diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book16.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book16.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book16.txt" @@ -0,0 +1,3764 @@ +ڪتاب جو نالو: ننڍا ناٽڪ + + + +ننڍا ناٽڪ +حاتم ۽ نوفل +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(نوفل بادشاهه جي درٻار آهي، نوفل تخت تي ويٺو آهي. امير، وزير ۽ درٻاري درٻار ۾ حاضر آهن). پردو کلي ٿو. +وڏو وزير: (نوفل کي) اي دنيا جا بادشاهه، اڄڪلهه جتي ڪٿي حاتم جي ساراهه ٿي رهي آهي! اسان کي اهو ڏسي ڏاڍو غصو ٿو اچي (تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي ٿو).نوفل: آخر ڀلا ڇا جي ڪري! ائين ته اسان جي عزت گهٽجي ويندي. نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي جو اسان جو شان نه گهٽجي؟ +وڏو درٻاري: حضور! پڙهو گهمايو وڃي ته ”جيڪو به حاتم کي قيد ڪري توهان وٽ آڻيندو، ان کي وڏو انعام ڏنو ويندو.“ +نوفل: حاتم قيد ٿي اچي ته پوءِ هن کي ڇا ڪجي؟ +وڏو وزير: هن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏجي ته نه رهندو بانس نه وڄندي بانسري. +نوفل: اوهان جي صلاح ٺيڪ آهي. هڪدم ملڪ ۾ پڙهو گهمايو وڃي ته ”جيڪو حاتم کي گرفتار ڪري اسان وٽ آڻيندو، ان کي هڪ هزار سونيون اشرفيون انعام ڏنيون وينديون.“ +(سڀ وزير، امير ۽ درٻاري خوشيءَ وچان وڏي آواز سان چون ٿا: شهنشاهه نوفل، زندهه باد! شهنشاهه نوفل، زندهه باد! +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(بادشاهه نوفل جي گاديءَ واري شهر جو هڪ چونڪ آهي. هڪ دهلاري پڙهو گهمائي رهيو آهي. ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن). +دهلاري: (دهل تي ڏؤنڪو هڻي) شهنشاهه نوفل جي حڪم سان سڀني کي اطلاع ٿو ڏجي ته جيڪو به ماڻهو حاتم کي قيد ڪندو، ان کي هڪ هزار سونيون اشرفيون انعام ڏنيون وينديون. (وري دهل تي ڏؤنڪو هڻي ٿو) ماڻهو خوشيءَ مان تاڙيون وڄائين ٿا. +هڪ ماڻهو: ٻيلي واهه! حاتم کي قيد ڪرڻ ڪا ڏُکي ڳالهه ته ناهي- هو ته اڪيلي سر جهنگن بَرَن ۾ گهمندو وتي. پاڻ سان ڪو سپاهي به ڪونه کڻي. وتي غريب ماڻهن جا ڪم ڪندو. نه اٿس پاڻ سان ڪو پهر، نه اٿس ڪا چيلهه سان تلوار. +ٻيو ماڻهو: سچ ٿو چوين. هن کي پاڻ جهڙا غريباڻا سادا ڪپڙا پيل آهن، سڃاڻبو به ڪونه ته هي ڪو وقت جو بادشاهه حاتم آهي! +پهريون ماڻهو: يار هلو ته هلون. چوڌاري پکڙجي وڃون ۽ حاتم کي هٿ ڪري انعام وٺي، ڪي ته ڄمار جا ڏهاڙا پيٽ سکيو پاليون. +ٽيون ماڻهو: جڏهن کان غريبن جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا اٿس ته محلات ڇڏي، رهي به هڪ جهوپڙيءَ ۾ ٿو. هن کي پڪڙڻ تمام سولو ڪم آهي. هلو ٻيلي هلو! +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(حاتم جي رهڻ واري جهوپڙيءَ ۾ حاتم ويٺو آهي ۽ چوڌاري سندس امير به حاضر آهن.) +هڪ امير: (حاتم کي) سرڪار! اڄ اسان کي اها خبر ٻڌي، ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ته نوفل اوهان جي گرفتاري لاءِ هڪ هزار اشرفيون آڇيون آهن. (تلوار مياڻ مان ڪڍي) اسان کي حڪم ملي ته نوفل جو تخت ناس ڪري ڇڏيون. نوفل ۾ ڪهڙي سگهه آهي جو حضور سان سِينو ساهي! اسين اوهان جا سرويچ آهيون، سِر ڏينداسين مگر اوهان کي گرفتار ٿيڻ نه ڏينداسين. +حاتم: اوهان ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. آءٌ جنگ جوٽي، غريبن جو رت وهائڻ نٿو گهران. جيڪڏهن نوفل کي منهنجو سِر کپي ته ڀلي وٺي، مون هڪ جي سِسِي ويندي، پر هزارن جا سِر بچي پوندا. +امير: حضور! اسين ائين هرگز ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇا به ٿي پوي؛ اسان جا سِر حاضر آهن. +حاتم: اهائي ته ڳالهه آهي، جا مون کي نٿي وڻي. مان عام انسانن جي جان جي سنڀال لاءِ پيدا ٿيو آهيان، نه انهن جي برباديءَ لاءِ! +امير: اسان جي ڪهڙي نه بيعزتي ٿيندي، جو اسان جو حاڪم گرفتار ٿئي ۽ اسين ويهي تماشو ڏسون! +حاتم: مان ويس بدلائي گم ٿي وڃان ٿو، هن جا ماڻهو مون کي بنهه ڳولي نه سگهندا. اوهين غريبن جي ڏک سُور جو بچاءُ ڪندا رهو. اُميد ته جلد ملنداسون. خدا حافظ! +(حاتم اُٿي وڃي ٿو.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو چ��ٿون +(هڪ گهاٽو جهنگ آهي، جنهن ۾ حاتم لِڪل آهي. خدا جي بندگيءَ ۾ مشغول آهي ۽ سوچي به رهيو آهي ته غريبن جي ڪيئن مدد ڪريان! انهيءَ جهنگ ۾ هڪ ڪاٺير ۽ سندس زال ڪاٺين جون ڀريون ڪرڻ لاءِ آيل آهن ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن.) +ڪاٺير جي زال: اي منهنجا ڀتار! پنهنجي ملڪ ۾ نوفل پڙهو گهمايو آهي ته ”جيڪو حاتم کي مون وٽ زندهه وٺي ايندو، ان کي هڪ هزار سونين اشرفين جو انعام ڏنو ويندو.“ +ڪاٺير: مون به ڳالهه ٻڌي آهي. پر ڇڏ انهن ڳالهين کي، وٺ ته ڪاٺين جي ڀري ڪري وٺون. مٿان رات ٿي ويندي، هل ته هلي پيٽ گذر ڪريون. حاتم جهڙي سخيءَ کي خدا ڪندو ته نه لهر نه لوڏو رسندو! +ڪاٺير جي زال: تنهنجو وات گلاب. ڳالهه ته لک جي ڪئي اٿئي، پر ڏس سڄي عمر ڪاٺيون ڪري هٿ، پير ۽ سارو ڏيل ڏکويو اٿئون. آخر اها رُکي سُڪي ماني ڪيترو وقت تَڳَڻ ڏيندي! اڄ نه مُئاسون ته سڀاڻي، پوءِ پٺيان ٻچن جو ڪهڙو حال ٿيندو!“ +ڪاٺير: اجايا پهه نه پچاءِ. خدا کان ڊڄ. جيڪو سڄي جهان کي پالي ٿو سو اسان جي ٻچن کي ڇڏي ڏيندو ڇا؟ +زال: آءٌ ته چوان ٿي، اڄ جي اسان کي هتي حاتم ملي وڃي ته هوند نوفل وٽ وٺي هلونس ۽ انعام وٺي، باقي ڄمار جا ڪي چار ڏهاڙا سُکي گذاريون! +(حاتم جيڪو جهنگ ۾ لِڪل هو، سو هيءَ ڳالهه ٻولهه ڌيان سان ٻڌي رهيو هو، ۽ جهنگ مان ٻاهر نڪري، ڪاٺير ۽ سندس زال جي اڳيان اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو) +اي مائي، مان حاتم آهيان. مون اوهان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي آهي. ڀلائي ڪري مون کي جلد نوفل وٽ وٺي هلو ۽ انعام حاصل ڪري، پنهنجي حياتي خوش گذاريو؛ منهنجي حياتيءَ جو مول مَتو اهو ئي آهي. جلدي هلو متان نوفل جا جاسوس نه اچي نڪرن، ۽ مون کي وٺي وڃن! جلدي ڪريو، جلدي ڪريو! +(سڀ گڏجي وڃن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +چهچٽو ٻيون +پردو پهريون +(ڪاٺير، سندس زال ۽ حاتم نوفل جي درٻار ڏي وڃي رهيا آهن ته واٽ تي انهن کي نوفل جا چار فوجي ملن ٿا. جن کي چيلهه سان تلوارون ٻڌل آهن.) +نوفل جا فوجي: بيهي رهيا. ڪير آهيو؟ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ +حاتم: سپاهيو! آءٌ حاتم آهيان، جنهن جي ڳولا ۾ توهين آهيو ۽ هي هڪ غريب ڪاٺير ۽ ان جي زال آهن، جي مون کي پڪڙي نوفل جي درٻار ڏي وٺي وڃي رهيا آهن. +هڪ سپاهي: سچ ٿو چوين ته تون حاتم آهين؟ +حاتم: بلڪل سچ. +ٻيو سپاهي: تڏهن ته اسين ڀاڳن وارا آهيون. اسين توکي نوفل وٽ وٺي هلنداسين ۽ انعام کٽينداسين. (ڪاٺير کي) تون ۽ تنهنجي زال هتان هليا وڃو ۽ وڃي ڪاٺيون ڪريو نه ته (تلوار ڏيکاري) هن تلوار جو گرهه ٿي ويندؤ. هٽي وڃو. هٽي وڃو! +ڪاٺير: اي ظالمو! حاتم کي اسان هٿ ڪيو آهي. انعام اسان جو حق آهي. توهين هتان ٽَري وڃو! +سپاهي: خبردار، بي ادب، موت کي بُل نه ڏي. پنهنجي جان پياري اٿوَ ته ڀڄي وڃو! (حاتم کي هٿ کان جهلي) اوهين اسان سان هلو. +(ڪاٺير ۽ سندس زال چُپ ڪري بيهي رهن ٿا ۽ سپاهي حاتم کي وٺي وڃن ٿا.) +ڪاٺير: (زال کي) اسين ضرور نوفل جي درٻار ۾ هلنداسين ۽ ان کي سڄي ڳالهه ڪري سڻائينداسين. +زال: ضرور! (ائين چئي پير پير ۾ ڏئي حاتم ۽ سپاهين جي پٺيان وڃن ٿا). +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(نوفل جي دٻار آهي. چؤڌاري خوشيءَ جو چؤٻول آهي ته حاتم پڪڙجي پيو آهي. چار فوجي پنهنجي فتح تي خوشي ملهائي رهيا آهن. نوفل تخت تي ويٺو آهي. سپاهي حاتم کي وٺي اندر اچن ٿا.) +هڪ سپاهي: حضور! اوهان جي حڪم موجب اسان رات-ڏينهن حاتم کي هٿ ڪرڻ ۾ هڪ ڪري ڇڏيو. جهنگ بَرَ جهاڳي آخر هن کي هڪ گهاٽي جهنگ مان ڳولي لڌوسون، جتي هو لڪل هو. اهو اهڙو ته اونداهو جهنگ هو، جو ڪوبه کيس ڳولهي لهي ��ه سگهي ها. اهو سڀ اوهان جي خادمن جي سرٽوڙ ڪوشش جو نتيجو اهي! +نوفل: آفرين! بيشڪ اوهان سڀئي انعام جا لائق آهيو. +(سپاهي خوشيءَ ۾ ٻهڪن پيا). +ٻيو سپاهي: حاتم اسان جو مقابلو ڪرڻ پئي چاهيو، مگر اسان پنهنجي همت، طاقت ۽ زور بازوءَ سان کيس سوگهو ڪري ورتو! +نوفل: (حاتم کي) اي حاتم، تو اسان جي ڪافي گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اسان جي شان ۽ عزت کي ٽِڪو لاتو آهي. ڀلا ٻڌاءِ ته تون اهڙو گيدي ٿي ڇو ڀڄي وئين ۽ مقابلو ڇو نه ڪيئي؟ +حاتم: نوفل، مون نٿي گهريو ته دنيا جي هن راڄ جي لاءِ آءٌ هزارن جون جانيون جنگ ڪري برباد ڪريان. خدا کي ان لاءِ ڪهڙو جواب ڏيندس. تنهنجو راڄ-ڀاڳ ۽ منهنجو راڄ-ڀاڳ ٻيئي توکي ڦٻيا. منهنجي توکي رڳي اها نصيحت آهي ته غريبن جي سار لهه. دولت ان لاءِ نه ملي اٿئي ته عيش عشرت ۾ لُٽائي ڇڏين. خدا جي نالي، ان کي مسڪين بندن جي ڀلي لاءِ خرچ ڪر ته تنهنجون ٻئي دنيائون سَڦليون ٿنين. +نوفل: هون، اي سخي حاتم! تنهنجي جواب مان مون ڀليءَ ريت پروڙيو آهي ته تنهنجي نيڪ ناميءَ جو سبب اها تنهنجي سخاوت ئي آهي ۽ منهنجي بدنامي جو ڪارڻ منهنجي بي خيالي آهي. +(ائين چئي پنهنجي تخت تان اُٿي ٿو ۽ حاتم کي ڀاڪر پائي پنهنجي ڀرسان آڻي تخت تي ويهاري ٿو.) +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +پردو ٽيون +(ٻئي ڏينهن نوفل خوشيءَ جي درٻار لڳائي ٿو، ۽ سخي حاتم جي عزت خاطر هڪ محفل مچائي ٿو. +غريبن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو. تختگاهه جون گهٽيون ۽ رستا سينگاريا ويا آهن) پردو کلي ٿو. +(ايتري ۾ هڪ دربان اچي ٿو نوفل کي چوي ٿو ته هڪڙو ڪاٺير ۽ سندس زال درٻار جي ٻاهران حاضر آهن ۽ فرياد ڪن ٿا.) +نوفل: هڪدم حاضر ڪريون. +(انهي حڪم تي سپاهين جو منهن لهي وڃي ٿو). +حاتم: اهي ڪاٺير ۽ سندس زال اهي ئي آهن، جن کي مون پنهنجو پاڻ حوالي ڪيو هو. +نوفل: هو ڪئين؟ +حاتم: اهي ٻيئي ڄڻا پاڻ ٻڌائيندا. +(ڪاٺير ۽ سندس زال اندر اچن ٿا ۽ سلام ڪن ٿا.) +نوفل: ٻڌايو، جلدي ٻڌايو، اوهان جو ڪهڙو فرياد آهي؟ +ڪاٺير: حضور! هيءَ منهنجي زال آهي. اسين ٻيئي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪري رهيا هئاسين ته منهنجي زال مون کي چوڻ لڳي ته ”ميان! نوفل جو گهمايل پڙهو ٻڌي منهجي دل گهري ٿي ته جيڪر حاتم پاڻ کي هٿ اچي وڃي ته انعام وٺي ڪهڙي نه سکي حياتي گذاريون! +نوفل: پوءِ ڇا ٿيو؟ +ڪاٺير: مون هن کي چيو ته ”اهڙي اجائي سڌ نه ڪر. حاتم سخي آهي. شال خوش هجي! اسين هن حال ۾ ٺيڪ آهيون. حاتم جو ڀرواري جهنگ ۾ لڪل هو، تنهن اها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ ٻاهر نڪري آيو ۽ اسان کي چيائين ته ”آءٌ حاتم آهيان، مون کي وٺي هلو ۽ پنهنجي دل جي آرزو پوري ڪريو.“ +نوفل: هون، اڳتي ڇا ٿيو؟ +ڪاٺير: مون حاتم کي گهڻو ئي ٻاڏايو، پنهنجي زال جي اجائي گفتار لاءِ معافي ورتي؛ پر هن نه مڃيو ۽ مون کي زور ڀريائين ته مون کي نوفل وٽ وٺي هلي انعام وٺو. +نوفل: (ڏندين آڱريون ڪري) تڏهن منهنجي سپاهين حاتم کي گرفتار نه ڪيو هو؟ +ڪاٺير: بلڪل نه. اهي ته اسان کي، اوهان ڏي ايندي واٽ تي مليا ۽ مون کي ۽ منهنجي زال کي تلوارون ڏيکاري، مارڻ جا دڙڪا ڏيئي، حاتم کي پاڻ سان وٺي آيا. ان بعد اسان پنڌ ڪندا ڦرندا ڦرندا، حضور جي درٻار ۾ پهتا آهيون. فرياد آهي ته اسان جو انصاف ڪيو وڃي. +نوفل: (حاتم ڏي ڏسي) اي سخي! مان ته منجهي پيو آهيان. سچي ڳالهه ڪيئن آهي؟ حاتم: ڪاٺير جي ڳالهه اکر به اکر سچ آهي. سپاهي سراسر ڪوڙا آهن، منهنجي روبرو انهن کي پيش ڪيو وڃي، ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. +نوفل: سپاهين کي اسان جي سامهون آندو وڃي. +(سپاهي آندا وڃن ٿا.) +نوفل: اڙي ڪمبختو، سچ ٻڌايو ته حاتم توهان کي ڪيئن هٿ آيو؟ هن ڪاٺير ۽ سندس زال هن کي هٿ ڪيو يا اوهان؟ +سپاهي: (شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري) حضور! جيئدان ڏين، ته سچ ڳالهايون؟ +نوفل: ڪوڙ جي ضرور اوهان کي سزا ڏني ويندي. +(سپاهي ڏڪڻ لڳن ٿا.) +حاتم: نوفل، هنن کي به بخشيو وڃي، آخر ته انسان آهن. پئسن جي لالچ ۾ اچي ائين ڪيو اٿن. پئسو آهي به اهڙي بُري شيءِ، جا انسان کان سڀڪو ڏوهه ڪرائي ٿي. +نوفل: سپاهيو! اوهان کي بخش آهي. سچي ڳالهه ٻڌايو؟ +سپاهي: جيئندا قبلا! اسان حاتم جو هٿ زبردستيءَ هنن کان ڇڏايو هو ۽ حاتم کي پنهنجو شڪار ڪري ڄاڻايو، فقط ان لاءِ ته انعام ملي، جنهن کان هينئر اسين پشيمان آهيون! +نوفل: (حاتم ڏي منهن ڪري) اي سخي حاتم، تو مون کي اڄ سبق سيکاريو آهي ته سچائي ۽ سخاوت ڪهڙين ڳالهين جو نالو آهي. اميد ٿو ڪريان ته آئيندي مان تنهنجي نقشِ قدم تي هلي، حڪومت هلائيندس. اوهان کي پنهنجي حڪومت نيبهه هجي! شال جيئو! +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +پوڙهو ۽ انب جو وڻ +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(هڪڙو پوڙهو پنهنجي جهوپڙيءَ جي اڱڻ ۾ هڪ انب جو وڻ پوکي رهيو آهي. رَنبو ۽ انب جي ٻوٽي جي چَڪي اڳيان اٿس، اوچتو ملڪ جو بادشاهه پنهنجي وزيرن سميت شڪار ڪندي، اتان اچي لنگهي ٿو. +۽ پوڙهي جي اڳيان اچي بيهي ٿو. پوڙهو ادب سان سلام ڪري ٿو. بادشاهه پوڙهي کان پڇي ٿو.) +بادشاهه: اي بزرگ، تون ڪهڙي ڪار ۾ مشغول آهين؟ +پوڙهو: جيئندا قبلا! هڪ انب جو وڻ پوکي رهيو آهيان. +بادشاهه: تنهنجي هن وقت ڪيتري ڄمار ٿيندي؟ +پوڙهو: قبلا! سؤ ورهين جي عمر کي پهچي چڪو آهيان. +بادشاهه: (وزيرن ڏي نهاري مُرڪي ٿو) هيءُ پوڙهو ڪهڙو نه اٻوجهه آهي، پر سندس ڏوهه ڪونهي. پِيري اٿس نه! +پوڙهو: قبلا! مون کان ڪهڙو قصور ٿيو آهي؟ معافيءَ جو طلبگار آهيان. ڏوهه گناهه ڪيو هجيم ته بخش ڪرڻ فرمائيندا. +بادشاهه: اي پريا مڙس! تو ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي.ڊپ نه ڪر، پر مون کي ٻڌاءِ ته سَهي، هي انب جو وڻ ڪيترن سالن کان پوءِ توکي ڦَڙُ ڏيئي سگهندو؟ +پوڙهو: حضور! اٽڪل ڏهن سالن بعد هن جا انب نصيب ٿيندا. +بادشاهه: اي پير مرد! ڇا تون سمجهين ٿو ته تون اڃا ايترو جيئندين جو هن جا انب کائيندين؟ +پوڙهو: حياتي ته ڌڻيءَ جي وس آهي. جياريم ته ويهه ورهيه به جِي سگهان ٿو! پر جي ماريم ته هن وڻ پوکڻ کان اڳ ڏانهس موٽان. +بادشاهه: پوءِ هيءَ جا تڪليف تون وٺي رهيو آهين، ان ۾ ڪهڙي سياڻپ آهي؟ خدا کي ياد ڪر، آرام ڪر، اجايو حرص ڇڏي ڏي! +پوڙهو: قبلا! حرص ۽ هوَس جي ڦَندن کان سڄي عمر آزاد رهيو آهيان. اجايا حرص منهنجو ڀر پاسو به ڏيئي نه لنگهندا آهن. اُنهن کان الله جي پناهه ٿو مڱان! +هيءُ هڪ نيڪ فرض آهي، جو بجا آڻي رهيو آهيان. +بادشاهه: اي ٻڍڙا شخص! مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هي تنهنجو بي وقت پورهيو ڪيئن هڪ نيڪ فرض ٿي سگهي ٿو؟ +پوڙهو: اجازت ملي ته مان ان بابت پنهنجي سادي سوديءَ سمجهه پٽاندر سمجهائي پيش ڪريان؟ +بادشاهه: هن وقت اسان کي دير ٿي رهي آهي. سڀاڻي تون اسان جي درٻار ۾ حاضر ٿج ته وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري، تنهنجي مقصد کي پروڙينداسون. +خدا حافظ: (بادشاهه ۽ وزير شڪار جي ڳولا ۾ هليا وڃن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(بادشاهه جي درٻار آهي. دربار جي ٻاهران پوڙهو حاضر ٿئي ٿو، ۽ چوڪيدارن کي عرض ڪري ٿو ته بادشاهه سلامت کي سندس حاضر ٿيڻ جي بابت اطلاع ڪن.) +پوڙهو: (چوڪيدار کي) بادشاهه سلامت مون کي پاڻ سڏايو آهي. بندو حاضر ٿيو آهي. حضور کي اطلاع ڏيندا ته انب جو وڻ پو��ڻ وارو ٻڍڙو خدمت ۾ اچڻ لاءِ عرضدار آهي. +چوڪيدار: اڙي خواب لڌو اٿيئي ڇا؟ تو ۾ بادشاهه سلامت جو ڪهڙو ڪم پيو هوندو! +پوڙهو: خواب نه آهي. هڪ حقيقت آهي. اطلاع نه ڪندا ته اوهان جي جوابداري آهي. مان اوهان کي سچ ٿو چوان. +چوڪيدار: ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، پر بادشاهي خيال آهن، متان هن کي گهرايو به هجين. (اندر وڃي ٿو ۽ بادشاهه کي نِوڙي سلام ڪري ٿو.) +بادشاهه: چوڪيدار؟ +چوڪيدار: جيءُ حضور! +بادشاهه: اڄ صبح جو سوير منهن ڪڍيو اٿئي، ڪهڙو عرض آهي؟ +چوڪيدار: حضور! هڪ پوڙهو حاضر ٿيو آهي ۽ چوي ٿو ته حضور جن مون کي سڏايو آهي. +بادشاهه: ڇا انب پوکڻ وارو ٻڍڙو؟ +چوڪيدار: جيءُ حضور. اسان پهريائين ته هن بي ادب کي موٽائي ٿي ڪڍيو؛ پر جڏهين چيائين ته حضور جن جي حڪم تي حاضر ٿيو آهيان، تڏهن اطلاع ڪرڻ واجب ٿي پيو. +بادشاهه: ها. هو سچ ٿو چوي. هن کي عزت ۽ پيار سان اسان وٽ حاضر ڪريو. (چوڪيدار وڃي ٿو.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(بادشاهه سلامت درٻار ۾ ويٺل آهي. پوڙهي کي اندر آندو وڃي ٿو. پوڙهو بادشاهه سلامت کي ادب سان نِوڙي سلام ڪري ٿو.) +بادشاهه: پير مرد، ڀلي ڪري آئين. +پوڙهو: حضور جي سربخت جو خير هجي. حڪم جي تعميل ڪئي اٿم. +بادشاهه: ڪلهه جيڪو تو نمونو اختيار ڪيو هو، ان جي چِٽائيءَ سان سمجهاڻي ڏيئي سگهندين؟ +پوڙهو: پنهنجي سمجهه آهر ڪجهه نه ڪجهه چئي سگهندس. +بادشاهه: ته پوءِ ٻڌاءِ ته هن بي فائدي ڪم ڪرڻ مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ +پوڙهو: اي تخت تاج جا مالڪ، مان اِهو ڪم ڪنهن شخصي لالچ تي نه ڪري رهيو آهيان. منهنجو جيئڻ هن وقت ٻين لاءِ آهي. +بادشاهه: ٻين لاءِ جيئڻ مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ +پوڙهو: ڪي جيئن ٿا پنهنجي لاءِ، مگر آءٌ جيان ٿو ٻين لاءِ. ان مان منهنجو مطلب هي آهي ته مان پنهنجي ڄمار ڏيئي چڪو آهيان. هاڻي هن منهنجي محنت جو ڦل منهنجو اولاد کائيندو، جيڪو مون تي فرض آهي. +بادشاهه: تنهنجو اولاد پنهنجي لاءِ پاڻ محنت ڪري ۽ پنهنجي محنت جو ميوو کائي! +پوڙهو: بلڪل صحيح آهي، پر حضور! اسان جي وڏن اسان لاءِ وڻ پوکيا ۽ اسين هينئر اُنهن جي مرڻ کان پوءِ، انهن جو ڦَل کائي رهيا آهيون. اسين پنهنجي اولاد لاءِ ساڳيو مقصد رکون ٿا ۽ اسان جو اولاد وري پنهنجي اولاد لاءِ محنت ڪندو. ان طرح دنيا جو دستور هلندو رهندو. هيءَ دنيا سبب جي جاءِ آهي. اسين انسان هڪٻئي تي دارومدار رکون ٿا. اِهو نار وارو ڦيرو آهي؛ جنهن تي سموري دنيا آباد ٿيندي رهي ٿي. چڱو ڪم ان کي ئي چئجي ٿو جو ٻين لاءِ ڪجي. منهنجي مرڻ کان پوءِ هن وڻ جو ميوو ٻيا کائيندا، پر اجر مون کي رسندو. اهڙي محنت جو ڦَل ڪو ٻيو؟ +بادشاهه: اي بزرگ! تو مون کي بلڪل صحيح ڳالهه سُڻائي آهي. اسان جي لاءِ اسان جا وڏا محنت ڪري ويا ۽ اُنهن لاءِ اُنهن جا وڏا. اسين پنهنجي نسل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون. اڄ تو منهنجون اکيون کولي ڇڏيون آهن. سچ چيو اٿن ته پيرسن ماڻهن جي آزمودي مان فائدو وٺجي. اهو ئي سبب آهي جو اسان توکي پاڻ وٽ گهرايو آهي. +(چوبدار کي سڏي ٿو.) +چوبدار: حاضر حضور! غلام حاضر آهي. +بادشاهه: خزاني جي وزير کي حڪم پهچايو ته هن پير مرد کي جيتري دولت کپي، سا خزاني مان ڏياري وڃي، جيئن هو خوش ٿي وڃي ۽ باقي حياتيءَ جا ڏهاڙا سُکيا گذاري. وڃ! هڪدم تعميل ٿئي. +(چوبدار ۽ پوڙهو سلام ڪن ٿا ۽ ٻاهر اچن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +ٻه سُپتيا ماڻهو +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(هڪ هاري ۽ سندس نوجوان پُٽ، پنهنجي ٻنيءَ ۾ هَرَ کيڙي رهيا آهن. اوچتو هر جي چوني (گهوٻ��) وڃي ڪنهن شيءِ ۾ اَٽڪي ٿي. کوٽي ڏسن ٿا ته هڪ ديڳ آهي جا سونين اشرفين سان ڀَري پيئي آهي.) +هاري: (پٽ کي) اڙي پٽڙا! هيڏانهن ته اچ. هيءُ لقاءُ اچي ڏس. جلدي اچ. جلدي اچ! (پٽ اچي ٿو.) +پُٽ: بابا، بابا! هيءُ ديڳ ڪٿان آئي؟ هن ۾ اندر هي سونيون مهرون جيڪي چمڪن پيون سي ڪٿان آيون؟ واهه واهه، سبحان الله! اهڙو ته اسان ڪڏهن خواب به ڪونه ڏٺو هو! +هاري: پٽ، خدا جا ڏيڻ اجهي اهڙا آهن. وٽس ڪوبه حساب ڪونهي، ڏئي ته بي حساب. دير ئي ڪانه ڪري، ويرم ئي ڪانه ٿئي، بُکين کي ڍئي ڇڏي! +پُٽ: بابا، هوريان ڳالهايو ته ڪو ٻڌي نه وٺي. اسين غريب آهيون، ڪو اسان کان زوريءَ ڦري نه وڃي. پوءِ اسين ڇا ڪنداسين! +هاري: جنهن اسان کي هيءَ دولت ڏني آهي، اهو ئي اسان کي نيبهه ڪندو. پر...... +پُٽ: پر ڇا! وري ڪهڙو خيال آيوَ؟ +هاري: هيءَ ديڳ ۽ دولت هن زمين مان نڪتي آهي ۽ زمين زميندار جي آهي نه اسان جي. اسان کي ته فقط هارپ جو حق آهي. اسان کي هيءَ ٻني پوکڻ لاءِ مليل آهي، جنهن جي اسين ڍل ڏيون ٿا. هن ديڳ تي اسان جو ڪهڙو حق ٿي سگهي ٿو! +پُٽ: پر بابا، لڌي ته اسان آهي. هَرَ ڏيندي، اها اسان جي پورهيي جو اُجورو آهي. زميندار جو ان ۾ ڪهڙو حق آهي؟ +هاري: نه پٽ، ٿي سگهي ٿو ته زميندار جي وڏن اها دولت اتي پوري ڇڏي هجي، جنهن جي زميندار کي خبر نه آهي. اها هڪ امانت آهي، جا هُنن جو حق آهي ۽ نه اسان جو. زمين تي اسان جو ڪوبه حق ڪونهي؛ فقط زمين ۾ پوک ڪري، اَنَ لُڻڻ جا حقدار آهيون. +پُٽ: ته پوءِ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي. هيءَ دولت زميندار کي ڏيئي ڇڏيون، جنهن کي هن بابت ڪابه سُڌ نه آهي؟ ڇو نه هيءَ دولت لڪائي ڇڏيون ۽ پاڻ زمين خريد ڪري سُکيا سَتابا ٿي وڃون ۽ سدائين هن پيرن جي پيهه کان ڇُٽي پئون! +هاري: پٽ، اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، اسان کي جيستائين خدا تعاليٰ هَڏَ سلامت ڏنا آهن، تيستائين پورهيو ڪري کائينداسون. پورهيي جو ڦل حلال آهي، پرائي امانت حرام. +پُٽ: پوءِ ڇا ڪريون؟ +هاري: زميندار کي هن ڳالهه کان واقف ڪريون ۽ ديڳ ان جي حوالي ڪريون. اسان کي هيترو وقت به خدا تعاليٰ ئي پئي رزق موڪليو آهي، اڳتي به انهيءَ تي ننگ آهي. دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، ڪنهن کي به سدائين نيبهه ڪانهي. نار جو لوٽو جو مٿي ڀريل آهي سو هارجي هيٺ خالي ٿي وڃي ٿو. سج ٻه پاڇا آهي، اسان کي اها دولت ڪيترو وقت ڦَٻندي؟ +پُٽ: جيڪا اوهان جي مرضي، اوهين وڏا آهيو، وڏن جي سمجهه به وڏي آهي، سوچ به وڏي آهي. دنيا جي لاهين چاڙهين جو اسان کي ڪهڙو آزمودو. +هاري: ته ڇڏ هَرُ اِتي. وٺ ته هيءَ ديڳ کڻي، زميندار کي هلي پهچايون ۽ سارو حال اوريون. +(ديڳ کڻي وڃن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيو +(زميندار جي اوطاق آهي. زميندار ويٺو آهي. هاري ۽ سندس پٽ ديڳ سميت اندر اچن ٿا ۽ ديڳ آهستي آهستي زمين تي رکن ٿا.) +هاري: السلام عليڪم، رئيس وڏا. +زميندار: وعليڪم السلام، ڀلي آيا. ڏيو خبرچار هن ديڳ ۾ ڇا کڻي آيا آهيو؟ +هاري: رئيس وڏا، اڄ مون ۽ منهنجي هن پٽ، تنهنجي زمين کي هَرُ پئي ڏنو ته هَرَ جي چوني وڃي ڪنهن سخت شيءِ ۾ اٽڪي. کوٽي جو کڻي ڏسون ته هي ديڳ زمين ۾ پوريل نظر آئي. ديڳ کي کولي ڏٺوسون ته سڄي ديڳ سونين اشرفين سان ڀَري پيئي هئي. پهريائين ته دل بي ايمان ٿي ويئي ته هيءَ دولت لڪائي ڇڏيون، پر پوءِ خيال آيو ته ماڻهن کان به لڪائي سگهون ٿا، مگر الله پاڪ کان ته ڪجهه به ڳجهو ڪونهي. +زميندار: (اُٿي ديڳ ڏسي چوي ٿو) واهه واهه، سبحان الله! هيءَ دولت ته ڪنهن بادشاهه جي دفن ڪيل آهي، ڪنهن جهڙي تهڙي امير جي جاءِ نه آهي! پوءِ ڀلا، اوهان کي خدا ڏياري آهي، کڻي وڃي سکيا ٿيو. +هاري: سائين، ائين ڪيئن ٿيندو. هيءَ اوهان جي زمين مان لڌي آهي. اسان زمين اوهان کان پوک لاءِ ورتي هئي ۽ نه جيڪي ان ۾ پوريل آهي، ان لاءِ. هيءَ حق اوهان جو آهي، اوهين وٺي بلائتي ڪريو. +زميندار: ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين! مون زمين توکي پنجن سالن لاءِ حقن واسطن سميت ڏني هئي. ان لاءِ تو کان ڍل وصول ڪئي اٿم. هن ديڳ تي تنهنجو حق آهي نه منهنجو، ديڳ کڻي وڃو، مون کي بي ايمان نه بنايو. +هاري: ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. مون کي هن مان هڪ اشرفي به حرام آهي. ڀلائي ڪري پنهنجي امانت هٿ ڪريو. مان غريب هيءَ دولت رکندس ڪٿي؟ مون کي ته پورو حساب ڪتاب به ڪونه ٿو اچي، جو آءٌ هيتري دولت سنڀالي سگهان! پر وڏي ڳالهه ته هن تي منهنجو ڪوبه حق ڪونهي. شايد ائين هجي ته اوهان جي وڏن هيءَ دولت زمين ۾ پوري هجي، جنهن جي اوهان کي خبر نه هجي؟ +زميندار: مون کي اهڙيون اجايون لالچون نه ڏي ۽ ڪوڙا سبق نه پڙهاءِ. توتي حرام آهي ته مون تي به حرام آهي. مان هرگز نه وٺندس. اها توکي خدا ڏياري آهي، تون ئي کڻندين نه ڪو ٻيو. +پُٽ: رئيس وڏا، آخر هن جو فيصلو ڪير ڪندو ته ڪنهن جو حق آهي ۽ ڪير کڻي؟ اسان غريبن جي ڳالهه کي مڃو، ابو ته اها ڪنهن به حالت ۾ نه کڻندو. +زميندار: بس، جڏهن توهان کي منهنجو فيصلو قبول نه آهي ۽ نه مون کي اوهان جو، ته پوءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. هلون وقت جي حاڪم وٽ، جيڪو اهو فيصلو ڪري، سو ٻنهي کي قبول ڪرڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ هيءَ ديڳ هتان کڻي وڃو. +هاري: حاڪم جو فيصلو اسان کي قبول آهي. هو انصاف وارو حاڪم آهي. بلڪل صحيح فيصلو ڪندو. اسين ان جي فيصلي کان پاڻ ڪڍائي نٿا سگهون. ڀلي هلو! +(اُٿي وڃن ٿا حاڪم وٽ.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(حاڪم جو بنگلو نظر اچي ٿو. هاري، سندس پٽ، زميندار ۽ ديڳ ناڻي جي سڀ حاضر آهن. سڀيئي حاڪم کي نِوڙي سلام ڪن ٿا.) +حاڪم: (هنن کي مخاطب ٿي) اوهان کي هتي ڪهڙيءَ مشڪل آندو آهي؟ اوهان سان ڪو ڏاڍ يا ظلم ٿيو آهي يا ڪا اوهان کي ٻي تڪليف رسي آهي ته، ان جو هڪدم تدارڪ ڪيو وڃي. هيءَ پراڻي ديڳ جو آندي ويئي آهي، هن ۾ ڇا آهي؟ +هاري: (زميندار کي) سائين! اوهان احوال ٻڌايو. +زميندار: (هاريءَ کي) تون احوال ٻڌاءِ، جو ڳالهه تو وٽان شروع ٿي آهي. +حاڪم: پاڻ ۾ بحث نه ڪريو، ٻنهي مان ڪير به کڻي ٻڌائي، جلدي ڪريو. منهنجو انتظار وڌندو ٿو وڃي. +هاري: حضور! مان هڪ هاري آهيان. مان هِن پنهنجي زميندار جي زمين هارپ تي ڍل ڏيڻ سان کانئس ورتي هئي. اڄ زمين کي هَرَ ڏيندي، مون کي +هيءَ ديڳ پوريل نظر آئي، جا سونين مُهرن سان ڀريل آهي. منهنجو چوڻ آهي ته ان تي حق زميندار جو آهي. مون زمين آباديءَ لاءِ ورتي هئي ۽ زمين پوکڻ جي ڍل ڏني هيم، نه هن ديڳ جي لاءِ، جا زميندار جي زمين ۾ پوريل هئي. منهنجو چوڻ آهي ته ان تي حق زميندار جو آهي، جا هو مون کان نٿو وٺي. +حاڪم: (زميندار کي) توکي ڇا چوڻو آهي؟ +زميندار: حضور! مون زمين، سڀني حقن واسطن سان، هن هاريءَ کي پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڏني هئي، جنهن جو عيوضو، مون کي ڍل جي صورت ۾ ملي چڪو آهي. هن ديڳ تي ان ڪري منهنجو ڪوبه حق ڪونهي، اها هاري پاڻ کڻڻ کان انڪار ڪري ٿو. هاڻ اسان پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو فيصلو اسان جو حاڪم يعني اوهين ڪندا، سو اسان کي قبول آهي. +حاڪم: هائو! اوهين ٻئي ايماندار ۽ سچار ٿا ڏسجو. مون اڄ سوڌو اهڙا سُپتيا ۽ سچار ماڻهو ڪٿي ڪونه ڏٺا! ٻيئي جَس جي لائق آهيو! مون کي اوهان جهڙي رعيت تي فخر آهي. مان اوهان جو فيصلو خوشيءَ سان ڪندس. (زميندار کي) زميندار توکي ڪهڙو اولاد آهي؟ +زميندار: حضور، مون کي فقط هڪ نياڻي آهي، جنهن لاءِ مون وٽ ڪافي دولت آهي. مون کي هن ديڳ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اها ڀلي ته هاري کڻي ۽ سُکيا ڏينهن گذاري. +حاڪم: (هاريءَ کي) توکي ڪهڙو اولاد آهي؟ +هاري: حضور، مون کي اجهو هيءُ هڪ پُٽ آهي، (پٽ ڏي اشارو ڪري) الله جو ڏنو اهو هڪڙو ئي ٻچو اٿم، جو مون سان ٻانهن ٻيلي آهي ۽ چئيوان ۽ سُلڇڻو آهي. +حاڪم: ته پوءِ اسان جو فيصلو آهي ته زميندار جي نياڻي ۽ هاريءَ جو پٽ، ٻنهي جي شادي خانه آبادي دُهلين دمامين ڪئي وڃي. ان ۾ مان پنهنجي سِر به شريڪ ٿيندس ۽ سمورو سرڪاري عملو ۽ رعيت جا نيڪ مرد حاضر هوندا. ڇا اوهان کي منهنجو فيصلو قبول آهي؟ +زميندار ۽ هاري: اسان اڳيئي قبول ڪيو آهي ته جيڪو اسان جو انصاف پسند حاڪم فيصلو ڪندو، سو اسان کي قبول آهي؛ ان ڪري سائينجن جو فيصلو اکين تي. +حاڪم: ائين ڪرڻ سان الله ۽ رسول هڪ طرف راضي ٿيندا ۽ دولت به اوهان جي خاندان ۾ ئي رهندي. اهو چڱو ٿيندو! +(سڀ حاضرين زنده باد جا نعرا هڻن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +مزور ۽ گيهه جو دلو +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(هڪڙو شاهوڪار بازار مان گيهه جو دِلو ڀرائي ڪنهن مزور جي انتظار ۾ ويٺل آهي ته گيهه کڻائي گهر وڃي. اوچتو هڪ مزور اچي ٿو.) +شاهوڪار: (مزور کي) اڙي ميان مزور، هي گيهه جو دِلو کڻي هل. ڇا وٺندين؟ +مزور: سائين، پنڌ ڪيترو آهي؟ +شاهوڪار: بنهه ويجهو گهر آهي، ڊپ نه ڪر. +مزور: پوءِ مزوري ڪيتري ڏيندين؟ +شاهوڪار: جيڪا واجبي هوندي. +مزور: ته به ٻول چڱي آهي. +شاهوڪار: ته ڀلا، تون ٻڌاءِ؟ +مزور: پنجاهه پئسا ڏجانءِ. +شاهوڪار: واهه! ٻن قدمن تي پنجاهه پئسا؟ چرٻٽ راجا جي ننگري ڏٺي اٿئي ڇا، جو ٽَڪي سير ڀاڄي ٽَڪي سير کاڄا. ٻن مڻن جي گيهه کڻڻ جا به پنجاهه پئسا ته هڪ دِلي گيهه جا به پنجاهه پئسا! +مزور: ته ڀلا تون مُکيار آهين. تون به کڻي چئو. مون ته چيو. +شاهوڪار: پنجويهه پئسا ڏيندوسانءِ. +مزور: (ويچار ڪري) ادا سچ پڇين ته اڄ صبح کان وٺي هيءَ مهل ٿي آهي ته ٽَڪي جي مزوري به ڪانه لڳي اٿم. اٿم ويلي کائڻ لاءِ به ڏوڪڙ ڪونه. لائين ته ڪَس ٿو پر هل يار، گهُرجائو جو آهيان. +(دِلو مٿي تي کڻي هلي ٿو.) +شاهوڪار: ابا، سنڀالي هلج، رستي تي کَڏون کُوٻا آهن. وهٽ وانا پيا اچن وڃن. ماڻهن جي اچ وڃ به گهڻي آهي. ڀريل دِلو نبار گيهه جو مَس مَس قسمت سان هٿ آيو اٿم، ته ڪٿي ڪيرائي نه وجهين. +مزور: فڪر نه ڪر، منهنجو روز جو ڌنڌو آهي. ڳوڻين کي وڃيو مٿو ڏيون. هي بار ته اسان لاءِ وِڃڻي آهي. +شاهوڪار: شاباس! تون هلي هن پرئين چؤڪ وٽ بيهه، مان اچان ٿو. +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(مزور کي واٽ تي هڪ ماڻهو ويندو ڏسي ٿو ۽ سَهي ٿو ڪري ته مزور ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ آهي، سو پڇيس ٿو.) +ماڻهو: ميان مزور، آهي ته خير. ڪنهن مهل چپٽيون پيو وڃائين، ڪنهن مهل ڏند ٽيڙي پيو کلين ته ڪنهن وقت ماٺ ۾ اچيو وڃين؟ ڏسڻ ۾ ته سِڌو سنئون ماڻهو آهين، پر ڪم چَرين جهڙا اٿئي. آهي ته سڀ خير نه؟ +مزور: ادا، ڳالهه ئي ڇڏي ڏي. سڄي ڄمار بارن هيٺ دٻيو رهيو آهيان. سک جي ساعت نه سنڀران. عقل منهنجو دشمن، ڪڏهن به ڪا سَمڪ نه آيم، ته سک جو ڏهاڙو ڪڏهن ايندو. هينئر هڪ کيڏ سِٽي اٿم، جيڪڏهن ڀاڳ ڀڙايو ته سڀ لُڙَ لهي ويندا. +ماڻهو: مون کي به ته ٻڌاءِ؟ +مزور: نه ادا، اها ٽَل دل جو دل ۾ اٿم. لوڪ کي سليندس ڪونه. +(اُتي هڪ ٻيو ماڻهو اچي ٿو.) +ٻيو ماڻهو: (پهرئين ماڻهوءَ کي) ادا، هن غريب کي مٿي تي بار ۽ تون وري بيهاري پيو ساڻس باتيون ڪرين. ڇڏ ته غريب وٺي واٽ �� وڃي بار سِرَ تان لاهي. +پهريون ماڻهو: پر هن کان پڇ ته سَهي، واٽ ويندي پنهنجي منهن ڳالهائيندو وڃي. ڪڏهن ڏوهيڙا پيو ڏئي. ڪڏهن کِلي پيو ته ڪڏهن چپٽيون پيو وڄائي. چوي ٿو ته ڪا عقل جي کيڏ آئي اٿم. +ٻيو ماڻهو: ته پوءِ يار، اسان کي به ٻڌاءِ. تون جهونو آهين. وڏن جو عقل به وڏو آهي، مَن اسان کي به ڪا نصيحت ملي پوي! +مزور: مون کي ورچايو نه، مَتان منهنجي دماغ مان ڳالهه نڪري نه وڃي. مون جيڪو پَهه پچايو آهي، سو وسري نه وڃي. +ٻيئي ماڻهو: بلي بلي! هي مزور ته لک ٿو لهي. ڀلي آئين، ٿِي تِکو. +(مزور هلندو وڃي ٿو ۽ ساڳيا پهه پچائيندو وڃي ٿو.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(مزور کي هڪ پنهنجو دوست ملي وڃي ٿو، سو به هن کي پَهه پچائيندي ڏسي وٺي ٿو ۽ اچي هٿ کان جهليس ٿو. چويس ٿو ته يار، ڪهڙي حال ۾ آهين، اڄ ڪهڙن ڳوڙهن خيالن ۾ آهين؟) +مزور: (ڇرڪ ڀري) يار، ڳالهه ئي نه پُڇ. مون اِها سِٽ سِٽي آهي ته هِن گيهه جي دِلي جي مزوريءَ جا پنجويهه پئسا ملندم، ان جي وڃي ڳنهندس ڪُڪِڙ، ڪُڪِڙ ٿوري گهڻين ڏينهين ڏيندم ٻچا. +دوست: جي وٺيون لاهي ڪندئي گهر ڪِنو. +مزور: تون ته ڪو اڍنگو ماڻهو آهين. اڳتي به ٻُڌ ته سَهي مون ڇا سوچيو آهي. +دوست: ڀلا ٻڌاءِ. +مزور: ٻچا وڪڻي ڏوڪڙ ڪمائيندس ۽ پوءِ وٺندس ٻڪري. ٻڪري ٿوري گهڻين ڏينهين ڏيندم ڇيلا ۽ ڇيليون. اهي وڪڻي وٺندس مينهن. مينهن کير به جام ڏيندي ۽ وڇون ۽ پاڏا ڄڻيندي. ڏڌيءَ جو به سُکيو ٿيندس ۽ پئسو به جام ٿيندم. پوءِ پنهنجي جاءِ جوڙائيندس. +دوست: رِٿ ته چڱي رِٿي اٿئي، پر ان ۾ گهڻا سال لڳندا. ماڻهو مري ڪي جيئي! +مزور: تون ته نڀاڳو آهين. خدا ۾ اميد ته چڱي رکجي ته مڙئي چڱي ٿيندي. +دوست: ڀلا اڳتي ڇا ٿيندو؟ +مزور: گهر گهاٽ وارو سکيو سَتابو ٿيندس ته سڀڪو شاديءَ جي آڇ ڪندم. پرڻجي ڪٽنب وارو ٿيندس. پوءِ پَئون ٻارهن! هِن مزوريءَ کان ڇُٽي پوندس. +دوست: پوءِ ته ڀلا ڀائي پُٽ کير مِلي پوندءِ! +مزور: (ان ويچارن ۾ اهڙو محو ٿي ويو جو ڀانئيائين ته سچ پچ پٽ اکين اڳيان بيٺو اٿم!) +ادا، پوءِ پٽ اچي چوندم ته بابا، امان ٿي چوي ته ماني ٿي ٺَري، دير ٿي آهي. آءٌ تنهنجي اون ۾ ويٺي آهيان، اچي ماني کاءُ ته آءٌ انهيءَ کي نخرو ڪري چوندس ته (زور سان ڪنڌ لوڏي) نه، نٿو اچان. +(مزور جيئن ئي ڪنڌ لوڏيو تيئن گيهه جو دِلو ڌُو اچي پَٽ تي ڪِريو، پرزا پرزا ٿي ويو ۽ گيهه ريلا ڪري پَٽ تي وهڻ لڳو.) +دوست: اڙي، هي ڇا ڪيئي. رڻ ڪري وڌءِ. مالڪ ته توکان پئسا ڀرائي وٺندو، سي ڪٿان آڻيندين؟ +(ايتري ۾ مزور چوڪ وٽ ئي مس پهتو هو ته شاهوڪار به تڪڙو تڪڙو اچي اُتي نڪتو. ڀڳل دِلو ۽ هاريل گيهه ڏسي وڻ ئي وڄي ويس، ۽ چوڻ لڳو.) +شاهوڪار: (مزور کي) اي ڪمبخت، تو هي ڇا ڪيو؟ +(چِڙ ۾ ٻه-چار ڌڪ به هڻي ڪڍيائينس.) +مزور: ادا، مارين ته ڀلي مار! زيان ته مون کان ٿيو آهي. +شاهوڪار: منهنجو سمورو گيهه زيان ڪري ڇڏيئي. هاڻي ڇا ٿيندو! پنهنجي پُٽ جي شاديءَ لاءِ گيهه ورتو هئم. اهو ڪم به پيو رولي ۾! +مزور: سائين، تنهنجو ته گيهه ويو، پر منهنجو ته سڄو خاندان گهر ٻار سڀ ناس ٿي ويا. ان جو تدارڪ ڪير ڪندو! +(شاهوڪار ڌڪ هڻيس ٿو ۽ پردو ڪِري ٿو.) +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +ٻه ته ٻارهن +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(هڪڙو جهور پوڙهو پنهنجي گهر ۾ بستري تي ليٽيل ڪِنجهي رهيو آهي. سندس زال ڀر ۾ ويٺي اٿس ۽ هُن کان پڇي رهي آهي.) +زال: ڇو پيارا ڪِنجهي رهيا آهيو. تڪليف وڌي ويئي آهي ڇا؟ +پوڙهو: پياري هاڻي حياتيءَ جو پيالو ڀرجي چڪو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ڏينهن-ٻن ۾ پنهنجي آخري موڪلاڻي ٿيندي. +زال: (روئي ٿي) منهنجا سرتاج! سولي وائي ڪڍو. اوهان کي خدا تعاليٰ تندرستي عطا ڪري. منهنجي مڙهه کي ڪُلها ڏيئي ڪُلهي- ڪانڌي ٿيوم. توهان کان پوءِ منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو! +پوڙهو: ڌڻي پاڪ توکي پنهنجي ٻاجهه ۽ ڪرم سان ٽي پُٽڙا عطا ڪيا آهن. اميد ته توکي سکيو رکندا ۽ تنهنجا فرمانبردار ٿي رهندا. +زال: الله تعاليٰ کين هدايت بخشيندو. پر مون کي ڳڻتي رڳي اها آهي ته هنن جو پاڻ ۾ اتفاق ڪونهي؛ سندن نفاق روز بروز وڌندو ڏسي ڏاڍي دلگير ٿي آهيان! +پوڙهو: بلڪل سچ ٿي چوين. اها ڳالهه آهي ته ڳڻتيءَ جهڙي. مون به هنن کي بار بار سمجهايو آهي، پر هنن جي روش ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو آهي. +زال: ٽيئي جانٺا جوڌا جوان آهن، بهادر آهن، چڱي روزگار سان آهن. پر مَنجهن ٻَڌيءَ جو نالو نشان نٿو لڀي! هرهڪ جو منهن پنهنجو. جيڪي هڪڙو چوي يا ڪري ته ٻيو ان جو مخالف. +پوڙهو: افسوس! اهوئي فڪر لڳل اٿم، جو مون کي آرام سان دم ٽوڙڻ نه ڏيندو. شال سڪرات سولي ٿئيم! +زال: اوهان کي خدا حياتي بخشي، جو هنن جون مرادون ڏسون. ٽيئي ڇَڙا آهن؛ سندن شاديءَ بابت ڳالهيون راس ٿي چڪيون آهن ۽ تيارين ۾ لڳل آهيان ته اوهان جي بيماريءَ سڀڪجهه وساري ڇڏيو اٿم! +پوڙهو: هاڻي آخر ڇا ڪريان. مون کي ته ڪابه صلاح نٿي اچي؟ +زال: ٽيئي ڄڻا گهر ۾ موجود آهن، منهنجي صلاح آهي ته کين پاڻ وٽ گهرائي وري به هدايت ڪريون. مَنَ اوهان کي هن حالت ۾ ڏسي شرم پوين ۽ اوهان جي زبان ۾ ڌڻي پاڪ اهڙو اثر وجهي! +پوڙهو: ته پوءِ هنن کي مون وٽ موڪل ۽ تون ڀرواري صفي ۾ هلي وڃ. تنهنجي وائي سوائي ٿيندي ۽ هنن کي ڪا چڱي مَنَ ۾ پوندي! +زال: چڱو، منهنجا سرتاج! (زال وڃي ٿي.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(پوڙهو بستري تي ڪِنجهي رهيو آهي، پُٽ اندر اچن ٿا. هڪ سيرانديءَ کان، ٻيو پيرانديءَ کان ۽ ٽيون پاسي کان ٿي ويهن ٿا.) +هڪ پٽ: ابا، طبيعت ڪيئن آهي؟ حڪيم وٽان هاڻي ٿي موٽيو آهيان. هو وڏيون اُميدون ڏيکاري ٿو. اوهان مايوس نه ٿيو. خدا رحم ڪندو ۽ اوهان جلد تندرست ٿيندا. +ٻيو پٽ: منهنجا قبلا سائين! اوهان جي هيءَ بي آرامي مون کي ڏاڍو پريشان ٿي ڪري، ڪجهه اُٿي ويهندؤ؟ مان توهان کي ٽيڪ ڏيئي جهلي ٿو ويهان. اسان سان به چار ڳالهيون ڪريو ته دل خوش ٿئي. +ٽيون پٽ: قبلا سائين! ادا جن سچ ٿا چون. ڪجهه دل وڏي ڪريو. همٿ کان ڪم وٺو. سڀ مشڪل آسان ٿيندا ۽ اوهان جلد اُٿي پيرين سيرين ٿيندؤ. +خدا ڪندو ته اوهان جي پيار جو پاڇو اسان جي مٿان هردم هوندو! +پوڙهو: ٻچا، اوهان جون دعائون اثر ڪن يا نه، باقي مان گهڙي پل جو مهمان آهيان. اوهان جو شايد هيءُ آخري ديدار هجي! مان اوهان مان بلڪل راضي آهيان ۽ دعا ٿو ڪريان ته شال دين دنيا ۾ سرخرو هجو. وڏي حياتي هجيوَ! +ٻيو پٽ: خدا جي واسطي پڇاڙيءَ جي موڪلاڻي نه چئو. اسان جي دل ڪمزور ٿي ٿئي. اوهان کي شال عافيت ملي. اسان سڀ اوهان تان صدقي ٿيون! +ٽيون پٽ: بابا، اسين اوهان جا فرمانبردار پٽ آهيون. اسان جي رت جي ضرورت پوي ته رت حاضر آهي. اوهان دل نه لوڙهيو، اما ويچاري به مغموم آهي. هن جي به اوهان جي جدائي ڪمر ٽوڙي وجهندي، ۽ اسين به يتيم ٿي وينداسون. جيتوڻيڪ اوهان اسان کي پالي وڏو ڪيو آهي، پر اسان جي طرفان ڪوبه سک نه ڏٺو اٿوَ! اوهان جي خدمت جو اسان کي هنيئر موقعو مليو آهي. اسان کي پنهنجي خدمت جو وجهه ڏيو. ائين اسان کي ڪيئن ڇڏي ويندؤ! حڪيم ته وڏي اميد ڏيکارين ٿا. هونءَ به الله مان اميد لاهڻ نه کپي. اسان کي حڪم ڪريو، انشاء الله هر ڪنهن خدمت لاءِ حاضر ڏسندؤ! +پوڙهو: شاباس، پٽ شاباس! جيڪڏهن اوهان جي مون سان سچ پچ اهڙي محبت آهي ته ان جو ڪو ثبوت ڏيو؟ +ٽيئي پٽ: ثبوت؟ ثبوت؟ اسان کي قسم آهي انهيءَ پالڻهار جو ته اوهان جو هر حڪم اسان جي اکين تي آهي. آزمائي ڏسو. +پوڙهو: ته پوءِ منهنجو پهريون حڪم اهو آهي ته وڃو اوهان مان هرهڪ هڪڙي هڪڙي سَنهين ڪاٺين جي ڀري ڪري مون وٽ کڻي اچي. +ٽيئي پٽ: اهو حڪم ته هڪ معمولي ڳالهه آهي. اسين وڃون ٿا ۽ جلدي ڪاٺين جي ڀرين سميت حاضر ٿيون ٿا. (اُٿي وڃن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(پوڙهو بدستور بستري تي ليٽيل آهي ۽ ٽيئي پٽ ڪاٺين جي ٽن ڀرين سميت حاضر آهن، پوڙهو چوين ٿو.) +پوڙهو: ابا، پنهنجي ماءُ کي به وٺي اچو ته اها به اسان سان هن ڪم ۾ شريڪ ٿئي. +وڏو پٽ: حاضر بابا. (وڃي ٿو ۽ جلدي ماءُ کي وٺي اچي ٿو.) +ماءُ: (ماءُ سڀني پٽن کي موجود ڏسي ڊڄي وڃي ٿي، خاص طور جو ڪاٺين جون ڀريون رکيل ڏسي ٿي.) ڇا، آءٌ هي ڇا ڏسي رهي آهيان! هي ڪاٺيون ڇاجي لاءِ آنديون اٿوَ؟ +وڏو پٽ: امان، ڪوبه خيال نه ڪر! اهو بابا جو حڪم آهي، جنهن جي پوئواري ڪئي اٿئون. +پوڙهو: (زال ۽ پٽن ڏي هڪ نظر نهاري) منهنجا فرزندؤ! +پٽ: (يڪ آواز) جيءُ اسان جا والد شريف. +پوڙهو: (وڏي پٽ کي) ابا، هيءَ ڪاٺين جي ڀري جا تو آندي آهي، اها هتي ويهي منهنجي روبرو گوڏي تي جَهلي، مون کي ڀڃي ڏيکار. +وڏو پٽ: (ڀَري گوڏي سان جهلي ٻنهي هٿن سان ڀڃڻ لاءِ زور لڳائي ٿو.) بابا، هيءُ ته ناممڪن آهي! +ڪوبه طاقتور ماڻهو سڀ ڪاٺيون گڏجي ڀڃي نه سگهندو. +مون پنهنجو سڄو زور لائي ڏٺو آهي. +پوڙهو: (ٻئي پٽ کي) ابا، تون به جوان آهين. زور آزمائي ڪري ڏس. +ٻيو پٽ: (سخت زور لائي ٿو.) بابا، منهنجي طاقت کان ڪم ٻاهر آهي، پر ڪهڙو به پهلوان هجي؛ هي سڀ ڪاٺيون گڏي ڀڃي نه سگهندو. +پوڙهو: (ٽئين پٽ کي) ابا، تنهنجي ٻن وڏن ڀائرن ته صاف جواب ڏنو، هاڻي تون زور آزمائي ڏس تون ڀڃي سگهين ٿو؟ +ٽيون پٽ: بابا سائين منهنجا وڏا ڀائر مون کان وڌيڪ طاقتور آهن، جڏهن انهن کان هي ڪاٺيون نه ڀڳيون ته مان ڪيئن ڀڃي سگهندس! بهرحال ڪوشش ڪريان ٿو. (سخت زور لائي ٿو ۽ نٿو ڀڃي سگهي.) +پوڙهو: ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هيءَ ڪاٺين جي گَڏ ٻَڌل مُٺ اوهان کان ڀڄي نه سگهندي؟ +وڏو پٽ: بابا، اهو ته صاف صاف ظاهر آهي. +پوڙهو: چڱو هاڻي ٽيئي ڄڻا هي ڪاٺين جون ڀريون کوليو ۽ هڪ هڪ ڪاٺي ڪري ڀڃو. +(ٽيئي پٽ ڪاٺيون ڇوڙي هڪ هڪ ڪاٺي کڻي ڀڃن ٿا.) +وڏو پٽ: بابا، هيءَ ته ٻاراڻي راند آهي. جدا جدا هڪ هڪ ڪاٺي ڀڃڻ ۾ ڪهڙي ويرم! +ٻيو پٽ: (ڪاٺي ڀڃي.) هڪ هڪ ڪاٺي ته ڪهڙو ضعيف انسان به ٽوڙي سگهندو. اسين ته جوان پهلوان آهيون. +ٽيون پٽ: (ڪاٺي ڀڃي.) بابا، هيءَ ته اشارن سان ڀڄي پئي (کِلي ٿو). +پوڙهو: ٽيئي ڄڻا ڪَنَ کولي هوش ۽ گوش سان هيءَ منهنجي آخري وصيت ٻڌو. +ٽيئي پٽ: حاضر بابا! اسين پيرن کان چوٽي تائين ڪَنَ آهيون. اوهان ارشاد ڪريو. +پوڙهو: ياد رکو، ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي! چوندا آهن ته ”ٻه ته ٻارهن.“ اوهان ڀائرن ۾ آءٌ ٻَڌي ڪانه ٿو ڏسان. اها ڳالهه مون کي سخت پريشان ڪري ٿي. ڏسو جيستائين ڪاٺيون پاڻ ۾ ٻَڌل هيون ته اوهان انهن کي ڀڃي نه سگهيا؛ جڏهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون، تڏهن اوهان جي فقط آڱرين جي اشاري سان هرڪا ڪاٺي ڀڄندي ويئي. منهنجو اوهان کي هيءُ آخري سبق آهي، جنهن کي دل سان هَنڊايو ۽ پاڻ ۾ اتحاد ڪريو، نه ته خسيس ۾ خسيس ماڻهو به اوهان تي غالب پئجي ويندو. جيڪڏهن سڀ ٻَڌي ۾ هوندؤ ته رستم پهلوان به اوهان جو وار ونگو ڪري نه سگهندو! هاڻي خدا حافظ! (اُٻاسي اچيس ٿي ۽ دم ڏئي ٿو.) +(پُٽَ ۽ ماءُ زارو زار رئن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +سياڻو قاضي +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(هڪ مائيءَ جو ننڍو پٽ ٻارهن مهينن کان گم آهي. ان جي جدائيءَ ۾ ڏاڍي پريشان آهي. اوچتو شهر جي هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ ٻي عورت گڏجيس ٿي، جا ٻار ڪڇ ۾ کڻي وڃي رهي آهي ۽ هن مائيءَ کي ايندو ڏسي ٻار کي لِڪائي ٿي. اصلي ماءُ کي شڪ پوي ٿو +۽ تڪڙو تڪڙو وڃي ٻار جي منهن تان سَٽ ڏيئي ڪپڙو لاهي ٿي ۽ ٻار جي ڳل تي هڪ لَبسَڻ جو نشان ڏسي چوي ٿي) +سچي ماءُ: يا الله! هيءُ ته ٻچڙو منهنجو آهي. آءٌ صدقي وڃان! (ڪوڙي ماءُ کي) ٻَڙي، تو منهنجو ٻچڙو چورايو آهي! توکي خدا جو خوف به ڪين ٿيو؟ مان ان جي جدائيءَ ۾ مري چُڪي آهيان. گهٽيون ۽ ڳليون ڳولي ڳولي ٿڪي آهيان. هاڻي جلدي ڪر ٻار مون کي موٽائي ڏي نه ته توکي شهر جي قاضيءَ وٽ وٺي هلنديس! +ڪوڙي ماءُ: هل ڙي هل. (موڙو ڏيئي) هيءُ ٻچو منهنجو آهي مائي! ڇِتي ته ڪانه ٿي آهين. پرايا ٻار پنهنجا ڪندي ٿي وتين؟ هيءُ منهنجو پيٽ ڄائو، اکين جو آسابند آهي؛ هيءَ هلي آهي پنهنجو ڪرڻ! +سچي ماءُ: ٻَڙي، ههڙو ناحق ڪٿي ڪونه ٿو ڏسجي! هڪڙي چوري ٻي اُرهه زوري. هيڏانهن ڪر ٻار ته ڪريانءِ نه سڌو. +(ٻار کَسڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.) +ڪوڙي ماءُ: ڪِني رَنَ ڪٿي جي، هَٽي پري ٿيءُ. نه ته چوٽيءَ کان جهلي هڻنديسانءِ پَٽ تي. +(ڌڪو ڏئيس ٿي.) +(ايتري ۾ ڪي گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهو به اچي گڏ ٿين ٿا ۽ پڇن ٿا ته ڇا تي تڪرار آهي؟) +ڪوڙي ماءُ: اَبا، هيءُ منهنجو ٻار آهي. مون ٻارهن مهينا پاليو نپايو آهي. اڄ اوچتو هن مائيءَ جو اچي رت تَتو آهي. چي: هي ٻار منهنجو آهي! مون کان ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. +هڪ ماڻهو: (سچيءَ ماءُ کي) مائي، تنهنجو ڇا چوڻ آهي. هيءُ ٻار هن جو آهي يا تنهنجو؟ سچ چئج! +سچي ماءُ: (زار زار روئي) ادا، هيءُ ٻچو منهنجو پيٽ ڄائو آهي، جو چورائجي ويو هو. سڄي پاڙي کي خبر آهي. مان هن جي فراق ۾ روئي روئي ذري گهٽ انڌي ٿي پئي آهيان. گهٽي گهٽي، گهر گهر ڪري ڳوليم. چرين وانگر هر هڪ کان پڇندي رهيس، پر پتو نه پيو- اڄ ڏينهن ڪو سڀاڳو آهي. اوچتو هيءُ ٻار هن جي هنج ۾ ڏسي سَٽ ڏئي سندس منهن تان ڪپڙو هٽائي ڏٺم. هن مون کي ڏسي ٻار لڪائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر مون پنهنجو ٻچو سڃاڻي ورتو آهي. هن جي سڄي ڳَل تي لَسَڻ آهي، جا منهنجي ٻچي جي پڪي نشاني آهي. خدا جي نالي هن کي سمجهائي مون کي منهنجو ٻار وٺي ڏيو! +ماڻهو: (ڪوڙيءَ ماءُ کي) مائي، جيڪڏهين هيءَ سچ ٿي چوي ته هن کي پنهنجو ٻار ڏي. توکي خدا پنهنجو ڏيندو! اهڙو قهر اسان ڪٿي نه ڏٺو. نه ته اوهان کي شهر جي قاضيءَ وٽ وٺي هلبو. جيڪڏهين ڪُوڙي ثابت ٿينءَ ته سزا کائي ويندينءَ. +ڪوڙيءَ ماءُ: قاضيءَ وٽ هلو ته ڀل هلو. مان پنهنجو ٻار ڪونه ڏينديس. اصلي ڪونه ڏينديس. ڇا به ٿي پوي. هيءَ رَن ڪوڙ ٿي ڳالهائي، نسورو ڪوڙ! +ماڻهو: چڱو، اوهان جو فيصلو قاضي صاحب ڪندو. هلو جلدي هلو. +(سڀئي گڏجي وڃن ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(قاضيءَ جي عدالت آهي. دربان اندر اچي ٿو ۽ قاضي صاحب کي ٻڌائي ٿو ته ٻه عورتون فريادي آهن. حڪم ٿئي ته هنن کي حاضر ڪجي؟) +قاضي: پيش ڪيو وڃين. +(مايون اندر اچن ٿيون.) +ڪوڙي ماءُ: گهوڙا گهوڙا- مُٺيسِ مُٺيسِ. قاضي صاحب هيءُ ٻار منهنجو آهي، جو مون ٻارهن مهينن کان نپائي هيڏو وڏو ڪيو آهي. اڄ هن مائيءَ (سچي ماءُ ڏانهن اشارو ڪري) هاڻي اوچتو اچي مون کي تنگ ڪيو آهي ته هيءُ ٻار منهنجو آهي. مون کي ڏي! ههڙو انڌير ڪٿي ڏٺوَ؟ +سچي ماءُ: قاضي صاحب، هيءَ ڪوڙي ۽ چالاڪ زال نسورو ڪوڙ ٿي ڳالهائي. هيءُ ٻار منهنجو پيٽ ڄائو آهي، جو مون ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍيو آهي. ڄمڻ ��ان پوءِ مهيني کن بعد هو چورائجي ويو. پوءِ منهنجي جهوپڙي هن روشن ڏِيئي کان خالي ٿي ويئي! مان رُئندي پِٽيندي رهيس؛ پر ڪو پتو ئي ڪونه پيو. اڄ هن کي ڳولي لڌو اٿم. خدا جي نالي مون کي پنهنجو وياءُ وٺي ڏيو! +قاضي: (غور سان سوچي ڪوڙي ماءُ کي) مائي، ڀلا تو وٽ ڪو شاهد آهي ته هن ٻار جو ويم تنهنجي گهر ۾ ٿيو ۽ تو هن کي ڄڻيو؟ +ڪوڙي ماءُ: قاضي صاحب، شاهد ڪٿان آڻيان. مون ڪو ٻار ڄمڻ تي ڍنڍورو ٿوروئي ڏياريو هو. ۽ ٻار جي ڄمڻ تي ڪي شاهد به بيهاربا آهن ڇا؟ جن کي وٺي اوهان وٽ اچان ها؟ +هيءُ ٻار منهنجو آهي نه ڪنهن ٻئي جو. +قاضي: (سچيءُ ماءُ کي) مائي، ڀلا تو وٽ ڪو شاهد آهي ته هيءُ ساڳيو اُهو ٻار آهي جو تو ڄڻيو هو؟ +سچي ماءُ: قبلا، منهنجو شاهد الله پاڪ آهي. منهنجو شاهد منهنجو پيٽ آهي، جنهن هن کي ڏهه مهينا اندر سانڍيو. اوڙي پاڙي کي خبر آهي، ته مون ويم ڪيو هو ۽ ٻار وڃايو هو. هن جي منهن تي لَسَڻ هجڻ منهنجو شاهد آهي. اِهو مان ڪيئن ثابت ڪريان ۽ ڪهڙو شاهد ڏيان ته هيءُ اهو ساڳيو ٻار آهي جو مون ڄڻيو هو. خدا شاهد آهي ته هي منهنجا آنڊا آهن. نه ته پراوا ٻار ڪير پنهنجا ڪندو ۽ انهن جي نيپاج تي ويهي جُهد ڪاٽيندو. +قاضي: چئبو ته اوهان ٻنهي وٽ ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه آهي؟ شاهدن کان سواءِ فيصلو ڪيئن ٿيندو. چڱو، هاڻي سڀاڻي عدالت ۾ حاضر ٿجو، ته فيصلو ٻڌايو ويندو. سچ سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿيندو. +(عدالت برخاست ٿئي ٿي.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(قاضي جي عدالت آهي. مايون ٻار سميت حاضر ٿيون آهن.) +قاضي: (ماين ڏي مخاطب ٿي) مايون، اوهين ٻيئي پنهنجي پنهنجي دعويٰ ۾ سچيون آهيو. جنهن صورت ۾ اوهان وٽ ڪوبه شاهد گواهه ڪونه آهي، ان صورت ۾ اسان جو فيصلو آهي ته هن ٻار کي پورن ٻن اڌن ۾ ورهايو وڃي ۽ هر هڪ ماءُ کي ان جو اڌ-اڌ حصو ڏياريو وڃي. فيصلو قبول آهي؟ +ڪوڙي ماءُ: انصاف جي اڳيان سِر جهڪايان ٿي. +سچيءُ ماءُ: (اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿي.) قاضي صاحب، اهڙو رڻ نه ڪريو. منهنجي مٺڙي دلبر کي ڳترا ڳترا نه ڪريو! مون کي ٻار ڪونه کپي. شال جهان ۾ جُڙيو سلامت هجي! وڏي حياتي هجيس! مون کي ٻار نه ڏياريو، ته نه ڏياريو؛ هن ڏائڻ کي ئي ڏيئي ڇڏيو. مان ٻار تان هٿ ٿي کڻان. خدا جي واسطي پنهنجو فيصلو ڦيرايو. +(وري زار زار روئي ٿي.) +قاضي: (جلاد کي سڏ ڪري ٿو.) جلاد، عدالت جي فيصلي تي هڪدم عمل ڪيو وڃي. +(جلاد تلوار ڪڍي ٿو.) +سچي ماءُ: (مورڇا ٿي ڪِري پوي ٿي ۽ قاضيءَ جي پيرن تي سر رکي) قاضي صاحب، مون کي ٻار نه کپي، هن کي جيئڻ ڏيو. مون تي فضل ڪريو! هن کي جيئڻ ڏيو. منهنجي حياتي به شال هيءُ ٻچڙو ماڻي! خدا جي نالي فيصلو بدلايو، فيصلو بدلايو، فيصلو بدلايو! +قاضي: مائي! بيشڪ ٻار جي سچي ماءُ تون آهين؛ هي ٻار تنهنجو ئي آهي ۽ توکي ئي ملندو. ٻار هِن بدبخت عورت کان وٺي پنهنجي گود ۾ ڪر. (جلاد کي) هِن ڪوڙي رَن کي هڪ سؤ چهبڪ لڳايا وڃن، ۽ عدالت مان هن کي ٻاهر ڌِڪي ڪڍيو وڃي. اِهو صحيح ۽ آخري فيصلو آهي. +(عدالت ۾ حاضر ويٺل بلند آواز سان چون ٿا:) +(انصاف- زنده باد. انصاف- زنده باد) +]پردو ڪِري ٿو[ +محلات يا مسافر خانو +چهچٽو پهريون +پردو پهريون +(هڪڙو ضعيف فقير ڪُلهي تي رَلي کنيو، ٿَڪو ٽُٽو ٿاٻڙندو ۽ سهڪندو نظر اچي ٿو. هڪ ماڻهو رستي تي گڏجيس ٿو ۽ ان کي چوي ٿو) +فقير: ابا، پيرسن ۽ ضعيف آهيان. پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان. (کنگهي ٿو) کنگهه ۽ دم جي بيماري اٿم. ڪٿي ڪا آرام جي جاءِ ملي ته ٻه- ٽي ڏينهن آرام ڪريان؟ +ماڻهو: فقير تون بُکايل به ڏسجين ٿو.، اُڃ به ضرور لڳي هوندءِ. (هڙ مان ماني ڇوڙي) اچي هي ٽڪر ڳَڀو کاءُ ۽ هن سانداريءَ مان ٻه ڍڪ پي تازو توانو ٿيءُ. شهر کي اچي ويجهو ٿيو آهين. بادشاهه جي گاديءَ وارو شهر آهي. ان ۾ بادشاهه جا مسافرخانا موجود آهن، اُتي وڃي چار ڏينهن ساهي پَٽ. تنهنجي دوا درمل به اُتي مفت ٿيندي. +فقير: ته ابا، ڏاڍو چڱو! الله مالڪ آهي، ڪنهن کي به ڪين ٿو ڇڏي. وڃان ٿو اُتي. +ماڻهو: فقير! ٻه گرهه ماني کاءُ، پاڻي ڍُڪ پيءُ ته پوءِ اُتي هلي ڇڏيانءِ. +فقير: ته ابا بسم الله! پر تون به مون سان گڏجي کاءُ. ائين مون کي ماني مزو نه ڏيندي. +(فقير رَلِي پَٽَ تي وڇائي ٿو ۽ ٻيئي گڏجي ماني کائين ٿا.) +ماڻهو: ماني البت پاروٿي آهي، پر چوندا آهن ته بک ۾ بصر به مِٺا. بک چڱي آهي ته سُڪي ماني به ٻوڙ پلاءُ پئي ٿي لڳي؛ پر بک نه آهي ته ٻوڙ پلاءَ به زهر. اُڃ چڱي آهي ته ڇُڙيو پاڻي به شربت، پر جي اُڃ نه لڳي ته شربت ڪهڙي ڪم جا! غريبن سان اها خدا جي ڀلائي آهي، جو اُڃ بک چڱي ٿي لڳين. +فقير: هر حال ۾ ڌڻيءَ جا شڪرانا! بسم الله وٺ ته ماني کائون. +(ماني کائين ٿا.) +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٻيون +(شهر ۾ بادشاهه جو محلات آهي. چوڪيدار تلوارون هٿ ۾ کڻي، پهري تي بيٺل نظر اچن ٿا. فقير کي ايندو ڏسي چون ٿا.) +هڪ چوڪيدار: فقير، ڪيڏانهن ٿو ڌوڪيندو اچين؟ هتان ڀڄي وڃ ته مفت مار نه کائين! +ٻيو چوڪيدار: چَرين جون اسپتالون نڪتيون، پر چريا اڃا ڇُڙيا پيا هلن. +(چوڪيدار کلن ٿا.) +فقير: ابا، آءٌ ته هڪ مسڪين ٿڪايل فقير آهيان، ضعيف ۽ بيمار آهيان (محلات ڏي اشارو ڪري) هن مسافرخاني ۾ ڪي گهڙيون آرام ڪري پوءِ رمندو رهندس. مسافرن جا مڪان بدلبا رهن ٿا. هڪ جاءِ نصيب ۾ نه آهي. ڀلائي ڪري ڇڏيوم ته اندر وڃي ڪي گهڙيون ليٽي ننڊ ڪريان. ڪيترن ڏينهن جو اوجاڳو اٿم، ڪو قياس ڪريو. آخر هي مسافرخانو، مسافرن لاءِ آهي ته مون کي ڇو ٿا روڪيو؟ +هڪ چوڪيدار: (ٽهڪ ڏيئي) ڀڄ چَريا چي، مست آيا اٿئي. +اڙي چَريا، هن محلات کي تو مسافرخانو +سمجهيو آهي! مسافرخانو شهر جي پرئين ڀر آهي. هليو وڃ اڳتي. هتان ڀڄي وڃ ته کائين نه مار! +ٻيو چوڪيدار: اڙي فقير، اکيون اٿئي يا ڀِتر- هتان هليو وڃ ته بادشاهه کي نه سُڌ پوي ته پوين نه تُرم ۾. +فقير: ابا، ڇو ٿا مون غريب کي ڇِڙٻون ڏيو؟ مون کي بادشاهه سلامت وٽ وٺي هلو ته اهو فيصلو ڪري. حق حق ٿيندو ۽ ناحق، ناحق. +چوڪيدار: هل ڙي هل، حق ناحق جا واهي (گوڙ ٿئي ٿو.) +(بادشاهه سلامت نهاري ٿو ۽ پڇي ٿو) +بادشاهه: ڇا جو گوڙ گهمسان آهي؟) +چوڪيدار: (با ادب) حضور، هي هڪ ديوانو فقير آهي، جو چوي ٿو ته هي محلات نه پر مسافرخانو آهي. اندر ڇڏيوم ته چار گهڙيون وڃي آرام ڪريان. +بادشاهه: هرج ڪونهي. فقير کي مون وٽ حاضر ڪريو. +]پردو ڪِري ٿو[ +پردو ٽيون +(فقير کي بادشاهه وٽ حاضر ڪيو وڃي ٿو. بادشاهه فقير کان پڇي ٿو.) +بادشاهه: درويش! تو اسان جي محلات کي مسافر خانو سمجهيو آهي؟ +فقير: حضور! مان ته ائين ٿو سمجهان. +بادشاهه: سو ڪيئن؟ +. +فقير: حضور، هيءَ محلات جڏهن جُڙي هئي ته هن ۾ ڪير رهندا هئا؟ +بادشاهه: اسان جا وڏا.ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا رهندا هئا. +فقير: انهن جي وفات کان پوءِ ڪير رهندا هئا؟ +بادشاهه: انهن جو اولاد. +فقير: اوهان کان اڳ هن محلات ۾ ڪير مقيم هئا؟ +بادشاهه: اسان جو والد شريف. +فقير: هينئر هتي ڪير ٿو رهي؟ +بادشاهه: اسان پاڻ ٿا رهون. +فقير: اوهان کان پوءِ هِتي ڪير رهندا؟ +بادشاهه: اسان جا فرزند ارجمند. +فقير: ته پوءِ بادشاهه سلامت، هن محلات ۽ مسافرخاني ۾ ڪهڙو فرق رهيو. مسافرخاني ۾ به هڪڙا وڃن ته ٻيا اچن ٿا، هتي به اهو ساڳيو قصو آهي. دنيا جي هر چيز فاني آهي. بقا فقط خدا جي مِٺي نالي کي آهي. هيءُ محلات ته ڇا، ساري دنيا هڪ مسافرخانو آهي. انسان جو سچو ۽ دائمي وطن ته اڳتي آهي. هن ڪوڙي دنيا جي موهه تي ڪوبه ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي. چئن ڏينهن جو چٽڪو آهي. هرڪو چار هٿ ڪفن جا وٺي قبر ۾ داخل ٿي ويندو! هيءُ گل بدن سڙي رک ٿي ويندو ۽ رهندو وڃي رب جو نالو. +بادشاهه: (چوڪيدارن کي) هن فقير اڄ اسان کي هڪ دانائيءَ جو سبق سيکاريو آهي. کيس وٺي، اندر محلات ۾ اچو ته منهنجي پلنگ تي آرام ڪري. (چوڪيدار فقير کي اندر وٺي وڃن ٿا ۽ فقير کي بادشاهه جي پلنگ تي ليٽي پوڻ لاءِ چون ٿا.) +چوڪيدار: فقير، هي بادشاهه سلامت جي آرام لاءِ پلنگ آهي؛ اوهين هن تي ٽنگ ڊگهي ڪري سمهي آرام ڪريو. +(فقير پنهنجي رَلي پَٽ تي وڇائي ليٽي پوي ٿو.) +چوڪيدار: فقير سائين، هي ڇا ٿا ڪريو! بادشاهه سلامت جو حڪم آهي. اوهين پلنگ تي سمهو. +فقير: نه ابا نه! اسين مِٽيءَ مان پيدا ٿيا آهيون ۽ مِٽي ٿي وينداسون. اسان فقيرن جو وڇاڻو هيءَ زمين آهي. اسان لاءِ فرش تي ويهڻ فخر آهي. هاڻي اوهين وڃي سُکيا ٿيو. اسين ڪجهه دير جا مهمان آهيون ۽ هليا وينداسون. +چوڪيدار: فقير، اسان کي پنهنجي گستاخيءَ جي معافي ڏيندا. +اسان کان خطا ٿي آهي. +فقير: اوهان کي هِتي به معاف ٻئي جهان ۾ به معاف آهي. +خدا حافظ! +(ائين چئي فقير ليٽي پوي ٿو.) +]پردو ڪِري ٿو[ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 + + +رشتا +سين پهريون +]خيرو کنگهندو اچي ٿو—موسو حقو پي رهيو آهي-[ +خيرو- +موسيٰ خان ادا ويٺو آهين--؟ هائو ٻيلي حقي جو گڙڪاٽ پيو ٿو پوي، مان به چوان ته پوڙهو مڙس سانجهيءَ کان پوءِ ويندو ڪيڏانهن--؟ +موسو- +خير محمد آهين--؟ هليو آ، مان پاڻ ٽوپي سائي ڪري ويٺو چوان ته ٻيلي اڄ الائي ڇو يار ڪو نه آيو--؟ هونئن ته سج لٿي ساڻ اچي سلام ورائيندو آهي. +خيرو- +اوير ته هاڻي به ڪو نه ٿي آهي، ويو هوس عيسي جي گهر مائي سندس سس آهي چاڪ ڪا نه، چيم ته وڃي پڇي اچانس ۽ چار چونڪ ڳالهين جا به ڪري اچان. +موسو- +مائي آهي ته ڀڙ نه--؟ +خيرو- +ها، بچي ويندي، پر پيريءَ جو پنڌ آهي، نيٺ ته ماڻهو ڪرندو. باقي واه ڙي عيسيٰ واه تنهنجي سچائي. ٻانهن ڏيئي ٻيڻو ٿي بيٺو آهي. مائيءَ جي اها سار لڌي اٿئين جو جيڪر سڳو پٽ به نه لهيس. +موسو- +ادا چوندا آهن ته ”جن ادب تن نصيب“، مولا پوءِ ڀاڳ به اهڙو ئي ڪيو اٿس؛ مٽيءَ ۾ ٿو هٿ وجهي ته سون ٿيو پوي! فصل ڀلئون ڀلا پيا ٿينس--! ٻين کي ماڪڙ مهلو ڇڏي ئي ڪو نه؛ هن همراه جي ٻڏل به تريو وڃي. +خيرو- +هائو ڀائو! سچ ٿو چوين. مڙس آهي به زبرو. جهڙي تهڙي ئي فلڪ ئي ڪو نه آڻي. +موسو- +جواني شيءِ ئي اهڙي آهي خير محمد خان! اوج ۾ پنهنجو به پير پٽيءَ تي ڪو نه هوندو هئو؛ جهڙو تهڙو ملهه ته موشو ڪري ويندو هو--! (ٿڌو ساهه) اهي ڏينهن اهي شينهن--! ماڻڪ ماءُ اکيون پوريون ته ڄڻ هر شِءِ خواب ٿي ويئي--! ڪاڏي ويا جوڀن، ڪاڏي ويئي جواني--! پيريءَ اچي پاسو ڏنو. +خيرو- +بس موسيٰ خان! هو جو چوندا آهن ته ”جڙيءَ کي جس آهي“ تنهن چواڻي آهي ڏينهن پورا ڪرڻا. +موسو- +تون وري به ماڻهن ۾ ته آهين؛ رب منهنجي سڀوڪي ڏنو اٿئي، پٽ، نياڻيون، پوٽا، ڏوهٽا؛ گهر ڀريو پيو اٿيئي مون وٽ ڇاهي--؟ اڪيلو سر ۽ هي ڪکائين جهوپڙي! سال ٿي ويا جو هن گهر ۾ ڪوئي کليو هئو! هاڻي ته چئني پاسي چپ چاپ آهي--! +خيرو- +خير گهر موسيٰ، شڪرانا ڪر! خدا ماڻڪ جهڙو پٽڙو ڏنو اٿئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجئي--؟ +موسو- +ها؛ ائين به آهي--! ماڻڪ جي اوسيئڙي ۾ ته جيئرو آهيان. شل کيس ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي--! هي هڏا هي ماهه هاڻي ان جي امانت آهي. +خي��و- +ڪو خط پٽ لکيو اٿائين--؟ +موسو- +ٻه مهينا ٿيا جو چٺي آئي هيس، توکي ٻڌايو ته هوم، لکيو هئائين ته جلدي امتحان پورا ٿيندا ۽ پوءِ مان ڳوٺ موٽي ايندس. ان کانپوءِ ته وري سندس ڪو حال احوال ڪو نه آيو آهي. ٿي سگهي ٿو پڙهائي ۾ رڌل هجي! +خيرو- +چار سال ڪيئن نه گذري ويا موسيٰ--! ڪالهه ڪالهوڪو ڏينهن هو جو سڀئي گڏجي ٽيشڻ تي ڇڏي آيا هئاسونس! ڪراچيءَ جي خوشيءَ ۾ ڳالهه ئي نه پئي وڻيس! همراهه ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. +موسو- +مون کان موڪلايائين ته دل ڦسي پئي هيس؛ سڏڪا ڀري رنو هو منهنجو پٽ--! +خيرو- +هم ته تو به وڏي ڪئي آهي موسيٰ؛ ڏک ڏاکڙا سهي نيٺ پڙهائي--! وڃي پار پئينس. ڀلا هاڻي جو موٽي ايندو ته ڪهڙي نوڪري ملندس--؟ +موسو- +ڊپٽي ٿيندو منهنجو ماڻڪ، اچڻ ته ڏينس. ڏس ته ڪيئڻ ٿو وڏيرو پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريس. چڱا چڱا اُٿي جاءِ ڏيندس. مون سڄو رت انهيءَ گهڙيءَ لاءِ ته نچوڙيو آهي خير محمد، ۽ اها گهڙي بس هاڻي اچڻ واري آهي. ڪجهه خبر اٿئي---؟ +خيرو- +ڇا--؟ +موسو- +ٿورن ڏينهن کان منهنجي دل ۾ عجيب عجيب خيال ٿا اچن. لڳندو آهي، دل بيهي ويندم. ٻڌاءِ اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي--؟ +خيرو- +پيءُ جي دل آهي، اولاد جي ڇڪ ته ضرور ٿيندي. +موسو- +ها، پر خيرو، ماڻڪ بدلجي ته نه ويو هوندو--؟ چون ٿا ته شهر جي هوا ڏاڍي خراب آهي، ماءُ پيءُ جي سڪ دل تان ميساري ڇڏيندي آهي. ڪٿي ماڻڪ مون کي وساري ته نه ڇڏيو هوندو--؟ +خيرو- +ماڻڪ جهڙا املهه انسان ڏاڍا ڏکيا ملندا آهن موسيٰ، هو اهڙو ناهي، هن جون توسان ٻٽيهه دليون آهن. +موسو- +اڙي شال خوش هوندين ڀائو، اندر ئي ٺاري ڇڏيئه پر، پر شهر مان موٽڻ تي پنهنجا هي غريباڻا جهوپڙا ڏسي ڏک ته نه ٿيندس--! پيءُ جا ليڙون لٽا ڏسي کيس تڪليف ته نه ٿيندي--! +خيرو- +تون ته اجاين وهمن ۾ ڦاسي ويو آهين موسيٰ--! ماڻڪ هن مٽيءَ جو ڄائو آهي؛ هنن گهٽين ۾ کيڏيو آهي؛ هنن ٻنين ۾ وڏو ٿيو آهي؛ هتان جي هر شيءِ هن جي پنهنجي آهي؛ هو هن ڳوٺ کان ڌار ناهي؛ هنن وڻن ٽڻن ڇنن مَنهِن جو هڪ حصو آهي--! +موسو- +ها ها؛ ائين ته آهي! مان به اجايون ڳالهيون پيو ٿو ڪيان! مون کي ته اهو خيال به نه ڪرڻ گهرجي خير محمد--! ماڻڪ کي اچڻ ڏي، وڏي ڌام ڌوم سان سندس شادي ڪرائيندس، راڄ کارائيندس راڄ....! +خيرو- +الله لايا سجايا ڪندئي موسيٰ، خدا ڪندو ته هن گهر ۾ ٻيهر خوشيون موٽي اينديون. +موسو- +انهن خوشين کي موٽائڻ لاءِ مون زندگيءَ جا گذريل پنجويهه سال ڳهه رکي ڇڏيا خيرو--! ته کاڌم نه پيتم! نه چوڙيم، نه ماڻيم---! هڪ هڪ گهڙي ساري سنڀاري گروي رکندو ويس صرف ان لاءِ ته هڪ ڏينهن ماڻۡڪ کي منهنجي حياتيءَ جي هڪ هڪ ساعت ڪم ايندي. منهنجا ٽهڪ هن جي منهن تي سهڻا لڳندا، منهنجي خوشي هن جي اکين ۾ گهڻي سونهندي. +سين ٻيو +]موسي جي ڀڻ ڀڻ—حقي جي گڙ گڙ—موسي ۽ خيروءَ جا هلڪا هلڪا ٽهڪ—يارو ٽپاليءَ جي سائيڪل جي گهنٽي رکي رکي وڄي ٿي - -[ +يارو- +آ مستري قادر بخش هي وٺ پنهنجو خط، گمبٽ مان آيو اٿئي ڀاڻي وٽان؛ وري کٽو هوندو؛ وري گهريا هوندائين پيسا! نه بس چانهه ڪو نه ٿو پيان، خط ورهائڻا پيا اٿم جام--! (گهنٽي--) +مائي ايمڻان- او مائي مائي ايمڻان، اچي وٺ پنهنجو ڪارڊ حج وارن موڪليو اٿئي، بس هاڻي تياري ڪر ڀلي پار جي. دعا ڪر امڙ، دعا ڪر..... دعا ڪر ته اسان گنهگارن کي به نصيب ٿئي. +(گهنٽي--) +بابا، ماشو موالي آهي گهر ۾، ننڊ پيو آ--؟ هان اچي هيءَ خط ضرور ڏجوس، ماڻهو آهي ڦڏئي ته ڪٿي وجهي نه جهيڙو ڳچيءَ ۾. +(گهنٽي--) +چاچا موسيٰ ويٺو آهين دونهين دکايو--؟ اچي هيءُ تنهنجو لفافو. شايد ڇا، پڪ ئي پڪ ماڻڪ جو آهي، هٿ ا��ر نٿو ڏسينس--؟ پڙهي ڏيانءِ پر ٻيلي مونکي ٿي ٿئي دير.... ماستر سڄڻ کان کڻي.... +چڱو چاچا چڱو، ڪاوڙ ڇو ٿو ڪرين، تنهنجي سر کي انڪار ڪبو....؟ ڏي ته پڙهي ڏيانءِ. (خط کولڻ جو آواز) لکيو اٿس ته: +پيارا بابا سائين، مون امتحان پاس ڪري ورتو آهي. اوهان کي مبارڪ هجي، اهو سڀڪجهه توهانجي محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. اوهان سڄي زندگي پورهيو ڪري مون کي تعليم ڏياري آهي. ڏک ڏسي مونکي سک ڏنا آهن. پنهنجون خوشيون تياڳي مونکي آسائش ڏني آهي. هاڻي منهنجو وارو آهي باباٰ مان هڪ هڪ ڪري اوهان جي پيرن جا ڪنڊا پنهنجن پنبڻين سان ڪڍندس؛ رڳو مون کي هڪ دفعو اتي پهچڻ ڏيو بابا! مان توهان جي قدمن ۾ ويهي خوشيءَ جا ڳوڙها ڳاڙڻ ٿو چاهيان....! +مان اُميد ته ايندڙ سومر ڏينهن اتي پهچي ويندس. +اُميد اٿم ته اوهان خوش هوندا. +توهان جو ماڻڪ- +موسو- +ماڻڪ اچي رهيو آهي؛ منهنجو ماڻڪ ڪامياب ٿي اچي رهيو آهي! ٻڌين ٿو يارو! منهنجو ماڻڪ! منهنجو ماڻڪ، منهنجو ماڻڪ! +(Music up) +ماستر سڄڻ، تنهنجي شاگرد شهر ۾ امتحان پاس ڪيو آهي. خير مبارڪ؛ خير مبارڪ--! هو اچي رهيو آهي، ڳوٺ اچي رهيو آهي، سومر ڏينهن. +(Music up) +مائي ايمان، او مائي ايمڻان! ماڻڪ پيو اچي. منهنجو ماڻڪ، منهنجو ٻچڙو؛ منهنجو آسرو ماڻڪ! هاها! ڇو نه، ڇو نه--! وڏو عملدار ٿيندو منهنجو پٽ! اچڻ ته ڏينس. +(Music up) +خير محمد خان! خير محمد خان، ڪٿي آهين--؟ ڀائو، تو ٻڌو! ڪو نه ٻڌئي--؟ ماڻڪ، ها ها ماڻڪ پيو اچي--! هيءَ ڏس؛ هي خط آيو آهي--! يارو ٽپالي پڙهي ٻڌايم، ها، سومر ڏينهن! پر سومر ڪڏهن آهي؟ خير محمد خان، اڄ ته آچر آهي نه، سڀاڻي--؟ هاڻي ڇا ڪيان--؟ شهر ۾ به ته پهچڻو اٿم--؟ چئن سالن کانپوءِ ٿو اچي--! ڇن پئي ٿي وهي، ڇا چوندو دل ۾--! پهريون ته ان کي ته ٺاهي وٺان وڏو اسر ڏيئي نڪرندس بيل گاڏيءَ تي، گاڏي ڪهڙي وقت ايندي آهي خير محمد خان--؟ اڙي ها، ها--! ممو ٽانگو هلائيندو آهي نه شهر ۾؛ ان کي سموري خبر هوندي لهندس ئي وڃي اُن وٽ، هاڻي وڃان؛ وڃي تياري ڪيان ڀاءُ وڃان--! (وڃڻ جو آواز) +(T.O.M) +سين ٽيون +سين ٽيون +]بيل گاڏيءَ جو آواز ويجهو اچي ختم ٿي ٿو وڃي—موسيٰ جي ٽپي ڏيڻ جو آواز—[ +موسو- +ممون، او ممون—ممون--!! +(در زور سان کڙڪائڻ جو آواز) +اڙي ممون ڏس ته سهي! مان موسو آيو آهيان! تنهنجو پراڻو يار-- +(در کلڻ) +ممون- +اڙي موسيٰ تون--؟ +موسو- +ها ها، ممون مان آهيان. +ممون- +اڙي ته پوءِ ڏسين ڇا ٿو بيٺو چريا، هليو آ اندر. +موسو- +بس اجهو آيس رڳو ڏاند ڇوڙي وٺان، ٿڪجي پيا هوندا ڀٽارا، ست ڪوه به آخر ته ڪو پنڌ آهي. +ممون- +بيهه ته مان به ٿو مدد ڪرايانءِ. +موسو- +تون ممون، آهين ته خوش نه--؟ +ممون- +خوشيون ڪهڙيون آهن موسيٰ--! مڙئي دم گذر آهي، وقت پيو گذري. +موسو- +نه نه، ائين نه چئه؛ تون ته سدائين کلندو رهندو هئين؛ ڪڏهن به شڪايت زبان تي نه آندئي. +ممون- +اڙي اهو ممون مري ويو موسيٰ؛ ڪالهه اسانجي هئي، اڄ اسان جي اولاد جي آهي؛ سڀاڻي وري ڪو ٻيو سندن جاءِ والاريندو. دنيا جو چرخو اِجهو ائين پيو هلي! پر.... +موسو- +ڌنڌو ڌاڙي ڪيئن پيو هلئي--؟ +ممون- +بس چار ڏوڪڙ پيٽ گذر لاءِ ملي ويندا آهن، وڌيڪ جي تانگهه مونکي ڪانهي. +موسو- +پُٽهين جانو به ته گڏ اٿئي. +ممون- +اهي ڦٽ نه ڦولهه موسيٰ--! جانوءَ کي قرض کڻي بگي گهوڙو وٺي ڏنم، شادي ڪرائي مانس، پنهنجي پرن وارو ٿيو ته اُڏامي ويو. +موسو- +ڪاڏي ويو--؟ +ممون- +پنهنجو آکيرو وڃي ڌار اڏيائين، زال ۽ ٻار وٺي وڃي انهيءَ ۾ رهيو. هيءَ ڪوٺي ۽ مان. پراڻُ بگي ۽ گهوڙو اٿم. صبح جو جوٽي وڃي ٽيشڻ تي بيهندو آهيان. نڀاڳي ٽيشڻ آهي. گا��ي اچي ڏينهن ۾ هڪڙي، سا به ڪڏهن ڪڏهن ته يڪو ٻئي ڏهاڙي اچي--! پاسينگر ڪڏهن لهي، ته ڪڏهن هفتا ٿيو وڃن! ڀلا هن ڀينگ ۾ اچي سو اچي ڪير--؟ +موسو- +(خوشيءَ مان) اچڻ وارا ايندا ممون--! اچڻ وارا ته ضرور ايندا. +ممون- +ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين موسيٰ، ڇا ڳالهه آهي--؟ +موسو- +منهنجو خيال آهي ته هي جناور ڀلي ڪجهه دير هِت آرام ڪن پاڻ هلون اندر. +ممون- +ها ها، هليو آ، خيال ڪجانءِ، اونده اٿييي، مٿو بچائجانءِ. مڙيئي غريباڻو حال آهي. هيڏانهن ويهه موڙي تي، ڪچهري به ٿا ڪيون ۽ چانهه چڪو به ٺاهي ٿا وٺون. ها، ڇا پئي چيئي--؟ +موسو- +ماڻڪ موٽي رهيو آهي ممون--! +ممون- +سچ--! اڙي واه ڙي ڇوڪر واه؛ امتحان پاس ڪري ڇڏيائين، چئبو ته...! +موسو- +منهنجو پٽ ڪراچيءَ مان پڙهيو پيو موٽي ممون--! امتحان ته پهرئين ڌڪ ۾ پاس ڪري ڇڏيائين؛ پهچڻ ڏينس رڳو هتي؛ سرڪار پاڻ گهرائي نوڪريءَ تي لڳائيندس--! +ممون- +ڪلهوڪو ڏينهن آهي تون کيس ٽيشڻ تي ڇڏڻ آيو هئين؛ ڏاڍو خوش هئين ۽ پوءِ جڏهن ريل ڇٽي ويئي هئي تڏهن روئي روئي کڻي اکيون سڄايون هيئي--! +موسو- +چار سال ٿي ويا ان ڳالهه کي ۽ اهي چار ئي سال مون اکين ۾ ڪاٽيا آهن ممون؛ هڪ هڪ گهڙي هڪ ساعت ماڻڪ لاءِ دعائون گهرندي گذاري اٿم. هاڻي ته منهنجو سمورو وجود عبادت ٿي پيو آهي. +ممون- +پٽ سان ڏاڍو پيار اٿئي موسيٰ--؟ +موسيٰ- +(اداس ٿي) نه منهنجو ساڻس پيار ڪونهي، عشق آهي عشق--! مون سڄي حياتيءَ ۾ هڪ ئي عشق ڪيو هو؛ هاجران سان، سندس مائٽن ناڪار ڪئي هئي ته ڪهاڙي اُڀي ڪري بيٺو هو مان مٿان! ۽ پوءِ ماڻڪ ڄائو ۽ هاجران مري وئي! ان ڏينهن کان مون پنهنجو سمورو پيار ماڻڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو. هوبهو هاجران جي مورت آهي منهنجو ماڻڪ. ممون-- +ممون- +جي-- +موسو- +ٻي خبر اٿئي--؟ ڪڏهن ڪڏهن ماڻڪ ۾ مان پنهنجو پاڻ پسندو آهيان! ائين لڳندو اٿم ڄڻ مان ٻيهر ڄائو آهيان! ائين ڇو آهي ممون--؟ +ممون- +اچي چانهه پيءُ. +موسو- +مون ڏاڍا ڏک ڏٺا هئا ننڍپڻ ۾. ماٽيلي ماءُ جي مار، موالي پيءُ جي ڌڪار، ماڻهن جا دڙڪا، طعنا، تنڪا! چوندو هوس ته جيڪر ننڍپڻ ٻيهر مليم، ماءُ پيءُ ٻيا هجن، مان به اسڪول وڃان، پڙهان لکان؛ ۽ پوءِ ٿيلهو ڪتابن جو لڙڪائي منجهند جو گهر موٽان--! +ممون- +کنڊ پوري اٿئي؟ ٻي گهرجيئي ته هي وٺ. +موسو- +مان ٻيهر ننڍپڻ ته ماڻي نه سگهيس ممون، پر مون اهو سڀڪجهه ماڻڪ کي ڏنو، جنهن جي دل ۾ تمنا هئم! ۽ پوءِ جڏهن هو ڪراچيءَ ويو تڏهن مون کي ائين لڳو ڄڻ مان خود ئي ان ريل ۾ روانو ٿي ويس! ائين ڇو ٿيندو آهي ممون--؟ +ممون- +پر ڪڏهين ٿو موٽي ماڻڪ--؟ +موسو- +اڄ- اڄ ممون! هي ڏس- هي ڏس! هي خط، هي سندس هٿ اکر اٿيئي! پر—پر! تون ته پڙهي نه ڄاڻين! مون وانگر اسان کي ڪهڙي خبر ته هن ۾ ڇا لکيل آهي. +ممون- +گاڏي ۾ ڪلاڪ کن دير آهي موسيٰ، تون ٿوري دير آرام ڪري وٺ، مان تيسين بگي جوٽي وٺان. +موسو- +آرام--؟ ڪٿي آهي آرام--؟ اندر ۾ آنڌ مانڌآهي ممون؛ اهڙي آنڌ مانڌ جهڙي ڪي سال اڳ ٿي هئي. جڏهين- جڏهن هاجران ڪنوار ٿي منهنجي گهر ۾ آئي هئي ممون! +ممون- +ڇا آهي--؟ +موسو- +اُهي زمانا ياد ايندا اٿئي--؟ +ممون- +ڪڏهن ڪو پاڻ کي به وساري سگهيو آهي موسيٰ --! ڪلهه اڄ جي سڃاڻ هوندي آهي؛ ۽ اڄ ڪلهه جي محتاج! چڱو تون هاڻي آرام ڪر، مان اچي ٿو جاڳايانءِ. +موسو- +ممون--! +ممون- +ڇا آهي--؟ +موسو- +پڪ اٿئي ريل ٽائم تي ايندي--؟ ليٽ ته نه ٿيندي--؟ +ممون- +اهو ته ٽيشڻ تي هلي پتو پوندو. +موسو- +تو پئي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن...... +ممون- +اجايا سوداءَ نه پچاءِ موسيٰ، جتي چار سال گذاريا اٿئي، اُتي ڪلاڪ ڏيڍ به صبر ڪري ڏس. +موسو- +مان ڏاڍو سخت دل آهيان ممون؛ مون هاجران جي موت تي ڳوڙها نه ڳاڙيا هئا؛ پر ماڻڪ جي وڃڻ کانپوءِ سڏڪي پيو هوس. چار سال مون انتظار جي سوريءَ تي ڦٿڪندي گذاريا آهن؛ پر.... پر....(ڀريل آواز ۾) پر هاڻي مون کان صبر نٿو ٿئي---! نٿو ٿئي؛ نٿو ٿئي....! +(Sad Music up) +سين چوٿون +ممون- +ٽيشن ماستر صاحب، اسلام عليڪم. +ا-م +آ ڙي ممون ڪهڙا حال اٿئي--؟ ڪر خبر--؟ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو اٿئي--؟ +ممون- +بس سائين مڙئي پيا حياتيءَ جي گاڏي گهليون، ريل اچي ٿي ڏينهن ۾ هڪڙي، سا به نه جهڙي؛ ڪو هڪ ماڻهو لٿو چڙهيو ته وڏو ڇيهه، نه ته ڪاريءَ وارا ڪک آخرڪار سائين پيٽ ته پالڻو آهي نه--! پاڻ سان گڏ جناور به ساڻ اٿم--! پرائو ساهه آهي، داڻو ته ان کي به گهرجي. +ا-م- +پُٽهين ڪٿي آهي--؟ اڄڪلهه ساڻ ڪو نه رهندو اٿئي ڇا--؟ گينگ مين حمير پئي چيو ته..... +ممون- +زماني جو دستور آهي صاحب، جهرڪي ٻچڙن کي چهنب سان داڻو چڳائيندي آهي بختاور! جڏهن پر نڪرندا اٿن ته اُڏار ئي هڪڙي ڪندا آهن، وري موٽي به نه نهاريندا آهن. +موسو- +انسان ۽ جانور ۾ وڏو فرق آهي ممون--! +ا-م- +هي ڪير آندو اٿئي--؟ +ممون- +صاحب موسو آهي؛ منهنجو اصل ننڍپڻجو يار آهي، ساڳئي ڳوٺ جا آهيون سائين. منهنجي ماءُ مري ويئي ته ٿڃ به هن جي ماءُ مرهيات مائي صاحب کاتونءَ ڏني هئم. ان هساب سان ته ماءُ ٿئيم. ڪيئن موسيٰ--؟ +موسو- +انساني رشتا ٿڃ جا محتاج نه هوندا آهن ممون؛ گهُر ته گهُرانءِ وارو قصو آهي. پيار ڏي، پساه وٺ. +ممون- +پنهنجي پٽ لاءِ آيو آهي، هن جو پٽ اڄوڪيءَ ريل ۾ ڪراچيءَ کان اچي رهيو آهي. وڏو امتحان پاس ڪيو پيو موٽي ڇوڪرو. الله ڏينهن ڏئيس، ڏاڍو هوشيار ٻار آهي. +ا-م- +هون! ڇا پڙهايو اٿئي پٽ کي ميان؟ ڏسڻ ۾ ته صفا مسڪين ٿو اچين--! پر، ابا پئسو توهان وٽ نه هوندو ته ٻيو ڪنهن وٽ هوندو! اسان جي پگهار ته آهي ٻوڙ ڀاڄيءَ جي بلي--! +ممون- +نه سائين، ائين ته نه چئو، توهان حاڪم آهيو! اسان غريب ڪو توهان سان ڪُلهي گس ڪري سگهنداسين، اڪيلو اولاد اٿس، ڏاڍي پيار سان پاليو اٿائين پٽ کي. +موسو- +ماڻڪ منهنجو جسم سو ناهي صاحب، ٻيو سڀڪجهه اٿم! پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم ته سوين ڪوهه پري هن کي تڪليف، مونکي هِت ايذاءُ ڏيندي آهي! +ا- م- +ڏاڍو پيار اٿئي پٽ سان--! +موسو- +پيار جو ڪو ماڻ هجي ها سائين ته تنهنجي سموري ڌرتي هوند منهنجي پيار لاءِ پوري نه پوي ها--! گاڏي دير ڪئي آهي صاحب--! +ا- م- +دير مدار ته آهي ئي آهي پريا مڙس! ريلوي وارن کي ڪهڙي خبر ته اڄ تنهنجو پٽ ٿو اچي ان ڪري گاڏي ضرور وقت تي پهچڻ گهرجي. +موسو- +ناراض نه ٿيو سائين--! مون ته ائين پئي پڇيو. +ممون- +هلي آ موسيٰ، ٻاهر هلي ٿا ويهون. معاف ڪجو سائين اوهان کي تڪليف ڏني سون. اچ ڀائو. (وڃڻ جو تاثر). +تون هت ويهه ته مان ٿو حمير کان پڇي اچان، هن کي ريل جي سموري خبر هوندي آهي. وڃجانءِ نه ڪيڏانهن! +موسو- +ڪيڏانهن ويندس--؟ هتي ته سُڃ پيئي ٿي واڪا ڪري پر جلدي اچجانءِ؛ مون کي اٻاڻڪائي ٿيندي. +ممون- +بس اِجهو آيس--! (وڃي ٿو). +موسو- +ٽائيم ته ٿي ويو هوندو! الائي ڇو دير ٿي اٿس--؟ (ٿڌو ساهه) جيئن دير تيئن خير! پنهنجي منهن ٿو ڳالهايان سودائي ٿي پيو آهيان ڇا--؟ (هلڪو کلي ٿو) ماڻهو چريا به ائين ئي ٿيندا آهن---! (کلڻ-). +(رمون پري کان هوڪو ڏيندو اچي ٿو--) +رمون- +مڱ مساليدار؛ چڻا گرم، مڱ مساليدار، چڻا گرم--! +(ويجهو اچي ٿو) ڏاڏا مڱ مساليدار. +موسو- +نه پٽ، ممونءَ پيٽ ڀري ماني کارائي اٿم. +رمون- +ممون ٽانگي وارو--؟ +موسو- +تون سڃاڻيس ڇوڪرا--؟ +رمون- +ها ڏاڏا، ممون کي ته سڀ سڃاڻن. ننڍڙي ٽيشڻ آهي، هتي هرڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻندو آهي. پر تون ته اوپرو ٿو ڏسجين ڏاڏا--! +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +موسو- +ها پٽ، مان پري کان آيو آهيان. +رمون- +ڪاڏي وڃڻو اٿئي ڏاڏا--؟ +موسو- +نه. +رمون- +ته پوءِ ڇو آيو آهين ڏاڏا--؟ +موسو- +ڪو اچڻو اٿم. +رمون- +هتي ڪير ٿو اچئي ڏاڏا--؟ +موسو- +منهنجو پٽ ماڻڪ، ڪراچي کان ٿو اچي منهنجو ماڻڪ. ڇوڪرا تو ڪراچي ڏٺي آهي--؟ +رمون- +نه ڏاڏا، اسان غريب ماڻهو ڪراچي ڪٿان ڏسنداسين--! +موسو- +ڪراچي تمام وڏو شهر اٿئي ڇوڪرا--! وڏيون وڏيون جايون، ڊگهيون ڊگهيون، وڏا وڏا رستا--! چون ٿا ته اُتان جا ماڻهو سال ۾ رڳو هڪ دفعو سج ڏسندا آهن! +رمون- +هڪ دفعو، هان--! هڪ دفعو! ڇو ڏاڏا--؟ +موسو- +وڏيون جايون آهن؛ ڊگهيون جايون سج کي لڪائي ڇڏينديون هونديون ۽ ها اُتي بي انتها موٽرون، لاريون، لوڊنگ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا آهي--! +رمون- +تو ڪڏهن ڪراچي ڏٺي آهي ڏاڏا--؟ +موسو- +نه پٽ. +رمون- +ته پوءِ توکي ڪيئن خبر پيئي--؟ +موسو- +مونکي خبر آهي؛ منهنجو ساهه اُتي چار سال اٽڪيل هو پٽ--؟ +رمون- +ساهه ڪراچيءَ ۾ اٽڪيل هيئي ڏاڏا--! ڀلا ساهه ڪيئن اٽڪندو آهي--؟ +موسو- +(کلندي) اڃا ننڍو آهين، بي سمجهه آهين؛ وڏو ٿيندين ته پاڻهي سمجهي ويندين. +رمون- +ٿورا چڻا ته کاءُ ڏاڏا. +موسو- +نه پٽ نه؛ تنهنجا لک ٿورا. +رمون- +ته پوءِ وڃان--؟ +موسو- +نالو ڇا اٿئي--؟ +رمون- +رمون. +موسو- +پڙهندو ڪو نه آهين--؟ +رمون- +پڙهندو آهيان. +موسو- +پوءِ ڪُهَرَ ڇو ٿو وڪڻين--؟ +رمون- +کائيندس ڪٿان ڏاڏا--؟ +موسو- +پيءُ ڇا ڪندو اٿئي رمون--؟ +رمون- +منهنجو پيءُ--؟ منهنجو ته هن دنيا ۾ ڪوئي ناهي ڏاڏا! مان يتيم آهيان. ننڍي هوندي پيءُ گذاري ويو؛ ٽانگو وهائيندو هو ممون سان گڏ. گوءِ ۾ چاڪ هيٺان اچي ويو، مري ويو--! امڙ سندس ڏک ۾ مري وئي. +موسو- +ڀاءُ؛ ڀيڻ، چاچو، مامون؛ ڪو ته هوندءِ--؟ +رمون- +نه ڏاڏا، مائٽ مٽ بيٺي جا هوندا آهن؛ ڪِرئي جو الله! چڱو ڀلا مان هلان ٿو! (هوڪو ڏيندي) مڱ مساليدار، چڻان گرم، مڱ مساليدار، چڻان گرم، مڱ مساليدار. +]آواز پري ٿيندو ختم ٿي وڃي ٿو—[ +ممون- +موسيٰ؛ موسيٰ--! +موسو- +(ڇرڪ) هون--! +ممون- +موسيٰ، ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين--؟ +موسو- +ڪجهه به نه، ڪجهه به نه. بس ائين ئي- ريل. +ممون- +ريل اچي پئي! حمير گهنٽي وڄائڻ ويو آهي. +(گهنٽي جو آواز) ٻڌئي--؟ +موسو- +ممون؛ منهنجي دل ٿي ٻڌي ممون! جنهن گهڙيءَ جو چئن سالن کان انتظار ڪيم اُها جڏهن چائنٺ تائين پهتي آهي تڏهن الائي ڇو؟ ممون الائي ڇو--؟ +ممون- +بس باقي ٿوري دير آهي. هو ڏس--! گاڏيءَ منهن ڪڍيو آهي. +موسو- +(بيچينيءَ مان) ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي--؟ (خوشيءَ وچان) ها؛ ها، اُها ٿي اچي. مان ڏاڍو ڪراڙو ته نه ٿي ويو آهيان ممون--؟ ڀلا هي ڪپڙا ڏس! پٽڪي جون ليڙون ته نٿيون ڏيکارجن؟ جُتي ڪيڏانهن ڪيم--! +]گاڏيءَ جو آواز ويجهو ايندو ٿو وڃي—[ +ڪهڙي گاڏي ۾ هوندو ماڻۡڪ؟ الائي ڪهڙيءَ گاڏيءَ ۾ هوندو! دريءَ مان ته ضرور ڏسندو. مونکي سڃاڻندو-؟ خبر ناهي سڃاڻندو به الائي نه---! +]گاڏيءَ جو آواز ويجهو اچي بيهي ٿو وڃي-[ +(مڪمل خاموشي، صرف گاڏيءَ جي انجڻ جو آواز--) +ممون- +تون اِتي ويهه موسيٰ؛ مان ٿو ڏسي اچانس. +موسو- +نه نه؛ مان به ٿو توسان گڏ هلان! مان به ڏسندس ماڻڪ کي! مان کيس پهريون ڏسڻ ٿو چاهيان. +]رمونءَ جو چڻن وڪڻن جو آواز بيڪ گرائونڊ ۾ جاري ٿو رهي—[ +ممون- +ته پوءِ اُٿ جلدي ڪر. +موسو- +ڪو پاسينگر لٿو سهي--؟ +ممون- +اڃا تائين ته ڪو ڪو نه لٿو آهي--! +موسو- +ماڻڪ هميشه آرام سان لهندو آهي؛ تڪڙ نه ڪندو آهي يا وري يا وري اسان جو ا��تظار نه ڪندو هجي گاڏيءَ ۾! +ممون- +شايد هو اڄ نه آيو--! +موسو- +نه نه، هو ضرور آيو آهي! هي ڏس سندس خط؛ پنهنجن هٿن سان لکيو اٿائين. +ممون- +ٿي سگهي ٿو ٻي گاڏيءَ ۾ اچي. +موسو- +ممون؛ هن کي ڪنهن به صورت ۾ اچڻو آهي؛ هو ضرور آيو هوندو؛ تون ڏس ته سهي؛ تون چڱي طرح ڏس ته سهي--! +]رمون جو آواز ويجهو اچي ٿو—[ +رمون- +مڱ مساليدار، چڻا گرم، ڪر خبر ڏاڏا، تنهنجو پٽ ته ڪو نه لٿو--! +موسو- +تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! توهان سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهايو! سڙو ٿا منهنجي پٽ سان. اڙي کيس ڳوليو ته سهي. +رمون- +ريل مان ڪو ماڻهو ئي ڪو نه لٿو! ڳوليون ڪنهن کي (گاڏي ڇٽڻ جو آواز- گاڏي آهستي آهستي تکي ٿي وڃي ٿي) اجهو ٿي رواني. هاڻي ڏس، آهي ڪو ماڻهو--؟ +موسو- +ڪاڏي ويو--؟ ڪاڏي ويو—منهنجو ماڻڪ--؟ ڪاڏي ويو--؟ +ممون- +دل نه لاهي موسيٰ؛ پڪ ئي پڪ گاڏي ڇٽي ويئي اٿس؛ سڀاڻي واري گاڏيءَ ۾ ايندو. +موسو- +سڀاڻي! پر سڀاڻي ته گهڻو پري آهي ممون--! +ممون- +ڪلهه ۽ سڀاڻي جي وچ ۾ اڄ نه هجي ته جيڪر ڪا به دوري نه ٿئي. +رمون- +ترسي پيو هوندو يارن سان. +موسو- +ماڻڪ اهڙو ناهي ڇوڪرا؛ هن جون مونسان ٻٽيهه دليون آهن. هو قولين ڪوڙو ناهي. ڇو نه آيو--؟ آخر ڇو نه آيو--؟ +ممون- +هو ضرور ايندو موسي!! هو ضرور ايندو. +رمون- +ها ڏاڏا، تنهنجو پٽ ضرور ايندو. اڄ نه سڀان پر ايندو ضرور. +موسو- +کيس ڪهڙي خبر ته مونتي ڪهڙي قيامت گذري وئي ٿوري دير ۾. هن کي اهو ته سوچڻ گهربو هو ممون. +اسٽيشن ماستر- +ڇا ٿيو ڪراڙا!؟ پٽهين نه آيو ڇا--؟ +موسو- +خبر ناهي صاحب! ريل ته خالي آئي، خالي وئي. +ا-م- +اهو روز جو ڪم آهي، ڪا مجبوري هوندس. ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اچي. +موسو- +ها ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اچي. مان سندس انتظار ڪندس صاحب. امن هت ئي سندس انتظار ڪندس. +ممون- +چريو نه ٿي موسيٰ، تنهنجي هت ويهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ گاڏي ته پنهنجي مُداءَ تي ايندي. اسان وري سڀاڻي کيس ڏسڻ اينداسين. +موسو- +نه ممون! تون وڃ! وڃي پنهنجي روزگار جي ڪر--! مونکي ڇڏي ڏي. مان هت ئي رهندس. +ا- م- +هت آس ۽ جهولي ۾ ويهي ڇا ڪندين پريا مڙس--؟ پاڻيءَ ڦڙيءَ لاءِ به سڪندينءِ وڃ، وڃي آرام ڪر، صبح جو اچجانءِ. +موسو- +هت ويهي مان سندس راهه تڪيندس صاحب! هي پٽا سڌا منهنجي ماڻڪ تائين ويندا هوندا. مان کين ڏسندو رهندس! هنن کي ڏسي مونکي آٿت ٿو ملي ته منهنجو ماڻڪ دور ناهي؛ هو ويجهو آهي--! +ا- م- +اڙي بابا ڪٿي اُس ۾ وار اڇا ڪيا اٿئي ڇا--؟ ڀانئجي ٿو عمر جهنگ ۾ گذاري اٿئي! نه ته جيڪر اهڙيون جاهلاڻيون ڳالهيون ڇو ڪرين....! +موسو- +جهنگ ته هر انسان جي اندر ۾ وسي ٿو صاحب! تنهنجي دل ۾ به ته ٻيلو آهي! ڪڏهن ان کان ٻاهر نڪتو آهين؟ ڪڏهن قرب جو سجهندو ڏٺو اٿيئي--؟ پر تو ڪڏهن ڪنهن سان ايترو پيار به ته ڪيو هجي! تنهنجي لاءِ ريل گاڏيءَ جا ٽيهه ڦيرا مهيني جي پڄاڻي آهي صاحب. ۽ هر نئون مهينو نئين پگهار آڻيندو هوندو--! منهنجي لاءِ هيءَ ريل گاڏي پنجويهه سالن جي پورهئي جو نالو آهي. اوسيئڙي ۽ انتظار جي علامت آهي. منهنجي بي انتها پيار جو اِهڃاڻ آهي هي ريل گاڏي--! +ممون- +پر تنهنجا ڍڳا ته بک مري ويندا موسيٰ. +موسو- +جناور پنهنجي مالڪ جو ڏک سک سولائيءَ سان سمجهي ويندو آهي ممون! انهن جي ڳڻتي نه ڪر؛ تون وڃ ڪرت کي لڳ! وڃو؛ سڀ وڃو. مونکي اڪيلو ڇڏي ڏيو؛ اڪيلو ڇڏي ڏيو. +]ڪافي دير تائين ڏکايل ميوزڪ[ +]آهستي آهستي ان ۾ طوفان جو تاثر به شامل ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ رات جو تاثر پڻ-- [ +رمون- +ڏاڏا--! +موسو- +رمون آهين--؟ +رمون- +ها ڏاڏا. +موسو- +ڇو آيو آهين--؟ +رمون- +ڪاڏي وڃان--؟ +موسو- +پنهنجي گهر. +رمون- +مونکي ڪو گهر ڪونهي ڏاڏا. +موسو- +ڪٿي سمهندو آهين--؟ +رمون- +اتي ئي ٽيشڻ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾. (خاموشي) +بک لڳي اٿئي ڏاڏا--؟ ڏس، مون تنهنجي لاءِ ماني آندي آهي! هان، وٺ، کاءُ. +موسو- +مونکي بک ناهي رمون. +رمون- +سڄو ڏينهن نه ڪجهه کاڌو اٿئي نه پيتو اٿئي! هڪ ئي هنڌ ويٺي ويٺي رات ٿي وئي اٿئي! ڪجهه ته کاءُ. +موسو- +نه رمون، مونکي بک ناهي. +رمون- +هڪڙي ڳالهه پڇان ڏاڏا--؟ +موسو- +پڇ--! +رمون- +سڀني ماءُ پيءُ جو پنهنجي اولاد سان ايترو پيار هوندو آهي ڏاڏا--؟ +موسو- +تون ڇا ٿو سمجهين--؟ +رمون- +مان...مان ته يتيم آهيان! +موسو- +توکي ڪجهه به ياد ناهي--؟ +رمون- +نه. +موسو- +ڪڏهن ڪنهن توکي پيار ڪيو آهي رمون--؟ +رمون- +نه. +موسو- +ڪڏهين به نه--؟ +رمون- +ڪڏهن به نه! +موسو- +ڪنهن به نه--؟ +رمون- +ڪنهن به نه. +موسو- +ته پوءِ توکي ڪهڙي خبر ته پيار ڇا ٿيندو آهي--؟ +رمون- +تون ٻڌاءِ ڏاڏا! +موسو- +مون ڏانهن نهار پٽ؛ منهنجي گهنجيل منهن ۾ ڏس؛ هنن اڇن وارن کي تڪ، منهنجي پوڙهين اکين ۾ گهور رمون؛ ڪجهه نظر اچئي ٿو--؟ +رمون- +ها--! +موسو- +ڇا--؟ +رمون- +ٿڪ؛ انتظار؛ اوسيئڙو--! +موسو- +ان کي پيار چوندا آهن پٽ--! +رمون- +ته پوءِ.... ته پوءِ منهنجي لاءِ ڪو انتظار ڇو نٿو ڪري ڏاڏا--؟ منهنجو ته اڄ تائين ڪنهن اوسيئڙو نه ڪيو آهي ڏاڏا--! +موسو- +ڪيو هوندو؛ ضرور ڪيو هوندو؛ توکي ياد نه رهيو آهي شايد. +رمون- +شايد مونکي ياد نه آهي. +موسو- +ها ائين ئي هوندو؛ ائين ئي هوندو! تون به ڪنهن جو ماڻڪ هوندين. +رمون- +خبر ناهي، شايد، شايد--! +]هلڪي ڏکايل ميوزڪ—طوفان جاري—ڪجهه دير کانپوءِ—[ +رمون- +ڏاڏا. +موسو- +هون--! +رمون- +تون اڃا جاڳين پيو ڏاڏا--؟ +موسو- +ننڊ مون کان رسي وئي آهي پٽ--! +رمون - +ڪوشش ڪر ڏاڏا. +موسو- +نه؛ مان خود جاڳڻ ٿو چاهيان رمون--! مان هي رات ائين وڃائڻ نٿو چاهيان--! مان پنهنجي گذريل حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙيءَ بابت سوچڻ ٿو چاهيان. خبر اٿئي جوانيءَ ۾ مان ڪيڏو زورآور مڙس هوندو هوس--! راڄ ڏڪندا هئا منهنجي نالي کان! شادي کانپوءِ سڀ ارڏايون ڇڏي ڏنم؛ هاجران جي پيار دل ۾ ديرو ڪيو ته سڀڪجهه ويندو رهيو--! پيار ڏاڍو سگهارو ٿيندو آهي پٽ. +رمون- +هاجران ڪير هئي ڏاڏا--؟ +موسو- +منهنجي گهر واري هئي. سڪ مان ساڻس لانئون لڌيون هئم. هن جو به مونسان ڏاڍو پيار هوندو هو--! منهنجي قدم قدم تان قربان ٿيندي هئي--! ۽ پوءِ ڪنهن جي نظر لڳي ويئي اسان جي پيار کي--! +رمون- +ڇا ٿيو ڏاڏا--؟ +موسو- +ماڻڪ ڄائو، پر هوءَ گذاري ويئي. منهنجو روح ڄڻ ڪنهن نپوڙي ڇڏيو. منهنجي جيءَ ۾ ڪنهن اونهي ترار لاهي ڇڏي! مون سوچيو مان جي ڪو نه سگهندس؛ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندس. پر پوءِ مون جيئڻ جو فيصلو ڪيو. ماڻڪ لاءِ. پنهنجي سڪيلڌي پٽ لاءِ هاجران جي نشانيءَ لاءِ. +رمون- +پوءِ ڇا ٿيو ڏاڏا--؟ +موسو- +مون ماڻڪ تي پنهنجي روح جو سمورو پيار اوتي ڇڏيو. کيس اڻ ميو پيار ۽ پاٻوه ڏنم پٽ؛ سندس هر انگل منهنجي لاءِ حڪم هوندو هو--! سندس هر هڪ مرڪ منهنجو جياپو هئي ۽ هر لڙڪ موت کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هو. +رمون- +تو کيس پڙهايو ڏاڏا--؟ +موسو- +مون کيس پڙهايو، پاليو، نپايو، وڏو ڪيو ۽ پوءِ کيس شهر موڪلي ڏنم. سندس ڀلائيءَ لاءِ، سندس خوشيءَ لاءِ ۽ سندس مرضيءَ موجب +رمون- +هو به توسان پيار ڪندو هوندو ڏاڏا--؟ +موسو- +هن جو مونسان بيحد پيار آهي پٽ! اسانجي محبت جو ڪو نالو ناهي؛ ڪو ماڻ ڪو ماپو ناهي؛ بي حساب قرب آهي پيءُ پٽ ۾! +رمون- +ته پوءِ هو ضرور ايندو ڏاڏا؛ صبح ٿيڻ ڏي، هو ضرور ايندو. +(ڪجهه دير (Sad Music +موسو- +رمون. +رمون- +جيءُ. +موسو- +جاڳين ٿو رمون--؟ +رمون- +ها ڏاڏا. +موسو- +ڇو--؟ +رمون- +ن��ڊ نٿي اچي- +موسو- +ڪجهه سوچيندو هوندين--؟ +رمون- +نه ائين ئي. +موسو- +تون ضرور ڪجهه سوچيندو هوندين--؟ +رمون- +ها ڏاڏا. +موسو- +ڇا ٿو سوچين رمون--؟ +رمون- +اِهو ئي ڏاڏا ته ڪن ماڻهن جي نصيب ۾ ايترو پيار ڇو لکيل هوندو آهي ۽ ڪن جي قسمت ۾....(خاموشي) +موسو- +مان تنهنجي ڏک کي سمجهان ٿو رمون. +رمون- +مونکي ڪو ڏک ناهي. +موسو- +اها تنهنجي ڀل آهي--! محرومي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏک ٿي سگهي ٿو--؟ +رمون- +مون چيو مون کي ڪو ڏک ناهي؛ شڪايت آهي. +موسو- +ڪنهن کان--؟ +رمون- +خبر ناهي--! شايد سڄي دنيا کان. پر ان ۾ دنيا جو ڪهڙو ڏوهه--! منهنجي يتيم ٿيڻ ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه...؟ +موسو- +پٽ--! +رمون- +مونسان همدردي نه ڪر ڏاڏا. +موسو- +هيءَ همدردي ناهي رمون. +رمون- +مونکي همدرديءَ کان نفرت آهي--! مونکي دلداريءَ کان چڙ آهي--! جيڪڏهن مان يتيم آهيان ته آهيان. تون مونکي منهنجو ماءُ پيءُ موٽائي ڏيئي نه سگهندين مونکي منهنجون خوشيون ورائي نه سگهندين. +موسو- +رمون! رمون--! +رمون- +تون پنهنجي ماڻڪ جو انتظار ڪر ڏاڏا، مونکي ماڻڪ چوڻ وارا مري ويا- مري ويا--! هو موٽي نه ايندا- ڏاڏا، هو موٽي نه ايندا (سڏڪا) +موسو- +رمون. +رمون- +مري ويا، هو مري ويا (سڏڪا) +موسو- +رمون! رمون--! +(Sad Music up) +ممون- +موسيٰ؛ موسيٰ! تون سڄي رات اتي ئي ويٺو هئين--؟ تو ننڊ نه ڪئي آهي--؟ +موسو- +ممون آهين--؟ +ممون- +ڪجهه کاڌو پيتو اٿئي---؟ +موسو- +هي رمون ڪيڏانهن ويو--؟ هتي ئي هيو! +ممون- +هتي ته ڪو به ڪونهي! منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنئي موسيٰ--؟ +موسو- +بس اِجهو ماڻڪ اچڻ وارو ئي هوندو! ڇا ٽائيم ٿيو آهي--؟ +ممون- +تو ته پنهنجي الائي ڪهڙي حالت کڻي ٺاهي آهي موسيٰ نه اٿئي ڏينهن جو هوش نه رات جي خبر! اولاد کي پيار اسان به ڏنو؛ پر ههڙو حال ته ڪنهنجو ڪو نه ڏٺوسين--! +موسو- +ريل اچڻ واري آهي ممون--؟ +ممون- +او هوءَ سامهون پئي اچي، هجين هن جهان ۾ ته خبر به پويئي نه--؟ ٽيشڻ ماستر ويچارو تنهنجي ڪري ڏاڍو پريشان آهي؛ گهڙي گهڙي تنهنجي پڇا پيو ڪري. +موسو- +ان ويچاري سان مون کهرو ڳالهايو هو، ماڻڪ اچي ته پوءِ معافي ٿو وٺان. +ممون- +ڇا جيون معافيون ٻعافيون؟ ماڻهو آهي لاکيڻو؛ تنهنجي ته دل ۾ ئي ڪو نه ڪيائين، ويتر خيريت پئي پڇيائين تنهنجي--! +]گاڏيءَ جو آواز پري کان ويجهو اچڻ شروع ٿو ٿئي—[ +رمون- +(پري کان) مڱ مساليدار، گرم چڻا. +موسو- +اهو ٿئي رمون. +ممون- +مان سڃاڻانس، ويچارو يتيم ٻار آهي. +موسو- +ڏاڍو ڏکويل ڇوڪرو آهي. +رمون- +(ويجهو ايندي) ڏاڏا، گاڏي اچي ويئي اٿئي، پنهنجو ماڻڪ مونکي به ڏيکارجانءِ--! (ويندي) مڱ مساليدار گرم چڻا. +]ٽرين اچي رڪي ٿي- ڪجهه ماڻهن جو آواز—رمون جا هوڪا[ +ممون- +گاڏي اچي وئي موسيٰ! هو ڏس ڪجه ماڻهو لٿا آهن؛ شايد ماڻڪ انهن ۾ ئي هجي--! +موسو- +ها ها؛ ائين ئي هوندو؛ اچ، اچ ته ڏسون. +ممون- +(ويجهو اچي) هي ته ڪي ٻيا آهن! متان هوڏانهن لٿو هجي ٻئي پاسي. +موسو- +هل ممون هل؛ جلدي ڪر؛ هل--! +ممون- +هِت به ڪوئي ڪونهي--! +موسو- +ڪوئي ڪونهي--؟ ماڻڪ اڄ به نه آيو--؟ +ممون- +خبر ناهي ڇو--؟ متان سڀاڻي اچي! +موسو- +سڀاڻي ڪڏهن ايندي ممون؟ سڀاڻي ڪڏهن ايندي--؟ +ممون- +سڀاڻي ضرور ايندي موسيٰ! سڀاڻي ضرور ايندي. +]گاڏي جي وڃڻ جو آواز- آهستي آهستي دور وڃي ٿو ۽ پوءِ ختم ٿي وڃي ٿو-[ +موسو- +ويئي هلي؛ گاڏيءَ ويئي هلي--! ماڻڪ اڄ به نه آيو--! +ممون- +منهنجي خيال ۾ ٽيشڻ ماستر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. +موسو- +هن کي ڪهڙي ڪل. +ممون- +هن وٽ فون آهي؛ هو جاچ لهي ڏيندو. تون اِتي ترس، مان اجهو ٿو اچان. +(رمون جا هوڪا ويجها پوندا ٿا وڃن—ممون جي وڃڻ جو آواز--) +ا-م- +اچي ويو توهانجو ڇوڪرو ممون--؟ +ممون- +نه صاحب! موسي ويچاري جي ڏاڍي حالت خراب آهي. +ا- م- +ڇوڪراڻي پوتي ڪنهن نه ڌوتي! ٻار آهي، ترسي پيو هوندو! ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي--! پير مرد کي چؤ ته وڃي ڳوٺ ويهي رهي. پاڻهي هڪ نه هڪ ڏينهن ڇوڪرو موٽي ايندس. +ممون- +هو مري ويندو صاحب! +ا- م- +ان ۾ مرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ضروري آهي ڇا ته سڀ ماڻهو هروڀرو ان ئي ڏينهن پهچن، جنهن ڏينهن اچڻو هجين. دير مدار ته دنيا ۾ آهي ئي آهي. +ممون- +توهان هن جي دل کي سمجهي نه سگهندا سائين. هو ڏاڍو اُداس آهي. توهان خدا جي واسطي ڪنهن کان پڇائي ڏيو. +ا- م- +ڪنهن کان پڇائي ڏيان. +ممون- +ڪنهن کان به پڇائي وٺو صاحب، رڳو اِها خبر پوي ته هو خيريت سان آهي. +ا- م- +ڪو ڏس پتو. +ممون- +نه سائين. +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +ا- م- +عجيب ڳالهه آهي، ڏس پتو به ڪونهي، پڇائي به ڏيو. ممون هوش ۾ ته آهين؟ +مون- +موسي جي ڳڻتيءَ ڳاري ڇڏيو اٿم سائين. مون کان هن جو اوسيئڙو ڏٺو نٿو ٿئي. +ا- م- +پر ان جو ڪو علاج مون وٽ ته ناهي. +ممون- +توهان حاڪم آهيو، توهان جا هٿ وڏا آهن سائين. توهان سڀڪجهه ڪري سگهو ٿا. (فون وڄي ٿي) +ا- م- +چڱو ترس، ڏسان ڪير آهي؟ (فون کڻي ٿو) هلو، هلو؛ ڪراچي؟ فريد صاحب ٿا ڳالهايو؟ (ممون کي) ڪراچي کان فون آهي؛ (زور سان) جي جي سائين؛ حڪم ٿئي؛ ڪهڙي ٽرين ٿي اچي؟ اسپيشل؟ جي سائين؛ لائين ڪليئر رکنداسين. سائين... جي سائين؛ ٻيو سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي- اوهان جي مهرباني. سائين عرض ڪرڻو آهي- مون سان هت هڪ عجيب اُلجهن آهي؛ ها ها! ٻيو خير آهي، ڪو ڳوٺاڻو آهي، جنهن جو پٽ ڪلهه ڪراچي کان هت پهچڻو هو. نالو-؟ (ممون کي) نالو ڇا اٿس--؟ +ممون- +ماڻڪ، سائين، ماڻڪ پٽ محمد موسيٰ. +ا- م- +(فون ۾) نالو ماڻڪ ٿا چون. ڪاليج ۾ پڙهندو آهي، جي، جي (ممون کي) رنگ جو سانورو آهي--؟ +ممون- +جي، جي ها سائين. +ا- م- +(فون ۾) ها سائين سانورو آهي (ممون کي) مٿي تي زخم جو نشان اٿس--؟ +ممون- +ها سائين ها. ننڍي هوندي ڪِري پيو هو کٽ تان. +ا- م- +جي ها، اهي ئي پار پتا اٿس- جي؟ (اُداس) جي- جي ڪڏهين--؟ ڪلهه--؟ يس سر؛ يس سر آءِ انڊر اسٽئنڊ سر ٿينڪ يو سر. (فون رکي ٿو) +ممون- +ڇا ٿا چون سائين، ڪجهه پتو پيو سائين--؟ اوهان چپ ڇو ٿي ويا؟ ڇا ڳالهه آهي سائين--؟ +ا- م- +ممون، ڏاڍي خراب خبر آهي. +ممون- +مولا خير ڪجانءِ. +ا- م- +ماڻڪ ڪلهه تڪڙ ۾ ٽرين ۾ چڙهندي گاڏي هيٺان اچي ويو-- ۽ .... +ممون- +سائين.... +ا-م- +ڪٽجي مري ويو. +ممون- +يا خدا. +ا-م- +هنن سندس وارثن جي ڳولا ڪئي، پر پوءِ نااُميد ٿي کيس دفن ڪري ڇڏيائون. +ممون- +دفن ڪري ڇڏيائون--؟ +ا-م- +ها ممون-- +ممون- +هاڻي ڇا ٿيندو صاحب! موسي! ته بي موت مري ويندو؛ ڪيئن چوانس ته سندس سڄي عمر جو پورهيو برباد ٿي ويو. سندس پيار دفن ٿي ويو. سندس عبادت ڪا نه اگهاڻي صاحب! سندس عبادت ڪا نه اگهاڻي--! +ا-م- +همٿ ڪر ممون؛ اِهو سڀ ڪم توکي ڪرڻو آهي! تون ئي دل هاري ويٺين ته پوءِ هو پير مرد صدمون سهي نه سگهندو. مون کي افسوس آهي ممون؛ مون کي بيحد افسوس آهي. +ممون- +منهنجو يار جي نه سگهندو سائين مان ڪيئن ٻڌايانس؛ (ڇرڪي) موسيٰ تون. اسان به تنهنجي ئي ڳالهه پئي ڪئي، اسان پي چيو ته.... +موسيٰ- +مون سڀڪجهه ٻڌو آهي ممون؛ مون سڀڪجهه ٻڌو آهي تون سمجهين ٿو ته مان مري ويندس--؟ هاجران جي موت تي به ماڻهن ائين ئي چيو هو. هنن جو خيال هو ته منهنجو هانءُ ڦاٽي پوندو؛ دل بيهي ويندي. پر ٿيو ڪجهه ئي ڪو نه. مان اڃان تائين جيئرو آهيان؛ ڏس مان اڃا تائين جيئرو آهيان. +ممون- +موسيٰ؛ موسيٰ. +موسو- +مون هاجران جو پيار ماڻڪ ڏانهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ پوءِ ماڻڪ ئي منهنجي زندگيءَ جڪو مقصد ٿي پيو. اڄ ماڻۡڪ مري ويو. هو منهنجو هو؛ مون ڏانهن ايندي ئي مئو آهي. اڄ هو مري ويو. پر مان نه مرندس؛ مان هرگز نه مرندس! رڳو اِهو سمورو پيار بدلائي مان رمون کي ڏيندس--! +رمون- +ڏاڏا--! +موسو- +ها پٽ! اڄ اسان ٻئي يتيم آهيون. اسان کي هڪ ٻئي جي سهاري جي ضرورت آهي. مان توکي ماڻڪ جو پيار ڏيندس ۽ تون مون کي اولاد جي آسيس ڏجانءِ ڏيندين نه--؟. +رمون- +ڏاڏا! ڏاڏا--! (سڏڪي ٿو) +موسو- +نه رو پٽ، نه رو. ڏس مان روئان ٿو-؟ مان نٿو روئان نه--؟ مان نٿو روئان—مان نٿو روئان--! (روئڻ جو تاثر) اچ ٻچا هلون. +رمون- +ڪيڏانهن--؟ +موسو- +پنهنجي گهر--! +رمون- +منهنجو ته ڪوئي گهر ناهي. +موسو- +تنهنجو گهر آهي پٽ! منهنجي جهوپڙي تنهنجو گهر آهي ڳوٺ وارا اسان جي انتظار ۾ هوندا، مان کين ٻڌائيندس ته ماڻڪ اچي ويو-! ماڻڪ اچي ويو--! هي ڏسو--! منهنجو ماڻڪ موٽي آيو آهي--!! +تنهنجون ڳالهيون سڄڻ +سين پهريون +]پکين جا آواز—پهاڙي موسيقي فيڊ اِن ٿئي ٿي—موسيقي فيڊ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ مالهيءَ جي ڇٻر ڪٽڻ جو آواز اچي ٿو—چوڪيدار جي لٺ زمين تي لڳڻ جو آواز پري کان ويجهو اچي بيهي ٿو رهي-[ +مالهي- +چوڪيدار اڄ هن وقت هت پيو ڏسجين؟ +چوڪيدار- +ها مالهي، اڄ ڊاڪ بنگلي ۾ ڪجهه مهمان آيا آهن. +مالهي- +مهمان--؟ +چوڪيدار- +حيران ٿي وئين مالهي--؟ (ٿڌو ساهه ڀري) تنهنجي حيرت به بجا آهي! ڪافي عرصي کان هيءَ ڊاڪ بنگلو ويران جو پيو آهي--! +مالهي- +ويران ٿو چئين چوڪيدار--؟ مون کي ته هاڻي هن اڪيلائي کان وحشٽ ٿيڻ لڳي آهي. ڪو وقت هو جو هتي زندگيءُ جهومندي ڳائيندي هئي. بهارون خوشبوئن جا خزانا لٽائينديون هيون. ڪارا ڪڪر دل کولي وسندا هئا ۽ پوءِ سخت ڌرتيءَ جي سيني مان ننڍڙا، نازڪ، رنگبرنگي گل ڪرموڙي جاڳي اُٿندا هئا! هن پهاڙ جي دامن ۾ سرتيون سينگار ڪري بهار جا گيت ڳائينديون هيون ۽ محبت ڀريون دليون ڌڙڪي اُٿنديون هيون! پر......پر پوءِ.....پر پوءِ +چوڪيدار- +مونکي ياد آهي مالهي، مونکي سڀڪجهه ياد آهي! مون هن بنگلي جي چاليهه سالن کان رکوالي ڪئي آهي. پنهنجي اولاد جيان کيس هر دم اکين آڏو رکيون اٿم. +مالهي- +شايد اسان هاڻي ڪراڙا ٿي ويا آهيون. ان ڪري بهارن ۾ اُها بوءِ نه رهي آهي.يا وري بهارون ئي اسان کان منهن موڙي ويون آهن! ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ڀائيندو آهيان، ڄڻ حياتي هلندي هلندي ٿڪجي چُر ٿي پئي آهي ۽ هاڻي سمهي رهندي ته ٻيهر ڪڏهن به نه اُٿندي. ڪڏهن به نه اُٿندي--! +چوڪيدار- +ملول نه ٿي مالهي، تنهنجي اداسيءَ جو ڪارڻ تنهنجي اڪيلائي آهي. سيزن آئي آهي، ٻه ٽي مهمان ٻيا اچڻ ڏي. ٿوري رونق ٿيندي ته دل خود بخود وندرجي ويندي. +مالهي- +ها، شايد تون سچ ٿو چئين، مونکي مايوس ٿيڻ نه گهرجي، بهار آئي آهي، هي ڏس چوڪيدار! هي ڏس--! گونچ ڦُٽا آهن، ٿورن ڏينهن ۾ گل ٽڙندا، سندن سڳنڌ سڄي وستيءَ کي واسي ڇڏيندو ۽ پوءِ مان پنهنجي اڪيلائي وساري وهندس! موتئي، مگري ۽ گلاب جي هٻڪار منهنجي روح کي ٻيهر جيئاري ڇڏيندي--!ياد اٿئي چوڪيدار--؟ گذريل سال هن بنگلي ۾ هڪ شهري بابو اچي رهيو هو--؟ +چوڪيدار- +ها ها، اهو خوبصورت جانٺو جوان، نالو به چڱو هوس--! +مالهي- +سجاد. +چوڪيدار- +هاڻي ياد آيم، اهو ئي نه، جنهن سان اڪثر هڪ سهڻي ڇوڪري ساڻ رهندي هئي! +مالهي- +ها ها، بلڪل اُهو، ڪيڏو نه کلمک ۽ حسين هوندو هو. مونکي اڪثر چوندو هو چاچا، زندگي کان مايوسي انساني عظمت جي توهين آهي. خلقڻهار جيڪي ڪجهه پيدا ڪيو آيه، انسان کي شرف حاصل آ��ي ته ان ۾ واڌارو ڪري. وڻ ٽڻ ٻوٽا، گل ۽ گاهه اُپائڻ به تخليق جي تڪميل ڏانهن اڳتي قدم آهي، هن کي موتيو ڏاڍيو وڻندو هو. هو هر روز موتئي جو هڪ هار مون کان ٺهرائي سيما کي سوکڙي ڏيندو هو. +چوڪيدار- +ها، ان ڇوڪري جو نالو سيما هو. +مالهي- +۽ هو ساڻس بي انتها محبت ڪندو هو. ڪيڏي نه پياري جوڙي هئي، انهن ٻنهي جي، جهڙا اڇي آُجري پاڻيءَ ۾ ترندڙ ٻه نيل ڪنول! هو راتين جون راتيون سامهڻين پهاڙ تي چنڊ کي گهوريندي گذاريندا هئا. چانديءَ جهڙي چانڊوڪيءَ ۾ هو ٻه ڀٽڪيل روح لڳندا هئا. +چوڪيدار- +پوءِ سجاد هليو ويو. +مالهي- +ها، هڪ رات اهو اوچتو هليو ويو ۽ وري نه موٽيو! هن مونکي خدا حافظ به نه چيو چوڪيدار! +چوڪيدار- +چريو آهين مالهي--!هت مسافر ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن. ڪئين آيا ۽ ڪئين ويا. تون ڪنهن جو ڪنهن جو ڏک ڪندين--؟ +مالهي- +سيما به ته ان کان پوءِ نظر نه آئي! +مالهي- +هاءِ هوءَ به پنهنجي مائٽن سان گڏ پنهنجي شهري زندگيءَ ۾ موٽي وئي!(ڇرڪ ڀري) اڙي! مان به ڪهڙو نه چريو آهيان! صبح مردان سان بيوقوفيءَ جا قصا کڻي ويهي رهيس! تون ٻڌاءِ؟ ڪهڙا مسافر آيا آهن--؟ +چوڪيدار- +ڪو پادري آهي، پنج ڇهه ننڍڙيون ڇوڪريون به ساڻ اٿس! ڪنهن اسڪول جا ٻار آهن، موڪلن ۾ جبلن جو سير ڪرڻ آيا آهن. +مالهي- +(ٿڌو ساهه ڀري) ها چوڪيدار! موڪلن ۾ هر ڪو سير تي ايندو آهي ۽ پوءِ جڏهن پهاڙن تي برف ڄمندي آهي ۽ سرد هوائون سريسر کي ڏنگينديون گذرنديون آهن. تڏهن ڪو ئي به اسان جو حال پڇڻ وارو نه رهندو آهي. +چوڪيدار- +چڱو مالهي، تون گلدستو ٺاهي کڻي هل ته مان چانهه جو بندوبست ڪري وٺان. +مالهي- +(ٿڌو ساهه) ها چوڪيدار، نئين سيزن شروع ٿي چڪي آهي. +سين ٻيو +]رات جو تاثر—پري کان ڪار جي اچڻ جو آواز ويجهو اچي بيهي ٿي—در کلي ٿو—بند ٿئي ٿو—چوڪيدار جي ڊوڙِ ويجهو اچڻ جو آواز—در تي زور زور سان کڙڪو—[ +چوڪيدار- +مالهي--! مالهي--! در کول مالهي--! ٻاهر ڏس ڪير آيو آهي! جاڳ مالهي--!(در تي کڙڪو) . +مالهي- +(ننڊ کڙي آواز ۾) ڇو اچي ننڊ ڦٽائي اٿئي چوڪيدار--؟ +چوڪيدار- +تون در ته کول، ڏس ته سهي ڪير آيو آهي--! +مالهي- +(در کولي) ڪير آيو آهي--؟ +چوڪيدار- +او هو سامهون بيٺو آهي، ڪار جي ڀرسان. +مالهي- +سجاد--!!ڪٿي آهي--؟ +چوڪيدار- +او هو سامهون بٺيو آهي؛ ڪار جي ڀرسان. +مالهي- +سجاد بابو--! اڙي؛ هي ته سچ پچ سجاد ئي آهي--! اڄ صبح ته ياد پئي ڪيوسين! تون اتي ڇا بيٺو ڪرين چوڪيدار--؟ هل، هلي سامان لهراءُ، اچ. +چوڪيدار- +مان ته توکي ٻڌائڻ آيو هوس! +مالهي- +ڳالهين ۾ وقت نه وڃا؛ اچ مونسان. +]وڃڻ جو آواز[ +سجاد صاحب توهان؛چڱو ٿيو جو توهان اچي ويا؛ مون اڄ صبح ئي توهان کي ياد پئي ڪيو. بهار جا گونچ ڏسي مونکي توهان جي ياد اچي وئي(وقفو) توهان خاموش ڇو آهيو--؟ (ڇرڪ ڀري) هي توهان پنهنجي حالت ڇا بنائي رکي آهي--؟ ڇا ڳالهه آهي بابو--؟ توهان جو رنگ، روپ، خوشي ۽ ٽهڪ ڪيڏاهن غائب ٿي ويا--؟ +سجاد- +منهنجو سامان ڪنهن ڪمري ۾ رکائي ڇڏ چاچا؛ مان ڏاڍو ٿڪل آهيان. +مالهي- +ها، ڇو نه، چوڪيدار پاڻهئي سامان کڻي ايندو، توهان هلو، توهان اندر هلو. +]قدمن جو آواز—ڪمري ۾ سجاد جو ڪرسي تي ليٽن[ +سجاد- +هتي ڪيڏو نه سڪون آهي، چاچا--! ائين ٿو. محسوس ٿئي ڄڻ مان صدين کان پيرين اُگهاڙو ٻاٻريءَ ڪنڊ تي هلندو رهيو آهيان؛ ٽانڊن تي ٽلندو رهيون آهيان--! وک وک تي وهه وڏو پيئندو رهيو آهيان--؟ هت اچي منهنجا سڀ غم سمهي رهيا آهن! سڀ درد دور ٿي ويا آهن--! +مالهي- +سجاد بابو، +سجاد- +چئو چاچا--؟ +مالهي- +سجاد پٽ، تنهنجي ڪلهه ۽ اڄ ۾ درد جو درياءَ ڏسي مان ڏڪي ويو آهيان--! +سجاد- +منهنجي ماضي ۽ حال ۾ يادن جون واديون حائل آهن چاچا. +مالهي- +اڄ موت منهنجو مهمان آهي چاچا! +مالهي- +ائين نه چئو پٽ! تنهنجو غم مون کان ڏٺو نٿو ٿئي؛ ڇا ڳالهه آهي--؟ ڪجهه ته چؤ--؟ +سجاد- +ڪي انسان زندگيءَ ۾ ئي مري ويندا آهن چاچا--! هو حياتيءَ جي صليب ڪلهن تي کڻي جيئندا آهن ۽ پوءِ هوا جي جهوٽي جيان هن دنيا مان هليا ويندا آهن. مان به هوا جو جهوٽو آهيان، جر جو ڦٽو آهيان؛ منهنجا زخم نه کول چاچا؛ منهنجا گهاو گهرا ۽ گهاٽا آهن. +مالهي- +جڏهن تون خوشيءَ جي علامت بنجي هت آيو هئين پٽ، تڏهن مون ٻيهر جيئڻ جي تمنا ڪئي هئي. دل تان درد جي دز ڌوئي مون کي روح جو واس ڏنو هو؛ ۽ پوءِ جڏهن تون اوچتو هليو ويو هئين ته مون هر ساعت توکي مسيحا سمجهي تنهنجي واٽ تڪي هئي، راهه ناري هئي؛ تون ڪهڙو مسيحا آهين پٽ—جو خود روح جي گهراين تائين گهايل آهين-! تون ڪهڙو ويڄ آهين--؟ ڪهڙو طبيب آهين--؟ +سجاد- +مان پرهه جو پاڇو آهيان، بيوس بادل آهيان--! +مالهي- +تنهنجي اکين مان لڙڪ لڙندا ڏسي منهنجو روح رهڙجي پيو آهي پٽ--! +سجاد- +هي بي زبان لڙڪ منهنجي من جي ماجرا ٻڌائي نه سگهندا چاچا. +مالهي- +تون ٿڪل آهين؛ آرام ڪر. +سجاد- +آرام....؟ +مالهي- +ساوڻ جي تيز آس ۽ سياري جو پارو نازڪ ٻوٽن کي لهسائي ڇڏيندو آهي؛ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ٻيهر ڪو سلو نه اُڀرندو، ڪا مکڙي نه ڦٽندي، ڪو گل نه ٽڙندو، پر ائين نه آهي، بهار موٽندي آهي ته...... +سجاد- +بهار ڪڏهن ڪونه موٽندي--! +مالهي- +اهو تنهنجو وهم آهي پٽ؛ بهار ضرور موٽندي، صدين کان قدرت جو اِهو قانون هلندو پيو اچي--! وري گل ٽڙندا، وري ڦوڳ ڦلاربا هي ڏس! هن دريءَ مان هيٺ جاهتي پائي ڏس! هو پادري ۽ ساڻس گڏ چار پنج ٻارڙيون ڏسين ٿو؟ ڪيڏي نه لاپرواهي سان چانڊوڪيءَ جي درياءَ جي حياتي جو سج ٻڏڻ وارو آهي. پر ننڍڙين نينگرين لاءِ اڄوڪي رات ايندڙ بهار جو پيغام آهي. +سجاد- +مالهي! اها ڇوڪري ڏسين ٿو! سونهري وارن واري ننڍڙي گڏي، جا سڀني کان پويان آهي--؟ +مالهي- +ها ڏسان ٿو! +سجاد- +هن جي شڪل هوبهو سيما جهڙي آهي، سندس وار سونهري هئا، اکيون اٿاهه ساگر ۽ مرڪ ملوڪوتي هئي! ياد اٿئي مالهي! ڪجهه ياد اٿئي--؟ +مالهي- +ها پٽ؛ پر......... +سجاد- +مون کان ڪوبه سوال نه پڇ مالهي! هي ٻارڙي ڏسي منهنجي ذهن ۾ سيما جو تصور اڀري آيو آهي! سيما..... جا منهنجي زندگي هئي...منهنجي حياتيءَ جو حاصل هئي... منهنجي آسائتين اکين جي روشني ۽ صدين جي عبادت جو صلو هئي--! +مالهي- +چوندا آهن ته ڏسڻ سان غمن جو بار هلڪو ٿي ويندو آهي. ٻڌاءُ، اڳتي ٻڌاءَ....! +سجاد- +هن جي مرڪ مصعوم ۽ ڳالهيون ماکيءَ جيان مٺيون هيون....! مان لاپرواهه ۽ بيخوف هوس! اڻڄاڻ، اڇاترو ۽ اڙبنگ هوس. ڪاليج ۾ مون جهڙو زنده دل ملڻ مشڪل هو! ڪسر تي جسم، رانديگرن واري موج ۽ مستري ڀري چال. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪن جا ٽانڊاڻا اُڏائيندو وتندو هوس! هيءَ گذريل سال جي ته ڳالهه آهي. گذريل سال....هنن ئي ڏينهن ۾ جڏهن بهار جا پهريان گل ٽڙيا. +سين ٽيون +]سجاد ڊوڙندو گهر ۾ اچي ٿو-[ +سجاد- +ممي، پياري ممي! تون ڪٿي آهين--؟ +ممي- +اجهو هتي آهيان، لان تي. +سجاد- +اڙي ممي تون به ڪمال آهين! ڊاڪٽر ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪئي اٿئي ۽ تون آهين جو...! +ممي- +(کلندي) منهنجو ڪوبه خيال نه ڪر پٽ! ڊاڪٽر کي ڇاهي؛ هوندو ڪجهه به ڪونه، ڊپ اهڙو ڏيندا جو خدا جي پناهه--! +سجاد- +اوهو ممي! تون ته بلڪل باغي ٿي ڏسجين! ڏسجانءِ ڪٿي اِها بغاوت ڊيڊيءَ جي خلاف نه کڙي ڪري ڏين--! ويچارو اڳيئي تو کان ڊنل آهي؛ گهر ۾ گهڙندو آهي ته ٿالهه مٿي تي رکي، ت�� ڪٿي لٺ نه وهائي ڪڍينس--! +ممي- +هوش ڪر ڇوڪرا؛ وڏن لاءِ اهڙا لفظ نه ڪڍبا آهن. +سجاد- +مان ٿورو ئي ٿو چوان! ڊيڊي پاڻ دوستن کي ٻڌائيندو آهي. +ممي- +ڇا ڪنديس، هو ته شروع ئي ڀوڳائي آهي-- +سجاد- +پر پاڻ ته چوندو آهي ته مان زال جو مڄو آهيان-- +ممي- +(کلندي) پاڻهئي خبر پوندءِ جڏهن شادي ڪندين-- +سجاد- +مان ته مڄو ٿيندس---. +ممي- +زال جو---؟ +سجاد- +هرگز نه، زال جي ماءُ جو! بلڪه سندس سڄي خاندان جو، ڊيڊيءَ وانگر---! +ڊيڊي- +(اندر ايندي) هي ماءُ پٽ ۾ ڪهڙا ويٺا گهاٽ گهڙيو؟ +سجاد- +ڪجهه ناهي ڊيڊي؛ بس ائين مميءَ سان چرچا پئي ڪيم. +ڊيڊي- +هون! سجاد، ٻڌو اٿم ته تنهنجي ٽيم ٽورنامينٽ کٽي ورتي آهي--؟ +سجاد- +اڙي ها، اها ڳالهه ته توهان کي ٻڌائڻ ئي وسيري ويم. اڄ اسان چئمپن شپ کٽي ورتي آهي. هيڏي وڏي ٽرافي ملي آهي. +ڊيڊي- +مون کي خوشي آهي پٽ. +سجاد- +توهان ته اڃا پوري ڳالهه به نه ٻڌي آهي، ڊيڊي؛ هن سال مون ڊرامي ۾ ڪنگ ايئر جو رول ڪيو هيو نه---؟ +ممي- +ها ها پٽ. +سجاد- +ان تي به انعام مليو اٿم؛ جيڪڏهن وچ ڊرامي ۾ منهنجي ڏاڙهي نه ڪري ها ته ٻه ٽي انعام به ضرور ملن ها. +ڊيڊي- +(ٽهڪ ڏيندي) ڏاڍو شرير آهين. +سجاد- +اوهان جو پٽ آهيان. +ممي- +تو سان پڄڻ محال آهي. +سجاد- +ان ڪري ته چوان ٿو ته جلدي مون مان جند ڇڏايو---! +ڊيڊي- +ڇا مطلب--؟ +سجاد- +مطلب اِهو ته ٻه هزار روپيا ڏيو ته ڪجهه وقت پهاڙ تي گذاري اچان--؟ +ممي- +پر تنهنجا امتحان--؟ +سجاد- +امتحان جا پرچا ته مان کاٻي هٿ سان لکندو آهيان ممي! ساڄي ۾ ڪتاب جهليندو آهيان. +ڊيڊي- +(کلندي) ڇوڪرو شڪل ۾ توتي ويو آهي، باقي ذهن هوبهو مون جهڙو اٿس بيگم! +ممي- +شڪر ڪيو جو ائين ٿيو؛ جي ان جي اُبتڙ ٿئي ها ته--! +ڊيڊي- +تو وري اڻ وڻندڙ ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون بيگم! +سجاد- +ترسو؛ ترسو-! في الحال جنگ بندي ڪيو. ٻئي ڌريون هزار هزار رپيا ڪڍو؛ پوءِ باقاعده هوائي حملا شروع ڪري ڏجو-. +ڊيڊي- +ڪڏهن وڃڻ جو ارادو ڪيو اٿئي--؟ +سجاد- +اڄ، بلڪ هيئر ئي (خوشامد ڪندي) ڊيڊي! توهان ته وڪيلن وارا سوال نه پڇو--- +ڊيڊي- +نه نه، بلڪل نه، بلڪل نه، توکي پئسا ملن ٿا، وڃي گهمي اچ. +سجاد- +او ٿينڪ يو ڊيڊي، ٿيڪ يو ممي. ممي پپا زنده باد. +سين چوٿون +]پهاڙي موسيقي—پکين جا آواز وغيره[ +سجاد- +هي پهاڙ ڪيترا نه حسين آهن؛ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مون سڄي زندگي هن منظر جي تصور ۾ ئي گذاري ڇڏي هئي! ۽ هي باغ ڪيڏو نه پيارو آهي. مون کي موتئي جا گل ڏاڍا وڻندا آهن مالهي--! +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +مالهي- +حڪم ٿئي ته روز صبح جو ڏئي ويندو ڪيان. +سجاد- +ها مالهي؛ اها تنهنجي وڏي مهرباني ٿيندي. هي ماٿري به ڪيڏي نه وڻندڙ آهي! +مالهي- +ها سائين! هن ماٿريءَ جي هڪ خوبي اِها به آهي ته جيڪڏهن توهان زور سان آواز ڏيندو ته پوري هڪ منٽ کانپوءِ توهانجو آواز پڙاڏو بنجي موٽي ايندو. +سجاد- +اِها وري ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي مالهي! اسان جي شهر ۾ مان روز رات جو سمهڻ وقت زور سان چئي ڇڏيندو آهيان؛ ”سج اُڀري چڪو آهي سجاد؛ هاڻي سجاڳ ٿي!” +ٻئي ڏينهن صبح جو اهو ساڳيو آواز مونکي ننڊ مان اچي اُٿاريندو آهي. +مالهي- +هي آبشار ڏسو؛ پهاڙن ۾ ههڙا آبشار اڪثر توهان کي وهندا نظر ايندا. +سجاد- +ڏاڍو سٺو آبشار آهي! آچر ڏينهن به وهندو آهي--؟ +مالهي- +جي سائين--؟ +سجاد- +ڪجهه به نه، منهنجي نظر ذرا ڪمزور آهي. +مالهي- +هن عمر ۾--؟ +سجاد- +ها مالهي! ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مان ڇوڪرين جي هاسٽل جي سامهون رهندو آهيان نه! انڪري....! +مالهي- +توهان جون ڳالهيون به عجيب آهن--؟ +��جاد- +هت جِن ڪونه ٿيندا آهن--؟ +مالهي- +مون هڪ دفعي هڪ جِن ڏٺو هو--. +سجاد- +ڪيئن هئو---؟ +مالهي- +ڪارو، ٿلهو، گڏهه جهڙو--! +سجاد- +پنهنجو پاڇو ڏٺو هوندئي مالهي---. +]خانبهادر جو آواز اچي ٿو---پوءِ هن جي قدمن جو آواز ويجهو اچي ٿو---[ +خانبهادر- +مالهي--! مالهي--! +مالهي- +خانبهادر صاحب جن اچي ويا. +سجاد- +ڊاڪي بنگلي ۾رهيل آهن--؟ +مالهي- +نه سائين؛ پنهنجو بنگلو اٿن؛روز تفريح لاءِ ايندا آهن. +خانبهادر- +او--! تون هٿ بيٺو آهين—اڄ تو اسان کي گل ڪونه ڏنا مالهي--؟ +مالهي- +سلام صاحب؛ مان اِجهو گل پٽي حاضر ٿيس. +(وڃي ٿو---) +خانبهادر- +توهان شايد هت نوان ٿا ڏسجو--؟ +سجاد- +جي ها؛ مان اڄ ئي ڪراچيءَ کان هت پهتو آهيان. +خانبهادر- +ڪراچيءَ کان؟ ڪنهن جو پٽ آهين، نوجوان---؟ +سجاد- +جي مان سيٺ عبدالله جو پٽ سجاد آهيان. +خانبهادر- +اڙي تون ته اسانجو ڀائٽيو آهين...! سيٺ صاحب ته منهنجو ننڍي هوندي جو يار آهي؛ ڪٿي رهيل آهين--؟ +سجاد- +جي هتي ئي ڊاڪ بنگلي ۾. +خانبهادر- +اها به ڪا ڳالهه آهي—؟ پنهنجي گهر هوندي تون هت رهين! ناممڪن! هينئر سامان کڻي هلي اسان وٽ رهه. +سجاد- +اوهانجي وڏي مهرباني خانبهادر صاحب، مان هت بلڪل ٺيڪ آهيان. +خانبهادر- +پڻهين ڏوراپو ته نه ڏيندو-؟ خير رات جي ماني اسان سان کائجان. +(مالهي اچي ٿو---) +مالهي- +خانبهادر صاحب، توهان جا گل. +خانبهادر- +شاباس مالهي. (کلندي) سيما کي موتيو ڏاڍو وڻندو آهي. رات ضرور اچجانءِ. +سين پنجون +خانبهادر- +اچ پٽ! اچ هتي اچي ويهه! بيگم هي آهي سجاد! هي نوجوان اسان کان لڪي ڊاڪ بنگلي ۾ وڃي رهيو آهي! پڻس سيکاريو هوندس. +بيگم- +پٽ! هي به پنهنجو گهر اٿئي؛ اسان هر سال گرميون گذارڻ لاءِ هت ئي ايندا آهيون. +سجاد- +اوهان جي مهرباني آنٽي؛ بس مان اُتي ئي ٺيڪ آهيان. +خانبهادر- +هيءَ آهي منهنجي ڌيءَ سيما. +سجاد- +اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. +سيما- +ٿينڪ يو؛ اوهان پڙهندا آهيو--؟ +سجاد- +جي ها؛ مان ايم – اي جي آخري سال ۾ آهيان. +سيما- +مون کي خبر آهي. +سجاد- +جي--؟ توهان کي خبر آهي--؟ مون ڳالهه نه سمجهي؟ +سيما- +سجاد صاحب؛ توهان ته ڪسر نفسيءَ کان ڪم وٺي رهيا آهيو--! ڀلا توهان کي ڪير نه سڃاڻي--! اوهانجي تعريفن سان ته اخبارن جا صفحا ڪارا هوندا آهن--! +سجاد- +او--! +سيما- +جي! +]نثار جي کنگهڻ جو آواز—[ +خانبهادر- +اڄ طبيعت ڪيئن اٿس بيگم--؟ +بيگم- +تڪليف ڪجهه وڌي ويئي اٿس. +خانبهادر- +ڊاڪٽر کي گهرائي وٺو. +بيگم- +ڊاڪٽر انجيڪشن لڳائي ويو اٿس. +خانبهادر- +ٻيو ڇا چيائين--؟ +بيگم- +چيائين کيس هر طرح خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو! +خانبهادر- +خوشي خزاني سان خريدي سگهجي ها ته جيڪر مان سندس زندگيءَ جي هر ساعت سون ۾ توري وٺان ها...! (سجاد سان) توهان پريشان نه ٿيو؛ سيما جو مڱيندو آهي. نثار؛ منهنجو ڀائٽيو ٿئي؛ ٽي- بيءَ جي موذي مرض اهڙو سوگهو ڪيو اٿس جو.... +سيما- +بابا...! +خانبهادر- +سيما؛ سجاد به پنهنجي ئي گهر جو ڀاتي آهي--! +سيما- +اسان کيس خوش رکڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽايو آهي. +(نثار کنگهندو اچي ٿو--) +خانبهادر- +اچ نثار پٽ؛ اسان تنهنجي ئي انتظار ۾ هئاسين؛ سجاد سان مل. +نثار- +خوش نصيبن سان ملي مونکي به خوشي ٿيندي آهي. +سجاد- +اڄ مون خوش نصيبيءَ جو پراڻو تصور ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آهي--! +نثار- +تصور ٿيندا ئي ڀڃڻ ڪاڻ آهن سجاد صاحب--! هر نئون تصور گذريل تخليق جو موت هوندو آهي. +سجاد- +موت خود هڪ حسين تصور آهي نثار صاحب--! پر زندگي ان کان به وڌيڪ حسين آهي. +نثار- +ڪن جي لاءِ--! جن زندگيءَ جا زخم نه ڏٺا آهن. مون ته موت کي هر پل پنهنجي پويان پاڇولي جيان ايند�� ڏٺو آهي--! +بيگم- +توکي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن پٽ. +نثار- +چاچي، روح جي رڙ چپن تي اچي ويندي آهي؛ منهنجي بيماري.... +خانبهادر- +توکي ڊاڪٽر خوش رهڻ لاءِ چيو آهي. +نثار- +خوشي--؟ هڪ بي معنيٰ؛ بي مقصد لفظ آهي چاچا--! منهنجي جهوليءَ ۾ قسمت ڪنڊا ئي وڌا آهن--! چڀندڙ تيز، نوڪدار ڪنڊا... +خانبهادر- +سيما سان ڪاوڙيو آهين ڇا--؟ +نثار- +سيما--! سيما سان ڪيئن ڪاوڙبس چاچا--؟ هن جي سهاري ئي ته زندگيءَ جو زهر مرڪي پيان پيو. +سيما- +گهڻو ڳالهائڻ تنهنجي لاءِ نقصانڪار آهي نثار؛ گهر ۾ مهمان به آهي. +سجاد- +مونکي افسوس آهي جو منهنجي ڪري اوهانکي پريشاني ٿي رهي آهي؛ اجازت ڏيو ته بهتر...! +نثار- +مان بيمار ۽ معذور آهيان سجاد صاحب؛ زندگيءَ جي سموري تلخي ڪڏهن ڪڏهن زبان تي اچي ويندي آهي. منهنجي ڳالهين جو دل ۾ نه ڪجو. +سجاد-’ +مان سڀاڻي وري ايندس. +خانبهادر- +ضرور ضرور پٽ، ويچاري سيما به سڄو ڏينهن گهر ۾ ويهي بور ٿي ٿئي. گڏجي سير تي نڪرندءُ ته دل وندرجي پوندؤ. +سجاد- +اِها منهنجي خوش قسمتي چئبي--! خدا حافظ. +(سين ڇهون) +سيما- +توهان اڄ بحث ۾ عورت متعلق پنهنجي راءِ نه ڏني--؟ +سجاد- +ان ڪري ته مان ان ميدان ۾ اڃا اناڙي آهيان--! +سيما- +اِهو ڪو دليل ڪونهي--! +سجاد +ان جو ڇا دليل آهي ته توهان اڃان تائين مونکي ڌاريو ٿا سمجهو--؟ +سيما- +من کان غلطي ٿي. +سجاد- +توهان مون کي ”توهان“ چئي مونکي ڌاريائپ جو احساس ڏياري رهيا آهيو--! +سيما- +۽ توهان--؟ (ٻئي کلن ٿا) +سيما- +منهنجي سوال جو جواب...؟ +سجاد- +تنهنجي هر ڳالهه لاجواب آهي! هونئن مون کي وڏيءَ کڙيءَ واريون سئنڊل پسند ڪندڙ عورتون پسند ناهن. +سيما- +اِهو هر مرد جو الميو آهي--! +سجاد- +مرد گگدام آهي. +سيما- +۽ عورت--؟ +سجاد- +عورت هڪ اهڙي اليڪٽرڪ گهنٽيءَ مثل آهي جا مسلسل وڄندي رهي... +سيما- +عورت ڀيڻ به آهي، ماءُ به زال به آهي. +سجاد- +زنجير به.....! +سيما- +مان سنجيده آهيان سجاد...! عورت جيڪڏهن آهه ڪري ته ڪوٽ ڪيرائي وجهي، ڏونگر ڏاري ڇڏي--! سچ جي لاٽ جلائي ته واٽ ڳولهي لهي؛ فرض تي محبت قربان ڪري ته فرشتا رشڪ ڪن--! +سجاد- +توکي هنن پهاڙن سان پيار آهي سيما--؟ +سيما- +بي انتها--! +سجاد- +خوش قسمت چئبا--! +سين ستون +]سيما ۽ سجاد جي کلڻ جو آواز—[ +سيما- +ماڻهو دلچسپ آهين. +سجاد- +اڙي اڃان تو ڏٺو ئي ڇا آهي--؟ مان پنهنجي ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان، ايٿليٽس ۾ چئمپن، سوئمنگ ۾ رڪارڊ هولڊر، اسٽيج جو بادشاهه آهيان--! توسان کلي ٿو ڳالهايان ته بس--؟ +سيما- +چڱو بابا مڃيوسين؛ ڀلا هوءَ جن واري ڳالهه ته ٻڌاءِ! +سجاد- +ڪهڙي جن واري--؟ منهنجو ته چوويهه ڪلاڪ واسطو ئي جنن سان آهي--! هينئر به هڪ جنڙي سامهون بيٺي آهي--! +سيما- +اوهو--! لنواءِ نه؛ ڀئي اُها جن واري ڳالهه، جا ڪلهه ٻڌائي هيئي--! +سجاد- +هون--! اڇا؛ هاڻي ياد آئي! قصو هيئن ٿيو جو هڪ جِن مونسان رکي دوستي. مان اُٿان ته هو به اُٿي، مان ويهان ته هو به ويهي. مان شيو ڪيان ته هو به ڪري! ۽ جي مان سمهان ته هو به سمهي رهي--! ڳالهائي ٻولهائي ڪجهه ڪو نه؛ ڏاڍو تنگ ڪيائين--! آخر هڪ ڏينهن ڇا ڪيم جو ٻه توا آڻي گهر ۾ رکيم. هڪ کي چلهي تي خوب تپايم. جڏهن ڳاڙهو ٿي ويو ته ٽپ ڏئي ٻئي تئي تي ويهي رهيس. جِن گرم تئي تي وڃي ويٺو--! پوءِ ڇا هو! اُهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري نه موٽيو--! +سيما- +(کلندي) ڳالهيون ٺاهڻ ته ڪو توکان سکي-! +سجاد- +اها ڳالهه آهي--؟ ڏسجان متان ڪٿي منهنجي ڳالهين ۾ نه اچي وڃين--! +سيما- +واه! مان ڪا بيوقوف آهيان جو مون کي بنائي ويندين! +سجاد- +جيڪو اڳئي بنيل هجي تنهن تي اسان محنت نه ڪندا آهيون--! +سيما- +اُف الله؛ هيءَ ماڻهو آهي يا ڳالهائڻ جي مشين--! ڳائيندو به آهين--؟ +سجاد- +پنهنجي ڪاليج جو بهترين سنگر آهيان--! +سيما- +آواز به سنگر مشين جهڙو ئي هوندءِ--؟ +سجاد- +واه واه--! جواب ناهي حاضر جوابيءَ جو--! +سيما- +سائينجن جي صحبت جو اثر آهي--! +سجاد- +اڙي اسان سان هوندينءَ ته اهي عيش ڪنديئن. +سيما- +ڪافي دير ٿي وئي آهي، هاڻي اسان کي واپس هلڻ گهرجي؛ نثار جي دوا جو وقت ٿي ويو آهي. +سجاد- +نثار--! +سيما- +هو همدرديءَ جو مستحق آهي. +سجاد- +خبر ناهي ڇو مونکي هن سان حسد ٿيندو ٿو وڃي--! +سيما- +چڱا ماڻهو ائين نه سوچيندا آهن. +]نثار جي کنگهڻ جو آواز- [ +سيما- +نثار، تون هتي--؟ +نثار- +مون سوچيو ته ڇو نه مان به ٻاهر نڪري ڏسان! کليل فضائن ۾ آزاديءَ جو احساس وڌي ويندو آهي. +سيما- +پر نثار توکي بستري کان ٻاهر نڪرڻ نه گهربو هو--! +نثار- +مان ٺيڪ آهيان سيما؛ مان بلڪل ٺيڪ آهيان--! ڏس مان آسانيءَ سان هلي سگهان ٿو. ڪيئن سجاد صاحب--؟ +سيما- +خيال ڪر نثار! تنهنجا قدم ٿڙڪي رهيا آهن--! +نثار- +نه نه؛ مان بلڪل ٺيڪ آهيان--!! +سيما- +ڪري پوندين! سجاد نثار کي سهارو ڏي--! +نثار- +مون کي ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ناهي--! مان.... مان (کنگهي ٿو--). +سجاد- +ضد نه ڪر نثار—موٽي هل. +نثار- +(کنگهي ٿو--). +سين اٺون +سجاد- +سيما؛ تنهنجي ويجهڙائي منهنجي پاند ۾ مسرتون ميڙي وڌيون آهن. هن کان اڳ به سج لهندو هو ۽ چنڊ چڙهندو هو، بادل ايندا هئا ۽ برسي ويندا هئا--! پر تنهنجي ساٿ جي سرهاڻ منهنجو تن من واسي ڇڏيو آهي--! +سيما- +منهنجي اُڃايل روح کي تنهنجي پيار نئين راهه ۽ نئين چاهه ڏيکاري آهي سجاد. مان ڪجهه به هئس؛ تو مون کي سڀڪجهه بنايو. مان بوند هيس، تون ساگر ٿي آئين. منهنجو من تنهنجي پيار جو پاڇولو آهي. +سجاد- +سچ سيما--؟ +سيما- +ها سجاد؛ تون منهنجي من جي آدرشي انسان آهين. +سجاد- +هو گيت ٻڌاءِ سيما، جو تون اڪثر ڳائيندي آهين؛ ”مان پرين جي راڻي“. +سيما- +تو تان ته سر ساهه به صدقي آهي؛ ٻڌ (ڳائي ٿي--) +هوا جي رٿ تي سوار +ڳاڙهي لال ڪنوار +مان پرين جي راڻي +مان پرين جي راڻي +ڌرتي منهنجي سر تي آهي +اُڀ سان منهنجو پيار +مان پرين جي راڻي +نيٺ ته اُڏري اُڏري ايندس +پريتم تنهنجي دوار +مان پرين جي راڻي. +]نثار جي کنگهڻ جو آواز گاني تي Over lap ٿئي ٿو-[ +سجاد- +تون جاڳين پيو نثار--؟ +نثار- +ننڊ نٿي آئي، ان ڪري هت ٻاهر اچي ويٺس. +سيما- +تنهنجي صحت اڳ ئي خراب آهي. ويتر...! +نثار- +مون کي تنهنجو انتظار ٿي بيٺو هو! مان به چريو آهيان. ڀلا سجاد سان گڏ هوندي توکي ڪهڙو خوف ٿي سگهي ٿو--! +سيما- +مان ڪجهه دير لاءِ سجاد سان گڏ وئي هيس؛ ان ۾..... +نثار- +نه نه، اِها ڳالهه ناهي سيما. مان ائين ئي تنهنجي واٽ تڪڻ ويهي رهيس. تون ناراض نه ٿيءُ--! تنهنجي هر خوشيءَ ۾ ئي منهنجي خوشي آهي. مان توکي اُداس ڏسڻ نٿو چاهيان سيما--! تنهنجي چپن تي سدا مرڪ ٽڙندي رهي! منهنجو خيال نه ڪندي ڪر! منهنجو ڪو به خيال نه ڪندي ڪر--! مان... مان..... مان ٺيڪ آهيان، بلڪل ٺيڪ آهيان. (کنگهي ٿو--) +سيما- +اُف خدايا، هن کي ته سخت بخار آهي--! سجاد هن کي اندر وٺي هل، جلدي ڪر ڊاڪٽر کي گهراءِ.... +سين نائون +]سجاد پنهنجي ڪمري ۾ ٽهلي رهيو آهي—نثار جي کنگهڻ جو آواز--- ۽ پوءِ نثار جي قدمن جو آواز ويجهو اچي ٿو—[ +سجاد- +ڪير--؟ نثار تون؟ تون هتي ڪيئن پهتين--؟ +نثار- +مونکي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي سجاد. +سجاد- +پر تون سخت بيمار آهين. رات جي هن وقت توکي گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه گهربو هو. +نثار- +زندگي ۽ موت ۾ تر جو فاصلو آهي سجاد. منهنجي حياتي چند پلڪن جي مهمان آهي. +سجاد- +ائين نه چئه نثار؛ تون هاڻي ٺيڪ ٿيندو ٿو وڃين. جلد ئي تندرست ٿي ويندين. +نثار- +منهنجي جهوليءَ ۾ چڻنگون ڀري اُميدن جا ڏيئا روشن نه ڪر سجاد--! مان ڄاڻان ٿو، تون مون کي بهلائي رهيو آهين--! +سجاد- +مون کي غلط نه سمجهه نثار--! +نثار- +ڪاش! مان توکي غلط ئي سمجهان ها. +سجاد- +تون چوڻ ڇا ٿو چاهين--؟ +نثار- +حقيقت--! +سجاد- +حقيقت تنهنجي سامهون آهي. +نثار- +ٻڌڻ ٿو چاهيان--! +سجاد- +ٻڌي سگهندين--؟ +نثار- +ٻڌڻ جو ٻل سيني ۾ سانڍيو اٿم؛ تڏهن تو وٽ آيو آهيان. +سجاد- +ته پوءِ ٻڌ، سيما منهنجي آهي. +نثار- +مان ڄاڻان ٿو...! +سجاد- +ته پوءِ ڇو آيو آهين--؟ +نثار- +سوچيو هوم، تنهنجي واتان اهي لفظ ٻڌي تڙپي اُٿندس...! +سجاد- +ڇا محسوس ڪيئي--؟ +نثار- +ساهه سڪرات جو سڏڪو بنجي سيني ۾ اٽڪي پيو آهي. پيار جي پيڙا ڏاڍي ڏکي آهي سجاد. +سجاد- +مان ڄاڻان ٿو مون ڄَر جي ڄڀي ڏٺي آهي. +نثار- +تون ڪوڙو آهين، مڪار، فريبي، موقعي پرست آهين. تون سيما کي دوکو ڏئي رهيو آهين، منهنجي مجبوريءَ کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ بنائي، تون مون کان منهنجي اکين جي جوت کسڻ آيو آهين--! سيما منهنجي نيڻن جو نور آهي؛ مان هن کانسواءِ جي نه سگهندس--! منهنجو روح تڙپي تڙپي اجهامي ويندو--! (کنگهي ٿو--.) +سجاد- +توکي سيما جي خوشي عزيز آهي--! +نثار- +هن جي هر مرڪ تي سو وار مرڻ ۾ عار نه ڪندس--! +سجاد- +ته پوءِ ٻڌي ڇڏ ته هوءَ مون کي چاهي ٿي، دل جي اٿاهه گهراين سان مونکي چاهي ٿي. هن جي خوشي ان ۾ ئي آهي ته هو هميشه هميشه لاءِ منهنجي ٿي وڃي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ توکي سندس راهه تان هٽڻو ئي پوندو. پنهنجي نامڪمل، بي رنگ، بي رس خواهش سميت توکي هن جي زندگيءَ مان نڪرڻو ئي پوندو. سيما خاطر، سندس خوشين خاطر، سندس مستقبل خاطر. +نثار- +بس ڪر سجاد، بس ڪر، خدا را بس ڪر. محبت ڏاڍي خود نثار غرض هوندي آهي. مان به ڀٽڪي ويو هوس. ٿوريءَ دير لاءِ اميدن جي ايوانن ۾ پري پري تائين هليو ويو هوس. ٻيهر ائين نه ٿيندو، ٻيهر ائين نه ٿيندو. +(کنگهڻ جو آواز دور ٿيندو ٿو وڃي ٿو--) +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +سين ڏهون +سيما- +خاموش ڇو آهين سجاد--؟ +سجاد- +هون--؟ +سيما- +ڪجهه ڳالهاءِ، تنهنجي خاموشي آبشارن جو موت آهي. +سجاد- +سوچيان ٿو. +سيما- +ڇا--؟ +سجاد- +اهو ته ڇا پا سوچيان. +سيما- +تون ڪجهه پريشان آهين. +سجاد- +ها سيما، منزل تي رسي جيڪڏهن مسافر ماڳ ماڻي نه سگهي ته ان کي ڇا چئجي--؟ +سيما- +ڳجهارتن ۾ نه ڳالهاءِ--! +سجاد- +جڏهن زبان ساٿ ڇڏي ڏئي، تڏهن لڙڪ زبان بنجي ڳالهائيندا آهن. پر جتي آنسو وهائڻ سان سوين الزام اُڀا ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي--؟ +سيما- +تون چوڻ ڇا ٿو چاهين--؟ +سجاد- +توکي اهو گيت ڏاڍو وڻندو آهي نه سيما، اهو ئي؛ ”مان پرين جي راڻي--!“ +سيما- +ها سجاد، ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجي آرزو لفظن جو روپ اوڍي منهنجي آڏو اچي بيهندي آهي ۽ پوءِ مان فضائن ۾ پري پري تائين ڦهلجي ويندي آهيان-! +سجاد- +۽ توکي عورت جي عظمت تي به ايمان آهي--؟ +سيما- +تون منهنجي خيالن کي چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو. +سجاد- +ته پوءِ وعدو ڪر سيما؛ سيما وعدو ڪر ته منهنجي هر ڳالهه مڃيندينءَ--! +سيما- +تنهنجي خاطر ته مان جوڳ وٺي روڳ پرائي سگهان ٿي تون چئه ته سهي. +سجاد- +تون نثار سان شادي ڪري ڇڏ--! +سيما- +سجاد--! +سجاد- +ها سيما--! اڄ خبر پيم ته دل چيري پنهنجي ئي خون سان هٿ رنڱڻ ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي؛ پر...! +سيما- +هاڻي اهو ناممڪن آهي--! +سجاد- +هو بيمار آهي؛ هن کي تنهنجي ضرورت آهي سيما--! +سيما- +پر منهنجون خوشيون؛ منهنجي تمنا؛ منهنجي محبت...! +سجاد- +توئي چيو هو سيما ته عورت عظيم آهي--! جيڪڏهن هوءَ لاٽ جلائي ته واٽ ڳولهي لهي--! فرض تي محبت قربان ڪري ته فرشتا به رشڪ ڪن--! ياد ڪر؛ اهي تنهنجا ئي لفظ آهن نه--؟ +سيما- +پر سجاد...! +سجاد- +هن جي زندگي تنهنجي ساٿ جي منتظر آهي؛ کيس سهارو نه ڏيندينءَ ته هو تڙپي تڙپي مري ويندو--! +سيما- +پر منهنجا خواب...؟ +سجاد- +خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي حقيقتن کي وساري ويهڻ ڏاڍو آسان آهي سيما--! هوا جي رٿ تي سوار ٿي لال ڪنوار ٿيڻ جا تصور به سولا ۽ سهنجا آهن. پر ڪنهن جي ٻڏندڙ دل کي سهارو ڏيڻ بيحد اوکو ڪم آهي. هڪ انسان نااُميديءَ جي ڪُن ۾ اُميد جي سهاري لاءِ واجهائي رهيو آهي؛ ڇا تون ايتري خودغرض ٿينديءَ جو کيس ڪناري تان صرف ٻڏندو ئي ڏسندي رهنديئن--؟ تون جا عورت جي عظمت جي دعويدار آهين--! تون جا روشن خيال ۽ اوچا آدرش رکندڙ آهين! تون.... +سيما- +بس ڪر سجاد! خدارا بس ڪر--! جيڪڏهن محبت قربانيءَ جو ٻيو نالو آهي؛ ته پوءِ ائين ئي ٿيندو--! +سجاد- +سيما؛ منهنجي سيما--! منهنجي روح ۾ جهاتي پائي ڏس؛ توکي درد جا درياءَ نظر ايندا؛ تنهنجي ياد جا قافلا منهنجي روح جي رڃ ۾ صدين تائين ڀٽڪندا رهندا--! چاهت جي چڻنگ منهنجي ڏيل کي زندگي ڀر ڏنگيندي رهندي. مان هتان هليو ويندس؛ مان اڄ ئي هتان هليو ويندس--! ان کان اڳ، جو پيار خودغرضي بنجي وڃي مان هتان هليو ويندس--! +سيما- +سجاد...! +تو مونکي محبت جي مقدس نانءَ ۾ چڻنگن جي چتا تي اڇلائي ڇڏيو آهي؛ پر جتي به هجين اهو نه وسارجانءِ ته مان تنهنجي آهيان. +سجاد- +سيما... (سڏڪي ٿو--) +سين يارهون +]سجاد سامان بند ڪري رهيو آهي—[ +(نثار کنگهندو اچي ٿو--) +نثار- +سجاد؛ تون وڃي رهيو آهين--؟ +سجاد- +مون کي وڃڻ ئي گهرجي نثار. +نثار- +ترسي نٿو سگهين--؟ +سجاد- +دل جا زخم کوٽڻ مان ڇا حاصل--؟ ان کان اڳ جو پيار پيڙا بنجي وڃي، مونکي هتان هليو وڃڻ گهرجي. +نثار- +تون ڪيڏو نه عظيم انسان آهين سجاد--! +سجاد- +مان درد جو مسافر آهيان. +نثار- +تون فرشتو آهين--! تو مونکي نئين زندگي عطا ڪئي آهي؛ مان تنهنجو احسان نه لاهي سگهندس، دوست--! (سڏڪا...) +سجاد- +مون اُهو ئي ڪيو جو مونکي ڪرڻ گهربو هو. سيما تنهنجي امانت هئي. مون کي تنهنجي دنيا ۾ اچڻ جو ڪو به حق نه هو. +نثار- +مان ڏاڍو حقير انسان آهيان سجاد--! ڪک آهيان، تڇ آهيان، ڪجهه ناهيان! تنهنجي قربانيءَ آڏو منهنجي خودغرضي هميشه شرمسار رهندي. +سجاد- +خدا شل توهان ٻنهي کي سکي رکي. منهنجي اها ئي دعا آهي. خدا حافظ. (وڃي ٿو--) +نثار- +سجاد....سجاد.....سجاد.... +(کنگهي ٿو--) +سين ٻارهون +سجاد- +هن مونکي فرشتو ڪوٺيو هو چاچا--! پر هن فرشتي جا گهرا گهاءَ نه ڏٺا، آرزوئن اميدن جو آخري سڏڪو ڪو نه ٻڌو؛ روح جي رڙ نه سڻي، مان هليو ويس. سيما جي محبت کان دور، گهڻو دور، ايترو دور جو پنهنجي ڄاڻ به نه رهيم--! يادن جا انبوهه ساڻ کڻي مان هلندو رهيس، هلندو رهيس...! +يادون---! جي بي چين روح جيان اونداهي راتين ۾ مونکي ڏنگڻ لڳنديون آهن. دکي من ۽ گهائل دل کڻي لڙڪ لڪائي، گمنام گهمندو رهيو آهيان...! +اڄ ٺيڪ هڪ سال بعد مان هت موٽي آيو آهيان چاچا! پنهنجي اُجڙيل ماضيءَ جا يادگار ڏسڻ خاطر؛ پنهنجي بيچين روح کي لولي ڏئي سمهارڻ خاطر--! هو ڏس؛ چنڊ آڪاس ۾ چڙهي آيو آهي چاچا--! سيما کي هيءُ منظر ڏاڍو وڻندو هو. +(ڇوڪريءَ جي آواز ۾ گيت گونجي ٿو--) +هوا جي رٿ تي سوار +ڳاڙهي لال ڪنوار +مان پرين جي راڻي +مان پرين جي راڻي +سجاد- +هيءَ آواز---! هيءَ آواز ڪنهنجو آهي چاچا---؟ +مالهي- +سامهون پهاڙ تي اُهائي سونهري وارن واري ٻارڙي ڳائي رهي آهي. +سجاد- +سونهري وارن واري ٻارڙي! نه چاچا؛ هيءَ منهنجي سيما جو آواز--! ٻڌ؛ غور سان ٻڌ....! هيءُ منهنجي ماضيءَ جو پڙلاءُ آهي...! +مالهي- +سجاد پٽ...! +سجاد- +منهنجي دل وڍجي رهي آهي چاچا---! تون ان معصوم ڇوڪريءَ کي جهلين ڇو نٿو--؟ کيس صاف صاف ٻڌائي ڇڏ ته ننڍپڻ جا سپنا ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا آهن--! کيس چئه ته دنيا ايتري حسين نه آهي جيتري تنهنجي نظرن ڏٺي آهي. اِهي گيت اڌورائي رهڻ ڏي، مرڪ جن جي ابتدا ۽ لڙڪ جن جي انتها آهي. +پر....هيءَ هٿ ڪنهن جو آهي--؟ هيءُ هٿ ڪنهنجو آهي، جنهن منهنجا چپ بند ڪري ڇڏيا آهن. مونکي ڳالهائڻ ڇو نه ٿي ڏين سيما--؟ مون کي ڳالهائڻ ڇو نٿي ڏين سيما--؟ +]گيت جو آواز وري اُڀري ٿو-[ +پري ڪر پنهنجو هٿ؛ مونکي چوڻ ڏي سيما؛ اڄ مونکي سڀڪجهه چوڻ ڏي. +مالهي- +سجاد؛ سجاد پٽ. +سجاد- +مون اڄ اهو هٿ پنهنجي چپن تان دور ڌڪي ڇڏيو آهي چاچا، اڄ مان آزاد آهيان، مان وڃي رهيو آهيان چاچا. +مالهي- +سجاد.... +]سجاد جي ڊوڙڻ جو آواز---[ +]گيت جو آواز ويجهو پوندو ٿو وڃي—[ +سجاد- +(سهڪندي) بس ڪر، بس ڪر، خدارا بس ڪر اِهو گيت. مون کي حيرت مان نه ڏس ڇوڪري، مان ديوانو ناهيان. +مالهي- +سجاد...! +سجاد- +تون اڃا معصوم آهين--! تون پرين جي راڻي ٿي نه سگهنديئن--! نه، نه، تون اڻ ڄاڻ آهين؛ زندگيءَ جي زهر کان بيخبر--! +حياتيءَ جي ڪَنڊن کان ناآشنا؛ تنهنجون حسرتون، تنهنجون تمنائون، تنهنجون آشائون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون-! ڪڏهن به نه! ڪڏهن به نه--! ڇو ته تون قرباني آهين! تون ٻليدان آهين--! تنهنجا خواب ڪڏهن به سچا ٿي نه سگهندا--! ڇو ته تون سيما آهين...! تون عورت آهين....! (سڏڪا، سڏڪا....). +مان ۽ منهنجو ساٿي +]سامونڊي لهرن جو آواز- پري کان بحري جهاز Hoot ڪري ٿو، لهرن جو آواز Up ٿئي ٿو. ساڳئيءَ طرح جهاز جو هوٽ پڻ ويجهو کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. لهرن جي آواز سان گڏ ڊانس ميوزڪ Mix ٿئي ٿو ۽ آهستي آهستي لهرن جو آواز Back ground ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ڊانس ميوزڪ Fore ground ۾ اچي ٿو. ڊانس ميوزڪ Cut. تاڙيون[ +سجاد- +ٿينڪ يو ويري مچ ليڊيز ۽ جينٽلمين. ٿينڪ يو اِنڊيڊ، مون کي يقين آهي ته اسان جي اڄوڪي پروگرام کي اوهان ضرور پسند ڪيو هوندو. جيئن ته اوهان کي ڄاڻ آهي ته ”هوائي“ ٻيٽن تائين پهچڻ ۾ اسان کي اڃان به هڪ هفتو لڳندو، ان ڪري هن جهاز جي ڪپتان هئڻ جي ناتي اوهان جي تفريح جو انتظام منهنجي ذمي آهي. مان اوهان سان واعدو ٿو ڪيان ته ايندڙ هر رات پاڻ سان گڏ موسيقي، ڊانس ۽ ڊنر جي نئين دنيا کڻي ايندي. +(تاڙيون) +خواتين ۽ حضرات، اوهان ضرور منتظر هوندا، اڄ جي حسين ترين جوڙي جي اعلان لاءِ. ته اچو، انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. ججن جي يڪراءِ فيصلي موجب اڄوڪي رات جو خوبصورت ترين جوڙو آهي مسٽر ۽ مسز آصف علي Give them a big hand please (تاڙيون- تاڙين سان گڏ لهرن ۽ طوفان جو تاثر اُڀري ٿو.) معلوم ٿو ٿئي ته قدرت پڻ ججن جي ان فيصلي تي پنهنجي مسرت جو اظهار ڪري رهي آهي. بهترين ڪنواري جو انعام حاصل ڪرڻ وارو خوش نصيب آهي، اسي سالن جو نواب خداداد خان. +]تاڙيون، طوفان سان گڏ وڄ جو تاثر به شامل ٿئي ٿو.[ +پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي خواتين ۽ حضرات، سمنڊ جي هن حصي ۾ اڪثر طوفاني هوائون هلنديون رهنديون آهن. اوهان آرام سان پنهنجين جاين تي ويٺا رهو. ها ته اڄ جي بهترين ڪنجوس جو انعام مليو آهي سيٺ دمڙيمل کي. هن پنهنجي گهر واريءَ کي ڪائونٽر تان هڪ پيسٽري خريدي ڏني، پر ٽي دفعا چپن تي آڻڻ جي باوجود کيس کائڻ نه ڏنائين ۽ آخرڪار پيسٽري واپس ڪري پئسا موٽائي ورتائين. Keep it up Seth Damrimar. +]تاڙيون- وڄ جو ٺڪ��ءٌ- لهرن جو شور- ٿانون ڪرڻ جا آواز- عورتن ۽ مردن جون ر ڙيون[ +خواتين ۽ حضرات، تحمل کان ڪم وٺو معمولي طوفان آهي. اوهان پنهنجين جاين تي ويٺا رهو. مهرباني ڪري پنهنجين جاين تي ويٺا رهو. +]سجاد جو آواز وڄ، سمنڊ ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ دٻجي ٿو وڃي[. +انجنيئر- +صاحب طوفان تمام تيز آهي، توهان جلدي برج تي هلو. +سجاد- +جهاز جو رخ بدلايو، انجڻيون بند ڪري ڇڏيو، ڪو به مسافر ٻاهر نه نڪري. +]طوفان، لهرن ۽ ماڻهن جو شور-[ +انجنيئر- +اجڻ روم ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جهاز ٻڏي رهيو آهي. +سجاد- +فورن پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. +انجنيئر- +اهو ممڪن ناهي سر، تري جا سوراخ وڏا ٿي چڪا آهن، جهاز ٻڏي رهيو آهي. +مسافر1- +جهاز ٻڏي رهيو آهي! +مسافر2- +بچايو، اڙي بچايو. جهاز ٻڏي رهيوآهي. +مسافر1- +يا خدا مدد ڪر. +عورت- +منهنجو ٻار ڪيڏانهن ويو؟ منهنجو آنو- آنو- آنو- آنو. +مسافر1- +بچايو- بچايو. +مسافر2- +جهاز ٻڏي رهيو آهي. +عورت- +انو- انو- انو. +]تيز گجگوڙ- لهرون- چيخون- جهاز ٽٽڻ جو آواز- اهو تاثر ڪجهه دير تائين جاري رهي ٿو، پوءِ آهستي آهستي هلڪي موسيقي Mix ٿئي ٿي. +هلڪيون لهرون ڪناري تان ٽڪرائڻ جو تاثر- سامونڊي پکين جا آواز [Beach Music +سجاد- +(ڪنجهندي) آ- آه- هون- آ- انجڻ بند ڪيو- جهاز جو رخ موڙيو، ٽيهه ڊگريون اولهه. سڀ ويٺا رهو، سڀ پنهنجين جاين تي- (ڇرڪ ڀري) مان- مان ڪٿي آهيان؟ واري؟ هي ڪٿان آئي؟ منهنجو جهاز-؟ منهنجو جهاز ڪٿي آهي؟ هان- جهاز ڪٿي آهي؟ مسافر ڪيڏانهن ويا؟ هتي ته پري پري تائين ڪو به نظر نٿو اچي! ڪٿي—ڪٿي؟ نه ته ائين نٿو ٿي سگهي. اهو ناممڪن آهي- اهو ناممڪن آهي – يا خدا- ائين نه ٿيڻ نه گهرجي، ائين نه ڪجانءِ منهنجا خدا- ائين نه ڪجانءِ-- +(سمنڊ Up – سجاد اٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سامونڊي پکين جا آواز Up) +مونکي ڳولڻ گهرجي. هو ضرور هتي ڪٿي ڪناري تي ئي هوندا. ها، هو ضرور هتي ئي هوندا. (ڪينجهندي) اوه- مان ته هلي به نٿو سگهان- پر نه، مونکي ڳولڻ گهرجي، ها- هو ضرور هتي ئي هوندا، ڪوئي ته هوندو سڀ جا سڀ ته—نه، نه، مونکي ائين سوچڻ نه گهرجي. کين ڳولڻ گهرجي. +]تڪليف سان اٿڻ ۽ پوءِ واريءَ تي هلڻ جو تاثر.[ +(سهڪندي) هتي ته پري پري تائين وارياسو ڪنارو آهي. ڪو به انسان، ڪو به جاندار نظر نٿو اچي. پر مان مايوس نه ٿيندس، مان کين ڳولي ئي لهندس- ڳولي ئي لهندس. +(زور سان سڏ ڪندي) ڪو آهي؟ +(پڙاڏو گونجي ٿو) +مان پڇان ٿو ڪو آهي؟ +(پڙاڏو) +مان ڪپتان سجاد آهيان. جواب ڏيو، ڪو آهي؟ +(پڙاڏو) +جواب ڇو نٿا ڏيو؟ مان توهان جو ڪپتان آهيان، ٻڌو ٿا؟ مان ڪپتان سجاد آهيان. +(پڙاڏو) +آهي ڪو؟ هن ويران جزيري ۾ ڪو آهي جو منهنجو سڏ ورائي؟ +(پڙاڏو) +(خوفزده آواز ۾) ڪوئي ناهي؟ سڏ پڙاڌو بنجي موٽي رهيو آهي. ڪوئي ناهي؟ سچ پچ ڪوئي ناهي؟ اڪيلو آهيان؟ اڪيلو آهيان؟ اڪيلو آهيان؟ +]آواز پري ٿي Dissolve ٿئي ٿو. +سمنڊ جو تاثر Up، پکين جو آواز Up-[ +(سڏڪندي) اڪيلو آهيان. مان واقعي اڪيلو آهيان، هاڻي ڇا ٿيندو؟ سوچيندي) هاڻي ڇا ٿيندو؟ (خوفزده) هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ڪيستائين هن ويران بيابان ٻيٽ تي زندگيءَ جو انتظار ڪندو رهندس؟ ڪيستائين رڃ ۽ رائيءَ جي پويان ڊوڙندي گذاريندس؟ ڪيستائين انساني آواز ٻڌڻ لاءِ ترسندو رهندس؟ تڙپندو رهندس؟ ڦٿڪندو رهندس؟ لڇندو رهندس؟ اونداهين راتين ۾ جڏهن ڪٿي به ڪا روشني نه جهلڪندي تڏهين منهنجي دل اجهامي نه ويندي؟ خاموشيون منهنجي روح کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏينديون، تڏهن ڪير منهنجي دلجوئي ڪندو؟ سمنڊ ۾ تڙپندڙ لهرون جڏهن منهنجي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏينديون، تڏهين مان ڪنهن کي پڪاريندس؟ ڪهڙي ساٿيءَ کي آواز ڏيندس؟ ڪنهن سان دل جا سور سليندس؟ ڪنهن کي من جي ماجرا ٻڌائيندس؟ شام جا پاڇا جڏهن پنهنجن جي ياد ڏياريندا، تڏهين منهنجون اکيون ڪنهن لئي واجهائينديون؟ +(زور سان) ڪو آهي؟ +(پڙاڏو) +(وڌيڪ زور سان) ڪو آهي؟ (پڙاڏو) +(اڃان به وڌيڪ زور سان) ڪو آهي؟ +(پڙاڏو) +(سڏ ڪندي) ڪو آهي؟ ڪو آهي؟ ڪو آهي؟ +ساٿي- +(ماٺي آواز ۾) مان آهيان. +سجاد- +(ڇرڪي) ڪير؟ تون ڪير؟ ڪٿي آهين؟ مون هنيئر ڪو آواز ٻڌو؟ +ساٿي- +مان تنهنجي سامهون آهيان ڪيپٽن سجاد. +سجاد- +ڪيپٽن سجاد؟ منهنجو نالو! توکي منهنجو نالو ڪنهن ٻڌايو؟ +ساٿي- +مان توکي سڃاڻان ٿو. +سجاد- +پر-پر-پر مان توکي ڏسي ڇو نٿو سگهان؟ +ساٿي- +مان ته توکي ڏسي سگهان ٿو دوست. +سجاد- +دوست؟ +ساٿي- +ها، مان تنهنجو دوست آهيان، ساٿي آهيان. +سجاد- +پر تون منهنجي سامهون ڇو نٿو اچين؟ +ساٿي- +مان تنهنجي سامهون ئي آهيان. +سجاد- +ڪير آهين؟ +ساٿي- +تنهنجو پاڇو. +سجاد- +اوندهه ۾ ڇڏي ويندين؟ +ساٿي- +نه، مان اوندهه ۾ به توسان گڏ ئي رهندو آهيان. تو مونکي ڪڏهن ڳولڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. +سجاد- +تون هتي ڪيئن آئين؟ +ساٿي- +مان تو کان ڌار ئي ڪڏهن ٿيو آهيان؟ زندگيءَ جي هر گهڙي توسان گڏ گهاري اٿم. +سجاد- +توکي منهنجي متعلق ڪيتري ڄاڻ آهي؟ +ساٿي- +هڪ هڪ پل جي.. +سجاد- +هن کان اڳ ڇو نه آيو هئين؟ +ساٿي- +هن کان اڳ تو مونکي ڪڏهن پڪاريو به ته نه هو. +سجاد- +مون سان گڏ رهندين؟ +ساٿي- +هر گهڙي. +سجاد- +ڇڏي ته نه ويندين؟ +ساٿي- +نه، مان انسان ناهيان. +سجاد- +پاڇا. +ساٿي- +جي. +سجاد- +مان توکي دوست چوندس. +سجاد- +ٺيڪ آهي، ائين وقت آسانيءَ سان ڪٽجي ويندو. جيستائين ڪا مدد پهچي. تيستائين پاڻ گڏ رهنداسين، ڳالهائيندا ٻولهائينداسين، ڪچهريون ڪنداسين. ڪيئن ساٿي؟ +ساٿي- +ها دوست. +سجاد- +ڪاش مان توکي ڏسي سگهان ها. +ساٿي- +سمنڊ جي ڇولين ۾ پنهنجو چهرو ڏسي ڇڏ، تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ پنهنجي صورت پسي ڇڏ، اهو ئي مان آهيان. +سجاد- +ساٿي. +ساٿي- +جي. +سجاد- +مان هتي ڪيترو وقت اڪيلو رهندس؟ +ساٿي- +مان توسان آهيان. +سجاد- +ڇا کائيندس؟ ڇا پيئندس؟ +ساٿي- +ڪناري تي بيشمار ميوي جا وڻ آهن، ڀاڄيون آهن، مڇيون آهن، مٺي پاڻيءَ جو چشمو آهي، بيٺل پاڻيءَ جو تلاءَ آهي. هو سامهون پهاڙ ۾ غار آهي، تو ان کي صاف ڪري ان ۾ رهي سگهين ٿو. توکي ڪابه تڪليف نه ٿيندي دوست. +سجاد- +مان ڏاڍو ڪمزور ٿي چڪو آهيان، مون ۾ همت ناهي، مان ٿڪجي چڪو آهيان. +ساٿي- +تون ٿورو آرام ڪر دوست، شام جو پاڻ غار ڏانهن هلنداسين. سمهي پئو، آرام سان سمهي پئو، +(Music) +]ٻن پٿرن کي رڳڙڻ جو تاثر-[ +سجاد- +ساٿي ڏس مون باهه ٻاري آهي، هن تي رکبو هي خرگوش ۽ جڏهين پچي ويندو، تڏهين ڏاڍي آرام سان ويهي کائبو. سڄي گوشت تون کائيندين ساٿي؟ +ساٿي- +نه. +سجاد- +لاچار آ، مونکي اڪيلو ئي کائڻو پوندو. +ساٿي- +اهو تنهنجي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي دوست. +سجاد- +اهو ٻڌا ته تون مونکي ڪيترو قريب کان سڃاڻين؟ +ساٿي- +آئيني جيان، صاف ۽ اُجرو. +سجاد- +اهي ڪم جي مون لڪي ڪيا آهن؟ +ساٿي- +اهي به. +سجاد- +مثلاۡ؟ +ساٿي- +مثلاۡ تنهنجي ٻٽونءَ ۾ تنهنجي زال جي فوٽوءَ هيٺان تنهنجي محبوبه جو فوٽو رکيل آهي. +سجاد- +اهو ته--- +ساٿي- +اهو هن توکي تنهنجي ڪئبن ۾ جهاز هلڻ واري رات ڏنو هو. +سجاد- +ٺيڪ آهي پر هوءَ منهنجي دوست--- +ساٿي- +(ڪٽيندي) تو ساڻس شاديءَ جو وعدو ڪيو هو. +سجاد- +پر-- +ساٿي- +اهو ئي سبب آهي جو تون کيس سفر تي ساڻ وٺي ويو هئين. +سجاد- +خبر ناهي هوءَ زنده به هوندي يا نه؟ +ساٿي- +لنوائين ٿو؟ +سجاد- +نه، ائين خيال اچي ويم. +ساٿي- +پنهنجي گهر واريءَ جي ياد اچئي ٿي؟ پنهنجن ٻارن جي؟ +سجاد- +تمام گهڻي. +ساٿي- +ڇا ٿو محسوس ڪرين؟ +سجاد- +مان سندن ڏوهاري آهيان، ڏاڍا ڏک ڏنا اٿم کين، سوچيان ٿو.... +ساٿي- +ڇا ٿو سوچين؟ +سجاد- +کين جڏهين جهاز ٻڏڻ جي خبر پوندي ته مٿن ڇا گذرندي. ثريا جو مون سان بيحد پيار آهي، اهو غم سهي نه سگهندي ۽ هوءَ مري ويندي. +ساٿي- +اڳ ڪڏهين پيار جو احساس نه ٿيئي؟ +سجاد- +نه، اڳ ڪڏهين مون پري ويهي سوچيو به ته نه هو. +ساٿي- +۽ هاڻي” +سجاد- +هاڻي مان دنيا کان جيترو پري آهيان، اوترو هر شيءَ کي قريب کان ڏسي سگهان ٿو، پرکي سگهان ٿو، سوچي سگهان ٿو، سمجهي سگهان ٿو. +ساٿي- +ان ڪري چئو ته دنيا کي پرکڻ لاءِ کانئس پري رهڻ ضروري آهي؟ +سجاد- +جي ها، اهو ئي سبب آهي شايد جو دنيا جا تقريباۡ سڀ عظيم انسان پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه حصو ايڪانت ۾ گذاريندا هئا. +ساٿي- +مان فلاسافر ناهيان، دوست! +سجاد- +فلاسافر مان به نه آهيان، اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه سوچڻ تي دل ٿيندي آهي. +ساٿي- +مثلاۡ؟ +سجاد- +مثلاۡ ان ٻٽونءَ واري تصوير؟ +سجاد- +(کلندي) ڏاڍو خطرناڪ پاڇو آهين، جي منهنجي زال سامهون هجي ها ته جيڪر وڏي خرابي ٿي پوي ها. +ساٿي- +هوندو ته مان تي به هوس، پر خاموش رهندو هوس. +سجاد- +سو ڇو؟ +ساٿي- +ان لاءِ جو پاڇا ڳالهائيندا ناهن، صرف ڏسندا آهن، ٻڌندا آهن ۽ چپ رهندا آهن. +سجاد- +ته پوءِ هتي ڇو ٿو ڳالهائين؟ +ساٿي- +تون اڪيلو آهين، ان ڪري. +سجاد- +مان واقعي اڪيلو آهيان، ساٿي! +ساٿي- +ايترو اڪيلو به ناهين، مان توسان گڏ آهيان. +سجاد- +ڇڏي ته نه ويندين؟ +ساٿي- +هرگز نه. +سجاد- +مان به توکي نه ڇڏيندس. +ساٿي- +پنهنجا لفظ ياد رکجان. +سجاد- +ياد رهندا. +ساٿي- +پڪ؟ +سجاد- +پڪ. +ساٿي- +ته پوءِ تون تيار ڪر پنهنجو خرگوش ته مان ويهي ٿو ڏسان تنهنجي محنت. +سجاد- +(خوشيءَ ۾) ٺيڪ آ—T.O.M +]سمنڊ جو هلڪو تاثر—سامونڊي پکين جا آواز[ +سجاد- +(ننڊ مان اٿڻ، اوٻاسي ڏيڻ ۽ آرس ڀڃڻ جو تاثر) گڊ مارننگ ساٿي. +ساٿي- +گڊ مارننگ. +سجاد- +اهو نه پڇيئي ته صبح صبح انگريزي ڇو ڳالهايم؟ +ساٿي- +ڇو ڳالهائي؟ +سجاد- +ان لاءِ جو ٿوري دير اڳ انگريزيءَ ۾ خواب ڏسي رهيو هوس. +ساٿي- +ڇا ڏٺئي خواب ۾؟ +سجاد- +ڏٺم ته انگلينڊ پهچي ويو آهيان. +ساٿي- +سچي؟ +سجاد- +ها ۽ اهو به ڏٺم ته منهنجي جهاز جا سمورا پئسينجر پڻ انگلينڊ ۾ مون سان گڏ آهن. +ساٿي- +هوءَ فوٽوءَ واري ڇوڪري به. +سجاد- +اها به. +ساٿي- +ڇا نالو آهي سندس؟ +سجاد- +راز جي ڳالهه آهي، پر، خير! توکي ٻڌايان ٿو، نالو اٿس فرزانه. مان کيس فري سڏيندو آهيان. +ساٿي- +ڪير آهي؟ +سجاد- +خبر ناهي، بس معمولي ملاقات آهي. +ساٿي- +اها ته مونکي ڄاڻ آهي. +سجاد- +تو کان ڪهڙي ڳالهه ڳجهي هوندي، گهر جو ڀيدي جو آهين. +ساٿي- +اڄ جو ڇا پروگرام آهي؟ +سجاد- +سڀ کان پهرين ناشتو ڪبو، ان کان پوءِ آفيس هلبو، پوءِ لنچ، ان کان پوءِ ڪجهه آرام، شام جو ڪلفٽن، رات جو ڪلب ۾ ڊنر ۽ ڪچهري ۽ اڌ رات جو ٻيهر هن غار ۾ ،بيڪ ٽو پيويلين.‘ +ساٿي- +بزي شيڊول چئبو. +سجاد- +بلڪل بزي، پر ائين نه، جيئن مون چيو. بلڪ هاڻي جو هاڻي سمنڊ جي ڪناري تي هلبو. خبر ناهي ڇو مونکي هر وقت ائين ٿو لڳي ته ڪنهن به وقت سمنڊ جي تهه مان منهنجو جهاز صحي سلامت ڪناري تي موٽي ايندو ۽ پوءِ مان ٻيهر ان جهاز تي سوار ٿي موٽي ماڳ ويندس. تنهنجو ڇا خيال آهي؟ +ساٿي- +خيال وڻندڙ آهي، پر اهو ممڪن ناهي. +سجاد- +ڇو؟ +ساٿي- +ڇو جو جهاز ٻڏي چڪو آهي ۽ سڀ مسافر عملي سميت گهري سمنڊ ۾ غرق ٿي چڪا آهن. تنهنجو صحي سلامتي بچي نڪرڻ معجزي کان گهٽ ناهي! +سجاد- +سو ته ٺيڪ آهي، پر تڏهين به منهنجي دل چوي ٿي ته ان اونهي سمنڊ ۾ منهنجي لاءِ ڪانه ڪا خوشخبري ضرور ڇُپيل آهي. +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +ساٿي- +سمنڊ ۾ خوشخبري هجي يا نه هجي، البت هن غار ۾ تنهنجي لاءِ هڪ خوشخبري؟ ڪهڙي؟ +ساٿي- +ٻڌندين ته ٽڙي پوندين دوست. +سجاد- +ٻڌا ساٿي، جلد ٻڌا، ڪجهه ته ٻڌا! +ساٿي- +تون جڏهين ننڊ پيو هئين، تڏهين مون غار جو جائزو ورتو هو. هن وڏي پٿر هيٺان تمام وڏو خزانو دفن ٿيل آهي. +سجاد- +خزانو، ڪهڙو خزانو؟ +ساٿي- +هيرا جواهر-سون چاندي. +سجاد- +ڪٿان آيو اهو خزانو؟ +ساٿي- +خبر ناهي، لڳي ٿو ته ڪٿي سوين سال اڳ ڪي ماڻهو اهو خزانو اتي دفن ڪري ويا آهن. +سجاد- +ڪير هئا اهي ماڻهو؟ +ساٿي- +ٿي سگهي ٿو ته اهي به ڪنهن ٻڏل جهاز جا مسافر هجن. +سجاد- +ها، ها ائين ئي هوندو. پر پوءِ دير ڇا جي؟ مونکي ان پٿر کي هٽائڻ گهرجي. تون ساٿ نه ڏيندين ساٿي؟ +ساٿي- +مان ته صرف پاڇو آهيان. +سجاد- +ته پوءِ اهو ڪم مونکي اڪيلي سر ڪرڻو پوندو. +(پٿر کي زور ڏيئي هٽائڻ جو تاثر) +سجاد- +ڏاڍو وزني پٿر آهي، ٿڪائي وڌائين. +(وري زور لڳائڻ جو تاثر) +سجاد- +چُريو آهي. ها، باقي ٿورو-هٽي ويو—(تعجب ۾) يا خدا! هيترا سارا هيرا جواهر! ۽ هي سونيون اشرفيون! ۽ هي هار مان ته مالامال ٿي ويس دوست. مان امير ٿي ويس، مان ڪروڙ پتي، نه نه ارب پتي ٿي ويس، هن خزاني سان ته مان ڪيئي جهاز خريدي سگهان ٿو. ٿينڪ يو ساٿي-ٿينڪ يو- يو آر گريٽ(اداس لهجي ۾) پر....پر....هيءَ سڀڪجهه ڪهڙي ڪم جو؟ هن ويراني ۾ هي آبدار موتي، واريءَ جي ذرڙي کان وڌيڪ قيمتي ناهي. هي چڪمندڙ هيرو، پٿر کان وڌيڪ وڻندڙ ضرور آهي پر مهانگو ناهي. ڇا ڪندس؟ ڇا ڪندس مان هي هيرا، هي جواهر، هي خزانا، هن ويراني ۾ ڇا ڪندس ساٿي؟ ٻڌاءَ ساٿي؟ +ساٿي- +جذباتي نه ٿي دوست، هل ته ٻاهر گهمڻ هلون. +سجاد- +۽ هي خزانو؟ +ساٿي- +(کلندي) ان کي اتي ئي رهڻ ڏي، کيس ڪوبه چوري ڪري نه سگهندو. تو اچ-هلي آءُ. +(Music-Waves-Birde) +]گهڙي جي ٽڪٽڪ[ +ساٿي- +چپ ڇو آهين دوست؟ +سجاد- +اداس آهيان. +ساٿي- +اداس ارب پتي! +سجاد- +نه، ڪنگال ارب پتي، +ساٿي- +هڪ ڪم ڪر دوست. +سجاد- +ڇا ساٿي؟ +ساٿي- +ناشتي تي هڪ هيرو کائي ڇڏيندو ڪر، منجهند جو به موتي ۽ رات جو ٿالهه اشرفين جو. پيٽ ڀريل رهندئي. +سجاد- +مذاق نه ڪر. +ساٿي- +دنيا ۾ هر انسان ٻئي انسان جو گلو ان لاءِ ڪاٽيندو آهي، ڀاءُڀاءُ جو دشمن ان دولت لاءِ ٿيندو آهي، پيءُ اولاد جو ۽ اولاد پيءُ جو ويري به ان ملڪيت لاءِ ٿيندو آهي. +سجاد- +دنيا جي ٻي ڳالهه آهي. +ساٿي- +دنيا ۽ دولت مان توکي ڪابه هڪ شيءَ چونڊڻ لاءِ چيو وڃي ته تون ڇا چونڊيندين؟ +سجاد- +پنهنجو گهر-پنهنجا ٻار. +ساٿي- +۽ هي خزانو؟ +سجاد- +مٽيءَ مٺ آهي. +[Music-Waves-Birds- +گهڙي جي ٽڪ ٽڪ +Time Lapse] +سجاد- +ٽي مهينا ٿي ويا آهن، هاڻي ته کين يقين ٿي ويو هوندو. +ساٿي- +ڇا جو؟ +سجاد- +منهنجي موت جو. +ساٿي- +اها ته پاڻ سٺي ڳالهه ٿي. +سجاد- +ڪيئن؟ +ساٿي- +ان لاءِ جو تون جڏهن اوچتو ٻيهر سندن سامهون ويندين ته هو حيران ٿي ويندا. +سجاد- +(ٿڌو ساهه) خبر ناهي اهو ڏينهن ڪڏهين ايندو؟ ايندو به يا نه؟ +ساٿي- +اهو ڏينهن ضرور ايندو. +سجاد- +ان ڏينهن کي مائڻ لاءِ مونکي انتظار جي ڪيترين سورين تي چڙهڻو پوندو؟ ڏهاڳ جا ڪيترا ڏنگ سهڻا پوندا؟ غم جا ڪيترا پهاڙ پار ڪرڻا پوندا؟ ساٿي اهو ڏينهن ڪڏهين ايندو؟ اهو ڏينهن ايندو ساٿي؟(سڏڪا) اهو ڏينهن ڪڏهين ايندو؟ +Sad music (ڏينهن جو تاثر) +سجاد- +ساٿي. +ساٿي- +جي دوست. +سجاد- +اڄ جو راشن خلاص، نه پاڻي نه ماني، اڄ پيٽ جي خاطر جهنگل ۾ هلڻدو پوندو، تيار آهين؟ +ساٿي- +بلڪل تيار آهيان. +سجاد- +ته پوءِ هل، منجهند تائين ڪونه ڪو بندوبست ٿيڻ گهرجي. +ساٿي- +ٺيڪ آهي. +(غار مان ٻاهر نڪرڻ جو تاثر) +سجاد- +ٻاهر اُس ڏاڍي تيز آهي. هوا به گهٽ آهي، سمنڊ خاموش آهي.(تعجب ۽ خوشيءَ مان) ساٿي. +ساٿي- +جي. +سجاد- +سمنڊ ۾ ڪجهه ڏسين ٿو؟ +ساٿي- +نه، ڇا آهي؟ +سجاد- +ڪو ننڍڙو جهاز آهي. +ساٿي- +جهاز؟ +سجاد- +ها- هو ڏس، هن پهاڙ جي ساڄي طرف نظر اچيئي ٿو؟ +ساٿي- +شايد – شايد ڪو جهاز آهي. +سجاد- +شايد نه، پڪ ئي پڪ جهاز آهي. اسان کي کيس روڪڻ گهرجي. +ساٿي- +اسان کي ڏسي سگهندا؟ +سجاد- +ضرور ڏسندا. شايد هتان نڪرڻ جو اهو پهريون ۽ آخري موقعو آهي. اچ ساٿي، اچ. دير نه ڪر. هليا نه وڃن. +(ڊوڙڻ جو تاثر) +سجاد- +(زور سان) ترسو-ترسو-جهاز وارؤ-بيهو، هيڏانهن ڏسو؛ خدا جي واسطي هيڏانهن نهاريو. منهنجو آواز ٻڌو. روڪيو، جهاز کي روڪيو.(ساٿي کي) نٿا ٻڌن، نه ٻڌندا، شايد نه ٻڌندا (زور سان) ٻڌو. منهنجو آواز ٻڌو. خدارا، منهنجو آواز ٻڌو. (جهاز جي هوٽ ڪرڻ جو آواز). +سجاد- +(خوشيءَ مان) ٻڌي ورتائون. ڏس هنن ٻڌي ورتو. ساٿي هنن مونکي ڏسي ورتو آهي.(جهاز ٻيهر هوٽ ڪري ٿو) ٻڌئي. هنن مونکي ڏسي ورتو آهي، مان ڪيڏو نه خوش آهيان ساٿي. اڄ مان ڪيڏو نه خوش آهيان. ڏس- هنن جهاز جو رخ ڦيرائي ڇڏيو آهي. هو اسان ڏانهن اچي رهيا آهن. هو مون ڏانهن اچي رهيا آهن. +(سجاد جا ٽهڪ) +[Music Continues +Birds-Waves-Ship hoots- +Happy music] +(ڪپتان، دارا، روزي ۽ سجاد جا ٽهڪ Mix). +ڪپتان- +(کلندي) سڄي زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ دلچسپ واقعو نه اڳ ڏٺم ۽ نه ٻڌم. چاليهه سال ٿيا اٿم هن سمنڊ ۾ جهاز هلائيندي. هتان جي چپي چپي جو واقف آهيان. ڪهڙيءَ لهر هيٺان ڪيتريون سامونڊي بلائون ڇُپيل آهن، سڀ ڳڻيل اٿم. ڪمال آ، هن ويران ٻيٽ تي ڪو اڪيلو انسان به زندهه هوندو. ان لاءِ ته مان سوچي به نٿو سگهان. +سجاد- +سڀ زندگيءَ جا کيل آهن ڪپتان صاحب. داڻو پاڻي لکيل هو جو بچي پيس. ور نه هيترن سالن مسافرن ۽ عملي مان ڪو به نه بچيو. +دارا- +اسان جهاز جي ٻڏڻ جي خبر برابر ڪجهه مهينا اڳ اخبار ۾ پڙهي هئي، ڪهڙي خبر هئي ته هتي هن ريت ملاقات ٿي ويندي. +ڪپتان- +هيءَ دارا صاحب آهي. منهنجي جهاز جو مالڪ. هيءَ سندس ڌيءَ روزي آهي، ڪاليج ۾ پڙهندي آهي! +روزي- +اوهان سان هن ويراني ۾ ملي ڏاڍي خوشي ٿي. +سجاد- +منهنجو نالو سجاد آهي. +روزي- +سٺو نالو آهي. +سجاد- +مهرباني. +دارا- +تعجب آهي، توهان آخر زنده ڪيئن رهيا؟ نه ڪو ڳالهائڻ وارو نه ٻولهائڻ وارو، نه ساٿي نه سنگتي. +سجاد- +ساٿي؟ (سوچيندي) ساٿي ته مون سان هميشه گڏ هو. +دارا- +ڇا مطلب؟ +سجاد- +جي ڪجهه به نه، ايترا ڏينهن مون پاڻ کي اڪيلو ٿيڻ ئي نه ڏنو. پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هوس؛ سوچيندو رهندو هوس. +دارا- +اوه! مون سمجهيو +روزي- +اوهان کائيندا ڇا هئا ۽ پيئندا ڇا هئا؟ +سجاد- +کائيندو هوس سمنڊ جي تازي صحت بخش هوا ۽ پيئندو هوس پنهنجي اکين جو کارو پاڻي. +روزي- +خوب! پوءِ ته اسان کي توهان جي خوب خدمت ڪرڻي پوندي. ڪپتان صاحب، بورچاخاني مان ڪجهه گرما گرم کاڌو ته گهرائي وٺو. +ڪپتان- +اجهو ٿو انتظام ڪيان مس روزي. +سجاد- +ڪپتان. +ڪپتان- +جي سجاد صاحب. +سجاد- +سڀ کان پهرين مان شيو ڪري وهنجي سهنجي صاف ڪپڙا پهرڻ ٿو چاهيان. +ڪپتان- +جيڪا اوهانجي مرضي. اوهانجي ماپ جا ڪپڙا آساني سان ملي ويندا. اسان جي عملي ۾ هڪ ٻه نوجوان بلڪل اوهان جي قد ڪاٺ جا آهن. +روزي- +ويري گڊ ۽ ڀلا هتان هلڻ جو ڇا پروگرام آهي؟ +ڪپتان- +اچڻ پنهنجي وس هوندو آهي مس روزي-پر موٽي و��پس ورڻ پرائي وس هوندو آهي. +روزي- +ڇا مطلب؟ +ڪپتان- +هن ڪناري تي سمنڊ ايترو اونهو ڪونهي جو جهاز ٻيهر اونهي ۾ وڃي سگهي. ان لاءِ اسان کي وير جو انتظار ڪرڻو پوندو. +روزي- +ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان هتان جلدي نڪري نه سگهنداسين. +دارا- +روزي. ڊيئر، ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي.جهاز ۾ کاڌو، پاڻي ۽ تيل جام آهي. جيستائين سڻائي وير اُڀري، تيسين اسان هن ٻيٽ جو سير ڪنداسين. هونءَ به مونکي ڪجهه ڏينهن آرام جي سخت ضرورت آهي. هن ريت ئي سهي. ڪجهه سڪون ته ملي ويندو. +روزي- +او ڪي-نو پرابلم. +دارا- +(کلندي) ديٽ از اي گڊ گرل. +(Music) +ساٿي- +دوست. +سجاد- +(ڇرڪي) هون؟ ڪير؟ تون؟ +ساٿي- +ڇو؟ ايتري ۾ ئي وساري ويٺين؟ +سجاد- +نه اهڙي ته ڳالهه ناهي. +ساٿي- +خبر ناهي- شايد نوان ساٿي ڏسي پراڻو ساٿي دل تان لهي ويو هجيئي. +سجاد- +توکي ڪيئن وساريندس دوست. تون نه هجين ها ته جيڪر مان ڪڏهوڪو ڪومائجي مري وڃان ها. تو ئي ته مون کي نئين زندگي ڏني. مان تنهنجو احسان لاهي نه سگهندس. +ساٿي- +اهڙيون ڳاليهون نه ڪبيون آهن، ڀلا اهو ٻڌاءَ ته ڪير ڪير آهن ان جهاز ۾؟ +سجاد- +هو توکي ڏسي نٿا سگهن، تون ته کين ڏسي سگهين ٿو. +ساٿي- +تنهنجي زبان مان ٻڌڻ ٿو چاهيان. +سجاد- +جهاز جو مالڪ دارا آهي. سندس نوجوان ڌيءَ روزي آهي، جهاز جو ڪپتان آهي ۽ سندس 108 خلاصي آهن. +ساٿي- +روزي ڪيئن آهي؟ +سجاد- +خوبصورت آهي. +ساٿي- +۽ توکي پسند آهي. +سجاد- +مون ائين نه ته چيو. +ساٿي- +مان ٿو چوان. جڏهين تون ساڻس ڳالهائي رهيون هئين، تڏهين مان توهان جي بلڪل وچ ۾ موجود هوس. مون تنهنجي اکين ۾ آيل چمڪ چڱيءَ ريت ڏسي ورتي هئي. +سجاد- +(شرمائيندي) شٽ اۡپ. +(Music) +(روزي ۽ سجاد جي کلڻ جو آواز) +روزي- +ته چئبو ته جناب ناريل جو پاڻي پي ۽ کوپرو کائي پورا چار مهينا زنده رهيو آهي. +سجاد- +اوهان بلڪل ٺيڪ سوچيو آهي. +روزي- +۽ اهو به ته هن بيابان ۾ ڪو هڪڙو بدنصيب اهڙو به باندر نه هو جيڪو توهان جو ساٿ ڏئي سگهي. +سجاد- +مان اڪيلو ڇا خوبصورت نٿو لڳان، ڪنهن ناريل جي وڻ تي؟ +روزي- +اهو ته ڏسڻ کان پوءِ ئي ٻڌائي سگهجي ٿو. +سجاد- +سچ پڇين روزي ته اهو سمورو عرصو مون هڪ ڀيانڪ خواب جيان گذاريو آهي. سج روز اڀرندو هو، روز لهندو هو. چنڊ روز چڙهندو هو، روز غائب ٿيندو هو. ستارن جا ديپ ٻرندا هئا، اجهامي ويندا هئا. پر مان هن گهري اجهاڳ سمنڊ کي گهوريندو رهندو هوس. ان آس تي ته ڪو آسرو، ڪا مدد، ڪو سهارو، ڪنهن ٽڪمندڙ ستارن جيان، ڪٿان نه ڪٿان، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور اڀري ايندو. پر اهو سهارو ايڏو مضبوط هوندو، اهو ستارو ايترو خوبصورت هوندو، اهو ته مون ڪڏهين خواب ۾ به نه سوچيو هو. +روزي- +مون به ته ڪڏهين ائين نه سوچيو هو ته منهنجي خوابن جو شهزادو هيترو دور، اڪيلو ۽ تنها ملندو. +سجاد- +اچ، مان توکي هيءَ جزيرو گهمايان. ڏس، هيءَ آهي اها جاءِ جتي مون هوش ۾ اچڻ کان پوءِ اک کولي هئي. هتي ئي ويهي مان ڪنهن مدد جو انتظار ڪندو هوس. هو سامهون مٺي پاڻي جو تلاءُ آهي، جنهن کي مان ”سوئمنگ پول” سڏيندو آهيان ۽ هو مٿي اها آعاز آهي، جيڪا منهنجي ڊرائنگ روم، بيڊ روم ۽ ڊائننگ روم جو ڪم ڏيندي آهي(ياد ڪندي) ۽ ها، هڪ ڳالهه ته توکي ٻڌائڻ وسري ويم. +روزي- +ڪهڙي ڳالهه؟ +سجاد- +اچ مون سان-- +روزي- +ڪيڏانهن؟ +سجاد- +منهنجي ڊرائنگ روم ۾. +روزي- +پر ڇو؟ +سجاد- +آهي ڪا ڳالهه. +روزي- +ڪهڙي ڳالهه آهي؟ +سجاد- +پنهنجي اکين سان ڏس. اچ، اچ اندر اچ، هتي هن ڪنڊ ۾ نهار، هن پٿر جي پويان. +روزي- +اُف! خدايا هي ڇا آهي. +سجاد- +(کلندي) خزانو، دولت، هيرا، جواهر، سون چاندي ايترو خزانو ته دنيا جي امير ترين انسان وٽ به نه هوندو. +روزي- +ڪٿان آندئي ايترو خزانو؟ +سجاد- +ملي ويو. منهنجي صبر جو ڦل. تڪليفن، عذابن، ڏکن، ڏوجهرن جو انعام. +روزي- +سجاد هيءَ ته تمام گهڻي دولت آهي. +سجاد- +ها، بي انتها دولت آهي. پاڻ ٻئي ان جا اڪيلا مالڪ آهيون. اسان هتان نڪرڻ کان پوءِ شادي ڪري ڇڏينداسين. +روزي- +تون ان جو فڪر نه ڪر. +روزي- +يا خدا، ايتري دولت! +سجاد- +(کلندي) پر تنهنجي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي. +(سامونڊي پکيءَ جي تيز رڙ Music Mix) +ساٿي- +هي تو ڇا ڪيو دوست؟ +سجاد- +ڇا ڪيم؟ +ساٿي- +خزاني جو راز روزيءَ کي ڇو ٻڌيئي؟ +سجاد- +ان ۾ ڪهڙي برائي آهي؟ +ساٿي- +برائي آهي. +سجاد- +ڪهڙي؟ +ساٿي- +تون نه سمجهندين دوست. +سجاد- +آخر ته مون کي انسانن ۾ موٽي وڃڻو آهي، زندگي ڀر ته هن ٻيٽ تي اڪيلو نه گذاريندس. +ساٿي- +تون جن جي ڳالهه ٿو ڪرين، اهي تنهنجا پنهنجا ناهن. +سجاد- +روزيءَ متعلق ڇا خيال اٿيئي؟ +ساٿي- +هوءَ اجنبي آهي. +سجاد- +هوءَ مونکي پسند آهي.. +ساٿي- +هر وڻندڙ شيءَ اعتماد جي قابل نه هوندي آهي دوست. +سجاد- +مان فلاسفر ناهيان. +ساٿي- +زندگي هڪ سادي سودي حقيقت آهي. +سجاد- +روزي لاءِ منهنجو چاهه هڪ حقيقت آهي. +ساٿي- +ڪي حقيقتون بيحد تڪليف ڏيندڙ هونديون آهن دوست. +(Music) +دارا- +خزانو. +روزي- +جي ها ڊيڊي. ڌرتيءَ جي سيني ۾ دفن وڏي ۾وڏو خزانو. +دارا- +شايد تقدير اسان کي وڌيڪ امير ڏسڻ ٿي چاهي. +روزي- +شايد نه، يقيناۡ، او ڊيڊي، هيرن جواهرن جي چمڪ ڏسي مان ته دنگ رهجي ويس. ائين لڳو ڄڻ ڪو خوبصورت خواب ڏسي رهي هجان. +دارا- +دارا کي خواب ساڀيان ۾ بدلڻ ۾ ايندا آهن ڌيءَ. تون اُن احمق سجاد کي پنهنجي قبضي ۾ قابو رک. باقي ڪم مون تي ڇڏي ڏي. +روزي- +هن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي ڊيڊي؟ +دارا- +سياڻا ماڻهو پنهنجو ڪفن پاڻ سان گڏ کڻي نه گهمندا آهن ڌيءَ. کيس ڇڏي ڏي ته هن اڪيلائي ۾ٻوساٽجي مري وڃي ۽ ها کيس ڪنهن به قسم جو شڪ پوڻ نه ڏجانءَ . +روزي- +هرگز نه ڊيڊي؛ پر پاڻ هلنداسين ڪڏهن؟ +دارا- +ڪنهن به وقت. جڏهين به وير چڙهي، اسان چپ چاپ هتان روانا ٿي وينداسين ۽ پوءِ دارا دنيا جو امير ترين انسان هوندو(کلي ٿو) +سجاد- +ڇا ڳالهه آهي روزي، اڄ ڏاڍي خوش پئي نظر اچين. +روزي- +شايد هاڻي تنهنجي آزمائش جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي. ڪپتان پئي چيو ته ڏينهن ٻن ۾ اسان هتان روانا ٿي سگهنداسين. +سجاد- +سچ؟ +روزي- +۽ پوءِ تون ٻيهر سڌريل دنيا ۾ موٽي سگهندين. +سجاد- +او ٿينڪ يو، ٿينڪ يو روزي. +روزي- +واپس ورڻ کان پوءِ وساري ته نه ڇڏيندين؟ +سجاد- +چرين آهين. تون ته منهنجي تقدير آهين، تو کان ڌار ٿيڻ جو ته مان تصوي به نٿو ڪري سگهان. +روزي- +سچ؟ +سجاد- +سچ. +روزي- +منهنجو خيال آهي ته هاڻي تون پنهنجو سامان وغيره کڻي جهاز تي هليو اچ. جڏهين به موقعو مليو هليا هلنداسين. +سجاد- +مون وٽ ڪهڙو سامان رکيو آهي؟ +روزي- +خزانو؟ +سجاد- +اڙي ها، اهو ته وسري ويم. اهو ته اڄ ئي کڻائي جهاز تي رکائي ٿا ڇڏيون. +روزي- +منهنجو به اهو ئي خيال آهي. +سجاد- +نيڪ ڪم ۾ دير ڇا جي؟ +روزي- +دير نه، احتياط، جهاز جي ڪپتان ۽ عملي کي ان ڳالهه جي کڙڪ به پوڻ نه گهرجي. اهو ڪم ڊيڊي ۽ اسان ٻنهي کي رازداريءَ ۾ ڪرڻو پوندو. زمانو خراب آهي ڊيئر. +سجاد- +تون ٺيڪ ٿي چوين. اهو ڪم اسان کي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪرڻو پوندو. جلدي-اڄ ئي. +روزي- +(کلندي) ٺيڪ آهي، اڄ ئي +(Happy Music) +ساٿي- +هي تون ڇا ڪري رهيون آهين دوست ؟ +سجاد- +وڃڻ جي تياري. +ساٿي- +تون پنهنجو هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو آهين. +سجاد- +مان جو ڪجهه ڪري رهيون آه��ان، نهايت سوچي سمجهي ڪري رهيو آهيان. +ساٿي- +سوچ ۽ سمجهه تو کان موڪلائي وئي آهي. +سجاد- +ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ +ساٿي- +اهو ئي جو تون سمجهڻ نٿو چاهين، روزي هڪ خوبصورت ڄار آهي. +سجاد- +(ڪاوڙ ۾) ساٿي. +ساٿي- +سچ ڏاڍو ڪڙو هوندو آهي دوست. +سجاد- +تون منهنجي خوشيءَ کان جلي ويو آهين. +ساٿي- +مون تنهنجو غم پنهنجي جهوليءَ ۾ پاتو هو. +سجاد- +توکي خوف آهي ته مان توکان ڌار ٿي ويندس. دور ٿي ويندس. +ساٿي- +پر مان ته تنهنجي قريب رهندس. +سجاد- +تون نٿو چاهين ته مان ٻيهر موٽي انساني آباديءَ ۾ وڃان. +ساٿي- +مان توکي برباد ٿيندي ڏسي نٿو سگهان. +سجاد- +تون ڪوڙو آهين، مڪار آهين، فريبي آهين. +ساٿي- +مان تنهنجو ساٿي آهيان، بيغرض آهيان، مخلص آهيان. +سجاد- +اهو تنهنجو ڍونگ آهي، هاڻي پري ٿي وڃ منهنجي وجود کان. +ساٿي- +دوست. +سجاد- +مون کي دوست نه چئو. +ساٿي- +پر دوست--- +سجاد- +خاموش. مان وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي. +ساٿي- +پر---- +سجاد- +(روزي سان) مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي. +ميوزڪ +دارا- +(ٽهڪ) اڄ رات اسان هن ڀوائتي جزيري کان دور هليا وينداسين، ڇا خيال آهي ڪپتان؟ +ڪپتان- +جي ها، اڄ رات موسم بلڪل موافق آهي. +دارا- +سجاد صاحب، ڇا خيال آهي، ان خوشيءَ جي موقعي تي ٿي وڃي محفل گرم؟ +سجاد- +واقعي، اڄوڪي رات بيحد خوشين ڀري خوبصورت رات آهي. +دارا- +روزي، ڇا رپورٽ آهي. +روزي- +جي ڊيڊي، سامان سمورو جهاز تي اچي ويو. +دارا- +ته پوءِ دير ڇا جي؟ ٿي وڃي هڪ هڪ جام خوبصورت مستقبل جي نانءَ تي-چيئرز. +سجاد- +چيئرز. +(ٽنهي جي کلڻ جو آواز، سجاد جي کل آهستي آهستي جهڪي ۽ اڪيلي رهجي ٿي وڃي، ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ٿي وڃي.) +(صبح جو تاثر- سمنڊ جون لهرون- پکي). +سجاد- +(ننڊ ۾) اڄوڪي رات نهايت خوبصورت رات آهي روزي. نهايت خوبصورت. ان کانپوءِ، ان کانپوءِ، (ڇرڪ ڀري جاڳي) اوه، مٿي ۾ سور، صبح ٿي ويو آهي شايد. روزي روزي. پر هي ڇا؟ جهاز ڪٿي آهي؟ مان ڪناري تي ڪيئن آيس. هت ته هر طرف واري ئي واري آهي. روزي ڪاڏي ويئي؟ (زور سان) روزي—روزي—هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ هي سڀ ڪيڏانهن ويا؟ (زور سان) ڪو آهي؟ ڪو آهي؟ (پڙاڏو اچي ٿو). ويا هليا؟ سڀ ويا هليا؟ منهنجو سڀڪجهه لٽي ويا هليا؟ پر روزي ته اهڙي نه هئي؟ هوءَ بيوفا نه هئي. نه نه، اهو ناممڪن آهي. اهو ڪوڙ آهي، اهو ڪوڙ آهي. ڇا ڪيان؟ هاڻي مان ڇا ڪيان؟ ڪير آهي منهنجو هن ويرانيءَ ۾ آهي؟ (سوچيندي) ساٿي- ها- ساٿي- ها ها ساٿي- (زور سان) ساٿي—ساٿي—نه هو هاڻي موٽي نه ايندو. هو هرگز هرگز موٽي نه ايندو. مون سندس قدر نه ڪيو. مان ڏوهاري آهيان، پاپي آهيان، مان نفرت جي قابل آهيان (روئندي) مان نفرت جي قابل آهيان ساٿي! مون توکي وڃائي ڇڏيو—مون توکي وڃائي ڇڏيو. (سڏڪا). +ساٿي- +دوست. +سجاد- +(ڇرڪ ڀري) ساٿي، تون؟ +ساٿي- +ها، مان. +سجاد- +تون، ساٿي تون؟ +ساٿي- +ها، دوست، مان. ڀلا توکي ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃي سگهان؟ مان ته تنهنجو پاڇو آهيان، ساٿي آهيان. +سجاد- +مون کي معاف ڪر ساٿي، مون کي معاف ڪر، مون کي معاف ڪر. +(سجاد جا سڏڪا—موسيقي اڀري ٿي.) +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +راهون جُدا جُدا +سين پهريون +رات جو وقت؛- پاشا اڪيلي رستي تي ڪار ۾ اچي رهيو آهي، رستي جون روشنيون تيزيءَ سان پٺتي ڊوڙي رهيون آهن. +اوچتو هڪ ڪراڙو، هڪ هٿ ۾ لٺ، ٻئي سان سلميٰ جو سهارو وٺي، رستو ٽپڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. +سلميٰ جي ٻئي هٿ ۾ دوا جي شيشي آهي ۽ ڪراڙو زور زور سان کنگهي رهيو آهي. +سلميٰ ڪار کي ايندو ڏسي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي؛ پر هو بيخبريءَ ۾ تيزيءَ سان رستو ٽپڻ لاءِ وڌي ٿو. +پاشا ڪار کي بريڪ هڻي ٿو. +سلميٰ جي چيخ! +Crash. +ڪئميرا ڪراڙي تي اچي ٿي، جيڪو آخري هڏڪي ڀري مري ٿو وڃي. +سلميٰ جو هيٺيون ڌڙ گاڏيءَ هيٺان دٻيل آهي. هوءَ پيءُ جي لاش ڏانهن پهچڻ لاءِ هٿ وڌائي ٿي. پر سندس آڱريون پيءُ تائين پهچي نٿيون سگهن. +سلمي-!بابا، بابا! +هو سڏڪي سڏڪي روئي ٿي. +سلميٰ بابا: بابا! +ايمبولينس جو سائرن Over lap ٿئي ٿو. +Cut. +سين ٻيو +رات؛- +اسپتال جو آپريشن ٿئيٽر- ڊاڪٽر سلميٰ جو آپريشن ڪري رهيا آهن. +پاشا بيچينيءَ وچان ورانڍي ۾ انتظار ڪري رهيو آهي، کيس مٿي ۽ هٿن وغيره تي پٽيون ٻڌل آهن. +ڊاڪٽر آپريشن ٿئيٽر جو در کولي مايوس ٻاهر نڪري ٿو. پاشا اتاوليءَ مان ڏانهن وڌي ٿو. پر ڊاڪٽر نااُميديءَ وچان ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ٿو ڪري. +پاشا ڏکاري انداز ۾ ڏانهس نهاري ٿو. +Titles ڏيکارجن ٿا. +ٽائيلز کانپوءِ Dissolve. +غمگين موسيقي اُڀري ٿي. +سين ٽيون +رات؛- +فيشنبل هوٽل جي سانتيڪي ڪنڊ؛ بيڪ گرائونڊ ۾ هلڪي غمگين موسيقي، ٻاهر وڄ ۽ برسات، دريءَ تان پاڻي هيٺ وهي رهيو آهي. +پاشا جي گفتگو، دريءَ تي پوندڙ برسات ۽ رکي رکي وڄ جي چمڪي تي O/L ٿئي ٿي- +پاشا- اهڙيءَ طرح سلميٰ اپاهج ٿي وئي. هن جو هن دنيا ۾ ڪو سهارو نه رهيو هو؛ هوءَ اڪيلي هئي، بي سهاري هئي، معذور هئي. +مون هڪ لمحي ۾ سندس سڀ اُميدون، آشائون ۽ اُمنگ کسي، سندس دامن ۾ ڪنڊا ڀري ڇڏيا هئا... احساس جي اٿاه بار هيٺان منهنجو بيچين روح تڙپي اُٿيو، ضمير جي زنجير +منهنجي سوچ تي سنگهر وجهي ڇڏيا. منهنجو من ماندو ٿي اُٿيو ۽ تڏهن... ۽ +تڏهن ذهن تان گناه جي دز ڌوئڻ لاءِ مون ساڻس شادي ڪري ڇڏي +پاشا منهن ڦيري شاهده ڏي نهاري ٿو. جا پيار، پنهنجائپ، همدردي ۽ ڏک جي مليل جليل تاثر سان کيس گهوري رهي آهي. +ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري چڪا آهن. مون سندس جيءَ تان محروميءَ جو احساس ته ميٽي ڇڏيو، پر پاڻ کي اڻ ڄاتي اونداهي آئيندي جي حوالي ڪري ڇڏيم. منهنجو سمورو وجود پرزا پرزا ٿي ڀڄي ڀري پيو. +شاهده- اهو فيصلو ته توهان خود ئي ڪيو هو. +پاشا- ها شاهده؛ وقتي جزبات جي رؤ ۾ وهي مون ئي پنهنجو صليب پنهنجن هٿن سان جوڙيو هو؛ ۽ ان کانپوءِ هر ايندڙ صبح اها +سوري منهنجي سيج ٿيندي رهي! +شاهده- پر آخر ان ۾ سلمي! جو ڪهڙو قصور--؟ +تلخ مرڪ- +پاشا- قصور ڪنهن جو آهي--؟ +ان گهڙيءَ جو، جا گهاءُ بنجي منهنجي جيءَ کي جهوري وئي. ان احساس جو، جو واسينگ بنجي منهنجي ڏات ڏنگي ويو. يا هِن وقت جو، جنهن توکي منهنجي روح جي رڙ بنائي سامهون آڻي بيهاريو آهي. +شاهده- منهنجي ڪهاڻي به ته توکان مختلف ناهي، پاشا؛ شايد اسان ٻئي هڪ ئي راهه جا راهي آهيون. +پاشا- تقدير ته صرف تير هلائي ڄاڻي.ڪير وڍيو، ڪير ڪِريو، ڪير ڪُٺو، قسمت جا انڌ ديوتا ڇا ڄاڻن--؟ +شاهده- انسان ايترو مجبور ڇو آهي پاشا؟ ايترو بيوس، جو پنهنجي مختصر حياتي به سنواري نه سگهي. اکڙين ۾ مکڙيون سجائي نه سگهي، ساهن ۾ سرهاڻ سمائي نه سگهي--؟ ائين ڇو آهي--؟ +پاشا- ڪي درد انسان کي اڪيلي سر سهڻا پوندا آهن! ڪي روڳ روح ۾ پالي مسڪرائڻو پوندو آهي؛ ڪي گهاءَ سيني ۾ سمائي جيئڻو پوندو آهي؛ ۽ شايد اسان ٻئي به انهن انسانن مان ئي آهيون جي جيئري ئي مري ويندا آهن. +شاهده- ائين نه چئو. اسان نئين دور جا نوان انسان آهيون؛ اسان پنهنجين خوشين کي ٻين جي خوشين تي قربان ٿيڻ نه ڏينداسين. +پاشا- ڪي انسان صرف ٻين لاءِ ئي جيئندا آهن شاهده! هنن کي پنهنجو ڪو به وجود نه هوندو آهي. +شاهده- پر مان باغي آهيان. +پاشا- چري آهين. +شاهده- منهنجي سرڪش روح ۾ ايتري قوت آهي جو ماضيءَ جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏي. +پاشا- اسان ڪري به ڇا ٿا سگهون؟ هي ڄار اسانجا پنهنجا اُڻيل آهن. +شاهده- مون فيصلو ڪيو آهي ته وحيد سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيندس. +پاشا- هو تنهنجو مڱيندو آهي شاهده. +شاهده- اسانجي سوچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. +پاشا- پر هو توکي بيحد چاهي ٿو. +شاهده- هن ڪڏهن به منهنجي روح کي سڃاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي! منهنجي احساسن، اُمنگن ۽ خيالن جي هن وٽ ڪا به اهميت ناهي هو مون کي خوشي ڏئي نه سگهندو. +پاشا- خوشي ته هڪ پاڇي جو نالو آهي، هڪ خواب، هڪ خيال آهي. +شاهده- وحيد منهنجو سؤٽ برابر آهي، پر روحن جا رشتا ڌرتيءَ کان گهڻو دور طئه ٿيندا آهن. +پاشا- شايد مان تو جيان بيباڪ ۽ بيخوف نه هوس شاهده! بزدل، ڪمزور ۽ ڪائنر هوس، ۽ پنهنجي ڪانئرتا کي ضمير جو آواز سمجهي گذريل ڏهن سالن کان پاڻ کي ڌوڪو ڏيندو پئي آيو آهيان! مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو هن سان پيار ناهي؛ مون ڪڏهن به هن سان محبت نه ڪئي آهي. +شاهده- توهان هن کي صاف صاف ٻڌائي ڇو نٿا ڇڏيو؟ +پاشا- ايڏو ڏکوئيندڙ سچ چوڻ جي مون ۾ همت ناهي؛ هن جي دل ٽٽي پوندي. +شاهده- هن جو توهان سان ڏاڍو پيار آهي--؟ +پاشا- هوءَ منهنجي ئي سهاري زنده آهي +ڪجهه دير برسات ڏي تڪيندي +وقت انسان جو ازل کان ويري آهي؛ ڪاش! تون مون کي گهڻو اڳ ملين ها--! +شاهده- وقت جي واڳ ورائي سگهجي ٿي. +پاشا- ان لاءِ احساس جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻو پوندو ضمير جي خون سان هٿ رڱڻا پوندا ۽ مان اهو سڀڪجهه ڪري نٿو سگهان. +شاهده- توهان کي ائين ڪرڻو ئي پوندو. +پاشا- اِهو ناممڪن آهي. +شاهده- مان ڄاڻان ٿي اوهان جو مون سان بي انتها پيار آهي. +پاشا- تون منهنجي خوابن جي تعبير آهين. +شاهده- مونکي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي سلميٰ کي ڇڏڻو ئي پوندو. +پاشا- شاهده--! +شاهده- ٺيڪ اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ +ريت مان وحيد کي هميشه لاءِ پنهنجي دنيا مان رخصت ڪري ڇڏيندس--! انهيءَ ۾ ئي اسان ٻنهي جي ڀلائي آهي. +Cut +سين چوٿون +رات؛ +شاهده جو گهر- ڊرائنگ روم سٺي نموني سينگاريل- ڪئميرا گهڙيال تي کلي ٿي- گهڙيال ۾ ڏهه لڳا آهن. بيگم مراد بيچينيءَ مان ٽهلندي چوي ٿي- +بيگم- ڏهه ٿي ويا؛ شاهده اڃا نه آئي--! +مراد ڪو ڪتاب پڙهي رهيو آهي، ڪتاب تان نظرون هٽائڻ کانسواءِ چوي ٿو- +بيگم مراد جي ڀرسان اچي ٿي- +مراد- چيائين پئي ته ڪاليج ۾ ڪو فنڪشن آهي. +بيگم مراد جي ڀرسان اچي ٿي- +بيگم- جواڻ جماڻ ڌيءَ جو گهر کان ايتري دير ٻاهر رهڻ مون کي پسند ناهي. +ڪتاب تان نظرون هٽائيندي. +مراد- ڀلا ان ۾ ايترو بيچين رهڻ جي +ڪهڙي ضرورت آهي-؟ +بيگم صوفي تي ويهي ٿي- +ريڪ تي مختلف قسم جي ايوارڊن ۽ ٽرافين ڏانهن اشارو ڪندي. +اِجهو اچڻ واري ئي هوندي. +بيگم- توهانجي بيجا پيار ته کيس مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي. +ڀلا اشراف گهرن جون ڇوڪريون وڃي اسٽيج تي ناٽڪ ڪن. ماڻهو ڇا چوندا؟ +مراد- مونکي ماڻهن جي پرواه ناهي. بيگم! مون کي پنهنجي شاهده تي پورو ڀروسو آهي. ماشاءَ الله بيحد ذهين ڇوڪري آهي! ڏس، ڪيترا نه انعام آڻي گڏ ڪيا اٿائين--! +بيگم- بس، توهان ته انعام ئي ڏسندا رهجو! ڪجهه ڌيءَ جو به فڪر اٿوَ--؟ +مراد- شاهده تمام حساس ڇوڪري آهي. مان هن جي مرضيءَ خلاف ڪو ڪم نه ڪندس. +وحيد لاپرواهيءَ سان اندر اچي ٿو- ٻنهي کي ڏسي شاهده لاءِ واجهائي ٿو. +بيگم- مڱيندو ته گهر ۾ موجود آهي، باقي دير ڇا جي--؟ +مراد- وحيد ته منهنجو به ڀائٽيو آهي، پر...مان ڪجهه عرصي کان محسوس ڪري رهيو آهي ان ته هو ٻئي ذهني طور هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن. +بيگم- شادي ٿي وڃين، پوءِ ڏسجو ته ڪيئن ٿا کير کنڊ ٿين. +مراد- وحيد لاپرواه، خودغرض ۽ ضدي آهي! ۽ شاهده نرم دل سٻاجهي پر سرڪش آهي. +بيگم- اجهو وحيد به اچي ويو. +وحيد- شاهده ڪٿي آهي--؟ +مراد- ڪاليج ۾ ڪو فنڪشن هوس اوڏانهن وئي آهي پٽ! +ٽوڪ واري انداز ۾- +وحيد- فڪشن--؟ +فن جي اوٽ ۾ ٿيندڙ هي ڊراما مونکي بلڪل پسند ناهن چاچا! توهان کيس روڪي ڇڏيو. +مراد- جذباتي نه ٿيءُ پٽ! شاهده ته.... +وحيد- مونکي شاهده جي ڪردار تي شڪ ناهي چاچا-! پر مان حاسد +آهيان. هن لاءِ منهنجي چاهت جو ڪو انت ناهي! مون سڄي زندگي سندس تمنا ۾ گذاري ڇڏي آهي، پر مونکي ايتري آزادي پسند ناهي! اها منهنجي بيعزتي آهي. +شاهده داخل ٿئي ٿي، سندس هٿن ۾ ايوارڊ جي مورتي آهي- +بيگم- شاهده؛ تون هيتري دير.... +شاهده- ترس امان؛ مونکي وحيد جي سوال جو جواب ڏيڻ ڏي. +مراد- نه ڌيءَ؛ وحيد ته ائين ئي تنهنجي لاءِ پريشان ٿي رهيو هو---! +شاهده- فن منهنجي زندگي آهي، مان ان کان الڳ ٿي نٿي سگهان وحيد صاحب! +وحيد- پر مون کي اِهو ناپسند آهي. +شاهده- ان لاءِ جو هي مردن جي دنيا آهي...؟ +وحيد- عورت بنيادي طور ڪمزور آهي. +شاهده- عورت کي ڪمزور چوڻ وارا +پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسن ته کين پنهنجي بزدليءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو. +وحيد- چاچي هيءَ منهنجي سراسر بي عزتي آهي. +شاهده- بس! اِهو آهي تنهنجي عزت ۽ غيرت جو معيار--؟ +بيگم. شاهده، تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ. +شاهده نفرت جي نگاه سان وحيد ڏانهن ڏسي ٿي ۽ پوءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿي. +Cut +سين پنجون +رات جو تاثر +Indoor +شاهده جو بيڊ روم، شاهده پنهنجي وهاڻي ۾ منهن لڪائي سڏڪا پيئي ڀري. +وحيد آهستگيءَ سان ڪمري ۾ اچي ٿو؛ هوريان سڏ ڪري ٿو- +وحيد- شاهده؛ مون جو ڪجهه چيو +آهي، ان لاءِ شرمسار آهيان. +شاهده- مهرباني ڪري منهنجي ڪمري مان هليو وڃ. +وحيد- منهنجو توسان بي انتها پيار آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته تون مونکان دور ٿيندي ٿي وڃين ۽ مان اها دوري برداشت ڪري نٿو سگهان. +شاهده- مان چوان ٿي منهنجي ڪمري مان نڪري وڃ. +وحيد- تنهنجو ڏک منهنجوئي ڏک آهي شاهده. +شاهده- پيار ايترو خود غرض نه ٿيندو آهي وحيد صاحب. +وحيد- پيار بيحد خود غرض ٿيندو آهي شاهده، ڪنهن کي پنهنجو بنائڻ جي آرزو سڀ کان وڏي خود غرضي آهي. +شاهده- خدا جي واسطي مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي، مون کي تنهائي گهرجي. +وحيد- وڃان ٿو، پر اهو نه وسارجانءِ ته تون منهنجي ۽ صرف منهنجي آهين. +شاهده- وحيد پليز! +وحيد ٻاهر وڃي ٿو. شاهده ٻيهر وهاڻي ۾ منهن لڪائي سڏڪي ٿي. +Cut. +وحيد- وڃان ٿو؛ وڃان ٿو. +سين ڇهون +پاشا جو ڊرائنگ روم- خوبصورتيءَ سان سجايل- ٻاهر رکي رکي وڄ چمڪي ٿي. پاشا ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ويٺو آهي، سلميٰ Wheel chair تي سندس ڀرسان اچي ٿي. +سلميٰ- اوهان ڪجهه پريشان ٿا لڳو. +پاشا ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاري ٿو- +پاشا- هون--؟ نه سلمي!؛ اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي. +سلميٰ- ڪا ڳالهه ته ضرور آهي. +سخت لهجي ۾- +سلميٰ پاشا جي مٿي ڏانهن زورن ڏيڻ لاءِ هٿ وڌائي ٿي پر پاشا سندس هٿ پري ڪري ٿو ڇڏي. +ڏکار لهجي ۾ +پاشا- چيم ته ڪا ڳالهه ڪانهي. +سلميٰ- ڪا ڳالهه ته ضرور آهي +پاشا--چيم ته ڪا ڳالهه ڪانهي. +سلميٰ-ڪجهه عرصي کان اوهان اُداس اُداس ۽ ويڳاڻا رهڻ لڳا آهيو؛ مونکا ناراض آهيو؟ +پاشا-تو کان ڀلا ڇو ناراض ٿيندس؟ +سلميٰ- اها عورت ئي ڪهڙي جا پنهنجي مڙس جي منهن تي آيل پريشاني نه پرکي سگهي! طبيعت خراب آهي ته... +پاشا-ضد نه ڪر سلميٰ. منهنجي طبيعت بلڪل ٺيڪ آهي. +سلمي!- مان اڀاڳي اپاهج آهيان؛ مجبور آهيان جو حياتيءَ جي هر قدم تي اوهانجو ساٿ ڏئي نٿي سگهان. +بيزاريءَ وچان- +پاشا اُٿي ��ريءَ ڏانهن منهن ڪري بيهي ٿو رهي. +سلميٰ- Wheel chairt تي سندس ڀرسان اچي ٿي بيهي- +پاشا-سلميٰ....! +سلميٰ توهان منهنجا محسن آهيو؛ مونکي سهارو نه ڏيو ها ته جيڪر مان اڄ زنده نه هجان؛ ها توهان پنهنجي پيڙا مونکان ڇو ٿا لڪايو---؟ +پاشا- اُف سلميٰ! تون سمجهين ڇو نٿي--؟ +سلميٰ-ڪجهه به سهي؛ زندگي ڏني اٿو ته جيئڻ جو ڍنگ به ٻڌايو--! +ڄاڻان ٿي ته منهنجو وجود اوهان لاءِ جيئن پوءِ تئين بار ٿيندو ٿو وڃي! توهان نوجوان آهيو، خوبصورت آهيو، اوهان کي منهنجي معذورين ۽ پنهنجي مجبورين جو احساس ته ضرور ٿيندو هوندو. +پاشا-ان مجبوريءَ کي مون فرض جو فرضي نالو ڏيئي، پنهنجي +محرومي بنائي ڇڏيو آهي. +سلميٰ-مان اهي محروميءَ جا داغ ڌوئڻ ٿي چاهيان. ٻڌايو، ڪجهه ته ٻڌايو. +پاشا-هڪ مجبور ۽ بيڪس انسان ٻئي مجبور ۽ بيڪس انسان لاءِ ڪري به ڇا ٿو سگهي--؟ +سلميٰ هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪي ٿي. +سڏڪندي- +پاشا پٺي ڏيئي بيٺو ئي رهي ٿو. سلميٰ چيئر کي هلائيندي ٻئي ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي--- +Cut +سلميءَ هيءَ ساهه ته اوهانجي امانت آهي! توهانجا مونتي بي انتها احسان آهن پاشا. +پاشا- احسان-احسان-احسان- ڪوبه ڪنهن تي احسان نٿو ڪري سلميٰ! حتيٰ ڪه انسان پنهنجي وجود لاءِ به ٻين جي احسان جو محتاج آهي! انسان ڏاڍو مجبور آهي سلمي! +سلميٰ-ياد اٿو، هڪ اڪيلي اونداهي رات ۾ توهان منهنجيءَ آڏو اڇي بيٺا هئا. +پاشا- اُها رات بيحد ڀيانڪ ۽ اونداهي هئي ۽ ايتري اونداهي جو مان ان تاريڪيءَ مان اڃا تائين نڪري نه سگهيو آهيان--! +سلميٰ- ۽ توهان ئي منهنجي هٿن ۾ بيساکيون ڏئي ڇڏيون هيون. +پاشا- ها! اهي بيساکيون تنهنجي هٿن ۾ ڏئي مان خود اپاهج ٿي پيو هوس! ۽ اڄ تائين اپاهج آهيان---! +سلميٰ- ۽ پوءِ تون قرباني ڏني هئي. +پاشا- مونکي ياد آهي، ان رات +مون ٻيو قتل ڪيو هو! ۽ جڏهن منهن ورائي ڏٺم تڏهن محسوس ڪيم ته خون ۾ ٻڏل اُهو لاش خود منهنجي ئي هو! ۽ پوءِ اُن لاش کي ڪلهي تي کڻي مان اڄ تائين هلندو ٿو رهان--! +سلميٰ- ڪاش! مان توکي سمجهي سگهان ها.--! +پاشا- مان وڃايل انسان آهيان سلميٰ +مونکي ڀٽڪيل ئي رهڻ ڏي. +سلميٰ- ائين نه چؤ؛ خدارا ائين نه چؤ. +پاشا- مان ئي قاتل، مان ئي مقتول! فرياد ڪيان ته ڪنهن جي خلاف؟ ڏوهي ٺهرايان ته ڪنهن کي؟ ٻڌاءِ سلميٰ ٻڌاءِ! +سلميٰ- پاشا--! +پاشا- ڪي ڏک اڪيلي سر سهڻا پوندا آهن، سلميٰ! تون رڻ جي رڃ ۾ منهنجو ساٿ ڏئي نه سگهندينءِ، وڃ، وڃي آرام ڪر---! +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +سين ستون +باغ جي ڪنڊ ۾ پيل بينچ پاشا گهري سوچ ۾ خلائن ۾ گهوري رهيو آهي- شاهده ڀرسان ويٺي آهي- +پاشا- سوچيان ٿو پنهنجي ئي سيني مان دل ڪوري ڪڍڻ ڪيڏو نه اوکو ڪم آهي! +شاهده- ڪڏهن ڪڏهن جيئڻ ڪاڻ وهه وٽو پيئڻو پوندو آهي! +پاشا- شايد تون سچ ٿي چوين ۽ مون ڪڏهن به سچ سان سينو ساهڻ جي همت نه ڪئي آهي. +شاهده- اها ئي ته اسان جي ڀُل آهي. +پاشا- تون جرئت مند ۽ بيباڪ آهين شاهده. +شاهده مون ۾ زنده رهڻ جي خواهش آهي. مان بي زبان جانور جيان چپ چاپ موت قبولڻ لاءِ تيار ناهيان! +اڄ اسان کي آخري فيصلو ڪرڻو ئي پوندو. +پاشا- فيصلو--! +شاهده- ها فيصلو؛ اسان ٻنهي جي آئيندي جو فيصلو. +پاشا- پر اسان صرف ٻه ناهيون! اسانجي سهاري ٻه جانيون ٻيون به زنده آهن. +سلمي- جا مون کي عبادت جي حد تائين چاهي ٿي؛ ۽ وحيد تو کانسواءِ زنده رهي نه سگهندو. +شاهده- وحيد منهنجو آئيڊيل ٿي نٿو سگهي. هو خود سر، خود غرض ۽ ضدي آهي. +پاشا- پر هن جو توسان اٿاهه پيار آهي. +شاهده- هن جو پيار منهنجي صلاحيتن جو موت آهي، ۽ مان بي موت مرڻ نٿي چاهيان! هو شاديءَ لاءِ ضد ڪري رهيو آهي. اسان کي ڪو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو. +پاشا- قسمتن جا فيصلا کن ۾ نه ٿيندا آهن شاهده--! +شاهده- اِها ئي ته انسان جي بدقسمتي آهي جو سندس قسمت جو فيصلو هڪ لمحي ۾ ٿي ويندو آهي ۽ کيس ڄاڻ به نه پوندي آهي. +پاشا- پر سلميٰ جو ڇا ٿيندو--؟ +شاهده- ساڳيو سوال وحيد متعلق به پڇي سگهان ٿي--؟ +پاشا- وحيد مرد آهي، هو ٻي دنيا آباد ڪري وٺندو. +شاهده- مان وحيد کي سڃاڻان ٿي، منهنجو انڪار کيس ماري وجهندو؛ هو ٻيهر جي نه سگهندو! پر پنهنجي زندگيءَ لاءِ اسان کي سڀڪجهه ڪرڻو پوندو. +اشا تڙپي اُٿي ٿو- +پاشا- شاهده! جي زخم مون ڏهه سال سانڍي رکيا هئا، تو آخر انهن کي ڇلي ئي ڇڏيو. ها؛ مان به جيئڻ ٿو چاهيان! مان به خوشيءَ جو تلاشي آهيان! زندگيءَ جو ڳولائو آهيان! +شاهده- سچ پاشا--؟ +پاشا- ها شاهده، اڄ مان ماضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيندس. اڄ مان سلميٰ کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيندس ته مان سندس ساٿ ڏئي نٿو سگهان--! ۽ اهو به ته هوءَ منهنجي زندگيءَ ۾ ناڪامين جي علامت بنجي آئي آهي. +شاهده- ۽ مان وحيد کي صاف جواب ڏيئي ڇڏيندس ته مان هن جي ٿي نٿي سگهان. +پاشا- سلميٰ جي دل ٽٽي پوندي ۽ هوءَ سڏڪي اُٿندي. +شاهده- وحيد مايوس ٿي ڪٿي دور هليو ويندو ۽ ٻيهر ڪڏهن به موٽي نه ايندو. +پاشا- ۽ سلميٰ جو روح رهڙجي پوندو. +شاهده- ايندڙ صبح اسان ٻنهي لاءِ نئين زندگيءَ جو پيغام آڻيندو. +Cut +سين اٺون +شاهده پنهنجي ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهي آهي- وحيد خوش خوش اندر داخل ٿئي ٿو- سندس هٿ ۾ پيڪٽ آهي- +ڪتاب ڦري پلنگ تي اُڇلائي ٿو ڇڏي شاهده کيس ڪو جواب نٿي ڏئي. +وحيد پيڪٽ شاهده ڏانهن وڌائي ٿو- +شاهده بي رخي سان ساڙهي وٺڻ کانسواءِ چوي ٿي- +وحيد ميز تي پيڪٽ رکي ڇڏي. +کلندي- +شاهده هڪدم اُٿي بيهي ٿي ۽ زور سان سندس جملو ڪٽيندي چوي ٿي- +وحيد- شاهده، مان سڄو گهر ڳولي ٿڪو آهيان ۽ تون هتي ويٺي بور قسم جا ڪتاب پڙهي رهي آهين +ناراض ٿي ڏسجين--؟ ڏس شاهده؛ مان بيحد خراب انسان سهي، ليڪن تنهنجي خاطر جان تي به کيڏي ويندس؛ آزمائڻ چاهين ته آزمائي ڏس! هان وٺ؛ مون تنهنجي لاءِ ساڙهي آندي آهي. +شاهده- وحيد، تون اها ساڙهي موٽائي وڃ. +وحيد- موٽائي وڃان--؟ واه سائين واهه! شادي کانپوءِ ته..... +شاهد- اها شادي نه ٿيندي! +وحيد- مذاق ڪرڻ ته تنهنجي عادت آهي. +وڍيل لهجي ۾- +شاهده- نه؛ اها شادي هرگز نه ٿيندي، نه ٿيندي؛ نه ٿيندي. +وحيد- پر آخر ڇو--؟ +شاهد- مونکي توسان نفرت آهي، بي انتها نفرت آهي. ايتري نفرت جيتري هڪ انسان جي سيني ۾ سمائجي سگهي. +وحيد- شاهده--! +شاهده- مون ڪڏهن به توکي پيار جي قابل نه سمجهيو آهي. +وحيد- هي تون ڇا چئي رهي آهين شاهده؟ +شاهده- اهو ئي جو گهڻو اڳ چوڻ گهربو هوم! پر شرم حيا ۽ ريتن رسمن منهنجي منهن تي هٿ رکي ڇڏيو هو. اڄ مون اهو هٿ هميشه لاءِ پري ڪري ڇڏيو آهي. اڄ مان آزاد آهيان، +تنهنجا خواب ڪڏهن به سچا نه ٿيندا وحيد صاحب! +وحيد- نه نه! اهو ڪوڙ آهي، تون اهڙي سنگدل ناهين! تون ته پيار جو ٻيو نالو آهين شاهده! +شاهده- مان زهر آهيان! +وحيد- مان اهو زهر خوشي سان پي ويندس. +شاهده- توکي منهنجي دنيا مان وڃڻو ئي پوندو. +وحيد- توکي ڇڏي مان ڪيڏانهن ويندس شاهده--؟ +وحيد گهائيل انداز ۾ شاهده جي ويجهو وڃي پڇي ٿو- +سڏڪا- +وڃڻ لڳي ٿو- +شاهده ڏڪندڙ هٿن سان کيس روڪي ٿي- +وحيد ٻاهر وڃي ٿو- +شاهده کيس ٻيهر سڏي ٿي- +ٻاهر نڪري وڃي ٿو. +شاهده- وڃ هليو وحيد، مون کي تنهنجي پيار جي ٻوسٽ ماري وجهندي! تون مونکي ڪجهه به ڏئي نه سگهندين! ڪجهه به نه +وحيد- ا��و تنهنجو آخري فيصلو آهي- شاهده؟ +شاهده- ها +وحيد- ته پوءِ مان چپ چاپ تنهنجي دنيا مان هليو ويندس، جيئن روح کان جسم جدا ٿيندو آهي! تنهنجي خوشين خاطر مان هتان هليو ويندس! تون ئي منهنجو سهارو هئينءَ شاهده! توئي منهن موڙي ڇڏيو ته پوءِ جي ڇا ڪندس--! +ايترو ضرور ياد رکجانءِ ته مون توکي بيحد چاهيو هو. +شاهده- وحيد--! +وحيد- مونکي آواز نه ڏي شاهده؛ دل جا رشتا ڏاڍا نازڪ ٿيندا آهن، هڪ دفعو ٽٽا ته ٻيهر جڙي نه سگهندا. مان وساري ويٺو هوس ته پيار پيڙا جو ٻيو نالو آهي؛ مان وساري ويٺو هوس ته تون ۽ مان ٻه جدا انسان آهيون. محبت ڏاڍي خودغرض ٿيندي آهي شاهده. +شاهده- وحيد...... +وحيد - وحيد مري چڪو آهي شاهده بيگم. وحيد مري چڪو. وحيد مري چڪو. +سين نائون +پاشا ڊرائينگ روم لتاڙي ڏاڪڻ چڙهي مٿي بيڊ روم ۾ داخل ٿئي ٿو. سلميٰ انتظار ڪندي ڪندي Wheel chair تي ئي ليٽي پئي آهي- سندس سيني تي ڪتاب کليو رکيو آهي. پاشا جي پيرن جو ٻڌي Chair تي سندس قريب وڃي ٿي- +پاشا نهايت تڪليف ۽ ڪشمڪش کان پوءِ چوي ٿو- +پاشا وڌيڪ چئي نٿو سگهي- +سلميٰ خوف ۽ حراس وچان ڏانهن نهاري ٿي- پاشا دل تي پٿر +رکي چئي ٿو +سلميٰ- اوهان اچي ويا---؟ +پاشا- مان وڃڻ لاءِ آيو آهيان سلميٰ +سلميٰ- وڃڻ لاءِ---!؟ +پاشا- ها سلميٰ؛ مون گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته.... مون فيصلو ڪيو آهي ته توکان ڌار ٿي وڃان! +سلميٰ- پاشا.....! +پاشا- ها سلميٰ؛ ڪي فيصلا نهايت ڏکوئيندڙ هوندا آهن؛ پر ڪرڻا ئي پوندا آهن. +سلميٰ- پاشا! +پاشا- اسان ٻئي هڪ ٻئي جو ساٿ +سلميٰ Wheel chair ڦيرائي پاشا جي سامهون اچي ٿي بيهي. +وڌيڪ دير ڏئي نٿا سگهون. +سلمي- پر اهو فيصلو ڪندي توهان اِهو ڇو نه سوچيو ته مان اڪيلي هن جهان ۾ڪيڏانهن وينديس؟ +پاشا- مون پنهنجي حصي جا درد خاموشي سان سٺا آهن، هاڻي تنهنجو وارو آهي. +سلميٰ- پر پاشا مون ته توهانجي سهاري ئي حياتيءَ جو بار سٺو آهي. +پاشا- مونکي ان جو احساس آهي سلميٰ! پر هاڻي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته همدردي مان توکي محبت ڏئي نٿو سگهان؛ اها ڪنهن ٻئي جي امانت آهي. +سلميٰ- مان توکان سواءِ جي نه سگهنديس پاشا--! +پاشا- ۽ مان توسان گڏ جي نه سگهندس. +سلميٰ- ته پوءِ پنهنجي ئي هٿن سان اها لاٽ +اُجهائي ڇڏ، جنهن کي تو روشي بخشي هئي؛ مان تنهنجي هٿان موت مُرڪي قبولينديس. +پاشا- مان اهڙو ڪٺور ناهيان. +سلميٰ- زهر جو پيالو پياريندي به +Sad Music +پاشا منهن لڪائي سڏڪندو رهي ٿو- هن جي رويي مان ذهني ڪشم ڪش ۽ روحانيت اذيت ظاهر آهي. سلميٰ جي منهن جو تاثر بدلجي وڃي ٿو. ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ هن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي- +سلميَ تيزي سان ويل چيئر ڏاڪڻ ڏانهن هلائي ٿي- پاشا اهو ڏسي پريشانيءَ مان رڙ ڪري ٿو؛ ۽ ڏانهن ڊوڙي ٿو- +Cut +همدردي ٿو ڪرين؟ +پر مان ائي ٿيڻ نه ڏيندس! +پاشا- اسان کي ائين ڪرڻو ئي پوندو. سلميٰ! توکي منهنجي زندگيءَ مان وڃڻو ئي پوندو: وڃڻو ئي پوندو--! +سلميٰ- جنهن کي مون سهارو سمجهيو هو، سو ته خود سهارن جو تلاشي نڪتو! جنهن کي مون ساهه ۾ سانڍيو هو، سو ته ٻين جو سودائي نڪتو؛ جنهن کي مون عبادت جي قابل ڄاتو هو سو ٻين بتن جو پوڄاري نڪتو! مونکي جيئڻ جو ڪو حق ناهي؛ مون کي مرڻ گهرجي؛ مونکي مرڻ گهرجي! تنهنجي خوشين لاءِ مونکي تنهنجي رستي تان هٽڻو ئي پوندو! هٽڻو ئي پوندو--! +پاشا- سلميٰ..... +ڊرائنگ روم مان ڏاڪڻ تائين Wheel chair هيٺ ڪرندي ڏيکارجي ٿي- ڪرسي ڏاڪڻ تان ٿڙندي هيٺ اچي ٿي ڪري ۽ ڀڄي پوي ٿي +Cut +بيڊ روم ۾ ڏاڪڻ جي منهن وٽ پاشا سلميٰ کي ڪرڻ کان بچائي ورتو! ۽ کيس جهليو بٺو آهي. سلميٰ روئي رهي آ��ي. +پاشا سلميٰ کي آهستي آهستي هيٺ زمين تي وهاري ٿو ۽ پاڻ به سندس ڀرسان زمين تي ويهي ٿو رهي. +سڏڪا- +روئندي. +Sad Music +پاشا- سلميٰ! سلميٰ!! +سلميٰ- اوهان مونکي ڇو بچائي ورتو، ختم ٿيڻ ڏيو ها هن بيسود زندگي کي! اجهامڻ ڏيو ها هن روشنيءَ کي--! +پاشا- نه سلميٰ نه تون جيئندينءَ ۽ مان به جيئندس؛ تنهنجو ٿي جيئندس. مان شاهده کي وساري ڇڏيندس. ائين، جيئن ڪو ٻار ٽٽل رانديڪي کي وساري ڇڏيندو آهي...! +سلميٰ- پاشا---! +پاشا- ها سلميٰ! مان احساس جي هنيانءَ ۾ ڪٽار لاهي نٿو سگهان! مان هڪ دفعو وري قرباني جي +سڏڪا +Cut +سين ڏهون +باغيچي جي بينچ- +پاشا پٺي ڏيو بيٺو آهي- +Sad Music +شاهده جا پير گاهه تان هلندا پاشا جي ويجهو اچن ٿا. +پاشا ڇرڪ ڀري شاهده ڏانهن ڏسي ٿو. سندس اکين ۾ لڙڪ آهن، چپ ٿڙڪي رهيا اٿس ۽ بيڪسيءَ جي تصوير بنيل آهي. +شاهده ڪنڌ جهڪائي ٿي پاشا پاڻ تي ضبط ڪندي لڙڪن لڪائڻ جي ناڪام +علامت ٿي جيئندس. تنهنجي لاءِ محبت جي صليب تي لٽڪي گذاريندس! مان توکي ڇڏي نه ويندس سلميٰ--! پنهنجي خوابن کي دفن ڪري ڇڏيندس. شاهده کي ٻڌائي ڇڏيندس ته مان هن جو ٿي نٿو سگهان---! ٿي نٿو سگهان---! +شاهده- پاشا---! +پاشا- تون، تون اچي وئينءَ شاهده؟ +شاهده- ها پاشا. +ڪوشش ڪري ٿو، سڏڪندي چوي ٿو +تلخ مرڪ سان- +پاشا جا لڙڪن وهن ٿا- +سڏڪندي- +پاشا- شاهده مون فيصلو ڪيو آهي ته.... +شاهده- هاڻي شايد ان جي ڪابه ضرورت باقي +نه رهي، مون وحيد سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي---! +پاشا- شاهده---! +شاهده- مان ڄاڻان ٿي تنهنجي دل تي ڇا گذري هوندي؛ پر اڄ مان احساس جي وهڪري ۾ وهي وئي آهيان؛ اڄ مان پنهنجي سوري پنهنجي هٿن سان سينگاري آهي--! +هو مون کانسواءِ تڙپي تڙپي مري ويندو، مان هن جو ڏک سهي نٿي سگهان---! +پاشا- شاهده! شاهده---! +شاهده- تون روئي رهيو آهين پاشا---؟ +پاشا- شاهده، مان ته مرڪي رهيو آهيان هي ڏس؛ قسمت جي ستم ظريفيءِ تي کلي رهيون آهيان. +شاهده- ياد اٿئي پاشا؛ تو هڪ دفعي چيو هو ته ڪي ڏک انسان کي اڪيلي سر سهڻا پوندا آهن. +ياد اٿئي---؟ +شاهده وڃڻ لاءِ مڙي ٿي- +شاهده تڪڙي تڪڙي هلي ٿي وڃي- +پاشا هڪ ٻه قدم سندس پٺيان وڃي ٿو- پوءِ سندس قدم رڪجي وڃن ٿا. +هو هٿ وڌائي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. +پر پوءِ سندس هٿ رڪجي وڃي ٿو. +ڪئمرا آهستي آهستي پٺتي هٽي ٿي +The End +پاشا- مونکي ياد آهي. +شاهده- اڄ مان اهي دک سهڻ لاءِ اڪيلي رڻ جي سفر تي نڪتي آهيان. موڪلائيندين نه---؟ +پاشا- مون اهو به چيو هو شاهده ته انسان سڄي دنيا کي جيتي سگهي ٿو، پر پنهنجي پاڻ کان کٽڻ ناممڪن آهي! +شاهده- تو سچ چيو هو پاشا! تنهنجون ڳالهيون منهنجي روح جو پڙاڏو ٿي رهنديون. +پاشا- شاهده! +شاهده- شاهده کي وساري ڇڏجاءِ پاشا، شاهده تنهنجي لاءِ مري چڪي آهي! خدا حافظ---! منهنجي نئين زندگي منهنجي راهه واجهائي رهي آهي. +واريءَ سندوڪوٽ +سين پهريون +رات؛ +حاڪم عليءَ جو گهر- ڊرائنگ روم- سريقي سان سجايل ڪمرو- صوفا سيٽ- غاليچا- ديوارن تي تصويرون- +فريده صوفي تي ويٺي آهي ۽ ليمپ جي روشنيءَ ۾ پڙهي رهي آهي. +نعيم آهستي آهستي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو- فريده جي پٺيان اچي شرارت سان رڙ ڪري ٿو. +فريده ڇرڪ ڀري چيخي ٿي- نعيم زور سان کلي ٿو- +گلستو کڻي اُلاري ٿي- +نعيم- هائو! +فريده- هائي الا-! تون آهين! نيموءَ جا ٻچا، بيهه ته مان توکي ٺيڪ ٿي ڪيان. +نعيم- اڙي اڙي اڙي! هي ڇا ٿي ڪري-؟ +ڏسجان ڪٿي سچي +هٿ ٻڌندي- وشامداڻي لهجي ۾- +فديده گلدستو رکي ٿي ڇڏي- +نعيم شرارت سان نقل ڪندي- +ساڙ کائيندي- +شيرين اچي ٿي- +پچي هڻي نه ڪڍين---! مٺري ڀيڻ ناهين---؟ +فريده- چڱو هي دفعو معاف ڪيو مانءِ. +نعيم- چڱو هي دفعو معاف ڪيومانءَ؛ هونهه-! +فريده- وري ڏس، نيمو! +نعيم- نعيم چؤ نعيم؛ مسٽر نعيم؛ وڏي ڀاءُ سان ڳالهائڻ جي به تميز ڪانهي. +فريده- هاڻي ٺهرائجان مون کان سوئيٽر؛ وٺجان مونکان نوٽس؛ ڌوئار جان مونکان رومال--! مان فوزيه کي به چئي ڇڏينديس ته نيمو وڏو ٺڳ آهي: ڪوڙو ۽ فريبي آهي؛ هن سان شادي هرگز نه ڪجانءَ---! +نعيم- اڙي اهڙو غضب نه ڪجانءَ فري؛ ڏس، مان معافي ٿو گهران، +فريده- اونهون؛ ائين ڪم نه هلندو. +نعيم- ته آختر ڪيئن هلندو--؟ +فريده- فلم ڏيکار. +نعيم- پئسو ناهي فري؛ نه ته..... +فريده- مان فوزيه کي اهو به چوندس ته..... +نعيم- چڱو چڱو؛ ڏيکاريندومانءَ فلم بابا؛ هاڻي ته جان ڇڏ. +شيرين- اڙي هي توهان پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ڇا تي جهيڙو لايو ويٺا آهيو--؟ +فريده ۽ نعيم ڏڪي وڃن ٿا ۽ ٻئي صوفي تي ويهي ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳن ٿا- +شيرين مرڪندي اچي فريده جو اونڌو جهليل ڪتاب سنئون ڪري ڏسي ٿي ۽ پوءِ ٻنهي ڏي پيار مان نهاريندي هلي وڃي ٿي. +نعيم فريده کي زبان ڏيکاري ٿو ۽ فريده نعيم کي ڏسي مهن ٺاهي ٿي- +Cut +سين ٻيو +ڏينهن؛ +حاڪم عليءَ جو گهر- +ڊرائينگ روم- نعيم ۽ فريده ڪاليج وڃڻ جي تياريءَ ۾ آهن. +نعيم- ڪجهه ناهي، ڪجهه ناهي امان؛ پڙهيوسين ويٺي. +فريده- ها امان؛ امتحان ويجها آهن نه! +نعيم- نبو! +نبو- جي سائين! +نعيم- منهنجي ٽاءِ ڪٿي آهي—؟ +نبو- توهانجي هٿ ۾ آهي سائين! +فريده- نبو! +نبو- -جي امان! +فريده- منهنجو رئو ڪونه ٿو لڀي--! +نبو ٻنهي کي واري سان ڏسندو رهي ٿو. +حاڪم علي ڊرائنگ روم ۾ اچي ٿو. +فريده شڪايت جي لهجي ۾- +نعيم فريده کي هٿ ٻڌي ٿو. +کيسي مان پئسا ڪڍي ڏئيس ٿو. +حاڪم علي ٻاهر هليو وڃي ٿو- فريده نعيم کي نوٽ ڏيکاري ساڙي ٿي . نعيم نوٽ کسڻ لاءِ ڏانهس ڊوڙي ٿو. پر نبوءَ سان ٽڪرائجي ٿو. فريده کلندي ٻاهر هلي وڃي ٿي- پٺيان نعيم به ڪتاب کڻي ٻاهر هليو وڃي ٿو. نبو مٿي کي مهٽيندو ٻنهي ڏي +ڏسي ٿو. ايتري ۾ ڀانان جو آواز O/L ٿئي ٿو. +نعيم- پهريون منهنجو ڪوٽ. +فريده- جي نه! رئو. +فريده- رئو---! +نعيم- ڪوٽ. +حاڪم- اوهو:؛ ڪاليج جي تياري ٿي رهي آهي. +فريده بابا! +حاڪم- جي ڌيءَ! +فريده- ڪجهه نه بابا! +حاڪم- اڙي ها؛ ياد آيم؛ تو ڪلهه پارٽيءَ لاءِ پئسا گهريا هئا نه؟ +اچي وٺ. +نعيم- پارٽي ته ڪئنسل ٿي وئي بابا. +حاڪم- ڪائي ڳالهه ناهي؛ چڱو مان هلان ٿو. +ڀانان- ائي ڪا گهر ۾ آهي---؟ +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +حاڪم علي سختي سان- +حاڪم- شيرين؛ مان مڃان ٿو ته هن جي ڪاوڙ بي واجبي هئي. پر رت دانگيءَ تي به ورندو آهي. +شيرين- مونتي ڇو ٿا ناراض ٿيو! مون ته +حقيقت ٿئي چئي--! +حاڪم- ڪڏهن ڪڏهن حقيقت ڏکوئيندڙ ڏنڀ ٿي پوندي آهي--! هن جو ڪجهه ڪيو، مون وساري ڇڏيو. +شيرين- ادا وڏي جو پرچاءَ بي مقصد ڪونهي. +حاڪم- مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي؟ +شيرين- ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي--! پنهنجي وياءَ وارا آهيون. ڊڄان ٿي سندن هِت اچڻ مٽي مائٽي جي سلسلي ۾ نه هجي. +حاڪم- هي تون ڇا چئي رهي آهين شيرين--؟ جنت ۽ شيرل به ته منهنجا پنهنجا آنڊا آهن. +شيرين- اهو ته برابر آهي؛ پر.... +حاڪم- پر ڇا--؟ +شيرين- اسانجا ٻار تعليم يافته آهن؛ هو اڻ پڙهيل ۽ ڳوٺاڻا آهن. +حاڪم- اڻ پڙهيل آهن ته ڇا ٿي پيو؟ پنهنجا ته آهن؛ پنهنجو ماري ڇانءَ ۾ وهاريندو آهي ۽ پرائو ماري اُس ۾ وهاريندو آهي؛ ۽ تنهن کانسواءِ هي اسانجي خاندان جو سوال آهي. +شيرين- توهان ته پڙهيل لکيل آهيو. +حاڪم- تعليم جو مقصد اِهو هرگز ناهي ته ماڻهو پنهنجون ريتيون رسمون ۽ رواج وساري ويهي؛ ماضيءَ کان منهن موڙي ڇڏي ۽ غيرت جو سودو ڪري ڇڏي--! +ٿڌو ساهه ڀريندي- +شيرين- ته منهنجا وهم صحيح نڪتا! +حاڪم علي ٻاهر هليو وڃي ٿو- شيرين جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا- +Cut +حاڪم- هي خون جا رشتا آهن، جي صدين کان قائم آهن ۽ صدين تائين قائم رهندا. +سين ڇهون +رات: +حاڪم عليءَ جو گهر- ڪمرو- نعيم دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو آهي- مُڙي ماءُ کي چوي ٿو- +نعيم- مون کي اِهو منظور ناهي. +شيرين- اِهو تنهنجي پيءُ جو فيصلو آهي پٽ. +نعيم- ٻين جي قسمتن سان کيڏڻ وارا آئيندي +کان اڻڄاڻ هوندا آهن امان. +شيرين- مون ته کيس گهڻو ئي سمجهايو پٽ-! +نعيم- هي اُهي زمانا ناهن امان، جڏهن شادي گُڏي گڏيءَ جو کيل سمجهيو ويندو هو. اُٺ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ وارا ڏينهن گذري ويا. بابا اسانکي تعليم ڏياري بي ڊپو ۽ بهادر بنائي ڇڏيو آهي- هاڻي هو اسانجي مستقبل متعلق فيصلو ڪرڻ جو ڪو به حق نٿو رکي. +شيرين- پيءُ لاءِ اهڙا لفظ زبان تي نه آڻبا آهن پٽ. هو جو ڪجهه ڪندو، توهانجي ڀلائيءَ لاءِ ئي ڪندو. +نعيم- ڀلائي! منهنجي لاءِ جنت جو سڱ گهري ٿو وٺي، جنهن سڄي عمر ريل گاڏي ڪا نه ڏٺي آهي! ۽ هوڏانهن فريده جو پلئه شيرل جهڙي جاهل ڪاهل ۽ نااهل سان ٻڌڻ ٿو چاهي--! +شيرين- اهي به ته تنهنجا سوٽ آهن پٽ! +نعيم- انسان جي ڪنهن گهر، خاندان يا قبيلي ۾ پيدائش محض اتفاق هوندي آهي +امان. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته صرف خاندان جو نالو اوچو رکڻ لاءِ اسان کي قربانيءَ جي پاهيءَ تي چاڙهيو وڃي. +گهبرائجي نعيم جي وات تي هٿ رکندي- +شيرين- آهستي ڳالهاءِ پٽ؛ چاچهين ٻئي ڪمري ۾ ويٺو آهي. ٻڌي ورتائين ته غضب ٿي ويندو. +نعيم- مونکي ڪا به پرواهه ناهي. مان ته مرد آهيان، توهان کي سامهون به چئي سگهان ٿو؛ ويچاري فريده ته نياڻي آهي ۽ اسانجي معاشري ۾ نياڻيءَ کي زبان کولڻ جي ڪا به اجازت ناهي؛ هوءَ ته پيءُ ماءُ ۽ خاندان جي شان ۽ مان ڪارڻ قربان ٿيندي رهندي آهي. +شيرين- رواجن کي ٽوڙڻ جي همت ڪنهن ۾ آهي پٽ--؟ فريده کي به پيءُ جي مرضيءَ آڏو جهڪڻو پوندو. +حاڪم عليءَ جو آواز O/L ٿئي ٿو ۽ پوءِ +حاڪم اچي ٿو- +نعيم- اهو ناممڪن آهي. +حاڪم- اِهو منهنجو آخري فيصلو آهي ڇوڪرا؛ +۽ منهنجا فيصلا پهڻ تي ليڪو هوندا آهن. +نعيم- بابا--! +حاڪم- مان ڀاءُ کي مايوس نه موٽائيندس. +نعيم- پر بابا--! +حاڪم- وچ ۾ نه ڳالهاءِ ڇوڪر. تون ننڍو آهين؛ ڏي وٺ جون شاديون ائين ٿينديون آهن. +نعيم- جنت اڻ پڙهيل آهي. +حاڪم- وري به پنهنجي آهي. سگهڙ، چئوان ۽ شريف آهي؛ ٻيو ڇا گهرجئي—” +نعيم- پر بابا؛ هن جو ۽ منهنجو ذهن هڪ جهڙو ناهي- +حاڪم- شاديءَ کانپوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. +شيرين- پر مان پنهنجي فريده جي شادي ته ان موالي شيريل سان ڪو نه ڪرائيندس. +حاڪم علي نڪري وڃي ٿو- شيرين مايوس ۽ روئڻهارڪي انداز ۾- +ٻاهر وڃڻ لاءِ مڙي ٿو ته نظر ٿي پويس، جا سندس پويان بيهي سڀڪجهه ٻڌي رهي هئي- +حاڪم- مردن جي معاملن ۾ عورت کي دخل ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. +شيرين- مون ته توکي اڳ ئي چيو هو. +نعيم- پر امان ويچاري فريده جو ڇا ٿيندو--؟ +شيرين- بيوس بار اُٺن به ڇڏي ڏنا پٽ! نياڻيءَ +جي قسمت! +نعيم- هٿ سان زندگي تباهه ڪري قسمت کي ڏوهه ڏيڻ به ڪو توهان کان سکي! ڇا به ٿي پوي؛ مان پنهنجي ڀيڻ جي زندگي تباهه ٿيڻ نه ڏيندس. فريده، تون--! +اڳتي وڌي فيصلي جي انداز ۾- +فريده- مون سڀڪجهه ٻڌو آهي ادا--! پيءُ جو ضد، ماءُ جي بيوسي ڀاءُ جي بغاوت. سڀ بيسود آهن. مان قربانيءَ لاءِ تيار آهيان. +نعيم- پر اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي--! +فريده- ائين ئي ٿيندو آيو آهي منهنجا ڀاءُ. +فريده کي ڀاڪر پائي سڏڪ��- +شيرين- منهنجي مٺڙي ڌيءُ. +فريده- لڙڪ اگهي ڇڏ امان؛ مان ڏاج ۾ توکان اهي چند ڳوڙها وٺڻ ٿي چاهيان. +نعيم- فريده--! +فريده فيصله ڪُن انداز ۾- +Cut +سين ستون +Disolves +شرنائي ڪلوز کلي ٿو ڪيمئرا پٺتي هٽي ٿي ته دهلاري وڄت ڪري رهيا آهن. +Disolve +عورتون سهرا ڳائي رهيون آهن - ڪنوار گهونگهٽ ڪڍيو ويٺي آهي- +Disolve +حاڪم ۽ بهادر خان گلن جا هار پايو گڏ ويٺا آهن سامهون ٻئي گهوٽ موڙ پايو ڄاڃين جي وچ ۾ ويٺا آهن- نعيم ڪنڌ جهڪايو غمگين ويٺو آهي- شيرل موڙ پري ڪري مڇ کي تاءُ ڏئي ٿو- سندس ڀر ۾ بشن ڪڪڙ ڪڇ ۾ ڪيو ويٺو آهي. +Disolve +لانئن جي رسم- +Disolve +ڏاوڻ جي رسم- +Disolve +سين اٺون +رات: +حاڪم علي جي گهر جو ٻاهرين حصو- شرنائي جو آواز O/L ٿئي ٿو- راڄ مڙيل آهي- ٻئي گهوٽ موڙ ٻڌيو ويٺا آهن- +نعيم اُداس آهي. +فريده- بابا کي چوائي موڪليو ته سندس اولاد خاندان جي ڀرم رکڻ ڪاڻ وهه وٽو پيئڻ لاءِ تيار آهي. +شرنائي جو آواز +حاڪم- خدا جا لک لک شڪرانا جو اڄ هن گهر ۾ وري خوشي موٽي آئي آهي. +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +شيرل بيپرواهه ۽ خوش آهي- +صادق- ها سائين، خير ۾ خدا به راضي آهي. ڪيئن بهادر خان--؟ +کلندي- +بهادر- اڙي ابا، اسانجا ڪهڙا ليکا آهن ڀائرن سان--؟ پڙهايومانس به مون؛ پر اڄ جي تعليم آهي جو ڀاءُ کان ڀاءُ جدا ڪيو ڇڏي ان ڪري ته اولاد کي پڙهايم ئي ڪو نه. +صادق- بروبر ادا بروبر. +حاڪم- گذريءَ کي ياد نه ڪبو. +بهادر- خدا ساڃهه ڏيندن، ڀلا جي منهنجو شيرل ٻه درجا نه پڙهيو ته ڇا ٿي پيو؟ سڀڪجهه اٿس. پيو کائيندو. +صادق- صدق صدق. +حاڪم- منهنجو اولاد پڙهيل آهي، خدا ڪندو ته سندن حياتي سکي گذرندي. +صادق- واه سائين واه! ڀائر هجن ته اهڙا--! +شرنائي جو آواز F/O +Fade out +سين نائون +رات: +حاڪم عليءَ جو گهر- سجايل ڪمرو- جنت ڪنوار بني ويٺي آهي- نعيم سندس ڀر ۾ پلنگ تي ويٺو آهي- گلي ۾ هار ۽ منهن تي موڙ اٿس- جنت جو گهونگهٽ مٿي ڪري ٿو- جنت شرمائي ڪنڌ جهڪائي ٿي- +نعيم- جنت؛ قسمت اسان ٻنهي کي هڪٻئي +جي حياتي جو ساٿي بنائي، اسان کي هڪ عجيب آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسانجي پرورش مختلف ماحولن ۾ ٿي آهي. مون سوچيو هو ته هن پرائي ۽ بيسود رسم جي خلاف آواز اُٿاريندس، بغاوت ڪندس پر فرمانبرداريءَ منهنجي پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا. مان توکي به ڏوهي ٺهرائي نٿو سگهان، مونکي توسان همدردي آهي. +جنت سڏڪي سڏڪي روئي ٿي- +جنت شرمائي؛ ڪنڌ لوڏي ”ها“ ڪري ٿي- نعيم ٿڌو ساهه ڀري- +Cut. +نه روءُ جنت! مان توکي سهارو ڏيندس. محروميءَ جي احساس کي مٽائڻ لاءِ مان تنهنجي مدد ڪندس؛ چئه جنت؛ چئه ته منهنجو ساٿ ڏيندينءَ--؟ +شايد ائين ڪرڻ سان اسان زندگيءَ جو زهر خوشيءَ سان پي سگهون. +سين ڏهون +وقت رات؛ بهادر خان جو گهر- هڪ ڪمرو، ڳوٺاڻي نموني، شاديءَ لاءِ سينگاريل ڪمري ۾ فريده کٽ تي ڪنوار بني، ڪنڌ جهڪايو ويٺي آهي- شيرل جي اچڻ جو آواز اچي ٿو- فريده ڇرڪي وڃي ٿي ۽ خوفزده ٿي گهونگهٽ جي اوٽ مان اوڏانهن نهاري ٿي- شيرل زور سان در بند ڪري ٿو- هو نشي ۾ آهي ۽ ڳرن قدمن سان فريده ڏانهن وڌي ٿو- +(ٽهڪ) +ويجهو اچي ٿو ۽ ٽوڪ جي انداز ۾ چوي ٿو- +گهونگهٽ مٿي کڻي، فريده کي گهوريندي، فريده جي منهن ويجهو ايندي-- +شيرل- ڊڄي وئينءَ--؟ +ٻڌو هوم ته تو مون سان شادي کان انڪار ڪيو هو--؟ +چئه چئه چئه- ويچاري شهري گُڏي! ۽ مان--؟ مان هڪڙو جاهل، جهنگلي ڄٽ--! ائين نه--؟ +(ٽهڪ) +فريده منهن ڦيري ٿي ڇڏي شيرل ان طرف ڦري ٿو وڃي- +فريده جي کاڏيءَ کان جهلي منهن مٿي ڪري- فريده جي اکين ۾ ڳوڙها تري ٿا اچن- هوءَ سڏڪڻ ٿي لڳي- +هاڻي ٻڌاءِ؛ دماغ جاءِ اچي ويو منڊم جو--؟ +ناراض آهين--؟ +او.... مون سمجهيو! +شرمائيين ٿي--! +شيرل ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيندي- هو گلن جو هار لاهي هٿ ۾ ڪري ٿو ۽ فريده کان پري هليو وڃي ٿو- +آهستي آهستي سندس تاثر بدلجڻ لڳي ٿو- +هو کلڻ لڳي ٿو- +ڪئميرا فريده جي منهن تي اچي ٿي جا سڏڪي رهي آهي- +شيرل ٽهڪ ڏيندو ڏانهس وڌي ٿو- +هن جي هٿ ۾ هار آهي- جنهن جي گلن کي هو زور زور سان مهٽي ٿو- شيرل جي هٿن تي +Fale Out +مان تنهنجون سڀ چالاڪيون سمجهان ٿو؛ منهنجي آڏو تنهنجو ڪو مڪر نه هلندو. سمجهيئي! +سين يارهون +ڏينهن: +حاڪم عليءَ جو گهر- حاڪم علي ۽ شيرين صوفي تي ويٺا آهن- حاڪم علي اخبار پڙهي رهيو آهي- نعيم ٻاهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي- +پري کان- +جنت نعيم جي ڀر ۾ اچي ٿي بيهي- +نعيم- جنت. +جنت- جي! اِجها آيس. +نعيم- نيرن ڪري ڇڏيئه--؟ +جنت- چاچي ۽ چاچيءَ اڃان ناشتو نه ڪيو آهي، مان ڀلا انهن کان اڳ ڪيئن ٿي ماني کائي سگهان--؟ +شيرين جنت ڏانهن نهاري منهن گهنجائي ٿي- +حاڪم- ڏٺئي پٽ، اسانجي ننهن اسانجو ڪيڏو نه خيال ٿي رکي. +نعيم- خيال رکڻ به کپيس. بابا اوهان جي خدمت هن جو فرض آهي. +حاڪم علي اخبار هڪ پاسي رکي ٿو- +حاڪم- بيشڪ بيشڪ! مون نٿي چيو ته پنهنجا نيٺ پنهنجا آهن. +شيرين- چڱو چڱو هاڻي گهڻي تعريف ڪري ڇوريءَ جو مٿو نه ڦيرايو. وڃ، وڃي چانهه کڻي اچ. +جنت ڏانهن نهاريندي- جنت ٻاهر وڃي ٿي- +نعيم- امان توکي جنت سان اهڙيءَ ريت ڳالهائڻ نه کپي، هوءَ ويچاري ته.... +شيرين- هوءَ ٿي ويچاري ۽ مان ٿيس هچاري؛ ائين نه--؟ +ڇورا ايترو ته جلد جوءِ جو مڄو ٿي وئين ڇا--؟ +حاڪم- پر شيرين...! +شيرين- مان سڀ سمجهان ٿي. مردن کي گهر ۾ ڏسي، ميسڻي ٿي ويهي رهي؛ ڄڻ ويچاري وڏي مظلوم آهي. +ٻاهر نڪرو پوءِ ويهي رنگ ڏسوس--! +نعيم- امان مونکي اها شادي به توهان ئي ڪرائي هئي! هن گهر ۾ آئي آهي ته پوءِ کيس پيار ڏيئي پنهنجو ڪبو. +شيرين- منهنجي ڌيءَ پئي اُنهن ڄٽن جي گهر ۾ ٻيلهپو ڪري ۽ هيءَ هتي مڙس جي دادلي پئي مزا ماڻي! هونهه. +جنت ٽري ۾ چانهه کڻي اچي ٿي- +چانهه ڏيندي ٿوري چانهه شيرين جي ڪپڙن تي هارجي ٿي- جنت گهٻرائجي وڃي ٿي- شيرين جنت کي ڌڪو ڏيندي. +جنت- هيءَ وٺو چانهه امي. +شيرين- مئي ڄٽي، هيئن کڻي اچبي آهي چانهه--! +ڀلا هريل آهيو ڏڌ ۽ لسيءَ تي توهانکي اُٿڻ ويهڻ جي ڪهڙي فضيلت. +ڀانان جو آواز O/L ٿئي ٿو- هوءَ مکيه +دروازي کان ٿيڙ کائيندي اندر اچي ٿي +حاڪم- شيرين--! +ڀانان- ائي امڙ ڪاٿي ويٺي آهين--؟ مُئي نظر هاڻي ته ڪم ڪو نه ٿي ڪري. +شيرين- ماسي ڀانان آهين؟ انهيءَ ڪمري ۾ ويهه ته مان اچي ٿي. +ڀانان- هائو امان؛ هتي ئي ٿي ويهان، ابول؛ سنڌ ئي ساڻا ٿي پيا آهن. +شيرين اُٿي ڀانان وٽ اچي ٿي- +ڀانان هٿ زمين تي هڻي نڪ تي گسائي ٿي- +شيرين- ماسي ڀلي ڪري آئين. +ڀانان- امڙ خير هوندءِ. +ٻڌم ته ڌيءَ فريده سان مڙسهنس ڪو نه ٿو ٺهي؛ ڪا مارڪٽ به گهر ۾ ٿي اٿس. گلا غيبت کان ته مان پري آهيان، پر تون ڌيءَ ويٺي آهين، اها ڳالهه ٻڌي ته منهنجا تاڪ ئي لڳي ويا آهن. +شيرين- هئه هئه- منهنجي گلڙن جهڙي ڌيءَ سان ههڙا هاڃا. +ڀانان- امڙ؛ اِهو به ٻڌم ته جنت پٽهين تي تعويذ ڪرائي کيس صفا مريد ڪري ڇڏيو آهي! توبهه توبهه زاريون--! +شيرين- منهنجي نازن جي پليل ڌيءَ پئي جهنگ ۾ سهمون سهي ۽ هيءَ ڄٽي هت کايو پيو بالم بني ويٺي آهي +ڀانان- بس امڙ چڱائي کي مار آهي. توهان ته گهڻو ئي ڪيو پر هُو به اڳيان شرافت ڏيکارين نه--! +شيرين- ماسي جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ لاچار مونکي فريده کي پنهنجي گهر گهرائڻو پوندو. +ڀانان- ائون نه---؟ اهو ماريو شيرل به ڪو ماڻهو آهي- +تون ڌيءَ ويٺي آهين، منهنجي دل پهريون ئي نٿي ٻوليو--! +پر چوندا آهن..... +شيرين ڪاوڙ مان اُٿي ٿي- +شيرين- مان اڄ ئي فريده ڏانهن ماڻهو موڪلي کيس گهرائي ٿي وٺان. +Cut. +سين ٻارهون +ڏينهن: +بهادر خان جي اوطاق- شيرل کٽ تي اڌ آهليو پيو آهي- هٿ ۾ ڪڪڙ اٿس جنهن کي پيو ٿڦڪي- بشو شيرل کي زور ويٺو ڏئي- +(ٽهڪ) +شيرل بشوءَ کي مٿي تي هٿ هڻندي- +شيرل- واه ڙي پيلا واه تنهنجا جوهر؛ هڪ کڙهه سان خانوءَ جي ڪڪڙ جي اک ئي ٻاهر--! بابا اصل پشوري ڪڪڙ آهي اٿئي؛ اصلي ڳاوا گهه--! +بشو- ڀوتار، ذوقين مان به ڏٺا پر ٻيلي تو جهڙو خفتي ڪوئيٽا تائين ڪو نه ملندو. +شيرل- اڙي انڌا زور ڏي چڱي طرح. چمپي ڪر موڳا. اسان کي سمجهيو ڇا اٿئي؟ شيرل خان شيرل خان مان آهيان. +بشو- بيشڪ ڀوتار بيشڪ؛ تر ۾ تو جهڙو دل وارو مڙس نه ملندو. +شيرل- متان نه مڃين! ميلي تي ڏسجانءِ ڍڳن جي گوءِ، خميسي کي ڪوهن تي نه ماريان ته منهنجو نالو ناهي. +بشو- گوءِ کٽڻ ته ڀوتار توکان ڪو سکي--! +شيرل- اڙي اڃان ته پٽ ڄمڻ ڏينم، مولا ڄاڻي اهو مجرو ڪرائيندس جو ماڻهو ڏندين آڱريون ڏيندا. ٻيو--؟ فلم ايڪٽراڻيون گهرائيندومان. +بشو- هائو ڀوتار--! +شيرل ڪڪڙ بشن کي ڏئي ٿو ۽ پاڻ ٻاهر وڃي ٿو- +Cut +شيرل- چڱو ڇڏ جند، مان حويليءَ ۾ ٿو هلان، تون وڃي پيلي کي گهمائي اچ. +سين تيرهون +ڏينهن: +بهادر خان جو گهر- +فريده جو ڪمرو- +فريده ڀرت ڀريندي ڪنهن سوچ ۾ گم آهي- شيرل اندر اچي ٿو- +فريده شيرل کي ڏسي ڀرت رکي اُٿي ٿي- +شيرل- سوٽ، ويٺي آهين اونڌي منجي ڪيو--! اڙي ڪو کِل، ڪو ڳالهاءِ؛ مولا جو سنهن، ڳڻتين ۾ ئي ڳري ويندينءَ. +فريده وڃڻ لاءِ مڙي ٿي- +فريده- مان توهان لاءِ ماني کڻي اچان. +شيرل- ڇڏ اءهي اجايون ڳالهيون سوٽ! اچ ته توکي ٺاهوڪي ڳالهه ٻڌايان. اڄ مون واري پيلي پٽ ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو. +فريده- پيلو پٽ--؟ +شيرل- اڙي اُهو منهنجو ڪڪڙ! ٻيو ڪير--؟ +فريده بيرخيءَ سان وڃڻ لڳي ٿي- +(غصي ۾) +شايد اسانجي منڊم کي اها ڳالهه ڪا نه وڻي! باقي ڇا ٿو وڻئي--؟ پائوڊر، سرخي، ڦيشن. +فريده- مونکي انهن ڳالهين سان ڪا دلچسپي ناهي. +شيرل- ڪڙڪو نه ڪر. +فريده- مان ان قسم جي گفتگو تي هريل ناهيان. +زوريءَ پاڻ ڏانهن ڪندي- +ڀاڳل ٻاهران الر ڪندي +شيرل ڏانهن اچي ٿي- ۽ ڪڙڪو ڪندي چويس ٿي- +شيرل- مڙس مان آهيان؛ تون ناهين جو مون تي حڪم هلائين. +فريده- زال مڙس ته زندگيءَ جي ڏکن سکن جا ساٿي ٿيندا آهن پر خوشي ته مون هن گهر ۾ اچڻ کانپوءِ ڏٺي ئي ڪانهي؛ +شايد منهنجي نصيب ۾ تر جيتري خوشي به لکيل ناهي. +ڀاڳل- اڙي او جوءِ جا مڄو؛ ڇا ته ٿي ڳالهائي پئي اسان کي تنهنجي زال! ويٺو ٿو ٻڌين--! هڻيس نٿو منهن وارو ڌڪ...! +فريده- چاچي مون ڪا به غلط ڳالهه ڪا نه چئي آهي. +ڀاڳل- ها، ها؛ غلط ته اسان ٿا ڳالهايون. اسان چور، اسان جاهل؛ اڙي ٻڌين ٿو ڇورا. +فريده- اوهان خواه مخواه ڳالهه کي وڌايو ٿا. +ڀاڳل- اڙي هائي ڦريس؛ هيءَ ته مونکي منهن تي ٿي ٻڌائي! مون ته پهريون ئي پڻهين کي چيو هو ته نه وٺجانءِ هي شهري ڇوري؛ پر چوي ته ڀاءُ سان ٿو خير ڪيان! هاڻي ڏي منهن. +بهادر- اڙي ڀاڳل، ڇو اچي آسمان مٿي تي کنيو اٿئي--؟ +ڀاڳل- ٿيندو وري ڇا--؟ ننهڻين ست سريون ٻڌائي وڃي پار پئي آهي؛ نه ڇڏي اٿائين مئي ۽ نه ئي جيئري! مان رڳو ’تنهنجي سر کي ڏسي چپ ڪيو ويٺي آهيان! نه ته آنڊا ڪڍانس آنڊا! +بهادر- ڇوڪري تنهنجو دماغ وڃي ٿو ڦرندو. اڄ سس سان مهاڏو اٽڪايو اٿئي، سڀاڻي مون سان سامهون ٿيندينءَ--! +فريده- اهو وڙ آهي چاچا--! +اِهو سڀ ڪوڙ آهي. منهنجو هن ماحول ۾ دم ٿو گهٽ��ي، مان هت تڙپي تڙپي مري ويندس. +شيرل- دم ٿو گهٽجي جو هِت آهن پابنديون. هن وانگر ٺينگ ٽپا ڪونهن، ڪوٺن تان اشاري بازيون ڪونهن. +ڀاڳل- صدقي وڃانءِ پٽ، ائين ڪو دٻائينس. باقي مونکي اهي ٿي تارا ڏيکاري جو بس ڀلي! +بهادر- تارا وڃي پيءَ کي ڏيکاري؛ هن گهر ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻو پوندس. +فريده- چاچا...! +اوچتو سندس نظر نعيم تي ٿي پويس جو آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو آهي- +بهادر خان ٽوڪ مان- +فريده ڀاءُ کي ڏسي رڙ +ڪري ڏانهنس ڊوڙي ٿي- نعيم کيس ڳراٽڙي پائي ٿو- +فريده ڪمري ڏي مڙي ٿي- +نعيم شيرل جي سامهون ٿي غصي ۾ چوي ٿو- +بهادر- گهڻي زبان نه هلاءِ. +هائو ٻيلي! مان به چوان ته وڇ ڪِلي تي ٿي ڪُڏي! +فريده- ادا--! +نعيم- مان فريده کي وٺڻ آيو آهيان چاچا. +بهادر- ترس ڇوڪري، تون نه ويندينءَ! +نعيم- چاچا، فريده منهنجي ڀيڻ آهي. +بهادر- فريده منهنجي ننهن آهي. +شيرل- هوءَ منهنجي زال آهي، مان اهو به برداشت نه ڪندس ته هوءَ توهانجي اشاري تي گهر ڇڏي هلي وڃي! جيڪڏهن اهڙي ڪا به ڪوشش ڪيائين ته مان سندس سر لاهي ڇڏيندس. +نعيم- ڀاءُ جي آڏو ڀيڻ جي توهين مون لاءِ ويڻ آهي شيرل. +ڀت تان ڪهاڙي لاهي ٿو- +نعيم شيرل ڏي وڌي ٿو- +فريده ٻنهي جي وچ ۾ اچي ٿي ۽ ايلاز ڪندي چوي ٿي- +نعيم ڪجهه چوڻ چاهي ٿو- پر فريده جي ايلازن تي نعيم ڪنڌ جهڪائي هليو ٿو وڃي- فريده هٿن ۾ منهن ڏيئي روئي ٿي- ٽهڪ ڏيئي- +شيرل- مان توکي به ڏسي وٺندس. +نعيم- شيرل...! +فريده- ادا، تون هتان هليو وڃ. +نعيم- پر فريده...! +فريده- مان توکي ٻانهون ٿي ٻڌان ادا! توکي منهنجو قسم، هليو وڃ، هليو وڃ هتان ادا. +شيرل- ها ها ها! ويو هليو! گيدي ڊڄڻو--! +Cut +سين چوڏهون +ڏينهن: +حاڪم عليءَ جو گهر- +نعيم جو ڪمرو- +نعيم اُداس ويٺو آهي- +جنت تي ڪلوز کلي ٿو- هوءَ نعيم جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي رهي آهي- +جنت- مونکي افسوس آهي نعيم، مان تنهنجي آڏو شرمسار آهيان. +نعيم- نه جنت، ان ۾ تنهنجو ڪو ڏوهه ناهي. +جنت- مونکي پڻ ويچاري فريده جو ڏک ٿيندو آهي، پر مان ڪري به ڇا ٿي سگهان--! مونکي ته اهو به خوف ورائي ويو آهي ته ڪٿي منهنجي مائٽن جي بدسلوڪي توهان کي مون کان ڌار نه ڪري ڇڏي. +نعيم- نه جنت نه، ائين نه چئه. +جنت- خدا ڪري شل اسان هميشه ائين کير کنڊ رهون- +Cut. +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +سين پندرهون +ڏينهن؛ +حاڪم علي جو گهر- +ڊرائينگ روم- +شيرين صوفي تي ويٺي آهي- ڀر ۾ ڀانان ويٺي اٿس. +ڀانان- ائي امڙ؛ تون ڌيءَ ويٺي آهين ڪهڙي لڪايانءِ؛ هڪ طرف ته تنهنجي ڌيءَ سان ههڙيون تعديون. ٻئي طرف پٽهين سڄو سارو جوءِ جو غلام آهي. +شيرين- بس ڙي ماسي، اڄ جو زمانوئي اهڙو آهي. +ڀانان- اهي ته امڙ تنهنجا جگر آهن ائي ٻڙي ڳالهه ته ٻڌ؛ ٻڌو اٿم ته ڌيءَ فريده به پورن ڏينهن سان آهي....! +شيرين- ها ماسي؛ ان ويچاريءَ جو ته ڏک کائيندو ٿو وڃيم. +ڀانان- ته پوءِ گهرائينس ڇو نٿي--؟ نياڻيون پهريون ويم ته پيڪين ڪنديون آهن- +شيرين- منهنجي ڪو ٻڌي به ته سهي. +ڀانان- ننهڻين ڪيئن ٿي هليئي--؟ +شيرين- قادر ڪڍيس، مُئي نه ڪم جي نه ڪار جي؛ اچي نعيم جو پيءُ ته اڄ ئي ٿي تکو ڪيانس ته وڃي ڌيءَ کي وٺي اچي. +Cut +سين سورهون +ڏينهن: +بهادر جو گهر- +ڪمرو- سين فريده جي ڪلوز تي کُلي ٿو جا تڙپي رهي آهي- +ڀاڳل کيس ڏسي موڙو ڏيئي منهن ڦيري هليو ٿي وڃي- +Cut +ڪڪڙ جو ڪلوز جو زخمي آهي- +زوم بيڪ ڪيون ٿا ته ٻه ڪڪڙ وڙهي رهيا آهن- ۽ شيرل ۽ ساٿي سندس حمايت ۾ آواز ڏيئي رهيا آهن- +Cut. +فريده جي تڙپندڙ منهن تي اچون ٿا- پوءِ ديوار تي لڳل ٻار جي تصوير تي ٿا وڃون- ٻار جي روئڻ جو آواز O/L ٿئي ٿو. +Cut. +ڪڪڙن جو ميل- +بشن ڊوڙندو اچي ٿو ۽ ڪن ۾ ڪجهه ٻڌائي ٿو- شيرل خوشيءَ وچان نوٽ هوا ۾ اُڇلي ٿو- +Cut. +فريده پنهنجي ٻار سان- +فريده جي اکين ۾ مامتا آهي- هوءَ ٻار کي پيار ڪري رهي آهي- +Cut. +شيرل اوطاق ۾ شراب پي رهيو آهي- ساٿي پڻ شامل اٿس- نچڻي ناچ ڪري رهي آهي ۽ شيرل مٿس نوٽ گهوري رهيو آهي- فريده ٻار سان دل وندرائي رهي آهي- +Cut. +سين سترهون +ڏينهن؛ +بهادر جو گهر- +حاڪم علي موڙي تي ويٺو آهي، ڀرسان بهادر خان ويٺو اٿس- کٽ تي ڀاڳل ويٺي آهي ۽ ٿورو پرڀرو شيرل پنهنجي ڪڪڙ جي ٽهل ٽڪور ڪري رهيو آهي- +شيرل ٽهڪ ڏيندو حاڪم جي ويجهو اچي ٿو- +حاڪم اُتي شيرل جي سامهون ٿئي ٿو- +فريده اچي ٿي- +حاڪم- ادا خيال هوسين ته فريده کي پهريون ٻار ٿيندو ته گهر وٺي وينداسين؛ پر توهانجي ضد اهو به ڪرڻ نه ڏنو؛ هاڻي ته خيرن سان ننڍڙو به اچي ويو آهي. +بهادر خان- حاڪم خان چار ڏينهن مونکان ننڍو آهين، مون توکان وڌيڪ زمانو ڏٺو آهي؛ جنت تي توهان وڏا ظلم ڪيا آهن--! +حاڪم- هي توهان ڇا ٿا چئو ادا؛ جنت ته مونکي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي--! +ڀاڳل- هائو هائو ڇو نه؛ پاڻي پيئڻ جي مجال ناهي ڇوڪري کي. +حاڪم- ڀاڄائي نعيم جو ته منجهس ساهه آهي. +ڀاڳل- ائين ڇو نٿا چئو ته مورڳو ساهه ڪڍڻ جي پويان اٿس! +حاڪم- ڀاڄائي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ توکي ڳالهائڻ جو ڪو به حق ناهي. +بهادر- ڀاڳل سچ ٿي چوئي ته مچ ٿو وٺئي--! +حاڪم- مان هت بيعزتي ڪرائڻ نه آيو آهيان. +شيرل- توهانجي عزت به ڪا ڪچي رنگ جي آهي چاچا؛ ڳالهه ڳالهه تي لهي ٿي پوي. +حاڪم- شيرل تون بدتميز ٿيندو ٿو وڃين. +شيرل- چاچا چڱائي انهيءَ ۾ اٿئي ته هتان هليو وڃ. +ڀاڳل- ها ها؛ ڪهڙيون چڱايون ڪيون اٿو منهنجي ڌيءَ سان جو هاڻي پٽڪو ٻڌي فريده کي وٺڻ آيا آهيو--! +حاڪم- جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ اڃ مان فريده کي ضرور پاڻ سان گڏ وٺي ويندس. +شيرل- فريده جو لاش هتان ٻاهر نڪرندو. +حاڪم- هوش ڪر شيرل--! +شيرل ٻار فريده کان کسي ٿو وٺي- +تڙپي اُٿي ٿي- هوءَ شيرل ڏانهن وڌي ٿي- پر شيرل کيس ڌڪو ٿو ڏئي- +سُڏڪندي- +شيرل فريده کي هٿ کان وٺي ڌڪو ڏئي ٿو- +حاڪم علي روئندي کيس سهارو ڏئي ٿو- +فريده- بابا، منهنجي ڪري پنهنجي بيعزتي نه ڪرايو؛ مان توهان لاءِ مري چڪي آهيان. +حاڪم- مان توکي هتان وٺي هلندس ڌيءَ؛ ننڍڙو ڪٿي آهي--؟ +شيرل- جيڪڏهن تنهنجي اِهائي مرضي آهي ته پوءِ ڌيءَ کي وٺي وڃ؛ ڪراڙا؛ ۽ منهنجي ڀيڻ کي موڪلي ڏي، باقي ٻار توهانکي هرگز نه ملندو. +فريده- نه نه، منهنجو ٻچو، منهنجو ننڍڙو! +شيرل- ننڍڙو توکي نه ملندو. +فريده- ائين نه ڪر، خدارا ائين نه ڪر--! +شيرل- هلي وڃ، نه ته توسان گڏ تنهنجي پٽ کي به ماري وجهندس! +فريده- منهنجي لال کي ڪجهه نه چؤ مان توکي پيرين ٿي پوان، هٿ ٿي ٻڌان، هن کي ڪجهه نه چؤ. +شيرل- هلي وڃ. +Cut. +سين ارڙهون +ڏينهن: +حاڪم علي جو گهر- +ڊرائينگ روم- +نعيم اُداس آهي- +شيرين سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس دلداري ڏئي ٿي. +نعيم اکيون کڻي فريده ڏانهن ڏسي ٿو؛ جا صوفي تي بي حس ويٺي آهي ۽ پوءِ ٻاهر هليو وڃي ٿو- شيرين فريده جي قريب اچي ٿي- همدردي مان- سڏڪندي- +سڏڪا- +حاڪم علي اُداس اندر اچي ٿو- +حاڪم غمگين انداز ۾- +فريده دانهن ڪري اُٿي ٿي- +سڏڪا- +فريده چرين جيان دروازي ڏي ڊوڙي ٿي- +وڃي ٿي- +شيرين- دل نه لاهه پٽ! خدا ڪندو ته سڀ ڏولاوا لهي ويندا. جنت کانسواءِ تون اٻاڻڪو ضرور ٿيو هوندين؛ پر ڀيڻ خاطر توکي اهو سڀ سهڻو آهي. +شيرين- فريده...! +فريده- امان--! +شيرين- نه رو ڌيءَ. +فريده- منهنجو ٻچو الائي ڪيئن هوندو امان؛ مون ته ک��س دل کولي پيار به نه ڪيو امان. +شيرين- خانداني جهيڙن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ڌيءَ--! +فريده- باهه لڳي اهڙي خاندان کي جو ماءُ کان بچو ڌار ڪري- +مونکي منهنجو ٻار گهرجي امان. +شيرين- توهان اچي ويا--؟ ڇا ڳالهه آهي--؟ +حاڪم- ڪجهه ناهي. +شيرين- سچ سچ ٻڌايو ڇا ڳالهه آهي--؟ +حاڪم- ڳوٺان بشو آيو آهي، چوي ٿو ته فريده جو ڪڪو سخت بيمار آهي. +فريده- منهنجو ٻچو بيمار آهي--؟ ننڍڙو بيمار آهي--؟ +حاڪم- صبر ڪر ڌيءَ! +فريده- ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏيئي ڦٿڪڻ کان منع ٿا ڪريو بابا؟ +منهنجو هينيون اڌ ٿي پيو آهي؛ روح رتوڇاڻ ٿي چڪو آهي. +شيرين- ٻيو ڇا چيو بشوءَ--؟ +حاڪم- چيائين ته ننڍڙي جي بچڻ جي ڪا به اُميد ناهي! شيرل ۽ بهادر خان کيس شهر اسپتال ۾ وٺي ويا آهن. +فريده- مان ڪهڙي ماءُ آهيان؟ منهنجو ٻچو مري رهيو آهي ۽ مان هِت ويٺي آهيان--! +حاڪم- خدا چڱي ڪندو پٽ! +فريده- نه بابا، مونکي وڃڻ گهرجي؛ مونکي منهنجو پٽ سڏي رهيو آهي؛ هو آسائتين اکين سان مونکي گهري رهيو آهي! مان وڃان ٿي. +حاڪم- فريده هنن سان اسان جو جهيڙو آهي-! +فريده- منهنجو ڪنهن سان جهيڙو ناهي، مونکي منهنجو پٽ گهرجي مونکي ننڍڙو گهرجي بابا. +شيرين- پر ماڻهو ڇا چوندا--؟ +فريده- ڀڃي ڇڏيو ڪوڙي عزت جا ڪوڙا ڪوٽ. +ٻوڙي ڇڏيو ڏيکاءَ جا ڪچا قلعا--! +ماءُ جو پيار سڀ کان وڏي حقيقت آهي- مان وڃان ٿي. +Cut +سين اوڻيهون +ڏينهن: +اسپتال جو ڪمرو- +ٻار بستري تي مئو پيو آهي. چادر سان لاش ڍڪيل آهي- شيرل بيڊ تي ڪنڌ رکي، منهن هٿن ۾ ڪري روئي رهيو آهي- بهادر ڀرسان بيٺو آهي- فريده ديوانن جيان رڙيون ڪندي اندر اچي ٿي- +فريده- ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي منهنجي اکين جو تارو--؟ +ڪٿي آهي منهنجو جيءءُ جيارو-؟ مان پڇان ٿي منهنجو ٻار ڪٿي آهي--؟ +شيرل ڪنڌ مٿي کڻي- ٻار تي جهڪي- +شيرل- فريده ڪڪو...... +فريده- هاها؛ منهنجو ڪڪو؛ پر هي ڳالهائي ڇو نٿو؟ هٿ پير ڇو نٿو چوري--؟ +پٽ مان تنهنجي ماءُ آهيان! +اکيون کول ننڍڙا--! +روئندي- +شيرل- هي اسان کان رسي ويو آهي فريده--! +فريده کي صدمو رسي ٿو هوءَ رڙ ڪري چوي ٿي- +ٽهڪ- +بهادر اکيون اُگهندي- +هڪ گرائونڊ ۾ شرناين جا آواز ۽ سهرا اُڀرن ٿا- +حاڪم علي اچي ٿو- +ڌيءَ کي مٿي تي هٿ رکي ٿو- +ٽهڪ +ٽهڪ +فريده چرين جيان ڪڏهن روئي ٿي ته ڪڏهن کِلي ٿي ۽ پوءِ در کي جهلي سڏڪي ٿي- +- Freeze- +فريده- نه نه؛ اهو ڪوڙ آهي--! +ڏس هو اکيون کوليو اٿائين- مونکي +پاڻ ڏانهن پيو سڏي--! +ڀلا ماءُ کان به ڪو ٻار رسندو آهي--! +توهان رئو ٿا--؟ +بهادر- فريده ڌيءَ....! +فريده- منهنجو پٽ ته ڄاڻ جوان ٿيو؛ مان سندس شادي ڪرائيندس ڌام ڌوم سان. +گانا بجانا ٿيندا، سهرا گونجندا، شرنايون وڄنديون، جهڙيون منهنجي شاديءَ تي وڳيون هيون. اهي آواز ٻڌو ٿا نه--؟ +حاڪم- فريده هوش ڪر پٽ--! +فريده- توهان به اچي ويا بابا؛ اڄ توهان به ته خوش آهيو نه بابا! +توهان جو خاندان پرچي ويو آهي. ڏس؛ اسان سڀ هڪ هنڌ گڏ آهيون نه بابا--! +اسان سڀ گڏ آهيون---! +اسان سڀ گڏ آهيون بابا--!! +- The End- +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +شڪست +هوا جو آواز، بتيءَ جو لُڏڻ، سگهڙ ننڊ ۾ پاسا بدلائي ٿي، ڄڻ ڪو ڀوائتو ننڊ ۾ پاسا بدلائي ٿي، ڄڻ ڪو ڀوائتو خواب ڏسي رهي آهي. هوا جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندي ٿي وڃي ۽ ان رفتار سان سگهڙ جي بيقراري پڻ. +هاڻي طوفان جي آواز سان گڏ رئيس جا خوفناڪ ٽهڪ پڻ شامل ٿي وڃن ٿا. سگهڙ جي منهن تي خوف ۽ ڏک جا آثار اُڀرن ٿا. هوءَ اهڙي طرح تڙپي ٿي ڄڻ ڪنهن آفت کان پاڻ ڇڏائيندي هجي. +ٽهڪ وڌندا وڃن ٿا، ۽ پوءِ بندوق جو فائر پڙاڏي ۾ گونجي ٿو. +سگهڙ چيخ ڪري اُٿي ٿي. اکيون ڦاڙي حراس وچان چئني پاسي نهاري ٿي ۽ پوءِ نڍال ٿي، منهن هٿن ۾ ڏئي روئي ٿي. +TITLES +Desolve +سين: 2 +ساڳي ئي منظر تي فيڊ ان ڏينهن جو ڏيک، سگهڙ کٽ تي ليٽي پئي آهي هوءَ روئي رهي آهي. سندس ڀر ۾ سندس ماءُ ويٺي آهي. +ماءٌ- رات ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هيئي سگهڙ--؟ +سگهڙ لڙڪ پيئندي ڪنڌ سان ها ڪري ٿي- +سگهڙ ماءٌ کي چهٽي پوي ٿي- +ماءُ- خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا آهن چري! خوابن تي ويساهه ڪرڻ ڇڏي ڏي. مان تنهنجي ماءُ آهيان سگهڙ. مان تنهنجو درد سمجهان ٿي، تنهنجا لڙڪ سڃاڻان ٿي. تنهنجون محروميون ۽ پنهنجون مجبوريون ڄاڻان ٿي ڌيءَ--- اسان جي ڪوٽن ۾ عورت جي ڪوڪ اڄ تائين ڪنهن نه ٻڌي آهي. تون به عورت آهين؛ منهنجي بدنصيب ٻچڙي، تون به عورت آهين. تنهنجي خطا صرف اِها آهي جو تو وڏيرڪي گهر ۾ جنم ورتو. +....تنهنجي چوڌاري ڪوڙي غرور جا قهري ڪوٽ اُڀا آهن. خانداني عزت ۽ غيرت جي تيز ترار لٽڪيل آهي. دولت جي بيرحم ديوار اُچي آهي- تون رئيس جي ڀيڻ آهين. +سگهڙ- امان--! +ماءُ- نه رو منهنجي ڌي، روئڻ سان تقديرون نه بدلبيون آهن. زندگيءَ کي زهر سمجهي پي وڃ منهنجي مٺڙي اسان جي حويلين جو اهوئي دستور آهي. اسان ڪيڏا نه مجبور آهيون. اسان ڪيڏا نه لاچار آهيون. +ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ٿا وڃن. هوءَ رئي سان اکيون اگهندي ٻاهر ٿي وڃي. سگهڙ ڇت کي گهوريندي ٿي رهي. +ماءُ سگهڙ جي ڪمري مان نڪري ڊرائنگ روم مان لنگهي ٻاهر هلي ٿي وڃي. ڊرائنگ روم ۾ گهر جون ٻه نوڪراڻيون ايمڻا ۽ جانل ڇنڊ ڦوڪ ۽ پوچيءَ ۾ مشغول آهن. ماءُ کي ويندو ڏسي جانل پوچو زمين تي ڦٽو ڪري ايمڻا کي سڏ ٿي ڪري- +ايمڻا ڇنڊ جو ڪم ڇڏي هوشياريءَ سان آهستي آهستي اچي در وٽ بيهي ٿي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي ٿي، در جي اندران سگهڙ ڪن ڏئي سندن ڳالهيون ٻڌي ٿي. +جانل- ش- ش، ايمڻا هيڏي ته اچ. +ايمڻا- ڇاهي--؟ +جانل- خبر اٿئي، رات سانئڻ ننڍيءَ کي وري دورو پيو هو. +ايمڻا- جائي ٿي چوين--؟ +جانل- آئون ٻيو---؟ ريهون ته پاڙي وارن به ٻڌيون هيون. +سگهڙ جي منهن تي ڏک ۽ پيڙا جا تاثرات اُڀرن ٿا. +ايمڻا- ائي ادي مون ته اڳي ئي چيو ته سانئڻ ننڍيءَ کي فقير آهي، پر ڪنهن ٻڌي ئي ڪا نه. +جانل- فقير ٻڪير وري ڦلهيار، ويٺل نياڻين جو اِجهو اِهو حال ٿيندو آهي. رئيس جي پُڦي ڪو نه اڇي مٿي تائين ويٺي رهي. ويچاري مرهيات کي +اچي جو دورو پوندو هو ته راڄ رڙيون ٻڌندا هئا. +ايمڻا- ائي نڀاڳي آهستي ڳالهاءِ، رئيس ٻڌي ورتئي ته بُهه ڀرائي ڇڏيندءِ. +جانل- هونهه! رئيس کي شراب ڪباب کان ته مهلت ملي. ڪاري ماءُ پئي ڳالهه ڪئي ته هاڻي وري نوران جي پٺيان پيو آهي. +ايمڻا- شاهاڻو ٻار آهي، انگل ته ڪندو نه. +جانل- ڀيڻ، مٿان ٿي موٽي آيس ته به مئو ڊپ کان شادي نٿو ڪرائيس ته ڪٿي حصو نه ڇڪيم ۽ پاڻ وتي ٿو راڄ جي نياڻين ۾ اکيون وجهندو. +ايمڻا- ائي جانل سچ پڇين ته مونکي سگهڙ جو ڏاڍو ارمان اٿئي. سدا ملوڪ، مومل جهڙي زال ويچاري ويهي وئي. پر امان ڪا واهه به هجين. +جانل- چاچي ته گهڻائي وس ڪيس پر تريءَ تيلئي نه لائڻ ڏنس. +پر وارن وڏيرن چواين ته کين تريون ئي به هنيائين. +ايمڻا- ادري وڏا ماڻهو آهن. وڏن جون ڳالهيون به وڌيون. +جانل- ائي ڏٺي پئي آهي وڏ ماڻهپ. غريب آهيون، ڏکيا آهيون، بکيا آهيون پر نياڻيون وهاري ته ڪو نه ٿا ڇڏيون. پرائي آهه ته ڪو نه ٿا کڻون. اُهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. +ايمڻا- بس ڀيڻ، ويچاريءَ جي قسمت، حويليءَ ۾ ئي پئي پئي سڙي ويندي ويچاري. +سگهڙ وڌيڪ ٻڌي نٿي سگهي. هوءَ آهستي آهستي آئيني جي آڏو اچي بيهي ٿي ۽ پوءِ پاڻ کي ڏسڻ لڳي ٿي. +هلڪي مرڪ سندس چپن تي اچي ٿي پر پوءِ مٿي جا ڪجهه سفيد وار ڏسي سندس مرڪ غائب ٿي وڃي ٿي. +- ڊزالو - +تاجو هاٺي ڪاٺيءَ ۾ جانٺو جوان آهي. شهپر وڏا ۽ گهاٽا، اکين ۾ لاپرواهي مٿي تي پٽڪو، وڏي گهير واري سلوار ڀريل چولو، ڪلهي ۾ ڪارتوسن جي پيٽي، رانن تي دونالي بندوق، ٽنگون ڦهلائي مڳ ٿيو ويٺو آهي. هڪ نوڪر کيس زور ڏيئي رهيو آهي. +ٻاهران ٻنڀي وٽان، جنان لمڪا ڏيندي وڏي واڪي ڳالهائيندي اندر اچي ٿي. جنان ڪراڙي زال، اجرڪ ويڙهيل، ڳالهائڻ ۾ بلا، ناز نخرو، چالاڪ ۽ مڪار، ڳالهائڻ جو رنگ ڍنگ ڌوتين جهڙو. هٿن ۽ اکين جا ترڪتال به خوب ڄاڻي. جتان ڪڙڪو ڪندي اوطاق جي مهڙ وٽ ويٺل توبچي ڏانهن اچي ٿي. توبچي آئيني مان منهن ڪڍي ڏانهس نهاري ٿو. +جنان- مُئو. نپٽو آئٽو. شل ڪاريءَ تي پير پويس. شل ڳاٽو ڀڄيس، ڪندو منهنجو مولا ته ڪيڙا پوندس؛ شل لاش رلندس گهٽين ۾. +توبچي گهٽ تان ويٺي ئي مزو وڻندي پڇي ٿو- +رئندي +توبچي- مائي جنان وري ڪنهن سان وڙهينءَ؟ +جنان- اڙي ابا، اهو ٽانڪيءَ نڪتو ولو ٻيو ڪير--؟ خدا غارت ڪريس. نه مري ٿو نه منجوئي ڇڏي ٿو. نڀاڳو، نه ڪنهن ڪم جو ۽ نه ڪنهن ڪار +جو. سڄو ڏينهن آڻ ۽ آڻ پئي ٿي پويس. +توبچي- ڪم ڪار ڪو نه ڪري ڇا--؟ +جنان- انهيءَ سنڌن سُڪي کان ڪهڙو ڪم ٿيندو. جوانيءَ ۾ ته ماڻهن جا ٻيلهپا ڪري، مُئي ڳاٽي لٿي کي کارايم، هاڻي پيريءَ ۾ ڪهڙو ٽاڪرو هڻان--؟ +....اڙي ابا رحيمون، ان نڀاڳي جون اندر ۾ اٿم رت جون مانيون. +توبچي- صبر ڪر مائي، وري به مڙس اٿئي. مڙسن جا حق وڏا ٿيندا آهن. +ڳوڙها اُگهندي +جنان- هائو ابا، سچ ٿو چوين. الله الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي. توبه ٿئي منهنجا مولا تنهنجي در تي. شل قادر ڪرم ڪندين. +رازداراڻي نموني ۾ +رحيمون- رئيس ته اندر آهي نه--؟ +توبچي- ها، ها، اوطاق تي آهي. رات ڪي مهمان لٿل هئا، وڏي محفل متي، خوب کاڄا پيڄا ٿيا. صبح ٿيندي ئي هنن ته ڪئي الهه واهي، باقي +ڀوتار هوندو خمارن ۾. +جنان اندر وڃڻ لڳي ٿي +جنان- ته پوءِ وڃي ٻه ڳالهيون ٻڌائي اچنس. موٽي وڃي مُئي کي نيرن گهڙي ڏيان. +توبچي ڏانهس معنيٰ خيز نظرن سان ڏسي مرڪي ٿو +توبچي- مائي ڪا اسان جي به ڳڻ اٿئي يا مورڳو وياسون دل تان لهي؟ +جنان- ابا، جيئن دير تيئن خير! اهڙي وني پرڻائيندي مانءِ جو يا عمر پيو دعائون ڪندين، ها. +جنان اڳتي وڌي ٿي- گلو ۽ کُدو ڪرڪندي بيهي ٿا رهن- هڪٻئي ڏي ڏسي مرڪن ٿا. +گلو پگهر اُگهندي +گلو- مائي جنان، خوش آن--؟ +جنان- ابا خير هوندءِ، خوشي ڪهڙي پٽ! پيريءَ جو پهر آهي. شل خير جي گذاري. +کُدو- ڀوتار لاءِ مڙئي ڪا چڱي خبر آندي ٿي ڏسجئي. ڪيئن آهي نه سچ---؟ +کُدو ڏند ڪڍي کِلي ٿو +جنان- مُئا مستي توکي به گهڻي آ، جوڻهي +ڇيڪ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا--؟ +جمعو ٽيبل تان ٿانءءَ ميڙيندي وچ ۾ چوي ٿو- +جمعو- نه مائي، جوڻهس ته بندوق ڀريو ويٺي اٿس ٻارهوئي. اِهو چنڊو رئيس جي بچي سچي چڪي پي ڇتو ٿيو اٿئي. +خالي بوتل ۽ گلاس ڏيکاريندي- +گلو- مائي جنان، جي مڙسي ڪرين ته همراهه مارائي ڏيانءِ. +جنان- اهو وري ڪيئن ڙي گلو--؟ +گلو- شوق اٿس ٻيءَ شاديءَ جو. مولا بخش واري ٽهاڻ تي دل ٿي اٿس. جي اهو ڪم ڪرائي ڏين ته وه و اه ٿي ويندي. +جمعو- ائون منهنجو ڪم اڌ ۾ رهيو-؟ +جنان- هاڻي تون ته بس ڪري ويهه کڳا، اڇو مٿو اتو خراب. +جمعو شڪي ٿئي ٿو- گلو ۽ کُدو مٿس کلن ٿا- مائي جنان موڙو ڏئي ورانڊي ڏي وڌي ٿي. تاجوءَ کي ڏسي خوشامداڻي لهجي ۾ چوي ٿي- +جنان- ابا تاجن، خوش ته آهين نه--؟ +تاجو ڪو جواب نٿو ڏئي اکيون کڻي جنان ڏانهن نهاري ٿو- سندس چپن تي هلڪي مرڪ اچي ٿي. جنان مرڪندي ��وي ٿي +جنان- شال خوش هوندين، ٻچا ڀرئي ڳوٺ ۾ اڪيلي تنهنجي سر کي ڏسي خوش ٿيندي آهيان پٽ. +تاجوءَ کي زور ڏيندڙ نوڪر کي ڏسي ڳالهه بدلائيندي- +.... رئيس ۾ ڪم هوم نه ته ٻاهر نڪرڻ جهڙي ناهيان، جڙئين. +جنان در کولي اندر وڃي ٿي. تاجو هڪ دفعو وري اکيون بند ڪري پنهنجي منهن مرڪي ٿو. +- ڪٽ-- +سين – 2 +ڏينهن +رئيس جي اوطاق جو اندريون منظر- چڱي +نموني سينگاريل ڪمرو-ديوارن تي هرڻن جون سريون، بندوقون وغيره سينگاريل آهن. هڪ پاسي پلنگ رکيو آهي، جنهن تي رئيس ڪريم بخش خان اونڌو ستو پيو آهي. هڪ نوڪر کيس زور ڏيئي رهيو آهي- ڪمري جي وچ تي صوفو سيٽ ۽ وچ ۾ سينٽر ٽيبل رکيا آهن. ٽيبل تي بوتل گلاس ۽ سگريٽن جو پاڪيٽ رکيا آهن- ڀر ۾ ئي روالور ۽ ڪاتروسن جو پٽو پڻ رکيا آهن. +جنان در کولي اندر اچي ٿي- نوڪر کيس آڱر سان خاموش رهڻ جو +اشارو ڪري ٿو- پر جنان کيس اشاري سان ڇڙٻي رئيس جي مٿن کان وڃي ٿي. +رئيس پاسو ورائي جنان کي ڏسي ٿو- ننڊا کڙين اکين ۾ خمار آهن. +اوٻاسي ڏيندي. +جنان- صدقي وڃان رئيس، گهور ٿيان ٻچڙا....آرامي آهين ڇا--؟ +رئيس- مائي جنان آهين--؟ +پَٽ تي ويهي جنان رئيس جي مٿي کي زور ڏيڻ شروع ٿي ڪري. +رئيس نوڪر کي اشارو ڪري ٿو، نوڪر سگريٽن جو پاڪيٽ آڻي کيس ڏئي ٿو. +رئيس سگريٽ دکائيندي +نوڪر کي اک جي اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو چوي ٿو- +نوڪر وڃي ٿو +رئيس ٻٽون مان ڏهين جو نوٽ ڪڍي جنان کي ڏيندي چوي ٿو- +جنان نوٽ وٺي رئي جي پلوَ ۾ ٻڌي ٿي.. +جنان- قربان وڃانءَ، ساڳي تنهنجي گولي آهيان، جواني ماڻين، تنهنجي در جي ٻانهي آهيان. شل ويرون وير وڌندين، شل ڪوسو واءُ نه ڏسندين، منهنجا رئيس سهڻا. +رئيس- ڪر خبر مائي جنان، ڇا حال اٿئي-؟ +جنان- بس پٽ، نه پڇ سورن جون ڪهاڻيون، جيسين داڻو پاڻي آهي تيسين ته جيئڻو ئي پوندو. خدا ناس ڪندو ان مئي ولوءِ کي چوي ته ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيان. ڪو ويهي کٽ تي کارائيم، ٻار هو ئي گهر ٽمجهڻ وجهيو ويٺو آهي موالي. سلفي هجيس ۽ پاڻ هجي. مون ڪجهه چيو ناهي ۽ بتليو ناهي. +رئيس- ان ولوءِ کي ته مان هاڻي ئي گهرائي موچڙن جي ٺاهوڪي مار ٿو ڏيان. تون ٻڌاءِ ڪهڙي خبر آندي اٿئي--؟ +جنان- خدا مڙئي چڱي ڪندو رئيس، دل ڇو ٿو لائين. +رئيس- پر به، آخر ٻڌان ته سهي. +جنان- ڇوري آهي الڙ، سمجهي ئي نٿي. +گهڻيون ئي لاهيون چاڙهيون ڏنيون مانس، لالچ، دڙڪو، دهمان، پيار، محبت، سڀڪجهه آزمايم پر تِريءَ تيل ئي لائڻ نٿي ڏئي. +رئيس- ته چئبو ته تو هن ڀيري آڻ مڃي. +جنان- جنان اڄ تائين ته آُڻ نه مڃي آهي رئيس، پر---! +رئيس- پر ڇا---؟ +جنان- صدقي وڃان سهڻا پٽ، آهين اُٻهرو، ڪٿي ڪو خۡنام نه مچائي وجهين، ان لاءِ ٿي ڪيٻايان. +رئيس- مائي جنان، مون اڃا تائين انڪار جو لفظ ٻڌو ئي ناهي. مون جو چاهيو آهي، سو ضرور حاصل ڪيو آهي. ٻڌاءَ، ڇا ڳالهه آهي--؟ +جنان- ڇا ٻڌايان رئيس،اها سڄي شَهَه رمضان جي اٿئي. +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 + + +رئيس پلنگ تان اٿي ڪمري ۾ پسار ڪري ٿو. +رئيس- ڪهڙو رمضان---؟ +جنان- نوران جو مڱيندو.خميسي وارو پٽ. چوائي مُڪائين ته ٻنيون ۽ ونيون مئي مارائي بنا نه ڏبيون آهن. +رئيس- ته اِها ڳالهه آهي. +جنان- مون ته نوران جي پيءُ کي به چيو ته مڱڻو ٽوڙائي، ٻانهن رئيس کي ڏي، پر مئو مڇرجي پيو، اُتان پيو اچي جتان ڪوڙو نه موٽي. +رئيس- ٽڪي جو ڪڙمي، منهنجي ٽڪرن تي پليل، نمڪ حرام ڪتو. سندس اها مجال. +جنان- ڪاوڙ نه ڪر صدقي وڃانءِ، ڀلا تنهنجي جُتيءَ ۾ ڪو پير وجهندو؛ مون ته مئي کي گهڻو سمجهايو پر مڙئي گهڻي پئي ڏٺس. +رئيس- مائي جنان. +جنان- گهور وڃي جنان. +رئيس- مون نوران کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀڪجهه ڪيو، پر معلوم ٿيو ٿئي ته پاڻي سرئون تار ٿي چڪو آهي. +ڪاوڙ ۾ +ڊڄندي، ڪنبندي +ڪاوڙ ۾ +ڊڄندي ڊڄندي جنان ٻاهر وڃي ٿي- ۽ رئيس پسار ڪري سوچڻ لڳي ٿو. +جنان- خير گهر رئيس، نڀاڳ کنيو اٿن ڄاڻ ته منهن ڀت سان لڳن. +رئيس- جو ڪم تون نه ڪري سگهينءَ سو تاجو ڪندو. +جنان- تاجو--؟ +رئيس- ها..... هاڻي سواءِ تاجو جي ٻيو انهيءَ مرض جو علاج نه رهيو آهي. +جنان- نه نه.... رئيس نه... ائين نه....جا نهن سان ڇڄي تنهن کي ڪاتي نه هڻجي....تاجو... توبهه ڪيو رئيس. +رئيس- هاڻي ڪاتيون نه ڪهاڙيون ڪم ڪنديون مائي جنان، تاجو کي تون سڃاڻين ٿي---! +جنان- نه نه... +رئيس- نه نه ڇا جي... هاڻي تنهنجو ڪم پورو ٿيو، آئون ڄاڻان منهنجو ڪم... تون هل. +-ڊزالو- +سين 3 +ڏينهن؛ +رئيس جي حويلي- رئيس جي ماءُ کٽ تي ويٺي آهي. جنان سندس ڀرسان پٽ تي ويٺي آهي. ٿورو پرڀو رئيس جي جواني کان ڪجهه موٽيل ڀيڻ سگهڙ ويٺي ٿي ڀرت ڀري. +ماءُ- ائي ادي جنان، انهيءَ سور ته اندر ئي ساڙي وڌو اٿم. نياڻيءَ جو بار ڪلهن تي نه هجيم ها ته جيڪو ڪڏهو ڪو وڃي قبر ۾ سکي ٿيان ها، پر ڇا ڪيان؟ +ماءُ- امڙ! اِهي ڳالهيون ئي نه چور، هانءُ ڳريو پيو اٿم، منهنجي گهر واري مرهيات جي پنهنجي ڀاءُ سان جيئري ئي ڪانه پئي، مئيءَ ملڪيت جاني جدا ڪري ڇڏيا. ڪي سال ته منهن ئي ڪونه ڏٺائون هڪ ٻئي جو. هاڻي سڱ لاءِ چوايائين ته ڪريم بخش پٽ تريون ئي ٻه هنيس. +سگهڙ ڏک ۽ تڪليف سان ڳالهيون ٻڌي رهي آهي. ماءُ جنان جي ڳالهه ڪٽي سگهڙ کي سڏ ڪري ٿي. +جنان- ها امان، رئيس ته آهي چڻنگ، شل نه ڦوڪ اچيس. +ماءُ- جيئي بچي شال، هڪڙو ئي پٽڙو اٿم. جي ٿي سگهڙ جي شادي ڪرايان ته ملڪيت ٿي ورهائجي. ان ڪري مٺي به +ماٺ مٺي به ماٺ، دل جو سورو دل ۾. +جنان- پر ٻڙي ملڪيت ڪاڻ جو وياءَ ويهاري ڇڏبا ڪيئن---!؟ +ماءُ- بس پوءِ ادي، وڏيرڪن گهرن جا ته اهي ئي رواج آهن. منهنجي مڙس مرهيات به پنهنجيءَ ڀيڻ کي قرآن بخشائي ڇڏيو هو. مرندي مري وئي، حق نه ڪيائين. +جنان- هئه هئه ادي... اهو ته ڪيس ٿيو، جواڻ جماڻ ملوڪ جهڙي ڌيءَ. +ماءُ- سگهڙ +سگهڙ- جي امان. +ماءُ- ڌيءَ ڪڪڙين کي ته ڪو داڻو ڏئي آ. بک تي هونديون ويچاريون. +سگهڙ بي دليءَ سان سيبي جو سامان رکي ٻاهر وڃي ٿي. +گوڏن تي هٿ ڏيئي چنگهندي اُٿي ٿي. +سگهڙ-اُهو ته مون ڪڏهو ڪو ڏنو اٿن امان. +ماءُ- ته پوءِ وڃي ايمڻا کي مانيءَ ٽڪيءَ جو سمجهائي اچ، ڄاڻ ته منجهند ٿي. +سگهڙ- حاضر امان. +ماءُ- ويچاري ڳڻتين ۾ ئي ڳري وئي آهي ٻچڙي. اُهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. اهڙي ملڪيت ڪهڙي ڪم جي جا اولاد جي آس اکئين نه ڏيکاري. +جنان- ته پوءِ پٽ کي چوين ڇو نه ٿي. +ماءُ- ڀيڻ، مردن آڏو زبان کولڻ جي ڪنهن کي مجال آهي. +هڪ دفعي سو اشارو ڏنو هو مانس ته آپي کان نڪري ويو هو. چي سگهڙ کي جيئري پوري ڇڏيندس. نڙيءَ تي نهن ڏئي ماري وجهندس پر گار نه سهندس. +جنان- بس ڙي امان، وڏا سڏاوڻ وڏا ڏک پاوڻ، دنيا ته آهي ئي ڏکن جو ڏيهه، ڪو آجو ناهي. +....اُٿ ڙي جنان، مئو ولو پيو واجهائيندو هوندو. +ويندي ويندي +ٻاهر وڃي ٿي. +سگهڙ پريشان ڊوڙندي اندر اچي ٿي. +ماءُ گهٻرائجي اُٿي ٿي- +ماءُ سيني تي هٿ هڻندي رڙي ڪري ٿي. +- ڪٽ - +الله خوش رکندئي مائي، شل ڏکيو ڏينهن نه ڏسين. اسان جا اِجهو اِهي حال اٿئي، جهوٽي وهيڻا ويٺا آهيون، ڳاٽي ڀڳو ويٺو هوندو پنڪين ۾. +سگهڙ- امان، امان! ڪجهه ٻڌئي امان! +ماءُ- ڇاهي ڇوڪري--؟ ڇو ٿي بي حال ٿين--!؟ +سگهڙ- چاچو آيو آهي. +ماءُ- ڇا ٿي چئين سگهڙ --؟ +سگهڙ- سچ ٿي چوان امان، چاچو ادا سان ڳالهائڻ لاءِ ��وطاق ۾ آيو آهي. مونکي اجهو هينئر ايمڻا ٻڌايو. +ماءُ- يا اِلاهي خير. +سين؛ 4 +رئيس جي اوطاق- رئيس جو چاچو جڙيل خان ۽ رئيس سخت غصي جي حالت ۾- +رئيس- اهو ناممڪن آهي. +جڙيل خان- مان تنهنجو چاچو آهيان پٽ؛ مونکي نااميد نه ڪر. +رئيس- رشتا ناتا واريءَ سندو ڪوٽ هوندا آهن. هوا جو معمولي جهوٽو به کين کن ۾ ڊاهي سگهي ٿو. +جڙيل- خون جا رشتا دائمي هوندا آهن پٽ؛ رت دانگيءَ تي به ورندو آهي؛ لٺئين پاڻي جدا ٿيڻو ناهي. +رئيس- اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن؛ وقت پئي ڪو ڪنهن جو ناهي، هر ڪو پنهنجي مطلب جو آهي چاچا. +جڙيل- منهنجو سليم پڙهيل ڳڙهيل آهي. مون شهر ۾ رهي کيس چڱي تربيت ڏياري آهي. هونئن ته کيس چڱن گهرن جا رشتا ملي سگهن ٿا، پر مون سوچيو ته..... +رئيس- اوهان سوچيو ته منهنجي ملڪيت +اوهان جي سليم لاءِ بهتر ٿيندي: ائين نه--؟ +جڙيل- مون ملڪيت بابت سوچيو به ناهي پٽ، توکي اِهو ڳالهيون چوڻ به نه گهرجن. +رئيس- مان ڪو ٻار ناهيان جو توهانجي ڄار ۾ سولائي سان اچي وڃان. مان چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته ڏاڏي جي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان ابي تي حملا ڪرايا، ڪيس ڪيا، الزام لڳايا ۽ جڏهن ڪامياب ٿي نه سگهيا ته ڳوٺ ڇڏي وڃي شهر وسايو ۽ هاڻي سگهڙ جي سڱ جو بهانو ڪري، اوهان هڪ دفعو وري پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ ٿا گهرو. +جڙيل- ملڪيت، ملڪيت، ملڪيت دنيا ۾ دولت ۽ ملڪيت ئي سڀڪجهه ناهي ڪريم بخش خان، تون پنهنجي ڀيڻ صرف ان ڪري شادي ڪرڻ نٿو ڏين جو هو توکان +حصو گهرندي. +رئيس- توهان به ته پنهنجي ڀيڻ کي آخري دم تائين ڪنوارو رکيو. توهان جي +وڏن ۽ سندن وڏن +۽ سند وڏن سڀني اهو ئي ڪيو جو مان ڪري رهيو آهيان. +جڙيل- اسان جاهل هئاسين پٽ: اسان انسان تي پئسي کي ترجيح ڏني هئي. اِهو سبب آهي جو مان ماضيءَ جا داغ ڌوئڻ لاءِ اڄ جهولي ڦهلائي تنهنجي در تي آيو آهيان پٽ. +....مان تنهنجي دولت نه، سگهڙ جي خوشي خريدڻ آيو آهيان. +رئيس- سگهڙ کي ڪهڙو ڏک آهي--؟ چڱو چوڙي ٿي، چڱو ماڻي ٿي، مان سندس ڀاءُ آهيان، مون کان وڌيڪ سندس خوشيءَ جو اونو ٻئي ڪنهن کي ٿيندو؟ +جڙيل- خوشي صرف کائڻ پيئڻ جو نالو هجي ها ته انسان جانور ٿيڻ پسند ڪري ها. +رئيس- مون کي انهن ڳالهين سان ڪا دلچسپي ڪانهي، گهر جو وڏو مان آهيان ۽ اهو منهنجو فيصلو آهي. +جڙيل- اسان جي ڪوٽن ۽ حويلين ۾ سگهڙ جهڙيون هزارين ڇوڪريون تو جهڙن انسانن جي ضد، هٺ ۽ ڪوڙي غرور سبب موت کان به بدتر زندگي گذاري رهيون آهن. +شراب جي بوتل ڏانهن اشارو ڪندي. +دانهن ڪري +رئيس- چاچا: تو منهنجي تڏي تي آيل آهين. +جڙيل- تون سڀڪجهه ڪري سگهين ٿو. دنيا جي هر خوشي ماڻي سگهين ٿو، ڇو ته تون مرد آهين، آزاد آهين، توکي اِهو حق حاصل آهي ته بيوس گگدام ۽ بي زبان ڀيڻ جي مجبوريءَ تي پنهنجي عياشي جا قلعا اڏيندو رهه. +رئيس- چاچا... +جڙيل- تون ڌاڙيل رکي سگهين ٿو، شراب ۽ شباب جون محفلون سجائي سگهين ٿو؛ پر اِهو نه وسارجان ته قدرت جو انتقام به ڀيانڪ ٿيندو آهي. +الهه توهار، +جڙيل خان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. +رئيس کيس ويندو ڏسي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيئي بوتل کولي ٿو ۽ شراب گلاس ۾ اوتي هڪ ئي ڍڪ سان پي وڃي ٿو. +Time, lapse- Night Effect. +رئيس- هونهه--! انتقام! +رئيس ڪجهه پي چڪو آهي- ايشٽري ۾ سگريٽن جا ڪافي ٽوٽا جمع ٿي چڪا آهن- رئيس ٿڙندو اٿي ٿو- +سامهون تاجو بيٺو آهي- +رئيس- تاجو! رئيس اڃ تائين جو چاهيو آهي، سو ضرور حاصل ڪيو آهي. اسان جو ڏهڪاءُ، خوف ۽ هراس سڄي تر تي ڇانيل آهي پوءِ - پوءِ نوران ڪير ٿيندي آهي اسان سان سينو ساهڻ واري--؟ +مرڪندي +تاجو- نئين بلبل هوندي ڀوتار- +رئيس- اسان جي وڍ وڍ ۾ ��هه نه ڀر تاجو؛ هن اسانجي بيعزتي ڪئي آهي ۽ تون کلي رهيو آهين--! +تاجو- اوهان کان بچي ڪيڏانهن ويندي ڀوتار؛ اَن جو منهن ته جنڊ ڏانهن ئي آهي. +رئيس- مون کي تنهنجي صلاحن جي نه، مدد جي ضرورت آهي تاجو. +تاجو- ڀوتار لاءِ جان به حاضر آهي؛ حڪم ٿئي. +رئيس- مون توکي پنج سال پاڻ وٽ پاليو آهي تاجو؛ ۽ پوليس کان پناهه ۾ رکيو آهي. اهو نه وسارجانءِ ته تو منهنجو نمڪ کاڌو آهي. +تاجو- بندوق وهائي ڪڍ رئيس، مهڻو نه ڏي. +رئيس- شاباس تاجو، مون ته تنهنجي غيرت جو امتحان ٿي ورتو. +تاجو- مهلون مڙسن تي اينديون آهن ڀوتار، تون مونکي اڳ به آزمائي چڪو آهين، منهنجو وار ڪڏهن به خطا نه +ويندو آهي. منهنجي دوناليءَ +مونکي ڪڏهن به دوکو نه ڏنو آهي. +رئيس- ته پوءِ ٻڌ تاجو؛ اڄ رات نوران منهنجي اوطاق ۾ پهچڻ گهرجي. +تاجو- بس ڳالهه به ايتري--! +ٽهڪ ڏيندي رائيفل ۾ گوليون ڀري ٿو. +-- ڪٽ-- +سين: 5 +رات +رئيس جي اوطاق. +گهڙيال رات جا ٻه وڄائي ٿو- رئيس ايشٽري ۾ سگريٽ جو ٽوٽو مروڙي بيچينيءَ وچان گلاس هٿ ۾ کڻي ٿڙندو اُٿي ٿو. +هو سڌو دريءَ وٽ وڃي بيهي ٿو ۽ ٻاهر اوندهه ۾ ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو. ٻاهر ڪجهه به ناهي. رئيس مايوس ٿي ٻه ٽي قدم واپس موٽي ٿو. +اوچتو ڪو آواز ٿئي ٿو- رئيس +ڇرڪي وري دريءَ ڏانهن وڃي ٿو- پر ڪجهه به نظر نٿو اچيس- مايوس ٿي اچي ٿو صوفي تي ڪري- اميد ۽ نااُميدي جا تاثرات سندس منهن تي اُڀرن ٿا- پگهر جا ڦڙا چهري تي چمڪڻ لڳنس ٿا- هڪ دفعو وري هو دريءَ ڏانهن وڌي ٿو- اوچتو کيس پري کان جيپ جي روشني نظر اچي ٿي- ڳيت ڏيئي سڄو گلاس خالي ڪري ٿو ڇڏي. +جيپ ٻاهر ٻنڀي تائين پهچي وڃي ٿي- ڪٽ ڪري جيپ تي اچون ٿا، جنهن مان ٽي چار همراهه ٻٽ ٻڌل ٽپو ڏيئي لهن ٿا- ۽ ڪپڙا ڇنڊي ٻُٽون کولي ٿا ڇڏين- هو تقريبن سڀئي رئيس جا ماڻهو آهن. +تاجو پڻ بندوق سنڀالي هيٺ لهي ٿو- نوران؛ جا چوکنڀي ٻڌل آهي، تاجو کيس ڪلهي تي کڻي، پڌرا لتاڙي ورانڊو اڪري ڪمري ۾ وڃي ٿو- سمورو وقت نوران هٿ پير هڻندي رهي ٿي- پر سندس +وات هٿ ۽ پير ٻڌل آهن- تاجو نوران کي پٽ تي اُڇلائي ٿو- +تاجو- وٽ رئيس پنهنجي امانت؛ غيرتمند آهين ته ٻيهر مهڻو نه ڏجانءِ. +رئيس سندس پٺي ٺپري ٿو ۽ خوشيءَ وچان چوي ٿو- +رئيس- مڃي ڇڏيومانءِ تاجو؛ بلاشڪ نمڪ حلال آهين. وڃ وڃي عيش ڪر. +رئيس نوٽ ٻٽونءَ مان ڪڍي تاجوءَ کي انعام ڏئي ٿو- تاجو هڪ نظر رئيس کي ڏسي ٿو- تلخ مرڪ سندس چپن تي اچي وڃي ٿي- ٻئي لمحي هو زمين تي تڙپندڙ نوران کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ٿو وڃي. +رئيس نوران ڏي نهاري کلي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيندي در بند ڪري ٿو ڇڏي. +- ڪٽ - +ٻاهر تاجو اڪيلو آهي- رات جي اونداهيءَ ۾ هو آهستي آهستي ورانڊي مان ٿيندو پڌر ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ ٻُنڀي وٽ اچي هيڏانهن هوڏانهن نهاري اڳتي وڌي ٿو. +وڻن هيٺان لنگهندي اوچتو هڪ هٿ اچي سندس ڪلهي تي پوي ٿو! تاجو ڇرڪ ڀري بندوق جو رخ پٺتي ڪري دانهن ڪري ٿو- +تاجو- ڪير آهي--؟ +تاجوءَ جي منهن تي خوف جا تاثرات آهن جي آهستي آهستي تبديل ٿي وڃن ٿا. +هو ڇوٽڪاري جو ساهه کڻندي چوي ٿو- +تاجو- او - تون--! تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو سگهڙ--! +ڪئمرا سگهڙ تي اچي +ٿي جا شال اوڍي حيا کان مرڪي رهي آهي- +اڄ ته ڏاڍو انتظار ڪرايئي تاجو! +تاجو- اڄ رئيس جي بيگر تي ويل هئس چري، ٻيهر دير نه ٿيندي--! +اوچتو رئيس جي ڪمري مان نوران جي چيخ جو آواز اچي ٿو- تاجو ۽ سگهڙ مُڙي اوڏانهن ڏسن ٿا- +دروازي کي زور زور سان کولڻ جا آواز اچن ٿا ۽ پوءِ نوران دروازو کولي ڇيخندي ٻاهر اچي ٿي، سندس پويان رئيس ٽهڪ ڏيندو، ٿيڙ کائيندو ٻاهر اچي ٿو. +نوران جي هٿ ۾ رئيس ��و پستول آهي- جنهن مان هو لاڳيتو ٽي فائر ڪري ٿي. رئيس ٿڙي ٿو- نوران ڀڄي ٿي. رئيس سندس پٺيان ڊڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو- ايتري ۾ رئيس جي نظر تاجو ۽ سگهڙ تي پوي ٿي، جي ٻئي چپ چاپ بيٺا کيس ڏسن- رئيس جي منهن مان غصو ۽ تعجب ظاهر ٿئي ٿو- هو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو پر سندس وات مان رت جي گرڙي نڪري ٿي- هو ٿنڀي کي هٿ ڏيئي هيٺ گسڪي ڪري ٿو ۽ تاجوءَ کي گهوريندو، ريڙهيون ڏيندو، ڏانهس وڌي ٿو. سندس هٿ لرزرندو تاجوءَ ڏانهن وڌي ٿو. رئيس ڏند ڪرٽيندو اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اوچتو هو زمين تي ڪري ٿو ۽ مري وڃي ٿو. +نوران چيخندي، رڙيون ڪندي ٻاهر ڊوڙي رهي آهي. +-- پڄاڻي-- +ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 \ No newline at end of file