diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book15.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book15.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book15.txt" @@ -0,0 +1,3143 @@ +ڪتاب جو نالو: سنڌي ايڪانڪي + + + +سنڌي ايڪانڪي +سمپادڪ: جيوگرسهاڻي، هيمراج ناگواڻي ۽ پريم پرڪاش +مهاڳ +سنڌي سڀينا ۽ ٻولي گهڻو آڳاٽي هوندي به، سنڌي ناٽڪ جو اِتهاس گهڻو پراڻو ڪونه آهي. انگريزي تعليم ۽ اولهه جي سڀيتا جي اَثر هيٺ، اڻويهين صديءَ دوران، ڀارتي ٻولين ۾ جديد ناٽڪ جو جنم ٿيو ته ان وقت سنڌي ٻولي، ٻين ڀينرن کان پٺتي ڪونه پيئي ۽ سال 1880ع ۾، نامڪٺئي ساهتڪار مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ليليٰ مجنون نالي وارو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناٽڪ لکيو. اُن وقت سنڌ ۾ اَڃا تائين ڪا به ناٽڪ منڊلي وجود ۾ ڪونه آئي هئي ۽ هي ناٽڪ اِسٽيج تي ڪونه اَچي سگهيو. پهرين ناٽڪ منڊلي_ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايمچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي، سال 1894ع ۾ ڪراچيءَ ۾ برپا ٿي. اَن جيڪو پهريون ناٽڪ پيش ڪيو سو هئو ماستر ڄيٺانند کلڻداس جو جوڙيل ڌرمي ناٽڪ نل دمينتي. +جديد سنڌي ناٽڪ جي عمر هڪ سؤ ورهيه آهي، مگر اُڻ کان اَڳ به عام لوڪن لاءِ ڪي وندر ورونهن جا وسيلا موجود هئا، جهڙوڪ ڳالهير، منگتا مڱڻهار، ڀٽ ۽ چارڻ. ڳالهير، ڳالهه کڻندو هئو ۽ منگتا مــڱڻهار ڳالهه ڳائي ٻڌائيندا هئا. اُن کان پوءِ ميدان ۾ آيا ناچو ۽ ڀڳت جن ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ واريون طرزون گڏوگڏ ڪم آنديون ۽ پنهنجي ڪارروائيءَ ۾ ناچ به جوڙي ڇڏيائون. هنن سڀني جي ڪارروائيءَ ۾ ناٽڪ جو ڪجهه نه ڪجهه جزو هئو؛ اَلبت، هنن جو زور ڳالهه ’ٻڌائڻ‘ تي هئو، انکي ناٽڪي روپ ۾ پيش ڪرڻ تي نه. +وڏي ناٽڪ جو جنم ٿيو ته ان جي لازمي حصي طور ننڍي ناٽڪ جو جنم به ٿيو. ٻين هنڌ، عام طور، وڏو ناٽڪ شروع ڪرڻ کان اڳ ڪو ننڍو کلائيندڙ چهچٽو ڪري ڏيکاريو ويندو هئو، پر سنڌي ناٽڪ جي حالت ۾ اِئين ٿيو جو وڏو ناٽڪ پورو ڪرڻ کانپوءِ اهڙي چهچٽي يا نقل سان ڀوڳ پائيندا هئا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ان جو اهو ڪارڻ ڄاڻايو آهي ته اَوائلي وڏا ناٽڪ گهڻو ڪري دکدائڪ هوندا هئا، جي ڏسندي اُن زماني جا روماني طبيعت وارا ناظرين اَڪثر ڳوڙها ڳاڙڻ کان به ڪين رهي سگهندا هئا، تنهنڪري مٿان ٿيندو هئو مذاقي نقل، ته آنسون اُگهي کل ۾ کيرا ٿيندا گهر موٽن. اهڙن چهچٽن ۽ نقلن اَڳتي هلي ننڍي، هڪ فصلي يا ايڪانڪي ناٽڪ جو روپ ورتو. اهڙا مذاقي نقل به اَوائل ۾ مرزا قليچ بيگ لکيا، جن مان پهريون هئو لوڀي ۽ ٺوڳي جيڪو 1894ع ۾ لکيو ويو. مرزا صاحب جا ٻيا ننڍا ناٽڪ جيڪي مشهور ٿيا سي هئا انڪوائري آفيسر (گوگول جي روسي ناٽڪ جو سنڌي اُلٿو) رسائيءَ جو رنگ يا گشت ڪين ڪشٽ، نيم طبيب خطره جان نيم ملان خطره ايمان، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو، حرڪت مان برڪت ۽ پرهيز جي ٽولي. ديوان ڪوڙيمل سنگ جو پرسنگ نالي ننڍو ناٽڪ لکيو. ديوان ليلارام سنگ شاه عادل خان ۽ لوڀي لاکيڻا نالي سان ننڍا ناٽڪ لکيا، جن مان پوئين ۾ وڪالت جي ڌنڌي ۽ لوڀين ۽ ٺوڳين تي ٺٺولي ڪيل هئي. لالچند امرڏنيمل به چڱا ئي ننڍا ناٽڪ لکيا، جهڙوڪ سيڻ ڪين ويڻ، نقد ڌرم، ڀارت ڄاوا جاڳ، سوديشي، عملدار ڪين رعيت آزار وغيره. ڀيرومل مهرچند بزازين جو ناٽڪ ۽ پنگتي مقدمو لکيا. اَڳتي هلي ڪوي ڪشنچند ’بيوس‘، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڄيٺانند ناگراڻي ۽ ٻين هن ميدان ۾ واهه جو وارو وڄايو. +توڙي جو اَوائلي ننڍا ناٽڪ ڏسندڙن کي کلائڻ جي مراد سان لکيا ويا ته به اُهي سماجڪ مقصد کان وانجهيل ڪونه هئا. دراصل اِنهن ناٽڪن ذريعي ڪيترين پنگتي اوڻاين جهڙوڪ ڏيتي ليتي، شرابخوري، عملداري آزار، زمينداري ظلم وغيره جي اوگهڙ ڪئي ويئي. اِئين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿين��و ته سنڌي ننڍو ناٽڪ شروعات کان ئي سنڌي جيوت سان جڙيل رهيو آهي. جيئن ئي ملڪ ۾ آزاديءَ جي هلچل زور ورتو تيئن ناٽڪ به اُن جي اثر هيٺ آيو ۽ اَهڙيءَ ريت ننڍا ناٽڪ پنگتي ۽ سياسي سجاڳيءَ جو واهڻ بڻيا ۽ انهن جو پنهنجو اَلڳ وجود بڻيو. هونئن جو ننڍا ناٽڪ، وڏن ناٽڪن سان گڏ روُنگ طور ڏيکاريا ويندا هئا، سي هاڻي پنهنجي ليکي اَلڳ کيڏجڻ لڳا. اڳ ۾ ڄاڻايل صاحبن کانسواءِ ڪي ٻيا ذڪر جوڳا ليکڪ هئا_ موٽومل گدواني، نانڪرام ڌرمداس، ڄيٺمل پرسرام، خانچند درياڻي ۽ عثمان ڏيپلائي. +ٻين ڀارتي ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ جي وڏن توڙي ننڍن ناٽڪن ۾ شعر ۽ گانا جهجهي تعداد ۾ هوندا هئا ۽ سچ پچ ته سموري گفتگو ۾ شاعراڻي لهر ۽ تڪبندي هوندي هئي. سندر ساهتيه طرفان 1931ع ۾ ڇپايل (سرڳواسي) ڪشنچند ’بيوس‘ جي ننڍن ناٽڪن جي مجموعي انڊلٺ جي مهاڳ ۾ (سرڳواسي) ميلارام واسواڻي لکيو آهي، ”ناٽڪ نويس شاعر هئڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ شاعراڻه طبيعت جو هجي.“ ناٽڪ ۾ شعر ۽ راڳ ڪهڙي سبب ضروري آهي، اُنَ سلسلي ۾ لکيو اٿس، ”ناٽڪ جي زباني ۾ شعر جو حقيقتاً واسطو ڪونهي، پر رٿا ۾ ڪي اَهڙا واقعا اچن ٿا، خاص طرح درد ۽ سوز جا؛ جن جي پوري اِظهار لاءِ نثر قاصر آهي. اُتي شعر کان ڪم وٺڻ گهرجي. شعر جي ضرورت اِن ڪري به آهي جو ويس ڌارين ۾ واقع جا اصلي جذبات اچڻ ناممڪن نه، ته به بلڪل ڪٺن آهي...... ساڳيءَ ريت ڪن موقعن تي راڳ جي آلاپ جي ضرورت ٿئي ٿي، پر شعر ۽ راڳ ٿورا هجن ۽ نهايت مناسب موقعن تي.“ اڄ ناٽڪ ۾ راڳ جو هجڻ جيتوڻيڪ عيب ڪونه ٿو ڳڻيو وڃي ته به گهڻو تڻو، راڳ کان ڪنارو ڪيو وڃي ٿو. اتي اهو ڄاڻائڻ مناسب ٿيندو ته ديس جي آزاديءَ کان اڳ ۾ ئي ڪي اهڙا سڄاڻ ناٽڪ نويس ميدان ۾ اچي چڪا هئا، جن جا ناٽڪ راڳن ۽ تڪبنديءَ کان آجا هئا. +ديس جي آزاديءَ پڄاڻا، سنڌي هندو پنهنجي ڀونءَ کان ڇڄي، ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. هو اڃا ورهاڱي جو ڌڪ سهسائي ئي ڪونه سگهيا هئا، جو کين پنهنجي ادبي ۽ تهذيبي ورثي کي بچائڻ ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي دائم قائم رکڻ جي چورا کورا ورائي ويئي، جنهن جي هڪ عملي روپ طور ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل جو جنم ٿيو. شروعات ڪوي ڪشنچند ’بيوس‘ جي پوڙهي جو پرڻو ۽ ڄيٺانند ناگراڻيءَ جي گامٽو ڊاڪٽر سان ٿي. سندن انهيءَ تاريخي اهميت کي نظر ۾رکندي ۽ آزاديءَ کان اڳ وارن مشهور ۽ مقبول ننڍن ناٽڪن جي عيوضي مثالن طور، انهن ٻنهي ناٽڪن کي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن کان سواءِ جيڪو ٽيون ناٽڪ، انهن ڏينهن ۾ گهڻو مقبول ٿيو سو هئو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جو ٽي پارٽي. +ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات، جيون گرسهاڻيءَ ڪئي. سندس پهريون ناٽڪ ڏيتي ليتي 1950ع ۾ لکيو ۽ منچ تي آندو ويو. انهيءَ وشيه کان سواءِ جن ٻين وشين تي هن ناٽڪ لکيا آهن، سي آهن_ سنڌ جي ساروڻي، مٽي مائٽي سانگي ڇوڪري/ ڇوڪريءَ جي ڳولها ۽، ڪوڙو اَڊمبر. سچ ته اهي چارئي موضوع اسان جي مڙني ناٽڪ نويسن ۾ ڪافي پيارا رهيا آهن جن تي داس طالب، گوبند مالهي، سندري اُتمچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، واسديو نرمل، سندر اَگناڻي ۽ ڪيترن ٻين قلم آزمائي ڪئي آهي. منجهانئن گوبند مالهيءَ گهڻي ۾ گهڻا ننڍا ناٽڪ لکيا آهن ۽ سنڌي ناٽڪ هلچل کي وڏي هٿي ڏني آهي. +سال 1951ع ۾، آزاد ڀارت جي پهرين عام چونڊ جي هل هلاچي کانپوءِ، اي.بي.سڳئمل، سياسي طنز ڀريو پهريون ننڍو ناٽڪ لکيو. اُهو هوند هن مجموعي ۾ شامل ڪجي ها، پر ڪن ڳالهين کي مدِنظر رکي اُن جو نالو به نٿو ڏنو وڃي. ان ساڳئي ڍنگ تي ويجهڙائيءَ ۾ ايم. ڪمل هڪڙو ناٽڪ جوڙيو آهي، جنهن جو نالو آهي منسپل ڪائونسلر. انهن ٻن جي وچ ۾ آيو موهن ڪلپنا جو ناٽڪ آڏي روشني. +پنهنجي وطن جي لوڪ ڪهاڻين کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ پروفيسر رام پنجواڻي اُنهن کي ناٽڪي رنگ ۾ پيش ڪيو. اُهي ناٽڪ سال 1952ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ۽ تازو وري ڇپايا ويا آهن. هو صاحب لوڪ ڪهاڻيون ڪتب آڻڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي ڪاليج ۾ ئي شروعات ڪري چڪو هو. +سال 1962ع ۾ چين اَسان جي ملڪ تي حملو ڪيو، تڏهين هريڪانت پنهنجو پهريون ۽ ديش ڀڳتيءَ جي ڀاونا سان ڀريل پهريون سنڌي ناٽڪ لکيو_ آخر جيت اَسانجي! اُن ساڳيءَ واردات کان متاثر ٿي گوبند مالهيءَ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون تمثيلي ناٽڪ لکيو_ تنهنجو سو منهنجو ديش ڀڳتيءَ جي ڀاونا سان ڀرپور، ويجهي اِتهاس جي هڪ ورق کي کڻي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ لکيو آهي_ سوريءَ سڏ ڪيو جنهن ۾ اَمر شهيد هيمون ڪالاڻي جي مختصر جيوت جو آخرين باب چٽيل آهي. +شاديءَ کان اَڳ جنسي تعلقات، گرهت جيون ۾ جنسياتي اڻبڻت ۽ اهڙن ٻين جنسي مسئلن تي فقط پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ئي ناٽڪ لکيا آهن جن کي هو صاحب پاڻ ’اُگرا ناٽڪ‘ سڏيندو هئو. ڪن سڄڻن اُنهن تي فحش هئڻ جو اِلزام پڻ لڳايو هو. سچ پچ ته اُهي ناٽڪ نه اَگرا آهن ۽ نه فحش. ملڪاڻي صاحب انهن مسئلن جي نهايت همدردي ۽ نفاست سان ڇنڊڇاڻ ڪندي، پنهنجي ڪردارن جي اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ سندن من جو منجهيل سٽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ننڍي ناٽڪ جي سرمور شخصيت آهي. هن گوگاگون وشين تي ناٽڪ رچيا ۽ اڄ ڏينهن تائين جيترا به سندن لکيل ۽ ڇپيل ناٽڪ آهن اوترا ٻئي ڪنهن ليکڪ جا ڪونه آهن. آزاديءَ کان اڳ سندن ناٽڪن جا ٻه مجموعا ڇپجي چڪا هئا_ پنج ننڍا ناٽڪ ۽ پنگتي پردا. هتي ڀارت ۾ به سندن ناٽڪن جا مجموعا هڪ ٻئي پٺيان ظاهر ٿيندا رهيا، جيئن ته_ جيون چهچٽا، پاپ ڪين پڃ، کڙکٻيتا پيا ٽمڪن، آخرين ڀيٽ ۽ سمنڊ جي گجڪار. اهو به سچ آهي ته پنهنجي زماني ۾ هن صاحب سنڌي ننڍي توڙي وڏي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. +گوبند مالهيءَ جو نمي خون جي واردات سان واسطو رکندڙ پهريون جاسوسي ناٽڪ آهي. اُنهيءَ ڏانءَ جو هڪڙوئي ٻيو ناٽڪ آهي رام گيانچنداڻي جو اُلجهن، جنهن ڪامورا شاهي جي اوگهڙ ڪندڙ ناٽڪ پڻ لکيو آهي. اَلبت ڪامورا شاهي سان گڏ ٻين پنگتي اوڻاين کي به وائکو ڪندڙ فائيل گم، ليٽر لڀيئي نٿو. رام. جي. هڱوراني جو لکيل آهي. +سس ننهن جي ڪوڙي_ مٺي رشتي کي موضوع بڻائي لکيل آهي، سندري اُتمچنداڻيءَ جو ساهيڙي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جو ٿڌي جنگ. +اِئين ته گهڻا تڻا ناٽڪ مذاقي ڍنگ جا آهن ته به خالص مذاقي ناٽڪ کيتر جو شهسوار آهي. ڄيٺانند ناگراڻي جنهن ڀارت ۾ به پنهنجي ’گامٽو‘ سلسلي کي جاري رکندي، گامٽو اسٽوڊنٽ ۽ گامٽو گهوٽ لکيا. اُنهن ئي ڏينهن ۾ راجن چاولا جو ڊاڪٽر ڏوڪلاڻي پڻ چڱو مشهور ٿيو هئو. اُنهيءَ کيتر ۾ واسديو نرمل به واهه جو وارو وڄايو آهي جنهن جون وڏي ناٽڪ کيتر ۾ ڪيل سيوائون گهڻي ساراهه لائق آهن. +اِسٽيج لاءِ لکيل ناٽڪ ٿوري ڦيرگهير سان يا جيئن جو تيئن، ريڊيو لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن، پر خاص ريڊيو ناٽڪ لکڻ ۾ گوورڌن ڀارتي ٻين کان اَڳرو آهي. هن نه رڳو مذاقي بلڪ پنگتي ۽ تاريخي ناٽڪ پڻ لکيا آهن ۽ ڪن لوڪ ڪهاڻين کي پڻ ناٽڪي روپ ڏنو اٿس. +هي سمورو اَحوال ڏيڻ جي مراد آهي اهو ڏيکارڻ ته آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ ننڍي ناٽڪ جي گهيري ۾ اَلڳ اَلڳ موضوعن کي کڻي ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ويون آهن. هي سڀ ناٽڪ هڪ ئي دور جا آهن ۽ لٿي پٿي هڪ ئي ڏانءَ جا، توڙي جو منجهانئن ڪيترن ۾ ڪيقدر نواڻ آڻڻ جو جتن به ٿيل آهي. هنن ناٽڪن جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته منجهن سنڌي جيوت ۽ اُن ۾ ايندڙ ڦيري جي تصوير ڏسجي ٿي. داس طالب جا ناٽڪ هجن، گوبند مالهيءَ، سندري اُتمچنداڻي يا ٻئي ڪنهن جا، اُنهن ۾ وچولي طبقي واري سفيدپوش سنڌي ڪٽنب جي دک سک، ڳڻتي ڳاراڻي ۽ جدوجهد جي تصوير جهلڪندي نظر اچي ٿي. گهڻو تڻو، ناٽڪ جو اَسٿان هوندو هڪ ڪمري وارو گهر_ ٻه کٽون، نوڙيءَ تي ڪپڙا، ڪنڊ ۾ رنڌڻو. اَڄ جڏهن ’ڊرائنگ روم‘ سيٽ جو رواج به پراڻو ٿي ويو آهي، تڏهن اِسٽيج تي ان نموني جو درشيه پيش ڪرڻ کي، شايد، ’نواڻ‘ ۽ ’تجربي‘ جو وڏو نالو به ڏيئي سگهجي پر، اُن وقت اِها حقيقي زندگي جي صحيح تصوير هئي. اُنهن ناٽڪن ۾ نظر اَچي ٿو ته ڪيئن سفيدپوش سنڌي، ڪلارڪي ۽ ٿڌي ڇانوَ واري نوڪري جي تنوار ڇڏي، ڪنهن به قسم جي ڌنڌي ۽ هٿ جي پورهئي ڏانهن مائل ٿيو ۽ مڙس ٿي زندگيءَ ۾ آيل آرٿڪ گهوٽالي کي منهن ڏنائين. +ڏيتي ليتي جي مسئلي کي کڻي جيڪي ناٽڪ هتي ڀارت ۾ لکيا ويا آهن تن ۾”هاءِ هاءِ ڏيتي ليتي، تنهنجي ٿئي شل ستيا ناس“ وارو هائيدوس ڪونه آهي، پر اُن کي، اَلڳ اَلڳ ڪنڊن کان ڏٺو ۽ پيش ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن جيون گرسهاڻي ڇوڪري جي غيرت کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته داس طالب، ڇوڪريءَکي گهر کان ٻاهر نڪري، پنهنجي پير تي بيهڻ ۽ بردبار بڻجڻ جي صلاح ٿو ڏئي ۽ گوبند مالهي، ڇوڪريءَ کي ايترو خوددار ٿو بڻائي جو ڪنواريتا ڏيتي ليتي ڏيڻ بجاءِ، گهرڻ جي حد کي ٿا پهچن. +ڪو وقت هئو جو ڪليم (Claim) اَسانجي زندگيءَ جو اَهم حصو بڻجي ويا هئا. انهن بابت ڪهاڻيون به لکيون ويون ته ڪوتائون به. اُن وشيه تي لکيل ناٽڪ ڏينهن جا سپنا ۾ هريڪانت، سنساري جهنجهٽن کان ڀڄي ويل شخص جي ڪوڙي سنياس جي قلعي کولي آهي ۽ اِئين ڪندي موجوده زندگيءَ جي ذلالت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. هوڏانهن پروفيسر رام پنجواڻيءَ فريبي، پاکندي رت چوسيندڙ ڄؤر جهڙي سماج شيوڪ جي هڪ خوددار ڇوڪريءَ هٿان نهايت نزاڪتدار بيرحميءَ سان کل لهرائي آهي. +اِنهن ئي ناٽڪن مان اِها حقيقت به ظاهر ٿئي ٿي ته ناري هاڻي اَٻلا ڪانه رهي آهي ۽ اُها ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌي سماج جي اها گونگي گانءِ هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي. +”ناٽڪ زندگيءَ جي درسني آهي“ اُصول مطابق، هي ناٽڪ بلڪل کرا آهن. جيڪڏهين انهن ناٽڪن، ڏسندڙن لاءِ وندر ورونهن ميسر ڪرڻ کي اڳرائي ڏني ته ان جو سڌو سنواٽو ڪارڻ آهي ڏسندڙن سان ويجهو ۽ گهاٽو سنٻنڌ قائم رکڻ جي خواهش. اهي مڙيئي ناٽڪ لکڻ، پيش ڪرڻ ۽ خود سموري ناٽڪ هلچل پٺيان هڪڙو ئي وسيع ۽ همه گير مقصد ڪارفرما رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت قائم دائم رکڻ. اهو مقصد برثواب آڻڻ لاءِ لازمي هئو، آهي ۽ رهندو ته سنڌي ناٽڪ ڏسندڙن جي ويجهو هجي. اتي اهو ارمان ظاهر ڪرڻ لاءِ نه رهي سگهبو ته پنهنجي اصلي ڀونءِ کان ڇڳل ۽ نئين ڀونءِ کي پنهنجو نه بڻائي سگهڻ واري سنڌي ڪردار جي پيڙا ۽ ويدنا، هن جي دماغي اُلجهن ۽ ڪشمڪش کي کڻي ڪوبه ناٽڪ ڪونه لکيو ويو آهي. اهو هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن کي کڻي هوند ڪو شاهڪار ناٽڪ رچي سگهجي. +سنڌي ۽ سنڌيت کي قائم دائم رکڻ جي نعرن، اٺسٺن، ارمانن ۽ اٻلاکائن باوجود، وقت جي وير سنڌي سماج جي صورت بدلائي ڇڏي آهي. اسان مان ڪي آهن جي سنڌي ڳالهائڻ کان ونءُ پيا وڃن ۽ ٻارن جو اهو حال آهي جو سنڌي لکڻ پڙهڻ ته پري رهيو، ڪيترا سنڌي ڳالهائي به ڪونه ٿا سگهن. ڪيترن ناٽڪن ۾ انهيءَ صورتحال ڏانهن اِشارو ڪيو ويو آهي پر، انهيءَ کي موضوع بڻائي هڪڙو ئي ننڍو ناٽڪ لکيو ويو آهي_ ڪيرت ٻاٻاڻي جو حيف تنين کي هوء��! عجب جو اهو ناٽڪ اڃا تائين منچ تي نه اچي سگهيو آهي. +جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي، ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل جي شروعات ننڍن ناٽڪن سان ٿي. اٽڪل 15 ورهيه ننڍي ناٽڪ جو بول بالا رهيو. اُن کان پوءِ جيئن وڏو ناٽڪ وک کڻندو ويو، تيئن ننڍو ناٽڪ پٺتي پوندو ويو. هتي ان دلچسپ حقيقت جو ذڪر ڪجي ته وڏو ناٽڪ، گهڻو تڻو، ترجمي تي ڀاڙيندو رهيو آهي مگر، ننڍو ناٽڪ وڏيءَ حد تائين اصلوڪو رهيو آهي. ننڍا ناٽڪ ترجمو ڪرڻ جو رواج ويجهڙائي ۾ شروع ٿيو آهي. +لڳ ڀڳ چوهٺ پنجهٺ کان شروع ٿيل ايڪانڪي ناٽڪ جي ’شانت‘ دور ۾ ڦيرو آندو اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان سال 1973ع کان شروع ڪيل ايڪانڪي چٽاڀيٽين. اُن وقت وڏو ناٽڪ اَڃا دهلي ۽ بمبئي تائين محدود هئو، مگر هنن چٽاڀيٽين ۾ ٻين شهرن جي ٽولين به ڀاڳ ورتو آهي. هيستائين ٿيل پنجن چٽاڀيٽين ۾ چاليهن کان به وڌيڪ ناٽڪ پيش ٿيا آهن. اُهي هر وڙ جا هئا ۽ اهو سچ آهي ته انهن مان ڏهاڪو کن کي ڇڏي، باقي چٽاڀيٽيءَ جو عدد پورو ڪري سگهڻ ۾ ڪتب آيا. تمام ٿورن ناٽڪن ۾، لکڻ کان پيشڪش تائين، نئين يا گنڀير ناٽڪ طرف لاڙو، اِشارو يا ڪوشش ورتل هئي،. ان هوندي به، هنن چٽاڀيٽين اَهڙن ناٽڪن جي لکجڻ ۽ منچ تي اچڻ لاءِ گهربل بنيادي ماحول ضرور پيدا ڪيو. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ نيون ڌارائون پرويش ڪنديون رهيون هيون، ساهت جومزاج، موضوع ۽ طور طريقو لڳاتار بدلجندو رهيو هئو. هنن چٽاڀيٽين سنڌيءَ ۾ باقاعدي رنگ منچ جي ضرورت به شدت سان محسوس ڪرائي. چٽاڀيٽيءَ لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو، اَلڳ اَلڳ شهرن ۾ هڪ يا ٻه ايڪانڪي تيار ڪرڻ کي ناڪافي ڄاتو ويو. تڏهن چند دوستن سان گڏجي پريم پرڪاش، نومبر 1974ع ۾، احمدآباد ۾ سنڌي ڊراما ورڪشاپ کوليو. مقصد هئو ’نوان‘ ۽ اصلوڪا ناٽڪ لکڻ ۽ منچ تي آڻڻ. +ڪجهه نئون خلقڻ جي تمنا رکندڙ ساٿين جڏهن پنهنجي چوطرف نظر ورائي ته هنن اِئين محسوس ڪيو ته سنڌي رنگ منچ سنسار قريب قريب نه آهي ۽ جيڪو آهي اُن جو زور منورنجن ۽ هلڪي قسم جي مذاق تي آهي؛ ۽، جڏهن پنهنجو پاڻ ڏانهن نهاريائون ته ڏٺائون ته هنن سڀني جا هٿ خالي هئا_ نه اصلوڪا نوان ناٽڪ، نه سکيا ورتل يا آزمودگار اَداڪار، نه درشڪ ۽ نه ئي ماحول. تڏهن سنڌي ڊراما ورڪشاپ، اَحمدآباد جي هر آرتوار تي ٿيندڙ بئٺڪن ۾ ايڪانڪي لکڻ، اِمپرووائيزيشن ڪندي اَداڪاري به سکڻ ته وشيه کي به جوڙڻ ۽ صحيح نموني جا درشڪ بڻجي لطف وٺڻ وارو عمل جاري رکيو ويو، تانجو، 2 اَپريل 1975ع جي شام هڪڙي اِسڪول جي ڪلاس روم ۾، ورڪشاپ ۾ جنمايل پنج ايڪانڪي/ اِمپرووائيزيشن پيش ڪيا ويا. منچ لاءِ هڪ ٽڪر ڇڏي ڏنل_ نه ڪو سامان نه سجاوٽ، نه لائوڊ اِسپيڪر، سادي روشني، اَداڪار درشڪن ۾ جذب؛ اُتان اُٿي سامهون اَچن، ناٽڪ ڪري وري درشڪن ۾ هليا وڃن. بنا ميڪ_ اَپ. سامان ۽ شين لاءِ وٽن فقط جسماني اِشارا. اها هڪ ماحول جي شروعات هئي، جنهن ۾ سڀني پاڻ کي تازه تازه محسوس ڪيو. اَهڙين هر ٻئين مهيني ٿيندڙ ڪوششن جي نتيجي طور، ٻن ٽن ورهين ۾ اَٽڪل ٽيهه کن اَصلوڪا خواهه ترجمو ڪيل ايڪانڪي جوڙيا ويا، جن ۾ اصلوڪن جو تعداد وڌيڪ هئو. ڪيترا نوان ناٽڪڪار اُڀريا ۽ ڪي ٻين شاخن جا ليکڪ ناٽڪ طرف ڇڪجي آيا. بمبئي ۾ برجموهن ’رائيٽرس ٿيئيٽر‘ ۽ اُلهاسنگر ۾ ايم ڪمل ’ڊراما ورڪشاپ‘ شروع ڪيو، جتي پڻ اِن ڏس ۾ ڪوششون ٿينديون رهيون. هيستائين نون ناٽڪن جا اَڌ ڊزن کن مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. +بدلجندڙ ماحول ۽ ذهنيت مان پيدا ٿيل تازن ۽ نون ملهن کي نون ناٽڪڪارن پنهنجي سوجهه بوجهه، گنڀير اَڀياسء تکي ��ز اَنڀوءَ سان، نئين ايڪانڪي ۾ لکڻ جي سطح تي، تازه ۽ تز ٻولي، لهجي، رٿا ۽ اوسر، درشٽي؟ ڪرڻ، نظريي وغيره جزن ذريعي چٽيو آهي. نئين چيتنا سان گڏ ناٽيه_ سجاڳي به موجود آهي، جنهن ڪلاتمڪ ملهن ۽ نظريي کي پوري شدت سان اِظهار ڏنو آهي. اَهڙن ايڪانڪي ناٽڪن کي نئون، صحيح يا گنڀير ايڪانڪي ۽ سنڌي رنگ منچ ۾ آيل سمانتر ڌارا سڏيو وڃي ٿو. جيڪي هٿ ان ماحول کي پوريءَ طرح سرگرم رکڻ لاءِ پرزور جنبش ۾ آهن تن ۾، اَڳ ذڪر ڪيل ساٿين کانسواءِ ڪي آهن: شيام جئسنگهاڻي، وشنو ڀاٽيه، سندر آگناڻي، واسديو موهي، لڇمڻ ڪومل، هريڪانت، ڪرشن کٽواڻي ۽ ٻيا، جيئن ته منجهانئن ڪيترا اَڳميئي ٻين وڌائن ۾ سرگرم رهيا آهن، ان ڪري سندن ناٽڪن تي ساهتيڪتا جو رنگ ڪجهه گهرو آهي. ناٽڪ جو ساهتيڪ هجڻ، اُن کي پڙهڻ جي خيال کان ڀلي سهڻو بڻائي، پر اَهڙي ناٽڪ جو منچي ڪرڻ ڏکيو ۽ اَوهنواري ٿئي ٿو. ڪيترا نوان ناٽڪ اِجهو انهيءَ ڪري منچ تي آڻڻ لاءِ ڏکيا ثابت ٿيا آهن. اَلبت اهي ڌيري ڌيري ساهتيڪتا ڇڏي، منچ جا ٿي رهيا آهن. سڳائي وقت اهو به محسوس ڪيو ويو آهي ته جاتيءَ جو ڀرپور منچ، جاتيءَ جي پرمپرا ۽ لوڪ عناصرن تي ئي جڙي سگهندو. ان ڪري سنڌي رنگ منچ اَهڙن ڄاتل سڃاتل عناصرن جهڙوڪ لوڪ سنگيت، ڏندڪٿا، لوڪ ڪهاڻي ۽ تاريخي چاهي ڌارمڪ ۽ پؤراڻڪ گهٽنائن ۽ ڪردارن کي نون سندرڀن ۾ کڻي رهيو آهي. +شڪ ناهي ته نوان ايڪانڪي عام درشڪن ۾ اَڃا لوڪ پريه نه ٿي سگهيا آهن، پر سوجهه ٻوجهه وارن درشڪن انهن جو اُتساهه سان سواگت ڪيو آهي. درشڪن جي وڏي تعداد تائين پهچڻ ۾ اوس وقت لڳندو. جتي منچ سان واسطو رکندڙ ڪنهن به شخص لاءِ ٽڪنيڪي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سکيا ڪيندڙ ڪونه آهن؛ سنسٿا وٽ پنهنجا منچ ڪونه آهن؛ ناٽڪڪارن کي ناٽڪ لکي، منچ تي آڻي، سڌاري وري پيش ڪرڻ ۽ سنواري سڌاري مڪمل ڪرڻ جا وسيلا ڪونه آهن؛ درشڪن کي لڳاتار نوان يا خود روايتي ناٽڪ ڏيکاري سگهڻ لاءِ هال ڪونه آهن ۽ سڀ کان مکيه_ مالي امداد ڪونه آهي، اُتي چند سالن جي ننڍي عرصي ۾ نئين ايڪانڪي وشيه جي نواڻ، تڪنيڪ جي ٿلهي ليکي ڄاڻ، لکڻ جي پختگي، سلجهيل هدايتڪاري، اداڪاريءَ جي ٻوجهه، پڪڙ ۽ انڀؤ؛ نون ۽ تازن ڪوڻن جي تلاش، پيشڪش جي تازگي، سهج ناٽڪي آنند وغيره نقطن سان هڪ مخصوص ماحول وچ ۾، ڪنهن حد تائين، پاڻ لاءِ زمين ڳولي ۽ ٺاهي ورتي آهي. نئون سنڌي ايڪانڪي بالغ بڻجي اُن ۾، شايد، اڃا دير آهي، پر هينئر ئي ان جي چهري تي معصوميت گهٽ ۽ گنڀيرتا وڌيڪ آهي. +اها سچ پچ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته گذريل ڪجهه ورهين کان ننڍي ناٽڪ جي کيتر ۾ نئون خون ڇڪجي آيو آهي ۽ نئين توڙي تجرباتي ناٽڪ جو دور شروع ٿيو آهي. البت، نئين ناٽڪ جون پنهنجون محدودگيون آهن_ مثال طور اهو هڪ مخصوص ٿورائيءَ تائين ئي پهچي سگهي ٿو، ڪنهن ڀرپور ناٽڪ روايت جي ارڏي شاخ طور تجرباتي ناٽڪ جي زندهه رهڻ، ڦلڻ ڦولڻ ۽ خود اُن روايت تي اثرانداز ٿيڻ جا گهڻا اِمڪان ٿين ٿا. اسان وٽ ته هڪ مختصر روايت آهي ۽ خود ان جوآئيندو اڻچٽو آهي. ممڪن آهي ته سنڌي نئون ناٽڪ اُن آئيندي کي وڌيڪ روشن بڻائي. شايد اِئين ڪري سگهڻ جي عمل دوران، ڏسندڙن جي وڌيڪ ويجهو اچڻ جي لازمي ڪوشش ۾ نئين ۽ خود سنڌي ناٽڪ جو ڪو ويتر نئون روپ اُڀري اچي. اهڙي تبديلي سنڌي ناٽڪ جي صحت ۽ سگهه جي نشاني ٿيندي. آمين! +جيون گسهاڻي +هيمراج ناگواڻي +پريم پرڪاش + + +پوڙهي جو پرڻو +ڪشنچند ’بيوس‘ +کيل ڌاري: +ڪنور سنگهه _ پوڙهو +گرداس _ ٻائو +نهال_ پاڙيسري نينگر +ڪرپال ۽ ايسر_ پوڙهي جا پٽ +انو_ پوڙهي جو پوٽو +ڏاسو_ نوڪر +صابل مل_ ڪنوار پيءُ +پوڙهي جو پرڻو +پردو پهريون +ڪنورسنگهه: ڀائي! تو خواهه مخواهه دل لاهي کڻي هٿ ۾ ڪئي آهي؛ اَڃا به ڪا ويل ويئي ڪانهي. ڪو واهڻي تاڙ واهڻي؛ هزار ٻن ۾ اکيون پوري ڪم ڪندو. اُنهن ۾ ڌيئر وڪڻڻ جو رواج گهڻو پوندو ٿو وڃي. اَڃا ڪالهه مون ماتر ڀومي اَخبار ۾ پڙهيو آهي ته گنبٽ پاسي هڪ واپاري چار هزار رپيا ۽ هڪ گاڏي چانورن جي ڏيئي چوٿين شاديءَ لاءِ مڱيو آهي. مونکي ته خيرن سان هيءَ ٻي آهي. +ڀائي گرداس: پر سيٺ ڪنور سنگهه! اَوهانجي بلڪل پيري اَچي ٿي آهي. +ڪنور: ته پوءِ ڇا؟ جوانن لاءِ زالون عشرت آهن، ڪرڙوڍن لاءِ مدد، پوڙهن لاءِ پورهيت؛ تنهنڪري ماڻهوءَ کي ڪنهن وقت به پرڻجڻ لاءِ سبب آهي. ڇا، مونکي پيريءَ ۾ پورهيت ڪانه کپي؟ +گرداس: اوهين آسودا آهيو، پنج نفرياڻيون رکي سگهو ٿا. +ڪنور: تون بيوقوف ٻائو آهين. دگر ۽ جگر ۾ به ڪو فرق آهي يا نه؟ ڇا پر پنهنجو ڪري سگهندس؟ تنهن کانسواءِ گلا جوگهانگهو ڌار ڳچيءَ ۾ وجهڻو آهي. لوڪ ٻوڪ آهي. ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن. +گرداس: اَوهانکي پٽ پوٽا سائينءَ سڀ ڪجهه ڏنو آهي. +ڪنور: کڏ ۾ هڻ اِنهيءَ سڀ ڪجهه کي. هو مال جا طالبو، جوين سوڌو رات ڏينهن پيا منهنجو موت تڪين. منهنجي مايا مان موجون اڏائين. نهر سڻڀو ستابو مڙسن کي کارائي، جهڙو تهڙو ٿيون بي دليو مونکي ڏين. زال کانسواءِ مونکي هيتري دولت مان ڪهڙو مزو؟ شرم ماريو وڏو سڏو گهر ۾ چار گهڙيون ويهي چين وٺي نٿو سگهان. ڀائي گرداس! مون سان ڪا گهٽ تعدي نه آهي. ٻن جا چار باسي به منهنجو ڪم ڪيئن نه ڪيئن ضرور اُڪلاءِ. +گرداس: سائين! توهين مون تي تپو ٿا؛ پر سچ پڇو ته تازو هڪ واهڻيءَ کي چار هزار رپيا به چيا اَٿم. +ڪنور: پوءِ ڇا چيائين؟ +گرداس: سائين! پهريائين ته ايترا پئسا ٻڌي وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس؛ پر پوءِ وري ڦيري کائي چوڻ لڳو ته: ڪير ڪراڙي ڪاسائيءَ اڳيان ڪچڙو حلواڻ ڪسڻ لاءِ ڪڍي ڏيندو؟ +ڪنور: بيوقوف هو. تو ڇو نه چيس ته هيڪاري جوان بيوفا ۽ مچلا ٿيندا آهن. نئين ڪنوار کي نوائي جي نون ڏينهن کانپوءِ ليکي به ڪونه، وتندا در در دوستي لائيندا. ٻڍا چيڙهالا ٿيندا آهن. مرندي مري ويندا، پر جوءِ جي جند نه ڇڏيندا. چلهه ۾ اُماڙي ته به ٻڍي کي جوءِ پياري. جي سڪي سڪي وٺندا، سي قدر به اوڏو ڪندا. ڪيئن ٿو ڀانئين؟ +گرداس: بيشڪ سائين! پر ڪهڙي ڪنوار خوشيءَ سان هنن اَڇن ۽ خشڪ چانورن (اَڇي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي) جا ڦڪ ڀرڻ قبول ڪندي؟ +ڪنور: ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڳڙ وجهي ڳاڙهي تانهري ڪرڻ ڪونه ڏيندو. ڇا ٿو سمجهين؟ +گرداس: سمجهان ٿو سمجهان، ميندي لائي ڳاڙهي ڪندا نه؟ تنهن کان اصلي هن ڪپهه جي پوک ۾ ڏاٽو ڇو نه ٿا وجهايو؟ +ڪنور: ڪريان ته جيڪس هن (ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي) ڇڄهريءَ سان اِهائي ڪار، پر ڇا ڪريان، سنگهه ٿي پيو آهيان. +گرداس: يا سنگهه ٿيو يا گهوٽ ٿيو. باقي هن هيبتناڪ جهٻ (ڏاڙهي) سان ڪنهن به ڌيءُ پيءُ کي قبول ڪين پئي ڪين پوندا. +ڪنور: خضاب ملڪ مان کٽا آهن؟ +گرداس: اهو ڪوبرا پالش مٿي کي لايو؛ باقي هيءَ (ڏاڙهيءَ تي هٿ) هيڏي بدزيبائي ڪا منهن ۾ ٺهي؟ +ڪنور: ڇٽين ڀائي! ڇٽين. تون ڀلي وڃي مونکي جواڻ جماڻ ڪري هلاءِ. مان چڱو ئي نٽ ڪندس، ڏاڙهيءَ کي صفا چٽ ڪندس، وار ڪارا نپٽ ڪندس. +گرداس: مڇون ۽ ڀرون؟ +ڪنور: ڳوليون نه لڀنديون ڪٽ ڪندس، گهٽ ڪندس، ٻيو ڇا؟ +گرداس: سچلو آنهه، رڳ رڳ به سچي ٿئي؛ پر هڪ رڳ ۾ اَڃا رولو اَٿيئي؛ ڏند پٽيءَ ڪونهيئي، جو ڀڏو آهين! +ڪنور: داندن ساز کان مون سڄي ٻٽيهي نئين ٺهرائي رکي آهي، تون خيال نه ڪر، هاڻي جلد اَچي وڌائيءَ مان وارا ڪڍ. +گرداس: اَهڙو ڪو ڏجوم ڪڙاڪيدار ڏڍ. (وڃڻ) +ڪنور: بس، اڳتي پنهنجي نالي جي پڇڙيءَ مان سنگهه ڪڍي ڇڏيندس، ڪنور سنگهه ڇاجو؟ ڪنورچند چوائيندس. پيريءَ ۾ پرڻي کي ڌڪاريندڙ اڪثر پاڻ آهن جوان، کين ڪهڙو قدر؟ ٻڍن کان پڇي ڏسو. ڪيترا اَهڙا به لڀندا جي پٽن پوٽن کي گهوڙيءَ تي چڙهندو ڏسي، دل ۾ پيا چوندا هوندا ته اڙي هڻي ڇوڙن کي ڪيرائي هوند پاڻ چڙهي وهون. ”مڙس پيريءَ ۾ اچي، حرص جوانيءَ ۾ اَچي؛ رات پوئين ٿي بچي، ننڊ جي ٻيگهي ٿي مچي.“ پٽ پوٽا، ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا، پئسا منهنجا، پرڻجن پاڻ! (ڳائي ٿو) +راڳ +ڇا ٺاٺ ذؤق شؤق سان شادي تيار ٿئي +گهوڙي اَچي ته گهوت مزي سان سوار ٿئي. +(1) شرناءِ دهل ڇيڄ جي نوبت لڳي وڃي +گوئيي جو ناچ ڌار ٿئي ته بئنڊ ڌار ٿئي. +(2) پوشاڪ ٺاٺ باٺ سان ڄاڃي هلن گڏيا +گهوڙيءَ جي پوئتان ته بگين جي قطار ٿئي +(3) بم گولا هوايون ڪپا ڦرڻيون ۽ ڦٽاڪا +سڙندا هلن ته ساهري گهر ۾ پچار ئي. +(4) ٿيلهيون ڪڍي ٻاهر ڪيو گهورڻ لاءِ گهوٽ جي +هرهڪ لنگهي جو گهور سان کيسو ئي تار ٿئي. +(5) آڻيو ڪو مڪٽ موڙ جهرمر سان مزيدار +چمڪاٽ آب تاب ۾ جو جلويدار ٿئي. +پردو ٻيون +نهال: (اَچڻ) آڇين (ڇڪ)، آڇين (ڇڪ)، آڇين (ڇڪ)! مالڪ خير؛ هي ڇڪون آهن يا بندوقي فير؟ (کلڻ) آها ها ها.... آها ها ها.... آها ها ها (سڏڻ) او سيٺ ڪرپالداس! هلي آءُ سائين ڪرپالداس!! ڪاڪا ڪرپالداس!!! +ڪرپالداس: (اَچڻ ۽ ڌڪ هڻڻ) ڇاهي، ڇاهي ڇورا! ڇا تي ٿو گهوڙ مچائين؟ +نهال: واهه سائين! وڏو سيٺ ونواهه ۾ وهي، نماڻو نهال شاديءَ جي شرناءِ به نه وڄائي! +ڪرپال: ڪير بابو، ڇا شادي ٿو ڪري؟ +نهال: باقي ڪهڙي دير آهي؟ حجم اَچي ويو آهي؛ ڏاڙهي مڇون ڀرون سوڌيون ڪوڙائي تري ڪيون اَٿس. ڀائي گرداس گهوڙي وٺڻ ويو آهي. اَوهانکي ڪل ئي ڪانهي؟ +ڪرپال: سچي؟ +نهال: ڄاڻ مڃ اَچي لٿي. +هو بيٺو ٿي هڻي کڳي _ وارن کي ويا رنگ لڳي +ٿي مڇ ڏاڙهيءَ سان ٺڳي_ ڊنگ ڊنگ نوبت ڄاڻ وڳي. +ڪرپال: مونکي ته اَڳيئي سندس اهي ٽپڙ ساريا پيا آهن. دادي ايسرداس کي ته سڏي وٺ. +نهال: حاضر. اڳو پوءِ چوانس ته ٽڪن جي ڳوٿري به گهور گهورڻ لاءِ کنيو اَچي. +ڪرپال: ڇڏ مخول. هرتالي، وڃ. (ڌڪ اولارڻ) +نهال: اَررر سائين ويو. (وڃڻ) +ڪرپال: پيريءَ ۾ پرڻو! خيراتي کوهه کڻڻو آهي. وري اَلائي ڪهڙي هچا آڻي سر تي هڻندو. ججڪي ڏيئي ٿو جوڀن جاڳيس، ننڊن سان پرڻجڻ ويلي ٿو ڪنوار ڳولي! (ايسرداس جو اَچڻ) دادا! نهال ڇا ٿو چوي؟ +ايسرداس: تنهن ۾ ڪهڙو مين ميک، اَسان کي پيءُ جا پار سجهن نٿا؟ +ڪرپال: هاڻي ڪيئن ڪريون؟ اَسين ڪنڌ کڻي ٻاهر ڪيئن گهمنداسين؟ +ايسر: سوڙيون پائي وڃي سمهنداسين. +نهال: جي مون سان ملي وڃي ته سوڙين ۾ ئي سچلو سيٺ کي سمهاري ڏيکاريانو. +ڪرپال: وارو ڪر، ٻيلي نهال وارو ڪر، تو پارو حرفتي سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي. +ايسر: ۽ پاڻ کي انعامن سان ڀري سگهي ٿو. +نهال: اِنعامن سان ڪين سکڻن انجامن سان؟ +ڪرپال: ڏس وري............. +نهال: اِها وڙي ڏٺي ڇا کاڌي به اَٿم. اَڃا پيٽ ۾ تازو گڙڪو آهي. +ايسر: ڀلا ڪڏهن؟ +نهال: وسري ويو؟ سيٺ جي اڳين مائٽي ڀڃڻ مهل. +مورندمل وٽ وڃڻ مهل. +ڪرپال: ٻيلي! هاڻي اڳواٽ چئين ته اڳواٽ ڏيون. +نهال: اَهڙي بي پتيائي، من کان نه ڀني آهي نه پڄندي. هلو ته هلي سارو مانڊاڻ منڊيون. +ايسر: واهه واهه! +نهال: اَچو. (ٽنهي جو وڃڻ) +ڪنور: (اَچڻ. وار ڪارا، ڏاڙهي مڇون چٽ، ڀروون ڪٽ خوب ٺاٺ سان). +جنهن ڪراڙپ ٿي ڪئي مون سان ٺڳي +مون به اُن سان دوستي آهي ڀڳي +رنگ ڪارو ويو اَڇي سر کي لڳي +ناهه ڏاڙهي، جوت جوڀن جي جڳي +زال ڏسندي خوب ماريندي کڳي. +واهه ڙي ڪنورچند واه��! ٻڍاپي جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيئه. ڪنيءَ ڪراڙپ جي ڌپ کي گپ ۾ لوڙهي ڇڏيئه. (آئينو ڏسي) +ڏند ٿيا موتيءَ جا ڌاڻا وار ڪارا ڀنور جان +سينڌ وارا زلف ڪارا ڪيئن لڏن ٿا چنور جان +نيڻ آبي ڳل گلابي ٿا ٽلن ڄڻ ٽنور جان +حال شل هر ڪنهن جو پيريءَ ۾ ٿئي مون ڪنور جان +ٿري چيئرس فارماءِ گڊ پڪچر؛ هپ هپ هري! +هپ هپ هري! هپ هپ هري! (ڳائي ٿو) +راڳ +ڇا صورت بکي ٿي جناب جي +ڇا خوشبو کلي آ خضاب جي +لالي آهي ڳلن تي گلاب جي +خنڪي آهي اکين ۾ شراب جي +ايڪسيلنٽ وئل ڊن هيئر هيئر هيئر +مون ڏآڙهيءَ ۾ ڏاٽو وجهايو، ڪارو وارن کي پالش لڳايو +سهڻو ڏندن جو سيٽ چڙهايو، هاڻي شادي سندو آهه سعيو +نئون آيو جوانيءَ جو دؤرآهي_ ڇا_ اؤر آهي +منهنجو چهرو ڏسڻ کان زور آهي +هاڻي ڏاڏو ٿيو پوٽي سمان آهه +هرڪو چوندو هي ننڍڙو جوان آهه +اڙي فئشن ۾ ڪيڏو نه ٺاٺ آهه +هان ٺاٺ آهه، چڱو ڪنورچند، ٺاٺ آهه +(راڳ پوري ٿيڻ تي ڀائي گرداس اَچي ٿو) +گرداس: واڌائي، واڌائي. (ڪنور کي) سائين! وڏو سيٺ ڪٿي؟ +ڪنور: ڪير وڏو سيٺ. +جوڀن ۾ رنگ ڍنگ جوانيءَ ۾ وڏو سيٺ +گل جي ٿو ڏسجي پاڪ پيشانيءَ ۾ وڌو سيٺ +اسرار ۾ عجب ۾ حيرانيءَ ۾ وڏو سيٺ +سستيءَ کان آهه دور ديوانيءَ ۾ وڏو سيٺ +(مچ کي مروٽو ڏيئي ۽ سيٽجي) هيڏانهن ڏس وڏو سيٺ!! +گرداس: (کلي) ڪيا بات، ڪيا بات، خوب ڄمايو، ڪمال، ڪمال! +ڪنور: ٻڌاءِ واڌائيءَ جو حال، هاڻي ڪندو ڪو انڪار؟ +گرداس: هڪڙو ڪم ته ڪري آيو آهيان بلڪل تيار. +ڪنور: جلد چئه؛ نئين جوڀن جي نبض ۾ چڙهيو آهي 108 ڊگرين وارو بخار (سيٽجن). +گرداس: بلڪل جوڀن واري ننڍي نيٽي ڪنوار. +ڪنور: واهه واهه ڀائي! هيءَ ته تو مفرح ۾ ياقوتي ملائي. +گرداس: پنج سؤ واڌائي؛ چار هزار ٻائي به ويندي کائي. +ڪنور: روبرو ڏسندا ته ڪجهه نه ڪجهه گهٽ ٿي پوندو جائي. +گرداس: مس مس مائٽي هٿ آئي؛ وري پڪائي. +ڪنور: منظور آهه، منظور آهه؛ ڪٿي آهي ڪنوار وارو؟ +گرداس: رڳو ڏيڻو آهي اشارو. اَوهين ناڻو گهرايو. +ڪنور: سڏي اَچينس اَندر. (ٻائي جو وڃڻ) ڏاسو (نوڪري کي سڏڻ). +ڏاسو: (اَچڻ) فرمايو. +ڪنور: مونکي بڻائڻ ۾ تو جيڪو پورهيو ڪيو سو ثاب پيو. ڪم ٺهي ويو، چار هزار پنج سؤ رپيا آڻي ڏي. هان ٽجوڙيءَ جي ڪنجي (ڏيڻ) پر ايندين ڪيئن؟ +ڏاسو: (چپٽي وڄائي) ابي! +ڪنور: شاباس، گاسليٽ جي دٻي. (ڏاسوءَ جو وڃڻ. صابل مل واڻئي جو منهن ڍڪيل ڇوڪريءَ سان گرداس سميت اَچڻ) +ڪنور: جيءُ آئين ۽ جيءُ آئينءَ. ڪيئن، ڪنوار هيءَ آهي؟ ڀائي تنهنجو نالو؟ +صابل: سائين! صابل مل. (گرداس کي) ڀائي! سيٺ ته اَڃا ڪرڙوڍ ئي ڪين ٿيو آهي؛ تو ته مڙيل ٿي چيو. +ڪنور: ڪرڙوڍ ٿئي منهنجي ڀلا؛ کلا ٿي ٻاوا! تو وري وچ ۾ رولو ٿي وڌو. +گرداس: سائين! هي واهڻي ٿيندا آهن پڪا، تنهنڪري پاڻ وڏي ڳالهه ڪري ڏيکاريمانس. هي ڦرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا، ويڏيءَ تائين به مکياري آهن. +ڪنور: ڪيئن سيٺ صابل مل! ٽڪي جي دانگي به ٺڪي ٺوڪي وٺبي آهي، هيءَ ته ڳوڻ ناڻي جي آهي. +صابل: نه نه، بلاشڪ ڏسي وائسي سودو ڪريو. اِجها اِها اَٿو. سڄي ڏيکاري، اَنڌي ڪانه ڏبي. +گرداس: اَوهين ڏسي خاطري ڪريو نه. +ڪنور: ڏسان، ڏسان. (نخرو ڪري ٻيلي مونکي شرم ٿو اَچي. +صابل: شرع ۾ شرم ڇاجو؟ ڌرم ڪو اکيون ٻوٽڻ ڪونه ٿو سيکاري. +ڪنور: نه نه، پت آهي، توتي ڀائي ڀت آهي؛ ستيا تي ملڪ هلي ٿو. +گرداس: هائو، اَڃا اَهڙو ڪلجڳ به ڪونه آيو آهي! +ڪنور: چڱو، ڏسان ٿو. متان ڪلجڳ اَچڻ ۾ هجي. (ٿورو منهن کولي ڏسي ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪري ٿو) او ڏاسو! او ڏاسو! قبول، قبول. +ڏاسو: (سهڪندو اَچڻ) سائين! آيو، آيو. هي چار هزارن جا چار نوٽ؛ هي سؤ سؤ وارا پنج نوٽ. +ڪنور: (نوٽ وٺي) هيڏانهن ڪر. هان سيٺ صابل مل! هي چار هزار ۽ ڀائي گرداس! هي پنج سؤ واڌائي. +گرداس: سکي رهو، وڌو ويجهو. +ڏاسو: (پاسووٺي) ڀائي! اُڌ مونکي به ڏجو. +گرداس: هڙئي تنهنجي آهي. +ڏاسو: تون ڪم ته لاهه. ٺهي پونداسين. +صابل: هاڻي پلئه پلي ملايو، ويڏي پڙهو ۽ ڪم لاهيو. +ڪنور: سڏيون ٻانڀڻ کي؟ +صابل: نه سائين! ڀائي ئي ڪم لاهي؛ مان جلد هتان وگهرندس، متان شهرين جي ور چڙهي وڃان ۽ تماشو مچي وڃي. +ڪنور: ڀائي گرداس! ڇڏاءِ، تون ويڏي پڙهه. +گرداس: ويڏي ته مان ڪونه ڄاڻان. +ڪنور: هُڻ ڪي ڪريئي؟ سيٺ صابل مل! +صابل: اَنند صاحب ئي پڙهيئي. +گرداس: اهو به پورو ڪونه ڄاڻان. عمر ڪاٽيم مائٽين ڪرڻ ۾؛ پڙهڻ اَچي ڪيئن؟ +ڪنور: جيڪي اَچيئي، ڪري ڪچا ڦڪا به اکر ڪڇ. مڙيو ئي ٿيو ڪم ٽپائڻو. +صابل: هائو ڪو اسٽانگ، پشٽانگ ڪر. +گرداس: (پلئه ڀلي ٻڌائي، ويڏي پڙهي ٿو) اَچي وچ ۾ اوچتو غريب گرداس اَڙيو، نه جنهن ڪڏهن انند يا ويڏي پاٺ پڙهيو، نه جو ڪڏهين گهوٽ ٿيو نه گهوڙيءَ تي چڙهيو، مون چوکو گهاٽ گهڙيو، پلئه پلي ڇوڙي ڇڏيو. +صابل: ڇٽين؛ ڇوڙيو سدائين پلئه پلي. شادي ٿي چڪي. (ڪنوار روئي ٿي) هاڻي اَسين موڪلايون ٿا. (پلئه پلي ڇوڙڻ) ڪنوار پرتي اَٿو. +ڪنور: اکين تي آهي. +صابل: چڱو، رام رام. +ڪنور: رام رام. +گرداس: هريهر. +ڪنور: هريهر. (گرداس ۽ صابل وڃن ٿا) +ڏاسو: سائين! ڪم ته ويو لهي. ڳالهه ڪا لڪندي به ڪين هاڻي ڇو نه گهر وارن کي سڏي وٺان ته گڏجي ڪو جشن ڪن. +ڪنور: جسن کان جلڻ لڳندا. ڀلي سڏي وٺين. +ڏاسو: او سيٺ ايسرداس! سيٺ ڪرپالداس! ميولداس! وغيره وغيره اَچو گهور تي. (ايسر، ڪرپال، ميول، نهال ۽ هڪ ٻن ٻين جو اَچڻ.) +ڪنور: اَچو بابا ايسرداس! پٽ ڪرپالداس! ميولداس، نهال، وغيره وغيره، معاف ڪجو. وڏيءَ اَما کانسواءِ اَوهين به اُداس، منهنجي به ستياناس، گهر ۾ به ويو هو گهمي راڪاس؛ مطلب ته کنڌو ئي هو خلاص، هاڻي ڏسو ته هيءَ وڏگهراڻي ڇوڪري ڌرمائو ملي ويئي. پلئه پلي ٻڌجي چڪو. ڇا اَوهين اَرها ٿيندا؟ +ايسر: اَرها ڇو ٿيون. اَسان جي به جند ڇٽي پيئي. +ڪرپال: چڱو ٿيو. +ڪنور: انو ڪٿي؟ (ڪنوار جو ڍڪيل منهن سان رئڻ) +ايسر: اَنو ويٺو روئي. پاڻيهي اَچي ويندو. +ميول: ڏاڏا! هاڻي جهمر وجهو ته اَسان گهور گهوريون. +ايسر: ۽ جي سچ وڏي گهر واري هوندي ته ڪنوار به جهمر وجهندي. +ڪنور: لنگهو اَچي. +نهال: سائين! اِها اگهرو به گهر ۾چڱي. مان ٿو دهل وڄايان. +ڪنور: هائو! کڏ گهر ۾ هجي ته ٻهر ٻاهر ڇو ڦٽو ڪجي؟ وڄاءِ! +جهمر جو راڳ +ڪنوار کڻي ٻڍو گهوٽ ڀلي گهر آيو ڀلي گهر +آيو ڀلي گهر آيو. +گهور گهوريندو، ناس ٻوڙيندو، ڏيندو لنگهن +کي نوٽ، ڀلي گهر آيو +وني ماڻيندو، جوءِ آڻيندو، گهر ۾ وجهندو +ڦوٽ، ڀلي گهر آيو. +(نهال دهل وڄائي ٿو. ڪنور ۽ ڪنوار جهمر هڻن ۽ راڳ ڳائين ٿا. راڳ پوري ٿيڻ تي ڪنوار زنانا ڪپڙا ۽ جڙتو وار لاهي ڦٽا ڪري ٿي ۽ اَنو ٿي پوي ٿو.) +ڪنور: هان، هي ڪهڙو ڊوهه، منهنجو پوٽو اَنو ڪنوار بڻايو اَٿو؟ هاءِ هاءِ ڳوڻ ناڻي جي! اڙي صابل، ٻيڙي ٻڏيئي؛ ڦري وئين. اَڙي کٽ جا پاوا گرداس، هي ڪهڙو ڪارو منهن ڪيئه! +نهال: بغداد! سيٺ سان اَنڌير!!! +ايسر: بابا ڪم ته ڌرمائو هو. +ڪرپال: ناڻي جي ڳوڻ ڇاجي؟ +ڪنور: اَڙي سچي ته ڪر ڏاسو. +ڏاسو: ايڪ وار، دو وار، تين وار، ساڍا چار هزار. +ايسر: پيئي ڪراڙي کي مار. +ڪنور: اَنو يار. +اَنو: ڪنوار ڀڄي ويئي. اُڀ ۾ کجي ويئي؟ +ڪنور: اَبوهه، وڄي ويئي وڄي ويئي! +سڀ: هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي! +ڪنور: ڳوڻ ناڻي جي سڄي ويئي! +سڀ: هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي! +ڪنور: ڪنڌ ڪوٽ ڏي ڀڄي ويئي! +سڀ: هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي! +ڪنور: آسمان ۾ کڄي ويئي! +سڀ: هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي! +اَنو: ڏاڏو ڪري لڄي ويئي! +سڀ: هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي! +ڪنور: وڄي ويئي وڄي ويئي! +(ڪنور پٽيندو وڃي ٿو؛ ٻيا ٺٺوليون ڪندا، نچندا وڃن ٿا) +(پردو ڪري ٿو) + + +گامٽو ڊاڪٽر +ڄيٺانند ناگراڻي +پاتر: +ميٺارام: گامٽو ڊاڪٽر +ڊيٽارام: = +ڪشور: فلم سٽار +هيمي ٻائي: ٻڍي مائي +نهالچند: وڪيل +مسٽر ڊسواز: گواني ڪلارڪ +مسز ڊسوزا: مسٽر ڊسوزا جي زال +ٻلديو سنگهه: ٽئڪسي ڊرائيور +ٽهلسنگهه: سٽوڊنٽ +چوڌري: پوليس انسپيڪٽر +ڇهه ننڍا ٻار ................ +گامٽو ڊاڪٽر +(فوٽ پاٿ تي شامياني ۾ دواخانو) +شامياني جي آس پاس ڪاغذ جون جهنڊيون ۽ ڳاڙها ڪپڙا پيا جهولين. ڪپڙن تي هيٺيان اَکر اَنگريزيءَ ۽ هنديءَ ۾ لکيل آهن. +Naya Chand Dawakhana +Naya Chand Family Planning Clinic +Naya Chand Dentists +ديوار تي ماڻهن جي هڏن، ڏندن وغيره جا فوٽا ٽنگيل آهن. وچ ۾ ڀائي ڪنور رام جو فوٽو ڦول مالها سميت ٽنگيل آهي. پراڻڻ شيلفن تي، دوائن جون شيشيون، شيشي جون برنيون، ٽين جا دٻا، اخبارن جا ڍير، ڪتاب ۽ جهوني مارڪيٽ مان خريد ڪيل لالٽين رکيل آهن. کوکي تي ڦُوهاري مان ٺاهيل ڊوش رکيل آهي، جنهنجي رٻڙ جي نلي، اَٽڪل ڏيڍ وال ٿيندي. پَٽَ تي کوکي جي پراڻي، ميز، ٻه ڪرسيون، ٻه موڙا، مَنجي، حجام جي ڪرسي جا ڏند ڪڍڻ جو ڪم ڏئي ٿي، هٿوڙو، ڇيڻي، جنبوري، سائيڪل جو پمپ، مٽڪو، بالٽي وغيره رکيل آهن. ٻه شاندار بورڊ شامياني جي ٻاهران زمين ۾ کُتل آهن، جن تي هيٺيان اکر لکيل آهن: +Dr. Metharam Khatwane +M.D. +Dr. Detaram Motwane +F.R.C.S +”نيا چاند“ گورين جي مشهوريءَ لاءِ، ٻار شرناين ۽ دهلن جي ڌماڌم تي، ڀنگڙا ڊانس بيٺا ڪن. ڀئين جي ڳچين ۾ پوسٽر ۽ هٿن ۾ جهنڊا آهن، روئنشي تي خلق ڪٺي ٿئي ٿي_ خلق کي مشغول رکڻ لاءِ، جادوگر جادوءَ جا هڪ ٻه کيل ڏيکاري ٿو. پڙدي پٺيان ڊاڪٽر ميٺارام ۽ ڊاڪٽر ڊيٽارام ظاهر ٿي، تقرير ڪن ٿا جا طوطي وانگر ياد ڪئي اَٿن. +ميٺارام: دوستو، هيءَ وٺو نيا چاند سويٽ (Sweet). +ڊيٽارام: گولي اَندر مرض ٻاهر. سسٽم ڪمپليٽ (System Compete). +ميٺارام: صاحبان، اَسان جون نيا چاند گوريون ڪپپ آف گُڊ هوپ کان وٺي، سُئيز ڪئنال تائين مشهور آهن. نيا چاند گوريون، هاضمو ٺيڪ ڪنديون آهن، بدن ۾ رت وڌائينديون آهن، ۽ پوڙهن کي جوان بڻائينديون آهن. لڪڙ هضم، لوها هضم، پٿر هضم، مرغي هضم، ٻڪڙو هضم ۽ شير هضم. +ڊيٽارام: آزاد هند جا جوانو، ذرا ڌيان ڏيئي ٻڌو. جيڪڏهن ڪنهن ڪلارڪ، ماستر، ايڊيٽر يا سٽوڊنٽ کي ڊل ميمري (Dull Memory) يا نروسنيس (Nervousness) جي شڪايت هجي، ته فوراً نيا چاند گوريون اِستعمال ڪري. جيڪڏهن اِمتحان ۾ فيل ٿي پوي، يا اَخبار بند ٿي وڃي، اَسين پنج سؤ روپيا ڏنڊ ڀري ڏينداسين. +ميٺارام: Ladies and Gentleman, +My Friend Dr. Detaram Motwane of Azad Hind Pharmacy and the under signed Dr. Metharam Khatwane of Hind Chemical Laboratory, have made a research for 20 years. We climbed the peak of Mount Everest, along with the well-known Tensing and Edmund Lorry and produced Naya Chand Pills from Himalayan herbs. +Come one, Come all, +Thick and Thin, big and small. +ڊيٽارام: قيمت هڪ شيسيءَ جي، صرف سوا اَٺ آنه، سوا اَٺ آنه، وٺو، منهنجا دوستو، سوا اَٺ آنه. (ٽي چار شيشيون وڪامن ٿيون ۽ گراهڪ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا_ ميٺارام ريزگاري ڳڻي ٿو) +ميٺارام: ٿئنڪ يو، اڄ چانهه پاڻيءَ جا پئسا نڪري آيا. +ڊيٽارام: او، ڊيئر رام جي! موڪل ڪو گراهڪ. +ڪشور جونير، گامٽو فلم سٽار اَچي ٿو) +ڪشور: گڊ آفٽرنون، ڊاڪٽر. +ميٺارام: هلو مسٽر، ....... ڊيٽا هوشيار +ڊيٽارام: هردم تيار (ڊوش کڻي ٿو) +ميٺارام: هيل وٿ دي ڊوش! حڪم ڪريو! +ڪشور: ڊاڪٽر، آءِ آئم ڪشور جونير، فلم اِسٽار......... ڏينهن ٿيا ٻه چار جو بمبئيءَ مان دهلي آيس..... ۽...... +ميٺارام: (وچـ۾ روڪي) بس بس، مان سمجهي ويس. توهان کي کنگهه ۽ زڪام آهي. +ڪشور: دئٽز رائيٽ. +ميٺارام: وهو. +(ڪشور ڀُل ۾ ٽه_ ٽنگيءَ ڪرسي تي وهي ٿو.) +ميٺارام: آءِ آئم ساري. هيڏانهن هن ڪرسيءَ تي ٿي وهو. ڄڀ ڏيکاريو. آ آ آواز ڪڍو. (وات ۾ ٿرماميٽر وجهي، نبض ڏسي ڊيٽارام سان پاسيرو صلاح ڪري ٿو. +ميٺارام: ڊيٽارام. +ڊيٽارام: جيءُ سائين. +ميٺارام: مان سمجهان ٿو هِنَ بيمار ٻليءَ جو جوٺو کير پيتو آهي. +ڊيٽارام: برابر، وات مان ڪوئن جي بانس پيئي اچي. +ميٺارام: يا ته کڏ تي سمهيو آهي. +ڊيٽارام: کڏ تي؟ ڊسمبر جي مهيني ۾؟ +ميٺارام: اَڙي ڀائي فلم سٽار اَڪثر سودائي ٿيندا آهن. بمبئيءَ ۾ جهو جي ڪناري تي، ۽ دهليءَ ۾ قطب منار تي عيش ڪندا آهن...... مسٽر ڪشور، پان گهڻا کائيندا آهيو؟ +ڪشور: هڪ به نه. +ڊيٽارام: سگريٽ؟ +ڪشور: بلڪل نه. +ميٺارام: وسڪي؟ +ڪشور: نه ڀائي نه، نشابنديءَ جو زمانو آهي. +ميٺارام: هيءُ به نه، هو به نه.... ناممڪن، اَڄڪلهه ڪوبه فلمسٽار پان، سگريٽ ۽ وسڪيءَ کان سواءِ جيئرو رهي ئي ڪونه ٿو سگهي. توکي وري قبول ڪرڻو پوندو، نه ته علاج ڪونه ٿيندو. +ڪشور: هيءَ ته زبردستي ٿي. منهنجي اَبن ڏاڏن به ڪڏهين سگريٽ ڪونه ڇڪيو، وسڪي ڪونه پيتي. +ڊيٽارام: توهان راڳ ڳائي سگهندا آهيو؟ +ڪشور: ها. +ميٺارام: ته پوءِ ڳايو. ذرا گلي جو....... +(ڪشور بيسُري آواز ۾ ڳائي ٿو) +ميري لئي جهان ۾ کانسي هيءِ، اَور بخار هيءِ. +ميٺارام: بس...... بس ڊيٽارام. منهنجو نسخن وارو ڪتاب کڻي وٺ. پرسڪرپشن (Prescription) لِکُ. +ڊيٽارام: (ڪتاب ڏيندي) وٺو سائين. +ميٺارام: لک: +نيا چاند 108 گوريون +پائوڊر پيپسي ڪولا اَڍائي آئونس +ٽنڪچر عمر مارئي اَڍائي آئونس +راءِ ڏياچ سسئي پنهون +ٽنڪچر مهاپنجاب 2 آئونس +ٽنڪچر يونيسڪو 4 آئونس +(unesco) +ٽنڪچر ڀائي ڀائي 8 آئونس +ڦودني جي رس اَڍائي ڦڙا +ڊيٽارام: ايني آپريشن، ڊاڪٽر؟ +ميٺارام: مارينديس ڇا؟ (ڪشور کي) ها ته جناب، اَڄڪلهه ڪهڙيءَ پڪچر ۾ پارٽ پيا ڪريو؟ +ڪشور: شيرين فرهاد ۾، فرهاد جو پارٽ. +ميٺارام: فلم جا ڊائلاگ ڪنهن لکيا آهن؟ +ڪشور: نثار نظامي صاحب. فرهاد جڏهن شيرين جي فراق ۾ ڪوهه ڪاف تي ٺوڪرون ٿو کائي، ته هيءُ شعر ٿو چوي: +بوک لگتي هي نهين، مجهڪو خيال يار ۾، +مست رهتا هون مين هردم، اپني حال و زار ۾، +دن تصور ۾ گذر جاتي هين، شب تڪرار ۾، +هيءِ غذا مجڪو مير، حسن ڪي بازار ۾، +کاتا هون هر روز قسمين، اُسڪي، سؤ سؤ بار مين +(ڊيٽارام دوا کڻي اَچي ٿو) +ڊيٽارام: وٺو دوا. +ميٺارام: هاڻي ڏسجو، نيا چاند گورين جي ڪرامت. +(ڪشور دوا پيئي ٿو) +ڊيٽارام: هاڻي پنج دفعا اُٿ ويهه ڪريو..... هڪ، ٻه، ٽي، چار...... پنج +ميٺارام: هاڻي وري راڳ ڳايو. +(ڪشور ڳائيٿو، مگر آواز مرداني بدران، زنانو ٿي وڃيس ٿو) +ڪشور: (زناني آواز ۾) ميري لئي جهان ۾، کانسي هيءِ اور بخار هيءِ. +ميٺارام: (عجب مان) ڊيٽا هيءُ ڇا؟ منهن مردانو، آواز زنانو. +ڊيٽارام: (دک مان) اُف! مسٽيڪ ٿي ويئي. مرداني بوتل بدران، زنانيءَ بوتل مان دوا ٺاهيم. +ميٺارام: (چيڙائي) مرداني زناني دوا! بيوقوف! هزار دفعا چيو ٿي مانءِ ته بوتلن تي، ريل گاڏن وانگر مردانا ۽ زنانا فوٽا هڻي ڇڏ. +ڊيٽارام: آئينده اِئين ڪبو. +ميٺارام: هاڻي ڇا ٿيندو؟ +ڊيٽارام: سڀاڻي مردانو ڊوز ڏيس ته شيرين مان فرهاد ٿي پوندو. +ميٺارام: نانسينس...... ڪشور صاحب! غلطي ٿي ويئي، معافي ٿا گهرون. +ڪشور: (زناني آواز ۾) معافيءَ جا پٽ. هاڻي فرهاد جو پارٽ ڪير ڪندو؟ +ڊيٽارام: جناب. گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ڪونهي. اَڄوڪو ڏينهن آرام ڪريو. سڀاڻي توهان کي فرهاد ٺاهي ڇڏينداسين. +ڪشور: (زناني آواز ۾) پاجي، ڪتا، نالائق، توهان ٻئي ڊاڪٽر آهيو يا حجام؟ +ميٺارام: ديوان، شانتيءَ کان ڪم وٺو. نه ته دوا جو اَثر لهي ويندو. +ڪشور: (زناني آواز ۾، جوش سان) يُو اڊيٽس، يُو گڌا، يُو باٽلي ڪا بوچ_ هينئر ئي پوليس ۾ ٿو وڃان. پارليامينٽ ۾ سوال پڇارائيندس، ڏنڊ وجهارائيندوسانو. يُو گامٽو ڊاڪٽرس. +(وڃي ٿو) +ميٺارام: (نوِڙي هٿ جوڙي پرماتما کي وينتي ڪري ٿو) هي ڀڳونت! هي پرٿوي ماتا! اَسان ٻنهي دکي جيئن کي جاءِ ڏي ته سيتان ماتا وانگر اَندر پيهي وڃون. هندستان ۾ دک ڏاڍو، درد ڏاڍو، ڪشٽ ڏاڍو ڪشالو ڏاڍو. سنڌڙي، سونهاري سنڌڙي، لک لهين. گهر گروي رکي اِسپتال کوليسين. ڊاڪتر نارومل وارو نسخن جو ڪتاب ڊيٽي گم ڪيو. حق تي بيمارن جا آواز مرداني مان ڦري زنانا پيا ٿين_ اِهو حال آهي ته سڀ مرد ڦري زالون ٿي پوندا. هنومان ديوتا، هاڻي ڇا ٿيندو؟ +(پوڙهي هيمي ٻائي، هؤڙ ڪڍائڻ لاءِ ڪُرڪندي، ڪنجهندي اَچي ٿي) +هيمي ٻائي: ڏاڪدر صاحب! هؤڙ جي سور ماري وڌو. +ميٺارام: ڊيٽا، هوشيار. +ڊيٽارام: هردم تيار (ڊوش کڻي ٿو) +ميٺارام: هيل وٿ دي ڊوش..... مائي توکي ڇا کپي؟ +هيمي: هؤڙ ڪڍ. نڀاڳيءَ ڏاڍو ستايو. او شل ٻچڙا جيئندءِ. +ميٺارام: ويهه. آ.... آ.... آ.... آواز ڪر. +(هيمي آ... آ... آ.... جو اواز ڪري ٿي) +ميٺارام: وات کول..... مار! هؤڙ ته هاٿيءَ جيڏي آ.... چڱو ماٺ ڪري ويهجانءِ. لڏجانءِ پڏجانءِ نه..... ڊيٽا هوشيار! +ڊيٽارام: هردم تيار. +(مترڪو، ڇيڻي، دوا، ڪپهه وغيره کڻي اَچي ٿو. ميٺارام مترڪي ۽ ڇيڻيءَ سان هؤڙ ڪڍي ٿو) +(هيمي رڙيون ۽ واڪا ڪري ٿي) +ميٺارام: (هؤڙ آڱر ۾ جهلي) مَسَ ڪري نڪتي. (فخر سان) مون جهڙو دندان ساز هندستان ۾ نه لڀندو. +ڊيٽارام: (چيڙائي) ڏاڍو دندان ساز آيو آهي. هوڏي تَڪِ، پوڙهي بيهوش ٿي ويئي. +ميٺارام: (گهٻرائجي) بيهوش! اَبو! گئس پمپ! گئس پمپ! (ڊيٽارام سائيڪل جي پمپ سان هوا ڪڍي ٿو_ ۽ ميٺارام رٻڙ ٽيوب هيميءَ جي نڪ تي رکي ٿو. پوءِ اخبار سان هوا ڏئيس ٿو) +ڊيٽارام: مس مس هوش ۾ آئي! +هيمي: (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) ٻڙي هيءَ اک ڇو بند ٿي ويئي؟ +ميٺارام: دادي، اَک جو فڪر نه ڪر. سور لٿو؟ +هيمي: سور جا سڪا! هؤڙ بدرون ٻيو ڏند ڪڍي ڇڏيئه. +ميٺارام: اَئمين، ٻيو ڏند به لڏيو پئي. اَڄ نه ته سڀان ڪڍائين هان. +هيمي: ڳنڌ ڳريئي، ماريا اَڳ ۾ ٻڌائين ته هان. موتين جهڙو ڏند ڪڍي ڇڏيئه. ٻڙي نانگ ڀي نه ڏنگيو جو مئي چرئي کرئي ڊاڪٽر وٽ آيس. مئا هڪ اَک سان گهر ڪيئن وينديس؟ +ڊيٽارام: ٽانگي ۾ چاڙهي ٿا ڇڏيونءِ_ ڀاڙو اَسان ڏينداسين. +هيمي: بک ٿي مران، پنان ٿي. مئا سنڌي بک مرندو، پر پنندو ڪين. منهنجو پٽ پوليس ۾ جمعدار ٿي. ڄاڻ ٿي ڪاٺ ۾ وجهايانوَ. +ميٺارام: ڏاڏي، معاف ڪر. دوا پي وڃ. +هيمي: دوا پي وڃان! رن پٽ! رهي کُهي اَک ڪڍندين. وڃان ٿي ٿاڻي. هٿڪڙيون نه وجهايون مانوَ ته منهنجو نالو هيمي ٻائيءَ بدرون ڌوڙٻائي رکجو. (جوش سان ويندي، گوڏو ٽپائيءَ کي لڳيس ٿو) ٻڙي گوڏي جي ڍڪڻي ڀڳي. شل ڪو ڪارو منهن ٿئيوَ. نانگ کائيوَ. لک جي لعنت اَٿو. +(وڃي ٿو) +(ميٺارام ۽ ڊيٽارام پاڻ ۾ وڙهن ٿا) +ميٺارام: موٽي نه ڊاڪٽر ٺارومل وارو نسخن جو ڪتاب گم ڪيئه. +ڊيٽارام: مون گم ڪيو؟ باهه ٻاري ڏنئه ته جلد اِسپتال کول. نيا چاند گوريون ڪمال ڪنديون. +ميٺارام: وري ڪوڙ! ست سال پنجاب مئٽرڪ ۾ فيل ٿي، ڪمپائوندر مون ڊاڪٽر بڻئين. هاڻي ڏي پوليس کي منهن! +ڊيٽارام: تو وري ڏاڍي امي. ڊي (M.D) پاس ڪئي آهي. ويهه سال ڊاڪٽر ٺارومل وٽ ڪمپائوڊري ڪيئه. تڏهن به ڪوري جو ڪورو. ڪوُئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي، مان ڀي پساري. +(شري نهالچند ائڊووڪيٽ، لٺ تي لڏندو اَچي ٿو. نروسنيس (Nervousness) جو علاج ڪرائي ويو، ته ٻتو ٿي پيو آهي.) +نهالچند: (هٻڪندي) ش.... ش..... شل ڪا ٻيڙي ٻڏندوَ! +ميٺارام: شري نهالچند اَئڊووڪيٽ! ٻِتو ڪيئن ٿي پيو؟ ديوان صاحب اَڄ ڪورٽ بند آهي ڇا؟ +نهالچند: ڪ...... ڪ...... ڪورٽ جا سڪا، منهنجي ڪ...... ڪ..... ڪورٽ هيمشه لاءِ بند ٿي ويئي. +ڊيٽارام: ڪاڪا ڇا ٿيو؟ +نهالچند: ٿ..... ٿ...... ٿيو تنهنجو ڪارو منهن..... نڀاڳا، اَهڙي د..... د...... دوا ڏنوَ جو ٻ..... ٻ..... ٻتو ٿي پيس. +ميٺارام: ڊيٽا! ديوان کي معجون جي گورين بدران جمال گهوٽي جون گوريون ڏنئه ڇا؟ +ڊيٽارام: بيهه ته ديوان وارو ڪيس کڻي اَچان. (ڪيس کڻي ميٺارام کي ڏئي ٿو) +ميٺارام: (نسخو پڙهي ٿو) +معجون جون گوريون 27 تولا +هرير جو مربو ڏهه ڇٽاڪيون +بصر جي رس يارهن بوندون +عرق صونف، گازبان ڦودنو مني شيشي +ڏاڙهونءَ جي کل نرڙ کي گهي لائي. +معجون جون گوريون ڪهڙيءَ بوتل مان ڏنئه؟ +ڊيٽارام: بوتل کڻي، اجهو ڏس. +ميٺارام: (ڪاوڙ مان) بيوقوف، هيءُ ته جمال گهوٽي جون گوريون آهن. بوتل جو ليبل ڪيڏانهن ويو؟ +ڊيٽارام: ليبل شايد ڪوئا کائي ويا. +ميٺارام: ڪوئا کائي ويا! ڪوئن کي ٻيو ڪم ئي ڪونهي؟ +ڊيٽارام: توکي خبر ئي ڪونهي، ڪوئا اَهڙا ته بدمعاش آهن جو رات جو پير ۾ چڪ پائيندا آهن. +نهالچند: م.... م.... مُٺيءَ پٽ! هاڻي ڏوهه وري ڪوئن تي! +ڊيٽارام: روز ٿو واڪا ڪريان ته پوسٽ آفيس مون کونئر چورائڻ بند ڪر. پر تنهنجي ڏاٺ هِري ويئي آهي، مفت جي مال تي. کونئر ۾ اَهڙو ڪهڙو مٺاڻ آهي، جو ڪوئا ليبل ئي کائي ٿا وڃن. +ميٺارام: اَڙي معجون ۽ جمال گهوٽي جو رنگ ڪارو آهي، گوريون چکي ڏسين هان. +نهالچند: ب.... ب.... برابر. پڇيومانس دوا ٺيڪ آهي؟ چ.... چ..... چيائين واهگروءَ جو نالو ڳنهي پ.... پ.... پي وڃ. +ڊيٽارام: گوريون چکيان ڪين بيمارن سان بڪ بڪ ڪريان؟ +ميٺارام: ابو! هاڻي ڇا ٿيندو؟ +ڊيٽارام: ڇا وري ڇا ٿيندو؟ ديوان کون معافي ٿا وٺون. ڏينس ڊوش ته جمال گهوٽو ئي ٻاهر. (هٿ جوڙي) ديوان صاحب اَسان توهان جا ٻچا آهيون. منهنجي هٿن کي ڏسو. +نهالچند: (ڪاوڙ مان) هه.... هه.... هٿن پٽ! ٻتو بڻائي س.... س.... سند کسائي ڇڏيوَ. وري ب.... ب.... بڪواس. +I shall sue you for d…. d…. damages you Gamtoo Doctor. +(وڃي ٿو). +ميٺارام: هاءِ ڙي قسمت! موٽي نه سنڌ ڇڏينسين. اَئسپرو جي گوري ڪا رکي آهي؟ +ڊيٽارام: سڄو ڏينهن پيو اَئسپرو کائيندين، پوءِ اِسپتال ڪيئن هلندي؟ +ميٺارام: واهگرو! ڄاڻ ٿي اِسپتال بند ٿئي. +(مسٽر ڊسوزا، گواني ڪلارڪ، مسز ڊسوزا ۽ ٻارن سميت اَچي ٿو. ٻار پرئم ۾ ويٺل آهن) +ڊسوزا: ڪيڏنهن ويو ڊاڪٽر جو پٽ؟ +ميٺارام: مسٽر ڊوسزا ڳالهه ڇا آهي؟ +ڊسوزا: (مسزا ڊسوزا کي) ٻڌائينس ڊارلنگ. +مسز ڊسوزا: مون تنهنجو فئملي پلاننگ ڪلنڪ جائن ڪيو. پنجاهه روپيه في ڏنم. تو گارنٽي ڏني ته ٻار بلڪل ڪونه ٿيندو. ته پوءِ ٻن سالن ۾ ڇهه ٻار ٿيئن ٿيا؟ +ميٺارام: اُهو ته پنهنجي مڙس کان پپ. +ڊسوزا: مڙس کان پڇي! اسين ڇا ڪوڙ ٿا ڳالهايون؟ هيڏانهن ڏسو..... (ٻار ڪڇ ۾ کڻي ڏيکاري ٿو). +هڪ، ٻه، ٽي، چار پنج ۽ هيءُ ڇهه. +ميٺارام: (عجب مان) ڊيٽا، نون مهينن ۾ هڪ ٻار ته ٻن سالن ۾ گهڻا؟ +ڊيٽارام: سادي ٽرقمي آهي. ٻن سالن ۾ 2.66 يعني اَڍائي، يعني ٻه، يعني ڪڇ به نه. +ميٺارام: ڪڇ به نه! مطلب؟ +ڊيٽارام: مطلب ته آمريڪا جي ڪولڊ ڪلائيميٽ ۾ چار چار جاڙا ٻار ڄمن ته دهليءَ جي هاٽ ڪلائيميٽ ۾ ڇهه ٻار ڄاوا ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي؟ +مسز ڊسوزا: ڊئم اِٽ، هيءُ سڀ ٻار ڊسمبر ۾ پيدا ٿيا آهن_ دهليءَ ۾ ڊسمبر ۾ سخت ٿڌ ه��ندي آهي. ڪيئن ڊارلنگ؟ +مسٽر ڊسوزا: ييس، ييس. اَسين ايترن ٻارن کي کارائينداسين ڪٿان؟ +ميٺارام: اِهو ته فوڊ منسٽر کان پڇو_ +مسز ڊسوزا: ڇو پڇون؟ اَسين ته توهان کان ٿا پڇون_ ٻن سالن ۾ ڇهه ٻار ڪيئن ٿيا؟ +ميٺارام: سوال واهه جو ڪيو اَٿس. ڏي منڊم کي منهن! +ڊيٽارام: بيهه ته بوتل کڻي اَچان، جنهن مان مون گوريون ڏنيون مانس. (بوتل آڻي) وٺ بوتل. +ميٺارام: (عجب مان) پڙهه ليبل_ ڇا لکيو پيو آهه؟ +ڊيٽارام: (پڙهي ٿو) ٻار نه ٿيڻ جي دوا. +ميٺارام: معني؟ +ڊيٽارام: معنيٰ ٻار نه ٿين جي دوا، يعني برٿ ڪنٽرول. +ميٺارام: بيوقوف هيءُ گوريون اُنهن زالن کي ڏبيون آهن، جن کي ٻار بنهه نه ٿيندو هجي، يعني سنڍ زالون. +ڊيٽارام: مون سمجهيو Mrs. D’souza wants Children. +مسز ڊسوزا: (غصي ۾) ٻار ڪونه کپن. گورنمينٽ چوي ٻار نه پئدا ڪريو ۽ توهان چئو ٻار پئدا ڪريو. +ميٺارام: God save our Stars! +ڊسوزا: Why do you trouble poor God? +وڌيڪ بڪواس نه ڪريو. جلدي پنج سؤ روپيا ڪڍو. +ميٺارام: ڊسوزا صاحب، پهرين جنوريءَ تي اَچجو، ڌيرج سان ويهي ڊِسِڪس ڪنداسين. +ڊسوزا: هينئر ئي پيسا ڏيو، نه ته پوليس ۾ ٿو وڃان. +ڊيٽارام: اڙي وري وڃي ٿو، ته وڃڻ ڏينس. ڏٺو ويندو. +ڊسوزا: چڱو وڃان ٿو، پر ياد رکجو، ڊسپينسريءَ کي تالو نه لڳارايو مانو ته منهنجو نالو جيڪب ڊسوزا سن آف سالومن ڊسوزا ڪونهي..... هل ڊارلنگ. +ڊيٽارام: تالو وڏو گاڊريج جو وٺي اَچج. +(مسٽر ۽ مسز ڊسوزا ٻارن سميت وڃن ٿا) +ميٺارام: (خفي ٿي) چيومانءِ ته اِهي اِسپتال جا قاها نه ڦڪ. دادي سترامداس سچ چيو ته هندي سکي وڃي ماستر ٿيو. دادي جي صلاح تي هلون ها ته هِنَ مصيبت کون بچون ها. +ڊيٽارام: هندي سکون ڪين ٻار پاليون؟ صبوح سانجهيءَ زال جا پادر مٿي تي. چي پئسا آڻ نه ته وڃانءِ ٿي پيڪي. +ميٺارام: هاڻي ڇا ٿيندو؟ +(سٽوڊنٽ ٽهل سنگهه پنهنجي پيءُ ٻلديو سنگهه، ٽئڪسي ڊرائيور سان گڏ اچي ٿو. ميمريءَ جو علاج ڪرايائين ته رهي کُهي ياداشت به چَٽُ.) +ٻلديو سنگهه: ڪيڏانهن ويا او نيم حڪيم جا پٽ! +ڊيٽارام: وٺ سائين! هڪ ٻي مصيبت. +ميٺارام: واهِگرو! پَتِ رکجانءِ. +ٻلديو سنگهه: هِن ڇوڪري کي سڃاڻو ٿا؟ +ميٺارام: نه. +ٻلديو سنگهه: ڪوڙ ٿو ڳالهائين. پٽ، هوءَ گارنٽي ته ڪَڍُ. +(ٽهلسنگهه پيءُ کي گارنٽيءَ وارو پنو ڏئي ٿو) هيءَ گارنٽي ڪنهن لکي آهي؟ +ميٺارام: ڊيٽا! هيءَ صحي ته تنهنجي آهي. +ڊيٽارام: منهنجي آهي يا تنهنجي. اِسپتال ته ٻنهي جي آهي. ففٽي، ففٽي. +ٻلديو سنگهه: خانو خراب ٿئي نيا چاند گورين جو. اَسان جي ڇوڪري جي ميمري ختم ڪري ڇڏيائون. سڄو ڏينهن پيو ٿو هڏڪيون ڏئي. مئٽرڪ جي اِمتحان ۾ فيل ٿي پيو. هاڻي پنج سؤ روپيا ڏنڊ ڪڍو. +ڊيٽارام: (پاسيرو) وٺ لَٺَ! هتي زهر کائڻ لاءِ پائي ڪونهي. سردار کي رڳا پنج سؤ کپن. +ميٺارام: ڊيٽا!، ٽهلسنگهه جو ڪيس کڻي اَچي ٿو) +ڊيٽارام: وٺ سائين. +ميٺارام: (ڪيس پڙهندي) سردارجي، اَسان کي يقين ڪيئن ٿئي ته ڇوڪري جي ميمري فيل ٿي آهي؟ ان ڪري ڇوڪري کان ڪڇ سوال پڇنداسين. +ٻلديو سگنهه: ڀلي ڀلي. پڇوس سوال. +ميٺارام: (ٽهلسنگهه کي.) پٽ! توکي ٽماٽا، سلاد، سچو گيهه، ۽ باداميون کائڻ لاءِ چيو هئم؛ اُهي کاڌءِ؟ +ٽهلسنگهه: (هڏڪيون ڏيندي) چٽپٽي ڏهي بڙا ۽ چٽڻي کاڌم. ڏاڍو مزو آيو. +ميٺارام: ته پوءِ ميمري فيل نه ٿيندي ته ڇا ٿيندي؟ +ڊيٽارام: (پاسيرو) ميٺارام! هيءُ سڀ پئسن ڦرڻ لاءِ ڍونگ آهي، هيڏانهن ٿيءُ ته مان ٿو سوال پڇانس. +ميٺارام: برابر پڇيس. +ڊيٽارام: (ٽهلسنگهه کان سوال پڇي ٿو) اَدا ٽهلسنگهه_ سوچي سمجهي جواب ڏج. هندوستان جو پرائيم منسٽر ڪير آهي؟ +ٽهلسنگهه: ڊلائي لاما. +ميٺارام: (پاسيرو) ٻيڙو غرق. +ٻلديو سنگهه: پڇو سائين، وڌيڪ سوال پڇوس. +ميٺارام: (ٽهلسنگهه کي) نروس ٿيڻ جي ڪائي ڳالهه ڪونهي. +My Son, Which are the famous rivers of India? +ٽهلسنگهه: (هڏڪيون ڏيندي) ڦوهارو.... اوکلا..... +چوپاتي، ....... مرين ڊرائيو. +ڊيٽارام: (پاسيرو چيڙائي) ڦليلي، ..... ڍورو نارو..... گدو بندر.... سچا پاتشاهه! ڪهڙا جڏا جيءَ اِسپتال ۾ موڪليا اَٿئي؟ +ٻلديو سنگهه: چئو سائين، هاڻي يقين آيو؟ وڌيڪ پڇوس. +ميٺارام: (ٽهلسنگهه کي) هندستان جي ڪمانڊر_ اِن_ چيف جو نالو ڇاهي؟ +ٽهلسنگهه: امرت ڪؤر. +ميٺارام: نو هوپ. +ڊيٽارام: ڪيپ آف گڊ هوپ. +ٻلديو سنگهه: (غصي ۾) ڊاڪٽر جا پٽ. اَنگريزيءَ ۾ گاريون ٿا ڏيو_ ڏنڊ جا پئسا ڏيو، نه ته ڪچو کائي ويندوسانوَ. +(ميٺارام ۽ ڊيٽارام کي ڪالر کان جهلي، ٻنهي جا مٿا ٽڪرائي ٿو) +ميٺارام: (رڙ ڪري) ائلي ڙي! گهوڙا ڙي!! +ڊيٽارام: (واڪا ڪري) بچايو! بچايو!! +(مستر چوڌري، ٿاڻيدار، ڪشور، هيمي ٻائي، نهالچند ۽ ڊسوزا ڌوڪيندا اَچن ٿا) +چوڌري: (روب سان) ترسو. بند ڪريو ماراماري. +(ميٺارام کي) تنهنجو نالو؟ +ميٺارام: شرنارٿي. +چوڌري: پيءُ جو نالو؟ +ميٺارام: پرشارٿي. +چوڌري: ذات؟ +ميٺارام: ريفيوجي. +چوڌري: ڇو ٿو ريفيوجيز کي بدنام ڪرين! ٺيڪ ٺيڪ نالو ٻڌاءِ. +ميٺارام: ڊاڪٽر ميٺارام کٽواڻي. +چوڌري: ڇا پاس ڪيو اَٿيئي؟ +ميٺارام: ايم.ڊي. +چوڌري: ايم. ڊي.، لنڊن؟ +ميٺارام: نه جناب ايم.ڊي. يعني مئٽرڪ ڊائون يعني مئٽرڪ ۾ فيل ٿيو هوس. +چوڌري: بورڊ تي لکيل آهي. M.D. پبلڪ کي دوکو. +(ڊيٽارام کي) تون آهين ڊاڪٽر ڊيٽارام موٽواڻي. +ڊيٽارام: جي ها. بندي ايف.آر.سي.ايس پاس ڪئي آهي. +چوڌري: ايف.آر.سي.ايس ايڊنبرا؟ +ڊيٽارام: نه نه، ايف.آر.سي.ايس يعني فرسٽ ريٽ ڪمپائونڊرس سروس يعني ڪمپائونڊرن جي امتحان ۾ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ آيو هوس. +چوڌري: ٻيو 420_ ڪٿي آهن نيا چاند گوريون؟ +ميٺارام: (شيشي ڏيندي) وٺو حضور. +چوڌري گوريون چکڻ جي ڪري ٿو ته ڪشور روڪيس ٿو) +ڪشور: متان کاڌيون اَٿو! ڪٿي انسپيڪٽر مان انسپيڪٽريس نه ٿي وڃو. +هيمي ٻائي: ٿاڻيدار صاحب! هڻ مئن جي منهن ۾ شيشي. رن پٽ ڏاڪدار بڻيا آهن. وڏا بورڊ ٽنگيا اَٿائون. لک جي لعنت اَٿوَ (منهن ۾ بُجا ڏئين ٿي.) +چوڌري: هلو پوليس سٽيشن. +ميٺارام: (هٿ جوڙي) ٿاڻيدار صاحب، اسين بي قصور آهيون. نسخن جو ڪتاب گم ٿي ويو. ان ڪري غلطي ٿي ويئي. هاڻي معاف ڪريو. +ڊيٽارام: (سلام ڪندي) توهان اسان جا مائي باپ آهيو. اَسين اَوهان جا ٻار آهيون. +چوڌري: (کلندي) اَهڙا چار سؤ ويهه ٻار. توهان ٻنهي ٽي ڏوهه ڪيا آهن. نمبر وَن.... ڊاڪٽر ٺارومل جو ڪتاب چورائڻ. نمبر ٽوُ.... بنان اِجازت ڪميٽيءَ جي زمين تي اِسپتال ٺاهڻ ۽ نمبر ٿري.... پبلڪ کي جعلي ڊگرين سان دوکو ڏيڻ. +ڪشور: (زناني آواز ۾) مرد مان عروت بڻائڻ. +هيمي: هؤڙ بدران اَک چٽ ڪرڻ. +نهالچند: (ٻتو) و....و.... وڪيل جي سند کسائڻ. +ڊسوزا: ٻن سالن ۾ ڇهه ٻار پئدا ڪرڻ. +ٻلديو سنگهه: ڇوڪري جو خانو خراب ڪرڻ. +چوڌري: ان ڪري ٻئي گرفتار. +ميٺارام: ڊيٽا! هوشيار. +ڊيٽارام: جهل پوليس جي مار. سياڻن سچ چيو آهي نيم طبيب خطره جان. +سڀ: (گڏجي) نيم ملان خطره ايمان. +(چوڌري سيٽي وڄائي ٿو. سڀ قطار ۾ هلن ٿا.) +پردو ڪري ٿو. + + +پريم جي سيجا +منگهارام ملڪاڻي +پاتر: +زال +مرد +دوست +آخرين دؤر: مرد ۽ زال جي گهر ۾ ڪمرو +پهريون دؤر: ساڳيو، ڪي سال اڳ +آخري دؤر هلندڙ: ساڳيو، شروع وارو +ٻيون دؤر: ساڳيو، هڪ سال اڳ +آخرين دؤر ختم: ساڳيو، شروع وارو +پريم جي سيجا +آخرين دؤر +(پردو کلڻ کان اَڳ هڪ نَئين ڄاول ٻالڪ جي ”اوُئان، اوُئان“ ٻڌڻ ۾ اَچي ٿي. پردي کلڻ سان سٽيج جي وچ ۾ پيل هڪ پلنگ تي روشني پيئي پوي، باقي ڪمرو اوندهه ۾ آهي، پلنگ تي هڪ جوان زال پٺي ورايو، ڪپڙي سان دڪي ليٽي پيئي آهي ۽ روئندڙ ٻار کي چڳڙ ڏيئي ماٺ ڪرائي رهي آهي، پر ٻار ڏسڻ ۾ نٿو اَچي. ٿورو وقت ماٺ ڪري ٻالڪ وري روئڻ ٿو لڳي، تڏهن زال چوي ٿي:) +زال: بس، مٺڙي، بس ڪر! اَچي، هي ٻيو پاسو وٺ. (پر ٻار وڌيڪ روئڻ شروع ٿو ڪري، تڏهن وري چوي ٿي:) تنهنجو ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي! پورو کير نه هوندم ته مان ڇا ڪريان؟ (منهن ورائي سڏ ٿي ڪري:) ٻڌو ٿا، هيڏانهن ته اَچجو. +مرد: (اَندرين ڪمري مان) ڇو، وري ڇا ٿيو؟ +زال: ڪڪيءَ لاءِ پائوڊر مان کير ته ٺاهي ڏجو، بک ئي نٿي لهيس. +مرد: (خفي وچان، اَندران) مان آفيس مان ٿڪجي موٽيو آهيان؛ آيا ڪيڏانهن ويئي؟ +زال: آيا اَڌ ڏينهن موڪل وٺي ويئي آهي. توهين ئي کڻي کير گرم ڪري ٻاٽليءَ ۾ وجهي ڏيو. +مرد: (ڪاوڙ ۾ ٻاهر ايندي) پوءِ آيا کي موڪل ڏنيئه ڇو؟ مان ويٺو تنهنجي سڪيلڌي پاليندس ڇا؟ +زال: پاليندي ته ضرور ماءُ، پر توهان به کڻي ڪڏهن مدد ڪئي ته اُنهيءَ ۾ ڇا آهي؟ (ٻار کي گود ۾ کڻي ٺپڙي ٺپڙي ماٺ ٿي ڪرائي، جنهن کي آخر ننڊ اَچي وڃي ٿي ۽ پوءِ وري پاسي ۾ سمهاري ٿي ڇڏيس. تنهن وچ ۾ گفتگو چالو آهي.) +مرد: پنجن سالن کانپوءِ ڄڻي به اِها ڪڪي اَٿيئي، تنهن کي تون ئي ويٺي پال. مون کان اهو ڪم ڪونه پڄندو. +زال: ڪڪي ڄڻيم ته گناهه ڪيم ڇا؟ اها ته عجيب ڳالهه ٿا ڪريو. +مرد: مون کي ڌيئون وڻن ئي ڪين. توکي ڌيءُ جي سڪ هئي، ته منهن به پاڻ ڏينس. مونکي ته هيترن سالن کانپوءِ پٽ کپندو هو. +زال: پر پٽ ڌيءُ ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي ڇا؟ ٻئي ليکي، هن زماني جي پٽن تي ڪهڙو اعتبار آهي؟ زال گهر ۾ آندائون ته اُها پنهنجي، مائٽ پراوا ٿيو پون. ڌيئرون ويچاريون سٻاجهڙيون؛ شادي ڪري وڃن تنهن کان پوءِ به ماءُ پيءُ لاءِ هڏ ڪرڪين. +مرد: (خارن مان) پر سڄا سارا پنج سال ماٺ ڪري، نيٺ ڄڻي به اها ڪڪي اَٿيئي نه، جا سڄو ڏينهن پيئي رودن مچائي! حق تي پنهنجو کير نٿو پويئي، ۽ پائوڊر جي دٻن تي پيئي پيسا اُڏائين! +زال: کير نه پوڻ جو سبب دير سان ٻار ٿيڻ ٿورو ئي آهي. ڊاڪٽرياڻيءَ ڪين چيو ته ڪن زالن کي کير گهٽ ٿيندو آهي. ڪلهه کان وٺي نڙن ۾ سور به پيو پويم. باقي پنج سال ٻار نه ٿيڻ جو سبب ته.............. +مرد: سبب پڌرو پيو آهي، ته تنهنجو مون سان پيار ئي ڪونه هو. +زال: اسان جي مائٽي ته مائٽن ڪرائي، پر مڱڻي هوندي مان توهان جو خيال ڪري اَندر ئي اَندر ۾ توهان کي پيار پيئي ڪندي هيس. +مرد: پر شاديءَ کان پوءِ ته اهو پيار ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي. +زال: هر هر پيا اهي مهڻا ڏيوم، تنهن کان اَچو ته سالن جي ڳالهه دل ٻڌي ٻڌايانوَ. +(سٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي.) +پهريون دؤر +(ٿوري وقت بعد روشني ٿيڻ سان سڄو ڪمرو چٽو ڏسجي ٿو: پوري فرنيچر سان سجايل ۽ درين دروازن تي پردا ٽنگيل. وچ ۾ ساڳيو پلنگ پيو آهي، پر هن وقت خالي آهي. پاسي ۾ پيل سوفا سيٽ تي زال ۽ مرد ويٺا ڳالهائين.) +زال: پر مان ٿي پڇان ته ههڙي چوڄ مان شادي ڪري توهين مون کان ڦري ڇو ويا آهيو؟ +مرد: ڦريو مان ڪونه آهيان پر تون ڦري آهين. +زال: مان ته اُلاجي ڪهڙيون پيار جون اُميدون کڻي آئي هيس، پر توهين آهيو جو.... +مرد: توکي پيار جي ڪهڙي خبر! پيار اهو جنهن ۾ مرد زال هڪ ٻئي ۾ سمائجي وڃن. پر ڀريو سال ٿي ويو آهي نه...... +زال: پر مان ته سچي پيار جا سپنا لهندي هيس، ۽ سمجهو هوم ته شاديءَ کانپوءِ به اهوئي آتمڪ پيار جو ناتو اسان جي وچ ۾ ٿيندو. مونکي خبر هئي ڇا ته..... +مرد: (ٺٺوليءَ سان) آتمڪ پيار! سو��هن ورهين جي ٿي ويئي هئيئن، ته به توکي ڪنهن ساهيڙيءَ سڌ مان اهو پتو ڪونه پيو ته مرد زال جو ڪهڙو ناتو ٿيندو آهي! آتمڪ پيار!! +زال: مان سچ ٿي چوان، مونکي پوري خبر ئي ڪانه هئي. مونکي پيار جي مٺين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ مان ئي فرحت کپندي هئي، هٿن جي هلڪي هلڪي ڇهاءَ مان ئي اندر جو آنند کپندو هو. وڌيڪ رشتي رکڻ جي نڪا مونکي ٻوجهه هئي، نڪا اَندروني ڇڪ ٿيندي هئي. +مرد: پر سڀ ته تو جهڙا ٿڌا ٺڪر ڪونهن. خاص ڪري مرد ماڻهوءَ کي ته ضرور وڌيڪ رشتي رکڻ جي ڇڪ ٿيندي_ سو به شادي ڪرڻ کان پوءِ. نه ته شادي ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو؟ +زال: پر شادي ته ٻن دلين جو ميلاپ آهي، بدني ميلاپ جي هروڀرو ڪهڙي ضرورت آهي؟ +مرد: دلين جو ميلاپ! اڃا به اهي رومانٽڪ ڳالهيون پيئي ڪرين. شاديءَ جو مقصد ئي بدني ميلاپ آهي، جنهن مان جسماني موج به ملي ته ٻار ٻچا به پيدا ٿين. باقي دلين جو ميلاپ ۽ آتمڪ آنند، سڀ هوائي ۽ واهيات ڳالهيون آهن. +زال: پر مان ڇا ڪريان؟ مونکي بدني ميلاپ مان موج ته ڪانه ٿي ملي، بلڪ ڪراهت ٿي اَچي. منهنجو سڀاءُ ئي اَهڙو آهي، مان لاچار آهيان. +مرد: ته پنهنجي سڀاءَ کي سڌار، نه ته نقصان توکي ئي رسندو. سال کن نبري ويو آهي ته مونکي ناڪار ڪري ڪري پري رکندي آئي آهين، ۽ مون به زبردستي ڪانه ڪئي آهي. پر آخر مرد ماڻهو ڪيترو وقت پاڻ کي روڪي سگهندو؟ +زال: روڪيو وري پاڻ کي ڪهڙو اَٿو! ڄڻ ته مونکي خبر ئي ڪانهي ته توهين.... +مرد: (عجب ۾) ڇاجي خبر اٿيئي؟ +زال: اهڙيون ڳالهيون گهڻو وقت لڪل رهنديون آهن ڇا؟ +مرد: تڏهن تون مون تي جاسوسي به پيئي ڪرين؟ +زال: جاسوسي ڇو ڪريان؟ ڪٿان نه ڪٿان ڦاٽ ڦاٽيو پوي. +مرد: چڱو، ٻڌاءِ ته مڙس جو ڪهڙو ڦاٽ ڦاڙيو اَٿيئي؟ +زال: هوءَ توهان جي ماسات جي زال، جنهن کي مڙس پڇيئي ڪين..... +مرد: پوءِ ڇا؟ تون مونکي ڪانه پڇين، هن کي مڙس ڪونه پڇي؛ سو جي اَسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پڇيو ته ڪهڙو گناه ڪيوسون؟ +زال: پر هوءَ ته ڪاري ڪلوٽي آهي، تنهن سان ڪيئن دل لڳي اَٿو؟ +مرد: چيومانءِ ته دل جي انهيءَ ۾ ڳالهه ئي ڪانهي. ڪاري آهي ته پوءِ ڇا؟ جوان آهي، مرد کي جيڪي زال مان کپي سو ڏيئي ڄاڻي ٿي، وٺي ڄاڻي ٿي. مون لاءِ اِهوئي سڀ ڪجهه آهي. +زال: پر مان اهو نٿي سهي سگهان ته منهنجي پتي، جنهن ۾ پيار جون اُميدون رکيم، سو ٻيءَ ڪنهن جي ڦندي ۾ ڦاسي. +مرد: انهيءَ سکڻي پيار مان ڇا وريو؟ مونکي ته ڀرپور پيار کپي، جو هن مان مليم ٿو. هٿ وٺي مڙس وڃايو اٿيئي، پنهنجي ڏوهه جي سزا به توکي سهڻي آهي. +زال: سزا ته گهڻيائي سٺي اٿم، پر منهنجو وس نٿو هلي. جڏهن کان انهيءَ ڇوڪريءَ جي سڌ پيئي اَٿم تڏهن کان ڏاڍي ڪوشش ڪئي اَٿم ته توهان جون خواهشون پوريون ڪريان، پر منهنجو سرير مڃي ئي نٿو. اصل.... ڇرڪي پيو، ٽهي پيو....... +مرد: ته بس، مونکي به جيڪي کپي سو ملي پيو. اَڄ جڏهن ڳالهه کولي ڪئي اٿيئي، ته هن کان پوءِ توکي مان هٿ به ڪونه لائيندس. (ڪوچ تان اُٿي ٿو) +زال: (پٺيائنس وڌي، نيزاريءَ سان) نه، نه، ائين نه ڪريو. چڱو ڀلا، مان قبول ٿي ڪريان. پنهنجي من کي ماري به، توهان کي جيڪي کپي سو ڏينديس. پر مون تان هٿ نه کڻو، هن ڇوڪريءَ کي ڇڏي ڦٽو ڪريو. +مرد: هن کي ڇڏڻ جو مدار توتي آهي. جيڪڏهن تو وٽان سڀ ڪجهه مليم ته هن وٽ وڃڻ جو ضرور ئي ڪونه پوندو. پر جيسين تو مونکي پورو راضي نه ڪيو آهي، تيسين هن کي ڇو ڇڏيان؟ +زال: (لاچاريءَ سان) جيڪا توهان جي مرضي. +مرد: تڏهن هيڏانهن اَچ. (هوءَ ويجهو وڃيس ٿي، ته هو اوچتو جوش مان ٻانهن ۾ ڀڪوڙيس ٿو ۽ چميس ٿو، جو هوءَ ماٺ ميٺ ۾ سهي ٿي. پوءِ ڪمر ۾ ٻانهن وجهي پلنگ ڏانهن ڇڪي اَچيس ٿو، جنهن تي هوءَ هلڪو واڪو ڪري ٿي:_) +زال: نه، نه.... هينئر نه، ..... پوءِ...... +مرد: پوءِ وري ڇاجي؟ مونکي هينئر ئي تنهنجي آزمائش وٺڻي آهي. (پلنگ تي ليٽائيس ٿو، ۽ هوءَ هراس وچان ڏانهنس نهاري رهي آهي. مرد تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو ڪوٽ لاهي ڪوچ تي ڦٽو ڪري ٿو ۽ پلنگ جي ڪني تي ويهي، جتي جوراب لاهيندي چوي ٿو.) هاڻي ڏسان ته سال کانپوءِ ڪيتري قدر ٿي مونکي راضي ڪرين. +(سٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي.) +آخرين دؤر هلندڙ +(ڪجهه وقت زال جي ڪرڪڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ۽ روشنائي ٿيڻ سان ساڳيو ڪمرو پلنگ کان سواءِ اوندهه ۾ آهي. زال چادر تاڻيو پلنگ تي ڪرڪي پيئي. ڀر ۾ دوائن جي ٽپائي رکي آهي، مرد انهن مان هڪ گوري ڪڍي پاڻيءَ سان ڳيهڻ لاءِ زال ڏانهن وڌائي ٿو.) +مرد: اَچي، هيءَ گوري ڳيهي ڇڏ، ٽئين وزن جو وقت ٿي ويو آهي. +زال: گورين وٺڻ مان ڪهڙو ٿو فائدو ٿئي؟ هاڻي ڇڏيوم ته اهو سور سهندي سهندي پوري ٿي وڃان. (ڪرڪي ٿي.) +مرد: سئي هڻڻ کان پوءِ ڊاڪٽرياڻي ڪين چئي ويئي ته ٽيم سان دوائون وٺندينءَ ته ٺيڪ ٿي ويندين؟ هاڻي هيءَ گوري وٺي ڇڏ. (ڪنڌ مٿي ڪري گوري ڳيهائيس ٿو.) +زال: (ڪرڪندي) ڇو ٿا هروڀرو ڪوڙن دلاسن تي رکوم؟ ڊاڪٽرياڻيءَ پاسيرو ڪري جيڪي توهان کي چيو سو مون ٻڌي ورتو: ته ويم کان پوءِ پوري صفائي نه ڪرڻ ڪري زهر چڙهي ويو اَٿس. +مرد: تون دل ڇو ٿي هارين؟ ڪيترا خراب ڪيس به پوري علاج ڪرڻ سان ڇٽي پوندا آهن. هاڻي ته ڪڪي ڄائي سا ڄائي، توکي اُن جي پالنا لاءِ جيئڻو آهي. توکي جيئڻ لاءِ اِڇا شڪتي هلائڻ کپي_ ڊاڪٽرياڻيءَ اهو چيو، سو ڪونه ٻڌءِ؟ +زال: (پٺئين پاسي پيل ڪڪيءَ تي هٿ گهمائيندي) سالن کان پوءِ ڪڪي ته ڀلي آئي، پر مونکي هاڻي جيئڻ جي اِڇا ڪانه رهي آهي. (وري ڪرڪي ٿي)..... پر توهان پنهنجي دوست کي منهنجي بيماريءَ جي تار ڪئي آهي؟ +مرد: ها، تار ته ڪالهه ٿي ڪئي مانس، پر هيڏي پنڌ تان، نوڪريءَ تان موڪل وٺي اچڻ سولو ڪونهي. تنهن کان سواءِ هن جي اچڻ جي اهڙي ضرورت ئي ڪانهي. +زال: توهان جو جهوني ۾ جهونو، گهرو دوست آهي. هن کي ضرور چتائڻ کپي. +مرد: هائو، منهنجو ڪهڙو ئي دل گهريو، حال ڀائي سنگتي آهي، اچي ته مان پاڻ به خوش ٿيندس. پر ايڏي تڪيلف ڪرڻ اَجائي آهي.... ڏس، ٽينءَ گوريءَ وٺڻ سان تنهنجو سور اڳيئي گهٽجي ويو آهي. ٽي چار ڏينهن ٺيڪ طرح علاج ڪندينءَ ته ڇٽي پوندينءَ. +زال: نه، نه هو تڪليف وٺي به ايندو. هيڏي مسافريءَ هوندي به، اسان جي شاديءَ کان پوءِ، ٻه دفعا ڪين مهني مهني جي موڪل وٺي اسان وٽ رهي ويو آهي؟ ڪڪيءَ جي جنم تي ته موڪل نه مليس تڏهن لاچار ڪونه آيو، پر منهنجي بيماريءَ جي تار تي هو ضرور ايندو. هوائي جهاز ۾ به ايندو. +مرد: هوائي جهاز ۾ اچڻ جو ڪهڙو لاچار پيو اٿس؟ ريل ۾ سڀان صبوح جو اچي پهچندو. +زال: سڀان تائين ڪير مرن، ڪير جيئن!..... هوائي جهاز جي اَچڻ جو وقت پڇيو اَٿو؟ +مرد: (واچ ڏسي) هوائي جهاز ته ا َچي ويو هوندو، پر جوابي تار ڪانه ڪئي اَٿس، تنهن مان سمجهان ٿو ته سڀاڻي ريل ۾ ايندو. +زال: نه، نه، هو ضرور اَڄ ايندو. +مرد: (تکائيءَ سان) پر اَڄ اچي يا سڀان اچي، تون اهڙي اُتاولي ڇو ٿي آهين؟ +(اوچتو دروازي واري گهنڊڻي وڄي ٿي ۽ مرد دروازي ڏانهن وڌي ٿو.) +زال: ڏٺوَ، اچي ويو نه! +(مرد دروازو کولي ٿو، ته هڪ نوجوان ننڍو سوٽ ڪيس هٿ ۾ کنيو اندر گهڙي ٿو، جو ڪنڊ ۾ رکي ٿو.) +مرد: اڙي، تون سچ پچ اچي ويئن! (ٻئي دوست ڀاڪر پائي ملن ٿا.) تار به ڪانه ڪيئه؟ +دوست: تار ڪرڻ جو وقت ڪٿي هو؟ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ئي مشڪل سان ملي، سو چڙهي پيس. +(تڪڙو تڪڙو پلنگ ڏانهن وڌي انتظاريءَ مان پڇي ٿو.) تون هاڻي ڪيئن ٿي سمجهين؟ +مرد: هاڻي ته بهتر پيئي لڳي. اجايو توکي گهرائڻ جي تڪليف ڏنائين. +دوست: تڪليف وري ڇاجي! مونکي تار ڪري نه ٻڌائين ها ته مورڳو ڏک ٿئيم ها، پر هاڻي ته خطري کان ٻاهر آهي نه؟ +مرد: ها، ها، ڊاڪٽرياڻيءَ چيو ته هر روز سئي هڻائيندي ۽ دوائون وٺندي، ته ٻن چئن ڏينهن ۾ ڇٽي پوندي. +زال: ڇا جو! نشي وارين گورين جي زور تي سور جهپيو پيو آهي. بدن ۾ زهر چڙهي ويوآهي، سو مان هن بيماريءَ مان اُٿنديس ئي ڪانه. +دوست: (دلداري ڏيئي) اهي اجايون ڳالهيون پيئي ڪرين. ڊاڪٽرياڻيءَ اُميد ڏني آهي ته پوءِ ڇو ٿي ڊپ ڪرين؟..... ڀلا، ڪڪي ته ڏيکار. انهيءَ جي جنم جون ته واڌايون ڏيانوَ. (مرد جي پٺي ٺپري ٿو.) +زال: اِها، هن پاسي سمهي پيئي آهي. +(دوست پلنگ جي پٺيان وڃي، ڪڪيءَ جي منهن تان ڄاري هٽائي چوي ٿو.) +دوست: اَڙي، هيءَ ته ڏاڍي سهڻي آهي. صفا ماءُ تي ويئي آهي. +زال: ڇاجو! اَسان ٻنهي مان ڪنهن تي ئي ڪانه ويئي آهي. +مرد: نئين ڄاول ٻار جي خبر پوندي آهي ڇا؟ اهو هر روز ورن ورن ڦيرائيندو آهي. +دوست: پر مونکي ته بنهه هن جهڙي ٿي لڳي. +مرد: چڱو يار، تون هٿ منهن ڌوئي، هن کي وندراءِ ته مان ڪيمسٽ وٽان ڪجهه دوائون خلاص ٿي ويون آهن، سي وٺي اچان. +دوست: ها، ها، بيشڪ. تون ڀلي دوائون وٺي اَچ، مونکي پنهنجو گهر آهي. واش ته مان هوائي جهاز تان وٺي آيو آهيان. +مرد: چڱو ڀلا، مان اڳوپوءِ ٻيو ڪم ڪار به لاهي ٿو اچان. (وڃي ٿو.) +(پلنگ جي مٿن کان دوست بيٺو آهي. ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ......) +زال توهين بيٺا ڇو آهيو؟ هتي ڀرسان اچي وهو نه. +دوست: ها، ها، ڇو نه (وڌي پنگ جي ڪني تي وهي ٿو.) +زال: توهان ڪيڏي نه تڪليف ڪئي اهي جو هيڏي پنڌ تان ڪهي مونکي ڏسڻ آيا آهيو. +دوست: تنهنجي بيماريءَ جو ٻڌي به نه اَچان! مان ته ڏڪندو ڏڪندو، هوائي جهاز مان توکي دعائون ڪندو اچي پهتو آهيان، ۽ شڪر جو توکي بهتر اچي ڏٺو اَٿم. +زال: پر هن زهر چڙهڻ جي بيماريءَ تي ڪهڙو اعتبار! تڏهن ته تار ڪري توهان کي گهرايم..... ته پڇاڙيءَ ۾ توهان کي ڏسان ۽ توهين به..... هن ڪڪيءَ کي ڏسو. +دوست: (سندس مٿي تي هٿ گهمائي اهڙيون ڳالهيون ڇو پيئي ڪرين؟ سگهو ئي ٺيڪ ٿي پوندينءَ، پنهنجي ڪڪيءَ کي پالي نپائي پاڻ جهڙي سندر سٻاجهي ڪندينءَ. +زال: (سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي) تڏهن سچ، توهان کي ڪڪي مون جهڙي ٿي لڳي؟ مان ته سمجهان ٿي ته.... روش هوبهو.... توهان تي پيا وڃنس. +دوست: مون تي! پر مون تي ڪيئن سندس روش ويندا؟ ٻارن جا روش ته ماءُ پيءُ يا ويجهن مائٽن تي ويندا آهن. +زال: تڏهن توهين منهنجي ڪڪيءَ جا ڪي ڪين لڳو؟ +دوست: ڇو نه مونکي به تنهنجي ڪڪي ڌيءَ سمان آهي_ جيتوڻيڪ آهيان اڃا ڪنوارو. +زال: ڌيءُ سمان! ٻيو ڪجهه به نه؟ +دوست: (حيرانيءَ ۾) تون چوين ڇا پيئي؟ مان ته سمجهان ئي نٿو. +زال: مان سمجهايانو؟...... ياد اَٿو ته اڳئين سال توهين موڪل وٺي اَسان وٽ مهينو کن اچي ٽڪيا هئا؟ پوءِ.... (سٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي.) +ٻيون دؤر +(ٿوري وقت بعد سڄي ڪمري تي روشني پوي ٿي. وچون پلنگ خالي آهي ۽ پاسي واري ڪوچ تي زال ۽ دوست ڳالهائي رهيا آهن:) +زال: سو هن ڀيري اسين هڪ ٻئي کي ڪيترو نه ويجهو اچي ويا آهيون! مهينو سڄو الائي ڪيئن گذري ويو آهي! سڀان ته توهين هليا ٿا وڃو، ۽ هيءُ به آفيس جي ڪم تان ٻاهران موٽي ايندو. +دوست: اسان جو رستو ته سالن کان آهي، سو مان به پنهنجي دل گهرئي دوست جي زال کي نهايت عزت جي نگاهه سان ڏسندو اچان. پر هن ڀيري توکي ڪنهن دک ڀريءَ حالت ۾ ڏٺو اَٿم، ته همدردي ڪندي منهنجي دل ۾ هڪ قسم جو قرب پيدا ٿي پيو آهي. ٻڌاءِ ته سهين، انهيءَ دک جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ +زال: سچ، توهان منهنجي ايتري ته دل ورتي آهي، اَهڙا ته دم دلاسا ڏنا اٿو، جو هن ڀيري منهنجو به توهان سان سنيهه ٻجهي ويو آهي. پر زال ذات ٿي، انهيءَ دک جو سبب ڪيئن ٻڌايانو؟ +دوست: جي هڪ ٻئي سان همدردي ۽ سنيهه آهي، ته پنهنجائيءَ وچان زبان تان مهر لاهڻ ۾ ڪهڙو اَهم آهي؟ +زال: پنهنجائيءَ جو واسطو ٿا وجهو ته ٻڌو: توهان جي دوست ۽ مون جڏهن شادي ڪئي، تڏهن مون شاديءَ جي پيار جو پورو مطلب ئي ڪونه سمجهو هو. مان شاديءَ کي ٻن آتمائن جو ميلاپ سمجهندي هيس، مان شاديءَ جي بدني ميلاپ کان اٻوجهه هيس. توهان جو دوست وري روحاني پيار کان اَٻوجهه هو ۽ شاديءَ جو مطلب فقط جسماني ميلاپ ٿي سمجهائين. +دوست: مار! اها ته عجيب ڳالهه آهي. پوءِ هيترا سال ڪيئن ڪاٽيوَ؟ +زال: شروعات ۾ جڏهن مون سان بدني چاهنا پوري ڪرڻ شروع ڪيائين، تڏهن مونکي ان مان سخت ڪراهت اچڻ لڳي ۽ صفا نابري ڪري ڇڏي مانس. پر پوءِ جڏهن ڏٺم ته هو مون سان نفرت ڪري هڪ مٽياڻيءَ سان پنهنجون خواهشون پوريون ڪري رهيو آهي، تڏهن لاچار مڙس کي وري هٿ ڪرڻ لاءِ مون کيس سندس نموني ۾ راضي ڪرڻ قبوليو. +دوست: اهو ته نهايت عقل جو ڪم ڪيئه. آخر مرد کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ زال کي ئي قرباني ڪرڻي ٿي پوي. +زال: پر اُن قرباني ڪرڻ ۾ مان ناڪامياب ٿيس. پهريون ئي دفعو ان ڪراهت کي مارڻ جي ڪوشش ڪيم، ته ڪراهت بدلي مورڳو مونکي هيبت ويڙهي ويئي. منهنجي نس نس ٿر ٿر ڪنبڻ لڳي. منهنجو سڄو جسم چڪناچور ٿي ويو. (آواز گهٽجي پويس ٿو.) +دوست: (پٺيءَ تي هٿ گهمائيس ٿو.) هاڻي ٺهيو، پاڻ کي وڌيڪ تپاءِ نه. اُهي ڳالهيون وساري ڇڏ. +زال: ڳالهه شروع ڪئي اَٿم ته باقي رهيل کهيل به ٻڌائي دل هلڪي ڪريان: سو مڙس کي راضي ڪرڻ لاءِ، اها هيبت سهي به پنهنجي بدن کي سهسايم، ته من رفتي رفتي اُن تي هري وڃان. پر جيئن پوءِ تيئن اهو ڏر ۽ درد وڌندو رهيو، تان جو هاڻ منهنجو جسم بنهه فنا ٿي چڪو آهي، اها عقوبت وڌيڪ سهي نٿي سگهان. (روئڻ ۾ ڇٽڪي ٿي.) +دوست: (منهن تي هٿ ڦيري، آڱرين سان ڳوڙها اُگهيس ٿو.) ٺهيو، ٺهيو، هاڻي بس ڪر. توکي اهو رستو نٿو پسند اچي ته وري اَڳي وانگر بند ڪرائي ڇڏينس. ڀلي پيو ٻيءَ سان رستو رکي، تون ڇو پاڻ کي هيئن دکي ڪرين؟ (پٺي ٺپريس ٿو.) +زال: (سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي) ڏسو، توهين ڪهڙي نه نازڪ نموني ۾ مونکي دلداري پيا ڏيو!..... هن مونکي ڪڏهن ائين منهن تي هٿ گهمايو؟ ڪڏهن ائين منهنجي پٺي ٺپريائين؟ ڪڏهن مونکي پنهنجي ڪلهي تي ليٽايائين؟ +دوست: پر سڀ ڪنهن جو پيار ڪرڻ جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي. +زال: (جوش مان) نه، نه، هن جو پيار ڪرڻ جو نمونو سڌو سيجا تي اُڇلڻ جو جهنگلي نمونو آهي، جنهن مان خوف ۽ پيڙا نه پيدا ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ (اکيون مٿي کڻي) توهان جي پيار جو نمونو اهڙو نفيس آهي جو ڊپ بدران وشواس پيو جاڳائي، درد بدران اَنگ اَنگ ۾ آنند جون لهرون پيو اُڀاري. +دوست: اها ته تون اجائي ساراه ٿي ڪرين..... پر برابر سچو پيار اهوئي آهي جو پهريائين دل مان پيدا ٿئي ۽ ڪوملتا سان ظاهر ڪجي. پوءِ سڀاويڪ طور جسماني ڪشش پيدا ٿئي، ته اُها به نفسيائيءَ سان پوري ڪجي اِهو ئي سڌرلي اِنساني پيار آهي. +زال: هائو، هائو، سچ ٿا چئو! مونکي هيلتائين سڌ ئي ڪانه هئي ته اَهڙو به پيار ٿيندو آهي، جنهن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏجي، پنهنجو من ۽ تن اَرپڻ ڪري ڇڏجي. +دوست: (حيرانيءَ مان) ڇا چيئه؟ من ۽ تن اَرپڻ ڪري........ +زال: هائو، من ۽ تن ٻئي اَرپي ڇڏجن، آتما ۽ سرير ٻئي اَرپي ڇڏجن. اِه�� ئي پورن پريم آهي. +دوست: تڏهن تون منهنجي پيار کي پورن ٿي سمجهين؟ تون شادي ڪيل هوندي به مونکي اهڙو پريم....... +زال: هائو، اهڙو پورن پريم، جنهن سان پريم جي سيجا سچ پچ سينگاري سگهجي ٿي. +دوست: (گهٻرائجي) پريم جي سيجا! نه نه، تون ته منهنجي جگري دوست جي زال آهين، جنهن سان ايترو پريم ٿي ويو اَٿم، پر اَهڙو پريم ڪرڻ...... +زال: دوست جي زال برابر آهيان، پر توهان جي دوست منهنجي حياتي وهه ڪري ڇڏي آهي. پريم ته ٺهيو، مون سان حيوانن وانگر ورتاءُ ڪيو اَٿس.....؟ +دوست: پر پنهنجي سنگتيءَ سان اَهڙو ويساه گهات مان ڪيئن......؟ +زال: نه، نه، توهان ئي ته منهنجي ستل اِستري پڻي کي جاڳايو آهي، مونکي پورنپريم سيکاريو آهي. توهين هر طرح اُن جا لائق آهيو. (سندس گلي ۾ ٻانهون وجهي ٿي ته هو هٽڪي ٿو. پر نيٺ پاڻ روڪي نٿو سگهي، ڪوچ تان اُٿاريس ٿو، ۽ سندس ڪمر ۾ ٻانهن وجهي وچ واري پلنگ ڏانهن وڌي ٿو، پلنگ جي اَڳيان بهي، نهايت نزاڪت سان کيس ڀاڪر ۾ آڻي ٿو ۽ نراڙ ۽ نيڻن تي چميس ٿو. ٻنهي جون اَکيون پورجي ٿيون وڃن، ۽ پلنگ تي وهن ٿا، ته اسٽيج تي اودنهه ٿي وڃي ٿي.) +آخرين دؤر ختم +(ساڳئي ڪمري ۾ روشني فقط پلنگ تي پيئي پوي، جنهن تي زال ليٽي پيئي آهي ۽ دوست ڪني تي ويٺو آهي.) +زال: هاڻي سمجهيو ته ڪڪيءَ جي شڪل توهان تي ڇو پيئي وڃي؟ +دوست: (مونجهاري ۾) نه، نه، ائين ڪيئن هوندو! ٻئي ڏينن ته مان موٽي هليو ويس، ۽ پوءِ ته فقط خط پٽ پي لکيا اَٿئون. +زال: پورن پريم جي هڪڙيئي ميلاپ مان ائين ڇو نٿو ٿي سگهي؟ +دوست: پر مڙس سان به ته تنهنجو رستو هليو پئي آيو. هن کي وري ناڪار ته ڪانه ڪئي هيئه؟ +زال: ناڪار ته ڪانه ڪئي هيم، پر زور زبردستيءَ جي رشتي مان ڪيئن سنتان پيدا ٿي سگهندو؟ +دوست: ڇو نه پيدا ٿي سگهندو؟ اَهڙا گهڻي ئي مثال آهن جن ۾ زبردستيءَ جي ميلاپ مان به نرماڻ ٿي پوندو آهي. +زال: تڏهن توهان کي منهنجي اَندروني حالت جي اڃا پوري سڌ ڪانهي.... ڪيئن ٻڌايانو!........ زبردستيءَ ميلاپ جي هيبت وچان، منهنجون نسون تاڻجي وينديون هيون. لاچاريءَ هوندي، مان اُن ۾ تر ماتر شامل ڪانه ٿيندي هيس، بلڪ منهنجون رڳون بنهه ٻوٽجي وينديون هيون. ان حالت ۾ سنتان ٿي نٿو سگهي. +دوست: (نراسائيءَ سان) تڏهن هيءَ ڪڪي منهنجي آهي؟ +زال: هائو، مونکي خاطري آهي. مون ته اُن وقت ئي سمجهيو هو ته پريم سان گڏوگڏ منهنجي ممتا به پوري ٿيڻ واري آهي. +دوست: مار! اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي. مان ته شرم ۾ ٻڏيو وڃان.... پر تون هروڀرو اِئين ڇو ٿي سمجهين؟ +زال: زال ذات کي جڏهن پورو آتمڪ ۽ سريرڪ آنند ملندو آهي، تڏهن هن کي اَندروني طرح اها کڙڪ پئجي ويندي آهي ته..... اڙي هاڻي ته وري سور وڌندو پيو وڃيم. هيترو ڳالهائي ڏاڍو ٿڪجي پيئي آهيان. +دوست: ته هاڻي ماٺ ڪري آرام ڪر. (هوءَ ڪرڪڻ لڳي ٿي ته گهٻرائجي چوي ٿو) ڪا دوا کڻي ڏيانءِ ته سور جهپجي وڃيئي. +زال: (ڪرڪندي) مونکي ته خبر ئي ڪانهي ته هو ڪهڙي دوا ڏيندو اَٿم. پر اَڃان ٽي ڪلاڪ ڪٿي گذريا آهن جو چوٿون وزن وٺان؟ اهي گوريون گهڻيون وٺڻ جي ڊاڪٽرياڻيءَ منع ڪئي آهي. (ڪيڪ ڪري) اوهه! هاڻي ته سور جون سوٽون پيون پون. الاڙي! (ڦٿڪي ٿي) هاڻي ته بچڻ جي ڪا اُميد ڪانهي. +دوست: (مونجهاري ۾) رنڌڻي مان گرم پاڻيءَ جي ٿيلهي آڻي ٽاڪور ڪريانءِ ته ڪجهه آرام اچيئي؟ +زال: نه، ٽاڪور مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو..... مون آزمائي ڏٺو آهي.... هي اندران ئي اندران منهنجو موت اَچي رهيو آهي. (وري ڪيڪ ڪري ٿي.) +(اتي مرد دوائن جو پڙو کڻي اَندر اچي ٿو ۽ ڪيڪ ٻڌي چوي ٿو) +مرد: ڇو، ڇو، وري ڇا ٿيس؟ +دوست: اَڃا اَڳهڻو ڳالهايائين ويٺي، پر اوچتو سخت سور اَچي پيو اَٿس. +مرد: مان ٻي دوا وٺي آيو آهيان، ان جو وزن ٺاهي ٿو ڏيانس. (پئڪيٽ کولي ٿو.) +زال: (ڪنجهندي) نه، نه، انهن دوائن منهنجو اندر ئي جلائي ڇڏيو آهي. مان هاڻي ڪابه دوا ڪانه وٺنديس. +مرد: تڏهن ڀلا وڏي ڊاڪٽر کي ڪوٺي اچان. (دروازي طرف وڌي ٿو.) +زال: (واڪو ڪري) ڪو ضرور ڪونهي!.... مان حياتيءَ مان بيزار آهيان..... مان هاڻي مرڻ ٿي چاهيان...... +مرد: چوين ڇا پيئي؟ اَجايون ڳالهيون پيئي..... +زال: چوان ٿي ته زهر منهنجي سڄي بدن ۾ پکڙجي ويو آهي.... هاڻي موت ۾ ئي..... منهنجو ڇوٽڪارو آهي..... پر مرڻ کان اَڳ...... هڪڙي ڳالهه ٻڌو......(سهڪي پيئي.) +مرد: پر ايترو ڳالهاءِ ته نه...... سامت ۾ اچي پوءِ...... +زال: پوءِ ٻڌائڻ جو...... قوت ئي ڪونهي...... منهنجو مٿو پيو ڦري...... ٻڌو: هيءَ ڪڪي، جنهن لاءِ توهان کي ڌڪار آهي...... ۽ مونکي پيار آهي...... سا توهان جي ڪانهي...... +مرد: (تپرس ۾) ڪڪي منهنجي ڪانهي! يعني؟ +زال: هيءَ ڪڪي هن توهان جي...... دوست جي آهي...... +مرد: هي ڇا پيئي بڪين! تنهنجو مغز ته ڪونه خراب ٿيو آهي؟ +زال: (سهڪندي) منهنجو مغز اَڃا سالم آهي...... پر دل...... وهندي ٿي وڃي...... هائو، هيترا سال...... توهان جي زوريءَ پيار ڪري...... گهربل ڪڪو نه ڏيئي سگهيس...... پر پڇاريءَ واري سال...... هن جي سچي پيار ڪري...... پنهنجي دل گهري ڪڪي پيدا ڪيم...... وڌيڪ اَحوال...... پنهنجي دوست کان پڇجو...... منهنجو هيانءُ...... پيو گهري...... اڙي! اَلاجي...... ڇا پيو ٿئيم...... بيهوش ٿي وڃي ٿي.) +ٻئي دوست سندس بدن تپاسين ٿا، پوءِ اَکيون ڦاڙي هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهارين پيا. آهستي آهستي اسٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي ۽ پردو ڪري ٿو.) + + +سماجي شيوڪ +رام پنجواڻي +ياتر: +ديوان حشمتراءِ، +گومي ٻائي_ ديوان حشمتراءِ جي ڌرم پتني، +ساوتري_ ديوان حشمتراءِ جي ڌيءَ، +سلامتراءِ:_ ديوان حشمتراءِ جو دوست، ۽ +نوڪر. +سماج شيوڪ +آستان: +ديوان حشمتراءِ جي گهر جو هڪ ڪمرو جنهن ۾ هڪ ٽيبل، ٻه ڪرسيون رکيون آهن. هڪ پاسي کان پاٺ پوڄا ڪرڻ جو سامان رکيو آهي. +(پردو کلي ٿو) +(گومي ٻائي ڪٿا ويٺي واچي، هٻڪي هٻڪي پيئي پڙهي.) +گومي ٻائي: ستيه وان کي...... ستيه وان کي...... ستيه وان کي نانگ ڏنگيو. ڀاوي...... پر...... پر...... پرٻل آهي (سڏ ڪري) اڙي ڇوڪرا چانهه جو پاڻي رکيهءِ؟ (وري پڙهي ٿي) لکيو جو لاٽ ۾ سو پڙي، مور نه ٽري، ستيه وان دانهن...... دانهن ڪري ڪري پيو (پٽ کي سڏ ٿي ڪري) گوبند او گوبند!! (جواب نه ٻڌي) سمهيو ته سنجها کان اَڳ اُٿندو ئي ڪونه. سمهيو پيو هجي، مان ڇاڪريانس؟ وڃڻو کيس ۽ مغز کپايان مان! (پڙهي ٿي) يمراج...... يمراج...... ستيه وان کي وٺڻ آيو...... ساوتري دوت جي پيرن تي ڪري پيئي (ڳوڙها اُگهي ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي چوي) ويچاري ساوتري! ايشور تون لڄ جي گذارجانءِ، پت جي نڀائجانءِ، گوبند جو پيءُ گهر کان ٻاهر نڪري ته ساهه وڃي گهر جي چانئنٺ ۾ اَٽڪي (ٿڌو ساهه کڻي) شل وار نه ونگو ٿيندس! شل منهنجي عمر به کيس ملندي. پتيءَ کان سواءِ پتني! نور کان سواءِ نيڻ!! ڏٺئه، وري ڀٽڪي ويو مئو من. (اَڳتي ٿي پڙهي) ساوتري سڏ...... سڏ...... سڏڪا ڀري چوڻ لڳي، ”منهنجو سهاڳ مونکي موٽائي ڏي.“ تنهن تي، تنهن تي...... يمراج چيو، ”ساوتري...... ساوتري...... ساوتري......“ +(ساوتري، گومي ٻائيءَ جي ڌيءَ اَندر اَچي ٿي) +ساوتري: جي، ممي، جواب لاءِ به ڪونه ٿي ترسين، سڏ پٺيان سڏ پيو پوي. +گومي: (پستڪ مان منهن مٿي ڪري) ڇو توکي ڪنهن سڏيو؟ يمراج سڏيو ساوتريءَ کي، ڪين مون سڌيو توکي؟ اَڃا من لڳي ته وگهن پوي...... +ساوتري: پڙهه ممي پڙهه! مون سمجهيو ته مونکي سڏ��هءِ، مان به ته ساوتري آهيان نه؟ +گومي: پر ڪيڏانهن شاسترن واري ساوتري ۽ ڪيڏانهن اَڄ ڪلهه جي زماني جي ساوتري! +ساوتري: هن زماني جي ساوتريءَ ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي؟ تنهن جي ڪٿا واري ساوتري مون کان ڇا ۾ سرس آهي؟ +گومي: هن زماني کي ڏي باهه، ڪجلڳ جي هلي آهي ستجڳ سان ڀيٽ ڪرڻ. ڪٿي اَڳيون ديويون ڪٿي اَڄ جون نٽونئيون! ڀنڀورين وانگر پيون ڀلڪا ڏين ۽ پوپٽن وانگر پيون جهلڪا ڏين. هلي آهي برميچڻ سچي ساوتريءَ سان. هڪ ڳالهه ۾ به نه پڄي سگهينس. +ساوتري: (کلي) وٺي اَچ پنهنجي ساوتريءَ کي ممي، اَچي مون سان بئڊمنٽن جو سيٽ ته کيلي ۽ هڪ پائنٽ ته کٽي ڏيکاري. اَچي ڪري مون سان مقابلو ٽئسٽ ۽شيڪ ۾، ويهي ڪري مون سان برج يا رمي. +گومي: وس پڄيئي ته مونکي به ساڙهيءَ جي عيوض سلئڪس ۽ جين پهرائين نه؟ وس پڄيئي ته چمپل جي عيوض پيرن ۾ چيڪلا وجهي ماءُ کي به نٽراج ۾ نچائين. +ساوتري: ونڊرفل ممي، ونڊرفل! واهه جي ڳاهه ڪيئهءِ. روج ۽ لپسٽڪ لڳائين ته چمڪي اَٿين. جيڪر سڀڪو چوي ته تنهنجي ممي ڪيتري ماڊرن آهي! +گومي: مائي گهڻو ٿيو. تون وڃ ۽ وڃي ڪاليج ۾ مئچ ڪر.... اَڃا من لڳي ته وگهن پوي. +ساوتري: تنهنجي ساوتريءَ بجاءِ يمراج سان ماڊرن ڇوڪري ملي ها ته نيزاريون ڪرڻيون ئي ڪونه پونس ها! +گومي: ته ڇا ڪرينس ها؟ +ساوتري: ناز ڀري نگاهه سان نهوڙي ڇڏيس ها، هڪ مٺي مرڪ سان موهي ڇڏيس ها؟ +گومي: اَڄ ڪالهه جون ڇوڪريون پنج پير کڻو ته پيون ٽنگون ٽٽنوَ سو ماڊرن ڇوڪري پڄي ها يمراج سان پنڌ ۾؟ +ساوتري: سپرسانڪ ۽ جيٽ جهاز ۾ آڳ وڃي وٺيس ها. يمراج آناڪاني ڪري ها ته هڪ ئي بم سان يمراج جي نگري ناس ڪري ها ۽ ور واپس وٺي اَچي ها. ممي ٽاٽا، باءِ باءِ! +گومي: ٺاٺا ۽ باهه باهه! مئن انگريزن اکر به ڳولهي ڪڍيا آهن، پر اَڄ ڪلهه جتي ڪٿي آهي به ٺاٺا ۽ باهه باهه، ٻيو آهي ڇا؟ (پڙهي ٿي) تنهن تي يمراج چيو ساوتري موٽي وڃ. +(در جي گهنٽي ٿي وڄي). +گومي: ايتري ۾ موٽي به آيا؟ چڱو ٿيو، چڱو ٿيو. (اُٿي در ٿي کولي) +آواز: ديوان حشمتراءِ آهي؟ +گومي: ديوان ته ٻاهر نڪتوآهي، ڪاڪا! +(ڪاڪو سلامتراءِ: اَندر ٿو اَچي) +سلامتراءِ: اَچي ويندو، اَچي ويندو، آيو آهيان گڏجي ويندوسانس. چانهن چڪو کڻي اتيئي پيئبو. +گومي: پاڻ دير سان ايندا. شام جو مس موٽندا. +سلامتراءِ:ڀلي رات جو موٽي. مان جتي ويندو آهيان، اُتي پنهنجو گهر سمجهي ويندو آهيان. توهان ڪو ڌاريا آهيو ڇا؟ پرسي وٽ ويس ته ڇڏي ئي نه. نيرن به اُتي ته منجهند به اُتي! موقعو هر هر ڪونه ٿو ملي. مونکي وقت ڪٿي آهي ماڻهن وٽ وڃڻ جو؟ ڪيترا ته ڪم آهن، ڪيتريون ته مشغوليون آهن! پينشن وٺڻ کانپوءِ ته ڪم ئي وڌي ويو آهي. اَخبار جو ڪم هڪ طرف ته سماج شيوا ٻئي طرف، وقت ڀڄندو ٿو وڃي. اَسان جهڙن ماڻهن لاءِ ته ڏينهن 96 ڪلاڪن جو هئڻ گهرجي، نه ته مائي، تون ئي ٻڌاءِ ته پنجاهه سٺ سالن ۾ ماڻهو ڪري ئي ڇا سگهندو؟ ڏس پرسي وٽ ته منو ڏينهن گذري ويو ۽ توهان وت اِجها ٿي رات، پرسو آهي سو ڇوڪرو پر ويچاري تي وڏي آپدا اَچي ڪڙڪي آهي. +گومي: پرسو ڪهڙو؟ +سلامتراءِ: اِهو جيوترام جو پٽ، پرسو. ڀيڻ! ويچاري جي زال رسي وڃي پيڪي ويٺي آهي، خبر اَٿيئي ته ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ +گومي: نه ڪاڪا، مونکي ڪهڙي خبر! +سلامتراءِ: مون جهڙو ماڻهو سماج ۾ نه هجي ته تو جهڙين اَٻوجهه اِسترين کي جيڪر خبر به نه پوي ته سماج ۾ ڇا پيو وهي واپري. ٻڌايانءِ ٿو، پر ٻئي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪج. ٻاٻا ڀلي، ڍڪي ڀلي. هتان جي ڳالهه هت ڪرڻ مونکي وڻي ئي ڪونه......... +گومي: ڪشٽ نه ڪريو ڪاڪا، زال مڙس پاڻ ۾ ڄاڻن، اَسانجو ڪهڙو پريو��ن؟ +سلامتراءِ: سماج جي ستياناس ٿئي ته ڀلي ٿئي؟ ڀلا اِهو به ڪو ڪارڻ آهي جو پتني پتيءَ کي ڇڏي وڃي پيڪن ۾ رهي؟ پرسو اَڌ رات جو اُٿيو ۽ باٿ روم ۾ وڃڻ وقت جتي نه پاتائين ته مائي مڇرجي ويئي! هٿ ڌوئي چولي سان اُگهي ڇڏيائين ته اَميرزادي ڏمرجي ويئي!! ڇورين کي ڀلا ملي ويئي آهي ڇڙواڳي ته اَهڙا ڪلور ڪيئن نه ٿيندا؟ +گومي: ڇوڪرا چانهه کڻي اَچ، ڪاڪي کي ڪيترا نه ڪم آهن! +ڇوڪرو: (اَندران) آيو مائي آيو..... +سلامتراءِ: ڪٿي ويندو آهيان ته تڪڙ ڪندو ئي ڪونه آهيان. اَڳلو به ناراض ٿئي ۽ پاڻ کي به آنند نه اَچي. کڻي اَچ بابا ته پيون چانهه جي پيالي. (ڇوڪرو چانهه کڻي، اَچي ٽپائي تي رکي ٿو. گومي ٻائي چانهه ٺاهي ٿي.) +گومي: کنڊ ڪيتري ڪاڪا؟ +سلامتراءِ: اِهي چار پنج چمچا، پر کير گهڻو. بمبئيءَ ۾ اَچي چانهه سکيا آهيون، بابا! سنڌ ۾ ته فقط سياري ۾ پيئندا هئاسين. واهه واهه سنڌ جو سيارو! ڇا کوهيا ۽ معجون کائبا هئا! ڇا سيرا ۽ حلوا واپرائبا هئا! ڇا کيرڻيون پيئبيون هيون! کيرڻيءَ ۾ ڇا ته پستا ۽ بادام وجهبا هئا! کاڌي جا مزا ته اُتي هئا. سڄو پلو ۽ سير گوشت جو مڪ ويلي تي کائي ويندو هوس. (پيٽ تي هٿ گهمائي ٿو) اَڄ به مالڪ جي مهر آهي. کاڌي ۾ جهڙو تهڙو جوان ڪو نه پڄي سگهندو. اَڄ طبيعت ٺيڪ نه آهي، ته به پرسي کان وڃي پڇو ته ڪيئن باسڻ کڙڪائي آيو آهيانس. +گومي: شڪر آهي جو ايترو هضم ڪري سگهو ٿا. +سلامتراءِ: بابا گهر ۾ گهٽ کائيندو آهيان جو زال ڪرڪر ڪندي آهي. ويلي تي ڇهن جي بجاءِ ست ڦلڪا ته کان! هل مچائي ڏيندي. هرهر پيئي چوندي ته بيمار ٿي پوندا. باقي مجلس مڙيءَ ۾ يار دوستار وٽ رڄ ڪري کائيندو آهيان. ڀلا دل ڪري جيڪي طعام تيار ڪندا تن کي ناراض ڪيئن ڪبو؟ سماج شيوڪ کي ٻين جي دل ته رکڻي پوي ٿي نه؟ +گومي: (صوف کڻي) کل لاهيان يا کل سان کائيندا؟ +سلامتراءِ: پرسي وٽ ايترو کائي آيو آهيان جو رات جو ويلو به گسائڻو پوندو، پر صوف جي ٻي ڳالهه آهي. ميوو ته وري به ڀائي آهي نه؟ +(گومي ٻائي ڪپ سان صوف وڍڻ تي آهي ته سلامتراءِ: روڪي، صوف کي ڪپ سان نه ڪپ. طاقت جا جزا مري ويندا. (صوف وٺي سڄي کي چڪ ٿو وجهي) صوف کائجي ته هيئن کائجي. (در تي گهنٽي ٿي وڄي، ڇوڪر اَچي ٿو در کولي، حشمتراءِ اَندر ٿو اَچي). +حشمتراءِ: اَڙي يار تون هت! گهڻن ڏينهن کان پوءِ پير ڀريا اٿيئي. (سلامتراءِ اُٿڻ جي ٿو ڪري) ويهه ويهه، سلامتراءِ:. (ڪوٽ ٽوپي لاهي ٿو. گومي ٻائي ڪوٽ ۽ ٽوپي کڻي اندر ٿي وڃي) +سلامتراءِ: يار، ڀاڀيءَ ته چيو ته دير سان موٽندو. مون ته نشچو ڪيو ته ملڻ کان سواءِ مور نه ويندس، پوءِ ڀل رات جي رسوئي هت ئي کائڻي پوي. +حشمتراءِ: اَڃا کائڻ جوشوق جيئن جو تيئن قائم اٿيئي؟ +سلامتراءِ: ڀاڀيءَ کي ويٺي ٻڌايم حشمتراءِ يار توکي منهنجي اُصول جي خبر آهي ته جيڪو کائي کائي مري سو به شهيد ٿيو. ايشور در اِهائي پرارٿنا آهي ته ائين شهيد ٿي مران. ڪراچيءَ جي رامجي هنسراج ويسيءَ واري جو واقعو ياد اٿيئي؟ +حشمتراءِ: بلڪل چٽيءَ طرح ياد آهي، ٻٽيهه ڦلڪا ۽ ديگڙو دال جو! ڪمال ڪري ڏيکاريو هوءِ. مئنيجر جا ماشا ئي ڦري ويا هئا. +سلامتراءِ: سڀ گذر. ڪيتري وقت کان پوءِ پاڻ ۾ گڏيا آهيون. ڏاڍو رڌل ٿو رهان. سماج ۾ ڪيتريون اوڻايون آهن. حل به ته اسان کي ڳولهڻو آهي نه؟ +حشمتراءِ: اخبار ته زور پيئي هلي نه؟ +سلامتراءِ: جنتا جي اخبار جنتا پيئي هلائي. سماجڪ اوڻاين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ جفاڪشي جيڪا مون ڪئي آهي ۽ شيوا جيڪا ”ستيه گزيٽ“ ڪئي آهي سا سونهري اکرن ۾ لکي ويندي. ”ستيه گزيٽ“ جو ڇا ته مان آهي! تو ڪالهوڪي ا��بار پڙهي آهي؟ +حشمتراءِ: نه، نه. ڪا سنسني خيز خبر آهي ڇا؟ +سلامتراءِ: مان سنسنيءَ مان ڇا ڄاڻان؟ مان سچ جو ڪانکي آهيان؛ سچ چوڻ کان ڪين گسندو آهيان. اهوئي ته ڪارڻ آهي جوشاهوڪار ۽ هلنديءَ وارا مون کان ڪؤ کائيندا آهن ۽ مونکي خوش ڪرڻ لاءِ منهنجي خوشامد ڪندا آهن. +حشمتراءِ: موٽ ۾ تون سدن فوٽا ڇپيندو آهين. +سلامتراءِ: جو وهندو سو لهندو. مون وٽ ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي. بلاڪ سندن، باقي پنج رپيا پاسپورٽ سائيز جا؛ ڏهه رپيا چئن اِنچن جي فوٽي لاءِ ۽ پنجويهه رپيا ڪارڊ سائيز جا. بابا جئن کنڊ گهڻي تيئن کير مٺو. ڪنهن جي اوڻائي ڏسبي ته پهرين اِشارو ڏبو. اِشارو سمجهي ويو ته اُپٽار بند، نه سمجهائين اِشارو ته پوءِ ٽٽونءَ کي ٽارو. +حشمتراءِ: گهڻائي دفعا ڏٺو اٿم ته تنهنجي اَخبار ۾ اَهڙيون خبرون هونديون آهن جن مان ائين سمجهبو آهي ته ٻيءَ اَخبار ۾ ڦاٽ ڦاٽندا. +سلامتراءِ: سماج جون اوڻايون ڏسي دل جلي ويندي آهي. سماج دروهين کي اطلاع ڏيندو آهيان. اَچي جو شرڻ پوندا آهن ته ٺري ويندو آهيان. رشوت کان ونءُ ويندو آهيان، باقي شرڌا سان آيل ڀيٽائون قبول ڪندو آهيان ۽ ڪنهن پريميءَ جي دل ٽوڙڻ نه چاهيندو آهيان. +حشتمراءِ: ها ڀلا ڪالهوڪي اَخبار ۾ ڇا هو؟ +سلامتراءِ: (اَخبار ڪڍي پنا اُٿلائي) هي پنو پڙهي ڏس ته دوستيءَ جو ننگ نباهيو اَٿم يا نه؟ کليو کلايو لکي، پنهنجي پير مان لاهي پنهنجي منهن ۾ هڻڻ برابر آهي. +سلامتراءِ: (پڙهي) اهو ڪنهن ڏانهن اشارو آهي؟ (پڙهي ٿو) هڪ پينشنبردار ديوان جي ڌيءُ هڪ شرابي لفنگي جي پريم ۾! +سلامتراءِ: تون به اشارو نه سمجهي سگهئين نه؟ اها آهي منهنجي هوشياري! ٿورو ويچار ڪندين ته پرولي سمجهي ويندين، توکي ٻڌايم ته اهڙين ڳالهين ۾ پهرين اشارو ڏيندو آهيان تنهنجي ڌيءُ سان منهنجي ڌيءُ. +حشمتراءِ: ته هيءُ اشارو منهنجي ساوتريءَ ڏانهن آهي؟ هن ۾ جيڪي لکيل آهي سو ساوتريءَ سان ته لڳي ئي نٿو. +سلامتراءِ: ڏيئي کي پٺ ۾ اوندهه هوندي آهي، مون جيڪي لکيو آهي سو حقيقتن تي ٻڌل آهي، حيراني آهي ته توکي خبر نه آهي تنهنجي ڌيءَ سرڳواسي ديوان پريتمداس فاريسٽر جي لفنگي پٽ جشن سان اٽڪي ويئي آهي. +حشمتراءِ: مونکي ته ڪابه خبر نه آهي (زال کي سڏ ڪري) گوبند ماءُ! گوبند ماءُ! +گومي: اَچان ٿي. +سلامتراءِ: ڀاڀيءَ کي ڇو سڏيهءِ؟ هيءَ ويچاري سدادي، وشواسي مائي! +گومي: چئو سائين! +حشمتراءِ: توکي خبرآهي ته اسان جي ساوتريءَ جو ناتو سرڳواسي ديوان پريتمداس فاريسٽر جي پٽ جشن سان آهي؟ +گومي: ڪير ٿو چوي؟ +حشمتراءِ: اخبار ٿي چوي. ”ستيه گزيٽ“ جو ايڊيٽر ديوان سلامتراءِ ٿو چوي. +گومي: اِهو ڪوڙو اِلزام آهي. ساوتري مون کان ڪجهه به نه لڪائيندي آهي. +سلامتراءِ: تحقيقات ڪرڻ کان پوءِ خبر ڇاپي اَٿم سا به گپت نموني ۾. توهان کي خبر آهي ته سماج جي ڀلي لاءِ پنهنجي ”ستيه گزيٽ“ ۾ هيءَ حقيقت شايع ڪرڻ کان اڳ ڪيترو دک محسوس ڪيم؟ منهنجي دل جنسي رنو. هن پاسي دوست جي ڌيءُ ۽ هن پاسي فرض. من چوي دوست جي ڌيءُ آهي، ٽري وڃ ۽ وويڪ چوي ته پنهنجي اوچ اصول تان نه ڪر، پر هيءَ خبر ڇاپي مون توتي احسان ڪيو آهي. +حشمتراءِ: اَحسان! +سلامتراءِ: پيءُ کي آگاهه ڪرڻ ته سندس ڌيءُ غلط مارگ تي هلي رهي آهي، اَحسان نه آهي؟ +حشمتراءِ: تون منهنجودوست آهين نه؟ خبر اَخبار ۾ ڇپڻ کان اَڳ مونکي روبرو نه ٿي ٻڌائي سگهئين؟ +سلامتراءِ: اَخبار ۾ آيل خبر جو وڏو اَثر ٿيندو آهي. +حشمتراءِ: پوءِ ڀل ڇوڪري بدنام ٿي وڃي؟ +سلامتراءِ: بدنامي ڇاجي؟ ايندڙ اَخبار ۾ ��ُپٽار ئي نه ٿيندي ته قصو ئي ليءِ مٽي ٿي ويندو. +حشمتراءِ: قصو ليءِ مٽي ڪرڻ جي قيمت ڪيتري؟ +سلامتراءِ: قيمت اَکر مونکي ڪين وڻندو آهي. ڏنڊ چئه. مون وٽ دڪان ڪونهي جتان چيز خريدي قيمت اَدا ڪرڻ آيو آهين. توکي اَڳ ۾ ئي ٻڌايو اَٿم ته شرڌا ڀري ڀيٽا سويڪار ڪندو آهيان، پريم سان ڏنل پرساد ڪونه موٽائيندو آهيان. بيکاري نه آهيان جو بيک پنان، ڊاڪو نه آهيان جو ڇني وٺان، ڪاسائي ڪونه آهيان جو ڪاتي ڪڍي بيهان، گهري وٺڻ کان مرڻ ڀلو. سماج سڌارڪ آهيان. ڪئريڪٽر به ته ڪا شيءِ آهي! اَسان جهڙا ماڻهو ٻن باهين ۾ آهن. هن طرف مترتا جو موهه ۽ هن طرف سماج سڌارڪ جو سؤداءُ. +گومي: منهنجي ڌيءَ جي بجاءِ پنهنجي ڌيءُ لاءِ هل ٻڌو ها ته ڇا ڪريو ها؟ +سلامتراءِ: مون وٽ تنهنجي منهنجي ٿئي ڪانه، سڀ هڪ سمان. مان سم درشٽيءَ وارو ماڻهو آهيان. گانڌي مهراج جو پوئلڳ آهيان. مهاتما خود ڪستورٻا مان به نه ٽرندو هو. +حشمتراءِ: مونکي ٻڌاءِ ته مونکي شرڌا ڀيٽا گهڻي ڏيڻي پوندي؟ مون ۾ ته سگهه ئي ڪانهي. +سلامتراءِ: پيءُ ٿي ڌيءُ جي ديکڀال ڪرڻ ۾ گٿو آهين، تنهنڪري هي ڏنڊ ڏيڻو ٿو پويئي. جيڪي وڻيئي سو کيسي ۾ وجهه. پنجاهه سؤ ۾ سڃو ڪونه ٿي ويندين. جيڪڏهن سڀڪو مٺ ڀيڙي وهي ته اَسان جهڙا سماج شيوڪ ڇا تي هلن؟ +حشمتراءِ: مان پرهينءَ پنجاهه رپيا پهچائي ويندس. +سلامتراءِ: پنجاهه رپيا (ٿورو ويچاري) ٺيڪ آهي. آزادي پرچي ۾ ائڊورٽزمينٽ جي اَڌ صفحي لاءِ. +حشمتراءِ: ائڊورٽزمينٽ! مون وٽ ڪهڙو وکر آهي جنهن جي مشهوريءَ يا وڪري لاءِ ائڊورٽزمينٽ جي ضرورت آهي؟ مان هڪ پينشنبردار پوسٽ ماستر، مان اِشتهار ۾ ڇا لکندس؟ +سلامتراءِ: ڪجهه به لک، نه ته پنجاهه رپيا ڇاجا ٿو وٺان؟ وويڪ به ته ڪا ڳالهه آهي. +حشمتراءِ: اَخبار جو چندو ڪري وٺ. تو ئي ته چيو ته جنتا جي اَخبار جنتا ئي ٿي هلائي. مان اِشتهار ڇا جو ڏيان؟ +سلامتراءِ: اِشتهار ۾ فقط شڀ ڀاونائن جو اِظهار ڪر ۽ نالو به لڪل رک. آزادي ڏينهن جون شڀ اِڇائون_ هڪ سڄڻ. (حشمتراءِ ٿڌو ساهه کڻي ٿو) رهجي آئي؟ تنهنجي ڀاونا به پوري ٿي ۽ منهنجو اصول به قائم رهيو. سماج شيوڪ کي ڪئريڪٽر جو ڪيڏو نه اونو رکڻو ٿو پوي؟ +گومي: ڀلا منهنجي ساوتريءَ لاءِ وري ته ڪجهه نه لکندا؟ +سلامتراءِ: تنهنجي ڌيءَ سا منهنجي ڌيءَ، هن جي بدنامي ڪري ڇا پنهنجو آئيندو ڪارو ڪرڻو اٿم؟ حشمتراءِ ننڍي هوندي جو يار آهي. ڇا ياريءَ تي ٽڪو لڳائڻو اٿم؟ اصول ۾ اٽڪيل آهيان نه ته پنجاهه رپين جي مونکي پرواهه رکي آهي. اعتبار ڪندين ته انهن پنجاهه رپين مان پاڻ تي ڪوڏي به نه خرچيندس. ڌيءُ کي ڌيءَ ڄائي آهي، تنهن لاءِ چولا ۽ ٻيون ننڍڙيون وڏڙيون سوکڙيون نه کپنديون؟ اهي پنجاهه رپيا دان ۾ سجهه. دان به ڪهڙو؟ ڪنيا دان! +(در تي گهنٽي. گومي ٻائي اُٿي در کولي ٿي) +آواز: مان جڏهن ويس ٿي تڏهن سلامتراءِ در تي هو. آهي ڪين ويو؟ +گومي: آهي؛ پر گجندي ڇو آئي آهين؟ +(ساوتري اَندر ٿي اَچي. هڪ هٿ ۾ هاڪي اسٽڪ اٿس، ٻئي هٿ ۾ ”ستيه گزيٽ“ جو پرچو) +ساوتري: گجڻ نه آئي آهيان، پر وسڻ آئي آهيان، ڏس ته ڪهڙي قسم جي برسات ٿي برسايان. +حشمتراءِ: هڪ چوري ٻي سينازوري؟ هي ته منهنجو يار سلامتراءِ آهي، جنهن گپت اِشاري ۾ آگاهه ڪيو نه ته عزت خاڪ ۾ ملي وڃي ها. +ساوتري: گپت اِشاري ۾ آگاهه ڪري ها ته منهنجيون ساهيڙيون مونکي ڇو ورجائن ها؟ هن منهنجي عزت تي حملو ڪيو آهي. +گومي: پوءِ اَهڙا ڪم ڪرين ڇو جو تنهنجي به عزت وڃي ۽ ماءُ پيءُ جو به نڪ ڪپجي؟ +ساوتري: اهائي ته صفائي ڪرڻ آئي آهيان. +حشمتراءِ: صفائي ڇا ڪندينءَ. اشراف آهي جو قصي کي ليءِ مٽي ڪرڻ جوا َنجام ڪيو اَٿائين. ويچارو چوي ٿو هن کان پوءِ اُپٽار بند. +ساوتري: اُپٽار کان اَڳ هن بلئڪ ميلر جي نبض بند ڪنديس. (ماءُ پيءُ کي) ماڊرن ساوتريءَ کي هن ماڊرن يمراج سان ڳالهائڻ ڏيو. +سلامتراءِ: ڇوڪري زبان تي ضابطو رک، نه ته نتيجو برو ٿيندو. چوانءِ ٿو عمر ڀر پڇتائيندينءَ. +ساوتري: اهي ڊپ منهنجي ڊئڊيءَ ۽ مميءَ کي ڏي ٻڍا. مان ته اڄ هڪ هيڪائي ڪرڻ آئي آهيان. هن اخبار ۾ جيڪا خبر ڇپي اٿيئي سا ڪهڙي آڌار تي؟ +سلامتراءِ: (ذرا رعب سان) خبر مڙيو ئي خبر آهي. ڪيئن ملي، ڪٿان ملي ۽ ڪنهن ڏني اُها ٻڌائڻ لاءِ اخبار جو ايڊيٽر ٻڌل نه آهي. +ساوتري: هيءَ هاڪي اسٽڪ ڏسو ٿا؟ سڌو جواب نه ڏيندا ته هيءَ اسٽڪ تنهنجي مٿي تي ڀڃنديس. +گومي: ساوتري ساوتري..... +ساوتري: تون ماٺ ڪر ممي. مونکي هن حريف سان حساب پورو ڪرڻ ڏي. +گومي: حساب پورو ڪرڻو آهي؟ ٻڏڻ ويو آهي وسري، لڏڻ آيو آهي ياد. +ساوتري: پر ممي....... +حشمتراءِ: ڏاڍو ڳولهيو به راجڪمار اَٿيئي نه؟ ماڻهين مورک، پڻهين وشواسي. +گومي: وري مون تي ڇو اُلري آيا؟ +حشمتراءِ: تنهنجو ڏوهه ناهي؟ ڌيءُ کي ريل ڇيل رلڻ کان روڪي نٿي سگهينءَ؟ +ساوتري: پر ڊئڊي.... +حشمتراءِ: مري ويو تنهنجو ڊئڊي. اَسان غربين وٽ عزت کان مٿي ٻيو آهي ڇا؟ لڌءِ به وڃي جشن ڪنڊو. +ساوتري: (رڙ ڪري) ڊئڊي، ڳالهه جو نبيرو ٿيڻ ڏيو. (سلامتراءِ: ڏي منهن ڪري) ٻڌاءِ ته اِها خبر توکي ڪٿان ملي؟ +سلامتراءِ: ٻڌائڻ لاءِ ٻڌل نه آهيان (ساوتري اسٽڪ مٿي ٿي ڪري) پر ٻڌايانءِ ٿو. (ساوتري اسٽڪ هيٺ ٿي ڪري) پهرين اها خبر مونکي ديوان جميعتراءِ جي گهران پيئي، جنهن کي ڪلان ڀاونداس جي ڀيڻ ليلان جي نراڻ سندري ٻائيءَ ٻڌائي هئي، مان خبردار ماڻهو آهيان، تنهنڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ليلان سان مليس. ليلان کي اِها خبر ستڀاوان شوداساڻيءَ جي ڏيراڻيءَ مومل مان پيئي، جنهن کي لڇمي بٺيجا ٻڌائي. جڏهن لڇمي بٺيجا سان مليس تڏهن هن سيتا رامچنداڻيءَ لاءِ چيو. سيتا رامچنداڻيءَ وٽ وڃڻ جو ضرور ڪونه سمجهيم. سمجهي ويس ته هيڏو ڀنڀٽ چڻنگ کان سواءِ ڪين ڀڙڪيو هوندو! تون ئي چئه ته جيڪي اَخبار ۾ لکيو اَٿم سو غلط آهي؟ +حشمتراءِ: چئه چئه ڏي جواب. +ساوتري: بلڪل غلط. اِشارو ظاهر ظهور مون ڏانهن آهي پر منهنجو پريم ڪنهن به شرابي لفنگي سان ڪونه آهي. +سلامتراءِ: (اُٿي) مان وري به تحقيقات ڪندس ۽ جيڪڏهن ڪوڙ هوندو ته...... +ساوتري: (ڌڪو ڏيئي) وهو. (ڪرسيءَ ۾ ڪري ٿو پوي) توهان جهڙن منحوسن اَسان اِسترين کي ڇا سمجهيو آهي؟ جئن وڻندوَ تيئن اَسان تي اَتياچار ڪندا رهندا؟ اهو زمانو ويو، ڪاڪا! منهنجي ساهيڙين جي سئنا کي ته اَچڻ ڏيو، سرگس ۾ وٺي هلندوَ ۽ سڄي شهر کي ڏيکارينديون ته سماج شيوا جي هام هڻندڙ هڪ اَڍنگي ايڊيٽر جا ڪارناما ڪهڙا آهن! (سڏ ڪري) ڇوڪرا! ڇوڪرا! (نوڪر اَچي ٿو) تون هڪ نوڙي کڻي آءُ. +سلامتراءِ: (اُٿي) پر ساوتري ڌيءُ! +ساوتري: (ڌڪو ڏيئي) موڪل کان سواءِ اُٿندا ته برو ٿيندو. +سلامتراءِ: (ڪرسيءَ ۾ ڪري) هڪ سماج شيوڪ کي ڪيڏا نه ڪشٽ ٿا ڏسڻا پون! +ساوتري: سماج شيوڪ يا سماج گهاتڪ، چور، ڊاڪو، رشوت خور، بي ايمان، بلئڪ ميلر... (اسٽڪ مٿي ٿي ڪري) +حشمتراءِ: ساوتري! مري ويندو. +ساوتري: جيڪي ٻين جي چريترن تي حملا ڪن تن کي مرڻ ئي کپي. (در تي گهنٽي) ڇوڪرا! ڏس ڪير آهي؟ ڌاريو هجي ته موٽائي موڪلجانس. منهنجون ساهيڙيون هجن ته ترسائجان. +(در کلڻ تي سلامتراءِ جو نوڪر تڪڙو تڪڙو اَندر ٿو اَچي) +نوڪر: سائين اُٿو، سائين هلو_ ظلم ٿي ويو، بغداد ٿي ويو. +سلامتراءِ: ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟ +نوڪر: سائين حادثو! خوفناڪ حادثو. ساوتري بيبيءَ سان. +سلامتراءِ: ساوتري بيبي! +نوڪر: هائو_ سڌو اسپتال ڏانهن کڻائي ويا اَٿس. پاڻ ۽ ڇوڪرو ٻئي بيهوش آهن. توهان کي ڳولهي ٿڪو آهيان، پڇائيندو، پڇائيندو....... +سلامتراءِ: ڇوڪرو ڪيرآهي؟ +نوڪر: سائين ٻڌايائون ته سرڳواسي ديوان پريتمداس فاريسٽر جو پٽ جشن آهي. +حشتمراءِ ۽ گومي: (گڏجي) فاريسٽر جو پٽ جشن! +سلامتراءِ: جشن منهنجي ڌيءُ سان؟ نه نه، ائين نه ٿيندو. +ساوتري: نه ٿيندو ڇا؟ اخبار ۾ خبر سچي ڇاپي اَٿو پر پنهنجو پاپ ٻئي تي ڌريو اٿو. پنهنجي ساوتريءَ جا عيب لڪائي مون تي مڙهيا اَٿو. پنهنجي ساوتري نه ته پرائي. +سلامتراءِ: مونکي وڃڻ ڏيو، وڃڻ ڏيو. +ساوتري: مان به ٿي هلانوَ، پر پهرين بيان لکو. ڇوڪرا! پنو ۽ پين کڻي آءُ. +سلامتراءِ: مون تي قياس ڪر پٽ_ مونکي وڃڻ ڏي. +ساوتري: ٻين تي قياس ڪندا آهيو. چئن چانديءَ جي ٽڪرن لاءِ ٻين جي عزت کي مٽيءَ ۾ ملائڻ وقت رحم ڪندا آهيو؟ +(نوڪر اَچي ٿو. ساوتري قلم ۽ پئڊ سلامتراءِ کي ڏيئي) لکو. +سلامتراءِ: لکاءِ. +ساوتري: مان سلامتراءِ نه ملامتراءِ آهيان. +سلامتراءِ: ڇا؟ +ساوتري: (هاڪي اسٽڪ مٿي ڪري) لکو. +سلامتراءِ: مان ملامتراءِ آهيان. +ساوتري: منهنجي اَخبار جو نالو ”ستيه گزيٽ“ آهي. +سلامتراءِ: ”ستيه گزيٽ“ آهي. +ساوتري: حقيقت ۾ ٿيڻ کپي ”گلا ۽ گار گزيٽ.“ +سلامتراءِ: مان اِهو ڪيئن لکان؟ +ساوتري: (اسٽڪ اولاري) لکو. +سلامتراءِ: ”گلا ۽ گار گزيٽ“. +ساوتري: مان ايڊيٽر نه پر بلئڪ ميلر آهيان. +سلامتراءِ: ستيا ناس ٿي ويندي. +ساوتري: (دڙڪي سان) لکو. +سلامتراءِ: بلئڪ ميلر آهيان. +ساوتري: مون ٻئي لاءِ کڏ کوٽي هئي پر ڪريس پاڻ. +سلامتراءِ: پر ڪريس پاڻ. +ساوتري: بري ماڻهوءَ جي انت اها ٿيندي آهي. +سلامتراءِ: مان برو ماڻهو نه آهيان. +ساوتري: لکو ٿا يا..... (اسٽڪ مٿي ڪري ٿي) +گومي: سماج شيوڪ آهين ڪين مئا گٽر ماسٽر آهين! +سلامتراءِ: انت اها ٿيندي آهي. +ساوتري: 14 نومبر وار پرچي ۾ جيڪي الزام لڳايل آهن سي ٻيءَ ڪنهن ڇوڪريءَ سان نه ٿا لڳن. +سلامتراءِ: نه ٿا لڳن. +ساوتري: اهي منهنجي ڌيءُ ساوتريءَ سان ٿا لڳن. +سلامتراءِ: منهنجي ڌيءُ ساوتريءَ سان ٿا لڳن (روئي) مان ته برباد ٿي ويس. +ساوتري: گهڻن جا گهر برباد ڪيا اَٿو. ڳنر ٿي لت آئي اَٿوَ تڏهن ٿا ڪيڪرايو. (دڙڪو ڏيئي) لکو. +سلامتراءِ: (ڇرڪ ماري) اَڃا ڇا لکان؟ حشمتراءِ، ڌيءُ کي نه ٿو سمجهائين. +حشمتراءِ: تنهنجي اصولن جي پيروي ٿي ڪري ته مان ڇا ڪريان؟ قيمت ڪانه ٿي گهري پر ڏنڊ ٿي وٺي. +ساوتري: لکو لکو_ حادثي کان پوءِ نرنيءِ ٿي چڪو_ +سلامتراءِ: ٿي چڪو. +ساوتري: ته پنهنجو پاپ ٻئي تي لڳايو هئم. +سلامتراءِ: لاڳيو هئم. +ساوتري: پنهنجي اُٻهرائي ۽ بد اِرادي لاءِ معافي ٿو وٺان. +سلامتراءِ: معافي ٿو وٺان. +ساوتري: وجهه صحي. +سلامتراءِ: سلامتراءِ. +ساوتري: يعني ملامتراءِ. +سلامتراءِ: ملامتراءِ. +ساوتري: ايڊيٽر ”ستيه گزيٽ“ يعني ”گلا ۽ گار گزيٽ“. +سلامتراءِ: ”گلا ۽ گار گزنٽ.“ +ساوتري: هاڻي وڃو. منهنجون ساهيڙيون پهچن، تنهن کان اَڳ نڪري وڃو. هڪ ئي حوصلا خطا ڪري ڇڏيا اَٿوَ ته سورهن ڄڻيون ته سر به سنڌي ڇڏيندوَ. ٻئي پرچي ۾ اِشاري ۾ معافي وٺج. نه ته هيءُ خط ڇپيو ته گهٽيءَ ۾ گهمي نه سگهندين_ سماج شيوڪ مان ڦري سماج گهاٽڪ سڏبين! +(سلامتراءِ ڊڄندو نڪري ٿو وڃي) +گومي: ڇوڪري آهي ڪين شينهن؟ +ساوتري: اَمي، ماڊرن ساوتري ڏنهءِ ته يمراج سان ڪيئن پڄي ويئي؟ +گومي: (ياد ڪري) اَڙي هائو. مئي جي هاڄاري ۾ ڪٿا ئي اَڌ ۾ رهجي ويئي. +ساوتري: ڪر شروع اَمي، ڪٿا. ڪٿي پهتي هئينءَ؟ (ماءُ جي عينڪ پائي اَهل ڪري ٿي پڙهي) ”تنهن تي يمراج چيو_ساوتري، ساوتري، ساوتري!“ ڇوڪرا، چانهه جو پاڻي رکيهءِ؟ اَڃا من لڳي ته وگهن پوي. (سڀ کلن ٿا.) +(پردو ڪري ٿو) + + +نيلام +جيون گرسهاڻي +پاتر: +موهن: سيٺ جهمٽمل جو نوجوان پٽ. +ڦندڻ مل: خاندان جو پراڻو منشي. +جهمٽمل: موهن جو پيءُ. +واڌومل: پنهنجي ڀائٽيءَ جي مائٽي هلائيندڙ. +مڪان: دهليءَ جي هڪ ماڊرن ڪالونيءَ ۾ سينگاريل ڊرائنگ روم. +وقت: صبح جا نوَ بجا. +نيلام +(موهن، ديوان جهمٽمل جو پٽ؛ دهليءَ ۾ خاندان جي پراڻي منشيءَ، منشي ڦندڻ مل جي نظرداريءَ هيٺ اِنٽر سائنس پڙهندو آهي. پڙدي کڄڻ وقت هو ڪوچ تي آهلي هڪ ڪتاب پڙهي رهيو آهي) +(ڦندڻ مل اُٻهرائيءَ سان اندر داخل ٿئي ٿو) +ڦندڻ مل: منشي ڦندڻيل ڪوُڙ ٻوليهه نرڪ ۾ وڃي....... ها....... او ننڍا ديوان، وڏو ديوان جهمٽمل پيو اچي. +موهن: (عجب ۾) ڇا چيئه ڦندڻ مل، ڪير پيو اچي؟ بابو سائين؟ +ڦندڻ مل: بلڪل سوا سورهن آنا، تنهنجو بابو سائين ۽ مئيءَ زال جي هن يتيم ڀتار جو مائي باپ ديوان جهمٽمل پاڻ پنڊ. +موهن: پر....... پر ڪالهه ئي ته سندن خط آيو هئو. ان ۾ ته اهڙي ڳالهه ڪانه لکي اٿن. ڦندڻ مل، ڪٿي سڃاڻڻ ۾ ڀل ته ڪانه ڪئي اٿيئي؟ +ڦندڻ مل: ننڍا ديوان، تون به غضب ٿو ڪرين. منشي ڦندڻمل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي....... ها....... سالن کان ديوان جهمٽمل جو نمڪ کائيندي هي وار اَڇا ڪيا اٿم. کيس سڃاڻندس به ڪين؟ اِجهو هينئر ئي ته ٽانگي مان لهي رهيا هئا. +موهن: (کلندي) ڇا چيئه؟ ٽانگي مان لهي رهيا هئا؟ تڏهن ته پڪ ئي پڪ تو غلطي ڪئي آهي. ڦندڻ مل. بابوسائين ۽ ٽانگو! کوڙو ئي نه ٿو لڳي. هو ته ٽانگن ۽ ٽئڪسين تي پئسا خرچڻ اجايا سمجهندو آهي. +ڦندڻ مل: (ڪجهه ڪاوڙجي) منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي، نرڪ ۾ وڃي....... ها....... ننڍا ديوان، تون به حد ٿو ڪرين. ڀلا جي اَکين سڃاڻڻ ۾ غطلي ڪئي هوندي ته ڪنن ٻڌڻ ۾ ته مون سان ريب ڪونه ڪيو هوندو. (ڪنن کي هٿن سان ڇڪيندي) هنن ڪنن سان مون کيس ٽانگي واري سان جهڳڙو ڪندو ٻڌو. +موهن: ٽانگي واري سان جهڳڙو؟ ڇو؟ +ڦندڻ مل: ديوان صاحب اِسٽيشن کان گهر تائين ٽي روپيه ٻولائي، صرف ڏيڍ رپيو ڏيئي رهيو هئو. +موهن: (سندس ئي اَکر دهرائي) ٽي روپيه ٻولائي صرف ڏيڍ روپيه ڏيئي رهيو هئو! (اوچتو ئي) اَڙي ڦندڻمل اِها ڳالهه دل سان پيئي لڳي. پڪ ئي پڪ اُهو بابو سائين هوندو. ٽي روپيه ٻولائي ڏيڍ روپيو ڏيڻ بابي سائينءَ جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو. +ڦندڻ مل: مون ته منڍ ۾ ئي چيو، منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي...... ها...... +(ديوان جهمٽمل جنهن جي هٿ ۾ ننڍي بئگ، ڪڇ ۾ ننڍڙو بسترو ۽ هٿ ۾ ڇٽي آهي، اَندر داخل ٿئي ٿو. موهن وڌي کيس پيري پوي ٿو). +موهن: (نمرتا سان) بابا اوچتو ئي اوچتو اَچي ويا. اِطلاع به نه ڏنو. +جهمٽمل: اِطلاع؟ اِطلاع ڇو ڏيان؟ ڪو رائي گهر ۾ پي آيس ڪيئن؟ +موهن: (سهمي) نه بابا، اِها ڳالهه ڪونه هئي. منهنجو مطلب هئو ته اِطلاع ڏيو ها ته مان اِسٽيشن تي اَچي حاضر ٿيان ها. +جهمٽمل: اَجايو گاڏين موٽرن تي ڀاڙا خرچين هان. مان ڪو ليڊر آهيان؟ ڪو مهاتما آهيان؟ ڇا آهيان؟ هان؟......... جنهن کي وٺڻ لاءِ اِسٽيشن تي اَچين هان؟ +ڦندڻ مل: ديوان صاحٻ ڀلا گهر ۾ ته سڀ راضي پرسن هئا؟ +جهمٽمل: بس، مڙيئي مالڪ جي مهر آهي. اَلبت موهن ماءُ جي طبيعت ذرا نازڪ ٿي رهي. اِجهو تنهن ڏينهن به موريءَ جي پن تي پير اَچي ويس، بس زڪام ٿي پيس. زڪام جي ڪري ٿورو بخار چڙهيس ته لڳي وڦلڻ، چي: ”موهن پيءُ پڇاڙيءَ جي مراد پڄايوم. موهن جي وَني آني ڏيوم“ حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو. موهن کي پرڻائي، اِهو ٻوجو به لاهي ڇڏيان. اِن ڪري هيڏي هليو آيس. (کيسي مان پوسٽ ڪارڊ ڪڍي) اِجهو تنهن ڏينهن ديوان واڌومل پنهنجي ڀائٽيءَ جي مائٽيءَ لاءِ لکيو. سوچيم ته اَڳو پوءِ دهليءَ هلي، سڄو ڪم لاهي اَچان. (ڪارڊ موهن کي ڏيندي) موهن پٽ، هيءُ پڙهج ته سهين. واڌومل دهليءَ جي ڪهڙي اَئڊريس لکي آهي؟ +(موهن ڪارڊ وٺي هيٺ مٿي جاچي منجهي بيهي ٿو رهي) +جهمٽمل: ڇو پٽ ڇا پيو جاچينس؟ اَئڊريس لڳل ڪونهي ڇا؟ +موهن: ها، لڳا آهي..... منهنجو مطلب آهي لڳل هوندي..... سمجهان ٿو هئڻ ته گهرجي...... پر..... +جهمٽمل: لڳل آهي، لڳل هوندي، هئڻ ته گهرجي...... هيءُ تون وڦلين ته ڪونه ٿو. +(موهن منجهي بيهي رهي ٿو.) +ڦندڻ مل: (پاسيرو) منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي...... ها اِجهو ٿو ڌڪڙ تي اَٽو لڳي. +جهمٽمل: (موهن کي) آخر ماجرا ڪهڙي آهي؟ ڇا ڪارڊ تي اَکر سڪي ويا آهن جو پڙهي نٿو سگهين؟ +موهن: بابا اِها ڳالهه ڪونهي، پر ڪارڊ تي جيڪي اَکر لکيل آهن، سي مان پڙهي ڪونه ٿو سگهان. +جهمٽمل: (ڪاوڙجي) اَکر پڙهي ڪونه ٿو سگهين؟ ڇو؟ سنڌيءَ ۾ لکيل آهن نه؟ سنڌي ڪانه ڄاڻين؟ +موهن: سنڌي ته ڄاڻان بابا، پر هيءُ خط سنڌي لپيءَ ۾ لکيل آهي ۽ مونکي ديوناگري لپي ايندي آهي. +جهمٽمل: (وڌيڪ جوش ۾) ديوناگري نه ڌوڙ لپي ايندي آهي. اَڙي تو ته منهنجي ڪئي ڪئي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هيترو پاڙهيانءِ ڳاڙهيانءِ ويٺو سو اِن لاءِ ته تون ڪارد ٻه اَکر به نه پڙيو سگهين........ +موهن: بابا....... پر به توهان سمجهو ڇو نه ٿا؟ +جهمٽمل: سمجهان وري ڌوڙ. منهنجو ته اَندر ٿو پڄري. سڀ پئسا ئي برباد ڪري ڇڏيئه. ڦندڻ...... (ڦندڻ مل اَڳيان وڌي ٿو) ..... ڦندڻ تون موهن جي خرچ جو سمورو حساب رکندو آهين نه؟ +ڦندڻ مل: هائو سائين بلڪل پائي پائيءَ تي چاڙهي ويهي حساب رکيو اَٿم. اصل سندس جنم کان وٺي اَچ ڏينهن تائين..... منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي...... ها..... +جهمٽمل: ته ٻڌاءِ هن ناخلف کي ته مون سندس پالڻ تي، پڙهڻ تي، اَڄ تائين ڪيترو ڌن هاريو آهي! (ڦندڻمل بندي کڻڻ وڃي ٿو) ۽ هيءُ آهي جو ڪارڊ ٽڪر نٿو پڙهي سگهي. +موهن: بابا منهنجي به ته ڪجهه ٻڌو. هن ۾ منهنجو نه، لپيءَ جو قصور آهي. هيءُ ڪارڊ رکيل آهي سنڌي لپيءَ ۾ ۽ اسان کي سڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهين ديوناگري لپي....... +جهمٽمل: (کيس وچ ۾ ڪٽيندي) ديوناگري نه ڀوتناگري..... مان اِنهن لپرين ٻپرين مان ڪين ڄاڻان. مونکي ته اِها خبرآهي ته مان توتي ٻڪ ناڻي جا ويٺو خرچيان. +(ڦندڻ مل وڏا ٻه چونپڙا کڻي اَچي ٿو) +ڦندڻ مل: (پنا ورائيندي ۽ ڪجهه ڀڻڪندي) سائين ٻڌجو: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي..... ها..... اَصل سمورو حساب ٻڌجو..... موهن اَڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئو ته موهن ماءُ لاءِ اَڌ سير روزانو کير.... موهن جي ڄمڻ تائين ڪل حساب 9-9-45، موهن جي ڄمڻ وقت بچان دائيءَ کي پنج روپيا واڌائيءَ جا، شنڪر لعل مشر کي ڪل رقم 9-3-7، موهن پنجن سالن جي عمر تائين 17 پليٽون ۽ 8 گلاس ڀڳا..... خرچ 3-3-15 ...... موهن....... +جهمٽمل: (رڙ ڪري) ڦندڻ! +ڦندڻ مل: (ڇرڪي) جيءُ سائين! +جهمٽمل: تون بيوقوف آهين. +ڦندڻ مل: ها سائين. +جهمٽمل: ڪهڙي گڏهه توکي منهنجو منشي مقرر ڪيو هئو؟ +ڦندڻ مل: سائين توهان. +جهمٽمل: پر ڪمبخت، مون توکي ڪڏهن چيو ته سمورو خرچ تفصيلوار ويهي ٻڌاءِ؟ +ڦندڻ مل: (روئڻهارڪو ٿي) سائين منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي..... ها..... +(اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿو) +جهمٽمل: (سندس پٺيءَ تي هٿ گهمائي) ڦندڻ.... ڦندڻ..... (ڦندڻ وڌيڪ اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿو) +جهمٽمل: پر به ڦندڻ مل مون توکي چيو ڇا؟ ڪا گار ڏنم، ڪو ڳالهؤ ڏن�� جو هيئن حشر کڻي مچايو اَٿيئي. +ڦندڻ مل: (روئندي) سائين مون زندگي ڀر ڪڏهن ڪوڙ ڪونه ڳالهايوآهي، هميشـﮧ نمڪ حلال پئي رهيو آهيان...... پر..... (وڌيڪ روئي ٿو) +جهمٽمل: پر ڇا؟..... ڦندڻ مون ته توکي....... +ڦندڻ مل: بس سائين بس_ ڏٺي پيئي آهي دنيا. شروع کان وٺي زماني مون سان مذاقون پئي ڪيون آهن. مونکي ياد آهي، جڏهن منهنجو پيءُ سرڳواس ٿي ويو تڏهن اوڙي پاڙي جا ٻڍڙا مڙي آيا. چون: ڦندڻ متان دل لاٿي اَٿيئي. اَسين تنهنجا اَبا آهيون. وري جڏهن منهنجي ماءٌ پرماتما کي پياري ٿي ويئي ته پاڙي جون پوڙهيون دلجوئي ڪرڻ لڳيون. هرڪا پيئي چوي مان تنهنجي اَمڙ، مان تنهنجي جيجل، متان دل لاٿي اَٿيئي؟ پر..... (اوڇگار ڏيئي) پر جڏهن منهنجي ماکيءَ کان مٺڙي، ڪپهه کان ڪونئري، ساهه جي سينگار ۽ پرانن جي آڌار منهنجيءَ متيريءَ جو مرتيو ٿيو ته اوڙي پاڙي مان ڪا اَهڙي نينگر نه نڪتي جا اَچي هن ڦٽيل دل کي دلاسو ڏئي (روئي ٿو) بس سائين بس ڏٺي پيئي آهي دنيا........ +جهمٽمل: (نرمائيءَ سان) بس ڪر ڦندڻ، بس ڪر. دل نه لاهه. تو جهڙي ملوڪ لاءِ زالون ڪي کٽيون؟ چڱو هاڻي ٻڌاءِ ته ڪل رقم ڪيتري ٿي؟ +(ڦندڻ مل ڳوڙها اُگهي ٿو ۽ پوءِ حساب لڳائي ٿو) +ڦندڻ مل: سائين منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي....... ها...... موهن تي اَڄ ڏينهن تائين ڪل خرچ 19999.99 ٿيو آهي. +جهمٽمل: ته باقي هڪ پئسي جو حساب ڇو رهايو اَٿيئي؟ چئبو ته ويهه هزار خرچ ٿيو. (موهن کي) ٻڌءِ؟ ويهن هزارن ۾ تون پنجن نون پئسن وارو ڪارڊ به نٿو پڙهي سگهين. چڱو هل، هلي منهنجي لاءِ گرم پاڻيءَ جو بندوبست ڪر ته سنان پاڻي ڪري وٺان (موهن وڃڻ ٿو لڳي).... ۽ ها ٻڌ (موهن بيهي ٿو رهي) ديوان واڌومل تنهنجي مٽي مائٽيءَ جي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڄاڻ آيو ڪي آيو. تون ذرا ٺهي ٺڪي گهر ۾ ويٺو رهج. شايد تنهنجي ضرورت پوي (موهن وڃي ٿو) (ڦندڻمل کي) ويهه هزار مان پنهنجي هڙان ته ڪونه ڀريندس. تيل ترن مان ئي نڪرندو. موهن جو سمورو خرچ موهن جي ساهرن مان ئي وصول ڪبو. وياج وٽي جي جهنجهٽ ۾ نه پئجي، ته به ويهه هزار ڏيتي ليتي ته ملڻ گهرجي! ڪيئن تو ڀائين ڦندڻ مل؟ +ڦندڻ مل: سائين جن مائي باپ آهن، پر منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي..... ها..... ويهه هزار وڏي رقم آهي ڪين؟ +جهمٽمل: (ڪاوڙجي) ويهه هزار وڏي رقم آهي ته منهنجو موهن به ڪو گهٽ ڪونه آهي. ڪاليج ويٺو پڙهي. ڪو لؤلو ڪونهي، لنگڙو ڪونهي، ڪارو ڪونهي، بندرو ڪونهي، ائرو ڪونهي، غيرو ڪونهي، نٿوُ ڪونهي، خيرو ڪونهي. منهنجو موهن وري به موهن آهي. اَڄ ڪلهه گڙا گنجا، ٽيئون ٽوپڻ، ٽڪي واري مئٽڪر پاس ڪري ڪن جهڙي ڪلارڪي ڪن ته به اَٺن ڏهن هزارن جي ڌم مچايو ڏين. سو مون جي پنهنجي موهنڙي لاءِ ويهه هزار ورتا ته ڪهڙي اُڀ کي ٿڪ لڳي ويندي. +(در تي کڙڪو ٿئي ٿو) +جهمٽمل: ڏس ته سهين، ٻاهر ڪيرآهي؟ +(ڦندڻ مل وڃي ٿو ۽ جلدي موٽي ٿو اَچي) +ڦندڻ مل: سائين هو ته َچي ويو. +جهمٽمل: ڪير؟ +ڦندڻ مل: سائين هو...... ديوان واڌومل جهنجٽملاڻي. +جهمٽمل: ديوان واڌومل اَچي ويو؟ سويل آيو آهي! +ڦندڻ مل: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي ها..... سائين هيءُ واڌومل جهنجهٽملاڻي ڏسجي ئي جهنجهٽ کاڌو ٿو_ ذرا سنڀالي..... +جهمٽمل: تون منهنجو فڪر نه ڪر ڦندڻ، رڳو پنهنجيءَ انهيءَ ڪئنچيءَ جيان هلندڙ زبان کي جهلج..... ها..... +(ديوان واڌومل جنهن کي کاڌيءَ جي پتلون، ڪڙتو، صدري ۽ گانڌي ٽوپي پيئي آهي، اَندر اَچي ٿو) +جهمٽمل: (اَڳيان وڌي) اَچو سائين اَچو....... خوش چاڪ پرسن..... +واڌومل: ديا آهي_ توهان ٻڌايو، راضي پرسن..... (هنڌ ۽ پيتيءَ تي نظر پوندي) اَصل هنيئر گاڏيءَ مان ��ٿا آهيو ڇا؟) +جهمٽمل: ها، بس پنڌرهن ويهه منٽ اَڳ اَچي گهر ڀيڙو ٿيو آهيان. گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ هئي..... هيڏانهن..... هيڏانهن هن ڪوچ تي سولا ٿي وهو نه_ (ڦندڻ کي) ڦندڻ مل ڪجهه چانهه پاڻيءَ جو بندوبست ڪري وٺ (ڦندڻ مل وڃي ٿو.) +واڌومل: سائين کاڌي پيتي جو خفو نه ڪجو. مان نيرڻ ڪري گهران نڪتو آهيان. +جهمٽمل: نيرڻ ته سويل ڪئي هوندوَ، مون ته اَڃا ناشتو به نه ڪيو آهي. مون سان گڏئي ڪجهه چپو چورو ڪري وٺجو.... ها ڀلاٻڌايو ڪهڙا احوال آهن؟ +واڌومل: بس سائين مڙيئي مهر آهي (هٻڪندي).... هو.... مون توهان کي پنهنجي ڀائٽيءَ لاءِ عرض ڪيو هو...... +جهمٽمل: ها.... ها.... توهان جو خط پهتو هو.... ڀلا ديوان گلابراءِ کي ٻيا ڪهڙا ٻار آهن؟ +واڌومل: سائين بس، اهائي هڪ نياڻي اٿس. +جهمٽمل: ٺهيو، چئبو سڪيلڌي ڌيءُ اٿس....... +واڌومل: (نه سمجهي) سائين جن جو مطلب؟ +جهمٽمل: ڪجهه به نه.... مون رڳو چيو پئي ته جيئن منهنجو موهن مون کي هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ آهي ۽ منهنجي سموري ملڪيت سندس نالي آهي، تيئن توهان جي ڀاءُ گلابراءِ کي به هڪ ئي سڪيلڌي نياڻي آهي. +واڌومل: پر سائين، منهنجي ڀاءُ جي مالي حالت اَهڙي مضبوط ڪانه آهي، تڏهن به ڦلن مٺ جا نياڻيءَ کي ڏيئي سگهيو سا ضرور ڏيندو. +جهمٽمل: پرماتما جي ڪرپا سان مون کي پئسي جي ڪمي ڪونهي. ڀڳوان جو ڏنو سڀ ڪي اَٿم. ڏيتي ليتي وٺڻ مون لاءِ حرام، اَصل گئوءَ جي رت مثل سمجهجو ديوان واڌومل! +واڌومل: (شڪرگذاريءَ وچان) دنيا ۾ اوهان جهڙا نيڪ اِنسان ورلي هوندا سائين. +جهمٽمل: مون کي ڇاهي؟ اَڄ نه مئس ته سڀاڻي. +موهن جي ماءُ جي طبيعت به آهي ڍلي. مون کي پسئن جي ڪا بک ڪونه آهي. اَلبت موهن جو سڀاءُ ذرا ضدي آهي. چي: موٽر وٺندس ته ساهرن جي پئسن مان. ڪيرو ئي چوانس: اَڙي ڀائي مالڪ جو ڏنو سڀڪي آهي. هڪ ڇو، ٻه موٽرون وٺ. پر هو به هڪ تي آهي. چوي ٿو موٽر کپي ساهري سا به ويهن هزارن واري. +واڌومل: ويهه هزار! +جهمٽمل: ها.... ها.... ويهه هزار. ٻيو نه ته اَوهان کان گهڻو ٿوروئي وٺبو. اهو پنهنجي ڌيءُ ناٺيءَ کي ڏيندا. باقي مون چيو نه، ڏيتي ليتي وٺڻ مون لاءِ حرام. اَصل گئوءَ جي رت مثل: سمجهجو ديوان واڌومل! +واڌومل: اها ته ڳري ڳالهه ٻڌايو..... (منجهي ٿو پوي)..... مون پئي چيو ته منهنجي ڀائٽيءَ جي سونهن سشيلتا ۽ گهرو ڪم ۾ ڀڙ هئڻ ڪري، هن قسم جون مشڪلاتون درپيش نه ايندوين..... پر..... +جهمٽمل: (پنهنجائيءَ جي نموني) ديوان واڌومل پاڻ ۾ ويٺا آهيون، ڇوڪريءَ جي سونهن کي ڪو ڌوئي ته ڪونه پيئبو. اَڄڪلهه جي ڇوڪرن کي ڇوڪريءَ جي سشيلتا جي بلڪل گهرج ڪونه آهي. هو ته چاهين ٿا ته ڇوڪري کڙي تڙي هجي. ڳالهه ڳالهه ۾ بحث ڪري. ٿوري ۾ ته هو ڇا چوندا آهن.... ها، اَٽپٽي ڊوٽ هجي. +واڌومل: (ڪنڌ ڌوڻي، ڪجهه آهستي) اَپ _ ٽوڊيٽ هجي. +جهمٽمل: ها ها اِهائي جيڪا چيؤ..... ڀلا اَسان کي اَنگريزيءَ جي ڪهڙي ڄاڻ..... ها ته رهي ڳالهه گهرو ڪم جي، سو پرماتما جي ڪرپا سان اَسان وٽ نوڪرن چاڪرن جي ڪهڙي ڪمي؟ اِئين ته ڪيتريون مائٽيون پنجابين ۽ مدراسين جون به آيون آهن، پر مون چيو ته سنڌي ڇوڪري گهر ۾ اَچي ته سٺو. پر جي سنڌين مان ڪنهن به موهن جي هن خسيس ضد جي پورائي نه ڪئي ته پوءِ لاچار..... +واڌومل: ته ڇا توهان غير_ سنڌي ڇوڪري گهر ۾ آڻيندا؟ +جهمٽمل: اُن ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي واڌومل! سنڌي ڇوڪريون ڪونه ٿيون وڃي مدراسي ۽ مرهٽا مڙ ڪن. +(ڦندڻ مل چانهه جي ٽري کڻي جهمٽمل جو پويون جملو ٻڌندو اَندر داخل ٿئي ٿو.) +ڦندڻ مل: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها..... اِهي اَسان جون سنڌي ڇوڪريون جو مدراسي ۽ مرهٽا مڙس ٿيون ڪن�� ان لاءِ جوابدار به اَسين پاڻ آهيون. نه تڏهين؟ ڀلا اَسان جون سنڌي ڇوڪرين ڏسن ٿيون ته سندن مائٽن ۾ ڏيتي ليتي ڏيڻ جو دم آهي ڪونه، سو وڃي ٿيون اهي ڪم ڪن. منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.... ڇوڪرين ويچارين جو به ڪهڙو ڏوهه؟ هو به ته رت پونئن جون ٺهيل آهن ڪي رٻڙ جون گڏيون ته ڪونه آهن، جو ٽيهن پنجٽيهن سالن جي عمر تائين شاديءَ کان سواءِ ويهي رهن. سمورو ڏوهه ڳاٽي ڀڳيءَ ڏيتيءَ ليتيءَ جو آهي، ڇوڪرن جي مائٽن جو آهي، ڇوڪرن جو آهي..... +جهمٽمل: (اَٿي رڙ ڪري) ڦندڻ..... (کيس پاسيرو وٺي) توکي چيو هوم نه ته اِها ٽڙ ٽڙ نه ڪج. +ڦندڻ مل: سائين منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.... +جهمٽمل: اَڙي او يڌشٽر جا پٽ، زبان کي لغام ڏي. چپن کي سبي ڇڏ. وري تنهنجي وات مان ٻڙڪ به نه نڪري. (اَچي وهي ٿو). (واڌومل کي) ها سائين ته وٺو ڳالهه جي ڳاٽي کي. موهن جو ضد آهي ويهن هزارن واريءَ موٽر تي، منهنجي طرفان ڪنهن به ڳالهه جي چنتا نه ڪجو. ڏيتي ليتي وٺڻ مون لاءِ حرام! اَصل گئوءَ جي رت مثل سمجهجو، ديوان واڌومل. +واڌومل: (اُٿي اهيئي اَکر دهرائي، پاڳلن وانگر) ڏيتي ليتي وٺڻ مون لاءِ حرام اَصل گئوءَ جي رت مثل سمجهجو (سندس ڪنن ۾ اَکر گونججڻ ٿا لڳن.... ويهه هزار.... ويهه هزار. هو پنهنجا ڪن ٻنهي هٿن سان بند ٿو ڪري ) اُف.... (وري اَکر گونججڻ ٿا لڳن.....) هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ شاديءَ جو پوتر ٻنڌن، پئسي جي شڪنجي ۾ گرفتار ڇو آهي؟ ڇوڪريءَ جي سونهن پئسن سان توڙي پيئي وڃي، سندس سشيلتا سون سان ماپي پيئي وڃي، سندس هرهڪ گڻ کي چانديءَ جي ٽڪرن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو پيو وڃي. ويهه هزار.... اُف ايتري رقم اَسين هن جنم ۾ ته ميڙي ڪونه سگهنداسون. ته ڇا سندري ڪنواري ئي رهجي ويندي؟ سندس اَرمان، سندس آشائون ڇا اِئين ئي گهٽجي ختم ٿي وينديون؟ سندس اَحساس ڇا اِئين ئي دٻجي ويندا؟ اِنسان جي ويس ۾ هيءُ شيطان جهمٽمل، ڇا اَسان جي سندريءَ جي آهوتي وٺندو؟ پر هن ديوان جهمٽمل جو به ڪهڙو ڏوهه؟ ڏوهه ته سندس لاڏلي جو آهي، جنهن کي ويهن هزارن واري مٽر کپي ۽ سا به سهارن پئسن مان.... اَسان جي سندريءَ جي مائٽي ته هونئن به هتي ڪونه ٿيندي ته پوءِ ڇونه هن سيٺ جي لاڏلي کي سبق سيکاري وڃان؟ سندس اَندر ۾ ستل اِنسان کي بيدار ڪريان؟ سندس دل ۽ دماغ ۾ هڪ اَهڙي چنگاري ڀڙڪايان جا کيس سوچڻ لاءِ مجبور ڪري.... ها، مان اِئين ئي ڪندس..... +واڌومل: (جهمٽمل کي) خير جي ڇوڪري جو ضد اهوئي آهي، ته سندس اهو لاڏ به پورو ڪبو، پر منهنجي هڪ وينتي آهي. +جهمٽمل: (خوشيءَ سان) چئو چئو. حڪم ڪريو. +واڌومل: مان ڇوڪري کي هڪوار ڏسڻ ٿو چاهيان. +جهمٽمل: سو اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي بيشڪ کيس ڏسو. منهنجو موهن لکن ۾ هڪ آهي (ڦندڻ مل کي) ڦندڻ مل! موهن کي ته ڪوٺي آءُ. +(ڦندڻ مل وڃي ٿو ۽ ٻيءَ پلڪ ۾ موهن کي ٽوال سان ڇنڊيندو اَچي ٿو) +جهمٽمل: موهن پٽ، هيءُ آهي، ديوان واڌومل جهنجهٽملاڻي. بس اِئين سمجهه ته هيءُ اَسان جو پنهنجو ئي آهي، توکي ڏسڻ آيو آهي. +موهن: (آهستي) ڏسڻ آيو آهي؟ ڇو؟ (ڦندڻ مل ٽوال سان ڇنڊيندو ٿو رهيس.) +واڌومل: (کيس پيرن کان مٿي تائين جاچيندي) پٽ ٿورو هلي ڏيکار. +موهن: (عجب ۾) هان!..... هلي ڏيکاريان؟ ڇا؟ +ڦندڻ مل: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.... ننڍا ديوان، هلي ڏيکار نه! ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺبو آهي. هيءُ ته ويهن هزارن جو سؤدو آهي! +جهمٽمل: (وڏي واڪي) ڦندڻ!..... (موهن کي) پٽ هلي ڏيکار. شرمائڻ جي ڪائي ڳالهه ڪونهي. +(موهن ذري پيءُ ڏانهن ۽ ذري واڌمل ڏانهن نهاري آخر هلڻ شروع ٿو ڪري). +ڦندڻ مل: واهه واهه. ڇا ته چال آ. ڀائي ڪمال آ. اَصل ڊيل جي چال کي به مات ڪيو ڇڏي. (جهمٽمل پرسنتا سان ڪڌ ڌوڻي ٿو). +(واڌومل موهن جي پٺيءَ ۽ ڪلهن وغيره تي ٺپڪيون هڻي ٿو، اَهڙي نموني جيئن ڪو جانور خريد ڪرڻ وقت جاچبو آهي) +موهن: (ناراضگيءَ سان) بابا! +ڦندڻ مل: ننڍا ديوان ذرا سيٽجي بيهه. (سندس ڏونئرن تي هٿ گهمائي) قسم اُڏيري لعل جو، ڏونئرا آهن ڪين رڪ جا گولا. اَصل داراسنگهه جي به جاءِ ناهي. منشي ڦندڻمل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها..... +جهمٽمل: اَڙي ڦندڻ، آخر به سنڌي ٻچو آهي. گير مکڻ تي پليو آهي. +(واڌومل ٿورو پرڀرو وڃي، هٿ جون آڱريون ڏيکاري ٿو) +واڌومل: پٽ هيءُ گهڻيون آهن؟ +موهن: (رکائي سان) چار. +واڌومل: هيءُ؟ +موهن: ٽي. +ڦندڻ مل: اِهي نظرون! هاءِ هاءِ مان ته ڪسجي ڪباب ٿي ويس. اَڙي مونکي ته متيري ٿي ياد اَچي....... بلڪل اُهي ئي تڙڇي نگاهون. منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي..... ها..... +(موهن ڪاوڙجندو پيو وڃي) +واڌومل: پٽ هاڻي ٻه چار ٽپا ته ڏيئي ڏيکار.... (ٽپا ڏيئي ٿو ڏيکاريس) او هيئن...... +موهن: (غصي ۾) هيءُ سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ مونکي هيئن بي عزتو ڇو پيو ڪيو وڃي؟ +واڌومل: (کيس ڇڪي پاسيرو وڃي) موهن پٽ مان توکي خريد ڪرڻ آيو آهيان. تنهنجي پيءُ تنهنجو ملهه ويهه هزار روپي رکيو آهي، توکي چڱيءَ طرح پرکڻ جو حق مونکي تنهنجي پيءُ ڏيئي ڇڏيو آهي ويهه هزار ٿو ڏيان، موهن، ويهه هزار..... +موهن: (پاڻ ڇڏائي) ڪونه کپن مونکي ويهه هزار. +جهمٽمل: ڇا چيئه؟ توکي ويهه هزار ڪونه کپن؟ (غصي ۾) تون ڪير ٿيندو آهين اِنڪار ڪرڻ وارو؟ مان تنهنجو پيءُ آهيان. مونکي توتي اَڌڪار آهي. +موهن: مونکي هن دنيا ۾ آڻي، پاڙهي ڳاڙهي وڏو ڪيؤ، اِن لاءِ مهرباني. اَوهان جي پيار ۽ مهربانين جو بدلو چڪائڻ جي سمرٿي مون ۾ ڪونه آهي. پر مونکي هيئن ويهن هزارن ۾ وڪڻڻ جو اَوهان کي ڪوبه اَڌڪار ڪونه آهي. +جهمٽمل: مان توکي وڪڻي ڪونه رهيو آهيان موهن. مان توکي شادي ڪرائڻ ٿو چاهيان ۽ ويهه هزار ته ڏيتي ليتيءَ ۾ گهري رهيو آهيان. +موهن: بابا، جي شادي ڪرڻ جي معنيٰ هن ريت پئسن تي وڪامڻ آهي ته مان شادي ڪونه ڪندس. مان ڪو موري گجر ڪونه آهيان، جنهن کي وچ بزار ۾ بيهي وڪڻندا! مون تي دام لڳائيندا! سؤدي بازي ڪندا! مونکي ويهن هزارن جي لالچ تي هن ريت ذليل ڪندا! جي شادي اِئين ٿيندي آهي ته مونکي شادي ڪرڻي ئي ڪونهي. +واڌومل: (خوشيءَ وچان) شاباس پٽ شاباس. +جهمٽمل: ڇا ٿوچوين؟ شادي ڪونه ڪندين؟ +موهن: شادي ڪندس مگر هيئن وڪبس ڪونه. منهنجو آخرين فيصلو ٻڌي ڇڏيو بابا. مان هر طرح اوهان جو فرمانبردار پٽ ٿي اوهان جي آگيا مڃڻ لاءِ تيار آهيان. مان شادي ڪندس پر پائي به ڏيتي ليتي ڪونه وٺندس. منهنجو هيءُ چوڻ پٿر تي ليڪو ڪري سمجهجو. (غصي مان هليو وڃي) +(واڌومل خوشيءَ وچان ڏانهس نهاريندو ٿو رهي. جهمٽمل عجب ۽ غصي ۾ هٿ ٿو مهٽي) +ڦندڻ مل: اَڄ مونکي خبر پيئي آهي ته اَسان جي سنڌي نوجوانن ۾غـيرت اَڃا باقي آهي.... منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.... +(پڙدوڪري ٿو) + + +سڀان جو سمر +داس طالب +پاتر +نرمل_ مئٽرڪ پاس ڪيل جوان، مفلس ۽ بيڪار +لاجو_ نرمل جي ڌرمپتني +شيلو_ نرمل ۽ لاجوءَ جي ننڍي ڪڪي +سنتو_ نرمل جو گهرو دوست ۽ پاڙيسري +سڀان جو سمر +(پردو کلي ٿو) +(هڪ غريب گهر جو نظارو پيو ڏسجي. گهر ۾معمولي سامان بلڪل بريءَ طرح ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. هڪ طرف ٻه ڇنل کٽون، مٿانئن ميريون چادرون ۽ ٻه ٽي وهاڻا رکيل آهن. ڀت تي ميرا ڪپڙا لٽڪي رهيا آهن. ٻئي طرف ٻه ٽي خالي دلا ۽ باسڻن جي کاري ۽ ڪوئلي جي سگريءَ کان سواءِ ڊالڊا جا خالي دٻا ۽ ڀڳوان جي ننڍڙي من��ري آهي. لاجوءَ مندريءَ اڳيان پٿڙڻيءَ تي ويٺي آهي_) +لاجو: (روئڻهارڪي ۽ جوشيلي نوع ۾) ڀڳوان! ڇا تو ۾ اَسان ٽن جيون کي آجيوڪا ڏيڻ جي به سمرٿي ڪانهي.... آخر اَسان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جواب ڏي ڀڳوان! جواب ڏي نه ته.... +(ڏڪندڙ هٿن سان مروت کڻي ڀڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي) +سنتو: (اندر ايندي_ درشيه ڏسي اکين کي هٿ ڏئي ٿو) هري اوم ست اَٺ هري اوم ست اَٺ. ڀڳوان! دنيا ۾ سڀني جو مؤت ٿيندو ڏسي سگهان ٿو ليڪن تنهنجو موت نه، زماني منهنجي دل اهڙي ته نرم ڪري ڇڏي آهي جو تو بيگناهه جو موت ڏسي منهنجو هنيانءُ ٿو ڦاٽي. +لاجو: (اکيون اُگهندي، ڀڳوان جي مورت واپس رکندي اُٿي ٿي۽ سنتوءَ طرف وي ٿي) ليڪن سنتو! ٻيو ڀلا ڇا ڪجي؟ جنهن ڀڳوان جي آسري ڇهه مهينا بک ڏک سهي، گهر جا ٽپڙ نيلام ڪري، پيٽ کي پٽيون ٻڌي وقت ڪاٽيوسين ۽ جي ڀڳوان اَڃا به ڪجهه نه ٻڌندو ته آخر ضرور..... +سنتو: (لاجو کي وچ ۾ ڪپيندي) ته...... ضرور ڀڳوان کي به تين وال ڪبو. ائين نه؟ ڇه ڇه ڀاڀي! متان ائين ڪريو. ڀڳوان ۾ اعتبار رکندا اَچو. اِنهيءَ ڀڳوان نه جنهن مهل هٿ وارو ويل (Wheel) ڦيرايو ته ڏسج ويٺي ته ڪيئن نه توهين ڪکپتيءَ مان بدلجي لکپتي بڻجي ٿا پئو. +لاجو: نه سنتو! ڀڳوان کي ڪجهه ڪرڻو هجي ها ته گهڻو ڪي اَڳي ڪري ها. مان ته سمجهان ٿي ته اَڄ هو اَسان غريبن لاءِ بلڪل گهري ننڊ ۾ ستل آهي. +سنتو: هري اوم ست اٺ. هري اوم ست اٺ. شانتي! ستگر شانتي!! نه ڀاڀي! توهين يقين رکو. ڀڳوان جي درٻار ۾ دير آهي، پر انڌير ڪونهي. هن جي ديڳ تپندي دير سان پر جنهن وقت نه تتي ته ٻاڦ جي زور تي هنن شاهوڪارن کي پيڙهين نسلين اوٻاري جلائي ڇڏيندي. +لاجو: پر جيستائين هنجي ديگ تپي تيستائين ڇا ڪريون؟ +سنتو: تيستائين هن جو ڀڄن ڪندا اچو، زور زور سان گهنڊ گهڙيال وڄائي هن ڪنڀڪرڻ کي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندا اچو. +لاجو: پر انهن گهنڊن گهڙيالن سان پيٽ ته ڀرجي ڪونه سگهندو. سنکن ۽ نادن جي آوازن سان بدن ته ڍڪجي ڪونه سگهندو. پيٽ لاءِ ته اَن گهرجي ۽ اَنگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو. +سنتو: فڪر نه ڪريو. ايڪاگر من سان اوهين ڌڻيءَ کي ڌيائيندا اَچو. هڪ ڏينهن هو ضرور اَوهان جي پوڄا تي اَوهان لاءِ اَن ۽ اُن جي برسات وسائيندو. +لاجو: اَسان کي اَن ۽ اُن جي برسات نه گهرجي. منهنجي ته ايشور کي اهائي وندنا آهي ته ”هنن“ کي اهڙي ڪا نوڪري ڏئي جو اَسين ٽي سرير گهر ۾ سکيو ٽڪر کائي سگهون. +سنتو: نوڪري!! اَڙي ري ري..... ڀڳوان جي دربار ۾ ته فقط اَن جا باردانه ۽ اُن جا ڪارخانا آهن. هن وٽ ايمپلائمينٽ ايڪسچينج (Employment Exchange) جي آفيس ڪٿي آهي جو نرمل کي نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍائي موڪلي. +لاجو: تنهنجي معنيٰ ته ”هنن کي نوڪري نه ملندي؟!! +سنتو: ملندي ڇو ڪين؟ نرمل مئٽرڪ پاس ڪيل آهي. عمر ۾ به پنجويهن کان ننڍو آهي. صحت، عقل ۽ دماغ سڀ سالم اٿس. نوڪري ڇو نه ملندس. پر مان سمجهان ٿو ته انهيءَ لاءِ کيس بڙودي جي ايمپلائمينٽ ايڪسچينج آفيسر کي هٿ پير جوڙڻا پوندا. +لاجو: پر اهي هٿ پير جوڙيندي به کيس ڀريا ڇهه مهينا ٿيا آهن. اَڃا ته اُميدن جي هڪ جهلڪ به ڏيکاري نٿي ڏئي. +سنتو: اَڇا! يعني نرمل گهڻي ئي ڪانگ اُڏايا آهن، پر اَڃا تائين نوڪريءَ جو نياپو نه آيو آهي. ڀلا ڪانگن سان گڏ ڪجهه ڪلدار به ڳنڍيائين يا صرف نياپا مڪائين. +لاجو: (ٿورو منهن گهنجائيندي) مون تنهنجو مطلب ڪونه سمجهيو. تون اَلائي ڇا چئي رهيو آهين. +سنتو: اوهه ڀاڀي! منهنجو مطلب آهي ته اَڄ هر چيز تي ٽئڪس لڳي پيئي آهي. اِنڪم ٽئڪس، سيلس ٽئڪس، بيبي ٽئڪس، موت ٽئڪس ۽ روئپوش ٽئڪس. +لاجو: (ٿورو خفي ٿي) تون اَڄ ��الهائين ڇا پيو. ٻڌايومانءِ ته ڇهن مهينن لاڪر ”پاڻ“ هر روز جتيون گسائيندا رهيا آهن پر اَڄ ڏينهن تائين ته آفيسر ننو اَکر واري ويٺا آهن. +سنتو: ضرور واريندا. پئسي بنا پرساد هريداس به نه ڏئي هٿ ۾_ سو هي آفيسر جيسين روئپوش ٽئڪس نه وٺندا تيسين مجال آهي جو ڪنهن جي مدد لاءِ ڦڙت ٿين، جهڙيءَ طرح ڀڳوان کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ تون گهنڊ ۽ جهانجهه ٿي وڄائين تهڙيءَ طرح هنن اَڻاسن آفيسرن لاءِ به چانديءَ جو کڙڪو گهرجي نه..... +لاجو: لين سنتو! اَسان مفلس وٽ اُها چاندي اَچي ڪٿان؟ نوڪري هجي ته پنج ٻه رپيا انهن مئن کي به ڏجن، پر..... +سنتو: پنج ٻه!!! هري اوم ست اٺ! هري اوم ست اٺ!!!! ڀاڀي! پنج ٻه رپيا نه، پنج ٻه سؤ ۽ هزار چئه هزار!! هان..... +لاجو: (ڇرڪ ڀريندي) هاءِ ڀڳوان!..... تڏهن ته باهه ڏي هن بڙودي کي؛ اَڄ ئي بمبئيءَ وڃي نوڪريءَ جي ڪوشش ڪجي. +سنتو: بمبئي!..... ۽..... نوڪري!! جنهن شهر ۾ پيڙهين جون پيڙهيون بيروزگاري ۽ بيڪاريءَ جو بک ٿي مساڻن ۾ باهه جو بک ٿيون؛ اُت نرملداس هليو آهي نوڪري ڳولڻ..... (نرمل ٿڪل ٽٽل حالت ۾، مٽيءَ لٽيل ميرن ۽ غليظ ڪپڙن ۾ اَچي ٿو ۽ ٿورو گهڻو سهڪندي اَچي کٽ تي سمهي ٿو.... ليٽيل ئي ڳالهائي ٿو) +نرمل: توبهه!! اهڙي بي مزي ۽ ڪرم هيڻ جيوت کان ته موت بهتر. موت ۾ ڪم از ڪم پيٽ ۽ پٺ جي ته چورا کورا لڳل ڪانه هوندي.... (کن بعد) لاجو! بڙودي ۾ منهنجي دال نه ڳڙي. هينئر ئي بسترو گول ڪر ته بمبئيءَ هلون؟ +سنتو: ڳنڀير ٿي، بمبيءَ !! ڇا نوڪري ڳولڻ لاءِ بمبيءَ وڃي رهيا آهيو +نرمل: (کٽ تان ٿورو اُٿندي) ها، سنتو! بڙودي ۾ ته هر دفتر ۾ ”جڳهه خالي ڪانهي“ جا بورڊ ڏسي ڏسي منهنجون ته اَکيون ٿيون سور ڪن. +سنتو: ها! ها! بمبئيءَ ۾ ته اسٽيشن تي ئي اُوهان کي نوڪريءَ جو آرڊر ملي ويندو. +نرمل: نه، نه. پر اُتي ٿوري ڪوشش سان ملي ويندي. ٻيو ته بمبئيءَ ۾ آفيسون به اَڪيچار آهن. ڪٿي نه ڪٿي ڪلارڪي جلد ملي ويندي. +سنتو: ڪلارڪي! هه.... هه.... هه.... ڪلارڪي !! اَن جو منهن جنڊ ڏانهن؛ مئٽرڪ جو منهن ڪلارڪيءَ ڏانهن. +نرمل: ته، اِها ڪلارڪي نه ته ڇا تو وانگر پاني ۽ پيچڪش سان وتان فقط پيچ پختا ڪندو، نه بابا، مون کان اِها بازن جي ڇن پٽ نه پڄندي. ٿڌيءَ ڇايا هيٺ سانتيڪي جيوت واري سوا سؤ واري ڪلارڪي صدربار بهتر آهي، تنهنجي اِنهيءَ اَڍائي سؤ رپئي واري ورزش کان. +سنتو: پر اُها ڀڳي ٽٽِي ڪلارڪي به جي ملئي نه، نرمل! مان منڍ کان توکي چوندو ٿو اَچان ته دماغ مان اهو ڪلارڪيءَ جو اُٺ ڪڍي ڇڏ. هڪ ڏينهن تون انهيءَ رينگٽ کي ٻنجو ڏي ته ٻئي ڏينهن مان توکي نوڪري وٺي ڏيان. +نرمل: تنهنجي معنيٰ هي جو مون مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ هيڏي مٿاڪٽ ڪئي سا سڀ اَجائي! +سنتو: ڪير ٿوچوي اَجائي. پر مئٽرڪ پاس ڪرڻ جو مطلب هروڀرو ڪلارڪي ڪونهي. ٻيون نوڪريون هندستان ۾ کٽيون آهن ڇا جو هروڀرو ڪلارڪيءَ پٺيان ڪاهي پيو آهين؟ تون منهنجي حالت ڏس. مون مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هڪدم مڪئنڪ لائين اَختيار ڪئي. اَڄ گهڻن ڪلارڪن کان بهتر آهيان. +نرمل: تنهنجي ڳالهه جدا آهي سنتو. توکي ته انهيءَ لائين واسطي چاهه به هئو ۽ ڪجهه قابليت به. پر مان انهيءَ لائين ۾ بلڪل ناڪام ويندس. لوهه جو ننڍو اوزار ڏسي ئي مان ڇرڪندو آهيان سو هيڏين مشينن سان ڪيئن ڪم ڪري سگهندس. +سنتو: اها ڳالهه ڪا نئين ڪونهي. سياري جي مؤسم ۾ تازي پاڻيءَ سان سنان ڪرڻ اِنسان کي ڏاڍو مشڪل لڳندو آهي، پر هڪ دفعو همٿ ٻڌي لوٽو مٿي تي وڌائين ته کيس سيءُ نه ستائيندو. +نرمل: پر اها همٿ به مون ۾ اَچي ڪٿان ۽ وڏي ڳالهه ته اها آهي ته مون مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ڪنهن به مل يا مشنريءَ ۾ نوڪري ڪئي ڪانهي ۽ خبر ئي ناهي ته ماڻهو مون لاءِ ڇا ڇا چوندا. +سنتو: ها! ها! تون جيڪڏهن مڪئنڪ ٿيندين ته ماڻهو اَصل تنهنجي گهر ٻاهران اَچي ”پڪيٽنگ“ ڪندا ۽ در تي تڏا وڇائي ويهي روئندا تنهنجي حالت تي، اِئين نه؟..... +نرمل: نه، نه، هروڀرو اِئين ڪونهي، پر ته به چؤپچؤ ته ٿيندي نه! +سنتو: چاچي چؤپچؤ، زماني جا ماڻهو ته چڱي به بڪن ۽ مٺي به، تون زماني جو ايڏو سانگو ٿو ڪرين ته ڀلا ٻڌاءِ ته جنهن وقت تنهنجي گهر جي نوبت فاقه ڪشيءَ تائين اَچي پهتي آهي ته زماني جي ماڻهن ڪڏهين توکي کنگهي به پڇيو آهي؟ +نرمل: نه، پر سنتو تون سياڻو آهين. سمجهين سگهين ٿو ته جي ماکيءَ جي گهرج هجي ته ماکيءَ جي ماناري کي لت نه هڻجي. آخر به ته اَسان کي زماني ۾ رهڻو آهي. +سنتو: پر مون ته توکي ڪونه چيو ته زماني ۾ نه رهه. مان ته صرف اِهو ٿو پڇان ته آخر به هٿ جي پوڙهئي ڪرڻ ۾ ڪهڙو اَهم آهي؟ اهي ڪلارڪ ڪلارڪيءَ مان ڪهڙا ٽڪا ٿا وٽين جو تون هتي نه وٽيندين؟ +]شيلو بلڪل ميرن ڪپڙن ۾ اَچي پيءُ (نرمل) کي چنبڙي ٿي. نرمل کيس گود ۾ ويهاريندي، ڳالهائڻ جو سلسلو جاري کري ٿو.[ +نرمل: پر به مونکي هڪ دفعو بمبئيءَ وڃي نصيب آزمائڻ ته ڏي. من ڪٿي ٿڌي هوا واري نوڪري ملي وڃي ۽ مون سفيد پوش جي لڄ رهجي اَچي. +سنتو: ڀل آزماءِ، هڪ دفعو ڇا پر سؤ دفعا آزماءِ. پر مونکي تپرس انهيءَ تي ٿو لڳي ته تون ٻارن ٻچن وارو ٿي ڪري، ههڙي حالت کي اَچي پهتو آهين، ته به شان جو ڍنگر رکڻ ٿو چاهين! ڄڻ سمجهين ٿو ته هي هٿ جو پوڙهيو ڪندڙ ڪڙمي ڪاسبي، مزدور مڪئنڪس سڀ ڪي ڀٽڪا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جنهن کان تون سفيد پوش ڇرڪين ٿو. +نرمل: آ۽ ڇرڪان نٿو، پر منهنجي دل ۾ اهو ڄڻ نشچيه ٿي ويو آهي ته مونکي بمبئيءَ ۾ پڪ نوڪري ملي ويندي. +سنتو: مان نٿو سمجهان، پر خيال ڪر ته آخر بمبئيءَ ويندين ڪيئن؟ هينرئ تو وٽ ته هڪ ڪارو پئسو به ڪونهي. توکي قرض ڏيڻ کان هرڪو ڪيٻائيندو. پر جي ڪنهن قرض ڏنئه نه ته به بمبئيءَ جي ڳاٽي ڀڳن خرچن ۾ ايڏو ته پيسجي ويندين جو ڇهن جنمن ۾ به اهو قرض اَدا ڪري نه سگهندين. +نرمل: نه، بمبئيءَ جا خرچ هروڀرو اَهڙا ڳرا ڪونهن. +سنتو: بلڪل مؤتمار خرچ آهي نرمل! اُتي اُٿ به پئسو ته ويهه به پئسو. اها بمبئي ئي ته آهي جنهن ڪيترن ڪٽبن جا کوها کڻائي ڇڏيا ۽ اَڄ سندن انس جو نشان به ڪونهي. (طنز سان) بمبئي تو مون پاري لاءِ ڪونهي، نرمل! +نرمل: نه نه سنتو. تون مونکي خواهه مخواهه ڀنڀلائي رهيو آهين. بمبئيءَ جو آدم لکن ۾ آهي. ته ڇا آهي سڀ ماڻهو بيوقوف آهن جو بمبئي ۾ رهن ٿا. +سنتو: توکي ڀنڀلائڻ سان مون کي ڪي لک ڪونه ملندا. مان ته توکي دوستاڻي صلاح ٿو ڏيان. بمبئي جا ماڻهو اَگر بيوقوف نه آهن ته تو مون وانگر اَٻوجهه ۽ اڻڄاڻ به ڪونهن. هنن وٽ دولت آهي جا هو فريب ۽ مڪاريءَ سان ڪمائي رهيا آهن. +نرمل: ته ڇا اُها دولت اَسين نه ڪمائي سگهنداسين؟ +سنتو: ڇو ڪين! شرافت وڪڻندي گهڻو ڪجهه ملندءِ. پر پوءِ اِهو به ته هوسارج ته نرملداس ڪڏهن محل ۾ هوندو ۽ ڪڏهين جيل جي ڪاري ڪوٺڙيءَ ۾. +لاجو: (جا رنڌڻي ۾ ويهي چانور سوئي رهي آهي ڇرڪ ڀري) ڪاري ڪوٺڙيءَ ۾!! هاٰءِ رام! ٻن ڏي اَهڙي بمبئي کي ۽ کڏ پوي اَهڙي بمبئي جي دولت! +نرمل: (لاجوءَ کي) نه لاجو! بمبئيءَ ۾ هرڀرو اَهڙو انڌير ڪونهي، سنتو هروڀرو اَسان کي ڳالهه جو ڳالهوڙو ڪري ٿو ٻڌائي، سندس مطلب آهي ته جيئن مان به سندس جهڙو ئي ٿيان. +لاجو: (بيوسيءَ وچان سنتوءَ کي) تون اَسان کي بمبئيءَ جي حقيقتن کان واقف ڪر. تون ڇو هروڀرو اِئين ڇاهين ٿو ته اَسين بمبئيءَ نه وڃون. +سنتو: ڀاڀي! مان جو ڪجهه چوان ٿو اها حقيت آهي. بمبئيءَ ۾ هر سال اَڌ لک نوجوان مئٽرڪ پاس ڪن ٿا، اُنهن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بيهڻ نرمل جو ڪم ڪونهي ۽ تازو بمبئيءَ جي دفترن ۾ عملي وڌي وڃڻ ڪري ٽن مهينن جي عرصي ۾ قريب ڏهن هزارن ڪلارڪن کي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو آهي. يعني ته نرمل کي اَگر نوڪري ملي به ته به تخفيف (retrenchment) جي تلوار هميشه مٿانئس پئي لٽڪندي. +لاجو: تنهنجي مرضي آهي ته اَسين بمبئيءَ نه وڃون؟ +سنتو: نه، هرگز نه ۽ پٽيءَ نه. +لاجو: پر هتي به ته آسرو ڪونهي. +سنتو: ڇو ڪين. ڪلارڪيءَ پٺيان لور لور ڪرڻ بجاءِ، اگر نرمل مڪينڪ ٿيڻ لاءِ راضي ٿئي ته پنهنجي جيوت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏي. +لاجو: پر اها نؤڪري به ڪا ٺهي ٺڪي ته ڪونه رکي آهي. +سنتو: واهه ڀاڀي! تون اَهڙي سياڻي ٿي به اهي سوال ڪري رهي آهين. جيوت ۾ پڪي پڪائي ته ڪنهن کي به ملڻي ڪانهي. اُدم ته اِنسان جو فرض آهي. ٽي چار مهينا نرمل کي موٽر مئڪنڪ ٿيڻ جي ٽريننگ وٺڻي پوندي. بعد ۾ کيس ٽي چار سؤ رپيا در مهينو پگهار سان نوڪري ملي ويندي. +سنتو: (ڪاوڙ ۾) ته اهي ٽريننگ جا ٽي چار مهينا مونکي تون ويهي کارائيندين؟ +سنتو: نه، نه. پر اهو ٽريننگ جو وقت به توکي ٽيهن چاليهن روپين ماهيانو جو لوازمو ملندو رهندو. +نرمل: واهه! مئٽرڪ پاس ڪيل ڪواليفائيڊ ماڻهو ۽ ٽيهن چاليهن روپين جي نوڪري ڪري، نه نه، اَهڙي بيعزتي مان برداشت ڪونه ڪري سگهندس. +لاجو: (مڙس طرف_ ٿورو شوخ ٿي) واهه! ۽ هيءَ ڪلارڪي ڪري عمر ڀر لاءِ دک ۽ تنگدستي خريد ڪرڻ کي اَوهين بيعزتي ڪونه سمجهندا. مان ته سمجهان ٿي ته ٽيهن چاليهن سالن جي ڪلارڪيءَ بعد ئي وڃي اَوهان جي پگهار ايتري ٿيندي جيتري هن نوڪريءَ ۾ اَوهان کي ٽن چئن مهينن جي ٽريننگ بعد ملي ويندي. +نرمل: (بگڙي) نه، هرگز نه، هڪ دفعو چيم ته مونکي جي نوڪري ڪرڻي آهي ته فقط ڪلارڪي. مون کان اها بدني ورزش ۽ پسينو وهائڻ ڪونه پڄندو. +شيلو: (پيءُ وٽان وڌي ماءُ وٽ وڃي کيس تنگ ڪندي چوي ٿي) اَما، ٽڪو ڏي نه.... صبح نيرن به ڪونه ڏنئه.... هينئر بک لڳي آهي پوءِ، ٽڪو ئي ڏي نه.... +لاجو: (ڌيءُ کي چپاٽ هڻندي) ڇوري! مان ڪٿان آڻيان. وڃي پيءُ کان گهر نه، جو ڪلارڪ ٿي سڄي گهر جي خوشين تي هميشـﮧ لاءِ پاڻي ڦيرڻ ٿو چاهي. (شيلو روئي ٿي ۽ نرمل ڊوڙي وڃي کيس چنبڙي ٿو). +نرمل: (شيلوءَ کي هنج ۾ کڻندي_ ٿورو شوخ ۽ ٿورو بيوس ٿي چوي ٿو) لاجو! هن بيگناهه شيلوءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو. معصوم ٻار کي ڪهڙي نه بيرحميءَ سان مارين ٿي. (شيلوءَ جي ڳلن طرف نهاريندي ۽ ٿورو هٿ گهمائيندي) هي ڏس! ويچاريءَ جي ڳلن تي ڏنا ڪري ڇڏيا اَٿيئي. +لاجو: (گرجندي) ڏنا! فقط ڏنا! مان انهيءَ ڇوريءَ جو سر کڻنديس. مان چوان ٿي ته هن مفلس گهر ۾ آخر هيءَ پيدا ڇو ٿي؟ ڇا بک مرڻ لاءِ؟ دل ۾ ته اِئين ٿو اَچي ته کيس هينئر ئي گهٽي ماري ڇڏيان. (۽ شيلوءَ کي وڌيڪ مارڻ لاءِ قدم وڌائي ٿي) +نرمل: (لاجوءَ کي پرتي ڌڪو ڏيندي) لاجو! آخر توکي ٿي ڇا ويو آهي. پاڳل ته ڪونه ٿي پيئي آهين؟ +لاجو: ها! مان بلڪل پاڳل ٿي چڪي آهيان. (اَڃا به زور سان گرجندي) مفلسيءَ ۽ بک ۾ اِنسان آخر گهڻا ڏينهن رهي سگهندو. پاڙيوارن کي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو عيش ڪندو ڏسي اِنسان آخر ڪيترو وقت صبر ڪري سگهندو. ٻين زالن کي مڙسن سان گڏ گهمندو، کلندو ۽ خوش ٿيندو ڏسي اَڄ منهنجو خون ٿو ٽهڪي. منهنجي صبر جوجام هنيئر ڪناتار ڀرجي چڪو آهي. +نرمل: (ٿوروشوخ ٿي) لاجو! بيوقوف نه بڻج. اُنهن اجاين آهن دانهن ڪرڻ مان ڪجهه نه ورندو. تون ڀڳوان ۾ اَعتبار رک، هو ضرور اَسان جو آواز ٻڌندو. (بيوسيءَ وچان) هن واهروءَ جا وڙ بلڪل ويجها آهن. +لاجو: (جڪ کائيندي) ڀڳوان!...... ڀڳوان ۾ اَعتبار رک! انهيءَ ڀڳوان ۾ اَعتبار رکان جو ڇهن مهينن لاڪر اَسان جو برو حال سانت ۾ ڏسندو ٿو اَچي. (مورت طرف) اهو ڀڳوان جو اَسان جي بيوسيءَ تي صرف کلندو رهي ٿو. پر نه.... اڄ انهيءَ ڀڳوان کي به.... (مورت کڻي ڀڃي ٿي) وڃ ڀڳوان! تون اُنهن محلن ۾ ئي وڃي رهه...... اسان غربين وٽ تنهنجي گهرج ڪانهي. +نرمل: (شينهن جيان گرجندي) لاجو! (مٿي کي هٿ ڏيئي ڪري ٿو) لاجو! اَڄ تو منهنجي زندگيءَ جو آخرين سهارو به کسي ورتو. هينئر مان ڪنهن تي ڀاڙيندس؟ +سنتو: پاڻ تي. نرمل! اِنسان دنيا ۾ صرف هڪ دفعو ئي پاڻ تي ڀاڙڻ سکي ته جيڪر دنيا جون گهڻيون دک درد جون ڪهاڻيون ختم ٿي وڃن. +لاجو: (ٿورو شوخيءَ وچان) سنتو! خواهه مخواهه تون پاڻ کي ڏٺو نه ڪر. هنن جي دماغ ۾ ڪلارڪيءَ جو ڀوت اَڄ زور آهي. هنن جو مطلب آهي ته لاجوءَ سان هن شادي ڪئي ئي کيس ڏک ڏيڻ لاءِ. هو سمجهي ٿو ته لاجوءَ کي ڪنهن به راحت ماڻڻ جو حق ڪونهي. هن جو مطلب آهي ته شيلو به بک کان تڙڦي تڙڦي مري ۽..... +نرمل: لاجو! شيلو بک نه مرندي. هوءَ منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهي، هوءَ منهنجي آئينده جي روشني آهي. +لاجو: پر انهيءَ آئينده جي روشنيءَ کي زندهه رکڻ لاءِ اَوهين ڇا ٿا ڪريو؟ سڀاڻو اَسان لاءِ وڌيڪ تڪليفن ۽ بکن جو ندورو پيغام کڻي اَچڻو آهي ۽ سڀان جو سمر موجود ڪونهي ته شيلو به اَسان وٽ صرف چند ڏينهن جي مهمان آهي! +نرمل: لاجو! ڀڳوان جي واسطي شيلوءَ جو نالو نه وٺ. هن جي واسطي آءٌ پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. +لاجو: پر به توهان جي بيروزگار زندگي هن لاءِ ڇا ڪري سگهندي. هيءَ معصوم جڏهن پنهنجين جيڏن جيڏين کي رانديڪن سان ڪڏندي ڏسندي هوندي ته گهڻا اَرمان پيدا ٿيندا هوندا سندس دل ۾..... پر هوءَ ڪڇي نٿي، هوءَ خاموش آهي. سندس اَندر جون خاموش آهون ڪيئن نه پٽينديون هونديون. اهو به ڪڏهن فڪر ڪيو اَٿوَ؟ +نرمل: لاجو! ڀڳوان جي واسطي مونکي وڌيڪ نه چئه. مون اَڄ ڪافي ٻڌو آهي ۽..... +لاجو: لڪين ته به..... +نرمل: نه نه لاجو. مون گهڻو ڪجهه سوچي ورتو آهي، پر مونکي صرف هڪ مدد گهرجي تنهنجي. +لاجو: (بگڙجي) چئو، جلدي چئو. توهان کي منهنجو سر گهرجي نه. اهو حاضر آهي. +نرمل: نه لاجو! تون صرف ٽريننگ (Training) جو وقت صبر ڪر. انهيءَ معمولي لوازمي مان..... +لاجو: مان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. +نرمل: ته منهنجو به اهو مردانو سوگند آهي ته مرندي مري ويندس پر ڪلارڪ نه ٿيندس..... مان اَڄ ئي مڪئنڪ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪندس. +سنتو: اَڄ ڇو؟ هينئر جو هينئر ڪر. ٺيڪ ٽين بجي توکي مون سان گڏ هلڻو پوندو. +نرمل: ها سنتو! مان اِجهو ٿو هلان. (کٽ تان اُٿندي، چمپل پائيندي) چڱو لاجو.... +لاجو: (مشڪي) پر هيءَ عينڪ ته نه وساريو نه. +نرمل: اَڙي ها! چڱو لاجو! شيلوءَ جو خيال رکج. +(پردو ڪري ٿو) + + +جنهن ڏئي ۾ تيل ڪونهي..... +گوبند مالهي +پاتر: +منوهر: ڪلارڪ +ڪندن: منوهر جو ڀاءُ +ساوتري: منوهر جي زال +موهن: منوهر جو دوست +کيمو: موهن جو ڀاءُ +جنهن ڏئي ۾ تيل ڪونهي..... +(پڙدي کلڻ سان هڪ ڪمري جو درشيه ڏسڻ ۾ اَچي ٿو. سامهون هڪ کٽ پيئي آهي. کٽ جي هڪ پاسي شيلف رکيو آهي، جنهن تي دٻا شيشيون ۽ ڪتاب رکيا آهن. کاٻي پاسي ميز ڪرسي پيئي آهي. ساڄي پاسي موڙو ۽ ڪپڙي جي آرام ڪرسي پيئي آهي. ديوارين تي ٿورا فوٽا ۽ تصويرون ٽنگيل آهن. سامهون ڀت ۾ ڪپڙن ٽنگڻ جي ڪلي آهي. ڪمري ۾ کاٻي پاسي آرپار نوڙي ٽنگيل آهي، جنهن تي اَنگوڇا، ٽوال ۽ نئپڪن ٽنگيل آهن. کٽ تي نئين چادر ۽ ميز تي نئون پوش چڙهيل آهي. ميز تي ن��ڍين وڏين پليٽن جو ڍڳ پيو آهي. ڪندن ڪرسيءَ تي ويهي پراڻي ڪپڙي سان پليٽون اُگهي رهيو آهي ۽ هڪ فلمي ڌن گنگنائي رهيو آهي.) +]ساڄي پاسي کان منوهرلعل پرويش ڪري ٿو. ڪندن گنگنائڻ بند ڪري ٿو ڇڏي[ +منوهر: سڀ تياريون مڪمل آهن؟ +ڪندن: پاڙيسرين جي مهربانيءَ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. +منوهر: (ساڄي پاسي، موڙي تي ويهي بوٽ لاهيندي) پاڙيسرين جي مهرباني وري ڪهڙي آهي؟ اَسان به مهل سر سندن ڪم ايندا رهيا آهيون. (جوراب لاهي بوٽ ۾ وجهندي) زندگي ڏي وٺ جي ڀاڄي آهي، خاص ڪري وچولي درجي وارن جي، اسان بابو لوڪن جي. +(بوٽ کڻي شيلف هيٺان رکي ٿو ۽ اُتان چمپل کڻي پائي ٿو) +مولچند جي گهران ڪوچ به کڻي اچين هان نه. صبوح تنهنجي ڀاڀيءَ کي هيترو تاڪيد ڪري ويو هوس. +ڪندن: مولچند وٽ اڳ ۾ ئي مهمان آيل آهي. +منوهر: (نراسائيءَ مان) هن جي گهر مهمان کي به اَڄ ئي اچڻو هئو. پريتم جي گهران گديلن واريون ڪرسيون کڻائي چاين ها..... +ڪندن: هن جي گهر به ويو هوس. پارپتيءَ چيو ته پاڙيوارن هر هر ڪرسيون گهرائي انهن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. انهن جو رهيو کهيو حال برباد ڪرائڻ لاءِ هوءَ تيار ڪونهي. +منوهر: اسان کان جو جڏهن ڪڏهين ڏنڊو ڪونڊو وٺي ويندي آهي. اسان جي اَن ڇاڻڻ واري پرڻ جي ستياناس به ته ان پارپتيءَ ئي ڪئي آهي. هاڻي مهل تي ٻه ڪرسيون نٿي ڏئي....... ڪوچ نه ته گديلن واريون ڪرسيون ضرور هئڻ کپن..... تون وري هنن جي گهر وڃ. پريتم پاڻ اچي ويو هوندو. هو اڌ ڳالهايو ڪرسيون ڪڍي ڏيندءِ. هو مهل تي، مون کان بش‏شرٽ ڪونه وٺندو آهي؟ هونءَ به زالن جي ڀيٽ ۾ مرد وڏيءَ دل وارا ٿيندا آهن. +(ڪندن چپ چاپ پليٽون صفا ڪندو رهي ٿو. منوهر هن جي ڀرسان اچي ٿو.) +منوهر: باقي پليٽون پوءِ اَچي صفا ڪجانءِ. اَول ڪرسيون کڻي اَچ. +ڪندن: دادا انهن ڪرسين کان سواءِ به ته ڪم هلي سگهي ٿو. +منوهر: (ٺٺوليءَ مان) ڪم ته انهن پليٽن کانسواءِ به هلي سگهي هان، پوءِ اهي پليٽون ڇو هٿ ڪيون اَٿيئي؟ +ڪندن: مان جيڪر ڪنهن اَڳيان هٿ ٽنگڻ نه وڃان هان، پر ڀاڀيءَ چيو ته پليٽن جو بندوبست نه ڪندين ته دادنهن چڙندو. +منوهر: هاڻي به دادنهن جي چڙ کان بچڻ لاءِ ڪرسين جو بندوبست ڪر. چوندا آهن، ”ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان“. +ڪندن: دادا، شان سٺو، پر اُهو اُڌارو ته نه هئڻ کپي. +منوهر: اُڌارو شان! (اُڀو ساهه کڻي) اُڌارو شان مان به نٿو چاهيان، مگر اَسان بابو لوڪن وٽ اُڌاري شان کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟ +ڪندن: شان جو واسطو ڇا صرف ڏيک ويک سان آهي، دادا؟ +منوهر: ها، اَڄ جي زماني ۾، ڏيک ويک ئي شان سڏجي ٿو. +ڪندن: اهو ته ڪوڙو شان چئبو. +منوهر: ها، اَڄ ڪوڙ ئي پرٻل آهي، ڀاءُ. اَڄ تيل نه ٿو ٻري، پاڻي ٿو ٻري. ڇڏ ان اٽپٽانگ بحث کي. سويل ئي ڪرسيون کڻي اَچ، ڪٿي هو زال مڙس، ايوننگ واڪ تي نه هليا وڃن. +ڪندن: مان سمجهان ٿو دادا، انهن گديلن وارين ڇنل ڪرسين کان سواءِ به ڪم هلي ويندو. +منوهر: ڇاکان سواءِ ڪم هلندو ڇاکان سواءِ نه هلندو، اها ڳڻتي تون نه ڪر. وڃ. (ڪندن ڪؤڙي منهن سان اُٿي ٿو) ڀاڄانهن ڪٿي آهي؟ اَڄ چانهه جي پياليءَ جي عنايت به ڪانه ڪئي اَٿائين. +ڪندن: هوءَ ته رنڌڻي جي راڻي بڻي، آئي جي آڌر جو پرٻنڌ ڪري رهي آهي. چئو ته اوهان لاءِ چانهه جي يادگيري ڏياريانس. +منوهر: نه، ڏيڻي هونديس ته پاڻيهي ڏيندي. تون ڪرسيون کڻي اَچ. (ڪندن هليو وڃي ٿو. منوهر ڪمري جو جائزو وٺي ٿو، پوءِ نوڙيءَ تان ٽوال انگوڇا لاهڻ لڳي ٿو. ساوتري هڪ هٿ ۾ پليٽ ۾ پاپڙ ۽ ٻئي ۾ پاڻيءَ جو گلاس کڻي اچي ٿي.) +ساوتري: اهي انگوڇا ٽوال ڇو ٿا لاهيو (پليٽ ۽ گلاس ميز تي رکي ٿي) +منوهر: مونکي هونئن ئي هيءُ هت نه وڻندا آهن. اڄ ته جنسي کائڻ ٿا اچن. اڳلو اسان بابت ڇا سوچيندو؟ (نوڙي کولڻ ٿو لڳي.) +ساوتري: هڪ ڪمري وارو گهر ڏسي، سڀ ڪجهه سمجهي ويندو. (ٽوال انگوڇا سهيڙيندي) هاڻي هيءُ رکبا ڪٿي؟ +منوهر: (پاپڙ کائيندي) في الحال ته رنڌڻي ۾ وڃي سٽين. +(ساوتري ٽوال وغيره کڻي ٻاهر وڃي ٿي. منوهر پاڻي پي وري ڪمري جو جائزو وٺي ٿو.) ساوتري چانهه جو ڪوپ کڻي اچي ٿي) هيءُ ميرا ڪپڙا به کڻي وڃي رنڌڻي ۾ رک. +ساوتري: توهان جو آفيسر نٿو اچي، ڪو ٽسينگ ٿو اچي. +منوهر: پنهنجي لاءِ سچ پچ ته ٽسينگ آهي اَڄ خوس ٿي وڃي ته پنهنجي لاءِ ترقيءَ جي راهه کلي پوي. (چانهه جو ڍڪ ڀري) مونکي اِضافو ملي ۽ ڪندن کي به نوڪري ملي پوي ته پنهنجا سڀ دک دور ٿي وڃن. پوءِ ٻن ڪمرن وارو گهر وٺڻ ڏکيو نه ٿيندو. قسطن ۾ پنهنجا ڪوچ به اَچي ويندا، پلنگ به اَچي ويندو، ريڊيو اَچي ويندو ۽،..... اُڌاري شان جي قطعي ضرورت نه پوندي. +ساوتري: توهان جا گيهه جي گهڙي واري ڇوڪر جهڙا خواب، خبر نه آهي ڪڏهن پورا ٿيندا. توهان جو مئنيجر اوهان کي اِضافو ڏئي ئي ڏئي، تنهن کان اَڳ مونکي اڄ ست گهر پنايا اَٿائين. +منوهر: تون هن کي راضي ڪري ڪڍ، پوءِ ڏس ته منهنجن خوابن پوري ٿيڻ لاءِ رستو کلي ٿو نه؟ روز رڳو ٻه ڪلاڪ اوور ٽائيم ئي نه ڏيئي وجهي ته آهستي آهستي گهر جي سجاوٽ جو سامان ٺهي وڃي. +ساوتري: توهان اَٺسٺا ٻڌندا رهو. مان وڃي ٿي ڀاڄيءَ جي نگهه ڪريان....... اَچڻو ڪيڏي مهل آهي؟ +منوهر: ساڍي اَٺين ڌاري اَچي ويندو. (ساوتري وڃڻ لڳي ٿي) ٻڌ ته ٺاهيو ڇا اَٿيئي؟ +ساوتري: ڀڳل چانور، سائي ڀاڄي....... +منوهر: (اُتاولائيءَ مان) بس؟ +ساوتري: خالي انهن سان ڪيئن ڪم هلندو؟ پٽاٽن جون ٽڪيون به ٿي تريان. +(ڪندن ڪرسي آڻي ٿو) +منوهر: ڪل ٿڙڪي ويئي آهي، تنهنجي. اهي شيون هن کي گهر ۾ نه ٿي ملي سگهيون. تيوڻ ڇو ڪونه گهرايئه؟ +ڪندن: دادا تيوڻ ڇا هن کي گهر نٿو ميل سگهي؟ +منوهر: توهان ڏير ڀاڄائيءَ سان بحث فضول آهي. تون صبوح جو تيوڻ وٺي اَچين هان ته توکي ڪهڙو گهاٽو پوي هان. +ساوتري: تيوڻ ته هيءُ آڻي هان، تيوڻ لاءِ پئسا..... +منوهر: (اَڌ ۾ ڪپي) تو وت ڏيڍ روپيه به ڪونه هئو؟ +ساوتري: سچ ته اهو آهي ته مان جشن ماءُ کان پنج روپيا اَول ئي اُڌارا وٺي چڪي آهيان. +منوهر: اَڄ اَڃا يارهين تاريخ آهي. ڏهن ڏينهن ۾ پگهار جا پئسا خرچ ٿي ويا! +ساوتري: نه، مان کائي ويس. حساب ڏيانوَ؟ +منوهر: تون ته سدائين ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪندي آهين. چڱو، مان ٿو پڇان جتي پنج اوڌر کنيئه، اُتي ڏيڍ ٻيو به. +ساوتري: پاڙي ۾ هرڪو آنديءَ نينديءَ تي. اَلائي ڪيئن منهن مکي پيو هلي. مونکي ڪنهن جي وچ ڪڍائڻ تي شرم ايندو آهي. +منوهر: تو وٽ کوٽ کاتو هئو ته صبوح جو ڇو نه ٻڌايئه؟ آفيس مان ٻن چئن روپين جو بندوبست ڪري وٺان ها. +ساوتري: صبوح جو پئسن بنسبت کٽ پٽ ٿئي هان ته توهان چئو هان ته هاڻي منهنجو سڄو ڏينهن خراب ٿيندو. توهان مئنيجر جي مانيءَ جي ڳالهه به وڃڻ وقت ئي ته ڪئي هئي..... +(منوهر لاجواب ٿي پريشان ٿي وڃي ٿو. ساوتري ڪوپ پليٽون کڻي هلي وڃي ٿي) +ڪندن: دادا، مان اَوهان کي ڪيترو چوندو آهيان، ته جيستائين مونکي ڪا نوڪري ملي، تيستائين ڪجهه نه ڪجهه ٿورا پئسا ڪمايان، پر اَوهان..... +منوهر: مان توکي اها اِجازت ڏيان ته تون فٽ پاٿ تي ويهي گنجيون ڪڇا وڪڻين؟ +ڪندن: ايمانداريءَ سان فٽ پاٿ تي ويهي ڌنڌي ڪرڻ ۾ ڪهڙو اَهم آهي؟ +منوهر: تنهنجي لاءِ سڀ سواهه آهي، ماڻهو طعنا ته مونکي هڻندا نه؟ +ڪندن: فٽ پاٿ تي ڌنڌو ڪرڻ چوريءَ جو ڪم آ��ي، جو ماڻهو طعنا هڻندا؟ +منوهر: (بيزاريءَ مان) تون ته منهنجي عزت پٺيان هٿ ڌوئي لڳو آهين. +ڪندن: منهنجي ڪهڙي به ڌنڌي ڪرڻ ۾ اَوهان جي عزت جو سوال ئي ڪٿي ٿو اُٿي؟ +منوهر: تون اَڃان اَلڙ آهين، ڀاءُ. جنڊ بزار ۾ رک، ڪو سبتو ڦيرو ڏيندو، ڪو اُبتو. گهڻي ڀاڱي هرڪو اُبتو ڦيرو ڏيندو. ڪو ٻيو ڪجهه نه چوندو ته اِئين ضرور چوندو ته ڀاڻس نٿوکارائيس تڏهن ٿو وڃي فٽ پاٿ تي وهي...... پرتوکي ڪمائڻ جي تڪڙ ڇو لڳي آهي؟ تون ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج ۾ ويندو رهندو آهين نه؟ +ڪندن: اَڄ به ويو هوس. +منوهر: ٺيڪ آهي، اَڳي پوءِ نوڪري ملي پوندءِ. +ڪندن: اَڄ توڻي ڪجهه نه ڪجهه ڪمايان هان ته توهان جي مئنيجر جي خاطرداري سٺي ٿي سگهي هان. +منوهر: (اُٿي) تنهنجي فضول ڳالهين ۾ مول ڳالهه رهجي ويئي. مان موهن کان ڪجهه پئسا وٺي ٿو اچان. پوءِ تون هوٽل تان ئي وڃي تيوڻ ۽ قيمي جون ٽڪيون وٺي اَچج. (هلندي) اَوهان ڏير ڀاڄائي اَڄوڪي مهمانيءَ جي قيمت نٿا سمجهو. +(موهن پرويش ڪري ٿو) +موهن: ٻيئي ڀائر اوندهه ۾ ڪهڙا ويٺا گپ شپ هڻو؟ +(ڪندن بجلي بٽڻ دٻائي، روشني ڪري ٿو) +منوهر: اَچ موهن. مان پاڻ هينئر تو وٽ اَچي رهيو هوس. +موهن: (ڪرسيءَ تي ويهي) سک ۾؟ +منوهر: هڪ ڪم هوم تو ۾. +موهن: مان به تو وٽ هڪ ڪم سان آيو آهيان. +منوهر: چئي ڏي. +موهن: (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) ڪنهن جي مهماني آهي تو وٽ. +منوهر: منهنجي آفيس ۾ نئون مئنيجر آيو آهي. +موهن: (کلي) چئبو ترقيءَ لاءِ توشو ٺاهڻ ٿو چاهين. +منوهر: چيائين: ”سنڌي کاڌو کائڻ ٿو چاهيان“. +موهن: تو به چيو، ماشا اَلله، سستو سؤدو آهي. هڪ مهمانيءَ جي موٽ ۾ ڪجهه ته ترقي ملندي. ڏاڍو چالاڪ آهين. +منوهر: (کلي) ترقي نه ملندي ته اوور ٽائيم ملي پوندو. +موهن: ڀاڳوان آهين دوست. پنهنجي آفيس ۾ ته سڪي پڪي پگهار آهي. اٺ ڪلاڪ ويهه ته ساڳي پگهار ڏهه ڪلاڪ ويهه ته به ساڳي پگهار. +منوهر: ڀاڀي به ته ڪمائي ٿي. +موهن: ڀاڄانهن ڪمائي ٿي، تڏهن ته ڇهن جيون کي پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي ٿو. نه ته اَڄ جي مهانگائيءَ ۾، هڪ جي ڪمائيءَ تي هوند فاقا ڪڍڻا پون..... تنهنجو ڀاءُ به ته....... +ڪندن: (هراسجي تر تڪڙ ۾) موهنداس، اوهان ڪنهن ڪم سان آيا آهيو، نه؟ +موهن: ها، هڪ ضروري ڪم سان ئي آيو آهيان. منوهر تون مونکي ڪجهه پئسا اُڌارا ڏيئي سگهندين؟ +(منوهر وات ڦاڙي، هن ڏانهن ڏسندو رهي ٿو) +موهن: توکي خبر آهي ته منهنجي ڀيڻ پهرين گڏجاڻيءَ تي اَسان وٽ آئي آهي. سڀاڻي صبوح جو ساهري وڃي رهي آهي. ڪجهه پئسن جو اِنتظام ٿي سگهيو آهي. ڪي بچت مان، ڪي آفيس مان مليل اَئڊوانس مان. اَڃان چاليهه پنجاهه روپين جي درڪار آهي. +ڪندن: ڏيتي ليتيءَ جي مصيبت اَلائي ڪڏهين اسان جي سماج مان ويندي. +منوهر: چاليهه پنجاهه روپيه! پاڻ وٽ ته دوست ٻانڀڻ ٿو نچي. مان پاڻ توکان ٿورا روپيا وٺڻ ٿي آيس. ٻن جيون جي ڪمائيءَ تي هلندڙ ڪتنب کان، هڪ ڄڻي جي ڪمائيءَ تي هلندڙ ڪٽنب جا وڌيڪ برا حال ٿيڻ کپن، نه؟ +موهن: تنهنجو ڀاءُ به ته..... +ڪندن: (اَڌ ۾ ڪٽي) سڀني وچولي درجي وارن جو ساڳيو حال آهي، موهنداس! پوءِ ڀل ٻه ڄڻا يا ٽي ڄڻا ڪمائين. فرق صرف اهو ٿو پوي ته هڪڙي جو وڌيڪ ڏکيو ٿو گذر ٿئي، ٻين جو گهٽ ڏکيو. پنج پنجوءِ وارا هرڪنهن جا کٽل ئي آهن. +موهن: سچ ٿو چئين. اسان بابو لوڪن وٽ آهي عيد نه ته روزو. +منوهر: (ٿورو کلي) عيد صرف پهرين تاريخ، پگهار واري ڏينهن تي، باقي اُڻٽيهه تاريخون روزو ئي روزو. +موهن: تو به روزي واريءَ تاريخ تي مئنيجر جي دعوت ڪئي آهي. شايد هن کي به روزي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ٿو چاهين. +منوهر: اهوئي ته رئڻ آهي دوست! اَڄ اَڃان يارهين تاريخ آهي. ويهه ڏينهن هن کي ڪيئن نٽايان هان؟ سوچيم اوڌر تي ڪم هلي ويندو. پر هت اَچي ڏسان ته اهائي سائي ڀاڄي ۽ اُهي ئي پٽاٽا. ڏير ڀاڄائي نيوڻ جو بندوبست به نه ڪري سگهيا آهن. +موهن: (کلي) ڇا چيئه؟ هيءُ گوشت جو بندوبست به نه ڪري سگهيا آهن، پر مون ته ڀاڻين کي..... (ڪندن سراپجي ٿو وڃي. ان وچ ۾ کيمو دروازي وٽ بيٺل ڏسڻ ۾ اَچي ٿو) کيما تون ڇو آيو آهين؟ +کيمو: ڀاڄي مٽائڻ آيو آهيان. (کيمو رنڌڻي طرف وڃي ٿو. وري موٽي ٿو). +موهن: اَسين بابو لوڪ به پنهنجي نالي سان آهيون. هڪ ڀاڄيءَ کي ٻن ٽن ڀاڄين ۾ سولائيءَ سان بدلائي ڄاڻون. +ڪندن: اَسين بابو لوڪ ڇو، سڀ وڇولي درجي وارا ان ڳالهه ۾ سياڻا آهن. +(ساوتري ڀاڄيءَ جي تسري آڻي کيمي کي ڏئي ٿي). +موهن: کيما، تون گهر هل ته مان اَچان ٿو. +کيمو: ڀاڀيءَ چيو آهي، جلدي اَڇجو. +موهن: ها ها جلدي ايندس. (ساوتريءَ کي) ساوتري ڀاڀي، ڀاڄيءَ جي موٽ ۾ ڪنجوسائي ڪري، گوشت عيوض ٻي ڀاڄي ته نه موڪليئه. +منوهر: چيومانءِ ڪونه، اَسان وٽ اَڄ تيوڻ ڪونهي. +(ساوتري هلي ٿي وڃي) +(موهن ڪجهه چوڻ ٿو چاهي، تنهن کان اَڳ.......) +ڪندن: موهنداس، کيمي کي ايس.ايس.سي پاس ڪرڻ بعد ڇا بڻائيندا؟ +موهن؛ ڇا بڻائيندو سانس! بابوءَ جو ڀاءُ به ضرور بابو ئي ٿيندو، ٻيو ڪو آفيسر ڪونه ٿيندو. +ڪندن: مان جيڪر اَوهان کي صلاح ڏيان ته هٿ جي هنر ۾ پرٻيڻ ڪيوس بک نه مرندو. +موهن: ڪنهن هنر تي ڀاڙڻو هجي هان ته ايس.ايس.سيءَ تائين ڇو پاڙهيانس هان؟ +ڪندن: علم مان ڪو نقصان ٿورو ئي آهي، تنهن ۾ به ايس.ايس.سي تي منيمم ڪواليفڪيشن آهي. +موهن: اَسان ماڻهن لاءِ ڪلارڪي ئي چڱي آهي. +ڪندن: آزاد ڀارت کي ڪلارڪن جي نه، هنرمندن جي ضرورت آهي. +(ساوتري اندر اچي ٿي) +ساوتري: ليمو هڪ به گهر ۾ ڪونه اٿو. +منوهر: ليمي کانسواءِ ڪم ڪيئن هلندو؟ ڪندن ٻن ٽن ليمن جو ته ڪٿان بندوبست ڪري اچ. +موهن: هڪ ٻه ليمون منهنجي گهران ملي سگهيوَ ٿو. +منوهر: ڪندن وڃ. ڀاڄيءَ واريءَ مائيءَ وٽان ليما نه ملنئي ته موهن جي گهران ئي وٺي اچج. +(ڪندن وڃي ٿو. ساوتري به هن جي پٺيان وڃي ٿي) +منوهر: هن المست جي چئي نه لڳج. ڀاءُ کي ڪلارڪ ئي بڻائج. نه ته ته ڪو ٻانهن ئي ڪونه ڏيندس. +موهن: تنهنجي ڀاءُ جي شادي نه ٿيندي؟ +منوهر: منهنجي ڀاءُ جي شادي ڇو ڪونه ٿيندي؟ جان ئي نوڪري ملي تان ئي ڇوڪرين وارا ڊوڙندا ايندا. خود ڪا نه ڪا هم ڪلارڪ ڇوڪري کيس جيون ساٿي بڻائي ڇڏيندي. +موهن: خبر اَٿيئي تنهنجو ڀاءُ هينئر ڇا ڪندو آهي؟ +منوهر: خبر اٿم، بيروزگار آهي. پر تون ڇا ائين ٿو سمجهين ته عمر ڀر بيروزگار رهندو؟ +موهن: چالاڪ آهين يار! مونکي به رکائي ٿو وڃين؟ +منوهر: ڇاٿو رکائي وڃان؟ دنيا کي خبر آهي ته ڪندن بيروزگار آهي. +موهن: ائين ڇو ٿيو. +منوهر: ڇاٿو الان؟ آخر تون ڇاٿو چوڻ چاهين؟ +موهن: سچ پچ توکي خبر ڪونهي ته تنهنجوڀاءُ ڇا ڪندو رهندو آهي؟ يا مٿس ڍڪ پڙدو وجهڻ ٿو چاهين؟ +منوهر: ڍڪ پڙدي جي ڳالهه ئي ڪٿي آهي؟..... اوهو مون سمجهيو، وچ ۾ فٽ پاٿ تي ويهي گنجيون ڪڇا وڪڻندو هئو. پر توکي شايد خبر ڪانهي منهنجي جهڻڪڻ تي سهجيئي باز اَچي ويو. +موهن: اها مونکي بخوبيءَ خبر آهي، پر اَڄڪلهه ڇا ڪندو آهي، اها شايد توکي خبر ڪانهي. +منوهر: اَڄڪلهه ايمپلائمينٽ ايڪسچينج جا چڪر ڪاٽيندو آهي، ٻيو ڇا ڪندو آهي +موهن: ٺيڪ آهي. (اٿي ٿو) مون سمجهيو هو ته جيڪي ڪي هو ڪندو آهي، سو تنهنجي رضامنديءَ سان ڪندو آهي. هاڻي مونکي تسلي ٿي ته تون بابو جي مريادا کي مر لڳائڻ وارن مان نه آهين. (وڃڻ لڳي ٿو) +منوهر: پر ڪندن اَڄڪلهه ڇا ڪندو آهي، اهو ته تو ڪونه ٻڌايو. +موهن: (بيهي، پٺيان نهاري) مان ٻن ڀائرن وچ ۾ غلط فهمي پيدا ڪرڻ نٿو چاهيان. (ويندي ويندي) ڪٿي تنهنجو ڀاءُ اِئين نه سمجهي ته مان توکي سندس چغلي ٿو هڻان. +(منوهر پريشان ٿي وڃي ٿو. ڪمري ۾ چڪر لڳائي ٿو) +منوهر: (پنهنجي منهن) وري اَلائي ڪهڙو نيچ ڪم ڳولهي لڌو اَٿائين. (کاٻي دروازي ڏانهن وڃي ٿو، وري موٽي اَچي ٿو.) ساوتريءَ کي سڌ هجي ها ته مونکي ٻڌائي ڪونه هان. (ڪرسيءَ تي اَچي وهي ٿو) +(ڪندن اَندر اَچي ٿو. ڀاءُ کي پريشان ڏسي موٽڻ لڳي ٿو. ڀاڻس ڏسي وٺي ٿو.) +منوهر: ڪندن! (ڪندن کان ڇرڪ نڪري ٿو وڃي.) +ڪندن: ليما مان وٺي آيس دادا! ڀاڄيءَ واريءَ مرهٽياڻيءَ کان....... +منوهر: (ڪاوڙ ۾) ليما پون جهنم ۾ تون هيڏانهن اَچ. +(ڪندن وڌي اَچي ٿو) +ڪندن: ڪهڙي ڳالهه آهي دادا. +منوهر: هت ويهه. +(ڪندن وهي ٿو) +منوهر: تون وري فوٽ پاٿ تي وڃي وهندو آهين؟ +ڪندن: نه! +منوهر: تڏهين سڄو ڏينهن بمبئيءَ جون گهٽيون ڪڇيندو آهين؟ +ڪندن: نه. +منوهر: تون سڄو ڏينهن ڇا ڪندو آهين؟ +ڪندن: مان ڇا ڪندو آهيان! موهن ڪمار ڪونه ٻڌايوَ؟ +منوهر: هو ٻڌائي ها ته توکان ڇو پڇان هان؟ تون ڪهڙو ناشانائتو ڌنڌو ڪندو آهين؟ +ڪندن: ڪوبه ايمانداريءَ جو ڌنڌو ناشانائتو نه ٿيندو آهي دادا. +منوهر: اهو پنهنجو کرڙ گيان پاڻ وٽ رک. مان ٿو توکان پڇان تون منهنجي شان کي ٽنگ ڪرڻ کان باز نه ايندين؟ +ڪندن: مون اهڙو ڪڇ نه ڪيوآهي جنهن سان اوهان جي يا منهنجي شان کي ڪو ٽڪو لڳي. +منوهر: (چڙ مان، وڏي واڪي) منهنجي سوال جو سڌو جواب ڏي، تون ڇا ڪندو رهندو آهين؟ +ڪندن: مان.... مان بڪ بائينڊنگ جوڪم ڪندو آهيان. +منوهر: بڪ بائينڊنگ جوڪم ڪندو آهين! ڪٿي ڪندوآهين؟ گهر ۾؟ +ڪندن: گهر ۾ ڪندو هجان هان ته خبر نه پوي هان توهان کي؟ +منوهر: ڪم به ڳوليئه ته جلدسازيءَ جو! اڳوپوءِ ڪولي وڃي بڻجي هان نه! +ڪندن: بيروزگار بڻجي گهر ۾ کٽون ڇنڻ يا ٻاهر نوس نوس ڪرڻ کان، ايمانداريءَ وارو پورهيو ڪرڻ بهتر آهي. +منوهر: اِئين چوندي شرم نٿو اَچيئي؟ +ڪندن: گناهه جو ڪم ڪريان هان ته واقعي ئي شرمسار ٿيان هان، سچ ته اِهو آهي، ڪير نه مونکي پنهنجي وهه وڃڻ ڏئي ته مان جيڪر عمر ڀر ڪلارڪ ٿيڻ کان هٿ جو پورهيو ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪريان. +منوهر: (ٺٺوليءَ مان) ڪلارڪ تنهنجي نظر ۾ پورهيت کان به بدتر آهي؟ +ڪندن: غلام ڀارت ۾ ماڻهن لاءِ ٻه ڌنڌا لکيل هئا: هڪ ڪلارڪ ٿيڻ، ٻيو سياستدان ٿيڻ. ٻئي بک جا ڌنڌا هئا. آزاد ڀارت ۾ سياستدان لاءِ لکاپتي ٿيڻ جون ڪيئي راهون نڪري آيون آهن ۽ ويچاري ڪلارڪ لاءِ؟ اها ڪوڙي بک ۽ اهوئي ڪوڙو شان. +(منوهر ڪجهه چوڻ چاهي ٿو ته ساوتري اندر اَچي ٿي). +ساوتري: اَوهان ٻئي ڀائر هتي ٿڌو مانجهاندو ڪري ويٺا آهيو. هو مهمان ڇا پاڻ کان پاڻيهي، اسان جو گهر ڳولهي اَچي لهندو؟ +منوهر: (واچ ڏسي) اَڃان ته اَٺ ٿيا آهن. پنڌرهين ويهين منٽي کان پوءِ ڪندن کي بس سٽاپ تي موڪليندس، وٺي ايندس. کاڌو تيار آهي؟ +ساوتري: ٽڪيون وڃي تريان ٿي. باقي ڦلڪا ته هن جي اَچڻ کان پوءِ پچائيندس. (وڃڻ لڳي ٿي). +منوهر: ٻڌ ته...... توکي خبر آهي ته تنهنجو لاڏلو ڏير ڇا ڪندو آهي؟ +ساوتري: (واپس موٽندي) مونکي هرڪا سڌي آهي. +منوهر: توکي به سڌ آهي! صرف مونکي ئي اَنڌ ۾ رکيو ويو آهي. تنهنجي معنيٰ ڏير ڀاڄائيءَ ڳجهه ئي ڳجهه ۾، منهنجي عزت خاڪ ۾ ملائيندا رهيا آهيو. +ساوتري: ان ۾ عزت نه عزت جو ڪهڙو سوال آهي؟ +منوهر: نه نه اوهان ته چار چنڊ لڳايا آهن، پنهنجيءَ عزت کي. هاڻي شادي به تون ڪرائينديس. +ساوتري: ڪمائيندڙ، ڏسڻي وائسڻي جوان کي سوين ڇوڪري ڏيندا. ساڻ ناڻي جون ٿيليهون ڏيندا. +منوهر: کنڊ ٿي کائين، خئر....... مان ٿو پڇان هن نموني ڪمائڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئس؟ مان سمجهان ٿو ته تو ڪئي هوندس کنڌ کنڌ ۽ هن کي اَچي ويئي هوندي ججڪي..... توهان، زالن سان ڀڳوان پڄي مون اڪيلي جي ڪمائيءَ سان به ته هيترا ڏينهن گهر هليو پئي. ڪجهه وقت ٻيو صبر نه ٿيو. +ڪندن: ناحق ڀاڀيءَ کي ڇو ٿا ڏوهه ڏيو؟ مون ڌنڌي جي چونڊ پاڻ ڪئي آهي. مون گهر جو گذر ڏکيو ٿيندو ڏٺو انهيءَ ڪري........ +منوهر: ڄڻ پڳ ئي توتي اَچي پيئي هئي. انهيءَ جلدسازيءَ جي ڌنڌي مان گهڻا نوٽ وٽيندين؟ +ڪندن: مان سمجهان ٿو، آزاد هندستان جون برڪتون، اَڳي پوءِ جيتريون هٿ جي پورهئي ڪندڙ کي نصيب ٿينديون، ٻئي ڪنهن کي نصيب نه ٿينديون. +منوهر: ان وچ ۾ تنهنجي ڄڙهه ئي نڪري ويندي. +ڪندن: ڪلارڪيءَ ۾ به عمر ڀر بيک ئي نڪرندي آهي. +(ساوتري ٻاهر وڃڻ لڳي ٿي) +منوهر: ساوتري تنهنجو ڏير ڪمائيندو رهندو آهي، پوءِ به منهنجي مهمان لاءِ رواجي کاڌو ئي تيار ڪيو اَٿئي! منهنجي مهل تي عزت ته رکو هان! +ساوتري: (موٽندي) نه نه. اسان ٻنهي اوهان کي عين وقت عجب ۾ وجهڻ ٿي چاهيو. پر پڇيو اَٿو ته ٻڌايانو ٿي...... اهو کاڌو تيار ڪيو اَٿم جو چپ چٽيندو. سنڌي کاڌي جي اها ته ساراهه ڪندو جو توهان ٻڌي دنگ رهجي ويندا. اوهان مڃو يا نه مڃو منهنجي ڏير اَڄ اوهان جو شان وڌايو آهي....... هاڻي اوهان جو مئنيجر ضرور اوهان جي پگهار وڌائيندو. +منوهر: هن جي ڪمائي به ته تون گهر ۾ خرچ ڪندي رهي آهين. +ساوتري: مان هن جي ڪمائي پاسيري رکندي آهيان. اَڄ ئي هن جي چوڻ تي توهان جي مئنيجر جي مهمان نوازيءَ تي اُن مان خرچ ڪيو اَٿم هڪ ڳالهه مان ٻڌائي ٿي ڇڏيانوَ. هن جي ڪمائي مان اوهان کي ڪانه ڏينديس. +منوهر: مونکي کپي به ڪانه، پرتون اُن کي ڇا ڪندينءَ؟ +ساوتري: مان مشين وٺنديس. +منوهر: اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبندينءَ؟ +ساوتري: سبنديس ڪانه، پر جي سبيم به ته ڪهڙي اربع خطا ٿيندي؟ +منوهر: ها، رهيو کهيو شان به تون وڃائجانءِ. +ڪندن: دادا، توهان کي شان جو نظريو بدلائڻو پوندو. +منوهر: مان بدلايان يا نه بدلايان، توهان ته پنهنجي من ماني ڪندا ٿا رهو. +ساوتري: وقت ڏسو، ڪٿي اِئين نه ٿئي جو توهان جو مهمان بس اِسٽاپ تي نه بيٺو رهي. +منوهر: (واچ ڏسي) اري ساڍا اٺ ٿا ٿين. ڀڄ ڪندن هو سئنيما جي سامهون واري اِسٽاپ تي لهندو. بدن جو موٽو آهي؛ شڪل جو ڪارسرو ۽ عينڪ به اٿس. (ڪندن وڃڻ لڳي ٿو) اها ڦاٽل خميس ته بدلائي وڃ. +ڪندن: ٻه خميسون ڌوٻيءَ وٽ آهن، ۽ هڪ ميري آهي. +منوهر: ڀلا انهيءَ کي ته ٽاڪو لڳارائي وڃ. +ڪندن: (کلي) دادا هن کي ته ٽاڪو لڳي سگهندو. پر غريبيءَ کي ڪهڙو ٽاڪو لڳندو؟ +(ڪنند هليو وڃي ٿو) +منوهر: تو پنهنجي ڏير کي خواهه مخواهه هشي ڏيئي ڇڏي آهي. +ساوتري: (ڳاٽ اوچو ڪري) ۽ ان تي مونکي فخر ئي آهي. +(پڙدو ڪري ٿو) + + +حيف تنهين کي هوءِ......... +ڪيرت ٻاٻاڻي +پاتر: +ڪرپالداس: هڪ سنڌي ڪاڪو +ٻڍي عورت: ڪرپالداس جي جوءِ +ٽيڪم: ڪرپالداس جو ناٺي +لڇمي: ڪرپالداس جي ڌيءُ +رميش: لڇميءَ جو ڪاڪو +سيتل: ٽيڪم جو دوست +حيف تنهين کي هوءِ......... +چهچٽو پهريون +]هڪ سنڌي بستيءَ ۾ هڪ بئرڪ جي مهڙ واري حصي ۾ هڪ کٽ پيل آهي، جنهن تي هلڪڙو بسترو وڇايل آهي. کٽ سامهون ڪاٺ جو صندل پيل آهي. وچ ۾ هڪ سنڌي چلم پيل آهي. ڀتين تي ڪي تصويرون ٽنگيل آهن، جن ۾ شاه لطيف، سامي ۽ ڀڳت ڪنور رام وغيره آهن. ڪاڪوڪرپالداس ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي کٽ تي ليٽيو پيو آهي ۽ شاه لطيف جو بيت گنگنائي رهيو آهي[ +ڪرپالداس: +ڪيم مهاڙ ملير ڏي، مٿي ڪوٽ ��ڙهي، +نت نهاري ڏيهه ڏي ڳوڙها پيم ڳڙي، +لنڱي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي، +ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين. +]اُٻاسي ڏيئي[ ڀاڳن ڀري، ڦل تيار ٿيو، ڪين اَڃا اُٻاسيون ڏيڻيون پونديون؟ تنهنجو ڏوهه نه آهي. هن عمر ۾ ته جيڪر تنهنجي ڪير شيوا ڪري، پر ڀڳوان کي اِئين منظور..... ]شريمتي ڪرپالداس اَندر داخل ٿي ٿئي. کيس هٿ ۾ ڦل آهي جو ڦوڪيندي چلم جي گوءِ مٿان رکي ٿي[ +شريمتي ڪ: ڪاٺيون رکيون هيون ٻاهر، سو ڇڻڪار تي آليون ٿي پيئون آهن. پڄرڻ ۾ دير ڪيائون. +ڪرپالداس: مون توکي ڪيترو چيو آهي ته چلم جو ڪم کڻي مونکي ڏي. ڪاٺين کي ڦوڪون ڏيئي ته نرت به گهٽجي ويئي اَٿيئي. تون منهنجي هڪ به نٿي ٻڌين. +شريمتي ڪ: بس، بس ڪريو! هاڻي باقي چئن ڏينهن جي مهمان، سو اَوهان جي شيوا کان منهن موڙيان؟ نرڳ گامي ڪرڻ ٿا گهروم؟ اهڙي مت ته نه ڏيو. +ڪرپالداس: ڀاڳن واري، ڀڳوان هيتري شيوا کان پوءِ به توکي نرڳ موڪلي ته مان به ڀڳوان کي چوندس ته مونکي به نرڳ موڪلي. گهٽ ۾ گهٽ ٻئي گڏ ته هونداسون. +شريمتي ڪ: ڇڏيو انهن ڳالهين کي، جيسين لڪيءَ ۾ ساه آهي، تيستائين پيئي ڪريان..... +ڪرپالداس: پوءِ ته مونکي ئي ڪرڻو پوندو نه؟ هت سويلئي پنهنجي ڪرت ۾ هٿ ڇو نه وجهان؟ +شريمتي ڪ: ماٺ، ڪريو ماٺ! هاڻي ڦوڪ ڀريو ته ڪٿي ڦل نه اُجهامي وڃي. +ڪرپالداس: (ٻه چار زوردار بڙڪا ڪڍي) هان، ڪالهه پئي چيئه ڪڪيءَ نياپو موڪليو آهي ته گهوٽ ۽ ٻارن سوڌي اَڄ صبح جو اچڻي آهي. بمبئي واريون گاڏيون ته سڀ اَچي ويئون آهن. +شريمتي ڪ: نوين بجي واري گاڏيءَ ۾ ايندا. اِها اَڃا هاڻي آئي آهي؛ هاڻي اَچڻ ۾ هوندا. اَچن ته اَڳوپوءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪريان. +ڪرپالداس: ڪڪو به چڱو وڏو ٿيو هوندن. گهڻو وقت ٿيو آهي لچ کي ڏٺي! +شريمتي ڪ: ڪڪي کي به کڻي موڪليو اَٿن پوني ۾ انگريچي سڪول ۾، سو پاڻ به هڪ اَڌ دفعو سال ۾ مس ڏسن. اسان کي ته ورهيه ٿيو وڃن. اَڄوڪين مائرن جي به ڪا دل آهي! (اتي نوجوان ٽيڪم، سندس پتني لڇمي ۽ ننڍو ڪڪو رميش کلندا اَندر داخل ٿين ٿا. ٽيڪم جهڪي ڪاڪي ڪرپالداس ۽ سندس اِستريءَ جا پير ڇهي ٿو. لڇمي ماءُ کي ڳراٽڙي پائي ٿي. رميش ناني_ نانيءَ کي ڏسي وائڙن وانگر بيٺو آهي.) +ڪرپالداس: اَڙي شيطان، هيڏي اَچ. وائرو ڪهڙي ڪارڻ ٿيو آهين؟ شهري ڀلا اَچي جنگهه ۾ ڦاٿو آهي! (ٽهڪ ڏئي ٿو) +لڇمي: ببلو! بابا کان آسيس وٺ؛ سندن پير ڇهه؛ شرم ڇاجو. +شريمتي ڪ: ڇڏيوس ٻار کي. پهرين ضرور لڄ ڪندو. اَچ پٽ نانيءَ وٽ ته ٽول ڏيانءِ. (رميش کي ڳراٽڙي پائي پيشاني چمي ٿي ۽ آڱر کان وٺي، اندر ويندي) اوهين ٺهي ويهو، مان اَوهان لاءِ چانهه ٺاهي ٿي اچان. +لڇمي: امين، هتي ويهو. مان پاڻيهي ٿي چانهه ٺاهي وٺان. (هٿ کان پڪڙيس ٿي) +شريمتي ڪ: ائي چري آئين ڪيئن! پيڪن ۾ آئي پلڪ به ڪين ٿي اٿيئي، هاڻي تون وهندينءَ چلهه تي! پاڙو کلائڻو اٿيئي ڇا؟ +ٽيڪم: امين، هوءَ ٺيڪ ٿي چوي. اوهين اسان کي چانهه ٺاهي پياريو، اهو به ڪو ٺهي! +شريمتي ڪ: هاڻي وڏو آيو آهي ٺهڻ نه ٺهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارو! ساهرن ۾ آيوآهين؛ پراون ۾ ته ڪونه آيو آهين. ماڻهو ڇا چوندا؛ سس سويلئي گذاري ويئي اٿس، جو سهج ئي نٿي ڪريس (رميش کي وٺي اندر وڃي ٿي) +ڪرپالداس: ابا، ماٺ ڪري ويهي رهو. هن ڀاڳوان سان پڄڻ جو وس نه آهي. (لڇميءَ کي) ڇڏينس ته چانهه ٺاهي وٺي، پوءِ مانيءَ ۾ کڻي هٿ وٺائجانس. +شريمتي ڪ: (اندران) مانيءَ لاءِ مون اڳيئي پاڙيواريءَ جهامن ماءُ کي چئي ڇڏيو آهي. ناٺي ۽ ڌيءُ آيا آهن، ٻه ڏينهن گهمڻ، ڪين تئي جي توَ ۾ سيڪجڻ. +ڪرپالداس: (وڏو ٽهڪ ڏيئي) ڀڳوان کيس سرڳ ۾ جڳهه ڏيڻ ۾ به منجهي پوندو. 