diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book2.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book2.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book2.txt" @@ -0,0 +1,459 @@ +ڪتاب جو نالو: ٻارن لاءِ آکاڻيون + + + +مترجم طرفان ٻه اکر +هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ ڪل ڇويهه ننڍڙيون آکاڻيون آهن. اهي آکاڻيون دنيا جي جدا جدا ملڪن جون آهن، جيڪي انهن ملڪن جي شروعاتي حرفن سان الف- بي وار ترتيب سان ڏنل آهن. يعني، پهرين آکاڻي آسٽريليا ملڪ جي آهي، ٻي آکاڻي اڪوئڊور جي، ٽين آکاڻي انڊونيشيا جي ۽ اهڙيءَ طرح پوءِ ب حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي، پ حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي ۽ آخر ۾ ي حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي آکاڻي آهي. +اهي آکاڻيون پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ايترو ته مشهور آهن، جو انهن جا دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. هونءَ ته اهڙي قسم جون آکاڻيون جيڪڏهن گڏ ڪجن ته لکن جي تعداد ۾ ٿين. رڳو اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ٻارڙن لاءِ هزارين آکاڻيون آهن. پر هن ڪتاب ۾ رڳو ٻاهرين ملڪن جون آکاڻيون گڏ ڪيون ويون آهن. انهن آکاڻين جي چونڊ ڪرڻ وقت منهنجي اڳيان به ڳالهيون هيون هڪ ته اهي اهڙيون آکاڻيون هجن، جيڪي خاص ڪري ٻارڙن جي وندر لاءِ لکيون ويون هجن ۽ ٻيو ته وندر سان گڏوگڏ انهن ۾ ڪا نصيحت، ڪو سبق به هجي. ڇاڪاڻ ته مقصد کان سواءِ هر ڪا ڳالهه، هر ڪو ڪم اجايو ۽ بيڪار آهي. اهڙيءَ ريت اوهان ڏسندؤ ته انهن آکاڻين ۾ وندر سان گڏوگڏ نصيحت به آهي. البت هر هڪ آکاڻيءَ جو موضوع جدا جدا آهي يا هڪ ئي موضوع تي اوهان کي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آکاڻيون ملي وينديون. جيتوڻيڪ منجهن ڳالهه جدا جدا آهي. مثال طور ’ارڙ نانگ‘، ’جهنگلي هرڻ‘ ۽ ’باندر، ڪڇون ۽ وڻ‘ جو موضوع ’چالاڪي ۽ حرفت‘ آهي، ’پنج آنا‘، ’چُرندڙ سُئي‘، ’ناسپاتيءَ جو وڻ‘، ’اڻٿيڻي‘، ’بغداد جو خليفو‘ ۽ ’چاچا ڪويوٽي‘ آکاڻين جو موضوع ’وندر ۽ ڀوڳ‘ آهي، ’هرڻ ۽ واگهه‘ ۽ ’بهادر ڪنڀار‘ آکاڻين جو موضوع ’اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي‘ آهي، ’بادشاهه ۽ پادري‘، ’چار نوجوان‘، ’بادشاهه ۽ هاري‘ ۽ ’ڍڳيءَ جي زبان‘ آکاڻين جو موضوع ’عقلمندي ۽ حاضر جوابي‘ آگهي، ’پٿر جو شوروو‘ جو موضوع ’ڳوٺاڻن جي سادگي ۽ شهرين جي حرفت‘ آهي، ’بادشاهه جي نصيحت‘ جو موضوع ٻُڌي ۽ ڦوٽ آهي، ’جادوءَ جو تعويذ‘ آکاڻي جو موضوع ’سچي خوشي‘ آهي، ’نانگ ۽ خواب‘ جو موضوع ’بي ايماني ۽ ايمانداري‘ آهي، ’سپاهي ۽ جن‘ جو موضوع ’اٽڪل ۽ بهادري‘ آهي، ’ماني ۽ لوڻ‘ جو موضوع ’بغض ۽ حسد‘ آهي، ’هاري ۽ سوار‘ جو موضوع ’غرور ۽ تڪبر‘ آهي، ’تيسر زال‘ جو موضوع ’ضد ۽ تيسو‘ آهي، ’آزاد گهوڙو‘ جو موضوع ’بيپرواهي‘ آهي ۽ آخري آکاڻي ’پوڙهو ۽ مڪتب‘ جو موضوع ’لالچ‘ آهي. +جيڪڏهن ڳالهين جي خيال کان ڏٺو وڃي ته اهي آکاڻيون پراڻي جڳ جون ٿيون ڏسجن، پر انهن جا موضوع اڄ به نوان نڪور آهن، ڇا لاءِ ته اڄ به جتي ڪٿي ماڻهن ۾ اهي خاميون ۽ خوبيون موجود آهن. تعليم جو هڪ مقصد هيءَ به آهي ته ان جي ذريعي انسان پنهنجين خامين کي ختم ڪري ٿو ۽ پنهنجين خوبين کي وڌيڪ جرڪائي ٿو؛ تنهن ڪري هنن آکاڻين جي پڙهڻ سان نه رڳو ٻارن کي وندر ملندي پر سندن تعليم به زياده ٿيندي. +آءٌ پنهنجن ننڍڙن ڀائرن ۽ ننڍڙين ڀينرن کي عرض ڪندس ته هن ڪتاب جون آکاڻيون مهرباني ڪري نه رڳو اوهين پڙهو پر پاڻ کان ننڍڙن ٻارڙن کي به پڙهي ٻڌايو، ڇاڪاڻ ته اوهان جو ذهن تازو توانو آهي ۽ ننڍيءَ عمر ۾ اوهين جيڪي به پڙهندؤ اهو ساري عمر اوهان کي ياد رهندو. مون کي پڪ آهي ته هنن آکاڻين پڙهڻ کان پوءِ اوهين وڌيڪ سياڻا ۽ عقلمند ٿيندؤ، ڇو جوفارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته: +”توانا بود هر که دانا بود“ +يعني جيڪو سياڻو ۽ عقلمند هون��و، اهو وڌيڪ طاقتور ۽ سگهارو هوندو. +مراد علي مرزا +1977-2-22 حيدرآباد سنڌ. + + +آسٽريليا جي آکاڻي +ارڙنگ نانگ جي زهر جي ٿيلهي +پراڻي زماني ۾ قسمين قسمين جا جانور هوندا هئا، جيڪي اڄڪلهه نٿا ڏسجن. انهيءَ زماني ۾ واسينگ نانگ ۾ زهر ڪونه هوندو هو. پر ارڙ نانگ ڏاڍو زهريلو هو. انسان توڻي حيوان سڀئي ان جي ڊپ کان ڏڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن جهنگ جي سڀني جانورن گڏجي جلسو ڪيو، جنهن ۾ ويچار ڪيو ويو ته اُها ڪهڙي تدبير ڪجي، جو انهيءَ ارڙ کان جان آزاد ٿئي. جانورن اڃا اهوئي پئي سوچيو ته واسينگ نانگ گهمندو ڦرندو اتي اچي پهتو. نانگ سڀني کي هڪ هنڌ ڏسي پڇا ڪئي ته اِهو ميڙ ڇا لاءِ ٿيو آهي؟ هڪ جانور جواب ۾ چيس ”اسين سوچيون پيا ته ڪا اهڙي تدبير ڪجي جو ارڙ نانگ مان جند ڇُٽي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي زهر جي ڪري سڀني جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڪنگرو چيو ته ”جيڪڏهن اسين هن سان جنگ جوٽينداسون ته هو اسان کي ڏنگي وجهندو.“ اهو ٻڌي واسينگ نانگ چيو ته ”چڱو آءٌ اوهان سڀني کي ارڙ نانگ کان نجات ڏياريندس ۽ ڪا اهڙي حرفت هلائيندس جو سڀاڻي شام ٿيڻ کان پهرين ارڙ جي زهر جي ٿيلهي منهنجي قبضي ۾ هوندي. اهو ٻڌي سڀني جانورن چيو ته ”جيڪو ارڙ نانگ سان وڙهندو، انهيءَ کي هو ماري ڇڏيندو.“ واسينگ جواب ڏنو ته ”آءٌ هن سان وڙهندس ڪونه، پر هن جي زهر جي ٿيلهي کڻي ايندس.“ اهڙيءَ طرح چلسو ختم ٿي ويو. +واسينگ نانگ اتان روانو ٿيو ۽ سڌو ارڙنگ نانگ جي گهر وٽ پهچي، رات اتي سمهي آرام ڪيائين. جڏهن صبح ٿيو تڏهن هن ڏٺو ته ارڙ نانگ ٽن ماڻهن کي ڏنگي انهن کي ڳڙڪائي واپس گهر ڏانهن هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو سمهي رهيو. انهيءَ وقت واسينگ نانگ ويچار ڪيو ته ارڙ کي مارڻ لاءِ اهڙو وجهه وري نه ملندو. پر هن کي هڪدم خيال آيو ته ارڙ کي مارڻ کان وڌيڪ چڱو ٿيندو ته هن جي زهر جي ٿيلهيءَ تي قبضو ڪجي. +ٿوريءَ دير کان پوءِ ارڙ نانگ جي اک کلي ته هن پنهنجي اڳيان واسينگ نانگ کي ويٺل ڏٺو ۽ هن کي ڏنگي مارڻ لاءِ هڪدم لُوهَه پاتائين. پر واسينگ نانگ رڙ ڪري چيس ”تڪڙ نه ڪر ۽ مون کي نه مار. مون تنهنجي لاءِ هڪ تمام ضروري خبر آندي آهي ۽ اُها هيءُ آهي ته توکي مارڻ لاءِ هڪ منصوبو سٽيو ويو آهي.“ ارڙ نانگ جواب ڏنو ته ”آءٌ انهن کان ڪونه ٿو ڊڄان. منهنجو ڪوبه وار وِنگو ڪري نٿو سگهي. انسان هجي، کڻي حيوان، ٻيئي مون کان ڊپ ڪندا آهن.“ واسينگ نانگ چيس ته ”سڀني جانورن پاڻ ۾ گڏجي هڪ خوفناڪ سٽا سٽي آهي.“ ارڙ نانگ اهو ٻڌي چيو ته ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته اُها ڪهڙي سِٽا آهي؟“ واسينگ نانگ چيو ته ”مون ته توکي ڪوبه ڏک نه پهچايو هو، پر مون کي ڏسڻ شرط تو مون تي حملو ڪري ڏنو. تنهنڪري اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ ڀلا تنهنجي جان ڪيئن بچايان؟“ اَرڙ نانگ اهو ٻڌي چيس ته ”جيڪڏهن تون مون کي جانورن جو منصوبو ٻڌائيندين ته آءٌ توکي ڇڏي ڏيندس.“ واسينگ نانگ جواب ۾ چيو ته ”آءٌ هن شرط تي ٻڌائيندس ته پهرين تون مون کي پنهنجي زهر جي ٿيلهي ڏي.“ ارڙ نانگ وراڻيو ته ”اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو. ڪا ٻي شيءِ گهر.“ واسينگ نانگ جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن توکي اهو شرط منظور ڪونهي ته پوءِ موڪلاڻي ڪانهي.... سدائين گڏ.“ اهو چئي هو وڃڻ لڳو، ته اَرڙ نانگ چيس ته ”ترس.“ اهو چئي هن پنهنجي وات مان زهر جي ٿيلهي ٻاهر ڪڍي رکي ۽ واسينگ نانگ کي چيائين ته ”هن کي ڇهجانءِ به نه، نه ته تون مري ويندين. واسينگ چيو ته ”اِها ٿيلهي منهنجي هٿ تي رک، نه ته آءٌ توکي ڪجهه به نه ٻڌائيندس.“ اَرڙ نانگ اچي بيزار ٿيو هو، سو لاچار زهر جي ٿيلهي واسينگ نانگ جي هٿ تي رکندي چيائين ”هاڻي ته پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌاءِ. ڪهڙي سِٽا سٽي آهي جانورن؟“ واسينگ نانگ زهر جي ٿيلهي هڪدم کڻي پنهنجي وات ۾ وڌي ۽ چيائين ته ”هيءَ هئي اُها سٽا، مون جانورن جي گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌايو هو ته توکان زهر جي ٿيلهي ڦري ايندس. چڱو هاڻي تنهنجي مهرباني مون کي موڪل ڏي، ٻيڙا ئي پار. +واسينگ نانگ ائين چئي تيزيءَ سان ٻاهر ڀڳو. اَرڙ نانگ به هن جي ڪڍ لڳو پر هن جو پيٽ ايترو ته ڀريل هو جو واسينگ نانگ کي جهلي نه سگهيو. +واسينگ نانگ سهڪندو سهڪندو اچي ٻين جانورن سان مليو، انهن کي زهر جي ٿيلهي هٿ ڪرڻ جو سمورو حال ٻڌايائين. سڀني جانورن سندس ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ چيائون ته ”اهو زهر ڏي ته هاري ڇڏيون.“ پر واسينگ زهر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهو حال ڏسي سڀني جانورن هن کي چيو ته ”جيڪڏهن تون اسان جو چيو نٿو مڃين ته هليو وڃ.“ واسينگ نانگ وراڻيو ”آءٌ هت ئي رهندس.“ جانورن چيو ته ”پوءِ اسين توکي ماري ڇڏينداسون.“ واسينگ نانگ چين ته ”شايد اوهان کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته ارڙ نانگ جي زهرجي ٿيلهي هينئر منهنجي وات ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن به مون سان منهن ڏنو ته آءٌ هن کي ڏنگي ختم ڪري ڇڏيندس.“ +چون ٿا ته ان ڏينهن کان وٺي واسينگ نانگ جو ڏنگيل ڪڏهن به ڪين ٿو بچي ۽ سڄي مخلوق هن کان ڊڄي ٿي. پر اَرڙ نانگ کي اڃا به اُميد آهي ته هڪڙي ڏينهن واسينگ نانگ کان پنهنجي زهر جي ٿيلهي ضرور وٺندس. جڏهن به هن جي نظر واسينگ تي پوندي آهي ته ٻيئي پاڻ ۾ ڳنڍجي پوندا آهن. پر واسينگ نانگ جي ڏنگ جو اثر اَرڙ نانگ تي نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ قسم جي جڙي ٻوٽي وڃي کائيندو آهي، جنهن ڪري زهر جو اثر هڪدم ختم ٿي ويندو آهي. انهيءَ زهر جي علاج جي خبر رڳو ارڙ نانگ کي آهي ۽ هن اهو راز ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايو آهي. +اڪوئيڊور جي آکاڻي +پنج آنا +ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري ۽ سندس زال رهندا هئا. ٻيئي ايترا ته غريب هئا، جو کين چڱيءَ طرح کاڌو به نصيب نه ٿيندو هو ۽ ٻه- ٻه، ٽي-ٽي ڏينهن لنگهڻ ويٺا هوندا هئا. +هڪ ڀيري ٽي ڏينهن ٿي ويا، پر هنن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه مليو. چوٿين ڏينهن زال مڙس کي چيو ته ”نيٺ کاڌي کائڻ کان سواءِ اسين ڪيترا ڏينهن جيئرا رهي سگنداسون؟“ هاريءَ جواب ڏنو ”تون ڳڻتي نه ڪر اڄ آءٌ شهر وڃان ٿو، جتان پنج آنا وٺي ايندس، پوءِ پاڻ اهي آنا اوباري کائينداسون.“ +ائين چئي هاري شهر ڏانهن ويو. رستي ۾ هن کي هڪڙو ماڻهو مليو. هاريءَ هن کي چيو ”سائين! آءٌ ڪيترن ڏينهن کان بکيو آهيان. مون کي ٻه- ٽي پئسا ڏي ته آنا وٺي کاوان؟“ اهو ڪو چڱو ماڻهو هو ۽ هاريءَ جي ڳالهه ٻڌي، هن کي ٻه- ٽي پئسا ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن ٽن ٻين ماڻهن کان به پئسا ورتا ۽ شهر مان پنج آنا خريد ڪري، ٺينگ ٽپا ڏيندو اچي گهر پهتو ۽ زال کي چوڻ لڳو ”جلدي ڪري هيءُ آنا اوٻاري وٺ. مون کي ڏاڍي بُک لڳي آهي.“ زال جهٽ ڪري آنا اوٻاري ورتا. جڏهن ٻيئي گڏجي کائڻ لاءِ ويٺا ته زال مڙس کي چيو، ”آءٌ ته ٽي آنا کائيندس، ڇاڪاڻ ته مون آنا اوٻاريا آهن.“ پر هاريءَ چيو ته، ”ائين وري ڪيئن ٿيندو، ٽي آنا ته آءٌ کائيندس، ٻه آنا تون کاءُ.“ +انهيءَ ڳالهه تي ٻنهي ۾ اچي جهيڙو ٿيو. زال چيو ٿي ته ”ٽي آنا آءٌ کائينديس“ ۽ هاري چوي ته ”ٽي آنا آءٌ کائيندس.“ جڏهن جهيڙو ٿورو تيز ٿيو ته زال چيس ته: ”جيڪڏهن مون کي ٽي آنا نه مليا ته آءٌ مري وينديس.“. هيڏانهن هاري به ضدي هو. هن چيو ”کڻي ڇا به ٿئي، پر توکي رڳو ٻه آنا ملندا.“ مڙس جو اهو جواب ٻڌي، زال مٿان ٿي جا ڪِري ته، ائين لڳو ڄڻ مري وئي هجي. اهو حال ڏسي، هاري رڙيون ڪري روئڻ لڳو. جڏهن روئي روئي ٿڪجي پيو، تڏهن زال جي ويجهو وڃي، هن جي ڪن ۾ چيائين ته ”هاڻي وڌيڪ مِکر نه ڪر، منهنجي ڳالهه کڻي مڃ، آءٌ ٽي آنا کائيندس.“ پر زال وراڻيو ته ”جيڪڏهن تو مون کي ٽي آنا نه ڏنا ته ائين کڻي سمجهه ته آءٌ مري وئي آهيان ۽ مون کي دفن ڪرائي ڇڏ.“ هاريءَ وري روئڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن روئي روئي ٿڪجي پيو ۽ سندس زال به نه اُٿي، تڏهن هو اتان اُٿيو ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهن کي وڃي چيائين ته ”منهنجي زال مري وئي آهي. هن کي دفن ڪرڻ لاءِ مون وٽ هڪ ڪوڏي به ڪانهي. مهرباني ڪري اوهان منهنجي مدد ڪريو.“ ماڻهن جو اها ڳالهه ٻڌي، سو هاريءَ کي ساڻ ڪري، ڪفن دفن جو سامان وٺي، هاريءَ جي گهر پهتا،. هاريءَ اندر وڃي زال کي ڏٺو ته هوءَ اڃا تائين مِکر ڪيو مُئي پئي هئي. زال کي اهڙيءَ حالت م ڏسي هاري وري اوڇنگارن ڏيئي روئڻ لڳو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ وري زال جي ڪن ۾ چيائين ته ”ڏس توکي دفن ڪرڻ لاءِ ماڻهو به اچي ويا آهن. اڃا به وقت ڪونه ويو آهي، کڻي منهنجي ڳالهه مڃ، تون ٻه آنا کاءُ ۽ آءٌ ٽي آنا کائيندس.“ پر جوڻس اهوئي جواب ڏنس ته ”آءٌ ٽي آنا کائينديس.“ +لاچار ماڻهو هاريءَ جي زال کي ڪفن ڏئي هڪڙي کٽ تي کڻي، قبرستان ڏانهن هليا. مقام ۾ ماڻهن قبر کوٽي مردي جي کٽ ان جي ڀرسان رکي. هاڻي ماڻهن مردي کي کڻي قبر ۾ ٿي لاٿو ته هاريءَ وجهه وٺي پنهنجيءَ زال جي ڪن ۾ آهستي چيو ته ”ڏس هاڻي ته توکي ماڻهو قبر ۾ ٿا لاهين. پر اڃا به وقت ويو ڪونهي. پنهنجي ضد تان لهي وڃ ۽ مون کي ڇڏ ته آءٌ ٽي آنا کاوان.“ هاريءَ جي زال ڏٺو ته ڳالهه ٿي هٿن مان وڃي، سو ماٺڙيءَ سان هاريءَ جي ڪن ۾ چيائين ته ”چڱو تون پنجئي آنا کائجانءِ.“ ائين چئي هوءَ اٿي ويٺي. سڀيئي ماڻهو وائڙا ٿي ويا، پر هاري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ زال کي وٺي، سڌو گهر آيو. +گهر پهچي جڏهن ٻيئي کائڻ لاءِ ويٺا ته هاريءَ جي زال نڪا ڪئي هم نڪا تم، ٽيئي آنا کڻي وات ۾ وڌا ۽ کائي ڇڏيائين. + + +جهنگلي هرڻ ۽ چُن جو کورو +انڊونيشيا جي آکاڻي +هڪ ڀيري هڪڙو جهنگلي هرڻ هڪڙي هاريءَ جي گهر جي ڀرسان پئي ويو. هاري ۽ سندس زال ان وقت ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويل هئا ۽ سندن گهر جو دروازو کليو پيو هو. جهنگلي هرڻ در مان اندر جهاتي پائي ڏٺو. ڇا ڏسي ته اندر ڪاٺ جي ميز تي ڪيوڙي جي وڏي پن ۾ ڪيڪ ويڙهيو رکيو آهي. هرڻ جي جا ڪيڪ تي نظر پئي، سو وات ۾ پاڻي ڀرجي آيس. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هرڻ گهر ۾ ويو ۽ ماٺڙي ڪري ڪيڪ کڻي ٻاهر نڪتو ۽ هڪ طرف ڀڄڻ لڳو. هو ڀڄندو به پئي ويو ۽ ڪيڪ به کائيندو پئي ويو. رستي ۾ هڪ چُن جو کورو هو، پر هرڻ ڪيڪ کائڻ ۾ اهڙو ته رُڌل هو، جو کڏو ڏسڻ ۾ نه آيس ۽ هو ڦهڪو ڪري وڃي کڏي ۾ ڪِريو. +ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هرڻ کي هوش آيو ته هن پاڻ کي کڏي ۾ ڏٺو ۽ ڪيوڙي جو خالي پن سندس هٿ ۾ هو. هاڻي هن زور زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ايتري ۾ هڪڙو سوئر اچي اتان لنگهيو. هن جو هرڻ جون رڙيون ٻڌيون، سوکڏي ۾ جهاتي پائڻ لڳو. هرڻ سوئر جو کڙڪو ٻڌي جهٽ ڪري ڪيوڙي جو پن پنهنجين اکين اڳيان جهليو. ڄڻ هن ڪجهه پڙهيو پئي. هرڻ چوڻ لڳو، ”اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي، جنهن کي پنهنجي جان بچائڻي هجي سو هن غار م اچي پناهه وٺي.“ سوئر چيو، ”ڪير چوي ٿو ته اڄوڪو ڏينهن نڀاڳو آهي؟“ هرڻ جواب ڏنو، ”ڇا تون ڏسين نٿو ته آءٌ ڪتاب جي ورق مان پڙهي اها ڳالهه پيو چوان.“ ۽ هن وري وڏي آواز ۾ چيو، ”اڄ دنيا تباهه ٿي ويندي.“ انهيءَ تي سوئر چيو، ”چڱو آءٌ به هن غار ۾ پناهه وٺان ٿو.“ هرڻ رڙ ڪري چيس، ”تون پليت آهين، تون هن غار ۾ نٿو اچي سگهين.“ سوئر جواب ڏنو، ”نه آءٌ ضرور ايندس.“ هرڻ چيو ”نه، تون نڇون ٿو ڏين ۽ هت نڇن ڏيڻ جي منع آهي.“ سوئر نڇن نه ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ ٽپو ڏئي چُن جي کڏي ۾ اچي ويٺو. +هرڻ وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ”اڄ دنيا تباهه ٿي ويندي. اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي.“ اوچتو هڪڙو شينهن اچي لنگهيو ۽ هرڻ جي واويلا ٻڌي، کڏي ۾ نهاري چوڻ لڳو: ”تون هتي ڇا پيو ڪرين؟“ هرڻ چيو، ”سائين منهنجا! اڄ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو. رڳواهي بچندا جيڪي هن غار ۾ پناهه وٺندا.“ شينهن اهو ٻڌي چيو ته ”پوءِ مون کي به هن کڏي ۾ اچڻ جي اجازت ڏي؟“ سوئر چيو: ”سائين، هيءَ پاڪ جاءِ آهي، هتي نڇن ڏيڻ جي بلڪل اجازت ڪانهي ۽ جيڪو هتي نڇون ڏيندو، تنهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏبو.“ شينهن به انجام ڪيو ته آءٌ نڇون نه ڏيندس، ۽ ٽپو ڏئي کڏ ۾ هليو آيو. +هرڻ وري ڪيوڙي جي پن کي ڏسي، وڏي واڪي چيو، ”اڄ سڀ تباهه ٿي ويندا. اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي.“ ايتري ۾ اتان هڪڙو هاٿي اچي لنگهيو. هاٿيءَ جو اها ڳالهه ٻڌي، سو کڏي جي ويجهو اچي چوڻ لڳو ته، ”اوهين سڀيئي هتي ڇا پيا ڪريو؟“ شينهن چيو ته ”اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي. البت جيڪو هن کڏي ۾ پناهه وٺندو اهو بچي ويندو.“ هاٿيءَ به اها ڳالهه ٻڌي، کڏي ۾ ٽپڻ جي تياري ڪئي، پر هرڻ اجازت نه ڏنيس ۽ چيائين ته ”تون هت نڇون ڏيندين ۽ هن پاڪ غار ۾ نڇون ڏيڻ منع آهي!“ هاٿيءَ به وعدو ڪيو ته نڇون نه ڏيندس ۽ اهڙيءَ طرح هو به کڏي ۾ لهي آيو. هرڻ وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ”اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي، جيڪو هت پناهه وٺندو اهو بچي ويندو.“ ايتري ۾ هڪ طرف کان ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيا. شينهن گجگوڙ ڪندي پڇيو ته ”اها نڇ ڪنهن ڏني؟“ سڀئي جانور هڪدم چوڻ لڳا ته ”هرڻ نڇ ڏني آهي. هن کي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. هن پاڪ غار کي پليت ڪري ڇڏيو آهي.“ سڀني جانورن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هنن هرڻ کي ٽنگن کان وٺي ٻاهر اڇلايو. هرڻ جو کڏي مان ٻاهر نڪتو، سو پنهجيءَ چالاڪيءَ تي خوش ٿيندو، ٽپا ڏيندو، پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو. +بادشاهه ۽ پادري +انگلستان جي آکاڻي +ڪنهن زماني ۾ انگلستان تي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه جو نالو جان هو. اهو بادشاهه وڏو ظالم ۽ حاسد هوندو هو،. هو سمجهندو هو ته سڄي انگلستان ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت. هن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو ته ماڻهو هن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي ڳالهه مڃن ٿا ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو. +هڪڙي ڀيري بادشاهه کي خبر پئي ته ڪنٽربريءَ جي وڏي پادريءَ وٽ تمام گهڻو ڌن دولت آهي. هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ٺهرايو آهي ۽ هڪ سئو ماڻهو نوڪر رکيا اٿس، جيڪي سونا ڪمربند ٻَڌن ٿا. انهيءَ کان سواءِ گهر ۾ هن تمام قيمتي سامان به گڏ ڪيو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي بادشاهه جان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو پادريءَ سان حسد ڪرڻ لڳو. نيٺ هڪ ڏينهن هن پادريءَ کي گهرايو ۽ چيائينس ته ”پادري! مون ٻڌو آهي ته تنهنجو گهر منهنجي محل کان به وڏو آهي. ڇا اها ڳالهه سچي آهي؟