diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book19.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book19.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book19.txt" @@ -0,0 +1,213 @@ +ڪتاب جو نالو: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙن جي حياتي + + + +ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙن جي حياتي +ڊاڪٽر هارون رشيد ميمڻ +ماڪوڙيءَ جي حياتي +شروعات: +هِن دنيا ۾ جيڪي به جانور آهن، تن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي نموني جي حياتي گذاري ٿو. پر ڪي اهڙا به جانورماڪو +آهن، جن جي حياتيءَ کي ڏسي اسين گهڻي اچرج ۾ پئجي ويندا آهيون. انهن مان ماڪوڙي به هڪ عجيب جانور آهي. +ماڪوڙيون جيتن جي دنيا ۾ شامل آهن ۽ جيتن مان ماڪوڙيءَ جهڙو ٻيو ڪو سياڻو يا ڏاهو جيت ورلي ملندو. ماڪوڙين جون ڪيتريون ئي ذاتيون آهن، اُنهن ۾ جنهن کي اسين ڪيوِلي يا ڪيِل يا جنهن کي اسين ماڪوڙو چوندا آهيون، اُهي به شامل آهن. اندازو لڳايو ويو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ رڳو ماڪوڙين جون به اٽڪل اٺ هزار ذاتيون آهن. +سڀني ساهوارن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ، جيڪو جماعتي يا سماجي حياتي ٿو گذاري، جيئن انسان، ٻئي ٽولي ۾ اُهي جانور اچي وڃن ٿا، جيڪي گهڻي قدر اڪيلي سر حياتي ٿا گذارين ۽ پاڻ جهڙن ٻين جانورن سان به ڪو گهڻو ۽ ڊگهو لاڳاپو نٿا رکن. ماڪوڙيون به سماجي حياتي گذارڻ واري ٽولي مان آهن، يعني هو به انسانن وانگر هڪٻين جي سَنگ ۾ گڏجي گذارينديون آهن ۽ ڪم ڪار ۽ ڏکُ سکُ گڏجي ونڊينديون آهن. +ماکيءَ جي مکين وانگي، ماڪوڙين جي هر ميڙ يا آباديءَ ۾ ٽن قسمن جون ماڪوڙيون ٿينديون آهن؛ هڪڙيون ”راڻيون“ جن کي مادي يا ”ماءُ ماڪوڙيون“ به چئبو آهي. راڻي ماڪوڙي ٻارهن ورهين تائين جيئري رهي سگهي ٿي ۽ ڪم رڳو آنا لاهڻ هوندو اٿس. ٻيون ”پورهيت ماڪوڙيون“، جيڪي ماڪوڙين جي هر آباديءَ ۾ گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ هونديون آهن. اُهي نه نَرُ ٿين، نه مادي. اهي ٽن يا چئن ورهين جي ڄمار جون ٿيو مريو وڃن ۽ سڄي ڄمار پنهنجي ديري جي اندر توڙي ٻاهر رڳو پورهيو ڪنديون رهنديون آهن. ٽيون ”نَرُ ماڪوڙيون“ ٿين، جن جو سواءِ مادين سان لڳ ڪرڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نه هوندو آهي. اهي ڇهن يا ستن هفتن کان وڌيڪ جيِ نه سگهنديون آهن ۽ مادين سان ميلاپ کانپوءِ ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ مري وينديون آهن. اِهو ڏٺو ويو آهي ته جيتن جي دنيا ۾ پوءِ، اهي ماکيءَ جون مکيون، اڏوهي يا ڪوريئڙا ڇو نه هجن، نَرَ سدائين قربانيءَ جا ٻڪرا بڻبا آهن. +ڪڏهن ڪڏهن اوهان ماڪوڙين کي اڏامندي ڏٺو هوندو. اهي سندن فقط ماديون ۽ نَرَ هوندا آهن، ڇو ته پَرَ رڳو انهن کي ڄمندا آهن، جيڪي پڻ سندن ميلاپ کان پوءِ ڇڻي پوندا آهن. پورهيت ماڪوڙين کي پَرَ ڪو نه ڄمن. +ماڪوڙين جي حياتي گذارڻ جو طريقو راڄوڻي يا جمهوريت وارو ٿئي ٿو۔ سندن راڄ جي هلائڻ جون واڳون هڪ ”ڳجهيءَ ڪائونسل“ جي حوالي هونديون آهن. سائنسدان نهايت گهڻيءَ جاکوڙ کانپوءِ اهو صحيح نه ٻڌائي سگهيا آهن ته ماڪوڙين جي اها ڳجهي ڪائونسل سندن راڻيون هلائين ٿيون يا نر هلائين ٿا يا سندن پورهيت ٿا هلائين. گهڻن ڄاڻن جو خيال آهي ته اها سندن ڪائونسل پورهيت ماڪوڙيون هلائين ٿيون ۽ سندن ننڍڙي راڄ جا سڀئي فيصلا، مثال طور ڪم جي ورڇ، لڳ وقت نَرَن ۽ مادين جي چونڊ، لڙائيءَ وغيره جو حڪم جاري ڪرڻ ۽ ٻيا اهڙا راڄ جي گڏيل ڀلائيءَ جا فيصلا سندن اها پورهيتن جي ڳجهي ڪائونسل ڪندي آهي. +اهو ڏٺو ويو آهي ته ماڪوڙيون جڏهن به ڪو نئون ڪم شروع ڪنديون آهن ته ڪن پنهنجين پورهيت ماڪوڙين کي اڳيان ڪري، انهن جي پويان هلنديون آهن. سندن اها ننڍڙي اڳواڻ ٽولي عام پورهيت ماڪوڙين کان الڳ ڪا نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو الڳ پوش پهريل هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن تي ڪو نشان لڳل هوندو آهي؛ پر تنهن هوندي به سندن راڄ جون ٻيون سڀ ماڪوڙيون انهن کي هڪدم سڃاڻي وٺنديون آهن. +ماڪوڙين جو گهڻو وقت اونداهيءَ ۾ ئي گذرندو آهي ۽ ڪي ته پنهنجي سڄي ڄمار سج جو منهن به نه ڏسنديون آهن. ماڪوڙيون ٿڌ کان ڀڄنديون ۽ لِڪنديون آهن، جيتوڻيڪ ٿڌ انهن کي ماري ڪا نه وجهندي آهي ۽ انهيءَ ڪري هو اونهاري ۾ خوراڪ ڪــٺي ڪري، سياري ۾ پنهنجي ديري ۾ اندر آرام ڪنديون آهن ۽ بهاري اچڻ تائين گهرن ۾ پيون هونديون آهن. انهيءَ سڄي عرصي ۾ کين ٻاهر جي دنيا جي ڪا به ڳڻتي نه هوندي آهي، پوءِ اتي يعني سندن ديري کان ٻاهر کڻي ڪو طوفان، مينهن، يا ڪا ٻي اهڙي مصيبت ڇو نه اچي. +پراڻي زماني ۾ ماڪوڙين کي ڏاڍو خراب جيت ڪري ليکيو ويندو هو؛ پر هينئر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هوءَ ڏاڍي هڪ بهادر، بي غرض ۽ سڀ جو ڀلو گهرندڙ مخلوق آهي. +پورهيت ماڪوڙيءَ جي هيٺئين ڌڙ وٽ هڪ خاص قسم جي ڳوٿري ٿيندي آهي، جنهن کي ”سماجي ڳوٿريد“ چئبو آهي. اُن ڳوٿريءَ مان اُن جي سڄي سڀاءَ، چڱين عادتن ۽ رهڻيءَ ڪرڻيءَ جي ڪافي خبر پئجي سگهي ٿي. اِها ڳوٿري اُن جو پيٽ به ناهي ۽ نه ئي وري ان ۾ هاضمي جا ڪي غدود ٿينس ٿا، پر ان ۾ هوءَ خوراڪ گڏ ڪندي آهي. گهڻو ڪري اُن کي ڀريل رکندي آهي ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان اُن مان خوراڪ اوڳاريندي، پنهنجو منهن پنهنجي راڻين ۽ نر ماڪوڙين جي منهن سان ملائيندي، اُنهن کي اها خوراڪ ڏيندي ويندي آهي، جيڪي اُها خوراڪ پوءِ چپ چاپ پنهنجي پيٽ ۾ وجهنديون وينديون آهن. پورهيت ماڪوڙيون پنهنجي راڄ ۾ ڪنهن به ماڪوڙيءَ کان اُها خوراڪ نه لڪائينديون آهن، پوءِ کڻي اُها سندن دشمن ڇو نه هجي. انهن کي ائين خوراڪ اوڳارڻ ۽ ٻين کي ڏيڻ ۾ ايتري ته خوشي ٿيندي آهي ۽ مزو ايندو آهي، جيترو کانئن وٺندڙ ۽ کائيندڙ ماڪوڙين کي به نه ايندو آهي. پورهيت ماڪوڙيون ڪڏهن به گوڏا ورائي پنهنجي پيٽ ڏانهن نه ڪنديون آهن، پر سدائين ٻين جو اونو رکنديون آهن. پنهنجي لاءِ کين ڪٿان ڪا ٿوري ”آلاڻ“ ملي ويئي، ته هو بس ان ۾ ئي خوش هونديون آهن، پوءِ خدا کي خبر اُن آلاڻ مان اُنهن کي ڪهڙي ٿي سگهه ملي، جنهن تي اُهي جيئريون ٿيون رهن. ڪڏهن اُهي خوراڪ اوڳارڻ ۽ اُن جي خيرات ۽ سخاوت ڪرڻ جي رنگ ۾ ايتريون ته ڀرجي وينديون آهن، جو سندن سماجي ڳوٿري سڄي خالي ٿي ويندي آهي. اُن حالت ۾ به، هو پاڻ اُهائي ”آلاڻ“ ڇٽينديون، پنهنجي اُن سماجي جهوليءَ کي وري ڀرڻ ۾ لڳي وينديون آهن. +ماڪوڙين جو لڳ ۽ سندن پيدائش +ماڪوڙين جي ديري ۾، جيڪو سندن سڄي راڄ جو گهر آهي، پورهيت ماڪوڙين، ماءُ-ماڪوڙين ۽ نَرَ-ماڪوڙين جو تعداد سندن ”ڳجهيءَ ڪائونسل“ جي مرضيءَ يا فيصلي پٽاندڙ هوندو آهي، ۽ سدائين پورو پورو ۽ هڪ ڪرائتو هوندو آهي. هاڻي سوال ٿو اُٿي ته وٽن اهڙو تُز فيصلو يا پورو ”ڪاٿو“ آخر ڪيئن ٿو ٿئي ته سڄي ديري جي سهوليت ۽ سک لاءِ وٽن هيتريون پورهيت، هيتريون ماديون ۽ هيتريون نَرَ ماڪوڙيون هئڻ گهرجن. سچي ڳالهه آهي ته ان راز جي اسان کي ڪا به خبر پئجي نه سگهي آهي، ۽ نه شايد ڪڏهن پئجي سگهي؛ ڇاڪاڻ ته ماڪوڙين جي دنيا اسان جي دنيا کان الڳ آهي، ۽ هنن جي سمجهه ۽ سرت ڪهڙو ڪم ٿي ڪري سو ته اسين سمجهي سگهون ٿا، پر ڪيئن ٿي ڪري سو اسان جي سمجهڻ کان مٿي آهي. +ماڪوڙين جي نَرن ۽ مادين جو لڳُ يا ميلاپ زمين ته نه پر مٿي هوا ۾ ٿيندو آهي. اُن لاءِ کين پَرَ نڪرندا آهن، ۽ لڳ جي سڌ ۾ ٻئي ڌريون وٺي مٿي اُڏامنديون آهن. اُن کي سندن ”لڳ جي اُڏم“ چئبو آهي. هر هڪ ماديءَ جي پٺيان ڪيترائي نر هوندا آهن، پر انهن مان رڳو پنج يا ڇهه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. باقي نَرَ مادي وٽ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي مري ويندا آهن.پوءِ انهن ڪامياب نَرَن مان به هر هڪ نَرُ لڳ ڪرڻ کان هڪدم پوءِ، هيٺ زمين تي اچي ڦهڪو ڪندو آهي، ۽ ٻن-ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هو مري ويندو آهي. +سڄيءَ ڄمار ۾ مادي ماڪوڙي رڳو هڪ ڀيرو ميلاپ ڪندي آهي. ميلاپ کانپوءِ هوءَ هڪدم هيٺ زمين تي لهي، پنهنجي اَجهي جي ڳولا ۾ نڪرندي آهي. هيٺ لهڻ سان ئي هوءَ پنهنجا پر ڇاڻي ڇڏيندي آهي پوءِ پاڻ کي ڇنڊي ڦوڪي، ڪنهن موافق هنڌ تي زمين کي کوٽڻ لڳندي آهي ته جيئن اُتي پنهنجو ”گهر“ ٺاهي سگهي. اُن جي ان محنت سان ماڪوڙين جي هڪ نئين ديري يا نئين راڄ جو بنياد پوندو آهي. +اُها مادي، جيڪا اڳتي هلي، اِئين ماڪوڙين جي ماءُ بڻبي آهي، سڄي ڄمار پاڻ کي قيد خاني ۾ بند رکندي آهي. ”لڳ جي اُڏام“ کان اڳ به اُها ڪڏهن گهر کان پير ٻاهر نه رکندي آهي. جيتوڻيڪ گهر ۾ بند رهڻ ڪري اُن کي ڪو خاص اهنج ڏسڻو ڪو نه پوندو آهي، پر اُن قيد خاني ۾ کيس پنهنجو هر ڪم، سواءِ خوراڪ گڏ ڪرڻ جي، پاڻ ڪرڻو پوندو آهي. ان مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته مادي-ماڪوڙي هڪ غير رواجي جسماني ۽ اخلاقي قوت جي مالڪ ٿئي ٿي. ڪي ماديون گهر جي ڪم ڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ سان هڪ ڊزن کن پورهيت ماڪوڙيون رکنديون آهن. اُهي پورهيت ماڪوڙيون ”راڻيءَ“ جي ”اُڏام“ کانپوءِ اُن کي نئين گهر ٺاهڻ، ۽ خوراڪ گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۽ پڻ اُن جي آنن ۽ ٻچن جي سنڀال لهنديون آهن. +ماديءَ وٽ، ”سماجي ڳوٿري“ نه هئڻ سبب، پورهيت ماڪوڙين وانگر خوراڪ گڏ ٿيل نه هوندي آهي. لڳ کان اڳ جيڪا کيس خوراڪ ملي هوندي، ان کانپوءِ کيس ٻي ڪا خوراڪ ڪڏهن ته بلڪل ڪا نه ٿي ملي، ۽ جي ملي ٿي ته به تمام ٿوري. انهيءَ ڪري هوءَ ويٺي ويٺي، نهايت ڏٻري ۽ ڪمزور ٿي ويندي آهي. تنهن کانسواءِ کيس نئين گهر ٺاهڻ ۾ پڻ طاقت خرچ ڪرڻي پوندي آهي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ نيٺ هوءَ آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي، جيڪي مقرر ٽائيم تي ڦُٽندا آهن. آنن مان اُن جي ڦُٽل ٻچن کي ”لاروا“ چئبو آهي. ”لاروا“ پنهنجي وات مان هڪ قسم جو پَٽُ ڪڍندا آهن، جنهن کي هو پنهنجي جسم جي مٿان ويڙهي، پاڻ کي ان ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن. اُن کي ”ڪَڪُون“ چئبو آهي. ”ڪَڪُون“ ۾ ٻچن جي اُن واڌ جي ڏاڪي ڏاڪي کي سندن ”آرام جو ڏاڪو“ چئبو آهي. سڀني جيتن جا ٻچا ائين ”ڪڪون“ ٺاهي، ان ۾ آرام ڪندا آهن. ان ڏاڪي کان پوءِ، جڏهن هي ٻچا وڌي، ڪجهه جوان ٿيندا آهن، تڏهن اُنهن کي ”نِمفِ“ چئبو آهي، جيڪي هونئن ته بلڪل وڏي سڄي جيت وانگر هوندا آهن، پر اڃا سندن پَرَ ۽ جنسي عضوا پورا وڌيل نه هوندا آهن. ان کانپوءِ، ٿورا وڏا ٿي، ماڪوڙين جون الڳ الڳ ٽوليون، يعني ماديون، نَرَ ۽ پورهيت ماڪوڙيون ٿي پوندا آهن. +ماڪوڙين جا پهريان ڦُٽل ٻچا جڏهن جوان ٿيندا آهن، ته گهٽ خوراڪ جي ڪري ڪجهه ڪمزور ۽ ڏُٻرا هوندا آهن. پر اُن هوندي به هو ”گهر“ جون ڀِتيون ڀڃي، اُن ”قيد خاني“ مان ٻاهر نڪرندا آهن، ۽ پنهنجي ماءُ لاءِ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن. پوءِ جيڪا به کين پهرين خوراڪ مِلي، ته اها هڪدم آڻي پنهنجي ماءُ جي آڏو رکندا آهن. اُن کانپوءِ ماءُ ماڪوڙيءَ جا سڀ ڏک ڏوُر ٿي ويندا آهن، ۽ کيس پوءِ ڪا به ڳڻتي نه رهندي آهي ۽ هوءَ پنهنجي آڏو رڳو سکيا ڏينهن ڏسندي آهي. سندس ڪم پوءِ رڳو آنا لاهڻ هوندو آهي، ۽ جيستائين جيئري هوندي آهي، تيستائين ائين ئي آنا لاهيندي آهي. +اهڙيءَ طرح اُهو اُن جو پهريون ”گهر“ جيڪو اُن جو ننڍڙو قيد خانو هو، سو آهستي آهستي وڌي چڱو موچارو ”شهر“ بڻجي ويندو آهي ۽ پنهنجي پوري اوج ۾ اچي ويندو آهي، ۽ پوءِ جڏهن ماڪوڙين جو هيءُ نئون ”ديرو“ يا آبادي وڌي، پنهنجيءَ هڪ حد تائين پهچندي آهي، تڏهن منجهن ساڳي اڳي وانگر نَرَن ۽ مادين جي ”چونڊ“ شروع ٿي ويندي، انهن ۾ پَرَ ڄمندا، اُنهن جا جنسي عضوا پورا وڌي ايندا ۽ اِئين ماڪوڙين جي دنيا ۾، هڪ نئين ”ميلاپ جي اُڏام“ شروع ٿيندي. +ماڪوڙين جو گهر يا ديرو +اٽڪل نوي سيڪڙو ماڪوڙين جون ذاتيون پنهنجا گهر زمين اندر ٺاهينديون آهن، باقي ڪي وڻن جي پورن ۾ ۽ ڪي وري پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي انهن ۾ رهنديون آهن. زمين اندر ماڪوڙين جا گهر سنوت ۾ پٿريل ۽ بيشمار ورن وڪڙن وارا هوندا آهن. اندر اهي ايترا ته منجهائيندڙ هوندا آهن، جو جيڪڏهن اسان جو گهر اهڙي قسم جو هجي ته جيڪر اسان مان ڪو به ان مان جيئرو ٻاهر نه نڪري سگهي. جيتريون ماڪوڙين جون ذاتيون ٿينديون آهن اوترين ئي رٿائن جا اِهي سندن گهر هوندا آهن. بنيادي طرح، گهرن اَڏڻ جي ڪاريگري البت سڀني جي ساڳي هوندي آهي. +ماڪوڙين جا اِهي گهر ڪيترين ئي ماڙين جا ٺهيل هوندا آهن: اٽڪل ويهه ماڙيون انهن جون زمين هيٺ، ۽ اوتريون ئي زمين جي مٿان ٿينديون آهن. زمين اندر سندن گهر چڱو خاصو هڪ شهر لڳندو آهي. اوهان اڪثر واٽ ويندي، مِٽيءَ ۽ واريءَ جا ننڍا ننڍا دڙا ڏٺا هوندا، جن جي وچ ۾ سوراخ هوندو آهي، اصل ۾ اهي ماڪوڙين جا گهر هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اُهي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ٻاهران بند ٿيل هوندا آهن، ۽ ڪڏهن ته وري اهڙي نموني کليل هوندا آهن، جو ڄڻ ڪنهن هٿ سان کوٽي ڪو ڏرڙ ڪري ڇڏيو هجي. +ماڪوڙين جو گهر الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو آهي، جهڙوڪ اَن جا ڀانڊا، اسٽور ۽ ’لارُون‘ جي پلجڻ جا ڪمرا وغيره. ماڪوڙين جي هر ذات جي گهر جي ورڇ ۽ رٿا پنهنجي پنهنجي ضرورت پٽاندر هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ساڳيءَ ذات جي ماڪوڙين جي گهرن جي ورڇ به الڳ الڳ ٿيندي آهي، جيتوڻڪ هڪ ئي ذات هئڻ سبب، سندن ضرورتون هڪ جهڙيون ئي هونديون آهن، گهرن جي ”اڏاوت“ جي بنيادي ڪاريگري يا اٽڪل، سا ماڪوڙين جي سڀني ذاتين وٽ ساڳي ٿئي ٿي. هڪ قسم جي ماڪوڙي جنهن کي ”لاسئيز“ (Lasuis) چئبو آهي، اُن جي گهر کي ڏسبو ته اُن جي مٿئين ڀاڳي ۾ پوريءَ خبرداريءَ سان آنا رکيل هوندا، هيٺين ڀاڱي ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ ننڍ-وڏائي پٽاندر ” لاروا“ رکيل هوندا، انهن کان هيٺ وري ”ڪڪون“ رکيل هوندا. پر وري ساڳئي قسم جي ماڪوڙيءَ جي ٻئي گهر کي ڏسبو، ته اُن جون سڀئي شيون ڪي ڪٿي ته ڪي ڪٿي ٽِڙيون پکڙيون پيون هونديون. +گهڻو ڪري ماڪوڙين جا گهر ٻارهن کان سورهن انچ زمين هيٺ ٿيندا آهن ۽ ڪن جا ته پنج يا ڇهه فٽ به هيٺ اونها هوندا آهن. ڪي ڪي ماڪوڙيون پنهنجا گهر هڪٻئي جي ڀر ۾ ٺاهي، هڪ قسم جي ڀائپيءَ واري ڪالوني ٺاهي رهنديون آهن. هڪڙي سائنسدان، جنهن جو نالو ”فوريل“ هو، فرانس جي هڪ شهر ”جورا“ ۾ ماڪوڙين جي هڪ ڪالوني لڌي، جنهن ۾ ٻه سئو گهر يا ديرا هئا. اها ڪالوني چئن سون والن يا اڃا به وڌيڪ پٽ تي پکڙيل هئي. هڪڙي ٻئي سائنسدان، ڊاڪٽر ”مئڪڪ“ آمريڪا ۾ هڪ هنڌ ماڪوڙين جي هڪڙي اهڙي ڪالوني لڌي، جيڪا پنجاهه ايڪڙن ۾ پکڙيل هئي ۽ ان ۾ سورهن سئو گهر هئا. +ماکيءَ جي مکين ۽ اُڏوهيءَ وانگر ماڪوڙيون به اونداهيءَ جون عاشق هونديون آهن. سندن راڻيءَ جي ذري گهٽ سڄي ڄمار اونداهيءَ ۾ ئي گذرندي آهي ۽ پورهيت ماڪوڙين جو پڻ چڱو خاصو وقت اونداهيءَ ۾ گذرندو آهي. پورهيت ماڪوڙين لاءِ ته رات ڏينهن برابر هوندا آهن. گرميءَ جي ڏينهن ۾ ته خاص طرح هو ڪڏهن به سست نه ��يهنديون آهن ۽ هر وقت پنهنجي ڪم ڪار کي لڳيون رهنديون آهن. اهي سدائين ڪو نه ڪو ڪم ڪنديون رهنديون آهن، جهڙوڪ: گهر جي صفائي (ماکيءَ جي مکين وانگر ماڪوڙيون به نهايت گهڻيون صفائي پسند هونديون آهن)، خوراڪ گڏ ڪرڻ، آنن، ”لارون“ ۽ ”ڪڪونن“ کي سنڀالڻ وغيره. تنهن کانسواءِ هو مائرن (يعني راڻين) جو خيال رکنديون آهن. کين خوراڪ کارائينديون، سندن صفائي ڪنديون، کين دشمن کان بچائينديون ۽ رستو ڏيکارينديون وغيره، مطلب ته هو ڪڏهن وانديون نه ويهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ هو راند روند ۽ وندر ورونهن پڻ ڪنديون آهن. +ماڪوڙيون، ائين جيتوڻيڪ سدائين ڪم ۾ رُڌل رهنديون آهن، پر ٿَڪ لاهڻ جي اَٽل گهرج پٽاندر کين آرام جي گهرج پوندي آهي. پوءِ هو هر ڳالهه مان هٿ ڪڍي پنهنجيءَ سگهه کي تازي ڪرڻ لاءِ هر قسم جي چرپر کي بند ڪري، ننڊ ۾ غرق ٿي وينديون آهن ۽ ايتريون ته الوٽ ٿي وينديون آهن، جو دشمن جي سندن گهر تي چڙهائيءَ جي به سُڌ نه پوندي اٿن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪو هيڻي ۾ هيڻو دشمن به مٿن اچي ڪڙڪندو، ته ٿورو جاڳي، وري سمهي رهنديون آهن يا وري وڙهڻ بدران گهر ڇڏي ڀڄي وينديون آهن. +وڻن جي پورن ۾ ماڪوڙيون پنهنجا گهر اڏوهيءَ وانگر ٺاهينديون آهن، پر وڻن جي ڇوڏن سان ڪا به هٿ چراند نه ڪنديون آهن، سائنسدان ”هُوبَر“ جو چوڻ آهي ته: وڻن ۾ گهر ٺاهيندڙ ماڪوڙيون اهڙي ڪاريگريءَ سان ماڙيءَ مٿان ماڙي ٺاهي رهنديون آهن، جو ٻن ماڙين جي وچ واريءَ ڀت يا ماڙيءَ جي الڳ الڳ ڪوٺين جي وچ وارين ڀتين جي ٿولهه تاس جي پتي کان وڌيڪ ٿلهي نه ٿيندي آهي. ماڪوڙين جا اهڙا نفيس گهر ڏسي، ماڻهوءَ جو عقل حيران ٿيو وڃي. وڻن ۾رهندڙ هي ماڪوڙيون به زمين هيٺ رهندڙ ماڪوڙين وانگر ڪٿي ڪٿي ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن. گرم علائقن ۾ رهندڙ هي ماڪوڙيون گهڻو ڪري پنهنجا گهر وڻن جي نوڙيل ڏارن تي ٺاهينديون آهن. سندن گهر جو رنگ به ذري گهٽ وڻ جي ڇوڏن جهڙو ٿيندو آهي. +ڪن ماڪوڙين جون ذاتيون اهڙيون به ٿين ٿيون، جيڪي پنهنجي رهائش جا پٽ بدلائينديون رهنديون آهن ۽ پنهنجا گهر ڪڏهن هت ته ڪڏهن هُت ٺاهينديون رهنديون آهن (اهڙن گهرن جي بيان لاءِ ڏسو ”خاص خاص قسم جي ماڪوڙين“ وارو باب). +ماڪوڙين جي لڙائي +ماڪوڙيون نهايت امن پسند ۽ ماٺيڻيون هونديون آهن، پر اڳرائي ڪندڙ سان ٺاهي هٿ ڳنڍينديون آهن. جيتن جي دنيا ۾ ماڪوڙيون هڪ اهڙي مخلوق آهي، جنهن وٽ فوج جو باقاعدي بندوبست هوندو آهي. اڏوهيءَ وٽ به گهر جي بچاءَ لاءِ فوج هوندي آهي، پر هو ڪڏهن به دشمن تي حملو نه ڪندي آهي ۽ رڳو داڻي پاڻيءَ لاءِ ئي گهر کان ٻاهر نڪرندي آهي. +ماڪوڙين جي دنيا ۾، جيڪي وڌيڪ هوشيار ۽ سڌريل ماڪوڙيون هونديون آهن، سي ڏاڍيءَ حرفت ۽ ڏاهپ سان ماٺيڻن ۽ مسڪين ماڪوڙين تي حملو ڪنديون آهن. ماڪوڙين جو اهو گڻ انساني تهذيب سان اچرج جهڙي مشابهت ٿو رکي. +سڀني ماڪوڙين کي ٻه ڄاڙيون ٿينديون آهن، جن سان هو وڙهنديون آهن. اهي ڄاڙيون جدا جدا ذاتين جي ماڪوڙين ۾ جدا جدا سائيز جون ٿينديون آهن. انهن جي شڪل انبوريءَ، ڏاٽي يا نچڪڻي جهڙي ٿيندي آهي. ڪن ماڪوڙين کي پيٽ جي آخري ڇيڙي تي هڪڙي زهريلي ڳوٿري پڻ ٿيندي آهي، پر اهي ان ڳوٿريءَ کي گهٽ ڪم آڻينديون آهن. ماڪوڙين وٽ اسان کي لڙائيءَ جو هر نمونو ڏسڻ ۾ ايندو، جهڙوڪ: مُنهان منهن لڙائي، اوچتي ڪاهه، لڪي ڇپي وڙهڻ، گهيرو ڪرڻ، عام ڪوس، بچاءُ جي ويڙهه، وقتي پوئتي هٽڻ، دشمن کي دلبو ڏيڻ، هڪڙيءَ ڌر سان اتحاد ڪري ٻيءَ ڌر سان وڙهڻ، وقت ٽپائي وري اتحادي ڌر سان وڙهڻ ( جي��وڻيڪ ائين وٽن ورلي ٿيندو آهي)، ماريل ۽ هيسيل ڌر تي چٽي مڙهڻ وغيره. +ماڪوڙين جي دنيا ۾ گهڻو ڪري پيار، امن ۽ خوشيءَ جي صورت قائم هوندي آهي، پر اسان انسانن وانگر ماڪوڙين ۾ ڪي اهڙيون ذاتيون ٿين ٿيون، جيڪي اڪثر طاقتور ۽ مالدار ۽ وڌيڪ حرفتي ۽ هوشيار هونديون آهن. انهن ۾ رک رکاءُ نه هوندو آهي ۽ سندن ڌنڌو رڳو لڙائي ڪرڻ هوندو آهي. اهي لڙائيءَ ۽ فساد کي هڪ قدرتي ڳالهه سمجهنديون آهن، ايتري قدر جو ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ هو پنهنجي پاڙيسرين جي گهرن تي حملو ڪري ڏينديون آهن ۽ انهن مان نوجوان ماڪوڙيون هٿ ڪري کين پنهنجو غلام بڻائينديون آهن. +ڪي ماڪوڙيون باقاعده ۽ پوريءَ سياڻپ سان لڙائي ڪنديون آهن. هو پهرين ماٺيڻين ۽ هيٺين ماڪوڙين جي گهر جي جاسوسي ڪري موقعو وٺي، پوءِ انهن تي حملو ڪنديون آهن. انهن ماڪوڙين کي ”اميزان“ ذات جون ماڪوڙيون سڏبو آهي. اهي لڙائيءَ کانپوءِ هارايل ماڪوڙين جا ”لاروا“ يا انهن جون نوجوان ماڪوڙيون هٿ ڪري، انهن کي غلام بڻائينديون آهن۔ ٻئي ڪنهن کي غلام رکڻ هڪ عياشي آهي، پر ”اميزان“ ماڪوڙين لاءِ اها هڪ اٽل ضرورت آهي. هونئن به ماڪوڙين جي سڀني ذاتين وٽ غلام هوندا آهن ۽ سندن ذاتين جي ورڇ ۽ سڃاڻپ انهيءَ ڳالهه تي ئي ٿيندي آهي ته ڪهڙي ذات وٽ ڪيترا غلام آهن ۽ اهي ڪهڙي حالت ۾ آهن. مثال طور ”سينگوئين“ ذات جي ماڪوڙين وٽ ڇهن ماڪوڙين لاءِ هڪ غلام هوندو آهي ۽ ”اميزان“ ماڪوڙين ۾ وري هڪ هڪ لاءِ ڇهه يا ست غلام هوندا آهن. ”اميزان“ ماڪوڙيون غلامن جي مدد کان سواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهنديون آهن، ايتري قدر جو هو پاڻ کائي به نه سگهنديون آهن. انهن ماڪوڙين جو ڪم رڳو ٻچا ڄڻڻ ۽ گهر ٺاهڻ هوندو آهي، نه ته سڄو وقت اُهي گهر ۾ بيڪار پيون هونديون آهن. انهيءَ ڪري ڪنهن به قيمت تي کين لڙائي ڪري ضرور غلام هٿ ڪرڻا پوندا آهن. اهي ماڪوڙيون جڏهن ڪنهن تي چڙهائي ڪنديون آهن، ته ڪڏهن به پوئتي نه هٽنديون آهن، پوءِ ڀلي سندن دشمن ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي. سندن مقصد رڳو زوراور يا اڳواڻ بڻجڻ هوندو آهي. اهي ماڪوڙيون لڙائيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايتريون ته چريون ٿي پونديون آهن، جو آپي کان ٻاهر نڪري وينديون آهن، پوءِ جيڪا به شيءِ سندن آڏو ايندي آهي ته ان کي پنهنجي وات ۾ ڏيئي، ڏاٽي جهڙين ڄاڙين سان ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏينديون، ايتري قدر جو ٻيءَ ڌُر جا ”لاروا“ ۽ ”نمفس“، ۽ خود سندن پنهنجا ساٿي ۽ غلام، ويندي ڪاٺ جا ذرا، مطلب ته جيڪي به سامهون ايندو اٿن تن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون آهن. +ماڪوڙين جي وچ ۾ پَٽ لاءِ پڻ لڙائي ٿيندي آهي، پر اها لڙائي ايتري ڇِتي ۽ ظلم واري نه هوندي آهي جيتري ”امينزان“ ماڪوڙيون ڪنديون آهن. انسان وانگي ماڪوڙين کي پنهنجي جائداد ملڪيت جو پورو پورو خيال هوندو آهي. اهو خيال رڳو پنهنجي گهر تائين محدود نه هوندو اٿن، پر اُن ۾ سندن اُهو سڄو پٽ اچي وڃي ٿو، جتان هو پنهنجي خوراڪ هٿ ڪنديون آهن. اِن خيال کان، گرم علائقن جي ماڪوڙين جي ويچاريءَ اَڏوهيءَ سان قدرتي دشمني هوندي آهي. اهڙي لڙائيءَ ۾ اُڏوهي هميشہ مارجي ويندي آهي ۽ ماڪوڙين جو سدائين سندن گهر تي قبضو ٿي ويندو آهي. +آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ برازيل ۾ هڪڙيون اهڙيون ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جن کي ”ملاقاتي“ يا ”ڊرائيور“ ماڪوڙيون چئبو آهي. اهي ماڪوڙيون نهاقت طاقتور ٿينديون آهن، ۽ طاقتور هجڻ ڪري ڪا به شيءِ سندن آڏو بيهي نه سگهندي آهي. اهي بلڪل هڪ واچوڙي يا طوفان وانگر اينديون آهن ۽ ڪنهن کي به همت نه ٿيندي آهي، جو سندن کڻي مق��بلو ڪري. سائنسدانن آفريڪا ۾ هڪ اهڙي ماڪوڙي لڌي آهي، جيڪا بلڪل انڌي ٿيندي آهي. اُن ماڪوڙيءَ جو ڌنڌو رڳو گوشت کائڻ، ڦرلٽ ۽ قتل عام هوندو آهي. اهي ماڪوڙيون ڪنهن به هڪ جاءِ تي ڪين ٽِڪنديون آهن، پر ضرورت وقت رستن تي يا کليل ميدانن ۾ ڇانوڻي هڻي، اتي پنهنجو ديرو ڄمائي ويهنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته اهي سانگي ماڪوڙيون آهي. +انهن ماڪوڙين جي ڪاهه ۽ ڦرلٽ هڪ قابل فوج وانگر پوريءَ رٿا پٽاندر عمل ۾ ايندو آهي. اهي ٻن ٽن، ڀيرن جي جاسوسيءَ کانپوءِ حملو ڪنديون آهن ۽ ڦرلٽ ڪنديون آهن. جيڪڏهن سندن شڪار ڳرو هوندو آهي، ته ان کي اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، کڻي وڃي پنهنجي اسٽور ۾ رکنديون آهن. جيڪڏهن اهڙي حملي وقت ڪا ڪڪڙ يا ٻيو ڪو ننڍو جانور هٿ چڙهي وين ته ان جو گوشت کائي، باقي وڃي هڏا بچائينديون آهن. +پئسفڪ سمنڊ جي ”ٽونگا“ نالي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ڀيري پڃري ۾ پيل هڪ چيتي تي انهن ماڪوڙين حملو ڪري، ان کي هڪ ئي رات ۾ کائي کپائي ڇڏيو. پراڻي وقت ۾ اُتي جڏهن قيدين کي ڪا ڳري سزا ڏيڻي هوندي هئي، ته ان کي انهن ماڪوڙين جي حوالي ڪري ڇڏبو هو. پوءِ ٿوري ئي وقت ۾ اُهي ان ماڻهوءَ جا وڃي هَڏا بچائينديون هيون۔ انهيءَ ڪري اُتي جا رهواسي ههڙين خطرناڪ ماڪوڙين کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ کَٽن جا پاوا شراب سان ڀريل وڏن پيالن ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ کين اهو پڻ خيال رکڻو پوندو هو ته سندن گهرن جي ڇِت ۾ ڪو کليل سوراخ نه رهجي وڃي، ته اهي ماڪوڙيون متان انهن سوراخن مان اندر اچي مٿن حملو ڪن ۽ کين نقصان پهچائين. هي ماڪوڙيون ڪنهن ڳوٺ تي حملو ڪنديون آهن ته پوءِ اتي جي پکين، جانورن ۽ ٻين جيتن جو خير نه هوندو آهي، اتان جا خود ماڻهو به انهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ اڪثر پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن. +ماڪوڙين جي پاڻ ۾ خيالن جي ڏي-وٺ +ماڪوڙيون ذري گهٽ انڌيون ٿينديون آهن، پر ان هوندي به هو بنان ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي گهر جي اندر ۽ ٻاهر ڪم ڪار ڪنديون رهنديون آهن. هو پنهنجي ساٿين کي سڃاڻينديون آهن. دشمن جي ڪاهه جي سُڌ کين هڪدم پئجي ويندي آهي؛ خوراڪ گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرنديون آهن، ته صحيح سلامت گهر موٽي اينديون آهن. اهي ۽ ٻيا سڀ پنهنجا ڪم هو پنهنجي ”سنگهڻ واري حواس“ جي وسيلي ڪنديون آهن، جيڪو سندن ”ڇهڻن“ ۾ موجود هوندو آهي. گهڻين کوجنائن ۽ تجربن کان پوءِ سائنسدانن اهو ڏٺو آهي ته ماڪوڙين ۾ ٻين حواسن کان ”سنگهڻ جو حواس“ وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته جڏهن ٻه ماڪوڙيون گهمندي ڦرندي پاڻ ۾ گڏبيون آهن ته سدائين پنهنجن ڇهڻن سان هڪٻئي کي اشارا ڏينديون آهن، اصل ائين ڄڻ هڪٻئي سان ڪجهه ڳالهائي رهيون آهن. اِهائي پڪ ڪريو ته هنن جي پاڻ ۾ خيالن جي ڏي-وٺ آهي. +جڏهن ڪا پورهيت ماڪوڙي ٻاهر ڪا خوراڪ ڏسندي آهي ته پهرين ان کي چڱيءَ طرح جاچي ڏسندي آهي. پوءِ جيڪڏهن اها شيءِ سندن مطلب جي هوندي ته پهرين پاڻ ان کي گهر ڏانهن گِهلڻ جي ڪوشش ڪندي؛ پر جيڪڏهن کانئس ڳري هوندي ته اوهين ڏسندا ته هو موٽي گهر ويندي ۽ ٿوريءَ جهٽ ۾ ڪيترين ئي پنهنجن سنگتياڻين سان ان شيءِ ڏانهن موٽي ويندي، ۽ پوءِ سڀئي ماڪوڙيون ان کي ساڻ کڻي گهر موٽي وينديون! ان مان صاف ظاهر آهي ته ان ماڪوڙيءَ گهر وڃي پنهنجي سنگتياڻين کي چيو هوندو ته شيءِ کڻڻ ۾ هلي سندس مدد ڪن. اوهين هڪ ٻي ڳالهه پڻ ڏسي سگهندا ته اها ماڪوڙي جنهن رستي سان گهر ويئي هوندي، انهيءَ ئي رستي سان پاڻ ۽ سندس سنگتياڻيون واپس ان جاءِ تي آيون هونديون. سائنسدانن ڪيترائي تجربا ڪيا آهن ۽ ڏٺو آهي ته ماڪوڙي جڏهن ب�� ڪو گسُ وٺندي آهي ته هوءَ اتي هڪ خاص قسم جي بوءِ ڇڏيندي ويندي آهي، ۽ پوءِ موٽڻ مهل ان بوءِ کي سنگهندي، گهر پهچندي آهي. اهڙي قسم جي رستي کي ماڪوڙين جي ”بوءِ وارو گس“ چئبو آهي. +الجزائر ملڪ جو هڪ سائنسدان ”ڪارنپز“ تجربي طور، چوي ٿو ته ”هڪ ڊگهي مسافريءَ تان موٽندڙ ماڪوڙيءَ کي پڪڙي، گس تان ٿورو هٽائي، پري رکو، اوهين ڏسندا ته هوءَ اتي ئي گول چڪر پيئي هڻندي ۽ ڪڏهن به گهر جو گس نه لهي سگهندي.