڌي زبان ۾ لکڻ جي حق کي تسليم ڪيو وڃي. +(7) وفاقي انتظامي ملازمتن توڙي سنڌ صوبائي انتطامي ملازمتن ۽ ٻين ملازمتن جهڙوڪ درس تدريس لاءِ ٿيندڙ سڀني چٽاڀيٽين وارين ٽيسٽن ۾ سنڌيءَ کي امتحان جي مضمون طور تسليم ڪيو وڃي. +(8) ڪراچي ٽي. وي. اسٽيشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ پروگرامن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اَڌُ وقت سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي ڏنو وڃي. +(9) خيرپور ميرس ريڊيو اسٽيشن تان سنڌيءَ نشريات جا انتظام ڪيا وڃن ۽ اتان نشر ٿيندڙ پروگرامن ۾ %50 پروگرام سنڌي زبان ۾ هئڻ گهرجن. +(10) ڪراچي ريڊيو اسٽيشن ۽ ڪراچي ٽي. وي. اسٽيشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اَڌُ پروگرام پروڊيوسر سنڌي زبان ڄاڻندڙ رکيا وڃن. ساڳيءَ طرح حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۾ اهڙن پروگرام پروڊيوسرن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ %60 هئڻ گهرجي. +(11) ملڪ جي اندر سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن ۾ جيئن اردو ۽ انگريزي زبانن وارين اخبارن ۽ رسالن کي ڊڪليئريشن آسانيءَ سان ڏنا ٿا وڃن، ساڳيو طريقي ڪار سنڌي اشاعتن جي ڊڪليئريشن لاءِ رکيو وڃي. +(12) ملڪ جي اندر سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن ۾ جهڙيءَ طرح ٻين ٻولين جي رسالن ۽ ڪتابن تان بندش هٽائي ويئي آهي، ساڳيءَ طرح سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي اڳوڻي حڪومت طرفان وڌل بندش هٽائي وڃي. +(13) سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ اشتهارن لاءِ مخصوص ڪيل جملي فنڊ مان %50 سيڪڙو سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي. +(14) هري پور هزارا گورنمينٽ ورڪ شاپس ۾ معياري پورٽيبل سنڌي ٽائيپ رائيٽنگ تيار ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. +(15) ملڪ جي مختلف هنڌن تي قيد ڪيل سنڌي زبان جي سڀني شاگردن ۽ ليکڪن کي آزاد ڪيو وڃي. +(16) اڳوڻي حڪومت طرفان ان جي قوميائڻ واري پاليسيءَ هيٺ کنيل سنڌ مدرسو اُن جي بورڊ جي حوالي ڪيو وڃي. +(17) جناح ڪورٽس مسلم هاسٽل کي، جيڪا مسلم ٽرسٽ پراپرٽي آهي، ان جي حقدار بورڊ آف ٽرسٽيز جي حوالي ڪيو وڃي. +[1981ع] +سنڌي ٻولي ڪائونسل قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي اپيل +(هيءَ استدعا سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن طرفان پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، صدر سنڌ مدرسه بورڊ جي اڳواڻيءَ ۾ 14- سيپٽمبر 1981ع تي سنڌ جي سينئر وزير مير رسول بخش ٽالپر ۽ وزير تعليم، ثقافت ۽ قانون سيد غوث علي شاهه کي پيش ڪئي وئي.) +1- پاڪستاني قوم جي نظرياتي اساس جو واحد بنياد اسلام آهي. اُن ۾ زبان جو يا ڪنهن ٻيءَ شي جو اضافو لازمي طور ان کي لوڏي ۽ ڪمزور ڪري سگهي ٿو. +2- هر سطح جي تعليم جي ذريعي طور مادري زبان کي سڄيءَ دنيا منجهه قدرتي ۽ سڀ کان موثر ذريعو سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو: ان کان سواءِ مادري زبان ماڻهن جي ثقافتي ورثي جو ڀنڊار به آهي ۽ واهڻ به آهي. انهيءَ ڪري پنهنجي مادري زبان کي، اهڙي هڪ لاثاني قدر ۽ ماڻ جي مظهر طور پيار ڪرڻ ۽ هنئين سان لائڻ، ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي زور وٺائڻُ ان جي ماڻهن جو لازمي فرض آهي. +3- پاڪستان جي 1973ع جي آئين مطابق اردو اسان جي قومي زبان آهي، سرڪاري استعمال جي ڪارڻ طور- ۽ ان ڪارج ۾ ان کي، سنڌ جي صوبي اندر، سنڌي زبان کي پاڻ سان شامل ڪرڻو آهي، جيڪا اسان جي مادري زبان آهي. +4- 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان وٺي، اسان جي ٻارن جي تعليم جي ذريعي توڙي سرڪاري استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رتبي کي هر نئين وفاقي حڪومت جي آڏو پيش ڪيو، سمجهايو ۽ واضح ڪيو ويو آهي، ۽ انهن سان هر حڪومت واري واري سان ڪجهه ”نه نه، ۽ ”ها ها“ ڪرڻ کان پوءِ، اسان جي زبان جو اهو رتبو پوري ذميدارانه انداز سان قبوليو ۽ منظور پڻ پئي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندن 1956ع، 1962ع، 1967ع، 1972ع ۽ 1974ع جا هائوڪاري اعلان موجود آهن. +5- بدقسمتيءَ سان، پنهنجي زبان تي اسان جي حق جو اصول ۽ ان جو استدلال، بهرحال، ساڳيءَ ڪشاده دليءَ سان شايد ڪڏهن به قبوليو نه ويو. ان کي پوريءَ طرح ماڻڻ لاءِ اسان جي مدد ڪرڻ جو به سوال ئي پري رهيو. وفاقي انتظاميه جي ماتحت ڪراچيءَ جي علائقي ۾ 1948ع کان وٺي 1956ع تائين سنڌي پرائمري اسڪولن جي حوصلي شڪني؛ ون يونٽ جي 1956ع کان 1970ع تائين واري دور ۾، سنڌي زبان جي تدريس ۽ ذريعي تعليم جي قيمت تي، اردو زبان ۽ ذريعي تعليم جو سڌو توڙي اڻ سڌو فروغ ۽ حمايت؛ ۽ ذريعي تعليم ۽ سرڪاري استعمال جي سلسلي ۾ اڄڪلهه جو ڏسڻ ۾ ايندڙ ايترو جوش ۽ تاءُ، جنهن ۾ صوبي ۾ سنڌي زبان جا ساڳيا حق ۽ ساڳيون دعوائون تقريباً مڪمل طور نظرانداز ٿي رهيون آهن- اِهي سڀ ذميدار اختياري دائرن جي دلي خواهشن ۽ ارادن جا واضح نشان پيا معلوم ٿين، ۽ ائين پيو ڏسجي ته هو شايد اهڙيءَ ڪنهن صورتحال کي وڌيڪ پسند ٿا ڪن ته اسان جي مادري زبان مرڳو موجود ئي نه هجي. +6- تازو ڪافي ڪجهه فيصلا تعليمي ۽ زبان سان لاڳاپيل پاليسين ۽ ذريعي تعليم ۽ سرڪاري استعمال جي زبان متعلق پڌرا ڪيا ويا آهن. اهي ۽ انهن جي وڏي شهرت، جيڪا ريديو، ٽي وي ۽ پريس ۾ ٿي رهي آهي، ۽ خصوصاً ان قسم جا نعرا، جيڪي ابلاغ عامه جي ذريعن تان لڳندا ۽ ٻُرندا ٿا رهن- اهي سڀ هڪڙي ڪنهن ڊيڄاريندڙ صورتحال جي نشاندهي ٿا ڪن. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ اسان پاڪستاني قوميت لاءِ اسلام جي واحد اِساسي بنياد تان ڪجهه لڏي ويا آهيون ۽ اُن جي عوض ”زبان“ کي آڏو آڻي رهيا آهيون. پنهنجي قومي نظريي تان ائين هٽڻ يا مڙڻ جا خلاف خاطر نتيجا آسانيءَ سان اسين پنهنجي تصور ۾ آڻي سگهون ٿا. +7- هيءَ عجيب ڳالهه آهي ته پنهنجن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ وٽ اسلام جي رهبريءَ جي موجودگيءَ هوندي، اسين گذريل 34 سالن جي عرصي ۾ به پنهنجي ٻارن جي تعليمي ذريعي جي مسئلي کي حل نه ڪري سگهيا آهيون. ڏسجي ٿو ته ائين رڳو هڪڙي معمولي سبب جي ڪري ٿيو آهي، ۽ اُهو هيءَ ته اسين اصولي فيصلا نه ٿا ڪريون، ۽ اُن جي بدران، پنهنجن گروهي مفادن کي اڳڀري ڪرڻ جي سهوليتن پيدا ڪرڻ لاءِ، مسئلن کي منجهيل ۽ مبهم حالت ۾ ڇڏڻ وڌيڪ پسند ٿا ڪريون. +8- اڄ، ڪراچيءَ سوڌو سنڌ جي تقريباً سڀني شهري ايراضين ۾، بنيادي ابتدائي سطح کان وٺي مٿي تائين، اسان جي ٻارن جي سنڌي ذريعي جي تعليم بيحد دکدائڪ حد تائين بي توجهيءَ جو شڪار آهي. اسان جي مادري زبان، قومي زبان سان گڏ، صوبي ۾ سرڪاري ٻوليءَ جي ڪردار ادا ڪرڻ جهڙي ٿي سگهي- جيئن آئين ۾ ان جي اجازت موجود آهي- اُن لاءِ ان جي صلاحيتن جي فروغ لاءِ ڪجهه به نٿو ڪيو وڃي. پبلڪ خرچ تي هلندڙ ٽي. وي. ۽ گهڻي قدر خود ريڊيو به، صوبي جي هڪ زنده ۽ جديد زبان جي حيثيت ۾ سنڌيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ مشڪل ڪي تيار آهن. پنهنجي ادبي فروغ جي سلسلي ۾ اسان جي ٻوليءَ کي پنهنجن ئي مختصر وسيلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو، ۽ ان جي پريس جو، ماٽيجي ماءُ جي داٻ هيٺ، ڏاڍو برو حال آهي. درسي ڪتابن جي تياريءَ ۽ پهچ جي سلسلي ۾ سنڌي درسي ڪتابن تي ڪو توجهه آهي ته فقط سڀ کان آخر ۾ ۽ رڳو بار لاهڻ طور. اسان جي ٻارن کي اهو موقعو ۽ وجهه به ڪونه ٿو ملي ته هو سرڪاري طور اعلان ٿيل ٻارن جي انعامي مقابلن ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي نالي ۾ ۽ ان جي ذريعي ڪو حصو وٺي سگهن. +9- پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي هڪ کان وڌيڪ زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، زبانن جو مسئلو ائين حل ڪونه ٿي سگهندو، جو ان کي نظر انداز ڪيو وڃي، ان کان نٽايو وڃي يا مرڳو ان کي دٻايو وڃي. محض نمائشي وعظ جي نموني جا فقرا يا ڳالهيون ان کي ڪڏهن حل ڪونه ڪنديون. اهڙن طريقن سان اسين وڌيڪ مونجهاري ۾ پونداسين، جيئن انهن جي استعمال سان اسين اڳي ئي مونجهاري ۾ آهيون. نيتن جي سچائيءَ ۽ مقصد جي نيڪيءَ ۽ اخلاص جي بنياد تي، مسئلي جو حل ڪو ناممڪن به ڪونهي. ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ملڪ ۽ ماڻهو هن مسئلي کي حل ڪري چڪا آهن. اسان لاءِ اسلام جي راسخ العقيدگي پڻ هن سلسلي ۾ رهبريءَ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي: اسلام دراصل ڪنهن خاص ٻوليءَ جو دوست نه آهي، اسلام سڀني ٻولين کي ساڳئي قدر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. +10- سچ پچ ته وقت آيو آهي، جو اسين هن توڙي اهڙن ٻين معاملن ۾ پنهنجي ضمير جي آڏو صاف دليءَ سان، پنهنجي پاس خاطرين ۽ مخصوص دل پسندين جا قبولدار ٿيون، ۽ پاڪستاني ملت جي مساوات، اخوت ۽ قرابت خاطر پنهنجي انفرادي ۽ گروهي رٿابندين ۾ سچي پچيءَ نيڪ تمنا- يعني سڀ جي ڀلائيءَ جي تمنا- کي دخلڪار ٿيڻ ڏيون، ته جيئن هيءُ يا اهڙا ٻيا مسئلا مٺ محبت سان حل ڪري سگهون، جنهن ۾ ئي دراصل اسان جي آئينده نسل جي دائمي ڀلائي- عادلانه ۽ معتدل ڀلائي آهي. +11- اسان جي من ۾ اهڙي قسم جو اخلاقياتي ڦيرو اچي. اُن جي ذميداري اسان مان جيڪي طاقتور گروهه آهن، تن جي سر تي آهي ۽ نه ڪمزور گروهن تي. +12- پهرئين قدم طور- جيئن اسان ۾ باهمي سلامتيءَ ۽ مٺ محبت جو هيءُ رخ پيدا ٿئي، ۽ باهمي حسد، بي اعتباريءَ جي باهه ٿڌي ٿئي ۽ وسامي وڃي- اچو ته هيءُ ٻولين جو مسئلو اسلامي طريقن سان- يعني بي غرض، ذميدار ۽ سڀ کان وڌ، اصول پسند طريقي سان حل ڪريون. وقت بوقت، رڳو خود خيال ۽ عقلَ ڪُل جي ڏيکاءُ ڏيندڙ اعلانن ۽ پڌرنامن مان هن سلسلي ۾ ڪو فائدو ٿيڻو ڪونهي. +13- هن معاملي ۾، جنهن کي اسين پاڪستاني ملت جي مستقبل لاءِ هڪ بيحد اهم معاملو سمجهون ٿا، اسين سنڌ صوبي جا هيٺ صحيح ڪندڙ ليکڪ، شاعر، فنڪار، استاد، شاگرد ۽ عام سمجهه رکندڙ ننڍا وڏا ماڻهو سڀ پوريءَ ذميداريءَ سان گهر ٿا ڪريون ته هڪ ”ڪل- پاڪستان ٻولي ڪميشن“ مقرر ڪئي وڃي، جنهن تي، سڀني ٻولين جي مفادن کي خالص علمي نقطي نگاهه کان هڪ جيتري نمائندگي حاصل هجي، ته اِها پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪري، ان بابت پوري پوري پڇا ڳاڇا ڪري ۽ هڪ جامع رپورٽ پيش ڪري، جنهن تي ڪل- ملڪي پيماني تي آئيني، انتظامي ۽ تعليمي طور عمل ٿي سگهي. +14- جيڪڏهن اسان جي هن خواهش کي، ڪنهن خيال کان، حد کان مٿي يا ٻاهر سمجهيو وڃي، ته ان حالت ۾ اسين سنڌي زبان لاءِ هڪ ”بااختيار اعليٰ حڪومتي انتظاميه“ جي فوري مقرريءَ جي گهر ڪريون ٿا، جيڪا 1972ع جي سنڌ قانون نمبر 2 جي اغراض و مقاصد جي تعميل لاءِ گهربل موقعا، سهوليتون ۽ وسيلا پيدا ڪري، جيڪو قانون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي عين مطابق، سنڌ صوبائي قانون ساز اسيمبليءَ، سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، ترقيءَ ۽ قومي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ صوبائي ٻوليءَ طور سرڪاري استعمال لاءِ پاس ڪيو هو. +15- اسين گورنمينٽ آف سنڌ کي پوري ادب ۽ اخلاص سان گذارش ٿا ڪريون ته هوءَ هن سلسلي ۾ پنهنجي ذميدارين کي سچائي ۽ زبان جي مٿي ڄاڻايل سنڌ قانون کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گهربل مالي ۽ انتظامي اقدام کڻي ۽ پاڪستان ملت جي سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي عين احسانمنديءَ جو موقعو عطا ڪري. +1- سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 2- پير حسام الدين راسدي، 3- مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، 4- ڊاڪٽر غلام علي الانا، 5- علي احمد بروهي، 6- مسٽر اياز گل، 7- مسٽر تنوير عباسي، 8- ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، 9- پير شاهه راشدي، 10- مسٽر خادم حسين عباسي، 11- پروفيسر بدرالدين اڄڻ، 12- مسٽر مومن علي شاهه، 13- مسٽر نعمت الله ڀٽو (شڪارپور)، 14- نقش ناياب منگي (شڪارپور)، 15- آزاد جتوئي، 16- مسٽر گر ڏنو پنجابي (شڪارپور)، 17- انور فقير هڪڙو (شڪارپور)، 18- فاروق احمد مورياڻي (شڪارپور)، 19- مسٽر غلام حسين ڀٽو، 20- مسٽر محمد ابراهيم جويو، 21- مسٽر نثار احمد چنا، 22- مسٽر خان محمد پنهور، 23- مسٽر مختيار احمد سومرو، 24- ڊاڪٽر سليمان شيخ، 25- مسٽر غلام رسول ميمڻ، 26- پروفيسر اياز قادري، 27- مسٽر محمد بخش سومرو، 28- مسٽر غلام رسول ميمڻ، 29- مسٽر امداد علي اڍو، 30- مسٽر محمد اسحاق، 31- مسٽر عين العابدين، 32- مسٽر سڪندر کوسو، 33- مسٽر شيخ عزيز، 34- مسٽر نصير اعجاز، 35- مسٽر خدا بخش سومرو، 36- مسٽر مهرالله سومرو، 37- ڊاڪٽر خدا بخش، 38- مسٽر خليل مورياڻي (شڪارپور)، 39- مسٽر اشفاق احمد منگي، 40- مسٽر عبدالسلام، 41- مسٽر نياز پنهور، 42- مسٽر خير محمد کوکر، 43- مسٽر عبدالسلام، 44- مسٽر هدايت الله آخوند، 45- مسٽر شوڪت حسين شورو، 46- مسٽر عبدالقادر جوڻيجو، 47- مسٽر قاضي خادم، 48- مسٽر امداد حسيني، 49- مسٽر استاد بخاري، 50- مسٽر شمس الدين جوڻيجو، 51- مستر عبدالرحمان شيخ، 52- مسٽر مهتاب احمد جوڻيجو، 53- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، 54- مسٽر عبدالرحمان شيخ ۽ 55- مولانا عزيز الله ٻوهيو. +[1983ع] +* UNESCO, "The Use of Vernacular Languages in Education" Report of the Unesco Meeting of Specialists (1951), Monographs on Fundamental Education VIII, p. 47-8, Paris, Unesco, 1953. +** B.W. Tiffen, "Language and Education in Common- wealth Africa" in: Daken J. et al (eds.) "Language in Education", pp. 83-84, London Oxford University Press. 1968. +* UNESCO, "The Role of Linguistics and Socioalingusties in Language Education and Policy", p-11 E/D/Ws/286, Paris, Unesco, 1972. + + +ٻه اکر +”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ [سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد جي ڇپايل ڪتابچي ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ لاءِ لکيل 1985ع]. +معاشري ۾ فرد جي ڳالهه هجي يا قومن جي برادريءَ ۾ ڪنهن قوم جي، هيڪِلي ۽ ننڍي هستي هميشہ پيارُ چاهي ٿي، ڀروسو چاهي ٿي ۽ مانُ چاهي ٿي- ڇو ته اُن کي پنهنجو جيئڻ عزيز آهي. پر جڏهن اُن تي پڌرو ٿي وڃي ٿو ته اُن سان پيار نه پر ڳلٿو ٿئي ٿو، اُن تي ڀروسو نه پر شڪ ڪيو وڃي ٿ�� ۽ اُن جو مانُ نه پر اُن سان ڌؤنس روا رکي وڃي ٿي- ۽ اُهو سمورو وقت، اُن جي اُپت ۽ اِثاثي، وسائل ۽ ورثي ۾ ئي ڏاڍي پَکَ جي هوس ناڪ اک کُتل آهي- تڏهن اُها ’معاشري‘ کان، ’برادري‘ کان مُنهن موڙڻ تي مجبور ٿئي ٿي، ۽ پنهنجي جيئاپي لاءِ آراڌا جتن ڪري ٿي. اهڙيءَ ڪيفيت جو آخري ۽ واحد عنوان هيءُ بڻجي ٿو ته اُن جي ڪابه حقي ڳالهه نٿي ٻُڌجي، اَڌ ٻُڌجي ٿي ۽ غلط ٻُڌجي ٿي، ۽ ڪڏهن به نٿي مڃجي- ايتري قدر، جو اُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سواءِ زور جي معاشري يا برادريءَ کان اُن کي حق ملڻو نه آهي. اُن حالت ۾ معاشري يا برادريءَ ۽ اُن ننڍيءَ هستيءَ جي وچ ويڇي ۽ ڌاريائپ جي فولادي ڀت اُڀي ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ اُها آراڌي انساني هستي، فرد جي يا قوم جِي، پنهنجي ذات ۾ پاڻ ئي جدا هڪ ’معاشرو‘، جدا هڪ ’برادري‘، بڻجي پوي ٿي: ۽ پوءِ موٽ ۾ زور جي عمل سان اُها انفراديت ۽ اُها قوميت وري ڪڏهن مات نٿي ٿي- سواءِ اِن صورت جي، جو مِٽجي وڃي يا پاڻ ميٽي ڇڏي- اهڙي خودشناس ۽ باشعور انفراديت يا قوميت (جيسين پاڻُ نٿي ميٽي، تيسين) پنهنجي ذات ۾ هڪُ پاڻَ- زورو ڪرشمو، هڪَ پاڻَ پورِي قدرت بڻجي جيئي ٿي، يعني فقط خود- اراديت جي شرط تي، ۽ اُن جي وجود جو ڪُل انساني برادريءَ جي وجود ۾ پوءِ مستقل ۽ مساوي حصو قائم رهي ٿو. +سنڌي معاشري ۽ سنڌي قوم کي به تاريخ ۾، ڪافي ڪجهه وقت، دنيا جي ٻين اڪثر معاشرن ۽ قومن وانگر، ڌارين جي تسلط هيٺ، اِن طرح جي ڳلٿي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جو نشانو بڻجي رهڻو پيو آهي. اڄ به اُن جي ڪنهن حقي ڳالهه کي ٻُڌو نه ٿو وڃي، اَڌورو ٻُڌو ٿو وڃي، ڄاڻي ٻجهي غلط ٻُڌو ٿو وڃي، ۽ هرگز مڃيو نٿو وڃي. اڄ به اُن اَنيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آهن، اُن جي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي ساڳيءَ اُنهيءَ جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، ’علاقائي‘ بي آب و گياهه پَٽنَ مان ڪڍي، ’قومي‘ سرسبز چراگاهن ڏانهن نيو وڃي ٿو؛ سگهارن ابلاغي ذريعن- پريس، ريڊئي، ٽيليويزن- کان، ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌتاري رکڻَ ۽ ’قومي‘ ٻوليءَ کي آڍي مَکي، وڏو ڪري، مُلڪن ۽ ماڻهن مٿان مڙهڻ جو حڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سهولتن ۽ موقعن کي- ادارائي، تنظيمي، تعليمي ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾- ’قومي‘ ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، ۽ ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو وڃي ٿو ته ڀل ته اُها پنهنجي مُنهِن مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رهي؛ هٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، هڪ ساهيءَ ۾ مذهب کي قوم جو واحد اِساس چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽ ٻيءَ ساهيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اِساس چئي، قومي ٻوليءَ جي تقديس جو جواز موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ اِئين اسين جيڪي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلافِ – مذهب ۽ ملڪ- دشمن، قوم- دشمن چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني هيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رهون، پيش پئون، ۽ پنهنجي انفراديت، پنهنجي قوميت، پنهنجي انسانيت تان هٿ کڻون ۽ معاشري ۾، قومن جي برادريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم- پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراهه بڻجون. +هِن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان هيٺ، پنهنجن خيرطلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جي پختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آهي، ته اسان کي پنهنجي اِها ٻين جي سڻڀي گراهه بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانهي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم ۽ هر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آهيون ۽ سچا رهنداسين. +اميد ته خيالن جي هيءَ ياداشت، جيڪا خاص طرح سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن جي مائٽن ۽ استادن، ۽ سنڌ جي تعليم دانن ۽ تعليم ڪارن، ۽ تعليمي عملدارن ۽ اعليٰ حڪومتي اختيار جي صاحبن جي توجهه لاءِ شايع ڪئي ويئي آهي- اِهي اسان جا عزيزَ، دوست ۽ ڪرم فرما سڀ ڌيان سان پڙهندا، ويچاريندا، ۽ جي اُن سان متفق ٿين ته اُن کي، پنهنجي پنهنجي دائري ۾، عمل ۾ آڻڻ جا پورا جتن ڪندا- اِهوئي اسان لاءِ اسان جي هِن نماڻيءَ محنت جو لائق صد تحسين عوض ٿيندو. +* ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪن تهذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ، ۽ خود خدا به ته پوءِ ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به اِنهيءَ لاءِ ته آخر آزاد نه ٿيا هئا ته پنهنجي ڳالهه تان دستبردار ٿي، اردو سياسي اقتدار جا غلام بڻجي وڃڻ. +’ٻولي‘، آوازُ- دانَهن ۽ دانهن جو جواب- ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن. بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف (83-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿِي ۽ مون کي بچائين ٿِي. جي تون نه هِجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان. پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!“ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اها اسان جو ڏڍ آهي، آٿت آهي، اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي؛ ۽ جيڪا ٻولي اسان کي .... ’سندي ذات هنجن‘ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي؟ +[”سندي ذات هنجن“، 1983ع] +پاڪستان ۾ سائنس جو خاموش موت +1984ع جو سال پاڪستان ۾ سائنس جي بدتر حالت جو شاهد آهي. اسان جون يونيورسٽيون ڏاهپ کان وانجهيل آهن. +سائنسي تحقيق جا تقريباً سڀئي ادارا نوڪر شاهيءَ جي هٿ گهٽيل ۽ پنهنجي بي حاصلاتيءَ جي خلا ۾ بي اثر آهن. ملڪ جي نوجوان سائنسدانن جو ٻاهرين ملڪن مان موٽي اچڻ اسان لاءِ اڄ هڪ طرح مينهن جي بوند لاءِ سڪڻ برابر آهي. ملڪ ۾ باقي بچيل مختصر تعداد سائنسدانن جو مايوسيءَ ۾ ويڙهيل آهي. اسان وٽ بنيادي تحقيق بنهه ختم ٿيندي پئي وڃي. 60-1970ع واري ڏهاڪي ۾ واقع ٿيل سائنس جي ٿوري ترقي، پويان پير ڪيو، واپسيءَ ڏانهن گهلجي رهي آهي. اڄ اسان وٽ سائنس پوريءَ خاموشيءَ سان پنهنجو موت پاڻ مري رهي آهي. +منهنجي هيءَ افسوسناڪ ڪٿ ڪيترن پڙهندڙن کي عجب ۾ وجهي ۽ ٻين کي چيڙائي سگهي ٿي. پر تلخ حقيقت کان منهن موڙڻ اسان کي ان اُٺ پکيءَ وانگر بنائي ٿو، جو پنهنجي ڳچي واريءَ ۾ لڪائي، سوچيندو آهي ته اُن هر خطري کان سلامتي حاصل ڪري ورتي آهي. سائنسي مواد کان خالي ”سائنسي ڪانفرنس“ جو موجوده زور پنهنجو پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن هنن ڪانفرنسن جو مقصد پاڻ کي ۽ ٻين کي خوش ڪرڻ آهي، ته اسان وٽ سائنس زنده آهي ۽ وڌي ويجهي پيئي، ته پنهنجي خوش دليءَ لاءِ ته ائين قبول به کڻي ڪجي، پر اها ڳالهه ڪنهن پراڻي مردي تي عطر اڇلائڻ جي برابر ئي ٿيندي، جنهن جي بدبوءِ بهرحال ضرور پکڙبي. +غلط مطلب +سائنسي ترقيءَ جو نالو وٺڻ اڄ هر هنڌ بنهه ڪنهن ايماني ذڪر وانگر ورتو پيو وڃي، پر سائنس جي ان نالي ماتر تعظيم مان ڪجهه وري سري نٿو سگهي. افسوس آهي ته سائنس جي معنيٰ ئي ٽيڪنالاجي جي ورتي پيئي وڃي، جا ڳالهه غلط آهي ۽ سائنس جي هتڪ آهي. سائنس مشينريءَ يا بجليءَ جي شين يا اوزارن جو نالو نه آهي. ساڳيءَ طرح سائنس جي ترقي ڪنهن هنر ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو نالو به نه آهي. +پراڻي زماني کان وٺي اڄ تائين سائنس دليل ۽ عقل جي ذريعي دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صرف سچ ئي معتبر آهي. هر سائنسي نظريي کي انهيءَ سخت چئلينج کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته مشاهدي ۾ آيل حقيقتن جي سمجهاڻي ڏيئي سگهي ته ڏئي، نه ته سندس دعوا باطل سمجهي ويندي ۽ کيس رد ڪيو ويندو. +لاڳيتي پڇا ڳاڇا ۽ تحقيق ۽ آزمائش ئي سائنس جي روح آهي- ۽ ان طرح ئي سائنس اسان کي سدائين ڪائنات جي گهري ڄاڻ ڏيئي سگهي ٿي ۽ ڏئي ٿي. ٽيڪنالاجيءَ جا نماءَ ۽ ڏيکاءَ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ محض اوزار سائنس نه آهي. سائنس انسانن جي ذهنن ۾ رهي ٿي نه ڪي مشينن ۾. +گذريل صدين ۾ مسلمانن طرفان ڪيل زبردست سائنسي ترقيءَ کان بي خبر ڪي اسلامي ملڪ ظاهر ظهور ۽ ڪي لڪ ڇپ ۾ سائنس بابت پنهنجا شڪ شبها ظاهر ڪن ٿا. تازو ڪويت ۾ ٿيل اهڙيءَ اعليٰ سطح جي هڪ ”اسلامي سائنس“ جي گڏجاڻيءَ ۾ سعودي عرب جي عيوضين ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جو ته ساٿ ڏنو، پر ساڳيءَ ريت عباسي دور جي ’معتزلن‘ جو تاريخي مٿال ڏيندي، اهو به چيو ته سائنس ڪفر ڏانهن به گهلي سگهي ٿي! ظاهر آهي ته هن قسم جي ذهنيت سان، سڄيءَ دنيا جي سموريءَ دولت جا منهن به کڻي کولجن، ته به نه سائنس جي ۽ نه ٽيڪنالاجيءَ جي ئي ترقيءَ جي راهه ۾ هڪ انچ به اڳتي وڌي ٿو سگهجي. +مقصد +منهنجي ذهن مطابق سائنسي ترقيءَ جي معنيٰ هيٺين مقصدن کي زور وٺائڻ ۽ تحريڪ ۾ آڻڻ آهي: +(1) عام ماڻهن ۾ سائنسي ڄاڻ ڦهلائڻ. عام ماڻهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته مينهن ڇو ٿو پوي ۽ گجگوڙ ڪيئن ٿي ٿئي، ۽ جيوڙن جو وجود ڇا آهي، ڪار جي انجڻ ڪيئن ٿي ڪم ڪري، ڪمپيوٽر ڇا آهي، وغيره وغيره. گهٽ ڄاڻ رکندڙ ۽ وهم پرست ماڻهن جي گهڻائي سڄيءَ قوم کي هن وقت ۽ ايندڙ زبردست ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سوين ڪوهه پوئتي ڌڪي ڇڏيندي. +(2) ذهين ۽ تخليق ڪندڙ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻن ۽ ماهرن جو طبقو پيدا ڪرڻ (ٽيڪنيشن، انجنيئر، ڪمپيوٽر جا ڄاڻو وغيره وغيره). هن طبقي مان ئي اها اميد رکي سگهجي ٿي ته هو نت نيون هنرمنديون ايجاد ڪندا ۽ موجوده هلندڙ هنرمندين ۾ سڌارو آڻيندا. سائنس جي بنيادي اصولن جي ڄاڻ بهترين ماهر بنجڻ لاءِ بنيادي شرط آهي. ان سلسلي ۾ صرف انهيءَ ڳالهه تي ئي نظر وجهڻ ڪافي آهي ته هڪ سٺيءَ آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ اڄ هڪ انجنيئر کي ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا نه سائنسي ڪورس پڙهڻا پون ٿا. +(3) ساڳئي وقت بنيادي سائنسدانن جهڙوڪ فزڪس ۾، ڪيمسٽريءَ ۾، مئٿميٽڪس ۽ بائلاجيءَ وغيره وغيره ۾ ڄاڻن ۽ ماهرن جو پيدا ٿيڻ پڻ ضروري آهي. بنيادي سائنس حقيقت ۾ سچوپچو کوجنائي عمل آهي. جيڪو اَڻي کان تارِي تائين ۽ ڪيميائي عمل کان توليدي جيوگهرڙي تائينءَ جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها تحقيق ۽ اها ڄاڻ ۽ اهي تجربا ۽ مشاهدا ڪنهن غريب ملڪ جي لاءِ عياشي نه آهي، جيئن اڪثر بيان ڪيو ٿو وڃي، ڄاڻ بنيادي طور تي تمام ڪمائتي شيءِ اهي، ۽ اها هڪ ڳالهه ئي بنيادي سائنس کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ۽ قربانيءَ لاءِ ڪافي سبب آهي. +دراصل بنيادي سائنس يعني خالص ڄاڻ ئي تاريخي طور تي هر دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي وڌڻ جو بنيادي سبب رهي آهي. +ٽرانزسٽر ريڊيو هڪ فزڪس جي ماهر ايجاد ڪيو ۽ اڄوڪو جديد ڪمپيوٽر هڪ رياضي دان ٺاهيو. +سچائي گهري ٿي ته پاڪستان ۾ سائنس جي پٺتي هجڻ جو نفسياتي ۽ ثقافتي حيثيتن ۾، ۽ گڏوگڏ، وڌيڪ سمجهه ۾ ايندڙ، مادي حيثيت ۾ تجزيو ڪيو وڃي. +تقليد ۽ تسليم +جيڪڏهن سائنس ماڻهن جي اتساهه جو اظهار آهي ته اِن ڳالهه کان ته شروع کان وٺي پاڪستاني ٻار جي زندگيءَ ۾ سائنسي رويي کي ننديو ٿو وڃي. اسڪول ۾ سڀ کان اول ٻار سخت ننڍ- وڏائيءَ واري ۽ حاڪماڻي سماجي ماحول جو مشاهدو ڪري ٿو. عقيدا ۽ خيال جيئن آهن، تيئن قبول ڪرڻ کي همٿايو وڃي ٿو ۽ جستجو کي سزا جي لائق ٺهرايو وڃي ٿو. +پرائمريءَ کان وٺي اعليٰ تعليم تائين شاگردن تي چپ چاپ قبول ڪرڻ جو ۽ بحث نه ڪرڻ جو شرط عائد ٿيل آهي. وقت بوقت انهن کان اڌ هضم ڪرايل ڳالهيون ۽ عقيدا اوڳارايا وڃن ٿا، ۽ بدلي ۾ کين اُن عمل ۾ ڪاميابيءَ لاءِ سٺيون مارڪون ڏنيون وڃن ٿيون. +سائنسي اڻ ڄاڻائيءَ جا مادي سبب آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ جوڳا آهن: خراب اسڪول، خراب ڪاليج، خراب استاد، خراب ڪتاب ۽ اڻ پوريون ۽ خراب سهوليتون. تعليمي ادارن جي گذاري لاءِ ايڏيءَ مسڪين حال بجيٽ مان ٻي اميد به ڪهڙي ٿي رکي سگهجي! ٽيليويزن جهڙو اثرائتو ذريعو جيڪو باقائدگيءَ سان سائنسي ڄاڻ جا پروگرام ڏيکاري ٿو، اِهو تفريحي پروگرامن ۽ واپاري اشتهارن ڏيکارڻ ۾ رڌل ٿو رهي. +تخليقي هنرمندن جي اڻاٺ جو مسئلو وڌيڪ تحقيق طلب آهي، جيڪو هنن ٿورين سٽن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هن سائنسي ڄاڻ جي قحط ۽ تخليقي هنرمندن جي اڻاٺ لاءِ هڪ حد تائين ٻين تي انحصار واريءَ ترقيءَ جي فلاسافي، ٻاهرين جي مدد تي ٻڌل رٿابندي، پرڏيهي صلاحڪارن تي آڌار ۽ درآمد جي بي مقصد ۽ کليل پاليسي، ۽ ملڪي سطح تي مسئلن جي حل ڏانهن بي توجهي جوابدار آهن. +سڪي جو ٻيو رخ به آهي حڪومت جي تحقيق ۽ ترقيءَ جا ادارا، سواءِ ڪن ٿورن جي، گهربل ناڻي ۽ اوزارن جي باوجود ملڪ جي صنعتي ضرورتن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ۽ انهيءَ لاءِ اسين پنهنجن تعليم گاهن ۾ ناڪام سائنسي اڳواڻيءَ کي به جوابدار سمجهون ٿا. اسان وٽ عام طرح سياسي سرپرستي ۽ سينارٽيءَ جا قانون ئي اهو فيصلو ڪندا رهيا آهن ته هڪ سائنسي اداري يا سائنسي رٿا جي ورڪرن جي اڳواڻي ڪير ڪري، پوءِ ڀلي ان اڳواڻ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ تنظيمي صلاحيتون نالي ماتر ئي ڇو نه هجن. سچ پچ ته تحقيق ۽ ترقيءَ جا اهي ادارا يا ڪم، انهيءَ ڏينهن کان ئي ختم ٿي ويندا آهن، جنهن ڏينهن اهي وجود ۾ ايندا آهن ۽ جڏهن سندن ڪو اڻ لائق ڊئريڪٽر مقرر ٿيندو آهي. اسان وٽ ائين نالي ماتر سائنسي ادارن ۾ تمام گهڻيءَ ۽ بي ضابطي واڌ به سائنسي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون پيدا پئي ڪيون آهن. +اسان جا بهترين سائنسدان ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا ڄاڻو وچ مشرق ڏانهن هليا ويا آهن، ۽ اسين اڃا تائين به اهڙن ٻين پنهنجن ماهرن جي ٻاهر وڃڻ جي همت افزائي ڪري رهيا آهيون. ائين بنيادي ۽ خالص سائنس ۽ سائنسي تحقيق کي ته ڇڏيو، پر سوال هيءَ آهي ته ڇا اسين رڳو ٽيڪنالاجيءَ کي وڌائڻ جي باري ۾ به سنجيده آهيون؟ +سائنس جي واڌاري لاءِ ترقي يافته دنيا ۾ يونيورسٽيون تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جتي بهترين ۽ اعليٰ تخليقي دماغ اچي گڏ ٿين ٿا، جيڪي ن�� صرف نوجوان نسل ۾ علم جي تدريس وڌائين ٿا، پر گڏوگڏ خود علم جي سرحدن ۾ پڻ واڌارو آڻيندا رهن ٿا. پاڪستاني يونيورسٽيون انهن کان مختلف آهن. انهن جا شاگرد ۽ استاد ملڪ جي ذهين ماڻهن جو بچيل ڦوڳ هجن ٿا. اهي جيڪي ٻين سڀني هنڌن تي ناڪام ٿين ٿا، ڇڪجي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اچن ٿا. هر قسم جي انگن اکرن سان اسين پنهنجي ان نوع جو علمي ڏيوالو ثابت ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن پاڪستاني يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به تازي نڪتل سائنسي گرئجوئيٽ سان ڳالهايو ته سندس بي علم ۽ بي اثر هجڻ جو ثبوت اوهان کي فوراً ملندو. +پاڪستاني يونيورسٽين جي تعداد ۾ بنهه جُوکن يتيمن جي تعداد وانگر اضافو ٿيو آهي. اهي اڌ بکايل نوان ادارا ڪڏهن به ڪنهن قسم جي لائقي حاصل نه ڪري سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي جوڙجڪ ۾ تعليمي لياقت جو ڪڏهن اونو ئي نه رکيو ويو آهي. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته پاڪستان جون پراڻيون يونيورسٽيون پڻ مري رهيون آهن. پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪابه تحقيقي پيداوار ڪانهي، ۽ سندس گهڻا فرسٽ ڪلاس گرئجوئيٽ صرف اڌ پڙهيل ئي آهن! قائداعظم يونيورسٽي، جيڪا ڪنهن وقت وڏي فخر سان بهترين سمجهي ويندي هئي، سا به تيزيءَ سان ساڳئي مثال تي عمل ڪري رهي آهي. جيڪي ماڻهو اهو معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي ادارا ڇو ختم ٿيا آهن يا ڪيئن مري رهيا آهن، سي اِن ڳالهه جو جواب آفيسر شاهيءَ جي اونداهيءَ سازشي ڌٻڻ ۾ انهن ادارن جي خون جي سببن کي لهي سگهن ٿا. +هڪ طرفي انڌي علم ۽ بي روح ضبط ۽ قائدي قانون جي سختيءَ جو ڀوت پڻ اسان جي يونيورسٽين جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي. +يونيورسٽيون ٺيڪن تي نه ٿيون ڏيئي سگهجن، جن ۾ خيالي مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه جون سازشون به ڪرايون وڃن ۽ ساڳئي وقت اها اميد به اُنهن مان رکجي ته اُهي علمي ادارن طور ڪم به ڪنديون! انهن يونيورسٽين جو موجوده انتظام ڪنهن انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ، ڪنهن جيل يا ڪنهن پاڳل خاني جهڙو آهي. انهن حالتن سبب اصلي ۽ خاص ڄاڻو اهڙيءَ ٻوساٽ ۽ گُهٽ جهڙي ماحول مان ڀڄي نڪرن ٿا، ۽ باقي پٺيان علم ۽ فضيلت کان محروم نادارن ۽ اڻ پڙهيلن جو وڏو تعداد ئي رهجيو وڃي. +[انگريزيءَ کان ترجمو: م.ا.ج هفتيوار ”هدايت“، 28-6-1984ع] +سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا +سنڌي ادبي سنگت جا دوستؤ، پياريون ڀينرون ۽ پيارا ڀائرؤ! +آءٌ سمجهان ٿو ته وقت تمام گهڻو گذري چڪو آهي، ۽ اُهو وقت اسان لاءِ سڦلو به گذريو آهي- خاص ڪري جيڪي ٻه مضمون پڙهيا ويا ۽ اسان ٻڌا، هڪڙو تاج جويي جو ۽ ٻيو غلام حسين رنگريز جو، اُهي ڪيڏيءَ نه سنجيدگيءَ سان، ذميداريءَ سان ۽ ڪيڏي نه شوق ۽ هيج سان هو پنهنجو وقت ڏيئي، اسان لاءِ لکي آيا هئا! آءٌ پنهنجي پاران ۽ اوهان جي پاران کين مبارڪباد ڏيان ٿو، ۽ تهدل سان پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪريان ٿو. +هتي هڪ مُکُ ڳالهه جيڪا مون کي ڏسڻ ۾ آئي، سا تنقيد جي باري ۾ هئي، اديبن ۽ نقادن جي باري ۾ هئي. اديب ۽ نقاد جا، فنڪار ۽ پارکوءَ جا، پاڻ ۾ جيڪي ڳانڍاپا آهن، سي تمام گهڻي زماني کان وٺي ۽ هر هنڌ قرب جا به آهن ۽ دوريءَ جا به آهن. اُهي هڪٻئي تي جَڪَ ۽ ساڙ به کائيندا آهن ۽ هڪٻئي سان پنهنجون خوشيون ۽ سهمتون به ونڊيندا ۽ ورهائيندا آهن، هڪٻئي سان اختلاف به ڪن ٿا ته سندن پاڻ ۾ رابطا به قائم آهن. نقاد ۽ فنڪار جو، اديب ۽ ادب جي پارکوءَ جو اهو جيڪو دو-رخيءَ وارو تعلق آهي، سو جُڳن کان هلندو پيو اچي، بلڪ اِن سلسلي ۾ هو هڪٻين لاءِ لازم ملزوم آهن. ان ۾، پاڻ ۾ اُنهن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جي ڳالهه ڪانهي. اهو هڪڙو دستوري واسطو آهي. جيڪو تخليق جي دنيا ۾ هلندو آيو آهي ۽ هلندو رهي ٿو. اُن تي ڪاوڙ ڪرڻَ، يا ڪنهن کي طبيعت ۾ ناراض ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. +اصل ۾، هر سوچيندڙ ۽ سرجيندڙُ ماڻهو پنهنجو نقاد پاڻ آهي، ۽ اديبَ، شاعرُ يا فنڪارُ سڀ کان پهريون نقاد پنهنجو پاڻ آهي. اِن طرح اديب جو پهريون اختلاف يا نبيرو پنهنجي پاڻ سان آهي. +اِن سلسلي جو انگريزيءَ ۾ هڪڙو قول آهي: +A good writer is he who knows what to erase and what to substitute… +يعني ”سٺو اديب يا ليکڪ اُهو آهي، جيڪو ڄاڻي ٿو ته پنهنجيءَ لکڻيءَ منجهَان ڪهڙا لفظ يا جملا ڪڍي ڇڏي ۽ ڪهڙا اُنهن جي جاءِ تي ٻيا وجهي...“ ۽ اِئين اديبُ فقط تڏهن ڪري سگهندو، جڏهن هو پنهنجو جيڪو شاهڪار پيدا ڪري ٿو، اُن کي ورائي ورائي ڏسي ۽ بهتر کان بهتر بڻائي. جيڪڏهن هو شاعر آهي ۽ هُن کي پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪو لفظ يا اصطلاح ۽ خيال نٿو وڻي ۽ اُهو هو ڇڏي ڏئي ۽ اُن جي جاءِ تي ٻيو ڪو لفظ، اصطلاح يا خيال آڻي ٿو، ته اُن ۾ کيس ڪو عار محسوس نٿو ٿئي، بلڪ سندس وڏي دلچسپي ۽ خوشي ئي اُنهيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ هوندي اهي. اِن ڪري وڏو ۽ سچو اديب گهڻي قدر صرف اُهو چوائي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي محنتڪاريءَ جي ائين پرک ۽ ڇنڊڇاڻ پاڻَ ڪري سگهي ۽ ڪندو رهي. +حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر ڪاموڏ جي هڪڙي سِٽ آهي ته ”هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾!“ نوري ڄام تماچيءَ جي علامتي قصي جي هڪ وائيءَ جي اِها سِٽ بلڪ اُن جي وراڻيءَ واري اِها خاص سِٽ آهي. هيءُ اسان جو سماج گويا ’ساٽين جو سماج‘ آهي: اسين سڀ هڪ طرح سڀ ’ساٽي‘ آهيون: سماج ۾ ۽ اسان ۾ سوين خرابيون آهن. ڪوڙَ آهن، بريون ڳالهيون ۽ ڪيئي گندگيون آهن. پر اديب ۽ تخليق ڪار جيڪو آهي، سو هِتان هُتان سچا ’هيرا‘ چوندي کڻي ٿو، چونڊي چونڊي سٺيون ڳالهيون ڪڍي پنهنجون ڪري ٿو، ۽ اسان کي ڏئي ٿو. ائين ماڻهوءَ جو هيءُ جيڪو مغز آهي، انسان جو هيءُ جيڪو زهن آهي، تنهن ۾ به الاهي خيال اچن ٿا- ڪي چڱا خيال ته ڪي بُرا خيال اٿن ٿا، جذبا به ڪي ڪچا ڪي پڪا، ڪي اَدنيٰ ڪي اوچا، ڪي گدلا ۽ ميرا، ڪي نرمل نِرويا ۽ صاف ٿين ٿا. +اُنهن منجهان ’هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾‘ وانگر هو، ڏسي ڏسي، سٺا سٺا جذبا قبولي ٿو، ڪثيف جذبا ڇڏي ڏئي ٿو، ڪومل ۽ لطيف خيال ۽ امنگ اُتان هو کڻي ٿو ۽ پنهنجيءَ تخليق ۾ آڻي جڳ جي آڏو رکي ٿو. ائين هو ڪا ڳالهه پيش ڪري ٿو ته اڳواٽ ئي کيس اِن جي پَڪَ هوندي اهي ته هو جيڪا شيءِ ڏيئي رهيو آهي، سا ڏيڻَ جهڙي شيءِ آهي، ۽ جيڪڏهن اها ڏيڻ جهڙي شيءِ ناهي ته هو پاڻ ئي اُن کي رد ڪري ڇڏيندو آهي. انگريزيءَ جي اديب، ٿامس ڪارلائل کي اوهين ڄاڻندا هوندا، نه ته به اوهان هُن جو نالو ٻڌو هوندو، اوڻيهين صديءَ جي انگلينڊ جو هو تمام هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. تنهن فرينچ انقلاب تي جيڪو جڳ مشهور هزار کن صفحن جو ڪتاب لکيو آهي، ’دي فرينچ ريووليشن- اي هسٽري‘، سو ٽي دفعا هُن کي ورائي ورائي لکڻو پيو هو. اهڙيءَ طرح اڪثر ليکڪ ۽ شاعر جڏهن شاعري ڪن ٿا يا ڪو مضمون وغيره لکن ٿا ته ائين ڪونهي ته قلم کڻي جيڪا شيءِ پهرئين ڀيري لکجي ويئي، سائي منڊيءَ تي ٽڪ ٿي ويئي! ساڳيءَ طرح هي جيڪي راڳي آهن- جيئن موهن ڀڳت آهي، جنهن اڄ اسان جي آڏو ڳايو- تن کان پڇي ڏسو ته اُهي جڏهن به ڪو راڳ پيش ڪن ٿا ته سڀ کان پهرين پاڻ ئي اُن تي جهومن ٿا ۽ خوش ٿا ٿين، جيڪڏهن ڪو راڳي پنهنجي راڳ مان پاڻ خوش نه ٿو ٿئي، ته هن کي پڪ هوندي آهي ته سندس ٻڌڻ وارا به اُن مان خوش ڪونه ٿيا آهن. +ان ڪري اديبُ، لکڻهارُ، شاعرُ، مصنفُ سڀ کان پهرين پنهنجو نقاد پاڻ آ��ي، ۽ پوءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي تخليق کي هو پيش ڪري ٿو؛ ۽ پوءِ هُن جا ٻڌندڙ يا پڙهندڙ واهه واهه ڪن ٿا ته هو وڌيڪ خوش ٿئي ٿو، ۽ جي واهه واهه نٿا ڪن، بلڪ هن جي چڱيءَ شيءِ کي پسند نٿا ڪن، بلڪ غلط نموني ۾ پنهنجي ناپسند جو نشانو بڻائين ٿا، ته هو ناخوش به برابر ٿين ٿا، پر دلڪش يا مايوس ڪونه ٿا ٿين. اهريءَ طرح اديب ۽ نقاد جي وچ ۾ جيڪو تعلق آهي. سو هڪ ئي وقت رنج ۽ خوشيءَ جو هوندو آهي، پر اِن ۾ هُنن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانه آهي: بشرطيڪ ٻنهي جي مرادَ واريءَ مان سونَ ڪڍڻ جي ۽ پٿرن مان هيرن کي ڳولڻ ۽ سڃاڻڻ جي آهي. +مون کي اوهان سان ٻي به هڪڙي ڳالهه ڪرڻي آهي. سا هيءَ آهي ته هِتي منهنجي محترم دوست حميد سنڌيءَ پنهنجيءَ تقرير ۾ هڪڙو لفظ ’قدرون‘ استعمال ڪيو ۽ وري وري استعمال ڪيو. آءٌ حميد سنڌي صاحب جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهيان. هو پنهنجو پيارو دوست اهي، ۽ سٺو اديب آهي. هيءَ جيڪا آءٌ ڳالهه ڪريان ٿو، سا اسان جي ٻين اديبن سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي، جيڪي شعوري يا لاشعوري طور، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، ائين لفظن جو غلط استعمال ڪن ٿا. هيءُ لفطن جو غلط استعمال اسان تي گهڻي قدر اردو بوليءَ جي بيجا اثر جو نتيجو آهي، اِهو مسئلو اسان لاءِ پنهنجيءَ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اسمن، خاص طرح ٻين ٻولين مان آيل اسمن جي جنس ۽ عدد جي صيغن جي پنهنجن قاعدن جي پيرويءَ يا عدم پيرويءَ جو مسئلو آهي. +هِن سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه اسان سڀني کي هميشہ ياد رکڻ کپي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ جملي ڏهه بنيادي آواز آهن. جيڪي اسان جي الف بي جي ٻاونجاهه اکرن مان 49 صحيح اکرن تي زبر، زير ۽ پيش ۽ ٽن علت جي اکرن (الف، واءُ ۽ بي) جي عمل سان اچارجن ٿا. مثلاً: اَ آ اَو اَي، اِ اِي، اُ اُو، او اي؛ بلڪ نُون غُني جي ملاوت سان اُهي آواز وڌي ويهه آواز به بڻجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جو اُهو خاص گڻ آهي ته اُن جي گرامر جا اَٺَ ئي ڳالهائڻ جا لفظ – اسم، ضمير، صفت، ظرف، فعل، حرف جر، حرف جملو، حرف ندا- پنهنجين پڇاڙين ۾ ساڪن نه هوندا آهن، پر اُنهن ويهن آوازن مان ڪنهن نه ڪنهن هڪ ۾ آوازبا آهن: ۽ اُنهن جا اُهي آوازئي اسان جي ٻوليءَ ۾ لفظن جي اندروني تبديل، گهاڙيٽائي ڦيرو، جنهن کي صرفيائي يا صرف وارو ڦيرو يا گردان به چئجي ٿو، اُن تبديل، ۽ سندن جنس، عدد ۽ حالتن جو صحيح ڏس يا سڃاڻپ ڏيندڙَ هجن ٿا. هڪڙي مثال طور اسم جي جنس جي ڳالهه ڪبي ته سنڌيءَ ۾ جاندارن توڙي بيجان شين جي نالن، يعني اسان وٽ سڀني اسمن جون فقط ٻه جنسون، يعني جنس مذڪر ۽ جنس مونث ئي هونديون آهن، ۽ اُنهن جي سڃاڻپ لاءِ اسان وٽ (اسمن جي) پڇاڙيءَ جا خاص ست آواز (نون غني سان ست ٻيا، جملي 14) آهن. جن ۾ ٽي آواز يعني اُ، اُو ۽ او عام طرح مذڪر جي جنس ۽ چار آواز آ، اَ، اِ ۽ اِي عام طرح مونث جي جنس جو ڏس ڏين ٿا. +هاڻي اردوءَ ۾ لفظ ’قدر‘ (۽ ائين ’نسل‘، ’غزل‘، ’عقل‘، ’نظم‘ وغيره) مؤنث طور استعمال ٿئي ٿو ۽ ان جي عدد جمع جون صورتون هُنن وٽ ’قدرين‘، ’قدرون‘ آهن. اسان وٽ اهو لفظ پيش جي پڇاڙيءَ (اُ جي آواز) سان ’قَدُرُ‘ ٿو اُچارجي ۽ اِن ڪري اِهو جنس مذڪر جي صيغي جو لفظ آهي، ۽ جمع جي عدد ۾ پيش پڇاڙيءَ بدران زبر پڇاڙي (اَ) جي آواز ۾ بدلجي ’قَدُرَ‘ ٿيندو ۽ جمع جي حالتن لاءِ ٻيءَ صورت ۾ اُن جي ’قَدُرِنِ‘ ٿيندي. ائين انگريزيءَ جا ٻيا لفظ آهن. فون يا ٽيليفون، بورڊ، فائيل، بُڪُ يا نوٽبڪُ، پروپوزلُ وغيره، جي اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن اردوءَ جي پيرويءَ ۾ مؤنث طور ڳالهائجن ۽ لکجن ٿا، جا ڳالهه بلڪل غلط آهي، ۽ جمع جي عددي صورت ۾ ته خاص طرح اسان لاءِ اچارجڻ ۾ مصيبت بنجي ٿا پون، جيئن فونون، ٽيليفونون، بورڊون، فائيلون، بُڪُون، نوٽبڪون، پروپوزلون وغيره جون غلط کان سواءِ ڏکيون ۽ کِلَ جهڙيون صورتون ٿي پون ٿيون. +اسان وٽ هيءَ اردوءَ ۽ انگريزيءَ جي اسمن کي مؤنث ۾ استعمال ڪرڻ جي مصيبت (اردوءَ جي ئي پيرويءَ ۾) ايتري عام ٿي ويئي آهي، جو دل چويم ٿي ته بنهه هڪ عام قاعدي طور اوهان کي چوان ته هر اهڙي انگريزيءَ يا اردوءَ جي اسم کي جيڪو اردوءَ وارا مؤنث ۾ ڪم ٿا آڻين، پڇاڙيءَ ۾ اُو، اؤ ۽ او جا آواز (جيئن مناسب لڳن تيئن) ڏيئي، پهرينءَ پسند طور ته مذڪر ۾ ئي استعمال ڪريو ۽ جمع جي عدد لاءِ اُنهن جي اُ کي اَ ۾، او کي اَ ۾ ۽ اُو کي ساڳيو اُو رکي ڏسندا ته اُها عدد جمع مذڪر جي صورت ۾ اوهان کي ڏاڍي مناسب ۽ سنڌيءَ جي قاعدي سان به ۽ مزاج سان به ٺهڪندڙ لڳندي. جيئن قدرُ – قدرَ، نسلُ – نسلَ، غزلُ – غزلَ، عقلُ – عقلَ، نظمُ – نظمَ وغيره ۽ فونُ – فونَ، ٽيليفونُ – ٽيليفونَ، بورڊُ – بورڊَ، فائيلُ – فائيلَ – بُڪُ – بُڪَ، نوٽبڪُ – نوٽبڪَ، پروپوزلُ – پروپوزلَ وغيره وغيره. +گرامر جي هِن ڪجهه پيچدار فني ڳالهه کي هِتي ڇڏي اوهان کي هيترو ٻڌائڻو اٿم ته تازو سنڌي ادبي بورڊ وارن مرزا قليچ بيگ جو سنڌي گرامر جو ڪتاب ڇاپيو آهي، جيڪو پهرين اسان چئن ڀاڱن ۽ الڳ الڳ جلدن ۾ آندو هو (جيئن اصل ۾ اُهو هو)، پر هاڻي هنن اُن کي هڪڙي ئي جلد ۾ پڌرو ڪيو آهي (جا هڪ طرح بهتر صورت به آهي). توهين مهرباني ڪري اُهو گرامر جو ڪتاب وٺو ۽ پڙهو. جيڪي سنڌي استاد آهن، تن کي به اُهو ڪتاب وٺڻ گهرجي، گهوٽي پيئڻ گهرجي، ته جيئن اُهي پنهنجن شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي گهاڙيٽن جي پوري تعليم ڏئي سگهن. +اهڙيءَ طرح، رسالن ۽ اخبارن جي ايڊيٽرن جي ميزن تي پڻ اِن ڪتاب جون ڪاپيون موجود هجڻ کپن. ولايت ۾ ته هر پبلشر وٽ ڪونه ڪو ٻوليءَ جي صحت جو ڄاڻو ايڊيٽر هوندوئي آهي، ۽ اُتي ته پروف ريڊنگ جو به تمام گهڻو خيال رکيو ويندو آهي. آءٌ اوهان کي وري به ورجائي چوان ٿو ته اردوءَ جي تذڪير ۽ تانيث ۽ عددن جي روايتن تي ۽ اردوءَ جي گرامر جي ٻين اصولن تي هرگز نه هلو، ڀُلجي ڪري به نه هلو، ڇو ته اوهان جي ٻوليءَ جون اِهي روايتون ۽ اِهي اصول پنهنجا اهن ۽ بلڪل اُهي پڌرا، سڌا، سادا، پڪا ۽ پورا آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي مادري زبان جا وارث ۽ اُن جي بحاليءَ، بقا ۽ اصليت جا ضامن به پاڻ اوهين ئي آهيو. +شاعريءَ جي سلسلي ۾ مون کي عرض هيءُ ڪرڻو آهي ته اسان جو دوست مولانا غلام محمد گرامي اوهان کي سدا ياد رکڻ کپي، ۽ پوري احترام ۽ محبت سان ياد رکڻ کپي، سو جڏهن 1948ع جي آخر ۾ آءٌ ٺٽي کان حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ بدلي ٿي آيو هوس، ته اُتي پاڻ سنڌي ادب جو مضمون پاڙهيندا هئا. مون کين صلاح ڏني ته سنڌي ادب جي قاعدن ۽ اصولن جي باري ۾ ڪو ڪتاب لکجي، جنهن تي پوءِ پاڻ هڪڙو ڪتاب ’ادبي اهڃاڻ‘ جي نالي سان لکيائون، جنهن ڪتاب ۾ ادب بابت ٻڌائيندي، چيو اٿن ته: ”زبان انسان جي ترجمان آهي، ۽ ٻولي انسان جي ترجماني آهي. هر ڪنهن هنر ۽ فن لاءِ عالمن ڪي خاص اصول ۽ قاعدا بنايا آهن، تيئن ڳالهائڻ جا به آداب ۽ قانون آهن.“ انسان جي ترجماني لاءِ ٻوليءَ جون ٻه صورتون آهن، هڪ نثر ۽ ٻي نظم. +”اُنهن ٻن نمونن ۾ هڪ انسان پنهنجا خيال ۽ رايا ٻين لاءِ بيان ڪري ٿو، نثر جو مطلب آهي ته ٽڙيل پکڙيل موتي، ۽ نظم جي معنيٰ آهي، پُوتلَ ۽ سنواريلَ موتي.“ +سو شاعر جيڪو آهي، سو پنهنجن جذبن کي، پنهنجن خيالن کي ۽ پنهنجي پوري فڪر ۽ پيغام کي تمام پُوتلَ ۽ سنواريل لفظن ۾ پوري سليقي سان يڪجا ڪري ماڻهن جي اڳيان پيش ڪري ٿو، جيڪو هُن جو فرض ٿئي ٿو ته هو ائين ڪري. +ڪالهه مون کي اياز جو سُوڌيل سنواريل تازو سنڌيڪا اڪيڊمي جو ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ مليو آهي، جيڪو سنڌيءَ جي نون شاعرن جي شاعريءَ جو انتخاب آهي. اُنهن تي پاڻ هڪ سو چاليهن صفحن جو مقدمو لکيو اٿن. انهيءَ ڪتاب ۾ هڪڙي هنڌ شاعرن جي باري ۾ لطيف جي بيت جي سٽ ڏيئي، ٻڌايو اٿن ته شاعرَ پنهنجيءَ قوم جي باري ۾، پنهنجيءَ ٻوليءَ جي باري ۾ ۽ اُنهن جي تاريخ جي باري ۾ ڪيڏو وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. اُن ڪتاب جو ٽڪرو پڙهي، پوءِ اوهان کان آءٌ موڪل وٺندس. پر اُن کان اڳ اوهان کي اِهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون پاڻ به هڪڙي هنڌ شاعرن بابت سندن اُنهيءَ اهميت ۽ درجي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته ”شاعرَ، سچا شاعرَ، تاريخ جا فرشتا سڏيا ويندا اهن- تاريخ بني نوع انسان جي ۽ پڻ قومن جي، ۽ فرشتا اِنهيءَ ڪري، جو هو انساني فڪر ۽ جذبي جي پرورش ڪن ٿا، ۽ اِن طرح سڄيءَ انساني زندگيءَ، ۽ پڻ قومي زندگيءَ، کي معنيٰ ۽ معيار بخشين ٿا، سڄي سچائي، سڄي بلندي ۽ سڄي اُجلائپ انساني تمدن ۽ قومي تهذيبن جِي، اُنهن کان ملي ٿي. ۽ هو ئي ان سڀ جا ضامن پڻ آهن. +”دنيا جي سڀني قومن وانگر، سنڌي قوم پڻ ڀاڳ واري آهي، جو هُن وٽ پنهنجا اهڙا شاعر موجود آهن- ڪلاسيڪي دور جا به ۽ جديد دور جا به ....“ +’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جو مقدمو لکندي، هڪ هنڌ پهرين اياز لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ ڏني آهي: +”اڄ پڻ ڪِنجهو ڪِنجهه، واڍوڙڪي مَنهَين!“ +۽ پوءِ چيو اٿس: ”اِها ڪِنجهو ڪِنجهه سنڌ ۾ اَبَدُل آبادَ کان [يعني شروع کان] آهي، واڍوڙڪا مَنَهنَ اڃا تائين چنگهي ۽ چِڪي رهيا آهن!“ +وري لطيف سائينءَ جي ٻي سِٽَ لکي اَٿن: +”ويڄ ورائي ٻانهَن، چوري چاڪ نهاريا.“ +۽ لکيو اٿن ته ’اها صدا صدين کان سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ کي چيري، اسان جي ڪنن ۾ اڄ به گونجي رهي آهي. شاعري اِئين اُڇانگ ڏيئي، صديون ٽپي ويندي آهي. ۽ زمان ۽ مڪان جي پابند نه رهندي آهي. ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي هڪ ئي سِٽَ ۾ منجمند ٿي وڃن ٿا ۽ شاعريءَ تي پيغمبريءَ جي مهر هڻن ٿا. +”سنڌي شعريءَ ۾ اهڙي شاعري ويجهي ماضيءَ ۾ خليفي نبي بخش جي سر ڪيڏاري ۾ به ملي ٿي، ۽ اُن سان به سنڌ پنهنجي ماضيءَ، حال، مستقبل لاءِ کرڙيءَ جي ميدان جو روپ وٺي، اسان جي سامهون اڄ به بيٺي آهي...“ +سنڌيءَ جا اديب ڀائرو، اوهان مان گهڻن اِن طرح کرڙيءَ جي ميدان بابت خليفي نبي بخش جي شاعريءَ جي اها سِٽ ضرور پڙهي هوندي، ۽ اوهان شاهه جون ٻيون به اهڙيون سِٽون پڙهيون هونديون- جيڪي سِٽون سنڌ جي ماضيءَ، حال، ۽ مستقبل تائين محيط رهن ٿيون. ۽ اِهي اِئين تڏهن رهن ٿيون جڏهن شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ڇنڊي ڇاڻي صاف، اُجرو ڪري، پنهنجو اعليٰ فڪر ۽ بلند جذبو اُنهيءَ ۾ آڻي، اصل ائين، جو موتين جا داڻا پوئي، سوڌي ۽ سنواري، اسان جي اڳيان پيش ڪن ٿا، ۽ پوءِ اسين اُنهن کي ٻڌون ٿا ۽ پڙهون ٿا ۽ ڳايون ٿا ۽ پنهنجي هنئين سان هنڊايون ٿا. جيسين اسان جي سنڌي ٻولي ۽ اسان جا اهڙا سنڌي شاعر موجود آهن، تيستائين اسان کي ڪنهن به قسم جو ڪو لوڏو لهرِ ڪانهي- ۽ اسان جي سنڌي قوم سدائين جيئندي، سنڌي ٻولي سدائين جيئندي، ۽ اُنهن سان ئي اسين ۽ اوهين سڀ جيئنداسين. +عزيزو، موڪلاڻيون ڪِينهن – سنڌي سدائين گڏ. +[1993ع] + + +سنڌي ٻوليءَ ڏانهن سنڌي قوم جون ذميواريون +[سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي عمارت جي پيڙهه جي پٿر ��کجڻ جي موقعي تي اداري جي مقصدن ۽ علمي رٿائن بابت مذاڪري ۾ پڙهيل تقرير- سنڌ جي وزير اعليٰ عزت ماب جناب سيد عبدالله شاهه جي زيرِ صدارت 1994ع] +هڪ ڀيري- ڪجهه سال ٿيا- مون هڪڙي پروگرام ۾ بي بي سي جي ريڊئي تان ٻڌو هو (ٻڌندڙن جا سوال ۽ اُنهن کي جواب پئي ٻڌايائون – ڪنهن ماڻهوءَ ڪٿان سوال ڪيو) ته ڪهڙي اها ڪشش آهي، جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو انگلينڊ ۾ ڇڪجيو اچن ٿا ۽ اُتي جا شهري بڻجي، دائمي طور رهڻ لاءِ آتا ٿا رهن ۽ واجهه وجهن ٿا، ڄڻ اُهو ڪو سندن اصلوڪو وطن هو! +سوال جو جواب ڏاڍو هڪڙو سڌو سادو پر وزندار ۽ تُز ڏٺو هئائون. +چي: اها انگلينڊ جي ڪشش ٽن طرحن جي هئي: هڪ ته اُتي ماڻهن کي انساني برابريءَ جو ماحول ملي ٿو، ٻيو ته اُتي هو قانون جي حڪمراني ڏسن ٿا، ۽ ٽيون ته هو اُتان جي ٻوليءَ جي حسين ۽ مضبوط دام ۾ ڦاسن ٿا – اهڙي اُها وڻندڙ، سڌريل ۽ مائيدار ٻولي آهي! +آءٌ جڏهن ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ استاد هئس – 1940ع ڌاري – تڏهن سنڌ جي محترم ۽ محبوب استاد، علامه آءِ. آءِ. قاصيءَ جي هڪ ليڪچر ۾ کانئن ٻڌو هوم ته ”ماڻهن جي ٻولي سندن ادب ۽ علم جي غربت ۽ تونگريءَ جو نشان آهي ۽ اُها سندن اخلاقياتي سطح ۽ شان جي پڻ شاهد آهي، اصل ائين جيئن سونَ جي پرک لاءِ ڪسوٽي.“ +سنڌي ٻولي، جيڪا اسان جي علم ۽ ادب جو نشان آهي، اسان جي سڀيتا جي فضيلت جي سڃاڻپ آهي، اُن کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ به اسان تي اوتروئي لازم آهي، جيترو انگريزيءَ لاءِ انگريزن تي، ۽ بلڪل ايتري قدر جيتري قدر اسان جي استاد ۽ بزرگ، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب، اسان کي اُهو سمجهائڻ ٿي گهريو. +پر افسوس، جو جيئن آزاد ملڪن ۽ آزاد ماڻهن وٽ سندن ٻولين جي حڪومتي سارسنڀال ۽ سرپرستي ٿئي ٿي، تيئن صدين جي تاريخ ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي ۽ سارسنڀال ڪانه ٿي آهي. البت جيئن ماڻهو ۽ قومون هونئن به – آزاديءَ يا غلاميءَ ۾- پنهنجين ٻولين کي فطري طور سنڀالينديون ۽ سانڍينديون رهن ٿيون، تيئن اسين سنڌي ماڻهو به پنهنجي ٻوليءَ کي صدين کان پنهنجي ساهه سان سانڍيندا ۽ اکين ۾ نورَ جيان سنڀاليندا آيا آهيون. +انگريز حڪومت جي پوريءَ هڪ صديءَ ۾ اسان جي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جي برتري موجود هئي. اُنهن کان اڳ، گهڻي يا ٿوري انداز ۾، اُن تي عربيءَ يا فارسيءَ جي برتريءَ جو مامرو هو – جيتوڻيڪ اُنهن ٻولين کان اسان گهڻو ڪجهه پرايو به، ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي خانگي طور پنهنجن مڪتبن ۽ مدرسن ۾ تعليم ۽ تدريس جي ذريعي طور ڪم به آڻيندا رهياسين، ۽ پڻ فطري جولان هيٺ اسان جا سگهڙ ۽ شاعر پنهنجيءَ ٻوليءَ کي گهڻو ڪجهه سينگاريندا سنواريندا ۽ مالا مال ڪندا ئي رهيا. +ساڳيءَ طرح اڄ به اسان تي اڙدوءَ جي برتري، قومي ٻوليءَ جي حيثيت سان، موجود آهي- ۽ اهو به هڪ سبب آهي، جو اڙدو ڳالهائيندڙ اسان جا ٻاهران آيل هم وطن ڀائرَ، ايتريءَ سياسي ڦونڊ ۾ ڀريل ۽ ايترا طور اسان تي آڪرا رهن ٿا. پر خود اڙدوءَ کان به اسين سکنداسين، ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ائين شاهوڪار بڻائينداسين؛ ۽ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ جيترو علم ۽ ادب آهي ۽ وڌيڪ به اُهو اسين جيترو پيدا ڪنداسين، اخلاقيات ۽ سڀيتا جا جيڪي ڪجهه صحتمند اصول ۽ قدر اُن ۾ موجود آهن ۽ وڌيڪ به اُهي اسين جيتري تائين اُن ۾ آڻينداسين، ۽ بنهه مُنڊيءَ جي ٽِڪَ وانگر جَڙي بيهارينداسين، اهي سڀ اسين پنهنجن اڙدو توڙي ٻين ٻولين ڳالهائيندڙ هم وطن ڀائرن کي دل جي پوريءَ فياضيءَ سان آڇيون ٿا ۽ آڇينداسين. ائين ئي ۽ اهڙيءَ ئي ڏي وٺ سان سياسي طور سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏيل سنڌي قومي تعمير ۽ پڻ پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏيل پاڪستاني قومي تعمير جا بنياد ٺهڻا ۽ پختا ٿيڻا آهن ۽ ٿي سگهن ٿا. +اسان جي سنڌي ٻولي انگريزي دور ۾ وڏيءَ هڪ سطح تائين تعليمي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي درجي تي پهتل هئي. پاڪستان جي ٻين صوبائي، علائقائي يا وطني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهائي سرڪاري ۽ تعليمي حيثيت واري اڳڀري وک اسان لاءِ اڄ وڏي هڪ سهوليت ۽ فائدي جي ڳالهه بڻيل آهي. اسين پنهنجي علم ۽ ادب، تعليم ۽ تدريس ۽ سرڪاري ڪارج جي استعمال جي دائرن ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ تربيت اُنهيءَ ئي اڳڀري مرحلي ۽ مٿڀري بنياد کان مٿي کڻي ۽ اڳتي وڌائي سگهون ٿا. +اُن مقصد لاءِ انگريزي دور جي سال 1940ع ۾ اسان جي مهربان ۽ مانائتن بزرگن سنڌي ادب جي باضابطه ترقيءَ لاءِ هڪ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو. 1949ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي محترم ۽ محبوب بزرگن سنڌي ادب لاءِ هڪ اعليٰ اختيار رکندڙ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي قائم ڪئي. جنهن 1951ع ۾ وڌي سنڌي ادبي بورڊ جي باوقار ۽ باعمل اداري جو روپ ورتو. 1989ع ۾ خصوصي طور تعليمي تدريس ۽ سرڪاري ڪارج جي استعمال جي دائري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ سنڌي لئنگويج ڊولپمينٽ بورڊ جي قيام جي تجويز منظور ٿي، جنهن 1990ع ۾ موجوده سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ (سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري) جي صورت ورتي، ۽ اڄ اسان جي هن عظيم اداري جي عمارت جي بنياد جو پٿر سنڌ جي وزيراعليٰ، اسان جي وزير ۽ عزيز دوست سيد عبدالله شاهه صاحب جن نصب ڪيو آهي. اسان لاءِ سچ پچ هيءُ موقعو بيحد هڪ مبارڪ موقعو آهي. جنهن تي اسين جيتري خوشي ڪريون، اسان لاءِ اُها عين مناسب آهي. +هيءَ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو تقريباً ٻن سالن کان اسان جي قابل احترام عالم، محقق ۽ استاد جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سرڪردگيءَ هيٺ ڪم ڪندو رهيو آهي. ان ٿوري عرصي ۾، محدود وسيلن جي اندر رهي ڪري، هن اداري جيڪو تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي، سو اسان جي آڏو آهي ۽ رڪارڊ تي آيل آهي ۽ اسان کي ان تي فخر آهي. هن اداري لاءِ پنهنجي شاندار منصبي ڪارنامن جي رٿابندين ۽ تعليمي ڪاميابين لاءِ اڄ اسان وٽ اطمينان جي حد تائين گهربل موقعا موجود آهن، هموار سرزمين ۽ سازگار ماحول موجود آهي، ساٿي ادارا مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽيشن سروسز ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻيا اسان جا علمي ۽ ثقافتي ادارا ۽ لئبرريون موجود اهن، ۽ پڻ اسان جون ڇهه يونيورسٽيون ۽ سڄي صوبي ۾ ڪاليجن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جو وسيع نظام موجود آهي، جنهن سڄي نظام ۽ پڻ ذڪر ڪيل سڀني ساٿي ادارن جو سهڪار اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي پنهنجي مقصدن جي پورائيءَ لاءِ ڀرپور طور ميسر اچڻ کپي، ۽ وڏي ڳالهه ته اڄ اسان جون منتخب جمهوري صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون موجود اهن، جيڪي عين پنهنجين آئيني تقاضائن ۽ جمهوري ذميوارين مطابق هن اداري جي فرض ادائيءَ ۾ پوري همت افزائي ڪري سگهن ٿيون، ۽ هر طرح جي مدد ڏئي سگهن ٿيون. +حوصله هرڪس بقدر همت اوست. +۽ اِن طرح اسين جيڪي اديب ۽ اُستاد، عملدار ۽ قابل ڪار سڏجون ٿا- ۽ ٿوري يا گهڻي قدر واقعي آهيون به، ڇو ته سمجهه ۽ سگهه اسان مان هر ڪنهن ۾ ڪانه ڪا ۽ ڪجهه نه ڪجهه آهي ئي- تن سڀني جو به فرض آهي ته پنهنجي پنهنجي دائري اختيار ۽ عمل ۾، يعني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾، انتطامي ۽ محڪماتي آفيسن ۾ ۽ آسامين تي براجمان رهندي، پنهنجي مادري ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جو ڪجهه اسان کي ڪرڻ گهرجي، ۽ اسين ڪري سگهون ٿا، سو ڪريون، ۽ ضرور ڪيون: ڇو ته اهڙين ئي سڀ – پاسائينُ، ۽ گڏيل ڪوششن سان اسين پنهنجيءَ ٻوليءَ کي پاڻ لاءِ اعليٰ ادب ۽ مستند علم جي علامت بڻائي سگهنداسين، ۽ پوءِ ئي اُها اسان جي اعليٰ اخلاقيات جي سڃاڻپ ۽ انساني سڀيتا ۾ مخصوص فضيلت جي شهادت جو درجو وٺي سگهندي. +آسان سنڌي قاعدو +سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ ”ٻوليءَ جو بل“ پاس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾، ٻين ڪيترين وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ ڳالهين سان گڏ، سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾، هلندڙ سال 1973ع کان، چوٿين ڪلاس ۾ سنڌيءَ کي غير مادري زبان طور لازمي صورت ۾ پاڙهڻ جا احڪام تعليم کاتي طرفن جاري ڪيا ويا. اِن سلسلي ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ”آسان سنڌي قاعدو“ شايع ڪيو آهي، جيڪو چوٿين ڪلاس ۾ سنڌيءَ کي غير مادري زبان جي صورت ۾ پاڙهڻ لاءِ واحد درسي ڪتاب طور استعمال ٿيندو. هيءُ ڪتاب ٻن رنگن ۾ ڇپيل، ڊبل ڪرائون سائيز ۾، رنگين ۽ دلڪش ڪَوَر سان 48 صفحن جو ڪتاب آهي، ۽ قيمت هڪ روپيو في ڪاپي اٿس. +ڪتاب جو لکندڙ ميان غلام اصغر ونڊير، اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اسڪولس، اُن جا مرتب ۽ نگران الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ ساهه (هاڻي وائس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي، ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، صدر اردو شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ۽ اُن جو ايڊيٽر سيد محمد صالح شاهه بخاري، پبليڪيشن آفيسر، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، آهن. سنڌ جي اسڪولن ۾ غير سنڌي دان ٻارن کي سنڌ جي صوبائي زبان پاڙهڻ جي فوري ضرورت ۽ اهميت کي خيال ۾ رکندي، جنهن شان ۽ اهتمام سان ۽ جنهن جلدائيءَ ۾ هيءُ ڪتاب شايع ڪيو ويو آهي، اُن لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا منتظم ۽ ڪارپرداز مبارڪ جا مستحق آهن. +ڪتاب جي کولڻ سان اُن جي مصنف، ترتيب ڏيندڙ ۽ نگراني ڪندڙ صاحبن ۽ ايڊيٽر صاحب جا نالا جڏهن ڏسجن ٿا، ۽ ڪتاب جو سائيز ۽ ان جي رنگين ڇپائي ۽ خوشخطي ڏسجي ٿي، تڏهن هڪدم اِهو يقين ٿئي ٿو ته ڪتاب ضرور ڪنهن اعليٰ پايي جو هوندو. پر جيئن جيئن ان کي پڙهبو وڃجي ٿو، تيئن تيئن، ۽ پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ ته هيڪاري، مايوسي ٿئي ٿي، ۽ ڏسي بيحد ڏک ٿئي ٿو ته ڪتاب ڪنهن به تعليمي، نفسياتي يا لساني اصول تي بنهه ٻڌل ڪونهي؛ بلڪ جنهن مقصد سان ۽ جنهن ڪلاس لاءِ لکيو ويو آهي، اُهو مقصد نه رڳو اُن سان برصواب ڪونه ٿي سگهندو، پر اٽلو اُن مان وڏي تعليمي ۽ تدريسي نقصان پهچڻ جو انديشو پيدا ٿي سگهي ٿو. +ڪتاب جملي 48 صفحن جو ٺهيل آهي. اُهي سبقن ۾ ورهايل نه آهن، بلڪ سبقن جي بدران اُنهن ۾ قاعدا ڏنا ويا آهن- جملي 13 قاعدا جيڪي 42 صفحن تي پکڙيل آهن. هي تيرهن ئي قاعدا، پهرين چئن صفحن سميت جن تي رڳو الف ب تختيون ڏنل آهن، پورن 42 صفحن تي رڳو سنڌي الف ب جي 52 اکرن سيکارڻ لاءِ ڏنا ويا آهن. هيءُ ڪتاب اردوءَ جي چوٿين درجي ۾ پاڙهڻو آهي. هن درجي جا ٻار اردو چڱيءَ ريت پڙهي سگهن ٿا، ۽ هُنن اردو الف ب جا اُهي 33 اکر پڻ پڙهيا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۽ اردو الف ب ۾ ساڳيا آهن. جنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته سنڌيءَ جي باقي فقط اوڻيهن اکرن جي سيکارڻ لاءِ ڪتاب جي 48 صفحن مان 42 صفحا خرچ ڪيا ويا آهن- اُنهن اوڻيهن اکرن مان به 12 اکر اُهي آهن جن جا آواز اردوءَ ۾ به اُهي ئي آهن جيڪي سنڌيءَ ۾، فرق رڳو اکرن جي صورت ۾ آهي. هِنن 12 اکرن تي ڪتاب جا 15 صفحا (6 کان 20 تائين) خرچ ڪيا ويا آهن. وڌيڪ 20 صفحا سنڌيءَ جي رڳو اُنهن خاص ستن آوازن ۽ اکرن سيکارڻ تي ڪم آندا ويا آهن، جيڪي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ نوان آهن. ڪتاب جو مقصد ئي گويا اِهو پيو ڏسجي ته سڄو سال چوٿين درجي ج�� اردو ٻار رڳو سنڌي الف – ب ۽ ان جا به خاص ست اکر ٻ، ڏ، ڄ، ڃ، ڳ، ڱ ۽ ڻ – ئي سکندا رهن، ٻيو سارو ٿيو خير! +سڀ کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪتاب ۾ سنڌيءَ جي اِنهن ستن خاص آوازن توڙي ٻين ٻارهن اردو سنڌي مشترڪ آواز وارن اکرن جي سيکارڻ جو جيڪو طريقو ڪم آندو ويو آهي، سو به ايترو ته غلط ۽ غير ملڪي اختيار ڪيل آهي، جو اُن مان، سواءِ اُن جي ته شاگردَ سنڌي ٻوليءَ جي سکڻ ۽ پڙهڻ کان ئي بيزار ٿي وڃن، ٻيو ڪو ڪارج مشڪل آهي، جو پورو ٿي سگهي. هيءُ اُهو غير معقول ۽ جاهلانه طريقو آهي، جيئن ڪنهن غير سنڌي پڙهيل يا اڻ پڙهيل کي ڪو سنڌي ويهي، سعيو ڪري، سنڌيءَ جا اُهي خاص آواز ۽ اکر، هڪ هڪ ڪري، مٿي ۾ هڻي، ۽ ائين کيس چوندو ۽ چيڙائيندو رهي: ”هان وٺ! هيءُ ته آواز ڪري ڏيکار! ڏٺئي، نه ڪري سگهئين نه! ڀلا، هيءُ ته اکر سڃاڻي ڏيکار! ڏٺئي، نه سڃاڻي سگهئين نه! متان نه مڃين! ميان سنڌي سکڻ تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي!“ ۽ پوءِ اُهو ويچارو سنڌي سکڻ وارو سکڻ ته ڇا، پر اُن جي ٻڌڻ کان به سڄي عمر ڇرڪندو ۽ لڪندو نه رهي، ته هِن بنهه استادانه لکيل ”آسان سنڌي قاعدي“ جي لکندڙ جو ذمو! مثال طور، رڳو اوهين ڳ جي هڪ آواز لاءِ قاعدي نمبر 11 کي ڏسو – هيءُ قاعدو ڪتاب جي صفحن 32، 34 ۽ 35 تي ڏنو ويو آهي. هِن آواز جي سکڻ جو قاعدو- ۽ آسان قاعدو- ته ڪتاب جي مصنف ۽ ايڊيٽر جي دلين ۾ الائي ڪهڙو موجود هو، پر هِنن ٽن صفحن ۾ جملي ستر لفظن جِي هڪ بي تُڪي لانڍ سا برابر ڏني وئي آهي، جن کي اچاريندي اچاريندي، ويچاري شاگرد کان سنڌي ته ڇا پر خود پنهنجي مادري ٻوليءَ جا سڀ آواز، سواءِ هڪ ڳ جي آواز جي، پڪ ئي پڪ وسري ويندا، ۽ پوءِ جڏهن به هو وات کوليندو تڏهن رڳو پيو ڳ ڳ ڳ جا آواز ڪڍندو، ٻيو ٿيو خير! +هاڻي پهريائين اچو ته ڏسون ته اِهي قاعدا جن کي ”قاعدا“ چيو ويو آهي، سي قاعدا ڇا آهن. پهريون قاعدو: سنڌيءَ جا اُهي 33 اکر جيڪي اردوءَ ۾ به ساڳيا آهن- ٺيڪ! ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون- ٽي قاعدا: سنڌيءَ، اردوءَ جي ي ۽ ي ۾، ڪ ۽ ک ۾، ۽ ٽ ٽ، ڊ ڊ ۽ ڙ ڙ ۾ فرق آهي. پنجون قاعدو ته ڪتاب جي لکندڙ ۽ ايڊيٽر صاحبن جي مغز ۾ اٽڪيل رهجي ويو آهي، اُهو ڇا آهي، اُن جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ ڇو ڏنو ويو آهي، سو هو پاڻ ڄاڻن- نه اسين سمجهي سگهيا آهيون، نه استاد سمجهي سگهندا، ٻارن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي! ڇهون قاعدو سنڌيءَ ۽ اردوءَ جي ڀ بهه، ٿ تهه، ٺ ڻهه، ڦ پهه، ڇ چهه، ک کهه بابت آهي، ۽ اُهو پورن ڏهن صفحن تي پکڙيل آهي، ستين کان 13 قاعدي تائين هر هڪ مخصوص سنڌي حرف يا آواز جو قاعدو الڳ الڳ ڏنو ويو آهي. تقريباً اُنهن سڀني قاعدن جي وصف يا تعريف يا بيان اهڙيءَ قابليت سان ڪيو ويو آهي، ۽ اُنهن بابت اهڙيون ته علمي ۽ حڪمتي هدايتون ۽ نصيحتون ڏنيون ويون آهن، جي پڙهي، لکندڙ ۽ ايڊيٽر صاحبن جي علمي ڄاڻ ۽ عام سمجهه تي صلواتن پڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري ئي نٿو سگهجي. +هيءُ بيحد استادانو ”آسان سنڌي قاعدو“ ٻن رنگن ۾ ڇپيل آهي. درسي ڪتابن جي رنگين ڇپائيءَ جا به ڪي اصول ۽ ڪي مقصد هوندا آهن- تصويرن جي سلسلي ۾ اُنهن جي دلڪشي ۽ اصل سان ويجهي هئڻ جو اصول ۽ مقصد؛ ۽ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪن لفظن ياجملن وغيره کي خاص تدريسي مقصدن پٽاندر، وڌيڪ پڌرو ڪري بيهارڻ يا پيش ڪرڻ جو اصول: هن ڪتاب ۾ مصنف ۽ ايڊيٽر صاحبن جي اڳيان رنگن جي استعمال جو اهڙو ڪوبه اصول يا مقصد ڪونه هو- سڄي ڪتاب ۾ تقريباً هر صفحي تي ٻن رنگن، يعني ڪاري ۽ ڳاڙهي، جي رڳو ڪانه ڪا ڊزائن رکڻي يا ڪونه ڪو چِٽُ هو، سو اکيون پوري ائين ڪڍيو آهي. مثلاً پهرئين صفحي تي الف ب جي 52 اکرن جي تختي ڏنل آهي، جنهن ۾ طفلانه طرز جو ۽ آسان چٽ هيءُ بيهاريو ويو آهي ته هڪڙو اکر ڪارو ته ٻيو ڳاڙهو هجي- بس! تقريباً سڄي ڪتاب ۾ اِنهيءَ قسم جي بي مقصد رنگريزي ٿيل آهي، اُن ۾ ڪنهن به طرح جي ڪا علمي رٿا تدريسي مقصديت موجود ڪانهي. +درسي ڪتاب لاءِ ائين چئجي ٿو ته اُهو پڙهندڙ ۽ پاڙهيندڙ ٻنهي لاءِ هڪ مددي وسيلو آهي. پر جيڪڏهن وسيلي جي اڳيان مقصد واضح نه هوندو، ته اهو وسيلو بيڪار بلڪه نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. +ڌارينءَ ٻوليءَ جي پاڙهڻ جو مقصد آهي ته ٻار اُها لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سکڻ – ڳالهائڻ سڀ کان پهريائين. هِن ”آسان سنڌي قاعدي“ ۾ سنڌيءَ جي ڳالهائڻ سيکارڻ تي ذري جيترو به ڌيان ڏنل نه آهي- بلڪه شاگردن کي ڳالهائڻ سکڻو يا سيکارڻو به آهي، اُن جو ڪو تر جيترو احساس به ڪتاب مان ظاهر نٿو ٿئي. حالانڪه ڌارينءَ ٻوليءَ جي پرهائيءَ جي جديد طريقي جو بنياد ئي ڳالهائڻ تي بيٺل ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي سکيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌ اڄوڪي دور ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. اڳئين زماني ۾ اُن جو مقصد گهڻو ڪري هيءُ هو ته جيڪي ٿورا ۽ خاص ماڻهو ڌارين ٻولي سکن، اهي اُن جي ڪن چونڊ ادبي شهپارن کان واقف ٿي سگهن. اُهو مقصد هاڻي وڌي ۽ ڪشادو ٿي، ٻوليءَ جي اصلوڪن ڳالهائيندڙن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي لاڳاپن ۽ سندن سڀيتا جي سمجهڻ ۽ قبولڻ تائين وڃي پهتو آهي. +نه رڳو ايترو، پر ڪن خاص حالتن ۾، جيئن هتي سنڌ ۾، ڌارين ٻولي نه رڳو ڪن ٿورن ۽ خاص ماڻهن کي سکڻي پوي ٿي، پر سڄي نسل کي، سڄي فرقي، سڄيءَ قوم کي ان جو سکڻ لازم ٿئي ٿو. +ٻولين جي علم ۾، گذريل ٿورن سالن ۾، بنهه ڊرامائي انداز جا واڌارا ٿيا آهن. سيکارڻ جون نيون ترتيبون عمل ۾ آيون آهن. ڏسڻ وائسڻ (سمعي ۽ بصري) جي تدريسي وسيلن ۾ سڌارو ۽ انهن جي تعداد ۽ پيداوار ۾ حيرت انگيز واڌارو آيو آهي. تنهنڪري، سنڌيءَ جهڙيءَ هڪ جيئريءَ جاڳنديءَ ٻوليءَ جي سيکارڻ لاءِ جيڪو ريڊر ٺهڻو هو، ان جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾ اُنهن سڀني تبديلين ۽ نون پيدا ٿيل ۽ معجوزه طريقن کي سامهون رکڻ لازمي هو، جنهن کان سواءِ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي، غير مادري زبان جي صورت ۾، عام سکيا جو اصل مقصد ڪڏهن به برصواب ڪونه ٿي سگهندو. +ڌارينءَ ٻوليءَ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جا هيلتائين چار طريقا اختيار ڪيل آهن- هڪ گرامر ۽ ترجمي جو طريقو، ٻيو سڌو طريقو، ٽيون ڀاسا وگياني طريقو ۽ چوٿون خالص علمي طريقو. گهڻي تجربي ۽ مشق کان پوءِ پهريون طريقو ناڪام انهيءَ ڪري ثابت ٿيل آهي، جو اُن ۾ شاگردن کي گرامر موجب رڳو ڳاهائڻ جا لفظ، لفظن جا ڦيرا، لفظن جي ترڪيب ۽ ٻيا گرامر جا قاعدا ۽ دووايه لغت جي مدد سان ترجمي جون مشقون ڪرڻيون ٿي پيون، جنهن سڄي ڪم ۾ کين ٻوليءَ سان اُن جي ڳالهائجڻ جي صورت ۾ بنهه واسطي ۾ ڪونه ٿي اچڻو پيو. اُها هو نه ڳالهائجندي ٻڌندا هئا ۽ نه پاڻ ئي ڳالهائيندا هئا. ٻوليءَ جي اهڙيءَ سکيا وسيلي شاگردن کي سالن جي محنت کان پوءِ به ٻوليءَ جي استعمال جي لياقت حاصل ٿي ڪانه سگهندي هئي، ۽ هو آخر اُن کان بيزار ۽ باغي ٿي پوندا هئا. +هيءُ طريقو اُن پراڻي دؤر جي نشانيءَ طور اسڪولن ۽ درسگاهن ۾ رهجي ويل هو، جڏهن ڌارين ٻولين جي سکڻ جو مقصد فقط انهن جي ادبي شهڪارن تائين رسائي حاصل ڪرڻ هو، ۽ اُن لاءِ رڳو ڪي ٿورا ۽ خاص دلچسپي رکڻ وارا شخص اُهي ڌاريون ٻوليون پڙهندا هئا. +نئين دؤر جي نين گهرجن کي منهن ڏيڻ لاءِ، اسڪولن ۾ اُن پراڻي گرامر ۽ ترجمي واري طريقي جي پيدا ڪيل بي اثر ۽ بيزاريءَ جي صورتحال جي علاج طور، ٻوليءَ جي سڌي طريقي سان پڙهائڻ جي تحريڪ اوڀري. اُن تحريڪ جي اثر هيٺ، الڳ الڳ نالن ۾ ٿوريءَ گهڻي ڦير گهير سان، ڪيترائي پرهائيءَ جا طريقا ٺهيا ۽ عمل ۾ آيا- جيئن ته نئون طريقو، سڌريل طريقو، فطري طريقو، زباني طريقو، وغيره. جيتوڻيڪ تدريس جي هن سڌي طريقي ۾، ٻين ڪافي چڱاين سان گڏ، شاگردن کي گرامر جي گهڻن ۽ ڊگهن ۽ خشڪ قاعدن کي برزبان ياد ڪرڻ بدران ٻوليءَ سان سڌي لاڳاپي ۾ اچڻو پيو ٿي، ۽ بي تعلق ترجمن جي مشقن بدران ٻوليءَ کي پاڻ، وقت ۽ ضرورت سارو، استعمال ڪرڻو ٿي پيو، تڏهن به اُن وسيلي ٻوليءَ جي سمجهڻ ۾ ڪم آڻڻ جي پوري لياقت کين حاصل ڪانه ٿي سگهي؛ ۽ ٻيو ته اِن ۾ وقت وري به ڪافي ڪجهه لڳي ٿي ويو. ۽ ائين ٿيڻ لاءِ واجبي سبب به هئا، جن مان هڪ هيءُ هو ته پڙهائڻ وارا خود، اڪثر حالتن ۾ ڌارينءَ ٻوليءَ جا پورا ڄاڻو نه هئا- ڇاڪاڻ ته اها سندن مادري ٻولي نه هئي- ۽ ٻيو ته اُن جي استعمال جو ماحول بهرحال هٿراڌو هو؛ ۽ ٽيون ته پڙهندڙن کي بهرحال مادري ٻولي يا پهرين ٻولي نه پر هڪ ڌارين ٻولي ۽ ٻي ٻولي سکڻي ٿي پيئي، جنهن جي کين فطري طور ايتري ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿي، جيتري هڪ ٻار کي مادري ٻوليءَ جي سکڻ وقت پيش ايندي آهي. تعليم، نفسيات ۽ ٻوليءَ جي ودوانن، ڌارين ٻولين جي سکڻ جي جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ عالمي ضرورتن ۽ ڀاشا وگيان ۾ تحقيق جي تڪڙيءَ واڌ کي سامهون رکندي، پوءِ ٻوليءَ سيکارڻ جو ڀاشا وگياني طريقو پيش ڪيو، جنهن موجب سڌي طريقي جي ڪمزورين ۽ اوڻاين جي هڪ حد تائين پورائي ٿِي سگهي ٿي. +ڀاشا وگياني طريقي جي خصوصيت هيءَ رکي ويئي ته علمي تحقيق جي بنياد تي ٻوليءَ جا اُهي بنيادي جملا ۽ انهن جون اضافي صورتون هٿ ڪيون وڃن، جيڪي اُن جا اصلوڪا ڳالهائيندڙ عام طور ڪم آڻين ٿا. پوءِ اهڙن بنيادي جملن ۽ اُنهن جي اضافي صورتن جي قالبن تي ٺهڪندڙ جملن جي مجموعا ٺاهيا وڃن، ۽ سکندڙن کي انهن جي پرئڪٽس ڪرائي وڃي، ته جيئن اُنهن جو استعمال سندن عادت جو جُز بنجي وڃي. هن ڀاشا وگياني طريقي هيٺ ڌارين ٻولين سيکارڻ جا جيڪي به الڳ الڳ درسي نظام ٺاهيا ويا، انهن سڀني ۾ هي پنج خصوصيتون تقريباً عام هيون: +(1) ڳالهه ٻولهه جا بنيادي ۽ انهن جي اضافي جملن جا مجموعا- مشق ڪرڻَ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ. +(2) تشريحي نوٽ، جن سان شاگردن کي ڳالهه ٻولهه جي بنيادي جملن جي قالبن ۽ ٻوليءَ جي خصوصي رخ جي خبر پوي يا کين سمجهاڻي ڏيئي سگهجي، ته جيئن هو پاڻ به انهن قالبن ۽ انهيءَ رخ پٽاندر جملا ٺاهي سگهن ۽ ٻولي ڪم آڻي سگهن. +(3) جملن جي قالبي مجموعن جي ڪم آڻڻ جي مشق، ته جيئن اُهي ڳالهائيندڙ جي عادت ۾ شامل ٿي وڃن. +(4) مٿين مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ اثرائتا سمعي ۽ بصري وسيلا، جيڪي شاگرد ڪلاس ۾ ۽ ڪلاس کان ٻاهر گهر ۾ به استعمال ڪري سگهن. +(5) ٻوليءَ جي ڪم آڻڻ جا موقعا – ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي صورت ۾، ۽ نه ترجمن جي صورت ۾. +ٻاهرين ترقي ڪيل ملڪن ۾ ڌارين ٻولين جي هن ڀاسا وگياني تدريس جي طريقي هيٺ، ترت ئي پوءِ، ريڊيو، ٽيپ رڪارڊ ۽ ٻين سمعي ۽ بصري وسيلن جو ايترو ته گهڻو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو، ۽ ڳالهه وڌي وڌي، اُن حد تي پهتي، جو ٻوليءَ جي سکيا کي هڪ مشيني عمل سمجهي، استاد جي ضرورت ئي وچ مان ڄڻ خارج ٿي ويئي! ظاهر آهي ته سمعي ۽ بصري وسيلا استاد جا مددگار ته ٿي سگهن ٿا، پر خود استاد جي جاءِ نٿا وٺي سگهن- ٻولي رڳو لفظن يا جملن جي قالبن تائين محدود ڪانهي، جو اُها مشين رستي سکي يا سيکاري سگهجي، ٻولي ته هڪ جيئرو جاڳندو ذريعو آهي، جيڪو وڌي به ٿو ۽ بدلجي به ٿو، جنهن سان انساني شخصيت جو اظهار ٿئي ٿو، ۽ جيڪو هڪٻئي سان سماجي لڳ- لاڳاپي قائم رکڻ جي بنيادي انساني ضرورت ئي پورو ڪري ٿو. ڀاشا وگياني پڙهائيءَ جو طريقو، جنهن مشيني وسيلن تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏنو ۽ جنهن گهڻي قدر ٻوليءَ کي محدود ۽ بي جان سمجهي، رڳو ان جي بنيادي جملن جي ڍانچن تي ئي ڀروسو رکيو، سو ٻوليءَ کي ان جي زندهه ۽ گوناگون حقيقت جي حيثيت سان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو، ۽ تعليم، نفسيات ۽ ڀاشا وگيان جا ماهر ان مان گهڻو وقت مطمئن رهي نه سگهيا. +ڌارين ٻوليءَ جي سکيا جي مٿي بيان ڪيل ٽن طريقن جي ناڪامي يا ناڪافي ثابت ٿيڻ سان ئي اڄڪلهه ان جي سکيا جو چوٿون طريقو، جنهن کي ”علمي طريقو“ چئجي ٿو، عام استعمال هيٺ آهي. هن طريقي ۾ سڌي طريقي ۽ ڀاشا وگياني طريقي جا بنيادي اصول پوريءَ طرح ڪم اچن ٿا. يعني ٻولي ڳالهائجندي ٻڌجي ۽ پاڻ ڳالهائجي، ان جي بنيادي جملن ۽ انهن جي اضافي صورتن جي مجموعن جي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق ڪجي ته جيئن انهن جي استعمال جي عادت پئجي وڃي ۽ سمعي بصري وسيلن کان انهيءَ مقصد لاءِ پورو پورو ڪم وٺڻ گهرجي وغيره. پر هن طريقي ۾، خاص طرح، ٻوليءَ جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ خالص علمي نقطي نگاهه اختيار ڪئي وڃي ٿي. يعني هيءَ ته ٻولي سکڻ هڪ پيچيده گهڻُ پاسائون عمل آهي. ان ۾ نه رڳو ماڻهوءَ کي، هلڻ يا ساهه کڻڻ جي هنر وانگر، مشيني انداز ۾، غير شعوري حد تائين، ڳالهائڻ جي اٽڪل پرائڻي پوي ٿي، پر خيالي ۽ جمالياتي معنائن جي دنيا کي سمجهڻو به پوي ٿو، جيڪي ٻوليءَ جي هر جملي ۾، اُن جي آوازن، لفطن ۽ ترتيب سان گڏوگڏ موجود رهن ٿيون. معنائن جون اُهي ننڍيون ننڍيون دنيائون ئي گڏجي، ٻوليءَ جي اصل ڳالهائيندرن جي سهج سڀاءَ ۽ قومي سڀيتا جي ڪائنات بنجن ٿيون- جنهن جي ڀرپور جهلڪ ٻوليءَ جي نون سکندڙن کي ڏسڻي ۽ ڏيکارڻي آهي، ڇو ته اُها ڪائنات، اُن حد تائين، کين پنهنجي ڪائنات بنائڻي آهي. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي سکيا جا سڀ مسئلا ڪنهن هڪ سڌي سادي رستي يا طريقي سان حل ٿي وڃن، اهڙي اميد رکڻ اجائي آهي. مثلاً گرامر ۽ ترجمي جي طريقي کي ئي ڏسجي ته ڀاشا وگياني طريقي ۾، جو ٻوليءَ جا بنيادي جملا ۽ انهن جون اضافيو صورتون هٿ ڪجن ٿيون- سي گرامر هيٺ گڏ ٿيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ ئي مرتب ٿين ٿيون. خود ڀاشا وگيان، جنهن کي ٻوليءَ جو تفصيلي بيان چيو وڃي ٿو، اُن جو هڪ حصو گرامر ئي ته آهي، ۽ گرامر جي مدد سان ئي ته ٻوليءَ جي ٻين پاسن جو بيان ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي سکيا جي عملي طريقي جو بنيادي اصول هيءُ اهي ته هر اُها ڳالهه ۽ ترتيب، جيڪا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي، ان مان جوڳو ڪم ورتو وڃي. اهڙي خالص علمي عمل لاءِ ظاهر آهي ته علمي تربيت حاصل ڪيل استاد جي سخت ضرورت آهي، جيڪو هر اهو بهترين ۽ مفيد رستو ۽ اصول ڪم آڻي سگهي، جيڪو کيس ٻوليءَ جي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي. ٻوليءَ جو اهو تربيت يافته استاد ڪنهن به صورت ۾ ٻوليءَ جي علمي مطالعي يعني ڀاشا وگيان جي حاصلات ۽ نتيجن کي، انساني سکيا جي نفسياتي اصولن کي، شاگردن جي عمر ۽ تعليمي معيار کي ۽ انفرادي شاگرد جي شخصيت ۽ صلاحيت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي. +مٿي هڪ هنڌ چيو ويو آهي ته درسي ڪتابُ، پڙهندڙَ ۽ پاڙهيندڙَ ٻنهي لاءِ هڪ مددي وسيلو آهي. هاڻي سوال اهي ته هڪ غير مادري زبان طور سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائڻ لاءِ هيءُ جو ”آسان سنڌي قاعدو“ ٺاهيو ويو آهي، اُهو ٻوليءَ جي ڪهڙي تدريسي طريقي تي ٻڌل آهي؟ گرامر ۽ ترجمي جي طريقي تي، سڌي طريقي تي، ڀاشا وگياني يا خالص عملي طريقي تي؟ انهيءَ سوال جي جواب سان ئي اُهو فيصلو ٿي سگهي ٿو ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙ يا پاڙهيندڙ لاءِ ڪهڙيءَ ۽ ڪيتريءَ مدد جو وسيلو آهي. سڄي ڪتاب کي پوري ڌيان سان ڏسي وڃو، ۽ پوءِ جو ڪجهه ان بابت ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ جي تدريسي مقصدن ۽ طريقن بابت مٿي عرض ڪيو ويو آهي، اُن سڀ تي ويچار ڪريو. اوهين هن ئي نتيجي تي پهچندا ته هيءُ ڪتاب مٿي بيان ڪيل چئن تدريسي طريقن مان ڪنهن هڪ طريقي تي به ٻڌل ڪونهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اُهي چارئي طريقا ٻوليءَ جي پاڙهڻ جا طريقا آهن، ۽ هيءُ ڪتاب ٻوليءَ جي پاڙهڻ لاءِ نه پر خاص طرح ٻوليءَ جي فقط ستن آوازن سيکارڻ ۽ گهڻي ۾ گهڻو ته رڳو ٻوليءَ جي الف – ب پاڙهڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ظاهر آهي ته ٻولي رڳو آوازن ۽ الف – بي جي تختيءَ تائين محدود ڪانهي. اِهي ته رڳو ان جي اظهاري روپ جا پهريان جُزا آهن. اُنهن کان پوءِ اِن روپ جا لفظ به آهن ۽ جملا به آهن، جيڪي پڻ پاڙهڻا ۽ سيکارڻا آهن. تنهن کان پوءِ اُنهن لفظن ۽ جملن ۾ ٻوليءَ جو تهذيبي مواد يعني معنيٰ جو مواد به آهي – جنهن کي پڻ پاڙهڻو ۽ سيکارڻو آهي. افسوس، جو هن ”آسان سنڌي قاعدي“ جو اِنهن ڳالهين سان ڪوبه خاص واسطو ڪونهي. +سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي لائق چيئرمن صاحب کان هن سلسلي ۾ ۽ هن منزل تي فقط هيءَ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هو هن ناڪام ”سنڌي قاعدي“ کي اُن جي پهرينءَ ايڊيشن جي ڪم اچي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر نه ڇاپائي ۽ ان جي بدران فوراً ٻئي ڪنهن عملي نوع جي ريڊر جي ٺهرائڻ ۽ ترت شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪري. اُن ۾ ئي سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جائز تدريسي حيثيت ۽ اُن جي مفيد ۽ نتيجه خيز تعميل جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. +[روزانه ”هلال پاڪستان“ +ڪراچي، 4- جولاءِ، 1973] + + +(4) +مطالعا ۽ تبصرا +ماهنامو ”شاعر“، حيدرآباد 2/1956ع +افسانو ”پسي ڳاڙها گل……“ +”برهانپور کي سندهي اولياء“ (اردو) +”لاٽ“ شمشير الحيدري جو پهريون شعري مجموعو (1961ع) +سوچ کي لوڇ (شاعري) +سنڌي سماج ۾ اديب جي ذميداري: (15- جنوري 1977ع تي سڪرنڊ ۾ سنڌ جي صف اول جي شاعر، عبدالحڪيم ”ارشد“، جي پهرئين ڇپيل شعري مجموعي ”ڏيئا ڏات جا“ جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل صدارتي تقرير). +ڪيئي ڪتاب: مهراڻ ڪلچرل سينٽر، حيدرآباد ۾ 6- جولاءِ، 1980ع تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي لکيل ”ڪيئي ڪتاب“، جلد پهرئين جي رونمائي“ جي موقعي تي پڙهيل تقرير. +تو جنين جي تات …… ڪتاب ”اندر جنين اُڃ“ جي مهورت جي موقعي تي 12-1-1981ع تي پڙهيل مضمون. +اديب، ادب ۽ سچ جي تلاش: حميد سنڌيءَ جي ڪتاب ”ويريون“ جي مهورتي جلسي ۾، تاريخ 10- سيپٽمبر 1981ع تي پڙهيل تقرير. +”اکيون پسي آئيون“: دين محمد اڪرم ٻورڙائي، دادو، جي شعري مجموعي بابت +چترليکا (ناول): ڀڳوتي چرن شرما، سنڌيڪار: رشيد ڀٽي +عروض جا اهڃاڻ: ليکڪ، عبدالقيوم ”صائب“ +ڪويتا فقير هدايت علي رڏ جي شعري مجموعي ”سونهاري جي سوڻهن“ بابت: +علم جي پروڙ +يوناني فيلسوف، هرئڪليٽس، جو مشهور قول آهي ته ”هئڻ ڪجهه به نه آهي. ٿيڻ سڀ ڪجهه آهي.“ ان طرح، جيئن ٻي هر شيءِ تيئن انساني زندگي به، پنهنجي سڀڪجهه هئڻ سان- ناڻي، علم، سماج ۽ سماج جي دستورن، قانونن ۽ نظامن سان- اُها ڪجهه ئي آهي جو ڪجهه اُها ڪري ٿي، جا ڪجهه اُها ٿئي ٿي: رڳو ’انساني‘ سڏجڻ سان اُن کي انساني (يا فوق الانساني) پَرَ لڳي ڪونه ٿا وڃن- جيئن ’ديني‘ تبليغ ڪارَ ۽ ’معرفت‘ جا دعويدار انسان کي ’اشرف المخلوقات‘ جي ٺلهي پَٻي ڏيئي، ۽ اُن کان ئي مٿي ’الله‘ تائين نيئي، ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦيري ڇڏيندا آهن. پنهنجي پاڻ يا پنه��جي ڪنهن محدود گروهه ۾ ئي گم هجڻ سان انساني زندگي بنهه حيواني يا اُن کان ٿوريءَ ئي مٿڀريءَ ڪنهن سطح تائين پهتل شمارجي سگهي ٿي. انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن واڌ جي هن انساني زندگيءَ جي تهذيبي سفر جي منزل، بهرحال، قومي اجتماعيت کان اڃان هن روشني پاتل ويهين صديءَ جي خاتمي تائين به، اڳتي ڪانه سُري سگهي آهي. پنڊت جواهر لال نهروءَ جي اِن سلسلي ۾ چيل هيءَ ڳالهه اڄ به تاريخي اهميت جي حامل آهي ته ”جديد زندگيءَ لاءِ سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت آهي.“ +(Nationalism is the very condition of modern existence) +بين الاقواميت، عالمگيريت، آفاقيت اڃان خيالن جي سطح تائين واقعي وڏا آدرش ته آهن (۽ سچ ته رڳو اڄ نه پر گهڻي وقت کان آهن)، پر اُنهن لاءِ انساني زندگي پنهنجا گهربل نظام، دستورَ، ادارا اڃان قائم ڪري نه سگهي آهي، بلڪ پوريءَ طرح سوچي به نه سگهي آهي- جيئن معروف ۽ جائز قومي سطح تائين پنهنجي اجتماعي چڱائيءَ (Collective Good) لاءِ اُن جمهوريت، قانون جي بالادستي، سماجي انصاف، ۽ فلاحي يا اشتراڪي نظام تجويز ڪيا آهن ۽ پڻ عمل ۾ آندا آهن. – م.ا.ج. +(”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، مئي 1988ع، جي پيش لفظ مان کنيلُ) +تبصرا +”شاعر“ حيدرآباد- 2/1956ع +ڪنهن رسالي يا مخزن تي تبصري ڪرڻ جي مراد ان ۾ ڇپيل مواد تي تبصرو ڪرڻ آهي. رسالي ۾ آيل مواد جي چونڊ ڪيئن ڪئي ويئي آهي، ان مواد کي ترتيب ڪهڙي ڏني ويئي آهي، ۽ مواد جي چونڊ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پنهنجي طرفان وڌيڪ ڇا پيش ڪيو آهي – اهي ڳالهيون رسالي جي ايڊيٽر جي ادبي ذوق، علمي پُرمايگيءَ ۽ نظرياتي پختگيءَ متعلق ڪافي ڪجهه ٻڌائي گذرنديون آهن. حقيقت ۾، رسالي جون اهي ئي چيزون سندس ايڊيٽر جي شخصيت جون ترجمان ثابت ٿينديون آهن. +”سنڌ جي دوماهي ادبي رسالي، ”شاعر“ جو ٻيو پرچو اسان جي اڳيان آهي. رسالي جي ادارت جا فرض مولانا غلام محمد ”گرامي“ جهڙو ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر بجا آڻي رهيو آهي. رسالي جي ادارتي نوٽ پڙهڻ سان، ايڊيٽر جي مجموعي فڪر ۽ ذهني صورتحال جو هڪ حد تائين صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو. +”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر حب الوطنيءَ جي اهم مسئلي کي سمجهائيندي، ان جو هڪ انوکو مفهوم پڙهندڙن کي سيکاريو آهي: پاڻ ”وطن جي ’ڌرتي ماتا‘ واري تخيل“ کي اٿندي ئي ننديو اٿن. لفظ ’ڌرتي ماتا‘ جي اهڙي نفرت ڀرئي استعمال مان سندن مراد اها ظاهر آهي ته وطن جي ڪنهن به شي جِي بت وانگر بيهي پوڄا نه ڪرڻ گهرجي. ”اسان جي پاڪ وطن“ ۾ اهڙيءَ ڪنهن چيز جي ڪٿي ڪا پرستش ٿي رهي آهي – جنهن خلاف ان جي پرستارن کي اها تنبيهه فرمائي ويئي آهي – ان جو اسان کي علم ڪونهي. جيڪڏهن ”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر جي علم ۾ اهڙي ڪا چيز هئي ته سندن فرض هو ته ان جي وضاحت فرمائي ڇڏين ها، ته سڀئي ان مان عبرت وٺن ها! هڪدم پوءِ ارشاد ٿو ٿئي ته ”وطن مان مقصد اهو ’فڪر حيات‘ ۽ ’نظام زندگي‘ آهي، جو عوام جو (جِي) سماجي، فڪري، علمي ۽ معاشي تربيت ڪري رهيو آهي. اهو فڪر حيات هڪ خاص آئڊيالاجي (آئڊيالاجي = فڪر حيات) مان پيدا ٿيندو آهي. لهٰذا ان آئڊيالوجيءَ جي مرڪزي حيثيت کي ئي مڃڻ ’ساڻيهه جي سڪ‘ ۽ حب الوطني سمجهڻ گهرجي“. پهرين ڳالهه ته فڪر حيات، فڪر حيات (آئڊيالاجي) مان پيدا ڪين ٿيندو – اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ ڪانه آئي. ٻي ڳالهه ته ”فڪر حيات“ ۽ ”نظام زندگي“ ٻئي هڪ ڳالهه آهن – اها خبر به اسان کي اڳي واقعي ڪانه هئي. ٽين ڳالهه ته اهو ”نظام زندگي“ جيڪو ”اسان جي پاڪ وطن – اسلامي جمهوريه پاڪستان“ ۾ ”عوام جي سماجي، فڪر��، ۽ معاشي تربيت ڪري رهيو آهي“، سو آهي نيم جاگيرداري، نيم سرمايه داري ۽ نيم سامراجي نظام! انهيءَ نظام زندگيءَ جي ”مرڪزي حيثيت“ ڪهڙي آهي ۽ ڪٿي آهي، اها خبر به اسان اٻوجهن کي ”شاعر“ رسالي جي شاعر ايڊيٽر صاحب بنهه ڪين ٻڌائِي، جو ان کي ”مڃي“ ڪري اسين به سندن ”ساڻيهه“ جي سڪ سان پنهنجي من کي کڻي مالامال ڪريون. بهرحال جيڪڏهن فرمائش هيءَ آهي ته جيڪو ”نظام زندگي“ اڄ عوام جي ”تربيت“ ڪري رهيو آهي – يعني پيري فقيري، زمينداري، جاگيرداري، سرمائيداري، وغيره – ان کي مڃي ڪري سنڌ جا عوام پاڻ کي گرامي صاحب جي نظرن ۾ وطن دوست ثابت ڪن، ته اهو معاملو ته گرامي ۽ سنڌ جا عوام ئي پنهنجو پاڻ ۾ نبيرين – ٻيو ڪو ان ۾ دخل ڏيڻ وارو ڪير! +”حب الوطنيءَ“ جي ڳوڙهي مسئلي کي مٿئين نموني حل ڪرڻ کان پوءِ، ”شاعر“ جي فاضل ايڊيٽر اچي ”نالن جي فلسفي“ کي وڪوڙيو آهي. ”مهراڻ“ (1-1956) جي گذارشي نوٽ ۾ اسان عرض ڪيو هو ته ” ’اسلامي جمهوريہ، پاڪستان‘ جي تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾ - يعني ان جي آئين ۾ - جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون، اُتي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن – سج جي وجود کان انڪار صرف اکين کان سڄا ئي ڪري ٿا سگهن. ٻئي ڪندي ’مشرف به اسلام‘ ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندي پئي ٻڌبا ۽ ڏسبا هئا – پر ملڪن ۽ قومن جي نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي، تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پيئي اٿئون!“ مقصد هي هو ته سوچيو وڃي ته ”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ قائم ڪرڻ لاءِ ”ون يونٽ“ ملڪ جي مٿان مڙهڻ ضروري هو ڇا، يا ون يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ”سنڌ“ جي قديم تاريخي نالي کي ملڪ جي دستور تان ميساري ڇڏڻ لازمي هو ڇا: جيڪڏهن دستور ۾ سنڌ جو نالو بيان ڪيو وڃي ها، ته ڇا اسان جي وطن پاڪ جي ”اسلامي جمهوريه“ بنجڻ ۾ ڪا ڪسر رهجي وڃي ها؟ اسان نٿا سمجهون ته ملڪ کي رڳو نالي ماتر ”اسلامي جمهوريه“ سڏڻ لاءِ، گرامي صاحب قبول ڪندو ته سنڌ جو نالو ئي مِٽائي ڇڏڻ ضروري آهي. عربستان ۾ اسلام آيو، ته به عربستان ته عربستان ئي رهيو – ٻين ڪهڙن اسلامي ملڪن جا وڌيڪ نالا کڻجن؟- ته باقي سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو سندس نالو لاٿو وڃي! بس ايتريءَ ڳالهه تان – يا مرڳو سنئين سڌي ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي اٿس – گرامي صاحب بنهه بيبجي پيو آهي. اسلام ۽ پاڪستان لاءِ جهاد جو جهنڊو ڪلهي تي رکي، ڦشرجي، ميدان ڪري بيهي رهيو آهي. پوءِ ته، سواءِ پنهنجي، ٻين سڀني ”اندر جي انڌن“، ”ڪارن ڪافرن“، ”اسلام جي دشمنن“، ”دريده دهنن“، ”آهني پردي ۾ لڪلن“، ”ڪفر ساز ۽ مولوين“، ”مسلمانن کي ’ڄٽ‘ چوندڙن“، ”ڪميونسٽن ۽ سيڪيولرسٽن“، ”رسالن ۽ اخبارن ۾ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندڙن“، ”مينڍ ۾ مارئي ڳائيندڙن“، ”اندر جي آڳ اُجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙن“، ”رڍ جي کل ۾ بگهڙ وانگر لڪندڙن“، ”اٻوجهه ۽ ساده دل نوجوانن جا اوجهه ڦاڙيندڙن“- مطلب ته دنيا جهان جي چڱن مَٺن کي، نالن تي نالا وٺي، بيهي للڪاريو اٿس. آخر ۾ جڏهن وڃي ڪجهه ٿڌو ٿيو آهي، تڏهن اهڙو ته هڪڙو پَتي جو فقرو ڏوراپي طور لکي ڇڏيو اٿس، جو پڙهي، ”اسلام جي دشمنن ۽ اسلام کي نه مڃيندڙن“ جا ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي پيا هوندا: چي، ”جيڪڏهن ڪي اسلام جا دشمن ۽ اسلام کي نه مڃيندڙ پاڻ کي مسلمانن جي نالن ۾ لڪائڻ کي ڪو گناهه ۽ اخلاقي ڪمزوري نٿا سمجهن، ته پوءِ پاڪستان تي ”اسلاميه جمهوريه“ جو نالو ڌرڻ ڪو خاص ڏوهه نه آهي! اين گناهي ست کہ در شهر شما نيز کنند!“ اسان جي دعا آهي ت�� اسان جيڪي ”مهراڻ“ ۾ چيو هو، سو گرامي صاحب جيڪڏهن ڪين سمجهيو، ته ان جو ڪو خاص ڀولو ڪونهي – پر جيڪي خود پاڻ هِي لکيو اٿن، شل ان کي ئي رڳو سمجهي سگهن! +”شاعر“ جي اداريه ۾ هڪ نوٽ ”ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ“ متعلق به آهي. ان نوٽ کان اڳ ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ، ۽ ڪافي مشاعرو“ جي عنوان ماتحت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي ”سنڌي ادب ۽ تهذيب جي خدمت“ لاءِ گرامي صاحب دل کولي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جو هو ”ڪافين جا مشاعرا“ ڪري رهيا آهن“؛ ۽ ”جڏهن کان حضرت ”طالب الموليٰ“ ڪافين جا مشاعرا ڪرايا آهن، تڏهن کان سنڌ جي بزم مشاعرن ۾ ڪافيون ضرور پيش ڪيون وڃن ٿيون، ۽ ريڊيو تان به اهڙن مشاعرن جو نشر ڪرڻ ڪافين جي مقبوليت جو روشن دليل آهي.“ ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌيءَ ۾ ”غزل جي مشاعري“ کي تقريباً بند ڪري ڇڏيو آهي، ۽ راڳ جي پروگرام ۾ به عام طرح رڳيون ڪافيون پيش ڪيون وڃن ٿيون. ريڊيو حيدرآباد جي حضور ۾ پنهنجي هن خراج تحسين پيش ڪرڻ کان فوراً پوءِ، ”ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ“ جي جدا عنوان هيٺ گرامي صاحب فرمائي ٿو ته ”اڄ ڪلهه ڪافي نواز طبقي جي ”غزل دشمني“ عالم آشڪار ٿي چڪي آهي. اڻ فتني کي پيدا ڪندڙ اهي چند ماڻهو آهن، جي دراصل اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن آهن – جي سنڌي ”سنڌي زبان“ جي انڌي عشق ۾ اچي، ساري وڻ کي پاڙ کان ڊاهڻ لاءِ تيار آهن“. “سنڌي زبان“ جي لفظن کي گرامي صاحب پاڻ واڪ جي نشانين ۾ ڏنو آهي، جنهن مان جملي ۾ انهن جو استعمال طنزيه پيو معلوم ٿئي. بهرحال انهيءَ ٻاراڻيءَ ڳالهه کي ڇڏي، سوچڻو آهي ته اهي ”اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن چند ماڻهو“ ڪير آهن، جيڪي گرامي صاحب جي نظر ۾ ”سنڌي زبان جي انڌي عشق ۾ اچي، ساري وڻ کي پاڙ کان ڊاهڻ لاءِ تيار آهن؟“ ظاهر آهي ته گرامي صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کي ”اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن“ شمار ڪري نٿو سگهي؛ نڪي ڪي هو ”حضرت ’طالب الموليٰ‘ “ تي ئي اهي لقب ڌري ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪافين سان دلي چاهه سان گڏ مخدوم صاحب جن جي غزل دوستي ۽ اردو ادب ۽ پاڪستان ڏانهن عقيدتمندي عالم آشڪار آهي: ٻئي ڪندي، گرامي صاحب جي قلم مان ريڊيو حيدرآباد ۽ ”حضرت طالب الموليٰ“ لاءِ سنڌي ادب ۽ تهذيب جي خذمتگذاريءَ جي سلسلي ۾ تعزيتي لفظن جون فياضانه استعمال اڳي ئي پيش ٿي چڪو آهي. ته پوءِ باقي اهي ڪهڙا ”چند اردو ۽ پاڪستان جا دشمن“ گرامي صاحب جي نگاهه ۾ ککن ٿا، جن جي ”غزل دشمنيءَ“ کيس ايترو بيچين ڪيو آهي؟ انهن غزل – دشمن شخصن ضرور ڪٿي اهڙي قسم جو ڪو بيان شايع ڪيو هوندو، مضمون لکيو هوندو، جنهن ادبي ميڙ ۾ ڪا تقرير ڪئي هوندي: ممڪن آهي ته انهن چند ماڻهن جي ڪا پنهنجي اخبار يا ڪو پنهنجو رسالو هجي، جنهن ۾ هنن ٻين ڳالهين سان گڏ غزل کي پنهنجي ان اخبار يا رسالي مان بنهه هڪالي ڪڍي ڇڏيو هجي! جيڪڏهن انهن ڳالهين مان ڪا به ڳالهه نه آهي - ۽ اسان کي يقين آهي ته اهڙي قسم جي چيز گرامي صاحب هرگز سنڌ جي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ متعلق به پيش نٿو ڪري سگهي – ته پوءِ اسان کي گرامي صاحب کان سوال پڇڻ جو هي حق ضرور ملي ٿو ته ”ڀاءُ اسان جا، ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ جو مسئلو سنڌ ۾ اول آهي ڪٿي؟ اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن ته توکي پوءِ ڳولڻ گهرجن؛ پهريائين سنڌ ۾ ڪو غزل – دشمن ته ڳولي هٿ ڪر!“ ائين پنهنجي ڄنگهه ۾ پاڻ چڪ هڻي، ويهي ڪتو ڪتو ڪرڻ ڏاهپ جو ڪم ته نه آهي! سچ پچ، اسان جي هيءَ ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو گراميءَ جهڙي اديب، شاعر ۽ عالم شخص، ۽ اسان جن ٻين اهڙن ڀائرن لاءِ رڳو پنهنجن ادبي ۽ علمي اختلافن نبيرڻ لاءِ به سواءِ اسلام – دشمني، پاڪستان – دشمني، ۽ ٻين اهڙن بغض، ڪيني ۽ فساد سان ڀريل الزامن جي، پنهنجي بچاءَ، يا ٻئي کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻيو ڪو شائستو، سنجيدو ۽ ناشانائتو لفظ، دليل طور يا خطاب طور استعمال ڪرڻ لاءِ، هٿ ئي ڪونه ٿو اچي! +”شاعر“ جي اداريه ۾ اڳتي هلي، گرامي صاحب اعلان ڪرڻ فرمايو آهي ته ” ’شاعر‘ جي سرپرست عاليجناب حضرت ”طالب الموليٰ“ فيصلو ڪيو آهي ته ”شاعر“ جي مقاله نگار ۽ شعراء ڪرام جي همت افزائي ڪئي وڃي، ۽ انهن جي فني عظمت ۽ ادبي خدمت کي تسليم ڪندي، چڱا معاوضا پيش ڪجن . . . . ’شاعر‘ جي ايندڙ اشاعت کان معاوضي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي“. هيءُ هڪ مبارڪ اعلان آهي. رسالن جي معاوضن جي معرفت موجوده حالتن ۾ سنڌ جا اديب ۽ فنڪار ”فارغ البال ۽ ڳڻتين کان آجا“ ٿين يا نه، پر ان سرشتي مان اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي اشاعت لاءِ ’دلپسند‘ مواد ته ضرور ملي ويندو. ”شاعر“ ۾ تازي شايع ٿيل ’ادب‘ کي ڏسي ڪري، خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ”شاعر“ طرفان معاوضي ڏيڻ جي هن اعلان کان پوءِ، ان حد تائين ”شاعر“ واري انهيءَ قسم جي ادب کي ضرور فروغ ملندو. گرامي صاحب سان گڏ اسان کي به اميد آهي ته جيئن ”’شاعر’ جي ادبين“ لاءِ مٿئين نموني ”بندوبست“ ڪيو ويو آهي، تيئَن ”’مهراڻ’ ۽ ’نئين زندگيءَ‘ جي اديبن“ لاءِ پڻ جلد ئي بندوبست ڪيو ويندو. اسان جي وڌيڪ دعا آهي ته شل هنن معاوضن جي سرشتن قائم ٿيڻ کان پوءِ به، اسان جا سنڌي اديب سنڌي ٻوليءَ جا ئي اديب رهن، ۽ شل هو رڳو ”شاعر“ جا، ”نئين زندگيءَ“ جا، ”مهراڻ“ جا، يا اهڙي ٻئي ڪنهن محدود حلقي جا ئي مخصوص اديب ڳڻجڻ شروع نه ٿي وڃن! +”شاعر“ جي قابل ايڊيٽر جا افڪار عاليه پرچي جي ٻين ٻن چئن جاين تي پڻ موجود آهن. ”پراڻو ۽ نئون ادب“ جي عنوان (ص 24) هيٺ، گرامي صاحب ”اڄ ڪلهه جي اديب ۽ شاعر، زباندان ۽ صاحب تحرير“ کان شڪايت ٿو ڪري ته هو غزل گو شاعر جي ”گل ۽ بلبل، زلف ۽ رخسار، مي ۽ ميخانه، پير مغان ۽ محتسب، رند ۽ زاهد“ کي ادب جون ”پراڻيون روايتون سمجهي، ترڪ ڪري چڪو آهي“، ۽ انهن جي جاءِ تي ”طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪندڙ ڪردارن – مزدور، هاري، سرمائيدار ۽ زميندار – کي اها ساڳي حيثيت“ ڏيئي، ادب جون ”نيون روايتون“ قائم ڪرڻ ٿو چاهي، ۽ ائين ڪندي هي ”نئون نويل اهل قلم پاڻ کي جدت پسند سمجهڻ جي خوش فهميءَ ۾ مبتلا“ ٿو رکي، حالانڪ اها سنديس ”صحيح معنيٰ ۾ نه انقلاب پسندي آهي ۽ نه ان کي ترقي پسندي سڏڻ جي ئي غلطي ڪرڻ گهرجي“! هن استاد پائيءَ واري فيصلي کان پوءِ ”نئين نويل اهل قلم“ کي ٻڌايو ٿو وڃي ته ”ادب نه پراڻو ٿيندو آهي ۽ نه نئون. اها تفريق ۽ تقسيم ذهني زوال، ۽ روشن ضميريءَ جي نه هجڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي. ادب ته زنده جاودان رهي ٿو – پراڻا اسان جا ذهن ۽ دماغ ٿين ٿا – ورنه هت ته هر شئي ”نئين“ آهي ۽ هر دم جوان آهي!“- تنهنڪري هن کي گهرجي ته گل ۽ بلبل، مي ۽ ميخانه وغيره جهڙين هر دم نين ۽ دائمي جوان روايتن کي ئي پختيون ۽ صحيح ادبي روايتون سمجهي ۽ نه ”طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪندڙ ڪردارن – مزدور، هاري، سرمائيدار ۽ زميندار“ جهڙين چيزن کي، جن ۾ ڪا به جدت پسندي، ڪا به انقلاب پسندي، ۽ ڪا به ترقي پسندي ڪانه آهي! گرامي صاحب جو هي آخرين فرمودو به نوآموز اديب جي ٻڌڻ وٽان آهي – شايد ان جي ٻڌڻ سان ئي شاگرد جي ڪجهه همت افزائي ٿئي! ارشاد ٿو ٿئي ته ”اديب جي خلوص (؟) ۽ بي اثريءَ جو اهو ڪافي ثبوت آهي، جو هو خود چاهي ٿو ته مان ڪجهه لکان. اهو سندس ’ڪجهه لکڻ جو جذبو‘ دليل آهي سندس ناقص هجڻ جو ۽ بي خلوص هجڻ جو.“ (!) ظاهر آهي ته گرامي صاحب جي مرضي آهي ته جيسين ”ڪجهه لکڻ جو جذبو“ زنده هجي، تيسين ڪجهه به نه لکجي – ڇاڪاڻ ته ”اهڙيءَ تحرير سان انقلاب جو اچڻ آهي ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“: اڳتي هلي، جڏهن ”وسيع مطالعي، مسلسل مشاهدي ۽ ڪافي تجربي“ بعد، اهو ”ڪجهه لکڻ جو جذبو“ اديب جي دل ۾ مري وڃي، تڏهن ئي هو ”اديب“ بنبو، ۽ پوءِ هو پنهنجي وساڻل دماغ ۽ وڪاڻل قلم سان واقعي انقلاب آفرين ادب پيش ڪرڻ جو پاڻ کي اهل ثابت ڪندو! +”سنڌي قافيا ۽ سندن حرڪات و سڪنات“ (ص 64) جي سري هيٺ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جو هڪ اهم مسئلو ڇيڙيو ويو آهي. محترم حافظ محمد احسن ۽ مرزا اجمل بيگ صاحب جن مسئلو پيش ڪيو آهي ته جئن ته اردو، فارسي ۽ عربي قافين جون پڇاڙيون ساڪن ۽ سنڌي قافين جون متحرڪ آهن، تنهنڪري سنڌي قافين جي پڇاڙين کي به ساڪن ڪري اردو، فارسي ۽ عربي قافين سان گڏ استعمال ڪرڻ جائز آهي يا نه؟ حافظ صاحب ۽ مرزا صاحب ٻنهي تجويز پيش ڪئي آهي ته اِن مسئلي تي سنڌ جا اديب ۽ شاعر جوڳو ويچار ڪن، ۽ ڪنهن متفقه فيصلي تي اچن. گرامي صاحب ان مسئلي تي راءِ ڏني آهي ته ”اول غور ڪرڻ گهرجي ته آيا عربي، فارسي قافين سان گڏ سنڌي قافيا استعمال ڪري سگهجن ٿا يا نه؟ اگر اهو فيصلو ٿي وڃي ته ائين ڪري سگهجي ٿو، ته پوءِ . . . . . ڇا لاءِ ته عربي فارسي قافين جون پڇاڙيون جڏهن (؟) ته ساڪن آهن، تڏهن (تنهنڪري؟) لامحاله سنڌي قافين جون پڇاڙيون به ساڪن ٿي وينديون.“ (!) گرامي صاحب جي مرضي گويا هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ جڏهن ڌارين ٻولين جا لفظ داخل ٿين، ته نه فقط اهي لفظ پنهنجون اصلوڪيون حرڪات سڪنات پاڻ وٽ قائم رکن، پر انهن جي پوئتان اصلوڪن سنڌي لفظن کي به پنهنجون حرڪات سڪنات (اُچار) بدلائي ڇڏڻ گهرجن! گرامي صاحب سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ وارو هيءُ پنهنجو فيصلو لسانيات جي ڪهڙن اصولن کي سامهون رکي صادر فرمايو، تنهن جي جيڪڏهن پاڻ پهريائين وضاحت فرمائي ها، ته بهتر هو: ٻيءَ صورت ۾ جيئن مسئلو سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي راين وٺڻ لاءِ وٽس پيش ٿيو هو، تيئن ان کي فقط انهيءَ مقصد لاءِ ئي پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏڻ کپندو هوس. +رسالي جي صفحي 78 تي گرامي صاحب شاعر متعلق پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ فرمايا آهن. شاعر کي پيغمبريءَ جي درجي تي وڃي پهچايو اٿس – ان ۾ اسين به خوش ٿياسين؛ پر جڏهن مزيد فرمايائين ته ”شاعر زمان ۽ مڪان کان متاثر نٿو ٿئي، پر زمان ۽ مڪان کي متاثر ٿو ڪري“، ته اسان کي واقعي تعجب ٿيو. زمان ۽ مڪان کان متاثر ٿئي بغير شاعر ڪيئن ٿو زمان ۽ مڪان کي متاثر ڪري – ان معمي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي تڪليف گرامي صاحب گوارا ڪرڻ فرمائي ها، ته پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ هوند اهم اضافو ٿئي ها. +”اسان جا سنڌي رسالا“ جي عنوان ماتحت ”مهراڻ“ تي تبصرو فرمائيندي، گرامي صاحب اسان کي مهميز ڏني آهي ته ”مهراڻ“ کي فقط هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان بنائڻ سنڌ جي عالمگير روابط ۽ تهذيبي تعلقات جي خلاف آهي.“ ”مهراڻ“ ۾ جيڪي ڪجهه شايع ٿو ٿئي، تنهن لاءِ گرامي صاحب پاڻ فرمايو آهي ته ”مهراڻ جا پورا ٽي حصا ته اڃان به پراڻي رنگ جا آهن“- ته پوءِ ”مهراڻ“ هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان ڪيئن ٿيو، اها ڳالهه اسان پوري سمجهي ڪين سگهياسين. ”مهراڻ“ کي هر قسم جا اديب – ڪهنه مشق ۽ نوآموز ٻيئي – پنهنجن هر صنف جي ادبپارن سان سينگارين ٿا. انهيءَ ڳالهه کي ڄاڻندي به ”��هراڻ“ کي هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان سڏڻ، فقط انهن بغض ۽ عناد سان ڀريل عناصر سان، غير شعوري طور، هائو ۾ هائو ملائڻي آهي، جن کي هر چڱيءَ چيز کان چڙ هوندي آهي. گرامي صاحب ”مهراڻ“ ۾ انهيءَ هڪ ”اوڻائيءَ“ کان سواءِ ٻيون جيڪي خوبيون ڏٺيون آهن، ۽ انهن کي جنهن خلوص ۽ محبت جي جذبي سان بيان ڪيو اٿس، تنهن لاءِ اسان سندس شڪر گذار آهيون – پاڻ جيڪي دوستانه مشورا ڏيڻ فرمايا اٿس، تن کي اسان پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ اميد اٿئون ته ”مهراڻ“ جي ترتيب ۽ اشاعت ۾ انهن تي آئيندي پنهنجي وت آهر ڌيان ڏينداسون. +”شاعر“ جي زير نظر پرچي ۾ جيڪي ٻين اديبن جون چيزون شايع ٿيون آهن، انهن جي چونڊ به ڪا گهٽ عبرت آموز نه آهي. پهريائين ”پيغام“ ”خط“ ۽ ”سلام ۽ سنيها“ جي ٽن جدا جدا عنوانن هيٺ ”شاعر“ ڏانهن سنڌ جي اديبن ۽ پڙهندڙن جيڪي پنهنجون نيڪ تمنائون ۽ مفيد مشورا موڪليا آهن، سي پيش ڪيا ويا آهن. ”جيڪڏهن ’شاعر‘ کي صرف فنون لطيف جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي، ته سنڌي زبان ۾ هي رسالو پنهنجي مٽ پاڻ ٿيندو“ (ڊاڪٽر بلوچ صاحب)؛ ”هن وقت سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي، اهم ۽ ضروري خدمت سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي خدمت آهي، ڇو ته زبان جي بقا ۾ قوم جي زندگي مضمر آهي: جنهن قوم جو ادب ۽ تهذيب، زبان ۽ ثقافت نه رهيا، اها قوم برباد ٿي“ (مولانا چشتي صاحب)؛ ”دعا آهي ته هي رسالو شاهه ولي الله جي مقولي ”فڪ ڪل نظام“ مطابق بوسيده نظام کي ترڪ ڪري، علم و ادب ۽ صحيح تنقيد جي چوٽ چڙهي، هر ڪنهن ڪوسي واءَ کان محفوظ رهندو“ (محبوب علي چنا صاحب)؛ ”هڪڙي انسان جي دل مان نڪتل آواز سموريءَ انسان ذات جو آواز بنجي ويندو آهي . . . . ڪاش اسان جا شاعر انسان جي دل جو آواز پيدا ڪن، پنهنجي دنيا جي انسان لاءِ ئي هو ڳائين . . . . .“ (سراج صاحب)؛ ”اڄ ڪلهه ته سنڌي پاڻ هڪ ٻئي کي پيا کائين: پاڻ ۾ ئي نفاق پيدا ٿي ويو آهي، ته ٻوليءَ کي ڪير ٿو پڇي: اڄ ڪلهه اسان جا (ڪي) سنڌي، سنڌي – سونهاريءَ کي وساري، پراين ٻولين کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن“ (پروين صاحبه)؛ ”خداوند ڪريم اسان جي سنڌي ادب کي فروغ ڏئي، جيئن سنڌي ڀائر ۽ ڀينر غير سنڌي ادب جا ايترو محتاج نه رهن، جيترو هينئر آهن“ (ثميره زرين صاحبه)؛ ”اها قوم جنهن کي پنهنجي زبان نه آهي، سا گويا حيوان آهي – هڪ ڀٽڪندڙ مسافر آهي، جنهن جي ڪا منزل ڪانه آهي“ (ملڪ غلام حيدر) – اهي ۽ ٻيا اهڙا مخلصانه رايا ۽ نيڪ مشورا پڙهي ڪري، ”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر کي واقعي محسوس ٿيو هوندو ته اڄ سنڌ جا اديب ۽ پڙهندڙ صحيح ۽ صالح سنڌي ادب لاءِ ڪيترو واجهائين ٿا. +جواب ۾، گرامي صاحب جيڪو پهريون ادبپارو ”شاعر“ معرفت هنن سنڌي ادب جي مخلص شائقن کي پيش ڪيو آهي، سو آهي رئيس ”بلبل“ صاحب جو ”واقعو ۽ مشاهدو) ته ”ملهار ڳائڻ تي مينهن وسي سگهي ٿو!“ سوا صفحي جو مضمون، تنهن تي اڌ صفحي جو تعارفي نوٽ! ٻنهي جو مقصد؟ هيءُ ته ”ملهار ڳائڻ سان مينهن وسي ٿو، ۽ هنڊول ڳائڻ سان هندورو لڏي ٿو، ۽ ديپڪ ڳائڻ سان باهه لڳي ٿي“، وغيره. رئيس صاحب پنهنجي اکين ڏٺل ”خوش اتفاق جو ذڪر تصديق طور“ ڪيو آهي، ”تاڪ هن زماني جو مثال دفتر جي سيني (؟) تي سانڍجي وڃي، ۽ ٻين لاءِ عبرت جو باعث بنجي.“ (!) ”اونهاري جا ڏينهن هئا“، جو هي ”خوش اتفاق“ رئيس صاحب جن جي مشاهدي ۾ آيو – رئيس صاحب جيڪڏهن اها اونهاري جي ڏينهن هئڻ واري مختصر ڳالهه به پنهنجي ”سيني جي دفتر“ تي سانڍي ها ۽ ان مان عبرت حاصل ڪرڻ جي ٿورڙي پاڻ به ڪوشش ڪري ها، ته هوند وڏڦڙي جي لهڻ ۽ خانصاحب مبارڪ عليءَ جي ”ملهار“ ڳائڻ کي سبب ۽ نتيجي جي ڪڙيءَ ۾ هرگز ڪين ڳنڍي ها. ملهار راڳ ملهار موسم جو راڳ آهي. موسمن جا ناچ ۽ موسمن جا راڳ هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي. هر موسم ۾، ان موسم جو راڳ يا ناچ زياده دل کي وڻندو آهي. صبح جو راڳ ڀيرو، ڏينهن جي بنهه پوئين پهر جو راڳ مالڪوس، رات جي پهرئين پهر جو راڳ درٻاري طبيعت کي نهايت پسند ايندا آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن ٻنپهرن جو ماني کائي ’هندوري ۾ لڏندي‘ راڳ هنڊول، يا جڏهن شام ڏين ٻرڻ مهل راڳ ديپڪ، يا جڏهن ملهار جي موسم ۾ راڳ ملهار ٻڌبا يا ڳائبا آهن، ته دل تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيندا آهن – تنهن جي معنيٰ اها ڪانه ٿي ته ديپڪ ڏيا ٿو ٻاري، هنڊول هندورا ٿو لوڏي، ۽ ملهار مينهن ٿو وسائي! اهڙي ڪنهن قسم جي ڪا دعوا ڪرڻ ائين ئي ٿيندو، جئن ڪو هيءَ دعوا ڪري ته راڳ ڀيرو ڳائڻ ڪري سج ٿو اُڀري ۽ صبح ٿو ٿئي! رئيس صاحب ۽ گرامي صاحب کي گهرجي ته ادب معرفت ماڻهن کي عقل سيکارين؛ نه، ته پنهنجي عقل سان گڏ پڙهندڙن جي رهئي کهئي عقل تي به مرڳوئي پٽيون ٻڌي ڦٽيون ڪن! +محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جو مضمون ”ڪافي ۽ ان جو تجزيو“ انتهائي خلوص سان لکيل هڪ ڪوشش آهي. مخدوم صاحب جن سنڌي شعري ادب جي هڪ اهم صنف تي پنهنجي ذاتي تجربي، ذاتي مشاهدي ۽ ذاتي مطالعي مان حاصل ڪيل نتيجا نهايت سنجيدي ۽ اثرائتي نوع ۾ پيش ڪيا آهن. ضرورت ته واقعي هيءَ آهي ته سندن مضمون جو تفصيلي مطالعو ڪيو وڃي – جنهن کي في الحال ڪنهن ٻئي موقعي تائين ملتوي ڪري، ايترو عرض ڪري ڇڏڻ ڪافي ٿا سمجهون ته مخدوم صاحب جن جو جيڪڏهن سنڌي ادب جي تاريخ سان گڏ دنيا جي هڪ ٻن ٻين ترقي يافته ٻولين جي ادب جي تاريخن جو به مطالعو ڪيل هجي ها، ته مضمون ۾ چند هڪ طرفيون ڳالهيون ۽ انتهائيت ڏانهن مائل خيال جيڪي پاڻ سنڌي ڪافيءَ جي موضوع تي ظاهر ڪيا اٿن، تن کي خود پاڻ به هوند غلط سمجهن ها، ۽ پوءِ سندن مضمون جي في الجمله صحت ۽ افاديت تي ڪو ايتري ٿورڙي به آڱر کڻي ڪين سگهي ها. +محترم ع . ق شيخ جي تحرير ”سنڌي شاعر“ اڳي ئي سندن (سنه 1951ع ۾ ڇپيل) ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“ ۾ پيش لفظ طور آيل آهي. شيخ صاحب جو هيءُ ادبپارو سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب جي بنياد جو هڪ پٿر آهي، ۽ اُن جي اِنهيءَ ادبي رتبي کي سنڌي ادبي دنيا جي مسلمات مان شمار ڪيو وڃي ٿو. گرامي صاحب هن مضمون کي ”شاعر“ ۾ نئين سر شايع ڪري، پنهنجيءَ ادب پرک جو قابل تحسين مثال پيش ڪيو آهي، ۽ پاڻ کي سنڌيءَ جي صحتمند ادبي دنيا ۾ بنهه بيگاني ٿي وڃڻ کان هوشياريءَ سان بچائي ورتو آهي. +اسدالله شاهه صاحب ”اسد“ جا ”خاڪا“، ڪجهه تنقيدي رنگ گهرن ٿا – نه ته نقش ناقص، هڪ طرفا، ۽ ڪن حالتن ۾ ”قصيدي“ يا ”هجو“ جي هلڪي صورت وٺي ٿا وڃي بيهن. مولائي شيدائيءَ جو مضمون ”شاعريءَ جي تاريخ جو هڪ ورق“ درحقيقت ايراني شاعري جي تاريخ 976-1186ع) جو ورق آهي. جاگيرداري نظام جي بنياد تي بيٺل ملوڪيت جي هن مثالي دؤر ۾ فارسي ادب صرف شعر جي صورت ۾ وڌيو - ۽ شعر جي ارتقا جي صورت قصيدي کان شروع ٿيندي، مثنوي، رزميه ۽ داستان سرائيءَ کان گذرندي، هن في الجمله مدحيه شاعريءَ جي ردعمل طور، آخر وڃي صوفيانه شاعريءَ ۽ تغزل تائين پهتي، هن منزل تي، جيئن ئي ملوڪيت جي گرفت ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي، تيئن ئي ادب جا تنقيدي مطالعا شروع ٿيا، جن جي نتيجي طور شعري ادب سنئون سڌو زندگيءَ جي حقائق جي ترجمانيءَ ڏانهن مائل ٿيو. ڪيتري نه سهڻي ڳالهه ٿئي، جو اسان جا عالم ۽ محقق، تاريخ جي ٺلهيءَ ورق گردانيءَ سان گڏوگڏ، پڙهندڙن تي تاريخ جا هي اهم سبق ۽ نتيجا به ظاهر ڪندا هلن. مولائي شيدائي صاحب جي هن تحقيقي مضمون سان گڏ مٿئين قسم جي تنقيدي جائزي نه هئڻ سبب پڙهندڙن جي دلين تي ملوڪيت جو صرف رعب تاب ئي ويهي سگهي ٿو، ۽ ”آل سبڪتگين“ وغيره جي بي حساب انعام و اڪرام ۽ بيڪران عطيه بازين جا هڪ طرفا ۽ مدحيه داستان ٻڌي، طاقت ۽ دولت جا جاهه و جلال اڳيان صرف سندن ملوڪيت پرستيءَ جا جذبا ئي فروغ پائي سگهن ٿا. ”ترجمو ۽ اقتباس“ جي حصي ۾ ”بلئنڪ ورس (غير قافيه شاعري) . . . .“ جي عنوان هيٺ اردوءَ جي مشهور شاعر ۽ نقاد ”فراق“ گورکپوريءَ جي ساڳئي موضوع تي لکيل هڪ مفصل مقالي مان هڪڙو اقتباس پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان ”شاعر“ جي پڙهندڙن کي شايد ئي ڪجهه پلئه پوي: ڇو ته هڪ ته جيڪڏهن ان کي ”آزاد نظم“ جي خلاف سند طور پيش ڪيو ويو آهي، ته اها غلط ڳالهه آهي- ”فراق“ جو هيءُ مقالو ”آزاد نظم“ جي ادبي اهميت کي ثابت ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو: ٻيو ته اقتباس تي گرامي صاحب جو مبهم ۽ متضاد نوٽ انکي هيڪاري منجهائي بي مقصد بنائي ٿو ڇڏي. بهتر ٿئي ها، جو ”فراق“ جو هي سڄو مقالو جيئن جو تيئن شايع ڪيو وڃي ها – ان صورت ۾ ئي مقالي مان اُهو فائدو حاصل ٿي سگهيو ٿي، جيڪو گرامي صاحب جو شايد مقصد هو ته سنڌي شاعرن کي حاصل ٿئي. اداري طرفان ٻه چيزون سه حرفي لفظن جو شعر ۾ صحيح استعمال“ ۽ ”لفظن جو شعرن ۾ غلط استعمال“ هن ڳالهه جي وڪالت ۾ پيش ڪيون وييون آهن ته عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ سورهن آنا سندن اصلي صحيح اچارن سان استعمال ڪرڻ گهرجن. مٿي، اڳي ئي، ”شاعر“ جي ايڊيٽر صاحب جو، رسالي جي ساڳئي پرچي ۾ ڏنل، فيصلو ظاهر ڪري آيا آهيون ته عربي ۽ فارسي قافين سان سنڌي قافين کي ملائڻ لاءِ سنڌي لفظن جي اچارن کي بگاڙڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي! جيڪڏهن اڄ دنيا جو ڪو به اديب يا عالم پنهنجي ٻوليءَ (عربي، فارسي، انگريزي، وغيره) متعلق اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه چوي ته ”ٻوليءَ ۾ ڌاريا داخل ٿيل لفظ ته هوبهو سندن اصلي اچارن سان لازمي طرح استعمال ڪريو، پوءِ ائين ڪرڻ سان جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي لفظي اچارن کي بگيڙڻو پئيوَ، ته ان جي پرواهه نه آهي“- نه اديب يا عالم جي دماغ درست ڪرائڻ کان سواءِ ان ملڪ جي ماڻهن وٽ ٻيو هوند چارو ئي ڪونه رهي! +”شاعر“ جي هن ٻئي پرچي ۾ ٻه افسانا ”آرٽ“ ۽ ڪافر“، ۽ ٻه ”هڪ ڏينهن جا واقعا – لاهور ۽ ڪراچيءَ جا“ پيش ڪيا ويا آهن. ”آرٽ“ ۾ آرٽ کي گناهه سڏيو ۽ ڏيکاريو ويو آهي. افسانه نويس، سڪندر سلطان، سمجهيو آهي ته آرٽ معنيٰ فلم ۽ ”فلم معنيٰ بدمعاشي، بي ايماني ۽ عورت سان آغوش درآغوش ٿيڻ“- ۽ ”شاعر“ جي دانشور ۽ فنڪار ايڊيٽر صاحب فن متعلق هن بنهه بي مثل راءِ سان اتفاق ڪندي، افساني کي رسالي ۾ اولين جڳهه ڏيئي ڇڏي آهي! ”ڪراچيءَ جي هڪ ڏينهن جي واقعي“ جو گمنام اديب به آرٽ، آزاديء نسوان ۽ ”اپوا“ (پاڪستان جي جمعيت نسوان) تي پنهنجي ذهن جون غلاضتون اڇلائيندي اڇلائيندي، وڃي ”راز خلوتيان جي رمزن ۽ ريتين، سبوءَ جي کلڻ ۽ دردن جي بند ٿيڻ“ جي داستان سراين تائين پهتو آهي. افسوس آهي، جو ”شاعر“ ۾ ايڏي فحش نگاريءَ کي جاءِ ڏيڻ جائز سمجهيو ويو آهي. ”لاهور جي هڪ ڏينهن جي واقعي“ ۾ هڪ رٽيل موضوع کي پيش ڪيو ويو آهي: ”ڪتي جو علاج ٿئي، ۽ ماڻهن جو نه ٿئي“- هي فقرو زبان زد عام آهي. گرامي صاحب ”هڪ ڏينهن جي واقعي“ جي عنوان جي صحيح مفهوم کي اڃا شايد جذب ڪري ڪين سگهيو آهي. هنن ”واقعن“ جو بيان ادبي نقطهء نگاهه کان به بي اثر ۽ عاميانه رهجي ويو آهي. بشير ��ابري جي تاثراتي تحرير ”ڪافر“ افسانو سو بنهه نه آهي، باقي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ نهايت پاڪيزه پيشڪش آهي. ”ڪافر“ جا هي حقيقت افروز گفتا واقعي پڙهڻ ۽ پرجهڻ وٽان آهن: ”خدا کي اوهان جي عبادتن جي پرواه نه آهي، الله جي بندن جي پوڄا ڪريو“؛ ”اي ملا، تو ۾ ۽ هن (شرابيءَ) ۾ ڪو فرق نه آهي – هي شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي بڪوات ٿو ڪري، پر تون فخر ۽ غرور، دينداريءَ ۽ تقدس جي نشي ۾ مست آهين – تنهنجو گناهه هن جي جرم کان وڏو آهي“؛ ”اوهان (مذهبي ٺيڪيدار) جنهن (بدڪار عورت) کي ذليل ۽ پليد ٿا سمجهو، اها اوهان کان هزار درجا وڌيڪ پاڪ ۽ صاف آهي – ڇو ته هن جو ظاهر گندو، پر اوهان جو باطن گندو آهي . . .“؛ ”هي به جواري آهي، تون (جمعي نماز تي ويندڙ هڪ وڏو ريش دراز نمازي) به جواري آهين – تنهنجي ظاهري پاڪيزگي ۽ چند سجده ان لاءِ آهن ته توکي ماڻهو نيڪ سمجهن ۽ تنهنجي شهرت وڌي، ۽ تجارت ۾ واڌارو ٿئي – اها به ”جوا“ آهي: هي به جواري آهي – هي دولت کي اڇلائي ٿو، ۽ تون ميڙين ٿو . . . “؛ ”تون (وياج خور) دوکيباز آهين . . . تنهنجي دولت هنن غريبن جي رت ۽ ست جي قطري قطري مان بنجي ٿي . . . “ - ۽ پوءِ ”ڪافر“ مري ٿو وڃي، ۽ سڀني هن جي گلاب وانگر ٻهڪندڙ منهن کي ڏسي چيو ته ”هي ’ڪافر‘ نه هو، پر فرشتو هو: سندس خاموش زبان اڃا پئي چيو ته ”بني نوع انسان جي خدمت ئي عبادت آهي – الله ماڻهن جي صورت ۾ لهي آيو آهي – انهن جي عبادت ڪريو: مسجدن ۽ مندرن ۾ ڇا کي ٿا پڪاريو ۽ پوڄيو؟