“ پادريءَ هٿ ٻڌي ادب سان چيو ته ”بادشاهه سلامت! اهو نسورو ڪوڙ آهي. سڀيئي ڄاڻن ٿا ته آءٌ ايترو دولتمند ڪونه آهيان. آءٌ پنهنجي ڪمائيءَ کان سواءِ ٻئي جو پئسو به پاڻ تي خرچ ڪرڻ گناهه سمجهان ٿو. +بادشاهه جان وراڻيو ته ”ڇا تون اهو چوڻ گهرين ٿو ته آءٌ ٻين جي دولت خرچ ڪريان ٿو؟ سمجهين ٿو ته ائين چئي تو منهنجي بيعزتي ڪئي آهي. پر اهڙيءَ گستاخيءَ جي سزا موت آهي.“ +پادري اهو ٻڌي گوڏن ڀر ڪِري پيو ۽ چوڻ لڳو ”بادشاه�� سلامت! منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو. مون ته ايترو چوڻ ٿي گهريو ته ماڻهو مون بابت غلط ڳالهيون ڪندا رهن ٿا.“ +پر بادشاهه ڪاوڙ وچان وراڻيو ”انهيءَ هوندي به مون کي تنهنجي ڳالهائڻ جو طريقو بلڪل نٿو وڻي. انهيءَ جي توکي سزا ضرورملڻ گهرجي. پر آءٌ توکي هڪڙو وجهه ڏيان ٿو، جيڪڏهن تون منهنجن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندين ته توکي ڇڏي ڏبو، نه ته توکي قتل ڪيو ويندو. +ويچارو پادري ڪري به ڇا ٿي سگهيو. تنهنڪري هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ”بادشاهه سلامت! آءٌ ڪوشش ڪندس.“ +بادشاهه چيو ته ”پهريون سوال هيءُ آهي ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟ هڪڙي هڪڙي پئسي جو حساب ڪري ٻڌائجانءِ. ٻيو سوال هيءُ آهي ته جيڪڏهن آءٌ گهوڙي تي سوار ٿي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو وقت لڳندو؟ ۽ ٽيون سوال هيءُ آهي ته هن وقت آءٌ ڇا پيو سوچيان؟“ +اهي سوال اهڙا ته ڏکيا هئا جو انهن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ پادريءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي، تنهنڪري هن وري به گوڏن ڀر ڪِري سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت گهري. بادشاهه جان پادريءَ کي مهلت ڏني ۽ پادري سڌو آڪسفورڊ ويو، جتي وڏي يونيورسٽي آهي۽ وڏا عالم ۽ قابل ماڻهو رهن ٿا. پر اتي به ڪنهن بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڏنا. اهڙيءَ طرح پادري ويچارو ڦيريون ڏيندو رهيو، پر ڪٿي به کيس ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو جيڪو بادشاهه جي سوالن جا جواب ڏئي سگهي. ٽن هفتن جي مهلت ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪي ٻه ٽي ڏينهن وڃي رهيا هئا. پادري مرڳو پنهنجي زندگيءَ مان اچي بيزار ٿيو هو ۽ ڏاڍو اُٻاڻڪو ۽ اُداس پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر ڏانهن ايندي رستي ۾ هن کي هڪڙو چارڻ مليو، جيڪو هن جا چوپايا مال چاريندو هو. چارڻ جو پادريءَ کي ڏٺو سو ادب سان سلام ڪري چوڻ لڳو ”سائين! بادشاهه جي درٻار جي ڪا خبرچار ڪريو؟“ +”خبر ڏاڍي خراب آهي“، پادريءَ وراڻيو ”منهنجي حياتيءَ جا باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڳولي سگهيس ته پوءِ منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو. +چارڻ پڇيو ”سائين! اهي ڪهڙا سوال آهن؟“ +پادريءَ هن کي بادشاهه جا ٽئي سوال ٻڌايا، چارڻ سوال ٻڌي چيو ”سائين! اوهان ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. اوهان ٻڌو ڪونهي ته ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل جي ڳالهه ڪندا آهن. اوهان مون کي پنهنجو گهوڙو، پنهنجو لباس ۽ چار نوڪر ڏيو، آءٌ اوهان جا ڪپڙا پائي بادشاهه وٽ ويندس ۽ سندس سوالن جا جواب ڏيندس. +پادريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي ته هڪ اڻپڙهيل چارڻ سندس لباس پائي. هن ويچار ڪيو ته جن سوالن جا جواب هو پاڻ نه ڏيئي سگهيو، اهي سوال جيڪڏهن هڪ چارڻ ڀڃي ٻڌائيندو ته پوءِ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه چئبي، پر لاچاري هئي، تنهنڪري چارڻ جي ڳالهه مڃي پادريءَ هن کي پنهنجا ڪپڙا، گهوڙو، ڪي پئسا ۽ نوڪر ڏنا ۽ پاڻ گهر هليو ويو. +چارڻ پادريءَ جو ويس بدلائي شهر ويو ۽ بادشاهه جي دربار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پادري سمجهي منهن ئي ڪونه ڏنو ۽ سختيءَ سان چيائينس ته ”سڀاڻي درٻار ۾ سڀني جي اڳيان توکي منهنجن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن تو صحيح جواب ڏنا ته توکي آزاد ڪيو ويندو؛ پر جيڪڏهن تو غلط جواب ڏنا ته توکي قتل ڪرايو ويندو.“ +ٻئي ڏينهن درٻار لڳي. سڀيئي وزير امير پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويٺا. ايتري ۾ چارڻ کي حاضر ڪيو ويو، جيڪو پادريءَ جو ويس بدلائي آيو هو. هن جي پٺيان جلاد ترار کنيو بيٺو هو. بادشاهه به چارڻ کي پادري پئي سمجهيو. چارڻ گوڏن ڀر جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو ته ”بادشاهه سلامت، آءٌ حاضر آهيان.“ +بادشاهه چيو ”چڱو، هاڻي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟“ +چارڻ جواب ڏنو ”بادشاهه سلامت! انهيءَ جو جواب ته ڏاڍو سَولو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو سِڪو ساوَرَن هلي ٿو، ان ۾ ويهه شلنگ ٿين ٿا ۽ ٻيو جيڪو سڪو ڪرائون آهي، ان ۾ پنج شلنگ ٿين. جيڪڏهن ساوَرَن مان هڪ ڪرائون گهٽائجي ته باقي پندرهن شلنگ بچن ٿا، پر اوهان جي سر تي تاج به آهي، تنهنڪري اوهان جي قيمت هڪ ساوَرَن ۽ هڪ ڪرائون جيتري ٿي. يعني ڪل پنجويهه شلنگ.“ +ڳالهه هيءَ آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ساوَرَن بادشاهه کي چوندا آهن ۽ ڪرائون تاج کي. انهيءَ کان سواءِ ساوَرَن ۽ ڪرائون اتي جي سِڪن جا نالا به آهن. چارڻ انهن سِڪن جي قيمت جوڙي بادشاهه ۽ سندس تاج جي قيمت ٻڌائي. +بادشاهه چارڻ جو جواب ٻڌي کلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو؛ ”مون کي خبر نه هئي ته منهنجي قيمت ايتري ٿوري آهي، پر خير تو حساب بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي، تنهنڪري تنهنجو اهو جواب قبول ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ٻئي سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته جيڪڏهن آءٌ گهوڙي تي چڙهي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته ڪيترو وقت لڳندو؟“ +چارڻ جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت ان جو جواب به تمام سَولو آهي، جنهن وقت سج نڪري، تنهن وقت اوهين به گهوڙي تي چڙهي سج سان گڏوگڏ هلندا هلو، پر اوهان جي رفتار نه سج کان وڌي نه گهٽي. اهڙيءَ ريت اوهان چوويهن ڪلاڪن ۾ سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻي سگهو ٿا.“ +اهو جواب ٻڌي بادشاهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تون سچ ٿو چوين. دنيا جي چڪر هڻڻ جو اهو ئي هڪ طريقو آهي، پر هاڻي ٽيون سڀني کان ڏکيو سوال آهي. ٻڌاءِ ته آءٌ هن وقت ڇا پيو سوچيان؟“ +چارڻ چيو ته ”بادشاهه سلامت! اهو ته سڀني کان سُولو سوال آهي. اوهين سوچيو پيا ته آءٌ ڪنٽربريءَ جو وڏو پادري آهيان. پر آءٌ حقيقت ۾ هڪڙو غريب چارڻ ۽ پادريءَ جو نوڪر آهيان ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪريان ٿو ته پادريءَ جي جان بخش ڪريو.“ +ائين چئي چارڻ پادريءَ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا. اهو تماشو ڏسي درٻار جا سڀئي وزير، امير کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بادشاهه جان کي پهرين ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته هڪڙي چارڻ کيس بيوقوف بنايو، پر وري هو به کلڻ لڳو. آخر خوش ٿي بادشاهه پادريءَ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چارڻ کي انعام ڏيئي روانو ڪيو. + + +چرندڙ سئي +ايران جي آکاڻي +ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هڪڙو مُلو رهندو هو، جنهن جو نالو هو مُلو نصيرالدين. هڪڙي ڀيري هو اصفهان شهر جي سهڻيءَ بازار ۾ پئي گهميو. هلندي هلندي، هُن پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي طرف دوستن، يارن کي طرحين طرحين جون شيون خريد ڪندي پئي ڏٺو ۽ انهن کي جهڪي جهڪي پئي سلام ڪيائين. مُلي نصيرالدين جا اهي دوست جڏهن به تبريز، همدان يا ڪڏهن هندوستان يا مصر جهڙن ڏورانهن ملڪن جي سفر تان واپس انهيءَ بازار ۾ ايندا هئا ته هو کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هلندي هلندي، ملو هڪ هنڌ پهتو ۽ ڏٺائين ته ڪي ماڻهو ميڙ ڪيو بيٺا آهن. هڪڙي اوٺير جي هٿ ۾ ڪا شيءِ آهي ۽ اهي سڀئي ماڻهو انهيءَ بابت پيا ڳالهائين. انهيءَ اوٺير جو نالو موسيٰ هو. هميشه وانگر اهو ڏسي مُلي نصيرالدين جي دل ۾ هوريان کوريان ٿيڻ لڳي ته آخر ڳالهه ڇا آهي. مُلي جي پڳ ۾ ڌونڌاڙ آئي ۽ ماڻهن هن کي سڃاڻي سلام ڪيو. مُلي به سلام جو جواب ڏنو. انهن ماڻهن مان هڪ چوڻ لڳو: ”مولوي صاحب! اسين هيءَ شيءِ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا آهيون ته نيٺ هيءَ آهي ڇا؟ موسيٰ اوٺير رڻ مان پئي ويو ته هن جي نظر انهيءَ شيءِ تي پئي“. اتي وچ ۾ وري موسيٰ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”آءٌ سٽ ڏئي اُٺ تان لهي پيس ۽ ان شيءِ کي کڻي کنيم. هاڻي منهنج�� ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته اِها ڪهڙي شيءِ آهي. مون ويچار ڪيو ته بازار ۾ ڪيترائي سياڻا ماڻهو ملي ويندا، جيڪي هيءَ شيءِ ڏسي ٻڌائيندا ته ڇا آهي؟ پر ڪنهن کي به ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي!“ اتي وري هڪ ٻئي ماڻهو مصطفيٰ چيو: ”مولوي صاحب! اوهين ته سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا. ڀلا ٻڌايو ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟“ +مُلي نصيرالدين انهيءَ شيءِ کي چتائي ڏٺو. موسيٰ جي سخت ۽ ٺوٺ هٿ جي تريءَ تي ڌاتو ۽ شيشي جي هڪ ننڍڙي دٻلي رکي هئي. انهيءَ دٻليءَ ۾ اندر ڪي حرف لکيل هئا ۽ هڪ ننڍڙي سُئي هئي. جڏهن انهيءَ دٻليءَ کي ڪنهن چوريو ٿي ته اها سئي چرڻ ٿي لڳي. پر پوءِ وري هڪ طرف بيهي ٿي رهي. ملا نصيرالدين انهيءَ دٻليءَ کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ انهيءَ کي لوڏي چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو. سئي زور سان ڏڪي ۽ هيڏانهن هوڏانهن چُرڻ کان پوءِ ان جي چهنب اُتر طرف ٿي بيٺي. مُلا نصيرالدين هميشه وانگر پنهنجي ڏاڙهيءَ کي کنهيو. ڇاڪاڻ ته گهڻي سوچ ويچار وقت هو ائين ڪندو هو، پوءِ هن دٻلي موٽائي موسيٰ جي هٿ تي رکي. +اوٺير پڇيو ته ”هي ڇا آهي؟“ ۽ جواب جي لاءِ مُلي کي گهورڻ لڳو. سڀني کي پڪ هئي ته قابل فاضل مُلي جي زبان مان حڪمت ۽ دانائيءَ جي ڳالهه ٻڌنداسون. اهي سڀئي اچرج وچان انهيءَ حيرت جهڙي دٻليءَ کي ڏسي رهيا هئا ۽ ان جي سئيءَ جي چرپر تي حيران هئا ته ان جي چهنب هر وقت هر حالت ۾ اُتر طرف ڇو ٿي بيهي! مُلي نصيرالدين وري پنهنجي سنهاريءَ کي کنهيو، پر منهن مان لفظ نه ڪڍيائين. انهيءَ کان پوءِ هڪدم رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيائين. وري هڪدم وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. ماڻهو ويتر اچرج ۾ پئجي ويا ته اهو وري ڪهڙو تماشو آهي! مُلو نصيرالدين ڪنهن وقت رنو ٿي ته ڪنهن وقت وري کليو ٿي. هو ڪيتري وقت تائين رئندو ۽ کلندو رهيو. نيٺ ماڻهن بيزار ٿي هن کان پڇيو، ”مولوي صاحب! اوهان رئو ڇو ٿا؟“ ڪن ماڻهن وري پڇيو ته: ”ڀلا اوهان کلو ڇا ٿا؟“ مصطفيَ چيو ته ”اسان ڪڏهن به ڪنهن کي اهڙيءَ طرح کلندي ۽ رئندي نه ڏٺو. ڪوبه مُلو اهڙيءَ طرح هڪڙي ئي وقت نه رئندو ۽ نه کلندو.“ مُلي نصيرالدين اهو ٻڌي وراڻيو ته ”آءٌ اوهان سڀني کي ٻڌائيندس ته آءٌ روئان ڇو ٿو ۽ ڪهڙي سبب ڪري کِلان ٿو“. +ايتري ۾ سڄي بازار ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهو، ڇوڪرا، جوان، پوڙها اچي گڏ ٿيا ۽ مُلي نصيرالدين جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا ۽ انتظار ڪرڻ لڳا ته ڏسجي ته مُلي جي زبان مان ڪهڙي عقلنديءَ جي ڳالهه ٿي نڪري. +جيڪي ماڻهو مُلي نصيرالدين کان اڻ وقف هئا، انهن کي ٻين ماڻهن ٻڌايو ته هو ڪير آهي. ڪي زالون به انهيءَ ميڙ ۾ اچي بيٺيون هيون. نيٺ مُلي نصيرالدين ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”آءٌ رئان انهيءَ ڪري ٿو ته اوهان ماڻهن ۾ ڪوبه اهڙو لائق شخص ڪونهي جيڪو ٻڌائي سگهي ته اها ننڍي گول دٻلي ۽ انهيءَ ۾ چرندڙ سُئي ڇا آهي! اوهين سڀئي ڪيترا نه بيوقوف آهيو، مون کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو شرم اچي ٿو. ڇا اڃا به اوهان کي حيرت آهي ته آءٌ ڇو ٿو روئان؟“ ائين چئي مُلو نصيرالدين هر هڪ کي ڏسڻ لڳو. ويچارا ماڻهو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ تي شرمائجي ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيا. ٻار ويچارا به اها ڳالهه ٻڌي هيڏانهن هوڏانهن گهتون هڻڻ لڳا. البت عورتون برقعن ۾ منهن لڪايو آرام سان بيٺون هيون. هنن اهوئي پئي سوچيو ته اسان جوڪم ته گهرگهاٽ کي ڏسڻ ۽ ٻارن پالڻ ۽ نپائڻ آهي. هنن کي ڪنهن شيءِ جي سمجهڻ يا ڄاڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هنن کي ته انهيءَ ڳالهه تي به ڪا حيراني نه پئي ٿي ته عقلمند مُلي کي انهيءَ ڪري شرم ٿئي ٿو جو هيڏي وڏي شهر اصفهان ۾ ماڻهو ايترا اڻ ڄاڻ ۽ جاهل آهن. +مصطفيٰ جيڪو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مُلي کي وڌيڪ ڄاڻندو سڃاڻندو هو، تنهن همت ڪري ڳالهه کي ڦيرايو چوڻ لڳو ته ”مولوي صاحب! اهو ته اوهان اسان کي پنهنجي روئڻ جو سبب ٻڌايو. هاڻي مهرباني ڪري ٻڌايو ته اوهان کِليوَ ڇو؟“ +انهيءَ سوال تي مُلو نصيرالدين وري به هڪڙو ڀيرو زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ چيائين ته ”آءٌ کِلان انهيءَ ڪري ٿو ته مون کي پاڻ به خبر نه آهي ته هيءَ شيءِ آهي ڇا؟“ +هرڻ ۽ واگهه +برازيل جي آکاڻي +ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙو هرڻ رهندو هو. جهنگ ۾ هرڻ کي کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ وندر جي هرڪا آساني مليل هئي. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي هئي، ته اها هئي رهڻ جي جاءِ، جنهن لاءِ هرڻ هر وقت سوچيندو رهندو هو ته ڪا اهڙي ٽَل ڪجي، جو هڪڙو ننڍڙو گهر ٺهي پوي. هن گهڻي ئي جايون ڳوليون پر گهر ٺاهڻ لاءِ ڪابه اهڙي سُٺي جاءِ هن کي نظر نه آئي. هڪڙي ڀيري گهمندي ڦرندي، هرڻ جهنگ ۾ پري پري تائين هليو ويو. هڪڙي هنڌ ساهه پٽڻ لاءِ بيٺو. ڏسي ته پريان هڪڙي ننڍڙي نهر پئي وهي. انهيءَ جي ڪَپ تي وڻندڙ ساوا وڻ بيٺا آهن، جن ۾ طرحين طرحين جا ميوا پيا لَڙڪن. هرڻ کي اها جاءِ ڏاڍي وڻي ۽ هن اتي جو اتي فيصلو ڪيو ته اتي ئي گهر ٺاهجي. پهرين ته هن خيال ڪيو ته هڪدم ڪم ۾ هٿ وجهجي؛ پر پوءِ سوچڻ لڳو ته ٿوريءَ دير کان پوءِ شام ٿيڻ واري آهي ۽ جيڪڏهن رات پئجي ويئي ته واپس ڪيئن ويندس؛ تنهنڪري سڀاڻي صبح جو ايندس ۽ گهر ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏيندس. اهو فيصلو ڪري هرڻ اتان هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪڙو واگهه به گهمندو ڦرندو اتي اچي نڪتو. واگهه کي به پنهنجي لاءِ گهر ٺاهڻ جي ڳڻتي هئي. اتفاق ڏسو ته هن کي به اهو ئي هنڌ وڻيو، جتي هرڻ پنهنجي لاءِ گهر ٿي ٺاهيو. واگهه به فيصلو ڪيو ته ورنديءَ صبح جو اچي پنهنجي لاءِ گهر ٺاهيندس ۽ هليو ويو. +ٻئي ڏينهن صبح ٿيندي ئي هرڻ انهيءَ جاءِ تي پهتو. سڄو ڏينهن هن ڏاڍو ڪم ڪيو. هن زمين سڌي ڪئي، پٿر ۽ ٽڙيل پکڙيل ٻوٽا پَٽي ڦِٽا ڪيا ۽ جڏهن ڏاڍو ٿڪجي پيو، تڏهن اتان هليو آيو. انهيءَ ڏينهن هرڻ ايترو ته گهڻو ڪم ڪيو هو جو ڏاڍو ٿڪجي پيو هو ۽ ٻئي ڏينهن گهر ٺاهڻ لاءِ ويو ئي ڪونه. پر واگهه وري انهيءَ ڏينهن اُتي آيو ۽ زمين کي سڌو ۽ صاف ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻي سولائيءَ سان گهر ٺاهي سگهبو. هن خيال ڪيو ته پڪ ديوتا تيوپن منهنجي مدد ڪئي آهي. هن دل ئي دل ۾ ديوتا جا ٿورا مڃيا ۽ ڪم ۾ هٿ وڌو ۽ شام تائين گهر جون ٻه ڀتيون ٺاهي ڇڏيائين. +ٻئي ڏينهن اتفاق ڏسو جو واگهه ايترو ته ٿڪل هو جو ڪم تي ئي ڪونه ويو ۽ هن جي بدران وري هرڻ ويو. ميدان تي ٻه ڀتيون ڏسي پهرين ته هرڻ عجب ۾ پئجي ويو، پر پوءِ هن کي به پڪ ٿي ته ديوتا تيوپن منهنجي مدد ڪئي آهي. هن به دل ئي دل ۾ ديوتا جا ٿورا مڃيا ۽ سڄو ڏينهن گهر ٺاهڻ ۾ رڌو رهيو. اهڙيءَ ريت هڪڙي ڏينهن هرڻ ڪم ڪندو هو ته ٻئي ڏينهن وري واگهه. پر ٻنهي کي هڪٻئي جي بنهه خبر نه هئي. نيٺ ٻن ڪمرن جو هڪڙو چڱو خاصو گهر ٺهي راس ٿيو. +جڏهن گهر ٺهي تيار ٿيو ته شام جو هرڻ آيو ۽ هڪڙي ڪمري ۾ مزي سان لت کوڙي سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ واگهه به آيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ آرامي ٿيو. مزي جي ڳالهه وري هيءَ جو ٻنهي اهو سمجهيو ته ٻئي ڪمري ۾ پڪ سان اهو ديوتا آرامي آهي، جنهن گهر ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هئي. +صبح جو هرڻ ۽ واگهه ننڊ مان اٿي ڪمرن مان ٻاهر نڪتا ته هڪٻئي کي ڏسي وائڙا ٿي ويا. +نيٺ واگهه هرڻ کان پڇيو ”ڇا توگهر ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي هئي؟“ هرڻ جواب ڏيڻ بدران واگهه کان به ساڳيو ئي سوال پڇيو. +جڏهن ٻنهي کي خبر پئي ته گهر ٺاهڻ ۾ ڪنهن ڪنهن جي مدد ڪئي هئي، تڏهن هنن فيصلو ڪيو ته هاڻي اسين انهيءَ گهر ۾ گڏجي رهنداسين. انهيءَ ڏينهن کان هرڻ ۽ واگهه هڪڙي ئي گهر ۾ رهڻ لڳا. +هڪڙي ڏينهن واگهه هرڻ کي چيو ته ”تون اڄ گهر ويهي رهه ۽کائڻ لاءِ ڪي سٺيون شيون ٺاهي رک. آءٌ وري جهنگ مان ڪا شيءِ شڪار ڪري ٿو اچان.“ اهو چئي واگهه ته جهنگ ڏانهن هليوويو ۽ هرڻ کاڌي ٺاهڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ واگهه هڪڙو هرڻ شڪار ڪري کڻي آيو. اهو حال ڏسي هرڻ کي اچي سِر سان لڳي. هو سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن واگهه هرڻ جو شڪار ڪري ٿو ته هڪڙي ڏينهن منهنجو به وارو ايندو. هوڏانهن واگهه هرڻ کي ڇِلي صاف ڪيو ۽ جڏهن سڀئي شيون ٺهي ويون، تڏهن هرڻ کي چوڻ لڳو ”هاڻي اچ ته ماني کائون“ پر هرڻ ڀلا هرڻ کي ڪيئن ٿي کائي سگهيو! لاچار واگهه سڀ کاڌو پيٽ ڀري کاڌو ۽ لت کوڙي سمهي رهيو. پر هن ويچاري کي سڄي رات ننڊ نه آئي. هوته اهو ئي ويچاريندو رهيو ته آءٌ واگهه سان گڏ ڪيئن رهي سگهندس. سوچيندي سوچيندي، هن کي هڪڙي اٽڪل سُجهي آئي ۽ خوشيءَ وچان هو اُڀو ٿي ويو. هاڻي هو ڏاڍي بيقراريءَ سان صبح ٿيڻ لاءِ جاڳندو رهيو. صبح ٿيندي ئي هرڻ واگهه کي چيو ته ”اڄ تون گهر ۾ رهي رڌ پچاءُ جو بندوبست ڪر. آءٌ وري شڪار ڪري ٿو اچان.