“ ٻئي سائنسدان ”پئير آن“ جو چوڻ آهي ته ماڪوڙي ”پٺن جي يادگيري“ جي مدد سان هڪ کان ٻيءَ جاءِ تائين سفر ڪندي آهي، ۽ پوءِ پنهنجي ابتي يادگيريءَ سان گهر موٽي ايندي آهي. سائنسدان ”بِرُون“ ”پيئران“ جي نڪتي کي ذهن ۾ رکندي، انومان ڪڍيو آهي ته ”ماڪوڙي اهڙي نموني سان ٿي هلي، جو ڄڻ وٽس ڪا ”قطب نما“ هجي، جنهن جي مدد سان هو گَس ٿي لهي. هن صاحبه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”ماڪوڙيءَ وٽ ڪو فاصلي ماپڻ جو اوزار پڻ موجود آهي، جيڪو کيس لڳاتار اهو ٻڌائيندو رهندو آهي ته هن گهر کان ڪيترو فاصلو طئي ڪيو آهي.“ ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته جڏهن ماڪوڙي گهر ۾ رهندي آهي، تڏهن ان جي ”قطب نما جي سُئي“ سست ۽ غير مقناطيسي هوندي آهي ۽ جڏهن هوءَ ٻاهر نڪرندي آهي ته سندس ان ”سُئيءَ“ جي مقناطيسي قوت جاڳي پوندي آهي ۽ کيس رستي ڏيکارڻ جو ڪم ڏيندي آهي! +خاص خاص قسم جون ماڪوڙيون +ماکيءَ واريون ماڪوڙيون +کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون +کيتي پوکيندڙ ماڪوڙيون +اڻندڙ ماڪوڙيون +مفتخور ماڪوڙيون +ماکي واريون ماڪوڙيون +ماڪوڙين کي ٻي خوراڪ، جهڙوڪ جيت، اَن وغيره کان، ماکي ۽ مٺيون شيون وڌيڪ پسند هونديون آهن. ڪي ماڪوڙيون ته رڳو ماکي ئي کائينديون آهن. هو ماکيءَ جي مکين وانگر ماکي گلن مان نه، پر ٻوٽن تي ٿيندڙ ننڍڙن جيتن مان حاصل ڪنديون آهن. ماڪوڙيون انهن جيتن کي ائين پالينديون آهن جيئن اسين ڳئون، مينهون يا ٻڪريون پاليندا آهيون. پوءِ جيئن اسين پنهنجي مال مان کير ڏُهندا آهيون تيئن ماڪوڙيون انهن جيتن مان ماکي ڏهنديون آهن. ماڪوڙيون انهن جيتن جي واڌ لاءِ سندن چڱي پر گهور لهنديون آهن. ڪي ماڪوڙيون انهن جيتن تي باقاعدي پهرو ڏينديون آهن ۽ کين دڙڪي داٻ ۾ رکي انهن کان زوريءَ ماکي حاصل ڪنديون آهن. ڪي ماڪوڙيون ته انهن جيتن جا پَرَ وڍي ڦِٽي ڪنديون آهن، ته جئين هو ڀڄي نه وڃن۔ آمريڪا ۾ ڪي اهڙيون ماڪوڙيون آهن، جي انهن جيتن جا ٻچا پالينديون آهن ۽ انهن کي بچاءَ خاطر نرم ڪاغذ جا پڃرا ٺاهي، انهن ۾ رکنديون آهن. ڪي وري پنهنجي گهر ۽ انهن وڻن تائين جن ۾ ماکي ڏيندڙ جيت رهندا آهن، زمين جي اندر ئي اندر چُرون ٺاهينديون آهن؛ پوءِ جڏهن کين ماکيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته انهن چرن جي ذريعي سڌو ماکي ڏيندڙ جيتن تائين وڃي رسنديون آهن. ڪي ماڪوڙيون وري انهن جيتن جا آنا گهر کڻي اينديون آهن ۽ جڏهن آنن مان ٻچا ڦٽندا آهن، ته انهن کي پالي وڏو ڪري، پوءِ منجهانئن ماکي حاصل ڪنديون آهن. +ڪي ماڪوڙيون سوٻٽن (يعني پوپٽ جي ٻچن) کي پڪڙي، انهن تي ائين چڙهي وينديون آهن، جيئن اسين ڪنهن وهٽ تي آڙي هڻي ويهندا آهيون. پوءِ هو انهن جي جسم جي آخري ڇيڙي تي پنهنجن ڇُهڻن سان اهڙي نموني ٿڦڪي ڏينديون آهن، جو سوٻَٽ پنهنجي جسم مان هڪ مٺي رس ڪڍندا آهن، جنهن کي ماڪوڙيون نهايت شوق سان چوسينديون آهن. +هڪڙي سائينسدان جو چوڻ آهي ته: اهي ماڪوڙيون مينهوڳيءَ ۾ سوٻٽن جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن. پوءِ ڪيترائي سوٻٽ هٿ ڪري، هو پنهنجي گهر کڻي اينديون آهن. پهرين ته اُهي چُري به نه سگهندا آ��ن، پر ماڪوڙيون سندن وڏي ٿيڻ جو انتظار ڪنديون آهن. پوءِ جڏهن هو وڏا ٿيندا آهن، ته ماڪوڙيون انهن مان مٿي ٻڌايل طريقي سان مِٺي رس حاصل ڪنديون آهن. +سائنسدان ”مئڪڪ“ ٻڌائي ٿو ته آمريڪا ۾ ڪي اهڙيون ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جو رڳو شاهه بلوط جي وڻ مان نڪرندڙ رس تي گذران ڪنديون آهن. اهي وڻ کي تيستائين چهٽيون پيون هونديون آهن، جيستائين سندن پيٽ وڌي، ٽيڻو يا چؤڻو يا ڪڏهن ڪڏهن پنجوڻو يا ڇهوڻو نه ٿي پوندو آهي. پوءِ اهي ماڪوڙيون گهر موٽنديون آهن ۽ ان وقت سندن وزن اٺوڻو هوندو آهي، ۽ پڪل انگورن وانگر پيون لڳنديون آهن. پوءِ هو پاڻ کي اڳين ڄنگهن سان ڇِت تي لڙڪائي ڇڏينديون آهن ۽ مرڻ تائين اتي ئي لڙڪنديون رهنديون آهن. ان وچ ۾ ڪا بکي ماڪوڙي انهن ڏانهن ماکيءَ لاءِ ويندي آهي ته ان کي به ذرو ماکيءَ جو ڏيئي، خوش ڪري، موٽائينديون آهن. +کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون +هي ماڪوڙيون جدا جدا شڪلين جون ٿينديون آهن ۽ نهايت طاقتور قبيلي مان آهن، سندن ڄنگهون ڊگهيون ۽ قد وڏو ٿيندو آهي. هي نهايت هٻڇي ۽ چالاڪ ٿينديون آهن. +اُنهن کي ”کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون“ اِنهيءَ لاءِ چئجي ٿو. جو اُهي کنڀيون پوکي، اُن کي ئي کائينديون آهن، ۽ ٻي ڪا خوراڪ اصل نه واپرائينديون آهن. +کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون وڻن جا پن ڪَٽي، انهن کي پنهنجي جاڙين سان سنهو ڪري، ان ۾ پنهنجي ڪِرفتي ملائي، ڀاڻ ٺاهي‏، پٿيري، اُن ۾ کنڀين جو ٻج پوکينديون آهن، جيڪو نهايت جلدي، شايد رڳو ٻن-ٽن ڪلاڪن ۾ ڦُٽي پوندو آهي. +کنڀين پوکيندڙ ماڪوڙين جي ٽولي ۾ هر هڪ ماڪوڙيءَ جي ذات جو کنڀين پوکڻ جو طريقو پنهنجو پنهنجو ٿيندو آهي. اُنهن مان ڪن جي گهر ۾ ٽن قسمن جون پورهيت ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جهڙوڪ: هڪڙيون نهايت وڏيون، جيڪي گهر کان اصل ٻاهر نه نڪرنديون آهن ۽ رڳو گهر جي دروازي وٽ پهرو ڏينديون آهن، ٻيون وچئين قد جون پورهيت ماڪوڙيون، جن جو ڪم وڻ جا پن ڪَٽڻ ۽ انهن مان ڀاڻ تيار ڪرڻ هوندو آهي؛ ٽئين قسم جون اهي پورهيت ماڪوڙيون، جيڪي نهايت ننڍيون ٿينديون آهن، ۽ انهن جو ڪم کنڀين جي باغ جي نگهباني ڪرڻ هوندو آهي. ٻئي ڪم سان گڏ هو کنڀين جي باغ کي گهاٽي ٿيڻ کان بچائينديون آهن ته متان فصل خراب نه ٿي وڃي، ۽ اُن لاءِ وقت بوقت هو اُنهن جي ڇانگ ڪنديون رهنديون آهن. +کنڀين پوکيندڙ ماڪوڙين مان ڪي اهڙيون ته خطرناڪ ٿينديون آهن، جو جڏهن هو ڪنهن وڻ تي حملو ڪنديون آهن، ته ان کي چٽ ڪري ڇڏينديون آهن. +سندن هڪ ٽولي ان وڻ جا سڀئي پن ڏانڊين سميت هيٺ ڪيرائيندي، جن کي وري ٻي سندن ٽولي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي ويندي، پوءِ سڀئي گڏجي پنن جو چُورو کڻي ائين گهر وينديون، ڄڻ مٿي تي ڇٽي ٿيون پايون وڃن. انهيءَ ڪري ڪي سائنسدان کين ”ڇٽيءَ واريون ماڪوڙيون“ به چوندا آهن. گهر پهچي، انهن مان ڀاڻ تيار ڪري، پوءِ هُو کنڀيون پوکينديون آهن. ڪي ماڪوڙيون پنهنجن گهرن کان ٻاهر پڻ کنڀيون پوکينديون آهن، جيڪي نهايت وڏيون ٿينديون آهن. +انهن ماڪوڙين جون ڪي ماديون ”لڳ جي اُڏام“ وقت پاڻ سان کنڀين جو ڪجهه ٻج يا تاندورا ساڻ کڻنديون آهن، پوءِ ميلاپ کانپوءِ هيٺ لهي، سڀ کان پهرين کنڀين پوکڻ جي زمين تيار ڪري، ان ۾ اُهو ٻج يا تاندورا پوکينديون آهن. +کيتي پوکيندڙ ماڪوڙيون +کيتي پوکيندڙ ماڪوڙين جون پنج يا ڇهه ذاتيون ٿينديون آهن. اهي ماڪوڙيون اڪثر ڏکڻ آمريڪا ۾ ”اميزان“ ندي جي ڪناري تي ملنديون آهن. اهي پنهنجا گهر کينهوڙن وانگر گول شڪل جا، وڻن جي شاخن ۾ جوڙينديون آهن. هو اُنهن گهرن ۾ هڪ خاص قسم جا ��وٽا پوکينديون آهن، جن کي ”ايپفيائيٽِس“ چئبو آهي. +اهي ٻوٽا ننڍا ٿيندا آهن ۽ سدائين ٻين وڏن قدرتي ٻوٽن جي مٿان ٿيندا آهن، پر اهي انهن ٻوٽن مان خوراڪ حاصل نه ڪندا آهن. هڪ سائنسدان اڀياس ڪندي ٻڌايو آهي ته جڏهن هِنن ماڪوڙين کي اُنهن قدرتي ٻوٽن جو ميوو ڏبو آهي، ته اهي ميوي جي رس چوسي ان جي کوکڙي کي پوکڻ لاءِ، پنهنجي گهر کڻي وينديون آهن. +ڪي ماڪوڙيون پنهنجي گهر جي آسپاس ٻيو جهنگلي گاهه، ڏاڍيءَ محنت سان، پاڙئون پَٽي، پري ڦِٽي ڪنديون آهن، ۽ رڳو هڪ خاص قسم جو گاهه، جنهن کي ”ماڪوڙين جون ساريون“ يا ”چهنبيارو گاهه“ چئبو آهي، باقي ڇڏينديون آهن. ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪي ماڪوڙيون پاڻ پوکڻ نه ڪنديون آهن، پر ٻين ماڪوڙين جي پوک لڻي، پنهنجا گودام ڀري ڇڏينديون آهن. ڪي سائنسدان اهڙين ماڪوڙين کي ”کيتي پوکيندڙ“ نه پر ”ڪک چونڊيندڙ“ ماڪوڙيون سڏين ٿا. +کيتي پوکيندڙ ماڪوڙين ۾ ڪي اهڙيون به ماڪوڙيون آهن، جيڪي ڏاڍيون ظالم هونديون آهن. جڏهن اونهارو ختم ٿيندو آهي ۽ کين خوراڪ تيار ڪندڙ ماڪوڙين جي وڌيڪ ضرورت نه هوندي آهي، ته پوءِ هو انهن جا سِرَ سسيءَ کان ڌار ڪري ڇڏينديون آهن ۽ وري جڏهن بهار جي مند ايندي آهي ته سندن ”ڳجهي ڪائونسل“ مادين کي ٻين پورهيت ماڪوڙين ڄڻڻ جو حڪم ڪندي آهي. +اُڻندڙ ماڪوڙيون +اڻندڙ ماڪوڙين جو اڪثر وقت وڻن تي ئي گذرندو آهي. کين ”وڻن تي رهندڙ ماڪوڙيون“ به چئي سگهجي ٿو. هِن ڪم ۾ سندن هنرمندي ۽ ڪاريگري ڏاڍي اعليٰ نموني جي ٿئي ٿي. هي ماڪوڙيون ايشيا، آفريڪا ۽ آسٽريليا کنڊن جي گرم علائقن ۾ ملنديون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ اڻندڙ ماڪوڙيون برازيل ۾ پڻ ڏٺيون ويون آهن. انڊوچائنا ۾ ته انهن ماڪوڙين کي نهايت عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڪوڙيون اتي جي فصل تي ٿيندڙ ننڍڙن نقصانڪار جيتن کي کائي کپائي ڇڏينديون آهن. +اهي ماڪوڙيون گهر ٺاهڻ وقت پهرين وڻ جي ٻن ٽن پنن کي نظر ۾ رکي، هڪ پن جي ڪنارن تي قطارون ٻڌي بيهنديون آهن. ان پن کي سوگهو جهلي پوءِ ڀر واري پن کي جهلي، پاڻ ڏانهن آڻينديون آهن. جيڪڏهن ٻنهي پنن جي ڪنارن تي هڪ ئي وقت نه پهچي سگهنديون، ته هڪٻئي جي مٿان چرهي، زنجير ٺاهي، هڪ ٻن جي ڏانڊيءَ کي زور ڏيئي، ان کي ٻئي پن جي ڪناري سان سوگهو جهلي بيهنديون. اُن مهل پوءِ سندن هڪ ٽولي ايندي، جن مان هر هڪ جي وات ۾ هڪڙو پَٽُ ڪڍندڙ ٻچو يا ”لارود“ هوندو، پوءِ اُنهن ”لارون“ کي هو نَڙي وانگي هيڏي هوڏي ڦيرائينديون وينديون آهن، تان جو ٻنهي پنن جا ڪنارا پَٽَ سان ڳنڍجي پوندا آهن. اهو سندن ڪم تيستائين جاري رهندو آهي، جيستائين سندن گهر جڙي راس ٿيندو آهي. +مفتخور ماڪوڙيون +اڪثر ماڪوڙيون نرم طبعيت، ماٺيڻيون، معصوم ۽ نهايت مهمان نواز ٿينديون آهن، ۽ هر وقت پنهنجي گهر جا دروازا کليل رکنديون آهن. پوءِ ڪي مفتخور ماڪوڙيون مهمان نوازيءَ جو غلط فائدو وٺي، انهن جي گهر ٽپي پونديون آهن، ۽ سڄي ڄمار هنن جي ’اٽي تي چٽي‘ بڻجي ويهي رهنديون آهن. هِتي ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته مهمان نواز ماڪوڙيون اڪثر ائين پنهنجو گهر سڏي ڦُرائينديون آهن. +هڪڙيون مفتخور ماڪوڙيون نهايت ننڍڙيون ۽ انڌيون ٿينديون آهن ۽ زمين اندر ئي رهنديون آهن. اهي ماڪوڙيون ٻين وڏين ماڪوڙين جي گهر ڪاهي پونديون آهن.ننڍڙين هجڻ ڪري، اهي وڏين ماڪوڙين جي نظر کان اوجهل هونديون آهن، ۽ وجهه وٺي، هو اُنهن جا آنا چورائي وٺنديون آهن. جڏهن اُهي آنا کائي کپائي ڇڏينديون آهن، ته پوءِ وري هنن جي ٻچن کي ��اسو ڏينديون آهن. تان جو پڇاڙيءَ ۾، خود اُنهن مهمان نواز وڏين ماڪوڙين تي حملو ڪري ڏينديون آهن. +هڪڙيون مفتخور ماڪوڙيون اهڙيون به آهن، جو ٻين ماڪوڙين جي گهر ”لڳ جي اُڏام“ وقت ٽپي پونديون آهن. اهي ماڪوڙيون به ننڍڙيون ۽ ڏاڍيون بيحيا ٿينديون آهن. اهي ڪو گهرُ ٽپندي ئي، آنن وارن ڪمرن ڏانهن ڊوڙنديون آهن، ڄڻ اُها ڪا سندن جاگير هجي. اتي پهچڻ سان ئي، هو پهرين راڻيءَ کي قابو ڪري، ان جي سسي لاهي ڇڏينديون آهن، پوءِ وري ڪنئارين راڻين کي ڊيڄارڻ شروع ڪنديون آهن. جيئن ته پورهيت ماڪوڙيون هر صورت ۾ گهر سان وفادار هونديون آهن، ان ڪري هو اُنهن ڦورو ماڪوڙين جي آڻ مڃي، اُنهن جي حڪم هيٺ ٿي رهنديون آهن. اُن کان پوءِ اصلي ماڪوڙين جو نسل، سندن پنهنجي ئي گهر ۾، آهستي آهستي ختم ٿي ويندو آهي. +ڪي مفتخور ماڪوڙيون ڏاڍيون حرفتي ٿينديون آهن. اهي پورهيت ماڪوڙيون اصل ڪو نه ڄڻين، رڳو نَرَ ۽ ماديون پيدا ڪنديون رهنديون آهن، جن جو ڪم رڳو لڳُ هوندو آهي. اِنهي ڪري اهي ماڪوڙيون رڳو ڦَرَ ڄڻينديون آهن. انهن ماڪوڙين جي راڻي ڪنهن نه ڪنهن اشراف ماڪوڙين جي گهر ٽپي پوندي آهي، جتي سندس چڱو آڌرڀاءُ ٿيندو آهي ۽ کائڻ لاءِ چڱو چوکو ملندو اٿس.