“ +”تماشبين“ جي تلخ و ترش تحرير ”هي بزم مشاعرا“ اسان جي غزل گو توڙي ٻين شاعرن جي اکين کولڻ لاءِ هڪ نهايت مفيد تحرير آهي، ۽ هن ادبي شهپاري کي ”شاعر“ ۾ جڳهه ڏيئي، گرامي صاحب شعر و ادب تي پنهنجي گهريءَ نگاه ۽ اعليٰ ادبي ذوق جو ثبوت ڏنو آهي. +”شاعر“ جي نظم جو حصو مجموعي طرح چڱو آهي. غزلن جو حصو البت لاٺيرو آهي– سواءِ هڪ ٻن غزلن جي ٻيا سمورا غزل عاميانه پيا لڳن. گيتن ۽ ڪافين جو حصو نهايت سهڻو آهي، ۽ منجهس ڪافي سٺيون چيزون موجود آهن. +گرامي صاحب هڪ وڏي مرتبي جو شاعر ۽ اهل قلم آهي. سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪٺن ڪم آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون ڪاوڙيون، با رسوخ ماڻهن جا رعب تاب سر تي سهڻا ئي پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي - ۽ انهيءَ دائري ۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اورچائيءَ ۽ محنت سان، پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ ۾، ”شاعر“ جي ترتيب ڪندو، ته هو انجي موجوده علمي، ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي ٿو. +اسان جي دلي دعا آهي ته شل گرامي صاحب اها جرات ڪري، ۽ پنهنجي ذاتي جوهرن سان ”شاعر“ کي سينگارڻ لاءِ آئيندي ڪو قدم کڻي – پوءِ ئي ”شاعر“ سنڌي علم و ادب جي ڪا ذڪر جي قابل خدمت سرانجام ڏيئي سگهندو. - م . ا . ج +[1956ع] + + +پسي ڳاڙها گل …… +اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حسن ۾ هڳاءُ ۽ جوڀن جو رس ڀريندا آهن. اسان جي ��ٻاجهي، سدا ملوڪ سنڌي ٻوليءَ به اڄ عمر جي انهيءَ اهم ڏاڪي تي پير رکي رهي آهي. اسان جا نوجوان اديب اڄ جنهن ذوق، جنهن محبت ۽ جنهن لياقت سان، نثر جي ميدان ۾، پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت بجا آڻي رهيا آهن، ان جو پورو اندازو ۽ پورو قدر فقط اسان جا ايندڙ نسل ئي ڪري سگهندا. هن قسم جي سندن تازه ترين ڪوشش ’سهڻيءَ‘ جو اشاعتي سلسلو آهي، جنهن جا ڇهه نمبر هيلتائين پڌرا ٿي چڪا آهن. اسان جا باهمت اديب ۽ حوصله مند ادبي ڪارڪن صدها مبارڪن جا حقدار آهن، جيڪي پنهنجي فرض شناسيءَ ۽ فرائض ادائي ۾ ايڏا سچيت، ايڏا بيخوف، ۽ ايڏا اورچ ثابت ٿي رهيا آهن. وقت جي تقاضا جي هيءَ شناس ۽ ان جي پورائيءَ جو هيءُ امنگ، هيءُ ارادو ۽ هيءُ عمل، جيڪو اسان جي نوجوان اديبن ۽ ادبي خدمتگذارن ۾ اڄ به موجود ڏسجي ٿو، ان ۾ ئي اسان جي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي بقا ۽ ترقيءَ جي ضمانت موجود آهي. +’سهڻيءَ‘ سلسلي جي پهرين وٽي ئي کير ڀري ثابت ٿي آهي. ان ۾ محترم رسول بخش پليجي جو افسانو ’پسي ڳاڙها گل …‘ پيش ٿيو آهي. ادب جي دنيا ۾ هن افساني جو ايڏو ته اوچو معيار آهي، جو ’سهڻي‘ سلسلي هٿان جيڪڏهن سنڌي ادب کي رڳو هڪڙو هيءُ ادبي شاهڪار ئي نصيب ٿئي ها، ۽ واڌو ٻيو ڪي به نه ملي ها، ته به ائين سمجهيو وڃي ها ته هن سلسلي جو مقصد پورو ٿيو. +پليجي صاحب هيلتائين گهڻي قدر تنقيدي مضمون پئي لکيا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه شاعري پڻ پئي ڪئي آهي. ’پسي ڳاڙها گل…‘، افساني جي صورت ۾، شايد سندس پهرين تخليقي ڪاوش آهي. جنهن به ٻوليءَ ۾ جڏهن به ڪا ههڙي عظيم ڪاوش جنم وٺي، تحقيق ان ٻوليءَ جو ان وقت اهو ڀاڳ چئبو. ٻوليءَ، پلاٽ، مقصديت ۽ مجموعي تاثر جي خيال کان هيءُ هڪ ڪامل ۽ ڪامياب افسانو سڏي سگهجي ٿو. سنڌي افسانو خاص طرح ۽ سنڌي نثري ادب عام طرح، هن افساني جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اهي ساڳيا نه رهندا، جيئن اهي ان کان اڳ هئا. +”هڪ ٻن هنڌِ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا مسودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب، افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا آهن. مثلاً افساني جي ثانوي مک ڪردار، پاروءَ، کي ’هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اُوچين ٽارين‘ تي چڙهي ويٺل ڏيکارڻ، حالانڪ ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه ان جون ٽاريون ايتريون اوچيون ٿينديون آهن، جن تي ائين چڙهي ويهي سگهجي. يا پهرئين مُک ڪردار، ملوڪان، جي ماءُ کي آخر ۾ هڪ ئي وقت جيئرو ڏيکارڻ، جڏهن ملوڪان جهلجي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آندي وڃي ٿي، ۽ اُتي ئي اُن کي ملوڪان جي واتان مري ويل بيان ڪرڻ، جڏهن ملوڪان، نيئرن ۾ قابو، ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي، ڪري پئي آهي، ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جمعي، جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اڄ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري، بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو. +”اهڙيءَ طرح، شايد ڪجهه قدر، افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلاً ان جي بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا- جيڪا ان کان اڳ واريءَ پئرا جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اُتي ئي ٿيڻ کپندو هو، جڏهن ’تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي روح واريءَ‘ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته قياس اچي ٿو، جو پاڻ کي پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري سمجهي، اُن سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي ته هيتري سُورَ سهڻ کان پوءِ ’هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي‘ ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چويس ٿي: ’..... سمهي رَهُه، ملوڪا�� ادي سمجهي پئو! ....‘ +اِهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي ۽ خسيس آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ائين ڪو لوڏو رسي ٿو، ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو پئجي ويو هجي يا ڪنهن حسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ ڪارٺ جو داغ اچي ويو هجي. اِنهيءَ خيال کان، اِهي معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا- بلڪ ائين جيئن ڪو ڪاروتِرُ معشوق جي گلابي ڳل کي شاعرن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽ اظهار جي شاعرانه پرواز تي اِنهن هڪ اڌ بنهه رواجي اوڻاين سبب ڪنهن به قسم جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا ٿئي. +بلڪلِ انهيءَ ئي قسم جي اهميت جا ٻيا هڪ اڌ اعتراض پڻ هن افساني تي ڪيا ويا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جي هڪ ليڪچرار صاحب، جنهن وري به شڪر آهي، جو يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ڪن اڌو گابرو ليڪچرارن جي منهن پڪائيءَ واريءَ روايت کي ڀڃي، پنهنجي ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جو ايترو سو ڀرم رکيو آهي جو هروڀرو پاڻ کي پروفيسر ڪونه سڏيو اٿس، پر سچ پچاڻي جيئن پاڻ ليڪچرار آهي، تيئن ليڪچرار ئي پاڻ کي لکيو اٿس- اُنهيءَ صاحب هن افساني ۾ ’عرياني، فحش واقعات ۽ سنڌي تهذيب جي مٽي پليت‘ ٿيندي ڏٺي آهي. +ان جي ثبوت ۾ هن پنج ڳالهيون پيش ڪيون آهن. پهرين ڳالهه هيءَ ته افساني جي مک ڪردار، ملوڪان، پنهنجي منهن پاڻ، ’گهر جي ڪنڊ ۾ پٺ ڏئي، چولي جو ٻيڙو کولي‘ ڏسي ٿي ته ’سهڻي لسي، پٿرائين گولائيءَ تي ڪاريءَ چوٽيءَ جي آسپاس وارو حصو سڄيل هو.‘ ٻي ڳالهه ته رات جو ملوڪان کي ننڊ ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ’ڄڻ سندس ڳلن، چپن، پيشانيءَ ۽ ڇاتيءَ تي ڪنهن جا چپ اڻ لکي نموني پيا ترڪن.‘ ۽ سجاڳ ٿي ’ڳلن تي هٿ لائي ڏسي ٿي ته اهي ڀنل هئا.‘ +ٽين ڳالهه ته ملوڪان ۽ ياروءَ جي شاديءَ جي ڳالهين هلندي، جڏهن ڪنهن پوڙهيءَ هي گفتو ڪڍيو ته ان ۾ ’راڄ جي ڪنهن ماڻهوءَ اعتراض وڌو ته فساد ٿي پوندو‘، تڏهن ’ملوڪان جو منهن هڪدم پيلو ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن وڇونءَ سندس ڇاتيءَ ۾ ڏنگ هڻي ڪڍيو.‘ ان تي اعتراض وٺندي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جو ليڪچرار صاحب پنهنجي طرفان بنهه هڪ لاجواب سوال ٿو اٿاري ته ’ڀلا ٻئي هنڌ ڇو نه؟ هروڀرو ڇاتيءَ ۾ ڇو؟‘ چوٿين ڳالهه جنهن ۾ تنقيدنگار جي چوڻ موجب، افسانه نگار ’جيڪا سنڌي تهذيب جي مٽي پليت ڪئي آهي، تنهن ۾ ته حد ڪري ويو آهي‘؛ اها هيءَ، جو ملهار جي مند جو ذڪر ڪندي، افسانه نگار لکيو آهي ته ’ملڪ ۾ وري وس آئي، وري به ماڻهو مڙيا، وري به برن پٽن مان هٻڪارون اٿيون. وري به چڙا ٻُريا ۽ مال جون تنوارون ٿيون، چنگ ۽ نڙ جي سريلين لهرين تي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جا آلاپ ترڻ لڳا. وري به ڳوٺ جون جوان دليون مست ٿي پيون. گس پنڌن تي شوخ ۽ پراسرار مجلسن جون ڏي وٺون ٿيون. عجيب اشارا ٿيا. تنهن کان وڌيڪ عجيب جواب مليا، انجام ٿيا، شڪ جاڳيا، الزام گهڙيا، آڱريون کڄيون، ڀڻڪاٽ ٿيا؛ وچ وارا آيا، پويان چاري هليا، پير کنيا، ويساهه مليا. ڪانبن جيڏن اوهن واريون مينهون ۽ ڳاڙهيون رتيون ڳئون اوڳارينديون رهيون. ڦر ريائون ڪندا ڀٽڪندا ڪڏندا رهيا. ڳاڙهن، گلابي، هيڊن، واڱڻائي ڪپڙن جا پلاند هوائن ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رهيا …‘ اها ٿي چوٿين ڳالهه، پنجين ۽ آخري ڳالهه، جيڪا افسانه نويس جي عريان بيانيءَ ۽ فحش نگاري بابت هن تنقيدنگار هن افساني ۾ ڏٺي آهي، جنهن کي ظاهر ڪندي کانئس بنهه رڙ نڪري وئي آهي، سا هيءَ ته ياروءَ جي نڪاح ٻڌي زال، ملوڪان، صبح جو جڏهن جهرڪين جي چرپر تي جاڳي ٿي، تڏهن ڪنڌ هيٺان پنهنجي نڪاح ٻڌي مڙس ياروءَ جي ’ٻانهن ڪڍي، هن جي مٿين ٻانهن لاهي، پاسو بدلائي، ٽنگ ڊگهيري، پير جي آڱوٺي ۽ وچينءَ آڱر سان هڪڙو ڪپڙو ڇڪي هٿ ۾ ڪري ٿي ۽ پاچن جي بخين کي هٿ لائي، پڪ ڪري پائڻ لڳي ٿي.‘ انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪندي، تنقيد نگار جلهه ڪئي آهي ته ’هڪ هنڌ ته اسان جي ڀاءُ پليجي ملوڪان جي لٿل سٿڻ جو بيان ڪيو آهي!‘ +اهي آهن جملي الزام عريانيءَ ۽ فحش نگاريءَ جا، جيڪي هن افساني تي لڳايا ويا آهن. هن سڌي سنئين ۽ هيتري قدر ڍڪيل ۽ احتياط سان بيان ڪيل ڳالهين کي پڙهندي، ڪهڙي هنڌ ڪنهن کي عرياني ۽ فحش نگاري يا سنڌي تهذيب جي مٽي پليت ٿيل ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿي يا نٿي اچي سگهي، ان جو هر پڙهندڙ پنهنجي ذهني ڪيفيت تي مدار ٿي سگهي ٿو. ۽ اسان جو هي فاضل تنقيدنگار پاڻ به جيڪڏهن انهن پنهنجن اعتراض ورتل ڳالهين کي ٻيهر ڪجهه سوچ ڪري پڙهندو ته اميد ته انهن تي کيس به ڪا عرياني، فحش نگاري وغيره هاڻي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. +اديب کي پنهنجي وقت جو اعليٰ ضمير سڏيو ويو آهي، ۽ ادب وقت جي ان اعليٰ ضمير جو آواز آهي. اڄ اسان تي جيڪو ڏکيو وقت آيل آهي، ان وقت جو اعليٰ ضمير پڻ اسان جا اديب آهن. مير، پير، ملا، سياستدان، ڪامورا، وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري سڀ اڄ ماٺ جي مرض ۾ ايڏا ته وٺجي ويل آهن، جو ڄڻ مئا پيا آهن. جيڪڏهن ڪٿي هو سرگرم ڏسجن به ٿا، ته فقط پنهنجي آقائن جي چاڪريءَ ۽ چاپلوسي ۾ يا پنهنجن جي مارڻ ۽ پنهنجي پيٽ پرورش ۾. هن قبرستان واريءَ ماٺ ۾ اسان جا اديب ئي آهن، جيڪي ڀير تي ڏونڪو هنيو، علي الاعلان پنهنجو صاف ۽ بي خوف آواز همت ۽ حوصلي سان بلند ڪيو بيٺا آهن- جيتوڻيڪ منجهن به ڪي اهڙا آهن، جيڪي آقائن جي چاپلوسيءَ ۽ چاڪريءَ ۾، ۽ ٽڪر هڏي لاءِ، هڪ پاسي انهن جي آڏو پڇ لٽڪايو پيا هلن ۽ ٻئي پاسي انهن جي نمڪ جو حق ادا ڪندي، پنهنجن تي باهوڙ ٻڌيو بيٺا آهن. تنهنڪري اسان جي سڄاڻ ۽ مخلص تنقيد نگارن جو فرض آهي ته جڏهن به پنهنجن اديبن تي تنقيد ڪن، تڏهن نهايت خبرداريءَ ۽ احتياط سان، ته جيئن ائين نه ٿئي، جو سندن ئي تنقيد سان سندن ئي پنهنجي ڪنهن آواز تي ڪٿي ڪا لت اچي وڃي. +اڄ اسان جي سماجي صورتحال بلڪل اها آهي، جنهن لاءِ فرانس جي لافاني مفڪر ’روسو‘ جي جڳ – مشهور ڪتاب ’معاهده عمراني‘ جو شروعاتي جملو ڪم اچي سگهي ٿو: ’انسان آزاد ڄائو آهي، پر اڄ هو چوڌاري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو آهي…‘ اسان جي شهرن ۾ اسان مان هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو- ايڏي ته هڻ وٺ آهي، ڄڻ ڪو ڪنهن سان سماج ۾ رهي ئي ڪونه ٿو. هزارين لکين پٿر آهن، جي ميڙجي ٻهارجي هڪ هنڌ اچي ڍڳ ٿيا آهن- هڪ هڪ پٿر ٻئي کان الڳ، منجهن ڪابه ڳانڍاپي جي صورت ڄڻ آهي ئي ڪانه. ٻهراڙي، شهر جي گولپ ۾ ڳهي ڳهي ۽ ڏُڀي ڏُڀي، اهڙي ته پُڇ پئجي ويئي آهي، جو ٻيهر ان ۾ ڪو ساهه پوندو ۽ ڪا سک جي ساوڪ ايندي، ان جو ڪو ويجهو امڪان ئي ڄڻ ڪونه ٿو ڏسجي. شهرن ۾ شاهوڪار شاهي ۽ ڪامورا شاهي، ته ٻهراڙيءَ ۾ زميندار شاهي ۽ ڪامورا شاهي ۽ ان سان گڏ قبيلائي جمود- وڏيرو، ملو، پير ۽ پوليس وارو، ٻنهي جهانن جا جلاد بنيا، ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪيو پيا هلن. ههڙي ساهه قبض ڪندڙ وايو منڊل ۾ به انسان ويچارو آهي، جو ڇوٽڪاري لاءِ هٿ پير هڻندو رهي ٿو ۽ آزاديءَ لاءِ اُسڙڪندو ۽ واجهائيندو ٿو رهي. +’پسي ڳاڙها گل…‘ افساني جا ٻه مک ڪردار، ملوڪان ۽ يارو، به آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ٻه اهڙا انسان هئا. سندن ماءُ پيءُ به ساڻن شا��ل هئا. مذهب ۽ قانون جو به هنن ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو هو. تنهن هوندي به ’آخر راڄ کٽيو، سڱاوتي ختم ٿي، ياروءَ کي هليو وڃڻو پيو… ڳوٺ جون زالون طرحين طرحين حرفن سان ملوڪان جي ماءُ کي کوٽينديون رهيون، پر هوءَ ائين چئي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي، ’بس، اما، لکيو نه هو سو نه ٿيو. الله ڏاڍو، راڄ ڏاڍو. جبل کي ٽڪر هڻبو ته پنهنجو مٿو ڦاڙبو!‘ +زميندار زده ۽ قبيلائي سماج ۾ عورت کان وڌ مظلوم ۽ بيوس شايد ئي ٻيو ڪو انسان هجي. مون پنهنجين اکين سان عورت کي پنهنجي مرد هٿان ايترو مارجندي ڏٺو آهي، جو ڌڪن سبب رتوڇاڻ ٿي، هوءَ بيهوش ٿي نيٺ ڪري پئي هوندي، رت هن جي بت تي ڄميو پيو هوندو، سندس معصوم ٻار هن جي پيرن ۾ ويهي هن جي بت تان ڄميل رت جون ڪَڙيون نُنهن سان کرڙي لاٿيون هونديون. منهنجي پنهنجي اکين ڏٺو واقعو آهي ته هڪ عورت جو زوريءَ نڪاح وڌو ٿي ويو، ۽ هوءَ ان کان بچڻ لاءِ چوريءَ چوريءَ اَن جي گنديءَ ۾ ٽپ ڏيئي، لڪي وڃي ويهي رهي. ڳولي ڳولي نيٺ چاپڙ لاهي، هن کي گنديءَ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي، ڏاڍي مار ڏيئي، زوريءَ سندس نڪاح پڙهيو ويو. مون پنهنجين اکين سان هڪ پرڻيل عورت ۽ هڪ رنيل عورت کي هٿين خالي بنهه ٽن ڪپڙن ۾ گهر منجهان ڌڪجي ۽ لوڌجي ٻاهر ويندي ڏٺو ۽ هن کي ڪا واهه ئي ڪانه هئي، جتي هوءَ وڃي ڪو اَجهو وٺي. مون پنهنجين اکين سان عورت جو سسي لٿل لاش ڏٺو، جنهن کي ’ڪاري‘ ڪري قتل ڪيو ويو هو. مون عورت کي پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي پٽ جي ملڪيت کان بي دخل ٿيندي ڏٺو. ڌيئن کي ڄمندي ماري ڇڏڻ، ڌيئن کي حق بخشائي يا قرآن سان پرڻائي ويهاري ڇڏڻ جا مثال مون ڏٺا ۽ ٻڌا به. منهنجو ڪنين ٻڌو سچو واقعو آهي ته هڪ نئين پرڻيل عورت کي رسيءَ سان چوکنڀو ٻڌي، مٿس گاسليٽ هاري، باهه ڏئي، ساڙي ماريو ويو. ڇاڪاڻ ته هن خراب ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيو ۽ ڳالهه کي کولڻ جون ڌمڪيون ٿي ڏنيون. هيءُ به منهنجي ڪنين ٻڌو سچو واقعو آهي ته هڪ گرڀ وتيءَ ڪنواريءَ عورت کي سندس ڀائرن گڏجي گهٽو ڏيئي ماريو ته جيئن هو ٻار نه ڄڻي ۽ ’خاندان‘ جي خواري نه ٿئي. مطلب ته عورت اسان جي موجوده ذهني توڙي مادي طور بنهه پٽ پيل سماج جو هيڻي ۾ هيڻو، مظلوم ۾ مظلوم ۽ بيوس ۾ بيوس انسان آهي. شاهه جي لفظن ۾ عورت جي حالت اسان وٽ اڄ هيءَ آهي، جو +سرجي تان سور، سامائي تان سک ويا، +اهي ٻيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا! +’پسي ڳاڙها گل…‘ هڪ الميه افسانو آهي ۽ ان ۾ عورتجي درد انگيز تقدير جو حال جنهن ڄاڻ، جنهن همدرديءَ ۽ جنهن اثر آفرين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، ان جو مثال اسان جي نثري ادب ۾ ٻيو ملڻ مشڪل آهي. سنڌي ادب جي روايتي سرچشمي طور جيڪي اسان وٽ رومانوي داستان موجود آهن، اهي پڻ ٻين ڳالهين سان گڏ عورت جي مظلوميت جا داستان آهن. اسان جي عظيم شاعرن، خاص ڪري شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ انهن داستانن جي شعري ترجمانيءَ کي جنهن ادبي ڪمال تي پهچايو آهي، ان کي ڪجهه قدر اسين ڄاڻون ٿا. پر ان ادبي ڪمال جي وسيلي عورت جي دک جو فرياد، عورت جي دل جي دانهن جيڪا اسان تائين پهچائي ويئي آهي، دراصل ان کي هنئين جي ڪنن سان ٻڌڻ ضروري آهي. شاهه صاحب جي شعر ۾ هر هنڌ مظلوم عورت جي هيءَ ئي دانهن پئي ٻڌجي ته +اَڌر، نڌر، اَڀري، اوڳي، اَوائي! +… +اَڌر، نڌر، اَڀري، اَسونهين آءٌ! +تنهن کان سواءِ شاهه صاحب جي شعر جي مظلوم عورت پاڻ کي جيڪي ڪجهه سڏي ٿي، انهن لفظن کي ٻڌندي ئي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. چي: آءٌ ٻانهي، گولي، عاجز، اڄاڻي، ولهي، معذور، موڙهي، ويچاري، ضعيف، فقير، انڌي، ڇوري، مُٺي، مسڪين، هاري، ڪميني، کُهي، چري، غريب، بکي، اگهاڙي، کاڻي، وڍي، ننگي، نماڻي، نست، ڪمتر، ندوري، لَنگهي، لوري، اَزوري، اَٻوجهه، هيڻي، پورهيت، نڀاڳي، ڏکوئي، باندي، اَگهي، سُوراتي، اَواٽ، رلي، پينار، وغيره وغيره. ’پسي ڳاڙها گل…‘ جي مُٺي ڀاڳ- ڦٽي ملوڪان به ائين پاڻ کي سڏي سگهي ٿي. اهي سڀ لفظ هن لاءِ به استعمال ٿي سگهيا ٿي، ۽ پوءِ به پاڻ لاءِ هوءَ ائين چئي سگهي ٿي ته +حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪيان ذري، +لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري، +وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي. +پڇاڙيءَ جو، جڏهن هن کي پيءُ ماري ٿو، ڀاءُ ماري ٿو، چاچو ماري ٿو، راڄ جو وڏيرو جاڙو ماري ٿو، سڄو راڄ ماري ٿو- اِهو راڄ جيڪو الله کان وڌ ڏاڍو ٿو چئجي، جنهن هن جي بيگناهه پيءُ ماءُ کي ڀَت پُهت مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن هن جو اگرتگر کڻائي جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو، جنهن سندس معصوم ڀاءُ کي ڪوڙيءَ چوريءَ ۾ جهلائي پوليس کان هن کي مارون ڏياريون، هن جون مڇون پٽايون ۽ هن کي ترم ۾ موڪليو، جنهن هن جي سدا ساهه صدقي ڪندڙ پيءُ کي ۽ هن جي مِٺي محب ڀاءُ کي اهڙو ته ڇتو ڪري ڇڏيو، جو هو ان ساڳئي سنگدل راڄ سان ملي، پنهنجن هٿن سان پاڻ هن کي ڪٽي ڪٽي بنهه پاهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، تڏهن سڀ تان آسرو پلي، نيٺ هوءَ ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي ته ’…سڀ ڪوڙ، سڀ ڪوڙ! ڏکيءَ مهل زال ذات جو ڪهڙو پيءُ، ڪهڙي ماءُ!‘ ۽ ’کيس ائين ٿو لڳي ڄڻ هن جهان ۾ هوءَ اڪيلي آهي… چؤطرف رات ئي رات آهي …‘ +پئي ٿي پيمال، سا منڌ مري نه جئي، +بري هن ڀنڀور سين هڏ نه ڳرهي حال… +ملوڪان ۽ ياروءَ جي هيڏيءَ دُرگتيءَ جو آخر سبب ڪهڙو؟ هنن آخر ڏوهه ڪهڙو ڪيو هو؟ هنن هڪٻئي سان پيار ٿي ڪيو- ڪنهن جو خون ڪونه ٿي ڪيائون: پيار به اهو جنهن ۾ ٻنهي جا مائٽ نه فقط راضي، پر ان لاءِ حد کان وڌيڪ خواهشمند ۽ دعاگو هئا. قانون کي هنن ڪونه ڀڳو هو. مذهب کي هنن ڪونه اورانگهيو هو. پر نه …… ڏوهه واقعي هنن ڪيو هو- ۽ نهايت ڳرو ڏوهه ڪيو هو. ۽ اهو هيءُ ته جيڪا ڳالهه ’راڄ‘ کي ڪانه وڻي، سا هنن کي وڻي هئي. اهو راڄ، جيڪو قانون کان اوچو، مذهب کان مٿي، ۽ انسانيت کان ڏاڍو هو، ان لاءِ اها ڳالهه سهڻ کان ٻاهر هئي. ڪنهن کي ڪهڙو حق هو، ڪنهن کي ڪهڙي طاقت هئي، جو راڄ جي ڳالهه کي هيٺ ڪري ۽ پنهنجيءَ ڳالهه کي مٿي ڪري؟- ۽ سو به تڏهن جڏهن هڪ خسيس عورت آڏو هجي، جيڪا اهڙي حق جي طلب ڪري ۽ اهڙيءَ طاقت جي دعوا ڪري! ههڙي نپٽ انڌ ۾ ورتل ۽ پنهنجي منصب تان ڪريل ڪٺور راڄ سان بغاوت ڪرڻ، جنهن جي مٺ ۾ هر آزاد انساني روح نپوڙجي رهيو رهجي- هر ان انسان لاءِ جنهن ۾ انسان بنجڻ جو امنگ موجود آهي، هر هنڌ ۽ هر وقت، هڪ ناگزير ۽ اٽل فرض جي صورت وٺي بيهي ٿو. ملوڪان ۽ ياروءَ راڄ سان سينو ساهيو. ناڪام ٿيا. جو ڪجهه ساڻن ٿي گذريو، ان کان پوءِ شايد هو وري راڄ سان مقابلي ۾ نه اچن، ۽ باقي سڄي عمر وساڻل جسم ۽ مئل روح کنيو، چرندڙ پرندڙ لاش بنيا، هيڏي وڏي ڀتين سان ٽڪر هڻندا وتن. ائين به آهي ته ملوڪان جهڙيون ڪيئي ملوڪائون ۽ ياروءَ جهڙا ڪيئي زنده دل، اڙٻنگ جوان، وقت پئي، سماج جي مرضيءَ جي سف- مڻِي ڇپ هانوَ تي رکيو، چپن تي مرم ۽ مجبوريءَ جي مهر هنيو، ’ماڻهو ماڻهن جهڙا‘ ٿيا پيا هلن چلن. پر انهن سڀني جي دلين ۾ ناراضپي ۽ نفرت جا آڙاهه جيڪي ڌڳندا ٿا رهن، انهن جون ڄڀيون سندن هر امنگ، هر خواهش ۽ هر خوشيءَ کي چٿيو، لوساٽيو ۽ وقتي ساڙيو رک ڪيون بيٺيون آهن، ۽ ائين، هو نه پنهنجا دوست، نه پنهنجن جا ۽ نه ڪن ٻين جا ڪڏهن دوست ره�� سگهن ٿا. ’راڄ‘ جي آڏو ’ماڻهوءَ‘ جي هيءَ شڪست انسان ۽ انسانيت جي هر جوهر جي شڪست آهي. ان کان پوءِ ماڻهو، ماڻهو ڪونه ٿو رهي ۽ نه راڄ ماڻهن جو راڄ رهي ٿو. +’پسي ڳاڙها گل…‘ راڄ ۽ ماڻهوءَ، سماج ۽ فرد جي انهيءَ ناگزير ۽ وحشتناڪ ٽڪر جو هڪ افسانو آهي. ان ۾ ٻن ڌرين جي نسبت، ظاهر ظهور، ائين آهي جيئن هاٿيءَ ۽ ڪيوليءَ جي يا جبل ۽ شيرين جي عاشق فرهاد جي. پر وقت آئي، هاٿيءَ جي ڪن ۾ گهڙي، ڪيولي هاٿيءَ کي ليٽائي سگهي ٿي، ۽ حسن، نيڪيءَ ۽ حق جي شيرين جو وصال ماڻڻو آهي ته جبل کي ان لاءِ ٽاڪڻوئي پوندو. هن ٽڪر ۾ اديب جو قلم به، ٻيو نه ته هاٿيءَ جي ڪن ۾ ڪيوليءَ جي ڏنگ جو ۽ فرهاد جي هٿ ۾ تيشي جو ڪم ضرور ڪري ٿو. زمينداراڻي قبيلائي سماج ۾ عورت جي حيثيت مرد جي سامهون غير برابريءَ جي، بلڪ بنهه غلاميءَ جي ٿئي ٿي. هن سماج ۾ عورت کي سنئون سڌو هڪ ملڪيتي انگ شمار ڪيو وڃي ٿو. جيتري قدر جنهن سماج ۾ عورت کي انهيءَ ڪامل غلاميءَ جي حيثيت کان مٿڀري ۽ مرد سان برابريءَ جي ڪا حيثيت حاصل هوندي، ايتري قدر چئي سگهبو ته سماج پنهنجي قبيلائي سطح کان چڙهي، انساني ترقيءَ جي ڪنهن اوچيءَ سطح تائين پهچي سگهيو آهي. سماج جي هن ترقياتي سفر ۾ اديب هميشه راهه جي هڪ ڄاڻوءَ يا سونهين جو ڪم ڏنو آهي. ادب جي دنيا ۾، خاص طرح شعر، ناٽڪ ۽ افساني ۾، عورت هڪ سدا- موجود موضوع رهي آهي- ڇاڪاڻ ته سماج جي سڀ کان ڪمزور ۽ سڀ کان مظلوم نشان هئڻ سبب، عورت جي دک درد جي ادبي اپٽار کي هميشه سماج جي ٻاهرينءَ چک مک ۽ اندرونيءَ خباثت جي پردي- ڦاڙَ ۽ ان جي پوري، ديوهيڪل ڍانچي تي هڪ سنڌائتو ۽ ڀرپور وار سمجهيو ويو آهي. جيڪي ادب جي لازمي سماجي ڪارج کان انڪاري آهن. اهي اڪثر اعتراض وٺن ٿا ته سماج جي اهڙيءَ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ هيٺ مٿانهينءَ کي، ائين رستي تي بيهي، وڏي وات، ظاهر ڪرڻ سان سماج جي اجائي خواري ٿئي ٿي، ۽ ائين ڪرڻ سان سماج جي عظيم تهذيبي روايت کي ڌڪ ٿو رسي. ايڪڙ- ٻيڪڙ هيٺ مٿانهينءَ جي ڳالهه ائين آهي، جو چئجي ته سماج ۾ ڪوڙ سڀ ڪونه ٿا ڳالهائين، چوري سڀ ڪونه ٿا ڪن ۽ خون به ڪي بنهه ٿورڙا ٿين ٿا، ۽ وڏي ڳالهه ته ظالم به اڪثريت جي مقابلي ۾ بنهه اقليت ۾ آهن، تنهنڪري ادب جي دنيا ۾ انهن ٿورڙين سماجي هيٺ- مٿانهين ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ظلم، ڪوڙ، چوريءَ ۽ خون جهڙين خرابين جي ڪابه ادبي اپٽار نه ڪجي، ڇو ته ان مان سماج جي خواري ٿيندي ۽ عظيم تهذيبي روايت کي ڌڪ لڳندو! ظاهر آهي ته ائين ادب کي ڇنڊي ڦوڪي، واس ڌوپ ڏيئي، پروريءَ طرح ڪفنائي دفنائي ڇڏڻو ڪونهي. ۽ جيتري قدر عظيم تهذيبي روايت جي بچاءَ جو سوال آهي ته معلوم هئڻ گهرجي ته سڀ کان قديم ۽ سڀ کان عظيم روايت خود زندگيءَ جي روايت آهي، جنهن کي هر صورت ۾ بچائڻو، قائم رکڻو ۽ سڌارڻو آهي، ۽ ان مقصد جي پورائيءَ ۾ ٻيءَ ڪنهن به روايت کي آڏو اچڻ ڪين ڏبو- پوءِ اها روايت تهذيبي هجي، سماجي هجي، مذهبي هجي، يا ٻئي ڪنهن نوع جي هجي. ادب جي دنيا ۾ زندگيءَ جي روايت کان اوچي روايت ٻي ڪابه ڪانهي. ادب جو موضوع زندگيءَ جي هر ڪوجهائي، ۽ زندگيءَ جو هر حسن، رهيو آهي. ۽ ادب جي پنهنجي روايت سماج جي هر ناسور کي چهڪ ڏيئي، اُکولڻ جِي رهي آهي، تان ته ان تي مرهم رکي سگهجي. ادب کي جيڪڏهن پنهنجي منصبي ڪارج تي ڪاربند رهڻو آهي ته ان کي پنهنجي ان بنيادي روايت ۽ پنهنجي ان بنيادي موضوع تي محڪم رهڻو ئي پوندو. +ادب جي انهيءَ بنيادي موضوع ۽ انهيءَ بنيادي روايت کي جنهن ڪاميابيءَ سان لائق افسانه نگار هن افساني ۾ پيش ڪيو آهي ۽ نباهيو آهي، اهو سندس ئي ڪمال آهي. سڄي افساني ۾ ڪٿي به ڪا نعري بازي ڪانهي. هڪڙي سنئين سڌي ڳالهه آهي، جيڪا هو بيحد ڪاريگريءَ سان ڪري وڃي مٿي چڙهيو آهي. ڳالهه اهڙي ڄاتل سڃاتل پيئي لڳي، ۽ ان جا ڪردار اهڙا بنهه پنهنجا پيا معلوم ٿين، جو ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ڳالهه جيڪڏهن ٿي سگهي ٿي ته اسان جي، يعني هتان سنڌ جي ئي ٿي سگهي ٿي- ٻئي ڪنهن ملڪ، ٻئي ڪنهن سماج سان ان جو، واقعاتي توڙي ڪردارن جي مخصوص رهت ڪهت جي حد تائين، ڪو خاص واسطو ڳنڍجي نٿو سگهي. افساني جي هن باڪمال رٿا ۽ ان جي ايڏيءَ پراثر پيشڪش پٺيان افسانه نگار جو وسيع ۽ پختو مشاهدو ۽ حقيقي آفرين انداز بيان ۽ ٻوليءَ تي سندس ڪامل دسترس ڪار فرما آهن. ملوڪان جي ٻاراڻي حسن توڙي جوانيءَ جي حسن جي ڳالهه هجي، ملوڪان ۽ ياروءَ جي پهرئين پيار توڙي سندن رسڻ پرچڻ جو بيان هجي، ملوڪان جي معصوم دل مائٽن جي پيار جو توڙي ڏک ڏمر جو ذڪر هجي، راڄ جي زالن توڙي مردن جون پنهنجائپ توڙي پرائپ جون ڳالهيون هجن- مطلب ته افساني جي هر ڪردار، ڪردار جي هر جذباتي توڙي ذهني ڪيفيت، ۽ افساني جي هر واقعي ۽ ان جي هر ڦيرگهير سان ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ شعور ۽ ان جي پوري بيان لاءِ مناسب ٻولي ۽ تز لفظ اوهان کي هن افساني ۾ ملندا. اسان وٽ چوڻي آهي ته ’ڏهين ڪوهين ٻولي ٻي.‘ يعني ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٻوليءَ جي ڍار نئين نئين ۽ ٻوليءَ جا لفظ ۽ لفظن جا اچار نوان نوان ٿيندا رهن ٿا. نه فقط ايترو پر هڪ ئي هنڌ زالن جي ٻوليءَ ۽ مردن جي ٻوليءَ ۾ ڦير ٿئي ٿو. مختلف ڌنڌن وارن جي ٻوليءَ ۾ فرق ٿئي ٿو، مختلف قبيلن جي ٻوليءَ ۾ پنهنجي پنهنجي خصوصيت ٿئي ٿي، وغيره وغيره. ٻوليءَ جي هن ڀانت ڀانت جي لهجي، ڍار ۽ اصطلاح جي مطالعي لاءِ پڻ ’پسي ڳاڙها گل…‘ افساني ۾ ڪافي مواد موجود آهي. هن افساني جي ٻولي، لائق افسانه نگار جي پنهنجي خطي، يعني لاڙ جي جهرڪ- جنگشاهيءَ جي ايراضيءَ ۾ رهندڙ خاص طرح سماٽ قبيلن جي ٻولي معلوم ٿئي ٿي. +سنڌي ٻوليءَ جي هن عظيم افساني جو پنهنجو امتيازي شان آهي. افساني جو لائق مصنف ۽ ان جو ناشر صاحب ٻيئي صدها مبارڪن جا حقدار آهن، جن هيءُ افسانو سنڌي ادب کي ڏنو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هن اهم خدمت تي هو جيترو فخر ڪن، اوترو کين سونهي. +برهانپور کي سندهي اولياء (اڙدو): +صفحا 419؛ ڇپائي، گيٽ اپ، ۽ ڪور وڻندڙ، قيمت ڇهه روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي؛ ۽ (2) تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ. +سنڌ ۾ سما گهراڻي جي حڪومت واري دور تي اگرچ جهالت ۽ بيخبريءَ جا نهايت ٿُلها ۽ سياه پڙدا پيل آهن، تڏهن به جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو آهي، انهيءَ مان ايترو دعويٰ سان چئي ٿو سگهجي ته سمن جو دور سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري دور هو- هنن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نهايت آرام ۽ امن نصيب هو، ۽ هو زندگيءَ جون گهڙيون نهايت اطمينان سان گذاري رهيا هئا، نتيجو هيءُ ٿيو، جو هن خوش- نصيب سرزمين ۾ علم ۽ فيض جا درياهه وهڻ لڳا، جن کان ملڪ جو چَپو چَپو سيراب ۽ سرسبز ٿي ويو. +سمن سلطانن جي ڏينهن ۾، سنڌ جي حاڪمن ۽ گجرات جي حاڪمن جا پاڻ ۾ گهرا ۽ گهاٽا تعلقات ٿيا، جن اڳتي هلي سڱابنديءَ جي صورت ورتي، جنهنڪري ٻنهي ملڪن جا حڪمران هڪ ٻئي جا نه فقط دوست بلڪ عزيز ۽ خويش ٿي پيا. حاڪمن جي هن ناتي جو اثر فطرتاً رعيت تي به پيو، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان آمدورفت ۽ ناتا وڌڻ لڳا، جنهنڪري ٻنهي ملڪن جي اجنبيت وڏيءَ حد تائين ختم ٿي ويئي. +جڏهن بدقسمتيءَ سان سما گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو آيو. سنڌ ملڪ تي ٻاهرين حاڪمن جو راڄ شروع ٿي ويو، ۽ اهو اڳوڻو امن امان نه رهيو، تڏهن سنڌ جي ڪيترن بزرگن، جن کي هاڻي هتي ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿي ملي سگهيو، تن گجرات ڏانهن رخ رکيو، ۽ وري سنڌ ڏانهن نه وريا. انهيءَ وچ ۾ گجرات سان اهي رشتا ناتا ختم ٿي ويا، ۽ آمدورفت جو سلسلو ڪپجي ويو؛ تنهنڪري انهن بزرگن جي ياد به ماڻهن جي دلين تان محو ٿي ويئي، ۽ ڪنهن کي خبر ڪانه رهي ته ڪو هي گوهر ناياب اصل سنڌ جي پيدائش هئا. +هندستان جي تقسيم سان جيڪي ڦيريون گهيريون آيون، انهن مان هڪڙو اهو فائدو ٿيو آهي جو هندستان جي مختلف گوشن مان وڏا وڏا فاصل ۽ اهل قلم سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا آهن: جنهنڪري اسان کي ڪيتريون پنهنجون وڃايل وٿون وري واپس ملي رهيون آهن. اهڙن ماڻهن مان هڪڙو بزرگ سيد محمد مطيع الله، ”راشد“ برهانپوري، به آهي، هن بزرگ جي هڪ تازه ترين تصنيف، ”برهانپور کي سندهي اولياء“، المعروف بہ تذکره اولياي سنده“، سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي شايع ڪئي آهي. +برهانپور جي سنڌي بزرگن جا حالات بلڪل گمناميءَ جي گوشي ۾ پيل هئا: جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ٿوري گهڻي خبر به پيئي ٿي، ته نهايت مشتبه ۽ مشڪوڪ: مثلا؛ مون کي بلڪل چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند الله برهانپوريءَ جا حالات لکنوءَ جي ”معارف“ جهڙي معياري رسالي ۾ شايع ٿيا هئا؛ مگر انهيءَ ۾ کيس ٺٽي جي حاجي محمد قائم جو فرزند ڏيکاريوويو هو- ڪيڏي نه فاش غلطي آهي! حاجي محمد قائم ٻارهين صديءَ هجريءَ جو بزرگ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر آهي، جو ٺٽي مان هجرت ڪري مديني شريف ويو، ۽ وڃي اتي وفات ڪيائين. شيخ عيسيٰ جندالله انهيءَ کان گهڻو وقت اڳ ٿي گذريو آهي- جيئن هن ڪتاب مان معلوم ٿيندو. +راشد صاحب هيءُ ڪتاب تمام محنت ۽ جانفشانيءَ سان لکيو آهي. بزرگن جا حالات ڏاڍيءَ ڪاوش سان جمع ڪري، گهڻي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، صحيح حالات درج ڪيا ويا آهن. ابتدا ۾ سنڌ جي مشهور محقق ۽ مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ جو پيش لفظ آهي، جو نهايت عالمانه آهي؛ تنهن کان پوءِ، مختصر تمهيد بعد، ڪتاب جو اصل مضمون شروع ٿئي ٿو. +ڪتاب کي ٽن دورن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: پهرئين دور ۾ حضرت مسيح الاولياء شيخ جندالله جي گهراڻي جو ذڪر آهي؛ ٻئي دور ۾ ٻين سنڌي بزرگن جا حالات بيان ڪيل آهن؛ ۽ ٽئين دور ۾ حضرت مسيح الاولياء جي مختلف خليفن جا سوانح لکيا ويا آهن- انهن خليفن ۾ پڻ ڪيترا سنڌي آهن. ڪتابن جي آخر ۾ هڪ نهايت قيمتي ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته برهانپور جي سنڌي بزرگن جا لکيل ڪتاب هن وقت ڪٿي ڪٿي موجود آهن، (جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ آيو آهي)، انهن مان ڪهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪهڙا اڃا نه ڇپيا آهن، ۽ ڪهڙا ڪتاب مورڳو گم آهن. +”لاٽ“ +زندگيءَ وانگر ٻولي به سدائين وڌندي ۽ ويجهندي ٿي رهي. ڪي به دٻاٽ ۽ ڪي به ضابطا اُن کي بيهاري ۽ پوئتي هٽائي ڪونه سگهن؛ نه وري ڪنهن به قسم جون قدامت پرستيون ۽ جهل آفرينيون ان کي موٽائي پوئتي نيئي ٿيون سگهن. +ٻوليءَ جو واڌارو ٻوليءَ جي ادب سان آهي، جنهن ادب جا موضوع توڙي اسلوب پراڻي ادب جا آهن، ان ادب سان ٻوليءَ جو واڌارو ڪونه ٿو ٿئي. ادب جا نوان موضوع ۽ نوان اسلوب ئي اهن، جيڪي ٻوليءَ جي وڻ ۾ ڦوٽهڙو آڻين ٿا ۽ ادب جي اوسر جو سبب بنجن ٿا. +اسان جي ٻوليءَ جي هيءَ خوش نصيبي آهي، جو اڄ وٽس اُن نئين ادب جا خالق توڙي شائق ٻيئي موجود آهن. جيڪڏهن شاهه، سچل، ساميءَ ۽ ٻين اسان جي عظيم ڪلاسيڪي اديبن ۽ شاعرن اسان جي ٻوليءَ ۾ پرڀات جو نُور آندو، ته اڄ هنن اسان جي بي مثل نوجوان شاعرن ۽ اديبن جي دم سان ان ۾ صبح جي سج جا پهريان شعاء پريان افق ۾ ڏسجي رهيا آهن، اُهو وقت پري ڪونهي، جڏهن اسان جي ادب جو سج پنهنجي سموري آب تاب ۽ جاه جلال سان اُڀري مٿي ايندو. +شمشير جو شعر آءٌ شروع کان پڙهندو پئي آيو آهيان. پنهنجي هن جوان عمر ۽ جوان طبع شاعر کي آءٌ، سنڌي ادب لاءِ، اُنهيءَ صبح جي نريمن منجهان شمار ڪريان ٿو. آمريڪا جي عظيم قومي شاعر، والٽ وٽمن، 36 ورهين جي عمر ۾، پنهنجي شعر جو پهريون مجموعو فقط 95 صفحن ۾ شايع ڪيو هو. فرانس جو لافاني اديب، پيري لوئي، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”مستقبل جا ماڻهو جيئن پوءِ تيئن زياده هن جي عظمت محسوس ڪندا ۽ مڃيندا“، تنهن جڏهن پنهنجي شعر جو پهريون ڪتاب پيش ڪيو، تڏهن اُن ۾ فقط 75 شعر هئا. شمشير هيءُ 88 صفحن جو مجموعو پڻ انهيءَ ساڳيءَ مشعل جي ”لاٽ“ آهي، جيڪا هر هنڌ ۽ هر حال ۾ حق، حسن ۽ خير جي تلاش لاءِ پنهنجي روشني، انهيءَ نموني، انسان جي اڳيان پيش ڪندي پئي آئي آهي. +مون کي ته شمشير جي هنن لفظن ۾، شايد کانئس به زياده اعتماد آهي: +”حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي، +”اڄوڪي دؤر جو دانا ڪري پيو محنت؛ +”زمانو طئي ڪري آيو خيال جي بستي، +”نرالي نور کي روڪي نٿي سگهي طاقت!“ +[1961ع] + + +”سوچَ کي لوچ“ +(شاعري) +جڳ مشهور مصور، پڪاسو، جو چوڻ آهي ته ”مصوري انهيءَ لاءِ ڪانه ٿي ڪجي ته ڪمري جون ڀتيون ان سان سينگارجن، مصوري ته مرونپڻي ۽ سوچ جي اوندهه سان وڙهڻ جو هٿيار آهي.“ +ان طرح، راڳ بابت، افلاطون چيو هو ته ”جڏهن راڳ جو روپ بدلجي ٿو ته شهر جون ڀتيون ڌُڏن ٿيون“- ”شهر“ مان هن جي مراد سندس پنهنجو اٿينس جو شهر ۽ ان جي شهري رياست هئي. +ته ادب ۽ شعر لاءِ ڇا چئجي؟ +ادب ۽ شعر جو سماجي ڪارج آهي؛ هڪڙو ته اُهو ته اهو پڙهجي ۽ ڳائجي- اصل ائين، جو اُن جي جنبش سان ۽ آلاپ سان شهر جون ڀتيون ڌڏن ۽ پٽ پون. ادب ۽ شعر مصوري به آهي- لفطن جي ۽ اُن سان ماڻهوءَ جي مرونپڻي ۽ سوچ جي اوندهه جا نقش ۽ پاڇولا اٿي آڏو ٿا بيهن- ڇو ته لفظن جي ماڻهپي ۽ روشنيءَ جا رنگ، اُنهن تان غلاف هٽائي، سماج ۾ انهن کي پڌرو ڪري بيهارين ٿا- ۽ پوءِ اُهي للڪارجن ٿا، ۽ ائين سچ ۽ ڪوڙ، نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ويڙهه وڌي ٿي ۽ تيز ٿئي ٿي. +اسان جو شاعر ذوالفقار راشدي، ذوالفقار به آهي ۽ راشدي به. هن جي شعر ۾ هميشه مون تلوار جي اُن تيز ڌار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڏٺو به آهي، جا پلصراط آهي، جهنم جي آڙاهه مٿان اڏيلَ، جنهن تان وک وک ۾ ڏيئي، جَنّت جي انساني زندگيءَ ڏانهن وڃبو آهي. اسان جي دؤر ۾، ۽ اسان جي شعر ۾، جن اديبن ۽ شاعرن خلقَ اِنسانيءَ کي اِن راهه تان وک وجهڻ جو ڏس ڏنو ۽ پختو ڪو ڏانءُ به ڏسيو، اُنهن مان ذوالفقار راشدي به هڪ دردمند، رهبر شاعر آهي، جنهن جي رچنائن ۾، پڙهڻ سان، سندس ئي لفطن ۾، پڙهي وٺبا آهن- +مٺا خواب، اُچ خيال، ۽ نوان جذبا- +حسين سوچ به، ڄڻ چنڊ رات اُڀري ٿي. +آءٌ کيس، سندس هن پهرئين شعري مجموعي جي اشاعت تي، دلي مبارڪ ٿو ڏيان- ۽ سماهي ”مهراڻ“ 2-1961ع ۾ سندس مضمون ”شاعري ۽ موسيقيءَ جو ميل“ ۾ لکيل سندس ئي اختتامي دعائيه جملو، ٿوريءَ ترڪيبي ڦيرڦار سان، دهرائي، کيس دعا ڪريان ٿو: +”ڳاءِ ۽ وڄاءِ! شل سدائين خوش رهه، منهنجا سدا ملوڪ سنڌ جا شاعر!