“ ائين چئي هو جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. هرڻ اڃا ٿورو اڳتي مس هليو ته هن کي هڪڙو واگهه ڏسڻ ۾ آيو جيڪو وڻ جي هيٺيان مزي سان ستو پيو هو. انهيءَ جهنگ ۾ هڪڙوخوفناڪ چيتو به رهندو هو! هرڻ سڌو ان وٽ ويو ۽ ادب سان سلام ڪري چيائينس ته ”آءٌ اوهان وٽ هڪڙي واگهه تي دانهين ٿي آيو آهيان. هو سدائين اوهان جي شان ۾ گٿا لفظ ڪڍندو رهندو آهي، جيڪي مون کان ٻُڌا نه ٿيندا آهن. هينئر جڏهن آءٌ هن طرف پئي آيس ته هن مون کي بيهاري اوهان کي بَدشَد ڳالهائڻ شروع ڪيو. انهيءَ تي مون پڇيومانس ته جهنگ جي بادشاهه جي شان ۾ اهڙي گستاخيءَ جي توکي ڪيئن همٿ ٿي. چوڻ لڳو ته ’جهنگ جو بادشاهه ته آءٌ آهيان‘. هرڻ جي اِها ڳالهه ٻڌي چيتو ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو ۽ گجگوڙ ڪري چيائين ”ڪٿي آهه اُهو بي ادب واگهه؟“ هرڻ هڪدم جواب ڏنو ته ”مون سان گڏجي هلو.“ هرڻ اهڙيءَ ريت چيتي کي وٺي انهيءَ وڻ وٽ پهتو جتي واگهه ستو پيو هو. چيتو هوريان هوريان رڙهندو واگهه جي مٿان وڃي پيو ۽ هڪڙي ئي حملي ۾ اهڙو ته چنبو هنيائينس جو واگهه اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. واگهه کي ماري، چيتو ته اتان هليو ويو ۽ هرڻ هن کي گهليندو گهليندو، پنهنجي گهر تائين آيو. واگهه جو ڏٺو ته هرڻ هڪڙي واگهه کي ماري کڻي آيو آهي، سو ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. هوڏانهن هرڻ ڏاڍي آرام سان رڌپچاءُ جو ڪم لاهي، کاڌو وڌائي واگهه کي سڏ ڪيو: ”اچ ته هاڻي کاڌو کائون.“ پر واگهه پنهنجي جاءِ تان چُري اهڙو جهڙي ڀِت. رات ٿي ته ٻيئي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ويا، پر ننڊ ڪنهن کي ڪين آئي. هرڻ کي اهو ڊپ ويٺل هو ته خبر نه آهي ته ڪهڙي وقت واگهه منهنجي ڪمري ۾ گهڙي اچي ۽ مون کي ماري پورو ڪري. هوڏانهن وري واگهه کي سر سان لڳي پيئي هئي ته خبر نه آهي ته ڪيڏيءَ مهل هرڻ حملو ڪري. ٻيئي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ هئا پر ٻنهي جو ساهه مُٺ ۾ هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هرڻ کي پِنڪي اچي ويئي ۽ هن جو مٿو زور سان ڀت سان وڃي لڳو. واگهه ته جاڳيو پئي، تنهن جو آواز ٻڌو سو سمجهيائين ته هرڻ منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيو آهي ۽ ڊپ وچان هن کان رڙ نڪري ويئي. هرڻ جو واگهه جي رڙ ٻڌي سو پڪ ٿيس ته حملي ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ ڪاهي پيوآهي، تنهنڪري هو به رڙين مٿان رڙيون ڪرڻ لڳو. مطلب ته اهڙيءَ طرح ٻيئي دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا، پنهنجي پنهنجي ڪمري مان نڪتا ۽ جهن�� مُنهن ڏيئي ڀڄڻ لڳا. واگهه هڪڙي پاسي ڀڄندو ويو ته هرڻ وري ٻئي پاسي. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ واگهه ۽ هرڻ هڪ هنڌ گڏجي نٿا رهي سگهن. + + +چار نوجوان +برما جي آکاڻي +هڪڙي ڳوٺ ۾ چار نوجوان رهندا هئا. انهن کي ڪوڙن قصن گهڙڻ جي عادت هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن انهن نوجوانن ڳوٺ جي سَراءِ ۾ هڪڙو مسافر ڏٺو، جنهن کي ڏاڍا سٺا ڪپڙا پيل هئا. انهن نوجوانن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڪنهن اٽڪل سان انهيءَ مسافر جا ڪپڙا لهرايا وڃن. ٿوري دير ويچار ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيائون ته انهيءَ مسافر جي اڳيان شرط ٻڌجي ته اسان مان هر هڪ شخص هڪڙو هڪڙو قصو ٻڌائي ۽ ٻڌڻ وارن مان جيڪو به ڪنهن قصي تي شڪ ڪندو، اهو انهي قصي ٻڌائيندڙ جو غلام ٿي رهندو ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي انهيءَ جي حوالي ڪندو. اها صلاح ڪري چار ئي نوجوان انهيءَ مسافر وٽ ويا ۽ هن جي اڳيان پنهنجو شرط رکيائون. مسافر اهو شرط قبول ڪيو ۽ ڳوٺ جي وڏڙي کي گهرايو ويو ته اَمين ٿي انصاف ڪري. انهيءَ کان پوءِ پهرئين نوجوان پنهنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ”ڀائرو! اڃا آءٌ پيدا ڪونه ٿيو هئس ته منهنجيءَ ماءُ بابا کي چيو ته ’ٻاهر وڻ مان آلو بخارا پٽي اچ.‘ بابا چيو ته ’وڻ تمام ڊگهو آهي ۽ آءٌ ان تي چڙهي نه سگهندس.‘ اَمان اهو جواب ٻڌي منهنجن ڀائرن کي چيو، پر انهن به امان جي ڳالهه نه مڃي. مون کي پنهنجيءَ ماءُ تي ڏاڍو ترس آيو ۽ سڀني کان لڪي وڻ تي چڙهي ويس ۽ آلو بخارا پٽي اچي ميز تي رکيم. هاڻي سڀئي دنگ رهجي ويا ته اهي آلوبخارا ڪيئن ميز تي آيا. ائين چئي هن مسافر ڏانهن ڏٺو ۽ سمجهيائين ته هو انهيءَ ڳالهه کي ضرور ڪوڙو سمجهندو. پر مسافر ڏاڍي آرام سان چيو ته ”اها ڳالهه بلڪل سچي آهي.“ +هاڻي ٻئي نوجوان جو وارو آيو. هن ڳالهه شروع ڪئي ته ”ڀائرو! آءٌ جڏهن رڳو ستن ڏينهن جو هئس ته هڪڙي جهنگ ۾ نڪري ويس، جتي کجيءَ جو هڪ تمام ڊگهو وڻ هو. مون کي ڏاڍي بک لڳي هئي، تنهن ڪري کجيون کائڻ لاءِ وڻ تي چڙهي ويس ۽ پيٽ ڀري کجيون کاڌم. جڏهن کجيون کائي کائي ٿڪجي پيس ته هيٺ لهڻ تي همٿ ئي نه ٿئي. نيٺ آءٌ ڳوٺ ۾ ويس ۽ اُتان هڪڙي ڏاڪڻ آڻي وڻ سان رکيم ۽ هيٺ لهي آيس. جيڪڏهن اِها ڏاڪڻ نه هجي ها ته آءٌ اڄ ڏينهن تائين وڻ تي ويٺو هجان ها.“ +اها ڳالهه ٻڌائي هن به مسافر ڏانهن ڏٺو. مسافر چيو: ”واه واه ڏاڍي مزيدار ڳالهه آهي.“ +هاڻي ٽئين نوجوان پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي. هن چيو: ”ڀائرو! جڏهن منهنجي عمر اڃا هڪ سال هئي تڏهن هڪڙي ڏينهن مون ڏٺو ته هڪڙو سهو وڏا وڏا ٽپا ڏيندو تمام تڪڙو جهنگ ڏانهن پيو وڃي. آءٌ به هن جي پٺيان ڀڳس ۽ نيٺ مون هن کي وڃي جهليو. جڏهن هو منهنجي هٿن ۾ آيو تڏهن خبر پيم ته اهو سهو نه پر هڪ شينهن هو. شينهن هڪدم گجگوڙ ڪري مون کي کائڻ لاءِ پنهنجو وات کوليو. مون ڏاڍي نهٺائيءَ سان چيومانس ته ’سائين منهنجا! مون اوهان کي سهو سمجهي اچي جهليو، مون کان غلطي ٿي آهي. مهرباني ڪري مون کي معاف ڪريو.‘ پر شينهن ڳالهه مڃي ئي نه. انهيءَ تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ مون هن کي اهڙو ته زور سان ٿڦڙ هنيو، جو شينهن جا ٻه ٽڪرا ٿي ويا.“ مسافر اهو قصو ٻڌي چيو ”بلڪل سچ ٿو چوين.“ +هاڻي چوٿين نوجوان جو وارو آيو. هن چيو ”ڀائرو! اڳئين سال آءٌ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ ويس. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر مڇي نه ڦاسڻي هئي نه ڦاٿي. اهو حال ڏسي مون اتي مهاڻن کان پڇا ڳاڇا ڪئي. هنن ٻڌايو ته ’اسان ته گهڻي وقت کان هتي هڪڙي مڇي به نه ڏٺي آهي‘. اتي مون ويچار ڪيو ته درياءَ جي تهه ۾ هلي ڏسجي ته ڳالهه ڇا آهي. نيٺ دل ٻڌي مون درياءَ ۾ ��پو ڏنو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ مس مس درياءَ جي تهه تائين پهتس. اتي ڇا ٿو ڏسان ته هڪڙي تمام وڏي مڇي ويٺي آهي، جيڪا ننڍين مڇين کي پئي کائي. مون کي به ان وقت ڏاڍي بک لڳي هئي، سو مڇيءَ کي اهڙيون ته مڪون هنيم جو هوءَ اتي جو اتي مري ويئي. پوءِ ڇا ڪيم جو باهه ٻاري مڇيءَ کي ڀُڃي کاڌم ۽ گهر موٽي آيس.“ ڳالهه ختم ڪري هن به مسافر ڏانهن ڏٺو. مسافر چيو ”تو به بلڪل سچي ڳالهه ٻڌائي.“ +هاڻي مسافر جو وارو آيو. هن پنهنجو قصو هيئن بيان ڪيو: ”ٻه- ٽي سال ٿيندا جو مون وٽ هڪ باغ هو. انهيءَ باغ ۾ هڪڙو عجب جهڙو وڻ هو. ان جون چار شاخون هيون ۽ هر شاخ ۾ هڪڙو ميوو هو. جڏهن ميوو پڪو ته مون چئن ئي شاخن جو ميوو لاٿو ۽ ان کي وڍيم. هرهڪ ميوي مان هڪڙو نوجوان نڪتو. جيئن ته اهي نوجوان منهنجي وڻ جي ميوي مان نڪتا هئا، تنهنڪري مون هنن کي پنهنجو نوڪر ڪري ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو. پر اهي چار ئي ڏاڍا ڪم چور هئا ۽ سڄو ڏينهن پيا ٻٽاڪون هڻندا هئا. نيٺ چار ئي ڪم مان بيزار ٿي اتان ڀڄي ويا. آءٌ به هنن جي ڳولا ۾ نڪتس. خدا جا لک احسان جو اڄ چار ئي نوجوان هت ملي ويا ۽ هينئر منهنجي اڳيان ويٺا آهن“. ائين چئي مسافر چئني نوجوانن کي چيو اوهين چار ئي منهنجا ڀڄي ويل نوڪر آهيو. هاڻي مون سان گڏ هلو ۽ ٻنيءَ تي هلي ڪم ڪريو.“ +اهو قصو ٻڌي چار ئي نوجوان اچي ششدر ٿيا. جيڪڏهن هنن انهيءَ قصي کي ڪوڙو ٿي ڪيو ته شرط ٿي هارايائون؛ تنهنڪري ماٺڙي ڪري ويهي رهيا. اتي ڳوٺ جي وڏڙي نوجوانن کان پڇيو ته ”ماٺ ڇو ڪئي اَٿو! ٻڌايو ته مسافر شرط کٽي ويو ۽ هاڻي اوهين چار ئي هن جا غلام آهيو.“ مسافر چيو ته ”جيئن ته اوهين منهنجا نوڪر آهيو. تنهنڪري هڪدم ڪپڙا لاهيو ته پوءِ آءٌ اوهان کي ڇڏي ڏيندس.“ انهيءَ تي چئن ئي نوجوانن پنهنجا پنهنجا ڪپڙا لاهي مسافر جي اڳيان رکيا. مسافر ڪپڙن جي هڙ ڪري پُٺيءَ تي رکي ۽ اتان روانو ٿي ويو. ويچارا چار ئي نوجوان اگهاڙا بيٺا هڪ ٻئي جي منهن ۾ تڪڻ لڳا. +شوروي جو پٿر +بيلجيم جي آکاڻي +هڪڙو سپاهي جنگ جي ميدان مان ٿي، پنهنجي گهر ڏانهن پئي ويو. سياري جا ڏينهن هجن ۽ ٿڌيون هوائون زور زور سان پئي لڳيون. آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙي آيا هئا. اهڙي وقت ۾ هلندي هلندي سپاهيءَ کي بک اچي ستايو. هن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه به نه هو. نيٺ هلندي هلندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو ۽ هڪڙي گهر جو دروازو کڙڪائي چوڻ لڳو ته: ”مون کي بک لڳي آهي، ٿوري ماني هجي ته کارايو.“ پر اندران جواب مليو ”ادا، اسان وٽ پاڻ به کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“ سپاهي اهو جواب ٻڌي اڳتي وڌيو ۽ هڪڙي ٻئي گهر جو دروازو کڙڪائي ساڳيو سوال ڪيائين. پر وري به ساڳيو ئي جواب مليس. +انهيءَ تي سپاهيءَ گهر وارن کان پڇيو ”اوهان وٽ ڀلا ڪو وڏو ديڳڙو آهي؟“ +”ها، ها. هڪڙو وڏو ديڳڙو برابر آهي.“ گهر وارن جواب ڏنس. +”۽ پاڻي به هوندو. سپاهيءَ پڇيو. +”پاڻي به آهي.“ جواب مليو. +سپاهيءَ چيو: ”ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري باهه تي کڻي رکوس. مون وٽ شوروي جو هڪڙو پٿر آهي.“ +گهر وارن ڏاڍي اچرج مان پچيو ”شوروي جو پٿر! اهو ڇا آهي؟“ +سپاهيءَ چيو: ”اهو هڪڙي قسم جو پٿر آهي، جنهن مان شوروو ٺهندو آهي.“ +اهو ٻڌي گهر جا سڀيئي ڀاتي انهيءَ پٿر کي ڏسڻ لاءِ سپاهيءَ جي چوڌاري مِڙي بيٺا. نيٺ عورتن جلدي جلدي باهه ٻاري ۽ هڪڙي وڏي ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري چُلهه تي رکيو. سپاهيءَ پنهنجي کيسي مان هڪڙو پٿر ڪڍي ديڳڙي ۾ وڌو. اهو هڪڙو اهڙو پٿر هو جنهن جهڙا ڪيترا پٿر رستن تي پيا هوندا آهن. پر انهيءَ گهر جا ڀاتي اهو ئي سمجهي رهيا هئا ته اهو ڪو نرالو پٿر آهي. سپا��يءَ ديڳڙي ۾ پٿر وجهڻ کان پوءِ چيو ته: ”هاڻي پاڻيءَ کي ٽهڪڻ ڏيو.“ +سڀئي پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، ٿوريءَ دير ترسي سپاهيءَ چيو ”اوهان وٽ ٿورو لوڻ آهي؟“ +”ها ها. ڇو نه، لوڻ جي ڪا کوٽ.“ ائين چئي هڪڙي عورت لوڻ جو دٻو سپاهيءَ جي هٿ ۾ آڻي ڏنو. سپاهيءَ دٻي مان مُٺ لوڻ جي ڀري ديڳڙي ۾ وڌي. اتي سپاهيءَ جي نظر سامهون ٽِپائيءَ تي پئي، جنهن جي هيٺان گجرون رکيون هيون. هن چيو: ”جيڪڏهن ٿوريون گجرون ملي وڃن ته جيڪر شوروو ڏاڍو مزيدار ٿئي.“ +اهو ٻڌي هڪڙي عورت اُٿي ۽ ڪيتريون ئي گجرون کڻي آئي. سپاهيءَ گجرن کي چڱيءَ طرح ڇِلي صاف ڪري ديڳڙي ۾ وڌو ۽ پوءِ گهر جي ڀاتين کي جنگ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. ٿوري دير رکي، چوڻ لڳو: ”ٿورا پٽاٽا به ملي وڃن ها ته شوروو وڌيڪ لذت وارو ٿئي ها.“ +”اسان جي باغ ۾ پٽاٽا به ٿيندا آهن. گهر جي هڪڙيءَ ڇوڪريءَ چيو ۽ ڊوڙندي ٻاهر ويئي ۽ باغ مان پٽاٽا کڻي آئي. سپاهيءَ پٽاٽا به ديڳڙي ۾ وڌا، وري چوڻ لڳو: ”بصر جي ڪري ٻوڙ ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي.“ هاريءَ پنهنجي ننڍي پٽ کي چيو ته ”پٽ جلدي پاسي واري گهر ۾ وڃ ۽ ٿورو بصر وٺي آءُ“. ڇوڪرو ڊوڙندو ويو ۽ بصر وٺي آيو. اهو به ديڳڙي ۾ وڌو ويو. وري سپاهي چوڻ لڳو ته ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن جو مون گوبيءَ جو منهن به نه ڏٺو آهي.“ هاريءَ جي زال ڌيءَ کي چيو ته ”ڌيءَ، وارو ڪري باغ مان گوبي پَٽي اچ.“ سپاهيءَ گوبي به ديڳڙي ۾ وڌي ۽ چوڻ لڳو ”بس هاڻي شوروو تيار ٿيڻ تي آهي، پر تون ڏوئي هلائيندي رهه.“ ۽ هاريءَ جي زال ديڳڙي ۾ ڏوئي هلائيندي رهي. ايتري ۾ هاريءَ جو وڏو پٽ گهر ۾ آيو. هو پاڻ سان ٻه سَها شڪار ڪري آيو هو. +هاريءَ جي پٽ ايندي شرط پڇيو ”ڇا پيو رڌجي؟ ڏاڍي سٺي خوشبوءِ پئي اچي.“ هاريءَ چيو ته ”سپاهي پٿر آندو آهي، اسين انهيءَ جو شوروو پيا ٺاهيون.“ +پوءِ ته سڀني گڏجي جلدي جلدي سَهن کي ڇِلي صاف ڪيو ۽ انهن جو گوشت به ديڳڙي ۾ وڌو. ٿوريءَ دير کان پوءِ شوروو ٺهي تيار ٿي ويو ۽ سڀيئي گڏجي کائڻ ويٺا. شوروو ڏاڍو مزيدار ٿيو هو ۽ سڀني ڏاڍي شوق سان کاڌو به پئي ۽ تعريفون به پئي ڪيون. +هاريءَ چيو ”واهه واهه! ڏاڍو مزيدار شوروو ٺهيو آهي. +هاريءَ جي زال چيو، اهو پٿر ئي ڪونهي، الائي ڇا آهي.“ +سپاهيءَ چيو ”انهيءَ پٿر مان اوهين به اهڙو شوروو ٺاهي سگهو ٿا، البت انهيءَ جي ٺاهڻ جي طريقي کي نه وسارجو.“ +سڀني کائي پي ڍو ڪيو ته سپاهي اٿيو ۽ هلڻ لڳو. هو اهو پٿر سوکڙيءَ طور هاريءَ جي زال کي ڏئي ويو. هاريءَ جي زال پهرين ته نٿي ورتو پر سپاهيءَ چيس ”وٺين ڇو نٿي مائي! هي پٿر ڪا ملڪيت ته ڪانهي!“ +سچ پڇو ته اهو هڪ پٿر هو جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه هئي. سپاهي هاريءَ جي گهران موڪلائي اڃا ٿورو اڳتي مس ويو ته رستي ۾ اهڙو ئي پٿر ڏسڻ ۾ آيس. هن اهو پٿر کڻي کيسي ۾ وڌو ته متان اڳتي انهيءَ جي ضرورت پوي. + + +بادشاهه ۽ هاري +پولينڊ جي آکاڻي +شام ٿيڻ تي هئي ۽ سج پئي لٿو. پوڙهي هاري نالي ميٿوءَ هَر مان ڍڳن کي ڇوڙي، گهر وڃڻ جي تياري پئي ڪئي. ايتري ۾ پري کان هن جي ڪن ۾ ڳائڻ جو آواز آيو. ميٿو ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته پريان گهوڙن تي سوار ڪي ماڻهو ايندا نظر آيس. اهي ماڻهو بادشاهه، سندس وزير، امير ۽ سپاهي هئا؛ جيڪي شڪار تان واپس موٽي رهيا هئا. سڀني اڳيان بادشاهه گهوڙي تي سوار هو ۽ هن جي پٺيان وزير امير ۽ سپاهي هئا، جن کي ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو لباس پهريل هو. +پوڙهو هاري بادشاهه ۽ سندس لشڪر کي ڏسندو ئي رهيو. جڏهن اهي سڀئي ٻنيءَ جي ويجهو پهتا ته بادشاهه هٿ جي اشارن سان سڀني کي بيهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ گهوڙو اڳتي وڌائي، هاريءَ ڏانهن ويو. بادشاهه جي پٺيان ٽي وزير به ويا. بادشاهه کي پنهنجي ويجهو ايندو ڏسي، پوڙهو هاري ڏڪڻ لڳو ۽ ادب سان هٿ ٻڌي بيهي رهيو. +پوڙهي جي ويجهو پهچي، بادشاهه گهوڙو جهليو ۽ هن کي چوڻ لڳو: ”پريا مڙس! لڳي ٿو ته اڄ پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ تون سويل نه اٿي سگهيو آهين؟“ +پوڙهي جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت! منهنجي اک ته سويل ئي کلي وئي هئي. پر خدا کي منظور نه هو ته وقت تي ڪم پورو ٿي سگهي!“ +وري بادشاهه پڇيو ته: ”پريا مڙس! هن پهاڙ تي اهي برف جا ٻوڙا ڪڏهن کان ڦٽا آهن؟“ +”چاليهن سالن کان بادشاهه سلامت!“ پوڙهي جواب ڏنو. +اهو ٻڌي بادشاهه ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائين ”۽ پهاڙ جي هيٺان هي چشما ڪڏهن کان پيا وهن؟“ +”بادشاهه سلامت! انهن کي وهندي پندرهن ورهين کان به گهڻو وقت ٿي ويو آهي.“ پوڙهي هاريءَ جواب ڏنو. +اتي بادشاهه وري چيو ”چڱو، هڪڙي ٻي ڳالهه ٻڌاءِ. پريا مڙس! جيڪڏهن اُڀرندي طرف ٽي بدڪون توڏانهن اچن ته تون انهن جي چڱيءَ طرح سان کَلَ لاهيندين يا نه؟“ +”بلڪل چڱيءَ طرح کَلَ لاهيندس. بادشاهه سلامت!“ پوڙهي وراڻيو. +اهو ٻڌي بادشاهه پنهنجو سونو ڪمربند لاهي هاريءَ کي ڏنو ۽ گهوڙو ڦيرائي ٽنهي وزيرن سميت پنهنجي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو. +محل ۾ پهچي بادشاهه پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان گڌ ماني کائڻ ويٺو. ماني کائڻ کان پوءِ بادشاهه پنهنجن ٽنهي وزيرن کان پچيو ”مون کي ٻڌايو ته مون پوڙهي هاريءَ کان جيڪي سوال پڇيا هئا ۽ هن مون کي جيڪي جواب ڏنا هئا، انهن جو مطلب ڇا هو؟“ +ٽيئي وزير سوچي سوچي ٿڪجي پيا پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آين. اهو حال ڏسي بادشاهه هنن کي چيو ته ”آءٌ اوهان کي ويهن ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو. جيڪڏهن انهن ڏينهن اندر اوهان مون کي صحيح جواب نه ٻڌايا ته اوهان کي درٻار مان نيڪالي ڏني ويندي ۽ اوهان جي جاءِ تي نوان وزير رکيا ويندا.“ +ڳڻتيءَ ۽ فڪر ۾ ٽنهي وزيرن جي نِنڊ ڦٽي ويئي. هنن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو. نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي سڀئي پوڙهي هاريءَ وٽ ويا. هاريءَ ويچاري انهن کي وڏي عزت ۽ مانَ ڏنو ۽ کائڻ لاءِ جيڪي گهر ۾ هئس، هنن جي اڳيان رکيائين. وزيرن هاريءَ کان پڇيو ته ”بادشاهه توکان ڇا پڇيو هو ۽ تو هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟“ هاري اها ڳالهه ٻڌي ماٺ ڪري ويٺو ۽ هنن کي ڪوبه جواب نه ڏنائين. اتي وزيرن هن جون ڏاڍيون خوشامدون ڪيون ۽ ليلايو. نيٺ هرهڪ وزير هاريءَ کي هڪ هڪ سئو اشرفيون ڏنيون، تڏهن مَس مَس هو جواب ٻڌائڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ اشرفيون ميڙي پاڻ وٽ رکي چوڻ لڳو: +”مون بادشاهه جي پهرئين سوال جو جيڪو جواب ڏنو هو، انهيءَ جو مطلب هيءُ هو ته مون جوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. مون کي ٻار به ٿيا هئا. پر خدا جي مرضيءَ سان اهي سڀيئي مري ويا.“ +”ٻئي سوال جي جواب جو مطلب هي هو ته چاليهه سال اڳي منهنجو مٿو اڇو ٿي ويو هو.“ +”۽ ٽئين سوال جي جواب ۾ مون چيو ته آءٌ پندرهن سالن کان پنهنجي زال ۽ ٻارن جي غم ۾ پيو رُئان.“ +”۽ پڇاڙيءَ ۾ بادشاهه جن ٽن بيوقوف بدڪن جي لاءِ چيو هو، اهي اوهين آهيو جيڪي انهن ڳالهين جو مطلب سمجهڻ لاءِ مون وٽ آيا آهيو ۽ مون اوهان کان ٽي سئو اشرفيون وٺي پوءِ اوهان کي مطلب سمجهايو آهي. کَلَ لاهڻ جو اهو ئي مطلب هو.