پوءِ هوءَ کائي کائي، سُڄي پوندي آهي، ايتري قدر جو ڦوڪڻي وانگر ٿي پوندو آهي. ان کان پوءِ هوءَ اُتي آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي ۽ لاهيندي ئي رهندي آهي. انهن مان نيٺ ٻچا ڦٽندا، ۽ ڦٽندا ئي رهندا آهن، جن جون مهمان نواز پورهيت ماڪوڙيون ايترو ته خيال رکنديون آهن، جو اوترو پنهنجن ٻچن جو به نه رکنديون آهن. +ڪي مفتخوريون وري ٻين جي گهر ٽپي، اتان جي ماڪوڙين کي لوڌي ڪڍي، اتي پنهنجو ديرو ڄمائي ويهنديون آهن. +ڪي مفتخور ماڪوڙيون چڱي خاصي قد بت جون ٿينديون آهن. اهي جيتوڻيڪ مهمان نواز ماڪوڙين کي ڪو جاني نقصان نه پهچائينديون آهن، پر اُنهن جي ’اٽي تي ضرور چٽي‘ هونديون آهن. اهي ماڪوڙيون مهمان نواز ماڪوڙين سان ائين رلي ملي، گڏ رهنديون آهن، ڄڻ پنهنجي گهر ۾ رهنديون هجن. +ڪي اهڙيون مفتخور ماڪوڙيون به آهن، جي رڳو پنهنجن ڇُهڻن جي لاڏ ڪوڏ سان ٻين ماڪوڙين جي دل کسي وٺنديون آهن، ايتري قدر، جو هو انهن جي راڻيءَ کي پڻ جهٽ ۾ پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏينديون آهن. +اوهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته ماڪوڙين جي گهر ۾ ماڪوڙين کانسواءِ ٻيا جيت پڻ ماڪوڙين جي خرچ تي پلجندا آهن. هڪ بڇڙيءَ شڪل جو ننڍو جيت ٿئي ٿو، جيڪو جڏهن به ڪنهن پورهيت ماڪوڙيءَ کي ڏسندو آهي ته ٻي ماڪوڙيءَ کي خوراڪ پئي کارائي، تڏهن هڪدم خوراڪ ڏيندڙ ماڪوڙي جي ڄاڙين ۾ هليو ويندو آهي. موٽ ۾ اُها ماڪوڙي جيت سان برو سلوڪ ته ٺهيو، پر ڏاڍي ڌيان سان هن کي پڻ خوراڪ جو حصو ڏيندي آهي. هڪڙا ٻيا جيت ٿيندا آهن، جيڪي ماڪوڙين جي جسم تي جُوئن وانگر رهندا آهن. اهي جيت ماڪوڙين جي جسم جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رهندا آهن؛ ۽ هو اُنهن کي ائين پالينديون آهن ڄڻ ته سندن اولاد هجي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي جيت مفتخور ماڪوڙين جهڙا نه ٿيندا آهن، پر مهمان نواز ماڪوڙين جي گهر جو ٿورو گهڻو ڪم به ڪندا آهن، جهڙوڪ: گهر مان بدبوءِ چوسي ڪڍڻ، ۽ ٻين نقصانڪار جيتن کي گهر مان لوڌي ڪڍڻ وغيره. +مفتخورن جيتن مان گهڻا الڳ الڳ شڪلين ۽ قدبت جا ٽنڊڻ ٿيندا آهن. اها مخلوق اهڙي ته سست ٿيندي آهي، جو هر وقت ويچاريون ماڪوڙيون اُنهن کي کنيو پيون هلنديون آهن. ٽنڊڻن جي زبان ننڍي ۽ وات وڏو ٿيندو آهي ۽ سندن ڳلو خاص قسم جي بُجن سان ڀريل هوندو آهي، جن تي ماڪوڙيون موهت ٿي پونديون آهن ۽ کين خوب کارائينديون پيارينديون رهنديون آهن. آمريڪا ۾ هڪڙا اهڙا ٽنڊڻ به ٿيندا آهن، جو سياري جي موسم ۾ ماڪوڙين جي هڪ ذات تي چٽي هوندا آهن، ته اونهاري ۾ وري ٻيءَ ذات تي، ماڪوڙيون اُنهن ٽنڊڻن جي ٻچن جي اهڙي ته آءُ - ڀڳت ڪنديون آهن، جو خود پنهنجي ٻچن جي به اهڙي نه ڪنديون آهن. +جڏهن اُهي ٽنڊڻ ماڪوڙين کان اوڳرائڻ ذريعي خوراڪ کائي کائي تنگ ٿي پوندا آهن، ته پوءِ ماڪوڙين جي اولاد کي ڳيهڻ لڳندا آهن. اُن کانسواءِ هو پورهيت ماڪوڙين کي پنهنجي ڳلي جا بُج ڏيکاري ڏيکاري، اهڙو بگاڙي ڇڏيندا آهن، جو اُهي پنهنجي راڻيءَ جي ٻچن ڏانهن اصل ڌيان نه ڏينديون آهن. ائين پوءِ اُنهن جو نسل آهستي آهستي ختم ٿي ويندو آهي. +ماڪوڙين جي گهر ۾ جيڪي به مفتخورا جيت رهندا آهن، اُهي نهايت خطرناڪ، بي رحم ۽ شڪي مزاج جا هوندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ماڪوڙين جو اُنهن سان عام لاڳاپو به اُن ئي نموني جو هوندو . ماڪوڙيون سدائين هڪ ڀيانڪ خواب ۾ گذارينديون آهن، ڇاڪاڻ ته سندن گهر جي ڀتين ۽ دالانن ۾ رهندڙ جن ڀوت (يعني مفتخورا جيت) سدائين مٿن آڪرا ٿيا وتن ۽ هميشہ سندن ساهه مُٺ ۾ رکيو ويٺا هوندا آهن. + + +ماکيءَ جي مک جي حياتي +شروعات: +پراڻي زماني کان وٺي ماکيءَ جون مکيون انسان لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون رهيون آهن. کنڊ جي ٺهڻ کان اڳ، مٺاڻ لاءِ ماڻهو ماکي ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ ڪري ماکيءَ جي مکين جو قدر اڄ کان وڌيڪ آڳاٽي زماني ۾ ڪيو ويندو هو. +(مک جي پوئين ٽنگ) (مکين جي راڻي) +(مک جو ڏنگ) (پورهيت مک) (مک جي سونڊ) +ماکيءَ جي مک به ماڪوڙيءَ وانگر جيتن جي دنيا ۾ هڪ عجيب مخلوق آهي. هِيءَ ڏاڍي ڏاهي ۽ سمجهدار ٿئي ٿي ۽ سدائين پنهنجي وڳر سان رهي ٿي. ڪنهن مک کي جيڪڏهن اڪيلو رکبو، ته هوءَ بک وگهي نه؛ پر اڪيلائپ ڪري مري ويندي. ماکيءَ جون مکيون الڳ الڳ ڪجهه به نه آهن، نه جِي سگهن؛ نه ڪجهه ڪري سگهن. هو سدائين هڪٻئي جي آڌار تي ۽ پاڻ ۾ ڀائپيءَ سان گڏجي رهنديون آهن. سندن گهر کي ”مانارو“ چئبو آهي. ۽ جڏهن ميڙ ڪري اڏامنديون آهن، تڏهن انهن کي ”جوُهو“ سڏجي ٿو. +(ماناري جي اندرين شڪل) (ماناري جي ٻاهرين شڪل) +ماڪوڙين وانگي ماکيءَ جون مکيون پڻ اوندهه کي پسند ڪنديون آهن. قدرت کين اهڙي سگهه ڏني آهي، جو اوندهه ۾ به هو ڪنهن شيءِ کي پورو ماپي وٺنديون آهن. +ماکيءَ جي مک جي حياتيءَ جو گهڻو حصو سندس نئين نسل لاءِ وقف هوندو آهي. راڻي مک ته ذري گهٽ پنهنجي سڄي حياتي گهر ۾ اندر گذاريندي آهي، نه صبح جي روشني ڏسي ۽ نه گلن ڏانهن وڃي۔ پورهيت مکيون به پنهنجي حياتي ماناري لاءِ وقف ڪري ڇڏينديون آهن. اُهي رڳو پنهنجي برادريءَ جي گڏيل سک ۽ فائدي لاءِ جيئنديون آهن ۽ ان لاءِ جيڪو کين اڻ کٽ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ان کان وڌيڪ ٻي خوشي هو ڄاڻن ئي ڪو نه. +ماکيءَ جي مکين ۾ هڪٻئي لاءِ اوهان کي ڪا به اڻبڻت، ڌڪار يا دشمني ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ڪا نه ايندي. سندن ماناري ۾ هر وقت اوهان کي پورو امن امان ۽ ايڪو ڏسڻ ۾ ايندو. سندن هر ڪو ڪم پوريءَ رٿا وارو ۽ پوري سهڪار سان هلندو آهي. رڳو جڏهن ڪنهن اتفاق سان سندن آئيندو خطري ۾ هوندو آهي، يعني سندن نسل کي ڪو اوچتو ۽ وڏو نقصان پهچڻ وارو هوندو آهي، تڏهن منجهن وقتي ڳڙٻڙ ۽ مونجهارو پيدا ٿي پوندو آهي، پر اهڙن موقعن تي پڻ هو ترت ئي پنهنجي گڏيل فائدي ۽ نسل جي ڀلائي لاءِ پنهنجا سڀ ويڇا وساري، پوري ايڪي سان دشمن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيهنديون آهن. +ماکيءَ جون مکيون به ماڪوڙين وانگر ٽن قسمن جون ٿينديون آهن: هڪڙي ”راڻي مک“، جنهن کي مادي يا ماءُ مک به چئبو آهي. هيءَ مک بت جي سنهي ۽ سندس هيٺيون ڌڙ ٻين مکين کان ٻيڻو ڊگهو ٿيندو آهي. هن جو رنگ صاف ۽ سونهري ٿيندو آهي ۽ سندن ڏنگ مُڙيل هوندو آهي. سندس ڪم رڳو آنا لاهڻ هوندو آهي ۽ هن جي خدمت ۾ ٻيون ڪيتريون ئي مکيون موجود هونديون آهن. هر هڪ ماناري ۾ هڪ راڻي مک هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ماناري ۾ هڪ کان وڌيڪ ماءُ مکيون به ڏٺيون ويون آهن. رواجي طرح راڻي مک ٻي راڻي مک کي اصل پسند نه ڪندي آهي. انهي ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن جي پاڻ ۾ خونريزي لڙائي لڳندي آهي. پوءِ جيڪا ڏاڍي سائي بچندي ۽ ماناري جي راڻي ٿي رهندي آهي. ٻئي قسم جي ”نَرُ مک“ ٿيندي آهي. اُها ماديءَ کان ننڍي پر پورهيت مک (يعني ٽئين قسم جي مک) کان ٿوري وڏي ٿيندي آهي. کيس ڏنگ نه ٿيندو آهي، پر بت تي گهڻا وار ٿيندا اٿس. ان مک جو سواءِ لڳ ڪرڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نه هوندو آهي، ۽ هو نئن رڳو گهر ۾ سست ويٺي هوندي آهي ۽ ويٺي ويٺي ماکي کائيندي آهي. ماناري ۾ اُنهن نر-مکين جو ڪافي تعداد ٿيندو آهي. ٽئين قسم جون ”پورهيت مکيون“ ٿينديون آهن. پورهيت ماڪوڙين وانگر، پورهيت ماکيءَ جي مکين جي به ڪا جنس نه ٿيندي آهي. گهر جو سمورو ڪم اُهي ڪنديون آهن ۽ ماناري ۾ يا ماناري کان ٻاهر سڄي برادريءَ جي فائدي لاءِ جيڪي به ڪم ضروري هوندا آهن. اُنهن مان هر هڪ ڪم لاءِ جدا جدا پورهيت مکيون مقرر ٿيل هونديون آهن: ڪي راڻيءَ جي خدمت لاءِ، ڪي ٻچن پالڻ لاءِ، ڪي ميڻ ڪڍڻ لاءِ، ڪي کونئر ٺاهڻ لاءِ، ڪي پهري ڏيڻ لاءِ، ڪي گهر جو نقشو تيار ڪرڻ لاءِ، ڪي گهر جي صفائي ڪرڻ لاءِ، ڪي گلن مان ٻوري گڏ ڪرڻ لاءِ ۽ ڪي وري گلن مان رس چوسڻ لاءِ هونديون آهن، جنهن مان پوءِ ماکي ٺهندي آهي. +سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: ماکيءَ جي مکين جي ”راڄ“ جون واڳون سندن ماناري جو ڪو اڄاتل ” روح“ سنڀاليندو آهي ۽ اُهو ”روح“ ، اُهو سندن ” مهاڄڻ “، سندن راڄ جي پورهيت مکين ۾ ئي موجود ڀانئجي ٿو. +هر هڪ مک کي ٽي هيڪل قسم جون ۽ ٻه گڏيل قسم جون اکيون ٿينديون آهن. هيڪل اکيون ٽڪنڊي شڪل جون ٿينديون اٿن. سندس هر هڪ گڏيل اک ۾ ننڍيون ننڍيون گهڻيون اکيون هڪ هنڌ گڏ هونديون آهن. مکين جي هڪ هڪ گڏيل اک ۾ اهڙيون تيرهن يا چوڏهن هزار ننڍڙيون اکيون هونديون آهن ۽ راڻيءَ جي اک ۾ اُهي ست ـــ اٺ هزار هونديون آهن. مکين کي اکين جي مٿان ٻه ڇُهڻا ٿيندا آهن، جن کي سڱ يا مڇون به چئبو آهي. پورهيت مک کي صفائي ڪرڻ لاءِ بُرش ۽ هيٺئين ڌڙ جي ٻنهي پاسن ۾ ميڻ ڪڍڻ لاءِ چار چار ڳوٿريون ٿينديون آهن. راڻي مک کي نه بُرش ٿئي ۽ نه اُهي ڳوٿريون. +اصل ۾، ماکيءَ جون مکيون جهنگلي جيت آهن ۽ انهن جون اٽڪل 4،500 ذاتيون ٿين ٿيون، جن مان هر هڪ جي جسماني بناوت ۽ عادتن ۾ ٿورو گهڻو فرق ٿئي ٿو. پر سڀني ۾ هڪڙي عادت هڪ جيتري زوردار ٿئي ٿي ـــــــ اُها آُهي سندس پنهنجي راڻي مک سان پيار. سندس انهيءَ عادت جو ئي فائدو وٺي، انسان کين پالي سگهيون آهن، ۽ هاڻي ته اها ماکيءَ جي مکين جي پالنا هنن جو وڏو هڪ ڌنڌو ۽ واپار بنجي پيو آهن. يورپ ۾ اُن لاءِ وڏيون وڏيون جايون ٺهرايون ويون آهن. اهڙين پاليل مکين کي ”گهريلو ماکيءَ جون مکيون“ چئبو آهي. هتي جيڪي ڳالهيون مکين بابت ٻڌائجن ٿيون، سي ”گهريلو ماکي جي مکين“ جي ڪم ڪار ۽ عادتن کي ڏسي گڏ ڪيل آهن. +ماڪوڙين وانگر ماکيءَ جون مکيون به سياري جي مند ۾ بلڪل سست ۽ نستيون هونديون آهن. سڄو سيارو، ويندي بهار جي مند اچڻ تائين ائين لڳندو ته هو سُتيون پيون آهن. تنهنڪري آءُ سندس ذڪر به��ر ۾ سندس ننڊ مان اُٿڻ کان وٺي، سياري ۾ اُنهن جي وري سمهڻ تائين اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو. +ماکيءَ جي مکين جو لڏڻ +سياري جي سُستي ۽ نِستائيءَ کان پوءِ بهار جي اچڻ سان ماکيءَ جي مکين ۾ پڻ بهاري اچي ويندي آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ بهار جي سج اُنهن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. فيبروريءَ ۾ راڻي آنا لاهڻ شروع ڪندي، ۽ پورهيت مکيون جدا جدا ولر ٺاهي، ٻاهر پوکن ۽ وڻن ڏانهن پيون ڦيرا ڏينديون. اهڙيءَ طرح سندس مانارو جلدي ماکيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. پوءِ هر روز اُن ۾ هزارين مکيون جنم وٺنديون رهنديون، ۽ اِئين سڄو مانارو ماکيءَ جي مکين سان ڍڪجي ويندو ۽ ائين پيو ڏسبو ڄڻ اُهي هڪٻئي مٿان سٿبيون پيون وڃن، ۽ پوءِ پنهنجي زندگي سان لاڳو ڪنهن قدرتي قانون جي پيروري ڪندي، هو پنهنجي ساليانيءَ لڏ پلاڻ جي تياري ڪنديون آهن. ۽ کين ضرور هڪ ڀيرو پنهنجو پراڻو مانارو ڇڏي وڃڻو پوندو آهي. +پنهنجي بستيءَ کي ائين ڇڏڻ کان اڳ ماکيءَ جون مکيون ڏاڍيون بي آرام ٿي پونديون آهن، ۽ سندن پوڙهي راڻي وڏي هلچل ۾ اچي ويندي آهي. هن کي اِها ته خبر نه هوندي آهي ته ماناري جو ”روح“ سندس ”مهاڄڻ“، هن لاءِ ڪنهن نئينءَ قسمت جو حڪم ڏيئي چڪو آهي، جنهن ۾ کيس وڏا ڏک ڏاکڙا، سور ۽ سختيون ڏسڻيون پونديون. اُن وقت راڻيءَ مک جو سک ۽ آرام سخت خطري هيٺ هوندو آهي. هن کي پنهنجو سائو ستابو ۽ آباد ٿيل شهر ڇڏڻو پوندو آهي. ڪيترا ڏينهن هن اتي راڄ ڪيو هوندو، ۽ ڪيڏي ذوق ۽ شوق سان اُها بستي ٺاهي ۽ آباد ڪئي هوندي! پر قدرتي قانون آڏو کيس سِر جهڪائڻو ئي پوندو آهي. ماکيءَ جون مکيون پنهنجي انهيءَ ”لاڏاڻي“ جي دک ۽ اُن جي نتيجن کان واقف هجن يا نه، پر هو اُن کي خوشيءَ سان قبول ڪنديون آهن، ۽ اِئين هو پنهنجي راڄ جي اعلى روايت کي قائم رکنديون آهن. +وقت اچڻ تي ائين لڳندو آهي ته مکيون رڳو پنهنجي ماناري جي ”روح“ يا ”مهاڄڻ“ جي اشاري لاءِ ترسيل هونديون آهن، ۽ اشاري ملڻ سان ئي ٽن مان ٻه حصه کن ماناري جون مکيون لڏي وينديون آهن، پر لڏڻ کان اڳ هو اِها پڪ ڪنديون آهن، ته پوئتي سندس مانارو ڏتڙيل حالت ۾ نه هجي؛ پر هو سدائين لاءِ اُن کي تڏهن ڇڏينديون آهن، جڏهن هو پوري اوج ۾ هوندو آهي. +لاڏاڻي لاءِ جيڪو ڏينهن ماناري جي ”روح“ مقرر ڪيو هوندو، ان ڏينهن ٿوريون مکيون پهرين نئين ماناري ٺاهڻ جي جاءِ جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن، ۽ اُنهن جي موٽي اچڻ کان پوءِ سڄي ماناري ۾ لڏڻ جي تياري شروع ٿي ويندي، ۽ پوءِ رڳو نَر، مانارو جوڙيندڙ ۽ ٽيون حصو پورهيت مکيون پراڻي ماناري ۾ ڇڏي، باقي ٻيون سڀ پوڙهيءَ راڻيءَ سان گڏ، لڏي وينديون. ماناري ڇڏڻ وقت پنجن يا ڇهن ڏينهن جي خوراڪ جيتري ماکي ۽ نئين ماناري ٺاهڻ لاءِ ڪجهه ماکي ڇاڻي، ميڻ ڪڍي، پاڻ سان گڏ کڻنديون آهن. تنهن کان سواءِ ٿورو کونئر وارو ميڻ به نئين ماناري جي گهرڙن يا خانن جي سوراخن يا ڏارن کي بند ڪرڻ لاءِ ساڻ کڻنديون آهن. +لڏيندڙ مکين کي قدرت نه ڄاڻي ڪهڙي ٿي خوشي بخشي، جو ائين لڳندو ته ان ڏينهن تي سندن عيد هجي. اُنهيءَ خوشيءَ ۾ هو گهر جا سڀ ڪم ڪاريون وساري ڇڏينديون آهن. سندن لڏڻ وارو نظارو ائين لڳندو آهي ڄڻ ته جيل مان قيدي ٻاهر نڪتا هجن. +لاڏوڻي کان پوءِ پراڻي ماناري جو نقشوئي بدلجي ويندو آهي. پورهيت مکيون ڪجهه مڙئي هيسيل هونديون آهن. پر سگهوئي پاڻ سنڀالي، پنهنجي روزانيءَ ڪرت کي لڳي وينديون آهن. پوءِ منجهانئن ڪي گلن ڏانهن ڊوڙنديون، ڪي وري ڦُٽلن آنن جي سار سنڀال لهنديون، ۽ ڪي وري چست ٿي، ماناري جي پهري تي بيهي رهنديون. +ماکيءَ جي مکين ۾ ڪڏهن ڪڏهن لڏ جي ”بيماري“ به پوندي آهي. اُها صورت تڏهن ٿيندي آهي. جڏهن ماناري ۾ هڪ کان وڌيڪ نوجوان راڻيون پيدا ٿينديون آهن. اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماناري ۾ راڻي ڪڏهن به ٻيءَ راڻيءَ کي ڪانه سهندي آهي، پوءِ اُن حالت ۾ ماناري جي ”روح“ کي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته هو راڻيءَ کي ماناري مان ٻئي لاڏوڻي جي اجازت ٿو ڏئي يا اُن کي ٻين نوجوان راڻين جي ڪوس جو ٿو حڪم ڏئي. بهرحال جي لڏڻ جو حڪم جاري ٿيو، ته اُها راڻي ماناري مان پورهيت مکيون وٺي ٻئي هنڌ لڏي ويندي. پوءِ ته ائين هڪٻئي پٺيان لڏ ــ پلاڻ شروع ٿيندي ۽ نيٺ پراڻي ماناري ۾ ڪجهه به نه بچندو. لڏيندڙ مکيون ته جوش ۽ خوشيءَ ۾ لڏي وينديون، پر ناتجربيڪار هئڻ ڪري، پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن وڃي آڙاهه ۾ ڦٽو ڪنديون آهن ۽ سندس اهو نسل ئي ناس ٿي ويندو آهي. +ماکيءَ جي مکين جي پاليندڙ ماڻهوءَ لاءِ مکين کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن جي لاڏوڻي وارو سونهري موقعو هوندو آهي. ان موقعي تي هو مکين کي ائين هٿ ڪري پنهنجي هٿراڌو ماناري ۾ وجهي سگهي ٿو. جيئن ڏوئيءَ سان ڪنهن ٿانءَ ۾ ٻوڙ وجهبو آهي. اهڙي موقعي کان سواءِ هو ڪڏهن به مکين کي هٿ نٿو ڪري سگهي. +پورهيت مکين جو راڻيءَ سان پيار +ماکيءَ جي ماناري ۾ راڻي مکين؛ جي اک جو تارو هوندي آهي. مکين جي سڄي محنت ۽ سڄي ڏاهپ ان جي چوڌاري پيئي ڦرندي آهي. ماکيءَ جي مکين تي ڀلي ڪا آفت ڇو نه اچي ڪڙڪي. سندس مانارو ڊهي پوي، ڪو ماڻهو هنن تي هلان ڪري اچي، منجهن ڪا بيماري اچي پوي، ۽ اُن ۾ هزارين مکيون اجل جو شڪار ڇو نه بڻجي وڃن، تڏهن به هو سڀ کان پهرين پنهنجي راڻيءَ جي سلامتي گهرنديون آهن ۽ ڏک سک ۾ راڻيءَ جو ساٿ ڏينديون آهن. پاڻ بک ۾ پاهه ٿينديون، پر ماکيءَ جو آخري قطرو به جي وٽن هوندو ته اهو به راڻيءَ کي ڏينديون! +پر اهو پيار ڪڏهن ڪڏهن نفرت ۾ به بدلجي ويندو اٿن. اها صورت تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن راڻي پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندي آهي ۽ نتيجي ۾ مکين جو نسل خطري ۾ هوندو آهي. ائين ٿو ڀانئجي ته راڻي کڻي ڪيڏي به راڻي هجي، پر وري به هوءَ هڪ شاهي ٻانهي آهي. عام رعيت سندس عزت برابر ڪندي، پر آهي سا هوءَ ماناري جي ”روح“ يا ”مهاڄڻ“ جي حڪم جي بندي. جڏهن راڻي پوڙهي ٿي ويندي آهي ۽ وڌيڪ آنن لاهڻ جي طاقت نه هوندي اٿس، ته پورهيت مکيون ان جي جاءِ ڀرڻ لاءِ هڪ نوجوان راڻيءَ کي پالڻ شروع ڪنديون آهن. اِن مان ماناري جي ”روح“ جي خودمطلبي ٿي ثابت ٿئي. جيستائين راڻي مکين جي آباديءَ کي وڌائيندي ٿي رهي، اوستائين هن جي وڏي عزت ٿي ڪئي وڃي، پر جڏهن هوءَ لاچاريءَ جي حالت ۾ ٿي پهچي ته کيس ڪير به نٿو پڇي. اُن حالت ۾ هوءَ ويچاري ماناري جي ڪنڊ ۾ خالي پنهنجا ڏينهن پيئي گذاريندي آهي. + + +نئين ماناري جو بنياد ۽ مکين جي پيدائش +لڏيندڙ مکين جو ميڙ جڏهن نئون گهر يا مانارو ٺاهڻ شروع ڪندو آهي ته پهرين منجهانئن ڪيتريون ئي قطارون ٻڌي بيهنديون آهن. اهي پوءِ پنهنجا اڳيان چنبا هڪٻئي جي ڄنگهن ۾ ڦاسائي، سنگهرن وانگر لڙڪي بيهنديون آهن.. آهستي آهستي انهن جيئرين سنگهرن جو تعداد وڌندو ويندو آهي ۽ ائين پيو لڳندو ته گلن جون ڪَنڍيون ٿيون لڙڪن. پهرين هي ڪنڍيون نبات جي شڪل ٺاهي بيهنديون آهن، جنهن ۾ مٿيون حصو موڪرو ۽ هيٺيون سوڙهو ٿيندو آهي پوءِ ڪجهه وقت لاءِ مکين جي چرپر ۾ ماٺ اچي ويندي آهي. مکين جي ٻي ٽولي اِن اچرج جهڙي محلات جي اڏاوٽ ۾ ڪابه دلچسپي نه وٺندي آهي، پر اهي ماناري جي ٺهندڙ جاءِ جي صفائيءَ ۾ رڌل هونديون آهن. هتي آءٌ اوهان کي ٻڌائيندو هلندس ته ماکيءَ جون مکيون نهايت صفائي پسند هونديون آهن. جڏهن سياري جي ماڪ پوندي آهي تڏهن سست هجڻ جي باوجود به ماناري جي چڱي صفائي ڪنديون آهن، ته جيئن گهم جي ڪري ماناري ۾ ڪا بيماري نه اچي ڪڙڪي. +پوءِ سنگهرن ۾ لڙڪندڙ مکين مان هر هڪ مک پنهنجي ڳوٿرين مان نهايت نازڪ ڇلر ڪڍندي ويندي آهي. پوءِ هو انهن ڇلرن کي پنهنجن ڄنگهن جي مدد سان وات ۾ وجهي، چڱيءَ طرح چٻاڙي ۽ انهن ۾ لعاب ملائي، ميڻ تيار ڪنديون آهن. مکيون ڳاڙهي ڀوري رنگ جو کونئر پڻ ڪڍنديون آهن، جنهن سان هو گهڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍيون وينديون آهن. کونئر مان هو هڪ ٻيو به ڪم وٺنديون آهن. جڏهن سندن گهر ۾ ڪو دشمن جيت داخل ٿيندو آهي ۽ گهرڙي يا خاني ۾ اٽڪي پوندو آهي، ته هو ان کي اُتي ئي کونئر سان لنبي ڇڏينديون آهن. +پوءِ مکين جي اُن ميڙ مان هڪ مک جوش ۾ اچي، ٻين کان اڳ ٿي، ان گنبذ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندي ۽ اُتي چهٽي پوندي، ۽ پوءِ پنهنجي مٿي سان ان جاءِ تي هرهر ٽَڪر پيئي هڻندي، ۽ گهرج پٽاندر ان کي ميڻ سان ڀريندي، ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ ماناري جو بنياد رکندي آخر ۾ ان کي زيان سان چٽي ڇهڻن سان ٿوري ٿوڪي ڏيئي، وري مکين جي ميڙ ۾ ائين ئي جهٽ ۾ گم ٿي ويندي، جيئن اوچتو اتان نڪتي هئي. پوءِ ان جي جاءِ وري ٻي مک اچي والاريندي ۽ اُن جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي ۽ جتي جتي پهرينءَ مک جي ڪا خامي ڏسندي ته ان کي درست ڪري پنهنجو وارو نباهي يعني ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪري، اُها به جهٽ ۾ هٽي پاسي ٿي ويندي. پوءِ وري ٽين، پوءِ چوٿين ۽ ائين ٻيون مکيون هڪٻئي جي پٺيان اينديون ۽ پنهنجو پنهنجو وارو پورو ڪري هليون وينديون ــــــــ تان جو ماناري جو بنياد پورو ٿي ويندو. +ان کان پوءِ ٻيون مکيون، جن جي جسماني بناوت پهرين مکين کان ٿوري مختلف هوندي، ڏسنديون ته ماناري جو بنياد صحيح آهي، ته انهن مان هڪ مک ٻاهر نڪري ايندي. اُها مک نهايت پختائيءَ ۽ پوريءَ مهارت سان ماناري جي پهرئين گهرڙي يا خاني جو بنياد اچي رکندي. ائين لڳندو ته اها ڪا انجنيري ڪم جي ماهر آهي ۽ ماناري جو پهريون گهرڙو هوءَ اهڙي پوري ۽ پختي حساب سان رکندي، جو ان تي سڄي ماناري جي گهرڙن جو دارومدار بيهي سگهي. اها مک پاڻ ميڻ نه ٺاهيندي آهي. پر ميڻ ٺاهيندڙ مکين کان ميڻ وٺي، گهرڙي جو هڪ نمونو يا ماڊل ٺاهيندي آهي. پوءِ اها مک به ماناري جي بنياد رکڻ واريءَ مک وانگر ميڙ ۾ گم ٿي ويندي. پوءِ سندس جاءِ واري واري سان ٻيون مکيون اچي والارينديون ۽ پنهنجي واري سان هر ڪا گهرڙو جوڙيندي ويندي. ٻئي پاسي وري ٻيون مکيون ماناري جي سطح ۽ ڀتين جي پاسن کي لڳي وينديون. اهڙيءَ طرح هر هڪ مک پنهنجي پنهنجي سونپيل فرض جي پورائيءَ ۾ مشغول ڏسبي آهي. +پوءِ جڏهن مانارو ڪچي حالت ۾ جڙي راس ٿيندو.، ته ان کي جدا جدا حصن ۾ ورهائي مکين جي حوالي ڪيو ويندو آهي. جن مکين ماناري جا پهريان گهرڙا جوڙيا هوندا، اهي هينئر ميڻ ٽڪرا کڻي ڇت ٺاهڻ شروع ڪنديون. اهڙيءَ طرح ڏاڪي به ڏاڪي ڇت پڻ ٺهي ويندي. ماکيءَ جون مکيون، هڪٻئي پٺيان، باقاعدي ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ، ميڻ کي اهڙي ته تخميني سان رکنديون وينديون آهن، جو وڌيڪ ماناري جو جڙڻ سولو ٿي پوندو آهي. ماناري جا گهرڙا ڇهن ڪنڊن وارا ٿيندا آهن ۽ هر هڪ گهرڙو پوريءَ وڇوٽيءَ تي رکيل هوندو آهي. +ماناري ۾ چئن قسمن جا گهرڙا هوندا آهن: پهريون ماناري جي وچين حصي جا ڇهه يا ست ”شاهي گهرڙا“ جيڪي بيضوي شڪل جا ٿيندا آهن؛ اهي گهرڙا ٻين کان وڏا ۽ نرالا هوندا آهن. انهن گهرڙن ۾ راڻي ۽ ٻيون آئندي ايندڙ ��اڻيون رهنديون آهن. ٻيا اهي گهرڙا، جن ۾ ماکي رکي ويندي آهي؛ انهن گهڙن ۾ نَرَ مکيون پڻ رهنديون آهن. ٽئين قسم جا گهرڙا ننڍا پر گهڻا ٿيندا آهن ۽ ماناري جي پنجن مان چار حصا جاءِ والاريندا آهن. انهن گهرڙن ۾ پورهيت مکيون رهنديون آهن. اُهي گهرڙا گودام لاءِ پڻ استعمال ٿيندا آهن. چوٿين قسم جا گهرڙا بي ڊولا هوندا آهن ۽ وڏن ۽ ننڍن گهرڙن جي وچ تي ٺهيل ٿيندا آهن؛ انهن کي ”مٽاسٽا وارا گهرڙا“ چئبو آهي. انهن گهرڙن جو ڪو خاص ڪم نه هوندو آهي، پر جڏهن ڪنهن غلطيءَ کان گهر ڏنِگا ڦڏا ٿي ويندا آهن ته مکيون انهن گهرڙن کي سڌي ڪرڻ ۽ ٽيڪ ڏيڻ لاءِ وچ تي اهي بيڊولا گهرڙا ٺاهينديون آهن. +ماناري ٺهڻ مهل، راڻي به آنن لاهڻ لاءِ ڏاڍي بي چين هوندي آهي ۽ هر هر پيئي چڪر لڳائيندي آهي ۽ اهو ڏسندي رهندي آهي ته آنن لاهڻ لاءِ گهرڙا ٺهيا يا نه. نيٺ جڏهن مانارو جڙي راس ٿيندو آهي، ته هوءَ پنهنجن خدمتگار مکين سميت آنن لاهڻ وارن گهرڙن ڏانهن ويندي آهي، اُتي پهچي، سڀ کان پهرين هوءَ گهرڙن کي چڱيءَ طرح چڪاسيندي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن اهي آنن لاهڻ لاءِ مناسب هوندا، ته هوءَ فوراً آنا لاهڻ شروع ڪندي. اُن وقت ٻيون مکيون ڏاڍي چاهه سان راڻيءَ جي آني لاهڻ وارو تماشو بيهي ڏسنديون آهن ۽ راڻيءَ کي همٿائينديون رهنديون آهن ۽ پنهنجن پَرنَ کي لوڏيندي هن سان لاڏڪوڏ ڪنديون ۽ پنهنجن ڇُهڻن کي جوش سان هلائينديون رهنديون آهن. ائين پيو ڀانئبو آهي، ڄڻ اُهي راڻيءَ کي هُشي يا مبارڪون ڏينديون هجن. پوءِ جڏهن راڻي پهريون آنو لاهيندي ته سندس هڪ ڌي کيس ڀاڪر پائيندي ۽ ڪن ۾ ٿوري سس پس ڪندس. راڻي ان حرڪت تي ڪڪ ڪانه ٿيندي، ۽ نهايت آرام سان آنو لاهي اتان اٿي، ٻئي گهرڙي ۾ وڃي ويهندي. اِتي راڻيءَ سان آيل خدمتگار مکيون پهرين لٿل آني ڏانهن ڊوڙنديون. پوءِ جڏهن هو اتي هلڪي آسماني رنگ جو آنو ڏسنديون، ته بيحد خوش ٿينديون. +پوءِ ته سرءُ جي مند تائين راڻي کائيندي به رهندي ۽ آنا به لاهيندي رهندي. جيڪڏهن آنن لاءِ ماناري ۾ وڌيڪ گهرڙا موجود نه هوندا ته هوءَ پورهيت مکين جي گهرڙن ۾ آنا لاهڻ شروع ڪندي، ۽ اِهو ڏسي، پورهيت مکيون جلدي جلدي ٻين گهرڙن ٺاهڻ کي لڳي وينديون آهن. +پيدائش +ماکيءَ جي مکين جي ٻچن کي به ماڪوڙيءَ جي ٻچن وانگي جدا جدا مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي؛ يعني ”لاروو“ ـــ ”ڪڪون“ ـــ ”نمف“ــــــــ نوجوان مک. تفصيل لاءِ ”ماڪوڙين جو ميلاپ ۽ سندس پيدائش“ واري باب کي ڏسو. پر هتي آءٌ اوهان کي اهو ضرور ٻڌائيندس ته راڻيءَ جي ننڍپڻ واري پرورش ٻين مکين کان بلڪل مختلف ٿيندي آهي. سڀئي آنا هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، جن مان پورهيت مکيون، نَرَ ۽ ماديون پيدا ٿينديون آهن. جڏهن آنا ڦٽندا آهن، ته ضرورت پٽاندر ”ماناري جو روح “ راڻين مکين کي حڪم جاري ڪندو آهي ته ماناري ۾ هيتريون راڻيون گهرجن . پوءِ حڪم جون بنديون راڻيون اوترا ”لاروا“ ننڍڙن گهرڙن مان کڻي ”شاهي گهرڙن“ ۾ آڻي رکنديون آهن. انهن ”لارون“ کي ٻين ”لارون“ کان مختلف ملندي آهي ۽ پوءِ اهي ”لاروا“ راڻيون بڻبا آهن. جيڪڏهن انهن ”لارون“ کي ٻين عام ”لارون“ جهڙي خوراڪ مهيا ڪبي ته اهي به پورهيت مکيون ٿي پونديون . نَرَ مکين لاءِ وڏا گهرڙا ٿيندا آهن ۽ پوءِ راڻي جيترن وڏن گهرڙن ۾ آنا لاهيندي، اوترا نَرَ پيدا ٿيندا آهن. مٿئين بيان مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته راڻين جو تعداد ”ماناري جي روح“ جي حڪم پٽاندر ٿيندو آهي ۽ اهو راڻيءَ کي هڪ خاص خوراڪ جي مهيا ڪرڻ ڪري عمل ۾ ايندو آهي. ڪن سا��نسدانن جو چوڻ آهي ته راڻيون سڀني ”لارون“ کي پنهنجي مٿي مان کير جهڙي خوراڪ ڪڍي کارائينديون آهن. پوءِ جيترن کي راڻيون بڻائڻو هوندو اٿن، انهن جي ساڳي خوراڪ جاري رهندي آهي ۽ باقي ”لارون“ کي ماکيءَ ۽ گلن جو اٽو ڏنو ويندو آهي! بهرحال اهو هڪ قدرتي سرشتو آهي، جنهن جي ماکيءَ جون مکيون پيروي ٿيون ڪن. +نوجوان راڻيون +هينئر اچو ته وري پراڻي ماناري ڏانهن موٽون. راڻيءَ ۽ ٻين مکين جي لڏپلاڻ کان پوءِ پراڻي ماناري جو شور ۽ هنگامو گهٽجي ويندو آهي ۽ اُهو ڪمزو ٿي ويندو آهي، ڄڻ ان جو خون ئي چوسجي ويو هجي. سڄي ماناري ۾ اُداسي پکڙيل هوندي آهي، پر اُن هوندي به مکيون مايوس نه هونديون آهن، ۽ پنهنجي آئيندي لاءِ ڏاڍيون پُر اُميد هونديون آهن. +جن گهرڙن ۾ ”نمفس“ سُتل هونديون آهن، هينئر انهن جو پردو کلڻ وارو هوندو آهي. پوءِ سوين پورهيت مکيون خوشيءَ وچان نچڻ شروع ڪنديون آهن ۽ پنهنجا پَرَ پيون ڦڙڪائينديون آهن. آخر ڪار سٺ کان اسي هزار گهرڙن جا منهن کلي پوندا ۽ هر هڪ گهرڙي مان ٻه ڪاريون اکيون نمودار ٿينديون، جن جي مٿان ٻه ڇهڻا لڳل هوندا آهن. پوءِ دائيون مکيون جلدي جلدي انهن نوجوان مکين ڏانهن ڊوڙنديون، انهن کي پنهنجي زبان سان چٽيَ صاف ڪري، پوءِ کين ماکي ڏينديون. هفتي کن تائين کين پورهيي کان پري رکيو ويندو آهي. ۽ پوءِ هو پهريون ڀيرو مانارو ڇڏي کليل هوا ۾ نڪرنديون آهن، پر جلدي ماناري ڏانهن واپس موٽي اينديون آهن. اهي نيون ڄاول مکيون ٻيو هفتو به آرام ڪري، پوءِ وڏين مکين سان ڪم ۾ شامل ٿينديون آهن. +جيڪي ”لاروا“ شاهي گهرڙن ۾ رکيا ويندا آهن، اهي سڀ هڪ عمر جا نه ٿيندا آهن. پوءِ جيڪو ”لارو“ وڏو هوندو، اهو پهريون نوجوان راڻي بڻبو. پوءِ جڏهن اُها نوجوان راڻي پنهنجي گهرڙن جو پڙدو ڦاڙيندي آهي، ته ان جي واهر لاءِ ڪيتريون ئي ٻيون مکيون وٺي اُن ڏانهن ڊوڙينديون آهن. اها راڻي شروع ۾ ٿورو ڊڄندي آهي، پر ستت ئي پاڻ سنڀالي وٺندي آهي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان وڏي ٿيندي ويندي آهي. هوءَ اهو محسوس ئي نه ڪندي آهي ته کيس اڪيلي سر ڪا بادشاهي ماڻڻي آهي. اوهان کي ٻڌايو ويو آهي ته هو هڪ ماناري ۾ ڇهه يا ست راڻيون پيدا ٿينديون آهن ۽ ڪابه راڻي ٻيءَ کي برداشت نه ڪندي آهي. انهيءَ ڪري کيس اڪيلي سر ٻين نوجوان راڻين سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي؛ يا جيڪڏهن کيس لڏڻ جو حڪم ملندو، ته هوءَ اهو مانارو ڇڏي، هلي ويندي آهي. +هتي ”ماناري جي روح“ کي هڪڙو ٻيو اهم فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن هو گهرندو ته اُهائي سندن ماناري جي راڻي بڻجي، ته پوءِ اُن کي ٻين نوجوان راڻين جي قتلام ڪرڻ جو حڪم ملندو آهي. جيڪڏهن ”ماناري جي روح“ کيس لڏڻ جو حڪم ڏنو، ته پوءِ هوءَ به پهرئين لاڏوڻي وانگر ڪجهه پورهيت مکيون پوئتي ڇڏي، باقي مکيون پاڻ سان وٺي، هلي ويندي. اهڙيءَ طرح ماناري جي مٿان هڪ جي پٺيان ٻيءَ لڏ جو بخار اچي ڪڙڪندو، تان جو سواءِ هڪ راڻي مک جي، ٻيون سڀئي راڻيون مکيون نڪري هليون وينديون. پر اڪثر سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: مکين جي تواريخ ۾ ٻيءَ لَڏ جا مثال هنن ٿورا ڏٺا آهن. +هاڻي، ائين ٿا فرض ڪيون ته ”ماناري جي روح“ ٻئي لاڏوڻي جي اجازت نه ڏني آهي. پوءِ ته راڻي، حڪم ملندي ئي، ٻين نوجوان راڻين جي گهرڙن ڏانهن ڪاهي پوندي ۽ ڪاوڙ منجهان پنهنجن ڄاڙن ۽ چنبن سان ”شاهي نمفس“ جي گهرڙن کي ڦاڙي ڇڏيندي، ۽ اهڙيءَ طرح ستل شهزادين جا گهر ڊاهي، پهريائين سڀني کان وڏيءَ شهزاديءَ کي ڏسندي ئي پنهنجي زهريلي اوزار يعني ڏنگ سان اتي ئي ختم ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح هوءَ سڀني شهزادين جو پورو خاتمو آڻي، پوءِ وڃي سک جو ساهه کڻندي. ٻيون مکيون بلڪل خاموشيءَ سان اُن جو اِهو تماشو ڏسنديون رهنديون آهن ۽ ڪابه سندس آڏو ڪانه ايندي آهي. ٻن راڻين جي وچ ۾ ٻيون مکيون اصل نه پونديون آهن؛ ۽ رڳو راڻي ئي ٻيءَ راڻيءَ تي پنهنجو ڏنگ استعمال ڪري سگهي ٿي. +اهڙيءَ طرح جيڪا راڻي سڀني ”شاهي گهرڙن“ جي رهواسين جو خاتمو آڻيندي، مکين جي رعايا اُنهيءَ کي قبول ڪندي، پر هن سان اڃا ماءُ (يعني پهرين لڏي ويل راڻيءَ) وارو سلوڪ روا رکيو نه ويندو آهي. ماناري ۾ اُن کي ماءُ وارو مرتبو تڏهن حاصل ٿيندو آهي، جڏهن هوءَ ”ميلاپ جي اُڏام“ واري رسم پوري ڪري. آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي. +ميلاپ جي اُڏام +قدرت ماکيءَ جي مکين ۾ هڪ عجيب قانون ٺاهيو آهي ته هڪ ماناري جا نَر ۽ ماديون ٻئي ماناري جي نرَنَ ۽ مادين سان ئي ميلاپ ڪري ٿا سگهن. ماڪوڙين وانگر ماکيءَ جون مکيون به ميلاپ سدائين مٿي هوا ۾ ڪنديون آهن. انهيءَ ڪري نَرن ۾ مادين کي مٿي اُڏارڻو پوندو آهي، جنهن کي ”ميلاپ جي اُڏام“ چئبو آهي. اهو ته هڪ قدرتي راز آهي ته ائين ڇو ٿيندو آهي، پر سائنسدان ان جو ڪارڻ اهو ٿا ٻڌائين ته نرَ جي جنسي عضوي جي بناوت اهڙي قسم جي آهي، جو هو پنهنجو فرض رڳو مٿي هوا ۾ ئي ادا ڪري سگهي ٿو. +ساڳئي ماناري ۾ راڻيءَ جي آسپاس سوين نَرَ موجود هوندا آهن، ۽ ٻنهي کي سڄيءَ حياتيءَ ۾ هڪ ئي ڀيرو ميلاپ ڪرڻو هوندو آهي. ٻنهي ڌرين جي خواهش جي باوجود هو ميلاپ ڪڏهن به ماناري ۾ نه ڪنديون آهن. ميلاپ کان اڳ هر روز ماناري ۾ ٻارهين کان ٽين لڳي تائين جڏهن سج پنهنجي پوري تاب ۾ هوندو آهي ۽ ڪانءَ جي اک پيئي نڪرندي آهي، نَرَ ڪنئار جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن. اهڙيءَ طرح ڀروارن مانارن جا نَرَ به ٻاهر نڪري پوندا آهن. اِئين هڪ هڪ راڻيءَ جي لاءِ ڏهن-ڏهن هزارن کان به وڌيڪ اميدوار هوندا آهن، جن مان رڳو هڪ کي ئي قبوليو ويندو آهي ۽ باقي ٻين کي رد ڪيو ويندو آهي. +راڻيءَ ڀلي ڪيتري اٻهري ڇونه هجي، پر ميلاپ لاءِ کيس هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ان وقت ڪنهن طرح گهر ۾ ٻيون راڻيون به موجود هونديون ته ميلاپ ڪندڙ راڻيءَ سان پورهيت مکيون ماناري جي در تائين ساڻ اينديون آهن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پورهيت مکين کي ڊپ هوندو آهي ته اهڙي ڀلاري ڏينهن متان راڻيون پاڻ ۾ وڙهي پون! ۽ جيڪڏهن ان ماناري ۾ ٻي راڻي نه هوندي، ته پوءِ هوءَ مقرر وقت تي پاڻ ئي مٿي آسمان ڏانهن مکين جي ميڙ مان ائين وٺي اڏامندي، ڄڻ تير ڪمان مان ڇٽو هجي، ۽ سڀني مکين کي پوئتي ڇڏي هوءَ مٿي چڙهي ويندي . اُتي ان مان هڪ قسم جي مقناطيسي بوءِ ايندي آهي، جنهن کي رڳو نَرُ مکيون ئي محسوس ڪري سگهن ٿيون. پوءِ اُها بوءِ هڪ کان ٻئي ميڙ تائين پهچندي آهي ۽ اتان نَرَن جا ٽولا خوشيءَ جي سمنڊ ۾ وهنجي، راڻيءَ جي پويان لڳندا آهن. +راڻي اُڏامڻ جي نشي ۾ مٿي اڏامندي ويندي، مٿي اڏامندي ويندي ۽ ڪيترائي سندس پويان لڳل نَرَ مٿي اڏامڻ جي سگهه نه ساري سگهندا آهن ۽ هيٺ ڪِري مري ويندا آهن. پر راڻي تيئن مٿي اُڏامندي ويندي، تان جو چند سگهارا نَرَ وڃي بچندا ۽ انهن مان جيڪو وڌيڪ سگهارو نَرُ هوندو، اهو وڃي کيس ٻکين پوندو. پوءِ ته پيار جي نشي ۾ هو هڪٻئي کي ائين چهٽي پوندا، ڄڻ کين اِهائي سڌ هجي ته اُها سندس آخري ملاقات هئي. +اڃا هنن ٻن عاشق جيئڙن جو ميلاپ پورو ئي مس ٿيندو، ته نَرَ جو هيٺيون ڌڙ ماديءَ جي جسم کان الڳ ٿيڻ شروع ٿيندو. ان کان پوءِ سندس جنسي عضوو ماديءَ جي عضوي کان ڌار ٿيندو، سندس پَرَ ڍرا ٿي ويندا ۽ قلابازيون کائندو کائندو هوا جي ساگر ۾ ٻڏي مري ويندو. +قدرت ماکيءَ جي مکين لاءِ هوا ۾ نهايت گهڻا جوکا رکيا آهن، جهڙوڪ ٿڌيون هوائون، طرفان، مينهن، پکي، جيت وغيره. انهيءَ ڪري ئي شايد قدرت سندن هيءُ ميلاپ ايترو مختصر ڪيو آهي. نر جي حياتيءَ لاءِ ماديءَ جو هڪ ڀاڪر ئي ڪافي آهي. +ميلاپ کان پوءِ مادي هيٺ پنهنجي ماناري ڏانهن لهي ايندي آهي، پر پويان نَرَ جي آنڊن جي سنهي تند مٿي ڇڏيندي ايندي آهي. ميلاپ کان پوءِ راڻي نهايت گهڻي خوش نظر ايندي آهي، اصل پيئي ٻهڪندي آهي. اهڙي قسم جي ٻي خوشي کيس ڪڏهن به نصيب نه ٿيندي. هينئر کيس رڳو هڪ ويچار ئي هوندو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد هوءَ پنهنجي جسم تان ميلاپ جون رهيل نشانيون لاهي. پوءِ هوءَ ماناري جي چانئٺ تي ويهي، نهايت خبرداريءَ سان نَرَ جي اجاين عضون کي پنهنجي جسم تان صاف ڪندي آهي. هوءَ جڏهن ماناري ۾ پهچندي آهي ته پورهيت مکيون سندس چڱو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن. پهريائين ٿورا ٿورا پنهنجا مٿا مٿي ڪري هن کي ٽيڏي اک سان ڏسنديون آهن ۽ پري کان سندس ڳهواري ٿيڻ جون علامتون جاچينديون رهنديون آهن. هنن کي راڻيءَ جي ڳهواري ٿيڻ جي پڪ ئي ڪانه بيهندي آهي. پوءِ جڏهن هوءَ آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي، تڏهن سڄي ماناري جون مکيون جشن ملهائينديون آهن ۽ خوشيءَ وچان راڻيءَ کي چوڌاري وڪوڙي وينديون آهن. +ذرن جو قتل عام +ميلاپ کان پوءِ ماناري ۾ نرنَ جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. پر جيڪڏهن ماناري ۾ ماکي جهجهي هوندي آهي، ته پورهيت مکيون نرَن سان رعايت ڪري کين رهڻ ڏينديون آهن. پر نَرَ سخت زيانخور، ٿلها متارا پنهنجي حياتي رڳو عاشقيءَ ۾ گذاريندا آهن. هو ماکيءَ جي نشي ۾ مست ٿي، پورهيت مکين جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهندا رهندا آهن. هر وقت ماناري جي مٿان اجايون ڦيريون پيا ڏيندا ۽ نتيجي ۾ پورهيت مکين جي دل ۾ اُنهن لاءِ حقارت پيدا ٿيندي آهي. نَرَ ڏاڍي بيپرواهيءَ سان ماکيءَ سان ڀريل گهرڙن ڏانهن ايندا رهندا آهن. ۽ پنهنجون وٺيون يا ڪرفتي به ماناري جي ڀتين تي لاهيندا رهندا آهن. پورهيت مکيون، جيڪي مستقبل ۾ اکيون وجهو ويٺيون هونديون آهن، سي هر ڳالهه کي ماٺ ماٺ ۾ پيون سهنديون آهن، +جولاءِ يا آگسٽ جي ڏينهن ۾ ٻارهين کان ٽين لڳي تائين اهي نڪميون نَرَ مکيون ماناري جي چانئٺ وٽ بيهي سخت شور ڪنديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح هو گلن مان رس چوسي ايندڙ مکين جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪنديون آهن. پوءِ هو مٿي اُڏامي وينديون ۽ شام جو سکڻي هٿين موٽي سڌو ماکيءَ سان ڀريل گهرڙن ۾ وڃي منهن وجهنديون ۽ اتي هو ايتري ته ماکي کائينديون، جو سندن پيٽ ڦوڪجي دهل ٿي پوندو آهي. پوءِ هو نهايت سڪون واريءَ اونگهه ۾ پئجي رهنديون ۽ تيستائين نه جاڳنديون، جيستائين کين ٻئي طعام يا ڀوڄن جي ضرورت نه پوندي. +پوءِ اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن صبح جو هنن بيڪار نَرَن جي قتل عام جو حڪم جاري ٿيندو . پورهيت مکيون جيڪي اڳ ماٺيڻيون ۽ رحمدل هيون، سي هينئر جلاد بڻجي وينديون. اُنهن مان هر هڪ مک پنهنجي روزمرهه جي ڪرت کي ڇڏي ڏيندي، هيءُ حڪم ان وقت جاري ٿيندو جڏهن نَرَ گهريءَ ننڊ ۾ آلوٽ هوندا آهن. پوءِ هي هري ڪاوڙيل پورهيت مکيون نَرَن کي نهايت بيدرديءَ سان ننڊ مان جاڳائڻ شروع ڪنديون آهن. نَرَ نماڻائيءَ سان جاڳي پوندا ۽ تپرس ۾ سندن اکيون ڦاٽي پونديون. هو پورهيت مکين کي گهوريندا رهندا ۽ ائين ڀائيندا ته هو ڪنهن غلطيءَ جو شڪار بڻبا آهن. ۽ ائين هو اُٿي ماکيءَ ڀريل گهرڙن جو رخ ڪندا. پر ه��ڻي سندس ماکي کائڻ وارا ڏينهن پورا ٿيل هوندا آهن. ڪنهن وقت هنن لاءِ ماکيءَ جا دروازا کليل هوندا هئا، پر هينئر ان جي جاءِ تي زهريلن ڏنگن جي باهه پيئي ٻرندي آهي. سڄي ماناري جو ماحول ڦري ويندو آهي. ماکيءَ جي خوشبوءَ بجاءِ چوڌاري زهر جي بوءِ پيئي ايندي. پورهيت مکين جا هزارين ڏنگ، سڀ نَرَن جي تاڙ ۾ هوندا آهن. هرهڪ نَرَ جي پويان ٽي-ٽي، چار چار پورهيت مکيون، پوءِ ته نَرَن جون سسيون ڌڙ کان ڌار، ۽ سندن ڇاتيءَ ۾ ڏنگن جو زهر پيو اوتبو. ان وقت پورهيت مکين جي اکين ۾ ڪنهن به قسم جو رحم نه هوندو آهي. ڪي نَرَ ڦٽن جو تاب نه سهي اُتي جو اُتي مري ويندا آهن. ڪي ٿورا ڦٽيل ماناري جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي لڪندا آهن، پر ڪنهن نَرَ کي جيئرو نه ڇڏيو ويندو آهي. جيڪي ڀڄي ويندا آهن ۽ شام جو جڏهن موٽندا آهن، ته انهن کي ماناري جي چانئٽ تي ئي ختم ڪيو ويندو آهي. +ماکيءَ جي مکين جي هٿراڌو پالڻ وارين ڪالونين ۾ نَرن جو ڪوس ساڳئي ڏينهن تي ٿيندو آهي. پوءِ انهن مان جيڪا سٺي بندوبست هيٺ ڪالوني هوندي آهي، اُتان ئي ڪوس جو حڪم جاري ٿيندو آهي. جن ڪالونين ۾ راڻيون سنڍ ۽ نهايت پوڙهيون ٿي وينديون آهن، اُهي سياري اچڻ تائين نرَن کي نه مارينديون آهن. اُن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو ويو آهي ته انهن ڪالونين ۾ نوجوان راڻين جي ڄمڻ جو آسرو هوندو آهي؛ پر مکين جو اُهو مقصد به پورو نه ٿيندو آهي ۽ اُن کان اڳ ئي وٽن بک ۽ ڏڪر اچي ڪڙڪندو آهي ۽ آهستي آهستي سڀئي مکيون چپ چاپ مرنديون وينديون آهن. +جيڪي مانارا مکيءَ سان ڀريل هوندا آهن، انهن ۾ نرن جي قتل عام کان پوءِ سگهو ئي معمول پٽاندر ڪم شروع ٿي ويندو آهي. پر ماناري ۾ هينئر خوشي ۽ گرمجوشي گهٽجي ويندي آهي. مکيون سرءُ جي مند وارن گلن مان رس چوسي، سياري جي لاءِ ماکي گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وينديون آهن. پوءِ سياري جي اچڻ سان ئي سڀ مکيون ماناري جي وچين حصي ۾ اچي ڪٺيون ٿينديون آهن. راڻيءَ کي وچ ۾ ويهاري باقي پورهيت مکيون هڪٻئي جي مٿان قطارون ٺاهي ويهنديون وينديون آهن، ۽ پوءِ سڄو سيارو سست ۽ نستيون اُتي پيون هونديون آهن. جڏهن کين بک لڳندي آهي ته ماکيءَ جي گهرڙن جي ڀر ۾ ويٺل مکيون ماکي پهرين پاڻ کائي، پوءِ ٻين مکين کي پهچائينديون رهنديون آهن ـــــ اهڙيءَ ريت جو هڪ کان ٻيءَ مک تائين ۽ ٻيءَ کان ٽيءَ تائين ۽ ائين پچڙيءَ ۾ ويٺل مکين تائين ماکي پهچي ويندي آهي. اهو سندس طريقو تيستائين جاري رهندو آهي جيستائين بهار جو سج نه اُڀرندو. پوءِ جڏهن بهار جي سج جا پهريان ڪرڻا ماناري جي دروازي مان اندر داخل ٿيندا آهن، ته آهستي آهستي مکيون سجاڳ ٿينديون آهن. ان کان پوءِ مکين ۾ نئون روح ڦوڪجي ويندو آهي ۽ سندس حياتي نئين سر چرپر ۾ اچي ويندي آهي. + + +ڪوريئڙي جي حياتي +شروعات: +ڪوريئڙن جي مخلوق نهايت ڏاهي ۽ هوشيار ٿيندي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: ڏاهپ ۽ حرفت ۾ انسان ذات کان پوءِ ڪوريئڙا ٻئي نمبر تي ٿا اچن. سڄيءَ دنيا ۾ اٽڪل هڪ لک کن ڪوريئڙن جون جنسون آهن ۽ اهي انسان ذات لاءِ نهايت ڪارائتا به آهن. ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪوريئڙا نه هجن ته جيڪر انسان جو جيئڻ محال ٿي پوي. اوهان کي سڌ آهي ته هيءَ دنيا ننڍڙن ننڍڙن جيوڙن ۽ نقصانڪار جيتن سان ڀري پيئي آهي، جيڪي چئن ئي پاسن کان اسان کي نقصان رسائندا ٿا رهن. هو اسان جي فصلن تي هر وقت حملو ڪندا ٿا رهن ۽ ڪيترن ئي اپائن وٺڻ جي باوجود به اسين انهن کان پاڻ کي محفوظ رکي نه سگهيا آهيون. اسين وقت به وقت مختلف دوائون استعمال ڪريون ٿا ۽ پنهنجن فصلن تي ڦوهارو ڪريون ٿا، تڏهن به انهن هاڃيڪار جيتن ۽ جيوڙن کان جند ڇڏائي نه سگهيا آهيون. قدرت اسان تي نهايت وڏو احسان ڪيو آهي، جو اُن ڪوريئڙن کي خلقيو آهي، جيڪي روزانو لکين ڪروڙين جيتن کي اجل جو شڪار بڻائندا رهن ٿا. +ماڪوڙيءَ ۽ ماکيءَ جي مک جي احوال ۾ اسين ڏسي چڪا آهيون ته هو پنهنجو پاڻ ۾ گڏجي ميڙ ڪري رهن ٿيون ۽ ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار هونديون آهن. جيڪڏهن ماڪوڙين کي يا ماکيءَ جي مکين کي الڳ الڳ ڪبو ته هو هڪ هڪ ٿي، بک ۾ نه، پر ڏک ۾ ئي مري وينديون. پر ڪوريئڙن سان ائين ناهي، هر هڪ ڪوريئڙو الڳ ۽ اڪيلو حياتي گذاريندو آهي، ايتري قدر جو نَرَ ۽ مادي به پاڻ ۾ گڏ نه رهندا آهن. ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي: اڪثر ماديون پنهنجي ٻچن جي شڪل به نه ڏسنديون آهن. هو ٻچن جي آرام واري ڏاڪي يعني ”ڪڪون“ واري مرحلي کان پوءِ مري وينديون آهن؛ يا وري سندن ٻچن کي قدرت اڳ ۾ ئي اهڙي سمجهه ڏيندي آهي، جو هو ماءُ جي خوراڪ بڻجن جي ڊپ کان سگهو ئي گهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن. ڪي ماديون ته وري ٻچن تان پنهنجي جان به قربان ڪنديون آهن ۽ کين پنهنجي حياتيءَ جو سرمايو سمجهنديون آهن ۽ وقت به وقت پهرا ڏيئي به دشمنن کان کين بچائينديون آهن. ڪي ماديون ته پنهنجي ٻچن کي ڇهن ـــ ستن مهينن تائين پنهنجي پٺيءَ تي کنيو گهمائينديون رهنديون آهن. اڪثر ماديون پنهنجن ٻچن کي ڪونه کارائين پيارين؛ پر ڪي ٿوريون ماديون منجهن اهڙيون به آهن، جيڪي پنهنجي وات مان به ڪڍي ٻچن کي کارائين ٿيون. +ڪوريئڙي کي اٺ ڄنگهون ۽ اٺ اکيون ٿينديون آهن. اکين مان چار وڏيون ته چار ننڍيون ٿينديون اٿس. اُن کي ٻه ڊگها ڏند ٿيندا آهن، جن سان هو شڪار جو خون چوسيندو آهي. ڪوريئڙن ۾ ماديون هميشہ وڏيون ٿينديون آهن، جن ۾ ڪي ته ٻن انچن جي قد جيتريون به ٿينديون آهن. اُنهن جي اِن ماپ ۾ ڄنگهو شامل نه آهن. ڪوريئڙن جي خوراڪ جيتن جي خون تي هوندي آهي، هو مکيون، تڏون ۽ مڪڙ نهايت شوق سان کائيندا آهن. قدرت ڪوريئڙن کي بک سهڻ جي به ڏاڍي قوت بخشي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هو ڏيڍ سال تائين به بکيا رهي سگهن ٿا. هو هميشہ جيت جو تازو خون چوسيندا آهن، ۽ مرندي به ڪنهن مئل جيت يا جانور جي ويجهو نه ويندا آهن. ڪوريئڙن جي عمر مختلف ٿيندي آهي؛ ڪي هڪ سال، ڪي پنج سال، ته ڪي وري پنجويهن سالن تائين به جيئرا رهندا آهن. +جيئن ماڻهن جا ڪمن ڪارين جي خيال کان مختلف قسم ٿيندا آهن، جهڙوڪ: ڪڙمي، ڪوري، لوهار، ڌوٻي، شڪاري وغيره وغيره. تيئن ڪوريئڙن ۾ ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙا، چيرڦاڙ ڪندڙ ڪوريئڙا، ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙا، چور دروازا ٺاهيندڙ ڪوريئڙا ۽ پاڻيءَ جا ڪوريئڙا وغيره ٿيندا آهن. انهن مختلف قسمن جي ڪوريئڙن جي رهڻي ڪرڻيءَ جو طريقو پنهنجو پنهنجو ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري آءٌ مختصر طرح انهن جي هر هڪ قسم کي الڳ الڳ بيان ڪندس. اڳتي وڌڻ کان اڳ، آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڪوريئڙن ۾، قدرتي طور تي، ماديون نَرَن جي مٿان غالب هونديون آهن، ۽ اڄڪلهه جيڪي ڪجهه اسين ڪوريئڙن بابت ڄاڻون ٿا، اها معلومات گهڻي قدر اسان اُنهن جي مادين کي جاچڻ مان ئي حاصل ڪئي آهي. نَرَ جڏهن ننڍا هوندا آهن ته جڏا سڏا ڄار ٺاهيندا آهن، پر جڏهن وڏا ٿيندا آهن ته ڄار اُڻڻ جو ڪم بنهه ڪونه ڪندا آهن؛ نتيجي ۾ سندس ڄار ٺاهڻ جا عضوا ختم ٿي ويندا آهن. پوءِ هو رڳو رولو ڪتي وانگي مادين جي پويان ميلاپ لاءِ رلندا وتندا آهن، ۽ نيٺ انهن جي هٿان مارجي ويندا آهن. هنن جو ڪو گهر گهاٽ نه هوندو آهي، ۽ ’جتي پڪي اُتي کاڌِي‘ واري حياتي گذاريندا آهن. +ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙا +ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙا ـــــــــ يعني، ڪوريئڙيون نهايت محنتي، جفاڪش ۽ هنرمند هونديون آهن، ۽ ڄار اُڻڻ ۾ ڪوبه سندن ثاني ڪونهي، جڏهن اسين اُنهن جي سهڻي ڪاريگريءَ جي نموني کي ڏسندا آهيون ته دنگ رهجي ويندا آهيون. آڳاٽي زماني جي يونان جي هڪ ڏند ڪٿا مشهور آهي ته ”آراڪني“ نالي هڪ ڇوڪري رهندي هئي، جيڪا ڪپڙي اُڻڻ ۽ ڀرت جي ڪم ۾ نهايت گهڻي هوشيار هئي. هن ”اٿين “ نالي هڪ ديويءَ کي اُن هنر ۾ ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ للڪاريو هو. پوءِ اها ديوي هن جي اڻيل ڪپڙن کي ڦاڙي وجهندي هئي، جنهن تي اراڪنيءَ پاڻ کي ماري وڌو، ۽ پوءِ اٿين کيس پنهنجي جادوءَ سان ڦيرائي ڪوريئڙي ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻي اُها، يعني ڪوريئڙيءَ جي روپ ۾ آراڪني، سدائين اُڻندي ٿي رهي، ۽ اُن ڪم ۾ هوءَ ٻين سڀني مخلوقن کان گوءِ کنيو بيٺي آهي. +ڪوريئڙي جي ڄار جا ٻه مکيه حصا ٿيندا آهن: ٻاهريون ڍانچو يا ٽنگڻي، جيڪا پَٽَ جي ڌاڳن سان ڪنهن شيءِ ۾ ٻڌل هوندي آهي، ۽ ٻيو ڦاهي يا سرڪڻ، جيڪا ٽنگڻيءَ جي وچ ۾ ٿيندي آهي. ڪوريئڙي شڪار کي ان ڦاهيءَ ۾ ڦاسائيندي آهي. ڦاهيءَ ۾ هڪ ڏور ٻڌل هوندي اٿس، جيڪا ڄار کان ٿورو پري ڪنهن ڪنڊ پاسي وڃي ختم ٿيندي آهي، جتي هوءَ پاڻ جُوهه وجهيو ويٺي هوندي آهي، جڏهن ڄار ۾ ڪو شڪار ڦاسندو آهي ته ڏور کي لوڏو ايندو آهي، جنهن کي ڪوريئڙي سڃاڻي وٺندي آهي، ۽ هڪدم وٺي ڦاهيءَ ڏانهن ڊوڙندي آهي، ۽ وڃي شڪار کي قبضي ۾ ڪندي آهي. +رواجي طرح (مادي) ڪوريئڙو هر چويهن ڪلاڪن کان پوءِ نئين ڦاهي ٺاهيندي آهي. پر سندن مختلف جنسون ڪن خاص وقتن تي ڦاهي ٺاهينديون آهن. ڪي اونداهيءَ کان اڳ، ڪي پوءِ ۽ ڪي وري پرهه ڦٽيءَ کان اڳ اهو ڪم ڪنديون آهن. +ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙن ۾ وري ٻه ٽوليون ٿينديون آهن: هڪ گهريلو ۽ ٻيو گهرن کان ٻاهر رهندڙ ڪوريئڙا. +گهريلو ڪوريئڙا گهرن اندر پنهنجا ڄار ڀتين جي ڪنڊن ۾، تصويرن ، ڪتابن ۽ ڪٻٽن جي پٺيان ٺاهيندا آهن. هي ڪوريئڙا اهڙا سٺا ڄار نه ٺاهيندا آهن، جهڙا گهرن کان ٻاهر رهندڙ ڪوريئڙا ٺاهيندا آهن. پر انهن جي ابتڙ گهريلو ڪوريئڙن جا ڄار قدرتي آفتن، جهڙوڪ: مينهن، طوفان ۽ پکين کان آجا رهندا آهن. هي ڪوريئڙا اڪثر نظر کان اوجهل رهندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڀتين يا فرشن تي گهمندي ڦرندي به نظر ايندا آهن. ڪنهن ڪنهن وقت هڪ ڪوريئڙو ٻئي جي ڄار تي زوريءَ قبضو ڪندو آهي. ڪوريئڙا ان لاءِ ماڪوڙين وانگر اڳواٽ ڪا جاسوسي نه ڪندا آهن پر اوچتو ئي اوچتو وڃي ٻئي جي ٺهيل ڄار تي هٿ رکندا آهن. پوءِ ته ڄار جي مالڪ ۽ زوري قبضي ڪرڻ واري ڪوريئڙي ۾ زبردست لڙائي لڳندي آهي، ۽ اُن ۾ جنهن کٽيو اهو اُتي گهر مالڪ ٿي ويهي رهندو؛ مطلب ته ڪوريئڙن جي دنيا ۾ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو.“ +گهرن کان ٻاهر رهندڙ مادي ڪوريئڙا هر هنڌ پنهنجا ڄار ٺاهيندا آهن. انهن ۾ ڪي ته اهڙا سهڻي نموني ٺهيل هوندا آهن، جو انسان ڏسڻ سان حيرت ۾ پئجي ويندو آهي. ڪي ڄار گول، ڪي ٽڪنڊا ۽ ڪي وري ڪپڙي جي هڪ چتيءَ وانگر هوندا آهن. +ڪوريئڙي جي شڪار ڦاسائڻ جو رواجي طريقو اهو آهي ته هو پاڻ ڄار کان ٻاهر ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڏور جي هڪ ڇيڙي کي پڪڙيو ويٺا هوندا آهن. پوءِ جڏهن ڪو شڪار ڦاهيءَ ۾ ڦاسندو آهي ته ڏور لڏندي آهي، جنهن مان مادي ڪوريئڙي سمجهي ويندي آهي ته ڄار ۾ ڪا شيءَ ڦاٿي آهي. پوءِ هوءَ هڪدم وٺي اوڏانهن ڊوڙندي ۽ اتي پهچي پهرين شڪار جو جائزو وٺندي. جيڪڏهن شڪار ننڍو هوندو ته ان کي ماري يا اتي ئي سندس خون چوسي وٺندي، يا وري رهائش گاهه ڏانهن کڻي اتي وڃي هن جو خون چوسيندي. جيڪڏهن شڪار ڪو وڏو يا خوفناڪ هوندو، جهڙوڪ؛ ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مڪڙ، يا تڏ، ته پوءِ ان کي قابو ڪرڻ جي ڪا ترڪيب سوچيندي. ڏينڀوءَ کي هوءَ اڪثر پاڻ ئي ڇڏي ڏيندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڄار ۾ گهڻو گوڙ ڪندو آهي ۽ اُن مان خود کيس ئي پنهنجي جان جو ڊپ هوندو آهي. ٻيو جيڪو به جيت وٽس ڦاهيءَ ۾ ڦاٿو ته ڊوڙي، پنهنجي جسم مان پٽ جون تندون ڪڍي اهي شڪار جي بدن کي ويڙهي ان کي قابو ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ ائين شڪار سندس قبضي ۾ اچي ويندو آهي. پوءِ ڪوريئڙي ان کي پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن گهلي ويندي آهي. +ڪن ڪوريئڙن جي شڪار ڦاسائڻ جا طريقا وري نرالا هوندا آهن. هڪڙي اهڙي ڪوريئڙي آهي، جا ڪنهن مک کي ڏسي، ان ڏانهن آهستي آهستي ويندي. مک به هڪ ڏاهي مخلوق آهي ۽ هوءَ ڪوريئڙي جي نيت کان وقف ٿي ويندي آهي. پر ڪوريئڙيءَ کي دولاب ڏيڻ جي نيت سان ويٺي پنهنجو منهن صاف ڪندي رهندي، پر هڪ اک ڪوريئڙيءَ ۾ لڳل هونديس. هوڏانهن ڪوريئڙي ٿوري فاصلي تي اچي بيهي رهندي، ۽ مک به مزي سان ويٺي اُن کي ڏسندي. اوچتو اوچتو. مک کي سڌ ئي نه پوندي، ته مٿانئس کونئر جو ڦوهارو ٺا اچي ڪندو (ڪوريئڙي پَٽَ کان سواءِ کونئر به پنهنجي جسم مان ڪڍندي آهي)، ۽ ڏسندي ڏسندي، مک کونئر ۾ لنبجي ويندي! +ڪي مادي ڪوريئڙيون رات جي پوئين پهر ۾ پنهنجي ٻرڙن مان ٻاهر نڪري، انهن ۾ ڄار اڏي، شڪار جي تاڙ ۾ ويهي رهنديون آهن. پوءِ رات جا اڏامندڙ جيت انهن ڄارن ۾ وڃي ڦاسندا آهن، جن جو هو خون چوسي وٺنديون آهن. سج اڀرندي ئي هو پنهنجا ٽپڙ گول ڪري، گهر روانيون ٿي وينديون آهن. +آسٽريليا ۾ هڪ نهايت خوبصورت ڪوريئڙي ٿيندي آهي، جيڪا وڻ جي شاخ تي ويهي شڪار ڪندي آهي. هوءَ پنهنجي جسم مان پَٽُ ڪڍي ان مان ڏور ٺاهي ان جي هڪ ڇيڙي ۾ کونئر جو گولڙو قابو ڪري، ٻئي ڇيڙي کي پڪڙي پنهنجي مٿي جي مٿان گول ڦيرائيندي آهي. پوءِ جيڪو جيت کونئر جي گولڙي کي ڇهندو ته اتي ئي جهلجي پوندو آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انوکا طريقا آهن، جن جو وري ڪوريئڙين جي ٻين قسمن جي احوال ۾ ذڪر ڪيو ويندو. +پَٽُ +انسانذات لاءِ ته پٽ هڪ عياشي آهي، پر ڪوريئڙن ۽ خاص طرح ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙن لاءِ اهو ايترو ضروري آهي جيترو اسان لاءِ اَنّ پاڻي. هنن جي سڄي حياتي پَٽَ تي ٻڌل آهي. هو ان ۾ ڄمندا آهن، پلجندا آهن ۽ ان جي ذريعي خوراڪ حاصل ڪندا آهن وغيره وغيره، پَٽ ڪينئِن جي پَٽَ کان ڪوريئڙي جو پَٽَ پنجوڻ ڀيرا وڌيڪ سٺو ٿيندو آهي. پراڻي زماني ۾ ڪوريئڙن مان پَٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ۽ ڪي ڪجهه اُهو حاصل به ڪيو ويو هو. پر جيئن ته هو اڪيلي سر رهندا آهن ۽ جيڪڏهن کين گڏ رکبو، ته هڪٻئي کي ماري وجهندا، انهيءَ ڪري ڪوريئڙن مان پَٽَ حاصل ڪرڻ واري حسرت انسان جي شايد ئي پوري ٿئي. +بگهڙ ڪوريئڙيون +ڄار اڻندڙ ڪوريئڙيون نهايت هوشياري ۽ هنرمنديءَ سان ڄار ٺاهي، گهر ويٺي پنهنجي خوراڪ حاصل ڪنديون رهنديون آهن. پر بگهڙ ڪوريئڙين کي ڄار اُڻڻ جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي. انهيءَ ڪري کين خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. بگهڙ ڪوريئڙين جي نظر ڄار اڻندڙ ڪوريئڙين کان تيز ٿيندي آهي ۽ هو بگهڙ وانگي وٺي شڪار جي پويان ڊوڙنديون آهن؛ مٿن نالو به سندن انهيءَ خصلت سبب پيو آهي. +هي ڪوريئڙيون پنهنجا گهر زمين جي اندر ٻرڙ ٺاهي انهن ۾ رهنديون آهن. ڪن گهرن جي ليول زمين جي برابر هوندي آهي ۽ ڪن گهرن جي مٿان ٿورو پلوڙو ڏنل هوندو آهي. جڏهن ڪو شڪار سندن گهر جي ڀرسان اچي لانگهو ٿيندو، ته يڪدم هن جي پويان ڊوڙنديون آهن. رفتار تيز هجڻ جي ڪري هو ه��دم شڪار جي مٿان غالب پونديون آهن. بگهڙ ڪوريئڙيون شڪار کي يڪدم ماري، اُن جو خون چوسي وٺنديون آهن، ڇاڪاڻ ته کين پٽَ جون ڪي رسيون موجود نه هونديون آهن، جن سان هو شڪار ڪري گهر ڏانهن گهلي وڃن. +بگهڙ جنس جي ڪوريئڙن ۾ ”ٽارنٽولا“ ذات جو ڪوريئڙو نهايت بدنام ليکيو ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ ”ٽارنٽولا“ جو ماڻهن جي مٿان ايترو ته هراس ڇانيل هوندو هو، جو ماڻهو چوندا هئا ته جيڪڏهن ان ڪوريئڙي ڪنهن کي چڪ پاتو ته سمجهو ته ان جو موت آيو. سائنسدانن تجربا ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته ”ٽارنٽولا“ ۾ اهڙو ڪو زهر موجود ناهي، جنهن سان ماڻهو مري وڃي. ائين ضروري آهي ته ”ٽانٽولا“ جي چڪ سان ٿورو سور ۽ خارش ٿيندي آهي، جيڪا به ٿوري وقت ۾ لهي ويندي آهي. ها! ڪي ٻيا ڪوريئڙا آهن جيڪي نهايت خطرناڪ ٿيندا آهن ۽ سندس چڪ پائڻ سان انسان ڇا، پر اُٺ جهڙو جانور به مري ويندو آهي. +مادي بگهڙ ڪوريئڙن جو پنهنجي ٻچن سان بيحد پيار ٿيندو آهي. جڏهن ٻچا ”ڪڪون“ واري ڏاڪي ۾ هوندا آهن، ته مائون ”ڪڪون“ کي پنهنجي پيٽ سان ٻڌي، ساڻ گهمائينديون وتنديون آهن. سائنسدانن ڪيترائي تجربا ڪري اهو ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن مادين کان پنهنجا ”ڪڪون“ ڦربا، ته هو چرين وانگي هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون پيون پائنديون آهن ۽ جيڪڏهن کين”ڪڪون“ جهڙي ٻي ڪا گول شيءِ يا ڪنهن ٻيءَ ڪوريئڙيءَ جو ”ڪڪون“ پيش ڪبو، ته هوءَ نهايت خوشيءَ سان ان کي به قبول ڪري، پيٽ سان ٻڌي، خوش ٿي، اتان هلي ويندي. پر انهن ۾ ڪي اهڙيون ماديون به آهن، جي ٻيءَ ذات جي ڪوريئڙن جي ”ڪڪونئن“ کي قبول نه ڪنديون آهن. +ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙا +سڀني ڪوريئڙن مان ٽپا ڏيندڙ جنس جي ڪوريئڙن جي نظر تيز ٿيندي آهي. هنن جي شڪار ڪرڻ جو طريقو ذري گهٽ ٻليءَ جي طريقي جهڙو ٿيندو آهي. +ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙيون ڀتين، ڪيلن جي جهڳٽن، ٻوٽن ۽ گهرن ۾ رهنديون آهن. کين جڏهن ڪو شڪار ڪرڻو هوندو آهي ته ان کي تاڙي، پوءِ آهستي آهستي پنهنجن پٻن تي هلنديون آهن. هو ٿورو تيز هلي وري بيهي رهنديون آهن، يا ڪينئين وانگي زمين سا آهستي آهستي رڙهنديون آهن. پوءِ جڏهن شڪار جي ويجهو اينديون آهن، ته هڪدم اُن جي مٿان ٽپو ڏيئي، کيس وڃي قابو ڪنديون آهن. +هي ڪوريئڙيون لسين ڀتين ۽ ڇتين تي ائين گهمنديون آهن، جيئن ٻيون ڪوريئڙيون سڌيءَ زمين جي سطح تي گهمنديون آهن. هنن جي پيرن ۾ خاص قسم جي وارن جي هڪ گدي ٿيندي آهي، جنهن جي مدد سان هو لسين ۽ اُڀين شين تي به گهمي سگهنديون آهن. ٻين ڪوريئڙن جو مٿو گول ٿيندو آهي، پر ٽپا ڏيندڙ جنس جي ڪوريئڙن جو مٿو چؤڪنڊو ٿيندو آهي ۽ اکين جي بيهڪ پڻ ٻين کان مختلف هوندي اٿن. چار وڏيون اکيون هڪ قطار ۾ ۽ انهن جي پويان چار ننڍيون اکيون ٻيءَ قطار ۾ هونديون اٿن. +کيکڙي نما ڪوريئڙا +کيکڙي نما ڪوريئڙا نهايت سهڻا ٿيندا آهن ۽ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي ڪوريئڙا نه، پر پري کان زيورن جهڙا وڻندڙ ۽ سهڻا پيا ڏسبا آهن، سندس نالو کيکڙي نما انهيءَ ڪري پيو آهي، جو سندس شڪل ۽ چال چلت کيکڙي وانگر ٿيندي آهي. هن جنس جون مادي ڪوريئڙيون نهايت گهڻا ناٽ ڪنديون آهن ۽ پنهنجي شڪل ٻين شين ۾ ڦيرائي سگهنديون آهن، مثال طور پکين جون وِليون، گل، سڪل پن، پوپٽ، ماڪوڙيون وغيره. +هي ڪوريئڙيون نهايت سٺي اداڪاري ڪري سگهنديون آهن. اهي سڀئي ناٽ هو شڪار ڦاسائڻ لاءِ ڪنديون آهن. سڀني کي ڄاڻ آهي ته پکين جي وِٺ بيجان ٿيندي آهي ۽ ڪنهن لاءِ به نقصانڪار ناهي. پوءِ ڪي ڪوريئڙيون پاڻ کي پکين جي وٺين جي شڪل ۾ ڦيرائي ڇڏينديون آهن. جڏهن ڪو جيت ��ندن ڀرسان ايندو آهي، ته هو يڪدم ان کي ڦاسائي وٺنديون آهن. ڪي وري پاڻ کي گلن جي صورت ۾ ڦيرائي ڇڏينديون آهن، ۽ جڏهن ماکيءَ جي مک يا ڪو ٻيو جيت سندن ويجهو ايندو آهي ته ان کي پڪڙي وٺنديون آهن. اهڙيءَ طرح ڪي وري پوپٽ ٿي جيتن کي پڪڙينديون آهن. ائين ڪرڻ سان هو دشمنن جي حملي کان به بچيل رهنديون آهن. +مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ڪوريئڙا ۽ ٻيا جيت ماڪوڙين کي پنهنجي خوراڪ نه بڻائيندا آهن، انهيءَ ڪري ڪي ڪوريئڙيون پاڻ کي ماڪوڙين جي شڪل ۾ ڦيرائي ڇڏينديون آهن ۽ انهن سان گڏ پيون هلنديون چلنديون آهن، ايتريقدر جو ماڪوڙين کي به اُنهن جي سڌ نه پوندي آهي. اهڙيءَ طرح هو پاڻ کي دشمنن کان محفوظ رکنديون آهن. +چور دروازو ٺاهيندڙ ڪوريئڙا +ڪي مادي ڪوريئڙيون ڄار اُڻي انهيءَ مان فائدو ٿيون وٺن، ڪي وري اداڪاري ڪري پاڻ کي گلن، پوپٽن، يا پکين جي وٺين جي شڪلين ۾ ڦيرائي پنهنجي بچاءُ ۽ خوراڪ حاصل ڪرڻ جو مسئلو حل ڪن ٿيون. ڪي ڪوريئڙيون وري اهڙيون ٿين ٿيون، جن وٽ اهڙي ڪا خاص رٿا ۽ اٽڪل ته ڪانه هوندي آهي، پر وري به خوراڪ جو مسئلو اُهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان حل ڪري ڇڏين ٿيون. ڪي خاص ڪوريئڙيون ته وري اهڙيون آهن، جي پنهنجي بچاءَ ۽ خوراڪ هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مٿي بيان ڪيل کيکڙي نما ڪوريئڙيءَ کان به وڌيڪ چالاڪ ۽ هنرمند هونديون آهن. انهن ۾ چور دروازا ٺاهيندڙ ڪوريئڙيون سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن. +هي ڪوريئڙيون زمين اندر ٻرڙ کوٽي، انهن جي مٿان اهڙي نموني جا دروازا ٺاهينديون آهن. جو ڪنهن کي به سڌ نه پوندي آهي ته ڪوريئڙين جا گهر ڪٿي آهن. هو دروازن کي زمين سان هموار ڪري، اتان جي آس پاس جي مٿاڇري جي سڌائيءَ ۾ انهن کي مٿان ڍڪي ڇڏينديون آهن. +هي ڪوريئڙيون اڪثر رات جو پنهنجا ڪارناما سرانجام ڏينديون آهن. هو گهرن کان ٻاهر نڪري دروازي جي اوٽ ۾، ڄار اڏي ويهي رهنديون آهن. جڏهن ڪو شڪار ڦاسندو اٿن، ته سڄيءَ ڄار کي پٽي گهر کڻي وينديون آهن. رات جو شڪار ڪرڻ ڪري، هو پنهنجن ڏينهن جي هلندڙ رواجي دشمنن، جهڙوڪ: مکيون، ڏينڀو، پکي وغيره کان پڻ سلامت رهنديون آهن. +هنن ڪوريئڙن ۾ هڪ اهڙي مادي ٿيندي آهي، جيڪا ڇهن مهينن تائين پنهنجي ٻچن کي پاليندي آهي. بهار جي مند ۾ هوءَ گهر جي دروازي کي سوراخ ڪري، ٻچن کي پنهنجي قسمت جي حوالي ڪري ٻاهر اماڻي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن موسم خراب هوندي آهي، ته پوءِ هوءَ ٻچن کي ڪجهه وڌيڪ عرصو پاڻ وٽ رکندي آهي، پر اتفاق سان جيڪڏهن موسم وڌيڪ عرصو خراب رهندي آهي، ته پوءِ هوءَ دروازو بلڪل بند ڪري هڪ ـــ هڪ ٻچي کي واري واري سان خود پنهنجي خوراڪ به بڻائي ڇڏيندي آهي. +پاڻيءَ جا ڪوريئڙا +پاڻيءَ جا ڪوريئڙا خشڪيءَ تي رهندڙ ڪوريئڙن کان نهايت خوش نصيب هوندا آهن. کين خوراڪ آسانيءَ سان ملي ويندي آهي ۽ اڪثر ڪري دشمن جي چنبي کان به آجا رهندا آهن. هي ڪوريئڙا پاڻيءَ جي مٿان ڪنارن تي رهندا آهن، پر انهن ۾ هڪ جنس اهڙي آهي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ پاڻيءَ ۾ اندر رهندي آهي. هي ڪوريئڙا اڪثر بيٺل پاڻيءَ ۾ رهندا آهن. +پاڻيءَ جي ڪنارن تي رهندڙ ڪوريئڙا اڳيون ٻه ڄنگهون پاڻيءَ ۾ ۽ باقي بُت ٻاهر ڪيو ويٺا هوندا آهن. پوءِ جڏهن ڪا ننڍي مڇي، يا ڏيڏر جو ٻچو يا ڪو ٻيو جيت سندن ويجهو ايندو، ته ٽپ ڏيئي ان کي قابو ڪندا آهن. پاڻيءَ جي سطح تي رهندڙ ڪوريئڙا وڻن جي پنن يا ڪکن ڪانن تي ترندا رهندا آهن، ۽ جڏهن ڪو شڪار ڏسندا آهن، ته ٽپ ڏيئي، ان کي پڪڙي، پنهنجي خوراڪ بڻائيندا آهن. باقي پاڻيءَ ۾ هيٺ رهندڙ ڪوريئڙن ته ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اهي ڪوريئڙا اونهاري ۾ پاڻيءَ جي سطح کان ٿورو هيٺ ۽ سياري ۾ پاڻيءَ جي تري ۾ پنهنجا گهر ٺاهيندا آهن. +هي ڪوريئڙا پاڻيءَ جي سطح تي بولاٽي کائي، چند سيڪنڊن ۾ هوا جو هڪ گولڙو ٺاهي، ان کي ساهه جي نلڪين جي ڀرسان پيٽ جي هيٺان قابو ڪري، پوءِ ٽٻي ڏيئي، پاڻيءَ ۾ هيٺ هليا ويندا آهن. هو پاڻيءَ ۾ اندر ننڍين مڇين ۽ ٻين جيتن جو شڪار ڪندا آهن. جڏهن کين گهر ٺاهڻو هوندو آهي، ته پهريائين هو ڄار ٺاهي، ان جي مٿان اهڙي ڪا پاڻياٺ هاريندا آهن، جو ڄار مان پاڻي اندر داخل نه ٿي سگهندو آهي. پوءِ ان کي ڪنهن شيءِ سان اٽڪائي، پاڻ پاڻيءَ جي سطح تي اچي، هوا جو گولڙو ٺاهي، ان کي ڄار جي هيٺان ڇڏيندا ويندا آهن. هو اهو عمل تيستائين جاري رکندا آهن، جيستائين اندران ڄار هوا سان ڀرجي، تنبوءَ وانگي ٿي پوندي آهي. +ميلاپ +جيتن جي دنيا ۾ قدرت هميشہ نرَن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو آهي. هتي به ذري گهٽ ساڳي صورت آهي. ميلاپ کان پوءِ اڪثر نَرَ ڪوريئڙا مادين جي خوراڪ بڻبا آهن۔ قسمت سان ڪي نر ميلاپ جي اِن قيمت جي ادا ڪرڻ کان بچي به ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو نَرَ چالاڪ ۽ ڦڙت هوندو، ته ميلاپ کان پوءِ هڪدم اتان کسڪي ويندو، پر جي کانئس ٿوري به ڪا سستي ٿي، ته پوءِ سندس خير نه هوندو. پوءِ جيئن ئي هو ميلاپ ختم ڪندو يا ڪرڻ وارو هوندو، ته مادي کيس پنهنجي پَٽَ جي رسين سان ٻڌڻ شروع ڪندي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻڌي قابو ڪري کيس پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيندي. +ڪوريئڙن ۾ اهڙا تمام ٿورا نَرَ ڏٺا ويا آهن، جيڪي ميلاپ کان پوءِ پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. انهن مان ڪي ڪوريئڙا ميلاپ ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ پاڻ ئي ماديءَ کي پَٽَ جي ڌاڳن سان ٻڌندا آهن ۽ پوءِ جيئن ميلاپ پورو ٿيندو ته اتان رفوچڪر ٿي ويندا آهن. ڪي نَرَ وري مادين کي ننڍي هوندي ئي ڀڄائي، کڻي پاڻ وٽ رکندا آهن. پوءِ جڏهن هو اڃا جوان مس ٿينديون، ته انهن سان پنهنجو مطلب پورو ڪري، فوراً اتان کسڪي ويندا آهن. +اڳتي وڌڻ کان اڳ آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائندو هلان ته نَرَن جا پيلوڙا ڪنهن اهڙي عضوي سان ڳنڍيل نه هوندا آهن، جيڪو ماديءَ جي ڳڀيرڻ اندر پهچي سگهي، اُهي سندن پيٽ جي هڪڙي سوراخ سان ئي ڳنڍيل هوندا آهن. پوءِ نَرَ کي منيءَ جي جزن کي روڪڻ لاءِ هڪ ننڍڙو تڏو ٺاهڻو پوندو آهي، جيڪو هو پيلوڙن جي هيٺان ڏيئي ڇڏيندو آهي. پوءِ جڏهن هو جوان ٿيندو آهي، ته منيءَ جي جزن کي پنهنجين اڳين ڄنگهن ۾ چنبڙائي يا جذب ڪري ڇڏيندو آهي. نَرَ جون اهي ڄنگهون ٻين ڄنگهن کان ٿلهيون ٿينديون آهن. ۽ نرنَ جي سڃاڻپ جي خاص نشاني اهائي هوندي آهي. +جيتن جي دنيا ۾ ماديءَ ڪوريئڙي نهايت سخت دل ٿيندي آهي.کيس حياتيءَ ۾ رڳو ٻه خوشيون هونديون آهن: پهريون سندس پيٽ يعني کاڌو ۽ ٻيو جنسي ميلاپ. ماديءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ نَرَ کي ڪافي جتن ڪرڻا پوندا آهن ۽ هر هڪ جنس جي نَرَ جا ماديءَ کي ميلاپ لاءِ تيار ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا طريقا ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري هر هڪ جنس جي نَرَ جو الڳ الڳ ٿورو بيان ڪجي ٿو. +ڄار اُڻيندڙ ڪوريئڙا +جيئن ته هنن ڪوريئڙن جي نظر گهٽ ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري هو ڇهڻ جي حواس تي هلندا آهن. جڏهن نَرَ ماديءَ جي ڄار وٽ پهچندو آهي، ته هو ڄار جي ڀر ۾ بيهي، ڄار کي لوڏڻ شروع ڪندو آهي. هن جي لوڏڻ جو انداز اهڙو هوندو آهي، جو ماديءَ کي سڌ پئجي ويندي آهي ته، ڪو سندس سنڱ ڇڪائڻ لاءِ آيو آهي. پوءِ جيئن ئي مادي نمودار ٿيندي، ته نَرُ ڄار کي اهڙو ته تيز لوڏيندو، جو مادي ان جي لهرن تي مدهوش ٿي ويندي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح نَرُ وڃي پنهنجي مقصد کي رسندو آهي. +بگهڙ ڪوريئڙا +بگهڙ ڪوريئڙن جي نظر تيز ٿيندي آهي ۽ نَرُ ماديءَ کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع اک جي تاءَ يا نظر سان ڏيندو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي هٿن ۽ ٻانهن سان اشارا به ڪندو ايندو آهي. پوءِ مادي نَرَ جي اشارن جي رمز تاڙي وٺندي آهي ۽ پوءِ ٻنهي جو ڪم مڙيئي ٺهي ويندو آهي. مطلب ته بگهڙ ڪوريئڙو ماديءَ کي نظر ۽ اشارن جي ذريعي راضي ڪندو آهي. +ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙا +ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙن ۾ نَرَ ڪجهه وڌيڪ موڳا ٿيندا آهن ۽ ماديون ڪجهه رحمدل هونديون آهن. هنن ۾ پيار ڪرڻ جو عجيب طريقو آهي. هن جنس جا نَرَ مادين کي نچڻ سان راضي پازي ڪندا آهن. نَرُ ماديءَ جي آڏو نچندو ايندو آهي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس ائين ڪرڻو پوندو آهي. هو آهستي آهستي، نچندو، اڳتي وڌندو، قدمن کي جهٽڪا ڏيندو ايندو آهي. انهيءَ وچ ۾ مادي هن ڏانهن غور سان نهاريندي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن کيس نَرَ جو ناچ پسند آيو؛ ته پوءِ هن جي قدمن سان پنهنجا قدم ملائڻ شروع ڪندي آهي. +اڪثر ڪري نَرُ ماديءَ جي اوچتي حملي کان لنوائيندو آهي. انهيءَ ڪري هو ماديءَ کي ٽيڏيءَ اک سان ڏسندو رهندو آهي. جڏهن ماديءَ کي سندس ناچ پسند ايندو آهي ته پوءِ نَرَ کي هشي اچي ويندي ۽ پوءِ وڌيڪ تڪڙو نچڻ لڳندو. پر جڏهن ماديءَ کي نَرَ جي ڪا رمز يا ناچ پسند نه آيو، ته هوءَ اتان هلي ويندي. جيڪڏهن نَرُ سندس پويان لڳو، ته پوءِ هوءَ کيس جهٽ هڻي ماري ڇڏيندي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪي نَرَ جڏهن ماديءَ جي اڳيان ايندا آهن، ته هنن کي پنهنجي سهڻي ۽ لاڳيتي ناچ سان اهڙو ته محو ڪندا آهن، جو ڀانئبو آهي ته ڄڻ هو ڪو ڦيڻو يا جهاڙ پڙهي اُنهن تي قبضو ڪن ٿا. +کيکڙي نما ڪوريئڙا +کيکڙي نما ڪوريئڙن جي ميلاپ جو طريقو نهايت رکو ۽ کهرو هوندو آهي. هتي به نَرُ پري کان اشاري بازي ڪندو، ماديءَ ڏانهن وڌندو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪو خطرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ته اُتان کسڪي ويندو آهي، هنن ڪوريئڙن جي نظر ڪمزور ٿيندي آهي. پوءِ جڏهن هو هڪٻئي کي اوچتو ڏسندا آهن ته نَرَ کي ڦڙتائي ۽ چالاڪي ڏيکارڻي پوندي آهي. جيڪڏهن اُن گهڙيءَ هن ٿوري به سستي ڪئي، ته سمجهو ته هن جو موت آيو. اُنهيءَ گهڙي نَرُ هڪدم ماديءَ جي ڄنگهن کي اهڙي نموني پڪڙيندو آهي، جو ماديءَ کي مٿس جهٽ هڻڻ جو موقعو ئي نه ملندو آهي. پوءِ مادي ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي آهي، پر نَرُ کيس چنبڙي پوندو آهي. آخر ۾ مادي هٿيار ڍرا ڪندي آهي ۽ اتي نَرُ کيس ڪتڪتايون ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جن مان مادي نهايت گهڻي خوشي ۽ فرحت محسوس ڪندي آهي، اهڙيءَ طرح هو پاڻ ۾ راضي پازي ٿي ويندا آهن. +پاڻيءَ جا ڪوريئڙا +هنن ڪوريئڙن ۾ نَر هميشہ ماديءَ کان وڏو ٿيندو آهي ۽ پنهنجو گهر ماديءَ جي گهر ڀرسان ٺاهيندو آهي. جڏهن ميلاپ جو وقت ايندو آهي ته هو پنهنجي ۽ ماديءَ جي گهر جي وچ ۾ هڪ ورانڊو ٺاهيندو آهي. پوءِ ورانڊي مان لنگهي، ماديءَ جي گهر جي ڀت ڀڃي اندر داخل ٿي، هڪدم ماديءَ جي مٿان چڙهي ويندو آهي. جيئن ته مادي نَرَ کان ننڍي ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري مقابلو ۽ چٽاڀيٽي گهڻو وقت نه هلندي آهي۽ ستت ئي پاڻ ۾ ٺهي ويندا آهن. ميلاپ کان پوءِ نَرُ- مادي ڪجهه وقت گڏ به رهندا آهي. +ميلاپ کان پوءِ ڪوريئڙن جون سڀئي ماديون آنا لاهينديون آهن ۽ آنن ڦٽڻ کان پوءِ ٻچن جي مٿان ”ڪڪون“ اڻنديون آهن، جنهن ۾ ٻچا ڪجهه وقت آرام ڪندا آهن. ان وقت ڪي ماديون مري وينديون آهن ۽ ڪي ٻچن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏينديون آهن ۽ ڪي وري ٻچن کي گهڻو پيار به ڪنديون آهن. پر اڪثر ماديون ٻچن کي لوڌي ڪڍنديون آهن. پوءِ ڪجهه وقت هو هڪ هنڌ ڪٺا ٿي مٿي اڏرڻ جي انتظار ۾ ويهي رهندا آهن. +هر هڪ مخلوق کي پنهنجي نسل کي برقرار رکڻ لاءِ زمين جي چئن ئي پاسن تي پکڙجڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته ڪابه مخلوق ترقي نه ڪري سگهي ۽ ٿوريءَ ڪنهن آفت اچڻ سان هوءَ ختم ٿي وڃي. اوهين ڏسندا ته انسان خوراڪ جي ڳولا ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آهي. وڻ به ٻج جي ذريعي پنهنجو نسل وڌائيندا آهن. وڻ ته پاڻ چُري ئي نه سگهندا آهن، انهيءَ ڪري اُن جا ٻج هوا، پاڻيءَ، پکين، جانورن ۽ انسانن جي ذريعي چئن ئي پاسي پکڙبا آهن. اهڙيءَ طرح ڪوريئڙن جا ٻچا به موافق موسم ۾، جڏهن هوا بلڪل بند هوندي آهي، تڏهن مٿي اڏرڻ شروع ڪندا آهن ۽ زمين تي چئن ئي پاسي پکڙجي ويندا آهن. \ No newline at end of file