“ +- محمد ابراهيم جويو +سنڌي سماج ۾ اديب جي ذميداري +[15 جنوري 1977ع تي سڪرنڊ ۾ سنڌ جي صف اول جي شاعر، عبدالحڪيم ”ارشد“ جي پهرئين ڇپيل شعري مجموعي ”ڏيئا ڏات جا“ جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل صدارتي تقرير] +عزيزو ساٿيو، بزرگو، دوستو! +اڄ اسان هتي پنهنجي پياري ساٿي، عبدالحڪيم ”ارشد“، جي ڪتاب ”ڏيئا ڏات“ جو مهورت ڪيو آهي. هر چڱيءَ شيءِ جي شروع ٿيڻ سان انسان جي ڪنهن نه ڪنهن ڀلائيءَ جي شروعات ٿيندي آهي. عبدالحڪيم ارشد جو ڪتاب شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هڪ سنڌي شاعر جي شاعري نه رڳو سنڌي سماج جي پس منظر ۾ بلڪ عين اُن جي وچ ۾ جنم وٺي ٿي. اِنهيءَ ڪري اُن جي چڱائي سڀ کان پهريائين ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جو وسيلو بنجڻ گهرجي. اُن جي هر چڱاڻ جي ڪسوٽي بس اها آهي، نه فقط عبدالحڪيم ارشد جي شاعري، پر هر ڪا سنڌي شاعري، ادبُ، فن بلڪ هر اُها شيءِ جيڪا سنڌ ۽ سنڌي سماج ۾ جنم وٺي ٿي، ۽ جيئي ٿي- پوءِ اُها سياست هجي، مذهب هجي، ثقافت هجي، يا ڇا به هجي، اُن کي اِنهيءَ هڪ ڪسوٽيءَ تي پورو بيهڻو آهي، يعني اُن کي سنڌي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ وسيلي طور جيئڻو ۽ ڪم اچڻو آهي. ٻيءَ حالت ۾ اسان وٽ ان جي پسند پوڻ يا قبول ٿيڻ جو ڪو سوال ڪونه ٿو اٿي سگهي. هاڻي، اِهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسان وٽ جيڪي شيون آهن، ۽ جيڪي ٻيون پيدا ٿينديون رهن ٿيون، اُنهن کي اِنهيءَ هڪ بنيادي ڪسوٽيءَ تي پرکيون ۽ پوءِ اُنهن سان پنهنجو واسطو اُئين قائم ڪيون. +مون جڏهن ارشد ڀاءُ جي ڪتاب کي پڙهيو ۽ سندس شاعريءَ کي اِنهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکيو، تڏهن مون کي اُها ايتري چڱي لڳي، جو چاهيم ته هن موقعي تي ، جڏهن اسين اُن جي مهورت لاءِ هتي گڏ ٿيڻا هئاسون، تڏهن ٻيون سڀ ڳالهيون، وعظ ۽ مقالون ڇڏي، سڄو وقت رڳو سندس هن ڪتاب کي اول کان آخر تائين پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو ئي بندوبست ڪريون ها ته اُهو ڪافي هو؛ ڇو ته اسان مان اڪثر اديبن ۽ عالمن جي، ڪتابن جي مطالعي جي سلسلي ۾، حالت هيءَ آهي، جو خاص طرح پنهنجي سنگت ۽ هم خيال اديبن جون لکيتون پڙهون ئي ڪونه، ۽ جي پڙهون ٿا ته تمام گهٽ ٿا پڙهون؛ ۽ گهڻي چاهت اها هوندي اٿئون ته رڳو اسان جي لکيت ٻيا پڙهن. ان مان هيءُ ثابت ٿئي ٿو ته اسان مان اڪثر پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿا، ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ نه ايترا تيار آهن ۽ نه اُن کي ايترو اِن لائق ٿا سمجهن. اديبن ۽ فنڪارن ۾ اها خودپسنديءَ يا حال مستيءَ واري عادت فائدي واري به آهي، ڇو ته لطيف فن جي تخليق ۾ انهيءَ ڪيفيت جو به هڪ حد تائين دخل آهي؛ پر فن جي دنيا ۾ اِنهيءَ ذاتي ارڏائيءَ مان تخليق جي معيار، انداز، نواڻ ۽ همه گيريءَ تي مجموعي طور بُرو اثر پوي ٿو. هِن مان منهنجو مطلب آهي ته ارشد جي شاعري، جيڪا هن ڪتاب ۾ آيل آهي، اُن کي پڙهڻ ۽ پڙهي ان کي پنهنجو ڪرڻُ اسان مان هر ڪنهن جو فرض آهي؛ ۽ پوءِ ئي چئي سگهنداسين ته اسان پنهنجي لاءِ هن ڪتاب جي عظيم شاعريءَ جو مهورت ڪيو آهي. +اسان جو ساٿي عبدالحڪيم ارشد هڪ نهايت ماٺيڻو ۽ مٺو شخص آهي. هن جي ڪنئري ۽ پوتر من ۾ اسان واسطي پيار جا ائين خيال ۽ اڌما اٿن ٿا، جيئن نرم ۽ مٺيءَ مٽيءَ ۾ رنگ برنگي گل ڦٽندا آهن يا سانتيڪي ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ ڪنول جا گل ٽڙندا آهن. هو پنهنجي من جي ڦلواڙيءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ لفظ لفظ ۾ ڀري اسان کي آڇي ٿو. هر ڪو شاعر ائين ڪري ٿو. هر ڪو شاعر ائين ڪندو آيو آهي. بلڪ اڻ ڄاتن جُڳن کان شاعرَ، غير شاعر ۽ سڀ اسان جا ابا ڏاڏا اِئين پنهنجي امنگن ۽ خيالن جي سونهن، سرت ۽ سرهاڻ اسان جي ٻوليءَ جي هڪ هڪ لفظ ۾ اِئين اوتيندا، اسان لاءِ ورثي ۾ ڇڏيندا آيا آهن. اِنهيءَ ڪري ئي اسين چئون ٿا ته اسان جي ٻولي اسان لاءِ هڪ خاص قسم جي سونهن ۽ سرهاڻ جو ڀنڊار آهي ۽ اسان جو سڄو من ۽ اسان جي سڄي شخصيت، انفرادي توڙي اجتماعي طور، اُن سرهاڻ ۽ سونهن جي تخليق آهي. شاعرَ ٻوليءَ جي اُن جڳ جڳاندر سياڻپ ۽ سونهن جا امين آهن ۽ اُن ۾ پنهنجي پنهنجي روح جي تازگيءَ ۽ خوشبوءَ جو اضافو ڪن ٿا. انهيءَ ڪري ئي انگريزيءَ جي جڳ مشهور شاعر، شيليءَ، جيڪو پنهنجي دور جو هڪ انقلابي شاعر هو، چيو آهي ته ”شاعر دنيا جا اڻ مڃيل قانون ساز آهن، جيڪي دنيا تي حڪمراني ڪن ٿا.“ اسان جو هيءُ هيڻو ۽ ٿور ڳالهائو شاعر، ارشد، تحقيق اسان لاءِ اُنهن شاعرن مان آهي. هُن جيڪي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آيل پنهنجي شعر ۾ ڪيون آهن، اهي اسان لاءِ سچ پچ ته قانون جو درجو رکن ٿيون ۽ اسين، چاهيون يا نه چاهيون، اُنهن کي مڃڻ لاءِ ٻڌل آهيون. ۽ اِن معنيٰ ۾، سنڌي سماج ڏانهن هڪ ذميدار شاعر جي حيثيت ۾، هو اسان جي دلين جو حڪمران آهي. +عبدالحڪيم ارشد استاد به آهي ۽ شاعر به آهي. کيس شاعر جي حيثيت ۾ وڌ سمجهون يا استاد جي حيثيت ۾- اِهو فيصلو ڪرڻ ضروري به آهي يا نه، بهرحال ڳالهه تي سوچڻ ۾ اهم ڪونهي. استاد کي سماج جو اڏيندڙ چئجي ٿو- پر سماج جي اڏاوت ڪهڙيءَ رٿا ۽ ڪهڙي نقشي تي ڪجي ۽ ڪهڙي ساز سامان سان ڪجي، اِهي ڳالهيون استاد جي وس ۾ نه آهن. استاد پاڙهي ٿو، علم ۽ لياقت نئين نسل کي سيکاري ٿو- پر ڪهڙو علم ۽ ڪهڙي لياقت، ۽ علم ۽ لياقت ڪهڙي مقصد لاءِ، اِنهن ڳالهين جو فيصلو استاد جي وس کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن ڪنهن عمارت جو نقشو، اُن لاءِ گهربل ساز سامانُ، ۽ ان جي اڏاوت لاءِ گهربل ڄاڻ ۽ لياقت – اِنهن سڀني ڳالهين جو دارومدار انهيءَ تي آهي ته عمارت ڪهڙي ڪم لاءِ يا ڪهڙي مقصد لاءِ اڏجي ٿي، ته پوءِ اسين ائين چئي سگهون ٿا ته سماج جي اڏاوت ۾ جيڪي ڳالهيون استاد جي وس کان ٻاهر آهن، اُنهن تي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو وس آهي ته اُهو شاعر جو وس به ٿي سگهي ٿو- ڇو ته سماجي زندگيءَ جي مقصد جي پروڙ جيڪڏهن ڪنهن سماج کي ڪٿان پئجي سگهي ٿي ته اُها اُن کي پڪ ئي پڪ پنهنجن شاعرن کان پئجي سگهي ٿي. اُن معنيٰ ۾ به شاعرَ، انگريزيءَ جي باغي شاعر شيليءَ جي لفظن ۾، معاشري جا قانون ساز آهن- يعني هو زندگيءَ جي قانون جو مقصد مقرر ڪن ٿا ۽ پيش ڪن ٿا. ’ڪيئن زندگي گذارجي‘ اِها ڳالهه شاعر جي سمجهائڻ جي ناهي ۽ نه ڪڏهن هو اُها سمجهائي ٿو- ڇو ته اُن ۾ امڪان آهي ته ماڻهو پاڻ کي جيئري رکڻ لاءِ ٻئي جي موت جي به پَرواهه نه ڪري، پنهنجي جيوت کي سکئي رکڻ لاءِ ٻئي جي جيوت کي زهر بنائڻ کان به نه مُڙي، يعني محض حيوانن وانگر پنهنجي جيئڻ جي اونَ رکي. ”آءٌ ڪيئن جيئان!“ ٺلهو اِهو سوال ماڻهوءَ کي ’اول پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا‘ جي وحشي اصول ڏانهن وٺي وڃي ٿو. پر ”آءٌ ڇا لاءِ جيئان!“- اِهو سوال جيڪو انسان کي انسان بنجڻ ڏانهن مائل ٿو ڪري يعني سماج جي هڪ اُنهيءَ ذميدار فرد بنجڻ ڏانهن، جيڪو ٻين جي جياپي ۾ پنهنجو جياپو، ٻين جي ڏک ۾ پنهنجو ڏک ۽ ٻين جي سک ۾ پنهنجو سک ڏسي ٿو- اِن سوال جو جواب سماج کي سندس شاعرن وٽان ملي ٿو. يعني استاد ارشد پاڙهي ٿو پر استاد ارشد کي شاعر ارشد ٻڌائي ٿو ته ڇا پاڙهي ۽ ڇا لاءِ پاڙهي. +هي ٻه سوال: آءٌ ڪيئن جيئان؟ ۽ آءٌ ڇا لاءِ جيئان؟- انسانن ۾ سماجي زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي، ماڻهن جي اڳيان رهيا آهن. ماڻهو ماڻهوءَ سان وڙهي جيئي يا ماڻهو ماڻهوءَ سان سرچي جيئي؛ سماجي زندگيءَ ۾ ماڻهن لاءِ چٽاڀيٽي ۽ مقابله آرائي مفيد آهي يا رس ۽ سهڪار؛ انفرادي نفعي جي تلاش ۾ ماڻهوءَ جو سک ۽ خوشي ممڪن آهي يا اجتماعي نفعي جي تلاش ۾- هي سڀ سوال هڪ ئي سوال جا روپ آهن، ۽ انهن ج�� جواب به اُن هڪ ئي سوال جي جواب ۾ موجود آهن. ۽ اهو هڪ سوال هيءُ آهي ته ماڻهو ڇا لاءِ جيئي- پاڻ لاءِ جيئي يا ٻين لاءِ جيئي؟ انساني سماجن ۾ اُهي ماڻهو، جيڪي انسانن جي سک۽ خوشيءَ جي مستقبل جا خواب ڏسي سگهن ٿا، يعني خاص طرح سندن شاعر اُن هزار سوالن جي هڪ سوال جو جواب به هڪ ئي ڏيندا آيا آهن- يعني هيءُ ته ماڻهوءَ کي جي حيوان مان ڦري انسان بنجڻو آهي ته هُن لاءِ ضروري آهي ته ٻين لاءِ جيئي، اُن جي معنيٰ ته جي سماج ۾ هن کي رهڻو آهي ته اِئين؛ پر جي سماج کان الڳ ٿي، ڪنهن کي رهڻو آهي ته، هو ٻيءَ طرح به ڪري سگهي ٿو، پر اُن حالت ۾ هو سماج دشمن سمجهيو ويندو ۽ سماج جي گڏيل قوت جي مقابلي ۾، بشرطيڪ اُها تحرڪ ۾ اچي، هُن جي شڪست ۽ آخر خاتمو يقيني آهي. +پر هيءَ به هڪ عجيب ۽ تلخ حقيقت آهي ته انساني (سهڪاري) سماج جي شروع ٿيڻ سان اُن ۾ سماج دشمن شخص ۽ ٽولا ۽ سندن سماج دشمني به قائم رهندي آئي آهي- ۽ اُها ابتدا کان وٺي اڄ تائين هزارن لکَن ورهين کان، پنهنجا رنگ ۽ روپ بدلائيندي پئي آئي آهي، يعني سماج دشمن به پنهنجو روپ بدلائيندا پئي آيا آهن، ۽ سندن سماج دشمني به پنهنجا روپ ۽ رنگ بدلائيندي پئي آهي. هن سلسلي ۾ منهنجو انگريزيءَ ۾ هڪ نظم پڙهيل آهي جو هن ريت آهي. (هيءُ هڪ گهٽ سڃاتل شاعر جو نظم آهي. جنهن جو نالو ”آليو روينڊل هومس“ هو (1809-1894ع)، پر انگريزي شاعريءَ ۾ منهنجي بهترين پسند جي نظمن مان هڪ آهي: +جڏهن بيبي حوا پنهنجي خاوند کي ٻاهر وٺي آئي، +۽ قابيلَ پنهنجي ڀاءُ کي ماري وڌو، +تڏهن، شاعر چون ٿا ته اُڀ جي تارن ۽ ڌرتيءَ جي گلن +گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪئي- +ته ”چالاڪ هر کائيندڙ“ جي ڪا حرفت هلي نه سگهي، +تنهن لاءِ نسل انسانيءَ کي سندس فرض کان واقف ڪجي، +۽ اُن لاءِ اُن جي حيواني دل تي اسان کي سدائين +پنهنجي سوجهري ۽ سونهن جي اک رکڻ کپي- +ڏهه لک جاڳندڙ اکيون، هُنن سوچيو، +گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ چتاءَ جو ڪم ته ڏينديون؛ +۽ پوءِ ڏينهن جو گل اُن تي چوڪسي ڪرڻ لڳا +۽ سانجهيءَ کان صبح تائين تارا پهري تي سجاڳ ٿي بيٺا- +تڏهن کان ٽڪرين تان ۽ وادين مان، ٻنين تان ۽ چراگاهن مان +پنهنجون ماڪ ڀنل اکيون پٽيو، +صبح جي سرخ شفق کان مغرب جي ڌڳندڙ آسمانن تائين +گل پنهنجي ڪم تي چوڪس بيٺا رهن ٿا- +پر، افسوس ڏينهن جي روشنيءَ جي هڪ هڪ ڪلاڪ ۾ +هو اهڙيون اهڙيون ته شرمناڪ ڳالهيون ڏسن ٿا، +جو هراس ۾ ڪي ته سمنڊ جي ڪوڏن جيان رنگ وڃائي اڇا ٿي وڃن ٿا +۽ منجهانئن ٻيا وري هر گهڙيءَ شرم کان ڪومائجندا ٿا رهن. +۽ هوڏانهن وري جڏهن ماٺيڻا تارا هيٺ نهارين ٿا +۽ سندن روشني کين سڀڪجهه پڌرو ڪري ڏيکاري ٿي- +غدارن جي مرڪ، ۽ خونين جي رت ڀريل اک، +۽ ڪوڙن پريمين جا سرد سڪل چپ- +ته هو پنهنجي دکي اکين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، +۽ اُن بيسود ڪوشش ۾ +اسين انهن کي اُڀ ۾ ٽم ٽم ڪندي ڏسون ٿا، +۽ ائين هو سدائين پنهنجون اکيون پٽيندا ۽ پوريندا ٿا رهن، +ائين برابر آهي ته شاعر به گهڻيئي آهن. سڀني شاعرن جي شاعري پيغمبريءَ جو جزو به ته ڪانه ٿي ٿئي. پر اُهي جيڪي ڌرتيءَ جي گلن ۽ اُڀ جي تارن وانگر نسل انسانيءَ جي حيواني دل کي ڏسندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي سماج جي انساني درد ۽ پيڙا جو دل ۾ احساس رکن ٿا ۽ ان جي مسيحائيءَ جي تڙپ دل ۾ کنيو، انسان جي انسانيت کي جاڳائيندا ۽ اڀاريندا رهن ٿا، اُهي شاعر دنيا جي انساني سماجن جا، ”اڻ مڃيل“ ئي سهي، پر ڏاها ۽ سجاڳ ”قانون ساز“ آهن ۽ اُنهن جي ئي، تحقيق، پنهنجي پنهنجي سماج جي دلين تي حڪمراني قائم آهي. اُهي ئي پنهنجي پنهنجي دور جا، ۽ پنهنجي پنهنجي سماجي دنيا ۾، هڪ طرح جا انقلابي شاعر آهن- ڇو ته اُهي ئي پنهنجي پنهنجي ماڻهن جي ستل ضميرن کي جاڳائين ٿا ۽ منجهن سماجي فرض شناسي پيدا ڪن ٿا. هن قسم جا شاعر ۽ اديب ئي پنهنجي پنهنجي انساني دنيا ۾ سماجي ديانتداريءَ جا نقيب ۽ داعي آهن- سماجي ديانتداري، جيڪا جديد انقلابي دنيا جي سماجي زندگيءَ جو مکيه گڻ ۽ اُن جي آدرشي انسان جي مکيه سڃاڻپ آهي. اهڙو هڪ اديب ۽ شاعر هن دور جي سنڌي سماج ۾ آءٌ پنهنجي راءِ پٽاندر پنهنجي يار عبدالحڪيم ارشد کي سمجهان ٿو. سنڌي سماج، جيڪو گهڻي قدر هڪ زرعي سماج آهي. هڪ ڳالهئين هڪ محڪوم سماج آهي ۽ بنيادي طور هڪ طبقاتي سماج آهي، اُن ۾ ڪا هنڌائتي تبديلي آڻي سگهجي، اُن لاءِ اسان کي شاعر ارشد جهڙا شاعر ۽ اديب گهرجن، جيڪي پنهنجي همعصر سنڌي سماج ۾ پنهنجي ذميداري سمجهن ۽ پنهنجي ساٿياري نسل جي نوجوانن ۾ سماجي ديانتداريءَ جو گڻ پيدا ڪري، انهن جي مدد سان پنهنجي مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت عوام کي اُن سچي انقلاب لاءِ تيار ڪن، جيڪو سندن پنهنجو انقلاب هوندو، جنهن جا اڳواڻ هو پاڻ هوندا، جنهن ۾ پنهنجي تقدير جو هو پاڻ فيصلو ڪري سگهندا. +ماڻهن جا اهڙا شاعر ئي هوندا آهن، جي سندن مرده دلين ۾ ساهه وجهندا آهن، سندن بند زبانن کي کوليندا آهن، ۽ سندن هيڻائيءَ کي بدلائي همت ۽ حوصلي جو اهو اجهل ۽ اڏول روپ ڏيندا آهن، جنهن سان هو مخالف تاريخ جو رخ ڦيرائي، پنهنجي تاريخ جا پاڻ ٺاهيندڙ بڻبا آهن. +جيئن انساني سماج شروع ٿيو آهي، اُن سماج ۾ هيڻي انسان جي ڏاڍي انسان سان جنگ به شروع ٿي آهي. اها جنگ فردن جي به، قومن جي به ۽ طبقن جي به جنگ رهي آهي. اُها ڏاڍ ۽ ظلم کان آزاديءَ جي جنگ آهي. اها انسانن جي امن، اتحاد ۽ آسودگيءَ لاءِ جنگ آهي. لکن، هزارن سالن جي هن جنگ ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جا روپ به بدلبا آهن، ان جا محاذ ۽ ميدان به ڦِريا آهن، ۽ ان جي ڌرين ۾ به بدل سدل پئي آئي آهي. پر جڏهن به، جتي به ۽ جيئن به اها جنگ جاري رهي آهي، حق ۽ انصاف جي حمايت ۾ آواز اٿاريندڙ اديب ۽ شاعر به ان ۾ شامل، بلڪ ان جي پهرين صفن ۾ موجود رهيا آهن. اها جنگ اڄ به، ٻاهر دنيا ۾ ۽ اسان وٽ اسان جي دنيا ۾ موجود آهي. دراصل اها جنگ سڀ کان اول ماڻهوءَ جي پنهنجي ضمير جي جنگ آهي، ۽ ان جي کٽڻ کان پوءِ ئي پاڻ کان ٻاهر هلندڙ ان جنگ ۾ ماڻهو پنهنجي ڪردار جو تعين ڪري سگهي ٿو. شاعر ۽ اديب انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي ضمير کي جاڳائي ۽ متحرڪ ڪري، ان جنگ ۾ پنهنجي ڪردار جي فيصلي ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. +مون عبدالحڪيم ارشد جي شعر جو هيءُ ڪتاب سڄو پڙهيو آهي. اول درجي جي شعري تخليق بلڪ فنون لطيف جي هر شهپاري جي سلسلي ۾ پسند جي حد هونئن به هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي هوندي آهي، پر جيڪا سربستي ڳالهه هتي آءٌ ڪري رهيو آهيان، اُن جي حوالي سان مون کي ارشد جو هڪ نظم بيحد وڻيو آهي، جيڪو آخر ۾ اوهان کي پڙهي ٻڌائڻ ۽ آءٌ عين مناسب سمجهان ٿو. نظم جو عنوان آهي ”نئون پاپ نگر“- هن عنوان مان ڪا غلط فهمي پيدا ٿيڻ نه کپي. دراصل ظلم ۽ ڏاڍ کان انساني نجات جي طويل جنگ ۾، جيڪا جُڳن کان هلندي آئي آهي، انسان پنهنجا هڪڙا ”پاپ نگر“ ڊاهي بس ئي نٿو ڪري ته ٻيا ”پاپ نگر“ هن جي چوڌاري اڏجي وڃن ٿا- جيتوڻيڪ هر نئين پاپ نگر جي سڃاڻپ ۽ ان جي ڊاهڻ ۾ انسان کي جيئن پوءِ تيئن زياده سولائي پڻ ٿيندي رهي آهي. لکين ورهيه اڳي انساني سماج جي ابتدا ٿي، ۽ ان جي منزل مقصود جي جهلڪ به انسان جي شاعرانه دل جي آئيني ۾ تڏهن کان موجود رهي آهي- ۽ اها آهي پرامن، بامروت ۽ خوشحال سماج جو قيام. اسان جي شاعر ارشد جي هن نظم ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي- +نئون پاپ – نگر +هڪ پاپ نگر مان نڪتاسين، +ٻي پاپ نگر ۾ پهتاسين، +هڪ جيل مان مس مس جان ڇٽي، +زنجيرن ۾ ڦاٿاسين! +هڪ جنڊ ڳچيءَ مان لاٿوسين، +ٻيو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتوسين، +هيءُ ڪنڌ اڃا آزاد نه ٿيو، +۽ ڦٿڪي، ڦاسي ڄاتوسين! +هي پاپ نگر، هو پاپ نگر، +ريت ٻنهي جي ساڳي آهي، +ڏاڍ به ساڳي، ڏاڍا ساڳيا، +ڦند نوان، نئين ڦاسي آهي! +هر هنڌ اهي ئي ڄار رکيل، +اي ڌرتي! تنهنجي ڌوتن جا، +هر شهر جون راهون اونداهيون +۽ ساڳيا رستا ڪنڊن جا! +هر روح تي اهي ڇپ ڪريل، +هت خون ٿين ٿا جذبن جا، +هت مرڪ جو ناهي ڪوبه سوال، +هت ٽهڪ ٽڙن ٿا زخمن جا! +هن شهر اسان جا روح ڦٽيا، +ڪجهه سور ڏنا، ڪجهه پور ڏنا، +هن پاپ نگر، بيداد نگر، +نت نت نوان ناسور ڏنا! +هت سورن ساڙي هانءُ ڇڏيو، +هت جياپو جنجل بنجي ويو، +هت لڙڪن تي ڀي بندش آ، +هر اڌمو اندر گهٽجي ويو! +هت جن ڀي سوچيو، سچ چيو +سي ڪرٽن هيٺان ڪٽجي ويا، +جانڊهه جي پڙ هيٺيان جذبا، +داڻن وانگر پِسجي ويا! +هر دور ۾ ڏاها پيڙيا ويا، +هي ظلم جو ساڳيو گهاڻو آ، +هر ڄٽ هٿان ٿو زهر پئي، +هن شهر ۾ جيڪو سياڻو آ! +هت ذهن تي آهن زنجيرون، +هت ڦول ڪوماڻا آسن جا، +هت پيار تي پهرو آهه لڳل، +جنهن پيار ڪيو، سو ڏوهي آ! +هن ڌرتيءَ، دک جي ڌرتيءَ، تي، +تون نينهن نڀائڻ آيو آن، +۽ پٿر جي هن شهر اندر، +موتين کي ورهائڻ آيو آن! +اي واٽ- مسافر وڻجارا! +تون پهتين ڪهڙيءَ وستيءَ ۾؟ +هت ڪنهن جي ڪنهن کي ڪاڻ نه آ، +هر ماڻهو پنهنجيءَ مستيءَ ۾! +هي پاپ نگر، نئون پاپ نگر، +هن پاپ نگر، جي ڳالهه نه ڪر! +تو چرٻٽ نگري ناهه ٻڌي، +جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ! +هن شهر جو راجا راڄ ڌڻي، +ان چرٻٽ جو ڀي بابو آ! +[1977ع] +ڪيئي ڪتاب +(تبصرو ۽ تاثر) +- - رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هڪ غير معمولي ۽ حيرتناڪ ماڻهو آهي. جيڪي هن جي بنهه ويجها ٿي رهيا آهن، اُنهن کي اها ڳالهه معلوم آهي. هو هڪُ پنهنجي قسم جو انوکو شخص آهي- هيڪلو ۽ هوڏي، پر ساڳئي وقت رلڻو مِلڻو ۽ دردمند دل رکندڙُ، باغي مؤمنُ، بيقرار يڪجائي، آس نراس جو عجيب ميلُ، شهزادو فقيرُ. هُن پنهنجي متعلق ”ڪيئي ڪتاب“ جهڙي هڪ ڌُريائتي ۽ پيرائتي ”راهداري“ لکي ۽ شايع ڪري، سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن لاءِ مطالعي ۽ فڪر جا ڪيئي دفتر کولي ڇڏيا آهن- ۽ خاص طرح انهن مان جيڪي ادب، نفسيات ۽ سماجيات جا ڄاڻو آهن ۽ سنڌي ثقافت جي عملي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ آهن، تن سان هُن پنهنجي هِن ذاتي ’ڪتابت‘ وسيلي سنڌ جي هڪ اهڙيءَ رنگين ۽ پُربَهار شخصيت کي روشناس ڪرايو آهي، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ اُنهن کي سنڌي سماج جي محرڪات تي ڪيئي سال تحقيق ۽ تجسس ڪرڻو پوندو، ۽ نه فقط سندس پنهنجِي هيءَ ’قبولداري‘ قسم جي آتم ڪهاڻي، بلڪ دنيا جا ٻيا ڪيئي ان قسم جا ڪتابَ، وري وري پڙهڻا ۽ سمجهڻا پوندا. +هيءَ هڪ عام ڳالهه آهي ته ماڻهو اُهوئي آهي، جيئن ان جو ماحول ان کي ٺاهي ٿو. پر انساني ماحول ۾ ماڻهوءَ جي ائين ٺهڻ جڙڻ يعني نپجڻ اپجڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت جا ڪيئي وسيلا ۽ سلسلا موجود ٿين ٿا، ۽ اُهي مجموعي طور ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا رسمي ۽ ٻيا غير رسمي. رسمي تعليم ۽ تربيت جون جايون ۽ انهن جا سلسلا ته اهي مڪتب ۽ مدرسا، اسڪول ۽ ڪاليج ۽ ٻيا اهڙا دستوري ادارا ۽ انتطام هوندا آهن، پر غير رسمي تعليم ۽ تربيت جو به هڪ سلسلو ۽ نظام ٿئي ٿو، ۽ اُهو پنهنجي اثر ۽ پهچ ۾ رسمي سلسلي کان وڌيڪ پڌرو ۽ پائدار ٿئي ٿو. غير رسمي تعليم ۽ تربيت جو اُهو سلسلو يا سرشتو هر حالت ۾ ماءُ جي گود، ماءُ جي ٻولي ۽ خاص اُن ٻوليءَ جو پنهنجو ماحول هوندو آهي، جنهن ۾ اُن جي لغت، اُن جون آکاڻيون، ٽوٽڪا، چوڻيون ۽ پهاڪا، چرچا گهٻا، راڳ رَسَ، ڏند ڪٿائون، ناچ ۽ رانديون، رسم رواج، ڪار ڪرت، ڌِڻَ وارَ، اُٿڻي ويهڻي، مارڪا ۽ ڪچهريون وغيره وغيره اچي وڃن ٿا، ۽ اُنهيءَ غير رسمي سلسلي يا سرشتي وسيلي ئي هڪُ مخصوص سماج پنهنجي بنيادي تهذيب، پنهنجون روايتون ۽ پنهنجا تجربا پاڻ وٽ سانڍيندو به آهي ۽ نسل بنسل منتقل به ڪندو آهي. +اڪثر آزاد ۽ پاڻَ ڀَرَن سماجن ۾ تربيت جا هي ٻه سلسلا، ٻيو نه ته به بنيادي امنگ ۽ مقصد ۾، هم رنگ ۽ هم آهنگ هوندا آهن ۽ ڪافي حد تائين هڪٻئي جو ڀَراءُ يا پُورائو بڻجي ڪم ڪندا آهن. پر هڪ حد کان پوءِ اُتي به، ۽ هيڻن ۽ پابند سماجن ۾ ته خاص طرح، اُهي نه رڳو هڪٻئي سان ٺاهه ۾ نه هوندا آهن، پر منجهن مخالفت ۽ تضاد جي پڌري ۽ سڌِي سنئين صورت موجود هوندي آهي- ۽ اُهو اِنهيءَ ڪري ٿيندو آهي، جو اُهي، يعني تعليم ۽ تربيت جا اُهي ٻه- پاساوان سلسلا، ٻن مختلف ۽ متضاد ۽ غير برابر قومي مفادن سان وابسته هوندا آهن، يا اُهي هڪ ئي اهڙي قومي سماج ۾ ڪارفرما هوندا آهن، جيڪو اندروني طور سماجي انصاف ۽ انساني برابريءَ جي وصف کان خالي هوندو آهي- يعني اُن جو هڪڙو حصو طاقتور ۽ انهيءَ ڪري سُکيو سَتابو ۽ غالب، ۽ ٻيو حصو ڪمزور ۽ انهيءَ ڪري مسڪين ۽ مغلوب هوندو آهي. تعليم ۽ تربيت جي هنن ٻن سلسلن يعني رسمي سلسلي ۽ غير رسمي سلسلي جي ڪارڪردگيءَ جو ئي اِهو نتيجو هوندو آهي، جو ڪنهن مخصوص سماج يا سماجن جا تربيت يافته فرد يا نسل ”اِسٽيٽس ڪُئو“ يعني ”حالت موجود“ جا حمايتي ٿي رهندا آهن يا اُن جا باغي ٿي اڀرندا آهن- ۽ اُهو اُنهن ٻن سلسلن جي تضاد جي شدت ۽ آڪرائيءَ تي منحصر هوندو آهي ته مخصوص سماج جي حمايت يا بغاوت ۾ نئين نسل جا فرد يا نئين نسل جو ڪو حصو يا طبقو يا مجموعي طور، تاريخ جي ڪنهن موڙ تي، نئون نسل سڄو ڪيتري قدر پاڻ کي مخلص، فعال ۽ سرفروش ثابت ڪري سگهي ٿو. ۽ اُن سلسلي ۾ هِن يا هُن صاف سڌي فيصلي ڪرڻ کان پوءِ ۽ پڌري پٽ ڏاڍيءَ ۽ هيڻيءَ ڌُر مان هڪ ڌُر جو پاسو وٺي، يعني جانبدار بنجي، ماڻهو ميدان تي نڪري ايندا آهن، ۽ ڪنهن ڏاڍيءَ قوم يا سماج جي ڏاڍي پَکَ جا مجاهد بنجي باطل پرستيءَ ۽ انسان دشمنيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن، يا ڪنهن هيڻيءَ قوم يا سماج جي هيڻي پَکَ جا ساٿي بنجي، حق پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. ماڻهن جي پنهنجن هنن اختيار ڪيل ڪردارن جي گرم جوشيءَ ۽ پامرديءَ ۾ لاها چاڙها ۽ گهٽ وڌايون ته ضرور اينديون آهن- ۽ ڪن حالتن ۾ ته اِها اُنهن جي جانبداري رڳو علمي بلڪ احساسي دائري اندر ئي محدود رهندي آهي؛ پر ماڻهن جي سڄي ڪردار جي جذباتي ۽ علمي پرورش، هُنن جي دل۽ دماغ ۾ عوام دوستيءَ ۽ عوام دشمنيءَ، حق شناسيءَ ۽ حق ناشناسيءَ جي هِن پوريءَ ڪيفيت جي تخم ريزي ۽ آبياري، تعليم ۽ تربيت جي انهن ٻن اڪثر متضاد رخن ۾ ڪم ڪندڙ سلسلن ۽ سرشتن جي ئي ڪيل هوندي آهي. غير رسمي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو عوامي، عوام جو ۽ عوام لاءِ هوندو آهي، ۽ رسمي سلسلو خواص پسند، خواص جو ۽ خواص لاءِ هوندو آهي. +رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سنڌي سماج جي اِنهيءَ ٻٽي تربيتي سلسلي جي تضاد جو اُپايل ۽ پرورش پاتل هڪ يگانو فرد آهي. هو ڄمندي ئي سنڌي سماج جي اَڀَري پَکَ جي غير رسمي ۽ سَڀري پَکَ جي رسمي تربيت ۽ تعليم جو نشانو رهيو آهي، ۽ سندس حالت ۾ ۽ مٿس عمل پيرا ٿيندڙ اُهي ٻيئي سلسلا هڪٻئي سان سڌي تضاد ۾ الجهيل رهيا- ۽ اُن جو ذڪر ڏاڍي درديلي انداز سان هُن پاڻ به ڪيو آهي- ۽ سندس اِنهيءَ عجيب غريب ٻه پکائينءَ پرورش ۽ تعليم جي ئي ڪارفرماين ۽ اثرن جو هيءُ عجيب داستان آهي، جو هُن اسان کي پنهنجي هِن عظيم ڪتاب ۾ عطا ڪيو آهي، اُن لاءِ اسان کي دل جي گهراين سان هُن جا ٿورا مڃڻ گهرجن. +رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي سعادت ۽ خوش بختي هيءَ آهي، جو هن جي معصوميت کي شروع کان عوامي پرورش ۽ تعليم جو سايو نصيب ٿيو ۽ هُن جو روح اُن ڏانهن مائل رهيو- ڇو ته اُن کي اُها ڇانوَ ڏاڍي سُٺي ۽ مٺي لڳي؛ ۽ خواص جي تعليم ۽ پرورش ۽ اُن جون ڳالهيون ۽ طريقا، ڪارگذاريون ۽ عمل دخلَ- ڇو ته هو ڄائو ئي خواص ۾ هو- هن کي ڏاڍا ڪڙا ۽ ڪنڊن وانگر چڀندڙ ۽ ايذائيندڙ لڳا ۽ هو اُنهن کان ڌُريان ئي بچندو ۽ ڀڄندو رهيو، ۽ دراصل اُهي هئائي اُهڙا ڪٺور، ڪِنا ۽ ڪاڪائيندڙَ. هُن جي سڄيءَ عمر جي روش ۽ رخُ سماج جي اُن خود پسند ۽ انسانَ آزارَ، سُنوالي ۽ سڻڀي پَکَ جي ڏاڍ ۽ ڏک کان بچندي رهڻ ۽ ڀڄي ڪٿي ڪا جاءِ عافيت لهڻَ ۽ ويهي ڪا گهڙي ساهه پٽَڻَ جي ڊگهي پنڌَ ڏانهن رهيو آهي- +”دِيا جو رنج بتون ني تو خدا ياد آيا!“ +- يا ائين چئجي ته ”ديا جو رنج خدا ني تو صنم ياد آيا“. +ڳالهه فقط خدا کي عوامي يا صنم کي عوامي سمجهڻ جي آهي، ڇو ته مقصد دراصل فقط ڪوڙَ ۽ ڪُنياءَ جي جهنم کان بچڻ جو آهي، ۽ سچَ، سُونهن ۽ پيار جي بهشت ڳولڻ ۽ دنيا ۾ درجي بدرجي، آهستي آهستي، ڪک ڪک ڪري اَڏڻ ۽ قائم ڪرڻ جو آهي. اُهي جن تي عوامي تعليم ۽ تربيت جي امنگ ۽ راهه جي ڇِڪَ يعني امنَ، پيارَ ۽ انساني خوشحاليءَ جي سَڏَ جو اثر آهي، اُهي ته خدا کي اوڻ ”خيرَ ڪبير“ جي علامت بنائي يا صنم کي اُن ”مسرت عظيم“ جي علامت بنائي، ڌرتيءَ تي، پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي، اُن بهشت جي تعبير ۾ حصو وٺن ٿا: ۽ ٻئي پاسي، جيڪي خواصي تعليم جي ذاتي يا گروهي بالادستيءَ جي خود غرضانه ۽ حريصانه سَڏَ جي مَنڊَ ۾ ورتل آهن، اُهي پنهنجي عوام دشمن ۽ حق ناشناس عمل کان باز نٿا اچن ۽ اُنهن لاءِ خدا توڙي صنمُ سواءِ سندن پنهنجي ذاتي يا گروهه پسند مفاد جي ٻيو ڪوبه ڪونهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اِنهيءَ معنيٰ ۽ عملي رخ جي لحاظ کان، پنهنجي عوامي تعليم ۽ تربيت جي زير اثر، پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي عوام لاءِ خير ۽ مسرت جي بهشت جو ڳولائو رهيو آهي، ۽ اُن ڳولا ۾ هُن جو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو آهي، وڃايو آهي ۽ ماڻيو آهي، اُن جو پڻ سربستو بيان هُن پنهنجي هِن وچوردار ڪَٿا ۾ اسان جي اڳيان آندو آهي. +پر افسوس، جو اُها هُن جي اَڀومي ۽ اُتامري پر آسروند ۽ اَٿڪ ڳولا تقريباً سڄي جي سڄي انفرادي انداز جي، صريحاً غير سياسي، فقط رنگ ترنگ ۽ راڳ رس، ڪيف سُرور ۽ سُک ساءَ جي محفلن تائين محدود رهي. ۽ اهڙي انداز سان ۽ ائين، کاڻَل تَتَل ۽ ڏکيُن ٻُسيُن ڌرتين تي بهشتَ ڪونه جُڙندا آهن، جنهن جي يا جن جي ڳولا ۾ دراصل هيءُ عوام جو خواص هٿان ستايل سُپوت ڌُر کان نڪتل هو ۽ اڃا به جنهن جي ڳولا ۾ هو اُهڙوئي سرگردان ڦري رهيو آهي. اِئين ته هو فقط هيڪلو هيڪلو، جيئن پنهنجي ڪتاب جي سرورق تي ٻاهران ئي ٻاهران پاڻ ئي ٻڌايو اٿن، ”حسن ۾ نُورُ، عشق ۾ سُرور، ۽ فن ۾ ظهور ڏسي، ساز آواز کي ساڻ ڪري، جستجوي ڪائنات“ ۾ نڪتو (هيءَ “جستجوي ڪائنات“ دراصل هن جي، پنهنجي سمجهه آهر، جستجوي ’بهشت برزمين‘ هئي)، جنهن ۾ ڪيئي کين ”مڪان مليا ۽ لامڪان ٿي ويا، ڪيئي ڪنارا حاصل ٿيا ۽ بي ڪنار ٿي ويا“، ۽ اڃا تائين سندن ”اُها تگ و دو جاري و ساري آهي.“ پنهنجي ”پيش لفظ“ ۾ اهڙيءَ ئي نرآشائي ڪيفيت جو اظهار ڪندي، ٻڌائين ٿا ته ”ائين هلندي هلندي- سندن لفظ آهن- ’لُڙهندي لُڙهندي‘ هن منزل تي پهتو آهيان- +”خدا هي ناخدا، تدبير پتوار، +لنگر موت، قسمت بادبان هي: +نهين معلوم ڪس ساحل ڪي جانب، +روانه ڪشتيء عمرِ روان هي!“ +۽ پوءِ شاهه سائينءَ جو بيت ڏنو اٿن ته- +”اُهي ترها ڪُنَ نِيا، جن ماريا ٿي مَڇَ، +گهوڙا! تِن گهوٽن جا رُلن پيا رڇ؟ +پاڻهين مرو مَڇَ، ويو ماڻُ مرڻ جو.“ +مون جڏهن سندن ”پيش لفظ“ ۾ اهو بيت پڙهيو ته پينسل کڻي، اُتي ئي اُن بيت جي پاسي کان حاشيي ۾ هي اکر انگريزيءَ ۾ لکي ڇڏيم: +But, oh Rais! The Hunt is on! +’پر رئيسَ، شڪار ته اُهوئي چالو آهي!‘ - - ته سڄي ڳالهه دراصل شڪار جي، تاحيات بني نوع انسانَ، جي چالو رهڻ جِي آهي- نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ جِي، ڪوڙ ۽ ڏاڍ جي مانگر مڇن جو شڪار جِي- جيڪي پاڻيهي ڪڏهن ڪين مرندا، ۽ گهوٽن جا اُنهن کي مارڻَ وارا رڇ به ڪڏهن ڪونه رُلندا- ڇو ته هڪڙا گهوٽ ويا ته ٻيا گهوٽ اجهاڳ سمونڊ ۾ پاڻيهي ٽپي پوندا، ۽ ائين مڇ اَڻهي پيا مرندا، ۽ دنيا جو هيءُ انسانن جو ٺاهيل جهنمُ، ڀتر ڀتر ٿي، ڊهندو رهندو ۽ اُن جي جاءِ تي، انسانن جي ئي هٿان، انسانن لاءِ، انسانن جي هِن دنيا ۾، سک ساءَ ۽ خيرَ خوشيءَ جو بهشت، سِرَ سِرَ ٿِي، اڏبو ئي رهبو. +مون کي خيال ٿو اچي ته اسان جو هيءُ پري پري، ستن سمنڊن جي وچ ۾ سُجهندڙَ بهشتي محل جو ڳولائو، جيڪو عوام جو فرد هو ۽ خواص ۾ پيدا ٿيو- ”رئيساڻو ٻارُ جيڪو ’شهزادو- ۽ - يتيم‘ ٿي پليو، ۽ تنهنڪري رئيساڻي خرافات ۾ پئجي ويو“- اِهي سندس پنهنجا لفظ آهن- پنهنجي اُن تخيلاتي بهشت کي هٿ ڪرڻ يا اَڏڻ لاءِ سياست جي ويجهو به اِنهيءَ ڪري نه ويو، جو کيس ائين لڳو ته اُها عوامي نه هئي بلڪ عوام کان ائين پري هئي جيئن ڪنهن اُڃئي کان سَراب، ۽ سياست جي عوض هو ثقافتي ميدان ۾ ڪُڏِي اچي بيٺو ۽ راڳ رسَ، ناٽڪ، ۽ ناچَ، ۽ آخر ۾ هاڻي ادب جي ميدان ۾ هُن پاڻ کي ايترو جو موکيو ۽ ملهايو، سو به اِنهيءَ ڪري، جو ثقافت جو سڏ هن کي عوام جو سڏ، پنهنجن جو سڏ، محسوس ٿيو ۽ اُنهيءَ لوڪ رس جي شوق ۽ شغل ۾ هُن پاڻ کي عوام جي وچ ۾ ڏٺو ٿي ۽ عوام سان عوام جهڙو ڀانيو ٿي، ۽ اِئين هُن پاڻ کي ۽ پنهنجي هستيءَ ۽ هوڏ کي سڃاتو ٿي. ۽ لوڪ رسَ، لوڪ نِيت يا لوڪ مَرجات، جنهن کي ”عوامي ثقافت“ چئون ٿا، اُن جي اُڀاَ ۽ واڌاري، سجاڳيءَ ۽ سَنوارَ ۾ اُنهيءَ بهشت لاءِ سرزمين هموار ٿِي ٿئي ۽ حالات سازگار ٿين ٿا، جنهن بهشت لاءِ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جو ڦُريل لُٽيل ۽ ڌڪاڻل عوام سدا اُڪاسيل رهي ٿو، ۽ عوامي ثقافت جي اُنهيءَ ئي هانوَ کائيندڙ ڏيساندَرَ جي خوف ۽ هراس ۾ رسمي تعليم ۽ تربيت جا والي ۽ وارث اُن لوڪ نِيتِ يا عوامي ثقافت کي روڪيندا آهن ۽ جي اُها رڪجي نه سگهندي اٿن ته اُن کي پنهنجن اقتداري مقصدن جي پشتيءَ ۾ پنهنجو باندي ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ”رئيساڻي خرافات“ ۾ پئجي يعني اُن جي چُوس ۾ اچي، اُن خرافات کي به پنهنجي پينگهائتي نيپاج ۽ اُن نج ۽ نبار عوامي تعليم ۽ تربيت جي زيراثر، سنڌي سماج جي اُن لوڪ نِيتِ يا عوامي ثقافت کي اُڀارڻ ۽ وڌائڻ، سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪم آندو. سندس هيءَ ادب جي ميدان ۾ ”ڪيئي ڪتاب“ جي صورت ۾ ايڏي باوقار ۽ ڪامياب ڪاوش ۽ ڪوشش به اُن لوڪ نيت جي منچ تي پيش ڪيل هڪ ادا آهي، جا هُن اسان جي آڏو هڪ خودشناس ۽ عوام دوست تخليق ڪار جي حيثيت ۾ آندي آهي. هُن جي هِن املهه پيشڪش کي اسان مان ڪيئي پڙهندا، ۽ اُن ۾ ڪيئي افسانا، ڪيئ�� واقعا، ڪهاڻيون ۽ قصا ۽ ڪيئي ڪردار ڏسندا ۽ انهن کي ڏسي، پڙهي ۽ اُمنگ ۾ ڀرجي ڪيئي ڪتاب رٿيندا ۽ تخليق ڪندا، ۽ اسان جي عوامي ثقافت کي اوج ايندي ۽ اُها اوج تي رسندي، ۽ ائين اسان جي وطن جي سرزمين اسان جي خوابن جي بهشت لاءِ هموار ٿيندي ۽ اُن جي قبولڻ ۽ آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اسان جو عوام ائين تيار ٿيندو، ۽ سنڌي سماج دنيا جي هن تختي تي پنهنجي باغيرت، آبائِتي ۽ مڻيادار جڳهه حاصل ڪندو. +آءٌ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ کي سندس هن عاليشان، خالص پرت جي پورهئي تي مبارڪباد چوان ٿو. +مون کي پنهنجي ڪتاب جي هڪ ڪاپيءَ جي عنايت ڪندي، رئيس پنهنجي اخلاص ۽ محبت جو هڪ وڌيڪ ثبوت ڏيندي، مون لاءِ اُن جي پهرئين ورق تي هي ٻه قرب ڀريا لفظ لکيا ته ”……جويي کي ڳولو تسليم ڪندي، …… کيس …… هي حقائق ۽ صداقت تي مبني لکيل ’ڪيئي ڪتاب‘ جي نالي سان تحفي طور پيش ڪجي ٿو، جنهن صاحب مون کي هِن ڪتاب لکڻ کان اڳ ابتدائي دور ۾ معلوماتي، تجرباتي ۽ مشاهداتي ياداشتون قلمبند ڪرڻ لاءِ اڪسايو ۽ آماده ڪيو هو.“ آءٌ رئيس محترم جي اِنهيءَ دلي صداقت ۽ اُن جي ايڏي فياضانه اظهار تي کين مبارڪ ڏيان ٿو. پاڻ هن ڪتاب ۾ اسان جي محترم و مڪرم سائين جي. ايم. سيد جو ذڪر خير به هر هنڌ پوريءَ حب ۽ عقيدت سان پنهنجين ياداشتن ۾ آندو اٿن، ۽ هِن ڪتاب جي تصنيف کي هٿ ۾ کڻڻ جو امنگ به ڏانُهنِ ئي منسوب ڪيو اٿن. اُن سلسلي ۾، هڪ جاءِ تي اهو به ڄاڻايو اٿن ته سيد اعظم سان سندن غائبانه ثقافتي تعارف ۾ منهنجو ئي ڪجهه هٿ هو. رئيس محترم جي هن فياضيءَ ۽ صدق دليءَ لاءِ آءٌ سندن بيحد شڪر گذار آهيان. +آخر ۾، مغرب جي هڪ شاعر جي لفظن کي، جنهن جي قومي علم و دانش کي سندن دشمنن ۽ بدخواهن هيچ ٿي سمجهيو، سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي قوم جي دانشورن ڏانهن موڙيندي، رئيس محترم جي هن بي بدل عظيم ڪتاب جي اشاعت جي حوالي سان آءٌ ائين چوندس ته – +”هائو، سنڌي دانشور به آهن. +”تو ٿي سمجهيو ڪونهن – نه، بلڪل آهن. +”رڳو پراڻا، قديم ۽ گذري ويل نه – +”پر هِن ڌرتيءَ جا زنده ضمير، اُن جا جاڳيل عزت دار روحَ.“ +[1980ع] +[”مهراڻ ڪلچرل سينٽر، حيدرآباد ۾ 6 جولاءِ 1980ع تي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي صاحب جي لکيل ”ڪيئي ڪتاب“، جلد پهرئين، جي رونمائي جي موقعي تي پڙهيل تقرير] + + +تو جنين جي تات …… +(ڪتاب ”اندر جنين اڃ“ جي مهورت جي موقعي تي 12-1-1981ع تي پڙهيل مضمون) +ڀيڻ ماهتاب، انگريزي ادب جي افسانوي، دنيا جي اُن بيحد معصوم ۽ محبوب، سيڪڙاٽ ۽ شيدائي، نينگر ”الائيس“ وانگر، ماٺ ميٺ ۾، هيڪلي ئي هيڪلي، پنهنجيءَ هِن ساڀيان واريءَ، رکيءَ سکيءَ دنيا مان نڪري، هندستان جي ”ونڊر لئنڊ“ مان ٿي آئي، ۽ اُن پنهنجي هيج ڀَرئي ۽ دل هڄائيندڙ سفر جو احوال پنهنجي هن ننڍڙي پر وڏيءَ محنت ۽ من جي پوري سَنيهه سان لکيل ڪتاب ”اندر جنين اڃ“ ۾ پاڻ ئي ويهي اسان کي ٻڌايو اٿس. +اُتي هُن هڪڙي ٻي سنڌ به ڏٺي، جيڪا ئي هِن جي ”ونڊر لئنڊ“ هئي. انگريزيءَ جي شاعر رُوپرٽ بُروڪ (Rupert Brooke) پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هزارين لکين مارجي ويل وطن جي جان نثار انگريز سپاهين بابت رچيل هڪ نظم ۾ ڪجهه هن طرح چيو هو ته ”جتي به ڪو انگريز سپاهي پوريل هو، اُهو اسان لاءِ ننڍڙو انگلنڊ آهي!“ مون پنهنجي هڪڙي مضمون ۾ ڪٿي لکيو آهي ته ”دنيا ۾ جتي به ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آهي، اُتي اُهو سنڌي زبان ڳالهائي ٿو، ته اها اتي اسان جي سنڌ آهي.“ اِنهيءَ خيال کان، ماهتاب جيڪا سرحد پار سنڌ ڏٺي، اُتي ته هينئر 25 لک سنڌي آهن – يعني پنج لک سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ڪٽنب – ته اُها ته پڪ ئي پڪ هُنن جي ۽ اسان جي اصلوڪيءَ سنڌ ماتا جهڙي هڪڙي ٻِي سنڌ ٿي. ۽ هيءَ ڪا سياست جي يا ڪنهن سياست بازيءَ جي ڳالهه ڪانهي، انگلنڊ انگريزي ٻوليءَ جي ماتر ڀومي آهي، ۽ انگريزي اڄ ڪئناڊا ۾، آمريڪا ۾، آسٽريليا ۾، ويسٽ انڊيز ۾ ۽ هنڌين ماڳين دنيا ۾ ڪيترن ئي پاسي لکن جا لک ۽ ڪروڙن جا ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا. پر هر ڪو پنهنجي پنهنجي ديس جو ديس پريمي ۽ ديس شيوڪ آهي – ساهت ۽ سڀيتا جي ڏوريءَ سان، ادب ۽ ثقافت جي ڌاڳي سان دليون ڳنڍجن ٿيون، ملڪَ ڪنهن کان ڪونه ٿا کسجن، جو ان ۾ اهڙي قسم جي خوف کان ڪنهن جو هانءُ کاڄي سگهي! +ته اسان جي ڀينرُ، معصوم ۽ مسڪين طبع ماهتاب محبوب کي هيءُ جو هندستان ۾ اُن ٻيءَ هڪ سنڌ جي ڏسڻ جو موقعو مليو، سو واقعي هُن لاءِ پنهنجي نوع جو هڪ نرالو موقعو هو، ۽ اُن جي سونهن ۽ ساڃهه، پريم ۽ شڙڌا، ويساهه ۽ من جي وشالتا، جيڪا هُن اُتي پنهنجن همزبان ۽ قربدار ميزبانن ۾ ڏٺي، اُها هُن پنهنجي هِن مختصر پر ڏاڍي هڪ پيرائتي سفرنامي ۾، جيڪو سچ پچ به ته اسان جي ادب جو هڪ بي مثل شهپارو آهي، اسان سان ويهي ونڊي آهي- ۽ اُن معرفت اُن ٻيءَ سنڌ جي حيرتناڪ حسن ۽ ماڻهپي ۽ مريادا جي ڏسڻ جو اُهو پنهنجي نوع جو نرالو تجربو اسان جي دلين جي آڏو به هُن آڻي رکيو آهي- ۽ اُن لاءِ اسين سندس تهدل شڪر گذار آهيون. +هن کان اڳ اسان وٽان، ماهتاب جهڙو ئي هڪ معصوم روح، سرائي امداد عليءَ جي روپ ۾، پنهنجن ٻن ساٿين سان، اُن سرحد – پار ٻيءَ سنڌ جي ديدار تي ويو هو، ۽ اُتان موٽي اچڻ تي هُن اسان کي اُتان جا سربستا احوال ٻڌائڻ شروع ڪيا هئا، پر ٻن مضمونن کان پوءِ وڌيڪ هُن جو سفرنامو اسان جي روزانه پريس ۾ ، ڪنهن سبب، ڇپجي نه سگهيو. اسين هُن جي اُن پوري سفرنامي جي ڪتابي اشاعت لاءِ اڄ تائين واجهائي رهيا آهيون. بهرحال، ميرپور بٺوري جي سنگت هُن لاءِ هڪ آڌرڀائي عام جلسو پوءِ ڪيو هو، جنهن ۾ آءٌ به وڃي حاضر ٿيو هوس- هزارن ماڻهن جي اُن جلسي ۾ فقير امداد علي سرائيءَ جيڪي اتان جي ويڳاڻيءَ سنڌ جون ڳالهيون ٻڌايون هيون، ۽ جنهن مٺيءَ گفتار ۽ دل جي تنوار سان اهي ٻڌايون هيون، اُنهن لاءِ منهنجي دل تي بروقت لطيف سائينءَ جا هي لفظ ئي تري آيا هئا ته – +ڪِنهِين اَچي ڪا ڪَهِي، ڪِنهين اَچي ڪا چَئِي، +اَملُ ڀانيان اُنَ کي، ساڄَنَ مون کي جا چَئِي! +ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو منهنجو محترم دوست پير حسام الدين راشدي هتي حيدرآباد آيو ۽ ڪتابن بابت ڳالهه ڪندي، مون کي ٻڌايائون ته ماهتاب جو هيءُ سفرنامو جڏهن کين مليو، تڏهن سڄي رات جاڳي اُهو پڙهيائون ۽ ٻئي ڏينهن هلي وڃي ماهتاب جي هٿن کي چمي آيا، جن هٿن سان هُن اهو لکيو هو، خوش قسمتيءَ سان اُنهيءَ ڏينهن سانجهيءَ جو گهر موٽيس، ته ڪتاب پنهنجي ميز تي موجود ڏٺم- ۽ فوراً ان کي پڙهڻ ويهي رهيس. گهڻي گهڻي رات ان کي پڙهندو رهيس ۽ وري وري دل مان ڀٽائي گهوٽ جا ساڳيا اُهي دل ڀڄائيندڙ لفظ نڪرندا رهيا – +ڪِنهين اچي ڪا ڪَهي، ڪنهين اچي ڪا چئي، +اَملُ ڀانيان اُن کي، ساڄن مون کي جا چئي! +هيءُ ڪتاب ”اندر جنين اُڃ“ آهي ته سفرنامو، پر بيحد هڪ لائق افسانه نويس جي قلم جي پيداوار آهي- اُڌمي ۽ اُتساهه، جذبي ۽ امنگ جون اُن ۾ صراحيون اوتيل آهن- نثر اُن جو چٽو ۽ روشن، گفتگو اُن ۾ آيل اهڙي تُز ۽ ننڍن ننڍن تيز ۽ شوخ ٻولن واري – بيانُ اُن جا اهڙا هنڌائتا، اهم ۽ اُڪيريل- ٻولي اُن جي اهڙي ڇڙيل ڇنڊيل ۽ هڪدم دل ۾ گهر ڪندڙ، جو سڄو ڪتاب ائين پيو معلوم ٿئي، جيئن اهڙن خاص خاص ڪن واقعاتي ڳالهين لاءِ ئي چئبو آهي ته ”حقيقت افساني کان وڌ حيرتناڪ آهي“، ته هيءُ ڪتاب سچ پچ به ته اُن جو مثال آهي!