“ هاريءَ جو جواب ٻڌي ٽيئي وزير شرم ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري هليا ويا. +طوطو انسان جي ٻولي ڇو ٿو ڳالهائي +ٿائي لينڊ جي آکاڻي +پراڻي زماني جي ڳالهه آهي. هڪڙو طوطو جنهن جا پَر سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا هئا، ڏاڍي آزاديءَ سان جهنگن ۾ پيو اُڏامندو هو. ٻيو طوطو وري آسٽريليا ملڪ جو هو. اهو ننڍڙو طوطو هو ۽ ان کي لوريڪيٽ چوندا هئا. انهيءَ طوطي کي ماڻهو ڏاڍي شوق سان پاليندا ۽ ڳالهائڻ سيکاريندا هئا. لوريڪيٽ طوطو ڏاڍو سياڻو پکي هوندو هو،. هو ڏاڍيون ڳالهيون ڪندو هو ۽ ماڻهن کي جيڪي ڪندي ڏسندو هو ته هڪدم انهيءَ جو نقل ڪندو هو. هو بلڪل انسانن وانگر ڳالهائيندو هو. +هڪڙي ڀيري هڪڙي هاريءَ لوريڪيٽ طوطو پاليو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ هاري سارين جي پوک ۾ هڪڙيءَ مينهن کي ڏٺو. اِها مينهن هن جي پاڙيسريءَ جي هئي. هاريءَ مينهن کي جهلي ڪُهي ڇڏيو ۽ ان جو گوشت ٽڪر ٽڪر ڪري ٿورو کاڌائين ۽ باقي چانورن جي پيتين ۾ بند ڪري، چانورن جي گدام جي ڇت تي لڪائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن پاڙيسري پنهنجيءَ مينهن کي ڳوليندو آيو ۽ هاريءَ کان پڇيائين ”تو ڪا منهنجي مينهن ڏٺي؟“ هاريءَ جواب ڏنو ته ”مون کي ڪهڙي خبر، مون ڪانه ڏٺي آهي، تنهنجي مينهن!“ هاريءَ جو طوطو لوريڪيٽ پڃري ۾ بند هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، سو چوڻ لڳو: ”منهنجي مالڪ تنهنجي مينهن کي ڪهي ان جو گوشت ٽڪر ٽڪر ڪري ٿورو کاڌو آهي ۽ باقي چانورن جي پيپن ۾ بند ڪري ڪوٺڙيءَ جي ڇت تي لِڪائي رکيو اٿس.“ طوطي جي ڳالهه ٻڌي هاري ڏاڍو ششدر ٿيو. پاڙيسري به هن جي گهر جي تلاشي ورتي ۽ ڏسي ته گوشت برابر لِڪو رکيو آهي. اتي هاريءَ ڳالهه ٺاهيندي چيو ”اهو گوشت تنهنجيءَ مينهن جو ڪونهي، پر ڪنهن ٻئي جانور جو آهي. آءٌ گهر جو گوشت سدائين اتي رکندو آهيان. طوطي چيو ”نه نه، اهو سڀ ڪوڙ آهي. اهو گوشت تنهنجي مينهن جو آهي.“ پاڙيسريءَ جي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪري؛ هاريءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهي يا طوطي جي ڳالهه تي اعتبار ڪري. +نيٺ هاري اَمين وٽ ويو ته منهنجو انصاف ڪر ۽ هاريءَ کي سزا ڏي. اَمين هاريءَ کي حڪم ڏنو ته ٻئي ڏينهن عدالت ۾ حاضر ٿي جواب ڏي. اهو ٻڌي هاريءَ کي طوطي تي سخت ڪاوڙ لڳي. رات ٿي ته هاريءَ طوطي کي پڃري مان ڪڍي پتل جي هڪ وڏي ٿانوَ ۾ بند ڪيو ۽ انهيءَ ٿانوَ جو مُنهن ٻڌي ڇڏيو. موسم به ڏاڍي سٺي هئي ۽ چنڊ به نڪتو هو؛ پر لوريڪيٽ طوطو ٿانو ۾ بند اوندهه ۾ پئي ڦڙڪيو. نه رڳو ايترو پر هاريءَ ڇا ڪيو جو انهيءَ ٿانوَ کي کڻي زور زور سان زمين تي پئي هنيائين ۽ انهيءَ جي مٿان هر هر پاڻي پئي اوتيائين. صبح ٿيو ته هاري طوطي کي ٿانو مان ڪڍي پڃري ۾ بند ڪري، عدالت ڏانهن هليو. +جڏهن ٻئي ڌريون حاضر ٿيون، تڏهن پاڙيسريءَ اَمين کي چيو: ”طوطي مون کي ٻڌايو ته منهنجي مينهن کي هاريءَ ڪُٺو آهي“ امين طوطي کان ڳالهه پڇي. هن پڃري مان جواب ڏنو ”سائين، مينهن کي هاريءَ ڪُٺو هو. پوءِ ٿورو گوشت هن کاڌو ۽ باقي گوشت چانورن جي پيپن ۾ بند ڪري ڪوٺڙيءَ جي ڇِت تي لِڪائي ڇڏيو. هاريءَ چيو ”سائين، ڇِت ۾ جيڪو گوشت رکيل هو اهو ٻئي جانور جو هو. آءٌ حيران آهيان ته سڀيئي هن بيوقوف پکيءَ جي ڳالهه تي ته اعتبار ڪن ٿا پر منهنجي ڳالهه تي ڪنهن کي به ويساهه ڪونهي!“ اَمين چيو ته ”طوطو سمجهُو پکي آهي.“ هاريءَ وراڻيو ”سائين، اهو گهڻو ڪري غلط ڳالهيون به ڪندو آهي. هاڻي آءٌ اوهان جي آڏو هن کان هڪ ڳالهه پڇان ٿو ته ڪالهه رات موسم ڪهڙي هئي؟ ٻڌو ته طوطو سچ ٿو ڳالهائي يا ڪوڙ.“ اَمين طوطي کي چيو ته جواب ڏي.“ طوطي چيو .سائين، رات ڏاڍي اوندهه انڌوڪار هئي. ڪڪرن جي گَجگوڙ هئي ۽ مينهن پئي وسيو.“ +هاريءَ اهو ٻڌي اَمين کي چيو ”سائين، ٻڌو اوهان؟ ڪالهه رات ته چنڊ نڪتو هو ۽ موسم ڏاڍي سٺي هئي. ڇا اوهين اڃا به هن پکيءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهو ٿا؟“ انهيءَ تي امين ۽ ٻين ماڻهن کي پڪ ٿي ته هاري بيگناهه آهي ۽ طوطو ڪوڙو. امين هاريءَ کي ڇڏي ڏنو. هاري گهر پهتو ته هن کي طوطي تي ويتر ڪاوڙ آئي ۽ هن کي پڃري مان ڪڍي اُڏائي ڇڏيائين. طوطو آزاد ٿي سڌو جهنگ ڏانهن اُڏاڻو ۽ مزي جي زندگي گذارڻ لڳو. +هڪڙي ڏينهن لوريڪيٽ جهنگ ۾ هڪڙو نئون پکي ڏٺو، جنهن جا پَرَ سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا هئا. هن نئين پکيءَ کان پڇيو ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آيو آهين؟“ نئين پکيءَ چيو ته ”مون کي به طوطو چوندا آهن. آءٌ ڏکڻ طرفان آيو آهيان ۽ هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ گهران ٿو. ڇو ته آءٌ انسانن جي ٻولي به ڄاڻان ٿو.“ لوريڪيٽ انهيءَ طوطي کي چيو ”تون هن ملڪ ۾ ڀلي ڪري آئين ۽ خوشيءَ سان رهه. پر تون هت اوپرو پکي آهين، تنهنڪري منهنجي نصيحت ٻڌي اها ياد ڪري ڇڏ. آءٌ به انسانن جي ٻولي ڄاڻان ٿو ۽ ڪنهن وقت ماڻهن سان گڏ گهرن ۾ رهندو هئس. آءٌ نه رڳو روز هنن جو نقل ڪندو هئس پر هنن جي زبان ۾ ڳالهيون به ڪندو هئس. پر ماڻهن کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي ته آءٌ سچ ڳالهايان ٿو. هنن جي مرضي هئي ته آءٌ رڳو اهو ڪي ڳالهايان، جيڪو مون کي سيکارين. تنهنڪري آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ڀائين ته تون سلامت رهين، ته پوءِ رڳو اهو ڳالهائجانءِ جيڪو توکي سيکاريو وڃي. پنهنجي طرفان ڪابه ڳالهه نه چئجانءِ.“ ننڍڙي طوطي لوريڪيٽ طوطي جا ٿورا مڃيا ۽ هن جي نصيحت تي عمل ڪيو. انهيءَ ڏينهن کان ننڍو طوطو ماڻهن وٽ پڃري ۾ رهندو آهي ۽ رڳو اهي لفظ ڳالهائيندو آهي جيڪي هن کي سيکاريا ويندا آهن. + + +بادشاهه جي نصيحت +چيڪوسلواڪيا جي آکاڻي +اڄ کان تيرهن سئو سال اڳ جي ڳالهه آهي. يورپ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي حڪومت هئي. انهيءَ ۾ موراويه، ٻوهيميه ۽ سلواڪيا جا ملڪ هئا. انهن ملڪن تي جيڪو بادشاهه حڪومت ڪندو هو، ان جو نالو ”سوائو پولڪ“ هو. اهو بادشاهه ڏاڍو سياڻو ۽ بهادر هوندو هو. اهو هن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو، جو هو انهن ملڪن تي حڪومت ڪندو هو. جڏهن بادشاهه پوڙهو ٿي ويو ۽ بيمار رهڻ لڳو، تڏهن هن کي اچي ڳڻتي ٿي ته مون کان پوءِ هيڏي ساري ملڪ کي ڪير سنڀاليندو! هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي ٽنهي پٽن کي پاڻ وٽ سڏايو. ٽيئي اچي هن جي بستري وٽ بيٺا. بادشاهه هنن کي چيو ”پُٽ! آءٌ هاڻي ڏاڍو پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ ڪن ڏينهن جو مهمان آهيان. مون وڏي ڪوشش ۽ محنت سان هيءَ حڪومت قائم ڪئي آهي. هاڻي اهو وقت تمام ويجهو اچي ويو آهي، جو اوهان کي اها حڪومت سنڀالڻي پوندي. هن حڪومت جا دشمن به گهڻا اَٿوَ، جن جون نظرون هر وقت ان ۾ لڳل آهن. توهان جو هاڻي فرض آهي ته هن حڪومت کي دشمنن کان بچايو ۽ قائم رکندا اچو!“ +ائين چئي بادشاهه هڪڙي پوڙهي نوڪر کي پاڻ ڏانهن سڏي، هن جي ڪَن ۾ ڪي چيو. نوڪر بادشاهه جي ڳالهه ٻڌي، اتان هليو ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ ئي سنهيون ۽ ڊگهيون ڪاٺيون کڻي آيو. بادشاهه جا پٽ اهي ڪاٺيون ڏسي ڊڄي ويا، ڇو ته ننڍپڻ ۾ جڏهن اهي ڪا حرڪت ڪندا هئا ته بادشاهه اهڙن لڪڻن سان هنن کي ماريندو هو. +بادشاهه پٽن ڏانهن ڏسي کليو ۽ چوڻ لڳو: ”توهين هنن ڪاٺين کي چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا. ڏسو هي ڪاٺيون ڪيتريون نه سنهيون آهن. اوهان مان هر هڪ هنن ڪاٺين کي سولائيءَ سان ڀڃي سگهي ٿو.“ پوءِ بادشاهه اهي ڪاٺيون نوڪر کي ڏنيون ۽ چيائين ته ”ٽيئي ڪاٺيون گڏي ٻڌي اچ.“ نوڪر ٽنهي ڪاٺين کي گڏي هڪ مضبوط رسيءَ سان ڇڪي ٻڌو. هاڻي اهي ٽيئي ڪاٺيون گڏجي هڪ ڪاٺي ڏسڻ ۾ آئي. اتي بادشاهه پٽن کي چيو ”مون کي اوهان ٽنهي جي ڏاڍي ڳڻتي آهي. اوهين پاڻ ۾ سدائين وڙهندا رهندا آهيو ۽ هاڻي به جيڪڏهن اوهين وڙهندا رهندو ته پوءِ هي ملڪ اوهان جي هٿن مان نڪري ويندو، پر جيڪڏهن اوهين ٽئي گڏجي رهندؤ ته پوءِ هيءُ ملڪ به مضبوط ۽ فاتح رهندو.“ +ائين چئي بادشاهه ڪاٺيون نوڪر جي هٿ مان وٺي پنهنجن پٽن کي ڏيندي چيو ته ”اوهان مان هر هڪ هنن گڏيل ڪاٺين کي ڀڃي ڏيکاري!“ +ٽنهي پٽن ڪاٺين کي ڀڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اهي ڀڄي نه سگهيون. بادشاهه چيو: ”ڏٺوَ اها اَٿوَ ايڪي جي طاقت! جيڪڏهن اوهين به ٽيئي گڏجي هڪ ٿي رهندؤ ته اوهان کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو.“ +وري بادشاهه نوڪر کي چيوِ ”رسي کولي ڪاٺيون جدا جدا ڪر.“ نوڪر ٿوريءَ دير ۾ ٽيئي ڪاٺيون کولي جدا جدا ڪيون. بادشاهه هرهڪ پٽ کي هڪ هڪ ڪاٺي ڏني ۽ چيو: ”هاڻي ان کي ڀڃي ڏيکاريو.“ +ٽنهي پٽن پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪاٺيءَ کي ڏاڍي سولائيءَ سان ڀڃي ٻه ٽڪر ڪيو. بادشاهه اهو ڏسي چين: ”ڏسو، اهو اٿوَ ڦوٽ جو نتيجو! جيڪڏهن اوهان گڏجي حڪومت نه هلائي، پاڻ ۾ پيار محبت نه ڪيوَ، ته اوهين اڪيلا ٿي پوندؤ ۽ دشمن اوهان کي ختم ڪري ڇڏيندو. منهنجي نصيحت ياد رکو: پاڻ ۾ ڪڏهن به نه وڙهجو. سدائين هڪ ٿي دشمن کي منهن ڏجو. پوءِ ڪابه طاقت اوهان کي نقصان نه پهچائي سگهندي. سدائين انصاف، رحمدلي ۽ سخاوت سان حڪومت ڪجو. اوهان جو ملڪ سلامت رهندو. پوءِ نه ملڪ ۾ ڦيٽاڙو پوندو ۽ نه وري ٻاهرئين دشمن کي اوهان تي حملو ڪرڻ جي همت ٿيندي.“ +ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه مري ويو ۽ هن جي ٽنهي پٽن کي حڪومت سنڀالڻي پئي. پر هنن پنهنجي پيءُ جي نصيحت وساري ڇڏي ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. اهو حال ڏسي، هنن جي دشمنن کي وجهه ملي ويو. هنن هڪ هڪ ڪري ٽنهي ڀائرن کي ماري، هنن جي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. بادشاهه سوائو پالڪ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان جيڪا هيڏي وڏي حڪومت ٺاهي هئي، اها ڌارين جي هٿ اچي ويئي ۽ ڦوٽ جو نتيجو بربادي ٿي. +جادوءَ جو تعويذ +ڊينمارڪ جي آکاڻي +ڪنهن ملڪ ۾ هڪڙو شهزادو رهندو هو. هن هڪڙي شهزاديءَ سان شادي ڪئي. ٻيئي ڏاڍا خوش هئا ۽ سڄي ملڪ ۾ هنن جي شادي جي خوشيءَ ۾ جشن پئي ٿيا. پر رکي رکي ٻنهي کي هڪڙي خيال پئي ستايو ۽ اُهو هيءُ ته شاديءَ کان پوءِ جيڪي خوشيون اسان کي نصيب ٿيون آهن، اُهي سدائين هجن. هنن جي دل ۾ هر هر خيال ٿي آيو ته جيڪر اهڙو تعويذ ملي جنهن جي ڪري اسان جون خوشيون ختم نه ٿي سگهن. +انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو جهنگ هو، جنهن ۾ هڪ ڏاڍو سياڻو ۽ عقلمند ماڻهو به رهندو هو. انهيءَ ماڻهو جي عقلمنديءَ ۽ سياڻپ هر هنڌ مشهور هئي. شهزادي ۽ شهزاديءَ نيٺ سوچيو ته ڇو نه انهيءَ سياڻي شخص سان صلاح ڪئي وڃي، تنهنڪري ٻيئي هن وٽ ويا ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌايائونس. سياڻي شخص سندن ڳالهه ٻڌي کين صلاح ڏني ته ”اوهين ٻئي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃو ۽ اتي اهڙي زال مڙس کي ڳولي لهو، جيڪي هر ڳالهه ۾ خوش ۽ آسودا هجن. پوءِ هنن کان اهڙي ڪپڙي جي گهرُ ڪريو، جيڪو هو پنهنجي ڪپڙن هيٺا پائيندا هجن؛ جهڙوڪ بنيان يا ٻيو ڪو اهڙو ڪپڙو. اوهان کي جڏهن اهڙو ڪپڙو ملي وڃي ته پوءِ اهو سدائين پائيندا رهو. انهيءَ جي ڪري اوهين ٻيئي به سدائين خوش رهندو.“ +سياڻي جي صلاح ٻڌي شهزادو ۽ شهزادي اهڙي زال مڙس جي ڳولا ۾ نڪتا، جيڪي سدائين خوش رهندا هجن. هڪڙي هنڌ هنن کي هڪ اهڙي سردار جو ڏس مليو، جيڪو پنهنجيءَ زال سان گڏ ورهين کان ڏاڍي خوش زندگي گذاري رهيو هو. ٻيئي ان سردار وٽ ويا ۽ هن کان پڇڻ لڳا، ”ڇا اوهين زال مڙس سچ پچ خوش ۽ آسودا آهيو؟“ +سردار چيو: ”هائو، اسين بلڪل خوش ۽ آرام سان رهون ٿا. البت هڪڙي ڪسر رهجي وئي آهي ۽ اُها هيءَ ته اسان کي ڪوبه اولاد ڪونهي.“ +شهزادو ۽ شهزادي اهو جواب ٻڌي افسوس ڪرڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته سردار ۽ سندس ز��ل ڪنهن به حالت ۾ خوش ۽ آسودا نه هئا. لاچار ٻيئي پنهنجي ڳولا ۾ اڳتي ويا. هاڻي هو هڪ ٻئي ملڪ ۾ پهتا. اتي هنن کي خبر پئي ته هتي هڪ اهڙو، ماڻهو رهي ٿو جنهن جي زندگي خوشين سان ڀرپور آهي ۽ جنهن کي ڪابه ڳڻتي ۽ فڪر ڪونهي. اهو ٻڌي ٻيئي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ سان وڃي مليا. شهزادي ۽ شهزاديءَ انهيءَ شخص کان سندس خوشيءَ جو سبب پڇيو ته هن چيِو ”آءٌ ۽ منهنجي زال هڪٻئي کان ڏاڍا خوش آهيون. رڳو هڪڙي ڳالهه آهي ته اسان کي ٻار گهڻا آهن. جيڪڏهن اسان کي ايترا سارا ٻار نه هجن ها ته اسان جي خوشيءَ ۽ آرام جو ڪو ڪاٿو ئي نه هجي ها.“ +اهو ٻڌي شهزادي ۽ شهزاديءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته سچي خوشي هتي به نه هئي. وري هو هڪ ٻئي ملڪ ۾ ويا ۽ ڳولا ڪندا رهيا، پر کين ڪوبه اهڙو زال مڙس نه مليا، جيڪي هر حال ۾ خوش ۽ آسودا هجن. هڪڙي ڏينهن هو ٻيئي هڪڙي ٻنيءَ جي ڀرسان پئي ويا. رستي ۾ هنن ڏٺو ته هڪڙو چارڻ هڪ طرف ويٺو مزي سان بنسري وڄائي. ايتري ۾ هڪڙي مائي جنهن جي ڪڇ تي ٻار هو. آئي. چارڻ ٻار کي ڏسي پنهنجيءَ ڪڇ ۾ کنيو ۽ هن کي پيار ڪرڻ لڳو. عورت وري ڇا ڪيو جو هڪڙو ڪپڙو وڇائي، ان تي ماني رکي ۽ چارڻ کي سڏ ڪيائين. چارڻ آيو ۽ مانيءَ مان ٽڪر ڀڃي هن پهرين ٻار کي کارايو ۽ ٻيو ٽڪر پنهنجي ڪتي کي ڏنو. ان کان پوءِ هو پاڻ ماني کائڻ لڳو. شهزادي ۽ شهزاديءَ اهوسڀ ڪجهه پريان بيٺي ڏٺو. هنن کي پڪ ٿي ته اهو چارڻ ۽ سندس زال خوش ۽ آسودا آهن. ٻيئي هنن ڏانهن ويا ۽ پڇيائون: ”ڇا اوهين ٻيئي سچ پچ خوش ۽ آسودا آهيو؟“ چارڻ جواب ڏنو ”الله جي مهرباني آهي. اسين ٻيئي ڏاڍا خوش آهيون. اسان جهڙي خوشين ڀري زندگي ته بادشاهن کي به نصيب نه هوندي.“ اهو ٻڌي شهزادي چارڻ کي چيو: ”ادا چارڻ! تون اسان تي هڪڙي مهرباني ڪر. تون پنهنجي بنيان يا ٻئي اهڙي ڪپڙي جو هڪڙو ٽڪرو اسان کي ڏي. اسين توکي انهيءَ جي بدران گهڻو انعام ڏينداسون.“ +چارڻ جواب ڏنو ته ”هڪڙو ٽڪرو ته ڇا پر آءٌ سڄي بنيان اوهان کي ڏيئي ڇڏيان. پر اسان زال مڙس وٽ ٻيو ڪوبه ڪپڙو پائڻ لاءِ ڪونهي.“ +اهو ٻڌي شهزادو ۽ شهزادي اتان هليا ويا. هاڻي ته هنن کي پڪ ٿي ويئي ته جنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هنن هيترا سارا ملڪ گهميا، اها هنن کي ڪٿي به ملي نه سگهندي. تنهنڪري هنن صلاح ڪئي ته هاڻي گهر ڏانهن موٽي هلجي. گهر ڏانهن ايندي جڏهن ٻيئي ان سياڻي ماڻهوءَ جي لانڍيءَ وٽان لنگهيا ته ساڻس وڃي مليا ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائونس ۽ ڪاوڙجي چيائونس ”تو اسان کي اهڙي شيءِ ٻڌائي جيڪا سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ملي نه سگهندي.“ +اهو ٻڌي سياڻو شخص کلڻ لڳو ۽ چيائين ”اوهين سمجهو ٿا ته اوهان جيڪو هيڏو سفر ڪيو آهي، اهو اجايو ويو ڇا، اوهان کي انهيءَ سفر مان ڪوبه سبق نه مليو؟“ +شهزادي چيو: ”هائو، مون کي ان ڳالهه جي خبر پئجي ويئي ته سچي خوشي ۽ آرام هن دنيا ۾ ڪٿي به ڪونهي.“ +شهزادي چوڻ لڳي ”مون وري هيءُ سبق سکيوآهي ته سچي خوشي ۽ آرام رڳو اهڙيءَ طرح ملي سگهندو ته ماڻهو هر حالت ۾ خوش رهي.“ +سياڻي شخص هنن کي دعائون ڪندي چيو ته ”سچي خوشيءَ ۽ آرام جو تعويذ ته اوهان جي دل ۾ آهي. انهيءَ جي حفاظت ڪريو. ڪوبه ڏک ۽ ڳڻتي اوهان جي ويجهو نه ايندي ۽ اوهين سدائين خوش رهندؤ.“ + + +ناسپاتيءَ جو وڻ +چين جي آکاڻي +هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙي ڳوٺ جي بازار ۾ هڪڙوڳوٺاڻو گاڏي تي ناسپاتيون کڻي آيو. اهي ناسپاتيون ڏاڍيون سٺيون ۽ مٺيون هيون. تنهنڪري ماڻهو اچي گاڏي جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا. ايتري ۾ ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪڙو پادري به اتي آيو. هن هاريءَ کان هڪڙي ناسپاتي گهري، پر هاري ڏاڍو ڪنجوس ۽ بيحيا هو. انهيءَ ڪري هن ناسپاتي ڏيڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو. غريب پادري اتي ئي بيٺو رهيو ۽ ناسپاتين کي ڏسندو رهيو. هاريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پادريءَ کي چوڻ لڳو ته: ”تون هتان وڃين ڇو نٿو؟“ پادريءَ چيو: ”ميان، تو وٽ هيتريون ساريون ناسپاتيون آهن، جيڪڏهن تون انهن مان هڪ ناسپاتي مون کي ڏيندين ته تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟“ ماڻهن جي ميڙ مان هڪ شخص چوڻ لڳو ته: ”جيڪڏهن تون هن پادريءَ کي سٺي ناسپاتي نٿو ڏيئي سگهين ته ڪا خراب ناسپاتي کڻي ڏينس.“ هاريءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو ”مون هيڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ناسپاتين جو باغ هنيو ۽ جڏهن ناسپاتيون ٿيون، تڏهن بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ آيو آهيان ۽ نه خيرات ڪرڻ لاءِ.“ +هاريءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، هڪڙو شخص اڳتي آيو ۽ هاريءَ کي ناسپاتيءَ جي قيمت ڏيندي چيائين ته ”هيءُ پئسا وٺ، پادريءَ کي هڪڙي ناسپاتي ڏي.“ هاريءَ انهيءَ شخص کان پئسا ورتا ۽ هڪ ناسپاتي کڻي پادريءَ کي ڏني. پادريءَ چيو ته “ ”آءٌ حيران آهيان ته خدا هن هاريءَ تي هيتري مهرباني ڪئي آهي، پر هيءَ هڪ ناسپاتي به ڪنهن کي خيرات ڏئي نٿو سگهي. جڏهن آءٌ پادري ٿيو هوس، تڏهن مون پنهنجو گهر ٻار ۽ پئسا سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو. مون وٽ هن وقت ناسپاتين جو هڪ ڀريل وڻ آهي. جيڪڏهن اوهين ٿوري دير ترسو ته آءٌ اوهان کي ناسپاتيون کارايان.“ هڪڙي شخص چيو: ”جيڪڏهن تو وٽ ناسپاتين جو وڻ آهي ته پوءِ تو هن کان ناسپاتي ڇو گهري؟“ پادريءَ جواب ڏنو ”ميان، ناسپاتين جو وڻ ته آءٌ هينئر پوکيندس.“ ائين چئي، هن ٿوري کڏ کوٽي هڪ ناسپاتي ۽ ان جو ٻج زمين ۾ وڌائين، وري پاڻي گهرائي انهي تي هاريائين، ماڻهو پادري کي ڏسي کليا ئي ۽ هن کي بيوقوف پئي سمجهائون. ٿوريءَ دير ۾ زمين مان هڪ ٻوٽو اُڀرڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، هڪ اوچو وڻ ٿي ويو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ناسپاتيون هيون. وڻ کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. پادري وڻ مان ناسپاتيون پٽيندو، هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪ هڪ ناسپاتي ڏيندو ويو. هاريءَ به اهو تماشو ڏاڍو غور سان پئي ڏٺو ۽ حيران هو. جڏهن سڀئي ناسپاتيون ورهائجي ويون ۽ وڻ خالي ٿي ويو، تڏهن پادريءَ ڪهاڙي کڻي وڻ کي پاڙؤن وڍيو ۽ اهو ڪلهي تي رکي هڪ طرف هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ هاريءَ پنهنجي گاڏي ڏانهن نهار ڪئي ته اهو سڄو خالي هو. هن کي هڪدم شڪ پيو ته پادري جيڪي ناسپاتيون ماڻهن ۾ورهايون هيون، اهي سڀئي منهنجون هيون. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪدم پادريءَ کي جهلڻ لاءِ هن جي پٺيان ڊوڙڻ لڳو. پر هن جو ڊوڙڻ اجايو ٿيو، ڇاڪاڻ ته پادري ڪنهن پاسي گم ٿي ويو هو. البت ماڻهن کي جڏهن انهيءَ ماجرا جي خبر پئي ته پادريءَ ڪنجوس هاريءَ سان هڪ مزيدار ڀوڳ ڪيو آهي، ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هاري پنهنجو منهن وٺي بازار مان موٽي هليو ويو. +نانگ ۽ خواب +سوويت روس جي آکاڻي +هڪڙي ملڪ ۾ ڪو بادشاهه هوندو هو. هڪڙيءَ رات بادشاهه هڪڙو عجب جهڙو خواب ڏٺو. هن خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙي لومڙي ڇِت ۾ ٽنگي پيئي آهي. لومڙيءَ جو مٿو هيٺ آهي ۽ پُڇ ڇت ۾ چهٽل اٿس. بادشاهه ننڊ ڪري اُٿيو ته خواب ياد آيس. هن انهيءَ خواب کي هڪ اجايو خواب سمجهي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيڪار. رکي رکي ٿي هن کي خواب ياد آيو. نيٺ بادشاهه پنهنجن وزيرن کي گهرائي، هنن کي خواب ٻڌايو ۽ پڇيو ته محل جي ڇت مان اهڙيءَ طرح لومڙيءَ جي لڙڪڻ جو مطلب ڇا آهي؟ +بادشاهه جا وزير ۽ امير خواب ٻڌي سوچڻ لڳا، پر هنن جي سمجهه ۾ خواب جو مطلب اصل ڪونه آيو. جڏهن بادشاهه جي ڳڻتي وڌندي ويئي، تڏهن هن حڪم ڏنو ته شهر ۾ ه��ڙو وڏو جلسو ڪيو وڃي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا ماڻهو اچي شامل ٿين. بادشاهه کي پڪ هئي ته سندس حڪومت ۾ ڪو نه ڪو اهڙو داناءَ ضرور هوندو، جيڪو انهيءَ خواب جو مطلب ٻڌائي سگهندو. +بادشاهه جو حڪم ٻڌي، سڄي ملڪ جا ماڻهو شهر ۾ اچڻ لڳا، انهن ۾ هڪڙو غريب هاري به هو، جنهن جو نالو ”ايوان“ هو. ايوان جڏهن پنهنجي ڳوٺ مان شهر پئي آيو ته هن کي هڪ پهاڙ جي ڀرسان لنگهڻو پيو. اتي رستو سوڙهو هو. ايوان ڏٺو ته انهيءَ رستي جي وچ ۾ هڪڙو نانگ ستو پيو آهي. ايوان نانگ کي ڏسي ڇرڪيو ۽ بيهي رهيو. ايوان کي بيهندو ڏسي نانگ هن کي سلام ڪيو ۽ پڇيائين ته ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ +ايوان نانگ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، پوءِ چيو: ”پر اوڏانهن وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آءٌ ته بادشاهه جي خواب جو مطلب نه ٻڌائي سگهندس.“ +نانگ چيو ته: ”جيڪو خواب جو مطلب ٻڌائيندو، انهيءَ کي انعام ضرور ملندو. تون مون سان انجام ڪر ته توکي جيڪو انعام ملي، ان مان مون کي به ڪجهه حصو ڏيندين ته پوءِ آءٌ توکي مطلب ٻڌايان؟“ +نانگ جي ڳالهه ٻڌي ايوان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ها ها، ڇو نه. مون کي جيڪو به انعام ملندو، انهيءَ مان اڌ تنهنجو آهي. انهيءَ .کان سواءِ آءٌ هميشه لاءِ تنهنجا ٿورا به پيو مڃيندس.“ +نانگ چيو: ”چڱو، هاڻي تون خواب جو مطلب ٻُڌ، محل جي ڇت ۾ لومڙيءَ جي لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ملڪ ۾ جتي ڪٿي ڌوڪيبازي، چالاڪي ۽ مڪاري پکڙيل آهي. +هاريءَ نانگ جا ٿورا مڃيا ۽ شهر ڏانهن روانو ٿيو. جلسي ۾ جڏهن هن جو وارو آيو، تڏهن هن بادشاهه کي سندس خواب جو مطلب ٻڌايو. هاريءَ جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي انعام ۾ وڏي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون ڏنائين. ايوان مال ۽ سوکڙيون وٺي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پئي ويو ته هن سوچيو ”هن مال دولت مان نانگ کي حصو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت!“ اهو خيال ڪري ايوان هڪ ٻئي رستي تان ڳوٺ ڏانهن ويو، جيئن نانگ سان ملاقات نه ٿئي. +ٿورا ڏينهن اڃا مس گذريا ته بادشاهه هڪڙو ٻيو خواب ڏٺو. هن ڀيري بادشاهه خواب ۾ ڏٺو ته محل جي ڇت ۾ هڪڙي ترار پئي لڙڪي. بادشاهه کي وري ڳڻتي ٿي پئي ۽ هن خواب جو مطلب سمجهائڻ لاءِ ايوان کي پاڻ وٽ گهرايو. اهو ٻڌي ايوان کي اچي ڊپ ورايو. ڇاڪاڻ ته خود هن کي ته خواب جي مطلب جي ڪابه خبر نه هئي ۽ نانگ کي هو هڪ ڀيرو ڌوڪو ڏئي چڪو هو؛ پر نانگ کان مدد وٺڻ کان سواءِ ٻي راهه به ڪانه هئي. تنهنڪري ايوان وري انهيءَ هنڌ تي پهتو، جتي هن پهرين نانگ کي ڏٺو هو، پر نانگ اتي نظر نه آيس. ايوان لاچار اتي بيهي نانگ کي سڏڻ شروع ڪيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪڙي پاسي کان نانگ آيو ۽ هن کان پڇڻ لڳو: ”توکي ڪهڙيءَ ڳڻتي ورايو آهي! مون کي ڇو پيو سڏين؟“ +هاري نانگ کي ڏسي چيو: ”بادشاهه وري اهڙو ٻيو خواب ڏٺو آهي. هاڻي مون کي مطلب ٻڌائڻ لاءِ گهرايو اٿس.“ +نانگ جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن تون انعام مان مون کي به ڪجهه ڏيڻ جو انجام ڪرين ته آءٌ توکي خواب جو مطلب ٻڌايان؟“ +”آءٌ انجام ڪريان ٿو ته توکي انعام مان ضرور حصو ڏيندس. اهو منهنجو پڪو انجام آهي“. هاريءَ چيو. +نانگ چيو ته ”بادشاهه کي وڃي ٻڌاءِ ته ترار لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ملڪ ۾ جنگ لڳڻ واري آهي. بادشاهه جا دشمن ملڪ ۾، ۽ ملڪ کان ٻاهر منصوبا پيا ٺاهين. بادشاهه کي چئو ته انهن دشمنن کان ملڪ کي بچائڻ جي ڪا تدبير ڪري.“ +هاريءَ نانگ جا ٿورا مڃيا ۽ شهر ويو. محل ۾ پهچي هن بادشاهه کي سندس خواب جو مطلب ٻڌايو. خواب جو مطلب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ايوان جي عقلمنديءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو. هن ڀيري به بادشاهه هاريءَ کي ڪيتريون ئي قيمتي سوکڙيون ۽ پئسا انعام ۾ ڏنا. +هاڻي ايوان ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳو ته هن کي نانگ جو خيال آيو. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته نانگ جي ايتري همٿ جو مون کان حصو ٿو گهري! اهي ڳالهيون سوچيندو هو نانگ جي ٻِرَ وٽ آيو. نانگ ايوان کي ڏسندي ئي هن کان پنهنجي حصي جي گهر ڪئي. +هاريءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو: ”توکي ڪجهه به ڪونه ملندو. البت توکي سزا ضرور ملندي.“ ائين ئي هن کيسي مان هڪ وڏي ڇري ڪڍي، نانگ تي حملو ڪيو. نانگ سَٽ ڏئي پنهنجي ٻرَ ۾ گهڙي ويو، پر ايوان جي ڇُري زور سان وڃي نانگ جي پڇڙيءَ تي پيئي ۽ اها وڍجي وئي. ايوان خوش ٿيو ته هاڻي نانگ ڪڏهن به پنهنجي حصي جي گهر نه ڪندو. هو پوءِ پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. +انهيءَ کان پوءِ ملڪ ۾ هڪڙي وڏي جنگ لڳي پر بادشاهه اڳواٽ تياري ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري لڙائيءَ ۾ هن کٽيو. +ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن بادشاهه وري هڪڙو خواب ڏٺو ته هڪڙي رڍ محل جي ڇت ۾ پئي لڙڪي. وري بادشاهه خواب جي مطلب سمجهڻ لاءِ ايوان ڏانهن ماڻهو اُماڻيو. هاڻي ته ايوان کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. هو سوچڻ لڳو ته ”هاڻي آءٌ نانگ وٽ ڪهڙو مُنهن کڻي وڃان. مون هن سان ٻه ڀيرا ٺڳي ڪئي آهي ۽ هن جو پڇ به وڍيو اٿم. هينئر هو مون کي خواب جو مطلب ڪيئن ٻڌائيندو؟“ +ايوان پنهنجي سر گهڻو ئي مٿو هنيو پر هن کي خواب جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو. نيٺ هو نانگ وٽ ويو ۽ هن کي سڏ ڪيائين. ايوان جا سڏ ٻڌي نانگ پنهنجي ٻِرَ مان ٻاهر آيو. ايوان نانگ کي بادشاهه جو خواب ٻڌايو. نانگ وري چيس ته ”جيڪڏهن تون انعام مان مون کي حصو ڏين ته آءٌ توکي خواب جو مطلب ٻڌايان؟“ هاريءَ انجام ڪيو. نانگ هن کي ٻڌايو ”محل جي ڇت ۾ رڍ جي لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ امن امان آهي ۽ رعيت خوش آهي.“ +ايوان بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ خواب جو مطلب ٻڌايو: بادشاهه خواب جو مطلب ٻڌي، ايوان تي اڳي کان به گهڻو خوش ٿيو ۽ هن کي وڏي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون انعام ڏنائين. ايوان پئسا ۽ سوکڙيون کڻي سڌو نانگ وٽ آيو ۽ انعام جو اڌ حصو نانگ کي ڏنائين ۽ چيائين تهِ ”تو مون سان سدائين نيڪي ڪئي، پر مون توسان خراب سلوڪ ڪيو. هن انعام جو اڌ حصو تون رک. باقي اڳين انعامن جا اڌ حصا به توکي ڏياري موڪليان ٿو. هاڻي مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر.“ +اهو ٻڌي نانگ ايوان کي چيو: ”تون انهيءَ ڳالهه تي ڏک نه ڪر. پهرين جيڪي به ٿيو، ان ۾ تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو. توکي ياد هوندو ته بادشاهه جي پهرين خواب ڏسڻ وقت سڄي ملڪ ۾ ٺڳي ۽ مڪاري پکڙيل هئي؛ تنهنڪري تو به مون سان ٺڳي ڪئي ۽ انعام وٺي، تون هڪ ٻئي رستي کان پنهنجي ڳوٺ هليو وئين، جيئن مون کي حصو نه ڏئي سگهين. بادشاهه جڏهن ٻيو خواب ڏٺو هو تڏهن ملڪ ۾ ظلم، ڏاڍائيءَ جو زمانو هو، ٻين وانگر تو به ظلم ۽ ڏاڍائي ڪئي ۽ پنهنجي ڇريءَ سان منهنجي پڇڙي وڍي ڇڏي. پر هاڻي امن امان جو زمانو آهي. سڀئي انصاف وارا ۽ سخي ٿي پيا آهن؛ تنهنڪري هينئر تون به پنهنجو انجام پورو ڪرين پيو. خدا توکي خوش رکي. هيءَ سڄي دولت ۽ مال تنهنجو آهي. مون کي هن جي ڪهڙي گهرج. تون هيءُ مال ۽ دولت کڻي گهر وڃ ۽ وڃي آرام سان زندگي گذار.“ +ائين چئي نانگ پنهنجي ٻِرَ ۾ هليو ويو. + + +سپاهي ۽ جن +سوويت (بائيلو) روس جي آکاڻي +هڪڙي سپاهيءَ کي پنجويهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه چيو ته: ”سپاهي! تنهنجي نوڪري پوري ٿي. هاڻ تون پنهنجو مالڪ پاڻ آهين. توکي جيڏانهن وڻي تيڏانهن هليو وڃ!“ +اهو ٻڌي سپاهي ويچارو اتان هليو ويو. هلندي هلندي، هو سوچڻ لڳو ته ’مون بادشاهه جي سرڪار ۾ پنجو��هه سال نوڪري ڪئي، پر ان جي بدلي مون کي پنجويهه گوگڙو به نه مليا. گهر پهچڻ تائين کائڻ لاءِ رڳو ٽي مانيون مليون آهن. هاڻ ڪريان ته ڇا ڪريان!‘ ڀلا پوڙهو سپاهي وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ’خير، هاڻي آءٌ پنهنجي گهر ڏي هلان ۽ پنهنجي ڪراڙي ماءُ پيءُ جي خدمت وڃي ڪريان، پر جيڪڏهن اهي به مري ويا آهن ته انهن جي قبرن تي ٻه ٽي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو جيءُ هلڪو ڪندس.‘ اهو سوچي سپاهي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي، هو ٻه مانيون کائي ويو. باقي هڪڙي ماني بچي، پر اڃان رستو به وڏو هو. +رستي ۾ هن کي هڪڙو فقير مليو، جيڪو منڊو ۽ ٽنڊو هو. سپاهيءَ وٽ اڃا هڪڙي ماني رهيل هئي، جيڪا هن انهيءَ فقير کي ڏئي ڇڏي ۽ سوچڻ لڳو ته ”آءٌ ڪنهن نه ڪنهن اٽڪل سان ڪم ڪڍي ويندس، پر هيءُ پوڙهو، منڊو ۽ ٽنڊو فقير ڇا ڪندو؟“ اهو سوچي هن پنهنجي پائيپ ۾ تماڪو ڀري ۽ دکائي سوٽا هڻندو اڳتي وڃڻ لڳو. هلندي هلندي، هو هڪڙيءَ ڍنڍ جي ويجهو اچي پهتو. ڍنڍ جي ڪناري بدڪون پئي تريون. سپاهي پير پير ۾ ڏئي ڪناري تي وڃي پهتو ۽ ماٺ ماٺ ڪري ٽي بدڪون جهلي ورتائين. ”کاڌي جو ته هاڻي بندوسبت ٿي ويو.“ هن پنهنجي دل ۾ چيو. +وري هو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳو. رستي ۾ هڪڙو شهر آيو ۽ سپاهي پڇا ڪندو، هڪ سراءِ ۾ ويو. اتي سراءِ جي مالڪ اڳيان ٽيئي بدڪون رکندي سپاهيءَ چيوِ ”ادا، هي ٽي بدڪون آهن. هڪڙي منهنجي لاءِ ڀڃي تيار ڪر، هڪڙي تون پنهنجي محنت ۾ کڻ ۽ باقي هڪڙي ٻئي، کاڌي پيتي لاءِ ڏيان ٿو“. اهو چئي سپاهي هٿ منهن ڌوتو، ڪپڙن تان ڌوڙ ڇنڊي ۽ ڪمري ۾ پنهنجو بسترو وڇائي ويٺو ته کاڌو به تيار ٿي ويو. +ڀُڳل بدڪ کائي سپاهيءَ پيٽ ڀريو. ان کان پوءِ هن سراءِ جي مالڪ کان پڇيو ته ”هن رستي جي پرينء ڀر جيڪا حويلي آهي، اها ڪنهن جي آهي؟“ سراءِ جي مالڪ ٻڌايس ته ”اها حويلي شهر جي هڪ وڏي واپاريءَ پنهنجي لاءِ ٺهرائي هئي، پر ويچارو انهيءَ ۾ وڃي رهڻ کان بنهه لاچار آهي.“ +سپاهيءَ کي عجب لڳو ۽ پڇيائين ته ”نيٺ ڇو نٿو وڃي سگهي؟“ +”انهيءَ جاءِ ۾ جنن ۽ ڀوتن جو ميڙو لڳندو آهي. رات ٿيندي ئي سڄي حويليءَ ۾ گوڙ گهمسان ٿيندو آهي. جن ڏاڍيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا آهن ۽ راڳ ڳائيندا آهن. رات ته ٺهيو پر ڏينهن جو به ماڻهو ويچارا انهيءَ حويليءَ جي ڀرسان لنگهندي ڊڄندا آهن.“ سراءِ جي مالڪ ٻڌايو. +اها ڳالهه ٻڌي سپاهيءَ سراءِ جي مالڪ کان انهيءَ واپاريءَ جي پڇا ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ هن سان ملي خبرچار وٺڻ گهران ٿو. متان آءٌ هن جي ڪا مدد ڪري سگهان! +پوءِ سپاهي ٿوري دير پنڪي ڪئي ۽ اونده ٿيندي ئي واپاريءَ جي گهر پهتو. واپاري هن کي ڏسي پڇيو ته ”ميان، خير سان آيو آهين؟ “ +سپاهي چيو: ”آءٌ مسافر آهيان، اجازت ڏيو ته اڄ رات اوهان جي نئين گهر ۾ وڃي رهان. مون ٻڌو آهي ته سڄو گهر خالي پيو آهي؟ “ +”تون چريو ته ڪونه آهين؟ “ واپاريءَ هن کي چيو: ”پنهنجي حياتيءَ مان ڇو اچي ڪڪ ٿيو آهين. ميان، ڪٿي ٻيو هنڌ ڳول، شهر ۾ ڪيترائي گهر آهن. منهنجي حويليءَ ۾ ته جنن جا آستانا آهن. هنن کي اتان ڪڍڻ ڪو سَولو ڪم ڪونهي! +”ڏسو، متان آءٌ انهن جنن کي ڀڄائي ڪڍان. ڪهڙي خبر ته اهي جن هڪڙي سپاهي جو چيو کڻي مڃين.“ +”ميان، ٻيا به گهڻائي ڏاڍا مڙس پاڻ آزمائي ويا آهن، پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. پَر سال به هڪڙو مسافر آيو هو ۽ هن به جنن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. رات جو گهر ۾ رهيو به هو، پر صبح جو هن جي هڏن کان سواءِ اسان کي ڪجهه به نه مليو. جنن هن کي ماري ڇڏيو هو.“ +سپاهيءَ اهو ٻڌي چيو: ”پر هڪڙي سپاهيءَ کي مارڻ ڏکيو آهي. مون پنجويهه سال نوڪري ڪئي آهي. ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيو آهيان. انهيءَ هوندي به تنهنجي اڳيان جيئرو ويٺو آهيان. آءٌ انهن جنن کي پاڻيهي مُنهن ڏيندس؛ تون رڳو اجازت ڏي.“ ”چڱو ميان! تون پنهنجو برو ڀلو پاڻ ٿو ڄاڻين.“ واپاريءَ چيو: ”جيڪڏهن تون ڊڄين نٿو ته ڀلي وڃي رهه. پوءِ جي تو جنن کي ڀڄائي ڪڍيو ته آءٌ توکي منهن گهريو انعام ڏيندس.“ +سپاهيءَ چيو، ”پوءِ مون کي ٿوريون ميڻ بتيون، ٿورا اکروٽ ۽ هڪڙو وڏي ۾ وڏو اوٻاريل گوگڙو ڏيو.“ +واپاريءَ سپاهيءَ کي سڀئي گهربل شيون گهرائي ڏنيون، جيڪي هو هڪڙيءَ هڙ ۾ ٻڌي، نئين حويليءَ ڏانهن روانو ٿيو. +سپاهي حويليءَ ۾ پهچي هڪ ڪمري ۾ مزي سان لت کوڙي ليٽي پيو. رات جا ٻارنهن ٿيا ته چئني طرفن چوٻول ٿيو. دروازا ۽ دريون کڙ کڙ ڪرڻ لڳا ۽ ايڏيون رڙيون ۽ ڪوڪون ٿيون جو سپاهيءَ جا ڪن ڦاٽڻ لڳا .پر هن ڏاڍي مزي سان اکروٽ ڀڃي کاڌا ۽ پائپ مان دم مٿان دم پئي هنيا. +ايتري ۾ اوچتو وڏي ٺڪاءُ سان ڪمري جو دروازو کليو ۽ هڪڙي جن جهاتي پائي زور سان ڪيڪ ڪئي: ”اڙي! هتي ته هڪڙو آدم ذات ويٺو آهي. وارو ڪريو، ڊوڙي اچو شڪار سٺو آهي.“ +اهو ٻڌي سڀيئي جن ڌم ڌم ڪندا ڪمري ۾ گهڙي آيا ۽ سپاهيءَ جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا. هو هر هر سپاهيءَ کي چٻرا ڏيڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي اشارا ڏئي وڏي واڪي رڙيون ڪرڻ لڳا ته ”اسين هن کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي وينداسون.“ +”اڙي، هاڻي گوڙ نه ڪريو. مون اوهان کان به وڏا وڏا جن ڏٺا آهن.“ سپاهيءَ دڙڪو ڏيندي چين. ”هنن به مون کي ائين ئي چيو هو پر مون هنن کي اهڙي سزا ڏني جو ياد ڪندا.“ +انهيءَ تي جنن جو سردار سڀني کي ٿيلها ڏيندو، هن ڏانهن وڌندو آيو ۽ چيائين: ”چڱو، جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ لهي آءُ ميدان ۾!“ +”ها ها، ڇو نه!“ سپاهيءَ چيو، ”پر پهرين ٻڌاءِ ته اوهان ۾ ڪو اهڙو دلير مڙس آهي، جيڪو پٿر کي نپوڙي ان مان پاڻي ڪڍي ڏيکاري؟“ +جنن جي سردار حڪم ڏنو ته ”هڪڙو پٿر حاضر ڪيو وڃي.“ هڪڙو جن ڊوڙي هڪڙو پڙ کڻي آيو. جنن جي سردار پٿر وٺي ٻنهي هٿن ۾ زور سان نپوڙيو ته پٿر ڀري پيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”ڏٺئي؟“ +”نه نه، پٿر مان پاڻي ڪٿي نڪتو؟“ سپاهيءَ چيو. ائين چئي هن پنهنجو گوگڙو ڪڍي جنن کي ڏيکاريندي چيو ته ”هيءُ پٿر تو واري پٿر کان وڏو آهي. هاڻي ڏس تماشو.“ اهو چئي، هن گوگڙوکي نپوڙيو ته ان مان پاڻي ڳڙڻ لڳو. +اهو ڏسي جنن جا وات ڦاٽي پيا. وري جو سپاهيءَ کي اکروٽ کائيندي ڏٺائون ته ويتر عجب لڳن ۽ چوڻ لڳا ”تون ڇا پيو کائين؟“ +”اکروٽ پيو کاوان.“ سپاهيءَ جواب ڏنو. ”پر ڪوبه منهنجن اکروٽن کي ڀڃي نٿو سگهي.“ ائين چئي، سپاهي جنن جي سردار جي هٿ ۾ بندوق جي گولي ڏني. ”هيءُ وٺ، ٿورو سپاهيءَ جي اکروٽ تي به زور آزماءِ!“ +جن گولي وٺي پنهنجي وات ۾ وڌي ۽ ڏندن سان چٻاڙڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر رُڪ ڪٿي ٿو چٻاڙجي. هوڏانهن سپاهي مزي سان اکروٽن مٿان اکروٽ کائيندو ويو. +جنن جي حالت ڏاڍي خراب ٿي، هنن ڪڏهن سپاهيءَ کي ٿي ڏٺو ته ڪڏهن پاڻ ۾ اشارا ٿي ڪيائون. +سپاهيءَ وري ٻي اٽڪل ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته ”مون ٻڌو آهي ته اوهان کي ڪيتريون ئي اٽڪلون اچن ٿيون. اوهين ڪڏهن وڏن مان ڦري ننڍڙا ٿيو پئو ته ڪڏهن وري ننڍن مان وڏا ۽ ٻيو ته اوهان وٽ ايترو ته عقل آهي جو اک ڇنڀ ۾ هڪڙي ننڍڙي خاني ۾ گهڙي ويندا آهيو؟“ +”ها ها، ڇو نه. اهو ته اسان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي.“ سڀئي جن رڙيون ڪرڻ لڳا. +”چڱو، اوهان جو امتحان وٺان ٿو. اوهين سڀئي منهنجي هن ڳوٿري ۾ گهڙي وڃو.“ سپاهيءَ چين. +اهو ٻڌڻ سان، جن هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا اک ڇنڀ ۾ سپاهيءَ جي ڳوٿري �� گهڙي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، سڄو گهر خالي ٿي ويو. سپاهيءَ سٽ ڏئي ڳوٿري جو منهن کڻي بند ڪيو ۽ ڏوري ڇڪي ٻڌي ڇڏي. +”واهه، واهه!“ سپاهيءَ چيو، ”هاڻي آءٌ به مزي سان لَتَ کوڙي سمهي رهان ٿو.“ اهو چئي سپاهي پنهنجو ڊگهو اوني ڪوٽ وڇايو ۽ ٿوريءَ دير ۾ هن جي اک لڳي ويئي. +ٻئي ڏينهن صبح جو واپاريءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو: ”وڃو ۽ ڏسو ته سپاهي جيئرو آهي يا مري ويو؟“ +ماڻهو حويليءَ ۾ اچي ڏسن ته سپاهي ڏاڍي مزي سان پائيپ دکايو ويٺو سُوٽا هڻي. ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون: ”اسان کي پڪ هئي ته جنن توکي چيڀاٽي پورو ڪيو هوندو؟“ +سپاهي کلي ڏنو ۽ چيو ”هاڻي دير نه ڪريو. جهٽ هن ڳوٿريءَ کي کڻي لوهار جي دڪان تائين هلو. باقي ڳالهيون پوءِ ڪنداسون.“ +ماڻهن جهٽ ڳوٿري کي کڻي لوهار جي دڪان تائين رسايو. سپاهيءَ لوهار کي چيو: ”ميان، ٻه ٽي همراهه گڏجي مترڪا کڻو ۽ ڳوٿريءَ کي سنداڻ تي رکي چڱيءَ طرح ڪُٽيو.“ پوءِ ته سڀئي مترڪا کڻي ڳوٿري کي ڪُٽڻ لڳا. جنن جي رڙ جي مٿان رڙ پئي پيئي. پر سپاهي چوندو رهيو: ”شاباس ڀائرو! نه ڇڏيون، ڪُٽي ڍير ڪريون، ماڻهن کي بيگناهه ستائڻ جي اها سزا آهي.“ +جنن ڏاڍيون دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ نيٺ ليلائي چوڻ لڳا ته ”اسان جي جان ڇڏيو. اسين نه رڳو هن گهر مان هليا وينداسون پر هي شهر ئي ڇڏي وينداسون. رڳو اسان جي جان بخش ڪريو. اسين توکي دل گهريو انعام ڏينداسون.“ +”هَيٺ اَٿوَ!“ سپاهيءَ چيو ۽ لوهار کي چوڻ لڳو ”هاڻي بس.“ پوءِ هن ڳوٿريءَ جو منهن کوليو ۽ سڀني جنن کي ٻاهر ڪڍيو، پر سردار کي نڪرڻ نه ڏنائين ۽ چيائين ته ”جيستائين انعام نه کڻي ايندؤ تيستائين هيءُ ڳوٿري ۾ بند رهندو.