diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book6.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book6.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book6.txt" @@ -0,0 +1,1252 @@ +ڪتاب جو نالو: شڪنتلا + + + +شڪنتلا +ڪاليداس +رشيد لاشاري صاحب جي هن ترجمي کي، بورڊ جي استدعا تي، مرحوم مغفور جناب ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن مفصل طرح نظر مان ڪڍيو ۽ ان جي تصحيح ڪئي. +پيش لفظ +ڪاليداس جي ڪتاب جو هيءُ ”ناٽڪ“ هندستاني اَدب جو هڪ املهه هيرو آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن سروليم جو نس اُن جو ترجمو انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيو، تڏهن يورپ جي ادبي حقلن ۾ هڪدم ان جي هاڪ پئجي ويئي، ۽ ان کي جيتريقدر مقبوليت حاصل ٿي، تنهن جو درجو عمر ”خيام“ جي رباعين کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هو. مغربي ملڪن جي سڀني ٻولين کي ته ڇڏيو، پر دنيا جي ڪن خانه بدوشن جي ٻولين ۾ به ان جا ترجما شايع ٿيا. ”گوئٽي“ جهڙي اديب به اُن جو دل کولي داد ڏنو. ”گوتير“ جڳ مشهور شاعر فرانسيسي ٻوليءَ ۾ اُن جي شرح لکي. هينئر، ”هئمليٽ“ ۽ ”فائوسٽ“ سان گڏ، هن جو شمار به دُنيا جي بهترين ناٽڪن ۾ ٿئي ٿو. +خود هندستان ۾ ”شڪنتلا“ پنهنجي مثال جي هڪ بهترين ادبي تخليق شمار ٿئي ٿي. سنسڪرت جا ڄاڻو ان جا خاص شيدائي آهن. ملڪ جي سڀني ادبي ٻولين ۾ ان جا ترجما ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ اِنهيءَ سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي، جن مان پهريون آهي ”شڪنتلا“ مترجم مرزا قليچ بيگ، جنهن ۾ هن صاحب خالي قصي جو پلاٽ وٺي، ان کي پنهنجي لفظن ۾ لکيو آهي، ۽ ٻيو ”شڪنتلا“ - مترجم ڪلياڻ آڏواڻي، جنهن ۾ هن صاحب گهڻي ڀاڱي ان جو لفظي ترجمو ڪيو آهي. +اسان پنهنجي ترجمي وقت ”شڪنتلا“- مترجم سيد ”اختر“ رائپوري، شايع ڪيل انجمن ترقي اُردو(هند)، نئين دهلي، به سامهون رکيو آهي. ”شڪنتلا“ جو اهو ترجمو جناب سيد حسام الدين شاه راشديءَ وٽان عنايت ٿيو، ۽ انهيءَ کي ئي پنهنجي ترجمي جو ماخذ بنائي، ٻين ترجمن تان اِستفادو حاصل ڪيو ويو. پر ڪتاب ۾ جيڪي نامناسب عربي ۽ فارسي لفظن جون اِضافتون ۽ ترڪيبون ڪيون هيون، تن کان هر حالت ۾ پاسو ڪيو ويو آهي ۽ ترجمي کي پنهنجي اَصليت تي قائم رکي، نج سنڌي لفظن ۽ محاورن جو روپ ڍڪايو ويو آهيٖ- جو پڙهندڙن جي اڳيان پاڻمرادو ظاهر ٿيندو. +تنهن کان سواءِ مون لاءِ اِها نهايت خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ هن ترجمي جو سڄو مسودو سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محسن، مرحوم مغفور شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب مرحوم، هيءُ سڄو ڪتاب مُنڍ کان وٺي، پڇاڙيءَ تائين، سنسڪرت جي اصل نسخي سان لفظ بلفظ ڀيٽي ڏٺو، ۽ هر طرح اُن جي جوڳي اصلاح ڪئي، جنهن لاءِ آءٌ پنهنجي مشفق ۽ محترم مربّيءَ ڊاڪٽر صاحب مرحوم جو احسان وساري ئي نٿو سگهان. +ڪراچي، 5 ڊسمبر، 1958ع. – رشيد لاشاري +مصنف جو تعارف +نهايت افسوس آهي، جو اُهو شخص، جنهن کي نه رڳو سندس هم وطن شاعرن جو سرتاج ليکيو وڃي؛ پر سندس اُستاديءَ جو ذڪر به ننڍي وڏي جي زبان تي چڙهيل هجي، تنهن شخص جي حياتيءَ جو احوال، زماني جي گردش سبب، اهڙو غائب ٿي وڃي، جو ڪٿي به نظر نه اچي! جيتوڻيڪ يوروپي محققن ۽ هندو پارکن جون اَڻ ٿڪ ڪوششون ۽ محنتون، دنيا جي ڪاليداس کي، سنه 300ع قبل مسيح کان وٺي سنه 600ع تائين، ڳولينديون رهيون، تڏهن به سندس خاطر خواه احوال معلوم نه ٿي سگهيو. ڇا اِها حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته جنهن شخص جي عالمگير تصنيف، سڄي دنيا جي خشڪ تحريري رستن تي، اهڙا جٽادار قدمن جا نشان ڇڏيا هجن، جو اُهي مٽجڻ سان به نه مٽجن، تنهن جي ڳولا ۾ وڏا وڏا محقق، اٽڪل هزار سالن جي سفر ڪرڻ جي باوجود ڪاميابيءَ جي صورت نه ڏسي سگهن! +خود ڪاليداس جي تصنيفن منجهان ڇا ٿو معلوم ٿئي؟ ڪاليداس جي تصنيفن منجهان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته هو ذات جو برهمڻ هو. جيتوڻيڪ شو – پنٿي نه هو، پر ”شِو“ کي گهڻو مڃيندو هو. کيس سير ۽ سفر جو ڏاڍو شوق هو، ۽ خاص ڪري اُتر هندوستان ۾ گهڻو گهميو- ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر ڀائوواجي جي چوڻ موجب رڳو اهو ئي هڪڙو شاعر آهي، جنهن زعفران جي گل جي جيئري جاڳندي تصوير ڪڍي آهي، ۽ ظاهر آهي ته زعفران ڪشمير ۾ ٿئي ٿو. هن پنهنجي قلم جي زور سان هماليه جبل جو منظر به ڏاڍي سهڻي نموني ۾ پيش ڪيو آهي، ۽ اُتان جو اکين ڏٺل احوال ڏنو اٿس. ظاهريءَ طرح هو سير سان گڏ شڪار جو به ڏاڍوشوقين ٿو ڏسڻ ۾ اَچي. ڇاڪاڻ ته هڪ شڪاريءَ جي تندرستي، ۽ شڪار جا فائدا ڏاڍي جوش سان بيان ڪيا اٿس. جيتوڻيڪ سندس دل جو لاڙو عيش پرستيءَ ڏانهن هو، پر تنهن هوندي به هو عياش نه هو - ۽ اِهو رڳو ڪن بي بنياد روايتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي – ڇاڪاڻ ته ڪو به عياش، عشق ۽ اَخلاق جي جذبات جي ايڏي بلنديءَ تي ڪڏهن به پهچي نٿو سگهي! جيتوڻيڪ ڪاليداس جي خيالن موجب عورتن جي ڪا گهٽ عزت ڪانهي، پر ”شڪنتلا“ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو عشقبازيءَ جي شادين جو ڪڏهن به طرفدار نه هو. تنهن کانسواءِ سندس تصنيفن منجهان اِهو به معلوم ٿئي ٿو ته کيس ويدن جي علم جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي، ”اُپنيشڌ“، ”ڀڳوت گيتا“، ”پران جي فلسفي“، ”سانکئي“، ”يوک“ ۽ ”ويدانت“ مان به گهڻو واقف هو ۽ اُن سان گڏ طب ۽ نجوم جي علمن تي به دسترسي هيس. +مطلب ته تحقيقات جي جفاڪشي ۽ عقل جي رسائي اِنهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به معلوم نه ڪري سگهي آهي، ۽ اهي ئي ٻٽي واقعا آهن، جن کي ٿورو گهڻو يقين سان ڪاليداس ڏانهن مَنسوب ڪري سگهجي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ ڪاليداس جو ڪو به اهڙو خاطريءَ جهڙو احوال ملي نٿو سگهي. +ڪاليداس جون تصنيفون: هونءَ ته ڪاليداس ڏانهن سڄا سارا سورهن ڪتاب منسوب ڪيا وڃن ٿا، پر اُنهن منجهان هيٺيان ست ڪتاب اهڙا آهن، جن کي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڪاليداس جي تصنيف چئي سگهجي ٿو (1) ”رتو سنڀا“ (موسمن جو احوال)، (2) ”ڪمار سنڀو“ (جنگ جي ديوتا ڪارتڪيا جي ڄمڻ جو احوال)، (3)”رگهوونش“ (راگهو گهراڻي جي تاريخ)، (4) ”ميگهه دوت“ (جنهن ۾ هڪ وڇوڙي جو ماريل قيدي، ڪڪر ڪڪر کي پنهنجي محبت جو قاصد بنائي موڪلي ٿو)، (5) ”شڪنتلا“ (مشهور ڊراما، جو تعريف ڪرڻ کان بي نياز آهي)، (6) ”وڪرم اَروسي“ (هڪ ٻيو مشهور ڊراما)، (7) ”مالوي ڪا گني متر“، جو پڻ هڪ مشهور ڊراما آهي، جنهن ۾ چار مثنويون آهن، ۽ اُنهن مان پويون ٽي ڊراما جي صورت ۾ لکيل آهن. +ڪاليداس جي شاعريِ: هينئر اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪاليداس جي ڪلام ۾ اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن سندس نالو دنيا جي مشهور شاعرن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي؟ اِنهيءَ سوال جو جواب اُهي ماڻهو چڱيءَ طرح ڏيئي سگهن ٿا، جيڪي سنسڪرت ٻوليءَ جا چڱيءَ طرح ڄاڻو آهن. پر انهيءَ جي باوجود، ايترو اسين به چئي سگهون ٿا ته سڄي دنيا جا عالم ۽ محقق اِنهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ڪاليداس اوائل کان مصور جي نظر، شاعر جو دماغ ۽ نقاش جو هٿ پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. سندس عالمگير نگاهن ۾، نه رڳو انساني فطرت جي ڳُجهن رازن کي ظاهر ڪرڻ جي طاقت موجود هئي، پر سندس حافظي ۾ به خيالن جو اعليٰ خزانو جمع ٿيل هو. تخيل جي بيچين جدت طرازي سندس ذهن جي سامهون نيون نيون صورتون پيش ڪندي هئي، ۽ سندس بيان جو زور کين اڃا به دلفريب زيورن سان سينگاري، ظهور جي عالم ۾ آڻيندو هو. ڄڻ ته ڪاليداس جي نظر ڪيميرا، سندس دماغ پليٽ، ۽ هٿ فوٽوگرافر هئا، جنهن جي ڪري سندس فڪر بلڪل بلند، ۽ خيال تمام اوچا هئا، ۽ سندس دل تي واقعن جو ايڏو ته گهرو اَثر ٿيندو هو، جو غم ۽ خوشيءَ جا سڀ جذبا، ڪاريءَ مَس وانگر سندس واردات جي ڪاپيءَ تي نقش ٿي ويندا هئا. +ڪاليداس جي بيان جي طرز تمام سادي آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪلام ۾ صنائع و بدائع تمام گهڻو آهي، پر تنهن هوندي به منجهس ”آورد“ جو نالو نشان به ڪونهي. هو خاص ڪري تشبيهه جو شهنشاهه ڪري ليکيو وڃي ٿو، ۽ فڪر جي بلند پروازيءَ ۽ نازڪ خياليءَ ۾، کيس ٻين شاعرن تي فوقيت حاصل آهي. +مکيه اشارا +سڀ ڪنهن سنسڪرت ڊراما جي شروعات ”حمد“ سان ٿيندي آهي، جنهن کي ڊراما جي اِصطلاح ۾ ”ناندي“ چوندا آهن. ۽ ڪو برهمڻ اِسٽيج تي اچي، اُها ”ناندي“ پڙهڻ شروع ڪندو آهي. +”ناندي“ پڙهڻ کان پوءِ، اسٽيج ڊائريڪٽر(هدايتڪار) اسٽيج تي ايندو آهي. جنهن کي سنسڪرت ۾ ”سوترڌار“ چوندا آهن. اُهو سوترڌار پنهنجي ”نٽن“ يعني ائڪٽرن (اداڪارن) کي اهو ٻڌائيندو آهي ته ”اڄ اسان کي فلاڻو کيل ڪري ڏيکارڻو آهي.“ ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گفتگوءَ جي دوران ۾ تماشبينن کي به ڊراما جي ايندڙ چهچٽي کان واقف ڪندو آهي – جنهن کي سڄي ڊراما جي تمهيد سمجهڻ گهرجي. +سنسڪرت جي ناٽڪن ۾ ”ائڪٽ“ يعني ”انڪ“ ٿيندا آهن، پر اُنهن کي مغربي ڊرامن وانگر گهڻن منظرن يا چهچٽن ۾ نه ورهايو ويندو آهي، ۽ هڪڙي ئي ائڪٽ ۾ هڪٻئي پٺيان منظرن جا منظر ڏيکاريا ويندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته جاءِ ۽ وقت جو به خيال نه رکيو ويندو آهي. البته ٻن ائڪٽن جي وچ ۾ لاڳاپي قائم ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن نئين ائڪٽ جي شروعات ۾، هڪ ننڍڙو تمهيدي منظر پيش ڪيو ويندو آهي؛ جنهن کي ”وشڪمڀڪ“ يا ”پرويشڪ“ چوندا آهن. +عبارت ۾ جتي ڏنگين اندر (پاڻ) لکيل آهي، تنهن مان اها مراد سمجهڻ گهرجي ته ڪردار پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي، ۽ ٻئي ڪنهن کي چئي نٿو ٻڌائي. اهڙيءَ ريت ڏنگين ۾ جتي (بلند آواز سان) لکيل آهي، تنهن مان اهو مطلب نڪري ٿو ته ڪردار جو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ ختم ٿي چڪو ۽ هينئر هو پنهنجن ٻين افرادن سان مخاطب ٿي رهيو آهي. انگريزيءَ ۾ انهيءَ کي اسائيڊ (Aside) يا الائوڊ (Aloud) چوندا آهن. جيڪڏهن ڏنگين ۾ (جدا) لکيل هجي، ته اُنهيءَ منجهان اِئين سمجهڻ گهرجي ته ڪردار مجلس ۾ حاضر ماڻهن منجهان ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي ڪن ۾ ڪجهه چئي رهيو آهي. +ڏنگين ۾ جتي (پردي پٺيان) لکيل آهي، تنهن مان اِها مراد وٺڻ گهرجي ته پري کان ڪو آواز اچي رهيو آهي. +پرانڪ تلميحون +هِن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙيون تلميحون اچي ويون آهن، جن جو لاڳاپو هندن جي جهونن قصن سان آهي. ۽ اهڙن هنڌن لاءِ متن ۾ خاص نشان ڪيا ويا آهن. اُنهن سڀني تلميحن جو مطلب سلسليوار هيٺ بيان ڪجي ٿو. +1- ”پاروتي“ پنهنجي پيءُ ”وڪڇ“ جي مرضيءَ جي برخلاف ”شوجي“ سان شادي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي ڪري ناٺيءَ ۽ سهري جي وچ ۾ سدائين ڇڪتاڻ لڳي پيئي هوندي هئي. هڪڙي ڀيري، وڪڇ جي گهر ”يگيه“ جي دعوت ٿي، جنهن ۾، شوجيءَ کان سواءِ، ٻين سڀني وڏن ماڻهن کي گهرايو ويو. مجلس ۾ وڪڇ پنهنجي ڌيءُ پاروتيءَ جي سامهون شوجيءَ کي تمام گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن جو پاروتيءَ تي ايڏو اثر ٿيو، جو اوڏيءَ مهل يوگ ساڌي، تن – تج ڏنائين. شوجيءَ کي جڏهن اِها خبر پيئي، تڏهن هڪدم ڊوڙندو آيو ۽ وڪڇ کي ماري وڌائين، ۽ سندس مهمانن کي به خوب ماري ڪُٽي ٻاهر هڪالي ڇڏيائين. ويچارو ”يگيه“، هرڻ جو روپ وٺي، اُٿي ڀڳو، ۽ شوجي به تير ڪمان کڻي سندس پٺيان ڊوڙيو. +2 – ”يياتي“ ۽ ”سرمشٺا“ جو سورهيه پٽ، جو هڪ وڏو مشهور ۽ ناليرو راجا ٿي گذريو آهي. +3- چوندا ��هن ته ڪنهن زماني ۾ جڏهن ”سند“ ۽ ”اپسند“ نالي ٻن راڪاسن ديوتائن کي ڏاڍو تنگ ڪيو، تڏهن برهما اُنهن کي چَٽ ڪرڻ لاءِ هڪڙي زال پيدا ڪئي، جنهن جو نالو هو ”تلوتما“. چوندا آهن ته اڄ تائين اهڙي سهڻي زال پيدا نه ٿي آهي. اُنهيءَ عورت کي ”لڇميءَ جو پهريون اوتار“ به سمجهيو وڃي ٿو. +4- هندن جي جهوني قاعدي موجب، سڀ ڪنهن نموني جي اُپت جي ڇهين حصي تي راجا جو حق سمجهيو ويندو هو. +5 – ڪنهن زماني ۾ ”ٻَلي“ نالي هڪ راجا هو، جنهن ديوتائن جو جيئڻ وِهه ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هن جو ظلم حد جو ليڪو لنگهي ويو، تڏهن وشنو ڀڳوان کيس سزا ڏيڻ جو پَڪو ارادو ڪيو. ٻَليءَ کي پنهنجي سخاوت تي ناز هو، ۽ سندس دروازي تان ڪو به سوالي خالي – هٿين نه موٽندو هو. وشنو ڇا ڪيو، جو هڪڙي بِندري ماڻهوءَ جو روپ ڌاريائين، ۽ ٻَليءَ کان اچي ٽن وکن جيتريءَ زمين جو سوال ڪيائين. ٻَليءَ اِها ڳالهه وڏي خوشيءَ سان قبول ڪئي. وشنو پنهنجي هڪڙيءَ وک سان ڌرتيءَ، ٻيءَ سان آسمان، ٽينءَ سان پاتار کي ماپي ڏيکاريو، جنهن جي ڪري ٻَليءَ جي رهڻ لاءِ ڪٿي به جڳهه نه رهي. آسمان کي ماپڻ وقت، وشنو جو قدم سُمير جبل تي هو، جتان هينئر چنڊ نڪري ٿو. +6-آڳاٽي زماني ۾، پُرو جي پيءُ ماءُ، پياتي ۽ سرمشٺا، جو پيار تمام گهڻو مشهور هو. +7-قديم هندن جي ”حياتيءَ جي قاعدن“ موجب گرهست (دنيا دار) ماڻهوءَ جي لاءِ ضرور هو ته هو ڪنهن خاص ڪم جي حد تائين پهچي، دنيا کي ترڪ ڪري، ۽ پوءِ جهنگن ۾ رهي، پوڄا پاٽ اندر پنهنجي حياتيءَ جو رهيل حصو پورو ڪري ڇڏي. +8- پُرانن ۾ آيو آهي ته زمين جو سڄو بار ”نانگن جي راجا“ جي مٿي تي رکيل آهي، ۽ اُن جو نالو ”شيش نانگ“ آهي. سندس ڦڻن جو تعداد هڪ هزار آهي، جن تي وشنو ڀڳوان آرام ڪري ٿو. عام هندن جو عقيدو آهي ته جڏهن ”شيش نانگ“ پنهنجو مٿو ڌوڻيندو آهي، تڏهن ڌرتيءَ ۾ زلزلو ايندو آهي. +9 –”هرنيه ڪشيپ“ نالي راڪاس کي شوجيءَ دعا ڪئي هئي ته ”هو ڪنهن به ماڻهوءَ، هٿيار يا بيماريءَ جي وسيلي نه مري سگهندو.“ پر جيئن ته هن ديوتائن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو، تنهنڪري سندس پٽ، ”پرهلاد“، کانئس باغي ٿي ويو ۽ کيس ڀڳوان مڃڻ کان انڪار ڪيائين. هرنيه ڪشيپ جڏهن اُن کي مارڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن وشنو ڀڳوان، هڪڙي عجيب نموني جي جانور جو روپ وٺي، اچي حاضر ٿيوِ ۽ پنهنجن تِکن نَنهن سان سندس پيٽ ڦاڙي، کيس اُڦٽ ماري وڌائين. اهڙيءَ طرح شوجيءَ جي دعا به رد نه ٿي، ۽ هرنيه ڪشيپ به مارجي ويو. +10-سرڳ (بهشت) جو هڪ وڻِ جنهن کي ”اُميدن جو وڻ“ به چوڻ گهرجي، ان جي ڇانءَ هيٺ ويهڻ سان، دل ۾ جيڪي ارادو ڪيو آهي، سو هڪدم پورو ٿي ويندو آهي. +11- ڏسو تلميح نمبر 5. +12- هندو- تمثيل نگاريءَ جو ايجاد ڪندڙ، ”ڀرت رشي“ آهيِ ۽ ”نياءُ شاستر“ يعني ”علم منطق“۾ اُنهيءَ ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سنسڪرت جو هر تمثيل نگار پنهنجي ڪتاب جو خاتمو سندس نالي سان ڪندو آهي. + + +شڪنتلا +از +ڪاليداس +”شڪنتلا“ ڊراما جا ڪردار +- مرد- +دُشيَنت:هستناپور جو راجا، پروءَ جي گهراڻي جو پاڻي ڀرو. +ماڌو:دشينت جو گهاٽو دوست، ۽ درٻاري مسخرو. +ڪڻو: تپ بن جي رشين جو اڳواڻ، ۽ شڪنتلا جو ڌرم جو پيءُ. +سرودمن:دشينت مان شڪنتلا جو پٽ، اڳتي هلي سندس نالو ڀرت ٿيو، جنهن جي نالي پٺيان هندوستان ”ڀارت ديش“ سڏيو هو، ۽ سڏجي رهيو آهي. +ڪشيپ:هڪڙو ناليرو جوڳي، جو برهما جو پوٽو ۽ ديوتائن جو جنم داتا سمجهيو ويندو هو. +ماتلي:اندر ديوتا جو رٿ بان. +شارنگرو ۽ شاردوت: ڪڻو رشيءَ جا چيلا. +(ڪوٽوال، پيادا، دربان، محافظ، مهاڻا، ساڌو وغيره) +-عورتون- +شڪنتلا:مينڪا اپڇرا(حور) جي ڌيءُ، ڪڻوءَ جي ڌرم جي ڌيءُ. +پريمودا ۽ آنسويا:شڪنتلا جون ساهيڙيون. +گوتمي: ڪڻو رشيءَ جي ڀيڻ، هڪ پوڙهي جوڳياڻي. +وسومتي:دشينت جي راڻي. +سانومتي:هڪ اپڇرا (حور) – شڪنتلا جي ساهيڙي. +ويتروتي ۽ چترڪا: راجا جي محلات جون ٻانهيون. +اديتي: ڪشيپ رشيءَ جي زال. +(ڀيلياڻيون، داسيون، مالهياڻيون، ۽ جوڳياڻيون وغيره) +شڪنتلا +(سنڌي ترجمو) +مهاڳ +ڌڻيءَ جي در دعا +(هڪڙو برهمڻ اسٽيج تي اچي، ڌڻيءَ جي تعريف ۾ هڪ گيت ڳائي ٿو:) +شل ايشور اوهان جو، هوندو هميشہ حامي، اٺ روپ اُن کي آهن، سڀني سندو سوامي، پهرين جاءِ شيءِ اُپائي، خالق، سا آهه پاڻي، پر ميشور جو بيشڪ، آهي اُهو پيامي. ٻي شيءِ، کڄن ٿا جنهن سان، ٻَل قاعدن مطابق، اگني يا باهه اُن کي سڀ ٿا سڏن مدامي. ٻَل ٿو جلائي جيڪو، سو روپ ايشور جو، يعني اُهو برهمڻ، هرگز نه آهه عامي. ٻيئي ڀلا ڀلارا، جي وقت ڪن مقرر، ساڳي ٿي جوت ڏسجي، سج چنڊ ۾ تمامي. هر شيءِ تي اُن جو قبضو، مِڙني سندو هو مالڪ، سڀ ڪائنات آهي، سائينءَ سندي سلامي. جنهن ۾ ٻُڌڻ جي خوبي، تنهن ۾ اُهو ئي آقا. ڪلتار سان، اُڀن جي ڏسجي ٿي هم ڪلامي. ڌرتي سڏن ٿا جنهن کي، سار رزق ٿي رسائي، ڏسجي ٿي ڪين اُن ۾، ڪنهن قسم جي ڪا خامي. جنهن مان ٿئي ٿو حاصل، هر جيو کي جياپو، سڏجي ٿي سا، هوا جي مشهور خوش خرامي. آهن اَٺيئي صفتون، جڳ جي ڌڻيءَ ۾ بيشڪ، هر شيءِ کي ٿي جڳائي، اُن جي ڪرڻ غلامي. شل هو اسان سڀن کي، ساري سدا سنڀالي، حاصل ڪريون اُنهيءَ جي نالي سان، نيڪ نامي! صفتن ۾ ڪين اُن جي هرگز گمان آڻيون، هردم خيال پنهنجو اُن ڏي وڃي اُڏامي! اُن کان سوا نه ڪنهن کي ڄاڻون نڪي سڃاڻون، پنهنجي ڌڻيءَ جي در تي بلڪل وڃون وڪامي! +--- +]دعا بعد سوترڌار (اسٽيج ڊائريڪٽر) اچي ٿو.[ +سوترڌار(سينگار ڪوٺيءَ ڏانهن نهاري) – شريمتي سينگار ڪري چڪي هجين، ته ٿورو هيڏانهن اچج! +نٽي (اندر ايندي) – سائين، اِجها حاضر آهيان. حڪم فرمايو، ڇا ڪرڻو آهي؟ +سوتر ڌار – هيءَ پنڊتن جي سڀا آهي. اڄ اسان کي هڪ نئون ناٽڪ ڪري ڏيکارڻو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شڪنتلا“. +هيءَ ڪاليداس جو لکيل آهي، جنهن جي اداڪاريءَ ۾ خاص جو هر ڏيکارڻ گهرجن. +نٽي – اوهان جي قابل هدايت ڪاريءَ کان پوءِ، ڪنهن به ڀُل چُڪ جو انديشو نه آهي. +سوترڌار (مرڪي) - شريمتي، اِنهيءَ کي ڇا ڪبو، جو فنڪار کي پنهنجي ڪمال تي ڀروسو ئي نه هجي! جيستائين حاضرينن جي زبان مان واه واه نه نڪري، تيستائين مان توکي نه مڃيندس! +نٽي-سچ آهي. اوهين حڪم فرمايو ته هن کان پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ +سوترڌار-مناسب ته ائين آهي ته ڪو مهل جو راڳ ٻڌائي، حاضرينن جي ڪنن کي موهي ڇڏ! +نٽي-راڳ ڪهڙيءَ مُند جو هجي؟ +سوترڌار-اونهارو اڃا هينئر شروع ٿيو آهي، ۽ گرمي به ڪا خاص تڪليف نٿي پهچائي-تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته تون انهيءَ مَن موهيندڙ رُت جو راڳ ڳاءِ. ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه شام جو وقت ڪهڙو نه سيبائيندڙ ٿئي ٿو، ۽ پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻڻ سان ساه کي ڪهڙي نه سڌير حاصل ٿئي ٿئي، ۽ ٻيلن جي گلن:جي سرهاڻ، ۽ ڇانءَ ۾ آرام، روح کي ڪهڙو نه آٿت ڏئي ٿو! +نٽي-حاضر!(ڳائڻ شروع ڪري ٿي.) +سرهه جا گل نزاڪت سان، ڇنن پييون سندر ناريون، ڪنن ۾ تن جي ڏس جهومڪ، ٽِلن پيون ٽلڻ واريون! بنايائون محبت مان، عجب سينگار زُلفن جو، وڻيون آهن سندن دل کي، اهي گُلڙن سنديون ٽاريون! عجب آهن سُنهري رنگ جي تارُن ڀريل مکڙيون، چُمن ڀونرا پيا تن کي، ڏيئي هڪ ٻئي کي دلداريون! +سوترڌار-واه، واه، تنهنجي تان ته اهڙو ��نگ رچايو آهي، جو سڄي مجلس حيرت جي تصوير بنجي، نهاري رهي آهي! چؤ، هينئر ڪهڙو ناٽڪ ڏيکارڻ چاهين ٿي؟ +نٽي-هي ڇا! اوهين اڃا هينئر اعلان ڪري چڪا آهيون، ته اڄ اسان کي ”شڪنتلا“ نالي هڪ نئون ناٽڪ ڪرڻو آهي. +سوترڌار-وڏي مهرباني، جو ياد ڏياريئي! مان انهيءَ وچ ۾ پنهنجا هوش حواس به وڃائي ويٺو هوس.تنهنجو جادوءَ ڀريو گيت منهنجي خيالن کي ائين پَري ڇڪي ويو هو، جيئن راجا دشينت کي هيءُ تيز هرڻ هيڏي ڇڪي آيو آهي. +(ٻئي هليا وڃن ٿا) +(پردو ڪري ٿو) +پردو پهريون +جهنگ +]راجا ”دشيَنت“ تير ڪمان هٿ ۾ کڻي، هڪ هرڻ جو پيڇو ڪندي، پنهنجي سارٿيءَ سان گڏ رٿ ڊوڙائيندو نظر اچي ٿو.[ +سارٿي (راجا ۽ هرڻ ڏانهن نهاري)-اوهان جي وڏي ڄمار! جڏهن منهنجي نظر هن ڪاري هرڻ ۽ اوهان جي ٻَنگيل ٻاڻن تي پوي ٿي، تڏهن بس، ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ پاڻ شوجي انهي هرڻ جو پيڇو ڪري رهيو آهي، ۽ هنن ويچارن ”چٽڪمرن“ جي نسل جي نالي نشان برباد ڪرڻ لاءِ سنڀري نڪتو آهي. +راجا-سارٿي، ڏس ته سهي، هن هرڻ اسان کي ڪٿان کان ڪٿي آڻي ڪڍيو آهي، ۽ هينئر به ڪهڙي نه ناز ۽ نخري سان ڪنڌ ڦيرائي، پنهنجي عجيب اکڙين سان هن موت جي پيغام آڻيندڙ رٿ ڏانهن نهاريندو پيو وڃي، ۽ تير جي، ڀَو وچان ڪڏهن سندس ڌڙ جو پويون ۽ ڪڏهن اڳيون حصو سُڪڙجي وڃي ٿو. هيءُ پيڇرو جنهن تي سندس قدمن جا نشان آهن، سو سڄو سندس اڌ چريل گاه سان ڇانيو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿَڪ جي سببان سندس وات ڦاٽل آهي. تنهن کان سواءِ، سندس وڄ جهڙا تکا ڇال ته ڏس، ائين ڪڏهن به معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪو هو زمين تي آهي، پر اهو ئي گمان پيدا ٿئي ٿو ته هو هوا ۾ اُڏامندو ٿو وڃي! مان جيتوڻيڪ اُن جو لڳاتار پيڇو ڪندو اچان ٿو، تنهن هوندي به هو منهنجن اکين کان ذري گهٽ غائب ٿيو وڃي! +سارٿي- شل جُڳ جيئو! هيستائين زمين ۾ ايترا ته کڏون کوٻا هئا، جو مان رٿ کي تمام جهلي جهلي هلائيندو آيو آهيان، ۽ هرڻ اڳيان نڪري ويو آهي. هينئر ته سنئون ميدان اچي ويو آهي، تنهنڪري هو اوهان کان ڀجھي نه سگهندو. +راجا - پوءِ ته گهوڙن جون واڳون ڍريون ڪري ڇڏ! +سارٿي (تيزيءَ سان رٿ هلائيندي)-جيءُ، جيئندا قبلا. ڏسو سرڪار! واڳن ڍرين هوندي به گهوڙا پنهنجي موج ۾ ائين اڏامي رهيا آهن، ڄڻ ته کين هرڻ جي تيزيءَ تي خار ٿي اچي، اڏامندڙ دز کي ڪيئن نه پنهنجي پٺيان اُڇليندا پيا وڃن! سندن ڳچيون سنيون سڌيون ۽ وڌيل آهن، ۽ ڪن مٿي کڙا ٿي ويا اٿن. +راجا (خوشيءَ مان – سچ پچ، هنن گهوڙن ته اِندر ۽ سورج ديوتان جي گهوڙن کي به شهه ڏيئي ڇڏي آهي! ۽ اچي هرڻ کي ويجهو پهتا آهن. رٿ جي تيزيءَ جي هيءَ حالت آهي، جو جيڪي شيون اڳي ننڍيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون، سي هڪدم وڏيون ٿينديون پيون وڃن. جيڪي ٽڙيل پکڙيل هيون، سي هڪ گهڙيءَ ۾ هڪ ٿينديون پيون وڃن ۽ جيڪي قدرتي طرح ڏنگيون ڦِڏيون هيون، سي اک ڇنڀ ۾ وڃن پيون هموار ٿينديون. ڄڻ ته رٿ ۽ ويجهڙائيءَ جي وچ ۾ ڪو فرق ئي نه رهيو آهي.... چڱو ڏس، اجهو ٿو هرڻ مري! +(ائين چئي، ڪمان ڪشي ٿو) +(پردي پٺيان آواز)-مهاراج، هيءُ آشرم جو هرڻ آهي! هن کي نه ماريندا، نه ماريندا! +سارٿي (ڪَن ڏيئي ۽ اکيون ڦاڙي)-جيئندا قبلا، اوهان جي تير جي نشان ۽ هرڻ جي وچ ۾ ساڌو اچي ويا آهن! +راجا (تڪڙ منجهان) – ته پوءِ گهوڙا جهل! +سارٿي – حاضر سائين! +(رٿ بيهاري ٿو-هڪ ساڌو پنهنجي چيلن سميت اچي ٿو) +ساڌو(هٿ مٿي کڻي)-راجن! راجن:هيءُ آشرم جو هرڻ شڪار لاءِ نه آهي! هيءُ تير سندس نازڪ جسم ۾ نه چُڀڻ کپي. اها باه هنن گلن جي انبار کي ساڙڻ جي لاءِ نه آهي. ڪٿي هن جو نرم ۽ نازڪ جسم ۽ ڪٿي اوهان جا تِکا تير، جي ترار کان وڌيڪ تيز ۽ بجليءَ کان وڌيڪ ٻَرندڙ آهن! هي تير ته دکي دلين جي حفاظت لاءِ آهن، ۽ نه معصوم دلين کي ڦٽڻ لاءِ! +راجا (نمسڪار ڪري) – چڱو، چڱو: اوهان جو حڪم اکين تي. (تير واپس ترڪش ۾ وجهي ٿو). +ساڌو(خوش ٿي ڪري)-اي پروءَ 2 جي گهراڻي جا چشم و چراغ ۽ راجائن جي راڄنيتيءَ جا باغ! اِهو ئي تنهنجي شان جي شايان آهي! ڀڳوان ڪري، شل تون اهڙي پُٽ جو پيءُ بڻجين، جو سڀني راجائن جو راجا هجي! +(ٻيا به هٿ کڻي دعا ڪن ٿا)-تحقيق توکي پٽ ڄمندو؛ جو دنيا ۾ وڏو راجا ٿيندو! +راجا(نِوڙي)-پاڪ ساڌوءَ جو سخن قبول آهي. +ساڌو- راجن! اسين ته ڪاٺيون ڪرڻ ٿا وڃون. هو ڏسو، پريان مالني نديءَ جي ڪناري تي اسان جي گُروءَ ڪڻو رشيءَ جو آشرم آهي! جيڪڏهن اوهان جي ڪم ۾ اٽڪاءُ نه ٿئي، ته ڀلائي ڪري اتي هلو، ۽ اسان کي پنهنجي ميزبانيءَ جو شرف بخشيو. +اوهان جي ٻانهن تي ڪمان جي زهه جا جيڪي نشان ٺهي بيٺا آهن، تن جي پناه جو دائرو ڪيڏو نه وسيع آهي! اوهان کي انهيءَ جو اندازو اُن وقت ٿيندو، جڏهن اوهان پنهنجن اکين سان ساڌن کي ڪنهن به ڊپ ڊاءَ کان سواءِ پوڄا پاٺ ڪندي ڏسندا. +راجا-ڇا، اوهان جو مَها گرو اتي آهي؟ +ساڌو-هو پنهنجي ڌيءُ شڪنتلا کي مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ هدايت ڪري، اِجهو هينئر سوم تيرٿ ڏانهن مٿس بلا ٽارڻ لاءِ ويو آهي. +راجا-خير، آءٌ شڪنتلا سان ئي ملي ٿو وٺان، اميد ته هو منهنجا آداب مَها رشيءَ کي پهچائيندي! +ساڌو-چڱو، ڀلي ائين ڪريو؛ اسين موڪلايون ٿا! +(ساڌو پنهنجن چيلن سوڌو هليو وڃي ٿو) +راجا-سارٿي، گهوڙا هلاءِ! جيئن اسين هڪ ڀيرو هن پاڪ آشرم کي ڏسي، پنهنجا پاپ ڌوئي ڇڏيون. +سارٿي-جيئندا قبلا، جيئن اوهان جو حڪم! +(ائين چئي، سارٿي وري به تيز رفتار رٿ هلائي ٿو) +راجا(چوڌاري نهاري)-سارٿي، اسان کي ڪنهن ٻُڌايو به ڪونهي؛ تڏهن به ائين ٿو معلوم ٿئي ته هيءُ تپ بن*جو ماڳ آهي! +سارٿي-سو وري ڪيئن؟ +راجا-ڇو، ڏسين نٿو؟ ته ڪيئن هيڏانهن هوڏانهن طوطن جي ٻچن جي چهنبن مان ڪريل چانورن جا داڻا پيا آهن؛ ۽ جنڊ جي پڙن جي آلاڻ صاف صاف ٻُڌائي رهي آهي ته مٿس باداميون ڏريون ويون آهن. هرڻ ماڻهن سان ايتريقدر هري ويا آهن، جو رٿ جي گهرڙ گهرڙ، جو به مٿن ڪو اثر نٿو ٿئي ۽ هو نڪي ٽهن ٿا ۽ نڪي ڀڄن ٿا! نديءَ ڏانهن ويندڙ پيچرن تي آلن ڪپڙن مان ٽمندڙ بُوندن پڻ ڇڻڪار لائي ڇڏي آهي! +سارٿي-سڀ سچ آهي! +راجا(ٿورو اڳڀرو وڌي)- تنهن کان سواءِ، هوا جي مٺڙن ۽ وڻندڙ جهوٽن، ڪَسين جي ڇولين سان، سُندر ڪناري تي اُڀريل ٻوٽن جون پاڙون ڌوئي صاف ڪري ڇڏيون آهن! قربانگاه تي ٻرندڙ گيهه جي دونهين گلن جي پَنن جو رنگ بَدلائي ڇڏيو آهي، ۽ هرڻن جا ٻچڙا بَن جي ساون پڌرن تي ڏاڍيءَ نَرمائيءَ سان چري رهيا آهن ۽ مزي سان پيا گهمن ڦرن! ڏسجانءِ، ائين نه ٿئي، جو ڪٿي آشرم وارن کي تڪليف پهچي! +هتي ئي رٿ بيهار، ته آءٌ لهي پوان. +سارٿي-مون گهوڙن جون واڳون ڇڪي جهليون آهن، ڀل ته سائينءَ جن لهن! +(راجا هيٺ لهي ٿو ۽ پنهنجي جسم کي جاچي ڏسي ٿو) +راجا-سارٿي، آشرم ۾ گهڙڻ وقت بت تي سادا ڪپڙا هئڻ گهرجن، تنهنڪري هي شيون پاڻ وٽ سنڀالي رک. +(جواهرات ۽ تير ڪمان کيس ڏئي ٿو) +جيسين آءٌ آشرم مان ٿي موٽي اچان، تيسين ڀل ته گهوڙا پاڻي پين ۽ ويساهين وٺن. +سارٿي-حاضر، مهاراج! +(راجا هليو وڃي ٿو) +راجا(چوڌاري گهمندي ڦرندي) اجهو، آشرم جو در! هتان ئي اندر وڃڻ گهرجي... +(اندر گهڙندي پنهنجي ساڄي ٻانهن ڦڙڪندي ڏسي ٿو) +راجا(پاڻ)-هيءُ آشرم ته ”تپ جپ“ جو گهر آهي، پر منهنجي ساڄي ٻانهن ڇو ٿي ڦرڪي؟ ۽ انهيءَ جو ت��بير ڇا ٿو ٿي سگهي؟ ائين نه چئو، قسمت جا دروازا هر هنڌ کُلي سگهن ٿا. +(پردي پٺيان آواز) سهيليون هيڏانهن هيڏانهن! +راجا(آواز ٻڌي)-وڻن جي هنن وراڪن جي پٺيان ڳالهائڻ جو آواز ڪيئن ٿو اچي؟ هلي ڏسان ته سهي! (اتي وڃي چوڌاري نهاري ٿو) هان، هي ته آشرم جون ڪنيائون آهن، جي وڻن ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي قد بت آهر ٿانو کڻي، هن پاسي پيون اچن! (غور سان ڏسي)ڌڻيءَ جي قدرت، ڪهڙو نه من موهيندڙ رنگ روپ اٿن! جيڪڏهن اهڙو نرالو حسن، جيڪو راجائي محلن ۾ به ناياب آهي؛ سو آشرم ۾ نظر اچي سگهي ٿو ته پوءِ ائين سمجهڻ گهرجي، ته اسان جي باغن جا گل ڦل هنن جهنگ جي گلن ڦلن سان ڪڏهن به مٽ پئجي نٿا سگهن! هينئر آءٌ هن وڻ جي اوٽ وٺي، لڪي ٿو بيهان. +(راجا لڪي ٿو بيهي، ۽ شڪنتلا پنهنجن ٻن ساهيڙين سميت پر گهٽ ٿئي ٿي) +شڪنتلا – ڀينرو، هيڏانهن، هيڏانهن! +آنسُويا-پياري شڪنتلا، آءٌ ڀانيان ٿي ته ڪڻُو بابا کي هي وڻ ۽ ٻوٽا توکان به وڌيڪ پيارا آهن! نه ته هو تو جهڙيءَ نازڪ بدن کي هنن ڪونڊين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڇو حڪم ڏئي ها؟ +شڪنتلا-هان، پر آءٌ اهو رڳو بابا جي حڪم تي ٿورو ئي ٿي ڪريان! منهنجو ته پاڻ هنن سان ڀائپيءَ جو ناتو آهي. (ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لڳي ٿي). +راجا(پاڻ)-ڇا، اِهائي ڪڻوءَ جي ڌيءُ آهي؟ پر هن جي سمجهه ته ڏسو! ههڙيءَ نازڪبدن کان به آشرم جا ڪم ٿو وٺي! هن البيليءَ کان تپ جپ ڪرائڻ اهڙو آهي، جهڙو ٻٻر جي ٽاريءَ کي ڪنول گل جي پَن سان وڍڻ! آءٌ هن وڻ جي پٺيان لڪي، انهيءَ من موهڻيءَ کي بيحجاب ڏسي سگهان. +(وڻ جي پٺيان لڪي بيهي ٿو) +شڪنتلا(ٿورو ترسي) پياري اَنسويا، پريمودا منهنجي چوليءَ جون ڏوريون اهڙيون ته ڇڪي ٻڌيون آهن، جو ساه ٿو گهٽجي! مهر ڪري ڪجهه ڍريون ڪري ڇڏ. +آنسويا – چڱو! (ڏوريون ڍريون ڪري ٿي). +پريمودا (ٽهڪ ڏيئي – اڙي، پنهنجي جوانيءَ کي نٿي چئين، جا تنهنجي جوڀن کي اُڀاري رهي آهي! +مون کي ڇو ٿو جهڻڪين؟ +راجا (پاڻ) - اها ڇوڏي جي سخت چولي، هن نازڪ اندام تي نٿي ٺهيئ. ڪلهن تي ٻڌل ڏورين جي هيٺان سندس ڇاتي ائين ٿي لڳي، ۽ ائين ته بيوس آهي، جيئن سُڪل پَنن جي هيٺان ڍڪيل گُل... انهيءَ ڪري ته کيس زيورن جي زيب جي ضرورت نه آهي! خدا جي ڏنل حُسن کي هارسينگار جي ڪهڙي ضرورت! ڪنول جو گل کڻي ڪکن پنن سان گهيريل هجي، ته به سُهڻو لڳي ٿو: چنڊ جو ڪارو داغ پاڻ سندس سونهن کي وڌائي ٿو. هي سنهڙي وينگس ڇوڏن جي لباس ۾ پاڻ وڌيڪ جاذب آهي. اها ڪهڙي شيءِ آهي، جا منوهر صورتن لاءِ سينگار جو سبب نٿي بنجي؟ +شڪنتلا (اڳتي نگاه ڪري)-ڄڻ ته هي ڪيسر جو وڻ هوا ۾ ڏڪندڙ آڱرين جهڙن پنهنجن پَنن سان، مون کي پاڻ ڏي ڇڪي رهيو اهي. مان اُن جي عزت افزائي ڪنديس. +(ڏانهنس وڃي ٿي) +پريمودا- پياري شڪنتلا، ٿوري دير ترسج! شڪنتلا-ڪهڙي مطلب لاءِ؟ +پريمودا - انهيءَ لاءِ ته تنهنجي ڀرسان بيهڻ ڪري، ڪيسوڻ ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ڄڻ ته ڪنهن ول سان هم ڪنار آهي؟ +شڪنتلا-انهيءَ لاءِ ته توکي پريمودا(منهنجي مٺي) چون ٿا. +راجا (پاڻ) – پريمودا سچي ۽ مٺي ڳالهه چئي آهي. ڇاڪاڻ ته هيٺيون چپ ننڍي گونچ وانگر رنگين اٿس: ٻانهون چنبيليءَ جي نازڪ ٽارين جهڙيون اٿس، ۽ جوڀن جواني گلاب جي گل جيان سندس سڀني عضون کي سونهن بخشي رهي آهي! +آنسويا – پياري شڪنتلا، ڇا تو انهيءَ چنبيليءَ کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن انهيءَ انب جي وڻ سان ڪوڏ پئي شادي ڪئي هئي، ۽ تو سندس نالو ”بن جوت“ رکيو هو؟ +شڪنتلا – انهيءَ کي ته آءٌ ان وقت وسارينديس، جڏهن مان پاڻ کي وسارينديس. (چنبيليءَ جي وڻ جي ويجهو وڃي) واه واه، اُهو ڪهڙو نه سڀاڳو وقت هو، جڏهن هن وڻ ۽ ول جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو هو! ۽ هينئر مکڙين جي صورت ۾ ”بن جوت“ نئين جواني حاصل ڪئي هئي، ۽ اَنب جا نوان پن ڏيکارين ٿا ته هو مزن ماڻڻ لاءِ آتو آهي. (گهُوري رهي آهي). +پريمودا – انسويا، توکي خبر آهي ته شڪنتلا هن ”بن جوت“ ڏانهن اهڙيءَ سڪ منجهان ڇونهاري رهي آهي؟ +انسويا – اَلائي! مون کي ڪهڙي خبر؟ تون ئي کڻي ٻڌاءِ! +پريمودا – هوءَ پنهنجي دل ۾ اِهو ٿي سوچي ته ”جهڙيءَريت هن ول کي هڪ من موهيندڙ ساٿي مليو آهي، شل اهڙو ئي پيارو جيون ساٿي مون کي به نصيب ٿئي!“ +شڪنتلا – ها، نيٺ ظاهر ڪيئه پنهنجي اندر جو انت! +(ائين چئي گهاگهر اُونڌي ڪري ٿي) +راجا (پاڻ) – متان ائين ته نه آهي ته هيءَ ڪڻو رشيءَ جي ٻيءَ ذات واريءَ زال جي ڌيءُ آهي؟... ڇڏ دل، انهن اجاين وسوسن کي! جيڪڏهن سچ پڇين ته هوءَ اهڙي حسين آهي، جو سندس شادي ڪنهن راڄ کتريءَ سان ئي ٿئي ته سونهين! منهنجي اَصيل دل ۾ به اُن لاءِ محبت جو جذبو جاڳي اُٿيو آهي، ۽ اهڙين ڳالهين ۾ محبتي ماڻهن جو ارادو ئي هميشہ حق ڏانهن مائل هوندو آهي: تنهن هوندي به مون کي ان جي پروڙ پئجي ئي ويندي. +شڪنتلا(مونجهه ۾) – يا مدد! پاڻيءَ جي ڇنڊن پوڻ ڪري، هڪڙو ڀونر چنبيليءَ کي ڇڏي، ڀون ڀون ڪندي، منهنجي منهن ڏي ڪاهي رهيو آهي! +راجا (حسرت منجهان نهاريندي) – واه واه، اي ڀونر، جنهن جي تلاش ۾ اسين حيران پريشان گهمي رهيا هئاسين، تنهن کي نيٺ تو ئي حاصل ڪيو! تون گهڙيءَ گهڙيءَ انهن نازڪ نيڻن کي اچي ڇُهين ٿو، جن جون پِنبڻيون تڙپي رهيون آهن! تون سندس ڪَنن جي چوڌاري اهڙيءَ ريت چڪر لڳائين ٿو، جو ڄڻ ته ساڻس هوريان هوريان ڪو راز اوري رهيو آهين! هوءَ ته پنهنجا هٿ ڇنڊي رهي آهي، پر تون سندس چَپ چوسڻ ٿو چاهين! جو ئي بنهه عشق جو عين آهي! اي ڀونر، تون بيشڪ بختاور آهين؛ پر اسين ته سندس حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ئي هلاڪ آهيون! +شڪنتلا – هيءُ پاپي ڀونر ڪنهن به ريت باز نٿو اچي، تنهنڪري مون کي هتان هڪدم هليو وڃڻ گهرجي. (نظر ڦيرائي ٿي) اڙي، هيءُ ڪار مُنهون ته هتي به اچي پهتو! ڌڻيءَ جي صدقي مون کي بچايو! هن ڪميڻي مون کي ڏاڍو ستايو آهي. +ٻيئي ساهيڙيون (کلندي) – اسين ڪير آهيون، جو توکي بچايون! دشينت کي پڪار، ڇاڪاڻ ته ”تپ بن“ جو محافظ راجا ئي ٿيندو آهي. +راجا (پاڻ سان اَڌ گابرو ڳالهائيندي) – پر منهنجو راجا ئي راز ته ظاهر ٿي پوندو! خير، پوءِ هيئن ڇو نه چوان ته... +شڪنتلا (هڪدم هٽي، اکيون ڦيرائي) – اڙي هاءِ، هيءُ بدبخت ته هتي به منهنجي پچر نٿو ڇڏي! +راجا (هڪدم اڳتي وڌي) – ڪير آهي اُهو بدبخت، جيڪو هنن معصوم رشي ڪمارين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهيو آهي؟ ڇا کيس اها خبر ڪانهي ته ظالمن کي سزا ڏيندڙ ”پورؤ“ دنيا تي راڄ ڪري رهيو آهي؟ +انسويا – سائين منهنجا، هتي ڪا خطري جهڙي ڳالهه ڪانهي! اسان جي پياري ساهيڙيءَ کي هڪ ڀونر ايڏو ته اچي تنگ ڪيو آهي، جو هوءَ ويچاري سَهمجي ويئي آهي! (شڪنتلا ڏانهن اشارو ڪري ٿي). +راجا (شڪنتلا ڏانهن مُنهن ورائي) – توهان جي تپَسيا جو ڪهڙو حال آهي؟ +(شڪنتلا شرم وچان بُت بڻي بيٺي آهي) +انسويا – اوهان جهڙن معزز مهمانن جو آڌر ڀاءُ به ته اسان لاءِ تپسيا ئي آهي. (شڪنتلا کي) شڪنتلا، تون جهوپڙيءَ ۾ وڃي، ميوي سميت پَذيرائيءَ جو سامان کڻي اچ! باقي پيرن ڌئارڻ لاءِ هيءُ پاڻي ڪافي آهي. +راجا – توهان جي لياقت ڀريل لفظن، منهنجي اڳيئي آجيان ڪري ڇڏي آهي! +پريمودا – گهڙيءَ کن هن ستَگُليءَ وڻ جي ٿڌيءَ ڇانءَ هيٺ دڪيءَ تي ويهي، ٿڪ لاهي وٺو. +راجا – آءٌ ڀانيا�� ٿو ته توهين به اهو ڌرمي ڪم ڪندي ٿڪجي پيون آهيو: ڇو نه گهڙي کن هت وسرام وٺو! +انسويا – پياري شڪنتلا، اسان کي پنهنجن مهمانن جي عزت ڪرڻ گهرجي! اچو ته ويهون. +(ٽيئي ڄڻيون ويهي رهن ٿيون) +شڪنتلا (پاڻ) – ڪهڙو سبب آهي، جو هن ڌارئي ماڻهوءَ کي ڏسي، منهنجي دل ۾ هڪ اهڙو ته اُمنگ، اُتپن ٿيو آهي، جو هن ”تپ بن“ لاءِ هر طرح اڻ سهائيندڙ نظر اچي ٿو! +راجا (سڀني ڏانهن نهاري) – توهان جي سنگت ڪهڙي نه ساه سيبائيندڙ آهي، جو توهين هم عمر ۽ هم صورت آهيو! +پريمودا – انسويا! هيءُ مٺڙو شانائتو شخص ڪير هوندو؟ جو اهڙي وڻندڙ ۽ فهميدي نموني ۾ ڳالهائي رهيو آهي؟ ڪنهن وڏيءَ ڏيا جو صاحب ٿو ڏسجي! +انسويا (اڃا پاسيرو) – سَکي، آءٌ پڻ اچرج ۾ آهيان. چڱو، پڇانس ٿي! (ٿوري بلند آواز سان) اوهان جي خوش اخلاقي مون کي همت ڏياري ٿي ته آءٌ حضور جن کان اها پڇا ڪريان ته اوهين ڪهڙي شاهي ڪٽنب جا سينگار آهيو؟ اوهين ڪهڙي ديس کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي، هتي آيا آهيو، ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي نازڪ تن کي تڪليف ۾ وجهي، هن ”تپ بن“ ڏي اچڻ جو ڏاکڙو برداشت ڪيو اٿو؟ +شڪنتلا (پاڻ) – اي دل، بيقرار نه ٿيءُ: انسويا ته پاڻ تنهنجي اندر جي ڳالهه پڇي رهي آهي! +راجا (پاڻ) هاڻي پاڻ کي ڪيئن ظاهر ڪريان يا ڪهڙيءَ طرح پاڻ کي لڪايان! چڱو، هيئن ٿو کڻي چوان(ڏاڍيان ڳالهائيندي)”پَورؤ“ راجا مون کي ڌرمي ڪمن جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو آهي: هن سنياسي جهڳٽي ۾ ڏسڻ آيو آهيان ته ڌرمي ڪريائن جي فرض ادائيءَ ۾ ڪي رنڊڪون ته ڪينهن! +انسويا – ته ائين چئون ته اسان کي ڪهڙو محافظ ملي ويو! +(شڪنتلا، پيار جي جذبي هيٺ ککي وکي ٿئي ٿي) +ساهيڙيون (شڪنتلا ۽ مهمان جو چهرو پسي) – پياري شڪنتلا، جيڪر پڻهين اڄ هتي حاضر هجي ها ته پوءِ؟ +شڪنتلا (ڪاوڙ مان) – ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ +ساهيڙيون – ههڙي مانائتي مهمان کي راضي ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي پياري ۾ پياري شيءِ به خوشيءَ سان بخشي ڇڏي ها. +شڪنتلا – ٽرو منهنجي اڳيان! اوهين پنهنجون من گهڙيون ڳالهيون ڪري رهيون آهيو. آءٌ اوهان کي ڪَن به نه ڏينديس! +راجا – هاڻي مون کي به پنهنجي ساهيڙيءَ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪرڻ جي اجازت ڏيو! +ساهيڙيون – حضور، اهو عرض ته پاڻ اسان لاءِ احسان آهي. +راجا – عام طرح اها ڳالهه مشهور آهي ته ڪڻو رشي سڄي عمر ڪنوارو رهيو آهي: پوءِ ڀلا توهان جي هيءَ ساهيڙي سندس ڌيءُ ڪيئن ٿي؟ +انسويا – چڱو، ٻڌو: هڪڙو وڏي درجي جو راڄ رشي آهي، جنهن جي ڪٽنب جو نالو آهي ”ڪَوسِڪ“... +راجا – اُهو پوج پرش ته مشهور معروف آهي. +انسويا – هيءَ اسان جي پياري ساهيڙي به حقيقت ۾ انهيءَ جي ڌيءُ آهي. ڪڻو بابا ته رڳو انهيءَ مقصد سان سندس پيءُ بڻيو آهي، جو هوءَ کيس رستي تي پيل ملي هئي، ۽ گهر کڻي اچي نپائي تاتي وڏو ڪيائينس. +راجا – رستي تي پيل ملي هئي؟ اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي اَڻ تڻ ٿي آهي. مهرباني ڪري سربستو قصو سُڻايو. +انسويا – چڱو ٻڌو! ڪنهن وقت انهيءَ مهارشيءَ هڪ وڏو مشڪل جوڳ اختيار ڪيو هو. ديوتائن کي ڪنهن سبب اچي شڪ جاڳيو، سو انهيءَ تپسيا ٽوڙڻ لاءِ ”مينَڪا“ نالي هڪڙو اپڇرا (پريءَ) کي ڏياري موڪليائون... +راجا – ها ديوتائن کي ته هميشه ٻين جي رياضت جو کٽڪو لڳل رهي ٿو!... اڳتي ڀلا؟ +انسويا – بهار جي مُند ۾ هن حُور جا مَست بنائيندڙ ناز نخرا ڏسي ... +(ايترو چئي شرم وچان چُپ ٿي وڃي ٿي) +راجا – بس، انهيءَ ڳالهه جو نتيجو آسانيءَ سان نڪري سگهي ٿو! (شڪنتلا ڏانهن اشارو ڪري) چئبو ته هيءَ پريزاد آهي؟ +انسويا – ٻيو نه ته! +راجا – درست، نه ته ههڙو حُسن انسان�� ذات ۾ ڪيئن پيدا ٿئي! ۽ نور سان جهلڪا ڏيندڙ وڄ زمين مان ڪيئن نڪري سگهي! +(شڪنتلا شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي ٿي) +راجا (پاڻ) – ويتر منهنجي آرزوءَ کي ڊگهه رسي ملي آهي. پر سندس ساهيڙيءَ واتان چرچي ۾ مڱيندي جو مذڪور ٻُڌي، دل ۾ چورا کورا ٿي اٿم ته سندس سڱ آخر ڪنهن سان ٿيندو؟ +پريمودا (مشڪندي پهريائين شڪنتلا ۽ پوءِ راجا ڏي نهاريندي) – من کي ته ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته اوهين وري ڪجهه وڌيڪ پُڇڻ چاهيو ٿا! +(شڪنتلا، آڱر سان سکيءَ کي روڪي ٿي) +راجا – تو برابر سهي ڪري ورتو. اسان کي ٻي به ڳالهه پُڇڻي آهي، ڇاڪاڻ ته چڱن جا ڪم ٻُڌي، خوشي ٿيندي اٿئون. +پريمودا – ته حجاب نه ڪريو! ساڌن کان سوال پڇڻ ۾ ڪو اهم ناهي. +راجا – آءٌ توهان جي ساهيڙيءَ بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته سندس اهو ويراڳ ڪيستائين آهي؟ فقط شاديءَ تائين، يا اها مرگهه نيني، جا هرڻين جي به هارَ آهي، سدائين سندن وچ ۾ رهندي؟ +پريمودا – هيءَ ويچاري ته اڃا جپ تپ جي ڳالهه ۾ به ٻين جي هٿ وس آهي، پر تنهن هوندي به سندس پيءُ جي مرضي آهي ته هن جي شادي ڪنهن لائق ماڻهوءَ سان ٿئي. +راجا (پاڻ) پوءِ ته منهنجي اها اميد بلڪل اجائي نه آهي... اي نادان دل، هينئر ته هوش رک، تنهنجا شڪ شبها سڀ صاف ٿيا. جنهن کي تو باه جي چڻنگ ٿي سمجهيو، سا ته اهڙو موتي نڪتي، جو اُن کي تون ڳچيءَ ۾ پائي سگهين! +شڪنتلا (ڄڻ ڪاوڙجي) – انسويا، آءٌ وڃان ٿي! انسويا – ڇو؟ +شڪنتلا – آءٌ هن وات راڌيءَ پريمودا جي شڪايت گوتمي ٻائيءَ سان ڪنديس. +انسويا – منهنجي مٺڙي، ههڙي مانائتي مهمان جي ڳالهه ٻڌڻ ڌاران اُٿي وڃڻ هڪ آشرم واسيءَ لاءِ نه سهائي! اڃا ته اسان سندس ڪا خاطري ڪا نه ڪئي آهي. +(شڪنتلا، ڪڇڻ بغير راهي ٿئي ٿي) +راجا (پاڻ) – اُف، ڇا هوءَ وڃي ٿي!(کيس جهلڻ چاهي ٿو، پر پاڻ کي روڪي ٿو) آه، هاءِ افسوس! پريمين جي دل جو ڀيد اُنهن جي من موجي هئڻ مان ئي کلي ٿو. مون هن رشي ڪماريءَ کي گهڻو ئي روڪڻ ٿي چاهيو؛ پر ادب منهنجا هٿ جهلي ورتا. عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي جڳهه تان چريوئي ڪين آهيان ته به ائين ٿو محسوس ٿئي، ته آءٌ اُنهيءَ ڏانهن ويو به آهيان ۽ وري واپس موٽي به آيو آهيان. +پريمودا (شڪنتلا کي جهلي) – منهنجي مٺي، توکي وڃڻ نه جڳائي! +شڪنتلا (پيشانيءَ ۾ گهنج وجهي) – ڪهڙي سبب؟ +پريمودا – مون تنهنجي بدران هنن ٻن وڻن کي پاڻي ڏنو آهي؛ پهريائين اُهو منهنجو قرض لاهه ۽ پوءِ ڀلي وڃ. +(زبردستيءَ روڪيس ٿي) +راجا – نيڪ ديوي، اها ته تنهنجي ڏاڍائي آهي! ويچاري وڻن کي پاڻي ڏيندي، ساڻي ٿي پيئي آهي؛ ڏس ته گهاگهر کڻڻ ڪري، سندس ڪُلها ئي لڙڪي پيا آهن، سندس ٻانهون رهڙجي ڳاڙهيون لعل ٿي ويون آهن! سهڪيءَ کان سندس سينو پيو اُڀري. سندس ڳلن تي پگهر جا ڳڙا مُچو ڪري بيٺا آهن ۽ ڪنن ۾ وڌيل سَرنهه جي جهومڪن کي چُرڻ نٿا ڏين، وانگوڙو ڇُڙي پيو اٿس، ۽ ڏس ته ڪيئن نه هڪ هٿ سان پنهنجن وٽڙيل وارن کي جهلي رهي آهي.... +مان هن جو قرض چڪائيندس (پنهنجي مُنڊي آڇي ٿو +(ننگ تي اُڪريل نالو پڙهي، هڪ ٻئي جي مُنهن ڏانهن ڏسن ٿيون) +راجا – توهين اسان کي غير ڪري نه سمجهو. اها راجائي بخشش آهي. +پريمودا – پوءِ ته کيس آڱرين کان جدا ڪرڻ نه جڳائي! قرض لاهڻ لاءِ اوهان جو ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي. (ٿورو مشڪي) شڪنتلا، اسان جي رحمدل مهمان يعني مهراج توکي اڳيئي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڀلي وڃ! +شڪنتلا پاڻ – شل، آءٌ پنهنجو پاڻ پَلي سگهان! (پريمودا کي) توکي ڪهڙي طاقت آهي، جو مون کي ڇڏين يا روڪين؟ +راجا (پاڻ) (شڪنتلا ڏي نهاري) – ڪ��يان اُميد ته هوءَ به مون کي ائين ڀانئي ٿي، جيئن مان کيس ڀانيان ٿو! گهٽ ۾ گهٽ منهنجي تمنا کي ته موقعو مليو! اگرچه هوءَ مون سان ڳالهائي نٿي، پر تنهن هوندي به جنهن وقت آءٌ ڪجهه چوان ٿو ته هوءَ اُن کي ڏاڍي غور ۽ فڪر سان ٻڌي ٿي. اهو سچ آهي ته هوءَ مون ڏانهن نٿي نهاري، پر سندس نظر ۾ (مون کان سواءِ) غالباً ٻيو ڪي به ڪينهي. +(ايتري ۾ پَري کان آواز اچي ٿو) +آواز – اڙي جوڳيو، هيڏي اچو! ”تپ بن“ جي جانورن جي حفاظت جو خيال رکو! راجا دُشيَنت جن شڪار ڪندي ڪندي ڪٿي ويجهو ئي اچي پهتا آهن: ڏسو گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ سان اُڏامندڙ مٽيءَ جا ذرڙا، لاڙائو سج جي ڪرڻن جو رنگ وٺي، آشرم جي وڻن تي اِئين پون ٿا، جيئن مڪڙن جي فوج!... +تنهن کان سواءِ هن هاٿيءَ کي ڏسو، جو رَٿ جي آواز کان هراسجي، ائين ڊوڙندو نظر ٿو اچي، ڄڻ ته اسان جي تپسيا کي ڊانوا ڊول ڪرڻ لاءِ ڪا مجسّم بَلا اچي رهي آهي! هڪ وڻ جي ڏار ۾ پنهنجو ڏند اٽڪائي، هڪ ئي ضرب سان ان کي ڀَڃي ڇڏيو اٿس! ڪيترين ئي ولين کي پنهنجي پيرن ۾ کڻي آيو آهي ۽ اُهي ڄار وانگر مَٿس ويڙهجي ويون آهن! هي ڏسو، هرڻن جا وَلر، جي سندس ڊپ ۾ ٽهندا وتن! +(سڀ ٻُڌي وائڙا ٿي ٿا وڃن) +راجا (پاڻ) – اُف، شهري ماڻهن ته اسان جي سانگي هن ”تپ بن“ ۾ به ٿرٿلو وجهي ڇڏيو آهي! حال في الحال اسان کي هتان وڃڻ گهرجي. +ساهيڙيون – سائين، هن مست هاٿيءَ جي خبر ٻڌي، اسان جو ته هيانءُ ڦاٽي رهيو آهي! اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ ڀيڙيون ٿيون. +راجا (تڪڙ مان – توهان ڀلي وڃو، آءٌ پڻ جهد ڪندس، جيئن آشرم کي آسيب نه پهچي. +(سڀ اٿي کڙا ٿين ٿا) +ساهيڙيون – مهاراج، اسين اوهان جي ڪا به خاطر خواه خدمت نه ڪري سگهيا آهيون، ۽ اهو به چوندي شرم ٿو اچي ... ته ٻيهر ڪڏهن اچي ملاقات جو شرف بخشيندا! +راجا – ائين نه چئو، هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش قسمتي ٿي سگهي ٿي، جو توهان جو درشن ڪيم! +شڪنتلا (ويندي ويندي) – انسويا، منهنجي پير ۾ ڊڀوري چڀي پيئي آهي، منهنجو ڇوڏي لباس ڪنڊن ۾ اٽڪي پيو آهي؛ مهرباني ڪري ترسو، ته پاڻ ڇڏيان! +(انهيءَ بهاني تي راجا کي ڏسندي، ڌيري ڌيري پنهنجين ساهيڙين سان گڏ وڃڻ لڳي ٿي). +راجا (سڀني جي وڃڻ کان پوءِ) – مون کي شهر وڃڻ لاءِ هروڀرو ڪا تڪڙ ته ڪانهي، سو پنهنجن ساٿين سان وڃي گڏجان ۽ حڪم ڏيان ته آشرم جي ويجهو ئي هلي ديرو دمائين. شڪنتلا جو خيال منهنجي دل وٽان هڪ پل لاءِ به دور ٿي نٿو سگهي. منهنجي هيءَ حالت آهي، جو خالي جسم اڳتي وڌندو ٿو وڃي ۽ منهنجو روح سندس پُٺيان پُٺيان ڊوڙندو ٿو اچي؛ بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن مخالف هوا ۾ ڪنهن جهنڊي جي ريشمي بيرق اڏامندي آهي! (هليو وڃي ٿو) +(پردو ڪري ٿو) +* تپ بن:اهو جهنگ، جيڪو تپ جپ لاءِ مخصوص هجي. + + +پردو ٻيو +جهنگ ۾ راجا جو ديرو +(مسخرو ماڌو تمام اُداس حالت ۾ اندر گهڙي ٿو) +ماڌو(ٿڌو ساه کڻي) – هاءِ ڙي قسمت! هن شڪاري راجا جي سنگت ته مون کي صفا چَٽ ڪري ڇڏيو! اِجهو هرڻ، اِجهو واگهه، اِهائي رَڙ پيئي پوي! اِنهيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ زندگي خانه بدوشن جي چُلهه وانگر بنجي چُڪي آهي. وچ ڏينهن جو جهنگ جهر ۾ رلڻو ٿو پوي، جتي نٽهڻ ۾ وڻ جي ڇانءَ به نه ملي. جابلو ڪسين جو ڪوسو پاڻي پَنن سان گندو ۽ ڪَڙو ٿيل پيڻو ٿو پوي. کاڌو پوري وقت تي نٿو ملي - ۽ سو به رڳو سيخن تي پَڪل گوشت! رات جو ٿَڪ کان ننڊ نصيب ناهي، جو پُٺيانس گهوڙو ڊڪائيندي سنَڌ سنَڌ الڙيو پوي! وري پرهه ڦٽيءَ جو سوير، هي حرامزادا آهيڙي، پکين کي هَڪلون ڪندي، سارو ٻيلو گوڙ سان ڀَري ٿا ڇڏين. +مصيبت اتي به پچر نٿي ڇڏي ۽ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارو معاملو لڳو پيو آهي. ڪالهه جو اسين وڇڙياسين، ته قسمت وري ٻيو داءُ کيڏيو. ڦرڙيءَ تي ڦرڪڻوپيدا ٿي پيو، يعني سرڪار هرڻ جو پيڇو ڪندي، آشرم ۾ وڃي آهٽيو، ۽ اُتي وڃي ”شڪنتلا“ نالي جوڳيءَ جي ڇوڪريءَ سان اک اٽڪيس. بس، مُڙس نڪتو هو شڪار ڪرڻ، پر پاڻ شڪار ٿي ويو! هاڻي ته وطن ورڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. اڄ به صبح کان وڃي، اِنهيءَ ڌُن ‎۾ آهي، ۽ اِنهن ويچارن ۾ منهنجي ته سڄي رات اک ئي نٿي لڳي. پر ڇا ڪجي؟ مهاراج وهنجي سهنجي تيار ٿئي، ته سلامتي ڀرڻ وڃانس. +(پسار ڪندي، سامهون نهاري ٿو) +اِجهو منهنجو پيارو دوست هيڏانهن اچي رهيو آهي. ڀيلياڻيون هَٿن ۾ تير ڪمان کنيو، ڳچيءَ ۾ جهنگلي گلن جا هار وجهيو، ساڻس اچي رهيون آهن. آءٌ به بنا ڪنهن چُرپر جي بت بڻجي ٿو بيهي رهان، ڄڻڪ اڌ رنگ ورتو اٿم. خير، مَن اِنهيءَ بهاني ٿورو انعام ملي.(لٺ تي ٽيڪ ڏيئي، بيهي رهي ٿو: ايتري ۾ راجا به پنهنجن ساٿين سوڌو اچي ٿو وڃي) +راجا (پاڻ) – اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته منهنجو محبوب آسانيءَ سان نه ملندو: پر دل جي ڪيفيت ڏسي، اندر کي ڏڍ ٿو اچي. محبوب کڻي نه ملي، ته به ڇا ٿيو؟ ٻنهي طرفن جي اُڪير مزو ڏئي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪنهن جي لوري لڳل هجي، ۽ هو پنهنجي دل جي حال موجب ٻين جي جذبن جو اندازو لڳائڻ چاهي، ته سندس درد ائين ئي مات ٿيو وڃي. +ٻئي طرف نظر هئڻ جي باوجود، هڪ ٻن نگاهن جو هن طرف ڀٽڪي اچڻ؛ ڀريل جسم هوندي به سست رفتار؛ ۽ ساهيڙيءَ کي انهيءَ اِلتجا تي ڌمڪائڻ ته ”نه وڃ“ – اِهي سڀ رڳو مون کي ڏيکارڻ لاءِ ماڻا نه هئا، ته ٻيو ڇا هئا؟ آه! عاشق ڪيترو نه پاڻ کي ڌوڪي ۾ رکي ٿو! +ماڌو (ساڳيءَ حالت ۾) – دوست! بيهي بيهي، منهنجا ته سَنڌ به ساڻا ٿي چڪا آهن، تنهنڪري هٿ مٿي کڻي پرنام ڪري نٿو سگهان! +راجا (مشڪي) – اڙي خير ته آهي، توکي اِهو اڌ رنگ ڪيئن ٿيو؟ +ماڌو – واه، واه! اوهان ئي ته منهنجين اکين ۾ مرچ ٿا ٻرڪيو، ۽ وري پاڻ پڇي رهيا آهيو ته ڳوڙها ڇو ٿو ڳاڙين؟ +راجا – تون ته رڳو ڳجهارتن ۾ پيو ڳالهائين! +ماڌو – حضور، بيد پاڻهي وٽجي ويندو آهي يا پاڻيءَ جو ريلو اُن ۾ جهَڪ وجهيو ڇڏي؟ +راجا – اها ڳالهه ته بلڪل پڌري پيئي آهي ته اِهو سڄو ڪم پاڻيءَ جي ريلي جو آهي. +ماڌو – ته پوءِ بس، اهڙيءَ طرح منهنجين مصيبتن جو سبب به اوهان جي ذات باصفات آهي! +راجا – سو وري ڪيئن؟ +ماڌو – سو هيئن، جو اوهان پنهنجي راڄ گدي ڇڏي،هن سڃ ۾ اچي نڪتا آهيو، ۽ هنن جهنگلين ۾ رهڻ جو اهو ٺيڪو کنيو اَٿوَ، جو منهنجو عقل ئي چرخ ٿي ويو آهي! مِرون هڪليندي هڪليندي، منهنجون ته هڏيون پاسريون به ڀجھي پڇيون آهن! خدا جي واسطي ڏينهن اڌ ته چيلهه سڌي ڪرڻ ڏيو! +راجا (پاڻ) – هن جو پڻ هيءُ حال آهي، ۽ هوڏانهن منهنجو مَن شڪنتلا جي ياد ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو آهي، جو شڪار ڪرڻ تي به نٿو وري!... آءٌ انهن هرڻن تي ڪيئن تير ڇوڙيان، جن منهنجي محبوب جي صحبت ۾ رهي، کيس اِهي پر لطف نگاهون سيکاريون آهن! +ماڌو (راجا جي منهن ڏانهن نهاريندي) – حضور جن ته دل جو دل ۾ ڪجهه ويچاري رهيا آهن ۽ چپن ۾ ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪن ٿا، پر منهنجو ته خود آواز ئي اهڙو آهي، جهڙو رڻ پٽ ۾ پڙاڏو! +راجا (مشڪي) – ٻيو ڇا؟ دوست جو چوڻ ڪيئن ٿو موٽائي سگهجي! +ماڌو – شل جڙيا هجو جهان ۾! (وڃڻ ٿو چاهي). +راجا – بيهه ته سهي، اڃا مون کي ڪجهه چوڻو آهي. +ماڌو – اَگيا! +راجا – جڏهن ساه پَٽي وٺين، تڏهن توکي هڪ ننڍڙي ڪم ۾ منهنجي مدد ڪرڻي پوندي. +ماڌو – ننڍڙو ڪم ڇا! ڪي لڏو پيڙا کائڻا آهن؟ +راجا – انهيءَ جي اُپٽار آءٌ پوء�� ڪندس. +ماڌو – ته بس، منهنجو به اوهان سان وچن آهي. +راجا – ڪو آهي؟ +(چوبدار اچي ٿو) +چوبدار – حڪم مهاراج! ٻانهو حاضر آهي. +راجا – سپه سالار کي سڏي وٺ! +چوبدار – حاضر! (ٻاهر وڃي ٿو ۽ سپه سالار کي ساڻ وٺي اچي ٿو، ۽ اچڻ شرط سپه سالار کي چوي ٿو) مهاراج جون اکيون اوهان جي طرف آهن. +سپه سالار (راجا کي ڏسي – پاڻ) – شڪار جيتوڻيڪ آهي ته بُڇڙي بَلا، پر سائينءَ جن کي اِنهيءَ منجهان سراسر فائدو حاصل آهي! ڪمان جي زه ڇڪيندي ڇڪيندي، اوهان جي جسم جو مٿيون حصو رُڪ وانگر سخت ٿي چڪو آهي: نه اُس ٿي لڳيوَ ۽ نه وري ٿَڪ جي ڪري پگهر ٿو نڪريوَ. مطلب ته مهاراج جن ڪجهه ڏُٻرا ضرور ٿي ويا آهن؛ پر اهڙيءَ هاٺيءَ منجهان ڪير ٿو محسوس ڪري سگهي؟ +(ويجهو وڃي) مهراج جي جئي! .... ماڻهو ٻيلي ۾ شڪار کي تاڙڻ لاءِ روانا ٿي چڪا آهن. ڇا اوهان کي دير آهي؟ +راجا – ڇا ٻڌايان؟ ماڌوءَ شڪار جي باري ۾ ايڏي ته شڪايت ڪئي آهي، جو ماڳهين منهنجي دل ئي کٽي ٿي پيئي آهي؟ +سپه سالار (ماڌوءَ جي ڪَن ۾) – يار، تون پنهنجي پير تي پُختو بيٺو هججانءِ. آءٌ مالڪ جي ”ها“ ۾ ”ها“ ملائيندو ايندس... +(ڏاڍيان ڳالهائيندي) سرڪار، هن بيهودي کي ڀَلي بَڪڻ ڏيو. انهيءَ فن کي اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي سگهي! جسم چُست ۽ چالاڪ ٿئي ٿو ۽ چرٻي ڇَڻيو وڃي. تنهن کان سواءِ، جانورن کي هراسيل حالت ۾ ڏسڻ جو موقعو گهڙيءَ گهڙيءَ ڪٿي ٿو نصيب ٿئي! ويتر ڀڄندڙ جانورن تي نشان چُٽڻ تي تيراندازيءَ جو خاص ڪمال آهي. جيڪي شڪار کي بڇڙو ٿا سمجهن، سي خاڪ ٿا کائين. شڪار جهڙي ڪا ٻي ورونهن؟ +ماڌو (بيزاريءَ وچان) – اڙي، بند ڪر پنهنجون اهي ڦڙٻاٽون! حضور جن. تنهنجن اِنهن ڳالهين ۾ ڪڏهن به اچي نٿا سگهن! ڪجهه پنهنجو به خير گهر، جيڪڏهن ڪنهن پوڙهي رڇ تنهنجي اِنهيءَ ٽين جي نڪ کان اچي توکي ورتو، ته ٻٽيهه ڌارون ياد اچي وينديئه. +راجا – نيڪ سپهه سالار، مون کي آشرم جي پاڙي جو ننگ ٿو پوي؛ تنهنڪري آءٌ تنهنجي اِنهي مشوري تي عمل ڪري نٿو سگهان!... +اڄ ميهين کي تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻڻ ڏيو، ته ڀَلي پنهنجن سِڱن سان، پنهنجي لِڱن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻن، هرڻن کي ڇڏيو ته وڻن جي ڇانءَ هيٺ ويهي، آرام سان اوڳارين، ۽ سوئرن کي ڇڏيو ته ڀلي دٻن مان بي ڊپو گاه کوٽي ڪڍن ۽ هن اسان جي ڪمان کي به ڇڏي ڏيو ته ڀل زِه لٿي ڪجهه آرام وٺي. +سپهه سالار، جيئن سائينءَ جن جو حڪم! +راجا – تڏهن ڀلا، ٻيلي ۾ وڙول وجهندڙن کي واپس سڏائي وٺ! ۽ سپاهين کي به تاڪيد ڪري ڇڏ ته ”تپ بن“ جو آرام نه ڦٽائين. ياد رک، جوڳي اَمن پسند ضرور ٿيندا آهن، پر اُنهن ۾ هڪ اهڙي طاقت به لڪل هوندي آهي، جا باه وانگر ساڙيو ڇار ڪيو ڇڏي – جيئن ٺريل آفتابي پٿر، ڇُهڻ وقت برف جهڙو ٿڌو ۽ رڳڙجڻ مهل باه جا اُلا اُٿاريندڙ! +سپه سالار – جيئن حضور جو حڪم! +ماڌو – پري ٿي مليڇ، هاڻي ته تنهنجو ڀڙڪائڻ سڀ وئرٿ ٿي ويو! +(سپه سالار وڃي ٿو) +راجا (ڀيلڻين ڏي نهاريندي) – وڃو ۽ شڪاري لباس لاهي ڇڏيو... (چوبدار کي) چوبدار، تون پنهنجي ڪم تي قابو رهه! +ڀيلڻيون – جيئن سرڪار جو حڪم (وڃن ٿيون). +ماڌو – هاڻي ته هتي ڪا مَک به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هلو، هن دڪيءَ تي هلي ويهو، جنهن جي مٿان ولين جي ڇانءَ مَنَهن آڻي ڇڏيو آهي:آءٌ به چيلهه سڌي ڪري وٺندس. +راجا – چڱو، اڳيان ٿي هل. +ماڌو – هن طرف حضور! (ٻئي اُنهيءَ هنڌ وڃي ويهن ٿا) +راجا – ماڌو، توکي اکين هئڻ مان ڪهڙو سود؟ +ڇو ته جيڪا شيءِ ڏسڻ جهڙي آهي، سا ته تو ڏٺي ئي ڪانهي. +ماڌو – واه، ڏسڻ جهڙي ته اوهان جي صورت آهي، جا رات ڏينهن منه��جي اکين اڳيان پيئي ڦري. +راجا – اڙي بيوقوف! سڀڪو پاڻ کي سُندر سمجهي ٿو، پر آءٌ ته شڪنتلا جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جا هن آشرم جو مَڻيو آهي. +ماڌو(پاڻ) – نيٺ اچي ويا نه پنهنجي پير تي! پر آءٌ ڍَر ڇو ڏيانس؟.. (بلند آواز سان) دوست، معلوم ٿو ٿئي ته اوهان هڪڙي ساڌوءَ جي ڌيءُ ته اَڪن ڇڪن ٿيا آهيو. +راجا – ادا، پروءَ جي اولاد جي دل ڪنهن جهڙيءَ تهڙيءَ تي ڪين ريجهندي. جيئن چنبيليءَ جو ڇُڳو اَڪ جي وڻ تي ڪِري، بس تيئن ئي اها رشي ڪماري، جا حقيقت ۾ پريزاد آهي، ڪَڻو رشيءِ کي جهنگ ۾ پيل ملي هئي. +ماڌو (کلي) – جيئن ڪو کارڪون ڇڏي گدامريءَ جي سَڌ ڪري، تيئن اوهان جي دل ۾ راڻين کان کٽي ٿي آهي! +راجا – تون جيڪڏهن هن کي هڪوار ڏسين، ته هوند اِها بَڪ بَڪ نه ڪرين. +ماڌو – نه سائين! هن کي گهٽ ڪير چوي؟ جيڪا اوهان کي عجب ۾ وجهي، سا ضرور موهيندڙ هوندي! +راجا – دوست، پَري ڇو وڃجي. ڇا ڌڻيءَ سنديس پهريائين تصوير کينچي پوءِ کيس حياتي بخشي؟ يا ساري سَنسار جي سونهن جي مجموعي مان کيس خلقيائين. پروردگار جي قدرت ۽ شڪنتلا کي ڏسندي، ائين چئبو ته هن ”لڇميءَ“ 3 جي خلقت ئي اور آهي؟ +ماڌو – جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سڀيئي سهڻيون اُن جي اڳيان ڇپي وينديون. +راجا – بس، ائين ئي کڻي سمجهه .... هن جي بي عيب صورت هڪ اهڙو تازو غنچو آهي، جنهن کي اڃا نَنهن به نه لڳو آهي. اهڙو موتي آهي، جو اڃا ڪنهن جي هار ۾ نه پوتو ويو آهي. اهڙي ماکي آهي، جنهن جو سواد اڃا ڪنهن به نه ورتو آهي. اهو چڱن ڪمن جو ڦل آهي، جنهن جو اثر دائم آهي، ۽ داغ کان خالي آهي. خبر نه آهي ته خدا اِها نعمت ڪنهن جي نصيب ۾ لکي آهي! +ماڌو – تڏهن ته ڌڻيءَ جي واسطي اُن غريب کي نجات ڏياريو، جيئن هوءَ ڪنهن تيل سان سڻڀي ٿيل مٿي واري ساڌوءَ جي وَر نه چڙهي. +راجا – يار، هوءَ پنهنجي هٿ وس نه آهي ۽ پڻس پرديس ويل آهي. +ماڌو – اِهو ته ٻُڌايو ته هن جي اشارن منجهان ڇا ٿا سمجهو؟ +راجا – رشي ڪماريون فطرتاً شرميليون ٿينديون آهن. +۽ جڏهن مون ڏانهنس منهن ڦيريو، ته سندس نگاه مون کان پاسيري هئي. ظاهراً هن جي مُنهن تي مرڪ هئي، پر شايد اُن جو سبب ٻيو ڪو هجي! +ماڌو – هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجيوَ؟ ڇا سمجهو ٿا ته ڏسڻ سان ٽپ ڏيئي، اوهان جي هَنج ۾ اچي ويهي ها؟ +راجا – پر وڇڙڻ وقت ڪيتري ضبط ڪرڻ جي باوجود سندس هِردي جي هلچل گهڻي قدر ظاهر ٿي رهي هئي. بلڪل اهڙيءَ طرح جو اگرچه اُتي ڊڀوڙين جو نالو نشان ئي ڪو نه هو، پر ٿورو پرڀرو وڃڻ کان پوءِ اوچتو بيهي رهي، ۽ واڪو ڪري چيائين: ”اَلا، منهنجي پير ۾ ڊڀوڙي لڳي آهي!“ جيتوڻيڪ سندس ڇوڏي لباس ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو نه ڦاٿو هو، پر تڏهن به اُن کي ڇڏائڻ جي بهاني مون ڏانهن منهن ورائي بيهي رهي. +ماڌو – تڏهن ته سوير ئي سفر جو سامان گڏ ڪريو. آءٌ ڏسان ٿو ته اوهان هن ”تپ بن“ کي باغ بنائي ڇڏيو آهي، تنهن کان اچو ته هتي ئي جهوپڙي هڻون ۽ جهنگل ۾ مَنگل پيدا ڪري ويهون! +راجا – يار، ڪيترن ئي ساڌن کي خبر آهي ته مان هتي آهيان: هينئر آءٌ اِنهيءَ ويچار ۾ آهيان ته ٻيهر ڪهڙي حيلي سان آشرم ۾ وڃان؟ +ماڌو – راجائن کي حيلن بهانن جي ڪهڙي ضرورت؟ اُتي پهچي رڙ ڪريو ۽ چئو ته ”ڏِيو سارين جو ڇهون حصو.“ +راجا – اڙي نادان! ساڌن جي دل، سون چانديءَ جي ڍيرن کان وڌيڪ قيمتي ٿئي ٿي. مال ملڪيت تي مٽيءَ ۾ مليو وڃي، پر اُنهن جي عبادت جو ڇهون حصو جو اسان کي پَلئه ٿو پوي، سو باقي ۽ غير فاني آهي. +(پردي پٺيان آواز) – واهه واهه، اسان جي مراد پوري ٿي! راجا (ڪن ڏيئي) - خاموش، اهڙو سانتيڪو ۽ گنڀير آواز ته ساڌن جو ٿيندو آهي! +(چوبدار اندر اچي ٿو) +چوبدار – جئي جئي، مهاراج! ٻه جوان رشي دروازي تي بيٺا آهن. +راجا – اُنهن کي جهٽ پٽ اندر وٺي اچ. +(چوبدار ٻاهر وڃي، اُنهن کي وٺي اچي ٿو) +چوبدار – هيڏانهن سڳورا! +(ٻئي وٺي راجا ڏي نهارين ٿا) +پهريون – هن جي ذات، پنهنجي جوت جي باوجود ڪهڙي نه من موهيندڙ آهي! سچ پچ ته سندس هيءُ روپ سندس درجي مطابق آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو شمار به رشين جي منڊليءَ ۾ ٿئي ٿو. هن کتريءَ کي ڀلا رشي نه چوندا ته ٻيو ڇا چوندا؟ جڏهن هيءُ هن آشرم ۾ سواءِ ڪنهن تڪليف جي ترسي پيو آهي: جنهن جا دروازا عام خاص لاءِ هر وقت کليل رهن ٿا: جو ديش ڀڳتيءَ ۽ رياضت جو خاص جزو آهي: بهشتي ڀَٽ صبح شام سندس ذات با صفات جي مڪمل اِنتظار ۽ عدالت جا قصيدا پڙهندا رهن ٿا، جن جو شور اُڀن تائين پهچيو وڃي. انهيءَ لاءِ ته هن کي رشيءَ جو لقب مليو آهي. تفاوت رڳو هيءُ آهي جو اِنهيءَ کان اڳ کيس راجائي لقب حاصل آهي. +ٻيو – هي گوتم! ڇا هيءُ اهو ئي ناميارو دُشينت آهي جو ”اِندر“ جو ٻانهن ٻيلي ڪوٺجي ٿو؟ +پهريون – ٻيو نه ته ڇا! +ٻيو – تڏهن ته عجب ناهي ته اهو دشينت جنهن جون ٻانهون شهر پناه جي ٿنڀن وانگر مضبوط آهن ۽ اڪيلي سر هن سڄي پرٿويءَ تي راڄ ڪندو آهي ۽ جنهن جون حدون سمنڊ جي نيري پاڻيءَ تائين پکڙيل آهن، تڏهن ته ديوتائون دئيتن کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏيئي ٿا سگهن ۽ انهن جي مدد لاءِ اِندر جي وڄ جي چمڪاٽ سان گڏ دشينت جي ڪمان جو ڪڙڪو به شامل هوندو آهي. +ٻيئي رشي ويجهو پهچي) – مهاراج جي جئي! +راجا اُٿي بيهي) – نمسڪار! +(گل پيش ڪن ٿا) +ٻيئي رشي – نمسڪار ڀڳوان، اوهان تي ديا، ڪرپا! راجا – (نذرانو قبول ڪندي، نئڙي) منهنجي لائق ڪار – خدمت؟ +ٻيئي رشي – آشرم وارن کي خبر پيئي آهي ته اوهان جو ديرو هتي ئي آهي، تنهنڪري سندن عرض آهي ته... +راجا – سندن ڪهڙو حڪم آهي؟ +چيلو – اُنهن وينتي ڪئي آهي ته اسان جي گُرو ڪڻوءَ جي غيبت ۾ راڪاسن کي موقعو ملي ويو آهي ته اسان جي قربانيءَ ۾ رخنو وجهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجي رَٿ وارن سان گڏ هن آشرم تي ڪرپا ڪري، ٻه ٽي راتيون رهي پئو ته اها بلا ٽري ويندي. +راجا – آءٌ دل و جان سان اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. +ماڌو (اشارو ڪري) – هَل سائين، عاشقن هاڻي چوڪيداري اختيار ڪئي! +راجا (مشڪي) – چوبدار، رٿ بان کي چئو ته رٿ ڪاهي، تير ڪمان سميت هت اچي حاضر ٿئي! +چوبدار – حاضر سرڪار! (ٻاهر وڃي ٿو) +ٻيئي رشي (خوش ٿي) – مهاراج جو نالو شل هن دنيا ۾ سدائين سوڀارو هجي! اوهان پنهنجن وڏن جي واٽ هَلو ٿا، ۽ هرڪو پروءَ جو پونير هيڻن جي حفاظت جو ذمو کڻي ٿو. +راجا (سر نمائي) – اوهان هلو، آءٌ اوهان جي پٺيان پوٺيان اچان ٿو. +ٻيئي رشي – شل سدائين سوڀارا هجو! (هليا وڃن ٿا) +راجا – ماڌو! شڪنتلا کي ڏسڻ جي سُونجهه اَٿيئي؟ +ماڌو – آءٌ ته اُن جي ديدار جي طلب ۾ اڳيئي ديوانو هوس، پر هاڻي ته راڪاسن جي خبر سڄو ئي مَزو وڃائي ڇڏيو. +راجا – ڊپ نه ڪر! تون ته اسان سان گڏ هوندين. +ماڌو – ته پوءِ اُهي بدبخت منهنجو ڇا بگاڙيندا؟ +(چوبدار اچي ٿو) +چوبدار – حضور جي حڪم موجب رٿ حاضر آهي، پر راڄڌانيءَ کان هڪڙو قاصد راڄ ماتا جو خط کڻي آيو آهي. +راجا – ڇا، انهيءَ قاصد ماتا جو سنيهو آندو آهي؟ +چوبدار – هائو مهاراج! +راجا – انهيءَ کي جلدي هيڏانهن وٺي اچو. +(چوبدار ٻاهر وڃي ٿو ۽ قاصد کي ساڻ وٺي اچي ٿو) +قاصد – مهاراج جي جئي هجي! راڄ ماتا هيءَ سنيهو موڪليو آهي ته اڄ کان چوٿين ڏينهن منهنجي ورت ڀڃڻ جو جشن آهي، جنهن ۾ اوهان جي حاضري تمام ضروري آهي. +راجا (سوچيندي) – هيڏانهن ساڌن جو ڪم، هوڏانهن ماتا جو حڪم! ٻنهيءَ مان ڪنهن کي به ٽاري نٿو سگهجي. آخر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ +ماڌو – تِرسَنڪو وانگي آسمان ۾ لٽڪي بيهو! +راجا – چرچو ڪونهي، سچ پچ آءٌ ٻن باهين جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان. ٻن ٻن جڳهن تي هڪڙي ئي وقت جدا جدا ڪم ڪرڻا آهن. تنهنڪري انهن خيالن منهنجن ارادن کي به ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪنهن نديءَ جو وَهڪرو ڪنهن جبل سان ٽڪرائجي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وڃي... (ڪجهه سوچيندي) ماڌو، ماتا توکي به ته ڌرم جو پٽ ڪيو آهي نه؟ سو توکي گهرجي ته منهنجي بدران تون ئي وڃي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيءُ، ۽ منهنجين مشغولين جو سبب بيان ڪري، سپوتن وانگر سڀ ڪم ڪار ڪري ڇڏ. +ماڌو – اوهان متان ڪٿي اهو ته نٿا سوچيو ته آءٌ راڪاسن کان ڊنو آهيان؟ +راجا (کلي ڪري) – توبهه ڪر! آءٌ توکي ايترو بزدل سمجهي سگهان ٿو؟ +ماڌو – مون کي اهڙي دٻدٻي سان وڃڻ گهرجي، جيڪو هڪ راجا جي ننڍي ڀاءُ جي شان وٽان هوندو آهي. +راجا – آءٌ سڄو اٽالو توسان گڏ ٿو اُماڻيان. متان آشرم جي سانت ۾ ڪو خلل ٿئي. +ماڌو(فخر سان) – هاڻي ته مون کي راجڪمار سمجهڻ لڳندا. +راجا (پاڻ) – هيءُ ڪم ڪم بخت آهي ڏاڍو بڪبڪيو، ڪٿي ائين نه ٿئي، جو ”رانواس“ ۾ منهنجي نئين محبت جا پول پڌرا ڪري وجهي! تنهنڪري اڳواٽ ئي سندس زبان بند ڪري ڇڏجي ته بهتر آهي... (ماڌو جو هٿ جهلي) دوست، آءٌ ته رڳو ساڌن جي ڪري هن آشرم ۾ ترسي پيو آهيان، باقي اُنهيءَ ساڌوءَ جي ڌيءَ سان منهنجو ڪهڙو پريم ٿي سگهي ٿو؟ ڪجهه سوچ ته سهي ڪٿي اسين ۽ ڪٿيءَ هيءَ ڇوڪري، جا هرڻين جي ولر ۾ پلجي جوان ٿي آهي!هوءَ ويچاري عشق جا آسرار ڇا سمجهي سگهندي؟ ياد رک، متان چرچي کي ساڀيان سمجهيو اٿيئي! +ماڌو – نه، جيئن اوهين فرمايو ٿا، تيئن درست آهي. +(سڀ وڃن ٿا) + + +پردو ٽيون +تپ بن +شروعاتي نظارو:(قربانگاه تي گاهه وڇائڻ (1) واري جو هڪ چيلو، هڪ ٻوڙو کڻي اچي ٿو) +چيلو – راجا دشينت جي مان ۽ مرتبي جو ڪو به اَنت ڪونهي! اُن جي آشرم ۾ قدم رکندي ئي اسان جا ڌرمي ڪاج سڦلا ٿي ويا آهن. اُن جي ڪمان جي هڪڙي زُم ئي سڀني بلائن کي ٽارڻ لاءِ ڪافي آهي... هاڻي آءٌ هيءُ گاه پوڄارين کي ڏيئي اچان، ته قربانگاه ۾ وڇائي ڇڏين. (هلندي هوا ۾ نهاريندي، ڪنهن غائب شخص سان مخاطب ٿئي ٿو)... پريمودا، هيءُ صندل جو ليپ ۽ ڪنول جون پتيلون ڪنهن جي لاءِ کنيون ٿي وڃين؟ (ڪن تي هٿ رکي) ڇا چَيئهءِ؟ لُڪ لڳڻ جي ڪري، شڪنتلا جي دشمنن جي طبيعت ناساز ٿي پيئي آهي؛ ۽ هيءُ سڀ شيون سندس سيني جي مالش لاءِ آهن؟... پريمودا، هن جي هوشياريءَ سان سار سنڀال لهجانءِ. هوءَ اسان جي گُروءَ جي زندگيءَ جو سهارو آهي. آءٌ پڻ گوتميءَ هٿان پاڻي دَم ڪري موڪليان ٿو. +(هليو وڃي ٿو) +(خود ڪلامي ختم) +(راجا اهڙيءَ حالت ۾ اچي ٿو، جنهن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته هو عاشق جيئڙو آهي) +راجا (پاڻ) – آءٌ جپ تپ جي طاقت کي ڀَليءَ ڀت ٿو ڄاڻان، اها به سُڌ اٿم ته هوءَ ٻين جي هٿ وس آهي، پر ڇا ڪريان منهنجي دل انهيءَ خيال کان باز ئي نٿي اچي. +(عشق جا عذاب ٿو بيان ڪري) +ڀڳوان ڪامديو! توکي مون تي قياس ڪو نه ٿو اچي. تنهنجي گلن جي تيرن ۾ اها تيزي ڪٿان آئي؟ ها ها! اڃا تائين شوجي جي غضب جي باه تو ۾ ڀڙڪي ٿي، جيئن سمنڊ جي تَري ۾ آتش! نه ته مون جهڙن مشتاق تي اي آزاريندڙ، اهڙو تابش ۽ تاءُ ڇو ڪرين؟ +پر جيڪڏهن اهو پريت ۾ پچڻ انهن جادو ڀريل اَکڙين جو ڏنل آهي ته بيشڪ زندگيرءَ جو ٺار آهي... (پسار ڪندي، اُڀو ساه کڻي) جڏهن اها رسم پوري ٿي ويندي ۽ پوڄ��رين گهرج باقي نه رهندي، تڏهن آءٌ ڏکويل ڪيڏانهن ويندس؟ +سندس ديدار کان سواءِ هن غمزده جو ٻيو ڪو به علاج ڪونهي، تنهنڪري مون کي گهرجي ته هاڻي ئي هلي ان کي تلاش ڪريان! (سج ڏانهن ڏسي) هن ڌرتتيءَ مهل شڪنتلا پنهنجين ساهيڙين سان گڏ گهڻو ڪري مالني نديءَ جي ڪناري تي سير ڪندي هوندي، جتي ولين جا گهاٽا منهن ٺاهي ڇڏيا اٿن مون کي به اوڏانهن هلڻ گهرجي...(هيڏانهن هوڏانهن ٿڌيءَ هير ۾ پسار ڪندي) مِٺڙي هير جي ڪري، هيءُ هنڌ ڪهڙو نه وڻندڙ آهي! هوا مان ڪنول گلن جي سرهاڻ ۽ نديءَ جي لهرين جي بوند جي نمي پيئي اچي: دل ائين ٿي چوي ته ساري بدن سان، جو عشق جي باه ۾ ڀڙڪي رهيو آهي، انهيءَ هوا کي ڀاڪر وجهجي. (چوڌاري گهمندي پور ٿو پويس) شڪنتلا شايد انهيءَ بيدن سان وڪوڙيل ولين واري مَنهن ۾ هجي! ڇاڪاڻ ته اُن جي لنگهه وٽ پکيڙيل اڇيءَ واريءَ تي سندس پيرن جا نشان اُڀريل آهن؛ جيڪي پٻن وٽان اُڇاترا ۽ جسم ڀريل هئڻ سبب کڙين وٽان اونها آهن. ٽارين جي ڄاريءَ مان لِيو پائي، ڏسان ته سهي! +(چوڌاري گهمي ليو پائي ٿو ۽ خوشيءَ مان چوي ٿو) مون پنهنجي اکين جو انادي ٺار لڌو آهي. منهنجو لالن هڪڙي پهڻ جي پاٽيي تي گلن جي سيج وڇائي ليٽيو پيو آهي ۽ ساهيڙيون سندس خدمت ۾ حاضر آهن. چڱو ٿيو، آءٌ سندين سڌي سادي ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهندس. +(يڪ ساهي ڏسندو رهي ٿو) +ساهيڙيون (پکو جهليندي، نرمائيءَ سان) – پياري شڪنتلا! ڪنول جي پَنن جي هوا توکي وڻي ٿي؟ +شڪنتلا – اوهين مون کي وڃڻو ڇو ٿيون هڻو؟ +(ساهيڙيون حيران ٿي، نااُميديءَ وچان هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿيون) +راجا(پاڻ) – شڪنتلا جي طبيعت ناساز ٿي ڏسجي! اهو يا ته گرميءَ جي سببان آهي ۽ يا وري اُن جو ڪارڻ به اهو ساڳيو آهي جيڪو منهنجي دل چئي رهي آهي...(سوچ سان نهاريندي) ڇڏ انهن اجاين وسوسن کي! منهنجي ساه جي سانئڻ جو جسم بيمزگيءَ جي باوجود سيني تي صندل جي ليپ ۽ ڪراين ۾ ڪنول جي ڏانڊين جي ڍرين ۽ نرم پونچين سان ڪهڙو نه من موهيندڙ پيو لڳي! +سچ آهي ته ڪنواريءَ تي گرمي ۽ محبت جو اثر هڪجهڙو ئي ٿئي ٿو، پر سج جو تاءُ اهڙو سهڻو سَمو ڪڏهن به پيدا ڪري نٿو سگهي. +پريمودا(پرڀرو ٿي) – انسويا، جڏهن کان وٺي هن جي راجا تي نظر پيئي آهي، تڏهن کان وٺي ملول آهي. ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته اهو روڳ ئي ڏنل اُن جو هجي؟ +انسويا – ڀيڻ، مون کي به ته اِها ئي ساڳي اُڻ تڻ آهي!خير، پڇانس ته سهي!...(شڪنتلا سان ڳالهائيندي) مٺڙي، هڪ ڳالهه پڇانءِ ڪاوڙ ته نه لڳندءِ؟ تنهنجو اِهو ڏک منهنجن نڀاڳين اکين کان ڏٺو نٿو وڃي! +شڪنتلا(مٿيون ڌڙ بستري کان مٿي ڪري) – پياري، ڇا ٿي پُڇڻ چاهين؟ +انسويا – اَدي، عشق وغيره جي نالي کان ته اسين بنهه ڪوريون آهن، مگر پستڪن ۾ عشق جي ڦٽيلن جو جيڪو احوال پڙهيو اٿيئون، تنهن موجب تنهنجي بلڪل اها ساڳي حالت پيئي ڏسجي! تنهنڪري توکي ٻڌائڻو ئي پوندو ته انهيءَ روڳ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ڇاڪاڻ ته جيستائين اِنهيءَ مُئي روڳ جو اَنت نه لهبو، تيستائين علاج وري خاڪ ٿيندو؟ +راجا(پاڻ) – اوهو، انسويا کي به ته اهو ساڳيو ئي وهم آهي، جيڪو مون کي آهي. بس هاڻي ته فيصلو ٿي چڪو ته منهنجو خيال مون کي ڌوڪو ڪو نه ڏيئي رهيو آهي. +شڪنتلا(پاڻ) – منهنجي الفت برابر ڏاڍي آهي، پر هنن کي کولي به ته نٿي ٻڌائي سگهان! +پريمودا – شڪنتلا، انسويا بلڪل سچ ٿي چوي! تون پنهنجي مرض جو علاج ڇو نه ٿي ڪرين؟ ڏينهنون ڏينهن تنهنجا هَڏ وڃن ٿا ڳرندا، رڳو چهري جي رونق ساڳي بيٺي آهي. +راجا(پاڻ) – پريمودا جو چوڻ بلڪل درست آهي! هن جي ڳلن ۾ کڏون پئجي ويون آهن. جوانيءَ جي اُڀار جو جوش، نرميءَ ۾ بدلجي چڪو آهي. چيلهه بلڪل سَنهڙي ٿي ويئي اٿس. ڪلها نمي پيا آهن ۽ رنگ پيلو ٿي ويو اٿس. هن محبت ڇا نه ڪيو آهي!ويچاريءَ کي ڏسي، پيار به ٿو اُڌما کائي ۽ ساڳئي وقت مٿس ڪهل به ٿي اچي. ڄڻ ته چنبيليءَ جي وَل کي لُڪ لوساٽي ڇڏيو آهي. +شڪنتلا – ڀينرو، آءٌ پنهنجي اندر جو اَنت، توهان سان نه سلينديس ته ٻيو ڪنهن سان سَلينديس! پر ائين نه ٿئي، جو ڪٿي منهنجي آئيءَ ۾ توهان به نه اڙجي وڃو! +ٻيئي ساهيڙيون – اِنهيءَ لاءِ ته اسين ٻيئي ڄڻيون توتي زور ڀري رهيون آهيون. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سُورن واريون پاڻ ۾ گڏجي سُر پچار ڪن ٿيون ته سُور به سَنڌا ڪيو وڃن ٿا. +راجا(پاڻ) – سندس همدرد ساهيڙين کانئس پڇيو آهي؛ تنهنڪري هاڻي هوءَ اُنهن سان پنهنجي اندر جو اَنت سليندي، ڪَئو نه کائيندي.. +اُهو وقت ڪهڙو نه ڪٺن هو، جڏهن هُن گهڙيءَ گهڙيءَ ڪنڌ ورائي، مون ڏانهن پنهنجي اُڃايل اکين سان ٿي نهاريو، پر هيءُ وقت ته اُنهيءَ کان به وڌيڪ ساه سُڪائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جو جواب ٻڌندي، منهنجو ڏيل ئي ڏڪي ويو آهي. +شڪنتلا – ڀينرو، جڏهن کان اسان جي آشرم جي رکپال راجا، اسان کي پنهنجو درشن ڏنو آهي... (ايترو چئي شرمائجي خاموش ٿي وڃي ٿي) +ٻيئي ساهيڙيون – پياري، خاموش ڇو ٿي ويئي آهين؟ ڪُجهه ته ڳالهاءِ! +شڪنتلا – تنهن ڏينهن کان مون کي سندس ئي خيال رهي ٿو ۽ هاڻي ته سندس اُڪير ۾ منهنجا هي حال ٿي پيا آهن. +راجا (بيحد خوشيءَ وچان – پاڻ) – جنهن خبر ٻڌڻ جي خواهش هُيم، سا ڪَنن سُئي عشق پهريائين ته ڏک ڏنا، پر پوءِ اُنهن جو اُتار به عنايت ڪيائين. بلڪل اهڙيءَ طرح، جيئن سانوڻ جي مُند جو پهريون گرم ڏينهن پنهنجي اُتت سان بد حواس بنائي ٿو ڇڏي، پر پوءِ ڪارا ڪڪر آڻي، آٿت به ڏيو ڇڏي. +شڪنتلا – جيڪڏهن توهان جي دل چوي ٿي، ته ڪو اهڙو حيلو ڪريو، جيئن راجا کي مون تي ڪهل اچي، نه ته اڳو پوءِ مَرڻ جو پاڻي مَٿان ڇڻڪاري ڇڏيوم. +راجا(پاڻ) – هن ته ايتريقدر ظاهر ظهور ڳالهه ڪئي آهي، جو هاڻي اُن ۾ ڪنهن به قسم جي گنجائش باقي نه رهي آهي. +پريمودا(پاسيرو) – انسويا، هيءَ ته محبت ۾ اهڙي مست ٿي ويئي آهي جو سڪڻ جي سگهه ئي نٿي ساري سگهي! ساڳئي وقت اهو به ته ڏس ته جنهن سان هن جي دل اَڙي آهي، سو به ته ڪو جهڙو تهڙو ماڻهو ڪونهي! ”پروءَ“ جي گهراڻي جو سينگار آهي. مون کي ته ان ۾ ڪا گهٽتائي نظر نٿي اچي. سنديس خواهش پوري ڪرڻ گهرجي. +انسويا(پاسيرو) – منهنجي به اها ساڳي راءِ آهي... (بلند آواز سان) مٺڙي! اهو شوق ته تنهنجي شان وٽان آهي. ڀلا درياءَ به سمنڊ کان سواءِ ڪڏهن ٻئي ڪنهن جي گود ۾ ويو آهي؟ +پريمودا – جيڪڏهن هيءَ وَل هن انب جي وڻ سان دل لڳائي، ته ان ۾ ڪهڙي اچرج جهڙِي ڳالهه آهي؟ +راجا(پاڻ) – جيڪڏهن زهرو ۽ مشتري، چنڊ جي ڪَلا تي گهمندا رهن، ته ڪهڙي عجب جي جاءِ آهي؟ +انسويا – ڀڳوان شل ائين ئي ڪري، جو شڪنتلا جي مَن جي مراد سگهو ئي پوري ٿي وڃي ۽ ساڳئي وقت ڪنهن کي ڪن ڀڻڪ به نه پوي. +پريمودا – جيستائين سيگهه جو سوال آهي، تيستائين ته ڪو مشڪل ڪونهي، باقي لڪچوريءَ جو معاملو ڏکيو ٿو ڏسڻ ۾ اچي. +انسويا – کولي ٻڌاءِ. +پريمودا – اهو راجا ئي سنت، جو اسان جي ساهيڙيءَ ڏانهن پريم جي نظرن سان نهاريندو رهندو هو، سو به ته تارا ڳڻي ڳڻي، سُڪي ڪنڊا ٿيندو ٿو وڃي. +راجا(پاڻ) – آهي به ته ائين... +هيءُ سونو ڪنَگڻ جڏهن ڍرو ٿي ٻانهن تان ترڪندو آهي، تڏهن آءٌ گهڙيءَ گهڙيءَ ان کي مٿي چاڙهيندو آهيان ۽ انهن گهڪن کي ڇلجڻ کان بچائيندو آهيان، جيڪي ڪمان جي زِه جي ڪري منهنجي ڪرائيءَ ۾ پئجي چڪا آهن. +ان ڪنگڻ جي ماڻڪن جي جوت جَهڪي ٿيندي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻانهن تي مٿو رکي، ليٽان ٿو، تڏهن سڀ ڪنهن رات منهنجي اکين جي گوشن مان گرم ڳوڙها نڪري، اُن تي پوندا رهن ٿا. +پريمودا(ويچاريندي) – اڙي، ڇو نه کيس پريم جو پتر لکيو وڃي؟ ان کي گلن ۾ لڪائي، انهيءَ بهاني سان موڪليون ته هيءُ هار ديوتائن تي چاڙهڻ لاءِ آهي! +انسويا – اها سهڻي ترڪيب منهنجي مَن کي به وڻي ٿي!... شڪنتلا، تنهنجو ڇا ارادو آهي؟ +شڪنتلا – آءٌ ڀلا توهان جي چئي کان ڪيئن ٿي ٻاهر وڃان؟ +پريمودا – ته پوءِ دل وڍيندڙ راڳ ۾ پنهنجي ڪَٿا ٻڌاءِ. +شڪنتلا – خيال ته ٿئي ٿو ته ائين ڪريان، پر ساڳئي وقت مون کي اهو به اونو لڳل آهي ته متان هو نِراس ڪري نه موٽائي! +راجا(پاڻ) – ڊڄڻي، توکي جنهن جي بي پرواهيءَ جو ڊپ آهي، سو خبر اٿيئي ته تنهنجي وصال لاءِ ڪيترو نه پريشان آهي! فقير کي خيرات نه ملي ته عجب نه آهي، پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته خيرات کي فقير نه ملي! +ساهيڙيون – ڌُوڙ دشمن جي منهن ۾! ڪير پنهنجي گڻن تي پاڻي ڦيريندو؟ ڇا ڪو اهڙو به هوندو، جو چنڊ جي چانڊاڻ کي پنهنجي پلاند سان پري ڪري؟ +شڪنتلا – چڱو ڀلا، ڇڏيو ته ڪجهه خيال ڪريان! +(ويهي ڪجهه سوچڻ لڳي ٿي) +راجا(پاڻ) – منهنجا اهي ڀاڳ جو پنهنجي ساه جي سهاري کي ڍوءَ تي ڏسان!... +جيئن هوءَ پنهنجي ڀرن کي وڪڙ ڏيئي، گيت لکڻ ۾ مَست آهي، تيئن سندس ڳلن جي ڳاڙهاڻ کليو کلايو سندس محبت جو راز فاش ڪري رهي آهي! +شڪنتلا – ڀينرو، مون هڪ ٻه مصرع سوچي ورتي ته آهي، پر هتي لکڻ لاءِ ته ڪو به سامان موجود ڪونهي! +پريمودا – هيءُ ڪنول جو پَن، جيڪو طوطي جي ڇاتيءَ وانگر نرم آهي. تنهن تي کڻي، پنهنجي نَنهن سان اکر اُڪير! +شڪنتلا(اهڙيءَ طرح کلندي) – ڀينرو، ڪن لائي ٻڌو! ۽ ٻڌايو ته ڪو مطلب نڪري ٿو يا نه؟ +ٻيئي ساهيڙيون – اسين ڪن ڏيئي ٻُڌي رهيون آهيون. +شڪنتلا – (پڙهي ٿي) +دل ٿي سدا دانهون ڪري، ڪيئن آهه تودلبر جي دل؟ ٿي ڳالهه سمجهڻ کان پري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ دلبر، وئين دلڙي کسي! هڪ مُونجهه ٿي من ۾ وسي، هَڏ هَڏ ٿو ڳڻتين ۾ ڳري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ اَڄ بَر ۾ بازاريون ڪٿي! اي دوست، دلداريون ڪٿي؟ سُڃ ۾ ٿي سُڃ واڪا ڪري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ پلپل پڪاريان ٿي پرين! آهون اٿاريان ٿي پرين! هڪ باه ٿي دل ۾ ٻري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ مون کي ڪيئهءِ اَهنجو ڏکيو، ڪيئن پاڻ ٿو گهارين سکيو؟ منهنجي نٿي هرگز سَري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ اڄ خط روانو ٿي ڪريان، شاهد زمانو ٿي ڪريان! من خير سان قاصد وري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ تو لاءِ دل آهي چري، توکان سوا وينديس مري، هت ڏيل ٿو ڏک ۾ ڏري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ تون منهنجو داتا ۽ ڌڻي، مان تنهنجي پيرن جي پڻي، توسان مِلان، تن من ٺري، ڪيئن آهه تو دلبر جي دل؟ +راجا (جهٽ انهن جي سامهون ايندي) – سُشيل سندري، ڪام ديو توکي ته رڳو سيڪ ڏيئي رهيو آهي، پر مون کي ته سچ پچ ساڙيندو رهي ٿو، سج جي روشني، سوسن کي ايترو نٿي شرمائي جيترو چنڊ کي! +ساهيڙيون – (راجا کي ڏسي، خوشيءَ وچان ٽپو ڏيئي) لک شڪرانا اُنهيءَ مالڪ جا، جو اسان جي مَن جي مُراد پوري ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي! +(شڪنتلا اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿي) +راجا – تڪيلف نه ڪر شڪنتلا، تنهنجو نٻل سرير اهڙيءَ آجيان جو بار سهي نه سگهندو! ڏس، سيج جي گلن جا پَن، تنهنجي اندر جي آتش ڪري، جسم سان چنبڙي پيا آهن ۽ ڪنول جي ٽاريءَ جي پونچي به ڪومائجي ويئي آهي! +اَنسويا – مهربان، اچو هن پهڻ جي ٿلهي تي ويه��! +(راجا ويهي ٿو ۽ شڪنتلا گهڻي شرم ۽ حيا جي ڪري، اُٿي کڙي ٿئي ٿي) +پريمودا – اِها خبر پئجي ويئي ته اوهان ٻيئي هڪ ٻئي تي ساه صدقو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر وري به آءٌ پنهنجي ساهيڙيءَ جي خاطر هڪڙي ڳالهه چوڻ ٿي چاهيان! +راجا – منهنجي ڀيڻ، انهيءَ ڳالهه چوڻ کان نه گهٻراءِ! ڇاڪاڻ ته تون جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿي، سا جيڪڏهن دل ۾ دکي رهي ته پوءِ پڇتائڻو پوندو! +پريمودا – راجا جو ڌرم آهي ته پنهنجي پرجا کي اهنج ايذاءُ کان ڇوٽڪارو ڏئي. +راجا – اِنهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي؟ +پريمودا – اسان جي ساهيڙيءَ اوهان جي قرب جي ڪُٺل آهي؛ اَوهان کي گهرجي ته اُن کي جيئدان ڏيو! +راجا – اِهائي اسان ٻنهيءَ جي آس آهي! آءٌ تنهنجو سڀني پرين جو ٿورائتو آهيان. +شڪنتلا (پريمودا ڏانهن نهاريندي) – ڀيڻ، تون مٿس اجايو زور ڇو ٿي وجهين؟ هيءَ ويچارو ته پاڻ محل وارين جي وڇوڙي ۾ ڳري رهيو آهي! +راجا – جيڪڏهن منهنجي مَن جي مندر جي ديوي، مون کي ڪنهن ٻئي جو سمجهي، ته پوءِ مون لاءِ موت کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي! جيڪو عشق جي تير جو اڳ ۾ گهائل آهي، تنهن ڦٽن تي لوڻ ڇو ٿو ٻُرڪيو وڃي؟ +انسويا – دادا، اِها ڳالهه هرڪو ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو ته راجائن کي ڪَئين راڻيون هونديون آهن، مگر ائين هئڻ جي باوجود اوهان پنهنجي نينهن جو ناتو اهڙيءَ ريت نڀايو، جيئن اسان جي ساهيڙيءَ جي مائٽن کي نراسائي نصيب نه ٿئي. +راجا – آءٌ انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڇا چوان؟ راڻيون ته گهڻيئي آهن؛ پر منهنجي ساه جو سهارو فقط ٻن تي هوندو: هڪ ”ڌرتي راڻي“(1) تي ۽ ٻيو اوهان جي هن ساهيڙيءَ تي. +ساهيڙيون – بس، هاڻي اسان کي چڱيءَ طرح دلجاءِ ٿي. +پريمودا (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) – اَنسويا، هيءُ هرڻيءَ جو ٻچڙو ته ڏس، ڪيئن نه وائڙو ٿي اسان ڏي نهاري رهيو آهي! ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ پنهنجي ماءُ کي ڳولي رهيو آهي. اچ ته هن ويچاري کي سندس ماءٌ وٽ پهچايون. +(ٻئي وڃڻ لڳن ٿيون) +شڪنتلا – اڙي، مون ڏکويل کي ڪنهن جي آڌار تي ڇڏي ٿيون وڃو؟ ڌڻيءَ جي واسطي اوهان مان هڪ ته مون وٽ وهي! +ساهيڙيون – اَئي هان، هيءُ جو سنسار جو سنڀاليندڙ تو وٽ ويٺو آهي! +شڪنتلا – ڇا، ٻيئي ڄڻيون سچ پچ هليون ويون؟ +راجا – گهٻراءِ نه، تنهنجي شيوا ڪرڻ لاءِ هيءُ ٻانهو حاضر آهي! چئين ته هن ڪَنول جي پاڻيءَ ۾ پُسيل وڃڻي سان ويهي هوا هڻانءِ، جيئن ٿڪ لهي وڃيئي. يا چئين ته هنن ڪنول جهڙن ڳاڙهن پيرن کي پنهنجي هَنج ۾ رکي ويهي زور ڏيانءِ! +شڪنتلا – شرمسار نه ڪريو. ڇا آءٌ ڪا اهڙي نيچ آهيان جو اوهان جهڙي هڪ بلند هستيءَ کان پنهنجي خدمت ڪرايان؟ +راجا – روپ ونتي، اَڃا اُس تيز آهي، ۽ اُن سان گڏ تنهنجو هيءُ حال! تنهنڪري تون هنن گلن جي سيج ڇڏي، هن ڌر تتيءَ جو ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿي؟ ڪجهه ويچار ته ڪر، تون ڪيتري نه ڪمزور ٿي ويئي آهين؟ +(زبردستي روڪيس ٿو) +شڪنتلا – پَروءَ جا اولاد، منهنجو سيل نه ڀڃ! برابر آءٌ ڪامديو جي ستايل آهيان، مگر ڇا ڪريان؟ آءٌ پنهنجي هٿ وس نه آهيان! +راجا – تون ڪيتري نه ڊڄڻي آهين! جهور پوڙهن جو ڊپ ڪيستائين؟... +تنهنجو پتا ته شاسترن جو ڄاڻو آهي، تنهنڪري هو جڏهن تنهنجي هن حال مان واقف ٿيندو، تڏهن توتي ڪنهن به قسم جو الزام ڪو نه ڌريندو. ڪيترين ئي راجائن جي نياڻين، پنهنجي اِڇا سان ”گانڌرو“ (1) شادي ڪئي آهي، پر سندن مائٽن آپراڌ نه سمجهيو. +شڪنتلا – مون کي ڪُجهه مُهلت ڏيو. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ پنهنجن ساهيڙين کان ته پڇي وٺان! +راجا – ڊڄ نه، ڇڏي ڏيندوسانءِ! +شڪنتلا – پر ڪڏهن؟ +راجا – جهڙيءَ طرح ڀَونر تازن ��ڙيل گلن جي رس ڍُڪ ڪري پيئندو آهي، تهڙيءَ طرح تنهنجن چاه ڀريل چپن جي رس هوريان هوريان چوسي وٺان تنهن کان پوءِ آءٌ توکي پاڻهئي ڇڏي ڏيندس. +(شڪنتلا جو منهن مٿي ڪرڻ ٿو گهري ۽ هوءَ نٽائي ٿي) +پري پٺيان آواز – اڙي چڪوري(2)، پنهنجي پريتم کان موڪلائي وٺ، رات اچي پهتي آهي! +شڪنتلا (هراسجي) – پوروَ، هاڻي ته غضب ٿي ويو!گوتمي مائي منهنجي خير خبر لاءِ هيڏانهن اچي رهي آهي تنهنڪري اوهان هنن وڻن جي پٺيان لڪي وڃو! +راجا – جيئن تنهنجي مرضي! (لڪي وڃي ٿو) +(گوتمي مائي، هٿ ۾ ڪرمنڊل کنيون، شڪنتلا جي ساهيڙين سان گڏ اچي ٿي) +ساهيڙيون – ماتا، هيڏي! +گوتمي (شڪنتلا وٽ اچي) – منهنجي لاڏلي، هينئر طبيعت ڪيئن آهي؟ +شڪنتلا – اَمان، اوهان جي دعا سان هينئر خوش آهيان! +گوتمي – هن ڪُش گاه جي پاڻيءَ سان لڱن مان پيڙا لهي ويندي. (مٿي تي پاڻي ڇڻڪاري) ٻچڙي، هينئر سَنجها جو ويلو آهي، هَل ته سڌا جهوپڙيءَ ڏي هلون. +(سڀ وڃڻ لڳن ٿيون) +شڪنتلا (پاڻ) – موک دل، جڏهن اُميد گهر ويٺي گهڙي آئي، تڏهن توکي ڊيڄڙي نه ڇڏيو. هاڻي پڇتائڻ ۽ پرييشان ٿيڻ مان ڇا حاصل ٿيندو؟ (بلند آواز سان) اي ولين جي ويڙهه، اي منهنجي دک ڪٽيندڙ، ڀڳوان جي آسري، شل وري به تنهنجي سنگت جو سُک نصيب ٿئي! +(حسرت وچان ٻين سڀنيءَ جي پٺيان هلي وڃي ٿي) +راجا (پنهنجي پهرين جاءِ تي اچي، اُڀو ساه کڻي) – دل جي آس پوري ٿيڻ ۾ به ڪيتريون رڪاوٽون آهن!... هُن ڊگهين پنبڻين واري مَن موهڻي مورت، جڏهن پنهنجن چپن کي آڱرين سان لڪائي ڇڏيو، تڏهن سندس سهڻي صورت ڪهڙيءَ نه روح ريجهائيندڙ هئي! ڪيئن نه هُن گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجو ڪنڌ هيڏانهن هوڏانهن ٿي ورايو! ۽ جڏهن آخر ۾ مون کيس کاڏيءَ کان جهلي، مٿي کنيو، تڏهن اُن جي چمڻ جي همت نه ساري سگهيس... هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ اُنهيءَ ويڙهه ۾ ئي هلي گهڙي ساعت ويهي گذاريان، جنهن کي منهنجي منٺار هيتري دير تائين نوازيو آهي!...(چئني پاسي نهاري) هيءَ آهي پَهڻ جي ڀٽيي تي گلن جي سيج، جنهن کي انهيءَ محبوب مروٽيو هو! هيءَ آهي ڪنول جي پن جي ڪوماڻيل چٺي، جنهن کي پنهنجن نَنهن سان چٿيو هئائين! ۽ هيءَ آهي ڪنول جي پتين جي پونچي، جا سندس ٻانهن مان ڪري پيئي آهي! +... جيتوڻيڪ هاڻي هتي بلڪل سانت لڳي پيئي آهي، پر اکيون ايترو ته هري ويون آهن، جو وڃڻ تي دل ئي نٿي ٿئيم! +(پردي پٺيان آواز) – مهاراج، اڃا شام جي پوڄا مَس شروع ٿي آهي ته راڪاس ڀوت بنجي ۽ ڳاڙهن ڪڪرن جو روپ ڌاري، اَگنيءَ ديوتا جي چوڌاري لامارا ڏيڻ لڳا آهن، ۽ طرح طرح سان ستائڻ شروع ڪيو اٿن! +راجا – جوڳيو، گهٻرايو نه، اِجهو آيس! +(وڃي ٿو) +(1) انهيءَ ڳالهه جو نالو (ڪش) هوندو آهي، مقدس سمجهيو ويندو آهي. +(1) سنسڪرت جا شاعر، پنهنجي شعر ۾ ڌرتيءَ کي راجا جي راڻي استعمال ڪندا آهن. +(1) ”گانڌرو“ شاديءَ جا ڪيترائي قسم آهن؛ جن مان هڪڙو هيءُ به آهي ته زال مڙس فقط پنهنجي مرضيءَ سان شادي رچائيندا آهن، شاهدن جي ڪا ضرورت نه سمجهي ويندي آهي ۽ شاسترن ان کي جائز سڏيو آهي. +(2) ساهيڙين جو شڪنتلا کي هوشيار ڪرڻ لاءِ اشارو ته ڪو اچي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هندو شاعريءَ جو هڪ خاص مضمون، رات جي وقت چڪور ۽ چڪوريءَ جي جدائيءَ بابت. + + +پردو چوٿون +ڪڻوءَ جو آشرم +شروعاتي نظارو +(ساهيڙيون گل پٽينديون اچن ٿيون) +اَنسويا – پريمودا، آءٌ جڏهن اهو سوچان ٿي ته شڪنتلا کي دلپسند وَر ملي ويو ۽ سندس شادي به ”گانڌرو“ طريقي موجب ٿي ويئي، تڏهن منهنجي دل بهار بهار ٿيو وڃي! پر هڪڙي ڳالهه منهنجي دل ۾ الائي ڇو کٽڪي رهي آهي؟ +پريمودا – ��ُها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ +اَنسويا – اُها ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ قربانيءَ جو ڏينهن آهي ۽ پوڄارين راجا کي واپس وڃڻ جي اجازت به ڏيئي ڇڏي آهي، پر راجا جڏهن پنهنجي ديس ۾ پهچندو، تڏهن ائين نه ٿئي جو ”رنواس“۾ جي عرش آرام ۾، هتي جيڪي وهيو واپريو آهي، تنهن کي صفا وساري ڇڏي. +پريمودا – ڇڏ اَنسويا، ڪڏهن اهڙيءَ من موهيندڙ مورت وارا ماڻهو به جلاد ٿيا آهن؟ جيڪڏهن فڪر آهي ته رڳو انهيءَ ڳالهه جو ته ڪڻو بابا جڏهن هيءَ ڳالهه ٻُڌندو تڏهن پنهنجي دل ۾ ڇا چوندو؟ +اَنسويا – آءٌ ته اِئين ٿي سمجهان ته هُو اِنهيءَ ڳالهه کي هر طرح پسند ڪندو! +پريمودا – پر توکي انهيءَ ڳالهه جي پَڪ ته ڪانهي؟ +اَنسويا – پَڪ ڇو نه آهه! سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو مَن اِهو ئي چاهيندو آهي ته سندن ڌيءُ جي شادي ڪنهن چڱي سُلڇڻي ماڻهوءَ سان ٿئي! پر جيڪڏهن سندن ڀاڳين گهر ويٺي اهڙو وَر ملي وڃي ته پوءِ سواءِ ڪنهن حيلي بَهاني جي مَن جي مُراد پوري ٿيڻ لاءِ کين اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟ +پريمودا – (گلن جي ٽوڪريءَ کي ڏسي) – پوڄا لاءِ هيترا گُل پورا ٿيندا يا نه؟ +اَنسويا – شڪنتلا جي ”ڀاڳ ديوتا“ تي به ته چاڙهڻا آهن! +پريمودا – سچ ٿي چوين. +(ٻئي ڄڻيون چونڊڻ ۾ لڳي وڃن ٿيون) +پردي پٺيان آواز – ڪو آهي؟ آءٌ توهان جي گهر مهمان ٿي آيو آهيان. +اَنسويا – ساهيڙي، هيءُ ته ڪنهن مهمان جوآواز آهي. +پريمودا – فڪر نه ڪر،شڪنتلا جهوپڙيءَ ۾ آهي...(پاڻ) پر اُن جي دل ڪٿي ٻئي هنڌ پيئي وسي رسي. +اَنسويا – ڏس، هاڻي ته گُل گهڻائي آهن. +(ٻئي وڃڻ لڳن ٿيون) +پردي پٺيان آواز – او مهمانن جي بيعزتي ڪرڻ واري! ڇا توکي اِنهيءَ ڳالهه جو ڪو به ڌيان ڪونهي ته مون جهڙو بندگيءَ وارو انسان، تنهنجي در تي بيهي سين هڻي رهيو آهي. ياد رک، جنهن جي خيالن ۾ ايتريقدر غلطان آهين، سو توکي صفا وساري ڇڏيندو: ۽ ياد ڏيارڻ تي به نه سڃاڻي سگهندو. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو چلولو پنهنجو وعدو وساري ڇڏيندو آهي! +پريمودا – هاءِ افسوس، هيءُ ڪهڙو غضب ٿي ويو! شڪنتلا بيخبريءَ ۾ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي بيعزتي ڪئي آهي، جو هڪ وڏو گياني ڪري ليکيو ٿو وڃي. (اوڏانهن نهاري) اڙي سچ پچ هيءُ ته ڪو معمولي ماڻهو نه آهي بلڪ ناميارو رشي دُر واسا آهي جو ٿوري گهڻي ڳالهه تي هڪدم ڪاڙوجيو وڃي. ڏِس ته پاراتو ڏيئي، ڪاوڙ ۾ ڪَنبندو سر پٽ هليو پيو وڃي! مُئو ڪو باه جو کورو آهي! +اَنسويا – ڀيڻ، اِنهيءُ اندر سڙيل کي پيرين پيئي واپس موٽائي اَچ. آءٌ انهيءَ وچ ۾ سندس پوڄا جو سامان تيار ڪري ٿي وٺان! +پريمودا – چڱو ڀلا! (وڃي ٿي) +اَنسويا(هلندي ٿاٻڙجي) – هاءِ ڙي، ڊپ وچان منهنجو پير اهڙو ٿاٻڙجي ويو، جو منهنجي هٿن مان گلن جي ٽوڪري به ڪري پيئي!(1) +(ڪريل گُل چونڊي ٿي) +پريمودا (واپس اچي) – ڀيڻ، هُو تَن تَتو ڪنهن جي وينتيءَ تي ڌيان ئي نٿو ڏئي! پر تنهن هوندي به سندس پٿر دل ٿوري نرم ٿي آهي. +اَنسويا(مشڪي – آخر ڪجهه آسرو ته ٿيو! پر توکي چيائين ڇا؟ +پريمودا – جڏهن هن واپس ورڻ کان صفا انڪار ڪيو، تڏهن مون روئي چيومانسِ”او مَها ٻَلي، ڪجهه قياس ته ڪريو! آخر هوءَ ويچاري اوهان جي اولاد آهي! هوءَ ”تپ بن“ جي اسرار کي ڇا سمجهي؟ تنهن کان سواءِ اِها سندس پهرين غلطي آهي، پنهنجي ڪرامت جي صدقي معاف ڪري ڇڏيوس.“ +اَنسويا – ها، پوءِ؟ +پريمودا – اڙي، هو ته اک ڇنڀ ۾ ائين گم ٿي ويو، جيئن ڳئون جا مٿيان ڏند! بس، ائين چوندو ويو ته ”منهنجو چوڻ پٿر تي ليڪو آهي، پر سنديس نشاني ڏنل منڊيءَ کان پوءِ پاراتي جو اثر لهي ويندو.“ +اَنسويا – اباڙي، ڪجهه ته پيٽ ۾ ساه پيو! هيانءُ کي ڪجهه ته آٿت آيو! راجا جنهن وقت واپس وڃي رهيو هو، تڏهن پنهنجي نالي اُڪريل مُنڊي يادگيريءَ طور پارائي هئائينس، انهيءَ ڪري شڪنتلا کي پِٽ پاراتي جو ڪو به ڊپ ڪونهي. +پريمودا – ادي، اچ ته انهيءَ لاءِ ديوتائن جي پوڄا ڪريون. (ويندي ويندي ٻاهر نهاري) اَنسويا، ڏس ته سهي، پنهنجي محبوب جي فراق ۾ اسان جي پياري ساهيڙي کاٻي هٿ تي مٿو رکي، ڪهڙي نه سُهڻي ڍنگ سان ويٺي آهي. سچ پچ گُڏي پيئي لڳي گُڏي! هن ويچاريءَ کي ته پنهنجو به هوش نه آهي، پوءِ ڪنهن آئي وئي جي ڪهڙي سُڌ پونديس؟ +اَنسويا – پريمودا، خيال رکجانءِ! جيئن هن معاملي جي خبر ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ کي نه پوي. تون سمجهين ٿي ته اسان جي ڀيڻ جي دل ڪيتري نه نازڪ آهي! مطلب ته اُن کي انهي مصيبت جي ڪا به لکا نه پوي. +پريمودا – اڙي، اهو ته سچ آهي پر چنبيليءَ تي به ڪو ڪوسو پاڻي هاريندو آهي؟ +(ٻيئي وڃن ٿيون) +(ايتري ۾ ننڊ مان اُٿيل هڪ چيلو اچي ٿو) +چيلو – گرو مهاراج هينئر مسافريءَ تان واپس موتيس آيو آهي ۽ مون کي وقت ڏسڻ لاءِ موڪليو اٿس. ٿورو ٻاهر وڃي ڏسان ته اڃا رات ڪيتري آهي؟...(ٻاهر وڃي ڏسي ٿو)... اجهو، پره ڦٽڻ واري آهي. هيڏانهن چنڊ اولهندي جبلن ۾ لڪي رهيو آهي، ۽ هوڏانهن اڀرندي کان سج پنهنجو گُلابي جهنڊو لهرائي رهيو آهي.... +هڪڙيئي وقت ٻن هستين جي اوج ۽ پستيءَ کي ڏسي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين جو پورو پورو سبق حاصل ڪري ٿو. +جيئن ته هن وقت چَنڊ ٻُڏي رهيو آهي، تنهنڪري هيءُ ساڳيو جل سوسن منهنجن اکين کي ذرو به نٿو وڻي، ڇاڪاڻ ته هاڻي اُن جي سُونهن ڏسڻ وٽان نه رهي آهي ۽ سندس تصور فقط خيالن ۾ ئي سمايل آهي. سچ آهي، سڄڻن جي فراق جو صدمو، سڄڻن کي ئي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو! +پَنن تي پکڙيل ماڪ جي ڦُڙن کي، چنڊ گلابي رنگ عطا ڪري ڇڏيو آهي. جهوپڙين جي ڪکائينءَ ڇت تي سُتل مور سُجاڳ ٿي چڪا آهن، ۽ اُهي هرڻ، جي قربانگاه جي ڪٽهڙي تي ٽنگون ٽيڙي سُتا پيا هئا. سي به اُٿي کڙا ٿيا آهن ۽ ائين پيا ڪَر موڙين ڄڻ ته ڪو ڪُٻ نڪري آيو اٿن... چنڊ پنهنجو نور کسائي، آسمان مان هيٺ ڪري رهيو آهي. اهو به ڏينهن هو جڏهن وشنوءَ، چنڊ جي نڪرڻ جي هنڌ يعني جبلن جي سرتاج ”سُمير“4 کي پنهنجي قدمن هيٺ رکيو هو ۽ چنڊ جي سَڄي دنيا کي پنهنجي راڄڌانيءَ ۾ شامل ڪيو هئائين.... وڏن جي وڏائي به اونهائيءَ تي اچي ختم ٿئي! +(انسويا پردو مٿي کڻي، اندر اچي ٿي) +اَنسويا (پاڻ) – آءٌ جيڪڏهن دنيا جي ريتن رسمن کان اَڻ ڄاڻ آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ ايتري ته ڄاڻ اٿم ته هُن راجا، شڪنتلا سان چڱا پير ڪو نه ڀريا آهن. +چيلو – هاڻي گُرو مهاراج کي وڃي ٻُڌايان ته پوڄا جو وقت ٿي ويو آهي. +(هليو وڃي ٿو) +انسويا – هيءَ جبل جيڏو ڏينهن ڪيئن گذرندو؟ من اهڙيءَ مُونجهاري ۾ اچي ڦاٿو آهي، جو ڪنهن به ڪم ڏي چت نٿو وري. اي ٻاجهارا، ڇا اسان جي نادان ساهيڙيءَ کي هڪڙي زور آور جي ڦندي ۾ ڦاسائي تنهنجو اَندر ٿڌو ٿيو؟ .... يا انهيءَ بيپرواهيءَ جو اصل سبب ”درواسا“ جو پاراتو آهي!... نه ته هوند ائين ڪيئن ٿئي، جو راجا اهڙا اهڙا وچن ڪرڻ کان پوءِ به هيترو وقت هڪڙو پتر نه موڪلي!...(ويچار ڪندي) اهڙيءَ حالت ۾ اُها نشانيءَ واري مُنڊي ڏانهنس موڪلڻ گهرجي، پر جوڳيءَ ته پنهنجي پنهنجي بندگيءَ ۾ پورا آهن، آخر ڪنهن کي موڪلجي؟ آءٌ وري ڪڻوءَ بابا کي به اِهو نٿي ٻڌائي سگهان ته ڪو شڪنتلا جي شادي ٿي چُڪي آهي ۽ سندس لَت ڳري ٿي پيئي آهي. ڏوهه ته مون مَت موڙهل جو ئي آهي!... هاءِ، افسوس! هاڻي هن مصيبت جي وقت ڇا ڪرڻ گهرج��؟ +(ايتري ۾ پريمودا اچي ٿي ۽ خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي) +پريمودا – ڀيڻ، جلدي اَچ! شڪنتلا پنهنجي پريتم جي گهر وڃي رهي آهي ۽ سنديس موڪلاڻي جي رسم پوري ڪرڻي اَٿيئون. +اَنسويا – اڙي، هيءُ ڇا ٿيو؟ +پريمودا – ٻُڌ، هينئر آءٌ شڪنتلا کان پُڇڻ ويئي هيس ته ننڊ ته چڱيءَ طرح آيئهءِ؟ +اَنسويا – ها، پوءِ؟ +پريمودا – مون ڏٺو ته شڪنتلا شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺي آهي ۽ ڪڻو بابا کيس سيني سان لڳائي چئي رهيو آهي، ”شاباس، پوڄاريءَ جون اکيون دونهيءَ جي سببان دوهانٽجي ويون ته ڇا ٿيو! سندس چَڙهت ته باه کي پهچي ويئي. منهنجي لُڏڻ، جيئن ڪنهن چيلي کي علم سيکاريندي، افسوس نه ٿيندو آهي تئين تنهنجي پالڻ ڪري به مون کي ڪو دُک نه پهتو آهي. اڄ ئي ساڌن سان گڏ توکي ساهري گهر ڏياري ٿو موڪليان. +اَنسويا – پر ڪڻو بابا تي اِهو راز ڪيئن کليو؟ +پريمودا – جڏهن هو ديوالا ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن آسماني آواز ٻڌڻ ۾ آيس. +اَنسويا – هان، اِهو آواز ڪهڙو هو؟ +پريمودا – اهو آواز هيءُ هو ته ”اي برهمڻ! ڄاڻ ته تنهنجي ڌيءُ جي اندر ۾ اِها حياتي جي جوت آهي، جا دشينت ڌرتيءَ جي بهتريءَ لاءِ امانت ڌري آهي.“ +اَنسويا (پريمودا کي ڀاڪر پائي) – ساهيڙي، صدقي وڃان! آءٌ ته خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيان، پر ساڳئي وقت انهيءَ ڳالهه جو ڏک به ٿو ٿئي ته شڪنتلا اسان کان وڇڙي ويندي! +پريمودا – اڙي چري، اسين پنهنجي اندر جو سَور جيئن تيئن ڪري، پي وينديونسين، پر شڪنتلا کي ته آرام ملندو! +اَنسويا – خير، ڏس ته سهي! مون اَنب جي ٽاريءَ ۾ پنهنجي ٽوڪري لٽڪائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ خاص اِنهيءَ موقعي لاءِ هڪ ”سدابهار“ هار سانڍي رکيو اٿم. تون اُهو ڪڍي اچ ته آءٌ جيستائين وڃي شڪنتلا جي سينگار جو سامان تيار ٿي ڪريان، جهڙوڪ: گئولوچن، تيرٿن جي پوتر رک ۽ قربانگاه جا ڪک. +پريمودا – چڱو، تون ڀلي وڃ! +(اَنسويا هلي وڃي ٿي ۽ پريمودا گل چونڊڻ لڳي ٿي) +پردي پُٺيان آواز – گوتمي، شارنگرو ۽ شاردوت کي چئو ته ”توهان کي شڪنتلا سان گڏجي وڃڻو آهي.“ +پريمودا(آواز ٻڌي) – اَنسويا، ڦڙتي ڪر! جوڳي هستناپور وڃڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. +اَنسويا (سينگار جو سامان کڻي اچي ٿي) – ڀيڻ، هَل ته هَلون. +(ٻيئي هلڻ لڳن ٿيون) +پريمودا(ڪجهه ڏسي) هوڏانهن ڏس، پره ڦٽيءَ کان وٺي شڪنتلا نَنهن کان چوٽيءَ تائين سَنبهي سَنوارجي بيٺي آهي. جوڳياڻيون کيس مبارڪون ڏيئي رهيون آهن. نظر لاهڻ لاءِ چانورن جون مُٺيون ڀري کڻي آيون آهن. هَل ته اُنهيءَ وٽ هلون. +(ٻيئي ڄڻيون اوڏانهن روانيون ٿين ٿيون ۽ شڪنتلا انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي) +هڪ جوڳياڻي – ڌيءُ، ڀڳوان شل توکي مهاراڻيءَ جو درجو عطا ڪري، ۽ اهو لقب تنهنجي مڙس جي بي اَنت محبت جي نشاني هجي! +ٻي جوڳياڻي – ڌيءُ، ڀڳوان ڪري، شل تنهنجو پٽ مَهاٻَلي بنجي! +ٽين جوڳياڻي – منهنجي آسيس آهي ته شل تنهنجو مڙس توکي جيءَ ۾ جايون ڏئي! +(گوتميءَ کان سواءِ، ٻيون آسيس ڏيئي هليون وڃن ٿيون) +ٻيئي ساهيڙيون (ويجهو اچي) – پياري، شل تون هميشہ خوشيءَ سان اوڍيل هجين! +شڪنتلا – ڀلي ڪري آيون! اچو، هتي ويهو. +ٻيئي ساهيڙيون – (سينگار جو سامان رکي ويهي رهن ٿيون) – پياري، توکي سَنوارڻو سينگارڻو اٿئون، تنهنڪري هڪدم تيار ٿي وڃ. +شڪنتلا – قربان وڃان! مون کي هاڻي پنهنجن ساهيڙين جو سَنوارڻ سينگارڻ ڪٿي نصيب ٿيندو؟ روئڻ لڳي ٿي) +ٻيئي ساهيڙيون – اهڙيءَ مبارڪ گهڙيءَ تي روئڻ سٺو نه آهي. +(ٻئي ڄڻيون شڪنتلا جا ڳوڙها اُگهي، کيس سينگار ڪرائڻ لڳن ٿيون) +پريمودا – هن سهڻيءَ صورت کي ته هيرن موتين سان سينگارڻ گهرجي، آشرم جي گُلن ۽ پَنن سان ته سندس گهٽتائي ٿئي ٿي. +(ايتري ۾ ٻه رشي ڪمار ڳهڻا کڻي اچن ٿا) +رشي ڪمار – اسين هي امله ماڻڪ هن ديويءَ جي لاءِ کڻي آيا آهيون. +(ڳهه ڏسي سڀ حيرت ۾ پون ٿيون) +گوتمي – پُٽ نارو! هي زيور توهان کي ڪنهن ڏنا آهن؟ +پهريون – هيءُ سڀ گُرو مهاراج جي ڪرامت جو ڦل آهي. +گوتمي – واه واه! ڇا هي زيور! اِرادو ڪندي ئي پاڻمرادو پيدا ٿي پيا؟ +ٻيو – تڏهن وري!... گروءَ مهاراج اسان کي چيو ته شڪنتلا لاءِ وڻن مان گل پٽي اچو. اسين اڃا گُل پَٽي رهيا هئاسين ته، ڪنهن وڻ مان انهيءَ شڀ موقعي لاءِ چنڊ جهڙا اڇا پَٽ جا ڪپڙا پيدا ٿي پيا. ٻئي مان گلال وسڻ لڳو، جنهن سان هٿ پير رڱيا ويندا آهن. ٻين وڻن مان وري بَن جي پَرين، نازڪ نازڪ ٽارين جيئن لچڪندڙ هٿن سان، اسان کي ڀانت ڀانت جا ڳهه ڪڍي ڏنا. +پريمودا (شڪنتلا ڏي نهاري) – اِهي سُهڻا سڳڻ ۽ ساٺ ٻڌائين ٿا ته تون ساهرين گهر سکي گذاريندينءَ. (شڪنتلا شرمائي ٿي). +پهريون رشي ڪمار (ٻئي رشي ڪمار کي) – گرومهاراج هاڻي وهنجي سهنجي آيو هوندو، اچ ته کيس وڻن جي انهيءَ شيوا جو احوال ڏيون. +ٻيو رشي ڪمار – هائو ٻيلي، هَل ته هلون! +(ٻيئي وڃن ٿا) +انسويا – ڀلا اسان کي ڳهن جي ڪهڙي خبر؟ جهوپڙيءَ طرح تصويرن ۾ ڏٺو اٿئون؛ تهڙيءَ طرح توکي پارايون ٿيون. +شڪنتلا – وڃو، پَري ٿيو! مان توهان جي انهيءَ مکر کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. +(ساهيڙيون ڳهه پارائينس ٿيون) +ڪڻو (وهنجي سهنجي، اِهو خيال ڪندي اچي ٿو ته شڪنتلا اڃ موڪلائيندي) (پاڻ) – منهنجي دل ۾ غم جا اُڌما ٿا اُٿن! ڳوڙهن ڳڙڻ ڪري نڙي ويهجي ويهي آهي ۽ هٿ پير کيرا ٿي ويا اٿم! جڏهن مون جهڙي بنواسيءَ کي به اولاد جي محبت جي جذبي ايترو ماندو ڪري ڇڏيو آهي، ته پوءِ پنهنجن نياڻين کي پهريون پهريون ڀيرو پاڻ کان جدا ڪرڻ وقت دنيا وارن جي الائي ڪهڙي حالت هوندي؟ +(پسار ڪري ٿو) +ساهيڙيون – شڪنتلا، سينگار ٿي چڪو! هاڻي اُٿ ۽ هيءُ ريشمي وڳو پائي وٺ. +(شڪنتلا اُٿي وڳو ڍڪي ٿي) +گوتمي – ڌيءُ، اجهو بابَهن اَچي رهيو آهي! سندس اکيون توکي ڏسي، خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي رهيون آهن، وڃي پرنام ڪرينس! +شڪنتلا (شرمائيندي) – پيرين ٿي پوان، بابا! +ڪڻو – ڌيءُ، شل تون پنهنجي مڙس کي ايتري پياري هجين، جيتري ”شَرمِشٽا“، ”ييامتيءَ“ کي پياري هئي!5.... جيئن اُنهيءَ پَروءَ جهڙي نامياري ٻلوان کي جنم ڏنو، تيئن آءٌ اَسيس ٿو ڏيان ته ”شل تنهنجو پٽ به راجا ڌراج ٿئي!“ +گوتمي – اها فقط آسيس ناهي، پر خود وچن آهي. +ڪڻو – ڌيءُ، اچ ته پوتر اگنيءَ جي چوڌاري ڦيرو پايون. هينئر اُن کي ٻارڻ ڏنو ويو آهي...(سڀ چوڌاري ڦرن ٿا) شل اِهي باهه جا ڀنڀٽ، جي پنهنجي سَنسڪاري کاڌ وٺي، قربانگاه جي چوڌاري پنهنجي جاءِ تي ڀڙڪي رهيا آهن ۽ جن جي ڪنارن وٽ ڪش گاه جا ڪک کِنڊڙيا پيا آهن، توکي پوتر ڪري ڇڏين، ۽ قربانيءَ جي ڌوپ پاپ جي بدبوءِ کي اُڏائي ڇڏي! هاڻي هلندا هلو!(چوڌاري نهاري) شارنگرو ۽ ٻيا ڪٿي آهن؟ +(هڪ چيلو اندر اچي ٿو) +چيلو – گُرو مهاراج، اسين تيار آهيون! +ڪڻو – پنهنجي ڀيڻ کي رَستو ڏيکاريو! +شارنگرو – ڀيڻ، هِتان هلڻو آهي! +ڪڻو – او تپ بن جا وَڻ! اُها جا توهان کي پاڻي ڏيڻ ڌاران پنهنجي وات ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو نه وجهندي هئي، اُها جا سينگار جي سڪايل هوندي، توهان جي چاه جي سببان تازين ڪَلين کي هٿ به نه لائيندي هئي، اُها جا توهان جي ٻوڪجڻ وقت جشن ملهائيندي هئي، سا شڪنتلا اڄ پنهنجي ساهري گهر وڃي رهي آهي. توهين سڀ خوشيءَ سان موڪل ڏيوس. (ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌي ٿو)... شڪنتلا جا دل گهريا وڻ کانئس موڪلائي رهيا آهن ۽ هن ڪوئل جي ڪوڪ ۾ اُنهن جي درد وَند دانهن سمايل آهي... +(هوا ۾ آواز اچي ٿو).... ”شل سندس رستو چپي چپي تي ڪنول گُل وڇايل تَلائن سان وَڻندڙ هجي! شل ڇانو وارا گهاٽا وڻ اُس جي لوساٽ کان بچائينس! شل ائين ٿئي، جو سندس پيرن هيٺان مٽي بدلجي، ڪنول جي ٻُور وانگر نرم ٿي پوي! شل ساريءَ واٽ تي نَرم ۽ سَڻائي هير ساڻس شامل هجي! +(سڀ حيرت مان اِهو آواز ٻڌن ٿا) +گوتمي – تپ بن جون اَپڇرائون، جي اسان وانگر تنهنجون گهڻگهريون آهن، سي توکي آسيس ڏيئي رهيون آهن. تون اُنهن جي اڳيان ڪَنڌ نماءِ! +شڪنتلا (ڪنڌ نمائي، پسار ڪندي) – پياري پريمودا، جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي ساه کان وڌيڪ پياري دوست جي درشن جي اُڃايل آهيان، پر آشرم مان ويندي منهنجا پير مشڪل سان چُري رهيا آهن! +پريمودا – اهو وڇوڙي جو ڏک رڳو تو اڪيليءَ کي نه آهي ... پر هن آشرم جي حالت ڏي به نهار، جنهن کان تون پَل ساعت ۾ وڇڙجي ويندينءَ. هرڻن ڊڀ چَرڻ ڇڏي ڏنا آهن ۽ وڻ ٽڻ ٻوٽا پنهنجا ڪومايل پن ڇاڻي، ڄڻ ڳوڙها وهائي رهيا آهن! +شڪنتلا(ڪجهه ياد ڪندي) – بابا، آءٌ پهريائين پنهنجي وَل ڀيڻ کان رخصت وٺنديس! +ڪڻو – ڇو نه! انهيءَ سان تنهنجي ساهيڙپ جي مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي. +شڪنتلا(ول کي ڳري لائي) – اي بن جوت! تون پنهنجي پريتم اَنب جي وڻ سان چنبڙي پيئي آهين ته ڇا ٿيو؟ تنهنجون اِهي ٽاريون، جي هن طرف وري آيون آهن، تن سان مون کي ڀاڪر ته پاءِ!... اڙي، آءٌ هينئر توکان گهڻو پري وڃي رهي آهيان! +ڪڻو – تو پنهنجي سُٺن لڇڻن سان پنهنجي لاءِ هڪ لائق وَر ڳولي ڪڍيو. هن چنبيليءَ پڻ اَنب جي وڻ سان نينهن لڳايو آهي. هاڻي آءٌ توهان ٻنهي جي چنتا کان ڇُٽس... +ڌيءُ! هاڻي دير نه ڪر. موڪلاڻيءَ جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي. +شڪنتلا (ساهيڙين کي) – مٺڙيون، هيءَ وَل هاڻي توهان جي آسري ٿي ڇڏيان! +ساهيڙيون – پر اسان کي ڪنهن جي آسري ڇڏي ٿي وڃين؟ +(روئڻ لڳن ٿيون) +ڪڻو – هيءُ روئڻ وري ڇا جو؟ اَنسويا، توهان کي ته پاڻ شڪنتلا جي همت وڌائڻ گهرجي! +شڪنتلا – منهنجا بابا! هيءَ هرڻي، جا پيٽ سان آهي، ۽ جهوپڙيءَ جي ڀَر ۾ پيئي چري، سا جڏهن ٻچو ڄڻي، تڏهن مون کي نياپو موڪلجو! +ڪڻو – چڱو، اها ڳالهه نه وسرندي! +شڪنتلا – اڙي، هي ڇا آهي، جو منهنجي پلاند کي ڇڪي رهيو آهي؟ +ڪڻو – ڌيءُ، هيءُ اهو ئي هَرڻ جو ٻچڙو آهي، جنهن کي تو پنهنجو پُٽ ڪيو هو! جڏهن ڊڀ کائيندي، سندس وات سُڄي پيو هو، تڏهن تو مال ڪنگڻيءَ جو تيل مکي، کيس چڱو ڀلو ڪيو هو ۽ پنهنجن هٿن سان نپائي تاتي وڏو ڪيو هُيئِه، هينئر اِهو تنهنجو رستو روڪيو بيٺو آهي. +شڪنتلا – منهنجي دل وارا هرڻ، هينئر جڏهن آءٌ توکي ڇڏي وڃي رهي آهيان، تڏهن تون مون کي ڇڏي ڇو نٿو ڏين؟ جڏهن تنهنجي ماءُ مري ويئي هئي ۽ تون اڃا ننڍڙو هُئين، تڏهن کان آءٌ توکي نپائڻ تاتڻ لڳي آهيان، ۽ هينئر توکي اڪيلو ڇڏي ٿي وڃان. هاڻي بابا تنهنجي پرگهور لهندو، تنهنڪري تون پوئتي موٽي وڃ! (روئي ٿي) +ڪڻو – ڌيءُ، روئڻ مان ڇا ورندو؟ پنهنجي طبيعت کي سنڀال ۽ هڪ ڀيرو پنهنجي رستي ڏانهن نهار. تنهنجن اکين ايترو ته رُنو آهي، جو سندءِ پنبڻيون به نٿيون چُرن. هاڻي انهن ڳوڙهن کي پي ڇڏ. ڇو ته رستي جي کڏن کوٻن نه ڏسڻ، ڪري، تنهنجا پير سَنوان نٿا لڳن! +شارنگرو – گُرو مهاراج، سياڻن چيو آهي ته ”پنهنجن پيارن کان موڪلائڻ وقت درياءَ جي ڪناري تائين اچڻ گهرجي“. ڏسو، هاڻي درياءَ جو سرو اچي ويو، تنهنڪري اوهان اسان کي آگيا ڏيئي واپس ورو! +��ڻو – ته پوءِ اچو، ٿوري ساعت هن انجير وڻ جي ڇانءَ ۾ بيهون! +(سڀ اوڏانهن وڃن ٿا) +ڪڻو(پاڻ) – راجا دشينت جهڙي نامور مهاراج جي شان وٽان ڪهڙو پيغام آهي، جو موڪليان! +(سوچڻ لڳي ٿو) +شڪنتلا(پرڀرو ٿي) – ڀينرو، ڏسو! چڪور ڪنول جي گلن ۾ لڪي ويو آهي ۽ چڪوري رڙي رڙِي ماندي ٿيندي وڃي! اوهين مون کان پُڇو ته ڪيڏيءَ مشڪلات سان پنهنجي دل کي قابو ڪري جهليو اٿم. +انسويا – ائين نه چئو، پنهنجي پياري کان سواءِ هوءَ به ته جبل جهڙي رات گذاريو ڇڏي. وري نامراد وڇوڙي جي رات ڪيڏي نه ڊگهي ٿيو پوي! پر ساڳئي وقت اهو به سمجهي ڇڏ ته وڇوڙي جو ڏک ڪيترو به جهوريندڙ ڇو نه هجي، ته به اُميد جو سهارو اُن کي سهسايو ڇڏي! +ڪڻو – شارنگرو، شڪنتلا کي پيش ڪري، راجا کي منهنجو سَنيهو ٻُڌائج! +شارنگرو – آگيا! +ڪڻو – اِهو دل ۾ رکج ته تون جيڪڏهن راجا آهين، ته اسين به فقير آهيون، ۽ هي به ته شڪنتلا ڪنهن جي ڊپ کان نه، پر پنهنجي آزاديءَ سان تو سان محبت ڪئي آهي. هاڻي منهنجي اها مرضي آهي ته شڪنتلا سان به ٻين راڻين جهڙو برتاءُ ڪرين! بس، ان کان وڌيڪ هئڻ يا نه هئڻ سڀ نصيب جي بازي آهي! ۽ ڇوڪريءَ وارن کي انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڪجهه به نه چوڻ گهرجي. +شارنگرو – بس، اسان کي پيغام مليو. +ڪڻو – منهنجي ٻچڙي، هاڻي توکي هڪ ٻه نصيحتون ڪرڻيون اٿم! جيتوڻيڪ اسين جهنگ جا رهاڪو آهيون پر دنياداريءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻون سُڃاڻون ٿا.... +شارنگرو – برابر، اکين وارن کان ڇا ڳجهو آهي؟ +ڪڻو – جڏهن ساهرين گهر پهچين، تڏهن پنهنجن وڏن جي خدمت ڪرڻ کان ڪڏهن به نه نٽائجانءِ؟ پنهنجن پهاڄن سان ساهيڙين جهڙو برتاءُ ڪجانءِ! مڙسهن ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهائي به کڻي، تڏهن به موٽائي جواب نه ڏجانءِ! نوڪرن سان هميشه سٺو سلوڪ ڪجانءِ! عيش عشرت ۾ رهي، هَٺ جي ويجهو ڪڏهن به نه وڃجانءِ! +ڇوڪريون جڏهن اهڙيون سُلڇڻيون ٿين ٿيون، تڏهن ئي چڱن جو اولاد ٿيون سڏجن؛ پر جيڪي ڪُلڇڻيون بنجي، اُبتو رستو اختيار ڪن ٿيون، سي نه رڳو پاڻ کي پر پنهنجي سڄي گهراڻي کي به ڪارنهن جو ٽِڪو لڳائي ٿيون ڇڏين... ڪيئن گوتمي ديوي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟ +گوتمي – ڪنوار لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نصيحت ٿي سگهي ٿي!... (شڪنتلا کي) منهنجي مٺي، انهيءَ نصيحت کي دل ۾ سانڍج. +ڪڻو – ڌيءُ، اچ! اسان سڀني کان ڀاڪر پائي موڪلاءِ. +شڪنتلا – بابا، ڇا منهنجون ساهيڙيون هتان ئي واپس ورنديون؟ +ڪڻو – ڌيءُ، نيٺ اُنهن جي به ته شادي ٿيڻي آهي! تنهنڪري سندن اوڏانهن وڃڻ مناسب نه آهي، باقي گوتمي توسان گڏجي هلندي. +شڪنتلا(پيءُ کي ڀاڪر پائي) – جيئن چَندن جي چڪي ملايا جي ٽَڪر تان پاڙئون پٽي وڃي؛ تيئن آءٌ پنهنجي پيءُ جي گود کان پري ٿي، هڪ پرائي ديس ۾ ڪيئن ٿي گذاري سگهان؟ +ڪڻو – ڌيءُ، تون اجايو ٿي گهٻرائين! جڏهن تنهنجو خوش نصيب مُڙس توکي مهاراڻيءَ جو عهدو عنايت ڪندو، ۽ تون ساڻس گڏجي راڄڌانيءَ جي ڌنڌن ۾ ڦاسجي پوندينءَ، ۽ جڏهن توکي هڪ ڀاڳوان پُٽ پيدا ٿيندو، تڏهن اسان جي جُدائيءَ جو غم توکان پاڻمرادو وسري ويندو. +(شڪنتلا پيءُ جي پيرن تي ڪري ٿي) +ڪڻو – شل منهنجي اِڇا موجب تنهنجون سڀ من مرادو پوريون ٿين! +ساهيڙيون (ڀاڪر پائي) – پياري، جي راجا توکي جلدي نه سُڃاڻي سگهي، ته کيس هيءَ مُنڊي ڏيکارجانءِ، جنهن تي سندس نالو اُڪريل آهي. +شڪنتلا – انهيءَ وسوسي ۾ منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي! +ساهيڙيون – هيانءُ ڦاٽڻ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي، محبت ۾ بدگماني ته ضرور ٿيندي آهي! +شارنگرو – هاڻي ڏينهن پهر کن چڙهي ويو آهي. سو جلدي ڪريو! +شڪنتلا (آشرم ��انهن مُنهن ورائي) – بابا، خبر نه آهي ته هتي اچڻ وري ڪڏهن نصيب ٿيندو! +ڪڻو – ٻڌ، جڏهن گهڻن ڏينهن تائين ڌرتيءَ جي پهاڄ بنجي رهندينءَ، 6 ۽ دشينت جي لاثاني پهلوان پٽ کي پرڻائيندينءَ، تڏهن تنهنجو مُڙس راڄ جو بار سندس ڪُلهن تي ڌري، توسان گڏ هن بن اندر آشرم ۾ اچي رهندو. +گوتمي – لاڏلي، ڏس، روانگيءَ جو وقت ٽرندو ٿو وڃي! هينئر تون پنهنجي بابا کي رخصت ڏي. ... (ڪڻوءَ کي) گُروجي، اوهان هاڻي واپس ورو! +ڪڻو – هائو ٻچا، هاڻي تپسيا ۾ به دير ٿي ٿئي! +شڪنتلا(ٻيو ڀيرو ڪڻوءَ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي) – بابا،اوهان جو جسم تپسيا جي ڪري، سُڪي ڪنڊا ٿي ويو آهي، مهرباني ڪري منهنجي گهڻي چنتا نه ڪجو! +ڪڻو(ٿڌو ساهه کڻي) – ڌيءُ جڏهن آءٌ جهوپڙيءَ جي سامهون سارين جي سنگن کي لُڏندو ڏسندس، جن کي تون پوڄا جي وقت ڀيٽا رکندي هُئينءَ، تڏهن منهنجي دل ڇو نه ڀرجي ايندي؟ بس، هينئر وڃو، شل، واٽ سڻائي ٿيئه! +(شڪنتلا ۽ ساٿي ٻاهر نڪرن ٿا) +ساهيڙيون (شڪنتلا ڏي نهاريندي) – هاءِ هاءِ، گهاٽن وڻن شڪنتلا کي لڪائي ڇڏيو! +ڪڻو (آه ڀريندي) – انسويا، توهان جي ساٿياڻي ته هلي ويئي! هاڻي پاڻ سنڀاليو ۽ مون سان هلو. +(سڀ وڃڻ لڳن ٿا) +ساهيڙيون – بابا، شڪنتلا کان سواءِ هيءُ آشرم ته اُجڙيل پيو ڀانئجي! +ڪڻو – اِها محبت جي ڪرامت آهي. _(سوچيندي) آه، شڪنتلا کي سندس ساهرين موڪلي، ائين پيو لڳي ڄڻ دل تان هڪ وڏو بار لهي ويو آهي... ڇا لاءِ ته ڌيءُ آخر پَرائو ڌن آهي.... اڄ کيس ساهرين موڪلي اهڙي روح جي راحت حاصل ٿي اٿم، جهڙي ڪا امانت سندس مالڪ ڏي موٽائيندي ٿيندي آهي. +(سڀ وڃن ٿا) +(1) اِنهيءَ کي يد سوڻ ڪري ليکيندا آهن. + + +پردو پنجون +راج محل +(راجا ۽ ماڌو ويٺل نظر اچن ٿا) +(ماڌو ڪن ڏيئي) – اهو ڪير آهي، جو ههڙا مِٺا مِٺا ۽ من موهيندڙ راڳ ههڙيءَ اُستاديءَ سان ڳائي رهيو آهي؟ منهنجو ته خيال آهي ته راڻي ”هنس پدڪا“ سرگم جي مشق ڪري رهي آهي! +راجا – اِهو راڳ آءٌ تڏهن ٻڌي سگهندس، جڏهن تون اِها پنهنجي بڙ بڙ بند ڪندين. +(پري کان راڳ جو آواز اچي ٿو) +راڳ +مَڌ جي پٺيان هرگز نه رُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! سمجهين نه ٿو ڇو گل کي گل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! گل جي نزاڪت کي ته ڏس، پنهنجي شرارت کي ته ڏس، ايڏو نه ڪر گلشن ۾ هُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! اُلفت رکيئه انب ٻُور سان، اُن کي چُميئه ٿي نُور سان، ڏسجي ٿو ته ڪوماڻل ڪَنول، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! هاڻي ڪنول تي ٿو مَرين، اَنب ٻُور کان پاسو ڪرين، اُلفت جي رستي کان نه ڀُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! ماکيءَ تي مستانو ٿئين، دل ڏيئي ديوانو ٿئين، سِڪ جو وڳو تازو دُهل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! جنهن جي پٺيان آهين ڇَڪن، آهي پَرائو سو چمن، گلشن ۾ ايڏو ڪين کُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! هڪڙي ئي گل تي ره چريو، ڇا لوڀ مان آهي وريو، لالچ جي ڇَپرن ۾ نه ڇُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! دل مان هوس کي دور ڪر، سڪ سوز کي منظور ڪر، اُلفت جو ڪو آهي نه تُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي! +ماڌو – ڇا سچ پچ، اوهان هن راڳ جو اصل مطلب سمجهي ويا؟ +راجا (کلي) – ها سمجهيم، آءٌ پهريائين انهيءَ جو عاشق هوس، پر هاڻي ”وَسُومتيءَ“ تي ڇڪن آهيان، اهو ئي سبب آهي، جو هوءَ مون کي مهڻا ڏيئي رهي آهي! ادا ماڌو، تون اُن کي وڃي چئو، ته انهن آلاپن ته مون کي ريجهائي ڇڏيو آهي. +ماڌو – بلڪل بهتر! (اُٿي ڪري) جيئن ڪنهن آپڇرا جي چنبي ۾ ڦاسي، سَنت جو خير نه هوندو آهي، تيئن منهنجي لاءِ به بچاءَ جي ڪا صورت نظر نٿي اچي! راڻي صاحبه ٻين جي هٿان منهنجي اهڙي مرمت ڪرائين��ي جو ٽڪڻ به گنجي ٿي ويندي. +راجا – اڙي، هاڻي وڃ ته سهي! چَڱمُڙسيءَ سان پيش اِيندين، ته پوءِ اِئين ڇو ٿيندو؟ +ماڌو – ڏسان ڀلا، آخر ڪهڙي ويڌن ٿي ٿئي؟ +(هليو وڃي ٿو) +راجا(پاڻ) – الائي ڪهڙو سبب آهي، جو گيت ٻڌندي ئي منهنجي اندر مان آه نڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن پياري جي وڇوڙي جو سوز به ڪونهي؟ يا هيئن آهي ته، سوڀياوان شين کي ڏسي ۽ مٺا آلاپ ٻڌي، ڪنهن بيفڪر انسان جي دل هڪدم ڏک سان ڀرجي اچي، ته پوءِ ائين سمجهڻ گهرجي ته اڳئين جنم جي ڪنهن دوست جي ياد تازي ٿي رهي آهي!(بيتابي ظاهر ڪري ٿو) +(دربان اندر اچي ٿو) +دربان(پاڻ) – افسوس، منهنجي هن حال تي! نوبت هيستائين اچي پهتي آهي، جو جيڪا لَٺ عرصي کان فقط منهنجي عهدي جي نشاني هئي، سا اڄ منهنجو ڀَرجهلو ٿي پيئي آهي. هاڻي اُن جي آڌار بنا هليو نٿو ٿئي. هلان ٿو ته پير پيا ڏڪن! +مهاراج کي ڌرمي ڪمن جو به ڌيان رکڻو آهي. اِجهو هينئر دربار مان اُٿي ويو آهي. تنهنڪري کيس هڪدم اُٿاري اِئين به نٿو چئي سگهجي ته ڪڻو رشيءَ جا چيلا اوهان سان ملڻ چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن آرام ۾ خلل پوندو! +پر ميان، ساڳئي وقت اهو به ته سمجهه ته جڳ پرور انسان کي آرام ڪٿي ٿو نصيب ٿئي! سج جي سواري هڪ ڀيرو مسافريءَ تي نڪتي ته وري ڪٿي ٿي بيهي؟ هَوا جو چرڻ ڪٿي ٿو بند ٿئي؟ شيش نانگ 7 جي ڦڻ تي هڪ دفعو ڌرتيءَ جو بار وڌو ويو، ته هڪ ساعت لاءِ به اُهو نٿو لاهي. بس، اهو ساڳيو ئي حال اسان جي مهاراج جو آهي... +.....اڙي، آءٌ جهڳڙن ۾ ڇو پوان؟ وڃي پيغام ته پهچايان.(ليو پائي) مهاراج پنهنجي اولاد وانگر پرجا جي سار سنڀار لهي ٿڪجي پيا آهن ۽ نويڪلائيءَ ۾ ويهي آرام ڪري رهيا آهن. سچ آهي ”هاٿين جو راجا به پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري، ڪا ٿڌي جاءِ ڳوليندو آهي“. (ويجهو وڃي) مهاراج جي جئي!... هماليه جي ماٿرين جا رهاڪو، ٻه جوڳي ٻن ديوين سان گڏجي آيا آهن، ۽ ڪڻو رشيءَ جو ڪو سنيهو آندو اٿن. ڪهڙو حڪم ٿا فرمايو؟ +راجا (حيرت وچان) – ڇا چيئهءِ؟ جوڳي ۽ ديويون! ۽ ڪڻو رشيءَ جو سنيهو!(1) +دربان – جي ها! +راجا – منهنجي پاران پروهت سومرات کي وڃي چئو ته شرتي موجب انهن آشرم واسين جي آجيان ڪري، ۽ پوءِ پاڻ سان مون وٽ وٺي اچين. آءٌ به تيستائين ڪنهن اهڙي هنڌ ويهي، سندن اِنتظار ڪريان ٿو، جو جوڳين جي شان وٽان هجي. +دربان – جيئن مهاراج جو حڪم! (وڃي ٿو) +راجا (اُٿي بيهي) – ويتروتي! اڳني ديوتا جي آستان جو رستو ڪهڙو آهي! +داسي – سرڪار، هن پاسي هليا اچو! +(راجا پسار ڪندي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو گهڻي ڪم ڪرڻ سببان ٿڪجي پيو آهي) +راجا – هرڪو شخص پنهنجي مقصد ماڻڻ کان پوءِ سُک جو ساه کڻندو آهي؛ پر راڄڌانيءَ کي سُک سان ڪهڙو واسطو؟ هڪ دفعي راڄ مليو، ته اُن مان ساءُ نڪريو وڃي. ڇاڪاڻ ته اها ڳڻتي ڪا گهٽ نه آهي ته ”جيڪي مليو آهي، سو وري کسجي نه وڃي.“ راڄڌانيءَ به ڇٽيءَ وانگر آهي – جي اُن جوڳن پنهنجي هٿ ۾ سوگهو جهلبو، ته ٿَڪ لهڻ جي بدران پاڻ وڌندو ويندو. +(پردي پٺيان ٻن ڀَٽن جو آواز اچي ٿو) +آواز – مهاراج جو ڀاڳ ڀَلارو هجي! +هڪڙو ڀَٽ – اوهان پنهنجو سُک ۽ آرام ڦٽو ڪري رات ڏينهن پرجا جي شيوا ۾ رُڌل رهو ٿا. بس، اِهو ئي اوهان جو ڌرم آهي! وڻ جي خاصيت پڻ اِها ئي آهي ته هُو پنهنجي ٽارين تي سج جي ڪرڻن جي تاءَ برداشت ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ڇانءَ ۾ ويٺلن کي ٿڌڪار پهچائيندو رهي ٿو! +ٻيو ڀٽ – اوهان پنهنجي انصاف جي بدولت گمراه انسانن کي سچائيءَ جي راه سيکاريو ٿا. ۽ پرجا ۾ امن امان قائم رکو ٿا. مال ۽ دولت جي موجودگيءَ جي وقت ته انسان جا گهڻائي مِٽ مائٽ پيدا ٿي پوندا آهن، پر غريبيءَ ۽ ڪنگالپڻي ۾ به ناتو نڀائڻ فقط اوهان جو ئي ڪم آهي. +راجا – بس، هن هنڌ ويهڻ جي ڪري، منهنجو سَڄو ٿَڪ ئي لهي ويو آهي! +چوبدار – سرڪار، اَگني ديوتا جو شعاع پنهنجي چمڪاٽ سان هڪ عجيب قسم جو چهچٽو پيدا ڪيو بيٺو آهي. قربانيءَ جو ٻڪرو به اُتي ئي ٻڌل آهي. ڏاڪڻ چڙهي ٿورو مَٿڀرو ته هلو! +راجا (نوڪرن جي ڪلهن جي آڌار تي مٿي چڙهندي) – چوبدار، ڪر خبر! ڪڻو رشيءَ هي جوڳي ڪهڙي ڪم سان موڪليا آهن؟ ڪٿي جوڳين جي ڌرمي ڪمن ۾ ڪو خلل ته نه پيدا ٿيو آهي؟ يا ڪو پاپي اُنهن جي جانورن کي ته نه سَتائي رهيو آهي؟ ائين ته نه آهي، جو منهنجي ڪنهن پاپ جي ڪري، آشرم جي وَڻن جون پاڙون سَڙي ويون آهن؟ بس، اِنهيءَ اُڻ تڻ ۾ ته منهنجو ساه ٻوساٽجي رهيو آهي! +چوبدار – منهنجي خيال موجب هي جوڳي، پرجا جي واتان اوهان جي عدل ۽ انصاف جو ڌاڪو ٻڌي، خوش ٿي اوهان کي مبارڪباد پيش ڪرڻ آيا آهن. +گوتمي، شارنگرو ۽ ٻيا، شڪنتلا کي ساڻ وٺي، راجا وٽ اچن ٿا. دربان ۽ پوڄاري سومرات اڳيان اڳيان آهن) +دربان – سَنتو، هيڏي اَچو! +شارنگرو (پرڀروٿي) – اڙي شاردوت! انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته هيءُ راجا وڏو گياني آهي ۽ سچائيءَ جي رستي تان ڪڏهن به نٿو هَٽي؛ نه رڳو ايترو پر سندس راڄ ۾ گهٽ قومن جا ماڻهو به پنهنجي پنهنجي ڌرمي ڪمن ۾ مشغول آهن. پر آءٌ انهيءَ کي ڇا ڪريان؟ منهنجي طبيعت ته اڪيلائيءَ کي پسند ڪري ٿي ۽ هتان جي گوڙ گهمسان کان بلڪل ونءُ ٿي وڃي. اِهو ئي سبب آهي، جو هن اڱڻ ۾ مون کي چئن ئي پاسن کان باه ئي باه نظر اچي ٿي. +شاردوت (پرڀرو وڃي) – شهر ۾ اچي مون کي پڻ ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ۽ آءٌ به هنن عيش جي ڪوڏين کي ساڳي اُنهيءَ نظر سان ڏسان ٿو، جنهن نظر سان ڪو پوتر اَڻ پوتر کي، ڪو سُجاڳ ستل کي، ۽ ڪو آزاد ڪنهن قيديءَ کي ڏسندو آهي. +شڪنتلا (خراب سَوڻ سمجهي) – ها، منهنجي ساڄي اَک ڇو ٿي ڦڙڪي؟ +گوتمي – ڌيءُ، ڏک جا ڏينهن گذري ويا! اِجهو تنهنجي ساهرين گهر جا ديوتا تنهنجو ڀلو ڪندا. +پوڄاري (راجا ڏانهن اشارو ڪندي) – سَنتو، اسان جي مهاراج کي ڏسو، جو ادب ۽ احترام وچان پنهنجي گادي ڇڏي، اڳ ۾ ئي اوهان جو انتظار ڪري رهيو آهي! +شارنگرو – اي پوڄاري! انهيءَ ۾ ئي ته راجا جي وڏائي آهي. ۽ جيڪڏهن سچ پُڇين ته اُهو خود سندس فرض آهي ... وڻن ۾ جڏهن ميوو پيدا ٿيندو آهي، تڏهن هو جُهڪي پوندا آهن، ۽ سانوڻ اچڻ سان ڪڪر لهڻ شروع ٿيندا آهن. بس، اهو ساڳيو حال چڱن انسانن جو آهي! هو مال ملڪيت هوندي به هيٺاهين اختيار ڪندا آهن.... ۽ چڱن ماڻهن جو اصل کان وٺي اهو ئي دستور آهي. +چوبدار – مهاراج، هنن سڀني جو مُنهن خوشيءَ وچان ٻَهڪي رهيو آهي، ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪنهن خير سلامتيءَ جي ڪم سان آيا آهن! +راجا (شڪنتلا کي ڏسي) – جوڳين جي وچ ۾ هيءَ گهونگهٽ ڍَڪيل سُندري ڪير آهي؟ سُڪل پَنن منجهان هيءَ تازي مکڙي ڪيئن پيدا ٿي! +چوبدار – سرڪار، منهنجو ته عقل ئي ڪم نٿو ڪري! باقي ايترو ضرور چوندس ته هيءَ سُونهن سوڀيا ڏسڻ وٽان آهي. +راجا(پاڻ) – ڪنهن ڌاري اِستريءَ کي چڱيءَ طرح چتائي ڏسڻ نٿو جڳائي! +شڪنتلا (سيني تي هٿ رکي....پاڻ) – اي دل، تون ته اجايو ٻُڏتَر ۾ آهين! پنهنجي پياري جو اڳيون پيار ياد ڪر ۽ ڌيرج ڌار! +پوڄاري (اڳيان اچي) – مهاراج، هنن جي آجيان جي رسم اسين پوري ڪري چڪا آهيون. هاڻي هي پنهنجي گرو ڪڻوءَ جو ڪو سنيهو ٻڌائڻ چاهين ٿا، مهرباني ڪري ٻڌڻ جي تڪليف برداشت ڪريو! +راجا (ادب وچان) – آءٌ دل لائي ٻڌي رهيو آهيان. +ٻيئي ساڌو (هٿ ٻڌي) – مهاراج جي جئي! +راجا – آءٌ اوهان ٻنهي کي نمسڪار ڪريان ٿو! +ٻيئي ساڌو – شل اوهان جي مَن جون مُرادون پوريون ٿين! +راجا – اوهان جي تپ بن ۾ ته ڪا رنڊڪ پيدا نه ٿي آهي؟ +شارنگرو – جيستائين اوهان جي سنسار جا رکپال آهيو، تيستائين ڌرمي ڪمن ۾ ڪنهن رنڊڪ پيدا ٿيڻ جو ڪو به انديشو ڪونهي. سج جي روشنيءَ هوندي، اوندهه جو ڪهڙو ڊپ؟ +راجا – بس، اوهان جي ايتري چوڻ سان آءٌ راجا سڏائڻ جو حقدر بَنجي چُڪس. ڪڻو رشيءَ جو هڻڻ دُنيا جي بهتريءَ لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي. ٻڌايو، هو پاڻ ته خوش آهي؟ +شارنگرو – خوشي ته ڀڳتن وٽ سدائين مَئُو آهي! اسان جي گُروءَ اوهان کي آشيرواد ڏني آهي، ۽ هڪ خاص سَنيهو موڪليو اٿس. +راجا – آءٌ اُنهيءَ کي شوق سان ٻُڌڻ چاهيان ٿو. +شارنگرو – ٻڌو: ”اوهان ٻنهي پنهنجي خوشيءَ سان پريم ڪيو ۽ شادي ڪئي! اوهان جي اِنهيءَ ڪم کي مون به پسند ڪيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسان کي سُڌ آهي ته اوهين اُتم پرشن ۾ اول آهيو ۽ شڪنتلا پڻ هڪ نسورو پاڪ جيوُ آهي. پروردگار گهڻي وقت کان پوءِ، هڪجهڙن گڻن وارا گهوٽ ۽ ڪنوار پاڻ ۾ ملائي، پاڻ کي مِهڻيهاب نه ڪيو آهي.... تنهنڪري ڌرمي ڪريا ڪرمن کي گڏي اَدا ڪرڻ لاءِ هن گرڀ ونتيءَ کي قبول ڪريو!“ +گوتمي – مهاراج، مون کي به ڪجهه چوڻو آهي، پر سوچان ٿي ته آخر ڇا چوان؟ شڪنتلا پنهنجن وڏن جي اجازت کان سواءِ ۽ پنهنجن عزيزن جي صلاح ڌران اوهان سان شادي ڪئي آهي، تنهنڪري اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ کي ڪجهه چوڻ جو ڪو به حق ڪونهي. +شڪنتلا (پاڻ) – هاڻي ٻڌان ته منهنجو مالڪ ڪهڙو ٿو جواب ڏئي! +راجا (حيرت وچان) – مگر اوهان هيءَ ڪهڙي ڳالهه رچائي آهي؟ +شڪنتلا (پاڻ) – اڙي، مون کي ته ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڪنهن باه جي آڙاهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو: اَٿم. +شارنگرو – هان، هي اوهان ڇا ٿا چئو؟ اوهان ته دنيا جي ريتن رسمن منجهان بلڪل چڱيءَ طرح واقف آهيو، ۽ انهيءَ ڳالهه کي به چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ته جيڪڏهن ڪا سُهاڳڻ پنهنجي مڙس جي جيئري پنهنجن مائٽن ۾ رهي، ته ماڻهو اُن تي ضرور آڱريون کڻندا – پوءِ اُها سَتي ساوتري ڇو نه هجي! ۽ کيس ڇو نه پنهنجي پتي ديو جو پيار به حاصل هجي! ته به سڀني مائٽن جي اها ئي مرضي هوندي آهي ته جوان زال پنهنجي ساهرين گهر وڃي رهي ۽ اُتي خوش هجي ته بهتر آهي! +راجا – ڇا اوهان جي انهيءَ چوڻ جو اهو ئي مقصد آهي ته منهنجي هن ديويءَ سان شادي ٿي چڪي آهي؟ +شڪنتلا (مايوسيءَ وچان، پاڻ) اَي منهنجي نڀاڳي دل، هاڻي ته خوش ٿينءَ! ڇاڪاڻ ته تنهنجو اهو وسوسو ته سچ نڪتو! +شارنگرو – جيڪڏهن اوهان جي حضور ۾ اسان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته به مهاراج جو اهو شان نه آهي ته هو پنهنجي ڌرم کي وساري ڇڏي! +راجا – پر اوهان وٽ انهيءَ اَڻ ٿيڻيءَ ڳالهه لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي؟ +شارنگرو(ڪاوڙ وچان) – اِنهيءَ ۾ اوهان جو ڪو به قصور ڪونهي مهاراج! ڇاڪاڻ ته راڄ ۽ دولت جو نشو دل جي سچائيءَ، ۽ نيڪ نيتيءَ کي ڊاهي ڊانوان ڊول ڪري ٿو ڇڏي. +راجا – آءٌ اهڙي بيعزتي هرگز برداشت ڪري نٿو سگهان! +گوتمي (شڪنتلا کي) – ڌيءُ، ٿوريءَ دير لاءِ لڄ شرم ڦٽو ڪر ۽ منهنجي ويجهو اَچ ته آءٌ تنهنجو گهونگهٽ لاهي ڇڏيان، مَن تنهنجو مُنهن ڏسي، تنهنجو مُڙس توکي سُڃاڻي وجهي! +راجا (شڪنتلا کي ڏسي، پاڻ) – هن جو حسن ته اڃا نئين بهار جي رونق ڏيکاري رهيو آهي، پر پرڻيل آهي يا ڪنواري، تنهن جي باري ۾ ڪا به خبر نٿي پوي! اِنهيءَ اونهي سوچ ويچار جي ڪري، نه ته اُن کي قبول ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري ڇڏي سگهجي ٿو! سچ پچ ته منهنجي حالت به ساڳي اُنهيءَ ڀونر جهڙي آهي، جيڪو صبح جي وق�� ڪنول گل تي ماڪ جا ڦُڙا ڏسي، نه ته مٿس ويهي سگهي ٿو ۽ نه وري هو پاڻ کي ڀِڄائي ٿو سگهي! +(ٽٻيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو) +چوبدار(پاڻ) – ها، اسان جي سرڪار ڌرم جي چڱي آڙ ورتي آهي! ڀَلا اهڙي اَپڇرا گهر ويٺي ملي، ته اُن کي ڪير ٿو ڇڏي سگهي؟ +شارنگرو – مهاراج، اوهان خاموش ڇو ٿي ويا آهيو؟ +راجا – او سَنتو، مون انهيءَ باري ۾ گهڻو ڪجهه سوچيو! پر اوهان جي ڳالهه منهنجي دل سان هرگز نٿي لڳي. جنهن جي صورت ۾ هيءَ ديو گرڀ ونتي آهي، ته پوءِ آءُ اُن کي ڪيئن ٿو پنهنجو بنائي سگهان؟ ڇاڪاڻ ته آءٌ جيڪڏهن ڪنهن پرائيءَ زال کي پنهنجي گهر ۾ رهائيندس، ته منهنجو اندر هميشہ لاءِ ضرور کاڌل رهندو. +شڪنتلا (پاڻ) – هاءِ ڙي قسمت، هيءُ ته شاديءَ جي ڳالهه کان ئي صفا نابري واريو بيٺو آهي! افسوس، منهنجي اُميدن جو محل ئي صفا ڊهي پيو! +شارنگرو – ائين ته نه چئو مهاراج! ڇا اوهان اِها ڳالهه چڱي ٿا سمجهو ته انهيءَ رشيءَ کي اهڙيءَ طرح ذليل ڪيو وڃي، جنهن جي ڌيءُ کي توهان ڌوڪو ڏنو ۽ اُن کي آپوتر بنايو! تنهن هوندي به هن پنهنجي پيشانيءَ ۾ گهنج نه آندو ۽ اوهان سان هن جي شادي ڪرڻ قبول ڪيائين. اوهان ڪجهه پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ۽ انهيءَ رشيءَ جي سچائيءَ ۽ صفائيءَ کي به ڏسو، جنهن جو اوهان ڌن چورائي آيا آهيو. ڇا انهيءَ رشيءَ اوهان ڏانهن پنهنجو اهو ڌن رڳو انهيءَ لاءِ موڪلي ڏنو آهي ته اوهان پاڻ کي چور نه سڏايو، پر اُٽلندو پاڻ وٽ ڦٻائي دنيا ۾ ساڌ بنجي رهو. +شاردوت – منهنجا ڀاءُ، تُون هاڻي ماٺ ڪر!.... شڪنتلا، اسان کي جو ڪجهه چوڻو هو، سو چئي ڏنوسين، ۽ مهاراج جيڪو جواب ڏنو، سو به اوهان سڀني ٻڌو، هاڻي توکي گهرجي ته تون پاڻ پنهنجي سچائي ثابت ڪري ڏيکار! +شڪنتلا(پاڻ) – هاءِ! اُنهيءَ محبت کي ياد ڏيارڻ منجهان ڇا ورندو؟ اُنهيءَ جو ته جيڪو نتيجو نڪرڻو هو سو نڪري چڪو، پر ساڳئي وقت هروڀرو پاڻ کي ٽِڪو نه لڳي، تنهن جي بچاءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور چوڻو پوندو: (بلند آواز سان) پراڻ ناٿ، (ائين چوندي چوندي ڪجهه هَٻڪي) جڏهن اوهان شاديءَ کان ئي صفا انڪار ڪري رهيا آهيو، ته پوءِ آءٌ ائين ڇو نه چوان ته”مهاراج، آشرم ۾ ڪوڙا وچن ڪري، جنهن اٻوجهه کي اوهان هڪڙو ڀيرو ڌوڪو ڏيئي چڪا آهيو، ڇا اُن کي اهڙيءَ بيدرديءَ سان ٺڪرائي ڇڏڻ اوهان جي شان مان وٽان آهي؟“ +راجا (ڪنن تي هٿ ڏيئي) – توبهه ڪر او ڇوڪري! تو پنهنجي سڄي خاندان کي ته بدنام ڪيو، پر ساڳئي وقت مون غريب کي پاڻ سان گڏ ڇو ٿي ٻوهي ۾ وجهين؟ تنهنجو اِهو مثال بلڪل اُنهيءَ نديءَ جهڙو آهي، جا پنهنجي ڪناري کي پائيندي آهي، پر اُن تي بيٺل وڻن ٻوٽن کي به پاڙون پَٽي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. نه رڳو ايترو، پر اُها خود پنهنجي پاڻيءَ کي به لُڙو ڪري ڇڏيندي آهي. +شڪنتلا – جيڪڏهن اوهان سچ پچ مون کي پرائي اَستري سمجهي، مُون سان اهڙو آڻ سهائيندڙ برتاءُ ڪري رهيا آهيو، ته پوءِ آءٌ به اوهان کي اوهان جي ڏنل مُنڊي ڏيکاري، اوهان جو پول پَڌرو ڪري ٿي ڇڏيان. +راجا – بيشڪ، مون کي منظور آهي! +شڪنتلا (پنهنجي چيچ کي ڏسي) – اڙي، هيءُ وري ڪهڙو غضب ٿيو، مُنهنجي مُنڊي ته ڪٿي ڪري پيئي! +گوتمي – جنهن وقت تون ”پشمي تيرٿ“ جي ويجهو گنگا نديءَ ۾ اِشنان ڪري رهي هئينءَ، تڏهن تنهنجي مُنڊي اتي ئي ڪري پيئي هوندي! +راجا (کلي) – ڪير ٿو چوي ته زالون حاضر جواب نٿيون ٿين؟ +شڪنتلا – افسوس، اِها ته منهنجي نصيب جي بازي چئبي! پر آءٌ اوهان کي هڪڙو واقعو ياد ٿي ڏياريان. +راجا – اوهو، ڏسڻ جو وقت گذري ويو! ۽ هاڻي وري ٻُڌڻ جو وارو آيو آهي. +شڪنتلا – هڪڙي ڏينهن اوهان بيد جي جهڳٽن ۾، ڪنول گل جي پَنن مان ٺهيل دونيءَ ۾ رکيل پاڻي، پنهنجن ٻُڪن سان اُٿلايو هو. +راجا – ها، پوءِ پا ٿيو؟ +شڪنتلا – اُنهيءَ وقت منهنجو پُٽيلو هرڻ اُتي آيو. اوهان ڪهل کائي اُن ڏانهن پاڻي وڌايو ۽ چوڻ لڳا ته ”پهريائين هن کي پيڻ گهرجي“ پر هَرڻ اوهان کي ڌاريو سمجهي بلڪل ويجهو نه آيو، انهيءَ تي اوهان کلي هيءُ طعنو ڏنو ته ”سڀڪو پنهنجن تي ڀَروسو ڪري ٿو. توهان ٻيئي به بنواسي آهيو نه؟“ +راجا – هنن نازن نَخرن جو جادو ڪنهن عاشق جيئڙي تي آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجي مطلب ڪڍڻ لاءِ اِهو ئي سڀ کان سٺو طريقو آهي. +گوتمي – مهاراج، اوهان کي پنهنجي زبان سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نٿيون جڳائين! هيءَ ويچاري ته آشرم ۾ پَلي ۽ اُتي ئي جوان ٿي تنهنڪري هوءَ اهڙن وَلن ڇَلن منجهان ڇا ڄاڻي؟ +راجا – مائي وڏي! پرشن جي استرين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ بي سمجهه حيوانن جي مادين ۾ به بنا ڪنهن سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جي اِهو گُڻ پاڻمرادو پيدا ٿيو پوي. تنهنڪري انهيءَ ڳالهه جي اَجائي اُپٽار ڇو ڪجي، جنهن کي چڱيءَ طرح سوچي سمجهي سگهجي ٿو. ڪوئل کي ته ڏسو! ڪيئن نه چالاڪيءَ سان پنهنجا آنا ڪانگن ۾ لاهيو اچي ۽ پنهنجن ٻَچن جي سار سَنڀار به ڪانگن کان ٿي ڪرائي! +شڪنتلا (ڪاوڙ وچان ڪَنبندي) – او هَچارا! ڇا تو سڄيءَ دنيا کي پاڻ جهڙو سمجهيو آهي؟ مون کي ڪهڙي خبر ته رشيءَ جي روپ ۾ ڪو راڪاس، گاه سان ڍڪيل اونهي کوهه وانگر، لِڪو پيو آهي! پوءِ ڀلا اُهو ڪير آهي، جو تنهنجي ڀيد منجهان چڱيءَ طرح واقف ٿي سگهي؟ +راجا(پاڻ) – هن عورت جو ڪروڌ هٿرادو ته معلوم نٿو ٿئي! برابر آهي، بَن ۾ گذاريندڙ ماڻهو اهڙن وَلن ڇَلن منجهان ڇا ڄاڻن؟ هيءَ ته آڏين اکين سان به نٿي ڏسي. ڪيئن نه گهور وجهي، سامهون نهاي رهي آهي! اکين مان رت پيو اچيس ۽ ڪهڙيءَ نه سختيءَ سان ڳالهائيندي ٿي رهي! زبان کي ماٺ ئي نٿي اچيس! سندس گلاب جي گلن جهڙا نازڪ چپ اِئين چُري رهيا آهن، ڄڻ ته کين سياري جي سيءَ ڦڙڪڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي! سندس ڀرون جي اڳي ئي پيچدار هئا، تن ۾ به وڌيڪ وَر پئجي ويا آهن. سندس ڪروڌ ته مون کي هيڪاري حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ۽ سندس سچ هئڻ ۾ ڄڻ ڪو به شڪ ڪونهي. هاڻي ته منهنجو مغز ئي چرخ ٿي رهيو آهي. جڏهن مون کي هُن سان شادي ڪرڻ جي ڪا به سُڌ ڪانهي ۽ آءٌ برابر اهو ئي چوندو رهانس ٿو ته ”تو ۾ ۽ مون ۾ ڪڏهن به پيار جو ناتو نه رهيو آهي“، تڏهن ڪيئن ته تارا ڦوٽاري، ڀرن کي ڪمان وانگر ور ڏيئي، مون ڏانهن ائين ٿي نهاري، ڄڻ ته ڪامديو جي ڌنش کي هينئر جو هينئر ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي! (بلند آواز سان) ديوي، دُشينت جي چال چلت کان سڄو جهان واقف آهي ۽ اهڙي وارڌا منهنجي پرجا ۾ نه ڪڏهن ٿي آهي ۽ نه وري ڪنهن ٻڌي آهي. +شڪنتلا – زماني جي چالاڪي ته ڏسو، مون کي روبرو رولاڪ ڪوٺيو ٿو وڃي! افسوس، مون پروءَ جي اولاد جي شرافت تي ڀروسو ڪيو ۽ مون بدبخت پنهنجو پاڻ اُنهيءَ نانگ کي ارپن ڪيو، جنهن جي زبان ماکيءَ جهڙي مٺي آهي ۽ هِردو وهه سان ڀريو پيو اٿس. +(منهن تي پلاند ڏيئي روئي ٿي) +شارنگرو – ٻڌ، نفس کي ڇڙواڳ ڇڏڻ جي ڪري اِجهو اهو نتيجو نڪري ٿو، ۽ اهو ڏک سَهڻو پوي ٿو. جيستائين ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح نه ڏسي وائسي، تيستائين اُن کي شل پنهنجي دل ۾ ڪڏهن به جاءِ نه ڏئي! جيڪڏهن سواءِ ڏسڻ وائسڻ جي ڪنهن سان پريم ڪبو، ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور نراسائيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو. +راجا – اوهان هڪڙيءَ ڇوڪري جي ڳالهه تي ايترو وشواش ڌري، سَڄو الزام مون تي ڇو مڙهي رهيا آهيو؟ +شارنگرو – معاف ڪندا، اوهان جهڙن وڏن ماڻهن جون اسين ڪيتريون ئي وڏيون ڪَٿائون ٻُڌي چڪا آهيون. ڇا اُها ڇوڪري، جنهن پنهنجي جنم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنسا ۽ جنگ جو نالو به نه ٻڌو آهي، تنهن جي چوڻ تي ويساه نه رکون، باقي هڪ اهڙو بيرحم جو جنگ کي وديا سمجهي سکيو هجي، اُن جي هر ڳالهه پٿر تي ليڪو ڪري ليکيون! +راجا – خير، ائين ئي سهي! اوهان سچا ۽ آءٌ ڪوڙو! پر اوهان مون کي اهو ته ٻڌايو ته هن ڪماريءَ کي ڌوڪو ڏيئي، مون کي ڇا ورندو؟ +شارنگرو – نرڳ جي باه. +راجا – ڪير ٿو چئي ته پروءَ جي اولاد ڏسي وائسي نرڳ ۾ وڃڻ پَسند ڪندو؟ +شاردوت(راجا سان) – اوهان جيئن به چئو، پر هيءَ اوهان جي اِستري آهي. هاڻي اوهان ڄاڻو ۽ اوهان جو ڪم ڄاڻي. ڀل ته اوهان هن کي سويڪار ڪريو يا ڇڏي ڏيو. مطلب ته استريءَ تي پنهنجي پتيءَ جو ئي حق آهي...(شارنگروءَ کي) ڀائي، هن حجت هلائڻ مان ڇا ورندو؟ اسان پنهنجي گُروءَ جو حُڪم بلڪل چڱيءَ طرح بجا آندو، ۽ هاڻي اسان کي هڪدم واپس ورڻ گهرجي... گوتمي ماتا، اچو، اوهان اسان سڀني جي اڳيان ٿيو! (سڀ وڃن ٿا) +شڪنتلا(رڙ ڪري) – هيءُ ڇا؟ هن بيرحم ته: ڊوه ڪري مون کي قبول ڪرڻ کان صفا انڪار ڪيو، پر اوهين به مون کي ڇڏي هليا ٿا وڃو؟ +گوتمي (ٿورو ترسي) – پُٽ شارنگرو، شڪنتلا ته اسان جي پٺيان رڙندي ٿي اچي! سچ آهي، جنهن بدنصيب جو مُڙس اهڙو نيچ بنجي، پنهنجي زال کي قبول ڪرڻ کان صفا انڪار ڪري، سا روئندي رڙندي نه، ته ٻيو ڇا ڪندي؟ +شارنگرو(واپس اچي، ڪاوڙ وچان) – ڇوڙي بيحيا ڇوڪري، توکي ايتري همت جو پنهنجي مرضيءَ موجب ٿي هلين؟ +(شڪنتلا ڊپ وچان ڏڪي ٿي) +شارنگرو – جيڪڏهن راجا سَچ ٿو چوي ته پوءِ تنهنجي پتا کي هاڻي توسان ڪهڙو واسطو؟ تو ته پاڻ پنهنجي خاندان جي رشتي کي ٽوڙي ڇڏيو. پر جيڪڏهن تون پاڻ کي سچو ٿي سمجهين، ته تنهنجو ڌرم آهي ته تون پنهنجي پتيءَ جي چرنن ۾ رهه. پوءِ ڀل ته هو توکي پنهنجي داسي ڪري رکي. +راجا – ساڌو مهاراج، اوهان هن سندريءَ کي اجايو ڇو ڀنڀلائي رهيا آهيو... چندرما فقط جل سوسن جي بَند مکڙيءَ کي کوليندو آهي، ۽ سج ڪنول گل جو ڪَڙو کڙڪائيندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪو به ڌرمي ماڻهو ڪنهن به وقت پرائيءَ زال ڏانهن اک کڻي به نٿو نهاري. +شارنگرو – اوهان جهڙن ماڻهن کي ڌرم سان ڪهڙو واسطو؟ اڄ جيڪڏهن ڪا نئين تازي ملي وڃي، ته پوءِ پراڻيءَ کي ڪير ٿو پُڇي؟ +راجا(پنهنجي پوڄاريءَ کي) – پوڄاري، تُون ئي هنن جي ڳجهارت کي سَل. مون کي ته خبر ئي نٿي پوي، ته هيءَ ڪماري سچ چئي رهي آهي يا هروڀرو منهنجو مغز ٿي خراب ڪري! هاڻي ته آءٌ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ اچي ڦاٿو آهيان ته ڇا آءٌ پرائيءَ اِستريءَ کي هَٿ لائڻ جو پاپ ٿو کڻان، يا سچ پچ پنهنجي زال کي گهر مان ڪڍي رهيو آهيان! +پوڄاري(سوچ ويچار ڪندي) – مهاراج، اوهان هڪڙو ڪم ڪريو! +راجا – حڪم ڪريو! +پوڄاري هن گرڀ ونتيءَ کي ويم تائين منهنجي گهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو. +راجا – انهيءَ مان ڇا ورندو؟ +پوڄاري – وڏن وڏن رشين ۽ اوتارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ”اوهان جو پهريون ٻار راجمڪار هوندو ۽ سَنسار تي راڄ هلائيندو.“ سو جيڪڏهن هن رشي ڪماريءَ کي پُٽ ڄائو ۽ منجهس اِهي سڀئي گُڻ ڏسڻ ۾ آيا، ته پوءِ اوهان کي به هن ديويءَ کي سويڪار ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو، ته پوءِ اوهان کيس هڪدم تپ بن ڏانهن واپس روانو ڪري ڇڏجو. +راجا – جيڪڏهن اوهان جي اها مرضي آهي، ته پوءِ ڀَل اِئين ڪريو. +پوڄاري – ڌيءُ، تُون مُون سان گڏجي هل! +شڪنتلا(پاڻ) – اَي ڌرتي ماتا، اڄ تنهنجي ��َنج ۾ به مون لاءِ جڳهه ڪانهي! تون مون کي ڇو نه ٿي وڃين؟ +(روئندڙ حالت ۾ پوڄاريءَ سان گڏ رواني ٿئي ٿي ۽ ٻيا به سڀ هليا وڃن ٿا. رڳو راجا اِنهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ لاءِ رهجي وڃي ٿو. پاراتي جي سببان راجا سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي) +(پردي پٺيان آواز) – ڪهڙي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي! ڪرامت آهي ڪرامت! +(ايتري ۾ اُهو پوڄاري، اچرج وچان وائڙو ٿي ڊوڙندو اچي ٿو) +پوڄاري – مهاراج، بلڪل حيرت جهڙي ڳالهه ٿي چُڪي! +راجا – ڇا ٿيو ڀلا؟ +پوڄاري – جڏهن ڪڻوءَ جا چيلا هليا ويا، تڏهن هوءَ ڇوڪري پنهنجو سينو ڪُٽڻ ۽ مُنهن مَٿو پٽڻ لڳي. +راجا – ها، پر پوءِ ڇا ٿيو؟ +پوڄاري – اوچتو ئي اوچتو هڪ سوجهرو پيدا ٿيو، ۽ آڪاس منجهان هڪ لاٽ اِستريءَ جي روپ ۾ هيٺ لٿي ۽ اُن رشي ڪُماريءَ کي پنهنجي هَنج ۾ کڻي هڪدم غائب ٿي ويئي. +(سڀ اچرج ۾ پئجي وڃن ٿا) +راجا – پوڄاري، اَسان ته پهريائين اُن کي پنهنجو ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو آهي. هينئر اوهان هروڀرو ڇو ٿا ڊڄو؟ وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳو. +پوڄاري – (ڏسندو رهجي وڃي ٿو) چڱو سرڪار! +(هليو وڃي ٿو) +راجا – ويتروتي، منهنجي دل ڏاڍي مُنجهي پيئي آهي! مون کي پنهنجي آرام جي جاءِ ڏانهن وٺي هل. +داسي – مَهاراج، هيڏانهن تشريف وٺي اچو! +راجا (هلندي هلندي، پاڻ) – مون کي ته ياد ئي نٿو اچي ته ڪو مون هن سان ويهي پيار ونڊيو! پر ساڳئي وقت منهنجي ڏکويل دل ائين چئي رهي آهي ته ڪماري بلڪل سچي هئي. +(سڀ وڃن ٿا) +(پردو ڪري ٿو) +(1) درواسا جي پاراتي سببان، راجا دشينت، شڪنتلا کي بلڪل وساري ڇڏيو هو. + + +پردو ڇهون +شهر جي هڪ گهٽي +شروعاتي نظارو +]ڪوٽوال جيڪو راجا جو سالو پڻ آهي، سو ٻن پهريدارن سان گڏ اچي ٿو. هڪڙي ماڻهوءَ جا هٿ پٺيان ٻڌل آهن، ۽ کيس پڪڙيو ٿا اچن[ +پهريدار (قيديءَ کي ماريندي) – اڙي چور! سچ ٻڌاءِ، توکي هيءَ منڊي ڪٿان هٿ آئي، جنهن تي راجا جو نالو اُڪريل آهي؟ +قيدي (ڊپ ۾) – مون تي رحم ڪريو، آءٌ چوري ڇو ڪندس؟ +پهريون پهريدار – واه واه! اهڙو ڪو ساڌو يا مهاتما آهين جو راجا توکي هيءَ مُنڊي نذراني طور ڏني آهي؟ +قيدي – اڙي ڀائي، ڪجهه منهنجي به ته ٻڌو! آءٌ هڪ غريب مهاڻو آهيان ۽ ”وشچي تيرٿ“ جو رهاڪو آهيان. +ٻيو پهريدار – بدمعاش ڪٿي جو! ڇا اسان توکان تنهنجي ذات پات جو پُڇيو؟ +ڪوٽوال – اَڙي يارو، ڪجهه چوڻ ته ڏيوس! هروڀرو وچ ۾ ڪاهي نه پئو. +پهريون پهريدار – اَڙي او، ڪوٽوال صاحب جيئن چوي ٿو، تيئن ڪر! +قيدي – ڄار ۽ ڪُنڊيءَ سان مَڇيون ڦاسائي، آءٌ پنهنجو پيٽ پاليندو آهيان. +ڪوٽوال(مشڪي) – ڪهڙو نه شريف ڌنڌو آهي! +قيدي – سائين، ائين ته نه چئو! خراب هجي يا سٺو پر ڪنهن جي ڌنڌي کي گهٽ ڪري نه ليکجي. افسوس، جيتوڻيڪ گگدام جانورن کي ڪهڻ پاپ ۾ داخل آهي، پر اڄ ڪلهه جا خود ويد پڙهڻ وارا برهمڻ به انهن کي قربانيءَ لاءِ ماري ٿا ڇڏين! +ڪوٽوال – ڏس، تو وري وِڦلڻ شروع ڪيو نه! مطلب جي ڳالهه ٻڌاءِ، مطلب جي! +قيدي – هڪڙي ڏينهن آءٌ ڏَنڀري جي مڇيءَ کي پيٽي رهيو هوس، ته اوچتو ئي اوچتو سندس پيٽ مان اِها هِيرن جُڙيل مُنڊي نڪتي. آءٌ اُها منڊي کڻي بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ آيس، ته اوهان مون کي جَهلي کڻي قابو ڪيو. مون بلڪل سَچ ڳالهايو آهي. هاڻي اوهان جي مرضي، وڻيوَ ته مارائي ڇڏيو ۽ وڻيوَ ته ڇڏي ڏيو. +ڪوٽوال – پهريدارو، جيئن ته هن جي جسم مان کِکيءَ جي بانس اچي رهي آهي، تنهنڪري سندس مهاڻي هئڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي! مگر هن مُنڊيءَ جي باري ۾ بلڪل پوريءَ طرح جاچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي هلو ته هن کي سرڪار ڏانهن وٺي هلون! +ٻيئي پهريدار – ڏاڍو چڱو! ... هل ڙي ڳنڍي – ڇوڙ هل! +(سڀ هلن ٿا) +ڪوٽوال – توهان ٻيئي ڄڻا شهر جي دروازي جي ٻاهران هن کي سوگهو ڪري جهليو. آءٌ تيستائين مهاراج کان اِنهيءَ مُنڊيءَ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري، کانئن فرمان وٺي ٿو اچان. +ٻيئي پهريدار – وڃ وڃ، ۽ پنهنجي ڀيڻيوئي جي وڃي چاپلوسي ڪر! +(ڪوٽوال وڃي ٿو) +پهريون پهريدار (ٿوريءَ دير کان پوءِ) – يار، هن پِٽئي ته ڏاڍي دير ڪري ڇڏي! +ٻيو پهريدار – راجائن سان ته وقت تي ئي ملاقات ٿيندي آهي. +پهريون پهريدار – مون کي ته رکي رکي اِهو خيال ٿو اچي ته هن قيديءَ کي رُخصتي گلن جو هار(1) ڳچيءَ ۾ کڻي وجهان. +قيدي – واه يار واه! هروڀرو ڪنهن جو ساه ڪڍندين ڇا؟ +ٻيو پهريدار – اِجهو ڪوٽوال صاحب راجا جو فرمان هٿ ۾ کنيو، تڪڙو تڪڙو هلندو پيو اچي!...(قيديءَ کي) اَڙي ڌاڙيل! هاڻي ڏسون ته تون ڪُتن جو کاڄ ٿو ٿين يا ڳجهن ۽ ڪانگن جو! +(ڪوٽوال اچي ٿو) +ڪوٽوال – هن مهاڻي کي هڪدم ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس بيان بلڪل سچو آهي! +پهريدار – جيئن اوهان جو حڪم!...(مهاڻي کي) پُٽ! موت جي مُنهن مان نڪري آيو آهين! +(رسيون کولينس ٿا) +مُهاڻو (ڪوٽوال اڳيان جُهڪي) – پرڀو! منهنجو اڄ جو پورهيو ته مارجي ويو! +ڪوٽوال – هي وٺ! مهاراج هن مُنڊيءَ جي قيمت توکي ڏني آهي. +قيدي (پئسا وٺي جُهڪي) – سائين، آءٌ ته نهال ٿي چڪو آهيان! +پهريون پهريدار – هن انعام مان خبر پوي ٿي ته مُنڊيءَ جي قيمت تمام ڳري آهي! +ڪوٽوال – مون کي ائين محسوس ٿيو ته هيءَ مُنڊيء پنهنجي قيمت جي ڪري مهاراج کي پياري نه هئي، پر کيس ڏسندي ئي ڪنهن وڇڙيل دوست جي يادگيري اچي ويئي اٿس ... ڇاڪاڻ ته ٿوريءَ دير لاءِ پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺو ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀَرجي آيس. +پهريون پهريدار – بس، پوءِ ته ائين کڻي چئجي ته اڄ ڪوٽوال صاحب مهاراج کي ڪو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي! +ٻيو پهريدار – ميان، ائين ڇو نه ٿو چئين ته هن مُهاڻي جو بخت کُلي پيو! +(مُهاڻي جي پيسن کي ‎حسد وچان ڏسي ٿو) +مُهاڻو – ڀائو، خار ڇو ٿا کائو؟ هنن پيسن مان اَڌ کڻي پنهنجي ڀوڄن لاءِ قبول ڪريو. +ٻيئي پهريدار – واه واه، دوست ته ڪو تو جهڙو هجي! +ڪوٽوال – ڀائي مهاڻا! اڄ کان وٺي تون منهنجو به دوست آهين! هَل ته ٻيئي ڄڻا گتي ۾ هلون ۽ شراب جي دور سان هِن نئين دوستيءَ کي پڪو ڪريون. +(وڃن ٿا) +(شروعاتي گفتگو ختم) +]آسمان ۾ سانُومَتي نالي پري، اُڏامندڙ کٽوليءَ تي ويٺل نظر اچي ٿي[ +سانومتي – اَپسرا تيرٿ (1) ۾ جيساتئين مهاپُرشن جي اِشنان جو وقت آهي، تيستائين اسان منجهان هر هڪ کي واري وٽيءَ سان حاضري ڏيڻي پوي ٿي. هينئر آءٌ اُتان آزاد ٿي چڪي آهيان، تنهنڪري ٿورو هلي، راجا جو به حال ڏسان. مينڪا جي ساهيڙپ جي ڪري، شڪنتلا منهنجي جگر جو گوشو ٿي پيئي آهي، ۽ خود مينڪا مون کي پنهنجي ڌيءُ جي پرگهور لهڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي... +....(چئن ئي پاسي نهاري) هان، بَسنت جي رُت ۽ راڄ محل ۾ جهڙي اُداسي، سو وري ڪيئن؟ ٿورو ترسو! جيتوڻيڪ مون کي پاڻ تي ايڏو ڀروسو آهي، جو گهر ويٺي سڄو راز معلوم ڪري سگهان ٿي، پر ساڳئي وقت پنهنجي ساهيڙيءَ جي منت جو خيال ٿو ٿئيم. هاڻي مون کي گهرجي ته جادوءَ جي پوتي پائي، هنن مالهياڻين سان گڏ وڃي وهنجان. جيتوڻيڪ آءٌ انهن سان گڏ هونديس، پر اُهي مون کي ڪنهن به حالت ۾ ڏسي نه سگهنديون. +(هيٺ لهي اچي ٿي) +(هڪ مالهڻ انبن جي ٻور کي ڏسندي ٿي اچي ۽ ٻي سندس پٺيان آهي) +پهرين مالهڻ – اَي اَنب جا ٻُور، تنهنجو رنگ ڪجهه سائو، ڪجهه پيلو ۽ ڪجهه ڳاڙهو آهي! تون ئي بهار جي جان آهين ۽ تو ۾ ئي سندس حسن آهي. اڄ مون کي تنهنجو پهريون ديدار نصيب ٿيو آهي. تون ئي اسان کي بُڇڙيءَ نظر کان بچائج ۽ انهيءَ مُند کي برڪت وارو بنائج! +ٻي مالهڻ – اَي ڪوئل، تون پنهنجي دل ئي دل ۾ الائي ڇا ڀڻڪي رهي آهين؟ +پهرين مالهڻ – اڙي سَڌڙي مَک، انب جي ٻُور کي ڏسي، ڪوئل به پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهي ٿي. +ٻي مالهڻ (خوشيءَ وچان رڙ ڪري) – ڇا سچ پچ بهار جي مُند اچي ويئي آهي؟ +پهرين مالهڻ – هائوڙي، هينئر تنهنجي لاءِ سُريلن گيتن ڳائڻ جا ڏينهن آيا آهن! +ٻي مالهڻ – ادي، ڪامديو جي پوڄا لاءِ آءٌ هن وڻ مان اَنب ٻور ڇنڻ چاهين ٿي! تون مهرباني ڪري مون کي آڌر ڏي ته پَٻن تي بيهي، اَنب جو ٻور لاهيان. +پهرين مالهڻ – انهيءَ شرط تي ته پوڄا جو اَڌ ڦَل وٺنديس. +ٻي مالهڻ – جيڪڏهن تون اِئين نه چئين ها، ته ڇا آءٌ توکي اَڌ ڦَل نه ڏيان ها؟ اسين ٻيئي هڪڙي قالب ۾ ٻه جانيون ته آهيون! +(پهرين مالهڻ ٻيءَ مالهڻ جي آڌار تي اَنب جو ٻور ڇني ٿي، ۽ چئي ٿي) +پهرين مالهڻ – واه واه، اَنب جون مکڙيون ته اڃا اَڌ ٽِڙيل آهن؛ مگر جنهن هنڌان پٽيون اٿم، اُتان ڪهڙي نه سرهاڻ ڇڏي رهيون آهن!... +...(هٿ مٿي کڻي، دعا گهرندي) انب جا ٻُور، آءٌ توکي ”ڪامديو“ تي ڀيٽا ٿي چاڙهيان! اُهو ڪامديو جنهن اڃا هينئر ڪمان هٿ ۾ کنئي آهي. تون اُنهيءَ جي پنجن تيرن مان سڀ کان وڌيڪ رَت پيئندڙ تير بنجي، پرديسياڻين جي پيار ڀرين جي دلين کي ڇوٽڪارو نصيب ڪر! +(ايتري ۾ دربان ڪاوڙ مان ڀٽڪندو اچي ٿو) +دربان – اَڙي بيڌيان ڇوڪريون، جنهن صورت ۾ مهاراج حڪم ڏنو آهي ته ”هن سال بسنت پنچمي نه ملهايو ويندو“، ته پوءِ توهان اَنب جون مکڙيون ڇو پَٽي رهيون آهيو؟ +مالهياڻيون (ڊڄي) – هن دفعي اسان کي معافي ڏيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي اِها خبر نه هئي ته ڪو مهاراج اهڙو حڪم ڏنو آهي! +دربان – واه ڙي واه، توهان ٻنهي ڄڻن کي خبر ئي ڪا نه هئي؟ باغ جي وڻن ۽ پکين تائين به اها خبر پهچي چڪي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو هي اَنب جون مکڙيون جيتوڻيڪ هيترن ڏينهن کان ٽڙيون بيٺيون آهن، پر منجهن ميوي پيدا ٿيڻ جو نالو نشان به ڪونهي. اهڙيءَ طرح مَريڙي جي به اها ساڳي حالت آهي، جنهن جا پن ئي سُڪندا ٿا وڃن ۽ منجهن ٽڙڻ جي ڪا به طاقت باقي نه رهي آهي! +سياري جي موسم ختم ٿي چڪي آهي، پر ڪوئل جي گلي مان آلاپ ئي نٿو نڪري، هاڻي ته مون کي اِهو ئي فڪر آهي ته متان ڪامديو پنهنجو اڌ ڪَشيل تير وري تَرڪش ۾ واپس نه وجهي ڇڏيو هجي! +سانُومتي(پاڻ) – اِنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هن راجا کي وڏي شڪتي آهي! +پهرين مالهڻ (دربان کي) – سائين ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا، جو ڪوٽوال اسان کي مهاراج جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. ۽ اُنهن اسان ٻنهي ڄڻن کي هن باغ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان جي ڪنن تي انهيءَ حڪم جو پڙلاءُ نه پئجي سگهيو آهي. +دربان – چڱو، وري ٻيهر اهڙي حرڪت نه ڪجو! +مالهياڻيون – سائين، جيڪڏهن اسان جهڙين کي ٻڌائڻ ۾ ڪو به هرج ڪونهي ته مهرباني ڪري اسان کي اِنهيءَ ڳالهه مان ته واقف ڪريو ته بسنت جو جشن آخر ڇو روڪيو ويو آهي؟ +سانومتي(پاڻ) – انسانن کي ته جلسن جلوسن جي ڏاڍي چُوس لڳل هوندي آهي، پر ضروري ڪا اهڙي ڳري ڳالهه ٿي آهي، جنهن جي ڪري انهيءَ جشن لاءِ به منع ڪئي ويئي آهي! +دربان(پاڻ) – جڏهن اِها خبر سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي چُڪي آهي، تڏهن هنن ٻنهي ڄڻين کان لڪائڻ جي ڪري آخر ڇا حاصل ٿيندو؟...(بلند آواز سان) شڪنتلا کي ڪڍي ڇڏڻ وارو قصو توهان نه ٻڌو آهي؟ +مالهياڻيون – ڪوٽوال جي واتان مُنڊي ملڻ وارو احوال ته ٻڌو اَٿئون. +دربان – ته پوءِ ٻڌائڻ لاءِ باقي ڇا ره��و آهي؟ خير، وري به ٻُڌو! پنهنجي مُنڊي ڏسندي ئي، مهاراج جون ته اکيون ئي کُلي پيون ... ڇاڪاڻ ته ڪنهن وقت ڳجهيءَ طرح شڪنتلا سان شادي ڪئي هئائين. شڪنتلا جڏهن سندس دربار ۾ آئي، تڏهن هن بلڪل بيخبريءَ جي حالت ۾ ٻاهر هڪالي ڪڍيس. بس، اُن وقت کان وٺي، هُو ڳڻتين ۾ ڳري رهيو آهي! ۽ هينئر ته اِهو حال آهي، جو کلڻ ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. اميرن وزيرن سان به نٿو ملي.... راتين جون راتيون پلنگ جي پَٽين تي اک ڇنڀڻ کان سواءِ گذاري ٿو ڇڏي.... راڻين جي دل رکڻ لاءِ به پنهنجي واتان ڪجهه نٿو ڪڇي، ۽ هر وقت غلطيءَ سببان راڻين جي نالي وٺڻ بدران شڪنتلا جو نالو وات مان ڪڍي، شرمائجي ماٺ ٿيو وڃي. +سانومتي(پاڻ) – اها ڳالهه ٻُڌي منهنجي دل ته باغ بهار ٿي ويئي آهي. +دربان – راجا جي بي آراميءَ ڪري ئي ”بسنت پنچمي“ ملهائڻ جي منع ڪئي ويئي آهي. +مالهياڻيون – هُئڻ به ائين گهرجي! +پردي پٺيان آواز – مهاراج، هيڏي هليا اچو! +دربان (ڪَن ڏيئي) – مهاراج، هيڏانهن اچي رهيو آهي. وڃو ۽ وڃي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪريو. +مالهياڻيون – حاضر سائين! +(ٻيئي هليون وڃن ٿيون) +(راجا ماتمي لباس ۾ اچي ٿو، ماڌو ۽ داسي به گڏ اٿس) +دربان (راجا کي ڏسي، پاڻ) – سَچ آهي، سُهڻيءَ صورت وارا ماڻهو هر حالت ۾ ڏسڻ واري جي دل کي وڻن ٿا. ماتمي وڳي ۾ به اسان جي مهاراج جو روپ ڪهڙو نه نرالو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.... سڀ زيور لاهي، ڦٽا ڪري ڇڏيا اٿس. ٺاهه ٺوهه جو ڪو به سامان وٽس موجود ڪونهي، رڳو هڪڙو ڪنگڻ ساڄي هٿ ۾ رهجي ويو اٿس، ۽ اُڀين آهُن جي ڪري سندس چَپن جو رنگ به اُڏاڻل ڏسڻ ۾ اچي ٿو... هر وقت فڪر ۾ غلطان رهڻ ڪري، راتين جون راتيون جاڳندي گذاري ٿو ڇڏي. اکيون ڳاڙهيون لعل ٿي ويون اٿس، ۽ سندس سُونهن سوڀيا جو اهو حال آهي، جو جسم ڏُٻري ٿيڻ جي باوجود منهن جي رونق ۽ جوت پاڻمرادو وڌندي ٿي وڃيس.... بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو گهڙيل هيرو هجي! +سانُومتي_(راجا کي ڏسي، پاڻ) – ايڏيءَ بيعزتيءَ کان پوءِ به شڪنتلا مهاراج جي فراق ۾ ڳرندي هجي ته ڪو عجب ڪونهي! +راجا (فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ مست، پَسارڪندي) – جڏهن منهنجي جيءَ جي جياپي، منهنجي بدبخت دل کي جاڳائڻ جا هزارين حيلا هلايا، تنهن هوندي به هوءَ هرگز نه جاڳي، ۽ هاڻي رڳو پڇتاءَ جي غم سهڻ لاءِ پاڻمرادو جاڳي اُٿي آهي! +سانُومتي (پاڻ) – او، هن ويچاري جو به ساڳيو اهو ئي حال آهي! +ماڌو(پاڻ) – راجا وري شڪنتلا جي مرض ۾ مبتلا آهي. سندس ڪيئن علاج ڪجي؟ +دربان(ويجهو اچي) – مهاراج جي جئي!... آءٌ باغ کي چڱيءَ طرح ڏسي وائسي آيو آهيان؛ جنهن به وقت اوهان جي دل چوي، اُتي آرام گاه ۾ هلي آرام ڪريو. +راجا (داسيءَ کي) – ديون کي وڃي چئو ته گهڻي وقت تائين ننڊ نه اچڻ ڪري، مون ۾ همت نه رهي آهي، جو اَڄ دربار ڪري سگهان؛ تنهنڪري پرجا جو جيڪو به ڪم ڪار هجي، سو مون کي هتي لکي موڪليو وڃي. +داسي – حاضر مهاراج! +(ٻاهر وڃي ٿي) +راجا – داتابن، تون به وڃي پنهنجو ڪم ڪر. +دربان – جيئن مهاراج جو حڪم! +(هليو وڃي ٿو) +ماڌو (راجا کي) – هلو هلو، هاڻي هتي به ٻُهاري اچي ويئي ... هتان هلي، باغ جي هن پرئين جُهگٽي ۾ دل وندرايو، ۽ ڏسو ته بَسنت رُت پنهنجو ڪهڙو نه چهچٽو لڳائي ڇڏيو آهي! +راجا – ماڌو، چوندا آهن ته ”هر مصيبت کي ڪو نه ڪو بَهانو گهرجي.“ شڪنتلا کي ڌڪاري ڇڏڻ جا ڦَٽ اَڃا تازائي هئا، ته ڪامديو پنهنجي ڪمان کڻي اَنب جي ٻُور تي چاڙهِي، ۽ منهنجن اُنهن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ اچي هتي پهتو. +ماڌو – اڙي تَرس ته سهي، آءٌ ٿو پنهنجي ڏَنڊي سان ڪامديو جي تيرن جي خبر وٺان. +(لڪڻ کڻي اَنب جو ٻُور ڇاڻڻ گهري ٿو) +راجا (مشڪي) – ڇڏ يار، برهمڻ جي طاقت به ڏسي ورتيم! تون مون کي اهو ته ٻُڌاءِ ته هتي اُهي وليون ڪٿي آهن، جن کي ڏسي، آءٌ هر وقت پنهنجي پياريءَ جي ياد کي تازو ڪندو رهان! مون کي ته اُتي ئي هلي پنهنجن اکين کي آرام پهچائڻ گهرجي! +ماڌو – مگر اوهان ته چترڪارڻيءَ کي اهو حڪم ڏنو هو ته اسين سڄو ڏينهن بَسنتي باغ ۾ رهنداسين ۽ شڪنتلا جي اُها تصوير اُتيئي موڪلي وڃي، جا هن اڳي ئي ٺاهي تيار ڪري رکي آهي. +راجا – دل جي خفقان گهٽائڻ لاءِ، بس اِهو ئي هڪ وسيلو باقي رهجي ويو آهي! هَل ته بسنت باغ ڏانهن به هلي ڏسون. +ماڌو – ها ها، هَلو هَلو! +(ٻيئي ڄڻا هلن ٿا، ۽ سانومتي سندن پٺيان پٺيان اچي ٿي) +ماڌو – جتي بلور جي چَونڪي وڇايل آهي، اُهو ئي بسنتي جهڳٽو آهي، اهو ئي جهڳٽو پنهنجون سڀ رونقون اوهان جو نذرانو سمجهي، اوهان تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو آهي: هلو ته اُتي هلي ويهون. +(جهڳٽي ۾ وڃي ويهن ٿا) +سانُومتي(پاڻ) – هن ول جي پٺيان بيهي، شڪنتلا جي تصوير ته ڏسان، ۽ وڃي ٻڌايانس ته ”شڪنتلا، تنهنجوعاشق تنهنجي لاءِ ڪيترو نه ڦٿڪي رهيو آهي!“ +(هڪ ول جي اوٽ ۾ ويهي رهي ٿي) +راجا – يار ماڌو! هينئر مس مس مون کي شڪنتلا جو سڄو قصو ياد اچي ويو آهي، جو شايد مون توکي به ٻڌايو هو! آءٌ سمجهان ٿو تون اُن وقت موجود نه هُئين، جنهن وقت مون شڪنتلا جي ڀريل بازار جي وچ ۾ بي عزتي ڪئي هئي، مگر ساڳئي وقت مون کي اِهو به خيال ٿئي ٿو ته هن وقت تائين سندن باري ۾ تو به مون سان ڪڏهن ڀُلجي ڳالهه نه ڪئي آهي، ڇا تون به مون وانگر شڪنتلا کي اصل ڀلجي ويو هئين؟ +ماڌو – اها ڳالهه ائين ڪانهي، اُنهيءَ هنڌ منهنجي موڪلائڻ کان اڳ، اوهان مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هو، مگر منهنجي موڪلائڻ وقت اوهان مون کان بلڪل اَلي ويا، ۽ سڄو راز پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي، مون کي ائين چوڻ لڳا ته ”آءٌ اهو سڀ ڪجهه چرچو ڪري رهيو هوس، تون اِنهيءَ کي ڪڏهن به سچ ڪري نه ڀانئج!“ جيتوڻيڪ مون مورک اوهان جي اِنهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪيو، پر تقدير جو لِکيو ڪڏهن به ٽري نٿو سگهي. +سانُومتي(پاڻ) – بلڪل سَچ آهي! +راجا (مايوسيءَ وچان – ڀائو، هاڻي مون کي هن مصيبت کان ته بچاءِ! +ماڌو – مهاراج اوهان پنهنجي هيءَ ڪهڙِ حالت بَنائي ڇڏي آهي؟ مصيبت جي وقت صبر کي پنهنجي هَٿان ڪڏهن نه ڇڏيو آهي. زبردست طوفان هوندي به، جبل پنهنجيءَ جاءِ تان هرگز نٿو چري. +راجا – پر آءٌ ڇا ڪريان؟ جڏهن شڪنتلا کي ڌڪاريو هوم، تڏهن سندس حالت اهڙي ته رحم جوڳي هئي، جو کيس ياد ڪندي ئي جگر ٿو ڦاٽيم! .... مون جڏهن هُن کي اِئين چيو ته ”آءٌ توکي نٿو سڃاڻان“، تڏهن هوءَ پنهنجن ساٿين جي پُٺيان وَٺي ڀڳي. اُنهن منجهان هڪڙي چيلي، جنهن کي شڪنتلا پنهنجو وڏو ڪري ٿي ليکيو، دڙڪو ڏيئي چيس ته ”توکي هتي ئي رهڻو پوندو!“ بس، اُن وقت شڪنتلا پنهنجن ڳوڙهن ڀَريل اکين سان پنهنجي نماڻي نظر مون تي اُڇلائي. اُها ئي نظر هئي، جا هينئر مون بيدرد کي زهري تير جي نوڪ سان چڀي رهي آهي. +(1) قديم زماني ۾ اها رسم هوندي هئي ته ڏوهيءَ کي ڦاسيءَ کان اڳ ۾ هار پارائيندا هئا. +(1) هيءَ جڳهه هستناپور (دهلي) جي ويجهو هئي. + + +سانومتي (پاڻ) – پنهنجو غرض ڪيترو نه پيارو ٿو ٿئي! راجا کي غم ۾ غلطان ڏسي، منهنجي دل ۾ هيڪاري خوشي پيدا ٿي رهي آهي. +ماڌو – منهنجي سمجهه ۾ اِئين ٿو اچي ته شڪنتلا کي ڪو ديوتا کڻي ويو آهي. +راجا – اهڙيءَ سَتيءَ کي هٿ لائڻ جي همت ڪنهن کي ٿيندي؟ مون ٻڌو آهي ته مينڪا نالي پَري شڪنتلا جي ماءٌ آهي. سو ضرور مينڪا جون ساهيڙيون ئي کيس کڻي ويون هونديون! +سانومتي (پاڻ) – حيرت ته تڏهن اچڻ گهرجي، جڏهن هوش وڃائجي وڃي. هوش اچڻ کان پوءِ حَيرت جي ڪهڙي ضرورت؟ +ماڌو – جي اها ڳالهه آهي، ته پوءِ شڪنتلا جي ملڻ ۾ ويرم ئي نه لڳندي. +راجا – سو وري ڪيئن؟ +ماڌو – بلڪل ظاهر آهي ته پيءُ ماءُ پنهنجي ڌيءُ کي سندس مڙس کان گهڻو وقت جدا ڏسي نٿا سگهن. +راجا – هاءِ! ڇا، شڪنتلا سان منهنجو ميلاپ هڪ قسم جو خواب هو؟ ڇا اها سُڃ جي رُڃ هئي يا مايا جو ڪو کيل هو؟ يا وري منهنجي دان جو ڦَل هو، جو ٿوريءَ دير لاءِ جَهلڪو ڏيکاري، هڪدم غائب ٿي ويو! +.... خير، جو ڪجهه به هجي مگر اهڙو آرام وري ڪڏهن به نصيب نه ٿيندو! ڇاڪاڻ ته منهنجي اُميد ڪنهن اهڙي اوڙاهه ۾ وڃي پيئي آهي، جنهن جو ڪو اَنت ئي ڪونهي! +ماڌو – ائين نه چئو، هيءُ مُنڊي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو ثبوت آهي ته وڃايل شيءِ وري به حاصل ٿي سگهي ٿي. ڀڳوان جي ڪارنامن کي ڪير ٿو سمجهي سگهي؟ ڪيترن سالن جا وڇڙيل به پاڻ ۾ هڪدم مليو وڃن! +راجا (مُنڊيءَ کي ڏسي) – هاءِ، هيءَ مُنڊي به ڪيڏي نه نڀاڳي آهي! ڇاڪاڻ ته ڪِري به اهڙيءَ جاءِ تي، جتان واپس هَٿ اچڻ به هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي!.... اَي مُنڊي! تنهنجي تقدير ڏسي، مون کي خبر ئي نٿي پوي ته تون به مون وانگر بدنصيب آهين يا نه؟ ڇاڪاڻ ته تون به انهن رتول آڱرين تائين رَسي، وري هڪدم ڌار ٿي چڪي آهين! +سانُومتي(پاڻ) – انهيءَ مُنڊيءَ جو نصيب ته اُن وقت ڦٽي ها، جڏهن هوءَ ڪنهن ٻئي جي آڱر ۾ هجي ها. +ماڌو – مگر اوهان مون کي اهو ته نه ٻڌايو ته هيءَ مُنڊي شڪنتلا تائين پهتي ڪهڙي نموني؟ +سانُومتي(پاڻ) – آءٌ به ته اهو معلوم ڪرڻ چاهيان ٿي. +راجا – آءٌ جڏهن تپ بن کان پنهنجي راڄڌانيءَ ڏانهن واپس موٽي رهيو هوس، تڏهن منهنجي محبوب اکين ۾ آب آڻي پڇيو ته ”اي پيارا تون وري ڪڏهن اچي منهنجي سار لهندين؟“ +ماڌو – ها، پوءِ؟ +راجا – انهيءَ سوال جي جواب ۾ مون پنهنجي هيءَ مُنڊي سندس آڱر ۾ پارائي ڇڏي ۽ چيومانس ته ”هن ۾ جيترا اکر آهن اُنهن کي هڪ هڪ ڪري روز ڳڻيندي رهج، جنهن ڏينهن اُنهن اکرن جو ڳاڻاٽو ختم ٿي وڃي، تنهن ڏينهن ائين سمجهه ته اڄ منهنجي ساهري گهران ڪو نه ڪو مون کي وٺڻ لاءِ اچي رهيو آهي.“ پر هاءِ افسوس! مون پاپيءَ کي اها ڳالهه ياد ئي نه رهي. +سانُومتي (پاڻ) – سَنجوڳ جو ڪهڙو نه عمدو طريقو ڳولي ڪڍيو هئائون! مگر قسمت سڄو کيل هڪ پَل ۾ بگاڙي ڇڏيو. +ماڌو – خبر ئي نٿي پوي ته هيءَ مُنڊي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ڪيئي ويئي؟ +راجا – شڪنتلا جڏهن ”شچي تيرٿ“ تي پهتي هوندي ۽ پوڄا لاءِ پنهنجا هٿ گنگا جَل ۾ وڌا هوندائين، تڏهن اها منڊي سندس آڱرين مان ڪري پيئي هوندي! +سانُومتي(پاڻ) – اوهو! اهو ئي سبب هو، جو هيءُ ويچارو پاپ جي ڊپ کان شاديءَ جي باري ۾ شڪ ۾ پئجي ويو.... پر جي ائين ٿيو به سهي، ته پوءِ مُنڊي ڏسندي ئي شڪنتلا جي پريم ۾ وري محو ٿي ويو! +راجا – انهيءَ ڪري ته آءٌ هن مُنڊيءَ کي چڱي ڦِٺ ملامت ڪرڻ چاهيان ٿو. +ماڌو(پاڻ) – مار، هيءُ ته چَرين جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري! +راجا – اَي مُنڊي! اُنهن نازڪ آڱرين کان جدا ٿي، تو ۾ اها همٿ ڪيئن پيدا ٿي، جو تون پاڻيءَ ۾ ڪِري پئينءَ؟... مگر نه نه! هيءَ ته هڪ بيجان شيءِ آهي. اِهو سڄو ڏوهه منهنجو ئي آهي، جو هوش حواس سلامت هوندي به، شڪنتلا کي پاڻ وٽان تَڙائي ڇڏيم. +ماڌو (پاڻ) – هيءُ ميان ته رڳو پنهنجن ڳڻتين ۾ غرق آهي. ۽ بک هتي منهنجا آنڊا وڪوڙي رهي آهي. +راجا – اي ساه کان وڌيڪ پياري، مون، سواءِ ڪنهن قصور جي، توکي پاڻ وٽان تڙائي ڇڏيو! مگر هاڻي منهنجي پڇتائڻ جي هيءَ حالت آهي، جو دل ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ٻاهر نڪريو ٿي اچي. هاڻي منهنجي هن حال تي رحم ڪر، ۽ هڪڙو ڀيرو وري اچي، مون کي پنهنجو درشن ڪراءِ! +(چترڪارڻي، پردو مٿي ڪري، تصوير کڻي اچي ٿي) +ماڌو (غور سان ڏسي) – واه واه! تصوير جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڪهڙي نه مَن موهيندڙ مورت آهي! سڄي صورت اکين آڏو ڦريو اچي! منهنجا ته، پنهنجي هن ڀيڻ جي سون وانگر چمڪندڙ جسم جي سوز ۾، هوش حواس به گم ٿي ويا آهن. بس! اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا چوان؟ اِئين ٿو ڀانئجي، ڄڻ هوءَ جيئري جاڳندي سامهون بيٺي آهي ۽ ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي! +سانومتي(پاڻ) – جَس هجي راجا جي عقل کي!هن تصوير ته مون کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ۽ آءٌ پڻ ائين ٿي سمجهان ته شڪنتلا سچ پچ سامهون اچي بيٺي آهي. +راجا – ماهر چترڪارن جو دستور هوندو آهي ته اُها تصوير جنهن جون خوبيون بيان نه ٿي سگهن، تنهن جو اظهار اهڙي ئي طريقي سان ڪري ڇڏيندا آهن. مون به شڪنتلا جي هن تصوير ۾ اُها ساڳي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪري مون کي سندس شڪل شبيہ مان ڪي ٿورا گهڻا مُهانڊا نظر اچن ٿا. +سانُومتي(پاڻ) – اِهو نياز نئڙت سندس سچيءَ محبت جي ساک ڀري ٿو. +ماڌو – هن تصوير ۾ ٽن سُهڻين جو ميڙ آهي، ٻڌايو ته اِنهن مان ڀيڻ شڪنتلا ڪهڙي آهي؟ +سانُومتي(پاڻ) – هن جڏهن اُن حُسن جي ديويءَ کي ڏٺو ئي ڪونهي، تڏهن کيس اکين کان انڌو ئي سمجهڻ گهرجي. +راجا – ماڌو، اها ڳجهارت ته توکي ئي ڀڃڻي پوندي! +ماڌو(غور سان ڏسي) – منهنجي خيال ته شڪنتلا اها آهي، جيڪا اَنب جي وَڻ سان ٽيڪ لڳايو بيٺي آهي. سندس حسن جون تازيون مُکڙيون جوڀن جي پاڻيءَ ملڻ ڪري ٽڙي ۽ ٻهڪي رهيون آهن. هن جو وانگوڙو کلي ويو آهي، ۽ سندس وارن ۾ لڳل گل هيٺ لڙڪي رهيا آهن، ۽ ٿڪ جي سببان ٿورو پريشان به نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس ڳلن تان پگهر جا ٽيپا ٽمي رهيا آهن ۽ ٻانهون بلڪل ساڻيون ٿي ويون اٿس؛ اهڙيءَ طرح سندس ٻنهي پاسن کان جيڪي سُهڻيون صورتون نظر اچن ٿيون، سي سندس ساهيڙيون آهن. +راجا – آءُ قبول ٿو ڪريان ته تون برابر هوشيار آهين، مگر تو انهيءَ تصوير ۾ منهنجي جذبات جو اثر ته نه ڏٺو؟ +....ڏس، تصوير جا ڪنارا پگهريل آڱرين جي ڪري ميرا ٿي ويا آهن. اُهي جايون جن تي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي وڃي ڪريا آهن، سي سندس ڳل آهن – جن تان ٿورو رنگ لهي ويو آهي ... اڙي چترڪارڻي، هن ۾ وَلين جو جهڳٽو ته اڌ ۾ رهجي ويو آهي! وڃ برش ته کڻي اَچ! +داسي – حاضر مهاراج؟... (ماڌوءَ کي) ڀائي ماڌو، جيسين آءٌ موٽي اچان، تيسين تون هن تصوير کي جهلي بيهه. +راجا – نه نه، اِها تصوير ماڌوءَ کي ڇو ٿي ڏين؟ مو کي ڏي! +(راجا تصوير پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٿو ۽ داسي هلي وڃي ٿي) +راجا – هوءَ جڏهن مون وٽ هلي آئي، تڏهن مون کيس ڏاڍي بيدرديءَ سان ڍيلي ڇڏيو. ۽ هاڻي وري هيءَ حالت آهي، جو رڳو هن تصوير کي ڏسي جيئرو گذاريان ٿو ... ماڌو، جيڪڏهن سچ پڇين ته منهنجو مثال به اُهو ساڳيو آهي، جيئن ڪو وهندڙ نديءَ مان نڪري سَکڻيءَ رُڃ پٺيان ڊوڙندو آهي. +ماڌو(پاڻ) – منهنجو خيال پڻ ساڳيو آهي. (بلند آواز سان) مهاراج، هن ۾ باقي ڇا رهجي ويو آهي؟ +سانومتي (پاڻ) – منهنجو خيال ته ائين ٿو چوي ته هن تصوير ۾ اُهي جهڳون ٺاهيون وينديون جيڪي شڪنتلا کي پياريون آهن. +راجا – ٻُڌ، مالتي نديءَ جو هڪ نظارو ٺاهڻو اٿم ... جنهن جي واريءَ تي هنجن جو جوڙو کوٽهڙو ڪري رهيو هجي .... ٻنهي پاسن کان هماليه جبل جون ٽڪريون پکڙيل ڏسڻ ۾ پييون اچن ۽ مٿن هرڻن جا ولر بيٺا اوڳارين! +.... ساڳئي وقت آءٌ اهو به چاهيان ٿو ته هڪ اهڙو وڻ ڏيکاريو وڃي، ��نهن جي ٽارين تي ڇوڏي ڪپڙا سڪي رهيا هجن، ۽ ان جي هيٺان هڪ هرڻي پنهنجي کاٻي اک ڪنهن ڪاري هرڻ جي سڱ سان کنهي رهي هجي! +ماڌو (پاڻ) – جي اوهان منهنجو چوڻ مَڃو ته انهيءَ نظاري کي وڏين ڏاڙهين وارن جوڳين سان ڀري ڇڏيو. +راجا – يار، هتي شڪنتلا جو پيارو گهڻو ڏيکارڻو هو، سو ته وسري ويو! +ماڌو – ڪهڙو ڳهڻو؟ +راجا – جيڪو بَن جي ڪمارين جو ٿيندو آهي. ڪَنن ۾ سَرنهن جي گلن جي جهالر هئڻ گهرجي، جنهن جون چمڪندڙ تارون سندن ڳلن کي چُمي رهيون هجن .... ۽ ڇاتيءَ تي لٽڪيل ڪنول گلن جو هار، سرو جي چنڊ وانگر نرم هجي. +ماڌو – مون کي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هوءَ پنهنجي منهن کي ڪنول جهڙن ڳاڙهن هٿن سان لڪائي، هراس ۾ ڇو بيٺي آهي؟ (غور سان ڏسي) اوهو، گلن جي رس جو چور، هيءُ ڪمبخت ڀونر، شڪنتلا جي گلابي ڳلن تي جهٽ هڻي رهيو آهي! +راجا – هن نٺر کي هتان ڀڄائي ڪڍ. +ماڌو – بابا، هنن مٿي ڦريلن جي مرمت اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڪري سگهندو؟ +راجا – ڀَونر کي چئو ته ”تُون هنن گلن ۽ وَلين جو مهمان آهين، تنهنڪري هڪدم هليو وڃ، هتي اجايو ڇو پيو لامارا ڏين؟.... اڙي بيوقوف، تنهنجي مادي هُن گل تي ويهي، تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي، ۽ تو کان سواءِ گلن جي رَس به نٿي پي سگهي!“ +سانومتي (پاڻ) – ڀَونر کي ڪهڙي نه سُهڻي ڍنگ سان ڌمڪي ڏني اٿس! +ماڌو(پاڻ) – ڀَونر جي ذات به ڪڏهن اِئين ڀَڳي آهي؟ +راجا – اڙي ڀونر، تون جيڪڏهن سِڌيءَ طرح سان منهنجو چوڻ نٿو مڃين ته پوءِ مون کي به سمجهي ڇڏ! +.......ياد رک، منهنجي ساه کان وڌيڪ پياريءَ جا چپ اهڙا ته نازڪ آهن جهڙو اَنب جو تازو ٻور! اِنهيءَ ڪري ته مون سندس ميلاپ وقت هوريان هوريان سندس چپن جي رَس پيتي هئي. جيڪڏهن تون انهن چپن کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندين، ته هڪدم توکي ڪنول گل جي دل اَندر بند ڪري ڇڏيندس.(1) +ماڌو – جيڪڏهن ڀونر اهڙيءَ ڳَريءَ سَزا کان به نه ڊنو، ته بس پوءِ ته غضب ٿي ويندو ....(کلي – پاڻ) مهاراج ته سودائي ٿي ويو، پر سندس سنگت ۾ اچي آءٌ به اَلائي ڇا جو ڇا بَڪڻ لڳس ... (بلند آواز سان) سائين وڏا، هيءَ تصوير آهي – بيجان تصوير! +راجا – هان! ڇا چَيئي؟ +سانومتي (پاڻ) – سچ پچ ته هن وقت آءٌ به وساري ويٺي آهيان ته هيءَ شڪنتلا نه، پر سندس بيجان تصوير آهي: تنهنڪري جنهن اِها تصوير ٺاهي آهي، تنهن کي وري ڪهڙو ڌيان رهندو؟ +راجا – اَڙي بيوقوف، آءٌ ته پنهنجي جيءَ جي جياپي جي ديدار سان پنهنجي اندر جو آرام حاصل ڪري رهيو هوس، ۽ منهنجي مَن جو مندر سندس يادگيريءَ جي جوت سان ٻهڪي رهيو هو. مگر تو مون کي ڇو ياد ڏياريو ته هيءَ شڪنتلا جي تصوير آهي؟ هوءَ منهنجي اڳيان هَلي چَلي ۽ گهُمي گهتي رهي هئي، پر هاڻي ته بيجان تصوير جي خيال کان سواءِ ڪجهه به باقي نه رهيو آهي! +(روئڻ لڳي ٿو) +سانُومتي (پاڻ) – بره جي باه به سڀ کان نرالي آهي. گهڙيءَ ۾ تولو ته گهڙيءَ ۾ ماسو! +راجا – منهنجا عزيز، آءٌ اِهو ڏک هميشہ لاءِ ڪيئن برداشت ڪري سگهندس؟ جنهن صورت ۾ راتين جون راتيون جاڳندي گُذريو ٿيون وڃن، ۽ اُن محبوب کي خواب ۾ ڏسڻ جي اُميد به ختم ٿي چڪي آهي! هاڻي آءٌ جڏهن سندس تصوير ڏسان ٿو، تڏهن منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي ٿا پَون، ۽ اُنهن جي ڌنڌ ۾ مون کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. +سانُومتي (پاڻ) – اِهي ڳوڙها شڪنتلا جي دل مان سندس بيعزتيءَ جو داغ ڌوئي ڇڏيندا. +(ايتري ۾ داسي واپس موٽي اچي ٿي) +داسي – مهاراج، آءٌ رنگن جو دٻو کڻي، هن پاسي اچي رهي هيس ته.... +راجا – ته پوءِ ڇا ٿيو؟ +داسي – راڻي بسومتي پنهنجي ماسيءَ سان گڏ اچي رهي هئي. اوچتو ئي اوچتو منهنجو رستو روڪي ڇڏيائين، ۽ منهنجي هٿان دٻو وٺي چوڻ لڳي ته ”تون هل، آءٌ اهو دٻو پاڻهئي وڃي ٿي پهچايان“. +ماڌو – ڇوڪري، شڪر ڪر، جو تنهنجي جان بچي پيئي. +داسي – راڻيءَ جو پَلانگ هڪڙي ٻوٽي ۾ اٽڪي پيو ۽ سندس داسي اُن کي ڇڏائڻ لڳي. اُن به اهو موقعو مناسب سمجهي، سندس اک بچائي وٺي ڀڳيس. +راجا – راڻي بسومتي، پهاڄپي جي ساڙ وچان سَڙي پچي، هيڏانهن اچي رهي آهي. ميان ماڌو، هاڻي جلدي ڪر ۽ هن تصوير کي بچاءِ! +ماڌو – ائين ڇو نٿا چئو ته پنهنجي جان بچاءِ. (تصوير کڻي) جڏهن رنواس جا ڪارا ڪڪر دل کولي وسي، هليا وڃن، تڏهن مون کي ميگهه محل مان سڏائي وٺجو!(ائين چئي، ڀڄي وڃي ٿو) +سانُومتي(پاڻ) – شڪنتلا تي ساه صدقي ڪرڻ کان پوءِ به راجا پهرين پريت نڀائيندو اچي. پر راڻين سان هاڻي ڪو خاص پيار نه رهيو اٿس. +(داسي هٿ ۾ هڪ ڪاغذ کڻي ٿي اچي) +داسي – مهاراج جي جئي! +راجا – تو راڻي بسومتيءَ کي هن پاسي ايندو ته ڪو نه ڏٺو؟ +داسي – هائو سرڪار! هوءَ مون سان ملي هئي، مگر منهنجي هٿ ۾ هڪ چٺي ڏيئي پوئين پيرين واپس موٽي ويئي. +راجا – راڻي وقت بيوقت کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿي ۽ راجائي ڪمن ۾ رنڊڪ وجهڻ نٿي چاهي. +داسي – مهاراج، ديوان وينتي ڪئي آهي ته ”سرڪاري خزاني ۾ ايترو پيسو جمع ٿي ويو آهي، جو حساب ڪتاب کان واندڪائي نٿي ملي! جيڪڏهن اوهان کان ٿي سگهي ته فقط هڪ معاملي کي نظر مان ڪڍو، جو اوهان جي خذمت ۾ لکي موڪلي رهيو آهيان.“ +راجا – مون کي ڏي، ڏسان! ڇا لکيو اٿس؟ +(داسي لکيل ڪاغذ ڏئي ٿي) +راجا (خط پڙهندي) – ڌن منتر نالي هڪڙو واپاري، جو بنا اولاد سمنڊ ۾ ٻُڏي مري ويو آهي، تنهن جو مال ملڪيت حڪومت جي قانونن مطابق ضبط ٿيڻ گهرجي. +....(اُداس ٿي) اولاد نه هئڻ به ڪهڙو نه هيانءُ پاڙيندڙ صدمو آهي! پَر هن جڳ جي سيٺ کي ته گهڻيون ئي زالون هونديون! مگر فيصلي ڏيڻ کان اڳ اِها خبر ضرور هئڻ گهرجي ته اُنهن زالن مان ڪا پيٽ سان ته نه آهي؟ +داسي – مَهاراج، ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته اُن سيٺ جي هڪڙي زال آيوڌيا جي ڪنهن سيٺ جي ڌيءُ آهي ۽ هينئر سندس گهر ۾ ڇَٺي ملهائي پيئي وڃي! +راجا – ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ ديوان کي ٻُڌائي ڇڏ ته اهو ئي ٻار پيءُ جو وارث آهي. +داسي – حاضر مهاراج! (وڃڻ لڳي ٿي) +راجا - ۽ ٻڌ. +داسي – حڪم ڪريو. +راجا – اِنهيءَ حقيقت مان ته هرڪو واقف آهي ته اولاد هئڻ يا نه هئڻ سان ڇا ٿو ٿئي! تنهنڪري سڄي شهر ۾ پَڙهو گهمايو وڃي ته ”منهنجي سڄيءَ پرجا ۾ ظالمن کان سواءِ جنهن کي به پنهنجي ڪنهن مائٽ جو وڇوڙو هجي، سو دُشينت کي پنهنجي وڇڙي مائٽ وانگر بلڪل پنهنجو ڪري سمجهي ۽ پنهنجا سڀ ڏک سُور بنا حجاب اچي بيان ڪري! +داسي – مهاراج جي حڪم جي تعميل ڪئي ويندي! ۽ سڄي پرجا کي اها ڳالهه ٻڌي، ايڏي ته خوشي ٿيندي، جو چوڻ ڄڻ ته بَر ۾ برسات پوڻ شروع ٿي آهي. +راجا (ٿڌو ساه کڻي) – جنهن جي گهر ڪو ڏيئي ٻارڻ وارو نٿو رهي، ته اُن جي دولت ڌارين جي ور چڙهيو وڃي! +.... افسوس، جنهن وقت آءٌ هن دنيا ۾ نه هوندس، تڏهن پرو گهراڻي جي لڇميءَ جو به اهڙو ئي حال ٿيندو جهڙو ڪنهن ويران کوري جو ٿيندو آهي! +داسي – ڀڳوان اسان کي شل اُنهيءَ کان بچائي! +راجا – حيف آهي منهنجي اِنهيءَ حال تي، جو مون گهر آيل سُک کي پنهنجن هٿن سان هڪالي ڪڍيو! +سانُومتي(پاڻ) – ڪهڙي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو مهاراج منهنجي شڪنتلا کي ياد ڪري، پاڻ تي ڦٺ ملامت ڪري رهيو آهي. +راجا – هوڏانهن مان ئي سنديس دل جو دولهه هوس، ۽ هيڏانهن مون کيس ڦٽو ڪري ڇڏيو! هوءَ ته منهنجي سچي حقدار استري هئي ۽ منهنجي خاندان جي دوام جو باعث! هوءَ ائين هئي، جيئن زمين، جنهن ۾ مندائتو ٻج پوکجي ۽ جا مهل تي شاندار فصل ڏئي! +سانُومتي (پاڻ) – اڙي نادان، تنهنجو نسل ته دنيا جي توڙ تائين قائم رهندو! +داسي(ٻيءَ داسيءَ کي) – باه: لڳي شل هن نامراد سيٺ کي، جنهن جو قصو ٻڌي، مهاراج جي ڪيڏا نه پريشان ٿي چڪا آهن! وڃ ۽ وڃي ميگهه محل مان ماڌوءَ کي سَڏي اچ، ڇاڪاڻ ته اُهو ئي آهي، جو راجا کي وندرائي سگهي ٿو. +داسي – سچ ٿي چوين. +(وڃي ٿي) +راجا – ڦٽڪار آهي مون تي! منهنجن وڏن جي آتمائن تي اَلا جي ڇا وهي واپري رهيو هوندو؟ ۽ هو اِهو ئي سوچيندا هوندا ته دُشينت کان پوءِ اَلاجي ڪير اسان جي نالي تي دان پڃ ڪندو؟ افسوس، منهنجا وڏا ته هينئر به منهنجن ڳوڙهن جو پاڻي روئي روئي پيئندا هوندا! +(غم جي گهڻائيءَ سببان بيهوش ٿي وڃي ٿو) +داسي (ڪرندڙ راجا کي سنڀالي) – حضور، هي ڇا؟ هوش ۾ اچو! +سانُومتي (پاڻ) – هاءِ! هن وقت ته مهاراج جي اهڙي حالت آهي، جيئن ڏِئي جي اڳيان پردي اچڻ ڪري، چئن ئي پاسي انڌڪار ڏسڻ ۾ اچي. آءٌ ته جيڪر هينئر ئي اُن جو دک دور ڪري ڇڏيان، پر ڇا ڪريان، جو اِندر ديوتا جي ماءُ واتان شڪنتلا کي اهو سمجهائيندو ٻڌو اٿم ته ”ديوتائون اهڙو بندوبست ڪري رهيا آهن جيئن ٿورن ڏينهن ۾ تنهنجو مڙس پاڻ ئي اچي تنهنجي زندگي اُجاري.“ انهيءَ ڪري جيستائين اُها مبارڪ مهل نه اچي، تيستائين آءٌ ڪجهه به نٿي ڪري سگهان. ها، باقي ايترو ٿي سگهي ٿو، جو اهو سڄو قصو وڃي شڪنتلا کي ٻڌايان، جنهن سان ڪجهه ته آٿت ايندس. +(نچندي ٽپندي، هلي وڃي ٿي) +پردي پٺيان آواز – خون، خون، ڀڄو ڀڄو، بچايو، بچايو! +راجا (هوش ۾ اچي) – هان، هيءَ ته ماڌوءَ جي رڙ آهي! اَڙي ڪو آهي؟ +(داسي ڊڄندي اچي ٿي) +داسي – سرڪار، پنهنجي دوست کي مصيبت کان بچايو! +راجا – ڇو؟ ڇا اُن کي ڪو ستائي رهيو آهي؟ +داسي – مهاراج، خبر نه آهي ته جن آيا ڀُوت! ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي. ماڌوءَ جا هَٿ پير ٻڌي، کيس ميگهه محل جي کُڏ تي کڻي ڦٽو ڪيو اٿس. +راجا (اُٿي بيهي) – ڇا چَيئه؟ منهنجي محلات ۾ جن ڀوت اَچڻ لڳا آهن! (ٿورو ترسي) نه، مگر حيرت ڇا جي؟ آءٌ جڏهن بيخبريءَ ۾ هر روز ڪيترائي پاپ ڪندو رهان ٿو ۽ پنهنجن ڪارنامن جي ڪا به خبر نٿي پويم، تڏهن اهو ڪيئن ٿو سمجهي سگهان ته پرجا ۾ ڪير ڪهڙيءَ واٽ سان وڃي رهيو آهي؟ +(پردي پٺيان آواز) – اڙي يار، ڪيڏانهن وئين؟ سگهو ڊوڙي اچ، اَڙي منهنجو ساه ٿو نڪري! +راجا (تڪڙو وڌي ٿو) – ماڌو، ڊڄ نه! آءٌ اچي رهيو آهيان. +ماڌو(پردي پٺيان) – ڪيئن نه ڊڄان؟ ڪو منهنجي ڳچيءَ کي ڪمند جي لَٺ وانگر مروڙي رهيو آهي. +راجا (هيڏانهن هوڏانهن ڏسي) اَڙي ڪو منهنجو تير ڪمان ته کڻي اچي. +ڀيلياڻي(تير ڪمان ڏيئي) – هي وٺو، هٿ ڍڪڻي ۽ ڪمان. +(راجا وٺي ٿو) +(پردي پٺيان آواز) – آءٌ تنهنجي خُون جو طالبو آهيان. آءٌ تنهنجو ساه ڪڍندس ۽ جهڙيءَ ريت شينهن پنهنجي ڦٿڪندڙ شڪار کي ساه کڻڻ جي مُهلت نه ڏيندو آهي، تيئن آءٌ به توکي تڙڦائي تڙڦائي ختم ڪندس ۽ کائي ناس ڪري ڇڏيندس. ٻُڌاءِ، ڪٿي آهي هيڻن جو حامي دُشينت، جو پاڻ کي وڏو تير انداز ٿو سڏائي؟ هاڻي توکي بچائڻ ته اچي! +راجا(ڪاوڙ وچان) – هان، هيءُ ته خود مون کي ٿو طعنا ڏئي! اڙي مَڙهه چور! بيهه ته سهي! موت تنهنجي پُٺيان هٿ ڌوئي لڳو آهي. +(تير ڪمان ۾ وجهي) اڙي ڪو آهي، جو مُون کي واٽ ڏيکاري؟ +داسي – مهاراج، هن پاسي اچو! +(ٻئي تڪڙو تڪڙو وڃن ٿا) +راجا (چئن ئي پاسي ڏسي) – پر هتي ته ڪو به ڏسڻ ۾ نٿو اچي! +ماڌو(پردي پٺيان) – ڀڳوان جي صدقي مون کي بچايو! مهاراج! آءٌ ته اوهان کي ڏسي رهيو آهيان؛ پر اوهان مون کي ڇو نٿا ڏسي سگهو؟ منهنجو حال بلڪل اهڙو آهي، جهڙو ٻليءَ جي چنبن ۾ ڦاٿل ڪو ڪُئو هجي! +راجا – او جادوگر! جيڪڏهن آءٌ توکي نٿو ڏسي سگهان ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. مگر منهنجو تير توکي ضرور ڏسي رهندو. وٺ، آءٌ هينئر ئي ڪمان ۾ تير چاڙهي، تنهنجو سينو چيري ٿو ڇڏيان! منهنجو هيءُ تير ماڌوءَ کي اهڙيءَ طرح بچائي مون وٽ وٺي ايندو، جهڙيءَ طرح هَنج پَکي پاڻيءَ مان کير ڪڍي ايندو آهي. +(تير چاڙهي ٿو) +(ماڌوءَ کي ڇڏي، ماتلي اچي ٿو) +ماتلي – مهاراج! اِندر ڀڳوان، راڪاسن کي اوهان جي تيرن جو کاڄ مقرر ڪيو آهي. اوهان ڀل ته اُنهن تي پنهنجا تير ڇوڙيو، مگر پنهنجن تي رحم جي برسات هُئڻ گهرجي ۽ نه تيرن جو وسڪارو. +راجا – اِندر جو رٿ هلائيندڙ ماتلي! تون؟ ڀلي ڪري آئين! پر ڪر خبر، تون وري هتي ڪيئن؟ +(ماڌو اچي ٿو) +ماڌو – هان! جيڪو مون کي قربانيءَ جي ٻڪري وانگر حلال ڪري رهيو هو، تنهن جو ايترو آڌر ڀاءُ؟ +ماتلي (کلي) – مهاراج! آءٌ اوهان کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته اِندر مون کي اوهان جي خذمت ۾ ڇو موڪليو آهي؟ +راجا – آءٌ بلڪل ڌيان سان ٻڌي رهيو آهيان. +ماتلي – راڪاسن جو هڪڙو گهراڻو اجيت نالي سڏجي ٿو. +راجا – ها، نارومڻيءَ کان اُن جو احوال ٻُڌي چڪو آهيان. +ماتلي – اِندر ڀڳوان به اُنهن جو ڪَنڌ ڀَڃي نه سگهيو آهي، تنهنڪري اوهان کي انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو اٿس. رات جي اونده کان جڏهن سج نٿو هٽائي سگهي، ته اُهو ڪم چنڊ کي ئي ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي اوهان هٿيار سنڀالي، سَندرو ٻڌي، اِندر جي رَٿ تي هلي ويهو، ۽ دشمنن جي رڻ ڏانهن روانا ٿيو. +راجا – اِندر ديوتا مون کي تمام گهڻي عزت ڏني آهي، مگر مون کي اهو ته ٻڌايو ماڌوءَ کي ڇو ايترو سَتايو اَٿوَ؟ +ماتلي – مون جڏهن اوهان کي ڪنهن خاص سبب جي ڪري، مونجهاري ۾ مبتلا ڏٺو، تڏهن رڳو اوهان کي جوش ڏيارڻ جي مقصد سان اهو سڄو تماشو ڪري ڏيکاريم، ڇاڪاڻ ته اڱرن کي جيستائين اُٿلايو پُٿلايو نه وڃي، تيستائين باه نٿي ڀڙڪي؛ ڪاريهر نانگ کي جيستائين ستايو نٿو وڃي، تيستائين ڦڻ مٿي کڻي ڏنگ نٿو هڻي؛ ۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن غيرتمند انسان جي خودداريءَ کي ٺوڪري نٿي لڳي، تيستائين هو بلنديءَ ڏانهن ڪڏهن به نٿو وڌي. +راجا (ماڌوءَ جي ڪن ۾) – ڀائي! اِندر ديوتا جو حڪم ڪنهن به حالت ۾ ٽاري نٿو سگهجي، تون وڃ ۽ ديوان کي اها سڄي حقيقت وڃي ٻڌاءِ، ۽ منهنجي پاران اهو به چئينس ته جيستائين آءٌ ڪم ۾ رڌل رهان تيستائين هُو اڪيلي سر ئي نهايت هوشياريءَ سان پرجا جي شيوا ۾ مشغول رهي! +ماڌو – بلڪل بهتر. +(ٻاهر وڃي ٿو) +ماتلي – مهاراج، هاڻي رَٿ تي سوار ٿيو! +(ٻيئي رٿ ۾ ويهي روانا ٿين ٿا) +(پردو ڪري ٿو) +(1) چوندا آهن ته شام جي وقت جڏهن ڪنول جو منهن بند ٿيندو آهي، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن مٿس ويٺل ڀونر به ان ۾ بند ٿي ويندو آهي ۽ صبح ٿيڻ تائين منجهس قيد رهندو آهي. هندي شاعريءَ جو اِها هڪ مقبول ”تشبيہ“ آهي. + + +پردو ستون +سرڳ جو رستو +(دُشينت ۽ ماتلي رَٿ ۾ ويٺل آهن، ۽ آڪاس مان هيٺ لهندا ٿا اچن) +راجا – ماتلي، ائين برابر آهي ته مون اِندر جو حڪم مڃيو! پر ساڳئي وقت اِندر ديوتا جيڪا مون تي نوازش ڪئي آهي، تنهن جو آءٌ لائق ته نه هوس. +ماتلي – جيئندا قبلا! اوهان ٻنهي کي هڪٻئي جي طرفان ساڳي شڪايت آهي. اوهان اِندر تي وڏو احسان ڪيو، مگر اُن احسان کي سندس نوازش ۽ آڌر ڀاءَ جي مقابلي ۾ خسيس ٿا سمجهو. هوڏانهن وري اِندر پنهنجي نوازش کي اوهان جي بهادريءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نٿو سمجهي. +راجا – ائين نه چئو، ايندي وقت اِندر منهنجي ايڏي ته عزت افزائي ڪئي هئي، جنهن جو مون کي خواب خيال به نه هو: سرڳ جي گلن جو هار، جنهن ۾ اِندر جي سيني تي لڳل چَندن جي خوشبوءِ ملائي ويئي هئي، سو جڏهن پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي، مون کي پارايائين، تڏهن هار پارائيندي ٽيٽ ڪري پنهنجي پُٽ ڏانهن ڏٺائين، جو حَسد وچان اُن هار کي ڏسي رهيو هو. نه رڳو ايترو پر ديوتائن جي موجودگيءَ ۾ به مون کي پنهنجي تخت تي ويهاريائين. +ماتلي – مگر اوهان ڪجهه اهو به خيال ڪريو ته اوهان جي جيتري به عزت ڪئي وڃي، سا گهٽ آهي؛ ڇاڪاڻ ته جنن ڀوتن کي سرڳ مان ڀڄائي ڪڍڻ وارا فقط ٻه ڄڻا آهن: هڪڙا نرسنگ جيءَ جا تکا نَنهن 8 ۽ ٻيا اوهان جا زهري تير. +راجا – اها سڀ ڪجهه اِندر ڀڳوان جي ڏات آهي، نه ته آءٌ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ غلام کان جيڪڏهن ڪو وڏو ڪم ٿي وڃي، ته اُن کي مالڪ جي وڏائيءَ جو ڦل سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن سج شفق کي پنهنجي سواريءَ جي اڳيان جاءِ نه ڏئي، ته شفق جي ڪهڙي مجال، جو اوندهه جو پردو چيري سگهي؟ +ماتلي – اها اوهان جي نئڙت ئي آهي، جا اوهان جو مان مرتبو بلند ڪري ٿي. (ٿورو اڳتي هلي) مهاراج، ٻڌو ته سهي! اوهان جي ڪارنامن جو داستان آڪاس مان به ٻڌڻ ۾ ٿو اچي! ديوتا پنهنجين پيارين جي سينگار کان بچيل گلال، کٿوري ۽ چندن کنيو سرڳ جي وڻن تي اوهان جي مهما جا گيت لکي رهيا آهن. +راجا – ويندي وقت گهڻي جوش سببان اسان انهيءَ پاسي ڌيان ئي ڪو نه ڏنو، پر هاڻي سرڳ جون هوائون منهنجي روح جي هر هڪ تار کي خوشي بخشي رهيون آهن. (رٿ جي ڦيٿن کي ڏسي) شايد هاڻي اسين ڪڪرن جي مٿاڇري تي اچي پهتا آهيون. +ماتلي – اوهان اهو ڪيئن سمجهيو؟ +راجا – تنهنجو رٿ صاف صاف ٻڌائي رهيو آهي ته اسين پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪرن منجهان لنگهي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ڦيٿا آلا ٿي ويا آهن، ۽ اُنهن جي دُرين مان چڪور نڪري هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي رهيا آهن، ۽ کِنوڻ جي جوت جي ڪري، اسان جي رٿ جا گهوڙا گهڙيءَ گهڙيءَ چمڪندا ڏسڻ ۾ ٿا اچن. +ماتلي – بس، هاڻي آءٌ اوهان کي اک ڇنڀ ۾ راڄڌانيءَ هلي ٿو پهچايان! +راجا – آڪاس مان تڪڙو تڪڙو لهندي، اسان جي دنيا ڪهڙي نه عجيب معلوم ٿي رهي آهي! اِئين پيو ڀانئجي ڄڻ جبل مَٿي کڄندا ٿا اچن ۽ اُنهن جي چوٽيءَ تي رکيل زمين هيٺ کسڪندي پيئي وڃي. وڻن جي ٿُڙ، جيڪي پهريائين پَنن ۾ لڪل هئا، سي وري ظاهر ٿيندا پيا وڃن. دريائن جو پيٽ ويڪرو ٿيندو پيو وڃي، ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ ڪنهن سَڄيءَ دنيا کي مَٿي کڻي اُڇلايو آهي! +ماتلي – اوهان جون نظرون سچ پچ اونهو مطالعو ڪري رهيون آهن. (زمين ڏانهن حيرت مان ڏسندي) اوهان جي دنيا حقيقت ۾ تمام شاندار دنيا آهي، ۽ سُهڻي پڻ. +راجا – ماتلي، هيءُ اولهه ۽ اوڀر وارن سمنڊن جي وچ ۾ ڪهڙو جبل آهي؟ جنهن کي ڏسندي ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ اُن مان سون پگهري، هيٺ ٽمي رهيو آهي، ۽ شام جي ڪڪرن کي ڪنهن انمول هار جي صورت ۾ ويهي پوئي ڇڏيو آهي! +ماتلي – مهاراج! هن جبل جو نالو ”هيم ڪوٽ“ آهي ۽ هتي پَريون رهنديون آهن. هُو ڏسو، برهما جو پوٽو ڪشيپ رشي تپسيا ڪري رهيو آهي. +راجا – ڏاڍو چڱو! پوءِ ته اسان کي انهيءَ پاسي ضرور هلڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڪشيپ رشيءَ جي چرنڻ چمڻ لاءِ، اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو موقعو ملي سگهندو؟ +ماتلي – آءٌ اوهان جي اها صلاح بلڪل خوشيءَ سان قبول ڪريان ٿو. +(ٻيئي هيٺ لهن ٿا) +راجا (حيرت وچان) – رَٿ جي ڦيٿن جو ڪو به آواز ڪو نه ٿيو، نڪا ڌوڙ اُڏاڻي ۽ نڪو لوڏو آيو ۽ نه وري اِها خبر پئجي سگهي ته اسين ڪيئن هيٺ لهي آياسين؟ +ماتلي – اوهان جي ۽ اِندر جي رٿ ۾، بس اهو ئي فرق آهي. +راجا – ڪشيپ جو آشرم ڪٿي آهي؟ +ماتلي – هو ڏسو، جتي هڪڙو جوڳي، سُڪل بُنڊ وانگر بنا ڪنهن چُر پر جي سج کي هِڪ ٽِڪ نهاري رهيو آهي. سندس اَڌ ڌڙ تي ته ڪيتري ڌوڙ ڄمي ويئي آهي. نه رڳو ايترو، پر سندس وارن جي چڳن ۾ به جهرڪين آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن، ۽ ڳچيءَ کي سُڪل وَلين وڪوڙي ڇڏيو اٿس. +راجا – هن مهاتما کي آءٌ پرنام ٿو ڪريان. +ماتلي (واڳ ڇڪي) – مهاراج! هينئر اسين ڪشيپ رشيءَ جي آشرم وٽ اچي پهتا آهيون، جتي سرڳ جا گل ۽ ٻوٽا لُڏي رهيا آهن. +راجا – هتي ته سرڳ کان به وڌيڪ اَمن اَمان آهي، ۽ مون کي اِئين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ”امرت“ جي پاڻيءَ ۾ وهنجي رهيو آهيان. +ماتلي (رٿ بيهاري) – سرڪار، هاڻي هتي لهي پون! +راجا - ۽ تون؟ +ماتلي – آءٌ به اوهان سان گڏ هَلان ٿو، مگر رٿ اتي بيٺو هوندو. +(رٿ مان لهي) هن پاسي کان اچو. ٿورو هن ”تپ بن“ جي عظمت کي به ته نظر مان ڪڍو. +راجا – هيءُ ته ڪلپ 9 جي ٻوٽن جو بَن آهي، جنهن جي هَوا کائي، انسان سدائين جيترو رهي سگهي ٿو. هتي گيڙوءَ ڪنول جو پراڳ مليل پاڻي اِشنان لاءِ ملي ٿو. پوڄا لاءِ پَني ۽ پکراج جا مندر موجود آهن. وري هنن پرين جي سونهن ته تپ ٽوڙيندڙ آهي. انهيءَ مٿاهين مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا ماڻهو جَپ تپ جون سختيون برداشت ڪندا آهن، پر اهو سڄو آرام تپسين جي چرنن ۾ موجود آهي، تنهن هوندي به تپسوي پنهنجن خيالن ۾ مَست آهن ۽ انهن شين ڏانهن اک کڻي به نٿا نهارين. +ماتلي – وڏن جون ڳالهيون به وڏيون (ڪنهن کي ڏسي) اي پير مرد! هن وقت مهاتما ڪشيپ جن ڇا ڪري رهيا آهن؟ (ڪنن تي هٿ ڏيئي) ڇا چيئي؟ آشرم جي ديوين کي زالن جا فرض سمجهائي رهيا آهن! +راجا – پوءِ اُتي مُڙسن جو ڪهڙو ڪم؟ اُنهن کي واندو ٿيڻ ڏيو، ته پوءِ هلنداسين. +ماتلي – اوهان جهٽ ساعت، هن اَشوڪ جي وڻ جي ڇانءَ ۾ ويهو. آءٌ پاڻهئي موقعو ڏسي ڪشيپ رشيءَ ڏانهن اوهان جي اچڻ جو پيغام ڏياري موڪليندس. +راجا – چڱو، ائين ئي سهي! +(ماتلي وڃي ٿو، ۽ راجا ويهي رهي ٿو) +راجا (سَوڻ ڏسي) – منهنجي ٻانهن هروڀرو ڇو ڦرڪي رهي آهي؟ هتي مُراد حاصل ٿيڻ جي ته ڪا اُميد نٿي ڏسجي. جو ماڻهو گهر آيل سُک کي ٺُڪرائي ڇڏي، سو اُن جي بدلي ضرور ڏک ڏسندو. +پردي پٺيان آواز – اَڙي شرارتي! تون پنهنجن شرارتن کان باز نٿو اچين؟ اچي وئين نه وري پنهنجي اصليت تي؟ +راجا (ڪن ڏيئي) – هتي اهڙو چلولو ڪير اچي ويو آهي؟ ۽ اها جٺ ڦٺ ڪنهن تي ٿي رهي آهي؟ (جتان آواز اچي ٿو، اوڏانهن حيرت مان ڏسندي) اڙي، هيءُ ڇوڪرو ڪنهن جو آهي، جنهن جي پويان ٻه جوڳياڻيون پيون ڊوڙنديون اچن! ٻارن ۾ ته ايڏي طاقت ڪڏهن به نه ڏٺي اٿم. شينهڻ جي ٻچڙي اڃا پنهنجي ماءُ جو کير پي، بس ئي نه ڪئي، ته هيءُ ڇوڪرو راند کيڏڻ لاءِ هن کي ڪَن کان جهلي، وٺيو پيو اچي! +(هڪڙو ڇوڪرو، شينهن جي ٻچي کي گهليندو پيو اچي. ۽ ٻه جوڳياڻيون اُنهيءَ ڇوڪري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن) +ڇوڪرو – شينهن ڙي شينهن! وات کول ته آءٌ تنهنجا ڏند ڳڻيان. +هڪ جوڳياڻي – اڙي ضدي! تون گگدام جانورن کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏس ته سهي! اسين ٻارن وانگر هنن جي سار سنڀار لهون ۽ هيءُ چنچلو وري ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو کرندو!.... ساڌن به حق تي تنهنجو نالو سَرودَ من (1) رکيو آهي. +راجا(پاڻ) - ڪهڙو سبب آهي، جو هن ٻار کي ڏسندي ئي، منهنجي دل ۾ پيار جا اُمنگ جاڳي اُٿيا آهن، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته هيءُ ٻار منهنجو ئي اولاد آهي! شايد جيڪي ماڻهو بي اولاد هوندا آهن، تن جي اها ساڳي حالت ٿيندي آهي! +جوڳياڻي – جي تون هن کي نه ڇڏيندين، ته هن جي ماءُ اچي، توکي ��هلي وٺندي. +ڇوڪرو (ٽهڪ ڏيئي) – واه واه، ڄڻ ته مون کي شينهن جو ايڏو ڪو ڊپ آهي. +(اهل ڪڍيس ٿو) +راجا(پاڻ) – هيءُ ڇوڪرو ته ڏاڍو قابل ٿو ڏسجي. چڻنگ آهي چڻنگ، جنهن کي ٿوري هوا لڳي ته هڪدم باه جو ڀڀڙ ٿي پوي! +جوڳياڻي – ڪڪا! تون هن کي ڇڏ ته توکي سٺا سٺا رانديڪا ڏيان. +ڇوڪرو – اون هون! پهريائين رانديڪا ڏي. +(هٿ ڊگهيري ٿو) +راجا(پاڻ) – هن جا لڇڻ ته مهاراجائن جهڙا آهن، ڇاڪاڻ ته رانديڪن گهُرڻ مهل جڏهن پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تڏهن سندس آڱريون ائين ٿي معلوم ٿيون، جيئن پره ڦٽيءَ جو ڳاڙهو ڪنول ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ۽ سندس پن اڃا پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا آهن. +هڪ جوڳياڻي (ٻيءَ کي) – هيءُ ضدي ڳالهين ۾ ته سَرچي ئي نٿو، منهنجي جهوپڙيءَ ۾ مٽيءَ جو مور رکيو اَٿيئي، وڃ ۽ وڃي اُهو کڻي اچ. +ٻي جوڳياڻي – کڻي ٿي اچان. +(وڃي ٿي) +ڇوڪرو – آءٌ تيسين هن شينهن جي ٻَچي سان کيڏندو رهندس. +(جوڳياڻيءَ ڏانهن ڏسندي کلي ٿو) +راجا(پاڻ) – هن شرارتيءَ ڏانهن منهنجي دل ڇڪجي رهي آهي. بنا ڪنهن ڳالهه جي کلڻ، ٻاتائي ڳالهائڻ، ڊوڙي ڊوڙي هنج ۾ ويهڻ: مون کي ٻارن جون اِهي ئي معصوم عادتون ته وڻنديون آهن. اُهي پيءُ ماءُ وڏا ڀاڳوان چئبا، جيڪي پنهنجن ٻارن کي هنج ۾ کڻي، سندن جسم تي لڳل مِٽيءَ سان پنهنجو جسم ميرو ڪندا آهن. +جوڳياڻي – ڏسو ته سهي! هيءُ هَٺيلو منهنجي ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو ڏئي. (هيڏانهن هوڏانهن ڏسي) هتي ڪو چيلو به ته ڪونهي. (راجا کي ڏسي) مهربان! ڀلائي ڪري اوهان اَچو ۽ هن شيطان جي هٿان شينهن جي ٻچي جي جان بچايو! راند روند ۾ کيس اهڙو ته زور سان قابو ڪيو اٿس، جو منهنجي ڇڏائڻ تي ته ڇڏجي ئي نٿو. +راجا – چڱو، چڱو! +(کلندي ڇوڪري جي ويجهو اچي) رشي ڪمار! تنهنجن وڏن جو ته طريقو آهي بي زبانن جي سنڀال ڪرڻ، مگر تون آشرم جي ريتين رسمن کي ڀڃي، اُنهن وڏن جي آتما کي ڇو تڪليف پهچائي رهيو آهين؟ توکي ته گهرجي ته ”چندن جي وڻ ۾ نانگ جي آکيري“ وارو مثال سچ ثابت ڪري ڏيکار. +جوڳياڻي – منهنجا مهربان، هيءُ رشي ڪمار نه آهي! +راجا – برابر، هن جي شڪل صورت ۽ هلت چلت منجهان ته ائين ئي معلوم ٿئي ٿو، مگر ساڳئي وقت کيس هن ”تپ بن“ ۾ ڏسي، اِهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته ضرور ڪنهن ساڌو سنياسيءَ جو پٽ هوندو! +(شينهن جي ٻچي کي ڇڏائي، ڇوڪري جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي) +راجا (پاڻ) – خبر نٿي پوي ته هيءُ الائي ڪهڙي خاندان جو روشن چراغ آهي، جو کيس هڪ دفعو هٿ لائڻ سان منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي اُٿي آهي! پوءِ هيءُ جنهن گهر جي روشني آهي، تنهن جي خوشين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! +جوڳياڻي (ٻنهي کي ڏسي) – ڪهڙي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي! +راجا – ڇو، ڇا ٿيو؟ +جوڳياڻي – اوهان ٻنهي جو مُنهن مُهانڊو پاڻ ۾ هُو بهو ملي ٿو اچي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي به عجب ٿو لڳي ته هن ضديءَ بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي اوهان جو چوڻ ڪيئن ورتو؟ +راجا(ڇوڪري کي کيڏائيندي) – وڏي مائي، هيءُ جيڪڏهن رشي ڪمار نه آهي ته پوءِ ڪهڙي گهراڻي جو ٻار آهي؟ +جوڳياڻي – هيءُ پَرو بنسي آهي. +راجا(پاڻ) – هي ڇا؟ هيءُ اسان جي گهراڻي جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ۽ وري جوڳياڻي هن کي منهنجو هم شڪل به ٻُڌائي ٿي! البته اسان جي خاندان جو اهو دستور آهي ته جوانيءَ ۾ ڪم ڪار سان گڏ راس رنگ به ڪندا آهيون ۽ پيريءَ ۾، دنيا کان مُنهن موڙي، بَن جي وڻن هيٺان دُونهي دکائي آخري عمر جپ تپ ۾ گذاريندا آهيون. (بلند آواز سان) مگر هيءَ اهڙي جاءِ تي نه آهي، جا هر خاص ۽ عام لاءِ کليل هجي؟ +جوڳياڻي – ائين برابر آهي، پر هن جي ماءُ جو نالو پَرين سان ڳنڍيل آهي، تنهنڪري هن جي پيدائش به تپ بَن ۾ ٿي. +راجا(پاڻ) – واه، اُميد کي هڪ ٻيو به سهارو ملي ويو! (بلند آواز سان) ڀلا اهو ته ٻڌايو هن جي ماءُ ڪهڙي خوشنصيب انسان جي استري آهي؟ +جوڳياڻي – جنهن پاپيءَ پنهنجي شادي ڪيل زال کي گهر مان ئي ڪڍي ڇڏيو، تنهن جو نالو پنهنجي زبان تي ڪير آڻيندو؟ +راجا(پاڻ) – اهو اشارو ته سنئون سڌو مون ڏانهن آهي، ڀلا هن ڇوڪري جي ماءُ جو نالو پڇي ڏسان! (ڪجهه سوچي رڪجي وڃي ٿو) پر جيڪڏهن هوءَ ڪٿي پرائي زال نڪتي، ته پوءِ اجائي پڇا ڳاڇا جي ڪري شرمسار ٿيڻو پوندو! +(ٻي جوڳياڻي هٿ ۾ مٽيءَ جو ”مور“ کڻي اچي ٿي) +جوڳياڻي – ڪڪا! هن ”شڪنت“ (1) کي ڏس ڪهڙو نه سهڻو آهي؟ +ڇوڪرو – اَما ڪٿي آهي؟ +جوڳياڻيون – ماءُ جو لاڏلو، نالي کان ڌوڪو کائي ويو! +ٻي جوڳياڻي – نه پٽ! مون ته چيو ته هن مٽيءَ جي سهڻي مور کي ڏس. +راجا(پاڻ) – ڇا سَچ پَچ هن جي ماءُ جو نالو شڪنتلا آهي؟.... پر هڪڙي نالي وارا ڪيترائي ماڻهو ٿي سگهن ٿا، خير، جو ڪجهه به هجي، پر هيءُ نالو رُڃ جي پاڻيءَ وانگر مون کي هروڀرو پريشان ڪرڻ لاءِ آڏو اچي رهيو آهي ڇا! +ڇوڪرو – مون کي هيءُ رانديڪو ڏاڍو وڻندو آهي. (هٿ ۾ کڻي ٿو) +جوڳياڻي – اڙي، هن جي ٻانهن مان تعويذ ڪٿي ڪريو؟ +راجا – جڏهن هيءُ شينهن جي ٻچي سان کيڏي رهيو هو، تڏهن تعويذ هيٺ ڪري پيس. هو ڏسو! +(کڻڻ لاءِ جهڪي ٿو) +جوڳياڻيون – متان، متان! نه کڻجو نه کڻجو! اڙي، هي ڇا ٿيو؟ +(ڇاتيءَ تي هٿ رکي، هڪٻئي کي ڏسڻ لڳن ٿيون) +راجا – ڇو ڀلا، منهنجي کڻڻ سان هن تعويذ کي پليدي لڳي پيئي ڇا؟ +جوڳياڻي – نه سائين، اها ڳالهه نه آهي! پر جڏهن هن ڇوڪري جي ڇٺي ٿي هئي، تڏهن ڪشيپ رشيءَ اهو تعويذ سندس ٻانهن ۾ ٻڌو هو. انهيءَ تعويذ ۾ اها خاصيت سمايل آهي، جو جيڪڏهن زمين تي ڪري پوي، ته ڇوڪري جي پيءُ ماءُ کان سواءِ ڪو ٽيون ماڻهو هن کي هرگز نه کڻي سگهندو؟ +راجا – ڇو نه کڻي سگهندو؟ +جوڳياڻي – جيڪڏهن ڪو کڻندو، ته هيءُ تعويذ اوڏيءَ مهل بدلجي نانگ ٿي پوندو ۽ کڻڻ واري کي ڏني وجهندو. +راجا – ڇا، توهان ڪڏهن ائين ٿيندو ڏٺو به آهي؟ +جوڳياڻي – هڪ ڀيرو نه پر ڪَئين ڀيرا. +راجا (خوشيءَ وچان باغ باغ ٿي) – بس هاڻي منهنجي مَن جي مُراد پوري ٿي! (ٻار کي کڻي پنهنجي سيني سان لڳائي ٿو). +ٻي جوڳياڻي – ڀيڻ، هل ته هيءَ خوشخبري ڏکويل شڪنتلا کي هلي ٻُڌايون.... ڇاڪاڻ ته هوءَ ويچاري سالن کان وٺي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪري رهي آهي! +(ٻئي وڃن ٿيون) +ڇوڪرو – مون کي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي اَما وٽ ويندس. +راجا – پٽ، ترس! تون ۽ مان جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي هلنداسين، ته تنهنجي ماءُ هيڪاري وڌيڪ خوش ٿيندي. +ڇوڪرو – تون منهنجو پيءُ ٿورو ئي آهين. منهنجو پيءُ ته دشينت آهي. +راجا (مشڪي، پاڻ) – اِئين چئي، هِن منهنجي باقي رهيل کهيل ڳڻتي به لاهي ڇڏي! +(وار کوليو شڪنتلا اچي ٿي) +شڪنتلا (پاڻ) – ٻُڌو اٿم ته سرودمن جي تعويذ پنهنجي ڪرامت نه ڏيکاري! پر مون کي پنهنجي ڦِٽل نصيب تي ڪڏهن به اعتبار نٿو اچي! هاءِ باقي رڳو ايتري اُميد اٿم ته شايد سانومتيءَ جو چوڻ سچ نڪري پوي! +راجا (شڪنتلا کي ڏسي، پاڻ) – هاءِ، اها ئي منهنجي دل جي راڻي آهي! ڪيترن سالن کان تپ ڪندي ڪندي، سڄو جسم سُڪي ڪنڊا ٿي ويو اٿس. وار مُنجهيا پيا اٿس، ۽ جسم تي ڳيڙوءَ رتا ڪپڙا ڍڪيو ٿي اچي. افسوس، هيءَ وفادار ويچاري پنهنجو سڀ سُک آرام ڦٽو ڪري، رڳو مون پٿر دل پاپيءَ لاءِ ڏهاڳ جو ڏلهو کَنيو ويٺي آهي. +شڪنتلا (راجا کي ڏسي، جنهن جي شڪل ڳڻتين جي سَببان بدلجي چڪي آهي، پاڻ) – منهنجي ديوتا جي اهڙي شڪل ته نه هئي! جيڪڏهن هيءُ ا��هو نه آهي، ته ٻيو ڪير آهي؟ +.... پر جيڪڏهن ڪو ٻيو هجي ها، ته منهنجي ٻچي جي حفاظت ڪندڙ تعويذ کي هٿ لائڻ جي همت ڪيئن ٿئيس ها؟ +ڇوڪرو (ماءُ ڏانهن ڇڪجي) – اَما، هيءُ پرديسي ڪير آهي؟ جنهن ”پٽ“ چئي، مون کي پنهنجي هنج ۾ کنيو. +راجا (شڪنتلا کي) – منهنجي ديوي، مون توتي ڏاڍو ظلم ڪيو! پر شڪر آهي، اُن جي پڇاڙي سڳوري ثابت ٿي... ڇاڪاڻ ته تون مون کي صفا وساري ڪو نه ڇڏيو آهي. +شڪنتلا (پاڻ) – اي منهنجي تڙڦندڙ دل، هاڻي ته ڪو سُک جو ساه کڻڻ ڏي! ڇاڪاڻ ته هينئر مون کي چڱيءَ طرح يقين ٿي چڪو آهي ته آخر منهنجي بگڙيل قسمت منهنجن ڏکن جا ڏينهن سکن ۾ بدلائي ڇڏيا آهن ۽ اِهو ئي منهنجو سوامي آهي! +راجا – اها ڪهڙي نه سڳوري ساعت آهي، جو منهنجن اکين آڏو پردو هٽي ويو، ۽ آءٌ پنهنجي پياريءَ کي پنهنجي روبرو بلڪل اهڙيءَ طرح ڏسي رهيو آهيان، جهڙي طرح گرهڻ مان نڪرڻ کان پوءِ چنڊ پنهنجي جوت کي ڏسندو آهي!: +شڪنتلا – منهنجا ديوتا!... +(روئڻ جي ڪري آواز نٿو نڪريس) +راجا – منهنجي جان، تو جو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، سو مان سڀ سمجهي ويو آهيان، برابر روئڻ جي ڪري تنهنجو آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو آهي، پر تنهنجي ديدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو مون کي پورو پورو يقين ٿي چڪو آهي ته بس، هاڻي منهنجي فتح آهي. +ڇوڪرو – امان، مون کي ڀلا اهو ته ٻڌاءِ هيءُ ماڻهو ڪير آهي؟ +شڪنتلا – پٽ، اهو پنهنجي تقدير کان پُڇ! +(روئڻ لڳي ٿي) +راجا(شڪنتلا جي پيرن تي ڪِري) – ديوي، تون گذريل بيعزتيءَ جي صدمي جا داغ پنهنجي دل مان صفا ڌوئي ڇڏ! خبر نه آهي ته اُن وقت مُون تي اَلائي ڇو خود فراموشي طَاري ٿي چڪي هئي، جنهن جي ڪري تون مون کان صفا ڀُلجي ويئي هئينءَ! +... بي سمجهه انسان پنهنجي اڳيان رکيل نعمتن کي اڪثر ٺڪرائي ڇڏيندا آهن. اَنڌي جي ڳچيءَ ۾ جيڪڏهن هار وجهبو، ته هو نانگ سمجهي لاهي ڇڏيندو! +شڪنتلا – پيارا پريتم، ڀڳوان جي صدقي مون کي ڪَنڊن تي ڦٽو نه ڪريو! اُنهن ڏينهن ۾ شايد منهنجي گذريل جنم جا پاپ منهنجي آڏو آيا هئا، جن منهنجن نيڪين تي پاڻي ڦيري، اوهان کي ڪاوڙائي ڇڏيو! +(راجا اُٿي ٿو) +شڪنتلا – هاڻي ٻڌايو ته اوهان کي مون ڏکويل جي يادگيري ڪيئن آئي؟ +راجا – منهنجي دل مان پڇتاءَ جو ڪَنڊو نڪري وڃي، ته ٻڌايان! +... اُنهيءَ ڏينهن بيخبريءَ جي حالت ۾ مون تنهنجن ڳوڙهن کي تنهنجن چَپن تي ڪرندو ڏٺو ۽ نيٺ اُنهن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيم. مگر اڄ آءٌ انهيءَ پڇتاءَ جا لُڙڪ تنهنجن پنبڻين تي اٽڪيل ڳوڙهن سان اُگهي صاف ڪندس. +(ڳوڙها اُگهي ٿو) +شڪنتلا (راجا جي آڱر ۾ مُنڊي ڏسي) – ڇا هيءُ اُها ساڳي مُنڊي آهي؟ +راجا – ها، اِنهيءَ جي مِلندئي، تنهنجي يادگيري اچي پيم! +شڪنتلا – هن مون تي ڪيڏو نه ظلم ڪيو، جو جنهن مهل اوهان کي يادگيري ڏيارڻ لاءِ هن کي ڳولڻ لڳيس، تڏهن هڪدم غائب ٿي ويئي. +راجا – منهنجي پياري، بَسنت سان وَل جي سنجوڳ جي نشانيءَ کي وري قائم رک، ۽ وَڻن جي ٽارين کي گلن سَنوارڻ جو موقعو ڏي! وٺ هيءَ مُنڊي ۽ وري ٻيهر پائي ڇڏ. +شڪنتلا – نه ته، مون کي انهيءَ مُنڊيءَ تي ڪو به ڀروسو ڪونهي. اوهان ئي پائي ڇڏيو. +(ماتلي اچي ٿو) +ماتلي – مهاراج، اڄوڪو ڏينهن ڪهڙو نه سڀاڳو آهي! جو اوهان جي وڃايل لڇمي اوهان کي واپس ملي، ۽ اوهان جو پُٽ به اوهان کي ملي ويو! +راجا – ها، ماتلي، اڄ منهنجي زندگيءَ جي وڻ ۾ وري تازا گُل ڦُٽا آهن! مگر مون کي اِهو ته ٻُڌاءِ هن سڄي قصي جي اِندر کي به خبر آهي يا نه؟ +ماتلي – واه، ديوتائن کان به ڪا ڳالهه ڳُجهي آهي؟ هلو، مهاتما ڪشيپ اوهان جو انتظار ڪري رهيو آه��. +راجا – شڪنتلا، سَرودمن جي آڱر کان وٺي، مون سان گڏجي هَل! آءٌ توسان گڏ اُن مها رشيءَ جو درشن ڪرڻ چاهيان ٿو. +شڪنتلا – پَر مون کي اوهان سان گڏ وڏن جي سامهون هلي بيهڻ ۾ شرم ٿو محسوس ٿئي. +راجا – اَڙي، هن سڀاڳيءَ گهڙيءَ تي وري حَيا شرم ڇا جو؟ اَچ اَچ گڏجي هلون! (سڀ وڃن ٿا) +(ڪشيپ رشي پنهنجي زال آديتيءَ سان گڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيئي ڄڻا آسڻ تي ويٺل آهن) +ڪشيپ (پنهنجي زال کي) – تنهنجي سپُوت اِندر جي فوج جو سپه سالار ۽ سنسار جو رکپال اهو ئي راجا دشينت آهي. جنهن جي ڪمان جي ڪڙڪي جي اڳيان اِندر جي وڄ به مات پئجو وڃي! +اَديتي – هن جي شڪل شباهت مان ئي بزرگي بَکي رهي آهي. +ماتلي (راجا کي) – مهاراج، ڏسو ٿا ديوتائن جي ماتا پتا کي؟ ڪيئن نه اوهان کي پيار ۽ محبت وچان ڏسي رهيا آهن. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن سَڳا پيءُ ماءُ پنهنجي اولاد ڏانهن ڏسندا آهن! اچو، ۽ اڳتي وڌي هنن جي پيرن تي هٿ رکو. +راجا – ماتلي، ڇا ڪشيپ رشي ۽ اَديتي اِهي آهن، جن گِرهن ۽ تارن کي پيدا ڪيو آهي؟ ڇا اهي ئي اِندر جا جنم داتا آهن، ۽ انهن جي ڪُک مان وشنو وامڻ پيدا ٿيو آهي؟ +ماتلي – هائو مهاراج، هي اُهي ئي آهن! +راجا (مَٿو ٽيڪي) – اِندر جو شيوڪ دشينت اوهان ٻنهي کي نمسڪار ٿو ڪري. +ڪشيپ – سدائين جيو ۽ ڌرتي تي راڄ ڪريو! +اَديتي – جنگ جي ميدان ۾ ڪو به تنهنجي برابري نه ڪري! +(شڪنتلا، پُٽ سُوڌي پيرين پوي ٿي) +ڪشيپ – ڌيءُ، تنهنجو گهوٽ، شل اندر جو جوڙيوال ٿئي! ۽ تنهنجو پُٽ اندر جي وارث جو مَٽ! توکي انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي آسيس ڏيان ته ”تون اندر جي راڻيءَ جي همسر ٿئين!“ +اَديتي – آسيس ٿي ڏيان ته تون پنهنجي مُڙس جي محبت جي اڪيلي حقدار هجين! تنهنجو پُٽ وڏي ڄمار ماڻي ۽ سدائين پيءُ ماءُ جي اَکين جو ٺار هجي! .... اَچو ۽ هتي اچي ويهو. +(سڀ ماڻهو ڪشيپ رشيءَ جي چوڌاري ويهي رهن ٿا) +ڪشيپ (واري وٽيءَ سان هر هڪ ڏانهن نهاري) – ڪهڙي نه سڀاڳي وقت ۾ اوهان سڀني جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو آهي! .... شڪنتلا! هيءُ تنهنجو لائق پٽ هيءَ تون ۽ هيءُ تنهنجو گهوٽ! بس، ائين سمجهه ته دَيا، ڌرم ۽ ڌن ٽنهي جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿي چڪو آهي! +راجا – مهاتما، اوهان جي مهربانين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڪثر ائين ئي ڏٺو ويو آهي ته پهريائين ٻُور لڳندو آهي، ۽ پوءِ ميوو پيدا ٿيندو آهي. پهريائين ڪڪر ايندا آهن، ۽ پوءِ مينهن وسندو آهي. مگر اوهان جي قدرت اِنهيءَ کان بلڪل نرالي آهي. پهريائين منهنجي مَن جي مراد پوري ٿي، ۽ پوءِ آسيس ملي! +ماتلي – اِها ته مهاتمائن جي معمولي کان معمولي ڪرامت آهي. +راجا – مهاراج، اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي هن داسيءَ جي شادي، ”گانڌرو“ طريقي موجب مون سان ٿي هئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي سندس مائٽن مون ڏانهن ڏياري موڪليو، مگر اُن وقت جي حقيقت کي آءٌ بلڪل سمجهي نٿو سگهان ته منهنجو هوش ۽ عقل اَلائي ڇو گم ٿي ويو؟ جو مون هن کي نه سُڃاتو ۽ کيس هڪدم ٺۡڪرائي ڇڏيم. بس، اها ئي غلطي هئي، جنهن جي ڪري آءٌ اوهان جي مائٽ ڪڻو رشيءَ جو ڏوهاري آهيان! +.... ڪجهه وقت کان پوءِ هن وڃايل مُنڊيءَ کي ڏسنديئي مون کي سڄو وسريل واقعو هڪدم ياد اچي ويو؛ جنهن تي مون کي تمام گهڻي حيرت آهي ته اهو سڄو معاملو ائين ٿيو، جيئن ڪو هاٿيءَ کي سامهون ايندو ڏسي چوي ته هيءُ هاٿي نه آهي، ۽ اُن جي هلئي وڃڻ کان پوءِ هڪدم ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وڃي ته هيءُ سَچ پَچ هاٿي ته نه هو! بس، ائين ويچار ڪري، سندس پيرن جا نشان ڏسي بلڪل يقين ڪري ويهي ته برابر هيءُ هاٿي هو ۽ مون سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪئي هئي. +ڪشيپ – پُٽ، تون پنهنجي گناه جو خيال دل مان صفا ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم توکان اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيو آهي، هاڻي انهيءَ ڳالهه جي حقيقت ٻڌ. +راجا – آءٌ بلڪل ڌيان سان ٻڌي رهيو آهيان. +ڪشيپ – مينڪا کان پنهنجي ڌيءُ جو ڏک ڏٺو نه ويو، تنهنڪري هوءَ شڪنتلا کي اَديتيءَ ديوي وٽ کڻي آئي. اُنهيءَ وقت مون کي ڌيان جي وسيلي معلوم ٿيو ته تو ودُ واسا جي پاراتي سببان هن سَتيءَ کي تڙائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي جيستائين اُها مُنڊي نه ملندي، تيستائين انهيءَ پاراتي جو اثر نه لهندو. +راجا(پاڻ) – شڪر آهي جو آءٌ انهيءَ ملامت کان بچي پيس! +شڪنتلا(پاڻ) – ائين چئو ته منهنجي پياري دوست مون کي ڄاڻي واڻي نه ٺڪرايو هو، مگر مون کي ته اهو ياد نٿو اچي ته مون کي اهو پاراتو الائي ڪنهن ڏنو هو؟ شايد وڇوڙي جي غم ۾ آءٌ پنهنجو پراڻو قصو بلڪل وساري ويٺي آهيان! نه ته جنهن وقت مون پنهنجن ساهيڙين کان موڪلايو هو، تنهن وقت اُنهن منجهان مون کي هڪڙي ائين ضرور چيو هو ته ”اها مُنڊي پنهنجي مُڙس کي وڃي ڏيکارجانءِ.“ +ڪشيپ – ڌيءُ، هاڻي ته توکي سڄي حال جي خبر پئجي ويئي! تنهن ڪري تون پنهنجي مُڙس کي ڪڏهن به ڏوهاري نه سمجهجانءِ. +.... پاراتي جي ڪري دشينت، خود فراموشي ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ۽ توکي وساري ڇڏيو هئائين. مگر هينئر اُها گهڙي گذري ويئي ۽ توکي تنهنجو راڄ پاٽ ملي ويو... دز پئجي وڃڻ سان آئيني تي زنگ نٿو چڙهي؛ ڇَنڊڻ ۽ صاف ڪرڻ سان وري جهر مر لائي ٿو بيهي. +راجا (پُٽ جو هٿ رشيءَ کي ڏيئي) – پرڀو، هيءُ منهنجي خاندان جو نالو قائم ڪندڙ ۽ منهنجن اُميدن کي آباد ڪندڙ ثابت ٿئي! +ڪشيپ – ٻُڌي ڇڏ ته هيءُ راجائن جو راجا ٿيندو! +.... هيءُ لائق راجمڪار ستن ولايتن کي فتح ڪندو ۽ جهڙيءَ طرح هن آشرم جي جانورن تي راڄ ڪرڻ ڪري، سندس نالو سَرودمن مشهور ٿي چڪو آهي، تهڙيءَ طرح سڄي سنسار کي سُک ۽ سانت سان هلائڻ ڪري، هيءُ پاڻ کي ڀَرت چوائيندو. +راجا – جنهن ٻار جي پرورش اوهان جي هٿ هيٺ ٿي هجي، سو ڪيترو ئي نالو ڪڍي، ته به گهٽ آهي! +اَديتي – اڙي ٻڌو، شڪنتلا جو سُتل نصيب وري جاڳي اُٿيو آهي! وڃو ۽ اهو نياپو سندس ڌرم جي پيءُ ڪڻوءَ کي وڃي پهچايو. باقي ماڻس مينڪا ته هتي ڪٿي هوندي ۽ کيس سڀ ڪجهه معلوم هوندو! +شڪنتلا – ديويءَ ته منهنجي دل جي ڳالهه چئي ڏني. +ڪشيپ – فڪر نه ڪريو، پنهنجي تپ بن جي طاقت جي ڪري، ڪڻوءَ کي به سڀ خبر پئجي چڪي هوندي! +راجا – شايد اِنهيءَ ڪري هو مُون کان ناراض نه آهي! +ڪشيپ – ها، اِهو ئي سبب آهي! ... خير ڪجهه به هجي، مگر ڪڻوءَ کي اسان جي طرفان اها خوشخبري ضرور ٻڌائڻ گهرجي! .... اڙي، ڪو آهي؟ +(هڪ چيلو اچي ٿو) +چيلو – گُرو مهاراج، ڪهڙو حڪم آهي؟ +ڪشيپ – تون هينئر جو هينئر اُڏامي ڪڻو رشيءَ وٽ وڃ ۽ کيس منهنجي طرفان هيءُ خوشيءَ جو پيغام وڃي پهچاءِ ته ود واسا جي پاراتي جو وقت ٽري ويو، اَڄ دُشينت پنهنجي سهاڳڻ سڳوري شڪنتلا کي سڃاتو ۽ کيس پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني. +چيلو – بلڪل بهتر! +(وڃي ٿو) +ڪشيپ – پُٽ، هاڻي تون به پنهنجن ٻارن ٻچن کي وٺي، اِندر جي رَٿ تي سوار ٿي ۽ پنهنجي راڄڌاني وڃي وساءِ! +راجا – جيئن اوهان جو حڪم! +ڪشيپ - ۽ ٻڌ، ”اِندر ايترو مينهن وسائي جو تنهنجي پرجا مالا مال ٿي وڃي! تون ايترو دان ڀڃ ڪر جو ديوتا باغ ٿي وڃن ۽ هروقت تنهنجي دوستيءَ جو دم ڀريندا رهن. توهان ٻئي پيءُ پٽ شل صدين جون صديون راڄ ڪريو! توهان جي سببان شل زمين ۽ آسمان جي رهاڪن جي قسمت جاڳي اُٿي ۽ سڀڪو توهان جي عدل ۽ انصاف جا گيت ڳائيندو رهي! +راجا – مهاتما! آءٌ دل و جان سان پنهنجا فرض بجا آڻيندو رهند��. +ڪشيپ – چئو، توکي ٻي ڪا آسيس ڏيان؟ +راجا – اوهان مون تي ايڏو احسان ڪيو آهي، جو آءٌ اُن جو بار ئي مس کڻي ٿو سگهان. پر جيڪڏهن وري به پڇو ٿا ته اها آسيس ڏيو ته ڀرت وارو اهو وچن پورو ٿئي ته: ”شل، راجا پنهنجي پرجا جي ڀلائيءَ جي خيال ۾ محو رهن! پنڊت، گيان جي شيوا ڪن! ۽ مَها ديو مون کي ڇوٽڪاري جو رستو ڏيکاري!“ +ڪشيپ – وڃ، ائين ئي ٿيندو! +(سڀ ٻاهر وڃن ٿا) +پورو ٿيو +پڙهندڙن جي اڳيان پاڻمرادو ظاهر ٿيندو. هن ترجمي جو سڄو مسودو سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محسن، مرحوم مغفور شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي، منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، سنسڪرت جي اصل نسخي سان لفظ بلفظ ڀيٽي ڏنو، ۽ هر طرح ان جي جوڳي اصلاح ڪئي. +(1) سڀ شيءِ کي قبضي ۾ آڻيندڙ. +(1) ”شڪنت“ سنسڪرت ۾ ”پکيءَ“ کي چوندا آهن. جڏهن شڪنتلا جهنگ ۾ پيئي هئي، تڏهن پکين سندس سنڀال ڪئي هئي. اِنهيءَ ڪري سندس نالو شڪنتلا پئجي ويو. \ No newline at end of file