“ +هڪ ڳالهه، جنهن مون تي هن ڪتاب جي اهميت ۽ اعليٰ ادبي حيثيت جو اثر ويهاريو- سا اُن جي خاص ڪردار نگاري آهي. هونئن ته هيءُ ڪتاب ڪو ناول نه آهي، افسانو نه آهي، پر اُن جي پڙهڻ سان ائين معلوم پيو ٿئي ته اُن جا بيان ڪيل ماڻهو آهن ته واقعي سچا پچا ۽ جيئرا جاڳندا، حقيقت جي دنيا ۾ رهندڙ ۽ هلندڙ چلندڙ ماڻهو، پر هڪُ هڪُ منجهائن اهڙي ته پنهنجي پنهنجي، خاص هيڪلي ۽ مثالي ڪردار جو مالڪ آهي، جيئن ڪنهن ناول نويس يا افسانه نويس اُهو ڪو پنهنجي تصوراتي دنيا مان ويهي تخليق ڪيو هجي! ۽ ان سان هيءُ ڪتاب سفرنامي مان ڦري هڪ شاهڪار ناول جي صورت وٺي بيٺو آهي- جنهن ۾ ڄڻ سوين چرندڙ ڦرندڙ انساني زندگيءَ جا طبعزاد ڪردار تخليق ٿي، پڙهندڙ جي آڏو اچي بيٺا آهن- حالانڪه اُهي سڀ ساڀيان جي دنيا جا سچا پچا، جيئرا جاڳندا ماڻهو آهن، هيءُ حقيقت کي افساني ۾ بدلائڻ جو عمل، ۽ پوءِ به حقيقت سان پوريءَ طرح سچو ئي رهي سگهجي، ادب ۾ تخليقي عمل جي وڏي ڪاميابي شمار ٿئي ٿي. هِن کي چئبو آهي عارضي شيءِ کي دائمي بنائڻ، فاني شيءَ کي لافاني بنائڻ جو تخليقي عمل. +ڪامريڊ اتم جو پرعزم، صاف ۽ مجاهدانو ڪردار؛ مخلص اديب موهن ڪلپنا جو اَجهل ۽ اُتساهيل روح؛ سنگيت آچاريه ماستر چندر، هڪ بيحد نماڻو شخص، سڪ ۽ سوز ڀريل دل رکندڙ، پر اڏول اهڙو جهڙو ڪو پُر وقار پهاڙ؛ ۽ سندس پٽ مهيش چندر ”بلڪل بلڪل“، ”ضرور ضرور“ جي غير شعوري ڪلام جو تڪيو ڪندڙ، نازڪ ۽ نرمل دل وارو ۽ من ۾ اٿاهه صدق ۽ سچائي رکندڙ ۽ پنهنجي ڪَلا جو گُڻونَت ڌُني؛ تکو تکو ڳالهائيندڙ، ”گانٺيا“ کي ”ڪاٺ جا“ اُچاريندڙ هري موٽواڻي، ڏاهو ۽ ڏور ڏسندڙ، ادب ۽ اديبن جو شيواڌاري؛ ماتاهيتي، پريم ۽ شرڌا جي ديوي، سڀ جو خيال ڪندڙ ۽ پنهنجو پاڻُ ارپيندڙَ، جنهن جي سڪ ۽ پريم جون اهڙيون ته من کي چوريندڙ ڳالهيون ماهتاب لکيون آهن. جو پڙهي اُن ديويءَ جي چرنن کي ڇهڻ تي دل پيئي ٿئي؛ دادي هيتيءَ جي خدمتگذار ۽ پرخلوص نُنهن گوپي ۽ اُن جي ننڍڪڙي ڌيءَ ”جيا“ جنهن کي ماهتاب ڪوڏ مان ”دفلي“ ٿي سڏي؛ سنڌي ادب جي ديوي سندري، جنهن پنهنجي ’ڪامريڊ‘ وَرَ کي پنهنجي نمرتا ۽ پتي ورتا سان ’پتي ديو‘ جو درجو مغز ۾ وجهي ڇڏيو آهي؛ ۽ ٻيا ڪيئي اصولن جا پڪا، پنهنجي پنهنجي ڌُن جا سچا، املهه انسان گوبند پنجابيءَ جهڙا، پوپٽي هيرا ننداڻيءَ جهڙا، لعل پشپ، جئه وير، نارائڻ ڀارتيءَ، پروفيسر ارجن شاد، وشنو ڀاٽيا ۽ واسديو نرمل جهڙا؛ ۽ اصل رتي ديري جي رهواسيءَ، اسي سالن جي رٽائرڊ سب انسپيڪٽر ديوان جُڙئي مل جهڙا، جيڪو سنڌ مان آيل پنهنجيءَ هِن نياڻيءَ جي هٿن کي چمي، پنهنجي اکين تي رکي، زار زار روئي ويٺو؛ ۽ ”ورانڊي ۾ پري بيٺل، هڪ نماڻي چهري واري شڪارپور جي عورت“ جنهن جون اکيون ماهتاب جي روپ ۾ پنهنجي ”سنڌ ڊوڙي، ڀاڪر پائي اهڙو ته رُني، ايڏو ته رني، جو منظر سهڻ کان ٻاهر نڪري ويو؛ ۽ سڀ کان وڌ سائين رام پنجواڻي، منهنجو استاد، راڳي ۽ پنهنجي رمز جو صاحب، سنت ڪوي ۽ صوفي لاڪوفي، انهن ساڌن ۽ ساپرشن جي سنگ جو سُڌپائتو ۽ ٻاجهو پونير، جن تاريخ جي ڪنهن دور ۾ هند جي ماڻهن کي سڪ، سُوز ۽ پريم جو ڌاڳي ۾ پُوئي، هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي – پر سياست جو ڪروڌ ۽ ڌن دولت جو لوڀ ۽ موهه سدائين اُها ڪوشش ناڪام بڻائيندو رهيو – تان جو هند جي مسلمان جاگيري مفادَ هندو سرمايه داري مفاد کان ڀَڄي ۽ پاڪستان جي مسلمان جاگيري مفادَ هندو سرمايه داري مفاد کي ڀَڄائي، پاڻ کي قلعبند ڪيو ۽ محفوظ بڻائي ڇڏيو – ايتري قدر، جو اُن دولت ۽ اقتدار جي اڏيءَ تي عمل ۾ آيل ورهاڱي جي پهرئين ئي ڏينهن سنڌ جي هڪڙي درديلي شاعر ٻنهي کي چئي ڏنو: +هي تنهنجو پاڪستان، هو تنهنجو هندوستان، +مون مفلس جو ڇاهي، جنهن تي آءٌ ٿيان نازان! +- مطلب ته ذهن جي روشنيءَ ۽ دل جي سجاڳيءَ سان لکيل هن اعليٰ ڪتاب ۾ ايترن ته چڱن چڱن، اوچن اوچن ۽ سڪ، ساوَ ۽ سوز ڀريل دل رکندڙ ڪردارن جو ذڪر آيل آهي، جيڪي سڀ حقيقي دنيا جا جيئرا جاڳندا، اسان جا همزبان ڀائر اُتي اُن ٻيءَ سنڌ جا رهواسي، اسان جا وڇڙيل هم وطن ساٿي آهن، جو هيءُ ڪتاب اسان لاءِ اُن سرحد پار سنڌ جو هڪ صحيفو بڻجي، اسان وٽ آيل پيو معلوم ٿئي. +هيءُ ڪتاب اسان سڀني لاءِ هڪ پيغام به رکي ٿو- سنڌ ماتا جي رهواسين لاءِ، ۽ سرحد پار ٻيءَ سنڌ لاءِ به. موهن ڪلپنا جي لفظن ۾ ”ڪلا سچ جي ڳولا آهي …… سچُ ڪلا جو سنگهرش آهي… ٻنهي جي ٻاهران ڪجاڻي ۽ اندر فڪريءَ … مان هڪ اهڙو ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو، جنهن سان منش جاتي امرٿي وڃي… اسان کي امن امان سان ئي رهڻ گهرجي … مان هندستان پاڪستان جي پوري عوام جي ڀلائي ۽ استقامت چاهيان ٿو. مان سموريءَ انسان ذات جي نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جو خواهشمند آهيان. مان سڄيءَ دنيا کي سائو ۽ ستابو ڏسڻ چاهيان ٿو – اِهائي انسانيت سان محبت آهي، اهوئي سڀ کان اهم ۽ وڏو نعرو ۽ نظريو آهي.“ +انگريزيءَ جي هڪ شاعر، جان ڊرنڪ واٽر، فڪر ۽ نظريي جي هن آفاقيت ۽ زمين سان واڳيل هجڻ جي حيثيت ۾ وطنيت جي مڪاني پر عين انساني جذبي، يعني عالمي، شهريت ۽ وطني شهريت متعلق ڏاڍو هڪ بي مثل ۽ املهه خيال پيش ڪيو آهي – چوي ٿو: +”انسانَ منهنجا ڀائر – ويجها هجن، پري هجن، +”شال سڀيئي ڀائپيءَ جي ڏوريءَ ۾ خوش رهن – +”اِهائي سڄي منهنجي دعا آهي؛ سڀئي ويءُ ۽ سبزه زار +”روءِ زمين جا ۽،سج جي ڪوساڻ ۾ دلڪش ۽ سهانا آهن +”پر منهنجي اڳيان منهنجو ويءُ آهي؛ +آءٌ ٻئي ڪنهن جي ويءُ جو تاڪائو ناهيان. سنڌ جا ماڻهو، هِتي جا توڙي ٻاهر جي ٻيءَ سنڌ جا، جيڪي لطيف سائينءَ جي تعليم۽ فڪر جا پرورده آهن، تن کي آفاقيت ۽ وطنيت جي ڪنهن ٻئي وياکياڻ يا ڪنهن ٻيءَ تبليغ جي ضرورت ئي ڪانهي- هو اُنهن ٻنهي انساني اُمنگن جي الڳ الڳ اهميت ۽ انهن جي ڌار ڌار عمل ۽ اختيار جي دائري کان واقف آهن. هُنن لاءِ لطيف جي هيءَ دعا اِن سلسلي ۾ ڪافي آهي: +”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار! +”دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!“ +اسان سڀني کي احساس آهي ته اسين جيڪي هتي آهيون ۽ اسان جا اڳوڻا هم وطن ڀائر جيڪي هُتي آهن، سي ڏاڍن ڪن مشڪل مسئلن سان دوچار آهيون ۽ پنهنجي پنهنجي مخصوص حالتن هيٺ اسين بيحد دکي آهيون. پر اسين پنهنجا مسئلا حل ڪنداسين ۽ اسان جا دک لهندا. منهنجي استاد، سائين رام پنجواڻيءَ، جو پڙهيل دعائيه ڪلام ان سلسلي ۾ اسان جي دلين کي آٿت ڏيڻ، اسان جي ايمان کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسان جي همت ۽ حوصلي کي بحال رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪافي آهي. هيءُ دعائيه ڪلام به ڀيڻ ماهتاب جي ڪتاب ۾ درج آهي، جيڪو سائين رام پنجواڻيءَ، ماهتاب جي هڪ آڌرڀائي جلسي ۾ پنهنجي موتين جهڙن املهه گفتن سان ڀريل تقرير جي دوران پڙهيو هو. اسين جڏهن پنهنجن مسئلن جي سختيءَ ۽ پنهنجن دکن جي ڏاڍ کان پاڻ کي لاچار ۽ بيوس سمجهون ۽ آڏو ڪا رڪاوٽ ڏسي، ششدر ٿي، رڪجي بيهون، تڏهن اسان کي هيءُ دعائيه ڪلام اڳتي وک کڻڻ لاءِ اُتساهي سگهي ٿو ۽ اسان ۾ اُدم ۽ جاکوڙ جو نئون ساهه ڦوڪي سگهي ٿو ��� +ڪلام آهي ته – +”ڪشت ڪشالا ڪٽبا ايندا، هڪُ هڪُ ٿي هڪُ هڪُ ٿي؛ +”درد خوشين ۾ مَٽبا ويندا، هڪُ هڪُ ٿي هڪُ هڪُ ٿي؛ +”خشڪ فضائون پوريون ٿينديون، اري نيٺ بهارَ به ايندا؛ +”مُرڪي مُرڪي لُڙڪ ”وفا“ اکڙين ۾، جي پِي ويندين؛ +”راوڻ جي گهٽ گهيڙن کان واقف ٿي جي ويندين؛ +”مکڙيون اڄ جي آتيون آهن، نيٺ به گل ته ٿيندا؛ +”ڪنڊن جي سيجا تي پشپ پريون به ليٽيل آهن؛ +”ڪڪرن جي آنچل ۾ ڪرڻا به سميٽيل آهن؛ +”غم جا بادل گهٽبا ويندا، هڪُ هڪُ ٿي هڪُ هڪُ ٿي.“ +ڀيڻ ماهتاب جي هن ڪتاب جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن تي اسين سوچي سگهون ٿا ۽ جن کي اسين پنهنجي من ۾ سانڍي سگهون ٿا: مثلاً رڳو آزاد ۽ بيخوف ماحول کي ڏسجي ته پنهنجن مهمانن کي اُتي هو ڪيڏيءَ نه بي روڪ ۽ بي ٽوڪ محبت ۽ وشال خوشيءَ سان ملي سگهن ٿا ۽ پوريءَ دلجمعيءَ سان هنن جو آڌر ڀاءُ ڪري سگهن ٿا- اڪيلا اڪيلا ۽ پڻ گڏجي گڏجي! اسان جي به دل جي خواهش آهي ته اسان وٽ هِتي وٽانئن ڪو اسان جو مهمان ٿي اچي ته اسين به اُن جو اهڙو ئي ڀرپور ۽ پنهنجي پوري اختيار سان ايترو ئي بلڪ اُن کان به وڌيڪ دلي اُڌمي سان آڌر ڀاءُ ڪري سگهون. +مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا اسان جا سڄاڻ پڙهندڙ پنهنجيءَ فرصت ۾ ۽ پنهنجي پنهنجي خيال ۽ دلي ذوق جي روشنيءَ ۾ اُن جو پورو مطالعو ڪندا ۽ ائين سرحد پار اُن ٻيءَ سنڌ جي دل جو آواز به ڪنائي سگهندا ۽ اُن جي زندهه ۽ ڪومل روح جي خوشبوءِ محسوس ڪندا ۽ ماڻي سگهندا. +مون کي پڪ آهي ته ڀيڻ ماهتاب جو هيءُ ڪتاب ”اندر جنين اُڃ“، ادبي توڙي فڪري لحاظ کان، دنيا جي اڄوڪي عالمي ادب ۾ وڏو درجو لهندو ۽ اعليٰ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. +[1981ع] +اديب، ادب ۽ سچ جي تلاش +(حميد سنڌيءَ جي ڪتاب ”ويريون“ جي مهورتي جلسي ۾، تاريخ 10 سيپٽمبر 1981ع تي پڙهيل تقرير) +شروع ڪريون ٿا ڪتاب جي نالي سان، جو بيحد مناسب ۽ نهايت معنيٰ وارو آهي! ڪتاب جو نالو آهي ”ويريون“ – جنهن جي معنيٰ ”وِيڇا“ انگريزيءَ ۾ اُن کي Alienations (يا، واحد جي صيغي ۾ رڳو Alienation ٿو چئجي.) هيءُ لفظ Alienation مغرب جي دنيا جو، ادب ۾ تنقيد ۾ خاص طرح، ۽ عمومي طور علوم انسانيه (Humanities) ۾، داخل ٿيل نئون اصطلاح آهي. مغرب وارا پنهنجي علمي ڳالهين ۾ ائين نئين سج نوان اصطلاح ميدان تي آڻيندا ئي رهندا آهن – ڇو ته ائين هو پنهنجي ڳالهه کي زور به وٺائيندا آهن ۽ صاف به ڪندا آهن - ۽ اها لفظي يا اصطلاحي چٽائي، حال ونڊڻ يا حالي احوالي ٿيڻ جي مسئلي (Problem of communication) جي بنيادي ضرورت به آهي. سو، پنهنجي ڪتاب لاءِ هن نئين نڪور ۽ بنهه جديد قسم جي نالي جي انتخاب ڪرڻ تي اسين صاحب ڪتاب کي شاباس ضرور چونداسين. +اسان جو نوجوان يار، حميد سنڌي، هونئن به ڏک ڏيڻ جو ۽ جس وٺڻ جو ڪاريگر آهي – جا ڳالهه هن مان ظاهر آهي ته ڪتاب جي آخر ۾ هڪ رايو مخالفانه ۽ ڏهه رايا موافقت ۾ اڳو پوءِ آڻائي ڇڏيا آٿس. تنهن کان سواءِ، شروع ۾ ناشر طرفان ”ٻن اکرن“ ۾، 1960ع کان شروع ٿيل ”روح رهاڻ“ کي ”سنڌي ادب ۾ نون لاڙن جي علامت“ چئي، ۽ اها ڳالهه ٻڌائي ته ”اڄ به انهيءَ جا پيدا ڪيل اديب اهوئي ادب پيش ڪن پيا، جيڪو وقت جي ضرورت پئي رهيو آهي ۽ ڪنهن به دؤر ۾ مرڻو ناهي.“ ۽ خود پنهنجي طرفان پنهنجي ادبي پنڌن ۽ لاڙن کي ”اڻاوا پنڌ- اڻاوا لاڙا“ چئي ۽ پنهنجن ”ساٿيئڙن ۽ سانگيئڙن“ کي للڪاري ته هو کانئس ”ههڙن اڻاون پنڌن ۽ لاڙن ۽ اڻائو واءُ ڏسي، منهن نه موڙيندا“ – سواءِ کيس ان سڄيءَ ڪاهو ڪاهه تي آفرين ۽ جس ڏيڻ جي اسان لاءِ ڪا ڳلي به ڪانه ٿي رهي. +انهيءَ ڪري اهڙيءَ ڪنهن خاص ۽ تفصيلي ڳالهه ڪرڻ بدران، آءٌ اوهان کان هتي هڪ عمومي ڳالهه ڪرڻ جي اجازت ٿو گهران. +انگريزيءَ ۾ چوڻ آهي ته "There is nothing new on this earth" – يعني ”هن ڌرتيءَ تي ڪابه شيءِ نئين ڪانهي.، شين جي سلسلي ۾ ته اها ڳالهه پڌري آهي، پر علم ۽ هنر لاءِ به ائين آهي – جيئن اوهان ٻڌو هوندو ته روشني ڇا آهي- بس، اوندهه جو هٽي وڃڻ، يعني روشني ته موجود هئي، رڳو اوندهه هٽائي ان کي دريافت ڪرڻو يا پڌرو ڪرڻو هو. سچ به ائين آهي. ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ ته ”مائيڪل ائنجيلو“، جنهن کي يورپ جي ”نئين سجاڳيءَ جي دور“ جي پهرين آواز ڏيندڙ فنڪارن جي سرواڻن سان ليکجي ٿو، چيو هو ته ”سنگمرمر جو جيڪو شاهڪار آءٌ تراشيان ٿو، سو سنگمرمر جي ڇپ ۾ اڳي ئي موجود آهي – آءٌ رڳو ان ڇپ جون زائد ڇپون ڇيڻيءَ سان ٽڪي، پري ڪري ٿو ڇڏيان، ۽ اها سهڻي من موهڻي مورت نڪري ظاهر ٿِي ٿي پوي!“ مطلب ته ائين اهو لفظ Alienation به، انگريزيءَ ٻوليءَ يا ٻين يورپي ٻولين ۾، لاطيني ٻوليءَ جي بنياد جو، (فرينچ ٻوليءَ ۾ Aliene ۽ اسپيني ٻوليءَ ۾ Alienado، بمعنيٰ چريو، ٿڙيل) اڳي ئي موجود هو، جنهن جي معنيٰ ويڇو، علحدگي، بيگانگي، بيزاري (بلڪ پاڻان وڃڻ، چريائي ۽ مالڪ يا ڌڻيءَ جي تبديل يا ڦيرو به) هئي، ۽ اڄ به ان جون معانئون اهي آهن، ۽ انهيءَ معنيٰ ۽ مفهوم وارا اهي لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ به اصل کان موجود رهندا آيا آهن. جڏهن ته هيءُ لفظ، سوڌجي سنوارجي، مغرب ۾، ادب ۽ علم جي دنيا جو هڪ فني اصطلاح بڻيو، تڏهن ان جا نه رڳو اهي سڀئي مفهوم قائم رهيا، پر انهن ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ وسعت آئي ۽ ان جو نئون مطلب ٿيو: ”پاڻ کان يا پنهنجي وجود سان واڳيل مقصد يا دنيا کان ڇڄي وڃڻ، انهن کان بيزاري يا ويڇو، پاڻ وڃائي ڪنهن ٻي شيءِ ۾ پاڻ ڏسڻ، پنهنجي راءِ يا مرضي ڇڏي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ يا شيءِ جي راءِ، مرضي يا تقاضا سان وابسته ٿيڻ يا ان جو پاڻ کي باندي بنائڻ“ – اهو پنهنجي ضابطي مان نڪري ٻئي جي قبضي يا ضابطي ۾ اچڻ، يعني هڪ ناتي ٽٽڻ ۽ ٻئي ناتي جڙڻ جو معاملو مختلف مرحلن ۾، مختلف سببن ڪري، ۽ مختلف نوعيت جو ٿئي ٿو، ۽ ادب، علم ئي ان جي اثر بابت مغرب جي دنيا ۾ ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويا آهن. +هتي پهريائين جتي اسان پنهنجي ڳالهه ڇڏي هئي، يعني ”جس کٽڻ ۽ جس وٺڻ“ جي ڳالهه – ان سلسلي ۾ هن ناتي بدل، علحدگيءَ يا پاڻان وڃڻ بابت هيئن چئي سگهجي ٿو ته جنهن مقصد يا ان جي ڪم مان جس – دل جي يا ٻاهرين – ملڻي هجي، ان مقصد يا ڪم کان، ڪنهن به سبب ڇڄي، علحده ٿي، رڳو ان سان لاڳاپيل يا ان کان متوقع جس جو هيراڪ، عادتي ۽ عاشق بنجي، ان جي سڪ ۾ پاڻ وڃائي ڇڏجي – بجاءِ ذهن ۽ دل تي مقصد ۽ ڪم جي ڌُن يا تصرف هئڻ جي، ان جي رڳو جس جو باندي بنجي وڃجي- اها آهي انگريزي ٻوليءَ جي جديد علمي اصطلاح Alienation جي معنيٰ واريءَ ناتي بدل يا بيگانگيءَ جي هڪ صورت – بيگانگي (وِيري يا وِيڇو) پنهنجي وجود کان، پنهنجي آزاد ارادي يا مرضيءَ کان، پنهنجي دلي مقصد ۽ ان جي ڪم کان، ۽ وابستگي (يا لڳاءُ) پنهنجي وجود، پنهنجي مقصد يا ڪم کان ٻاهر ڪنهن ٻيءَ شيءِ سان، ڏکِ يا ڏيکاءُ به اتان ٿو شروع ٿئي. منافقت، موقع پرستي ۽ فرار به اتان ۽ غداري يعني مخالف ڌر جي بعيت ۽ ٻانهپ ۽ پنهنجي بنيادي سِرسيتاين ۽ وفادارين جي مٽ سٽ به انسان تي سرجي. پنهنجي شخصيت جو قدر به ختم ۽ پنهنجي ذاتي جوهر شناسيءَ يا خود آگهيءَ جا سلسلا به ختم، ۽ ماڻهو پاڻ يا پنهنجي ذات کان ٻاهر، پنهنجي ئي گهڙيل ٺاهيل، بيڪار ۽ بيسود ڪنهن ڳالهه، شيءِ، ”بُت“ جي ٻيلپڻي ۽ پ��ستاريءَ ۾ پنهنجو قدر ۽ پنهنجو شان ڳولي ٿو، ۽ سمجهي ٿو ته اُهو ائين کيس ملي به ٿو. انهيءَ طرح هو پاڻ کان پري ٿي، پاڻُ وڃائي، هڪ آزاد ۽ خودمختيار انسان مان ڦري محتاج ۽ غلام بنجي پوي ٿو. +اڄ اسان جي ادب ۽ علم جي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترا پراڻا فرد ۽ ادارا انهيءَ ويڇي يا بيگانگيءَ جي ڪرشمي جا شڪار آهن، ”پيڙهي وڇوٽيءَ“ Generation Gap جي ڏيکاءَ جو سطحي منطق به اتان اُپجي ٿو – ڇو ته نئين نسل جا جوان هڪ ته ايترو وڌي آڏو آيل نه هوندا آهن، ۽ ٻيو ته زندگيءَ جي مجبورين ۽ مفادن جي وابستگين تان گهڻي قدر آزاد هئڻ سبب اُهي پنهنجي ذات سان زياده وفادار ۽ پنهنجي راءِ يا مرضيءَ سان وڌيڪ لاڳاپيل رهن ٿا، ۽ ٽيون ته هو اڃا پنهنجن مقصدن ۽ اصولن جي ڳولا ۾ هوندا آهن – تنهنڪري انهن جي ”ناتي بدل“ يا علحدگيءَ جي عمل جو دور شروع ئي ڪونه ٿيل هوندو آهي. انهيءَ ڪري علحدگي، ناتي بدل يا وفادارين جي مٽ سٽ جا مثال وڏيءَ پيڙهيءَ ۾ تعداد ۾ به وڌيڪ ۽ منظر عام تي به وڌيڪ ايندا رهن ٿا. +علحدگيءَ جو شڪار شخص مطمئن ڪونه ٿو رهي، ڇو ته هو پاڻ کان به پري ٿيل ۽ ڌار آهي ۽ ٻين کان به – يعني پنهنجي سڄي ماحول کان – ذهني توڙي طبعي حالات ٻنهي کان: بيزاريءَ ۽ ڌاريائپ جي ان فضا ۾ هو نراسائيءَ (مايوسيءَ، ويڳاڻپ) جو شڪار ٿئي ٿو، يا نموديت جو، يا نامعقوليت جو. هنن ٽنهي ڪيفيتن ۾، هو تنگ ۽ بيواهو ٿي، نيڪ ۽ بد جو فرق وساري، خون وهائڻ تائين به، ۽، ديوانگيءَ ۾ پهچي پاڻ کي سڃاڻڻ کان ٻاهر ٿي هو آتم هتيا تائين به، پهچي ٿو. علحدگيءَ جو شڪار شخص ڌرتيءَ تان مٿي هلڻ گهري ٿو. يعني هن جا مقصد به غير معقول، اميدون به غير معقول ۽ انهن جي حاصلات لاءِ هن جون ڳالهيون ۽ ڪم به نمودي يا غير معقول ٿين ٿا. هو پاڻ کي ۽ پنهنجي صورتحال کي غير معمولي ٿو سمجهي، ۽ ماحول تي ڌاڪ ويهارڻ ۽ پاڻ کي ڪا شيءِ ثابت ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾، خرچ پکي ۾، ڪپڙي لٽي ۾، هلت چلت ۾، هو پنهنجي آس پاس کي حيرت ۾ وجهڻ گهري ٿو، ۽ پنهنجي ان عمل ۽ ڳالهين ۾ ممڪن ۽ ناممڪن جون حدون لتاري، پڇاڙيءَ ۾ دنيا کي خود پنهنجي برباديءَ ۽ موت جو ناٽڪ رچائي ڏيکارڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو. اهي عمل علحدگيءَ جي شڪار ٿيل شخصن جا هروڀرو ۽ هر حالت ۾ ايڏي انتها تائين يعني جيون هتيا يا آتم هتيا تائين نٿا پهچن. بلڪ وڏي انهن جي اڪثريت پوريءَ ديوانگيءَ تائين به ڪانه پهچندي آهي. ڇو ته زندگيءَ ۽ ان جي رڳو موجود هجڻ جي لطف ۽ مسرتن جي ڪشش يا تقاضا کين مطلقاً پاڻ مان هٿ ڪڍڻ جي اجازت يا وٿي ڪانه ٿي ڏئي. ۽ پوءِ هو جڏهن هڪ منزل تي پهچي ترسن ٿا يا ڪجهه موٽ کائين ٿا، تڏهن پنهنجي ۽ ٻين جي قدر کان خالي ۽ مقصد کان هٽيل پنهنجي زندگيءَ کي هو صرف ”ڪاميابيءَ جي بُت“ تي نڇاور ڪري ڇڏين ٿا – ڪاميابي، جنهن جي معنيٰ وٽن خوش پوشي، خوش خوراڪي ۽ خوشحاليءَ کان سواءِ ٻي ڪانه هوندي آهي - ۽ ان لاءِ هو پنهنجي نراس ۽ ٿڪل ذهن کي پنهنجي صفائي ۽ جذباتي بليڪ ميل لاءِ، نمودي صلاحيتن کي پنهنجن اقتداري آقائن جي رضا جوئيءَ لاءِ ۽ نامعقول ڳالهين ۽ حرڪتن کي انهن جي ۽ پنهنجي خوشطبعيءَ ۽ خسيس عيش ڪوسيءَ ۽ خوش وقتيءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. +نراسائي (Despair) ڏِک يا نموديت (Dandyism) ۽ نامعقوليت (Absurdism) دراصل پنهنجي ماحول جي ڏنگائيءَ ۽ ڏاڍ کان بيزاريءَ جو اظهار آهن. ڪٺور ۽ ڪُرِيتيءَ ماحول کان بيزاريءَ جو اظهار يا ان جو ردعمل، انفرادي ۽ پڻ سماجي، هڪ ٻيو به ٿيندو آهي، جنهن کي بغاوت (Rebellion) جو ردعمل چئجي ٿو. ۽ هيءُ بغاوت جو ردعل ئي، فرد جي حالت ۾، اثباتي، مقصد وارو ۽ قدر ڀريل زندگيءَ جي فروغ ۽ ترقيءَ جي جامع انساني ڪوشش ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۾ جنبي وڃڻ لاءِ هائوڪاري ردعمل آهي. اديب، ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي قدر کي سمجهڻ وارو، سيکارڻ وارو ۽ وڌائڻ وارو هڪ سياڻو سگهارو ۽ خاص ماڻهو آهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڪم ۾ بغاوت جي ردعمل جي پرورش ڪري ٿو ۽ ان لاءِ هو پنهنجن افسانن، ڊرامن، شعر شاعريءَ ۾ ٻيءَ هر ادبي پيشڪش ۾ اهي ڪردار اپائي ٿو ۽ سندن اهي امنگ ۽ خيال اڀاري ٿو، جيڪي بغاوت جي ردعمل جا ترجمان هجن ۽ ان جي پارن پتن ۽ نقشن نشانن جا ٻڌائيندڙ هجن ۽ ڏيکاريندڙ هجن. +دنيا جي هر اعليٰ ادب، ۽ اسان لاءِ خاص طرح اسان جي سنڌي ادب، جو بنيادي شان ۽ سچي فضيلت انهيءَ هڪ چوڏس انساني ترقيءَ جي محرڪ روايت ۾ موجود رهي آهي- يعني هِن روايت ۾ ته ”ماحول جي فريب ۽ تشدد، ڏيک ۽ ڏاڍ جي خلاف بغاوت جي ردعمل جي پرورش زنده رهي.“ اسان جي دانشمند ۽ سڄاڻ شاعر، شاهه عبداللطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ باغي ڪردار تخليق ڪيا آهن، جيڪي ”حقيقتن کي بدلائي نين حقيقتن کي قائم ڪرڻ“ جو حوصلو ۽ همت رکندڙ هئا ۽ اُنهيءَ اعتماد ۽ اميد ۾ هنن خوشيءَ سان وڌي موت کي به قبوليو ٿي. شاهه سائينءَ پنهنجي سڄي رسالي ۽ رسالي جي سڀني سُرن ۾ ڪوبه نراس، نمودي يا نامعقول ڪردار تخليق ڪونه ڪيو آهي. سندن سڀ ڪردار انسانيت جي اعليٰ قدرن جا حامي، ڪوڙ ۽ ڏاڍ جا باغي، خوددار ۽ باوقار، ڪوشش ۽ ڪم جا پتلا، پنهنجي منزل تي پهچن ۽ مقصد عظيم جي حاصلات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چاهيندڙ – پنهنجي ارادي ۽ مرضيءَ جا اڏول محافظ، انساني زندگيءَ جي احترام ۽ ان جي پاڪ نعمت جا هر طرح لائق، مڪرم ۽ محترم، فاني ۽ لافاني عام انسان هئا. +شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ نراسين، نموديت ۽ نامعقولن جو به ذڪر ڪيو آهي، پر مزاحيه انداز ۽ ادا سان نه، فقط ملامت طور، ۽ کين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ – مثلاً انهن لاءِ چيائون ته: +انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کائيين؟ +اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ! +تَنَ طبيبُ نه تون، سڌ نه لهين سور جي، +سانڍ پنهنجا ڍڀڙا، کڏ کڻي مَ ڀون … +جي تو سڪڻ سکيو، ته ڪاتيءَ پَئي مَ ڪنجهه، +سپريان جي سُور جو، ماڻهن ڏجي نه منجهه … +پتنگ چائين پاڻ کي، پسي مچ مَ موٽ، +اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين. +ڌُوڌا تون ته ڌئنين آڳ اوڏو نه وڃين، +اُلا، جي عشق جا، سي تان تون نه سهين، +اُڀو ائين چئين، ته آءٌ آڳڙيو آهيان! +صوفي چائين، سَڌَ ڪرين، صوفين اِيءَ نه صلاح، +ڪاٽي رک ڪلاهه، وجهه اڇلي آڳ ۾. +اکر پڙهي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪماءِ؟ +پيرئين، ڀانئيين، ايڏان ائن نه آءُ، +ورق ورائين وِترا، مُلان مُٺيئي ماءُ…… +جئن جئن ورق ورائين، تئن تئن ڏٺو ڏوهه، +تنهن ڪهڻيءَ ڪبو ڪوهه، جي رهڻيءَ رهيو نه سپرين؟ +عاشق ائين نه هُوءِ، جيئن تون سڄين آڱرين، +اڃا تو منجهاءُ، ڪک ڇُتي رت نڪري. +منهن ۾ محبوبن جا ڪئن جهليندين گهاءُ؟ +سو تون ڪڄاڙياءُ، سڪڻ جون سڌون ڪرين! +سڪڻ ائين نه سَڌَ، جيئن لڪيو لياڪا پانئين، +پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ، +ايءَ پڻ ڪوڙي سڌَ، جئن کليو کايو سُمَهِين. +سڌڙيا شراب جون، ڪُهُه پچارون ڪن؟ +جُههُ ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن! +آيل اُن نه وسهان، هنجون جي هارين، +آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين… +جان وڍئين تان ويهه، نه ته ويٺو واٽ ونئن تون! +م ڪر سڌ شراب جي، جي تون ٽاريين ٽوههُ… +جوڳ نه جوڳو تون، ڪرين پچارون جوڳ جون! +جان ڪي جوڳي ٿيءُ، تا ته نرڄا ونئن نڪري، +ڪوهُو ٿو ڪَنَ ڪپائيين، جان نه سهين سيءُ! +ڀڄ! پراهون ٿي، متان ٻيا لڄائيين. +گولاجي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي، +ڦٽل سي ڦوڳي، جن شڪم سانڍيا. +وغيره، وغيره، وغيره. +هاڻي، ڳالهه جو ختمو وري به ڪتاب جي ذڪر تي ڪريون ٿا: ”ويريون“ ڪتاب جو مصنف، اسان جو عزيز دوست حميد سنڌي اسان جو هڪ محترم ۽ جاندار اديب رهيو آهي، ۽ سنڌي ادب جي بنيادي شان ۽ فضيلت جو شناسو، ۽ ان جي باغي روايت جو وارث آهي. پنهنجي هن ڪتاب جو نالو، جو هن ”ويريون“ رکيو آهي. تنهن لاءِ آءٌ هن کي شروع ۾ ئي مبارڪون ڏيئي چڪو آهيان- ڇو ته انساني ماحول جون ٺاهه ٺڳيءَ ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ، چٺ ۽ لٺ، ڏٽي ۽ ڏنڊي، ڌوڪي ۽ دٻاءَ، فريب ۽ تشدد سان قائم ڪيل ۽ قائم رهندڙ اهي ويريون ۽ ويڇا، فرق ۽ علحدگيون، جيڪي مختصر افساني جي ادبي ڍنگ ۽ ادا وسيلي پاڻ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، تن سڀني کي ختم ڪرڻ، ۽ انهن جي جاءِ تي انساني برادريءَ جي اُها سڀ جي خير واري ۽ سڀ کي سک ۽ خوشي ڏيندڙ عمارت قائم ڪرڻ، جيڪا سڀني جي آزاد راءِ ۽ باهمي مرضيءَ تي بيٺل هجي- ادب جو ڪارج آهي ئي انهيءَ ڏس ۾ ٿيندڙ ڪم ۽ ڪوشش جي حمايت ڪرڻ، اُن ۾ حصو وٺڻ ۽ اُن کي وڌائڻ، لائق مصنف جو هيءُ ڪتاب افسانن جو مجموعو آهي، جن سڀني ۾ هن ڪيئي ڪردار ۽ انهن جا امنگ ۽ خيال، ڪافي دلپذير ۽ محبوبانه انداز ۾ پيش ڪيا آهن. منهنجي خيال ۾ ”ويريون“ افساني جو ڪردار اوستو شمس الدين باغي ڪردار آهي، ”ڌوپار“ جو ”باشو“ باغي آهي. ”روشن اونداهه“ افساني جو ڪردار ”ريشان“، ”ست پٽيتي“ ڀاڳل – مطلب ته ائين پڙهندڙ ۽ سندن لائق مصنف پاڻ ۾ اهي افسانا پيا پڙهندا. سمجهندا ۽ انهن ڳالهين جا فيصلا ڪندا. ڪي ڳالهيون، ڪي ڪردار، حميد دوست جي هنن افسانن ۾، نراسائيءَ، نموديت ۽ نامعقوليت جي ترجماني ڪندڙ به مون کي لڳا- ۽ ڪن جي پيشڪش جو انداز پورو علامتي به ڪونه لڳم. پر انهيءَ تفصيلي تجزيي جو ڪم هتي منهنجي وس کان ٻاهر آهي، ڇو ته ان جو هيءُ نه موقعو آهي نه وقت. هيءُ ڪتاب جي مهورت جو يعني هڪ صورت ۾ ان جي ڏِک جو موقعو آهي، ۽ هاڻي هن نشست کي ٿيندي ٿيندي دير به ڪافي ٿي چڪي آهي. +البت افسانه نويسيءَ جي سلسلي ۾، بنيادي قسم جي ڳالهه طور، آخر ۾ هي به چئي سگهجي ٿو ته افسانن جي موضوع جي تلاش، سماجي مسئلن جي چونڊ ۽ انهن جي وجود ۽ اظهار جي سماجي جڳهه ۽ جڙت جي دريافت – جيڪا لٿي پٿي خود افسانه نويس کي ڪرڻي آهي ۽ هو ئي ڪري ٿو، ان جو مدار خود هن جي پنهنجي سماجي وابستگين ۽ حالات تي رهي ٿو. جيترو ڪو اديب زندگيءَ جي ويجهو ويندو ۽ ان جي وسيع ڪينواس تي نظر رکندڙ هوندو، اوترو هن جا موضوع ۽ انهن جا اظهار ڪارائتا ۽ جاندار هوندا. اهڙيءَ طرح اسان جي هن انساني دنيا جا ڪي سماجي موضوع، ڪي مسئلا ۽ ڪي انهن جا ڪارج، لاڳاپا ۽ عوامل اهم ٿين ٿا ۽ ڪي غير اهم، ڪي گهٽ اهم ۽ ڪي وڌ اهم، ڪي وقتائتا ۽ ڪي بي وقتائتا ٿين ٿا. افسانه نويس کي پنهنجي موضوع جي چونڊ ۽ ان جي اظهار لاءِ ان بنيادي ڳالهه جو خيال بهرحال ڪرڻو ئي پوي ٿو ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ مون تازو هڪڙي انگريزي اديب ۽ نقاد جو ڏاڍو دل ۾ گهر ڪندڙ هڪڙو خيال پڙهيو، جيڪو هتي، هن موقعي تي، ۽ جيڪا مون مٿي ٿوري تفصيلي هڪ عمومي ڳالهه ادب ۽ تنقيد جي علمي دائري ۾ ”ويرين“ يا ”علحدگين“ جي مسئلي بابت، ۽ ان جي حوالي سان اديب ۽ دانشور جي سماجي ديانتداريءَ ۽ سرسيتائيءَ بابت، پيش ڪئي آهي (جنهن جو ڪو خاص تعلق، آءٌ معترف آهيان، هن ڪتاب سان يا ان جي لائق مصنف سان ڪونه هو)- ان جي پيش منظر ۾ اوهان کي انهيءَ دانشمند انگريزي اديب ۽ نقاد جو اهو خيال پڙهي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان. +هيءَ خيال هڪڙي آمريڪي عالم پال بازن (Paul Bazan) جو آهي، جيڪو هن پنهنجي هڪڙي مضمون ۾ پيش ڪيو، جنهن جو حوالو هڪڙي ٻئي ڪتاب Bangla Desh- The Unfinished Revolution جي پيش لفظ ۾ تازو منهنجي نظر مان گذريو ۽ ايترو مون کي وڻيو، جو هِنن ئي ٿورن ڏينهن ۾ اُن خيال کي آءٌ هڪڙي پنهنجي ٻئي مضمون ۾ به آڻي چڪو آهيان- پر سوچيان ٿو ته جڏهن ڪُوڙ اڄ ايڏو پيو ڪُٽجي تڏهن سچ ڳالهه ڇو نه وري وري ٻڌائجي ۽ نشر ڪجي! +بازن، پنهنجي مضمون ۾، چوي ٿو: ”دانشور جو دلي لڳاءُ يا هن جي سر سيتائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش جي فرض سان آهي … پر انهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هن جي بنيادي ذميواريءَ جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اهو ناهي ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اهو به آهي ته ”موجود حالت“ ۾ سچ ڇا ۾ آهي ۽ ڪهڙي شيءِ بابت اهو نه پيو ٻڌايو وڃي … ائين سماجي ۽ خاص طور، رياستي يا حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ”سچ ڇا ۾ آهي“ ان ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ ان جو اظهار اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت، بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ انهيءَ طرح ان قسم جي سچ جو پيڇو ۽ ان جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ”موجود صورتحال“ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف، ان شيءِ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، ان شيءِ جي سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سڄيءَ ان شيءِ جي الڳ الڳ حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ لاڳاپن کي ڳولڻ ۽ پڌرو ڪرڻ- انهيءَ علمي ڪوشش ۽ فڪري عمل تي اڪثر پيشورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تڏ ۽ تاب، عدم تعاون ۽ اذيت، ظاهر ظهور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿين ٿيون … انهيءَ ڪري سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو شرط آهي. ٻيو ان جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽ عقل تي مبني تحقيق، [سچ جي ڳولا] جيڏانهن به نئي، ان کي اوڏانهن نيڻ لاءِ تيار رهڻ- هر موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ- بي قياس انهيءَ معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن هٽندي. انهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ سماجي نقاد آهي – هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي [شين جي، ڳالهين جي] سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ۽ ائين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني ۽ وڌيڪ عقلائتي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي رنڊڪون آهن، انهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگاري ٿيڻ … انهيءَ ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ انهن جي ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ، جيڪي ”موجود حالت“ کي محفوظ رکڻ چاهيندا آهن، لازمي طور هو هڪ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي، ۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هن کي ”خيالي جنت ۾ رهندڙ“ يا ”درويش قسم جو ماڻهو“، ۽ بري کان برو، ته هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن … اهڙين حالتن ۾، دانشور جي ڪردار ۾ سرسيتائيءَ جي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ۽ ان تي وري وري زور ڏيڻ هڪ تمام وڏي ۽ نهايت اهم ۽ فوري ضرورت واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي ڀاڳ جي حوالي اها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو انسان دوستيءَ ۽ عقل، ۽ انهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت کي نابودي کان بچائي- جيڪي ئي بني نوع انسان جي سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي ورتا آهن.“ +[1981ع] + + +”اکيون پَسي آئيون“ +دين محمد اڪرم ٻورڙائي، دادو. +اسان جي سليم طبع ۽ سٻاجهي دوست، ميان دين محمد ’اڪرم‘ ٻورڙائيءَ جي ڪلام جو هيءُ مجموعو آهي، جو ’اکيون پسي آئيون‘ جي نالي سان پيش ٿي رهيو آهي. حمد ۽ نعت جي الاتوهار سان هيءُ مجموعو پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جيئن ته غزل (جملي 36)، نظم (42)، رباعيات (82)، قطعات (48) ۽ آخر ۾ ابيات (25). سندن بيت ”سوني ڌرتي سنڌ جي“ عنوان هيٺ سرسامونڊي، سر رامڪلي، سر سهڻي، سر سارنگ، سر سورٺ ۽ سر گهاتوءَ جي ضمن ۾ رچيل آهن. قطعات ۾ حمديه ۽ نعتيه قطعن کان پوءِ پاڻ تقوا. نيڪي، عزت، عمل، حيا، بيداري، امانت، عقلمندي، ليڊر، غريب، حق، اناالحق، محنت ڪش، آرياڻي، نوري نماڻي، بڊي جهڙا سانوڻ، ڌاريا ۽ ڌُريا، عرش برين، الله منهنجو رهبر، وغيره، جي عنوانن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندن رباعيات جي بندش نون (9) جدا جدا بحرن ۾ ٿيل آهي، جا شعري فن ۾ سندن استادانه استعداد جي ساک ڀري ٿي. مجموعي ۾ نظمن جا موضوع به سندن فڪر رسا ۽ حسنِ انتخاب جي شاهدي ڏين ٿا، مثلاً: زماني جي هوا، حصول زندگي، وطن سلامت، قيامت جو منظر، وقت جي تقاضا، ديد تابائي، نگاهه مرد مؤمن، قوت سڪندري، وصف ايماني، پنهنجي هستي، دل دريا، ادب ۽ علم جون ڳالهيون، اباڻن جا پکڙا، بهار بي خزان، وغيره، جن سڀني بابت باذوق پڙهندڙن تي ”اکيون پسي آئيون“ جي سبيل جا ذاتي ۽ مستند، شاعر جا القائي ۽ وجداني مشاهدات ۽ قلبي واردات هن مجموعي ۾ مرحمت ٿيل آهن. +حضرت ”اڪرم“ ٻورڙائي سنڌي ادب جي هڪ محڪم شعري روايت ۽ درايت جو پختو ۽ بزرگ شاعر آهي. سندن هن بي بدل ڪاوش ۽ املهه پيشڪش تي اسان جي شعري عالمَ جي ٽن والاقدر بزرگن – محترمي قبله حضرت الحاج حافظ محمد احسن چنه صاحب، دوست مڪرم جناب احمد خان ”آصف“ صاحب، ۽ شعري علم و فن جي شهسوار، عزيزي ميان عبدالقيوم ”صائب“- جا تقريظي نوٽ به شروع ۾ درج آهن. +هر ادبي ۽ فني شهپاري جي وٿ جي ڪٿ بالآخر اصحاب حسن و دانش جي نقد و نظر تي موقوف هجي ٿي. انهيءَ اميد ۽ اعتماد سان ته دلي اخلاص ۽ محبت جي هن پيشڪش جو محل و منصب به ائين بقدر اصل مقرر فرمايو ويندو، هيءُ مجموعو بنام ’اکيون پسي آئيون‘ سنڌي ادب ۽ شعر جي نقطه نواز ڄاڻن ۽ پارکن آڏو حاضر آهي – +گر قبول افتد زهي عز و شرف. +[1983ع] +چترليکا (ناول) +ڀڳوتي چرن شرما، سنڌيڪار: رشيد ڀٽي +اخلاقيات خالص هڪ سماجي علم آهي. اُن جو بنياد انساني آزاديءَ تي ۽ اُن جو واسطو انساني زندگيءَ سان آهي. اخلاقيات جي واسطي ۽ بنياد بابت ٻيو ڪو ماورائي تصور فقط افادياتي اهميت جو، ۽ انهيءَ ڪري تاريخي نوع جو، ۽ انهيءَ ڪري مائل بتبديل ئي ٿي سگهي ٿو. اخلاقيات جي سڄي ارتقائي حقيقت اُن جي اِن واسطي جي وسيع ۽ ارفع ٿيڻ جو مظهر رهي آهي. ڪيتري قدر ڪنهن وقت انساني ارادو جبر کان آزاد ۽ پنهنجي اوسر ۽ تربيت ۾ پاڻ- وَهيڻو آهي، ڪيتري قدر اُن جو وسيع کان وسيع تر عمل انساني زندگيءَ جي امن ۽ عافيت جو سبب بڻجي ٿو – اخلاقيات جي سڄي تشڪيل ۽ تربيت جو رخ توڙي رستو اِهو رهيو آهي ۽ ائين رهڻو آهي. +مذهبَ انساني تهذيب جي هن بنهه بنيادي ڳالهه يا مسئلي، يعني اخلاقيات متعلق، پنهنجي فڪر ۽ عمل کي رڳو مالداريءَ ۽ جنسيت (’زر، زمين ۽ زن‘) تائين محدود پئي رکيو آهي - ۽ پنهنجي لاتعداد سالن جي طويل تاريخ ۾ اُن جو حل يا رستو فقط ۽ فقط انهيءَ زر، زمين، زن‘ جي ذاتي ملڪيت جي سرشتي ۽ اُن بابت ’منع ۽ اجازت‘ جي نظام هيٺ پئي ڳوليو آهي ۽ نافذ ڪيو آهي، جنهن جي سَنَدَ ۽ پُشتي ارضي ۽ سماوي ’فرمانن‘ ۽ اُنهن جي تعميل لاءِ ’جزا ۽ سزا‘ جي لوڀ ۽ ڊڄ جي رٿابندين تي ئي موقوف پئي رهي آهي. انسان جي آزاد ارادي يا مرضيءَ جي عمل جو اِن ۾ گهڻو يا خاص ڪو ��خل تسليم نه پئي ڪيو ويو آهي. اِن ئي سلسلي ۾ تَرڪُ ۽ نفس ڪُشِي، تياڳُ ۽ تپسيا به انساني ارادي يا مرضيءَ تي جبر جا ۽ آخر ۾ اُن جي آڏو مُڪتي ۽ نجات جا پُرڪشش ۽ ڪافي ڪجهه سهل ۽ ڏيکاءَ وارا طريقائي پئي رهيا آهن. +پاپ ۽ پُڃَ، گناهه ۽ ثواب جي هِن تخصيص ۽ ضبط و نظم کان، بهرحال، انساني عقل ڪڏهن به پوريءَ طرح مطمئن نه پئي ٿيو آهي، ۽ اُن بابت سدائين ان جي آڏو وڏا وڏا سوال پئي اُٿيا آهن، ۽ وقت جي قبوليل ۽ چالو اهڙن سڄن مانڊاڻن کي اُن وري وري ۽ يڪسر پئي عدوليو ۽ رد ڪيو آهي، ۽ ظاهريت کان باغي بڻجي ۽ ’دَستور‘ جا ليڪا ڊاهي، وڏي واتِ، اِئين پئي دانهيو ۽ پڪاريو آهي ته، +”اُهي ’لَنڊيون‘ لک لهن، جي ڏين ڏيهاڻي ڏَيهه کي، +سي ’سَتيوُن‘ ڪوهه ڪجن، جِي پنهنجو رکن پاڻ سين!“ +هندي ٻوليءَ جو هيءُ عظيم ناول ’چترليکا‘ به اهڙيءَ ئي هڪ دانهن، اهڙيءَ ئي هڪ پڪارَ تي ٻڌل ناول آهي، جنهن جا ترجما دنيا جي ڪافي وڏين ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. اسان جي روشن ضمير ۽ سڄاڻ دوست، محترم رشيد ڀٽيءَ، ڏاڍيءَ محنت ۽ پوري سليقي سان اُن جو هيءُ سنڌي ترجمو ڪيو آهي. مون کي پڪ آهي ته سنڌي ادب ۾ هِن ناول جو اضافو وڏو هڪ قدم شماربو ۽ اسان جي ادب دوست ساٿين لاءِ اُن جو مطالعو بيحد دلچسپ ۽ مفيد ٿابت ٿيندو. +[1983ع] +”عروض جا اهڃاڻ“ +ليکڪ ”صائب“ +ارسطوءَ شاعريءَ (شاعريءَ جي فن) کي ’نقاليءَ جو هڪ طريقو يا ڍنگ‘ ("a mode of imitation") سڏيو آهي- نقالي ’فطرت‘ جي، جنهن ۾ هُن ’زندگيءَ‘ کي به شامل ڪيو آهي.* ۽ ائين هُن ٻين لطيف فَنَن (رقص، موسيقيءَ ۽ مصوريءَ) کي به فطرت جي نقاليءَ جا ڍنگ سڏبو آهي. شاعريءَ کي هو فطرت جي، ’لفظن‘ ۾ نقالي سڏي ٿو. ۽ ائين موسيقي ’سُرن يا آوازن‘ ۾، رقصُ بت جي چنچلتا ۾ ۽ مصوري رنگن يا ٻين ٺوس مادَن ۾ فطرت جي نقالي سڏجي ٿي. +ڪُل فطرت يا اُن جي اڪثر جزن ۾ ٽن خصوصيتن جي بهرحال موجودگي تسليم ٿيل آهي: رَسُ (harmony) يعني جزن جي موافق ترتيب، تار يا تالَ (rhythm) جنهن جو واسطو وقت جي اڪاين سان آهي، ۽ لَئي (melody) يعني سُريلائپ يا ترنم، لطيف فنن مان موسيقي ئي هڪ فن آهي، جنهن ۾ فطرت جون اِئي ٽيئي خصوصيتون موجود هجن ٿيون. (۽ ان ڪري موسيقيءَ کي ’ڪامل فن‘ چئجي ٿو). مصوريءَ (چترڪاريءَ، مجسمه سازيءَ ۽ عمارت سازيءَ) ۾ رسُ يعني جُزائين موافق ترتيب ته هوندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اُن ۾ يڪجائيت ۽ سُڪون آهي، تنهنڪري اُن ۾ تالَ توڙي لئي جي گنجائش ڪانه ٿي ٿئي. رقصَ ۽ شاعريءَ ۾ رفتار ۽ رواني هئڻ سبب رسُ سان گڏ خاص طرح تالَ اُنهن جي نمايان خصوصيت هجي ٿي. +تالَ جو بنياد باضابطه وَرجاءِ تي هجڻ سبب، اُها هر هنڌ، پڻ موسيقيءَ توڙي رقص ۽ شاعريءَ ۾، هڪ ئي اصول هيٺ ڪم ڪري ٿي ۽ سڃاڻجي ٿي- يعني وقت جي اڪاين جي ڳاڻيٽي (ماپي) يا ڳاڻيٽن (ماپن) ۾، پر اُن جو نالو ۽ نظام يا سرشتو هر ٻوليءَ ۽ اُن جي بنياد تي بيٺل هر سَڀيتا يا تهذيب ۾ جدا جدا ٿئي ٿو، ۽ ڪافي پيچيدو هجي ٿو – جنهن جي سمجهڻ، سکڻ ۽ استعماليءَ کان سواءِ متعلقه سڀيتا جي متعلقه فن- موسيقي، رقص يا شاعريءَ – جي نه تخليق ٿي سگهي ٿي ۽ نه اُنهن تخليقيل نمونن جِي ڪا شمار ۾ اچڻ جهڙي ادائگي ئي ٿي سگهي ٿي. +اِن طرح اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي فن شاعريءَ جي ’تالَ‘ جي نظام جو نالو ’ڇند وديا‘ يا اُن جي مُوجد مهارشيءَ مهاتما پنگل جي نالي پٺيان ’بنگل گيان‘ آهي. اسان جي شعر جو سڄو ڪلاسڪي ذخيرو ۽ ڪافي حد تائين اسان جو جديد شعر – ڏوهيڙن، دوهن، بيتن، وائين، ڪافين، گيتن وغيره ۾ - اُن ’ڇند وديا‘ تي ٻڌل ۽ بي��ل آهي. +علم عروض، جنهن جي سڃاڻپ اسان جي محترم دوست عبدالقيوم ’صائب‘ پنهنجي قابل قدر ۽ وڏيءَ محنت ۽ سجاڳ سوچ سان لکيل ڪتاب ”عروض جا اهڃاڻ“ ۾ ڏني آهي. اُن جو سڌو ۽ اصلي واسطو، جيئن پاڻ به ڪتاب جي ابتدائي مضمونن ۾ ڄاڻايو اٿن، عربي ٻوليءَ ۽ عرب تهذيب جي فن شاعريءَ سان آهي – جيتوڻيڪ اُهو پوءِ فارسيءَ ۽ اردوءَ ۾ ۽، هڪ خاص دائري اندر، سنڌيءَ ۾ پڻ، خاص طور عربيءَ يا فارسيءَ کان ئي ان ۾ ڌارئين قصيدي، مثنويءَ، غزل، رباعي ۽ نظم جي صنفن لاءِ، قبوليو ويو آهي. ۽ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا اُهي محترم شاعر جيڪي شعر جي اُنهن صنفن ۾ طبع آزمائيءَ جو ذوق رکن ٿا، اُنهن لاءِ هِن ڪتاب جو مطالعو ۽ اُن تي ممڪن العمل عبورُ حاصل ڪرڻُ ازحد ضروري آهي. +ذاتي طور، منهنجي لاءِ خاص خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته عربي اصناف شعر و سخن جي ميدان ۾ اسان جا محبوب ۽ معزز سنڌي شاعر حضرات پنهنجي شعري ڪاوشن جي پرک پروڙ ۽ صحت لاءِ سَنَدَ طور هيلتائين، جو علم عروض تي لکيل ڌارين ٻولين جي ڪتابن ڏانهن رجوع ٿيڻ لاءِ مجبور هوندا هئا، سي هاڻي اهڙي ضرورت محسوس ڪانه ڪندا، ۽ اُن لاءِ اسان جي عزيز ۽ محترم دوست، صاحبِ علم و فن ۽ قادر الڪلام شاعر جناب ”صائب“ صاحب جو لکيل هيءُ ڪتاب ”عروض جا اُهڃاڻ“ هر طرح هُنن لاءِ ڪافي ۽ تسلي بخش ثابت ٿيندو. +[22-6-1987ع] +ڪويتا +اسان وٽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جا لفظ ”ڪَوِتا“، ”ڪَوِيتا“، ”ڪَوِي“ آهن، پر اُهي اسين گهڻو ڪم ڪونه ٿا آڻيون. ”ساميءَ“ اِهو لفظ ڪم آندو آهي: +ويدَ، پُرانَ، قرانُ، ڪَو، سڀني ۾ هڪُ سُوتُ، +سمجهي ڏس سامي چئي، لائي مَنُ مضبوط… +”ڪَوِتا“، ”ڪَوِي“ وغيره ”ڪَوِ“ اصل مان نڪتل آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوٽڻ“، ”کوجڻ“، ”جانچڻ“ وغيره. +اسان وٽ لفظَ ”شعر“، .