45 سال مون کيس سندس پيرن تي ڏٺو آهي. 15 سالن جي هئي جو هن گهر ۾ پير پاتائين. +ٽيڪم: ڪاڪا، ڀاڳن وارا اوهين به گهٽ نه آهيو. اسان جا وڏا مٽيءَ ئي ٻيءَ مان ٺهيل آهن. اڄڪلهه جي زالن جي ڳالهه ئي نه پڇو. (لڇميءَ ڏانهن نهاري ٿو) +لڇمي: (موڙو ڏيئي) ها، ها، اوهين مرد ڀانءِ ته گهٽ آهيو! (ڪاوڙ ۾ ڦولجي ٿي) +ڪرپالداس: (ٿڌو ساه کڻي) ڌيءُ تون صحيح آهين. مرد ئي عورت لاءِ رستو ٿو گهڙي. جهڙو مرد تهڙي مريادا. پر ٻي به ڳالهه آهي. تون به سچ ٿو چوين. سنڌوءَ جو پاڻي ئي نرالو هو. جنهن ان جو نرمل جل پيتو، تنهن ڄڻ سڪ جي سرڪي پيتي. جيڪي به سنڌوءَ جي ڪنٺي تي آيا، سي ان جي پاڻيءَ وانگر مٺا بڻجي، ان ۾ سمائجي ويا. اڄ ڪٿي آهي سڪ! ڪٿي آهي اهوماڻهپو! اَڄ ماڻهو ئي ڦري ويا آهن. انهن جي چهري مان ڌاريائي پيئي نظر اَچي. ڇا هيءُ ان مارئيءَ جي ملڪ جا ماڻهو آهن، جنهن چيو هو: +اي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي، +اچي امر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت، +پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان. +(اکين ۾ آنسون ٿا اچنس جي بوڇڻ سان اُگهي ٿو. اُن وقت رميش ٽول هٿ ۾ کڻي، ان کي چڪ هڻندو داخل ٿئي ٿو) +اَچ پٽ. ڪهڙي درجي ۾ پڙهندو آهين؟ ٻڌو اَٿم ته اَنگريزيءَ ۾ گٽ مٽ ڪندو آهين. +رميش: ييس گرانڊپا (Yes Grandpa) مان ففٿ (Fifth) ۾ پڙهندو آهيان. +ڪرپالداس: شاباس پٽ! ڇا سيکاريندا آهن توکي؟ ڪي گيت ٻيت ياد اَٿيئي؟ +لڇمي: رميس پٽ، بابا کي هوءَ پوئم (Poem) چئي ٻڌاءِ. +رميش: ييس ممي (Yes Mummy). +What does little birdie say +In her nest at peep of day? +Let me fly, say little birdie, +Mother, let me fly away. +(ڪاڪو تاڙي وڄائي، ’واه، واه‘ ڪري ٿو. رميش کي ڀاڪر پائي ٿو ۽ ڳل تي چمي ٿو ته رسي پاسيرو ٿي بيهي ٿو) +لڇمي: ببلو، اهو ڇا! بابا کي ڪس (Kiss) ڪر. +رميش: نو، نو ممي، آءِ ڊونٽ لائيڪ اِٽ. +(No, No Mummy, I don’t like it.) +لڇمي: رميش اهو ڇا؟ ڊونٽ بي...... (Don’t be). +رميش: نو، نو ممي. +ڪرپالداس: ڀائي چڱو، چڱو. ناني جون مڇون لڳندين هوندس. مان به ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي ڇڏيندس. پٽ، ٻيون ڪهڙيون ڪويتائون ياد اَٿيئي؟ +رميش: (بود ۾ اَچي) او ونڊرفل! (O, Wonderful) ورڊسورٿ، لانگفيلو...... +ڪرپالداس: پٽ شاه ۽ ساميءَ جا ڪي بيت ياد ڪيا اَٿيئي؟ +رميش: ها، گرانڊپا، برنارڊشا ۽ شيلي جا نالا به ٻڌا اٿم. اوهان کي انهن مان....... +ڪرپالداس: (کلي) برنارڊشا نه، شاه لطيف ۽ سامي صاحب جا صوفي سونهارا، جن جي لفظ لفظ ۾ ساڻيهه جي سڪ سمايل آهي. +ٽيڪم: ڪاڪا، سنڌي ڪونه پڙهندو آهي. رڳو انگريزي اسڪول ۾ وهاريو اَٿئونس. +ڪرپالداس: سنڌي ٿي سنڌي ڪونه پڙهندو آهي! ڇو؟ اَسان جي ڏينهن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي به پڙهندا هئاسون. +(شريمتي ڪرپالداس جو اَندران آواز اَچي ٿو. لڇميءَ کي ڪوٺي ٿي جا اَندر وڃي ٿي.) +ٽيڪم: اَڄ ڪالهه انگريزيءَ جو رواج آهي. سنڌين، سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي. +ڪرپالداس: سنڌين سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي! ته ڇا مرهٽن ۽ گجراتين سنڌي سکڻ شروع ڪئي آهي؟ +ٽيڪم: اُهي سنڌي ڇو پڙهندا؟ اُنهن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي. +ڪرپالداس: ته باقي سنڌي ٻولي ڪنهن جي ٻولي آهي؟ +ٽيڪم: ڪاڪا، شرنارٿين جي! اِن ڪري سندس حالت به شرنارٿين جهڙي....... +ڪرپالداس: پٽ، ائين نه چئه. سنڌي ٻولي شرنارٿي ٿيڻ جي ناهي. شايد اَسان جا اِخلاق شرنارٿي ٿيڻ لڳا آهن. (اُتي اُٿي شاه ۽ سامي جي مورتن اَڳيان بيهي ٿو) هنن صوفين ”همـﮧ اوست“، جو نعرو هنيو ۽ ”هندو مومن ناهيان، جوئي آهيان، سوئي آهيان،“ جو سنيهو پهچايو. هنن جي ٻولي مرڻ مٽجڻ جي نه آهي. +رميش: گرانڊپا، (Grandpa) هيءُ ڪنهنجون پڪچرس (Pictures) آهن؟ +ڪرپالداس: (ڳراٽڙي پائي) پٽ، ��يءُ اَٿيئي، اَسان جون اَمر آتمائون_ سنڌيءَ جو روح هنن ۾ سمايل آهي. +ميش: گرانڊپا، هنن جون پوئمس (Poems) آهن؟ +ڪرپالداس: ها، پٽ، هنن جون پوئمس آهن، جي ماکيءَ جهڙيون مٺيون، گلن جهڙيون تازيون، آڪاس جهڙيون وشال ۽ سمنڊ جهڙيون گهڙيون آهن..... +رميش: مونکي ٻڌايو. مان ٻڌي ياد ڪندس. مونکي پوئمس ڏاڍيون وڻنديون آهن. +ڪرپالداس: ها، توکي ڪيئن نه وڻنديون. آخر تون ڪرپالداس جو ڏوهٽو آهين ۽ لڇميءَ ڄائو آهين، جنهن کي ننڍپڻ ۾ شاه جا بيت ۽ ساميءَ جا سلوڪ ٻڌائيندو هوس. +(سر ۾ سچل جو بيت ٿو چوي) +مذهبن، ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا، +شيخي، پيري، بزرگي، بيحد ڀلايا، +ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا، +اوڏا ڪين آيا، سچو عقل وارا عشق کي. +رميش: و، ونڊرفل! +ڪرپالداس: پٽ، ونڊرفل پورو اَکر نه آهي، جو هنن جو قدر ڪري. هيءُ ته جيءَ جو جياپو آهن. (لڇمي چانهه جي ٽري کڻي ٿي اَچي ۽ سڀ چانهه وٺن ٿا. ڪاڪو ڍڪ ڀري) لڇمي، تنهنجو پٽ سٻاجهي سنڌي ڪانه پڙهي؟ مون توکي ڪلهي تي کڻي سڄو شاه ۽ سامي ٻڌايو ته تنهنجو اولاد هنن کي ائين ڀلجي وڃي! +لڇمي: بابا جڏهن وطن ڇڏيوسين ته باقي ٻولي پڙهي ڇا ڪنداسون؟ +ڪرپالداس: چري، جيڪي کڻي نه سگهياسون سو ته ويو، پر جيڪي ڇڏي نه سگهياسون، ۽ آتما سان سوگهو جهلي آندوسون، سو هتي ڇڏي ڏيون؟ ناممڪن، ناممڪن! +ٽيڪم: سائين، آهستي آهستي سنڌي ٻولي ڇڏيندا ٿا رهن. اَسين اَڪيلا ٿورو ئي آهيون. +ڪرپالداس: سنڌي ته گهڻو ڪجهه ڇڏيندا ٿا رهن. پنهنجي اَباڻي ورثي کي دفنائيندا ٿا وڃن ته ڇا اسين به ائين ڪريون؟ اهو ڪودليل آهي! +ٽيڪم: ڪاڪا، چڱو هاڻي ته ٻه ڏينهن ڳالهيون پيا ڪنداسون، منهنجو خيال آهي، اسين ٿورو وقت پنهنجي دوست سيتل وٽان ٿي اَچون. +شريمتي ڪ: (اندران اَچي) ايتري ۾ ڪيڏانهن سنڀريا؟ +لڇمي: اَمي جلدي ٿا اَچون. ٿڌڪار ۾ ڪنهن وٽان ٿي ٿا اَچون. اَچ رميش! (ٽيئي ٽپ ٽپ ڪندا جنهن طرف کان آيا هئا، نڪري وڃن ٿا) +ڪرپالداس: ڀاڳن واري ٻڌين ٿي، هاڻي سنڌين سنڌي پڙهڻ به ڇڏي ڏني آهي! پاڻ کي هٿن سان يتيم بڻائي مرڪن ٿا. ڄڻ ته ڪارون جو خزانو مليو اَٿن. +شريمتي ڪ: جيڪي ڀڳوان کي منظور هوندو. اَسان کان سنڌ کسي شايد سڀ ڪڇ کسڻ ٿو چاهي. ضرور ڪنهن پاپ جو بدلو چڪائي رهيا آهيون. +ڪرپالداس: پاپ اَسان جا يا ٻين جا. پر حساب اَهڙو ڏيئي رهيا آهيون، جو هزارن سالن تائين جنم ڀومي_ سنڌڙيءَ لاءِ تڙڦندا رهنداسون. رڳو اَسان کي ساڃهه اَچي، جو باقي جيڪي بچيو آهي، تنهن کي سانڍي رکون، نه ته ائين ٿيندو..... (ٿورو ترسي) ائين نه ٿيندو..... شاه، سامي، سچل جي زبان بند نه ٿيندي.... (اُٿي مورتن طرف وڃي ٿو. جهڪو ۽ درد ڀريو آلاپ اَچي ٿو) +_ پردو _ + + +چهچٽو ٻيون +(ساڳي ڪمري ۾ ساڳيو سامان پيو آهي. ڪاڪو ڪرپالداس صندل تي ويٺو آهي ۽ ڀرسان رميش ويٺو اَٿس، جنهن جي هٿ ۾ ٻالٻوڌ، سليٽ ۽ پينسل آهي. ڪاڪو ڪرپالداس زور سان رميش کي الف_ ب پڙهائي رهيو آهي جو پردو کڄي ٿو) +ڪرپالداس: پٽ، هاڻي سڄو سبق پڙهي ٻڌاءِ. +رميش: الف_ انب، ب_ بلا، ب_ بڪري....... +ڪرپالداس: اوهو! وري ساڳيو، ب_ بڪري. +ب _ بڪري نه، ٻ _ ٻڪري، بابا، پٽ، ٻ_ ٻڪري. +رميش: گرانڊپا، مان ب _ بڪري ته چئي رهيو آهيان. ٻيو ڇا چوان؟ +ڪرپالداس: پٽ، تون جيڪي چئي رهيو آهين، سومان ڄاڻان ٿو. سنڌي سٻاجهيءَ جو گلو ڪپي رهيو آهين. پر اُن ۾ تنهنجو ڪهڙو ڏوه! ٻيڙي سائي ٿئين جو ڪوڙي گهمنڊ ڪري، هڪڙا آهن جو انگريزيءَ مٿان گهوريا پيا وڃن ۽ ٻيا وري سائينءَ جا پيارا، ديوناگريءَ جا دهل ڳچيءَ ۾ وجهي پيا نچن. ۽ وچ ۾ آهي، جو سنڌي ٻولي پيئي پيسجي. هاڻي تون مونکي، بابا يا نانا ڪري سڏ ۽ نه گرانڊپا. +رميش: چڱو، نانا! پ_ پلو، ڀ_ ڀولڙو. پر بابا پهريائين ايهو ته ٻڌايو ته پلو ڇا ٿيندو آهي. +ڪرپالداس: پٽ، ڇا ٻڌايانءِ. ڪوٽڙيءَ جو پلو واريءَ تي سيڪيل کائين ها ته سنڌي ٻولي کي وسارڻ جو خيال ئي نه اَچيئي ها. پوءِ نه ٻڪريءَ کي بڪري چئين ها ۽ نه ڏاڏا کي ڊاڊا. +رميش: بابا، توهين ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هئا ڇا؟ +ڪرپالداس: نه پٽ، مان سونهاري سکر جو آهيان. سکر جو ساڌٻيلو ٻڌو اٿيئي؟ تو ڪٿي ساڌٻيلي جو نالو ٻڌو هوندو! تون ڄائين نپني بمبئي ۾..... ساڌٻيلو، درياءَ جي وچ ۾ هڪڙو ننڍو ٻيٽ، جتي مور ۽ مورڻيون پيئون نچنديون هيون. +رميش: بابا، مونکي هلي اُهي ڏيکاري اچو نه! اوهان جون ڳالهيون ته فيئري ٽيلس (Fairy Tales) کان به وڌيڪ ونڊرفل (Wonderful) آهن. +ڪرپالداس: تون سنڌي سکندين ته پوءِ سڀني آستانن جون ڪهاڻيون پڙهي سگهندين +رميش: ته پوءِ مونکي جلدي سنڌي سيکاريو نه! ڀ_ ڀولڙو، ت_ تارو، ٺ_ ٺونٺ....... +(ٽيڪم پنهنجي دوست سيتل سان اَندر اَچي ٿو) +ٽيڪم: بابا، هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ملان جو مڪتب کوليو اَٿو ڇا؟ +ڪرپالداس: رميش، پنهنجن وڏن جي اَمانت مون کان صحيح سلامت واپس وٺي رهيو آهي. اُهو ورثو جنهن کان اوهين دست بردار ٿي رهيا آهيو. +سيتل: ڪاڪا، جڏهن ٻين سڀني چيزن تان دست بردار ٿي آياسون ته باقي ٻولي........ +ڪرپالداس: اَگر مال متاع ڇڏي آياسون ته قعل ۽ هنر سان وري به جهجهو ٺاهي سگهنداسون. پر جنهن چيز سان صدين کان آتما جو ڳنڍ آهي، تنهن کي ڇڏيندي به ڇڏي ڪونه سگهنداسون. تون خود مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهين. +سيتل: مان اَوهان سان ئي هنديءَ ۾ ڪونه ٿو ڳالهايان. هونءَ ته ڪنهن سان به سنڌيءَ ۾ ڪونه ڳالهائيندو آهيان. +ڪرپالداس: چڱو ڪيئه، جومون سان هنديءَ ۾ نه ڳالهايئه. سنڌي ٿي، اگر نقل ڪرين ها ته مان توسان ڳالهائڻ ئي پسند ڪونه ڪريان ها. +سيتل: پر هندي ته اَسان جي راشٽرڀاشا آهي. اَسان کي وجهه مليو آهي ته تنگ نظر کي ٽوڙي وشال ڀارت ۾ سمائجي وڃون. +ڪرپالداس: ته ڇا سنڌي اَسان جي ماتر ڀاشا نه آهي؟ راشٽر ڀاشا جي وڪاس لاءِ ڇا ماتر ڀاشا کي ٻليدان ڪرڻ ضروري آهي؟ ڪنهن اهڙي سمجهه ڏني آهي اَوهان کي؟ تون ته کاڌي پائيندڙ گانڌي ڀڳت آهين. گانڌي ته ضرورت کي ڇڏي، باقي خط به پنهنجي ماتر ڀاشا گجراتيءَ ۾ لکندو هو. هن ته اَسان کي سڀني ٻولين کي پيار ڪرڻ سيکاريو. هوُ ته هڪ ٻئي پٺيان نيون ڀاشائون سکندو هو. هن ته ڪنهن وقت سنڌي ڀاشا به سکڻ جو چاهه ڏيکاريو هو. +سيتل: پر به ڪاڪا، ڀاشائن جون ننڍيون ننڍيون ندين ساگر ۾ ملي، هڪ مهاساگر بڻجي پون ته هيڪاري سٺو نه؟ +ڪرپالداس: ساگر کي مهاساگر بڻائڻ لاءِ تون سڀني آباد ندين کي سڪائڻ ٿو چاهين ۽ جيڪي ميدان اُهي آباد ڪن ٿيون، تن کي تون ويران ڪرڻ ٿو گهرين؟ +ٽيڪم: ڪاڪا، اَسان جو هروڀرو اهو ويچار ٿورو ئي آهي. ٻارن کي سنڌي سيکارڻ جي ضرورت ئي...... +رميش: ڊئڊي، بابا ته مونکي ڏاڍيون مزيدار اسٽوريز (Stories) ٿو ٻڌائي. اوهان ته مونکي ڪڏهن به ڪونه ٻڌايون آهن. +شريمتي ڪ: (پاپڙن جي پليٽ کڻي ٿي اَچي) نانهن وٽ رهي پئه ته ڏينهن رات مزيدار آکاڻيون ٻڌائيندءِ. ڀائي، اسان کي جيڪو ساءُ سنڌيءَ مان ملندو آهي، سو ٻئي ڪٿان به نه. +ڪرپالداس: ڀاڳن ڀري، هي ڇا ڄاڻن ساءُ_ سواد مان! هت ته هر ڳالهه آهي لاڀ لاءِ يا ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ. +شريمتي ڪ: پر به سنڌي ڳالهائينداسون ته اَسان کي هتان ڪڍي ڇڏيندا ڇا؟ پوءِ کڻي اسان کي پنهنجي سنڌي موٽائي وٺي ڏين يا هتي سنڌڙي اڏي ڏين. +ڪرپالداس: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر ڀاڳوان، ته هلي ڪاٺ ۾ نه پئون. +شريمتي ڪ: ڪاٺ ۾ به مان ته سنڌي ڳالهائينديس، پوءِ ڀل مئا سمجهن يا نه سمجهن. +(سڀ کلن ٿا) +ٽيڪم: ڪاڪا، پر هڪ ٽنگي جي ملڪ واري ڪهاوت ٻڌي اٿوَ؟ +ڪرپالداس: بس ڪر! اسين ٻن ٽنگن تي هلنداسون، پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي ۽ انهن ٽنگن تي هوندو اسان جو اوچو ڳاٽ. جن کي ٽنگ ڪپائڻي هجي، سي ڀل وڃي ٻئي ڪپائي ڇڏين. +سيتل: مجبوري به ته ڪا ڳالهه ٿيندي آهي، سائين! +ڪرپالداس: ڪير آهي جو اوهان کي مجبور ٿو ڪري؟ ٻڌاءِ پٽ ٽيڪم، ڇا توتي زوريءَ حڪم ڪڍيو ويو آهي؟ +ٽيڪم: نه ڪاڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي. +ڪرپالداس: ته پوءِ چئو نه، ته اوهان جي ٻڌي ملين ٿي آهي. پنهنجو پاڻ لاءِ سوچڻ بجاءِ اوهين ٻين جي اُڌاري ورتل سوچ پٺيان هلي رهيا آهيو. +لڇمي: (اَندر ايندي) پاپڙ ته کائو، ٺري ويا آهن. (پاڻيءَ جا گلاس رکي ٿي) +ڪرپالداس: ها وٺو، سنڌي پاپڙ جو سواد وٺو. ڪين سنڌي پاپڙ به کائڻ ڇڏي ڏنا اَٿوَ! +(کلي ٿو) +سيتل: واه! اها به ڪا ڳالهه آهي. مان ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي سگهان ٿو پر ٻيلي پاپڙ پاڻ کان نه ڇڏيو ٿيندو. پاپڙ لاءِ پاڻ کي ويڪنيس آهي. +ڪرپالداس: ته پوءِ تون ڪڇ به نه ڇڏي سگهندين. هيءُ سڀ تنهنجو ٻاهريون نقاب آهي. +سيتل: ڪاڪا، ڳالهه سچي ٻڌايانوَ. مان سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ ڪري ڇڏڻ چاهيندو آهيان، جو خواه مخواه سنڌ جون يادگيريون اينديون آهن. جا ڳالهه ملڻي نه آهي، تنهن کي ياد ڪري اجايو دک ڇو پرائجي؟ +ڪرپالداس: نه ڀائي نه اها ڳالهه دل سان نٿي لڳي. ڀل اسان کي جنم ڀومي واپس نه به ملي. پر ان کي هيئن هٿراڌو نموني وسارڻ جي ڪوشش ڇو ڪريون؟ تنهنجي ماتا جنهن توکي جنم ڏنو، اَگر ڀڳوان توکان کسي وٺي ۽ توکي ڄاڻ آهي ته وري توکي واپس نه ملندي ته ڇا تون ان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندين؟ سندس يادگيري مٽائڻ لاءِ هن جون ڏنل سڀ چيزون ڦٽيون ڪندين؟ (نهايت دکي لهجي ۾) نه ڀائي نه! +لڇمي: اوهان کي ڪيڏو نه سنڌيءَ سان موه آهي! ڪٿان جو ڪٿي پهچي ٿا وڃو. مان ته جيئن سانڀر ۾ آئي آهيان، تيئن اوهانکي ائين ئي ڏٺو اٿم. (پلئه سان پلڪون اُگهي ٿي) +ڪرپالداس: توکي پنهنجي ماتا سان موه ڪونهي؟ نه ته جيڪر ماءُ جي موت جو ٻڌي نيڻ آلا ڇو ٿي وڃني ها! +ٽيڪم: پر سائين، جا چيز ويئي تنهن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳارڻ ۾ ڪهڙي سياڻپ! +ڪرپالداس: پٽ، هر ڳالهه ۾ سياڻو ٿيڻ جي ڪوششش نه ڪر. شاه صاحب جو قؤل آهي: ”ڏاهيون ڏک ڏسن.“ ڪٿي ڪٿي سياڻپ پهچ کان پري ٿي ويندي آهي. اهڙي نموني من کي مردود بڻائڻ کان بهتر آهي، ته سڄي عمر ڳوڙها ڳاري زندگي گذارجي. ان مان جو آنند ملندو سو تنهنجي سياڻپ مان ڪداچت ڪين ملندو. ”حيف تهين کي هوءِ وطن جن وساريو.......“ +ٽيڪم: بابا، ڀلا آگيا ڏيو، ته اسين بمبئيءَ روانا ٿيون. +ڪرپالداس: ٽڪ ۾ ٽي ڏينهن به نه ترسيو آهين ته وڃڻ جي پيو ڪرين. ڪجهه ڏينهن ترس ته سهين. بمبئي ڀڄي ڪانه ٿي وڃي. اسان جي ته هيءُ ڏوهٽو ڏسي سڪ ئي پوري ڪانه ٿي آهي. +رميش: ڊئڊي، مان بمبئيءَ ڪونه هلندس. سنڌي سکندس ۽ بابا کان آکاڻيون ٻڌندس. هي ٽيلس ونڊرفل سٽوريز. (He tells wonderful stories). +ٽيڪم: (عجب ۾) بمبئيءَ ڪونه هلندين! چريو ٿي پيو آهين ڇا؟ اُٿ هلون. مان توکي اَهڙيون اسٽوريز اُتي ٻڌائيندس. +رميش: ڊئڊي، اَوهان کي اَهڙين اِسٽوريز اينديون ڪٿي آهن ٻڌائڻ! ڪڏهن ٻڌايون به اَٿو ڇا؟ +ٽيڪم: چپ ڪر. گندو ڪٿان جو! اَڄ ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين. لڇمي جلدي ڪر، گاڏي اَچڻ ۾ ٿورو وقت آهي. +لڇمي: رميش بمبئي هلڻ کان نابري واري ويٺو آهي. مونکي اَڳيئي چئي ويٺو آهي ته سڄي وئڪيشن هت گذاريندس. +ٽيڪم: تون به ڪا چري آهين! ٻار آٽو ڪيو آهي ته اَسين سمجهايونس. ڏسان ڪيئن نٿو هلي. +رميش: مان..... (روئي ٿو) +ڪرپالداس: پٽ ٽيڪم، ڌيرج کان ڪم وٺ. ٻار جي دل وٺ. ڇڏينس ته هت رهي پوي. مان به هن کي سنڌي پاڙهي پنهنجو فرض پورو ڪندس. پنهنجي نئين نسل کي سنڌيءَ جو اَمرت ته پيئاريان. +ٽيڪم: ڪاڪا، توهين هيءُ چئو ڇا ٿا! اجايو سندس سڪول جي پڙهائي ويندي ۽ لاڀ به ڪجهه ڪونه ٿيندس. +سيتل: تون غلط آهين ٽڪيم. نڪو پڙهائي خراب ٿيندس؛ نڪو سندس وقت اَجايو ويندو. ڪاڪا کيس جيڪي ڏيندو، سو تون، مان ۽ سندس ڪتاب سالن ۾ به کيس نه ڏيندا. +ٽيڪم: سيتل، تون! ڪاڪي جو جادو توتي به اَثر ڪري ويو ڇا؟ +سيتل: اَهڙو جادوهر سنڌيءَ تي اَثر ڪندو. در اصل اَسين رڳو مٿيون نقاب ڪري پيا هلون. اسين پنهنجن ٻارن جي مادري ڀاشا ڇڏائي، جيڪو خزانو کسي رهيا آهيون، سوکين عمر ڀر ڪونه ملندو. +ٽيڪم: پر تون ئي ته مونکي دليل ڏيندو هئين، سنڌيءَ خلاف. +سيتل: دراصل مان دل ئي دل ۾ پاڻ کي غلط سمجهندو هوس، پر پاڻ کي صحيح هئڻ جو ڪوڙو آٿت ڏيندو رهندو هوس. اڄ ڪاڪي جي وشواس ۽ هن پتڪڙي جي سنڌيءَ لاءِ سڪ، منهنجي دل تان غبار هٽائي ڇڏيو آهي. مان چاهيان ٿوته منهنجن ٻارن کي به ڪير سنڌي سيکاري....... +ڪرپالداس: فڪر نه ڪر، مان ويٺو آهيان. جتي رميش، اُتي تنهنجا به ٻار. +ٽيڪم: (ٽهڪ ڏيئي) هن کي ٻار آهن ئي ڪٿي! +هيءُ ته ٻال_ برهمچاري آهي ۽ سڄي عمر شيوا ۾ ڏني اَٿائين. +شريمتي ڪ: ٻڙي حق تي ٿي جد (ضد) ڪيائين، نه ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها. +ٽيڪم: چڱو ڪاڪا، جيڪا اَوهان جي مرضي. لڇمي هل ته پاڻ هلون. رميش کي بابا وٽ ڇڏي ٿا هلون. +لڇمي: اَڪيلو ٻار هتي ڪيئن رهندو؟ ڪجهه ڏينهن مان به ڇو نه ترسي پوان. +سيتل: (کِلي) پٽ ۽ زال ٻئي باغي! ٿيم ويچاري سان ڪاڪا وڏو وئل...... +ڪرپالداس: پٽ گهٻراءِ نه، تنهنجي ڪنوار ۽ تنهنجو پٽ صحيح سلامت پهچائينداسون. ڀل ته ڪجهه ڏينهن رهي سڪ پوري ڪن. +ٽيڪم: ڀائي سيتل هل، اَڪيلائي هلون. مون نٿي سمجهيو ته هتي چرخو ئي بدلجي ويندو. لڇمي اَچڻ ۾ دير نه ڪج، اونو ٿي پوندو. +شريمتي ڪ: اونو ڇاجو! پراون وٽ آئي آهي ڇا؟ +سيتل: ڪاڪي، تون به سمجهين ڪانه ٿي ته ويچارو اَڪيلو ٿيندو (سڀ کلن ٿا) +ڪرپالداس: ها، پٽ ها، جئن رميش پڙهڻ شروع ڪيو، تيئن کين روانو ڪنداسون. باقي فرض تون پورو ڪج. +ٽيڪم: هائو ڪاڪا، فرض ضرور پورو ڪنداسين. چڱو، آسيس ڪجو (سيتل ۽ ٽيڪم وڃن ٿا). +رميش: بابا، هاڻي ويهو جلدي ڪريو. الف _ اَنب، ب _ بلا، ٻ _ ٻڪري. +_ پردو _ + + +ساهيڙي +(شريمتي) سندري اُتمچنداڻي +پاتر: +هرگن ماءُ: سس +هرگن +هرگن جوتي: هرگن جي زالن، ننهن +ساهيڙي +نظارو پهريون +(هڪ ڪمري جي وچ ۾ پردو ٽنگي ٻه ڪمرا ڪيا ويا آهن، ساڄي پاسي سس جو ڪمرو ۽ ڏائي پاسي ننهن جو. ٻاهر نڪرڻ ۽ رنڌڻي ڏي وڃڻ جا در ساڄي پاسي آهن. ٻئي ڪمرا معمولي نموني سينگاريل آهن. ميز ۽ ڪرسي ننهن واري ڪمري ۾ پيل آهي. پٽ يعني هرگن ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجهه لکي رهيو آهي). +سس: (گهڙيال ۾ نهاري، پردو سيري) نوَ ٿا ٿين، اَڃا آهي ننهن ٻائيءَ جو پتو؟ +هرگن: (ڪڪ ٿي) اَڙي ڀائي، چيم ته آفيس جو ماڻهو بيمار اَٿن. اُن جي نگاهه ڪرڻ ويئي آهي. +سس: ٺريو ملڪ، هوندي ساهيڙين سان ٽهه ٽهه ۾ پوري، ٻيو بيمار کي ڏاڍو ڪو پڇي ڄاڻي. سس پيئي هتي پورهيو ڪري، ننهن پنهنجي گشن ٺشن ۾ ئي پوري. +هرگن: اَما تون فضول گرم ٿيندي آهين. +سس: مان چوان ٿي، تون اهو جوءِ جو پاسو نه، نه کڻين ته جيڪر ڇا ٿئيئي. آهي ڇوريءَ ۾ ڪسو عقل؟ وهندي رهندي ۾ ته سٿڻ جا پانچا ئي تيل ڪري اُٿندي. سبڻ ته ماڻس سيکاريو ئي ڪين اَٿس؛ چي منهنجو ابوُبڪس، درجيءَ جو سبيل پائيندي آهي. +هرگن: اَڙي ڇڏ به اما، اڃا ٻار آهي. حرص به گهڻو اٿس، سڀ سکي پوندي. +سس: اصل جوءِ تي پوندو ئي ڪونه نه! ٻار ڌوڙ جي آهي. ويهن سالن ۾ به اڃا ٻار ٿي ته وڏي جڏهن پاپڙيون ڌڏنديس تڏهن ٿيندي؟ +(هرگن ڪڪ ٿي اچ وڃ پيو ڪري، ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، پر ماءُ جوش ۾ آهي) +سس: بابا، مڙس ئي ته ملڪ مٺو آهي نه. تون ئي ويٺو منهنجي لاهين ته هوءَ ڪين چوٽي پٽيندم؟ +هرگن: (هٿ جوڙي) ٻيلي ڀڳوان جي واسطي هاڻي جند ڇڏ. سڀڻي آفيس جو امتحان آهي، ذرا پڙهڻ ته ڏي. +سس: پٽ، جڏهن ٻورا ٿي ڀريا، تڏهن گڏهن ٿي هينگون ڏنيون. (ويندي ويندي موٽي اچي ٿي) پٽ، مون ٿي پڇيومنانءِ ته روٽي پايان؟ +هرگن: (ڪنڌ مٿي کڻي) هان!؟ +(جوتي پرس لوڏيندي اچي پيئي.) +سس: اوجها، اچئي پيئي منڊم! وڃي ٿي ٻنهي لاءِ روٽي پائي اچان (ويندي ويندي، ڀڻ ڀڻ ۾) ڏي نوڪري، من! +(جوتي سس کي ڏسندي ٿي رهي. جڏهن هوءَ دروازي مان الوپ ٿي ٿي وڃي، تڏهن سامت جو ساهه کڻي ٿي.) +جوتي: (پرس ڦٽو ڪري، گهوٽ کي پڙهڻ ۾ منجهائي) سچ ٻڌائجو منهنجو قسم اٿوَ، هيءَ هتي منهنجون دانهون ڏيڻ آئي هئي نه؟ +هرگن: (کلي) ڀلا فرض ڪر دانهون ڏيڻ آئي به هجي، ته ڇاهي. هن ڏٺا سنڌ وارا سکي جيوت جا خواب، جتي سس ويٺي چلم ڇڪيندي هئي، ننهن پيئي اڳيان ڦر ڦر ڪندي هئي، سو هتي پورهيو..... +جوتي: توهين ماءُ تي ڪڏهن پوندائي ڪونه. مان ٿي چوان، ائين ته مون به شادي ڪري پينگهن ۾ لڏڻ جا خواب ڏٺا هئا، اِن ڪري بس رڳو مان هي سس کي ڏوهه ڏيان؟ +هرگن: ڀائي تون ته پڙهيل ڳڙهيل، سمجهو، سياڻي ڇوڪري آهين ۽ اڃا جوان آهين؛ پنهنجا خيال زماني سارو بدلائي به سگهين پيئي...... +جوتي: بس بس، مونکي هن جا هي ڪن ڀرڻ نٿا وڻن. ڪمايان ويٺي ته به سڄو ڏينهن منهنجن مائٽن وٽان ئي ڪجهه ملڻ جي لوري لڳي پيئي اٿس. +هرگن: اڙي بابا، تنهنجن مائٽن لاءِ ڪجهه ڪونه ويٺي چيائين. هاڻي مٽ ڪپڙا، هلي کاڌو به کاءُ. +جوتي: مونکي هاڻي وڌيڪ ٽڻ مڻ سهڻي ڪانهي. هاڻي جدا ٿيڻو ئي پوندءِ. +هرگن: جدا ته ٿيڻو ئي آهي. ٻيو مونکي توهان جي هيءَ روز روز جي ٽڪ ٽڪ ڄڻ وڻي ٿي. +سس: (اندران) جوتي آن جوتي! +جوتي: اجها آيس، (چوندي، هائوس ڪوٽ ساڙهيءَ مٿان ئي پائيندي رنڌڻي ڏي وڃي ٿي.) +(هرگن ڪڪ ٿيندي پنا ڪتاب ٺاهي پاسيرا ڪري ٿو) +جوتي: (اندران اچي) هاڻي ڏسو ٿا، ڇا پيئي چوي؟ +(سس سندس پٺيان ٻاهر اچي ٿي) +سس: (غصي ۾) بابا مون هٿ جوڙيا! مونکي خبر ڪانه هئي ته پڙهيل ڇوڪريون ههڙيون ٽانڊيءَ ٽپڻيون ٿينديون آهن. +هرگن: وري ڇا ٿيو؟ +سس: ٿيو وري ڇاهي. ٻڙڪي کاڌيءَ کي چيومانس_ رنڌڻي ۾ ويهي کائو، گهر ننڍڙو آهي، مڇر ٿيندا. +جوتي: (هٿ کڻي) ننڍڙي گهر ۽ مڇرن واري ڳالهه توهان پهرين چئي؟ +هرگن: پهرين نه ته پوءِ ٿي چوي. هل، هلي ٿا رنڌڻي ۾ ئي کائون. ڳالهه به ايتري نه، ٻيو ڇا؟ +سس: (هٿ کڻي) ٽنگ جيڏي ڇوڪري، بروڪشي ته ڪيتري ٿي ڪري!! (رنڌڻي ۾ هلي وڃي ٿي) +(هرگن، ماءُ جي پٺيان هلندي، پٺ ورائي، جوتيءَ کي پٺيان اچڻ لاءِ اِشارو ٿو ڪري. جوتي نٿي مڃي. هرگن پهرين جانا پيو ڀريس، پوءِ ڌڪ ٿو اولاريس. جوتي پٺيانئس وڃي ٿي پر هٿ سان اِشارا ڪندي وڃي ٿي جنهن جو مطلب آهي ته ڏسج مان ڪيئن ٿي جدا ٿي وڃي وهان. سڀئي رنڌڻي ڏي وڃن ٿا. هڪ منٽ لاءِ اسٽيج خالي آهي. اوچتو جوتي ڊڪندي، اچي پنهنجي پلنگ تي سڏڪا ڀريندي ڪري ٿي. پٺيان هرگن به ڀڄندو اچي ٿو. ماٺ ڪرائڻ جي ڪري ٿو ۽ پردوجيڪو ڪمري جي وچ ۾ آهي، اهو چڱيءَ طرح ڏيئي ٿو ڇڏي. سس به ٻاهر، لڪي لڪي، ٻڌي ويٺي ۽ هٿن سان غصي جي اِظهار جا اِشارا پيئي ڪري.) +هرگن: هاڻي ڀلا بس ڪندينءَ، ڪين اهڙو جهنم ڪندينءَ جو مان سڀاڻي امتحان اصل ڏيئي ئي نه سگهان. +جوتي: (زور سان اُٿي) پر مان چوان ٿي، مونکي هن گهر ۾ هڪڙو پل به رهڻو ناهي. ذري ذري تي چوندي، ”ڪنن مائٽن جي ڌيءَ، بئنو ٿي چاڙهين!“ +هرگن: پر تنهنجي مائٽن کي گار ته ڪانه ڏنائين. +جوتي: (وڌيڪ روئي) اڃا گاريون ڏئي؛ اڃا گاروين ڏئي. بس مونکي پيڪي گهر ڇڏي اچو. مون اصل چيو توهان کي مچائي مچائي ويٺي آهي. +سس: (رڙ ڪري) ها، ها، ڇڏي اَچينس. هرگن، جي منهنجو پٽ هوندين ته ضرور ڇڏي ايندينس. آڪڙ ته ڪيڏي ٿي ڏيکاري. +هرگن: (ٻاهر اَچي، ماءُ جو وات بند ڪري) ڀڳوان جي واسطي، اَڄوڪو ڏينهن ته چپ رهو. هاڻي حد ڪري چڪيون آهيو. مان جي بگڙيس ته ٻنهي کي پڇتائڻو پوندو. +سس: (وات ۾ رئو ٺوسڻ لاءِ کڻي) بس بابا، مان ئي ٿي پاڻ گهٽيان). (رئو وات ۾ وجهي ٿي.) +(جوتي، جنهن هيترو وقت گهوٽ جي پٺيان پردي وٽ اَچي لڪي ڏٺو آهي، سا ڀڄي وڃي پنهنجي ڪمري ۾ اونڌي ٿي سمهي پوي ٿي. هرگن اَندر اَچي، ڪرسيءَ تي ويهي، چپ چاپ سگريٽ دکائي، پڙهڻ لڳي ٿو.) +جوتي: (ٿوري دير کان پوءِ اُٿي) ڀلا روٽي هلي کائو. +هرگن: (پاڻ ڇڏائي) هاڻي چپ چاپ سمهي پئه. مونکي ته ائين پيو لڳي ڄڻ دٻيل باهه جي مٿان ويٺو آهيان. تر جيترو به چوندس ته بس ڀنڀٽ ٻري پوندو. +جوتي: اَڄ ته مان ماٺ ٿي ڪريان پر (هٿ جوڙي) مان هاڻي هتي هن جهنم ۾ ڌيڪ نه رهنديس. ڀلي سنان جاءِ جيتري جڳهه ملي ته به هلي رهنديس. +(سس به بتي وسائي ٿي ڇڏي. جوتي سمهي پوي ٿي ۽ هرگن ٽيبل لئمپ ٻاري پڙهي ويٺو.) +نظارو ٻيون +(شام جو وقت، هڪ ڪمري ۾ جوتي ۽ هرگن جدا ٿي اَچي ويٺا آهن. هڪ ڪنڊ ۾ رنڌڻي جو سامان ميز تي رکيل آهي. جوتي کي ائپرن ٻڌل آهي ۽ رڌي ويٺي. گهڙيال ۾ ست لڳا آهن، هرگن اَخبار ويٺو پڙهي) +جوتي: توبهه! هڪڙي شيءِ آڻ ته ٻي کٽي ئي پيئي آهي. (هرگن چپ آهي) +جوتي: (مٿي تي ڌڪ هڻي) ڌار ٿياسين، سڄو ڪم سر تي کنيم ته به سک جيڪو چئجي سو نصيب ۾ ڪونهي. +هرگن: (منجهي، ڪڪ ٿي) اها پنهنجي سڀاءَ جي ٻرٻر جيسين نه ڇڏي اَٿيئي تيسين سک، يا عمر ڪين ملندءِ. +جوتي: سڀاءَ جي ٻر ٻر به ڇا تي ويندي. توهين ڪک ڀڃي ٻه به ڪونه ڪريو، مان آهيان جا آفيس جي ڊيوٽي ڏيئي ڦٿ ڦٿ ڪري اَچي رڌيان. +(هرگن تڪڙ ۾ اَخبار جو پنو رکي، وٺي ٿو اسٽؤ کي زور زور سان پمپ هڻي.) +جوتي: (کٽ تي ويهي، مٿي تي هٿ رکي) رات جو به جهڙو تهڙو آرام ڪري صبح جو اُٿ ته ٻه ڀيرا ته صاحب کي چانهه کپي. جنهن وقت روٽيءَ جو دٻو ٺاهي بند ڪري، سنڀرڻ لڳندي آهيان، تنهن وقت منهنجي ڪو اَچي حالت ڏسي. توهين ته سويلئي نڪري وڃو...... +هرگن: راڻي صاحبه! اِسٽؤ تي پاڻي ٽهڪي ٽهڪي ختم ٿيڻ وارو آهي، هاڻي ٻڌاءِ توکي ٻيو ڇا کپي؟ +جوتي: کپيم ڌوڙ! ماڻهو پيو هڪڙو ڳهندو رهي، ٻيو جي ڪڏهن کڻي دک درد اوري ته اهو به ڪين ٻڌندا. +هرگن: اَڙي ڀائي، مون ته رڳو پاڻي ٽهڪندو ڏسي کڻي چيو. چڱو هاڻي ڳالهه ڪر، سڀ ڪجهه ويٺو ٻڌان. (ڪرسيءَ تي ٽنگون مٿي ڪري ويهي ٿو رهي.) +جوتي: هاڻي وري ڌوڙ جي ڳالهه ڪبي، پاڻي ٽهڪڻ جو خيال جهٽ ٿو پويوَ، باقي هتي ماڻهوءَ جي دل ڀل ٽهڪي ٽهڪي ختم ٿي وڃي. (روئي ٿي.) +هرگن: ۽ هتي منهنجي اخبار پڙهڻ منجهائي ڇڏيئه، اِهو ڪي سمجهيئه. +جوتي: (روئندي) آخر مان ئي سڀني جو خيال رکڻ لاءِ ڄائي آهيان. منهنجو خيال رکڻ وارو به ڪو پيدا ٿيندو ڪونه نه؟ +هرگن: (ڪرسيءَ تان اُٿي، مسخريءَ ۾ هٿ جوڙي) توبهه. سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته راڻي صاحبه جو اَڃا ڪهڙو خيال ڪيو وڃي امان کان جدا ڪرن لاءِ چيئه، اهو به مڃيم. پگهار سڄو ڏيڍ سؤ رپين ئي آڻي تنهنجي تريءَ تي رکان. +جوتي: ۽ مان ڄڻ پنهنجو پگهار کائي ٿي وڃان. پنهنجا واشنگ ۽ سگريٽن جا خرچ ته ڏسو. مهيني پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي خرچ جي تغاري کڄيو وڃي. +هرگن: اڙي يورپ ۾ نه ڏسين، ماڻهو ڪپڙا به گهر ۾ ڌئن..... +جوتي: (کلي) سگريٽ به گهر ۾ ٻڌن. +هرگن: اَڙي سيٺياڻي! وڃي اخبارون پڙهه ته خبر پويئي. اتي باسڻ ٻهاري به زالون پاڻ ڪن. +جوتي: يورپ ۾ زالون مرد گهر جو ڪم به گڏجي گڏجي ڪندا آهن، اها ڳالهه شايد ڪٿي ڪانه پڙهي اٿوَ؟ +هرگن: (پهرين اکيون ڦاڙي پوءِ خنڪيءَ سان) ته اُتي وگيان جي ترقي ايتري ٿي ويئي آهي، جو اهو سڀ ڪم اب گهڙيءَ ۾ ٿيو وڃي. +جوتي: ته جيسين اسان جو ملڪ ايتري ترقي ڪري تيسين ٻاهرين اندرين سڀ مان ئي ڪريان، توهين فقط اخبارون ۽ ڪتاب ويٺا پڙهجو. +هرگن: مان ڀانيان ٿو پاڻي ٽهڪي ٽهڪي سڪي به ويو. +جوتي: ائي رام! چلهه جو ٽڪر به الاجي ڪٿي رکيم (بنا ٽڪر ئي ٻاٽلي اسٽؤ تان لاهي ٿي ته رڙ ڪري ٿي) الاڙي.... الاڙي! +هرگن: (تڪڙ ۾ اڳيان وڌي) ڳالهه ڪر، ڇا ٿيو؟ +جوتي: (هٿ ڏيکاري) هٿ تي جلي ويو، الا، مري ويس! +هرگن: (ڪريم لاءِ ڊڪندي) تون به ڪا چري آهين. هٿ سان ٿي ديگڙو لاهين..... +جوتي: هري رام......توهين به ڪهڙا آهيو. +هرگن: (ڪريم مان آڱر ڀري) هيڏانهن ڪر هٿ. بس، ڄاڻ ته هٿ ئي ٺري پيئه. +جوتي: توبهه چانهه پڙي نه پساريءَ وٽ وسريم ها، نه هيڏو مانڌاڻ ئي مچي ها. +هرگن: اَڙي ته چئه نه، ته چانهه جي پڙي کپيئي. اجهو هڪ منٽ ۾ ٿو وٺي اَچان (وڃي ٿو) +جوتي: ڪهڙا مرد آهن، جڏهن هٿ سڙيو تڏهن ويو آهي چانهه وٺڻ. هونءَ چئينس ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهائينم ته چوندو اَڳوپوءِ ساڙهي ڏينم ته پائي ويهي رهان. (ڦوُ ڦوُ ڪري پيئي) ان کان ته گڏ ۾ چڱا هئاسين. کيس ڪو چوڻ چائڻ وارو ته هو. هينئر ته صبح جو اٺين بجي اٿندو ننڊ مان. ٻه ٽي ڀيرا چانهه گهرندو، سگريٽ لاهيندو، سگريٽ چاڙهيندو. ڪجهه چوانس ته ڏيندو ڇڙٻ. (جانا پيئي ڀري) توبهه، توبهه، هاڻي الاجي چانهه پڙي ڪيڏي مهل ايندي! +نظارو ٽيون +(ڇهن مهينن کان پوءِ) +(وڏو ڪمرو_ سس سمهي پيئي آهي. ننهن کيس چنبڙي ويٺي آهي.) +هرگن: (کت وٽ بيٺي) اَڙي، اُٿ ڀلا هاڻي. +جوتي: اَمي، چوينس نه، مان گهر ڪانه وينديس. هنن بيماريءَ جي اَٺن ڏينهن ۾ توهان جيڪا منهنجي پرگهور لڌي آهي، انهيءَ ته منهنجون اَکيون ئي کولي ڇڏيون آهن.... اوهه، ڪيڏو نه آرام آهي هتي. +سس: (حجت سان ننهن کي چموٽو پائي، پيار مان) اَئي، اِهو ڏينهن ته ياد ڪر، ڇوڪر! جنهن ڏينهن ماءُ کان پٽ ڇني ٿي ويئينءَ. جنسي ڇاتي ٿي ڇني. +جوتي: اَمي، رنو ته اُن مهل مون به گهٽ ڪين هو، ۽ توهان جي پٽ کي ائين به چيم ته، ”ٺهيو هاڻي، نه کڻي جدا ٿجي“، پر هو هڪ تي هو. +سس: بابا، هو به هڪ تي ڪيئن نه بيهندو. ويچارو آفيس مان اچي ته مان هڪ پاسي تنهنجا ڏک رئانس، تون ٻئي پاسي منهنجا ڏک رئڻ شروع ڪرينس. ماريوآهي به تو پٺيان چريو، هميشه تنهنجو پاسو کڻندو هو. +جوتي: (سس کي ڀاڪر پائي) اَلا، مون سان وري هميشـﮧ توهان جو پاسو کڻندو هو. +سس: سچ، سچ ٿي چئين، ڪنوار! (اُٿي پٽ کي ڳراهٽڙي پائي ٿي.) +جوتي: (هٿ تي تاڙي هڻي، کلندي) ۽ تڏهن وري مان پاڻ وڌيڪ خار کائيندي هئس. (اوچتو سس کي رئي سان ڳوڙها اُگهندي ڏسي) اَلا، اَمي! توهين رئو ويٺا! +هرگن: اَڙي هاڻي اُٿي، هل به...... +سس: روئنديس ڪيئن نه پٽ! ههڙي لاکيڻي پٽ کي ڪيئن نه وٺ ڪندي هئس. ذري ذري چوندي هئيسانس اَصل جوءِ جو مڄُو آهين. اصل انهيءَ جي چيچ ۾ ٻڌو پيو آهين. +هرگن: (ٻنهي سس ننهن کي گلي لڳندو ڏسي) اڙي اڙي، هيءُ ڪهڙو سانگ رچائي ويٺيون آهيو؟ اڄ اتر ۽ ڏکڻ ڪيئن ملي ويا آهن؟ +جوتي: مان ته هن جهنم ۾ وري ڪڏهن ڪين هلنديسانوَ. +هرگن: مان وري هن جهنم ۾ ڪين رهندس.، اڪيلو ئي وڃي ٿو رهان. پاڻيهي ڀڄندي ايندينءَ. (در تائين وڃي ٿو ته جوتي پڪڙي وٺي اچيس ٿي.) +جوتي: امي، ڏسو ٿا، ڇا ٿو ڪري. چوانس ته ويٺي ته هاڻي امي ڀلي منهنجي پيڪن کي ڇا به ويٺي چوندي ته به مان اکر ڪانه ڪڇنديس. +هرگن: ها، اکر نه ڪڇجانءِ، پوءِ باسڻن برتڻن جي ٺڪا ٺوڪي لڳائي ڏج. اکين ۾ شوخي ڦهلائي، سڀني مٿان چڻگون وسائيندي وڃج. +سس: پٽ، مان مائٽن لاءِ حرف پٽيانس ئي ڇو. ننهن من ميلي هلندي، جيءُ سان جيءُ چوندي ته سس ڪا چري ٿوريئي ٿي آهي جو.... +هرگن: چيم نه ته اِنهيءَ تري تيل لڳڻو ئي ناهي. +جوتي: توبهه! چيم ته اصل مان ڪجهه به دل ۾ نه ڪنديس. امي، هتي اٺن ڏينهن ۾ ڀلا اها روش ڏٺي اٿوَ. منهنجي؟ سمجهي ته ويئي آهيان ته شادي ڪيل ڇوڪريءَ کي ماءُ پيءُ ڪهڙي تري ڏيندا. پوءِ اُنهن جو پاسو کڻي مان ڇو پنهنجو گهر نرڳ ڪريان. +هرگن: واهه! ڏاڍي سياڻي ٿي ويئي آهين، پر، مان توهان کي چڱو سڃاڻان. وري هڪ سؤ هڪ ٻيون ڳالهيون ٺاهينديون. اما به اٺ ڏينهن مهمان سمجهي کڻي ايتري خاطرداري ڪئي اٿيئي..... +سس: ماريا! وري مون تي ٿو ڀريو ڇلين؟ کٽ پٽ جو سبب هاڻي مونکي ٿورو ٿورو سمجهه ۾ اچي ويو آهي. اڄ زمانو اهڙو آهي جو جيڪو ٿو آني مان ڦٽي سو ٿو پاڻ کي سوا سير سمجهي. هنن ڇهن مهينن ۾ چڱا ويهي اوڙي پاڙي جا رنگ ڏٺا اٿم.......... +هرگن: نه اما، نه....... +سس: اَبا، چوڻ ته ڏينم. گهٽينم ڇو ٿو..... هاڻي مون به سمجهي ڇڏيو ته سس ننهن به آهن ساهيڙيءَ سڱ. مانُ ڏي، مانُ وٺ. +جوتي: اميءَ اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جهڙي منڊيءَ تي ٽڪ. +هرگن: اَما، اِئين ته گهوٽ ڪنوار به اڄ ساهيڙيءَ سڱ ٿي پيا آهن. (پيار مان زال جي چوٽي ڇڪي) پڇينس، مونکي ڇا ڇوندي آهي؟ +جوتي: امي، توهين اِنصاف ڪجو. آفيس مان ٿڪجي ٽٽجي اچي گهرجي ڪم ڪار کي لڳان ته کيس مون کي ٿوري مدد به نه ڪرائڻ کپي. +سس: ڇو نه، پٽ....... +جوتي: ڏسو نه، امي هاڻي ڪيئن نه منهنجو پاسو ٿي کڻي! +هرگن: ها، ها، ڇو نه پاسو کڻندءِ. ساهيڙي جا ٿيئه. +جوتي: ته بس، هاڻي مان هتي ئي رهنديس. +هرگن: هاڻي اجائي اينگهه ڇڏيو. جي هڪ ٻئي مان دل اڃا نه ڍاپي اٿو ته اما، تون ئي هلي ٿورا ڏينهن اسان وٽ رهه. جڏهن وري وڙهو، تڏهن اچي پنهنجي گهر رهج. +سس: وڙهون ڇو؟....... +جوتي: ائين ئي سهين. ها امي، ها (يڪدم چادر آڻي ٿي ڏئيس) هان وٺو. وجهو جتي ۾ پير. (هرگن چمپل سيري ٿو ڏئيس) +هرگن: کڻ هاڻي ڪلف ڪنجي. +سس: (کلي پيئي) ماريا! ڪن ڇا ٿا؟ (ميز تان ڪلف ڪنجي کڻي ٿي. سڀيئي وڃن پيا.) + + +ڏينهن جا سپنا +هريڪانت ڄيٺواڻي +پاتر: +گوپال: ايم.اي. جو ود يارٿي _ عمر 23 سال. +هرپال: بي.اي. جو ود يارٿي _ عمر 21 سال. +جوڳي: گوپال ۽ هرپال جو چاچو _ عمر 45 سال. +گرمکه: گوپال ۽ هرپال جو دوست _ عمر 22 سال. +وقت: صبح جا ست بجا. +جڳهه: ڪاليج هاسٽل جو هڪ ڪمرو. +ڏينهن جا سپنا +(پڙدي کلڻ تي گوپال رڌ پچاءُ جي ميز وٽ گنگنائيندو. چانهه ٺاهيندو نظر اَچي ٿو ۽ هرپال صوفا_ ڪم_ بيڊ تي سمهيو پيو آهي.) +هرپال: (پاسو ورائي، ڪر ڀڃي، اُٿي اوٻاسي ڏيندي) ڀائو، چانهه ڪانه ٺهي ڇا اڃا؟ +گوپال: ننڊ ۾ پيو ڳالهائين يا جاڳيو آهين؟ +هرپال: نه ننڊ ۾ آهيان نه جاڳيو آهيان..... +گوپال: تڏهن؟ +هرپال: اڌ ننڊ ۾، اَڌ سجاڳ، چانهه ملي ته پورو سجاڳ ٿي پئبو..... +گوپال: چانهه ۾ ته اڃا دير لڳندي. تيستائين اُٿي منهن ٻنهن ڌوءُ. +هرپال: صبح ساڻ منهن! تون به ڪمال ڪندو آهين! آرتوار جو ڏينهن ملي ٿو آرام لاءِ يا اِهي اَجايا سجايا ڪم ڪرڻ لاءِ! +گوپال: ڪير چوندو ته تون بي.اي. پڙهندو آهين! +هرپال: ڇو سائين؟ +گوپال: اها به خبر ڪانه اٿيئي ته بنا گرڙي ڪئي، چانهه پيئڻ سان، سڄي رات وات ۾ ڪٺا ٿيل جيوڙا، پيٽ ۾ داخل ٿيندا ۽ اُتي وڃي بيماري ڦهلائيندا! +هرپال: ڪير چوندو ته تون ايم.اي. پڙهندو آهين! +گوپال: ڇو؟ +هرپال: اها به خبر ڪانه اٿيئي ته گرما گرم چانهه پيئڻ سان جيوڙا اُتي جو اُتي مري ناس ٿي ويندا ۽ اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا! +گوپال: توسان بحث ڪرڻ آهي فضول! سمهي آرام ڪر. چانهه ٺهي ته اُٿاريندوسانءِ........ +هرپال: هاڻي وري خاڪ سمهي سگهبو! جاڳيو آهيان ته وقت سجايو ڪري وٺان..... +(اُٿي ڪتابن جي رئڪ ڏانهن وڌي ٿو) +گوپال: پڙهين ٿو ويهي؟ +هرپال: بس! اهوئي نمونو آهي وقت سجائي ڪرڻ جو! پڙهڻ؟ +گوپال: تڏهن ڇا ڪندين ويهي؟ +هرپال: ريهئرسل. +گوپال: ريهئرسل! +هرپال: ها ها ريهئرسل يعني ڊرامي لاءِ اَڀياس. +گوپال: وري به ڪو ڊرامو رٿيو اٿيئي ڇا؟ +هرپال: توکي خبر ئي ڪانهي! ڪاليج جي سنڌي ائسوسيئيشن طرفان دسهڙي جي موقعي تي هڪ ڊرامو پيش ٿي رهيو آهي! +گوپال: ڪهڙو؟ +هرپال: ڪلجڳي رامائڻ مان نظارو_عرف ڪرم ڪانڊ! +گوپال: سو توکي به ڪو پارٽ ڏنو اٿائون ڇا؟ +هرپال: ڏيندا وري ڪيئن نه؟ ڊرامو ڪرڻواَٿن، نه ڪرڻو اَٿن! +گوپال: ڪهڙو پارٽ مليو اَٿيئي؟ +هرپال: هنومان جو. +گوپال: هنومان جو! +هرپال: ها ها بجرنگ بلي هنومان جو...... +(پنا اُٿلائيندي) چڱو هاڻي...... مان ريهئرسل شروع ڪريان ٿو.... (کنگهڪار ڪري گلو صاف ڪندي)..... وچ ۾ منجهائين متان..... +گوپال: منهنجي ڇا مجال! هنومان کي منجهائڻ ڪا سولي ڳالهه آهي! +هرپال: چڱو ٻڌ: +هنومان يعني ڪ مان، سمنڊ مٿان اُڏامندو اُڏامندو، جڏهن لنڪاپوري پهچان ٿو: راوڻ پنهنجي بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ صوفا سيٽ تي آهلي، سگريٽ مان ڪش ڪڍي رهيو آهي! تنهن تي هنومان يعني ڪ مان هڪل ڪري چوان ٿو: اَڙي او راوڻ جا ٻچا! تون پاڻ کي لاٽ صاحب ٿو سمجهين ڇا؟ هان! سيتا ڏين ٿو نٿو ڏين؟ +گوپال: اَڳتي؟ +هرپال: راوڻ ڇڙڪي مٿي نهاري ٿو. ڏسي ٿو ته مار! مٿان هنومان يعني ڪ مان بيٺو آهيان؟ +گوپال: پوءِ؟ +هرپال: راوڻ جون وايون بتال ٿين ٿيون. زبان مان اَکر به نٿو اُڪليس. تنهن تي هنومان يعني ڪ مان گجگوڙ ڪري چوان ٿو: اَڙي اهو وائڙن وانگر ڇا پيو ڏسين! چيومانءِ: مان سيتا ماتا کي واپس وٺڻ آيو آهيان. ڏس! (واچ ۾ ٽائيم ڏسي ٿو) توکي پنج منٽ ڏيان ٿو. پنجن منٽن جي اَندر جيڪڏهن سيتا واپس نه ڪيئه ته ماري ماري دنبو بڻائي ڇڏيندوسانءِ..... ها!..... +گوپال: هنومان جي مهراج! اَوهان راوڻ کي ماري ماري دنبو بڻايو، تنهن کان اَڳ مونکي ڊپ آهي ڪٿي بابو اَوهان کي ماري ماري دنبو بڻائي ڇڏي...... +هرپال: اَسين ڌمڪين ڀر ڊڄڻ وارا ناهيون! اهو بابو ڪهڙي باغ جي موري..... (اچتو غلطيءَ جو اَحساس ڪندي. ڏند ڪرٽيندي) اوف! ڪيڏو سمجهايومانءِ ته وچ ۾ منجهائجانءِ نه..... هڻي موڊ ئي ٽوڙي ڇڏيئه..... (غصي ۾ هٿ وارا ڪاغذ ڦٽي ڪري ٿو.) +گوپال: بابي هتي هاسٽل ۾ موڪليو اَٿيئي پڙهڻ لاءِ يا اهي رام_ ليلائون ڪرڻ لاءِ! هليو آهي هنومان بڻجڻ!..... (چوندي چوندي رڌ پچاءُ جي ميز ڏانهن وڌي ٿو.) +پٺيان ڪتي جي ڀؤنڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ڀؤنڪ سان گڏ چاکڙين پيل پيرن جي ڊوڙڻ جو آواز وڌي وڌي دروازي تائين پهچي ٿو ۽ هڪڙو جوڳي دروازي وٽ پهچي ٿاٻڙجي ڪري پوي ٿو. گوپال ۽ هرپال وائڙا ٿي ڪڏهن جوڳيءَ ڏانهن ته ڪڏهن هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿا.) +جوڳي: (پاڻ سنڀاليندي) هري رام..... +گوپال: جوڳي بابا! هيءُ ڪاليج هاسٽل آهي، بندرابن ناهي. رستو ته ڪونه ڀلجي پيو آهين؟ +جوڳي: رستو! مان ڪونه ڀليوآهيان ٻچا! رستو اوهين ڀلجي ويا آهيو. +هرپال: دماغ ته ٺيڪ اَٿيئي نه! چيوسونءَ ته هيءُ گهر ناهي، هاسٽل آهي هاسٽل...... +جوڳي: هاسٽل! سڄو ئي سنسار هاسٽل آهي ٻچا! سڀني کي ٻه چار ڏينهن رهي واپس وڃڻو آهي........ +گوپال: يار! هي ڪو پاڳل ٿو ڏسجي! +جوڳي: پاڳل! پاڳل مان آهيان يا اَوهين؟ پنهنجي رت کي نٿا سڃاڻو! +هرپال: (جوڳيءَ ڏانهن گهوري ڏسڻ بعد) اَڙي..... چاچو!...... +گوپال: چاچو...... ريجهومل! (ٻئي با اَدب سندس چرن ڇهن ٿا.) +گوپال: اسان کي معاف ڪجو ڪاڪا! اَسان اوهان کي سڃاتو ئي ڪونه..... +هرپال: اهو ڪتو اوهان جي پٺيان پيو هو ڇا ڪاڪا؟ +جوڳي: نامراد ڏاڍو دکي ڪيو، اسان به ڪاوڙ ۾ اچي سراپ ڏيئي ڇڏيوسونس...... +گوپال: سراپ ڏنوسونوَس! ڪهڙو؟ +جوڳي: ته ٻئي جنم ۾ به ڪتو ٿي رهندين! +هرپال: واهه ڪاڪا! اهو به ڪو سراپ چئبو! +تنهن کان ته چئوس ها: نامراد! وڃ، ٻئي جنم ۾ ماڻهوءَ جي جوڻ پرائيندين! سراپ جو سراپ، وردان جو وردان! +گوپال: ڪيڏا بدلجي ويا آهيو ڪاڪا! اوهان کي اصل سڃاڻي ئي ڪونه سگهياسين! +هرپال: اسان کي ڪهڙي خبر ته توهين هيئن ويس بدلائي ايندا! +جوڳي: ويس بدلايم ته ڇا! ناتا ته ڪونه بدلجي ويا؟ آهيان ته اوهان جو چاچو ئي نه؟ +هرپال: ان ۾ ڪو شڪ! +گوپال: پر ڪاڪا! اوهين اوچتوئي اوچتو! ڪيڏانهن ويا هئا؟ +جوڳي: تيرت_ ياترا تي. +گوپال: سو به بنا ٻڌائڻ جي اوچتو ئي اوچتو! +هرپال: ۽ ايڏو عرصو! +جوڳي: بس ٻچا! اسان کي ويراڳ وٺي ويو هو. +گوپال: ليڪن ان جو به ته ڪارڻ هوندو؟ +جوڳي: ڪارڻ ته آهي ئي. شايد اوهان کي ياد نه هجي. اوهين تڏهن ننڍا هئا. پاڪستان مان اَچڻ بعد مون ڏيڍ لک رپين جو ڪليم ڀريو هو........ +هرپال: ڏيڍ لک جو! +گوپال: ها.... بابو ڪونه ڳالهه ڪندو آهي! +جوڳي: ڪليم ڀرڻ کان پوءِ اَلائي ڪيڏا اَٺسٺا ڪيا هيم..... سوچيو هوم: پئسا ملن ته ڪو وڏو واپار شروع ڪندس...... هڪڙو بنگلو جوڙائيندس..... هڪڙي موٽر..... ۽...... ۽ ٿي سگهيو ته...... +گوپال: ها ڪاڪا! رڪجي ڇو ويا؟ +جوڳي: بس ٻچا! هاڻي ڇا ٻڌايانوَ! +هرپال: نه ڪاڪا، اوهان کي ٻڌائڻو ئي پوندو. ڏسو اسان کان به لڪايو ٿا! +جوڳي: سوچيو هوم: ٿي سگهيو ته..... هڪڙي شادي به ڪري وٺندس..... +گوپال: پوءِ ڪيوَ ڇو نه؟ +جوڳي: ڪريان وري ڌوڙ! سرڪار سڄو ڪيلم ئي رد ڪري ڇڏيو..... منهنجي ته دل ئي ٽٽي پيئي.... اُميدن جا محل چُور چُور ٿي ويا.... من کي ويراڳ وٺي ويو...... +هرپال: پوءِ؟ +جوڳي: اَندر مان آواز آيو ته هي سنسار مايا_ ڄار آهي. ان مان ڇوٽڪارو پائڻ گهرجي. +گوپال: پو؟ +جوڳي: پوءِ ته هڪ رات نڪري پيس گهر مان. ڏهن سالن کان جوڳي بڻجي گهمندو رهيو آهيان، ڪاشي، پرياگ، مٿرا، ورنداون، هردوار، رشيڪيش رلندو رهيو آهيان. صرف شانتيءَ جي ڳولا ۾......... +هرپال: ۽ اَسان وري اوهان جي ڳولا...... +گوپال: توهان کي خبر آهي ته اسان اوهان کي ڪيڏو ڳوليو؟ ڍنڍورا گهماياسين، اَخبارن ۽ اِشتهار وجهاياسين، ڦارون ڪڍايونسين...... ليڪن اوهان جوپتو ئي ڪونه پيو....... +جوڳي: پرڀوءَ جي مايا! جيڪا کيس وڻي! هري اوم..... +هرپال: اوهان ويهو نه، بيٺا ڇو آهيو؟ +(جوڳي ويهي ٿو) +گوپال: ڀلا هاڻي ڇا سوچيو اَٿو؟ +جوڳي: سوچيو اَٿم ته هاڻي ڪجهه عرصو هتي رهي آرام ڪيان..... +گوپال: ڪجهه عرصو! +هرپال: سو به هتي! +جوڳي: ڇو، هي ڌاريو گهر اَٿم ڇا؟ +گوپال: اوهين رهو ته اسان جي اکين تي ليڪن......... +جوڳي: ليڪن ڇا؟ +هرپال: هتي اوهانکي رهڻ ئي ڪونه ڏيندا. +جوڳي: ڪير؟ +هرپال: هاسٽل وارا. +جوڳي: ڇو؟ +گوپال: هتي فالٽو ماڻهن کي رهڻ ئي ڪونه ڏين. +جوڳي: فالٽو ماڻهو! سو مان آهيان فالٽو! هان! +هرپال: اسانجو مطلب اهو ڪونه آهي ڪا ڪا! در اصل هتي مهمانن کي به رهڻ گهٽ ڏيندا آهن. هيءَ ڪاليج جي هاسٽل آهي نه، هتي رڳو شاگرد ئي رهي سگهن ٿا.... +جوڳي: شاگرد ئي رهي سگهن ٿا! ۽ مٽ مائٽ اچن ته؟ ڌرمشالا ۾ وڃي ٽڪن! ائين؟ +گوپال: ان ۾ عجب ڪهڙو آهي؟ +هرپال: هتي سنڌين جي هڪ شاندار ڌرمشالا آهي ڪا ڪا! چون ٿا ڏاڍي سٺي آهي. کليل ۽ هوادار ڪمرا، بجلي، پاڻي، سڀ سهوليتون ميسر.... +گوپال: چون ٿا ڀرسان هڪڙو مندر به اَٿس، جتي روز صبح شام ڪيرتن به ٿيندو آهي.... +جوڳي: پر به پنهنجو گهر هوندي مان ڌرمشالا ۾ ڇو وڃي ڀٽڪان؟ +گوپال: مگر هاسٽل وارا اوهانکي رهڻ ئي ڪونه ڏيندا نه هتي! +جوڳي: ڇو، انهن جي بابي جو راڄ آهي؟ اوهين مسواڙ ڪونه ڏيندا آهيو؟ +گوپال: ڏيندا آهيون، ليڪن... +هرپال: هتي کاڌي پيتي جي به ڏاڍي دقت آهي. هڪ ته هڪ هڪ ڄڻي جا وٺن سٺ سٺ رپيا. مٿان وري کاڌو به ڪچو ڦڪو! لوڻ وجهندا ته مرچ وسري ويندن، مرچ وجهندا ته ڌاڻا وسري ويندن، ڌاڻا وجهندا ته هئڊ وسري ويندن، هئڊ وجهندا ته گيهه وسري ويندن..... ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاڪا! ڇا ٻڌايانو! هڙ ئي وسري ويندا اَٿن. جنسي پاڻيءَ سان ڦلڪا کائڻا پوندا آهن...... +گوپال: ڦلڪا! تون انهن کي ڦلڪا چندو آهين؟ اصل پلسٽڪ جا ٽڪرا هوندا آهن، ڪاڪا! چٻاڙي چٻاڙي چاڙيون سور ڪنديون آهن...... +هرپال: پيٽ جي تڪليف ته رهندي ئي رهندي آهي..... +گوپال: اسين توهان جي رهڻ ۾ اَرها ناهيون ڪاڪا! ليڪن هتي جيڪي تڪليفون آهن، انهن جي صرف اسان کي ئي ڄاڻ آهي..... +هرپال: ڄاڻي واڻي اوهان کي تڪليف ۾ ڪيئن وجهن ڪاڪا! +جوڳي: هري رام!...... جيڪڏهن اها ڳالهه آهي، ته مان ڌرمشالا ۾ ئي وڃي رهندس. ليڪن...... اُن کان سواءِ منهنجو ڪم ڪيئن.......؟ +گوپال: ڇو اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ +جوڳي: ڪليم آفيس مان چيڪ وٺڻو آهي..... بئنڪ مان رپيا ڪڍائڻا آهن..... ڌنڌي بابت سوچڻو آهي..... +هرپال: ڪليم! +گوپال: چيڪ! +هرپال: رپيا! +گوپال: اوهين چئو ڇا پيا! +جوڳي: ڪليم هاڻي پاس ٿي ويو آهي نه تڏهن ته موٽي آيو آهيان........ +هرپال: ڇا چيو، اوهان جو ڪليم پاس ٿي ويو آهي!؟ +گوپال: پوءِ ته ڪاڪي کي هتي ئي رهڻو پوندو..... +جوڳي: هاسٽل وارا رهڻ جو نه ڏيندا؟ +گوپال: چونداسون اسان جو عزيز آيو آهي، ٻيو ڇا! ائين هاڻي خاص خاص عزيزن کي ته رهڻ ڏيندا آهن..... +جوڳي: چئو ٿا کاڌي پيتي جي تڪليف آهي...... +هرپال: کاڌي جي تڪليف آهي ته ڇا!؟ اوهين ميس (Mess) ۾ کائو ئي ڇو؟ هي اِسٽؤ ڇاجي لاءِ آهي؟ هي ٻانهون ڇاجي لاءِ آهن؟ اوهان کي هتي ئي پيا رڌي کارائينداسين...... +گوپال: چون ٿا شروڻ ڪمار پنهنجي سورداس ماتا پتا کي ڪنواٺيءَ ۾ وهاري پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي سڄو ڀارت گهمايو هو...... +هرپال: اسان جيڪڏهن اوهان کي گهر ۾ ئي وهاري ٿوري گهڻي شيوا ڪئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پوندي؟ +گوپال: هن وقت به اسان اوهان جي ڪم نه آياسين ته ڪڏهن اينداسين! +جوڳي: هري اوم! +هرپال: پر ڪاڪا! اواهن کي خبر ڪيئن پيئي ته اوهان جو ڪيلم پاس ٿي ويو آهي؟ +جوڳي: ڇو؟ خبر ڇو نه پوندي؟ اسين ڪو رواجي ماڻهو آهيون ڇا؟ ڏهه سال جوڳ پچايو اٿئون! +گوپال: اوهان ته ايشور کي ساکيات ڏٺو هوندو ڪاڪا...... +جوڳي: هي سڀ اُنهيءَ جي ئي ته ڪرپا آهي...... +هرپال: تڏهن به ڪاڪا...... +جوڳي: هروڀرو ٻڌڻو اٿيئي ته ٻڌ: هڪڙي دفعي گنگا مئيا جي ڪنٺي تي پپر جي وڻ هيٺان سماڌيءَ ۾ ويٺو هوس ته پرڀو اچي پرگهٽيو. +گوپال: يعني ڪ پرڀو پاڻ! +جوڳي: ٻيو تڏهن! مونکي سجاڳ ڪري چيائين: ريجهو، مان تنهنجي تپسيا تي ڏاڍو پرسن ٿيو آهيان. گهر جيڪي گهرڻو هجيئي! +گوپال: پوءِ اوهان ڇا گهريس ڪاڪا؟ +جوڳي: منهنجي ته اکين ۾ آنسون تري آيا. چيومانس: پرڀو! جنهن کي تنهنجو درشن نص��ب ٿئي تنهن کي ٻي ڪنهن شيءِ جي ڪهڙي لوڙ؟ +هرپال: اوهان ڪجهه ڪونه گهريس؟! +گوپال: اهڙو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو؟ +جوڳي: ليڪن پرڀو مڃي ئي ڪٿي! چئي ريجهو! تنهنجي هن نرموهي سڀاءَ ته مونکي هٿائين موهي ڇڏيو آهي! مون به پرن ڪيو آهي ته توکي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ کان سواءِ هتان چرڻو ناهي! +هرپال: پوءِ؟ +جوڳي: چيائين، ”وڃ! هاڻي سنسار ۾ موٽي وڃ! مون تنهنجو ڪيلم پاس ڪرائي ڇڏيو آهي“ چيومانس: پرڀو! ڇوٿو مونکي مايا ڄار ۾ ڦاسائين! ليڪن پرڀو مڃي ئي نه! مان نه وٺڻ تي ۽ هو ڏيڻ تي! ڇا ڪجي؟ پرڀوءَ سان ضد ته ڪري نٿو سگهجي! لاچار مونکي هيڏانهن اچڻو پيو..... هري اوم! +گوپال: اصل ائين ٿيو ڪاڪا! +جوڳي: ڳالهه ٿا ڪيو!.... ڀلا هتي هؤدي ٻـﺆدي ته هوندي نه؟ مان جيڪر اِشنان ڪري وٺان...... +هرپال: ها ڪاڪا! جتي ورانڊو ختم ٿئي ٿو ته، اُتي کاٻي پاسي هؤديون ئي هؤديون اَٿو. +جوڳي: چڱو ڀلا..... مان وهنجي ٿو وٺان...... +(دروازي ڏانهن وڌي موٽي اچي ٿو) +گوپال: چئو ڪاڪا! ڪجهه کپيؤ ڇا؟ +جوڳي: (ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي) سوچيان ٿو..... اڳوپوءِ هن کي به جيڪر..... صفا ڪري ڇڏيان. +گوپال: چڱي ڳالهه ڪيؤ. اِنهيءَ کي برابر هاڻي رخصت ڏيڻي پوندو، نه ته ڪيلم آفيس وارا اوهان کي سڃاڻندا ئي ڪونه.... هرپال! اِتان ڏاڙهيءَ جو سامان ته کڻي وٺ. +هرپال: (ڏاڙهيءَ لاهڻ جو سامان جوڳيءَ ڏانهن وڌائيندي) هان ڪاڪا! هي صابڻ، هي برش ۽ هي پاڪي..... ڏاڙهي لاهي وٺو..... وار کڻي پوءِ لاهرائجو..... (جوڳي سامان وٺي، دروازي تائين وڃي وري موٽي اَچي ٿو.) +هرپال: حڪم ڪيو! +جوڳي: (پنهنجي گيڙو ڪڙتي ڏانهن اِشارو ڪندي) هي به چويم پيو ته هاڻ مڪتي ڏينم..... (گوپال کي مخاطب ٿي) گوپال! تنهنجا ڪپڙا پورا ايندا مونکي؟ +گوپال: (تڪڙ تڪڙ ۾ بئگ کولي، وڳو ڪڍي، جوڳيءَ ڏانهن وڌائيندي) في اِلحال ته هيءُ ئي پايو...... شام جو اوهان جي نون ڪپڙن جو آرڊر ڏيئي اينداسين..... پر..... ها.... هاڻي جلدي ڪري وٺجو.... چانهه بلڪل تيار آهي.... اوهان لاءِ ٿورو مکڻ گهرائي وٺان..... (جوڳي پنهنجي ئي ڌن ۾، وڃي ٿو) +گوپال: هرپال! ڀڄ، ڪئنٽين مان مکڻ جي ٽڪي ته وٺي اَچ. +هرپال: (دروازي ڏانهن وڌي اوچتو مڙي) گوپال!..... مونکي ته معاملو ڪجهه گول مول پيو نظر اَچي! +گوپال: تنهنجو سڀاءُ ئي اهڙو آهي. هر ڳالهه کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهين...... +هرپال: ليڪن اِئين ٿي ڪيئن ٿو سگهي!؟ +گوپال: ڇا ته؟ +هرپال: ته ڀڳوان ڪاڪي کي درشن ڏيندو ۽ ڏهه سال اَڳ رد ٿيل ڪليم پاس ڪرائي ڏيندو! يعني سوچڻ جي ڳالهه آهي! +گوپال: تون ته آهين ناستڪ! ڪڏهن ايشور ۾ وشواس رکيو اَٿيئي؟ +هرپال: هيءَ شواس اَوشواس جي ڳالهه ڪانه آهي گوپال! هيءَ سوچڻ جي ڳالهه آهي. +گوپال: تنهنجو مطلب آهي ڪاڪي جو ڪليم پاس ئي ڪونه ٿيو هوندو؟ +هرپال: بلڪل! +گوپال: ۽ ڪاڪي هي جيڪي ڪجهه ٻڌايو سو ڪوڙ هوندو؟ +هرپال: نه، اِهو ڪوڙ به ناهي! +گوپال: ڪوڙ به ناهي، سچ به ناهي، تڏهن ڇا آهي؟ هان! +هرپال: من جوڀرم! +گوپال: ۽ ڀڳوان سان وارتالاپ؟ +هرپال: من جي ڪلپنا! منوگيان جو وديارٿي هئڻ جي ناتي توکي اِها ته خبر هوندي ته اِنسان جڏهن چاهيندي به ڪا چيز حاصل ڪري نه سگهندو آهي، تڏهن من.... ڪلپنا جو سهارو وٺي پنهنجي اَڳيان اُها شيءِ ميسر ڪندو آهي، جنهن کي (Day-Dreaming) چئبو آهي! يعني ڏينهن جوسپنو ڏسڻ! +گوپال: تنهنجي معنيٰ ڪاڪي جي هيءَ ڳالهه به ڏينهن جي سپني مثل آهي؟ +هرپال: سراسر! +گوپال: ليڪن وشواس به ته ڪا ڳالهه آهي! تون ڪاڪي جي ڳالهين تي وشواس ڇو نٿو ڪرين؟ ڏهه سال ويراڳي ٿي رهيو آهي، ڇا اسان سان ڪوڙ ڳالهائيندو؟! +(ٻاهرين دروازي کان ��وچتو گرمکه اندر گهڙي ٿو) +هرپال: اِن جو فيصلو ته توکي وقت پاڻيهي ٻڌائيندو، جڏهن اَڇا ڪارا پڌرا ٿيندا! +گرمکه: ڀائي ڇاجو بحث لڳائي ويٺا آهيو؟ وري ڪا جنگ ڇڙي آهي ڇا؟ +گوپال: اڙي! گرمکه تون ڪٿان؟ +گرمکه: (ٻاهرين دروازي ڏانهن اِشارو ڪري) هتان....... +گوپال: هردوار مان ڪڏهن موٽئين؟ +هرپال: ڇو؟ هردوار ويو هو ڇا؟ هن عمر ۾ هردوار! +گوپال ناني گذاري ويئي ته ويچاري جي..... +گرمکه: ها يار! نانيءَ جو گورو پرواه ڪرڻ ويو هوس. +هرپال: ڀلا ڪر خبر! وري صبح ساڻ ساهري سنڀريو آهين ڪيئن؟ +گرمکه: توکي ته يار خبر آهي. ڪالهه سهرو صاحب اچي ويهي رهيو. چئي: سڀاڻي رسوئي اَسان وٽ ورتايو. +گوپال: ۽ توکي ته اهڙا موقعا کپن! +گرمکه: ڀائي شهر جو شهر مان شادي ڪرڻ ۾ اهي ئي ته سک آهن. هر آرتوار ساهري! +هرپال: هر آرتوار ساهري! يعني سال ۾ ٻاونجاهه ڏينهن! +گرمکه: ٻاونجاهه ڏينهن گهڻا ٿا لڳني؟ منهنجو وس پڄي ته ٽي سؤ پنجهٺ ڏينهن ئي اتي گذاريان! +گوپال: ايڏا مزا آهن ڇا ساهري؟ +گرمکه: ڳالهه ٿو ڪرين! سس جا سهج ۽ سالين جا قرب! آها..... آها.... شادي ڪري ڏسو ته خبر پويوَ! +هرپال: يعني سوچڻ جي ڳالهه آهي! +گوپال: مطلب ته زور آهين. ڀلا تنهنجي ڪليم_ آفيس ڪيئن پيئي هلي؟ +گرمکه: اَڙي يار آفيس جي ڳالهه ڇو ڪڍيئه؟ +گوپال: ڇو؟ +گرمکه: انهيءَ جا اَچي ڏينهن پڳا آهن...... +هرپال: نه نه! اَهڙي ڪا خاص ڳالهه ٿي ڇا؟ +گرمکه: ڳالهه کڻي ڪانه ٿي آهي، اسان کي سور سجهن پيا! ڪچو کاتو آهي، ڪيستائين هلندو! هاڻ ته ڪليم جا ڪم به اچي پورا ٿيا آهن. +گوپال: پوءِ ڀلا، اَوهان جو ڇا ٿيندو؟ +گرمکه: اَسان جي نوڪريءَ مان مڪتي، ٻيو وري ڇا؟ +هرپال: اَڳتي لاءِ ڪجهه ته سوچيو هوندءِ؟ +گرمکه: سوچڻو وري ڇاهي؟ وڃي ويهبو ساهري! ساهرن نه رهايو ته هردوار..... اَڙي ها..... چڱي ياد آئي هردوار جي نالي تان...... يار مان هردوار ويو هوس نه، اُتي اوهان جو چاچو گڏجي ويو..... +گوپال: چاچو؟ +گرمکه: چاچو ريجهومل! جيڪو اَٺ ڏهه سال اَڳ جڏهن پاڻ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته گم ٿي ويو هو. ڏسان ته گئو گهاٽ تي ويٺو ڀنگ گهوٽي........ +هرپال: پوءِ؟ +گرمکه: مان به وڃي پيرن تي ڪريومانس. چيائين: گرمکه آهين ڇا؟ پٽ ڏاڍو وڏو ٿي ويو آهين! هاڻ ڇا ڪرين؟ +چيومانس: ڪاڪا! ڪليم آفيس ۾ ڪلارڪي ڪندو آهيان. +گوپال: پوءِ؟ +گرمکه: پوءِ ته مونکي به کڻي ٿوري ڀنگ پيئاريائين. سائين اَچي ٿو نشو سوار ٿئي اَسان تي! من ۾ هڪڙي حرڪت سجهي آئي...... +گوپال: حرڪت! ڪهڙي؟ +گرمکه: چيومانس: ڪاڪا! ڪليم آفيس ۾ پراڻا فائيل چڪاسيندي هڪڙي دفعي اوهان جي ڪليم جو فائيل سامهون اَچي ويو. بس پوءِ ته ڏينهن رات هڪ ڪري ويهن ئي ننهن جو زور لڳائي، چؤچاءُ ڪرائي اَوهان جو ڪليم پاس ڪرايو اَٿم...... +هرپال: پوءِ؟ +گرمکه: ڪاڪو ڏسين ته پيو ٺري! چئي: پٽڙا! شل ڪليم_ ڪمشنر ٿيندين! +گوپال: هون! +گرمکه: بس پوءِ ته اَوهان جي اَئڊريس ڏيئي مان هيڏانهن هليو آيس. +هرپال: (گوپال کي) هري اوم! يعني سوچڻ جي ڳالهه آهي ۽ +گوپال: ته چئبو تون ئي ڪاڪي کي بنڊل رکي آيو آهين! هتي اَسان کي پيو چئي: پرڀو منهنجي تپسيا تي پرسن ٿي پاڻ منهنجو ڪليم پاس ڪرايو آهي. +هرپال: چئبو تون ئي آهين اُهو پرڀو! +گرمکه: ڪاڪو هتي پهچي به ويو آهي ڇا؟! +هرپال: هوڏي ڏاڙهي ويٺو ڪوڙي..... +گرمکه: ڀلا، مان هليس. +گوپال: (گرمکه کي ٻانهن کان پڪڙيندي) هيڏانهن ويهه، جي هليس! +هرپال: (گرمکه کي ٻيءَ ٻانهن کان پڪڙيندي) اَسان کي آفت ۾ وجهي هليو آهين پنهنجي جند ڇڏائڻ! +گرمکه: (پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي) يار ڇڏيو..... ڏسو ڏاها ٿيو.... مونکي ساهري ��ڃڻو آهي.... چيومانوَ منجهند جي روٽي اُتي آهي..... +هرپال: روٽي ته توکي چاچو کارائيندو..... اَصل اَهڙي جو سس جا سهج ۽ سالين جا قرب به وسري ويندءِ....... +گرمکه: ڇو ٿا غريب کي مارايو! ڇڏيو...... ڀلا مونکي ڪهڙي خبر ته چاچو چرچي کي ساڀيا سمجهندو جوڳي ٿي ڪري رپين جي لالچ ۾ ڦاسندو! يار ڇڏيو نه.......... +(جوڳي ڏاڙهي مڇوُن لاهڻ بعد، سهج سڀاءَ، پاڪي هٿ ۾ ڦيريندو اَندر گهڙي ٿو. گوپال ۽ هرپال، گرمکه کي ڇڏي ڏين ٿا.) +جوڳي: اڙي، گرمکه! سٺو ٿيو جو تون پاڻ هتي هلي آئين نه ته مونکي تو وٽ اچڻو پوي ها...... +گرمکه: (ڏڪندي) ڪاڪا..... مون کان ڪا گستاخي ٿي هجي ته معاف ڪجو..... اوهان جو ٻار آهيان..... +جوڳي: گستاخي! ٻچا تو جيڪا اسان تي مهر ڪئي آهي سا اسان وساري سگهنداسين! +(گرمکه خاموش) +جوڳي: تون اڄ پريشان ڇو پيو لڳين؟ سکه ته آهي؟ هلي آءُ! اچي اسان سان گلي ته مل! (پاڪي، سهج سڀاءُ ڪڏهن هٿ تي ته ڪڏهن ڪلهي تي پيل ٽوال تي ڦيريندو رهي ٿو.) +(گرمکه ڏڪندي ڏڪندي اچي جوڳيءَ جي قدمن تي ڪري ٿو.) +جوڳي: اڙي توکي ٿيو ڇاهي! چيومانءِ اُٿي گلي مل مون سان! +]گرمکه نٿو اُٿي[ +جوڳي: (غصي ۾) گرمکه.....! +(گرمکه خبرداريءَ سان اُٿي جوڳيءَ جي هٿ واري پاڪيءَ ڏانهن نهاريندي ساڻس گلي ملي ٿو) +جوڳي: هرپال! هن کي ڪجهه کارايو پيئاريو ته سهين. +(هرپال خاموش) +جوڳي: گوپال! +(گوپال خاموش) +جوڳي: توهين ٻئي خاموش ڇو ٿي ويا آهيو؟ آخر ماجرا ڪهڙي آهي؟ +گوپال: اِهو اوهان کي گرمکه ئي ٻڌائيندو ڪاڪا. +جوڳي: گرمکه؟ +گرمکه: (وري جوڳيءَ جي پيرن تي ڪرندي) ها ڪاڪا! مون جيڪا اوهان سان اوهان جي ڪليم جي ڳالهه ڪئي هئي نه. اُها.... اُها........ +جوڳي: اُها؟ انهيءَ ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو...... +گوپال: اوهان ڳالهه ڪانه سمجهي ڪاڪا! +گرمکه: مون اها..... چرچي ۾ چئي هئي...... +جوڳي: (وائڙو ٿيندي) چرچي ۾؟! +گرمکه: ها ڪاڪا! اوهان جوڪوئي ڪليم پاس ڪونه ٿيو آهي. +جوڳي: (گرمکه کي گلي کان پڪڙي اٿاريندي) ڇا........؟! +(گرمکه کي ڌڪو ڏيئي پاڻ به ٻه قدم پاسيرو ٿي وڃي ٿو، پوءِ اوچتو مڙندي) +جوڳي: نامراد! تو هڪ جوڳيءَ جو مذاق اُڏايو آهي! وڃ! اسين توکي سراپ ٿا ڏيون. +گرمکه: ڪاڪا......... +جوڳي: اسين توکي سراپ ٿا ڏيون...... ٻئي جنم ۾ به........ ڪلارڪ جي جـﺆڻ پرائنيدين..... (هڪ ٿڌو ساهه کڻي) هري اوم.......... +(پڙدو) + + +نار جو ڍڳو +سندر آگناڻي +پاتر: +زال ۽ مرد +نار جو ڍڳو +] هڪ سرڪاري ڪلارڪ جي گهر جو هڪ ڪمرو. ڊرائنگ_ روم کان ڊريم_ روم تائين اهو ئي ڪمرو سڀ ڪجهه آهي. ٻاهران اچڻ لاءِ ۽ اندر رنڌڻي ۾ وڃڻ وارا دروازا ڪٿي به سيٽ ڪري سگهجن ٿا کاٻي پاسي ڊائون ۾ هڪ سيٽي آهي، سنگل_ بيڊ. ان جي پاسي ۾ تمام ننڍي گهيراو وارو اسٽول آهي. جنهن تي پاڻيءَ جو گلاس، گهڙيال، هڪ اڌ نيوزپيپر ۽ مخزن، تنهن تي ڪوپ پليٽ، وڪس جي شيشي، ٽانڪ جي شيشي، چمچو مطلب ته ٺونسي ڀريل آهي. ساڄي اپ هڪ ڪاٺ جي ٽيبل بغير پوش آهي، جنهن تي به ڪٻاڙي خانو آهي هڪ هٿيو ڀڳل ڪرسي، ٽيبل وچ ۾ گهسايل آهي. پاسي ۾ رئڪ به آهي. باقي ارينجمينٽ ”ڪوبه سامان هڪ ٻئي سان ميل نه کائي“ سوچي رکڻو آهي.[ +سين _ 1 +اِسٽيج تي اوندهه +بيڊ پاسي ٽيلي ٻري ٿي. روشنيءَ ۾ مرد سگريٽ دکائي ٿو ۽ زال جو سر ٻاهر نظر اچي ٿو. ٻنهي تي هڪ ئي سؤڙ پيئي آهي. سگريٽ ٻاري مرد تيلي هيٺ ئي ڦٽي ٿو ڪري. وري اوندهه. صرف دکيل سگريٽ نظر اچي ٿو. +مرد: (ڦوڪ هڻي) ٽن ينهن کان توکي ته ننڊ ئي نه آئي آهي، هونءَ به ننڊ اچي وڃڻ بعد زيرو بلب ٻري ٿو يا نه...... +زال: پر زيرو بلب کان سواءِ ننڊ اچي ئي ڪونه ٿي. بس هير. +مرد: مون جيان ڇو نه ٿي هرين......... +زال: بس، بس. صلاح ڏيندا ته نار جي ڍڳي جيان وهه ته پوءِ فرحتي ننڊ...... +مرد: ڪلهه کان مونکي به ننڊ ڪٿي آئي آهي!_ سڀاڻ زيرو بلب اوڌر تي...... پر زيرو بلب اوڌر تي وٺڻ تي ذرا اِنسلٽ جهڙو فيل ٿو ٿئي (ڪش هڻي ٿو) +زال: ٺيڪ آهي، ويهن ڏينهن کان پوءِ پگهار ملي تيستائين..... تيستائين ته مان پڻ اوندهه ۾ ننڊ ڪرڻ تي هري وينديس_ نه؟ +مرد: اِهو پاڻ ٻنهي جي صحت لاءِ ٺيڪ آهي. (ڪش هڻي) ڏس سرلا، تو به ڪهڙي نار جي ڍڳي سان شادي ڪئي آهي! (دک ۾) هن سال جو آخرين گريڊ_ انڪريمينٽ به ملي چڪو. هن ايندڙ کان مئڪسيمم تي پهچي ويس! +زال: سال به سال وارو هڪ اِهو ننڍڙو آٿت ٽڪر به..... آخر..... بنڊ! +(مرد جو سگريٽ وسامي وڃي ٿو) +مرد: (نراس) ٺيڪ آهي هڪ طرح! اسان پنهنجا تمام ڀاري سپنن جا ٻوجهه اِن هڪ ضعيف انڪريمينٽ تي رکي ڇڏيندا هئاسين! +زال: (حد نراس) ها ٺيڪ ٿا چئو! +مرد: هاڻ ته لڳندوآهي پاڻ مڊل ڪلاس مان شفٽ ڪري لوئر ڪلاس ۾ اَچي ويا آهيون. +زال: ڪڏهن ڪڏهن غصي ۾ ته..... +مرد: ها سرلا، ڪڏهن ڪڏهن غصي ۾ ڏهين ڪلاس جو نيچ ٿي ويندو آهيان، نه؟ +]سگريٽ دکائي ٿو_ اهو ئي اڌ وساميل. تيليءَ جي روشنيءَ ۾ مرد سڌو ليٽيل آهي ۽ زال جي ٻاهن مرد جي ڇاتيءَ تي ورايل آهي. ٽيلي وسائي مرد، زمين تي ڦٽي ٿو ڪري. اوندهه.[ +مرد: اڄ ڪلهه سگريٽ هر هر پيو وسامي! ڪلهه به ائين هڪ سگريٽ چار دفعا....... +زال: (کلي) انهن جو به ڪلاس ڪرندو پيو وڃي! +مرد: (مرد هلڪو کلي ٿو) حالتون اسان کي سياڻو ڪنديون پيون وڃن، ڪيئن؟ +]سگريٽ وارو هٿ اسٽول طرف وڌي ٿو، پر هٿ لڳڻ سان پاڻيءَ جو گلاس هيٺ ڪري ٿو پوي.) +مرد: اوهه! هت ڇا رکيو هيئه وري؟ +زال: خبر ته اٿوَ ته روز پاڻيءَ جو گلاس رکندي آهيان_ توهان لاءِ. +مرد: ٻڌائين ته ها (جهڙي) بيوقوف آهين تون. +زال: ائش ٽري نه ڳولهيو، اُها اُت ڪونهي. +مرد: ڇو نه رکيئه؟ +زال: (رکو) اهي شيون پاڻ سنڀاليندا ڪيو. +مرد: تون هاڻ مون طرف بنهه لاپرواهه ٿي ويئي آهي. +زال: (ڳالهه ڦيري) اِسٽول تي گهڙيال رکيو آهي_ ذرا ڏسجو ته ٽائمي.... اڙي! اهو هلي ئي ڪٿي ٿو؟ خبر نه ڪڏهن ڪڏهن ان کي به ڇا ٿي ويندو آهي؟ +مرد: اُڻ کي ڦٽو ڪري ڇڏ هاڻ. +زال: صرف آئل ڪرائڻ سان وري ڇڪي وٺندو پاڻ. +مرد: (غصي ۾ ٽيبل تان گهڙيال کڻي هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ٿو ڪري) ٿيو آئل هن دٻي جو! خوامخواهه موهه! بيوقوف! +زال: ڪڏهن ڪڏهن ٺهي ويندو هو_ ٻارن کي صبح جو پڙهڻ لاءِ اُٿارڻ...... +مرد: اَسان پڙهي ڇا ڪيو هن ملڪ ۾؟ +زال: هڪ ته شيءِ ٺهي ڪونه ٻيو توهين..... هر سال ڪا ننڍي وڏي ۽ سستي ڪامچلائو شيءِ ان ويچار سان وٺئون ته ايندڙ سال ان جي جڳهه تي سٺي شيءِ...... +مرد: هاڻ بس ڪري سمهه، بڪ بڪ بند ڪر. (ترسي) ان ۾ منهنجوڪهڙو قصور؟ +]مرد سگريٽ هيٺ ڦٽو ٿو ڪري. ٿوري دير بعد[ +زال: هاڻ توهان پنهنجي اها بند ڪريو نه..... +مرد: (لالچي ۽ ڇتو) بيوقوف، ڍڳو وَهڻ کان پوءِ سان ٿي ويندو آهي، سان. +زال: (تنگ ٿي) چڱو، اوُهون! ٻه منٽ ترسو ته، هتان پئڪيٽ..... اڙي پئڪيٽ ۾ هڪ به ڪونهي..... توهان کي چيو هوم وٺي اچجو پر..... +مرد: بس بس (چڙي) بڪواس بند ڪر.... اَڄ....... (سمهائڻ واري نوع ۾) اَڄ ائين ئي..... ڏٺو ويندو جيڪو ٿيو. +زال: نه نه، اَڃا مس مس ته هڪ تڪليف کان..... توهان کي ڪنهن ڪنهن هل ...... بيوقوفي ڇڏيو (زور سان) هٽو. +مرد: (جئن جهٽڪو ڏيئي ڌڪ هڻندي) پري مر وڃين، مادر....... +]لنبي خاموشي، مرد هڪ سگريٽ دکائي ٿو. زال ٻئي پاسي منهن ڪيو جاڳيل آهي. مرد جو چهرو ڪڙو آهي. تيلي وسائي ٿو. سگريٽ زمين تي ٽو ٿو ڪري.[ +سين _ 2 +ڌيري ڌيري روشني ٿئي ٿي. +مرد نائيٽ ڊريس ۾ ڪرسيءَ تي ويهي سگريءَ تي پنهنجا هٿ سيڪي رهيو آهي. هوُ ذرا ڏڪي پڻ رهيو آهي. رڌڻي مان زال سادي گهنجيل ساڙهيءَ ۾ خميس کي بٽڻ ٽاڪيندي اَچي ٿي. +زال: صبح جا نوَ وڳا آهن. اَڃا تائين سگريءَ تي هٿ........ +مرد: اُٿندس، اثٿندس؛ پر هينئر نه. سخت سيءُ آهي. +زال: (طنزي) ڍڳن يا سانن کي سيءُ! +]پاڻ به سگريءَ ويجهو اَچي ٿي. مرد هن جي ڳالهه ڏانهن ڌيان نٿو ڏئي. هوءَ هٿ سيڪي ٿي[ +هيءُ سيءُ ته سڄو مهينو پيو هلندو. +مرد: ته ان به سڄو مهينو پيو هٿ سيڪيندس. +زال: ۽ نوڪريءَ تي ڪير ويندو؟ +مرد: اُتي درخواست موڪلي ڇڏيندس. +زال: توهان ته موڪل وٺي ويهي رهندا..... ۽ ٻار؟ +مرد: ٻارن کي اسڪول موڪلي ڇڏ. +زال: ڇو اسڪول ۾ سيءُ ڪونه پوندو ڪيئن؟ +مرد: نه، اسڪول سيءُ کان بچڻ لاءِ سبق پاڙهيا ويندا آهن. مان به پڙهيو هئس پنهنجي اسڪول ۾. +زال: اِئين ڇو ڪونه ٿا چئو ته ٻار هيڏانهن هوڏانهن آيا آهن. +مرد: نه، ٻار ڀڳوان جي مهربانيءَ سان آيا آهن. +زال: توهان جو مطلب؟ +مرد: مطلب اهو ته جنهن ايشور ٻارن کي پئدا ڪيو آهي، سو ئي هن سيءَ ۾ سندن سنڀال ڪندو. +زال: پوءِ توهان به ڇو ڪونه ٿا ڀڳوان جي آسري تي وهو. +مرد: منهنجي عمر ڀڳوان جي مهر جي دائري کان وڏي ٿي چڪي آهي، پر ٻارن جي ڀڳوان ضرور سنڀال ڪندو. +زال: سو ته ڪندو ئي، پر ٻارن کي ته سويٽر ئي ڪونهن جو اسڪول ۾ پائي وڃن. ڪٿي ٿڌ لڳي وين ته؟ +مرد: ته سندن علاج ڪنداسين. دوائن جا پئسا ته سرڪار ڏئي ٿي، سويٽر ۽ ڪوٽ جا پئسا...... +زال: هن وقت ته توهان وٽ به نه آهن، بلڪ سڄي سياري ۾ نه ٿيندا. +مرد: ايندڙ سياري ۾ سڀني کي ضرور ڪوٽ سبائي ڏيندس. +زال: توهان جا اِهي ڊائلاگ ٻڌي_ ٻڌي ته مان تنگ ٿي پيئي آهيان. +مرد: تنگ ته مان به ٿي پيو آهيان، طوطي وانگر ساڳيا ساڳيا رٽيل ڊائلاگ روز روز چئي..... چئي. +زال: پوءِ انهن کي بدلايو ڇو ڪونه ٿا؟ +مرد: بدلائي ڪيئن ٿو سگهان. زندگيءَ جو سفر نار جي ڍڳي وانگر اَيون بند ڪري ساڳئي دائري ۾ ڦيرا پائي جو طئه ڪرڻو آهي. +زال: نار جي ڍڳي جي اَکين تي کوپا چرهيل هوندا آهن، نه ته جيڪر....... +مرد: نه نه جيڪر به اکيون بند ڪري ئي هلندو. موجوده يگ ۾ اَنڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ٿي هلڻ ئي بهتر آهي، پنهنجي بيوسيءَ جي گهيري اَندر. +زال: بهتر اُهو آهي ته...... +مرد: ته ڍڳو پاڻ ڇڏائي ڀڄي وڃي. پر مان اِئين به نٿو ڪري سگهان. مونکي چار ٻار آهن، تون آهين، اُنهن سڀني جي چڪلر ويوهه مان اَڀمنيو ته ڇا اَرجن جو به نڪرڻ مشڪل آهي. +زال: ڇو ڪونه ٿا ٻيو ڪجهه به ڪريو؟ +مرد: ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي سرڪاري نوڪر کي منع آهي. هر سرڪاري نوڪر چوويهه ئي ڪلاڪن لاءِ سرڪار سان ٻڌل آهي. +زال: مهينو اَڳ توهان چيو هو ته توهان جو پروموشن ڊويزنل اَڪاونٽنٽ جي پوسٽ تي ٿيندو. +مرد: ها، پروموشن ٿي ويو. +زال: پوءِ توهان مون کي ڇو ڪونه ٻڌايو. +مرد: پروموشن منهنجو نه مسٽر سڪسينا جو ٿيو. +زال: سينيئر ته توهان هئا. +مرد: پروموشن لاءِ سينيارٽي ڪم ميرٽ ڏٺي ويئي. ميرٽ ۾ سڪسينا جو نمبر اَچي ويو. +زال: ڇو توهان ۾ ڪهڙي ڪمي هئي؟ +مرد: ڊويزنل اڪائونٽنٽ کي ٺيڪيدار وٽان ٻه سيڪڙو ملندا آهن. سڪسينا ٻن سيڪڙن جو حساب لڳائيندي ٽي هزار رپيا ڏيئي پنهنجي ميرٽ ثابت ڪئي. +زال: ۽..... توهان؟ +مرد: مان ڏي وٺ جي معاملي ۾ نڪمو آهيان. +(اِئين چندو اُٿي ساڄي پاسي رئڪ ڏانهن Upstage تي وڃي ٿو.) +زال به اوثي خميس چٻي هئنگر ۾ وجهي ڪمري ۾ ئي ٽنگيل ڪراس نوڙيءَ تي لٽڪائي اَڌ مڙيل سويٽر کڻي واپس سگريءَ جي ڀرسان اَچي وهي ٿي ۽ اُکيلڻ لڳي ٿي ۽ گڏوگڏ ڏسي ٿي ته سگريءَ ۾ ڪوئلا اوجهامي رهيا آهن. +مرد اَندران پاڻيءَ جو مگ، رئڪ تان آرسي، برش، شيونگ سوپ ۽ ريزر کڻي اَچي ٿو ۽ پاڻيءَ ۾ برش ٻوڙي سوپ سان گهي ڳلن تي لڳائي ٿو ۽ جيئن ئي ريزر ڳ تي لڳائي ٿو ته سرلا ڳالهائي ٿي) +زال: ڀلا ڪوئلا وٺي ايندا؟ +مرد: ريزر مان بليڊ ڪنهن کنيو آهي؟ +زال: مون توهان کي هينئر ڇا چيو؟ +مرد: مون به توکان پڇيو ڪجهه؟ +زال: مونکي ڌيان ڪونه آهي. +مرد: توکي ڌيان ڪجهه آهي به؟ +زال: ها. +مرد: ها ڇا؟ +زال: اِهو ته ڪوئلا گهر ۾ ڪونه آهن. (Pause) وٺي ايندا؟ +مرد: نه. (Pause) منهنجو بليڊ ڪنهن کنيو آهي؟ +زال: نه کان سواءِ ٻيو به ڪو جواب توهان وٽ آهي؟ +مرد: ها. +زال: ها ور يڇا؟ +مرد: منهنجيون ٽنگون ٻار. +زال: توهان جون ڇو، پهريون پنهنجين ڇو نه ٻاريان. +مرد: اَڳي پوءِ اُنهن جو به وارو ايندو، في اِلحال منهنجيون ٻار. +زال: آخر ٻڌائيندا به ته ڪوئلا ڪڏهن وٺي ايندا؟ +مرد: سرڪار پنجون (5th) منهنگائي ڀتو واپس وٺي رهي آهي. +زال: پر مون ته ٻڌو هئو ڇهون منهنگائي ڀتو ڏيئي رهي آهي. +مرد: توکي ڪنهن ٻڌايو؟ +زال: نريش ماءُ. +مرد: ٻيو ڇا ٻڌايائين؟ +زال: تيل جا اَگهه وڌي ويا آهن. +مرد: ٻيو به ڪجهه ٻڌايائين؟ +زال: ها، چيائين ته کير واري چار آنا ليٽر تي وڌايا آهن. +مرد: کيس خبر ڪونهي ته غلط اُفواهه ڦهلائڻ ڏوهه آهي. +زال: هوءَ اوڏي مهل تيل وٺي آئي هئي. +مرد: ته ڇا ٿي پيو. سرڪاري پرچار جي خلاف خبرون ڦهلائڻ ڏوهه آهي. +زال: ته سرڪار ڇا ٿي چوي؟ +مرد: سرڪار چوي ٿي ته اَگهه گهٽجي رهيا آهن. +زال: سرڪار سچ ٿي چوي ۽...... +مرد: نريش ماءُ ڪوُڙ ڳالهائي رهي آهي. +زال: نريش ماءُ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي؟ +مرد: نريش ماءُ اُفواهه ڦهلائي رهي آهي. +زال: نريش ماءُ اُفواهه ڦهلائي رهي آهي؟ +مرد: (Pause) بيو به ڪجهه وڌيو آهي +زال: نريش ماءُ اُفواهه ڦهلائي رهي آهي. +مرد: مان پڇان ٿو، ٻيو ڇا ڇا وڌيو آهي؟ +زال: ملڪ ۾ آدمشماري وڌي آهي. +مرد: اِهو تکي ڪنهن ٻڌايو؟ +زال: نريش ماءُ ڪونه ٻڌايو، اِهو ريڊيو تي ٻڌو. +مرد: ته اِهو سچ آهي. ٻيو ڇا ٻڌءِ ريڊيو تي؟ +زال: ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽...... +مرد: ۽ ڇا؟ +زال: شين جا اَگهه سستا ٿي رهيا آهن. +مرد: اوهو، مان پڇان و ته ٻيو ڇا ٻڌءِ ريڊيو تي؟ +زال: ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ شين جا اَگهه گهٽجي رهيا آهن. +مرد: مان چوان ٿو ته اَڳتي به وڌندينءَ ڪين رڪارڊ وانگر تنهنجي سي اُتي ئي اَٽڪيل رهندي؟ +زال: مڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ شين جا اَگهه گهٽجي رهيا آهن. +مرد: اوهو گهڙيءَ_ گهڙيءَ ساڳئي ڳالهه ٻڌائي رهي آهين، هاڻي چپ به ڪندينءَ. +زال: مان به ته گهڙيءَ_ گهڙيءَ ساڳئي ڳالهه ٻڌي تنگ ٿي پيئي آهيان. +مرد: ڪهڙي ڳالهه؟ +زال: مڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ شين جا اَگهه گهٽجي رهيا آهن. +مرد: اوهو، ڇو اَچي منهنجي جان جي پٺيان پيئي آهين؟ گهڙيءَ_ گهڙيءَ ساڳئي_ ساڳئي ڳالهه ٻڌائي ٻڌائي. هاڻي مهرباني ڪري چپ ڪر. +(اِئين چوندو ريڊيو جي ويجهو وڃي و ۽ Switch on ڪري ٿو، جنهن تان اَهڙي ئي قسم جون خبرون اَچن ٿيون ته ملڪ جي آدمشماري وڌي ويئي آهي وغيره. شين جا اَگهه ڪري رهيا آهن وغيره. ريڊيو جي سئي ڦيرائي ٿو ته ٻئي قسم جو Spot اَچي ٿو پر آهي آدمشماري وڌڻ جي باري ۾ ۽ اَگهه گهٽجڻ جي باري م” وري تڪرو تڪڙو سئيءَ کي ڦيرائي ٿو ته هڪ اِسٽيشن تان ناٽڪ جا ڊائلاگ ٻڌڻ ۾ اَچن ٿا جيڪي پڻ قيمتون گهٽجڻ جي باري م آهن. مطب ته جيڪا اِسٽيشن کلي ٿو اُتي آدمشماري وڌڻ ۽ اگهه گهٽجڻ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه اچي رهيو آهي ۽ اُهو آواز آهستي آهستي وڌي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح سان چوڌاري زنانا ۽ مڙدانا آواز اچڻ لڳن ٿا_ ”ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي“، ”شين جا اگهه سستا ٿي رهيا آهن“. منچ تي روشني ٿوري جهڪي ٿي وڃي ٿي ۽ زال ۽ مرد منچ جي پچ تي ٻڻ الڳ_ الڳ Spots جي هيٺان ٻانهون ڪلهن جي سڌائيءَ ۾ ڦهلائي گول پيرا پائڻ لڳن ٿا ۽ مرد چلائيندو رهي ٿو_ ”ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي“ ۽ زال چلائيندي رهي ٿي_ ”شين جا اگهه سستا ٿي رهيا آهن“ ۽ چلائيندا چلائيندا، ڦيرا پائيندا پائيندا پنهنجي جڳهه تي هيٺ ڪري پون ٿا ۽ اڌ منٽ جي خاموشيءَ بعد مرد ۽ زال ڌيري ڌيري زخميءَ جيان اُٿي پنهنجي جڳهه تي ويهي رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن جيب، اپريچت نگاهن سان نهارڻ لڳن ٿا.) +مرد: (خاموشي ٽوڙيندي) ته ڀلا گهٽيو ڇا آهي؟ +زال: اِنسان جو ملهه. +مرد: اها ته مونکي به خبر آهي. ڀلا کير واري کي پئسا ڏنئه؟ +زال: ڏيانس وري ڪٿان، ٻارن جي في جو ڏيئي آيا. +مرد: ته هاڻي باقي ڪنهن جي اوڌر چڪائڻي آهي؟ +زال: چڪائي ئي ڪنهن جي اٿئون. +مرد: چڱو هيءُ وٺ پنج روپيا. +زال: هيءُ ته ٻه روپيا آهن. +مرد: اکيون کولي ڏس، سرڪار نوٽ جي سائيز گهٽائي آهي. +زال: سرڪار نوٽ جي سائيز ڪڏهن گهٽائي آهي؟ +مرد: ياد ڪونهي، پر اُن کي ڪافي سال ٿي ويا. +زال: پر سرڪار نوٽ جي سائيز ڇو گهٽائي آهي؟ +مرد: ماڻهو ڪٽنب جي سائيز جو نٿا گهٽائين. +زال: (اُٿندي) هنن پنجن روپين جو ڇا ٿيندو. وڃي گهر جو خرچ توهين هلايو. مان ته پيڪي ٿي هلي وڃان. +مرد: پيڪي وري ڪيئن ويندينءَ، پڻهين ڪارڊ ٽڪر ته لکيئي. +زال: لکندو وري ڪٿان، هنن جي پنهنجي پورت ئي نٿي پوي. +مرد: ته پوءِ ڌؤنس ڇاجي ٿي ڏين. +زال: مان ڀلا ڇا ڪريان، ڪٿان پُورت ڪريان؟ +مرد: ماڻهن جا ڪپڙا سب؟ +زال: ڇا تي سبان؟ مشين ڀڳي ڀانڊو لڳي پيئي آهي. +مرد: ته وڪڻي کڻي ڇڏينس. +زال: ڇا...... ڇا وڪڻان، گهڻو ڪجهه ته وڪڻي چڪي آهيان. +مرد: اڃا ٻار ۽ اسين ٻئي ته باقي آهيون. +زال: هاڻي باقي ٻار وڪڻان. +مرد: پوءِ ڇاهي، هڪڙ اوڪامندا، ٻيا ڄمندا، ٻيا وڪامندا، ٽيان ڄمندا. +زال: ته ٻار جانور آهن. +مرد: جن کي اسان جانورن وانگر ڄڻيو آهي سي ڇا ٿا ٿي سگهن؟ +زال: توهين ته آڻاسا آهيو؟ +مرد: تڏهن ته چيم ته هن زندگيءَ جو سفر نار جي ڍڳي وانگر اکيون بند ڪري طئه ڪرڻو آهي. +(اوندهه پڙدو) + + +پردا +پريم پرڪاش +پاتر: +هُو (جسم) ۽ م (منطق) +وقت: +ڪافي دير واري رات +پردا +سين _ 1 +]اِسٽيج ٽنهي پاسن کان ڪارن پردن ۾ هوندي. کاٻي ديوار جي وچ ۽ سامهون ديوار جي وچ کي ملائيندڙ سڌائيءَ ۾ کاٻي کان هڪ دريءَ جو پردو بعد ۾ دروازي جو لنبو ۽ وري ان بعد دريءَ جو_ پردا لٽڪندا هوندا. پردا قيمتي ڀڙڪيلا آهن. اُهو حصو سوسائٽي آهي. ساڄي ديوار جي وچ ۽ سامهون ديوار جي وچ کي ملائيندڙ سڌائيءَ ۾ بند ٿيل شٽرس وارن (نه ڏسن ۾ ايندڙ) ٻن دوڪانن تي ٻن کيه سائين بورڊس کان سواءِ ننڍا وڏا ڪيترائي بورڊ رنگيل لکيل پردا ۽ چهٽايل پنا هوندا. هڪ دوڪان دوائن جو ٻيو ليڊيز بيوٽي جو هوندا. اهي بورڊ پردا ۽ پنا ايتري اَنداز ۾ آهن جو اونهن پٺيان ٺيڪ دوڪان نظر ئي نه ايندا. اُهو حصو بزار آهي. هڪ لئمپ پوسٽ جو منهن سوسائٽيءَ طرف هوندو ۽ ٻئي جو بزار طرف. اَئڪٽ وقت هڪ حصي ۾ روشني هندي ۽ اُن وقت ٻئي ۾ اوندهه. +اِسٽيج پردو بند هوندو. +جهڪي روشني هال ۾ هوندي.، هوُ (ڪاري پينٽ تي بشرٽ + بغل ۾ ٿيلهو) ’پردا هٽايو‘ درشڪن مان چلائيندو اِسٽيج جي کاٻي پاسي کان مٿي اَچي اِسٽيج پردي کي ڏسي، اُڻ طرف هٿ کڻي، وري چلائيندو ’هي پردا منهنجي اَکين کان دور ڪريو. هٽايو.‘ ۽ غصي ۾ اَچي بنهي هٿن سان پردي کي وچ وٽان چيرڻ جي ڪوشش ڪندي رڙ ڪندو ’هٽايو!‘ +پردو کلندو. هوُ تيز چال سان سوسائٽي سدامهون ايندو. سوسائٽيءَ ��ارو لئمپ پوشٽ ٻرندو x ان حصي ۾ ٻه فلئش سگريٽ دکائي بڙ بڙائيندو ’اُف! ڪيترا پردا! رات جي وقت به! پردا ئي پردا‘ +بئڪ گرائونڊ مان مائيڪ تي ٻن ڄڻن جو آواز پهرين ڌيمي پوءِ تيز ٻڌڻ ۾ ايندو ’پردا. پردا ئي پردا. پردا. پردا ئي پردا. پردا. پردا ئي پردا.‘ +بئڪ گرائونڊ مان ايندڙ آوازن سان گڏ ئي م جو کاٻي پاسي کان پروريش. ڪپڙا ڪارا. مٿي تي ماسڪ. اڇي ماسڪ تي ڳاڙهيون ريٽون لڪيرون_ اُگهاڙي دماغ جيان هوُ آوازن وچ ۾ مونجهه ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو. +هوُ سگريٽ ڦٽو رڪي پنهنجي بغل واري ٿيلهي کي زمين تي اونڌي ڪندو، ۽ سوتلي ڪٽڻ لاءِ ڪئنچي کڻندو. رکندو. سوتيلي ڪٽيل آهي، اُهي ڪجهه ٽڪرا ڪلهي تي رکي سوسائٽيءَ طرف وڃي ٿو. هڪ سوتليءَ جو ٽڪر کڻي دريءَ واري پردي کي گول مٿي ويڙهي ٿو. +م جئن ڪنهنجيون آهٽون محسوس ڪيون هجن. سوچي ٿو اَچ وڃ ڪندي. (بئڪ گرائونڊ مان ٽيپ ڪيل سندس ذهن جو ڊائلاگ ايندو) +’ڪويتا! توکي چيو اَٿم ڪويتا، ته تون منهنجي پٺيان پٺيان نه ايندي ڪر. مونکي خبر ناهي ته مان توکي هروڀرو ڇو ٿو روڪيان پر..... پر، ڏس هت هن سوسائٽيءَ ۾ به هر گهر ٻاهران پردا آهن......‘ +(م پردن طرف اِشارو ڪري ٿو ۽ هوُ هڪ سوتلي پردي جي هڪ ڇيڙي وٽ ٻڌي ٿو. +۽ م هوُ جي ويجهو وڃي جهڪي دريءَ اَندر ڏسي ٿو) +’ڏس، مون پردو کڻي مٿي ٻڌو آهي. اَندر هن گهر ۾ اوندهه آهي. هن گهر ۾ يا ڪوئي ڪونهي يا رهندڙ کي اوندهه ڪري رهڻ پسند آهي. ان ته بس (م واپس ٽهلي ٿو) اهو ٿو چوان ته ان حالت ۾ پردن جي ڪهڙي ضرورت!؟ ماڻهن کي اڄ جي مشيني ڀچڀڄان ۾ (اِشارن ۽ اڦئڪشن سان مائيڪ تي ايندڙ هر ڊائلاگ کي سمجهائيندو پڻ ويندو) ٽائيم ئي ڪٿي آهي جو هو پنهنجي گهر ۾ کڻي نظر ڪن ۽ وري ٻين جو گهر....! توکي پٺيان پٺيان اَچڻ نه گهرجي. هي ته وڏو شهر آهي.....‘ +(ٻي سوتلي کڻي هو ٻيو ڇيڙو ٻڌي ٿو. م هن کي ڏسندي حرڪت چالو ٿو رکي) +’دراَصل مون ته ڪڏهن به توکي ڇڏي رات جو اَچڻ نه پئي چاهيو آهي، پر مان ڏسان ويٺو، سڄي شهر ۾ ماڻهن گهرن دوڪانن اَڳيان پردا لٽڪائي ڇڏيا آهن.....‘ +(هو در وارو پردو گول گول مٿي ويڙهي ٿو.) +’بزارون رستا لائين سر سائين بورڊن سان ڍڪجي ويا آهن. اِئين لڳندو ته هي شهر ئي پردن پٺيان لڪل آهي......‘ +(م به هو کي ويڙهڻ_ اميجنري_ مدد ڪرائي ٿو. هو پٺيان بيهي اَهڙو اَئڪشن ڪندو) +’توکي به ته ڪويتا، پردن پٺيان رهن وڻندو آهي. تون اُڻ ڏينهن ڪيترو نه خوش ۽ شرير ۾ ڦڙت محسوس ڪندي آهين، جنهن ڏينهن تون پردن جو نئون سيٽ چاڙهيندي آهين! پردا نه هجن ته توکي مونجهه ٿئي.....!‘ +(هوُ سوتلي هڪ ڇيڙي وٽ ٻڌي ٿو. م به اَهڙو ائڪشن ڪري ٿو) +’تون هل. گهر پنهنجو وڪي اڪيلو هوندو. هن پردن پٺيان سجاڳ ٿي مون جيان چيخڻ نه شروع ڪيو هجي! هي ڪم ئي اهڙو آهي جو رات جو ئي ڪري سگهجي ٿو. شايد منهنجا اُن ۾ سڀ سال لڳي وڃن......‘ +(هُو ٻيو ڇيڙو ٻڌي ٿو. م پڻ ساڳي حرڪت ڪري ٿو. پر جلد واپس موٽي اِسٽيج وچ تي بيهي ٿو ۽ وري اِشارن ۽ ائڪشن سان ڊائلاگ سمجهائيندو) +’مون توکي هر دفعي رڪويسٽ ڪئي آهي ته تون پنهنجي گهر کي پردا نه چاڙهه. پر تون هر دفعي اڻٻڌو ڪري وئينءَ! ۽ کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳندي هيئن!‘ (ساهي)...... +(هُو جي نظر م تي پيو ٿي. هوُ عجب مان هن کي ڏسي ٿو) +’مان تنهنجي ٽهڪن کي روڪڻ جو حق نٿور کان پر اها ڳالهه مونکي اندر ئي هڪ زبردست گهاوَ ڪندي آهي ته، منهنجي پنهنجي ڪويتا به هيءَ ڳالهه ڇو نه ٿي سمجهي؟.....‘ +(هوُ هن جي ويجهو اچي هن کي سمجهائي ٿو ته هت وئي به ڪونهي ۽ هوُ ڳالهائي رهيو آهي!) +’ڪويتا، مونکي تنهنجو خاموش ٿي سڀ ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سهڻ تي عجب لڳندو آهي. تون منهنجي اها بيوقوفي سالن کان سهندي آئي آهين.....‘ (ساهي) +(هوُ جهنجهلائي واپس دريءَ جو پردو کڻڻ هليو وڃي ٿو. ۽ م درشڪن کان پٺئين پردي تائين اچ وڃ شروع ڪري ٿو. سندس ائڪ؟سن چالو آهي) +’هر دفعي سوچيو اٿم ته تو خاطر هي سڀ ڇڏي ڏيان، پر جڏهن ڇڏي نه سگهيو آهيان تڏهن اِئين لڳو آهي ته ’مان تو لاءِ هڪ غلط شخص آهيان. توکي، مونکي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. (ساهه ڇڏي) شايد مون جيان تو لاءِ به ڪجهه ڇڏڻ ممڪن ئي ناهي!......‘ +(هوُ هڪ ڇيڙي کي ٻڌي ٿو.) +’تون ڪويتا اڄڪلهه ڪيترو نه ٿڪل ٿڪل ٿي رهين! ننڊ ۾ غشي ئي هوندي آهين. گهڻن وقتن تي توکي سمڪ ئي نه رهندي آهي ۽ تون مون سان ساريرڪ روٽين ۾ بيحد ٿڌائيءَ سان هوندي آهين! صبح جو جڏهن توکي اهو سڀ ٻڌائيندو آهيان ته چوندين آهين ڪجهه ياد ڪونهي!......‘ +(دري_ 1 جو پردو ڪرندو. هوُ دري_ 2 جي پردي جو ٻيو ڇيڙو ٻڌندو م رڪجندو. دري_ 1 جي لٽڪندڙ پردي کي ڏسندو. وري ائڪشن ۾) +’تون هل ڪويتا، توکي سڀاڻ آفيس وڃڻو آهي.‘ +(در وارو پردو ڪرندو. هوُ دري_ 1 وارو پردو مٿي کڻندو بعد ۾ دروازي واري پردي کي کڻندو. دري_1 وارو پردو ڪرندو اِئين ڌڙا ڌڙ دري_1 ۽ در وارا پردا ڪرندا ۽ هوُ اُنهن کي مٿي کڻي ڦٽو ڪندو. م اِهو سڀ ڏسندو. ٿوريءَ دير بعد هوُ جي ڦٺيءَ کي پٺي ڏيئي پٺيان کان ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي م، هوُ کي ڳوڻ جيان پري ڇڪي ويندو. پردا دري_ 1 ۽ در جا آخر لٽڪيل رهندا) +هو: تون هت ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هئين؟ +م: پاڻ سان +هو: مون سمجهيو تو اِئين محسوس ڪيو آهي ته هت ڪويتا آهي. +م: ها. مون اِئين سمجهيو. +هو: پر هوءَ ته ڪٿي آهي؟ +م: (م ٻانهون ڪڍي ٿو. پري ٿيندي) مان ڪويتا سان ذهن ۾ ڳالهائي رهيو هوس. +هو: تون هر وقت ذهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سان ڳالهائيندو رهين ٿو. +(هوُ سڌو ٿيلهي ۾ شين سميٽي هلڻ لڳي ٿو.) +م: ڪيڏانهن؟ +هو: بزار. پردا کڻڻ. +م: يعني بزار جا سائين بورڊ لاهڻ! تون هاڻ جنهن سوسائٽيءَ جا پردا مٿي کڻندو آيو هئين اُهي هاڻي واپس لٽڪي رهيا آهن! +(دري_ 2 جو پردو ڪري ٿو) +هو: مونکي خبر آهي. +م: مونکي به خبر آهي ته اهي ماڻهن جي مرضي سان ڪرن ٿا. +هو: توکي سڄي خبر آهي تڏهن به سوال يا دليل ٿو ڪرين! +م: اهو منهنجو سڀاءُ آهي، تنهنجو دماغ آهيان نه_ +_ ٻڌ، تو چيو هو ته تون پردا کڻڻ ڇڏي ڏيندين! +هو: اهو تو مونکي چيو هو. +م: (سوچي) سو ڇا؟ پر تون ڪڏهن به ڇڏي نه سگهندين. ڀل تون سوچين ۽ فيصلو وٺين، تڏهن به. +هو: تون مون سان هر گهڙيءَ نه ملندو ڪر، منجهائين ٿو. +م: تون پنهنجو دماغ ڪنهن سرجن کي ڏيکار! +]هوُ ٽهڪ ڏئي ٿو. ڀيانڪ ٽهڪ. چوڌاري ڦري ڦري ۽ ساڻو ٿي ساڳي جڳهه تي بيهي ٿو. سگريٽ پئي ٿو. اِئين ٿو لڳي ڄڻ هن ٽهڪ ڏنائي ڪونه هئا. (نه ئي م هن جو نوٽيس ٿو وٺي) م ’هو‘ کي گهوري گهوري ڏسي_ وڃڻ جي ڪندي منجهي وري واپس اَچي ٿو. ساڳي پوزيشن ۾ بيهي ٿو.[ +هو: مان هلان ٿو. بزار پهچڻو آهي. تون پٺيان پٺيان نه اَچج. +ا: اهو منهنجي وس ۾ ناهي. +]م کاٻي پاسي هليو ٿو وڃي. ’هو‘ بزار پهچي ٿو. کاٻي پاسي سوسائٽيءَ وارو لئمپ پوسٽ + ٻه فلئش بند ٿين ٿيون ۽ بزار واروين ٻرن ٿيون. دوڪانن مان ۽ پاسن ۾ گهوري گهوري ٿو ڏسي. بغل ٿيلهي مان سوتلي ڪڍندو وڃي ٿو. پهرين آهستي پوءِ تيز. پندرهن کان ويهه سيڪنڊ. آخر سوتلي پوري ٿئي ٿي. چاقو ڪڍي ٻاهر رکي ٿو. بغل مان ٿيلهو ڪڍي کري هٿو ۽ سوتليءَ جا ٽڪر ڪندو وڃي ٿو. وچ ۾ ڇڏي به. ٿيلهي مان ڪار يرنگ جو دٻو ۽ برش ڪڍي ٻاهر رکي ٿو. سگريٽ دکائي رنگ وارو دٻو کولي برش کڻي هڪ ڪپڙي تي لکيل مشهوريءَ مان ڪارو رنگ گهمائي ٿو. بغل ٿيلهي مان هڪ اَڇو مستطيل وڏو پنو، ڪڍي، ان جي چئني پاسي ٿورو ٿورو کونئر هڻي، هڪ ننڍي سدائين بورڊ تي چپڪائي ٿو. سگريٽ فنش ٿو ڪري. اِطمينان سان جاچي ٿو. بلو فلڊ لائيٽ[ +م: هيلو! وڪرم. ڇا رلي رهيو آهي؟ +هو: تون ڪير آهين؟ +م: مان؟! تنهنجو......... (پنهنجي مٿي تي هٿ رکي ٿو) +هو: (پنهنجي مٿي تي هٿ رکي) اوه! +م: هت ڇا ڪري رهيو آهين؟ +هو: جنهن کي تون هر دفعي بيوقوفي چوندو آهين. +م: يعني؟ +هو: هن سڄي شهر تي پردا اَچي ويا آهن. ماڻهن چاڙهيا آهن! اُهي مٿي کڻي رهيو آهيان. +م: جيڪو تون هر رات جو اهو ڪندو آهين، برابر! +هو: ها برابر. پر ڪيستائين؟ +م: سالن کان سالن تائين! +هو: (ساهه ڇڏي) ڪافي گهڻا پردا آهن! +م: پردا ئي پردا آهن_ وڪرم رات جو جيڪي پردا تون مٿي ڪرين ٿو. ماڻهو ڏينهن جو اهي هيٺ ڪيرائي ڇڏيندا آهن. +هو: ڪيترا پردا ته پان مرادو ئي ڪري ٿا پون. +م: اهو سلسلو ختم نه ٿيڻ وارو آهي. +هو: سلسلو؟ +م: ها، تنهنجا پردا مٿي کڻڻ جو ۽ پردن جو پاڻمرادو هيٺ ڪرڻ جو. +هو: پوءِ. +م: سلسلو ته چالو ئي رکڻو آهي. +هو: پر ڇو؟ +م: خبر ناهي، خبر ناهي، شايد اَندر جي مونجهه ڪري. بي اِنتها مونجهه ڪري. +هو: بي اِتنها! (چپ) +م: (بزار کي ڏسي) هت ته ڪافي رنگ به رنگي ۽ ڀڙڪيلا پردا آهن! +هو: ها. +م: نقلي شين جا اَصلي پردا! اَکين کي اهي رنگ ڇڪين ٿا ۽ ڇڪيندڙ هر شيءِ دوکو ڏيندڙ هوندي آهي! +هو: انهن پردن ۾ ڪيترا ته تمام مٿي آهن. +م؛ ها تنهنجي پهچ کان پري آهن، پر جيسين تون پهچين، اوستائين..... +هو: اَڌوگابرا پردا مٿي کڻي ٻڌڻ مان فائدو؟ +م: اَڌوگابرو سنتوش ملي ٿو. +هو: اَڄڪلهه هرڪا بلڊنگ ڏاڍي اوچي ٺهي ٿي. دوڪان، آفيسون ۽ سوسائٽيون ڪافي مٿي هلنديون ٿيون وڃن، تنهنڪري ڪيترا پردا ڇڏي ئي ڏيڻا ٿا پون. +م: اهو ته ٺيڪ پر ڪيترا پردا ته ڄاڻي ٻجهي ڇڏي ڏيڻا پوندا آهن، جو ڪن جا رشتا ئي ڪجهه اَهڙا هوندا آهن. اُتي ڪجهه ڪڇي نه سگهبو اهي. هن شهر ۾ ڪافي اَجنبي ماڻهو به رهن ٿا، اتي ته ان ڳالهه جو سوال ئي نٿو اُٿي. +هو: مان اهو به ڏسندو آهيان ته ٻاهران پردا کڻڻ بعد گهر سوسائٽي دوڪانن اَندر به ڪيترا پردا هوندا آهن. انهن جو ڇا؟ +م: ها، اَندر ڪير ٿو ڪنهن کي گهسڻ ڏي؟ (ٽي دفعا) +هو: پوءِ ڇڏي ڏجي هي سڀ مغز ماري. +م: نه، نٿو ڇڏي سگهجي. جو اهو ڪرڻ سان لڳاتار رڌل رهجي ٿو. اِئين مونجهه دٻائجي ٿي. +هو: ٻيو ڪو رستو ناهي؟ +م: آهي. آپگهات. پر من ڪمزور آهي. +هو: (مسڪرائي) وٺ، سگريٽ پي. +م: تون پي_ مان فيل ڪندس (خاموشي) +هو: (سگريٽ ڦٽو ڪري جهنجهلاهٽ) تون منهنجو پيڇو ڪڏهن ڇڏيندين؟ +م: خبر ناهي. +هو: (حد غصو) تون اِئين منجهائيندو رهئين ته مان تنهنجو خون ڪري ڇڏيندس. +م: (کلي) اِهو به تنهنجي وس ناهي_ اِئين ڪري سگهين ٿو؟ ڪر، پليز. +هو: مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اَچي. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اَچي (ٿوري چپ بعد) گهر اَندر جا پردا ان مٿي کڻي نٿو سگهان ۽ رات اوندهه ۾ هر شيءِ لڪل رهي ٿي، تڏهن ٻاهريان پردا کڻڻ مان ڪهڙو فائدو! +م: مان شين کي شهر کي اصلي روپ ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. +هو: (ٿوري دير م کي گهورن بعد) برابر. +م: توکي خبر آهي، اوندهه ۽ روشني به قدرتي پردا آهن. +هو: لڳي ٿو_ آهن (ساهي) دراصل وڪرم، پردا ڪافي ڪافي ڀرم پئدا ڪيو بيٺا هوندا آهن. بزارن ۾ اهي ڀڀڪيدار، چٽڪيلن ووڌ رنگن ۾ اِشتهاري ڀاشا ۾ ڦهلايل هوندا آهن. +م: اِشتهار اَهڙن رنگن ۽ ڀاشا ۾ ئي هوندا آهن، پر اهي شين جو نقلي پڻو ڇو ڍڪين؟ +هو: ها، رائيٽ! سوسائٽيءَ ۾ وري پردن ذريعي ماڻهو پنهنجو رتبو ٺاٺ يعني رهڻيءَ جو اِسٽئنڊرڊ، ٽيسٽ وغيره جي نمائش ڪندا آهن. +م: سوال اِهو آهي ته ان ��نهنجي ڪوشش سان اِشتهار بازي يا نمائش گهٽِ آهي؟ +هو: مونکي اها خبر آهي ته اها ڏينهون ڏينهن نون نون طريقن سان وڌي رهي آهي. +م: تون هل وڪرم، گهر هل. پتني اَڪيلي آهي. +هو: پر مان اَڌورو ڪم ڇڏي ڏنو وڃي سگهان. مان رڌل رهان ٿو. رڌل رهڻ ۾ هري ويو آهيان. اها عادت ٿي ويئي آهي. +م: دراَصل چيزن ننگيون کپن_ ننگيون. +هو: ها. +م: تون هڪ اَهم ڳالهه وسارين ٿو. +هو: مان! اَهم ڳالهه!؟ +م: ها، مونکي وڳي ٿو، شيون، گهر، دوڪان، رستا، شهر کي ننگو ڏسڻ کان اَهم ته ماڻهن کي ننگي روپ ۾ آنڻ کپي. +هو: يعني اَصليت ۾! +م: ها، هنن جي جسم تي پاتل ڪپڙا به هڪ قسم جا پردا ئي نه آهن. اهي ڪپڙا هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي اِشتهار بازي يا نمائش ئي نه آهي. ڇا اَهڙن ماڻهن جا خود چهرا به پردن جو ڪم نٿا ڪن؟ +هو: چهرا به پردن جو ڪم ٿا ڪن! +م: ڪپڙا به پردا به. (ٻه دفعا) +هو: تنهنڪري توکي ڪي ڪپڙا ناهن. ڪو چهرو ناهي. تون بغير چهري ننگو آهين. +م: مان ننگو نه هوندو آهيان ۽ نه مون لاءِ ڪو چهرو هوندو آهي. ٻي معنيٰ ۾ مان ننگو به آهيان ۽ چهرو به آهي. +هو: اهو ڪيئن؟ +م: تون اهو سمجهي نه سگهندين. +هو: تون برابر آهين نه ڪپڙا پردا آهن. +م: ]هو جي ويجهو اَچي، هن جي بشرٽ لاهي هيٺ ڦٽي ڪري ٿو. بعد ۾ گنجي لاهيندي[ تو به ڪيترا ڪپڙا پائي رکيا آهن؟ ]۽ گنجي لاهي پٽي ٿو ڪريس[ توکي پهرين خود کي ]سوٽ کوليس ٿو[ ننگو ڪري جاچڻ کپي. +]اوندهه) +سين _ 2 +]اِسٽيج ٽنهي پاسي ڪارن پردن ۾ ئي هوندي، سامهون ديوار ويجهو هڪ در هوندو ۽ جنهن جي کاٻي ساڄي هڪ هڪ دري هوندي. در درين جا پردا مٿي کڄيل ۽ ٻڌل آهن. +اِسٽيج جي وچ وٽ به آرام ڪرسيون ٻه ننڍا پيڙها ۽ وچڌ ۾ هڪ ننڍي گول ٽپاهي پيل آهي. هڪ ڪمري جو اَحساس ٿيڻ کپي. +اِسٽيج جي پاسي زمين تي ٽن پاون تي بيٺل هڪ لڪڙيءَ جو ٽي فوٽ لنبو لئمپ هوندو، جنهن تي زيرو بلب هوندو. لئمپ جو وڏو شيڊ لاهي اُن جي ڀر ۾ ريل آهي. +زيرو بلب جي روشني ٿئي ٿي. ڳاڙهي هڪ فلڊ_ لائيٽ ۽ ٻه فلئش. ’هو‘ دريءَ وٽ بيٺو آهي. درشڪن طرف پٺي. ٻاهر ڏسي رهيو آهي. ڪاري سوٽ تي ڪاري بشرٽ پيل اَٿس. سگريٽ پي رهيو آهي. ڪارا ڪپڙا پاتل م جو پرويش. م ’چپچاپ‘ آرما ڪرسيءَ تي وهي ٿو.[ +هو: مان جيئن ئي سوچڻ شروع و ڪريان..... +م: (مسڪرائي) مان هليو ٿو اَچان! (ساهي) توکي پردا بنهه ڏٺا نه وڻندا آهن..... +هو: پر هي مٿي کڄيل آهن_ منهنجو پنهنجي پتنيءَ سان هڪ سمجهوتو ڪيل آهي ته جڏهن مان گهر نه هوندس ته هوءَ پردا ڪيرائي ڇڏيندي ۽ جڏهن مان هوندس تڏهن هوءَ هن روم ۾ نه ايندي ۽ پردا مٿي کڄيل هوندا. +م: سمجهوتو هن مون سان ڪيو هو ۽ اهو ڪم ڪرڻو توکي هو. +(خاموشي هو م جي سامهون پيڙهي تي ٽنگون ڦهلائي وهي ٿو. +هو: ته..... +م: ته تون آخر خود کي ننگو ڪري رهئين. +هو: تو ئي چيو هو شيون ۽ شهر وغيره کان پهرين اَهم اِنسان جو جسم آهي، اُهو ننگي روپ ۾ ئي اَصليت ۾ هوندو آهي. +م: اَن ڪري پتني هن ڪمري ۾ نه ايندي آهي. +هو: رات جو اوندهه ۾ هوءَ هت ئي سمهندي آهي، پر هاڻ تون هت آيو آهين نه! +م: سو ڇا؟ ڇا هر حرڪت جي مونکي خبر ناهي؟_ +هو: تون برابر هئين ته ڪپڙا پڻ هڪ قسم جا پردا ئي هوندا آهن ۽ چهرا ته...... +م: هاڻ تون ڇا ٿو محسوس ڪرين؟ +هو: (کلي طبيعت سان سڄي ڪمري ۾ چڪر هڻي) سنتوش آهي ۽ فرحت پيو فيل ڪريان. +م؛ بلڪل آزاد نموني؟ +هو: ها! +م: بلڪل؟ +هو: ها ها! +م: وري سوچي ڏس. +هو: (هن جو شرير ڍلو پئجي وڃي ٿو) شايد_ بلڪل نه. +]هو م کي ڏسي ٿو. م اُٿي ٿو هو پيڙهي تي وهي ٿو) ها بلڪل نه نه. +م: (چپ. پيڙهو کڻي هو جي ڀر ۾ اَچي) توکي اَڄ لڳ ڀڳ مهينو ته ٿيو جو تون آفيس نه ويو آهين! موڪل تي آهين! +هو: شايد! +م: آفيس مان توسان ملڻ ته آيا ئي هوندا. +هو: آيا هئا. +م: تنهنجو ونهوار هميشـﮧ جيان کهرو ئي رهيو هوندو. +هو: هنن ڳالهايو پئي، ڳالهائيندو رهڻ چاهيو پئي_ مون ريسپانس نه ڏنومان. +م: تون اَڃا نوڪريءَ تي آهين. +هو: مونکي خبر پئي. ان ڏينهن مان آفيسر سان بدتميزيءَ جي حد تائين ان ڪري لهي آيو هوس جو چاهيو هوم، جئن هو مونکي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏين. +م: جو آفيسر به ڪيترا چهرا رکي توسان ڳالهائيندو آيو هو. +هو: پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اَچي ته..... +م: ته هو آفيس جا ماڻهو، رشتيدار، دوست، سوسائٽيءَ وارا تنهنجي بدتميز ۽ واهيات حرڪتن باوجود به ڇو توسان سمپرڪ رکندا ٿا اَچن؟ +هو: (گهوري ڏسي ٿو) +م: توتي اِئين برابر وڌيڪ ۽ وڌيڪ غصو چڙهي ٿو. تون اَندر ۾ سڀن جو خون ڪري ٿو ڇڏين پر ٻاهر..... +هو: ها مان ٻاهر هنن کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهان_ ڪجهه به نه. +م: ۽ تون هنن سڀني اَڻوڻندڙ ماڻهن وچ ۾ نه چاهيندي به هجين ٿو ۽ ان ڪري تون لڳاتار خود کي هنن وچ مان گم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو اَچين ٿو. +هو: نفرت! +م: ۽ هو هر هر تنهنجي سامهون اَچيو وڃن ٿا. کلن ٿا. ڳالهائين ونهوار رکن ٿا. رشتا رکن ٿا. آفر ڪن ٿا. سنپرڪ رکن ٿا ۽ تون چپ چاپ سهندو سڀ ڪندو وڃين ٿو........ +هو: سهندو. +م: هنن وٽ توکي سزا ڏين جو هڪ ئي طريقو آهي.تو کي تنهنجين ئي. حرڪتن سان مارڻ..... (ٻه دفعا) +هو: پنهنجي ئي حرڪتن سان! +م: توکي پنهنجي وچ ۾ رکي توسان لڳاتار سنپرڪ رکڻ. +هو: ڇو؟ اِئين ڇو وڪرم؟ +م: توکي ياد آهي وڪرم، ته تو سال اَڳ هنن جي گهر دوڪانن، سوسائٽي، رستن شهر جا پردا کڻڻ چاهيا هئا. انهن کي اکوڙي ڦٽو ڪرڻ چاهيو هو. ڪجهه ڏينهن پهرين تو هنن سڀني کي ننگو ڪرڻ چاهيو هو...... +هو: ۽ هنن مونکي ننگو ڪري رکيو! مون پنهنجي گهر ۽ شرير جي پردن کي ڇڏي ڏنو. +م: تنهنجو پنهنجي گهر ۽ شرير جي پردن لاهي ڇڏڻ هن شهر جي ماڻهن کي پسند ناهي. خود پتنيءَ کي به پسند ناهي. +هو: هوءَ اوندهه ۾ ته هت مون وٽ ايندي آهي! +م: جو ان کانسواءِ هوءَ هلائي نٿي سگهي. ]خاموشي هو اُٿي دريءَ طرف وڃي ٿو. سندس پٺي دريءَ طرف ۽ مخاطب درشڪن سان. دريءَ جو پردو ڌيري ڌيري کلي لٽڪي ٿو وڃي. م اهو سڀ ڏسي، پيڙهي تان اٿي لئمپ وٽ اَچي ٿو ۽ بلب ڪڍي ٿو. ڪي پل مڪمل اوندهه. هو ٿورو زور سان ڳالهائي ٿو.[ +هو: بلب ٻار! بلب ٻار ٻار. +م: توکي هن جي ٻرڻ يا وسامڻ سان ڪوبه فرق هئڻ نه کپي. +هو: مونکي مونجهه ٿي ٿئي. +م: مونجهه ته پهرين به هئي اوتري ئي شدت سان جيتري پهرين پردا مٿي کڻڻ بعد رهي. شرير جا ڪپڙا لاهڻ باوجود رهي. +هو: پر هينئر مونجهه...... +م: اندر جي مونجهه جو ٻاهرين روشني يا اونده سان ڪهڙو تعلق؟ +هو: ها، اندر جي مونجهه سان پردن کڻڻ يا ننگو ٿين سان ڪهڙو تعلق؟ +م: برابر. شين جو ٻاهريون ڪوَر لاهڻ سان يا سرڪائي ڇڏڻ سان اصلي پٺو اچي نٿو وڃي. البت اهي ظاهر ضرور ٿين ٿيون. جڏهن ڪ ڪوشش شين جي اندرين بناوت، انسان جي اندرئين سڀاءُ ۾ اصلي پڻو آڻڻ جي هئڻ کپي_ جيڪو تنهنجي منهنجي هٿ ۾ ناهي. اُن پٺيان گڏيل هٿ ٿين ٿا. +هو: ڳالهه ڪافي منجهندي ٿي وڃي. +م: (هو بلب لئمپ ۾ وجهي ٿو_ پهرين جيان روشنيون) ڏس، تنهنجي شرير جي ننگائپ ڍڪڻ لاءِ اوندهه جي ضرورت پئي ۽ ظاهر ڪرڻ لاءِ روشنيءَ جي. ٺيڪ ڪيترن شين جي اَصليت ڍڪڻ لاءِ روشنيءَ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ اوندهه جي ضرورت پوندي آهي. +هو: مونجهه ته تهائين وڌندي وڃي ٿي. +م: خود مان منجهي پوندو آهيان_ آخر ڇا؟ +]خاموشي. ٻئي هڪ پيڙهي تي هڪ ٻئي کي پٺي ڏيئي ويهي رهن ٿا. هوُ سگريٽ دکائي ٿو.[ اسان جو من ئي ڪيترن پردن پ��يان لڪل آهي. سڀ کان پهرين اُن کي پردن پٺيان ڪڍي اَچڻ کپي. +هو: من جي مونجهه پهرين کان برقرار شايد اُن لاءِ ئي رهي آهي. تون برابر آهين. +م: شايد اُهي پردا چيري سگهجن شايد شايد شايد. +شايد ]هوُ سگريٽ وسائي تڪڙو اُٿي ٿو. ٻئي ڪلاڪ وائيز هڪ ٻئي پٺي کي ڏيئي، سٽجي ڦرن ٿا.[ +هو: شايد؟ +م: شايد +هو: اُهي پردا.... اُهي پردا.... اُهي پردا..... +]اوندهه. ڏهن سيڪنڊن بعد ساڳي روشني. هو کي ڪاري سوٽ تي نائيٽ گائون پيل آهي. شيون ڪمري ۾ اُهي ئي هونديون پر بدليل جڳهين تي. در درين جا پردا ڪريل هوندا. ’هو‘ کاٻي ڪنڊ ۾ هوندو. م ڪارن ڪپڙن ۾ ساڳي ئي پوزيشن ۾ هو سان اينٽي ڪلاڪ وائيز پري لفظ دهرائي رهيو آهي.[ شايد.... شايد.... شايد..... +هو: (رڙ) خاموش! (پري ٿي)_ مان بور ٿي چڪو آهيان. تنهنجي شايد شايد ٻڌي!_ تون اڃا ويو ناهين؟ +م: اِرادو ناهي. +هو: تو اُن ڏينهن ٻڌايو هو تنهنجو به نالو وڪرم آهي! +م: ڇا آهي. +هو: جن پهرين وڪرم نالو ٻڌايو آهي، اُنهن سڀني جي، تنهنجي ۽ تنهنجي شڪل ته ڦريل آهي. +م: حقيقت ۾ منهنجو ڪو چهرو ناهي. +هو: مون توکي هر بار چهري ۾ ڏٺو آهي. +م: تو ڏٺو نه پر اميجن ڪيو آهي. تو هر بار مونکي ڪنهن نه ڪنهن چهري ۾ اميجن ئي ڪيو آهي. تنهنجا اميجن ڪيل چهرا هڪ جهڙا ناهن ۽..... ڇڏ. +هو: ۽ ڇا؟ +م: پر اڃا به اِن باوجود تو وٽ هڪ اهڙو چهرو آهي جنهن سان تون چاهين ٿو ته مان ميل کان پر..... +هو: (اتسڪتا) پر ڇا؟ +م: پر اُهو ميل ڪڏهن به ممڪن نه هوندو آهي_ تو ڪڏهن پنهنجو چهرو ذهن ۾ اُن روپ ۾ اميجن ڪيو آهي، جنهن روپ ۾ چاهيو آهي؟ +هو: مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. +م: مونکي تنهنجي ذهن جي خبر آهي. تنهنڪري مان ٻڌائي سگهان ٿو. دراَصل مونکي پڻ تنهنجي چهري جي اَصليت جي خبر ناهي. اُهو پڻ اميجن ڪيل آهي. +هو: پوءِ به پاڻ ٻنهي جو چهرو هڪ جهڙو ناهي؟ +م: منهنجو چهرو تنهنجو اميج ٿي سگهي ٿو وڪرم! باقي مونکي چهرو ناهي. +هو: اوه! +]خاموشي. هو صندل تي وهي ٿو. م پيڙهو ڇڏي ٿو. سوچي ٿو. اوچتو ٻنهي جي هڪٻئي تي نظر پوي ٿي.[ +ٻئي: ڇا سوچي رهيو آهين؟ (ساهي) تون ڇا سوچي رهيو آهين؟ (ساهي) تون ٻڌاءِ...... +]هوُ ٻئي وري پهرين واري حرڪت ۾ مشغول ٿين ٿا. وري هڪٻئي تي نظر پوين ٿي[ +ٻئي: تون..... +[هڪ ٻئي کي ڏسندا بيهن ٿا، ڪجهه اُن اِنتظار ۾ ته پهرين سامهون وارو ڳالهائي. ساهي. آخر ۾ م ڳالهائي ٿو[ +م: مان اهو سوچي رهيو هوس ته پهرين سڀني ٺوس سخت پردن کي چيري من کي ڪڍي اَچڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪرڻ کپي. +هو: تو شايد مارڪ نه ڪيو آهي، منهنجي ڪوشش جاري آهي. تون ڪيترن ڏينهن کان هڪ ئي جڳهه تي هڪ ئي ڳالهه تي شايد شايد شايد ڪندو شايد ڪجهه سوچي رهيو آهين! +م: شايد! +هو: ڏس، ]در درين ڏانهن اِشارو[ مون شهر جي پردن کي لٽڪڻ ڏنو آهي. مون پڻ شرير تي ڪپڙا اوڍي ورتا آهن. پر....... +م: پر من تي پردا سهي نه سگهبا. +هو: من تي آيل اَدرشيه پردا ايترا ته آهن جو ڪيترا هٽائي ڪيترا هٽائجن! (ڪرندڙ لهجو( ڪيترا ڪٽي ڪيترا ڪٽجن! +م: پر سلسلو ته جاري رکڻو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي. +هو: تون ته مون کان وڌيڪ منجيل ٿو لڳين. +م: منهنجي مونجهه جي ۽ بيحد اَسهه مونجهه جي ته هاڻ شروعات ٿي آهي. +هو: اوف! پردا ته جئن جو تئن آهن! +م: پردا جئن جو تئن ئي هوندا آهن. رهندا آهن. +هو: اُهي مونکي لڳي ٿو وڌي رهيا آهن. پر مان پردا چيرڻ کانسواءِ رهي به نه سگهندس. +م: پردا چيرڻ ۽ ڪتڻ سان اُهي ضرب جي حساب سان ئي وڌندا ويندا آهن. +هو: مان ڀٽڪي رهيو آهيان_ +مان رڌل آهيان. +م: (لئمپ جي ڀرسان اَچي ٿو بلب ۾ هٿ وجهي) شايد اَسين صحيح رستي تي آهيون (۽ هوُ بلب ڪڍي ٿو ��ڏي_ جهڪي روشنيءَ جو ڦهلاوَ) +هو: شايد. اَسين ڀٽڪي رهيا آهيون، ڀٽڪي رهيا آهيون. +م: اهوئي رستو آهي. +]۽ هو ۽ م سڄي ڪمري ۾ ڦري اَدرشيه پردا مٿي کڻڻ ۾ يا چيرڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. ڌيري ڌيري ٻيا به ٻه ٻه (جنهن ۾ هڪ کي چهري تي رومال ٻڌل هوندو ۽ ٻيو اِئين ئي) ٿي اِسٽيج تي جئن ئي ايندا ويندا_ اَدرشيه پردا مٿي ڪندا_ تيئن هو ۽ م ٻئي اِسٽيج کان هيٺ لهي اَدرشيه پردا کڻندا روشني درشڪن تي. ڏهه سيڪنڊ بعد اوندهه (اِسٽيج ۽ هال ۾) ڏهه سيڪنڊ. ان وچ ۾ سڀ پردي پٺيان هلي ويندا. روشني هال ۾. اِسٽيج خالي_ اوندهه ۾.[ + + +منسپل ڪائونسلر +ايم_ ڪمل +پاتر: +ڦيرومل_ عمر 45 سال +ڦتومل_ عمر 35 سال +موٽوءَ ماءُ_ عمر 40 سال +منسپل ڪائونسلر +]پردو کڄي ٿو. هڪ ڪمري جو درشيه. واڻڪي نموني سجايل. هڪ پاسي 5-6 ديوتائن جون قطار ۾ ٽنگيل مورتون، هڪ کٽ، هڪ ننڍو ٽيبل، 2-3 ڪرسيون. موٽوءَ ماءُ کٽ تي سئيءَ سان ڪجهه سبي رهي آهي. ڦتن خوشيءَ وچان کلندو ڪمري ۾ پرويش ڪري ٿو.[ +ڦ: مان سئر آهيان...... ها ها ها..... سئر...... +(موٽوءَ ماءُ سبڻ بند ڪري کيس عجب مان ڏسي ٿي.) +ڦ: (ڪوٽ لاهيندي) ٻڌءِ موٽوءَ ماءُ، تون ڪنهن کان به کڻي پڇ، سڀئي ٿا چون_ بازار ۾“ گهٽيءَ ۾، گهر گهر ۾، ڦتنمل سئر آهي_ سئر..... +م: هيءُ توهان کي ٿيو ڇا آهي. ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪريو_ سوئر ٿين توهان جا دشمن. +ڦ: ڪهڙي نه بيوقوف آهين.... جڏهن سئر مان آهيان ته منهنجا دشمن ڇو ٿين؛ ٻڌاءِ، ٻڌاءِ_ منهنجا دشمن ڇو ٿين؟ +م: موٽوءَ پيءُ، ڪوسا نه ٿيو.... هٿ منهن ڌوئي سانهه ستيءَ سان ته ويهو..... هان وٺو ٽوال (ٽوال ڏئيس ٿي.) +(ڦتن غصي مان ٽوال وٺي سنان جاءِ ڏانهن هليو ٿو وڃي.) +م: (پاڻ سان ڳالهائيندي) ڪيترو ٿي چيومانس ته نٽهڻ اُس ۾ مٿي اُگهاڙو نه گهم، پر هيءُ مڃي ڇو ٿو. اَلائي ڪهڙي ڳوري هنڌ جي ڇانو پيئي اَٿس يا دؤرو ويٺو اَٿس! اَڳي دؤرو پوندو هوس ته مون تي گارگند ڪندو هو ۽ هاڻي.... اَلا مان ته مٺيس (گهٻراهٽ ۾ اُٿي ٿي، هڪ پاسي جتي مورتيون ٽنگيل آهن، اُتي وڃي ٿي) گرو بابا تون لڄ رکينم. ڪڻاه ٿي باسيانءِ..... شو شنڪر ڀولا_ تون پت رکجانءِ_ روٽ ڪنديسانءِ! ڪرشن مراري، توکي قسم ٿئي، راڌا جو، ڪالي ماتا، ديوي_ جن ڀوت کي تڙي ڪڍج! لعل سائين منهنجي ٻيڙي اَٿيئي وچ سير ۾. +ڦ: (اندر اچي ٿو) سئر.... ها ها، (هلڪي سڀاويڪ خوشي) +م: طبيعت ته ٺيڪ اَٿوَ نه؟ +ڦ: ڇو، ڇا ٿيو آهي مون کي؟ +م: مهراج ڀولارام جي رکيا ته ڪونه لاٿي اَٿو نه؟ +ڦ: توکي ٿيو چاهي....؟ چري تون سمجهين نٿي، مان سئر ٿيو آهيان! سڀ ٿا چون_ ڦيرو به ٿو چوي! +م: توهين سئر آهيو، توهين سوئر آهيو؟ توهين سوئر آهيو؟ ته (روئڻهارڪي نوع ۾) مان ڪير ٿيس؟ +ڦ: (ٽهڪ ڏيندي) تون.... تون موٽوءَ ماءُ.... موٽوءَ ماءُ آهين! +(دروازي تي سڏ جو آواز: ”ڦتنمل_ او ڦتنمل“) +ڦ: هلي آءُ ڦيرومل، هلي آءُ. +ڦي: ڀاڀي هري رام (موٽوءَ ماءُ منهن کي موڙو ٿي ڏئي.) +ڦ: ير ڦيرو! مونکي سڀئي ٿا سوئر سمجهن_ نه؟ +ڦي: جيڪي نٿا سمجهن، سي گڏه آهن! +م: (موٽوءَ ماءُ جو سڏڪو_ هوءَ مورتن جي ڀر ۾ بيٺي آهي) گرو بابا، شو شنڪر..... +ڦي: ڀاڀي خئر ته آهي نه؟ +م: جتي تنهنجو پير، اُتي ڪهڙو خئر؟ تون...... +ڦ: موٽوءَ ماءُ توکي هيءُ ڇا ٿي ويو آهي. +م: مونکي ڇا ٿي ويو آهه؟ مان پڇان ٿي توهان کي ڇا ٿي ويو آ؟ (ڦيرو ڏانهن منهن ڪري) اَڳي اَلائي ڇا پڙهي پيئاريئس، جو پهرن جا پهر دڪان ڇڏي، پيو شاعريءَ جا ملاکڙا ڪندو هئو، ۽ بيتن سان پيو ملهه وڙهندو هئو. هاڻي وري شاعر مان، پاڻ کي سوئر پيا ٿا سڏين! (هلڪو روئڻ) +ڦي: سوئر..... ها ها ها..... (بي باڪ ٽهڪ) واه ڀاڀي واه! تنهنجي سادگيءَ جو به جواب ڪونهي! در اَصل ڦتنمل سوئر نه، شئر آهي شئر_ شئر معنيٰ پڪ، هيءُ اَنگريزي اَکر آهي. +ڦ: ڪهڙي بيوقوف آهين، هيءُ معمولي اَنگريزي اکر نٿي سمجهين؟ +م: سڪيلڌو موٽو، سڄو سال انگريزي پڙهيو ته به اکر نه آيس_ باقي توهان کي دڪان تي سيڌو توريندي توريندي، انگريجي اچي ويئي. +ڦ: توبهه_ هن سان ٿورو ڳالهاءِ ته زبان کڻي ٿي ڪلهي تي رکي! +ڦي: ڀاڀي، توکي ته خبر آهي هتي چونڊون ٿينديون آهن. زور شور سان لائوڊ سپيڪر تي واڪا ڪونه ڪندا آهن؟ ووٽ ڏيو.... ووٽ ڏيو_ +م: ها ها ڄاڻان ٿي، اهڙي بي سمجهه مان ڀي ڪانه آهيان. +ڦي: ها، سو ڳالهه هيئن آهي ڀاڀي سڀني پاڙيوارن ۽ بازار جي دڪاندارن جي مرضي آهي ته هن تڪ مان ڦتنمل کي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر چونڊجي. ڇاڪاڻ ته ڀائو ڦتنمل جو سڀاءُ آهي رلڻو ملڻو_ سندس هن کلڻي منهن ۽ ايمانداريءَ سڀني کي موهي رکيو آهي. +م: ٻاهر سڀني کي مرڪي موهي رکيو اٿئون_ ۽ گهر ۾، سڀني کي اکيون ڏيکاري کوهي رکيو اٿئون! +ڦ: (ٿوري غصي ۾) بند ڪر بڪ بڪ ۽ ڪڇ ٻئي جي به ٻڌ. صدي گذري ويئي پر صبر نه سکئين! +م: واه! واه! (طنزي نوع ۾) ڏسو! ڇا ته کلڻو منهن اٿس! ڇا ته رلڻو ملڻو سڀاءُ اٿس! ست سريون ٻڌائڻ ۾ هن جهڙو ڪو ڪونهي! +ڦ: (وڌيڪ غصي ۾) موٽوءَ ماءُ...... +ڦي: ڦتن! ڀاڀي تون سمجهين ڇو نه ٿي.....؟ ڇا تون نٿي چاهين، ته صبح شام ست ست ڀنگي اچي گهر جي آسپاس صفائي ڪن، ڀلي ٻئي جي نالي به صفا ڪن نه ڪن! ڇا تون اِهو نٿي چاهين ته تنهنجي ئي گهر جي آسپاس ٽيوب لائيٽ هجن، ڀلي گهٽيءَ جي ٻنهي ڇيڙن وٽ ڪاري ٻاٽ هجي! ۽ جڏهن تون بازار مان لنگهين..... +ڦ: سلڪ جي لنڊي ساڙهي پائي..... +ڦي: (ڇڙٻيندي) ڦتن! ها بازار مان لنگهين ته سڀ ماڻهو ڏسي توکي موٽوءَ ماءُ نه_ پر چون، هوءَ ٿي وڃي ڦتنمل ڪائونسلر جي ڌرم پتني! ۽ جنهن دڪان تي وڃين، بس اچو_ اچو پيئي پوي، سڀ سؤدو قطار ۾ بيهڻ بنا اَول توکي ملي وڃي. +م: راشن ڀي؟ +ڦي: ها ها.... راشن ڀي! ۽ ڀاڀي، هرڪو ڦتن پٺيان پيو ڦرندو_ ’ڦتنمل هيءُ ڪم ڪرائي ڏي_ هو ڪم ڪرائي ڏي_ صبح کان وٺي رات تائين، ماڻهو هٿ ٻڌيو_ چندي لاءِ، صحين لاءِ، قطار ڪيو بيٺا هوندا. +م: مئس! گهر ٿيو، يا گاسليٽ جو گدام! +ڦي: ۽ ڀاڀي، صبح سانجهيءَ موٽر بيٺي هوندءِ. +م: (خوش ٿي) اَسان جي پنهنجي! +ڦي: پنهنجي ڪيئن؟ في اِلحال ميونپسالٽيءَ جي! +م: ڇو، اَسين ڪچرو آهيون ڇا جو ميونسپالٽيءَ جي موٽر ايندي؟ مونکي نادان ٿا سمجهو ڇا ميونسپالٽي جي موٽر..... +ڦ: اونڌي گهڙي تي پاڻي هارڻو اَٿيئي ڦيرو. +ڦي: تون بس ڪر. ۽ ڀاڀي ڦتن لاءِ وڏا وڏا جلسا ٿيندا_ کيس مانپتر ملندا_ گهڻا گهڻا هار پوندا. +م: اُهي ته کيس شاديءَ تي ڀي پيا هئا. +ڦ: اُن لاءِ ته اڃا تائين پيو ٿو لوڙهيان. +م: ڇا چيئه......؟ +ڦي: ڦتن.... ۽.... ۽ ڀاڀي ايترو ته نانءُ ٿيندءِ جو موٽوءَ جي مائٽين جي ڌم لڳي ويندءِ. +م: ڀائو سچ! +ڦي: سوا سورها آنا_ 125 پئسا سچ. +م: اِها ڳالهه آهي! ٻري، مونکي ڪهڙي خبر! موٽوءَ پيءُ جو سڀاءُ ته رلڻو ملڻو آهي. منهن به کلڻو اٿس. پوءِ ڇو نه سوئر ٿيندو. شل سدا ٿيندو. +ڦي: ڀاڀي سوئر نه شوئر. +م: ڀائو ڪهڙو فرق آهي_ سمجهان ٿي مطلب. اِها معمولي انگريجي مونکي به ايندي آ..... +ڦي: (ٿڌو ساه ڀري) شڪر آ.... ڀاڀي ڀلا هاڻي چانهه ٻانهه.....؟ +م: کوڙ چانهه_ دل بسڪوٽ! +(موٽوءَ ماءُ رنڌڻي ڏانهن وڃي ٿي.) +ڦي: هاڻي ڦتنمل، اسان کي هڪدم تياري ڪرڻ گهرجي. چونڊون لڙڻ جنگ برابر آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجي هر سرحد کي پختو ڪري، پهري سجاڳ رهڻو آهي. +ڦ: ڀائي جيئن تون چوين تيئن ڪريان. جنگ جو لفظ ٻڌي، هونئن ته منهنجي دل دهلجي ٿي وڃي. پر هڪ ڳالهه جو سوچي همٿ ٻڌجي ٿي! +ڦي: اِها وري ڪهڙي ڳالهه آ؟ +ڦ: جنگ ۾ هر شيءِ جو اگهه چوٽ چڙهي ويندو آهه. ٻه ڏوڪر ڪمائڻ جو به وجهه ملي ويندو آ! +ڦي: ڦتن هيءَ اؤر جنگ آ منهنجا سڄڻ. +ڦ: پر پاڻ کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچيئي. +ڦي: پرواه ناهي. هيءَ جنگ کٽڻ لاءِ سمجهه وارن جي نه پر بي سمجهن جي ضرورت هوندي آ. ۽ اسان وٽ اُنهن جي ڪمي ڪانهي! +ڦ: هان..... اچي ويئي.... چانهه کڻي (موٽوءَ ماءُ ڏانهن اِشارو). +م: ها ها! اسان وٽ ڪنهن جي به ڪمي ڪانهي (چانهه ٽيبل تي رکي ٿي). +ڦ: موٽو ماءُ وٽ صرف هڪ شيءِ جي ڪمي آهي. (دماغ ڏانهن اِشارو ٿو ڪري، پر موٽوءَ ماءُ نٿي ڏسي.) +م: ها ڀائو. سچ پچ هڪڙي ڪمي آهي؟ هڪڙي سنهري سهڻي نونهن جي. +ڦ: موٽو مڱيو ڏيهه ڏسندو؟ +م: پيءُ آهين يا دشمن! +ڦي: ڀاڀي، هيءَ گهرو جنگ پوءِ وڙهجو، هاڻي.... (چانهه ختم ڪندي) هاڻي اَسان کي ٻين سان جنگ جوٽڻي آهي. ڌيان ڏيئي ٻڌو. هيءَ جنگ کٽڻ لاءِ پهريون قدم آهي، پنهنجي پرنسلٽي کي چمڪائڻ. +ڦ: ته ڇا، موٽوءَ ماءُ کي پالش ڪرائڻو پوندو! (عجب سان موٽوءَ ماءُ کي ڏسي ٿو.) +م: (غصي ۾) پالش ٿئي منهنجو پادر. منهنجو نانءُ ڳنهندا ته..... +ڦي: ڀاڀي، سمجهڻ بنا ئي وچڙيو ٿا وڃو.... پرسنلٽيءَ جو مطب آهي شخصيت، ٻاهريون رنگ روپ. هيءُ هڪ انگريزي اَکر آهي. +ڦ: ڪهڙي نه نادان آ! معمولي انگريجي اَکر نٿو اَچيس! (کلي ٿو). +ڦي: ڀاڀي، هن جنگ ۾ اَسان سڀني کي هڪ ٿي لڙڻو آ. ٻين ماڻهن تي رعب ڄمائڻ لاءِ، وچ وچ ۾ ٿورا انگريزي اکر ڪم آڻڻ ضروري آهن. جيئن مون هينئر Personality اکر ڪتب آندو! +م: ڀائو، مان ته هڪ دفعي سان ئي سکي وينديس. مٿو هڻڻو پوندوَ هن سان! ويهه سال ٿيا آهن، مونکي هن سان مٿو کپائيندي. +ڦ: ڀاڀي. اهو قصو هاڻي هتي ختم ڪيو. اول ڦتن جي پرسنلٽيءَ کي چمڪائڻ لاءِ، هن جي حجامت ڪرائڻي پوندي. +م: هاءِ مٺيس هاڻي هيءُ سنئين لڱين گهمي به نه سگهندا! +ڦي: ڀاڀي، منهنجو مطلب آهي رڳو ڏاڙهي مڇون چٽ. +(م: هان ائين چئو.) انگريزي وار، واڻيا خميس نه پر ڪرتو. ان جي مٿان صدري ڀاڀي ڦتنمل ارڙهن سالن جو نه لڳي ته شرط آ. +م: هيءُ ته ارڙهن سالن ۾ اٺيتاليهن سالن جا لڳندا هئا. +ڦ: (غصي ۾) مان ڇا پڻين وانگر ٻڍو ڄائو هوس؟ +م: موٽوءَ پيءُ، پيءُ تي نه وڃوم. ويچاري جي آتما کي دک رسندو! (روئندي) کيس ڪهڙي خبر ته سندس سڪيلڌي ڌيءَ، اِڪي لڌي وٽ ڀوڳي پيئي ٿي. (هلڪو سڏڪو) +ڦي: ڀاڀي.... ڀاڀي..... +ڦ: ڇڏيس يار ناٽڪ ٿي ڪري. +م: (اڃا به زور سان روئندي) ته ڇا، مان ناٽڪ ڪندي آهيان؟ (سڏڪندي مورتن اڳيان وڃي ٿي) گرو بابا، شو شنڪر، ڪرشن مراري، ڪالي ماتا، لعل سائين...... منهنجي ٻيڙي اٿيئي وچ سير ۾.... ڪنور ڀڳت..... +ڦ: (طنزي ڳائيندي) پلؤ پايان ٿي مان..... +ڦي: ڦتن، يار هاڻي تون ئي کڻي بس ڪر..... ڀاڀي مان هاڻي ڦتن کي وٺي ٿو وڃان. سندس ويس وڳو بدلارائي، اصل اهڙو نئون ڪندوسانس جو تنهنجي دل باغ باغ ٿي ويندي. +ڦ: موٽوُءَ ماءُ هاڻي کل ته سهين (تمام ويجهو ويندي) موتين جهڙا ڏند ته ڏيکار. +م: عمر چڙهي ويو پر لڄ ڪونه سکيا (مٿو ساڙهيءَ سان ڍڪي ٿي). +ڦي: چڱو ڦتن، هلون! +(ٻئي وڃن ٿا.... موٽوءَ ماءُ کي ڪجهه ياد ٿو اَچي). +م: (ڦيروءَ کي سڏيندي). ڀائو_ (ڦيرو ڦتن کي در تي ئي ڇڏي پويان وري ٿو. موٽوءَ ماءُ آهستي ڳالهائي ٿي جئن ڦتن نه ٻڌي)..... موٽوءَ جي مائٽيءَ جي تڪڙ نه ڪريان نه؟..... هجار ٻه وڌيڪ ئي ملندا نه......؟ +ڦي: ڀاڀي_ يقينن_ تنهنجو موٽو آهي تالپتري.... جيترو پسندو اوترو وڌيڪ ڳؤرو ٿيندو. +م: ها ها ڇو نه ٿيندو.... نيٺ به سوئر جو پٽ آ.....! (ڦيرو ۽ ڦتن وڃن ٿا. موٽوءَ ماءُ ڪوپ پليٽون کڻي رنڌڻي ڏي وڃي ٿي ۽ وري يڪدم موٽي اچي گهر کي ٿورو ٺاهي ٿي، ۽ آرام سان کٽ تي ويهي سبڻ کي لڳي ٿي وڃي. چند سيڪنڊن کان پوءِ، در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز..... ۽ پوءِ سڏ ٿئي ٿو). +مهراج: سيٺ ڦتنمل..... او سيٺ ڦتنمل! +م: اَچو مهراج سوامي اَچو! +مهراج: هري هر مائي موٽوءَ ماءُ،..... آنند منگل...؟ ڇو سيٺ ڪانهي ڇا؟ +م: هي ٻاهر ويا آهن.... +مهراج: لاهور ويو آ...!!! +م: (زور سان) ٻاهر ويو آ، ٻاهر! مهراج، چانهه پيئندا يا شربت؟ +مهراج: لاهي ويندا_ ڪير لاهي ويندا؟ ڇا لاهي ويندا؟ +م: (ڏاڍيان) مون چيو چانهه پيئندا يا شربت؟ +مهراج: ها ها چانهه....... نه نه..... گرمي آهي! +م: (اُٿندي) چڱو شربت کڻي ٿي اَچان. +(موٽوءَ ماءُ اَندران شربت کڻي اَچي مهراج کي ٿي ڏي). +مهراج: هري اوم_ هري اوم (شربت جو ڍڪ پيئندي) پوءِ، موٽوءَ جي مائٽيءَ جو ڇا سوچيئه.......؟ +م: ڪهڙي تڪڙ آ_! +مهراج: لڪڙا_؟ ڪهڙا لڪڙا_ ڪنهن جا لڪڙا؟ +م: (ٿورو زور ۽ صاف) مون چيو تڪڙ ڪانهي_! +مهراج: ڪمال آهي_ هونئن صبح شام پئي ننهن_ ننهن ڪيئه_ هيءُ اوچتو ڇا ٿيو آهي موٽوءَ ماءُ......؟ +(موٽوءَ ماءُ ٿورو مرڪي ٿي) +مهراج: مائي موٽوءَ ماءُ ڳالهه ڇا آهي؟ هاڻي هڪ سٺو گهر آ.... ٽي هزار کن ڏيندءِ_ +م: مونکي ٽي نه_ ڏهه کپن، ڏهه_! +مهراج: ڇا چيئه، ڇهه؟ +م: (آڱريون ڏيکاري زور سان) ڏهه کپن ڏهه_ هجار! +مهراج: ڏهه هزار، ۽ موٽوءَ جا؟ ها، پنجاه سٺ سالن کانپوءِ شايد ڪو مت جو ماريو ملي وڃيئي! پر موٽوءَ ماءُ، هيءُ اوچتو ڦيرو ڪيئن؟ +(موٽوءَ ماءُ مرڪي ٿي)_ +مهراج: ڪا مڙيوئي ڳالهه آهي! +م: ڇاهي جو، هيءُ سوئر ٿيا آهن...... +مهراج: هان، سوئر گهڻا آهن؟ ها ها_ پر شهر ۾ گند به ته گهڻو آ نه! +م: مهراج، هيءُ آهي سوئر نه...... +مهراج: اهي گند خور سوئر نه؟ ٻيا سوئر؟ ها ها، جيڪي گاهه تي پالي وڏا ڪبا آهن! انگريز ته اُنهن کي کائيندا به آهن_ مها پاپي جيوَ ڪٿان جا! پر اَهڙا سوئر هتي ته ڪونهن! +م: توبهه هاڻي ڪير مٿو هڻي! (زور سان) مهراج سوامي، هيءُ بيٺا آهن! +مهراج: ڇا؟ بيٺا آهن_ ڪير بيٺا آهن؟ سوئر بيٺا آهن؟_ +ها ها_ بيٺا هوندا در ٻاهران. پر جڏهن مان آيس، تڏهن ته ڪونه هئا! پر مائي موٽوءَ ماءُ، هن موٽوءَ جي مائٽيءَ ۾، سوئر ڪٿان اَچي ٽپڪيا؟ +م: اَئي اَڙيس (ڏاڍيان)_ مهراج، موٽوءَ پيءُ_ اَڄڪلهه_ +مهراج: بابا موٽوءَ پيءُ جي مائٽيءَ جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان_ +م: ٻڌو ته سهين! +مهراج: لڌو؟ ڪير لڌو؟ +م: بابا_ اَڄڪلهه هنن جي_ +مهراج: ها..... چئو. +م: هنن جي_ ڪهڙو اَکر هو!.... ها، مهراج_ اڄڪلهه هنن جي ’نلٽي‘ وڌي ويئي آهي_ (نلٽي اکر ٻڌنديئي مهراج ڇرڪ ٿو ڀري_ وات مان شربت نڪري ٿو اچيس_ گلاس رکندي اُٿي ٿو بيهي). +مهراج: مائي موٽوءَ ماءُ، هيءُ ڇا چيئي چئين؟ ڪو لڄ، ڪو شرم، هاءِ هاءِ ڇا ٿي ويو آهي زماني کي، پاڻي پيو ٻري_ پاڻي! بس مان هلان ٿو_ هاڻي هتي بيهڻ به پاپ آهي_ هري اوم..... هري اوم....! (مهراج وڃي ٿو_ موٽوءَ ماءُ حيرت مان کيس ڏسندي ٿي رهي_ پوءِ ڪجهه هوش سنڀاليندي گلاس کڻي ٿي). +م: توبهه، ڪهڙا نادان ماڻهو آهن_ معمولي انگريجي نٿي اچين! (ڀڻ ڀڻ ڪندي گلاس رنڌڻي ڏانهن کڻي وڃي ۽ وري اچي ساڳئي هنڌ ويهي سبڻ شروع ٿي ڪري. ٿوريءَ دير کانپوءِ ڦتن اچي ٿو. کيس صدري ڪرتو، پتلون، کاڌيءَ جي ٽوپي، ۽ اکين تي چشمو چڙهيل آهي. موٽوءَ ماءُ ڪجهه حيرت مان کيس تڪي ٿي_ پٺيان آهستي ڦيرو اچي ٿو ڦتن جي ڀر ۾ بيهي_ هوءَ سبڻ ڇڏي وڃي ڦتن جي اڳيان ٿي بيهي_ کيس چڱيءَ طرح ڏسي ٿورو پٺيان هٽي ٿي) +ڦي: ڪيئن ڀاڀي! ڇا ٿي ڀانئين؟ چيومانءِ نه ته دل خوش ٿي ويندءِ_ +م: ڀائو سچ پچ نلٽي وڌي ويئي اٿس! +(اِئين چئي ٿورو شرمائي ٿي_ ساڙهيءَ جو پلؤ مٿي تي ٺاهي ٿي ڦيرو ڦتن ڏانهن اٻوجهن وانگر نهاري ٿو ۽ ڦتن ڦيروُءَ ڏانهن، پوءِ موٽوءَ ماءُ ڏانهن سري سادگي سان پڇيس ٿو) +ڦ: ڇا وڌي ويئي آهي، چيئه؟ +م: (جهٽ جواب ڏيندي) اِهائي_ جيڪا ڀائوءَ پئي چئي_ +توبهه! معمولي انگريجي اکر به نٿو اچيو! +(ڦتن اهو ٻڌي مٿي تي هٿ ٿو هڻي ۽ پاسي ۾ پيل کٽ تي ويهي ٿو رهي ۽ اُداس لحظي ۾ چوي ٿو) +ڦ: لعل سائين منهنجي ٻيڙي اٿيئي وچ سير ۾ (هاڻي ڦيرو بي باڪ ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو) +ڦي: واه ڀاڀي واه_ تنهنجو به جواب ڪونهي! پر ڀاڀي، نلٽي نه، ڦتنمل جي ’پرسنلٽي‘ وڌي ويئي آهي. +م: سڄو اَکر ياد نه آهي ته ڇا ٿي پيو. پويون حصو ته برابر آهي نه!؟ +ڦ: (صبر وڃائي) سچ چيو اَٿن، نادان جي دوستي، جيءَ جو جنجال! +م: ها_ ها، مان نادان آهيان! +ڦ: نادان نه آهين ته ٻيو ڇا آهين؟ +م: (ڦيروءَ کي) ڀائو_ جنگ ٻين سان ڪرڻي اَٿس ڪين مون سان؟ اَچان ته سوئر نه ٿيو آه_ پوءِ ته اَلائي ڪهڙا وئل وهائيندو! +(رنڌڻي ڏانهن وڃي ٿي_ ڦتن سندس پويان ٿو وڃي ته ڦيرو روڪيس ٿو) +ڦي: (ٻانهن جهلي) ڦتن، ڇڏيو هيءُ گهرو ڪم ۽ ٻاهر جي ڪمن جي ڳالهه ڪريو. (ڦتن اَچي کٽ تي ٿو وهي) مون توکي اَڳ به چيو آهي_ ته هيءَ جنگ آهي ۽ اَسان کي سڀ هٿيار هلائڻا آهن. نه صرف هلائڻا آهن، پر ڪاميابيءَ سان هلائڻا آهن. تنهنڪري..... +ڦ: پر مان ته صرف هڪ ئي هٿيار هلائڻ ڄاڻان. سو آهي تارازي! اهڙو ته سٽڪو ڏيانس، جو سير ۽ پاءُ ٻئي برابر! (موٽوءَ ماءُ چپ چاپ اچي سبي ٿي). +ڦي: ڀائي_ لوهه جا هٿيار نه سئڪالاجيڪل هٿيار يعني منو وگيانڪ هٿيار_..... هاڻي اسان کي پهرين ته ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻو آهي ۽ پوءِ سندن دلين کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻو آهي! ان لاءِ، اڄ کان وٺي، توکي سڀني سان سڪ ۽ پيار سان گڏجڻو آهي. +م: (اکيون مٿي کڻڻ کان سواءِ) منهنجي ڀاءُ سان ڀي! +]ڦتن کيس گهوري ٿو ڏسي[ +ڦي: ڇا سمجهيئه؟ سڪ ۽ پيار سان گڏجڻو آهي ۽ ڳالهائڻو آهي! پوءِ ڀلي اُهو تنهنجو جاني دشمن ڇو نه هجي! هن جنگ جيتڻ لاءِ، عارضي نورت ضروري آهي. +ڦ: ٺيڪ آ، هل اَڳيان! +ڦي: اَڄ کان وٺي هر شيءِ تان نفعو ڪمائڻ بند. +م: ڀائو، توهان سدائين هن کي گهاٽي جون ڳالهيون ٻڌائيندا آهيو! +ڦ: ڀائي ڦيرومل، دڪاندار ڀل نورت ڪري، اَڇا ڪپڙا پائي، روز ڏاڙهي لاهي_ پر ٻيلي، نفعو ڪيئن ڇڏيندو؟ +ڦي: يار، ڏاڍو سادو آهين! اَڙي ڀائي شڪار ڦاسائڻ لاءِ داڻو ته اُڇلڻو ئي پوندو آهي نه؟ لڻڻ کان اَڳ ۾، پوکڻو به ضروري آهي؟ ٿوري وقت لاءِ گهاٽو ئي سهين_ پوءِ ته مال آڻيندين......؟ +ڦ ۽ م: ]گڏجي[ مال؟!! +ڦ: ڀائي، مون اِها پرولي نه سمجهي! +ڦي: اها پرولي اَڳتي هلي سمجهندين به، ڀڃندين به، في لحال مون تي ويسهه رک. +ڦ: چڱو ڀائي، اهو ڦاهو به ڦڪبو_ هل اَڳيان! +ڦي: اَڄ کان پوءِ، مکيه بازار ۾، ضرورت کان سواءِ_ تڪڙا تڪڙا ڦيرا ڏيڻا آهن. +م: جيئن منهنجن پيڪن کي تڪڙيون تڪڙيون گاريون ڏيندو آهين. +ڦ: ]خارن ۾[ موٽوءَ ماءُ ]ڍرو ٿيندي) ها، ڀلا ڀائي مان اِئين ڇو ڪريان؟ +ڦي: ڦتن ڏاها هن ڏيهه کي، ڏيکاوَ سان ٺڳيندا آهن! هاڻي ذرا سوچ، تون تڪڙو تڪڙو بازار مان هڪ دفعو لنگهندين، ٻيو دفعو لنگهندين ڪونه ڪو عقل وارو توکان پڇندو ئي! +ڦ: ها، سو؟ +ڦي: بس، اهو ئي مطلب آهي، هن ڏيکاوَ جو، ته ڪوئي توکان اهو سوال پڇي ته ”ڦتنمل، ايڏو تڪڙو تڪڙو، ڪيئن ۽ ڪيڏانهن؟“ ۽ اُن جي جواب ۾، تون کيس ٻڌائيندين ته سرڪاري آفيسرن سان ملڻو آهي، شهر جي مسئلن تي ويچار ڪرڻ لاءِ، مونکي ضروري ڪوٺ ڪئي ويئي آهي_ بس اِها ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي ويندي ۽ پوءِ ماڻهو سوچڻ شروع ڪندا_ پوءِ ڇا، هيءَ لوڪ آهي ٻوڪ، ڦتن تي سوچيندي سوچيندي ڦتن جي ڦيري ۾ اَچي ويندا. +م: جيئن بابو اَچي ويو توهان جي ڦيري ۾! +ڦ: پڻهين منهنجي ڦيري ۾ ڪونه آيو_ مان پڻهين جي ڦيري ۾ اَچي ويو هئس! +م: توبهه_ منهنجي ته هر ڳالهه ٿي کائيس! +پر ڦتن، وري هي گهرﺆ ڪم شروع ڪري ڇڏيئه؟ +ڦي: ها سو ڇا ٿي چيو مون؟ +ڦ: سرڪاري آفيسرن جا نالا، بزار ۾ تڪڙا ڦيرا ڏيڻ..... +ڦي: ها_ ۽ جتي به موقعو ملي_ ۽ جي نه ملي، ته پئدا ڪري_ اَڳ چونڊيل ميمبرن کي لوئجي. +م: اِها ڳالهه هن جي دل وٽان ڪئي اٿيئي. +ڦي: شهر جي هر خرابيءَ لاءِ هنن کي جوابدار ٺهرائي_ مٿن اِلزام مڙهجن_! ايتري قدر، جو قضا سان بي وقتائتو مينهن پوي، فصل کي نقصان پهچي ته، ان ۾ به سندن ڏوهه ڪڍجي_ +ڦ: يار ڳالهه ڳري آهي_ پر ڪبي_ هل اَڳيان؟ +ڦي: هاڻي اينداسين پروپوگنڊا تي! +م: اَئي اَلا! ڀوُنڊا به ڏيڻا پوندس ڇا؟ هي ته زنانو ڪم آهي! +ڦي: ڀاڀي، ڀونڊا نه_ پروپوگينڊا_ پروپوگينڊا. +۾: (نه سمجهندي) هاڻي سوُئر ڇٽا، ته وري گينڊا! +ڦي: پروپوگينڊا جو مطلب آهي، پرچار_ موٽر، لاريون، سڪوٽر، سائيڪلون_ لائوڊ سپيڪر تي، هر چؤنڪ، هر بازار، هر گهٽيءَ ۾ رڙ پيئي پوندي. ووٽ فار ڦتنمل! ووٽ فار ڦتنمل! وٽ فار...... (موٽوءَ ماءُ جي منهن مان ازخود نڪري ٿو وڃي) +م: ڦتنمل! +(ڦتن کيس عجب مان، ۽ ڦيرو کيس مڙڪي تڪي ٿو. هوءَ لڄائجي رنڌڻي ۾ هلي ٿي وڃي). +ڦي: ۽ چئني طرف ڦتنمل جا پوسٽر لڳي ويندا.... ماڻهن جي ڪنن ۾ ڦتنمل، اکين ۾ ڦتنمل، دلين ۾ ڦتنمل_ مطلب ته ماڻهن جي دماغ مان ڀوسو ڪڍي، ڦتنمل ڀري ڇڏڻو آهي. +ڦ: ڦيرومل_ ڪم ته مهانگو آ، پر هل اڳيان_! +(موٽوءَ ماءُ اچي ساڳيءَ جڳهه تي ٿي وهي) +ڦي: اُن کان پوءِ ننڍين ننڍين سڀائن ۾ جوشيلا ليڪچر ڪرڻا پوندءِ. +ڦ: ڀائي گهڻو ٿيو! مان ليڪچر ٻيڪچر مان ڪونه ڄاڻان_ +م: ها، هن کي ته رڳو، گهر ۾ ڀاشڻ ڏيڻ ايندا آهن!_ +ڦ: موٽوءَ ماءُ، وات بند ڪر! +ڦي: يار ليڪچر ڏيڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي؟ لکي مان ڏيندوسانءِ، توکي رڳو اُٿي ڪنهن ڍنگ سان اوڳاڙڻو آهي_! +ڦ: ۽ جي وچ ۾ ياد نه پوي ته؟ +ڦي: اِن ۾ فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مان پٺيان اَکر به اَکر ٻڌائيندوسانءِ، ۽ تون چوندو هلجانءِ_ +ڦ: ڦيرو، ٻيلي سوڻ سڻاوا نظر نٿا اَچن_ پر هل اَڳيان! +ڦي: ووٽ ڪرڻ جي تاريخ کان هڪ_ ٻه ڏينهن اڳ، پاڙي جي هر گهر ۾ وڃي، اُنهن جي خوشامند ڪرڻي آهي_ +م: جيئن گاگنداس ڪونه ڪيو هو؟ پوءِ ته مئو ڏسڻ ۾ به نه آيو! +ڦي: ڀاڀي، پوءِ ته ڦتنمل به گڏهه جا سڱ ٿي ويندو. +م: ڇا.......! +ڦي: منهنجو مطلب آ_ ٻين ڪمن ۾ لڳي ويندو. پر ڪي ماڻهو خوشامند ڪرڻ سان به راضي نه ٿين، ۽ قسم کڻڻ کانپوءِ به بيوقوف نه ٿين، ته کين سندن پاڙي جي گروءَ جو واسطو وجهجي_ +ڦ: تنهنجو مطلب ڇا آهي_؟ +ڦي: تمام سؤلو سڌو ۽ سياڻپ ڀريو مطلب آهي_ اڄ سڪولن جا سرٽيفڪيٽ، ڪاليجن جون ڊگريون ۽ لياقتون ڪم نٿيون ڪن! پر سنتن جون سفارشون، هر کيتر ۾ ٻيڙا پار ڪري ٿيون ڇڏين_ اسين به هڪ اڌ سنت جي دعا وٺي، اِشتهار ۾ ڇپائي ڇڏينداسين! +م: (ٿورو زور سان) هري رام_ هري رام (ڦتن کيس گهوري ٿو) +ڦي: پر ڪي ٿورا سياڻا ماڻهو اِئين به بيوقوف نه بڻائي سگهيا آهن_ اِن ڪري..... +ڦ: اُنهن کي ڇا ڪرڻو پوندو. +ڦي: اُنهن کي ووٽ بدران نوٽ هلائبو_ +ڦ ۽ ۾: (گڏجي) نوٽ؟ +ڦ: تون ته منهنجو ڏيوالو ئي ڪڍائي ڇڏيندين! +م: هاءِ ڙي منهنجون چوڙيون! +ڦي: يار، ڏاڍو اٻوجهه آهين!_ +ڦ: ڦيرو، ايترو ڌن وري موٽي ڪيئن ملندو؟ يار، پاڻ کي سوئر ٻوئر ٿيڻو ڪونهي. +م: اُهو سون ئي گهريو، جيڪو ڪن ڇني! مان چوان ٿي........ +ڦي: ڀاڀي! هڪ دفعو ڦتنمل ميونسپل ڪائونسلر ٿي وڃي..... +ڦ: پوءِ ڇا ٿيندو؟ +ڦي: پوءِ ميونسپالٽيءَ ۾ هڪ گورپ توکي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ته ٻيو گروپ پاڻ ڏانهن. +۾: ]کلندي[ موٽوءَ پيءُ ٿيو. يا راند جو رسو! +ڦي: توهان هن ڳالهه کي پورو سمجهو ته سهين! ڀائي صاحب ڪڏهن هن طرف ته ڪڏهن هن طرف. +م: جپاني گهڙيال جي لڏڪڻي وانگر ]کلي ٿي[ +ڦ: موٽوءَ ماءُ، تون چپ نه ڪندينءَ؟ ها ڀائي، هاڻي اِهو مونکي ٻڌاءِ، ته اِئين ”لڏڻ ڪڏڻ“ سان ٿيندو ڇا؟ +ڦي: برابر_ هاڻي عقل جو سوال پڇيو اٿيئي. +م: (ڦتن جي قريب اچي) هن تي اعتبار نه ڪجو. توهان عمر ڀر اهڙو سوال نه پڇيو آهي. +ڦ: (بيزار ٿي) موٽوءَ ماءُ، رحم ڪر! +م: توبهه، ڪنهن کي سچ چوڻ به پاپ آ! +ڦ: پوءِ ڇا ٿيندو؟ +ڦي: توکي ٻه يا ٽي گروپ پاڻ ڏانهن ڇڪيندا. اُن جو مطلب، توڏي نوٽن جا بنڊل اُڇليندا_ بنڊل (اِشاري سان) +م: بندل! نوٽن جا!! مان ته پهرين هار جوڙائينديس! (ڦتن کيس اَک ٿو ڏيکاري، هوءَ چپ ٿي ٿي وڃي) +ڦ: تنهنجو مطلب آ رشوت؟ +ڦي: ڇي_ ڇي_ هيءُ ڪهڙو ذليل لفظ ٿو ڪم آڻين؟ هيءُ بيهودو لفظ، سڀني سان، هر هنڌ لڳائي نٿو سگهجي_ اَسين هن کي، هتي، لين دين چونداسين! اَڄ جي اِنسان جو هن سان گهرو رشتو جڙي ويو آهي. ڪن لاءِ ته هيءَ زندگي آ، ڪن لاءِ عيش عشرت، رنگيني مؤج مستي. +ڦ: پر آهي ته رشوت ئي نه؟ +ڦي: نه_ نه_ بلڪل نه. هيءَ ڪمائي آهي_ پاسي جي ڪمائي! ۽ هر درجي جا ماڻهو، هن کي پنهنجو خاص اَکر ڏيندا آهن. پٽيوالو، هن کي بخشيش چوندو_ اِنجنيئر، چالاڪي ۽ آفيسر سوکڙي چوندو آهي! اڃان مٿي هل_ وزير ۽ ڪرسيءَ وارا، هن کي دان چوندا آهن. باقي ڪلارڪن ۽ وچ وارن لاءِ هيءَ رشورت مڃبي آهي. تون ڀلا رشوت ڪيئن وٺندين_؟ تون ڪلارڪ آهين؟ نه نه؟ ته اسين هن کي لين دين، يا چترائي چونداسين! +م: ڀائو سچ ته چوي ٿو. +ڦي: ۽ تو ۾ دنياداريءَ جو ڏانءُ اچي ويو، ته نوٽ ڳڻيندي ٿڪجي پوندين! +م: گرو بابو ڪندو. +ڦي: ۽ اڃان به ٿوري اٽڪلبازيءَ کان ڪم وٺندين، ته مبادا پريزيڊنٽ به ٿي وڃين! پوءِ ڀلي ٽن ڏينهن لاءِ ئي سهين! پوءِ سڀڪو اِئين چوندو ڀاڀي لاءِ ته هيءَ اٿوَ ڦتنمل پريزيڊنٽ جي پتني_ موٽوءَ ماءُ ڪير ڪونه ڪوٺيندس. +م: ڀائو تنهنجي وات ۾ گلاب! +ڦي: بس، هاڻي وڌيڪ سوچڻ جو سمو ناهي. هل اڳتي ۽ ڪم کي جنبي وڃ! +(ڦيرو کيس ٻانهن کان وٺي ٻاهر وڃي ٿو. موٽوءَ ماءُ مورتن وٽ وڃي ٿي) +م: گرو بابا هن کي سوئر ڪج. 5 رپئي جو ڪڻاه ڪنديسانءِ! شو شنڪر ڀولاناٿ، توتي سچي گيهه جو روٽ چاڙهينديس! ڪالي ماتا.... (اِئين سندس ڊائلاگ هلندي پردو ڪري ٿو) + + +پڇ +برج موهن +پاتر: +موهن، انيتا، باس، ڊاڪٽر، اٽينڊنٽ. +پڇ +(ڪمرو. ڪمري جي ساڄي پاسي سوفا سيٽ رکيل آهي. سامهون ديوار جي کاٻي پاسي ٽيبل ۽ ٽيبل تي آرسي، پائوڊر ۽ ڪجهه بيو سامان رکيل آهي. ديوار تي ڪئلينڊر لٽڪي رهيو آهي. ڪمري جي ساڄي پاسي دروازو آهي ۽ ڪمري جي کاٻي ٻيو دروازو. سڀ ملائي ڪمرو هڪ وچولي طبقي جي ڪلارڪ جو ٿو لڳي. +اِستري ڪردار سوفا سيٽ تي اُلٽي منهن ليٽي پيئي آهي. دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي.) +انيتا: دروازو کليل اَٿيئي، ڌڪو ڏينس. +(پرش اَندر ٿو گهڙي اَچي. انيتا هينئر سڌي منهن ليٽي پيئي آهي.) +موهن: ڇا ٿيو؟ ٺيڪ ته آهين. +انيتا: مٿي ۾ هلڪو سوُر هو. +موهن: چانهه پيتي اَٿيئي؟ +انيتا: ٺاهڻ نه پڳي. +موهن: مان ٿو ٺاهي وٺان. +(موهن ڪچن طرف يعني ڪمري جي کاٻي دروازي طرف وڃڻ جي ٿو ڪري.) +انيتا: پهريان اَناسين گوري ڏيو. +(موهن اَندر ٿو وڃي. گهڙيءَ بعد واپس ٿو اچي. انيتا هينئر سوفا تي سڌي ٿي ويٺي آهي. موهن پهرين گوري پوءِ پاڻي ڏيڻ جي حرڪت ٿو ڪري. انيتا پهرين گوري ڦڪڻ جي ۽ پوءِ پاڻي پيئڻ جي حرڪت ٿي ڪ��ي. حقيقت ۾، نه پاڻي آهي نه گوري، صرف اَئڪشن ڪرڻو آهي.) +موهن: آفيس ۾ اَڄ به گهڻو ڪم هو؟ +انيتا: هميشـﮧ جيان. +موهن: باس سان جهڳڙو.......؟ +انيتا: باس مونتي خاص مهربان آهي. +موهن: (عجيب نموني هلت هلندي) انيتا، تون نوڪري ڇڏي اَچ. مان توکان جلد نوڪري ڇڏائيندس. پوءِ توکي روز روز مٿي جو سوُر نه پوندو. تون هميشـﮧ فريش هوندينءَ، مان ٿڪل هوندس، توکي ڏسي مان به فريش ٿي ويندس، رات جي مانيءَ بعد اسين واڪ تي نڪرنداسين، تون ڏينهن جو ناول پڙهج ۽ رات جو مونکي ناولن جون ڪهاڻيون ٻڌائج. ڪيئن؟ آئيڊيا سٺي آهي نه؟ +انيتا: اِها ڳالهه تون سالن کان پيو چئين ۽ مان سالن کان پيئي ٻڌان. +موهن: (ڳالهائڻ جي ٽون کي بدلائي. هڪدم عجيب هلت هلندي) ها انيتا، اَسين ٻئي هري ويا آهيون ساڳيون ڳالهيون ڪندي ۽ ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ٻڌندي! +انيتا: تون منهنجي ڪمائيءَ تي هري ويو آهين ۽ جڏهن مرد عورت جي ڪمائيءَ تي هري ويندو آهي ته ڪمزور ٿي ويندو آهي، جيئن تون ٿي ويو آهين. +موهن: (نقلي رڙ ڪندي. هن جي رڙ به نقلي ٿي لڳي.) تون مونکي ايترو ذليل نٿي ڪري سگهين. تون اِئين نه ڳالهاءِ. (آواز کي ٿڌو ڪندي) پليز! تون اِئين نه ڳالهاءِ. +انيتا: تون منهنجي ڪمائيءَ مان ملندڙ سک تي هري ويو آهي. سچ توکي ڪڙو ٿو لڳي؛ سچ سڀ کي ڪڙو لڳندو آهي. +موهن: مونکي خبر آهي، هاڻي چپ رهه. +انيتا: چلاءِ نه. مان تنهنجي رڙين واڪن تي به هري ويئي آهيان، جيئن تون منهنجي بي عزتي سهڻ تي هري ويو آهين. +موهن: (رڙ ڪري) پليز. +انيتا: سبجيڪٽ بدلايون. +موهن: ها. +انيتا: (ڳالهائڻ جو ٽون هڪدم بدلائي) ڏهه منٽ اَڳ تنهنجو ڀاءُ آيو هو. +موهن: ڪجهه چيائين. +انيتا: گهڻو چيائين. پر تون ڊڄين ڇو ٿو؟ تو ۾ ايتري همٿ ڪونهي جو پنهنجو حق گهري سگهين. اَٿيئي همٿ جو ڀاءُ کي جواب ڏين؟ چپ ڪري پيو ٻڌين ۽ سهين. +موهن: جهڳڙي مان ڪهڙو فائدو؟ جهڳڙو ڪبو ته جهڳڙو وڌندو. +انيتا: ڪورٽ نه آهي. +موهن: هن سڄي ملڪيت پنهنجي نالي ڦيرائي ڇڏي آهي. ڪيس ڪرڻ مان به ڪهڙو فائدو. +انيتا: هر ڳالهه ۾ توکي فائدو ڏسڻو آهي. (آواز کي وڏو ڪندي) ڪيو اَٿيئي غصو ڪڏهن؟ ٿي اَٿيئي ڀاءُ کي جواب ڏيڻ جي همٿ؟ ڪهڙو مرد زال جي سامهون بي عزتي سهندو. +موهن: غصي مان فائدو؟ +انيتا: اهو ته مان به سمجهان ٿي، پر غصو نه اچڻ بيماري آهي. هر وقت پيو فائدي جي ڳالهه ڪرين. غصي مان به ڪو فائدو ڳولهيندو آهي؟ +موهن: ڀلا غصو نه ايندو ته مان ڇا ڪريان؟ +انيتا: (آواز کي وڏو ڪندي) مونکي ته ان ڳالهه تي غصو اچي رهيو آهي ته توکي غصو ڇو نه ٿو اچي؟ مون تو جهڙو ڪو مرد نه ڏٺو آهي. زال پيئي بي عزتي ڪري ته به پيو ٻڌين! ٻڌندو ڪوئي مرد؟ سهندو ڪوئي زال جي بي عزتي؟ اُن ڏينهن پاڙي واري ٻار تنهنجي منهن تي ٿڪيو! آءِ هيٽ يو. (نفرت مان نهاريندي انيتا منهن ٻئي طرف ٿي ڪري ڇڏي.) +موهن: ٻار ته آهي، (آواز کي نرم ڪندي) ٻار کي ڪهڙي خبر ته ڇا آهي. +انيتا: (هسٽريا جي حالت ۾) مان توکان نفرت ٿي ڪريان. مان نفرت ٿي ڪريان توکان. تون منهنجو مڙس ٿيڻ جي لائق ڪونهين. (انيتا جي اکين ۾ غصو آهي. هن جي چهري تي ڳاڙهي روشني پئجي رهي آهي. موهن هن ڏانهن اواڪ نهاري ٿو) توکي ڀلا غصو اچي ڇو نه ٿو؟ ايترو ائبنارمل ڇو ٿي ويو آهين؟ مان تنهنجي بي عزتي پئي ڪريان تڏهن به پيو ٻڌين! تنهن ڏينهن گهر ۾ دير سان اچڻ سبب مون تو لاءِ دروازو نه پئي کوليو، توکي خبر آهي تو ڪيئن پئي ليلايو؟ +موهن: وچارگيءَ جي حالت ۾، ڪيئن؟ +انيتا: ٻارن جيان. (آواز کي نرم ڪندي) تون گهر جو مالڪ آهين؛ پنهنجي ئي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ توکي موڪل کپي. تون ڪهڙو مرد آهين؟ +موهن: جهڳڙو ڪبو ته جهڳڙو وڌندو. +انيتا: تون ڊڄين ڇو ٿو؟ تون ايترو ڪمزور ڇو ٿي ويو آهين؟ مان تنهنجي هيتري ٿي بي عزتي ڪريان، تون مونکي مارين ڇو نه ٿو؟ تون مونکي مارين ڇو نه ٿو؟ تون مونکي ماري ڇڏ، ها مونکي ماري ڇڏ. (لڳ ڀڳ هسٽريا جي حالت ۾. روئندي، عجيب هلت هلندي، موهن جا ٻئي هٿ پڪڙي زور زور سان پاڻ کي ماري ٿي. سڏڪن ۾ روئي ٿي.) +موهن: هي ڇا آهي! انيتا توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ (موهن، انيتا جي عجيب هلت ڏسي ڏڪي ويوآهي. هوُ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.) پليز! انيتا! بس_ چپ ڪر. انيتا هي ڇاهي؟ +انيتا: (پنهنجي وارن کي پٽيندي) منهنجا وار پٽ. مونکي لتون هڻ. گاريون ڏي ٻين عام مردن جيان. (هن سين ۾ لائيٽ ۽ سائونڊ کان ڪم وٺجي. عورت جي هسٽريا واري حالت کي اُڀارجي.) موهن انيتا جي حالت ڏسي ڏڪي ويو آهي، گهٻرائجي ويو آهي. انيتا سهڪي ٿي. آهستي آهستي هن جا سڏڪا گهٽجي ٿا وڃن. موهن انيتا کي ڪلهن کان پڪڙي سوفا سيٽ يي ٿو ويهاري. آهستي آهستي لائيٽ گهٽجي ٿي ۽ پوءِ بند ٿي ٿي وڃي. تمام ٿوري وقت لاءِ اِسٽيج تي لائيٽ ڪونهي ۽ جڏهن اِسٽيج تي لائيٽ اچي ٿي ته موهن اَخبار پڙهندو نظر ٿو اچي ۽ انيتا ٽيبل ڀرسان بيهي، آرسيءَ ۾ نهاريندي، وارن کي ٺاهيندي نظر اَچي ٿي. +گهنٽيءَ جو آواز ٿو اَچي. +موهن: (اَخبار رکندي) منهنجو باس هوندو. +(انيتا دروازو کولڻ جي حرڪت ٿي ڪري، پر دروازو آهي ڪونه. صرف ائڪشن ڪرڻو آهي. باس اندر ٿو گهڙي.) +انيتا: اچو اچو، پليز اندر اچو. +موهن: سر، هن سوفا تي ويهو. +(باس ويهي ٿو.) +انيتا: توهان گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٿا اچو. +باس: مان ته ڪالهه به آيو هوس، بلڪل هن وقت. (واچ ۾ ٿو نهار.ي واچ هئڻ ضروري ڪونهي. صرف ڪرائيءَ ۾ نهارجي) +انيتا: منهنجو مطلب آهي، توهان روز اچو. +باس: سمجهيو. (موهن سان مخاطب) پاڻيءَ جو گلاس. +موهن: بس سر! (موهن اندر ٿو وڃي. سيڪنڊ بعد اندران آواز ٿو اچي) مي آءِ ڪم ان سر؟ (۽ هو اندر ٿو گهڙي. هوُ هٿ اهڙي نموني ڪري بيٺو آهي ڄڻ سندس هٿ ۾ گلاس هجي) +باس: پنهنجي ئي گهر ۾ گهڙن لاءِ موڪل! +موهن: عادت سر. +باس: سمجهيو. ٻن هزار سالن کان مون وٽ نوڪري پيو ڪرين، بدليو نه آهين، تون نه بدلجندين. ٻه هزار سال ٻيا به گذري ويندا تڏهن به تون ساڳيو رهندين، ڪيئن؟ +موهن: توهان برابر آهيو. ٻن هزار سالن کان توهان به ساڳيا آهيو، بلڪل ساڳيا. +باس: پاڻي. +موهن: (ڇرڪ ڀريندي) يس سر. +(موهن پاڻيءَ جو گلاس ڏيڻ جي حرڪت ٿو ڪري. باس گلاس هٿ ۾ وٺي پاڻي پيئڻ جي حرڪت ٿو ڪري. سڀ اِشارن ۾ ٿيڻ گهرجي.) +باس: (سوفا تان اُٿندي) اَڄ ڪهڙي راند ڪريون؟ +موهن: جيڪا توهان کي وڻي. +باس: اَڄ ڇوُ ڇوُ ريل گاڏي راند ڪنداسين. +موهن: سر، اُها راند ته ٻارن جي آهي. +باس: نه، ٻارن اُها راند ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي، هينئر صرف وڏا ڪندا آهن. +انيتا: توهين برابر آهيو. +باس: ته پوءِ اچو. +(باس شرٽ پينٽ مان ٻاهر ٿو ڪڍي. موهن به پينٽ مان شرٽ ٻاهر ٿو ڪڍي. باس اَڳيان آهي، موهن وچ ۾ ۽ انيتا لاسٽ ۾. موهن باس جي شرٽ ٿو پڪڙي، انيتا موهن جي ٽيئي گڏجي ڇوُ ڇوُ گاڏي راند ٿا ڪن. اِسٽيج تي پنج ڇهه چڪر لڳائن ٿا. سائونڊ ۽ لائيٽ کان ڪم وٺي سگهجي ٿو. +اوچتو سائونڊ بند ٿي ٿو وڃي. باس راند ڪرڻ بند ٿو ڪري. هو ٿڪل حالت ۾ سوفا تي ويهي ٿو. هن جو منهن آڊيٽوريم ڏانهن آهي. موهن هن جي ساڄي پاسي ۽ انيتا هن جي کاٻي پاسي بيٺي آهي.) +باس: (سوفا تان اُٿندي) هينئر مان وڃان ٿو، سڀاڻي ٻي مزيدار راند ڪنداسين. +موهن ۽ انيتا: يس سر. +(باس دروازي طرف وڌي ٿو. انيتا ۽ موهن ٻئي هٿ هيٺ ڌرتيءَ تي رکي بلڪل ڪ��ي جيان ڀوُ ڀوُ_ ڀُو ڀوُ ٿا ڪن. +باس: (پٺتي نهاري) شاباس. توهان منهنجا وفادار ڪتا آهيو. (انيتا_ موهن ساڳي ڪتي جي پوز ۾ رهندي، ڪنڌ مٿي ڪري باس ڏانهن ٿا نهارين ڀوُ ڀوُ ڀوُ ڀوُ ٿا ڪن. هيءَ پنهنجي پياري ڪتي آهي. (انيتا جي وارن ۾ هٿ ڦيريندي پچڪاريندي) شاباس. سڀاڻي مان پنهنجي ڪتيءَ لاءِ انعام کڻي ايندس. (انيتا ڪتيءَ جو اَئڪٽ ڪندي، ڀوُ ڀوُ_ ڀوُ ڀوُ ڪندي.) +باس: چڱو هينئر مان وڃان ٿو. (باس ٻاهر نڪري ٿو وڃي. انيتا ۽ موهن ڪتن جي پوز ۾ دروازي تائين وڃن ٿا. باس ٻاهر نڪري ويو آهي. انيتا ۽ موهن ڪپڙا ڇنڊيندي اُٿن ٿا ۽ خوش ٿا نظر اچن.) +موهن: (انيتا سان مخاطب ٿي). منهنجو باس ڏاڍو مهربان آهي. +انيتا: توتي وڌيڪ مهربان آهي، تڏهن ته تنهنجي گهر اَچي ٿو. +موهن: تون برابر آهين. هن سان منهنجي پگهار ۾ اِضافو پڪ سمجهه، بونس اَلڳ. انيتا مان توکان نوڪري ڇڏائيندس. +انيتا: چپ ڪر. ساڳي ڳالهه ٻڌي ٻڌي منهنجا ڪن پچي پيا آهن. +موهن: انيتا ڳالهه ٻڌايانءِ؟ +انيتا: ٻڌاءِ. +موهن: اَڄ مون پڪو فيصلو ڪيو هو باس جي خون ڪرڻ جو، ڏس، مون چاقون به کيسي ۾ لڪائي رکيو هو. ڏس، (موهن کيسي مان چاقون ڪڍي ڏيکاريس ٿو.) +انيتا: تو باس کي مارڻ جي گهڻا دفعا ڪوشش ڪئي آهي؟ +موهن: ٻه هزار دفعا. +انيتا: يعني هر سال. +موهن: ها. +انيتا: تون هن کي نه ماري سگهندين، تون ڪمزور آهين. +موهن: جي هن کي نه ماري سگهندس ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس. +انيتا: تون اِهو به نه ڪري سگهندين، تون جيئڻ تي به هري ويو آهين. +موهن: ان سڀ جو ڪارڻ تون آهين. هيءُ چار ديوارون آهن. (ديوارن ڏانهن اِشارو ڪندي) اهو ئي سبب آهي جو مان ٻن هزار سالن جو بدلو نه وٺي سگهيو آهيان. (عجيب آواز ۾) ڏسڻ چاهين ٿي منهنجي ڪمزوري. ڏسي سگهندينءَ منهنجي ڪمزوريءَ جو ڪارڻ، سهي سگهندينءَ منهنجي ڪمزوريءَ جو سبب. ترس، مان منٽ ۾ ٿو اَچان. (موهن اَندرين ڪمري ۾ ٿو وڃي. انيتا مڙس جي عجيب حالت ڏسي ڊڄي ٿي وڃي. هوءَ دروازي ڏانهن ٿي نهاري. موهن سيڪنڊ بعد اَندر ٿو اَچي.) +موهن: ڏس، ڏس منهنجي ڪمزوري. +(موهن انيتا کي پٺ ٿو ڏيکاري. انيتا جي منهن مان زوردار چيخ ٿي نڪري وڃي.) +انيتا: پڇ! +موهن: ڏٺئه منهنجي ڪمزوري؟ هيءُ حيواني پڇ آهي نه انيتا، ڏس. (انيتا پٺيان هٽندي ٿي وڃي. هن جي چهري تي ڊپ ۽ حراس آهي.) هيءَ منهنجي ڪمزوري آهي. هيءُ جيڪو پڇ آهي نه، انيتا توکي به نڪرندو. تون به هر مهيني جي پهرين تاريخ ڪتيءَ جيان وهنوار ڪندي آهين. هينئر ڊپ نه ڪر. مان به هن تي هري ويو آهيان، تون به آهستي آهستي هري ويندينءَ. +انيتا: (اَڃا ڊنل) پر..... پر، اَڳ تو مونکي ٻڌايو ڪونهي. اَڳ مون ڪڏهن ڏٺو ڪونهي. +موهن: (آواز کي نرم ڪندي) مون هميشـﮧ توکان لڪايو آهي. مان هميشـﮧ ان کي اَنڊويئر ۾ لڪائي ڇڏيندو آهيان، ويڙهي ڇڏيندو آهيان. مان ڪو واحد مثال ڪونه آهيان، ڪيترن کي پڇ هوندو. تون هنن جي پينٽ لاهي ڏس. ساڙهي لاهي ڏس، ٻيا شرم کان ڏيکارين نٿا، ٻڌائن نٿا. +انيتا: (گهٻرائجي) يعني مونکي به پڇ نڪرندو! +موهن: پڪ سمجهه، مون تو ۾ پڇ جا اهڃاڻ ڏٺا آهن، تون ڪيترن موقعن تي ڪتيءَ جيان وهنوار ڪندي آهين. +انيتا: مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي. +موهن: چنتا جي ڳالهه ڪونهي. شروع ۾ سڀني کي ڊپ ٿيندو آهي، پوءِ سڀ هري ويندا آهن، جيئن سرير جي ٻين انگن تي هري ويا آهن، تئين پڇ تي به هري ويندا. وقت ايندو آهي جڏهن محسوس ڪبو آهي ته جيئن جسم جا هٿ ضروري آهن تيئن جسم جو پڇ به ضروري آهي. منهنجو پڇ وڌيڪ ڪرامتي آهي. جيئن منهنجو پڇ وڌي ٿو، تيئن باس جون مهربانيون وڌن ٿيون. +انيتا: پر هيءُ ح��واني پڇ سڀيه اِنسان کي سونهين نٿو. تون پڇ ڪٽائي ڇڏ. +موهن: (گهٻرائجي) نه نه، مان پڇ نه ڪٽائيندس. +انيتا: سڀيه اِنسان لاءِ پڇ خراب آهي. مان هينئر ئي ڊاڪٽر کي فون ٿي ڪري اچان. +موهن: نه نه انيتا تون نه ڪر. پليز مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. +(انيتا ٻاهر نڪري ٿي وڃي موهن اڪيلو آهي) +موهن: (اڪيلو پاڻ سان) نٿي سمجهي. سمجهندي به ڪونه. پنهنجي پير تي ڪهاڙي ماري رهي آهي. وڻ جي اُن ڏار کي ئي ڪٽي رهي آهي، جنهن تي پاڻ ويٺي آهي. مورک. بيوقوف. پر مان توکي ڪٽجڻ نه ڏيندس. (پٺيان پڇ واري جڳهه ڏانهن نهاري) مان هن گهر جي ديوارين کي ڪرڻ نه ڏيندس. مان هن ڇت کي ڪرڻ نه ڏيندس. (ڇت ڏانهن نهاري) تون منهنجي جسم جو اَهم حصو آهين (پٺيان پڇ واري جڳهه ڏانهن نهاري) تون جسم جي ٻين حصن کان وڌيڪ قيمتي آهين. تون منهنجو آئينده آهين، تون منهنجو سپنو آهين. ما توکي ايترو جلد ڪٽجڻ نه ڏيندس. +(انيتا اَندر ٿي گهڙي اَچي) +انيتا: مون ڊاڪٽر کي فون ڪيو آهي، بس ايندو ئي هوندو. +موهن: انيتا، مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن هيءُ منهنجو پڇ ويو ته هي ديواريون (ديوارين ڏانهن اِشارو ڪري) ڪري پونديون. هيءَ گهر جي ڇت (ڇت ڏانهن اِشارو ڪري) ڪري پوندي. مان فوٽ پاٿ جي سردي ۽ برسات برداشت ڪري نه سگهندس. پليز انيتا، تون مونکي سمجهين ڇو نٿي؟ +انيتا: (منهن بڻائيندي) مونکي پڇ کان سخت نفرت آهي. +موهن: پليز، انيتا، تون مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر؛ تون ڪوشش ڇو نٿي ڪرين، مونکي سمجهڻ جي؟ +انيتا: بس، ڊاڪٽر ايندو ئي هوندو. +موهن: پليز، انيتا. +(گهنٽي ٿي وڃي. انيتا امئجري دروازو ٿي کولي. ڊاڪٽر اٽينڊنٽ سان اَندر ٿو گهڙي) +ڊاڪٽر: (موهن ڏانهن اِشارو ڪري) هن کي پڇ نڪتو آهي؟ +انيتا: ها ڊاڪٽر. +ڊاڪٽر: (موهن کي مخاطب ٿي) مان توکي اِگزئم ڪندس. اَچ، هن سوفا تي ليٽي پئه. (ڊاڪٽر سوفا ڏانهن اِشارو ٿو ڪري.) +موهن: نه ڊاڪٽر نه، مان پڇ نه ڏيکاريندس. +ڊاڪٽر: ڊپ نه ڪر. اَچ، اَچي ليٽي پؤ. +موهن: (ڊپ ڀريل آواز ۾) نه ڊاڪٽر نه. +(ڊاڪٽر ۽ اٽينڊنٽ وڌي ٿا اَچن. موهن کي ٻانهن کان پڪڙي سوفا تي ليٽائين ٿا.) +ڊاڪٽر: (انيتا کي) توهان هن جون ٽنگون پڪڙيو. +(انيتا مڙس جون ٽنگون پڪڙي بيٺي آهي. ڊاڪٽر هڪڙي ٻانهه، اٽينڊنٽ ٻي ٻانهه پڪڙي بيٺا آهن.) +ڊاڪٽر: (اٽينڊنٽ ڏانهن نهاري) هيءُ پڇ ڪتي جي پڇ جيان آهي. +اٽينڊنٽ:______توهين برابر آهيو. +ڊاڪٽر: (انيتا ڏانهن) توهان هن جو پڇ ڪڏهن ڏٺو؟ +انيتا: اَڄ ئي. +ڊاڪٽر: مسٽر، هينئر پڇ جي هسٽري ٻڌاءِ. ٻڌاءِ ته هيءُ حيواني پڇ تنهنجي جسم ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو. +(موهن سوفا تي سڌو ٿي ويهي ٿو) +ڪٿي هيءُ پڇ توکي ورثي ۾ ته ڪونه مليو آهي؟ +موهن: مطلب؟ +ڊاڪٽر: منهنجو مطلب آهي تنهنجي پيءُ کي ته ڪونه هو؟ +موهن: ڊاڪٽر صاحب، منهنجو پيءُ ته مري ويو آهي. +ڊاڪٽر: تنهنجي ماءُ کي؟ +موهن: منهنجي ماءُ به مري ويئي آهي. +ڊاڪٽر: توهان جي فئملي ڊاڪٽر جي رپورٽ؟ +موهن: اَسان جو فئملي ڊاڪٽر به مري ويو آهي. +ڊاڪٽر: او، آءِ سي! ڪيس تمام سيريس آهي. +(انيتا ڏانهن) توهان ڪجهه ٻڌائي سگهندا؟ +انيتا: خاطري سان چئي نٿي سگهان. +ڊاڪٽر: تڏهن به. +انيتا: ڊاڪٽر صاحب، گذريل ڇهن مهينن کان مون هن ۾ ڦيرو ڏٺو آهي. هو بلڪل ڪتي جيان حلت هلندو آهي. ڪجهه پٺيان لڪائيندو رهندو آهي، پيرن کي لڪ لڪ ڪندو آهي. زبان کي ڪتي جيان ٻاهر ڪڍندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ ڊاڪٽر صاحب، هيءُ مونکي ڪتو لڳندو آهي. +ڊاڪٽر: يعني ته جنم کان پڇ ڪونه اٿس. مطلب جنم کان ڪتو ڪونهي. +انيتا: توهان برابر آهيو. +ڊاڪٽر: ڪنهن ڇتي ڪتي ته چڪ ڪونه پاتو اٿس؟ +انيتا: نه ڊاڪٽر. +ڊاڪٽر: ڪنهن ڇتي ماڻهو؟ +انيتا: نه ڊاڪٽر. +ڊاڪٽر: (موهن کي مخاطب ٿي) تنهنجي مان بلڊ ٽيسٽ ڪريان، يورين ۽ اسٽول ٽيسٽ ڪريان، تنهن کان اَڳ تون پنهنجي هسٽري ٻڌاءِ، ٻڌاءِ ته توکي ڪڏهن، ڪنهن وقت، ڪنهن جي سامهون، ڪهڙي ڏينهن، ڪهڙي گهڙيءَ هيءُ حيواني پڇ نڪتو؟ +موهن: (ڊاڪٽر ڏانهن نهاري) ڊاڪتر صاحب، سچ پچ توهان منهنجي پچ جي تواريخ ڄاڻڻ چاهيو ٿا؟ +ڊاڪٽر: ها. +موهن: هي حيواني پڇ مونکي آفيس ۾ نڪتو آهي. منهنجي آفيس ۾ ٻيا ڪلارڪ به مون جيان وهنوار ڪندا آهن. مونکي پڪ آهي. مون جيان هنن کي به پڇ هوندو. هنن پنهنجي پنهنجي پڇ کي ويڙهي پينٽ اندر لڪائي ڇڏيو آهي. (وڌيڪ گنڀير ٿي) ڊاڪٽر صاحب، مونکي پڪ آهي منهنجي زال کي به پڇ نڪرندو. هر پهرين تاريخ منهنجي زال ڪتيءَ جيان وهنوار ڪندي آهي. +انيتا: نه نه ڊاڪٽر، هيءُ ڪوڙ ٿو ڳالهائي. +ڊاڪٽر: شانتي. +انيتا: (غصي ۾) ڊاڪٽر هوُ ڪوُڙ ٿو ڳالهائي. +ڊاڪٽر: (رڙ ڪري) چپ رهو مان توهان جون شخصي ڳالهيون ٻڌڻ ڪونه آيو آهيان. +(موهن کي) تون بيان جاري رک. +موهن: (گنڀير ٿي) توهان هڪ هڪ ڪلارڪ جي گهر وڃو. هنن جي پٺيءَ واري جڳهه ڏسو. جاچيو. ڏسو ته هنن کي به پڇ نڪتو آهي ڪ نه. جي نه نڪتو آهي ته ضرور نڪرندو. +ڊاڪٽر: بيڪار بحث ڪري ٽائيم نه وڃاءِ. تون پنهنجي پڇ جي هسٽري ٻڌاءِ. +موهن: اهائي آهي منهنجي پچ جي ڪهاڻي. +ڊاڪٽر: پڇ جي نه، تون پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهين. منهنجي تو ۾ نه، تنهنجي پڇ ۾ دلچسپي آهي. +موهن: ڊاڪٽر، مونکي سمجهڻ بنا توهان منهنجي پڇ کي ڪيئن سمجهي سگهندا. +ڊاڪٽر: سٺي ڊاڪٽر جي مريض ۾ دلچسپي گهٽ، مرض ۾ وڌيڪ هوندي آهي. +موهن: بنا مريض کي سمجهڻ جي، هن جو مرض ڪيئن ٿو سمجهي سگهجي! +ڊاڪٽر: مان تنهنجي بيماريءَ جي اِسٽڊي ڪري، ايندڙ پيڙهيءَ کي ان خوفناڪ مرض کان بچائڻ جي پيو سوچيان. +موهن: منهنجو نٿا سوچيو؟ +ڊاڪٽر: تون بڪواس ڪري منهنجو قيمتي ٽائيم نٿو وڃائي سگهين. ڊاڪٽر تون آهين يا مان؟ +موهن: مونکي معاف ڪريو. +ڊاڪٽر: (گنڀير ٿي) ڏس، سياڻو ٿيءُ. هيءُ حيواني پڇ سڌريل اِنسان کي نٿو ٺهي. تنهنجي پڇ کي تواريخي اَهميت آهي. اسين تنهنجو پڇ ڪٽي ميوزم ۾ رکنداسين. تنهنجي پڇ کي هزارين ماڻهو ڏسڻ ايندا. تنهنجي پڇ کي ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ رکنداسين. وديشي ماڻهو به ڏسڻ ايندا. گورنمينٽ فارين ايڪسچينج ڪمائيندي. تواريخ نويس ۽ سائنسدان تنهنجي پڇ تي ڪتاب لکندا. هيءُ ويهينءَ صديءَ جو پڇ آهي. تنهنجي پڇ پٺيان ويهين صديءَ جي سڀيتا آهي، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس آهي. +(موهن ۽ انيتا عجب مان ڊاڪٽر ڏانهن نهاري رهيا آهن.) جيڪڏهن تون چاهين ته ڪنهن آمريڪن کي پڇ وڪڻي سگهين ٿو. تنهنجي پڇ کي موهن جي دڙي جهڙي اَهميت آهي. +موهن: ڊاڪٽر، مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي. +ڊاڪٽر: ڊپ نه ڪر. +موهن: مونکي آپريشن کان ڊپ ٿي رهيو آهي. +ڊاڪٽر: اسين توکي مارفيا جي انجيڪشن ڏيئي توکي بي هوش ڪنداسين. تنهنجا سڀ حواس خطا ٿي ويندا. +موهن: ڊاڪٽر، منهنجو پڇ ڪٽجي ويو ته مان مري ويندس، منهنجو پڇ منهنجي زندگي آهي، منهنجو گهر ڊهي پوندو. +ڊاڪٽر: تون ڊپ نه ڪر، تون نه مرندين. اسين صرف تنهنجو پڇ ڪٽينداسين. +موهن: مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي، توهان مونکي جهلي ڇو بيٺا آهيو. مان پاڳل ڪونه آهيان. +ڊاڪٽر: مان توکي ڪونه ڇڏيندس. مان تنهنجو پڇ ڪٽي پنهنجو ميڊيڪل ناليج وڌائي سگهندس. اَخبارن ۾ منهنجا فوٽا ڇپجندا. هيءُ ويهين صديءَ جو پهريون آپريشن ٿيندو. +موهن: منهنجي ڀلي کان وڌيڪ توهان پنهنجي ڀلي جو ٿا سوچيو. +ڊاڪٽر: مان تاريخ کي پٺي نٿو ڏيئي سگهان. مان هيءُ تواريخي موقعو هٿ��ن وڃائڻ نٿو چاهيان. نوبل پرائيز مونکي سامهون ٿو ڏسڻ ۾ اَچي. +موهن: ڊاڪٽر، جي منهنجو نه ته، منهنجي هن (انيتا ڏانهن اِشارو ڪري) زال جو خيال ڪريو. +ڊاڪٽر: بڪواس نه ڪر. اَسين توکي نه ڇڏينداسين. +(اِسٽيج تي ٽينشن وڌي ويو آهي.) +موهن: (روئندي) نه نه (ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي) مان پڇ نه ڪٽائيندس، منهنجي پيٽ جو سوال آهي. منهنجو پڇ ويو ته منهنجي نوڪري ويندي. مان پڇ جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندس. مان توهان کي هٿ ٿو جوڙيان. (هٿ جوڙڻ جو پوز) توهان مونکي ڇڏي ڏيو. منهنجي گهر کي ڪرڻ کان بچايو. مون تي رحم ڪريو (روئڻ جو آواز) سائونڊ اِفيڪٽ. +ڊاڪٽر: ناممڪن. +(ٽيئي موهن کي سوگهو جهلي بيٺا آهن. موهن پاڻ ڇڏائي سوفا تان جمپ ٿو ڏئي. ڊوڙي دروازي طرف ڀڄي نڪري ٿو وڃي.) +پردو ڪري ٿو. + + +اوُنده جي ڳولها +شيام جئسنگهاڻي +ڪردار: +گوتم +نرمل +آنند_ ٽي بيروزگار نوجوان +۽ نياپو کڻي ايندڙ ٻه شخص +اوُنده جي ڳولها +]اِسٽيج جي وچ تي، ڀت جي پس منظر اَڳيان، لکمپ پوسٽ جي گولاڪار روشنيءَ ۾ رکيل هڪ پراڻي رد ٿيل ڪاٺ جي پيتيءَ تي ٻانهن ٽيڪي ويٺل گوتم اَخبار پڙهڻ ۾ محو آهي. پٺيان ڀت تي چاڪ سان هڪ وڏو گول ليڪيل آهي، جنهن جي وچ تي وڏن اَکرن ۾ لکيل آهي_ ’اَسين‘.[ +]پس منظر مان دهلن وڄڻ جو اوچتو آواز. آواز ويجهو اَچي، ساعت بعد دور ٿيندو وڃي ٿو. گوتم اُهي پل اَخبار بند ڪري ذهني طور آواز جو پيڇو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. آواز لڳ ڀڳ گم ٿي وڃڻ تي اَڃا اَخبار کولڻ جي ڪري ئي ٿو ته اِسٽيج جي هڪ طرف کان آيل نرمل روشنيءَ جي گولاڪار گهيري ۾ داخل ٿئي ٿو.[ +نرمل: (گردن کي ٻنهي طرف موڙيندي): بئنڊ باجا! هن ايراضيءَ ۾! +(گوتم هاڪاري ڪنڌ لوڏ سان گڏ پاڻ به ڪنڌ لوڏيندي) ممڪن آهي فقيرن جي ڪا جماعت تاجپوشيءَ جي ريهرسل ڪندي هجي. تواريخ آهي، ڪڏهن به نئين سر لکجي سگهي ٿي. +]گوتم نرمل تان نگاهون هٽائي اَخبار طرف ڪري ٿو.[ +نرمل: (پيشيمانيءَ واري نوع ۾): اوه مونکي اَفسوس آهي، گوتم. مون کان وسري ويو ته اَڄ تنهنجو ’مون ورت‘ آهي. يار، اِئين سمجهه ته مان نه پر ڪنهن ناٽڪ جو ڪردا ’نمونو لاگ‘ پيش ڪري رهيو آهي. ]چوندي چوندي رمل گوتم جي ڪلهي تي هٿ رکي ڪاٺ جي پيتيءَ مٿان ويهي رهي ٿو. +]اِسٽيج جي هڪ پاسي کان ڪنهن جي تڪڙن قدمن جي آهٽ. گوتم ۽ نرمل، ٻئي جنهن طرف نهارين ٿا، آنند اُن طرف کان اِسٽيج جي روشن دائري ۾ داخل ٿئي ٿو.[ +آنند: (ذري گهٽ سهڪندي): سڀ جڳهيون ڳولهڻ بعد خيال آيم ته اَوهين ٻئي هن گهٽيءَ جي آخرين لئمپ هيٺيان ئي هوندا. +نرمل: (آنند کي سر کان پيرن تائين جاچيندي): هراس ۾ ڇوآهين آنند؟ ڪير مري ويو اَٿيئي؟ +آنند: (سر کان پيرن تائين پنهنجو جائزو وٺندي ۽ هلڪو کنگهندي): مان توهان کي ئي ڪوٺڻ آيو آهيان. +نرمل: (اِشاري سان پڇندي): ڪنهن جو جنازو کڻڻو آهي؟ +آنند: اَسان جا ڪجهه دوست اين.اين ڪمپنيءَ طرف دهل ڌماڪا کڻي وڃي رهيا آهن. سندن اِرادو آهي ته اَسين_ اَوهين سڀ دوست اُن ۾ شامل ٿيون. +نرمل: يعني اَسين به هلي دهل وڄايون؟ +آنند: (نرمل جي سوال ڏانهن ڌيان ڏيڻ بنا): اين.اين ڪمپنيءَ ۾ اَڄ رات ٻه ملازم رٽاير ڪرڻ وارا آهن. هيءَ شفٽ سندن آخرين شفٽ آهي. +نرمل: اُن موقعي تي اَسان کي اُتي هلي ڇا ڪرڻو آهي؟ دهل وڄائي تماشبينن جا ڦٽا ڪيل پئسا ميڙڻا آهن؟ +]آنند حيرت وچان گوتم طرف نهاري ٿو. گوتم اِئين ويٺل آهي ڄڻ سندس هن دنيا سان ڪوبه تعلق ڪونهي.[ +آنند: پروگرام موجب اَسان جا ڪجهه دوست اين. اين. ڪمپنيءَ وٽ پهچي نهايت بلند آواز ۾ دهل وڄائي مئنيجمينٽ جو اُن طرف ڌيان ڇڪائيندا ته کين رٽاير ڪيل ملامزن واريون خالي جڳهين جلد اَز جلد ڀرڻ کپن. +(گوتم طرف مخاطب ٿي) اي گوتم، تون هن طرح هڪ ناڪامياب ’هائيڃئڪر‘ جيان ڇو چپ آهين؟ +نرمل: گوتم جي زبان اَڄ ’پئرلائيزڊ‘ آهي. +آنند: (اَچرج ۾ اَکين ويڪريون ڪندي) ڇا؟ +نرمل: (پير زمين کي هڻندي) گوتم_ جي_ زبان_ اَڄ_ پئرلائيزڊ آهي. +آنند: ناممڪن. +نرمل: اِها حقيقت آهي آنند. اَچ آنند، ويهه ]باڪس جي هڪ طرف لڳ ڀڳ روشنيءَ جي ڇيڙي تائين رڙهي وڃي ٿو. آنند ويهڻ بجاءِ نرمل جي چهري ڏانهن نهاريندو رهي ٿو.[ +نرمل: (اَعلان ڪندي) اَڄ گوتم جو ’مون ورت‘ آهي. +آنند: (ڇوٽڪاري جو ساه ڇڏيندي) اوه، گوتم ۽ مون ورت! اِها ڪفايت ڪهڙيءَ قومي يوجنا جو حصو آهي؟ +نرمل: لفظ_ رفظ_ لفظ (پڙاڏو). جاڳندي_ هلندي_ ويهندي. +لفظ_ لفظ_ لفظ (پراڏو). جيئڻ ناهي گويا لفظن جي ساگر ۾ ترڻ جو شرط آهي. ]چوندي چوندي نرمل اُتساه ۾ ڪاٺ جي پيتيءَ مٿان چڙهي وڃي ٿو_ بلڪل ليڪچر ڏيندڙ شخص جيان.[ +آنند: لڳي ٿو تنهنجي روڪڻي ڍلي ٿي ويئي آهي. +نرمل: (پيتي تي بينڍي) اِهو ئي ته (پل روڪجي) گوتم جو به اِهو ئي فيصلو آهي ته لفظ گسي ڪمزور ٿي ويا آهن. +آنند: اِنڪري؟ +نرمل: (پيتيءَ تي بيٺي) اِنڪري لفظن مان هربل معنيٰ نٿي نڪري، ڇو ته دهراءَ سبب لفظن پٺيان جذبو نٿو رهي. جذبو نٿو ملي؟ +آنند: ان جو علاج ڇا ’مون ورت‘ ئي ٿي سگهي ٿو؟ +نرمل: (پيتيءَ تان هيٺ ٽپندي) درست لفظن کان ڪنارو. تعليم ۽ واهپي ۾ آيل زبان کان ڪنارو. اَڌ مئل جذبن کي اَڌ مئل لفظن ۾ بدلائڻ واريءَ اِن ورڪشاپ کي تالو. مؤن، (مؤن لفظ کي ’اوم‘ جي لنبي دير هلندڙ اُچارن جيان اُچاريندي). صرف مؤن_ ماٺ. +(نرمل هيٺ ويهندي آنند کي ويهارڻ جي ڪوشش ڪندي) اَچ آنند ويهه. +آنند: (بنا چرپر نرمل ڏانهن نهاريندي) نه، مان ويهڻ نٿو چاهيان، اَوهان جي ماٺ کي دوستن جي ننڍيءَ وڏيءَ تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ ٿو چاهيان. +نرمل: (ٽهڪ ڏيندي) اِشارو ڪندي) آنند تو شايد پنهنجي، منهنجي، اَسان جي هن ڀت تي ليڪيل جنم ڪنڊلي نه ڏٺي آهي. +آنند: گول ٽپڻ لاءِ هوندا آهن. +نرمل: جيئن دهل وڄائڻ لاءِ هوندا آهن. +آنند: بلڪل. هر سرشتي کان واقف ٿيڻو ئي پوندو آهي. نوڪري به ته ٻين جي اِشارن تي هلڻ آهي، پگهار اُن جو ئي اُجورو آهي. +]گوتم اَخبار بند ڪري پٽ ۾ اُڇلائي ٽي دفعا زور سان تاڙي وڄائي ٿو[ +آنند: (خفگي وچان) او گلن ۾ گول ليڪيندڙ گونگا مسيحا! تون اِن طرح منهنجي کل نٿو اُڏائي سگهين! +نرمل: (آنند کي صبر جو هٿ ڏيکاريندي) تنهنجي هر رٿ هر سوال جو جواب گوتم توکي سڀاڻي ڏيندو؟ +آنند: وقت نه رڪجندو آهي. +نرمل: مرندڙ وقت جا اَسين تماشبين اُن کي روڪي به ڇا ڪنداسين؟ ڇا پائينداسين؟ +آنند: نرمل تون اَڄ گوتم وانگر ٿو ڳالهائين. ليڪن گوتم اَڄ گونگو آهي. هو اَڄ صرف ’چيز‘ آهي. هي اِز ميئرلِي اَئن آبجيڪٽ. هي اِز ڊيڊ. هڪ ڏينهن لاءِ هو مرده آهي. +نرمل: بنيادي طور اسين سڀ ’ايڪسپلائٽرس‘ آهيون. تون به، فرق صرف موقعي ۽ طريقي جو آهي. +آنند: گوتم جي ماٺ سندس چاهيل ماٺ آهي جا مان پسند نٿو ڪريان. اعتراض طور مان هتي موجود رهڻ نٿو چاهيان. +]آنند روشنيءَ جي دائري جي ذري گهٽ ڇيڙي وٽ پهچي، رڪجي وري پٺتي گوتم طرف نهاري اِشارو ڪري ٿو.[ +آنند: ياد رکج گوتم جي ماٺ دوکو آهي. گوڙ ۾ گهيريل، شور ۾ دٻيل لفظن جي سهاري محتاج اسان جي هستي ڀل معنيٰ ڀري نه لڳندي هجي، پوءِ به اسين اُنهن سهارن ذريعي جيئون ٿا. +نرمل: تون انڌي جي لٺ تي ليڪچر ڏيئي رهيو آهين. +آنند: مان مئل هاٿيءَ تي ڳالهائي رهيو آهيان. ان ڪري لازمي آهي ته گوتم خاموشي ٽوڙي (گوتم ڏانهن مخاطب ٿي، هڪ قدم روشنيءَ اندر وڌندي) ڪم آئوٽ آو يوئر شيل گوتم. پنهنجي کوپي مان ٻاهر اچ، اي پٽ ڪينئان. ڳالهاءِ. +نرمل: آنند توکي ويهڻ کپي. +آنند: گوتم، تون هن کي سمجهاءِ. هي اِز ڪمنگ آن ماءِ نروز. مان.... مان.... (هٻڪي ٿو) +نرمل: (آنند جي هٻڪندڙ آواز سان ترت سر ڳنڍيندي): +تون.... تون.... تون منهنجو خون ڪندين. +آنند: (ٽهڪ ڏيئي) بلڪل. +نرمل: (ساڄي هٿ جي ڏسڻي سان هوا ۾ ناڪاري ڪمان کيچيندي) نه اِها همٿ تو ۾ ڪانهي.خون قانوني چنبو. ڦاسي. رک. سلسلي جا چار ڏاڪا آهن (گوتم ڏانهن اِشارو ڪندي) هو ڏس گوتم سڌو چوٿين ڏاڪي جي نمائش جي تياري ڪري رهيو آهي. +]گوتم اُن وقت سگريٽ دکائي پورو ڪري ٿو. اِسٽيج جي هڪ طرف کان هڪ شخص روشنيءَ جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو. گوتم ۽ نرمل جون سوالي نگاهون نئين آيل شخص طرف مڙن ٿيون. ليڪن آنند اُن شخص کي واپس وڃڻ جو اِشارو ڪري ٿو.[ +آنند: (آيل شخص کي) تو هتي به مونکي گولهي ڪڍيو. وڃ، مان جلد ٿو اچان. +]آيل شخص چپ چاپ واپس اِسٽيج جي هڪ طرف هليو وڃي ٿو.[ +آنند: منهنجي گهروارا مانيءَ وقت اڪثر مونکي ڳولهيندا آهن. +نرمل: (ٽهڪ ڏيئي) (ياد ڏياريندي) اُهائي ’مئٿميٽڪ‘؟ +آنند: ها. خرچ جي تازه ترين تفصيلن جو دهراءُ. گهر جا ڀاتي نه بلڪ ’ڪئلڪيوليٽنگ مشينس‘. +نرمل: آنند، حساب ڪتاب وساري ڪجهه وقت لاءِ توکي ويهڻ کپي. +آنند: (واچ طرف نهاري) اُف. +نرمل: (پنهنجو پاڻ کي) گول ئي گول آهن. دهل. لفظ. واچ وقت. ڏينهن_ رات_ جنم_ مرڻ. +آنند: (ناٽڪي انداز ۾) بس حد ٿي چڪي. گوتم تون نرمل کي سمجهاءِ. اگر اڄ مان هن جو خون ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويس ته سڀاڻي پڪ ئي پڪ هن جو آخرين ڏينهن هوندو. +نرمل: (ساڳئي آنند واري لهجي ۾) مونکي پرارٿنا لاءِ ملهت نه کپي. +آنند: گوتم تون شاهد آهين....... +نرمل: مونکي شاهد جي درڪار ڪونهي. +آنند: ته پوءِ مان اهو تواريخي ڪارنامو دستوري طرح اَکيون پوري ڪندس. آخر به اَسين دوست آهيون. +نرمل: (اَلڳ آواز ۾) ڪجهه ڪونه ٿيندو. هڪ بيڪار شخص، بيڪار عضوي جو ختم ٿيڻ باقي بچيلن لاءِ مجموعي وردان بڻبو. +آنند: (هامي ڀريندي گنڀير آواز ۾) ييس، ديئر ول بي سمدنگ سرپلس فار ادرس. واڌ اڻلکي سهين، ٻين جي حصي تي اثر ضرور ڇڏيندي. +نرمل: (گردن جهڪائيندي) مان تيار آهيان. +]پس منظر مان ڪڪڙ جي ٻانگ جو آواز اچي ٿو.[ +نرمل: (گردن سڌي ڪري، پس منظر طرف اِشارو ڪري) ٻڌ...... ڪڪڙ جي ٻانگ هروڀرو صبوح هئڻ يا صبوح ٿيڻ جو ثبوت ڪونهي. ڏس اڃا رات شروع مس ٿي آهي..... +]پس منظر۾ اوچتو شور پئدا ٿئي ٿو. ٽيئي ڪن سرلا ڪن ٿا.[ +نرمل: ڪجهه ضرور آهي. +آنند: ڇا ٿو ٿي سگهي؟ +نرمل: گڙٻڙ. منهنجي راءِ موجب اَسين هن بيمار روشنيءَ مان اُٿي ڪٿي ٻيءَ اونداهي جڳهه تي هلي ويهون. آنند، روشنيءَ جي غيرموجودگيءَ ۾ توکي منهنجو چهرو برابر نظر نه اچڻ سبب قاتلانه خيال اچڻ به بند ٿي ويندا. +]پس منظر ۾ وري شور پئدا ٿئي ٿو. هڪ شخص گهٻرايل چهرو کڻي اِسٽيج جي روشن دائري ۾ داخل ٿئي ٿو.[ +آيل شخص: (سهڪندي) توهين..... (ياد ڪندي) توهان کي....... نالو ياد نٿو اچيم.... مين روڊ تي باه لڳي آهي. توهان کي ڪوٺي اچڻ لاءِ چيو ويو آهي. +نرمل: اسان کي ڇو؟ +آيل شخص: توهين.... (ٽنهي جي شڪلين ڏانهن نمبروار نهاري)..... ڳالهائڻ لاءِ وقت ڪونهي.... جلد اچو.... ]آيل شخص تڪڙو تڪڙو واپس وڃي ٿو.[ +آنند: ڪنهن شايد اسان لاءِ ڪم ڳولهي ڪڍيو آهي. +نرمل: وه وا.... وه وا..... +]گوتم مختصر روُم ۾ ٽي دفعا تاڙي وڄائي ٿو.[ +نرمل: اسين ڇو هلون؟ دس اِز ڪليئر ايڪسپلائٽيشن. ڇو نه ڪنهن اونداهي هنڌ هلي ويهجي. گهٽيءَ جي هيءَ آخرين لئمپ پوسٽ به اسان ج�� ويهڻ لاءِ موزون جڳهه ڪانهي. اسان کي هتان هلڻ کپي، گوتم. +]يڪ ٽڪ نگاهن سان بوتي جيان گوتم اُٿي بيهي پير مان جوتو لاهي ساڄي هٿ ۾ جهلي ٿو.[ +نرمل ۽ آنند: (عجب وچان) گوتم. +گوتم: (ڏائي هٿ سان وات ۾ سگريٽ جو بچيل ٽڪرو ڪڍندي، ڳري آواز ۾) اونده جي ڳولها..... ها ها ها.... ]ٽهڪ ڏيئي گوتم جوتي سان لئمپ پوسٽ ۾ لڳل بلب تي وار ڪري ٿو. ايسٽيج تي اونده ڇانئجڻ سان گڏ بلب جي ڇيهون ڇيهون ٿيڻ جو آواز اچي ٿو. پردو ڪرڻ سان گڏ پس منظر مان فاير برگيڊ جي وئن مان وڄندڙ گهنڊن جو آواز اچي ٿو.[ + + +ايڪلويه +واسديو موهي +پاتر: +ايڪلويه، دروڻاچاريه، اَرجن، وياڌراج، شوسر، راج_ گور، مڪنا (شوسر جو پيءُ) چوڪيدار سميت ست اٺ ڀيل. +نوٽ: تلوارون اڇيون لڪڙيون ئي هئڻ گهرجن. +ايڪلويه +سين _ 1 (جهنگل ۾) +(پردو کڄي ٿو. اسٽيج جي بلڪل اَڳيان ڪنڊ ۾“ روشنيءَ جي ننڍڙي گهيري ۾ انائونسر بيٺل نظر اچي ٿو.) +انائونسر: ايڪلويه مهاڀارت جو اُهو پاتر آهي جو سندس گرو_ ڀڳتيءَ کان ياد ڪيو ويندو آهي. پاڻ_ وديا جي چاهه هن کي دروڻاچاريه وٽ ڇڪي آئي پر..... راجڪمارن وچ ۾ هڪ ڀيل جي حاضريءَ جي ويچار تي ئي آچاريه ڇرڪي ويو. ايڪلويه کي موٽائي ڇڏيائين. ايڪلويه نراس نه ٿيو. جهنگل ۾ ئي مٽيءَ جي هڪ موُرتي ٺاهي ان کي گرو مڃي ٻاڻ وديا جو اڀياس شروع ڪيو. سالن بعد هڪ ڏينهن..... دروڻاچاريه راجڪمارن سان گڏ شڪار تي ان جهنگل ۾ آيو جنهن ۾ ايڪلويه پنهنجي پڳتيءَ ۾ لين هو. راجڪمارن جا شڪاري ڪتا هرڻن جو پيڇو ڪندا ايڪلويه جي ويجهو اچي پهتا. ڪتن جي ڀونڪ ايڪلويه جي ڀڳتيءَ ۾ رخنو وجهڻ لڳي. هن ڌنش کڻي پاڻ سنڀالي ڦڙتيءَ سان ڪتن جا منهن بند ڪري ڇڏيا، کين بنا ايذائڻ جي..... شڪاري ڪتا بند منهن سان مالڪن وٽ موٽي آيا، آچاريه سميت سڀ عجب ۾ ڏسندا رهيا.... ڪير آهي اهڙو ڪامل ڌنرڌر......... آچاريه ويچارڻ لڳو...... جهرڪيءَ جي اک کي نشانو بڻائڻ وقت ٻين راجڪمارن جهرڪي ڏٺي، ارجن جهرڪيءَ جي اک ڏٺي...... هن نٿي سمجهيو ڪو اک جي پتلي به ڏسندو...... هن کي پنهنجي محدودگيءَ جو به شدت سان احساس ٿيڻ لڳو........ هوُ ارجن سان گڏجي مهان ڌنرڌر کي ڳولهيندو هن وٽ پهتو. ايڪلويه هڪ گوڏي تي جهڪي آچاريه کي پرڻام ڪيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ ڏني، اهو به ٻڌايائينس ته هن وٽان موٽڻ بعد، مٽيءَ جي مورتي ٺاهي، ان کي آچاريه سمجهي هن وديا اڀياس ڪيو.... آچاريه کي ٻيو ڌڌڪو رسيو..... هن جي مٽيءَ جي مورت اڳيان اڀياس ڪري ايڪلويه اهڙي ماهريت حاصل ڪئي هئي جا سندس وچ ۾ رهندي به ڪنهن راجڪمار نه پرائي هئي.... هوُ اندر ئي اندر ڊانواڊول ٿيڻ لڳو اِتي...... (روشنيءَ جو گهيرو انائونسر تان هٽي وچ اسٽيج تي پوي ٿو، روشني ڦهلجي ٿي ان کان اڳ انائونسر هليو وڃي ٿو.) +ارجن: مٽيءَ جي مورتي، وديا اڀياس، پورڻتا، آچاريه..... مونکي ته هي سڀ ماياوي پيو لڳي........ +ايڪلويه: مايا طلسم جون ڳالهيون محلن ۾ هونديون آهن راجڪمار، هي جهنگل آهي، هتان جي ڌرتي ٺوس آهي. +ارجن: آشچريه! +ايڪلويه: کميا ڪجو آچاريه! (مٽيءَ جي پتلي ڏانهن اِشارو ڪندي) گرو_ پوڄا اَڌوري آهي منهنجو اڀياس به باقي آهي اَڃا. +ارجن: ساکيات گرو کي ڇڏي، پتلي جي پوُڄا؟ هڏ ماس کي ڇڏي مٽيءَ جو ڌيان؟ +ايڪلويه: مٽي شڌ آهي، منهنجي شرڌا جيان. هڏ ماس جي لچڪ هاڻ مونکي ايڪاگر نه رکي سگهندي. +ارجن: (طنزيه) ها، ها مٽي شڌ به آهي ۽..... اُها گرو_ دڪشڻا به نه گهرندي. +ايڪلويه: (جوش ۾) اهو اِلزام آهي. وياڌراج_ پتر حاضر آهي پنهنجو هر قرض چڪائڻ لاءِ، منهنجو اَنجام آهي، آگيا ڏيو آچاريه! +(ارجن ايڪلويه جي گفتگو وچ ۾ دروڻ ڪجهه ��نجهيل، اَندر جي اُٿل پٿل ۾ ٻڏل آهي. ايڪلويه جي پوئين جملي تي هوُ هن ڏانهن نهاري ٿو.) +دروڻ: گرو_ دڪشڻا؟ نه نه، منهنجو ڪو حق ڪونهي. مون توکي دڪشا نه ڏني آهي. +ارجن: آچاريه شري! گرو مڃيو آهي هن اوهان کي ئي، هن جي سماؤ ۾ ڌيان ۾، چت ۾ توهان ئي رهيا؛ ڇا ٿيو شرير سان تواهان حاضر نه رهيا، آتما سان تواهان هت ئي هئا. +(ايڪلويه ”ها“ ”ها“ ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو.) +دروڻ: نه وتس! رشتو ٻه طرفو ٿيندو آهي، تو مونکي گرو مڃيو آهي، پر مون ڪڏهن توکي شش نه سمجهيو آهي....... پنهنجو سنٻنڌ اَڌورو آهي. +ايڪلويه: ڀڳتي صرف ڀڳتي ٿيندي آهي آچاريه! اُن کي رشتي جي درڪار ناهي. +دروڻ: پر وشڻو_ ڪرپا سان مان سنتشٽ آهيان. مونکي ڪا لالسا ناهي. +ارجن: سوال لالسا جو ناهي. حق جو آهي. گرو_ دڪشڻا توهان جو حق آهي. +دروڻ: مونکي ڪا تمنا ڪانهي. +ارجن: (زور سان) آهي! (آهستي) آهي! (ارجن ۽ دروڻ هڪ ٻئي ڏانهن رازدانه انداز ۾ ڏسن ٿا) +دروڻ: ٺيڪ آهي..... تنهنجي شرڌا اڳيان..... پر تون اِنڪار ته نه ڪندين؟ +ايڪلويه: (عجب ۾) گروديو! +دروڻ: ته....... (تڪڙ ۾) ته تون ساڄي هٿ جو آڱوٺو ڏيئي ڇڏ...... مونکي سويڪاريه آهي. +ايڪلويه: (پهرين ”وٺو“ جي اَنداز ۾، پر پوءِ اوچتو خيال اچڻ تي) اهو انياءُ آهي! ظلم آهي! +ارجن: پڃ آهي. اِئين ڪرڻ سان تون ڪيترن سنڪٽن کان به بچي ويندين...... آچاريه جي نالي ۾ لڪچوريءَ ورتل وديا جي ڏوهه تي پردو ٿو وجهان، گرو دڪشڻا نه ڏيڻ تي شرمسار ٿيڻ کان بچايان ٿو توکي....... +دروڻ: مون توکي پهرين ئي چيو ايڪلويه! +ايڪلويه: ليڪن........ +ارجن: چئه ڀيل سردار وياڌ_ پتر ايڪلويه! تيار آهين دڪشڻا لاءِ يا (دم) ٺوس زمين تي رهڻ وارا اندران کوکلا آهن، کوکلا اَنجام ڪندا آهن. +ايڪلويه: ليڪن........... +ارجن: (ايڪلويه کي اَڻ ٻڌو ڪري) هونئن ڌرم جو نياؤ ٿئي اهو ڏسڻ اسان جو ڪرتويه آهي، (تلوار ڪڍي) ڪنهن کي حق ڏيارن، حقن جي رکيا ڪرڻ اَسان کترين جو ڪرتويه آهي. +ايڪلويه: (نفرت ۾) اَفسوس آهي راجڪمار! بهادر ٿي به ڪانئرن جيان ورتاوَ ٿو ڪرين، تلوار جي شرڻ ٿو وٺين، وقت اَچڻ تي منهنجي بازو به اُن لڪڙيءَ کان تيز ڪم ڪندي آهي. +دروڻ: (غصي ۾) ايڪلويه! هوش ۾ اَچ، تون اَرجن سان ڳالهائي رهيو آهين. +ايڪلويه: پوري پوري ڄاڻ اَٿم ۽ مون سوم رس به نه پيتو آهي، پوُرن حواسن ۾ ڳالهائي رهيو آهيان ۽ ٻڌائي رهيو آهيان. هن راجڪمار کي ته اَسان جي قوم نه کوکلو ڳالهائيندي آهي، نه کوکلو اَنجام ڪندي آهي ۽ نه کوکلو حملو ڪندي آهي، (ڦڙتيءَ سان اَرجن جي هٿ مان تلوار ڦري ٿو وٺي، اَرجن ڊپ ۾ ٻه قدم پٺتي هٽي ٿو وڃي.) گهٻراءِ نه راجڪمار! مان راڄنيتيءَ مان نه ڄاڻان. بي هٿيار تي وار نه ڪندس ۽ وري تلوار ته مون لاءِ پوتر هٿيار آهي. ايندڙ پورڻماسيءَ تي تلواربازيءَ ۾ ٻين کي هارائڻ تي ئي مان سردار بڻجي سگهندس. پورن پنجن سالن لاءِ. هيءَ تلوار صرف گرو دڪشڻا ڏيڻ لاءِ کنئي اَٿم. (هڪ گوڏي تي جهڪي تلوار مٿي کڻي ٿو.) +آچاريه! +دروڻ: ها ايڪلويه، وٽس چئه منهنجي تڇ دڪشڻا سويڪار ڪريو، مونکي خبر آهي مان ڇا ڏيئي رهيو آهيان، پر پوري شرڌا سان ڏيئي رهيو آهيان. +ايڪلويه: منهنجي تڇ....... (دروڻ ڏانهن ڏسي ٿو) دڪشڻا سويڪار ڪريو. مونکي خبر آهي مان ڇا ڏيئي رهيو آهيان، پر پوري شرڌا...... (طنزيه مشڪي ٿو، تلوار جو جهٽڪو، ساڄو آڱوٺو لعل ٿي وڃي ٿو. ڌيري ڌيري اونده ٿئي ٿي.) +سين _ 2 +جهنگل ۾ ئي، ڪرسي نما ٻه وهڻ جا ساڌن پيل آهن. اوندهه ۾ وياڌ راج اِسٽيج جي کاٻي کان ساڄي اَچ وڃ ڪري رهيو آهي. ايڪلويه ڪرسيءَ تي آرام سان اَڌ ليٽيل آهي، هن جي ساڄي هٿ جي آڱوٺ�� تي ڪاري پٽي ٻڌل آهي. هٿ ۾ ڀڳڙا اَٿس جي داڻو داڻو ڪري هوُ وات ۾ ڦٽي ڪري رهيو آهي. ڌيري ڌيري روشني ٿي ٿئي. وياڌ راج جي اَچ وڃ چالو آهي، پريشان ۽ غصي ۾.) +وياڌراج: جي اَچ وڃ چالوآهي، پريشان ۽ غصي ۾.) +وياڌراج: چيري ڇڏيانس ۽ تون چپ چاپ هليو آئين........ +ايترو نه سمجهيئه اهو دوکو آهي.... خالص دوکو..... نيچتا آهي..... ٺڳي آهي ۽.... ۽...... ڦر آهي، لٽ آهي. چيري ڇڏيانس ڪڇين ڇو نٿو؟ ايڪلويه چپ آهي، داڻا کائيندو ٿو رهي.) ڌرم جا پالڪ، رعيت جا رکوالا...... ديوتائن سان اُٿڻ وهڻ وارا.... مئيا گنگا جهڙي پوترتا جي دعويٰ ڪرڻ وارا..... چيري ڇڏيانس. هيءُ آهي هنن جو ڌرم، هيءَ آهي هنن جي ديوتائي هلت ۽ هيءَ آهي هنن جي شڌي! هڪ ٻار کان سڀ ڪجهه ڇني ورتائون. +ايڪلويه: (تڪڙو سڌاريندي) آڱوٺو! تات، صرف آڱوٺو! (وري داڻا کائڻ شروع ٿو ڪري.) +وياڌراج: تنهنجو سر! چيري ڇڏيانس. +ايڪلويه: پر گرو_ ڀيٽا ڏيڻ بنا وديا اڌوري رهندي آهي تات، بلڪل اَڌوري. +وياڌراج: (آڱوٺو نچائيندي) ۽ هاڻ بلڪل پورڻ ٿي ويئي. +ايڪلويه: تات! مون چاهيو ٿي، صرف وديا ۾ ئي نه، هلت ۾، وهنوار ۾ به راجڪمارن کان گوءِ کڻي وڃان. +وياڌراج: چماٽ هڻي ڳل ڳاڙهو ڪرڻ ۾ خود کي ئي زخم رسندو ايڪل! صاف صاف لٽ کي تو وهنوارسمجهيو.... چيري ڇڏيانس..... صاف صاف انياءَ کي تون اِنصاف جي پهرين تقاضا سمجهي ويٺين. ايڪل! تون وديا ۾“ هلت ۾ ڀلي راجڪمارن سان ٽڪر کائين پر هنن جي گند گڏيل ٻڌي تو ۾ نه اَچي سگهندي. آسمان تي پهچڻ جي تمنا ڪرڻ وارن کي اُڏامڻو پوندو آهي، ۽ تون؟...... تون پر ئي ڪٽائي هليو آئين. (ايڪلويه کائڻ بند ڪري وياڌ راج ڏانهن نهاري ٿو. وياڌ راج گهري، دکي نوع ۾) تون نٿو سمجهين پٽ، منهنجي من ۾ ڪهڙا منٿن پيا ٿين..... چيري ڇڏيانس.... اَهڙا منٿن جن مان صرف زهر ئي زهر نڪري رهيو آهي، ڪهڙيون ڪهڙين آشائون هيون.... تون منهنجي گادي گرهڻ ڪندين، قوم جي رکيا ڪندين، ٻين کي ٻاڻ_ وديا ۾ پرٻيڻ ڪندين، ڀيل قوم جي ساک وڌندي. وياڌ خاندان هميشـﮧ هميشـﮧ لاءِ جهنگل ۾ ياد ڪيو ويندو پر..... پر سڀ اُميدون مٽيءَ ۾ ملي ويئون. +ايڪلويه: (اُٿي) تات! توهان جون اُميدون وئرٿ نه وينديون، مان اُنهن کي پورو ڪندس. اُميدون راجڪمارن جون هوا ٿينديون، جن اِهو سمجهيو آهي ته مان صرف تير هلائي ڄاڻان. منهنجي تلوار جي ڌار کان هو ناواقف آهن. +وياڌراج: بنا مٺ جي تلوار هلائڻ واري جون ئي آڱريون چيريندي آهي، ايڪل! +ايڪلويه: توهان جي نراسا مونکي بي بنياد ٿي لڳي تات! +وياڌراج: ڪاش اِئين هجي! پر حقيت جي تکاس اندر ئي اندر مونکي چيري رهي آهي، چيري ڇڏيانس. +ايڪلويه: پورڻماسي ڏينهن ڪير ڪنهن کي ٿو چيري، اهو توهان خود ئي ڏسندا. +وياڌراج: شوسر سٺو تلوارباز آهي. +ايڪلويه: ايڪلويه بهتر تلوارباز آهي. +وياڌراج: مان توکي بي همٿ نٿو ڪريان ايڪل، پر ايندڙ خطرن جي ويچار مونکي پست ڪري ڇڏيو آهي. چيري ڇڏيانس، مان بلڪل منجهي پيو آهيان. دل چوي ٿي، حڪم جاري ڪري هي مقابلو ٽاري ڇڏيان، سردار جي چونڊ پوءِ ڪڏهن به ڪري وٺبي، ڪوشش ڪري بان مقابلي ئي. منهنجو چوڻ ڪير موٽائي سگهڻ جي همٿ نه ڪندو. لڳاتار ٻن پيڙهين، تنهنجي ڏاڏي کان پوءِ تنهنجي پيءُ هن قوم جي سنڀال ڪئي آهي، پرگهور لڌي آهي. +(ايڪلويه پهرين عجب ۾ آهي، پوءِ غصي ۾) +ايڪلويه: (تيز) تخت تي ويهي سنڀال ڪئي آهي، چاڪر وٺي پرگهور لڌي آهي. تات مونکي شرم ٿو اچي ساهسي ٿي توهان مقابلو ٽارڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو. بابا ۽ توهان پنهنجن حريفن کي هارائي پنهنجي حق سان سردار بڻيا. ۽ مان سردار اُنڪري بڻايو وڃان جو منهنجو پيءُ سردار آهي؟ پنهنجي قوم سان اَهڙي غداري مان سوچي به نٿو سگهان. مان قوم کي پنهنجن حقن کان محروم نه ڪندس. +وياڌراج: ايڪل...... (هڪ ڀيل چوڪيدار ڏائي پاسي کان داخل ٿئي ٿو) +چوڪيدار: (جهڪي ڇاتيءَ تي مٺ هڻي) سردار جي جئه. +(راج_ گر پڌاريا آهن. +وياڌراج: راج_گر؟ خود” +(ٻئي دروازي ڏانهن وڌن ٿا، راج_ گر داخل ٿئي ٿو. ايڪلويه هڪ گوڏي تي جهڪي پرڻام ڪري ٿو، وياڌراج جهڪي پرڻام ڪري ٿو.) +راج_ گر: (آشيرواد ۾ هٿ مٿي ڪري) آيوشيمان ٿيو! (وياڌراج نمرتا سان ڪرسيءَ تي وهڻ جو اِشارو ٿو ڪري. راج_ گر بلڪل ڌيري ڌيري ڪرسي ڏانهن وڌي وهي ٿو. هٿ وارو گرنٿ ڪٿي رکڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿو. وياڌراج تڪڙو اَڳيان وڌي گرنٿ وٺي ٿو ۽ نرڙ تي ڇهائي ٿو، ايڪلويه ڏانهن وڌي، کيس گرنٿ ڏئي ٿو.) +وياڌراج: پوڄا ويديءَ تي رکي اَچ، سنڀالي. +(ايڪلويه به گرنٿ وٺي نرڙ تي ڇهائي ٿو ۽ ساڄي پاسي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. وياڌراج بلڪل منتظر راج_گر ڏانهن ڏسي ٿو. ڪجهه سيڪنڊ بلڪل شانتي آهي.) +راج_گر: هون! ته مونکي صحيح سماچار مليو آهي. +وياڌراج: جي...... چيري (سنڀالي) منهنجو مطلب آهي..... +(لفظ نٿا ملنس ڄڻ) +راج_ گر: ايڪل کي مورک بنايو ويو. در وووووڻ! مون سان گڏ سکيا ورتي اَٿس..... آشرم ۾ اَسان هن کي ڊڊو ڪري سڏينداسين هئاسين..... ۽ هاڻ..... راجڪمارن جو گرو بڻيو پيو گهمي.... ڊڊوووو. +وياڌراج: جي...... +راج_گر: آتما گروي رکي اٿس راڄ_ خزاني ۾..... خزاني لاءِ هاڻ پيو بکيائون وٺي...... هن جي آتما سندس ئي ورتل بکيائن هيٺان چڀاٽجي مري ويندي..... بلڪ مان سمجهان ٿو..... مري چڪي آهي.... نه ته. +وياڌراج: ايڪل ٻڌايو اُهو سڀ اَرجن جي زور بار تي...... +راج_گر: ڏيکاءُ! ارجن ٻڌي مان شش آهي. هن ڄاڻي ورتو گرو ڇا ٿو چاهي.... دروڻ اَندر جي رتي ماتر خلافت هجي ها، ته اَرجن ان کي پهاڙ ڪري سمجهي ها، ۽ هيءَ نوبت نه اَچي ها. +وياڌراج: جي...... (ايڪلويه داخل ٿئي ٿو) +راج_گر: دوکن دولابن وچ ۾ رهي، اِنسان ڌيري ڌيري خود کي ئي ٺڳڻ لڳي ٿو. چاهيندي نه چاهيندي پوءِ اُنهن جو حصو بڻجي پوي ٿو..... ڏسج..... جي ڌرم اَڌرم جي لڙائي لڳي ته هو اَڌرم پاسي هوندو. هو اُن جي ٽڪرن تي ئي پيو پلجي. هيڏانهن اَچ (ايڪلويه ڏانهن اِشارو ڪندي) هيڏانهن. +(ايڪلويه وڌي راج_ گر اَڳيان بيهي ٿو. راج_گر هن جو ساڄو هٿ تپاسڻ لڳي ٿو.) مهيش گر سچ پچ ڌنوتري آهي.... سٺو ڪم ڪيو اَٿس. بلڪل ٺيڪ ٿي ويندين، پر پورڻماسيءَ تائين...... +وياڌراج: (تڪڙو) مون به اِئين پئي چاهيو، مقابلو ٽاري ڇڏجي چيري ڇڏيانس پوئين جملي تي هو ٿورو هڙبڙائجي ٿو وڃي، راج_گر هن ڏانهن ڪجهه سيڪنڊ تڪيندو ٿو رهي، ايڪلويه راج_گر ڏانهن تڪي رهيو آهي، ڪجهه سيڪنڊ شانت) +راج_گر: پنجويهه سال تنهنجي ڇتر ڇايا ۾ رهي آهي، تنهن ڪري هيءَ قوم شايد توکي ڪجهه نه چوي پر ٻيون قومون توکي آرام سان وهڻ نه ڏينديون، هو چاهينديون سردار پرمپرا مطابق نياءَ سان چونڊيل هئڻ گهرجي. +ايڪلويه: (هڪ گوڏي تي جهڪي) مان آڀاري آهيان گرديو! تات مونکي ڪانئر بڻائي رهيو هو. مان تيار آهيان، بلڪل تيار. +راج_گر: ٻڌو اٿم، شوسر اَٺ ئي پهر اڀياس پيو ڪري. +ايڪلويه: مونکي پاڻ تي وشواس آهي گرو ديو! +راج_ گر: هيءَ وشواس جي نه، مٺ جي لڙائي آهي، ۽ تنهنجي مٺ هاڻ ڪمزور آهي. +ايڪلويه: مان داؤن سان کٽندس. (راج_ گر ڪي سيڪنڊ ايڪلويه ڏانهن ڏسي ٿو) آشيرواڌ ڏيو. +راج_ گر: (هٿ مٿي ڪري) وجئي ٿين! +(وياڌراج جهڪي پرڻام ٿو ڪري. اوندهه ٿئي ٿي.) +سين _ 3 (جهنگل ۾ ئي) +]ڪجهه دير دهل وڄي رهيا آهن. لڳي ٿو ناچ پيو هلي. پر صرف آواز آهن. (گهٽ ۾ گهٽ ٻ�� منٽ آواز اچڻ کپن) ڌيري ڌيري آواز گهٽجندا وڃن ٿا ۽ بلڪل بند ٿي وڃن ٿا، روشني ٿيڻ لڳي ٿي اُن وقت جهنگل ۾ ئي ٻن وڏن آسنن تي _(رواجي کان اَلڳ قسم جون ڪرسيون) راج_گر ۽ وياڌراج ويٺل نظر اَچن ٿا. پاسي کان ڪاليءَ جي مورتي اِسٽول جهڙي چيز تي رکيل آهي. هنن جي آس پاس ست اَٺ ڀيل بيٺل آهن. ڪي عورتون ۽ ٻار به آهن. ساڄي پاسي هٿ ۾ تلوار کڻي ايڪلويه بيٺو آهي ۽ کاٻي پاسي شوسر، ايڪلويه جيان هٿ ۾ تلوار جهلي، پيءُ مڪنا سان بيٺو آهي. وياڌراج هڪ ڀيل ڏانهن اِشارو ٿو ڪري. هو اَڳيان اَچي ٿو.[ +ڀيل: (زور سان) هاڻ آخرين مقابلو سردار پتر ايڪلويه ۽ مڪنا پتر شوسر ۾ ٿيندو، هن مقابلي ۾ جيڪو وجئي ٿيندو اُهو ايندڙ پنجن سالن لاءِ پنهنجو سردار رهندو، درگا ماتا اَڳيان اِهائي پرارٿنا آهي ته ٻنهي مان ڪنهن جي به جان نه وڃي ۽ فيصلو ٿي وڃي. ايڪلويه ۽ شوسر. +(ايڪلويه اَڳيان وڌي وياڌراج کي پرڻام ڪري ٿو ۽ شوسر مڪنا کي. پوءِ ٻئي راج_گر اَڳيان اَچي پرنام ڪن ٿا. راج_ گر هٿ مٿي ڪري آشيرواد ڏئي ٿو. ٻئي اسٽيج جي بلڪل وچ تي اچي هڪ ٻئي سامهون بيهن ٿا. نرڙ، نرڙ سان ڇهائين ٿا ۽ تڪڙو الڳ الڳ ڇيڙن تي هليا وڃن ٿا. ڇيڙن تان ئي تلوار هلائيندا رهن ٿا. تلوار هلائڻ جو نمونو هڪ جو حملو ٻئي جو بچاءُ آهي. اِئين حملو ۽ بچاءُ ٻنهي وچ ۾ ڦرندو رهي ٿو. سڄي مقابلي ۾ هڪ ڀيرو به هنن جون تلوارون هڪ ٻئي سان ڇُهن نٿيون. ڪنهن مهل جوش ۾ ٻئي تلوار سڌي ڪري، هڪ ٻئي تي گينڊائي انداز ۾ ڊوڙي حملو ڪن ٿا، پر پاسي پاسي کان هڪ ٻئي کي ڪراس ڪري ٿا وڃن. اِئين ڪجهه دير هلي ٿو. آخر ۾ شوسر تلوار زور زور سان ڦيرائي ٿو، ايڪلويه جي تلوار به ساڳي ڊائريڪشن ۾ ڦري رهي آهي، شوسر زور سان جهٽڪو ڏئي ٿو. ايڪلويه جي تلوار ڇڏائجي ڪري ٿي پوي. تلوار جي ڪرڻ تي ڪجهه ڀيلن جي منهن مان دٻيل ”آ“ نڪري ٿي وڃي. وياڌراج کڙو ٿي ٿو وڃي. بلڪل چپ ڦهلجي ٿي وڃي. شوسر پهرين ٿورو منجهيل آهي. پوءِ ڄڻ هوش آيو هجيس. ”سردار، چيري ڇڏيانس“ رڙ ڪري، تلوار سڌي جهلي ايڪلويه ڏانهن تيزيءَ سان وڌي ٿو. +راج_گر: شوسر! (ساڳئي وقت مڪنا جو هٿ به مٿي کڄي ٿو شوسر کي روڪڻ لاءِ. شوسر جتي آهي اُتي بيهي ٿو رهي. وياڌراج ايڪلويه کي پاسيرو ڪري ٿو ڇڏي. ڪجهه وقت ساڳي چپ ڇانيل آهي، اُتي ڪير حاضر ئي ڪونهي. ڪجهه دير کان پوءِ مڪنا ٻئي ٻانهون مٿي ڪري تاڙيون وڄائڻ شروع ٿو ڪري، وڄائيندو ٿو رهي، پر جڏهن ٻيو ڪو هن سان شامل نٿو ٿئي، تڏهن ڌيري ڌيري تاڙين جو آواز گهٽ ڪندو هٿ هيٺ ڪري ٿو ڇڏي. سڀني جو ڌيان هن ڏانهن آهي.) +راج_گر: مقابلو پورو ٿيو. خوشيون! +(راج_ گر ۽ وياڌراج کان سواءِ سڀ هٿ مٿي ڪري تاڙيون وڄائڻ ٿا لڳن، ڪي ڦيريون پائي نچن ٿا، دهلن جو آواز اچي ٿو) ڪجهه وقت کان پوءِ راج_ گر هٿ مٿي ڪري ٿو. ڌيري ڌيري شانتي ڦهلجي ٿي. +راج_گر: فيصلو ٻڌائڻ کان اَڳ ماتا کي خوش ڪرڻ ضروري آهي. +مڪنا: (اُتساهه ۾) ماتا لاءِ مان پنهنجي ٻلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. +راج_گر: (ڀرپور مشڪي) ٻلي شوسر ڏيندو. (ڪي ڀيل کلن ٿا) (شوسر راج_ گر ڏانهن ڏسي ٿو) ٻلي شوسر ڏيندو (شانتي ڦهلجي ٿي. شوسر راج_گر اَڳيان اَچي اَڌ جهڪي ٿو) +شوسر: آگيا ڏيو گروديو! ڇا جي ٻلي ڏيڻي پوندي..... ٿلهو ٻڪر يا...... +راج_گر: اُهو ڪال ويو.... ٻڪر هاڻ قبول نٿا پون. هينئر، هن وقت (هٻڪي ٿو؛ پوءِ تڪڙو) تنهنجي ساڄي ٻانهن جي ٻلي چاڙهڻي پوندي (ڄڻ ڪافي ٿڪجي پيو هجي، اونهو ساهه کڻي ڪنڌ هيٺ جهڪائي ٿو. آسپاس بلڪل چپ آهي. شوسر سڌو بيهي ٿو) +مڪنا: (رڙ ڪري) اِهو سراسر ظلم آهي گروديو! ٻال_ هتيا آهي! +شوسر: (گهرو) مان ��يڪلويه وانگر ڀوڪ ناهيان. +وياڌراج: اِها سردار پتر جي توهين آهي، هن جي تياڳ جي توهين آهي، چيري ڇڏيانس. +شوسر: بک ڪڍڻ جي مجبوريءَ کي اُپواس نٿو سڏي سگهجي سردار! مورکتا وچان چيز وڃائڻ کي تياڳ نٿو چئي سگهجي. +راج_گر: (غصي ۾) خاموش شوسر! تون سردار جي بيعزتي ڪري رهيو آهين ۽ سردار جي بيعزتي منهنجي بيعزتي آهي، قوم جي بيعزتي آهي. +شوسر: منهنجي آواز کي بيعزتي سڏي توهان سچائيءَ کي دٻائي رهيا آهيو..... +راج_گر (زور سان) شوسر! +(هڪ ئي وقت) +مڪنا: (بلڪل ڌيمي) شوسر! +مڪنا: (اڳيان وڌي) معاف ڪريو گروديو! کميا ڪريو سردار! شوسر ٻار آهي، نادان آهي. جوش ۾ هو پنهنجي اوقات ڀلجي ويو آهي. +شوسر: بابا! توهان مونکي لڄايو ٿا. +مڪنا: چپ ڪر بيوقوف! گرديو مان پنهنجي پٽ کي وٺي ٿو وڃان. توهان اِئين سمجهو مقابلي ۾ هن ڀاڳ ورتو ئي ڪونه هو. +راج_ گر: اِها پرمپرا جي ڀڃڪڙي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين ماتا اَڳيان هي سڀ کلواڙ ٿي رهيو هو؟ مخول هو؟ +مڪنا: مان دانهن ڪونه ٿو ڪريان، خوشيءَ سان شوسر کي وٺي ٿو وڃان_ هن کي سردار ناهي بڻجڻو. +راج_گر: (زور ڏيئي) اِن جو فيصلو اَڃا باقي آهي. +شوسر: ظاهر ته آهي! +وياڌراج: تون حدون ٽپي رهيو آهين. سرداري فيصلن ۾ دخل ڏيئي رهيو آهين. +شوسر: پر........ +وياڌراج: راج_گر جي آگيا اَڳيان پر پر ڪري تون گروديو جي شان سان قوم جي شان کي ٽڪو لڳائي رهيو آهين. ٻيون قومون پاڻ تي کلنديون. مذاق اُڏائينديون پنهنجي، پنهنجي ڦوٽ جو لاڀ وٺي پاڻ تي حملو ڪنديون (ايڪلويه جو مقابلي کان پوءِ ڪنڌ جهڪائي شانت ويٺو هو، هاڻ ڄڻ آس پاس ڏانهن سجاڳ ٿئي ٿو) تنهنجو فرض آهي، گروديو جي آگيا تي ”جا آگيا“ چئي چپ چاپ ماتا جي اَڳيان ٻانهن جي ٻلي ڏيئي ڇڏين. پڃ توکي ئي ملڻو آهي. (مڪنا هٿ جوڙي ليلائڻ جو ڀاؤ آڻي ٿو.) +ايڪلويه: اِها گهر غير واجب آهي، تات! +وياڌراج: اِها گهر ناهي، ٻلي آهي (سمجهائيندي) ٻل چاڙهڻ سان ثواب ٿيندو آهي. +ايڪلويه: پر اِهو اَنياءُ آهي. +وياڌراج: (غصي ۾) هاڻ تون چپ رهندين؟ ڇا نياءُ آهي، ڇا اَنياءُ آهي، پڃ ڇاهي پاپ ڇاهي اِهو هي سنگهاسن بخوبي سيکاريندوآهي. تون اَڃا نادان آهين. شوسر! راضي خوشي راج_ گر جي آگيا جو پالن ڪندين يا....(تلوار ڪڍي) راج_گر جي هر آگيا جو پالن ڪرائڻ منهنجو ڌرم آهي. مان ڌرم کان بي مک ٿيڻ نه چاهيندس. +مڪنا: (ڀنل آواز ۾) سردار! گروديو! رحم ڪريو! رحم ڪريو! (شوسر کي زوريءَ پري ڇڪي وڃڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. شوسر نٿو چري.) +وياڌراج: پڪڙيو هن کي! (ٻه ڀيل شوسر جون ٻئي ٻانهون سڌيون ڪري پڪڙي بيهن ٿا) جلاد! (مڪنا شوسر کي ڀاڪر پائي چهٽي پوي ٿو. روئڻهارڪي آواز ۾ ”رحم ڪريو“ ”رحم ڪريو“ پڪاري ٿو. ايڪلويه ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، پر چئي نٿو سگهي. هڪ ڀيل هٿ ۾ تلوار کڻي شوسر جي ويجهو اَچي ٿو. +راج_گر: چئه، منهنجي تڇ ٻلي..... (ڌيري ڌيري اوندهه ٿئي ٿي) +(پردو) +ليکڪ پريچيه +ڪشنچند بيوس: +جو سنڌي ساهت ۽ خاص طور ڪوتا ۽ ناٽڪ ۾ گهڻو مٿانهون درجو آهي. هن صاحب جتي سنڌي شاعريءَ کي نئين دڳ لاتو، اُتي سنڌي ناٽڪ کي به گهڻو لوڪ پريه بڻايو. ”اِنڊلٺ“ نالي سان هن جي ننڍن ناٽڪن جو مجموعو ڇپيل آهي. ”پوڙهي جو پرڻو“ چهر بهر سان گڏيل سکيا سبب گهڻيئي ڀيرا منچ تي آندو ويو آهي. ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل جي شروعات به انهيءَ سان ٿي. +ڄيٺانند ناگراڻي: +جي شخصيت پنهنجي سر هڪ نهايت دلچسپ ناٽڪ آهي. سندس زندگيءَ جو اُصول آهي: کل ته توسان گڏ دنيا کلندي؛ روءُ ته رئندين اَڪيلو! اُن اُصول تي عمل ڪندي ناگراڻي صاحب ”گامٽو“ سلسلي وارا ناٽڪ لکيا آهن، جيڪي هر قسم جي رنج ۽ غم جو اڪسير علاج آهن. انهن ناٽڪن سان ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل اَوائلي قدم کنيا. ”چورنگي“ نالي سان سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهي. +منگهارام اُڌارام ملڪاڻي: +اُنهن بزرگ ساهتڪارن مان آهي جن ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي نونرماڻ ۾ نوجوان ليکڪن جي سونهپ ڪئي. ساهتيه اَڪادميءَ جو اِنعام حاصل ڪيل سندس ”سنڌي نثر جي تاريخ“ هڪ اَنمول کاڻ آهي. پهرين سنڌ ۽ پوءِ هند ۾ سنڌي ناٽڪ جي اوسر ۾ ملڪاڻي صاحب جو وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جا گهڻي ۾ گهڻا ننڍن ناٽڪن جا مجموعا ڇپيل آهن هو صاحب ساهتيه اَڪادميءَ جو فيلو پڻ هو. +رام پنجواڻي: +سنڌي ساهتڪ ۽ سانسڪرتڪ جڳت ۾ هن جو نالو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونه آهي. هن جي ٻهڳڻي شخصيت لکن جون دليون موهيون آهن. لوڪ ڪٿائن کي ناٽڪي روپ ڏيئي سنڌي ساهت سان وڏو وڙڪيو اَٿائين. ”اَنوکا آزمودا“ ڪتاب لاءِ کيس ساهتيه اَڪادميءَ وٽان اِنعام پڻ مليل آهي. +جيون گرسهاڻي: +ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ جو باني مڃيو وڃي ٿو. گذريل لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان سنڌي ناٽڪ جي سيوا ڪندو رهيو آهي. ناٽڪڪار ۽ هدايتڪار طور سموري سنڌي ناٽڪ جڳت ۾ هن جي هاڪ آهي. +داس طالب: +ناٽڪڪار، هدايتڪار ۽ اَدڪار طور بمبئي ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل جي اَوائلي دور ۾ گهڻو سرگرم رهيو. اُنهيءَ دور ۾ سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموجو ”اَڌين“ شايع ٿيو جيڪو ڀارت م ڇپيل سنڌي ناٽڪن جي پهرين مجموعن مان هڪ آهي. +گوبند مالهي: +ڪهاڻي، ناول، ناتڪ ۽ سنگيت ذريعي، هر هنڌ سنڌيت جو هڳاءُ ڦهلايو آهي. سنڌي ناٽڪ کي اَڄوڪي اوج تي رسائڻ ۾ هن صاحب تمام مکيه ڀومڪا نڀائي آهي ۽ اِئين ڪندي هن جيترا ننڍا ناٽڪ لکيا آهن اوترا سنڌيءَ ۾ ٻئي ڪنهن ڪونه لکيا آهن. ”پيار جي پياس“ ناول لاءِ ساهتيه اَڪادميءَ جو اِنعام حاصل ڪري چڪو آهي. +ڪيرت ٻاڻاڻي: +سنڌيت هلچل جو سرگرم ڪاريه ڪرتا آهي ۽ پنهنجي زماني جو ڪامياب اَداڪار ۽ هدايتڪار. ”سوريءَ سڏ ڪيو“ نالي سان سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموعو ڇپيل آهي. ڪهاڻي، ڪويتا، مضمون ۽ آلوچنا جي ميدان ۾ پڻ قلم آزمائي ڪئي اَٿائين. +سندري اُتمچنداڻي: +سنڌي ساهت جي سڃاتل ڄاتل ليکڪا آهي. ناٽڪن کانسواءِ ڪهاڻيون، ناول ۽ شعر لکيا اَٿس. سوويٽ لئنڊ مخزن جو نهرو اِنعام حاصل ڪيو اَٿس. سنڌي ناٽڪن ۾ ئي نه سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪيو اٿس. +هريڪانت: +نهايت اُتساهي نوجوان ناٽڪ نويس آهي. ننڍا ناٽڪ به لکيا اَٿس ته هڪڙو وڏو ناٽڪ پڻ. ”مڪان خالي آهي“ نالي سان سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموعو ظاهر ٿي چڪو آهي. ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون به لکيون اَٿس_ نه رڳو سنڌيءَ ۾ بلڪ هنديءَ ۾ به. +سندر اگناڻي: +اَداڪار، هدايتڪار ۽ ناٽڪڪار هجڻ کانسواءِ ڪهاڻيڪار، چترڪار، پترڪار، ڪارٽونسٽ ۽ سماجڪ ڪاريه ڪرتا پڻ آهي. هن وقت وطن ڇڏي ولايت ۾ نصيب آزمائڻ ويو آهي. +پريم پرڪاش: +روايتي ناٽڪ کي اڄوڪي زندگيءَ جي پيچيدگين جي عڪاسي ڪرڻ ۾ اسمرٿ ڄاڻي، تجرباتي ناٽڪ جو بنياد وڌو آهي. ننڍا ناٽڪ به لکيا اٿس ته وڏا پڻ، جن جي هدايتڪاري به پاڻ ڪندو آهي. ناٽڪ کانسواءِ سندس شخصيت جا ٻيا حصا اهن؛ نئين ڪهاڻي، نئين ڪوتا، چترڪاري وغيره وغيره. +ايم ڪمل: +بنيادي طور شاعر آهي. پهرين غزل ۽ پوءِ نئين ڪوتا کيتر ۾ نالو ڪمايو اَٿائين. ويجهڙائيءَ ۾ ناٽڪ ڏانهن لاڙو رکيو اَٿائين ۽ دلچسپ ناٽڪ لکيا اَٿس. +برج موهن: +تجرباتي ناٽڪڪار، هدايتڪار ۽ اداڪار آهي. سٺو ڪهاڻيڪار پڻ آهي. بمبئي، جتي سنڌي ناٽڪ گهڻو اڳرو آهي، اَتي، تجرباتي ناٽڪن جي شروعات ڪرڻ جو شرف حاصل اٿس. +شيام جئسنگهاڻي: +اڄوڪي زندگيءَ جي بيهودگين جي اوگهڙ ڪرڻ وارن سجاڳ ليکڪن جي پهرين قطار ۾ آهي. ساهت سان گڏوگڏ چترڪاري ۽ فوٽوگرافيءَ جو شوق اٿس. ناٽڪ ڏانهن به وڌي آيو آهي. +واسديو موهي: +نئين ڪوتا جي کيتر ۾ ناليرو آهي. احمدآباد ۾ شروع ٿيل تجرباتي ناٽڪ هلچل سان شروع کان سرگرم لاڳاپو رهيو اٿس. نتيجي طور پاڻ به ناٽڪ لکڻ لڳو آهي. \ No newline at end of file