diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book7.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book7.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book7.txt" @@ -0,0 +1,1979 @@ +ڪتاب جو نالو: فيروز دل افروز + + + +فيروز دل افروز +شمس العلماءِ ميرزا قليچ بيگ +ڇپائيندڙ پاران +دنيا جي ساهتي تاريخ ۾ ناٽڪ جي هميشه وڏي اهميت رهي آهي. مشرق توڙي مغرب جي عظيم سڀيتائن قديم ۽ جديد دور ۾ نفيس ترين جذبن جي اظهار واسطي ناٽڪ جي صنف کي تمام مٿانهين درجي تي رکيو آهي. سنڌ ۾ به انهيءَ گهرج کي محسوس ڪندي سنڌي ادب جي ”وهائو تاري“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڪيترن ئي ناٽڪن کي ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرڻ سان گڏ ڪجهه طبع زاد ناٽڪ پڻ لکيا، جن ادبي ۽ علمي حلقن ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻي آهي. +زير مطالعه هن ناٽڪ جو بنيادي تاڃي پيٽو جيتوڻيڪ لارڊ لٽن جي مشهور انگريزي ناول ”نائيٽ اينڊ مارننگ“ تان کنيل آهي. پر مرزا صاحب ان جو سڄو ماحول سنڌ جي مٿئين وچولي طبعي وارو ڏيکاريو آهي. ان ريت هن ناٽڪ کي مرزا صاحب جي طبع زاد ناولن ۾ به ڳڻائي سگهجي ٿو. ڇو ته انهيءَ ناٽڪ جي لکڻ ۾ مرزا صاحب پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو نچوڙ پڻ شامل ڪيو آهي. +هونئن اها حقيقت آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ هڪ ٻئي کان متاثر ٿيندي نظر اچي ٿي. سمورا شاعراڻا خيال، ۽ تخليقي پهلو ڪڏهن به بلڪل اڇوتا ناهن هوندا، بلڪه اڪثر نوان شعر ۽ خيال ڪنهن ڪنهن نه ڪنهن ڪنهن اساسي يا قديم فڪر جي آڌار تي سرجندا ۽ جنم وٺندا آهن. ان ريت هي ناٽڪ ”فيروز دل افروز“ ميرزا صاحب جي تخليقي قوت جي نئين روپ جو هڪ دلڪش مظهر آهي. انهيءَ ناٽڪ جو هيءُ چوٿون ڇاپو منهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڇپجڻ تي مون سان گڏ سنڌي ساهت جي سمورن گهڻگهرن کي ضروري سرهائي ٿيندي. +ڄامشورو سنڌ انعام الله شيخ +خميس 2- جمادي الاول 1427هه سيڪريٽري +بمطابق 30 – مئي 2006ع سنڌي ادبي بورڊ +اطلاع +هن ڪتاب جو مضمون اصل لارڊ”لٽن“ صاحب جي مشهور انگريزي ناول. يا قصي جي ڪتاب، ”نائيٽ ائنڊ مارننگ“ مان ورتل آهي، جنهن کي ممبئي جي ”وڪٽوريا ناٽڪ ڪمپنيءَ“. اردوءَ ۾، ناٽڪ جي صورت ۾ آندو، ۽ ”ليل و نهار“ نالو رکيو. انهيءَ کي مون وري، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي ”ڊائميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جي خواهش موجب، ضروري ڦير گهير ڪري. سنڌيءَ ۾ لکيو، ۽ انهيءَ جو نالو” فيروز دل افروز“ رکيو. اميد آهي ته پڙهندڙن کي انهيءَ جي پڙهڻ مان گهڻي خوشي حاصل ٿيندي. +ڪوٽڙي قليچ بيگ +25 ڊسمبر، 1905ع +ماڻهن جو تفصيل +(مڙس) +جوان بخت: بغداد جو نواب +فلڪ جاه: جوان بخت جو ننڍو ڀاءُ(دنيا پرست ماڻهو) +سفير جنگ: فلڪ جاه جو سالو(فسادي ماڻهو) +فيروز: جوان بخت جو وڏو پٽ +انور: جوان بخت جو ننڍو پٽ، فيروز جو ننڍو ڀاءُ +همايون: فلڪ جاه جو پٽ(نيڪ-نيت ماڻهو) +عالمسوز: هڪڙو وڪيل، فلڪ جاه جو ڪارڪن(حرڪتي ماڻهو) +اشرف خان: جوان بخت جو نمڪ حلال ڪارڪن +ديانت خان: عالمسوز جو سؤٽ(ايماندار ماڻهو) +عنايت خان: جوان بخت جو نوڪر +پير خان: ٿاڻيدار (رشوت خور ماڻهو) +اڪرام: ڪوڙن سِڪن ٺاهڻ وارو +نثار: اڪرام جو سنگتي +آدم: نثار جو همراهه +جواهر خان: هڪڙو دولتمند سوداگر(لالچي ماڻهو) +مداري: پير خان جو سپاهي +فتح خان: هڪڙو وڏو فوجداري عملدار يا ناظم +هاشم: جواهر خان جو نوڪر +بغداد جو ڪوٽوال +قيد خاني جا داروغا ۽ دربان +(زالون) +شهناز بيگم: جوان بخت جي زال(لِڪي شادي ڪيل) +گل اندام: فلڪ جاه جي زال، سفير جنگ جي ڀيڻ +دل افروز: سفير جنگ جي ڌيءَ(لِڪي شادي ڪيل زال، +لطيفان مان)، جنهن کي اڪرام پاليو، جا فيروز تي عاشق ٿي. +سوسن: جواهر خان جي ڀائٽي، دل افروز جي ساهيڙي جنهن تي ديانت خان عاشق هو. +نسترن: دل افروز جي ساهيڙي، اشرف خان جي مڱيندي +لطيفان: سفير جنگ جي لِڪل زال�� ۽ دل افروز جي ماءُ(هڪڙي مالهڻ) +ٻيا سپاهي، سِڪي ساز، نوڪر ۽ ڇوڪرا، سنتري، سوار، جمعدار، ڳائڻ وارا +فيروز دل افروز +باب پهريون +پردو پهريون +جوان بخت جو زنانخانو +[شهناز بيگم، پنهنجي مڙس جوان بخت جي استنبول مان اچڻ ۽ سندس چاچي جي ميراث ملڻ ڪري، خوشيءَ جي مجلس ڪري ٿي. سڀ زالون ڳائين ٿيون.] +سڀ: تنهنجو اعلي شان، تنهنجو والا شان! +واه، تون آهين پاڪ سبحان، +ڇا توکي ساراهي زبان: +تون ئي جاودان، منجهه زمين آسمان، +تون ئي بيشڪ آهين جڳ تي مهربان-تنهنجو... +سڀڪنهن زمان ۾، ڪون ومڪان ۾، +جلوو تنهنجو ٿيو ساري جهان، +آها، آها،... +عيان ڪٿي ڪٿي، نهان ڪٿي ڪٿي، +ڪٿي ڏسجي نٿو تنهنجو ظاهر نشان؟ تنهنجو... +[ڪا چانهه ٿي ٺاهي، ڪا حقو ٿي پيئي، ڪا پکو ٿي هڻي.] +هڪڙي زال: بيگم، نواب صاحب استنبول مان ڇا آندو آهي؟ +شهناز: پنهنجي چاچي جو سڀ ورثي ۾ مليل مال آندو اٿس، ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ ڀائٽيءَ کي به پاڻ سان وٺي آيو آهي. +ٻي زال سندس ننڍو ڀاءُ ته اڳي هتي ڪڏهن ڏسڻ ۾ نه آيو. +شهناز هو ننڍي هوندي ئي چاچي ساڻ استنبول ۾ وڃي رهڻ لڳو هو، ۽ منهنجو گهر وارو، چاچي سان رنج ٿي، ننڍي هوندي ئي اچي پرديس ۾ رهڻ لڳو هو. +پهرين زال: خدا ڪري ته اڳتي هميشه خوشي خورمي ۽ عيش عشرت رهي! +ٻي زال شل، تنهنجي ڏير ۽ ڏيرياڻيءَ جي جوڙي سلامت رهي! +[سڀ زالو اُٿن ٿيون، ۽ موڪلائين ٿيون.] +سڀ: هاڻ الهه وائي، خدا کي پرتينءَ! +شهناز خير هجي، ڀلي آيو! +[هڪڙي پاسي کان زالون وڃن ٿيون، ٻئي پاسي کان جوان بخت اچي ٿو.] +جوان بخت: ڪيئن، مجلس خير جي پوري ٿي؟ +شهناز: هائو، مجلس ته پوري ٿي، باقي هاڻ درگاهه تي هلي نذر ڏيڻو ۽ پڙُ چاڙهڻو آهي. +جوان بخت: تڏهن جلد وڃي اهو نذر به ڏيئي اچو ۽ پڙ به چاڙهي اچو. +فيروز: بابا، درگاهه تي هلڻ لاءِ ڏولي تيار آهي. +انور: امان، آءُ به درگاهه تي هلان!بابا ، آءُ به وڃان؟ +جوان بخت: چڱو، بابا، ڀلي وڃ. [فيروز کي] سڀ نوڪر به ساڻ هلندا؟ +فيروز: هائو، همايون به ساڻ ٿو هلي. +[همايون اندر اچي ٿو، سلام ڪري ٿو، ۽ حجاب کان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي ٿو.] +همايون: چاچي، خوش آهيو؟ +شهناز: ابا، خير هجي، شل سلامت هجين، لڄ ڇو ٿو ڪرين؟ +جوان بخت: نئون آيو آهي، تنهن ڪري ٿو لڄ ڪري، هري مري ويو، ته پوءِ لڄ نه ڪندو. +شهناز: (جوان بخت کي) باغ مان اوهين اڪيلا آيُو. ننڍي ڀاءُ کي ساڻ نه آندوَ؟ +جوان بخت: ادو اڃا تائين وظيفي پڙهڻ ۾ مشغول هو. +شهناز: ڏاڍو ڪو خدا وارو ماڻهو ٿو ڏسجي! +جوان بخت: ٻيو وري ڪالهه سفر ڪري ٿڪجي آيو هو، سو اُتي ئي باغ ۾ سمهي پيو. هاڻ توهان روانا ٿيو، دير نه ڪريو. +[هو وڃن ٿا ته ٻاهران ”فلڪ جاه“ جو آواز اچي ٿو”] +فلڪ جاه: ادا، جوان بخت! +جوان بخت: فلڪ جاه، ادا، هليو اچ. +[فلڪ جاه تسبيح پڙهندو اچي ٿو، گهر وارن کي پري کان ويندو ڏسي، فڪر ۾ پوي ٿو. ”سفير جنگ“ به اچي ٿو، مگر ٻنهي ڀائن کي ڳالهائيندو ڏسي، لڪي بيهي ٻڌي ٿو.] +فلڪ جاه: ادا، همايون سان گڏ هوءَ ڪهڙي مائي وڃي ٿي؟ +جوان بخت: اها منهنجي گهر واري آهي. +فلڪ جاه: ۽ هو ٻه ڇوڪر؟ +جوان بخت: اُهي منهنجا ٻه پٽ آهن. +فلڪ جاه: ادا، اوهان شادي ڪڏهين ڪئي؟ +جوان بخت: جڏهين ديس ڇڏي سفر ڪيم، تڏهين هتي اچڻ سان پرديس ۾ گهر ڪيم. +فلڪ جاه: تڏهين چاچي کان اوهان اها ڳالهه لڪائي هئي- بلڪ وصيتنامي مهل ته قسم به کنيو هُو! +جوان بخت: جي چاچي کان اها ڳالهه نه لڪايان ها، ته سندس ورثو ڪيئن مليم ها؟ هن ته اڳي ئي چيو هو ته جي منهنجيءَ مرضيءَ ڌاران ڪٿي شادي ڪندين، ته ڪوڏي به ڪانه ملندءِ! +فلڪ جاه: ڪنهن دولتمند امير ج�� نياڻي هوندي؟ +جوان بخت: نه، هڪڙي وچولي درجي واري سوداگر جي ڌيءَ آهي. منهنجي پاڙي ۾ هئا، پڻس اوچتو مري ويو، هيءَ ويچاري ڇوري بيواهي ٿي پيئي: مون کي مٿس رحم آيو، ساڻس کڻي نڪاح ڪيم. پر چاچي جي ڊپ کان، کليو کلايو شادي نه ڪيم، لِڪ ڇپَ ۾ ڪيم. +فلڪ جاه: ادا، شادي همجنس ۽ همسر گهراڻي مان ڪرڻ گهرجي، ته پس پيش ڪو عيب نه ڪڍي. +جوان بخت: برابر آهي، مگر: +ڪچري گڏيل مٽيءَ ۾ جي زر هوئي ته هٿ ڪجي، اشراف ڌيءُ غريب جي گهر هوئي ته هٿ ڪجي، آب حيات زهر ۾ گر هوئي ته هٿ ڪجي: ادنا مان نقص پهچي ڪو اعليٰ جي شان کي؟ دونهين مان داغ ڪين لڳي آسمان کي! +فلڪ جاه: انصاف ڪيو اٿوَ جو هيترا ورهيه نڪاح لڪائي سگهيا آهيو. +جوان بخت: اهڙِ پڪائي ڪئي اٿم، جو جي منهنجي مرضي نه ٿئي ته منهنجي زال به نڪاح ثابت ڪري نه سگهي! +فلڪ جاه: ثابت ڪرڻ لاءِ ته نيٺ مُلي ۽ ٻن شاهدن جو ضرور آهي. +جوان بخت: مُلو ته مري ويو، ۽ شاهدن مان به هڪڙو ته مري ويو. ٻيو الاجي ڪيڏي هليو ويو آهي: مُلي جو دفتر، جنهن ۾ ڪو نڪاح جو داخلو ۽ نڪاح نامي جو اصل مسودو هوندو، سوبه سڙي ويو آهي. +فلڪ جاه: تڏهن اوهان وٽ ڪهڙي ثابتي هوندي؟ +جوان بخت: قبالي يا نڪاح نامي جو تصديق ڪيل نقل. +فلڪ: اهو نقل ڪٿي آهي؟ +جوان بخت: ڪٿي رکي ڇڏيو اٿم، انهيءَ جي هاڻ ڪا گهڻي ڳڻتي ڪانه اٿم. +[اتي اشرف اچي سلام ڪري ٿو] +اشرف: سرڪار جو خير! +جوان بخت: اشرف، اڄ ته وڃي هو مُشڪي گهوڙو تيار ڪراءِ. +اشرف: قبلا، اُهو گهوڙو ته مستيءَ وارو آهي، ڪنهن ٻئي تي چڙهو. +جوان بخت: ڪهڙي حرڪت آهي، آءُ پاڻهي مستي ڪڍي ڇڏيندو سانس. +اشرف: جيڪو اوهان حڪم ڪريو. +[اشرف وڃي ٿو.] +جوان بخت: فلڪ جاه، هينئر آءُ وڃان ٿو. انشاءَ الله، ڏينهن ٻن ۾، قاضيءَ سان صلاح ڪري، پنهنجي شاديءَ جي پڌرائي ڪرائيندس، ۽ عام مجلس جو بندوبست ڪندس. +[اشرف اچي ٿو.] +اشرف: حضور، گهوڙو تيار آهي. +جوان بخت: چڱو[فلڪ جاه کي] ادا، آءُ وڃان ٿو، تون آرام ڪر.(اشرف کي) اشرف، تون مون ساڻ هل. +[ٻئي وڃن ٿا، ته سفير جنگ ظاهر ٿئي ٿو.] +سفير جنگ: وڏي نواب صاحب چڱي ٻولي ٻڌائي! ٻاريچا ڪٿان آندائين؟ +فلڪ جاه: چوي ٿو ته لڪ چوريءَ ۾ شادي ڪيائين. تو ڪنهن کان ٻڌو؟ +سفير جنگ: انهيءَ جي چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ +فلڪ جاه: ڏس ته ڪهڙو نه اونڌو ڪم ڪيو اٿس- ماڻهو ڀلا ڇا چوندا! +[اشرف ڊپ ۽ فڪر ۾ اچي ٿو.] +اشرف: سائين، گهوڙي ته قهر ڪري وڌو: رڪاب ۾ پير وجهڻ شرط، نواب صاحب کي اڇلائي ڇڏيائين! مٿي کي ڏاڍي ضرب پهتي آهي. ۽ زبان بلڪل بيهي ويئي آهيس! +[خبر ڏيئي اشرف وري وڃي ٿو. فلڪ جاه ۽ سفير جنگ جي نيت بگڙي ٿي.] +سفير جنگ: فلڪ جاه، نڪا ثابتي آهي نڪو نڪاح نامو آهي! +فلڪ جاه: برابر.... اڄ کان وٺي اسان جو هل هنگامو آهي! +[سگهو ئي ڪي نوڪر جوان بخت کي ڏوليءَ يا کٽولي تي کڻي اچن ٿا. اهو بيهوش پيو آهي، زور سان ساهه پيو هڻي. اشرف غم ۾ بيٺو آهي. فلڪ جاه ۽ سفير جنگ حيران ڏسجن ٿا.] +سفير جنگ: اڙي وڃو جلد گلاب کڻي اچو! +[اشرف اچي پهتو.] +فلڪ جاه: [جوان بخت کي] ادا، هيءُ ڇا ٿيو؟ ڪي ڳالهاءِ ته سهي! +[اشرف گلاب کڻي اچي ڇاٽاري ٿو.] +سفير جنگ: نه هوش آهي، نه حواس آهي- هينئر ڪهڙي آس آهي! +[فلڪ جاه، هٿ ٿڌا ڏسي، ڪوڙو سوڙو ڊپ ظاهر ڪري ٿو.] +فلڪ جاه: ڪو وڃي، وڃي ڪنهن طبيب کي وٺي اچي. +[جوان بخت کي هڏڪي اچي ٿي، ۽ دم نڪري ٿو. سفير جنگ نبض ڏسي ٿو.] +سفير جنگ: طبيب جو هينئر ڪهڙو ڪم آهي... هتي سڀ قصو ختم آهي! +فلڪ جاه: اشرف، ادي جي گهر جي ماڻهن کي خبر ڏي: ڪو ماڻهو ڊوڙاءِ، ته سڏي اچين. +اشرف: سائين، ڪڏهن جو ماڻهو ويو آهي، هينئر ايندا ��وندا. +[فلڪ جاه ڪوڙو سوڙو روئي ٿو.] +فلڪ جاه: هاءِ هاءِ، منهنجا موڀي ادا، منهنجي پيءُ جي بجاءِ، منهنجا والي، مون کي ڪنهن جي حوالي ڪريو ٿو وڃين! +اشرف: هاءِ هاءِ، اڄ ئي خوشي، اڄ ئي غمي! +[شهناز، فيروز ۽ همايون دانهون ڪندا اچن ٿا، ۽ کٽولي جي آسپاس گوڏن ڀر ويهي، روئين پٽين ٿا.] +شهناز: [روئي] منهنجا وارث، توکي ڇا ٿيو؟... هاڻ آءُ ڪيئن ڪريان! +فيروز: [روئي] بابا، ڪي ڳالهايو، امان کي جواب ڏيو! +انور: امان، ڇو ٿي روئين.... بابي کي ڇا ٿيو آهي؟ +[ٻين کي ڏسي روئي ٿو.] +شهناز: يا خدا، هيءَ ڪهڙي آفت، ڪهڙي مصيبت؟ +همايون: [پيءُ کي] بابا، چاچو ته ويچارو مري ويو، چاچيءَ کي ڪو دڙ دلاسو ڪريو! +[فلڪ جاه چڙي ٿو] +فلڪ جاه: ڇا جي ڙي چاچي؟ صبر ڪر، چاچي وري ڪٿان ٿي؟ +اشرف: [همت جهلي] نه، ته ٻيو ڪير؟ +فلڪ جاه: سريت چُو، وهاريل چئو، رکيل زال چئو! +شهناز: هاءِ هاءِ، منهنجا خدا! +[مٿو پٽي ٿي] +فيروز: چاچا، هي ڇا ٿا چئو! +سفير جنگ: توکي ڪهڙي خبر،- تون ڪو پنهنجيءَ ماءُ جي نڪاح ۾ هُئين ڇا؟ +شهناز: [جوان بخت ڏي هٿ کڻي، سفير جنگ کي چوي ٿي] ادا، هن نيڪ بخت جي محبت ۾ جهڙي اڳي آءُ نهال هيس، اهري هاڻ سندس غم ۾ بيحال آهيان. خدا شاهد آهي ته آءُ سندس نڪاح ٻڌي زال آهيان! +فلڪ جاه: گهڻو هُل نه ڪر، جي نڪاح ٻڌي آهين، ته نڪاح جي ثابتي ڏي! +اشرف: (چڙ مان) سائين، پنهنجي زبان سنڀاليو، حقدارن کي پنهنجي حق کان نه هڪاليو: جي هنن غريبن اشرافن جي نسبت ۾ وري آءُ اهڙي ٻولي ٻڌندس، ته هن گهر ۾ اڳتي پير نه رکندس! +همايون: بابا سائين، اوهين الاجي ڇو ٿا هنن تي ڪاوڙجو؟ +سفير جنگ: تنهنجو انهن ڳالهين ۾ ڇا ٿو وڃي؟ تون ماٺ ڪري ويهه! +همايون: ماما، خبر ناهي ڇو اوهان جو خيال ڦري ويو آهي؟ پڪ آهي ته هن جو نتيجو چڱو نه ٿيندو! +فيروز: [روئي]بابا، اوهين هليا ويا: امان کي بدناميءَ ۾ ڇڏي ويا، ۽ اسان يتيمن کي بيرحم چاچي حوالي ڪري ويا! هاءِ هاءِ، هيءُ ڇا ٿيو! +همايون: بابا، خدا جي واسطي، هاڻ لاش کڻائڻ جو بندوبست ڪريو، پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ ۽ ڀائٽين کي دلاسو ۽ تسلي ڏيو! +[فلڪ جاه ڪاوڙ ۾ پٽ تي اکيون ڪڍي ٿو.] +فلڪ جاه: صبر ڪر، ڇاجي ڀاڄائي، ڇا جا ڀائٽيا: اڄ کان وٺي هي سڀ مال ملڪيت منهنجي آهي، هنن جو ڪو حق ڪونهي! +[شهناز ٿڌو ساه کڻي ٿي، فيروز ڪاوڙ مان چاچي ڏي نهاري ٿو، ۽ همايون نفرت مان منهن ڦيرائي بيهي ٿو. فلڪ جاه گهنڊ وجهي بيهي ٿو، ۽ سفير جنگ خوش نظر اچي ٿو.] +[پردو ڪري ٿو.] +پردو ٻيو +عالم سوز جو گهر +[جواهر خان هٿ ۾ لڪڻ کڻي هليو اچي ٿو، ۽ سڏي ٿو.] +جواهر خان: ڪو آهي؟ +ديانت: [اندران] ڪير آهي؟ [اچي ٿو] اچو. سائين. +جواهر خان: وڪيل صاحب کي ته سڏ جئين. +ديانت: وڪيل صاحب ٻاهر نڪتو آهي، ڪم هجي ته مون کي چئو. +جواهر خان: هڪڙو نوٽيس لکائڻو اٿم. +ديانت: ماڻهوءَ جو نالو ڏيئي وڃو، سڀاڻي اچي نوٽيس لکائجو. +جواهر خان: قرضدار جو نالو- شيخ امام، پيءُ جو نالو شيخ غلام، محلو نعلبندن جو، شيخن واري ڌرمسال ۾، آيو ڪي خيال ۾؟ [هو لکي ٿو.] +ديانت: هائو آيو. +جواهر خان: آءُ سڀاڻي صبح جو ضرور ايندس، هينئر الهه واهي، نه ته دير ٿيندي جواب ۽ سوال ۾، آيو ڪي خيال ۾؟ +ديانت: سائين، ڀلا ذرا ترسجو. +جواهر خان: ڇا آهي؟ +ديانت: منهنجي مرضي آهي ته آءُ نوڪري ڇڏي ڪپڙي جي گهور ڪريان، ۽ پورهيو ڪري پيٽ ڀريان، مون کي ڀلائي ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ تان مال ڏياريندا وڃو ۽ پيسا پياريندا وڃو. +جواهر خان: چڱو ڏيندس، پر پيسا روز جا روز وٺندس، پوءِ برڪت پوندي مال ۾، آيو ڪي خيال ۾؟ +ديانت: بيشڪ. +[جواهر خان وڃي ٿو. ديانت نوڪريء�� تي نفرت ڪري ٿو.] +قطعه +خدا ڪري ته ڪو بندي جي بندگي نه ڪري، جي وس پڄيس ته اهڙي هو گندگي نه ڪري، ڀلي ڪنهين جي محبت ۾ ٿي غلام وڃي، مگر ڪنهين جو هو نوڪر ٿي زندگي نه ڪري. +[عالم سوز ٻاهران اچي ٿو.] +عالمسوز: ديانت؟ +ديانت: سائين! +عالمسوز: بس، اڳتي ڪو هلڪو مقدمو نه وٺجئين، کٽلن ڌرين کي اصل پاڻ وٽ اچڻ ئي نه ڏجئين. +ديانت: ڪيئن ڪا سڻڀي آسامي هٿ لڳي آهي ڇا؟ +عالمسوز: هائو، فلڪ جاه جي وڪالت ملي آهي. +ديانت: سچي؟ پر ماڻهو ٿا چون ته فلڪ جاه پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ جو حق غضب ڪرڻ ٿو گهر: سو، جيڪو دنيا ۾ ائين ڪندو، سو پنهنجي آخرت وڃائيندو! +عالمسوز: [خفي مان] ڇو وڃائيندو- هي ڪهڙو اجايو غرض آهي؟ +ديانت: ايمان بچائڻ انسان تي فرض آهي! +عالمسوز: (خفي مان) ڇو وڃائيندو- هي ڪهڙو اجايو غرض آهي؟ +ديانت: ايمان بچائڻ انسان تي فرض آهي! +عالمسوز: دنيا ۾ رهي جيڪو ايمان جو خيال ڪندو، سو هميشه نااميد ۽ نامراد رهندو. +ديانت: جي ائين آهي، ته منهنجي موڪل آهي. اهڙيءَ نوڪري کان آءُ لاچار آهيان. +عالمسوز: خير، ڏسنداسين. پر جوان بخت جي ڀاءُ جو سالو هينئر مقدمي جا ڪاغذ کڻي ايندو، انهيءَ جي اڳيان اسان کي خوب ٻٽاڪون ٻڌائجئين! +ديانت: مون کان ڪوڙ ڳالهايو ڪو نه ٿيندو، خوشي اوهان جي! +عالمسوز: [چڙي] تون نيٺ گڏهه جو گڏهه رهندين، ماڻهو ڪين ٿيندين- وڃي جهنم ۾ پُو! +ديانت: [هلندو وڃي] اُتي جو به رستو هلي ڏيکاريم، منهنجو ڏٺل ناهي! +عالمسوز: [وڃي بيهاريس ٿو] تڪڙ نه ڪر، ڏاهو ٿيءُ، هيءُ نوٽيس وٺ. [ڏئيس ٿو] هي نوٽيس فلڪ جاه جي پاران شهناز بيگم کي ڏيڻو آهي. سو وڃي منشيءَ کان جلد نقل ڪرائي آءُ، ته آءُ کڻي وڃان. +ديانت: چڱو، جواهر خان سوداگر به نوٽيس لکائڻ آيو هو، وري سڀاڻي ايندو. +عالمسوز: چڱو، تون وڃي اهو نوٽيس جلد تيار ڪراءِ. +[ديانت وڃي ٿو. عالمسوز خوشيءَءِ ۾ ڳائي ٿو.] +*واه، واه، آهي ڪيڏو منهنجو مان!- +واه واه... مفلس محتاج هوس، بک مئس ٿي، ۽ ماريون پئي ٿي مکيون مون – واه واه... مقصد پورو ٿيو، چڱو حيلو ٿيو، پکي ڦاهيءَ ۾ پيو: کپايان، ڪمايان، ۽ ٻوليون ٻڌايان، جهنم ۾ پوي سارو جهان! ڇا چئبو اجي، واه واه، اجي واه واه- ڪيڏو... +[فلڪ جاه جو نوڪر اچي سلام ڪري ٿو.] +نوڪر: حضور، سلام. +عالمسوز: سلام. +نوڪر: نواب سفير جنگ صاحب جن آيا آهن. +عالمسوز: ڀلي اچن. +[نوڪر وڃي ٿو.] +عالمسوز: [سڏي ٿو[ ديانت؟ +ديانت: [اندران] جي حضرت. +عالمسوز: ٻه ڪرسيون کڻي آءُ شتاب +ديانت: [اندران] حاضر، جناب. +[ديانت ٻه ڪرسيون رکي وڃي ٿو. سفير جنگ اچي ٿو.] +عالمسوز: اچو، سائين، ڀلي آيُؤ. +سفير جنگ: خير هجي. +[ٻئي ويهن ٿا] +عالمسوز: وڏي تڪليف ڪيوَ؟ +سفير جنگ: هلو، نواب صاحب سڏيو آهي. +عالمسوز: نواب صاحب مون کي پنهنجو احسانمند ڪري ڇڏيو آهي. +سفير جنگ: پاڻ نڪاح نامي جي ڳولا ۾ مشغول آهن. +عالمسوز: سندن خواهشون هميشه پوريون، ۽ دعائون مقبول آهن. +[سڏي ٿو] ديانت! +ديانت: [اندران] جي حضرت. +[اچي ٿو. عالمسوز ٻٽاڪون هڻي ٿو.] +عالمسوز: چمن خان ڪٿي آهي؟ +ديانت: گلشن خان جي دعوت تي ويو آهي. +عالمسوز: ۽ لطافت؟ +ديانت: شرافت جي معذرت تي ويو آهي. +عالمسوز: سُوسن ڪيڏي ويئي؟ +ديانت: پنهنجي گهر ويئي. +عالمسوز: ۽ گُلچمن؟ +ديانت: ڪالهه ٻڏي مُئي. +عالمسوز: اڙي، ويچاري! چڱو، چانهه ٺاهي آءُ. +ديانت: سائين، گدام جي ڪنجي گلچمن وٽ رهجي ويئي! +سفير جنگ: وڪيل صاحب تڪليف نه ڪريو، هاڻ هلو ته هلون. +عالمسوز: نواب صاحب، تڪليف ڪهڙي آهي: اوهين پهريون ڀيرو هتي آيا آهيو، پر عجيب اتفاق ٿيو آهي جو منهنجن ماڻهن مان ڪو ڪيڏي ��يو آهي، ۽ ڪو ڪيڏي. [ديانت کي] ڀلا، شربت کڻي آءُ. +ديانت: شربت جو شيشو ڀڄي پيو! +عالمسوز: او! چڱو، جوڙيءَ واري گاڏي تيار ڪراءِ. +ديانت: سائين، گهوڙا ٿڪجي شل ٿي پيا آهن! +عالمسوز: ٻئي؟ +ديانت: ٻئي: هڪڙو منڊو ٿي پيو آهي، ۽ ٻيو ويچارو اَڦرجي پيو آهي! +سفير جنگ: منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلو، وڌيڪ دير نه ڪريو. +عالمسوز: چڱو ڀلا، هلو. +سفير جنگ: منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلو، وڌيڪ دير نه ڪريو. +عالمسوز: چڱو ڀلا، هلو. +سفير جنگ: بسم الله. +[ٻئي نوڪر سميت وڃن ٿا. ديانت اڪيلو ڳائي ٿو.] +حرص انسان جي دل ۾ ٿو جڏهن جاءِ وٺي، +ٿو اتان شرم حيا، صبر قناعت کي ڪڍي، +دين ايمان جلائي ٿو سو بجليءَ وانگي، +باهه پاڻيءَ ۾ لڳائي ٿو سو بجليءَ وانگي. +[افسوس ڪندو، نڪري وڃي ٿو.] +[پردو ڪري ٿو.] +پردو ٽيون +جوان بخت جي گهر جو هڪڙو ڪمرو +[جوان بخت جي سڀ سامان جي ياداشت تيار ڪري، صندوقن تي مهر هڻي، فلڪ جاه، هٿ ۾ تسبيح کڻي، عالمسوز سان گڏ، هڪڙيءَ فراشيءَ تي ويٺو آهي. هڪڙو شراب جو شيشو ۽ ٻه گلاس، پاسي ۾ ڪپڙي سان ڍڪيا رکيا آهن. عالمسوز هڪڙيءَ ننڍي پيتيءَ ۾ ڪاغذ ڳولي، اها بند ڪري ٿو. اشرف پاسي کان بيٺو آهي.] +اشرف: افسوس، جو ڪنهن به پيتيءَ ۾ نڪاح نامو نٿو لڀي! +عالمسوز: ته! تون به شاهد رهجئين، شهناز بيگم کي ٻڌائجئين. +فلڪ جاه: مون کي اڳي ئي خبر هئي ته نڪاح جو رڳو ڪوڙو بهانو هو. +اشرف: تڏهن بس، هو ويچارا اميدوار نه ٿين. +فلڪ جاه: ڇو نه ٿين – پر ورثي ۾ حقدار نه ٿين. +عالمسوز: سائين، هي ڪاغذ به وٺو، هي به بند ڪريو، ۽ پيتيءَ کي مهر هڻي ڇڏيو..... +فلڪ جاه: [ڪاغذ بند ڪري مهر هڻي ٿو، ۽ ڪوڙو افسوس ڪري ٿو.] ڪهڙي مهر هڻان، پياري ڀاءُ جو غم ڪيئن کڻان، جيڪا اندر ۾ ٿي گذري، تنهن جي مون کي خبر آهي: +دل منهنجي آهي درد برادر جي ڪئي ڪباب، +هن سور جي سهڻ جي نه طاقت رهي نه تاب! +اشرف: [چڙ مان، پنهنجي مُنهن] ڪوڙي جي منهن ۾ ڌوڙ! +فلڪ جاه: (اشرف کي) ادا، ڪي چوڻو اٿئي؟ +اشرف: هائو، سائين. مهرباني ڪري ٻڌايو ته وڏي نواب صاحب جا نوڪر چاڪر بحال رهندا، يا نڪري ويندا؟ +فلڪ جاه: ادي جا نوڪر سامهون هوندا، ته ادي جي يادگيري ڏياريندا، اسان جي ڏکويل دل کي وڌيڪ ڳاري ۾ ڳاريندا! +اشرف: سچ... ۽ مفت جي مليل ملڪيت ڏي به پيا نهاريندا! +فلڪ جاه: [چڙي] بي ادب، ڇا ٿو چوين؟ ... ٻن ڪوڏين جو ماڻهو، ۽ ٻن هٿن جيڏي زبان! +اشرف: بيشڪ، آءُ ٻن ڪوڏين جو مزور آهيان، ليڪن پنهنجيءَ سچائي ۽ وفاداريءَ تي مغرور آهيان! +فلڪ جاه: [چڙي] نڪر اسان جي جاءِ مان! عالمسوز هن کي پنهنجو حساب چڪائي ڏي ته وڃي. +اشرف: وڏي مهرباني. +عالمسوز: (اشرف کي) تون هلي ٻاهر بيهه، ته آءُ اچي تنهنجو حساب صفا ڪريان ٿو. +[اشرف وڃي ٿو.] +فلڪ جاه: عالمسوز، هن غم جي باهه ۾ اندر جلي ٿو، ڪيئن ڪريان؟ +عالمسوز: [شيشو ڏيکاري] باهه کي باهه جي پاڻي سان اُجهايو. +[عالمسوز، ٻه گلاس، ڀري هڪڙو فلڪ جاه کي ڏئي ٿو، ۽ هڪڙو پاڻ وٺي ٿو.] +فلڪ جاه: ”انسان جي حياتي به ناپائدار آهه، +(شراب پي) وه واه، هي شراب گهڻو خوشگوار آهه!“ +عالمسوز: ”شيرازي هي شراب مٺو آهه، لال آهي زاهد به جي پئي نه انهيءَ کي حلال آهي. +[خوشيِءَ ۾ ڳائين ٿا.] +فلڪ جاه: *واه پرين پياري انسان جو، جاني آهي جان جو، +آهي قسم مون کي ايمان جو- واه.... +ساهه توتان صدقي ٿئي هر ڪنهن انسان جو- +شاهه گدا پير توڙي جوان جو، هندو مسلمان جو- +آهي قسم مون کي ايمان جو واه...... +ڪوڙي دنيا آهي فاني،ٻن ڏينهن جي آهي مهمان، +پيو پياريو، وهم وساريو، جيسين آهي تن ۾ جان، +مي کان سواءِ هت گهر ڪير ويندو اَڏي؟ +عالمسوز: ماڻهو ويندو لڏي، مي کي ويندو ڇڏي! +فلڪ جاه: غم جو مارو شراب، فرحت وارو شراب! +[1]عالمسوز: من کي پيارو شراب، فرحت وارو شراب![2] +فلڪ جاه: جوهر آهي جان جو، دلبر جهان جو، آهي قسم مون کي ايمان جو!... واه..[i]. +فلڪ جاه: يار، عالمسوز. شراب سان گڏ ڪباب هجي ته روا آهي! +عالمسوز: واه واه، منهنجي دل وٽان ڳالهه ڪئي اٿو- سڀ بجا آهي! [سڏي ٿو] ڪو آهي. هيڏي اچي. +نوڪر: (اندران) حاضر، جناب. +عالمسوز: آڻيو ڪباب. +نوڪر: آيو شتاب. +فلڪ جاه: افسوس، پنهنجو فرض گهڻو درد ناڪ آهه، هن ڀاءُ جي فراق ۾ دل چاڪ چاڪ آهه، دنيا جي اهڙي دهل دمامي تي خاڪ آهه، ناحق انهيءَ جي واسطي ماڻهو هلاڪ آهه! +[شراب پئي ٿو، ۽ نوڪر ڪباب آڻي رکي ٿو.] +عالمسوز: سائين، هاڻ وڌيڪ غم نه کائو، غم جي بدران ڪباب کائو. +[ٻئي ڪباب کائين ٿا، ۽ شراب پيئن ٿا.] +فلڪ جاه: عالمسوز، نوٽيس ڪٿي آهي؟ +عالمسوز: [کيسي مان ڪڍي ڏئي ٿو] اجهو هتي آهي. +فلڪ جاه: اهو هتي ئي کڻي رکو، شهناز پاڻيهي اچي ڏسندي ۽ پڙهندي، جي گهرج هونديس، ته منهنجو مقرر ڪيل پگهار قبول ڪندي. هاڻي هلو ته هلي ٻاهر ٿڌي هوا کائون، ۽ دل وندرايون. +(ڪاغذ صندوق تي رکي ٻئي اُٿن ٿا.) +عالمسوز: بهتر آهي- هلو ته هلون. (سڏي ٿو) ڪو آهي؟ +[اشرف اچي ٿو] ڪا گاڏي تيار آهي؟ +اشرف: ننڍي نواب، فيروز جاه جي گاڏي تيار آهي، مگر ان جي اجازت درڪار آهي. +فلڪ جاه: (چڙ مان) فيروز جاه ڪير آه! عالمسوز، نظر رکجئين ته منهنجي حڪم کان سواءِ هن کي ڪابه شي نه ملي- بلڪ ڪنهن شيءِ کي هو هٿ به نه لائي! +عالمسوز: دلجاءِ ڪريو (اشرف کي) ڀلا، وڃ هليو. +[اشرف پاسي ٿي بيهي ٿو.] +فلڪ جاه: [هيڏي هوڏي جاءِ ڏسي] هي محلات به هاڻي ڏک ۽ عذاب جو گهر آهي، ادي سفير کي وڪڻي ڏيئي ڇڏيان ته بهتر آهي. +عالمسوز: بيشڪ، برابر آهي. +فلڪ جاه: [ڪوڙي ڏک مان] هاءِ ڙي، منهنجا جاني ادا، توکي ساريان ٿو سدا! +عالمسوز: وري ادو ياد پيو؟ [شيشو ڏيئي] تڏهن شراب پي شاد ٿيو! +فلڪ جاه: هينئر ڇڏ، پاڻ سان کنيو اچ. +[عالمسوز ٻاٽلي رومال ۾ لڪائي کڻي ٿو. ٻئي وڃن ٿا.] +اشرف: (اڪيلو، افسوس ڪري ٿو) بس، هاڻ هن کان پوءِ هنن بي ايمانن جو نمڪ کائڻ، گويا پنهنجو دين ايمان وڃائڻ آهي: بهتر آهي ته ڪٿي محنت مزوري ڪري پيٽ پاريان، ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجي اڳوڻي ڌڻيءَ جي ٻارن ٻچن جي خدمتگاري ۽ سنڀار ۾ گذاريان. +[ڳائي ٿو] +(1) پئي دنيا مڪاريءَ سان ڀري آهه،[3] آهي غم الم جت صبح ۽ شام. جيڪي ظاهر ۾ ڏسجي سو ڄاڻجي سڃاڻجي، باطن کان ڀڄي مدام. ڪنهن کي سڌ ڇا کوٽي ڇا کري آهه، آهي پنهنجيءَ ۾ سڀ خاص ۽ عام. مطلب سڀ کي پنهنجو آهه، شان سان، مان سان. پيارو آهي پنهنجو آرام. +ڪورس +آهي ڪوڙي دنيا مطلبي... +آهي ناهموار ڪير؟ - دنيا مطلبي! +ان ۾ جهڳڙو جهيڙو، کٽ-پٽ، کٽ – پٽ آهي اڳ جي. +ڪم ڪار جنهن ۾، آهي. بد انجام. +ان جي ڦندي ۾ ڦاسڻ سان، خواري آهي جڳ جي. +يارو، سمجهو ٿا؟... ڇا؟ خواري آهي جڳ جي! +هي عيارن جي عيار، هي مڪارن جي مڪار. +آهي ناهموار ڪير؟ - دنيا مطلبي! +[شهناز ۽ فيروز اچن ٿا.] +شهناز: (اشرف کي) ادا، فلڪ جاه ڪٿي آهي؟ +اشرف: بيبي، هوا کائڻ ويو آهي. +شهناز: [ويهي ٿي] ڏٺئه ڪي؟ هن کي ذرو به اسان جو قياس ڪو نه پيو! +[فيروز جي نظر صندو قڙيءَ تي رکيل خط تي پوي ٿي، کڻي ڏسي ٿو، ۽ لفافي تي ماءُ جو نالو ڏسي، ماءُ کي ڏئي ٿو.] +فيروز: امان، هيءُ خط تنهنجي نالي جو آهي. +شهناز: (حيرت ۾) منهنجي نالي! ابا، پڙهي ڏس ته ڇا آهي.(پڙهي ٿو)-”بيبي صاحب مهربان، بيبي شهناز بيگم، سلامت. افسوس آهي ته مرحوم ادي جي مال ملڪيت ۾ اوهان جي حقداري معلوم ٿي نٿي سگهي، جنهن نڪاح نامي جو ادي ذڪر ٿي ڪيو، سو به هٿ نٿو اچي، جنهن ڪري اوهان کي اسين پنهنجي خاندان ۾ داخل ڪريون. هاڻي، اوهان جو هن گهر ۾ رهڻ، جهڙو اوهان جي لاءِ تهڙو اسان جي لاءِ، نقصان آهي. تنهنڪري، بهتر آهي ته اوهين ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهو ۽ پنهنجي رهڻ جي هنڌ جو پتو مون کي ڏيندا رهو، ته اوهان کي مناسب ماهيانو پهچايو وڃي. زياده سلام.“ +[شهناز روئي ٿي، فيروز دلاسو ڏئيس ٿو.] +فيروز: امان، نه روءُ. اسين بک مرنداسين، فاقا ڪڍنداسين، پر هن بيرحم ظالم جو پگهار ڪڏهن نه وٺنداسين! (چڙ مان ڪاغذ ڦاڙي، اڇلائي، لت هيٺ لتاڙي ٿو. ٻه نوڪر عالمسوز جي حڪم موجب سندن خدمت لاءِ اچن ٿا، تن کي ڏسي) بس، اڄ کان پوءِ هن گهر کي سلام آهي- هتي جو داڻو – پاڻي اسان کي حرام آهي! +شهناز: شاباس ٻچا شاباس! خدا اولاد ڏئي، ته اهڙو صالح ڏئي. +فيروز: امان، جيجي، منهنجي دل ٿي چوي ته تنهنجو نڪاح نامو ضرور هن گهر ۾ ڪٿي رکيو آهي. +اشرف: سائين، اوهان جي چاچي ان جي گهڻي تلاش ڪرائي، پر اهڙي ڪابه شي هٿ نه آئي، آءُ سڄو وقت حاضر هوس. +فيروز: شايد هن جي نظر گُسي ويئي هوندي، يا انهن دغابازن توسان ٺڳي ڪئي هوندي- جيسين آءُ پاڻ نه ڳوليندس، تيسين سک نه پائيندس. +شهناز: ابا، صندوقن ته سڀني تي مهر لڳل آهي، ڳوليندين ڪيئن؟ +فيروز: مهر لڳل هوندي ته ڇا ٿيو؟ امان، جنهن شيءِ تي تنهنجي عزت آبرو منحصر آهي، سا جي فلڪ جاه جي پيٽ ۾ بند هوندي، ۽ مٿس رڪ جي مهر ئي لڳل هوندي، ته اها به ڀڃي آءُ تلاش ڪندس! (صندوقن تي نظر گهمائي) هيءَ صندوقڙي ضروري ڪاغذن جي ٿي ڏسجي- شايد هن جي ڪنهن خاني ۾ پيل هجي. +[پيتي کڻڻ گهري ٿو، ته نوڪر روڪيس ٿو.] +نوڪر: سائين، پيتيءَ کي هٿ نه لايو. +فيروز: (چڙ مان) ڇو، تون ڪير آهين جو جهلين ٿو؟ +ٻيو نوڪر: اسين نواب صاحب جي طرفان سامان جا سنڀاليندڙ آهيون. +فيروز: اسين نوابزادا ۽ گهر جا مالڪ آهيون، ۽ اوهان نوڪرن جا پاليندڙ آهيون! +پهريون نوڪر: گهر جو مالڪ نواب فلڪ جاه آهي، ۽ اُهو اسان جو پاليندڙ ۽ اسان جو بادشاهه آهي. +فيروز: نمڪحرامو، ڪالهه تائين ته اوهان جي هٿان اسان جي جُتين جي صفائي ٿيندي هئي! +ٻيو نوڪر: برابر، پر هاڻ اُها ڪُڪڙي مري وئي جا سونا آنا ڏيندي هئي! +[انور اچي ماءُ کي ڀاڪر پائي چوي ٿو.] +انور: امان، ڏس، چاچي جا نوڪر ٿا چون ته توکي پنهنجو ننڍو گهوڙو ڪين ڏينداسين! +شهناز: بابا، حرڪت ڪانهي، خدا ٻيو ڏيندو. +[روئي ٿي، ۽ انور کي پرچائي ٿي.] +انور: امان، تون ڇو ٿي روئين؟ مون کي گهوڙو نه گهرجي، تون نه روءُ! +[سڀ افسوس ڪن ٿا. فيروز ڏک ۾ ڳائي ٿو.] +(1) صبر ڪر ماءُ، تون غم نه کاءُ، نڪي جگر دل جلاءِ، والي تنهنجو آهي خدا سدا- صبر.............. الم غم تنهنجو اهو وڃائيندو، +اچي بلا ڪائي جفا، اسان کي اُن جا آسرا – والي....... +[شعر] +ڪٿي عورت سان ٿئي حاصل، ڪٿي ذلت سان ٿئي حاصل، خدا جنهن سان ملائي ٿو، +انهيءَ ملت سان ٿئي حاصل، نه سک الفت سان ٿئي حاصل نه ڏک نفرت سان ٿئي حاصل، ٿئي حاصل بشر کي جيڪي، سو قسمت سان ٿئي حاصل. +(پردو ڪري ٿو) +* زلو، ٺمري +* ”يمن قهورا“. +(1) ”انگريزي طرز“ +(1) ”سورٺ“ – ”زلو“. + + +پردو چوٿون +ديوانخانو +[فلڪ جاه ۽ گل اندام وچ ۾ ٺاهه ٺوهه سان ويٺا آهن. عالمسوز ۽ سفير جاه سڄي پاسي ويٺا آهن. کٻي پاسي همايون ويٺو آهي. اڳيان ميز تي گلدستن جو ٿالهه ۽ گلابداني رکي آهي. ڳائڻ واريون نچن ۽ ڳائين ٿيون.] +(1) اڄ اسان جي ڪامگاريءَ جي سواري آئي، آئي امنگ باري، باري، پياري پياري آئي، سڄي شهر، اندر ٻهر ۾، عيش عشرت آهي آئي- +آهي ساري آئ�� – اڄ .... +شادماني، ڪامراني، ٻيئي دلبر يار، قسمت ياري، رکي جاري، پياري پياري، +الهه ملائي – اڄ..... +[ڳائڻ واريون ڪنڌ جهڪائي نڪري وڃن ٿيون.] +فلڪ جاه: گل اندام، ادي هڪڙو ڳوٺ تازو خريد ڪيو هو، جنهن جو نالو ”فيروزآباد“ رکيو هئائين، پر هاڻ جڏهن فيروز جو انهيءَ سان ڪوبه واسطو نه رهيو، تڏهن اڄوڪي جلسي ۾ جي انهيءَ جو نالو بدلائي ”همايون آباد“ رکجي ته بهتر ٿيندو. +گل اندام: بيشڪ، ائين ٿيڻ گهرجي، انهيءَ ۾ پڇڻ جو ڪهڙو ضرور؟ +همايون: (انڪار ڪري ٿو) مهرباني ڪري منهنجو نالو انهيءَ تي نه رکو، انهيءَ تي مهنجو ڪوبه حق ڪونهي- پهرين حق چاچي جو هو، انهيءَ کانپوءِ سندس پٽن جي مال تي طمع ڪرڻ ۽ پرائي حق غصب ڪرڻ ڪري خدا جو غصب نازل ٿيندو. انهيءَ کي ويجهو ناهيان. +فلڪ جاه: هنن جو حق عدالت ناثابت ڪيو آهي، ۽ اسان کي ڏياريو آهي، تون به اسان ۾ داخل آهين. +گل اندام: +* اهڙي هلڪي سمجهه تو ڪيئن ڌاري ڙي، تنهنجي، سڀاڳا، خدا ڪا مت ماري ڙي- اهڙي… اهڙي عقل سان، رهندين ڪيئن ڪُل سان، +تنهنجي نرالي چال آهي نياري، ڙي- اهڙي… +امير خلقيا خدا حڪم هت هلائڻ لاءِ، ڪرڻ ته عيش ، رهڻ خوش ۽ سک پائڻ لاءِ، غريب پيدا ٿيا پڻ عذاب کائڻ لاءِ، جڳائي صبر تنهين کي ٽُڪر ڪمائڻ لاءِ. +همايون امان، تون به ٻارن ٻچن واري آهين: هن ٻارن ٻچن واريءَ بيوهه زال کي نه ستايو، هن کي پنهنجي گهر ڪوٺايو ۽ پنهنجي خاندان ۾ کڻي گڏايو: +اڄ هن جي ٻچن کي نه ملي ٿو ان داڻو، ۽ پيٽ ڀري ڪين ٿا کائين اهي داڻو، ڪپڙو ٿا ڍڪن، هاءِ، سي ويچارا پراڻو، ۽ ڪونهي غريبن کي رهڻ لاءِ ٽڪاڻو: +هو ناز جا پاليل، نه ڪڍو پنهنجي سي گهر کان، ويندا مري ويچارا سي سرديءَ جي اثر کان! +گل اندام: (رڙ ڪري) بس، ڇوڪرا، بس، اهڙي بڪ نه ڪر، تون ڀانئين ٿو ته مون کي قياس ئي ڪونه ٿو پوي: خبر نه اَٿئي ته انهيءَ ڏينهن منهنجي مينا مري ويئي هئي، ته مون ڪيترو نه رنو هو! +همايون: امان، مينا تي قياس پيو هُئئي، ڏيرياڻيءَ جي ٻارن تي رحم ڪونه ٿو اچيئي! +گل اندام: ڇوڪرا، چئين ڇا ٿو؟ هڪڙيءَ ڪمينيءَ رن کي ٿو منهنجي ڏيرياڻي ڪرين – شرم نٿو اچيئي! +سفير جنگ: ابا، ماءُ – پيءُ جو ادب ڪجي، هنن جي مرضي رکڻ گهرجي. +همايون: ماما اها سندن مرضي آءُ ڪڏهن نه رکندس. غريبن يتيمن سان ڀلائي ڪرڻ، آءُ پنهنجو پهريون فرض ڄاڻندس!(فلڪ جاه کي) بابا، چاچي ويچاري تمام بيمار آهي – آءُ ڏسندو آيو آهيانس. ڀلائي ڪري، هلي هن کي پڇو، ۽ هن جي دوا درمل جو بندوبست ڪريو. +فلڪ جاه: جنهن منهنجو چيو نه ڪيو، منهنجو مقرر ڪيل ماهيانو حرام سمجهيو، تنهن سان منهنجو ڪڙو ڪم آهي، خسيس ماڻهن جي گهر ۾ وڃڻ، اميرن جي لاءِ وڏو شرم آهي! +همايون: (ڳائي ٿو) +*”اهڙي اميري وزيري، آهي ڇا؟- اهڙي .... وسي اچي جي گوهر سيم زر- ڌن نه نه نه نه نه نه، ڊوڙن سڀ، پاڻ کي پون ڪن نه نه نه نه نه نه نه – اميري ........ جي بشر کي اپايئين ڏکن ۾، نظر بشر نه اچي ڪو سکن ۾، +ڌار پاڻيءَ جي آهه، جا ايندي وهي ويندي، خوش ٿيندي هر ڪنهن سندي دلڙي جٿي ڪٿي – اميري.... +فلڪ جاه: نه نه، آءُ هنن جي خبر لهڻ ڪونه ويندس – منهنجو موچڙو ٿو وڃي! +همايون: بابا، اوهان جي مرضي، ليڪن مون کي ته وڃڻ جي موڪل ڏيو، مون کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ لاءِ ڇڏيو. +(هليو وڃي ٿو.) +فلڪ جاه: هي ڇوڪرو ته ڏاڍو نادان ٿي پيو آهي، جنهن جي فائدي جي لاءِ هيترو مٿ ٿو هڻان، سو نالائق نافرمان ٿي پيو آهي! +عالمسوز: جناب، اوهين ايترو خفو نه ڪريو.... هلو، هلي ولائيتي شربت جو ڍڪ ڀريو! +فلڪ جاه: (اُٿي) سفير جنگ، ادا، وڃي ڇوڪر کي سم��هائي وٺي اچ، ڪنهن پاسي هليو نه وڃي. +[فلڪ جاه ۽ عالمسوز وڃن ٿا.] +سفير جنگ: ڪو آهي؟ +لطيفان: (اندران) ڪوئي ڪونهي، فقط آءُ تنهنجي حق ٻڌي زال آهيان، جا تنهنجي ظلم کان بيحال آهيان، ۽ تنهنجي تلاش ۾ سرگردان ۽ پائمال آهيان. +سفير جنگ: ڪير، لطيفان؟ +لطيفان: هائو، لطيفان. +[ظاهر ٿئي ٿي.] +سفير جنگ: اڙي، تون حيات آهين! +لطيفان: حيات هونديس ته ڇا ٿيو، تون ته بيرحم ۽ ڪم التفات آهين! +سفير جنگ: مون ڀانيو ته تون مري وئينءَ! هيڏي ڪيئن آئينءَ؟ +لطيفان: يا تو سان گڏ رهڻ، يا توکان دغا جو وير وٺڻ! +سفير جنگ: هيستائين توکي ڪير وٺي آيو؟ +لطيفان: اڪرام کي تو ستايو ، سو توکان پنهنجو به بدلو وٺڻ آيو، ۽ مون کي به وٺي آيو. +سفير جنگ: (مغروريءَ مان) هو ڇا مون کان بدلو وٺندو! +لطيفان: جنهن کي تو خوار خراب ڪيو، سو ڪيئن تو تان گُسندو؟ +سفير جنگ: لطيفان، پهرين تو مون کي اهڙو موهي وڌو هو، جو اڪرام کان تنهنجي جند ڇڏايم، ۽ زر جي زور سان توکي پنهنجي نڪاح ۾ ڦاسايم، پر جڏهن تو ڌيءَ ڄڻي وڌي، تڏهن ڏاڍو پڇتايم، ۽ استنبول ڇڏي بغداد ۾ رهڻ جو دل ۾ خيال آيم، ڇالاءِ جو تون مالهڻ آهين، ۽ آءُ نوابزادو! +لطيفان: آهيان مالهڻ آءُ اها، جا ٿي رکيئه گل وانگي، +ساهه جنهن گل تي ڏنئه، هاءِ ٿي بلبل وانگي، +پيچ کاڌءِ ٿي منهنجي عشق ۾ سنبل وانگي، +ٿي جلئين سوز ۾ منهنجي به تون جرڦل وانگي، اڳي هر وقت ڳچيءَ تنهنجي جو ٿي هار ٿيس، هاڻ تان هار گلن جي مان ڦري خار ٿيس، +سفير جنگ: سچ آهي، مگر جواني ديواني هئي، اها منهنجي ناداني هئي. +لطيفان: لعنت آهي انهيءَ نواب ۽ امير تي، جو هڪڙي غريب جي ڌيءَ کي ٺڳاري، پنهنجي دام ۾ ڦاسائي، ۽ پوءِ دغا ڏيئي پاڻ ڀڄي وڃي، ۽ هن کي رندن ۾ رلائي! +سفير جنگ: آءُ پنهنجي عزت ۽ جاهه جو خيال رکان، ڪنهن ڪميڻيءَ جي چاهه جو؟ +لطيفان: تون پنهنجي گناهه جو ڌيان رک، ۽ قول قسم جي نباهه جو! +سفيرجنگ: هاڻي خدا جي واسطي منهنجي جند ڇڏ، وڃ هلي، منهنجي جهان ۾ خواري نه ڪر! +لطيفان: وڃان ڪيڏي؟ هاڻ ته اڪرام جي گهران پنهنجيءَ ڌيئڙيءَ ”دل افروز“ کي به وٺي اينديس، ۽ جيسين جيئنديس، تيسين تنهنجو گهر نه ڇڏينديس! +سفير جنگ: لطيفان، ڏاهي ٿي. آءُ اوهان ٻنهي جي پرورش پيو ڪندس، مگر پاڻ سان گڏ نه رکنديس. +(کيسي مان سوني مهر ڪڍي) هان، هينئر هي وٺ، ٻيو جهجهوئي پوءِ ڏيندس. +[هلڻ جي ڪري ٿو.] +لطيفان: (چڙي) کڏ ۾ پوي اهڙو پيسو! (هن جي دامن وٺي ٿي) ڪيڏي هليو آهين.... آءُ توکي نه ڇڏينديس! +سفير جنگ: (ڪاوڙجي) ڪري ڇا ٿي رن! +[ لطيفان کي ڳچيءَ کان وٺي گوگهو ڏئي ٿو، ۽ لتون ۽ ڌڪ هڻي ٿو. هوءَ ڪري مري پوي ٿي. سفير جنگ خوف ۾ هيڏي هوڏي نهاري ٿو. اڪرام جو لڪو بيٺو آهي، سو نڪري ظاهر ٿئي ٿو. ٻئي ماٺ ۾ هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا.] +[پردو ڪري ٿو.] +پردو پنجون +نسترن جو گهر +[”نسترن“، پنهنجي سالگرهه جي خوشيءَ ۾ عمدا ڪپڙا ڍڪي، اشرف جي انتظار ۾ ويٺي آهي، ۽ ڳائي ٿي.] +*نسترن: هاءِ، منهنجو پيارو اڃا تائين نه آيو! انهيءَ کي ڪنهن ڦسلايو، لالچايو، پرڀايو- +منهنجو...... +آءُ هتي پئي ٿي لڇان، هن کي خبر ڪجهه به نه آهه، آه زاريءَ ۽ عجب منهنجي اثر ڪجهه به نه آهه، درد دل منهنجي جي سڏ هن کي مگر ڪجهه به نه آهه، حال منهنجي تي ڪڏهن هن جي نظر ڪجهه به نه آهه، +وري ڪنهن سان هن نينهڙو لڳايو؟ +منهنجو جيئڙو ڪومايو، ترسايو، شرمايو – منهنجو ....... +[اشرف اچي ٿو. نسترن کي فڪرمند ڏسي، ماٺ ڪري بيهي رهي ٿو.] +نسترن: (اڱرين تي حساب ڪري) جمعو جمعو اٺ، ڇنڇر نوَ، آچر ڏهه، - ڏهن ڏينهن کان پوءِ ميان اشرف خان اڄ صبح جو آ��و،..... پر وري جو ٽٻي هنئي اٿس، سو اڃا پيدا ناهي! مرد بيدرد آهن. ويچارين زالن بيحالن کي سدائين پيا ستائين! +[اشرف پٺيان آهستي اچي چوي ٿو] +اشرف: پياري! (اشرف کي ڏسي، نسترن ٽپ ڏيئي اٿي ٿي، ۽ ڪاوڙ ۾ منهن ٻئي پاسي ڪري ٿي.. اشرف وري اُنهي پاسي اچي ٿو، ته هوءَ وري منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ٿي]... جيءَ جي جياري! +نسترن: [شوخيءَ مان] ٺهيو، ٺهيو، - مون وٽ نه آءُ، وڃي ٻاهر جي هوا کاءُ! +اشرف: (پنهنجي منهن) مار، باهه ته دکي آهي! (نسترن کي) ڇو، ٻيو ته خير آهي؟ +نسترن: (چڙ مان) ويندين، يا سڙيءَ کي وڌيڪ ساڙيندين! +اشرف: (پنهنجي منهن) هاڻ تئو تتو آهي! [نسترن کي] پر ٻڌاءِ ته سهي.... +نسترن: آءُ چوائين ٿي – وڃ، متان آءُ ڪي سچ پچ چئي ويهان! +اشرف: (پنهنجي منهن) هاڻ ماني سوڪ ٿي ٿئي! (نسترن کي) پياري، هاڻ ڇڏ، ڪو ڀاڪر ته پاءِ! (هٿ لائيس ٿو. هوءِ هٿ اڇليس ٿي.) +نسترن: متان مون کي هٿ لاتو اٿئي- هٿ لائيندين، ته چگائي نه ٿيندءِ! +اشرف: (پنهنجي منهن) هاڻ ماني ٿي سڙي! (نسترن کي) اڄ ٻارهن ماهي ڏينهن کلجي ۽ ملجي، يا ڪاوڙ مان بڦلجي؟ +نسترن: ٻارهن ماهي ڏينهن به جي ههڙي جٺ ٿيندي، ته نڀاڳيءَ ندرويءَ کي کل ڪٿان ايندي! +[اکيون ملي، روئي ٿي.] +اشرف: (ڳچيءَ ۾ ٻانهن وجهي) نه رؤءِ، نسترن، نه رؤءِ....آ، اچي ڀاڪر پاءِ! +نسترن: جن سان رات ڏينهن کلين ۽ کائين، تن کي ڇو نٿو وڃي ڀاڪر پائين؟ +اشرف: مڙسن کي هزارين فڪر ۽ ڪم ڪار آهن، هو اچڻ وڃڻ لاءِ هميشه مختيار آهن. +نسترن: مڙس ٺڳ ۽ مڪار آهن، هميشه زبردست ۽ ستمگار آهن! +اشرف: اسين مڪار ۽ ستمگار! واه ڙي واه! +نسترن: مڙسن جي ڪهڙي عادت – ٿوريءَ ڳالهه تي چڙيو پون. +اشرف: زالن جي ڪهڙي عادت- جهٽ ۾ رويو ڏين! +نسترن: گهر ۾ زال نه هجي ته ماني ڪيئن پچي؟ +اشرف: مڙس ٻاهر نه وڃي، ته ان ڪٿان اچي؟ +نسترن: زال جنڊ نه پيهي، ته اٽو ڪيئن ٺهي؟ +اشرف: مڙس ان نه آڻي، ته جنڊ ڪيئن وهي؟ +نسترن: عورت هجي نه جڳ ۾ ته بدحال هوءِ مرد، +ري جسم جان، مالڪ ري ملڪ آهي فرد ري حسن رنگ عشق جو آهي زدو ۽ زرد: جيئن سج جي توَ بنا رهي سارو جهان سرد، عورت جي مرد کي نه هجي ها نوشت ۾، آدم به بيقرار هجي ها بهشت ۾! +اشرف: مون کي به تو بنا نه گهڙي هڪ قرار آهي، اي گل، جي تون هجين نه، ته هستي به خار آهي! +[ڀاڪر وجهيس ٿو.] +نسترن: هان، هان، صبح جو ڀُلو، سانجهيءَ جو ڀاڻ آيو! +اشرف: جو ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آيو، سو به نه ڀُلو! +نسترن: چگو، ٺهيو، هاڻ ٻڌاءِ ته ڪيڏي ويو هئين؟ +اشرف: نئينءَ سڙڪ تي. +نسترن: ڪنهن جي گهر؟ +اشرف: موتيءَ جي. +نسترن: (شڪ ۾) موتيءَ جي؟ اُها وري ڪير آهي، جا منهنجي ٿي پهاڄ بنجي! +اشرف: اڙي شُڪڻ! زال ناهي- موتي چند جواهري! +نسترن: ”موتي چند“.... ”موتي جان“ چؤ – مون کي سڀ خبر آهي! +[روئي ٿي.] +اشرف: (کلي ٿو) توبهه توبهه، رڳو بهانا پيئي ڳولين، ڇڏ معاملو. +نسترن: اڃا رڳو مڱڻو ٿيو آهي، ته هي حال آهي، شاديءَ ٿئي کانپوءِ ته الاجي مون سان ڪهڙيون جٺيون ٿينديون. +اشرف: (پيار ڏيئي) هاڻي تنهنجو دلدار جان نثار آهيان، پوءِ تنهنجو غمخوار غمگسار رهندس - تنهن جي هيءَ نشاني! (کيسي مان سون جي ڪٺمال ڪڍي ڏيکاريس ٿو.) +نسترن: سون جي ڪٺمال! +اشرف: هائو، تنهنجي سالگرهه جي سوکڙي. +نسترن: (کلي) منهنجي لاءِ؟ +اشرف: هائو، تنهنجي لاءِ، (ڪٺمال ڏئيس ٿو.) +نسترن: واه واه، منهنجي جان، آءُ توتي قربان! +اشرف: هائو، هينئر ”جان“ ۽ ”قربان“! +نسترن: خير، جيڪي ٿيو سو گذريو، هاڻي ڪا شاديءَ جي تياري ڪر. +اشرف: پنهنجي شادي ڪتخدائي تڏهن ٿيندي، جڏهن نواب جوان بخت جي ٻارن جي ڪم جي صفائي ٿيندي- (ڳائي ٿو) +* اڄ ته گلشن ۾ جوڀن به آيو آهي. +گلشن جو جوڀن آهه، تنهنجو پڻ درسن آهي، +تن من ۾ ڇايو آهي – اڄ....... +تون آهين منهنجي جان پياري، ساري، +ڪئُاري نار، هان؟ ارر- هان...... +شان واري، مان واري، ناز ڀري پياري، نيڻن ڪٽاري، +رخ تي ڀي روغن آهه، چهرو ڀي روشن آهه +چشمن چمڪايو آهي – اڄ............ +(ٻئي وڃن ٿا) +(پردو ڪري ٿو.) +پردو ڇهون +هڪڙي غريباڻي جاءِ +[شهناز هڪڙي کٽولي تي بيمار پيئي آهي. فيروز پاسي ۾ ويٺو اٿس. جاءِ ۾ ڀڳو ٽُٽو سامان پيل نظر اچي ٿو.] +فيروز: [ماءُ کي] +سر تي اچن جي سور، امان، سي وڃج سهي، هر حال ۾ تون شڪر ڪجئين صبر ۾ رهي، ڏک سک به ويندا گذري ۽ رهندا نه هو نه هي، پاڻيءَ جان هڪڙي ڏينهن سي ويندا سڀئي وهي: ڏسجي ٿو رنج جت سائي راحت جي جاءِ آهه، دنيا اصل کان ، ماءُ، دورنگي سراءِ آهه، +(جواهر خان لنگهي اچي ٿو.) +جواهر خان: فيروز، گهر جو ڀاڙو ڏيندين ڪي اڄ به جواب ڏيندين؟ +شهناز: ادا ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر، اسان جي حال تي قياس ڪر. +جواهر خان: بيبي، قياس ڪرڻ سان پيٽ نٿو ڀرجي، ڪي ته ڏياريو: اڄ آءُ ناهيان پنهنجي حال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ [اتي عالمسوز هڪڙي سپاهي سان اچي ٿو، تنهن کي ڏسي] اچو، سائين. [هن کي جهڪي سلام ڪري ٿو] +عالمسوز: خير هجي. +جواهر خان: ڀلي آيو، ويهو. [جاءِ ڏيکاريس ٿو، کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي ڏئيس ٿو.] ناس ڏيو ته پوءِ پئون قيل مقال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +عالمسوز: [دٻلي وٺي ٿو] جواهر خان، اوهين ڪيئن هتي آيؤ؟ +جواهر خان: جاءِ جو ڀاڙو وٺڻ، چار مهينا ٿي ويا آهن، هڪڙو پيسو نٿو ملي؟ اچي ڪم پي آهي ڪنگال ۾،- +عالمسوز: بس ير، جي هي ماءُ، پٽ کڻي ڳالهه مڃن، ته جيڪر عمر تائين پيا مزا ڪن. +فيروز: (چڙ مان) پگهار وٺي پنهنجي آبرو وڃايون ۽ ماءُ کي سريت ثابت ڪرايون! +عالمسوز: ثابت ڪرائڻ ۾ باقي ڇا بچيو آهي،عدالت ۾ ته فيصلو ٿي ويو آهي. +جواهر خان: (فيروز کي) ابا هاڻ سگهو ٿي، ڪرايو ڏي ته وڃان. پنهنجو جيءُ نه وجهه جنجال ۾. آيو ڪي خيال ۾؟ +فيروز: (چڙ مان) خان صاحب، جي اهڙو تڪڙو آهين، ته اسان جو هي سامان اسباب کڻي وڃ. +جواهر خان: هڙ ۾ هريڙون، بُت تي ليڙون، پوءِ به نواب صاحب هيڏي جوش ۽ جلال ۾ !- آيو ڪي خيال ۾؟ +عالمسوز: دولت ويئي، راحت ويئي، ته به هٺ ۽ وڏائي جي عادت نه ويئي! +فيروز: دولت ويئي ته مر وڃي، پرواهه اسان کي ناهه، +راحت ويئي ته اُن جي تمنا اسان کي ناهه، +آفت ۾ پڻ خوشيءَ جي ڪمي ڪا اسان کي ناهه، +ايمان دين آهي، جي دنيا اسان کي ناهه، +نامرد ساهه ڏين ٿا مال حرام تي، +آهن جي مرد، سي ٿا مرن ننگ نام تي! +عالمسوز: چڱو، سائين، اوهين ننگ تي مرو، يا نام تي مرو، اوهان جي خوشي، مگر نواب صاحب جي مرضي آهي ته انور جي ٻانهن کڻي اسان کي ڏيو. +فيروز: انور کي، پنهنجي ننڍڙيءَ ڀاءُ کي، - سو ڇو؟ +عالمسوز: نواب ۽ بيگم جو هن تي گهڻو پيار آهي. +فيروز: جڏهن اسان جي مائٽيءَ کان عار آهي، ۽ اسان جي حق کان انڪار آهي، تڏهن منهنجي ڀاءُ تي ڪهڙو تڪرار آهي،- آخر هو به ته امان جو ٻار آهي! +عالمسوز: اجايون ڳالهيون نه ڪريو، پيسا وٺو، ۽ انور ڏيو. +فيروز: [ڪاوڙ ۾] تنهنجو نواب ڇا آهي، جي روءِ زمين جو شهنشاهه کڻي اچي ۽ قارون جو خزانو آڻي ڏئي، ته به ٿُڪ هڻي ڦٽو ڪريانس! +جواهر خان: [عالمسوز کي] مار .... پيٽ خالي، دماغ عالي! هي ناهي پنهنجي حال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +عالمسوز: فيروز، سمجهه ڌار، ڳالهه مڃ. [اشرف اچي ٿو، ۽ سلام ڪري بيهي ٿو.] جي ڳالهه نه مڃيندؤ، ته مفت پاڻ کي تڪليف ڏيندؤ. +فيروز: (چڙي) بس، بس، (در ڏيکاري) هاڻ وڌيڪ مٿو نه کاءُ، هو در کليو پيو آهي، نڪري وڃ! +عالمسوز: (ڪاوڙ ۾) چڱو جي آءُ ويندس ته توکي پاڻ سان گهليو ويندس. آڻ عدالت جي خرچ جا ٻه سئو رپيا ڪڍ، جلدي ڪڍ، نه ته قيد ۾ وڃ! +[سپاهي کي اشارو ڪري ٿو.] +شهناز: (ڊپ ۾، کٽولي تي اُٿي) نه ڙي نه، خدا جي واسطي اهڙو ظلم متان ڪريو، ٻه ٽي ڏينهن مهلت ڏيو! +عالمسوز: (سپاهيءَ کي) تون پنهنجو فرض ادا ڪر. +سپاهي: (فيروز کي ٻانهن مان جهلي) هيڏي هل، سائين. +اشرف: (چڙ مان) ڪين هلندو! ڪيترا رپيا آهن؟ آءُ ٿو ڏيان! (کيسي ۾ هٿ وجهي، ٻن سون جون ٻه مهرون ڪڍي ٿو.) +عالمسوز: (خفي ۾) تون ڪير آهن جو ٻين جي پاران ٿو پيسا ڀرين؟ +اشرف: آءُ هڪڙو غريب نوڪر آهيان، ليڪن ڏک ويل ڪم اچڻ وارو آهيان. (سپاهيءَ کي ٻه مهرون ڏئي ٿو. هو اهي چتائي ڏسي ٿو.) +جواهر خان: (اشرف کي) تڏهن منهنجو پنجاهه به ڏي ته آءُ به ٻڌان رومال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +اشرف: (ٻي به سون جي مهر ڏئي ٿو) پنجاهه تون وٺ، باقي پنجاهه به ڀلي پاڻ وٽ رکي ڇڏ. هي تنهنجيءَ جاءِ ۾ پيا رهندا، ڀاڙو آءُ پيو ڏيندس. +جواهر خان: آفرين تنهنجي وفاداريءَ تي، آفرين! بيشڪ تون زور آهين ايمان ۽ مال ۾،- آيو ڪي خيال ۾؟ +فيروز: (سپاهيءَ کي) اهي مهرون مون کي ڏي (سپاهي، عالمسوز ڏي نهاري، هن جي اشاري تي مهرون ڏئي ٿو، جي فيروز اشرف کي موٽائي ڏئي ٿو.) +هاڻ، سائين مون کي وٺي هل، جيڏي وڻيئي. +اشرف: ڇو، سائين، ڪهڙي سبب اوهان جو انڪار آهي، هن مسڪين جي پيسي کان ڪهڙو عار آهي؟ +فيروز: ادا، آءُ قيد ويندس، جنڊ پيهيندس، مگر تنهنجي محنت مزدوريءَ جا پيسا پنهنجي ڪم نه آڻيندس. (جواهر خان کي) خان صاحب، اوهين به موٽائي ڏيوس. +جواهر خان: اڙي ميان، آئي لڇمي نه موٽائجي! ڇو ٿو شڪ آڻين هن اشراف جي چال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +فيروز: نه نه، مون کي اهڙي لڇمي ڪانه گهرجي: آءُ تنهنجي جُتي کڻندس، ڀري مزدوري ڪندس ۽ تنهنجو قرض ادا ڪندس، پر ٻئي جا پيسا مفت وٺي نه ڏيندس. +[جواهر خان اشرف کي مهر موٽائي ڏئي ٿو.] +عالمسوز: (سپاهيءَ کي) چڱو تڏهن هل ته هلي نواب صاحب کي سڄو حال ڏيون، پوءِ جيئن حڪم ڪيائين تئين ڪبو. +[ٻئي وڃن ٿا.] +جواهر خان: فيروز، توکي آفرين آهي، تحسين آهي! پر، جي تو وٽ پيسو ڪونهي، ته هلي منهنجي ڪوٺيءَ تي ڪم ڪار ڪر. رات ڏينهن رهه ڪوٺيءَ جي سنڀال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ آءُ توکي پگهار ڏيندس، انهيءَ مان جاءِ جو ڪرايو به پيو وصول ڪندس. +فيروز: وڏي مهرباني، آءُ اچي ٿو حاضر ٿيان. [جواهر خان وڃي ٿو] (اشرف کي) ادا، تو ڏاڍي ڀلائي ڪئي، آءُ تنهنجو شڪر گذار آهيان. +اشرف: سائين جيڪي مون وٽ آهي سو اوهان جو ئي ڏنل آهي، انهيءَ جي وٺڻ ۾ ڪهڙو حجاب هو؟ +فيروز: توکي شاباس آهي، نمڪ حلال ۽ ايماندار ماڻهو تو جهڙو ڪو ٿورو هوندو. +شهناز: ادا اشرف، تو به اسان کان منهن مٽايو هو ڇا، جو هيترن ڏينهن کان پوءِ اسان جي خبر لهڻ آئين؟ +اشرف: بيبي، نااميد نه ٿيو، خدا تي ڀاڙيو، انشاءَ الله تعالى هڪڙي ڏينهن آءُ اوهان جو منهن اُجارو ڪندس، ۽ نڪاح نامي جو پتو لهي، اوهانجن دشمنن جو منهن ڪارو ڪندس! +شهناز: [ويٺي ويٺي، اوچتو ڪري پوي ٿي] هاءِ، اوه.... [جلد جلد ساهه کڻي ٿي.] +فيروز: امان، امان ...... خير آهي ..... ڇا ٿيو! (ڏسين ٿو) +اشرف: [اُتي ڏسي ٿو] يا خدا، هي ڇا ٿو ٿئي! +[پردو ڪري ٿو] +پردو ستون +جواهر خان جي جاءِ +[جواهر خان نشي جي خنڪيءَ ۾ ويٺو آهي.] +[زماني جي گردش تي افسوس ڪري ٿو، ۽ ڳائي ٿو.] +جواهر خان: +*نه ڄاڻان ڪهڙي خطا ٿي، جو روح کي مليو هي +فاني بدن- نه ڄاڻان.... +پيٽ پاپي آهي پورو جنڊال، پيو پٺيان هي ڪهڙو جنجال، ڪري پورهيو هٿ پير ٿين ٿا ساڻان – نه ڄاڻان.... پيدا ٿين پا تڏهن بار بار، جڏهن تيار روئي زار، زار، ڪري محنت ڪمائي ان داڻان – نه ڄاڻان....... ڪٿي مري هر سال، ڪٿي قحط سندو ڪال، ڪٿي کيتي پامال – ڪري پورهيو..... +[فيروز سلام ڪري بيهي ٿو.] +جواهر خان: آءٌ فيروز، ڇو اڄ منهن ملول ٿو ڏسجيئي، ٻيو ته خير آهي؟ +فيروز: امان جي بيماريءَ جو رات ڏينهن فڪر رهي ٿو. +جواهر خان: فيروز، ڪهڙي آهي باغ سو، جنهن کي خزاني چئي نٿي، ڪهڙي مکڙي، جا ٽڙي ڪومائجي پوءِ پئي نٿي. +فيروز: سچ آهي. +جواهر خان: بابا، دنيا ۾ صبر گهرجي. سڀڪو ڪمال آهي زوال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +فيروز: بيشڪ، سچ آهي. خان صاحب، مهرباني ڪري اڳتي ٻن وقتن جي بدران مون کي هڪڙي ئي وقت جي ماني ڏيندا وڃو، ۽ ڍڪڻ جي لاءِ پراڻو سراڻو ڪپڙو ئي ڏيندا ڪريو، مگر امان جي به خبر گيري ڪندا رهو، ۽ ڪي پيسا اُن جي لاءِ به مون کي ڏيندا ڪريو. +جواهر خان: سڀڪي ٿيندو، آهستي آهستي سڀڪي ٿيندو. +فيروز: وڏي مهرباني. +جواهر خان: (اُٿي ٿو) هاڻ آءٌ وڃي ماني کائي ٿو اچان، تون ٻهاري سهاري ڏيئي جاءِ کي صفا ڪري ويهه، ۽ جي ڪو ٻيو ماڻهو اچي ته انهيءَ کي ويهار جيئن آءٌ اجهو ٿو اچان. نوڪر اهو، جو هميشه هجي ڪم جي نيڪال ۾،- آيو ڪي خيال ۾ ؟ (هلندي هلندي) منهنجي چلمچي به چڱي طرح مانڃي ڌوئي رکجئين! +(جواهر خان وڃي ٿو. فيروز ٻهاري کڻي جاءِ صفا ڪري ٿو، ۽ ڳائي ٿو.) +*واهه خدايا، راهه ڏسين ڪا، ياري ڏي طالع منهنجا – واهه.... +(دوهرو) +ڏک اچي جڏهن جان تي، اچي چين قرار – +هڪڙي مياڻ ۾ ڪيئن سگهن رهي ٻه هٿيار؟ +دردن ڪيا وارا، سينو ڪيئون پارا پارا، +ڪينهن ڪي چارا چارا، ڪيم گهڻا سعيا – واه.... +[اڪرام لنگهي اچي ٿو.] +اڪرام: ڪيئن، ميان، جواهر خان ڪٿي آهي؟ +فيروز: ماني کائڻ ويو آهي، اجهو ٿو اچي، تون ويهه +اڪرام: ڀلي اچي، آءُ ترسان ٿو. [ويهي ٿو] يار، ڪو حقو ته پيار +فيروز: حاضر، ججها حقا. +[فيروز وڃي ٿو.] +اڪرام: (حقي جي تعريف ۾ بيت پڙهي ٿو.) +هر رنج ۽ الم ۾، راحت رسائي حقو، +نزلي ۽ قبض کان پڻ، نت ٿو ڇڏائي حقو +ڪاوڙ چڙهي ته اُن کي، هڪدم ڀڄائي حقو، +مانيءَ کان پوءِ وه واه، لذت وٺائي حقو، +خلوت ۾ خاص حقو ماڻهوءَ جو يار آهي، +مجلس جو مور، جنهن کان مجلس بهار آهي! +فيروز: (حقو کڻي آڻي ڏئيس ٿو) اجهو، سائين، حقو. +[اڪرام حقو وٺي ڇڪڻ لڳي ٿو.] +اڪرام: هاڻ ويهه ته هڪڙي لاوڻي ٻڌايانءِ. [ڳائي ٿو.] +* عجب کيل آهه دنيا، جنهن ۾ چال هميشه رنج جي آهه، +سچ پڇو ته دنيا داري هڪ بازي شطرنج جي آهه، +جو سامهون پنهنجي ويٺو آهي، سو ئي آهي خود دشمن +پنهنجو، +راهه ڏيکارڻ وارو ٿيو پوي ٿو هت رهزن پنهنجو، اڍائي گهر گهوڙو هلي جڏهن، ڀلجي ويو آسن پنهنجو +هاٿي پنهنجن هٿن سان ڏئي ٿو ٻڌائي تن پنهنــجو: شاهه ۽ پيادو، سڀ جي حالت دنيا ۾ شش- پنج جي +آهه – سچ پڇو...... +فيروز: واه واه، ڪهڙو نه سچو خيال آهي، اصل منهنجي حسب حال آهي! +اڪرام: تنهنجي حال تي بيشڪ افسوس ڪمال آهي (هيڏي هوڏي ڏسي)، مون کي تنهنجو وڏو خيال آهي. +فيروز: ڪيئن، ادا، تون مون کي سڃاڻين ٿو ڇا؟ +اڪرام: واه سائين، آءُ تنهنجن ملائڪن کي به سڃاڻان. جي تون منهنجو ٿيندين، ته گهڻو فائدو پائيندين. آءُ تنهنجي ماءُ جو نڪاح نامو مٿو هڻي به ڳولي ڪڍندس، ۽ پنهنجي پراڻي دشمن، سفير جنگ، کان تنهنجي ئي معرفت وير به وٺندس. +فيروز: ڇو، هن توکي به ايذايو آهي ڪيئن؟ +اڪرام: هائو، ڪن ڏينهن آءُ هڪڙيءَ مالهڻ لطيفان نالي تي جان نثار هوس. هو نابڪار به ڄاڻي ٻجهي هن جو طلبگار ٿيو، ۽ زر جي زور سان هن کي هت آڻي، انهيءَ سان چوريءَ شادي ڪري ڪامگار ٿيو، جڏهن هن کي ڌيءَ ڄائي، تڏهن منجهانئس اچي بيزار ٿيو، آخر هن کي پاڻ وٽان ناحق هڪالي ڪڍڻ جو گهنگار ٿيو. +فيروز: افسوس. +ڪنهن کان دنيا ۾ نه ڪو آس ڪري ياريءَ جي، +ڪانهي اميد ڪنهين مان به وفادادريءَ جي! +اڪرام: پوءِ مون کي لطيفان تي رحم آيو، ۽ هن کي وٺي پنهنجي گهر آڻي رهايم، مگر انهيءَ رحم ڪرڻ ڪري پاڻ پنهنجي سر تي وڌيڪ سور وهايم. +فيروز: سو ڪيئن؟ +اڪرام: نڀاگو سفير اچي بدظن ٿيو ۽ نئين سر اچي جاني دشمن ٿيو. +فيروز: پوءِ هن مائيءَ جو ڪهڙو حال ٿيو؟ +اڪرام: پوءِ سگهوئي هن ويچاريءَ جو انتقال ٿيو. +فيروز: اُها ڇوڪري ڪيئن ٿي؟ +اڪرام: اُها مون وٽ رهي ٿي. آءُ انهيءَ کي ڌيءَ وانگي سنڀاليان ٿو. [اُٿي ٿو] جواهر خان دير ڪئي، هاڻ آءُ ته وڃان ٿو، في الحال منهنجو سلام آهي، پر ياد رکج، منهنجو نالو اڪرام آهي. +فيروز: [جواهر خان کي ايندو ڏسي] اجهو، خان صاحب به اچي ٿو. +اڪرام: (انهيءَ کي ڏسي) اوهو، ڀلي آيؤ. +[جواهر خان هڪڙو خط کنيو اچي.] +جواهر خان: ڪيئن، خير مان اچڻ ٿيو آهي؟ +(اڪرام کيسي مان ڪوڙا سڪا ڪڍي ڏيکاريس ٿو.) +اڪرام: ڏسو ته هنن جو ڪهڙو اگهه آهي، مون وٽ ويڪو آهن. +جواهر خان: (چتائي ڏسي) سڪا ته سچا آهن. +اڪرام: سچا ناهن ته ٻيو ڪوڙا آهن! +جواهر خان: پنجاهه جي هر هڪ مهر آهي. +اڪرام: برابر، جواهر کي مڙئي جواهري پرکيندو تڏهن جي گهرجن، ته انهيءَ نموني جا ٻيا سڪا به کڻي اچان؟ +جواهر خان: اڄ سانجهيءَ جو، يا سڀاڻي صبح جو کڻي اچجئين. +اڪرام: چڱو، سلام. +جواهر خان: سلام. (اڪرام وڃي ٿو، جواهر خان فيروز کي خط ڏئي ٿو.) فيروز، ڏس ته هي خط تنهنجو آهي ڪيئن، ڪو ڇوڪر دريءَ کان اُڇلائي ڏيئي هليو ويو. [فيروز لفافو ڦاڙي خط پڙهي ٿو] ڪنهن جو آهي. ڪٿان آيو آهي؟ +فيروز: سائين، امان جو آهي. هن تي رحم ڪري، مون کي ڪي پيسا ڏيو ته آءُ هن جو علاج وڃي ڪرايان، هوءَ سخت بيمار آهي. +جواهر خان: اڃا چار ڏينهن مس ڪمايو اٿئي، ته هينئر ئي پيسو درڪار آهي! +فيروز: ڀلا، تڏهن اُڌارو ڏيوم ته وڃي دوا درمل ڪرايانس. +جواهر خان: اُڌارو ڏيڻ ناداني آهي، انسان فاني آهي. +فيروز: (عاجزيءَ سان) ڀلا، من خدا جي واٽ ۾ ڪي ڏياريو! +جواهر خان: هاڻ وري پِن! تڏهن کڻ پيالو، وڃي ٻاهر پن، جي لذت اچئي ٿي سوال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +فيروز: ڪر مون سان مروت تون ڪو الله جو رک شرم +لاچار ڏسي مون کي، نه ٿي ايترو تون گرم، +ڪر مون سان ڀلائي، ته خدا تنهنجو رکي ڀرم، +ٿي سخت نه پاهڻ جان، ذور دل کي به ڪر نرم، +تو جهڙو ڪنهين جو به جگر سرد نه هوندو، +تو وانگي ته دنيا ۾ ڪو بيدرد نه هوندو، +جواهر خان: (ڪاوڙ جي) تون ڙي ڪير آهين جو مون سان سينو ٿو ساهين؟ نڪر مون وٽان، وڃي رهه پنهنجي ڀاءُ سان، منهنجو نه تو سان ڪم آهي، نه تنهنجيءَ ماءُ سان، وڃي پئو پاتال ۾، - آيو ڪي خيال ۾! +[جواهر خان ڪاوڙ ۾ هليو وڃي ٿو.] +فيروز: (اڪيلو) هاءِ هاءِ ...... او سنگدل بي قياس، ظالم بي هراس، ههڙي وقت اهڙي بيرحمي؟ جي هي منهنجا هٿ پير نه هجن ها، ۽ آءُ منڊو ٽنڊو هجان ها، ته چڱو هو: حيف آهي مون کي، جي انهن هوندي آءُ جيجل ماءُ کي ڪم نه اچان! (ذور ماٺ ڪري) امان، توکي ڇا کارايان، دوا ڪٿان آڻي پياريان! [هڪڙي صندوقڙي رکيل ڏسي] هيءَ رپين جي صندوق آهي کڻي وڃان، - وڃي في الحال وقت ٽپايان، ۽ ماءُ کي مرڻ کان بچايان! (کڻي، هيڏي هوڏي ڏسي ٿو) پر، نه، ائين ڪڏهن نه ڪندس، جيڪي سر تي اچي سو اچي، ليڪن چوري مور نه ڪندس! +[جوش ۾ پيتي اڇلائي هليو وڃي ٿو.] +[پردو ڪري ٿو] +پردو اٺون +شهناز جي جاءِ +[شهناز کٽولي تي قريب المرگ پيئي آهي. همايون حال بيٺو ��ڇيس.] +همايون: چاچي، ڪيئن ٿي ڀانئين؟ آءُ همايون، نواب فلڪ جاه جو پٽ آهيان! +[شهناز اکيون پٽي هن ڏي ڏسي ٿي، ۽ اٽڪي اٽڪي ضعيفائي سان ڳالهائي ٿي.] +شهناز: ٻچا، آءُ مران ٿي....... نيٺ تون وارث ٿيندين...... بابا، منهنجن پٽڙن جي ڪا سنڀال لهندين يا نه؟ +همايون: چاچي، دل نه لاهه، خدا تي رک، آءُ هنن تي ساهه صدقو ڪندس. +شهناز: [آڱر سان شابس ڏئيس ٿي] فيروز، انور، ڪٿي؟ [ٿڌو ساهه کڻي] ملندا ڪي نه؟ +همايون: چاچي، انور يتيم خاني ۾ آهي، ۽ فيروز نوڪريءَ تي آهي اجهي ٿا اچن، اشرف سڏڻ ويو اٿن. +[شهناز کي موت جي هڏڪي اچي ٿي.] +شهناز: منهنجي دعا.... ٻچن کي..... ها! [دم ڏئي ٿي.] +همايون: (خوف ۽ ڏک ۾) چاچي، ڪي ڳالهاءِ ته سهي، [رڙ ڪري] اکيون ته پٽ! [دل ۽ نبض تي هٿ رکي] هاءِ گهوڙا چاچي ويچاريءَ ته دم ڏنو – هاءِ افسوس! +[ماٺ ڪري ويهي رهي ٿو. ٿورو ترسي چوي ٿو:] +محتاج هوءِ، غني هوءِ، فقير ۽ امير هوءِ، +يا بادشاهه ملڪ جو هوءِ يا وزير هوءِ، +مرسل هوءِ، ولي هوءِ، جوان هوءِ يا پير هوءِ، +نادان هوءِ، حقير هوءِ، دانا دبير هوءِ: +هڪ ڏينهن هٿان اجل جي به هر ڪو هلاڪ ٿئي، +جنهن خاڪ مان ٺهيو آهي، آخر سان خاڪ ٿئي. +[اتي اوچتو فلڪ جاه، هڪڙي نوڪر سان، اندر اچي ٿو.] +فلڪ جاه: [لاش ڏي هٿ کڻي] هيءَ ڪنهن جي طبيعت ناساز آهي؟ +همايون: اها ڪم نصيب، چاچي شهناز آهي. +فلڪ جاه: مري ويئي! ڪيئن مئي؟ +همايون: ڏکن ۾ غرق هئي. +فلڪ جاه: ڪهڙي بيماري هئي؟ +همايون: ظلم ۽ ستمگاري هئي، ڏينهن جو روڄ ۽ زاري هئي، ۽ رات جو بيداري هئي. +فلڪ جاه: [حقارت کان] بس، قسمت اهڙي هيس، ڪنهن جو ڪو وس؟ سڀ کي مرڻو آهي، پوءِ لاءِ ڪهڙو غم ڪرڻو آهي. +همايون: (ڏک ۾ روئي) +جنهن غريبن کي ٿي پهرايو ۽ لاتو تن کي راهه، +تنهن جي لاش کي ڍڪڻ جي لاءِ اڄ ڪپڙو نه آهه، +فلڪ جاه: نوڪر جي کٿي وٺي همايون کي ڏئي، هان، هيءَ کٿي مٿان وجهي ڇڏينس. +همايون: (عجب ۾) کٿي! سائين، جنهن جي مال مان اوهين شالون ڍڪيون، تنهن کي کٿي ڍڪايون! +(کٿي لاش جي مٿان ٿو وجهي) +فلڪ جاه: (چڙي) بي عقل، بي ادب! +همايون: سائين، مون هن ويچاريءَ سان مرڻ مهل انجام ڪيو آهي ته آءُ سندس ٻنهي پٽن جي مرڻ گهڙيءَ تائين سنڀال ڪندس. +[اتي فيروز خوف ۾ تڪڙو اچي ٿو. ماءُ جي لاش ڏسي عجب ۾ پوي ٿو.] +فيروز: (همايون کي)، ڇا،امان مري ويئي؟ فلڪ جاه کي] توهان جي روبرو، توهان جي ڏسندي! +فلڪ جاه: مون کي سندس بيماريءَ جي خبر ئي ڪانه هئي، همايون جي پيغام تي آيس، اچي ڏٺم ته ڪم اڳي ئي پورو ٿي ويو آهي. +[ فيروز اچي روئڻ ۾ پوي ٿو، ۽ ماءُ جي لاش کي ڀاڪر وجهي دانهون ڪري ٿو-”هاءِ هاءِ“، ”الله“، هي ڇا ٿيو.] +فيروز: [روئي] +اسان کي ڇڏي اڄ نه ٿي ڌار، امان، پيارن پٽن جي تون لهه سار، امان! ڳِري لائي ڇورن کي ڏي پيار، امان، ٿا تو لاءِ نيڻين وهن نار، امان! سهي ڪين سگهنداسين تنهنجي جدائي، نظر تو بنا ناهي ساري خدائي +[همايون ڀاڪر پائي سمجهائيس ٿو.] +همايون: ادا، ڏاهو ٿي، دل کي سنڀال. +فيروز: (روئي) هي، توڙ تائين سور سٺائين، هلي وئي، ٻارن جو منهن به ڪين ڏٺائين، هلي وئي! +فلڪ جاه: تنهنجيءَ ايتريءَ ڏنگائيءَ هوندي به جيڪر آءُ ضرور اچان ها، ۽ علاج دوا ڪريان ها، پر افسوس جو تو خبر به نه ڏني! +فيروز: (روئي) خبر ڏيڻ اوهان جو حق هو، پر اوهان جي اصل نيت ۾ فرق هو: جيئري پڇڻ به نه آيؤ مُئي کانپوءِ تماشو ڏسڻ آيؤ! +فلڪ جاه: روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هينئر به سنئين راه تي اچ، ۽ منهنجي ڳالهه مڃ، ته ڪفن دفن ۾ توسان شامل ٿيان، ۽ توکي چڱو ماهيانو ٻڌي ڏيان. +فيروز: (چڙ ۾) ماهيانو- خيرات جو ٽڪر! [ڏن�� پيهي] ٻُڌ بي انصاف بدنيت چاچا، جيتوڻيڪ عدالت جي ڪوڙيءَ سپر توکي پناهه ڏني آهي، مگر ياد رکج ته اسان جي حقداريءَ جو سچ نيٺ سج وانگي ظاهر ٿيندو- پوءِ توکي اکيون کڻي نهارڻ به شرم ايندو! [جوش ۾ ڏڪي] اي ظالم، بيحيا، اڄ آءُ پنهنجي پياري ماءُ جي لاش اڳيان جليءَ دل سان آه ٿو ڪريان، خدا کي سوال ٿو ڪريان ته جيئن تو هن ويچاريءَ مظلوم بيڪس بيوهه زال کي ۽ سندس يتيم ٻچن کي دربدر رلايو آهي، تيئن تون به رلندين، ۽ اهو حرام جو ورثو ڇڏيو ويندين] (دروازو ڏيکاري) هاڻ وڃ- جيسين اهو داد گر هن بيداد جو داد ڪري، تيسين ڀلي وڃي موجون ماڻ. +فلڪ جاه: [همايون کي طعنو هڻي] ٻُڌءِ! اسان هن سان ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ [نوڪر کي] وڃ، ادي سفير جنگ کي سڏي اچ ته اچي ڪفن دفن جو بندوبست ڪري. +[نوڪر وڃي ٿو.] +فيروز: (ڪاوڙ ۾) جيسين ڪو منهنجيءَ ماءُ کي بابي جي نڪاح ٻڌل زال ڪري نه مڃيندو، تيسين آءُ انهيءَ کي هٿ لائڻ نه ڏيندس! +فلڪ جاه: تڏهن هيءَ لاش بيگور بي ڪفن پيئي هوندي؟ +فيروز: آءُ در در تي ويندس، ڪوڏي ڪوڏي ڪري پنندس، ۽ جنازو کڻندس! +[فلڪ جاه نڪري وڃي ٿو. همايون هٿ مان مُنڊي لاهي فيروز کي ڏئي ٿو.] +همايون: ادا، ڀلائي ڪري هيءَ منڊي وٺ، هيءَ وڪڻي جنازي جي کڻڻ جي تياري ڪراءِ. +[ اتي انور، اشرف سان گڏ اچي ٿو.] +اشرف: هاءِ ڙي هاءِ، آخر ويچاريءَ وصال ڪيو! +انور: [لاش ڏسي، حيرت ۾] [فيروز کي] ادا، ڇا ٿيو آهي؟ (ماءُ کي هٿ لائي) امان اٿ دير ٿي ويئي آهي! +فيروز: (روئي) ادا، امان ويچاري مري ويئي! +انور: (روئي) امان، جيجي، هاڻ ڪير مون کي ڀاڪر وجهندو. ڪير منهن چمندو، ڪير مون کي جهوليءَ ۾ وهائيندو. هاءِ ڙي، گهوڙا ڙي مون کي جهوليءَ ۾ وهاريندو؟ هاءِ ڙي، گهوڙا ڙي، (مٿو جهلي).... +منهنجو مٿو ٿو ڦري، منهنجو هنيانءُ ٿو ڊهي! +[ڪري ٿو، همايون ٻانهن ۾ جهلي وٺي ٿو.] +همايون: انور! انور! +[فيروز ڀاءُ کي بيهوش ڏسي ڊڄي ٿو] +فيروز: انور! او انور! ادا، توکي ڇا ٿيو؟ [مٿو پٽي بس، ادو به ٿو وڃي! هاءِ ڙي، آءُ پي....... +[غش ٿي ڪري ٿو، اشرف جهلي وٺيس ٿو.] +[پردو ڪري ٿو.] +***** +(1) ”کماچ“- ٺُمري +* ”کماچ“- دادرو. +* ”ملار“ - ترانو +* ”جهنگو“ – دادرو. +* سنڌ ڪافي – دادرو. +* ڪافي – سَهيو. +* ”مانڊ“- لاوئي. +* ”سنڌ ڀيروي“ - لاوئي + + +باب ٻيون +پردو پهريون +باغيچو. قبرستان. هڪڙو گهر. +[هڪڙي پاسي گهر جي دالان ۾ ٽي ڪرسيون پيون آهن، چائدان رکيو آهي. باغ جي وچ ۾، سفير جنگ ۽ عالمسوز ڳالهيون ڪندا اچن.] +عالمسوز: (گهر ڏيکاري) اهو اڪرام جو گهر آهي. نڀاڳي جيئري ئي وڃي قبرستان وسايو آهي. +سفير جنگ: عالمسوز، آءُ ته تڏهن خوش ٿيان، جڏهن اڪرام خود قبر ۾ پوي، يا شهر- نيڪالي مليس. هو لطيفان جي موت جو شاهد آهي، هڪڙي ڏينهن نيٺ هو مون کي خوار ڪندو. +عالمسوز: اوهين بيفڪر رهو، مون پٺيانئس جاسوس ڇڏيو آهي، سو سگهوئي هن جي ڏوهه جو پتو ڪڍندو، ۽ هن کي جهلائيندو. +سفير جنگ: شاباس، آءُ اوهان کي خوش ڪندس. ڀلا، فيروز هتي ڏهاڙي اچي ٿو؟ +عالمسوز: هائو، ڏهاڙي اچي ٿو، ۽ ماءُ جي قبر تي گل وجهي وڃي ٿو. +سفير جنگ: اوهان کي ڪيئن خبر پيئي ته اڪرام فيروز جو مددگار آهي؟ +عالمسوز: (قبر ڏيکاري) اها شهناز جي قبر آهي، جا اڪرام جوڙائي آهي. +سفير جنگ: انور به هتي هر روز ايندو آهي؟ +عالمسوز: هائو، فيروز انهيءَ کي به ساڻ آڻيندو آهي. +سفير جنگ: تڏهن اڄ هڪڙو ڪم ڪريو، جو انور کي ٺڳاري گل اندام جي گهر پهچائي ڏيو. +عالمسوز: چڱو. +[سفير جنگ وڃي ٿو. عالمسوز هڪڙي پاسي کان لڪي بيهي ٿو. دل افروز، سوسن ۽ نسترن اچي ڪرسين تي وهن ٿيون.] +دل افروز: دل اُداسي ٿي رهي، آهي اندر ۾ انتظار، +ڪي وڻي ڪين، آهيان گرچه منجهه باغ بهار. +سوسن: (کلي) هوءِ سڄڻ سامهون ته جيڪر ڇو نه سڀڪا +شيءِ وڻي – +نسترن: شمع ري پروانو، گل ري ساهه ڪيئن بلبل +کڻي! +سوسن: هو فيروز، جو هر روز باغيچي ۾ ايندو آهي، تنهن کي ڏسي ته تنهنجي دل گل وانگي ٽڙندي آهي! +دل افروز: (نٽائي ٿي) ادي، چانهه نٿي ٺاهين ته پيون؟ +سوسن: +دل سندو سوز ڇپائڻ سان ڇپي ڪين سگهي، عشق ۽ مُشڪ لڪائڻ سان لڪي ڪين سگهي! +[ ٽيئي ڄڻيون چانهه ٺاهڻ ۽ پيڻ ۾ مشغول ٿين ٿيون. فيروز، انور سميت، قبرستان جي پٺيان اچي ٿو، گلن جي ڇٻي رکي، قبر جي سير انديءَ کان لوبان دکائي، هٿ کڻي دعا گهري ٿو. انور ماٺ ڪري بيهي ٿو. نسترن، دل افروز کي آزمائي ٿي.] +نسترن: ادي، هاڻ هلو ته گهر هلون، ٿڌ ٿي پوي. +[نسترن ۽ سوسن اٿن ٿيون] +دل افروز: ادي، مون کي ته ٿڌي هوا وڻي ٿي. +سوسن: ادي، ڀلا تون ويٺي رهه...... ڀلي هو جوان به اچي! +دل افروز: (چرچي مان) تڏهن صاف ڇو نٿي چوين ته هو توکي وڻي ٿو! +سوسن: چڱو ڀلا، مون کي وڻي ٿو، - تڏهن ويجهو ته وڃي ڏسانس! (ويجهو وڃي، فيروز کي ڏسي، وري اچي ٿي) اجهو، هيڏي ٿو اچي! +[فيروز اُٿي ٻئي پاسي کان بيهي ٿو.] +دل افروز: (هن کي چتائي ڏسي) هائو، ادي، هائو، ڀڄو ته پاسي ٿيون، پرائو مڙس ٿو اچي. +نسترن: پرائو مڙس! چڱو ڀلا، هلو. (هلن ٿيون. دل افروز پٺتي رهجي ٿي) ڇو، هلي نٿي سگهين ڪيئن؟ +دل افروز: (ڪوڙ ڪري) ادي، ڪنڊو آهي. ڪي ڇا لڳو آهي. (پير جهلي ڏسي ٿي.) +سوسن: (کلي) ڪٿي؟ - پير ۾ يا ... دل ۾ لڳو آهي. +دل افروز: (آڏيءَ اک سان فيروز کي ڏسي.) ويچارو اُداس بدحواس آهي. +نسترن: سچ پڇين ته مٽيءَ سان گڏيل الماس آهي! +سوسن: جي آءُ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان، ته جيڪر وٽس وڃي حال پڇانس. +نسترن: جي آءُ هجان، ته اصل گهر وٺي وڃي اُتي پڇانس! +دل افروز: بابو گهڻو ئي سڏيندو اٿس، پر ڪين ايندو آهي، خبر ناهي ڇو ٿو ايتري لڄ ڪري. +سوسن: ادي، بس، هاڻ هل، وڌيڪ ڏسڻ نقصان آهي! +دل افروز: ڇو، لڪي ڏسڻ ۾ ڪهڙو زيان آهي؟ +اڪرام: (اندران) دل افروز؟ +[آواز ٻڌي، دل افروز ڇرڪ ڀري ٿي.] +دل افروز: بابا، آئي. +[ٽيئي وڃن ٿيون.] +فيروز: (گل وجهي، دعا گهري چوي ٿو) +امان، آءٌ رات ڏينهن ڪريان تنهنجي حق دعا، سا ڀي ڪندو قبول ڪرم ساڻ شل خدا، دنيا ۾ موٽي تنهنجو ٿئي نانءُ جابجا، عزت ۽ آبروءَ سان پڻ رهون سدا. شل تنهنجو روح پاڪ، خدا کي قريب هوئي، شل آخرت تنهن کي به جنت نصيب هوئي! +انور: ادا، امان زمين ۾ الاجي ڪيئن رهندي هوندي – ويچاريءَ کي ڏاڍي سردي لڳيندي هوندي! +فيروز: ادا، +هن کي نه آهي خاڪ جي سرديءَ جي ڪا خبر، گرميءَ کان سج جي تنهن کي نڪو خوف يا خطر، دنيا جي درد غم جو مٿس ناهي ڪو اثر. هوءَ ٿي رهي اتي جتي پهچي نه ڪو ضرر، جنهن گهر ۾ آهي، سڏ جي ٿو”داراالقرار“ سو. آرام ۽ قرار جو باغ و بهار سو. +انور: تڏهن امان وري اسان جي گهر نه ايندي؟ +فيروز: نه، ادا، امان خدا وٽ ئي رهندي هاڻ تون هيءَ گلن جي ڇٻي کڻي گهر هل، ته آءُ اڪرام جي گهران ٿيندو ٿو اچان. +انور: چڱو ادا، پر جلدي اچجئين. +[ فيروز، اڪرام جي گهر لنگهي وڃي ٿو. انور اڳڀرو هلي ٿو، ته عالمسوز ظاهر ٿئي ٿو.] +عالمسوز: بابا، خوش آهين؟ (پيار ڪريس ٿو) +انور: هائو. +عالمسوز: چاچي توکي سڏيو آهي. اڄ وڏو جلسو ۽ تماشو ڪيو اٿس. +انور: چاچي ته اسان کي گهران لوڌي ڪڍيو، پوءِ سڏي ڪيئن ٿو؟ +عالمسوز: نه نه، جيڪي ڪيو سو تنهنجي ڀاءُ ڪيو، چاچهين ته توکي اڄ به سڏيو آهي. +انور: ادي کان موڪلايو، ته پوءِ هلان. +عالمسوز: ڀاڻهين کي به سڏيو اٿس، اُهو به ا��ندو. +انور: تڏهن ته چڱو، آءُ به هلندس. +[ٻئي وڃن ٿا. فيروز ۽ اڪرام، ڳالهيون ڪندا، نڪري اچي گهر جي ايوان ۾ بيهن ٿا.] +فيروز: ادا، جي ڀانئين ته آءُ تنهنجو سنگتي ٿيان، ته مون کان خدا جي واسطي ڪوبه ڳجهه نه لڪاءِ: مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙو ڌندو ڪندو آهين، ۽ گذاران ڪيئن ٿيندو اٿئي؟ +اڪرام: تون قسم کڻندين ته ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندين؟ +فيروز: آءُ پنهنجيءَ جان جو قسم ٿو کڻان، دين ايمان جو قسم ٿو کڻان! +اڪرام: تڏهن ٻُڌ ...(هيڏي هوڏي نهاري، آهستي) مون پنهنجي ۽ تنهنجي ڪم پوري ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٽولي بنائي آهي، انهيءَ ٽوليءَ مان خدا گهريو آهي ته اسان جي ڀلائي آهي. +فيروز: (ويچار ڪري) اُنهيءَ ٽوليءَ ۾ آءُ به شامل ٿي سگهندس يا نه؟ +اڪرام: نه، ٻاهريون ڪوبه ان ۾ اچي نه سگهندو. +فيروز: جي اُنهيءَ ۾ آءُ به شريڪ ٿيڻ گهران، ته پوءِ؟ +اڪرام: جي اُنهيءَ سان گڏجڻ گهرندين، ته آءُ توکي گڏي ڇڏيندس، مگر، جي دغا ڏيندين، جيئرو نه رهندين! +فيروز: چڱو، آءُ راضي آهيان. +اڪرام: انجام اقرار ڪرڻو پوندءِ، قسم کڻڻو پوندءِ. +فيروز: پنهنجيءَ ماءُ جي نيڪناميءَ جي لاءِ ائين به ڪندس. +اڪرام: شاباس(وڌيڪ آهستي) اڄ اڌ رات جو مون سان اچجئين! پر، پوءِ ڦري نه وڃجئين! +فيروز: ڪڏهن نه. +[دل افروز در وٽ اچي، فيروز کي ڏسي وري وڃي ٿي. اڪرام هن کي ڏسي سڏي ٿو.] +اڪرام: ڌيءَ، ڀلي اچ، لڄ نه ڪر، فيروز ميان آيو آهي –سؤ ڀيرا سڏيو اٿمانس، تڏهن مس اڄ آيو آهي. +[دل افروز شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي اچي ٿي.] +دل افروز: بابا، تون ڪالهه رات نه آئين، مون کي اڪيلائيءَ ۾ ننڊ ئي نه آئي. +[آڏيءَ اک سان فيروز کي ڏسي ٿي.] +اڪرام: ڇو؟ +دل افروز: ڀلا، بابا، اوهين وڃو هليا، مون وٽ نڪو سنگتي نه ساٿي، فڪر ۽ ڊپ ۽ انتظار جي ڪري ننڊ ڪٿان ايندي؟ +اڪرام: بس، هاڻ اڳتي فيروز مان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آهي، ۽ پاڻ ٻنهي جو غمخوار آهي. +دل افروز: جي هو پنهنجو غمخوار آهي، ته اسان جو سردار آهي. +اڪرام: وڃ، ابا، وڃي چانهه ٺاهي آءُ. +دل افروز: چڱو، بابا. (وڃي ٿي ويندي، پنهنجي منهن) منهنجي دل به ائين ٿي چوي! +اڪرام: (فيروز کي) ڏٺئه، مون کي بابا ڪيو ٿي سڏي، آءُ گهر ۾ ناهيان ته بي آرام ٿي ٿئي. +فيروز: پنهنجي پيءُ سفير جنگ کي سڃاڻي ڪين ٿي؟ +اڪرام: نه (ٿڌو ساهه کڻي) جي آءُ سڀاڻي مري وڃان، ته تون هن جي سنڀال ڪجئين. +فيروز: بيشڪ ڪندس، دل ۽ جان سان ڪندس، دين ايمان سان ڪندس. +اڪرام: شل سلامت رهين! اڄ تون کڻي اتي ئي رهه، منهنجو هڪڙو سنگتي ۽ رازدار آهي، جنهن جو نالو نثار آهي، انهيءَ کي سڏي ٿو اچان، ۽ رات جي تياري ٿو ڪريان.(وڃي ٿو.) +فيروز: (اڪيلو، هٿ کڻي) +شڪر، يار رب، جو مون کي نيڪ مددگار مليو، +لطف سان تنهنجي، مون بي يار کي هڪ يار مليو +[ دل افروز چانهه ٺاهي، مُرڪندي، اچي فيروز کي چانهه ڏئي ٿي.] +دل افروز: سائين، اجها چانهه، ڪريو نوش جان، پوءِ هڻو ڪنهن ڪُٺيءَ جي دل کي ڪان. +فيروز: آءُ پاڻ زماني جي گردش کان ڪٺو وتان، سو ٻين کي ڪيئن ڪُهندس ۽ ڪان هڻندس؟ +دل افروز: اهو انڪار بلڪل باطل آهي، جو ماڻهن کي قتل ڪري ٿو، سو قاتل آهي! +فيروز: ڪير قاتل ٿيو؟ ڪنهن قتل ڪيو؟ +دل افروز: (شرم سان) اوهان جي محبت ۾ آءُ قتل ٿي آهيان، اوهين حسن جي ترار کڻي اچي منهنجا قاتل ٿيا آهيو! +[ٻئي گڏ ڳائن ٿا.*] +فيروز: آءُ آهيان گردش جو ماريو- ويچارو، آوارو، هاريو..... +دل افروز: جيئن تون پيارو، ماريو، هاريو، آءُ ڀي آهيان – آءُ.... +فيروز: آءُ آهيان بي زر، بي گهر، بي ثمر، +دل افروز: آءُ ڀي آهيان بي سر، بي ياور. +فيروز: آءُ بد اختر. +دل افرو��: توکان بدتر، آءُ ڀي آهيان – آءُ.... +فيروز: بدنامي، ناڪامي، ناداري، ناچاري- +دل افروز: تن ۾ ڏيندس آءُ ياري، مون کي لڳندي سا پياري. +فيروز: آءُ آهيان آفت جو ماريو – +دل افروز: تو تان واريو، دل کي هاريو، آءُ ڀي آهيان – آءُ... +فيروز: بيبي آءُ سچ ٿو چوان، آءُ هڪڙو بدنصيب ۽ بدنام ماڻهو آهيان، منهنجي محبت متان توکي به بدنام ڪري! +[اتي اڪرام اندران سڏي ٿو.] +اڪرام: فيروز! +فيروز: آيو.... (ويندي چوي ٿو) جيڪي چيم، تنهن کان بي دل ۽ خفي نه ٿجئين، مون تي رحم ۽ افسوس ڪندي رهج. +[فيروز وڃي ٿو.] +دل افروز: (اڪيلي، ڳائي ٿي.) +*نه گل هوءِ، وڻي ڪيئن بلبل کي لاله راز، +آهه گلزار ان کي خار، ڪو جنهن جو ناهي دلدار، ڙي..... +دلڙي آهي مصيبت ۾، سونهي نٿو سينگار، +ڪاري ڪٽاري لڳائي توساري،جلائي جي باغ بهار،ڙي +چين اچي نا، رَين کُٽي نا، نَين وهي جل – ڌار، +گلَ ري چمن جي ناهي سونهن ڪائي، گل آهه ڳچيءَ جو، +هار، ڙي.... +[دل افروز غمگين ٿي وڃي ٿي، ته نثاراچي ويهي ٿو.] +نثار: (نشي ۾ ڳائي ٿو) +[1]پيٽ ڀري دارون، جي پئين کڻي يار تون، +ٿئين مچي هڪدم، رستم جان تيار تون! +نوش ڪرين نشو، جي روز مزيدار تون، +وجهين ڀڃي مُڪن سان پنهنجي ديوار تون – پيٽ +سور پوي يا ٿئي بيخوابي، پيءُ پيالو ڪرشتابي، +دل کي ٺاري آتش آبي، آجو مرض کان نت شرابي، +پُر ڪر شراب سان پنهنجو گهر ٻار تون – پيٽ... +[دل افروز اچي ٿي، ۽ نثار کي ڏسي کيڪاريس ٿي.] +دل افروز: اچو، سائين. +نثار: (محبت مان) ڪيئن، پياري! پوءِ نيٺ خيال ڪري رهينءَ يا نه؟ اڃا منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو اٿئي- شادي مرادي يا نامرادي؟ +دل افروز: مون پنهنجي دل ”فيروز“ کي ڏيئي ڇڏي آهي. بابي به اها ڳالهه پسند ڪئي آهي، ۽ هاڻ اسان کي شاديءَ جي اُميد وڏي آهي. +نثار: +1 دلڙي ويچاري، تو وٽ اي پياري، مون تان ڦاسائي ڇڏي ڏني، تو به کڻي سا، تير هڻي سا، زخمي بنائي ڇڏي ڏني! پاڻ پَسائي، لؤن ڀي لڳائي، اکيون ملائي ڇڏي ڏني! ناز ادا سان، جور و جفا سان، سخت ستائي ڇڏي ڏني! +آئيني سان ٿا رکن دشمني صورت وارا، خاڪ ۾ دل کي ملائن ٿا ڪدورت وارا، مارجي نت ٿا وڃن مفت محبت وارا، وڃي راحت کي رسن نيٺ مصيبت وارا: +غم ۽ الم ۾، لڄ ۽ شرم ۾، مون ته ٻڌائي ڇڏي ڏني، ظلم ستم سان، فند فهم سان، تو ته اُڏائي ڇڏي ڏني! +دل افروز: مون کي ته فيروز پسند آهي، منهنجي ڳچيءَ ۾ هن جي محبت جو ڪمند آهي: هو فيروز، ۽ آءُ دل افروز! +نثار: آءُ جواهر، فيروز پهڻ: تو ڪيئن جواهر ڇڏي پهڻ پسند ڪيو، ۽ پاڻ کي انهيءَ بيعقليءَ جي ڪمند ۾ بند ڪيو! +دل افروز: بي آب جواهر کان آب وارو پهڻ بهتر آهي! +نثار: منهنجي نااُميديءَ مان پس پيش توکي ضرر آهي. +دل افروز: انسان ويچارو ڏکن لاءِ پيدا ٿيو آهي. +نثار: اهڙي انسان کي حيف آهي، جو پاڻيهي اچي کَڏ ۾ پيو آهي! +دل افروز: بس، منهنجي ته هن سان دل ٻجهي ويئي آهي. +نثار: جي ائين آهي ته مون به چڱي رٿ ڪئي پڪ ڄاڻ، اوهان سڀني تي آفت اچي پيئي آهي. +دل افروز: جيڪا قسمت! +نثار: وڃ ڙي ماري، او ناڪاري ناري! +نادانيءَ سان تون رهجئين، بي ڌيانيءَ سان تون +رهجئين، هشياريءَ سان – وڃ ڙي... +ڏٺي ڏٺي تنهنجي هيءَ چريائي، صفائي، سچائي، +رُکائي، برائي، جدائي – +وڃ ڙي وڃ، وڃ وڃ وڃ وڃ... +ناري! وڃ وڃ وڃ وڃ وڃ ... +ناري! وڃ وڃ وڃ وڃ وڃ .. +وڃ ڙي........ +نه هوندي اهڙي ڪائي جهڙي تهڙي – توئي جهڙي +تون آهين ناري، مت جي ماري، تنهنجي خواري، +ٿيندي ياري، +سمجهي مون تان بد ڪرداري تنهنجي ساري – وڃ ڙي.... +دل افروز: (بي برواهيءَ سان) تنهنجي ڊيڄاري آءُ ڪين ڊڄنديس! +نثار: پنهن��ي پيءُ کي سڃاڻين ٿي؟ هن جي بُرن ڪمن کي ڄاڻين ٿي؟ +دل افروز: منهنجي پيءُ جهڙو نيڪ ۽ ناميارو ٻيو ڪير هوندو؟ +نثار: نيڪ ۽ ناميارو يا... (آهستي) ٺڳ ۽ ڪوڙن سڪن ٺاهڻ وارو! +دل افروز: (ڊپ ۾) نثار، خدا جي واسطي مون کي نه ڊيڄار! +نثار: آءُ قسم کڻي چوان ٿو ته جي منهنجي ڳالهه نه مڃيندينءَ، ته ضرور پنهنجو پيءُ وڃائيندينءَ! +دل افروز: (ڊپ ۾) تڏهن، مون تي رحم ڪر، مون کي خيال ڪرڻ جي مهلت ڏي. +نثار: مهلت ڇا جي؟ (دڙڪي سان) هينئر جو هينئر جواب ڏي، نه ته انهيءَ جو حساب ڏي! +دل افروز: جي مهلت کان انڪار آهي، ته اتي جو اتي جواب ڏيڻ دشوار آهي. +[ دل افروز چڙ ۽ خوف ۾ هلي وڃي ٿي.] +نثار: ڌيءَ ته صفا جواب ڏنو، هاڻ جي پيءُ به اهڙو ئي سُنڪو جواب ڏنو ته پوءِ، نثار، تون سرڪار سان ملي وڃ، ۽ تهخاني جو ڳجهه ظاهرڪري، اڪرام کي شهر – نيڪالي ڏيار – پوءِ دل افروز کي پيو محبت جا پيالا پيار! +[خيال ڪري ٿو، ته اڪرام اچي ٿو.] +اڪرام: نثار، جنهن فيروز جو نه، ذڪر مون تهخاني ۾ ڪيو هو، تنهن قسم کڻي پنهنجي ٽوليءَ ۾ شامل ٿيڻ جو انجام ڪيو آهي. +نثار: اهو ته تمام چڱو، مزو ٿيو. +اڪرام: يار، نثار منهنجون ٽي مرادون آهن، جي اُهي ٽيسئي پوريون ٿين، ته جيڪر تهخاني جي مهنداري توکي ڏيئي، آءُ وڃي خدا کي ياد ڪريان. +نثار: ڪهڙيون ٽي؟ +اڪرام: هڪڙي، ”سفير“ کان وير وٺڻ، ٻي، نڪاح نامي جو پتو ڪڍڻ..... +نثار: ۽ ٽين؟ +اڪرام: فيروز سان دل افروز جي شادي ڪرڻ. +نثار: (دهلجي) هان؟ +اڪرام: هائو، پنهنجي جيئري مون ڪنهن اشراف خانداني ماڻهوءَ جي هٿ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي، تنهن ڪري فيروز کي مدد ڏيڻ جو هميشه دل ۾ خيال پئي ٿيو آهي. +[اندران دروازي مان فيروز جهاتيون پيو پائي.] +نثار: هو جهاتيون ڪير پيو پائي؟ +اڪرام: اهو ئي فيروز آهي، جو پيو واجهائي. +نثار: تڏهن آءٌ ڇڏيان، ۽ نراس رهان؟ +اڪرام: (عجب ۾) دل افروز جي طمع تنهنجي دل ۾ ڪڏهن آئي! +نثار: گهڻن ڏينهن کان، مگر مون پئي ڇپائي. ڪوڙن سڪن ٺاهڻ ۾ جو آءٌ توسان شريڪ ٿيس، سو فقط دل افروز جي طمع تي، پر جي هاڻ تون به مون کي ائين جواب ڏيندين ته ٺهيو، - پوءِ پاڻيهي پيو حساب ڏيندين! +اڪرام: (چڙي) قسمت ۾ جيئن هوندو تيئن ٿيندو، پر دل افروز جي شادي توسان ته ڪين ڪندس.) +نثار: (ڪنڌ لوڏي) ائين! تڏهن هيءُ ڏس.... (کيسي مان هڪڙو سرڪاري اشتهار ڪڍي. هن کي ڏيکاري پڙهي ٿو)- ”جيڪو ڪوڙن سڪن ٺاهڻ وارن کي گرفتار ڪرائيندو، تنهن کي پنج هزار رپيا انعام به ملندو، جي پاڻ اُنهن جي ٽوليءَ مان هوندو، ته اُنهيءَ کي معافي ملندي، ۽ هو سرڪاري شاهد شمار ڪرڻ ۾ ايندو“! +اڪرام: (خوف ۾) تڏهن تون مون کي ڦاسائيندين؟ جماعت جو قول قرار وساري ڇڏيندين؟ +نثار: ”پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ؟ +اڪرام: چڱا مڙس، حرص هوس جي ڪري عهد پيمان نه ٽوڙ، قسم کڻي دين ايمان نه ٻوڙ! +نثار: ايمان پوي کڏ ۾:عشق ۾ ايمان ڇا آهي، جاني نه هوندو ته جان ڇا آهي؟ يا دل افروز جي ٻانهن، يا ٻنهي جي موت جي دانهن! بس، هاڻ الهه واهي. +[وڃڻ جي ڪري ٿو. اڪرام ٻانهن کان وٺي روڪيس ٿو.] +اڪرام: بيهه ته سهي، دوست ٿيو ٿو وڃين، يا دشمن؟ +اڪرام: (خيال ڪري) ٻه چار ڏينهن؟ (وري خيال ڪري) چڱو، آءُ خيال ڪندس. +نثار: (پنهنجي منهن) هي ڀانئي ٿو ته هن کان نٽائيندس پر آءُ اڄ ئي ٿو پڪڙايانس! (اڪرام کي) اڄ رات آءُ به هڪڙو نئون شاگرد آڻيندس. +اڪرام: چالاڪ ۽ هشيار آهي؟ +ڏاڍو آزمودگار آهي ۽ ٽوليءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. +اڪرام: هيءُ بي ايمان جيڪي چوي ٿو، سو ضرور ڪري ڏيکاريندو، ۽ مون کي ڦاسائيندو، بهتر آهي ته ڏينهن ٻن ۾ دل افروز جي شادي ڪري ڇڏيان، پوءِ جيڪا قسمت، (گهر ڏي وڃي ٿو.) +[پردو ڪري ٿو] +پردو ٻيو +جوان بخت جو گهر +[فلڪ جاه ۽ عنايت خان ڳالهيون ڪندا اچن.] +فلڪ جاه: ڇا چيئه – دل نٿي چئي؟ ڪهڙي سبب؟ اڃا چار ڏينهن مس نوڪري ڪئي ٿيا اٿئي ته هينئر ئي دل ۾ وسوسا پيا اٿئي. +عنايت خان: جڏهن اوهان جي سالي کي منهنجي هلت چلت پسند نه آهي، تڏهن منهنجو اوهان وٽ رهڻ به فائديمند نه آهي. +فلڪ جاه: چڱو، آءُ ادي سفير کان پڇندس. پوءِ توکي جواب ڏيندس. +عنايت خان: بندگي. +[هلي ٿو، ته سامهون سفير جنگ اچي ٿو. عنايت هن کي جهڪي سلام ڪري ٿو. هو عنايت کي چتائي ڏسي ٿو. عنايت هليو وڃي ٿو.] +سفير جنگ: ادا، مون کي هي شخص فيروز جو جاسوس نظر ٿو اچي. +فلڪ جاه: جاسوس آهي!- انهيءَ جو دليل ڪهڙو؟ +سفير جنگ: جڏهن کان هي آيو آهي، تڏهن کان مون هن کي هر وقت ڪَنَ ڏيندو، خيال ڪندو، وجهه ڳوليندو ڏٺو آهي. +فلڪ جاه: جي هن جي اها گهت آهي، ته، ضرور ڪا حرڪت آهي، اوهين جانچ ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي مصلحت آهي. +سفير جنگ: آءُ اجهو ٿو هن جو پتو ڪڍان +[ٻئي نڪري وڃن ٿا، ته انور کينهي سان راند ڪندو اچي.] +[2] نيڪيءَ کي تون هڪ زيور چؤ، +ڪو ناهي تنهن کي ڪنهن پر ڀؤ، +رهن سڀ سدا سکيا، سدا خوش خورم، +ڪنهن کي نيڪي وسري نه ڪڏهين- +نيڪيءَ کي....... +جتي ڪٿي آهي هيءَ خبر، +نيڪيءَ مان آهي نيڪنامي، +نيڪيءَ مان آهي ڍؤ +نيڪيءَ کي ....... +[انور کينهو اڇلائيندو اندر وڃي ٿو. ٻئي پاسي کان فيروز ۽ عنايت خان ڳالهيون ڪندا اچن.] +عنايت خان: اچو، سائين، اندر اچو، ٻاهر بيٺا ڇا ٿا ڪريو؟ +فيروز: آءُ پنهنجي ننڍڙيءَ ڀاءُ کي ٿو ڳوليان- شايد ڪو هن کي ٺڳاري وٺي ويو آهي. +عنايت خان: اوهين نواب جوان بخت جا وڏا پٽ آهيو نه؟ +فيروز: ادا، تون ڪير آهين جو مون تي قياس +ڪرين، ۽ منهنجو نالو نشان ٿو پڇين؟ +عنايت آءُ انهيءَ خاندان جو جهونو نوڪر آهيان، مون اوهان جي بابي جو نمڪ چکيو آهي، مگر هاڻ ته قسمت داڻو پاڻي هتي آڻي رکيو آهي. +فيروز: جي تو نمڪ چکيو ۽ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ ته بابي جي نڪاح جو حال به ڪي ڄاڻين ٿو. +عنايت: (خيال ڪري) جيڪڏهن آءُ ڄاڻان ٿو، ته انهيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ +فيروز: تنهنجيءَ شاهديءَ ڪري جي مون کي پنهنجو حق ملندو، ته انهيءَ مان اوهان کي ڪنهن سبب ڪري چئي نٿو سگهان، مگر جڏهن ڪو موقعو آيو ته ڏٺو ويندو. +فيروز: ڀلا، ڪا ته نمڪ جي نشاني بتاءِ، ۽ مون کي پنهنجي ڀاءُ سان ملاءِ! +عنايت: چڱو، اوهين هتي بيهو ته آءُ اجهو ٿو اچان، ۽ ننڍي صاحب زادي کي ڪنهن بهاني سان وٺيو ٿو اچان. (ويندي، پاڻمرادو) بهتر آهي ته جنهن پاسي فائدو ڏسان، انهيءَ پاسي ليٽ رکان. +[عنايت وڃي ٿو.] +مون کي دنيا جي ماري بيوفائي، +۽ قسمت جي ڪُهي ٿي نا رسائي، +ملي ٿو ڪونه ڪو همدرد همراهه، +نه واحد ري سجهي ٿي واهه ڪائي. +[انور ڊوڙندو اچي، فيروز هن کي پيار مان ڀاڪر پائي ٿو] +فيروز: ادا، تون هيڏي ڪيئن آئين؟ +انور: مون کي چاچي جو ماڻهو وٺي آيو هو. +فيروز: دغا باز توکي ٺڳاري وٺي ويا هئا، تون ناحق هنن جي ڳالهين تي لڳين. +[اتي فلڪ جاه ڪاوڙ مان ڪاهي اچي ٿو.] +فلڪ جاه: انور، هيڏي اچ! (انور ڊپ کان فلڪ جاه وٽ وڃي ٿو) خبردار، هوڏي ويندين ته مار کائيندين! (فيروز کي) تون هتي ڇو آئين؟ +فيروز: ڀاءُ جي لاءِ آيو هوس. +فلڪ جاه: (ڪاوڙ مان) ڀاءُ سان تنهنجو واسطو ڪونهي. نالائق، وري جي انهيءَ جي لاءِ ايندين ته آءُ ماريندوسئين! +فيروز: (عاجزيءَ سان) بيدرد چاچا، جي مُئلن کي مارڻ ۾ وڏائي آهي ته ڀلي مار، آءُ حاضر آهيان، مگر پنهنجي ڀاءُ جي بدبخت پٽ تي قياس ڪر، ۽ مون کي پنهنجو ڀاءُ ڏي: اهو ئي هڪڙو منهنجي پيءُ – ماءُ جي نشاني آهي، ۽ اهو ئي هڪڙو دنيا ۾ منهنجو يار جاني آهي، جنهن تي منهنجو جياپو ۽ منهنجي زندگاني آهي! +فلڪ جاه: اسين رحم ۽ ڀلائي ڪري هن معصوم کي پنهنجي گهر آڻي سنڀاليون ٿا، سا ڀلائي به ويئي، هينئر ڀاءُ کي وٺڻ آيو آهي! +فيروز: ڀلائي يا برائي – خدا ڏسڻ وارو آهي. +انور: (ڊپ ۾، هٿ ٻڌي، فلڪ جاه کي ) چاچا سائين، ادي کي به پاڻ وٽ کڻي رکو: ماءُ – پيءُ کان سواءِ ڇورا آهيون، چاچي کان سواءِ ٻيو ڪنهن جا گهورا آهيون؟ +فيروز: انور، صبر ڪر، هل مون سان گهر – جي نه هلندين، ته سگهوئي پڇتائيندين! +فلڪ جاه: (ڪاوڙ ۾) +[3] وڃ ڙي کريل، لئيءَ مان وڃي لَڪڻ ڀڃ، +وڃ وڃ وڃ – ڀڄ، ٽر، وڃ! – ڃ ڙي... +نڪري وڃ، دور ٿي، ٻاهر وڃ، نڪر هن گهر مان! +پنهنجي منهن وڃ- - وڃ ڙي...................................... ­­­­­ +وڃي کَر، وڃي بَر، وڃي مر – چريا، کريا، لُچا، وڃ ! ­ +جتي ڪٿي، هيڏي هوڏي، وڃي پن – ٽري وڃ! +هليو وڃ – وڃ ڙي ................................................ +فيروز: عاجزيءَ سان) +هوئي عدل سان روا، ته سسي پڻ وڍائجي، +پر ظلم ۽ ستم سان نه ڪنهن کي ستائجي، +دنيا جو دور لطف ڪرم ۾ لنگهائجي، +غفلت سان آخرت به نه پنهنجي وڃائجي: +سمجهج خدا جو قهر رنجائڻ غريب جو، +چرچو نه ڄاڻجئين، تون ستائڻ غريب جو، +فلڪ جاه: تون ويندين، يا ڌڪا ڏياري ڪڍئين! +فيروز: (نااُميد ٿي) آءُ وڃان ٿو. (اکيون ۽ هٿ آسمان ڏي کڻي) اي خداوند، جي تنهنجي خدائيءَ ۾ انصاف آهي، ته تون منهنجو انصاف ڪر، ۽ هي زمين جو پردو ظالمن جي ناپاڪ ظلم کان صاف ڪر! +[چڙ ۾ هليو وڃي ٿو.] +[4] انور: اسين آهيون مسڪين بيوس بيچارا! +عمر ساري، ڪئيسين زاري، هنجون جاري، منهنجي جان هاري، منهنجي جان، سينو پارا پارا- +اسين........... +ڪو ساٿي ناهي، ڪو سنگتي ناهي، ڪو حامي ناهي، منهنجي جان، جو ٿياسين ڏاڍو لاچار، اي پرورد گار، تنهنجي قدرت جا ڪينهن ڪنارا – +اسين......... +فلڪ جاه: عنايت خان، هيءُ بدمعاش ضرور ڪا خرابي ڪندو، ۽ هن ٻار کي اُڏائي وٺي ويندو، تنهن جي ڏاڍي سنڀال رکجئين، ۽ هي ڪمبخت جيڪي چئي ٿو تنهن جو شاهد رهجئين. (انور کي) انور، تون اندر وڃ. +عنايت خان: (بيپرواهيءَ سان) هون، هن جو ڇا، پر آءُ هن جي پيءُ جو به شاهد آهيان! +فلڪ جاه: (گهنڊ وجهي) يعني؟ +عنايت خان: يعني، جيڪي چوان ٿو سو ڌيان ڏئي ٻڌو. +فلڪ جاه: (حيران ٿي) چؤ ڇا ٿو چوين؟ +عنايت خان: (هيڏي هوڏي ڏسي، آهستي) نواب جوان بخت جا اوهين ڀاءُ آهيو؟ +فلڪ جاه: هائو، ڇو؟ +عنايت خان: ۽ شهناز بيگم اوهان جي ڀاڄائي هئي؟ +فلڪ جاه: (ڪنڌ لوڏي) اُونهُون، +عنايت خان: اُنهون نه، پر هائو! +فلڪ جاه: هوءَ نڪاح ٻَڌل نه هئي. +عنايت خان: هوءَ بيشڪ نڪاح ٻَڌل هئي، ۽ فيروز ۽ انور انهيءَ نڪاح واريءَ زال جا سچا پچا پٽ آهن! +فلڪ جاه: نڪاح ٻَڌل هئي، ته نڪاح نامو ڪٿي آهي؟ +عنايت خان: اصل نڪاح نامو ڪونهي، مگر انهيءَ جو سچو نقل ضرور ڪٿي رکيل آهي. +فلڪ جاه: نڪاح جا شاهد؟ +عنايت خان: هڪڙو الله، ٻيو بندو (پاڻ ڏيکاري). +فلڪ جاه: (حيرت ۾) تون شاهد آهين؟ +عنايت خان: (هٿ ٻڌي) هائو، حضور، هڪڙو آءُ، ۽ ٻيو هڪڙو نوڪر. +فلڪ جاه: اُهو ٻيو ڪٿي آهي؟ +عنايت خان: هو خدا جي گهر ويو، ۽ آءُ اوهان جي گهر آيس. +فلڪ جاه: هو مري ويو؟ +عنايت خان: هائو، هو مري ويو، - پر حق به ڪڏهن مئو آهي؟ شاديءَ کان پوءِ، آءُ موڪل وٺي پنهنجي وطن ويس، وري آيس، ته ٻڌم ته نواب صاحب گهوڙي تان ڪري پيو، ۽ مري ويو. +فلڪ جاه: پوءِ؟ +عنايت خان: پوءِ نيٺ حضور ۾ منهنجي رسائي ٿي، ۽ نوڪري ملي. هاڻ ته حضور جي قسمت ۽ منهنجي به قسمت ��ڏ جي پيئي. (اوچتو ڍونگ ڪري) پر ... هوءِ هوءِ، منهنجو مٿو ٿو ڦري، زبان سُڪيو ٿي وڃي! ڪو آهي؟ سگهو اچي! (ويجهيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو) سائين، معاف ڪجو. (نوڪر فلڪ جاه ڏي ڏسي ٿو. هو ڪنڌ جو اشارو ڏئي ٿو. نوڪر هلي ٿو) ٿورو گلاب به ملائجئينس! (وري نوڪر کي) ٻُڌين ٿو، ذور برف به وجهجئينس! +[نوڪر وڃي ٿو.] +فلڪ جاه: (خفي کان) ڌڻيءَ جي اڳيان ايتري بي ادبي احمقائي تمام آهي. +عنايت: (کلي) سائين، ٿُڪ ته اُڇلايو، ڪاوڙ حرام آهي! هاڻ، انهيءَ نڪاح نامي واري معاملي جي فيصلي لاءِ ڪو انجام ڪريو، ۽ انعام ڏيو. +فلڪ جاه: انهيءَ معاملي جو فيصلو عدالت مان ٿي ويو آهي. +عنايت: عدالت جي اک انڌي ٿي ويئي آهي. هيءُ ٻانهو انهيءَ جو سوجهرو بنجي آيو آهي.(هيڏي هوڏي ڏسي) جي ونڊي ورڇي کائيندؤ ته مزا پيا ماڻيندؤ. +فلڪ جاه: تون ڪهڙي مدد ڪندين؟ +عنايت: آءُ شاهديءَ جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندس، ڳجهه لڪل رکندس. +فلڪ جاه: اُنهيءَ جو اُجورو يا بيانو؟ +عنايت: ڏهه هزار انعام ۽ هڪ هزار عمر لاءِ ساليانو. (نوڪرشربت آڻي ڏئيس ٿو، ۽ پوءِ هليو وڃي ٿو. عنايت پي چپن جو سواد وٺي ٿو.) هاءِ هاءِ هانُو ئي ٺري پيو! (فلڪ جاه کي) حضور، اوهين به پي ڏسو. (گلاس آڇي ٿو) حجاب نه ڪريو. +فلڪ جاه: مون کي اُڃ ڪانهي. +(عنايت وري شربت پي پورو ڪري ٿو.) +عنايت: واه واه، شربت انار آهي، ڏاڍو مزيدار آهي! +هاڻ تڏهين ٻڌايو ته ڪهڙو ويچار آهي؟ +فلڪ جاه: وڃ، وڃي سفير جنگ کي مون ڏي موڪل، ته انهيءَ سان صلاح ڪري پوءِ توکي جواب ڏيان. +(عنايت خوشيءَ مان سلام ڪري وڃي ٿو.) (اڪيلو) يا الله، هي ڪهڙو حال آهي، جي هن جي شادي سچي، ۽ نڪاح بحال آهي، ته منهنجي اقبال جو جلد ئي زوال آهي! (سفير جنگ اچي ٿو، تنهن کي، آهستي) ادا، هيءُ عنايت ته سچي پچي آستين جو نانگ ٿي پيو! +سفير جنگ: مون ته اڳي ئي ٿي چيو. +فلڪ جاه: ادا، هي نڪاح جائز ٿو ڪرائي، ۽ پاڻ کي شاديءَ جو شاهد ٿو ٺهرائي! +سفير جنگ: ڀلي ٺهرائي، ڪير ٿو هن کان ڊڄي! هاڻ آءُ ڇا ڪريان. پاڻ سان ملائي ڇڏيانس، يا اصل کپائي ڇڏيانس! +فلڪ جاه: قسمت جي نا رسائي آهي، ته ملائي ڇڏڻ ۾ دانائي آهي. +سفير جنگ: (خيال ڪري) دلجاءِ ڪريو، ويٺا موجون ماڻيو، آءُ وڃيو ٿو هن کي ملايان، ۽ چئن ڳالهين ۾ پنهنجو غلام بنايان. +فلڪ جاه: شل انهيءَ ۾ فتحمند ٿيو. +[فلڪ جاه نڪري وڃي ٿو] +سفير جنگ: (سڏي ٿو) عالمسوز! +عالمسوز: (ٻاهران) آيو، سائين. +[عالمسوز، ديانت سان گڏ اچي ٿو.] +سفير جنگ: (ديانت کي) ديانت اسان کي پاڻ ۾ ڪا مخفي صلاح ڪرڻي آهي. +عالمسوز: (ديانت کي) تون ڪتابخاني ۾ هلي ترس. +ديانت: حاضر (ويندي، پنهنجي منهن) صلاح الاجي شاديءَ جي يا ڪنهن جي برباديءَ جي! +[ديانت وڃي ٿو، ليڪن لڪي بيهي ٻڌي ٿو.] +سفير جنگ: (آهستي) عالمسوز، عنايت ته جوان بخت جي شادي جائز ڪري ٿو، ۽ پاڻ کي نڪاح جو شاهد چوي ٿو! +عالمسوز: (خوف ۾) تڏهن ته هن کي ٺاهي ڇڏڻ بهتر آهي، نه ته پاڻ کي وڏو خوف خطر آهي. +ديانت: (پنهنجي منهن) بابا پاڻيهي خبر پوندي – ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“! +سفير جنگ: خير، هن کي ته آءُ ٺاهي وجهندس، مگر نڪاح نامي جو جهڳڙو صفا ڪرڻ گهرجي. +ديانت: (پنهنجي منهن) جهڳڙي صفا ڪرڻ کان اڳي، پهرين تنهنجو جنازو کڻڻ گهرجي. +عالمسوز: فيروز ۽ اڪرام جي پورائي ته پير خان ٿاڻيدار ڪندو، جو سندن پٺيان آهي، باقي انور جي جيئرو رهيو، ته اهو ضرور ڪنهن ڏينهن دعوا ڪرڻ وارو ٿيندو! +ديانت: (پنهنجي منهن) دعوى ته اهڙي ڪندو جو اوهان جو منهن ڪارو ٿيندو! +سفير جنگ: پوءِ ڪيئن ڪجي؟ +عالمسوز: انور کي، هوا کائڻ جي بهاني تي، منهنجي گ��ر ڏياري موڪلجو، ۽ هڪڙو حڪم نامو قلعي جي ناظر جي نالي لکائي ڏجو، اهو حڪم نامو ڏيکاري، انور کي آءُ پراڻي قلعي ۾ بند ڪرائيندس، ۽ هن جي گم ٿي وڃڻ جي افواهه اٿاريندس. اتي بند رهي رهي، نيٺ مري ويندو، ۽ هميشه جي لاءِ مٿي جو سور لهي ويندو. +ديانت: (پنهنجي منهن) معصوم ۽ بيگناهن کي خدا بچائيندو، مگر اوهان پليدن کي سگهوئي موت رسائيندو! +سفير جنگ: تجويز تي چڱي آهي. +عالمسوز: تڏهن ڪا جهڙي تهڙي آهي! انهيءَ تجويز سان ضرور جان بچندي – ”نانگ به مرندو، ۽ لٺ به نه ڀڄندي“. +ديانت: (پنهنجي منهن ) مگر اُها ساڳي لٺ هڪڙي ڏينهن اوهان جو مغز ڀڃندي! +سفير جنگ: چڱو، هاڻ آءُ وڃان ٿو، حڪم نامي سميت، انور کي تنهنجي گهر ٿو موڪليان. +[ديانت لڪي ٿو، سفير جنگ وڃي ٿو.] +عالمسوز: (سڏي ٿو) ديانت! +ديانت: سائين، هڪڙي ٺڳ جو قصو ٿي پڙهيم +عالمسوز: انهيءَ جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ +ديانت: پڇاڙيءَ ۾ ٻه بيت لکيل هئا، اُهي مون ياد ڪري ڇڏيا. +عالمسوز: ياد اٿئي ته ڀلا ٻڌاءِ. +ديانت: حاضر. +نٿا حرص ۽ هوس وارا نظر ڪن پُڄاڻيءَ تي، +بنائن محل ۽ ماڙيون هوا جون ٿا سي پاڻيءَ تي، +سڃا سکڻا سمهن ڌرتيءَ ۾، جي مُلڪن جا والي هئا، +”سڪندر ويو جڏهن دنيا مان، ٻئي هٿ ان جي +خالي هئا! +عالمسوز: اهڙا خيال پچائيندي، ته دنيا ۾ چاڙهو ڪونه ٿيندءِ. +ديانت: نه ئي سهي، پر اوهين ته ٻڌايو ته نواب صاحب ڇا فرمايو؟ +عالمسوز: هڪڙي عمارت ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو اٿس. +ديانت: مسجد، يا مسافر خانو؟ +عالمسوز: جڏهن جُڙي، تڏهن ڏسجي، هاڻي تون ڀلي وڃ، آءُ نواب صاحب وٽان وڃي عمارت جو نقشو ٿو آڻيان. +ديانت: ڀلي آڻيو. (عالمسوز وڃي ٿو. ديانت، اڪيلو) لعنت آهي توتي، اي بي ايمان – ”جهڙي نيت، تهڙي مراد!“ (خيال ڪري) ديانت، هاڻ جيئن پڄي سگهي ٿي، ويچاري انور کي به بچاءِ، ۽ هنن دغابازن جي فريب جي ڀت به اصل پاڙ کان ڪيراءِ! +(وڃي ٿو.) +[پردو ڪري ٿو.] +پردو ٽيون +رستو +[اشرف هليو اچي، ۽ پيسي جي شڪايت ڪندو اچي.] +اشرف: +هوس جو دام ۽ ايمان جو آزار آهي پيسو، +عقل ۽ هوش جي گردن جي لاءِ هٿيار آهي پيسو، +خوشامد ۽ عرض ۽ دشمني ۽ پيار آهي پيسو، +خدا کي پڻ وسا ري ڏئي، خسيس ۽ خوار آهي پيسو، +انهيءَ مان سڀ فساد آهن، انهيءَ مان شور ۽ شر آهه، +چون ٿا جنهن کي ماڻهو زر، سان جهيڙن جو +سدا گهر آهه، +[ديانت ڊوڙندو اچي ٿو.] +ديانت: اشرف، اشرف! عالمسوز ۽ سفير، انور کي قلعي جي تهخاني ۾ بند ڪرڻ جي صلاح ڪئي آهي - اها ڳالهه مون پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي! +اشرف: پوءِ، انور کي ڪيئن هٿ ڪريون؟ +ديانت: انهيءَ دم، هن رستي تان، هڪڙي نوڪر سان گڏ، عالمسوز جي گهر ويندو – اُتان هن کي ڀرتي وٺي ويندا. +اشرف: اهو نوڪر غريبڙو آهي، يا چالاڪ هشيار آهي؟ +ديانت: نواب جو سوار آهي، صبح جو حاضري ڏيڻ ايندو آهي، پوءِ شام تائين بازار ۾ ماڻهن جا خط ويٺو لکندو آهي. +ديانت: ۽ آءٌ ايتري ۾ انور کي لڪائي ڇڏيندس! +اشرف: (خيال ڪري) خط؟ - تڏهن چڱو وجهه آهي، آءُ هن کي ڳالهين ٻولهين ۾ ترسائيندس... +ديانت: +اشرف: (سامهون ڏسي) اجهو، اچي ٿو! هاڻ تون ڪنهن پاسي وڃ، ذرو رکي، پوءِ وري اچ. +[ديانت وڃي ٿو. سوار انور جو هٿ وٺيو اچي ٿو. ڪَڇ ۾ قلمدان ۽ جُزدان اٿس.] +انور: (اشرف کي ڏسي) ماما اشرف، سلام! +اشرف: بابا، خدا سلامت رکيئي! (سوار کي) حضرت، اوهين منشي ٿا ڏسجو، ڀلائي ڪري هڪڙو خط ته لکيو ڏيو وڃو. +سوار: هڪڙو روپيو ڏيندس. +اشرف: جلد لکندؤ ته روپيو ئي وٺندس. +سوار: هن ٻار کي عالمسوز وڪيل جي گهر پهچائڻو آهي، ڇڏي، اجهو ٿو اچان. +[ديانت اچي سلام ڪري ٿو] +ديانت: سوار صاح�� سلام ٿئي! +سوار: سلام، سائين. +اشرف: (ديانت ڏي هٿ کڻي) هي ڪهڙو بزرگوار آهي؟ +سوار: عالمسوز وڪيل جو رشتيدار آهي. +اشرف: هان؟ تڏهن ٻار کي ته هن جي هٿان ئي موڪلي ڏيو. مهرباني ڪري جلد خط لکي ڏيو، جو ٽپال جو وقت نزديڪ ۽ منهنجو گهر دور آهي ۽ خط جو اڄ وڃڻ بلڪ ضرور آهي. +سوار: (ديانت کي) ادا، ڀلا تون ئي وٺي وڃ، هن کي جلد پهچائڻ جو حڪم مليل آهي. +ديانت: چڱو حرڪت ڪانهي، - آءُ ته هنن جي گهر جو ماڻهو آهيان! +انور: (ديانت کي) مون کي گهمڻ لاءِ وڃڻو آهي، جلد وٺي هل، دير نه ڪر. +سوار: (انور کي ) پٽ، تون هل، آءُ به تنهنجي پٺيان ٿو اچان، (ديانت کي) سنڀال ڪجئين!.... هو فيروز سڃاڻين نه- جنوني، ديوانو؟ - انهيءَ کان بچائجئينس! +ديانت: هائو هائو، دلجاءِ ڪريو. +سوار: آءُ به اچان ٿو، جو هڪڙو خط هٿو هٿ عالمسوز کي ڏيڻو آهي. +ديانت: (هلندي هلندي) جلد اچجئين – (پنهنجي منهن) هاڻ گهر کي ياد ڪجئين! +[ديانت انور جو هٿ وٺي وڃي ٿو. سوار جُزدان مان ڪاغذ ڪڍي ٿو، ۽ قلمندان پٽي قلم کڻي ٿو.] +سوار: چؤ، سائين، ڇا ٿو لکائين؟ +اشرف: هائو، لکو، آءُ چوندو ٿو وڃان، اوهين لکندا وڃو. (ٿورو ماٺ ڪري) برادر صاحب، مهربان، سموالقدر، بلند مڪان.... +سوار: [وات سان اهي ساڳيا لفظ چئي به ٿو، ۽ لکي به ٿو.] +اشرف: فيض بخش، فيض رسان... +سوار: ها، فيض بخش، فيض رسان... +اشرف: قبلئه دوجهان، ڪعبئه جاودان... +سوار: قبلئه دوجهان، ڪعئبه جاودان... +اشرف: فريدون زمان، جمشيد دوران... +سوار: (اشرف جي منهن ڏي ڏسي) خط ٿو لکائين، يا ڪتاب؟ هيترا سارا القاب! +اشرف: ڇو، منهنجو مربي ڀاءُ آهي! تنهنجو تنهن ۾ ڇا- تون پيسا وٺندين نه؟ هائو، لکو: بعد از سلام، +مالاڪلام عرض ته..... +سوار: بعد از سلام،...... +اشرف: (چڙي) چه چه چه چه... اهو ڊاهي ڇڏي، ڊاهي ڇڏ. +سوار: (ليڪو ڪڍي) ڊاٺم. +اشرف: بعد از تسليمات، نياز آيات، و بندگي، ده چندگي... +سوار: (اهو لکي) سڄو ڏينهن ويٺو خط لکندس، يا ڪو ٻيو به ڪم اٿم! +اشرف: اوهان جي ڪم سان منهنجو ڪهڙو ڪم، رپيو وٺندي يا ڊم! +سوار: تڏهن ڊگهيون ڳالهيون نه ڪر، مطلب جي ڳالهه تي اچ. +اشرف: ڀلا، لک مطلب جي ڳالهه. +سوار: چؤ. +اشرف: ڀاءَ منهنجا! اڄ هڪڙي چنڊول ڦاسائڻ لاءِ مون ڄارو وڌو... +سوار: ها. +اشرف: پر، اُنهيءَ ۾ چنڊول جي بدران هڪڙو چٻرو ڦاسي پيو! +سوار: ها. +اشرف: جڏهن چٻرو مليو، تڏهن مون ڏاڍو کليو- +[ٽِهڪ ڏيئي کلي ٿو.] +سوار: ها، لکيم، +اشرف: (خط ۾ ڏسي) ڪٿي آهي- منهنجي کل ڪٿي لکي اٿئي؟ +سوار: (ڏيکاري) هي ڇا آهي؟ (پڙهي ٿو) – ”مون ڏاڍو کليو“. +اشرف: کل جو آواز ۽ ٽهڪ ڪٿي لکيو اٿئي؟ +سوار: اڙي، کل جو آواز ڪيئن لکان؟ +اشرف: تڏهن ڪاتب وري ڌوڙ جو ٿيو آهين! قلم کنيو اٿئي، يا حجام جي پاڪي! +سوار: (چڙي) هاڻ سگهو ٿي، ٻيو ڇا لکڻو آهي؟ +اشرف: بس، - زياده حد ادب، سڀ کي سلام. +سوار: ها، لکي ڇڏيم. +اشرف: سڀ ڪير؟ +سوار: (چڙي) دوست بيگانا، سنوان ديوانا- +اشرف: واه ڙي جن جا سلام لکايان سي لکندين ڪي نه؟ لک: جانيءَ ۽ زباني کي سلام. +سوار: ها، - جانيءَ ۽ زبانيءَ کي سلام. +اشرف: احمد ولد شاديءَ ۽ اسماعيل حيدرآباديءَ کي سلام. +سوار: (چڙي) لاحول ولا.... +اشرف: گهر کي ۽ در کي، ٺڪر کي ۽ ڀتر کي سلام. +سوار: لکيم. +اشرف: دشمن کي هڪ، ۽ دوست کي ڏهه سلام. +سوار: ها... دوست کي ڏهه سلام. +اشرف: لکندڙ، - اوهان جو حجام! +سوار: (چڙ ۾، ڪاغذ اڇلائي) لکندڙ جي ڳور تي کَلو! خط ٿو لکائين يا مسخريون ٿو ڪرين؟ +اشرف: مسخري ڇا جي؟ لکندڙ حجام نه ته ٻيو ڪير؟ خوشي منهنجي ! لکندين يا نه؟ +سوار: (ڪاوڙ ۾) ڪين لکندس! +[اتي جواهر خان اچي ٿو.] +جواهر خان: اشرف، ڪهڙو هُل مچايو اَٿو؟ +سوار: سائين، مون کان پُڇو: هيءُ مون کان خط ٿو لکائي. +جواهر خان: چڱو. +سوار: هڪڙو روپيو لکاڻي ڏيڻي ڪيائين،.... +جواهر خان: دلچسپ خط جي لکاڻي رپيو! پوءِ؟ +اشرف: پوءِ ٻپهر اچي ٿيا آهن، ته اڃا خط نٿو پورو ڪري- آءُ چوانس هڪڙي، ته هي لکي ٻي! +سوار: جيڪي تو پئي چيو، سو مون پئي لکيو. +اشرف: (جواهر خان کي) ڀلا، ذرو ته پڙهي ڏسو، پوءِ انصاف ڪريو. +جواهر خان: (خط وٺي پڙهي ٿو)- ”بردار صاحب مهربان، سموالقدر بلند مڪان، فيض بخش فيض رسان قبلئه دوجهان ڪعبه جاودان...“ (سوار کي) ميان، هي خط آهي يا انشا ؟ ڪتاب ته ڪين پوندو اهي ٽپال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +سوار : هن پاڻ لکايا، يا ڪنهن ٻئي لکايا؟ +اشرف: ڪنهن لکايا – ڪهڙي گڏهه لکيا؟ +جواهر خان: ميان ڪاتب، ڀنگ پي خط لکڻ ويٺو هوئين ڪيئن؟ +سوار: (رنج سان) بس، هاڻ ٻيو آءُ ڇا چوان – منهنجي ئي چوڪ! +اشرف: مون کي ڪيترو نه نقصان پيو! ٽپال جو وقت به لنگهي ويو، هاڻ آءُ پنهنجو مٿو ڦوڙيان، يا تنهنجا هڏ گڏ ٽوڙيان؟ +جواهر خان: ادا، وٺ پنهنجو خط، وڙهو نه. +[اشرف چڙ ۾ خط وٺي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي ٿو.] +اشرف: سائين، وٺي ڇا ڪريان، هاڻ باهه ۾ کڻي وجهوس! +جواهر خان: هاڻ ٺهيو، جيڪي گذريو سو گذريو، جهيڙو ڦٽو ڪريو، هاڻ اچو پنهنجي حال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +سوار: (لاچار ٿي) چڱو سائين، آءُ ڪوڙو، تون سچو- پاڻيهي خدا سمجهندوَ! (وڃي ٿو.) +جواهر خان: (اشرف کي) ادا، هاڻ تون به پنهنجي ڪم پٺيان وڃ. +اشرف: هائو، جناب، تڪليف معاف ڪجو. +جواهر خان: حرڪت ناهي. (وڃي ٿو.) +اشرف: [اڪيلو، کلي ٿو ۽ ڳائي ٿو.] +[5] واه واه واه، آيو ڪهڙو زمانو، +اڄ جو ٺڳي، سو آهي يگانو – واه واه... +سدا جو رهي مستانو، ٺڳيءَ جو بنائي بهانو، +سو سياڻو آهه فرزانو، ۽ مردانو، شانين شاهانو- +آيو ڪهڙو ..... +ڪوڙي بازي، حيلي سازي، داءُ جو اُپاءُ آهي- +جڳ جو آهي اُلٽو ڪارخانو............ +ٺڳيءَ مان کٽي جهان ۾ بشر، ٿئي زبان ۾ اثر، +خاندان ۾ بهتر، +گهَڻ – مانو - - آيو ڪهڙو.............. +(وڃي ٿو.) +[پردو ڪري ٿو] +* ”ڪافي“ - قهرو +1 ”مانڊ “ - دادرو +[1] ”بهاري جهنگلو“ - لاوڻي +[2] ”ڀوپالي“ - ٺمري +[3] ”ڪلياڻ“ – ٺمري. +[4] ڪافي – زلو. +[5] ”پيلر“ – لاوڻي. + + +پردو چوٿون +پير خان جي جاءِ +[ هڪ ننڍي ميز ۽ ڪي ڪرسيون پيون آهن، سوسن ميز صفا ڪري ٿي، ۽ مڙسن جي بيوفائيءَ جي شڪايت ڪري ٿي. راڳ جي وچ ۾ ديانت اچي ٻڌي ٿو.] +سوسن: * زاتيون مردن جون، ڇاتيون مردن جون، بيوفا آهن – ذاتيون.... +باتيون تن جون، گهاتيون تن جون، ناسزا آهن، ناروا آهن، مڙسن سان دل لڳائڻ، جان جلائڻ، کپائڻ، ستائڻ، پُر جفا آهن، پُر جفا آهن – ذاتيون..... اهي هي سڀ برا آهن، ناروا آهن، ناروا آهن- ذاتيون... [ديانت ظاهر ٿي سوسن کي سڏي ٿو.] +ديانت: پياري! (سوسن ڇرڪ ڀري ٿي.) +سوسن: ڪهڙي مُئي تنهنجي پياري آهي؟ +ديانت: جيڪا ناز ڀري ناري آهي، سائي منهنجي پياري آهي +سوسن: هيترا ڏينهن ڪٿي هوئين جو اڄ آيو آهين؟ +ڪين رڳو مفت جي مال تي مٺايو آهين! +ديانت: (کلي) پنهنجن مشتاقن تي ڪا اهڙي بدگماني ڪجي، ههڙي دانا زال ٿي، ڪا اهڙي ناداني ڪجي! (ڀاڪر پائڻ جي ٿو ڪري.) +سوسن: پري ٿي، ڪو شرم حيا آهي؟ +ديانت: ملندن کي ائين ڪرڻ روا آهي. (وٺڻ جي ڪريس ٿو، ته سوسن پاسي ۾ ڌڪ هڻيس ٿي. ديانت، ڪوڙ ڪري، پاسري جهلي ويهي رهي ٿو.) آررر... ماري وڌي! +سوسن: (ڊپ ۾) ڇا ٿيو، (وڃي ٻانهن کان وٺيس ٿي) +ٻڌاءِ ته سهي ڇا ٿيو! +ديانت: ناز تنهنجي هنيو نگهه جو تير، هاءِ دل ۾ ۽ جگر ۾ چير! +سوسن: (ڍونگ سهي ڪري، پري ٿئي ٿي) توبهه، منهنجوَ ته ساه ڪڍي ڇڏي��ه! +ديانت: ساهه تنهنجي دشمنن جو نڪتو، هاڻ آءُ ڪو پيار ڪر! +سوسن: (انڪار مان) +([1]) اتي وڃ، منٿ مڃ، جت تنهنجو هوئي پيار +اُتي وڃ –اتي... +جتي ڏينهن رات وڃائين ٿو، نئون نئون نينهن لڳائين ٿو، +مُئيءَ جي جان جلائين ٿو – اتي.... +(دوهرو) +پيارو لڳي سارو جڳ، جي پيارو هجي ساڻ، +جو پيارو نيارو رهي، سو پيارو پنهنجو پاڻ، +(شعر) +دل کسي منهنجي، لڪائي به رکي آهي تو، نانگ جان نينهن هڻي پنهنجو ڪَکي آهي تو، +پوءِ نه محبت جي دوا تنهن کي مَکي آهي تو، حجر جي درد جي لذت نه چکي آهي تو، ڀلي مون سان ڀيرو ڀڃ – اُتي................... +[اندران پير خان جو آواز اچي ٿو.] +پير خان: گهوڙي کي اڄ مصالحو کارائجئين، ۽ شام جو ياد ڪري گاڏي آڻجئين! +[آواز ٻڌي سوسن ڇرڪ ڀري ٿي.] +سوسن: اڙي ميان آيو! ڪٿي لڪي پؤ، پوءِ، وجهه ڏسي نڪري وڃ! +[ديانت لڪي ٿو. سوسن اندر هلي وڃي ٿي پير خان اچي ويهي ٿو. مداري اچي خبر ڏئي ٿو.] +مداري: نواب سفير جنگ جن آيا آهن. +پير خان: ڀلي اچن. +[مداري وڃي ٿو. سفير جنگ ۽ عالمسوز اچن ٿا.] +سفير جنگ: تسليمات. +پير خان: ڀلي آيؤ، تسليمات. +عالمسوز: بندگي، پير خان، بندگي.(ڪرسيون ڏيکاري) بسم الله، ويهو. +سفير جنگ: مهرباني(سڀ ويهن ٿا.) +پير خان: اوهان جي هن دشمن جو ڪو پتو پيو؟ +سفير جنگ: جي هائو، هڪڙي جاسوس پتو ڪڍيو، ۽ هزار روپيا انعام کٽيو. +عالمسوز: اڪرام ڪوڙا سڪا بنائي ٿو، ۽ فيروز وٽس رهي ۽ پئي کائي ٿو. +پير خان: اوهان ناحق هزار وڃايو، اسان پيسي ڪوڏيءَ بنا هن جو پتو لڳايو! +سفير جنگ: (خوش ٿي) هان؟ تڏهن ته ڪنهن طرح ٻنهي کي گرفتار ڪرائجي، ته ٻُهڻيءَ ۾ پنجن هزارن جي رقم شمار ڪرائجي! +پير خان: تڏهن پهرين روپيا گهرايو، ۽ ٻُهڻيءَ ڪرايو! +سفير جنگ: اجهي ٿو گهرايان. (عالمسوز کي) عالمسوز، وڃ، ادي فلڪ جاه کان روپيا وٺي اچ، ۽ منهنجو ڪاغذ کنيو وڃ. +پير خان : (سڏي ٿو) ڪو آهي. +مداري: آيو، جناب. (اچي سلام ڪري بيهي ٿو.) +پير خان: وڃي گلاس ۽ شيشو کڻي اچ. +مداري: حاضر جناب. +[مداري وڃي ٿو. سفير جنگ وات سان چوندو به وڃي، ۽ خط لکندو به وڃي.] +سفير جنگ: ”برادر صاحب، عالي دستگاه، نواب فلڪ جاه، سلامت ،پير خان ٿاڻيدار صاحب جي معرفت اڄ هو اوهان جو ڪم ٿيندو، ۽ اڪرام سان گڏ افروز جو ڪم به ختم ٿيندو، معلوم ٿيو آهي ته ٻئي ڪوڙا سڪا ٿا ٺاهين، جي اها ڳالهه سچي آهي، ته ٻئي قابو آهن. پنج هزار رقم مقرر ٿي آهي. اڳواٽ ڏبي، هڪدم موڪلي ڏيو جو انهيءَ ڪم ۾ دير نه ڪبي. واسلام. – حقير، سفير.“ +[مداري شراب ۽ گلاس آڻي رکي ٿو. سفير جنگ خط ويڙهي عالمسوز کي ڏئي ٿو. هو ميز تي کڻي رکي ٿو. پوءِ شراب ٿا پيئن.] +عالمسوز: اچي، دوستن جي شادي دشمنن جي بربادي! +پير خان: آمين!(ٽيئي پي بس ڪن ٿا، پير خان جي اشاري تي مداري شيشو ۽ گلاس کڻي وڃي ٿو) هاڻ اوهين لڪي ويهي رهو، ۽ اسان جو منصوبو ٻڌي، جلد روپيا آڻي ڏيو. +سفير جنگ: چڱو. +[پير خان لڪڻ جي جاءِ ڏيکارين ٿو. هو ٻئي لڪي ويهن ٿا.] +پير خان: (سڏي ٿو) مداري! +مداري: (اندران) حاضر.(اچي ٿو) +پير خان: جو ماڻهو دالان ۾ ويٺو آهي، تنهن کي موڪلي ڏي. +مداري: حاضر، جناب +[وڃي ٿو. عالمسوز وري اچي ٿو، ۽ ميز ڏسي ٿو.] +عالمسوز: شراب گم ڪري ڇڏيوَ؟ +پير خان: هائو، وري گهرائي وٺان؟ +عالمسوز: نه، خير، ڪو اچي ويندو. +[جلد ئي ڀڄي وڃي ٿو. مداري نثار کي وٺي اچي ٿو. نثار نئڙي سلام ڪري ٿو.] +پير خان: نثار، جي سڪي سازن کي پڪڙائيندين، ته انعام ڪمائيندين ۽ سرڪاري گواهه به ٿيندين. +نثار: حضور ، ائين سمجهو ته هو پڪڙيا پيا آهن. +پير خان: چڱو، - پر متان ڦري وڃين! اڌ رات جو ضرور اچجئين. +نثار: حضور کان ڦري ڪيڏي ويندس، مهل تي ضرور ايندس، مگر، ويس بدلائڻ جي خبرداري ڪجو، دروازو آءُ کليل ڇڏي ڏيندس، تنهن جي هوشياري رکجو. +پير خان: بهتر، هاڻ توکي موڪل آهي. +نثار: بندگي. +[وڃي ٿو. پير خان، سفير جنگ ۽ عالمسوز کي سڏي ٿو.] +پير خان: سائين، هاڻ هليا اچو. (ٻئي اچن ٿا.) ڪيئن ... ٻڌوَ؟ +سفير جنگ: هائو، واه جو ڄار پکيڙيو. اٿوَ! +[مداري اچي ٿو.] +مداري: (پير خان کي) سرڪار، سوار آيو آهي. +پير خان: چڱو، چئينس ته آءُ اچان ٿو. (مداري وڃي ٿو.) +شايد حاڪم سڏيو آهي. +سفير جنگ: ته آءُ به ٿو هاڻ وڃان. +عالمسوز: سويرڪو شراب ڏاڍو عمدو هو! +پير خان: هائو، ٿورو ٻيو به وٺو. +عالمسوز: نه جناب، معاف ڪجو. +پير خان: (سفير جنگ کي) اوهان جي گاڏي عدالت جي طرف ويندي؟ +سفير جنگ: هائو هلو. +پير خان: مهرباني. +[ٽئي گڏ وڃن ٿا. عالمسوز، شراب جي فڪر ۾، خط ميز تي وساري وڃي ٿو. ديانت آهستي نڪري، هيڏي هوڏي نهاري، خط کڻي خوش ٿئي ٿو.] +ديانت: بندو گهڻو ئي ڄار پکيڙي، مگر خاوند ڪنهن کي به ناحق نه ڦاسائيندو: هن جو لکايل ڪاغذ، هن کي ئي آڏو ايندو! +[تڪڙو نڪري وڃي ٿو.ٻئي پاسي کان سوسن اچي ٿي.] +سوسن: (سڏي ٿي) ديانت ! ديانت!.... هي ته، هليو ويو! ويچاري پيار به ڪونه ڪيو – هاڻ وري جڏهن ڪي هٿ اچي. بهتر آهي ته ڪنهن طرح سان هن کي ڳولي ڪڍان،۽ جلدي ساڻس شادي ڪري وجهان، متان هو ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي اٽڪي، پوءِ وري اهڙو خوش طبع ماڻهو هٿ نه ايندو. +[ڳائي ٿي.] +[2] نٿو گڏجي، نٿو گڏجي، ڪو سچو غموار نٿو گڏجي! +خدا بندي کي شايد گڏجي پئي، دلدار نٿو گڏجي... +آهن لکين البيلا، الغرضا، بيدردا، مگر اهڙو لاثاني، دل جاني، منٺار نٿو گڏجي..... +(وڃي ٿو) +[پردو ڪري ٿو] +پردو پنجون +تهخانو +[جاءِ ۾ هي سامان رکيو آهي: ميز، ڪرسيون، ٻاٽلي، گلاس، هٿيار، ٽامو، پتل، وغيره. سڀ سڪي ساز ويٺا آهن. شراب پين ٿا ۽ ڳائين ٿا.] +آها! پيو پيو ارغواني شراب، آڻي جواني شراب- +اها ها، او هو هو..........................! +پري پيڪر گلفام، جيءَ جو جوهر مدام، مي احمر جو جام، زغفراني شراب- +آڻي جواني شراب – پيو.......... +راجا آهي رندن جو، خواجا آهي زندن جو، فرحت جو باني شراب، عجب جاني، لاثاني +درماني، شراب – +ڀري جلدي، پيو پياريو، آسماني شراب – +آڻي جواني........... +پيو بهتر کان بهتر شراب، پر پر ڪري ساغر شراب، کائو پڻ تنهن سان ڪباب – ڪٿان لڀي لامڪاني شراب! +آڻي جواني............. +[سڀ، شراب پي اندر ماني کائڻ وڃن ٿا، اڪرام ۽ فيروز ٻاهر وڃن ٿا.] +اڪرام: فيروز، اُداس ڇو ويٺو آهين؟ +فيروز: آءُ تنهنجي ڀلماڻسيءَ تي ڀليس: جي هن شيطاني ڪم جي مون کي پهريندي خبر پوي ها، ته نه توسان انجام اقرار ڪريان ها، ۽ نه هن جهنم خاني ۾ اچان ها: هاڻ ڀلائي ڪر، مون کي هن قيد مان آزاد ڪراءِ، ۽ پنهنجي عزت آبرو به بچاءِ! +اڪرام: آبرو ڇا آهي، اسين گهڻن ڏينهن کان پنهنجي ساهه تان آسرو کنيو وتون! +فيروز: اڃا به دير ناهي، توبهه ۽ پيشمانيءَ جو دروازو کليو پيو آهي. (هٿ ٻڌي) پنهنجي لاءِ نه، من هن نيڪ نيت ملائڪ – سيرت ”دل افروز“ جي لاءِ پاڻ کي سڌارين، ۽ هيءَ ٻڏندي ٻيڙي تارين! +اڪرام: فيروز توکي آفرين آهي ! جيڪي تون چوين ٿو تنهن جو مون کي سچو يقين آهي، تنهنجي صلاح بيشڪ معقول آهي، ۽ تنهنجي ڳالهه مون کي قبول آهي: سڀاڻي کان وٺي آءُ هن ڪم کان توبهه ڪندس، هينئر جي ڪي ڪڇندس، ته هنن بدمعاشن جي هٿان پنهنجي رت ۾ پيو لڇندس. +فيروز: خير، سڀاڻي پري ناهي. +[اتي دروازي تي ٻاهران ٽن ڌڪن لڳڻ جو آواز ٿئي ٿو.] +اڪرام: (ڇرڪ ڀري، اندر منهن وجهي، ٻين سڪي سازن کي چتائي ٿو.) خبردار ! (پوءِ ٻاهرئين در وٽ بيهي پڇي ٿو) ڪهڙو آهين مار؟ +نثار: (ٻاهران) آدم ۽ نثار. +(ايتري ۾ سڀ سڪي ساز اچي سوڙها ٿين ٿا.) +اڪرام: (ٻاهرين کان پڇي ٿو) مخفي لفظ؟ +نثار: ”سرسبز“. +[اڪرام هڪڙي کي اشارو ڪري ٿو.] +اڪرام: کول دروازو، اچن ٿا سنگتي، +پاڻ سان شاگرد پڻ هڪڙو وٺي. +[سڀ سڪي ساز، دروازي جي اڳيان ٻه قطارون ڪري، هٿيار کڻي بيهن ٿا. هڪڙو در پٽي ٿو. نثار ۽ آدم اچن ٿا. ساڻن پير خان به بدليل پوشاڪ ۾ اچي ٿو. اکين تي ڪپڙو ٻڌل اٿس، اهو سڪي ساز دروازو وري بند ڪري ٿو. سڀيئي پير خان کي چوڌاري ڦري بيهن ٿا.] +اڪرام: (پڇي ٿو) هن جو ضامن ڪير آهي؟ +نثار: آءُ. +اڪرام: چڱو، دستوري قسم ڏيوس. +نثار: (پير خان کي) ڪعبي ڏي منهن ڪري، گوڏن ڀر ٿي ويهه. +[ويهاريس ٿو، ۽ اڪرام ترار ڪڍي اُن جي چهنب پير خان جي سيني تي جهلي ٿو.] +اڪرام: (پير خان کي) چؤ +ٿو کڻان آءُ قسم دل ساڻ اڄ يزدان جو، +[هو ائين چوي ٿو.] +جان پنهنجيءَ جو، ۽ پنهنجي دين ۽ ايمان جو: +(پير خان ائين چوي ٿو) +جي جماعت کي دغا ڏيان يا ڀڄان، تان هيءَ ترار، +(پير خان ائين چوي ٿو) +پار ٿئي سيني منجهان منهنجي ۽ منهنجيءَ دل مان پار. +(پير خان ائين چوي ٿو) +[ پوءِ نثار، پير خان جي اکين تان ڪپڙو لاهي ٿو.] +نثار: (پير خان کي اڪرام ڏيکاري) هيءُ اسان جو مرشد مهربان آهي، هن جو نالو”سامي سلطان “ آهي. +[اڪرام هن کي هٿ ڏئي ٿو.] +اڪرام: ٿيو هڪ نئون ڀاءُ آهي مريد، +پيو جام مي جا، جو اڄ آهي عيد! +[سڀ گلاس کڻي، ٻاٽليءَ مان انهن ۾ شراب وجهي گڏ ڳائين به ٿا، ۽ پيئن به ٿا.] +[3] نثار: واه، مبارڪ مجلس، مي جو جام! +سڀ سڪي ساز:پُرر پرپر، پرپر، پرپر، پرپر، پرپر، پر...! +نثار: واه، هيءَ پري پيڪر ، حور اندام! +سڀ سڪي ساز:پُرر پرپر، پرپر،پرپر،پرپر،پرپر،پر.................! +نثار: واه، آب جي صورت آتش فام، +راحت پرور، عشرت آور، بيشڪ نيڪ انجام، +گوهر افشان، دل افروز، لعل بدخشان، محنت سوز: +کولي دم کي، ماري غم کي، حاصل تنهن مان +ٿئي آرام- +آرام.....آرام...... آرام! واه.............. +سڀ: واه مجلس، جم جو جام، روح پرور، تنهنجو نام، ميءِ گلگون، خوش انجام، ڪڙو مٺو، پختو خام، لذتدار، ميءِ گلفام، تنهنجا رام خاص ۽ عام: واه، گلگون بهشت اثر رندي جام!- واه...... +[سڀ سڪي ساز راڳ ڳائي، شراب پي بس ڪري، ڪجهه کائين ٿا. انهيءَ وچ ۾ نثار، آدم کي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪائي بهاري ٿو، ۽ چويس ٿو.] +نثار: آدم، هن ڪنڊ ۾ لڪي ويهه (تپاچو ڪڍي ڏئيس ٿو)- وجهه وٺي، اڪرام تي ڇوڙ، ۽ هڪدم فيروز تي خون جي تهمت رک- ڀلي ته اڪرام مري مردار ٿئي، ۽ فيروز گرفتار ٿئي! ائين ڪرڻ سان نواب سفير جنگ جو مطلب پورو ٿيندو، نواب فلڪ جاه جو بخت کلندو، ۽ توکي تمام وڏو انعام ملندو. +(پوءِ نثار، لڪي، ٻاهرئين در جو اندريون ڪڙو لاهي ڇڏي ٿو، ۽ وري اچي سنگتين وٽ بيهي پير خان کي اشارو ڪري ٿو. انهيءَ اشاري تي ، پير خان منهن پاسي ڪري سيٽي وڄائي ٿو، سڀ سڪي ساز ڇرڪ ڀري پير خان کي وڪوڙي وڃن ٿا. اڪرام ترار ڪڍي مٿي ڪري ٿو. سپاهي دروازو پٽي اندر اچن ٿا. فيروز، ڪن سپاهين کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي، خالي تپاچو ڪڍي هنن کي ڊيڄاري ٿو. سپاهي وڃي هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهن ٿا، پر انهيءَ وچ ۾ آدم اڪرام کي تپاچي سان گولي هڻي ٿو. اڪرام ڪري پوي ٿو. آدم جهٽ ۾ ٻين سان گڏجي وڃي ٿو. سڀ حيران ٿي اڪرام کي ڏسن ٿا.) +اڪرام: آه......دغا.....! +[فيروز اڪرام کي وڃي ڀاڪر وجهي ويهاري ٿو.] +فيروز: هاءِ، هي ڪهڙو واقعو، ڪهڙو خراب نتيجو! +پير خان: (اڪرام وٽ اچي) خون! خون ڪنهن ڪيو؟ +(هيڏي هوڏي ڏسي ٿو.) +نثار: (فيروز ڏي اشارو ڪ��ي) اجهو، هي خوني، ۽ هن جو تپاچو! +فيروز: ڪوڙو آهين! مون فقط خالي تپاچو هنن تي ڊيڄارڻ لاءِ کنيو، گوليءَ جو ڌڪ ٻئي پاسي کان آيو. +پير خان: ڪوڙ ٿو ڳالهائين! +آدم: برابر هن تپاچو هنيو، - مون پاڻ ڏٺو! +اڪرام: ڪڏهن نه، هر گز نه.... (نثار کي) آخر، نثار، تو مون کان وير ورتو! +نثار: جيڪو پنهنجي دوست جي وعدي کان نٽائيندو، سو اهوئي نتيجو پائيندو. +اڪرام: هاءِ، ... هوءِ.... مران ٿو. فيروز، خدا کي پرتين، دل افروز کي دعائون ڏج... هن جي سنڀال رکج! (ڏک ۽ سور ۾ ) هاءِ، الله، الله وڃان ٿو.... +[اڪرام مري ٿو. انهيءَ وچ ۾ ڪن سپاهين ڪن سڪي سازن کي جهليو آهي. پير خان ۽ نثار ۽ آدم، فيروز ۽ اڪرام جي مٿان بيٺا آهن. پردو ڪري ٿو.] +*** +* ”جهنگلو“ - قهروا +([1] ) ”بهار“ - ٺمري +[2] ”ماند“ - زلو +[3] انگريزي طرز “Solders in the park” + + +باب ٽيون +پردو پهريون +قيد خانو +[ فيروز ويٺو آهي، هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون پيون اٿس. دنيا جي بيوفائيءَ جي شڪايت ۾ ڳائي ٿو.] +* فيروز: منهنجا والي موليٰ، تون آهين دانا +هڪ ڏينهن ٿيندا سڀ توڏي روانا – منهنجا... هر ڪا مکڙي باغ جي ٽڙي ٿي نها، ساوڪ وانگي آءُ ٿيس ڄمندي سان پامال: منهنجا خدا، آهي نه ڪا، توکان سوا اڄ واهه ڪا- +والي....... +[دربان دروازو کولي، دل افروز کي اندر آڻي وري دروازو بند ڪري ٿو. فيروز، دل افروز کي ڏسي حيران ٿئي ٿو.] +فيروز: هيءَ ڪير،- دل افروز! +دل افروز: هائو، پيارا فيروز. (ٻئي ڀاڪر پائي ملن ٿا.) +فيروز: تون هتي ڪيئن آئينءَ، ڇو آئينءَ؟ +دل افروز: حاڪم جو پروانو وٺي، پهري واري جي موڪل سان آڻي آهيان. +فيروز: انور ڪٿي آهي؟ +دل افروز: اشرف ۽ ديانت جي پناهه هيٺ ڪٿي لڪل آهي. +فيروز: هو ته فلڪ جاه جي گهر هو. +دل افروز: اُتي دشمنن جي ور هو، تنهن ڪري انهيءَ خوف کان هو ڪڍي ويس. +فيروز: پياري، جيترو ٿي سگهيئي هن کي سنڀالج، ۽ هن جي حال تي رحم کائج. +[فيروز روئي ٿو.] +دل افروز: (دلاسو ڏيئي) ڊپ نه ڪر، دل نه لاهه، الله ۾ وڏي اميد آهي. +فيروز: +بحر هستيءَ جي ۾ منهنجي، هاءِ، طوفان ئي رهيو، +رنج جي ڪُن ۾ سدائي منهنجو سامان ئي رهيو، +نت ندين وانگي اکين مان جَرُ – جريان ئي رهيو. +حال منهنجو موج دريا جيئن پريان ئي رهيو: +امن جي ڪنڌي اچي جڏهن، هي مسافر فوت ٿئي، +پار ٻيڙي پهچي، اُن جو ناخدا جڏهن موت ٿئي. +دل افروز: +صبر سان جاني، ٽٻيون هڻ، ڊپ ٻڏڻ جو ڪين ڪر، +ات، پرين، پاتار ۾ موتي مڻيا ايندءِ نظر، +دم جهلي، دانهه، هليو وڃ، ڌيان ڌڌڪن تي نه ڌر، +يا ڪڍين موتي تري مان، يا رسين تون پرينءَ ڀر: +ٿي ٿئي رحمت خدا جي خلق تي زحمت کان پوءِ، +منزل راحت اچي ٿي، منزل آفت کان پوءِ، +فيروز: [ ٿوري ڏک کان پوءِ] +ڪر حوالي حق جي مون کي، منهنجي دل افروز، وڃ، +ڇڏ وساري هاڻ مون کي، هاءِ اي دلسوز، وڃ، +دل افروز: (روئي) +ٿو وڃين جيڏي سڄڻ، اوڏي وٺيو مون کي به هل، +هيءَ نماڻي تو پڄاڻا ڪين گهاري هڪڙو پل! +[اتي دربان در کولي چوي ٿو.] +دربان: بيبي وقت ٿي ويو، هاڻ هل، وڌيڪ دير نه لاءِ. +فيروز: (دل افروز کي) +غم نه کاءُ، وڃ هاڻ، پياري، ٿيو ملڻ مشڪل وري، +جي اچين اچجئين قبر تي، جڏهن وڃان آءُ مري، +گل وجهج مون تي، ۽ آنسن جا ٻه قطرا هارجئين، +ڏيئي ختمو تون دعا ڪج، سور منهنجا سارئجين! +دل افروز: (ڏک کان روئي ٿي) اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين – شل تون سلامت رهين! +دربان: بيبي، وقت ٿي ويو، هاڻ وڌيڪ دير نه لاءِ. +دل افروز: (دربان کي) چڱو، اجها ٿي اچان، (فيروز کي) فيروز، لاچار آءُ وڃان ٿي، جي خدا گهريو هوندو، ۽ تنهنجي معافيءَ جو پروانو صدر عدالت کان اچي ويو�� ته سڀاڻي ئي توکي قتل کان بچايان ٿي. +[فيروز کي وري وري ڏسندي وڃي ٿي. فيروز ڪنڌ جهڪائي ويهي ٿو. دربان وري در بند ڪري ٿو. لحظي کان پوءِ فيروز، مٿو ۽ هٿ مٿي ڪري، دعا گهري ٿو.] +فيروز: الاهي، ڪر تون هن بيداد جو داد، سڏي مون کي پهر پل ۾ ٿو جلاد، تون ثابت منهنجي ڪر اڄ بيگناهي، دلين جو آهين مالڪ، يا الاهي، امان جي آبرو ظاهر ڪرائج، تون دلبر جي مون کان پوءِ دل ڀرائج. +[وري دربان در کولي ٿو. همايون لنگهي اچي ٿو. فيروز هن کي ڀاڪر پائي گڏجي ٿو.] +فيروز: همايون، خدا شاهد آهي ته آءُ بيگناه آهيان! +همايون: فيروز، آءُ خوب آگاهه آهيان... (آهستي ، هيڏي هوڏي ڏسي) انهيءَ ڪري ته اڄ توکي هتان ڀڄائي وڃڻ لاءِ آيو آهيان! تنهنجي قتل جو حڪم صادر ٿي چڪو آهي، ۽ جهان ۾ انهيءَ جو هل پئجي ويو آهي.