شاعري“، ”شاعرُ“ به آهن، جيڪي ڌارينءَ ٻوليءَ جا آهن، پر اُهي اسين عام ڪم ٿا آڻيون. اُنهن جي اصلَ، ”شعر“، جي معنيٰ به لڳ ڀڳ اُهائي آهي، يعني ”ڄاڻڻ“، ”سمجهڻ“ وغيره. +اسان وٽ ٻيو به هڪ لفظ آهي، جيڪو اسين پنهنجي ”لوڪ شاعريءَ“ جي رچيندڙڻ لاءِ ڪم ٿا آڻيون- يعني ”سُگهڙ“، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ”لوڪ شاعريءَ“ کي ”جهنگلي طرح جو شعر“ سڏيو آهي، يعني جهنگ جو شعر، اُهو شعر جيڪو عام جهنگ جهر ۾ اڻ پڙهيل ۽ ٿورو ڪجهه پڙهيلَ به ٻڌَن ٿا ۽ ٻُڌائين ۽ ڳائين ٿا. ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ ”رهنماي شاعريءَ“ ۾ سنڌيءَ جي سرتاج شاعر، شاهه عبداللطيف جي واين لاءِ چيو آهي ته انهن مان ڪيئي بحر ۽ وزن تي پوريون ٻڌل نه آهن، جنهن مان سندن مطلب شايد اهو ئي هو ته اُنهيءَ ڪري اُهي ”شعر“ جي دفعي ۾ نٿيون آڻي سگهجن. شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي ته شاهه سائينءَ کي هڪ هنڌ ”سگهڙ“ ئي سڏيو آهي. انهيءَ ڪري لفظ ”سگهڙ“ کي سمجهڻ اسان لاءِ لازم ٿئي ٿو. +هيءُ لفظ ”سُـ“ اڳياڙيءَ ۽ ”گهَڙَڻُ“ مصدر مان ”گهَڙُ“ يا گهڙيندڙُ“ اسم فاعلَ جو مرڪب آهي. ”سُـ“ اڳياڙيءَ جون ٽي معنائون اسان وٽ عام ٿيون ٿيون، جن ٽنهي جو ”سُگهڙ“ لفظ ۾ موجود هجڻ اٽل آهي: سُـ معنيٰ ”سهڻو“، ”سٺو“، ۽ ”سچو“: پهرينءَ معنيٰ ۾ فن جي وصفن جو بيان، ٻيءَ ۾ خيال يا مطلب جي مفيد يا ڪارائتي هجڻَ ۽ ٽيءَ معنيٰ ۾ ان جي سچي يا صحيح هجڻ جو مفهوم موجود آهي. اِن خيال کان ”سگهڙ“ جو مطلب ٿيو سهڻا ٻولَ، سٺا يا مفيد ٻولَ ۽ سچا ٻول گهڙيندڙُ. ائين ”سگهڙ“ جي معنيٰ نه رڳو ٻول پر ڪي به سهڻا، سٺا ۽ سچا فنپارا جوڙيندڙ يا تخليق ڪندڙُ ٿي سگهي ٿي. +انهيءَ لحاظ کان اسين جڏهن پنهنجن لوڪ شاعريءَ جي رچيندڙن کي ”سگهڙ“ سڏيون ٿا، ته ان مان اسين انهن جي اوتريءَ ئي بلڪ پاڻ وڌيڪ عظمت جو حق ادا ڪيون ٿا جيترو اسين کين ”شاعر“ سڏي هوند ادا ڪري سگهون يا ادا ڪرڻ چاهيون. +زير نظر سنڌي لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب اسان جي محترم بزرگ فقير هدايت عليءَ جي ”سُگهَڙَتِ“ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پاڻ پنهنجي فن جون تقريباً سڀئي صنفون اسان کي ڏنيون اٿن، مثلاً بيت، ڪافيون، مداحون، مولود، سينگار، مناقب، ڏور، ڳجهارتون، هنر وغيره. +پاڻ پنهنجي دور جي سنڌي سگهڙن جي صنف اول جا سرمور هئا، ۽ پنهنجي هن املهه ڏات جي صورت ۾ اسان جي ادبي تاريخ ۾ سدا حيات رهندا. +اسان کي فقير صاحب جي لائق فرزند حسين بخش، جيڪو پاڻ به اڀرندڙُ سگهڙ آهي، ۽ پڻ سگهڙن جي مثالي قدردان ۽ دلي خدمتگار ٻيڙي فقير مرحوم جي پٽ ميان گل محمد، جيڪو به پنهنجي لائق پيءُ جي نقش قدم تي هلندي سنڌي ٻوليءَ جي سگهڙن جو اڄ اهڙو ئي خادم آهي، تن ٻنهي پنهنجن عزيز نوجوان دوستن جو شڪر گذار رهڻ گهرجي، جن جي همت ۽ ڪوشش سان، سنڌي لوڪ ادب جو هيءُ بي بها تحفو، هنئين سان مانڍڻ جهڙو، اسان جي هٿن تائين پهچي سگهيو آهي. شال فقير هدايت علي مرحوم جي روح کي خداوند تعاليٰ جي جوار رحمت ۾ جاءِ نصيب هجي، ۽ سندس هي ٻئي فدائي سدا شاد ۽ آباد هجن، ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجن نيڪ ارادن ۾ ڪاميابيون ماڻين – آمين. +م.ا.ج، حيدرآباد سنڌ، جولاءِ، 20، 1993ع +علم جي پروڙ +عزيز ڀينرو، عزيز ڀائرؤ، +حيدرآباد پبلڪ اسڪول جا پيارا شاگردؤ ۽ معزز استادؤ، منهنجا محب دوست پرنسپال جمال! +۽ اسڪول جي عملي جا ٻيا مهربان دوستؤ! +هن محفل جا قابل صد احترام مهمان، سنڌ جا امر عوامي شاعر، ابراهيم منشي صاحب! +آءٌ اوهان سڀني کي سلام ڪريان ٿو، ۽ اوهان جا دليان ٿورا مڃان ٿو، جو مون کي هن پنهنجيءَ مبارڪ محفل ۾ هيءَ صدارت جي عزت ڏني اَٿَوَ! +سنڌ جي سڄاڻ ۽ اڳواڻ شاعر محترم عزيز ابراهيم منشيءَ سان هيءَ شام ملهائي، سندن هيءَ عزت افزائي ڪري، اوهان پنهنجي عزت افزائي ڪئي آهي، ۽ پڻ هڪڙو وڏو مثال قائم ڪيو آهي – ٻين پاڻ جهڙن تعليمي ۽ تدريسي ادارن لاءِ ته اُهي اِن ڏس ۾ اوهان جي پيروي ڪن. +شاعرَ، اديبَ ۽ عالمَ هڪ پاسي ۽ معلمَ ۽ استادَ ٻئي پاسي: پر پيشي جي لحاظ کان هي ٻَئي هڪُ آهن، ٻنهي جو مقصدُ علم جو پاڙهڻ ۽ سيکارڻ ۽ سمجهائڻ آهي. +پر هڪ طرح شاعرُ، اديبُ ۽ عالمُ استادن جو به استادُ ٿئي ٿو، ڇو ته هو ئي پاڙهڻ جو نصابُ، ماڻهن لاءِ، قوم لاءِ، تيارُ ٿو ڪري، ۽ انهيءَ حساب سان ئي اُهي معلمَ ۽ استادَ جيڪي پاڻ شاعَر، اديبَ يا عالمَ هجن ٿا – علمَ، ادبَ يا شعرَ سان دلي شغفُ ۽ شوق هجين ٿو – سي وڌيڪ سُٺا ۽ ڪامياب استادَ ۽ معلمَ ثابت ٿا ٿين. +اِن سلسلي ۾ هيءَ به سمجهڻ جي ڳالهه آهي ته علمُ، شعرُ ۽ ادبُ جدا جدا فقط نالا آهن – پر اصل ۾ ٽيئي هڪ ڳالهه آهن، هڪ شيءِ آهن؛ ٽنهي کي گڏي ڄاڻ، سڃاڻپ يا معرفت ٿو چئجي، جا سچ پچ ته پنهنجيءَ جاءِ تي تمام هڪ وڏي ڳالهه آهي. +يورپ جي ماڻهن، 1700ع کان 1900ع تائين، فقط ٻه سؤ کَن سالَ علمَ کي علمُ ڪري سڃاتو، ته دنيا جا هو اڳواڻ بڻجي ويا، جيئن هو اڄ به آهن. +ياد رکڻ کپي ته جيئن علم وڌي ٿو، تيئن علم جي پروڙَ به وڌندي رهي ٿي. ڪنهن وقت علم کي رڳو پنهنجي ذات لاءِ پڙهبو هو، پوءِ علم کي پنهنجي جياپي لاءِ، معاش لاءِ، پڙهيو ويو، ۽ اڄ علمُ عملَ لاءِ، يعني گڏيل ڀلائيءَ لاءِ، ٿو پڙهجي، ۽ اِها علم جي وڌندڙ پروڙ اسان کي شاعرَ، اديبَ ۽ عالمَ ڏين ٿا. +اِن ڪري اسين به جيڪڏهن اڄ علمُ پنهنجي ذات جي پذيرائيءَ لاءِ نه، رڳو پنهنجي جياپي لاءِ نه، پر گڏيل ڪم لاءِ، قومي منفعت يا ڀلائيءَ جي عمل لاءِ پڙهڻ شروع ڪيون ته يورپ ٻن سؤ سالن ۾ پر اسين وڌ ۾ وڌ پنجاهه سالن ۾ ته پڪ ئي پڪ دنيا جي سڌريل قومن جي صف ۾ هوند بيهڻ جي لائق بڻجي وڃون. +پر اُن لاءِ اسان کي پنهنجن شاعرن، اديبن ۽ عالمن سان گڏجي يا پاڻ مان هر هڪ کي خود شاعرُ، اديبُ يا عالمُ بڻجي، پنهنجي تعليمي ۽ تدريسي ادارن ۾ وڏي شاعر سان اوهان اڄ هيءَ شام ملهائي ۽ هن جي قدر شناسي ڪري، سچ ته وڏو هڪ مثال قائم ڪيو آهي. ٻين پاڻ جهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پيرويءَ لاءِ، ۽ ائين اوهان گويا پنهنجو شانُ سڃاتو آهي، پنهنجو قدر ڪيو آهي، پنهنجي عزت وڌائي آهي. +منهنجي طبيعت ڪجهه ناساز آهي، دل جو عارضو اٿم. گهڻو ڳالهائي به نٿو سگهان. انهيءَ ڪري اوهان کان معافي گهرندي، اوهان جو وري به هيءُ احسان مڃان ٿو، جو اوهان مون کي هن سڳوريءَ شامَ جي صدارت جو شرف ڏنو. مهربانيون، اوهان جون لک مهربانيون، خدا حافظ. +[22-9-1994ع] +* ارسطوءَ جي مفهوم جي بهتر ادائگي شايد ”نقاليءَ“ کان لفظَ ”اظهار“ (expression) ۽ ”تصورائپ“ (idealization) ڪري ٿي سگهيا. ”نقاليءَ“ لاءِ لفظ ”ترجماني“ (representation) ۽ ”عڪسڪاري“ (reflection) به استعمال ڪيا ويا آهن. ڏسو ارسطوءَ جي ڪتاب "poetics" جو انگريزي ترجمو ۽ تفسير، بعنوان "Art of Poetry" از ڊبليو، هئملٽن فائيف، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، لنڊن. 1963ع. + + +پيغام ۽ شعر +پيغام: +* ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي سالنامي ڏانهن (1970) +* بسنت هال ۾ جشن روح رهاڻ، آچر 4- جون 1967ع لاءِ. +* ڪانفرنس ۽ ڪانفرنس کان پوءِ: (سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ لاءِ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي (1987ع) +* گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڍورو نارو، جي اولڊ بوائز ائسوسئيشن ڏانهن (1987ع) +* ٿاڻي بولا خان، ڪوهستان، جي اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سالياني 1987ع ”بارڻ“ مئگزين لاءِ +* سڪ ۽ سنديس: (روزانه نواءِ انقلاب سکر جي لائق ايڊيٽر مسٽر مقبول صديقيءَ ڏانهن لکيل خط +شعر: +* دعا: (سنت فرئنسيس) (انگريزيءَ تان ترجمو) +* جيئرن جي ڳولا: (جاويد شاهين). +* انگلنڊ جي ماڻهن لاءِ: (بي-بي-شيلي) (1822-1992ع). +* هڪ دعا، نئين سال لاءِ: نامعلوم شاعر (اصل انگريزيءَ ۾). +* او سنڌ: محمد ابراهيم جويو. +* منهنجا ٻچا: سروجني ديبي. +* ٽئگور جي نظم پڙهڻ تي سنڌي نوجوان جو ويچار. +* سنڌي ٻار جو سوال: جي. ايم. مهڪري. +* آءٌ ٻُڌ ناهيان: نِڌي ورما. +هونئن ته زندگي سڀ زندگي آهي – حيواني توڙي انساني – پر پوءِ به فرق ٻنهي ۾ ڏاڍو وڏو آهي. ۽ اُن فرق جي ظاهر ٿيندي ٿيندي، ۽ وڌندي وڌندي، لکن، ڪروڙن سالن جون وڇوٽيون وڌي ويون ۽ وچ ۾ احساسن، جذبن ۽ خيالن جي ڪائناتن جا ناقابل عبور مفاصلا پئجي ويا. اُنهن مان مکيه ۽ اُت نرالا امتياز چار سڃاتا ويا آهن: عقل (Reason)، آزادي (Freedom)، پيار (Love) ۽ ڪهل (Compassion). انساني زندگيءَ جي اِنهن چئن امتيازي سڃاڻپن مان پهريون ٻه انفرادي نوعيت جون ۽ آخري ٻه اجتماعي نوعيت جون آهن – جيتوڻيڪ ابتدا ۾ اِنهن پويُن ٻن سڃاڻپن جي ترغيب، عمل ۽ افاديت جو دائرو پڻ انفرادي ئي هو: عقل ۽ آزاديءَ جي اُمنگ جي اوائلي اوسر ذاتي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي حوالي سان، ۽ پيار ۽ ڪهل جي پنهنجي جنسياتي ساٿيءَ ۽ اُن ساٿ جي پُوچ جي حوالي سان. انساني زندگيءَ جي تربيت ۽ عروج جو ڪمال هي آهي ته اِهي چارئي اُن جون سڃاڻپون، پنهنجي عمل ۽ افاديت ۾ انفرادي دائري کان ٻاهر نڪري، وڌندڙ سماجي وستار سان وڌندي وڌندي، سڌر��دي سڌرندي – ڪٽنب، قبيلي ۽ جاتيءَ (ذات) کان ٿيندي- اڄ قومي زندگيءَ جي حوالي سان ئي تورجن ۽ ماپجن ٿيون: بلڪ فردَ (۽ ڪٽنب، قبيلا، جاتيون ۽ ٻيا ڪيئي گروهه)، وقت پِئي، قومي بقا ۽ بهبود لاءِ قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو حاصل بلڪ اُن جو اعزاز سمجهن ٿا: +تِکَ اندر تاريخ جي، جي تون سمائين؛ +متان اِئن ڀانئين، سارا لاش لُڙهي ويا. +سِرُ سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو، +ڪونهي تَنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀَ کان. +ٽِڙيو کڻن ٽارَ، سِرَ اُنهن جا سوڀ ۾، +مَري ملهيا يارَ، ويڙها سڀ واسي ويا. +هي جي جهَجها جهُڙ ٿيا، مٽيءَ مهَڪ اُٿي، +ڌرتي رتَ رتي، ڦولي لالُ لِيارُ جيئن. +م.ا.ج +(”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، مئي 1988ع، جي مهاڳ تان کنيلُ) +پيغام +ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان سندن سالنامو شايع ٿي رهيو آهي، اِها هڪ بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي. +سنڌيءَ ٻوليءَ سان اسان مان هر هڪ جولاڳاپو ذاتي طور به ڄائي ڄم جو آهي، ۽ سنڌ جيڪا اسان جي ماتر ڀومي آهي، ڪراچي اُن جو اُٽوٽ حصو آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ تي اِنهيءَ ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اِن کان گهڻو گهڻو حق آهي ته اُتان رڳو اُن جي سنڌي سوسائٽيءَ جي سال ۾ هڪ مخزن شايع ٿئي! +قومن ۽ ٻولين جو مسئلو هيلتائين اسان جي ملڪ ۾ رڳو سطحي ۽ جذباتي انداز ۾ ڏٺو، سمجهيو ۽ هلايو پئي ٿي ويو. نومبر 1968ع – مارچ 1969ع جي عوامي جمهوري تحريڪ هيءَ ڳالهه ثابت ڪئي ته هيءُ مسئلو هڪ بيحد اهم ۽ سنجيده مسئلو آهي. اسان جا سجاڳ ۽ باهمت نوجوان اڄ اِن مسئلي جي تاريخي صداقت سان گڏ اُن جي سياسي ممڪنات کان پڻ واقف آهن، ۽ اُن سلسلي ۾ قوم جي بي غرض خادمن ۽ سرفروش سپوتن جي حيثيت ۾ جيڪي فرض کين اڄ ادا ڪرڻا آهن ۽ جيڪي ذميداريون کين اڳتي سنڀالڻيون آهن، اُنهن کان پڻ هو باخبر آهن. +قومي زندگيءَ جي جنهن مرحلي مان اڄ اسين گذري رهيا آهيون، اُن ۾ خاص طرح اسان جي ڪراچيءَ جي نوجوان ساٿين کي، دُور رس نگاه ۽ اعليٰ حوصلي کان ڪم وٺي، پنهنجي مادر وطن جي سالميت قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، ته جيئن جتي جتي اِن سوال تي اڄ اسان جي قومي خود اعتمادي ۽ قومي غيرت لوڏي ۾ آيل ڏسجي ٿي، اُن ۾ ايمان ۽ استحڪام اچي ۽ اُن کي تازگي ۽ تقويت ملي. اِئين نه ٿئي، جو پوءِ اسان کي گڏجي افسوس جا هٿ مهٽڻا پون ۽ سسئيءَ نماڻيءَ وانگر ائين اوسارڻو پوي ته +غفلت يار گنوايو، ٻڙي جيڏيون! +ڪيئن ڪريان آءٌ، ڪوهه ٿيو! +اُن حالت ۾ تاريخ جو فيصلو ۽ دنيا جي قومن جي فتوا سنڌي قوم لاءِ اِها ئي ٿيندي ته +ڪجي جيئن ڪيچين لئه، تيئن تان ڪين ڪيوءِ، +وڃائي وڌوءِ، وک نه کنيئه هڪڙي! +زندگيءَ جو ميدان جيڪو اڄ اسان جي نوجوانن جي اڳيان موجود آهي، سو هڪ پڌري پٽ مقابلي جو ميدان آهي. هن ۾ موروثي اوليت يا برتري – دولت، اقتدار ۽ عزت جي سلسلي جي – قابل قبول نه آهي. اڄ خالص ”هيءَ گوءِ، هُو ميدان“ وارو معاملو آهي. نسل، قوم ۽ مذهب جو ليبُل پڻ هن کليل شرط جي هار ۽ جيت ۾ اڄ ڪا معنيٰ نٿو رکي. خود اڪثريت ۽ اقليت جي تقابلي وجود جي، معاشري جي تشڪيل ۽ ڪارڪردگيءَ ۾، فيصله ڪن حيثيت ختم ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن نه، ته ون – يونٽ، جنهن ۾ هڪ قوم وٽ مطلق ۽ قطعي اڪثريت سان گڏ پنهنجي سامراجي غلبي جي استحڪام جا سڀ مادي توڙي نظرياتي وسيلا موجود هئا، اُن جي خاتمي جا امڪان ائين ڪڏهن به اُڀري ڪين سگهن ها. اڄ جيئن قومن لاءِ تيئن هر قوم جي اندروني امن امان ۽ خوشحاليءَ لاءِ ”باهمي مفاد جي بنياد تي باهمي تعاون“ ئي سياسي اسم اعظم جو درجو رکي ٿو. دولت، اقتدار توڙي تعداد جي دٻاءَ واري اڄ نه ڪا حاڪميت هلي ٿي سگهي ۽ نه ڪا محڪوميت ئي برداشت ٿي سگهي ٿي. اِنهيءَ ڪري اڄ هر ڪنهن کي، پنهنجي انفرادي توڙي قومي مستقبل کي اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ خالص پنهنجين صلاحيتن تي ئي ڀاڙڻو آهي – اُهي ئي اڄ شخصن ۽ قومن جي بچاءَ ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهن. اميد آهي ته اسان جا عزيز ۽ لائق نوجوان ساٿي انساني تاريخ جي اِنهيءَ اڄ جي حقيقت کي هر حالت ۾ پنهنجي سامهون رکندا ۽ پنهنجي علمي توڙي عملي لياقتن ۽ صلاحيتن کي هر سطح تي وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا. اسان جون سڀ اميدون منجهن آهن. شال هو سدائين سکيا هجن، عزت سان جيئن ۽ همت ۽ شان سان اڳتي وڌن – آمين! جيئي سنڌ! +حيدرآباد - محمد ابراهيم جويو +فيبروري 1970ع +پيغام تن پرين جا +ڪَرَ کنيو ڪانگ لنئي، مُنيءَ تي مضبوط، +آڻيو ڏي آتڻ ۾، سنيها تابوت؛ +ڪانگل اَٿَون قُوت، پيغام تن پرين جا. +(لطيف) +* هر مهيني اوهان سان ۽ اوهان جي وسيلي سنڌ جي نوجوان اديبن سان ’روح رهاڻ‘ جو موقعو ملندو رهي ٿو. سنڌي ادب ۽ سنڌي سڀيتا هڪ رڻ ۾ ڄاول گل – ٻوٽو آهي، جيڪو صدين کان جهولن ۾ سٽبو رهيو آهي. اُن جي هر مهيني آبياري ڪندا رهون ٿا، اِهو ڪم اوهان سنڌ جي درد آشنا، باهمت ۽ هوشمند نوجوانن جو ئي آهي. اوهان ۽ اسان جا وڏا به اُن کي پنهنجي ساهه سان سنڀاليندا آيا آهن، اڄ اِهو اسان ۽ اوهان سڀني جو گڏيل ورثو آهي، ۽ پاڻ وٽ هڪ امانت آهي؛ اُن کي صحيح سلامت ايندڙ نسل تائين پهچائڻ اسان جو فرض آهي - +ڪَرهو ڪيسر آءُ، پَسو واڳ ولاڙيو، +ٻيٽو ٻاپ مُلاءُ، ذرو ضايع نه ڪري. +(شاهه) +سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم، قدامت جي لحاظ توڙي ذهني ۽ روحاني مرتبي جي خيال کان، دنيا جي قومن ۾ هڪ خاص مقام ۽ هڪ خاص اهميت رکن ٿيون. سنڌي ادب سندن اُن مقام ۽ اُن اهميت جو هڪ روشن نشان آهي. هِن اُٿاهه ۽ بي انت ڪائنات ۾ سنڌ جو به هڪ نقطو آهي، جو وقت جي آخري حد تائين قائم رهڻو آهي، ۽ ڪڏهن به ڪين مَٽبو. سنڌ جو هيءُ نقطو، ڪائناتي پيماني جي لحاظ کان، ڪيڏو به ننڍو ۽ نِٻل ڇو نه هجي، پر اُن جي پنهنجي حيثيت، پنهنجي سڳنڌ ۽ پنهنجو شان آهي، جنهن سان ئي خدا جي خدائيءَ جو هيءُ سڀَ – رنگي ۽ گهڻَ – روپي ٺاٺ قائم آهي. سنڌ جو باشعور اديب ۽ دانشور اِنهيءَ لاثاني ۽ لافاني نقطي جو اڄ پاسبان به آهي ۽ ترجمان به آهي – +اڄ آڳڙيا آئيا، سائُو ڪي سڄاڻَ، +لاهيندا مورياڻَ، رڪ ڪريندا پڌرو. +(شاهه) +سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ’روح رهاڻ‘ جهڙن سندن بيباڪ ۽ حوصله مند رسالن کي اسان جو سلام آهي. شال هو سدائين، وڌن ويجهن، ۽ پنهنجن عظيم ارادن ۾ ڪامياب ٿين! +- محمد ابراهيم جويو +ڪانفرنس ۽ ڪانفرنس کان پوءِ +ٻولي ڪنهن انساني سماج جو گڏيل ابلاغي نظامُ ۾ اُن جي ثقافت جو ذريعو آهي. ٻوليءَ جي معرفت فردُ پنهنجي ثقافت (Culture) جو حصو بڻجي ٿو، ٻوليءَ جي صلاحيت ۽ قابليت سان هو پنهنجي اُن ثقافت جي تعمير ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهي ٿو، ۽ اُن کي بدلائي ۽ جديد کان جديد حالتن سان موافقت ۾ آڻي سگهي ٿو. ٻولي فرد کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ٿي ۽ هُن ۾ پنهنجي ذاتي گُڻ جي موجودگيءَ ۽ اُن جي واڌ جو احساس پيدا ڪري ٿي. ٻولي فرد لاءِ ۽ قوم لاءِ، دنيا ۾ ۽ مشترڪه انساني زندگيءَ ۾، پنهنجي مخصوص جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تمام مڃيل ۽ ثابت ٿيلُ تمام وڏو ۽ سگهارو وسيلو آهي. +قوم (Nation)، قومي سڃاڻپ، (Nationality) ۽ قوميت (Nationalism) جون پاڙون ثقافت ۾ کُتل هجن ٿيون. ٻولي ۽ اُن جو سڄو ادب اُن ثقافت جي اظهار ۽ پائداريءَ جي ضمانت جو ڪم ڏين ٿا. +جيئن قومي وطن ۾ قومي ا��تدارُ قومي وجود جو ثبوت هجي ٿو، تيئن قومي ٻوليءَ جو، قومي وطن ۾، تعليمي ۽ سرڪاري ٻوليءَ طور نِفاذُ قومي اقتدار جي وجود جو ثبوت هوندو آهي. +برطانوي سامراج کان نجات پائيندي، اسين سنڌ جا، سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙَ، ماڻهو پنهنجي وطن ۾، پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ، اهڙي ئي شانائتي ۽ پُروقار قومي درجي جي ماڻڻ جا اميدوار هئاسين- ڇو ته تاريخي طور ۽ آزاديءَ جي گڏيل جدوجهد جي معاهدي جي بنياد تي اسين اُن درجي جا حقدار هئاسين. +جيتري قدر اسين اڄ اُن درجي جي ماڻڻ کان محروم آهيون، اُن لاءِ بيگانن جي بالادست سياست جو جبر ۽ فريب ته ذميدار آهن ئي، پر اسان جي پنهنجن جي پاڻ تائين پورِي، مِيڪَرَ ۽ جي – حضوري سياست ۽ اسان جا پنهنجا مدي خارج، تنگ نظر ۽ تابعدار سماجي ۽ ثقافتي ادارا به اُن لاءِ ذميوار آهن. +گذريل چاليهن سالن جي هِن المناڪ صورتحال جي پس منطر ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ اُن جي سنڌي شعبي تعليم جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن پاران هڪ ”بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس“ جو بندوبست ۽ سَڏُ لائق صد تحسين قدم آهي. ۽ اُن ۾ سندن هسب منشا ڪاميابيءَ لاءِ اسان جي دلين ۾ وڏيون اميدون ۽ وڏا اُڌما ئي اُڀري سگهن ٿا. +ڪانفرنس جي سربراهن ۽ اُن ۾ شريڪ ٿيندڙ لائق مهربانن کي واقعي ڏسڻو پوندو ته جن بلند مقصدن لاءِ پاڻ هيتري جاکوڙ ڪري رهيا آهن، اُن مان، اڳتي هلي، اُنهن مقصدن جي سچ پچ حاصلات به ٿئي ٿي!؟ کين ۽ اسان سڀني کي معلوم هجڻ کپي ته اهڙين وڏين ڪانفرنسن جو اصلي ڪم شروع ئي اُنهن جي اختتام کان پوءِ ٿيندو آهي- ورنه ته اڪثر اهڙيون ڪانفرنسون پنهنجن مقصدن جي رڳو صحيح ۽ واضح نشاندهي به مشڪل سان ڪري سگهنديون آهن. ۽ برخاست ٿي وينديون آهن. +هيءَ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس اهڙيءَ اَڻلاڀدائڪ صورتحال سان دوچار نه ٿئي، اُن لاءِ ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس بابت، اُن جي تصنيف ۽ ترجمي جي ڪمن بابت ۽ اُنهن جي طباعت ۽ اشاعت بابت، ۽ سڀ کان وڌ، سنڌي ٻُوليءَ جي پنهنجي وطن ۾ اُن جي مانائتي ۽ پُروقار قومي استعمال بابت، پيش ٿيل ۽ تسليم ڪيل ويچارن ۽ فيصلن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، ڪانفرنس جي سربراهن ۽ ٻين اسان سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڀني گهڻگهرن کي واقعي ڪنهن سخت گير، طويل ۽ باشعور جدوجهد جي پروگرام کي سامهون رکڻو پوندو ۽ اُن تي عمل ڪرڻو پوندو؛- آءٌ پنهنجي طرفان سنڌي ٻوليءَ جي اُن آئيندي جي ترقيءَ ۽ سرفرازيءَ لاءِ گهربل پوءِ جي اُن ڪم تي نظر رکان ٿو، ۽ اُن لاءِ اوهان کي پنهنجون تهدل سان نيڪ تمنائون ۽ دعائون نذر رکان ٿو. +شال اوهين ۽ اسين پنهنجن اعليٰ قومي ارادن تي قائم رهون، ۽ اُنهن جي ڪاميابيءَ طرف همت ۽ حوصلي سان وڌندا رهون! +حيدرآباد - محمد ابراهيم جويو +ڊسمبر 12، 1987ع +پيغام +لاطيني ٻوليءَ جو هڪ لفظ آه ”الما ميٽر“ (Alma-Mater)، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”مهربان ماءُ“، ”سخي ماءُ“، ”ڏاتار ماءُ“ (Bounteous Mother)، جيڪا اولاد کي اڻ ميو ڏئي ٿي ۽ پنهنجيءَ هوند مان سڀڪجهه ڏئي ٿي. اصطلاح طور هيءُ لفظ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين لاءِ ڪم ايندو آهي، بلڪ انهيءَ اصطلاحي مفهوم ۾ اهڙن درسگاهن لاءِ ئي مخصوص ٿي ويو آهي- ڇو ته اُهي به مهربان ماءُ جيان، سخي ماءُ جيان، پنهنجي اولاد کي، پنهنجن شاگردن کي، طالب علمن کي، سڀڪجهه ڏين ٿا جيڪي وٽن آهي، ۽ هميشه لاءِ ڏين ٿا،- پوءِ وٺڻ وارا ان حاصلات مان ڪيترو به خرچ ڪن ته حاصلات وٽن تيئن وڌندي رهندي آهي، گهٽ ڪڏهن به نه ٿيندي آهي. اسان تي مهر ۽ سخا جي انهن مرڪزن، پنهنجي سڳورن تعليم گاهن، جا اهي دائمي ۽ اڻ ميا احسان آهن، جيڪي اسان کان ڪڏهن به ۽ ڪنهن صورت ۾ به لهي نٿا سگهن. +انگريزيءَ ۾ جڳ – مشهور اعليٰ اديب، برنارڊشا جو قول آهي ته ”شريف اِنسان اُهو آهي، جيڪو جيترو وٺي ٿو يا کڻي ٿو، اُن کان ٿورڙوئي پر ضرور ڪجهه وڌيڪ واپس ڪري ٿو“، دراصل تعليم آهي ئي اها جيڪا وٺڻُ يا کڻڻُ گهٽ ۽ ڏيڻُ وڌيڪ سيکاري، ۽ ڏَسي ته پنهنجي آسپاس لاءِ- انسانن لاءِ، ٻين ساهوارن لاءِ ۽ چؤطرف پنهنجي قدرتي ماحول لاءِ جتي اسين رهون ٿا- اسين ڪيترو وڌ ۾ وڌ ڪمائتا بڻجي سگهون ٿا. تعليم جي بهترين تعريف آهي ئي اِها يعني ”تربيت ۽ سکيا، خدمت لاءِ“- بلڪ عبادت لاءِ، ڇو ته عبادت آهي ئي اِها. +اِن طرح منهنجي پنهنجي آلماميٽر، سنڌ مدرسة السلام، ڪراچيءَ، جو آدرشي اصول جيڪو اسين ايندي ويندي، اُن جي ٻاهرئين دروازي تي لکيل ڏسندا هئاسين ۽ پڙهندا هئاسين، سو هو: +Enter to Learn, Go Forth To Serve +يعني ”اندر اچو سکڻ لاءِ، سکي ٻاهر نڪرو خدمت لاءِ“! +اوهين پنهنجي اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڍورو نارو، مان پڙهي ۽ سکي نڪتا آهيو ۽ پاڻ کي اُن جا Alumni يعني ”فيض ورتل“ يا ”اولڊ بوائز“ سڏيو ٿا- ۽ اِن نالي سان اوهان پنهنجي ائسوسسئيشن ٺاهي آهي، جيڪا گذريل ڏهن سالن کان اوهان جي ”آلماميٽر“، پنهنجي اُن مهربان ماءُ ۽ اُن جي آسپاس جي مارو ماڻهن جي خدمت ڪري ٿي. اِن طرح جو ڪجهه اوهين هيلتائين ڪري سگهيا آهيو تنهن جا تفصيل به اوهان مون ڏانهن لکي موڪليا آهن، جن کي پڙهي آءٌ سچ پچ اِئين ويچاريان ٿو ته سنڌ ۾ اِن قسم جي فعال ۽ ايتري قدر صالح ۽ ڀاڳوان اولڊ بوائز ائسوسيئيشن هِن وقت ٻي ڪا شايد ئي هجي؛ ۽ هاڻي اوهين اُن جي حسن ڪارڪردگيءَ جو ڏهه ساله جشن ايندڙ سال فبروري مهيني ۾ ملهائي رهيا آهيو، جنهن موقعي لاءِ مون کان اوهان منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون، پيغام جي صورت ۾ گهريون آهن: ته آءٌ پنهنجي پاران اِن سلسلي ۾ اوهان کي سنڌ جي هڪ آدرشي استاد، سنت شاعر، وڏي فيلسوف ۽ اعليٰ انسان، ساڌُو ٽي. ايل. واسواڻيءَ، جي لفظن ۾ اُهو پيغام اوهان جي غور ۽ فڪر ۽ اوهان جي تعميل لاءِ هيءُ موڪلي رهيو آهيان ته: +”پنهنجا خواب زنده رکو! اوهين جيڪي جوان آهيو! رٿائون، ادارا، تنظيمون ٺهن ٿيون، گذري وڃن ٿيون: [قوم جي خدمتگذارن جا] خواب ئي هوندا آهن جيڪي قوم کي زندگي بخش رت جو ڪم ڏيندا آهن! تاريخ جا اڏيندڙ [اُوچن ۽ ڏورانهن]خوابن جا ڏسندڙ هوندا آهن، ۽ نه مُوشِگافِين ۽ خسيس ڳالهين ۾ اڙجي پوندڙ .... [اِنهيءَ ڪري، عزيزو، پنهنجا خواب زنده رکو! اوهين جيڪي جوان آهيو]“ +محمد ابراهيم جويو +41-اي، صحافي ڪالوني، حيدرآباد سنڌ +21-9-1987ع +پيغام +وطن جي حُب قومي نيڪي به آهي، ۽ انفرادي نيڪي به آهي- جهڙي اها عوام کي سونهين ٿي، اُهڙي هڪ شهريءَ کي، هڪ سپاهيءَ کي، هڪ باغيءَ کي ۽ پڻ هڪ جلاوطن کي سونهين ٿي. +”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري.“ (شاهه) +مشهور ’انگريز شاعر والٽر اِسڪاٽ، به ائين چيو آهي: +Breathess there the man, with soul so dead, +Who never to himself hath said, +'This is my own, native land!' +[اهڙو به مُئل دل جو ڪٿي ماڻهو آهي، +جنهن پاڻ سان ويهي ڪڏهن اوريو ناهي. +’هائو، هيءَ ڀُومي، منهنجي جنم- ڀُومي آهي!‘] +وطن جي حُب جو واسطو سڄي وطن سان ۽ ان جي هر حصي ۽ هر شيءِ سان ٿي سگهي ٿو. جنهن کي پنهنجي گهر سان پيار نه هوندو. اُن کي پنهنجي پاڙي سان، ڳوٺ يا شهر سان ۽ سڄي وطن سان ڪهڙو پيار ٿي سگهندو! +اِئين، جيڪو ماڻهو، پنهنجي ڀريل دل سان، ڌرتيءَ جي هڪ ڪُنڊ سان پيار ڪري ٿو، جيڪا هُن جي پنهنجي آهي، اُن جي دردمند وسيع دل سڄيءَ دنيا کي به پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ ڌڙڪي به سگهي ٿي – ڇو ته هُن جي پنهنجيءَ اُن ننڍڙيءَ اُڪير منجهان ئي وطن جي پيار جون ۽ سڄيءَ ڌرتيءَ جي پيار جون سڀ نيڪيون اُڀرن ٿيون ۽ پکڙن ٿيون. +مشهور انگريزي نثر نويس، ڊاڪٽر جانسن، جيڪو لنڊن جو ڄاول هو ۽ لنڊن سان سندس دل ڳنڍيل هئي، چوندو هو: ”جڏهن ڪو لنڊن مان ڪَڪِ ٿيو، ته سمجهو ته اهو زندگيءَ مان ڪَڪِ ٿيو.“ +سنڌ اسان جي جنم ڀُومي آهي. اُن جو ڪوهستان به اسان کي ايترو ئي پيارو آهي جيترو اُن جو ريگستان، اُن جو سِرو، وچولو ۽ لاڙ، اُن جو ڪچو، پڪو ۽ رائو، اُن جا جبل، ٻيلا ۽ ڍنڍون ۽ واهه، اُن جا گل، گاهه ۽ جيت، جناور، اُن جي ڌرتي ۽ آسمان، اُن تي جيڪو سج اُڀري ٿو، جيڪو چنڊ چمڪي ٿو، اُن جون هوائون، اُن جا بادل، اُن جا صبح، اُن جون سانجهيون، اُن جي نئين گاج، نئين ملير، نئين موهن ۽ ان جي نئين بارڻ – سڀ اُن جا رنگ ۽ سڀ اُن جا روپ اسان کي وڻن ٿا، جيئن محبوب جي هر ڳالهه ۽ هر ادا هنئين جو هار ۽ اکين جو ٺار هوندي آهي. +قرة العين طاهره وانگر جنهن پنهنجي محبوب لاءِ چيو: +از پَي ديدن رخت همچو صبا فتاده اَم، +خانه بخانه، در بدر، ڪوچه بڪوچه، ڪُوبَڪو! +اِنهن پنهنجن دل جي امنگن سان آءٌ ٿاڻي بولا خان، ڪوهستان، سنڌ جي اسٽوڊنٽس ويلفيئر ائسوسيئيشن جي سالياني ”بارڻ“ مئگزين جي اجراءَ جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿو، ۽ دعا ڪريان ٿو ته سندن ڪوهستان شال هر سال وسي ۽ خوب وسي ۽ سدا شاد ۽ آباد رهي - ۽ هيءَ سندن مخزن ”بارڻ“ به هر سال سنڌ جي محب وطن ۽ سڄاڻ شاعرن، اديبن ۽ عالمن جي نبار امنگن ۽ پاڪ ويچارن سان تارؤن تار ڀرجي اسان وٽ پهچندي رهي. +مُحمّد ابراهيم جويو +24-1-1987ع + + +سڪ ۽ سنديس +مادر وطن جي قابل فخر فرزند محترم محمد ابراهيم جويو اعزازي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي. هتي اسان نهايت فخر سان سندس هڪ خط کي پنهنجي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريون ٿا، اهو سڪ جو سنديسو روزانه نواءِ انقلاب سکر جي لائق ايڊيٽر مسٽر مقبول صديقيءَ ڏانهن لکيو هئائين. موجوده حالتن ۾ هن خط جي افاديت ۽ اهميت اُن جي مطالعي مان بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿي. +– ايڊيٽر، ماهوار ”بادل“، حيدرآباد. +پيارا ڀاءُ، +توهان جو خط 2 تاريخ جو لکيل، مون کي 11 تاريخ هتي مليو. دير سان انهيءَ ڪري مليو، جو اُهو سڄو هفتو آءٌ هتي ڪونه هوس. سنڌ جي ٿر ڏسڻ جو موقعو مليو، سڄو هفتو دوستن سان گڏ اُتي هوس. ڏيپلو، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڇاڇرو، عمرڪوٽ ۽ ٻيا گهڻو ڪري ٿر جا سڀ چڱا موچارا ڳوٺ ڏسي، گهمي ڦري، ۽ اتان جي ماروئڙن سان رس رهاڻيون ڪري، ڏهين تاريخ شام جو واپس حيدرآباد آياسين ۽ 11 تاريخ آفيس ۾ آيس ته توهان جو خط ڏٺم. اوهان ڏانهن ان جو جواب ايترو دير سان موڪلي رهيو آهيان، ان جو سبب اهوئي آهي. +ادا سائين، سنڌ اسان جو ديس ڏاڍو پيارو، ڏاڍو سهڻو ديس آهي. پنهنجي محبوب جي حسن جي جيڪا به جهلڪ ڏسجي، ان لاءِ اوترو ئي دل ۾ قرب ۽ پيار وڌي ٿو. جن سنڌ جي رخ پاڪ جا اهي قسمين قسمين جلوا ۽ جمال نه ڏٺا، تن ڄڻ پنهنجي محبوب کي پورو ڪين سڃاتو. سنڌو ۽ ان جا سدا سرسبز ۽ شاداب ڪنارا جن کي ”ڪچو“ چئون ٿا، سنڌ جو ڪاڇو، سنڌ جو ڪوهستان، سنڌ جو سامونڊي پاسو، سنڌ جون ڍنڍون، ۽ سنڌ جا ڪناتار وهندڙ واهه، ۽ سنڌ جو ٿر، جنهن تي جڏهن مينهن پوي تڏهن مٿس هڪدم جوانيءَ جي ساول لهيو اچي، ۽ سنڌ جي پارڪر وارو ميدان ۽ ڪارونجهر جي جبلن جون قطارون، جن کان پوءِ ڪڇ جو اهو رڻ شروع ٿو ٿئي، جنهن تان سنڌيءَ ۾ لفظ ”رڻ“ معنيٰ سڃ، ڏاڍ ۽ ظلم آيو آهي – سنڌ جي جلوي جون اهي سڀ رمزون ڏسڻ وٽان آهن. سنڌ جي اها زيارت هر محب وطن لاءِ حج جي فرض برابر هئڻ گهرجي، جنهن جي پوري ڪرڻ کان سواءِ شايد ئي ڪو سنڌي، پڪو سنڌي بڻجي سگهي. شال سنڌ اسان جي ٿئي ۽ اسين سنڌ جا ٿيون! هينئر گهڻيءَ حد تائين، شايد، ائين نه آهي. پر جيتري قدر اسين سنڌ جا ٿينداسون، اوتريقدر ئي سنڌ اسان جي ٿيندي. اميد ته اوهين ان ڳالهه ۾ مون سان متفق هوندا. +اتر سنڌ ۾ اڳي ته ڪي نهايت اثرائتيون بي ڊپيون ۽ باخبر اخبارون نڪرنديون هيون. سکر انهن اخبارن جو مرڪز هو. شال اوهان جي ادارات هيٺ نڪتل هيءَ ”نواءِ انقلاب“ ڪنهن سچي پچي ۽ خالص انقلاب جو سڏ ثابت ٿئي! دنيا جي گاڏڙ ساڏڙ ۽ ڪوڙن انقلابن ته حقيقي انقلابن تان به گهڻن جي دل کڻائي ڇڏي. +هڪ ڳالهه مهرباني ڪري نهايت ڌيان ۽ خيال سان هن اخبار جي سلسلي ۾ پنهنجي سامهون رکندا ته اسان جون اڄڪلهه جون اخبارون پنهنجن ڪالمن ۾ جيڪا سنڌي لکن ٿيون، سا هڪ حصو سنڌي آهي، هڪ حصو فارسي آهي ۽ هڪ حصو عربي. جيڪڏهن اها حالت رهي، ته پوءِ اڳتي هلي، جيئن هندي ٻولي عربيءَ ۽ فاسيءَ جي ڀرمار سبب اردو ٿي پئي آهي، تيئن سنڌي به انهيءَ اڻسوهنديءَ ملاوٽ سبب سنڌيءَ مان ڦري ڪا ٻي ٻولي ٿي پوندي- سنڌي هرگز ڪانه رهندي. عربي اسمن جا جمعَ، اردوءَ جي نقل ۾ مونث ۽ مذڪرَ، فارسي ترڪيبون، ۽ عربيءَ فارسيءَ جا اهي لفظ جن جهڙا سدا سهڻا ۽ وڌيڪ دل ۾ ويهندڙ نج سنڌي لفظ اسان وٽ موجود به هجن- اِهي ڳالهيون سنڌي ٻوليءَ کي پڙهيلن جي ٻولي، شهر جي ٻولي ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻولي، پراڻي سنڌي ۽ نئين سنڌيءَ، ڳالهائيندڙن لاءِ آهي. اردو، فارسي ۽ عربي ڄاڻندڙ شخص ٻيو نه ته اردوءَ ۾ اخبارون پڙهي سگهن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن اخبار ”نواءِ انقلاب“ ۾ اوهان عام ماڻهن لاءِ سادي ۽ سولي سنڌي ڪم ۾ آندي، ته چئبو ته هڪ سنڌي اخبار جا جيڪي بنيادي مقصد هئڻ گهرجن، انهن مان هڪڙو بنيادي مقصد، يعني پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت – اهو فرض ڄڻ اوهان سچائيءَ ۽ ذميداريءَ سان پورو ڪيو. +اوهين اِتان سکر مان هڪ روزاني اخبار ڪڍو ٿا، اها ڳالهه اسين سڀني دوستن ۽ ساٿين لاءِ ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ- خاص ڪري اتر سنڌ لاءِ- خوشيءَ جو سبب آهي. اسين ان تي جيترو فخر ڪريون، اوترو ٿورو آهي. اوهان جهڙو سڄاڻ ۽ آزمودگار صحافي، سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ جي ڏک سور کان پوريءَ ريت واقف هوندي، جيڪا خدمت هن گگدام ديس جي ڪري سگهي ٿو، ان جو قدر وقتَ آئي اوهان جا پڙهندڙ پاڻ ڪندا. هن وقت اسان جون ۽ اسان جي بي زبان عوام جون رڳو دلي دعائون اوهان جي ڪاميابيءَ لاءِ اوهان جي حق ۾ اڀري سگهن ٿيون. شال اسان جي اتر سنڌ جي اها اخبار وڌي ويجهي، ۽ پنهنجي فرض پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي … +[روزانه ”نواءِ انقلاب“، سکر.] +سَنت فرئنسيس +دعا +(انگريزيءَ تان ترجمو) +مالڪَ، مون کي پنهنجي امن جو وسيلو بڻاءِ، +جتي ڌڪارَ هجي، اُتي مان پيار پوکيان، +جتي بدلو هجي، اُتي معافي، +جتي شڪ هجي، اُتي ڀروسو، +جتي نراس هجي، اُتي آسَ، +جتي ڏک هجي، اُتي خوشي، +جتي اونداهه هجي، اُتي سوجهرو. +منهنجا مالڪ، ائين ٿئي جو مان، +آٿت ڳولڻ کان وڌ، آٿت ٿيان، +سمجهڻ کان وڌ، سمجهان، +پيار بڻجڻ کان وڌ، پيار ڪريان، +ڇو ته ڏيڻ سان ئي اسين وٺڻ جهڙا ٿينداسين، +معاف ڪرڻ سان ئي اسين معافيءَ لائق بڻباسين، +۽ مرڻ سان ئي اسين سدا جو جياپو ماڻينداسين، +آمين! +ترجمو: م-ا-ج +جاويد شاهين +جيئرن جي ڳولا +سج لهڻ تائين +ڪِنو ٿيل ڏينهن +منهنجي نس نس ۾ پيهي وڃي ٿو. +سڄي رات اونداهه جون پٿريون +منهنجي اکين ۾ چڀنديون +ٿيون رهن +صبح جي روشني، منهنجي +چاهڻ کان سواءِ، +منهنجي ڪوٺيءَ ۾ +گهڙي ٿي اچي. +منهنجي بت تان +رات جي ڪارنهن لاهي ٿي. +۽ مان جيئرن جي ڳولا ۾ +گهران نڪري پوان ٿو. +پر خالي شهر ۾ +بُکين ڪتن جا اُوناڙ +منهنجي کيڪر ڪن ٿا +پوءِ مان اڪيلائپ جي ڪوڏر سان +ڏينهن جي ڊٺل قبر کوٽڻ لڳان ٿو +۽ منهنجو سڄو وقت +مُڙدن کي اٿاري، پيرن ڀر ڪرڻ ۾ +گذري وڃي ٿو. +اسان کي اسان جي جيئڻ لاءِ +گهرن ۾ ويهڻ جو سبق ملي ٿو +پر اسان جا ٻار +بس اسٽاپن جي پيهه ۾ +ڪچليا وڃن ٿا، +اسان جي پيءُ ماءُ کي +اسپتالن جي اونده ڳهندي رهي ٿي، +اسان جا ڀائر روزگار جي حرص ۾ +بيگر جي ڪئمپن ۾ ڀرتي ٿين ٿا. +سجَ اسان تي سايو وجهڻ +ڇڏي ڏنو آهي، +۽ ڌرتي اسان جي حصي جو رزق +اسان کي ڏيڻ ۾ خوش ناهي، +هوا اسان کي ڏسي، منهن ڦيري، +هلي وڃي ٿي- +هِن وٽ اسان لاءِ +آٿت جو ڪو اکر ڪونهي، +ڪم واري ڪا ميڇ ڪانهي. +پر هوا وٽ +بدلن لاءِ، گيدين لاءِ، +ٿي به ڇا ٿو سگهي- +پي. بي. شيلي (1822 – 1792) +اِنگلنڊَ جي ماڻهن لاءِ +او اِنگلنڊَ جا ماڻُهو، ڪنهن لاءِ ٿا اوهين هَرَ ڪاهيو؟ +ڀؤتارن لاءِ جيڪي اوهان جي ڳچيءَ تي لت ڏيو بيٺا آهِن! +ڇا لاءِ ٿا اوهين آڱريون ڇليو، نُورُ نچويو، هيڏي اُڻتِ ڪريو؟ +ته اوهان جا ظالم نوابَ زَرَقَ بَرَقَ چوغا پائينِ! +ڇو ٿا کارايو، پهرايو، ڪمائي ڏيو- +پينگهي کان قبر تائين- +اِنهن بيقَدُرن مَکَن کي جيڪي +اوهان جو پگهر وهائين ٿا، اوهان جو رتُ پيئن ٿا؟ +او اِنگلنڊَ جون ماکيءَ جون مکيون، ڇو ٿا اوهين ٺَپيو ۽ ٺاهيو، +هيڏا هِي هٿيارَ، زنجيرَ، سَنگهرون، ڦَٽڪا، +ته هِي اوهان جا نِکَمڻا مَکا +اوهان جي سڄيءَ ڳَهَپَ جو ڦَلُ ڦوڪي، ڦٽائي ڇڏين؟ +آهي ڪو اوهان لاءِ آرامُ، ڪو سُکُ، ڪا ويسانهِين، +ڪو اَجهو، کاڌو، پيار جو ڪو ٿڌو ڇَنڊو؟ +ڪهڙِي ڪا ڪَلَنگِي آهي جنهن لاءِ ايترو ٿا پاڻُ کوهيو، +ايترا ٿا جُهٽَ پِٽيو، ۽ عذاب سهو؟ +ٻجُ اوهين ٿا پوکيو، ٻيا ٿا اُهو لُڻَنِ؛ +مالُ اوهين ٿا ميڙيو، ٻيا ٿا اُهو کَڻنِ؛ +چوغا اوهين ٿا اُڻو، ٻيا ٿا اُهي پائين؛ +هٿيارَ اوهين ٿا ٺاهيو، ٻيا ٿا اُهي کنيو گهمن. +ٻجُ ڀَل پوکيو، پر ڪنهن ظالم کي لُٽَڻُ نه ڏيو؛ +ملڪيت ڀَل ڪمايو، ڪنهن ٺَڳَ کي اُها کڻڻُ نه ڏيو؛ +چوغا ڀَل اُڻو، پر ناڪارن کي سي پائِڻ نه ڏيو؛ +هٿيارَ ڀَل ٺاهيو، پنهنجي بچاءَ ۾، سي پاڻَ کڻو! +اوهين سوڙهن ڳُڙکن، اونداهِن چُرُن، گهُٽيلَ بُهُرن ۾ رهو ٿا. +وڏا محلَ ۽ کليلَ صفحا اڏيو ٿا، ٻين جي رهڻ لاءِ. +ڇو ٿا زنجيرون ڇِڻڪائي هلو، جِي اوهان هٿن سان ٺپيون آهن؟ +هُو ڏسو نه ٿا، جي لوهَه ڪُٽي رُڪُ ڪيا ٿَوَ، سي اوهان کي ئي ٿا تَڪِينِ! +ڀَل اوهين هَرَ ۽ ڪوڏَر سان، رَنبي ۽ آڏاڻي سان، +پنهنجي قَبَرَ کوٽيو ۽ پنهنجو لوڙُهه اَڏيو، +۽ پنهنجو ڪفنُ پاڻ اُڻو، +ايسِين جيسِين ٺاهوڪي هِن انگلنڊَ جي مٽي اوهان کي جاءِ ڏئي. +نامعلوم شاعر (اصل انگريزيءَ ۾) +هڪ دعا، نئين سال لاءِ +اي خدا، هن سال اسان کي وسيع نگاهه ڏي +ته ٻين جي غلطين کي تنهنجي اکين سان ڏسون- +ساڃهه ڏي اسان کي ته تکيءَ زبان سان نه توريون +ڪنهن کي- نه ڪنهن وڏي… نه ڪنهن ننڍي کي- +اسان کي صبر ڏي ۽ فضيلت ڏي ته اسين سهون، +زياده اعتماد ڏي اسان کي، جيئن پاڻ کي محفوظ سمجهون، +مدد ڪر اسان جي ته ياد رکڻ بدران وساريون، +اُهي تلخيون جن اسان کي ڪاوڙايو ۽ خفي ڪيو، +۽ خوشيءَ سان ڪو ڏوهه معاف ڪري +هر روز ڀلو ڪو فائدو لهون، +مدد جو ڪو دوستاڻو هٿ وڌايون، +۽ هر طرح ۽ هر حل ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. +ته اسين سڀيئي، جيڪي به اسين آهيون، +”پهچ کان مٿي ڪنهن ستاري“ کي ڇهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون: +ڇو ته وڏا ۽ ننڍا… چڱا ۽ مندا +جوان ۽ پوڙها … دُکي ۽ سُکي +سڀ، اڄ ائين ٿا پڇن، ”ڇا زندگي رهڻ وٽان آهي؟“ +۽ جواب هڪ ئي آهي: ”هائو، رڳو ڏيڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾-“ +ڇو ته رڳو پيار ئي ماڻهوءَ کي نرم بڻائي ٿو، +۽ دل جي نرمي ئي من کي شانت ٿي ڪري- +۽ هيءُ سال اسين پيار ڏيڻ سان به شروع ڪي سگهون ٿا، +نفرت ۽ خوف جا ڪارا ڪڪر هٽائي، پري ڪرڻ لاءِ… +(ترجمو: م.ا.ج) +محمد ابراهيم جويو +”او سنڌ…!“ +او سنڌ! +منهنجي پنهنجي سنڌ! +اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان، +ٻڌاءِ! +تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟ +تون مون کان ڇا طلبين؟ +آءٌ ڪير آهيان؟ +تون ٿي مون کان پڇين؟ +…… ماءُ! +آءٌ …… تنهنجو اولاد! +تنهنجي مامتا جي گهراين، +تنهنجي شادابين، سبزين، +تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا، +۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ! +تنهنجو اولاد ……! +تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت! +منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون، +تو مون کي ڄڻيو، +تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو، +تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو: +تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه، +تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا، +تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان، +تنهنجا جبل ۽ پهاڙ، +تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ- +هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت- +منهنجا ڀائر، +هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي، +هي تنهنجي تلائن ۽ ڍنڍن ۾، +ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت، +هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾، +گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان: +هي اسان جا رنگ، اسانجا آواز، هي اسان جون نگاهون؛ +…… تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن! +هي سڀئي! +هي ۽ آءٌ … اسين سڀئي تنهنجوئي ته اولاد آهيون! +اسان سڀني جو ساهُه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي! +اسان سڀني جو جسمُ، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي +اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ تو سان ڳالهائي ٿو، +… تو کان ڪجهه گهري ٿو، تو کان ڪجهه طلبي ٿو: +۽ تون، +جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، +سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي، +اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پَئي ٿي هميشہ ڏين! +۽ آءٌ …… +انهيءَ جي عوض ڪجهه ڏيان، +ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو، +- ۽ ڪجهه ڏيندس- +اهو ڪجهه، جو توکان، +تنهنجي وسعتن مان، +تنهنجي شادابين مان، +چورائجي ويو …… +ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو! +۽ تون هڪ سوال بنجي وئينءَ،- +منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ، +ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ! +جيجل …! +اهوئي سوال …… +… تڏهن ٿو اڄ توکان آءٌ پڇان! +سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ! +منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ! +ٻڌاءِ …… +تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟ +تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟ +سروجني ديبي +منهنجا ٻچا! +سمهي پئو، منهنجا ٻچا! +صبح تائين – بي الڪا، بي اونا +ستا رهو، +اسان جي رات جو اوجاڳو تمام ڊگهو آهي +جيتري ويل اوهين سمهندا، اسين- اسين ٻني پوکينداسين +اسين آسن، ڏکن، ڳوڙهن سان +ڀريل سپنا پوکيون ٿا، +ته جيئن جڏهن اوهين جاڳو ته انهن جو فصل لڻي سگهو. +ٻچا- +صبح ٿيڻ واري آهي، رات گذري ويئي- +اسان جو پورهيو ختم ٿيو، اسان جون ٻنيون جهومي رهيون آهن +اسان جا هٿ هيڻا هئا، +پر اونداهيءَ ۾ اسان اوهان جي ايندڙ شان ۽ شوڪت جا خواب ڏٺا +اوهان جي ٻجن کي پنهنجن ڳوڙهن جو ريج ڏنو +اسان جي رات جو اوجاڳو پورو ٿيو. +جاڳو ٻچا، +اسان سپنن جو فصل جيڪو اوهان لاءِ پوکيو آهي +ان جي عيوض ۾ +اسان جي محنتن جي ڦل کي +اوهين پسند ڪندا ۽ ساراهيندا +يا ڏک سان +��سان کي ڏوهي سمجهندا يا اسان کي معاف ڪري ڇڏيندا؟ + + +جي. ايم. مهڪري +ٽئگور جي نظم ”جتي ذهن خوف کان آجو آهي“ پڙهڻ تي سنڌي نوجوان جا ويچار +ڪڏهن او ڪڏهن؟ +منهنجو ذهن به خوف کان آجو ٿيندو؟ +مان، سنڌ جو ڄائو به، پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري هلندس +منهنجي ڄاڻ به ڪوڙن کان ۽ دوکن کان آجي ٿيندي +منهنجي سمجهه جي نرمل ڌارا مُئل عادت جي ٺوٺ +واريءَ کي لوڙهي ويندي +منهنجا ٻولَ سچ جي تار اُونهاين مان اوڀڙ کائي ٻاهر ايندا +منهنجون ٻانهون به ڪمال جي چوٽين ڏانهن وڌنديون- +ڪڏهن او ڪڏهن، +پنهنجيءَ ڌرتي کي پنهنجو چئي، آءٌ به هِن پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي هلندس؟ +اُنهيءَ سوکيم سُرهائيءَ جي بندر تي، او آزادي! +ڪڏهن او ڪڏهن +منهنجو ٻيڙو به لنگر هڻندو- +تيز ترندو ايندو… +انقلاب جي کنڀن تي … +انقلاب جي هوائن تي … +وڏيءَ ڪنهن اُٿندڙ لهر جي چوٽيءَ تي؟؟؟ +جي. ايم. مهڪري +سنڌي ٻار جو سوال +ڇا؟ +منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟ +منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟ +منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟ +ڏاڏا بابا چيو ٿي، ”ڪڏهن سنڌ ڳائيندي هئي! +جڏهن مور اُن جا نچندا هئا!!“ +ڏاڏيءَ امان ٿي چيو، ”تڏهن اسان جي چپن تي مُرڪ هئي.“ +چاچِي سانئڻ چوي ٿي، ”اسان جي ڳل خوشيءَ ۾ ٻهڪندا هئا.“ +چاچا سائين چوي ٿو، ”اسان جون اکيون چمڪنديون هيون، تارن جيئن، +جڏهن يڪتاري جي راڳ تي اسان جا پير نچندا هئا، +جڏهن سنڌي چنڊُ آسمان ۾ گهمندو هو.“ +هاڻي مان ٿو پڇان، ”ڇا، منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟“ +منهنجو بابا سائين ڪو جواب نٿو ڏئي، +منهنجي امي سانئڻ ڪنڌ پنهنجو جهڪائي ٿي ڇڏي، +ٻيا منهنجا وڏا هڪ ٻين جي مُنهن ۾ ڏسن ٿا، +۽ پڇن ٿا، ”ڇا، سنڌ اسان جي سنڌ آهي؟“ +مان نٿو سمجهان هُنن جو ڇا مطلب آهي! +مان ته ٻارُ آهيان، +اوهين ته ڄاڻو ٿا- +مان رڳو پڇان ٿو، ”اسان جي سنڌ اسان جي سنڌ ناهي ڇا؟“ +هو رڳو جواب ٿا ڏين، ”اُها ڳوڙهن جي ڌرتي آهي.“ +مان نٿو ڄاڻان، هنن جو مطلب ڇا آهي. +”مور هليا ويا آهن،“ هو چون ٿا، +پر به، مور ڇا آهن؟ +”ڇا، سنڌ ۾ ڪڏهن مور به هئا؟“ مان ٿو پڇان. +”هائو، جڏهن سنڌ، سنڌ هئي، تڏهن مور هئا،“ هو چون ٿا. +مان ته ٻارُ آهيان- +نٿو ڄاڻان هُنن جو مطلب ڇا آهي! +پر، منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟ +سنڌ منهنجي وري ڳائيندي؟ +ڪڏهن، او ڪڏهن؟ +آءٌ ٻُڌُ ناهيان +آءٌ ٻُڌُ ناهيان، +هائو، آءٌ ٻُڌُ ناهيان. +بيمارُ، جهُورُ پوڙهو ۽ مُئل ڪو ماڻهو ڏسي، +منهنجو مَنُ ڪونه ٿو اُٻڙڪي. +آءٌ بي – پِتو، بي – حِسو ڄائو آهيان. +ڪهل ۽ پيار کان بنهه خالي دل سان، +۽ بي روح ۽ بي شعور ذهن سان. +راهه تي حادثي جي شڪار ٿيلن کي ڦٿڪندي ڏسي، +سڌو وڃي يارن سان گُتي ۾ شراب ٿو پيان. +پري کان اَناٿ آشرم وٽان پيءُ جو موت جي تار تي منهنجي اک +مان ڳوڙهو ڪونه ٿو ڳڙي. +آءٌ ٻُڌُ ناهيان، +هائو، آءٌ ٻُڌُ ناهيان. +منهنجو سُکيو گهر ويهَه ماڙ تي مٿي، +غريبن جي شمشان ڀوميءَ لڳ آهي. +جتان باهه جا شعلا اُٿن ٿا، +۽ سُتل جهُڳين کي ڳهي ٿا ڇڏين، +هِن ديهه – ڌاري دنيا ۾، +وڌ ۾ وڌ سُک جي سَڌَ جو هڪ ئي خيالُ، +مون تي ڇانيو ٿو رهي. +منهنجا هٻڇي هَٿَ پنهنجن ئي ساٿين جي +وڌيڪ ڀريل هٿن جي حَسَدَ ۾ پوسرن ٿا. +۽ اڳتي وڌي زياده پيسو ۽ طاقت ميڙِن ٿا. +سڄو منهنجو ذوق هيءُ اهي ته، +ماڻهن ۾ ڪامياب ۽ وڏو ماڻهو سڏجان. +آءٌ ٻُڌُ ناهيان، +هائو، آءٌ ٻُڌُ ناهيان. +ڇاڪاڻ ته آءٌ اڄ جو ماڻهو آهيان، +موقعي لاءِ جيئندڙُ، +جنهن کي ورثي ۾ مائٽن کان، +نيڪي، ماڻهپو ۽ پيار نه مليو آهي. +ڇو ته اڄ جي ماڻهوءَ لاءِ انسان جي نسلي ذخيري مان شايد، +اُهي ٻج – ڪڻ�� کُٽي ويا آهن! +اڄ جو ماڻهو پاڻ لاءِ جيئي ٿو، پاڻ لاءِ مري ٿو. +سو پنهنجيءَ دنيا ۾ رهندي، +ڪڏهن ڪڏهن ڪو آواز ٻڌان ٿو، +جيڪو چوي ٿو، +”شين جي هِن دنيا ۾“ +هن لوهه ۽ ڪانڪريٽ جي انساني جهنگل ۾، +ٻُڌُ جي نيڪي ڪيڏانهن ويئي؟“ +۽ پنهنجي جيوت جي هيڪلائپَ +هانءُ ڦاڙِي مون کان سوال ٿي ڪري، +”ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! +تون ٻُڌ ڇو ناهين؟“ +- نِڌِي ورما +(روزانه ”سنڌ پاڪ“ تاريخ 22 جون 1997ع) +(6) +ٻه انٽرويو +منهن مقابل: سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن ڪتاب چوٿون، سال 1978ع +انٽرويو: روزانه ”سنڌ پاڪ“ حيدرآباد، سنڌ، آچر 15- جون 1997ع. +پال بارن، (Paul Baran) پنهنجي مضمون ”دانشور ۽ سِرَسيتائي“ (The Writer and Commitment) ۾، چوي ٿو: ”دانشور جي دلي لڳاءُ يا هُن جي سرَسيتائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش جي فرض سان آهي… پر اِنهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هُن جي بنيادي ذميداريءَ جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اِهو ناهي ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اِهو به آهي ته ’موجود حالت‘ ۾ سچ ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت اُهو ٻڌايو پيو وڃي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت اُهو نه پيو ٻڌايو وڃي … ائين سماجي، ۽، خاص طور، رياستي يا حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ’سچ ڇا ۾ آهي‘- اِن ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ اُن جو اظهار اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت، بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ اِنهيءَ طرح اِن قسم جي سچ جو پيڇو ۽ اُن جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ’موجود صورتحال‘ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف، اُن شيءِ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، اُن شيءِ جي سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سڄيءَ اُن شيءِ جي الڳ الڳ حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ لاڳاپن کي ڳولڻ ۽ پڌرو ڪرڻ- اِنهيءَ علمي ڪوشش ۽ فڪري عمل تي پيشه ورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تَڏَ ۽ تابَ، عدم تعاون ۽ اذيت، ۽ ظاهر ظهور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿين ٿيون … انهيءَ ڪري سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو شرط آهي. ٻيو اُن جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽ عقل تي مُبني تحقيق (- سچ جي ڳولاءِ) جيڏانهن به نِئي اُن کي اوڏانهن نيڻ لاءِ تيار رهڻُ، ’هر موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ- بي قياس اِنهيءَ معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن هٽندي.‘ اِنهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ سماجي نقاد آهي – هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي [شين جي، ڳالهين جِي] سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ۽ اِئين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني [پيار جي، اُنسياتِي]، ۽ وڌيڪ عقلائتي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي رنڊڪون آهن اُنهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگار ٿيڻ … اِنهيءَ ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ اُنهن جي ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ، جيڪي ’ موجود حالت‘ کي محفوظ ۾ مامُونُ رکڻ چاهيندا آهن، لازمي طور هو هڪُ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي، ۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هُن کي خيالي جنت ۾ رهندڙ يا ’درويش قسم جو ماڻهو، ۽ بُري کان بُرو ته هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن … اهڙين حالتن ۾ دانشور جي ڪردار ۽ سِرسيتائيءَ جي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻُ ۽ اُن تي وري وري زور ڏيڻُ هڪ تمام وڏي ۽ نهايت اهم فوري ضرورت واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي ڀاڳ جي حوالي اِها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو ماڻهپي يا اُنسيت عقلَ، ۽ اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت کي نابوديءَ کان بچائي – جيڪي ئي بني نوع انسان جي سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي ورثا آهن.“ – م.ا.ج. +(”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ”سيپٽمبر 1981ع جي پيش لفظ تان کنيلُ) +مُنهن مُقابل +[ذيشان: سائين! بهتر سمجهان ٿو ته اوهان جي اجازت سان پهرين پنهنجي ساٿين جو مختصر تعارف ڪرايان. +* منهنجي ڀرسان ويٺل ڀيڻ جو نالو صنم نوراني آهي. پاڻ مقامي انگلش ميڊيم اسڪول ۾ مئٽرڪ جي شاگردياڻي آهي. پڙهڻ، راندين ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺڻ سندس مشغلو آهي. پاڻ ماهوار ”نئون نياپو“ ۽ هفتيوار ”ڪچهري“ جي اعزازي ايڊيٽر محترم مسعود نورانيءَ جي نياڻي آهي. +* هن ساٿيءَ جو نالو جمشيد آهي، پاڻ هالا جي معروف زميندار حاجي عبدلاقادر ميمڻ جو ننڍو فرزند آهي. ڏهين ڪلاس جو سرگرم شاگرد، سٺو ڪرڪيٽر ۽ مڃيلُ تقرير ڪندڙُ هئڻ ڪري کوڙ انعام حاصل ڪري چڪو آهي. +* اسان جي هن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ دوست جو نالو عاشق حسين اوڍاڻو آهي. سندس والد محترم محمد ٻڍل اوڍاڻو ڪوٽڙيءَ ۾ ريزڪي دوڪان هلائيندو آهي. سنڌ جي عاشق قومي هيرن تي لکڻ ۽ خوب لکڻ جو ارادو رکي ٿو. +* اسان جو هيءُ پيارو ۽ ذهين دوست، رياض احمد، اوهان جي اڳوڻي شاگرد سائين ڪمال الدين ميمڻ (اي-ڊي-اي- او، ٺٽو) جو لائق فرزند آهي. تازو مئٽرڪ ۾ اي گريڊ حاصل ڪيو اٿس. مختلف علمي ۽ ادبي مقابلن ۾ ڪافي انعام حاصل ڪري، پنهنجي اسڪول جو نالو روشن ڪري چڪو آهي. +* هو جيڪو پريان ويٺو آهي، اسان جي اِن ساٿيءَ جو نالو چيتن سُوٽهڙ آهي. ٿر جي پسمانده ٻيواٽو نالي وستيءَ سان تعلق رکي ٿو. سندس محترم پيءُ پورهيت ڪلاس سان واسطو رکندڙ مارُو آهي. تازو مئٽرڪ سائنس ۾ اي گريڊ پوزيشن حاصل ڪئي اٿس. پنهنجي اسڪول جو مڃيل اسڪائوٽ، ڊبيٽر ۽ آرٽسٽ پڻ آهي. +* اسان جي هن جوڙ ۾ ويٺل ٻن پتڪڙن ساٿين معظم علي جويو ۽ نويد ميمڻ سان اوهين پاڻمرادو متعارف ٿيل آهيو. هڪ اوهان جو پوٽو ۽ ٻيو ڏوهٽو آهي. ٻئي چوٿين پرائمريءَ ۾ پڙهن ٿا. +* سائين آخر ۾ آءٌ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندس. منهنجو نالو ذيشان پرويز ميمڻ آهي. والد صاحب ڊاڪٽر آهي. مئٽرڪ ۾ زير تعليم آهيان. نصابي توڙي هم نصابي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي، پنهنجي اسڪول جي نمائندگي ڪندو رهندو آهيان. ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جا ڪتاب پڌرا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ساٿي اسرار شام جي سرواڻيءَ ۾، ٻارن جي ادب جي اوسر ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ، پڪي ارادي سان ميدان ۾ لٿو آهيان. +سائين! هاڻ اسان جا ساٿي توهان جي ننڍپڻ جي حوالي سان، توهان سان باضابطي انٽرويو ڪندا.] +صنم نوراني: سائين! سڀ کان پهريائين مهرباني ڪري پنهنجي ابتدائي تعليم جي باري ۾ ٻڌائيندا ته، ڪهڙين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪري، علمي ادبي دنيا ۾ هيڏو وڏو مرتبو حاصل ڪَيو؟ +محمد ابراهيم جويو: امان! ٻن سالن جي عمر جو هئس ته 1914ع – 1918ع واريءَ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ وڏي بيماري پيئي، جنهن ۾ بابا سائين فوت ٿي ويو. بابو سائين هاري هو. غريب هئاسين، مون تي ڏاڏا سائينءَ شفقت جو هٿ رکيو، ۽ ڏاڏيءَ سانئڻ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويهاريو. +انگريزي پڙهڻ جو وارو آيو ته محترم سائين جي. ايم. سيد جي مهربانيءَ هيٺ پهرين سندن شهر سن ۾ ۽ پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيس. اُن وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ٿيندا هئا. محنت ڪري پڙهيس، ته دادو ضلعي ۾ مئٽرڪ ٻئي نمبر تي پاس ڪيم، ائين ويهه روپيا ماهوار اسڪالر شپ، مٿي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ، حاصل ڪيم. +صنم: اوهان جي ننڍپڻ ۾ مذهب سان وابستگي ڪيتريءَ حد تائين رهي؟ +م. ا. جويو: ننڍي هوندي نماز پڙهندو هئس. ان وقت نما��شي مذهب نه هوندو هو، جيئن اڄڪلهه آهي. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين نماز باقاعدي پڙهيم. ڪاليج لائيف ۾ اچڻ کان پوءِ به نماز کان چڙ نه هوندي هيم ۽ نه هاڻي اٿم. +صنم: موجوده سائنسي دؤر ۾ ٻاراڻي سنڌي ادب جي اهميت اوهان جي نظر ۾ ڪيتري آهي؟ +م. ا. جويو: ٻاراڻو ادب تمام اهم آهي. اسڪول ۾ اوهين جيڪي پڙهو ٿا، اُهو به ٻاراڻو ادب آهي. ادب رڳو شعر، ناٽڪ ۽ ڪهاڻين وغيره جو نالو نه آهي، اُنهن کي ”خالص ادب“ چئبو آهي. علمي لحاظ کان تاريخ، جاگرافي ۽ سائنس وغيره به ادب آهي. ان کي اوهين ”سائنسي ادب“ چئي سگهو ٿا. ٻارن لاءِ ائين هر طرح جي ادب جي ضرورت آهي، جا اوهان جي وڏن کي پوري ڪرڻ کپي. +صنم: وڏا اديب ٻاراڻو ادب تخليق نٿا ڪن، تنهنڪري اهڙن اديبن کي ٻارن جو ڏوهاري ڪوٺڻ درست ٿيندو يا نه؟ +م.ا. جويو: هر اديب کي مختلف صنفن تي لکڻ جو پنهنجو پنهنجو ذوق آهي. ڪو ڪنهن صنف ۾ نٿو لکي ته ان کي ڏوهاري چوڻ صحيح نه ٿيندو. ها، کين ٻاراڻي ادب لکڻ تي آماده ڪري سگهجي ٿو. اِن خيال کان وڏو فرض حڪومت جو آهي ته ٻاراڻو ادب لکائي شايع ڪرائي. +صنم: مشهور فرانسيسي ليکڪ ”روسو“ جو ٻارن بابت لکيل ڪتاب ”اِيمل آر ايڊيوڪيشن“ اوهان، ورهاڱي کان اڳ، ڪهڙن ڪارڻن جي ڪري ”ايملي“ جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايو هو؟ +م. ا. جويو: اُن وقت آءٌ سنڌي استادن جي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهائيندو هوس. اُتي روسو جا تعليمي ۽ تدريسي اصول به پڙهائڻا پوندا هئا. تنهنڪري مون پنهنجي ليکي فيصلو ڪيو ته دنيا جي تعليمي ماهرن تي هڪ هڪ ڪتاب تيار ڪندس. پهرين مون ”ايمل“ جو اِهو خلاصو (تلخيص يا تت) لکيو، ان کي اسي صفحن ۾ آندم، ته جيئن استادن لاءِ وڌيڪ تعليمي فلسفي کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. ٻيو ته روسو جا خيال مون کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا مفيد محسوس ٿيا پئي! ۽ خاص طرح ٻارن جي مائٽن لاءِ به اُهي مون کي تمام فائدي جا ۽ ڪمائتا ڏسڻ ۾ آيا. مثال طور ڪتاب ۾ آهي ته ٻارن سان محبت ۽ پيار سان پيش اچجي. جسماني سزا ڏيڻ ته ٺهيو کين دڙڪو به نه ڏجي. ٻار پنهنجي خوشيءَ سان ۽ شوق سان ائين پڙهن جيئن راند پيا ڪن. پوءِ هيءُ ڪتاب بي- اي جي سنڌي ڪورس تي به ڪيئي سال رهيو. ۽ مون کي معلوم آهي ته اُن جو سنڌ جي ادب ۽ فڪر تي عام طرح به گهڻو اثر ٿيو. +جمشيد ميمڻ: سائين! اوهين ههڙي لاڀائتي ڪتاب کي ٻيهر ڇو نٿا ڇپايو؟ +م. ا. جويو: ايمليءَ جا چار ڇاپا اڳ ڇپجي چڪا آهن. هاڻ اُن جي پنجين ڇاپي آڻڻ جو به خيال اٿم. ساڳيءَ طرح يونان جي مڃيل پهرئين تعليمي ماهر ۽ فيلسوف، پلو ٽارچ، جو ڪتاب ”تعليم“ به مون ترجمو ڪري چار ڀيرا ڇپايو هو. هيءُ دنيا جو اهو سڄاڻ تعليمي ماهر هو، جنهن پهريون ڀيرو دنيا ۾ تعليم جا ”رهنما اصول“ متعارف ڪرايا. هن قصا ۽ ڪهاڻيون به لکيون. +پلوٽارچ حضرت عيسيٰ کان ٻه ٽي سؤ سال اڳ جو هو. سندس ٻئي ادبي ۽ تاريخي مواد جي آڌار تي انگريزيءَ جي وڏي اديب ۽ شاعر شيڪسپيئر بهترين ڊراما پڻ لکيا. +جمشيد: اوهان هيستائين ٻارڙن لاءِ ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا؟ +م. ا. جويو: سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هئس ته 1959ع ڌاري ڪوشش ڪري ماهوار رسالو ”گل ڦل“ جاري ڪرايم. اُن جي پهرئين پرچي جو مهاڳ به مون لکيو. اتي وڌ ۾ وڌ ٻاراڻي ادب کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪيم. سنڌيءَ ۾ ٻارن جا اڳ شايع ٿيل پراڻا اڻ لڀ ڪتاب ۽ مرزا قليچ بيگ جا جيڪي به ٻارڙن لاءِ ڪتاب لکيل هئا، سي ڪيئي ڀيرا شايع ڪرايم. جرمن ليکڪ گِرِم جون مشهور ٻاراڻيون ڪهاڻيون اُتان سنڌيءَ ۾ پڌريون ٿيون. پنهنجي سنڌ جون سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، خاص طور ٻارن جون، اُتي گڏ ٿيون ۽ ڇاپيون ويون. +سنڌيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”گل ڦل“ جيڪو ٻاراڻو ادب پيدا ڪيو آهي، اوهو اسان جو وڏو ڀاڳ آهي. مون پاڻ ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ جي نالي سان ڪتاب لکيو. ان ۾ چار آکاڻيون ٻارن لاءِ لکيم. ٻيا ٽيهارو کن ٻارن لاءِ درسي ڪتاب پڻ منهنجا لکيل آهن. +جمشيد: مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اوهان جا خود ٻارڙن لاءِ لکيل يا لکرايل ڪتاب ٻارڙن جي هٿن تائين پهتا يا نه؟ +م. ا. جويو: مون جن لاءِ لکيو، انهن تائين اهي ڪتاب ضرور پهتا. ڇو ته ڪوبه ليکڪ ڪتاب لکي پاڻ وٽ رکي ڪونه ڇڏيندو آهي. +ازانسواءِ ڪيترن شاعرن کي به منٿون ڪري ٻارن لاءِ شعر جا ڪتاب لکرايم. انهن مان ٻه ته ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران پڻ شايع به ڪرايم. +سنڌي ادبي بورڊ ۾ پير پائڻ شرط ”گلن جي ٽوڪري“ ڇپايم ۽ ٻيو هڪ منهنجو ننڍي هوندي جو پڙهيل ڪتاب، ڪوشش ڪرڻ سان به، ”گلدستو“، هٿ نه اچڻ ڪري ٻيهر ڇپجڻ کان رهجي ويو. +جمشيد: سائين! اڄڪلهه سنڌ جي سطح تي ڪافي ٻاراڻيون تنظيمون ڪم ڪن پيون، انهن جي گڏيل ڪارڪردگيءَ جي ٻاري ۾ اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟ +م. ا. جويو: ٻارن جون تنظيمون ٺهڻ چڱو ڪم آهي. پر آءٌ ان ۾ نقصان به ڏسان ٿو. هئڻ ته ائين گهرجي ته پاڻ وڻائڻ، پڏائڻ ۽ نمائش ڪرائڻ بدران، ٻارن کي پنهنجو سمورو ڌيان پڙهڻ ڏانهن ڏيڻ گهرجي. هنن جون سموريون سرگرميون اسڪول جي دائري اندر هئڻ گهرجن. رانديون ڪن، ناٽڪ رچائين، ڊبيٽون ڪن ته سٺو، پڪنڪون ملهائڻ لاءِ مريءَ ويا لاهور وڃي غريب والدين جا پئسا ضايع ڪرڻ بجاءِ استادن جي رهنمائيءَ ۾ ٿر گهمن، لاڙ وڃن؛ سنڌوءَ جي ڪناري جو سير ڪن؛ سنڌ جا ٻيلا ڍنڍون ۽ سمنڊ گهمن، پنهنجي ديس جو مشاهدو ڪن. پنهنجي سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو پکي پکڻ، چرند پرند، گل ٻوٽا ۽ جيت جناور ڏسن وائسن ۽ انهن سان دوستي ڪن. +ڏسو نه! ٻارن جي گهڻين تنظيمن طرفان گهڻا ساليانا جلسا ٿين ٿا، جن ۾ هو شهرت جي بکين ماڻهن، سياسي ليڊرن ۽ سرڪاري ڪامورن کي گهرائين ٿا. جنهنڪري سڀني تنظيمن ۾ صحتمند چٽا ڀيٽيءَ جو رجحان پيدا ٿيڻ بجاءِ منجهن حسد ۽ ضد پيدا ٿين ٿا ۽ خود غرضيون ۽ لالچون وڌن ٿيون. اهڙي لاڙي پيدا ٿيڻ ڪري ٻارن جي سگهه ورهائجي وڃي ٿي، جيڪا مستقبل لاءِ هاڃيڪار آهي. اهڙي عمل ڪري ٻار، علم ۽ ادب کان ڪٽجي، رقابت ۽ عداوت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿا! +عاشق حسين: سائين! اوهان جي تجربي جي روشنيءَ ۾ ٻاراڻو ادب ٻارن جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ والدين، اديب ۽ استاد ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟ +م. ا. جويو: استاد ۽ والدين کي ٻاراڻو ادب خريد ڪري ٻارن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪرڻ کپي. هو ٻاراڻي ادب کي چَٽي نه سمجهن، پر ٻارن جي ذهني تربيت جو هڪ وسيلو سمجهن. خاص طرح استادن کي تعليم ڏانهن پنهنجي رويي کي بدلائڻ گهرجي. +عاشق: اوهان ننڍپڻ غربت ۾ گذاريو، سنڌ جي مثالي درسگاهه ”سنڌ مدرسي“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. دوران تعليم اوهان هندو سيٺين جي ٻارن (شاگردن) کي اوچا ويس وڳا پائيندي ڏسي، ڇا محسوس ڪندا هئا؟ +م. ا. جويو: بابا! اُن وقت هندن مسلمانن ۾ ڪوبه فرق نه هوندو هو. هندو سيٺين جا ٻار اوچا ڪپڙا پائيندا هئا ته شاهوڪار مسلمانن جا ٻار به اوچا ڪپڙا پهريندا هئا. منهنجي دل ۾ ڪڏهن به مهانگي يا اوچي ڪپڙي پاتل ٻار کي ڏسي حسد نه ٿيندو هو ۽ نه هَوَس ئي ٿيندي هئي. ان جو سبب شايد اهو به هوندو هو ته پڙهڻ ۾ گهڻو هوشيار هوندو هئس ۽ منهنجو من اُن ۾ خوش رهندو هو. +اسان جا هندو توڙي مسلمان استاد ڪڏهن ڀلجي به اهو اشارو يا فرق نه ڪندا هئا ته ڪو ٻار غريب آهي يا شاهوڪار�� ڪو هندو آهي يا مسلمان. البت ننڍپڻ کان ئي مسلمان زميندارن ۽ پيرن کي مان ڌڪاريندو هئس، ڇو ته اسان غريبن جون بي عزتيون ۽ اسان تي زور ظلم ۽ زيادتيون اُهي ئي ڪندا هئا، اسين اُنهن جا ئي ڏکويل ۽ آزاريل هئاسين. +عاشق: توهان ننڍپڻ کان وٺي هن عمر تائين، ڪيترا ڪتاب مطالعي هيٺ آندا آهن؟ +م. ا. جويو: پورو تعداد معلوم نه آهي. اندازي طور سمجهان ٿو ته هزار پندرهن سؤ کن ڪتابن جو اڀياس ڪيو هوندم. هونئن اڌو گابرو ته ڪيئي ڪتاب پڙهيا هوندم. +بمبئيءَ ۾ پنهنجي هڪڙي استاد کان پڇيو هوم ته ”سائين پڙهان گهڻو ئي ٿو پر ياد رهيم ئي نٿو!“ سائين، جنهن جو نالو پروفيسر ڪار هو، مدراسي هو، ڏاڍو مزيدار جواب ڏنو هو. چيائين ”گهڻو پڙهجي، ان مان سڀ وسري وڃي، باقي جو ماڻهوءَ وٽ بچي، تعليم ماڻهو جي اصل ۾ اهائي آهي!“ +عاشق: اڄ جي نئين نسل مان اوهين ڪهڙيون اميدون رکو ٿا؟ +م. ا. جويو: پڙهي لکي ڏاهپ جا صاحب ٿين. ڌرتيءَ جي مسئلن کان واقف ٿي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪن، انسان ذات جو خير گهرن، سڀني ساهوارن سان پيار ڪن ۽ سڄيءَ ڪائنات جا پاڻ کي ”ذرڙا“ سمجهن. +رياض احمد: سائين! ننڍپڻ ۾ ابتدائي تعليم دوران اوهان سان گڏ جيڪي شاگرد پڙهيا، انهن مان ضرور ڪي اهڙا به ٿي گذريا، جن اڳتي هلي نالو ڪڍايو هجي؟ +م. ا. جويو: ڪيئي هوندا، هر ڪو پنهنجي ننڍي وڏي دائري ۾ وَسَ ڪري ٿو. همڪلاسين ۽ ذاتي دوستن ۾ حڪيم محمد احسن ڪراچيءَ جو ميئر ٿيو، هڪ ڊيسڪ تي ويهندا هئاسين. مرحوم دين محمد لاکائي به ٻه سال کن مون سان گڏ هاسٽل ۾ رهيو، جيڪو اڳتي هلي ڪامياب وڪيل ثابت ٿيو، جيڪو هن اوهان جي ساٿياڻيءَ ۽ اسان جي ننڍڙي امڙ صنم نورانيءَ جو نانو هو. ٺٽي جو غلام عباس ميمڻ، پاڪستان پوسٽ کاتي جو وڏو عملدار ٿيو. بختيار پور جو جان محمد قريشي نامور ڊاڪٽر بڻيو وغيره وغيره. +رياض: سائين! اهو عجيب اتفاق چئبو ته اوهان سنڌ مدرسي ۾ شاگرد جي حيثيت سان تعليم پرائي، ته وري ساڳئي مدرسي ۾ استاد طور ٻارڙن کي به پڙهايو. هاڻ ڀلائي ڪري چند پنهنجن اهڙن شاگردن جا نالا به ٻڌايو، جيڪي اڳتي هلي وڏيون شخصيتون ٿي اُڀريا؟ +م. ا. جويو: رسول بخش پليجو، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، ڊاڪٽر آفتاب قريشي، جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ، سرجن علي محمد انصاري، غلام علي ميمڻ وڪيل، شمشير الحيدري، ع. غ. ميمڻ ۽ ابن حيات پنهور وغيره وغيره. +رياض: سائين! اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته هر دؤر ۾ مثالي شاگردن جا استاد به نامور ٿي گذريا آهن، اوهان به پنهنجي دؤر جا بلاشبه نالي وارا استاد ٿي رهيا. مثالي شخصيتون پيدا ڪَيوَ. پوءِ هڪڙو سبب آهي، جو خدمتن جي اعتراف طور بجاءِ تمغن ۽ اعزازن ڏيڻ جي، تڏهوڪي سنڌ جي وزير تعليم پير الاهي بخش اوهان جي مورڳو نوڪري ئي ختم ڪري ڇڏي؟ +م. ا. جويو: مون 1947ع جي اوائل ۾، انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب. ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو- سرمائيدارن کان، زميندارن کان ۽ انهن جي فرقيوارانه ذهنيتن کان“ لکيو ۽ شايع ڪرايو هو، ان وقت مسلم ليگ جو زور هو. سنڌ جي مسلمانن ۽ سنڌي قوم جيڪا تاريخي طور آزاديءَ جي حقدار هئي، ان کي غلاميءَ جي نوڙ ۾ ٻڌو پئي ٿي ويو ۽ سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ ڏڦيڙ وڌا پئي ويا. +”سنڌ مدرسي بورڊ“ جو چيئرمن پير الاهي بخش سنڌ جو وزير تعليم هو. +بس! حق جي ڳالهه ڪرڻ تي بي روزگار ٿيس ته: ”سنڌ کي پاڪستان ۾ آڻڻو اٿو ته برابريءَ جي شرط تي ائين ڪيو.“ +انهن حالتن ۾ منهنجو وڏو پٽ منور علي جويو ڄائو. سورنهن مهينن جو ٿيو ته سندس والده بيماريءَ ۾ فوت ٿي ويئي. اهڙيءَ اوکي ويل ۾ ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمن، حاجي موليڏنو عباسي، جيڪو وڏو قومپرست ۽ بهادر ماڻهو هو، هلي مون وٽ آيو، ۽ پنهنجي ميونسپل هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب جي انڊيا وڃڻ ڪري، ٻه سؤ رپيا ماهوار پگهار تي مون کي نوڪريءَ ۾ رکيائين. +رياض: جيئن ته نوڪرين ۾ بدليون سدليون به ٿينديون رهنديون آهن. اهڙين تبديلين دوران، اوهان جي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي ڪهڙا اثر پيا؟ +م. ا. جويو: ڏور رهڻ ڪري وڏو پٽ منور عليءَ جي تعليم تي خاص اثر پيو. باقي ٻين ٻارن جي تعليم ۾ ناغو نه ٿيو. ڪوبه ڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ ناپاس نه ٿيو. مون منور جي ڪري ئي ٻي شادي ڪئي. جنهن به ٻار جي ماءُ گذاري وڃي ٿي، ان کي ڪيترو به پيار ڏجي پر ماءُ کان وڇڙيل ٻار جي طبيعت گهڻي ويڳاڻي ٿيندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ منور جي پڙهائيءَ تي به اثر پيو. نيٺ هڻي ڌُڻي ان به مئٽرڪ ۽ بي- اي پاس ڪئي ۽ پريس لائن ۾ داخل ٿيو. اڳتي هلي ايڏو ماهر ٿيو، جو سنڌ ۾ هن وقت جيڪي به پريس ماهر آهن، انهن مان هڪ هيءُ شمار ٿئي ٿو. ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ جا سمورا ڪتاب مشهور ڪاليجن جا مئگزين ۽ روزانه ”عبرت“ اخبار جي ڇپائي، سانده 23 سال منور جي نگرانيءَ هيٺ ٿيندي رهي. ان کان سواءِ ماهوار رسالي ”نئون نياپو“، هفتيوار اخبار ”ڪچهري“ ۽ ”هلچل“ جو ايڊيٽر ۽ ”عبرت“ اخبار ۾ هفتيوار شايع ٿيندڙ شاگردن جي صفحي جو انچارج پڻ رهي چڪو آهي. +منهنجا ٻيا ٽيئي پٽ مظفر علي، محبوب علي ۽ منصور علي ڪاميابيءَ سان پڙهيا، پهريان ٻه اڄ انجنيئر آهن ۽ ٽيون ڊاڪٽر ٿيڻ وارو آهي. منهنجون ٻه ڌيئرون نيلوفر ۽ نرگس به انٽر تائين پڙهيون ۽ عزت ڀري خوش زندگي گذارين ٿيون. +چيتن سوٽهڙ: سائين! جيئن ته اوهين تعليم کاتي ۾ استاد کان وٺي آفيسر جي عهدي تائين فائز رهيا. مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اوهان پنهنجي دؤر ۾ تدريسي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪهڙا تڪڙا ۽ عملي اپاءَ ورتا؟ +م. ا. جويو: ٽريننگ ڪاليج ۾ مون جيڪو وقت گذاريو، اُن دوران تدريسي واڌاري لاءِ ڪتاب لکيم ۽ محنت ۽ ذوق سان استادن کي پڙهايم. جڏهن انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيس ته عملي طور استادن جي ويجهو آيس ۽ روبرو ڪچهرين ۾ سرڪيولرن ذريعي سمجهاڻيون جاري ڪندو هئس، ۽ انهن جي ڪم تي نظر رکندو هوس، ۽ عقل ۽ انصاف جي بنياد تي انتظامي مسئلن جا ترت ۽ از خود فيصلا ڪندو هوس. +ڊپٽي ڊائريڪٽر تعليم ۽ بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر ٿيس ته به هر حالت ۾ پنهنجو فرض وسيع قلب، روشن ذهن، بي غرضي ۽ بي خوفائيءَ سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. +چيتن: اڄڪلهه ٻارڙن ۾ ڪاپي (نقل) ڪرڻ جو لاڙو وڌندو پيو وڃي. بحيثيت هڪ استاد جي ان جو ڪارڻ اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ +م. ا. جويو: منهنجي خيال ۾ ان جا سڌا ۽ پهريان ذميوار اسڪولن جا هيڊ ماستر صاحب ۽ استاد آهن. اُهي انتظام ڏانهن پورو ڌيان نٿا ڏين ۽ هرگز هرگز پورو نٿا پڙهائين. +چيتن: اوهين موجوده تعليمي نظام کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ +م. ا. جويو: بلڪل مطمئن نه آهيان! +ڪيترا اسڪول آهن، جتان جون حالتون چوڻ کان بدتر آهن. تمام ڪي ٿورا اهڙا اسڪول آهن جتي استاد ايمان جي سلامتيءَ سان ٻارڙن کي پڙهائين ٿا. اڄ جي هن نظام تعليم ۽ اُن جي ڪارڪردگيءَ ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي. +چيتن: جيئن ته منهنجو واسطو ٿر سان آهي، ۽ ٿر ۾ هن وقت ڏيل ڏڪائيندڙ ڏڪار آهي، وڏن سان گڏ کير پياڪ ٻارڙا به اجل جو شڪار ٿين پيا، اهڙين حالتن ۾ اسان جي سنڌي اديبن کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ +م. ا. جويو: سنڌي اديب باشعور آهن. ان ڪري مٿن وڌيڪ فرض عائد ٿو ٿئي ته قلم ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جو ۽ سڄيءَ دنيا جو ڌيان ٿر جي حالتن ڏانهن ڇڪائين. وڌيڪ عملي طرح به انهن جي سهائتا ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. +نويد ميمڻ: لالا بابا! اوهان جي ذاتي لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو تعداد ڪيترو آهي؟ +م. ا. جويو: اٽڪل 3 هزار ڪتاب ٿيندا. جنهن ۾ ڏيڍ هزار کن سنڌيءَ ۾، هزار کن انگريزي ۾ ۽ باقي اردو، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ آهن. +نويد: اوهان جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، انهن مان توهان جو وڻندڙ ڪتاب ڪهڙو آهي؟ +م.ا. جويو: ڪتاب ته سڀ سٺا آهن. پر ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ۽ ٻيو ڪتاب، اوهان ٻارڙن جي خيال کان ”ٻارڙن جو مسيح“ وڌيڪ پسند اٿم. +نويد: ننڍپڻ ۾ اوهان جي آئيڊيل شخصيت ڪهڙي هئي؟ +م. ا. جويو: منهنجو پهريون مانوارو استاد سائين ٽيڪن مل. +معظم علي جويو: ڏاڏا بابا! بابا ٻڌائيندو آهي ته کيس اوهان ۽ اوهان جي دوست ”ايملي“ جي نالي سان سڏيندا هئا، ٻڌايو ته بابا کي انهيءَ نالي سان ڇو سڏيندا هئا؟ +م. ا. جويو: ٽريننگ ڪاليج واري زماني ۾ منور چئن سالن کن جو هو ۽ سدائين ساڻ رهندو هوم. مطلب ته اسڪول، گهر ۽ شهر ۾ گڏ ئي گڏ هوندو هو، اُنهن ڏينهن ۾ مون ”ايملي عرف تعليم“ ڪتاب لکيو. +”ايملي“ جي پوش (Cover) تي گلن ۾ بيٺل ٻار جي شڪل ڏنل هئي. ڪتاب جي ارپنا منور جي ماءُ جي نالي تي ڪيل هئي. دوستن سمجهيو ته اها منور جي تصوير آهي. تنهنڪري سمورن دوستن منور کي ”ايملي“ جي نالي سان سڏڻ شروع ڪري ڏنو. +معظم: توهين پنهنجي ٻارن کي گهمائڻ وٺي ويندا هئا؟ +م. ا. جويو: هائو! موقعي ملڻ تي اسڪولن ۾، شهر ۾ ۽ ٻاهر ڳوٺن ۾ گهمائڻ وٺي ويندو هئس. سڀ کان گهڻا شهر مون سان گڏ اوهان جو چاچا مظفر گهميو. +معظم: اوهان سنڌي قوم جي ٻارن لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي؟ +م. ا. جويو: مون دل سان دعائون گهريون آهن ته پڙهن، لکن، صحتمند رهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ گهڻو ڪم ڪن. +استاد، اديب ۽ والد طور هزارين سنڌي ٻارڙن ۽ جوانن کي به انهيءَ آس سان پڙهايو پئي اٿم ته اڳتي هلي سنڌ ڌرتيءَ جو نالو ڪڍن. +ذيشان: سائين! اسان کي اُهو ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اوهان ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جا ڇپايل ڪتاب مطالعي هيٺ آندا آهن. مهرباني ڪري انهن متعلق ٻه اکر راءِ جا ڏيندا ته رهنمائي ٿيندي؟ +م. ا. جويو: ڪتاب تمام گهڻا وڻيا اٿم. ڪتابن جو سهيڙيندڙ اسان جو نوجوان دوست اسرار شام شابسون لهڻي. کوڙ محبت ڪئي اٿس. ڪوبه ڪتاب ڪڍڻ چوڻ ۾ سولو ڪم آهي، پر ان کي تيار ڪري منظرعام تي آڻڻ بيحد اوکو عمل آهي. اسرار کي ڏاکڙا سهي به باقاعدگيءَ سان ٻارڙن لاءِ ڪتاب ڪڍڻُ گهرجن. هن سٺا ڪتاب ڪڍيا آهن. اميد ته اڃا وڌيڪ سٺا ڪتاب لکندو ۽ لکائيندو ۽ ڇپائي اسان کي باقاعدي ڏيندو رهندو. +ذيشان: سنڌ جي ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام؟ +م. ا. جويو: پنهنجي فرض کي سڃاڻن. محنت ڪري پڙهن. عظمت ماڻي سجاڳيءَ سان سوچين ته سنڌ اسان جو ديس اسان کان ڇا ٿو طلبي؟ +(نوٽ: هيءُ پئنل انٽرويو 22-8-1987ع تي سائين محمد ابراهيم جويو جي گهر واقع صحافي ڪالوني، سامهون سينٽرل جيل حيدرآباد، ۾ ٽاڪ منجهند جو ورتو ويو. انٽرويو طويل هئڻ ڪري ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جي هن پرچي جا ڪجهه صفحا وڌايا ويا آهن. – سهيڙيندڙ) +[”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ +ڪتاب چوٿون، سال 1987ع] +انٽرويو +منهنجو نالو: محمد ابراهيم محمد خان جويو. +منهنجي سڃاڻپ: منهنجو ڪم، منهنجو سڀاءُ. +ڄمار: ٻياسي ورهيه. +برج/ستارو: ”برجن ۽ ستارن“ ۾ منهنجو ويساهه ڪونهي. +ڌنڌو: ڄاڻڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ. +عهدو: سيکڙاٽ +منهنجي ڪاميابي: جيئن پوءِ تيئن وڌندڙَ. +منهنجي ناڪامي: ڪڏهن نه، ڪابه نه. سوچ ۽ سمجهه ڀرئي ��رادي ۽ وس ڀر ڪوشش سان نتيجي، ڀلي يا بري، کي هڪ تجربو ئي پئي سمجهيو اٿم. +شادي: ٻه شاديون ڪيم. +ٻار: چار پٽ، ٻه نياڻيون. +پسند اٿم، اهي ماڻهو: جيڪي سوچ ۽ سمجهه تي ڀاڙيندڙ هجن، عقل کي پنهنجي راهه جي روشني سمجهن، يعني عاقل، عقلمند ۽ معقول ماڻهو پسند اٿم. +نفرت: نفرت ڪنهن سان ڪانه اٿم، البت عقل کان ڪم نه وٺندڙ ماڻهو منهنجي ناپسند جا ماڻهو آهن. +خواهش اٿم ته: سنڌ ۽ سنڌي قوم کي آزاد ڏسان. +شغل (Hobbies): ڪتاب پڙهڻ ۽ راڳ ٻڌڻ، ۽ ماڻهن کي رانديون ڪندي ڏسڻ. +زندگيءَ جو نه وسرندڙ واقعو: ڪو هڪڙو واقعو نه پر انيڪ اهڙا واقعا آهن، جيڪي مون لاءِ نه وسرندڙ واقعا آهن. انهن مان هڪڙو واقعو آهي: بمبئيءَ ۾ ڪامريڊ ايم. اين. راءِ سان منهنجو ملڻ. +افسوس اٿم ته: 1947ع، آگسٽ جي مهيني ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي آزادي نه ملي. +مستقبل لاءِ پروگرام: ڪو خاص نئون پروگرام ڪونه اٿم. زندگيءَ جو پروگرام لاڳيتو ۽ جاري آهي. +واندڪائي ۾ ياد ايندا اٿم: مائٽ، دوست ۽ ساٿي، جيڪي گذاري ويا آهن ۽ جيڪي حال حيات آهن. +وڻندڙ شعر: راڳ جي صورت ۾ شاعري ڏاڍي وڻندي اٿم. هونئن به وڻندڙ شعر هر روز نئين کان نوان ٻڌبا رهبا آهن ۽ پڙهبا رهبا آهن. هڪڙا وسرندا آهن ته ٻيا ياد. اڄ ڪلهه شاهه جي وائيءَ جا ٽي شعر آهن. جيڪي ڏينهن ٿيا آهن ته دل تان لهن ئي نٿا. اهي اوهان جي پڙهندڙن لاءِ هيٺ ڏيان ٿو. +اچي سار لهيج، ساجن! سور تنهنجي آءٌ ماري! +ڀري ڊڀن هٿڙا، دارون دوست ڪريج! ساجن، سور تنهنجي آءٌ ماري! +سور تنهنجي جي مران، تان مون ڏوهه نه ڏيج! ساجن، سور تنهنجي آءٌ ماري! +سُر يمن ڪلياڻ، 2 جي وائي آهي، پر منهنجي خيال ۾ مومل راڻي جي سُر سان هجڻ کپي. +منهنجو پتو: گهر نمبر 41- اي، صحافي ڪالوني، حيدرآباد سنڌ. +[روزانه ”سنڌ پاڪ“، حيدرآباد سنڌ، آچر 15 جون 1997ع] \ No newline at end of file