“ +سڀئي جن ڀڄي ويا ۽ سپاهي پائپ دکائي ڇڪڻ لڳو. ايتري ۾ هڪڙو ننڍڙو جن هڪ ننڍڙي ڳوٿري کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو: ”وٺ هيءُ تنهنجو انعام آهي.“ +سپاهي ڳوٿري وٺي اندر ڏٺو ته خالي آهي. ”مون سان ٺڳي ٿو ڪرين؟“ سپاهيءَ ڪاوڙ وچان جن کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”بيهه ته تنهنجي سردار کي هڪڙي ئي ڌڪ سان پورو ٿو ڪريان.“ +اهو ٻڌي سردار ڳوٿريءَ مان رڙ ڪئي: ”سپاهي، متان تڪڙ ڪئي اٿئي. پهرين منهنجي ڳالهه سمجهه، اها ڳوٿري وڏي ڪم واري آهي. تون جنهن به شيءِ جي گهر ڪندي، اها سڌي انهيءَ ڳوٿريءَ ۾ اچي پوندي. تون رڳو ايترو ڪجانءِ ته جنهن شيءِ جي توکي ضرورت پوي، ان جو نالو وٺي چئجان ته ’اچ ڳوٿريءَ ۾‘ ته اها شيءِ اچي ڳوٿريءَ ۾ پوندي.“ +”چڱو، هينئر ئي ٿو آزمايان.“ سپاهيءَ جواب ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته ”ڳوٿريءَ ۾ سٺا سٺا کاڌا اچن!“ هڪدم هن کي لڳو ته ڳوٿريءَ ۾ ڪجهه پيو آهي. مُنهن جو کولي ته سچ پچ سٺا سٺا کاڄ پيا هئا. هن سڀئي کاڌا ڪڍي ماڻهن ۾ ورهايا ۽ ڳوٿري کڻي دڪان کان ٻاهر نڪتو. ٻاهر ڀت تي هڪڙي جهرڪي ويٺي هئي. سپاهيءَ ڳوٿري جو منهن کولي چيو: ”هلي آءُ ڳوٿري ۾!“ ته جهرڪي اُڏامندي سڌي ڳوٿريءَ ۾ هلي آئي. +سپاهي موٽي دڪان ۾ آيو ۽ جنن جي سردار کي چوڻ لڳو: ”ٻيلي، تو سچ چيو ۽ تو مون سان ايمانداري ڪئي آهي. آءٌ توکي ڇڏيان ٿو. اها ڳوٿري مون پوڙهي سپاهيءَ کي ضرور ڪم ايندي.“ ائين چئي هن ڳوٿري جو مُنهن کوليو. پر جنن جي سردار کي وڃڻ کان پهرين وري به چيائين ته ”البت ڪن کولي ٻڌ. جيڪڏهن تو وري هيڏانهن جو رخ ڪيو ته اهڙي سزا ملندءِ جو عمر ڀر ياد ڪندين. هاڻي ڀڄ!“ اهو چئي، سپاهي لوهار کان موڪلائي واپاري ڏانهن ويو. +واپاري سپاهيءَ کي جيئرو ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. هن کي پنهنجين اکين تي اعتبار نه پئي آيو. نيٺ سپاهيءَ هن کي سربستي ڳالهه ٻڌائي ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي جيڪو ڪم ڪرڻو ه�� سو مون ڪيو. هاڻي مون کي اجازت ڏي.“ واپاري سپاهيءَ کي موڪل نه ڏني ۽ هن کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن هڪڙي رات پنهنجن ماڻهن کي حويليءَ ۾ رهايو ۽ ٻي رات پاڻ به اتي آرام سان سمهي آيو. جڏهن هن کي پوري خاطري ٿي ته سپاهيءَ سچ پچ جنن کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، تڏهن هن سپاهيءَ کي ڪيترو ئي انعام ڏيڻ گهريو. پر سپاهيءَ چيس ”مون کي تنهنجي انعام جي ڪا ضرورت نه آهي. جن مون کي اهڙي شيءِ ڏئي ويا آهن، جو هاڻي منهنجي حياتي سکي گذرندي.“ +نيٺ سپاهي واپاريءَ کان موڪلائي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي پوڙهي ماءُ جي خدمت ڪرڻ لڳو. هن کي جڏهن به ڪنهن شيءِ جي گهرج پوندي هئي، تڏهن جنن واري ڳوٿري ڪڍي، چوندو هو ته ”فلاڻي شيءِ کپيم“ ته هڪدم اها شيءِ انهيءَ ڳوٿري ۾ اچي پوندي هئي. +اهڙيءَ ريت سپاهي پنهنجي اٽڪل ۽ عقلمنديءَ جي ڪري پنهنجي حياتي سکي گذارڻ لڳو. +ماني ۽ لوڻ +سويڊن جي آکاڻي +هڪڙي بادشاهه کي ٽي ڌيئرون هيون. انهن مان ننڍيءَ کي بادشاهه گهڻو ڀائيندو هو. انهي ڇوڪريءَ جون ٻيئي وڏيون ڀينرون، انهيءَ ڪري هن کان سڙنديون هيون. هنن جي سدائين اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪهڙيءَ طرح بادشاهه هن کان رُسي، جڏهن به وجهه ملندو هئن، تڏهن بادشاهه کي چونديون هيون: ”اسان جي ننڍي ڀيڻ کي ته اوهان جو ڪوبه خيال ڪونهي!“ ڌيئرن جون هي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي بادشاهه به ڪَڪ ٿي پيو. هڪڙي ڏينهن هن وٽ ٽيئي ڌيئرون ويٺيون هيون. بادشاهه کي خيال آيو ته ڇو نه انهن جو امتحان وٺجي، تنهنڪري هن وڏي ڌيءَ کان پڇيو: ”تون مون سان ڪيتري محبت ڪرين ٿي؟“ +وڏي ڌيءَ جواب ڏنو: ”آءٌ اوهان کي خدا جي برابر سمجهان ٿي.“ +اهو جواب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وچين ڌيءَ ڏانهن ڏسندي پچيائين ته: ”۽ تنهنجي مون سان ڪيتري محبت آهي؟“ +وچين ڌيءَ جواب ۾ چيو: ”بابا! آءٌ اوهان کي پنهنجي ساهه برابر ٿي سمجهان.“ +هن ڌيءَ جي جواب بادشاهه کي ويتر خوش ڪيو ۽ هن ننڍي ڌيءَ کان پڇيو: ”ڀلا، تون ٻڌاءِ ته تون مون کي ڪيترو ٿي ڀانين؟“ +ي ڌيءَ چيو ته: ”بابا! آءٌ اوهان کي ماني ۽ لوڻ برابر سمجهان ٿي.“ +بادشاهه کي اهو جواب اصل نه وڻيو. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ عجب ٿيو ته منهنجي ڌيءَ مون کي ماني ۽ لوڻ جهڙين معمولي شين جهڙو ڪري ٿي سمجهي؛ تنهنڪري بادشاهه هڪدم نوڪرن کي سڏائي حڪم ڪيو ته: ”هن ڇوڪريءَ کي هينئر جو هينئر هن محل مان ڪڍي ڇڏيو.“ +بادشاهه جو حڪم ٻُڌي نوڪر شهزاديءَ کي وٺي وڃي پري هڪڙي جهنگ ۾ ڇڏي آيا. هاڻي باقي ٻه ڀينرون ڏاڍيون خوش هيون. هوڏانهن ڊپ ۽ هراس وچان ننڍيءَ ڀيڻ جي حالت خراب ٿيندي وئي. هوءَ ڪڏهن پنهنجي گهر ۽ پيءُ کي ياد ڪريو ٿي رني ته ڪڏهن وري جهنگلي جانورن جي خوف کان هن جو ساهه سڪي ٿي ويو. هن جي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته نيٺ بادشاهه کي ڪهڙيءَ ڳالهه تان ڪاوڙ لڳي ۽ مون کي محل مان ڇو ڪڍيو اٿس؟ ڪيتريءَ دير تائين هوءَ جهنگ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي رهي، نيٺ ٻي ڪا راهه نه ڏسي جهنگ جي جانورن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هڪ وڻ تي چڙهي ويئي. +انهيءَ وقت هڪ ٻئي ملڪ جو بادشاهه جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ آيو هو. هن سان گڏ شڪاري ڪتا به هئا. ڪتا جڏهن انهيءَ وڻ جي هيٺان پهتا ته بيهي رهيا ۽ وڻ ڏانهن جتي شهزادي ويٺي هئي، مُنهن ڪري ڀونڪڻ لڳا. بادشاهه به اتي اچي پهتو ۽ سمجهيائين ته پڪ سان ڪو رڇ آهي، جيڪو وڻ تي لڪي ويٺو آهي. پر جڏهن مٿي ڏٺائين ته هڪڙي تمام سهڻي ڇوڪري ڏسڻ ۾ آيس. بادشاهه ڏاڍي نرميءَ سان هن کي هيٺ لهي اچڻ لاءِ چيو. +شهزادي هيٺ لٿي ته بادشاهه هن کي پنهنجي گهوڙي تي چاڙهي محل ۾ وٺي آيو. پ�� اڃا به شهزاديءَ جي دل ۾ خوف ۽ ڊپ ويٺل هو. نيٺ هن بادشاهه کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي. شهزاديءَ جي نيڪيءَ ۽ خوبصورتيءَ جو بادشاهه تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هن کي پاڻ سان شاديءَ ڪرڻ لاءِ چيائين. شهزادي به سوچيو ته بادشاهه مون کي بچايو آهي، تنهنڪري هوءَ به راضي ٿي وئي. +شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي ته بادشاهه اوسي پاسي جي سڀني بادشاهن، راڻين ۽ شهزادين کي شاديءَ ۾ اچڻ جي دعوت موڪلي، شاديءَ جي ڏينهن اهي سڀيئي آيا. انهن ۾ شهزاديءَ جو پيءُ ۽ سندس ڀينرون به هيون. پر هنن شهزاديءَ کي ڪونه سڃاتو. هنن کي ته پڪ ٿي ويئي هئي ته شهزادي جهنگ ۾ ئي مري وئي هوندي. +شاديءَ کان پوءِ شاهي دسترخوان تي طرحين طرحين جا کاڌا رکيا ويا ۽ سڀئي مهمان مانيءَ کائڻ لاءِ دسترخوان تي اچي ويٺا، پر ڪنهن به کاڌي ۾ نه لوڻ هو ۽ نه وري ساري دسترخوان تي ڪا ماني هئي. +شهزاديءَ جي پيءُ کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ چوڻ لڳو ته ”منهنجي خيال ۾ ٻه سٺيون شيون دسترخوان تي ڪونهن. شايد بورچيءَ کي وسري ويون آهن؟“ +”اهي ڪهڙيون شيون آهن؟“ شهزاديءَ پڇيو، جيڪا هينئر راڻي هئي. +بادشاهه جواب ڏنو ”ماني ۽ لوڻ.“ +شهزاديءَ چيو: ”توهان سچ چئو ٿا، ٻيئي شيون تمام ضروري آهن، پر هڪڙي ڀيري مون پنهنجي پيءُ کي چيو هو ته آءٌ اوهان کي ماني ۽ لوڻ جهڙو ڀانيان ٿي ته هن مون کي محل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ نوڪر مون کي جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ويا: تنهنڪري مون کي انهن شين کان ڊپ لڳندو آهي.“ +اهو جواب ٻڌي، بادشاهه هڪدم اٿي بيٺو ۽ پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي سڃاڻي، هن کي پنهنجي سيني سان لاتائين ۽ هن کان معافي وٺي چوڻ لڳو: ”ڌيءَ، مون ان وقت تنهنجيءَ ڳالهه کي اصل ڪين سمجهيو هو؛ تنهنڪري غلطيءَ کان توکي سزا ڏني هئم!“ +هينئر وڏين ڀينرن جو منصوبو کلي پيو ۽ بادشاهه هنن ٻنهي ڀينرن کي محل مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ وري هنن جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو. + + +اَڻٿيڻي +شام ملڪ جي آکاڻي +هڪڙي ڀيري خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته شهر ۾ هڪڙو قابل قصا ٻڌائيندڙ شخص آيل آهي. اهو شخص جڏهن قصو ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ختم ڪرڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. انهيءَ شخص بابت چيو وڃي ٿو ته اهو صبح کان شام تائين لاڳيتو قصو ٻڌائيندو رهي ٿو ۽ شام کان رات جي آڌيءَ تائين؛ اَڻ ٻڌل ڳالهيون ٻڌائيندو رهي ٿو. اهو به چون ٿا ته هو جيڪا آکاڻي هڪ ڀيرو ٻڌائيندو آهي، اها وري ٻيهر نه ٻڌائيندو آهي. اهو ٻڌي خليفي حڪم ڏنو ته انهيءَ قصن ٻڌائيندڙ کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. اهو شخص جڏهن درٻار ۾ حاضر ڪيو ويو، تڏهن خليفي هن کي چيو؛ ”اسان ٻڌو آهي ته تون هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو قصا ٻڌائيندڙ شخص آهين. ڪهڙو سبب آهي جو هن کان اڳ اسان تنهنجو نالو ڪڏهن به نه ٻڌو؟“ +انهيءَ شخص جواب ڏنو: ”آءٌ پنهنجي وڏائيءَ جي هامَ پاڻ نٿو هڻان، البت يارن دوستن جي دل وندرائڻ لاءِ سندن ڪچهرين ۾ قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهيان.“ +خليفي چيو: ”ايتري نِهٺائيءَ کان ڪم نه وٺ. ماڻهو ته چون ٿا ته تون طرحين طرحين جا قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهين ۽ جيستائين ٻڌندڙ ٿڪجي بيزار نه ٿيندا آهن، تيستائين تون قصو بند ئي نه ڪندو آهين. خير هاڻي پهرين تون ٿورو کائي پي ڍو ڪر. پوءِ اسين توکان ڪو قصو ٻڌنداسون.“ +انهيءَ کان پوءِ قصا ٻڌائيندڙ بادشاهه جي مهمان گهر ۾ سٺا سٺا کاڄ کاڌا، جڏهن رات ٿي ته هن کي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ويو. +خليفي هن کي سڏي چيو: ”اسين جيڪڏهن توکان اهڙي آکاڻي ٻڌڻ گهرون، جيڪا صبح تائين پوري ٿئي ۽ جنهن جي هر ڳالهه سچي هجي ته شايد تون ٻڌائي سگهين؛ پر اسان جي خيال ۾ تنهنجي ��ابليت جي اِها مناسب پرک ڪانهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جون آکاڻيون ٻيا به قصا ٻڌائيندڙ ٻڌائي سگهن ٿا. اسين ته توکان اهڙي آکاڻي ٻڌڻ گهرون ٿا، جيڪا مختصر هجي ۽ ان جي هر ڳالهه ننڍڙي ۽ ڪوڙي هجي. جيڪڏهن اسان کي شڪ ٿيو ته ان آکاڻيءَ جو ڪوبه لفظ سچ آهي ته پوءِ توکي اسين پنهنجو غلام ڪنداسين، چڱو، هاڻي تون آکاڻي شروع ڪر!“ +خليفي جا اهي شرط ٻڌي داستان ٻڌائيندڙ ٿورو منجهي پيو. ڇاڪاڻ ته ٿوري دير ۾ لاڳيتو ڪو اهڙو قصو ٻڌائڻ جنهن جي ڪا هڪ ڳالهه به سچي نه هجي ۽ اها به اَڻٿيڻي ڳالهه هجي، پر انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا راهه به ڪانه هئي، تنهنڪري هن آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي: +”اي خليفن جا خليفا! آءٌ پنهنجي پيءُ جو وڏو پٽ آهيان. آءٌ اٺن سالن جو هئس جڏهن منهنجو پيءُ پيدا ٿيو هو، منهنجي ڏاڏيءَ بابا کي کڻي منهنجيءَ هنج ۾ ويهاريو ۽ مون کي چيو ته هن کي ويهي ريجهاءِ. پر بابا روئڻ لڳو. مون هن کي ريجهائڻ ۽ پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هن ماٺ نه ڪئي. نيٺ هن بازار هلڻ لاءِ ضد ڪيو، لاچار هن کي بازار وٺي ويس. بازار ۾ پهتاسون ته هن ماٺ ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن ڪن مذهبي ڏکين ڳالهين تي ڪن ماڻهن سان بحث شروع ڪري ڏنو. وري اسين اڃا بازار ۾ ئي هئاسون ته هن مون کي ڪڪڙ جي تازي آني آڻي ڏيڻ لاءِ چيو. مون اڃا هن کي ڪڪڙ جو تازو آنو خريد ڪري مس ڏنو ته انهيءَ مان هڪڙو چوزو نڪري آيو. چوزو تمام وڏو هو ۽ اسين ٻيئي به هلي ٿڪجي پيا هئاسون، تنهنڪري اسين ٻيئي انهيءَ تي چڙهي گهر ڏانهن هلياسون، پر گهر تائين ايندي ايندي، اهو چوزو وڌي وڌي اُٺ جيڏو ٿي پيو. پوءِ مون پنهنجي پيءُ کي پنهنجي ڏاڏي جي هٿن ۾ ڏنو. انهيءَ لاءِ منهنجو پيءُ منهنجو ڀاءُ به هو ته پيءُ به.“ +اهو نسورو ڪوڙ ٻڌي خليفي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر هو ڪُڇيو ڪونه ۽ داستان ٻڌائيندڙ آکاڻيءَ جو باقي رهيل حصو ٻڌائڻ شروع ڪيوِ +”انهيءَ چوزي جو هاضمو ڏاڍو تکو ۽ ايترو ته کائيندو هو، جو اسان سڀني کي بک ڪاٽڻي پوندي هئي. نيٺ اسان انهيءَ چوزي کي ڪم ۾ لڳايو. جيئن ته اهو چوزو منهنجي پيءُ خريد ڪيو هو، تنهنڪري بابا هر روز صبح جو انهيءَ کي پاڻ سان جهنگ ۾ وٺي ويندو هو ۽ ان تي ٻارڻ جون ڪاٺيون کڻي ايندو هو. بابا ايتريون ته ڪاٺيون کڻي آيو، جو اسان جي گهر جو اڱڻ ڪاٺين سان ڀرجي ويو. انهيءَ وچ ۾ ڪاٺين کڻڻ جي ڪري چوزي جي پٺي ڇِلجي پئي ۽ ويچارو چوزو بيمار ٿي پيو. اهو حال ڏسي، بابا پنهنجي پَڙَ ڏاڏيءَ کان چوزي جي بيماريءَ جو علاج پڇيو. هن ٻڌايس ته اکروٽ جي ٻج جي لپري ٺاهي چوزي جي ڦٽن تي رک. بابا لپري ٺاهي چوزي جي پُٺن تي ٻڌي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سويل اٿي ڏسي ته چوزو بلڪل تندرست ۽ توانو بيٺو آهي، پر ان جي پُٺن مان اکروٽ جو وڻ ڦٽي نڪتو آهي! ٽن ڏينهن کان پوءِ اهو وڻ تمام وڏو ٿي ويو ۽ جيڏانهن به چوزو ويندو هو، اهو وڻ ان جي مٿان پيو لڏندو ۽ لمندو هو. هڪ هفتي ۾ ئي ان وڻ جي ٽارين ۾ ڪيترائي اکروٽ لڙڪڻ لڳا. لاچار اکروٽن ٽوڙڻ لاءِ اسان هڪ درجن ماڻهو گهرايا، جن ڇنڇر جي ڏينهن کان وٺي خميس جي ڏينهن تائين، ڇهن ڏينهن ۾ اهي اکروٽ پٽي گڏ ڪيا. وڻ جون ٽاريون ايڏيون ته ڊگهيون هيون، جو صبح جو ماڻهو چڙهندو هو ته وري شام ڌاري اتان لهي سگهندو هو.“ +خليفي ڏاڍي ڪاوڙ وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. قصا ٻڌائيندڙ چيو ”جڏهن اکروٽ چونڊجي بس ٿيا، تڏهن مون انهيءَ وڻ جي چوڌاري چڪر هڻي غور سان ڏٺو ته متان ڪو اکروٽ رهجي ته نه ويو آهي. انهي ڪم ۾ منهنجو سڄو ڏينهن هليو ويو. آءٌ واندو ٿي وڃڻ وارو هئس ته ڏسان ته اهو چوزو وڻ جي شاخن تي ويٺو آهي ۽ ر��ت جي سمهڻ جا سانباها پيو ڪري. اهو ڏسي مون هڪڙو پٿر کڻي ان ڏانهن اُڇلايو ته پٿر وڻ کان به مٿي هليو ويو ۽ وري هيٺ نه ڪريو. اهو پٿر مٿي پکڙجڻ لڳو ۽ وڻ جي مٿان هڪڙي ڀلي زمين تيار ٿي وئي. اسان ڏاڍا خوش ٿياسون. اها چاليهه ايڪڙ کن زمين هئي. اسان پنهنجا سڀئي ڍور چرڻ لاءِ انهيءَ زمين تي اُماڻيا، ٿورن ڏينهن ۾ ٻيو فصل تيار ٿي ويو. ڏاڏا ۽ مون انهيءَ ٻنيءَ ۾ تِرَ پوکيا هئا. پر هڪ مهيني کان پوءِ خبر پئي ته هڪ سَلو به نه ڦٽي سگهيو هو. ڏاڏا پاڙي وارن سان صلاح ڪئي ۽ انهن چيس ته تو تِرَ پوکي بيوقوفي ڪئي آهي. ههڙي ڀلي زمين ۾ ته گدرا پوکڻ کپندا هئا. پوءِ ڏاڏا مون کي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ يعني منهنجي پيءُ کي وڻ جي چوٽيءَ تي موڪليو ته جيئن اسين ٻيئي اتان تِرَ جا ٻج چونڊي اچون. اسين ٻيئي هڪ ڪلاڪ ۾ ٻج چونڊي آياسون. انهن ٻجن جي تور ٽي مڻ کن هئي. اسين جڏهن هيٺ لٿاسون ۽ ٻج ڳڻياسون تڏهن خبر پئي ته هڪڙو ٻج کُٽل آهي. اسان کي ٻيهر انهيءَ ٻج جي ڳولا لاءِ مٿي وڃڻو پيو. اسان چاليهه ايڪڙ زمين جو ذرو ذرو ڳوليو پر اهو ٻج نه مليو. اسين لاچار ٿي هيٺ لٿاسون پئي ته هڪ ڪيولي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا اهو ٻج گهليندي هڪڙي ٽڪري ڏانهن ئي ويئي. مون ٻج کي جهلي ورتو، پر ڪيولي ان کي نه ڇڏيو ۽ ڪيتري وقت تائين اسان ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ لڳي پئي هئي. اسان ٻنهي مان ڪنهن به نه ڇڏيو. انهيءَ وچ ۾ تِرَ جو ٻج ٽَٽي ٻه ٽڪر ٿي پيو. پوءِ انهيءَ هڪ داڻي مان ايترو ته تيل نڪتو جو وهندي وهندي، تيل جو درياءُ ٿي پيو ۽ اسان جي چاليهه ايڪڙ ٻنيءَ جا هاري انهيءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ لڳا.“ +خليفو ڪاوڙ ۾ پاسا ورائڻ لڳو، پر قصا ٻڌائيندڙ وڌيڪ چيو: +”خدا جي قدرت ڏسو ته جڏهن ڏاڏا، بابا ۽ آءٌ گدري جا ٻج پوکي رهيا هئاسون ته هڪ زبردست طوفان آيو،. جيئن ته انهن چاليهه ايڪڙن زمين تي ڪابه جاءِ نه هئي جتي اسين لِڪي پنهنجو پاڻ بچايون ها، تنهنڪري آءٌ ۽ ڏاڏا جلدي ٽپو ڏئي بابا جي هڪڙي ڏاٺ جي سوراخ ۾ گهڙي وياسون. بابا وري ڇا ڪيو جو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هڪڙي ٿلهي متاري رڍَ کي جهلي ورتو ۽ اسان سان اچي مليو. پوءِ اهو طوفان ڪو ستيتاليهن ڏينهن تائين پئي لڳو. ايترن ڏينهن ۾ اسين سڀئي بک ۾ باهه ٿي مري وڃون ها، جيڪڏهن بابا پاڻ سان اها رڍ نه آڻي ها. نيٺ هڪڙي ڏينهن اسان ڏاٺَ مان ليئو پائي ٻاهر ڏٺو ته سج پيو چمڪي. پر جڏهن آءٌ ۽ ڏاڏا ڏاٺ جي سوراخ مان ٻاهر نڪري آياسون تڏهن ڏسون ته طوفان ۽ مينهن جي ڪري اسان جي سڄي زمين لڙهي وئي هئي ۽ اسين سڀئي هوا ۾ پيا لڙڪون. اهو ته خير ٿيو، جو بابا پاڻ سان هڪڙي رسي به آندي هئي. اسان انهيءَ رسيءَ کي جهلي هيٺ لهڻ شروع ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري هيٺ لهي آياسين ۽ گهر وياسون.“ +خليفي اهو ڏسي ته هاڻي آکاڻي پوري ٿيڻ تي آهي. هن کي چيو: ”ميان، تو سچ پچ ته هڪ مزيدار آکاڻي ٻڌائي آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته اها سچي آکاڻي آهي يا ڪوڙي؟“ +قصا ٻڌائيندڙ جواب ڏنو؛ ”بادشاهه سلامت! اها آکاڻي شروع کان وٺي پڇاڙي تائين لفظ به لفظ سچي آهي.“ +خليفي چيو: ”جيڪڏهن اها سچي آهي ته پوءِ تو منهنجي حڪم جي تعميل نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته مون توکي اهڙي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چيو هو جنهن جو هڪ لفظ به سچو نه هجي!“ +اهو ٻڌي هن شخص کلندي ادب سان عرض ڪيو. ”اي خليفن جا خليفا! مون اوهان جي حڪم جي لفظ به لفظ تعميل ڪئي آهي ۽ مون جيڪو هينئر چيو ته اها آکاڻي سچي آهي، اهو به اوهان جي حڪم مطابق ڪوڙ ثابت ڪرڻ لاءِ چيو اٿم.“ +اتي خليفي به کلي ڏنو ۽ چيائين: ”تون ٺيڪ چوين ٿو ۽ اسان تنهنجي لاءِ جيڪي ڪجهه ٻڌو هو، اهو سڀ سچ نڪتو.“ +پوءِ خليفي قصا ٻڌائيندڙ شخص کي انعام ۾ سونيون اشرفيون ڏئي گهر اُماڻيو. +بغداد جو خليفو +عراق جي آکاڻي +ڪنهن زماني ۾ بغداد تي هڪڙو خليفو حڪومت ڪندو هو. هو وڏو نيڪ نمازي ۽ ديندار حاڪم هو ۽ قرآن مجيد جو به حافظ هو. انهيءَ خليفي کي پنهنجيءَ رعيت جي حال احوال جي ايتري ڄاڻ هوندي هئي، جو درٻار ۾ پاڻ خبرون ٻڌائيندو هو ته ڪالهه شهر جي وڏي بازار ۾ ماڻهن ڇا پئي ڪيو. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي هئي ته خليفي کي ويهه اکيون ۽ ٽيهه ڪن آهن. +خليفو هر روز صبح جو درٻار ۾ ايندو هو ۽ ماڻهن جون درخواستون ۽ دانهون ٻڌندو هو ۽ انهن جو داد ڪندو هو. پر ٻنپهرن جي وقت خليفو ڪنهن سان به نه ملندو هو. سڀني ماڻهن کي خبر هئي ته انهيءَ وقت خليفو آرام ڪندو آهي. پر حقيقت ۾ خليفو ويس بدلائي محل جي چور دروازي مان ٻاهر شهر گهمڻ ويندو هو. خليفو پنهنجي وزير علي بن منظر کي به پاڻ سان وٺي ويندو هو. +هڪڙي ڏينهن خليفو ۽ سندس وزير واپارين جو ويس بدلائي شهر ۾ گهمڻ لاءِ نڪتا. اڃا هو وچ شهر ۾ پهتا ئي ڪونه ته کين هڪڙو پوڙهو شخص واٽ تي مليو. پوڙهي شخص خليفي کي ڏاڍي غور سان چتائي ڏٺو ۽ هن جي ويجهو اچي پنهنجي کيسي مان هڪڙي ڏاڍي سهڻي دٻلي ڪڍي، جنهن تي هيرا جڙيل هئا. هن اها دٻلي خليفي کي ڏيکاري. خليفي کي اها دٻلي ڏاڍي وڻي ۽ هن پوڙهي شخص کان پڇيو: ”هيءَ ڇا آهي، پريا مڙس؟“ +پوڙهي جواب ڏنو: ”ناس جي دٻلي آهي، سائين وڪڻڻ لاءِ آندي اٿم!“ خليفي پڇيو: ”ڪيتري قيمت آهي هن دٻليءَ جي؟“ +”هڪ اشرفي، سائين“. پوڙهي جواب ڏنو. +خليفي اها دٻلي ورتي ۽ پوڙهي کي هڪ جي بدران ٻه اشرفيون ڏنيون. پوءِ خليفو ۽ وزير اڳتي وڌيا ۽ هڪ ڍنڍ وٽ پهتا. خليفو هلي هلي ٿڪجي پيو هو، تنهنڪري ٿورو ساهه پٽڻ لاءِ ڍنڍ جي ڪپ تي ويهي رهيو. پوءِ خليفي کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي ۽ وزير کي چيو ته ”ڏسون ته هن ۾ ناس به آهي يا نه؟“ +خليفي دٻلي کولي ته ان مان هڪڙو سنهڙو ڪاغذ نڪتو. ان ڪاغذ تي لکيل هوِ ”ناس جي هڪڙي چپٽي ڏيڻ سان تون پکي ٿي پوندين ۽ جڏهن تون سلاوير چوندين، تڏهن تون ماڻهو ٿي پوندين.“ +خليفي اهو پڙهي وزير کي ٻڌايو ته هو کِلڻ لڳو ۽ خليفي کي چوڻ لڳو ته ”بادشاهه سلامت! هيءَ ته جادوءَ جي دٻلي آهي. ناس سنگهي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟“ +خليفي چيو: ”هن ڪاغذ تي جيڪو لکيل آهي، ان جي پڙهڻ سان اسين وري ماڻهو ٿي پونداسون. ڇا توکي انهيءَ تي به يقين آهي؟“ +وزير جواب ڏنو: ”ڇو نه، جيڪڏهن هيءَ ناس اسان کي پکي ڪري سگهي ٿي ته پوءِ اهو لفظ اسان کي ماڻهو به ڪري سگهندو.“ +خليفي به دل ۾ ويچار ڪيو ته ’جيڪڏهن اسين سچ پچ پکي ٿي پياسون ته پوءِ ڏاڍي مزي سان سڄي شهر مٿان اُڏامي سير ڪنداسون!‘ اهو سوچي هن دٻليءَ مان ناس جي هڪڙي چپٽي ڪڍي. پوءِ ٻنهي ناس سُنگهي. هنن اڃا ناس پئي سُنگهي ته ٻيئي ڦري قاز ٿي پيا. خليفي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”ڪُون ڪُون“ کان سواءِ ڪجهه به چئي نه سگهيو. ساڳيو حال وزير جو هو. +هاڻي خليفو ۽ وزير پکين جي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجڻ لڳا. خليفي قاز جي ٻوليءَ ۾ وزير کي چيو ته ”هلو ته هن ڍنڍ تان اُڏامندا اڳتي هلون.“ +وزير به انهيءَ ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو، ”ها، هلو ته هلون.“ +پوءِ ٻيئي گڏجي اُڏامڻ لڳا ۽ اڏامندي اڏامندي، سڄي شهر جي مٿان ڦيرا ڏنائون. خليفي پنهنجي محل ۾ نوڪرن چاڪرن کي ڪم ڪار ڪندي ڏٺو ۽ ويچارڻ لڳو ته ”هڪ اُڏامندڙ قاز مون کان وڌيڪ شهر جي حالت ڏسي سگهي ٿو!“ +ٻنهي کي اڏامندي اڏامندي، شام ٿي ويئي. تڏهن وزير خليفي کي چيو: ”سائين، هاڻي ته رات ٿيڻ واري آهي. اسان کي واپس هلڻ کپي. نه ته ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي.“ +خليفي کي ته اُڏامڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو ۽ هو سويل ئي واپس وڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو؛ پر وزير جي زور رکڻ تي هو هلڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٻيئي اُڏامندا اچي انهيءَ ڍنڍ جي ڪپ تي لٿا. خليفي ناس جي دٻلي اتي هڪ ٻوٽي جي پاڙ ۾ لڪائي رکي هئي. اتان هن دٻلي ڪڍي ۽ ان ۾ پيل ڪاغذ وري پڙهيو ۽ ڏاڍي واڪي چيو. ”سلاوير“. اهو لفظ چئي هن وزير ڏانهن ڏٺو ته هو انسان ٿيو يا نه؟ پر وزير جي بدران اڃا تائين اتي هڪڙ وقاز بيٺو هو. اهو ڏسي، خليفي کي اچي ڊپ ٿيو ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ”سلاوير“، ”سلاوير“. پر ٿيو ڪجهه به نه. خليفو ۽ وزير ٻيئي قاز ٿيو بيٺا هئا. وزير به گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪري اهو لفظ چيو، پر ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. هاڻي ٻنهي کي ڊپ وڪوڙي ويو. خوف ۽ سيراپ ۾ ٻيئي هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ لڳا ۽ گهڻي گهڻي وقت تائين اڏامندا رهيا. جڏهن ٻيئي ٿڪجي چور ٿي پيا، تڏهن وري هيٺ لهي آيا. خليفي ڏکائتي آواز ۾ چيو: +”علي بن منظر! ائين ٿو لڳي ته ڪنهن اسان سان دشمني ڪري اسان کي پکي بنايو آهي. هاڻي ڇا ٿيندو؟“ +وزير جواب ڏنو: ”سائين، مون کي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. هاڻي ته ان کان سواءِ ٻي ڪابه راهه ڪانهي ته اسين اهڙي طرح رهون ۽ ڪوشش ڪري اهو لفظ معلوم ڪريون، جنهن جي چوڻ سان اسين وري ماڻهو ٿي سگهون.“ +اتي هن کي بک به اچي ستايو هو؛ تنهنڪري هنن ڍنڍ مان مڇيون جهليون ۽ کائي اتي ئي سمهي رهيا. صبح ٿيو ته ٻيئي اتان اڏاڻا ۽ شهر جي مٿان ڦرڻ لڳا ۽ معلوم ڪرڻ لڳا ته سندن گم ٿي وڃڻ جي ڪري ماڻهو ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪن. ٻيئي اڏامندي اڏامندي، محل وٽ پهتا ۽ هڪ ڀت تي ويهي رهيا. سڄي محل ۾ ٻاڪر ڪُٺو هو ۽ سڀئي نوڪر چاڪر خليفي ۽ وزير جي ڳولا ۾ حيران ۽ پريشان هئا. محل جي ڀت تي ٻن قازن کي ويٺل ڏسي هڪڙي نوڪر ته روئي ڏنو ۽ چوڻ لڳو ”افسوس، ويچارا پکي به اسان جي مالڪ کي ڳولين پيا!“ +اهو ڏسي خليفي کي آٿت آيو ته هن جي گم ٿي وڃڻ جي ڪري سڀئي ملول آهن. ٻئي ڏينهن صبح جو شهر جي سردارن بازار ۾ ڍنڍورو ڏياريو ته ”خليفو ۽ وزير گم ٿي ويا آهن ۽ هنن جي ڪنهن کي به خبر ڪانهي.“ اهو ٻڌي ماڻهو ڏک ۽ افسوس وچان روئڻ لڳا. خليفي ۽ وزير کان ڏٺو نه ٿيو ۽ هو اُڏامي ڍنڍ جي ڪپ تي پهتا ۽ مڇيون کائي سمهي رهيا. +اهڙيءَ ريت ڪيترائي هفتا ٿي ويا. خليفو ۽ وزير هر روز شهر جي مٿان اُڏامندا هئا ۽ ڏاڍي حسرت سان ماڻهن کي ڏسندا هئا. هڪڙي ڏينهن هو ٻيئي هڪڙي اهڙي رستي جي مٿان پئي اُڏاڻا، جتان ماڻهو ٻئي ملڪ ڏانهن ويندا هئا. انهيءَ رستي تي هنن کي هڪ وڏو جلوس ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ جلوس ۾ ڪيترائي اُٺ ۽ گهوڙا به هئا، جن تي ماڻهو شاندار ڪپڙا پايو ويٺا هئا. سوارن سان گڏ سندن نوڪر به پئي هليا. اهو ڏسي خليفي کي ٿورو شڪ پيو ۽ هو ٿورو هيٺ لهي اُڏامڻ لڳو. هن ڏٺو ته جلوس جي اڳيان هڪڙو نوجوان بادشاهي لباس ۾ گهوڙي تي سوار آهي. خليفي کي ويتر شڪ پيو ۽ وزير جي ويجهو اچي چوڻ لڳوِ +”علي بن منظر! اهو نوجوان قادر جو پٽ آهي جيڪو اسان جو وڏو دشمن آهي. هو بغداد پيو وڃي. ائين ٿو ڀانئجي ته مڙيو ئي ڪا ڳالهه آهي!“ +ٻيئي جلوس سان گڏوگڏ اُڏامڻ لڳا ۽ جڏهن جلوس خليفي جي محل جي ڦاٽڪ اندر ويو، تڏهن ويچارا ڏک ۽ ڪاوڙ وچان پنهنجا پر ڦڙ ڦڙ ڦڙڪائيندا هڪ طرف ٿي بيٺا. خليفي ڏٺو ته هن جا وزير ۽ امير محل مان نڪري انهيءَ نوجوان کي ادب سان جهڪي جهڪي پيا سلام ڪن. نوجوان ڏاڍي غرور ۽ تڪبر سان هنن جي سوالن جو جواب ڏنو ۽ هنن کي چيو: +”آءٌ قادر خان جو پٽ آهيان، جيڪو اوهان جي پاڙيسري ملڪ جو بادشاهه آهي. بابا کي خبر پئي ته اوهان جو خليفو ۽ بغداد جو حاڪم مري ويو آهي ۽ ان جو ڪوبه وارث ڪونهي، تنهنڪري هن مون کي هتي موڪليو آهي. هاڻي آءٌ هت رهندس ۽ حڪومت ڪندس.“ +اهو ٻڌي خليفي جي اميرن ۽ درٻارين وري جهڪي جهڪي هن کي سلام ڪيا ۽ شهر جي ماڻهن جيڪي هن جي جلوس سان گڏ آيا هئا، وڏي واڪي چيو ”نئين خليفي جي سر بخت جو خير!“ +وزير جو اهو حال ڏٺو، سو خليفي کي چيائين ”هتان هلو. هت ترسڻ اجايو آهي. هاڻي اسان جو شهر برباد ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته قادر خان جو پٽ ظالم آهي. هلو ڪنهن جهنگ ۾ هلون ۽ آرام جي زندگي گذاريون.“ +ٻيئي اتان اُڏاڻا ۽ هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ پهتا، جتي ٻيئي چشمي جي ڪپ تي رهڻ لڳا. هو چشمي مان مڇيون جهلي کائيندا هئا ۽ ان جي ڪپ تي ئي سمهي رهندا هئا. هاڻي هنن بغداد جي نئين خليفي بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي. +اهڙيءَ طرح ڪيترائي مهينا لنگهي ويا. هڪڙي ڏينهن وزير هڪڙي ڏيڏر کي جهلڻ لاءِ جهنگ ۾ پري پري تائين هليو ويو. اتي ڏاڍي اوندهه هئي. خليفي ۽ وزير اها جاءِ اڳ ڪڏهن به ڪين ڏٺي هئي. وزير اتي پهچي ڏاڍي غور سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. ايتري ۾ هڪ پاسي کان ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس. وزير اهو آواز ٻڌي پهرين ته ڊڄي ويو؛ ڇاڪاڻ جو اوندهه جي ڪري ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. پر پوءِ دل ٻڌي اوڏانهن هلڻ لڳو. ڏسي ته ڪاٺ ڪُٽو وڻ تي ويٺو چهنب سان ٺڪ ٺڪ ڪري. وزير انهيءَ پکيءَ کي چِتائي ڏٺو. پکيءَ جي اکين مان ڳوڙها پئي وهيا. اهو ڏسي وزير پُٺتي وريو ۽ خليفي کي اچي اها ڳالهه ٻڌائي. خليفي وزير جي ڳالهه ٻڌي، هن کي ساڻ ڪيو ۽ اُڏامي انهيءَ هنڌ تي پهتو. پکيءَ کي روئندو ڏسي خليفي کي به ڏاڍو عجب لڳو ۽ هن کي چوڻ لڳو: ”اي ڪاٺ ڪُٽا، ڇا تون قاز جي ٻولي سمجهين ٿو؟“ پکي خليفي ۽ وزير ڏانهن ڏسي چيو: ”توهين ڪير آهيو؟“ +في جواب ڏنو ته ”تون اسان جي ٻولي سمجهي سگهين ٿو. سچ پچ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. هاڻي ٻڌاءِ ته تون روئين ڇو ٿو؟“ +ڪاٺ ڪُٽي چيو: ”مون کي ته روئڻ گهرجي، اوهين ته سچا پچا پکي آهيو ۽ اوهان کي اها زندگي وڻندي هوندي، پر مون کي ته پکي بنايو ويو آهي. آءٌ روئان نه، ته ٻيو ڇا ڪريان؟“ +اهو ٻڌي،. خليفو وڌيڪ حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”نيٺ ڳالهه ته هوندي، اسان کي به ٻڌاءِ.“ +پکيءَ وراڻيو، ”مون کي قادر خان جادو ڪري ڪاٺ ڪُٺو بنائي ڇڏيو آهي، آءٌ پهرين هڪ شهزادي هيس.“ +خليفي چيو، ”هاڻي خبر پئي ته قادر خان جادوگر به آهي. ڀلا، ٻڌاءِ ته اسين تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا؟“ +ڪاٺ ڪُٽي چيو، ”مون قادر خان جي پٽ سان شادي ڪرڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري هن مون کي پکي بنائي ڇڏيو. هاڻي جيستائين ڪو ماڻهو مون سان شادي ڪرڻ جي مرضي نه ڏيکاريندو، تيستائين آءٌ هن حالت ۾ هونديس.“ اهو چئي، هن پنهنجو منهن ڦيرايو ۽ روئڻ لڳي. هن وري چيو: ”نه رڳو اِها مصيبت آهي، پر رات جو مون کي انهن ٽن جادوگرن جون بڇڙيون ڳالهيون به ٻڌڻيون پون ٿيون، جيڪي قادر خان سان ملڻ لاءِ هن جهنگ ۾ ايندا آهن.“ +خليفي پڇيو، ”ڪٿي ايندا آهن؟“ +پکي جواب ڏنو: ”هتان سڌا ويندؤ ته هڪ کليل جاءِ ڏسڻ ۾ ايندي، جتي گاهه به پوکيل آهي. هر روز رات جو سڀيئي اتي اچي گڏ ٿيندا آهن.“ اهو چئي هوءَ وري وڻ جو ڪاٺ ٽڪڻ لڳي. +اهو ٻڌي، خليفي وزير کي اشارو ڏنو ۽ ٻيئي اتان اُڏامي انهيءَ هنڌ پهتا. هيٺ لهي، ٻيئي ٻوٽن ۾ لِڪي ويٺا. هو سارو ڏينهن اتي لِڪا ويٺا رهيا. رات ٿي ته ٽي ماڻهو پير پير ۾ پائي اتي پهتا ۽ گاهه تي ويهي رهيا. انهيءَ کان پوءِ ٻه ٻيا ماڻهو ڪارن جُبن ۾ آيا. چانڊوڪيءَ ۾ خليفي هنن کي سڃاڻي ورتو. انهن مان هڪ قادر خان ۽ ٻيو سندس پٽ هو، جيڪو هينئر بغداد جو خليفو هو. +قادر خان پنهنجي پٽ کان پڇيو ”پٽ! بغداد وارن توسان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟“ +پٽ جواب ۾ چيو ”هينئر هو منهنجا ٻانها آهن ۽ آءٌ انهن جو حاڪم. البت اڳي وانگر ماڻهو خوش ڪونهن، پر منهنجو حڪم مڃيندا رهن ٿا. پر ٻڌايو ته اوهان خليفي کي ڪيئن ماريو؟“ +قادر خان مُرڪيو ۽ چيائين ”هاڻي توکي ٻڌائڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. مون هڪ پوڙهي جو ويس بدلائي خليفي ۽ سندس وزير کي هڪ ناس جي دٻلي وِڪي. ان ۾ جادوءَ جي ناس پيل هئي. مون دٻليءَ ۾ هڪ ڪاغذ جو پرزو به رکي ڇڏيو هو جنهن تي لکيل هو ”ناس جي چپٽي ڏيڻ سان تون پکي ٿي پوندين ۽ جڏهن تون چوندين ”سلاوير“ تڏهن تون ماڻهو ٿي پوندين. +ٻنهي انهيءَ کي سچ سمجهي ناس سنگهي. پر مون اصل لفظ ته ڪونه لکيو هو. اصل لفظ ته ”رلاوير“ هو ۽ مون ”سلاوير“ لکيو هو. هاڻي ته هنن کي اصل لفظ جي خبر ئي نه پوندي. +اهو ٻڌي قادر خان جو پٽ کلڻ لڳو، پر خليفي هن جي وزير اتي وڌيڪ ترسڻ اجايو سمجهيو. ٻيئي لڪندا لڪندا، اتان هليا ۽ اُڏامي اتي اچي پهتا جتي ڪاٺ ڪُٽو ويٺو هو. اتي پهچي ٻيئي زمين تي لٿا ۽ زور زور سان چوڻ لڳا ”رلاوير“ ”رلاوير“، اهو لفظ چوندي ئي ٻئي ماڻهو ٿي پيا. ڪاٺ ڪٽي ڏاڍي اچرج مان اهو تماشو پئي ڏٺو. پوءِ خليفي اڳتي اچي هن کي چيو: ”آءٌ توسان شادي ڪرڻ گهران ٿو.“ خليفي جو ايترو چوڻ هو ته هن جي اڳيان ڪاٺ ڪٽي جي بدران هڪ ڏاڍي سهڻي شهزادي بيٺي هئي. شهزاديءَ خليفي کي جواب ۾ چيو ته: ”اي خليفا! تو مون کي ٻي حياتي ڏني آهي، هاڻي آءٌ تنهنجي ٻانهي آهيان.“ +پوءِ خليفو، وزير ۽ شهزاديءَ کي ساڻ ڪري بغداد ڏانهن ويو. بغداد جي ماڻهن جڏهن خليفي کي جيئرو جاڳندو ڏٺو ته ڊڄي ويا ۽ اونڌي منهن زمين تي ڪري پيا. خليفو سڌو محل جي وڏي دروازي تي ويو. وزير نوڪرن کي سڏي حڪم ڏنو ته ”محل جا دروازا کوليو، اوهان جو خليفو اچي ويو آهي.“ +بغداد جا ماڻهو قادر خان جي ظلم ۽ ڏاڍائيءَ سبب اڳ ۾ ئي بيزار هئا؛ تنهنڪري خليفي جي واپس اچڻ ڪري هو ڏاڍا خوش ٿيا. محل جا دروازا کلي ويا ۽ خليفو تخت تي وڃي ويٺو. قادر خان جي پٽ کي جهلي، هن جون ٻانهون ٻڌي، سندس پيءُ وٽ موڪليو ويو. خليفي وڏي ڌام ڌوم سان شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون. هاڻي اڳي وانگر خليفو آرام سان زندگي گذارڻ لڳو. پر خليفي مرڻ گهڙيءَ تائين مڇي ڪين کاڌي ۽ حڪم ڏنو ته محل ۾ هڪڙي سال تائين مڇي نه پچائي وڃي. + + +باندر، ڪَڇوُن ۽ وڻ +فلپائن جي آکاڻي +هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙو ڪڇؤن درياءَ جي ڪَپ تي اُس ۾ ويٺو هو. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪڙو ڪيوڙي جو وڻ درياءَ ۾ ترندو اچي. اهو ڏسي ڪڇؤنءَ درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ وڻ کي ڇڪيندو ڇڪيندو ڪَپَ تائين گهلي آيو. پر ڪپ کان باغ تائين وڻ کي کڻي وڃڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. چاڪاڻ ته ڪڇوُنءَ اهو وڻ باغ ۾ پوکڻ گهريو ٿي. نيٺ هن هڪڙي باندر کي سڏيو ۽ چيو ته ”ادا، هن ڪيوڙي جي وڻ کي باغ تائين کڻي هلڻ ۾ منهنجي مدد ڪر. آءٌ هيءُ وڻ باغ ۾ پوکيندس.“ باندر جواب ڏنو: ”آءٌ وڻ کڻائي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان جي بدلي مون کي به وڻ جو اڌ حصو ڏيندين؟“ ڪڇؤنءَ اهو ٻڌي چيو ته ”ڇو نه. آءٌ توکي اڌ حصو ضرور ڏيندس.“ پوءِ ٻيئي وڻ کي گهليندا گهليندا، باغ تائين آيا. اتي ڪڇؤنءَ باندر کي چيو ته ”هاڻي اچ ته کڏو کوٽي ان ۾ وڻ هڻون.“ باندر جواب ڏنو ته ”پهرين مون کي پنهنجو حصو ڏي.“ ڪڇؤنءَ چيو، ”جڏهن هيءُ وڻ زمين ۾ لڳي ويندو ۽ ان ۾ ميوو لڳندو، تڏهن پاڻ ۾ اڌواڌ ورهائي کڻنداسون.“ پر باندر کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ چوڻ لڳو ته ”مونکي ته وڻ جو اڌ حصو هينئر جو هينئر ڏي.“ +لاچار ٿي ڪڇؤنءَ وڻ کي ٻن حصن ۾ وڍيو. باندر وڻ جي مٿئين حصي جا ساوا پَتا ڏسي چيو ته ”مٿيون حصو آءٌ کڻندس!“ ڪڇوُنءَ هن جي اها ڳالهه به مڃي. باندر پنهنجو حصو وٺي گهر ڏانهن ويو ۽ ان کي زمين ۾ پوکي ڇڏيو. هيڏانهن ڪڇوُنءَ به وڻ جو پاڙ وارو حصو زمين ۾ پوکيو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ساوا ساوا پتا ڦٽڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ڪيترائي ڪيوڙا به لڙڪڻ لڳا. پر باندر وارو وڻ سڪي سڙي ڪِري پيو. +ڪڇوُنءَ جي وڻ ۾ جڏهن ڪيوڙي جون ڦريون پَچي راس ٿيون، تڏهن هن اهي ٽوڙڻ گهريون، پر ڪڇوُن ويچارو وڻ تي چڙهي نه سگهيو. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي هو باندر کي وٺي آيو ۽ چيائينس ته ”جيڪڏهن تون منهنجي وڻ تان ڪيوڙا لاهي اچين ته اَڌ تنهنجا ۽ اَڌ منهنجا.“ +باندر هڪدم ڪڇوُنءَ جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ تي چڙهي ويو، پر باندر مٿي وڃي ڪيوڙا لاهڻ بدران کائڻ لڳو ۽ ڪڇوُنءَ کي هڪڙو ڪيوڙو به نه ڏنائين. اهو ڏسي ڪڇوُنءَ چيو ته ”تون رڳو پاڻ ويٺو ڪيوڙا کائين. مون کي به ته کاراءِ.“ پر باندر بنهه نابري واري ڇڏي ۽ ڏاڍي مزي سان ڪيوڙن جون ڦريون پاڻ کائيندو ويو ۽ کَلون هيٺ اڇلائيندو رهيو. اهو ڏسي ڪڇوُنءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو ڪجهه ڪري به نٿي سگهي. پر نيٺ هن کي هڪ اٽڪل سجهي آئي ۽ هو تڪڙو تڪڙو باغ ۾ هڪ طرف ويو، جتان ڪَنڊن واريون ٽاريون گهليندو آيو ۽ اهي ڪيوڙي جي وڻ جي چؤڌاري رکندو ويو. جڏهن باندر سڀئي ڪيوڙا کائي پورا ڪيا ته وڻ تان ٽپ ڏئي، هي زمين تي لٿو. هيٺ رڳو ڪنڊائي ڪنڊا هئا، سي باندر جي پيرن ۽ هٿن جي تِرين ۾ چُڀي ويا. هو سور ۽ تڪليف کان وڌيڪ ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳو. باندر جي پيرن ۽ هٿن ۾ ڪنڊا گهڙي ويا هئا، جن هن کي ڏاڍي تڪليف ڏني. ڪڇوُنءَ آرام سان هڪ طرف اهو تماشو بيٺي ڏٺو ۽ باندر کي دانهون ڪوڪون ڪندو ڏسي کلڻ لڳو. باندر کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڊوڙ پائي ڪڇوُنءَ کي ڳچيءَ کان جهلي پنهنجي پُٺيءَ تي ويهاريو ۽ چوڻ لڳو ته ”هاڻي ٻڌاءِ ته آءٌ توکي ڪهڙي سزا ڏيان؟ توکي مار ڏيان يا درياءَ ۾ ٻوڙيان؟“ ڪڇوُن ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ ليلائيندي چوڻ لڳو، ”ته مون کي جيڪا وڻئي اها سزا ڏي. پر خدا جي واسطي مون کي درياءَ ۾ نه ٻوڙ!“ +باندر اهو ٻڌي ٽپو ڏنو ۽ چيو، ”آءٌ ته توکي درياءَ ۾ ئي ٻوڙيندس.“ ائين چئي باندر ڊوڙندو درياءَ جي ڪپ تي ويو ۽ ڪڇوُنءَ کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. ڪڇوُن پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ شرط نظرن کان لڪي ويو. هاڻي باندر ڏاڍو خوش ٿيو ته ڪڇوُن ٻڏي ويو، پر ايتري ۾ ڪڇوُن پاڻيءَ مان سِسي ڪڍي باندر کي چيو، ”ادا، تنهنجي مهرباني. توکي شايد خبر نه آهي ته منهنجو گهر پاڻي ۾ ئي آهي.“ +هاري ۽ سوار +ڪوسٽاريڪا جي آکاڻي +هڪڙي ڏينهن هڪڙو غريب هاري شهر وڃڻ لاءِ گهران نڪتو. شهر ۾ هڪڙو وڏو ميڙو لڳل هو، جيڪو ڏسڻ لاءِ هو شهر ٿي ويو، پر اهو شهر سندس ڳوٺ کان گهڻو پري هو، تنهنڪري هاريءَ پاڻ سان هڪ هَڙَ کنئي، جنهن ۾ واٽ تي کائڻ لاءِ ڪيوڙا، انب، مَڇي ۽ ماني ٻڌل هئي. هَڙَ چڱي خاصي ڳري ٿي پيئي هئي. گرميءَ جي مُند جدا هئي ۽ اُس ۾ به ڏاڍي تِکائي هئي. پر هاري هلندو رهيو. نيٺ هَڙ جي بار، اُس ۽ گرميءَ جي ڪري هو ٿڪجي پيو ۽ رستي تي هڪڙي وڻ جي هيٺان ساهه پَٽڻ لاءِ ويٺو. +ٿوريءَ دير کان پوءِ اتي هڪڙو گهوڙي سوار به اچي بيٺو. هن جي ڪپڙن مان لڳو ٿي ته ڪو امير شخص آهي. اهو شخص گهوڙي تان لهي وڻ هيٺ آيو ۽ گهوڙي ��ي چرڻ لاءِ ڇڏي ڏنائين. هاريءَ انهيءَ شخص کي ادب سان سلام ڪيو، پر هن ڏاڍي بيپرواهيءَ سان جواب ڏنو. اتي هاريءَ گهوڙي کي ڏسي دل ۾ سوچيو ته ’جيڪڏهن اهو شخص مون کي به پاڻ سان گهوڙي تي کڻي هلي ته ڪهڙو نه سٺو.