(پوءِ فيروز کي پاسي تي نئي، ڪپڙن هيٺان ٽنگ سان ٻڌل خنجر جهڙو هٿيار ڪڍي ڏئي ٿو، فيروز وٺي لڪائي ٿو.)(وڌيڪ آهستي) اڌ رات جو ، جڏهن سڀ سمهي پون ۽ پهري واري کي به ننڊ اچي وڃي تڏهن، هيءَ ڀت (ڏيکاريس ٿو) جا پراڻي بيٺي آهي، تنهن کي هن سان کوٽي، ڀڄي نڪري ٻاهر ٿج، اشرف ۽ ديانت ٻئي بيٺا هوندا، اُنهن سان گڏ جي هليو وڃجئين. +فيروز: نه، ادا، نه – جوانمردن وانگي آءَءُ همت سان سر ڏيندس، مگر نامردن وانگي ٺڳي ڪري ڀڄي نه ويندس! +همايون: اُهو ته آءُ به مڃان ٿو، پر، ادا، تون بيگناهه آهين، ۽ ائين ڪرڻ کان سواءِ هن وقت ٻيو چارو ڪونهي. مون پنهنجون سڀ قيمتي شيون وڪڻي، پيسا گڏ ڪري رکيا آهن، ۽ پڪو ارادو ڪيو اٿم ته تو سان گڏ جي هلي استنبول رهندس، ۽ اُتي مٿا هڻي چاچيءَ، تنهنجيءَ ماءُ جي نڪاح نامي جو پٽو پيدا ڪندس. +فيروز: جي اهو ارادو برقرار آهي، ته ٻانهو به هلڻ لاءِ تيار آهي. +[دربان سان گڏ داروغو اچي ٿو، ۽ فيروز کي حڪم ٻڌائي ٿو.] +داروغو: (فيروز کي) ڪم نصيب قيدي، صدر عدالت جو حڪم اچي ويو آهي: تنهنجي قتل جو ٺهراءُ سڀاڻي تي مقرر ٿي ويو آهي. (همايون کي) سائين، هاڻي اوهين هلو، دروازو بند ٿئي. (وري فيروز کي، جو ڪنڌ هيٺ افسوس ڪري ٿو) ابا، هاڻي خدا کي ياد ڪر، روئڻ ۽ ارمان ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ +همايون: (فيروز کي دلاسو ڏئي ٿو) +[1] ناهي ڪوئي رهيو سدا، اعلي ادني، ٿيو قضا جو +سڀڪو شڪار. +غم نه کا، رو نه زار زار، رک سمجهه صفا – ناهي... +ناهي تنهنجو مڪان، جهان آهي هڪ سرا، نه ٿي، +نه ٿي بيقرار، +اشڪبار، تون سنڀار، منهنجا يار، جا رضا – ناهي.... +فيروز: همايون، هاڻي خدا حافظ، انور کي دعائون چئج، +مٿس مهربان رهج. +همايون: خدا حافظ، (ٿورو هلي) فيروز، خدا حافظ. +(سڀ نڪري وڃن ٿا. دربان نڪري ٿو.) +فيروز: (اڪيلو، هٿ ٻڌي دعا گهري ٿو) +خدا يا، قيد ناحق جي ۾ آهيان، +ڪرم سان ڪر رها مون کي انهيءَ مان، +تون همٿ ڏي ته ڏيکاريان وفا آءُ، +ڪريان حق ماءُ – پيءُ جو ڪو ادا آءُ، +(اُٿي، دريءَ مان هيڏي هوڏي ڏسي ٿو) آڌي رات، چپ چپات آهي. اُٿي وجهه وٺان، نه ته بازي مات آهي! +(خنجر ڪڍي، ڀت کوٽي ٿو. ذري ذري، ڊپ کان، دريءَ ۽ دروازي ڏي ڏسي ٿو. کوٽيندي، سرن جا ٽڪر ڪڍندو رکندو وڃي. وڏو ٽنگ ڪري، پهرين سسي ٻاهر ڪڍي اشرف ديانت کي ڏسي نڪري ٻاهر ٿئي ٿو. قيد خاني جي پٺيان ٺُل ڏسڻ ۾ +اچي ٿو، اُتان اوچتو هڪڙو سپاهي، چور شمعدان کڻي، ڀت جي پاسي کان گشت ڪندو اچي ٿو. فيروز کي نڪرندو ڏسي هڪدم شمعدان زمين تي رکي بندوق فيروز ڏي سنئين ڪري، ڌمڪائي چوي ٿو) +سپاهي: بيهه رهه، ۽ تابع ٿي، نه ته مرين ٿو، نادان! +فيروز: تابع آهيان، اچي جهل، تون ڪاوڙ نه ڪر، مهربان! +[ڊپ ۾ بيوس ٿي بيهي رهي ٿو. سپاهي اچي جهليس ٿو. اشرف ۽ ديانت، هي حال ڏسي، ڀڄي وڃن ٿا.] +پردو ٻيو +اشرف جو گهر +[ٻين ڇوڪرن سان انور راند پيو ڪري.] +ڪي ڇوڪر: [2] پڙهي آياسين، ڇٽي جان، هلو ته کائون +حلوا نان، نچون ٽپون، هڻون ڪان! +ٻيا ڪي ڇوڪر: مڪتب پنهنجو ٿيو زندان، آخوند جي کي ٿيو خفقان، پٽي ڪَنَ، مروٽي ران! +ڪي ڇوڪر: پڙهي ترت ڪتاب قرآن، ٿيون عالي خاندان، وڏا وڏا ملن درجا مان. +ڪي ڇوڪر: ڪو تان ٿي پئي خاصو خان، ڪوتان عاليشان، پڙهندڙ حيوانن مان ٿين انسان! +سڀ: ڏسي سارو هندستان ٿيندو پڻ حيران، ٿئي پڙهڻ جو نت ارمان، دل ٿئي پشيمان +مولا رهندو مهربان، مڃو سندس فرمان! پڙهي آيا سين، چڙهي آياسين، ڇٽي جند ۽ جان! +هڪڙو ڇوڪر: ٻيلي، سڀاڻي ڇوٽي آهي، آءُ لغڙي اُڏائيندس! +ٻيو ڇوڪر: (انور) سڀاڻي هڪڙي کي قتل ڪندا، آءُ ته اهو تماشو وڃي ڏسندس! +ٽيون ڇوڪر: (انور کي) انور، جي تون هلندين ته آءُ به هلندس. +انور: چاچو وٺي هليو، ته آءُ ضرور ويندس، (اتي اشرف اچي ٿو، انهيءَ کي پري کان ڏسي ڇوڪر ڊڄن ۽ ڀڄن ٿا.) +پهريون ڇوڪر: ڀڄو ڙي، انور جو چاچو ٿو اچي! سڀ! (سامهون نهاري) هائو ڙي هائو، ڀڄو، يارو ڀڄو! +[ انور کان سواءِ، سڀ ڀڄي وڃن ٿا.] +اشرف: پٽ، ڪيئن، مڪتب مان ٿي آئين؟ +انور: هائو، ادي جي ڪا خبر پئي؟ +اشرف: (دک مان) نه، هو ته مون کي اڃا ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو آهي. +انور: (هن کي چهٽي چنبڙي) چڱو، پر اڄ منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ. +اشرف: چؤ. +انور: سڀاڻي مون کي قتل جو تماشو هلي ڏيکاري اچ! +اشرف: ابا، اُتي ڪنهن کي وڃڻ ڪين ڏيندا آهن. +انور: تڏهن هزارين ماڻهو ڪيئن ويندا آهن؟ +اشرف: فلڪ جاه توکي ڏسندو، ته توکي پڪڙي وٺي ويندو! +انور: (معاملو ڪري) نه نه، ڪي به ٿئي، آءُ ضرور ويندس! +اشرف: چڱو، آءُ تنهنجو ويس بدلائي توکي موڪليندس. +انور: چڱو. +[خوش ٿي وڃي ٿو. ٻئي طرف کان ديانت اچي ٿو.] +اشرف: (انور کي، ويندي) بابا، حقو ته ٺهرائي کڻي اچ. +ديانت: اشرف، پير خان وارو”سفر“ جو خط جو مون چورائي کنيو هو، سو ڪي تو خيال سان ڏٺو آهي؟ +اشرف: هائو، مون چڱيءَ طرح پڙهيو آهي. +ديانت: منهنجيءَ سمجهه ۾ آهي ته جي اهو خط ڪو حاڪم ڏسندو، ته فيروز کي سگهوئي ڇوٽڪارو ملندو. +اشرف: برابر، مگر، ادا، هنن پيسي وارن جي اڳيان اسان نادان جو ڪهڙو هنر هلي سگهندو- جيسين سچ سچ ٿئي، تيسين ڪوڙو سچي کي کائي وڃي ٿو. +ديانت: سچ آهي، مگر سچو حق جي دعوا ڪري سگهي ٿو، ۽ جي خدا مدد ڪري ته بندو ڇا ڪري سگهي ٿو. +اشرف: چوين، ته هلي اُهو ڪاغذ ڏيکاريون. +ديانت: بيشڪ هلون، من هن بيگناهه ٻڏندي کي تاريون! (خيال ڪري) هائو، سچي، نثار فلڪ جاه جو حڪم نامو کڻي انور کي وٺڻ لاءِ ٿو اچي، تنهن ڪري پهرين ته هن ٻار کي ڪٿي لڪايون! +اشرف: هائو. (خيال ڪري) چڱو، تون انور کي وٺي، پٺئين دروازي مان نڪري، ڪنهن پاسي هليو وڃ. +ديانت: ڪهڙي پاسي؟ +اشرف: ٻي ڪا جاءِ هجي، ته پنهنجيءَ سوسن جي گهر لڪائي اچينس. +ديانت: (کلي) چڱو. (انور حقو آڻي اشرف کي ڇڪڻ لاءِ ڏئي ٿو.) (انور کي) ابا، هل ته هلي توکي گهمائي اچان. +اشرف: (انور کي) بابا، وڃ، وڃي ذرو هوا کائي آءُ. +(انور ۽ ديانت وڃن ٿا. اشرف اڪيلو افسوس ٿو ڪري.) +جڏهن انسان جي قسمت ڦري ٿي، +مٿس هر طرف کان آفت ڪري ٿي، +بدلجي دوست پڻ دشمن ٿئي ٿو، +سندس خود رهنما رهزن ٿئي ٿو. +[اتي نثار به سپاهي وٺي: آڪڙجي اچي ٿو.] +نثار: اشرف، انور تو وٽ ٿو رهي؟ +اشرف: ڪير ٿو چوي؟ +نثار: نواب فلڪ جاه! +اشرف: فلڪ جاه ڪير آهي، مون کي ته ڪا خبر ڪانهي؟ +نثار: انور جي چاچي کي نٿو سڃاڻين، اهڙي وڏي امير جو نالو نٿو ڄاڻين!؟ +اشرف: وڏائي انسان جي هتي ”تون“ نه”مان“ تي چؤ، +نه مال تي چؤ- +سچي وڏائي سجهي ٿي جيڪا، سا منحصر نيڪ +چال تي چؤ. +نثار: اشرف، ٻيا قصا ڇڏ، ڇوڪر جو ڏس ڏي ته آءُ توکي چڱو انعام ڏياريندس. +اشرف: اهڙي انعام کي آءُ ٿُڪ به نه هڻان! +نثار: آءُ سرڪاري جاسوس آهيان، جتي شڪ هوندو، اُتي خانه تلاشي ڪري ٿو سگهان. (سپاهين کي) سپاهي، پهرين هن جي بدن – تلاشي وٺو! +[هڪڙو سپاهي اشرف جون ٻانهون جهلي ٿو، ٻيو ڪپڙن جي تلاش وٺي ٿو، ۽ کيسن ۾ هٿ وجهي ٿو.] +اشرف: اڙي کيسي ۾ ڇا ٿا ڏسو- ڪو ٻار هتي لڪو پيو آهي ڇا؟ +[سپاهي اشرف جي کيسي مان سفير جنگ وارو ڪاغذ ڪڍي نثار کي ڏئي ٿو. اشرف فڪر ۾ پئي ٿو.] +سپاهي: سائين، هي ڪاغذ ڏسو. +[نثار ڪاغذ وٺي پڙهي حيران ٿئي ٿو.] +اشرف: منهنجو ڪاغذ مون کي ڏي! +نثار: تنهنجو ڪيئن ٿيو، هي منهنجي ڪم جو آهي. (پنهنجي منهن) هن ڪاغذ جي وسيلي آءُ دل افروز کي آڻي پنهنجي هٿ ڪندس!(سپاهين کي) هاڻ هلي خانه تلاشي وٺو، ۽ ڇوڪر ڳوليو. +[ هو ٽيئي گهر ۾ وڃن ٿا.] +اشرف: (اڪيلو) افسوس، جنهن ڪاغذ تي فيروز جي ڇوٽڪاري جي رهي کهي اُميد هئي، سو به کسجي ويو! +جي کڻي ڪو ڪري لک پنهنجي نفعي لاءِ تدبير، ٿئي اُهو نيٺ ٿو، جو آهي لکيو منجهه تقدير. +(نثار ۽ سپاهي وري نڪري اچن ٿا.) +نثار: گهر ۾ ته ڪونهي، ڪٿي وڃي لڪايو اَٿئيس؟ پر ڪٿي به هوندو، مون کان ڪو ويندو! +(نثار سپاهين سميت وڃي ٿو.) +اشرف: (اڪيلو) +[3] دنيا ظاهر ماڻي، باطن ڪنهن جو ڪر ٿو ڄاڻي. +پڙهن تسبيح صلوات، ڏينهن رات، سهسين خير خيرات ۽ ڏين زڪوات: +ٺڳ کي مت سي ڪن، تنهن کي تاڻي سمجهو سياڻي- +دنيا......... +جيڪو ٽڪن تي ٿئي ڇڪن، لمبي ڏاڙهي پِيلو پيرهن، زاهد بنجي ويهي ٿاڻي، تنهن تي دنيا کائي چوٽ، ٻڌي موٽ صديق سڀڪنهن ٽاڻي – دنيا........... مٺي مڍي، پياري پياري، ڳالهه ڪٽاري آهي ڪاري، جا هن اهي جگر ۾ ماري، پوري ان جي دنياداريء، ڪري مڪاريءَ سان سو ياري، سڀ نرواري، پِير پوڄاري، ڪري سواري، تخت هزاري، سو سرداري، استمراري، ملهه وٺي ٿو گويا ناڻي- +دنيا........... +[ديانت لڪي ڇپي اچي ٿو نڪري.] +ديانت: هو حرامخور آيو هو؟ +اشرف: آيو هو، گهر جي تلاش وٺي ويو، مگر هو خط.... سو کسي ويو! +ديانت: (ڊپ ۾) کسي ويو؟ هاءِ هاءِ، قهر ٿيو! بس، فيروز ويچارو پورو ٿيو! +اشرف: ڏاهن سچ چيو آهي ته”آيو اجل مور نه موٽي“ +ديانت: خير، هل ته ڪي ٻيا مٿا هڻون: دوست کي ته +سڀڪو وسيلو ڳولڻ کپي، دشمن ڀلي پيو کڏ کوٽي! +[ٻئي وڃن ٿا.] +[پردو ڪري ٿو] +پردو ٽيون +نثار جي جاءِ +[نثار، آدم سان گڏ اچي ٿو.] +نثار: ڪيئن، آدم، آئي؟ +آدم: آئي ته سهي. +نثار: ڪٿي آهي، موڪلي ڏينس. +[نثار وڃي ٿو، جهٽ ۾ دل افروز کي اندر موڪلي پاڻ وڃي ٿو.] +نثار: ڪيئن، دل افروز، نيٺ ائين! +دل افروز: (ڪنڌ هيٺ ڪري) لاچار، - ڳچيءَ تي لت آئي، تڏهن آيس. +نثار: (کلي) فيروز کي جي قتل کان ڇڏايان، ته پوءِ ڪيئَن؟ +[دل افروز، گوڏن ڀر ويهي، هٿ ٻڌي چوي ٿي.] +دل افروز: پوءِ آءُ زرخريد گولي ٿينديس (اُٿي ٿي.) +نثار: تڏهن هڪڙو شرط بجا آڻ. +دل افروز: ڪهڙو شرط؟ +نثار: تون مو کي زبان ڏي، ته پوءِ آءُ هن کي امانُ ڏيان. +دل افروز: ٻُڌان، ته پوءِ انجام ڪريان ۽ پيمان ڏيان. +نثار: [سفير جنگ وارو ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريس ٿو.] +هي ڏس، فيروز جو ساهه منهنجي هٿ ۾ آهي. هاڻ انجام ڪر ته جيڪي آءُ چوندس سو مڃيندينءَ. +دل افروز: پهرين ٻڌنديس، پوءِ انجام ڪنديس. +نثار: جي منهنجي ڳالهه نه مڃيندينءَ، ته فيروز کي جيئرو نه ڏسندينءَ! +دل افروز: تڏهن تو مون کي ايتري لاءِ سڏايو آهي؟ +نثار: هائو. +مڃ، جي ٿو ڪريان پيار ۽ ايمان جون ڳالهيون- +دل افروز: (ڌڪار سان) +انسان ٻڌن ڪي��ڪي شيطان جون ڳالهيون! +نثار: (پيار سان) جي آءُ شيطان هجان ها، ته ههڙيءَ حور جو مون کي ديدار نه ٿئي ها.. +دل افروز: جي تنهنجيءَ جاءِ تي ڪو انسان هجي ها، ته بابي ويچاري جي موت جو سعيڪار نه ٿئي ها. +نثار: (پيار سان) هي ٻانهو بيشڪ گنهگار آهي، ليڪن تنهنجي مٿان جان نثار آهي. +دل افروز: اهڙي جان نثار تي هميشه ڦٽڪار آهي، ۽ اُهو سدائين شيطان وانگي لعنت جي زندان ۾ گرفتار آهي! +نثار: [4] جاني، ناداني نه تون ڪر، اي ديواني! +دل افروز: ڇو ٿو ڀلجين تون ڪوڙي دلداريءَ تي، +پنهنجي مڪاريءَ تي، قسمت جي ياريءَ تي ! +نثار: منهنجي محبت ڄاڻ تون، اي پياري، سچي... +دل افروز: تنهنجي ياري، ڪوڙي ساري، +نثار: ڏس تون منهنجي تابعداري، ڄاڻج سچي جان نثاري، +دل افروز: ڪوڙي ساري خاطر داري – جاني...... +نثار: ناري، تون هاري آهين، منهنجي جان، +رسوا ٿيندين، مٿو پٽيندينءَ! +منهنجي تنهنجي قسمت گڏي اهڙي الفت، +اهڙي محبت هوندي مشڪل دنيا ۾ ڪٿي ڪڏهن... +دل افروز: ڪوڙي ياري ڪک جي ڪاني! – (کيسي مان ڪنجي ڪڍي ڏيکاريس ٿو) هان، وٺ، هيءَ منهنجي گهر جي ڪنجي اٿئي. +دل افروز: موت جي گهر جي ڪنجي وٺنديس، مگر تنهنجي جهنم خاني کي ٿڪ به نه هڻنديس! +نثار: تون ساڻ هوندينءَ، ته جهنم به جنت آهي! +دل افروز: اهڙي شيطان سان جيڪو گذاريندو، تنهن تي به لعنت آهي! +نثار: جي اهڙي هوڏ ڪندينء، ته هن کي به مارائيندينءَ، ۽ پاڻ کي به مارائيندينءَ! +دل افروز: حرڪت ڪانهي پوءِ به گڏ هونداسين! +نثار: (چڙ مان) تڏهن تنهنجي مرضي آهي ته ڀلي هو مارجي؟ +دل افروز: نه نه، مون کي ٻوڙجي، پر هن کي تارجي. +نثار: هن جو ٻوڙڻ منهنجي هٿ آهي، پر هن جو تارڻ تنهنجي هٿ آهي.(وري ڪاغذ ڏيکاري) هي ڪاغذ جيڪو حاڪم ڏيکاريندو، ته فيروز هينئر ڇٽو هليو ايندو! (وري کيسي ۾ وجهي ٿو.) +دل افروز: (گوڏن ڀر ويهي، هٿ ٻڌي) تڏهن خدا جي واسطي مون کي ڏي، ته آءُ ڊوڙي کڻي وڃان! +نثار: جي هينئر هلي مون سان نڪاح ڪرين، ته هن جي ڇوٽڪاري جو حڪم هڪدم لکائي ڏيئين. +دل افروز: (ڪاوڙ مان، اٿي) هو مرندو ته آءُ به مرنديس، پر تنهنجي ڳالهه ڪڏهن به قبول نه ڪنديس! +نثار: ڏس، وقت لنگهندو ٿو وڃي، قتل جو ڏينهن سڀاڻي آهي – آخر ڇا ٿي چوين؟ +دل افروز: (مُنجهي) يا الله، ڇا ڪريان! مٿو ٿو ڦرينم.... +پاڻي......پاڻي... +[زمين تي ڪِري پوي ٿي.] +نثار: (سڏي ٿو) آدم، آدم، پاڻي جو گلاس! +آدم: (اندران) حاضر، سائين. +[آدم پاڻي آڻي ٿو. نثار هن جي مٿان پاڻي جا ڇنڊا وجهي ٿو، ۽ وات وٽ گلاس جهليس ٿو. ايتري ۾ ديانت جو آواز اچي ٿو.] +ديانت: (ٻاهران) نثار صاحب،.... نثار صاحب! +نثار: (ڊپ ۾، بيهي) ڪير آهي؟ +ديانت: ديانت. +نثار: (وڌيڪ خوف ۾) آدم، هن کي کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ لڪاءِ – سنڀال ڪجئين، متان هل مچائي يا ڀڄي وڃي! +[آدم، دل افروز کي گهلي اندر ٿئي ٿو. نثار در تان ديانت کي اندر وٺي اچي ٿو. ديانت ڪوڙ ڪري منڊائيندو اچي.] +ديانت: اررر.... توبهه، هوءِ! +[پير جهلي ويهي رهي ٿو.] +نثار: ڇا ٿيو اٿئي؟ +ديانت: پير ۾ ڪنڊو لڳو آهي، ماري رکيو اٿس! +نثار: تڏهن جلد وڃي ڪندو ڪڍاءِ، يا حڪيم کي پير ڏيکار. +ديانت: وڃان ٿو، پر ذور ويهان ته سهي. ٿڪجي پيو آهيان – پير جهلي نٿو سگهان! +نثار: پر مون کي ٻاهر وڃڻو آهي. +ديانت: ڀلي ٻاهر وڃي، آءُ لحظو ترسي پوءِ ٿو وڃان. ذور حقو ته گهرائجو. +[دل افروز هوش ۾ اچي دانهن ڪري ٿي – الله ... گهوڙا!] +ديانت: (ڇرڪ ڀري) هيءَ ڪير..... ڪا زال) +نثار: نه، منهنجو ماڻهو آدم آهي. (ڳالهه نٽائي ٿو) حقي جي بدران شراب پين ته آڻي ڏيئين، پي ته سور به ڇڏي وڃيئي. +[نثار شراب کڻڻ لاءِ اندر وڃي ٿو.] +ديانت: (پنهنجي منهن، حيرت ۾) اهو آواز ته دل افروز جو هو! ڪهڙو اسرار آهي؟ (نثار شراب آڻي ڏئيس ٿو. ديانت گلاس ۾ وجهي ٿو) ٺهيو، هي به درد جي دوا آهي، هينئر پيتوسين ته روا آهي. (شراب پي، شيشو نثار کي ڏئي ٿو، جو وري اندر رکڻ وڃي ٿو) واه واه، ڪهڙو نه شراب آهي گويا گلاب آهي! +دل افروز: (اندران) ڇڏيو، مون کي وڃڻ ڏيو! +[ ديانت سيٽ وڄائي ٿو. اشرف هڪدم اندر گهڙي اچي ٿو. اتي نٿار به نڪري اچي ٿو. ٻئي ڄڻا نثار کي پڪڙين ٿا. نثار پڪاري ٿو.] +نثار: آدم، جلد آ... ڊوڙ، ماڻهو سڏ! +[ آدم ڊوڙي اچي ٿو، ۽ نثار کي ورتل ڏسي، ٻاهر ماڻهو سڏڻ وڃي ٿو. انهيءَ وچ ۾ دل افروز به اندران ڊوڙي اچي ٿي، ۽ نثار جون ٻانهون قابو ڏسي هن جي کيسي مان ڪاغذ ڪڍي وٺي ٿي. هو ٻئي کيس ڏسي حيران ٿين ٿا.) +اشرف: دل افروز، ٻاهر گاڏي بيٺي آهي. جلد نڪري وڃ! +[دل افروز ڀڄي وڃي ٿي. سگهوئي پوءِ ديانت ۽ اشرف نثار کي ڇڏي، ڀڄڻ جي ڪن ٿا، مگر نثار هنن کي روڪي ٿو، انهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿئي ٿي. اتي آدم به اچي ٿو] +آدم: سائين سرڪاري ماڻهو اچن ٿا. +[آدم جلد اندران تپاچو کڻي اچي ٿو، ۽ اشرف ۽ ديانت کي ڊيڄارڻ لاءِ هنن ڏي سنئون ڪري جهلي ٿو، پر اوچتو تپاچو ڇٽي پوي ٿو، ۽ نثار کي لڳي ٿو، هو ڪري پوي ٿو.] +نثار: گهوڙا،.... مُئس ! (ڦٿڪي ٿو.) +آدم! هاءِ هاءِ، مون هي ڇا ڪري وڌو! +[انهيءَ وچ ۾ ٻه سپاهي اچن ٿا. اشرف ۽ ديانت ويندي بيهي رهن ٿا. آدم جي هٿ ۾ تپاچو ۽ نثار کي ڦٿڪندو ڏسي، هڪڙو سپاهي وڃي آدم کي پڪڙي ٿو، ۽ تپاچو هٿ ڪريس ٿو، ٻيو سپاهي نثار سان ڳالهائي ٿو.] +سپاهي: ڪيئن، سائين، ڳالهاءِ ته سهي! (چتائي ڏسي، هٿ لائي) هن جي ته زبان به بند ٿي ويئي آهي، ساهه ٿو ڇڏي – (ٿوروترسي)..... بس، مري ويو. +ديانت: جمعدار صاحب، (آدم ڏي هٿ کڻي) هن هڪڙي ڌڪ سان هنن ويچاري کي پورو ڪري رکيو! +آدم: (ڊپ ۾ سُسي) مون خالي تپاچو سمجهي ٿي هنيو. +سپاهي: چپ ڪر، بدمعاش! +اشرف: افسوس، ويچارو ڪهڙو نه اشراف ۽ غريب هو! +ديانت: بس، غريب جو نصيب به غريب آهي. +اشرف: (سپاهيءَ کي) ڪم بخت، پنهنجي ڌڻي سان معاملو مچائي بيٺو! مرحوم گهڻو ئي سمجهايس، ته سمجهيئي نه، آخر، جوش ۾ اچي، تپاچو هڻي ماري وڌائينس. +آدم: (چڙي) سڀ ڪوڙ! +ديانت: (اشرف کي چڱو ٿيو جو جمعدار صاحب اچڻ شرط ڏسي ورتس، نه ته جيڪر هي اسان تي تهمت رکي ها! +آدم: (ڊپ ۾) جمعدار صاحب +هڪڙو سپاهي: (چڙ مان) صبر ڪر خوني! +ٻيو سپاهي: (هنن کي) ادا، ڀلائي ڪري هي لاش ته اسان کي کڻائي ڪوٽواليءَ تائين هلو. +پهريون سپاهي: (آدم کي) تون هل هيڏي ٿاڻي تي (هڪڙو سپاهي آدم کي وٺي وڃي ٿو، پٺيائنس اشرف ۽ ديانت لاش کڻي وڃن ٿا، پٺيان ٻيو سپاهي به نڪري وڃي ٿو.) +[پردو ڪري ٿو.] +پردو چوٿون +قتل گاهه +[انور، بدلايل ويس ۾، ٻين ڇوڪرن سان گڏ، تماشي بينن ۾ بيٺو آهي. هڪ پاسي، ميز وٽ، فتح خان داروغو ۽ ٻيا بيٺا آهن. سپاهي ۽ جمعدار، اُگهاڙيون تراريون جهليو بيٺا آهن، فيروز هٿڪڙين ۽ زنجيرن سان ويٺو آهي. عالمسوز ۽ عنايت خان به، بدليل ويس ۾، تماشي بينن جي وچ ۾ بيٺا آهن.] +فيروز: (ڪنڌ جهڪايو ويٺو آهي. پوءِ مٿو آسمان ڏي ڪري چوي ٿو) +يا رب، رضا ۾ تنهنجي بشر کي مجال ناهه، +سرڪڻ تنهنجيءَ راهه کي ڏاهن جي چال ناهه، +دنيا جي هن سراءِ ۾ ڪنهن کي سنڀال ناهه، +آخر مرڻ ۾ ڪنهن کي به قيل و مقال ناهه، +ليڪن نه بيگناهه ڪو مون جان تمام ٿئي، +دشمن به هن طرح سان رسواي عام ٿئي! +[انور، فيروز جي آواز سڃاڻي ٿو.] +انور: (هڪڙي ڇوڪر کي) عبدالله، هي ته منهنجي ڀاءُ جو آواز آهي، آءُ سڃاڻان ٿو! +ڇوڪر: چُپ چُپ، ٻڌ ته داروغو صاحب ڇا ٿو پڙهي. +(فتح خان داروغو سرڪاري حڪم نامو فيروز کي پڙهي ٻڌائي ٿو.) +فتح خان: قيدي! سرڪاري جاسوسن، نثار ۽ پير خان، ٿاڻيدار ۽ سڪي سازن جي شاهديءَ تي، اڪرام جو خون تو تي ثابت ٿيو، انهيءَ جي سزا ۾ تو کي اڄ هن هنڌ قتل ڪيو ويندو. جيڪڏهن توکي دنيا جو ڪو آخرين ارمان يا ارادو ظاهر ڪرڻو هجي، ته ڀلي ڪر. +فيروز: ڪوبه ڪونهي. +فتح خان: ڪي چوڻو اٿئي، يا ڪا وصيت ڪرڻي اٿئي؟ +فيروز: فقط ٻه ڳالهيون چوڻيون اٿم. (هڪڙو منشي هن جي اڳيان ويهي لکي ٿو) – جيڪڏهن مون کان پوءِ منهنجي پيءُ جي ميراث منهنجو حق سمجهڻ ۾ اچي، ته انهيءَ مان ٽي پتي دل افروز کي ملي، ۽ ٻه پتيون اشرف ۽ ديانت کي. +فتح خان: ۽ ٻي؟ +فيروز: منهنجيءَ ٻانهن ۾ هڪڙو تعويذ ٻڌل آهي، اهو امان مرحوم جو مون کي ڏنل هو، (روئي) اهو تعويذ مون کان پوءِ منهنجي ننڍي ڀاءُ انور جي ٻانهن ۾ ٻڌجي، ۽ انهيءَ کي منهنجي دعا چئجي ۽ پيار ڪجي. +[انور پنهنجو نالو ٻڌي ڊوڙي ڀاءُ وٽ وڃڻ گهري ٿو. هڪڙو ڇوڪر هن کي روڪي ٿو.] +انور: ڪير؟- منهنجو ڀاءُ! +[ گسڙجي لنگهي ڀاءُ وٽ وڃي ٿو. هڪڙو سپاهي وٺيس ٿو.] +فيروز: (انور کي ڏسي، حيرت ۾) انور، تون هتي ڪيئن آئين، ڪنهن توکي آندو؟ (فتح خان کي هٿ ٻڌي عرض ڪري ٿو.) حضور، هي منهنجو ڀاءُ آهي، جي حڪم هجي ته آءُ هن کي ڀاڪر پائي چمي ڏيان! +فتح خان: (سپاهيءَ کي هنن کي گڏجڻ ڏي. +[سپاهي انور کي ڇڏي ٿو. انور ڊوڙي ڀاءُ کي چهٽي ٿو. ٻئي ڀاڪر پائي روئن ٿا.] +انور: ادا، تنهنجا هٿ ڇو ٻڌا اٿن، ۽ پيرن ۾ ڇو زنجير وڌا اٿن؟ +فيروز: +بيڏوهه ادا آهيان، مگر واهه نه ڪائي، +سر تي اجل آيو، نه ملي تنهن کان رهائي، +هن پر هئي لکي، هاءِ، نصيبن ۾ جدائي، +هاڻ ٿيندي قيامت ۾ پري منهنجي صفائي: +مولا آهي حافظ ۽ مددگار تنهنجو، +صد شڪر ٿيو دار تي ديدار تنهينجو! +[فتح خان جي اشاري تي، سپاهي انور کي فيروز کان ڇني ڌار ڪري ٿو. هو دانهن ڪري ٿو. فيروز روئي ٿو.] +انور: آءُ ڪين ويندس، آءُ اتي ئي رهندس! (تماشي بينن کي) ٻيلي، خدا جي واسطي اوهين چئو ته هي منهنجو ڀاءُ ناهي؟ مون کي اهوئي هڪڙو ڀاءُ آهي! ڇڏائڻ لاءِ ڇڪتاڻ ڪري ٿو) ڇڏ، ڇڏ، منهنجو ساهه ٿو گهٽجي... منهنجو مٿو ٿو ڦري... ڇڏ، ڇڏ! ڌاڙي، .... امان ڙي...(بيهوش ٿي ڪري پوي ٿو. سپاهي ٻانهن جهلي بهيس ٿو.) +فيروز: (فتح خان کي) سائين، هاڻ تڏهين جلد منهنجو ڪم پورو ڪرايو، مون کي قتل ڪرايو، ۽ وڌيڪ عذاب کان ڇڏايو – جي هي ٻار هوش ۾ ايندو، ته واويلا مچائيندو. +فتح خان: (سپاهي کي) هن کي گهر پهچايو. (سپاهي انور کي هنج ۾ کڻي وڃي ٿو.) (ٻين ڇوڪرن کي) ڇوڪرؤ، اوهان مان ڪو هن سان وڃي هن جو گهر ڏيکاري. +هڪ ڇوڪر: آءُ وڃان ٿو، گهر ڏيکاريان ٿو.(وڃي ٿو.) +فتح خان: (جلاد کي) تعميل! +[جلاد فيروز کي اکين تي ڪپڙو ٻڌي ٿو، ۽ هن جو مٿو جهڪائي اڏيءَ تي رکي ٿو، ترار ڪڍي، مٿي جهلي، حڪم جي اشاري لاءِ منتظر ٿي بيهي ٿو.] +فتح خان: هڪ... ٻه.... +[اڃا ”ٽي“ چوڻ تي آهي، ته اشرف ۽ ديانت ڊوڙي اچن ٿا، ۽ هنن کي منع ڪن ٿا.] +اشرف: صبر، - قيدي بيگناهه آهي، هي ڪاغذ گواهه آهي! +[اشرف،ادب بجا آڻي، جيڪو ڪاغذ دل افروز نثار جي کيسي مان ڪڍيو هو، سو فتح خان کي ڏئي ٿو. فتح خان اهو خيال سان ڏسي ٿو.] +عنايت: (فڪر ۾، عالمسوز کي)رنگ ۾ هي ڀنگ ڪيئن پيو؟ +عالمسوز: (ويجهو ٿي، ڪاغذ ڏسي) هي ڪاغذ ته سفير جنگ وارو گم ٿيل خط جهڙو ٿو ڏسجي! هي ڪٿان لڌو؟ +عنايت: جي هن خط جي ڪري هو آزاد ٿيندو، ته اسان جو سڀ ڪم بگڙي ويندو! +عالمسوز: جي آزاد ٿيندو، ته وري به اسان جي دام ۾ اچي ويندو، ورثو ٿورو ئي ڪي کڻي ويندو. +فتح خان: (ڪاغذ پڙهي) نواب سفير جنگ سڪي سازن جي گرفتاريءَ لاءِ ائين لکيو، ته ڪا بڇڙي ڪيائين ڇا؟ +اشرف: نه، مگر ڪاغذ ۾ جو پنجن هزارن جو اشارو آهي، سو ورثي جي ثابتيءَ گم ڪرڻ لاءِ رشوت جو هڪڙو چارو آهي. انهيءَ ڪري هن مقدمي جي وري نئين سر تحقيقات ڪرڻ گهرجي. +ديانت: (سامهون نهاري) هو ڏسو، سچو خوني اچي ٿو- انهيءَ دم سڄو حال کلي پوي ٿو. +[سڀ سامهون ڏسن ٿا. ٻه سپاهي آدم کي هٿڪڙين ۽ ٻيڙين پيل وٺي اچن ٿا.] +سپاهي: (فتح خان کي) حضور، هي قيدي ڪي چوڻ گهري ٿو. فوجدار صاحب هن کي حضور ڏي موڪليو آهي. +فتح خان: (آدم کي) ڇا ٿو چوين؟ +آدم: فيروز بيگناهه ڦاٿو آهي، اڪرام جو خون مون ڪيو آهي. +فتح خان: تو...! +آدم: هائو، مون. نثار، جاسوس پير خان جي چوڻ تي، مون کي هزار روپيا ڏنا، مون تهخاني جي هڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي بيهي تپاچو هنيو، ۽ اڪرام جو خون ڪيو. +فتح خان: نثار روپيا ڏنا؟ - ڇا لاءِ؟ +آدم: نثار اڪرام جي ڌيءَ جي ٻانهن ٿي گهري، هن نٿي ڏني. +فتح خان: هيستائين تون ڪٿي هئين؟ +آدم: نثار جي گهر لڪل هوس، (ديانت ۽ اشرف ڏي هٿ کڻي) اڄ هي ٻه ڄڻا ملڪ الموت ٿي اسان جي گهر ۾ گهڙي آيا، هنن کي ڊيڄارڻ لاءِ مون مٿن خالي تپاچو ڇوڙيو، تپاچو ڀريل نڪري پيو، گولي وڃي نثار کي لڳي، هو اتي جو اتي مري پيو. هاڻي، جڏهن آءُ سزا کان نه بچندس، تڏهن ٻئي خون جو بدلو پنهنجي سر تي نه کڻندس. +اشرف: (آدم کي) واه، بهادر! مرڻ مهل ڀلائي ڪيئه وڏي ڀَلماڻسائي ڪيئه! +فتح خان: جي اها ڳالهه برابر ۽ برقرار آهي، ته فيروز ڇوٽڪاري جو حقدار آهي.(داروغي ۽ جمعدار کي) قتل موقوف! هنن کي وري قيدخاني ۾ وٺي وڃي. هن مقدمي جي وري ٻيو ڀيرو تحقيقات ٿيندي، ۽ صدر عدالت کي انهيءَ جي خبر ڏني ويندي. +اشرف: (خوشيءَ مان) بيگناهن جو وريو وارو! +ديانت: ۽ بي ايمانن جو منهن ڪارو! +سڀ تماشي بين: اِهو، اهو...! +عالمسوز: پاڻ چڱو ٿيو، وڪالت وڌي، مزو ٿيو، نئين دولت لڌي. +(وڃن ٿا.) +[پردو ڪري ٿو.] +پردو پنجون +رستو +[قتلگاهه کان گهر ڏي ويندي، ڪيترا ڇوڪرا ٽپندا ڪڏندا وڃن ٿا.] +هڪڙو ڇوڪر: يارو، انور جو ڀاءُ ڇٽو، هنن جو بخت ڦٽو. +سڀ ڇوڪرا: هُري! وهُري! +ٻيو ڇوڪر: دشمنن جو هنيانءُ جهري! +سڀ: هُري! هُري! +ٽيون ڇوڪرو: دوستن جي دل گهري! +سڀ: هُري هُري! +ٻيو ڇوڪر: هاڻ جي انور پيءُ جو ورثو پائي، ته نواب سڏائي، ۽ پاڻ سڀني کي مٺائي کارائي! +ٽيون ڇوڪر: (سامهون ڏسي) اڙي،ڏسو ته، ڏسو ته، هو پير خان، وڏو شيطان، اچي ٿو! +(سڀ نهارين ٿا.) +پهريون ڇوڪر: اڙي، هائو ڙي، ڀڄو ڙي! +[ سڀ هڪڙي پاسي ٿين ٿا. پير خان مداريءَ سان ڳالهيون ڪندو اچي.] +پير خان: يار مداري، اسين ته بڇڙا ٿياسين، فيروز ڇٽي ويو، ۽ اسين ڦاسي وياسين، نوڪري ته ويئي، هاڻ آبرو نه وڃي! +مداري: سائين جو ٽٻيون هڻندو آهي، سو ڪڏهن ڪڏهن ٻڏي به پوندو آهي! +ٻيو ڇوڪر: انور ۽ فيروز ٿيو سوڀارو،..... ۽ هپ خان ولد گپ خان جو منهن....؟ +سڀ: ڪارو! +پير خان: (ڇوڪرن کي) نڀاڳؤ، ڪنهن تي ٿا ٺٺولي ڪريو؟ +مداري: ٿاڻيدار صاحب جي اڳيان متان اهڙي ٻولي ڪريو! +ٽيون ڇوڪر: (ٻئي کي) اڙي، ٿاڻيدار صاحب کان پري ٿيو، ته لهڻيدار نه ٿي پئيوَ! +پير خان: (مداريءَ کي) مداري، اڄ ذري جيڏا ڇوڪرا به منهن تي گاريون ڏيو وڃن! +مداري: سائين، دستور آهي – مئي شينهن جي مٿان ڪانگ به چڙهيو وڃن! پر خبرداري رکجو، عدالت جي کلڻ جو وقت اچي ٿيو آهي. +پير خان: هائو، هل ته هلون. +[ٻئي وڃن ٿا، ڇوڪرا نڪري ميدان تي ٿين ٿا.] +پهريون ڇوڪر: اچو ڙي ڇوڪرا، راند جو سعيو، اچي گڏجي نيڪي بديءَ جي راڳ ڳايو! +ڪي ڇوڪر گڏ: +[5] بُرو پهريون سک پائيندو، آخر هو ٻيڻو +غم کا��يندو +ڀَلو ڪهڙو ئي غم کـائيندو، آخـــر هــــو هــڪ +ڏينهن سک پائيندو – بُرو.... +پهريون ڇوڪر : بدي ڪري انسان، بدي ڪري انسان، لهندو ناهي مان، ڪيترو پڻ هو آزمائيندو – بُرو... +ٻيو ڇوڪر: ڪڏهن پيٽ ڀري کائي، ڪڏهن پيٽ ڀري کائي +ڪڏهن بک ۾ ڏرمائي، بشر بيشڪ ڪيتو نيٺ +لائيندو – بُرو.... +ٽيون ڇوڪر: بدي ٿورا ڏينهن يار، بدي ٿورا ڏينهن يار، +گهڻو ڏيندي اختيار، مگر سوئي منهن کي ڪارنهن +لائيندو – بُرو...... +[سڀ ڇوڪرا وڃن ٿا. ٻئي پاسي کان سفير جنگ ۽ عالمسوز اچن ٿا.] +سفير جنگ: ڪيئن، عالمسوز، هي ڇا ٿيو- مقدمو ٽُٽي ويو! +عالمسوز: بس، سائين، ڇا، چوان، فيروز ته صاف ڇٽي ويو. +سفير جنگ: تڏهن جلدي وڃي جواهر خان کي آڻايو، ۽ فيروز کي وري ڦاسايو. +عالمسوز: چڱو، سائين، وڃان ٿو. (هلڻ جي ڪري ٿو.) +سفير جنگ: بيهجئين، هڪڙي ٻي ڳالهه ياد آئي آهي، جنهن ۾ اسان جي ڀلائي آهي: ڪنهن طرح سان دل افروز کي ٺڳاري منهنجي گهر موڪلي ڏي. +عالمسوز: (حيرت ۾) دل افروز؟ هوءَ جوان ڇوڪري، ۽ اوهين.... +سفير جنگ: آءُ هن جو سڳو پيءُ.... +عالمسوز: سڳو پيءُ؟ +سفير جنگ: هائو اڄ تائين مون ڪنهن سبب جي ڪري اها ڳالهه پئي لڪائي، پر اڄ منهنجي خيال ۾ آيو آهي ته هيءَ ڇوڪري هن نالائق فيروز جي پٺيان پئي، خراب نه ٿئي، ۽ منهنجي هٿان نڪري نه وڃي. وڃ، جلدي وڃ، آءُ به وڃان ٿو. (وڃي ٿو.) +عالمسوز: (اڪيلو، پنهنجي منهن) هي امير به ڏاڍو شرير ۽ لچن جو پير آهي، پر بيحساب پيسا ٿو هاري، تنهنڪري بدر منير ۽ بي نظير آهي. ٻيلي عالمسوز، هاڻ ڪي بدمعاش هلي ڀاڙي ڪري وٺي آءُ: اڳي ڇوڪرو چورايو هوءِ، هاڻ ڇوڪري اُڏاءِ! (وڃي ٿو.) +[پردو ڪري ٿو.] +پردو ڇهون +جوان بخت جي محلات جو ڪمرو +[سفير جنگ ۽ فلڪ جاه ويٺا ڳالهيون ڪن.] +فلڪ جاه: تنهنجو خط، اشرف ۽ ديانت کي ڪٿان هٿ آيو؟ +سفير جنگ: خبر ناهي ڪٿان مليس، شايد عالمسوز ڪين پهچايو. (خيال ڪري) پر، برابر، انهيءَ ڏينهن ميز تي رهجي ويو هو، شايد اُتان گم ٿيو هو. +فلڪ جاه: (گوڏي تي هٿ هڻي) افسوس، انهيءَ خط ته رولو وڌو، ۽ ڪم خراب ڪيو! +سفير جنگ: هائو، آدم جي ڏوهه قبول ڪرڻ ڪري به مقدمو بگڙي ويو. +فلڪ جاه: پوءِ هاڻ ڪيئن....؟ +سفير جنگ: هاڻ اُهوئي رستو مون بتايو آهي، جواهر خان سوداگر کي مون گهرايو آهي. +[عنايت خان اچي ٿو.] +عنايت خان: (چڙ مان، فلڪ جاه کي) سائين، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن جو بک پيا مرون- نه گيهه ٿو ملي، نه کير ٿو ملي – اوهين خوش ٿيو ويٺا آهيو، اسين ڪنهن جي نه بلي! +سفير جنگ: (ڪاوڙ مان) بي ادب، بيحيا، ايتري گستاخي! تو اسان کي پنهنجو مودي بنايو آهي؟ +عنايت: سائين هيترا ڏينهن ڪو اوهان مفت پئي کارايو آهي؟ +سفير جنگ: نه ته تو ڪو اسان کي قرض به کڻايو آهي؟ +عنايت: هيترا ڏينهن آءُ اوهان جو خير خواهه هوس، نه ته ڏيکاريان ها ته اوهان جي مٿان گواهه هوس! +سفير جنگ: ڪهڙي ثابتي؟ +عنايت: پاڻيهي نڪاح نامي مان ظاهر ٿيندو! +سفير جنگ: اُهو نڪاح نامو ڪٿي؟ +عنايت: ڪٿي به هجي- منهنجي اڳيان لکيو ويو هو. +سفير جنگ: ڪٿي آهي لکندڙ؟ +عنايت: قاضيءَ جي دفتر ۾. +سفير جنگ: اُهو تنهنجو قاضي ڪٿي؟ اَڻ ڏيکار، نه ته ماٺ ڪري گذار! +عنايت: چڱو، جي اوهان جو اهڙو ڪلام آهي، ته اڄ کان وٺي منهنجو سلام آهي! +فلڪ جاه: ڇا ڪريان، مون کي ته هر طرف انتظار آهي، همايون بيمار آهي ۽ بخار ۾ گرفتار آهي، انهيءَ ڪري منهنجي دل بيقرار آهي. +سفير جنگ: بيمار خدا ڪندو ته چڱو ڀلو ٿي ويندو، پر هيءَ باهه جي وڌي ته گهر سڙي ويندو! +[جواهر خان ۽ عالمسوز اچن ٿا.] +فلڪ جاه: اچو، خان صاحب، (هن جي اڳيان ٻئي اٿن ��ا.) +جواهر خان: هي ڇا؟ اوهين ته پنهنجا لائق ٿا ڪريو، پر آءُ لڄا ۾ وڃان ٿو مريو، خدا برڪت وجهي اوهان جي آل عيال ۾،- آيو ڪي خيال ۾؟ +[سڀ ويهن ٿا.] +فلڪ جاه: خانصاحب، اوهين ته اسان جي خاندان جا خير خواهه آهيو،.... +جواهر خان: جناب، آءُ ساري جهان جو خير خواهه آهيان! +فلڪ جاه: هو فيروز، جو ٻه ٽي ڏينهن اوهان وٽ نوڪر هو، ياد آهي؟ +جواهر خان: هائو، هن کي مون مهل تي مدد نه ڪئي، تنهن جي لاءِ دل شرمندي ۽ناشاد آهي. +سفير جنگ: خان صاحب، اهو فيروز اسان جو دشمن آهي، انهيءَ کي ڪا تهمت رکي ڦاسايو، ته پنج هزار اوهان جو ڌن آهي! +جواهر خان: جناب، مون کي برابر اوهان جي رضامنديءَ جو کپ آهي، ليڪن(هٿ ٻڌي) هن ڪم کان معافي ڏيو، جو مون کي خدا جو ڊپ آهي! +سفير جنگ: تڏهن پنج هزار هٿان وڃايو ٿا؟ +جواهر خان: پنج هزار ته ڇڏيو، پر پنج لک به مون کي نه کپن! +[اتي هڪڙو نوڪر تڪڙو اچي عرض ڪري ٿو.] +نوڪر: حضور همايون جاه جي حالت سخت خراب آهي! +[وري وڃي ٿو.] +فلڪ جاه: افسوس، افسوس! +جواهر خان: (پنهنجي منهن) پٽ پيو مري، پاڻ فساد پيو ڪري- واه ڙي دنيا! +سفير جنگ: هلو ته هلي ڏسونس.(سڀ اٿن ٿا.) جواهر خان. اوهين هتي ترسو، خيال ڪريو، اهڙي رٿ ڪريو، جيئن اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ ناسازي نه ٿئي، دوستي ڳنڍي اچي، اسين وري ٿا اچون. +جواهر خان: آءُ ترسان ٿو.(هو وڃن ٿا.) (اڪيلو) پٽ بيمار نه آهي، پر هيءَ خدا جي مار آهي! +[دل افروز، سفير جنگ جي گهر مان ڀڄي، جاءِ ۾ اچي ٿي، جواهر خان کي ويٺل ڏسي، انهيءَ سان ڳالهائي ٿي.] +دل افروز: (هٿ ٻڌي) سائين اوهان کي ڪا خبر آهي ته فيروز جي ڪهڙو حالت آهي؟ +جواهر خان: هائو، اڃا ته سلامت آهي. +دل افروز: خدا جي واسطي مون کي هن بند مان ڇڏاءِ، ۽ فيروز سان ملاءِ! +جواهر خان: ڇو، ابا، ڪهڙي ڪيفيت آهي، ڪهڙي تو تي آفت آهي؟ +دل افروز: آءُ فيروز جي جان نثار آهيان، ڪي بدمعاش مون کي هن سان ملائڻ جي بهاني تي وٺي هتي آيا آهن، هاڻ آءُ هتي گرفتار آهيان! +جواهر خان: چڱو، اجهو آءُ فيروز کي به ٿو سڏيان، ۽ ڪوٽوال کي به ٿو آڻيان، مگر تون هيترو ڪر ته مون کي اهڙا ٻه اکر لکي ڏي، ته هنن کي اعتبار ٿئي. +دل افروز: ڪاغذ قلم ڪٿان آڻيان؟ +جواهر خان: شايد هن ميز جي خاني ۾ هجي. (ميز جا خانا بند ڏسي، ان جي کولڻ جي تجويز ڪري ٿو، سگهو ئي هڪڙو چور خانو کلي پوي ٿو. تڪڙ تڪڙ ۾ ان ۾ هٿ وجهي، هڪڙو ڪاغذ ڪڍي ڏئيٿو، “ پينسل به هٿان ميز تان کڻي ڏئي ٿو. ) هان هن تي کڻي لک. +[دل افروز لکڻ جي ڪري ٿي، پر ڪاغذ کي پٽي، سنئون ڪري، اُهو لکيل ڏسي، هن کي ڏيکاري ٿي.] +جواهر خان: (وٺي پڙهي ٿو) اڙي... هي ته نڪاح نامو! +[ اتي فلڪ جاه ۽ سفير جنگ ۽ عالمسوز کي ايندو ڏسي هو ڊڄن ٿا.] +دل افروز: اڙي، هي ته اچي نڪتا! +[دل افروز لڪي وڃي ٿي. جواهر خان نڪاح نامو کيسي ۾ لڪائي ويهي رهي ٿو. فلڪ جاه، سفير جنگ ۽ عالمسوز اچن ٿا.] +سفير جنگ: رڳو هيانوَ جو مونجهاري ڪري سُست ٿي ويو هو. +عالمسوز: ٻيو ڇا، - سڏيوسينس ته جواب ڏنائين، ٿورو کير به پيتائين. +[اشرف، ديانت، انور، عنايت خان، نسترن، ڪوٽوال ۽ جمعدار جي حوالي ۾، فيروز اچي ٿو. سڀني کي ڏسي، فلڪ جاه ۽ سندس سنگتي ڊپ ۽ حيرت ۾ پون ٿا.] +فيروز: ڪٿي آهي دل افروز؟ (هيڏي هوڏي نهاري، سڏي ٿو) دل افروز....! +(لڪل دل افروز ڊوڙي اچي ٿي. ٻئي پيار سان هڪٻئي کي ڀاڪر وجهي چنبڙي پون ٿا.) +دل افروز: پيارا فيروز.....! +سفير جنگ: (ڪاوڙ ۾) ڪير، - فيروز؟ +جواهر خان: فيروز نه چؤ – ”نواب فيروز جاه“ چوُ! (ائين چئي، نڪاح نامو ڪڍي فيروز کي ڏئي ٿو.) سائين، هيءَ اوهان جي دعوا جي ثابتي! خدا راضي آهي حق حلال ۾،- آيو ڪي خيال ۾؟ +فيروز: (حيرت ۽ خوشيءَ ۾) نڪاح نامو! ڪٿان هٿ آيو؟ +جواهر خان: (ميز ڏيکاري) هن ميز جي چور خاني مان. +اشرف: ”بغل مين لڙڪا، شهر مين ڍنڍورا“! +[فيروز نڪاح نامو ڏسي ڪوٽوال کي ڏئي ٿو، ڪوٽوال پڙهي ڏسي ٿو. +فيروز: خدا جا شڪرانا! چاچا، ڏسو ته جيڪي بابي ۽ امان ٿي چيو، سو سچ نڪتو نه؟ +ڪوٽوال نڪاح نامو ته سچو آهي: مٿس قاضيءَ جي مهر ۽ دستخط به آهي، شاهديون عنايت ۽ شرافت جون پيل آهن. +[ڪوٽوال نڪاح نامو فلڪ جاه کي ڏئي ٿو. سفير جنگ ۽ عالمسوز به اُهو ڏسن ٿا. ٽيئي ماٺ ڪري بيهن ٿا.] +اشرف: (فلڪ جاه کي ) بنده پرور، هيترا ڏينهن ننڊ ڪيوَ هاڻ سجاڳ ٿيو، اک پَٽيو! +ديانت: گهر جا مالڪ اچي ويا، هاڻ هتان نڪرو ۽ وڃي ٻاهر ڪشالا ڪٽيو! +عنايت: (فيروز کي) حضور، مبارڪ! اوهان حقدارن کي پنهنجو حق پلئه پيو، ۽ جيئن مون چيو ٿي تيئن پاڻيهي اچي ٿيو. +ديانت: (عنايت کي) ته پوءِ هيترا ڏينهن ڪيڏي ويو هُئين؟ +عنايت: فلڪ جاه جن ڏي هٿ کڻي) هنن صاحبن هيترا ڏينهن مون کي ٺڳاري چپ رکيو، مگر انهيءَ جو مون مزو چکيو. +[اتي همايون، لٺ ٽيڪيندو، گل اندام سميت، اچي ٿو. فيروز وڃي هٿ وٺي آڻي پاسي ۾ ويهاريس ٿو.] +همايون: ادا، هينئر نوڪر مون کي خوشخبري ٻڌائي، ته مئل جسم ۾ جان آئي. (فلڪ جاه کي) بابا سائين، مون ڇا ٿي چيو؟ - ڏسو، چاچي مرحوم ڪو ڪوڙ ڪيو؟ +فلڪ جاه: ابا، اهو سڀ منهنجيءَ غفلت جو نتيجو آهي. (فيروز کي) ابا، فيروز جاه، منهنجين اکين تي ڪو اهڙو پردو چڙهي ويو هو، نڪاح نامي جو ڪاغذ اکين جي اڳيان پيل به نظر نه چڙهيو! (ميز ڏيکاري) هن چورخاني جو مون کي اڄ تائين خواب خيال به ڪونه هو: پڪ ڄاڻج ته هيءَ ڪا منهنجي هٿرادو جعلسازي نه هئي. هيءَ سڀ نصيب جي بازي هئي. +سفير جنگ: اسان ٻنهي جي غفلت ۽ غلط فهميءَ ڪري اسان کي هاڻ معاف ڪريو، ۽ ڪيني جي ڪٽ کان دل جو آئينو صاف ڪريو. +عالمسوز: سائين، جڏهن انسان هميشه خطا جو گهر ۽ خدا جو گنهگار آهي، تڏهن هي ٻانهو به پنهنجي ڪئي کان پشيمان، ۽ اوهان جي معافيءَ جو اميدوار آهي. +جواهر خان: (فلڪ جاه ڏي هٿ کڻي) ۽ مون کي به هن نواب، دل ڪباب، ذري گهٽ ڀلائي خراب ڪيو هو، هي هميشه خوش هو جنگ ۽ جدال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟ +[سڀ کلن ٿا.] +دل افروز: افسوس آهي ته هنن جي اهڙيءَ هلت ڪري، بابو ويچارو مفت وچ ۾ مارجي ويو! +فيروز: پياري، اڪرام تنهنجو رڳو نالي جو پيءُ آهي. (سفير جنگ ڏي هٿ کڻي) – تنهنجو سڳو پيءُ اجهو هي آهي! +دل افروز: (حيرت ۾) ڌيءَ، دنيا جي عزت آبروءَ جي ڊپ ڪري، آءُ توکان بيخبر ۽ ڏور رهيس، ۽ تنهنجيءَ وفادار ماءُ جي حق ۾ آءُ گنهگار ۽ باقصور رهيس، آخر آءُ به خطا وار بندو آهيان، ۽ انهيءَ ڪري گهڻو شرمندو آهيان! +دل افروز: (وڃي پيءُ کي پيرين پوي ٿي) بس بابا بس، ايترو بس آهي، اوهان جو ڪوبه قصور ڪونهي، سڀ قسمت جي وس آهي: +فيروز: خان صاحب، ميان اشرف ۽ ديانت، آءُ اوهان سڀني جو احسانمند آهيان. +جواهر خان: سلامت رهو! +اشرف: گهڻي مهرباني. +ديانت: خدا هميشه خوش رکيوَ! +فيروز: (انور کي) انور، وڃ، وڃي سڀني کي پيرين پئي گڏجي آءُ. +انور: (فلڪ جاه کي وڃي پيرين پوي ٿو) چاچا، مون کي ڀاڪر پاءِ. +فلڪ جاه: (ڀاڪر پائيس ٿو) پٽ، شل سدائين شاد رهين! +[پوءِ انور، گل اندام سان ملي ٿو.] +گل اندام: بابا، شل سلامت ۽ آباد رهين! +[پوءِ سفير جنگ سان گڏجي ٿو.] +سفير جنگ: شل هر غم کان آزاد رهين! +دل افروز: پيارا فيروز، اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ جيئن پنهنجي شادي ٿيندي، تيئن نسترن جي به اشرف سان ڇو نه کڻي شادي ڪجي....؟ +فيروز: بيشڪ ڪجي! +اشرف: شاد�� کڻي پوءِ ٿئي، پر هتي به من ٻانهن ڏياريو! +[فيروز نسترن جي ٻانهن وٺي نئي اشرف جي هٿ ۾ ڏئي ٿو. هو ٻانهن بغل ۾ وجهي بيهي ٿو. سڀ کلن ٿا.] +سفير جنگ: (دل افروز جي ٻانهن وٺي، فيروز کي ڏئي ٿو) ڌيءَ، اڄ تون به پنهنجي فيروز جي حوالي ٿيءُ. +[فيروز ۽ دل افروز هڪٻئي جا هٿ جهلي بيهن ٿا. ۽ ڪوٽوال پٺٽي وڃي بيهي ٿو، پوءِ نڪري وڃي ٿو.] +فلڪ جاه: هاڻ اچو ته سڀ گڏجي خدا تعالي جي شڪر گذاريءَ جو گيت ڳايون، جنهن اسان سڀني جا دک دور ڪيا، ۽ خوشيون ڏيکاريون. +سفير جنگ: بيشڪ، ائين مناسب آهي +[ سڀ گڏجي قطار ٻڌي بيهن ٿا.] +سڀ: شڪر، شڪر اي يزدان – سائين، مطلب ٿيو، ڏک +سڀ ويو! +انور: واه...! +دل افروز: لکين تنهنجا ٿيا احسان-سائين، مطلب ٿيو، +ڏک سڀ ويو.... +سڀ : شڪر، شڪر، اي يزدان.... +فيروز: ويا سڀ ڏک، آيا سڀ سک، جاني جدا، ميڙيا خدا. +انور: سچ...! +سڀ: شڪر، شڪر، اي يزدان.... +همايون: پرور، سرور، دلبر،اڻ ٽر، تنهنجون جڳ تي مهرون لڳيون. +سفير جنگ: ڪير ڪري ڪو توسان ٺڳيون؟ +ديانت: سچ، سچ، سچ! +فلڪ جاه: ڪير ڪري ڪو توسان ٺڳيون! +عنايت: سچ، سچ، سچ! +گل اندام: رحمي آهين تون، +جواهر خان: رنگي ننگي جنگي پڻ. +اشرف: جيڪي ڪوڙا، مت جا موڙها، ڀيڻيون تن جون سڀ تو ڀڳيون، +عالمسوز: توبهه، توبهه سائين. تون سمجهائين، گذريون ڳالهيون سڀ اڳيون! +سڀ: واه! شڪر، شڪر، اي يزدان.... +[آهستي آهستي پردو ڪري ٿو.] +******* +* ڪالنگڙو – دادرو. +[1] ”مانڊ“ - دادرو +[2] انگريزي طرز Bunk a Doodle I do +[3] ڪافي - لهرو +[4] سارنگ - ٺمري +[5] ”ديس“- قهروا \ No newline at end of file