diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book8.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book8.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Dramas/Book8.txt" @@ -0,0 +1,3150 @@ +ڪتاب جو نالو: ڊراما + + + +ڊراما +ڇپائيندڙ پاران +ادب ۾ ناٽڪ هڪ اهڙي صنف رهي آهي، جنهن جي اثر انگيزي عالمگير رهي آهي. يورپ ۾ نئين سجاڳي (Renaissance) آڻڻ ۾ ناٽڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. والٽيئر فرانس جي حڪومت تي پنهنجن ناٽڪن وسيلي ڇتي تنقيد ڪندو هو. جيڪي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل پرڏيهي پس منظر رکندڙ ناٽڪ هئا. مثلاً: ”چين جو چرٻٽ باشاهه“، ”هندستان جو ظالم بادشاهه“ جهڙن عنوانن سان لکيل هن جي ناٽڪن ۾ رياست تي تنقيد ۽ کِل جهڙا ڊائيلاگ ٻڌي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ اصل معنيٰ ۽ مقصد کي سمجهي ٽهڪن ۾ ٻُڏي ويندا هئا. ڪجهه ڏينهن ناٽڪ هلڻ کان پوءِ فرينچ رياست اُنهن ناٽڪن تي پابندي لڳائي ڇڏي. والٽيئر کي ”لوهه ۾ لوچڻ“ لاءِ بندي خانن ڀيڙو ڪندي هئي، سندس دوست ۽ ساٿي ڊوڙي ڊُڪي کيس آزاد ڪرائيندا هئا. هو جيل مان نڪرڻ بعد سراڻ تي تِکي ٿيل ترار جيان تيز ٿي نڪرندو هو ۽ ٻيهر پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويندو هو. اُن ريت سڄي يورپ ۾ نئين سجاڳي آڻڻ ۾ ناٽڪ ۽ ٿيٽر جو اهم رول رهيو آهي. +سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات اڻويهين صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ ٿي ۽ اوائلي ناٽڪ ڌرمي نوعيت جا ۽ ڪتابي صورت تائين محدود رهيا. اوائلي سنڌي ناٽڪ، هندي، انگريزي ادب جي چونڊ ناٽڪن تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. شاعر امام بخش خادم جي لکيل ناٽڪ ”هير رانجهو“ (1879ع) کان وٺي مرزا قليچ بيگ جي طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ ”خورشيد“ ۽ سندس ٻين اهڙن ناٽڪن تائين ۽ اُن کان اڳتي ڪشنچند بيوس جو ناٽڪ ”پوڙهي جو پرڻو“ تائين سنڌي ناٽڪ ڌرمي موضوعن کان هَٽي سماجي ۽ سياسي موضوعن سان ڀرپور ٿيندي نظر اچي ٿو. +سنڌي ناٽڪ ڪتابي شڪل کان اسٽيج ۽ ٿيٽر ۾ ڪردارن جي عملي مظاهري (Practical performance) واري صورت ۾ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچي ۾ 1894ع ۾ قائم ٿيل ”اميچور ڊراميٽڪ سوسائٽي“بنيادي ڪردار ادا ڪيو. لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ پڻ اُنهيءَ نالي سان ڊراميٽيڪل سوسائٽيون ’ناٽڪ منڊليون‘ قائم ٿيون. سال 1910ع کان سنڌي ناٽڪ کي نوان موڙا مليا، نت نون موضوعن تي طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ ايندا رهيا، جيڪي گهڻو ڪري اسڪولي شاگردن پاران قائم ٿيل ناٽڪ منڊلين ۽ سوسائٽين وسيلي پيش ڪيا ويا. 1923ع ۾ بنگال جي نوبل انعام ماڻيل شاعر رابندرناٿ ٽئگور حيدرآباد ۾ ”ٽئگور ناٽڪ منڊلي“ جي مهورت ڪئي. اُنهيءَ دوري دوران هن سنڌوءَ جي ڪپَ تي ويهي سج اُڀرڻ جو نظارو ڏٺو ۽ چيو ته: ”سج اُڀرڻ جو ايترو حسين منظر مون دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي.“ +سنڌي ناٽڪ جي صنف کي بنياد مهيا ڪري ڏيڻ ۾ مرزا قليچ بيگ پڻ گهڻو پاڻ موکيو ۽ يڪا سارا 30 طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ، سنڌي ادب کي ڏيئي ناٽڪ جي صنف کي سنڌي ساهت جي تاريخ ۾ تهائين پختو ۽ مضبوط ڪيو. اُن دور ۾ ناٽڪ نويسيءَ ۾ محترم عثمان علي انصاري، ڪاڪو ڀيرومل، لعلچند امرڏنومل، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، اڳ کان اڳرا نظر اچن ٿا. سال 1917ع واري دور ۾ سوويت يونين جو جُڙڻ ۽ سماجوادي انقلاب جي ڪري سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي موضوعن ۾ تبديلي آئي ۽ اُن ۾ قومي آزادي ۽ ٻيا سماجي ۽ سياسي موضوع پڻ شامل ٿي ويا. سنڌي ناٽڪ سماجوادي نظرئي ۽ فڪر جي اثر هيٺ حقيقت نگاريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. سال 1947ع کان پوءِ سنڌي ناٽڪ جو سج، گرهڻ ۾ اچي ويو. +سنڌي ساهت جا گهڻگهرا ڪي گذاري ويا ۽ گهڻا لڏي ويا. اهڙي دور ۾ اُنهيءَ ماٺار کي ٽوڙي سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن ۾ جيڪي نالا اڳتي آيا، اُنهن ۾ شيخ اياز، آغا سليم ٻه وڏا نانءَ آهي، جن ڪهاڻي، شاعري، ناول ۽ ناٽڪ کي نئون روپ ڏئي انهن کي وسيع تاريخي ڪينواس بخشيو. +هيءُ ڪتاب ”ڊراما“ آغا سليم صاحب جي طبعزاد ۽ ڪجهه ترجمو ٿيل ناٽڪن جو مجموعو آهي، جنهن کي ڇپائڻ جو گهڻو اڳ رٿيو ويو هو پر منهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪتاب ’ڊراما‘ ڇپجڻ تي پاڻ کي ڀاڳوند ڀانيان ٿو. +ڄام شورو پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي +اڱارو 14 جولاءِ 2009ع سيڪريٽري +دودو چنيسر +ڏيک پهريون +(دودي جو راڄ محل – سامهون واري ڀت ۾ ٻه دريون آهن، جن مان اونداهو آسمان نظر ٿو اچي. دريءَ جي ڀر ۾ ڇپر کٽ تي ڪوئل ويٺي آهي ۽ گلن جو هار ٿي پوئي. هڪ ٻانهي هن کي مورڇل ٿي هڻي، ٻيون ٻانهيون اچ وڃ ٿيون ڪن، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته سارو محل جاڳي رهيو آهي. ٻاگهي ٻائي شاهاڻي شان سان داخل ٿئي ٿي. ڪوئل کٽ تان اٿي ڪنڌ نوائي چوي ٿي.) +ڪوئل: پڦي سائڻ جا ڪوئل پير ٿي ڇُهي. +ٻاگهي: شل شهزادي ڪوئل گلاب جي گلن جيان ٽڙندي رهي. +(هلڪي خاموشي. ٻاگهي شاهاڻي شان سان وکون کڻندي دريءَ ڏانهن وڃي ٿي) +ڪوئل! +ڪوئل: جي پڦي سائنڻ. +ٻاگهي: پڳ جي ڪا خبر آئي. +ڪوئل: نه پڦي سائڻ اڃا ڪا خبر نه آئي آهي. +ٻاگهي: (اهڙي گنڀيرتا جنهن مان پريشاني ٿي بکي) اڄ سنڌ جا سڀيئي سردار گڏ ٿيا آهن ۽ سنڌ جي پڳ جو فيصلو ٿيڻو آهي. +ڪوئل: ڄاڻ فيصلو ٿيو. پڳ چاچا چنيسر کي ملندي. چاچا چنيسر پڳ پائي ايندو ته مان کين هي گلن جو هار پارائيندس. +(پاسي ۾ جنڊيءَ جو گلدان پيو آهي، جنهن ۾ ڪوماڻيل گل پيا آهن. ٻاگهي گلدان جي ويجهو اچي، هڪڙو ڪوماڻيل گل هٿ ۾ کڻي ٿي.) +ٻاگهي: اڄ اسان جي دل هن گل جيان ڪوماڻيل آهي. اسان جلد پڳ جو فيصلو ٻُڌڻ ٿا چاهيون. +ڪوئل: ٻانهي؟ +ٻانهي: جي سائنڻ. +ڪوئل: پڳ جي فيصلي جي ڪا خبر آئي. +ٻانهي: نه سائنڻ، اڃا ڪا خبر نه آئي آهي. +ٻاگهي: (پريشانيءَ مان) الائجي ڪهڙو فيصلو ٿيو...؟ +(ٻاگهي ننڍيون وکون کڻندي، دريءَ وٽ وڃي بيهي ٿي.) +ڪوئل: ٻانهي، ڪنهن سپاهيءَ کي موڪلي معلوم ڪيو وڃي ته پڳ جو ڇا فيصلو ٿيو. +ٻانهي: جيڪو حڪم سائنڻ (وڃي ٿي. هلڪي خاموشي.) +ٻاگهي: (دريءَ کان ٻاهر نهاريندي) اڄ رات ڪيتري نه اونداهي آهي. الائجي رات ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ڪڏهن پرهه ڦٽندي. +ڪوئل: پرهه ۾ باقي پهر وڃي بچيو آهي. ڄاڻ پهر پورو ٿيو ۽ پرهه ڦٽي. +ٻاگهي: پل پل ڄڻ پهاڙ ٿي ويو آهي. وقت ڄمي رهيو آهي ۽ سنڌ جي قسمت جو فيصلو ٻڌڻ ٿو چاهي. جي اڄ سنڌ جي قسمت جو فيصلو وقت جي خلاف ٿيو ته.... +(اوچتو ٻاهران پڙاڏي سان آواز ٿو اچي.) +آواز: +اوڀر سارو اوندهه آهي، +اولهه انڌوڪار! +ڏکڻ سارو ڏهڪاءُ آهي، +اتر کان اوپرن گهوڙن جي هڻڪار ٿي اچي، +گهوٽ گهوڙي چڙهندو، +گهوڙا گهوٽ گهائيندا، +سنڌ سهاڳڻ ٿيندي. +هيرَ مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي، +هيرَ مان گهوٽن جي +رت جي هٻڪار ٿي اچي +هيرَ مان.... +(ٻاگهي ۽ ڪوئل بت بڻجي آواز ٻڌن ٿيون.) +(آواز آهستي آهستي دور ٿيندو وڃي ٿو.) +ٻاگهي: ڪيڏو نه خوفناڪ آواز هو! +ڪوئل: الائي ڪنهن جو آواز هو! +ٻاگهي: ڇا وقت ڪا خوفناڪ پيشگوئي ٿو ڪري +ڪوئل: ٻانهي. +ٻانهي: جي سائنڻ +ڪوئل: هي ڪنهن جو آواز هو؟ +ٻاگهي: سائنڻ روپاه ۾ هڪڙو مست آيو آهي، جيڪو رڙيون ڪري الائجي ڇا ڇا چوندو رهندو آهي. +ٻاگهي: (پنهنجي منهن) گهوٽ گهوڙي چڙهندو... گهوڙا گهوٽ گهائيندا. سنڌ سهاڳڻ ٿيندي... +(اوچتو ٻاهران نغاري جو آواز اچي ٿو ۽ پوءِ چوٻول جيڪو سمجهه ۾ نٿو اچي. ٻاگهي ۽ ڪوئل ٻئي غور سان آواز ٻڌن ٿيون.) +ٻاگهي: پڳ جو فيصلو ٿي ويو. پر الائجي ڇا فيصلو ٿيو؟ +ڪوئل: پڳ چاچا چنيسر کي ملي هوندي. +(ٻانهي اندر اچي ٿي.) +ٻانهي: پڳ جو فيصلو ٿي ويو سائنڻ. +ٻاگهي: ڇا فيصلو ٿيو؟ +ٻانهي: پڳ ڏيهه ڌڻي دودي کي ملي. +ڪوئل: پڳ بابا کي ملي!؟ +ٻاگهي: ۽ چنيسر؟ +ٻانهي: چنيسر راڄ جو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ ڪاوڙ ۾ اٿي هليو ويو. +ٻاگهي: اسان کي پڪ هئي ته ائين ئي ٿيندو. سنڌ جا سردار چنيسر کي نه پر دودي کي پنهنجو راڄ ڌڻي چونڊيندا. +ڪوئل: پر پڦي سائنڻ، پڳ جو حقدار ته چاچا چنيسر آهي. +ٻاگهي: ها پڳ جو حقدار چنيسر آهي، پر راڄ چنيسر خلاف آهي. +ڪوئل: پر بابا ته ڪيترا دفعا پڳ وٺڻ کان انڪار ڪيو. +ٻاگهي: ها، دودي ڪيترا دفعا پڳ وٺڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ راڄ مون ڏانهن پڳ ڏياري موڪلي ته جيئن مان مهاراڻي تارا ٻائي ۽ هيمون ٻائيءَ جيان حڪومت هلايان. پر ڀائرن جي هوندي ڀينرون پڳ نه پائينديون آهن. ان ڪري مون پڳ چنيسر ڏانهن ڏياري موڪلي، پر راڄ منهنجو فيصلو به قبول نه ڪيو ۽ آخر دودي کي پڳ قبول ڪرڻي پيئي. +(توتاڙي جو آواز اچي ٿو.) +ٻاگهي: سنڌ جو سردار اچي رهيو آهي. +(ٻئي ادب سان بيهي رهن ٿيون. پس منظر ۾ هلڪي شاهاڻي موسيقي اڀري ٿي، دودو اندر اچي ٿو. ٻاگهي اڳتي وڌي دودي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿي، دودو هن جي مٿي تي هٿ رکي ٿو.) +ٻاگهي: راڄ ڌڻيءَ کي سنڌ جي سلطاني مبارڪ هجي. +(ڪوئل اڳتي وڌي دودي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿي.) +ڪوئل: شل اهو سر، سدا سلامت رهي، جنهن تي سنڌ جي پڳ پيئي آهي. +دودو: شل ڌڻي هن سر کي پڳ جو بار کڻڻ جي طاقت ڏي، دودو جبل کي به ڪپهه جون پوڻيون سمجهندو هو پر اڄ دودي جو ڪنڌ پڳ جو بار سهي نٿو سگهي. +ٻاگهي: دودي جو ڳاٽ سدا اوچو. جو ان ڳاٽ سنڌ جي ننگ جو بار کنيو آهي. +دودو: ٻاگهل ٻائي، اسان پشيمان آهيون جو اسان پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي پڳ پاتي آهي. +ٻاگهي: پڳ اوهان پاڻ نه پاتي آهي، پر راڄ اوهان کي پارائي آهي. +دودو: اسان اها ڳالهه هرگز وساري نٿا سگهون ته چنيسر اسان جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ هي پڳ چنيسر جي آهي. +ٻاگهي: هيءَ پڳ نه چنيسر جي آهي ۽ نه دودي جي. هيءَ پڳ راڄ جي آهي ۽ راڄ جنهن کي پڳ پارائي سو ئي پڳ جو حقيقي حقدار آهي. +دودو: پر هن پڳ جي ڪري رتَ رتَ جو ويري ٿي پيو آهي. +ٻاگهي: رت دانگيءَ تي به وري پوندو آهي. چنيسر اوهان جو ڪڏهن به ويري نه ٿيندو. (ٿوري دير لاءِ اڻ وڻندڙ ماٺ ڇانئجي ٿي وڃي) +دودو: ٻاگهل ٻائي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته جلد ئي شهزادي ڪوئل ۽ چنيسر جي پٽ ننگر جي شاديءَ جو ڏينهن ٻڌون. (ڪوئل پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي گهونگهٽ ڪڍي هلي وڃي ٿي.) شاديءَ تي سنڌ جي سڀني سردارن کي سڏائينداسين ۽ سڀني جي اڳيان اعلان ڪنداسين ته اسان کانپوءِ سنڌ جي پڳ جو وارث اسان جو پٽ منگر نه پر چنيسر جو پٽ ننگر ٿيندو. +(چنيسر اندر اچي ٿو) +چنيسر: مون کانسواءِ ان پڳ جو مالڪ ڪير به ٿي نٿو سگهي. +دودو: ڀاءُ چنيسر.... +چنيسر: (دودي جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي) اسان کي پنهنجو ڀاءُ نه چئه، پاڻ کي اسان جو ڀاءُ چئي تون ڀائپيءَ جي مقدس رشتي جي توهين ٿو ڪرين. +دودو: چنيسر ڀاءُ، اسان توکي پنهنجو ڀاءُ ڪيئن نه سڏيون، تون ته اسان جو رت آهي، اسان جو جگر آهين. +چنيسر: اسين به توکي پنهنجو جگر سمجهندا هئاسين. ننڍپڻ ۾ تون ڌڪو کائيندو هئين ته اسان توکي ڇاتيءَ سان لائيندا هئاسين، توکي ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته اسان کي سيني مان سور جي سٽ نڪرندي هئي. پر اڄ اسان کي خبر پئي ته اسان تنهنجا ڀاءُ ٿي نٿا سگهون. انڪري جو تون ٻي ماءُ مان آهين ۽ اسان ٻي ماءُ مان. +دودو ۽ ٻاگهل: چنيسر ڀاءُ! +ٻاگهي: اسان جي ماءُ ته هن ديس جي ڌرتي آهي. اسان جي ماءُ جي ٿڃ ته مهراڻ جو پاڻي آهي. اسان سڀني هن ڌرتيءَ جي ٿڃ پيتي آهي. اسين سڀ پاڻ ۾ سڳا ڀائر ۽ سڳيون ڀينرون آهيون. +چنيسر: اسان به ائين ئي سمجهندا هئاسين. اسان سمجهندا هئاسين ته دودو اسان جو ٿڃ شريڪ ڀا��ُ آهي. اسان جي زرهه ۽ اسان جي ڍال آهي. اسان تي ويريءَ جو وار ٿيندو ته اهو وار دودو پنهنجي سيني تي جهليندو پر تو ته الٽو اسان تي وار ڪيو. +دودو: چنيسر ڀاءُ، منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي. +چنيسر: ڏوهه ته اسان جو آهي جو اسان تو ويريءَ کي پنهنجو واهرو سمجهيو ۽ توکي وار ڪرڻ جو وارو ڏنو. پر ياد رک دودا اسان توکان ضرور بدلو وٺنداسين. +ٻاگهي: چنيسر ڀاءُ اهڙا ويڻ واتان نه ڪڍ. ڀاءُ ڀاءُ جي خلاف ٿيندو ته سنڌ جي سينڌ اجڙي ويندي. +چنيسر: سنڌ جي سينڌ اجڙي وئي ته پرواهه نه آهي، اسان کي اسان جي پڳ ته ملندي. +ٻاگهي: ڀاءُ، ڏهاڳڻ سنڌ جي پڳ پائي ڇا ڪندين. +چنيسر: اسان کي پڳ گهرجي پوءِ اها ڏهاڳڻ سنڌ جي هجي يا سهاڳڻ سنڌ جي. +ٻاگهي: ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي. توکي ماءُ کان وڌيڪ پڳ پياري آهي. +چنيسر: پڳ مرد جي عزت ٿيندي آهي ۽ اسان کي پنهنجي عزت کان وڌيڪ ڪا شيءِ پياري ڪانهي. +ٻاگهي: (هلڪي جوش ۾) هيءَ پڳ تنهنجي نه آهي پر راڄ جي آهي ۽ راڄ اها پڳ دودي کي ڏني آهي. هينئر ان پڳ جو مالڪ دودو آهي. +چنيسر: مان دودي جي پڳ لاهيندس. +ٻاگهي: چنيسر! ياد رک ته ڀيڻ جا هٿ جيڪي هميشه ڀائرن جي دعا لاءِ کڄندا آهن توکي رت ۾ ڳاڙهو ڪندا. +چنيسر: مون کي اڪيلو ڏسي اڄ ٻانهيون پائيندڙ هٿ به مون کي ڌمڪيون ٿا ڏين. پر ياد رک ته چنيسر جي رڳن ۾ به سومرن جو رت آهي. مان اوهان ٻنهي کان بدلو وٺندس. +ٻاگهي: چنيسر.... چنيسر...... +(چنيسر کي ٻانهن کان جهلي ٿي. چنيسر هن جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائي ڪاوڙ ۾ هليو وڃي ٿو. غمناڪ موسيقي اڀري ٿي. دودو اڳتي وڌي ڀيڻ کي سهارو ڏي ٿو. (پردو ڪري ٿو.) +ڏيک ٻيو +(ساڳيو منظر. ڪوئل ڇپر کٽ تي ويٺي آهي ۽ ٻاگهي دريءَ وٽان ٻاهر پئي نهاري. ٻاگهي دريءَ کان هٽي ٿي ۽ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي منهن چئي ٿي.) +ٻاگهي: اوڀر سارو اوندهه آهي ۽ اولهه انڌوڪار +ڏکڻ سارو ڏهڪاءُ +اتر کان اوپرن گهوڙن جي هڻڪار ٿي اچي.... +اهي ڪهڙا اوپرا گهوڙا آهن جيڪي اتر کان هڻڪاريندا اسان ڏانهن ٿا اچن ۽ جيڪي اسان جي گهوٽن کي گهائيندا. +ڪوئل: سنڌ جا گهوٽ سدا سلامت رهن. کين ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳي. +ٻاگهي: هير مان رت جي هٻڪار ٿي اچي. ڪوئل ڇا توکي به هير مان رت جي هٻڪار ٿي اچي. +ڪوئل: اسان کي ته هير مان تازن ٽڙيل مکڙين جي هٻڪار ٿي اچي. +ٻاگهي: شل سنڌ ۾ سدا تازيون مکڙيون ٽڙنديون رهن ۽ انهن کي ڪڏهن جهولي جي لهس نه اچي. +ڪوئل: پڦي سائڻ، مست ته اجايون سجايون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اوهان هڪڙي مست جي ڳالهه کي اجايو دل تي ڇو کنيو آهي. +ٻاگهي: اسان کي مست جي آواز مان وقت جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو. هن جي ڳالهه ٻڌي اسان کي ائين لڳو ڄڻ زماني جو ضمير ڳالهائي رهيو هو. +(دودو اندر اچي ٿو.) +دودو: ڀائرن جون اکيون هميشه ڀينرن کي مرڪندو ڏسڻ لاءِ مانديون هونديون آهن پر اڄ اسان جون اکيون ڀيڻ جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جون ليڪون ڏسي رهيون آهن. +ڪوئل: بابا سائين جڏهن کان چاچا چنيسر ناراض ٿي ويو آهي. تڏهن کان پڦي سائنڻ جي ننڊ ڦٽي وئي آهي. +دودو: چنيسر جي ناراضگي اسان کان به ننڊ کسي ڇڏي آهي. +ٻاگهي: اسان ٻڌو آهي ته چنيسر سنڌ ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويو آهي. +دودو: ها، چنيسر اسان کان ڏمرجي اسان کي اڪيلو ڇڏي ويو آهي. +ٻاگهي: چنيسر جي وڃڻ کانپوءِ اسان بيحد پريشان آهيون اسان کي ڊپ آهي ته متان چنيسر ڪو ڌاريو ڪٽڪ نه ڪاهي اچي. +دودو: (کلي) چنيسر ڪڏهين ائين نه ڪندو. +ٻاگهي: اسان کي هن جي ڳالهه مان بغاوت جي بوءِ ٿي آئي. +دودو: چنيسر اسان کان بغاوت ڪري سگهي ٿو پر ڪڏهن به پنهنجي ديس کان بغاوت نه ڪندو. +ٻاگهي: جڏهن کان چنيسر ويو آ��ي، اسان جو من مونجهو ٿي پيو آهي. اسان کي وهم وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان کي ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي ملڪ تي ڪا مصيبت اچڻي آهي. +دودو: مصيبتن کي منهن ڏيڻ مڙس جو مَرڪ آهي. اسان هر مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ٻاگهل ٻائي اسان توکي هڪڙي خوشخبري ٻڌائڻ ٿا چاهيون. +ٻاگهي: ڇا چنيسر موٽي آيو؟ +دودو: ڌڻي ڪندو ته اها خوشخبري به ٻڌنداسين. پر في الحال اسان توکي ٻي خوشخبري ٻڌائڻ ٿا چاهيون. +ٻاگهي: جلدي ٻڌاءِ ڀاءُ، اسان جي وهمن وهيڻي ۽ ڏکن هاڻي دل خوشي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ماندي آهي. +دودو: (ڪوئل کي) ڪوئل ڌيءَ، اسان ڀيڻ ٻاگهل سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿا چاهيون. +ڪوئل: (ڪنڌ جهڪائي) جيڪو حڪم بابا سائين. (ڪوئل وڃي ٿي.) +دودو: ٻاگهل ٻائي، اسان ڪوئل ۽ ننگر جي شاديءَ جو ڏينهن ٻڌي ڇڏيو آهي. مٿئين مهيني جي چنڊ رات اسان سندن شادي ڪرائينداسين. +ٻاگهي: شل سنڌ جا سڀئي گهوٽ گهوڙي چڙهن ۽ سهاڳڻيون سهاڳ ماڻين. +دودو: اسان سنڌ جي سڀني سردارن ڏانهن دعوتون ڏياري موڪليون آهن. نڪاح کان پهرين اسان ننگر جي ولي عهديءَ جو اعلان ڪنداسين. +(ٻانهي اندر اچي ٿي) +ٻانهي: ڏيهه ڌڻي، شهزادو ننگر اوهان جا پير ڇهڻ ٿو چاهي. +دودو: ٻانهي، پنهنجن کي ڪڏهن به در کان ٻاهر نه بيهاربو آهي. شهزادي ننگر کي يڪدم اندر آندو وڃي. +(ٻانهي وڃي ٿي. هلڪي وقفي کان پوءِ ننگر اچي ٿو.) +ننگر: ٻانهون ننگر سنڌ جي سردار جا پير ٿو ڇهي. +دودو: ننگر، تون پاڻ کي ٻانهون چئي اسان کي ڏک ٿو پهچائين. تون اسان جو ٻانهون نه پر اسان جو ٻانهن ٻيلي آهين. ننگر پٽ، اسان مٿئين مهيني جي چنڊ رات جو تنهنجي ۽ شهزادي ڪوئل جي شادي جو ڏينهن ٻڌي ڇڏيو آهي. ان ڏينهن سنڌ جا سڀئي سردار اچي گڏ ٿيندا ۽ اسان سڀني سردارن جي اڳيان توکي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪنداسين. (هلڪو وقفو) پر تون ڪجهه پريشان ٿو نظر اچين. +ننگر: ڏيهه ڌڻي، اهڙي ڳالهه آهي جيڪا ٻڌائيندي لڄ ٿي اچيم. +ٻاگهي: (گهٻرائجي) ڪهڙي ڳالهه؟ +دودو: اسان سومرن اڄ تائين ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي جنهن جي ڪري اسان کي لڄ اچي. +ننگر: پر چاچا سائين، هينئر اهڙي ڳالهه ٿي آهي، جنهن جي ڪري اسان جا اوچا ڳاٽ جهڪي پيا آهن. +دودو: دنيا جي ڪا طاقت اسان جي اوچي ڳاٽ کي جهڪائي نٿي سگهي. اسان جا ڳاٽ وڍجي سگهن ٿا، پر ڪڏهن به جهڪي نٿا سگهن. +ننگر: ڏيهه ڌڻي. بابا سائين اوهان جي خلاف دهليءَ دانهن کڻي ويو آهي. +ٻاگهي: چنيسر دهلي دانهن کڻي ويو آهي! +ننگر: بابا سائين. الادين کان مدد وٺي اسان جي ديس تي ڪاهي ايندو. +دودو: اهو ڪوڙ آهي. چنيسر ڪڏهن به ائين نه ڪندو. هو پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ کي، پنهنجي ماءُ کي، ڌارين جي قدمن هيٺان ڪڏهين نه لتاڙيندو. +ٻاگهي: (پنهنجي منهن) اتر کان اوپرن گهوڙن جي هڻڪار ٿي اچي. هير مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي. +ننگر: ڏيهه ڌڻي. اهو سچ آهي، اسان کي پڪيءَ طرح خبر پئي آهي ته بابا سائين دهليءَ مان مدد وٺڻ ويو آهي. +ٻاگهي: چنيسر تنهنجو ڪيئن کير کريو جو ڌارين وٽ دانهين ٿئين. +دودو: سومرن جو کير کري نٿو سگهي، سنڌ جي ڌرتي اهڙو پٽ ڄڻي نٿي سگهي. اهو ڪوڙ آهي. اسان جي ڀاءُ تي بهتان آهي. چنيسر ڪڏهن به ائين نه ڪندو، پر جي هن ائين ڪيو به ته الادين ڪڏهن به هن جي مدد نه ڪندو ڇاڪاڻ ته الادين سان اسان جا دوستيءَ جا ناتا آهن. +ٻاگهي: چنيسر تو هي ڇا ڪيو. تون پنهنجي ديس تي، پنهنجي ماءُ تي ڪٽڪ ڪاهي ايندين ۽ ملڪ جي مائرن جون جهوليون ويران ڪندين، سهاڳڻين جا ڳاڙها گهوٽ ڪهائيندين. +ننگر: مائرن جون جهوليون ان ڏينهن لاءِ سايون ٿينديون آهن ته جيئن سندن ٻچڙا مل�� لاءِ مرن. سهاڳڻيون ان ڏينهن لاءِ سهاڳ ماڻينديون آهن ته جيئن سندن گهوٽ وطن لاءِ رت ۾ ڳاڙها ٿين. +دودو: (دودي کان دانهن نڪري وڃي ٿي اڳتي وڌي هن کي ڪلهن کان جهلي ٿو) تنهنجي رت ۾ مهراڻ واري مستي آهي. جنهن ديس جون مائرون تو جهڙا پٽ ڄڻي سگهن ٿيون، تنهن ديس ڏانهن ڪو به اک کڻي نٿو سگهي. ٻاگهل، ڀيڻ ڊپ جي ڪا ڳالهه ڪانهي جو ڊپ اسان سکيا ئي نه آهيون. مائرن اسان کي موت جون لوليون ڏنيون آهن ۽ موت اسان کان پناهه گهرندو آهي. جنگ جو ميدان اسان جي سيج آهي، جنهن کي اسان پنهنجي رت سان سينگاريندا آهيون. پر جي ڪنهن ابتيءَ اک سان اسان جي ديس ڏانهن نهاريو ته پوءِ اسين شهباز وانگر لامارو ڏيئي هن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. جنگ ۽ ننگر جي شاديءَ جي تياري ڪئي وڃي. اسان جو ننگر يا موت سان لائون لهندو يا اسان جي ڌيءُ ڪوئل سان! +ڏيک ٽيون +(دودي جي درٻار، سنڌ جا سڀئي سردار ويٺا آهن. دودي جي گاديءَ جي هڪ طرف ننگر ويٺو آهي. ٻئي طرف منگر، دودو جي آمد جو اعلان ٿئي ٿو.) +درٻارن جو آواز: اکيون نوايو، ڪنڌ جهڪايو، سنڌ جو سورهه ڌرتيءَ جو دلارو، جوڌن جو جوڌو، سورهن جو سورهه، سرويچ، پڳ ڌڻي سومرو سردار..... دودو اچي رهيو آهي. +(درٻاري اٿي بيهن ٿا. دودو اندر اچي ٿو ۽ گاديءَ تي ويهي ٿو. سڀئي درٻاري ويهن ٿا.) +دودو: سنڌ جا سورهه ۽ صلح پسند سردارو! اسان لاءِ اڄوڪو ڏينهن وڏي خوشيءَ جو ڏينهن آهي. اڄ اسان پنهنجي ڀائٽي. چنيسر جي پٽ ننگر سان پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڪري کيس پنهنجو پٽ بڻائي رهيا آهيون ۽ ان خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوهان اسان وٽ پير ڀري آيا آهيو، اسان اوهان سڀني کي آجيان ٿا چئون. +اڄ اسان هڪڙو اهم فيصلو ڪرڻ وارا آهيون، پر فيصلي ڪرڻ کان اڳي اسين اوهان کان صلاح وٺڻ ٿا چاهيون جو اڄ تائين اسان ڪو به فيصلو راڄ جي صلاح کانسواءِ نه ڪيو آهي. اوهان کي خبر آهي ته سنڌ جي پڳ جو حقدار چنيسر هو پر اوهان اها پڳ مون کي ٻڌرائي. ان ڳالهه تان اسان جو ڀاءُ، اسان جو جگر، اسان جو رت، اسان کان رسي ويو آهي. هينئر اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان کان پوءِ پڳ جو وارث اسان جو پٽ منگر نه پر چنيسر جو پٽ ننگر ٿيندو. +(چوٻول) +هڪ سردار: ننگر پڳ جو وارث ٿيندو؟ +ٻيو سردار: ننگر ڪيئن وارث ٿي سگهي ٿو؟ +ٽيون سردار: پڳ جو وارث ته دودي جو پٽ منگر آهي. +ننگر: (اٿي بيهي ڪنڌ جهڪائي) ڏيهه ڌڻي. پڳ جو وارث ته منگر آهي. منگر منهنجو ڀاءُ آهي ۽ مان پنهنجي ڀاءُ جو حق کسڻ نٿو چاهيان. +منگر: ڏيهه ڌڻي، اسان کي اوهان جو فيصلو منظور آهي. +سڀ سردار: اسان کي منظور آهي. اسان کي راڄ ڌڻي جو فيصلو قبول آهي. +دودو: اسان کي اوهان مان اها ئي اميد هئي ته اوهين اسان جو چيو نه موٽائيندؤ. هاڻي اسان کي اوهان سان هڪڙي ٻي صلاح ڪرڻي آهي. اسان ٻڌو آهي ته اسان جو ڀاءُ چنيسر اسان جي خلاف دهليءَ دانهن کڻي ويو آهي. +(چوٻول) +هڪ سردار: چنيسر دهلي دانهن کڻي ويو آهي؟ +ٻيو سردار: ڪو سنڌي ماءُ ڄائو ڌارين وٽ دانهن کڻي وڃي نٿو سگهي. +دودو: اسان کي يقين آهي ته اهو ڪوڙ آهي ۽ ڪو به سنڌي ائين ڪري نٿو سگهي. پر جي چنيسر واقعي ائين ڪيو آهي ته اسان کي پڪ آهي ته الادين هن جي ڪا مدد نه ڪندو جو اسان جا الادين سان دوستيءَ جا ناتا آهن. +هڪڙو سردار: جي الادين ڪٽڪ ڪاهي آيو ته پوءِ؟ +دودو: ته پوءِ پهرين اسين هن سان صلح جون ڳالهيون ڪنداسين ڇاڪاڻ جو اسان جو ديس امن جو ديس آهي ۽ اسين ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندا آهيون. اسان جي ملڪ جي مٽيءَ ۾ محبت جي ميٺاج آهي، پر جي الادين اسان سان ارڏائي ڪئي ته پوءِ اسان جي ديس جو ٻچو ٻچو هن لاءِ موت بڻجي ويندو. +هڪڙو سردار: سنڌ کي فخر آهي ته سنڌ دودي جهڙو پٽ ڄڻيو آهي. +دودو: هاڻي شاديءَ جي رسم پوري ڪئي وڃي. +(پس منظر ۾ شرناين ۽ دهلن جو آواز اڀري ٿو. دودي جي خدمت ۾ پڳ آندي وڃي ٿي دودو اٿي ننگر کي پڳ جو پهريون ور ڏئي ٿو. پوءِ هر هڪ سردار اٿي پڳ جو ور ڏي ٿو. ان کانپوءِ تلوار آندي وڃي ٿي. تلوار هڪڙي سردار کي ڏني وڃي ٿي. سردار تلوار جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي تلوار ٻئي سردار کي ڏي ٿو. ائين سڀئي سردار واري وٽيءَ سان ڪنڌ نوائي تلوار کي اڳتي وڌائيندا رهن ٿا، تلوار دودي وٽ پهچي ٿي. دودو اها تلوار ننگر کي ڏئي ٿو. وري موڙ آندا وڃن ٿا. دودو پنهجي هٿن سان ننگر کي موڙ ٻڌي ٿو. عين ان وقت ٻاهران جنگ جي نغاري جو آواز اچي ٿو دودي جي هٿن مان موڙ ڪري پون ٿا.) +دودو: شاديءَ جي شرناين ۾ جنگ جو نغارو. +سردارن جو چوٻول: جنگ جو نغارو! +(ننگر منهن تان موڙ هٽائي جنگ جو نغارو ٻڌي ٿو. سپاهي اندر اچي ٿو) +سپاهي: ڏيهه ڌڻي. الادين جي سپه سالار سالار خان جي فوج سنڌ کي وڪوڙي وئي آهي. +دودو: اهو ئي ٿيو جنهن جو اسان کي انديشو هو. +(سردار تلوارون ڪڍن ٿا) +هڪڙو سردار: اسان هنن جا ڪنڌ لڻنداسين. +ٻيو سردار: اسان هنن جي رت سان پنهنجين تلوارن کي ڳاڙهيون ڪنوارون بڻائينداسين. +ٽيون سردار: اسان ننگر جي هٿن تي مينديءَ جي بدران سالار خان جو رت لڳائينداسين. +دودو: تلوارن کي مياڻ مان نه ڪڍو ته ڪٿي اوهان جي تلوارن جي دهشت کان ڌرتي دهلجي نه وڃي. اڃان تلوارن کي مياڻ مان ڪڍڻ جو وقت نه آيو آهي. اسين امن پسند آهيون. اسين اهو معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون ته سالار خان امن ٿو چاهي يا جنگ. +(سپاهي اندر اچي ٿو) +سپاهي: ڏيهه ڌڻي. سالار خان جو نمائندو اوهان جا پير چمڻ ٿو چاهي. +دودو: هن کي يڪدم اندر آندو وڃي. +(نمائندو اندر اچي ٿو) +اسين مهمان جو آڌر ڀاءُ ٿا ڪريون. +نمائندو: سالار خان اوهان کي سلام ڏنا آهن. +دودو: اسان سندس سلام قبول ٿا ڪريون ۽ پڇڻ ٿا گهرون ته سالار خان امن ٿو چاهي يا جنگ. +نمائندو: امن عاليجاهه. +دودو: ته پوءِ سنڌ جي ڌرتي هن لاءِ دسترخوان آهي. +نمائندو: سالار خان اوهان جي دوست شهنشاهه الادين وٽان پيغام آندو آهي ته سنڌ جي سرداري جي پڳ چنيسر کي ڏني وڃي. +دودو: اسان کي الادين جي دوستيءَ لاءِ عزت آهي. پر هن کي اسان جو گهرو ڳالهين ۾ دست اندازي ڪرڻ جو حق ڪونهي. سنڌ جي پڳ جو فيصلو سنڌ جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي ۽ نه الادين کي. +نمائندو: سالار خان شهنشاهه الادين وٽان اوهان لاءِ خوشيءَ جو پيغام به آندو آهي. +دودو: اسان اهو ٻڌڻ ٿا چاهيون. +نمائندو: اوهان جي ڀاءُ چنيسر شهنشاهه الادين جي دوستيءَ کي مائٽي ۾ بدلائڻ جي آڇ ڪئي آهي. +دودو: اسان ڳالهه نه سمجهي. +نمائندو: چنيسر پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جو سڱ الادين کي آڇيو آهي ۽ الادين اهو سڱ قبوليو آهي. +دودو: خاموش بدزبان (جوش ۾ اٿي بيهي ٿو) ڇا الادين کي خبر نه آهي ته جيڪو سنڌ جي نياڻيءَ جو نانءُ وٺندو آهي تنهن جي اسان زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ڇڏيندا آهيون. ڇا هن کي خبر نه آهي ته اسين ماٺيڻا ۽ محبتي ماڻهو جڏهن جوش ۾ ايندا آهيون ته جبل ذريون ذريون ٿي اڪ جي ڦلڙن جيان آسمان ۾ اُڏامندا آهن ۽ عرش جا ڪونگرا ڪري پوندا آهن. ڇا هن کي خبر ڪانهي ته اسين ٻرندڙ جبل آهيون ۽ جڏهن ڦاٽ کائيندا آهيون ته هر طرف باهه وسڻ لڳندي آهي. اسان جي دهشت کان ڌرتي ڌُٻندي آهي، ڪائنات ڪنبندي آهي ۽ آسمان ڏري پوندو آهي. (ساهه پٽي هيٺاهين آواز ۾ چئي ٿو) +جنگ جو اعلان ڪيو وڃي. اڄ اسان جو ننگر گهوٽ موت جي سيج تي چڙهندو ۽ موت سان لائون لهندو. +ڏيک چوٿون +(سارو محل ڪنوار وانگر سينگاريل آهي. شمعدانن جي جهڪي روشنيءَ ۾ اگر بتين جو هلڪو هلڪو دونهون ماحول کي ننڊاکڙو ٿو بڻائي. ٻن درين جي وچ ۾ واري هنڌ سينگاريل سيج تي ڪوئل ڪنوار ٿي ويٺي آهي. پس منظر ۾ شهنائي جا ويڳاڻا ۽ ڏکويل سر گونجن ٿا. ننگر اندر اچي ٿو. هن جي هٿن ۾ موڙ آهن. ڪوئل ننگر کي ڏسي هوريان هوريان سيج تان اٿي ٿي ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي ننگر جي ويجهو اچي ٿي.) +اڄ اسان جي سهاڳ رات آهي. هيڏانهن شرنايون پيون وڄن ۽ هوڏانهن جنگ جو نغارو، گهوٽ وَڃُ ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڳاڙهو گهوٽ ٿيءُ. +ننگر: شل ديس لاءِ مران، مري وري جيئان ۽ وري مران. ائين مري وري جيئندو ۽ جي وري مرندو رهان (هن جي منهن تان موڙ ڪري ٿا پون) +ڪوئل: (جهڪي موڙ کڻي ٿي) ڪنوارون گهوٽن جي حياتيءَ لاءِ دعائون گهرنديون آهن پر جڏهن ڌرتي ماءُ جي لڄ لتاڙي ويندي آهي تڏهن ڪنوارون به گهوٽن لاءِ دعا گهرنديون آهن ته شل هنن گلن جهڙا گهاؤ لڳنئي. شل هنن مينديءَ رتل هٿن جيان رت ۾ ريٽو ٿئين. +ننگر: شل پنهنجي رت سان پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جا اهي گهاوَ ڌوئان. جيڪي ڌارين گهوڙن جي سُنبن هن کي ڏنا آهن. +ڪوئل: شل سڀئي گهاءَ سيني ۾ لڳنئي ۽ ڪو گهاءُ پٺي ۾ نه لڳئي. (نغارو وڄي ٿو) وڃ ڪانڌ وڃي گهوڙي چڙهه ۽ ويرن کي وڍيندو سرهو ٿي سيج ماڻ. +(ننگر وڃي ٿو. ڪوئل اڪيلي رهجي وڃي ٿي. هن جي اکين ۾ لڙڪ ۽ چپن تي مرڪ آهي. هوءَ آهستي آهستي وکون کڻندي نڪري وڃي ٿي. دودو اندر اچي ٿو. هو به حسرت ڀريل نظرن سان ڪوئل جي اجڙيل سيج ڏانهن ڏسي ٿو. ٻاگهي اندر اچي ٿي. هو به حسرت ڀرين نظرن سان ڪوئل جي اجڙيل سيج ڏانهن ڏسي ٿي ۽ پوءِ ڀاءُ ڏانهن نهاري ٿي جيڪو ڌيءَ جي اجڙيل سيج ڏانهن ڏسي رهيو آهي. ٻاگهيءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن. هوءَ رئي جي پلاند سان لڙڪ اگهندي، ننڍيون وکون کڻندي ڀاءُ ڏانهن وڌي ٿي ۽ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي ٿي.) +ٻاگهي: اڄ سنڌ جي الائجي گهڻن سهاڳڻين جون سيجون ويران ٿينديون ۽ الائجي گهڻن گهوٽن جي موڙن جا گل ڪومائبا. +دودو: سهاڳڻين جون سيجون ويران ٿينديون پر سنڌ جي سيج سينگاربي. گهوٽن جي موڙن جا گل ڪومائبا پر جتي جتي گهوٽن جو رت ٽمندو، اتان اتان ڳاڙها گل ڦٽندا جيڪي گل سنڌ جون سهاڳڻيون سهاڳ رات جو پنهنجن چوٽن ۾ سجائينديون. +ٻاگهي: ڀاءُ ڇا جنگ کي ٽاري نٿو سگهجي. انساني رتوڇاڻ جي راند کي روڪي نٿو سگهجي. +دودو: (دانهن ڪري) ٻاگهل ڀيڻ! +ٻاگهي: (يڪدم چوي ٿي) ڀاءُ، سنڌ ڏاڍا سور ڏٺا آهن. تاريخ جا ڏاڍا ظلم سٺا آهن. جنگيون، باهيون، ڪونڌرن جو ڪوس. ڌرتيءَ جي چپي چپي تي سنڌ جي بي گناهه ٻچڙن جو رت وٺو آهي جيڪو رت ناسور بڻجي سنڌ جي سيني ۾ چڪي رهيو آهي. سنڌ کي نوان ناسور نه ڏئي ڀاءُ. ديس جا ڪونڌر نه ڪهاءِ. +دودو: نياءُ ازل کان انياءُ سان اٽڪندو آيو آهي. جي اڄ سنڌ پنهنجا ڪونڌر نه ڪهايا ته پوءِ هميشه سنڌ جي نياڻين جي لوئن ڏانهن هٿ وڌندا ۽ انهن هٿن کي وڍڻ وارو ڪونه هوندو. +ٻاگهي: هن جنگ ۽ هن انساني ڪوس جو ڪارڻ مان آهيان. مان پنهنجو پاڻ کي سنڌ لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. +دودو: تون اها ٻاگهي نه آهين ڀيڻ جنهن جو الادين اسان کان سڱ گهريو آهي پر اها ٻاگهي سنڌ آهي ۽ الادين اسان کان سنڌ جو سڱ گهريو آهي. +ٻاگهي: جي جنگ جو ڪارڻ مان نه آهيان پر سنڌ آهي ته پوءِ مان پنهنجي مٿي تان گندي لاهي قسم ٿي کڻان ته تيسين پنهنجو اگهاڙو مٿو نه ڍڪينديس جيسين توهان ۽ ننگر وطن لاءِ وڙهي سوڀ حاصل نه ڪندو يا ساهه نه ڏيندوءُ. +دودو: (پڳ لاهي ٿو) اسان به اڄ پنهنجي پڳ لاهي قسم ٿا کڻون ته جيسين پنهنجي ديس جي نياڻين جا اگهاڙا مٿا نه ڍڪينداسين تيسين پڳ جو ور نه ڏينداسين. +(ٻاگهي اڳتي وڌي ٿي ۽ سامهون ڀت تي ٽنگيل تلوار آڻي دودي کي ڏي ٿي. دودو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو ۽ تلوار کڻي، سٽ ڏيئي تلوار کي مياڻ مان ڪڍي ٿو، اوچتو ڪڪرن جي گجگوڙ ٿئي ٿي ۽ وڄ چمڪي ٿي.) +دودو: هن تلوار سان سومرن سهسين سالن تائين سنڌ جي ست جي حفاظت ڪئي. هن تلوارن سان اسان ويرن کي وڍيو ۽ ڏونگرن کي ڏاريو ۽ پوءِ جڏهن اسان جي ديس ۾ هر طرف سک ئي سک ٿي ويو. جڏهن ڌرتيءَ تي سونا سنگ جهولڻ لڳا، هوائن ۾ گيت گونجڻ لڳا. سهاڳڻين سهاڳ ماڻيو ۽ ٻارڙا مائرن جي جهولين ۾ هونگڙيون ڏيڻ لڳا. تڏهن اسان هن تلوار کي مياڻ ۾ وجهي ڇڏيو، پر اڄ اسان وري هن تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو آهي جو اڄ ويريءَ ميريءَ اک سان اسان جي ننگ ڏانهن نهاريو آهي. ڌارين گهوڙن جي سُنبن اسان جي ديس جي ڌرتيءَ کي گهايو آهي. +(دودو ڀيڻ ڏانهن نهاري ٿو ۽ هن جي اگهاڙي مٿي تي هٿ رکي چئي ٿو.) +اسان کي قسم آهي سنڌ جي نياڻيءَ جو، قسم آهي پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو ته اسان هن تلوار سان ويرن کي وڍي ۽ ڏاڍن کي ڏاري ڇڏينداسين. +(دودو تکو تکو ٻاهر هليو وڃي ٿو، پردو ڪري ٿو.) +ڏيک پنجون +(ساڳيو منظر، ڪوئل جي سيج ويران آهي. ٻاگهي ۽ ڪوئل دريءَ مان جنگ جو منظر ڏسي رهيون آهن. ڪوئل ڪنوار جي لباس ۾ آهي ۽ ٻاگهيءَ کي ڪارو ماتمي لباس پاتل آهي. ٻنهي جا مٿا اگهاڙا آهن. دريءَ کان ٻاهر تلوارن، تيرن، ماڻهن جي رڙين، دانهن ۽ گهوڙن جي هڻڪارن ۽ سُنبن جا آواز ٿا اچن. ڌوڙ ٿي اڏامي ۽ رکي رکي وڄ ٿي چمڪي ۽ ڪڪر ٿا گجن.) +ٻاگهي: جنگ جاري آهي. اڄ سومرن سرويچن جي دهشت کان ڌرتي ٿي ڌٻي، آسمان ٿو ڪنبي. +ڪوئل: ڪانن جا ڪڙڪا ته ٻڌ، اڀ ٿو گجي. +ٻاگهي: تلوارن جا چمڪا ته ڏس، ڄڻ وڄون ٿيون وراڪا ڏين. +ڪوئل: گهوڙا ٿا هڻڪارين، گهوٽ ٿا نچن. +ٻاگهي: ڏس، ڪنڌ ته ڪيئن ٿا ڪرن، ڌڙ ٿا ڌوڙ ۾ ليٿڙن، پوءِ به گهوٽ اڻ موٽ اڳتي وڌندا ٿا وڃن. +ڪوئل: اڄ ڳاڙها گهوٽ گهوڙي چڙهيا آهن، هنن جا ڳاٽ ته ڏس، جهڙا عرش جا ڪونگرا. +ٻاگهي: ڌرتيءَ تي ڳاڙهو ڳاڙهو رت ته ڏس، جهڙو ڪنوار جي هٿن تي مينديءَ جو رنگ. +ڪوئل: ڏس، منهنجو ننگر گهوٽ ميدان ۾ لٿو آهي. هاڻي ڳچيون ڳچ ٿينديون. تيرن ۽ تلوارن جي مينهن ۾ هن جي منهن تي مرڪ ته ڏس. +ٻاگهي: هينئر هن تلوار هلائڻ شروع ڪئي آهي. هو ڪنڌ لڻيندو، ڳاٽ وڍيندو وڌندو ٿو وڃي. +ڪوئل: هينئر موت به هن کي روڪي نٿو سگهي. دشمن جي فوج ۾ به ٽاڪوڙو پئجي ويو آهي. ننگر، جُنگ جُوان اڄ موت کي به مات ڪندو. +ٻاگهي: هن جي دهشت کان ڌرتي دهلجي وئي آهي. ساري خدائي ٿرٿلي ۾ آهي. +ڪوئل: هو شينهن وانگر گجندو، ڳڙي وانگر وسندو، واچوڙي وانگر وڪوڙيندو وڌندو ٿو وڃي. +ٻاگهي: دشمن جون دانهون ته ٻڌ موت به الامان الامان پيو ڪري. +ڪوئل: ڏس، هن کي پهريون گهاءُ لڳو آهي، ته به پيو مرڪي! هاڻي هن جو منهن ٽامڻي هڻي ويو آهي. هو دشمن جي قطارن کي ڪپيندو، ويرين کي وڍيندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي. +ٻاگهي: هاڻي ته ڪجهه نظر نٿو اچي. هر طرف رئي ۽ راؤ آهي. +(ڪوئل دريءَ کان هٽي اچي ٿي ۽ ٻاگهل به هٽي ٿي. ايتريءَ ۾ هڪڙو پيغامي اندر اچي ٿو. هن جا ڪپڙا ۽ پير رت ۾ ڀريل آهن، ٻُٽ ٻڌل اٿس. ٻاگهي هن کان پڇي ٿي) +ٻاگهي: جنگ جو ڇا ٿيو؟ +پيغامي: جنگ جاري آهي. دشمن گهڻائي ۾ آهي ۽ اسين ٿورائي ۾، پر ته به فتح اسان جي آهي. +ٻاگهي: جنگ جذبي سان ڪئي ويندي آهي ۽ نه فوج جي گهڻائي يا ٿورائيءَ سان، جي اسان هار به کاڌي ته اها هار اهڙي هوندي جو وري ڪو ماءُ ڄائو سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي نه نهاريندو. +پيغامي: ڏيهه ڌڻي دودي حڪم ڏنو آهي ته جي اسان هار کائون ته اوهان کي ڀاڳو ڀان سان ممٽ ابڙي ڏانهن موڪليو وڃي جو ابڙا سامن لاءِ سِرَ ڏيندا آهن. +(پيغامي ڪنڌ جهڪائي پٺيان پير ڪري نڪري وڃي ٿو. ٻه ٻيا پيغام اندر اچن ٿا. هنن کي ٻه ٻُٽون ٻڌل آهن ۽ سندن لباس رت ۾ ڳاڙهو آهي.) +ڪوئل: جنگ جو ڇا ٿيو؟ +هڪڙو پيغامي: جنگ جاري آهي. سنڌي سورمن ڪوس ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنگ جو ميدان رت جو درياء ٿي ويو آهي. +ٻيو پيغامي: چنا دشمن کي چيلاٽن وانگر چهٽي ويا آهن. +پهريون پيغامي: سومرا، سما ۽ سهتا پيئڻ وانگر دشمن جو ساهه ٿا پيئن. +ٻيو پيغام: ڳاهيجا ڳوڌن وانگر ڳاهه ٿا ڳاهن. +پهريون پيغامي: سوڍن پڳون لاهي، هڪ ٻئي جي چيلهه سان ٻڌي ڇڏيون آهن ۽ پاڻ ائين ٿي بيٺا آهن، جيئن.... +ٻيو پيغامي: جيئن شيهو پلٽيل ديوار. +پهريون پيغامي: جيئن هالار جبل جي قطار. +ڪوئل: اڄ سنڌ سرهي ٿي آهي جو سنڌ لاءِ سرويچ سر ڏيئي رهيا آهن. ٻڌاءِ منهنجي ننگر جو ڇا ٿيو؟ +پهريون پيغامي: (ڪنڌ جهڪائيندي) شهزادو ننگر.... +ڪوئل: ڇا ٿيو ننگر کي؟ +پيغامي: (روئڻهارڪي آواز ۾) شهيد ٿيو. +(ننگر جي شهادت جو ٻڌي ڪوئل ۽ ٻاگهي ٻئي سيني تي هٿ رکن ٿيون. ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا پر پوءِ ڪوئل پاڻ سنڀالي ٿي.) +ڪوئل: ان ۾ ڪنڌ جهڪائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اڄ ته جهڪيل ڪنڌ به مٿي ٿيا آهن. تون ته فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي ٻڌاءِ ته منهنجو گهوٽ شهيد ٿيو. +پيغامي: (ڪنڌ مٿي کڻي) اسان جا ڳاٽ اوچا آهن ۽ هميشه اوچا رهندا. +ڪوئل: ٻڌاءِ، منهنجي ننگر گهوٽ کي سڀيئي گهاءَ سيني ۾ لڳا، يا.... يا پٺيءَ ۾ به ڪو گهاءُ لڳو. +پيغامي: اڄ تائين ڪنهن سنڌيءَ پٺي ۾ گهاءُ نه کاڌو آهي. ننگر ته سنڌين جو سردار هو. +ڪوئل: جي هن سڀيئي گهاءَ سيني تي کاڌا ته پوءِ بيشڪ هو منهنجي گهوٽ ٿيڻ جي لائق هو. ٻڌاءِ منهنجو گهوٽ موت جي سيج تي ڪيئن چڙهيو. +پيغامي: هو وڄ وانگر دشمن تي ڪڙڪيو ۽ دشمن جا سينا چيريندو، هانوَ ڦاڙيندو، ڏيل ڏاريندو، ڪنڌَ ڪپيندو اڳتي وڌندو ويو. هن جي هٿ ۾ تلوار ائين ٿي وري جيئن وڄ وراڪا ڏيندي آهي. جيئن ٿي هن کي گهاءُ لڳو، تيئن ٿي هو اڳتي وڌيو. +پوءِ ارڙهن ڌڪ ترار جا لڳا ننگر مٿڙي تان. +ته به ٽڪر ٽريو ڪينڪي، ٻيو جبل ڪو نه سماءُ +ڪوئل: پوءِ ڇا ٿيو؟ +پيغامي: پوءِ هن جو سَنڌ سَنڌ گهائجي ويو. هن جي سَنڌ سَنڌ ۾ تير کپي ويا. هن جو سارو جسم تيرن جي بٿي بڻجي ويو. پر ته به هو مرڪندو، نچندو، ڪڏندو اڳتي وڌندو ويو، تان جو هو ساڻو ٿي ڪري پيو. ڪري هن ڌرتيءَ کي چمي ڏني ۽ ڌرتيءَ تي ائين ڪنڌ رکي ڇڏيائين جيئن ٻار ماءُ جي سيني تي ڪنڌ رکندو آهي. +ڪوئل: مبارڪ آهي اها ڪنوار جنهن کي ننگر جهڙو گهوٽ ملي. +مبارڪ آهي اها ڌرتي جنهن کي ننگر جهڙو دُلارو ملي. +(ٻئي پيغامي ٻاهر وڃن ٿا. ٻيو پيغامي اندر اچي ٿو) +ٻاگهي: جنگ جو ڇا ٿيو؟ +پيغامي: جنگ جاري آهي پر.... +ٻاگهي: پر ڇا....؟ +پيغامي: دودو شهيد ٿي ويو. +ٻاگهي: دودو شهيد ٿيو! دودو شهيد ٿيو ته پوءِ سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ +ڪوئل: سنڌ سدا سهاڳڻ رهندي. جتي جتي دودي ۽ ننگر جو رت ٽميو آهي اُتان اُتان ڪيئي دودا ۽ ڪيئي ننگر اٿندا ۽ سنڌ لاءِ ساهه ڏيندا. +ٻاگهي: ٻڌاءِ منهنجو ڀاءُ ڪيئن شهيد ٿيو. +پيغامي: ننگر جي شهادت کانپوءِ هو زخمي شينهن وانگر ميدان ۾ ٽپي پيو. هن جي هڪڙي هٿ ۾ سومرن واري تلوار هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽانگر هو ۽ هو ايترو ته وزني هو جو دودي کانسواءِ ڏهه جوڌا به ان کي کڻي نه سگهن. دودو اهو ٽانگر ڦيرائيندو، دشمن جي فوج ۾ ڪاهي پيو. پوءِ رڻ متو، راڙو ٿيو. هر طرف دانهون، ڪوڪون، رت جون نديون وهي ��ڙيون. دودي جي دهشت کان ڏونگر ڏري پيا. مائن جا هانَ ڦاٽي پيا. ڌرتي ڌان ڌان ڪرڻ لڳي. دودو دشمن کي گجرن ۽ مورين وانگر وڍيندو، دشمن جي فوج جو لابارو ڪندو، سالار خان جي سامهون ٿيو. دودي جي دليري کي ڏسي سالار خان کان دانهن نڪري وئي ته: جنهن ديس جي ڌرتي دودي جهڙا دلير پٽ ڄڻي سگهي ٿي تنهن ديس کي ڪو به فتح ڪري نٿو سگهي. پوءِ چئني طرفن کان تيرن ۽ تلوارن جا مينهن وٺا ۽ دودي جو سَنڌ سَنڌ گهائجي ويو پر ته به هو وڙهندو رهيو. تان جو هن جا سَنڌَ ساڻا ٿيا، ساهن ساٿ ڇڏيو ۽ دودو ڌرتيءَ تي ليٽيو. ڄڻ هماليه جبل ڪري پيو. ڌرتيءَ دانهن ڪئي ته هاءِ منهنجو دلارو مئو. آسمان اوڇنگارون ڏني ته مون سان سينو سهائيندڙ شهيد ٿيو ۽ عرش اونايو ته مون کان اوچي ڳاٽ وارو دودو مري ويو. +ٻاگهي: دودو ڪڏهن نه مرندو. ڌرتيءَ جو دلارو وري ڄمندو جيڪو آسمان سان سينو سهائيندو ۽ جنهن جو ڳاٽ عرش کان اوچو هوندو. +(اوچتو آواز ٿو اچي) +آواز: اولهه انڌوڪار آهي، ڏکڻ سارو ڏهڪاءُ. +اتر کان اوپرا گهوڙا آيا، سنڌ ڏهاڳڻ ٿي. +پر اوڀر ۾ وهاؤ تارو اڀريو آهي +نئين پرهه ڦٽندي، نئون صبح اڀرندو +نوان دودا ايندا، نوان ننگر ايندا، +سنڌ وري سهاڳڻ ٿيندي. +هيرَ مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي.... +هيرَ مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي. +(ڪوئل ۽ ٻاگهي بت بڻجي آواز ٻڌن ٿيون. آواز آهستي آهستي فيڊ آئوٽ ٿئي ٿو. پس منظر ۾ سوڳوار موسيقي اڀري ٿي. ڀاڳو ڀان اندر اچي ٿو. اڪيلي ۽ بي سهارا نياڻين کي ڏسي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا. هو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو، ٻاگهيءَ ۽ ڪوئل جا اگهاڙا مٿا ڍڪي ٿو ۽ پوءِ هنن جي مٿن تي هٿ رکي هنن کي وٺي وڃي ٿو. ٻاگهي ڪوئل حسرت ڀريل نگاهن سان محل جي اجڙيل در ديوارن ڏانهن ڏسن ٿيون. ڪوئل جي اجڙيل سيج ڏانهن نهارين ٿيون. ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن. ڀاڳو ڀان اجرڪ جي پلوَ سان پنهنجا لڙڪ اگهي ٿو، ائين هو محل جي هڪ هڪ شيءِ کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسنديون هليون وڃن ٿيون. اسٽيج خالي ٿي وڃي ٿي. بتيون وسامي وڃن ٿيون ۽ دري کان ٻاهر نظر ايندڙ آسمان ۾ پرهه ڦٽي ٿي.) +(پردو ڪِري ٿو) + + +دولهه دريا خان +ڏيک پهريون +(دريا خان جي محل سراءِ. دريا خان دريءَ وٽ بيٺو آهي ۽ دريءَ کان ٻاهر ٿو نهاري. دريا خان جي زال هيمون اندر اچي ٿي. هيمونءَ جي پيرن جو آواز ٻڌي دريا خان منهن ورائڻ کانسواءِ پڇي ٿو.) +دريا خان: خير آهي؟ +هيمون: سورهين جي سردار، سنڌ جي سونهاري، دريا خان جي پيرن جي پڻي، هيمون! +دريا خان: هيمون، تون اسان جي پيرن جي پڻي نه، پر اسان جي روح جي راحت آهين. تون سنڌ جي برن جي بهار ۽ ٿرن جي ٿڌڪار آهين. اسان توکي ڏسندا آهيون ته اسان جو منجهيل من ڪنول جيان ٽڙي پوندو آهي. +هيمون: پر اڄ ڪنول ڪجهه ڪوماڻيل ٿو نظر اچي ۽ هن ٻانهيءَ جون اکيون دريا جيڏي دل واري دريا خان جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا پاڇا ڏسي رهيون آهن. +دريا خان: هيمون توکي خبر آهي ته توسان ۽ سنڌ سان اسان جو نينهن جو ناتو آهي. اسان توکي ۽ سنڌ کي سدائين سرهو ڏسڻ ٿا چاهيون. +هيمون: جيسين دريا خان جي دل ۾ ڌڙڪڻ جي ۽ سندس ٻانهن ۾ تلوار کڻڻ جي طاقت آهي تيسين سنڌ ۽ هيمون ٻئي سرهيون رهنديون. +دريا خان: (دريءَ کان ٻاهر نهاريندي) آسمان ۾ تارا ته ڪيئن ٿا چمڪن جهڙا ڪنهن وطن پرست سرفروش جي جسم تي گهاوَ، جهڙا تاريخ جي تاريڪين ۾ شهيدن جا نانءَ! هيمون، ڇا اهو سچ آهي ته تارن جي گردش سان انسان جي قسمت گردش ڪندي آهي. +هيمون: دريا خان جهڙا دلير تارن جي گردش کي ڦيرائي ڇڏيندا آهن ۽ هنن جي قسمت جا ليک تارن سان نه پر تلوارن سان لکيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مان تارن کي ڏسندي آهيان ته ائين لڳندو آهي ڄڻ آسمان جا تارا دريا خان جي گهوڙي جي سُنبن جي اڏيل دَزَ آهن +دريا خان: هيمون، اسان کي هڪڙي نجومي ٻڌايو هو ته جڏهن به آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀرندو آهي تڏهن سنڌ رت ۾ وهنجندي آهي ۽ سنڌ جا ڪونڌر ڪسندا آهن. اڄ آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي. +هيمون: (پريشاني مان) ڇا آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي؟ (تکيون تکيون وکون کڻندي دريءَ جي ويجهو اچي ٿي.) +دريا خان: ها، اڄ وري آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي. هو ڏس (آڱر سان اشارو ڪندي) پڇڙ تارو ڪيئن نه پيو چمڪي، هن مان اسان کي انساني رت ٿو ٽمندو نظر اچي. +هيمون: شايد تاريخ جو ورق ورڻ وارو آهي. +دريا خان: وري تاريخ جو ورق ورندو ۽ وري سنڌ سُور سهندي، وري سنڌين جي رت سان تاريخ ۾ بادشاهن ۽ سپهه سالارن جي عظمت جا داستان تحرير ٿيندا. +هيمون: دريا خان جي هوندي تاريخ، سنڌ کي سور ڏئي نٿي سگهي ۽ ڪو به الفيون پائي، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائي، مست الست ٿي جهومندڙ ۽ نچندڙ سنڌين جو رت وهائي نٿو سگهي. +دريا خان: پر هيمون، آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي ۽ اسان کي نجوميءَ جي ڳالهه پريشان ڪري رهي آهي. +هيمون: آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀري يا وهائو تارو، مهراڻ جي مستيءَ تي ان جو ڪو اثر نه ٿيندو آهي پوءِ دريا خان جي دليري ڇو پريشاني ۾ بدلجي وئي آهي. +دريا خان: انڪري جو اسان کي سنڌ جو آئيندو هن رات جهڙو تاريڪ ٿو نظر اچي ۽ ان رات کي روشن ڪرڻ وارا تارا اسان کي ٽـٽندا ٿا نظر اچن. +هيمون: ڇا سنڌين جي تلوار مڏي ٿي وئي آهي جو دريا خان کي سنڌ جو آئيندو تاريڪ ٿو نظر اچي. +دريا خان: سنڌين جي تلوار ڪڏهن به مڏي ٿي نٿي سگهي. مصيبت جي روهيءَ تي سنڌي جي تلوار وڌيڪ تيز ٿيندي آهي. سنڌي جڏهن الفيون پائي، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائي جهومندا، نچندا ۽ ڳائيندا آهن تڏهن ساري ڪائنات هنن جي ساز ۽ آواز جي لهرن ۾ لڙهي ويندي آهي. پر جڏهن سنڌي يڪتارا ۽ چپڙيون اڇلائي، الفيون لاهي، ڪفنيون پائي، تلوار کي مياڻ مان ڪڍندا آهن تڏهن رات جو سينو چيرجي ويندو آهي ۽ پرهه ڦٽندي آهي ۽ افق مان شفق جو ڳاڙهو رت ٽمندو آهي. +هيمون: پوءِ توهان ايترا پريشان ڇو آهيو؟ +دريا خان: هيمون توکي خبر آهي، ته بولان لڪ کان ارغونن جي آنڌاري پئي اچي. +هيمون: اسان کي خبر آهي، پر اسان کي اها به خبر آهي ته ان آنڌاريءَ جي اڳيان دريا خان جبل بڻجي بيهندو. +دريا خان: سنڌ جو ٻچو ٻچو هماليه جبل آهي جنهن سان طوفان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويندا آهن، پر.... +هيمون: پر ڇا؟ +دريا خان: اسان ڌارين جي تيرن جي طوفان کان نٿا ڊڄون هيمون، پر ان خنجر کان ٿا ڊڄون، جيڪو پنهنجن جي هٿ ۾ لڪل آهي ۽ جيڪو هو ڳراٽڙي پائڻ مهل اسان کي پٺيءَ ۾ وهائي ڪڍندو. +هيمون: پنهنجو ڪڏهن به ائين نه ڪندو. +دريا خان: پنهنجن ئي سنڌ کي سور ڏنا آهن ۽ پنهنجي ئي سنڌ جي سيني ۾ خنجر هنيا آهن. هر ڦوڳ وقت جي عمر سان ملي، مارئي جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وڌا آهن ۽ هر چنيسر الادين وٽ دانهين ٿي سنڌ جا ڪونڌرا ڪُهايا آهن.... اڄ وري ڦوڳ مارئي سنڌ جي پيرن ۾ پيڪڙا وجهڻ ٿو چاهي ۽ اڄ وري چنيسر ڌارين هٿان سنڌ جا ڪونڌر ڪُهائڻ ٿو چاهي. +هيمون: ته پوءِ دريا خان جي تلوار اڃا مياڻ ۾ ڇو آهي؟ چنيسر جي سيني جي آرپار ڇو نه آهي؟ +دريا خان: چنيسر جي حفاظت اهي ديوارون ٿيون ڪن جن ديوارن جي حفاظت ڪرڻ دريا خان جو مقدس فرض آهي. +هيمون: شايد اوهان جو اشارو محل ڏانهن آهي. +دريا خان: ها اسان جو اشارو محل ڏانهن آهي. محلن ۾ هميشه سازشون جنم وٺنديون آهن ۽ اهي سازشون غلاميءَ جا زنجير بڻجي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پونديون آهن. +هيمون: سمي سردار سلطان نظام الدين ڄام نندي جي محل ۾ ڪڏهن به اهڙي سازش جنم وٺي نٿي سگهي. +دريا خان: ڄام نندي جي راڻي مَرڪيءَ کي اسان کان نفرت آهي. ڄام نندي جڏهن اسان کي پنهنجو پٽ بڻايو هو تڏهن راڻي مَرڪيءَ مخالفت ڪئي هئي. پوءِ اسان جو توسان پيار ٿي ويو. تون راڻي مَرڪيءَ جي ڀاءُ ڏنؤر جي مڱ هئينءَ. پر اسان تنهنجي پيار ۾ چريا ٿي پياسين. ڄام نندي کي جڏهن اسان جي پيار جي خبر پئي تڏهن هن راڻي مَرڪيءَ جي ڀاءُ ڪاهو ڏنؤر کان تنهنجو سڱ ڇڏائي تنهنجي ٻانهن اسان جي هٿ ۾ ڏني. ان ڳالهه ڪاهو ڏنؤر ۽ راڻي مَرڪيءَ جي سيني ۾ ساڙ جي دونهين دکائي ڇڏي. اها دونهين هينئر باهه بڻجي ڀڙڪي پئي آهي ۽ ان باهه ۾ اسان کي ساري سنڌ سڙندي نظر ٿي اچي. +هيمون: ڇا راڻي مَرڪيءَ اوهان جي خلاف ڪا سازش سٽي آهي. +دريا خان: اسان کي خبر پئي آهي ته راڻي مَرڪيءَ اسان کي مارائڻ لاءِ شاهه بيگ ارغون کي سنڌ جي سرحدن تي حملي ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. +هيمون: شل شيطان جا ڪن ٻوڙا ٿين ۽ منهنجي دريا خان جو وار به ونگو نه ٿئي. +دريا خان: ائين نه چئو هيمون، ته دريا خان جو وار به ونگو نه ٿئي، پر ائين چئو ته دريا خان جهڙا ڪيئي سنڌ تان صدقي ٿين ۽ سنڌ سونهاريءَ جو وار به ونگو نه ٿئي. +هيمون: ڇا راڻي مَرڪيءَ کي خبر نه آهي ته شاهه بيگ ارغون سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪندو ته ڪيترن سنڌين جو رت وهندو. +دريا خان: راڻي مَرڪي سمي سلطان جي تخت ۽ تاج ۾ معصوم سنڌين جي رت ڦڙن جا ياقوت جڙڻ ٿي چاهي. ڄام نظام الدين جي حياتيءَ جي ٻيڙي لوڏن لمن ۾ آهي ۽ ڄام فيروز اڃا ننڍو آهي. راڻي مَرڪي سمجهي ٿي ته ڄام نظام الدين کانپوءِ اسان تخت تي قبضو ڪري وينداسين، پر شايد راڻي مَرڪيءَ کي خبر ناهي ته وفاداري اسان سنڌين جي ٿڃ ۾ شامل آهي. +(دربان اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ٿو ڪري) +دربان: سائين، چانڊڪا پرڳڻي مان هڪڙو پيغامي آيو آهي، جيڪو هينئر جو هينئر سائين جن سان ملڻ ٿو چاهي. +دريا خان: هن کي اندر آندو وڃي. +هيمون: شل خير جو پيغامي هجي. +دريا خان: هيمون، اسان پيغاميءَ کي اندر سڏايو آهي. +هيمون: جيڪو حڪم. +(هيمون وڃي ٿي، پيغامي اندر اچي ٿو) +دريا خان: پيغامي تنهنجي اويل اچڻ مان اسان اندازو لڳايون ٿا ته ڪو اهم پيغام آندو اٿئي. +پيغامي: شاهه بيگ ارغون سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪيو آهي ۽ ترخانن چانڊڪا پرڳڻي جي سنديجا ۽ ماڇين جي ڪوٽ کي ڦُريو آهي. +دريا خان: پيغامي! اسان معلوم ڪرڻ ٿا گهرون ته جڏهن ارغونن ۽ ترخانن سنڌ جي سرحدن کي اورانگهي، سنڌ جي مقدس زمين کي لتاڙيو، جڏهن هنن بيگناهه سنڌين کي ڦريو ۽ لٽيو، تڏهن تنهنجي امير ڇا ٿي ڪيو؟ +پيغامي: سرڪار، ارغونن اوچتو راتاهو هنيو. +دريا خان: ديس سمهندا آهن پر دل وارا جاڳندا آهن، پوءِ ارغونن راتاهو ڪيئن هنيو. اسين امير لاءِ ريشمي بسترا ۽ ارغونن لاءِ موت کڻي اچي رهيا آهيون. +(پيغامي نوڙي سلام ڪري وڃي ٿو. دريا خان اڳتي وڌي ڀت تي ٽنگيل تلوار لاهي ٿو. هيمون اندر اچي ٿي.) +هيمون: ڇا ٿيو؟ +دريا خان: ارغُونن سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪري موت کي دعوت ڏني آهي ۽ ارغونن جي رت جي اڃايل اسان جي هيءَ تلوار پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ آتي آهي. +(دريا خان وڃي ٿو. هيمون پويان سڏ ٿي ڪريس) +هيمون: سرتاج! +(دريا خان يڪدم بيهي رهي ٿو ۽ آهستي آهستي ڪنڌ ورائي هيمون ڏانهن نهاري ٿو.) +دريا خان: اسان کي شهادت جون دعائون ڏيندڙ هيمونءَ جو آواز اڄ ڏڪي ڇو ٿو؟ +هيمون: سرتاج، اڄ منهنجي دل ٿي ڏڪي، ڪٿي اوهان راڻي مَرڪيءَ جي سازش جي ڄار ۾ ڦاسي نه وڃو. +دريا خان: جنهن ديس جي ڌرتيءَ جي ڪُک اسان کي جنم ڏنو ۽ جنهن ديس جي ڌرتي موت کانپوءِ اسان جي مڙهه کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيندي، تنهن ديس جي ڌرتيءَ کي سازش جي ڄار ۾ ڦاسايو وڃي ۽ اسان ماٺ ڪري ويهي رهون. هيمون، اسان کي دعا ڪر ته فاتح ٿي موٽون يا شهيد ٿيون. +هيمون: شل فتح اوهان جا قدم چمي. +(دريا خان وڃي ٿو. هيمون اڪيلي رهجي وڃي ٿي) +(پردو ڪِري ٿو.) +ڏيک ٻيو +(ڄام نظام الدين جو محل: ڄام نظام الدين ڇپر کٽ تي طول ويهاڻن تي ڪنڌ رکي ليٽيل آهي. هن جي هٿ ۾ گلاس آهي. هو ڪنڌ ويهاڻن تان کڻي گلاس منهن تي چاڙهي ٿو. هن جي ڀرسان راڻي مَرڪي بيٺي آهي. ڄام نندو گلاس خالي ڪري راڻي مَرڪيءَ کي ڏئي ٿو ۽ وري ڪنڌ ويهاڻن تي رکي ٿو.) +ڄام نندو: تيل ٻري چڪو آهي، وٽ وسامڻ تي آهي، آخر ڪيستائين وسامندڙ وٽ کي سوريندي رهندينءَ راڻي. +راڻي مَرڪي: جيستائين مَرڪيءَ جي سيني ۾ ساهه جي وٽ ٻرندي رهندي تيستائين اها وٽ وسامڻ نه ڏيندس. +ڄام: هوا جو هلڪو جهوٽو لڳندو ۽ وٽ وسامي ويندي. +راڻي: مان پنهنجي دامن سان ان وٽ کي اوٽ ڏينديس. +ڄام: ڪٿي تنهنجو دامن سڙي نه پوي راڻي. +راڻي: دامن سڙيو ته پرواهه نه آهي، مٿي تان گندي ته نه لهندي، جي اوهان کي ڪجهه ٿي ويو ته مان مٿي اگهاڙي ٿي پونديس. +ڄام: موت مهڻو نه آهي راڻي. زندگيءَ جي هر واٽ قبر تي ختم ٿئي ٿِي. اسان جي زندگيءَ جي واٽ به اچي کُٽي آهي، پساهه پورا ٿيا آهن. گهڙي گهڙي ڄڻ موت جي وک آهي ۽ موت وکون کڻندو اسان ڏانهن ايندو ٿو وڃي. +راڻي: (ڏکويل انداز ۾) اهڙا ويڻ واتان نه ڪڍو، شل اوهين جُڙيا جيئرا هجو. اوهان منهنجا ۽ سنڌ جا ڇپر ۽ ڇانوَ آهيو. اوهان کي ڪجهه ٿيو ته مان ۽ سنڌ ٻئي مٿي اگهاڙيون ٿي پونديونسين. +ڄام: سنڌ ڪڏهن مٿي اگهاڙي نه ٿيندي. ڄام نندا پيا ڄمندا ۽ مرندا پر سنڌ جي لوئي سدائين سلامت رهندي. +راڻي: ڄام فيروز اڃا ننڍو آهي، هن جا ڪلها سنڌ جي سلطانيءَ جو بار ڪيئن کڻي سگهندا. +ڄام: اسان جي هڪڙي پٽ جا ڪلها ڪمزور آهن پر ٻئي پٽ جا ڪلها ايترا ته مضبوط آهن جو هو ساري ڌرتيءَ جو بار کڻي سگهن ٿا. ڄام فيروز جيسين جوان ٿئي ۽ سلطاني سنڀالي، تيسين اسان جو پٽ دريا خان حڪومت جون واڳون سنڀاليندو. +راڻي: دريا خان حڪومت جون واڳون سنڀاليندو! +ڄام: شايد اسان جي راڻيءَ کي اسان جي ڳالهه پسند نه آئي. +راڻي: هن ٻانهيءَ جي ڪهڙي مجال، جو سنڌ جي سلطان جي ڳالهه کي ناپسند ڪرڻ جي گستاخي ڪري. +ڄام: اسان جي راڻيءَ جي ڳالهه مان ناراضگي ٿي بکي. راڻي، اسان توسان سنڌ جي سلطان جي حيثيت سان نه پر زندگيءَ جي ساٿي جي حيثيت سان صلاح ڪري رهيا آهيون. +راڻي: هر حيثيت ۾ اوهان جي ڳالهه جو احترام ڪرڻ هن ٻانهيءَ جو فرض آهي. +ڄام: اسان جي راڻيءَ جي دل ۾ ڪا ڳالهه آهي جيڪا راڻي اسان کي ٻڌائڻ کان هٻڪي ٿي. +راڻي: سرتاج، اوهان جي ٻانهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ ماءُ به آهيان ۽ منهنجي مامتا جي اها ئي خواهش آهي ته منهنجو پٽ ڄام فيروز سنڌ جو تخت ماڻي. هو به اوهان وانگر سنڌ جي خدمت ڪري ۽ ايندڙ دؤر جا تاريخ نويس هن جي عظمت جا داستان لکن. +ڄام: شايد اسان جي راڻيءَ کي اهو ڊپ آهي ته اسان کانپوءِ دريا خان تخت تي قبضو ڪري ويندو. +راڻي: سرتاج، تاريخ شاهد آهي ته تخت ۽ تاج لاءِ ڀاءُ ڀاءُ جو رت وهايو آهي ۽ پٽ پيءُ کي ڪٺو آهي. دريا خان ته ڌاريو آهي. +ڄام: (هلڪي جوش مان) راڻي! تون دريا خان کي ڌاريو چئي اسان کي ڏک ٿي ڏين. +راڻي: ٻانهي معافيءَ جي طلبگار آهي. +ڄام: راڻي، ياد رک ته جنهن جي به رڳن ۾ مهراڻ جو پاڻي رت بڻجي ڊوڙندو هوندو، جنهن به سنڌ�� ماءُ جي ٿڃ پيتي هوندي ۽ جنهن کي به سنڌ جي هيرن هندوري ۾ لوڏيو هوندو، تنهنجي تلوار انڌي ٿي نٿي سگهي. سنڌ وفا جو ديس آهي. سنڌ جفا جو جواب به وفا سان ڏيندي آهي ۽ دريا خان کي سنڌ جي ڪُک جنم ڏنو آهي، هو ڪڏهن به بيوفائي ڪري نٿو سگهي. +راڻي: ٻانهي بيحد شرمسار آهي. +ڄام: راڻي مَرڪي، اسان جو توتي پورو اعتماد آهي. تو اسان جي ڪڏهن به ڪا ڳالهه نه ٽاري آهي. اسان جي چوڻ تي تو پنهنجي ڀاءُ ڪاهوءَ جي مڱ هيمونءَ جو سڱ ڇڏائي پنهنجن هٿن سان هيمونءَ جو سڱ دريا خان کي ڏنو. اسان تنهنجي اها قرباني ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. +راڻي: اوهان جو هر حڪم مڃڻ هن ٻانهيءَ لاءِ عين عبادت آهي. +(دربارن اندر اچي ٿو) +دربان: عاليجاهه، وڏو وزير لکوير اندر اچڻ جي اجازت ٿو گهري. +ڄام: اجازت آهي. +(دربارن وڃي ٿو) +راڻي اسان وزير لکوير سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿا چاهيون. +راڻي: جيڪو حڪم. +(راڻي وڃي ٿي، وزير لکوير اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ڪري ٿو.) +لکوير: عاليجاهه جي صحت ۽ حياتيءَ جو دعاگو، ٻانهو لکوير پير ٿو چمي. +ڄام: آءُ لکوير، اسين تنهنجو ئي انتظار ڪري رهيا هئاسين. +لکوير: عاليجاهه جي طبيعت هاڻي ڪيئن آهي؟ +ڄام: زندگي موت کان هار کائيندي ٿي وڃي. +لکوير: شل اوهان جي ڇٽَ جي ڇانوَ سدا سنڌ تي قائم رهي. +ڄام: لکوير، اسين سلطنت جو احوال معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون. +لکوير: سلطنت ۾ هر طرف سک ئي سک آهي. سنڌ سونهن، سوڀيا ۽ سرهائيءَ ۾ رشڪِ عالم ٿي وئي آهي. ٺٽي شهر ۾ مدرسن جو تعداد چئن هزارن کي پهچي ويو آهي. ٺٽي کانسواءِ بکر، سيوهڻ، ٽلٽي ۽ ڪلهان علم جا وڏا مرڪز ٿي ويا آهن ۽ خراسان، ايران، عراق ۽ هرات مان وڏا وڏا عالم لڏي پلاڻي سنڌ ۾ اچي رهيا آهن. +ڄام: عالمن لاءِ سنڌ جون سرحدون ۽ هنرمندن لاءِ سمن جي خزانن جا دروازا هميشه کليل آهن. +لکوير: هنرمندن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي. عاليجاهه ديسي مال تان محصول معاف ڪري ڇڏيو آهي انڪري لاهري بندر تي جهازن جون قطارون بيٺيون آهن جن ۾ مال چاڙهيو ۽ لاٿو ٿو وڃي. ٻاهرين منڊين ملڻ ڪري هنرمند نت نيون ايجادون ڪندا ٿا رهن. +ڄام: لکوير، اسان ٻڌو آهي ته اسان جي بکر جي حاڪم دلشاد اُچ پرڳڻي ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي. +لکوير: مون به ائين ٻڌو آهي عاليجاهه. +ڄام: (ڪاوڙ ۾) دلشاد کي ڪيئن جرئت ٿي جو هن پاڙيسرين جون سرحدون لتاڙي، پاڙيسرين کي ڦريو ۽ لٽيو. سنڌ ديس جا رهواسي امن جا علمبردار آهن، اسان سنڌين جي تلوار ڏاڍ ڪرڻ لاءِ نه پر ڏاڍي جي ڏاڍ ڀڃڻ لاءِ مياڻ مان نڪرندي آهي. اسان جي تلوار جي ڇانوَ ۾ پيار پلجندو آهي، هنرمند هت نت نيون ايجادون ڪندا آهن ۽ عورتون آتڻ ۾ سُٽ ڪتينديون آهن. +لکوير: هُن کي خبر آهي عاليجاهه. +ڄام: پوءِ هن پراوا سنگ ڇو لُٽيا، پراوا آتڻ ڇو اُجاڙيا ۽ پراون هنرمندن جا هٿ ڇو وڍيا؟ +لکوير: هي ٻانهو دلشاد پاران معافيءَ جو طلبگار آهي. +ڄام: لکوير، اسان ڦورو، لٽيرا ۽ غاصب نه آهيون پر اسين ڦورن ۽ غاصبن لاءِ موت آهيون. سنڌ جي سيني تي جهومندڙ سونن سنگن، سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنواري جوڀن ۽ مهراڻ ۾ وهندڙ پگهريل سون تي هرکجي، ڦورن هميشه سنڌ کي ڦريو آهي، لٽيرن سنڌ کي لٽيو آهي ۽ غاصبن سنڌ جي آزاديءَ کي غصب ڪيو آهي. جنهن قوم پاڻ تاريخ جا ظلم سٺا هجن، سا قوم ڪڏهن به ٻين تي ظلم ڪري نٿي سگهي. ڦر جو مال ڏنَ سميت مالڪن کي موٽائي ڏنو وڃي ۽ ملتان جي سلطان لانگاهه کان معافي ورتي وڃي. +لکوير: ائين ئي ٿيندو عاليجاهه. +ڄام: اسين سنڌ جي سرحدن جي باري ۾ ڄاڻڻ ٿا چاهيون. +لکوير: گجرات جو سلطان محمود بيگڙو، ڪڇ جو راجا کنگها�� ۽ ملتان جو سلطان لانگاهه سائين جن جي سر ۽ سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهن، باقي بولان لڪ کان هر وقت ارغونن جي حملي جو خطرو آهي. +ڄام: خطرو ڪڏهن به تلوارن کي زنگ لڳڻ نه ڏيندو آهي، ارغونن جي خطري جي ڪري سنڌي هڪ هٿ سان چنگ وڄائيندا ۽ ٻئي هٿ سان تلوارن کي روهيءَ تي تکو ڪندا، سنڌ جي هيرن ۾ اها مستي آهي جو ماڻهو مست ٿي سڀ خطرا وساري ڇڏيندا آهن، هينئر ارغونن جو خطرو هنن کي سجاڳ رکندو. +(دربارن اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ٿو ڪري) +دربان: عاليجاهه، مدار المهام، اميرا الامراء، خان خانان، دريا خان اندر اچڻ جي اجازت جو طلبگار آهي. +ڄام: اجازت آهي. +(دربان وڃي ٿو، دريا خان اندر اچي ٿو) +دريا خان: ڪمهلي اچڻ لاءِ هيءُ ٻانهو معافيءَ جو طلبگار آهي. +ڄام: پنهنجي لاءِ ڪا مهل ڪمهل نه هوندي آهي. دريا خان تون اسان جو پٽ آهين ۽ پٽ لاءِ پيءُ جي گهر جا دروازا هميشه کليل هوندا آهن. +دريا خان: هي ٻانهو ته عاليجاهه جي در جي چانئٺ جو نوڪر آهي. عاليجاهه جي طبيعت هاڻي ڪيئن آهي؟ +ڄام: سرير جي سراءِ مان ساهن جو قافلو ڪوچ ڪرڻ وارو آهي. چوڌاري چڙا پيا ٻُرن، نئين منزل پئي سڏي. +دريا خان: شل سنڌ تي عاليجاهه جي ڇانوَ سدا قائم رهي. +ڄام: دريا خان، جندڙيءَ جو جهاز ساهه جي سڙهه جي سٽ سهي نٿو سگهي. سامهون ڪنارو پيو نظر اچي. هر هڪ مسافر کي ان ڪناري تي لهڻو آهي. اسان جي لهڻ جي ويل به ورڻ واري آهي. اسان وڃڻ کان اڳ سنڌ جا ٿر ۽ بر، سمن سلطان جو تخت ۽ تاج توکي سونپڻ ٿا چاهيون. ڄام فيروز اڃا ننڍو آهي، اسان کي ڊپ آهي ته ڪٿي هو غلط صحبت ۾ سنڌ لاءِ ڪو غلط قدم نه کڻي ويهي. اسان ڄام فيروز کي تنهنجي سپرد ٿا ڪريون. اسان کي يقين آهي ته تنهنجي صحبت ۾ هو تو جهڙو دلير ثابت ٿيندو. اسان سنڌ جون ٻنيون ۽ ونيون به توکي سونپيون ٿا. +دريا خان: هي ٻانهو پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به سنڌ جي ٻنين ۽ ونين لاءِ وهائيندو. +ڄام: اسان کي تو مان اها ئي اميد آهي. +دريا خان: عاليجاهه مون هڪڙي اهم خبر آندي آهي. +ڄام: اسان اها ٻڌڻ ٿا چاهيون. +دريا خان: چانڊڪا پرڳڻي مان پيغامي آيو آهي ته شاهه بيگ ارغون سنڌ جون سرحدون لتاڙي، اڪڙي، سنديچ، ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا کي ڦريو آهي. +ڄام: اسين شاهه بيگ ارغون جي ان ڦر کي جنگ جي دعوت ٿا سمجهون ۽ سندس دعوت قبول ٿا ڪريون. اسين هن کي اهڙو سبق سيکارينداسين جو ارغونن ۽ ترخانن کي ننڊ ۾ به سنڌ جا ڇرڪ پوندا ۽ هنن جا گهوڙا سنڌين جون نانءُ ٻڌي ٽاهه کائيندا. راڻي! +راڻي: (اندر ايندي) جي سرتاج. +ڄام: راڻي، اسان کي سمي سلطان ڄام انڙ واري تلوار ڏني وڃي. جنهن تلوار سان ڄام انڙ ملڪ رتن کي ڪهي سمن جي سلطانيءَ جو پايو وڌو.، جنهن تلوار جي دهشت کان محمد تغلق جو هنياءُ ڦاٽي پيو ۽ جنهن تلوار کان ڊڄي فيروز شاهه تغلق ڄام ڀنڀي کي امن جي آڇ ڪئي. +راڻي: سرتاج اوهان جي طبيعت عليل آهي. اوهين ميدان جنگ ۾ ڪيئن ويندؤ. +ڄام: اسان جي طبيعت عليل آهي. پر اسان جي جرئت جوان آهي. +راڻي: شاهي طبيب اوهان کي آرام جو مشورو ڏنو آهي. +ڄام: اسان جي وطن جي ڌرتيءَ کي دشمن لتاڙي ۽ اسين آرام ڪريون. اسان جي ديس جي ٻنين ۽ ونين ڏانهن ڌارين جي اک کڄي ۽ اسين اکيون ٻوٽي ڇڏيون. اسان کي سنڌ سڏي رهي آهي ۽ هيءُ ته موت جو بسترو آهي پر جي اسان قبر ۾ به هجون ها ته اسان کي سنڌ جي ڌرتيءَ جو قسم ته اسان سنڌ جي سڏ تي قبر مان به لبيڪ چئون ها. اسان جي تلوار آندي وڃي جو اڄ قدرت اسان کي پلنگ جي موت جي بدران ميدان جنگ جو مانائتو موت ڏيڻ ٿي چاهي. +دريا خان: عاليجاهه، اوهان منهنجي ڪمزور ڪلهن تي سمن ��لطانن جي تخت ۽ تاج جو به بار رکيو آهي ان بار کڻڻ جي حامي ڀرڻ کان اڳ هي ٻانهو هڪڙو عرض ڪرڻ ٿو چاهي. +ڄام: جي تون اسان کي ميدان جنگ ۾ وڃڻ کان روڪڻ ٿو چاهين ته پوءِ اسين تنهنجو عرض ٻڌڻ نٿا چاهيون. +دريا خان: عاليجاهه، مان هنن هٿن کي آزمائڻ ٿو چاهيان ته هنن هٿن ۾ سمن سلطانن جي تلوار کڻڻ ۽ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ جي طاقت آهي يا نه، انڪري هي ٻانهو هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري ته اڄ هنن هٿن کي آزمائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. +ڄام: دريا خان، ڇا تون نٿو چاهين ته اسان جو مانائتو موت ٿئي؟ +دريا خان: شل اوهان جو سر سدا سلامت رهي جو سنڌ کي وري ڄام نظام الدين نه ملندو. +ڄام: دريا خان، جي تنهنجي اها ئي مرضي آهي ته اسان جو مانائتو موت نه ٿئي ته پوءِ اسين توکي ڄام انڙ جي هيءَ تلوار سونپيون ٿا. اسان جو بيمار مڙهه هتي هوندو پر اسان جا ساهه ميدان جنگ ۾ هوندا، اسان جون دعائون توسان ساڻ آهن. +(انهيءَ وچ ۾ راڻي مَرڪي تلوار آڻي ٿي. ڄام نندو تلوار دريا خان کي ڏئي ٿو، پردو ڪِري ٿو) +ڏيک ٽيون +(ڄام نظام الدين جو محل، راڻي مَرڪي اڪيلي آهي هن جي پيشانيءَ مان پريشاني ٿي بکي، ڪاهو ڏنؤر اندر اچي ٿو.) +ڪاهو: ٻانهو ڪاهو اندر اچڻ جي اجازت جو طلبگار آهي. +مَرڪي: ڪاهو ڀاءُ، جنگ جي ڪا خبر آئي؟ +ڪاهو: ڪجهه ڏينهن اڳ خبر آئي هئي ته سيويءَ وٽ ڇتي جنگ ڇڙيل آهي. ارغونن چئني طرفن کان دريا خان کي گهيرو ڪيو آهي ۽ دريا خان جو بچڻ محال آهي. +مَرڪي: (هلڪي پريشانيءَ مان دري ڏانهن وڃي ٿي) ڀاءُ ڪاهو، اسان کي ڊپ آهي ته دريا خان کي مارڻ کانپوءِ ڪٿي شاهه بيگ سنڌ تي نه حملو ڪري ۽ سنڌ کي غلاميءَ جا زنجير نه پارائي. +ڪاهو: ڪاهو ڏنؤر جي هوندي دنيا جي ڪا طاقت سنڌ کي غلاميءَ جا زنجير پارائي نٿي سگهي. هڪڙي معمولي ٻڪرار جي پٽ دريا خان اسان جي مڱ هيمونءَ سان شادي ڪري اسان ڏنؤرن جي قومي غيرت تي داغ لڳايو آهي ۽ اهو داغ دريا خان جي رت سان ڌوئي سگهجي ٿو. +مَرڪي: ارغونن جون تلوارون هن جو رت پيئنديون ۽ ٽاڪرو ڳجهون هن جو ماس پٽينديون. +ڪاهو: شاهه بيگ ارغون دريا خان کي تلوار سان نه ماريندو جو دشمن جي تلوار سان مرڻ مانائتو موت آهي. جي دريا خان جو اهڙو مانائتو موت ٿيو ته اسان جي انتقام جي آگ نه اجهامندي. اسان شاهه بيگ کي چيو آهي ته دريا خان کي جيئرو قيد ڪري ۽ پوءِ هن کي گهوڙن سان چوکنڀو ٻڌي گهوڙا ڊوڙائي ته جيئن هن جو سَنڌَ سَنڌ کان ڌار ٿي وڃي. +مَرڪي: دريا خان اسان جي عزت سان نه کيڏيو هو پر موت سان کيڏيو هو. ڪاريهر نانگڻ پنهنجو وير وساري ٿي، پر عورت ڪڏهن به پنهنجو وير وساري نٿي سگهي. پيار ۾ عورت امرت آهي ۽ نفرت ۾ هَڻ کَڻُ. +(هلڪو وقفو، ڄام نندو اندر اچي ٿو هن جي گهمڻ جي انداز مان خبر پوي ٿي ته هو بيمار آهي. راڻي مَرڪي هن کي ڏسي حيران ٿي ٿئي.) +مَرڪي: سرتاج اوهين! +ڄام: اسان کي ڏسي اسان جي راڻي ايتري حيران ڇو ٿي؟ +مَرڪي: سرتاج اوهين ته گهمي ڦري به نٿا سگهو. +ڄام: ڏيئي جي روشني وسامڻ کان اڳ وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي. +مَرڪي: اوهان کي آرام جي ضرورت آهي. +ڄام: اسان جا سپاهي سرحد تي وڙهي رهيا آهن ۽ اسين آرام ڪريون، ڪاهو. +ڪاهو: جي عاليجاهه. +ڄام: جنگ جي ميدان مان ڪا خبر آئي؟ +ڪاهو: نه عاليجاهه، اڃا ڪا خبر نه آئي آهي. +(اوچتو نغارو وڄي ٿو) +ڄام: نغارو اسان کي فتح جي بشارت ڏئي رهيو آهي. +ٻانهي: عاليجاهه، مبارڪ هجيو، دريا خان شاهه بيگ ارغون کي شڪست ڏئي، فتح جا نغارا وڄائيندو، ٺٽي شهر ۾ داخل ٿي چڪو آهي. +ڄام: فتح ٿي! +(ڄام آهستي آهستي ڪرسيءَ ڏانهن وڌي ٿو، ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ مٿو ڪرس��ءَ جي ٽيڪ تي رکي ٿو، هن جي چهري تي مرڪ آهي. دريءَ کان ٻاهر ماڻهن جو شور اڀري ٿو.) + + +ٻانهي: نه رڳو فتح ٿي عاليجاهه، پر دريا خان شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ، سيويءَ جي حاڪم، ابو محمد ميرزا جي سسي وڍي، سندس سسي نيزي ۾ ٽنبي، اهو نيزو بولان لڪ وٽ کوڙيو آهي ته جيئن جڏهن به شاهه بيگ سنڌ ڏانهن اک کڻي ته هن جي نظر پنهنجي ڀاءُ جي وڍيل سسيءَ تي پوي ۽ کيس سنڌ جي سرحد ڏانهن نهارڻ جي انجام جي خبر پئجي وڃي. +(ٻاهر ماڻهن جو شور تيز ٿي وڃي ٿو، ٻانهي ڊوڙي وڃي دريءَ وٽ بيهي ٿي ۽ دريءَ کان ٻاهر نهاري ٿي.) +ٻانهي: عاليجاهه، دريا خان هينئر محل ڏانهن پيو اچي. هو سرڪش گهوڙي تي سوار آهي، هن جي چهري تي فاتحانه مرڪ آهي، هن جي هڪ طرف سارنگ خان سمون ۽ ٻئي طرف راڻو نرمل سوڍو آهي. ماڻهو رڙيون ڪري هن جي آجيان ٿا ڪن ۽ هو هٿ لوڏي ماڻهن جي آجيان جو جواب ٿو ڏئي. ماڻهو هن تي گلن جي ورکا ٿا ڪن ۽ جن گلن کي دريا خان جو گهوڙو لتاڙي يا اورانگهي ٿو، تن لتاڙيل ۽ اورانگهيل گلن کي عورتون ڊوڙي وڃي کڻن ٿيون ۽ انهن کي پنهنجن چوٽن ۾ ٿيون سجائين، هينئر هُنَ محل وٽ گهوڙو جهليو آهي، هن جي گهوڙي هڻڪار ڪري نرا کنيا آهن. هو ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿو آهي ۽ اوهان جا پير ڇهڻ لاءِ ڊوڙندو پيو اچي. +(ٻانهي دريءَ وٽان هٽي دروازي ڏانهن نهاري ٿي. ٿوري دير کان پوءِ دروازي مان دريا خان اندر داخل ٿئي ٿو. هن جي پيشانيءَ تي زخم آهن.) +دريا خان: عاليجاهه، مون هنن هٿن کي آزمايو ۽ سمن سلطانن جي تلوار جي لڄ رکي. ارغونن ۽ ترخانن جو لشڪر طوفاني سمنڊ وانگر ٿي ڇليو. هنن طوفان وانگر اسان تي حملو ڪيو، پر هڪ هڪ سنڌي جبل جيان زمين ۾ کپي ويو ۽ طوفاني سمنڊ جون ويرون ويرون جبل سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويون. پوءِ جڏهن سنڌين حملو ڪيو ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا، جبلن ۾ ڏار پئجي ويا، قلعن جون حصارون ڪري پيون ۽ پٿر ڀُري ويا. عاليجاهه، سنڌ کي ڪو به فتح ڪري نٿو سگهي. عاليجاهه هن ٻانهي کي انهن هٿن چمڻ جي اجازت ملي. جن هٿن هن ٻانهي کي سمن سلطانن جي تلوار سونپي. +(دريا خان اڳتي وڌي ڄام نندي جو هٿ هٿ ۾ وٺي ٿو، ڄام نندي جو ڪنڌ هڪ طرف لڙي ٿو پوي. دريا خان کان دانهن نڪري وڃي ٿي.) +دريا خان: عاليجاهه! +مَرڪي: (دانهن ڪري ڊوڙي اچي مڙس جي مٿان ڪري ٿي) +سرتاج! +(پردو ڪِري ٿو) +ڏيک چوٿون +(ڄام نظام الدين جو محل، راڻي مَرڪي اداس آهي. ڪاهو ڏنور ڪنڌ جهڪائي بيٺو آهي.) +راڻي: وقت ڪيڏو نه ويري آهي. ڪيئن نه وار ڪري اسان کان اسان جو وَرُ ۽ سنڌ کان سخي سلطان کسي ورتائين. +ڪاهو: هر اڀرندڙ سج کي لهڻو آهي ۽ هر ڏينهن کانپوءِ رات کي اچڻو آهي. حياتيءَ جو سج موت جي هنج ۾ لهي ويندو آهي، وري نوان سج اڀرندا آهن، نوان ڏينهن ٿيندا آهن ۽ نوان شينهن ايندا آهن. +راڻي: سلطان نظام الدين ڄام نندي جي حياتيءَ جو سج وقت کان اڳ ئي لهي ويو. اسان جي پٽ ڄام فيروز شاهه جا ڪلها اڃا ڪمزور آهن ۽ اهي ڪمزور ڪلها سنڌ جي سلطانيءَ جو بار کڻي نٿا سگهن، اسان کي سمن سلطانن جو تخت ۽ هن محل جون ديوارون لڏنديون ٿيون نظر اچن. +ڪاهو: اڃا ڪاهو ڏنؤر جي تلوار کي زنگ نه لڳو آهي. منهنجي تلوار منهنجي ڀاڻيجي ڄام فيروز شاهه جي تخت جي حفاظت ڪندي ۽ منهنجون ٻانهون هن محل جون ٿوڻيون ۽ ٿنڀا ٿينديون. +راڻي: اسان کي پنهنجي ڀاءُ مان اها ئي اميد آهي. +ڪاهو: افسوس رڳو اهو آهي ته اسان پنهنجي ڀاڻيجي ڄام فيروز لاءِ رت جو آخري ڦڙو به وهائڻ لاءِ تيار آهيون، پر اسان جي ڀاڻيجي اسان جي عزت ۽ اسان جي خاندان جي ويريءَ کي ايڏو مان ڏنو آهي. +راڻي: شايد اسان جي ڀ��ءُ جو اشارو دريا خان ڏانهن آهي. +ڪاهو: ها، منهنجو اشارو ان ويريءَ ڏانهن آهي جنهن جو نالو وٺڻ مهل اسان جي زبان وهه ۾ وٽ کائيندي آهي. انتقام جي آڳ ۾ رت ٽهڪندو آهي ۽ اسان جي تلوار ويريءَ جو رت پيئڻ لاءِ مياڻ مان نڪرڻ لاءِ ڦٿڪندي آهي. +راڻي: دريا خان رڳو تنهنجو دشمن نه آهي، پر اسان جي قوم ۽ سمن جي تخت ۽ بخت جو به دشمن آهي. +ڪاهو: اهو ڄاڻندي به ته دريا خان ڪاريهر نانگ آهي ۽ ڄام فيروز ان نانگ جي منڍي مروڙڻ بدران هن کي کير ٿو پياري. +راڻي: ڄام فيروز جا هٿ اڃا ايترا حرفتي نه آهن جو ڪاريهر جي منڍي مروڙي سگهن. ان ڪاريهر جي منڍي مان مروڙينديس. پر في الحال هن جي قسمت زور آهي ۽ اسان جي هر تدبير تقدير هٿان هار ٿي کائي. اسان پنهنجي پٽ ڄام فيروز شاهه کي دريا خان کان بدظن ڪيو پر جڏهن ڄام جوڻي جي پٽ ڄام صلاح الدين گجرات جي بادشاهه محمود بيگڙي جي مدد سان ٺٽي تي حملو ڪيو، تڏهن دريا خان حرفت ۽ طاقت سان ڄام صلاح الدين کي ڀڄائي ڄام فيروز جو تخت بچائي ورتو. +ڪاهو: ڄام فيروز شاهه جو تخت نه بچايائين پر پنهنجو تخت بچايائين. هاڻي ڄام فيروز شاهه جو هن تي ايترو ته اعتماد ٿي ويو آهي جو ڄام فيروز شاهه رڳو نالي ماتر پيو حڪومت ڪري ۽ سنڌ جو اصل حاڪم دريا خان آهي. +راڻي: اسان ٻڌو آهي ته دريا خان جا پٽ محمود خان ۽ مٺڻ خان دريا خان جي جاگير ڳاهيجن ۾ فوج پيا تيار ڪن. +ڪاهو: ها اهو سچ آهي. سوڍن جو سردار راڻو نرمل سوڍو، سارنگ خان سمون ۽ مخدوم بلاول به هن سان ملي ويا آهن. +(ڄام فيروز شاهه اندر اچي ٿو.) +فيروز: رات وهامڻ واري آهي پر اسان جي ماءُ ۽ مامي جي اکين ۾ اوجاڳا آهن. +راڻي: اولاد جو بخت سمهندو آهي ته مامتا جاڳندي آهي. فيروز، تون اسان جو سڪيلڌو پٽ آهي، اسان جون اکيون توکي ڄام نظام الدين ڄام نندي جهڙو حاڪم ڏسڻ ٿيون چاهين. +فيروز: اسان بابا سائينءَ جي مٽيءَ جي مٽ به نه آهيون پر اسين هنن جهڙا ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪنداسين. +راڻي: حڪومت هلائڻ لاءِ حاڪم کي شينهن جهڙي دليري ۽ لومڙيءَ جهڙي چالاڪي گهرجي، بادشاهن جي وک وک تي واسينگ هوندا آهن ۽ اسان هڪڙي واسينگ کي تنهنجي تاج ۾ ڏسي رهيا آهيون. +فيروز: اسان امڙ حضور جو اشارو نه سمجهيو. +راڻي: اسان جو اشارو دريا خان ڏانهن آهي. +فيروز: دريا خان اسان جو ٻانهن ٻيلي آهي. هن جي ٻانهن جي طاقت تي ته اسين حڪومت ڪري رهيا آهيون. +راڻي: ڇا ڄام فيروز جي ٻانهن مان سمن سلطانن واري اها طاقت ختم ٿي وئي آهي جنهن طاقت سان سمن ڏيڍ سؤ سالن تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڄام انڙ، ڄام تماچي ۽ ڄام نندي جي تلوار جي دهشت کان قلعن جون حصارون ڪري پونديون هيون ۽ بادشاهن جا تخت لڏي ويندا هئا. انهن دلاورن جو اولاد اڄ پنهنجي تخت جي حفاظت نٿو ڪري سگهي. +فيروز: اسان جي امڙ اسان کي غلط سمجهي رهي آهي. ڄام فيروز جي رڳن ۾ به ڄام انڙ، ڄام تماچي ۽ ڄام نندي جو رت آهي. اسان جون ٻانهون پنهنجي تخت جي حفاظت ڪري سگهن ٿيون..... پر دريا خان اسان جو ڀاءُ آهي. +راڻي: دريا خان تنهنجو ٿي نٿو سگهي پٿر کي تاج ۾ لڳائڻ سان پٿر هيرو ٿي نٿو سگهي. دريا خان کي ڀاءُ چئي تون سمن سلطانن جي توهين ڪري رهيو آهين. +فيروز: امان حضور اوهين ڇا ٿا چئو؟ بابا سائين جن دريا خان کي پنهنجو پٽ بڻايو هو. +راڻي: زبان سان پٽ سڏڻ سان جي ڌاريو پٽ ٿي سگهي ها ته پوءِ ڪا ماءُ سور سهي پنهنجي ڪُک مان پٽ نه ڄڻي ها. ڄام نظام الدين پنهنجي هنج ۾ دريا خان کي نه پاليو پر نانگ کي پاليو ۽ هينئر اهو نانگ ڦڻ ڪڍي توکي ڏنگڻ ٿو چاهي. +فيروز: امان! +راڻي: اسان کي دريا خ��ن جي بغاوت جي سازش جي خبر پئي آهي. هن جا ٻئي پٽ تنهنجي خلاف فوج تيار ڪري رهيا آهن. ماڻهن جون دليون هٿ ڪرڻ لاءِ دريا خان شاهي خزاني جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. تون تخت تي ٿو راڄ ڪرين ۽ دريا خان ماڻهن جي دلين تي. +فيروز: دريا خان اسان جي خلاف بغاوت نٿو ڪري سگهي. اها اڻ ٿيڻي آهي. +راڻي: حڪومت جي معاملن ۾ ڪا ٿيڻي اڻ ٿيڻي نه آهي. تنهنجو ناتجربيڪار اکيون دريا خان جي منهن تي صرف محبت جي مرڪ ڏسي سگهن ٿيون. پر اسان جون اکيون ان مرڪ پٺيان تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ جي هوس جا هڻ کڻ به ڏسي سگهن ٿيون. +فيروز: نه دريا خان ائين ٿي نٿو سگهي. واهرو ويري ٿي نٿو سگهي. راهبر رهزن ٿي نٿو سگهي. +راڻي: فيروز، اڄ توکي فيصلو ڪرڻو آهي، اسان پنهنجي اکين سان پنهنجي پٽ ۽ سمن سلطانن جي تخت ۽ بخت کي ختم ٿيندي ڏسي نٿا سگهون. هتي يا اسان رهنداسين يا دريا خان. +فيروز: امان! +راڻي: خدا حافظ +(راڻي مَرڪي ۽ ڪاهو ٻئي هليا وڃن ٿا. ڄام فيروز اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هو ڪجهه سوچي ٿو ۽ چئي ٿو.) +فيروز: (ڪنڌ ڌوڻي ٿو) نه، ائين ٿي نٿو سگهي. ائين هرگز ٿي نٿو سگهي. +(پردو ڪِري ٿو.) +ڏيک پنجون +(ڄام فيروز جو محل، ڄام فيروز ۽ ڪاهو بيٺا آهن.) +ڄام: امان حضور جي ڳالهه سچي نڪتي، اسان پنهنجن جاسوسن کي دريا خان جي جاگير ۾ موڪليو ۽ اسان کي جاسوسن اچي ٻڌايو ته دريا خان جا ٻئي پٽ اسان جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا آهن. +ڪاهو: هي ٻانهو چمڙا پوش ٿي دريا خان جي جاگير ۾ ويو هو ۽ هن ٻانهي پاڻ ڏٺو ته دريا خان جا ٻئي پٽ ۽ سندس دوست اوهان جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا آهن. +ڄام: اسان کي هينئر به يقين نٿو اچي ته دريا خان جنهن کي اسان پنهنجو ڀاءُ سمجهندا هئاسين، اسان جي خلاف بغاوت ڪري سگهي ٿو. +ڪاهو: عاليجاهه، باغي نه ڀاءُ هوندو آهي ۽ نه پٽ، هو صرف باغي هوندو آهي. +ڄام فيروز: ته ڇا انساني ناتا ۽ رشتا سڀ ڪوڙ آهن ۽ دوکو، دولاب ۽ ٺڳي ئي زندگيءَ جون سڀ کان وڏيون سچايون آهن. +ڪاهو: زندگي تمنائن جو فريب آهي، عاليجاهه، انسان ڪوريئڙي جيان پنهنجي چوڌاري تمنائن جو ڄار اڻيندو ٿو رهي ۽ پوءِ ان ڄار ۾ اهڙو ڦاسي ٿو وڃي جو هوس ۽ لالچ کان سواءِ هن کي زندگيءَ جي ڪا سچائي، ڪو انساني رشتو ۽ ناتو نظر نٿو اچي. +فيروز: ته ڇا هوس انسان جي ضمير کي به ماري سگهي ٿي. +ڪاهو: وطن کان بغاوت ڪرڻ وارو باغي سڀ کان پهرين پنهنجي ضمير کان بغاوت ڪندو آهي. بغاوت لاءِ مياڻ مان نڪتل تلوار سڀ کان اڳ باغيءَ جي ضمير کي قتل ڪندي آهي. دريا خان جو ضمير مري چڪو آهي. +فيروز: باغي هميشه بزدل ٿيندو آهي. جيڪو هوس کان هار کائي بغاوت لاءِ تلوار کي مياڻ مان ڪڍندو آهي. پر دريا خان ته دلير سپه سالار آهي جنهن اڄ تائين ڪنهن به جنگ ۾ هار نه کاڌي. سو هوس کان ڪيئن هار کائي سگهي ٿو. +ڪاهو: جنگ ۾ سپاهيءَ جي تلوار وڙهندي آهي عاليجاهه ۽ نه سپه سالار جي. سپاهي ئي جنگ هارائيندو آهي ۽ سپاهي ئي جنگ جيتيندو آهي، پر نالو هميشه سپه سالار جو ٿيندو آهي. +فيروز: جنگ ۾ سپاهيءَ جي صرف تلوار وڙهندي آهي پر سپه سالار جو تدبر ۽ تلوار ٻئي وڙهندا آهن. جنهن تلوار ۽ تدبر سان دريا خان شاهه بيگ ارغون کي شڪست ڏني. جنهن تلوار ۽ تدبر سان اسان جي دشمن ڄام صلاح الدين کي شڪست ڏني ان تلوار ۽ تدبر سان هو اسان کي شڪست ڏيڻ ٿو چاهي. اسان هن کي هن جي عهدي تان معزول ٿا ڪريون ۽ پنهنجي مامي ڪاهو ڏنور کي سپه سالاريءَ جو عهدو ٿا سونپيون. +ڪاهو: ڪينَ جهڙي ڪاهوءَ جو ڪنڌ ايڏي وڏي بار کان جهڪي ويو آهي. +فيروز: اسان دريا خان کي سڏايو آهي ۽ هينئر جو هينئر فيصلو ڪرڻ ٿا چاهيون، ڪاهو. +ڪاهو: جي عاليجاهه. +فيروز: تو اسان سان ڪن ارغون ۽ ترخانن اميرن جي ڳالهه ڪئي هئي جيڪي شاهه بيگ کان ناراض ٿي اسان وٽ پناهه وٺڻ ٿا چاهين. +ڪاهو: عاليجاهه، هن ٻانهي اوهان سان ڪن دولت شاهي، نور گاهي ۽ ڪيبڪ ارغونن جي لاءِ عرض ڪيو هو ته هنن کي ٺٽي ۾ پناهه ڏني وڃي. هنن جي اچڻ سان شاهه بيگ جي طاقت گهٽجي ويندي ۽ اسان جي طاقت وڌي ويندي، پر دريا خان مخالفت ڪئي هئي ته ڌارين کي پناهه نه ڏني وڃي جو ڌاريو ڪڏهن به پنهنجو نه ٿيندو آهي. +فيروز: انڌي کي ساري دنيا انڌي نظر ايندي آهي ۽ باغيءَ کي هر هڪ مان بغاوت جي بوءِ ايندي آهي. مير قاسم ڪيبڪي ۽ ارغونن ۽ ترخان سردارن کي خلعتون ڏيئي سڏايو وڃي. هنن کي جاگيرون ڏنيون وڃن، ٺٽي شهر ۾ هنن جي رهائش جو خاص انتظام ڪيو وڃي ۽ ان پاڙي جو نالو مغل پاڙو رکيو وڃي. اسين هنن جي عزت افزائي ڪري هنن جون دليون جيتڻ ٿا چاهيون. +ڪاهو: ائين ئي ٿيندو عاليجاهه. +ڄام: هاڻي تون وڃي سگهين ٿو. +ڪاهو: جيڪو حڪم. +(ڪاهو نوڙي سلام ڪري وڃي ٿو. دربان اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ڪري ٿو.) +دربان: مدارالمهام، امير الامراء، خانِ خانان دريا خان حاضر ٿيڻ جي اجازت ٿو گهري. +ڄام: اجازت آهي. +دريا خان: سنڌ جو ٻانهو، سمن سلطانن جي در جو دربان عاليجاهه جي سڏ تي لبيڪ ٿو چوي. +ڄام: دريا خان پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪَڍُ. +دريا خان: (حيرت مان) تلوار کي مياڻ مان ڪڍان! +ڄام: ها دريا خان تلوار کي مياڻ مان ڪڍ. اهو اسان جو حڪم آهي؟ +دريا خان: اوهان جو حڪم اکين تي عاليجاهه، پر دريا خان جي تلوار کي مياڻ مان نڪرڻ لاءِ ڪڏهن به حڪم جي ضرورت نه ٿي آهي. جڏهن به سنڌ ۽ سمن سلطانن کي تلوار جي ضرورت پئي آهي. هيءَ تلوار پنهنجو پاڻ بُل کائي مياڻ مان نڪري آئي آهي. +ڄام: سپاهيءَ جي تلوار حاڪم جي حڪم جي محتاج ٿيندي آهي. +دريا خان: اڄ هن ٻانهي کي پنهنجي آقا ۽ ڀاءُ جي ڳالهين مان اجنبيت بکندي ٿي نظر اچي. +ڄام: اسان جي حڪم جي تعميل ۾ دير ٿي رهي آهي. +دريا خان: (تلوار ڪڍي ٿو) ٻانهو معافيءَ جو طلبگار ۽ ٻانهي جي تلوار حڪم جي منتظر آهي. +ڄام: دريا خان، اسان جي شاهي پوشاڪ جو هيءُ شه رڳ وارو ٻيڙو اسان کي تڪليف پهچائي رهيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته تون پنهنجي تلوار سان اسان جو هيءُ ٻيڙو وڍ پر ڏسجانءِ اسان جي شه رڳ ۽ ٻيڙي ۾ ٿوري وٿي آهي. ڪٿي تنهنجي تلوار اسان جي شه رڳ نه وڍي وجهي. +دريا خان: منهنجي تلوار انڌي نه آهي، عاليجاهه. هن تلوار ۾ دشمن ۽ سڄڻ سڃاڻڻ جي ساڃهه آهي. +(دريا خان تلوار سان ڄام فيروز جي شاهي لباس جو ٻيڙو وڍي ٿو ته هن جي تلوار ٿوري ڏڪي ٿي.) +ڄام: دريا خان تنهنجي تلوار اسان جي شه رڳ جي ويجهو اچي ڏڪي ڇو رهي آهي؟ +دريا خان: ان ڪري عاليجاهه، جو هن تلوار ڪڏهن به سڄڻ جي شه رڳ کي ايتري ويجهڙائيءَ کان نه ڏٺو آهي. مون هيءَ ٻيڙي واري ڳجهارت نه سمجهي عاليجاهه. +ڄام: انسان خود ڳجهارت آهي، دريا خان، انسان ستارن جي گردش جا راز، ڪائنات جي وسعتن ۽ سمنڊ جي اٿاهه اونهاين ۾ لڪل ڳجهه سمجهي سگهي ٿو پر انسانن جي دل ۾ لڪل راز سمجهي نٿو سگهي. +دريا خان: هي ٻانهون عاليجاهه جي ڳالهين جي انت لهڻ کان عاجز آهي. +ڄام: دريا خان ڇا سنڌو دريا سنڌ کان منهن موڙي سگهي ٿو؟ ڇا کير ٿر جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي سگهي ٿو. ڇا ڪارن ڪڪرن مان مينهن ڦڙن بدران ٽانڊا وسي سگهن ٿا؟ +دريا خان: نه عاليجاهه. +ڄام: دريا خان جنهن کي اسان مٽيءَ مان کڻي محل ۾ آندو، جنهن کي اسان ڪک مان لک بڻايو. جنهن جي اگهاڙي مٿي تي اسان عزت جي پڳ رکي. جنهن جو ليڙون ليڙون لباس لاهي ا��ان شاهي وڳو ڍڪايو. اڄ ان سمن سلطانن جي تخت ۾ اکيون وڌيون آهن ۽ اسان جي خلاف بغاوت جي سازش ڪئي آهي. +دريا خان: عاليجاهه، ڇا اوهان جي خلاف بغاوت جي سازش ٿي آهي. +ڄام: ها دريا خان اسان جي خلاف بغاوت جي سازش ٿي آهي. +دريا خان: مون کي ان باغي جو نالو ٻڌايو ته جيئن مان هن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيان جنهن سمن سلطانن جي تخت ڏانهن نهاريو آهي. ان دل کي سيني مان ڪڍي ڳجهن کي ڏئي ڇڏيان جنهن دل سنڌ جي خلاف سازش سٽي آهي. +ڄام: اسان هن جو نالو ٿا کڻو ته اسان جي زبان ٿي سڙي ۽ هن جو نالو دل ۾ ٿا رکون ته اسان جي دل ٿي جلي. +دريا خان: انتقام جي آڳ ۾ منهنجو سنڌَ سنڌَ سڙي رهيو آهي عاليجاهه، مان ان آڳ ۾ هن کي جلائي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. مان ماءُ جي اها ڪُک ساڙي ڇڏيندس جنهن ڪُک سنڌ جي غدار کي جنم ڏنو آهي. اها زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ڇڏيندس، جنهن سنڌ جي غدار کي لولي ڏني آهي. اهي هٿ وڍي ڇڏيندس جن هٿن سنڌ جي غدار کي نپايو آهي. مان هن جو ماس ڳجهن کي کارائيندس ۽ هن جون هڏيون جانڊهه ۾ پيهائي سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر اڇلائيندس ته جيئن سنڌ جي مقدس زمين اهڙي غدار جي لاش کي سيني ۾ دفن ڪري ناپاڪ نه ٿي پوي. جلد ڪريو عاليجاهه، مون کي هن جو نالو ٻڌايو. +ڄام: اسان هن جو نالو کڻنداسين ته سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ ڏار پئجي ويندا ۽ مهراڻ اٿلي پوندو. +دريا خان: مهراڻ نه اُٿلندو عاليجاهه، پر سنڌ جو ٻچو ٻچو مستيءَ ۾ آيل مهراڻ وانگر اٿل کائي هن کي ٻوڙي ڇڏيندو، جلدي ڪريو عاليجاهه، مون کي هن جو نالو ٻڌايو. +ڄام: (ڄام فيروز دريا خان کي پٺي ڏئي بيهي ٿو ۽ پٺيرو چوي ٿو.) هن جو نالو، هن جو نالو (يڪدم دريا خان ڏانهن وري) دريا خان آهي. +دريا خان: عاليجاهه. +ڄام: تون اسان جي خلاف بغاوت جي سازش ڪئي آهي. تون باغي آهين. +دريا خان: مان! عاليجاهه، مان....... مان باغي آهيان. +ڄام: ها، تون باغي آهين. +دريا خان: مان باغي آهيان! مان جنهن سنڌ ۽ سمن سلطانن لاءِ پنهنجي سنڌَ سنڌَ تي زخمن جا ياقوت جڙيا. +ڄام: اسان جي تاج ۾ جڙيل ياقوت تنهنجي زخمن جي ياقوتن کان وڌيڪ قيمتي آهن. +دريا خان: جنهن توکي هنن ٻانهن جي هندوري ۾ لوڏائي سرفروشيءَ جا لولاڻا ڏنا. +ڄام: سرفروشيءَ جا لولاڻا ڏيڻ وارو موت جا لولاڻا به ڏئي سگهي ٿو. +دريا خان: جنهن توکي چيچ کان جهلي هلڻ سيکاريو. +ڄام: چيچ کان جهلي گهمڻ سيکارڻ وارو انڌي کوهه ۾ ڌڪو به ڏئي سگهي ٿو. +دريا خان: ڄام فيروز، خدا جي واسطي مون کي بغاوت جو الزام نه ڏي. جي منهنجي زخمن کي زبان هجي ته منهنجو هڪ هڪ زخم توکي ٻڌائي ته منهنجي رت جو آخري ڦڙو به سنڌ ۽ سمن سلطانن لاءِ وهندو. اهو وقت ياد ڪر فيروز، جڏهن ڄام صلاح الدين تو تي تيرن جي بارش ڪئي هئي ۽ اهي سڀئي تير مون پنهنجي سيني تي سٺا هئا. (پنهنجي هٿن سان قميص ڦاڙي ٿو.) ڏس فيروز! منهنجي سيني جو هڪ هڪ زخم منهنجي وفاداريءَ جو خاموش داستان آهي. +ڄام: ٻانهي جو فرض آهي ته هو پنهنجي آقا لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. +دريا خان: ته ڇا آقا جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي ٻانهي جي وفاداريءَ کي بغاوت سڏي. +ڄام: تو اسان لاءِ قربانيون ڏنيون ته اسان به توکي فرش تان کڻي عرش تي پهچايو. توکي ٻڪرار مان سپه سالار بڻايو، اهو وقت ياد ڪر دريا خان جڏهن تون مٿي ۽ پيرن اگهاڙو ٻڪريون چاريندو هئين. جڏهن پٿر تنهنجو ويهاڻو ۽ مٽي تنهنجو بسترو هئي. +دريا خان: مون کي ياد آهي. اڄ به منهنجي پيشانيءَ تي ٻڪرين جي کرن سان اڏايل پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ جي دز آهي، مان ان مٽيءَ کان ڪيئن بغاوت ڪندس؟ +ڄام: باغي جڏهن فتحمند ٿيندو آهي ته ��اتح سڏائي تخت تي ويهندو آهي ۽ جڏهن ناڪام ٿيندو آهي ته باغي سڏائي ڦاهيءَ جي تختي تي چڙهندو آهي. +دريا خان: جي سنڌ تي ساهه ڏيڻ جي سزا ڦاهيءَ جو تختو آهي ته پوءِ مان ڦاهيءَ جي تختي کي تخت سمجهندس. جي سمن سلطانن سان وفاداريءَ جو انعام سوري آهي، ته پوءِ مان سوريءَ کي سيج سمجهندس. +ڄام: اسان توکي موت جي سزا نه ڏينداسين، پر اهڙي سزا ڏينداسين جو زندگيءَ جي هڪ هڪ گهڙي تو لاءِ موت هوندي. اسان توکي عرش تان فرش تي اڇلائينداسين، سپه سالار مان ٻڪرار بڻائينداسين. تنهنجو مٿو اگهاڙو هوندو ۽ لباس ليڙون، ليڙون تون وري رڻن ۾ رلندين ۽ انهن ڏينهن کي ياد ڪندي جڏهن بخت تنهنجي در جو دربان هو. اسان توکي تنهنجي عهدي تان معزول ٿا ڪريون ۽ توکان تنهنجي پڳ ۽ تلوار کسيون ٿا جو تون نه ان پڳ لائق آهين ۽ نه تلوار لائق. +دريا خان: فيروز، تون منهنجي پڳ لاهيندين؟ +ڄام: اها ئي تنهنجي سزا آهي. +دريا خان: (آهستي آهستي وکون کڻندو اسٽيج جي آڳر وٽ اچي بيهي ٿو.) او سنڌ! ڇا تنهنجي پيار جو اهو ئي انعام آهي ته جيڪو تنهنجي ٿرن ۽ برن تان هزارين جنتون قربان ڪري، جيڪو تنهنجي لُڪن کي هيرون ۽ ٻاٻري ڪنڊي کي گل سمجهي سيني سان لائي، جيڪو تنهنجي مٽيءَ جي ذري ذري کي پنهنجي رت سان گلاب جا گل بڻائي تنهن جي پڳ لاٿي وڃي، جيجل ماءُ، جي تنهنجي پيار جو اهو ئي انعام آهي ته پوءِ مان تنهنجو انعام قبول ٿو ڪريان ۽ پنهنجي پڳ لاهي تنهنجي سلطان جي پيرن ۾ ٿو رکان. +(دريا خان پڳ لاهي ڄام فيروز جي پيرن ۾ رکي ٿو ۽ چيلهه مان تلوار کولي اها به فيروز جي پيرن ۾ رکي ٿو ۽ پوءِ تکيون تکيون وکون کڻندو ٻاهر وڃي ٿو پر ٻاهرئين در وٽ اچي بيهي رهي ٿو.) +دريا خان: ڄام فيروز، مان وڃان ٿو ۽ وري هن محل ۾ پير نه پائيندس. پر جي سنڌ ۽ سمن سلطانن تي ڪو ڏکيو ڏينهن اچي ته پنهنجي هن ٻڪرار ڀاءُ کي ياد ڪجانءِ. +(دريا خان وڃي ٿو. پردو ڪِري ٿو.) +ڏيک ڇهون +(دريا خان جي محل سراءِ، ڪاهو ڏنؤر دريا خان جي پڳ پائي بيٺو آهي. چيلهه سان دريا خان واري تلوار لڙڪيل اٿس. هن جي هٿ ۾ شراب جو جام آهي. هو ڳيت ڏئي شراب جو جام خالي ڪري ٿو.) +ڪاهو: هي شراب نه آهي همير، پر دريا خان جو رت آهي. (کلي ٿو) دريا خان! دريا خان! ڪالهه تائين دريا خان ماڻهن جي دلين تي راڄ ٿي ڪيو پر اڄ هن کي ڪوبه ياد نٿو ڪري. ڪالهه تائين ساري سنڌ تي هن جي بخت جو سورج ٿي چمڪيو ۽ اڄ هن جي بخت جو سورج بدبختيءَ جي اونداهين ۾ الهي ويو آهي. هن جي سپه سالاريءَ جي پڳ اسان جي مٿي تي ۽ هن جي تلوار اسان جي هٿ ۾ آهي پر اسان جي انتقام جي آڳ اڃا نه اجهامي آهي. اسان جي انتقام جي آڳ تڏهن اجهامندي جڏهن اسان جي دل جي راڻي هيمون پنهنجي هٿن سان اسان کي دريا خان جي رت جو جام ڀري پياريندي. +همير: زندگي ڍاري راند آهي. ڍاري جي هڪڙي چال ٻڪرار کي سپه سالار بنائي ڇڏيو ۽ ٻي چال سپهه سالار مان ٻڪرار. +ڪاهو: زندگي اٿاهه سمنڊ آهي همير. وقت جي وير ڪنهن کي بلندين تي پهچائي ٿي ۽ ڪنهن کي پاتال ۾ اڇلائي ٿي. وقت جي وير دريا خان کي بلندين تي پهچايو پر پوءِ وير وري موٽ کاڌي ۽ دريا خان پاتال ۾ وڃي پيو. هينئر اسان جو وارو آهي. +همير: ڄام فيروز شاهه جو ته دريا خان ۾ ڏاڍو ويساهه هو، پوءِ ڄام فيروز هن کي باغي ڪيئن قرار ڏنو؟ +ڪاهو: ان لاءِ اسان کي وڏا وس ڪرڻا پيا. اسان شروع کان وٺي پنهنجي ڀيڻ راڻي مَرڪي کي دريا خان جي خلاف ڪري ڇڏيو. دريا خان جا پٽ شاهه بيگ جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا هئا، پر اسان پنهنجي ڀيڻ کي ٻڌايو ته اها فوج دريا خان ڄام فيروز جي خلاف تيار ڪ��ي رهيو آهي ۽ مامتا ماريل ماءُ کي ان ڳالهه تي ويساهه اچي ويو. هن ڄام فيروز شاهه کي دريا خان جي سازش کان آگاهه ڪيو پر ڄام فيروز شاهه کي يقين ئي نٿي آيو ته ڪو دريا خان هن جي خلاف ٿي سگهي ٿو. هن پنهنجا جاسوس ڇڏيا ۽ اسان انهن جاسوسن کي خريد ڪيو ۽ هنن وڃي ڄام فيروز شاهه کي ٻڌايو ته واقعي دريا خان هن جي خلاف فوج تيار ڪري رهيو آهي. +همير: دريا خان کي پنهنجي تلوار تي ناز هو پر اوهان جي تدبر هن جي تلوار کي مڏو ڪري ڇڏيو. +ڪاهو: دريا خان اسان جي رستي تان هٽي چڪو آهي. هينئر سنڌ جو تخت ۽ تاج اسان جو آهي. اسان شاهه بيگ جي ڪن ارغونن ۽ ترخانن اميرن کي ٺٽي ۾ رهايو آهي جن جي معرفت اسان شاهه بيگ ڏانهن مخفي پيغام موڪليندا رهندا آهيون. ڄام فيروز شاهه شراب ۽ شباب ۾ گم آهي. دريا خان معزول ٿي چڪو آهي ۽ سپه سالاريءَ جي واڳ اسان جي هٿ ۾ آهي. هينئر شاهه بيگ سنڌ تي حملو ڪندو ۽ سنڌ جو تخت ۽ تاج ڄام فيروز کان ڦري اسان کي ڏيندو. +همير: جي شاهه بيگ پاڻ سنڌ جي تخت تي قابض ٿي ويو ته پوءِ؟ +ڪاهو: هو ڪڏهن ائين نه ڪندو. هو اسان جو دوست آهي ۽ ارغون ڪڏهن به دوستيءَ ۾ دغا نه ڪندا آهن. +همير: شاهه بيگ کي هر وقت ظهير الدين بابر جو ڊپ آهي، هو کيس قندار ۾ سُک سان ويهڻ نه ڏيندو، انڪري هن جون اکيون سنڌ ۾ کتل آهن. +ڪاهو: شاهه بيگ جي منزل سنڌ نه پر گجرات آهي. هو سنڌ اسان جي حوالي ڪري پاڻ گجرات هليو ويندو. +(دربان اندر اچي ٿو) +دربان: سائين، مير قاسم ڪيبڪي اندر اچڻ ٿو چاهي. +ڪاهو: هن کي يڪدم اندر آندو وڃي. +(مير قاسم اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ٿو ڪري) +ڪاهو: مير قاسم، اسين تنهنجو ئي انتظار ڪري رهيا هئاسين. اسان جي دوست شاهه بيگ ارغون وٽان ڪهڙي خبر آندي اٿئي. +مير قاسم: دريا خان جي معزولي ۽ اوهان جي سپه سالاريءَ لاءِ شاهه بيگ ارغون اوهان کي مبارڪون ڏنيون آهن. +ڪاهو: اسان پنهنجي دوست جون مبارڪون قبول ٿا ڪريون. +مير قاسم: اوهان جي حڪم موجب شاهه بيگ سنڌ تي حملو ڪيو آهي ۽ هن جون فوجون ٽلٽيءَ وٽ پهچڻ واريون آهن. +ڪاهو: مرحبا، شاهه بيگ مرحبا! +مير قاسم: رستي ۾ شاهه بيگ جي ڪنهن به رستا روڪ نه ڪئي، سردارن پنهنجي راڄ سان شاهه بيگ جو مقابلو ڪيو پر اوهان جي فوج هنن تي اوچتو پٺيان حملو ڪيو. +ڪاهو: اسان پنهنجي ارغون ۽ ترخان فوجي عملدارن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته جيڪو به شاهه بيگ جي رستا روڪ ڪري تنهن کي نيست و نابود ڪيو وڃي. +مير قاسم: ٽلٽيءَ وٽ سخت مقابلي جو امڪان آهي جو دريا خان جا پٽ ۽ دريا خان جا دوست فوجون وٺي مقابلي لاءِ تيار بيٺا آهن. +ڪاهو: انهن جي پرواهه نه آهي. تون ارغون، ترخان ۽ ڏنؤرن جا فوجي دستا وٺي وڃ ۽ اوچتو هنن تي پٺيان حملو ڪر. اڳيان شاهه بيگ هوندو ۽ پٺيان تون. +(دربان اندر اچي ٿو.) +دربان: سائين خبر آئي آهي ته شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو آهي ۽ ٽلٽيءَ وٽ خونريز جنگ لڳل آهي. +ڪاهو: اسان کي خبر آهي. اسين پنهنجون فوجون روانيون ڪري رهيا آهيون. مير قاسم تون فوجون وٺي ٽلٽي پهچي وڃ ۽ اوچتو دشمن تي حملو ڪر. +مير قاسم: جيڪو حڪم. +(مير قاسم وڃي ٿو، پردو ڪري ٿو.) +ڏيک ستون +(ڄام فيروز شاهه جو محل، راڻي مَرڪي ڄام فيروز شاهه جي بادشاهي پڳ ۾ هيرا جڙي رهي آهي. اوچتو سپاهي اندر اچي ٿو.) +سپاهي: سائڻ، شاهه بيگ ارغون حملو ڪيو آهي. +مَرڪي: (هن جي هٿ مان پڳ ڇڏائجي هيٺ ڪري ٿي) شاهه بيگ حملو ڪيو آهي؟ +سپاهي: هن جي سپهه سالار عيسيٰ خان ترخان، بکر پرڳڻي تي قبضو ڪيو آهي. +مَرڪي: (جوش مان) ڇا سنڌ جا سڀئي سورهيه مري ويا جو عيسيٰ ترخان بکر تي قبضو ڪيو. +سپاهي: شاهه بيگ جون فوجون ٺٽي پهچي ويون آهن. +مَرڪي: ڇا سنڌين جي غيرت ختم ٿي وئي آهي. سنڌين جون ڪهاڙيون ۽ تلوارون مڏيون ٿي ويون آهن. جو ارغون سورهين جي ديس کي لتاڙي ٺٽي پهچي ويا آهن. +سپاهي: بولان کان وٺي شاهه صدر لڪ تائين ڪنهن به هنن جي رستا روڪ نه ڪئي. پاڻ هنن کي فوجي رسد پهچندي رهي ۽ جي ڪنهن سرفروش سر تريءَ تي رکي ارغونن سان مقابلو ڪيو، ته اسان جي فوج هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. +مَرڪي: ته ڇا اسان جون فوجون شاهه بيگ سان ملي ويون آهن. +سپاهي: هن ٻانهي جي وات ۾ خاڪ، پر خبر پئي آهي ته مدار المهام ڪاهو ڏنؤر شاهه بيگ سان ملي ويو آهي. +مَرڪي: منهنجو ڀاءُ ڪاهو ارغونن سان ملي ويو آهي. +سپاهي: دريا خان جي پٽن کي پهرين ئي انديشو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن شاهه بيگ سنڌ تي ضرور حملو ڪندو، انڪري هنن شاهه بيگ لاءِ سرويچن جي فوج تيار ڪئي هئي ۽ جڏهن شاهه بيگ ٽلٽيءَ وٽ پهتو ته دريا خان جا ٻئي پٽ مٺڻ خان ۽ محمود خان دريا خان جا دوست سارنگ خان سمو، راڻو نرمل سوڍو ۽ سنڌ جو سورهيه مخدوم بلاول سرفروشن جي فوج وٺي شاهه بيگ جي سامهون ٿيا. +مَرڪي: ته ڇا دريا خان جا پٽ ڄام فيروز جي خلاف نه پر شاهه بيگ جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا هئا؟ +سپاهي: هو شاهه بيگ جي فوج کي ائين وڪوڙي ويا جيئن جهنگ کي باهه وڪوڙيندي آهي. هو شاهه بيگ جي فوج کي جلائي ساڙي رک ڪري ڇڏين ها پر اوچتو مير قاسم ڪيبڪيءَ جي فوج وڏ ڦڙي جي وسڪاري وانگر هنن تي وٺي. هينئر شاهه بيگ ارغون فتح جا نغارا وڄائيندو ڳوٺ ۽ وستيون ساڙيندو. سنڌ جي سيني کي لتاڙيندو ٺٽي پهچي ويو آهي. +مَرڪي: شاهه بيگ ٺٽي پهچي ويو آهي ۽ هن کي روڪڻ وارو ڪو ڪونهي. ڄام فيروز ڪٿي آهي؟ +سپاهي: ڄام فيروز شڪست کائي پير پٺي وٽ پناهه ورتي آهي. +مَرڪي: سنڌ کي سورن ۾ ڇڏي، پنهنجو سر بچائڻ واري پٽ کي جنم ڏيڻ کان اڳ منهنجي ڪک ڇو نه سڙي وئي. اهڙي پٽ کي ٿڃ جي بدران مون زهر ڇو نه پياريو. ڄام فيروز تو منهنجي ٿڃ ۽ لوليءَ کي لڄايو آهي. دريا خان، دريا خان تون ڪٿي آهين. تنهنجي وفاداريءَ کي غداري سمجهڻ واري ماءُ ۽ دشمن جي قدمن هيٺان لتاڙيل سنڌ توکي سڏي رهي آهي. +سپاهي: سائڻ دريا خان فوجي جٿو وٺي ٺٽي پهچي ويو آهي ۽ ٺٽي جي اڳيان سينو تاڻي بيٺو آهي. +مَرڪي: (خوشيءَ مان) دريا خان پهچي ويو آهي. هاڻي شاهه بيگ جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو هن جي ڀاءُ ابو محمد ميرزا جو ٿيو. +(سپاهي وڃي ٿو. راڻي مَرڪي اڪيلي رهجي وڃي ٿي اوچتو دريءَ مان تلوارن جا آواز ۽ ماڻهن جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ شعلا بلند ٿين ٿا، راڻي مَرڪي ڊوڙي اچي دريءَ وٽ بيهي ٿي ۽ دري کان ٻاهر نهاري ٿي. سپاهي اندر اچي ٿو.) +سپاهي: سائڻ، اوهان جي عزت خطري ۾ آهي. شاهه بيگ جون فوجون ٺٽي ۾ گهڙي آيون آهن. هنن شهر کي لٽڻ ۽ گهرن کي باهيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. سارو شهر جلي رهيو آهي بي هٿيار ۽ معصوم ماڻهن جو ڪوس ٿي رهيو آهي. +مَرڪي: دريا خان جي هوندي شاهه بيگ ٺٽي ۾ پير پائي نٿو سگهي. +سپاهي: شاهه بيگ جون فوجون دريا خان جي لاش کي لتاڙي پوءِ ٺٽي ۾ گهڙيون آهن. +مَرڪي: ته ڇا دريا خان شهيد ٿيو؟ +سپاهي: ها، دولهه دريا خان شهيد ٿيو. دريا خان وٽ رڳو چند جان فروشن جو جٿو هو ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي فوج سمنڊ جيان اٿاهه ۽ بي انت، دريا خان جڏهن تلوارن کي مياڻ مان ڪڍيو ته سمنڊ سانت ٿي ويو، ڇولين جو ڇوهه ختم ٿي ويو. دريا خان جي تلوار جي چمڪاٽ تي ارغونن جي گهوڙن ٽاهه کاڌو ۽ گهوڙا هڻڪاريندا پنهنجي ئي فوج کي سنبن سان لتاڙيندا وٺي ڀڳا. پوءِ محشر متو، قيامت ڪڙڪي، قهر پيو، دريا خان جو گهوڙو سنبن سان ارغونن کي لتاڙيندو، ارغونن جي رت سان سنڌ جي ڌرتيءَ کي ميندي مکيندو اڳتي وڌندو ويو. پر اوچتو ڪاهو ڏنور جي فوج شهر مان نڪري دريا خان تي حملو ڪيو ۽ دريا خان کي دشمن جي تلوار نه پر پنهنجن جي تلوار ماري ڇڏيو. +مَرڪي: دريا خان شهيد ٿيو. ٺٽو جلي رهيو آهي. سنڌ سڙي رهي آهي، سنڌ جون ٻنيون ۽ ونيون لٽجي رهيون آهن. بي گناهن جي دانهن ۽ ڪوڪن سان عرش لڏي رهيو آهي ۽ سنڌ کي بچائڻ وارو ڪو ڪونهي. ڪاهو: (اندر ايندي) اسان سنڌ کي بچائينداسين، جو هينئر سنڌ اسان جي آهي. +مَرڪي: تو هيءُ ڇا ڪيو ڪاهو، ڪيئن ڌارين هٿان سنڌ جو سَتُ لُٽايئه. +ڪاهو: شاهه بيگ ڌاريو نه پر اسان جو دوست آهي، هو اسان جي تاجپوشيءَ لاءِ آيو آهي. هي باهيون، دانهون ۽ رڙيون ڪاهو ڏنور جي تاجپوشيءَ جا شادمانا آهن. اسان جو دشمن دريا خان مُئو آهي. هاڻي سنڌ ۽ هيمون ٻئي اسان جون آهن. +مَرڪي: اڄ سنڌ جي ٻچڙن جون دانهون ٻڌي سنڌ جي پهاڙن جا پٿر به روئي رهيا آهن ۽ تون انهن دانهن کي پنهنجي تاجپوشيءَ جا شادمانا ٿو سڏين. +ڪاهو: جڏهن به تاريخ جو ورق ورندو آهي. تڏهن ماڻهن جو ڪوس ٿيندو آهي. سنڌ سڙندي شهر جلندا آهن ۽ ماڻهن جي رت ۽ رک تي نوان شهر ۽ نوان محل اڏبا آهن. سمن جي سلطان ڄام انڙ جڏهن همير سومري کي ڪهي سمن جي سلطانيءَ جو پايو وڌو هو، تڏهن شاهه طور جو شهر ائين ئي جليو هو، ائين ئي بي گناهن، جو ڪوس ٿيو هو ۽ ان رت ۽ رک سان سمن جي سلطانيءَ جو آغاز ٿيو هو. اڄ وري تاريخ جو ورق وري رهيو آهي. هنن باهين، دانهن ۽ انساني ڪوس سان تاريخ جو هڪڙو باب بند ٿي رهيو آهي ۽ ٻيو باب شروع ٿي رهيو آهي. اڄ سنڌ جي سلطاني سمن کان کسجي ڏنورن کي ملي رهي آهي. توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي، جشن ملهائڻ گهرجي جو اڄ تنهنجو ڀاءُ ڪاهو سنڌ جو سلطان ٿي رهيو آهي. +مَرڪي: (سوچيندي) جڏهن به تاريخ جو ورق ورندو آهي تڏهن سنڌ رت ۾ وهنجندي آهي. اڄ تاريخ جو ورق وري رهيو آهي. وقت پاسو ورائي رهيو آهي ۽ سنڌ جي سلطاني سمن سلطانن کان ڦرجي اسان جي قوم ڏنورن کي ملي رهي آهي. اڄ اسان جو ڀاءُ ڪاهو سنڌ جو سلطان ٿي رهيو آهي. ڀاءُ، تون سچ ٿو چوين ته هي باهيون ۽ دانهون تنهنجي تاجپوشيءَ جا شادمانا آهن. مان خوش آهيان ڀاءُ، مان بيحد خوش آهيان. +ڪاهو: اسان کي خبر هئي ته اسان جي تاجپوشيءَ جو ٻڌي اسان جي ڀيڻ خوش ٿيندي. +مَرڪي: (اڳتي وڌي پٽ تي پيل پڳ کڻي ٿي) ڀاءُ اچ ته مان پنهنجي هٿن سان توکي سنڌ جي سلطانيءَ جو تاج پارايان. +(ڪاهو اڳتي وڌي ٿو، راڻي مَرڪي آهستي پڳ مٿي ڪري ٿي. ڪاهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، مَرڪي يڪدم هن جي هانوَ ۾ خنجر وهائي ڪڍي ٿي.) +ڪاهو: آهه..... +مَرڪي: ڀيڻ نه چئو ڪاهو، پر سنڌ جو انتقام چئو. +ڪاهو: توهي ڇا ڪيو ڀيڻ؟ +مَرڪي: جيڪو سنڌ جي هر ڄائيءَ کي ڪرڻ گهرجي. +(ڪاهو سٽ ڏئي خنجر ڪڍي ٿو، سندس سيني مان رت جو ڦوهارو ٿو نڪرڻ لڳي. هو خنجر کي هٿ ۾ جهلي ڏسي ٿو ۽ پوءِ اکيون کڻي ڀيڻ ڏانهن نهاري ٿو. هن جي نظر مَرڪيءَ جي هٿن ۾ جهليل سلطاني پڳ تي پوي ٿي. سندس اکين ۾ هوس چمڪڻ لڳي ٿي.هو تکو تکو ڀيڻ ڏانهن وڌي ٿو پر ٿاٻڙجي ڪري ٿو پوي، سهڪندو سهنڪدو اٿي ٿو ۽ هٿوراڙيون ڏيندو بادشاهي ڪرسي تي ويهي دانهن ٿو ڪري.) +ڪاهو: جشن ملهايو، شادمانا ڪريو، اسان تي شراب اوتيو. گل وسايو، اڄ اسان سنڌ جا سلطان ٿيا آهيون، ٻانهي! +(هن جي وات مان رت جي گرڙي نڪري ٿي ۽ هو اونڌي منهن فرش تي ڪري پوي ٿو. راڻي مَرڪي آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿي. تاج کڻي تخت تي رکي ۽ تلوار هٿ ۾ جهلي ٿي.) +مَرڪي: اڄ سنڌ سڙي رهي آهي. ٺٽو جلي رهيو آهي ۽ سنڌ واسي�� جو رت وهي رهيو آهي. اڄ سنڌ ۽ سنڌ جو هيءُ تاج غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو آهي. مان دولهه دريا خان جي هيءَ تلوار امانت رکي ٿي وڃان. وري ڪو دريا خان پيدا ٿيندو، جيڪو هن تلوار سان سنڌ جي غلاميءَ جا زنجير ٽوڙيندو ۽ سنڌ واسين جي ڪوس جو انتقام وٺندو. +(راڻي مَرڪي تلوار تاج جي ڀرسان رکي، تاج ۽ تلوار جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي پويان پير ڪري هلي وڃي ٿي. پس منظر ۾ ماڻهن جي دانهن جو شور وڌي وڃي ٿو ۽ دريءَ مان باهه جا شعلا بلند ٿيندا نظر اچن ٿا.) +(پردو ڪِري ٿو) + + +گل ڇنو گرنار جو +ڏيک پهريون +(راءِ ڏياچ جو محل، سورٺ ڇپر کٽ تي ريشمي ويهاڻن تي ڪنڌ رکي ستي پئي آهي، ڏياچ سندس ڀر ۾ ويٺو آهي ۽ ستار تي راڳ پرڀاتي ڇيڙي رهيو آهي. سورٺ اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي پوي.) +سورٺ: مهاراج! مهاراج!! +ڏياچ: ڇا ٿيو سورٺ؟ +سورٺ: توهين..... توهين ڪيئن آهيو، مهاراج؟ توهان.... توهان کي ڪجهه ٿيو ته نه آهي؟ +ڏياچ: اسان ته ٺيڪ آهيون، پر تون ايتري پريشان ڇو آهين؟ +سورٺ: مهاراج، شل اوهين جُڙيا جيئرا هجو. اوهان ئي منهنجي ۽ منهنجي سنگيت جي سينڌ جا سندور آهيو. +ڏياچ: اسان ان پريشانيءَ جي ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ بي چين آهيون. +سورٺ: مهاراج، مون هڪڙو ڏاڍو ڀوائتو سپنو ڏٺو. مون ڏٺو ته گرنار ۾ هڪڙو پرڏيهي چارڻ آيو آهي جيڪو پنهنجي سرندي جو گز سرندي جي بجاءِ ماڻهن جي ڳچين تي ٿو هلائي. سندس گز مان موت جو سنگيت ٿو اسري. ڪيئي ڪنڌ ڪرندا ٿا وڃن، گرنار جي ڀوري ڀونءِ رتوڇاڻ ٿي وئي آهي، سارو آڪاش ٽامڻي هڻي ويو آهي ۽ منهنجي سينڌ.... منهنجي سينڌ (ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ٿي ڏي.) +ڏياچ: (کلندي) سپنن کان ايترو پريشان ٿيڻ نه گهرجي راڻي. اسان ستار وڄائي توکي ننڊ مان جاڳائڻ ٿي چاهيو جو هينئر ڪتين ڪر موڙيا آهن. ٽيڙن جو ٽمڪو جهڪو ٿيو آهي ۽ پرڀاتي راڳڻيءَ جي ويل ٿي وئي آهي. +سورٺ: پرڀاتيءَ جي ويل ٿي وئي آهي ۽ مان.... ۽ مان ساز سيراندي ڪري ستي پيئي هيس (سورٺ ستار تي پرڀاتي ڇيڙي ڳائي ٿي.) +ميرا پسي مڱڻا، سپڙ سڏ ڪيا، +سٻوجهن سِئا، اٻوجهن آسرو. +*** +صبح جو سهاڳ، مڱڻهارن ماڻيو. +ڏنائون ڏاتار کي، وڏيءَ ويل وهاڳ، +وس منهنجي ناهه ڪا، سيڻن هٿ سُهاڳ، +پرين سين پهاڳ، مان نماڻيءَ نصيب ٿئي. +ڏياچ: (ننڊاکڙي آواز ۾، پس منظر ۾ ستار وڄندي ٿي رهي) سورٺ، تون جڏهن ڳائيندي آهين ته هي سارو جنسار تنهنجي راڳ جو روپ بڻجي اسان جي آتما ۾ گونجندو آهي ۽ اسان کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هي جنسار ڀڳوان جي ڳاتل راڳ جو روپ آهي،. پهرئين ڀيري جڏهن اسان توکي ڏٺو هو، تڏهن تنهنجي سرير جي سونهن پسي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ ڪنهن چانڊوڪيءَ رات ۾، ڀيڄ ڀنيءَ ويل، ڀڳوان ولهه ۾ ويهي، چنڊ جي ڪرڻن جون تندون ڇيڙي هڪڙو راڳ ڳاتو ۽ ان راڳ جا سُرَ تنهنجو سرير، سونهن ۽ ساهه بڻجي پيا. +سورٺ: مهاراج، مان ته اوهان جي پيرن جي پڻي آهيان، اوهان سنگيت جا ديوتا آهيو ۽ مان اوهان جي داسي آهيان. +ڏياچ: پاڻ کي اسان جي پيرن جي پڻي چئي تون سنگيت ۽ سونهن جي گهٽتائي ڪري رهي آهين راڻي. ڀڳوان پاڻ نسوري سونهن ۽ نسورو سنگيت آهي ۽ تون ڀڳوان جو روپ آهين، مون کي هڪڙي چارڻ ٻڌايو هو ته جڏهن دنيا مان سنگيت، سونهن ۽ پيار ختم ٿي ويندو آهي تڏهن ماڻهن جي آتمائن کي انياءَ، ڪروڌ ۽ ڌڪار جو ڪوڙهه لڳي ويندو آهي. پوءِ ڌڻي پاڻ ڪنهن چارڻ جي روپ ۾ ڏکايل ڌرتيءَ تي پير ڌريندو آهي ۽ پنهنجي سنگيت سان ماڻهن جي آتمائن کي ان ڪوڙهه مان ڇوٽڪارو ڏيندو آهي. هينئر ڀڳوان تنهنجي روپ ۾ اسان وٽ آيو آهي. +سورٺ: مان جڏهن ننڍي هيس مهاراج، تڏهن هڪڙو جٽائن وارو انگ ڀڀوت جوڳي اسان وٽ اچي مهمان ٿيو هو. هن مون کي راڳ جي سکيا ڏني هئي ۽ هڪڙي اونداهي رات جو ڳالهه ٻڌائي هئائين ته سهسين صديون اڳ جڏهن ديوتائن هي جڳ بڻايو هو، تڏهن هن جڳ ۾ هر طرف اوندهه انڌوڪار هو. ماڻهن جون آتمائون پاپ ۾ ڪاريون ٿي ويون هيون. پوءِ هڪڙو چارڻ پيدا ٿيو. هن پنهنجون رڳون ڪپي رباب بڻايو ۽ هڪڙي اونداهي رات جو رباب وڄائي هن اهڙو ته راڳ ڳاتو جو ماڻهن جون آتمائون اجريون ٿي ويون. اونداهي آڪاش ۾ ستارن جا ڪنول ٽڙي پيا، چنڊ جي چهري تان رات جون جٽائون هٽي ويون ۽ پهريون ڀيرو هن ڌرتيءَ تي پرهه ڦٽي ۽ سج جي ڪنوارن ڪرڻن ان چارڻ جي پيرن کي ڇهيو، هن اهو به ٻڌايو ته (ستار يڪدم بند ٿي وڃي ٿي.) +ڏياچ: چپ ڇو ٿي وئينءَ، سورٺ راڻي؟ +سورٺ: هن اهو به ٻڌايو ته جڏهن به هن ڌرتيءَ تي انساني رت وهندو ته هيءَ ڌرتي سنڍ ٿي ويندي ۽ ڌرتيءَ جي ڪک مان سنگن جو سونو سنگيت نه اسرندو. ملڪ ۾ ڏڪار پئجي ويندو، ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. تيستائين اهو ڏڪار ختم نه ٿيندو، جيستائين ڪو وڏو چارڻ پيدا نه ٿيندو ۽ پنهنجي چنگ سان ڌرتيءَ تان انساني رت کي نه ڌوئيندو. ان ڏينهن اوهان ۽ انيراءِ جي جنگ ۾ انساني رت کي وهندو ڏسي، مون کي ان جوڳيءَ جا اکر ياد اچي ويا ۽ منهنجو سارو سرير ڪنبي ويو. +ڏياچ: انيراءِ سان اسان جنگ نه جوٽي هئي راڻي ۽ نه ئي اسان انساني رت وهايو هو. پر اسان کي جنگ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. تون سنگيت جي ديوي آهين ۽ ديويءَ کي ويريءَ کان بچائڻ هر هڪ پوڄاريءَ جو وڙ آهي. انيراءِ انياءُ جو راءِ آهي. هن تنهنجي پيءُ رتڻي کي مجبور ڪري توکي هٿ ڪرڻ ٿي چاهيو. اسان سمجهيو ٿي ته هن جي محلن ۾ تنهنجي سنگيت جو گلو گهٽجي ويندو ۽ سورٺ جي سنگيت جو گلو گهٽجي ويندو ته پوءِ ساري ڌرتيءَ تان سونهن جو نالو مٽجي ويندو، ان ڪري جو سنگيت سونهن آهي ۽ سونهن سنگيت. اسان سونهن ۽ سنگيت جي رکواليءَ لاءِ ئي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو. +سورٺ: پر مهاراج، انيراءِ هار کانپوءِ ماٺ نه ويهندو، هو ضرور بدلو وٺندو. +ڏياچ: اسان انيراءِ سان هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جا هٿ ساز وڄائي ڄاڻن ٿا ته تلوار به هلائي ڄاڻن ٿا، اسان جي هٿ ۾ جڏهن تلوار وڄ وانگر وراڪا ڏيندي آهي. تڏهن ڪائنات ڪنبي ويندي آهي، آسمان ٽڙِڪي پوندو آهي ۽ ڌرتيءَ جي دل رتو ڇاڻ ٿي ويندي آهي. +سورٺ: بيشڪ مهاراج، اوهين سنگيت جا ديوتا آهيو ته تلوار جا به ڌڻي آهيو. انيراءِ پورا ٻه مهينا گرنار کي گهيرو ڪري ويٺو رهيو، پر تڏهن به اوهان تلوار مياڻ مان نه ڪڍي، ڇاڪاڻ جو اوهان انساني رت وهائڻ نٿي چاهيو. اوهان جا ڪن سنگيت جي مٺڙن ۽ ڪومل سرن تي هريل آهن. اوهان ڦٽيل ۽ مرڻينگ ماڻهن جون رت ورنيون رڙيون نٿي ٻڌڻ چاهيون. پر انيراءِ سمجهيو ته اوهين ڪانئر آهيو. تڏهن ساڻس وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ نٿا نڪرو، پوءِ جڏهن اوهان ڪروڌ ۾ اچي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو ته سنگيت جي ديوتا جي هٿن ۾ تلوار ڏسي سج ڪڪرن جو ڪارو وڳو کڻي ڍڪيو. (پس منظر ۾ گهوڙن جي هڻڪارن ۽ ماڻهن جي رڙين جو هلڪو تاثر) اوهان جو لشڪر ڪڪرن جيان گجندو، ڳڙي جيان وسندو. انيراءِ جي لشڪر تي وڃي ٽٽو، پوءِ ته تلوارن جا چمڪاٽ ٿيا. گهوڙن جي سنبن سان سينا ساڻا ٿيا، ڳچيون ڳچُ ٿيون ۽ رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو. (گهوڙن ۽ ماڻهن جي رڙين جو تاثر پوريءَ طرح اڀري ختم ٿي وڃي ٿو.) مان ۽ مهاراڻي محل جي دريءَ کان جنگ ڏسي رهيون هيون سين. اڄ به جنگ جو ڏيک اکين آڏو اچي ٿو ته ساهه سڪي ٿو وڃيم. +ڏياچ: جنگ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، پر سورٺ راڻي، جنگ ۽ رت جي ڳالهين کي وساري اسان کي سنگيت ٻڌاءِ. +(سورٺ ستار ڇيڙي بيت ڳائي ٿي.) +ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا، +مينهن مُندائتا وسڻا، سدا وسين تون، +جي گهر اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان. +(ڏياچ جون اکيون ٻوٽبيون ٿيون وڃن ۽ پردو ڪِري ٿو.) +ڏيک ٻيو +(راءِ ڏياچ جو راڄ محل سورٺ ڇپر کٽ تي ريشمي ويهاڻن جي آڌار تي ليٽي پئي آهي. ڏياچ ستار وڄائي رهيو آهي. اوچتو ستار جي تار ٽٽي ٿي پوي. سورٺ دانهن ٿي ڪري.) +سورٺ: ڇا ٿيو مهاراج؟ +ڏياچ: ڪجهه نه ٿيو راڻي. ستار جي تند ٽٽي پئي. +سورٺ: تند ٽٽي پئي! تند ٽٽي ته پوءِ ڇا رهيو. +ڏياچ: تون هي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين سورٺ راڻي. ستار جي تند ٽٽي پئي ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اسان ٻي ستار گهرائي ٿا وٺون. (سڏ ڪري ٿو).داسي. +داسي: جي مهاراج. +ڏياچ: هيءَ ستار کڻي وڃ ۽ اسان کي ٻي ستار آڻي ڏي. +(داسي ستار کڻي وڃي ٿي.) +سورٺ: مهاراج، هڪڙي ستار جي تند ٽٽي پئي ته اوهان ٻي گهرائي ورتي جي هن بيماريءَ ۾ منهنجي ساهن جي تند ٽٽي....... +ڏياچ: (سندس ڳالهه ڪپيندي) تنهنجا ويڻ اسان کي ڏکوئي رهيا آهن. +سورٺ: مهاراج، الائي ڇو مون کي ائين ٿو لڳي ته مان هن بيماريءَ مان ڪانه اٿندس. ان رات واري سپني کانپوءِ مون کان ننڊ رُسي وئي آهي. شايد هينئر اهڙي ننڊ ايندم جنهن مان وري نه جاڳندس. +(پريان کان راڳ جي صدا اڀري ٿي، ٻئي ڄڻا ڪن لائي ٻڌن ٿا.) +پرديسيان پنڌ ڪري، سڻي آيس شان. +مڱان ڪهڙيءَ مت سين؟ نسورو نادان. +سو ڪو ڏيارين ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري. +سورٺ: ڪهڙو نه سريلو آواز آهي. هي آواز ته منهنجو سونهون ٿو لڳي. مون هيءُ آواز پهرين به ڪٿي ٻڌو آهي. +ڏياچ: هي ته ڪو اڻ سونهون آواز آهي. داسي، هيءُ ڪنهن جو آواز آهي؟ +داسي: مهاراج، ڪالهوڪون گرنار ۾ هڪڙو پرديسي چارڻ آيو آهي. جنهن جي چنگ ماڻهن جا چتَ چريا ڪري ڇڏيا آهن. هن جي سُر جي ڄَر لوڪ کي لهسائي ڇڏيو آهي. جڏهن هو تند ٿو تنواري ته ماڻهن جي هانءَ مان: هاءِ هاءِ؛ جا هڳاءَ ٿا اٿن. ماڻهو مينهن وانگر مٿس ماڻڪ ٿا وسائين پر هو ماڻڪ ڇهي به نٿو. +ڏياچ: اسين اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍا سرها ٿيا آهيون ته گرنار ۾ هڪڙو نئون چارڻ آيو آهي. اسان کي گرنار جي ماڻهن مان اهائي اميد هئي ته هو گهر ۾ آيل چارڻ جو ائين ئي آڌرڀا ڪندا، پر اسان کي افسوس آهي ته هڪڙو نئون چارڻ ڪالهوڪون گرنار ۾ آيو آهي ۽ اسان کي سندس اچڻ جي ڄاڻ ئي ڪانهي. داسي، مهمان چارڻ کي هڪدم چوڏول ۾ چاڙهي اسان وٽ آندو وڃي ۽ اسان جي پاران هن کان معافي ورتي وڃي جو سورٺ راڻيءَ جي ناچاڪيءَ جي ڪري اسان وٽس وڃي سندس آجيان ڪرڻ کان لاچار آهيون. +داسي: جيڪو حڪم، مهاراج. +سورٺ: مهاراج، اوهان ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي محل ۾ ڪيئن ٿا سڏايو. +ڏياچ: اسان جو محل سنگيت جو مندر آهي ۽ مندر لاءِ ڪو به پوڄاري اوپرو نه هوندو آهي. +سورٺ: پر مهاراج، منهنجي دل الائي ڇو ٿي ڏڪي. مون کي پنهنجي سپني کان ڊپ ٿو ٿئي. +ڏياچ: جڏهن ماڻهوءَ جا لڱ لڱا هوندا آهن تڏهن کيس اهڙا هول ٿيندا آهن. تنهنجي ڀَوَ جو ڪارڻ تنهنجي بيماري ۽ اوجاڳو آهي. +سورٺ: مهاراج، اڄ منهنجو من ڏاڍو ماندو آهي. دل ٿي چوي ته اڄ اوهان سان اڪيلي ويٺي رهان. اوهين ستار وڄائيندا رهو ۽ مان ٻڌندي رهان. +ڏياچ: هن جي صدا مان اسان کي سچي سنگيت جي سڳنڌ آئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته هن جو سنگيت تنهنجي آتما ۽ سرير کي سک پهچائيندو ۽ تون چڱي ڀلي ٿي ويندينءَ، سورٺ راڻي. اسان ترت انهن ڏينهن کي واپس ورائڻ ٿا چاهيون جڏهن تنهنجو سنگيت ٻڌي اسان جو من پکيئڙي وانگر پرڙا ڦڙڪائي نيري آڪاش ۾ اڏامندو هو. جڏهن کان تون ناچاڪ ٿي آهين تڏهن کان راڳن ويراڳ ورتو آهي، سُرَ ساڻا ٿي ويا آهن ۽ اسان جو من موڳو ٿي پيو آهي. اسان جون اکيون توکي سرهو ڏسڻ لاءِ آتيون آهن ۽ اسان جو من تنهنجي سنگيت ٻڌڻ لاءِ ماندو آهي. +(داسي داخل ٿئي ٿي.) +داسي: مهاراج، مهمان چارڻ اوهان جا پير ڇهڻ جو آسائتو آهي. +ڏياچ: هن کي يڪدم اندر آندو وڃي. +(وقفو) +(ٻيجل اندر داخل ٿئي ٿو.) +ٻيجل: شل مڱڻهارن تي مهاراج ڏياچ جي ڇٽَ جي ڇانوَ قائم رهي. +ڏياچ: ڀلي آئين مڱڻهار، سنگيت جو ٻانهون ڏياچ ڏهه ڀيرا توکي آجيان ڪندي ٿو چوي، اسان پنهنجي مهمان جو نالو پڇڻ گهرون ٿا. +ٻيجل: مون مڱتي جو نالو ٻيجل آهي، مهاراج. +ڏياچ: اسان جو مهمان ڪهڙي ڏيهه مان پير ڀري اسان وٽ آيو آهي. +ٻيجل: هي رمتو مڱڻهار ڏاڍ جي ڏيهه مان ڀڄي اوهان جي پيرن ۾ پناهه ڳولڻ آيو آهي. +ڏياچ: اسان پنهنجي مهمان جي ڳالهه نه سمجهي. +ٻيجل: مان ان ڏيهه مان آيو آهيان مهاراج، جتي سونهن سڀ کان وڏو ڏوهه ۽ سنگيت سڀ کان وڏو پاپ آهي. +ڏياچ: اهو ڪهڙو ڏيهه آهي، جتي سنگيت ۽ سونهن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي؟ +ٻيجل: اهو ڏيهه انيراءِ جو ڏيهه آهي. مهاراج. +سورٺ: (دانهن ڪري) انيراءِ! +ٻيجل: مون کي اتان ان ڪري ڏيهه نيڪالي ڏني وئي آهي جو مان چارڻ آهيان ۽ مان مهاراج جي پيرن ۾ پناهه وٺڻ جي آس کڻي گرنار ۾ آيو آهيان. +ڏياچ: تنهنجي آس پوري ڪئي ويندي ٻيجل، اسان توکي پناهه ڏيڻ جو وچن ٿا ڪريون. اڄ کان تون اسان جو شاهي مهمان آهين. اسان پنهنجي مهمان جي سُرَ جي صدا ٻڌي آهي ۽ هينئر اسين سندس ڏات جي سونهن پسڻ ٿا چاهيون، ٻيجل. اسان جي سورٺ راڻي گهڻي وقت کان بيمار آهي. +ٻيجل: (پنهنجي منهن)سورٺ راڻي بيمار آهي. +ڏياچ: هن جي نيڻن کان ننڊ رسي وئي آهي. اسين چاهيون ٿا ته اسان جو مهمان چارڻ پنهنجي سرندي کي سوري ۽ ڪا اهڙي تند تنواري جو سورٺ راڻيءَ جي رٺل ننڊ ريجهي وڃي. +ٻيجل: اوهين وڏا سنگيت ڪار ۽ سنگيت جا پارکو آهيو مهاراج، منهنجي تند کي اوهان جي آڏو تنواريندي لڄ ٿي اچي. +ڏياچ: تنهنجي نهٺائي ئي تنهنجي وڏائي آهي ٻيجل. هاڻي تند تنوار، اسان تنهنجي سنگيت ٻڌڻ لاءِ آتا آهيون. +(ٻيجل ڪينرو ڪڍي وڄائي ٿو. سورٺ جي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهندا ٿا وڃن ۽ ڏياچ تي بي خودي ڇانئجي ٿي وڃي. ٻيجل ساز بند ڪري ٿو. داسي خوشي وچان چوي ٿي.) +داسي: مهاراج، سورٺ راڻيءَ کي ننڊ کڻي وئي. +ڏياچ: (ڄڻ ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳندي) هو، ڇا؟ +داسي: مهاراج، سورٺ راڻي کي ننڊ کڻي وئي. +ڏياچ: (داسيءَ جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، ٻيجل ڏانهن وڌي ٿو) ٻيجل، گرنار جي مٽي تنهنجي ٿورائتي آهي جو تو مٿس پنهنجا پير گهمايا آهن. هن محل جون ڀتيون تنهنجون ٿورائتيون آهن جو هنن کي تنهنجي ساز جي ساهن ڇهيو آهي. تنهنجي سنگيت ۾ اهڙو منڊ آهي جو ماڻهو منڊجي پهڻ ٿي وڃن ۽ پهڻ پساهه کڻڻ لڳن. اسين توکي وري به آجيان ٿا چئون ۽ پنهنجو هي نؤ لکو هار توکي ڀيٽ ٿا ڏيون. +ٻيجل: جي ٻاجهه ٿئي هي مڱڻهار هڪڙوعرض ڪري. +ڏياچ: چئه، ٻيجل تنهنجو هڪ هڪ اکر اسان لاءِ ڀڳوان جي حڪم جيان آهي. +ٻيجل: مهاراج، مون جڏهن سنگيت جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي هئي، تڏهن سائين جو سوڳند کنيو هيم ته ڪڏهن به پنهنجي سنگيت لاءِ دان نه وٺندس. اوهان جو نؤ لکو هار مان اکين تي رکي، موٽائڻ جي گستاخي ٿو ڪريان. منهنجي سنگيت جي ساراهه ۾ چيل اوهان جا ٻول ئي منهنجو سڀ کان وڏو دان آهي. +(ڏياچ نؤ لکو هار موٽائي وٺي ٿو، پردو ڪِري ٿو.) +ڏيک ٽيون +(ساڳيو منظر) +ڏياچ: ٻيجل، اسان ڪيترين راتين کان تنهنجو سنگيت پيا ٻڌون هر رات تون سرندو سوري، سورٺ راڻي جي رٺل ننڊ کي ريجهائيندو آهين ۽ جڏهن سورٺ راڻي سپنن جي سنسار ۾ پهچي ويندي آهي تڏهن اسان جي اوجاڳن کي جاڳائيندو آهين. ٻيجل، تنهنجي سر جي سڳنڌ، تنهنجي تند جي تنوار سورٺ راڻيءَ جي ننڊ کي ته ريجهايو، پر اسان کي اوجاڳا ڏيئي ڇڏيا. اسان جي ننڊ ۽ سپنا تنهنجي ساز جي سرن ۾ ٿا سڏڪن. +ٻيجل: مان اوهان جو ٿورائتو آهيان مهاراج، جو اوهان مون معمولي مڱڻي جو مان ڪيو آهي. +ڏياچ: مانُ ته تو اسان جو ڪيو آهي ٻيجل، جو پنهنجي راڳ سان اسان جي آتما کي پرماتما تائين پهچايو اٿئي. اسان جا ڪن تنهنجا ٿورائتا آهن جن ۾ تو پنهنجي راڳ جو امرت اوتيو آهي. اسان جو انگ انگ تنهنجو ٿورائتو آهي جنهن کي تنهنجي راڳ جي آڳ لهسايو آهي. اسان جو اندر تنهنجو ٿورائتو آهي جنهن ۾ تنهنجي آلاپ جا الا ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿيا آهن. ٻيجل! تنهنجو راڳ اسان جي آتما جي آڪاس تي انڊلٺ جيان کڙيو آهي. جنهن ۾ تنهنجا ست ئي سر ستن رنگن جيان ٽڙي بيٺا آهن. +ٻيجل: مهاراج، اوهان جي ساراهه جي ساهميءَ ۾ جڏهن پنهنجيءَ تند کي توريان ٿو ته لڄ ٿي اچيم. +ڏياچ: لڄ ته اسان کي ٿي اچي ٻيجل، جو اسان جي راڄڌانيءَ ۾ ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي جيڪا تنهنجي سرندي تي مٽ هجي ۽ جيڪا اسان توکي دان ۾ ڏيئي سگهون. اسان سمجهندا هئاسين ته اسان هن هيڏي وڏي راڄڌانيءَ جا راجا آهيون، پر اڄ خبر پئي ته اسان پاڻ پينار آهيون ۽ اسان جي پالهي پاند ۾ ڪجهه ڪونهي جو اسان توکي ڏيئي سگهون. +ٻيجل: منهنجي سرندي جي ساراهه ئي مون لاءِ سڀ کان وڏو دان آهي مهاراج. +ڏياچ: ٻيجل، تون اسان کان ڪو دان نٿو گهرين، پر تنهنجو سرندو اسان کان ڪجهه گهري ٿو. تنهنجي ساز ۾ ڪو راز، تنهنجي من ۾ ڪا مام آهي جيڪا اسان پروڙي نٿا سگهون. ٻڌاءِ ٻيجل، تنهنجو سرندو اسان کان ڇا ٿو گهري؟ +ٻيجل: اوهان جي پيرن ۾ پناهه ٿو گهري، مهاراج. +ڏياچ: نه، ٻيجل، تنهنجو سرندو پنهنجي الستي آواز سان اسان کان ڪجهه گهري رهيو آهي. تنهنجي ساز ۾ ڪو راز لڪل آهي، جيڪو اسان سمجهي نٿا سگهون، ٻڌاءِ، ٻيجل، تنهنجي سرندي جي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟ +ٻيجل: منهنجي سرندي جي من ۾ اوهان جي ڇٽ جي ڇانوَ ۾ رهڻ جي مڱ آهي. +ڏياچ: اسان جو ڇٽ، اسان جو سر ۽ ساهه تنهنجي تند آڏو تڇ آهن، تنهنجي تند اسان جي جند کي ڌو‎ڻي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو سارو سرير ذريون ذريون ٿي اڪ جي ڦلڙن جيان آڪاش ۾ ٿو اڏامي، تنهنجي آواز اسان جي اندر ۾ اهڙي اڃ اٿاري آهي جو تنهنجي آواز کانسواءِ هي سارو سنسار رڃ ٿو لڳي. وري تند تنوار، ٻيجل، وري آتما جي اُڃ اٿار. +(ٻيجل سرندو سوري ڳائي ٿو) +تو در آيس راڄيا، ههڙو وٺي حال، +اونائيج عليل جو، سٻاجها! سوال، +آڱڻ مٿي آن جي، ڪَهي ڪي قوال، +ڀلا! ڪري ڀال، امن ڏيو اُن کي. +ڏياچ: ٻڌاءِ، ٻيجل، تون اسان جي اڱڻ ڪهڙو سوال کڻي آيو آهين؟ +ٻيجل: +ٻيا در ڏيئي ٻن، آيس تنهنجي در، +سونهارا سورٺ وَر، ڪا منهنجي ڪر، +ڀلا، ڀير ڀر، پالهو پاند پينار جو، +ڏياچ: (بي چين ٿي) اسان تنهنجو پالهو پاند ڇا سان ڀريون، ٻيجل؟ اسان آڪاس مان سج ۽ چنڊ آڻي تنهنجي جهول ۾ وجهون پر انهن جي جوت تنهنجي راڳ جي روشني اڳيان جهڪي ٿي ويندي. اسان انڊلٺ جو هار تنهنجي ڳچيءَ پايون پر انڊلٺ جا ست ئي رنگ تنهنجن ستن سرن آڏو بي رنگ ٿي ويندا. اسان توکي ستن آڪاسن جي اوچاين تي ويهاريون پر ڀڳوان پاڻ آڪاسن جي اوچاين تان لهي تنهنجي سرندي ۾ ساهه ٿو کڻي. ٻڌاءِ ٻيجل، اسان تنهنجو پالهو پلاند ڇا سان ڀريون؟ +ٻيجل: مهاراج هڪڙي معمولي مڱ من ۾ آهي، جيڪا...... +ڏياچ: (هن جي ڳالهه ڪٽيندي ۽ اتساهه سان) ٻڌاءِ ٻيجل،تنهنجي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟ اسان تنهنجي مڱ پوري ڪرڻ لاءِ ماندا آهيون. اسان تو سان وچن ٿا ڪريون ته هن جنسار مان جيڪي گهرندي تنهن سان تنهنجو پالهو پاند ڀرينداسين. +ٻيجل: وچن ٿا ڏيو، مهاراج؟ +ڏياچ: ها ٻيجل، اسان توکي مهاراجن وارو وچن ٿا ڏيون. +ٻيجل: مهاراج، مون کي...... مون کي....... +ڏياچ: هٻڪين ڇو ٿو ٻيجل؟ گهر جيڪي گهرڻو اٿئي. +ٻيجل: (يڪدم چئي ٿو) مون کي اوهان جو سر گهرجي. +ڏياچ: ٻيجل.....!(ڏياچ جي دانهن سان سرندي ۽ ستار جي گڏيل موسيقيءَ جو ڇمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ پوءِ سرندو هلڪن سرن ۾ پس منظر ۾ وڄندو رهي ٿو) تو هي ڇا گهريو، ٻيجل.....؟ تو هي ڇا گهريو! تون منهنجو سر وڍيندي ته پوءِ تنهنجو سنگيت ڪير ٻڌندو؟ هي مٺڙا مٺڙا ماڻهو، من موهڻيون مورتون، هي سڀ ڀڳوان جا ڳاتل راڳ آهن، مان اهي راڳ ڪيئن ٻڌي سگهندس ٻيجل. +ٻيجل: مهاراج، اوهان منهنجو پالهي پلاند ڀرڻ جو وچن ڪيو آهي. +ڏياچ: ڏس ٻيجل، هي سنسار ڪهڙو نه سونهن ڀريو آهي ۽ جيون جو راڳ ڪهڙو نه مٺڙو ۽ مڌر آهي، ٻيجل. تو ڪڏهن شرناءِ جي سرن ۾ سهاڳ کي ڏاڙهونءَ گل جيان ٽڙندو ڏٺو آهي؟ تو ڪڏهن بدن مان بسنت بهار، ڪارين، ڪجلين اکڙين مان سارنگ جا سانورا سر، مرڪ مان ملهار ۽ چپڙن مان چڙن جا آواز ٻڌا آهن؟ +ٻيجل: مهاراج، اوهان مون کي وچن ڏنو آهي. +ڏياچ: ٻيجل، تو ڪڏهن ڳورن ڳلن تي ڳاڙهاڻ جي ڏياٽين کي جرڪندو، اَبهم ٻار کي ننڊ ۾ مرڪندو، ڪنواريءَ جي ڇرڪ سان ڪنولن کي ڇلندو ڏسي پنهنجي جذبن جو جلترنگ ٻڌو آهي؟ جي زندگيءَ جي سونهن جا اهي سنگيت ٻڌا اٿيئي ته پوءِ تون ايترو پٿر دل ڇو آهين ٻيجل، جو منهنجو ساهه ٿو ڪڍين؟ +(ٻيجل سرندو وڄائي ڳائي ٿو) +پرديسيان پنڌ ڪري، هلي آيو هون، +اونچو تون عرش تي، آن ڀورو مٿي ڀون، +ڪيئن تُسندين تون؟ هي سر سوالي مڱڻو. +ڏياچ: سر جا سوالي مڱڻا! ڏس ته منهنجي ديس جي ڌرتي ڪهڙي نه سهڻي آهي. ديس جا جوان ديپڪ راڳ جا آلاپ ۽ جوانڙيون ملهار راڳ جا ڀنل روپ آهن. تون مون کان منهنجو ديس ڇو ٿو کسين ٻيجل؟ مان پنهنجي ماءُ جي لولي، سورٺ جي سينڌ جو سينگار آهيان..... مان...... +ٻيجل: (ڏياچ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپي سر ۾ بيت چوي ٿو) +محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو، +سِر جي صدا سُر ۾، گهور هڻي گهرندو، +مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو، +جهونا ڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾. +(ٻيجل بيت ختم ڪرڻ سان سرندي جي لئه کي تيز ڪري ٿو. سرندي جا سُر ڏياچ جي ساهه کي وڪوڙي ٿا وڃن ۽ هن جي وات مان بي اختيار لفظ نڪرن ٿا) +ڏياچ: اسان تنهنجي ساز جو راز سمجهيو، مڱڻهار، اسان تنهنجي من جي مام پروڙي، تنهنجي مڱ ضرور پوري ٿيندي، ٻيجل تنهنجي......مڱ ....... ضرور پوري...... ٿيندي. +(پردو ڪِري ٿو.) +ڏيک چوٿون +ڏياچ: آءُ ٻيجل، اڄ وري ڏياچ توکي ڏهه ڀيرا آجيان ٿو چوي، جيئن تون پنهنجي راڳ کي سينگاريندو سنواريندو آهين تيئن اڄ اسان پنهنجي سنڌ سنڌ کي سينگاريو ۽ سنواريو آهي. اسان پنهنجن هٿن ۽ پيرن تي مينديءَ جون لاٽون جرڪايون آهن. پنهنجو تن بدن سرهاڻ سان ڌوتو آهي ۽ مٿي کي موتيئي ۽ مگري جون مالهائون پارايون آهن. اڄ اسان جي آتما تنهنجي سرندي سان لائون لهندي. +ٻيجل: اڄ کانپوءِ هن جڳ ۾ سنگيت جي سهائي ٿيندي، جنهن ۾ ڏياچ جو نالو چوڏس چمڪندو. +ڏياچ: اڄ کانپوءِ ڏياج ۽ ڪماچ هڪ ٿي ويندا. +ٻيجل: اڄ کانپوءِ مڱڻهار تنهنجي ملڪ جي مٽيءَ تي مٿو ٽيڪيندا. +ڏياچ: اڄ کانپوءِ اسان جا ساهه تنهنجي سرندي جو سر بڻجي ٻُرندا. اڄ کانپوءِ تنهنجو سرندو ڪڏهن سک جو ساهه نه کڻندو. تنهنجي سرندي ۾ سورٺ جو سهاڳ پيو سڏڪندو. +ٻيجل: اڄ کانپوءِ منهنجي راڳڻيءَ جو نالو سورٺ پئجي ويندو ۽ جڏهن به ڪو مڱڻهار اها راڳڻي ڳائيندو يا وڄائيندو ته ماڻهو سورٺ ور کي ياد ڪندا جنهن سُرَ تي سرِ ڏنو. +ڏياچ: اڄ کانپوءِ ماڻهن کي خبر پوندي ته جنهن سِر کي ويريءَ جي تلوار نمائي نه سگهي تنهن کي تند ڪپي ڇڏيو. +ٻيجل: اڄ کانپوءِ هن جڳ مان تلوار جي راڄ جو خاتمو ٿيندو ۽ سنگيت جو راڄ شروع ٿيندو. +ڏياچ: هاڻي سرندو سنڀال، ٻيجل، اسان جي آتما پرديس پلاڻن کان اڳ تنهنجي سرن جي سرهاڻ سان سرهو ٿيڻ ٿي چاهي. +(ٻيجل سرندو وڄائي ڳائي ٿو) +تو در آيس راڄيا! ٻيا در دور ڪري، +دولهه! تو درٻار ۾، آيس پير ڀري، +مڱڻو آءٌ نه مال جو، منهنجو پنڌ پري، +وري ڪين وري، مٿي ڌاران مڱڻو. +ڏياچ: مٿو تنهنجي مِلڪِ آهي، ٻيجل، پر تنهنجي سُرَ کي هي سِر آڇيندي لڄ ٿي اچيم. +(ٻيجل جواب ۾ بيت ڳائي ٿو) +پرديسان پنڌ ڪري آيس آڳاهيئنءَ ماءِ، +جي وهاڻيءَ ويرم ٿئي، ته مون هير ئي هلاءِ، +سونهارا سورٺ ور، ڳالهه هنئين سين لاءِ، +سو مڱڻهار ملهاءِ، جو وچان ويرين آئيو. +ڏياچ: تون ويرين جو وير پاڙڻ آيو آهين ٻيجل، پر تنهنجي تند ويريءَ جي به واهرو آهي. تنهنجي سرن موت جو به مان ڪيو آهي. اڄ اسان وٽ موت تنهنجي راڳن جو ويس پائي آيو آهي ۽ اسان کي اڄ خبر پئي آهي ته موت تنهنجي سرن جهڙو سهڻو آهي. اسان ههڙي موت کي مرڪندڙ من سان آجيان ٿا چئون ۽ هڪ وار مري وري جيئڻ ٿا چاهيون ۽ جي وري تنهنجي تند سان ڪنڌ ڪپائڻ ٿا چاهيون. +(ٻيجل جواب ۾ بيت سر سان ڳائي ٿو) +محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سري، +لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري، +هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل! دانهن ٻري، +جهونا ڳڙهه جُهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾. +ڏياچ: هن ساري سنسار جي سونهن، سورٺ جي محبت، تنهنجي سرن ۾ سمائي وئي آهي ٻيجل، اسان تنهنجي سرندي جي سونهن کي پنهنجو ست ساهه ۽ سر آڇيندي لڄ ٿا مرون. جي تنهنجي سرندي کي اسان جو ڪين جهڙو سر قبول آهي ته پوءِ ويرم نه ڪر. پنهنجي تند کي تکو ڪري اسان جي ڪنڌ تي وهاءِ ٻيجل. +(ٻيجل سرندو وڄائي ٿو ۽ ڏياچ تي بي خودي ڇانئجي ٿي) +ڏياچ: اسان تنهنجي تند تان جند گهوري ٻيجل، اسان تنهنجي سُر تان سِر گهوريو. تنهنجي راڳ جي آڳ اسان جي انگ انگ کي وڪوڙي وئي آهي، اسان جو سارو سرير جلي سڙي راک ٿي ويو آهي. هي مٽيءَ جهڙو مٿو، هي ڌوڙ جهڙو ڌڙ تنهنجو آهي، ٻيجل. +(سرندي جي تيز لئه سان گڏ ٻيا به ساز وڄڻ لڳن ٿا. اسٽيج تي آهستي آهستي بتيون وسامنديون وڃن ٿيون ۽ مڪمل اوندهه ڇائنجي وڃي ٿي. اوچتو سورٺ دانهون ڪندي اندر گهڙي ٿي اچي) +سورٺ: (پريان کان) مهاراج ..... مهاراج، مون وري اڄ اهو سپنو ڏٺو. اهو چارڻ آيو آهي....... (اسٽيج تي روشني ٿئي ٿي. سورٺ جي نظر ڏياچ جي وڍيل سر تي پوي ٿي هوءَ دانهن ڪري بيهوش ٿي ڪري پوي ٿي.) +(پس منظر ۾ پڙاڏي سان آواز ٿو اُڀري) +گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين، +سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين، +چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين، +ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمگيو. +15 مارچ 1967ع تي ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تان نشر ٿيڻ کانپوءِ اپريل 1967ع ۾ روح رهاڻ جي سالنامي ۾ شايع ٿيو. + + +خواب جو سورج +جيڪڏهن اڄ اُهي رستا نظر نٿا اچن +جيڪي مقدس سچائيءَ ڏانهن وٺي ٿا وڃن +ته پوءِ مبارڪ آهن اُهي ذهن، +جيڪي سون ورنا خواب ٿا ڏيکارين، +جيڪڏهن سڀاڻي سج نه نڪري +۽ پنهنجن ڪرڻن سان ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ وساري ڇڏي +ته پوءِ سڀاڻي ڪنهن ديواني جو خواب +ساري ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيندو. +(گورڪيءَ جي ڊرامي ”پاتال“ تان ورتل) +خواب جو سورج +ڏيک پهريون +(ٻه ماڙ جي مٿاهين منزل، وڏو هال جنهن جو اڌ حصو ڊائننگ ۽ اڌ حصو ڊرائنگ روم جي طور استع��ال ٿيندو آهي. هال جي کاٻي ۽ ساڄي طرف ٻه دروازا آهن. کاٻو دروازو ڏاڪڻ جو آهي جيڪو ڏکڻ طرف کلي ٿو. ساڄو دروازو اندرئين طرف کلي ٿو. سامهون واريءَ ڀت ۾ دري آهي جنهن ۾ لوهه جون شيخون لڳل آهن. دريءَ کان ٻاهر نيري آسمان جي پس منظر ۾ نم جون ڪجهه ٽاريون نظر اچن ٿيون. ساڄي پاسي واري ڀت ۾ بخاري آهي. جنهن جي ڪارنس تي ڊاڪٽرن وارو چمڙي جو ٿيلهو، ڊاڪٽر مجيد جو فريم ٿيل فوٽو ۽ گلن کان خالي گلدستو رکيل آهي. کاٻي ديوار جي ڀر ۾ ڊائننگ ٽيبل پئي آهي. ٻنهي دروازن جي وچ واري حصي ۾ غاليچو وڇايل آهي ۽ آرام ڪرسيون، صوفا پيس ۽ سينٽر ٽيبل بي ترتيبيءَ سان پيا آهن. دريءَ جي مٿان ڀت تي گهڙيال ٽنگيل آهي، جنهن ۾ ٻه وڄڻ وارا آهن. ڪمري جي وچ ۾ ڇت جي پکي جي هيٺان ڊاڪٽر مجيد آرام ڪرسيءَ تي ويٺو ڊاڪٽريءَ جو ٿلهو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. ڪمري کان ٻاهر رکي رکي لُڪَ ٿي لڳي ۽ لُڪَ جي جهوٽن جو آواز ڪمري جي ماحول کي اداس ڪري ٿو ڇڏي. هوا جي جهوٽن ۾ نم جون ٽاريون لڏن ۽ لمن ٿيون. گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هڻي ٿو. مجيد ڪتاب مان نظرون هٽائي گهڙيال ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڏاڪڻ واري در ڏانهن منتظر نظرن سان نهاريندي چئي ٿو. +مجيد: ٻه ٿي ويا. سڪينه کي اچڻ گهرجي. +(هو وري ڪنڌ جهڪائي نظرون ڪتاب ۾ کپائي ٿو ڇڏي، ساڄي دروازي کان نوڪرياڻي اندر اچي ٿي.) +نوڪرياڻي: سائين، ماني لڳايان؟ +مجيد: (ڪتاب تان نظرون هٽائڻ کانسواءِ) نه مائي، حالي بيهه، سڪينه اچي ته پوءِ لڳائجانءِ. +(نوڪرياڻي ساڳي دروازي کان نڪري وڃي ٿي، ايتري ۾ ڏاڪڻ واري دروازي مان سڪينه داخل ٿئي ٿي ۽ برقعو لاهيندي ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چوي ٿي .....) +سڪينه: الا، اڄ ڪيڏي نه گرمي آهي. +مجيد: (ڪتاب تان نظرون هٽائي سڪينه ڏانهن ڏسندي، هلڪي خوشيءَ وچان) اچين وئينءَ. +(سڪينه هن کي جواب نه ٿي ڏي، هوءَ برقعو لاهي ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي اڇلائي ٿي ۽ پاڻ ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويهي مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي ٿي.) +سڪينه: گرميءَ ۾ ساهه ٿو ٻوساٽجي، پکي جي هوا ته اثر ئي نه ٿي ڪري. +مجيد: اس مان آئي آهين انڪري پکي جي هوا اثر نه ٿي ڪري. مون توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته نوڪري ڇڏي ڏي. ماسترياڻي جو پگهار گهڻو! توکي پگهار جي ڪهڙي ضرورت آهي. مان ڊاڪٽر آهيان، گهڻي ئي پئسا ٿو ڪمايان، منهنجا پئسا به ته تنهنجا ئي آهن، پر تون پنهنجي ڳالهه تان لهين ئي نه ٿي. +سڪينه: (مجيد جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري شوڪارو ڀري ٿي) +اف، الا اڄ گرمي مون کي ماري ڇڏيندي. +مجيد: (اٿندي) بيهه ته تنهنجي لاءِ گلوڪوس ٺاهي اچان. هڪڙو گلاس پيئندينءَ ته طبيعت ٺيڪ ٿي ويندءِ. +(مجيد ساڄي پاسي واري دروازي مان نڪري وڃي ٿو. سڪينه ڪرسي جي ٽيڪ تان مٿو کڻي ٿي ۽ رئي جي پلاند سان پيشاني تان پگهر اگهندي چئي ٿي.) +سڪينه: پکي جي هوا مان به ڄڻ باهه پئي وسي (ٻاهران لڪ جي جهوٽن جو آواز اچي ٿو) لڪ ته ڪيڏي ٿي لڳي. نسوري باهه ٿي وسي. +(ساڄي دروازي مان نوڪرياڻي اندر اچي ٿي) +نوڪرياڻي: بي بي. ماني لڳايان. +سڪينه: مان ماني نه کائيندس. گرميءَ ۾ ڪجهه نٿو وڻي. +نوڪرياڻي: ڊاڪٽر صاحب به ماني نه کاڌي آهي چيائين ٿي، سڪينه بي بي اچي ته گڏجي کائينداسين. +سڪينه: مجيد کي کارائي ڇڏ، مون کي نٿي وڻي. +(نوڪرياڻي وڃي ٿي. ساڳي دروازي مان مجيد اندر اچي ٿو. هن جي هڪ هٿ ۾ شيشي جو گلاس آهي ۽ ٻئي هٿ سان هو ان ۾ چمچو گهمائيندو سڪينه جي ويجهو اچي ٿو.) +مجيد: (گلاس سڪينه ڏانهن وڌائيندي) هان وٺ، هڪڙو گلاس پيئندينءَ ته طبيعت ٺيڪ ٿي ويندءِ. +سڪينه: حالي رک پوءِ پيئان ٿي. +مجيد: دوا پيئڻ ۾ ڪڏهن به دير نه ڪجي، اهو ڊاڪٽريءَ جو اصول آهي. +سڪينه: (بيزاريءَ مان) چيم نه ته حالي رک، پوءِ پيئان ٿي. +مجيد: جيڪا تنهنجي مرضي. (گلاس ميز تي رکي ٿو) هيل ڏاڍي سخت گرمي پئي آهي. ههڙي گرميءَ ۾ احتياط ضروري آهي. ماڻهو ٿوري به بي پرواهي ڪندو ته جهٽ ۾ سن اسٽروڪ ٿي پوندس. شهر ۾ روز ٿا سن اسٽروڪ جا ڪيس ٿين. هيڏي ساري شهر ۾ مان ئي هڪڙو ڪئاليفائيڊ ڊاڪٽر آهيان، مريضن سان کٿو نه ٿو پڄان. ڊاڪٽر جي به ڪهڙي زندگي آهي. نه راتن جو ننڊ، نه ڏينهن جو آرام. +(مجيد جي ڳالهين جي دوران سڪينه جي چهري تي بيزاريءَ جا تاثرات اڀرن ٿا ۽ هوءَ ڪرسيءَ تان اٿندي چئي ٿي.) +سڪينه: مان ته هتي زندگيءَ کان بيزار ٿي پيئي آهيان. ڇا هن ڌرتيءَ تي ڪا اهڙي جاءِ ڪانهي جتي گرمي گهُٽ ۽ ٻوسٽ نه هجي، جتي ماڻهو ماڻهوءَ کان بيزار نه هجي، ماڻهن جون ڳالهيون اهڙيون ته وڻندڙ هجن جو هنن جون ڳالهيون ٻڌي زنده رهڻ جي خواهش وڌي وڃي. +مجيد: مون کي احساس آهي ته منهنجون ڳالهيون اڻ وڻندڙ ۽ بيزار ڪندڙ آهن پر مان ڇا ڪريان؟ مون ڪڏهن به ڊاڪٽريءَ جي ڪتابن کانسواءِ اجايا سجايا ڪتاب نه پڙهيا آهن. ان ڪري مون کي ڳالهيون ٺاهڻ نه اينديون آهن. +سڪينه: تو پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي ڪتابن ۾ بيزاريءَ لاءِ ڪو علاج پڙهيو آهي. بيزاري......! هر شيءِ کان بيزاري، هن گهر، هن شهر کان بيزاري، ان احساس کان بيزاري ته مان زندهه آهيان، اها بيزاري مون کي ماري ڇڏيندي. +(سڪينه پنهنجو پاڻ کي آرام ڪرسيءَ تي اڇلائي ٿي ۽ مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي ڇڏي ٿي.) +مجيد: بيزاري ڪا بيماري ڪانهي گرميءَ جي ڪري ڊپريشن ٿئي ٿو. پگهر سان جسم مان سارو سوڊيئم ۽ پوٽيشم خارج ٿي وڃي ٿو ان ڪري طبيعت ۾ بيزاري پيدا ٿئي ٿي. ٻه ڏينهن لوڻ پاڻي ۽ فروٽ جوس پيئندينءَ ته بيزاري پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي. +(ايتري ۾ پاسي واري ڪمري مان کنگهه جو نٻل ۽ ڪمزور آواز اچي ٿو. کنگهه جو آواز ٻڌي سڪينه جو منهن هارجي وڃي ٿو. هوءَ آهستي آهستي ڪرسيءَ تان مٿو کڻي ٿي ۽ ڪن لائي کنگهه جو آواز ٻڌي ٿي. آواز هلڪو ٿي ختم ٿي وڃي ٿو.) +سڪينه: ماسي هاڻي ڪيئن آهي؟ +مجيد: موت ۽ زندگيءَ جي جنگ هلي پئي. +سڪينه: (ڪرسيءَ تان اٿندي) موت ۽ زندگي! ٻئي ڪيڏا نه خوفناڪ لفظ آهن. +مجيد: هن سائنسي دور ۾ اهڙيون ايجادون به ٿيون آهن جن سان ماڻهو موت سان مقابلو ڪري سگهي ٿو. +سڪينه: ڇا ڪا اهڙي به سائنسي ايجاد ٿي آهي جنهن سان ماڻهو زندگيءَ سان مقابلو ڪري سگهي. زندگيءَ مان ساري ڪڙاڻ کي ڪڍي ڇڏي، جيئن نانگ مان زهر ڪڍبو آهي ۽ زندگي ماکيءَ جهڙي مٺي ٿي پوي. هن دنيا ۾ ڪي ته اهڙا انسان به هوندا جن لاءِ زندگي ماکيءَ جهڙي مٺي هوندي! جيڪي مون وانگر زندگيءَ کان بيزار نه هوندا، جن لاءِ هر نئون صبح نت نين خوشين جا پيغام آڻيندو هوندو. منهنجي لاءِ ته زندگي زهر آهي. روز صبح جو اٿندي آهيان ته ساڳيو گهر، ساڳيا ماڻهو، هر شيءِ ساڳي هوندي آهي. روز هن دريءَ مان سج ليئو پائي چوندو آهي: هاڻي اسڪول وڃڻ جو وقت ٿي ويو. اسڪول ۾ ساڳيون ڇوڪريون، ماسترياڻين جون ساڳيون بيزار ڪندڙ ڳالهيون، ڍڳي وانگر زنگيءَ جي گهاڻي ۾ پئي ٿي وَهان، پر ڍڳي جي اکين تي ته کوپا چڙهيل هوندا آهن ۽ هن کي خبر ئي ڪانه هوندي آهي ته گهاڻي کان ٻاهر زندگي ڪيتري نه حسين آهي.....! وڏا ۽ وائکا ميدان آهن جن ۾ سونهن جا پِيلا گل ٿا جهولن. سج ڌرتيءَ جي هنج ۾ منهن لڪائي ٿو ۽ افق وٽ گلاب جا هزارين گل ٽڙي ٿا پون. +مجيد: اوهان اديبن ۽ فنڪارن سان ٽريجڊي اها آهي جو اوهين احساسات جي سطح تي زندگي گذاريندا آهيو. اوهان جو ذهن اوهان جي احساس�� جي تابع هوندو آهي. اڄ جو دور احساسن جو نه ذهن جو دور آهي. هن دور کي اوهان جون ڪهاڻيون ۽ اوهان جا بيت نه گهرجن، پر اهڙا هٿ گهرجن جيڪي آپريشن ڪري سگهن، جيڪي نت نيون ايجادون ڪري سگهن. +(ڪال بيل وڄي ٿي، نوڪرياڻي ساڄي دروازي مان نڪري کاٻي دروازي ڏانهن وڃي ٿي.) +سڪينه: شايد ٽپالي آيو آهي. +مجيد: ٽپالي ته ٿي ويو. +(نوڪرياڻي اندر اچي ٿي.) +نوڪرياڻي: سائين اوهان کي هڪڙو ماڻهو پيو سڏي. +مجيد: چئينس ته اچي ٿو. مون کي هڪڙي مريض کي ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو. (ڪارنس تان ڊاڪٽريءَ جو ٿيلهو کڻندي) ڳالهين ۾ ياد ئي نه رهيو. تون امان جو خيال رکجانءِ، مان مريض کي ڏسي ٿو اچان. +(مجيد وڃي ٿو. اسٽيج تي سڪينه ۽ نوڪرياڻي اڪيليون رهجي وڃن ٿيون.) +سڪينه: مائي خط نه آيو؟ +نوڪرياڻي: نه بيبي. +سڪينه: اڄ هن جي خط اچڻ جو ڏينهن هو. الائي ڇونه آيو؟ +نوڪرياڻي: بيبي تون جمال جي خط جو ڪيڏو نه انتظار ڪندي آهن. +سڪينه: جمال جا خط ئي منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهن. +(وري ڪال بيل وڄي ٿي. نوڪرياڻي ٻاهر وڃي ٿي. سڪينه آرام سان ڪرسيءَ تي ويهي مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي ٿي. پاسي واري ڪمري مان ماسي جي کنگهه جو نٻل ڪمزور آواز اچي ٿو. کنگهه جو آواز ٻڌي سڪينه جو منهن هارجي وڃي ٿو. هوءَ آهستي آهستي مٿو مٿي ڪري آواز ٻڌي ٿي. نوڪرياڻي اندر اچي ٿي. هن جي هٿ ۾ ڪاغذ جو لفافو آهي. +نوڪرياڻي: بيبي تار آئي آهي. +سڪينه: (ڇرڪي) تار.....! +نوڪرياڻي: بيبي، پڙهه ته ڇا جي تار آهي، شل خير جي هجي. +(سڪينه تار وٺي جلدي جلدي کولي پڙهي ٿي. هن جو چهرو خوشيءَ مان ٽڙي پوي ٿو.) +سڪينه: (پنهنجي منهن) جمال ٿو اچي! +نوڪرياڻي: بيبي خير جي تار آهي ني.....؟ +سڪينه: (خوشيءَ مان ٽڙندي) مائي جمال ٿو اچيئي. +نوڪرياڻي: جمال! +سڪينه: ها ها، جمال، اڄ ڏهين واري گاڏي ۾ ايندو. هينئر ٽائيم الائي گهڻو ٿيو آهي؟ (گهڙيال ۾ ٽائيم ڏسي ٿي) اڍائي ٿيا آهن. ڏهن ۾ اڃا گهڻي دير آهي. مائي تيسين تون هي ڪمرو ٺيڪ ڪري وٺ. هي صوفا ڀت سان ڪري رک. ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، انهن کي ڇنڊي ڦوڪي ميز تي سجائي رک. موتئي جا گل گهرائي ۽ گلدستي ۾ سجائي، جمال کي گل ڏاڍا وڻندا آهن. هڪ دفعي هن خط ۾ لکيو هو ته هو هميشه ڪتاب پڙهڻ يا ڪهاڻي لکڻ مهل سامهون گل سجائي رکندو آهي. مائي، جمال تمام وڏو ليکڪ اٿيئي. پر مائي تون ائين وائڙن وانگر منهنجو منهن ڇو ٿي ڏسين، ڪجهه ڪرين ڇو نه ٿي، ڄاڻ ڏهه ٿيا، اڃا سارو گهر ٺاهڻو آهي. +نوڪرياڻي: بيبي، تون يڪ ساهيءَ ايتريون ڳالهيون چئي ويئي آهين، جو مون کي ته هڪ ڳالهه به ياد نه رهي. +سڪينه: اوءِ مائي! چڱو هل ته پهرين توکي سمجهايان ته رات جي ماني ۾ ڇا ڇا تيار ڪرڻو اٿيئي. +(سڪينه نوڪرياڻيءَ سان گڏ ڪمري مان وڃي ٿي.) +پردو ڪِري ٿو +ڏيک ٻيو +(ساڳيو ڪمرو، ڪمري جو سامان ترتيب سان رکيل آهي. دروازي ۽ دريءَ تي پردا ٽنگيل آهن، دريءَ جو پردو هٽايل آهي ۽ دريءَ کان ٻاهر نم جي ٽارين جي پٺيان اونداهون خال نظر ٿو اچي جنهن ۾ ستارا ٽمڪي رهيا آهن. سينٽر ٽيبل تي گلدستي ۾ موتئي جا کير جهڙا اڇا گل سجايل آهن. گهڙيال سوا ڏهه ٿو وڄائي ساڄي دروازي جو پردو هٽائي سڪينه اندر اچي ٿي، هن جي پٺيان نوڪرياڻي آهي) +سڪينه: (ڪمري جو جائزو وٺندي.) هاڻي ڪمرو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. هر شئي ترتيب ۽ سليقي سان رکيل آهي. (هن جي نظر ميز تي رکيل گلدستي تي پوي ٿي. هوءَ گلدستي ڏانهن وڌي ٿي) اڄ پهريون دفعو هن گهر ۾ گل ٿا نظر اچن. (گلدستي تي جهڪي، اونهون ساهه کڻي گل سنگهي ٿي.) الائي گهڻن ڏينهن کان پوءِ مون گل سنگهيا آهن. هن گهر ۾ ته رڳو مجيد جي دوائن جي ڌپ پئي ايندي آهي گهر ته نه آهي، ڄڻ اسپتال آهي، مائي چانهه جو پاڻي ته چاڙهي ڇڏيو اٿيئي ني، جمال چانهه جو ڏاڍو شوقين آهي. پنهنجي هر خط ۾ چانهه جو ذڪر ڪندو آهي. چانهه جي ڪوپ مان نڪرندڙ هلڪي ٻاڦ، گرمي ۽ ميٺاڄ ڄڻ...... +(ايتري ۾ ماسي جي کنگهه جو آواز اچي ٿو ۽ سڪينه جي چهري تان يڪدم خوشي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ هوءَ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏي ٿي.) +نوڪرياڻي: وڏي بيبيءَ تي وري کنگهه جو دورو پيو آهي. مان ڏسي اچانس ٿي. +(نوڪرياڻي وڃي ٿي، کنگهه جو آواز ايندو رهي ٿو. سڪينه ماٺ ڪري، بُت بڻجي آواز ٻڌندي رهي ٿي. کنگهه جو آواز هلڪو ٿئي ٿو. ٻاهران گهوڙن جي گهنگهرن جو آواز اچي ٿو، گهنگهرن جو آواز ٻڌي سڪينه جو چهرو خوشيءَ ۾ ٽڙي پوي ٿو. هوءَ يڪدم ڊوڙي وڃي دريءَ وٽ بيهي ٿي ۽ دريءَ جي سيخن مان هيٺ نهاري ٿي. ٿوريءَ دير تائين هوءَ هيٺ نهاريندي رهي ۽ پوءِ دريءَ وٽان هٽي ڪارنس وٽ اچي ٿي ۽ ڪارنس تي رکيل آئيني ۾ ليئو پائي ڏسي ٿي. تڙ تڪڙ ۾ وار ٺيڪ ڪري ٿي ۽ پوءِ رئو مٿي تي رکي منتظر نظرن سان ڏاڪڻ واري دروازي ڏانهن نهاري ٿي. دروازي مان جمال اندر اچي ٿو. مجيد هن جي پٺيان اندر داخل ٿئي ٿو. مجيد جي هٿ ۾ جمال جي بيگ آهي. جمال جي عمر پنجيتاليهه ورهيه آهي. هن جون پيشانيءَ وٽان وارن جون چڳون ۽ ڪنن وٽان نوڪون اڇيون آهن. هن کي نظر جي عينڪ پيل آهي، وات ۾ پائيپ اٿس جنهن سان هن جي شخصيت گنڀير ٿي لڳي. هو پائيپ وات مان ڪڍي گهر جي ديوارن ۽ ڇت کي اهڙيءَ طرح ڏسي ٿو جو هن جي نظر سڪينه تي نٿي پوي.) +جمال: اڄ ڪيترن سالن کانپوءِ مون هن گهر ۾ پير پاتو آهي، مون پنهنجو سارو ننڍپڻ هن گهر ۾ گذاريو، پر اڄ هي گهر .... هن گهر جا در ۽ ديوارون مون کي اوپرا ٿا لڳن. ڄڻ هر شيءِ بدلجي وئي آهي، پر شايد ڪجهه به نه بدليو آهي. مان بدلجي ويو آهيان. منهنجا جذبا ۽ احساس بدلجي ويا آهن، مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي اڳ هن هنڌ (ٿورو مڙي هٿ ۾ جهليل پائيپ سان ان طرف اشارو ڪري ٿو، جتي سڪينه بيٺي آهي. هن جي نظر سڪينه تي پوي ٿي ۽ هن کان پنهنجي ڳالهه وسري وڃي ٿي. هو پائيپ سان سڪينه ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو.) +جمال: تون سڪينه آهين ني.....!؟ +سڪينه: اوهين ته پنهنجن کي به نٿا سڃاڻو....... +مجيد: پروفيسر مون کي به نه سڃاتو. +جمال: پر تون ايڏي وڏي ڪيئن ٿي ويئينءَ؟ تون ته هيترڙي هوندي هئينءَ! +سڪينه: اوهان جي مرضي آهي ته اڃا اوتري ئي هجان. +جمال: ڪمال آهي...... (صوفي تي ويهي ٿو) ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو اوهين ٻئي هيترڙا هوندا هئا. سارو ڏينهن پيا شرارتون ڪندا هئا. سڪينه ته ڏاڍي شرير هوندي هئي. رات ٿيندي هئي ته ٻئي اچي منهنجو پاسو وٺندا هئا ته آکاڻي ٻڌاءِ. مان اوهان کي پرين ۽ ديوين جون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هوس. وقت گذرندي دير ئي نٿو ڪري، اڄ هڪڙو ڊاڪٽر آهي ۽ ٻي مشهور اديبا.....! +مجيد: اوهين به ته بدلجي ويا آهيو. وار ئي اڇا ٿي ويا اَٿو. +جمال: ياد اٿيئي، ننڍپڻ ۾ اوهان ٻنهي کي شعر پڙهائيندو هوس..... پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن هيءُ اڇا وار ۽ گهنج وقت جا پيرا آهن. +سڪينه: اوهين ايترا پوڙها ته نٿا لڳو. +جمال: مان به پاڻ کي ائين چوندو آهيان، پر آرسيون ڏاڍيون بي رحم ٿينديون آهن. منهن تي سچ چئي ڏينديون آهن ته مان پوڙهو ٿي ويو آهيان. مان به ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ويٺس. اوهان نوجوانن سان پوڙهائپ جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنم. +ها..... مجيد ڪر خبر، ڊاڪٽري ڪيئن ٿي هلي؟ +مجيد: ڏاڍي سٺي ٿي هلي، هن ساري شهر ۾ مان ئي هڪڙو ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر آهيان، انڪري مٿي کنڻ جي فرصت به ڪانه ٿي ملي، پر ته به مان خوش آهيان. منهنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد ته آهي. بنا مقصد جي ڪهڙي زندگي. +سڪينه: ڊاڪٽريءَ جي موضوع تي مجيد ساري رات ڳالهائي سگهي ٿو. پر خدا جي واسطي مجيد سان ادب ۽ آرٽ جي ڳالهه نه ڪجو، مجيد کي ادب ۽ آرٽ سان خدا ڪارڻ وير آهي. +جمال: ڇا واقعي؟ +مجيد: (ڏک ۽ ناراضگيءَ سان) مون کي ادب ۽ آرٽ سان وير ته ڪونهي، پر مان ادب ۽ آرٽ کي زندگيءَ جو مقصد نٿو سمجهان، اهي سڀ واندڪائيءَ جون ڳالهيون آهن، انهن مان سوسائٽي کي ڪو فائدو نٿو پهچي. +سڪينه: ان ڪري ئي مجيد کي گل نه وڻندا آهن جو گلن مان سوسائٽيءَ کي ڪو فائدو نٿو پهچي. مجيد جي خيال ۾ سڀني گلن مان سٺو گل گوبيءَ جو گل آهي. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ پيٽ ته ڀري سگهجي ٿو. +(جمال کلي ٿو. مجيد جي چهري مان رنج ظاهر ٿئي ٿو.) +جمال: ڏاڍي شرارتي آهين. +(ماسيءَ جي کنگهه جو آواز اچي ٿو. سڪينه جي چهري تان يڪدم خوشي غائب ٿي وڃي ٿي.) +جمال: چاچيءَ سان ته مليو ئي نه آهيان، چاچي ڪٿي آهي؟ +مجيد: امان جي طبيعت خراب آهي. پاسي واري ڪمري ۾ ستي پئي آهي. +جمال: مان چاچيءَ سان ملي اچان ٿو. +مجيد: امان کي هينئر آرام جي ضرورت آهي، اوهين سڀاڻي ملجوس. +(وري کنگهه جو آواز اچي ٿو.) +مجيد: مان امان کي ڏسي ٿو اچان. +(مجيد وڃي ٿو، جمال پائيپ دکائيندي چئي ٿو.) +جمال: مجيد ڪيترو نه بدلجي ويو آهي، ننڍو هوندو هو ته مان هن کي هڪڙو غير جوابدار ۽ بيوقوف ڇوڪرو سمجهندو هوس، پر هينئر هو ڪيڏو نه جوابدار ۽ سمجهو ٿي پيو آهي. +سڪينه: مجيد اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو اوهان هن کي ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو. هو ڊاڪٽر آهي، پر هن ۾ ڪامياب ڊاڪٽر ٿيڻ جي ڪا صلاحيت ڪانهي. ماسيءَ جي بيماريءَ جو وڏو سبب به مجيد ئي آهي. +جمال: (اٿندي) اسان ۾ ڇا جي صلاحيت آهي ۽ ڇا جي ڪانهي سو ته اسان مان ڪوبه سمجهي نٿو سگهي. مون ساري زندگي ڪهاڻيون لکيون، پر هينئر مون کي احساس ٿيو آهي ته مون ۾ ڪهاڻين لکڻ جي صلاحيت ڪانهي. مان پروفيسر آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ ڇوڪرن کي پڙهائيندي سوچيندو آهيان ته مون ۾ پروفيسر ٿيڻ جي به صلاحيت ڪانهي، مان پنهنجو پاڻ کي ۽ هنن ڇوڪرن کي دوکو ڏيئي رهيو آهيان، اسين زندگيءَ ۾ جيڪو به پيشو اختيار ڪندا آهيون تنهنجو دارومدار اسان جي صلاحيتن تي نه، پر حادثاتي هوندو آهي، اسين سڀئي زندگيءَ جي ڊرامي ۾ غلط پارٽ پيا ادا ڪريون. +سڪينه: سچ ٿا چئو. اسين سڀئي زندگيءَ جي بي معنيٰ ڊرامي ۾ غلط پارٽ پيا ادا ڪيون، اسين پنهنجن صلاحيتن جون قبرون آهيون. +جمال: تو ۾ ته وڏيون صلاحيتون آهن، تون تمام وڏي اديبا آهين. ايڏي وڏي، جو ڪڏهن ڪڏهن مون کي تو کان ڊپ ٿيندو آهي. +سڪينه: مون کان ڊپ ٿيندو اٿو؟ +جمال: ها، توکان ڊپ ٿيندو آهي، تنهنجي ڏاتِ کان ڊپ ٿيندو آهي. هر پراڻو نسل نئين نسل کان ڊڄندو آهي، تو ابسن جو ڊرامو، عظيم معمار پڙهيو آهي، مان به ابسن جي عظيم معمار وانگر محسوس ڪندو آهيان ته تون منهنجو در کڙڪائي رهي آهين ته اها ڪرسي خالي ڪر جو هاڻي مان ڪرسيءَ تي ويهندس. +سڪينه: (لڪل خوشيءَ سان) اوهين هميشه منهنجي همت افزائي ڪندا آهيو. سچ پچ ته جي اوهين منهنجي همت افزائي نه ڪريو ها ته مان ڪڏهن به اديبا ٿي نه سگهان ها. +جمال: تنهنجي ڏات سان پيار ڪري مون پنهنجو پاڻ سان پيار ڪيو آهي. انڪري جو مان تنهنجو پيشرو آهيان ۽ تون منهنجو آئيندو آهين. مون جڏهن هي گهر ڇڏيو هو، تڏهن تون ننڍڙي هئينءَ تڏهن مان سوچي به نٿي سگهيس ته اها ننڍڙي ڇوڪري اڳتي هلي منهنجو آدرش ۽ منهنجو خواب ٿيندي. +سڪينه: مان اوهان جون ڪهاڻيون پڙهندي هيس ته مون کي اوهان جي ڪهاڻين ۾ پنهنجن ئي احساسن جا پاڇولا نظر ايندا هئا، پوءِ مون اوهان سان خط و ڪتابت شروع ڪئي ۽ اسان جي دوستي گهري ٿي وئي. +جمال: ايتري گهري جو جيڪڏهن اڄ ڪو منهنجي زندگيءَ مان ان دوستيءَ کي ڪڍي ڇڏي ته منهنجي زندگي بي معنيٰ ٿي پوندي. +(نوڪرياڻي چانهه کڻي اندر اچي ٿي، ٻئي ماٺ ٿي وڃن ٿا، نوڪرياڻي چانهه ميز تي رکي ٿي، سڪينه ڪرسيءَ تي ويهي چانهه ٺاهڻ لڳي ٿي ۽ جمال دريءَ کان ٻاهر نهاري ٿو.) +جمال: هتي ڪيتري نه سانت ۽ ڪيترو نه سڪون آهي، رات ڪيتري تاريڪ ۽ تارا ڪيترا روشن آهن. وڏن شهرن ۾ ته ماڻهن ۾ به انفراديت ڪانهي پر هتي ته بي جان شين کي به پنهنجي شخصيت آهي. +سڪينه: (چانهه جو ڪوپ هن کي ڏيندي) اوهان کي هتان جي سانت مان سڪون ٿو ملي، پر مون کي ان سانت کان وحشت ٿيندي آهي. هن ننڍڙي شهر ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ڪونهي، جنهن سان ريهاڻ ڪري پنهنجي شخصيت جو اظهار ڪري سگهجي. اوهان جو خط ايندو آهي ته سمجهندي آهيان ڪو مهربان دوست ملي ويو. +جمال: تنهنجي ۽ منهنجي دوستي به عجيب آهي، تون اڀرندڙ صبح آهين ۽ مان ميرانجهي سانجهي! +سڪينه: دوستي وقت جا ويڇا اورانگي سگهندي آهي پر ڪڏهن به ذهني ويڇا اورانگي نه سگهندي آهي. مجيد ۽ منهنجو ئي مثال وٺو. اسين ٻئي ذري گهٽ هم عمر آهيون، هو منهنجو ڏاڍو خيال رکندو آهي، پر اسان ۾ ايڏا ته ذهني ويڇا آهن جو اسين ڪڏهن به دوست ٿي نٿا سگهون. +جمال: مون کي توسان ملڻ جي ڪيڏي نه تمنا هئي، يقين ئي نٿو اچي ته اڄ منهنجي اها تمنا پوري ٿي آهي، مون جڏهن هي گهر ڇڏيو هو تڏهن وعدو ڪيو هيم ته وري هن گهر ۾ پير نه پائيندس. اڄ پنجويهن سالن کانپوءِ هن گهر ۾ موٽي آيو آهيان ۽ اڄ هن گهر جون بي زبانون ڀتيون مون کي منهنجي ننڍپڻ جو داستان ٻڌائي رهيون آهن. مان ننڍو ئي هوس جو منهنجا پيءُ ماءُ مري ويا. مجيد جي پيءُ ۽ ماءُ مون کي پاليو، چاچي ۽ چاچيءَ کي مون کان نفرت هئي، مان هنن کي ڏٺي ڪين وڻندو هوس. هي بي زبان ڀتيون شاهد آهن ته منهنجو ننڍپڻ ڪيئن نه نفرت جي جهنم ۾ جلندي گذريو. +سڪينه: مان به يتيم هيس، مون به توهان وانگر ماسي ۽ ماسڙ جا عذاب سهي ننڍپڻ گذاريو. مون کي ياد آهي، جڏهن ماسي مجيد کي هنج ۾ ويهاري پيار ڪندي هئي، تڏهن منهنجي سيني مان سور جي سَٽَ نڪرندي هئي ۽ مان سوچيندي هيس: جيڪر منهنجي به ماءُ هجي ۽ مون کي هنج ۾ ويهاري پيار ڪري. +جمال: انسان ڪيترو نه دکي آهي، گلڙن جهڙا ٻارڙا ڪيئن نه نفرت جي ٽانڊن ۾ پڄرندا، وڏا ٿا ٿين ۽ پوءِ ڪيئن نه ان نفرت جو سوسائٽي کان انتقام ٿا وٺن. +(اوچتو پاسيءَ واري دروازي مان مجيد اندر اچي ٿو، هن جي چهري مان پريشاني ٿي بَکي، هو بدحواسيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو.) +مجيد: منهنجو ٿيلهو ڪٿي آهي؟ +(هن جي پريشاني ڏسي سڪينه هراسجي وڃي ٿي، جمال به پريشان ٿئي ٿو. مجيد هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ هن جي نظر ڪارنس تي رکيل ٿيلهي تي پوي ٿي، هو سَٽ ڏيئي ٿيلهو کڻي وڃڻ لڳي ٿو.) +سڪينه: (چانهن جو ڪوپ ميز تي رکندي پريشانيءَ وچان) مجيد خيريت ته آهي؟ +مجيد: ها، بلڪل خيريت آهي. +سڪينه: ماسي ڪيئن آهي؟ +مجيد: امان بلڪل ٺيڪ آهي، فڪر جي ڪا ڳالهه ڪانهي. +(مجيد ڪمري مان نڪري وڃي ٿو، ٻاهران چوڪيدار جو آواز ٿو اچي، هوشيار.....؛ جيڪو ماحول کي خوفناڪ بڻائي ٿو ڇڏي، پريان کان ٻيو چوڪيدار وراڻي ٿو ڏي؛ هوشيار......؛ ڪتا ڀؤنڪن ٿا.) +سڪينه: چوڪيدار جو آواز ڪيڏو نه خوفناڪ آهي، ڪتن جي ڀؤنڪاٽ ڪيتري نه ڀوائتي آهي، مان ته هتي چري ٿي پوندس. مان هن ماحول مان نڪري ڪنهن اهڙي هنڌ وڃڻ ٿي چاهيان، جتي گرمي ۽ ٻوسٽ نه هجي. ڊاڪٽريءَ جون بيزار ��ندڙ ڳالهيون نه هجن. بيماري نه هجي، جتي سدا ٿڌڙي هير گهلندي هجي. روشني هجي. آواز هجن. +جمال: تون هتان نڪرڻ ٿي چاهين ۽ مان پنهنجي ماحول مان نڪري هتي اچڻ ٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو ته مان زندگيءَ جي بي معنيٰ گوڙ ۽ شور کان ڀڄي هتي اچي رهان. ساري ساري رات تو سان ريهاڻيون ڪريان، هن دريءَ مان پرهه کي ڦٽندو ۽ شفق کي ٽڙندو ڏسان. رات جي سانت ۾ ٻئي ويهي خواب ڏسون. پنهنجين ايندڙ خوشين جا خواب، انسان جي روشن آئيندي جا خواب، ڪيئي سج اُڀرڻ ۽ لهي وڃن، پر اسين خواب ڏسندا رهون. اهڙا خواب جو جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سج نه نڪري ۽ پنهنجن ڪرڻن سان ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ وساري ڇڏي ته اسان جا خواب ساري ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏين. +(ماسيءَ جي کنگهه جو آواز اچي ٿو. سڪينه جو منهن پيلو ٿي وڃي ٿو. کنگهه جو آواز وڌي ۽ پوءِ يڪدم بند ٿي وڃي ٿو. سڪينه ڊنل نظرن سان جمال ڏانهن نهاري ٿي. مجيد اندر اچي ٿو.) +مجيد: (روئڻهارڪي آواز ۾) سڪينه، سڪينه، امان...... +(هو اڳتي چئي نٿو سگهي ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي اوڇنگار ڏيئي روئي ٿو، سڪينه دانهن ڪري ٿي.) +سڪينه: ماسي...... +(۽ پوءِ ڊوڙي ڪمري مان نڪري وڃي ٿي، جمال اڳتي وڌي مجيد کي ڳراٽڙي پائي ٿو، مجيد هن جي سيني ۾ منهن لڪائي روئي ٿو.) +ڏيک ٽيون +(ساڳيو ڪمرو، جمال جي بيگ ميز تي رکي آهي. جمال دريءَ وٽ بيٺو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو آهي. سڪينه ڪرسيءَ تي ويٺي آهي. هن جو چهرو اداس آهي. هوءَ آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي مٿو رکي خالي خالي نظرن سان ڇت ۾ گهوري رهي آهي. ميز تي رکيل گل ڪومائجي ويا آهن. گهڙيال ۾ پنج وڄڻ وارا آهن. دريءَ کان ٻاهر افق وٽ پرهه ڦٽڻ واري آهي.) +سڪينه: ماسيءَ جو ٽيجهو به ختم ٿي ويو، پر مون کي اڃا تائين يقين نه ٿو اچي ته ڪو ماسي اسان کان وڇڙي وئي آهي. ائين ٿو لڳيم ڄڻ ڄاڻ ڀر واري ڪمري مان ماسيءَ جي کنگهه جو آواز آيو. +جمال: هن زندگيءَ جي سراءِ ۾ اسين سڀ مسافر آهيون ۽ اسان کي هي سراءِ ڇڏي هلڻو آهي، پر اسان کي گهرجي ته جيتري دير به هن سراءِ ۾ رهون هن کي سينگاريون ۽ سنواريون ته جيئن ٻيا مسافر اچي سک ماڻين. ڪا اهڙي ياد، ڪو اهڙو آدرش ۽ ڪو اهڙو خواب ڇڏي وڃون جيڪو هن سراءِ جي سونهن ۾ واڌارو ڪري. +سڪينه: اوهين ايترو جلد ڇو ٿا وڃو؟ +جمال: مون کي منهنجا زنجير ٿا سڏن. +سڪينه: جڏهن اسين ٻئي پنهنجا پنهنجا زنجير ٽوڙي نٿا سگهون ته پوءِ اسان جي هڪٻئي سان ڏيٺ ويٺ ۽ دوستي ڇو ٿي؟ +جمال: انڪري ته جيئن اسين ان دوستيءَ جي سهاري زندگيءَ جو قيد ڪاٽي سگهون ۽ اسان مان زنده رهڻ جي خواهش ڪڏهن به ختم نه ٿئي. مان جڏهن به زندگيءَ کان ٿڪجي پوندو آهيان. پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کان بيزار ٿي پوندو آهيان، تڏهن مون کي تنهنجي دوستي ياد پوندي آهي ۽ مان سوچيندو آهيان ته زندگي هرڀرو ايتري خراب ڪانهي. زندگيءَ ۾ اڃا سونهن آهي، پيار آهي، منهنجي چوڌاري رهندڙ انسان خراب نه آهن. سڀ دکي پر ڏاڍا نيڪ دل آهن. مون کي انهن جي دکن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ پوءِ مان هڪ نئين جذبي سان زندگيءَ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪندو آهيان. +سڪينه: مجيد به ڪيترو نه دکي آهي، جيڪڏهن هن جي ڊاڪٽري کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي ڪانهي يا هن ۾ ڪامياب ڊاڪٽر ٿيڻ جي صلاحيت ڪانهي ته ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هو به زندگيءَ جي بي معنيٰ ڊرامي ۾ غلط پارٽ پيو ادا ڪري. +جمال: ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڇو نه اسين سڀ گڏجي زندگيءَ جي بي معنيٰ ڊرامي کي معنيٰ ڏيون. +سڪينه: مان به سوچيندي آهيان ته اسين ڪيترا نه دکي آهيون، پر جي اسين سڀ دکي انسان گڏجي ز��دگيءَ جا دک دور ڪرڻ شروع ڪيون ته زندگي ڪيتري نه حسين ٿي پوي؟ +جمال: ها، جيڪڏهن اسين سڀ زندگيءَ جا پيشانيءَ تان دکن جي ڌوڙ کي ڌوئون ته زندگي ڪيتري نه حسين ٿي پوي. هن پرهه جي پيشانيءَ جهڙي حسين، جنهن تان رات جي تاريڪي ڌوپبي پئي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجو پاڻ کي زندگيءَ جي آڏو مجرم محسوس ڪندو آهيان. ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ مان مجرمن جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو آهيان ۽ حسين پر ڏکويل زندگي مون کان پڇي ٿي، تو منهنجي ڏکن کي گهٽائڻ لاءِ ڇا ڪيو ۽ مان شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو آهيان. +سڪينه: ها، اسين سڀ زندگيءَ آڏو شرمسار آهيون جو اسين پنهنجيءَ ۾ پورا آهيون ۽ زندگيءَ جي دکن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪجهه نٿا ڪريون. +جمال: تو سان دوستي ٿي ته مان پنهنجا زنجير وساري ويٺس، مون خواب ڏٺو ته اسين ٻئي هميشه لاءِ گڏ رهنداسين. مان زندگيءَ جي هڻ هڻان کان ٿڪجي گهر ۾ پير پائيندس ۽ تون مرڪ سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪندينءَ، پوءِ اسين چانهن جي گرم هٻڪار ۾ ڳالهيون ڪنداسين ۽ ان وقت جا خواب ڏسنداسين، جڏهن زندگي ايتري دکي نه هوندي جڏهن گلڙن جهڙا ٻارڙا نفرت جي ٽانڊن ۾ نه پڄرندا. +سڪينه: جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ مان بيزار نه هوندو، گرمي گهٽ ۽ ٻوسٽ نه هوندا ۽ سدا ٿڌڙي هير گهلندي. +جمال: جڏهن ڪو به جمال پنهنجي خواب ۽ پنهنجي آدرشن کان وڇڙڻ لاءِ مجبور نه هوندو. +سڪينه: ڇا اسان جا خواب ڪڏهن پورا نه ٿيندا؟ +جمال: اسان جا خواب ضرور پورا ٿيندا ۽ زندگيءَ جي پيشاني تان دکن جي ڌوڙ ضرور ڌوپبي. +سڪينه: تيسين ته اسين مري کپي وينداسين. +جمال: ها، اسين مري کپي وينداسين، پر اسان جو ڪونه ڪو نسل زندگيءَ جا سک ضرور ماڻيندو. اسين ٻج آهيون اسان کي ڳرڻو ۽ مرڻو آهي پر اسان جي دکن مان ئي سکن جا گلاب ٽڙندا ۽ اگهاڙي ڌرتي سائي شال اڍيندي. +(سڪينه جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا.) +جمال: سڪينه تون روئين ٿي؟ +سڪينه: نه، مان روئان ته نٿي، مان ته ٻج جي آبياري ٿي ڪريان، لڙڪن سان زندگيءَ جي دکن کي ٿي ڌئان. +(هنن جي گفتگو جي دوران مجيد اندر اچي ٿو. ماٺ ڪري هنن جي گفتگو ٻڌي ٿو، هن جي چهري تي ڏک جا تاثرات اڀري ٿا اچن، هو ٿڪل قدم کڻي ڪمري مان هليو وڃي ٿو، هيٺان گهوڙي جي گهنگهرن جو آواز اچي ٿو.) +جمال: ٽانگو اچي ويو، منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو، مون کي اداس ٿيڻ نه گهرجي. اسان ٻنهي کي اداس ٿيڻ نه گهرجي، اسان سڀني کي گڏجي زندگيءَ جا دک دور ڪرڻا آهن. مان اداس نه آهيان.... صفا ..... اداس..... نه آهيان. +(هن جو آواز ڀرجي ٿو اچي، اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچنس ۽ هو سٽ ڏيئي ميز تان بيگ کڻي تکو تکو ٻاهر نڪري ٿو وڃي، سڪينه اڪيلي رهجي ٿي وڃي. هو صوفي تان اٿي ٿي ۽ ٿڪل وکون کڻندي دريءَ وٽ اچي بيهي ٿي ۽ دريءَ کان هيٺ نهاري ٿي. مجيد اندر اچي ٿو ۽ پٺيري بيٺل سڪينه کي ڏسندو رهي ٿو. هيٺان گهوڙي جي گهنگهرن جو آواز اڀري ٿو ۽ آهستي آهستي دور ٿيندو وڃي ٿو. سڪينه پٺتي مڙي نهاري ٿي. هٽڪي ٿي ۽ پوءِ ڊوڙي اچي مجيد جي سيني ۾ منهن لڪائي روئي ٿي. دريءَ کان ٻاهر افق مان سج ڪني ڪڍي ٿو ۽ سج جا ڪنوارا ڪرڻا دريءَ جي لوهي سيخن مان اسٽيج تي پون ٿا.) +پردو ڪِري ٿو. + + +سک جي وستي +ڪردار: +خيرالدين: چالاڪ ۽ لالچي پوڙهو، سراءِ جو مالڪ، عمر 54 سال +زيبو: سهڻي شڪل صورت، ڪاوڙيل، چيڙاڪ ۽ چالاڪ، عمر 26 سال. +نسرين: سهڻي، منهن ۾ سٻاجهائي، عمر 20 سال. +ابراهيم: سنهو سڪو. هڙٻاٽيون نڪتل، مڇون وٽيل، پوليس جو جمعدار.خيرالدين جو ڀاءُ، عمر 50 سال +پنهون: سهڻي شڪل صورت، منهن ۾ زخمن جا نشان، عمر 28 سال. +نوري: سلهه جي مريض، جلال جي زال، عمر 30 سال. +جلال: کهرو، ڪاوڙيل واڍو، عمر 40 سال. +قاسم: ڀڳل ۽ ڏنگي چٻي عينڪ پاتل، ٽوپيون ٺاهڻ وارو، عمر 45 سال. +نواب: منهن ۾ نرمي، سڃو رئيس، ٻين جي ٽڪرن تي پلجڻ وارو، عمر 33 سال. +گلاب: ناڪام ايڪٽر، نرم دل، عمر 40 سال. +سيلاني: پر اُميد پوڙهو، عمر 60 سال. +(مئڪسيم گورڪيءَ جي ڊرامي تان ورتل) +سک جي وستي +ڏيک پهريون +(سراءِ جي وڏي، ويڪري، اَڌ اونداهي ڪوٺي، جنهن جي ڇت ۽ ڀتيون دونهاٽيل آهن ۽ ڀتين جو پلستر هنڌ هنڌ تان لٿل آهي. کاٻي پاسي واريءَ ڀت ۾ ڇت وٽ، چوڪنڊو روشندان آهي جنهن مان روشني ٿي اچي. کاٻيءَ ڀت ۾ در آهي جنهن تي ٽپڙي ٽنگي ان کي پنهون لاءِ ڪمرو بنايو ويو آهي، در جي ڀرسان صندل رکيل آهي، صندل تي قاسم ويٺو آهي ۽ ٽوپيءَ کي ٽوپا ٿو ڏي، هن جي آسپاس ٻه چار اڻ سبيل ٽوپيون، قئنچي ۽ ٽوپي جو ٻيو سامان رکيل آهي. ساڄي پاسي واريءَ ڀت ۾ بورچيخاني جو در آهي، جنهن ۾ طاق ڪونهن. بورچيخاني جي در جي ڀرسان کٽ رکيل آهي. کٽ جي مٿان، ٻن ڀتين ۾ ڪليون هڻي، رسي ٻڌي، رسيءَ مٿان چادر لڙڪائي، ننڍڙي ڪوٺڙي ٺاهي وئي آهي. کٽ جي پيراندي چادر مان نظر ٿي اچي ۽ کٽ تي ستل نوريءَ جا پير ٿا ڏسجن. قاسم جي صندل جي ڀرسان جلال ويٺو آهي. هن جي چوڌاري گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل ڪاٺين جا ٽڪرا ۽ واڍڪا اوزار رکيا آهن. هو ماٺ ڪيو ڪاٺيءَ کي رندو ٿو هڻي ۽ ڪنهن ڏانهن ڌيان نٿو ڏي. ڪوٺيءَ جي وچ ۾ گلاب ستل آهي. بورچيخاني جي اورئين پاسي ٽپائيءَ تي گاسليٽ جو چلهو ٿو ٻري ۽ جنت تئيءَ ۾ پڪوڙا ٿي تري. نواب، جنت جي ڀر ۾ بيٺل آهي ۽ بيسڻ ۾ مصالحا ٿو ملائي.) +نواب: اڄ ابراهيم سان ڪهڙيون خلاصيون ڳالهيون ٿي ڪيئي. +جنت: ان مئي ماري سان ڳالهيون وري ڪهڙيون ڪندس. مئي کي نه شرم نه حياءُ. چيائين ٿي مون سان شادي ڪر. +نواب: (اتساهه سان) پوءِ تو ڇا چيس؟ +جنت: چيومانس، مئا شرم ڪر، منهنجي عمر آ شادي ڪرڻ جي. +قاسم: (ٽوپيءَ کي ٽوپو ڏيندي) تنهنجي عمر ڪا وڏي ته ڪانهي. +جلال: (ڪاٺيءَ کي رندو هڻندي) هڏ ڪاٺ مان ته جوان ٿي لڳين. +جنت: (منهنجي عمر ڪا ايڏي وڏي ته ڪانهي، پر شادي نه ڪنديس. چيومانس: قارون جو خزانو آڻي منهنجي پيرن ۾ رکين ته به شادي نه ڪيان. +نواب: ڇو ڀلا، شاديءَ کان ايڏو بيزار ڇو آهين؟ +جنت: جن شاديون ڪيون آهن تن کان پڇ ته شادي ڇا آهي، زال ذات لاءِ جيئرو دوزخ آهي. +جلال: شادي ڪندينءَ ۽ ڪندينءَ به ابراهيم سان. +جنت: اڙي تون ته ماٺ ڪر، تو ته نوريءَ کي وڏا سک ڏنا آهن. ويچاريءَ کي عذاب ڏيئي قبر جي ڪنڌيءَ تي پهچايو اٿيئي. مان به شادي ڪريان ۽ مئي ابراهيم هٿان مارون کائي قبر داخل ٿيان. ابراهيم ته جمعدار آهي، پر جي لاٽ هجي ته به شادي نه ڪريانس. +نواب: بيشڪ. +(جلال رندو رکي اٿي ٿو ۽ بورچيخاني جي ڀرسان فرش تي ستل ايڪٽر کي جاڳائي ٿو) +جلال: گلاب، او گلاب! +گلاب: ڇا آهي؟ ڇو کڻي ننڊ ڦٽائي اٿيئي. +جلال: اٿ صفائي ڪر. +گلاب: (ننڊ مان اٿي ويهي ٿو ۽ اکيون مهٽي اوٻاسي ڏي ٿو) +اڄ صفائيءَ جو وارو منهنجو نه آهي. نواب جو آهي. +نواب: اڄ مان صفائي نه ڪندس. مان جنت سان پڪوڙا وڪڻڻ ويندس. +گلاب: تون صفائي نه ڪندين. باقي اسين تنهنجا نوڪر آهيون جو تنهنجي واري جي صفائي به اسين ڪريون. +نواب: اڙي ڪڏهن ته اسان تو جهڙن کي نوڪر به نه رکندا هئاسين، هاڻي غريب ٿي ويا آهيون ته بس. +گلاب: تو جهڙا سڃا نواب ٽڪي ٽيهه ٿا وڪامن. وڏو آيو آهي نواب جو پٽ. +نواب: اڙي شجري وارا آهيون. شاهي خاندان جا آهيون، احمد شاهه ابدالي جون سندون آهن. +نوري: (چادر جو پردو هٽائي کٽ تي اٿي ويهي ٿي) ڪيڏو نه کڻي گوڙ لاتو اٿو. +جلال: تو به ٽر��ڪو شروع ڪيو. ماٺ ڪري سمهي رهه. +نوري: (کنگهندي) اوهين ته مون کي سک سان مرڻ به نه ڏيندؤ. +جلال: عزرائيل کي اچڻو هوندو ته پاڻهي ايندو، گوڙ ٻڌي ڀڄي نه ويندو. +جنت: ڇو ٿو ويچاريءَ کي ڏاڙهين، ڏسي نٿو ته ويچاري اڄ سڀاڻ تي آهي. +جلال: مري ته جند ڇٽي. +جنت: (نوريءَ جي ويجهو اچي) ڌيءُ تو ههڙي ڏائڻ سان حياتي ڪيئن گذاري. +نوري: (بيزاريءَ مان) مون کي ڇڏيو. مون کي منهنجي حال تي ڇڏيو. +جنت: دل ماندي نه ڪر. ڌڻي تندرستي ڏيندئي، نواب. +نواب: جيءُ......... +جنت: ٻه ٽي پڪوڙا ته کڻي آءُ. +(نواب ڪاغذ ۾ پڪوڙا کڻي جنت ڏانهن وڃي ٿو) +جنت: اچي ڌيءُ، ڪوسا ڪوسا پڪوڙا کاءُ. +نوري: مان پڪوڙا کائي ڇا ڪنديس. +جنت: ڏاڍا چهرا ٺاهيان اٿم. ڪوسا ڪوسا ڀُرڪڻا. +نواب: جنت، هل ته بازار هلون، دير ٿي ٿئي. +جنت: هلون ٿا. ڌيءُ پڪوڙا هتي رکي ٿي وڃانءِ. پوءِ کائجانءِ. (کٽ تان اٿي ٿي) نواب صاحب کڻ ڇٻو ته هلون. +نواب: (ڇٻو کڻندي چنگهي ٿو) مان ته ڇٻو به کڻي نٿو سگهان. +گلاب: شاهي خاندان مان آهين، تو کان ڇٻا ڪيئن کڄندا. +نواب: اڙي انهيءَ ۾ ڪوڙ آهي ڇا، آهيون به نواب. +جنت: هاڻي هل نواب صاحب، دير ٿي ٿئي. +(نواب ۽ جنت وڃن ٿا، گلاب به ٻاهر نڪري وڃي ٿو.) +نوري: جلال! +جلال: ڇا آهي؟ +نوري: اچي، هي پڪوڙا تون کاءُ. +جلال: تون ڇو نٿي کائين. +نوري: مان کائي ڇا ڪنديس. تون سارو ڏينهن ڪم ٿو ڪرين تون کاءُ. +جلال: (اُٿي هن جي ڀرسان کٽ جي پاٽي تي ويهي ٿو) نوري، ڌڻي ڪندو تون تندرست ٿيندين، چڱي ڀلي ٿيندين. +نوري: هاڻي ڇا ٺيڪ ٿيندس. هاڻي ته ٻه ٽي پساهه بچيا آهن، اُهي به پورا ٿيڻ وارا آهن. +گلاب: (اندر ايندي) مان ٻهاري نه ڏيندس. مون کي ڊاڪٽر جهليو آهي. ڊاڪٽر چيو ته منهنجي نسن ۾ شراب جو زهر ڀرجي ويو آهي. +قاسم: نسن ۾ يا دماغ ۾. +گلاب: بڪ نه ڪر. +جلال: (کٽ تان اٿندي بيزاريءَ مان) اجايا لفظ! بي معنيٰ ڳالهيون، مان ته اجايا ۽ بي معنيٰ لفظ ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيو آهيان. +گلاب: لفظ! مون کي، خون جو بدلو خون، ڊرامي جو ڊائلاگ ٿو ياد اچي، لفظ! لفظ! لفظّ! ڇا ته ڊرامو هو. مون ان ڊرامي ۾ قبر کوٽڻ واري جو پارٽ ڪيو هو. +جلال: هاڻي ٻهاري کڻ ۽ پنهنجو اصلي پارٽ ادا ڪر. +گلاب: (جلال جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري) ان ڊرامي جو هڪڙو ڊائلاگ مون کي اڃا توڻي ياد آهي، او منهنجي اوفليا! منهنجي حور! دعائون گهرڻ مهل منهنجا گناهه ياد ڪجانءِ.؛ +(نوريءَ تي کنگهه جو دورو پوي ٿو. جلال هن ڏانهن نهاري ٿو. قاسم جي منهن مان بيزاري ٿي بکي. گلاب جي منهن مان همدري ٿي ظاهر ٿئي. جلال نوريءَ تان نظرون هٽائي پنهنجي ڪم کي لڳي وڃي ٿو. گلاب ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو نوري ڏانهن وڃي ٿو) +گلاب: ادي، اڄ ته ڏاڍي کنگهه ٿي ٿيئي. +نوري: ساهه ٿو ٻوساٽجي. +گلاب: ادي هل، ٻاهر وائک ۾ هلي ويهه، وائک ۾ ساهه کڻندينءَ ته آرام ايندئي. +نوري: آرام ته هاڻي قبر ۾ ايندو. +گلاب: ڌڻي حياتي ڏيندئي ڀيڻ، هل ٻاهر وائک ۾ هلي ويهه. +(گلاب نوريءَ کي سهارو ڏيئي اٿاري ٿو ۽ کيس ٻاهر وٺي وڃي ٿو. نوري چنگهندي، کنگهندي گلاب جي سهاري سان هلندي ٻاهر وڃي ٿي. جلال هنن ٻنهي کي ويندو ڏسندو رهي ٿو.) +گلاب: ادي، خيال سان وک کڻجانءِ، مان پاڻ بيمار آهيان، منهنجي نس نس ۾ شراب جو زهر...... (اوچتو هن جي نظر خيرالدين تي پوي ٿي ۽ هو جملو اڻپورو ڇڏي ٿو. خيرالدين عينڪ کي نڪ جي چهنب تي رکي، عينڪ جي مٿان هنن کي ڏسي ٿو.) +خيرالدين: (ڇرڪي پري ٿئي ٿو) ڪهڙو نه زمانو آهي، ٻڪري ۽ شينهن هڪ ئي تلاءَ تي پاڻي ٿا پيئن! +(جلال هن کي ڏسي تکو تکو رندو هڻڻ لڳي ٿو.) +(خيرالدين ساڄيءَ ديوار جي در تي ٽنگيل ٽپڙي ڏانهن نهاري ٿو ۽ ٽپڙيءَ جي پٺيان ڪنهن آواز ٻڌڻ لاءِ ڪن سرلا ڪري ٿو. پوءِ جلال ڏانهن ڏسي ٿو.) +خيرالدين: اندر جي باهه رندي سان ٿو مارين. +جلال: ڇا؟ +خيرالدين: پڇيو ٿي مانءِ...... الائجي ڇا ٿي پڇيو مانءِ...... ها ڳالهه ياد آئي (رازداريءَ سان) منهنجي زال ته هتي نه ڏٺئي. +جلال: مان تنهنجي زال جو رکوالو آهيان ڇا؟ +خيرالدين: آهستي ڇو نٿو ڳالهائين، رڙيون ڪري هنيانءُ ڇو ٿو ڪڍين. خبر نه ٿئي، مان دل جو مريض آهيان. (اڳتي وڌي) ڪيڏي ته کڻي جاءِ والاري اَٿوَ. ڏيو سؤ رپيا ۽ جاءِ والاريو هزارن جي. هاڻي مان مسواڙ وڌائيندس. ٻڌو ٿا. +قاسم: هٻڇي پوڙها، قبر جي ڪنڌيءَ تي آهين، ته به هٻڇ نٿو ڇڏين. +خيرالدين: قبر جي ڪنڌيءَ تي آهيان تڏهن ته چوان ٿو ته ڪجهه پئسا ٿين ته خير جو ڪم ڪريان ۽ پنهنجو اڳيون جهان سنواريان. +جلال: پنهنجو اڳيون جهان سنوارين ۽ اسان لاءِ هي جهان جهنم ڪرين. +خيرالدين: تنهنجا ته ٻئي جهان ويا، تون ڪاسائي آهين، عذاب ڏيئي زال کي ٿو مارين. ڪوبه تو سان پيار نٿو ڪري، ڪوبه تنهنجي عزت نٿو ڪري، وس پڄيئي ته ڪاٺيءَ تي نه پر زال جي هڏ ماس تي رندو هلائين. +جلال: پوڙها، مٿو نه کاءُ. +(خارن مان اٿي ٻاهر هليو وڃي ٿو) +خيرالدين: سچي ڳالهه ٻڌي ڀڄي وڃي ٿو. مان ته هن کي ڏٺي ڪونه ٿو وڻان. +گلاب: شيطان کانسواءِ ٻيو تون وڻين ڪنهن کي ٿو. +(قاسم اندر اچي ٿو) +قاسم: نوريءَ کي ڪيڏانهن ڪيئه. +گلاب: مان هن کي ٻاهر وائک ۾ ليٽائي آيو آهيان. +خيرالدين: گلاب، تون ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهين، توکي ان نيڪيءَ جو ڦل ضرور ملندو. +گلاب: ڪڏهن ملندو؟ +خيرالدين: اڳئين جهان ۾. +گلاب: هن جهان ۾ تون ئي ڦل ڏيئي ڇڏ. +خيرالدين: ڪهڙو ڦل ڏيانءِ. +گلاب: مون ڏانهن جيڪو حساب اٿيئي، اهو اَڌ....... +خيرالدين: چه چه چه....... اهڙيون ڳالهيون نه ڪر. نيڪيءَ کي پئسن ۾ توري نٿو سگهجي. نيڪي، نيڪي آهي، اوڌر اوڌر آهي. +گلاب: ڏاڍو چالاڪ آهين. +(گلاب بورچيخاني ۾ وڃي ٿو. خيرالدين پنهونءَ جي ڪوٺڙي ڏانهن وڃي ٿو. گلاب بورچيخاني مان ڪا شئي چٻاڙيندو نڪري ٿو ۽ قاسم جي ويجهو اچي پڇي ٿو.) +گلاب: ڇا لاءِ ٿو نوس نوس ڪندو وتي؟ +قاسم: پنهنجي زال کي ٿو ڳولي. +گلاب: ڀايان ٿو، خبر پئجي وئي اٿس ته زالهنس جو پنهونءَ سان پيچ پيل آهي. +خيرالدين: پنهون........ او پنهون. +پنهون: (اندران) ڇا آهي؟ +خيرالدين: پنهون، ڳالهه ته ٻڌ. +پنهون: ڇا جو گوڙ لاتو ٿئي، آرام ڪرڻ به نٿو ڏين. +(پنهون اکيون مهٽيندو ڪمري مان نڪري ٿو.) +ڇا آهي؟ +خيرالدين: ڪجهه نه آهي......... +(هو ٽپڙي هٽائي ڪمري ۾ اندر نهاري ٿو) +پنهون: اندر ڇا ٿو ڏسين؟ +خيرالدين: ڏسان ٿو ته چوريءَ جو ڪهڙو سامان آندو اٿيئي. +پنهون: آڻيندس ته پهرين تو وٽ پهچائيندس. +خيرالدين: (قاسم ۽ گلاب ڏانهن نهاري) مان....... مان وري ڪو چوريءَ جو سامان وٺندو آهيان ڇا؟ +پنهون: نه سائين، تون ته ڌڻيءَ جو نيڪ ٻانهو آهين، تون اهڙن ڪمن مان ڇا ڄاڻين، ڀلا ڪالهوڪي گهڙيءَ جا پئسا آندا اٿيئي؟ +خيرالدين: ڇا جي گهڙي، ڇا جا پئسا، خبردار جو وري اهڙي ڳالهه ڪئي اٿيئي. +پنهون: وڃ پئسا کڻي اچ. +خيرالدين: ڇا......... +پنهون: مان چوانءِ ٿو وڃ پئسا کڻي اچ. +خيرالدين: پر ڳالهه....... +پنهون: وڃين ٿو يا نه؟ +خيرالدين: وڃان ٿو، وڃان ٿو، وڙهين ڇو ٿو؟ +(قاسم ۽ جلال کلن ٿا) +خيرالدين: (هنن جي اهل ڪندي) هي....... هي........ هي. ڏند ڪڍي ٿا کلو. سڀاڻي سڀني جا ٽپڙ سڙڪ تي نه اڇلايان ته خيرالدين نالو نه آهي. +(در وٽ پهچي ٿو ته جلال اندر اچي ٿو، جلال کي ڏسي خيرالدين هن جي منهن ۾؛ هي هي ڪري ٿو. جلال حيرت ۽ ڪاوڙ مان هن ڏانه�� نهاري ٿو. قاسم، گلاب ۽ پنهون کلن ٿا.) +گلاب: جلال، نوريءَ کي اندر ڇو نه وٺي آئين. +جلال: نوريءَ کي نسرين پنهنجي گهر وٺي وئي آهي. +قاسم: خيرالدين وڃڻ سان هن کي گهران تڙي ڪڍندو. +جلال: تڙي ڪڍندس ته ڪڏانهن ڪانه ويندي. هتي ئي اچي مرندي +(پنهون سگريٽ جا سوٽا هڻندو جلال جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿو.) +پنهون: يار ادي نوريءَ جو ڪهڙو حال آهي؟ +جلال: (بي نيازيءَ سان) ٻن چئن ڏينهن جي مهمان آهي. +(جلال واهولي سان ڪاٺي وڍڻ لڳي ٿو) +پنهون: يار، تون سارو ڏينهن ٺڪ ٺڪ ڇا جي ٿو ڪندو رهين؟ +جلال: ٺڪ ٺڪ نه ڪريان ته ڇا ڪريان؟ +پنهون: دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ڪجهه نٿا ڪن پوءِ به پيٽ ڀري ٿا کائين؟ +جلال: اهي ماڻهو ڪهڙا آهن؟ اوهين نه؟ اوهين ماڻهو آهيو؟ اوهين ڪني نالي جا ڪيئان آهيو، مان مزدور آهيان، پورهيت آهيان، اوهان وانگر هڏ حرام نه آهيان. جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي محنت مزدوري ڪري کائيندو رهيو آهيان. +قاسم: مزدور صاحب، اهڙو چڱو مڙس آهين ته هتي ڪني ناليءَ جي ڪيئي سان ڪيئن ٿو رهين. +جلال: تون سمجهين ٿو ته مان هميشه هتي رهندس! منهنجي رڳو زال مري پوءِ هڪ گهڙي به هتي رهان ته لعنت آهي، اوهين سڀ بي عزت ۽ بي ضمير آهيو. +پنهون: بي عزت ۽ بي ضمير! (کلي ٿو) دوست. اسان مان ڪنهن کي به عزت ۽ ضمير جي ضرورت نه آهي، ضمير ۽ عزت جُتي ته نه آهي جنهن کي اگهاڙن پيرن ۾ پائي سگهجي. ضمير ۽ عزت نيلامي ڪوٽ ته نه آهي جنهن کي سيءَ کان بچاءُ لاءِ پراڻن ڪوٽن جي گاڏن تان خريد ڪري سگهجي. دوست، ضمير ۽ عزت جي ضرورت انهن کي آهي جن وٽ طاقت آهي، قاسم، تون ٻڌائي تو وٽ ضمير آهي. +قاسم: ڇا؟ ضمير! +پنهون: ها ها ضمير. +قاسم: پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري، مان پاڻ پالي نٿو سگهان، ضمير کي ڪٿان پاليندس. +پنهون: ها يار، اسان مسڪينن وٽ ڪٿان آيو ضمير، اسان جو يار جلال اسان کي ميار ٿو ڏي ته اسان وٽ ضمير ڪونهي. +گلاب: ڀايان ٿو ته پاڻ ضمير ڪٿان اڌارو وٺي آيو آهي. +قاسم: نه يار، اڌارو ڇو وٺندو، ڌڻي جو ڏنو گهڻيي اٿس. +گلاب: اڌارو نه ورتو هوندئين ته پوءِ وڪڻندو هوندو. +پنهون: پاڻ وٽ ضمير جو ڪو خريدار به ڪونهي. +قاسم: يار ضمير پراڻي ٽوپي هجي ته مان خريد ڪريان ۽ ان کي ٽوپا ڏيئي نئون بڻائي بازار ۾ وڪڻان. +پنهون: يار جلال، هر ڪو ماڻهو ٻئي ضمير جي ضرورت ٻڌائيندو آهي ۽ پاڻ ضمير کانسواءِ ئي گذارو ڪندو آهي. اهائي سچائي آهي. +(نسرين هڪڙي پوڙهي سان گڏ اندر اچي ٿي، پوڙهي جي هٿ ۾ ننڍي بيگ ۽ بسترو آهي.) +پنهون: نسرين! +سيلاني: سنگت جو سلام. +قاسم: پريان مڙس ڪير آهين؟ +سيلاني: اوهان جو دوست، دوستن جو دوست، سڀني جو دوست. +گلاب: ڏسڻ ۾ اشراف ٿو لڳين. +سيلاني: اوهين به ته اشراف ٿا ڏسڻ ۾ اچو. +قاسم: اسين اشراف هئاسين، پر اها پرسال جي ڳالهه آهي. +سيلاني: اشراف، لچ لوفر سڀ منهنجا دوست آهن، سڀ سٺا ماکي کان مٺا آهن. +پنهون: (نسرين کان پڇي ٿو) هي ڪير آهي؟ +نسرين( بي نيازيءَ سان) نئون مسواڙي آهي چاچا. تون هوءَ خالي جاءِ والار. +سيلاني: مهرباني ڌيءُ. +پنهون: هن مسخري کي ڪٿان جهلي آئي آهين؟ +نسرين: تو کان ته چڱو آهي (اڳتي وڌي جلال جي ويجهو اچي ٿي) جلال، نوري کي مان مٿي ويهاري آئي آهيان. ٿوري دير رکي هن کي وٺي اچجانءِ. +(جلال ڪم ۾ رڌل رهي ٿو ۽ هن کي ڪو جواب نٿو ڏي.) +نسرين: (ٿڌو ساهه ڀري) نوريءَ سان چڱيءَ طرح هلندو ڪر، ويچاري ٿورن ڏينهن جي مهمان آهي. الا موت ڪيڏو نه خوفناڪ آهي. +پنهون: بيشڪ موت خوفناڪ آهي، پر جي پرينءَ هٿان ٿئي ته پوءِ راحت آهي. +نسرين: (ٽوڪ زنيءَ سان) ها ها. تون ته وڏو سورمو آهين موت کان نٿو ڊڄين. +پنهون: يقين نٿو اچيئي ته هينئر ئي هنن سهڻن هٿن سان ماري ڏس. ڪڇان ته ڪافر ٿيان. +نسرين: مان اهڙين ڳالهين ۾ اچڻ واري ناهيان (ويندي) جلال نوريءَ کي ياد ڪري مٿان وٺي اچجانءِ. +جلال: (بيزاريءَ مان) ها ها، ٻڌم. +(نسرين وڃي ٿي، پنهون هن کي حسرت سان ويندي ڏسي ٿو ۽ پوءِ قاسم جي ڀرسان صندل تي اچي ويهي ٿو.) +پنهون: يار واهه جي ڇوڪري آهي، هتي رهندي ته تباهه ٿي ويندي. +قاسم: تباهه اڳي پوءِ تنهنجي هٿان ٿيندي. +پنهون: ائين نه چئه يار مون کي هن تي ترس ٿو اچي. +قاسم: جيئن ڪاسائي ٻڪريءَ تي ترس کائيندو آهي، پٽ! زيبو هن سان ڳالهائيندي ڏٺئه ته پوءِ خير نه اٿيئي. +پنهون: (قاسم جي ڳالهه ٻڌي ڪري) حياتي ڏائڻ وانگر ڏند ڪرٽي کائڻ ٿي اچي...... ساهه ڇو ٿو ٻوساٽجي؟ هونءَ ته حياتي مزي سان گذري پر ته به ائين ٿو لڳي ڄڻ حياتيءَ جي ٻوٽي کي لَڪ لوساٽي ڇڏيو آهي........ زندگي بار آهي........ ٿَڪُ آهي. +سيلاني: (پنهنجو سامان رکي صفائي ڪندي جهونگاري ٿو) +رات اونداهي، منزل دور. +(پنهون اداسيءَ سان ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.) +جلال: (بيزاريءَ سان) هن به اچڻ سان مغز کائڻ شروع ڪيو. +نواب: (پگهر اگهندو اندر اچي ٿو) پڪوڙا وڪڻڻ به وڏي مصيبت آهي. اُس ساڙي وڌو. +سيلاني: (صفائي ڪندي اٿي بيهي ٿو ۽ هٿ ڇنڊيندي چوي ٿو) پيارا ڀائرو!اوهان هن گندگيءَ ۾ ڪيئن ٿا جيئو؟ +نواب: ڪو وقت هو جو اسين به انسانن وانگر جيئندا هئاسين، اسان جا به اڇا اجرا گهر هئا. +گلاب: ٻٽاڪ هڻڻ ۾ هڙان ڇا ٿو وڃي؟ +نواب: مان ٻٽاڪ ٿو هڻان؟ +سيلاني: ادا، اسين ٻٽاڪي آهيون، لُچَ، لوفر آهيون، ته به انسان آهيون ۽ انسان عظيم آهي. انسان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سٺو ۽ وڌيڪ سياڻو ٿيندو ٿو وڃي. ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا نت نوان جادو ٿو جاڳائي. جيئن جيئن هن جي حالت خراب ٿيندي ٿي وڃي. تيئن تيئن هن ۾ چڱي زندگيءَ لاءِ وڌيڪ تڙپ پيدا ٿيندي ٿي وڃي. جيئن جيئن هن کي دٻايو ٿو وڃي تيئن تيئن هو وڌيڪ ٿو اُڀري ۽ الري. +نواب: (هن جي ڳالهين کان متاثر ٿي) پوڙها تون ڪير آهين؟ +سيلاني: سيلاني آهيان، اسين سڀ سيلاني آهيون. چون ٿا ته هيءَ ڌرتيءَ به هن ڪائنات ۾ سيلاني آهي. +(اوچتو زيبو زور سان در کولي اندر اچي ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي. زيبوءَ کي ڏسي سڀ ماٺ ٿي وڃن ٿا.) +زيبو: قاسم! +قاسم: (رکائيءَ مان) ڇا آهي؟ +زيبو: نسرين هتي آئي هئي؟ (سيلاني کي ڏسي) تون ڪير آهين؟ +سيلاني: هن سراءِ جو نئون مسافر، جهان گشتو، سيلاني. +زيبو: ڏسڻ ۾ ته پئدا گير ٿو لڳين. هڪ رات رهندي يا ٻه ٽي ڏينهن رهندين؟ +سيلاني: ڏسان ڪيترو وقت ٿو رهان. +(زيبو اڳتي وڌي ٿي. هن جو سارو ڌيان پنهونءَ جي ڪوٺيءَ ڏانهن آهي.) +گلاب: جنهن کي ڳولين ٿي اهو هتي ڪونهي. +زيبو: ڪنهن کي ٿي ڳوليان؟ +گلاب: پنهونءَ کي ٻيو ڪنهن کي. +زيبو: پنهونءَ کي ڳوليان يا ڪاري چور کي، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ +قاسم: هيڏانهن هوڏانهن نوس نوس ٿي ڪيئي، تنهن مان سمجهائين ته پنهونءَ کي ٿي ڳولين. +زيبو: مان ته جاءِ جي حالت ٿي ڏسان ته جاءِ جو ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو اٿو. +ڪيڏو گند پيو آهي، صفائي ڇو نه ڪئي اٿَو. +جلال: اڄ صفائيءَ جو وارو گلاب جو هو. +زيبو: ڪنهن جو وارو هجي مون کي صفائي گهرجي! ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو. ائين گندگي رهي ته سڀني کي ڪڍي ڇڏيندس. قاسم! +قاسم: ڇا آهي؟ +زيبو: منهنجي ڀيڻ آئي هئي. +قاسم: ها، آئي هئي، هن ئي هن پوڙهي کي آندو هو. +زيبو: نسرين آئي ته پنهون هتي هو؟ +قاسم: هو ته سهي، پر نسرين سان ڳالهايائين ڪونه. +زيبو: مان اهو نٿي پڇان ته ڪنهن سان ڳالهايائين ۽ ڪنهن سان نه ڳال��ايائين. مان رڳو ايترو ٿي پڇان ته جهڙيءَ مهل نسرين آئي هئي اهڙي مهل پنهون هتي هو يا نه؟ +سيلاني: توبهه........ ڪيڏي نه بدبوءِ ۽ گندگي آهي. جيڏانهن وڃ اوڏانهن بدبوءِ ۽ گندگي پکڙي پئي آهي. +(ڪاوڙ ۾ تکيون تکيون وکون کڻندي، دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي.) +قاسم: زائفان ته نه آهي، وڄ آهي وڄ! +سيلاني: هميشه ائينءَ گجندي وسندي آهي يا اڄ ڪا خاص ڳالهه آهي. +قاسم: پنهونءَ سان ملڻ آئي هئي، پنهون نه مليس ته اسان تي ڇوهه ڇنڊي وئي. +گلاب: ڀايان ٿو خبر پئجي وئي اٿس ته پنهون هاڻي سندس ڀيڻ نسرين سان پيو اک اَڙائي. +سيلاني: دنيا ۾ ڏاڍي گندگي آهي، ٻهاري ته ڏيڻي پوندي. ٻهاري ڪٿي آهي؟ مان ئي ٿوري ٻهاري ڏيئي وٺان. +نواب: هوڏانهن ڪنڊ ۾ پئي اٿيئي. +(سيلاني ڪنڊ مان ٻهاري کڻي ٿو. جنت ڇٻو مٿي تي رکي ٻاهران ڳالهائيندي ٿي اچي.) +جنت: اهو مئو ماريو. مون کي آرام سان مرڻ به نه ڏيندو. جيڏانهن ٿي وڃان تيڏانهن ڪتي وانگر لور لور ڪندو ڪڍ ڪڍ ٿو اچي. +قاسم: ڪنهن جي ٿي ڳالهه ڪرين. +جنت: مئي ابراهيم جي، ٻئي ڪنهن جي. +(ابراهيم پوليس ڊريس ۾ آڪڙ سان سگريٽ جا سوٽا هڻندو اندر اچي ٿو.) +ابراهيم: جمعدار جي زال ٿيندينءَ، عيش ڪندينءَ. +جنت: پهرين مڙس به ڏاڍا عيش ڪرايا. الله انهن عيشن جو اجرو ڏيندس ۽ قيامت تائين دوزخ ۾ پيو جلندو. +(بورچي خاني ۾ هلي وڃي ٿي.) +ابراهيم: (قاسم جي ويجهو اچي) قاسم ڪهڙا حال آهن. +قاسم: ٺيڪ آهيان. +ابراهيم: تنهنجي يار پنهونءَ جو ڪهڙو حال آهي. +قاسم: اهو به ٺيڪ آهي. +ابراهيم: هڪڙي ڳالهه ته ٻڌ....... ٻڌو آهي ته پنهون جو منهنجي ڀاڄائي....... +قاسم: الائجي مون کي خبر ڪانهي. +ابراهيم: تون به ڏسندو وائسندو ته هوندين. +قاسم: مون کي خبر ڪانهي. +ابراهيم: چڱو پٽ نه ڏَس، وجهه مليو ته لاڪپ ۾ هڻندو سانءِ تنهنجي يار پنهونءَ کي مان پاڻيهي ڏسندس. +(انهيءَ وچ ۾ سيلاني باٽلي کڻي ٻاهر وڃي ٿو ۽ پوءِ نوريءَ کي سهارو ڏيئي اندر وٺي اچي ٿو.) +سيلاني: ڌيءُ، تنهنجا ته پير ٿا ٿڙن. +نوري: چاچا دعا ڪر ته موت اچي ته جند ڇٽي. +(جلال ڪم مان ڪنڌ کڻي نوري ۽ سيلانيءَ ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. اوچتو ٻاهران گوڙ ٿئي ٿو. هڪ عورت جي مارڻ ۽ ٻيءَ جي روئڻ ۽ دانهن جا آواز ٿا اچن. زور سان در کلي ٿو ۽ خيرالدين سهڪندو اندر اچي ٿو.) +خيرالدين: ابراهيم، او ابراهيم. +ابراهيم: ڇا آهي؟ +خيرالدين: وارو ڪر نسرين کي بچاءِ نه ته زيبو هڻي ماري وجهندس. +(ابراهيم ڊوڙندو ٻاهر وڃي ٿو، جنت بورچي خاني جي در وٽ اچي بيهي ٿي، قاسم ٽوپيون پاسيريون رکي صندل تان اٿي ٻاهر وڃي ٿو. ايڪٽر ۽ نواب به وڃن ٿا. جنت به وڃي ٿي، سيلاني ۽ نوري ڪنڌ ڦيري آواز ٻڌن ٿا.) +(پردو ڪِري ٿو.) +**** +ڏيک ٻيو +(قاسم، گلاب ۽ نواب تاس ٿا کيڏن، جلال پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. جنت پنهنجو پڪوڙن جو ڇٻو تيار ڪرڻ ۾ لڳل آهي. نوري کٽ تي ليٽيل آهي ۽ رکي رکي مٿس کنگهه جو دورو ٿو پوي. کنگهه مهل جلال ڪنڌ کڻي نوريءَ ڏانهن نهاري ٿو. هن جي منهن مان همدردي ظاهر نٿي ٿئي. سيلاني نوريءَ جي ڀر ۾ کٽ تي ويٺو آهي.) +گلاب: پتا وراهه. +نواب: (تاس ٺپيندي) ڪهڙو پتو گهرجيئي؟ +گلاب: پان جي راڻي. +نواب: پان جي راڻي ته منهنجي دل جي راڻي آهي. ڏس ته ڪيئن ٿي مون ڏانهن اچي. پڙ رک. +گلاب: اچي هي رپيو پڙ جو. +نواب: (پتا وراهيندي) آءٌ پان جي راڻي. او هيءَ ٿئي پان جي راڻي...... +جنت: (ڇٻو کڻندي) نواب صاحب پڪوڙا وڪڻڻ نه هلندين ڇا؟ +نواب: نه، مان نه هلندس، اجها هي ٿئي پان جي راڻي. +نوري: چاچا، تنهنجي شڪل صفا منهنجي پيءُ جهڙي آهي. هاڻي مان توکي بابا چوندس. +سيلاني: تون منهنجي ڌيءُ آهين. +نوري: بابا تون ڪيڏو نه نرم دل آهين. +سيلاني: ڌيءُ، مون حياتي ۾ ڏاڍا ڌڪا کاڌا آهن. حياتيءَ ميڻ وانگر پگهاري ڇڏيو آهي. +نوري: مون ته ڏاڍي ذلت جي زندگي گذاري آهي. هر وقت جي ڦٽ، لعنت، مار موچڙو، اهائي منهنجي زندگي آهي. +سيلاني: جيڪا گذري وئي تنهن کي ياد نه ڪر ڌيءُ. +نوري: مون ساري زندگي پيٽ ڀري ماني نه کاڌي، گرهه گرهه لاءِ سڪندي رهيس، ساري حياتي بک ۽ مار موچڙي ۾ گذري وئي. +(جلال هنن ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڪم کي لڳي وڃي ٿو. سيلاني جلال ڏانهن ڏسي ٿو) +سيلاني: تنهنجو مڙس ڏسڻ ۾ ئي ڏاڍو کهرو ٿو لڳي، هو توکي ماريندو هو. +نوري: ڏاڍو ماريندو هو، مارن کان اڄ به منهنجو هڏ هڏ ٿو ڏکي. +سيلاني: سمهي پئه ڌيءُ، تون ڏاڍي ٿڪجي پئي آهين، تو ڏاڍو پنڌ ڪيو آهي. +نوري: ساري حياتي سور سهندي گذري وئي، جهٽ پلڪ لاءِ به سک جو ساهه نه پٽيم ۽ هاڻي موت اچي سيرانديءَ کان بيٺو آهي، بابا ڇا اڳئين جهان ۾ به ائين ڏسندس، ائين سور سهندس. +سيلاني: نه ڌيءُ، اڳئين جهان ۾ سک ئي سک آهي، ڏک جون باقي ٿوريون گهڙيون آهن رڳو ٿوري دير صبر ڪر، سڀ کي صبر ڪرڻو ٿو پوي، سڀڪو پنهنجي ڍنگ سا زندگي جو بار ٿو ڍوئي. ڌيءُ مان تنهنجي لاءِ چانهه کڻي ٿو اچان. +(سيلاني کٽ تان اٿي بورچيخاني ڏانهن وڃي ٿو، گلاب پتا اڇلائي اٿي بيهي ٿو.) +گلاب: اوهين بي ايمان آهيو، ڪُپتيا آهي، ڪپت سان مون کان پئسا کٽي ويؤ. +نواب: اڙي هل، کٽين ها ته ڪپت نه هئي، هاڻي ڪپت ياد پئي اٿيئي. +گلاب: مان هاڻي ڪڏهن به اوهان سان جوئا نه کيڏندس. +(ڪاوڙ ۾ اچي ٿو ۽ سيلانيءَ وٽ وڃي ٿو.) چاچا، تاڙيءَ لاءِ پئسا بچايا هئم، اهي به هارائي ويٺس. مون ته پنهنجي زندگي ئي هارائي ڇڏي آهي، اهو هڪڙي ڊرامي جو ڊائيلاگ آهي، اچ نه مان توکي ان ڊرامي جا ٻيا ڊائلاگ ٻڌايان. (ڊرامائي انداز سان) جيڪڏهن اهي رستا نظر نٿا اچن، جيڪي مقدس سچائيءَ ڏانهن ٿا وڃن. +ته پوءِ عظيم آهن اهي ذهن جيڪي ماڻهن کي سنهري خواب ٿا ڏيکارين! جيڪي....... جيڪي....... وسري ويو. سڀ ڪجهه وسري ويو. دل ۽ دماغ ۾ اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه آهي. چاچا، ڪو زمانو هو جو مان تماشائين ڏانهن (ناٽڪي انداز سان بيهندي) هيئن منهن ڪري بيهندو هئس ته سارو هال تاڙين سان پڙاڏجي ويندو هو. پر سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. انڪري ....... جو مون کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد نه هو، پنهنجي ڏات تي ويساهه نه هو، چاچا، تاڙين ۾ به تاڙي شراب وارو مزو اٿيئي. +(سيلاني بورچيخاني ۾ وڃي ٿو ۽ چانهن جو ڪوپ کڻي موٽي ٿو.) +سيلاني: ها ابا، جيڪا شيءِ دل کي وڻي ويندي آهي، اها روحَ ۾ رچي ويندي آهي. +گلاب: مان ته پنهنجو روح به تاڙيءَ ۾ ملائي پي ويو آهيان، هاڻي مون ۾ ڪجهه نه آهي، ڪجهه نه آهي. +(انهيءَ وچ ۾ قاسم ۽ نواب ٻاهر هليا وڃن ٿا، گلاب ٻاهر نڪري وڃي ٿو. سيلاني نوري وٽ اچي هن کي سهارو ڏيئي ويهاري کيس چانهه پياري ٿو) +نوري: مان چانهه نه پيئندس، مون سان ڳالهيون ڪر، ٻڌاءِ اڳئين جهان ۾ ڇا هوندو؟ +سيلاني: سک ئي سک هوندو، هر طرف سهڻا سهڻا گل هوندا. کير ۽ ماکيءَ جون نهرون هونديون. تون مرندينءَ ته فرشتا توکي پنهنجي پرن تي کڻي خدا جي درٻار ۾ وٺي ويندا ۽ خدا کي چوندا ته رب العالمين هن ڇوڪريءَ زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک سٺا آهن. هيءَ ڏاڍي ڏکويل آهي ۽ پوءِ الله جو نور توکي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺندو. +نوري: بابا، جي اڳئين جهان ۾ سک آهي ته پوءِ مان جلد مرڻ ٿي چاهيان. اڳئين جهان جا سک ماڻڻ ٿي چاهيان. پر بابا........ (پُراميد آواز ۾) ڪهڙي خبر مان هن بيماريءَ مان بچي پوان، ٻه چار ڏينهن اڃان جي وٺان. +سيلاني: تو ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن ڌيءُ، هاڻي هميشه لاءِ سک جي ننڊ ڪر. +نوري: (هن جي منهن تي اميد جي روشني اچي وڃي ٿي) بابا، رڳو ٻه چار ڏينهن ٻيا جي وٺان، تون چئين ٿو ته اڳئين جهان ۾ سک ئي سک آهي. مان اهي سک ماڻڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن ڏک سهڻ لاءِ تيار آهيان. مان جيئڻ ٿي چاهيان. +سيلاني: هاڻي آرام ڪر ڌيءُ، هاڻي تنهنجي لاءِ سک ئي سک آهي. +(سيلاني هن کي کٽ تي ليٽائي ٿو. هنن جي گفتگو جي دوران پنهون اندر اچي ٿو.) +پنهون: سک ئي سک! (کلي ٿو) چاچا، تنهنجون ڳالهيون تمام سٺيون آهن. +ڏاڍيون مهربان، ڄڻ ڦٽن تي پها. +(نوريءَ تي کنگهه جو دورو پوي ٿو. سڀ ماٺ ڪري هن کي ڏسن ٿا. سڀني جي منهن مان بيزاري ٿي ظاهر ٿئي.) +قاسم: مري به نٿي! +جلال: مري ته جان ڇٽي. +(نوري کنگهي کنگهي ساڻي ٿي پوي ٿي ۽ بيهوشيءَ جهڙي حالت ۾ ڪنڌ ويهاڻي تي رکي سمهي ٿي پوي. سيلاني پريشانيءَ مان هن جي نبض ڏسي ٿو.) +جلال: مري وئي. +سيلاني: نه، ساڻي ٿي پئي آهي. +(زيبو اندر اچي ٿي، پنهونءَ ڏانهن نهاري ٿي، پنهون به هن ڏانهن نهاري ٿو، زيبو نوريءَ جي کٽ ويجهو اچي ٿي.) +زيبو: مري وئي؟ +سيلاني: نه ساڻي ٿي پئي آهي. +زيبو: پنهون، مون کي توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي آهي. +پنهون: ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي اٿيئي؟ +زيبو: اچ ته ٻڌايانءِ. +(اسٽيج جي آڳر وٽ کاٻي ونگ جي ڀرسان اچي بيهي ٿي، پنهون به هن جي ڀرسان اچي بيهي ٿو. سيلاني بورچيخاني ۾ وڃي ٿو. جلال نوري ڏانهن نهاري ٿو. پوءِ ڪم ڇڏي اٿي ٿو، نوري جي مٿان اچي بيهي ٿو. هو نوريءَ ڏانهن هٿ وڌائي ٿو. سندس هٿ ڏڪن ٿا. هو يڪدم پٺتي مڙي ٿو ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.) +زيبو: پنهون! +پنهون: ڇا آهي؟ +پنهون: جيڪا ڳالهه چوڻي اٿيئي جلدي چئه. +زيبو: اڄ ته ڏاڍو بيزار ٿو لڳين. +پنهون: ها، مان پنهنجو پاڻ کان بيزار آهيان، زندگيءَ کان بيزار آهيان. +زيبو: (نخري سان) مون کان به بيزار آهين؟ +پنهون: ها، توکان به بيزار آهيان. +زيبو: (ڏکويل انداز سان) سچ ڳالهائڻ لاءِ مهرباني. +پنهون: سچ ٻڌڻ ٿي چاهين ته ٻڌ، مان توکان هميشه بيزار رهيو آهيان، تو ۽ مون ڪيتريون گهڙيون گڏ گهاريون آهن، پر سچ پڇين ته هڪ گهڙيءَ لاءِ به مون توسان دل سان پيار نه ڪيو آهي، ڪڏهن به منهنجي دل تو ڏانهن نه وري آهي. تون پيار جي لائق ئي نه آهين. +زيبو: (ٽوڪزنيءَ سان) مون کي خبر آهي ته تو پيار لائق ڇوڪري ڳولي لڌي آهي. +پنهون: ڳولي لڌي اٿم يا نه، تَنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ +زيبو: شايد مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان....... مون سمجهيو هو ته توکي مون سان پيار آهي، تون منهنجي مڙس مان منهنجي جان ڇڏائيندين، پر شايد مون کي به توسان پيار نه هو، پر پنهنجي ان اميد سان پيار هو ته تنهنجي مدد سان مون کي هن زندگيءَ مان ڇوٽڪارو ملي ويندو........ خير .......... گذريل ڳالهين کي وسار، هاڻي اچ ته ٻئي هڪٻئي جي مدد ڪريون. +پنهون: ڇا مطلب؟ +زيبو: اسين ٻئي هڪٻئي جي ضرورت آهيون، اچ ته هڪٻئي جي ڪم اچون، توکي منهنجي ڀيڻ نسرين جي ضرورت آهي. (پنهون ڇرڪي هن ڏانهن نهاري ٿو) مون کي خبر آهي. تون نسرين سان پيار ڪرين ٿو، منهنجي مرضي آهي ته تون هن سان شادي ڪر، مان هن کي ايڏو ڏاج ڏيندس جو اوهين ٻئي ڏاڍي آرام سان زندگي گذاريندؤ، پر ان لاءِ توکي منهنجي ضرورت پوري ڪرڻي پوندي. +پنهون: ڪهڙي ضرورت؟ +زيبو: توکي خيرالدين مان منهنجي جان ڇڏائڻي پوندي. +پنهون: ڏاڍي چالاڪ آهين، وڏي افلاطون آهين، هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ ٿي چاهين، مان خيرالدين جو خون ڪريان ۽ ڦاهي تي چڙهان، توکي پنهنجي مڙس مان به نجات ملي وڃي ۽ مون مان به، ائين نه؟ +زيبو: نه، ائين نه آهي، تون مون کي غلط ٿو سمجهين، تون اهو ڪم پاڻ ڇو ٿو ڪرين، ٻئي کان ڇو نٿو ڪرائين، پر جي تون پاڻ به هن جو خون ڪندين ته تو کان ۽ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي. (هن جي ويجهو اچي) پنهون، جي تو منهنجو چيو مڃيو ته نسرين تنهنجي ڪنوار هوندي، تو وٽ دولت هوندي ۽ مان هميشه لاءِ آزاد ٿي ويندس. +(پنهون سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو، پنهونءَ جي سوچ کي هو نيم رضامندي سمجهي ٿي.) +جڏهن کان مون کي خبر پئي آهي ته تون نسرين سان پيار ڪرين ٿو تڏهن کان منهنجي دل ۾ ساڙ جا اوڙاهه ٻري پيا آهن، نسرين کي ڏسندي آهيان ته دل چوندي آهي ته هن جو ساهه ڪڍي ڇڏيان جو هن مون کان منهنجو پنهون کسيو آهي. مان هن کي ماريندي آهيان، ڏنڀ ڏيندي آهيان ۽ پوءِ رئندي آهيان. آخر ته هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي! +(اوچتو خيرالدين اندر اچي ٿو، پنهنجي زال ۽ پنهون کي ڏسي ٿو.) +خيرالدين: وفادار زال پنهنجي مڙس سان وفاداري پئي نڀائي، مون توکي ٽڪي جي فقيرياڻي مان سيٺياڻي بڻايو ۽ تون مون کي اهو ڦل ٿي ڏين؟ (پنهون کي) چور، بدمعاش، ڪميڻا، هتان ......... هتان نڪري وڃ. +پنهون: (اعتماد سان) خيرو، هتان نڪري وڃ. +خيرالدين: مون کي ...... مون کي ٿو چئين ته هتان .......... +پنهون: (رڙ ڪري) نڪري وڃ. +(خيرالدين هن جي رڙ کان ڊڄي ٿو ۽ سٽ ڏيئي زيبوءَ کي ٻانهن کان جهلي، هن کي گهليندو پنهونءَ ڏانهن نهاريندو، ڪمري مان هليو وڃي ٿو. پنهونءَ جي رڙ تي نوري جاڳي پوي ٿي.) +نوري: ڪير ٿو مون کي سڏي بابا، ڪير ٿو مون کي سڏي. اڳئين جهان ۾ سک ئي سک هوندو نه، پر بابا، مان ٻه چار ڏينهن وڌيڪ جيئڻ ٿي چاهيان......... صرف ٻه چار ڏينهن. +(هن تي کنگهه جو دورو پوي ٿو. هوءَ کٽ جي پاٽيءَ کي زور سان جهلي ٿي. پوڙهو سيلاني پريشانيءَ مان هن جي مٿان جهڪي ٿو. نوري کنگهندي رهي ٿي. هن جو ساهه ٻوساٽجي ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ هڪ طرف لڙي پوي ٿو. گلاب نشي جي حالت ۾ اندر اچي ٿو.) +گلاب: چاچا، مون کي اهو ڊائيلاگ ياد اچي ويو. +(ڊرامائي انداز) +جيڪڏهن سڀاڻي سج نه نڪري ۽ پنهنجي ڪرڻن سان هن ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ وساري ڇڏي. +ته پوءِ ڪنهن ديواني جو خواب هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيندو........ ديواني جو خواب........ ٻڌءِ چاچا. +ڇا ٿيو، نوري کي ڇا ٿيو؟ نوري مري وئي. ڪٿي آهي ديواني جو خواب، ڪٿي آهي روشني. +(پردو ڪِري ٿو) +ڏيک ٽيون +(سڀ اداس ويٺا آهن، جنت پڪوڙا ٿي تري، نواب بيسڻ ۾ مصالحا ٿو ملائي، قاسم ٽوپيون ٿو سبي، گلاب قاسم جي ڀرسان صندل تي ويٺو آهي، جلال ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو آهي، پنهون ٽپڙي هٽائي پنهنجي ڪوٺڙيءَ مان نڪري ٿو ۽ گلاب جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿو.) +گلاب: نوري مري وئي، هن سراءِ مان هڪڙو مسافر لڏي ويو، اهو هڪڙي ڊرامي جو ڊائيلاگ آهي، زندگي پاڻ ڊرامو آهي. ٽريجڊي آهي، (ڳالهائيندو صندل تان اٿي ٿو ۽ جلال جي ڀر ۾ فرش تي ويهي ٿو.) دوست ڏک نه ڪر، ڏک مان ڪجهه ڪونه ورندو. ڏک ڪرڻ سان وڇڙيل واپس نه ورندا آهن. +جلال: تون سمجهين ٿو مون کي نوري جو ڏک آهي، مون کي ته ان ڳالهه جو ڏک آهي ته نوريءَ جي ڪفن دفن لاءِ مون سڀ اوزار وڪڻي ڇڏيا، هاڻي مان ڪم ڇا سان ڪندس. مان به اوهان وانگر ڪِن جو ڪينئون ٿي جيئندس. نه مان هتي نه رهندس. مون کي ڪم گهرجي. محنت مزدوريءَ جو عيوضو گهرجي. مان وڃان ٿو. مان هڪ منٽ لاءِ به هتي نه رهندس. +(تکو تکو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. سڀ هن کي ويندو ڏسن ٿا. نسرين اندر اچي ٿي.) +پنهون: نسرين! +(پنهونءَ کي نظر انداز ڪري سيلاني وٽ اچي ٿي.) +پنهون: توکي اسان وٽ اچڻ جي موڪل ڪيئن ملي؟ +نسرين: ادا خيرالدين ۽ ادي زيبو بازار ويل آهن. +س��لاني: (پنهنجي منهن) دنيا ۾ ڪيترا ڏک آهن، ويچاري انسان لاءِ ڪيترا نه اهنج ايذاءَ آهن. +نسرين: چاچا ڇا هن دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو شهر، اهڙو ڳوٺ يا وستي ڪانهي جتي ماڻهو سک سان جي سگهي. +سيلاني: هر هڪ انسان کي سک جي وستيءَ جي ڳولا آهي. هڪڙو ماڻهو هو، ڏاڍو ڏکويل ۽ ڏاڍو ستايل. هڪ ڏينهن زندگيءَ جي ڏکن ڏولان کان ڀڄي، سک جي وستي جي ڳولا لاءِ نڪتو. شهر شهر ڀٽڪي ڳوٺ ڳوٺ رليو پر هن کي سک جي وستي ڪٿي نه ملي. +نسرين: پوءِ؟ +سيلاني: پر هو نااميد نه ٿيو، هن کي پڪ هئي ته هن ڌرتيءَ تي ڪٿي نه ڪٿي اهڙي وستي ضرور هوندي، جنهن ۾ حق ۽ انصاف جو راڄ هوندو، جتان جا رهواسي مٺا ۽ محبتي هوندا. هڪ ڏينهن هن هڪڙي ڏاهي کان ان وستيءَ جو ڏس پڇيو، ڏاهي پنهنجا ڪتاب پٽيا، نقشا ڏٺا، پوءِ دنيا جو نقشو کولي هن جي اڳيان رکيائين ۽ کيس ٻڌايائين ته هنن ڪتابن ۽ هُن نقشي تي اهڙي وستيءَ جو ڪو نالو نشان ڪونهي، هر هنڌ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو راڄ آهي. هر هنڌ ڏک ئي ڏک آهي ۽ ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي. +نسرين: پوءِ؟ +سيلاني: پوءِ ان ماڻهو خودڪشي ڪري ڇڏي. +قاسم: سچ سهي نه سگهيو. +سيلاني: دوست ڪڏهن ڪڏهن سچ جا پَها زندگيءَ جا زخم ڇٽائي نه سگهندا آهن. +نسرين: چاچا هل ته اسان به سک جي وستي ڳوليون، هن ماڻهوءَ کي سک جي وستي نه ملي، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ملي وڃي. +پنهون: نسرين، اچ ته اسان ٻئي گڏجي سک جي وستي آباد ڪريون، مون سان هل نسرين. +نسرين: ڪيڏانهن هلان؟ جيل ۾! +پنهون: مان وعدو ٿو ڪريان ته چوري ڇڏي ڏيندس. محبت مزدوري ڪندس ۽ عزت جي زندگي گذاريندس. تون سمجهين ٿي ته مون کي هن زندگيءَ کان نفرت ڪانهي، مان به انسان آهيان، منهنجي دل ۾ عزت ڀري زندگي گذارڻ جي خواهش آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجو پاڻ کي ائين ڌُتاريندو آهيان ته مان چور آهيان ته ڇا ٿي پيو، ٻيا به ته چور آهن. وڏا وڏا ايماندار ۽ چڱا مڙس مون کان به وڏا چور آهن. پر ائين سوچڻ پنهنجو پاڻ سان دوکو آهي. مان ضمير کي نه سڃاڻان. مان پڇتائي به نه ڄاڻان پر مون کي خبر آهي ته هيءَ زندگي زندگي نه آهي، ماڻهو اهڙيءَ ريت زندگي گذاري جيئن هو پاڻ پنهنجي عزت ڪري سگهي. +سيلاني: سچ ٿو چئين پٽ، ماڻهوءَ کي اهڙي ريت زندگي گذارڻ گهرجي، جيئن هو پاڻ پنهنجي عزت ڪري سگهي. +پنهون: مان ننڍي لاءِ کان چور آهيان، منهنجو پيءُ به چور هو، ننڍو هوندو هيس ته ماڻهو مون کي چور جو پٽ سڏيندا هئا، ٿي سگهي ٿو ته مان ماڻهن کان بدلو وٺڻ لاءِ چور ٿي پيو هجان، مون کي چور جي بدران ڪنهن ٻئي عزت ڀرئي نالي سان سڏيو وڃي ها ته شايد مان چور نه ٿيان ها، نسرين، تون مون کي ڪنهن عزت واري نالي سان سڏي ته ڏس. +نسرين: مان توکي ڪهڙي نالي سان سڏيان؟ پرين...... پيارا...... پرين ۽ پيارا ته بي داغ ٿيندا آهن ۽ تو ۾ مون کي داغ تي داغ ٿا نظر اچن. +پنهون: پيار سان سڀ داغ ڌوپجي سگهن ٿا. مان توکي پيار ڪرڻ سيکاريندس. +نسرين: جيئن منهنجي ڀيڻ کي پيار ڪرڻ سيکاريو اٿيئي. +سيلاني: ڌيءُ اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، انسان کي انسان سمجهه، بک ۾ انسان سٺي ۽ خراب جي ساڃهه وڃائي ويهندو آهي. +پنهون: منهنجي پيار کي نه ٺڪرائي نسرين، مون کي سهارو ڏي ته مان هن گندگيءَ مان ٻاهر نڪران، مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيان ۽ جيئن ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير ٿو هڻان تيئن وڌيڪ ڦاسندو ٿو وڃان. مون ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ تنهنجي ڀيڻ زيبوءَ ڏانهن هٿ وڌايو پر هوءَ پاڻ لالچ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. مون کي سهارو ڏي نسرين. +سيلاني: پنهونءَ جو پيار نه ٺڪرائي ڌيءُ، پنهون اهڙو خراب نه آهي جهڙو تون کيس سمجهين ٿي، خراب ماڻهوءَ کي به سٺو چئي، سٺو ٿيڻ جو موقعو ڏجي ته هو سٺو ٿي پوندو. +نسرين: چاچا، مون ته اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان پنهونءَ سان گڏ ڪيڏانهن هلي ويندس. +پنهون: ڇا تون....... تون مون سان هلندينءَ؟ +نسرين: ها، اسان ٻئي هن گندگيءَ مان نڪري هلنداسين. +پنهون: ٻئي گڏجي ننڍڙو گهر اڏينداسين. +(اوچتو خيرالدين، زيبو ۽ ابراهيم اندر اچن ٿا.) +خيرالدين: (رڙ ڪري) پنهون! پهرين تون منهنجي عزت سان کيڏندو رهين ۽ هينئر معصوم ڇوڪريءَ کي ٿو برغلائين. +پنهون: مان نسرين کي برغلايان نٿو، اسان ٻئي شادي پيا ڪريون. +زيبو: (ٽوڪ زنيءَ سان) ايڏو وڏو ڪوڙ، ايڏو وڏو دوکو. +خيرالدين: ڪوڙا، دوکيباز، چور، چور جا پٽ، (هن ڏانهن اُلر ڪري وڌي ٿو ۽ هن جي نڙيءَ ڏانهن هٿ وڌائي ٿو.) مان تنهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندس. +پنهون: (هن جي ٻنهي هٿن کي جهلي ڌڪو ڏئي ٿو) پري مر پوڙها. +(خيرالدين زمين تي ڪري ٿو، هن جي ڀر ۾ لٺ پئي آهي، هو لٺ کڻي اٿي ٿو ۽ پنهونءَ کي هڻي ٿو، پنهون لٺ کسي خيرالدين کي وهائي ٿو ڪڍي، لٺ خيرالدين جي مٿي ۾ لڳي ٿي ۽ هو زمين تي ڪري ٿو، زيبو هن ڏانهن وڌي ٿي. هن کي اٿارڻ جي ڪري ٿي پر خيرالدين مري چڪو آهي، پنهون ۽ خيرالدين جي جهيڙي دوران ابراهيم ٻاهر وڃي ٿو ۽ زور زور سان سيٽي وڄائي ٿو.) +زيبو: خيرالدين مري ويو .......... خون ......... خون.......... +(چوٻول: خون .......؛ پنهونءَ خيرالدين جو خون ڪيو.........؛ ڀڄو......... ڀڄو پوليس ٿي اچي؛ اجايو شاهدين ۾ اچي وينداسين؛ ........ ڀڄو..........ڀڄو خون .......... خون..........؛ سڀ ٻاهر نِڪري وڃن ٿا.) +پنهون: خيرالدين مري ويو! +زيبو: ها، تو خيرالدين جو خون ڪيو آهي. +پنهون: نه نه، مون خون نه ڪيو آهي، نسرين مان خوني نه آهيان، چاچا، خدا جو قسم، مون هن جو خون ڪرڻ نٿي گهريو. +زيبو: تو پاڻ مون کي چيو هو ته تون خيرالدين جو خون ڪندين ۽ خيرالدين جي دولت جو مالڪ ٿيندين. +پنهون: ذليل، ڪميڻي، تو مون کي چيو هو ته خيرالدين جو خون ڪر ته جيئن هن پوڙهي لالچيءَ مان تنهنجي جند ڇٽي. +نسرين: تو اديءَ جي چوڻ تي ادا خيرالدين جو خون ڪيو! اوهان ٻنهي سازش سٽي هئي؟ هاڻي مون کي خبر پئي ته تو مون سان دوکو ٿي ڪيو. تو ادا خيرالدين کي ماري منهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري دولت حاصل ڪرڻ ٿي چاهي، چور ....... خوني. +پنهون: نسرين! +نسرين: چاچا، هي دوکيباز آهي، چور آهي، خوني آهي. +(پوليس اندر اچي ٿي) +پنهون: مان اهڙو نه آهيان جهڙو تون مون کي سمجهين ٿي. +نسرين: تون دوکيباز خوني آهين. +پنهون: نسرين، مان اهڙو نه آهيان، مون کي تنهنجي پيار جو قسم، مان اهڙو نه آهيان. +(ابراهيم هن کي ڌڪا ڏيندو گهليندو ٻاهر وٺي وڃي ٿو، زيبو فاتحانه انداز سان وکون کڻندي ٻاهر نڪري وڃي ٿي.) +نسرين: مان هاڻي ڪيڏانهن وڃان چاچا، منهنجو ته هاڻي ڪو ڪونهي. +سيلاني: تون مون سان هل ڌيءُ، هل ته ٻئي گڏجي سک جي وستي ڳوليون جتي حق ۽ انصاف جو راڄ هجي، جتي ماڻهو مٺا ۽ محبتي هجن ۽ جتي ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ نه پر چپن تي مرڪ هجي. +نسرين: چاچا توئي ته چيو هو ته دنيا ۾ اهڙي وستي ڪٿي ڪانهي، هر هنڌ ڏک ۽ ڏاڍ جو راڄ آهي. +سيلاني: اهڙي وستي ڪانهي ته ڇا ٿي پيو، اسان سڀ ڏکويل انسان گڏجي سک جي اهڙي وستي اڏينداسين جتي ڪو ڏک نه هوندو، ڪو اهنج ايذاءُ نه هوندو، جتي ماڻهو ماڻهوءَ کي نه کائيندو، ماڻهو ۽ ماڻهپي جو مان هوندو ....... اها وستي اسان ڏکويل، ڌڪاريل ۽ سماج تڙيل انسانن کي اڏڻي آهي، هل منهنجي ڌيءُ ته سک جي وستي اڏيون. +(پوڙهو سيلاني، نسرين کي سهارو ڏيئي ٿو، ٻئي ننڍيون ننڍيون وکون کڻندا ٻاهر نڪري وڃن ٿا، اسٽيج ويران ٿي و��ي ٿي.) +(پردو ڪِري ٿو) + + +پاڳل خانو +ڪردار +1. سيٺ غلام علي، (شهر جو وڏو سيٺ) +2. ڊاڪٽر رشيد، (سيٺ غلام عليءَ جو فيملي ڊاڪٽر ۽ سندس گهرو دوست) +3. جاويد، (سيٺ غلام عليءَ جو پٽ، جاويد وڏو آفيسر آهي، سندس ڏيک ويک به آفيسراڻو آهي.) +4. جميل، (ڪميونسٽ خيال جو ڪامريڊ آهي ۽ سندس ڊول ڊيل ڪامريڊن وارو آهي ۽ سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو آهي ڄڻ تقرير پيو ڪري.) +5. عابده، (جاويد جي زال) +6. رضيه، (سيٺ غلام عليءَ جي ڌيءُ) +7. زاهد، (رضيه جو گهر وارو) +8. ڊاڪٽر جبار، (فريد نواز بلوچ) +9. ڊاڪٽر جلال، (طارق غزنوي) +10. منشي ۽ نوڪر +ڏيک پهريون +(سيٺ غلام عليءَ جي بنگلي جو ڊرائينگ روم. ڊرائينگ روم جديد طرز تي سينگاريل آهي. سڄو ڊرائينگ روم ڏيکارجي ٿو. سامهون دروازو آهي. دروازي کان ٻاهر پورچ آهي، جنهن ۾ ڪار اچي بيهي ٿي. ڪار جي درن کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا آواز اچن ٿا. رضيه منشي سان گڏ داخل ٿئي ٿي). +رضيه: منشي (هن جي ڳالهائڻ جو انداز محڪماڻو آهي.) +منشي: جي بيبي. +رضيه: ان ڏينهن هڪڙي آرٽسٽ وٽ هليا هئاسين نه؟ +منشي: بيبي، جيڪو تصويرون ٺاهيندو آهي. +رضيه: ها ها، ان آرٽسٽ وٽان ڊيڊيءَ جو پورٽريٽ کڻي آءُ. +منشي: ڇا کڻي اچان؟ پوٽو.... +رضيه: پوٽو نه، پورٽريٽ يعني تصوير. ان آرٽسٽ وٽان بابا جي تصوير کڻي آءُ سمجهئي. +منشي: ها بيبي، سمجهيم. +رضيه: ڊوڙندو وڃ ۽ ڊوڙندو آءُ. +منشي: حاضر بيبي. +زاهد: موٽ تي درزيءَ وٽان سوٽ به کڻي اچجانءِ. +منشي: حاضر سائين. +جاويد: منشي، صوفا ڪٿي آهن؟ +رضيه: قالين ڪٿي آهن؟ +زاهد: ڪرٽنز ڪٿي آهن؟ +(يڪن سوالن کان منشي گهٻرائجي ٿو وڃي). +منشي: اچن ٿا، اچن ٿا- سارو سامان ڄاڻ پهتو. +جاويد: اڃان ڪيڏيءَ مهل پهچندو؟ اسان کي سارو سامان سيٽ ڪرڻو آهي. +منشي: سائين اوهين تڪليف ڇو ٿا ڪيو. نوڪر پاڻهي سارو سامان سيٽ ڪري ڇڏيندا. +رضيه: اسين پاڻ سامان سيٽ ڪنداسين. +عابده: هاڻي جلدي ڪر، سامان پهچرائي. +منشي: حاضر بيبي. +رضيه: ڊيڊيءَ جو پورٽريٽ نه وسارجانءِ. +منشي: نه بيبي +زاهد: سوٽ ياد ڪجانءِ. +عابده: سامان جلدي پهچائجانءِ. +منشي: حاضر بيبي. +(سڀ کيس تڪڙا تڪڙا حڪم ڏين ٿا. هو بدحواس ٿي ٻاهر وڃي ٿو. صوفن ۽ سائيڊ ٽيبلز تان ٿڙندو ٿاٻڙندو سڌو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ڊرائينگ روم جو جائزو وٺندي) +رضيه: سارو سامان اسان پنهنجي هٿن سان سيٽ ڪنداسين. +عابده: اڄ مان ڪيڏي نه خوش آهيان. +(انهيءَ وچ ۾ زاهد اٿي رڪارڊ پليئر تي انگريزي موسيقيءَ جو رڪارڊ چاڙهي ٿو). +جاويد: نه يار اڄ پرائو ڪلچر نه هلندو. +(ڊرامائي انداز ۾ جاويد هو جمالو جو رڪارڊ لڳائي ٿو. سڀ جمالو جي لئه ٿي انگريزي رقص ڪن ٿا). +رضيه: Let the prodigal son return to his culture. +انهيءَ وچ ۾ (منشي هڪ بغل ۾ ڪاغذ ۾ ويڙهيل تصوير، ۽ ٻئي بغل ۾ سوٽ جو پئڪٽ کڻي اچي ٿو). +رضيه: منشي، ڊيڊيءَ جو پورٽريٽ آندئي؟ +منشي: ها بيبي، پوٽو... ريٽ آندو اٿم. +(رضيه: يڪدم ڊوڙي وڃي منشيءَ کان تصوير وٺي ٿي. تڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ ڦاڙي تصوير ڪڍي ٿي. +(جاويد، زاهد، ۽ عابده به هن جي چوڌاري مڙي ٿا وڃن). +رضيه: هائو سئيٽ! How sweet +اوَر سئيٽ ڊيڊي Our sweet Daddy +جاويد: It is wonderful +زاهد: منهن مان ڪيڏي نه شرافت ۽ نيڪي ٿي ظاهر ٿئي. +عابده: ڪيڏي نه محبت ۽ پيار ٿو بکي. +جاويد: ڏاڍي سٺي آرٽسٽ تصوير ٺاهي آهي. +رضيه: آرٽسٽ جو ان ۾ ڪهڙو ڪمال آهي. ڊيڊيءَ جو فيس ئي آرٽسٽڪه آهي. +عابده: مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن محبت ۽ پيار جي فرشتي جي تصوير آهي. +زاهد: ڊيڊيءَ جهڙو محبت وارو انسان مون ڪٿي نه ڏٺو. مان ڌاريو آهيان ۽ رضيه جي ڪري منهنجو ڊيڊيءَ سان رشتو آهي. پر ڊيڊيءَ مون کي اهڙو ته پيار ڏنو آهي، جو مان پنهنجو سڳو پيءُ ڇڏي، ڊيڊي جي محبت جي ڇانوَ ۾ اچي رهيو آهيان. +عابده: مان ڊيڊيءَ جي ننهن آهيان پر جاويد جي ڪري ڊيڊي مون کي ايترو ته ڀائيندو آهي جو مون کان پنهنجا پيءُ ماءُ به وسري ويا آهن. +(جوش ۾ اچي). +رضيه: Oh! our sweet daddy +(اندر اچي ٿو). +منشي: سائين سامان اچي ويو. +جاويد: صوفا اچي ويا؟ +منشي: ها سائين. +زاهد: ڪرٽنز اچي ويا؟ +منشي: اهي به اچي ويا. +عابده: ۽ قالين؟ +منشي: قالين به اچي ويا. +جاويد: هاڻي هلو ته سامان کڻي اچون. +منشي: سائين، نوڪر کان سامان کڻائي ٿو وٺان. +رضيه: نه نه، سڀ ڪم اسين پاڻ ڪنداسين. +(جاويد ۽ عابده وڏي صوفي ۾ هٿ وجهن ٿا، پر کڻي نٿا سگهن). +عابده: پهرين هي سامان ته ڪڍرايو. +جاويد: يار، هي ته ڏاڍو ڳرو آهي. +رضيه: Bravo Bravo (نعرو هڻي ٿي). +رضيه ۽ عابده صوفي ۾ هٿ وجهن ٿيون چنگهندي چنگهندي صوفو ٻاهر ڪڍن ٿيون. سامان کڻڻ ۾ پهرين هنن ۾ ڏاڍو جوش آهي، پر پوءِ آهستي آهستي سندن جوش ختم ٿيندو ٿو وڃي ۽ سڀئي ٿڪل ۽ ساڻي ٿيل انداز ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پگهر اگهن ٿا. +ڏيک ٻيو +(ڊرائينگ روم جي ساري سيٽنگ نئين آهي. نوان صوفا، قالين، ڪرٽنز، ۽ ڊيڪوريشن پيسز سامهون واريءَ ڀت تي سيٺ غلام عليءَ جي تصوير ٽنگيل آهي. جنهن کي ريشمي پڙدي سان ڍڪيو ويو آهي. +جاويد، زاهد، عابده، ۽ رضيه ٿڪا، ٽٽا صوفن تي ڊَٺا پيا آهن ۽ پگهر ٿا اگهن). +رضيه: سهڪندي، اوه، مان ته ساڻي ٿي پئي آهيان. +جاويد: منهنجو ته سَنڌُ سَنڌُ ٿو ڏُکي. +زاهد: مون کي ته صفا ٿڪ نه ٿيو آهي. محبت سان ڪم ڪيو وڃي ته، ٿڪ نه ٿيندو آهي. +جاويد: زاهد سچ ٿو چئي. محبت سان ڪم ڪجي ته ٿڪ صفا نه ٿيندو آهي. مون کي به ٿڪ نه ٿيو آهي. +(هو ڳالهائين ٿا، ۽ پگهر به اگهن ٿا. جميل اچي ٿو. جميل نوجوان هن کي کاڌيءَ جا ڪپڙا پيا آهن. وار وڏا ۽ گفتگوءَ جو ٿيئٽريڪل انداز، ڪٿي ڪٿي تقرير جو انداز به اٿس. هن جي هٿ ۾ ڪتاب به آهن. +جميل: ٻين جي پگهر تي پلجڻ وارا اڄ پاڻ ڪيئن پگهران پگهر آهن. +روم جو بادشاهه نيرو، روئندو هو ته پنهنجا لڙڪ بوتل ۾ محفوظ ڪري رکندو هو. اوهان به پنهنجو پگهر بوتلن ۾ محفوظ ڪري رکو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪلون جي بدران ان پگهر جو اسپري ڪريو ته جيئن اوهان مان پورهئي ۽ محنت جي خوشبو اچي. +رضيه: جميل کي ڏسي مون کي اهڙو طوطو ياد ايندو آهي، جيڪو پرايو پڙهايل جملا ڳالهائيندو آهي. +(سڀ کلن ٿا). +جاويد: اڄ کان جميل جو نالو مسٽر پئرٽ آهي. +رضيه: هيلو مسٽر پئرٽ! +جاويد: (ائين وات ٺاهي ٿو جيئن طوطي سان ڳالهائبو آهي.) مٺو طوطا! +جميل: اوهين مون تي بيشڪ کلو، پر افسوس آهي جو نه اوهان جي کل سچي آهي، نه اوهان جا لڙڪ سچا آهن. اوهان جي ٽريجڊي اها آهي جو اوهان جي ڪا آئيڊنٽي ڪانهي. +مون کي پنهنجي ڀيڻ رضيه کي ڏسي شاپنگ سينٽر جي شوڪيس ۾ سجايل ماڊل ياد ايندو آهي- ۽ منهنجو ڀيڻويو مسٽر زاهد، وچولي طبقي جو نوجوان، سوشل ان سڪيورٽي جو شڪار، جنهن لاءِ دولتمند زال سيفٽي بيلٽ ۽ لائيف بوٽ آهي. هيءُ ويچارو پنهنجي زال جي معرفت سڃاتو ٿو وڃي. +(ڪاوڙ ۾ اٿي ٿو بيهي). +زاهد: Protest-I هي منهنجي بي عزتي ٿو ڪري. +جاويد: جميل، ٿورو شرم ڪر. +جميل: منهنجو ڀاءُ مسٽر جاويد، جنهن کي سول سروس جي پئڪٽ ۾ بند ڪري مٿان اڻويهين گريڊ جو ليبل لڳايو ويو آهي. هي پنهنجي ان ليبل جي معرفت سڃاتو ٿو وڃي. +جاويد: وڏي ڀاءُ سان ائين ڳالهائيندي توکي شرم نٿو اچي. +جميل: منهنجي ڀاڄائي عابده، غريب گهراڻي جي ڇوڪري، جنهنجي ساري شخصيت پنهنجي مڙس جي دولت ۽ نوڪريءَ جي بار هيٺان ڀڄي ڀري پئي آهي، جيڪا مڙس جي اشارن تي ٿي نچي ت�� متان کانئس اهو سماجي رتبو کسجي نه وڃي. +جاويد: I say shut up! +جميل: خدا حافظ. +(هو تکو تکو ٻئي دروازي مان گهر ۾ اندر وڃي ٿو). +رضيه: He is so hostile +جاويد:He is just intolerable +عابده: He made me sick +زاهد: سارو موڊ خراب ڪري ڇڏيائين. +رضيه: هي هميشه ائين ڪندو آهي. اسان کي خوش ڏسي، سهي نٿو سگهي. +عابده: هي از جيلس. +رضيه: اسين ڪيڏا خوش هئاسين، هن اسان جي ساري خوشي اسپائل ڪري ڇڏي. +(ٿوري دير لاءِ سڀ ماٺ ٿي وڃن ٿا). +جاويد: نائو فرگيٽ جميل. اڃان اسان کي گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. +زاهد: جميل جي ڪري اسان پنهنجي شام خراب ڪري نٿا سگهون. +رضيه: ڊيڊي جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آهي. +سڀ اٿن ٿا ۽ وڃن ٿا. +عابده: نائو چيئراپ ايوري باڊي. هلو ته هلي تيار ٿيون. +ڏيک ٽيون +ٽئين ۽ چوٿين منظر جي وچ ۾ ٿورو وقت گذاري ٿو. +زاهد پنهنجي بيڊروم ۾ بيڊ جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويٺو آهي ۽ ڪتاب پيو پڙهي. هن نئون سوٽ پاتو آهي ۽ منهن مان تازگي پئي بکيس. کيس ڏسڻ مان پتو پئجي سگهي ٿو ته هو وهنجي تيار ٿي ويٺو آهي. +رضيه اندر اچي ٿي، هوءَ باٿ روم مان آئي آهي ۽ ٽوال سان وار ويڙهيل اٿس. +رضيه: تون تيار ٿي وئين؟ +زاهد: ها، مان تيار آهيان. +(رضيه تڪڙي تڪڙي وارڊ روب وٽ اچي وارڊ روب کولي ٿي. اندر هينگر تي ڪيترائي جوڙا ٽنگيل آهن). +(هوءَ هڪ هڪ هينگر کي سوري، هڪڙي هينگر لاهي ٿي ۽ ڪپڙن کي بت تي رکي زاهد کان پڇي ٿي). +رضيه: هي ڪئين رهندو؟ +زاهد: ڏاڍو سٺو. +(رضيه وري ٽيون سوٽ ڪڍي ٿي). +رضيه: ڀلا هي؟ +زاهد: فرسٽ ڪلاس. +رضيه: سڀ لاءِ ٿو چئين ڏاڍو سٺو، تمام سٺو، فرسٽ ڪلاس، تنهنجو پنهنجو رايو ڪونهي. +زاهد: (ڦڪي کل). سڀ جوڙا توکي هڪٻئي کان وڌيڪ ٿا ٺهن. انڪري مان پنهنجو ڪو رايو ڏيئي نٿو سگهان. +(رضيه ڊريسنگ ٽيبل وٽ اچي ويهي ٿي، ۽ وارن کي برش ٿي ڪري). +رضيه: ماڻهو موقعي جي مناسبت سان ڪپڙن جي چونڊ ڪندو آهي. +زاهد: توکي ته خبر آهي مون کي انهن ڳالهين جي خبر ڪانهي. مان جنهن طبقي مان آيو آهيان، اتي ڪپڙا رڳو انگ ڍڪڻ لاءِ پائبا آهن. +رضيه: ڪيستائين تون پنهنجي طبقي ۾ جيئندين. +You should come out of it. +زاهد: (ڦڪي کل سان) يس يس. +رضيه: مون کي وارڊ روب مان هيئر اسپريئر ته کڻي ڏي. +(زاهد وارڊ روب مان اسپريئر کڻي ڏئي ٿو). +رضيه: هي ته ڪلون آهي. هيئر اسپريئر کڻي ڏي. +(هو وارڊ روب مان پنج ڇهه اسپري ڪڍي، رضيه جي اڳيان بيهي ٿو. رضيه هڪڙو اسپري کڻي ٿي. هو باقي وڃي وارڊ روب ۾ رکي ٿو). +رضيه اسپريئر وارن ۾ هڻي ٿي. پوءِ آئيني ۾ ڏسي ٿي ۽ هٿ وڌائي اسپريئر زاهد کي ڏئي ٿي زاهد وٺي ٿو. +رضيه: ڪلون ته ڪڍي وٺ. +زاهد ٻي ڪڍي ٿو ڏئيس. +رضيه: هي ته منجهند جو هڻڻ جي آهي. +(زاهد ٽئين ڪڍي ٿو ڏئيس هوءَ اسپري هڻي ٿي). +رضيه: هي شام جو هڻڻ جي ڪلون آهي. +رضيه: ڊيئر، منهنجو گرين سئنڊل ته ڪڍي وٺ. +(زاهد وارڊ روب ۾ ڏسي ٿو). +زاهد: هتي ته ڪونهي. +رضيه: پلنگ وٽ هوندو. +زاهد: پلنگ وٽ به ڪونهي. +رضيه: اتي ئي هوندو، ٻيو ڪيڏانهن ويندو؟ +(زاهد پلنگ هيٺان ليئو پائي ڏسي ٿو). +رضيه: آهي؟ +زاهد: ها، آهي. +(زاهد پلنگ هيٺان گهڙي سينڊل ڪڍي ٿو. نڪرڻ وقت ڦاسي ٿو پوي، پر نڪري وڃي ٿو). +رضيه: ڊيئر، ان کي ٿوري ڪريم ته هڻي وٺ. +(زاهد وارڊ روب مان ڪريم ڪڍي سينڊل کي هڻي ٿو. رضيه پلنگ تان ڪپڙا کڻي ٻاهر وڃي ٿي. دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي. يڪدم سينڊل پٺيءَ پويان لڪائي ٿو ڇڏي). +زاهد: ڪم ان پليز +جاويد ۽ عابده اندر اچن ٿا. +جاويد: اوهين اڃان تيار نه ٿيا آهيو؟ +زاهد: مان ته تيار آهيان، رضيه به ڄاڻ تيار ٿي. +(ڳالهائيندي هو بي خياليءَ ۾ سينڊل وارو هٿ اڳتي ڪري ٿو، پر پوءِ وري سينڊل لڪائي ٿو ��ڏي). +جاويد: چڱو، اسين ڊرائينگ روم ۾ ويهون ٿا. +عابده: نقاب نه وسارجو. +زاهد: نه نه، اهي ڪيئن وسارينداسين. +(جاويد ۽ عابده وڃن ٿا، هو وري سينڊل کي پالش ڪرڻ لڳي ٿو). +ڏيک چوٿون +اهو ساڳيو ڊرائينگ روم. +رضيه، عابده، جاويد ۽ زاهد ٺهي سنڀري، صوفن تي ويٺا آهن. هنن جي هٿن ۾ ڀوائتي شڪلين وارا نقاب آهن. ٻاهران ڪار جي بيهڻ جو آواز ٿو اچي، آواز ٻڌي سڀ تيار ٿين ٿا). +رضيه: ريڊي ايوري باڊي. +(سڀ نقاب پائين ٿا. هنن جون شڪليون ڀوائتيون ٿي وڃن ٿيون ٻاهر ڪار جي دروازي بند ٿيڻ جو آواز اچي ٿو. ۽ سيٺ ۽ ڊاڪٽر رشيد ڳالهائيندا اندر اچن ٿا). +ڊاڪٽر: اوهان جي شگر ليول هاڻي ٺيڪ آهي. +سيٺ: ۽ بلڊ پريشر؟ +ڊاڪٽر: بلڊپريشر به ڪنٽرول ۾ آهي. +(آخري جملو ڳالهائڻ مهل هو ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿين ٿا. سيٺ جي نظر جاويد، رضيه ۽ عابده تي پوي ٿي. جيڪي ڀوائتا نقاب پايو ويٺا آهن. هو ڊڄي وڃي ٿو). +سيٺ: ڪي... ڪي... ڪير آهيو؟ +(هو سڀ آهستي آهستي سيٺ ڏانهن وڌن ٿا. سيٺ وڌيڪ ڊڄي وڃي ٿو). +سيٺ: ڪي... ڪي... ڪير آهيو؟ ڊاڪٽر...! ڊاڪٽر...! +(هو هاڻي سيٺ جي ويجهو پهچي وڃن ٿا. سيٺ پٺتي ڀڄي ٿو). +سيٺ: ڪير... ڪير... آهيو؟ منشي... منشي...!! +(ڊاڪٽر ۽ سيٺ ڊڄي وڃن ٿا. هنن کي ڊڄندو ڏسي، هو سڀ نقاب لاهين ٿا ۽ کلن ٿا ۽ گڏجي چون ٿا). +سڀ: ڊيڊي ڊڄي ويو، ڊيڊي ڊڄي ويو. +سيٺ: (سک جو ساهه ڀري). اوه... اوهين آهيو... منهنجو ته هنياءُ ئي ڪڍي ڇڏيو. +(ڊاڪٽر سيٺ کي سهارو ڏيئي صوفي تي ويهاريندي). +ڊاڪٽر: اوهان کي اهڙي مشڪري ڪرڻ نه گهربي هئي. اوهان کي خبر نه آهي ته سيٺ صاحب دل جو مريض آهي. +سيٺ رومال ڪڍي پيشانيءَ تان پگهر ٿو اگهي، هو سڀ سندس چوڌاري مڙي ٿا اچن. +رضيه: وئي آر ساري ڊيڊي. +سيٺ: ڪا ڳالهه ڪانهي، ڪا ڳالهه ڪانهي. +(ڊاڪٽر دوائن جو ٿيلهو کولي، هڪڙي گوري سيٺ کي ڏئي ٿو). +ڊاڪٽر: سيٺ صاحب، هڪ ٽيبلٽ وٺو. +(هو چارئي ڄڻا ڊوڙندا پاڻيءَ جا چار گلاس ڀري کڻي ٿا اچن. سيٺ گوري کائي ٿو). +جاويد وئي آر ريئلي ساري ڊيڊ. +(انهي وچ ۾ جميل اندر داخل ٿئي ٿو). +جميل: ها، ڪا ڳالهه ڪانهي. ڇاڪاڻ جو اهي خوفناڪ چهرا ئي هنن جا، اصلي چهرا آهن ۽ هنن جا اصلي چهرا نقلي آهن. +رضيه: (روئڻهارڪي انداز ۾) ڊيڊي، اسين هن مان بيزار ٿي پيا آهيون. هي اسان کي خوش ڏسي، سهي نٿو سگهي. +جاويد: منهنجي ۽ زاهد جي بيعزتي ڪئي اٿئين. +عابده: منهنجي به انسلٽ ڪئي اٿئين. +سيٺ: جميل! +جميل: بي نيازيءَ مان، چئو. +سيٺ: هيڏانهن اچي ويهه. +(جميل بي نيازيءَ سان وکون کڻندو سيٺ جي ڀرواري صوفي تي ويهي ٿو). +جميل: حڪم ڪيو، مان اوهان جو نصيحت آموز ليڪچر ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان. +سيٺ: ڪاوڙ مان . جميل، مون توکي گهڻو برداشت ڪيو آهي. ٻڌائي، تون آخر ڇا ٿو چاهين؟ +جميل: اوهان سان بحث اجايو آهي. انڪري جو اوهان جو ۽ منهنجو جهيڙو نظرياتي آهي. اوهين سرمائيدار آهيو. سرمائيدارن جا محافظ آهيو ۽ مان انهن صدين جي ستايلن جو آواز آهيان جن جي رت تي اوهين پلجو ٿا. اوهان سان جنگ ته ٿي سگهي ٿي، پر بحث ٿي نٿو سگهي. خدا حافظ. +هو تکو تکو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. +سيٺ: (ڪاوڙ ۾ ڏڪندي) نالائق، بدتميز، مان... مان هن کي لا دعوا ڪري ڇڏيندس. گهر مان ڪڍي ڇڏيندس در در جا ڌڪا کائيندو، تڏهن خبر پونديس. +(ڊاڪٽر يڪدم بيگ مان گوري ڪڍي ٿو هو چارئي ڊوڙي چارگلاس پاڻي جا کڻي ٿا اچن. سيٺ صاحب گوري کائي ٿو). +سيٺ: جميل مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. +ڊاڪٽر: پريشان نه ٿيو، پڙهايل طوطو پرايا سيکاريل جملا ڳالهائيندو آهي. پر جڏهن ٻليءَ کي ڏسندو آهي، ته پنهنجي اصلي ٻولي، ”ٽيون ٽيون“ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ٿوري وقت ۾ هي به اسان وانگر ٽيون ٽيون يعني، دولت دولت چوڻ شروع ڪندو. +سيٺ: ڌڻي کيس سمجهه ڏئي. +جاويد: ٻه ڏينهن ڌڪا کائيندو ته پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو. +رضيه: ڊيڊي، پليز، هاڻي جميل کي وساريو. +عابده: اڄ اسين ڏاڍا خوش آهيون. ڊرائينگ روم جي ساري سيٽنگ اسان پنهنجي هٿن سان بدلائي آهي. +ڊاڪٽر: واقعي، اڄ ته هر شئي بدليل آهي. +سيٺ: اڄ ته ڊرائينگ روم ئي ٻيو ٿو لڳي. +رضيه: ڊيڊي، ٻڌايو، اڄ اسين ڇو خوش آهيون؟ +سيٺ: مون کي ڪهڙي خبر؟ +عابده: اڄ اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خوشيءَ جو ڏينهن آهي. +سيٺ: مون کي به ٻڌايو ته ڪهڙي خوشي جو ڏينهن آهي. +(هوءَ صوفي تان ڪپڙن جو پئڪٽ کولي، سيٺ جي آڏو رکي ٿي). +رضيه: پهرين اوهين هي ڪپڙا پايو ته پوءِ اوهان کي ٻڌايون ٿا. +سيٺ: حيران ٿي . مان... مان هي ڪپڙا پايان؟ +جاويد: پوءِ ڇا آهي ڊيڊي. +سيٺ: هي ٽينلي ڪلر شرٽ، ٽينلي ڪلر ٽاءِ، الٽرا ماڊرن سوٽ! +عابده: پليز ڊيڊي! +سيٺ: ڊاڪٽر صاحب، ٻارن کي ڏسو ٿا نه. +ڊاڪٽر: پوءِ ڇا آهي سيٺ صاحب ٻارن جي دل رکڻ لاءِ پايو کڻي. +سيٺ: پر ڊاڪٽر.... +رضيه: پليز ڊيڊي. +عابده: اسان جي ڪري پايو. +سيٺ: چڱو جيڪا اوهان جي مرضي. +(رضيه ۽ عابده ڊائيننگ ٽيبل تي سامان ٺيڪ ٿيون ڪن. ڊاڪٽر عجب مان هنن کي ڏسندو ٿو رهي. سيٺ ڪپڙا پائي ٻاهر اچي ٿو). +سڀ: او، اوَر سوئيٽ ڊيڊي. يُو لُڪ سو هئنڊسم، سو ونڊرفل سو گريس فل، اوَر گريٽ ڊيڊي. +(سڀ ڊوڙي اچي هن جي سيني سان لڳن ٿا. سيٺ به کلي ٿو). +رضيه: هاڻي هيڏانهن اچو. +سيٺ: ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟ +عابده: هيڏانهن، هيڏانهن اچو. +(هو هن کي ٻار وانگر سامهون پردي سان ڍڪيل تصوير ڏانهن وٺي ٿا اچن). +رضيه: هي ڪرٽن هٽايو. +(سيٺ ڪرٽن هٽائي ٿو ۽ حيرت مان پنهنجي تصوير ڏي ڏسي ٿو). +سڀ تاڙيون ٿا وڄائن. +رضيه: ڊيڊي، اوهان کي تصوير پسند آئي؟ +سيٺ: ڏاڍي سٺي آهي. +ڊاڪٽر: اصل کان نقل وڌيڪ سٺو آهي. +جاويد: ائين نه چئو اڄ تائين ڪو اهڙو آرٽسٽ پيدا نه ٿيو آهي، جيڪو ڊيڊيءَ جهڙي سهڻي تصوير ٺاهي سگهي. +رضيه: ڊيڊي، هاڻي هيڏانهن اچو. +سيٺ: وري ڪيڏانهن وٺي ٿا هلو. +(هو هن کي ڊائيننگ ٽيبل وٽ آڻي ٿا بيهارين. عابده ۽ رضيه ميڻ بتيون ٻارن ٿيون). +سيٺ: ڪنهن جي سالگرهه آهي؟ +رضيه: اسان جي سوئيٽ ڊيڊي جي. +سيٺ: اڄ منهنجي سالگرهه آهي! مون کي ته ياد ئي ڪونه هئي. +جاويد: ههڙو خوشيءَ جو ڏينهن اسان کي ته ياد هو. +سيٺ ميڻ بتيون وسائي، ڪيڪ ڪٽي ٿو. (سڀ ڪورس جي انداز ۾ ڳائين ٿا). +سڀ: هئپي برٿ ڊي ٽويو. +(سيٺ کي سوکڙيون ڏين ٿا. هن کي ۽ ڊاڪٽر کي برٿ ڊي واريون مخصوص ٽوپيون پارائين ٿا. هئپي برٿ ڊي ٽو يو جو رڪارڊ چاڙهي، نقاب پائي رقص ڪن ٿا). +ڏيک پنجون +(سيٺ غلام عليءَ کي ساڳيا ڪپڙا پاتل آهن. هو ڪوٽ لاهي پلنگ تي رکي ٿو ۽ ٽاءِ جي ناٽ ڍلي ڪري آرام ڪرسيءَ تي ويهي ٿو). +سيٺ: اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان. اولاد جي پيار کي ڏسي زندگيءَ سان پيار وڌي ويو آهي. +ڊاڪٽر: اڄ اوهان وري بد پرهيزي ڪئي اوهان جي شگر ليول... +سيٺ: ڊاڪٽر ههڙي محبت ۽ پيار سان ڪوزهر ڏي ته اُهو به کائي وڃجي. هنن جي پيار تي مان پنهنجي زندگي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. +ڊاڪٽر: واقعي اوهين خوش قسمت آهيو، منهنجي پٽ کي ڏسو، ايف، آر، سي ايس ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو ۽ اتي ئي رهجي پيو. ڪڏهن خط لکي منهنجي خيريت به نه پڇندو آهي. +سيٺ: ڪيڏو پيار، ڪيڏي محبت! مون کي ته يقين ئي نٿو اچي ته هن زماني ۾ اولاد پيءُ ماءُ سان ايڏي محبت ڪري سگهي ٿو. +ڊاڪٽر: مون کي به يقين نٿو اچي. مان سمجهان ٿو ته زندگيءَ جا سڀ رشتا ضرورت جا رشتا آهن. +سيٺ: پر اڄ منهنجي اولاد تنهنجي ان ڳالهه کي ��لط ثابت ڪيو. +ڊاڪٽر: ٿي سگهي ٿو ته منهنجو خيال غلط هجي. پر ظاهري تندرست ماڻهو اندران بيمار به ٿي سگهي ٿو. ظاهري محبت وارو رشتو.... +سيٺ: ڊاڪٽر تون هر شئي کي پنهنجي نظريئي سان ڏسندو آهين پر زندگي صرف اها نه آهي جيڪا توکي نظر ٿي اچي. +ڊاڪٽر: زندگي صرف اها به نه آهي جيڪا اوهان کي نظر ٿي اچي. ڳاڙهي ڳاڙهي رت کي مان ليبارٽريءَ ۾ چڪاسيندو آهيان ته مون کي اُن ۾ بيماريءَ جا هزارين جيوڙا نظر ايندا آهن. +سيٺ: رت جي رشتن کي تون ڪهڙي ليبارٽري ۾ چڪاسيندين. +ڊاڪٽر: اوهين مون سان تعاون ڪندوء. +سيٺ: مان تيار آهيان پر ڪيئن؟ +(ڊاڪٽر هن کي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿو. سيٺ هن جي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو). +سيٺ: آهي ته اجائي ڳالهه پر تنهنجي ڪري مان تيار آهيان. +ڊاڪٽر: اوهان کي ائين ئي ڪرڻو پوندو جيئن مان چوندس. +سيٺ: چڱو قبول آهي. +ڊاڪٽر: مهرباني چڱو مان هاڻي هلان ٿو. +سيٺ: ڊاڪٽر اڄ وري دل ۾ مونجهه ٿي محسوس ٿئي. ڊپ ٿو ٿئي ته هتان وري هارٽ اٽيڪ نه ٿئي. +ڊاڪٽر: سمهڻ مهل دوا کائي ڇڏجو. ڪجهه نه ٿيندو، چڱو خدا حافظ +سيٺ: خدا حافظ +(پردو ڪِري ٿو). +ڏيک ڇهون +ساڳي ڊرائينگ روم رضيه مصلي تي ويٺي تسبيح ٿي پڙهي. عابده قرآن مجيد جو دور ٿي ڪري. زاهد هڪ ٽنگ تي بيهي تسبيح ٿو پڙهي. جاويد نماز ٿو پڙهي. جميل صوفي تي اڪيلو ويٺو آهي ۽ لاپرواهيءَ سان سگريٽ ٿو ڇڪي. ڊرائينگ روم تي پڙدو لڳل آهي. ڊاڪٽر سيٺ جي بيڊ روم پڙدي کان ٻاهر اچي ٿو. جميل هن ڏانهن نهارڻ کانسواءِ غير جذباتي انداز سان پڇي ٿو). +جميل: ڊيڊي ڪيئن آهي؟ +سيٺ: هاڻي ٺيڪ آهي. ڏاڍو خطرناڪ اٽيڪ هو پر خدا ڪيو خير ٿي ويو. +جميل: اسين ڊيڊيءَ سان ملي سگهون ٿا. +سيٺ: اوهين بيشڪ هن سان ملو پر هن سان ڪجهه نه ڳالهائجو. +ڊاڪٽر پردو هٽائي ٿو، سيٺ پلنگ تي اکيون ٻوٽي ستل آهي. +جاويد: زاهد، رضيه ۽ عابده تسبيح پڙهندا سيٺ جي بيڊ ڏانهن وڌن ٿا. +ڊاڪٽر ڀر واري ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. جميل ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي ٿو. جاويد، زاهد، رضيه ۽ عابده سڀ هڪٻئي پٺيان قطار ۾ سيٺ جي پلنگ جي چوڌاري ڦيرا پائن ٿا. ڊاڪٽر ۽ جميل هنن کي غور سان ڏسن ٿا. هو ڦيرا پورا ڪري بيهن ٿا ۽ هٿ ٻڌي گڏجي دعا گهرن ٿا. +سڀ: يا الله اسان جون حياتيون به بابا کي ڏي. اسان سڀني جون زندگيون بابا کي ڏي. +(دعا گهرندي سڀني جي اکين مان لڙڪ وهن ٿا. سيٺ آهستي آهستي اکيون کولي ٿو ۽ هنن ڏانهن نهاري ٿو. هو سڀ دانهن ڪري پيءُ کي چنبڙن ٿا). +رضيه: ڊيڊي هاڻي ڪيئن آهيو؟ +سيٺ: ٺيڪ آهيان. +عابده: ڌڻي اوهان کي وڏي حياتي ڏي. اسان جي زندگي به خدا اوهان کي ڏي. +سيٺ: الله اوهان کي حياتي ڏي. منهنجو ڇا آهي. اڄ نه ته سڀاڻ هلڻو آهي. +رضيه: رضيه روئي ٿي: اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. الله اوهان کي حياتي ڏي. +(سيٺ جي جميل تي نظر پوي ٿي. هو ٿورو اُٿي ويهاڻن جي آڌار تي ويهي ٿو). +سيٺ: جميل پٽ هيڏانهن اچ. +(جميل آهستي آهستي پيءُ ڏانهن وڌي ٿو ۽ سندس پلنگ جي ڀر ۾ اچي بيهي ٿو). +سيٺ: منهنجي ڀرسان ويهه پٽ. +(جميل پلنگ تي ويهي ٿو). +سيٺ: جميل پٽ تون به مون کي اهڙو ئي پيارو آهين جهڙا هي آهن پر توکي مون سان پيار نه آهي. +جميل: پيار اضافي جذبو آهي جيڪو حالتن ۽ وقت سان بدلندو آهي. موت اهڙي حقيقت آهي جيڪا زندگيءَ کي معنيٰ به ڏي ٿي ۽ بي معنيٰ به بنائي ٿي. +(سڀ جميل کي خار مان نهارين ٿا). +سيٺ: پٽ.... +ڊاڪٽر: سيٺ صاحب اوهان کي ڳالهائڻ نه گهرجي. +سيٺ: ڊاڪٽر زندگيءَ تي ڪو اعتبار ڪونهي، ڪهڙي خبر ته ڪهڙي مهل موت زندگيءَ کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏي. +پيءُ جي ڳالهه ٻڌي رضيه اوڇنگار ڏيئي روئي ٿي. هن کي روئندو ڏسي عاب��ه به روئي ٿي. جاويد ۽ زاهد به رُومال سان لڙڪ اُگهن ٿا. جميل ماٺ ڪيو ويٺو آهي. +ڌيءَ ۽ ننهن جي مٿي تي هٿ رکي ٿو. +سيٺ: نه روءِ... الله اوهان کي خوش رکي. ڊاڪٽر!.... +ڊاڪٽر: جي +سيٺ: مرڻ کان اڳ مان پنهنجي ساري جائداد ۽ ملڪيت جي وصيت لکرائڻ ٿو چاهيان. +رضيه: روئندي. اسان کي اوهان جي ملڪيت نه گهرجي. اسان کي اوهان جي زندگي گهرجي. +سڀ: ها ڊيڊي اسان کي اوهان جي پائي به نه گهرجي. اسان کي اوهان گهرجي. +سيٺ: ڏٺئه ڊاڪٽر تو چيو ٿي ته سڀ رشتا ضرورت جا رشتا آهن. +مان موت جي ڪنڌيءَ تي آهيان ۽ منهنجي اولاد کي ملڪيت جي نه پر منهنجي ضرورت آهي. +ڊاڪٽر: واقعي مون غلط سمجهيو هو. +سيٺ: (پنهنجي ٻارن کي). ٻارۇ رات مون موت کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي خبر پئي ته زندگي ڪجهه نه آهي. ساري زندگي ماڻهو دوکا ۽ دولاب ٿو ڪري ۽ هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه ڇڏي هليو ٿو وڃي. مون به ساري زندگي بي ايماني، دوکي ۽ ويساهه گهاتيءَ سان ماڻهن جو رت چوسي دولت ڪمائي آهي. +رضيه: ڊيڊي هي اوهين ڇا ٿا چؤ؟ اوهان ته ايمانداري ۽ سچائيءَ سان زندگي گذاري آهي. رت جي ڪمائيءَ مان دولت ٺاهي آهي. +سيٺ: ڪوبه ماڻهو رت جي ڪمائي، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان دولتمند ٿي نٿو سگهي. دولت صرف بي ايماني ۽ ويساهه گهاتيءَ سان گڏ ٿي سگهي ٿي. +جاويد: اوهان ته يتيمن ۽ بي واهن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا آهن، هيڏي خيرات ڪندا آهيو. +سيٺ: بي ايمان ۽ گناهگار ماڻهو وظيفا ڏيئي ۽ خيراتون ڪري پنهنجي ضمير تان گناهن جا داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مون جن کان دولت کسي آهي، انهن کي ئي موٽائي ڏيڻ ٿو چاهيان. مون فيصلو ڪيو آهي ته ساري دولت، ساري جائداد غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان. +رضيه: ڇا....؟ +جاويد: ڊيڊي هي ڇا ٿا چئو؟ +جميل: اهو ناممڪن آهي. +سيٺ: جميل پٽ تون ئي ته چوندو آهين ته دولت جا مالڪ پورهيت آهن. +جميل: پرڊيڊي، اهو ڪو حل ناهي ته هڪڙو ماڻهو پنهنجي ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي. ان لاءِ اسان کي سماج بدلائڻو آهي. +سيٺ: هرڪو ماڻهو ائين ڪري ته سماج پنهنجو پاڻ بدلجي ويندو. +جميل: اوهان تي پنهنجي اولاد جا به فرض آهن. +سيٺ: مون اُهي سڀ فرض پورا ڪيا آهن. مون اوهان کي ايتري تعليم ڏياري آهي جو اوهين پنهنجو پيٽ پالي سگهو ٿا. مان ساري دولت اهڙن ماڻهن ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان جيڪي هڪ وقت جي ماني به کائي نٿا سگهن. +جاويد: پر ڊيڊي.... +سيٺ: ڇا اوهان منهنجي فيصلي ۾ راضي نه آهيو؟ +جاويد: جي... اسين... راضي آهيون. +سيٺ: مون کي اوهان مان اهائي اُميد هئي. مون فيصلو ڪيو آهي ته سڀني بنگلن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون کوليون وڃن. زمين هارين کي ڏني وڃي. ڪارخانن جا مالڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هوندا. +بئنڪن ۾ رکيل سون ۽ پئسن مان بي گهرن لاءِ گهر ٺهرايا وڃن. بي ايمانيءَ سان ڪمايل ان دولت مان هڪ پائي به منهنجي اولاد کي نه ملي. +ڊاڪٽر: سيٺ صاحب سڀاڻي ڏٺو ويندو. في الحال اوهين آرام ڪريو. +سيٺ: مون کي خوشي آهي ته منهنجي اولاد خوشيءَ سان منهنجي فيصلي کي قبول ڪيو. +(سيٺ اکيون ٻوٽي ٿو. سڀ منهن لڙڪائي اُٿن ٿا ۽ ٻاهر وڃن ٿا). +ڊاڪٽر: هاڻي اوهين هلو ته سيٺ صاحب آرام ڪري. +ڏيک ستون +ساڳيو ڊرائينگ روم جاويد زاهد، جميل، رضيه ۽ عابده ويٺا آهن. سڀني جا منهن لڙڪيل آهن. +جاويد: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڊيڊي اهو فيصلو ڪيئن ڪيو. +رضيه: ڊيڊيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ اسان جو خيال ته ڪرڻ گهربو هو. +زاهد: ها ڊيڊيءَ کي اسان جو خيال ڪرڻ گهربو هو، آخر اسين ڊيڊيءَ جو اولاد آهيون. +عابده: ڊيڊيءَ ساري ملڪيت ورهائي ڇڏي ته پوءِ اسين ڪيڏانهن وينداسين. +جميل: ڊيڊي کي ملڪيت ورهائڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ +رضيه: سارو ڏوهه تنهنجو آهي. +جميل: منهنجو ڏوهه ڇو آهي؟ +رضيه: تو ڊيڊيءَ جي دماغ ۾ اها ڳالهه وڌي ته سرمائيدار غريبن جو رت چوسيندا آهن. +جاويد: ها ها سارو ڏوهه تنهنجو آهي. ڏاڍي ناٽڪي نموني چوندو هئين ته مان صدين جي ستايلن جو آواز آهيان. هاڻي وڃ انهن صدين جي ستايلن وٽ. +زاهد: مون کي ٽوڪون هڻدو هئين ته مان غريب گهراڻي جو آهيان. منهنجي ڪا آڊينٽٽي ڪانهي، مان رضيه جي معرفت سڃاتو ٿو وڃان. هاڻي ٻڌائي تنهنجي ڪهڙي آڊينٽٽي آهي. +عابده: مون کي به چوندو هئين ته منهنجي شخصيت جاويد جي دولت ۽ نوڪريءَ جي بار هيٺان ڀڄي ڀري پيئي آهي. هاڻي تنهنجي شخصيت ڪيئن آهي. +جميل: مون ٿورو ئي ڊيڊيءَ کي چيو هو ته دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏ. +جاويد: تو نه چيو هو ته ٻيو ڪنهن چيو هو. +جميل: چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق ٿيندو آهي. ڪڏهن اوهان غريبن جي حمايتيءَ کي غريب ڏٺو. هونئن نظرياتي طور به اها ڳالهه غلط آهي. +رضيه: هاڻي جهيڙي کي ڇڏيو، اهو سوچيو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ +جميل: سڀئي نوڪريءَ جون درخواستون کڻي آفيسن ۾ ڌڪا کائينداسين ٻيو ڇا ڪنداسين. +رضيه: جاويد کي ته نوڪري آهي اسان ڇا ڪنداسين. +جاويد: نوڪري ته مون سوشل اسٽيٽس لاءِ ڪئي هئي. مون کي جيترو پگهار ٿو ملي اوترو ته اسان جي نوڪرن جو خرچ آهي. +جميل: واقعي اهو به مسئلو آهي ته نوڪري ملي به ته ان مان اسان جو گذارو ڪيئن ٿيندو. +رضيه: آخر ڪجهه ته ڪرڻو آهي، ڪجهه ته سوچڻو آهي. +جاويد: ڊيڊيءَ اهو فيصلو ڪيو ڇو؟ پنهنجي اولاد کي دربدر ڪري ماڻهو ٻين ۾ ملڪيت ورهائي ڇڏي. مان سمجهان ٿو ته ڪوبه عقل وارو ماڻهو ائين نه ڪندو. +زاهد: واقعي صحيح دماغ وارو ماڻهو ڪڏهن ائين نه ڪندو. +جميل: ڪٿي ڊيڊي جي دماغ تي اثر ته نه ٿي ويو آهي. +جاويد: مون کي به شڪ ٿو پئي ته بيماريءَ ۾ ڊيڊيءَ جي دماغ تي اثر نه ٿي ويو هجي. +جميل: صحيح دماغ وارو ماڻهو اهڙو فيصلو ڪري نٿو سگهي. منهنجو خيال آهي ته، انڪل ڊاڪٽر کان پڇون ته ڊيڊي جو دماغ ٺيڪ آهي يا نه. +جاويد: ها ها. انڪل ڊاڪٽر کان پڇڻ گهرجي. +رضيه: (هلڪي ڪاوڙ مان) اوهان جي خيال ۾ ڊيڊي چريو ٿي پيو آهي. +جميل: نه نه، اسين ائين ته نٿا چئون. چرئي ٿيڻ کان سواءِ به ته ماڻهوءَ جي دماغ تي اثر ٿي سگهي ٿو. انڪل ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. +جاويد: مان انڪل ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان. هينئر ئي ٿا هن سان صلاح ڪيون. +(جاويد وڃي ٿو). +ڏيک اٺون: +سڀ ڊرائينگ روم ۾ ويٺا آهن، ڊاڪٽر به ويٺو آهي. +جاويد: انڪل اوهين نه رڳو اسان جا فيملي ڊاڪٽر آهيو پر اسان جي گهر جا ڀاتي به آهيو. +ڊاڪٽر: بيشڪ +جاويد: اسان جي گهر جو مسئلو اوهان جو مسئلو آهي. +ڊاڪٽر: ها ها. +رضيه: اسين اوهان سان اهڙي مسئلي تي صلاح ٿا ڪريون جنهن سان اسان جي ساري فيمليءَ جي تباهه ٿيڻ جو انديشو آهي. +عابده: نه رڳو فيملي پر ايندڙ نسل به تباهه ٿي ويندو. +ڊاڪٽر: ڪهڙو مسئلو آهي. +جميل: مان اجتماعيت جو قائل آهيان. هي مسئلو هڪڙي فيمليءَ جو مسئلو نه آهي، پر پوري سوسائٽيءَ جو مسئلو آهي. +ڊاڪٽر: ٻڌايو ته ڪهڙو مسئلو آهي؟ +جميل: ڊاڪٽر صاحب اوهين مڃو ٿا ته اسان جي سوسائٽي ڦرلٽ جي سوسائٽي آهي. +ڊاڪٽر: جي +جميل: هن سوسائٽيءَ ۾ هرڪو ٻئي کي ڦري ٿو. ڏاڍو هيڻي کي ۽ ڊاڪٽر مريض کي... +ڊاڪٽر: جي. +جميل: هن سوسائٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو ڦرلٽ نه ڪري ته اوهين ان کي ڇا چوندؤ. +ڊاڪٽر: مان ان کي بيوقوف چوندس. +جميل: جيڪو ڄاڻي واڻي پاڻ ڦرائي. +ڊاڪٽر: اهو وڏو بيوقوف. +جميل: ۽ جيڪو پنهنجي هٿن سان پنهنجو گهر ٻار ڦرائي. +ڊاڪٽر: اهو چريو. +جميل: ڏٺو! انڪل به چوي ٿو ته اهڙو ماڻهو چريو آهي. انڪل، اوهان جو ڊيڊيءَ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ +ڊاڪٽر: (حيرت مان). ڇا مطلب؟ +جاويد: جميل جو مطلب آهي ته ڊيڊيءَ جي دماغي حالت ڪيئن آهي؟ +ڊاڪٽر: ٺيڪ آهي بلڪل نارمل آهي. +جميل: اوهان پاڻ چيو ته جيڪو ماڻهو ڄاڻي واڻي پنهنجو گهر ٻار ڦرائي اهو چريو آهي. ڊيڊي پنهنجي ساري ملڪيت غريبن ۾ ٿو ورهائي. اوهان جو ڊيڊي جي باري ۾ ڇا خيال آهي. +ڊاڪٽر: اوهان جو مطلب آهي ته سيٺ صاحب جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي. +جاويد: اهو ته اسين اوهان کان ٿا پڇون؟ +(ڊاڪٽر سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو). +ڊاڪٽر: اوهان مون کي سوچ ۾ وجهي ڇڏيو. +(پريشانيءَ ۾ اٿي هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ٿو ڪري). +ڊاڪٽر: مون سيٺ صاحب جي دماغي حالت تي ته غور ئي نه ڪيو هو. هاڻي ته مون کي به ٿورو ٿورو شڪ ٿو پوي. +رضيه: انڪل جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪجهه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڊيڊي جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي ته پوءِ ڊيڊي جو ملڪيت ورهائڻ وارو فيصلو به غلط آهي. +جاويد: انڪل اسان جي فيمليءَ کي تباه ٿيڻ کان بچايو. +جميل: خدا جي واسطي ڪجهه نه ڪجهه ڪيو ۽ اسان کي برباديءَ کان بچايو. +ڊاڪٽر: مان دماغي مريضن جي ڊاڪٽرن جي بورڊ کان سيٺ صاحب جو دماغي معائنو ڪرايان ٿو ۽ جي بورڊ فيصلو ڏنو ته پوءِ مئجسٽريٽ کي درخواست ڏيئي سيٺ صاحب کي اسپتال ۾ داخل ڪرائينداسين. +(سيٺ جي گهمڻ ۽ ڳالهائڻ مان خبر پوي ٿي ته هو هارٽ اٽيڪ مان ٺيڪ ٿي ويو آهي، پر اُن جو اثر اڃا سندس شخصيت تي آهي. ڊاڪٽر رشيد ڊاڪٽرن جو سيٺ سان تعارف ڪرائي ٿو). +ڊاڪٽر رشيد: ڊاڪٽر جبار +سيٺ: اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. +ڊاڪٽر رشيد: ڊاڪٽر جلال هي ٻئي دماغي مرضن جا ماهر آهن. +سيٺ: مان سمجهان ٿو ته اسان مان ڪوبه دماغي مريض نه آهي. +(صوفي تي ويهندي) +مذاق واري انداز سان (وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو. سندس ٽهڪ غير ضروري ۽ ايبنارمل ٿو لڳي ۽ ٻئي ڊاڪٽر هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا. جميل وارا به ڊاڪٽرن کي ڏسن ٿا) +ڊاڪٽر رشيد: سيٺ صاحب هنن وٽ هڪڙو ڪيس آيو آهي. هڪڙي ماڻهوءَ اوهان وانگر ساري دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي آهي، هن جي اولاد درخواست ڏني آهي ته هنن جو پيءُ چريو آهي. +(وري ڏاڍيان ٽهڪ ڏي ٿو جيڪو غير ضروري ايبنارمل ٿو لڳي ٻئي ڊاڪٽر معنيٰ خيز نظرن سان هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿا.) +سيٺ: اُهو چريو آهي يا ساري دنيا دولت جي پٺيان چري آهي. +ڊاڪٽر رشيد: اوهان به پنهنجي ساري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي آهي. +سيٺ: (وري ٽهڪ ڏي ٿو) انڪري مان به چريو آهيان. +ڊاڪٽر رشيد: نه اها ڳالهه نه آهي اوهان کان ٻه ٽي سوال پڇي هي اُن ماڻهو لاءِ فيصلو ڪندا. اوهان هنن سان تعاون ڥڷڈۇ ته هي هڪڙي ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو صحيح فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. +سيٺ: مان تيار آهيان. +ڊاڪٽر رشيد: ڊاڪٽر جبار اوهين بيشڪ سوال پڇو. +ڊاڪٽر جبار: سيٺ صاحب ڇا اهو سچ آهي ته اوهان ساري ملڪيت غريبن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ +سيٺ: ها اهو سچ آهي. +ڊاڪٽر جلال: اوهان جي دل ۾ اهو خيال ڪيئن آيو؟ +سيٺ: ان رات مون کي دل جو دورو پيو. مون موت کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي احساس ٿيو ته هيءُ دنيا فاني آهي ۽ حقيقي دنيا اڳيون جهان آهي. مون پنهنجو ٻيو جهان سنوارڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو. +ڊاڪٽر جبار: (ڊاڪٽر جلال کي). Death fear موت کان ڊپ. +جلال: نيوراٽڪ ڊيٿ فيئر. موت کان اهڙو ڊپ جيڪو چريائپ جي صورت اختيار ڪري وڃي. +ڊاڪٽر جبار: (سيٺ کي مخاطب ٿي). بس. بس........ اوهان چيو ته اوهان موت کي اکين سان ڏٺو. +سيٺ: ها، مون موت کي اکين سان ڏٺو +ڊاڪٽر جلال کي.Visual Hallucinations +ڊاڪٽر جبار: جنهن ۾ ماڻهوءَ کي عجيب عجيب شڪليون نظر اينديون آهن. +ڊاڪٽر جلال: (سيٺ کي) بس بس. اوهان کي ڪنهن چيو ته ڪونه ته پنهنجي ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏ. +سيٺ: ها مون کي محسوس ٿيو ته ڪو مون کي چئي ٿو. +ڊاڪٽر جبار: اوهان ان جو آواز ٻڌو؟ +سيٺ: ها مون آواز به ٻڌو. +جبار: (جلال کي). Auditory Hallucinations جنهن ۾ ماڻهوءَ کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. +جلال: (سيٺ کي). بس بس اهو فيصلو ڪرڻ وقت اوهان سوچيو ته اوهان جي اولاد جو ڇا ٿيندو؟ +سيٺ: مون کي اولاد کان وڌيڪ پنهنجو ٻيو جهان پيارو آهي. +جلال: (جبار کي). مريض ۾ قتل، خون ۽ ٻين کي عذاب ڏيئي خوشي حاصل ڪرڻ جي شديد دٻيل خواهش آهي. +جبار: اهڙو مريض ڪنهن به وقت اولاد کي قتل به ڪري سگهي ٿو. +جلال: خطرناڪ مريض آهي. +جبار: تمام (ڊاڪٽر رشيد کي) خطرناڪ ريئلي ويري ڊينجرس ڊاڪٽر. +رشيد: اسين ٽيلي فون ڪرڻ ٿا چاهيون. +جاويد يڪدم ٽپ ڏيئي ٽيلي فون کڻي اچي ٿو. +(ڊائل ڪري) +جبار: هيلو مئجسٽريٽ صاحب مان ڊاڪٽر جبار ٿو ڳالهايان. اسان مريض جو معائنون ڪيو. هو واقعي دماغي مريض آهي. (سيٺ ڇرڪي ٿو.) تمام خطرناڪ آهي. ڪنهن به وقت اولاد جو خون ڪري سگهي ٿو. توهين ليٽر ڪڍي ڇڏيو. اسين ڪار تي مريض کي هينئر جو هينئر گدو بندر ٿا پهچايون. +سيٺ: (يڪدم ٽپ ڏيئي اُٿي ٿو) ڪير مريض آهي. ڪنهن کي گدو بندر ٿا پهچايو. +ڊاڪٽر رشيد: (سندس ڪلهي تي هٿ رکي). صبر ڪيو سيٺ صاحب. +سيٺ: مان چريو آهيان ۽ اوهين سياڻا آهيو. +ڊاڪٽر جبار: نه نه اسين چريا آهيون. اوهين سياڻا آهيو. +سيٺ: مان چريو نه آهيان اوهين منهنجي اولاد کان پڇو، رضيه! +رضيه: (ڊڄي.) جي ڊيڊي +سيٺ: مان چريو آهيان. +رضيه: روئندي الا اسان جو ڊيڊي چريو ٿي پيو. +سڀ گڏجي رئندي: الا اسان جو ڊيڊي چريو ٿي پيو. +سيٺ: (رڙ ڪري). مان چريو نه آهيان. +سڀ: اسان جو ڊيڊي چريو ٿي پيو. +سيٺ: روئڻ بند ڪيو. مان چريو نه آهيان. +ڊاڪٽر رشيد: سيٺ صاحب هاڻي هلو ته هلون. +سيٺ: مان گدوبندر نه ويندس مان چريو نه آهيان. +سيٺ رڙيون دانهون ٿو ڪري. هنن کان ڀڄي ٿو. جميل، جاويد ۽ زاهد هن کي جهلن ٿا. هو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڦٿڪي ٿو، پر هو کيس نٿا ڇڏن ۽ گهلي ٻاهر وٺي ٿا وڃن. +هو دانهون ڪندو رهي ٿو. +سيٺ: مان چريو نه آهيان. مان گدوبندر نه ويندس مان چريو نه آهيان. +رضيه ۽ عابده روئن ٿيون. +ڏيک نائون: +ڊرائينگ روم جي ديوار تي سيٺ غلام علي جي تصوير ٽنگيل آهي. +رضيه، عابده، جاويد، جميل ۽ زاهد ويٺا آهن. رضيه پيءُ جي تصوير ۾ نهاري روئي ٿي. +رضيه: منهنجي ڊيڊيءَ جو گدوءَ ۾ الائجي ڪهڙو حال هوندو. +جاويد: انڪل ڊاڪٽر چيو ٿي ته ڊيڊيءَ کي اسپتال ۾ سڀ سهولتون مليل آهن. هڪ ٻن ڏينهن ۾ سندس ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنر به لڳي ويندو. +رضيه: ڪيتريون به کڻي سهوليتون هجن، گهر وارو آرام ته نه هوندس. +عابده: ڊيڊيءَ جي اسان سان ڪيڏي نه محبت هئي. هڪ ڏينهن به اسان کان پري رهي نه سگهندو هو. هينئر اسان کانسواءِ هن جو ڪهڙو حال هوندو. +جاويد: چرئي ماڻهوءَ.... +رضيه: جاويد پليز ڊيڊيءَ لاءِ چريو اکر نه چئه. +جميل: چري کي چريو نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو. +رضيه: تون صفا بي حياءُ آهين. تو ۾ حياءَ جو ذرو به ڪونهي. +جاويد: چڱو چڱو ڊيڊيءَ کي چريو نٿا چئون. ڊيڊيءَ واري حالت ۾ ماڻهوءَ ۾ پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻ نه رهندي آهي. اسپتال ۾ ڊيڊي اسان کي ياد نه ڪندو هوندو. +جميل: پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻ هجيس ها ته ساري ملڪيت پنهنجن کان کسي پراون کي ڇو ڏي ها. +جاويد: جميل تو وڪيل کي سڏايو آهي. +جميل: ها وڪيل اچڻ وارو هوندو. +جاويد: چڱو آهي ته اڄ ئي ملڪيت جي ورهاست ڪري ڇڏيون. +زاهد: منهنجي صلاح آهي ته ساري ملڪيت وقف ڪئي وڃي، جنهن مان اسان پنجن ئي کي هڪ جيترو حصو ملندو رهي. +جميل: پنجن ئي کي ڪيئن؟ +زاهد: اسين پاڻ ۾ پنج آهيون. +جميل: مسٽر تون حصيدار نه آهين. +رضيه: ڇو؟ زاهد ڇو حصيدار نه آهي. +جميل: هي ڊيڊي جو پٽ نه آهي، انڪري هن کي حصو ملي نٿو سگهي. +رضيه: پر ڊيڊي زاهد کي پنهنجو پٽ ڪيو هو. +جميل: ڊيڊي ته نوڪرن کي به پٽ چوندو هو، پوءِ انهن کي به حصو ڏيون؟ +جاويد: جميل سچ ٿو چئي. زاهد ڌاريو آهي. هن کي حصو ملي نٿو سگهي. +زاهد: ڊيڊي هجي ها ته مون کي ضرور حصو ڏي ها. +جميل: انهن افعالن ڪري ته گدو ۾ آهي. +جاويد: ملڪيت جا چار حصا ٿيندا. +رضيه: چار ڇو؟ +جاويد: مان، جميل، تون ۽ عابده. +رضيه: زاهد پرائو آهي باقي عابده ڊيڊيءَ جي ڌيءُ آهي. +جاويد: ڌي نه آهي، ته ننهن ته آهي. +رضيه: زاهد پٽ نه آهي ته ناٺي ته آهي. زاهد ڌاريو آهي ته عابده به ڌاري آهي. +عابده: روئندي اوهين مون کي ڌاريو ٿا چئو. ڊيڊي ته مون کي پنهنجي سڳي ڌيءُ کان به وڌيڪ سمجهندو هو. +جميل: ملڪيت جا وارث مان، جاويد ۽ رضيه آهيون. +رضيه: چڱو ته پوءِ ملڪيت ٽن حصن ۾ ورهايو. +جميل: قانون مطابق توکي رڳو ٻه آنا حصو ملندو. +رضيه: ڇا.....؟ مون کي رڳو ٻه آنا حصو ملندو. +جميل: ها توکي ٻه آنا حصو ملندو. باقي ست ست آنا مان ۽ جاويد کڻنداسين. +جاويد: ويري گُڊ. هٿ ملائي +رضيه: اهو دوکو آهي. +جميل: اهو قانون آهي. +رضيه: اوهان ٻنهي سازش ڪري ڊيڊيءَ کي پاڳل خاني موڪليو آهي. ڊيڊي پاڳل نه هو. +جميل: ڊاڪٽرن سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي. +رضيه: اوهان اوهان ڊاڪٽرن کي رشوت ڏني هئي. اوهان ڊيڊيءَ خلاف سازش ڪئي آهي. +جاويد: تون به ان سازش ۾ شريڪ هئينءَ. +رضيه: اوهان مون سان ۽ زاهد سان دوکو ڪيو آهي. مان هينئر جو هينئر پوليس ۾ وڃي بيان ٿي ڏيان. اوهان ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڊيڊيءَ کي پاڳل خاني موڪليو آهي. +زاهد: مان به شاهدي ڏيندس. +رضيه: مان هينئر جو هينئر ڪورٽ ۾ ٿي وڃان. اوهين چور آهيو. ڌاڙيل آهيو. دوکيباز آهيو. +رضيه ۽ زاهد وڃن ٿا. +جميل: رضيه خبردار جو ٻاهر پير پاتو اٿئي. +رضيه: مون کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي. +ڊوڙي اچي درجهلي بيهي ٿو. +جاويد: توهين ٻاهر وڃي نٿا سگهو. +رضيه: پري ٿيءُ. مان پنهنجي ڊيڊيءَ کي ڇڏائڻ ٿي وڃان. +جاويد: هن کي ڌڪو ڏيندي. تون ٻاهر وڃين نٿي سگهين. +زاهد: تون منهنجي زال تي هٿ ٿو کڻين! +(زاهد، جاويد جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي ٿو. ٻئي وڙهن ٿا. جميل به زاهد سان وڙهي ٿو. رضيه زاهد جي پاران ۽ عابده مڙس جي پاران وڙهي ٿي). +سيٺ غلام علي ۽ ڊاڪٽر رشيد خاموشيءَ سان اندر اچن ٿا ۽ ماٺ ڪري هنن کي وڙهندو ڏسن ٿا. اوچتو جاويد جي نظر سيٺ تي پئي ٿي. جاويد کان دانهن ٿي نڪري وڃي. +جاويد: ڊيڊي... +جميل: ڊيڊي.... اوهين... اوهين ته چرين جي اسپتال ۾ هئا. +سيٺ: اسپتال ۾ ته ويچارا بيمار رهندا آهن اصل چريا ته هتي آهن. +رضيه: ڊوڙي اچي پيءُ سان ملي. هنن ٻنهي اوهان جي خلاف سازش ڪئي هئي. +جاويد: ڊيڊي..... +جميل: ڊيڊي..... +سيٺ: اڳ مون ناٽڪ ڪيو هو ته ساري ملڪيت غريبن کي ڏئي ڇڏيندس، هاڻي مون اِهو فيصلو ڪيو آهي ته ساري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندس، ملڪيت جا وارث اوهين نه پر ضرورتمند آهن. +پيءُ جو فيصلو ٻڌي سڀني جا وات پٽجي ٿا وڃن. +پردو ڪِري ٿو. + + +مان اُلن مان اُٿان ٿو +مان اُلن مان اُٿان ٿو +ôفينڪس دانهن ڪئي +تحرير: ٽينيسي وليمز +(ڊي.ايڇ لارنس جي موت تي لکيل ڊرامو) +ليکڪ جو مهاڳ: +هن خيالي ناٽڪ جو عمل فرانس جي دو آٻي ۾ ڏيکاريل آهي، جتي ڊي.ايڇ لارنس فوت ٿيو. لارنس جي موت کان اڳ لنڊن ۾ سندس ٺهيل تصويرن جي نمائش ٿي هئي، فني لحاظ کان هن جون تصويرون اوائلي هيون، پر مواد جي لحاظ کان جسم، حواسن ۽ جنس جي موضوع سان تعلق رکندڙ هيون، سندس تصويرن وڏو گوڙ مچايو. پوليس تصويرون پنهنجي قبضي ۾ وٺي انهن کي باهه ٿي ڏني پر ڪورٽ مان حڪم نامون حاصل ڪري پوليس کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو. +لارنس جي ڪتابن تي جيئن ماضيءَ ۾ بندش پوندي رهي هئي تيئن انهن ڏينهن ۾ به هن جي انسان جي جنسي جذبي جي گهري مطالعي تي لکيل ناول ’ليڊي چيٽرلي جو عاشق‘ تي بندش پئي، لارنس انسان جي جنسي جذبي جي قوت ۽ اسرار کي محسوس ڪيو ۽ ان جذبي کي حياتيءَ جي بنيادي ۽ مک قوت سمجهيائين ۽ ساري زندگي انهن ماڻهن سان مقابلو ڪندو رهيو جن ان موضوع کي دور انديشيءَ جي پڙدن ۾ لڪائڻ ٿي چاهيو. لارنس جي ڪن نظرين، جهڙوڪ عورت کي مرد جو محتاج سمجهڻ، هن جي لکڻين ۾ مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو. تنهن هوندي به هن جون لکڻيون زندگيءَ جي اونداهن پازن جا عظيم اهرام آهن. +ٽينسي وليئرمز، نيو اورلينز، سيپٽمبر 1941ع. +هن ڊرامي جي باري ۾ لارنس جي زال فريڊالارينس جو لکيل نوٽ +ڪتاب جو عنوان ڏاڍو سٺو آهي، مون جڏهن هيءُ ننڍڙو ڊرامو پڙهيو ته مان وساري ويٺس ته منهنجي ۽ لارنس جي باري ۾ آهي، پر ٻي دنيا، جنهن ۾ تخليق جنم وٺندي آهي، ان ۾ ائين ٿيندو آهي. ڊرامي جو مرڪزي خيال اها ازلي مخالفت ۽ ڪشش آهي، جيڪا عورت ۽ مرد ۾ ازل کان آهي، اها ازلي مخالفت ۽ ڪشش مون ۾ ۽ لارينس ۾ به هئي، پر اصل حقيقت ٻي هئي، ڪاش! مان ويساهه ڏياريندڙ لفظن ۾ بيان ڪري سگهان ته اها ڪهڙي حقيقت هئي........ پر اها ڏکي ڳالهه آهي، اها ڇا هئي؟ اها روزاني عام محبت کان بلڪل نرالي هئي. روزاني عام محبت، تمام جلد محدود ٿي ويندي آهي، اسان جي محبت زندگي وانگر آزاد ۽ زندگيءَ جي لامحدود امڪانن سان ڀريل هئي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو، غربت ۾ ساري دنيا، دنيا جي هر هڪ شئي اسان جي هئي. اسان رڳو ساهه کڻڻ جي بدران، هڪ هڪ پل، پوريءَ طرح زندهه ٿي رهياسين. جو ڪجهه وهيو واپريو ٿي اهو هڪ نئون ۽ نرالو تجربو هو. موت جي پس منظر جي ڪري هر هڪ شئي چٽي ۽ واضح هئي. مرڻو سڀ کي آهي ۽ ڪو به Forest Lawn موت کي ميساري نٿو سگهي. +لارنس جيڪو اکر لکيو تنهن کي نئين معنيٰ ڏنائين ڇاڪاڻ جو هو هميشه مٿاڇري کان هيٺ اونهاين تائين پهچندو هو. اسان به ڪيترائي دفعا مٿاڇري تي رهياسين، بور به ٿياسين. لارنس پنهنجي موت کي وڏي جرئت سان منهن ڏنو يا ائين چئجي ته موت ۾ هو زندهه رهيو. آخر سڀ ڪجهه ختم ٿيو ۽ هو بستري تي پيو هو. مون هن ۾ صحتمنديءَ کي محسوس ڪيو. هو اٽل عزم سان هو. هو وڏي ذميواري ۽ مڙساڻي هٺ سان زندهه رهيو. +اڄ هيترن سالن کانپوءِ مان هن لاءِ سوچيان ٿي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجي زندگيءَ جي لاٽ کي ٿڌڙي هير ڇهي ان کي وڌيڪ روشن ڪري وئي، جيڪڏهن هن کي موقعو ڏنو ويو ته هو ٻين جي زندگي جي لاٽ کي به ائين ئي وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيندو. +فريڊا لارنس +ڊرامي جا ڪردار: ڊي ”ايڇ“ لارنس، فريڊا ۽ برٿا +هنڌ: وينس، فرانس، ابلپس جو سامونڊي ڪنارو +مهل: ٽپرهي +ڏيک: لارنس Sun Proch ۾ ويٺو آهي، جنهن جي ساڄي پاسي سج جي بلڪل سامهون دري آهي، ان ساڳيءَ ڀت ۾ در آهي، جيڪو سمنڊ جي ننڍڙين پهاڙين جي سنهين چوٽين طرف کلي ٿو. تيز هوا ٿي لڳي ۽ سامونڊي ڇولين جو آواز ٿو اچي. لارنس ماٺ ڪيو سمنڊ ڏانهن ٿو نهاري. هن جي پٺيان، کاٻيءَ ڀت تي سنهري، اڇن ۽ قمرچي تارن سان اڻيل بينر لڳل آهي، جنهن تي باهه جي اُلن جي آکيري ۾ ويٺل فينڪس پکيءَ جي تصوير ٺهيل آهي. لارنس جي سڀ کان پياري علامت! لارنس ماٺ ويٺو آهي. هن جي ڏاڙهي باهه جهڙي آهي ۽ پڪل ڳاڙهه سري مٽيءَ جهڙي رنگ وارو منهن سا��تيڪو آهي. هن جا هٿ هن جي مٿان پيل چوڪڙين واري ڪنبل تي رکيا آهن. انهن هٿن زندگيءَ جي زبردست مادي کي جهلي پلاسٽڪ وانگر پلٽي ڇڏيو هو. هن جون آڱريون ڀيڪوڙيل آهن، جيڪي هن جي اندر جي بي چيني کي ظاهر ٿيون ڪن. هن جو ٿورڙيون ويڪريون ناسون ايترو ته آهستي ساهه ٿيون کڻن جو ائين ٿو لڳي ڄڻ سندس ساهه جي سنهڙي تند هلڪي سٽ سان ڇڄي پوندي. مخالفن سان منهن ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيل انسان، اڄ اهڙيءَ شئي سان مهاڏو اٽڪائي ويٺو آهي، جيڪا هن جي پهچ کان ٻاهر آهي. کيس پنهنجي غضب تي قابض رهڻو آهي، ان ڪري هو چوڪڙين واري ڪنبل ۽ هلڪي ڳاڙهي رنگ جي شال ويڙهي ماٺ ڪيو ويٺو آهي ...... هن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته چيتو پنجوڙ ۾ ڦاٿو آهي، پر اڃا هن هار نه مڃي آهي. +(فريڊا اندر اچي ٿي، اٽڪل پنجاهه ورهين جي قد آور عورت ..... ڏند ڪٿائن جي ارون ديوتا جي انهن خدمتگار ٻانهين جهڙي جيڪي فيصلو ڪنديون آهن ته جنگ ۾ ڪير ڪير قتل ٿيندو. هن جي هٿن ۾ نفاست سان ويڙهيل پيڪٽ آهي.) +لارنس: (ڪنڌ ڦيرڻ کانسواءِ) اهو ڇا آهي؟ +فريڊا: ٻاهر چانئٺ وٽ پيو هو. +لارنس: مون کي ڏيکار. +فريدا: رکڻ واري جو نالو ۽ ائڊريس لکيل نه آهي....... مون دريءَ مان هن جي ٿوري جهلڪ ڏٺي هئي. +لارنس: ڪا عورت هئي. +فريڊا: ها...... +لارنس: هون....... +فريڊا: نيرو جيڪٽ پاتل پڪي وهيءَ جي ٿڪل ڪنواريءَ....... هن پيڪٽ پورچ ۾ رکيو ۽ مون دروازو کوليو ته ان کان اڳ پهاڙيءَ تان ڄڻ ته رڙهندي لهي وئي. +لارنس: (هن جي آواز ۾ چڙ ايندي ٿي وڃي) اهو منهنجي لاءِ آهي نه؟ +فريڊا: ها تنهن جي لاءِ آهي. +لارنس: ته پوءِ مون کي ڏي...... بيوقوف عورت، تون سمجهين ڇو نه ٿي. +فريڊا: منهنجو خيال هو ته اُس سان تنهنجو سڀاءُ ٺيڪ ٿي ويو هوندو. +لارنس: اُس ته منهنجي طبيعت وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي، ساري منجهند مان ۽ سچ هڪ ٻئي جا ويچارا ڪڍندا رهياسين. مون سج کي چيو، پوڙها ڪتا مون کي ٺيڪ ڪر، مون کي طاقت ڏي، منهنجا هٿ جهلي مون کي هن ڪرسيءَ مان ڪڍ، پر سج به بنهه Hansfran جهڙو آهي. جيڪا ڏاڪڻ کي ٻهاري ڏيندي رهي ۽ ٻڌئين نه ته مان هن کان ڇا جي بيک ٿو گهران. مان هن کي ڏوهه نٿو ڏيان. مان به بيک گهرڻ وارن ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏيندو هيس. مڙد کي بيک گهرڻ نه گهرجي. مڙد جيڪي چاهي ان تي کيس قبضو ڄمائڻ گهرجي. دشمن جي هٿان کسي وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن هو وٺي نٿو سگهي، کسي نٿو سگهي ته پوءِ هن کي ان شيءِ جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪجهه نه ملڻ تي مطمئن ٿيڻ گهرجي. هيڏانهن ڏس (هن پيڪيٽ کوليو آهي) سنگترن جي مربي جي برني (ٻاراڻي خوشيءَ سان مرڪي ٿو) هن برنيءَ ۾ آگسٽ جو مهينو بند آهي. +فريدا: اهو مربو نيرن ۾ کائجانءِ. +لارنس: (سنهري ڌاڳو کوليندي) جيستائين جيئرو آهيان تيستائين نيرن ۾ هي مربو کائي سگهندس ........ فريڊا ڏس ته هيءَ برني به پوريءَ سائيز جي آهي. +فريڊا: اجايون ڳالهيون نه ڪر (هن کان برني وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر لارنس ٻليءَ واري ڦڙتيءَ سان جهٽ هڻي هن جي ٻانهن کي جهلي ٿو). +لارنس: ڇڏ بيوقوف ان کي ڇڏ. +فريڊا: (کلندي) اَلا! لارنس تو ۾ اڃا چڱي طاقت آهي. +لارنس: تو ڇا ٿي سمجهيو. +فريڊا: مان وساري ويٺس، پوئين ڏينهن ۾ تون مون سان چڱو ٿي هلين نه. +لارنس: ۽ تو سمجهيو ته تو مون کي پالتو بنائي ڇڏيو آهي. +فريڊا: ها، پر مون کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهربو هو، مون کي خيال ئي ڪونه هو ته تو پنهنجي اندر ۾ ڇا ويٺي ڪيو. چالاڪ لومڙ، مٿان پيلو ليپ هڻي تون سارو ڏينهن ڳاڙهي سج کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪندو رهين ۽ ان کي مون تي اوڳاڇڻ لاءِ زهر ۾ بدلائيندو رهين. +لارنس: مون ته ڄار ٿي اُڻيو..... چمڪندڙ ��وهي ڄار، ته جيئن توکي جهلي سگهان. چالاڪ عورت، سمجهئي، جيڪڏهن ان ڄار مان پاڻ ڇڏائي سگهين ته بيشڪ ڇڏائي. +فريڊا: (کلندي) الا، تون مون کي ڏکوئين ٿو. +لارنس: (آهستي کيس ڇڏي ٿو) ڪوڙ نه ڳالهائي ...... تو ۾ زندگيءَ جي قوت آهي. توکي خدا ايتري گهڻي ۽ مون کي ايتري ٿوري قوت ڇو نه ڏني. تون چاهين ته منهنجي ٻانهن کي سڪل ڪانيءَ وانگر ڀڃي سگهين ٿي. +فريڊا: نه نه ........ تون هميشه طاقتور رهيو آهين. مان ڪڏهن توتي حاوي ٿي سگهيس؟ +لارنس: (آرام سان) تون مون تي حاوي ٿي نٿي سگهينءَ (هن جو ساهه منجهڻ ٿو لڳي) هيِءَ برني دريءَ ۾ رک. +فريڊا: (برني کڻي وڃي ٿي) اڙي، هن تي ته هڪڙو ڪارڊ به لڳل آهي ..... تنهنجي پرستارن مان هڪڙي پرستار جي پاران ...... ۽ ٻئي طرف لکيل آهي مسٽر لارنس...... مان تنهنجي پوڄا ڪندي آهيان، ان ڪري جو مون کي خبر آهي ته رڳو خدائي زندگيءَ جي باري ۾ ايترو ڄاڻي ٿو....... +لارنس: جيتوڻيڪ مان پنهنجي خدا کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيس، پر ڀانيان ٿو ته مون نيري جيڪٽ واري ان نامعلوم ڪنواريءَ لاءِ اتفاق سان هڪڙو خدا خلقي ڇڏيو ....... ۽ پنهنجي ديوتا جي قربان گاهه تي هوءَ مربي جي نازڪ برنيءَ جو نذرانو کڻي آئي آهي! ڪيڏي نه معمولي عورت آهي! مينهن ۾ جبل جي لاهين تان پٽجي رڙهندڙ ننڍڙي پٿرن جهڙا ڌرتيءَ جا ننڍڙا ۽ معمولي جيوَ اهڙي عظيم غير اعتقادي جا حامل ٿيندا آهن. هو پنهنجي خدا کي ڳولي لهندا آهن ۽ کيس مربي جو نذرانو پيش ڪندا آهن. جيڪڏهن مان پنهنجي خدا کي ڳولي لهان ......ڳولي سگهان ته مان پنهنجو سينو چيري پنهنجي دل کي هن جي اڳيان باهه ڏيندس. +فريڊا: تون تندرست ٿيندو ٿو وڃين. +لارنس: تو اهو اندازو ڪيئن لڳايو. +فريڊا: تون منهنجي باري ۾ جذباتي ٿيندو وڃين، تون پنهنجي باري ۾ صحيح اندازو لڳائي نٿو سگهين. تون حضرت عيسيٰ کي قبول نه ڪرين ها ڇاڪاڻ جو هو توکي ٺيڪ ڪري ڇڏي ها، توکي پنهنجي حقيقي صليب تي لڙڪن مان ڪيڏو مزو اچي ها! +لارنس: هن وقت تنهنجو ڪنڌ منهنجي هٿن ۾ هجي ها ته....... +فريڊا: (هن جي سامهون گوڏا کوڙي) منهنجو ڪنڌ حاضر آهي..... مون کي گهٽو ڏيڻ چاهين ته بيشڪ ڏي. +لارنس: (نرميءَ سان هن جي ڪنڌ تي آڱريون ڦيري ٿو) فريڊا، تنهنجو ڇا خيال آهي ڇا هڪ دفعو وري مان نيو ميڪسيڪو واپس وڃي سگهندس. +فريڊا: ڇو نه! لارنس تون جيڪي چاهين سو ڪري سگهين ٿو، اهڙي ڪا رڪاوٽ ڪانهي جنهن کي اورانگي نه سگهين يا ان جي هيٺان لنگهي يا ان کي ڌڪو ڏيئي تون پري نه ڪري سگهين. +لارنس: تنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪڏهن مان اڇي طاقتور گهوڙيءَ تي چڙهي ريگستاني واچوڙي وانگر وڃي سگهندس...... مان ادبي ماڻهو آهيان ........ مان ڪتابن کان ٿڪجي پيو آهيان، هتي ڪو به اهڙو ڪونهي جيڪو سمجهي سگهي ته ان کان وڌيڪ چڙ ڏياريندڙ مذاق ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته مون جهڙي انسان جي زندگيءَ جو اظهار ڪتاب هجن. +فريڊا: نه ته تنهنجي زندگيءَ کي ڪهڙيءَ صورت ۾ ظاهر ٿيڻ گهربو هو. +لارنس: ڪنهن نه ڪنهن وحشي عمل جي صورت ۾، مان رڳو ايترو ڪري سگهيس جو هن دنيا ۾ عورتن، مسودن ۽ بي هوده رجحانن جو واڌارو ڪيم، ظاهر طور تي اخلاقيات، ڪوڙي شرم ۽ عقيلت جي بورزوا تصورن ۽ انهن خارجي قوتن سان وڙهندو رهيس، جيڪي اصل ۾ خارجي نه هيون، پر منهنجو اصل مقابلو منهنجي اندر ۾ ويٺل عورت سان هو. نيرو جيڪٽ پاتل پڪي وهيءَ جي ڪنئاري ........ جيڪا ان کان اڳ جو خدا مون کي منهنجي سڏ جو جواب ڏي اک ڇنڀ ۾ پهاڙيءَ تان لهي وئي ...... هاڻي مان وري ريگستانن ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو چاهيان، ته جيئن وري وحشي ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهان. مان، لو باس تي بيهي ڏهن ميلن جي فاصلي تان ان مينهن ۽ طوفان کي ڏسڻ ٿو چاهيان، جيڪو چانديءَ جا فوجي ٽوپلا پائي مارچ ڪندڙ ديون جي لشڪر وانگر وڌندو ٿو اچي. +فريڊا: ڪير ٿو چئي ته تون ائين ڪري نٿو سگهين. +لارنس: تون..... توکي خبر آهي ته مان ائين ڪري نٿو سگهان...... منهنجي اندر جو وحشي مڙد مري چڪو آهي ۽ عورت ۾ موت کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڇهون حواس هوندو آهي. هو موت جي آمد کي ان وقت ئي محسوس ڪندي ڪرڻ شروع ڪنديون آهن، جڏهن موت جو اڃا آغاز ئي نه ٿيندو آهي..... مان ته سمجهان ٿو ته اهي عورتون ئي آهن جيڪي موت کي اندر اچڻ جي اجازت ڏينديون آهن..... هو سس پس ڪري موت کي آڱر جي اشاري سان اندر سڏينديون آهن ۽ پنهنجي چوغي مان اونداهي دروازي جي چاٻي ڪڍي هن کي ڏينديون آهن. +فريڊا: ائين نه آهي، عورتون زندگيءَ جي آمد جي قيمت ادا ڪنديون آهن ۽ پوءِ ساري زندگي پنهنجي ٻانهن سان ان دروازي تي صليب جو نشان ٺاهي بيهنديون آهن جنهن دروازي مان موت اندر اچڻ چاهيندو آهي. مڙد موت سان پيار ڪندا آهن ....... عورتون نه ڪنديون آهن، مڙد هڪ ٻئي کي گهاوَ ڏيندا آهن ۽ عورتون انهن گهاون مان وهندڙ رت کي روڪينديون آهن. +لارنس: ها.... رت کي پي روڪينديون آهن...... چڱو هاڻي مون کان پري ٿيءُ...... مون کي ايڏو ڇهڻ جي ضرورت نه آهي (فريڊا پنهنجا هٿ پري ٿي ڪري) تنهنجون هي آڱريون مون کي ڪمزور ٿيون ڪن....... منهنجي بت مان ساري قوت نپوڙي ٿيون وٺن. +فريڊا: نه نه ....... منهنجا پيارا، هي آڱريون ته ان قوت کي واپس ٿيون آڻين. +لارنس: مان توکان هڪڙو واعدو وٺڻ ٿو چاهيان.... مان مرڻ وارو آهيان...... جڏهن مان مرڻ تي هجان، ته خدا جي واسطي فريڊا ان وقت مون کي اڪيلو ڇڏي ڏجانءِ....... ان گهڙيءَ مون کي نه ڇهجانءِ...... نه تون پنهنجا هٿ منهنجي پيشانيءَ تي رکجان نه ٻئي ڪنهن کي ائين ڪرڻ ڏجانءِ....... مون کي ڊپ آهي....... اڻلکو انديشو آهي ته جنهن وقت مان مري رهيو هوندس ان وقت بيشمار عورتون منهنجي چوڌاري هونديون. جنهن وقت مون مان هنن کي اندر اچڻ کان روڪڻ جي طاقت ختم ٿي چڪي هوندي..... هو سڀني درن ۽ درين مان اندر گهڙنديون اينديون....... جٿن جي صورت ۾..... ڳيرن وانگر گگهو گهو ڪنديون...... پار ڪڍنديون، جلندڙ فينڪس کي پنهنجي گهيري ۾ وٺنديون....... هنن جي اکين مان ٽمندڙ ننڍڙا ننڍڙا لڙڪ ۽ چميون منهنجي اکين ۽ منهن کي ڍڪي ڇڏينديون......دلربا ايما...... ڪنواري برٿا....... ۽ ڪي گهٽ ته ڪي تمام گهڻي جنسي قوت واريون عورتن ان جٿي ۾ شامل هونديون، جن مون کي پنهنجي منجهيل ۽ ڳتيل جنسي قوت جو ڪشف سمجهيو ......... مان اهو نٿو چاهيان........ مان ائين مرڻ ٿو چاهيان جيئن اڪيلو پوڙهو جانور مرندو آهي....... منهنجي دل ٿي چوي ته مان ڏاڍي شدت سان، ڏاڍي پاڪيزگيءَ سان مران جو منهنجي اندر ۾ نفرت ۽ خوف جهڙن سخت شين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي جن کي مان پڄاڻيءَ تائين پهچايان، تون سمجهين ٿي نه فريڊا...... +مون ۾ اڃا تائين مڙدانگيءَ جو گهڻو حصو آهي، مان ان سان موت سان ملڻ ٿو چاهيان، مان جڏهن آخري دفعو رت اوڳاڇيان ته ڌڻيءَ جي واسطي مون کي کڻي اهڙي بستري تي نه سمهارجانءِ جنهن جي چوڌاري عورتون گهيرو ڪيو بيٺيون هجن..... اهي آخري گهڙيون مان گهر ۾ نه گذاريندس...... مان هي دروازو کولي ٻاهر هليو ويندس...... ٻاهر سامونڊي پهاڙن جي سنهين چوٽين ڏانهن هليو ويندس...... ان وقت ڪوبه منهنجي پٺيان نه اچي...... اها ڳالهه ياد رکڻ تمام ضروري آهي فريڊا ته مان اڪيلائيءَ ۾ مرڻ ٿو چاهيان، بلڪل اڪيلائيءَ ۾....... سامونڊي پهاڙن جي چوٽين ۽ سامونڊي پاڻي جي ساٿ ۾....... منهنجي مٿان اس ۽ ستارن جي ٿڌي روشني هجي....... ٻيو ڪجهه نه....... ڪو هٿ........ نه ڪا ٻانهن........ نه ڪي چپ ۽ نه عورتون........بي رحم فطرت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي. +فريڊا: مان نٿي مڃان....... مون کي يقين نٿو اچي ته ڪو به ماڻهو چاهيندو ته مرڻ مهل هن جي ويجهو بي رحم فطرت کانسواءِ ٻيو ڪونه هجي. +لارنس: فريڊا، ان جو مطلب ته تون انڪار ٿي ڪرين! +فريڊا: نه نه مان بلڪل راضي آهيان. +لارنس: تون مون سان وعدو ٿي ڪرين! +فريڊا: ها ها...... چڱو هاڻي تون ڪنهن ٻي شئي لاءِ سوچ، مان چانهن کڻي اچان ٿي. +لارنس: (اوچتو ڪا شئي ڏسي) او منهنجا موليٰ! +فريڊا: ڇو ڇا ٿيو؟ +لارنس: هو سونهري مڇين وارو پيالو کڻي هتي منهنجي سامهون دريءَ تي رک. +فريڊا: ڇو؟ +لارنس: ان ڪري ته جيئن مان انهن جي نظرداري ڪري سگهان، ان چنڊي ٻليءَ اڄ وري مڇين تي اُلر ڪئي هئي. +فريڊا: توکي ڪيئن خبر پئي؟ +لارنس: پهرين ان ۾ چار مڇيون هيون هاڻي ٽي آهن، اها چنڊي ٻلي وئي ڪيڏانهن. +فريڊا: ٻاهر وئي هوندي. +لارنس: ته جيئن پنهنجي شڪار کي مزي سان کائي سگهي، فريڊا، اهي مڇيون هتي دريءَ جي چانئٺ تي رک. +فريڊا: لارنس، مڇين کي اُس ۾ رکندين ته مرين وينديون. +لارنس: (ڪاوڙ مان) مان چوان ٿو ته مون سان ايڏي ڄاڙي نه هڻ..... مڇيون هيڏانهن آڻي رک. +فريڊا: (يڪدم اٿي مڇين وارو پيالو کڻي دريءَ وٽ رکڻ وڃي ٿي) تون اڄ ايڏو ڪاوڙيل ڇو آهين؟ +لارنس: منهنجو خيال آهي، ته تو پاڻ هڪڙي سونهري مڇي ٻليءَ کي ڏني آهي....... تون ائين ڪري سگهين ٿي..... تون ۽ ٻلي، ٻئي هڪ جهڙيون آهيو، ٿلهيون متاريون، اکين پوريون ۽ بکيون..... ٺيڪ آهي. +فريڊا: لارنس مڇيءَ جي ڳالهه تي ايڏو گوڙ. +لارنس: اها رڳي مڇيءَ جي ڳالهه نه آهي؟ +فريڊا: نه ته ڪهڙي ڳالهه آهي؟ +لارنس: هينئر منهنجي قوت ختم ٿي وئي آهي. مان اهو سوچڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان ته منهنجي قوت جو حصو توسان جهيڙن ۾ ضايع ٿي ويو. +فريڊا: (اوچتو منهن هٿن ۾ لڪائي ٿي) او....... لارنس! +لارنس: هي ڇا ٿي ڪرين؟ خدا جي واسطي روئڻ پٽڻ بند ڪر. مون کان برداشت نٿو ٿئي، اهو مون کي وڌيڪ بيمار ڪري ڇڏيندو آهي. +فريڊا: مان سمجهان ٿي ته تون مون کان نفرت ٿو ڪرين. +لارنس: (ٿوريءَ دير ۾ ڦڪائيءَ سان هن جي ٻانهن کي چمي ٿو) منهنجون ڳالهيون دل ۾ نه ڪر....... مون کي توسان محبت آهي. فريڊا مان توسان محبت ٿو ڪيان. منهنجي چانهن ۾ ٿورو رم (Rum) ملاءِ..... مان طاقتور ٿيندو ٿو وڃان. پوءِ مان پاڻ کي ايترو ڪمزور ڇو سمجهان؟ +فريڊا: (هن جي پيشاني چمي ٿي) منهنجي مرضي آهي ته تون بستري تي ليٽي پئه. +لارنس: بسترو ته ڏامر ٿو لڳي.... ليٽندس ته چنبڙي پوندو....... مان الائي ڪڏهن پاڻ ڇڏائي سگهندس. منهنجو نرڙ گرم آهي؟ (فريڊا پيار مان هن جي اکين تي هٿ رکي ٿي ۽ لارنس ٻارڙن وانگر جهونگاري ٿو) منگهڻن جي راڻي، او منگهڻن جي راڻي، گهر ڏانهن ڀڄ تنهنجي گهر کي باهه لڳي آ، تنهنجا ٻارڙا سڙي ويندا. +(ٿورو مرڪي ٿو) منهنجي ماءُ جڏهن به منگهڻ ڏسندي هئي ته ائين چوندي هئي، گهڻا ماڻهو ڳوڙهي ۽ ڳتيل شخصيت وارا هوندا آهن. هنن ۾ اهڙي ڪا خاص ڳالهه نه هوندي آهي. +فريڊا: (اٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ فينڪس جي بينر هيٺان بيهي ٿي) الا..... پنهنجي شعلن ۾ آکيري ۾ ويٺل بهادر پوڙهو ۽ ڪاوڙيل پکي..... منهنجي خيال ۾ تون ٿورو جذباتي ٿي ويو آهين! +لارنس: (يڪدم پورو اڳتي جهڪي) ٽن ماڻهن جي چانهن تيار ڪجانءِ. +فريڊا: ٽيون ڪير آهي؟ +لارنس: برٿا...... اڄ هوءَ لنڊن مان واپس موٽندي....... منهنجي تصويرن جي نمائش جون خبرون آڻيندي. +(ڪرسيءَ تان اٿي بيهي ٿو) +فريڊا: هي ڇا ٿو ڪرين؟ +لارنس: هن کي وٺڻ لاءِ ٻاهر ٿو وڃان. +فري��ا: ويهي رهه بيوقوف....... مان هن کي وٺي ٿي اچان....... پر خبردار جو هن کي هن گهر ۾ رهڻ لاءِ چيو اٿئي........ ائين ڪيئي ته مان هتان هلي وينديس (ٻاهر وڃي ٿي). +لارنس: ڪڙ ڪڙ...... ڪڙ...... ڪڙ، تون سمجهين ٿي ته مان اڃا وڌيڪ ڪڪڙيون پنهنجي چوڌاري گڏ ڪرڻ ٿو چاهيان(هو ڪرسيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪنبل هڪ پاسي اڇلائي پيرن تي بيهي ٿو. مٿي ڦرڻ جي ڪري هو ٿاٻڙجي ٿو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو...... اڳتي وڌي پورچ جي ٻاهرين دروازي وٽ اچي ٿو پر کنگهه جي زبردست دوري جي ڪري بيهڻ تي مجبور ٿئي ٿو ...... مان نه ڪري سگهندس (اکيون کڻي فينڪس ڏانهن ڏسي ٿو بهادريءَ سان سڌي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻاهر وڃي ٿو. ٿوريءَ دير ۾ فريڊا برٿا سان گڏ موٽي ٿي اچي..... برٿا ننڍي قد جي خوش باش انگريز عورت آهي، جنهن جون اکيون ٻارن جهڙيون معصوم ۽ آواز تکو آهي). +فريڊا: اَلا ...... اُٿي هليو ويو! +برٿا: هن کي اٿڻ جي اجازت نه آهي. +فريڊا: ٿورڙي ٿڪ سان هن کي ٻيو هيمريج ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان هو ختم ٿي ويندو..... لورينزو! ڪٿي آهين. +لارنس: (ٻاهران) پوڙهي ڪڪڙ، ڪڙ ...... ڪڙ بند ڪر، مان چانهه کڻي اچان ٿو. +برٿا: هن کي وڃي جهل. +فريڊا: هو جهل ۾ نه ايندو. +برٿا: مرڻ جي مرضي اٿس ڇا؟ +فريڊا: نه نه ...... هرگز نه، هن جا ڦڦڙ ختم ٿي ويا آهن، پر هو ساهه ٿو کڻي ...... هن جي دل صفا گسي وئي آهي، پر اڃان ڌڪ ڌڪ ڪري ٿي سگهي ...... ان جدوجهد کي ڏسي مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. ايتري تڪليف ٿي ٿئي جو دل ٿي چوي ته هاڻي هو اها جدوجهد ڇڏي ڏي ته چڱو، منهنجي مرضي آهي ته هو هار مڃي ۽ جيڪي ٿيڻو هجي تنهن کي ٿيڻ ڏي. +برٿا: فريڊا ...... +فريڊا: هن جو جسم ٽشو پيپر جي ٺهيل اهڙي گهرڙي جهڙو آهي، جيڪو باهه جي شعلن ۾ هجي ...... شفاف ڀتيون ڀڙڪندڙ باهه ٿي ويون آهن. ماڻهو مري ته هن جي روح کي اڳواٽ ئي نڪري وڃڻ گهرجي. روح کي ماس کان اڳ آهستي آهستي مري وڃڻ گهرجي ته جيئن ڪو ڏسي سگهي ته روح کي پناهه ڏيڻ وارين جسم جي ڀتين کي ڪيئن روح آهستي آهستي ڊاهيندو ٿو وڃي. +فريڊا: ڇا هو ائين ڪري سگهي ٿو، جسم کانسواءِ زنده رهڻ...... اهڙو شعلو ٿيڻ جنهن لاءِ ڪو ٻارڻ نه هجي. +برٿا: ها فينڪس ائين ڪري سگهي ٿو. +فريڊا: فينڪس خيالي پکي آهي ۽ هو انسان آهي. +برٿا: هو انسان کان مٿاهون آهي. +فريڊا: مون کي خبر آهي ته تو هميشه هن کي ائين سمجهيو آهي پر تون غلطيءَ تي هئين. +برٿا: تو ڪڏهن به اقرار نه ڪيو ته لورينزو ديوتا آهي. +فريڊا: هن سان سمهڻ کانپوءِ...... نه مان اهو اقرار ڪري نٿي سگهان. +برٿا: جسماني ڄاڻ کان وڌيڪ به ماڻهوءَ ۾ ڪجهه هوندو آهي. +فريڊا: پر سڀ کان پهرين جسماني ڄاڻ آهي. +برٿا: مان نٿي مڃان. +فريڊا: پوءِ تون لارنس جي اها ڳالهه به نه مڃيندينءَ ته عورت جي جسم کي سمجهڻ کانسواءِ عورت کي سمجهي نٿو سگهجي. +برٿا: منهنجو خيال آهي ته تو ئي هن کي رڳو جسم تائين محدود رکيو آهيس. +فريڊا: واهه...... جي اهو سچ آهي ته پوءِ لارنس کي منهنجو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. +برٿا: منهنجي خيال ۾ ان ۾ ٿورائتي ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. +فريڊا: ڳالهه ٻڌ...... جيڪڏهن هو تنهنجي هٿ چڙهي وڃي ها ته تون هن کي ڇا ڪرين ها. +برٿا: منهنجي هٿ...... فريڊا! +فريڊا: شايد تون هن کي سندس جسم کان ٻاهر ڇڪي ڪڍي اچين ها، پوءِ هو ڪٿي هجي ها...... پولار ۾! +برٿا: فريڊا...... +فريڊا: توکي خبر ئي ڪانهي ته لارنس ڇا آهي...... لارنس جي حقيقت هميشه تو کان لڪل رهندي. هن جي هر ادبي تخليق جسم جو اظهار آهي. هن کي انهن ماڻهن کان ڪيڏي نفرت آهي جيڪي ڪوڙي شرم ۽ منافقت جي ڪري جسم جي سچ کي لڪائيندا آهن. +برٿا: فريڊا، اسان وري اهو ساڳيو ٻاراڻو جهيڙو شروع ڪري ڏنو. +فريڊا: چڱو، جهيڙو ختم ٿا ڪريون، پر اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪر ته لورينزو ۾ باقي ڪجهه بچيو آهي. +برٿا: هن ۾ باقي اها شئي وڃي بچي آهي جيڪا ورهائي نٿي سگهجي. +فريڊا: هشت ..... چپ ڪر...... هو اچي پيو. +برٿا: (دروازي ڏانهن وڌي ٿي) لورينزو. +لارنس: (ٻاهران) منهنجي ٻلڙي، او منهنجي ٻلڙي تون ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟ +برٿا: (خوشيءَ مان) لنڊن ۾ راڻيءَ کي ڏسڻ وئي هيس. +لارنس: (ويجهو ايندي) منهنجي ٻلڙي، او منهنجي ٻلڙي اتي ڇا ڪيئن؟ +برٿا: (ساڳي انداز سان) اتي ڪرسيءَ هيٺان ڪوئي کي ڳوليم. +(لارنس ٽرالي ڌڪيندو دروازي مان ظاهر ٿئي ٿو، برٿا هن کي حيرت وچان ڏسي ٿي.) +لارنس: (هن کي ڏسي) مان سمجهان ٿو...... مان توکي ڪنهن سيکڙاٽ جي هٿن جي ٺهيل ممي ٿو لڳان نه...... +برٿا: (پاڻ سنڀالي) نه ته...... لورينزو تون بلڪل ٺيڪ ٿو لڳين. +لارنس: اها لالائي نه آهي ...... پر بخار جي تپش جي ڳاڙهاڻ آهي...... مان سڙان ٿو...... باهه ۾ پيو ٻران...... الائجي ڇو هن وقت تائين رک نه ٿيو آهيان...... ڊاڪٽر حيران آهن ۽ مايوس به...... منهنجي هن ٿيڻ واري بيوهه وانگي...... هيءَ به سڀ اميدون لاهي ويٺي آهي (برٿا اڳتي وڌي ٿي ته جيئن چانهه ميز تي رکڻ ۾ هن جي مدد ڪري) +تون منهنجو خيال نه ڪر...... مان پاڻهي سڀ ڪندس. +فريڊا: واهه واهه، ان قومزي شال ۾ ته تون واقعي آڪڙ وارو ڪڪڙ ٿو لڳين. +لارنس: هيءَ شال مون کي ڪنهن وڌي......؟ ڪُتي، تو وڌي هوندي (شال لاهي اڇلائي ٿو) برٿا آرام ڪرڻ سان مون کي ڪڏهن به فائدو نه ٿيو. +برٿا: ٿورو آرام ڪر پوءِ پاڻ ٻيڙيءَ تي سير ڪرڻ هلنداسين. +لارنس: ها، اسين ٽيئي وري سمنڊ ڏانهن وينداسين. +روبا...... ڊَبُ +ٽي بيوقوف، هڪ ٽَبُ. +برٿا ۽ فريڊا +۽ پراڻو باهه خور +برٿا: (هن جي ڏاڙهيءَ کي ڇهي) پراڻا باهه خور. +لارنس: ڏس ته مان پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڪيئن ٿو ٺيڪ ڪيان (ننڍڙو آئينو ۽ ڦڻي ڪڍي ٿو) +فريڊا: توبهه هن کي ته پنهنجي وارن سان عشق آهي. +لارنس: (ڦڻي ڏيندي) هن کي منهنجي ڏاڙهيءَ سان ساڙ آهي......سڀ عورتون، مڙدن جي ڏاڙهي مڇن کان سڙنديون آهن...... ڇاڪاڻ جو هو اهڙيءَ شئي کي برداشت نه ٿيون ڪري سگهن، جيڪا مڙدن کي هنن کان مٿڀرو ٿي بڻائي. +فريڊا: (چانهه وجهندي) ڳالهه ان جي بلڪل ابتڙ آهي. +لارنس: بيشڪ هو مڙدن کي پنهنجي جسمن جي اندر وڃڻ جي اجازت ڏينديون آهن، پر هنن کي اها اميد هوندي آهي ته هو وري ٻاهر نه نڪرندا ۽ هميشه لاءِ هنن جا قيدي ٿي رهندا. +فريڊا: واهه هڪڙي ڪنواري عورت جي ٻڌڻ لاءِ ڪهڙي نه سٺي گفتگو آهي. +لارنس: ڏٺئه برٿا هاڻي هيءَ تنهنجي ڪنواري هجڻ جو مذاق پئي اڏائي. +فريڊا: مان هن جي ڪنواري هجڻ جو مذاق اڏائيندس! مون کي ته هن سان ريس ٿي ٿئي هيءَ ڪيتري نه خوش نصيب آهي جو هن کي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا اهو ٻڌڻو نٿو پوي ته حياتيءَ جي اصل قوت مڙد آهي ۽ ويچاري عورت حياتيءَ جي مادي جو رڳو هڪڙو مفعول ٽڪرو آهي. +لارنس: مون ڪڏهن به مفعول نه چيو آهي پر مون هميشه خطرناڪ چيو آهي (ڦڻي رکي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي ٿو) مان ڏسڻ ۾ شيطان ٿو نظر اچان؟ +فريڊا: ٻڌ برٿا، جنس جي باري ۾ هن جا نظريا هاڻي ڪائناتي ٿيندا ٿا وڃن...... صبح جو سج اڀرندو آهي ته خبر ٿي ته هي ڇا هوندو آهي...... نه مان اهو ورجائي نٿي سگهان...... ۽ جڏهن سج لهندو آهي......تڏهن خير اهو تون پاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌجانءِ. +لارنس: (کلي ٿو) ها...... مان هميشه هڪڙو جملو چوندو آهيان...... ٻه ٽي منٽ انتظار ڪر. تون پاڻ ٻڌينءَ (آئينو پري ڪري ٿو) ها. پوءِ برٿا...... +برٿا: ها...... لورينزو +لارنس: تو اڃا ٻڌايو ڪونه! +برٿ��: ڇا جي باري ۾؟ +لارنس: تنهنجي خيال ۾ مون توکي لنڊن ڇو موڪليو هو. +برٿا: پنهنجي رستي تان هٽائڻ لاءِ. +لارنس: ان کانسواءِ! خير ڇڏ ان ڳالهه کي...... ها اها نمائش ...... ماڻهن کي منهنجون تصويرون وڻيون. +برٿا: جي...... اهي +لارنس: ٻڌاءِ کڻي برٿا...... هيءُ جِنُ تيستائين نه مڃيندو جيستائين پنهنجي ڪنن سان نه ٻڌندو. +فريڊا: ظاهر آهي ته ماڻهو کليا هوندا...... لورينزو تون مصور نه آهين...... ليکڪ آهين...... تون ته سڌي ليڪ به ڪڍي نٿو سگهين. +لارنس: ها پر مان ڏنگي ڦڏي ليڪ ته ڪڍي سگهان ٿو...... اهو ئي سبب آهي جو مان اهڙي تصوير ٺاهي سگهان ٿو جنهن ۾ زندگي هجي...... ڀلا ڏسڻ وارا گهڻا هئا...... +برٿا: وڏي گوڙ کانپوءِ دروازي تي رسو ٻڌي ماڻهن کي اندر اچڻ کان روڪيو ويو. +لارنس: گوڙ......! ڇا جو گوڙ؟ +فريڊا: هن جي خوشي ته ڏس. +لارنس: ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو؟ +برٿا: عورتن جي ڪلب جي هڪ ميمبرياڻيءَ، آدم ۽ حوا واري تصوير کي ڪترڻ جي ڪوشش ڪئي (لارنس کل ۾ ٻڏي وڃي ٿو) +فريڊا: لورينزو...... هاڻي کڻي چپ ڪر. +برٿا: ان واقعي جي ڪري پوليس کي ڌيان ڏيڻو پيو. +لارنس: پوليس! (اٿي بيهي ٿو) هنن منهنجي تصويرن کي ڇا ڪيو. باهه ڏنائون...... تباهه ڪيائون...... +برٿا: نه نه، اسان تصويرن کي باهه ڏيڻ خلاف منع نامو حاصل ڪري ورتو. +لارنس: تصويرون محفوظ آهن نه؟ +برٿا: ها، بلڪل محفوظ آهن. +فريڊا: تون ڪرسيءَ تي ويهه، نه ته توکي بستري تي ليٽائڻو پوندو (هن کي ڌڪو ڏيئي ويهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي لارنس ڪاوڙجي کيس چماٽ وهائي ٿو ڪڍي) +برٿا: لورينزو! +لارنس: مون تي رعب ٿي رکي...... منهنجي ڪمزوريءَ جو مذاق ٿي اڏائي...... مون کي بستري تي ليٽائيندي...... مون کي هٿ به لاٿئي ته مزو چکائيندو سانءِ. +فريڊا: لارنس ويهي رهه نه ته وري رت ايندئي (لارنس ٿوريءَ دير لاءِ هن کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ فرمانبرداريءَ سان ويهي ٿو) +لارنس: اها لوئي وري مون کي پارائي......سج ساڻو ٿيندو ٿو وڃي. سونهري وارن واري نوجوان ديوتا کي اوندهه جي رنڊي ورغلائي ٿي. +فريڊا: هاڻي ٻڌ...... هي سج لهڻ تي پنهنجا ڪلاسيڪ جملا چوڻ وارو آهي (احتياط سان هن جي مٿان شال وجهي ٿي) +لارنس: ها ته پوءِ تصويرون...... ڏاڍيون سٺيون کڻي نه هيون پر انهن ۾ غضبناڪ زندگي هئي. +برٿا: انهن تصويرن ۾ تون آهين...... پر لورينزو تون مصوري ڪرڻ ڇو ٿو چاهين؟ +لارنس: مان لکڻ ڇو ٿو چاهيان، ان لاءِ جو مان آرٽسٽ آهيان...... آرٽسٽ ڪير هوندو آهي...... اهڙو ماڻهو جيڪو تيستائين زندگيءَ سان پيار ڪندو آهي، جيستائين هو زندگيءَ کان نفرت نه ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجون مُٺيون ڀيڪوڙي زندگيءَ کي ڌڪ نه هڻي، جيئن ٿوري دير اڳ مون فريڊا کي ڌڪ هنيو...... زندگيءَ کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته هو اڃا سندس چالبازيون سمجهي ٿو ۽ اڃا تائين سندس آقا آهي...... (لڙاٽيل پيلي روشني گهٽ ٿيندي ٿي وڃي) فريڊا...... برٿا. مون پنهنجي فن جي ڪشادن ۽ قربائتين ٻانهن کي پري پري پکيڙڻ ٿي چاهيو...... ايترو وسيع بڻائڻ ٿي چاهيو ته جيئن اهي ٻانهون ساري ڌرتيءَ سان زندگي ۽ ساري ڪائنات کي ڀاڪر ۾ ڀرين...... پر زندگيءَ ۾ اونهائيءَ تائين اندر وڃڻ لاءِ رڳو پيار ڪافي نه آهي ان ڪري مون مٺ ڀيڪوڙي زندگيءَ کي ڌڪن تي ڌڪ هنيا...... رڳو لفظ ڪافي نه آهي...... مون کي رنگ به گهرجن...... مون رنگن جي چونڊ ڪئي ۽ ائين پيش ڪيم جيئن مان لکندو هيس...... غضبناڪ ٿي، شدت سان ۽ بنا ڪنهن شرم جي...... هيءَ زندگي آهي...... مون هنن کي ٻڌايو، ته اهائي زندگي آهي، حيرت ناڪ، اونداهي ۽ هولناڪ...... هنن منهنجي ڪتابن تي بندش وڌي ۽ هو منهنجي تصويرن کي ساڙڻ ٿا چاهين...... اهو ائين آهي جيئن اوهين سج کي پهريون ڀيرو ڏسندا آهيو ۽ هوا اوهان کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي...... زندگيءَ انڌو ڪندڙ آهي...... +(ڪرسيءَ تي اڳڀرو ٿي) سج هيٺ ٿو لهي...... اوندهه جي رنڊي هن کي ورغلائي ٿي. +فريڊا: ڪن بند ڪري ڇڏ...... هاڻي هو چوڻ وارو آهي. +لارنس: هن سج کي جهلي ورتو آهي...... ٻئي همبستري ٿا ڪن...... سج ساڻو ٿي پيو آهي...... رنڊيءَ هن جو ست چوسي ورتو آهي، هاڻي هوءَ کيس تباهه ڪرڻ شروع ڪندي...... هوءَ هن کي ڳڙڪائي ٿي...... پر هو هن جي اندر ۾ نه رهندو. هن جي پيٽ مان اڀري ايندو ۽ پوءِ روشني ٿيندي...... آخرڪار روشني ٿيندي ۽ مان ان روشنيءَ جو پيغمبر آهيان. (ڏکيائيءَ سان اٿي ٿو) +برٿا: لورينزو! +فريڊا: لارنس، خيال ڪر. +لارنس: بڪواس بند ڪر مون کي هٿ نه لاءِ (ٿڙندو ٿاٻڙندو وڏي دريءَ ڏانهن وڃي ٿو) +آخرڪار روشني ٿيندي......روشني! ......روشني!! +(هن جو آواز وڌي ٿو وڃي ۽ هو انجيل جي نبين وانگر هٿ ٿو پکيڙي چومِڙ) عظيم روشني...... عظيم ۽ انڌو ڪندڙ ڪائناتي روشني! ۽ مان...... مان ان روشنيءَ جو پيغمبر آهيان. +(ڏند ڀيڪوڙي ٿڙي ٿو) +فريڊا: لارنس! +برٿا: (دهلجي) هي ڇا آهي؟ +فريڊا: رت! +برٿا: لورينزو......(تڙپي هن ڏانهن وڌي ٿي، فريڊا هن کي زور سان جهلي ٿي) +لارنس: اوهين ٻئي مون کان پري رهو...... مان هي سڀ اڪيلو برداشت ڪرڻ ٿو چاهيان...... جيستائين سڀ ڪجهه ختم نه ٿي وڃي پنهنجي جاءِ تان نه چرجو (لارنس آهستي آهستي زمين تي ائين ڪرڻ ٿو لڳي ڄڻ ڪو اڻ ڏٺل هٿ هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هجي پر هاڻي به هو ڀت کي مضبوطيءَ سان جهلي هلڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ساهه کڻڻ جي ڪوشش ۾ سهڪي ٿو...... آخر دروازي تائين پهچي، دروازو کولي ٿو) منهنجي پٺيان نه اچجو...... (ٻاهر هليو وڃي ٿو) +برٿا: (فريڊا کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي) مون کي ڇڏ...... مون کي ڇڏ...... مان هن وٽ وڃڻ ٿي چاهيان...... +فريڊا: مون هن سان واعدو ڪيو آهي...... ڪا به عورت نه...... +برٿا: تون وڃ +فريڊا: نه ڪوبه نه...... ڪو به هن وٽ نٿو وڃي سگهي...... نه تون...... نه مان...... ڪابه عورت نه...... +برٿا: هو اڪيلو مري نٿو سگهي...... مان هن کي اڪيلو مرڻ نه ڏينديس...... ڪو هن کي اڪيلو مرڻ نه ڏيندو...... +فريڊا: (اندر جي ايذاءَ سان) پر مان کيس اڪيلو مرڻ ڏيندس...... مون ساڻس وعدو ڪيو آهي...... مان هن کي ائين ڪرڻ ڏيندس. +(هوا جي جهوٽي سان دروازو کلي ٿو...... ٻاهر سامونڊي ڇولين جو شور آهي...... فينڪس وارو ريشمي بينر ڦڙڪندو هيٺ ڪري ٿو...... برٿا ذري گهٽ ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي، پر فريڊا پنهنجي وحشي انداز سان کيس ٻيهر روڪي ٿي...... انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ليمپ لڏي ٿي ۽ ڀرڪي وسامي ٿي وڃي...... برٿا دهشت مان دانهن ٿي ڪري ۽ فرش تي ڪري سڏڪا ٿي ڀري ٿوريءَ دير لاءِ بلڪل ماٺ ڇانيل رهي ٿي ۽ پوءِ لارنس جو هلڪو آواز ڄڻ ڪنهن ڏورانهين هنڌان ٿو اچي......) +لارنس: فر......يڊا. +(فريڊا روئندڙ برٿا کي ڌڪو ڏيئي پاڻ کان پري ڪري ٿي ۽ تکي اڏامندڙ ڏکيءَ جي اڏام وانگر ڄڻ تيز اڏامي ٻاهر ٽيريس ڏانهن وڃي ٿي). +فريڊا: دهشت، بي انداز پيار ۽ پاٻوهه مان) مان اچان ٿي...... مان اچان ٿي...... منهنجا لورينزو...... مان...... +ô فينڪس: هڪڙو خيالي پکي جنهن جي چهنب ۾ ست سُرَ هوندا آهن، ڪنهن ڏينهن هو ديپڪ راڳ ڳائيندو آهي ۽ هن جي ساري وجود ۾ پنهنجي ئي راڳ جا اُلا ڀڙڪي پوندا آهن ۽ هو انهن اُلن ۾ سڙي رک ٿي ويندو آهي، وري جڏهن مينهن پوندو آهي ۽ مينهن جون بوندون هن جي رک تي پونديون آهن ته هو وري جيئرو ٿي پوندو آهي. + + +ٽي ڀينر +ڊرامي جا ڪردار +پروزوروف، اينڊري +نتاشا، اينڊري جي مڱيندي ۽ پوءِ زال +اولگا +ماشا اينڊري جون ڀينر +ارينا +ڪوليگن، ماشا جو مڙس ۽ ڇو��رن جي اسڪول جو ماستر +وَرَ شينن، ليفٽيننٽ ڪرنل، بيٽري ڪمانڊر +ٽوزينيبيچ، فوج جو ليفٽيننٽ +سوليئوني، فوج جو ڪپتان +چيبوُٽڪِن: فوج جو ڊاڪٽر +فيڊوٽِڪِ: سيڪنڊ ليفٽيننٽ +روڊي: سيڪنڊ ليفٽيننٽ +فيراپانٽ: ميونسپل آفيس جو پٽيوالو +آنفسا: اڳوڻي نرس، 80 سالن جي پوڙهي. +ايڪٽ پهريون +ڏيک: +(پروزوروف جي گهر جي ڊرائينگ روم، ڊرائينگ روم جي ٿنڀن جي پٺيان ناچ هال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، منجهند جو وقت آهي، ٻاهر اُس ٿي چمڪي ۽ موسم سٺي آهي. ناچ واري هال ۾ ماني کائڻ لاءِ وڏي ميز رکي پئي وڃي. +اولگا کي ماسترياڻيءَ واري نيري اسڪولي ڊريس پاتل آهي. هوءَ ڪڏهن بيهي ته ڪڏهن گهندي ڦرندي شاگردياڻين جون ڪاپيون ٿي جانچي. +ماشا کي ڪارو وڳو پاتل آهي، هوءَ ٽوپلو گوڏن تي رکي ڪتاب ٿي پڙهي. ارينا پنهنجن خيالن ۾ دريءَ وٽ بيٺي آهي. +اولگا: بابا گذريل سال اڄوڪي ڏينهن پنجين مئي تي فوت ٿيو هو، اهو تنهنجي ڄمڻ جو ڏينهن هو، ان ڏينهن ڏاڍي ٿڌ هئي ۽ برف پئي هئي. مون سمجهيو هو ته مان بابا جي وفات جو ڌڪ سهي نه سگهندس ۽ مري ويندس. تون به ان ڏينهن مڙدي وانگر بيهوش پئي هئينءَ، پر ان سال کان پوءِ اسان ڪيڏي نه آرام سان بابا جي موت بابت پيا ڳالهايون. اڄ تو اڇا ڪپڙا پاتا آهن ۽ تنهنجو منهن ٻهڪي پيو (گهڙيال ٻارنهن جا ٺڪاءَ ٿو هڻي) ان ڏينهن به گهڙيال ائين ٺڪاءَ هنيا هئا (ماٺ) مون کي اهو وقت ياد آهي جڏهن بابا جولاش کڄيو هو. ٻاهر فوجي بينڊ ٿي وڳو ۽ قبرستان ۾ بابا جي لاش کي بندوقن جي سلامي ڏني ٿي وئي. بابا جرنيل هو، هڪڙي برگيڊ جو ڪماني هو، پر تنهن هوندي به بابا جي دفنائڻ لاءِ ڪي گهڻا ماڻهو ڪونه آيا هئا، ان ڪري جو ان ڏينهن مينهن ٿي پيو ۽ رستن تي برف پيل هئي. +ارينا: هاڻي انهن ڳالهين مان ڪهڙو فائدو. +(ٿنڀن جي پٺيان ناچ واري هال ۾ بيرن ٽوزينيبيچ، چيبوٽيڪن ۽ سوليئوني کاڌي جي ميز جي ڀرسان اچي بيهن ٿا.) +اولگا: اڄ ڏينهن گرم آهي، اسين دريون کولي سگهون ٿا، پر اڃا صنوبر جا پن نه نڪتا آهن، اڄ کان ٻارنهن سال اڳ بابا کي هتي برگيڊ جي ڪمان ملي هئي ۽ بابا سان گڏ اسان ماسڪو ڇڏي هتي آيا هئاسين، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، مئي مهيني جا شروعاتي ڏينهن هئا، سارو ماسڪو گلن سان جهنجهيل ۽ اس ۾ وهنتل هو. يارنهن سال ٿي ويا آهن پر مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اڄ مان ننڊ مان جاڳيس ته مون ڏٺو ته هر طرف چمڪندڙ اُس هئي، بهار هئي ۽ منهنجي دل خوشيءَ ۾ جهومڻ لڳي، دل چيو ته پنهنجي گهر موٽي وڃان. +(ٽوزينيبيچ: کي چئي ٿو اجايون ڳالهيون.) اجايون ڳالهيون. +(ماشا ڪتاب ۾ محو آهي ۽ سيٽي ٿي وڄائي). +اولگا: ماشا، سيٽي نه وڄاءِ، توکي ٻين جو خيال ڪرڻ گهرجي (ماٺ) سارو ڏينهن اسڪول ۾ پڙهائڻ، شام جو ٽيوشن، مٿي ۾ سدائين سور ٿو رهي. پوڙهن وارا خيال ٿا دماغ ۾ اچن،گذريل ٽن چئن سالن کان جڏهن کان مون اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. مان سمجهندي آهيان ته منهنجي جواني ۽ طاقت ڏينهون ڏينهن مون مان نيپوڙبي پئي وڃي. رڳو هڪڙي خواهش وڌندي ٿي وڃي ته مان وڌيڪ طاقتور ٿيان. +ارينا: ۽ اسين ماسڪو وڃون، گهر وڪڻون، سڀ لاڳاپا ٽوڙيون ۽ ماسڪو هلون. +اولگا: مان ماسڪو ويندس، جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد ويندس. +(چيبوٽيڪن ۽ ٽوزينبيچ کلن ٿا). +ارينا: اسان جو ڀاءُ پروفيسر ٿيندو ته ڪڏهن به هت نه رهندو، پر اسان متان ماشا جي ڪري وڃي نه سگهون. +اولگا: ماشا هر سال گرميون گذارڻ لاءِ اسان وٽ ماسڪو اچي سگهي ٿي. +(ماشا سيٽي ٿي وڄائي). +ارينا: ڌڻي ڪندو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو (دريءَ کان ٻاهر نهاري ٿي) ڪيڏو نه وڻندڙ ڏينهن آهي، الائجي ڇو اڄ مان ڏاڍي خوش آهيان. اڄ صبح مون کي ياد آيو ته اڄ منهنجي ڄمڻ جو ڏينهن آهي ۽ اوچتو منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وئي. مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد پيو جڏهن امان اڃا جيئري هئي. اڄ سارو ڏينهن منهنجي دل ۾ سٺا ۽ وڻندڙ خيال ايندا رهيا. +اولگا: اڄ تنهنجو منهن ٻهڪي پيو، ڏاڍي سهڻي ٿي لڳين. ماشا به سهڻي آهي، اينڊري ٿلهو نه هجي ها ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها. هن کي ٿولهه نٿي ٺهي. منهنجي عمر وڌندي ٿي وڃي، سنهي به ٿيندي ٿي وڃان، شايد ان ڪري جو اسڪول ۾ مان ڇوڪرين کان چڙيل ٿي رهان. اڄ موڪل آهي ۽ مان گهر ۾ آهيان ته مٿي ۾ سور ڪونهي. مان ڪالهه کان اڄ پاڻ کي وڌيڪ جوان ٿي سمجهان. هونئن به منهنجي عمر رڳو اٺاويهه سال آهي. خير، خدا جي مرضيءَ سان جيڪو ٿئي ٿو سو بهتر ٿو ٿئي، پر مان سمجهان ٿي ته منهنجي شادي ٿيل هجي ها ۽ سڄو وقت مان گهر ۾ هجان ها ته جيڪر چڱو ٿئي ها (ماٺ) مان پنهنجي مڙس کي ڏاڍو ڀانيان ها. +ٽوزينبيچ: (سوليئونيءَ سان ڳالهائيندي) تون اجايون ڳالهيون گهڻيون ٿو ڪرين، مان تنهنجون اجايون ڳالهيون ٻڌي ٿڪجي پيو آهيان (ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿئي ٿو) مون کان ٻڌائڻ وسري ويو ته اسان جو نئون ڪماني ورشينن اوهان سان ملڻ لاءِ ٿو اچي. +اولگا: خوشيءَ جي ڳالهه آهي. +ارينا: ڇا هو وڏي عمر جو آهي؟ +ٽوزينبيچ: نه ايڏي وڏي عمر جو ته نه آهي. چاليهن پنجيتاليهن جو هوندو (هوريان هوريان پيانو وڄائي ٿو) چڱو ماڻهو لڳندو آهي. وڏي چڱائي اها اٿس ته بيوقوف نه آهي. رڳو ڳالهائي گهڻو ٿو. +ارينا: سٺو آهي؟ +ٽوزينبيچ: ها، ڏاڍو، پر هن ۾ هڪڙو عيب آهي ته هو پرڻيل آهي ۽ کيس هڪ سَسُ ۽ ٻه ڌيئون آهن ۽ ٻي ڳالهه ته اها هن جي ٻي زال آهي، جتي ويندو آهي اُتي سڀني کي ٻڌائيندو آهي ته هن کي زال ۽ ٻه ڌيئون آهن. مون کي پڪ آهي ته هو اوهان کي به ٻڌائيندو. هن جي زال بيوقوف لڳندي آهي، ڇوڪرين جهڙا وار ٺاهيندي آهي، ڳالهائڻ مهل وڏا ۽ ڏکيا اکر ڳالهائيندي ۽ فيلسوفن جهڙيون ڳالهيون ڪندي آهي. مڙس کي پريشان ڪرڻ لاءِ خودڪشيءَ جون ڪوششون ڪندي آهي. هن جي جاءِ تي مان هجان ها ته کيس ڪڏهوڪو طلاق ڏيئي چڪو هجان ها، پر هو کيس برداشت ٿو ڪري ۽ سندس شڪايتون ڪندو ٿو رهي. +سوليئوني: (ناچ واري هال مان چيبوٽڪن سان گڏ اچي ٿو) هڪ هٿ سان مان پنجاهه ۽ ٻن هٿن سان ٻه سؤ ڪلو کان به وڌيڪ بار کڻي سگهان ٿو. ان مان مون اهو نتيجو ڪڍيو ته ٻه ماڻهو هڪ ماڻهوءَ کان وڌيڪ طاقتور آهن ۽ هنن ۾ ٻيڻي نه پر ٽيڻي ۽ اڃا به وڌيڪ طاقت هوندي آهي. +چيبوٽڪن: (اخبار پڙهندو اندر اچي ٿو) وارن جي ڇڻڻ کي روڪڻ جو نسخو ٻڌو، ٻه آؤنس نيفسٿالن ۽ اڌ بوتل اسپرٽ. ٻنهي کي ملائي روزانو استعمال ڪجي (نوٽ بڪ ۾ لکي ٿو) مون کي هي نسخو ڄاڻ گهرجي (سوليئوني کي) مون توکي سمجهايو ٿي ته بوتل کي ٻُجي ڏيئي ان مان شيشي جي نلڪي لنگهاءِ ۽ پوءِ پيٺل ڦٽڪيءَ جو ذرو کڻ... +ارينا: آون رومانوفچ، آون رومانوفچ. +چيبوٽڪن: چئه منهنجي ٻارڙي، منهنجي حياتيءَ جي خوشي. +ارينا: اڄ مان ايڏي خوش ڇو آهيان، ائين ٿو لڳيم ڄڻ اڇن سڙهن واري ٻيڙيءَ ۾ ترندي پئي وڃان. منهنجي مٿان هي نيرو وسيع آسمان آهي ۽ آسمان ۾ اڇا پکي پيا ترن. +(پاٻوهه مان هن جا ٻئي هٿ چمي ٿو) منهنجا ننڍڙا اڇا پکي. +ارينا: اڄ صبح مان ننڊ مان جاڳيس ۽ بستري مان ٿي اُٿيس ته اوچتو مون کي لڳو ته دنيا جي هر شئي جي حقيقت مون تي ظاهر ٿي پئي آهي. مون کي خبر پئجي وئي آهي ته مون کي ڪيئن جيئڻ گهرجي. پيارا آون رومانوفچ، هاڻي مون کي هر ڳالهه جي خبر پئجي وئي آهي، ماڻهوءَ کي محنت ڪرڻ گهرجي، ڪير به هجي هن کي پگهر جو پورهيو ڪرڻ گهرجي. اهائي زندگيءَ جي معنيٰ آهي. اها ئي حسرت آهي، اهائي خوشي آهي، ماڻهوءَ کي پورهيت هئڻ گهرجي، پرهه ڦٽيءَ جو ننڊ مان اُٿي ۽ گهٽين ۾ پٿر ڪُٽي، يا ٻڪرار هجي، ماستر هجي ۽ ٻارن کي پڙهائي، يا ريل جي انجڻ جو ڊرائيور هجي..... ڪا جواڻ جماڻ عورت اڌ منجهند جو ننڊ مان اٿي، هنڌ ۾ ڪافي پيئي، ٻه ڪلاڪ پاڻ کي سينگارڻ ۾ لڳائي، ان کان ته ماڻهو جانور هجي، ڍڳو هجي، گهوڙو هجي ۽ ڪم ڪري. ڏينهن تتي ۾ پورهيت جي اُڃ جي خبر ٿي، مان اهڙو پورهيو ڪرڻ ٿي گهران ۽ اڄ کان پوءِ جيڪڏهن مان صبح جو سوير ننڊ مان نه اُٿان ۽ سارو ڏينهن ڪم نه ڪيان ته پوءِ تون مون سان دوستي ٽوڙي ڇڏجانءِ. +چيبوٽڪن: چڱو منهنجي مٺڙي. +اولگا: بابا اسان کي ننڊ مان سوير اٿڻ سيکاريو ان ڪري ارينا سوير اٿندي آهي، پر نائين لڳي تائين منهن تي سنجيدگي طاري ڪري پاسا ورائيندي آهي (کلي ٿي.) +ارينا: مون کي سنجيدو ڏسي توکي حيرت ٿيندي آهي جو تون مون کي اڃا ٻار ٿو سمجهين، مان ويهن سالن جي ٿي وئي آهيان. +ٽوزينيبيچ: مان تنهنجي پورهئي جي خواهش کي سمجهي سگهان ٿو، انڪري جو زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن به پورهيو نه ڪيو آهي. مان پيٽبرگ جهڙي ٿڌي ۽ سُست شهر جي اهڙي گهراڻيءَ ۾ پيدا ٿيس، جنهن ۾ ڪنهن کي به پورهي ۽ پريشانيءَ جي خبر ئي ڪانه هئي. مون کي ياد آهي ته مان ڪيڊٽ ڪاليج مان موٽندو هيس ته منهنجو نوڪر منهنجو بوٽ لاهيندو هو، مان هن تي ڪاوڙ ڪندو هيس ۽ منهنجي ماءُ عجيب خوشيءَ مان مون ڏانهن نهاريندي هئي ۽ حيران ٿيندي هئي ته ٻيا مون ڏانهن ان ساڳئي نموني ڇو نه ٿا نهارين. منهنجا مائٽ هميشه مون کي پورهئي کان بچائيندا رهيا. مان نٿو سمجهان ته هو ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا. هاڻي وقت اچي ويو آهي، وڏڦڙي جي وسڪار ڪرڻ وارو جُهڙ اسان ڏانهن وڌندو پيو اچي. اسان کي چست ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو زبردست طوفان پيو اچي. ڄاڻ پهچڻ وارو آهي، ويجهو اچي پهتو آهي، اهو اسان جي سستي، آرام پسندي، بيزاري ۽ پورهيي کان لنوائڻ واري عادت ۽ ان بيزاريءَ کي جنهن ۾ اسان جي سوسائٽي اندران ئي اندران ڳرندي پئي وڃي، ڪک پن وانگر اُڏائي کڻي ويندو، مان پورهيو ڪندس، پنجويهن ٽيهن سالن ۾ هر ڪو ماڻهو پورهيو ڪندو. ها، اسان مان هر ڪو ماڻهو پورهيو ڪندو. +چيبو ٽڪن: مان پورهيو نه ڪندس. +ٽوزينيبيچ: توکي پڇي ڪير ٿو. +سوليئوني: خدا جو شڪر جو پنجويهن سالن ۾ تون هن دنيا ۾ ئي نه هوندين، ٻن ٽن سالن ۾ توکي اڌ رنگ ٿيندو ۽ تون مري ويندين يا وري ڪنهن ڏينهن مون کي توتي ڪاوڙ ايندي ۽ منهنجي پستول جي گولي تنهنجي مغز جي پار هوندي. +(هو سينٽ جي شيشي کيسي مان ڪڍي پنهنجي سيني ۽ هٿن تي هڻي ٿو). +چيبوٽڪن: اهو سچ آهي ته مون ڪڏهن محنت نه ڪئي، جڏهن کان مون يونيورسٽي ڇڏي آهي، ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ڪو ڪتاب نه پڙهيو آهي، رڳو اخبارون پڙهندو آهيان (کيسي مان اخبار ڪڍي ٿو)، اخبار مان ئي مون کي خبر پئي آهي ته ڪنهن زماني ۾ ڊوبروليل يوبوف نالي ڪو ماڻهو هو، پر هن ڇا لکيو تنهن جي خبر خدا کي آهي، مون کي ناهي (هيٺ کڙڪو ٿو ٿئي) هيٺان ڪو مون کي سڏي پيو. هو مون کي هيٺ پيا سڏين، ڪو مون سان ملڻ آيو آهي، مان اجهو ٿو موٽي اچان. +(ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏيندو تکو تکو ٻاهر وڃي ٿو). +ارينا: هي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو. +ٽوزينيبيچ: سچ ٿي چئين. وڃڻ مهل منهن مان ڏاڍو سنجيدو ٿي لڳو، پڪ هو تو لاءِ ڪا سوکڙي وٺي ايندو. +ارينا: مون کي هن جي اها ڳالهه نٿي وڻي. +اولگا: واقعي هو سدائين ڪو نه ڪو بيوقوفيءَ وارو ڪم ضرور ڪندو آهي. +ماشا: ڪناري تي، وڪڙرٽ اڪ جو ٻ��ٽو آهي. +ان اڪ جي چوڌاري سوني زنجيري ٿي لڙڪي. +ها، سوني زنجيري..... (ماشا جهونگاريندي اُٿي ٿي). +اولگا: ماشا، اڄ تون اُداس ٿي لڳين. +(ماشا جهونگاريندي ٽوپلو پائي ٿي). +اولگا: ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ +ماشا: گهر ٿي وڃان. +اولگا: عجيب ڳالهه آهي. +ٽوزينيبيچ: ڀيڻ جي سالگرهه تي گهر ٿي وڃين. +ماشا: پوءِ ڇاهي، شام تائين موٽي ايندس. خدا حافظ منهنجي پياري (ارينا کي پيار ڪري ٿي) هڪ ڀيرو وري مان تنهنجي صحت ۽ خوشيءَ لاءِ دعا ٿي گهران. بابا جڏهن جيئرو هو تڏهن سالگرهه جي موقعي تي ويهه ٽيهه آفيسر ايندا هئا ۽ گوڙ لڳو پيو هوندو هو. اڄ هڪ يا ٻه مس آيا آهن ۽ قبر جهڙي ويراني آهي، مان وڃان ٿي، اڄ مان اُداس آهيان، ڏکويل آهيان، منهنجي ڳالهين ڏي ڌيان نه ڏيو (سندس اکين ۾ لڙڪ آهن پر هوءَ کلي ٿي) پاڻ پوءِ ڳالهائينداسين، تيستائين مان ٿورو چڪر هڻي ٿي اچان. +ارينا: (خوشيءَ مان) چڱو. +اولگا: (آلين اکين سان) ماشا، مان تنهنجي حالت سمجهين ٿي سگهان. +سوليئوني: جڏهن ڪو مڙد فيلسوفياڻيون ڳالهيون ڪري ته معنيٰ ڪجهه بحثي، پر جڏهن عورت فيلسوفياڻيون ڳالهيون ڪري ته ان کي چئبو آهي.......... ڇا چئبو آهي؟ +ماشا: ڀوائتا انسان، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ +سوليئوني: ڪجهه نه. +”ان کان اڳ جو هو دانهن ڪري، آڇ هن کي ڪيرائي ڇڏيو. (هلڪي ماٺ) +ماشا: (اولگا کي اڻ وڻندڙ انداز سان) رو نه. +(آنفسا ۽ فيراپانٽ داخل ٿين ٿا). +آنفسا: هن پاسي کان اچ، تنهنجا جوتا صاف آهن (ارينا کي) هيءُ خط تعلقي ڪائونسل مان پروٽوپوپوف اوهان لاءِ موڪليو آهي. +ارينا: سندس مهرباني، منهنجي پاران سندس ٿورو مڃجانءِ (خط وٺي ٿي). +فيراپانٽ: ڇا؟ +ارينا: (ڏاڍيان) منهنجي پاران ٿورو مڃجانءِ. +اولگا: (نوڪرياڻيءَ کي) هن کي، ٿورو ڪيڪ ڏيئي. فيراپانٽ، وڃ ته ڪيڪ ڏئي. +فيراپانٽ: ڇا؟ +آنفسا: اچ متان فيراپانٽ (هوءَ فيراپانٽ سان ٻاهر وڃي ٿي). +ماشا: مون کي اهو بروٽوپوپوف ڪونه وڻي، ميخائيل پا پليچ يا اونيچ جيڪو به آهي، هن کي دعوت تي سڏائڻ نه گهرجي. +ارينا: مون هن کي ڪونه سڏايو آهي. +ماشا: چڱو ڪيو ٿئي. +(چيبوٽڪن اندران اچي ٿو، هن جي پٺيان سندس نوڪر چانديءَ جو سماوار کڻي ٿو اچي. سڀني کي اها ڳالهه نٿي وڻي). +اولگا: (هٿن ۾ منهن لڪائيندي) ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو سماوار آندو اٿئين (هوءَ ناچ واري هال ۾ رکيل ميز ڏانهن وڃي ٿئي). +ارينا: آون رومانوفچ، توکي ڇا ٿيو آهي. +ٽيبوسن بيچ: (کلي ٿو) مون توکي اڳواٽ چيو ڪونه هو. +ماشا: آون رومانوفچ اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. +چيبوٽڪن: منهنجون پياريون، منهنجون مٺڙيون، اوهان کان سواءِ منهنجو ڪو ڪونهي، اوهان کان وڌيڪ هن دنيا ۾ ڪا شئي پياري نه آهي. مان سٺ سالن جو ٿيڻ وارو آهيان، اڪيلو ۽ بنهه معمولي ماڻهو آهيان. سٺ سالن جو پريشان حال پوڙهو، اوهان لاءِ پيار کانسواءِ مون ۾ ٻي ڪا چڱائي ڪانهي. اوهان جو پيار نه هجي ها ته مان ڪڏهن جو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ها (ارينا کي) منهنجي پياري ٻارڙي، مان توکي تڏهن کان سڃاڻان جڏهن تون ڄائي هئينءَ. مون توکي هنج ۾ کيڏايو آهي، مون کي تنهنجي ماءُ سان ايترو ته پيار هو... +ارينا: ههڙي قيمتي سوکڙي ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. +چيبوٽڪن: (هلڪي ڪاوڙ سان) بس هاڻي گهڻي ٿي (نوڪر کي) سماوار هتي رکُ (ارينا جي اهل ڪندي) هيڏي قيمتي سوکڙي... +(نوڪر ناچ واري هال ۾ سماوار کڻي وڃي ٿو). +آنفسا: پيارا ٻارو، هڪڙو ماڻهو اوهان سان ملڻ آيو آهي، ڪرنل آهي، هن ڪوٽ لاٿو آهي ۽ هيڏانهن پيو اچي، پياري ارينا! هن سان چڱي نموني ملجانءِ (وڃي ٿي) منجهند جي مانيءَ کي به گهڻو وقت ٿي ويو آهي. +ٽيوسين بيچ: منهنجي خيال ۾ ورشينن هوندو. +(ورشينن اندر اچي ٿو) +ٽيوسين بيچ: ليفٽيننٽ ڪرنل ورشينن! +ورشينن: (ماشا ۽ ارينا کي چئي ٿو) اجازت هجي ته مان پنهنجي واقفيت ڪرايان، مان ورشينن آهيان، اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اوهين ڪيتريون نه وڏيون ٿي ويون آهيو. +ارينا: ويهو، اسان کي به ڏاڍي خوشي ٿي آهي. +ورشينن: (خوشيءَ مان) مان ڏاڍو خوش آهيان، اوهين پاڻ ۾ ٽي ڀينر هيون، مون کي ٽي ننڍڙيون ٻارڙيون ياد آهن، مون کي اوهان جون شڪليون ياد نه آهن، ايترو ياد آهي ته اوهان جي والد ڪرنل پروزوروف کي ٽي ڌيئون هيون، اهو مون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي، جو مون اوهان کي پنهنجين اکين سان ڏٺو هو، وقت ڪيئن نه اُڏامي ٿو وڃي. +ٽيوسن بيچ: ڪرنل ورشينن ماسڪو مان آيو آهي. +ارينا: ماسڪو مان! اوهان ماسڪو مان آيا آهيو؟ +ورشينن: ها، تنهنجو والد اُتي ڪماني هو ۽ مان هن وٽ آفيسر هيس (ماشا کي) مون کي تنهنجي شڪل ٿوري ياد پوي ٿي. +ارينا: او اولگا، (ناچ واري هال ڏي منهن ڪري سڏي ٿي) اولگا، هيڏانهن ته اچ. +(اولگا ناچ واري هال مان ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿي). +ارينا: ڪرنل ورشينن ماسڪو مان آيو اٿيئي. +ورشينن: تون پڪ اولگا سر جيفنا آهين، سڀ کان وڏي ۽ تون ماشا آهين…… ۽ تون ارينا آهين. سڀ کان ننڍي. +اولگا: اوهين ماسڪو مان آيا آهيو؟ +ورشينن: ها….. مان ماسڪو ۾ پڙهيو آهيان ۽ ماسڪو ۾ ئي نوڪريءَ ۾ گهڙيو هيس، ماسڪو ۾ گهڻو وقت رهيس ۽ نيٺ پوءِ مون کي هتي ڪماني ڪري موڪليو ويو ۽ هاڻ مان اوهان جي سامهون آهيان، مون کي اوهان جي ايتري يادگيري ڪانهي، پر ايتري يادگيري آهي ته اوهين ٽي ڀينر هيون، اوهان جي والد جي شڪل منهنجي دل تي اُڪريل آهي. هينئر به اکيون ٻوٽيان ته هن جي تصوير اکين اڳيان اچي ويندي، ماسڪو ۾ مان ڪڏهن ڪڏهن اوهان جي گهر به ايندو هيس. +اولگا: مان سمجهندي هيس ته ماڻهو مون کان وسرندا ناهن پر…… +ورشينن: منهنجو نالو اليگزينڊر اگنات…… ييفچ. +ارينا: اليگزينڊر اگنات ييفچ، اوهين ماسڪو مان آيا آهيو، ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. +اولگا: اوهان کي خبر آهي ته اسين به ماسڪو وڃي رهڻ وارا آهيون. +ارينا: اميد ته سرءُ ڌاري اسين ماسڪو ۾ هونداسين، ماسڪو ۾ اسان جو گهر آهي، اسين اُتي ڄايون هيون سين..... پراڻي باسمياني گهٽيءَ ۾. +(ٻئي خوشيءَ مان کلن ٿيون). +ماشا: اوچتو پنهنجي شهر جي ڪنهن ماڻهوءَ سان ملڻ ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي (يڪدم) هاڻي مون کي ياد پيو، اورگا، ٿورو ياد ڪر، تنهن زماني ۾ هڪڙو آفيسر هوندو هو، مشڪريءَ ۾ سڀ هن کي ميجر سڏيندا هئا...... +ورشينن: (کلندي) ها ٺيڪ ٿي چئين، عشق جو بيمار ميجر! +ماشا: تڏهن اوهان کي مڇون هيون... اوهان جي عمر چڱي وڏي ٿي وئي آهي (لڙڪن گاڏڙ آواز سان) ڪيڏي نه وڏي... +ورشينن: تنهن زماني ۾ مان جوان هيس ۽ هو مون کي عشق جو بيمار ميجر سڏيندا ها، مون کي عشق ٿيو هو، پر هاڻي اها ڳالهه نه آهي. +اولگا: تڏهن اوهان جو هڪڙو وار به اڇو نه هو، هاڻي اوهان پڪي وهيءَ جا ته لڳو ٿا پر پوڙها نٿا لڳو. +ورشينن: وري به منهنجي عمر ٽيتاليهه سال آهي، اوهان کي ماسڪو ڇڏي گهڻو وقت ٿيو آهي ڇا؟ +ارينا: يارنهن سال ٿيا آهن. ماشا، عقل سک، نه رو (آلين اکين سان) هاڻي تون مون کي به رئاڙيندينءَ. +ماشا: مان ڪٿي ٿي روئان..... اوهين ڪهڙي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. +ورشينن: باسميني اسٽريٽ ۾. +اولگا: اسين به ان گهٽيءَ ۾ رهندا هئاسين. +ورشينن: ڪجهه وقت لاءِ مان نيميتسڪي اسٽريٽ ۾ رهندو هيس، اتان مان پنڌ ڪراسني بئريڪس ويندو هيس، مون کي ياد آهي ته اُتي رستي ۾ هڪڙي ويران پل ��ئي، مان ان پل تان لنگهندو هيس، پل جي هيٺان وهندڙ پاڻيءَ جو آواز ايندو هو ۽ مون کي سخت اڪيلائي ۽ اُداسيءَ جو احساس ٿيندو هو (ماٺ) هت تمام ويڪرو درياءَ آهي جيڪو ڏاڍو شاندار لڳندو آهي. +اولگا: ها، پر هتي ٿڌ ڏاڍي ٿي پئي ۽ مڇر به گهڻا آهن. +ورشينن: واقعي؟ مون سوچيو ٿي ته هتان جي آب و هوا سٺي ۽ صحيح معنيٰ ۾ روسي آهي. ٻيلا، درياہه، صنوبر جا وڻ، صنوبر جا وڻ ڪيڏا نه ساوا ۽ پيارا آهن. اهي وڻ مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. هتي ماڻهو وڌيڪ مزي سان زندگي گذاري سگهي ٿو، رڳو هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هتي اسٽيشن شهر کان پندرنهن ميل يا اڃا به وڌيڪ پري ڇو آهي؟ +سوليئوئي: مان ٻڌائي سگهان ٿو ته ائين ڇو آهي؟ (سڀ هن ڏانهن نهارين ٿا) اسٽيشن ويجهي هجي ها ته ايڏي پري نه هجي ها ۽ اها جيئن ته پري آهي ان ڪري ويجهي ٿي نٿي سگهي. +(اڻ وڻندڙ خاموشي). +ٽيوسين بيچ: وسِلي وسييلچ، تون صفا مشڪرو آهين! +اولگا: هاڻي مون کي ياد پيو ته مون اوهان کي ڏٺو آهي، مون اوهان کي سڃاتو. +ورشينن: اوهان جي والده سان منهنجي چڱي واقفيت هئي. +چيبوٽڪن: ڏاڍي سٺي عورت هئي، ڌڻي کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. +ارينا: امان جي قبر ماسڪو ۾ آهي. +اولگا: نوووڊيوچي واري قبرستان ۾. +ماشا: امان جي شڪل مون کان وسرندي ٿي وڃي، اسان کي به ائين ئي ماڻهو وساري ڇڏيندا، اسان به وسري وينداسين. +ورشينن: ها، اسان کي به ماڻهو وساري ڇڏيندا، اهائي اسان جي تقدير آهي، ان لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي، اڄ جيڪي به شيون اهم ۽ معنيٰ واريون ٿيون لڳن، ڪو وقت ايندو جو اهي ساڳيون شيون به معمولي ۽ بنهه غير اهم لڳنديون ۽ اسين انهن کي وساري ڇڏينداسين (ماٺ)، عجيب ڳالهه آهي ته اسين سمجهي نٿا سگهون ته ايندڙ زماني ۾ ڪهڙي شئي اهم ۽ عظيم سمجهي ويندي ۽ ڪهڙي معمولي رواجي ۽ کل جهڙي. شروع ۾ ڪاپرنيڪس ۽ ڪولمبس جون ايجادون ۽ ڪارناما کل جهڙا سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ معمولي ماڻهن جون بيوقوفيءَ واريون لکڻيون عظيم سچايون تصور ٿينديون هيون. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو وقت به اچي جو جنهن نموني اسان زندگي پيا گذاريون ته ان کي ماڻهو عجيب، بيوقوفن واري ۽ ڪنهن حد تائين ناپاڪ سمجهن، رياڪاريءَ واري سمجهن. +ٽيوسن بيچ: ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي زندگيءَ کي شاندار سمجهيو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي. هڪڙي ڳالهه مڃڻي پوندي ته اسان جي دؤر ۾ تشدد نه آهي. وچ بازار ۾ ڦاهيون نه ٿيون ڏنيون وڃن، فاتح ملڪن کي فتح نٿا ڪن، پر تنهن هوندي به زندگيءَ ۾ وڏا سورَ آهن. +سو ليئوني: (وڏي آواز ۾ ڄڻ چوزن کي پيو سڏي) ڪلڪ........ ڪلڪ....... ڪلڪ....... اسان جي بيرن صاحب کي سڀ کان وڌيڪ فيلسوفاڻيون ڳالهيون ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. +ٽيوسين بيچ: ويسلي ويسيلچ، مهرباني ڪري منهنجي جان ڇڏ (اُٿي ٻئي هنڌ ويهي ٿو) هتي هي بيزار ڪريو ڇڏي. +سوليئوني: (پهريون وانگر) ڪلڪ........ ڪلڪ......... ڪلڪ. +ٽيوسين بيچ: (ورشينن کي) ايڏا ڏک ۽ ايذاءَ جيڪي چوڌاري نظر ٿا اچن، انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي سوسائٽي اخلاق جي مٿاهينءَ تي پهچي وئي آهي. +چيبوٽڪن: بيرن، تو اڳهڻو چيو ته شايد اسان جي زندگيءَ کي شاندار سمجهيو وڃي، ماڻهو ڏاڍا ننڍا آهن (اُٿي بيهي ٿو) ڏس مان ڪيڏو نه ننڍو آهيان. +(اسٽيج کان پري ڪووائلن وڄائي ٿو). +ماشا: اينڊري ٿو پيانو وڄائي، اينڊري اسان جو ڀاءُ آهي. +ارينا: اسان جو ڀاءُ وڏو پڙهيل، وڏو سمجهندار آهي. اميد ته پروفيسر ٿيندو. اسان جو بابا فوجي هو، پر اينڊري تعليم کي پنهنجو پيشو بڻائيندو. +اولگا: اڄ اسان کيس ڏاڍو چيڙايو، لڳي ٿو کيس عشق ٿيو آهي. +ارينا: پاڙي جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان، ٿي سگهي ٿو ته اڄ هوءَ ملڻ لاءِ اچي. +ماشا: هوءَ ڏاڍا عجيب نموني جا ڪپڙا پائيندي آهي، سندس ڪپڙا هوندا ته سٺا ۽ فيشني آهن، پر عجيب هوندا آهن. رواجي اسڪرٽ، اڻ وڻندڙ رنگ، مثال طور پيلو رنگ، ان تي واهيات جهالر ۽ مٿان ڳاڙهو بلاؤز، سندس چمڪندڙ ڳل ائين لڳندا آهن ڄڻ انهن کي ڇليو هجائين. منهنجي دل نٿي مڃي ته اينڊري اهڙي ڇوڪريءَ سان پيار ڪري سگهي ٿو. هن جو ذوق ڏاڍو سٺو آهي، هو رڳو اسان کي چيڙائڻ لاءِ هن سان پيار جي ڳالهه ڪندو آهي. مون ٻڌو آهي ته هو لوڪل ڪائونسل جي چيئرمين پروٽوپوپوف سان ٿي شادي ڪري. اها جوڙي سٺي ٿيندي (پاسي واري در ڏانهن منهن ڪري) اينڊري، ٿورو هيڏانهن ته اچ. (اينڊري اچي ٿو) +اولگا: هي منهنجو ڀاءُ اينڊري سر گيبيچ آهي. +ورشينن: مان ورشينن آهيان. +اينڊري: منهنجو نالو اينڊري پروزوروف آهي (منهن تان پگهر اگهي ٿو) منهنجي خيال ۾ اوهين نوان ڪماني آهيو. +اولگا: خبر اٿيئي، ڪرنل ورشينن ماسڪو مان آيو آهي. +اينڊري: واقعي! مبارڪ هجيو، منهنجون ڀينر اوهان کي سک سان ويهڻ نه ڏينديون. +ورشينن: مان پهريان ئي اوهان جي ڀينرن کي پنهنجي ڳالهين سان بيزار ڪري چڪو آهيان. +ارينا: هي ڏسو، اينڊريءَ مون کي تصوير جو هي ننڍڙو فريم ڏنو آهي (هن کي فريم ڏيکاري ٿي) اهو هن پاڻ ٺاهيو آهي. +ورشينن: (فريم ڏسي ٿو، هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا چوي) ڏاڍو سٺو آهي. +ارينا: هي پيانو تي رکيل فريم ڏسو ٿا، اهو به اينڊري ٺاهيو آهي. +(اينڊري هٿ لوڏي ٻاهر هليو وڃي ٿو). +اولگا: اسان جو ڀاءُ ڏاڍو عقلمند آهي، وائلين وڄائيندو آهي. ننڍيون ننڍيون شيون ٺاهيندو آهي. هن ۾ وڏا ڳڻ آهن. اينڊري نه وڃ، هن کي کسڪي وڃڻ جي ڏاڍي خراب عادت آهي. +(ماشا ۽ ارينا هن کي ٻانهن کان جهلي کلنديون هن کي واپس وٺي ٿيون اچن). +اينڊري: مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو. +ماشا: تون بيوقوف آهين، ڪرنل ورشينن کي عشق ۾ بيمار ميجر چوندا هئا، پر هو دل ۾ نه ڪندو هو. +ورشينن: بلڪل نه. +ماشا: مهنجي دل ٿي چوي ته توکي عشق ۾ بيمار وائلن وڄائڻ وارو سڏيان. +ارينا: يا عشق جو بيمار پروفيسر. +اولگا: هن کي عشق ٿيو آهي، اسان جي اينڊري کي پيار ٿيو آهي. +ارينا: واهه واهه، وري وري چئه ته اينڊريءَ کي پيار ٿيو آهي. +چيبوٽڪن: (پٺيان اچي ٻئي ٻانهون هن جي چيلهه جي چوڌاري ورائي ٿو) قدرت اسان کي هن ڌرتي تي رڳو پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي (هو ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو اخبار اڃا تائين هن جي هٿ ۾ آهي). +اينڊري: چڱو چڱو، هاڻي گهڻي ٿي (منهن تان پگهر اگهي ٿو) مون ساري رات اک نه ٻوٽي آهي. هينئر منهنجو دماغ جاءِ تي نه آهي. صبح جو چئين لڳي تائين پڙهندو رهيس، پوءِ سمهڻ جي ڪيم ته ننڊ نه آئي. اجايون ڳالهيون سوچيندور هيس، تان جو صبح ٿيو ۽ ڪمري ۾ اُس داخل ٿي. سوچيان ٿو جيستائين هتي آهيان انگريزي جو ڪو ڪتاب ترجمو ڪري وٺان. +ورشينن: ڇا اوهين انگريزي پڙهي ڄاڻو. +اينڊري: ها، اسان جي پيءُ، شل کيس جنت نصيب ٿئي، اسان کي پڙهائي پڙهائي ٿڪائي ڇڏيندو هو. آهي ته بيوقوفيءَ جي ڳالهه پر پوءِ به مان چوان ٿو ته بابا جي وفات کان پوءِ مون تان ڄڻ ته بار هلڪو ٿي پيو. سال جي اندر مان ٿلهو ٿي ويس، ڄڻ منهنجو بُت وڏي بار کان آجو ٿي پيو. بابا جي ڪري مان ۽ منهنجون ڀينرون فرانسي، جرمن ۽ انگريزي ٻولي ڄاڻندا آهيون. ارينا کي ته اطالوي به ايندي آهي، اهي ٻوليون سکڻ لاءِ اسان کي وڏي محنت ڪرڻي پئي. +ماشا: هن ننڍي هنڌ تي ايتريون ٻوليون ڄاڻڻ اجائي عياشي آهي، مان ته چوندس ته بنهه اجايو ��هي، جيئن ڇهين آڱر اجائي هوندي آهي، اسان کي ڪيتريون ڳالهيون اچن ٿيون، جيڪي اجايون آهن. +ورشينن: ڇا واقعي؟ (کلي ٿو) توکي ڪيتريون اجايون ڳالهيون اينديون آهن؟ مان سمجهان ٿو ته هن ڌرتيءَ تي ڪابه اهڙي جاءِ ڪانهي، ڀل اُتي ڪيتري به سڃ ڇو نه هجي، جتي ذهانت ۽ تعليم اجايون هجن، سمجهون کڻي ته هن شهر جي سوين هزارين رهواسين ۾، جيڪي بلاشڪ ته اڻ سڌريل ۽ غير مهذب آهن. اوهان رڳو ٽي آهيو، ظاهر آهي ته اهي ٽي ماڻهو سوين هزارين ماڻهن تي پنهنجي برتري قائم رکي نه سگهندا، پر آهستي آهستي جيئن جيئن زندگي اڳتي وڌندي، اوهين انهن ۾ ملي ويندا. سوين هزارين جاهل ۽ غير مهذب ماڻهن جو ميڙ اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏيندو، پر اوهين ائين ختم نه ٿيندا زندگيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيندا. اڄ اوهين رڳو ٽي آهيو، اوهان کان پوءِ شايد اوهان جهڙيون رڳو ڇهه عورتون هونديون، پوءِ ٻارنهن، ائين اوهان جو انگ وڌندو ويندو، تان جو اوهان جهڙيون عورتون گهڻائيءَ ۾ ٿي وينديون. ٻن ٽن سؤ سالن ۾ اسان جي هن پوڙهي ڌرتيءَ تي زندگي ڏاڍي سٺي، وڻندڙ ۽ حيرت جهڙي هوندي. ماڻهو اهڙي ئي زندگيءَ جي خواهش ٿو ڪري ۽ جيڪڏهن اهڙي زندگي اڃان وجود ۾ نه آئي آهي ته ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو ان جو تصور ڪري. انتظار ڪري ۽ ان جا خواب ڏسي. پاڻ کي اُن جي آڌرڀاءَ لاءِ تيار ڪري. ماڻهوءَ کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ڏسڻ وائسڻ، سوچڻ سمجهڻ گهرجي ۽ اوهين شڪايت ٿيون ڪيو ته اوهان کي ڪيتريون اجايون ڳالهيون اچن ٿيون. +ماشا: (ٽوپلو لاهيندي) مان مانيءَ تائين ترسان ٿي. +ارينا: (ٿڌو ساهه کڻي) اسان مان ڪنهن کي گهرجي ته هو اهي سڀ ڳالهيون لکي ڇڏي. +(اينڊري اُتان کسڪي ٿو وڃي). +ٽيوسين بيچ: اوهان چيو ته ايندڙ زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي زندگي حيرتناڪ حد تائين سهڻي هوندي.، شايد اوهان سچ ٿا چئو، ان سٺي ۽ سهڻي زندگيءَ کان اسان گهڻو پري آهيون، پر اسان کي گهرجي ته اسان ايترو پري کان ان ۾ حصو وٺون، ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪيون ۽ ڪم ڪيون. +ورشينن: (اُٿندي) ها واقعي، هتي اوهان وٽ ڪيڏا نه گل آهن (چوڌاري نهاري ٿو) اوهان جو گهر به ڏاڍو سٺو آهي. مون کي اوهان سان ريس ٿي ٿئي، مون ته ساري زندگي ڪبوتر جي کڏيءَ جهڙين فليٽن ۾ گذاري، جن ۾ ٻه ڪرسيون ۽ ديوان هوندو هو. تيل جي چلهي مان دونهون پيو نڪرندو هو، زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مون کي ههڙا گل نصيب نه ٿيا، پر ان لاءِ مون کي ڪو افسوس ڪونهي. +ٽيوسين بيچ: واقعي اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي، شايد اوهان جو خيال آهي ته مان هڪڙو جذباتي جرمن آهيان، پر مان جرمن نه آهيان، روسي آهيان، مون کي ته جرمن ٻولي ڳالهائڻ به نه ايندي آهي، منهنجو پيءُ يوناني گرجا جو پوئلڳ هو ۽ پڪو مذهبي هو. +ورشينن: (اسٽيج تي گهمندي) اوهان کي خبر آهي ته مان ڏاڍو حيران ٿي سوچيندو آهيان ته اها ڪهڙي نه عجيب صورتحال ٿئي جيڪڏهن اسان کي هڪ دفعو وري سوچ سمجهه سان نئين سر زندگي گذارڻ جو موقعو ملي..... سمجهو ته هن مهل تائين اوهان جيڪا زندگي گذاري ان کي اوهان هڪ پاسي رکي سگهو، ڄڻ اها غلط لکيل ڊرافٽ هئي ۽ اوهان نئين ڊرافٽ وانگر نئين زندگي شروع ڪري سگهو، جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ته مان سمجهان ٿو ته اوهان مان هرڪو پنهنجي پراڻي زندگيءَ کي نه ورجائيندو. اوهان مان هر ڪو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهجي لاءِ نئون ماحول ٺاهيندو. ههڙي فليٽ جنهن ۾ گل هجن ۽ روشني هجي....... منهنجي هڪ زال ۽ ٻه ڌيئون آهن، زال جي صحت سٺي نه آهي...... جيڪڏهن مون کي وري زندگي شروع ڪرڻ جو موقعو ملي ته مان شادي نه ڪندس، سچ پچ ته اصل نه ڪندس. +(ڪوليگن ��سڪول ماستر جي لباس ۾ اندر اچي ٿو). +ڪوليگن: (ارينا جي ويجهو ايندي) منهنجي پياري ڀيڻ، سالگرهه مبارڪ هجئي، مان دل جي گهرائين سان توکي مبارڪ ٿو ڏيان، مان تنهنجي صحت ۽ انهن سڀني شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ دعاگو آهيان جيڪي تو جهڙيون نوجوان ڇوڪريون حاصل ڪرڻ جون خواهشمند هونديون آهن ۽ توکي هيءُ ڪتاب سوکڙي ٿو ڏيان (هن کي ڪتاب ڏي ٿو) هي ڪتاب اسان جي اسڪول جي گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ آهي، اهو ڪتاب مون لکيو آهي، معمولي ڪتاب آهي ۽ مون واندڪائيءَ ۾ لکيو آهي. اُميد ته تون هيءُ ڪتاب ضرور پڙهندينءَ. سڀني لاءِ صبح بخير. (ورشينن کي) اجازت هجي ته پنهنجي واقفيت ڪرايان. منهنجو نالو فوئڊر ڪوليگن آهي. مان گرامر اسڪول ۾ ماستر آهيان (ارينا کي) هن ڪتاب ۾ انهن سڀني شاگردن جي نالن جي فهرست ڏنل آهي جن گذريل پنجاهه سالن ۾ اسان جي اسڪول مان آخري امتحان پاس ڪيو (لاطيني ٻوليءَ ۾ چئي ٿو) هر ڪو ماڻهو پنهنجي وس آهر ڪم ڪندو آهي، وڏا ماڻهو وڏا ڪم ڪندا آهن ۽ ننڍا ماڻهو ننڍا ڪم ڪندا آهن. +ارينا: اهو ساڳيو ڪتاب تون مون کي ايسٽر جي موقعي تي ڏيئي چڪو آهين. +ڪوليگن: (کلي ٿو) هان؟ ته پوءِ موٽائي ڏي. يا ڪرنل کي ڏي. ڪرنل صاحب، هيءُ ڪتاب وٺو موقعو مليوَ ته پڙهجو. +ورشينن: مهرباني (وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو). اوهان سڀني سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. +اولگا: اوهين وڃو ٿا؟ اوهين وڃي نٿا سگهو. +ارينا: اوهان کي اسان سان ماني کائڻي پوندي، مهرباني ڪري ترسي پئو. +اولگا: اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي. +ورشينن: (ٿورو جهڪي) مون اوهان جي سالگرهه جي پارٽيءَ ۾ اچي رخنو وڌو، ان لاءِ معافي، مون کي اوهان جي سالگرهه جي خبر نه هئي، مون ته اڃا تائين اوهان کي مبارڪ به ڪانه ڏني آهي (اولگا سان گڏ هال ڏانهن وڃي ٿو). +ڪوليگن: دوستو، اڄ آچر جو ڏينهن آهي ۽ آچر آرام جو ڏينهن هوندو آهي. اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي عمر ۽ مرتبي جي حساب سان آرام ڪرڻ ۽ مزو ماڻڻ گهرجي، اسان کي گهرجي ته ايندڙ سياري تائين غاليچا ويڙهي رکون ۽ تِڏ کان بچاءُ لاءِ انهن تي پاؤڊر ڇڙڪڻ نه وساريون... روم جا رهاڪو ان ڪري صحتمند هوندا هئا جو هنن کي خبر هوندي هئي ته ڪڏهن ڪم ڪجي ۽ ڪڏهن آرام ڪجي... هنن جو زندگي گذارڻ جو خاص انداز هو، اسان جو هيڊماستر چوندو آهي ته زندگيءَ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه زندگي گذارڻ جو انداز آهي، جنهن ۾ انداز نه هوندو اها ختم ٿي ويندي. اهو ساڳيو اصول اسان جي روزاني زندگيءَ سان لاڳو آهي (کلندي ماشا جي چيلهه جي چوڌاري ٻانهن ورائي ٿو) ماشا جو مون سان پيار آهي. منهنجي زال مون سان پيار ڪندي آهي..... اسان کي غاليچن سان گڏ پڙدا به ويڙهڻا پوندا، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان. ماشا، اڄ هيڊماستر اسان کي دعوت ڏني آهي، پاڻ کي چئين لڳي هلڻو آهي. هيڊماستر اسڪول جي عملي ۽ سندن ٻارن سان سير جو بندوبست ڪيو آهي. +ماشا: مان نه هلندس. +ڪوليگن: (ڏک مان) ڇو نه هلندينءَ پياري. +ماشا: ان بابت پوءِ ڳالهائينداسين (هلڪي چڙ مان) چڱو هلندس، حالي مون کي ڇڏ (وڃي ٿي). +ڪوليگن: چڪرچاڙيءَ کان پوءِ اڄوڪي شام هيڊماستر وٽ گذارينداسين. هن جي صحت خراب آهي، پر تڏهن به هو ڪوشش ڪندو آهي ته سڀني سان پير کڻي. هو تمام سٺو، نيڪ ۽ سچ پچ ته ساراهه جهڙو ماڻهو آهي. ڪالهه ڪائونسل جي ميٽنگ کانپوءِ هن مون کي چيو فاؤڊر ڪوليگن، مان ٿڪجي پيو آهيان، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان (ڀت جي گهڙيال ڏانهن ڏسي پنهنجي واچ ڏانهن ڏسي ٿو) اوهان جو گهڙيال ست منٽ اڳتي آهي. هن چيو مان ٿڪجي پيو آهيان. +(پٺيان کان وائلين جو آواز اچي ٿو). +اولگا: مهربانؤ...... ��چو، پنهنجي پنهنجي جاءِ وِلاريو، ماني تيار آهي، اڄ اسان ارينا جي سالگرهه جو خاص ڪيڪ ٺاهيو آهي. +ڪوليگن: پياري اولگا، ڪالهه رات مون ٻارهين تائين ڪم ڪيو، ڏاڍو ٿڪجي پيس، پر اڄ مان خوش آهيان (هو هال ۾ ٽيبل جي ڀرسان وڃي ٿو) منهنجي پياري اولگا. +چيبوٽڪن: (اخبار کيسي ۾ وجهي ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏي ٿو) واهه سائين واهه، سالگرهه جو ڪيڪ! +ماشا: (سختيءَ سان چيبوٽڪن کي) اڄ تون ڪجهه نه پيئندين، ٻڌين ٿو، تنهنجي صحت لاءِ پيئڻ ڏاڍو خراب آهي. +چيبوٽڪن: خيال نه ڪر، پيئڻ هاڻي منهنجي ڪمزوري نه آهي، ٻن سالن کان مون شراب ناهي پيتو (بي صبريءَ سان) پر جي پيتم به ته ڇا ٿي پوندو. +ماشا: خبردار جو پيتو اٿيئي (ناراضگيءَ سان اهڙي نموني ٿي ڳالهائي ته جيئن هن جو مڙس نه ٻُڌي) اڄوڪي شام وري هيڊماستر وٽ خراب ٿيندي..... وڏي مصيبت آهي. +ٽيو سين بيچ: تنهنجيءَ جاءِ تي مان هجان ها ته ڪڏهن نه وڃان ها +چيبوٽڪن: نه وڃ پياري. +ماشا: نه وڃ چوڻ ڪيترو نه سولو آهي، لعنت هجي ههڙي حياتيءَ تي، زندگي سهپ کان ٻاهر آهي (هال ۾ وڃي ٿي). +چيبوٽڪن: (هن جي پٺيان وڃي ٿو) ٻڌ ته....... ٻڌ ته.... +سوليئوني: (ٽيوسن بيچ جي پاسي مان لنگهي هال ۾ ويندي) ڪلڪ........ ڪلڪ........ ڪلڪ. +ٽيوسن بيچ: سوليئوني! هاڻي ته بس ڪر، گهڻي ٿي. +سوليئوني: ڪلڪ........ ڪلڪ........ ڪلڪ +ڪوليگن: (خوشيءَ مان) ڪرنل، اوهان جي صحت لاءِ.... مان هتي ماستر آهيان ۽ هن گهر جو ڀاتي آهيان. ماشا جو گهر وارو آهيان، ماشا تمام سٺي عورت آهي. +ورشينن: مان اها ڪاري ووڊڪا پيئندس (پيئي ٿو) اوهان جي صحت لاءِ (اولگا کي) هتي مون کي سڀ ڪجهه سٺو ٿو لڳي. +(ارينا ۽ ٽيوسن بيچ ڊرائينگ روم ۾ رهجي ٿا وڃن). +ارينا: ماشا اڄ خوش نٿي لڳي، ارڙهن ورهين ۾ هن شادي ڪئي، ان وقت هن کي پنهنجو مڙس دنيا جي سڀني مردن کان وڌيڪ ذهين لڳندو هو، پر ائين نه آهي، هو تمام نرم دل آهي پر ذهين نه آهي. +اولگا: اينڊري، هاڻي ته اندر اچ. +اينڊري: (اسٽيج کان ٻاهران) اچان ٿو! (اندر اچي ٿو ۽ مانيءَ جي ميز ڏانهن وڃي ٿو). +ٽيوسن بيچ: ڇا ٿي سوچين. +ارينا: ڪجهه نه، مون کي سوليئوني صفا نٿو وڻي، مون کي هن کان خوف ٿو ٿئي، جڏهن به وات ٿو کولي بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري. +ٽيوسن بيچ: ڏاڍو عجيب ماڻهو آهي، هو مون کي خار ڏياريندو آهي، پر ان وقت مون کي مٿس افسوس ٿيندو آهي، مان سمجهان ٿو ته هو شرميلو آهي، مون سان اڪيلو هوندو آهي ته سندس هلت تمام سٺي هوندي آهي، پر جيئن ماڻهن کي ڏسندو آهي عجيب حرڪتون ڪرڻ شروع ڪندو آهي..... حالي اندر نه وڃ، ماني شروع ڪن ته پوءِ وڃجانءِ ته جيئن مان ٻه گهڙيون توسان گذاري سگهان. ڇا ٿي سوچين؟ (ماٺ) تنهنجي عمر ويهه سال آهي، مان اڃا هاڻ ٽيهن سالن جو ٿيو آهيان، اسان جي آڏو زندگيءَ جا اڃا ڪيڏا سال آهن، تو لاءِ محبت سان ڀريل سال. +ارينا: مون سان پيار جون ڳالهيون نه ڪر. +ٽيوسن بيچ: (اڻ ٻڌو ڪري) مون ۾ زندهه رهڻ، محنت ڪرڻ ۽ پاڻ پتوڙڻ جي وڏي تڙپ آهي ۽ اها تڙپ تنهنجي محبت جي ڪري آهي، تون منهنجي آهين ۽ تنهنجي ڪري زندگي به سهڻي ٿي لڳي. ڇا ٿي سوچين؟ +ارينا: تون چئين ٿو ته زندگي سهڻي ٿي لڳي. ٿي سگهي ٿو ته زندگي رڳو ڏسڻ ۾ سهڻي لڳندي هجي. اسان ٽن ڀينرن لاءِ هن اڃا تائين ته زندگي سهڻي نه آهي. سچ پڇين ته زندگي اسان کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، جيئن باغ ۾ ڪک پن زمين ۾ پوربا آهن، منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا آهن. مان اجايو پئي رئان (هوءَ تڪڙ ۾ لڙڪ اگهي مرڪي ٿي) اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڪم.... ڪم... ڪم. اسين خوش نه آهيون جو اسين زندگيءَ جو اونداهون پاسو ٿا ڏسون ۽ ڪم جو صحيح مطل�� ۽ اهميت نٿا سمجهون. اسين اهڙي گهراڻيَ ۾ پيدا ٿياسين جنهن کي ڪم کان نفرت هئي. +(نتاليا آونوونا اچي ٿي. هن کي گلابي لباس پاتل آهي ۽ چيلهه ۾ سائو پٽو ٻڌل آهي). +نتاشا: هو ته کاڌي جي ميز وٽ وڃي بيٺا آهن. مون کي اڳي ئي دير ٿي وئي آهي (هوءَ آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي لباس ٺيڪ ٿي ڪري) مان سمجهان ٿي ته منهنجي وارن جي اسٽائيل ايتري خراب نه آهي (ارينا کي ڏسي ٿي) ارينا، مبارڪ هجئي (ارينا کي سڪ مان ڀاڪر پائي ٿي) اوهان وٽ ته اڄ گهڻا مهمان آهن، مون کي هنن جي سامهون ويندي گهٻراهٽ ٿي ٿئي. اوهان جو ڇا حال آهي بيرن؟ +اولگا: (ڊرائينگ روم ۾ ايندي) نتاليا اونوونا اچي وئي! منهنجو سلام قبول ڪر پياري. +(ٻئي ڀاڪر پائي ملن ٿيون). +نتاشا: سالگرهه مبارڪ هجيوَ، اوهان وٽ چڱا مهمان گڏ ٿيا آهن، مان هنن جي آڏو ويندي گهٻرايان ٿي. +اولگا: هنن جو خيال نه ڪر، هو سڀ اسان جا پراڻا دوست آهن (هيٺاهين آواز ۾) هي سائو پٽو ڇو ٻڌو اٿئي، نٿو ٺهي. +نتاشا: اهو خراب سوڻ آهي ڇا؟ +اولگا: نه نه...... هن لباس تي ان رنگ جو پٽو نٿو ٺهي، عجيب ٿو لڳي. +نتاشا: (روئڻهارڪي آواز ۾) واقعي نٿو ٺهي ڇا، پر هي سائو نه آهي، ناسي آهي. +(اولگا سان گڏ هال ۾ وڃي ٿي). +(هر ڪو ماني کائڻ لاءِ ڪرسيءَ تي ويهي ٿو، ڊرائينگ روم خالي ٿي وڃي ٿي). +ڪوليگن: ارينا، منهنجي دلي خواهش آهي ته توکي سٺو گهوٽ ملي، هيءَ تنهنجي شاديءَ جي عمر آهي. +چيبوٽڪن: نتاليا! تنهنجي لاءِ به اسان جي اهائي خواهش آهي. +ڪوليگن: نتاشا کي ته اڳ ۾ ئي مڙس نظر ۾ آهي. +ماشا: (ڪانٽي کي پليٽ تي هڻي ٿي) مون کي شراب جو گلاس ڏيو ته جيئن اسان پنهنجي خوشين سان ڀريل زندگيءَ لاءِ جام خالي ڪيون. +ڪوليگن: محفل جي آداب جو امتحان ورتو وڃي ته توکي ڏهن مان پنج مارڪون ملڻ گهرجن. +ورشينن: ڏاڍو مزيدار شراب آهي، ڇا جو ٺهيل آهي؟ +سوليون: ڪارن ڀنورن جو! +ارينا: ڪيڏي نه ڪراهت واري ڳالهه ڪئي اٿئي. +اولگا: رات جي مانيءَ لاءِ روسٽ ڪڪڙ ۽ صوفن جو ڪيڪ هوندو، شڪر آهي جو اڄ سارو ڏينهن هتي هوندس. شام جو به سڀ اچجو. +ورشينن: مان به اچي سگهان ٿو؟ +نتاشا: هتي ڪو تڪلف ڪونهي. +چيبوٽڪن: ”فطرت اسان کي رڳو پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي، منهنجا پيارا!“ (کلي ٿو) +اينڊري: (هلڪي چڙ سان) هاڻي اهو رينگٽ بند ڪر، بيزار نٿو ٿين؟ +(فيڊوٽڪ ۽ روڊي گلن جون کاريون کڻي اندر اچن ٿيون). +فيڊوٽڪ: هو ته مانيءَ تي ويهي رهيا آهن. +روڊي: (ڏاڍيان) مانيءَ تي ؟ ها ها. هو ماني ٿا کائن. +فيڊوٽڪ: هڪڙو منٽ بيهو (هنن جو فوٽو ڪڍي ٿو) هڪڙو منٽ ٻيو (ٻيو فوٽو ڪڍي ٿو) هاڻي اوهين بيشڪ ماني کائو. +(هو گلن جون کاريون کڻي هال ۾ وڃن ٿا، سڀ اُٿي هنن سان ملن ٿا، هلڪو گوڙ ٿئي ٿو). +روڊي: (ڏاڍيان) سالگرهه مبارڪ هجيئي، گهڻي گهڻي مبارڪ هجيئي، اڄ موسم ڏاڍي سٺي آهي. اڄ سارو ڏينهن اسڪولي ڇوڪرن سان گهميو آهيان، اوهان کي خبر آهي ته ڇوڪرن کي مان جسماني ورزش سيکاريندو آهيان. +فيڊوٽڪ: مس ارينا، هاڻي تون بيشڪ گهم ڦر (فوٽو ڪڍي ٿو) تون اڄ ڏاڍي سهڻي ٿي لڳين (کيسي مان لاٽون ڪڍي ٿو) مون تنهنجي لاءِ هي لاٽون آندو آهي، ڦرندو آهي ته وڻندڙ آواز ڪڍندو آهي. +ارينا: ڪيڏو نه سٺو تحفو آهي. +ماشا: ڪناري جي موڙ تي سائو اڪ بيٺل آهي، +اڪ جي چوڌاري سونهري زنجيري... +اڪ جي چوڌاري سونهري زنجيري (ٿڌو ساهه کڻي ٿي) مان ساڳي سٽ ڇو ٿي ورجايان، اڄ سارو ڏينهن منهنجي اندر ۾ اها سٽ هرندي رهي آهي. +ڪوليگن: اوهان کي خبر آهي ته ميز جي چوڌاري اسين تيرنهن ڄڻا آهيون. +روڊي: تنهنجو اهڙن پراڻن سوڻن ۾ ويساهه آهي ڇا؟ +ڪوليگن: تيرنهن ڄڻا ميز جي چوڌاري ويهن ته ان جي معنيٰ ته انهن مان ڪي هڪ ٻئي سان پيار ٿا ڪن، آون رومانوچ! هتي تون ته پيار نٿو ڪرين. +(سڀ کلن ٿا). +چيبوٽڪن: مان پراڻو گنهگار آهيان، پر تڏهن به چئي نٿو سگهان ته مس نتاليا اها ڳالهه ٻڌي گهٻرائجي ڇو وئي. +(سڀ کلن ٿا، نتاشا تکي تکي هال کان نڪري ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿي، اينڊري هن جي پٺيان اچي ٿو). +اينڊري: هنن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نه ڏي، هڪڙو منٽ ته ترس. +نتاشا: مون کي ڏاڍي ڦڪائي ٿي، خبر نه آهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي، سڀ مون تي ٿي کليا، مان کاڌي جي ميز تان اُٿي آيس، اها چڱي ڳالهه ڪانهي، پر مان ڇا ڪيان.... ڇا ڪيان (ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ٿي). +اينڊري: منهنجي پياري، دل ۾ نه ڪر، پاڻ کي پريشان نه ڪر، هنن توکي ڏکوئڻ نٿي گهريو، مشڪري ٿي ڪيائون، هو سڀ سٺا آهن، اسان ٻنهي کي ڀائيندا آهن. هيڏانهن دري وٽ اچ، هتي اسان کي ڪوبه نه ڏسندو (هو ڪنڌ ورائي پٺيان نهاري ٿو). +نتاشا: مان اهڙي دعوتن جي هريل نه آهيان جنهن ۾ ايڏا ماڻهو هجن. +اينڊري: تون ڪيڏي نه جوان، ڪيڏي نه حسين آهين، منهنجي ننڍڙي ڇوڪري، مون تي اعتبار ڪر، مان ڏاڍو خوش آهيان، منهنجي دل محبت ۽ خوشي سان ڀريل آهي...... نه نه..... هو اسان کي نه ڏسندا، ٻڌاءِ، مان تنهنجي محبت ۾ گرفتار ڇو ٿيس، اهو ڪڏهن ٿيو، ڪيئن ٿيو، مون کي ڪا خبر ڪانهي، منهنجي پياري مون سان شادي ڪر، مان توسان پيار ٿو ڪيان، اهڙو پيار مون اڄ تائين ڪنهن سان نه ڪيو آهي. +(ٻئي ڀاڪر پائين ٿا، ٻه آفيسر اندر اچن ٿا، هنن کي ڀاڪر ۾ ڏسي حيران ٿين ٿا). +(پڙدو ڪِري ٿو.) + + +ايڪٽ ٻيو +(پهرين ائڪٽ وارو ساڳيو منظر، رات جا اٺ لڳا آهن، پريان گهٽيءَ مان اڪارڊيئن جو هلڪو آواز ٿو اچي، اسٽيج تي اوندهه آهي، نتاشا کي گاؤن پاتل آهي، هوءَ هٿ ۾ ميڻ بتي کڻي اچي ٿي ۽ اينڊري جي ڪمري جي دروازي وٽ بيهي ٿي.) +نتاشا: اينڊري، ڇا ٿو ڪرين؟ پڙهين ٿو ڇا؟ مون ائين ئي چڪر پئي هنيو (هوءَ اڳتي وڌي ٻيو ڪمرو کولي اندر ليئو ٿي پائي ۽ در بند ٿي ڪري) ڪنهن ڪا بتي ٻرندي ته ڪانه ...ڇڏي....... آهي. +اينڊري: (اندر اچي ٿو، هن جي هٿ ۾ ڪتاب آهي) ڇا آهي نتاشا؟ +نتاشا: ڪجهه نه آهي، ڏسان پئي ته ڪا بتي ٻري ته ڪانه ٿي. ڪارنيوال جو هفتو آهي، سڀ نوڪر ميلي ۾ ويا آهن، ان ڪري مون کي خيال رکڻو ٿو پوي ته متان ڪجهه ٿي نه پوي. ڪالهه رات ٻارنهين لڳي ڊرائينگ روم ۾ ويس، خبر ٿي ته ان مهل اُتي ميڻ بتي ٿي ٻري، الائجي ڪنهن اُتي بتي ٻرندي ڇڏي هئي (ميڻ بتي رکي ٿي) وقت ڇا ٿيو آهي؟ +اينڊري: (گهڙي ڏسي ٿو) سوا اٺ ٿيا آهن. +نتاشا: ايڏي دير ٿي وئي آهي پر اولگا ۽ ارينا اڃا ڪم تان نه موٽيون آهن، اولگا پنهنجي اسٽاف جي ميٽنگ ۾ هوندي ۽ ارينا تار گهر ۾ (ٿڌو ساهه کڻي ٿي) اڄ صبح مون ارينا کي چيو ته پياري، ڪجهه پنهنجي صحت جو به خيال ڪر. پر هن منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، سوا اٺ ٿيا آهن نه؟ اسان جي ننڍڙي بوبي ڪنز جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. الائجي ڇو هن جو سارو بت ٿڌو آهي. ڪالهه هن کي بخار هو، بخار لٿو ته هاڻي هو برف جهڙو ٿڌو آهي، مون کي ته ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي. +اينڊري: خيال نه ڪر، هو ٺيڪ آهي. +نتاشا: وري به احتياط ضروري آهي، هن کي پرهيز ڪرائڻو آهي، مون ٻڌو آهي ته اڄ نائين لڳي ڪي سازندا هتي ايندا، اينڊري پيارا، سازندا نه اچن ته چڱو. +اينڊري: مان ڇا ٿو چئي سگهان، سازندن کي ته دعوت ڏيئي گهرايو ويو آهي. +نتاشا: ننڍڙو صبح جو ننڊ مان اُٿيو ته مون کي ڏسي مرڪڻ لڳو. هن مون کي سڃاتو، مون هن کي چيو ”هيلو، بوبيڪنس، هيلو منهنجا پيارا“، موٽ ۾ هو کلڻ لڳو. ٻار سڀ سمجهندا آهن، اينڊري، ��ان نوڪرن کي چئي ٿي ڇڏيان ته هو سازندن کي اندر نه ڇڏين. +اينڊري: ان جو فيصلو منهنجون ڀينر ڪنديون، هي گهر هنن جو آهي. +نتاشا: بيشڪ هي گهر هنن جو آهي، مان هنن کي به چوندس، هو تمام سٺيون آهن (وڃڻ لڳي ٿي) مون مانيءَ لاءِ ڏهي گهرائي آهي. ڊاڪٽر چوي ٿو ته وزن گهٽائڻ لاءِ ڏهيءَ کان سواءِ ڪجهه نه کاءُ (بيهي ٿي) بوبيڪنس کي ٿڌ ٿي لڳي. هي ڪمرو به ڏاڍو ٿڌو آهي. اونهاري تائين هن کي ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ ٿا رهايون، منهنجي خيال ۾ ننڍڙي لاءِ ارينا وارو ڪمرو سٺو ٿيندو. ان ۾ ايڏي هوا به ڪانهي ۽ سارو ڏينهن اُس به اچي ٿي. ارينا کي چئون ته هو اولگا سان سندس ڪمري ۾ رهي ڏينهن جو هوءَ هونئن ئي گهر ۾ نه هوندي آهي. رڳو رات گذارڻ جي ڳالهه آهي. اينڊري پيارا، تون جواب ڇو نه ٿو ڏين؟ +اينڊري: مان پنهنجي خيالن ۾ هيس، منهنجي خيال ۾ منهنجي ڳالهائڻ جي ضرورت ڪانهي. +نتاشا: مون کي توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي هئي، پر وسري وئي، ها، ياد اچي وئي، ڪائونسل آفيس مان فيراپانٽ ڪنهن معاملي ۾ توسان ملڻ ٿي گهريو. +اينڊري: هن کي مون ڏانهن موڪل. +(نتاشا وڃي ٿي، اينڊري هن جي وساريل ميڻ بتي کڻي ڪتاب پڙهي ٿو، فيراپانٽ اچي ٿو، هن کي گهنج پيل سوٽ پاتل آهي ۽ سيءَ کان بچاءُ لاءِ ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪري ڇڏيا اٿئين، ڪنن جي چوڌاري مفلر ويڙهيل اٿس.) +اينڊري: ڪيئن آهين فيريانٽ، مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي. +فيريانٽ: چيئرمين اوهان کي هي رجسٽر ۽ ڪاغذ موڪليا آهن. (هن کي رجسٽر ڏي ٿو). +اينڊري: مهرباني، پر تو ايڏي دير ڇو ڪئي؟ سوا اٺ ٿا ٿين. +فيرپانٽ: ڇا...؟ +اينڊري: (وڏي آواز سان) مون چيو ايڏي دير ڇو ڪيئي؟ سوا اٺ ٿي ويا آهن. +فيريانٽ: اوهان صحيح ٿا چئو، مان سنجهي سان آيو هيس، پر مون کي اوهان سان ملڻ نه ٿي ڏنائون، چيائون ٿي ته صاحب واندو نه آهي. مون دل ۾ چيو ته جي صاحب واندو نه آهي ته ڀل نه هجي، مون کي به تڪڙ ڪانهي (هو سمجهي ٿو ته اينڊري هن کان ڪجهه پڇي پيو) ڇا؟ +اينڊري: ڪجهه نه (رجسٽر ڏانهن نهاري ٿو) سڀاڻي جمعو آهي ۽ ميٽنگ ڪانه ٿيندي، پر مان روزانو وانگر آفيس ويندس ۽ ڪم ڪندس. مان گهر ۾ ڏاڍو بور ٿو ٿيان (ماٺ) پيارا پوڙها شيون ڪيئن نه بدلجي ٿيون وڃن. حياتي ڪيڏو نه وڏو دوکو آهي. اڄ مون کي ڪو ڪم نه هو، بوريت کان بچڻ لاءِ هي ڪتاب کنيم. يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ٻڌا هئم، هي انهن جو ڪتاب آهي. قدرت جي ڪرڻي ته ڏس. مان ڪو ڪائونسل جو سيڪريٽري ۽ پروٽوپوپوف چيئرمين آهي. مان پنهنجي ترقيءَ جي وڏي ۾ وڏي اميد اها ئي ڪري سگهان ٿو ته ڪائونسل جو ميمبر ٿيان، مان ته هر رات خواب ڏسندو هيس ته ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيندس، مشهور عالم ٿيندس ۽ سارو روس مون تي فخر ڪندو. +فيراپانٽ: معاف ڪجو، مان ڪجهه چئي نٿو سگهان، مان ٿورو گهٻرو آهيان. +اينڊري: گهٻرو نه هجين ها ته توسان اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪيان ها، ڪنهن نه ڪنهن سان ته اندر اوڳڍرڻو پوندو آهي. زال منهنجون ڳالهيون سمجهي نٿي ۽ ڀينرن کان ڊپ ٿو ٿئي ته هو مون تي کلنديون ۽ ٺٺوليون ڪنديون، مان شراب ڪونه پيئان ۽ ڪلب به ڪونه وڃان، پر دل ٿي چوي ته جيڪر هينئر ماسڪو جي ٽيٽوف يا ڪنهن عاليشان هوٽل ۾ ويٺو هجان. +فيراپانٽ: ان ڏينهن آفيس جي هڪڙي ٺيڪيدار ٻڌايو ته ڪي واپاري مال پڙا کائڻ ويٺا، انهن مان هڪڙي چاليهه مال پڙا کاڌا ۽ مري ويو، چئي نٿو سگهان ته چاليهه مال پڙا ٿي چيائين يا پنجاهه. +اينڊري: ماسڪو جي ڪنهن وڏي رسٽارينٽ ۾ ماڻهو ويٺو هجي، ڪوبه هن کي نه سڃاڻندو هجي ۽ نه ئي هو ڪنهن کي سڃاڻندو هجي، پر پوءِ به هو پنهنجو پاڻ کي اوپرو نه سمجهندو، جڏهن ��ه هتي سڀ اوهان کي سڃاڻن ۽ اوهين سڀني کي سڃاڻو، پر تڏهن به اوهان کي محسوس ٿيندو ته اوهين هتان جا ناهيو. +فيراپانٽ: ڇا ٿا چئو؟ (ماٺ) ان ساڳي ماڻهو ٻڌايو، خبر ناهي ته سچ ٿي چيائين يا ڪوڙ ٿي ڳالهايائين ته ماسڪو شهر جي وچ ۾ هڪڙو وڏو رسو ٽنگيل آهي. +اينڊري: ڇا جي لاءِ ٽنگيل آهي؟ +فيريانٽ: معاف ڪجو، مون کي خبر ڪانهي، هن ائين ٿي چيو. +اينڊري: بڪواس ٿي ڪيائين (ڪتاب پڙهي ٿو) تون ڪڏهن ماسڪو ويو آهين؟ +فيراپانٽ: (هلڪي ماٺ کان پوءِ) نه، ڌڻيءَ جي مرضي نه هئي (هلڪي ماٺ) مان هاڻي وڃان؟ +اينڊري: ها، خدا حافظ. +(فيراپانٽ وڃي ٿو). +خدا حافظ (پڙهي ٿو) سڀاڻي اچي ڪاغذ کڻي وڃجانءِ، هاڻي بيشڪ وڃ (ماٺ) هي هليو ويو. +(گهنٽي وڃي ٿي). +ڌنڌا ائين ئي پيا هلن (ڪر موڙي ٿو ۽ آهستي آهستي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿو). +(اسٽيج کان پرڀرو آيا ٻارڙيءَ کي لوري ٿي ڏي، ماشا ۽ ورشينن اچن ٿا، ٻئي ڳالهائين ٿا، نوڪرياڻي بتيون ٿي ٻاري.) +ماشا: چئي نٿي سگهان ته ائين ڇو آهي (ماٺ) ها، سچ پچ ته چئي نٿي سگهان. شايد ان جو سبب عادت آهي، عادت جو انسان جي زندگيءَ تي وڏو اثر ٿو ٿئي. مثال بابا جي حياتيءَ ۾ اسان کي فوجي نوڪرن جي عادت ٿي وئي هئي، بابا جي وفات کان پوءِ اسان کي نوڪرن کان سواءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته ٻين هنڌن تي نه هجن پر هتي فوجي آفيسر نهايت سٺا، فراخدل، پڙهيل ڪڙهيل ۽ مهذب نظر ايندا آهن. +ورشينن: مون کي اُڃ لڳي آهي، ٿوري چانهه ملي وڃي ته ڏاڍو سٺو ٿئي. +ماشا: (گهڙي ڏسي ٿي). چانهه ڄاڻ آئي..... مان ارڙهن سالن جي هيس جو منهنجي شادي ٿي هئي، منهنجو مڙس اسڪول ماستر هو، مون اڃا تعليم مَسَ پوري ڪئي هئي، مان هن کان ڏاڍي مرعوب هيس، هو مون کي وڏو عقلمند، ذهين ۽ اهم ماڻهو لڳندو هو، پر بدقسمتيءَ سان هاڻي ائين ناهي. +ورشينن: هان. +ماشا: مان هن جي خلاف نٿي ڳالهايان. مان هن سان هري وئي آهيان. غير فوجي عملدار ڏاڍا بدتهذيب، اڻ وڻندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ هوندا آهن، بدتهذيبي مون کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي. بي عزتي محسوس ٿيندي اٿم، پنهنجي مڙس جي هم پيشي ماسترن سان هوندي آهيان ته ڏاڍي تڪليف ۾ هوندي آهيان. +ورشينن: سچ ٿي چئين، مون کي اها ڳالهه سمجهڻ گهربي هئي ته هن شهر ۾ فوجي توڙي غير فوجي ٻئي غير دلچسپ آهن. ڪنهن به فوجيءَ يا غير فوجيءَ سان ڳالهاءِ. هو پهرين ڳالهه اها ڪندو ته زال، گهر، جائداد ۽ سندس گهوڙي کيس بيزار ڪري ڇڏيو آهي. اسان روسين جا خيال ته ڏاڍا اونچا هوندا آهن پر عملي زندگيءَ ۾ اسان جي سوچ ايڏي پست هوندي آهي. +ماشا: ها واقعي ائين ڇو آهي؟ +ورشينن: ڪنهن به ماڻهوءَ کي زال بيزار ڇو ٿي ڪري. ٻار بيزار ڇو ٿا ڪن. ڪو هن کان پڇي ته هو پاڻ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڪيترو بيزار ٿو ڪري. +ماشا: اڄ اوهين ڪجهه ٿڪل ٿا لڳو. +ورشينن: شايد ان ڪري جو مون رات جي ماني نه کاڌي آهي، صبح کان ڪجهه به ناهي کاڌو. منهنجي هڪڙي ڌيءَ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. ٻار بيمار ٿيندا آهن ته مان پريشان ٿي ويندو آهيان، ضمير ملامت ڪندو آهي ته مون کي ڪهڙيءَ ماءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اڄ صبح تون کيس ڏسين ها، ڏاڍي خسيس ٿي لڳي. صبح جو ستين لڳين کان اسان جو جهيڙو شروع ٿيو، آخر نائين لڳي مان زور سان در بند ڪري ٻاهر نڪري آيس (ماٺ) مان ٻين سان اهڙيون ڳالهون نه ڪندو آهيان، مون کي خراب لڳندو آهي، رڳو توسان پيو ڪيان (هن جا هٿ چمي ٿو) دل ۾ نه ڪجانءِ، تو کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو ڪونهي. +ماشا: بخاريءَ ۾ هوا ڪيڏو نه شور پئي ڪري، بابا جي موت کان ٿورو اڳ هوا ائين ئي زوزاٽ ٿي ڪيا. +ورشينن: تون اهڙا وهم ڪندي آهين؟ +ماشا: ها. +ورشينن: ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي (هن جا هٿ چمي ٿو) تون ڏاڍي سٺي آهين، واقعي ڏاڍي سٺي آهين. هتي اوندهه آهي، پر مان تنهنجي اکين جي روشني ڏسي سگهان ٿو. +ماشا: (اُٿي ٻي ڪرسيءَ تي ويهي ٿي) هتي وڌيڪ روشني آهي. +ورشينن: مون کي توسان پيار آهي، مون کي توسان واقعي پيار آهي، تنهنجي اکين سان، تنهنجي اٿڻ ويهڻ سان پيار آهي، مان انهن جا خواب ڏسندو آهيان، تون سٺي آهين، ڏاڍي سٺي آهين. +ماشا: (هلڪي کل سان) تون اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهين ته مان کل روڪي نه سگهندي آهيان، پر ساڳئي وقت مون کي ڊپ به ٿيندو آهي. مهرباني ڪري اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر. (هيٺاهين آواز ۾) نه نه_ ڀل ڪندو ڪر، مان دل ۾ نه ڪندس. (ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي ٿي) مان دل ۾ نه ڪندس، شايد ڪو اچي پيو، ڪا ٻي ڳالهه ڪر. +(ارينا ۽ ٽيوسن بيچ هال مان اچن ٿا). +ٽيوسن بيچ: منهنجا خانداني نالا ٽي آهن، منهنجو پورو نالو بيرن ٽيوسن بيچ ڪيرون الشائر آهي. اصل ۾ مان روسي ناهيان، تو وانگر مان به يوناني گرجا جو پوئلڳ آهيان. ان کان سواءِ مون ۾ جرمن قوم واري ڪا خاصيت ڪانهي ته مان وڏي صبر مان توکي پنهنجي پيار جو يقين ڏياريندو ٿو رهان، ڏس ڪيئن نه روز شام جو مان توکي گهر ڇڏڻ ايندو آهيان. +ارينا: مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. +ٽيوسن بيچ: جيستائين تون پاڻ نه مون کي جهليندينءَ مان ايندڙ ويهن سالن تائين توکي تار گهر مان وٺي گهر تائين ڇڏڻ ايندو رهندس. (ماشا، ورشينن کي ڏسي خوشيءَ مان) اوهين هتي آهيو، ڪيئن آهيو؟ +ارينا: آخر گهر پهچي ويس (ماشا کي) مان آفيس مان اٿيس ٿي ته هڪڙي عورت پوسٽ آفيس ۾ آئي، هن ساراٽوف شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي تار موڪلڻ ٿي گهري جو سندس پٽ مري ويو هو، پر کيس ڀاءُ جي ائڊريس ياد نه هئي، اسان رڳو شهر جو نالو لکي تار موڪلي ڇڏي، هوءَ سارو وقت ٿي رني، مون هن کي هروڀرو ڇنڀيو، چيومانس ”منهنجو وقت نه وڃاءِ“ اها منهنجي نالائقي هئي...... ڀلا اڄ سازندا ايندا؟ +ماشا: ها. +ارينا: (آرام ڪرسيءَ تي ويهندي) آرام ۾ ڪيڏو نه مزو آهي، مان ٿڪجي پئي آهيان. +ٽيوسن بيچ: تون آفيس ۾ ڪم ڪري موٽندي آهين ته وڌيڪ جوان ۽ وڻندڙ لڳندي آهي. بهرحال...... (ماٺ) +ارينا: مان ٿڪجي پئي آهيان. مون کي تار گهر پسند نه آهي، بنهه پسند ناهي. +ماشا: تون سنهي ٿي وئي آهين (سيٽي ٿي وڄائي) نوجوان ٿي لڳين، صفا ڇوڪري. +ٽيوسن بيچ: ان ڪري ڇوڪري لڳندي آهي جو هن جي وارن ٺاهڻ جو نمونو اهڙو آهي. +ارينا: مون کي اها نوڪري نٿي وڻي، مون کي ٻي نوڪري ڳولهڻي پوندي، هي اهڙي نوڪري ناهي جهڙي مون سوچي هئي، جنهن جا خواب ڏٺا هئم، هي اهو ڪم ناهي جنهن لاءِ دل چوي، هي ڪم بنان سوچڻ سمجهڻ جي ڪري ٿو سگهجي. +(ڪو هيٺين فرش تي کڙڪو ڪري ٿو). +اهو ڊاڪٽر ٿو فرش تي کڙڪو ڪري (ٽيوسن بيچ کي) تون هن کي سڏ ڏي، مان ٿڪجي پئي آهيان. +ارينا: هو ڄاڻ آيو، ڪالهه رات ڊاڪٽر ۽ اينڊري ڪلب ويا هئا ۽ ٽاس ۾ هارائي آيا، چون ٿا ته اينڊريءَ ٻه سؤ روبل هارايا، اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. +ماشا: (بي خياليءَ سان) اسين ڇا ٿا ڪري سگهون. +ارينا: ٻه هفتا اڳ به هن هارايو هو، ان کان اڳ ڊسمبر ۾ به هارايو هئائين، مان سمجهان ٿي ته جيڪي به اسان وٽ آهي اهو سڀ هو هارائي ڇڏيندو ۽ تمام جلد هارائيندو، پوءِ شايد اسان کي هتان لڏڻو پوندو، مان هر رات ماسڪو جا خواب ڏسندي آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو اٿم ته منهنجو دماغ خراب ٿيندو ٿو وڃي (کلي ٿي) اسين جون ۾ ماسڪو وينداسين، پر اڃا فيبروري، مارچ، اپريل، مئي، پورو اڌ سال پيو آهي. +ماشا: اسان کي خيال ڪرڻ گهرجي ته جيئن نتاشا کي خبر نه پوي، اينڊري هارايو آهي. +ارينا: هن کي ڪا پرواهه ڪانهي. +(چيبوٽڪن داخل ٿئي ٿو، رات جي مانيءَ کان پوءِ هو ننڊ ۾ هو، هاڻي جاڳيو آهي، هو ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏيندو کاڌي جي ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي کيسي مان اخبار ڪڍي پڙهي ٿو.) +ماشا: هي اچي ويو، هن مسواڙ ڏني آهي؟ +ارينا: (کلي ٿي) پوئين اٺن مهينن ۾ ته پائي به ڪانه ڏني اٿيئن. منهنجي خيال ۾ مسواڙ ڏيڻ وسري وئي اَٿس. +ماشا: (کلي ٿي) ڪهڙو نه معتبر ٿيو ويٺو آهي. +(سڀ کلن ٿا. وقفو) +ارينا: ورشينن، اوهان ماٺ ڇو آهيو. +ورشينن: ائين ئي، چانهه پيئڻ تي ڏاڍي دل ٿي چوي..... مان چانهه جي هڪڙي ڪوپ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، مون صبح کان ڪجهه کاڌو ناهي. +چيبوٽڪن: ارينا! +ارينا: ڇا آهي؟ +چيبوٽڪن: اچ منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه. +(ارينا هن جي ڀر ۾ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي) +توکان سواءِ مون کي آرام نٿو اچي. +(ارينا تاس ڪڍي ٿي). +ورشينن: جيستائين چانهه اچي تيستائين اچو ته فيلسوفاڻيون ڳالهيون ڪيون. +ٽيوسن بيچ: ها، پر ڇا تي ڳالهايون. +ورشينن: ڇا تي؟ اچو ته تصور ڪيون ته اسان جي مرڻ کان سؤ يا ٽي سؤ سال پوءِ زندگي ڪيئن هوندي. +ٽيوسن بيچ: چڱو، اسان جي مرڻ کان پوءِ ماڻهو رٻڙ جي وڏن ڦوڪڻڻ ۾ اُڏامندا، ڪوٽن جا ڪالر بدلجي ويندا، ماڻهو پنهنجو ڇهون حواس ڳولهي لهندو، ان کي تيز ڪندو، استعمال به ڪندو، پر منهنجي خيال ۾ زندگي ساڳئي رهندي، ساڳئي طرح ڏکويل، ڏکي ۽ خوشين ۽ اسرارن سان ڀريل، هزار سالن کان پوءِ به ماڻهو ٿڌو ساهه کڻي چوندو ”الا، زندگي ڪيتري نه ڏکي آهي!“ ماڻهو موت کان ڊنل هوندا ۽ مرڻ نه چاهيندا جيئن هاڻي نٿا چاهين. +ورشينن: (ٿورو سوچي) اوهان کي ڇا ٻڌايان؟ منهنجي خيال ۾ ته دنيا جي هر شئي بدلبي، ڏٺو وڃي ته اسان جي اڳيان پئي بدلجي، ٻن ٽن سؤ سالن يا اڃا به هزار سالن ۾، چئي نٿو سگهجي ته ڪڏهن هت هڪ نئين ۽ خوشين سان ڀريل زندگي هوندي، اَسان اها زندگي ماڻي نه سگهنداسين، پر ساڳئي وقت اسان ان لاءِ زندهه آهيون ته اسين آئيندي جي زندگي تخليق ڪيون. اهو ئي اسان جي جيئڻ جو مقصد آهي، چئي سگهجي ٿو ته اها اسان جي خوشي آهي، جيڪا اسين زندگيءَ ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا. +(ماشا آهستي کلي ٿي). +ٽيوسن بيچ: ڇا تي ٿي کلين؟ +ماشا: مون کي پاڻ خبر نه آهي ته ڇو ٿي کلان! اڄ صبح کان ائين بنا ڪنهن سبب جي کلندي رهي آهيان. +ورشينن: مان به اُن ساڳئي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهيو آهيان، جنهن ۾ تون پڙهيو آهين، پر مان مليٽري ايڪيڊمي ۾ داخل ٿي نه سگهيس، مان گهڻا ڪتاب پڙهندو آهيان، پر مون کي سٺن ڪتابن جي چونڊ ڪرڻ نه ايندي آهي، شايد مان اجايا ڪتاب پڙهندو آهيان پر جيستائين مان جيئرو آهيان پڙهڻ لاءِ منهنجي اُڃ وڌندي رهندي. منهنجا وار اڇا ٿيڻ لڳا آهن، مان پوڙهو پيو ٿيان، پر هن عمر ۾ به منهنجي ڄاڻ تمام ٿوري آهي، هڪڙي ڳالهه جي مون کي پوري ڄاڻ آهي جيڪا نه صرف سچي آهي، پر اهم به آهي ۽ اها هيءُ آهي ته اسان ۽ اسان واري نسل لاءِ ڪا خوشي ڪانهي، اسان کي رڳو محنت ڪرڻي آهي، محنت، محنت..... اڻ ٿڪ محنت! خوشي اسان کان پوءِ اچڻ وارن لاءِ آهي، اسان کان گهڻوپوءِ اچڻ وارن لاءِ، جي منهنجي لاءِ خوشي ڪانهي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ٻارن لاءِ ته خوشي هوندي. (فيڊونڪ ۽ روڊي هال ۾ اچن ٿا ۽ گٽار وڄائي هوريان ڳائين ٿا). +ٽيوسن بيچ: ان جي معنيٰ ته اوهان اسان کي خوشيءَ جا خواب ڏسڻ به نٿا ڏيو، پر اڄ مان خوش آهيان. +ورشينن: تون خوش نه آهين. +ٽيوسن بيچ: ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته اسين هڪ ٻئي کي سمجهي نٿا سگهون، مان اوهان کي ڪيئن يقين ڏيا��يان. +(ماشا آهستي کلي ٿي، ٽيوسن بيچ هن ڏانهن آڱر سان اشارو ڪري ٿو). +تون بيشڪ کل، هن کي رڳو آڱر ڏيکاريو ته کلي پوندي (ورشينن کي) سائين، زندگي ٻن ٽن سؤ سالن ۾ ته ڇا لکن سالن ۾ به ائين ئي هوندي. زندگي بدلجي نٿي، سدائين ساڳي ٿي رهي، پنهنجن قانونن تي هلندي ٿي رهي، جن جو اسان سان ڪو تعلق نه آهي ۽ جنهن کي اسان سمجهي به نه ٿا سگهون، انهن پکين کي ڏسو جيڪي خزان ۾ ٻين ملڪن ڏانهن اُڏامي ويندا آهن. ڪونجن جو مثال وٺو اهي سدائين اُڏامنديون ٿيون رهن. هنن کي خبر ئي ڪانه هوندي آهي ته ڇو ٿيون اڏامن ۽ ڪيڏانهن ٿيون اڏامنديون وڃن. ڪيترا به کڻي فلاسفر پکي هنن سان هجن، اهي فيلسوفياڻيون ڳالهيون ڪن، پر تڏهن به هو اُڏامنديون رهنديون. +ماشا: ان جي معنيٰ ته زندگيءَ جو ڪو مقصد ڪونهي، ڪا معنيٰ ڪانهي. +ٽيوسن بيچ: معنيٰ ۽ مقصد! ٿورو ٻاهر نهار، ٻاهر برف ٿي پئي، ان جي ڪهڙي معنيٰ آهي. +(وقفو) +ماشا: منهنجي خيال ۾ ماڻهوءَ لاءِ ويساهه ضروري آهي، جي ويساهه نه آهي ته ويساهه حاصل ڪرڻ گهرجي، ويساهه کان سواءِ زندگي خالي آهي، بنهه خالي! اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ماڻهو ڪيئن ٿو جيئرو رهي سگهي ته ڪونجون ڇو ٿيون اُڏامن، ٻار ڇو ٿا ڄمن، آسمان ۾ ستارا ڇو ٿا ٽمڪن، ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته هو ڇو ٿو جيئي، ٻي صورت ۾ هر شئي جهنگلي گاهه وانگر اجائي ۽ بي معنيٰ آهي. +ورشينن: افسوس آهي جو جواني گذري وئي. +ماشا: گوگول چيو هو ته ”دوستو! هن دنيا ۾ رهڻ ڪيڏو نه بيزار ڪندڙ عمل آهي.“ +ٽيوسن بيچ: ۽ مان ٿو چوان ته دوستو! اوهان سان بحث اجايو آهي، مان اوهان سان بحث نٿو ڪيان. +چيبوٽڪن: (اخبار پڙهي ٿو) بلزاڪ جي شادي برڊيچيف ۾ ٿي هئي. (وري اخبار پڙهي ٿو) +مون کي اها ڳالهه منهنجي نوٽ بڪ ۾ لکي ڇڏڻ گهرجي (لکي ٿو) بلزاڪ جي برڊيچيف ۾ شادي ٿي هئي. +ارينا: (پنهنجو پاڻ سان تاس کيڏندي پنهنجي خيال ۾ چئي ٿي) بلزاڪ جي برڊيچيف ۾ شادي ٿي هئي. +ٽيوسن بيچ: مون پنهنجي ڳالهه تان هٿ کنيو (ماشا کي) توکي خبر آهي ته مون استعيفيٰ ڏياري موڪلي آهي. +ماشا: ها، مون ٻڌو آهي، پر ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي سول آفيسر پسند ڪونهن. +ٽيوسن بيچ: خيال نه ڪر (اُٿي ٿو) الائجي مان فوجي آفيسر ڪيئن ٿو لڳان، مان شڪل جو به چڱو ناهيان، پوءِ ڇا ٿي پيو، مان محنت ڪندس، ايڏي محنت ڪيان جو جڏهن گهر موٽان ته بستري تي ليٽڻ سان ننڊ وٺي وڃي (ڪمري ڏانهن وڃي ٿو) منهنجي خيال ۾ پورهيت ڏاڍي مٺي ننڊ ڪندا آهن. +فيڊوٽڪ: (ارينا کي) مون تنهنجي لاءِ هيءَ رنگن واري ڊرائينگ ڪڍڻ جي پينسل ورتي آهي ۽ پين ۾ پيل چاقو ورتو آهي. +ارينا: تون اڃا مون کي ٻار ٿي سمجهين، مان هاڻي وڏي ٿي وئي آهيان (هن کان وٺي ٿي. خوشيءَ مان) ڪيڏا نه سٺا آهن. +فيڊوٽڪ: پنهنجي لاءِ مون هي چاقو ورتو آهي. ڏس، هن ۾ ٽي ڦرَ آهن. هي هڪ، هي ٻيو ۽ هي ٽيون..... هي ڪن کوٽڻ لاءِ آهي..... هي ننهن ڪترڻ جي ننڍي قئنچي ۽ هي ننهن صاف ڪرڻ لاءِ. +روڊي: (ڏاڍيان) ڊاڪٽر تنهنجي عمر گهڻي آهي؟ +چيبوٽڪن: منهنجي عمر؟ سٺ سال. +(سڀ کلن ٿا). +فيڊوٽڪ: مان توکي تاس جي نئين راند ٿو ڏيکاريان. +(هو تاس جا پتا ميز تي رکي ٿي، سماوار آندو وڃي ٿو. آنفسا سماوار جي ڀر ۾ بيهي ٿي، ٿوريءَ دير کان پوءِ نتاشا اندر اچي ٿي ۽ ميز جي ڀر ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪم ۾ رڌل رکي ٿي، سوليئوني اچي ٿو، سڀني سان سلام دعا ڪري ميز جي ڀرسان ويهي ٿو.) +ورشينن: هوا ڪيڏي نه تيز آهي. +ماشا: مان ته سياري کان بيزار ٿي پئي آهيان، مون کان ته جهڙو ڪر اونهارو وسري ويو آهي. +ارينا: تاس جي پتن مان فال ٿي نڪري، ته اسين ماس��و وينداسين. +فيڊوٽڪ: نه...... ڏس..... ڪاري جي ٻڪيءَ تي اٺي نڪتي آهي (کلي ٿي) ان جي معنيٰ ته اوهين ماسڪو نه ويندا. +چيبوٽڪن: (اخبار پڙهي ٿو) ”ٽسي ٽسي هار“ ۾ ماتا پکڙي آهي. +آنفسا: (ماشا کي) ماشا پياري، چانهه تيار آهي (ورشينن کي) سائين، اوهين به اچي چانهه پيئو، معاف ڪجو، مون کان اوهان جو نالو وسري ويو آهي. +ماشا: منهنجي لاءِ چانهه هيڏانهن کڻي اچ، مان ايڏانهن نه ايندس. +ارينا: مائي. +آنفسا: هڪڙو منٽ! +نتاشا: (سوليئوني کي) جيڪا ڳالهه اسان چڱيءَ طرح ٿا چئون ته اها ٻارڙا سمجهي ٿا وڃن. اڄ مون پنهنجي ٻار کي چيو ”صبح بخير بوبڪ، صبح بخير منهنجا پيارا…..“ ۽ هو ائين مون ڏانهن هڪڙي خاص انداز سان نهارڻ لڳو ڄڻ هن منهنجي ڳالهه سمجهي هئي، تون سمجهندو هوندين ته مان ماءُ آهيان ان لاءِ پئي پنهنجي ٻار لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيان، پر ائين ناهي، هو واقعي غير معمولي ٻار آهي. +سوليئوني: اهو ٻار منهنجو هجي ته مان کيس فراءِ پان ۾ تري کائي ڇڏيان (هو گلاس کڻي ڊرائينگ روم جي ڪُنڊ ۾ وڃي ويهي ٿو). +نتاشا: (ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ٿي) ڪهڙو نه ڄٽ ۽ غير مهذب ماڻهو آهي. +ماشا: اهي ماڻهو وڏا خوش قسمت هوندا آهن جيڪي سياري توڙي اونهاري ڪنهن به موسم ڏانهن ڌيان نه ڏيندا آهن، مان سمجهان ٿي ته جي مان به ماسڪو ۾ هجان ها ته مان به موسم جي پرواهه نه ڪيان ها. +ورشينن: مون تازو فرانس جي هڪڙي وزير جي ڊائري ٿي پڙهي جيڪا هن جيل ۾ لکي هئي. پناما ڪئنال واري ڪيس ۾ هن کي سزا ملي هئي. هن جيل جي دريءَ مان نظر ايندڙ پکين کي آسمان ۾ اڏامندو ڏسي انهن جو ذڪر وڏي خوشي ۽ اتساهه سان ڪيو آهي. انهن پکين کي وزارت جي زماني ۾ هن ڏٺو ئي ڪونه هو. هاڻي هو آزاد ٿيندو ته وري اک کڻي انهن پکين ڏانهن ڪونه نهاريندو. اهڙيءَ طرح جڏهن تون ماسڪو ۾ رهندينءَ ته ماسڪو کي نه ڏسندينءَ. اسين خوش نه آهيون، خوش ٿي به نٿا سگهون، اسين رڳو خوشيءَ جي خواهش ڪندا آهيون. +ٽيوسن بيچ: (ٽيبل تان ننڍڙي پيٽي کڻي ٿو) چاڪليٽ ڪيڏانهن ويا؟ +ارينا: سوليئوني کائي ويو. +ٽيوسن بيچ: سڀ کائي ويو! +آنفسا: (ورشينن کي چانهه ڏيندي) اوهان لاءِ هي خط آهي. +ورشينن: مون لاءِ! (خط کڻي ٿو) هي منهنجي ڌيءَ جو خط آهي (پڙهي ٿو). ها، مون کي پڪ هئي ته ائين ئي ٿيندو.، مان هلان ٿو...... مون کي افسوس آهي ماريا سر غيميفينا...... مان هلان ٿو، مان چانهه نه پيئندس (پريشانيءَ مان اُٿي ٿو) هميشه ائين ٿيندو آهي. +ماشا: ڇا ٿيو، ڇا ڪا گهريلو ڳالهه آهي. +ورشينن: منهنجي زال وري زهر کاڌو آهي، مون کي وڃڻ گهرجي، مان ڪنهن کي ٻڌائڻ کان سواءِ کسڪي ٿو وڃان، ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي آهي (هو ماشا جو هٿ ٿو چمي) منهنجي پياري، منهنجي مٺي، اهڙين ڳالهين سان ڪيڏي نه تڪليف ٿي ٿئي....... مان هتان کسڪي ٿو وڃان...... (وڃي ٿو). +آنفسا: هي ڪيڏانهن ٿو وڃي، مون هن لاءِ چانهه آندي آهي..... عجيب ماڻهو آهي. +ماشا: منهنجي جان ڇڏ، هر وقت پريشان ڪندي ٿي رهين، آرام سان ويهڻ ڇو نٿي ڏين (چانهه جو ڪوپ کڻي ميز ڏانهن وڃي ٿي) مان هن بيوقوف عورت مان بيزار ٿي پيئي آهيان. +آنفسا: ڇا ٿيو......؟ مون توکي ڏکوئڻ نٿي گهريو. +اينڊري: (اندران سڏ ڪري ٿو) آنفسا! +آنفسا: (هن جي اهل ڪندي) آنفسا! سارو ڏينهن پنهنجي ڪمري ۾ پيو آهي. +(وڃي ٿي). +ماشا: (ميز جي ڀرسان، هلڪيءَ ڪاوڙ مان) ڪٿي ته آرام سان ويهڻ ڏيو (ميز تي رکيل تاس جا پتا ملائي ٿي) ساري ميز تي پتا وڇايا اٿيئي، چانهه ڇو نه ٿي پيئين؟ +ارينا: ماشا، تون ٿوري ڪاوڙيل ٿي لڳين. +ماشا: مان ڪاوڙيل آهيان ته پوءِ مون سان نه ڳالهاءِ، منهنجي ويج��و نه اچ. +چيبوٽڪن: (کلي ٿو) هن جي ويجهو نه وڃ، سمجهئي، هن جي ويجهو نه وڃ. +ماشا: سٺ سالن جو ٿي ويو آهين، پر سدائين ٻارن جهڙي ڪا نه ڪا اجائي ڳالهه ڪندو آهين. +نتاشا: (ٿڌو ساهه کڻي) ماشا پياري، تون ائين ڇو ٿي ڳالهائين، ائين نه ڳالهائين ته تو جهڙي سهڻي شڪل صورت واري عورت کي مٿاهين سوسائٽيءَ ۾ وڏو مان ملي (فرانسي ٻوليءَ جو غلط جملو ڳالهائي ٿي). +ٽيوسن بيچ: (کل روڪيندي)، چڱو...... مون کي لنگهڻ ڏي، منهنجي خيال ۾ هوءَ برانڊي آهي. +نتاشا: (وري فرانسي ٻوليءَ جو غلط جملو ڳالهائي ٿي) مان سمجهان ٿي ته ننڍڙو جاڳي پيو آهي. هن جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، معاف ڪجو، مان هن کي ڏسي اچان. +(وڃي ٿي). +ارينا: ڪرنل ورشينن ڪيڏانهن ويو؟ +ماشا: گهر ويو، هن جي زال وري ڪو ڪڌو ڪم ڪيو آهي. +ٽيوسن بيچ: (برانڊيءَ جو ٿرماس کڻي سرليوئني ڏانهن وڃي ٿو) سارو وقت تون پنهنجي ليکي الائجي ڇا پيو سوچيندو آهين. تو کي ڪا خبر ڪانهي، ته ڇا پيو وهي واپري. هاڻي اچ ته پاڻ ۾ ٺهون ۽ گڏجي برانڊي پيئون (ٻئي پيئن ٿا) اڄ ساري رات مون کي پيانو وڃائڻو آهي ۽ الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون بيڪار ڌنون وڄائڻيون آهن.... خير آ. +سوليئوني: تو چيو ته اچ ته پاڻ ۾ ٺهون ۽ گڏجي برانڊي پيئون، پنهنجو ته ڪو جهيڙو ڪونهي. +ٽيوسن بيچ: تون هميشه مون کي احساس ڏياريندو آهين ته پنهنجو ڪو جهيڙو آهي، تون واقعي عجيب ماڻهو آهين. +سوليئوني: مان عجيب آهيان!؟ ڪير عجيب ناهي، اليڪو، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ. +ٽيوسن بيچ: اليڪو جو ڇا وڃي. +(وقفو). +سوليئوني: مان ڪنهن سان اڪيلو هوندو آهيان ته بلڪل ٺيڪ هوندو آهيان، پر ماڻهن ۾ گهٻراجي ويندو آهيان ۽ اجايون ڳالهيون ڪندو آهيان، جڏهن ته مان ڪيترن کان وڌيڪ مهذب ۽ ايماندار آهيان، مان ان جي ثابتي به ڏيئي سگهان ٿو. +ٽيوسن بيچ: تون مون کي سدائين ڪاوڙائيندو آهين، ٻين جي اڳيان چڙ جهڙيون ڳالهيون ڪندو آهين، ان هوندي به مان توکي سٺو سمجهندو آهيان، اڄ مان شراب ۾ مدهوش ٿي ويندس، هي گلاس تنهنجي لاءِ. +سوليئوني: هي تنهنجي لاءِ (ٻئي پيئن ٿا)، منهنجي دل ۾ ڪڏهن به تو لاءِ ڪجهه نه رهيو آهي. مان لرمونٽوف وانگر ڦرندڙ گهرندڙ شخصيت وارو ماڻهو آهيان (ٿورو آهستي) ڪي ته چوندا آهن ته منهنجي شڪل به هن سان ملي ٿي (هو سينٽ جي شيشي ڪڍي سينٽ هٿن کي هڻي ٿو). +ٽيوسن بيچ: مون استعيفيٰ ڏياري موڪلي آهي، ڳالهه ختم، مون پنج سال ان تي سوچيو، آخر فيصلو ڪري ڇڏيم، هاڻي مان محنت ڪندس +سوليئوني: مون سان ڪاوڙ نه ڪر، ايليو، وساري ڇڏ، پنهنجن خوابن کي وساري ڇڏ. +ٽيوسن بيچ: مان محنت ڪندس. +چيبوٽڪن: (ارينا سان گڏ ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿو) جيڪو کاڌو هنن مون کي کارايو اهو اصل ڪوه قاف جو کاڌو هو. بصرن جي يخني ۽ چيهار نما، اهو ڀُڳل گوشت هوندو آهي. +سوليئوني: چيهار نما گوشت ناهي، بصرن جي هڪ ڀاڄي آهي. +چيبوٽڪن: منهنجا دوست، چيهار نما بصرن جي ڀاڄي نه پر گوشٽ جو ٻوڙ آهي. +سوليئوني: مان چوان ٿو اهو بصر جو هڪڙو قسم آهي. +چيبوٽڪن: مان چوان ٿو ٻڪريءَ جي ڀُڳل گوشت کي چوندا آهن. +سوليئوني: مان چوان ٿو اهو بصر جو قسم آهي. +چيبوٽڪن: توسان بحث اجايو آهي، تون ڪوه قاف ڪونه ويو آهين ۽ تو چيهار نما به نه کاڌو آهي. +سوليئوني: مان نه کاڌو آهي، جو مان ان جي ڌپ برداشت ڪري نه سگهندو آهيان، ان ۾ ٿوم جهڙي ڌپ هوندي آهي. +اينڊري: بس ڪيو، خدا جي واسطي بس ڪيو. +ٽيوسن بيچ: سازندا ڪهڙيءَ مهل ايندا. +ارينا: چيائون ٿي ته نائين لڳي ايندا، اچڻ وارا هوندا. +ٽيوسن بيچ: (اينڊري جي ڪلهي تي هٿ رکندي جهونگاري ٿو) ”او منهنجو گهرڙو، منهنجو نئون نڪورو گهرڙو“. +اينڊري: (نچندي جهونگاري ٿو) ”منهنجو اوچي ڪاشيءَ جو ٺهيل گهرڙو“. +چيبوٽڪن: جنهن جي درن تي سهڻا گل ٻوٽا اُڪريل آهن. +ٽيوسن بيچ: (اينڊري کي چمي ڏي ٿو) اچ ته شراب پيئون، پنهنجي سدائين رهندڙ دوستيءَ لاءِ پيئون، اينڊري! مان توسان ماسڪو جي يونيورسٽي هلندس. +سوليئوني: ماسڪو ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن، تون ڪهڙيءَ ۾ ويندين؟ +اينڊري: ماسڪو ۾ رڳو هڪ يونيورسٽي آهي. +سوليئوني: مان ٿو چوان ٻه آهن. +اينڊري: پرواهه نه آهي، ٻن کان ٽي ڪري ڇڏ، جيتريون گهڻيون اوترو سٺو. +سوليئوني: ماسڪو ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن (هيٺين آواز ۾ احتجاج ڪندي) ماسڪو ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن، هڪ پراڻي ۽ ٻي نئين، پر جي توکي منهنجي ڳالهه نٿي وڻي ۽ منهنجيءَ ڳالهه تي ڪاوڙ ٿي اچيئي ته پوءِ ماٺ ٿو ڪيان. مان کڻي ٻي ڪمري ۾ ٿو وڃان (هو هڪڙي در مان نڪري وڃي ٿو). +ٽيوسن بيچ: مهربانؤ، اچو ته پروگرام شروع ڪيون (کلي ٿو) مان پيانو وڄائيندس. سوليئونيءَ جو خيال نه ڪيو. هو عجيب ماڻهو آهي. (پيانو جي ڀرسان ويهي پيانو تي واز وڄائي ٿو). +ماشا: (ناچ جي انداز ۾ جهونگاريندي) اڄ بيرن نشي ۾ آهي، بيرن نشي ۾ آهي، نشي ۾ آهي...... +(نتاشا اچي ٿي). +نتاشا: چيبوٽڪن! +(هوءَ چيبوٽڪن کي ڪجهه چئي ٿي ۽ پوءِ وڃي ٿي. چيبوٽڪن ٽيوسن بيچ جي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿو). +ارينا: ڇا ڳالهه آهي. +چيبوٽڪن: ڪا ڳالهه ڪانهي، وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي، چڱو خدا حافظ. +ارينا: ترسو، اڃا ٽي سازندا ايندا. +اينڊري: (پريشانيءَ مان) منهنجي پياري ڀيڻ، سازندا نه ايندا، سمجهي، نتاشا ٿي چوي ته ننڍڙي بوبڪ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. مطلب ته مون کي خبر ڪانهي...... منهنجو ڇا وڃي. +ارينا: (ڪلها لوڏي) هان! چئبو ته بوبڪ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. +ماشا: خير آ، اسان کي ڌڪي ٿا ڪڍن ته اسان کي وڃڻ گهرجي. (ارينا کي) بوبڪ بيمار نه آهي. هوءَ پاڻ بيمار آهي، (آڱر سان مٿي ڏانهن اشارو ڪري ٿي) هن کي هتي بيماري آهي. وچين طبقي جي پوڍائي زال! +(اينڊري ساڄي پاسي واري دروازي مان پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿو، چيبوٽڪن هن جي پٺيان ٿو اچي، هال ۾ سڀ هڪ ٻئي کي خدا حافظ چون ٿا). +فيڊوٽڪ: افسوس جي ڳالهه آهي، مون سمجهيو هو ته اڄ شام ڏاڍي سٺي گذرندي، پر بوبڪ ناچاق آهي، ظاهر آهي ته...... سڀاڻي مان هن لاءِ رانديڪا وٺي ايندس. +روڊي: (ٿورو وڏي آواز ۾) منجهند جي مانيءَ کانپوءِ مون ان ڪري چڱي ننڊ ڪئي هئي جو سمجهيم ٿي ته اڄ ساري رات جاڳنداسين پر اڃا ته نوَ ٿيا آهن. +ماشا: هلو ته ٻاهر وائک ۾ ويهون ۽ فيصلو ڪيون ته ڇا ڪرڻ گهرجي. +(خدا حافظ جا آواز اچن ٿا. ٽيوسن بيچ جي ٽهڪ جو آواز اچي ٿو. آنفسا ۽ نوڪرياڻي ميز صاف ڪن ٿيون ۽ بتيون وسائن ٿيون، نرس جهونگاري ٻار کي وندرائي ٿي، اينڊري هيٽ ۽ ڪوٽ پائي چيبوٽڪن سان اچي ٿو) + + +چيبوٽڪن: مون کي شادي ڪرڻ جو وقت ئي نه مليو، هڪ ته زندگي بجليءَ جي چمڪي وانگر اڳيان گذري وئي ۽ ٻيو ته مون کي تنهنجي ماءُ سان محبت هئي ۽ تنهنجي ماءُ جي شادي ٿيل هئي. +اينڊري: ماڻهوءَ کي شادي ڪرڻ نه گهرجي، شاديءَ کان پوءِ ماڻهو بيزار ٿو ٿي پئي. +چيبوٽڪن: شايد ائين هجي، پر ماڻهو اڪيلائيءَ جو ڇا ڪري، شاديءَ جي باري ۾ جيڪي وڻيئي ڏاهپ جون ڳالهيون ڪر پر اڪيلائي وڏو عذاب آهي. +اينڊري: جلدي ڪر ته هلون. +چيبوٽڪن: تڪڙ ڪهڙي آهي؟ +اينڊري: متان منهنجي زال نه اچي وڃي، مون کي وڃڻ کان جهلي ڇڏيندي. +چيبوٽڪن: هان! +اينڊري: اڄ مان تاس نه کيڏندس، رڳو راند ڏسندس، اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ڊاڪٽر! ساهه ٻوساٽجي ته ڇا ڪجي. +چيبوٽڪن: مون کان ٿو پڇي��! مون کان ته سڀ ڪجهه وسري ويو آهي. +(هو ٻاهر وڃن ٿا، دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي، کلڻ ڳالهائڻ جا آواز ٿا اچن). +ارينا: هي ڇا جو گوڙ آهي؟ +آنفسا: (هن جي ڪن ۾ چوي ٿي) سازندا آهن. +ارينا: چئين ته گهر ۾ ڪير ڪونهي. +(آنفسا وڃي ٿي، ارينا سوچ ۾ آهي ۽ ڪمري ۾ اچ وڃ ٿي ڪري. هوءَ پريشان ٿي لڳي، سوليئوني اچي ٿو). +سوليئوني: (حيرت مان) هتي ته ڪير ڪونهي..... سڀ ڪيڏانهن ويا. +ارينا: پنهنجي پنهنجي گهر ويا. +سوليئوني: عجيب ڳالهه آهي، تون هتي اڪيلي آهين. +ارينا: (وقفو) شب بخير. +سوليئوني: مان سمجهان ٿو، ٿوري دير اڳ منهنجو رويو ٺيڪ نه هو، مان پاڻ کي جهلي نه سگهيس، پر تون ٻين جهڙي نه آهين، سڀني کان الڳ آهين، معصوم آهين، تو ۾ سچ جي پرک آهي، ساري دنيا ۾ شايد رڳو تون آهين جيڪا مون کي سمجهي سگهين ٿي، مان توسان پيار ڪيان ٿو، تمام گهڻو پيار ڪيان ٿو. +ارينا: مهرباني ڪري هاڻي وڃ، شب بخير. +سوليئوني: مان توکان سوا جيئرو رهي نٿو سگهان (هن جي پٺيان پٺيان وڃي ٿو) توڏانهن نهارڻ سان مون کي خوشي ملندي آهي. تون منهنجي خوشي آهين (آلين اکين سان) تون منهنجي خوشي آهين، تو جهڙيون سهڻيون، وڻندڙ ۽ نماڻيون اکيون مون ڪٿي نه ڏٺيون، ڪڏهن نه ڏٺيون. +ارينا: (لاپرواهيءَ سان) سوليئوني، هاڻي ان ڳالهه کي ڇڏ. +سوليئوني: مون ڪڏهن به توسان پنهنجي پيار جو اظهار نه ڪيو آهي، مون کي لڳي ٿو ڄڻ مان هن ڌرتيءَ تي نه پر ڪنهن ٻئي سياري ۾ رهندو هيس (نراڙ کي مهٽي ٿو) خير، ڪا ڳالهه ڪانهي، ظاهر آهي ته مان توکي پيار لاءِ مجبور ڪري نٿو سگهان، پر مان ڪنهن رقيب کي به برداشت نه ڪندس، بلڪل نه، تنهنجي اڳيان قسم کڻي ٿو چوان ته مان اُن کي جيئرو نه ڇڏيندس...... الا، تون ڪيڏي نه سٺي آهين. +(نتاشا هٿ ۾ ميڻ بتي کڻي اچي ٿي، هڪ هڪ در مان اندر نهاري ٿي ۽ پوءِ اينڊري جي ڪمري جي اڳيان لنگهي ٿي). +نتاشا: اينڊري ڪمري ۾ پڙهندو هوندو، چڱو آ ته سندس پڙهائيءَ ۾ خلل نه وجهان. ويسلي ويسيلچ، معاف ڪجانءِ، مون کي خبر ڪانه هئي، ته تون هتي آهين، ان ڪري مان سمهڻ واري ڊريس ۾ نڪري آيس. +سوليئوني: ڪا ڳالهه ڪانهي، خدا حافظ (وڃي ٿو). +نتاشا: ارينا پياري، تون ٿڪجي پيئي هوندينءَ (ارينا کي پيار ڪري ٿي) توکي سوير سمهڻ گهرجي. +ارينا: بوبڪ ننڊ ۾ آهي يا جاڳي ٿو. +نتاشا: ننڊ ۾ آهي، پڪي ننڊ ۾، مون کي توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي هئي، پر موقعو ئي نه مليو، منهنجي ڪمري ۾ ٿڌ ۽ گهم آهي، بوبڪ کي ڪمري ۾ ٿڌ ٿي لڳي، تنهنجو ڪمرو هن لاءِ بهتر ٿيندو. پياري، تون ٻه ٽي ڏينهن اولگا جي ڪمري ۾ وڃي رهه. +ارينا: (هن جي ڳالهه نه سمجهندي) ڪٿي؟ +(بگيءَ جو آواز ٿو اچي، بگي در جي اڳيان بيهي ٿي). +نتاشا: ڪجهه ڏينهن لاءِ تون ۽ اولگا هڪڙي ڪمري ۾ رهو، بوبڪ تنهنجي ڪمري ۾ رهي، بوبڪ ڏاڍو پيارو ٻار آهي، اڄ صبح مون هن کي چيو بوبڪ، تون منهنجو آهين نه، رڳو منهنجو؟ ۽ هن پنهنجون سهڻيون اکيون کڻي عجيب نموني سان مون ڏانهن نهاريو. +(دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي). +پڪ اولگا هوندي، ڪيڏي نه دير ڪري آئي آهي. +(نوڪرياڻي اچي هن جي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿي). +نتاشا: پروٽوپوپوف آيو آهي؟ عجيب ماڻهوآهي، هن مهل مان هن سان بگيءَ تي گهمڻ وڃان! (کلي ٿي) مرد به عجيب آهن. +(دروازي جي گهنٽي وڃي ٿي) در تي ڪو آهي. مان ٿوريءَ دير لاءِ هن سان ٿي اچان ٿي (نوڪرياڻيءَ کي) چئبس ته اچي ٿي (گهنٽي وڃي ٿي) اها پڪ اولگا هوندي. +(هوءَ وڃي ٿي، نوڪرياڻي ڊوڙندي ٻاهر وڃي ٿي، ارينا خيالن ۾ ٻڏل آهي، هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي، گوليگن ۽ اولگا اچن ٿا، هنن جي پٺيان ورشينن اچي ٿو). +گوليگن: هي ڇا آهي؟ ت�� چيو هو ته اڄ هتي پارٽي ٿيندي؟ +ورشينن: عجيب ڳالهه آهي، اڌ ڪلاڪ مس ٿيندو جو مان هتان ويس، اهڙيءَ مهل ته سڀني سازندن جو انتظار ٿي ڪيو. +ارينا: سڀ هليا ويا. +گوليگن: ماشا به وئي، ڪيڏانهن وئي، پروٽوپوپوف ٻاهر بگيءَ ۾ ڪنهن جو انتظار ٿو ڪري. +ارينا: مون کان سوال نه پڇ..... مان ٿڪل آهيان. +گوليگن: چڱو اسان جي لاڏلي. +اولگا: ٿوري دير اڳ ميٽنگ پوري ٿي، مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان، اسان جي پرنسپال بيمار ٿي پئي آهي، هن جو ڪم به مان ٿي ڪيان. الا، منهنجو مٿو سور ۾ ڦاٽي ٿو (ويهي ٿي) ڪالهه اينڊريءَ ٻه سؤ رپيا هارايا، ساري شهر ۾ اها ڳالهه پئي هلي. +ڪوليگن: ميٽنگ مون کي به ٿڪائي ڇڏيو (هو به ويهي ٿو). +ورشينن: مون کي ڊيڄائڻ جي ڳالهه منهنجي زال جي دماغ ۾ ويهي رهي آهي. هن زهر کائڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. هاڻي ڪو اُلڪو ڪونهي. مان آرام ڪري سگهان ٿو، بهتر آهي ته هاڻي هلجي، چڱو، خدا حافظ. ڪوليگن. ڇا تون مون سان ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن هلي سگهين ٿو، اڄ رات مان گهر ۾ رهي نٿو سگهان، تون مون سان هل. +ڪوليگن: مان ٿڪل آهيان، مان هلي نه سگهندس (اُٿي ٿو). ڇا منهنجي زال گهر وئي. +ارينا: ڀانيان ٿي ته گهر وئي. +گوليگن: (ارينا جا هٿ چمي ٿو) چڱو، خدا حافظ. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سڀاڻي ۽ پرينهن آرام ڪنداسين. (وڃي ٿو) دل ته چوي ٿي ته چانهه پيئان. مون سوچيو هو ته پارٽيءَ ۾ شام سٺي گذرندي...... خير. +ورشينن: لڳي ٿو ته مون کي به اڪيلو ڪيڏانهن وڃڻو پوندو (سيٽي وڄائيندو ڪوليگن سان وڃي ٿو). +اولگا: مون کي مٿي ۾ سور آهي، ڏاڍو سور آهي، اينڊري ٻه سؤ رپيا هارايا، سارو شهر پيو ڳالهيون ڪري، مان وڃي ٿورو ليٽان ٿي (وڃي ٿي). سڀاڻي موڪل آهي، سڀاڻي مان آزاد آهيان، ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي..... سڀاڻي کان پوءِ..... الا مون کي ڪيڏو نه مٿي ۾ سور آهي. +ارينا: (اڪيلي رهجي ٿي وڃي) سڀ هليا ويا، ڪو ڪونهي. +(گهٽيءَ ۾ ڪو اڪارڊين وڄائي ٿو، ٻئي ڪمري ۾ نرس جهونگاري ٿي). +نتاشا: (هال مان لنگهي ٿي، هن کي اوني ڪوٽ ۽ ٽوپي پاتل آهي. هن پٺيان نوڪرياڻي آهي) مان اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي ٿي اچان، ٿورو چڪر هڻڻ ٿي وڃان. +(وڃي ٿي). +ارينا: (اڪيلي آهي، وڏي اُتساهه سان چوي ٿي) ماسڪو...... ماسڪو...... ماسڪو! +ايڪٽ ٽيون +(اولگا جو ڪمرو، ان ڪمري ۾ اولگا ۽ ارينا ٻئي رهنديون آهن. وچ ۾ اسڪرين آهي ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻنهي جا پلنگ آهن. رات جا ٻه ٿيا آهن، باهه جو گهگهو وڄندو ٿو رهي، ڪٿي باهه لڳي آهي، گهر جو ڪوبه ڀاتي ستو نه آهي. ماشا هميشه وانگر ڪاري لباس ۾ آهي، اولگا ۽ آنفسا اندر اچن ٿيون.) +آنفسا: هينئر هو سڀ ڏاڪڻ جي هيٺان ويٺا آهن، مون هنن کي چيو ته اِتي نه ويهو، مٿي اچو، پر هنن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي. هو رڳو ٿا روئن، چون ٿا، ”اسان کي خبر ڪانهي ته اسان جو پيءُ ڪٿي آهي، خدا خير ڪري، ڪٿي باهه ۾ سڙي نه ويو هجي“.......... ڪهڙيون ڳالهيون پيا سوچن، ٻيا به ڪيترائي ماڻهو اڱڻ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، ڪيترن کي ته پورا ڪپڙا به پاتل نه آهن. +اولگا: (ڪٻٽ مان ڪپڙا ڪڍي ٿي) هي کڻ، هي به کڻ... هي بلاؤز ۽ قميص کڻ... ڪيڏي نه مصيبت آئي آهي، لڳي ٿو ته ڪر سانوف گهٽي سَڙي رک ٿي وئي آهي... هي وٺ... هي به کڻ (هو سڀ ڪپڙا هڪ ٻئي مٿان آنفسا جي ٻانهن مٿان رکي ٿي) ويچارا ورشينن وارا ته ڊڄي ويا آهن، هنن جو ذري گهٽ سارو گهر سڙي ويو. هنن کي رات هتي رهڻو پوندو. اسين هنن کي سندن گهر وڃڻ نه ڏينداسين. هنن جو ڪجهه نه آهي بچيو، سڀ ڪجهه سڙي ويو آهي. +آنفسا: فيراپانٽ ۽ اوليئشڪا کي به سڏ ٿي ڪيان، مان اڪيلي هي ڪپڙا کڻي نه سگهندس. +اولگا: (گهنٽي وڄائي ٿي) منهنجي گهنٽي ڪير ڪونه ٿو ٻڌي (در مان سڏ ٿي ڪري) ڪو آهي جو هيڏانهن اچي (در مان اسين هڪڙي دري ٿا ڏسون، جنهن مان دونهون ٿو نڪري ۽ فائر برگيڊ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي). هي سڀ ڪيڏو نه خوفناڪ آهي..... مان ان مان ڏاڍي بيزار ٿي آهيان. +(فيراپانٽ اچي ٿو). +هي هيٺ کڻي وڃ ڪولوٽيلين ڇوڪرين کي ڏي، هوڏانهن جيڪي هيٺان ويٺيون آهن، هي به کڻ. +فيراپانٽ: ڏاڍو چڱو پيا ڪيو، 1812ع ۾ ماسڪو ۾ به ائين ئي باهه لڳي هئي، رحم ڪر الله. فرانسي به ان باهه کي منهن ڏيئي نه سگهيا. +اولگا: هي کڻ ۽ وڃ. +فيراپانٽ: ڏاڍو سٺو پيا ڪيو. +اولگا: آنفسا، گهر ۾ جيڪي به آهي اهو هنن کي ڏيئي ڇڏ، اسان کي ڪجهه نه گهرجي، سڀ هنن کي ڏي، مان ايڏي ٿڪجي پئي آهيان جو بيهي به نٿي سگهان...... ورشينن کي گهر وڃڻ نه ڏينداسين، ننڍيون ڇوڪريون ڊرائينگ روم ۾ سمهنديون ۽ اليگزينڊر اگناٽيوچ بيرن سان ڪمري ۾ سمهي. ڊاڪٽر نشِي ۾ آهي، هن ڄاڻي واڻي گهڻو شراب پيتو آهي ۽ ڪوبه هن سان گڏ رهي نه سگهندو. ورشينن جي زال کي ڊرائينگ روم ۾ سمهڻو پوندو. +آنفسا: (ٿڪل آواز ۾) اولگا پياري، مون کي گهر مان تڙي نه ڪڍجو. +اولگا: اجايون ڳالهيون نه ڪر، ڪير توکي گهر مان ڪڍندو؟ +آنفسا: (اولگا جي سيني تي مٿو رکي ٿي). اولگا پياري، توکي خبر آهي ته مان تمام گهڻو ڪم ڪندي آهيان، جيترو پڄندو آهي ڪندي آهيان. مان ڪمزور ٿيندي ٿي وڃان، وڌيڪ هيڻي ٿيس ته اوهين مون کي ڪڍي ڇڏيندا، پوءِ مان ڪيڏانهن ويندس، مان اسي سالن کان به چڙهي وئي آهيان، ايندڙ سال منهنجي ٻياسي ورهين جي سالگرهه ٿيندي. +اولگا: ٿورو آرام ڪر، ٿڪجي پئي آهين (هن کي ويهاري ٿي) جهٽ آرام ڪر، ساري هيڊي ٿي وئي آهين. +(نتاشا اچي ٿي). +نتاشا: هو چون ٿا ته چندو ڪري انهن جي مدد ڪيون جن جا گهر سڙيا آهن، ان مقصد لاءِ ڪا تنظيم ٿا ٺاهين. تمام سٺو خيال آهي، اهو اميرن جو فرض آهي، بوبڪ ۽ صوفوچڪا جيڪي ائين ستا پيا آهن ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. ساري گهر ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، شهر ۾ انفلوئنزا پکڙيل آهي، ڊپ آهي ته ٻارن کي انفلوئنزا نه ٿي پوي. +اولگا: (هن جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري) هن ڪمري مان باهه ٿي نظر اچي، هتي ڪجهه آرام آهي. +نتاشا: ها واقعي..... منهنجا وار خراب ٿي ويا هوندا (آئيني جي سامهون بيهي ٿي) سڀ ٿا چون ته مان ماسيري ٿيندي ٿي وڃان، پر اهو غلط آهي، مان ٿوري به ماسيري ڪانه ٿي آهيان، ماشا ننڊ ۾ آهي، ويچاري ٿڪجي پيئي هوندي (آنفسا کي رکائيءَ مان) مون توکي جهليو آهي ته منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي نه ويهندي ڪر. اُٿ...... هل هتان (آنفسا وڃي ٿي، وقفو). مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهان هن پوڙهيءَ کي ڇو رکيو آهي. +اولگا: منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون.......... +نتاشا: هن جي اسان وٽ ڪا ضرورت ڪانهي، هيءَ ڳوٺاڻي آهي ۽ هن کي ڳوٺ ۾ رهڻ گهرجي، اوهان هن کي خراب پيا ڪيو، هو ته ڪنهن کي ليکي ئي نه ٿي، مان گهر ۾ انتظام رکڻ جي قائل آهيان، ههڙا بيڪار ماڻهو مون کي پسند ڪونهن، (پيار مان هن جي ڳل تي هٿ ڦيري ٿي) پياري، تون ٿڪجي پئي هوندينءَ، اسان جي هيڊماسترياڻي ٿڪجي پيئي آهي، منهنجي صوفي چڪا وڏي ٿيندي ۽ اسڪول وڃڻ شروع ڪندي، پوءِ مان توکان ڊڄڻ لڳندس. +اولگا: مان هيڊماسترياڻي نه ٿيندس. +نتاشا: توکي هيڊماسترياڻي ٿيڻ لاءِ چيو ويندو، اهو فيصلو ٿي چڪو آهي. +اولگا: مان انڪار ڪندس، مون ۾ ان عهدي تي ڪم ڪرڻ جي سگهه ڪانهي (پاڻي پيئي ٿي). ٿوري دير اڳ تون اسان جي نرس سان سٺو نه هلينءَ، دل ۾ نه ڪجانءِ، پر مان اهو برداشت ڪري نٿي سگهان، مان ذري گهٽ بيه��ش ٿي ٿيس. +نتاشا: (لڪل ڪاوڙ مان) معاف ڪجانءِ..... مون توکي ڏکوئڻ نٿي گهريو. +(ماشا اُٿي ٿي ويهاڻو کڻي وڃي ٿي). +اولگا: منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي پرورش ٻئي نموني ٿي هجي، پر مان اهڙو رويو برداشت ڪري نٿي سگهان، ماڻهن سان ههڙو ورتاءُ مان ڏسي نٿي سگهان، منهنجي طبيعت تي بار ٿو ٿئي، مان بيمار ٿي ٿي پوان. +نتاشا: مون کي افسوس آهي منهنجي مٺي. (هن کي چمي ڏي ٿي). +اولگا: ڪو ٿورو به ڪنهن سان خراب هلندو آهي يا کهرو ڳالهائيندو آهي ته مان سهي نه سگهندي آهيان. +نتاشا: ڪڏهن ڪڏهن مان واقعي اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويندي آهيان جيڪي مون کي ڪرڻ نه گهرجن، پر تون منهنجي اها ڳالهه مڃيندينءَ ته هن کي ڳوٺ ۾ رهڻ گهرجي. +اولگا: هوءَ ٽيهن سالن کان اسان سان آهي. +نتاشا: پر هاڻي هوءَ ڪم ڪري نٿي سگهي، ڪم جهڙي نه آهي، سارو وقت يا ته ستي پئي آهي يا ماٺ ڪيو ويٺي آهي، الائجي مان تنهنجي ڳالهه نٿي سمجهان يا تون منهنجي ڳالهه نٿي سمجهين. +اولگا: ڪم نٿي ڪري سگهي ته ڀَلُ واندي ويٺي هجي. +نتاشا: (حيرت مان) ڇا مطلب، هوءَ نوڪرياڻي آهي (ڀريل آواز سان) مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، اسان وٽ نرس آهي، ٻارن جي سنڀال لاءِ دائي آهي، نوڪرياڻي ۽ بورچي آهي، پوءِ هن جي ڪهڙي ضرورت آهي. +(ٻاهران باهه جي گهگهوءَ جو آواز اچي ٿو). +اولگا: اڄوڪي رات مان پنهنجي عمر کان ڏهه سال وڏي ٿي ويس. +نتاشا: اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو، تون اسڪول ٿي هلائين ۽ مان گهر ٿي هلايان، تنهنجو واسطو پڙهائڻ ۽ منهنجو واسطو گهر هلائڻ سان آهي. مان نوڪرن جي باري ۾ جيڪي چوان ٿي ان جي مون کي خبر آهي ته ڇا ٿي چوان. سڀاڻي کان مان پوڙهي جهور ڏائڻ کي هن گهر ۾ ڏسڻ نٿي گهران (زور سان پير فرش تي هڻي ٿي) مون کي پريشان ڪرڻ جي توکي جرئت ڪيئن ٿي؟ (پاڻ سنڀاليندي) جي تون هيٺ وڃي نه رهينءَ ته پوءِ پاڻ هميشه ائين وڙهنديون رهنديون سين. اها ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. +(ڪوليگن اچي ٿو) +ڪوليگن: ماشا ڪٿي آهي؟ هاڻي اسان کي گهر وڃڻ گهرجي. چون ٿا ته باهه وسامندي ٿي وڃي (ڪَرَ ڀڃي ٿو) شهر جو رڳو هڪڙو حصو سڙيو آهي، پهرين ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سارو شهر سڙي ويندو (ويهي ٿو) مان ٿڪجي پيو آهيان، اولگا پياري توکي خبر آهي ته مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مون کي ماشا سان نه، توسان شادي ڪرڻ گهرجي ها، تون ڏاڍي سٺي آهين مان ته صفا ساڻو ٿي پيو آهيان (ڪن لائي ٻڌي ٿو). +اولگا: ڇا آهي؟ +ڪوليگن: ڊاڪٽر ڏاڍو پيتل آهي، لڳي ٿو ته اڄ هن ڄاڻي واڻي گهڻو شراب پيتو آهي (اُٿي ٿو) مان سمجهان ٿو ته هو هيڏانهن پيو اچي ٻڌين ٿي. ها، هو هيڏانهن پيو اچي (کلي ٿو) عجيب ماڻهو آهي، مان ته لڪان (ڪٻٽ جي ڀرسان ڪُنڊ ۾ لڪي ٿو) وڏي مصيبت آهي. +اولگا: ٻه سال هن شراب نه پيتو، هاڻي وري اوچتو شراب شروع ڪيو اٿئين. +(هوءَ نتاشا سان گڏ ڪمري جي پٺيان وڃي ٿي، چيبوٽڪن اچي ٿو، هن جي گهمڻ مان لڳي ٿو ته هو پيتل نه آهي، هو ڪمري مان لنگهي ٿو ۽ پوءِ بيهي هيڏانهن هوڏانهن ٿو نهاري. هٿ ڌوئڻ واري گينڊيءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ هٿ ڌوئي ٿو). +چيبوٽڪن: کڏ ۾ پون، هو سمجهن ٿا مان ڊاڪٽر آهيان ۽ هرهڪ بيماريءَ جو علاج ڪري ڄاڻان، پر مون کي ڊاڪٽريءَ جي ڪا خبر ڪانهي. جيڪو ايندو هو سو به وسري ويو، سڀ وسري ويو (اولگا ۽ نتاشا کسڪي وڃن ٿيون) وڃي کڏ ۾ پون. گذريل اربع تي مون هڪ عورت جو علاج ڪيو ته هوءَ مري وئي، منهنجي غلطيءَ جي ڪري مُئي، پنجويهه سال اڳ مون کي ڊاڪٽري ايندي هئي، پر هاڻي نٿي اچي. شايد مان ماڻهو نه آهيان، رڳو پاڻ کي ماڻهو سمجهان ٿو ۽ رڳو م��ن کي ماڻهن وارو مٿو، هٿ ۽ پير آهن. شايد ته منهنجو وجود ئي ڪونهي، مان رڳو سمجهان ٿو ته مان کاوان، گهمان ۽ سمهان ٿو، الا، (روئي ٿو) مان جيڪر زندهه نه رهان (روئڻ بند ڪري لڙڪيل منهن سان) اڃا اُن ڏينهن ڪلب ۾ هنن شيڪسپيئر ۽ والٽيئر جي باري ۾ ٿي ڳالهايو. مون انهن جو هڪ اکر به نه پڙهيو آهي، پر مون ائين ٿي گفتگو ڪئي ڄڻ مون ٻنهي کي پڙهيو آهي، ٻين به ائين ٿي ڪيو، اها ڪيڏي نه خراب ڳالهه آهي، پوءِ اوچتو مون کي اها عورت ياد آئي جنهن کي مون ماريو هو، اهو سارو واقعو اکين اڳيان تري آيو. مون پاڻ کي ڏاڍو ڪريل محسوس ڪيو ۽ مون کي پنهنجو پاڻ کان ڪراهت ٿيڻ لڳي ۽ مون وڃي شراب پيتو. +(ارينا، ورشينن ۽ ٽيوسن بيچ اچن ٿا، ٽيوسن بيچ کي نئون سوٽ پاتل آهي. +ارينا: ٿوريءَ دير لاءِ هتي ئي ويهي ٿا رهون، هتي ڪوبه نه ايندو. +ورشينن: فوجي جوان نه هجن ها ته سارو شهر سڙي وڃي ها، شابس هجين، ڏاڍا سٺا انسان آهن، واقعي شابس هجين (هٿ سان نراڙ مهٽي ٿو). +ڪوليگن: وقت گهڻو ٿيو آهي؟ +ٽيوسن بيچ: ذري گهٽ صبح جا ٽي پيا ٿين، پرهه ڦٽڻ واري آهي. +ارينا: سڀ هال ۾ ويٺا آهن ۽ ڪوبه وڃڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، اوهان وارو سوليئوني به آهي (چيبوٽڪن کي) ڊاڪٽر، ٿوري دير آرام ڪرڻ گهرجي. +چيبوٽڪن: مان ٺيڪ آهيان، مهرباني. (ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏي ٿو). +ڪوليگن: ڊاڪٽر، اڄ تون موج ۾ آهين. (هن جي پٺي ٺپي ٿو) واهه جو ماڻهو آهين. +ٽيوسن بيچ: سڀ ٿا چون ته باهه جي ستايلن لاءِ ثقافتي شو ڪر. +ارينا: ان ۾ حصو ڪير وٺندا؟ +ٽيوسن بيچ: اسين اهڙو شو ڪرڻ چاهيون ٿا، منهنجي خيال ۾ ماشا ڏاڍو سٺو پيانو وڄائيندي آهي. +ڪوليگن: واقعي سٺو وڄائيندي آهي. +ارينا: هن کان پيانو وڄائڻ وسري ويو آهي، ٽن، اڃا به چئن سالن کان ڪونه وڄايو اٿئين. +ٽيوسن بيچ: هن شهر ۾ موسيقيءَ جو ڪنهن ۾ ذوق ڪونهي، مون کي موسيقيءَ جي خبر آهي، واقعي خبر آهي ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته ماشا وڏي مهارت سان پيانو وڄائي ڄاڻي. +ڪوليگن: تون ٺيڪ ٿو چئين، ماشا ڏاڍي سٺي آهي، مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. +ٽيوسن بيچ: ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو ڪنهن ماڻهوءَ کي ايڏي مهارت هجي پر سمجهڻ وارو ڪونه هجي. +ڪوليگن: (ٿڌو ساهه کڻي) ڇا هن لاءِ مناسب آهي ته ثقافتي شو ۾ پيانو وڄائي (وقفو)، مون کي خبر نه آهي ته ماشا لاءِ مناسب آهي يا نه. شايد مناسب آهي. اسان جو ڊائريڪٽر هونئن ته ڏاڍو سٺو، ڏاڍو ذهين ۽ اعليٰ انسان آهي، پر هن جا خيال پراڻا آهن، ان ڳالهه سان هن جو واسطو ته ڪونهي پر ته به چڱو ٿيندو ته مان هن کان رايو وٺان. +(چيبوٽڪن چيني گهڙيال کڻي ان جو جائزو وٺي ٿو). +ورشينن: باهه وسائڻ ۾ منهنجي ڪپڙن جي حالت اهڙي ٿي آهي جو ڪين جهڙو پيو لڳان (وقفو) ڪالهه مون ٻڌو ته اسان واري برگيڊ جي ڪنهن ڏورانهن هنڌ بدلي پئي ٿئي. ڪي چون ٿا ته پولينڊ ۽ ڪي اوڀر سائبريريا ڏانهن بدليءَ جي ڳالهه ٿا ڪن. +ٽيوسن بيچ: مون به ٻڌو آهي. برگيڊ هتان وئي ته هي شهر ويران ٿي ويندو. +ارينا: اسين به هتان هليا وينداسين. +چيبوٽڪن: (هن جي هٿ مان گهڙيال ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿو ٿي پوي) گهڙيال ڀڄي پيو؟ +(سڀني جي منهن مان ناراضگي ٿي ظاهر ٿئي). +ڪوليگن: (ٽڪرا ميڙي ٿو) ڪيڏو نه قيمتي گهڙيال ڀڃي ڇڏئي، ماڻهن ۾ اٿڻ ويهڻ واري امتحان ۾ ته توکي ٻڙي ملندي. +ارينا: اهو گهڙيال امان جي نشاني هو. +چيبوٽڪن: ٿي سگهي ٿو ته اهو گهڙيال مهنجي ماءُ جي نشاني هجي، جي هجي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو اهو گهڙيال مون نه ڀڳو هجي پر اوهان کي محسوس ٿيندو هجي ته اهو گهڙيال مون ڀڳو آهي. شايد اسان جو وجود ڪونهي، پر اسا�� کي محسوس ٿو ٿئي ته اسان جو وجود آهي، مون کي خبر ڪانهي، ڪا خبر ڪانهي (دروازي وٽ بيهي) اوهين مون ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو. نتاشا جو پروٽوپوپوف سان رستو آهي، پر اوهان مان ڪنهن کي خبر ڪانهي. اوهان هتي ويٺا آهيو ۽ ڪجهه نٿا ڏسو، نتاشا سارو وقت پروٽوپوپوف سان (ڳائي ٿو) +تون اڪيلائيءَ ۾ ملڻ پسند ڪندينءَ... (وڃي ٿو) +ورشينن: ڇڏيو ان ڳالهه کي (کلي ٿو) سڀ ڪجهه ڪيڏو نه عجيب آهي (وقفو) باهه شروع ٿي ته مون گهر ڏانهن ڊوڙ پاتي، منهنجو گهر بچيل هو ۽ ان کي ڪو خطرو نه هو، منهنجون ٻئي ڌيئون سمهڻ وارن ڪپڙن ۾ ٻاهرين در وٽ بيٺيون هيون. سندن ماءُ ڪانه هئي، ماڻهو ۽ جانور حراس ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿي ڊوڙيا ۽ منهنجي ڌيئن جي منهن تي ڊپ، خوف ۽ الائجي ڇا ڇا هو. هنن کي ڏسي منهنجي دل ٻڏڻ لڳي، مون سوچيو هنن ويچارين جي قسمت ۾ ٻيو الائجي ڇا ڇا لکيل آهي. هو وڏي عمر به ماڻي سگهن ٿيون. (باهه جو گهگهو وڃي ٿو) مان هتي پهتس ته منهنجي زال اڳ ۾ ئي هتي هئي، مون کي ڏسي هن ڪاوڙ ڪئي ۽ تڙيون ڏيڻ لڳي. +(ماشا ويهاڻو کڻي اچي ٿي ۽ ديوان تي ويهي ٿي). +ورشينن: مون جڏهن پنهنجن ڌيئن کي سمهڻ وارن ڪپڙن ۾ هراسيل ۽ ڊنل ڏٺو، گهٽيءَ ۾ باهه جي اُلن جا عڪس ٿي پيا ۽ هرطرف افراتفري هئي، تڏهن مون سوچيو ته اُن زماني ۾ اهڙي صورتحال ٿيندي هئي جڏهن فوجون اوچتا حملا ڪنديون هيون، شهرن کي لٽي پوءِ باهيون ڏينديون هيون. ڀلا ٻڌايو ته ان زماني ۾ جيئن ٿيندو هو ۽ هاڻي جيئن ٿئي پيو ان ۾ ڪو بنيادي فرق آهي. ڪو زمانو ايندو، سمجهو ٻن يا ٽن سئو سالن کان پوءِ ماڻهو ائين ئي خوف ۽ کِل مان اسان کي ياد ڪندا جيئن اسين ٿا ماضيءَ جي ماڻهن کي ياد ڪيون. هنن کي اسان جو زمانو ائين ئي غير مهذب، بيزاري ۽ بي آراميءَ وارو ۽ عجيب لڳندو، تڏهن زندگي ڪيڏي نه سٺي ۽ ڪيڏي نه عجيب هوندي (کلي ٿو) معاف ڪجو جو مان وري فيلسوفياڻيون ڳالهيون ٿو ڪيان. اڄ منهنجي دل ٿي چوي ته اهڙيون ڳالهيون ڪيان (وقفو) ائين ٿو لڳي ته سڀ ننڊ ۾ آهن. خير، مون ڳالهه ٿي ڪئي ته مستقبل جي زندگي حيرت ۾ وجهندڙ هوندي. ٿورو سوچيو، ان زندگيءَ جو تصور ڪيو. اڄ هن شهر ۾ اوهان جهڙا پڙهيل لکيل ۽ مهذب ماڻهو رڳو ٽي آهن پر ايندڙ نسلن ۾ انهن جو انگ وڌيڪ هوندو ۽ ڪو زمانو ايندو جڏهن زندگي اهڙو روپ اختيار ڪندي جنهن روپ ۾ ماڻهو هن کي ڏسڻ گهرندا. اوهان جهڙا ماڻهو وڌندا ويندا، پوءِ اوهان به مدي خارج ٿي ويندا ۽ اوهان کان سٺا ماڻهو اوهان جي جاءِ والاريندا (کلي ٿو) اڄ مان ڏاڍي عجيب موڊ ۾ آهيان، دل ٿي چئي ته مڪمل طرح زندگي گذاريان (ڳائي ٿو). +سڀني زمانن سان پيار ڪرڻ جڳائي، +اهڙو جذبو مون ۽ تو لاءِ تمام سٺو آهي. +ماشا: تارا را..... تارارا. +ورشينن: تارارارم..... تارارارم. +ماشا: تارارا..... +ورشينن: تارارام..... (کلي ٿو). +(فيڊوٽڪ اچي ٿو). +فيڊوٽڪ: (کلي ٿو) هر شئي..... هر شئي پوري طرح سڙي وئي. +ارينا: اها کلڻ جي ڳالهه ته ڪانهي، ڇا واقعي سڀ ڪجهه سڙي ويو؟ +فيڊوٽڪ: (کلي ٿو) ها سڀ ڪجهه سڙي ويو، ڪجهه ڪونه بچيو، منهنجي گٽار، ڪئميرا ۽ منهنجا خط، سڀ سڙي ويا، مون تو لاءِ ڪتابڙي ورتي هئي، اها به سڙي وئي. +(سوليئوني اچي ٿو). +ارينا: مهرباني ڪري وڃ، تون نٿو اچي سگهين. +سوليئوني: مان نٿو اچي سگهان..... مان نٿو اچي سگهان. +ورشينن: هاڻي هلڻ گهرجي، سڀني کي هلڻ گهرجي، باهه جو ڇا حال آهي؟ +سوليئوني: چون ٿا ته وسامندي ٿي وڃي، عجيب ڳالهه آهي، بيرن هتي اچي سگهي ٿو، پر مان نٿو اچي سگهان (سينٽ جي شيشي ڪڍي پاڻ کي سينٽ هڻي ٿو). +ورشينن: تارارارم..... +ماشا: تارارارم. +ورش��نن: (کلي ٿو ۽ سوليئوني کي چئي ٿو) هل ته هال ۾ هلون. +سوليئوني: مان اها ڳالهه هميشه ياد رکندس. ”مون کي پنهنجي اخلاق کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي، ائين ڪرڻ سان متان هنج کي تڪليف ٿئي“. (ٽيوسن بيچ ڏانهن ڏسي) ڪلڪ..... ڪلڪ..... ڪلڪ. +(ورشينن ۽ فيڊوٽڪ سان گڏ وڃي ٿو). +ارينا: سوليئوني سارو ڪمرو دونهين سان ڀري ڇڏيو، (حيرت مان) بيرن ته ستو پيو آهي، بيرن، اوبيرن. +ٽيوسن بيچ: (جاڳندي) ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، سِرَن جي بٺي تي ڪم، مان ننڊ ۾ نٿو ڳالهايان، مان تمام جلد سِرَن جي بٺي تي ڪم ڪرڻ وارو آهيان، مون مئنيجر سان ڳالهائي ڇڏيو آهي (ارينا کي پاٻوهه مان) تون ڪيڏي نه پيلي، ڪيڏي نه وڻندڙ ۽ پياري ٿي لڳين. لڳي ٿو تنهنجي منهن جي چمڪ چوڌاري اوندهه کي روشن ڪري ڇڏيو آهي. تون اُداس ۽ زندگيءَ کان خوش نه آهين. هل، مون سان هل ته گڏجي ڪم ڪيون. +ماشا: منهنجي مرضي آهي ته هاڻي اوهان وڃو. +ٽيوسن بيچ: تون هتي آهين، مون توکي نه ڏٺو (ارينا جا هٿ چمي ٿو) چڱو، خدا حافظ. مان هلان ٿو، توکي ڏسي مون کي تنهنجي سالگرهه جو ڏينهن ياد ٿو اچي. ان ڏينهن تون ڏاڍي خوش هئينءَ، تو ڪم ۽ پورهئي مان حاصل ٿيندڙ خوشيءَ جون ڳالهيون ڪيون هيون. مون خوشحال زندگيءَ جو خواب ڏٺا هئا. اها زندگي ڪٿي آهي (هن جا هٿ چمي ٿو) تنهنجي اکين ۾ لڙڪ آهن. هاڻي وڃي آرام ڪر. ٻاهر صبح جو سوجهرو پکڙجڻ لڳو آهي..... جيڪر مان پنهنجي حياتي تو لاءِ قربان ڪري سگهان. +ماشا: مهرباني ڪري هاڻي وڃو. +ٽيوسن بيچ: مان وڃان ٿو (وڃي ٿو). +ماشا: (ليٽي ٿي) ڪوليگن، جاڳين ٿو يا ننڊ ۾ آهين؟ +ڪوليگن: منهنجي پياري ماشا، منهنجي مٺڙي ماشا. +ارينا: ماشا ٿڪل آهي، هن کي ٿورو آرام ڪرڻ ڏجي. +ڪوليگن: مان وڃان ٿو، منهنجي گهرواري، منهنجي پياري رفيقئه حيات، مان توسان پيار ڪيان ٿو، رڳو توسان پيار ڪيان ٿو. +ماشا: (هلڪي ڪاوڙ مان) اجايون ڳالهيون نه ڪر. +ڪوليگن: سچ ٿو چوان ته هيءَ ڏاڍي سٺي عورت آهي، اسان جي شاديءَ کي ست سال ٿيا آهن، پر ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اسان جي شادي ڪالهه ٿي آهي، مان قسم کڻي ٿو چوان ته تون ڏاڍي سٺي آهين، مان توسان شادي ڪري ڏاڍو خوش آهيان، ڏاڍو، ڏاڍو خوش آهيان. +ماشا: ۽ مان بيزار، بيزار ۽ بيزار آهيان (اُٿي ويهي ٿي) مان وساري نٿي سگهان، اها ڳالهه ائين آهي ڄڻ ڪنهن منهنجي مغز ۾ ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو آهي. نه، مان هاڻي وڌيڪ ماٺ رهي نٿي سگهان، اهو اينڊريءَ بابت آهي. هن اسان جو گهر گروي رکيو آهي ۽ سڀ پئسا زال کي ڏنا اٿئين. هن گهر ۾ اسان ٽن ڀينرن جو به حصو آهي. هن ۾ ٿوري به شرافت آهي ته هن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي. +ڪوليگن: اهڙين ڳالهين مان ڪهڙو فائدو، تنهنجو ڇا وڃي، ويچارو اينڊري قرض ۾ ٻڏو پيو آهي، ان ڳالهه کي وساري ڇڏ. +ماشا: پر اها بيعزتي ءَ جي ڳالهه آهي. +(ليٽي ٿي). +ڪوليگن: ماشا، اسان سرنديءَ وارا آهيون، مان نوڪريءَ ۾ آهيان، اسڪول ۾ پڙهايان ٿو، واندڪائيءَ ۾ ٽيوشن پڙهائيندو آهيان، سادو سودو ماڻهو آهيان. +ماشا: مان ڪجهه نٿي گهران، مون کي رڳو ناانصافيءَ تي ڪاوڙ ٿي اچي، تون گهر ڇو نه ٿو وڃين. +ڪوليگن: (هن کي پيار ڪري ٿو) تون ٿڪل آهين، هتي ٿورو آرام ڪر، مان گهر ٿو وڃان، تنهنجو انتظار ڪندس، هاڻي سمهي رهه، (در ڏانهن وڃي ٿو) مان اڄ خوش آهيان، ڏاڍو ڏاڍو خوش آهيان (وڃي ٿو). +ارينا: ڳالهه هيءَ آهي ته اينڊري تنگ دل ٿيندو ٿو وڃي، هن جي عمر وڏي ٿيندي ٿي وڃي، هن مان اهو اڳيون اُتساهه ختم ٿيندو ٿو وڃي، پهرين هو پروفيسر ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ هاڻي هو ان ڳالهه تي خوش آهي ته هو هتان جي ڪائونسل ��و ميمبر آهي. ٿورو سوچ ته اينڊري ميمبر ۽ پروٽوپوپوف چيئرمين آهي. چون ٿا ته سارو شهر ٿوهن تي کلي، پر هن کي ڪا خبر ڪانهي، کيس ڪجهه نظر نٿو اچي، شهر جو هر ماڻهو باهه وٽ پهچي ويو آهي ۽ هو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو وائلن ٿو وڄائي. ڪيڏي خراب ڳالهه آهي. ڏاڍي، ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. مون کان اهو برداشت نٿو ٿئي. +(اولگا اچي ٿي ۽ سائيڊ ٽيبل تي شيون ترتيب سان رکي ٿي). +ارينا: مون کي هتان ڪڍو، هاڻي جو هاڻي ڪڍو، مان وڌيڪ برداشت ڪري نٿي سگهان. +اولگا: (پريشانيءَ مان) ڇا ٿيو، ڇا ٿيو پياري. +ارينا: (سڏڪا ڀريندي) سڀ ڪجهه ڪيڏانهن ويو..... ڪيڏانهن ويو.... مان سڀ ڪجهه وساري ويٺي آهيان. منهنجي دماغ ۾ مونجهاري کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. مون کي خبر ڪانهي ته اطالوي ٻوليءَ ۾ دري ۽ ڇت کي ڇا چئبو آهي. ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وساريندي ٿي وڃان. زندگي کسڪندي ٿي وڃي. اها ڪڏهن به موٽي نه ملندي. اسين ڪڏهن ماسڪو هلنداسين، مان سمجهان ٿي ته اسين ڪڏهن به....... +اولگا: صبر ڪر پياري. +ارينا: (پاڻ سنڀاليندي) مان سخت ڏکويل آهيان، ڪم ڪري نٿي سگهان، مان ڪم ڪرڻ ٿي گهران، مون کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، پهرين مون تار گهر ۾ ڪم ڪيو، هاڻي هتان جي ڪائونسل جي آفيس ۾ ڪم ٿي ڪيان، جيڪو ڪم هو مون کي ڏين ٿا ان کان مون کي سخت نفرت آهي. مان ٽيويهن ورهين جي آهيان، سارو عرصو ڪم ڪندي رهي آهيان، پر هاڻي لڳي ٿو ته منهنجو دماغ ڪم نٿو ڪري. مون کي خبر آهي ته مان ڳري وئي آهيان، پوڙهي ٿي وئي آهيان، شڪل به خراب ٿي وئي آهي، ڪنهن شئي ۾ سڪون نٿو ملي ۽ وقت گذرندو ٿو وڃي. لڳي ٿو مون ۾ زندگيءَ لاءِ اميد ۽ ويساهه نه رهيو آهي ۽ مان اوڙاهه ۾ لهندي ٿي وڃان، اندر ۾ سخت مايوسي آهي، پر پوءِ به الائجي ڇو اڃا جيئري آهيان، مون پاڻ کي ماريو ڇو نه آهي. +اولگا: رو نه پياري، تنهنجي روئڻ سان مون کي ڏک ٿو ٿئي. +ارينا: مان نٿي روئان، گهڻو رُني آهيان، ڏس، مان ڪو روئان ٿي، گهڻو ئي رنس. +اولگا: مان توکي هڪڙي صلاح ڏيان، مان توسان دوست ۽ ڀيڻ جي حيثيت ۾ ڳالهائڻ ٿي گهريو، منهنجي صلاح مڃين ته بيرن سان شادي ڪر. +ارينا: (خاموش لڙڪ ڳاڙي ٿي). +اولگا: تون هن جي عزت ٿي ڪرين، کيس چڱو ٿي سمجهين، هو کڻي شڪل جو پورو پنو آهي، پر روشن دماغ ۽ سٺو آهي، ماڻهو پيار جي شادي نه ڪندو آهي، فرض پورو ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي، مان ته ائين ٿي سمجهان ۽ مان به پيار واري شادي نه ڪندس، جنهن به مون سان شاديءَ جي ڳالهه ڪئي، مان هاڪار ڪندس، رڳو ڏسندس ته ماڻهو ڪيئن آهي، شريف آهي يا نه، مان ته پوڙهي سان شادي ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي ويندس. +ارينا: مون سارو عرصو انتظار ٿي ڪيو ته اسين ماسڪو وينداسين. سوچيم ٿي ته اُتي مان اهڙي ماڻهوءَ سان ملندس جنهن لاءِ مان آهيان، مون هن جا خواب ڏٺا ۽ خوابن ۾ هن سان پيار ڪيو، پر اهو سڀ اجايو ٿي ويو. +اولگا: (هن کي ڀاڪر ٿي پائي) مان سمجهان ٿي، بيرن جاهن فوج مان استعيفيٰ ڏيئي عام ماڻهوءَ جي لباس ۾ اسان وٽ آيو ته صفا عام ماڻهو لڳو ۽ هن کي ڏسي اکيون ڀرجي آيون، هن منهنجي روئڻ جو سبب پڇيو، مان هن کي ڪيئن ٿي ٻڌائي سگهيس، پر جي اها خدا جي مرضي آهي ته تنهنجي هن سان شادي ٿئي ته مان ان ۾ اَرهي نه ٿيندس، هيءَ ڳالهه ئي ٻي آهي. +(نتاشا جي هٿ ۾ ميڻ بتي آهي ۽ هوءَ ساڄي در مان اندر اچي ٿي ۽ ڪجهه به چوڻ کان سواءِ اسٽيج تان لنگهي ٻئي در مان نڪري وڃي ٿي). +ماشا: ائين ٿي جانچي ڏسي ڄڻ باهه ئي هن لڳائي هئي. +اولگا: تون بيوقوف آهين ماشا، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجان؟ خاندان ۾ تون سڀ کان وڌيڪ بيوقوف آهين. +(وقفو). +ماشا: منهنجون ��ياريون ڀينر، مان اوهان کي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته جيئن منهنجو هانءُ هلڪو ٿئي، مان اها ڳالهه رڳو اوهان ٻن کي ٿي ٻڌايان، ٻيو ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندس، هڪڙي منٽ ۾ ٿي ٻڌايان. (هيٺئين آواز ۾) هيءَ راز جي ڳالهه آهي، پر اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي، مان وڌيڪ راز رکي نٿي سگهان (وقفو) مون کي هن سان پيار ٿي ويو آهي. +اولگا: (پڙدي جي پٺيان ٿي وڃي) اهڙي ڳالهه نه ڪر، مان اها ٻڌڻ نٿي چاهيان. +ماشا: هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي (مٿي تي هٿ رکي ٿي) پهرين مون هن کي عجيب ماڻهو سمجهيو، پوءِ مون کي هن تي ترس اچڻ لڳو، پوءِ مون کي هن سان پيار ٿيڻ شروع ٿيو. هن جي هر شئي پياري لڳڻ لڳي، هن جو آواز، هن جو ڳالهائڻ، هن جي بدقسمتي هن جون ٻه ننڍيون ڌيئر. +اولگا: پوءِ به مان ٻڌڻ نٿي چاهيان، توکي جيڪو وڻي چئه، مان نه ٻڌندس. +ماشا: تون صفا بيوقوف آهين، مان هن سان محبت ٿي ڪيان ته اها منهنجي قسمت، هو به مون سان پيار ڪري ٿو، اها خوفناڪ ڳالهه آهي نه، (ارينا جو هٿ جهلي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي) منهنجي پياري، اسان باقي زندگي ڪيئن گذارينداسين، اسان جو ڇا ٿيڻ وارو آهي، اوهان ڪو ناول پڙهندا آهيو ته اوهان کي هر ڳالهه پراڻي ۽ ڄاتل سڃاتل لڳندي آهي، پر محبت ۾ خبر پوندي آهي ته اسان کي ڪا خبر ڪانهي ۽ اوهان کي پاڻ ئي پنهنجا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. منهنجون پياريون ڀينر، مون اوهان کي دل جو حال ٻڌائي ڇڏيو، هاڻي مان ماٺ رهندس. گوگول جي ڪهاڻيءَ جي چرئي جي ڪردار وانگر ماٺ رهندس. +(اينڊري فيراپانٽ سان اچي ٿو). +اينڊري: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهين ڇا ٿيون چاهيو. +فيراپانٽ: (در وٽ بيهي رهي ٿو ۽ بيچينيءَ سان چئي ٿو) اينڊري، مان توکي پهريان ئي ٽي دفعا چئي چڪو آهيان. +اينڊري: منهنجو نالو نه کڻندو ڪر، جناب ڪري ڳالهائيندو ڪر. +فرايانٽ: جنابِ عالي، فائرمين اجازت ٿا گهرن ته هو اوهان جي لان مان پائيپ لنگهائي درياهه ڏانهن کڻي وڃن، جنهن پاسي کان هو پائيپ کڻي ويا آهن اهو ڏکيو پاسو آهي. +اينڊري: چئين ته بيشڪ کڻي وڃن. +(فيراپانٽ وڃي ٿو). +هو مون کي پريشان ڪندا ٿا رهن، اولگا ڪٿي آهي؟ +(اولگا پٺيان کان اچي ٿي). +مون توسان ملڻ ٿي گهريو، ڪٻٽ جون چاٻيون ڏيندينءَ، منهنجون چاٻيون وڃائجي ويون آهن، تون پنهنجي ننڍي چاٻي ڏي. +(اولگا ماٺ ڪري هن کي چاٻي ڏي ٿي، ارينا پڙدي جي پٺيان وڃي ٿي). +اينڊري: ڪيڏي نه خوفناڪ باهه هئي، هاڻي وسامندي ٿي وڃي، فيراپانٽ مون کي پريشان ٿو ڪري، هن مون کي مجبور ڪيو ته مان هن کي چوان ته مون کي جناب چوندو ڪر. (وقفو). اولگا، تون ڪجهه چئين ڇو نه ٿي. (وقفو). توکي اجايو منهن لڙڪائڻ جي عادت ڇڏڻي پوندي، سٺي ڳالهه آهي ته ماشا ۽ ارينا به هتي آهن، اسان کلي ڳالهائي سگهون ٿا ۽ هميشه لاءِ معاملا نبيري سگهون ٿا، اوهان کي مون کان ڪهڙي ناراضگي آهي. +اولگا: (هلڪي ڪاوڙ سان) اڄ ڇڏ، سڀاڻي ڳالهائينداسين، ڏاڍي خوفناڪ رات آهي. +اينڊري: (پريشان ٿو ٿي وڃي) پريشان نه ٿيو. ڏاڍي آرام سان ٿا ڳالهايون، اوهان کي مون کان ڪهڙي شڪايت آهي، بنا هٻڪ جي ٻڌايو. +ورشينن: (هن جو اسٽيج جي ٻاهران آواز اچي ٿو) تارارم.... ارارم رم. +ماشا: (اُٿندي وڏي آواز سان) تارارا...... تارارا..... (اولگا کي) الله خوش رکئي (پڙدي جي پٺيان وڃي ارينا کي چمي ڏي ٿي). آرام سان سمهجانءِ. خدا حافظ اينڊري. هينئر هن کي ڇڏ، هينئر ٿڪل آهي، سڀاڻي ڳالهائجانءِ (وڃي ٿي). +اولگا: واقعي اينڊري سڀاڻي ڳالهائينداسين (پڙدي جي پٺيان وڃي ٿي) سمهڻ جو وقت ٿي ويو آهي. +اينڊري: مان رڳو هڪڙي ڳالهه ٿو چوان، پوءِ مان هليو ويندس، رڳو ٻه منٽ وٺندس، سڀ کان پهرين ته اوهان کي منهنجي زال لاءِ ڪي شڪايتون آهن، مون اها ڳالهه شاديءَ جي ڏينهن کان محسوس ڪئي هئي، نتاشا ڏاڍي سٺي آهي، ايماندار، کليل دل واري ۽ وڏي اصول پرست آهي. هن لاءِ منهنجو اهو رايو آهي، مان هن سان پيار ڪيان ٿو ۽ هن جي عزت ڪيان ٿو، تون سمجهي سگهين ٿي ته جيئن ته مان هن جي عزت ٿو ڪيان، ان ڪري ٻين مان به اميد ٿو ڪيان ته هو به هن جي عزت ڪن. مان پنهنجي ڳالهه وري ٿو ڪيان ته هوءَ ايماندار ۽ اعليٰ اصولن واري آهي، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪيو، پر سچ اهو آهي ته اوهان جون سڀ شڪايتون خيالي آهن، انهن ۾ ذرو به سچ ناهي (وقفو)، ٻي ڳالهه ته اوهان مون کان ڪاوڙيل آهيو جو مان پروفيسر ٿي نه سگهيس ۽ مون علمي ڪم نه ڪيو، پر مان ڪائونسل آفيس ۾ ڪم ٿو ڪيان، ڪاؤنسل جو ميمبر آهيان، منهنجي خيال ۾ هتي منهنجون خدمتون تعليمي خدمتن جيڏيون ئي اهم آهن. (وقفو). ٽين ڳالهه جيڪا تمام ضروري آهي سا اها آهي ته اوهان جي اجازت کانسواءِ مون هي گهر گروي رکيو آهي، مان قرضن کان مجبور ٿي پيو هيس، مان مڃان ٿو ته مون غلط ڪيو، هاڻي اوهين مون کي معاف ڪيو، مون تي 35 هزار قرض آهي، گهڻي وقت کان مون تاس کيڏڻ ڇڏي ڏني آهي، مان پنهنجي بچاءُ ۾ رڳو هڪ ڳالهه ڪري سگهان ٿو ته اوهان جو ذريعو معاش آهي جڏهن ته منهنجو ڪو ڪونهي. (وقفو). +ڪوليگن: (در مان سڏيندي) ماشا آهي، ڪانهي ڇا (پريشان ٿو ٿئي) ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿي، عجيب ڳالهه آهي (وڃي ٿو). +اينڊري: منهنجي ڳالهه ٻڌو، نتاشا سٺي ۽ ايماندار آهي (اسٽيج تي اچ وڃ ڪري پوءِ ويهي ٿو) مون جڏهن هن سان شادي ڪئي هئي ته سمجهيو هيم ته ڏاڍو خوش گذاريندي، اسان سڀ خوش گذارينداسين، پر..... اولا... (روئي ٿو) منهنجون پياريون ڀينر..... مون جيڪي به چيو ان کي سچ نه سمجهجو.... ٿورو به يقين نه ڪجو (وڃي ٿو). +ڪوليگن: (پريشانيءَ ۾ در مان چئي ٿو) ماشا ڪٿي آهي. ايڏانهن ڪونهي ڇا. عجيب ڳالهه آهي. (وڃي ٿو). +(الارم جو آواز اچي ٿو، اسٽيج خالي آهي). +ارينا: اولگا، ڪير ٿو در کڙڪائي. +اولگا: ڊاڪٽر آهي، تمام گهڻو پهتل آهي. +ارينا: سڄي رات هڪ نه ٻئي پٺيان ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهيو آهي (وقفو) اولينا (پڙدي جي پٺيان کان نهاري ٿي) تو ٻڌو ته فوج ضلعي مان وڃي پئي، ڪنهن پرائين هنڌ ڏانهن پئي وڃي. +اولگا: اهو رڳو هلاءُ آهي. +ارينا: اسان ته اڪيلا ٿي وينداسين. +اولگا: پوءِ ڇا هي. +ارينا: اولگا پياري. مان بيرن جي عزت ڪندي آهيان، مان هن جو خيال رکندي آهيان، هو ڏاڍو سٺو آهي. مان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ها اولگا، مان تيار آهيان، پر تڏهن جڏهن اسان ماسڪو وڃي سگهنداسين، هلو ته ماسڪو هلون. دنيا ۾ ماسڪو جهڙي ڪا جاءِ ڪانهي، ماسڪو هلون اولينا! + + +ايڪٽ چوٿون +پروروروف جي گهر جو پراڻو باغ، رستي جي ٻنهي پاسن کان صنوبر جي وڻن جي قطار آهي ۽ ان کان پريان درياهه ٿو نظر اچي. درياهه جي پرئين ڪناري تي ٻيلو آهي. اسٽيج جي ساڄي پاسي ورانڊي ۾ ٽيبل رکيل آهي ۽ ان تي شيمپئين جون بچيل بوتلون ۽ گلاس رکيا آهن. منجهند جي مهل آهي، ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ماڻهو باغ مان لنگهي درياهه ڏانهن وڃن ٿا. پنج ڇهه فوجي مارچ ڪندا لنگهن ٿا. چيبوٽڪن اڄ سٺي موڊ ۾ آهي ۽ هن ائڪٽ ۾ سارو وقت هن جو موڊ سٺو رهندو. هو فوجي ٽوپي پائي باغ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. هن جي هٿ ۾ گهمڻ واري سوٽي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هو آفيس جي سڏ لاءِ تيار ويٺو آهي. +ڪوليگن جي ڳچيءَ ۾ ٻلو آهي ۽ هن جون مڇون ڪوڙيل آهن، ٽوزن بيچ ۽ ارينا ورانڊي ۾ بيٺا آهن فيڊوٽڪ ۽ روڊي کي، جيڪ�� ڏاڪڻ تان پيا لهن، الوداع ٿا چون، ٻئي مارچ ڪرڻ واري ڊريس ۾ آهن.) +ٽوزينيبيچ: (فيڊورٽڪ کي ڀاڪر پائيندي) فيڊوٽڪ، تون ڏاڍو سٺو آهين، پاڻ سٺا دوست هئاسين . (روڊي کي ڀاڪر پائي ٿو)، هڪ دفعو وري خدا حافظ، دوست. +ارينا: خوش هجو. +فيڊوٽڪ: خوش هجو چوڻ جي ڳالهه نه آهي. خدا حافظ چوڻ جي ڳالهه آهي، جو پاڻ وري نه ملنداسين. +ڪوليگن: ڪهڙي خبر. (اکيون اُگهي مرڪي ٿو) اوهان مون کي روئاڙي ڇڏيو. +ارينا: پاڻ وري ڪڏهن ملنداسين؟ +فيڊوٽڪ: شايد ڏهن پنڌرنهن سالن ۾، ان وقت پاڻ لاءِ هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ به ڏکيو هوندو. پاڻ ملنداسين ته وڌ ۾ وڌ هڪ ٻئي کي ايترو چئي سگهنداسين ته ڪيئن آهين (فوٽو ڪڍي ٿو) هڪڙو منٽ، بس آخري دفعو، هڪڙو ٻيو فوٽو ڪڍي وٺان. +روڊي: (ٽوزينيبيچ کي ڀاڪر پائي ٿو) پاڻ شايد وري ملي نه سگهون (ارينا جو هٿ چمي ٿو) اوهان جي هر ڳالهه لاءِ مهرباني. +فيڊوٽڪ: (هلڪي ڪاوڙ سان) رڳو ٻه منٽ بيهو. +ٽوزينيبيچ: قسمت هوندي ته ضرور ملنداسين، خط لکندو رهجانءِ. +روڊي: (باغ تي نظر ڦيرائيندي) وڻؤ! اوهان کي خدا حافظ (زور سان رڙ ڪري ٿو ته پڙاڏو ٿئي ٿو) خدا حافظ اي پڙاڏا!! +ڪوليگن: ڪهڙي خبر ته پولينڊ ۾ تون شادي ڪرين، پولش زال تنهنجي چيلهه جي چوڌاري ٻانهن ورائي چوي ته اي منهنجا پيارا! (کلي ٿو). +فيڊروٽڪ: اسان جي وڃڻ ۾ رڳو ڪلاڪ بچيو آهي، اسان جي توپ خاني ۾ رڳو سوليئونو درياهه رستي پيو وڃي، ٻيا سڀ پيل مارچ ڪندا وينداسين. توپ خاني وارا اَڄ ٿا وڃن، ٻيا سڀاڻي ويندا، پوءِ سارو شهر خالي ٿي ويندو. +ٽوزينيبيچ: اصل ويران ٿي ويندو. +روڊي: ماريا ڪٿي آهي؟ +فيڊوٽڪ: اسين هن کان موڪلايون ته سهي. +روڊي: موڪلايون ته سهي پر اسان کي هلڻ گهرجي، نه ته روئي ڏيندس (تڙتڪڙ ۾ ٽوزينيبيچ ۽ ڪوليگن کي ڀاڪر پائي ارينا جو هٿ چمي ٿو) هتي وقت ڏاڍو سٺو گذريو. +هيڊوٽڪ: (ڪوليگن کي) هيءَ پينسل ۽ نوٽ بڪ تنهنجو تحفو آهي، اسين هتان درياهه ڏانهن وينداسين (هو وڃن ٿا ۽ پٺتي نهارين ٿا). +روڊي: (رڙ ڪري) خدا حافظ. +ڪوليگن: (رڙ ڪري) خدا حافظ. +(اسٽيج جي ڇيڙي وٽ فيڊوٽڪ ۽ روڊي ماشا سان ملن ٿا، هن کي خدا حافظ چون ٿا، هوءَ هنن سان گڏ هلي ٿي). +ارينا: هو هليا ويا. (ورانڊي ۾ مٿاهين جاءِ تي ويهي ٿي). +چيبوٽڪن: مون کان هنن کي خدا حافظ چوڻ وسري ويو. +ارينا: تو به ڪونه موڪلايو. +چيبوٽڪن: سچ ٿي چئين، مون کان هنن کان موڪلائڻ وسري ويو، ڪا ڳالهه ڪانهي، مان جلد هنن سان ملندس، مان سڀاڻي ويندس، باقي رڳو هڪ ڏينهن آهي، سال کان پوءِ مان رٽائر ٿيندس، هتي موٽي ايندس ۽ باقي زندگي اوهان جي ڀرسان گذاريندس. باقي هڪ سال ۽ پوءِ پينشن (هڪ اخبار کيسي ۾ وجهي ٻي ڪڍي ٿو) مان هتي موٽي ايندس ۽ اصول واري زندگي گذاريندس، سٺو ٿيندس، ماٺ رهندس ۽ سٺي هلت هلندس. +ارينا: هاڻي وقت اچي ويو آهي ته تون پاڻ کي ٺيڪ ڪرين، توکي ٻي نموني جي زندگي گذارڻ گهرجي. +چيبوٽڪن: مان به ائين ٿو سمجهان (ٿڌو ساهه کڻي جهونگاري ٿو) تارايوم..... ڊي..... مان قبي تي ويٺو آهيان. +ڪوليگن: هي ٺيڪ ٿيڻو ئي نه آهي. +چيبوٽڪن: مون کي سڌارڻ تنهنجو ڪم هو. +ارينا: هن مڇون ڪوڙيون آهن ۽ مان هن ڏانهن نهاري به نٿي سگهان. +ڪوليگن: ڇو نٿي نهاري سگهين. +ارينا: ٻڌائي نٿي سگهان ته ڪيئن ٿو لڳين. +ڪوليگن: اهائي زندگيءَ جي هلت آهي، اسان جي ڊائريڪٽر مڇون ڪوڙايون، مون کي انسپيڪٽر ٻڌايو ته مون به ڪوڙائي ڇڏيون. منهنجون ڪوڙيل مڇون ڪنهن کي نه ٿيون وڻن ته ان جي مون کي پرواهه نه آهي. مون لاءِ ڪو فرق نٿو پئي ته مڇون آهن يا نه آهن. مڇن جو هجڻ نه هجڻ مون لاءِ ساڳئي ڳالهه آهي (ويهي ٿو). +(اينڊري اسٽيج جي ڇيڙي وٽان هڪ ٻاراڻي گاڏيءَ کي ڌڪيندو ٿو وڃي جنهن ۾ ٻار سُتل آهي). +ارينا: پيارا دوستو! مون کي هڪ ڳالهه جي سخت پريشاني آهي، ڪالهه رات اوهان شهر ۾ هئا، ٻڌايو ته ڇا ٿيو. +چيبوٽڪن: ڪجهه ڪونه ٿيو. معمولي ڳالهه ٿي (اخبار پڙهي ٿو) بنهه معمولي. +ارينا: چون ٿا ته ڪالهه رات سوليئوني ۽ بيرن ٿيٽر کان ٻاهر شهر جي باغ ۾ مليا ۽........ +ٽوزينيبيچ: ڇڏ ان ڳالهه کي، ان مان فائدو ڪهڙو (اڻ وڻندڙ انداز سان هٿ لوڏائي ٻاهر وڃي ٿو.) +ڪوليگن: اهو واقعو ٿيٽر جي ٻاهران ٿيو. سرليوئني بيرن کي چيڙائڻ لڳو، هن کان سٺو نه ٿيو، هن به ڪجهه چيو جنهن تان سوليئوني ڪاوڙجي پيو. +چيبوٽڪن: مون کي وڌيڪ خبر ڪانهي، ٻنهي جي بيوقوفي هئي. +ڪوليگن: هڪ دفعي هڪڙي ماستر شاگرد جي امتحان ۾ لکيل مضمون تي روسي زبان ۾ ”بيوقوفي“ اکر لکيو. شاگرد سمجهيو ته ماستر شايد ته اطالوي زبان ۾ تعريف جو ڪو اکر لکيو آهي (کلي ٿو) وڏي بيوقوفيءَ جي ڳالهه آهي. چون ٿا ته سوليئونيءَ کي ارينا سان پيار آهي، ان ڪري بيرن کان نفرت ٿو ڪري. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي جو ارينا ڏاڍي سٺي آهي. هوءَ ٿوري ماشا جهڙي آهي ۽ ماشا وانگر خيالن ۾ رهندي آهي (ارينا کي) پر تون جلد ڳالهين ۾ اچي ويندي آهين، ماشا جي طبيعت ڏاڍي سٺي آهي، هوءَ مون کي پياري آهي. +(اسٽيج جي ڇيڙي کان ڏاڍيان آواز اچي ٿو...... او) +ارينا: اڄ هر شئي مون کي ڇرڪائي ٿي (وقفو). مون سامان تيار ڪري ڇڏيو آهي، منجهند جي مانيءَ کان پوءِ مان پنهنجو سامان موڪلي ڏيندس، مان ۽ بيرن سڀاڻي شادي ٿا ڪيون، پوءِ جلد اسان ٻئي بٺي ڏانهن وينداسين، شاديءَ جي ٻئي ڏينهن کان مان اسڪول ۾ ڪم شروع ڪندس، جي خدا چاهيو ته اسان جي نئين زندگي شروع ٿيندي، مون جڏهن ماستريءَ جي ڊپلوما جو انتظار ٿي ڪيو ته اوچتو مون کي روئڻ اچي ويو، اهو خوشيءَ جو ۽ ڌڻيءَ جي ڪرم جي احساس جو روئڻ هو. (وقفو)، سامان کڻڻ لاءِ ڄاڻ ريڙهو آيو. +ڪوليگن: سٺي ڳالهه آهي، پر الائجي ڇو مون کي ائين ٿو لڳي ته معاملو سنجيدو نه آهي، سڀ خيالي ڳالهيون آهن جن ۾ سنجيدگي ڪانهي، بهرحال مان دل سان توکي دعا ٿو ڪيان. +چيبوٽڪن: (جذباتي لهجي ۾) منهنجي پياري ڇوڪري، منهنجي پياري ٻارڙي، تون مون کان گهڻو اڳتي هلي وئي آهين، مان اُن پوڙهي پکيءَ وانگر پٺتي رهجي ويو آهيان، جيڪو ڪراڙپ جي ڪري ولر سان اڏامي نه سگهندو آهي. اُڏامي وڃ منهنجي پياري، اڏامي وڃ، خدا تنهنجو مددگار ٿيندو (وقفو) يار، افسوس آهي جو تو پنهنجون مڇون ڪوڙي ڇڏيون. +ڪوليگن: هاڻي ان ڳالهه کي ڇڏ (ٿڌو ساهه کڻي ٿو) اڄ فوجي هليا ويندا ۽ پوءِ سڀ اڳ جهڙو ٿي ويندو. خير، ماڻهن کي جيڪي وڻين چون، ماشا ڏاڍي سٺي ۽ وفادار آهي، مون کي ڏاڍي پياري آهي. ڌڻيءَ جا مون تي وڏا احسان آهن جو مون کي اهڙي زال ملي آهي. قدرت ماڻهن تي ڏاڍي نامهربان به هوندي آهي، مثال هتي ڪوزبريف نالي ايڪسائيز جو هڪڙو ڪلارڪ آهي، مون سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندو هو، پنجين سال ۾ هن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون جو هو اطالوي ٻوليءَ جا ڪي اکر سمجهي نه سگهندو هو، هو ڏاڍا ڏکيا ڏينهن پيو گذاري ۽ هن جي صحت به ٺيڪ ڪانه ٿي رهي، مان جڏهن به هن سان ملندو آهيان هو اهي اطالوي اکر ڳالهائيندو آهي... ۽ چوندو آهي ته ’ها يار، اهي اکر مون لاءِ مصيبت بڻيا‘، پوءِ هو کنگهندو آهي، جڏهن ته مان وڏو خوش قسمت آهيان، مون کي سينٽ سٽينس لين جو سيڪنڊ ڪلاس مليو هو ۽ مان شاگردن کي ساڳيو U.t Caponsecutivam ٿو پڙهايان. مان ذهين آهيان، گهڻن ماڻهن کان وڌيڪ ذهين آهيان، پر خوشي ماڻڻ لاءِ ذهين هجڻ ضروري نه آهي (اندر ڪو ماڻهو ”ڪنواريءَ جي دعا“ ٿو وڄائي.) +ارينا: سڀاڻي رات مون کي اها دعا ٻڌڻي نه پوندي، مون کي پروٽوپوپوف سان ملڻو نه پوندو (وقفو) ”هو ڊرائينگ روم آهي. هو وري موٽي آيو آ“. +ڪوليگن: اسان جي هيڊماسترياڻي اڃا نه آئي آهي. +ارينا: نه، اڃا ناهي آئي، نياپو ويو اٿس، اوهان کي اندازو نه آهي ته اولينا کان سواءِ هتي اڪيلو رهڻ مون لاءِ ڪيڏو نه ڏکيو آهي، هوءَ هاڻي هيڊماسترياڻي ٿي آهي ۽ اسڪول ۾ ٿي رهي ۽ ڏاڍي مصروف ٿي رهي، مان هتي اڪيلي هوندي آهيان، ڪو ڪم ڪار ڪونه هوندو آهي، اڪيلي بيزار پئي ٿيندي آهيان. مون کي ته ان ڪمري کان ئي نفرت ٿي وئي آهي جنهن ۾ رهان ٿي. مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان ماسڪو ۾ رهي نٿي سگهان ته خير آهي، اها منهنجي قسمت آهي، جنهن لاءِ ڪجهه به ڪري نٿو سگهجي. حقيقت اها آهي ته جيڪي به ٿئي ٿو سو خدا جي مرضيءَ سان ٿو ٿئي، نڪو لائي لِوو وچ مون سان شاديءَ جي ڳالهه چوري آهي. مون ان تي گهڻو سوچيو ۽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هو سٺو ماڻهو آهي، ڏاڍو سٺو آهي، ان فيصلي کان پوءِ مون کي لڳو، ڄڻ منهنجي روح کي پر لڳي ويا آهن، مان ڏاڍي خوش هيس ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ مون کي ڇوٽڪارو ملي ويو هو. اهو سڀ ڪالهه ٿيو. ڪالهه کان پوءِ مون کي محسوس ٿو ٿئي ته مون ۾ ڪا پراسراريت اچي وئي آهي. +چيبوٽڪن: اجايون ۽ بيڪار ڳالهيون. +نتاشا: (دريءَ مان ٿي ڳالهائي) اسان جي هيڊماسترياڻي ٿي اچي. +ڪوليگن: اسان جي هيڊماسترياڻي اچي وئي. هلو ته اندر هلون. +(ارينا سان گڏ اندر وڃي ٿو). +چيبوٽڪن: (اخبار پڙهي ٿو ۽ پنهنجي ليکي جهونگاري ٿو) تارارا..... يوم.... ڊائي.... مان قبي تي ويٺو آهيان.... ڊائي. +ماشا هن ڏانهن اچي ٿي. اسٽيج جي ڇيڙي وٽ اينڊري ٻار گاڏي ڌڪيندو لنگهي ٿو). +ماشا: هتي ڏاڍي آرام سان ويٺو آهين. +چيبوٽڪن: ها، ڇو نه آرام سان ويهان، ڀلا ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟ +ماشا: (ويهي ٿي) نه، ڪا خاص ڳالهه ته ڪانهي (خاموشي) ڇا واقعي توکي منهنجي ماءُ سان پيار هو؟ +چيبوٽڪن: ها، مون کي هن سان ڏاڍو پيار هو. +ماشا: امان کي به توسان پيار هو؟ +چيبوٽڪن: (ٿوري خاموشيءَ کان پوءِ) هاڻي مون کي ياد نه آهي. +ماشا: ڀلا ”مون وارو ماڻهو؟“ اسان جي بورچاڻي مارفا هن کي سدائين ”پوليس وارو، اسان جو ماڻهو“ سڏيندي هئي. +چيبوٽڪن: نه ڪونهي. (ماٺ). +ماشا: ماڻهوءَ کي جڏهن خوشي ڏکيائيءَ سان ملي ۽ اها به ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ جيئن مون کي ملي آهي ۽ پوءِ جلد ئي ماڻهوءَ کان خوشي کسجي وڃي، جيئن مون کان ٿي کسجي وڃي ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو ڏاڍو سخت دل ٿي ويندو آهي (پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪري)، هتي منهنجي سيني ۾ ڪا شئي اُٻري ٿي (اينڊري ڏانهن ڏسي ٿي جيڪو ٻار گاڏيءَ کي ڌڪيندو لنگهي ٿو) اسان جي ڀاءُ اينڊري اسان جي سمورين اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، جيئن هزارين ماڻهو گڏجي ڪنهن وڏي گهنڊ کي مٿي ٽاور تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪن، ان ڪوشش ۾ هن کي ڪيڏي نه محنت ڪرڻي پوندي ۽ سندن پئسا خرچ ٿيندا، پر پوءِ اوچتو بنان ڪنهن سبب جي اهو گهنڊ هنن جي هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪري ۽ پرزا پرزا ٿي وڃي. اينڊري سان به ائين ٿيو. +اينڊري: هي الائجي ڪڏهن گوڙ ختم ڪندا، گهر ۾ ڪيڏو نه شور لڳايو ويٺا آهن. +چيبوٽڪن: ٿوريءَ دير ۾ سارو گوڙ ختم ٿي ويندو (گهڙي ڏسي ٿو) هيءَ پراڻي وقت جي گهڙي آهي، وقت ٻڌائڻ مهل گهڙيال وانگر ٺڪاءُ ڪندي آهي (گهڙيءَ کي چاٻي ڏي ٿو ۽ ان مان هلڪا هلڪا ٺڪاون جهڙا آواز نڪرن ٿا). پهريون، ٻيو ۽ پنجون. توبخانو پوري هڪ لڳي روانو ٿي ويندو (ماٺ) ۽ مان سڀاڻي روان�� ٿيندس. +اينڊري: هميشه لاءِ ويندين ڇا؟ +چيبوٽڪن: چئي نٿو سگهان، ٿي سگهي ٿو ته سال ۾ موٽي اچان، وري به جيڪا خدا جي مرضي، سڀ ساڳئي ڳالهه آهي. +(سازن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا). +اينڊري: پوءِ ته سارو شهر خالي ٿي ويندو، جيئن ميڻ بتي وسامي ويندي آهي ائين شهر مان زندگي وسامي ويندي (ماٺ) ڪالهه ٿيٽر جي ٻاهران ڪجهه ٿيو هو ڇا. هر ڪو ٿو ان جي باري ۾ ڳالهائي؟ لڳي ٿو رڳو مان آهيان جنهن کي ان جي خبر ڪانهي. +چيبوٽڪن: ڪجهه ڪونه هو بيوقوفي هئي، سوليئوني بيرن کي چيڙائڻ لڳو. بيرن چڙي پيو ۽ سوليئونيءَ جي بيعزتي ڪيائين. سوليئوني هن کي ڊيوئل لاءِ چئلينج ڪيو (گهڙي ڏانهن ڏسي ٿو) منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي..... ساڍي يارهين کان پوءِ، درياءَ جي پرينءَ ڀِڪ، ٻيلي ۾ ٺاٺاٺا. (کلي ٿو) سوليئوني پاڻ کي هولمبونوٽوف جهڙو نشاني باز ٿو سمجهي، اصل ۾ هو شاعر آهي........ مشڪري پنهنجي جاءِ تي، هي هن جو ٽيون ڊيوٽل آهي. +ماشا: ڪنهن جو ٽيون ڊيوٽل آهي. +چيبوٽڪن: سوليئونيءَ جو. +ماشا: ۽ بيرن؟ +چيبوٽڪن: بيرن؟ (ماٺ) +ماشا: مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، مان چوان ٿي ته هنن کي ڊيوئل جي اجازت نه هئڻ گهرجي، هو بيرن کي زخمي ڪندو يا ماڳهين ماري ڇڏيندو. +چيبوٽڪن: بيرن ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي، دنيا ۾ هڪ بيرن گهٽجي يا وڌي ته ان سان ڇا ٿي پوندو، جيڪي ٿيڻو آهي ٿئي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. +(باغ جي پٺيان هاهو..... آهاهو جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا). +هي اسڪوورٽسوف جو آواز آهي، ٻيڙيءَ مان پيو سڏي. هو انتظار ڪري سگهي ٿو. +اينڊري: منهنجي خيال ۾ ڊيوئل نهايت غير اخلاقي آهي، ان مقابلي ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان موجود هجڻ به خراب آهي. +چيبوٽڪن: اسان کي ائين رڳو محسوس ٿو ٿئي، نه ته هونئن اسان جو ڪو وجود ڪونهي، ڪنهن شئي جو وجود ڪونهي، اسان کي لڳي ٿو ته اسين آهيون وڏي ڳالهه ته ڪنهن به شئي سان ڪو فرق نٿو پوي. +ماشا: ڳالهيون! رڳو ڳالهيون، سارو ڏينهن ڳالهيون (وڃڻ ٿي لڳي) هڪ هتي رهڻ مصيبت آهي، ڪنهن به وقت برف پئجي سگهي ٿي ۽ ٻي وڏي مصيبت ته ههڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون (بيهي ٿي) مان گهر ۾ اندر نه ويندس، وڃي نه سگهندس، توهان ٻڌائي سگهندا ته ورشينن ڪڏهن ايندو (ورانڊي ۾ اچ وڃ ٿي ڪري) ڏسو، پکي اڏامي وڃڻ جا سانباها پيا ڪن، اي هنج يا بدڪ! پيارا پکي، خوش رهڻ وارا پکي! +اينڊري: اسان جو گهر ويران ٿي ويندو، آفيسر هليا ويندا، تون هليو ويندين، منهنجون ڀينر به شادي ڪري هليون وينديون ۽ مان هن گهر ۾ اڪيلو رهجي ويندس. +چيبوٽڪن: تنهنجي زال جو هوندي. +(فيراپانٽ ڪجهه ڪاغذ کڻي اچي ٿو). +اينڊري: منهنجي زال به ڪا زال آهي؟ هوءَ سٺي مهذب آهي. رحمدل آهي، پر هن ۾ الائجي ڇا آهي جو هوءَ حيوانن جي سطح تي اچي ويندي آهي. انڌي ۽ نرڄي حيوان جي سطح تي، هوءَ بهرحال انسان نه هوندي آهي، مان توکي دوست سمجهي ٿو ڳالهه ڪيا ۽ کُلي ڳالهايان، مون کي سچ پچ ته هن سان پيار آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهڙي واهيات ٿي پوندي آهي جو مان پريشان ٿي ويندو آهيان، ان وقت مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته مان هن سان ڇو ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري پيار ٿو ڪيان يا مون هن سان ڇو پيار ڪيو. +چيبوٽڪن: (اُٿي ٿو) چڱو نوجوان، مان سڀاڻي وڃان ٿو، پاڻ شايد وري ملي نه سگهون مان توکي هڪڙي ننڍڙي نصيحت ڪرڻ ٿو گهران، تون ٽوپلو پاءِ، هٿ ۾ گهمڻ واري سوٽي کڻ ۽ هليو وڃ... ۽ ڪڏهن به ڪنڌ ڦيري پٺتي نه نهار. جيترو اڳتي ويندين اوترو سٺو. +(سوليئوني اسٽيج جي ڇيڙي وٽ ٻن آفيسرن سان گڏ لنگهي ٿو. چيبوٽڪن کي ڏسي هن ڏانهن اچي ٿو، هو مڙي ٿو ۽ آفيسر اڳتي وڌي ٿا وڃن). +سوليئوني: ڊاڪٽر، ساڍا ٻارنهن ٿي ويا آهن. +چيبوٽڪن: هڪڙو منٽ، مان اوهان سڀني کان بيزار ٿي پيو آهيان (اينڊري کي) ڪير منهنجو پڇي ته ٻڌائجانس ته مان ڄاڻ آيس (وڏو ساهه کڻي ٿو) او هو...... اوهو. +سوليئوني: (شعر پڙهي ٿو) رڇ جي حملي کان اڳ. +هن کي ”او“ چوڻ جو وقت به نه مليو. +ڇاجو گوڙ لايو ويٺو هئين؟ +چيبوٽڪن: مڙئي. +سوليئوني: ڪيئن آهين؟ +چيبوٽڪن: (خوش نه هجڻ واري انداز ۾) پکيءَ جي پراڻي آکيري جهڙو. +سوليئوني: پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي، مان هن کي ڪو گهڻو نقصان نه رسائيندس. مون کي پکيءَ جا رڳو پَرَ ڪترڻا آهن. (سينٽ جي شيشي ڪڍي پاڻ کي سينٽ هڻي ٿو)، مون اڄ سينٽ جي ساري بوتل لڳائي آهي، پر پوءِ به هٿن مان ڌپ نٿي وڃي، هن مان ڪنهن لاش جي ڌپ ٿي اچ، توکي لرمون لوف جو اهو بند ياد آهي جنهن جو هڪڙو شعر آهي ته، +هو باغي طوفانن کي ٿو ڳولهي، +طوفانن ۾ هن لاءِ سڪون آهي. +چيبوٽڪن: ها...... مون کي هي شعر ياد آهي. +رڇ جڏهن هن تي حملو ڪيو، +ته هن کي ”او“ چوڻ جو وقت به نه مليو. +(سوليئونيءَ سان گڏ نڪري وڃي ٿو). +(ٻاهران، ها ها هو.... جا آواز اچن ٿا، اينڊري ۽ فيراپانٽ داخل ٿين ٿا) +فيراپانٽ: سائين، مهرباني ڪري هنن ڪاغذن تي صحيح ڪيو. +اينڊري: (خار مان) منهنجي جان ڇڏ، ڌڻيءَ جي واسطي منهنجي جان ڇڏ، (ٻار گاڏي هلائيندو وڃي ٿو). +فيراپانٽ: هاڻي مان هنن ڪاغذن کي ڇا ڪيان، هنن تي صحيح ٿيڻ گهرجي (اسٽيج جي پٺيان وڃي ٿو). +(ارينا ۽ ٽوزينيبيچ اچن ٿا. هن کي ڪکاؤن ٽوپلو پاتل آهي، ڪوليگن اسٽيج ٽپي سڏ ٿو ڪري). +ڪوليگن: ماشا..... او ماشا! +ٽوزينيبيچ: منهنجي خيال ۾ سڄي شهر ۾ فوج جي اڃڻ ۾ رڳو هي خوش آهي. +ارينا: هن جي خوشيءَ جو سبب سمجهه ۾ اچي ٿو. (ماٺ) فوج جي وڃڻ ڪري سارو شهر خالي لڳندو. +ٽوزينيبيچ: مان هڪ منٽ ۾ اچان ٿو. +ارينا: ڪيڏانهن ٿو وڃين. +ٽوزينيبيچ: شهر ٿو وڃان، ٻن چئن دوستن کان موڪلائي اچان. +ارينا: تون سچ نٿو چئين، اڄ تنهنجو دماغ جاءِ تي ناهي، ٻڌاءِ، ڪالهه رات ٿيٽر جي ٻاهر ڇا ٿيو هو؟ +ٽوزينيبيچ: (بي چينيءَ مان) مان ڪلاڪ ۾ موٽي ٿو اچان، توسان اچي ملان ٿو (هن جا هٿ ٿو چمي) تون منهنجو خزانو آهين (هن جي اکين ۾ نهاري ٿو) مان پنجن سالن کان توسان پيار ٿو ڪيان، مان پنهنجي پيار کي پاڻ سمجهي نه سگهيو آهيان، تون هر روز مون کي پهرين کان وڌيڪ سهڻي لڳندي آهين. ڪيڏا نه سهڻا وار، پياريون اکيون، سڀاڻي مان توکي هتان ڪڍي ويندس، گڏجي ڪم ڪنداسين، امير ٿينداسين، منهنجي خوابن کي وري زندگي ملندي..... تون ڏاڍي خوش هوندينءَ، پر...... ان ۾ رڳو هڪڙي ”پر“ آهي ته تون مون سان پيار نٿي ڪرين. +ارينا: مان بيوس آهيان ۽ توسان پيار ڪري نٿي سگهان، مان تنهنجي وفادار زال ته ٿي سگهان ٿي پر توسان پيار ڪري نٿي سگهان. ڇا ٿو ڪري سگهجي. (روئي ٿي)، مون زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به پيار نه ڪيو، مان محبت جا خواب ڏسندي رهي آهيان، گهڻي وقت کان صبح شام ڏسندي رهي آهيان، پر شايد ته منهنجو روح اهڙي پياني جهڙو آهي جنهن کي ڪنهن تالو هڻي ڇڏيو هجي ۽ تالي جي چاٻي وڃائجي وئي هجي. (ماٺ)، تنهنجي اکين ۾ ڏاڍي بيچيني آهي. +ٽوزينيبيچ: مان ساري رات جاڳيو آهيان، ڪنهن ڊپ يا خطري جي ڪري نه پر ان وڃايل چاٻيءَ جي ڪري..... ڪجهه ته چئه، ڪجهه ته ڳالهاءِ. +ارينا: ڇا چوان. +ٽوزينيبيچ: ڪجهه نه ڪجهه. +ارينا: ان ڳالهه کي ڇڏ. +ٽوزينيبيچ: ڪڏهن اوچتو ئي اوچتو، بنا ڪنهن ظاهري سبب جي معمولي ڳالهيون ڏاڍيون اهم ٿي پونديون آهن، پهريان اسين انهن تي کلندا آهيون، انهن کي نهايت معمولي سمجهندا آهيون، پر پوءِ خبر پوندي آهي ته اسين انهن جي قبضي ۾ آهيون ۽ انهن مان جان ڇڏائڻ جي اسان ۾ طاقت نه آهي. خير اسان کي رڳو انهن جي باري ۾ ناهي ڳالهائڻو..... مان اڄ ڏاڍو خوش آهيان، ائين ٿو لڳيم ته صنوبر ۽ هيپل جا جي هي وڻ مان زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ٿو ڏسان. اهي سڀ ڄڻ ته سوال بڻجي مون ڏانهن ٿا نهارن ۽ ڪنهن ڳالهه جو انتظار ٿا ڪن...... هي وڻ ڪيڏا نه سهڻا آهن، انهن جي باري ۾ سوچڻ ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي.... زندگي هنن وڻن ۾ گذرڻ گهرجي. +(ٻاهران ها.... ها..... هو جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا). +هاڻي مون کي هلڻ گهرجي، وقت ٿي ويو آهي...... هن سُڪل وڻ ڏانهن ڏس، هي سڪي ويو آهي، پر پوءِ به واءُ جي جهوٽن سان ٻين وڻن سان جهولي پيو. ائين مون کي به لڳندوآهي ته مرڻ کانپوءِ ڪنهن طرح منهنجو زندگيءَ ۾ حصو هوندو، خدا حافظ نه ڪنهن منهنجي مٺي، (هن جا هٿ چمي ٿو) تو مون کي جيڪي ڪاغذ ڏنا هئا، اهي ڪئلينڊر جي هيٺان ميز تي رکيا آهن. +ارينا: مان به توسان هلان ٿي. +ٽوزينيبيچ: نه...... نه (تکو تکو وڃي ٿو، پر دروازي ۾ بيهي ٿو رهي) ارينا! +ارينا: جي! +ٽوزينيبيچ: (سمجهه ۾ نٿو اچيس ته ڇا چوي) اڄ صبح مون ڪافي نه پيتي هئي، هنن کي چئه ته مون لاءِ ڪافي ٺاهي رکن (تکو تکو وڃي ٿو). +(ارينا اُٿي ٿي، هوءَ اونهي سوچ ۾ آهي، آهستي قدم کڻندي اسٽيج جي ڇيڙي وٽ وڃي ٿي ۽ پينگهي ۾ ويهي ٿي، اينڊري ٻار گاڏي ڌڪيندو اچي ٿو، فيراپانٽ به داخل ٿئي ٿو). +فيراپانٽ: سائين، هي منهنجا ذاتي ڪاغذ نه آهن، سرڪاري آهن، مون ناهن ٺاهيا. +اينڊري: الا، منهنجي ماضيءَ واري زندگي ڪيڏانهن وئي، اها زندگي جڏهن مان جوان هيس، هشيار هيس ۽ خوش رهندو هيس، جڏهن سهڻا خواب ڏسندو هيس ۽ منهنجا خيال اعليٰ هوندا هئا، منهنجو حال ۽ آئيندو اميد سان روشن هو، اسان اڃا چڱيءَ طرح جيئڻ شروع ئي نٿا ڪيون ته ڏڏ، عام رواجي ماڻهو ۽ بيزار ڪندڙ ٿا ٿي پئون. سُست، دلچسپيءَ کان خالي بيڪار ۽ خوشي کان وانجهيل ٿا ٿي وڃون. هي شهر سالن کان آباد آهي، هن ۾ هزارين ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ ڪو هڪ ماڻهو به اهڙو ڪونهي جيڪو ٻين کان مختلف هجي. هتي ڪڏهن به ڪو فنڪار، عالم يا ولي پيدا نه ٿيو. ڪو هڪ به اهڙو غير معمويل انسان ڪونهي، جنهن سان ملڻ لاءِ دل سٽ کائي. هتان جا ماڻهو کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪن ۽ پوءِ مري ٿا وڃن ۽ هنن کان پوءِ هنن جهڙا ئي ٻيا ڪيترا سندن جاءِ ٿا والارين، جيڪي به هنن وانگر رڳو کائن پيئن ۽ سمهن ٿا ۽ ان ڊپ کان ته ڪٿي بيزاري کين صفا بيوقوف نه بڻائي ڇڏي، هو پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اجايون ڪچهريون ٿا ڪن، ووڊڪا ٿا پيئن ۽ جوا ٿا کيڏن. زالون مڙسن سان بيوفائيون ٿيون ڪن ۽ مڙس زالن سان ڪوڙ ٿا ڳالهائن ۽ ڏيکاءُ ٿا ڪن ته پنهنجي زالن جي باري ۾ نه ڪجهه ڏسن ٿا ۽ نه ٻڌن هو ٿا. اهو سارو واهيات پڻو ۽ ڇسائپ ٻارن جي ذهنن کي چيڀاٽي ٿي ڇڏي. هنن ۾ جي ڪا چڻنگ آهي ته ان کي وسائي ٿي ڇڏي ۽ هو به افسوسناڪ، اڌ_ مئا، هڪ ٻئي ۽ پنهنجن وڏن هڙا ٿا ٿين (فيراپانٽ کي خار مان) ڇا گهرجئي. +فيراپانٽ: هي صبح جا ڪاغذ آهن. +اينڊري: تون ته وڏي مصيبت آهين. +فيراپانٽ: (هن کي ڪاغذ ڏي ٿو) فنانس کاتي جي پورٽر ڳالهه ٿي ڪئي ته پوئين سال پيٽرسبرگ ۾ ٻه سؤ ڊگرين تائين ڪوهيڙو هو. +اينڊري: مون کي پنهنجي هاڻوڪي زندگيءَ کان نفرت آهي، پر جڏهن آئيندي لاءِ سوچان ٿو ته فخر ٿو محسوس ٿئي، دل هلڪي ٿي ٿئي ۽ عجيب طرح جي ڇوٽڪاري جو احساس ٿو ٿئي، مون کي اڳيان روشني ٿي نظر اچي، روشني ۽ آزادي، مان پاڻ کي، پنهنجن ٻارن کي آزاد ٿو ڏسان، سستيءَ کان آزاد، بدڪن جي گوشت جي خوراڪ کان آزاد، مانيءَ کان پوءِ ٿوري دير واري ننڊ کان آزاد ۽ ٻين جي پورهئي تي پلجڻ واري عادت کان آزاد. +فيراپانٽ: چون ٿا ته ان ڪوهيڙي ۾ ٻه هزار ماڻهو آڪڙجي مري ويا، هر ڪو ڊپ ۾ آڪڙيل هو، اهو يا ته پيٽرسبرگ ۾ ٿيو هو يا ماسڪو ۾، مون کي چٽيءَ طرح ياد ناهي. +اينڊري: (هن جي دل ۾ ڄڻ ته اوچتو محبت جاڳي ٿي پوي) منهنجون پياريون ڀينر، منهنجون سٺيون پياريون ڀينر (لڙڪ ڀريل اکين سان) منهنجي پياري ڀيڻ ماشا. +نتاشا: (دريءَ مان) اِتي ڪير ٿو ايڏي زور سان ڳالهائي، اينڊري! تون ٿو ڳالهائين؟ سوفوچڪا کي جاڳائي ڇڏيندين. ڳالهائڻو اٿئي ته گاڏي ڪنهن ٻئي کي ڏي. فيراپانٽ! صاحب کان گاڏي وٺ. +فيراپانٽ: حاضر سانئڻ. (گاڏي وٺي ٿو.) +اينڊري: (ڦڪائيءَ مان) مون ته هوريان ٿي ڳالهايو. +نتاشا: (پنهنجي ننڍي پٽ کي پيار ڪندي) بوبڪ، شرارتي بوبڪ، تون ڏاڍو ڏنگو آهين. +اينڊري: (ڪاغذن تي نظر ڦيرائي ٿو) مان ڪاغذ ڏسان ٿو ۽ ضروري سمجهيم ته صحيح ڪري ڇڏيندس، تون پوءِ اچي کڻي وڃجانءِ (ڪاغذ پڙهندو اندر وڃي ٿو). +نتاشا: (دريءَ مان) بوبڪ پيارا، امان جو نالو ڇا آهي، هوءَ عورت ڪير آهي، هوءَ اولگا آنٽي آهي. اولگا آنٽيءَ کي هيلو چَئَه (گهٽي ۾ ساز وڄائيندڙ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري فنڪار اندر اچن ٿا ۽ وائلن ۽ هارپ وڄائين ٿا، ورشينن، اولگا ۽ آنفسا اندران اچن ٿا، ٻه ٽي منٽ ماٺ ڪري ساز ٻڌن ٿا. ارينا هنن ڏانهن اچي ٿي). +اولگا: اسان جو باغ ته ڄڻ سڙڪ آهي، هر ڪو ٿو اتان لنگهي، مائي! سازندن کي ڪجهه ڏيئي ڇڏ. +آنفسا: (هنن کي پئسا ڏي ٿي) هاڻي هلو، ڌڻيءَ جي چڱائي ٿيوَ. +(سازندا جهڪي سلام ڪري وڃن ٿا). +ويچارا بي گهر ۽ نادار، ماڻهوءَ وٽ کائڻ لاءِ هجي ته ڇو گهٽين ۾ ساز وڄائي (ارينا کي) ڪيئن آهين ارينا (هن کي چمي ٿي ڏي) منهنجي پياري ڌيءَ، ڏاڍي سٺي زندگي ٿي گذاريان، وڏو آرام آهي، اسڪول جو وڏي فليٽ آهي، جنهن ۾ اوليئوشڪا سان ٿي رهان. مسواڙ به ڏيڻي نٿي پوي. هن عمر ۾ ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن، ههڙو آرام مون جهڙي پراڻي پاپڻ کي ياعُمر نه مليو. وڏي فليٽ، ڪرايو ڪونه، مون لاءِ وڏو ڪمرو جنهن ۾ منهنجو پنهنجو پلنگ، سڀ مفت! ڪڏهن اڌ رات جو اک کلندي آهي ته شڪرانا ڪندي آهيان ته او منهنجا رب، او مقدس ماءُ، او خدا، هن دنيا ۾ مون جهڙو ڪو خوش قسمت ڪونهي. +ورشينن: (گهڙي ڏسي ٿو) ٿوري دير کان پوءِ اسان جو سفر شروع ٿيندو، منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي (ماٺ) مان اوهان سڀني جي خوشين لاءِ دعاگو آهيان، هر قسم جي خوشي..... ماريا ڪٿي آهي؟ +ارينا: باغ ۾ آهي، مان ڏسي ٿي اچانس. +ورشينن: تنهنجي وڏي مهرباني...... مون کي دير ڪرڻ نه گهرجي. +آنفسا: مان به توسان ٿي هلان (هن کي سڏ ٿي ڪري) ماريا! +(ارينا سان باغ جي ڇيڙي تائين وڃي ٿي). +ورشينن: هر شئي جي نيٺ پڇاڻي ٿي ٿئي، اسين پاڻ ۾ گڏ هئاسين ۽ اڄ خدا حافظ چوڻ وارا آهيون. (گهڙي ڏسي ٿو) شهر وارن اڄ اسان کي مانجهاندو ڏنو هو، شيمپئين هو ۽ ميئر تقرير ڪئي. مون ماني کاڌي ۽ تقرير به ٻڌي، پر منهنجي دل اوهان ڏانهن ٽنگيل هئي. (باغ تي نظر ڦيرائي ٿو) مون کي اوهان جي ساٿ جي عادت پئجي وئي آهي. +اولگا: اوهان سان وري ٻيهر ڪڏهن ملاقات ٿي سگهندي؟ +ورشينن: مشڪل آهي، مان پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئن کي ٻن مهينن لاءِ هتي ڇڏي ٿو وڃان، هنن کي ڪا ضرورت پوي ته مهرباني ڪري........ +اولگا: اوهان دلجاءِ ڪيو، هنن کي ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي. (ماٺ)، جيڪو اسين چاهيندا آهيون اهو ڪڏهن ڪونه ٿيندو آهي، مون ڪڏهن به هيڊماسترياڻي بڻجڻ نٿي گهريو، پر مان هيڊماسترياڻي آهيان، ان جي معنيٰ ته اسان ماسڪو ۾ وڃي رهي نه سگهنداسين. +ورشينن: چڱو، سڀ ڳالهه لاءِ اوهان جي مهرباني، مون کان ڪجهه ٿي ويو هجي ته ان لاءِ معافي، مون گهڻو..... تمام گهڻو ڳالهايو تنهن لاءِ به معافي، منهنجي باري ۾ خراب نه سوچجو. +اولگا: (اکيون اُگهي ٿي) ماشا اچڻ ۾ ايڏي دير الائي ڇو لاٿي آهي؟ +ورشينن: خدا حافظ چوڻ کان سواءِ هن مهل ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي. هن وقت ڇا جي باري ۾ فلسفياڻيون ڳالهيون ڪيون . (کلي ٿو)، ها، زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اسان مان گهڻن لاءِ زندگي بي معنيٰ آهي، بند گهٽيءَ جهڙي آهي، پر اسان کي مڃڻو پوندو ته زندگي وڌيڪ سولي ۽ روشن ٿيندي ٿي وڃي، ان مان ظاهر آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اها روشني هر طرف پکڙجي ويندي. (گهڙي ڏسي ٿو) وقت ٿي ويو آهي، مون کي وڃڻ گهرجي...... اڳوڻي زماني ۾ انسان رڳو جنگيون ڪندو هو، سندس زندگي، اڳرائي، هار جيت ۾ گذرندي هئي. انسانيت ڪجهه ڳولهي پئي جيڪو جنگين جي جاءِ ولاري ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن انسانيت اها شئي ضرور ڳولهي لهندي، جيڪر اهو جلد ٿئي. (ماٺ)، جيڪر اسين پنهنجن ماڻهن کي تعليم ڏيئي سگهون ۽ پڙهيل ماڻهن کي محنت ڪرڻ سيکاري سگهون. (گهڙي ڏسي ٿو) هاڻي مون کي وڃڻ گهرجي. +(ماشا اچي ٿي). +ورشينن: مان موڪلائڻ آيو آهيان. +(اولگا وڃي ٿي ۽ پاسيري ٿي بيهي ٿي ته جيئن هو نويڪلائيءَ ۾ موڪلائين). +ماشا: (هن جي منهن ۾ نهاريندي) خدا حافظ. +(ڊگهي چمي). +اولگا: اهو ڪافي آهي. +ماشا: (سڏڪا ڀري روئي ٿي). +ورشينن: خط لکندي رهجانءِ، مون کي نه وسارجانءِ...... مون کي وڃڻ ڏي، مون کي وڃڻ گهرجي، اڳ ۾ ئي گهڻي دير ٿي وئي آهي (جذباتي انداز ۾ اولگا جا هٿ چمي ٿو ۽ هڪ دفعو وري ماشا کي ڀاڪر پائي ٿو). +اولگا: هاڻي بس ڪر منهنجي پياري. +(ڪوليگن اچي ٿو). +ڪوليگن: (پريشان ٿي وڃي ٿو) خيال نه ڪر، هن کي روئڻ ڏي، ڇڏيس ته روئي، منهنجي پياري ماشا، مٺڙي، تون منهنجي زال آهين، پر پوءِ به مان توکان ناخوش نه آهيان، ڪا شڪايت نٿو ڪيان، ڪا ميار نه ٿو ڏيان، اولگا ان جي شاهدي ڏيندي، اسان وري ان ساڳي پراڻي زندگيءَ جي شروعات ڪنداسين، هِن باري ۾ تون منهنجي واتان اکر به نه ٻڌندين. +ماشا: (سڏڪا روڪيندي) وڪڙ کائيندڙ سامونڊي ڪناري سان اڪ جو سائو ٻوٽو آهي. +جنهن ۾ سوني زنجير ٿي لڙڪي. +اڪ ۾ سوني زنجير ٿي لڙڪي...... سائي ٻلي..... سائو اڪ...... شيون هڪ ٻئي ۾ منجهنديون ٿيون وڃن..... زندگي ئي منجهي پئي آهي، في الحال مون کي ڪجهه نٿو گهرجي..... ٿوري دير ۾ مان ٺيڪ ٿي ويندس...... ڪنهن شئي جي اهميت نه آهي...... ڪا ڳالهه نه آهي..... وڪڙ کائيندڙ ڪنارو ڇا آهي..... ان جو خيال هر وقت منهنجي دماغ ۾ ڇو ٿو اچي...... منهنجا خيال هڪ ٻئي ۾ وچڙي ويا آهن. +اولگا: صبر ڪر..... سڀ ٺيڪ آهي پياري، هل ته اندر هلون. +ماشا: مان اندر نه هلندس (سڏڪو ٿي ڀري ۽ سڏڪو بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري) مان هن گهر ۾ اندر نه هلندس.... ڪڏهن نه هلندس. +ارينا: اڄ ته ٿوريءَ دير لاءِ ماٺ ڪري ويهون ۽ ڪنهن جي به باري ۾ نه ڳالهايون..... توکي خبر آهي ته مان سڀاڻي وڃان ٿي. +ڪوليگن: ڪالهه مون شاگردن کان ڪوڙيون ڏاڙهي مڇون ورتيون، اهي مان کڻي آيو آهيان. (هڻي ٿو) مان پنهنجي جرمن ماستر جهڙو ٿو لڳان نه، (کلي ٿو)، لڳان ٿو يا نه؟ ٻار به عجيب ٿيندا آهن. +ماشا: سچ ٿو چئين، تون واقعي جرمن ماستر جهڙو ٿو لڳين. +نتاشا: (نوڪرياڻيءَ کي) الائجي ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪيم، هاڻي مسٽر پروٽوپوپوف سوفوچڪا جو خيال رکندو ۽ اينڊري بوبڪ کي گاڏي ۾ وٺي ويندو. هي ٻار ڪم ڪيڏو نه وڌائي ٿا ڇڏين. (ارينا کي) ڇا تون سڀاڻي وڃين ٿي؟ ڏک جهڙي ڳالهه آهي. هڪ هفتو ٻيو رهه. (ڪوليگن کي ڏسي هن کان ڇر�� ٿو نڪري وڃي، ڪوليگن کلي ٿو ۽ ڏاڙهي مڇون لاهي ٿو) پري ٿي..... تو مون کي ڊيڄائي ڇڏيو. (ارينا کي) مان تنهنجي هتي موجودگيءَ سان ڏاڍي هري وئي آهيان، متان ائين سمجهين ته تنهنجي غير موجودگي منهنجي لاءِ معمولي ڳالهه هوندي، مان اينڊريءَ کي چوندس ته هو پنهنجو وائلن کڻي تنهنجي ڪمري ۾ وڃي رهي ۽ اتي بيشڪ پيو وڄائي...... موفوچڪا اينڊري جي ڪمري ۾ رهندي، هوءَ ڏاڍي پياري ٻارڙي آهي..... پياري ننڍڙي ٻارڙي! اڄ صبح هن مون ڏانهن ڏاڍي پيار مان نهاريو ۽ چيائين ”امان“. +ڪوليگن: واقعي ڏاڍي پياري ٻارڙي آهي. +نتاشا: سڀاڻي مان هتي اڪيلي هوندس. (ٿڌو ساهه کڻي ٿي) سڀ کان پهرين صنوبر جا وڻ وڍائيندس ۽ ميپل جا وڻ به وڍائيندس. شام جو اهي ڏاڍا خراب نظر ايندا آهن (ارينا کي) پياري، توکي هي چيلهه ۾ پٽو سٺو نٿو لڳي، ان ڊريس مان هلڪي رنگ جو پٽو هئڻ گهرجي، مان هنن کي چوان ٿي ته هتي گل رکن، تمام گهڻا گل رکن ته جيئن تمام گهڻي خوشبو ٿئي (سخت لهجي ۾) کائڻ وارو ڪانٽو ڪوچ تي پيو آهي (نوڪرياڻيءَ ڏانهن وڃي ٿي) ڪانٽو صوفي تي ڇو پيو آهي، (رڙ ڪري) مون کي جواب ڏي. +ڪوليگن: وري شروع ٿي وئي. +(ٻاهران فوجي بينڊ جي مارچ جو آواز اچي ٿو، سڀ ماٺ ڪري ٻڌن ٿا). +اولگا: هو وڃن پيا. +(چيبوٽڪن داخل ٿئي ٿو). +ماشا: فوجي وڃن پيا، شل کل خوشيءَ سان سفر پورو ڪن (مڙس کي) اسان کي گهر هلڻ گهرجي، منهنجي ٽوپي ۽ هيٽ ڪٿي آهن. +ڪوليگن: مان اندر رکي آهيو آهيان، کڻي ٿو اچان. +اولگا: هاڻي اسان کي گهر وڃڻ گهرجي، وقت ٿي ويو آهي. +چيبوٽڪن: اولگا. +اولگا: (هلڪي ماٺ کان پوءِ) چئه. +چيبوٽڪن: ڪجهه نه آهي........ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن ٻڌايان (هن جي ڪن ۾ چئي ٿو). +اولگا: (ڊڄي ٿي وڃي) اهو سچ ٿي نٿو سگهي. +چيبوٽڪن: ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي آهي، مان ٿڪجي پيو آهيان، صفا ساڻو ٿي پيو آهيان، هڪ اکر به وڌيڪ چئي نٿو سگهان (چڙ مان)، بهرحال، ڪا ڳالهه نه آهي. +ماشا: ڇا ٿيو؟ +اولگا: (ارينا جي چيلهه ۾ ٻانهن ورائي) اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو خوفناڪ آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي پياري، ته توکي ڪيئن ٻڌايان؟ +ارينا: ڳالهه ڇا آهي؟ جلدي ٻڌاءِ...... خدا جي واسطي (روئي ٿي). +چيبوٽڪن: ٿوري دير اڳ ڊيوئل ۾ بيرن مارجي ويو. +ارينا: (روئي ٿي) مون کي خبر هئي..... خبر هئي. +چيبوٽڪن: (اسٽيج جي ڇيڙي تي وڃي بيهي ٿو) مان ٿڪجي پيو آهيان. (کيسي مان اخبار ڪڍي پڙهي ٿو) ٿوري دير هن کي ڇڏيو ته روئي. (آهستي جهونگاري ٿو) تارارايوم...... ڊائي..... مان قبي تي ويٺو آهيان.... ڊاءِ..... ڪهڙو فرق ٿو پئي. +(ٽي ڀينر پاڻ ۾ ڳراٽڙي ٿيون پائن). +ماشا: بينڊ ٻڌو. هو اسان کي ڇڏي پيا وڃن، انهن مان هڪڙو هميشه لاءِ هليو ويو. اسان اڪيلون رهجي ويون آهيون ته جيئن نئين سر زندگيءَ جي شروعات ڪيون. اسان کي جيئڻ گهرجي..... زندگي گذارڻ...... +ارينا: (اولگا جي سيني تي مٿو رکي) ڪو ڏينهن ايندو جو ماڻهن کي ڄاڻ ٿيندي ته ائين ڇو ٿو ٿئي ۽ سورن ۽ ايذائن جو مقصد ڇا آهي، پوءِ پراسراريت نه رهندي. تيستائين اسان کي جيئڻو آهي ۽ محنت ڪرڻي آهي. محنت ڪرڻي آهي..... سڀاڻي مان اڪيلي ويندس، ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ ماستري ڪندس، پنهنجي زندگي انهن ماڻهن کي ارپيندس جن کي ان جي ضرورت آهي، اڄ خزان آهي ڄاڻ سيارو آيو ۽ پوءِ هر طرف برف هوندي، پر مان ڪم ڪندس..... ڪندي رهندس. +اولگا: (ٻنهي ڀينرن جي چوڌاري ٻانهن ورائي) بينڊ ڪيڏو نه خوشيءَ جو نغمو پئي وڄائي، جنهن کي ٻڌي جيئڻ لاءِ اتساهه ٿو پيدا ٿئي.... او الله. سال گذرندا ويندا، اسان هميشه لاءِ هليا وينداسين ۽ ماڻهو اسان کي وساري ڇڏيندا. اسان جون شڪليون ۽ اسان جا آواز ماڻهن کي ياد نه هوندا. ڪنهن کي اها ڳالهه ياد ئي نه رهندي، ته ڪنهن وقت اسين هتي رهنديون هيونسين، پر شايد اسان جا ڏک ۽ سور اسان کان پوءِ اچڻ وارن جي سکن جو سبب ٿين. ڪو وقت ايندو جو دنيا ۾ امن ۽ خوشيءَ جو راڄ هوندو، ان وقت شايد ماڻهو اسان کي ٻاجهه مان ياد ڪن..... نه. منهنجون پياريون ڀينرو، اسان لاءِ حياتيءَ جي پڄاڻي ڪانه ٿي آهي، اسين جيئنديوسين، بينڊ خوشيءَ جو نغمو پئي وڄائي..... ٿي سگهي ٿو ته اسين ٿورو به انتظار ڪيون ته اسان کي خبر پئجي وڃي ته اسين ڇو ٿا جيئون ۽ ڇو ٿا سورِ سهون..... جيڪر اسان کي خبر پئي..... جيڪر خبر پئي. +(بينڊ جي موسيقي آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي ٿي. ڪوليگن اندران هيٽ ۽ ٽوپي کڻي خوشيءَ مان اچي ٿو، اينڊري بوبڪ جي ٻار گاڏي ڌڪيندو داخل ٿئي ٿو). +چيبوٽڪن: (جهونگاري ٿو) تارايوم ڊائي، مان قبي تي ويٺو آهيان ڊائي (اخبار پڙهي ٿو) ان سان ڪهڙو فرق ٿو پئي، ڪو فرق نٿو پئي. +اولگا: جيڪر اسان کي خبر پئجي سگهي... جيڪر خبر پئجي سگهي. +پردو ڪِري ٿو. \ No newline at end of file