‘ اهو سوچي هن سوار کان پڇيو: ”سائين! اوهان ڪهڙي طرف پيا وڃو؟“ +سوار وڏائيءَ سان جواب ڏنو: ”شهر پيو وڃان.“ +هاريءَ چيو: ”سائين، اتفاق سان آءٌ به شهر ڏانهن پيو وڃان.“ +سوار ڪوبه جواب نه ڏنو. ٿوري دير کان پوءِ هاري وري چوڻ لڳو؛ ”سائين، اڄ ته اُس به ڏاڍي تکي آهي ۽ پنڌ به وڏو آهي. ڇا اوهين مهرباني ڪري مون کي پاڻ سان گهوڙي تي وٺي هلندؤ.“ +سوار جواب ڏنو: ”اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهندو. منهنجو گهوڙو ٻن ماڻهن جو بار نه کڻي سگهندو. وري توسان هيءَ هَڙَ به آهي.“ +اريءَ وري به ليلائيندي چيو، ”سائين، ڀلائي ڪري هيءَ هَڙَ اوهان پاڻ سان گهوڙي تي کڻي هلو. آءٌ پاڻ پنڌ هلندس.“ +انهيءَ تي سوار شوخيءَ مان جواب ڏنو، ”آءٌ گهوڙي تي ايترو بار نه رکندس.“ اهو چئي، هو گهوڙي تي سوار ٿي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو. +جڏهن سوار هليو ويو، تڏهن هاريءَ سوچيو ته ’جيڪڏهن پنڌ ئي هلڻو آهي ته ڇو نه ٿورو گهڻو کائي پي تازو توانو ٿجي. اهو خيال ڪري هن هر کولي ۽ ان مان ماني ڪڍي کائڻ لڳو. هن چڱيءَ طرح پيٽ ڀري کاڌو ۽ پاڻي پي هٿ ڌوئي اٿي کڙو ٿيو. +هوڏانهن سوار کي هلندي هلندي، خيال آيو ته جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ڄٽ جي هڙ پاڻ سان کڻي هلان ها ته منهنجا دوست ڇا سمجهن ها، پر هن کي اوچتو اهي انب ۽ ڪيوڙي جون ڦريو ياد آيون جيڪي هن هڙ ۾ ڏٺيون هيون. هن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٿورو اڳتي هليو ته اُس ۽ گرميءَ سببان سخت اُڃ لڳيس. شهر ته اڃا تمام پري هو. سوار سوچيو ته ’جيڪڏهن هاريءَ کي پاڻ سان گهوڙي تي چاڙهي اچان ها ته هو ضرور مون کي کارائي پياري ها!‘ اهو سوچي هن گهوڙو پٺتي ورايو ۽ انهيءَ وڻ وٽ اچي پهتو. +ي هاري کائي پي هڙ ٻڌي رهيو هو. سوار هن کي چيو: ”ٻڌ ميان! مون تنهنجي صلاح تي غور ڪيو آهي ۽ هاڻي آءٌ توکي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي چاڙهي وٺي هلڻ لاءِ تيار آهيان؟“ +اهو ٻڌي هاريءَ مرڪي ڏنو ۽ چيائين: ”اوهان جون لک ڀلايون. سائين، پر هاڻي ته آءٌ تازو توانو ٿي ڇڪو آهيان، وري منهنجي هڙ به هلڪي ٿي وئي آهي. اوهان تڪليف نه ڪريو. آءٌ پنڌ ئي هليو ويندس.“ اهو چئي هاريءَ هڙ کنئي ۽ شهر ڏانهن هلڻ لڳو. +سوار ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ نيٺ بکيو اڃيو شهر ڏانهن ويو. هو سڄو رستو پڇتائيندو رهيو ته ’جيڪڏهن آءٌ هاريءَ جي صلاح وٺان ها ته منهنجو به ڀلو ٿئي ها!‘. + + +ڍڳيءَ جي زبان +ڪيوبا جي آکاڻي +دنيا جي سڀني کان وڏي ديوتا جو نالو ”اَبتالو“ هو. هن جو هڪ نائب به هو جنهن جو نالو وري هو ”ارولا“. ابتالي جي مرضي هئي ته ارولا کي دنيا جو حاڪم ڪريان. پر وري سوچيندو هو ته ارولا اڃا ننڍي عمر جو آهي ۽ دنيا کي شايد نه سنڀالي سگهي. نيٺ ابتالي فيصلو ڪيو ته اَرولا جي عقلمندي آزمائجي؛ تنهنڪري هڪڙي ڏينهن ارولا کي حڪم ڪيائين ته ”منهنجي لاءِ لذيذ ۾ لذيذ کاڌو تيار ڪر“. +اهو حڪم ٻڌي اَرولا بازار ويو، بازار ۾ هر طرف طرحين طرحين جون مزيدار ۽ سٺيون سٺيون شيون رکيون هيون. هن سڀئي شيون ڏٺيون ۽ ڪجهه ويچار کان پوءِ هڪڙي ڪاسائيءَ جي دڪان تي ويو ۽ هن کان ڍڳيءَ جي زبان خريد ڪيائين. گهر پهچي هن طرحين طرحين جي مسالن ۾ زبان رڌي تيار ڪئي ۽ ابتالي جي اڳيان آڻي رکي. ابتالي ڏاڍي مزي سان زبان کاڌي ۽ جڏهن کائي پوري ڪيائين، تڏهن هن ارولي کي چيو ته ”بازار ۾ ته گوشت ۽ ٻيون ڪيتريون ئي کائڻ جون سٺيون شيون هونديون، پر تو ڍڳيءَ جي زبان ڇو آندي؟“ +ارولا جواب ڏنو: ”سائين! زبان هڪ ڪمائتي شيءِ آهي. زبان سان اوهان سٺيون سٺيون ۽ چڱيون ڳالهيون ڪندا آهيو. انهيءَ سان ماڻهن کي چڱيون ڳالهيون سيکاري سگهجن ٿيون؛ انهن جي سٺن ڪمن جي ساراهه ڪري سگهجي ٿي ۽ ماڻهن کي سٺيون خبرون ٻڌائي سگهجن ٿيون.“ +اَبتالي چيو ته ”تو جيڪي چيو، اهو سمورو سچ آهي.“ پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو ته، ’اَرولو ته وڏو داناءُ ٿو ڏسجي!“ +پر ابتالي اڃا هن جو امتحان وٺڻ گهريو ٿي. ٻئي ڏينهن هن اَرولا کي چيو، ”منهنجي لاءِ اڄ سڀ کان وڌيڪ بيسواد ۽ خراب کاڌو ٺاهه.“ +اَرولا وري بازار ويو، سڀني شين کي ڏسڻ وائسڻ کان پوءِ هن وري ڍڳيءَ جي زبان خريد ڪئي ۽ اها ساڳيءَ طرح پچائي ابتالي جي اڳيان آڻي رکي. +اهو ڏسي ابتالو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ اَرولا کان پچڻ لڳو ته ”مون توکي چيو هو ته مون کي ڪو تمام لذيذ ۽ سٺو کاڌو کاراءِ، ته تو زبان رڌي ۽ هاڻي جڏهن مون توکي بيسواد ۽ خراب کاڌي لاءِ چيو ته وري به اهائي زبان رڌي آيو آهين، نيٺ ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ +اَرولا جواب ڏنو، .سائين! زبان سان ئي اوهان ڪنهن کي بيعزتو ڪريو ٿا، ان شخص جي سٺن سٺن ڪمن کي ننِديو ٿا. زبان سان ئي ماڻهن سان دغا ۽ دوکو ڪيو وڃي ٿو ۽ زبان سان ئي ملڪ ۽ قوم کي نقصان رسايو وڃي ٿو.“ +او جواب ٻڌي، اَبتالي چيو، ”تو جيڪي به چيو سو سمورو سچ آهي. تون ته پنهنجي وهيءَ کان گهڻو عقلمند آهين.“ اهو چئي، هن انهيءَ وقت اَرولا کي دنيا جو حاڪم مقرر ڪيو. +تيسر زال +اروي جي آکاڻي +ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري رهندو هو. هن جي زال ڏاڍي تيسر هئي. اها عورت ايتري ته تيسر، ضدي ۽ زورآور هئي، جو ڪو تيسر ۽ ضدي مرد به هن جو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. سڄو اوڙو پاڙو انهيءَ عورت مان ڪڪ هو؛ ڇاڪاڻ ته جيڪو به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته هوءَ ان جي اُبتڙ ڳالهه چوندي هئي. جيڪڏهن ڪير چوندو هو ته فلاڻي ماڻهوءَ هيءَ سُٺي ڳالهه ڪئي آهي، ته هوءَ ٺهه پهه چوندي هئي ته ”هن ته بنهه اجائي ۽ بيڪار ڳالهه ڪئي آهي.“ اهائي جُٺ هو دڪاندارن سان به ڪندي هئي. دڪاندار ڪنهن هڪ شيءِ جو نالو وٺندو هو ته هوءَ وري ٻي شيءِ گهرندي هئي. +پاڙيسري ته خير هن مان گهڻو ڪڪ هئا، پر سندس مڙس ويچاري هاريءَ جي جان ته ٻاروهي عذاب ۾ هوندي هئي. هو جيڪڏهن چوندو هو ته ”اڄ پاڻ ادي جي گهر هلنداسون.“ ته هوءَ ٺهه پهه چوندي هئي ته: ”نه نه، اڄ پاڻ منهنجيءَ ڀيڻ جي گهر هلنداسون.“ جيڪڏهن هو زال کي قميص کي ٽوپا ڏيڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ وري هن جي سٿڻ کي ٽوپا ڏيندي هئي. هو چانهه گهرندو هو ته پاڻي ڏيندي هيس ۽ جي پاڻي گهرندو هو ته هوءَ چانهه کڻي ايندي هئي. مطلب ته هاري جيڪا ڳالهه چوندو هو، هوءَ ان جي ابتڙ ڪم ڪندي هئي. +پاڙي وارا جڏهن هاريءَ کي سندس زال جي باري ۾ ڪا دانهن ڏيندا هئا ته هو چوندو هو: ”ادا، اوهان کي ته ڪڏهن ڪڏهن اهو آزار سهڻو پوي ٿو، پر اوهين مون ڏانهن به ڏسو. آءٌ ته رات ڏينهن انهيءَ مصيبت کي منهن ڏيو ويٺو آهيان. منهنجي حال جي اوهان کي ته ذري به خبر ڪانهي. مون کي ته کاڌو به وِهه ڪري ڏنو اٿس. جيڪڏهن گرهه چٻاڙي کائيندس ته چوندي ته کاڌو چٻاڙي نه کاءُ. جيڪڏهن رات جو ساڄي پاسي منهن ڪري ستل هوندس ته ننڊ مان اٿاري چوندي ته کاٻي پاسي منهن ڪري سمهه.“ +هڪڙي ڏينهن هاري ۽ سندس زال صبح ساڻ پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ويا. ٻنيءَ ۾ هنن ڄانڀو پوکيو هو. جڏهن ٻيئي ٻنيءَ ۾ پهتا ته هاريءَ چيو: ”فصل تيار ٿي ويو آهي. اڱاري تي فصل لڻنداسون.“ +”اڱاري تي نه، سومر تي فصل لڻنداسون.“ زال جواب ڏنو. +��اريءَ چيو: ”چڱو، سومر تي ئي. آءٌ پنهنجن دوستن، سنگتين کي به وٺي ايندس ته پنهنجو هٿ ونڊائين.“ +زال جواب ڏنو: ”نه نه، انهن کي ڪڏهن به نه آڻجانءِ، پر فلاڻن فلاڻن کي وٺي اچجانءِ.“ +ويچارو هاري ته زال جي انهن گهمتارين جو عادي ٿي پيو هو، سو چيائين: ”چڱو، جيڪا تنهنجي صلاح. انهن کي ئي وٺي ايندس ۽ صبح جو سج اُڀرڻ سان ئي ڪم ۾ لڳنداسون.“ +انهيءَ تي زال چيو: ”نه، سج اُڀرڻ سان نه، پر پرهه ڦٽيءَ جو اينداسون.“ +هاريءَ وري آسمان ڏانهن ڏسندي چيو: ”هن هفتي موسم به سٺي هوندي.“ +”نه نه، پڪ سان مينهن وسندو.“ زال جواب ڏنو. +هاريءَ چيو: ”مينهن هجي يا اُس، اسين ڏاٽي سان فصل لڻنداسون.“ +زال وڏي واڪي وراڻيو، ”ڇا ٿو چوين! ڏاٽي سان نه نه، فصل ڪئنچيءَ سان لڻنداسون.“ +”ڪئنچيءَ سان!“ هاريءَ عجب مان پڇيو، ”ڪڏهن ڪنهن ڪئچيءَ سان به فصل لڻيو آهي؟ فصل ته ڏاٽي سان ئي لڻبو آهي.“ +”نه، هرگز نه، فصل ڪئنچيءَ سان لڻبو.“ زال رڙ ڪري چيو. +نيٺ ٻيئي پاڻ ۾ تڪرار ڪندا ٻنيءَ کان نڪتا ۽ درياءَ جي پل وٽ آيا. هاريءَ وري چيو، ”فصل ڏاٽي سان لڻبو.“ +”ڪئنچيءَ سان، ڪئنچيءَ سان!“ هاريءَ جي زال رڙيون ڪندي چيو. هوءَ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ سڄي پئي ڏڪي. هن کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو ۽ هوءَ درياءَ ۾ ڪري پئي. درياءَ ۾ ڪرندي ئي هوءَ پاڻيءَ ۾ هيٺ هلي وئي. پر ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هوءَ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي آئي، تڏهن بچائڻ لاءِ ڪنهن کي سڏڻ جي بدران هن وڏي آواز چيو، ”ڪئنچيءَ سان.“ ائين چئي هوءَ وري پاڻيءَ ۾ هيٺ هلي ويئي. جڏهن هوءَ پاڻيءَ ۾ پئي ويئي ته هاريءَ وري رڙ ڪري چيو، ”ڏاٽي سان.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ عورت وري مٿاڇري تي آئي ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي ”ڪئنچيءَ سان.“ ائين چوندي چوندي، هوءَ وري ٽٻيون کائڻ لڳي ته هاريءَ به رڙيون ڪري چيو، ”ڏاٽي سان.“ پر ٻڏندي ٻڏندي به هن پنهنجو هٿ مٿي کنيو ۽ آڱرين جي اشارن سان چيو، فصل ڪئنچيءَ سان لڻبو، ۽ اهڙيءَ ريت هوءَ ٻڏي ويئي. +هاري موٽي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجن دوستن ۽ سنگتين کي خبر ڪيائين. سڀئي وري درياءَ ڏانهن ويا ۽ درياءَ ۾ هاريءَ جي زال کي ڳولڻ لڳا. هنن درياءَ جي هيٺئين رخ تي پري پري تائين ٽٻيون هڻي، هاريءَ جي زال کي ڳوليو، پر هوءَ ڪنهن کي به هٿ نه آئي. سڀئي حيران هئا ته هوءَ درياءَ ۾ ڪيڏانهن گم ٿي وئي! پر هاريءَ چيو، ”اوهان سڀني کي خبر ڪانهي ته هوءَ تيسر هئي. ٻيو ڪو هجي ها ته هن جو لاش برابر وهڪري جي رخ تي وڃي ها، پر پڪ سان هوءَ اُڀي رخ وئي آهي. هلو ته مٿئين طرف ڳوليونس.“ +پوءِ جڏهن ماڻهن درياءَ جي پل جي هن پاسي، وهڪري جي اُڀي رخ وڃي ڏٺو ته هاريءَ جي ڳالهه سچي نڪتي. هن جي زال جو لاش سچ ته وهڪري جي مٿئين پاسي وهندو پئي ويو. اهو ڏسي سڀني چيو ته ”مار! ڏاڍي ڪا تيسر عورت آهي. + + +چاچا ڪويوٽي نڪارا گؤا جي آکاڻي هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو بگهڙ رهندو هو، جنهن کي چاچا ڪويوٽي چوندا هئا. اهو بگهڙ رهندو ته ٻنين ۾ هو پر بنا ڪنهن دپ ڊاءَ جي سڄي ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو، ان جي ڏنگائين کان بيزار ٿي پيا هئا، پر ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته بگهڙ ڏاڍو چالاڪ ۽ حرفتي هوندو هو ۽ ڪنهن جي به وٺ ۾ نه ايندو هو. ڳوٺ ۾ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا جانور رهندا هئا، پر اهي به ان کان ڊڄندا هئا، هڪڙو سَهو هو، جيڪو ان کان اصل ڪونه ڊڄندو هو. اٽلو سَهو بگهڙ کي نيون نيون چالاڪيون سيکاريندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن چاچا ڪويوٽي هڪڙي وڻ جي هيٺان سُتو پيو هو ته سَهو به چڪر هڻندو اتي آيو. سهي بگهڙ کي ننڊ مان اٿاريو ۽ چيو ”چاچا ڪويوٽي اُٿ، هڪڙي مزيدار خبر آندي اٿم.“ اهو ٻڌي بگهڙ اٿي ويٺو ۽ پڇڻ لڳو ته ”ڪهڙي خبر آندي اٿئي؟“ سَهي چيو ته ”آءٌ هينئر سڌو پيڊري جي باغ مان پيو اچان. اتي مون هڪ وڏي ۽ پڪل ڇانهين ڏٺي آهي. اها ڳالهه ٻڌندي ئي بگهڙ جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ چوڻ لڳو ”هل، جلدي ڪر ته پيڊري جي باغ ۾ هلون.“ ٻيئي وڻن ۽ لوڙهي جي پٺيان لڪندا لڪندا، باغ ۾ وڃي پهتا، بگهڙ هڪدم ڇانهين پٽي ان جا ٻه ٽڪرا ڪيا ۽ هڪ ٽڪرو سهي کي ڏنو ۽ ٻيو ٽڪرو پاڻ کائڻ لڳو. ٿوريءَ دير ۾ ئي ڇانهين کائي پوري ڪري، بگهڙ پنهنجا چَپَ چٽَڻ لڳو ۽ ڇانهين جي کل کي ڏسڻ لڳو. هو ڏاڍو خوش هو ته ايتري ۾ پيڊري جي نوڪرياڻيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن چيو پئي: ”اڄ رات مانيءَ کان پوءِ اسين ڇانهين به کائينداسون.“ اهو ٻڌي بگهڙ چيو، ”اڙي مري وياسون! مصيبت اچي ويئي! اڄ رات نوڪرياڻيءَ کي ڇانهين نه ملندي ته پڪ سمجهندي ته آءٌ کائي ويس.“ سَهي چيو: ”آءٌ توکي هڪڙي اٽڪل ٻڌايان ٿو، ”ڇانهينءَ جي کلن ۾ مٽي ڀري، ڇانهين ساڳئي هنڌ رکي ڇڏ.“ بگهڙ کي اها اٽڪل ڏاڍي وڻي، ٻنهي گڏجي جلدي جلدي ڇانهينءَ جي کلن ۾ مٽي ۽ گپ ڀري، انهن کي چڱيءَ طرح ملائي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو. اهو ڪم لاهي بگهڙ پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اتي هڪڙي وڻ جي هيٺان آرام سان سمهي رهيو. پر سَهو اتي ئي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته ڏسجي ته پيڊرو جي پوڙهي نوڪرياڻي ڇا ٿي ڪري؟ ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي آئي ۽ ڇانهين کڻي گهر هلي ويئي. سَهي به ٿوري دير رکي هن جي پٺ ورتي ۽ گهر کان ٿورو پري ترسي ڪن ڏئي بيٺو. ايتري ۾ گهر جي بورچيخاني مان نوڪرياڻيءَ جي ڪاوڙ ڀريل رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن ٿورو گوڙ لٿو ته سَهو اڻڄاڻ ٿي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ ويو ۽ پوڙهي نوڪرياڻيءَ کان پڇڻ لڳو ”ناني، اوهان خير مان رڙيون پئي ڪيون؟“ ”خير وري ڇا جو!“ پوڙهيءَ جواب ڏنو. ”خبر اٿئي ته ان مئي بگهڙ ڇا ڪيو آهي؟ هن ندوري پيڊرو جي ڇانهين کائي، کلن ۾ مِٽي ۽ گارو ڀري اتي ئي رکي ڇڏي. مون کي ڀلا ڪهڙي خبر. مون جو پيڊرو جي کائڻ لاءِ ڇانهين وڍي ته سڄي رڪابي ۽ ميز مٽي ۽ گپ سان ڀرجي ويئي. انهيءَ بگهڙ نالائق جا اجهو اهي ڪم آهن.“ سَهي چيو، ”جيڪڏهن اوهان چئو ته آءٌ بگهڙ کي وٺي اچان ٿو، پوءِ اوهان ان سان چڱيءَ طرح جُٺ ڪريو؟“ پوڙهيءَ خوش ٿيندي چيو، ”ڏاڍو سٺو. سَها، تون ته ڪو ڏاڍو سمجهو ٿو ڏسجين. تون هن کي ڪنهن نموني سان وٺي اچ ۽ هيءُ وٺ پنهنجو انعام.“ ائين ئي پوڙهيءَ سهي کي هڪڙو ميوو ڏنو. هيڏانهن اهو سڀ ڪجهه پئي ٿيو ۽ هوڏانهن بگهڙ ڏاڍي آرام سان وڻ هيٺان ستو پيو هو. انهيءَ وڻ تي هڪڙو وڏو پکي به ويٺو هو، جيڪو زور زور سان ٻوليون ڪرڻ لڳو. پکيءَ جي رڙين تي بگهڙ جي اک کلي ويئي ۽ هن کي پکيءَ جي بي وقت رڙين ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. بگهڙ گير ڪندي پکيءَ کي هڪل ڪئي، ”بيوقوف، رڙيون ته نه ڪر. ڏسين نٿو ته آءٌ آرام پيو ڪريان؟“ اهو چئي هن وري سُمهڻ لاءِ اکيون بند ڪيون، پر اهو پکي به ڪو ڏاڍو تيسر هو ۽ ان، بگهڙ کي ڄڻ ته ٻڌو ئي ڪونه. پکيءَ وري به زور زور سان رڙيون ڪيون. بگهڙ کي ويتر خار لڳو ۽ وڌيڪ زور سان دڙڪا ڏيڻ لڳو. ”جيڪڏهن تو وري رڙيون ڪيون ته آءٌ توکي اهڙي سيکت ڏيندس جو سڄي عمر ياد ڪندين.“ اهو ٻڌي پکي ته ماٺ ڪئي پر سوچڻ لڳو ته ’بگهڙ کي ڪا سزا ضرور ملڻ کپي.‘ انهيءَ پکي جي هڪڙي عجيب خصلت هيءَ هوندي هئي ته جيئن نانگ هر سال پنهنجي کنڀن سوڌو کل مٽائيندو هو. اهڙي ريت ان ڏينهن انهيءَ پکيءَ کي پنهنجي کل مٽائڻي هئي؛ تنهنڪري پکيءَ پنهنجي کل لاهي ان ۾ پٿر، مِٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو ڀري، جتي پاڻ ويٺو هو، اتي رکي ڇڏيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ ته سچ پچ ڪو ٿُلهو متارو پکي ويٺو آهي. پوءِ پکي اُڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو ۽ زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳو. انهي تي بگهڙ ڪاوڙ جهلي نه سگهيو ۽ ٽپ ڏيئي انهيءَ پکي ۾ وڃي وات وڌائين جهن ۾ پٿر، مٽي ۽ ڪچرو ڀريل هو. بگهڙ ته ڪاوڙ ۾ هو، سو وٺي زور زور سان چٻاڙڻ لڳو، پر پٿرن جي ڪري ويچاري بگهڙ جا ڪيترائي ڏند ڀڄي پيا ۽ هو هيٺ ڪِري تڪليف ۽ سُور وچان ڇُڙهيون هڻڻ لڳو. انهيءَ وقت سَهو به اتي پهچي ويو ۽ پڇڻ لڳو، ”ڇو چاچا، خير ته آهي؟“ بگهڙ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته سهي خوش ٿي چيو، ”تون مون سان گڏ پيڊرو جي گهر هل. هن جي پوڙهي نوڪرياڻيءَ وٽ ڏندن جي سور جي ڏاڍي سٺي دوا آهي.“ بگهڙ جي حالت اڳ ۾ ئي خراب هئي، سو هڪدم تيار ٿيو ۽ سَهي سان گڏ هلڻ لڳو، پر جيئن ئي ٻيئي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ پهتا ته پوڙهي نوڪرياڻيءَ ٻريل بُنڊي کڻي وڌي آئي ۽ بگهڙ کي چيائين، ”چاچا ڪويوٽو! هيءَ وٺ پنهنجو انعام ڇانهين چورائڻ جو.“ اهو چئي بگهڙ جي پُڇ کي کڻي باهه ڏنايئن. ڏندن جي سور سان گڏ هينئر بگهڙ جو پُڇ به پئي سڙيو، سو هو دانهون ڪوڪون ڪندو وٺي ڀڳو. سَهو به هن جي پٺيان رڙيون ڪندو آيو ته ”خدا حافظ! چاڇا ڪويوٽي! ڏند ڀڳا، پُڇ سڙيا چاچا ڪويوٽي خدا حافظ“. پر بگهڙ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ڊوڙندو ڊوڙندو درياءَ تي آيو ۽ ٽپو ڏئي ان ۾ وڃي ڪِريو. پوءِ اهو ڏينهن ۽ هيءُ ڏينهن، بگهڙ وري ڪنهن ڳوٺ يا وسنديءَ ۾ نظر نه آيو. بهادر ڪنڀار هندستان جي آکاڻي هڪڙي ڀيري هڪڙو شينهن ڪنهن ڳوٺ جي ويجهو پئي گهميو. اوچتو واچوڙو لڳو ۽ سخت مينهن ۽ طوفان آيو. شينهن ڳوٺ ڏانهن ڀڳو ۽ هڪڙي جهوپڙي جي ويجهو لِڪي ويٺو. انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ هڪڙي پوڙهي عورت رهندي هئي. ڏاڍي مينهن پوڻ سبب جهوپڙيءَ جي ڇِت پئي ٽمي. ويچاري پوڙهي پنهنجو سامان مينهن کان بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پئي رکيو. ٻاهر شينهن اهي آواز پئي ٻڌا ۽ سوچڻ ٿي لڳو ته اهي آواز ڇا جا آهن؟ پوڙهي هر هر پئي چيو ته ”هن ٽم ٽم مان ته آءٌ ڦاٿي آهيان. هن ته منهنجو سڄو سامان خراب ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ هن ٽم ٽم کان پنهنجي جان ڇڏائي ڪيڏانهن وڃان؟“ اهو ٻڌي شينهن سوچڻ لڳو ته ”اها ٽم ٽم ڪهڙي آفت آهي! جنهن کان پوڙهي ايترو پئي ڊڄي؟ پڪ سان اهو ڪو خوفناڪ جانور آهي.“ ايتري ۾ هڪڙو ڪنڀار به اتان اچي لنگهيو. هن جو گڏهه مينهن ۽ طوفان ۾ ڪيڏانهن ڀڄي ويو هو. اوندهه ۾ ڪنڀار جي نظر شينهن تي پئي ۽ هن سمجهيو ته اهو ئي منهنجهو گڏهه آهي. سو ڊوڙي ويو شينهن ڏانهن ۽ هن کي لتن ۽ مڪن هڻڻ ۾ لڳي ويو. شينهن تي جو اوچتو لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو ٿيو ته هن سمجهيو ته پوڙهيءَ واري آفت ٽم ٽم اچي ويئي آهي ۽ مون کي هتي لِڪل ڏسي مارڻ لڳي آهي. شينهن ڊپ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهيو. هوڏانهن ڪنڀار شينهن کي ماريندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته ”هل گهر! هل ته تنهنجي چڱيءَ طرح خبر وٺان ٿو. انهيءَ کان پوءِ ڪنڀار لانگ ورائي شينهن تي چڙهي ويٺو ