diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book5.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book5.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book5.txt" @@ -0,0 +1,3028 @@ +ڪتاب جو نالو: دنيا دورنگي + + + +دنيا دورنگي +غلام نبي خان ”آغا“ +ناشر طرفان ٻه لفظ +ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقاءَ جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب برزبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي- پر ڪتاب مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو. +زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن- سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. +افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، اڄ تائين ان طرف ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَون اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا- +ظاهر آهي ته پنهنجي ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهريءَ ۽ اُن کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري اُن جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي ٿو. +سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءَ، رکيو آهي، ته ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان اڻٽيهه ڪتاب: گُل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گُل ڦُل، جهان آرا، مون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الاشا، گُل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو سينگار، خود يا وري، دلارام، مقالات الحڪمت، تحفته النسوان، شاهه ايليا، فيروز دل افروز، نيڪي بدي، سچي محبت، گلن جي ٽوڪري، ٽي گهه، گليور جو سير ۽ سفر ٽئلسمن عرف غازي صلاح الدين، دلپسند قصا، باغ ۽ باغباني، ۽ حسنا دلدار، اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي ٽيهون ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. +سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي خاص اشاعتي پروگرام جو هڪ شبعو خاص اهڙن معياري مگر ناياب ڪتابن جي از سر ذو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. +نهايت خوشي جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن، جنهن مان عوام طرفان بورد جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. +مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿيو پڌرا ڪري- بلڪ انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري، طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب هتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري- ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. +بورڊ جو هي پروگرام ڪافي وسيع آهي؛ ۽ ان ماتحت س��دست اٽڪل ٻه سئو قديم خواهه جديد- مگر ناياب ٿيل- ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اُميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواهه، بورڊ جي هن ڪوشش کي همٿائيندا؛ ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا. +حيدرآباد سنڌ محمد ابراهيم جويو +آگسٽ 1960ع سيڪريٽري +سنڌي ادبي بورڊ +باب پهريون +پردو پهريون +باغ +[1]تون مالڪ جڳ، خالق، پرڀو تون آهين سرجڻهار، +تنهنجو آڌار، اي ڪرتار! +توتي نثار لک لک بار، ڪرم ڌرم رک تون شرم جڳ ۾ ستار، +وه واهه پياري گلزاري، قدرت جي گلڪاري، عجب اسرار +تنهنجا غفار! +ڀانيو ٿا هرچمن ۾، هر بن ۾، هر من ۾ تون آن پرڀو پالڻهار! +رُت آئي چمن ۾ باد بهاري آ، واهه واهه، واهه وا، +واهه وا، واهه وا، واهه وا! +1. سونس، سنبل، گل لالان، چمن ۾ محفل سينگاري آ، +واه وا ! +2. چمپا، چنبيلي، آ نرگس اڪيلي، آ گل گل گلڪاري آ، +واهه وا! +3. رنج و الم ويو ”آغا“ خوشيءِ جي هي تازي تياري آ، +واهه وا، +[2]گل لالان چمن ۾ ٽيسو کليو دل ساري سکي ٿي بهار کي، +بن جاني-لاثاني ٻن ڏيان سکي آءٌ سينگار کي؛ +بلبل ٻولي يار جاني، آئي بسنتي آ، +دل گهٻرائي، پيا بن ”آغا“ ساري سنيهو ڏيو يار کي! +مهلقا: اي زرينا، اڄ باغ ته ڏس ڪهڙو نه پر بهار آهي، هر نخل گل ۾ صنعت پروردگار آهي؛ هڪ طرف نرگس خبردار آهي. +ٻي طرف موتي جي هٻڪار آهي. +وهه واهه گهلي اڄ باغ ۾ باد بهار آ، +لالا ڪري ٿي لاڏ، کڙيو کٽڻهار آ؛ +بلبل کي لات وات آ، رعنا جي رات ڏينهن، +هي صحن سڄو زعفران ڪيو زرنگار آ. +زرينا: خوشي کان عندليب خوشنوا ڪجهه ٿي چوي بانو، گلن کي گوش ۾ باد صبا ڪجهه ٿي چوي بانو. +مهلقا: اي ڪمبختو، ٻڌايو ته اڄ منهنجي حسن و جمال جو ڪهڙو خيال آهي؟ +زرينا: ساراهه تنهنجي حسن جي، انسان ڇا ڪندو! +نينن جي اڳيان جلوه غزالان ڇا ڪندو! +قد تنهنجي اڳيان، آهه سرو حيا ۾، +لب لعل اڳيان، لعل بد خشان ڇا ڪندو! +حسينا: توکي حسن خدا آ ڏنو، اهڙو ته دلربا: +لالا به آهي خجل اڳيان تنهنجي مهلقا! +گلنار: بلبل چمن ۾ روز شب، آ مست ثنا ۾، +شمشاد آهي شرم ۾ ۽ سرو حيا ۾. +گلزار: مهتاب اگر رخ اچي تو سان ملائيندو، +بانو يقين ڄاڻ ته اُهو منهن جي کائيندو! +مهلقا: اي گلزار وڃ مون لاءِ ڪو عشق پيچ جو گل +ڇني آءُ. +گلزار: حاضر بندي تيار آهه، رڳو حڪم جو انتظار آهه. +(انٽر شمشاد ۽ سندس ٽمبڪٽو غلام) +شمشاد: وه خوب خاصو خوشنما گلزار ٿو ڏسان، +گل کان سواءِ نه باغ ۾ ڪو خار ٿو ڏسان؛ +بلبل جي عجب رقص ۽ رفتار ٿو ڏسان، +سنبل کي مثل ڪاڪل خمدار ٿو ڏسان. +آ، ها- سڀڪو پکي خدا جي ياد ۾ المست آهي، +وه واهه جو باغ جو بندوبسست آهي؛ مگر اي ٽمبڪٽو مهربان انسان جو پتو نه نشان، نه مالهي نه دربان. +(نظر پوڻ مهلقا تي) +وهه واهه هي ڪير ڪا حور آهي، يا نار آهي يا پرين جي سردار آهي، جواني جي نشي ۾ سرشار آهي- حسن جي دماغ کان مغرور ٿي ڏسجي؛ البت عشق محبت ۾ چڪنا چور ٿي ڏسجي. اي عزيز ٽمبڪٽو، منهنجي عقل جو دفتر اڄ ناس ٿيو، دل کي وسواس ٿيو، عشق عقل تي غالب ٿيو، بلبل گل جو طالب ٿيو. +بيت +يا الهي نور آ، يا ماه پاره يا پري، +آ حسينن يار ”آغا“ دل اسان جي ڪئي چري، +گفتگو ۾ گلبدن جي آ صحر ڪو سامري، +آ نگهه دلدار جي، تلوار خنجر يا ڇري. +ٽمبڪٽو: (الڳ ٿي) اچو سائين، اسان جو ميان آقا صاحب گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ ميان چبربٽو سرڪاري انڌو بن فصل اُلو جو پٺو بنجي پيو. +(شمشاد) سان) جناب عالي، وه واهه اوهان جو خاندان پاندان- هڪ ڇنولي کٽولي پراڻي واڻ تي؛ وڃايو شان مان- هي ته اوهان جي سونهي امان جان اي مهربان. +شمشاد: چپ ره نابڪار! +ٽمبڪٽو: حاضر سرڪار! +شمشاد: شڪر آ، اک ته ملي ويئي خدا قادر آ، دل به ملي ويندي. +گلزار: (مهلقا سان) هي هي بانو، هتي هڪڙو مئو چڪلو، چٺڙو رسالي جو گهوڙو، ڏنڊو مشٽنڊو، ڪٽو آلوءَ جو پٺو بيٺو آهي! +[3] تون ڪير ڪير ڪير ڪير؟ +تون ڪير، بشر هت آئين ڪٿان آئين، +ڇا هي تنهنجو نام، ڇا هي تنهنجو نام؟ +شمشاد: (انتره) بلبل بيمار هان، طالب ديدار هان؛ گلشن ۾ گل گل بي خار هان! +سهيليون: تون ڪير ڪير ڪير…….. +بيت +مهمان ڪري مون کي قضا آندو آ افسوس، +بلبل کي چمن ۾ رضا آندو آ افسوس! +ٽمبڪٽو: (سهيليءَ سان) اڙي او لنڪا جي لنگور بيشعور، تنهنجو نالي سان ڇا ضرور، اهو آهي خلاف دستور، مهمان کي بي عزت ڪرڻ آهي منصفي کان دور. او سيني زور، ڇا سمجهو ٿي اسان کي چور، جو ڪرين ٿي شور. +زرينا: (تال طبله) اڙي ڀنگي بد افعال، تنهنجو آيو آ زوال؛ نڪر ٻاهر بد خصال، ڇو آئين گلزار ۾. +حسينا: (تال طبله) چل چهڙا چمار، هتي کائيندين مار، تو ڦريا آهن ٻار ڪي ڦورو بزار ۾. +ٽمبڪٽو: (تال طبله) واهه شيطان جي خالو، تنهنجي نخري ۾ مصالح، تنهنجو هر هالو منهن ڪالو آهي ساري دربار ۾. +گلزار: (زباني) سر تي جناب جي ته دستار باري آ، +پر پيت ته مئي جو ڪتبخاني جي الماري آءِ. +گلزار: نه نه ڪا عورت پيٽ واري آ، يا ڪا جلندر جي بيماري آ. +ٽمبڪٽو: توبهه توبهه الله زاري آ، رڳو لعنت ۽ خواري آ. اي ميان جناب عالي، اوهان چيو ته نه دربان نه مالهي آءِ؛ پر هتي ته نڪري آئي سئو سالي آ. +عشق نه شد-چٽي شد- عشق ڪيو اوهان موچڙا کائي ٽمبڪٽو؛ قلم ويهون ٿيو گهر سان لاڳو، چور ڇٽي ويو ڀاڳيو قابو. +مهلقا: (شمشاد سان) اوهان جو نالو مبارڪ اي زيشان. +شمشاد: بلبل مستان-حسن پرست انسان. +مهلقا: مڪان. +شمشاد: ڪوه ۽ بيابان. +مهلقا: وه وه، ڇا صاحب تجمل آهيو، مگر ڪهڙي شاخ جا گل، ۽ ڪهڙي باغ جا بلبل آهيو؟ +شمشاد: نه صاحب تجمل، نه گل نه، صياد هان مون، صرف اوهان جي حسن جي باغ جو بلبل ناشاد نالي شمشاد هان مون. +ٽمبڪٽو: (مخاطب، پبلڪ) نه باندر نه ڀولو نه هاٿي نه گهوڙو، نه ڪرٽي نه گدرو نه عاقل نه پاگل-عجب طرح جو انسان آهين تون! بس يارو اسان جي ته شعر شاعري جي جنگشن اسٽيشن اچي ويئي. +(شمشاد سان) ليڪن ڪنهن ڏيکاريو اوهان کي هن انجمن جو رستو؟ +شمشاد: ڪير ڏيکاري ٿو بلبل کي چمن جو رستو؟ +مهلقا: اوهان جو زنانخاني ۾ اچڻ جو ڪهڙو ڪم؟ +شمشاد: سڌ سرسبز سينگار جي حيران کان گهرجي پڇڻ ؛ ڪل ڪاڪل خمدار جي مستان کان گهرجي پڇڻ! +مهلقا: مان نه بلبل هان نه مون کي گلستان جو هوس، مان نه يوسف هان نه مون کي زندان جو هوس، +مان نه، مجنون هان نه مون کي بيابان جو هوس. +مان دل ۾ انهيءَ عشق جي تمنا نٿي رکان، +يوسف به اگر اچي ته پرواهه نٿي رکان. +شمشاد: جنهن چاهه ۾ پاڻي نه آ، سو خوف جوئي ڇا ٿيو، +بي فيض اگر يوسف ثاني ٿيو ته ڇا ٿيو. +جو بغير عشق جي انسان آهي، سو انسان ڇا بلڪ حيوان آهي. +زرينا: اي ميان مرد نيڪ نام، بنديءَ کي اهو هار ڪر انعام، ته ڪم ٿئي تمام. +شمشاد: ڇا انجام؟ +زرينا: انجام ڇا، سچو ڪلام. +ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) بيشڪ گهر جو ڌوٻي، +گهر جو حجام، شاباس اي نيڪ نام، نمڪ حرام، شاباس! +شمشاد: آ-ها-هار ڇا سر قربان آ. +ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) هان هان تنهنجي پيءُ جو ڪهڙو نقصان آ؛ ڏاڏي سائين جي فاتح حلوائي جو دڪان آ. بيشڪ لٽيو اتي ته سڀ ڪجهه کرو، مگر ويچاري ٽمبڪٽو کي ڏيڻ مهل سو ٽيئڙ ۽ ٻرو. +مهلقا: (شمشاد سان) هن حسن جو اڳي ڇو خريدار ڪونه هو؟ +شمشاد: هن عشق جو اڳي پرين آزار ڪونه هو ! +مهلقا: هن ناز جو جهان ۾ طلبگار ڪونه هو؟ +شمشاد: هي سينڌ سرمون جان من سينگار ڪونه هو! +مهلقا: بلبل به اگر هوئي اڳي گلزار ڪونه هو؟ +شمشاد: جي هو حڪيم ڪو، وري بيمار ڪونه هو! +(انٽر مشتري) +مشتري: اگر هتي ڪا گهر ڌياڻي آهي ته ان کي بندي جو سلام آهي. +زرينا: آخر ڪهڙو ڪلام آهي يا رڳو سلام آهي. +مشتري: هي عشق وارن جو پيغام آهي، يعني هي رومال بي مثال ۽ هي هار مهلقا جي عاشق زار دلفگار، محرم راز ممتاز ڏنو آهي، قبول ٿئي ناقبوليءَ سان دل ملول نه ٿئي. +ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) اجهو، جناب مون ته اڳي ٿي چيو ته هڪڙا خيال ۾، ٻيا پراڻي اسپتال ۾، (شمشاد سان) جناب اعليٰ، هينئر اوهان خير سان وڃي ابابيلن وانگر هوا سان پيٽ ڀريو يا جلد اپپل ڪريو نه ته ڪيس ڪمٽ ٿو ٿئي. +مهلقا: قاصدا ڏي ڪا خبر اڄ دلربا دلدار جي؛ +ڪر حقيقت جلد ڪا ممتاز محرم يار جي؛ +درد ۾ دانهون ڪندي آغا گذاري رات آ؛ +جلد جانا لهه خبر بهر خدا بيمار جي. +هاءِ، هن پنهنجي لعل جي رومال کي دل سان لڳايان، اکين ۾ وڇايان، (روئندي) مون ته اصل کان پياري ممتاز تي حيران آهيان، مٿس بلبل جيئن مستان آهيان. +*اي باد صبا، جلد چو دلدار ڪٿي آ، +پيغام آ جنهن يار جو، سو يار ڪٿي آ؟ +هردم تون مون کي ياد آن، منهنجي به خبر ڪا، +غمخوار تو لڌي ته هي بيمار ڪٿي آ؟ +قاصد سگهو قريب جي ڪر ڪا ته خبر تون، +مون کي ٻڌاءِ منهنجو وفادار ڪٿي آ؟ +قاتل مون گهڻيءَ دير کان گردن آ جهڪائي، +مشتاق جي سا قتل جي تلوار ڪٿي آ؟ +”آءٌ“ بغير بلبل باغ، سخن اندر، +اهڙن گلن جو ڪوئي خريدار ڪٿي آ؟ +شمشاد: اها الاهي هي ڪهڙو راز فاش، شيشو پاش پاش ٿي پيو؛ ڇا اها ڳالهه اوهان کي منظور آهي، شايد اهو ئي اوهان جو دستور آهي. اول هو انجام، هينئر هي ڪلام. افسوس! +بيت +مزو ويو ملڪ مان يارو وفائي وئي هلي ساري، +محبت ناهه ماڻهن ۾ رهي ناهي وفاداري! +مهلقا: حسينن ۾ گر بيوفائي نه هجي ها، +برائي نه هجي ها ڀلائي نه هجي ها؛ +دنيا ۾ اگر پارسائي نه هجي ها، +ته هرگز خدا جي خدائي نه هجي ها. +شمشاد: جنين کي درد دلبر جو انهن جي دل وٺڻ گهرجي؛ +جنين سرساهه ڪيو صدقي انهن سان ڇا ڇنڻ گهرجي! +مهلقا: محبت ناهه جنهن معشوق کي مشتاق پنهنجي سان، +اُنهيءَ جو خيال اي نادان ته دل ۾ ڪو ڪرڻ گهرجي. +شمشاد: خدا جي واسطي هرگز نه ٿي دلدار پٿر دل، +جڏهن ”آغا“ ڪري آزي، تڏهن تو کي کلڻ گهرجي. +مهلقا: هي گفتگو بيڪار آهه! +شمشاد: انڪار ڇڏ؛ +مهلقا: تڪرار ڇڏ؛ +شمشاد: دل شاد ڪر؛ +مهلقا: آزاد ڪر. +شمشاد: دلفگار آن، +مهلقا: تون بدڪار آن. +شمشاد: آءٌ پياري؛ +مهلقا: ڇڏ مڪاري. +شمشاد: چيو مڃ کڻي، +مهلقا: ٻاهر وڃ کڻي. +شمشاد: ڇو فضول ڳالهين کي ڏين ٿي طول، منهنجو وصل ڪر قبول. جواب ڏي، شتاب ڏي نه دل کي پيچ و تاب ڏي، نه رنج بي حساب ڏي، نه مون کي اضطراب ڏي. +مهلقا: اهو ئي جواب آ- جو سڀ کان نيڪ جواب آءِ، +گرچه عشق جي هان ستائي، مگر معشوق هان پرائي. +شمشاد: عذر ۾ عذاب آءِ، جواب لاجواب آءِ؛ جو ڪجهه تنهنجو خيال آءِ، سو خيال ئي محال آءِ. +شمشاد: محال ڇا ڪمال آءِ، ڪمال لازوال آءِ، واه، عجب بيوفا زن آهين تون، +مهلقا: نهايت مرد بدچلن آهين تون. +شمشاد: اي پياري اگر مون سان واصل ٿيندينءَ ته منهنجي تمام دولت توکي حاصل ٿيندي. +مهلقا: قارون کان زياده منهنجي خزاني ۾ مسال آهه، +هي تمام مڪان منهنجو زر و جواهر کان مالا مال آهه. +حال ڇا آخر ٿيو هن بد افعال جو، +عيش ڇا قارون ڏٺو پنهنجي مال جو. +شمشاد: ڀلا ٻڌاءِ ته فائدو ڇا اهڙي ناداني ۾، +مهلقا: پيش اچي ٿو اُهو جو ڪه نوشته آهي پيشانيءَ ۾، +شمشاد: طالب وصل هان يوسف مثل انڪار نه ڪر- +��هه زليخا جو قسم! +مڃ مجنون جو چيو، حجت و تڪرار نه ڪر، تو کي ليلا جو قسم! +شمشاد: هن دل کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ نه چڱو آه، +ڪنهن بيوفا سان عشق لڳائڻ نه چڱو آه. +مون سان رکين ٿي رنج ڪرين پيار ٻين کي، +هن ريت ڦٽيل دل کي ستائڻ نه چڱو آه. +هر وقت مون کي ڏس نه پياري تون رنج مان، +زخمي جگر کي يار ڏکائڻ نه چڱو آه. +اي دوستو هيئن لکجو سنگ لحد تي، +آه موت چڱو دل جو لڳائڻ نه چڱو آه. +ره آرمز سان اي ”آغا“ تون يار دنيا ۾: +هن عشق جو قصو ڪو ٻڌائڻ نه چڱو آه. +مهلقا: هن لعنتي تي قهر خدا يا شتاب ڪر، +يا آتش غضب کان جلائي ڪباب ڪر. +ناپاڪ ڇُهه نه دامن عصمت کي تون وري، +ظالم ذرا تون دل ۾ خدا جو حجاب ڪر. +ممتاز دلنواز جي هان باغ جي بلبل، +مادر هان تنهنجي مون کي نه ظالم خراب ڪر. +مولا اچي بچاءِ تون ظالم جي ظلم کان، +مشڪل ۾ مدد بهر خدا بوتراب ڪر. +مهلقا: (زباني) اي لعنتي مردود عزت کان بيزار، ذلت جا خريدار! ڇا آءٌ پنهنجي پياري ممتاز دلنواز سان بيوفائي ڪندس ۽ توسان قسمت آزمائي ڪندس؟ نه نه، هرگز نه! +شمشاد: ڇا، ممتاز بد ذات منهنجو رقيب. اُف! غضب، پڪ ڄاڻ ته اهڙي دشمن جي منهنجي دست کان هنيئر رهائي نه ٿيندي. +مهلقا: جو ڏيندو اذيت ته پائيندو ذلت، +برائي ۾ هرگز ڀلائي نه ٿيندي! +شمشاد: صياد عنادل کي جو آزار ڏي ٿو، +مون کي به لاءِ گل جي ڪنهن خار ڏي ٿو. +هن روسيه رقيب تي خنجر وهائيندس، +خوراڪ کائيندس جڏهن دشمن کپائيندس. +(ايگزٽ) +[1] گانو: مهلقا، طرز: ”دن آيا بهار ڪا“. +گانو: سهيليون، طرز :”تون داتا جگ داتا“. +[2] گانو مهلقا، طرز: ”جيا ترسي بد ريا برسي سکي“. +[3] گانو سهيليون طرز:”تو لا لا لا لا تو ڀر جام ڀلا.“ + + +پردو ٻيو +مڪان ٽمبڪٽو +(ٽمبڪٽو کي سندس بيبي ماريندي ٿي اچي) +تال طبله +دلربا: مئا اُلو بيحيا، تنهنجا آئي آهه قضا، +ماريا مار کائيندين، ڀنگي ذلت پائيندين، +هٽ حرامي، مرئي مامي! +ٽمبڪٽو: مرئي امان جان! +دلربا: هل هل، کوٻلا مئا ڀلا، موذي بي ايمان! +ٽمبڪٽو: ڪڍان تنهنجو جان؛ +دلربا: ذڪر اي شيطان! +ٽمبڪٽو: يا رب هي رنگ نرالو، گڙ ٻڙ لڳي گهٽالو، +شيطان جي آهه خالو، ڪمبخت جو مهن ڪالو، +رنڊي آ مشٽنڊي آ، يا حلوي جي ڪا هنڊي آ، +يا ڦاٽڪ جي ڪا جهنڊي آ، ڇا کٽ پٽ آ، +ڇا سٽ پٽ آ، +ڇا گڙ ٻڙ آ، ڇا سڙٻڙ آ، ڇار ڳڙو جهڳڙو ٽنٽو آ. +ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) اي يارو، وات نه ڦاڙيو، اوهان تي به شال خدا صاحب اهڙا اوچتا موچڙا نازل ڪندو؛ +پوءِ قدر پوندو- آمين! +سچ آ، دل ڏيڻ اڄ زال کي آهي ائين، +ٻئي هٿان ڏاڙهي پٽائڻ آءِ جيئين. +( دلربا سان) اي بيبي پڪوڙي، تنهنجي نڪ ۾ نوڙي، تو ته منهنجي ٽڪڻ موچڙن سان ٽوڙي، گردن مروڙي، مگر ............ +دلربا: بس، اگر مگر او بي خبر، ٻي ڳالهه نه ڪر، جلد ايڊورڊ شاهي کڙڪاٰءِ، پوءِ وڃي ڌوڙ منهن ۾ پاءِ. +ٽمبڪٽو: اي گل رعنائي ، تنهنجي گٽر مٽر شٽر ته منهنجي عقل ۾ نه آئي . +دلربا: نه آئي ته پاءِ منهن ۾ ڇائي ، ٻڪ اڍائي، مئا موٽا ، ڏنڊا ڏوٽا، ڀنگ گهوٽڻ جا سوٽا؛ گهر ۾ نه لڪڙي نه لٽو، نه چانور نه اٽو، نه کائڻ لاءِ رڪابي نه وٽو- تون اُلو جو پٺو! رڳو آڪڙ باز خان، نه مان جي شان جي، پڇان زمين جي ته ٻڌائين آسمان جي (پادر ٿي هڻيس). +ٽمبڪٽو: اي بيبي، بعضي عورتن جو پير منحوس ٿئي ٿو، يعني جيڪا بدبخت عورت گهر ۾ آئي ته سڀ ڪمائي ويئي اجائي، گهر ۾ الله جو نالو صفا صفائي، يعني بلڪل نپٽ ، اڳيون پويون مال صفا چٽ . +دلربا: ڇا مئا، آءُ منحوس، يا تون ڪنجوس! +ٽمبڪٽو: بس بس بيبي، غصو معاف ڪر، دل صاف ڪر ، اي پياري جان تنهنجو الله نگهبان- اڄ ڪلهه ڏڪار جا ڏينهن آهن، وڏا وڏا زميندار، جاگيردار، خاندان، ماندان پراڻي کٽ جا واڻ به پهنجا پراوا گڏهيون گهوڙا- +رليون ڏوڙا وڪڻي گذران ٿاڪن، پوءِ چؤ ته اسان غريبن جو ڪيئن گذران ٿيندو . +دلربا: مئا، اهي ڪاغذ جون ڪُنيون گهڻا ڏينهن چاڙهيون اٿئي، هتي خرچ ڪڍ، نه ته اجها ٿي ڪوپريءَ مان ڪپهه ڪڍانءِ. +ٽمبڪٽو: بيبي آءٌ ته آهيان مرد سپاهي، خرچان نه هڪ پائي، ڪڏهن دال زري گهرائي، هڪ روٽي به پچائي بچي ته بچائي، نه ته سڀ وڃان کائي. +ڇا آءٌ ڪمائي ڪري نٿو سگهان؟ پر پياري (امان جان) توبهه توبهه پياري جان ڇا ڪيان! توکي اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃان، دل نه ٿي گهري، متان منهنجي پر پٺ ڪو مئو ملعون توکي مٺو محبت جو معجون کارائي، ڪم ۾ گٽر مٽر شٽر وجهي نه ڇڏي، مگر في الحال ته گهر جو سڀ سامان پياري جان ڪيون ٿا چٽ نيلام، پوءِ بن آن گه باشد ديده شود. +دلربا: مئا مشنڊا، چڪر ڏنڊا، گهر ۾ سامان وري ڪٿان آيو؟ +ٽمبڪٽو: اڙي، واه ڙي واه ڏاڏي جي ڏاٽي، تون ته ڏاڍي هوشيار خبردار آهين، پر بيبي مون به آدمي ڇوٽو، مگر وڏو احمق عقل جو موٽو، صفا سوٽو، ڀنگ جو لوٽو آهيان، مون کي ساري خبر آهي، ساري عمر جي ڪمائي سان ڪٿي ڇپائي، ڀلا اجهو مان آڻي ٿو ڏيکاريانءِ. +(ايگزٽ) +(وري طبلو، سارنگي، رليون گودڙيون ۽ هڪ ڪتو به آڻي ٿو) +(تال طبله). (دلربا ماريس ئي، هو ڪتي جو پڇ ٿو ڇڪي) +دلربا: مئا، ڀاڙيا بدڪار، مون کي اچي خار، +چئو ڏيانءِ مار، يا ڪهانءِ تلوار سان؟ +ٽمبڪٽو: اڙي توبهه، منهنجي مائي! پٽ ڏاڙهي نه اجائي، تو ٽڪڻ آءِ تپائي؛ منهنجي موچڙن جي مار سان. پياري دلربا هي سامان ته گهر ۾ پئي پئي خراب ٿو ٿئي، بندي جي مرضي آهي ته سارنگي، طبلو، وغيره وغيره، سڀ سيٺ سيتل رام جي دڪان تي وڃي ٿو گروي رکان، يا بيهي ٿو در تي لکي تين وار جو واڪ ڏيان؛ پوءِ خدا مالڪ آهي گهڻائي شوقين، وڪيل وڙا هي پُڙيون پُڙا وٺي ويندا. پوءِ بيبي خوب ٻه چار ڏينهن ڀنگ ڀڳڙا، رڳڙا شڳڙا ڪنداسون، ها ني، بيبي؟ +دلربا: ليڪن ميان هي ڪتو وري ڪهڙو وبال آڻي وڌءِ. +ٽمبڪٽو: هه هه، هه هه-پياري هي وبال ناهي؛ منهنجو هنڊيوال آهي، مان نه هجان ني بيبي، ته هي اوهان جو ئي مال آهي. مگر اي جان من هاڻي جلد ٿي هي سامان کڻ ته لکيدر تي هلون. +دلربا: ميان مون کي بکن ۾ مرڻ منظور آهي، +مگر سامان کڻڻ کان نهڪر ضرور آهي. +ٽمبڪٽو: توبهه توبهه ڇا بيبي، مون کي وري ڪو خراساني گڏهه لڌو اٿئي! چکو ڀلا پياري هي رليون بغليون مان ٿو کڻان؛ هي طبلو سارنگي تون پٺيءَ تي سٽ. مگر بيبي رستي ۾ مدد ڪرائجانءِ، نه ته سڀ سامان سَٽ، بازار ۾ ڦٽي ڪندو سانءِ. +(گانو ٽمبڪٽو ۽ دلربا) +دلربا: ڇو ٿو ناحق ڪرين تون بهانا، +توکي ناهي شرم ڪو ديوانا! +زلف سينگاريا پنهنجا مشڪ خطن سان، +سيج سنواريان پنهنجي پيا جي گلن سان. +ٽمبڪٽو: جاني جاني تون ديواني، ڇڏ مستاني- +هي ناداني. +دلربا: هل هل تون مئا مستانا، ڇو ٿو ناحق........ +ٽمبڪٽو: پياري آءٌ تون، گلي لاءِ مون، +ڏي ڪو بوسو پياري جان، +صديقي توتان دين ايمان، +مون تي ٿي تون مهربان، +تون آن گل، مان باغبان. +دلربا: نه، ناحق ستاءِ اي شيطان! + + +پردو ٽيون +باغ +(گانو سهيليون ناچ سان) +گلشن جوبن تي آ وه واه سنيان ڇوم ڇنانا نا ڇوم ڇنانا نا، +وه واه سنيان گلشن شاد شاد و جهوم جهوم جهوم وه واه سنيان. +ڇوم ڇنا نانا ڇوم ڇنا نانا وه واه سنيان گلشن ۾ مچايون جان ڌوم، +ڌوم وه واه سنيان ڇوم ڇنا نانا، ڇوم ڇنا نانا وه واه سنيان. +گلشن تي چمن تي آ وه واه سبزي ڇائي آئي بلبل، +هر گل تي ڦري جهوم جهوم، وا گلزاري هي ساري، +آ پياري آ ڦ��واري دلداري گلڪاري آ نياري، +واه چنپا چنبيلي البيلي گلي وه واه نرگس و سوسن؛ +آ شاد و خنندان آها ها ها وه واه واه. +ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم، +وه واه سنيان ڇوم ڇنا نانا ڇوم ڇنا نانا. +گانو مهلقا: گل آ مثال خار هي منٺار گر نه آ، +بي لطف آ يار مٺو يار گر نه آ، +مينا شراب ساغر و ساقي به آ تيار، +بي آب ها محفل آ غمخوار گر نه آه. +بي ڪار لاڏ لالا ۽ نرگس جو ناز آ، +بلبل جي رمز رقص ۽ رفتار گرنه آ. +هي باغ و چمن بلبل بن يار ڇا ڪبا؟ +ساجن جي انهيءَ صحن ۾ گفتار گر نه آ. +بي بوسئه و ڪنار اي ”آغا“ نه آ مزو، +بي چين دل آ پهلو ۾ دلدار گر نه آ. +مهلقا: پياري زرينا جنهن گل کي ڏسان ٿي سو پنهنجي رنگ ۾ قدرتي نمائش جو جلوو ڏيکاري ٿو، ڪجهه اشارن سان سيکاري ٿو) جا تازي ۽ شاداب ڪلي آ، صنعت ضايع ازلي آ، جو آغوش شاخ گل ۾ پلي آ. +صبا جي هير پنن کي ڦڙڪائي ٿي، بهار جي واءُ ٽارين کي ته ڏس ڪيئن کڙڪائي ٿي. +زرينا: بيشڪ هي هوا خفقان عشق جي دوا آهي، سچ هي چمن زار آهي يا ڪو قدرتي اسرار آهي، جنهن ريت هي ڪارخانو گلزار آهي، تنهن ريت بانو زماني جو ڪاروبار آهي. +گلنار: يعني جتي گل آ اُتي بلبل مستان آ، جتي شمع اُتي پروان آ، پر جي حياتي باقي آ، ته يار اوطاقي آ. +مهلقا: افسوس اُهو ساغر، اُهو ساقي آ، مگر پيارو ممتاز باقي آ. +گلزار: اي پياري، مون صدقي مون واري، بيشڪ هي بيقراري بي وصل اصل ڪم نه ٿيندي، مگر: +بيت +عشق ۾ گهرجي صبر نه بيقرار ٿي، +اميد رک الله ۾ اميدوار ٿي. +(انٽر ممتاز) +ممتاز: تنهنجي هن چاهه جي صدقي تنهنجي ارمان جي صدقي، صنم آءٌ هان فدا توتان، خدا جي شان جي صدقي. +مهلقا: وڃي شل جان منهنجي هي اوهان جي جان جي صدقي. +(ڀاڪر پائن ٿا) +[1]هاءِ واري وڃان مون توتان ساري ستايو نه دل سنيان، آءٌ جاني، يوسف ثاني، ڪنعاني. +اي جاني هان مستاني، مستاني هان مون جاني، +ديواني هان مون جاني، بلبل مان بي گل هان پياري، +هاءِ واري.............................. +[2]مون کي ناز تنهنجي جو قسم تنهنجو ڌيان ليل و نهار آ، +مننهجي جاءِ پياري جان من يا ڪوچه تو يا مزار آ، +چيو عندليب خوشنوا، ڏيان آگ گلشن کي صدا، +بلبل کي اڄ گل کان سواءِ گلزار مئل خار آ. +آ گل کي غيرت دلربا، تنهنجي حسن تي اي مهلقا، +ڪٿ گل ۾ رنگ ويونءِ آ، تنهنجو گل کان سهڻو عذار آ. +هي ابرو تنهنجا اي پري، تلوار خنجر يا ڇُري، +اي ماه طلعت مشتري، تنهنجو سڀ کان سرس سينگار آ. +تنهنجا نين نرگس جان من، تنهنجا زلف مٽ مشڪ خطن. +”آغا“ چيو تي هئن گلن، تنهنجي رخ کان تازه بهار آ. +(دور شراب) +مهلقا: جلد ساقي ڪر عطا ساغر صنم جي واسطي، +ساقيا مون شوق ناهي جام وڃيم جي واسطي. +ممتاز: دام دهرا تن وجهي دلدار دل کي قيد ڪيو، +زلف زنگي جي ڇڏيا تو پيچ و خم جي واسطي. +(جام وٺي) ڏي پيالو پُر ڪري اڄ يار ساقي جلد ڪر، +شوق ڏي دل ٿي گهري اڄ يار ساقي جلد ڪر. +گلزار: مست مسرو و مست ڪرنو مست لالا باغ ۾، +مست بلبل ٿي ڦري اڄ يار ساقي جلد ڪر. +ممتاز: مست بلبل مست گلگل مست ”آغا“ باغ ۾، +مست ساغر ڏي ڀري اڄ يار ساقي جلد ڪر. +مهلقا: بهار آئي دل غمگين ڪيو اڄ سئر گلشن جو، +صنوبر سرور عنا جو سنبل لالا ۽ سووسن جو. +ممتاز: نه هڪ جو هان نڪي ٻن جو، هنن سڀنن جو هان عاشق +نزاڪت جو، ۽ نخري جو ۽ رخسار حسينن جو. +(جام نوش جان ڪرڻ) +ممتاز: عمر ساري رهيو دل ۾ هنن جو شوق اي پياري، +سخن جو، شعر جو، گل جو، سدا معشوق گلبن جو. +گلزار: اصل کان عشق سهڻن جو، هنن سڀنن جو آ دشمن، +جگر جو جان دل جو عقل جو ۽ بدن تن جو. +ممتاز: ڏسي محبوب کي مون سان ٿيو رنگ زرداري ”آغا“ +مڪارن جو، حسودن جو، ۽ دشمن جو رقيبن جو. +ٽمبڪٽو: (ونگ مان) مٺو معشوق نئون منهنجو +هنن سڀنن ۾ آ قابل، +ڌڪڙ جو راڳ باجي جو ادا سُر تار تن تن جو. +ممتاز: رکج لاج جڳ ۾ اي باري اسان جي، +آ دشمن کي گر انتظاري اسان جي. +امن ۾ الاهي ته ”آغا“ کي رک تون، +بچي آبرو شل پياري اسان جي. +مهلقا: اي منهنجي گلستان جا گل، بوستان جا بلبل هي ڪهڙو خيال پرملال دل تي آيو، جنهن هن عيش ۾ اوهان جي رخ جو رنگ ڦيرايو، بنديءَ جي جان حيران، دل پريشان ٿي ٿئي، برائي خدا جلد بيان ڪر ته دل بيقرار قرار پائي. +ممتاز: ڪنهن طرح بانور ڪري هي دل ويچاري +جان من، +ڇا چوان مون دل سندي اڄ بيقراري جان من. +ڏوه منهنجو ناه پياري قسم آ الله جو، +دل ڳنڍي تو ساڻ بيوس دوستداري جان من. +مهلقا: عشق کان خالي نه آهي ڪوبه پيارا آدمي، +عشق ۾ ڪهڙي پوءِ اهي شرمساري جان من. +ممتاز: اي باغ حسن جا شاداب گل، ڇا تو کي خبر ناهي ته هي بدبخت شمشاد ناشاد ڪم اصيل اسان کي ذليل ۽ برباد ڪرڻ ٿو چاهي. خير فڪر نه آهي، شايد هو جلد ڪو مڪر جو ڄار پکيڙيندو، اسان جو ترت تڏو ويڙهيندو؛ ضرور فتنه قريب جاڳائيندو، اسان کي مصيبت ۾ فسائيندو خير، گرچ هو اسان جي تمنائن تي خنجر وهائڻ لاءِ ڪوشان آهي، ته اسان جو به مولا نگهبان آهي. +عدو گر لک برو چاهي، مگر پرواه ڪا ناهي، +ٿئي آخر اُهو ٿو جو ڪ منظور خدا آهي! +مهلقا: ليڪن خصومت جو سبب ڪهرو ؟ +ممتاز: عشق ۽ محبت تي جهيڙو. +مهلقا: ٻيو سبب؟ +ممتاز: ڄاڻي ٿو رب. +مهلقا: آخر حقيقت ساري؟ +ممتاز: عياري، مڪاري، بدڪاري. +مهلقا: پوءِ ڇا خيال آ؟ +ممتاز: مدد زوالجلال آ. +ممتاز: خداوند مددگار آ، ته ٻيڙو پار آ، دشمن خوار آ. دشمن چه ڪند چون مهربان باشد دوست. +ٽمبڪٽو: (ونگ مان) هان، هان! ٽرڪش چه ڪند چون مهربان باشد روس. +ممتاز: (ڀاڪر پائي) خدا يا تو هجين هردم محب +منٺار جو حافظ، +منور مهلقا محبوب منهنجي يار جو حافظ. +متان دسمن دغاڪن ڪا اٿي پرتو پرين منهنجو، +عجيبن جي الاهي تون هجين هر وار جو حافط. +(ممتاز ايگزٽ) +مهلقا: الله نگهبان تنهنجو اي دل جاني، +هر جا گل بهار هجين يوسف ثاني! +پردو چوٿون +مڪان شمشاد +(انٽر شمشاد ۽ ٽمبڪٽو) +شمشاد: تون ڪشتي راحت ته آءٌ طوفان بلا هان، +تون عيش جي دنيا آهين، آءٌ تهن ۾ وبا هان. +تون حرص جي دنيا آهين، آءٌ دوزخ جي هوا هان، +تون خرمن عشرت ته آءٌ برق قضا هان. +هاءِ جڏهن هو گل غير جي گلي جو هار آهي، +تڏهن هن بلبل جو جئڻ دشوار آهي. +شمشاد: اي ٽمبڪٽو؟ +ٽمبڪٽو: جيءُ حضور!. +شمشاد: افسوس ! +ٽمبڪٽو: صد هزار افسووس! +شمشاد: ڇا چوان؟ +ٽمبڪٽو: ڪجهه نه چئو. +شمشاد: ڇا ڪرڻ گهرجي؟ +ٽمبڪٽو: منهن ڪارو ڪرڻ گهرجي. +شمشاد: دل کي وسواس آ، +ٽمبڪٽو: حضور جي ستياناس آ. +شمشاد: ڇو بد افعلا ٿئين. ٿو، +ٽمبڪٽو: جناب جو عشق جي جنجال ۾ پوي ٿو، +تنهن جو اهو ئي حال ٿئي ٿو. +شمشاد: توکي منهنجي حال تي رحم اچي ٿو، +ٽمبڪٽو: بيشڪ نهايت سخت رحم اچي ٿو. +(علحيده) ڪهڙي مرد ود کي رحم اچي ٿو، +بندو ته رڳو پيسن جي بونءِ تي نچي ٿو. +شمشاد: ڪوئي علاج بيان ڪر، +ٽمبڪٽو: وڃ ٿڌي پاڻي سان شنان ڪر. +شمشاد: انهي مان ڇا ٿيندو؟ +ٽمبڪٽو: مرض سان گڏ مريض به غڙپ ٿي ويندو! +شمشاد: چپ رهه نا معقول.... +ٽمبڪٽو: (علحده) بيشڪ، جي نوڪر نامعقول، ته مالڪ اسٽوپڊ فول! (شمشاد سان )دارون ته آ مون وٽ، +هن در د سور جو، سمجهو غلام آ هي مطلب حضور جو. +گرچ هي پوشيده سوال آ، مگر حضور جو خام خيال آ. ڇا هي ڪم بندي جي اڳيان محال آ؟ هرگز نه و ليڪن ذرا ايڊ ورڊ شاهي کي ڪڙنگ شڙنگ ٽڙنگ فرمايو، ته اهڙي وڃي ٿو گٽر مٽر شٽر لڙايان، جو سڀني کي بن فصل اُلو جو پٺو ٿو بڻايان. پوءِ درياهه لعل ڪندو ٻيڙو پار آ، بندو به تيار آ. نه ته وڃي ابابيلن وانگر، هوا سان پيٽ ڀريو. چئو ڪهڙو خيال ٿا ڪريو. آيا خيال شريف ۾ ؟ +شمشاد: اي عزيز ٽمبڪٽو، ذآرا ٻي ڳالهه ته ٻڌ.... +ٽمبڪٽو: نه نه جناب، ٻيءَ ڳالهه ٻولهه جو ضرور ٻرو ڪونهي. جي رپين جي گرفتار آهي ته بندو به ٻڌڻ لاءِ تيار آهي؛ نه ته ڏُٻرسٻري ڳالهه بندو هڪ ڪن کان سڻي، ٻئي ڪن کان کڻي وي.پي آنپيڊ پارسل ڪري ڇڏيندو! +شمشاد: تڏهن تون رڳو رپين جو بکيو آهين؟ +ٽمبڪٽو: ڇا، تڏهن دلالي ڪرڻ ڪا سولي آهي؟ +هي سڀ پيٽ جي هچا آهي، جو اسان جهڙا ڪيئي خاندان ماندان چڪلن ۾ ٿا ڪن سلام! هاءِ پيٽ، واءِ پيٽ! +يارو هي پيٽ آهي يا ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ آهي! +شمشاد: چڱو اي نيڪنام، انجام آهي؟ +ٽمبڪٽو: انجام خام آهي، ڪوڙو ڪالم آهي. +نقد هُو سنب هُو، اڌار هُو فساد هُو. ذرا ڳوٿڙي جو منهن کوليو، ٻيو ٻول نه ٻوليو. اڳيئي گهر ۾ بيبي ڪالهوڪر موچڙن سان بندي جو تارون تري ڪري ڇڏيو آهي. جي هن دفعي کيسي خالي، لا ابالي وياسون، ته ڏاڙهيءَ سونهاريءَ جو خدا حافظ هوندو! +شمشاد: اي نمڪ حلال، في الحال نقد پيسو ڪونهي. +ٽمبڪٽو: جناب اعلي- جي ڏيوالو ڪڍيو اٿو، ته اها ٽوپي ۽ ڪوٽ کڻي عنايت فرمايو! +شمشاد: آهي تنهنجي ڪهڙي ڪم جا ٿيندا؟ +ٽمبڪٽو: واه صاحب، لکيدر تي بيهي نيلام ڪندس! جي ڪنهن نه ورتا ته، بيبي سياري جو چلهه تي ٽورو ٽڪورو ڪندي آهي، اهو پائخانو کڻي هنن سان صاف ڪندس! +(شمشاد پيسا ڏئيس ٿو) +ٽمبڪٽو: هه، هه، هه، بندي جو ته هردم جناب جي اڳيان نياز جو سلام آهي- بندو ته حضور جي پيءَ، ڏاڏي، پڙڏاڏي، تڙ ڏاڏي، بلڪ ساڍن ستن پيڙهين جو غلام آهي. هينئر اهڙو ٿو سڀني جي اکين ۾ گٽر مٽر شٽر جو مصالح پيهين ٻرڪيان، ۽ اهڙو ٿو گهر ۾ گڙ ٻڙ گهوٽالو وڃي وجهان، جو سڀني کي صفا چٽ اُلو، عقل جو سالو بي تالو نه بڻايم ته بندي جو ذمو! +شمشاد: آفرين، اي عزيز ٽمبڪٽو آفرين! مون کي هينئر رخصت آهي هي اوهان جي خدمت آهي. (پيسا ڏئي ٿو) +ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: يارو عشق وه چيز هي جو پٿر ڪو آب ڪري، +لگتا هي اسڪو، جسڪو خدا خراب ڪري! +خير اسان جو ڇا؟ سوال ندارد، جواب ندارد؛ +فتوا فيصلو في الحال ندارد. (ويهي ٿو) +(در جو کڙڪو) +آواز: جناب اعليٰ دروازو کوليو! +ٽمبڪٽو: اجهو، وري ڪا ٻي مصيبت نازل ٿي- فيير صاحب، معاف ڪيو.... پيسو ڀڳل ڪونهي. +آواز: فقير ڪين آهيون. دروازو لاهيو...... +ٽمبڪٽو: فقير ڪين آهيو، تڏهن اسان جا گُر پير آهيو؟ اي ميان، ڪو جن آهين يا انسان، يا ڪو مئو شيطان؟ اول نالو مبارڪ ڇاڻي ڇڏيو، ته پوءِ دروازو کوليو؛ حرن جو ملڪ ۾ هُل آهي! +آواز: اهو ئي اوهان جو جهونو دوست! +ٽمبڪٽو: (علحده) خدايا، هي وري جهونو دوست ڪهڙي جهنگل جي سوراخ مان نڪري آيو! اڙي دوست، خدا جي فضل سان هت سڀ صحيح سلامت جيئرا جاڳندا آهيون؛ ڪو مئو ڪونه آهي-نه ڪانڌي ٿا کارايون، جو اوهان به دعوت جو ٻڌي تبخ ڇٽڻ آيا آهيو! (علهده) واه، چڙهيون چلهيون چڪاسي، چور يا ٻلو! +آواز: اول دروازو کوليو، پوءِ احوال بيان ڪبو. +ٽمبڪٽو: (ايگزٽ – در لاهڻ) +(انٽر جميل) +جميل: السلام عليحڪم اي مهربان. +ٽمبڪٽو: وعليڪم اسلام، خاندان، پاندان، بي نام و نشان، هنيئر ته ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙي طبيلي جي رهڻ وارا آهيو؟ +جميل: اي ٽمبڪٽو اصيل، بندي کي سڏيندا آهن، جميل، ابن خليل. +ٽمبڪٽو: اڙي يار معاف ڪجو، مون کي البت پري کان سنئون سبتو انسان به ابتو شيطان نظر ايندو آهي! +جميل: تڏهن ته ميان ڪا پٿر جي نيلامي عنيڪ ڌاريي! +ٽمبڪٽو: جناب اعليٰ ڳالهه ئي نه پڇو، بندي به ٻين عينڪي انڌن جي ريس تي هڪ سونن سڱن سان عينڪ ڌاري هئي؛ پر يار، گهر جو وڃان ته ماءُ، ڀيڻ، زال سڀ هڪ جهڙيون نظر پييون اچن! +جميل: ليڪن اي نيڪ نام مهربان، شمشاد جو ڪو پتو نشان؛ مون کي سندن ملاقات جو خيال آهي، اهو سمورو احوال آهي. +ٽمبڪٽو: جي، جناب جن جو اهو خيال آهي، ته بندي کي ڪهڙي مجال آهي؟ اجهوَ ٿو کين حاضر ڪيان. هينئر اوهان جون اکيون، اسان جون لتون، هيءَ جاءِ پنهنجي ڄاڻو، مگر جي گهرندو آب داڻو ته حضور پاڻ آهه سياڻو، ڦينڪيو ناڻو، ته سارو لاڙڪاڻو اوهان جي بلي! +جميل: نه نه، رڳو دوست جي ملاقات جي آرزو اٿم. +ٽمبڪٽو: (علحدو) سڃن پڇيو بکين کان ته عيد ڪڏهن ٿيندي! هت ته جيڪو اچي مئو مڪڙ، سو روز ازل کان ڦانڪ ڦڪڙ؛ نه سارنگي نه ڌڪڙ، رڳو اڇا ڪپڙا کيسا خالي، لا ابالي، ماڻهن جي ليکي ملڪ جو والي. +(جميل اتي ترسي ٿو) (ٽمبڪٽو ايگزٽ) +پردو پنجون +رستو +گانو-شمشاد: +بيوفا هڪ يار جي هان مون طلبگار منجهان، +سنگدل صياد هان مون نؤ گرفتارن منجهان. +تو ڪئي ڪم يار الفت، مون وڌائي دمبدم، +بيوفا ٿئين تون مٺا، ۽ مون وفادارن منجهان. +يوسف ڪنعان کي ڪيو جيئن زليخان هو خريد، +تيئن مٺا تنهنجي مون آهيان، خود خريدارن منجهان. +شربت ديدار کان مون کي نه رک محروم تون، +اي مسيحا عشق جي هان مون به بيمارن منجهان. +جام الفت جو پيارج، يار ساقي جلد ڪر، +ساقيا هڪ مان به آهيان تنهنجي مي خوارن منجهان. +پارسا مون يار ناهيان پاڪ زاهد مستقي، +يار جي هان مون مگر هڪ ناز بردارن منجهان. +عشق جا انجام ”آغا“ سان تون پاڙج، اي پرين، +تون نه ڏس تنهن جي خطا، آه هو خطا وارن منجهان. +زباني: آه و فغان کان پاره مٺا منهنجو جگر ٿيو، +اي سنگل توتي نه مگر ڪو به اثر ٿيو. +هي لاش بيڪسي جو ڏسي، بعد فنا چيو، +ڪنهن بيوفا جي عشق ”آغا“ جو سفر ٿيو. +(انٽر ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: (علحدو) هنن کي ڪَن نه جَن، ادي کي عشق انڌو ڪيو. (شمشاد سان) حضور فيض گنجور؛ لنبي لنبي کجور، سلام. +شمشاد: سلام اي نيڪنام، ڪهڙو آ ڪلام؟ +ٽمبڪٽو: ڪالم ٻلام سڀ ڪيو لکيدار تي نيلام، هينئر رڳو تشريف جي ٽوڪري کي مال گاڏي ۾ کڻائي، پنهنجي مڪان تي قدم رنج فرمايو، جو هڪ جميل نالي مهمان آهي آيو! +شمشاد: ڇا، جميل! جميل، پياري مهلقا جو ڀاءُ جميل! واه واه، گهر ويٺي خضر مليو، ته پنءُ ٻارهن. هينئر عمدو موقعو آهي، دشمن سوگهو آهي. هن موذي ممتاز بد ذات منهنجو خانو برباد ڪيو، پر پاڻ اڃا آباد رهيو؛ مون کي ذليل ڪيائين، پر سندس بنياد رهيو، هينئر وڃي اهڙو ٻارڻ ٻارجي، جنهن کان دل ٺارجي، دشمن به مارجي، سندس خون زمين تي هارجي، تڏهن کاڌو حلال آهي. اگرچ ڪم محال آهي، مگر في الحال منهنجو خيال آهي ته اهڙو ڪو فريب جو دام ڦهلايان، جو اهو ڪم جميل کان سر انجام ڪرايان ۽ پاڻ تي به الزام نه ڌرايان. +بيت +الستي آه جي نڪي اي سهڻا ڪا سڙي تن جي، +جلائي دل ڇڏيندي سا صفا تو بت برهمن جي. +(ٻيئي ايگزٽ) +پردو ڇهون +مڪان شمشاد +(انٽر ٽمبڪٽو) (جميل اڳي ئي ويٺو آهي) +جميل: مهربان ٽمبڪٽو، جناب شمشاد جن آيا؟ +ٽمبڪٽو: جي هان جناب جن اجهو پوسٽ باسڪ ۾ بوڪ پوسٽ ٿي ٿا اچن! +(انٽر شمشاد) +شمشاد: السلام عليڪم، پيارا جميل! +جميل: وعليڪم السلام، دوست اصيل! +شمشاد: شڪر الحمد الله! اڄ هن مسڪين بي تسڪين جي ويرانيءَ کي مبارڪ قدمن سان آباد فرمايو اٿو- دل صاف ڪجو، تڪليف معاف ڪجو! +جميل: جناب اعليٰ، تڪليف ڇا؛ بلڪ تفريح آهي! +شمشاد: اي ٽمبڪٽو، گاني بجاني واري طائفه حاضر دربار آهي؟ +ٽمبڪٽو: حضور، طبله، سارنگي سڀ ڪجهه تيار آهي، فقط حڪم جو انتظار آهي! +شمشاد: پوءِ دير ڇا لاءِ اهي، حڪم ڏجي ٿو، گانو شروع ٿئي! +ساز وارا: سلام، سلام ، سلام، سلام. +ٽمبڪٽو: اڙي ميان لمليٽ خان، اي سوڍا واٽر خان- اڙي اڙي ڪيڏانهن هليا آهيو، جهنگ ۾ گهڙيا آهيو ڇا؟ +(ساز واري سان) ڏسجانءِ ميان ڇيڙ گهٽو خان سر، ڪن سان ڪن، چپ سان چپ، نڪ سان ملائي خوب چتائي ڀؤنڪجو، ۽ هن مس راسبري جان جا فُل نخرا ۽ چڪرا ڏيکارجو. هان! اگر هي حلوي جي هنڊي؛ چڪر ڏنڊي ناپاس ٿي ته سمجهو ته اوهان جي ستياناس ٿي! +طوائف: اڙي ميان منگرمان، تون ڳائڻ واڄائڻ جي باريڪ ڪم مان ڇا ڄاڻين؟ +ٽمبڪٽو: واه ڙي واه، مس نارنگي اسڪائر! اگر اتي جو اتي ڪو ديپڪ شيپڪ يا ڪوئي ڀروو توبهه بروو، +راڳ شروع ڪيان ته هن لڪڙبند خان جي ستيا ناس ڪري ڇڏيان، ۽ هن طبلچي گاسليٽ راءِ کي بلڪل خناس بڻائي ڇڏيان. +سارنگي وارو: اڙي، گهر ۾ گهرائي هي خانه جنگي! +ٽمبڪٽو: اڙي چپ ڪر، ته ڀڃانءِ نه سارنگي! +طوائف: اڙي ڪار منهان قرمساق چپ نٿو ڪرين. +اجي استاد، ڏسين ٿو، ڍولڪ هڻي ڀڙوي جو منهن نٿو ڀڃين! +شمشاد: اي ٽمبڪٽو، هڪ ولائتي وسڪي جي بوتل آڻي ڏي. +ٽمبڪٽو: جناب وسڪي آڻيان يا ڪا ڦسڪي. +شمشاد: ڪميخت، وسڪي. +ٽمبڪٽو: حاضر، حصور (بوتل آڻي اول پاڻ ٿو چاڙهي)! +شمشاد: اڙي ديوانه هي ڇا ٿو ڪرين؟ +ٽمبڪٽو: حضور؛ بندو ته ڪجهه به نه ٿو ڪري، +بندو ته رڳو وسڪي کي گسڪي هڻي، چسڪي ٿو وٺي ڏسي. +گانو طوائف: قوالي پيلو: +ڪيو وعدو هو تو جو بيوفا؛ تو کي ياد آ، ڪ نه ياد آ، +هو عاشق تنهنجو دل صفا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ. +ڪڏهن نازهو، ڪڏهن پيار هو، ڪڏهن بوسي تي تڪرار هو، +هُو وقت وصلت جو ڀلا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ. +هو ناز نخوت روبرو، هو گلا ملامت ماهرو، +هَي منهنجي وفا ۽ تنهنجي جفا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ. +هو ناز نخري جو رسڻ، اکڙيون هڻي هر هر کلڻ، +چئو سچ سڄڻ نالي خدا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ. +جنهن تي تنهنجو پيارا ناز هو، جنهن تي تنهنجو رانجهن راز هو، +آءٌ اهو هان ”آغا“ دل فدا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ. +بيت +جميل: بهار آئي ڀري ڏي باد هء گلگلون سان پئمانو، +رهي صدها ورهيه ساقي، تنهنجو آباد ميخانو! +بيت +شمشاد: مئي عيش جو جام هي نوش ڪر، +غم، دين و دنيا فراموش ڪر. +دور شراب هلي ٿو................... +ٽمبڪٽو: اڙي گهوڙا سچ هي رنڊيون ته نه آهن، پر ڪي وڏيون مشٽنڊيون حلوي جون هنڊيون آهن، هت ته سونيون جهرڪيون نخرن سان ٿيون ڦاسائين، پر خبر ناهي ته قيامت ۾ به بهشت جي دربانن سان الائي ڪهڙي رمز رلائي پاڻ واسطي جنت جون دريون کولائينديون. +جميل: (نشي ۾) اڙي مان ته مران ٿو. +ٽمبڪٽو: جناب هروڀرو مرڻو اٿو ته مهرباني ڪري گهر وڃي مرو، متان هتي گند ڪيو. +شمشاد: (نشي ۾) بس بس. +هئي هئي منهنجو دماغ پريشان ٿي ويو، +وحشت جي لاءِ منهنجي نئون سامان ٿي ويو. +ٽمبڪٽو: اڙي هي ڪا رنڊي آهي يا رنڊو مهربان، +يا ڪا رنڊين جي آهي امان جان، اهڙو گانو ڳايائين جو آقا صاحب جو دماغ پريشآن ڪيائين. +ساز وارا: جناب عالي اسان کي پئسا ته ڏيو. +ٽمبڪٽو: اڙي پئسا وري ڇاجا، چلتي ڦرتي نظر آئو ٺنڊي ٺنڊي هوا کائو، اجائي گٽر مٽر نه مچايو. +ساز وارا: اها ته اسان کي اڳئي خبر هئي ته هتي پئسن تي ضرور گڙ ٻڙ ٿيندي. +ٽمبڪٽو: اڙي تون ته ڏاڏي جو به ڏاڏو، ملان دوپيازي جو به قبله گاه ٿو ڏسجين، هيءَ رنڊي آهي يا ڪا ڦاٽڪ جي جهنڊي آهي، جو ڳائڻ سان اسان جي آقا صاحب جي دماغ ۾ گڙ ٻڙ وجهي ڇڏيائين. هان، ڀلا هي هڪ ۽ ٻه درجن لعل ڇاپ سگريٽن جا انعام اٿو. +ساز وارا: اڙي رڳي هيءَ رقم! +ٽمبڪٽو: اڙي اسان جا وڪيل ته انهيءَ کان به ٿوريءَ رقم تي راضي ٿيو وڃن، تون وري آڪڙ پيو ڪرين، مفت ڪا شراب قاضي ڪو ڀي حلال هي، نڪرو نڪرو، هاڻي بانس ڪئي اٿو. +(ساز وارا ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: (شمشاد ۽ جميل کي اٿاري ٿو) اڙي سيد سوٽِ شاهه، پٽ بيبي جمني، ذرا هنيئر ته سجاڳ ٿي. اڙي ميان عبدالڦوڙاٽ خان، ولد مس برانڊي، ڪو گهر گهاٽ به اٿئي يا نه (جواب ندارد). +اڙي چاچا چلم خان خاص الخاص، تنهنجي ستياناس؛ اڙي مسٽر ڊبليو آر ٻيڙو غرق (جواب ندارد). +(وسلا ٿو ڦولهي) خير، يار اسان جو ڪم ڪم سان، شڪر ٿيو، ڪجهه ڀنگ ڀڳڙا ته نڪتا؛ گهر ۾ بيبي به مانهين جي اٽي وانگر ڦوڪي ويٺي هوندي، مگر خدايا هنن پراڻي اسپتال جي مڙدن کي ڪيڏانهن ڪيان، هنيئر ڪا ڪچري سچري جي گاڏي ميونسپل کان ڪرائي تي آڻي هنن مردن کي گهرن ڏانهن پارسل ڪيان ته جند آزاد ٿئي. +(شمشاد ۽ جميل بيهوش پيا آهن، ٽمبڪٽو ايگزٽ) +(پردو لهي ٿو.) +پردو ستون +ٽمبڪٽو جو مڪان +(روپ ڪونسيو) +[3]دم دم ويٺي پنهنجي پيا کي سنڀاريان، +پيا کي سنڀاريان، پنهجي سنيان کي سنڀاريان. +جي ڪوئي پيا جو پيام اچي ته، +خط کڻي مان پنهنجي نينان سان لڳايان. +پيا پنهنجي تي هي واري وڃان مان، +جوين مان پنهنجو، پنهنجي سنيان لاءِ سنواريان. +جي منهنجي پيا کي پياس لڳي ته، +سوڍا برانڊي پنهنجي پيا کي پياريان. +سير لئه سنيان منهنجو خيال ڪري ته، +موٽر ۾ چاڙهي پنهنجي پيا کي گهمايان. +پاس پيا جي، منهنجي اچي اي ”آغا“، +نينان ۾ پنهنجي مان ته پيا کي وهاريان. +زباني دلربا: هاءِ، عجب قسمت کوٽي، گهر ۾ نه پاڻي نه روٽي! هن مئي چڪلي چوڙي، رسالي جي گهوڙي جي پڙ پيس، ماءُ پيءُ کان به ويس، آءٌ اهڙي گل و گلزار- هي مئو مرد ود بدشڪل، بد ڪردار، بي همت، بيڪار، هن کان ته منهنجو يار وفادار هزار بار بهتر آهي. هينئر ڪا اهڙي تدبير ويڙهايان، جو هن موذي مردود کان طلاق وٺي، پياري وفادار سان نڪاح پڙهايان ۽ پوءِ خوب ويٺي مزا اُڏايان. +(درد تي ٺڪ ٺڪ جو آواز) +دلربا : ڪير، ڪير؟ +آواز: تنهنجو يار وفادار. +دلربا: هي ڪير پيارو وفادار-آيس آيس، پيارا اجها آيس، هَي هَي مان وڃان، جلدي وڃان. (دلربا ايگزٽ) +(انٽر وفادار ۽ دلربا) +گانو دلربا +[4]مون واري، ٻلهاري جاني يوسف ثاني؛ تون ڪنعاني، +دلربا جاني ها. +شان تنهنجو لاثان جانا، نين تنهنجا، مرجان جانا، +موهيو مسي تنهنجي پان جانا، دلبروا. +جاني جيءُ نه جلايو، ذرا نينان ته ملايو، +اي، اي، اي، اي- مون واري...................... +دلربا: ڪيئن پيارا، مزاج ڏانهن ته ڪافيت آهي؟ +وفادار: ٻڌايانءِ ڪنهن طرح اوقات گذري ٿي، +بيقراري آه و زاري ۾ دن رات گذري ٿي. +دلربا: منهنجي به پيارا ساڳي ريت اوقات گذري ٿي، +انتظاري ۽ خواري ۾ دن رات گذري ٿي، +مگر جي تنهنجو ڪوئي مونس و غمخوار ڪونه آ، +ته مهنجي تصوير تو ڪڍائي ڇو نه آه. +وفادار: غيرن وتو جو بوسو تو کان پياري جان آ، +تنهن لاءِ تصوير تنهنجي مون ڪڍائي ڪانه آ، +خير، مگر پياري مون کي ڪيستائين جوٺن وعدن ۾. +رکندينءَ. +دلربا: پيارا منهنجو ڪو جوٺو واعدو ڪونه آهي، مگر افسوس جو هي ڪمبخت منهنجو پيڇو نٿو ڇڏي. +وفادار: هي رڳو بهانو آهي. +دلربا: نه نه، هينئر نزديڪ زمانو آهي؛ ليڪن هينئر البت دير ٿي ويئي آهي، اوهان وڃو ته چڱو، متان منهنجو خاوند نه اچي وڃي ۽ پوءِ قيامت نه مچي وڃي. +وفادار: بيشڪ اچڻ ڏينس، اُلو جو ساهه ڪڍي ڇڏيان. +دلربا: سائين، وڃو زياده شيخي نه ڏيکاريو، خدانخواسته جي هو اچي ويو ته ميان صاحب جن پڇ پٺيءَ تي هوندو. +وفادار: واه واه، اسان کي ڪو اهڙو تهڙو سمجهيو اٿئي ڇا، هن وقت رستم ڇا، اگر شير نر مقابلي لاءِ اچي ته مجال اٿس جو منهنجي چنبي کان رهائي پائي جان ڇڏائي. +(دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز) +(وفادار جو خوف کان ڏڪڻ) +دلربا: (وفادار سان) اڙي ميان ڏڪو ڇو ٿا، بهادريءَ جو نالو وڃايو ٿا، پاڻ لڄايو ٿا. +وفادار: اڙي ڏڪان ڪٿي ٿو، ذرا سردي لڳي ويئي آهي؛ ٽوري به البت اچي زور ڀريو آهي. +آواز: اي ڪمبخت، دروازو کول! +وفادار: (آهستي) اڙي خدا جي نالي وفادار کي ته نه رول، ٻچا وفادار هنيئر ته پورو ٿي وئين، وفادار، اڙي، گهوڙا ڙي، پياري ڪو وارو ڪجانءِ. +دلربا: (اشارو ونگ جو) هوڏانهن وڃي لڪي پؤ. +(انٽر ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: پياري جڏهن مونٻاهران آواز ڏنو، تڏهن اها گهر ۾ گٽر مٽر ڇاجي لڳي پيئي هئي؟ +دلربا: ڏس ميان، جڏهن تون مون کي اڪيلو ڇڏي ويندو آهين، تڏهن هو پيارو وفادار هنڊيوال مون وٽ ايندو آهي. +ٽمبڪٽو: اڙي هو بغير موڪل جي منهنجي گهر ۾ اچڻ وارو ڪير! +دلربا: هو اوهان سان ٿورو ئي آيو هو، هن کي ته مون سڏايو هو. +ٽمبڪٽو: تو سڏايو هو، ڀلا سڏائڻ جو سبب؟ +دلربا: ڇا چوان ميان، جڏهن تون هليو ٿو وڃين، تڏهن دن رين بي چين ٿي رهان. +ٽمبڪٽو: اڙي چين نٿو اچي ته پرائي مرد کي گهر ۾ سڏائين ٿي، تنهنجي ستياناس ٿئي! +دلربا: پر تون ڳولين ڪنهن کي ٿو، هو ته ديوار ٽپي ڀڄي ويو. +ٽمبڪٽو: ديوار ٽپي ڀڄي ويو، ڇا هو ڪوئي جانور هيو. +دلربا: تڏهن ڇا هيو- هو ته پاڻ وارو ڪارو ڪتو هيو، جو تو تنهن ڏينهن آندو هو. +ٽمبڪٽو: پاڻ وارو ڪتو هيو. سچ پچ! +دلربا: سچ پچ. +ٽمبڪٽو: چڱو، ڀلا هو ڪتو ٻه پيرو هيو يا چئو پيرو؟ +دلربا: ڇڏيو ميان، اوهان وري خواه مخواه مون کي کپايو ٿا. (وفادار جي وسريل پادر تي ٽمبڪٽو جي نظر پوڻ، ۽ کڻڻ.) +دلربا: اهو هٿ ۾ ڇا اٿو؟ +ٽمبڪٽو: اهو ته مان پاڻ پڇي رهيو آهيان( جتي ڏيکاري)، ته اهي ڇا آهي؟ +دلربا: اُون، هون-اها مون کي پسند ڪين آهي- مون کي ولائتي وارنس جو بوٽ گهرائي ڏي. +ٽمبڪٽو: اڙي ولائتي بوٽ جي ٻچي، اُهو ته پوءِ پائجانءِ، اول هي ته ٻڌاءِ ته هيءُ ڪٿان آيو؟ +دلربا: نه نه، مان اهڙي جتي ڪڏهن نه پايان. +ٽمبڪٽو: اڙي جتي نه پائيندينءَ تڏهن، ڪهڙي پائيندينءَ. +دلربا: مون کي والائتي وارنس جو بوٽ گهرائي ڏي. +ٽمبڪٽو: اڙي ڪمبخت، خانو خراب ٿيئي، اُهو ته پوءِ پائج-اول هي ته ٻڌاءِ ته هيءَ جتي ڪنهن جي آهي. +دلربا: تون اهڙو غصي ٿو ٿئين ته وڃ، مان نه ٿي ٻڌايان. +ٽمبڪٽو: ڀلا تون نه ٿي ٻڌائين ته اجهو مان هن کي پاڻ ٿو ڳولهي لهان. +دلربا: ميان توهان ڪهڙا نه ڀالا ڀولا نادان آهيو، جو ايتري ۾ بدگمان آهيو، هي جتي ته منهنجي پياري وفادار هنڊيوال جي آهي. +ٽمبڪٽو: پياري هنڊيوال جي آهي، ڇا ڪتو به ڪڏهن جتي پائيندو آهي؟ +دلربا: منهنجا سائين، تون سمجهين نه ٿو. +ٽمبڪٽو: ته ڀلا سمجهاءِ. +دلربا: هو مون وٽ اڄ آيو هو، ۽ جتي پاڙيسريءَ جي چڪ ۾ کڻي آيو هو، اوهان جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٻڌي، گهٻراهٽ ۾ جتي ڇڏي ڀڄي ويو. +ٽمبڪٽو: هان هان، هوندو هوندو هوندو، هو ته هميشه مون کان ٽهندو آهي. +دلربا: ليڪن ميان تو ڪا ٻي ڳالهه ٻڌي آهي. +ٽمبڪٽو: اها وري ڪهڙي! +دلربا: هوءَ اسان جي پاڙي ۾ ڌوٻڻ رهندي آهي ني. +ٽمبڪٽو: هان هان، هوءَ گهسيٽي جي بيبي جي امان جي پڦي جي ماسي، مائي ناسپاتي خاص الخاص! +دلربا: اُن جي ستيا ٿي ناس، هن پنهنجي خاوند کان لڪ چوري پنهنجو يار گهر ۾ سڏايو. +ٽمبڪٽو: يار گهر ۾ سڏايو-ڇا ڪوئي هن جو خاوند اُلو جو پٺو هو، جو هن جي يار کي ڪين پڪڙيائين. +دلربا: بيشڪ هو سچ پچ گڏهه جو کودڙو هو. +ٽمبڪٽو: هان هوندو، چڱو پوءِ ڇا ��يو؟ +دلربا: هن کي پنهنجن دوستن گهڻو سمجهايو، مگر هن نٿي مڃيو- پنهنجي بيبيءَ کي نهايت نيڪ ٿي سمجهيائين. +ٽمبڪٽو: ڪوئي وڏو نامرد هيو. +دلربا: هوءَ پنهنجي يار سان محبت جون ڳالهيون ڪري رهي هئي ته ايتري ۾ ، مئو ان جو خاوند به اچي ويو. +ٽمبڪٽو: واه واه، تڏهن ته اُن بدڪار عورت دل تي موچڙا کاڌا هوندا. +دلربا: نه نه، هن عورت اُتي به چالاڪي ڪري ڏيکاري. +ٽمبڪٽو: چالاڪي ڪري ڏيکاري، اهو وري ڪيئن؟ +دلربا: هن پنهنجي خاوند جي منهن تي هيئن ڪپڙو کڻي وڌو، پوءِ يار کي چيائين ته نڪري وڃ. +(ٽمبڪٽو جي منهن تي ڪپڙو ٿي وجهي، وفادار هليو ٿو وڃي). +ٽمبڪٽو: چڱو ڀلا پوءِ ڇا ٿيو؟ +دلربا: پوءِ، هن جو يار نڪري ويو. +ٽمبڪٽو: هن احمق پنهنجي منهن تي ڪپڙو ڇو وجهڻ ڏنو ۽ چپ ڪري ڇو ويهي رهيو، ڪوئي وڏو اُلو جو پٺو هيو. جيڪڏهن مان هجان ها ته انهيءَ عورت جو نڪ ۽ چوٽي ڪپي ڇڏيان ها ۽ سندس يار کي سرنهه جيڏا داڻا ڪري ڇڏيان ها-ڏسجانءِ پياري، متان تون به ائين ڪرين. +دلربا: ميان خدا نه ڪري، منهنجي ته ميان ڳالهه ٻڌڻ سان ڇاتي ٿي ڏڪي! +ٽمبڪٽو: خدا شل منهنجي بيبيءَ کي منهنجي سر تي سلامت رکي؛ اسان جي جوڙي کي ڏسي لوڪ سڙي ڀڄي پچي ٿو، جڏهن ڪو عيب هن نيڪ ڪار ۾ نٿا ڏسن، تڏهن ناحق هن کي بدڪار ٿا سڏن. ڀلا اهڙو يقين مون کي ڪٿي ٿو ٿئي. +منهنجي بيبيءَ ڪا اهڙي تهڙي آهي ڇا. الله الله ڪيو! +هيءَ ته هزارن ۾ هڪڙي آهي مهربان، زال ته ناهي زالن جي آهي امان جان، خدا شل منهنجي بيبيءَ کي منهنجي سر تي سلامت رکي، ڪيئن پياري دلربا؟ +دلربا: بيشڪ منهنجا پيارا دل صفا (تسبيح ٿي ڦيرائي). +ٽمبڪٽو: پياري هي ڇا ٿي پئي ڪرين؟ +دلربا: ميان، مان اوهان کي ياد ٿي ڪيان، پيارا طبع ڏانهن ته خير آهي. +ٽمبڪٽو: اڙي خير وري ڪهڙو آهي، هن ڪمبخت شمشاد جي نوڪريءَ ته نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي. +دلربا: آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟ +ٽمبڪٽو: اي بيبي، هي شمشاد خناس، ستياناس، مان هن کي وڏو عقلمند سمجهندو هوس، مگر اڄ معلوم ٿيو ته وڏو احمق اُلو جو پٺو آهي. هي بجر بٽو، مهلقا جي نالي تي ٿيو آهي لٽو، مگر هو ته کيس ڄاڻي نکٽو، تڏهن به هي ٽٽو ، ميان چبربٽو، ڪٿي ٿو رهي. هن ڏنڊي ڏوٽي، ڀنگ جي سوٽي، عقل جي موٽي کي مهلقا جي عشق وڏو احمق، عقل جو سالو، صفا بي تالو بڻائي ڇڏيو آهي. جناب جن جو مزاج مبارڪ ته حضرت عشق جي گرما گرم آتش کان ريلوي انجڻ جي ڦيٿي وانگر چڪرن تي چڪر پيو هڻي، ڪابه ڳالهه هن ڀوڪ ڀاڙيل کي نٿي وڻي؛ سچ آهي ته امير جي عقل ۾ سنهان سنهان چير ٿين ٿا، جيترو آدمي موٽو، اوترو عقل جو ٿئي ٿو ڇوٽو. +دلربا: اي بيوقوف ٽمبڪٽو، تون ڪو ٻڪرو آهين يا گهيٽو. +ٽمبڪٽو: ڇو ڇو بيگم! منهنجي نالي سان تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ +دلربا: اي ميان! تنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪينئان، هن غريب جي گلي ۾ حضرت عشق جو جنجال آهي؛ هن جو ڇٽڻ محال آهي، هو لاچار آهي، جان کان بيزار آهي، ٻڌو ڪين اٿئي: +آن که شيران را کند روبها مزاج، +احتياج و احتياج و احتياج و احتياج. +ٽمبڪٽو: خير، بيبي مان به دلالي جي اسڪول، نمبر ٽو (2) جو فس ڪلاس شاگرد آهيان، تنهنجي حڪم موجب وڃان ٿو ۽ وچا ڪٽي جو انجام سر انجام ڪيان ٿو، يعني حرص جي گهوڙي کي بيوقوفيءَ جو لغام لڳائي، ميدان حماقت ۾ ڊوڙايان ٿو، قسمت کي هوا ۾ اڏايان ٿو. هينئر جلد هن نونهال، نازڪ خيال، گل انداز مهلقا وٽ ويندس. ڪنهن عجز عاجزي يا فريب فتني بازي ۾ آڻي. هن کي پنهنجي آقا سان ملائيندس؛ پوءِ ساري عمر ويٺو هن پاڳل شمشاد جو مال لٽائيندس. +دلربا: ميان مون کي به ولائتي وارنس جو بوٽ گهرائي ڏج. +ٽمبڪٽو: هان هان پياري، تو کان سواءِ منهنجو وري ٻيو دنيا ۾ ڪير آهي؛ ماءُ آهين ته تون، ڀيڻ آهين ته تون، ڌيءَ آهين ته تون ۽ جي زال آهين ته تون. +دلربا: پيارا منهنجو وري ڪو ٻيو والي وارث آهي، پيءُ آهين ته تون، ڀاءُ آهين ته تون، پٽ آهين ته تون، ۽ جي خاوند آهين ته تون. +[5]گانو- (دلربا ۽ ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: منٺار پرين، دلدار پرين، ڪرناز نه اي دل جاني. +دلربا: جند جان ڪيان، قربان ميان، اي جاني، يوسف ثاني. ٽمبڪٽو: آ صورت منهنجي ڪاري. +دلربا: گل ناري. +ٽمبڪٽو: آ گلي سان لڳ تون پياري. +دلربا: مون واري. +ٽمبڪٽو: منٺار پرين، دلدار پرين، ڪر ناز نه اي دل جاني. +ٽمبڪٽو: ڏي بوسو هڪڙو جانا. +دلربا: ڇڏ طعنا. +ٽمبڪٽو: ڇڏ جوٺا بهانا. +دلربا: ڇڏ طعنا. +ٽمبڪٽو: منٺار پرين، دلدار پرين، ڪر ناز نه اي دل جاني. +[1] گانو مهلقا: درز: ”هاءِ سنيا پڙون مين تيري پنيان“ +[2] گانو ممتاز: طرز: ”تيري ذات پاڪ هي اي خدا تيري شان جل جلاله“ +[3] دلربا +طرز: ”جوئي دم ديکو ميري پيا ڪو م!لانا.“ +[4] طرز: ”دن رتيان نا ڇيڙو سنيان ڇاندو بنيان............“ +[5] طرز: ”دي رنگ ڀنگ ڪا لوٽا“ + + +پردو اٺون +مڪان شمشاد +شمشاد: (سجاڳ ٿي) اي ٽمبڪٽو، اڃا ڏينهن آهي يا رات آهي؛ خدايا هيءُ ته پرهه ڦٽي پرڀات آهي. +جميل: (سجاڳ ٿي) خدايا هيءَ جاءِ ته پياري دوست شمشاد واري آهي، جتي مون ساري رات گذاري آهي. +شمشاد: اي دوست فڪر نه آهي، هي اوهان جو مڪان آهي، هي جان قربان آهي، بندي کي هر وقت مددگار ڄاڻ، حال زار، بلڪ جان نثار ڄاڻ. +جميل: تحقيق دوست، اوهان کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوئي نه دوست خويش اٿم، مگر هڪڙو مشڪل درپيش اٿم، بعد اها آرزو اٿم، جو شادي خانه آباديءَ جو ڪو به بندوبست ڪري خانو آباد ڪيان، هن تنها زندگانيءَ کي خيرباد چوان، اهو خيال آهي، ليڪن بغير پئسي اهو خيال پورو ٿيڻ محال آهي، جنهنڪري البت دل اداس آهي. +شمشاد: (علحدو) فڪر نه ڪر، اجهو اوهان جي ستياناس ٿئي ٿي. +شمشاد: (جميل سان) خدا ڪري اها خدمت بندي کان سري، ته بندي جي منهن ۾ به آب وري، دل ٺري. +گانو +شمشاد: +[1]هر حال ۾ اي يار، تنهنجو مددگار هان، +قربان جان و دل سان، تنهنجو غمگسار هان. +مشڪل ۾ مدد جنهن نه ڪئي، تنهن کي نه دوست چئو، +توتان ته مگر جان من، آءٌ جان نثار هان. +باصدق جان و دل، ته آءٌ اي دوست دلنواز، +همراهه هم رفيق تنهنجو، حال زار هان. +مون کي نه دغا دل ۾ آهي، صاف دل هان آءٌ، +والله يا ”آغا“، آءٌ يارن جو يار هان. +گانو +اي دلنواز دوست، تنهنجو تابعدار هان، +توتي آءٌ جان و دل سان، فدا ۽ نثار هان. +مشڪل ۾ مدد منهجي، سگهو بهر خدا ڪر، +اڄ گردش ايام کان، آءٌ بيقرار هان. +بي چين دل کي چين، دنيا ۾ نٿو ملي، +لالا جي طرح غم کان دل داغدار هان. +راحت ۾ هان شريڪ، رهان رنج ۾ ڀي يار، +آءٌ هر طرح سان اي ”آغا“ خدمت گذار هان. +جميل: مون تي ڪو ڪري لطف؛ مون کي خريد ڪر، هن قفل آرزو سندي ڪليد ڪر، اي يار غمگسار دنيا ۾ تو کان سواءِ ٻيو عزيز ڪونهي. +شمشاد: شبڪ غربت کي ڪو قريب ڪونهي، مگر هاءِ هن وقت هڪ نئين ڳالهه دل ۾ ياد ٿي اچي، جنهن کان دل اندر ۾ ٿي پچي. +جميل: جناب عالي ڇا ڪا اهڙي ڳالهه لا دوا آهي، جا بندي کي ٻڌائڻ ناروا آهي؟ +شمشاد: خير انهيءَ ۾ ڪو سبب آهي. +جميل: مون کي عجب آهي، اهو ڪهڙو سبب آهي، ظاهر ڪرڻ اوهان تي واجب آهي. +شمشاد: خوب اي مرغوب، ليڪن توکي چوندي خوف ٿو ٿئي. +جميل: البت منهنجي دل کي به ضعف ٿو ٿئي، مگر بي تڪليف بيان ڪر. +شمشاد: ڀلا ذرا هيڏانهن ڌيان ڪر، اي پيارا جميل، دوست اصيل، افسوس صد هزار افسوس، جو هو موذي ممتاز بد ��ات، هن جي اوقات تي لعنت، هن جي خاندان تي لعنت. هاءِ؛ اُف! غضب غضب......................! +جميل: ڇا، ممتاز! +شمشاد: هان هان؛ بدڪار، مڪار، ممتاز. +جميل: آخر حقيقت سادي. +شمشاد: عياري مڪاري بدڪاري، اُف، افسوس، هاءِ، هو بدذات تنهنجي پياري همشيره جي پاڪدامن کي داغ ڏيڻ لاءِ تيار ۽ توکي خواب غفلت جو خمار، حيف صد حيف. +جميل: هاءِ –هاءِ، خدايا آءٌ ڇا ٻڌي رهيو آهيان، آءٌ خواب ۾ آهيان يا بيدار آهيان؛ خون هن بدڪار جو جيسين نه آءٌ سرڪي پيان، خاڪ اهڙي زندگيءَ تي جو دنيا ۾ آءٌ جيان. اي خيرخواه، والا جاه هينئر ڪهڙي مصلحت آهي؟ +شمشاد: مصلحت وري ڪهڙي آهي، اها صاف اوهان جي غفلت آهي، اهڙي بدڪاري جي سزا موت آهي! +جميل: بيشڪ موت آهي، ليڪن ڪنهن جو؟ +شمشاد: جنهنجو سمجهين، تنهن جو! گرچ ممتاز به قصور وار آهي، ليڪن در حقيقت تنهنجي ڀيڻ بدڪار آهي، تنهنڪري نيڪ صلاح اها آهي، ته انهيءَ بدچلن عورت جو خون ڪري، ممتاز بد ذات جي گهر ۾ اڇلائي، ۽ هن مڪار بدڪار کي گرفتار ڪرائجي. انهيءَ ريت اهو ڪم سر انجام ٿيندو ته توتي الزام ڪونه ايندو؛ اوهان جي خاندان تان اهو دائمي بديءَ جو داغ لهندو. +جميل: ڇا، خون، خون! پنهنجي پياري همشيره جو خون، اُف! اهو ڪهڙو باغبان هوندو، جو پنهنجي نئين گلستان کي باد بهار کان اڳ پنهنجن هٿن سان برباد ڪندو، پاڻ کي ناشاد ڪندو، اهڙو بيداد ڪندو، اُهو ڪهڙو انسان آهي؛ جو پنهنجي نازڪ گل اندام ڀيڻ جي خون ۾ پنهنجي دامن تر ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ حشر ۾ شرمسار ٿئي، هن گلشن نونهال جو ناحق خون ڪري صفُه تاريخ تي نالو آشڪار ڪيان، پاڻ کي رسوا سر بازار ڪيان، آ-ها، زمانو ڇا چوندو! +شمشاد: زمانو اهڙيءَ غيرت تي آفرين چوندو. +جميل: هرگز نه. +شمشاد: اُف! غضب، غضب؛ اي جميل، پنهنجي خدا داد غيرت جو اهو حق ادا ڪرين ٿو؟ +جميل: شمشاد، مون کي شرمندو پيش، خدا ڪرين ٿو. +شمشاد: اي بي همت، تون هڪ بدڪار بد چلن عورت جي خون کان ڊڄين ٿو. +جميل: خون کان نٿو ڊڄان؛ مگر هن جي پيدا ڪرڻ واري کان ڊڄان ٿو. +شمشاد: اي دوست، اوهان جي والد بزر گوار جو مون تي احسان آهي، احسان نه مڃڻ منصفيءَ کان دور آهي، تنهنڪري مون کي ضرور آهي ته اي نيڪنام، صبح شام توکي نيڪ صلاح ڏيان، تنهن لاءِ مان توکي بار بار ٿو چوان، ته جي اهو ڪم سر انجام ڪندين (يعني پنهنجي ڀيڻ جو ڪم تمام ڪندين) ته تنهنجي شاديءَ جو سارو بار جميل مون تي آ، هر حال ۾ هي بندو تنهنجو مددگار آ، توکي ضرور شادي ڪرائيندس ۽ پنهنجي ساريءَ زر ۽ جواهرات جو مالڪ بڻائيندس. +(ٽمبڪٽو کي سڏڻ) اي ٽمبڪٽو جلد وڃ، خزاني مان مهرن جون ٿيلهيون کڻائي اچ. +ٽمبڪٽو: حاضر حضور، (علحدو) ٺڪرن جون ٿيلهيون چئو ته گهڻيون، باقي ٻيو ته خزاني ۾ الله جو نالو آهي. +(ٽمبڪٽو ايگزٽ-انٽر-ٿيلهين سميت) +جميل: (علحدو) جي زر ٿو ڏسان ته پنهنجي پياري ڀيڻ جو خون ۾ هٿ رنڱڻ واسطي تيار ٿو ٿيان، جي وري هن ماءُ ڄائي ڀيڻ جي سچي اُلفت، نماڻيون نگاهون ۽ دمبدم واريون دعائون ياد ٿيون اچن، ته دلخراش، ڪليجو پاش پاش ٿو ٿئي، هي سمورو زر ۽ مال هٿان ٿو وڃي، مگر خير فڪر ناهي، مون کي پيسو وڌيڪ پيارو آهي، پيسي سان زماني جو گذارو آهي، هي وجهه هٿان نه وڃائيندس، نه ته پوءِ مفت پڇتائيندس، (شمشاد سان) +اي دوست، بيشڪ اهو ڪم سر انجام ڪندس، پنهنجي ڀيڻ پاڻ قتلام ڪندس، هنيئر دير اجائي آهي، اها قسمت آزمائي آهي. +(پيسا گهرڻ) +شمشاد: شاباش اي نيڪنام شاباش، غيرت انهيءَ کي چئجي. +ٽمبڪٽو: (علحدو) بيشڪ انهيءَ کي چئجي ٻيڙا ٻڏگيا دم بهاول حق اقبال چٽ عاقبت ج�� خير. +شمشاد: مگر اي دوست، مون کي يقين ڪامل آهي، ته هي ڪم مشڪل آهي، تو کان هرگز هرگز سر انجام نه ٿيندو، هي انجام انت خام ويندو. +جميل: آ-ها، سر وڃي مگر سودو نه وڃي. +شمشاد: جي وڃي؟ +جميل : ته خدا اُن جو خانو ڀڃي. +شمشاد: ڇا، اوهان کان هي دل آزاري ٿي سگهندي؟ +جميل: ڇا، تڏهن هي شرمساري ٿي سگهندي؟ +(پيسا وٺي ايگزٽ) +شمشاد: يارو فريب اهڙو مون کي ياد اچي ويو، +خود پاڻ پنهنجي دام ۾ صياد اچي ويو. +ٽمبڪٽو: جناب عالي، اسان سان ته ڪجهه ڇڻ ڇڻ فرمايو، هت ته سڀ ڪجهه کرو، پر ٽمبڪٽو کي ڏيڻ مهل ٽيئڙ ٻڙو، نه ته هينئر وڃي ٿو پوليس کي سڏي اچان. +شمشاد: صبر، صبر، اي بيوقوف، هيءُ تنهنجي خدمت گذاري آهي، اسان جو نگهبان خداوند باري آهي. +(پيسا ڏيئي ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: (اڪيلو) اي ڪمبخت ظالم جميل، تون رڳو چئن پئسن جي لالچ تي پنهنجي جگر جي بند جي مٺي خون جو پياسو ٿي رهيو آهين؛ ڇا هي دولت توسان قبر ڏانهن ساڻ هلندي يا قيامت ۾ ڇڏائيندي، تون هن پيسي مان پنهنجي پليد پيٽ کي ڪيترا ڏينهن پاليندين؟ رڳو چند روز جي عيش عشرت واسطي ساري زماني جي لعنت کڻي رهيو آهين، نه رڳو انسان، پر آسمان به تو تي لعنت ڪري رهيو آهي. هن انڌاري رات جي شبنم شاهدي ٿي ڏئي، ته هي ماتمي لباس ۾ ملبوس آسمان به هن بيخبر معصوم جي بيڪسي حال تي رت روئي رهيو آهي. اي يارو سچ دنيا جو خون سفيد ٿي ويو. هاءِ، افسوس! +گانو ٽمبڪٽو: +[2]ڏسو مڪاري، دنيا ساري پيسي جي، +الفت محبت مٽي، ياري پيسي جي، +مادر پدر ڀائي برادر، دختر اختر پيسي جي، +آ چوڌاري مارا ماري پيسي جي، +عزت حرمت سڀ آ شفقت پيسي جي، +سهرو سالو جوءِ پياري پيسي جي. +(ايگزٽ) +پردو نائون +رستو +گانو ممتاز: +* دين ۽ ايمان اسان پنهنجو ٿا ڄاڻون يار کي، +صاف پوڄن پرت وارا دوست جي ديوار کي. +برهمن بت خاني ۾، ڪعبي مسلمان ٿا وڃن، +ڇا غرض تن سان، اسان سجدو ڪيو دلدار کي. +خواهش جنت جي نه دل کي طلب حورن جي نه آ؛ +ٿا سڪون شب و روز يارو، يار جي ديدار کي. +عشق جي بيمار جو دارون نه آ نادان طبيب، +ديد دلبر جي آ، اڪسير هن آزار کي. +وه شراب ارغواني کان ته ”آغا“ هي ملي، +سر خماري آه هن ميخان جي ميخوار کي. +ممتاز: مرغ دل هي آه و زاري عشق ۾ ناهي روا، +هن قفس جي قيدين جي درد غم آهي غذا. +اي دل نادان ذرا هوشيار ٿي، خبردار ٿي. دشمن تنهنجن تمنائن تي خنجر وهائڻ لاءِ تيار آهي، مگر توکي اڃا خواب غفلت جو خمار آهي-خير تنهنجو مددگار پروردگار آهي. +اي عالم الغيب، بي عيب، توکي اسان جو سارو احوال عيان آهي؛ تنهنجي اڳيان ڪهڙو بيان آهي. اي هر انس و جان جا مالڪ، ممتاز جي جان جا خالق، گرچه زمانو در پي آزار آهي، ليڪن تنهنجو ڪرم درڪار آهي. در و ديوار کان اڄ ٿي اچي حسرت جي صدا، ڪجهه اشارن سان خدايا ٿو چوي مون کي قضا. خير هينئر پنهنجي يار وفادار غمخوار جاني سان ملڻ ضرور آهي، دل کي بيقراري ۽ رنجوري آهي. +صنم جي ياد ۾ اي دل بسر شام و سحر ڪر تون، +زماني تي عيان پنهنجي محبت جو اثر ڪر تون. +گانو ممتاز: +[3]موسيٰ جي طرح طالب ديدار هان مٺا، +حسرت زده ليڪن پس ديوار هان مٺا. +ڏئي نقد هي دل بر سر بازار محبت، +آءٌ ناز جو خوبي جو خريدار هان مٺا: +تنهنجيءَ دم کان دل کي منهنجي ڪجهه قرار آءِ، +و گر نه زندگي کان مان بيزار هان مٺا: +اي جان من مان عشق ۾ تنهنجي ته قسم آءِ، +بدنام ٿيو برسر بازار هان مٺا: +تون آتش فرقت ۾ جلائج نه ”آغا“ کي، +بلبل جي طرح عاشق بيمار هان مٺا: +(ايگزٽ) +پردو ڏهون +(مڪان مهلقا) +گانو سهيليون: +بخشيو ڪنهين کي حق نه هي حسن و جمال آ، +ديدار نه جهان ۾ ٿيو اهڙو مثال آ. +اکين جي اڳيان ناز نين نرگس آ حيا ۾، +اي جان شرمسار اڳيان تو غزال آ. +هي ابرو ئي حضور جا هن عڪس جلوه گر، +اُتريو هي آسمان کان زمين تي هلال آ. +بلبل ۽ ڪبڪ سان ڏيڻ نسبت ته خطا آ، +تن ۾ اهڙي ”آغا“ ڪٿي ٻول چال آ. +(مهلقا جو خواب مان بيدار ٿيڻ) +مهلقا: خدا يا هي خواب آهي، يا عالم بيداري آهي، +جان حيران، دل کي بيقراري آهي. +گانو مهلقا: +افسوس ڪيو خواب پريشان يا الله، +گهٻرائي ٿي قالب ۾ منهنجي جان يا الله! +همراه هو جميل عجب ماجرا ڏٺم؛ +هڪ دشت ڏٺم خواب ۾ ويران يا الله! +لبريز جام خون جو تنهنجي ته دست هو، +گويا ڪيائين پورو پي ارمان يا الله. +گردن تي سيف منهنجي برادر ٿي وهائي، +بلبل جي مثل جنهن تي آءٌ قربان يا الله! +هي ڀيد منهنجي ڌيان ۾ آيو نه اي ”آغا“، +تعبير خواب ڪين آ، آسان يا الله! +گانو سهيليون: +اي بانو اسان جي پياري، نه ڪر اه و زاري. +نه ڪر خواب جو فڪر هرگز، ڪرين ٿي عيش بيقراري. +سرسبز باغ حسن تنهنجو هردم، رکي شال خلاق باري، +باد خزان جي ته بدلي هميشه، هجي شال بعد بهاري. +قائم رهين شل اسان جي تون بانو، ٿي دشمن کي لذت ۽ خواري. +مهلقا: +خدا يا خير ڪر، اڄ دل کي حيراني، طبع کي پريشاني آهي. +هي ڪهڙو شگون بد آهي، من کي بي آرامي بي حد آهي هي، +هن خواب هيبتناڪ آهي، دل غمناڪ جگر چاڪ چاڪ آهي. +پياري سکيؤ دل قالٻ ۾ گهٻرائي ٿي، شايد تقدير اڄ +آزمائي ٿي: اک ڦري ٿي، قضا ڪجهه ڪم ڪري ٿي. +زرينا: بيشڪ؛ پياري هي هڪ هيبتناڪ خواب آهي! +حسينا: پياري تنهنجو مددگار باري جناب آهي. +گلنار: هي خواب ته دل آزار ٿو ڏسجي، يا قدرتي ڪو اسرار ٿو ڏسجي. +گلنار: نه نه، هي خواب اجايو آهي، ڪنهن جن يا پريءَ جو سايو آهي، بنديءَ خوب آزمايو آهي. +مهلقا جنهن بات کي چاهي نه طبيعت سا قهر آ، +جي موت جي خوشي آ، ته امرت به زهر آ. +هاءِ، شايد پياري دلنواز ممتاز جي عشق ۾ مون تي ڪا آفت نا گهاني اچڻ واري آهي،جنهن کان هن دل کي بيقراري آهي. +نه زيور مان ته پائيندس، نه زلفن کي سنواريندس! +هي باقي زندگاني خاڪ ساري ۾ گذاريندس. +گانو مهلقا: +[4]صبا يار کي چئو ته غمناڪ هان مان، +جلائي ڪئي عشق بس خاڪ هان مان. +جدائي ۾ تنهنجي مون باغ-جهان ۾، +گلن جي طرح اڄ جگر چاڪ هان مان. +محبت ۾ ڏيندس قسم سر هي پنهنجو، +نه آ خوف مون کي جو بيباڪ هان مان. +منهنجي دل جو ”آغا“ آ الله شاهد، +جو اُلفت ۾ بدڪاري کان پاڪ هان مان. +(انٽر ممتاز) +مهلقا: عيد جي ڏينهن منجهن لڪائڻ منصفي کان دور آ، +آءٌ گلي لڳ يار پيارا، عيد جو دستور آ. +ممتاز: آءٌ پياسي دد جو غرض نامون عيد جو، +عيد تو بن جان من، و الله جنسي سور آ. +گانو ممتاز: +طالب و صال هان يوسف مثل منٺار پرين، +آ زليخا جو قسم! +ڪر قيس سان ماڻا نه مٺا يار پرين، +توکي ليلان جو قسم! +دل و جان سان قربان آهيان توتي پرين، +آه دل هي ته چري! +دل گرفتار ڪئي زلف جي هڪ تار پرين، +دل شيدا جو قسم! +نسبت آ عنادل سان ڏيڻ توکي خطا، +آ غلطي هي صفا. +من موهيو مٺي تنهنجي آ گفتار پرين، +حق تعاليٰ جو قسم! +زلف پر پيچ ۾ ”آغا“ ته گرفتار ٿيو. +ڇٽڻ دشوار ٿيو. +شربت و صل پيارج مون کي دلدار پرين، +توکي مولا جو قسم. +گانو مهلقا: +[5]تنهنجي جوبن تي جانان واري وڃان، +واري وڃان ، ٻلهاري وڃان. +سجن سنوريا، نينان سنواري، +مون نينان تي سنيان، واري وڃان. +موهني مورت تنهنجي سانولي صورت، +سئو واري سنوريا، واري وڃان. +ممتاز: غنيمت سمجهه تون، منهنجو وصل جاني، +جو آ چار دن جي فقط زندگاني، +ڪيون عيش حسرت، رهي تا نه باقي، +جو الله باقي، و من ڪل فا��ي. +اي گلزار حسن جا شاداب گل، اي نازنين مهه جبين دل نشين بلبل، ڇو اڄ اوهان جو حال پر ملال ٿو ڏسجي. طبع جو ڪو اور خيال ٿو ڏسجي. +مهلقا: اي منهنجي سر جا تاج، اڄ‎ هڪ هيبتناڪ خواب کان دل بيتاب آهي، جگر ڪباب، مثل ماهي بي آب آهي، دل بي آرام آهي-شايد جلد موت جو پيغام آهي. +ممتاز: نه ڪر خواب تي تون ذرو اعتبار، +جو چاهي ڪري ٿو سو پروردگار. +خدا تي تون بس رک سدا اعتقاد، +ته دل جي تون پائين اي پياري مراد. +اي مهلقا تنهنجو اڃا فهم ڪم آهي، اهو بلڪل جوٺو وهم آهي، خواب جو خيال ڪرڻ صفا چريائي آهي، اها ڳالهه مون پاڻ آزمائي آهي. +اهو خيال دل تان دور ڪر؛ باغ ۾ وڃي دل گلن سان مسرور ڪر. +گانو مهلقا: +[6]رخصت ڪيو اي جان اڄ رخصت جي طلب آ، +راحت جي طلب وئي هلي، آفت جي طلب آ. +هي وصل يا نصيب ميسر ٿئي وري، +شايد منهنجي چشمن کي قيامت جي طلب آ. +سرتاج منهنجا تنهنجو نگهبان خدا آ، +قسمت کي منهنجي هاڻ ته فرقت جي طلب آ. +الفت ۾ آهيان پاڪ، تون شاهد رهج مٺا، +مولا جي اڳيان مون کي شفاعت جي طلب آ. +”آغا“ کي آهي آسرو دنيا ۾ اوهان جو، +محشر اندر به تنهنجي حمايت جي طلب آ. +ممتاز: رضائي حق تي راضي رهه، هميشه اي منهنجا جاني، +هزار ها مشڪلاتن جي صبر سان ٿي ٿئي آساني. +گانو (قوالي) +*ممتاز: ڪيو جنهن تو کي آ پيدا، اُهو تنهنجو ته آ حافظ! +ٿيان تو کان آءٌ رخصت ٿو، تنهنجو پياري خدا حافظ! +خدا يا مهلقا منهنجي جو هردم تون نگهبان رهه، +نه آ هن غمزده جو ٻيو دنيا ۾ تو سوا حافظ! +زمين توکي به پارت آ، شرم ڪج آسمان تون ڀي، +فرشته سڀ رهن تنهنجا، اي پياري جان سدا حافظ! +* * * +مهلقا: مون کي نه ڪر جدا پرين تو کي روا نه آ، +[7]سڏبو انهيءَ کي اي مٺا هرگز وفا نه آ. +توکي آ منهنجي ناز جو اي جان من قسم، +ميت تي منهنجي ايندين يا تنهنجي رضا نه آ. +زرينا: اها ناحق تنهنجي دل کي پريشاني آهي، +اهو خواب اي بانو شيطاني آهي. +گلزار: خواب جو خيال ڪرڻ ڪم زبون آهي، +اهو اي پياري بدشگون آهي. +ممتاز: وڇڙيلين جو خدا جاني- خدا حافظ! خدا حافظ! +نه ڪر هي خيال ناداني- خدا حافظ! خدا حافظ! +(ممتاز-ايگزٽ) +(مهلقا جو غم ۾ بيهڻ) +زرينا: پياري مان صدقي، مان واري- سڀاڻي ڪنهن ٻانڀڻ ٻڙي پنڊت پڙي وٽ ويندس، ۽ هن خواب جي تعبير ڪرائيندينس، پوءِ ساري حقيقت توکي ٻڌائيندس. +هينئر باغ جو سير ضروري آهي، اها به غمگين دل واسطي هڪ مسروري آهي. +حسينا: هلي باغ ۾ پاڻ پرڀاءِ تون، +گلن سان ته دل بانو وندر راءِ تون. +گانو مهلقا: +[8]سهيليون: دل کي سنڀال پياري بانو- بهر خدا، +مهلقا: بجلي چمڪي بادل برسي رين انڌيري آ. +سهيليون: مدد ڪندو و شل مالڪ مولا، +من مان خوف نڪال پياري بانو-بهر خدا. +مهلقا: هي جڳت فاني، پاپ جو جاني، سر تي بوڦ آباري، +سهيليون: پار ڪندو شل داتا پياري، +خوف نه ڪر ڪو خيال پياري بانو-بهر خدا. +(مهلقا سهيلين سان ڳائيندي ايگزٽ) +پردو جهنگل اڳيون +(جوڳي ۽ سندس چيلا) +گانو +سر جنهار جڳت جو جائي دل جو دلبر تون ئي تون آن، +قبول آ تنهنجي در جي گدائي، صحيح سڪندر تون ئي تون آن. +هر مظهر منجهه رنگ نرالا، شان آ تنهنجو سڀ کان اعليٰ. +هرشي ۾ تنهنجو جلوه مولا، هر جا حاضر تون ئي تون آن. +عمر گناهن ۾ ويئي ساري، تنهنجي آ در تي توبهه زاري، +ڪرم پنهنجو ڪر خالق باري، بنده پرور تون ئي تون آن. +صفت بندو ڇا ڪندو عيان، جي ڪل نه آ ڪنهن راز نهان جي، +مثال قمري دل اسان جي، سبز صنوبر تون ئي تون آن. +جوڳي: اي گروجي شيوا ۾ رنگي، ساڌن جي سنگت ۾ سنگي. +جيڪو سختين جو جوڳ پائي ٿو، اُهو ئي خوشين جو ڀوڳ پائي ٿو. هيءَ حياتيء�� جو دم گذر آهي، اڳيان وڏو سفر آهي، هينئر شهر ۾ وڃي ڪجهه بيک جو ٽڪرو آڻيو، پوءِ ڪنهن ٻي ڏس تي تاڻيو. بيشڪ اي چيلو وڃي شهر ڀيليو. +(چيلا ايگزٽ) +زرينا: گروجي اوهان کي ته آديس آ، +وسايو اوهان ڇو هي پرديس آ؛ +ڪٿان ٿا اچو ڳالهه بتلائيندؤ، +ديا پنهنجي مون تي ڪا فرمائيندؤ. +جوڳي: منهنجو ڇا، جو تو سان بيان آءٌ ڪيان، +هلي وڃ اُتي، آئي آهين جتان. +زرينا: غضب جا هن فقرا جي واه جي، +گهڻو گرم آهيو ته و الله جي. +گانو +جوڳي: چخي چل چرين کي نه ڏي ڳالهه ياد، +فقيرن کي نا ڇيڙ او نامراد. +هينئر ور نه ڏيندس تو کي آءٌ سراپ، +ستائڻ فقيرن کي آ سخت پاپ. +نياء سان ڀڳو آ اسان سلسلو، +هلي وڃ اي عورت، تنهنجو آ ڀلو. +گانو زرينا: +خدا واسطي بخش منهنجي خطا، +نه ناحق گرو جي ٿي مون کان خفا. +عرض مان رکان دل سندي مدعا، +ڪيو گر نوازش ڪا بهر خدا. +اسان جي آ بانو، گرو، مهلقا، +پريشان رهي ٿي، سا صبح و مسا. +قدم رنج فرمايو، تنهن وٽ شتاب، +جو پڇندي اوهان کان هوءَ تعبير خواب. +زباني +جوڳي: غرض بانو تنهنجي سان ڪهڙو ڀلا، +اسان پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ سدا. +منهنجو جهنگل و دشت ۾ راڄ آ، +هي ٽوپي پراڻي گويا تاج آ. +ڀلا ٻڌاءِ ته تنهنجي بانوءَ جي صورت آهي ڪهڙي؟ +زرينا: تور جهڙي! +جوڳي: عادت؟ +زرينا: حور جهڙي! +جوڳي: ڇا بيمار آهي؟ +زنريا: لاچار آهي! +جوڳي: ڪهڙي بيماري آهي؟ +زرينا: عشق جي دل آزاري آهي. +جوڳي: ڇا حسن تي ڪجهه ناز آهي؟ +زيرنا: تقدطير جو هڪ راز اهي. +جوڳي: اچي پاس منهنجي جي نيڪ اعتماد، +ته البت هو پائيندي دل جي مراد! +زرينا: بجا حڪم تنهجو آءٌ آڻيان گرو، +ڪيان ماهرو کي تنهنجو روبرو. +(زرينا ايگزٽ) +(انٽر ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: (علهدو) يارو مون ته پنهنجي بيبي جي پويان پننهجي سهڻي صورت، موهڻي مورت، هي ننڍڙي جواني، ڪئي برباد؛ پر هوءَ چڪر ڏنڊي اسان جي نڪتي اُستاد- گهر ۾ سڄو ڏينهن گوڙ به آهي، ڦٽ ڦت جي ماني لعنت جو ٻوڙ آهي. اڄ هوءَ ڪمبخت ذري گهٽ ڏنگڻ آئي هئي، پر خدا بچايو جو ڀڄي مون پاڻ ڇڏايو. ضرور دال ۾ ڪجهه ڪالو ڪالو آهي. +ڪنهن ڪار مينهن قرمساق جو ڳالهه ۾ گڙ بڙ گهوٽالو آهي. +خير هينئر هن جوڳي صاحب ڪمال با جمال کان ڪوئي تعويز لکايان، پنهنجي بيبي جي دل ڦسايان، دشمن کي جيئري جلايان. (نزديڪ وڃي) +ٽمبڪٽو: گرو جي، نمسڪار. +جوڳي: جيئو ٻچا، هر هر نام رام، نام ست، چئو ڪهڙو آ ڪلام، اي نيڪ انجام. +ٽمبڪٽو: گرو جي هڪ ڪارو ڀوت منهنجي پويان پيو آهي. +جوڳي: ڇا، ڀوت؟ +ٽمبڪٽو: جيءُ، مهراج، ڀوت! پر ڀوت به ڪارو ڀوت! +جوڳي: مان هن کي منتر تنتر جنتر سان جلايان، +تنهنجي جان ڇڏايان. +ٽمبڪٽو: بس گرو جي ڪا اهڙي ڪرپا ڪيو. +جوڳي: پوءِ ٻي ڪهڙي اُداسي آهي؟ +ٽمبڪٽو: مهراج باس باسي آهي، جو بندي جي بيبي وڏي شيطان جي ماسي آهي، جنهن ۾ شڪ آهي، يعني ٻي ڪنهن چگهٽي، چڪر ڏنڊي جو چڪ آهي، اهو دل کي ڌڪ آهي. مون کي ڪو اهڙو تعويذ ڏيو، جو هن جي دل گرفتار ٿئي، هن مڪار بدڪار جو يار دربدر ۽ خوار ٿئي. +جوڳي: هان هان، سوامي سڳو ٿو ٿئي؛ سر وڃي، سڳو نه وڃي، جي وڃن ته سر به ساڻ وڃي. +(انٽر چيلو) +چيلو: مهراج، هڪ پرده دار عورت اوهان جي درشن جي اڇا ٿي رکي. +جوڳي (ٽمبڪٽو کي): هل ٻچا، تون ڀڄ، ڀڄ ڀڄ. +ٽمبڪٽو: حاضر، گرو جي حاضر، حاضر! (ڀڄي وري موٽي ٿو.) +ٽمبڪٽو: ليڪن مهراج سوامي، بندي جي راس ته ڏسو. +جوڳي (ڪتاب ڏسي): اي ڪمبخت، تنهنجي راس جي آهي ستياناس، هل، هل، هينئر نڪر، نڪر! +ٽمبڪٽو: (علحده) ليڪن هن جهنگل ۾ پرده دار عورت جو اچڻ راز کان خالي ڪئين ٿو ڏسجي. هي تماشو ذرا لڪي ڏسڻ گهرجي. (ونگ ۾ لڪڻ) (انٽر عورت) +دلربا: گرو جي ڍنڊوت. +جوڳي: سکي رهو، آنند رهو. چئو مائي، تنهنجي ڪهڙي اڇا آهي. +دلربا: مان هڪ مشڪل ڪم واسطي آئي آهيان، مهراج. +جوڳي: بيان ڪر احتياج. +دلربا: گرو جي مان پنهنجي خاوند کان تمام تنگ آهيان. +جوڳي: تنگ آهين، ته پوءِ ڇا گهرجي؟ +دلربا: مهراج، مان اهو ٿي گهران، ته يا هن کان منهنجو پيڇو ڇٽي، نڪاح ٽٽي، يا ته وري هو انڌو ٿئي. +ٽمبڪٽو: يا خدا هي ڪهڙو راز، هي ته آهي منهنجي بيبيءَ جو آواز. +جوڳي: مائي تنهنجو ڪهڙي محلي ۾ مڪان آهي؟ +دلربا: لکي در تي منهنجو مڪان عاليشان آهي. +ٽمبڪٽو: (ونگ مان اڙي لکي در تي ته منهنجو گهر آهي، خدا يا هي ته سچ پچ منهنجي پياري دلربا آهي.) +جوڳي: تنهنجي خاوند جو نالو؟ +دلربا: هن موئئي موٽي، ڏنڊي ڏوٽي کي سڀ ٽمبڪٽو ڀنگ جو سوٽو ڪري سڏيندا آهن. +ٽمبڪٽو (ونگ مان): هان هان، ڀنگ جو سوٽو! بيهه ته ڪپيانءِ ٿو چوٽو، بدڪار. +جوڳي: ڀلا مائي برقعو اُتار. +(برقعو لاهڻ) +ٽمبڪٽو: اڙي سچ پچ، هي ته آهي دربا، مگر هي بي وفائي، خدايا هت ڪيئن آئي! ليڪن يار، منهنجي بيبي ته نهايت پاڪ دامن آهي. خدا منهنجي بيبي منهنجي سر تي سلامت رکي. +جوڳي: اي عورت نيڪبخت ، اهو خاوند توکي پسند ڇو نٿو اچي. +دلربا: هن موئئي جو رنگ جهڙو دانگيءَ جو ترو. +پيٽ وڏڙو، جهڙو پاڻيءَ جو گهڙو. مون کي پسند نٿو اچي. آءٌ ته هڪ ٻئي حسين، دل نشين جوان تي آهيان نثار! +جوڳي: انهيءَ جو نالو ڪر اظهار؟ +دلربا: هن جاني، يوسف ثاني جو نالو آهي، پيارو وفادار. +ٽمبڪٽو (ونگ مان): اڙي وفادار ته هو پاڻ وارو ڪارو ڪتو هيو: هن ڪمبخت جو وري عاشق ڪيئن بڻيو. +مون ته اڳي ئي ٿي دانهون ڪيون، ته هي ڪو ٻه پيرو ڪتو گهر ۾ گهڙيو آهي. خير، خدا منهنجي بيبيءَ کي منهنجي سر تي سلامت رکي. +جوڳي: ڇا، پوءِ توکي هن جو رنگ پسند نه ٿو اچي؟ +دلربا: هو مئو اهڙو موٽو آهي، جهڙو ڀنگ گهوٽڻ جو سوٽو. مون کي پسند نه ٿو اچي. +ٽمبڪٽو (ونگ مان): بيشڪ ڀنگ گهوٽڻ جو سوٽو- سوٽو ئي سهي، مگر صبر ڪر ٽمبڪٽو، اڃا هن نيڪبخت عورت جو جوهر کلڻ ڏي. +جوڳي: مون وٽ اهڙو منتر آهي، جو جيئن تنهنجي مرضي هجي، ائين هن کي بڻائي ڇڏيان؛ ليڪن نذراني ۾ توکي اهو هار ڏيڻو پوندو. +دلربا: بيشڪ، گرو جي، هي سڀ ڪجهه اوهان تان قربان آهي. +ٽمبڪٽو (ونگ مان): هان، هان، هن ۾ تنهنجو ڪهڙو نقصان آهي، ڏاڏي سائين جي فاتح، حلوائي جو دڪان آهي. +جوڳي: چڱو ته مان هن کي ڪتو بڻائي ٿو ڇڏيان. +ٽمبڪٽو: بيشڪ ڪتو بڻائينس؛ ٻلو بڻائينس. مون کي ماءُ پيءُ انهيءَ واسطي ڄڻيو هيو. +دلربا: نه، نه، مهراج، ڪتو ٿي هو مون کي ڏاڙهيندو! +جوڳي: چڱو، تڏهن ٻيو ڪهڙو جانور بڻايانس؟ +دلربا: مون کي ڀولو بڻائي ڏي. +جوڳي: ڀلا ڌيان ڏئي هي منتر سک. +(منتر) انتر منتر تنتر اکين تي بجو گهمنتر-ديوتا ڌنوڪل ڌنتال، سوامي سنتال، گرو گهنٽال، چونڪ چنڊال. +هن مئي مانس کي بڻاءِ لنڪا جو لنگور يا بندر-انترمنتر تنتر. +وڃ، ٻچا، هنيئر تنهنجو ڪارج ٿي ويو. +دلربا: واهه، گرو جي واهه! هينئر جي هو باندر بڻجي ويو ته آءٌ کيس نوڙي ٻڌنديس، گلي ۾ گهنگهرو وجهنديس، +ڍولڪي وڄائينديس، هن کي ناچ سيکارينديس، سلام ڪرائينديس ۽ چوندي وينديس: ڪيو ميان صاحب سلام! +ڪيو ميان صاحب سلام! +ٽمبڪٽو (ونگ مان نڪري): بيبي صاحب سلام! بيبي صاحب سلام! بيبي صاحب سلام! بيبي صاحب سلام! +(هڪڙو هڪڙيءَ ڳليءَ کان، ٻيو ٻيءَ ڳليءَ کان سلام ڪندا.) +(ٻئي ايگزٽ) +(انٽر مهلقا) +گانو مهلقا: +[9]داتا ننگي ننگ پال، لاج جڳت ۾ رک منهنجي مولا! +تو کبي قا آهي، ٻيو ڪل فاني، مايا مڏيون سڀ مال. +ڪرپا ڪرم ڪج پنهنجو ڪو مولا، بيڪس تي جل جلال. +ڏينهن ڏکن جا ويٺي گذاريان، سورن جا هي سال. +”آغا“ جي دل جو آن شاهد تون داتار، رک پردو دنيا ۾ ديال. +نبالي يار، بن همراه تو، اي جان ڪوئي ڪونه آ، +غمزده دل لئي ٻيو سامان ڪوئي ڪونه آ. +ٻئي جي مطلب لئي دنيا ۾ هر ڪو نادان آ، +مگر لاءِ مطلب پانهنجي، نادان ڪوئي ڪونه آ. +زرينا: اي بانو، اڄ شايد تنهنجي مطلب جي چمن ۾ شادابي آهي. +مهلقا: بيشڪ، مگر اڃا ته دل نادان کي بيتابي آهي. +زرينا: ليڪن پياري، دل نادان، هي اسرار ڇا ڄاڻي. +جوڳي(علحدو): خدايا هي عورت نوراني، واقعي آهي دست قدرت جي نشاني. +جوڳي (مهلقا سان): ڪرين ڇو ٿي فرياد اي نيڪبخت، +ويو ٿي ڪو وارث هٿان تاج تخت. +جنهين لاءِ جهنگل ۾ نالان آن، +سگهو ڪر بيان ڪنهن جي خواهان آن. +مهلقا: خدا لڳ کروجي ڪو گوليو ڪتاب، +ٻڌايو ته جلدي هي تعبير خواب. +پر از خون ڏٺم جام عالي جناب، +برادر ڪيو نوش منهنجي شتاب. +ذرا منهنجو طالع جو ڏس تون حساب، +جو آ دل کي شب زور هي اضطرات. +(جوڳي ڪتاب کولي ڍارو ڦيرائي ٿو) +جوڳي: ڦيرايو مون ڍارو اي عورت شفيق، +گهڻو آ تڪرار ڪيو هر طريق. +عمل پنهنجو پورو ڪيو آ قمر، +ستارو زحل جو اچي ٿو نظر. +نحوست ۾ تنهنجو ستارو ته آ، +وڌيڪ عالم الغيب ڄاڻي خدا. +اي نيڪ نام، گل اندام، تنهنجو ستارو ايتريقدر گردش ايام ۾ آيو، جو آخر اچي موت جي زانئچي ۾ سمايو، قسمت پنهنجو ڪم رسايو. +مهلقا: نه وس، ڪنهن جو آ، حرڪت هي قضا جي، +شڪر، جي آه مرضي هي خدا جي. +هاءِ پنهنجي قسمت جو سارو قصور چوان، يا فلڪ ڪج رفتار جو فتور چوان، مون ميدان محبت ۾ قدم وڌايو، هي ستم سر تي سهايو، ناحق جيءُ جلايو. +بيت +رحم ڀي ڪجهه کاءُ منهنجي حال تي تون اي قضا، +عمر ساري ڪين گهرجي، ظلم هي جورو جفا. +جوڳي: ٻچا الله ڪندو سڀ آساني آهي، +نااُميدي ڪم شيطاني آهي. +(پٺي ٺپي-ايگزٽ) +مهلقا: هاءِ قضا مون واسطي هي سزا پسند ڪئي، +اي بخت بيدار ٿي، تو ڇو اک بند ڪئي. +زرينا: پياري بانو، تقدير اڳيان ڪهڙي تدبير آهي، مگر صبر ڪرڻ روا آهي، اها هن درد جي دوا آهي. +مهلقا: عندليب زار، آءٌ ممتاز، تون آن گلعزار؛ +ڇو نه توتان جان و دل سان، آءٌ ٿيان جانا نثار. +آءٌ هان قمري، سرؤ تون آن، گل هان آءٌ، تون عدليب. +عاشق و معشوق کان آ، باغ خوبي جي بهار. +گانو- +مهلقا: مثل لالامان کڻي، اڄ داغ هجران ٿي وڃان. +[10]خاڪ سر تي داغ دل تي، سينه بريان ٿي وڃان. +ڇو نه روئندي بيڪسي، ميت تي اڄ بعد فنا، +بي ڪفن دنيا مان اڄ ،افسوس جانان ٿي وچان. +باغ دنيا ۾ نه هوندي ، مون جھڙي ڪا بدنصيب، +پر فضا گلزار مان ، اڄ خالي دامان ٿي وڃان . +ٿي چڪو جو ڪجهه هيو، ”آغا“ منهنجي تقدير ۾، +نااُميد افسوس جو آءٌ پراز ارمان ٿي وڃان. +(ايگزٽ) +پردو يارهون +مڪان ٽمبڪٽو +انٽر ٽمبڪٽو ۽ ممو +(ٽمبڪٽو روئندو ٿو اچي) +ٽمبڪٽو: هاءِ خدا مس مس هڪڙي اُڌاري سڌاري، نيڪ طبع واري بيبي عطا فرمائي، سا به گونگي ٿي پئي، سڀ ڪمائي ويئي اجائي. +ممو: مگر، حضور، هن شهر ۾ هڪڙو ڊاڪٽر مسٽر ڊيم فول صاحب، تازو لنڊن مان پارسل ٿي آيو آهي، علاج ۾ يڪتاءِ زمانه آهي. پير عبدالغلچو جي نانيءَ جو قسم آهي ته حڪمت ۾ لقمان جو ڏاڏو، بقراط جو بابو، ۽ سقراط جو سڳو سالو آهي. انهيءَ کي طلب فرمايو، علاج شروع ڪرايو- دوا اندر، دم ٻاهر نه ٿئي، ته بيبي بندي کان ڀرايو. +ٽمبڪٽو: بابا، اهڙا ڊاڪٽر ته اڄڪلهه ٽڪي ٽيهه تي پيا آهن، پليگ يا سرءُ جي ڏينهن ۾ اگرچ مهانگا ٿيندا آهن، ته به پيسي پنج پيا نيلام ٿين. في الحال ته اسان کي ڪنهن يوناني حڪيم جو علاج ڪرائڻو آهي، جي اهڙي رسائي آهي، ته دير اجائي آهي. +(ممو، وفادار کي حڪيم جي لباس ۾ وٺي اچي ٿو) +ٽمبڪٽو: حڪيم صاحب سلام! +حڪيم: سلام، اي نيڪ نام، خوش رهو-مرو ته منهنجي دوا سان مرو. اگر جنت جي اسپتال ۾ جاءِ نه مليو ته جهنم جي شفا خاني ۾ جڳهه پايو. +ٽمبڪٽو: حڪيم صاحب، منهنجي بيبي ٽن ڏينهن کان گونگي ٿي پئي آهي، ان جو اوهان وٽ ڪو علاج آهي؟ +حڪيم: واه، ڇو نه! آءٌ ته گهران ٿو ته خدا ڪري اوهان جو سارو گهر ٻار بيمار ٿئي ته آءٌ علاج ڪيان. +ٽمبڪٽو: اڙي ممو جلد وڃي پياري دلربا کي وٺي اچ، پر ڏسجانءِ متان رستي تي پاڻ ۾ ڳالهايو. +(ممو دلربا کي وٺي اچي ٿو) +حڪيم: ڪيئن، پياري! مزاج ڏانهن ته عافيت آهي؟ +ٽمبڪٽو: اڙي، هي ڇا ٿو ڪرين شيطان! +حڪيم: علاج ٿو ڪيان نادان. اي عورت، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ +دلربا: اين اين، اون اون! +حڪيم: واه، عجب سرگم در پت ٻڌوسون. +دلربا: يي يي، آن آن! +حڪيم: هي وري ٻيو، ڊيپڪ شيپڪ ٻڌو. +ٽمبڪٽو: حڪيم صاحب هي غريب ڪيئن جواب ڏيندي، هن جي زبان ته بند آهي. +حڪيم: زبان بند اٿس ته رڳو ايترو کڻي چوي ته آءٌ گونگي آهيان. +ٽمبڪٽو: اوهان مذاق ڇڏيو، مهرباني ڪري ڪو نسخو لکي ڏيو. +حڪيم (علحدو): اي منهنجا ڪوري بابا سائين، تون ته ساري عمر تاڻي اُڻي اُڻي ٿي وئين فوت، هنيئر علاج ڇا ٻڌايان، موت! خير، هينئر ڪو گپڙ شپڙ جو مصالح ڳنڍي ڪم ته ڪڍي وٺجي. +(ٽمبڪٽو سان): ٻڌ، هينئر آءٌ دوائن جا نالا وٺندو ٿو وڃان، تون لکندو وڃ. پوءِ جيئن آءٌ سمجهايانءِ، ائين ڪج. +نسخو +روغن ريوند چيني چوني جو تيل ڪنواري جهرڪي جو کير +ساڍا تيرهن پاءَ پنج پاءَ ڏيڍ سير +ماڪوڙن جو مٽ آسمان جا ڇوڏا ڦَٽ بُجي جو ٻج +ڏيڍ پاءُ 7 سير 14 داڻا +چمڙن جا کر ٽيٽيهر جا ٽَٽَ ڪَل مُرو جا پن +4عدد 3 کن 6 ڇڙا +انهن سڀني دوائن کي ڪٽي، ڇاڻي، هڪ ٽين گاسليٽ وٺي ان ۾ چرب ڪري، معجون مقوي بڻايو. پوءِ صبح شام سير کن انهيءَ مان نوش جان ڪرايوس. اُميد ته آچر کان اڳ سڀ ڪجهه صفا چٽ ٿي ويندو. هن دوا جو نالو آهي: معجون ”دافع عمر“! +ٽمبڪٽو (ممو سان):انهيءَ نالي جو مطلب ڇا آهي؟ +ممو: جناب، يعني مرض عمر ڀر دفع. +حڪيم: جي مرص نه، ته مريض ته ضرور عمر ڀر دفع ٿيندو. +هنيئر اوهان دوائن جي تلاش ۾ وڃو ٿا، تيسين آءُ مريض جي چڪاس وٺي ڇڏيان.) +ٽمبڪٽو: هان، هان! بيشڪ وٺينس، خوب وٺينس! +(ٽمبڪٽو، ممو-ايگزٽ) +حڪيم (دلربا سان): پياري هنيئر ته طلب جي طبيبن کان دل جو مرض نه ڇپاءِ، ڀاڪر پاءِ، ڇاتي ڇاتي سان ملاءِ. +(وفادار حڪيم جو لباس لاهي ٿو) +دلربا: هان! ڪير، منهنجو پيارو يار وفادار. (ڀاڪر پائڻ)) +گانو +ڪيو قاتل آ دل تي نگاهن جو آواز-آءٌ نثار، آءٌ نثار! +پيا پياري ، آ پريم جي ماري ڪٽاري- آءٌ جانان ٿيان ٻلهاري! +تو تان واري-سونهين سر تي ڊپٽو گلنار، +منهنجي جوڀن جي جاني آ – آئي بهار +ڪير ڏسي پيا بن سينگار- گلي لايو-نين ملايو-وڃان آءٌ نثار. +ٽمبڪٽو: (اندران ڇڪ ٿو ڏئي) +وفادار: هان، هي ڇڪ ڪنهن ڏني؟ +دلربا: پيارا منهنجي ڪتي کي زڪام ٿي پيو آهي. +(انٽر ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: هان، هي بي وفائي، هي ڪهڙي ڪارروائي، چڱو علاج ٿو ٿئي، ڀلا بيهه ته تنهنجي اهڙي تهڙي. +(ٽمبڪٽو وفادار کي پڪڙي ماري ٿو ۽ رڙيون ڪري ٿو، دلربا ٽمبڪٽو کي ماري ٿي.) +(ٽيئي ايگزٽ) +پردو ٻارهون +جهنگل پويون +(انٽر مهلقا، ۽ جميل) +(جميل جو مهلقا کي پٽ تي ڪيرائڻ) +مهلقا: هاءِ، منهنجا دلبند ڀاءُ مون کي هت ڪهڙي رضا آندو آهي؟ +جميل: مون نه آندو آهي، تو کي قضا آندو آهي جلد تيار ٿيءُ، توکي هينئر هلڻو آهي. +مهلقا: ڪيڏانهن؟ +جميل: اصلوڪي گهر ڏانهن. +مهلقا: هاءِ تنهنجي هي ظ��لمانا گفتگو منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي، مگر پيارا ڀاءُ، تنهنجون اکيون ڇو لعل ۽ اُداس آهن. +جميل: او ڪمبخت بدڪار، تنهنجي خون جون پياسي آهن. هي ڇري تو کي عمر تائين خاموش ڪندي، قيامت تائين توکي وري اُٿڻ جو موقعو نه ڏيندي. +مهلقا: سبب؟ +جميل: بي سبب. +مهلقا: قصور؟ +جميل: بي قصور. +مهلقا: ڪهڙو جرم، ڪهڙي خطا؟ +جميل: او بيهيا، اڃا تائين نه ٿي معلوم خطا، جنهن لاءِ هينئر ملئي ٿي سزا. تون بدڪار ۽ بيباڪ عورت آن. +مهلقا: خدا شاهد آهي، آءٌ الفت ۾ پاڪ هان، اهو اوهان جو فرمائڻ فضول آهي جي، اهو خيال آهي ته زير تلوار ڦٿڪي ساهه ڏيڻ قبول آهي. +يا رب تون محبت ۾ مون کي صبر سدا ڏي، +رخ آه بتن جو ته صفا جو رو جفا ڏي. +گانو +[11]مهلقا: هاءِ، هن گردش-ايام تي افسوس، افسوس! +هاءِ، هن محنت و آرام تي افسوس، افسوس! +هاءِ، عصمت کي منهنجي خواه مخواه هي داغ لڳو، +هاءِ، هن ناحقي الزام تي افسوس، افسوس! +هاءِ، تقدير کان ڇا بات بري آئي پيش، +هاءِ، هن حالت بدنام تي افسوس، افسوس! +هاءِ آءٌ گهر جي نه ٿيس، گهاٽ جي توبهه توبهه، +هاءِ، الفت جي هن انجام تي افسوس، افسوس! +جميل: توکي بدڪاري جو داغ دامنگير آ، +اهائي اي شرير تنهنجي تقصير آ، +جنهن واسطي موت تدبير آ. +مهلقا: آءٌ آهيان پاڪ، منهنجو شان رهي يا نه رهي، دم رهي، جان رهي، يا نه رهي؛ آءٌ رهان، نه رهان، ارمان رهي يا نه رهي. +جميل: خير، منهنجو تنهنجي پاڪائيءَ سان ڇا؟ آءٌ آهيان زر جو طالب. نيڪ ۽ بد جي پڇاڻ رهي، يا نه رهي، دين ويندو رهي، ايمان رهي، يا نه رهي. +مهلقا: آءٌ ته آهيان بي جرم، بي قصور. +جميل: مون کي ته آهي زر جو ضرور، اهو ئي آهي دنيا جو دستور. +مهلقا: سچ هي دنيا مڪاري آهي، ڀاءُ کي اڄ ڀيڻ کان زر پياري آهي، نه ٿي گهنگار، او ستمگر. برادر خدا ڪر، خدا ڪر، خدا ڪر، خدا ڪر. +جميل: خير، آءٌ خود آهيان گنگهار، توکي منهنجي گناهه سان ڪهڙو سرورڪار. +مهلقا: ٻئي کي گنهگار بنائڻ وارو خود گنهگار ٿئي ٿو، جهنم جو سزا وار ٿئي ٿو. +ظالم کي هن جهان ۾ عزت نٿي ملي، +سڀ ملي ٿو، ايمان جي دولت نٿي ملي. +جميل: نفس تي بي قابو ٿئي ها، ته فرشتو هربشر ٿئي ها. +مهلقا: منهنجي ته هن وقت تائين آهي پروردگار عصمت بچائي، جو ڪنهن بدڪار جي ڦندي ۾ نه آئي. +جميل: تنهنجو کڻي ڪهڙو به حال آ، پر مون کي ته سچ پچ زر جوئي خيال آ، زر جي لاءِ ڪندس هي ظلم بيشڪ. +مهلقا: تنهنجي حق ۾ برائي آ. +جميل:! اُڙائيندس تنهنجو سر. +مهلقا: پيرا ڀاءُ مون گردن جهڪائي آ. +جميل: آءٌ ڪنهن جو ڀاءُ ڪين آهيان، آءٌ زر جو هان طالب. +مهلقا: ڪجهه ڌيان ڪر توتي شيطان آ غالب. +بيت +مهلقا: (علحدو) اي باد صبا يار کي وڃ جلد چئو پيام، +تقدير ڪيو اي مٺا، مهنجو هتي مقام. +(جميل سان) اي جميل جي پنهنجي ڀيڻ جو ناحق خون ڪندين ته حشر ۾ شرمنده پيش خدا ٿيندين، تو کي ڇا ملندو جو ڪرين ٿو قهر. +جميل: زر، زر، زر، زر. +مهلقا: ڇا توکي ڀيڻ کان زياده زر سان پيار آهي؟ +جميل: بيشڪ، زر سان ئي زماني جو ڪاروبار آهي! +مهلقا: پيارا ڀاءُ ماتا اڳيان ڪهڙو جواب ڏيندين، +جڏهن هوءَ تو کان هن مظلوم، بي ڪس، جگر جي بند جو احوال پڇندي؟ +جميل: بس، حجت تمام، هينئر پنهنجو سر جهڪاءِ، جلدي، +مهلقا: جهڪايو آهي مون سر، تون محبت جو جهڳڙو چٽاءِ، جلدي. +جميل: (پٽ تي اُڇلائي) هينئر تنهنجو ڪير مددگار آهي؟ +مهلقا: پاڪ پروردگار آهي! +جميل: آرزو دل ۾ تنهنجي ڪائي باقي آهي؟ +مهلقا: آرزو ڪجهه ناهي، هينئر موت جي مشتاقي آهي. +جميل: ڪنهن سان ملڻ جو ارمان آ؟ +مهلقا: ملڪ الموت جو ڌيان آ. +جميل: هينئر ڇا کائيندينءَ؟ +مهلقا: شربت موت. +جميل: دل ۾ جو ارمان اٿئي اظهار ڪر! +مهلقا: ڪجهه ناهي تون خنجر تيار ڪر. +بيت +راضي هان مون جو ڪجهه منجهه قضا آ. +ظالم اگر بشر آ، ته عادل منهنجو خدا آ. +(ڦاسي گلي ۾ وجهڻ) +مهلقا: هاءِ، مٺي مادر، مون کي ڪهڙين اُميدن سان پاليو هيو. منهنجي نصيب ۾ هي پريشاني رکي هئي، منهنجي لوح ۾ هي بدنامي لکي هئي. پيارا ڀاءُ، ڇا منهنجي پيار جو اڄ هي حق ادا ڪرين ٿو؟ برائي خدا، هن پنهنجي نئي گلستان کي باد بهاري کان اڳ برباد نه ڪر، اهڙو بيداد نه ڪر، اي جميل، هن بيڪس ڀيڻ جي هقير حال تي رحم ڪر، خدا توتي رحم فرمائنيدو. رحم، رحم اي جميل رحم! +جميل: مون کي زر سان پيار آهي، خدا رحم ڪري، يا نه ڪري، تنهنجي اجل جو ٻيڙو تيار آهي، خدا ڪرم ڪري يا نه ڪري. +مهلقا: هاءِ، دنيا جو خون سفيد ٿي ويو، اي پياري ماتا، اڄ هن دک جي مسائي، غم جي ستائي، پنهنجي ڄائي، بيڪس مهلقا جو هي پريشان حال ته اچي ڏس. گلي ۾ ڦاسي آهي، ڀاءُ ڀيڻ جي خون جو پياسي آهي. +اي رات جا چمڪندڙ تارؤ، هي پوشاڪ زريني اُتاريو، هي ماتمي لباس پاڻ تي سنواريو. جلد مٺي ممتاز کي ٻڌايو ته تنهنجي مهلقا، تنهنجي ڪاڻ ڪسڻ جي لائق ٿي، اڄ اجل جي جام پيڻ جي شائق ٿي. +جميل: (علحدو) ڪهڙي نه جگر سوز تقرير آ، جنهن جي لفظ لفظ ۾ تاثير آ. +مهلقا: مهنجا چڱا ڀاءُ، ياد ڪر جو جڏهن توکي سر ۾ درد پوندو هيو، تڏهن هنن نازڪ نازڪ هٿن سان تو کي زور ڏيندي هيس ۽ هي نماڻا نيڻ تنهنجي تڪيلف ڏسي زار زار ڪڪر، بهار وانگر برسندا هئا. هي گردن جنهن کي گهنٽن تائين تون پنهنجي گود ۾ رکي، پيار مان چميون ڏيندو هئين ۽ جنهن ۾ پنهنجن هٿن سان خوش رنگ گلن جا هار وجهندو هئين. ڇا، اُف! اُهي ساڳيا هٿ اڄ انهيءَ نازڪ گردن تي ڇري وهائڻ واسطي تيار آهن. +جميل: (علحدو) آهه، هي نازڪ شيشو پٿر کي چڪنا چور ڪري رهيو آهي، دل هن جي مٺڙين مٺڙين ٻولين سان نرم ضرور ٿيندي، رحم جي طرف مجبور ٿيندي. او بيوقوف دل سنڀال. سنڀال، ڇو ڏڪين ٿي، تڙپين ٿي، لرزين ٿي. ڇا تون پنهنجي ماتامي آواز سان ستل رحم کي سجاڳ، ڪندينءَ. نه ، نه، پٿر ٿي. او بزدل بڻائڻ وارا روح، هٽ، دور ٿي، دور ٿي، اي خوني ديوتا مون کي همت ڏي، جلد ٿي. +مهلقا: جت اُلفت ۽ خلاص ڀرين اکين ۾ مٺا ڀاءُ سرمون وجهندو هئين، انهن تي گهڙي دم ۾ گور جي سياهي ڇائي ويندي، ۽ موت جي ننڊ غالب ٿيندي، ۽ تون سنگدل ٿي پيو ڏسندين. ڇا هي تو کان سٺو ويندو. نه، نه، هرگز نه. ضرور فرشتا تنهنجي دل ۾ دخل ڪندا. +جميل: اي اجل گرفته، ڀلا هنيئر ڇا جي طلبگار آهين؟ +مهلقا: رحم؛ مروت. +جميل: اي نادار، بدڪار عورت، جميل جي مروت جو خيال صاف ڇوڙ، چراغ ٿي، هوا سان نه رشته جوڙ. +تنهنجي خون جي تيغ تر ڪرڻ جو قسم کاڌو آهي. +مهلقا: بري ڪم واسطي قسم کائڻ هي به هڪ قسم جي برائي آهي (جميل رسيءَ سان هٿ ٿو ٻڌيس ۽ ڦاسي سخت ٿو ڪري). +مهلقا: نه، نه، پيارا ڀاءُ مون کي رسي نه ٻڌ، ڀل مون تي ڇريءَ جو وار ڪر، سر تن کان ڌار ڪر، آءٌ هرگز دانهن فرياد نه ڪندس، آءٌ صبر سان هي سڀ ستم سر تي سهنديس. +جميل: بس، خاموش، صبر، +مهلقا: آءٌ چرندس به نه ۽ تو ڏانهن غصي سان به نه ڏسندس. تون ڏک ڏيندين، آءٌ معاف ڪندس. +جميل (ڦاسي طرف وڌڻ) : بس، جلد تيار ٿي. +مهلقا: ڇا، ڪوئي چارو ناهي؟ +جميل: ڪوئي ناهي. +مهلقا: ڪجهه؟ +جميل: ڪجهه به نه. +گانو مهلڪا: +[12]تمنا سئر گلشن جي، اڙي صياد باقي آ، +نڪر قيد قفس بلبل، اها فرياد باقي آ. +بهاري جو نه غنچه هيئن، هٿن سان ٽوڙ اي ظالم ، +دنيا ۾ چند روز هي چمن آباد باقي آ. +لهو دامن کان تو ڌوتو، و ليڪن حشر تڪ قاتل، +تنهنجي گردن ۾ منهنجو خون، اي جلاد باقي آ. +خدا حافظ اي ”آغا“، چراغ-زندگاني جو، +گهڙيءَ دم هي دنيا ۾، اڄ دل-ناشاد باقي آ. +زباني: اي موت توکي مبارڪ هجي، تو کي چڱو حيلو هٿ آيو، مون پنهنجو مطلب وڇايو، قضا تو ڪم رسايو. +افسوس، مون کي معلوم ڪين هيو، ته تو جهڙو جميل بيدرد، ظالم، سنگدل ڀاءُ، ملندو، افسوس! +جميل، بس، خاموش، تو صبر ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، صبر ڪر. +مهلقا: بيشڪ، اي جميل مون کي پنهنجي موت جو خيال ڪين آهي، صرف اهو ملال آهي، ته محشر ۾ توکي پيارا ڀاءُ هن خون جو سزا وار نه ڏسان، جهنم جي عذاب ۾ شل گرفتار نه ڏسان. +مگر، پڪ ڄاڻ ته اُتي به تنهنجي مظلوم بيڪس ڀيڻ جي زبان تنهنجي واسطي سفارش ڪندي. هيءَ الفت ڀري دل تنهنجي پر تقصير حال تي فرياد زاري ڪندي. +جميل(علحدو): اهو مجنون، قيس، جو خون، پياري. بيگناهه همشيره جو خون، دل جو خون، جگر جو خون. اُف، ڇا! +مان پنهنجي بي تقصير ڀيڻ کي هنن بي قصور هٿن سان ماريان. اهڙي عيش عشرت جڪي گود ۾ پليل نازڪ گل اندام تصوير جو خون، ناحق زمين تي هاريان، هن دنيا ڪتي جي واسطي. مگر افسوس، آءٌ ڏسان ٿو ته هن دنيا جي طرف ته دل للچائڻ ٿي لڳي. ڏسان ٿو هن بي قصور ڀيڻ جي طرف ته خون جوش ۾ ٿو اچي. +(مٿي ڏسڻ) +آها، ها، آسمان تي هڪ شفق نظر ٿي اچي، نه، نه، هي شفق ناهي، آسمان مان رحم جا فرشتا خوني لباس ۾ پنهنجو رخ ڏيکاري رهيا آهن. اي آسماني فرشتو، ذرا پنهنجو رخ ڏيکاري رهيا آهن. هي آسماني فرشتو، ذرا پنهنجو منهن هن سياه فلڪ جي پردي ۾ لڪايو. اي انڌيري رات جا روشن ستارؤ، اوهان به ابر جي آغوش ۾ پاڻ ڇپايو، ڇپايو! جيسين هن معصوم جو قصو تمام ٿئي. +اي اک نه رو، اي دل نه گهٻراءِ، مگر، آه! هي چراغ (اشارو چراغ ڏي) جو هن وقت روشن ٿو ڏسان، اگر گل ڪندس ته وري به روشن ڪري سگهندس، مگر (اشارو مهلقا ڏي) اي بزمِ حيات جي جان سوز شمع، اگر تو کي وسائيندس، ته تنهنجي وري روشن ڪرڻ جي اُميد دل ۾ قيامت تائين نه پائنيس، مگر افسوس، مون کي دنيا پياري نظر ٿي اچي. هن کي مان ماريان (زور سان) ها ها، اُف! زمين تڙپي ٿي، فلڪ لرزي ٿو. اي آسمان تون پلٽ ، زمين هٽ. اي رحمدل فرشتو ذرا منهن ڇپايو، لڪايو، ماريندس هرگز نه ڇڏيندس. +(ڦاسي ڏئي، ڦاسيءَ جي طرف اشارو ڪري بيهي ٿو) +مهلقا (ڦٿڪڻ وقت): رحم، رحم، رحم، او ظالم رحم! +(مهلقا جو ڦٿڪڻ ۽ سندس سهيلين جو ڳائنيدي اچڻ) +گانو +سهيليون: هلو ڏسون، هلو ڏسون، هلو ڏسون، حقيقت ساري، +ڪير ڪري ٿو، هي آه و زاري +ڇو آئينءَ پياري بن ۾، +ڇا سوچ ڪئي تو من ۾، +ڪائي جان آ، باقي تن ۾. +پئي بيڪس آ لاچاري- ڪير ڪري ٿو. +(ڊراپ سين) +[1] * طرز- ”امروز ديگرم بفراقي تو شام شد“. +جميل: (طرز ساڳي) +[2] * طرز: ”عالم ۾ هي خوبي ساري پيسي ڪي.“ +* روپ: ”سهڻي. پيلو، پهاڙي سورٺ“ +[3] طرز: ”دل ليڪي ستم ڪرتي هو، ڪڇه ڌيان نهين هي“ +[4] * روپ ڪانرو +[5] * طرز- ”ٺمري، خون ناحق“ +[6] روپ: ’ڀيروي‘ طرز: ”ڊرتا هون جدا مجهسي ميرا يار نه هو جائي“ +[7] * طرز: ”جنون ڪا عشق صادق هي وه ڪب فرياد ڪرتي هين“ +يا طرز: ”ڪوئي عاشق گرفتار هي محبت ڦسا هوگا ۾“ +[8] طرز: ”دل کي سنڀاليو ري پياري، بهر خدا“ +[9] ’روپ آسا‘ طرز: ”کيڏڻ دي دن چار.“ +[10] ”روپ سهڻي“ +[11] طرز: ”اي فلڪ توني ستم هائي غضب ڪيسا ڪيا“. +[12] ’ڀيروي‘ طرز: ”ڪهو بلبل ڪو ليجا وي چمن سي آشيان اپنا.“ + + +باب ٻيو +پردو پهريون +مڪان ٽمبڪٽو +(انٽر دلربا) +گانو دلربا: +[1]واه منهنجي ڇوٽي جوبن جي بهار؛ +آءٌ ته آهيان رنگيلي رسيلي نار. +پر دل اُداس آ، نه پيسو پاس آ، +شوهر کان آهيا�� بيزار. +پنهنجي نازڪ بدن تان پنهنجي +ڇوٽي جوبن تان +انهيءَ مئي کي ڪريان نثار. +آءٌ بيزار، آءٌ بيزار ڪيان وار وار، +جڏهن نڪري هي دل جو بخار. +(ٽمبڪٽو جو ونگ ۾ لڪي ٻڌڻ) +زباني +دلربا: صورت گوري، نصيب ڪارو. اهڙي منحوس جي پالي پيس جو ڪمائڻ لاءِ چؤ ته ڪري ٿو حيلو حوالو، مري به نٿو مئو رزالو. سارو ڏينهن ويٺو چار پائي توڙي ٿو، مفت جون مانيون مروڙي ٿو. خير، ڪالهه جيڪو جوڳي صاحب منتر سيکاريو هو؛ اُهو ياد آهي، اڄ ضرور پڙهي هن مئي کي لنڪا جو لنگور بڻائينديس ۽ سارو ڏينهن هن کوٻلي کي سلام ڪرايئنديس۽ چونديس ”ڪيو ميان صاحب سلام. ڪيو ميان صاحب سلام.“ +ٽمبڪٽو: بيبي صاحب سلام. بيبي صاحب سلام، نيڪ بيبي سلام. مگر ٻڌاءِ ته اڃا ڪيتر يون دعائون ڪندينءَ، سڀ اڄ ختم ڪندينءَ يا ڪجهه سڀاڻ واسطي به ڊپازٽ رکندينءَ؟ هاڻي هي ڪهڙو آهي گڙ بڙ گهٽالو، ٻڌاءِ؟ منهنجي بابي جي خالو يا عاشقن جي ديڳڙي جو گرما گرم مصالو. +دلربا: ميان آءٌ چوان ٿي ، ڪٿي ٻئي هنڌ نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين، ڇو ناحق بکن ۾ ٿو مرين. ٻڌو نه اٿئي ته ڪر مزوري، کاءُ چوري. +ٽمبڪٽو: ڇا، ٻي ڇوڪري ڪيان، ڀلا اُها ڪيترن ورهين جي آهي. +دربا: مئي ڇوڪري نه، نوڪري. +ٽمبڪٽو: واه خوب، نوڪري. ڇا ڪوئي منهنجي بابي جو نوڪر آهي، جو مون کي نوڪري ڏيندو. بيبي، اڳي نوڪري هئي، نوڪري، هينئر نوڪري آهي ٽوڪري! وڏي نوڪري ته وجهه جهنم ۾. هينئر اگر جتين صاف ڪرڻ جي نوڪري يا گهوڙي جي سئيسي کڻي گهر، ته چون ٿا بي.اي. ڪلاس يا ايم . اي جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪر. +دلربا: پوءِ آخر ڪهڙو خيال آهي؟ +ٽمبڪٽو: مان ته بيبي اڄ ڪلهه هڪ حڪيم صاحب کان ڪيميا سکي رهيو آهيان. +دلربا: ڪيميا وري ڪهڙي چيز آهي؟ +ٽمبڪٽو: هي به هڪ دنيا ڪمائڻ جي تجويز آهي. +(گانو ٽمبڪٽو ۽ دلربا) +ٽمبڪٽو: تو تان وڃان آءٌ نثار ري-توکي ناهي شرم، ها. +ٽمبڪٽو: منهجي آ صورت، +دلربا: اُلو جي مورت. +ٽمبڪٽو: مان هان گلي گلزاري، تو کي ناهي شرم، ها +ٽمبڪٽو: آ ته هان اختر، +دلربا: مثل بندر. +ٽمبڪٽو: تنهنجي گلي جو هار ري-توکي ناهي شرم، ها. +(دلربا ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: واه واه، ڇا گردش-روزگار آهي، شان پروردگار آهي، پهلو گل ۾ خار آهي، عورت تي ڪهڙو اعتبار آهي، جنهن جي بغل ۾ آهي، تنهن جي يار آهي. +زاغ جي چهنب ۾ انگور، خدا جي قدرت، +پهلوي حور ۾ لنگور، خدا جي قدرت! +واه ڙي، واه. مون کي ڪهڙي نه نيڪ خيال بيبي ملي آهي، خدا ڪري شل اهڙي بيبي سڀ ڪنهن کي ملي. +آمين! ڀلا بيهه ته سهي تنهنجي اهڙي تهڙي، تنهنجو گرم حلوهه ٿو پچايان، جناب اعليٰ طبع جو تند آهيان، تمام هنرمند آهيان، خام خرد مند آهيان، دنيا جي گولي جو ڪوسو ڪمربند آهيان. مطلب ته ڪيترن قسمن جا هنر ڄاڻان ٿو: جعلي نوٽ به بڻايان ٿو، مگر هن ڪمبخت بدڪار عورت کان البت تنگ آهيان، مون هزارن کي وڏي گهر )(جيل) پڄايو، پر هي پوپٽ زادي مون کي به خدا جي گهر (قبرستان) پڄائي ٿي. خير انهيءَ جي تدبير ڪرڻ ضروري آهي، جان جي حفاظت خدا جي منظوري آهي. +(انٽر دلربا) +دلربا: مئا مشٽنڊا ڀنگ گهوٽڻ جا ڏنڊا، ڪجهه کائڻ لاءِ آڻين ٿو يا اتي بيٺو ميون جهرڪيون اڏائين ٿو. شايد تنهنجي اڄ وري موچڙن کائڻ تي مرضي ٿي آهي. +ٽمبڪٽو: اجهو وري به اهو ئي بيهودو جڳهڙو رڳڙو-هان، ڏس هي پنجن سون رپين جو نوٽ! هينئر بازار ۾ وڃان ٿو سڀڪجهه حاضر سرڪار ڪيان ٿو. دلجاءِ ڪر. +دلربا: ميان ذرا نوٽ مون کي به ته ڏيکار. +ٽمبڪٽو: بس پريان ڏس، هٿ نه لڳاءِ. +(دلربا نوٽ کسي) +دلربا: بس جائو ٺنڊي ٺنڊي هوا کائو، چلتي ڦرتي نظر آئو. واپس گهر نه اچو، چڪلن ۾ وڃي نچو، نچي نچي مچو، اوري ايندين ته کائينديسانءِ ڪچو. +ٽمبڪٽو: ڏس، مائي آءٌ آهيان مرد سپاهي، تمام جلدي غصي ۾ اچڻ وارو. بهتر آهي ته پنهنجي روح جي ريل گاڏيءَ کي منهنجي طوفان غضب کان بچاءِ. +دلربا: ميان منهنجي به اندر جي انجڻ ۾ غصي جي اسٽيم تمام تيز ٿيندي ٿي وڃي. +ٽمبڪٽو: ڏسجانءِ، موت جي اسٽيشن تي تنهنجي گاڏي ٽڪرندي. +دلربا: ته ڇا تو خدا جي گنج جي ٽڪٽ ورتي آهي؟ +ٽمبڪٽو: مون لائن ڪلير ڏنو آهي، هنيئر ڄاڻ تنهنجو ڪوچ ٿيو. +دلربا: هل هل، مئا مردود؛ شيطان جا ساٿي نمرود. +مئو ڪو گند جو گاڏو آهي، رستم آ، يا رستم جو ڏاڏو آهي. +ٽمبڪٽو: مون کي نٿي سڃاڻين، آءٌ ڪالي ديو جو سڳو ڀيڻيوو آهيان. +دلربا: ته آءٌ به لعل ديو جي ماٽيلي سس آهي. +ٽمبڪٽو: ته ڇا ڪشتي لڙندينءَ، ملهه وڙهندينءَ. +ڏس بيبي نوٽ واپس ڪر، نه ته موچڙن سان ڪوپريءَ مان ڪچونبر ڪڍندو سانءِ. +دلربا: اها ڳالهه آهي ته ڏس ڀلا، اڙي منهنجي قبل گاهه جا غصا جلد آءُ ، ته ڪڍان هن جي ڪوپري مان ڪارو واءُ. +دلربا: اڙي مئا چمار، پيءُ ته تنهنجو مري ويو آهي، پنهنجي ماءُ کي پڪار. +ٽمبڪٽو: شيطان جي ناني، نٿي ڇڏين بدزباني- پياري ڏس ڪنهن بلا ۾ ڦاسي ويندينءَ. +دلربا: مون کي ڦاسائڻ وارو پاڻ آفت ۾ ڦاسي ويندو. +ٽمبڪٽو: ڏس پياري، مڃي وڃ، پڇتائيندينءَ. +دلربا: منهنجي بلا پڇتائيندي. هينئر ته بندي خوب عيش اُڏائيندي. +ٽمبڪٽو: خدا خدا ڪري اڄ مس مس موقعو هٿ آيو، جا پاڻ کي منهنجي ڏاڏي سمجهندي هئي، تنهنجو به اڄ آءٌ پر ڏاڏو بڻجي ويس-بس هينئر ڪنهن کي نوٽ ڏيکاريائين ته پاڻ تي آفت نا گهاني اٿاريائين. +(دلربا ايگزٽ) +گانو ٽمبڪٽو: +[2] آءٌ خنجر زهري ڀالو هان، آءٌ مرد صفا متوالو هان، +رڳڙي جهڳڙي جي هنڊي جو، آءٌ گرما گرم مصالو هان. +رمزن جي آءٌ ريل گاڏيءَ جو، انٽر ميجٽ گاڏو هان. +حرڪت، شرڪت، حڪمت ۾ آءٌ شيطان جو ڀي ڏاڏو هان. +او هان مون کي مار سمجهو، لچن جو سردار سمجهو، +دنيا جو آزار سمجهو، شيطان جو يار سمجهو. +(سپاهي دلربا کي گرفتار ڪري اچن ٿا) +فوجدار: ڪيئن او ملعون هي نوٽ جو ڪهڙو معاملو آهي؟ +ٽمبڪٽو: هان حضور، منهنجو ڪوٽ ذرا شڪم شريف (حضرت پيٽ) جي ٿوڪجڻ کان ڦاٿي پيو آهي، ڪمبخت درزي به سبي نٿو ڏئي. +فوجدار: او بدمعاش، صاف جواب ڏي، هي نوٽ تنهنجو آهي يا نه؟ +ٽمبڪٽو: فوجدار صاحب نوٽ ڪهڙي جهنگل جي جانور جو نالو آهي، مون کي اها اوهان جي پليسي گپڙ شپڙ سمجهه ۾ نه ٿي اچي. +فوجدار: هي عورت هڪ مصنوعي نوٽ بازار ۾ وڪڻڻ آئي، گرفتاريءَ بعد ظاهر ڪيائين ته ٽمبڪٽو منهنجو خاوند آهي جنهن مون کي هي نوٽ ڏنو آهي. +ٽمبڪٽو: اڙي توبهه توبهه ڪيو، هي ته منهنجي سڳي ناني آهي، اها هن جي صاف بي ايماني آهي، توبهه، توبهه، الله توبهه! +دلربا: منهنجا ميان، ڇا هي نوٽ تو مون کي ڪين ڏنو هيو. +ٽمبڪٽو: اڙي گلي پڙو عورت، توبهه ڪر، عقل ڪر! +آءٌ ته توکي ڄاڻا به ڪين سڃاڻا به ڪين. +(علحدو) ڪيئن يارو-خوب لڳو وارو. +دلربا: هَي هَي، ڇا تون منهنجي خاوند ٿيڻ ۾ به انڪار ڪرين ٿو. +ٽمبڪٽو: آءٌ ته توکي پنهنجي ماءُ جي برابر سمجهان ٿو، متان مائي ڀلي هجين، غور سان ڏس، غور سان ڏس. +(علحدو) ڪيئن يارو اهڙي بدڪار لاءِ اها سزا ڪافي آهي يا نه. +دلربا: منهنجا پيارا ميان، منهنجو قصور معاف ڪر، +دل صاف ڪر. مون توبهه ڪئي؛ مون کي ته تون چاهيندو هئين، جان کان زياده. +ٽمبڪٽو: مگر ڪوئي نه آهي، ايمان کان زياده. +دلربا: واه تنهنجو عشق و محبت جاني بيوفا. +ٽمبڪٽو: هاءِ تنهنجي لن تراني، بي ايماني بيوفا، +دلربا: مون کي تنهنجي اُلفت جو هينئر به اقرار ��هي. +ٽمبڪٽو: ليڪن مون کي صاف صاف انڪار آهي. +دلربا: هاءِ، او بيوفا، تنهنجي هن ظلم منهنجي دل ۾ ناسور وجهي ڇڏيو آهي. +ٽمبڪٽو (علحدو): توبهه، ڪالهه منهنجي گهر ۾ فتور وجهي ڇڏيو- قتل الموذي، قبل الايذا. +دلربا: هاءِ، منهنجو پيارا. +ٽمبڪٽو: ڪٿي اٿئي اهو يار وفادار (ڪارو ڪتو). +فوجدار: تڏهن تون هن جي خاوند ٿيڻ کان صاف انڪاري آهين. +ٽمبڪٽو: هيءَ ته منهجي پيءُ جي پڦي لڳي، الله الله ڪيو، هيءَ ته منهنجي ڏاڏي پڙ ڏاڏي جي به مائي لڳي. +انهن جو به قسم آءٌ ٿو کاوان، ڇا مائي، تون منهنجي عورت آهين؟ +دلربا (غصي ۾ ڀرجي چوڻ): تون سچ پچ مرد بي غيرت آهين! +ٽمبڪٽو: اڙي حضور، هن کي پڪڙيو، هيءَ ته ڪاٽي ٿي، ڏند به ڪرٽي ٿي. شايد هيءَ ڪا ڏائڻ عورت آهي، يا هن جي دماغ ۾ ڪا حرڪت آهي. +فوجدار: ڪيئن، اي بدصورت پر فطرت عورت، تون واقعي پاگل اهين؟ +ٽمبڪٽو: هان هان، ٺيڪ، ٺيڪ، ساڍا سترنهن آنا پاگل آهي، جلد گندو بندر پارسل ڪيوس. +دلربا: نه نه، آءٌ پاگل ڪين آهيان. اڙي هن تي غضو اچي ٿو. هن جون هڏيون چٻيان، هن جو ماس کاوان، هن جو رت پيان، هن جو حلوو پچايان. +ٽمبڪٽو: اول ته تنهنجو مربو ٿو ٺاهيان، فوجدار صاحب ذرا ڇڪي جهليوس، يا جلد گدوبندر وي.پي. ڪيوس، نه ته شهر ۾ نقصان ڪندي. +فوجدار: هلو، هنيئر هن کي وٺي هلو ۽ جلد گدو بندر پهچايو. +(فوجدار، سپاهي ۽ دلربا ايگزٽ) +بيت +ٽمبڪٽو (اڪيلو): +سرنوشته ڪاتب تقدير هن ڪاغذ ۾ هوءَ، +فيصلئه تقدير جي تحرير هن ڪاغذ ۾ هوءَ. +واه ڙي پنجين سوين جا نوٽ، واه-اهڙي ڌوم ڌام سان منهنجي شادي به ڪين ٿي هئي، جهڙي منهنجي پاڪ دامن بيبيءَ جي اڄ گرفتاري ٿي، ڪيئن يارو، مولا ڏنو وارو. آخر روزن پٺيان عيد آهي. مطلب ته موقعو ملي وڃي ته پنهجي ٽمبڪٽي ٿيڻ کان به مڪري نه وڃان ته منهنجو ذمو. هينئر وڃڻ گهرجي. ڪنهن ٻئي ولائتي وارنيش لڳل خوب پالش ٿيل ليڊي جي تلاش ڪجي، هنن ڪنترين مان ڪجهه مزو ڪين آيو. +(ايگزٽ) +[1] * ٺمري-طرز: ”واه ميري ڇوٽي جوبن ڪي بهار..................“ +[2] طرز: ”مين آفت ڪا پرڪالا هون“ + + +پردو ٻيو +مڪان شمشاد +انٽر جميل: آه، موت، قتل، خون ڇا؟ ڪنهن جو خون، دل جو خون! لخِت جگر جو خون! ڇا جي واسطي، هن دنيا مڪار جي واسطي؛ ڇا جي واسطي- هن زر بدڪردار جي واسطي! خير، فڪر ناهي، دنيا ڪمائجي مڪر سان، روٽي کائجي شڪر سان، مفلسيءَ ۾ جيئڻ شرمساري آهي، بلڪه لاچاري آهي- ذلت ۽ خواري آهي، جنهن ڪري دنيا هر انسان کي پياري آهي. +شاهه و گدا آ خيال ۾ پيسي جي واسطي، +هر ڪوئي آ جنجال ۾، پيسي جي واسطي. +سڀ ڪوئي آ بيمار، ڪوئي تندرست ناهه، +دنيا جي اسپتال ۾، پئسي جي واسطي. +هنيئر جلد وڃي دوست شمشاد کي واقف حال ڪيان، پاڻ کي زر و جواهر سان مالا مال ڪيان. هنيئر منهنجي مدعا پوري ٿي، نحوست جي زماني کان دوري ٿي؛ بس، هينئر عيش، شادي، جشن. +(انٽر ٽمبڪٽو) +جميل: مرحبا، مرحبا، اي يار خوش اطوار! +ٽمبڪٽو: لعنت، لعنت، او خوني بدڪار! +جميل: +ڇو ٽمبڪٽو، خفگي جو ڪهڙو سود؟ +ٽمبڪٽو: هل هل، شيطان جا ساٿي نمرود. +جميل: ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو شڪ آهي؟ +ٽمبڪٽو: خدا جو انصاف حق آهي. هر عمل جي هڪ سزا ۽ هڪ جزا موجود آ-بندو سرڪش آهي، ته سر تي خدا موجود آ. +جميل: سڀ کي آهي رنج مون کي غم نه آ ته ڪجهه نه آ؛ +ٻيا روئن پنهنجي گهر، ماتم نه آ ته ڪجهه نه آ. +آدمي دنيا ۾ خوش هردم نه آ ته ڪجهه نه ا، +ٽمبڪٽو: ٿو ڪرين نخرا تون، هي تقدير ۽ اقبال سان، +پر خدا جي وار کي، روڪيندين ڪهڙيءَ ڍال سان. +جميل: بي سبب خفا ٿيڻ؟ +ٽمبڪٽو: دنيا جي بدلي دين ڏيڻ! +جميل: ناحق بدگماني. +ٽمبڪٽو: پن��نجي ڀيڻ سان هيءَ بي ايماني! +ڇميل: ڪنهن مون کي مجرم ٺهرايو؟ +ٽمبڪٽو: وفا! +جميل: ڪنهن مون کي جرم ڪندي ڏٺو؟ +ٽمبڪٽو: خدا! +جميل: ڪنهن گواهي ڏني؟ +ٽمبڪٽو: زمين و آسمان! +جميل: ناحق ٿو لڳائي هي مون تي الزام ڏسجو. +ٽمبڪٽو: ٿي چڪو جو ڪجهه هيو، هينئر انجام ڏسجو +جميل: احمق! +ٽمبڪٽو: ظالم! +جميل: جنوني! +ٽمبڪٽو: خوني! +جميل: تون مون تي اُهو الزام لڳائين ٿو، جو ڪڏهن نه معاف ٿيندو. +ٽمبڪٽو: تو انهيءَ خون سان هٿ رڱيا آهن، جو فرشتن جي ڳوڙهن سان نه صاف ٿيندو. +جميل: ديوانا دولت اهڙيءَ ريت هٿ اچي ٿي. +ٽمبڪٽو: مگر ڇا، دولت قبر ڏانهن ساڻ هلي ٿي؟ +جميل: ليڪن هتي ته عيش ڪرائي ٿي. +ٽمبڪٽو: اهو خيال فضول آهي دنيا ايماندارن لاءِ جهنم آهي. +جهنم لاءِ جنت ڇڏن. هيءَ تنهنجي ڀُل آهي. +ڀل خدا کان ڪين، گر ايمان دولت ساٿ آ، +چار دن جي چاندني ۽ پوءِ انڌيري رات آ. +گانو +ٽمبڪٽو: لعنت ٿئي لعنت لعنت، لعنت ٿي بدڪردار، +صورت تي تنهنجي پرفتنه دائم آ لعنت، +بدڪردار بدڪردار. +هي حشمت هي دولت ڪمايو، ڪمايو، +مظلومن يا سرڙا ڪپايو، ڪپايو. +هي ڪارو منهن جڳ کان لڪايو، لڪايو، +طوق لعنت جو گلي پايو، پايو. +(انٽر شمشاد) +شمشاد: اسلام عليڪم اي سچا دوست، جگر جا گوشت، دل جا پوست. +جميل: عالي جناب هي، ته آهيءَ جاءِ حجاب، اوهان بندي کي ايتريقدر عزت جي نظر سان ٿا ڏسو، جنهن جو هو حقيقت ۾ لائق ڪين آهي. +شمشاد: اها اوهان جي عالي صنعائي آهي، جو پنهنجي تعريف پسند نه ٿي اچي، اها وصف ذاتي آهي. +ڪري ٿو ناپسند تعريف سو ئي جو ڪ عالي آ، +بچي ٿو سوئي ٺوڪر کان، جو برتن يار خالي آ. +شمشاد: جميل! +جميل: جناب! +شمشاد: ڪائي خبر؟ +جميل: قبر. +شمشاد: ڪنهن جي؟ +جميل: پنهنجي باغ جي، بلبل جي ، پنهنجي چمن جي، گل جي. +شمشاد: يعني؟ +جميل: مهلقا بدنصيب جي. +شمشاد: آه! اهڙي قريب جي، مگر ڪنهن جي واسطي؟ +جميل: هڪ تو جهڙي سچي يار غمگسار، مددگار جي واسطي، گرچ پنهنجو چمن برباد ڪيم مگر تنهنجي دل ته شاد ڪيم. +ٽمبڪٽو: تو خشڪ ڪيو سمندر، هڪ گوهر جي واسطي. +آتش چمن ۾ تو ڏني، ثمر جي واسطي. +شمشاد: ٿي وئين پاڳل ڪجهه عقل تميز آهي، بي ادب غلام هي ڇا چيز آهي؟ +ٽمبڪٽو: تون . +شمشاد: ڇا مان. +ٽمبڪٽو: شمشاد. +شمشاد: ڇا شمشاد. +ٽمبڪٽو: هان شمشاد، شمشاد جو طور، شمشاد جو نمونو، شمشاد جو رنگ، شمشاد جو ڍنگ، (اشارو جميل طرف). +هن ۾ به رحم جو قطرو ناهي، تو ۾ به رحم جو ذور ناهي، هن ۾ به دوست دشمن جي تميز ناهي، تو ۾ به اها چيز ناهي. هن جو منهن به روشن مگر ناري، دانگي کي شرمائڻ واري- تنهنجو منهن به سفيد، دل ظلمات جي طرح ڪاري آهي. +خرمن جان جي واسطي هي آگ ۽ تون برق، +الغرض ٻئي آهيو يڪسان، رڳو آهي قد جو فرق. +هي ڀي پاگل، تون ڀي پاگل هي ڀي جاهل، تون ڀي آن؛ +هي ڀي انڌو تون ڀي انڌو، هي ڀي قاتل، تون ڀي آن. +شمشاد: بي ادب غلام، تون خنجر جي ميان وانگر، +اسان تي وار ڪرين ٿو، ناحق اسان کي شرمسار ڪرين ٿو. +ٽمبڪٽو: بيشڪ آءٌ خنجر بي مياڻ آهيان، ليڪن اُهو ڪين آهيان؛ جنهن سان ڪاسائي بيگناهن جا ڪنڌ ڪلهون ڪوري ڪڍن ٿا. آءٌ اهو اوزار آهيان، جنهن سان حڪيم سڙيل ۽ گندي گوشت کي ڪپي ڪوري، بيمار جي جان بچائن ٿا. +شمشاد: پيارا جميل، هي احمق عقل کان دور، بي شعور آهي. هن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪر، ناحق تڪرار نه ڪر. +جميل: جلد ارشاد ڪر! +شمشاد: آءٌ تو کي چوڻ ٿو گهران، ليڪن ذرا ترس ترس، هينئر ڏينهن کي شام جي آغوش ۾ آرامي ٿيڻ واسطي هڪ گهنٽي جو وقفو باقي آهي؛ سورج جا ڪرڻا هر گهر، هر ڪوچي ۾ جاسوسن وانگر پکڙجي رهيا آهن. +اگر زمانو تمام ناپاڪين کي تنهنجي روح ۾ ڀري ڇڏي ها، ته خوف دهشت جو ڀوت تنهنجي هن سفيد خون کي جلائي، خاڪ ڪري ڇڏي ها. +جميل: يا خدا، اهو ڪهڙو خوفنڪا ڪم هوندو، جنهن جي ايتريقدر سخت تمهيد آهي؟ ڇا ڪنهن سان دغا بازي! +شمشاد: نه! +جميل: فتنه پردازي؟ +جميل: ڦرلٽ؟ +شمشاد: نه! +جميل: جبر ظلم؟ +شمشاد: نه! +جميل: تڏهن ڪهڙو مضمون آهي، ڪنهن ٻئي جو خون آهي؟ +شمشاد: هان، البت. +جميل: او خدا، او خدا (شمشاد جي اکين مان آگ جا شعله نڪرندا نظر ٿا اچن). +شمشاد: باوفا دوست، اُهو زهري نانگ جو هميشه منهنجي راهه ۾ آهي. اُن جي تو کي خبر ڪانهي؛ منهنجي نگاهه ۾ آهي، مان هن کي ڄاڻان ٿو. +جميل: مان به خوب سڃاڻان ٿو. +شمشاد: ڀلا ڪير؟ +جميل: هو. +شمشاد: يعني؟ +جميل:ممتاز. +شمشاد: اهو ئي فتنه ساز؟ ٺيڪ ٺيڪ! +جميل: ڇا موت؟ +شمشاد: بيشڪ. +جميل: مون هن بد ذات جي گرفتاريءَ واسطي عذاب جا ڪتا ڇوڙيا آهن، في الحال اهو خيال اٿم ته هن خون جي الزام ۾ هن بدڪار کي گرفتار ڪرايان، تنهنجي جان ڇڏيان. +ٽمبڪٽو(علحده): پاڻ کي جهنم ۾ اڙايان. +جميل: هو هڪ زخم آهي، جو وڌندو ٿو وڃي. +شمشاد: هان هن جو وڍي ڇڏڻ ضرور آهي، ورنه خوف ناسور آهي. +جميل: تون فڪر نه ڪر، آءٌ هر طرح هن سان بدسلوڪي ڪندس. +شمشاد: آءٌ هن جون هڏيون چٻيندس، خون پيندس. +جميل: آءٌ هن جون هڏيون جلائي خاڪ ڪندس. +شمشاد:آءٌ هن جي خاڪ کي پنهنجن ٺوڪرن سان اُڏائيندس، ۽ گوشت ڳجهن جي حوالي ڪندس. +ٽمبڪٽو (علحده): شايد انصاف اوهان جي گهر ۾ پيدا ٿيو؛ انصاف اوهان جي ڪنهن بزرگوار (پيءُ ڏاڏي) جو نالو هو. +شمشاد: خوب، اي مرغوب، ڀلا هينئر خدا حافظ! +جميل: خدا حافظ! +(ايگزٽ) + + +پردو ٽيون +(انٽر ممتاز) +گانو ممتاز: +اڄ عيد آهي گهر گهر، پنهنجي به عيد ٿئي، +حاصل اگر اسان کي، دلبر جي ديد ٿئي. +آءٌ نقد جان ڏيان ها، ۾ قيمت ۾ يار جانا، +بازار ناز جي، ۾ دل جي خريدار ٿئي ها. +تيغ-نگهه سان دل تي، جي وار ڪن ها سهڻا، +هي جان نثار ٿئي ها، هي دل شهيد ٿئي ها. +جي بيوفا نه ٿين ها، اي جان من ته هرگز، +ڇو قفل آرزو جي، پيدا ڪليد ٿئي ها. +اي بيوفا جي تنهنجو، ڪو خط کڻي اچي ها، +”آغا“ جي يار دل کي، ڪجهه ڪجهه اُميد ٿئي ها. +زباني +يا الله دل کي گهٻراهٽ آهي، جان ڇو اڄ بيطاقت آهي. در و ديوار کان حسرت ٽپڪي ٿي، اڄ بار بار اک ڇو ڦڙڪي ٿي. يا الله، خير، خير، رحم! +(انٽر سهيليون) +(ممتاز جو سهيلين کي حيرت سان ڏسڻ) +گانو سهيليون +[1]هاءِ بانو، واءِ بانو! لائي قسمت اسان تي تباهي، +ڏيئي عمر ساري هي جدائي، ڪاري قبر وڃي تو وسائي- +هاءِ بانو، واءِ بانو! +اسان تو وساريو پياري، بي موت اجل ڪيئن ماري- +هاءِ بانو، واءِ بانو! +تو کي سهيليون ٿيون سارن، توريءَ رنج والم ۾ گزارن- +هاءِ بانو، واءِ بانو! +توبن عمر و بال آ پياري، توريءَ جيئڻ جنجال آ پياري- +هاءِ بانو، واءِ بانو! +بيڪس ”آغا“ هليو آ وطن کان، نڪتي بلبل جيئن ڪا چمن کان- +هاءِ بانو، واءِ بانو! +(سهيلين جو غم ۾ بيهڻ) +زباني +ممتاز: افسوس، هيءَ آه و زاري ڪنهن واسطي؟ +انتظاري بيقراري ڪنهن واسطي، هيءَ پوشاڪ ڪاري ڪنهن واسطي؟ حيرت، حسرت، عبرت! +(سهيلين سان) اي عورتو اوهان کي ڪهڙو ڪم آهي، هي ڪنهن جو ماتم آهي؟ خير ڪر الاهي! +زرينا: غضب، ستم تباهي. +ممتاز: آخر صفائي. +زرينا: پياريءَ بانو جي جدائي. +متماز: ڇا مهلقا جي شادي ٿي. +حسينا: بربادي ٿي. +ممتاز: يعني؟ +گلنار: هت ويراني، ملڪ عدم ۾ آبادي ٿي. +ممتاز: مطلب! +گلزار: موت، اجل غضب! +ممتاز: هاءِ ڦول تو دو دن بهار جان فزا دکلا گئي، +حسرت ان غنچون په هي، جو بن کلي مرجها گئي. +اُف، جگر چاڪ، دل جلي خاڪ ٿي، +ڪنن کي ڇا سڻائيي، اي ڪنؤ ٻوڙا ٿيو، ٻوڙا ٿيو! +زرينا، زرينا ٻڌاءِ! سچ چئو، جاني ڪٿي آهي- منهنجو گل رعنائي، هاءِ تو گردن ڇو جهڪائي. ڇا منهنجي پياري ڪنهن حال تباهه ۾ آهي، يا ڪنهن پناهه ۾ آهي؟ +زرينا: افسوس، صدا افسوس! اي عاشق صادق، هوءَ اڄ انهيءَ مالڪ جي پناهه ۾ آهي، جتي قيامت جي ڏينهن هن جميل، ڪم اصيل کي پناهه وٺڻ دشوار ٿيندي- جڏهن هن ناحق خون جي پرسش سر بازار ٿيندي. +ممتاز: هاءِ، ته ڇا منهنجي پياري، بي اجل موت ماري! اُف: +هينئن چمن ڪنهن جو نه شل برباد ٿئي، +پر فضا گلزار مان، نابلبل هي ناشاد ٿئي! +زرينا: صبر، صبر، اي عاشق، ناشاد فرياد نه ڪر! دنيا تي حشر ايجاد نه ڪر، تنهنجن هنن پردرد دانهن کان دل کي خروش، جگر کي جوش ٿئي ٿو. +حسينا: والله، ڪليجو منهن ڏي اچي ٿو. +گلنار: دل گهٻرائي ٿي. +گلزار: شايد تقدير اڄ اسان کي آزمائي ٿي. +ممتاز: خالي نه انهيءَ داغ کان هيءَ دل خدا ڪري، +محبوب جي ماتام ۾ شامل خدا ڪري. +جن جان کان جدا ڪئي آ دل دغا ڪري، +اُميد تن جي پوري نه بلڪل خدا ڪري. +بس، هينئر هن زخم جو مرهم ڪجهه نه باقي آ، صرف موت جي مشتاقي آ. +زرينا: يعني؟ +ممتاز: خودڪشي، موت، اجل، اي اجل! جلد آءُ، جلد آءُ، جلد آءُ. اچي گلي لڳاءِ، آغوش ۾ سلاءِ. +معلوم جي هجي ها، هي انجام –محبت، +هرگز نه وٺان يار ها، مان نام-محبت. +رخصت، اي دنيا جي نعمت رخصت! بس، هميشه لاءِ رخصت، تا قيامت رخصت! +(تلوار ڪڍڻ ۽ سهيلين جو جهلڻ) +حيات صورت نقش حباب باقي آ، +ڪوئي دم يار منهنجو اضطراب باقي آ؛ +مسافران، عدم کي چئو، ته ذرا ترسو، +جو هڪ مسافر پادر رڪاب باقي آ. +زباني +زرينا: اي نااُميد، غم رسيده عاشق! جي تون پنهنجي جان برباد ڪندين ته ڇا، پنهنجي پياري مهلقا جي روح کي شاد ڪندين؟ +ممتاز: آ هٿن کان وئي صفا دل، هاءِ دل، افسوس دل، +ڪئي ادا مون سان دغا دل، هاءِ دل، افسوس دل! +ڇا، هن تنهنجي زبان کان مرحوم مهلقا جو پاڪ روح ٻولي رهيو آهي؟ +زرينا: هان، هان، تنهنجي فهمائش واسطي اُهو ئي زبان کولي رهيو آهي. +ممتاز: شمع هئي اُميد دنيا ۽ هي دل پروانو هو، +خواب هو جو ڪجهه ڏٺم، ۽ جو ٻڌم افسانو هو. +(ممتاز جو بيهوش ٿيڻ، ۽ سهيلين جو سهارو) +پڙدو لهڻ +پردو چوٿون +(انٽر ٽمبڪٽو) +گانو +ٽمبڪٽو: هي عورت آ، يا آفت، بد خصلت آ، بي عزت، +ٿئي اهڙي صورت غارت، آ مون کي نفرت نفرت! +جو اهڙي زال وارو، +تنهنجو هر هارو منهن ڪارو: +هن جوءِ جي اهڙي تهڙي، وجهو لعنت تنهن تي يارو! +هڪ موٽر سائيڪل چنچل، ٻي چال فيشن ايبل، +کاني لئي چئر ٽيبل، آئو جي وٽس ليبل، +جو اهڙيءَ زال وارو، +تنهن جو هر هارو منهن ڪارو: +هن جوءِ جي اهڙي تهڙي، وجهو لعنت تنهن تي يارو! +ٿي لئو جا لکي ليٽر، يارن سان ڏسي ٿيئٽر، +چهري تي مکي پوڊر، زلفن تي ڇڙڪي لونڊر، +جو اهڙيءَ زال وارو، +تنهن جو هر هارو منهن ڪارو: +هن جوءِ جي اهڙي تهڙي، وجهو لعنت تنهن تي يارو! +(ايگزٽ) +پردو پنجون +(انٽر ممتاز ديواني حالت ۾ ۽ لاش تي نظر پوڻ) +زباني +ممتاز: هاءِ، غضب، ظلم، روئو پٽيو! اي فرشتو هن مسڪين جي ماتم لاءِ اچو، خاڪ وسايو، پهاڙو پٿر برساو؛ دوزخو آگ اُڙايو، چنڊ سورج پرزا پرزا ٿيو. هاءِ، منهنجو چنڊ اڄ موت جي بادل ۾ ڇپي ويو، منهنجو نازڪ ٻوٽو خزان جي جهولي جهوٽيو، مايوس باغ ۾ بلبل ٿيو، اڄ منهنجي جگر جو چراغ گل ٿيو. +آهيان جليو مان، آڳ لڳي هاءِ نصيب کي، +آرام ننڊ ۾ به، نه آيو غريب کي. +(لاش کي هنج ۾ رکي ڳائي ٿو) +گانو ممتاز: +[2]سوز غم آ تن لاغر کي جلائڻ آيو، +اشڪ خون دل جي لڳي آڳ اُج��ائڻ آيو. +دامن دشت آ غربت ۾ ڪفن بعد فنا، +بيڪسي ۾ نه ڪوئي لاش کڻائڻ آيو. +قيد خاني ۾ منهنجو حال سگهو ڏس تون اچي، +اڄ اجل موت جو پيغام سڻائڻ آيو. +بيڪسي ۾ نه آ ڪوئي حال جو ڀائي ”آغا“، +هر ڪوئي آ ڏکي دل کي ستائڻ آيو. +زباني +اي سنگدل زمين، ڇا تو ۾ سيلاب ڪونه هو، جو هن نازڪ گل اندام جي هن سرخ خون سان پنهنجي پياس پوري ڪئي. اي دنيا دورنگي، دل جي آس پوري ڪيئي. اي خوفناڪ پهاڙو، اوهان کي به منهنجي بيقصور مظلوم معشوق جي هن حقير حال تي رحم نه آيو. اي سيه فام آسمان، توکي به شرم نه آيو. اي ڀيانڪ جهنگل، تون هن شهيد جفا جي ناحق خون جو شاهد رهج. اي رات جي انڌيري، تون به مولا اڳيان آه و زاري ڪج. اي زمين تون به حشر ۾ پڪاري ٿج. اي خون آلوده زخمو، فرياد ڪيو، فرياد ڪيو، دنيا تي حشر ايجاد ڪيو. +گانو ممتاز: +هي گل ۽ ٻوٽا، مٽي ۽ پاڻي، فاني آ، فاني آ، +سارو جهان هي سڀ جوٺو آ، دنيا جو خيال، +گهر و زر سڀ جوٺو آ مال. +(لاش کي چمڻ) +زباني +جاڳ، جاڳ، او بيوفا مهلقا بيدار ٿي، هوشيار ٿي! ڇا هي به هڪ ناز آهي، اُٿ، ڏس ته ڪهڙي نه حال ۾ پر ملال تنهنجو ممتاز آهي. +هيچ دنيا آهه هيءَ، عقبيٰ جي طلب گاريءَ ۾، +آخري دم شال نڪري، اڄ هي وفاداريءَ ۾. +دعا ڪيو ته اُت هزارن ۾ نه شرمسار ڪري، +دعا ڪيو ته خدا منهنجو ٻيڙو پار ڪري. +هاءِ ساقيا، تنهنجي مئيخاني مان اڄ پُر از ارمان نڪتس. +(پاڻ کي خنجر هڻڻ، سپاهين جو اچڻ) +سپاهي: او خبردار خوني، نه ڪر غرق زندگاني! +ممتاز: ذات رحماني! ذات رحماني! اي عدم جا مسافرو، ذرا هوش سنڀاليو. زمين تڙپي ٿي، فلڪ لرزي ٿو، قيامت اچي ٿي، اوهان ڪير آهيو، مون کي ڊيڄارڻ وارا. +سپاهي2: توکي موت جو ڦاٽڪ لنگهائڻ وارا؛ +سپاهي3: توکي آغوش-قبر ۾ سمهارڻ وارا. +سپاهي 1: او خوني، جنوني، هيءَ عياري، مڪاري؛ ۽ پوءِ به هيءَ آه و زاري! +(انٽر جمعدار) +جمعدار: ڇا، ٻيو ته خير آهي؟ +ممتاز: ڪجهه ناهي، ملڪ عدم جو سير آهي. +جمعدار: هينئر قتل جي دهشت طاري آهي، جو خودڪشي جي تياري آهي. +ممتاز: البت. +جمعدار: ڀلا هت ڇو آيو آهين؟ جلد بيان ڪر! +ممتاز: هت ڇو آيو آهيان! نصيب جو ستايو آهيان. +قسمت جو جلايو آهيان، رحم اي زيشان ڪر. +صبر حال تابه مشڪل آ، ضبط فرياد آه مشڪل آ. +جمعدار: فريب، دغا، ظلم، مڪاري، انهن چيزن جو نالو آهي دنياداري! +سپاهي: صورت ۾ نور، سيرت ۾ نار-منهن ۾ پيار، بغل ۾ تلوار! +ممتاز: غريب، عاجز، غم رسيده. گردش- ناهنجار جو گهايل، فلڪ ڪج رفتار جو ستايل. مسڪين، بيتسڪين، بيڪس، رحم، رحم! +جمعدار: بس، هينئر زبان بند ڪر! جلد هل، پنهنجي واسطي سزا پسند ڪر. +ممتاز: هتي نازل خدا يا هر بلا آ، هي منهنجو گهر آ، يار يارو ڪربلا آ. او دوزخ، ڇا تو ۾ ايتري آتش ڪين آهي، جو مون کي جلائين. اي پهاڙ، ڇا تو ۾ ايترا پٿر ڪين آهن، جو مون تي برسائين. افسوس، شايد ممتاز ۽ بدنصيبي، هڪڙي ئي ڏينهن پيدا ٿيا هئا. +جمعدار: بس! +سپاهي 1: صبر. +سپاهي 2: خاموش. +(ممتاز کي زنجير وجهڻ) +ممتاز: ابر، پاڻيءَ جي عيوض آڳ کي برسائي ٿو، +ٿو وڃان درياءَ لب ته پاڻي به مون کي کائي ٿو. +تحقيق عشق جو نتيجو دلگيري آهي، شاهي جو نتيجو فقيري آهي. +جمعدار: او ڪمبخت، تون دنيا ۾ انهيءَ لاءِ پيدا ٿيو آهين، ته خدا جي بندن جي خون ۾ تيغ رنگين ڪرين، ۽ وري پاڻ کي مسڪين ڪرين. +ممتاز: آءٌ هن واسطي آهيان جو مصيبت اُٺايان، ۽ شڪايت زبان تي نه لايان. +جمعدار: بهادرو، اوهان جو ڇا خيال آهي، قاتل آهي، يا ديوانو، يا غافل آهي؟ +سپاهي 1: ايمان جي ڳالهه ڳپڇو ته فريبي آهي، خونخوار آهي. +سپاهي 2: قاتل آهي، قابل دار آهي. +سپاهي 3: خوني آهي، جنوني آهي، هن جو ڇٽڻ دشوار آهي. +جمعدار: تحقيق، کڻو هي لاش، جلد پيش سرڪار ڪيو، قاتل جو سر بردار ڪيو. +ممتاز: عزيزو، اوهان ناحق تڪليف نه ڪيو، مان خود پنهنجي مظلوم معشوقه جو بيڪس لاش کڻڻ لاءِ تيار آهيان، گرچه پاپي آهيان، گنهگار آهيان! +سپاهي: خاموش، او نابڪار، دور هٽ، خوني بدڪار! +ممتاز: اي سنگدل سپاهيو، اوهان منهنجي هن آه و سوزان کان ذرا نرم ٿيو، هن نازڪ جي خون آلوده ميت کي تڪليف نه ڏيو. +سپاهي: بس، صبر، زبان بند ڪر! +ممتاز: يا خدا، هنن ڪاساين جي جماعت ۾ ڪو رحم جو فرشتو آهي يا نه؟ +(سپاهين جو لاش کڻڻ ۽ ممتاز جو چنبڙڻ) +ممتاز: اي يارو بهري خدا، معشوقه جو لهو ۾ لعل لاش نه هلايو. هن شهيد عشق جي بيقرار روح کي تڪليف نه رسايو. ذرا هن بي ڪفن، بي دفن لاش تي رحم فرمايو. +جمعدار: دوست هٽ، او دنيا جا آزار، هل موت لاءِ ٿي تيار. +ممتاز: مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو، آءٌ ڇا لاءِ ٿيان تيار. +سپاهي 1: تو کي اجل جي ڦاٽڪ کان لنگهائينداسون پار. +ممتاز: بهتر آهي ته منهنجو گلو هت چاڪ ڪيو، قصو پاڪ ڪيو. جيڪي خون جا قطرا زمين تي ڪرندا، اهي به اوهان کي هميشه دعا ڪندا، ۽ آفرين وجهندا. +سپاهي 2: هان، هان، تنهنجو قصو پاڪ سر بازار ٿيندو، پيش سرڪار ٿيندو. +ممتاز: افسوس، اوهان ثابت ڪري رهيا ته اوهان مٽيءَ جا نه آهيو، بلڪ پٿر جا بڻيل پتلا آهيو. +جمعدار: بس زبان ٿام، او بد انجام! اگر زياده بڪوات ڪندين، ته تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. +ممتاز: اگر اوهان زبان ڪاٽيندؤ، ته آءٌ اکين جي اشارن سان اوهان کي سمجهائيندس. +جمعدار: اُهي به ڦوڙيون وينديون. +ممتاز: ته آءٌ پنهنجي مظلوم معشوقه جي واسطي پنهنجو سر اوهان جي قدمن تي ڌريندس. +جمعدار: اُهو به علحدو ڪيو ويندو. +ممتاز: هاءِ افسوس، اهڙي جلادي! +سپاهي: ڪمبخت، اهڙي بيدادي. +ممتاز: اي آسمان، تو به ڏٺو ٿي؛ اي زمين تو به ٻڌو ٿي؛ اي جهنگلي درختو اوهان به حاضر هئا، مگر افسوس جو ڪنهن کي ترس ڪين آيو، ڪنهن رحم ڪين کاڌو. +(سپاهي لاش کي کڻي هلن ٿا) +(ممتاز جي چرين جيئن دانهون ڪرڻ) +ممتاز: هاءِ اي جلادو، هنن نازڪ نازڪ لعل رخسارن تان هن عاشق ناشاد، غريب، ڪم نصيب کي آخري بوسو ته وٺڻ ڏيو. اي ظالمو هن بيڪس جي رت ۾ رنڱيل زخمن کي هن فريادي زاري سان زرا خشڪ ته ڪرڻ ڏيو. هاءِ، اي شهيد، جفا، حافظ خدا، حافظ خدا! +گانو ممتاز: +[3]باغ الفت جو مزو، اڄ يار بن ويندو رهيو، +بلبليون وينديون رهيون، سوسن سمن ويندو رهيو. +اي مسافر يار تو، حافظ خدا، حافظ خدا، +هاءِ يارو صبر سان، غنچھء دهن ويندو رهيو. +مان نه وڇڙيس ٿي اوهان کان، هي قضا جو قهر آ، +هيئن چئي محبوب منهنجو، گلبدن ويندو رهيو. +ڪر دعا تون يار ”آغا“، دلربا کي دل منجهان، +جو مسافر يار تنهنجو، بي ڪفن ويندو رهيو. +(سڀ ايگزٽ) +پردو ڇهون +فوجداري +(انٽر ممتاز گرفتار ٿيل) +گانو ممتاز: +[4]بدقسمتي کان مون ڏٺا، سامان نوان نوان، +حاصل ڪيم هي حسرت و ارمان نوان نوان. +دلدار تنهنجي عشق ۾ مون کي نصيب ٿيا، +صحرا نوان نوان، ۽ بيابان نوان نوان. +ٿيندين نه يار غم کان تون آزاد، اي ”آغا“، +فرياد ڪرين تون کڻي، نالا نوان نوان. +فوجدار: اي اجل رسيده، تنهنجو نام؟ +ممتاز: بي آرام، بدنام، ناڪام، مبتلائي آلام! +فوجدار: وطن؟ +ممتاز: اُجڙيل ۽ ويران بن. +فوجدار: ڀلا هت تنهنجي اچڻ جو سبب؟ +ممتاز: ڄاڻي ٿو رب، مگر........... +هر ڪو وطن آ ڇڏي ارمان کان نڪتو، +يوسف نه خوشيءَ سان ڪڏهن، ڪنعان کان نڪتو؛ +نڪتو به اگر گردش دوران کان نڪتو. +فوجدار: توکي ڪهڙي چيز جي تلاش آهي؟ +ممتاز: نه زر جي تلاش آ، نه پسر جي تلاش آ، اکڙين کي اڄ نور نظر جي تلاش آ، پهلو ۾ دل آ، جگر جي تلاش آ. +فوجدار: ڀلا تون ڪير آهين؟ +ممتاز: آهيان مان اُهو گل، جو گلستان کان جدا آ، +پروان جئن شمع فروزان کان جدا آ. +ساغر جي آه و نالان کي تون سمجهه ساقيا، +هيءُ جام رهيو جو لب- جانان کان جدا آ. +فوجدار: ڪجهه حال ڪر، تون جلدي ته پنهنجي زبان سان، پوشيده بات نڪري، ڪا تنهنجي بيان سان. +ٻڌايان درد دل جي ٿو،جلي منهنجي زبان يارو، +ڪيان جي صبر ٿو و الله، سڙن ٿا استخوان يارو! +ممتاز: دل آ غذائي رنج، جگر آ غذائي رنج، +راحت جي نام کان نه هان، وقف سوائي رنج، +رنج مون تي مبتلا آهي، مان مبتلائي رنج، +رنج منهنجي واسطي آ، ۽ مان برائي رنج؛ +احوال منهنجو جو سڻي، سو ڀي سهائي رنج. +فوجدار: شايد اها ئي تنهنجي تقدير آهي، جنهن واسطي ايتري تقرير آهي. +ممتاز: بيشڪ، اگر پيشانيءَ جي سچي تحرير نه هجي ها، ته ممتاز هن مصيبت ۾ اڄ اسر نه هجي ها. +سر نوشته ڪاتب تقدير پيشانيءَ تي آ، +نامھء اعمال جي تحرير پيشانيءَ تي آ. +فوجدار: آ گذر تنهنجو ٿيو هتي، اڄ داد پائڻ واسطي، +يا آيو آهين مون کي تون سبق پڙهائڻ واسطي. +ممتاز: مان ته پنهنجي معشوق جي قتل جو ٻڌي، سندس لاش تي ماتم لاءِ ويس، جتي گرفتار ٿيس. بس، ايتري تائين جو حاضر دربار ٿيس. +هال ڇا مان ٻيو چوان، بادهء پيمائيءَ جو، +آ سڻيو سارو قصو، سرڪار هن رسوائيءَ جو. +(انٽر-جميل ۽ شمشاد) +جميل: هان ڪير خوني، موذي، ظالم؟ جنهن منهنجي روح روان کي ستايو، جنهن کي ڪجهه قياس ڪين آيو- هن جو قفس عنصري ٽوڙي ناس ڪيو-جهاز زندگانيءَ جو موت جي بندر جي پاس ڪيو. +(فوجدار کي) سرڪار، هن فرياد جو جلد داد ٿئي، هن مردود جي زندگي برباد ٿئي؛ هن ناحق خون جو منصف حضور ٿئي؛ هن خونيءَ جو هڏ هڏ چڪنا چور، ضرور بلضرور ٿئي! +ممتاز: بيشڪ، صاحب! مان موذي، مان خوني، مان چور، ليڪن اُهي آهن سينه زور، جيڪي پنهنجي جگر جو خون پي شاد رهن ٿا، ۽ پوءِ به دنيا ۾ آزاد رهن ٿا. +فوجدار: ٻڌاءِ نام تن جو، تڏهن صاف صاف، +زبان ورنه ڪٽبي، جي هوندو خلاف! +ممتاز: صاف صاف، ڪنهنجو نالو ٻڌايان! ڪهڙي طرح زبان تي لايان-ظاهر ته بندو گنهگار آهي، ليڪن حقيقت ۾ ڪو اور خوني سزاوار آهي. +سپاهي: اگر انهيءَ جو نالو اظهار نه ڪندين، +ته اڃا زياده عذاب ۾ گرفتار ٿيندين! +ممتاز: عذاب کان ڏڪايو ٿا، ڌمڪايو ٿا، ته ڀلا ڪنن جا پڙدا کولي ٻڌو! +سڀ پتا صاف سڻائڻ ٿا سڻائڻ وارا، +هتي موجود آهن، قتل ڪرڻ، ۽ ڪرائڻ وارا. +فوجدار: ڇا شمشاد! +ممتاز (اشارو جميل طرف): هان ۽ ٻيو هي ناشاد؟ +فوجدار: ڇا جي واسطي؟ +ممتاز: دنيا ڪتي جي واسطي. +فوجدار: ڇا، ههڙي نيڪ انسان تي اهڙو گمان؛ الامان، الامان! +ممتاز: ڇا، نيڪ انسان؟ خدا لعنت وجهي شيطان تي، اهڙي قسم جي انسان تي. +فوجدار: ڀاءُ ڪيئن ٿيندو قصائي، +ڀيڻ سان ڪيئن ڪندو، ڪج ادائي! +سپاهي: ناشدنهي، ناشدني! +سپاهي: ناممڪن ، ناممڪن! +ممتاز: بيدرد دير قتل ۾، صفا نٿو ڪري، +دولت جي لاءِ آدمي، ڇا ڇا نٿو ڪري! +فوجدار: بس، زبان ٿام مردود، هنيئر ڪيانءِ ٿو نابود- خوني، جنوني. +سپاهي: او موذي، پاپي، بدڪار، ڪهڙي تفصير تي هن غريب عورت جو ڪيئي سر تن کان ڌار؟ +گانو ممتاز: +[5]نه هي داغ دامن تي يارو لڳايو، +ڀلي جان منهنجي، هيءَ جيئري جلايو! +فلڪ جي ستم کان، اڳي هان ستايل، +ڏکي دل نه ناحق، دوباره ستايو! +شڪايت آ ڪنهن جي، بري منهنجي قسمت، +ٿيو آه دشمن، ته پنهنجو پرايو! +رهي خون ناحق جي محشر تي دعوا، +نه هت فاش ”آغا“ کان ��ڙدو ڪرايو! +سزا ڏيو لائق ڪار محبت، +کڙا هون اجهو گنهگار محبت. +شمشاد: ڪيئن جناب اعليٰ، قيد جو مزو ماڻيو ٿا؟ +بندي کي به ذرا سڃاڻو ٿا! +ممتاز: شيطان کي ڪير نٿو ڄاڻي، +بلڪ هر هڪ انسان ٿو سڃاڻي. +شمشاد: اي مغرور شخص، زنجيرن ۾ جڪڙيل آهين، تڏهن به تنهنجي اها خوءِ نه ٿي وڃي. +ممتاز: گل گرچ سڪي وڃي، ته به اُن مان اُها بوءِ نٿي وڃي. +عشاق مصيبتن کان ڪٿ ڊڄن ٿا، +تارا ڏينهن جي عوض رات جو چمڪن ٿا. +عطر جي مٽيءَ ۾، مهڪ نٿي وڃي، +ٽوڙيو به اگر هيري کي، ته چمڪ نٿي وڃي. +شمشاد: او ديوانا ڪجهه اک کول، خبردار ٿي، +حياتيءَ جي اقليم تان دست بردار ٿي. +ممتاز: جان هيءَ ويندي، مگر جوهر جي بوءِ ويندي ڪٿي، قيد ۾ ڀي شير جي شيرانه خوءِ ويندي ڪٿي؟ +سپاهي: هن زماني تو جهڙو ڪوئي گنگهار نه آ، +تو جهڙو موذي نه آ، ڊاڪو نه آ، بدڪار نه آ. +شمشاد: آخر تون ڪيتريون دانهون فريادون ڪندين، +او روسياه! +ممتاز: ايتريون آهون ڪندس، جيترا تنهنجي نامهء اعمال ۾ آهن، گناهه! +سپاهي: تو کي جان جو خوف نٿو ٿئي، او بدڪار، جو سرڪاري عملدارن جي اڳيان ڪرين ٿو بي ادبيءَ جي گفتار. +ممتاز: ڇا، خوف جان! يعني موت! او نادان موت کان اوهان جهڙا گنهگار خوف ڪن ٿا. جن کي خدا جي روبرو ٿيڻ شرم ٿئي ٿو. موت ته هڪ رحمت الاهي آهي، جا نيڪن کي دنيا جي براين کان بچائي، خدا وٽ پهچائي ٿي. +فوجدار: نٿو ڊڄين ذرو به تون منهنجي عتاب کان، +بڪوات ڪرين بيجاءِ ٿو، نشي شراب کان. +ممتاز: خير اوهان شراب خور بڻايو، يا زناڪار يا ڦاسي جو سزا وار بڻايو. +ڌوتا مون دست پنهنجا هن، پنهجي جيءَ جان کان، +پوءِ راست بات ڇو نه ڪيان، مان زبان کان. +فوجدار: بي ادبيءَ جي گفتار ڇڏ، ورنه بي رحميءَ سان تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. +ممتاز: گر اهي ناپاڪ ارادا هن دل صفاڪ جا، +حال تنهنجا ڀي ٿيندا جيڪي ٿيا ضحاڪ جا؛ +جو هٿن سان اڄ زبان منهنجي ڪپيندين ظالما، +هت سڀان ڪاتيندا تن کي، هاءِ ڪيڙا خاڪ جا. +ڇا انصاف انهيءَ جو نالو آهي؛ رحم انهيءَ کي چون ٿا، جو هڪ بي دست وپا سرتا پا بزنجير تي تلوار اُٺائين ٿو. شير کي زنجيرن ۾ جڪڙي، لونبڙين کان ڌمڪائين ٿو. +سپاهي: بس، او بي ادب خاموش! +ممتاز: وڃ، ڏيکار بزدلن کي هي جوش و خروش. +فوجدار: بي ادب گفتار ڇڏ، مڪار خبردار! خوني گنهگار، روڪ زبان ورنه ڪڍانءِ ٿو جان. ڪوئي حاضر آهي! وٺي وڃو هن ڪمبخت کي، داخل زندان ڪيو. ڪجهه وقت قيدخاني جي هوا کائيندو ته مزاج ٺيڪ ٺيڪ پائيندو. +ممتاز: خطا معاف، اگر شيطان جي هٿان انصاف ٿئي ها، ته ذرو نه انهيءَ جي خلاف ٿئي ها. +فوجدار: هنيئر هرگز نه قاتل توکي ڇوڙيو ويندو، +هڏ هڏ تنهنجو، هن خنجر فولاد سان ٽوڙيو ويندو. +جميل: هن جو خون نچوڙيو ويندو. +شمشاد: هن جو سر سوليءَ تي کوڙيو ويندو. +سپاهي: هن جو گوشت سرنين ۽ ڪانون کي ڏبو. +سپاهي: هان هان، بيشڪ ائين ڪبو. +گانو ممتاز: +اي خدا تون مدد ڪر، مولا منهنجي مدد ڪر، +مون تي رحم ڪر باري تعاليٰ، منهنجي مدد ڪر! +هر شيءِ ۾ نمايان آ تنهنجو جلوو، +اي منهنجا باري تعاليٰ مدد ڪر! +[1] * طرز: ”هاءِ بابا، واءِ بابا (خدا دوست) +[2] طرز: ”شمع ڪو ديکه ميري جي ڪي جلاني والي“ +[3] روپ سهڻي: ”سورٺ پهاڙي“ +طرز: ”يا الاهي لطف سي اس شهر ڪا در کول دي“ +[4] روپ: ”سهڻي“ +[5] روپ ڪانرو: ٽوڙي: + + +پردو ستون +مڪان شمشاد +گانو شمشاد: +مان هان زهري نانگ، بنان آگ، +جي مان برباد ڪيان سارو راڄ ۽ تاج. +آگ لڳايان مان راڄ کي خاڪ ڪيان، تخت و تاج کي. +پامال ڪيان، هڪ دم ۾ سارو خاندان. هي آشمشير موذي، +ماريان ڳاريان يارو دشمن کي، موذي ڪريان گهات گهات. +زڊ ني +شمشاد: گرچ قصو طول ٿيو، ليڪن منهنجو مطلب حصول ٿيو. هنيئر ڪنهن زبان درازيءَ سان پاڻ آزاد ڪيان، هن بدبخت جميل جو خانو برباد ڪيان. عداوت جو چشمو جڏهن جوش ۾ اچي ٿو، تڏهن طوفان خيز سيلاب ۾ دشمن جو سامان غرق ڪري ڇڏي ٿو. +ٽمبڪٽو: ۽ محبب جو درياءَ جڏهن موج ۾ اچي ٿو، تڏهن پنهنجن ملاحن کي امن ۽ امان سان سلامتيءَ جي بندر تي پهچائي ٿو. افسوس! +خون لئي هيءَ دل وري اڄ تيار ٿي، ڇو يا خدا، +نور کان جا دل بڻي هوئي نار ٿي، ڇو يا خدا. +شمشاد: مان به سخت حيران آهيان ته، +مور هي اڄ محب منهنجو مار ڇو ٿيو يا خدا، +گل صنوبر جنهن کي سمجهيم، خار ڇو ٿيو يا خدا! +واه هو به ڪو نيڪ آهي، ناحق دل ڌتارڻ. +ٽمبڪٽو: شيطان کي آئينو ڏيکارڻ. +شمشاد: ٽمبڪٽو، منهنجو ڪو به قصور ڪونه آهي، اهو سڀ جميل جو فتور آهي، مون کي قسم آهي. +ٽمبڪٽو: ڪنهن جو؟ +شمشاد: هن سر جو! +ٽمبڪٽو: هن تي ته گناهن جو باري ڀوجهه آهي. +شمشاد: هن پاڪ دل جو. +ٽمبڪٽو: اها ته فريب ۽ دغا سان ڀريل آهي. +شمشاد:ڀلا فرشتن جو؟ +ٽمبڪٽو: اُهي ته توتي لعنت ڪري رهيا آهن، هو چون ٿا ته تون مڪار آهين. +شمشاد: چڱو، ته اُنهيءَ پاڪ خدا جو. +ٽمبڪٽو: خدا تنهنجي نالي کان بيزار آهي. +شمشاد: ڀل جلان دوزخ اندر، تنهنجو فڪر هن دم نه آ، +ابتدا عمدي ٿئي، انجام جو ڪجهه غم نه آ. +ٽمبڪٽو: عجب ناداني آهي، تنهنجي حالت تي مون کي سخت حيراني آهي. +شمشاد: آدمي پيدا ٿيو لطف جواني واسطي، +عيش راني، حڪم راني، زرفشاني واسطي. +نيڪ بد جو فڪر دل کان دور ڪر نادان تون، +سڀ هي ڪانٽا باغ ۾ هن زندگاني واسطي. +ٽمبڪٽو: مگر اها زندگي ڪيتري آهي، جنهن جي هوس ايتري آهي؟ +زندگي هڪ شجر آ، جو سبز آهي ڪجهه زمان، +انت آرهه سان ڪپيو ويندو، نه رهندو ڪجهه نشان. +هي بدن ناپاڪ ڇا هي، ليڪ هڏڙين جو قفس، +آه هي مهمان تنهن ۾، چار دن مرغ-هوس. +موت جو صياد ايندو، هاءِ شوق-جبر ۾، +بلبلون وينديون اُڏي، پڃرو هي پوندو قبر ۾! +شمشاد: گر اٿي سر ۾ عقل، بڪوات زياده ڏي ڇڏي! +ٽمبڪٽو: گر اٿي ايمان دل ۾، بد ارادا ڏي ڇڏي! +شمشاد: تون مجنون آهين. +ٽمبڪٽو: تون ملعون آهين. +شمشاد: تون حيوان آهين. +ٽمبڪٽو: تون ابليس آهين، شيطان آهين. +شمشاد: او بي ادب خاموش، تو اڃا مون کي سڃاتو ڪين آهي، مان آهيان آفت، تو ڄاتو ڪين آهي. +ٽمبڪٽو: اي نادان، خداوند پاڪ غصو انهيءَ واسطي ڏنو آهي ته ظالمن کي ڏڪايو؛ زور انهيءَ واسطي ڏنو اٿس ته مظلومن کي بچايو؛ زر انهيءَ لاءِ ڏني اٿس، ته مسڪينن کي مدد ڪيو؛ حرص انهيءَ واسطي، ته نيڪين کي جمع ڪيو؛ همت انهيءَ لاءِ ته بديءَ کي فنا ڪيو. +شمشاد: بس بس، هينئر زبان کي لغام ڪر. هل دور، هٽ هتان، نه حجت غلام ڪر. +ٽمبڪٽو: ڏي خدا نيڪ عيوص مون کي مننهجي نيڪو ڪاريءَ جو، شرم ڪر، ۽ سبق سک وفاداريءَ جو. +ٽمبڪٽو: مصور جي شيشي تي نقاش ڪري رکي، ۽ اهو خريدار جي هٿان ڇٽي وڃي، يا ٺوڪر سان ٽٽي وڃي! +شمشاد: ته مصور کي سخت ملال ٿيندو. +ٽمبڪٽو: ڀلا ڇو اهڙو خيال ٿيندو؟ +شمشاد: ڇو جو مصور جي محنت برباد ٿي! +ٽمبڪٽو: واه سبحان الله، خوب بات ارشاد ٿي. +هينئر بندي جو عرض آهي، ٻڌڻ فرض آهي، ته جڏهن مصور پنهنجي تصوير جي ٽٽڻ تي ايتريقدر ملال ٿيندو، تڏهن ڇا هن قدرت جي مصور کي پنهنجي بڻايل تصوير جو ڪين خيال ٿيندو! +شمشاد: ها ها، چئي ويو ڍنگ سان هو سارو مطلب، +خوب سمجهو مون هي حرفت وارو مطلب. +ته ڇا دشمن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي، نانگ ڏسي، سوٽي ٽوڙي ڇڏڻ گهرجي! +(انٽر جميل) +جميل: السلام عليڪم دوست شمشاد. +شمشاد: وعليڪم السلام يار ناشاد. +ٽمبڪٽو (علحدو): لعنت، لعنت، بد بنياد. +جميل: هان، هي ڇا! اي دوست ڏس ڪهڙو نه وار ڪيم، دشمن خوار ڪيم. هينئر ممتاز جي رهائي مشڪل آهي، انهيءَ ڪيس جي صفائي مشڪل آهي. +شمشاد: افسوس ڀاءُ ڀيڻ سان هيءَ ڪج ادائي، لعنت، لعنت، او قصائي! +جميل: ته ڇا، تو انهيءَ جو موت نه ٿي چاهيو. +شمشاد: مون وٽ ته هن ممتاز جي بدڪاريءَ جو ثبوت موجود هو، جنهن ڪري انهيءَ جي خون جو مقصود هو. +جميل: تڏهن توهان منع ڇو نه ڪئي. +شمشاد: جڏهن توکي نيڪ بد جي سمجهڻ جي تعميز آهي، تڏهن منع ڪرڻ ڪهڙي چيز اهي! زهر، خنجر، آتش، انهن چيزن کان مون توکي منع ڪانه ڪئي آهي. ڇا تون زهر کائيندين، خنجر گلي تي گهمائيندين يا آتش ۾ ٽپي پاڻ جلائيندين؟ +جميل: مان ته تنهنجو ٿيس خير خواهه. +شمشاد: هوءَ به هوئي ڪمبخت بي گناهه. +جميل: قول تي انسان پنهنجي جو رهي ٿو استوار، +مال و جان پنهنجو ڪري ٿو، سڀ هو وعدي تي نثار. +افسوس، تڏهن اهو ڪيل واعدو بي فائدو آهي، اهو به ڪو انسانيت جو قاعدو آهي. واعده مڪن اگر ڪردي وفا ڪن. زبان ڦيرائڻ هي به ڪو مردن جو شان آهي. +ٽمبڪٽو: هان، اهو ئي مردن جو مال آهي، مردن جي زبان گاڏيءَ جو ڦيٿو-ڦرتو به گهرتو به. +جميل: اوهان جي حق ۾ بدنامي ٿيندي. +شمشاد: او ديوانا هت ڪير ٿو ڏسي، جو بدنامي ٿيندي. +جميل: اهو هر جڳهه موجود آهي. +شمشاد: واه واه، جڏهن پنهنجي ماءُ ڄاڻي ڀيڻ جي لهوءَ ۾ هٿ لعل تي ڪيئه، تڏهن خدا کي حاضر نٿي ڄاتئه- هر شيءِ تي قادر نٿي ڄاتئه. +جميل: اُف، او بيقدر احسان فراموش. +شمشاد: بس، خاموش! +جميل: دوستيءَ ۾ دوست دل صاف، قدر ڪر، شرم ڪر، انصاف ڪر. +ٽمبڪٽو: فقير، پيسو ڀڳل ڪونهي، معاف ڪر. +جميل: هاءِ هي واعدي خلافي. +ٽمبڪٽو: بس، جناب عالي، معافي، معافي! +هينئر وڃي ڏاڙهي مبارڪ کي ڏياريو صفائي. +هل هل ٻاهر، مردود، شيطان جا ساٿي نمردو. +شمشاد: جيڪو پنهنجي ماءُ ڄائي ڀيڻ جو پاڻ قاتل آهي، اُن سان نيڪي ڪرڻ صاف گناهه ۾ داخل آهي. +او ظالم پر جفا،پنهنجي جگر جي ٽڪر سان هي وفا! +اها ڳالهه ڪٿي ٻڌڻ ۾ نه آئي، +ماءُ ڄائي ڀيڻ، ۽ اُن سان هيءَ برائي! +ڪٿي به ائين ٿئي ٿو، جو عزيز پنهنجي عزيز جو خون پئي ٿو، ۽ پوءِ به ٻڏي نٿو مري، دنيا ۾ جئي ٿو. +جميل: دوست جي مدد ۾ ڏبو آهي جان کي، +کائن ٿا ڏند ڪاٽي به ڪنهن وقت زبان کي. +ٽمبڪٽو: جي ڪتي جي بک ۾ خواهان پوست ٿين ٿا، +اُهي هڪ روٽيءَ جي ٽڪر تي، دوست ٿين ٿا. +جميل: مون ته دوست جي دلبري ڪئي، +گويا بهادري ڪئي. +ٽمبڪٽو: ڇا، جي شخص بي قصور جو خون هارين ٿا، +تن کي آدمي بهادر ڪري پڪارن ٿا. +جميل (خط ڏيکارڻ): ذرا پنهنجا دستخط ته ملاحظو فرمايو، +يا رڳو بندي تي الزام ٿا لايو. +شمشاد: جنهن وقت زمين و آسمان جو آخري انصاف ٿيندو، تنهن وقت خدائي لعنت جي وار روڪڻ واسطي اهو ڪاغذ ڍال بڻائي پاڻ بچائج؛ جي تو وٽ اهڙو ڪوڙو دستاويز موجود آهي ته تنهنجو حق تنهنجي زندگيءَ سان نابود آهي. +جميل: حق نابود آهي ته هست ڪندس مان، +انشاءَ الله شمشاد تو کي پست ڪندس مان. +خيال تنهنجو او دغاباز جي انڪار تي ٿيندو، +ته دست منهنجو هي تيغ جوهر دار تي ٿيندو؛ +سمو محشر جو تنهن دم تڪرار تي ٿيندو، +جڏهن سرڪٽيل تو موذي جو تلوار تي ٿيندو. +هينئر جهنم جي غار ۾ بند ڪرڻ آسان آهي، +مگر جميل جو منهن بند ڪرڻ دشوار آهي. +شمشاد: (مرڪي): سبهان الله، ڪنڀار جي ساري سال جي ڪمائي، ۽ هن سوٽي جي هڪ گهڙيءَ جو ڪم آهي. +جميل: چپ ره او نابڪار، فتح منهنجي نام آهي. +نه آ هاڻ مون کي خدائيءَ سان مطلب، +برائيءَ سان مطلب، ڀلائيءَ سان مطلب. +انهن کي آ شوڪت نمائيءَ سان ��طلب؛ +رکن ٿا جي شوڪت نمائيءَ سان مطلب؛ +اسان کي فقط تيغ آزمائيءَ سان مطلب. +شمشاد: جميل تنهنجي زبان بيان کان زياده سخت ٿيندي ٿي وڃي. +جميل: منهنجي زبان کان تنهنجي دل زياده سخت ٿيندي ٿي وڃي. +شمشاد: منهنجي دل جي سختيءَ سچائيءَ جو خزانو آهي. +جميل: منهنجي زبان جي سختي بهادريءَ جو تازيانو آهي. پڪ رک ته جنهن طرح هن تلوار پنهنجي مالڪ جي جگر جو خون پيتو آهي، انهيءَ طرح تنهنجن سفيد رڳن مان جان ڇڪي ٻاهر ڪندي. +شمشاد: الاهي توبهه! ڇا ڪوئي ٻيو خون ڪرڻ منظور آهي. +جميل: بيشڪ تو کي به اهو مزو چکائڻ ضرور آهي. +شمشاد: ڇا خون، ۽ مون جهڙي غريب جو؟ +جميل هان هان، تو جهڙي بدنصيب جو! +(شمشاد جون رڙيون ڪرڻ ۽ ڀڄڻ) +شمشاد: هاءِ، اُف، غضب، ظلم، قتل، فرياد، فرياد، پليس، پليس! +(ٽمبڪٽو جو ڀڄڻ ۽ وري موٽڻ رڙيون ڪرڻ، مسخري ڪرڻ ۽ جميل جو ڪڍ پوڻ ۽ موٽي اچڻ.) +جميل: هاءِ، زردار جو ميلو، بيزر جو خدا حافظ، +پردا ويا اُڏري، بي پر جو خدا حافظ. +خير ويندين ڪيڏانهن، او بدڪار پاپي سزا وار! +نصيب تنهنجو منهنجي عقل سان ٽڪري ويو، +مليو هيو جو شڪار، سو اڄ هٿان نڪري ويو. +او لعنتي هيءَ تيغ منهنجي اڃا ذليل ناهي، +خون تنهنجو نه پيان ته نالو منهنجو جميل ناهي. +گانو +دشمن، پر رنگ رهزن جو سر ڪاٽيان، ڇاٽيان دشمن جو. +اهڙو فريب اُٿاريان، دشمن کي جنهن سان ماريان، +او ذات پات اوقات تي، تنهنجي خاندان تي لعنت. +او موذي، بدتر، سر ڪاٽيان تنهنجو اڪثر، +ڪه آها، اها، وه وا، وه وا، خنجر اڪثر سر ڪاٽيندو +عالم ۾ دشمن جو. +پردو اٺون +شهر جو دروازو +(انٽر شمشاد ۽ ٽمبڪٽو) +شمشاد: بس بس، تنهنجين ڳالهين کان مون کي نفرت ٿي آ. +ٽمبڪٽو: تنهنجين ڳالهين کان خدا کي نفرت ٿي اچي. +شمشاد: ادب سک، +ٽمبڪٽو: نيڪي سک، +شمشاد: انسان ٿيءُ، +ٽمبڪٽو: مهربان ٿيءُ، +شمشاد: خطا کائيندين، +ٽمبڪٽو: تون پڇتائيندين، +شمشاد: اهڙي گستاخي، +ٽمبڪٽو: اهڙي بي رحمي، +شمشاد: عقل ۽ اهڙو بدتر، +ٽمبڪٽو: دل ۽ اهڙي پٿر. +شمشاد: جميل جي دل مون کان وڌيڪ سخت آهي، ۽ اهو بد آهي. +ٽمبڪٽو: ۽ تون به گنهگار آهين. +شمشآد: هو دوزخ جو لائق آهي. +ٽمبڪٽو: ۽ تون سزا وار آهين. +شمشاد: شايد تون انساني جامي ۾ حيوان ٿو ڏسجين. +ٽمبڪٽو: ۽ تون زريني لباس ۾ شيطان ٿو ڏسجين. +شمشاد: بي ادب تون اهڙو بي خوف ٿي ڪلام ڪرين ٿو، ڪجهه منهنجي خوف کان ڪين ڏرين ٿو. +ٽمبڪٽو: جن کي خدا هڪ جو خوف آهي، اُهي انسان کان هرگز ڪين ٿا ڊڄن. +شمشاد: مون آ ڪيو گناهه، تنهنجو ڇا غرض، +دنيا ڪيم تباهه، مگر تنهنجو ڇا غرض. +روئن ٿا مهر ماه، مگر تنهنجو ڇا غرض، +دنيا ڪري ٿي آه، مگر تنهنجو ڇا غرض، +غرض ڇا، اهو منهنجو فرض آهي. +جميل: اُهو انسان نه آهي، جنهن جي دل ۾ رحم ۽ ايمان نه آهي. +(ٽمبڪٽو صبر ڪري ڳليءَ جي منهن وٽ ليٽي ٿو پوي، انٽر هندو ۽ سندس عورت ٻيئي ٽمبڪٽو جي پيٽ تي ڪرن ٿا ۽ ٽمبڪٽو کين پادر هڻي ٿو.) +هندو: اڙي ڦسيئرا تون آدمي آهين يا گاسليٽ جو دٻو؟ +ٽمبڪٽو: ڦسيريءَ جا ٻچا، تنهنجي اَبي جو به اَبو! +هندو: گروءَ کڻي پنهنجي کميا ڪئي (در ڏي وڃڻ). +اڙي، او درواجي وارا شنت، درواجو ته کولجانءِ. جود ڪر، اڙي شائين گرو کي مڃ، رام تنهنجا ڪارج ڪندو؛ اشان تي ديا ڪر (جواب ندارد. هري گوبند-هري رام-گوپالي ماءُ هي ليڙپيو درواجي وارو ته ڄنر (ڄڻ) ڪلهه شنجها مهل چلي ويو آهي. گروشون هانري (هاڻي) ته جلم (ظلم) ٿيو، اسان وانرڪي (واتڪي) جات (ذات)، ساري رات ڪيئن گجارينداسين (ٽمبڪٽو سان) سائين کانا وادان (خانه ودان) +ٽمبڪٽو: چپ، ڪافر شيطان! +هندو: هري گوبند، ڪ��ڪليان، ڪر ڪليان اهي ٿه مسلمان ڪو دشٽ ٿو ڏسجي. +(ٽمبڪٽو جو عورت سان مسخري ڪرڻ.) +ٽمبڪٽو: اڙي واه واه، هي ڪا عورت آهي يا ڪو ريشمي گديلو. +هندو: گرو شون، کوٻلا، کبردار! اهڙين ڳلين تي اصل پونا، کون ٿي پوندي-سر هڪ آ، ٻه نه ٿيندا. اڙي گوپالي ماءُ، هيڏانهن ٿي بيهه، هي ليڙپيو کارباج (خارباز) آهي- منهن ڍڪي ڇڏ. +(انٽر لٽڪن خان ۽ سندس عورت ٻيئي ٽمبڪٽو جي مٿان ڪرن ٿا، ۽ ٽمبڪٽو موچڙا هڻين ٿو.) +لٽڪن خان: اڙي ڪمبخت، تمارا پيٽ هي، يا پلاءُ ڪي ديگه! +ٽمبڪٽو: نه تڏهن، تو وانگر جيسلمير جا ڏڪاري آهيو ڇا، و خان جي گهوڙي وانگر چٽ ٿي ويو آهين. +(دروازي تي آواز ڪرڻ-جواب ندارد) +لٽڪن خان: پياري شهر ڪا دربند هو گيا، يهي جاءِ تعجب هي، ساري رات يهان ڪاٽني پڙيگي. يهان ڪا حاڪم تو بڙا اُلو ڪا پٺا معلوم هوتا هي، ڪيا اس ڪو خبر نه ٿي ڪ آج لٽڪن خان ڪي سواري آويگي. واه بيدادي نگري، چرٻٽ راجا- ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاجا. خير، آوء اب تو آغوش ۾ لپٽ سپٽ رهو، اور بستر گرم ڪرو. صبح در کليگا، شهر ۾ مڪان لي رهينگي. +دل آرا: اي ميان، دل ميرا گهبراتا هي ڪيا ڪرون، اور رات ڪيون ڪر ڪٽيگي. بهتر هي ڪ تم ڪڇ گائو. +گانو-لٽڪن خان: +* لٽ پٽ سي هين جنگ ۾ جاتي، هم تو بهادر لٽڪن خان؛ +ديک هماري دست وپا ڪو، جن وپري هون سڀ حيران. +لولي لنگڙي دست وپا هين، ناڪ هي نڪٽي، بهري ڪان، +ديک شڪل روتي، غيرت سي اُلو ڪي ڀي جاوي جان. +لولي هين تو مضائقه هي ڪيا، لنگڙي هوني سي ڪيا غم، +نڪٽي هين تو فڪر نهين ڪڇ، هم هين ڦانڪڙي جنگي جوان. +ڪر نه دل آرا پياري دل ۾، تو اپني ڪڇ خوف و غم، +ٿوڙي دنون ۾ آن ملونگا، بوسه دي اڪ ميري جان. +اب پياري جان تم ڀي گانا گائو، دل بهلائو. +گانو- دل آرا: +[1]بنوادو پيا ڪوئي ڀاري، +موهي ريشم ڪي چولي شاڙهي. +تجهي ساڙهي بنا دونمين ڀاري؛ +اُس ۾ ٽانڪا هو گوٽا ڪناري، +ڦر تو هوئي بهار- +نيا هوگا نظارا! +گوري هاٿون ۾ چوڙي هو ڪالي؛ +اور ڪانون ۾ سوني ڪي بالي؛ +اڀي لائون سنار- +هان هان جائو بزار. +(ٽمبڪٽو جي دل آرا سان مسخري ڪرڻ) +ٽمبڪٽو: سبحان الله، هي عورت آهي يا قنڌاري صوفن جو مربو! +لٽڪن خان: ابي، ڪمبخت، اُلو ڪا دم، هٽ جائو. ڪيا ڪوئي خيراتي مال ديکا هي. +ٽمبڪٽو: نه، تڏهن ڪوئي گورنمنٽي مال آهي. +(دل آرا سان) +ٽمبڪٽو: ڪيئن منهنجي بابي جي خالا؟ +دل آرا: دور هٽ، حسينون ڪي ستياناسي ڪا مصالح. مرجائي تيرا باوا، جسني اتني دن تجهي پالا. +ٽمبڪٽو: اري مين هون تيرا چاهني والا. +لٽڪن خان: اي، دور نهين هٽتا، تيرا منهن هو ڪالا. +ٽمبڪٽو: واه ميان حسين، منهنجي بابي سائين جا سڳا سالا، معاف فرمائيئي جناب والا. +(انٽر آغا صاحب) +(ٽمبڪٽو جي هٿان ڪرڻ ۽ ٽمبڪٽو کي سڀني جو خوب مارڻ) +آغا (درتي): او ظالم، اين دروازه (خو) ڪيون بند مي ڪني. (هندو سان) ڪافرون دروازه (خو) کولو. +هندو: آگا، گروشون مون بند نه ڪيو اٿي. +(اشارو ٽمبڪٽي طرف) انهيءَ ڦسيري جي حرڪت اٿئي. +آغا (ٽمبڪٽي سان) : او ملعون، اين را خلاص ڪرو. +ٽمبڪٽو(علحده) : وه خلاص ڪرو-جو پڻس ڏاڏهنس جو نوڪر آهيان. اچي ٿي خار ته بابي سائين جي غصي کي ٿو سڏ ڪيان. +آغا (لٽڪن خان سان): اگر آغا راغصه مي اچد، ترا ايڪ ٺونشه مي زند. +لٽڪن خان: اغا ٺمري سنائو، تو ڦر دروازا کولون. +آغا: والله ٺمري چه بلا است! +هندو: آغا، گجل گجل (غزل)! +آغ:؛ غزل غزل، خوب خوب! +گانو-آغا: +[2]اين جا بيا، ڪ يار ترا پيارمي ڪنم، +اتنا ڪيا سفر، ڪ هوا کانا سڀ هضم. +حالم خراب شد مرا، والله در سفر، +سيرب ڪلان شد، ڪ بياور گندو حجم +بوسه بده هضم ڪنم، خوراڪ شام ڪي، +جانم فد��ئي جان تو بابي جو آ قسم. +سعدي نه گفت اهڙو شعر در همه عمر، +والله ڪرد ”آغا“، اين جا شاعري ختم. +ٽمبڪٽو: آغا ٿارو ملڪ ڪون، ڇي، ڇي. +(آغا جي منهن ۾ ڇڪون ٿو ڏئي) +آغا: اي، اي –ڪيا ملڪ ما. +هندو: تنهنجي ماءُ جو نه، تنهنجو ملڪ. +آغا (هندو کي ماري ٿو): صبر ڪرو ڪافرون-ڦر آغا را چڙمي نه دهي. +هندو: هڻ هڻ ليڙ پيا، ٻيو ته هڻي ڏس. گروسون گوپالي ماءُ ڌوتي ڇڙي پئي، نه ته وري هن شنجها مهل کون خون) ڪري وجهان ها. (علحدو) رام رام، کوٻلي لگدي ته کوب ڪشي. شنجها جي رسوئي به هجم (هضم) ٿي ويئي. +(انٽر ٻه ڄٽ) +(هڪ هڪڙيءَ ڳليءَ کان، ٻيو ٻيءَ ڳليءَ کان، ڏاس جي نوڙي وٽيندا ٿا اچن. هڪ کي جتي چيلهه سان، ۽ ٻي کي پٽڪي ۾ ٻڌل آهي.) +پهريون ڄت: اڙي وڏيرا و اصل ڀلي آئين، نچ آئين؛ +خوش آن، چڱو ڀلو، تازو مردانو، ٻار ٻچا خوش- ڳوٺ، ڳئون، مينهون، وڇون، ڪونهان، ڪڪڙ-ڌڪڙ، پٽ ڀائر، مال رزق، سڀ ڏي خير. گهرجي به خير! +ٻيو ڄٽ: وڏيرا واڌل پڻهين جا دل ته چوکو آ. تون اُڇڪ آن، ڪرڙ ڪنڊو، مڇر، مٽر. گاجي آڍو؛ ڇتل ڇٽو، ڇانگو ڇپر، سڀ خوش-ڀلا چاچو چنڊول خان ته چاڪ ڀڙ هو. جوسو، موسو، بوسو، ڦوسو سڀ خوش! +پهريون ڄٽ: ادو، قادر ڪل خير آهي! عبدالبند، عبدالڦوڙات، عبدالڀتر سڀني گهڻا گهڻا سلام ڏنئي. پر ادو، چاچو چنڊول خان چڀڙڪوريءَ جو ولي عهد هيو نه! +ٻيو ڄٽ: ها ها، جنهن جي تنهنجي مائيءَ گهر واريءَ سان به عليڪ سليڪ هئي. +پهريون ڄٽ: اهو ڪالهه ساڍي سترهين بجي مهل مري ويو، ٻيو مڙئي خير آهي! +ٻيو ڄٽ: اڙي هاءِ، اڙي هاءِ، پر هيو مڙش؛ پر ڪري لچائي ويو. +ٽمبڪٽو: هان هان، آدمي آهي يا ڪاٺ جو قلاعڊو- ڇو مئو، بابهن جي آرڊر سان مئو! +پهريون ڄٽ: بس ادو، سٽ نه جهليائين. +ٻيو ڄت: ڀلا ٻيو ته مڙيئي خير آ! +پهريون ڄت: ها ٻيو ڪل خير آهي. هو اوهان جي پاڙي ۾ مائي پهريات جو پٽ آڪڙباز خان هو، نه، اهو به ڪلهه قبر جي حوالي ٿيو. ٻيو مڙيئي خير آهي! +ٻيو ڄٽ: شخر ٿيو، شخر ٿيو، پر ٻيو ته سڀئي خير آهي! +پهريون ڄٽ: ها ٻيو ڪل قادر خير ڪيو آهي. هو سڃ پر ۾ وڏيرو ڀينگ بخش هيو ني اهو به مري ويو. +گهر سڙي ويس- +ٻيو ڄٽ: واه ٻيلي، ڏاڍو چڱو ٿيو! ڳوٺ ته واندو ۽ ويڪرو ٿي پيو هوندو. +پهريون ڄٽ: ڀلا تون ڏي خبر ڄائي جو پير لڌا هئا سا، ته اُڇڪ آهي. +ٻيو ڄٽ: شخر آ، شخر، پر چري رن دل لوڙهي پئي آهي. +پهريون ڄٽ: ادو منهنجا به ڀاڄائيءَ کي سلام ڏجانءِ. +ٻيو ڄٽ: اکين سان ادو، اکين سان! +ٽمبڪٽو: اڙي، واه ڪمبخت تنهنجو هن جي زال سان ڇا، جو سلام ٿو موڪلينس، هي وري ڪهڙو فيشن. +سچ چيو اٿن ته ڄٽ من الوٽ، ولوڪان من الذبح. +پهريون ڄٽ: اي شيدي جوان خوش آن، چڱو ڀلو، تازو مردانو! +ٽمبڪٽو: ادا، تون خوش آهين، ٿلهو متارو، ونڊ ڪٽ، جوڙ ضرب، وياج مور، راس لاٿ، سارو گوڊ بولو خوش، ڇي، ڇي، ڇي (ڇڪون ڏيڻ). +ڄٽ پهريون: شخر آ؛ شخر آ، پر جوان، هن بهلزير ڳوٺ جو در ڪڏهن کلندو؟ +ٽمبڪٽو: جڏهن اوهان هڪ هڪ ڪافي ڳائيندو. +ڄٽ ٻيو: حاضر ادو اسان جو بابو سائين به ڪافر هو، ملڪن ۾ مڙس جي ريهه هئي. +ڪافي ڄٽ: +چئجانءِ پنهل کي، منهنجا ادا پانڌي، +مان ٿي مران مفت اچي ٿجو ڪانڌي! +جيئجان جتن لئي، هان بيران بر ۾، +ڏک سور سرتيون، سانڍيان اندر ۾، +پنهنجي پنهل کي ٿي ووڙيان وندر ۾، +سرتيون سورن کان، آءٌ ناهيان واندي. +اديون ڏکيءَ سان زوري ڪيائون، +هنجان ڇني هوت، هي هي نيائون؛ +ڦازا بروبات هر هر چيائون، +ٿانگو روان ڪري ڪيون پنهل باندي. +ڀينر بلوچن جو آهي برهه باري، +سهڻن ساري رات رڻ ۾ رئاري؛ +اديون آريءَ کي منهنجي ڪجو زاري +هيڪر اچي هوت ڏج ٻانهن سيراندي. +ٿ��ن برن ۾ ”آغا“ جا ٿاڻا، +جيلن جون جهوليون، ٽڪر ٽڪاڻا؛ +پٿر پرتيون آءٌ پلنگر ٿي ڄاڻا، +سسئي سورن يار، ڪئي آهي ماندي. +ڄٽ 1: پر ادو، هاڻي ڪو ٽڪر ٽاپ جو بهلزير مهرباني ڪر. +ٽمبڪٽو: اڙي واه، هت ڪو هوٽل يا بابي سائينءَ جو بورچيخانو لڌو اٿئي ڇا؟ +(انٽر پٺاڻ 3 ڄڻا) +(تمبڪٽي جي مٿان ڪرن ٿا ۽ ٽمبڪٽي کي مارن ٿا. ٻيئي ڄڻا دروازي تي آواز ڪن ٿا، مگر جواب ندارڪ.) +گانو پٺاڻن جو: +[3]سوڪ عاشق پتاوي، هميشه حال بتاوي، +شڀ و روز په جڙاوي، استا په در، در، در! +سر ۾ قربان شي پتا دلبر جان، مهذي نازڪ +دي و الله گل پشان، +نشتا صنم استا پشان، قسم پا عرب و عجم +تيري واه، واه، واه- +واه، واه، واه- واه، واه، واه! +غواڙي نو روز استادا وصل يوجام، ڪلا +باور ڪئي دا، +سرولب انعام، ولاردي نن بيا استاب در +ڪئي گدا، +سوال ڪري هر صبا تيري واه، واه، واه- +واه واه واه-واه، واه ، واه! +(انٽو ڊاڪٽر) +ڊاڪٽر: اي، ٽم لوگ ڪيا گڙ بڙ مچايا هي! +لٽڪن: اري، يهي تو ڪاٽني ڪو آيا هي. +هندو: اري، او گوپاليماءُ ڪيڏانهن گرڪ ٿينءَ. +هي کوٻلو، شاحب لوڪ، گوٽ موٽ، نوٽ شوٽ ڪندو ٿو وتي ته وري ڪا کرابي نه ٿئي. بوجن سان اچي ڪارج پيو آهي. ڪرشن مهراج! ڪا ڪرپا ڪج- گوبند تون کير جي گجار (گذار)! +ڊاڪٽر (ٽمبڪٽي سان: اي، تم لوگ ڪوي هي؟ +ٽمبڪٽو: جواب ندارد. +ڊاڪٽر: اي، ٽم ڀڙا اُلو ديکني ۾ آتا هي. +ٽمبڪٽو: هان، هان آءٌ ڪارو اُلو صاحب صفيد اُلو. +ڊاڪٽر: ٽم ڪون هي آدمي ڪالا؟ +ٽمبڪٽو: واه ڙي، بابي سائين جا سڳا سالا. +ڊاڪٽر: اي، اُلو ڪا پٺا، ٽم ڪيا بڪتا هي؟ +ٽمبڪٽو: اي پٺي جا اُلو، ذرا زور سان هن ڪن ۾ ٻڌاءِ. +ڊاڪٽر (ڪن ۾): تم ڪون هي؟ +ٽمبڪٽو: نه نه، ڀلا هن ڪن ۾ ٻڌاءِ، ساڍي ستين آني واري ته هن ڪن کان سڻائين ڪين. +ڊاڪٽر: اڌر ڪيون گڙ بڙ مچايا هي؟ +ٽمبڪٽو: ڇا تنهنجي بابي سائينءَ جي حرمسراءِ آهي. +ڊاڪٽر: مين ولائتي ڊاڪٽر هون، جب تم ڪو سارٽيفڪيٽ دونگا، تب تم شهر ۾ داخل ڪئي جائوگي. +ٽمبڪٽو: موت جي ڦاٽڪ جو سارٽيفڪيٽ ملندو ڇا؟ +ڊاڪٽر: ول اب صاحب تمارا نام دريافت ڪرنا مانگتا هي. +ٽمبڪٽو: ڊاڪٽر صاحب نالو ته منهنجو بڪس ۾ بند آهي، ڪنجي وڃائجي ويئي آهي، نه ته اکين سان ٻڌيان ها. +ڊاڪٽر: ڊيم. فول. پاڳل! +ٽمبڪٽو: صاحب، نالو ته منهنجو مسٽر ٽمبڪٽو، سن آف مس راسبري اسڪاير هئي. +ڊاڪٽر: ڪيا ٽمبڪٽو (لکندو ٿو وڃي)! +ٽمبڪٽو: نه نه، مسٽر ٽمبڪٽو! +ڊاڪٽر : ول اب ڪا نام؟ +ٽمبڪٽو: اُلو جو پٺو، والد سوڍا واٽر خان. +ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟ +ٽمبڪٽو: خراساني گهٽو، پٽ لمليٽ خان. +ڊاڪٽر: ول ٽم ڪالا ڪيون هوا هي؟ +ٽمبڪٽو: هان، هي صاحب آهي يا حماقت جي ريل آهي. +حضور مين ڪنتري اُلو، صاحب ولائتي اُلو. +ڊاڪٽر: يعني، مٽلب (مطلب)؟ +ٽمبڪٽو: يعني، صاحب ڪي شڪل لنڪا ڪي لنگور ڪي موافق ڪيون ٿي آهي. +ڊاڪٽر: ڪيا لنڪا ڪيا لنگور! +ٽمبڪٽوۡ: هان هان، بنگالي بي دم باندر. +ڊاڪٽر: اڇا، هٽ جائو، تمهاري بڪوات صاحب ڪي عقل ۾ نهي آتي. +ٽمبڪٽو: نٿي اچي ته وڃي اشتهاري حڪيمن کان دماغ جي دوا ڪرايو، يا پارسل ٿي واپس ولايت وڃو. +ڊاڪٽر (لٽڪن خان سان): ول تمارا نام؟ +لٽڪن: ميري نام سي تمارا ڪيا ڪام. +ڊاڪٽر: ڊيم فول، جلد بتائو ٽائم جاتا هي. +لٽڪن: اڇا صاحب، خفا مت هو. بندي ڪا نام مبارڪ هي. جناب مولانا حضرت حافظ، حاذق حارص حريف نه بدمعاش، نه شريف، نه ربي نه خريف-حاجي الحرمين +ولمغربين، ڪورالعين، چهار طرفين، من المول گڙ بڙ گهٽول-جناب شيخ ڪچڪول. +ڊاڪٽر: باپ ڪا نام؟ +لٽڪن ڦاٽل ڦوٽل ڏول. +ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟ +لٽڪن: خراساني خول. +ٽمبڪٽو: اسڪو پيٽ ۾ ما��و پستول. +ڊاڪٽر:اي، ٽم بيچ ۾ نه بول. +ٽمبڪٽو: اڇا مسٽر ڪارڪول. +لٽڪن: سبحان الله، ڪيا بات هي، يهي تو شعر شاعري ڪا هيڊ ڪوارٽر هي، يا ڪوئي جنگلسن اسٽيشن هي. +ڪنٽري، ولائتي، اغيره وغيره شاعر، سب يهان حاضر هين. +ڊاڪٽر (ڄٽن سان): ول چٽ لوگ تمارا نام ڪيا هي؟ +ڄٽ 1: ادو، اسان جو نالو آهي ڏنڊو. +داڪٽر: باپ ڪا نام؟ +ڄٽ1: ابي جو نالو ڪنڊو. +ڊاڪٽر: داد ڪا نام؟ +ڄٽ 1 : هاءِ هاءِ ڏاڏل سائين جي ته ملڪن ۾ ريهه هئي. سائين نالو هيس صافو. +ڊاڪٽر: مان ڪا نام؟ +ڄٽ 1: مون ته پنهنجو نالو سرڪار کي پهريان سڻايو. +ٽمبڪٽو:اڙي ڪمبخت تون نه، تنهنجي ماءُ! +ڄٽ 1: هان، بيبي جمني مائي. +ڊاڪٽر: ول تمارا پيشه ڪيا هي؟ +ڄٽ1: صاحب منهنجو پيشاب اهڙو ڳاڙهو آهي، جهڙو صاحب جي منهن جو رنگ. +ڊاڪٽر: اي گدي ڪي مافڪ (موافق). +ٽمبڪٽو: اڙي ڪاٺ جا اُلو- صاحب ڌنڌو ڪم ٿو پڇئي. +ڄٽ 1: سيٺ ڌنڌو ته اسان جو گرڙ گهوٽ، گرڙ گهوٽ آهي، ٻيو وري ڪهڙو هوندو! اُهو پاڻيهي سمجهي وٺو ها، پڇڻ جو ڪهڙو ضرور، ڀلا ادا، ڄٽن سان پئي آهي! +(ڊاڪٽر ٻئي ڄٽ سان) +ڊاڪٽر: ول تمارا نام؟ +ڄٽ 2: جهبو. +ڊاڪٽر: باپ ڪا نام؟ +ڄٽ 2: کپيو. +ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟ +ڄٽ 2: رنڀيو. +(ڊاڪٽر هندوءَ سان) +ڊاڪٽر: ول تمارا نام ڪيا هئي؟ +هندو: ڀائي آچاراءِ. +ڊاڪٽر: باپ ڪا نام؟ +هندو: ملڪ، سيٺ پاپرداس ستن ڪوٺن جو کانود. +ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟ +هندو: کانود، پاپو پڪوڙو مل پٽ ستياناس راءِ. +ڊاڪٽر: مان ڪا نام؟ +هندو: حجور، مان ته پنهنجي جال (زال) کي چاچي چٽڻي چوندو آهيان، پوءِ سرڪار مائي باپ آهي. +(ڊاڪٽر پٺاڻن سان) +ڊاڪٽر: ول پٺاڻ تمارا نام ڪيا هي؟ +پٺاڻ1 :همارا نام چلم خان. +ڊاڪٽر: اور تمارا؟ +پٺاڻ 2 :چرس خان. +ڊاڪٽر: تمارا؟ +پٺاڻ 3: ٽپوس خان ولد خڙوس خان. +(ڊاڪٽر آغا صاحب سان) +ڊاڪٽر ول تمارا نام ڪيا هي؟ +آغا: صبر ڪرو، ڪافرون فرنگي، هم سردار لوگ هئي- هم خو لڙيگا. +ڊاڪٽر: اڇا، بابو لوگ صبر ڪرو لڙو مت. تم ڪو صاحب سرٽيفڪيٽ ديتا هئي. اب سو جائو، صبح ڪو شهر ڪا در کهليگا. +(ڊاڪٽر ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: هينئر ته موچڙن جي ڀوءَ کان ڪيئن بنان في بابو ڏاڏو ٿو بڻائي. پٺاڻن جو مذهب اهڙو آهي. +(سڀ سمهن ٿا) +جميل جو خنجر کڻي اچڻ) +جميل: خواب گاه جا دروازا کليا پيا آهن، دروازي تي قضا پهرو ڏئي رهي آهي. آها، ها- ڪهڙيءَ نه مٺيءَ ننڊ ۾ غافل پيو آهي. اي ننڊ جا متوالا، تون ڪجهه نٿو ڄاڻين. هت تنهنجي موت جو سامان تيار ٿي رهيو آهي. اي وات تون ظالم جي دل وانگر اڃا به سياهه ۽ خوفناڪ ٿي آسمان جا ستاروء، ابر جي نقاب ۾ پنهنجي رخ روشن کي ڇپايو، ڇاڪاڻ ته اوهان هن هولناڪ نظاري جي ڏسڻ جو تاب نه آڻي سگهندو؛ شور غل مچائي، منهنجي ستل شڪار کي بستر موت کان جاڳائيندوء. اي جهنم جي آگ، اگر منهنجي جسم ۾ ذرو به رحم جو حصو باقي رهجي ويو هجي، ته ان کي جلائي خاڪ ڪر. او خوني ديوتا، منهنجا هٿ فولاد کان ۽ دل پٿر کان زياده سخت بڻائي ڇڏ، واه، گهڙيال هن جو آخر عمر گهڙي وڃائي پوري ڪئي. ڇا هن زهري نانگ کي زنده ڇڏي ڏيان! نه نه، هرگز نه! هن ناپاڪ هستيءَ کان دنيا جو دامن پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. اي خنجر، خونخوار خنجر، غمخوار خنجر، هر مشڪل ۾ آهين. بي ڪسيءَ ۾ همدردي ڪرڻ لازم آهي. مرد کي مرد جي ڪم اچڻ ثواب اعظم آهي. مان به مرد ذات آهيان تون به مرد ذات آهين. +بيت +هڪ بار ۾، هڪ وار ۾، موذي جو سينو چاڪ ڪر، +برق تون آن، برگ آ، هي جلد ساڙي خاڪ ڪر. +(جميل جو وار ڪرڻ، ٽمبڪٽي جو سجاڳ ٿيڻ.) +ٽمبڪٽو: خبردار، خوني خبردار! +جميل: دور هٽ، او مڪار! +مسافر: پڪڙيو، پڪڙيو، خوني جڪڙيو! +(شور ٿيڻ، پليس جو اچڻ ۽ جميل کي گرفتار ڪرڻ.) +(پردو ڪرڻ-ڊراپسين) +باب ٽيون +پردو پهريون +(ممتاز قيداني لباس ۾ بيٺو آهي) +ممتاز: اي خالق ڪون و مڪان، مالڪ هرانس و جان! +اگر تنهنجي مرضي آهي ته مان هنن طالمن جي اڳيان ذليل ٿيان، ته هن بي صبر دل کي صبر عطا فرماءِ! اي ظالمو، ڇا اوهان اهو ڪين ڄاڻُو ٿا ته ظالم مظلوم کي ستائي ڪهڙو ڦل ٿو پائي! غافل نه ٿيو، اجايو دوکو نه کائو، خدا جي رحم کي ٺٺولين سان نه اُڙايو-غمگين دليون نه ستايو. هن قادر مطلق جي سوٽي بي آواز آهي؛ هن جي چڪي ڦرڻ ۾ سست، مگر پيهڻ ۾ جلد باز آهي. مان انهيءَ وٽ فرياد کڻي ويندس، مان پنهنجن رڙين سان هن جو ستل قهر جاڳائيندس. هو چوندو مان چوائيندس، هو ٻڌندو مان ٻڌائيندس؛ بلڪ هن دل چاڪ جا زخمي ٽڪرا به ڏيکاريندس. +(انٽر فوجدار) +فوجدار: او خوني، قاتل بدڪردار، عزت جا دشمن، ذلت جا خريدار، اڃا توکي وجهه ڏنو وڃي ٿو. سچ سچ بيان ڪر، ڪجهه ڌيان ڪر. +ممتاز: هينئر ته بي عزت آهيان، بد ذات آهيان، +خوني آهيان، خونخوار آهيان، هڪ قيدي آهيان، ذليل آهيان، گنهگار آهيان! +فوجدار: اي ديوانا، تون ناحق خاندانن جي پاڪ عصمت کي داغ ڏين ٿو، ۽ پرده دار عورتن کي معشوق سڏين ٿو. +ممتاز: تير، تلوار، تيغ، نيزه و تبره برزن، +زهر، خون، آگ مصيبت جا خنجر برسن، +بجليون چرخ کان ۽ ڪوهه کان پٿر برسن؛ +ساري دنيا جون بلائون، ڀلي برسر برسن، +ٿئي ختم ڀل ته هيءَ هر هڪ مصيبت مون تي، +مگر الفت کان مٽيان منهن، ته آ لعنت مون تي! +فوجدار: غور ڪر، ورنه اجل تيار آهي، +تنهنجو سر آهي ۽ هيءَ منهجي تلوار آهي. +ممتاز: مصيبت جي ڀوء، رنج جو حول کان، +عاشق بدلن نٿا پنهنجي قول کان. +فوجدار: مان توکي وري ٿو چوان ته تون خون جو اقرار ڪر“ انڪار نه ڪر، ورنه تنهنجو سينو سيف سان چاڪ ڪبو، تنهنجو لاش جلائي خاڪ ڪبو. +ممتاز: اي ستمگر، زيردستون پرستمگاري نه ڪر، +ظلم ڪي اقليم ڪي، هرچند سرداري نه ڪر! +ٽوڙ مسجد، ڦاڙ مصحف، پي شراب، اور ڪر زنا، +جو تو ڪرتا هي تو ڪر، يهي مردم آزاري نه ڪر. +فوجدار: پنهنجي ضد کان باز نٿو اچين، ياد رکج، سئين رستي تي ممتاز نٿو اچين. (سپاهين سان ) خير، مقدمو شروع ڪيو، ڪيس ڪورٽ ۾ رجوع ڪيو. +(فوجدار ايگزٽ) +ممتاز: اي خدا دو جهان، مالڪ زمين و آسمان! اگر ممتاز کي ڪجهه اُميد آهي ته تنهنجي ذات پاڪ کان آهي. +گانو ممتاز: +[4]اي ڪار ساز-عالم، مشڪل ڪشا تون آن، +اي بيڪسن جا مالڪ، لائق ثنا تون آن! +هن مبتلاءِ غم جي، اي بيڪسي خبر لهه، +سڀ جڳ ٿيو آ دشمن، هڪ آشنا تون آن. +ڪر دور تون هي داتا، دشمن سڀئي دورنگا، +داناءُ تون آن مولا، منصف صفا تون آن. +شرم و حيا جو توتي، ننگ آه منهنجا مولا، +رک آبرو تون جڳ ۾، لطف-فزا تون آن. +محشر ۾ ڀي اي ”آغا،“ مان نيڪ نام رهندس، +هن دل منهنجي جو مولا، شاهد خدا تون آن. +(ممتاز ايگزٽ) +پردو ٻيو +ڪورٽ +جج: پٽيوالا! فريادي شمشاد، جوابدار ممتاز ۽ جميل کي حاضر ڪر. +پٽيوالو: جوابدار ممتاز حاضر ٿئي! +جوابدار جميل حاضر ٿئي! +فريادي شمشاد حاضر ٿئي! +(انٽر ممتاز، جميل، شمشاد) +جج: ممتاز تنهنجو نالو آهي؟ +ممتاز: جي، ممتاز پر غم؛ هن اسير الم جو نالو آهي. +جج: ڇا خوني تون آهين؟ +ممتاز: مان ته نه خوني آهيان نه جنوني آهيان، مگر ستايل قضا آهيان- نه سينه زور آهيان، نه چور، نه لائق سزا آهيان. +جج: چئو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ته سچ سچ چوندس. +ممتاز: بخشش-جرم جو سامان شل مون سان رهي، +جان وڃي، مگر ايمان شل مون سان رهي. +جج: جلد ٻڌاءِ، تون ڪرين ٿو شيون ڪنهن واسطي، +چاڪ چاڪ آهي دامن تو ڪنهن واسطي؟ +ممتاز: هي��ُ افسوس جو مڪان آهي، جو اوهان جهڙو داناءُ جج هجي ۽ پوءِ به جوابدار کان احوال مصيبت دريافت ٿئي. +آدمي صاحب سڃاپي ٿو قيافي کي ڏسي، +مضمون خط ٿو ڄاڻجي، يڪدم لفافي کي ڏسي. +اگر اوهان ۾ ڪجهه دانش آهي، ته اتي جو اتي هر هڪ جي آزمائش آهي. +جج: ڀلا حقيقت ۾ مجرم ڪير آهي؟ +ممتاز: اُٿيو جو ڪفر ڪعبي کان، ڪٿي رهندي مسلماني! +جج: يعني؟ +ممتاز: فرشتا ۽ هيءَ شيطاني، ڀاءُ ۽ هيءَ بي ايماني! +جج: ڇا، خود جميل! +ممتاز: حي، اهو ڪم اصيل-رذيل. +جڏهن هن بيڪس تي ٿي رهيو هو ستم، هن جي تيغ آهين جو، فلڪ ٿي خوف کان لرزيو ۽ تڙپيو ٿي جگر زمين جو؛ قريب اچي ٿو روز محشر، نه ڇپندو خون هي ناحق، جي چپ رهندي زبان خنجر لهو پڪاريندو آستين جو. +جميل: افسوس منهنجي جان جا خوني بدو؛ منهنجي خاندان جا عدو-ڇا تو منهنجو بازو ڪين ڪاٽيو، منهنجي پياري ڀيڻ جو خون زمين تي ڪين ڇانٽيو؟ +ڪيئن سبز چمن منهنجو، تو برباد ڪيو، تو رحم نه افسوس اي جلاد ڪيو! +ممتاز: جيترو آ بنوس ۽ هاٿي جي ڏندن ۾ فرق آهي، اوترو ئي تنهنجي ۽ هن جي گوشت ۽ خون ۾ فرق آهي. +هوءَ راحم، تون ظالم هوءَ دمساز تون دمباز-”چه نسبت خاڪ را، با عالم-پاڪ!“ +جج: ڀلا انهيءَ جي ثابتي ڪورٽ کي پيش ڪر! +ممتاز: اهو سارو هن شمشاد بد حصال جي روباه بازيءَ جو وار آهي، اهو هن ڪمبخت جي فتني پردازيءَ دغابازيءَ جو ڄار آهي؛ جو اڄ ممتاز هن مصيبت ۾ گرفتار آهي. +انهيءَ مظلوم جو آ خون صاحب هن جي گردن تي، +خداوند شل وجهي صدبار لعنت، اهڙن مردن تي! +جج: انهيءَ جو ڪو گواهه آهي؟ +ممتاز: هڪ ته سندس حبشي غلام گواهه آهي، ٻيو شاهد الله آهي. +شمشاد (علحدو): اهو ته مان چئي رهيو آهيان ته هن خون جو جميل سزا وار آهي، اهو ئي گنهگار آهي. +بيت +شام غربت جي مون کي پنهنجي ڪهاڻي ياد آ، +دشمن، جان آ انهيءَ جي ايذا رساني ياد آ. +فوجدار: ليڪن سرڪار انهيءَ جو سبب اور آهي، هيءَ ڳالهه قابل غور آهي. هي ممتاز متوالو ٿو ڏسجي، شراب خور، بدچالو ٿو ڏسجي. +ممتاز: جي، بيشڪ مان بدچالو، حجتي، لعنتي، متوالو، حرام جو مال پايان ٿو؛ شراب خوريءَ ۾ اُڏايان ٿو-جڏهن ڪنهن کان نفعو نه کاوان ٿو، تڏهن ان کي گنهگار بڻايان ٿو. +بي گناهن جي گلي تي ڇري ڦيرايان ٿو، +غريبن کي ڦاسي تي چڙهايان ٿو؛ +جي شخص ڊڄن ڪين خدا کان، سي اسان هون، +جي پيش اچن ظلم و جفا سان، سي اسان هون؛ +مجرم جي بڻائن ٿا دغا سان، سي اسان هون! +فوجدار: او بد او سان خاموش، ورنه تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. +ممتاز: هان هان، ڪاٽي ڇڏيو، ڪاٽي ڇڏيو، ڪاٽي ڇڏيو، +سر کان اول منهنجي زبان ڪاٽي ڇڏيو. +چڱو ٿيندو جو قيامت جي ڏينهن منهنجي منهن ۾ زبان ڪانه هوندي، جو خداوند جي روبرو تنهنجي مڪاري، هنن ظالمن جي جفاڪاري، بيان ٿيندي؛ ورنه اوهان جا سڀ عيب کلي پوندا. +سپاهي: توکي خبر نه آهي ته جيڪو بي ادبيءَ جي فريب ڏئي ٿو، تنهن کي قيد نصيبت ٿئي ٿو. +ٽمبڪٽو: قيدي ته سارو زمانو آهي، جنهن ۾ اوهان جهڙن بدمعاشن جو ٽڪاڻو آهي. +جج: او، ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان هيءَ ڪج ادائي، +لعنت، لعنت، او قصائي! +جميل(علحدو): افسوس، اگر هن پوليٽيڪلي کان خبردار ٿيان ها، ته ڇو ڀيڻ جي خون وهائڻ لاءِ تيار ٿيان ها؛ ۽ اڄ هن مصيبت ۾ گرفتار ٿيا ها. (جج سان) ليڪن حضور انهيءَ جو به ڪو سبب ضرور هوندو، ڪنهن ٻئي جو فتور هوندو. +جج: ڀلا جلد جلد بيان ڪر، سارو قصو پبلڪ تي عيان ڪر. +جميل: مون کي ته هن شمشاد ناشاد شراب پياري، ڌتاري، پيسا ڏيکاري، ڀيڻ جو خون ڪرايو آهي؛ هن ممتاز تي اجايو الزام ڌرايو آهي. مان ڏهي، هي بي ڏوهي آ، اهو سڀ (اشارو شمشاد ڏانهن) هن مڪار جو ڏوهه آ. +شمشاد: اي جميل، اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، ڪجهه خدا کان ڏر. +جج: اي ٽمبڪٽو، تو کي جيڪا خبر آهي سا جلد اظهار ڪر، هن ناحق خون جو قصو عالم آشڪار ڪر. +سپاهي: ٻڌائين نٿو حيوان. +ٽمبڪٽو: ٻڌايانءِ ٿو شيطان. +سپاهي 2: جلد جلد بيان ڪر، او شيدي روسياه! +ٽمبڪٽو: هل هل، راوڻ جا قبله گاه! حضور، غريبن جا عيب زياده ظاهر ٿين ٿا. اميرن ۾ گرچ هزارها عيب آهن، مگر سندن زرو دولت سان گڏ صندوقن ۾ بند رهن ٿا. +فوجدار: حضور، ٽمبڪٽو ديوانو آهي. +ٽمبڪٽو: اوهان جو دماغ به گدوبندر جو پاڳل خانو آهي. +فوجدار: سرڪار هي روسياه گواه ڪاذب ٿو ڏسجي؛ بلڪ فاسق ٿو ڏسجي. +ٽمبڪٽو: برابر حضور، ليڪن جهڙيءَ طرح خداوند پاڪ پٿر جي اندر لعل ڇپائي ٿو، اهڙيءَ طرح ڀيانڪ شڪل ۽ خوفناڪ چهري وارن جي سيني ۾ به نرم ۽ رحم واري دل عطا فرمائي ٿو. (جج سان) حضور، هي ممتاز صاف بيقصور آهي، هي جميل رذيل پنهنجي ڀيڻ جو قاتل آهي، جنهن سان هي شمشاد ناشاد به شامل آهي. +شمشاد: زنده حماقت، تو کي هت ڪنهن موڪليو، ڪنهن گهرايو؟ +ٽمبڪٽو: ايمان موڪليو، انصاف گهرايو. +شمشاد: تنهنجي اچڻ جو ڇا ضرور هو. +ٽمبڪٽو: هڪ بيڪس کي ظلم کان ڇڏائڻ منظور هو. +فوجدار: ڇا ايمان تو کي هت بدزباني لاءِ موڪليو آهي؟ +ٽمبڪٽو: ته ڇا توکي خدا هت بي ايمانيءَ لاءِ موڪليو آهي؟ +شمشاد: ڇا تون منهنجو غلام ٿي، منهنجو شريڪ حال ڪين آهين؟ +ٽمبڪٽو: بيشڪ، هڪ مظلوم دشمن جي شراڪت منظور آهي، مگر ظالم مالڪ جي شراڪت جو ضرور نه آهي. +فوجدار: ڪير ٿو تو کان اهڙيون ڳالهيون پڇي. +ٽمبڪٽو: رحم ۽ نيڪي. +شمشاد: ڇو تون منهنجي غصي کان بي خبر آهين. +ٽمبڪٽو: مون کي تنهنجي غصي کان زياده خدا جي غضي جو خوف آهي. +فوجدار: بدزبانن جي طرح بدزباني، +ٽمبڪٽو: شيطانن جي طرح بي ايماني، +فوجدار: عقل اٿئي انجام تي نظر ڪر! +ٽمبڪٽو: بندو آهين ته خدا جو ڏڪر ڪر! (علحده)، افسوس، هن آفيسر پوليس، فرعون جي ڏاڏي ابليس جي دل الاجي ڇا مان جڙيل آهي. اگر پٿر جي هجي ها ته پاڻي ٿي پوي ها، اگر لوهه جي هجي ها ته پگهري وڃي ها، مگر هن دوزخي دنبي جي دل شايد دوزخ جي آگ مان يپد اٿيل آهي. مون کي يقين آهي ته قيامت ۾ به دوزخ جي دروازن تي اهي پهرو ڏيندا. +فوجدار: ٽمبڪٽو خاموش! +ٽمبڪٽو: مان سچ ٿو چوان. +فوجدار: نه چئو! +ٽمبڪٽو: ڇا تون سرڪاري عملدار ٿي مون کي ڪوڙ چوڻ لاءِ مجبور ڪرين ٿو، بهتر آهي ته مون کي پنهنجي تلوار عنايت ڪر، ته مان هيءَ زبان ڪپي اڇلايان. +فوجدار: اهو به جواب جهول آهي. +ٽمبڪٽو: نه ته اها ڳالهه مڃ، ته زبان خدا سچ چوڻ لاءِ عطا فرمائي آهي، ورنه هن جو هئڻ فضول آهي. +جج: اهو بحث ڇا تي آهي، (فوجدار سان) ڇا تون شمشاد جو وڪيل آهين؟ اهو بيشڪ خلاف ايمان آهي، سچ چوڻ ۽ سچ جي طرفان وڙهڻ، اهو خدا جو فرمان آهي. +فوجدار: ڪورٽ جي راءِ منظور آهي، مگر مشيرن جي صلاح به ضرور آهي. +جج: جنٽلمين، ڪورٽ اوهان صاحبن کي دريافت ٿي ڪري ته، اوهان هن جوابدار کي هن کان اڳ ڪنهن آدميءَ کي قتل ڪرائيندو ٻڌو آهي. +مشير: نه. +جج: ڪنهن سان وڙهندو ڏٺو آهي؟ +مشير: اصل نه. +جج: ڪنهن تي حملو ڪندي ڏٺو آهي؟ +مشير: ڪڏهن به نه. +جج: پوءِ جاءِ غور آهي ته جنهن بي گناهه فرشتي اڄ تائين ڪنهن ڏي غصي سان به ڪين ڏٺو آهي-ڇا هي ممڪن آهي، جو هو يڪدم رحم ۽ نيڪيءَ کان اهڙو بيزار ٿي ويندو، جو ناحق خون وهائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. +فوجدار: جڏهن ظلم جا انڌيرا ڇائجن ٿا، تڏهن فرشتا به هيڪر ٺوڪر کائن ٿا-پر پوءِ وري پڇتائن ٿا. +جج: جڏهن ظلم جو انڌيرو ڇائنجي ٿو، تڏهن ايمان جو چر��غ به اتي پنهنجي روشني ڦهلائي ٿو. +فوجدار: انهيءَ ڳالهه جو عقل قائل ڪين آهي، ڇاڪاڻ ته جتي بي رحميءَ جي سياهي گهاٽي ۽ گهري آهي، اتي ايمان جو چراغ ڇا، اگر آفتاب به چمڪي ته به انڌيري آهي. +جج: هي رڳو اوهان جو گمان آهي، دنيا ۾ چڱا ۽ برا ٻنهي طرحن سان انسان آهن. جهڙيءَ ريت صدها اهڙا لالچي آهن جي پرايو حق دٻائن ٿا، اهڙيءَ ريت اهڙا هزاها ايماندار خدا جا بندا آهن، جي فاقن سان مرن ٿا مگر حرام جو مال اصلي نه کائن ٿا. تنهنڪري هڪ بي خطا کي سزا ڏيڻ، هيءَ ڳالهه انسانيت کان دور آهي، ڪورٽ کي نامنظور آهي-ممتاز صاف بي قصور آهي. +فوجدار: ثابتي؟ +جج: اول ته جوابدار جو معصوم چهرو جنهن مان نيڪي ۽ رحم دلي ٽپڪي ٿي آهي؛ 2. هن جي چال چلت؛ +3. جوابدارن جي پاڪ ۽ صاف زندگي، جا آئيني وانگر چمڪي رهي آهي؛ 4. جميل جو ڏوهه بابت اقراري ٿيڻ؛ ۽ 5. ٽمبڪٽي جي گواهي. تنهنڪري بموجب فرمان شاهي، جوابدار ممتاز کي آزاد ٿو ڪجي؛ عالم کي انصاف سان شاد ٿو ڪجي. اي سپاهيو، قيديءَ جا زنجير يڪدم ٽوڙيو، رسا ڇوڙيو؛ باقي شمشاد ۽ جميل جو ڪيس تاريخ پندرهين تائين محمل رکيو ٿو وڃي. +(پڙدو ڪري ٿو) +[1] طرز: ”شهر آيا مت گهبرائو“ (خدا دوست) +[2] طرز: ”امروز ديگرم بفراق، تو شام شد.“ +[3] طرز : ”تيري چل پل هي پياري“ +[4] طرز: ”مولا ميري مدد ڪر، مشڪل ۾ آني والي!“ + + +پردو ٽيون +جهنگل +(انٽر ٽمبڪٽو) +زباني +ٽمبڪٽو: بلا چٽ، چٽا چٽ، صفا چٽ هي به چٽ، هو به چٽ، صفا چٽ، يعني چٽ، بس نفرت-نفرت اصل نفرت-نقل نفرت-مطلب نفرت-اغيره نفرت، وغيره نفرت-اگر نفرت-مگر نفرت، مطلب نفرت، يعني ڪنتري عورت کان بلڪل نفرت! +واه واه، سبحان الله، اسان جو والد بزرگ گوار (خدا غريق رحمت ڪريس) اسان کي هميشه نصيحت ڪندو هو، جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڪم ڪندو ته بک مرندو. +مفلسي هر وقت هٿ ٻڌي اڳيان حاضر رهندو، بي عزتيءَ جو پهرو دروازي تي سٺو هوندو. خلق خدا جي ڌڪاريندو، پر جي بي ايمانيءَ سان هلندو ته عيش اُڏائيندو، جشن ماڻيندو، ماڻهو عزت ۽ محبت جي نظر سان ڏسندو. +اي امانت برتو لعنت، از تو رنجي يافتم، +اي خيانت، برتو رحمت، از تو گنجي يافتم. +گانو +مان دانا بيشڪ بينا، وه وارنگي ڍنگي يارو، +چلتو پرزو سڀ کان سياڻو،آهيان حڪمت وارو! +حرڪت شرڪت ساڻ دنيا کي، ڪيان و الله فنافي الله، ڇڏي سچائي، ڪيان لچائي، جوئي، ملي سو بسم الله! +(انٽر رهزن) +رهزن: ها، ها، شڪار هٿان نڪري ويو، مگر ڪيڏانهن ويندو. اجهو، اجهو هي ٿو وڃي، پڪڙ-جڪڙ! +ٽمبڪٽو: اڙي ڪٿي آهي تنهنجو شڪار، +شيطان جا ساٿي، نمرود جا يار! +رهزن: هڪ هرڻ پٺيان ڊوڙندو آيو آهيان، مگر خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ڀڄي ويو. +ٽمبڪٽو:چڱو تڏهن هينئر تشريف جي ٽوڪريءَ کي واپس ڪيو، وڌيڪ گوڙ نه ڪيو. ٽڪٽ وٺو، جلد روانا ٿيو. +رهزن: مگر دل اڃا شڪار لاءِ خواهشمند آهي. +ٽمبڪٽو: اڙي بدو هتي شڪار هجي به ني، هت ته رڳو ڪچرو گند آهي. +رهزن: ڇا هت شڪار ڪونهي. +ٽمبڪٽو: هان هان، منهنجي شڪار جو خيال ته ڪونه آهي؟ +رهزن: البت، تنهنجو نه ٻيو وري ڪنهن جو. +ٽمبڪٽو: آخر مون ڪهڙو قصور ڪيو. +رهزن: قصور، قصور! او پر فتور، ٻڌايانءِ ڪهڙو قصور ڪيو اٿئي. +ٽمبڪٽو: ساهه ته تنهنجي ڌمڪيءَ سان ڇڏي ويو، ٻڌندين ته خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو. +رهزن: بس، خاموش، جيڪو پيسو ڏوڪڙ هڙ ۾ اٿئي، سو جلد ٻاهر ڪڍ. +ٽمبڪٽو: مون وٽ اٿئي الله جو نالو ، صفا چٽ ميدان. +گهر ۾ بک، اُرهه ۾ آڪڙ، جيڪو جوٺ چوي، سو بي ايمان. +رهزن: جلد مال ٻاهر سٽ، ورنه هن برجلوٽ بندوق سان تنهنجا پرزا اڏائيندس؛ تنهنجي خرمن هستيءَ کي آڳ لڳائيندس. ڪڇ، ڇا ٿو چوين، حيوان! +ٽمبڪٽو: چوان ٿو نه شيطان، مون وٽ اٿئي ننو اکر، مهربان! +رهزن: او ضدي، تون باز نه ايندين. ڏس، جڏهن مون ايڪ، دو، تين چوندس، تڏهن هن تمنچي جو فير ڪندس، ۽ تنهنجي مشت خاڪ کي هوا ۾ اڏائيندس- سنڀري ويهه، ايڪ دو! +ٽمبڪٽو: هان هان، لينا ايڪ نه دينا دو-بيهه بيهه، ذرا دم ته پٽ. +زهرن: ته رپيا زمين تي سٽ. +ٽمبڪٽو: چڱو ترس ته دل ۾ سوچ ڪريان (سوچي ٿو). مون کي ته تنهنجي پڙ ڏاڏي جي ڏائيءَ ٽنگ جو قسم آهي ته مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي؛ باقي اسٽيشن يا لکيدر تي وڃي ڪا تکي ڇري يا ڪينچي کڻي بيهه ته خدا ڪندو ته پئون ٻارنهن آهي. +رهزن: چڱو ڀلا تيار ٿي، ايڪ، دو! +ٽمبڪٽو: هان هان، خواه مخواه ايڪ دو! هاڻي مسخري ڇڏ، ٽر کڻي. ماڻهو اڄ ڪلهه بي موت ٿا مرن، تون وري ايڪ دو جي ٽڪيٽ سان موت جو ڦاٽڪ ٿولنگهائين. +رهزن: تون مسخري سمجهي رهيو آهين، ڀلا اجهو مسخريءَ جو +مزو ٿو چکايان ايڪ، دو، تين (ڪوڙو فير ڪري ٿو). +(ٽمبڪٽو فريب ڪري زمين تي ڪري ٿو) +رهزن: هينئر هتان نڪري وڃڻ گهرجي، متان ڪنهن بلا ۾ نه گرفتار ٿيان. +(رهزن ايگزٽ) +(ٽمبڪٽو آهستي آهستي اُٿي ٿو) +زباني +ٽمبڪٽو: و الله، ايڪ، دو، تين ته نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو، مرڻ کان اڳي موت جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ڇڏيو هو.مگر آءٌ به آفت جو پتلو آهيان، اهڙو پيچ کيڏيم جو ايڪ ، دو تين کي به رقو چڪر ڪري ڇڏيم +(انٽر رهزن) +رهزن: هان هان، ايڪ، دو، تين کي به رفو چڪر ڪري ڇڏيم، تو کي ته آنت موتو قبل، يعني مرڻ کان اڳي به ياد آهي. تون ته وڏو استاد آهين. +ٽمبڪٽو: مگر تون ته استاد جو به استاد نڪتين. +رهزن: ڀلا هينئر جلد ٿي رپيا ٻاهر ڪڍ، پنهنجي جان ڇڏاءِ، رهائي پاءِ-جلد ڪڍ، ڪڍ! +ٽمبڪٽو: ملئي ته وٺ-وٺ، مون وٽ ته اٿئي صفا صفائي. پيارا سائين، ليکي کي للا، وصل کي وٽيون. +رهزن: ته انهيءَ جي موٽ هڪڙي تدبير آهي. +ٽمبڪٽو: اها وري ڪهڙي؟ +رهزن: ايڪ، دو، تين! +ٽمبڪٽو: يا رب العالمين! +رهزن: بس بس، تيار ٿي، ايڪ، دو، تين! +(رهزن ڪوڙو فير ٿو ڪري، ٽمبڪٽو ڪري ٿو ۽ رهزن سيني تي چڙهي پيسا ڪڍي ٿو وڃي). +(رهزن ايگزٽ) +ٽمبڪٽو (اُٿي ٿو): ايڪ، دو، تين جي ميگزين ته ذري گهٽ ستياناس ڪري ڇڏي هئي. خير، هينئر اهو ايڪ، دو، تين به ياد ڪجي. ڪنهن ٻئي ڀلي مانس جو انهيءَ ترتيب سان خانو برباد ڪيان. +(انٽر ٻه انڌا فقير) +ٽمبڪٽو: هان، هي وري ڪير! ذرا لڪي هنن جو تماشو ڏسڻ گهرجي. +فقير1: اي فقير صاحب توکي خيرات ۾ ڇا مليو؟ +فقير2 : اڙي يار ڪجهه نه پڇ، مهيني ۾ فقط هڪ هزار-ڀلا تون ڏي خبر. +فقير1: اڙي يار ڇا خاڪ ڪمايم، رڳا 1600 سئو رپيا پندرهنهن آنا، ساڍيون تيرهن پايون ۽ هڪ ڪينگر اَٽي جو. +ٽمبڪٽو (علحده): يا الله، ايتري رقم تي به هنن ڪمبختن جو ڌيان نٿو پوي. +فقير1 : يار هي شهر وڏو ڪنجوس آهي. +فقير2: واقعي وڏو منحوس آهي، مکي چوس آهي. +ٽمبڪٽو(علحده): هان، سچ آهي اڄ ڪلهه ڏينهن جي خيرات کان رات جي خيرات زياده ٿي پيئي آهي. +فقير1: يار هينئر آءٌ ته پنهنجا پيسا ڪنهن درخت جي هيٺان دفن ٿو ڪريان. +ٽمبڪٽو(علحده): بيهه ته آءٌ تنهنجو ڪفن ٿو ڪريان. +هنن رپين جي ڇڻ ڇڻ ٻڌي اسان جو مسٽر ايمان ته رفو چڪر ٿو ٿئي. مون بي ايمانيءَ کان توبهه ڪئي هئي، پر بزرگن جي وصيت تي هلڻ واجب آهي. اڄ ته توبهه کي کڻي ٿا ٽوڙيون، وري ٻئي دفعي کڻي جوڙي وجهبي. ڀنڃ-گهڙ پنهنجي وس جي ڳالهه آهي، گهر جو ڪارخانو آهي. +(ٽمبڪٽو پيسا کسڪائي ٿو) +فقير1: اڙي منهنجا پيسا الائي ڪيڏانهن ويا. +ٽمبڪٽو: جهنم ۾. +فقير 2: اڙي، گهوڙا ڙي، منهنجا به غضب ٿي ويا. +ٽمبڪٽو(علحده): ٻچا خيرات ۾! +ٻيئي فقير: هاءِ هاڻي ته مري وياسون. +ٽمبڪٽو(علحدو): مان فاتح ٿو پڙهان، پرچاڻي ٿو ڪريان. +فقير1: يار هينئر ڪيڏانهن وڃون! +ٽمبڪٽو(علحده) قبرستان ۾ يا وڏي مساڻ ۾. +فقير 1: اُف، هينئر اسان جو حامي ڪير آهي. +ٽمبڪٽو (زور سان): ملڪ الموت! +فقير: اڙي تون وري ڪير مردود. +ٽمبڪٽو: واه ٻچا نمرود، مرگيا مردود، نه، فاتح نه درود. +فقير: اڙي پڪڙ جڪڙ، چور چور-سينه زور-پليس پليس! +ٽمبڪٽو: فرياد فرياد، پليس، سپاهي-چور چور- گهوڙا-اُٺ-گڏه، وغيره وغيره. +(انٽر چند سپاهي) +سپاهي: اڙي هي ڇا جو شور آهي ڪهڙو چور ڪهڙو سينه زور؟ +فقير: حضور اسان ته انڌا آهيون، اسان کي ڪهڙي ڪل ته چور ڪٿي آهي. +سپاهي: چڱو، ڀلا پنهنجا نالا ٻڌايو؟ +فقير1: جناب، منهنجو نالو ڏنڊي شاه آهي. +فقير2: حضور بندي جو نالو ڪونڊي شاهه آهي. +ٽمبڪٽو: بنده پرور هن غلام جو نالو سيد سوٽي شاه آهي. +سپاهي: چڱو ڀلا ٻڌايو ته اوهان انڌا ڪڏهن کان ٿيا آهيو؟ +ڏنڊي شاه: حضور، آءٌ مادر زاد انڌو آهيان. +ٽمبڪٽو: ۽ حضور هي پدر زاد انڌو آهي. +ڪونڊي شاه: نه نه، سائين آءٌ اصل اڳئين جنم کان انڌو آهيان؟ +سپاهي(ٽمبڪٽي سان): ۽ تون ڪڏهن کان انڌو ٿيو آهين. +ٽمبڪٽو: جناب، ڪوئي ڏيڍ ڪلاڪ کن ٿيو( اکيون کولي). آءٌ ته يار مسخري ٿو ڪيان، مون هنن ڪمبختن جو سارو تماشو ڏٺو آهي. پوري ٻوري ڪجهه به نه آهي، هي خواه مخواه فتور آهي. هنن کي حوالات ۾ وٺي وڃڻ ضرور آهي. +سپاهي: بيشڪ هي سچ ٿو چوي، سڀ هنن انڌن جو من گهڙت فتور آهي، وٺي وڃو هنن کي پهري هيٺ رکو. +(سپاهي ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: جڏهن هو ڪمبخت ڪري پيو ايڪ، دو، تين، ته مسٽر ٽمبڪٽو جي هيٺان نڪري ٿي وئي زمين. +خير، خدا مالڪ آهي، هينئر ته مال مفت، دل بي رحم-ڪوئي بي امانيءَ جو ڪم مون ٿوروئي ڪيو. ادا مئو، +ادي ڄائي، اسان اوتري جا اوترا. ڏهه ويهه رپيا ويا، مولا هزار ڏنا. هينئر وڃي ڪا ولائتي وارنيش لڳل ليڊي تلاش ڪجي، هيءَ به ايڪ دو تين جي برڪت آهي-خدا حافظ! +(ايگزٽ) + + +پردو چوٿون +قبرستان +انٽر ممتاز +زباني +ممتاز: زنده در گور همين ڪر گئي مرني والي، +ڪيسي خاموش هو دنيا سي گذرني والي. +هاءِ، هي انڌيري رات! هي خوفناڪ سين، نه ڪوئي مونس نه غمخوار آهي، دشت غربت ۾ تنهائي، گلي جو هار آهي. +جي يار نه آ ساقي، پيمانو آ ته ڇا، +معمور شرابين سان مئي خانو آ ته ڇا! +هيءَ اُها قبر آهي، جنهن ۾ منهنجي پياري مهلقا جو نازڪ بند دفنيل آهي، هي اُهي پٿر آهن، جن ۾ منهنجي معشوقه جو مقدس روح ڇپيل آهي. +هاءِ محبت، محبت تون اُها ناشگفته مکڙي آهين، جنهن جي آرزو ۾ هزارين بلبلين جا سر صياد جي ڪم آيا. +هاءَ مهلقا! مهلقا، تون هينئر ڪٿ هوندينءءِ، جنت جي ڪنهن محل ۾ آرامي هوندينءَ! +صبا چئجانءَ جي منهنجي ملين وڇڙيل وري دل سان، ته تنهنجي آرزوءَ ۾ زندگي ڪاٽيان ٿو مشڪل سان! +گانو – ممتاز: +[1]ٿو چوي اڄ آسمان، هي سڀ زمان ڪجهه ڀي نه آ، +تلف گردش ۾ ڪيان سارو جهان، ڪجهه ڀي نه آ. +جنهن جڳهه هو جنم جو جلسو، ۽ محل نوشيروان. +چند قبرن کان سواءِ، اُت ٻيو نشان ڪجهه ڀي نه آ. +ٿي ڏڪيا جن جي نقارن سان زمين و آسمان، +چپ پيا هن قبر ۾ اڄ، هون ۽ هان، ڪجهه ڀي نه آ. +جن جي محلن ۾ هزارين رنگ جا فانوس ها، +قبر ڪاري ۾ پيا هن، چون ۽ چان، ڪجهه ڀي نه آ. +جن جي سر تي تاج شاهي،ها ڪڏهن سايه فگن، +انت ”آغا“ ٿيا فنا بعد ازان، ڪجهه ڀي نه آ. +ممتاز: آ شور فلڪ تي منهنجي هن ذوح گريءَ جو، +هن سنگدل تي اثر ناهي، سو ز جگريءَ جو؛ +هي حال آ يارو ڏسو هن بيخبريءَ جو، +والله، هي هنگامو آهي بي صبريءَ جو، +اي نالئه دل، وقت ناهي بي اثريءَ جو. +هاءِ سخت صدمو آ فراق-يار جو، +آ خدا حافظ دل-بيمار جو؛ +ٻيا سڀئي ارمان پورا ٿيا مگر، +آرزو آ يار جي ديدار جو. +(قبرن مان روح ظاهر ٿيڻ) +روح: هاءِ پيارا ممتاز، هي ڇا حال آهي، ڪهڙو ملال آهي؟ مرڻ وارن جي غم ۾ روئڻ، انهن جي ماتم ۾ جان کوئڻ، هي خيال خيام آهي؛ هن آه و زاريءَ ۽ اشڪباريءَ کان مسافران-عدم موٽي ڪين ٿا اچن، ان ڪري انسان کي لازم آهي ته، حق جي رضا تي راضي رهي، ۽ صبر اختيار ڪري! +ممتاز: الله، هي ته مهلقا جو آواز! عجب سربسته راز آهي! يا خدا، مون کي بچاءِ؛ اي خيالي تصوير مون کي نه ڏڪاءِ! +روح: افسوس، اهڙي بي وفائي! هينئر منهنجي آواز کان به خوف معلوم ٿئي ٿو-ذرا مٿي خيال ڪر. +ممتاز( مٿي ڏسڻ): ڪير، مهلقا! هاءِ اُف! +روح: روح جنت ماه هليو هڪ آه ساعت واسطي، +آئي هان هت تنهنجي صورت جي زيارت واسطي! +ممتاز: بعد مردن ڀي خيال-رخ، قاتل آ اُهو، +جنهن کان مون اکڙيون چرايون ٿي مقابل، آ اُهو. +اي منهنجي معشوقه جا مقدس روح، تنهنجن هنن ڳالهين کان منهنجي طبيعت گهٻرائي ٿي-هن عاشق ناشاد کي پنهنجي آغوش ۾ جاءِ ڏي. +روح: پيارا ممتاز صبر کان ڪم وٺ، جو تقدير ۾ لکيل هو، ان جو ٿيڻ ضرور هو. هينئر تون صبر جو پٿر دل تي رک، خدا کي ائين منظور هو-صبر، صبر، اي عاشق صادق صبر! +ممتاز: صبر ڪيان مگر ڪهڙيءَ اميد تي؟ ڪائي اميد بر نٿي اچي؛ ڪائي صورت نظر نٿي اچي. +جيءُ جائي اس دواسي، جس دم ۾ دم نهين. +بوسه تيرا، علاج- مسيحا سي ڪم نهين. +روح: چرخ، اُف ظلم وس تم جو هاءِ ماريو تير آ، +سر جليو، سينو ڦٽيو، ۽ دل صفا نخچير آ؛ +لوح دل تي دست قدرت هيءَ ڪئي تحرير آ؛ +خاڪ جو پتلو بڻيو، ۽ خاڪ جي تصوير آ، +خاڪ ۾ ويندو ملي، ۽ خاڪ دامنگير آ. +پيارا تون روئين ٿو! رو، رو، اگر تو کي منهنجي قسمت تي روئڻ اچي ٿو، ته تون منهنجون اکيون وٺ ۽ صبر ڪر. +ممتاز: منهنجي هستي جيستائين بستيءَ ۾ آهي، پنهنجي عمر جي هر هڪ گهنٽي کي تنهنجيءَ ياد ۾ مبارڪ بنائيندس؛ منهنجو روح جيستائين جسم ۾ آهي، پنهنجن رڳن جي تارن تي تنهنجو گيت ڳائيندس، ۽ جڏهن ظالم خنجر منهنجو گلو چاڪ ڪندو، تڏهن منهنجي خون جون ڌارائون به تنهنجن قدمن جي طرف وهي، تنهنجي قدم بوسي ڪنديون. +روح: صبر، صبر، اي وفاداريءَ جا روشن منار صبر!اگر ساري عمر جي واسطي نه، ته ٿورڙي عرصي جي لاءِ صبر! +ممتاز: آه، هرگز نه! جنهن عاشق تنهنجي پگهر جي بوند به زمين تي ڪرڻ ڪين ڏني، سو هينئر تنهنجي خون ۾ زمين کي رنڱيل ڏسي، صبر ڪري سگهي ٿو؟ نه نه، ڪڏهن نه! تنهنجي هڪ لهو جي قطري جي عيوض آءٌ جهان کي قتل گاه بڻائيندس؛ تو جهڙي يا وفا معشوقه واسطي روز روشن کي سياه بڻائيندس. +روح: اگر هوا جو جهوٽو برف وانگر ڄمي وڃي، +نظام شمستي، ستارن جي رفتار ٿي وڃي؛ زمين پورب کان پڇيم جي طرف هلڻ لڳي؛ آفتاب ڏينهن جي بدلي رات جو چمڪي، مگر جنهن جو هن دارفانيءَ مان هيڪر ڪوچ ٿيو، ان جو وري واپس دنيا ۾ اچڻ خدا کي نامنظور ٿيو. +ان ڪري هينئر تون به غم دور ڪر-صبر، پيارا منظور ڪر! +ممتاز: ته ڇا آءٌ تو کان نااميد رهان! +روح: بيشڪ، مون کان نااميد رهه؛ ليڪن خدا کان نااميد نه رهه. +ممتاز: نه نه، منهنجي جان منهنجي دل جا ارمان، ائين نه فرماءِ! مون کي پنهنجي آغوش ۾ سلاءِ؛ مون کان منهن نه موڙ، منهنجي شيشهء دل کي سنگ-مفارقت سان نه موڙ. +روح: پيارا، تون ائين سمجهه ته مهلقا منهنجي مٿان صدقي ٿي، نثار ٿي؛ سندس وفا آشڪار ٿي؛ گرچه تيغ تن تي وهي، ته به تو کان نه بيزار ٿئي. بس، هينئر آخري سلام اي وفا جا پتلا آخري سلام! +نه پائيندين مرض غم جي دوا، منه��جي بعد، +ياد ايندي تو کي، منهنجي وفا، منهنجي بعد. +(ايگزٽ) +(ممتاز جو قبر جي طرف ڊوڙڻ) +ممتاز: يا الاهي، هيءُ منهنجن اکين کي ڪهڙو هيبتناڪ نظارو ڏيکارئي! افسوس، اي دنيا جي هستي ناپائيدار، تنهنجي رفاقت جو ڪهڙو اعتبار! اي موت، مون کي قيد هستيءَ کان آزاد ڪر، جلد پياري مهلقا جي پهلوءَ ۾ سمهار؛ منهنجي روح کي شاد ڪر! +اي فرشتو ٻڌو، اي زمين، اي دنيا، اي فلڪ، شهادت جا گواه رهجو! فرض ايمان حق عاشقي مون کان اڄ ادا ٿيو. +(ممتاز جو تمنچي سان پاڻ مارڻ، عاشق معشوق جي روحن جو ظاهر ٿيڻ، ۽ هوا ۾ اڏامي وڃڻ.) +پردو پنجون +مڪان ٽمبڪٽو +(ٽمبڪٽو جو ڇڪون ڏيندو اچڻ) +ٽمبڪٽو: آ، ڇين-آ، ڇين-آ، ڇين. الاهي خير ڪر، هي ڇڪون آهن يا بندوقن جا فائر، يا ترڪن جي لڙائيءَ جون توبون. +صبح جو هن ڪمبخت مموءَ کي ڪڪڙ جي آنن واسطي پئسا ڏنا اٿم، مگر هن مهل تائين پتو ندارد. بک کان ساهه سوتلي جي سڳي وانگر سنهو ٿي ويو آهي، او گرائي جي عيوض ٽٽ جو ٽهڪو ٿو پوي. +(ممو آڱرين تي حساب ڪندو ٿو اچي). +ممو: هڪ، ٻه، چار، ست سورنهن، ٻارهن، ويهه، ڏيڍ، اڍائي، ساڍا ٽي، سي ٿيا ساڍا سورنهن. +ٽمبڪٽو: ڪيئن ڙي سورنهن-جا ٻچا بيضا آندءِ؟ +ممون: جناب، هت بيضا وري ڪٿان آيا، هت ته حساب ئي شش پنج ٿي پيو آهي، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. +ٽمبڪٽو: اڙي ڪمبخت؛ ڪهڙو وڏو حساب هو جو سمجهه ۾ نٿو اچي! مان جو ايترو وقت لنگهڻ رهيس، سو آيو ويو، بيهه ته تنهنجي اهڙي تهڙي.......... +ممون: اي جناب عالي، اوهان جي حساب مون کي ذري گهٽ گهنچڪر بڻائي ڇڏيو آهي؛ والله کوڙو ئي نٿو لڳي- چڱو ڀلا اوهان ڪيترن آنن جو آرڊر ڏنو هو؟ +ٽمبڪٽو: چار. +ممون (علحده): تنهنجو نڪري آچار. +ٽمبڪٽو (ٿڦڙ هڻڻ): هينٺ، تنهنجي ماسي مري! +ممون: ڀلا ٻڌايو ته درجن ۾ ڪيترا بيضا ٿيا؟ +ٽمبڪٽو: گهٽ ۾ گهٽ ويهه. +ممون: واه، هي ڪهڙي ڪاليج مان حساب سکي آيا آهيو! انهيءَ حساب سان ته واڻيان ڄٽن جي ستيا ناس ڪندا آهن. حضور، درجن ويهن جو ڪين ٿيندو آهي. +ٽمبڪٽو: تڏهن ڪيترن جو! +ممون: جناب، درجن ۾ 12 بيضا ٿيندا آهن. +ٽمبڪٽو: هان هان، ڳالهه ساڳي آهي، تنهنجو ڪنتري درجن جو حساب هو، منهنجو ولائتي درجن جو-چڱو، ڀلا ٻارهن ئي سهي! +ممون: چڱو، ٻڌو، درجن جا ٻارهن ۽ پيسي جا مليا اٺارهن؛ اٺارهن کي ٻارهن ۾ وجهو، ۽ ٻارهن مان ڪڍو، ته ڪيترا ٿيا؟ +ٽمبڪٽو: اڙي اُلو، گهنچڪر، هي ڪهڙي بڪوات لاتي اٿئي. سڌو ٿي، آڌئي جو حساب ڏي. +ممون: آڌيءَ سارو حساب ته مون اوهان جي روبرو فيصل ڪري ڇڏيو. +(ٽمبڪٽو جو مارڻ، ۽ مموءَ جو ٽمبڪٽي کي ڪيرائي ڀڄي وڃڻ.) +(انٽر دلال) +دلال: جناب تسليمات عرض! +ٽمبڪٽو: آداب عرض. +دلال: جناب اوهان جو نام مبارڪ؟ +ٽمبڪٽو: اولڊ فيشن جو نالو ٻڌايانءِ، يا نيوفيشن جو. +دلال: ڇا، نالا به پراڻي ۽ نئين فيشن جا يٿندا آهن ڇا! +ٽمبڪٽو: هان هان، فيشن-فيشن، سوٽ فيشن، بوٽ فيشن، کانو فيشن، گانو فيشن، ليڊي فيشن، لينڊو فيشن-مطلب جتي ڏس اُتي فيشن ئي فيشن. اڄ ڪلهه حسينن جو ناز نخرو به نئين فيشن جو ٿي پيو آهي. +دلال: ڀلا نئين فيشن جو نالو اوڳاريو. +ٽمبڪٽو: مسٽر ٽمبڪٽو سن آف ناسپاٽي اسڪائر، ۽ اوهان ڪهڙي جهنگل جي بلا آهيو؟ +دلال: ڇا اوهان مون جهڙي مشهور معروف ماڻهوءَ کي ڪين ٿا سڃاتو! منهنجو والد ته وڏي شان مان وارو آدمي هو-اوهان ڪونه ڏٺو هو؟ +ٽمبڪٽو: ڇو نه، گهڻا دفعا، هر روز هو اسان جي محلي ۾ مڇي وڪڻڻ ايندو هو. +دلال: اڙي چپ ره، اُهو ڪو ٻيو اُلو هوندو. +ٽمبڪٽو: اُلو هجي يا گڏهه، شڪل ته تنهنجي پيءُ جهڙي هيس.دلال: خير، انهيءَ ذڪر کي دفع ڪيو. خبر ڏيو ته اوهان شاديءَ جي لاءِ ”آفتاب سنڏ“ اخبار ۾ ڪو اشتهار ڏنو هو؟ +ٽمبڪٽو: جي هان، اڄڪلهه سياري جي ڏينهن ۾ مون کي زال جي سخت ضرورت آهي. +دلال: چڱو ته ٻڌو، منهنجي آفيس ۾ جيترين عورتن جي لسٽ موجود آهي، اُهي پيش ڪيان ٿو: فلاڻي شهر جي پرئي مڙس کي ست ڌيئرون آهن، مگر وڏو آدمي آهي ڏئي يا نه، آءٌ نٿو چئي سگهان. +ٽمبڪٽو: اڙي ديوان، ڏيندو ڇو نه. ذات ۽ اشرافت اڳلي زماني ۾ ڏسندا هئا، اڄڪلهه ته فقط پيسي کي ڏسن ٿا. جتي آهين پيساچار، اتي ڪمينا ٿين ٿا-ڌيُون ڏيڻ لاءِ تيار. +دلال: مگر انهيءَ پرئي مڙس جون چار ڌيئرون ته صفا چٽ انڌيون آهن: هڪ ٽنڊي آهي، هڪ گنجي آهي ۽ جيڪا سڀ کان ننڍي آهي، اها سو اوهان جي لائق آهي، ليڪن کٻي اک سو ذرا چلهه اَٿس-انهيءَ ۾ ڪهڙو هرج آهي! +ٽمبڪٽو: اڙي تو مون کي ڪو ڪاڻو ڪوجهو سمجهيو آهي ڇا، جو ڪاڻي زال ٿو پرڻائين! +دلال: چڱو، تڏهن ماشاالله، مامي جي سالي هو ڀيڻيويو ڏٺو اٿئي؟ +ٽمبڪٽو: هائو هائو، پڻس اسان جي گهوڙن جو سئيس هو. +دلال: ان جي همشيره حسين ۽ نهايت نيڪ عورت آهي. مزو ته اهو آهي جو هڪ گلاب جي گل جهڙو ٻچو به ساڻ اٿس. +ٽمبڪٽو: اڙي تون ته ڪو ٿرڊ ڪلاس احمق ٿو ڏسجين. اسان جهڙن شريفن ۽ جنٽلمين کي سيڪنڊ هئنڊ (واپرايل) مال ٿو وٺي ڏين. شينهن به ڪڏهن لونبڙين جي اوبر کاڌي آهي؟ +دلال: تڏهن ڀلا اوهان کي ڪهڙي قسم جي زال جي تلاش آهي؟ +ٽمبڪٽو: ڏس يار، نيڪ هجي، شريف هجي، حسين هجي، هوشيار هجي، وفادار هجي، چنچل هجي، بلڪ فيشن ايبل هجي. +دلال: اهڙي ته هڪڙي هاٿي در جي نزديڪ، هڪ ضعيف ٻڍي؛ سٺ ورهين جي ڪنواري ڇوڪري رهندي آهي. +ٽمبڪٽو: اڙي مون کي زال جي ضرورت آهي يا ماءُ جي! +دلال: هي به نه، هو به نه، تڏهن اوهان کي زال ملڻ مشڪل آهي. +ٽمبڪٽو: اڙي ملندي ڇو نه، هي ته اسان جي مهرباني آهي جو اسان زالن جي تلاش ٿا ڪيون، نه ته هن مهانگي زماني ۾ مرد ملن ڪٿي ٿا. +دلال: ڀلا عمر جي ڪيتري هجي؟ +ٽمبڪٽو: بس 12 ورهين جي ڪافي آهي. +دلال: اگر سورهن ورهين جي نه هجي، ته اٺن اٺن ورهين جون ٻه هجن؟ +ٽمبڪٽو: ڇا آءٌ انهن کي ڌيئر ڪري پاليندس ڇا-ٻن جوئن جو ور، تنهنجو قبر ۾ گهر. مهربان مون کي ڏاڙهي پٽائڻي ڪين آهي. +دلال: چڱو ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون هجنس؟ +ٽمبڪٽو: ٻڌ، نه اهڙي بدصورت هجي جو ڏسڻ سان اُلٽي اچي؛ نه اهڙي خوبصورت هجي جو سارو شهر منهنجي گهر زيارت واسطي اچي؛ نه اهڙي ڏٻري هجي جو زور ڏيڻ سان ساهه نڪري وڃيس؛ نه اهڙي موٽي مشٽنڊي هجي جو ريل جي ڦاٽڪ ۾ به نه سمائجي: يا چار چار کٽولا هر روز ڀڃي؛ نه ايتري ڇوٽي هجي، جو جوءِ جي بدران ڌيءَ نظر پئي اچي؛ نه ايتري ڊگهي هجي جو چمي وٺڻ وقت ڏاڪڻ جي ضرورت ٿئي، نه اهڙي ڪنجوس هجي جو سالن جا سال ٻار نه ڏئي، نه اهڙي فياض هجي جو هر سال درجن ٻچن جو ڏيئي گهر گونهه ڪري ڇڏي؛ نه اهڙي تندرست هجي جو ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کائي مون کي ڏيوالو ڪڍائي، نه اهڙي بيمار هجي، جو ڊاڪٽرن جي بل ڀرائي ڀرائي، منهنجي ستياناس ڪرائي. مطلب ته ٿورڙيون ٿورڙيون خوبيون منجهس هجن. +دلال: ٺيڪ، اهڙي هڪڙي عورت مون کي سجهي ٿي. سڀاڻي شام جو مون سان لکيدر تي ملجانءِ، ته اتي اُن سان ملاقات ڪرائيندو سانءِ. +ٽمبڪٽو: ڏسجانءِ، مال عمدو هجي. آءٌ تو کي ڪميشن به ڊبل ڏيندس؛ متان نئين ٽم ٽم سمجهي، پراڻو ڇڪڙو نه گهلي اچين. +دلال: فڪر نه ڪيو، اوهان سڀاڻي ڏيڍ پاءُ روغن ۾، پاءٌ ڊامر ملائي، خوب پنهنجي منهن مبارڪ کي پالش مالش ڪري، لکيدر تي اچي، ٻليءَ واري ’ميائو‘ ڪجو. +ٽمبڪٽو: مگر ذرا سستو، ۽ سٺو ڪم ڪجانءِ. +دلال: چڱو سلام! +(د��ال ايگزٽ) +ٽمبڪٽو: سلام، واه واه! ٻن چئن ڏينهن ۾ هڪ فيشن ايبل ولائتي ليڊيءَ جو خاوند سڏائيندس. هينئر ته سنگل کان ڊبل ٿي پياسون. +خدا حافظ (ايگزٽ) +پردو ڇهون +ڪورٽ +(چپراسي جو ميزون صاف ڪرڻ، ۽ گهڙيال جو آواز ڪرڻ.) +(انٽر، منشي وغيره) +(انٽر جج جو گهنٽي وڄائڻ ۽ پٽيوالي جو حاضر ٿيڻ.) +جج: جميل ۽ شمشاد حاضر ڪيو! +پٽيوالو: جميل پٽ پيءُ جو حاضر ٿئي! +شمشاد پٽ نامعلوم حاضر ٿئي! +(انٽر شمشاد ۽ جميل) +(منشيءَ جو ڪيس پڙهڻ) +جميل پنهنجي ڀيڻ جي خون جي اقراري آهي؛ جنهن سان شمشاد به مددگاري آهي. شمشاد پڪاري آهي ته جميل مٿس تلوار ڪڍي کيس خون ڪرڻ لاءِ هلان ڪئي؛ ليڪن هيٺين ماڻهن جي بروقت پهچڻ ڪري سندس حياتي بچي ويئي. +جج: انهن شاهدن جا نالا اظهار ڪر؟ +منشي: هندو آچار راءِ پٽ پاپڙداس. +پٽيوالو: جندو آچارراءِ پٽ پاپڙداس حاضر ٿئي! +(انٽر هندو) +جج (اشارو ڪري): تون هن کي سڃاڻين ٿو؟ +هندو:مالڪ، پڻس کي به ڄاڻان ٿو. اسان سان کنڌو رکندو هو، اڃا هجار کن رپين اسان جو قرج اٿن، کوٻلا ڏين ئي نٿا. +جج: توکي جيڪا شمشاد ۽ جميل جي جهيڙي بابت سڌ آهي، سا صاف صاف بيان ڪر؛ سچي ڳالهه ڪورٽ جي اڳيان عيان ڪر. +هندو: ٺيڪ کانود، اسان جو ڦرج(فرض) آهي سچي سچي ڳالهه ڪرڻ. حجور اڌ رات جو گهورا گهورا ٿي ويئي، کنري جو ڏسان ته هن ڦسيري (اشارو جميل) جي هٿ ۾ کنجر آهي. پوءِ ته مالڪ اهڙي لگدي کڻي ڪشيمانس، جو جڳهه ئي اُها، گروشون-پوءِ ته ڀائي پليس ۽ ٻيا گهڻا ئي کوٻلا ڦسيرا ليڙ پيا به اچي ويا. اڃا به ٺينگوءَ ماءُ جهلي پيئي، نه ته کفاکون ڪري ڇڏيانس ها. +جج: ٻيو شاهد حاضر ٿئي! +منشي: جهنبيو پٽ کپيو! +پٽيوالو: جهنبيو پٽ کپئي جو حاضر ٿئي! +(انٽر جهنبيو) +جج: اڙي چئو ته خدا کي حاضر ناظر سمجهان ٿو. +ڄٽ: اڙي چريا، ناظم خان ته اسان ٻروچن جي سردار جو نالو آهي؛ باقي حاضر خان کڻي خدا جو نالو هوندو.انهيءَ مڙس جي اڳي به ملڪن ۾ ريح ٻڌي اٿم، هر ڪو ٿو انهيءَ مڙس کان ڊڄي. +جج: ڀلا هيءُ قرآن مٿي تي کڻي ڪلمو پڙهه. +ڄٽ: اڙي سيٺ، هن ۾ ته خداسئون دير ئي ڪونهي، +هي ته ٻار به کڻي وڃي؛ باقي ڪلمو منهنجي بدران تون ئي پڙهه توتي اعتبار آهي. +جج: ڀلا تنهنجي عمر ڪيتري ٿيندي؟ +ڄٽ: سهڻا سائين ٻه چار ورهيه ٿيندي. +جج: يو اسٽوپڊ فول! +ڄٽ: ادو، ڪاوڙ ٿو ڪرين ته ٻيا کڻي ٻه چار وڌاءِ، ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. +جج: احمق،اُلو! +ڄٽ: ڀلا جوان کڻي سئو ڪر، ٻه سو ڪر، تنهنجو ئي ڀت گهاٽو. +جج: شمشاد ۽ جميل جي جهيڙي بابت جيڪا توکي سڌ آهي، سا ڪورٽ جي اڳيان اظهارڪر؛ سچي سچي ڳالهه عالم آشڪار ڪر! +ڄٽ: سرڪار منهنجون رڍون ويٺيون هيون، جيئن سائينءَ جا منشي ويٺا آهن؛ منهنجو ڪتو ائين ويٺو هو، جيئن سائين ويٺو آهي. مان سائين جن جي ڀاڄائي (يعني پنهنجي زال) سان ستو پيو هوس، اڌ رات ٿي ته خون خون جو آواز آيو. مون کي سائينءَ جي ڀاڄائيءَ اُٿاريو، ڇا ڏسان ته هن شخص کي (اشارو جميل طرف)، تلوار هٿ ۾ آهي-هي ڳاڙها پٽڪا جهليو بيٺا اٿس، اهي حال احوال-جيءُ، ڏي پنهنجا حال احوال. +جج: اڙي ادب سان بيهه، مٿي نه ڏس! +ڄٽ: جيڪو سائين کي ڏسي، سو سوئر کي ڏسي. +جج: چپ رهه، ڊيم فول پاڳل،(منشي سان)، بس يا ٻيو به ڪو شاهد آهي. +منشي: حضور انور، باقي هڪڙو آهي-ٽپوس خان، پٽ خڙوس خان. +پٽيوالو: ٽبوس خان، پٽ خڙوس خان حاضر ٿئي! +جج: اڙي پٺاڻ توکي هن جهيڙي بابت جيڪاخبر آهي، سا بيان ڪر. +پٺاڻ: خو، هم تماري باپ ڪا نوڪر هون، هم نهين بتائيگا. +منشي: نادان، توکي ٻڌائڻو پوندو، نه ته توکي به مجرم ٺهرايو ويندو. +پٺاڻ: والله با الله مين خو مجرد نهين هون، همڪو ظالم ايڪ درجن عورت هي. +جج: اڇا، قسم کائو. +پٺاڻ: قسم ڪوئي برياني پلاءُ هي، يا ڪباب هي.خو، ڪيا بلا هي، ڪڌر هي، هم بيشڪ کائيگا، لائو، لائو ديوانا! +جج: ڊيم، پاڳل! پٽيوالا هن ديواني کي ڪورٽ مان ٻاهر ڪڍ. +پٺاڻ: او خو، تماري باپ ڪا گهر هي، هم نهين جائيگا. +(پٽيلوالي جو پٺاڻ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍڻ) +جج: مون کي يقين آهي ته هن وحشيانه قتل بعد، خود قاتل جي به اکين مان آنسو وهي آيا هوندا. +جميل: حضور انور، دنيا جي مٽي خود غرضيءَ ۽ لالچ جيپاڻيءَ سان ڳوهي ويئي آهي. جنهن ڪري تحقيق- +هن آتش، دوزخ ۾ گرفتار آهيان آءٌ، +اڄ سڀني سزائن جو سزا وار آهيان آءٌ؛ +دنيا جي ساري پردي تي بدڪار آهيان آءٌ. +دنيا ۽ آخرت ۾، شرمسار آهيان آءٌ. +جج: جنهن صورت ۾ جميل پنهنجي ڀيڻ جي خون جو پاڻ اقرار ٿو ڪري، ۽ هر هڪ شاهد شمشاد تي جميل جي هلان جو اظهار ٿو ڪري، تنهن صورت ۾ قلم 302، انڊين پينل ڪوڊ، موجب کيس موت جي سزا ٿي ڏجي. +شمشاد: ۽ مون مظلوم- +جج: مظلوم جي لاءِ مسيحا، ۽ تنهنجي لاءِ موت.جيڪڏهن تون جميل کي پيسا ڏيکاري کيس لالچ جي گهر ۾ گرفتار نه ڪرين ها، ۽ سندس مددگار نه رهين ها، ته شايد هن معصوم مهلقا جو خون سندس ڀاءُ جي تلوار نوش نه ڪري ها، ۽ نڪي جميل ايترو جوش ڪري ها. تنهن ڪري قلم 302، 109، انڊين پينل ڪوڊ، هيٺ تنهنجو به سر سڀاڻي جميل سان گڏ بر سر- دار ٿيندو- سرڪار نامدار جو عدل عالم آشڪار ٿيندو! +جج ايگزٽ (پردو لهي ٿو) +پردو ستون +مڪان ٽمبڪٽو +(انٽر ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: فڪر، فڪر، فڪر، فڪر،-مطلب فڪر- اغيره فڪر- وغيره فڪر والله- باالله فڪر-ڀلا فڪر-مطلب فڪر-يعني جيترو فڪر مون کي آهي، اوترو جيڪڏهن ڪوئي شڪارپوري شاهوڪار ڪري ته مفلس بئنڪ جو حصيدار بڻجي وڃي؛ اگر ڪوئي ڪنتري ڊاڪٽر ڪري ته هفتي اندر گدوبندر جو جيل وسائي؛ اگر جناب آغا صاحب ڪري ته سندس هڪ نئون کيل تيار ٿي وڃي. مطلب ته هينئر سخت هلاڪ آهيان، ڪائي ٽوٽي ڦوٽي پراڻي سراڻي عورت به نٿي نصيب ٿئي. هن ڪمبخت دلال جو اڄ انجام هو، اُهو به هن وقت تائين پڌرو ڪين ٿيو. +(انٽر دلال) +دلال: سلام! +ٽمبڪٽو: سلام، جناب اوهان ته اڃا خدا جي فضل سان جيئرا آهيو، اسان ته فاتح به پڙهي ويٺا هئاسون! +دلال: جناب، اوهان هت ذرا ترسو ته مان انهيءَ عورت کي ڪوٺي اچان. +ٽمبڪٽو: مگر يار. +دلال: يار! ٽمبڪٽو: يار! +دلال: يار! +ٽمبڪٽو: يار، وارو ڪج، ڪو ڇنل ڇڪڙو گهلي نه اچج. +(دلال ايگزٽ) +(انٽر دلال ۽ نازبيگم) +گانو نازبيگم: +[2]مئي نوشي ذرا مون سان جاني ڪيو، جاني ڪيو لاثاني ڪيو. +سيج وڇايو، عيش منايو، ذرا رلمل شادياني ڪيو. +آءُ کلي لڳ يار پيارا، مٺا ”آغا“ سان ڪا مهرباني ڪيو. +زباني +نازبيگم: پيارا سائين، خوش آمدي! +ٽمبڪٽو: اڙي خدا خدا ڪر عورت، اسان خوشامدي ڪين آهيون، اسان سچي دل سان فدا آهيون. +(گانو ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: تون آن منهنجي جاني، تون آن منهنجي ناني. تون آن منهنجي امان جان، جان، جان، بي ايمان، بي مڪان، بي ڌيان! +هي پياريون پياريون باتيون، ساريون ساريون راتيون، ٻڌاءِ تون پياري مون کي جان. +زباني +ٽمبڪٽو: يار منهنجي گلي ۾ آواز اٽڪي پيو. +دلال: آواز اٽڪي پيو ته اول ڇونه جمال گهوٽي جو جلاب ورتئه. +ٽمبڪٽو: ڀلا پياري، سودي کان اڳ هڪ چمي ته بياني ۾ ڏي. +نازبيگم: نه نه، پيارا نڪارا نڪاح کان پوءِ. +ٽمبڪٽو:بظاهر آ نفرت بباطن آ چاهه، +عيان آه آه، و نهان، واه واه! +ٺيڪ ٺيڪ مان آهيان نوري، تون خاڪي؛ مون سان گلي لڳڻ ۾ توکي ٿيندي هلاڪي. جيڪڏهن پياري تون منهنجي اصلوڪي صورت ڏسندينءَ، ته يقين آهي ته ضرور انڌي ٿي پوندينءَ، نه ته به ڪاڻي ضرور ٿيندينءَ. +نازبيگم: چڱو پيارا، منهجا شرط قبول اٿئي يا نه؟ +ٽمبڪٽو: يار. +دلال: يار. +ٽمبڪٽو: يار. +دلال: يار! +ٽمبڪٽو: يار هي ته شايد موچڙن کائڻ واري قيل و قال آهي. +دلال: جناب، محبت جي خاطر ته ماڻهو جتين جا هار پائن ٿا. معشوقن جي هٿان پادر کائڻ، گويا گلن جا هار پائڻ آهن-چئي ڏي منظور. +ٽمبڪٽو: اڙي يار تڪليف ٿيندي. +دلال: چاهي سر جا وار اُڏاري وڃن، مگر تڪليف مطلق ڪين ٿيندي. +ٽمبڪٽو:لامائي منظور! +ناز: چڱو اوڪڙو ٿي ويهه، مان موچڙا هڻندي ٿي وڃان ۽ تون تعريف ڪندو وڃ. +ٽمبڪٽو: مگر پياري، ذرا آهستي آهستي ڪم لاهج. +منهنجي سر کي کٽيءَ جو ڦرهو يا صدقي جو ٻڪرو نه ڄاڻج. +(ناز بيگم جا پادر هڻڻ) +ناز: ايڪ، دو، تين..... +ٽمبڪٽو: يا رب العالمين! مائي اها تنهنجي ٽين پين اُڙدوءَ جي منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي، مهرباني ڪري سنڌيءَ ۾ ڳڻيندي وڃ. +ناز: هڪ، ٻه، ٽي، چار......... +ٽمبڪٽو: اڙي نڪري تنهنجو اَچار (اُٿي ٿو). +ناز: اُٿ نه ، سنڀال! +ٽمبڪٽو: بس، باقي کائيندو منهنجو دلال. +ناز: مئا تو وچ ۾ ڇو ڳالهايو، مان ڀلجي ويس. وري شروع کان پادر جهل. +ٽمبڪٽو: هل هل، هي هيترا موچڙا جو لڳا، سي ڪنهن جي کنڌي؟ مان ته وري ڪين کائيندس، ڪا ٽڪڻ مفت جي آهي ڇا؟ +ناز: نٿو کائين ته مان هلي ٿي وڃان. +ٽمبڪٽو: چڱو کاوان ٿو مائي، کاوان ٿو! +ناز: هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج................. +ٽمبڪٽو: پياري، ياد رکج متان ڀلجي نه وڃين. +ناز: وري وچ ۾ ڇو ڳالهايئي-هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه.... +ٽمبڪٽو اهڙي عورت ته خدا شل منهنجن دوستن کي به ڏئي. ڏسو ته ٻه چار سال حجامت کان ڇڏائي ڇڏيائين- ڪمبخت پادر ۽ سر ٻيئي بي غيرت آهن. +ناز: ماريا وري ٿو ڳالهائين. +ٽمبڪٽو: جيڪو مون کي ڏسي هسي، خدا ڪري اهو به اهڙي آفت ۾ ڦسي. +سئو موچڙن کان ڪوئي ڪم عالي نٿو ٿئي، +عزت اُهو خزانو آ، جو خالي نٿو ٿئي. +ناز: هڪ ، ٻه، ٽي، چار، پنج.......... +ڪنيز: بانو، بانو! اوهان جو والد صاحب اچي ٿو. +ٽمبڪٽو: اڙي هن جو والد صاحب ڪو وڏو احمق. +اُلوءَ جو پنو آهي. ڪمبخت موچڙن مهل مري ويو هو، جو شاديءَ جي وقت وچ ۾ ڪڏي پيو. هي وري ڪباب ۾ هڏي ڪٿان آئي (دلال سان) جناب هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي؟ +دلال: هينئر ڪوئي شعر وير بڻائي، نازبيگم جي والد جي دل مسرور ڪر، نه ته ٻه ورهيه جيل، ۽ ٽن مهينن جي ڦاسي منظور ڪر، جو پرائي گهر ۾ گهڙيو آهين ٻچا! +ٽمبڪٽو: اڙي يار شير ته ڇڏ، مون ته ڪڏهن ٻڪري به نه بڻائي آهي. +دلال: ڀلا چڱو سڀ شاعر نظم ۾ تعمف ڪندا آهن، تون نٽر ۾ کڻي ڪر. +ٽمبڪٽو: مون کي ته اهو به ڪين اچي. +دلال: ڀلا، جيئن مان چوندو وڃان، تيئن تون به چوندو وڃج. +ٽمبڪٽو: چڱو شروع ڪر. +دلال: اي لک ڇتر جا شاه. +ٽمبڪٽو: اي لت ٿپڙ جا لائق شاه؛ +دلال: اڙي ثپڙ نه ڇتر، +ٽمبڪٽو: اڙي ڇتر نه ٿپڙ، +دلال: اي جنگين جا سردار! +ٽمبڪٽو: اي ڀنگين جا سردار! +دلال: سلطان خاص و عام، +ٽمبڪٽو: سلطان جا خاص حجام، +دلال: اوهان جي گلي ۾ موتين جا هار! +ٽمبڪٽو: اوهان جي گلي ۾ موچڙن جا هار. +دلال: اڙي موچڙن جا نه، موتين جا، +ٽمبڪٽو: اڙي موتين جا نه موچڙن جا. +دلال: اوهان سڀ جا سرتاج، +ٽمبڪٽو: اوهان سڀ جا محتاج. +دلال: تمام زمانن جا شاهه، +ٽمبڪٽو: تمام زنانن جا شاهه. +دلال: زنانن جا نه زمانن جا، +ٽمبڪٽو: اڙي بيوقوف، زنانن جا ٺيڪ آهي، چئو، اڳتي چئو! +دلال: اڳتي ڇا چوان تنهنجو سر! +ٽمبڪٽو: اڳتي ڇا چوان تنهنجو سر! +دلال: چپ بڪ نه ڪر +ٽمبڪٽو: چپ بڪ نه ڪر. +دلال: هان، هي ڇا! +ٽمبڪٽو: ها، هي ڇا. +دلال: ڀلا تنهنجي ناني مري. +ٽمبڪٽو: ڀلا تنهنجي ناني مري! +دلال: ��صيدو تمام، بابا قصيدو تمام. +ٽمبڪٽو: يار ڪيئن نازبيگم مون کي چاهي ٿي؟ +دلال: جناب ناز ته توکي پنهنجي پيءُ ڪري ڏسي ٿي. +ٽمبڪٽو: ته دوست مان به کيس پنهنجي ماءُ کان به زياده پيار ٿو ڪيان. +ناز: پيارا سائين هينئر رفوچڪر ٿيو، وري ٻئي دفعي زيارت ڪرائجو، متان منهنجو والد نه اچي وڃي-ڪٿي قيامت نه مچي وڃي. +ٽمبڪٽو: تنهنجي پيءُ جي اهڙي تهڙي، نڪاح مون سان وجهندينءَ يا پيءُ سان-مال منهنجو يا پڻهي جو! +ناز: سيني اندر هجي ها جي منهنجي هزار دل، +هر هڪ ڪيان ها توتان مان پيارا نثار دل! +ٽمبڪٽو: جسم مان آهيان ۽ منهنجي جان آهين تون، +قبلئه مقصود، دين ايمان آهين تون. +مان ته پياري توکي پنهنجي دل جي مندر جي ديوي بڻائيندس، مگر هينئر ڪا نڪاح جي تدبير ٿئي ته اسان جي به البت توقير ٿئي. +ناز: واه واه، هي به هڪ نرالو سوال آ-عشق به ڪوئي اٽو يا دال آ، تڏهن تون به پيارا ايترو دماغ رکين ٿو. +ٽمبڪٽو: پياري، ڪٿي انڌو به گهر ۾ چراغ رکي ٿو؟ +اي نازنين، جيڪي تنهنجي عشق جو دل ۾ دماغ رکن ٿا، سي ڪٿي مڪان ۾ پنهنجو چراغ رکن ٿا. +ٽمبڪٽو-نازبيگم +گانو +[3]تنهنجي جلوي آ جاني ڪئي دلڙي ديواني، +ڪيان صدقي مان توتان پياري، ساري جان! +تنهنجو نخروآ عاليٰ، تنهنجو جوڀن آ بالا، +ذرا نينن سان نينان ملايو، پياري جان! +آءُآءُ مهربان، ناحق نه ستايو جان، +سگهيو شربت وصلت پلايو، پياري جان! +ڪيو پيارا پيار، نڪري دل جو بخار، +ٿيان تو تان نثار پيارا، واه، واه، واه! +واه، واه، واه! واه، واه، واه! +(انٽر دلال ۽ قاضي) +قاضي جو نڪاح پڙهڻ +ڪاٺ جو ڪؤنرو ٺڪر جي منجي؛ کوٻلو گهوٽ ته ڪنوار گنجي-زال جو نالو نحس بيگم، مراد اسٽوپڊ فول ڪيئن مائي نڪاح قبول؟ حق مهر، هزارگوز، دماغ سوز نه ڏئي. ته زال هن جي ماءُ لڳي. ڪڍو رپيا پنج ڪلدار، نه ته ڪندو سانو ڪورٽن ۾ خوار. بس، پئجي ويو نڪاح، خدايا شل ٻيئي ائين رهن، جيئن ڀيڻ ۽ ڀاءُ. پڙهو فاتح- اکروٽ العلائڪ ڦيٽ ڀڙوڪ (لذين- آمين! +(ناز بيگم جي پيءُ جو ڀوت جي شڪل ۾ اچڻ) +ڀوت: بس خبردار! +ٽمبڪٽو: بچاءِ پروردگار! اڙي بابا، تون ڪير آهين؟ +ڀوت: مان رانوڻ راڪاس! تون ڪير آهين؟ +ٽمبڪٽو: مان بڙم باڪاس. +ڀوت: چپ، تنهنجي ستياناس. ٻڌاءِ، هت ڇا ڪرڻ آيو هوئين؟ +ٽمبڪٽو: موچڙا کائڻ آيو هوس، ٻيو ڇاڪاڻ آيو هوس. +ڀوت: تون ته ناز سان شادي ڪرڻ آيو هوئين! +ٽمبڪٽو: اڙي يار ڇو ٿو بنان مصالح جوٺ بڪين. ناز ته منهنجي ماءُ لڳي، بلڪ هن وقت ڏاڏي ڪوٺبس ته به فڪر ڪونهي. اهڙي ڪوڙي روغن سان ته تنهنجو منهن ڪارو ٿيو آهي. +ڀوت: ڀلا ست دفعا اُٿ ويهه ڪر، نه ته مان توکي ڪچو کائي ويندس. +ٽمبڪٽو: ڪچو کائين يا مصالح سان-حاضر، ڪيان ٿو، هڪ ٻه، ٽي (ترسي ٿو). +ڀوت: اڙي هي ڇا! +ٽمبڪٽو: ذرا ساهه ٿي پٽيم. +ڀوت: ساهه ٿي پٽيئي ته وري اول کان شروع ڪر. +ٽمبڪٽو: اڙي، هي به ڪو ناز جو سڳو سئوٽ ٿو ڏسجي، +چڱو بابا هڪ، ٻه، ٽي، چار (وڃي ٿو). +ڀوت: اڙي ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ +ٽمبڪٽو: پائخاني ڏانهن ٿو وڃان، ٻيو ڪيڏانهن. +ڀوت: چڱو ڀلا، وٺ هي ڪاغذ اٿئي؛ لک ته ناز منهنجي ماءُ ٿئي +ٽمبڪٽو: ائين ته مان ڪڏهن نه لکندس. +ڀوت: نه لکندين، ته مان تو کي ڪچو کائيندس. +ٽمبڪٽو: اڙي يار ماءُ پنهنجي پٽ جي ٿئي، منهنجي وري ڪيئن ٿيندي. +ڀوت: ڪمبخت نٿو لکين! +ٽمبڪٽو: چڱو بابا، ناز تنهنجي ماءُ ٿئي. +ڀوت: اڙي منهنجي نه، تنهنجي. +ٽمبڪٽو: يار تنهنجي منهنجي ڳالهه مڙئي ساڳئي آهي. +ڀوت: نه نه، جيڪي مان فرمايان سو لک. +ٽمبڪٽو: چڱو لکان ٿو-ناز منهنجي ماءُ لڳي(لکي ٿو). +ڀوت: هينئر انجام ڪر ته وري هت ڪين ايندس. +ٽمبڪٽو: اڙي ٻيڙي ٻڏي هن چنڊال دلال جي، جنهن مون کي هت آندو؛ منهنجي ڏاڏي به وري هت اچڻ کان توبهه ڪئي. +ڀوت: چڱو، ڀلا هليو وڃ. +(ڀوت ايگزٽ) +(ٽمبڪٽو وڃي، وري اچي ٿو.) +ناز: منهنجي هن غمڪوي ۾ اوهان جو اچڻ مبارڪ. +ٽمبڪٽو: اوهان کي پادر هڻڻ مبارڪ، اسان کي کائڻ مبارڪ. +[4]گانو ٽمبڪٽو: +ٽمبڪٽو: وڃڻ اسان جو ياد رکجان! +ناز: پادر اسان جا ياد رکجان! +دلال: دلالي منهنجي ياد رکجان! +(ايگزٽ) +ٽمڪو: چپ بي سرا، وڃڻ اسان جو ياد رکجان! +پردو اٺون +ڦاسي +(جلاد ڦاسي تيار ٿو ڪري) +(انٽر ٽمبڪٽو) +ٽمبڪٽو: ڪلجگ نهين، ڪر جگ هي يهي، اب +دن ڪودي، اور رات لي، دنيا ڪو سودا +نقد هي، اس هاٿ دي، اس هاٿ لي. +شايد اڄ جميل رزيل ۽ شمشاد بدبنياد جي موت جي سامان جي تياري آهي، هن ڪمبخت جلاد کي به هنن جي انتظاري آهي. +جلاد: اڙي هي ڇا جي بڪ بڪ لاتي اٿي؟ +ٽمبڪٽو: هي ڇا جي ٺڪ ٺڪ لاتي اٿي؟ +جلاد: توکي خبر نه آهي ته مان ڪير آهيان؟ +ٽمبڪٽو: شيطان جو ڏاڏو ها مان. +جلاد: او ديوانا، مان هڪ انساني جامي ۾ موت آهيان! +ٽمبڪٽو: امان امان، معاف ڪر ميان، مهربان! +(ٽمبڪٽو جو ڏڪڻ) +(انٽر فوجدار) +فوجدار: ميان منگرمان هٽو. +ٽمبڪٽو : اُو، هو، مان ته نٿو هٽان. +فوجدار: ٽمبڪٽو ٻڌين ٿو. +ٽمبڪٽو: مان ٻڌان ٿو، پر مسٽر ٽمبڪٽو نٿو ٻڌي. +فوجدار: ته ڀلا کڙو رهه. +ٽمبڪٽو: تون به اڙهيو رهه. +(انٽر، جميل ۽ شمشاد گرفتار ٿيل) +شمشاد: دورنگي زماني جو مشهور آ، +ڪٿي آهه سايو، ڪٿي نور آ، +جميل: دنيا آ دورنگي، مڪاري سراءِ، +ڪٿي خير خوبي، ڪٿي هاءِ هاءِ! +افسوس، هو آزادي جي راحت، ۽ هي قيد جي مصيبت هو مختياري جو عالم، ۽ هي محتاجي جو ماتم هو عيش خوشي جي بهار، اڄ هن حال تي ڦٽڪار، يقين هو ته قيامت ۾ خطا جي جزا ملي ٿي، پر نه نه، هن دنيا ۾ به بدڪاريءَ جي سزا ملي ٿي. +شمشاد: يا خدا ڪو تو بنا فراياد رس نه آ، +افسوس منهنجي حال تي، ڪنهن کي ترس نه. +ٽمبڪٽو: اڄ بدشعار ستم ڪيش، اهل ڪين نڪتا، +پليا ها گود ۾، پر مار آستين نڪتا. +جناب هي انقلاب زماني جو دستور آهي، بهار جي بعد خزان جو اچڻ ضرور آهي. +شمشاد: جوٺ بڪين ٿو سربسر. +ٽمبڪٽو: في النار و سقر-هلو هلو سنگل ڊائون آهي. لائين ڪلير وٺو. +جلاد: اي بدنصيب خوني، اوهان جي زندگيءَ جو پيمانو لبريز ٿي چڪو، يعني سرڪار نامدار مان ڦاسي جو حڪم ملي چڪو. هينئر ٻيو چار ڪونهي، اوهان کي بچائڻ وارو ڪونهي. جيڪڏهن پنهنجن ڪيلن گناهن جي معافي پنڻ جو خيال ڪيو؛ ته درگاهه رب ۾ سر نمائي، عجز سان سوال ڪيو. +(شمشاد گوڏن تي ويهي گانو ڳائي ٿو) +[5]گانو شمشاد: +شمشاد: کنيم بوج سر تي گناهن جو باري-الاهي +توبهه، الاهي توبهه! +وڃايو جو مون وقت پاپن ۾ سارو، +خطا جي سزا اڄ ملي ٿي هي يارو، +عذاب-قيامت دنيا ۾ خواري-الاهي توبهه، الاهي توبهه! +آ شيطان بي پير مون کي ڀلايو، +رکي نفس بد ساڻ ياري اجايو، +هي لعنت ملامت کنيم سر تي ساري- الاهي توبهه، الاهي توبهه! +جڏهن پيش ”آغا“ مان مولا جي ٿيندس، +روئي نياز سان پنهنجي خالق کي چوندس: +مان عاجز گنهگار، ڪر تون ستاري-الاهي توبهه الاهي توبهه! +زباني +شمشاد: ياالرحم الرحمين، پناه!امان! بخشش، بخشش! +هي طلسمي امتحان عجب غفلت ۽ عبرت سان معمور آهي، جنهن ظلم جي ڪوچي ۾ قدم رکيو، تنهن جلد ذلت جو مزو چکيو. +فرعون ظلم جو خنجر هلايو، روز الست جو اقرار ڀلايو. +هاءِ، مان عاصي گنهگار، حشر ۾ مولا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس! +جميل: يا خدا نازل بلائي آسماني ٿي وئي، +هر ڳلي ڪوچي اندر، منهنجي ڪهاني ٿي وئي؛ +ڪجهه نه سامان آخرت جو تو ڪيو بخت سياه، +غم کان جان نات��ان، افسوس فاني ٿي وئي! +(ڦاسي تي چڙهڻ) +ٽمبڪٽو: آءِ عجب مون کي ته يارو هن بني انسان تي، فعل بد پنهنجا ڪري، لعنت ڪري شيطان تي. +[1] طرز: ”ڪهه رها هي آسمان“ +[2] طرز: ”ذرا ڪهدو نسوريا ڪو آيا ڪرو“ +[3] * طرز: ”تيري چل بل هي پياري ڪرو باتين نه مجسي“...................... +[4] * طرز- ڇلا همارا ياد رکنا +[5] سر ٽوڙي، ”طرز: ڪٽي گناهون ۾ ساري عمر“. \ No newline at end of file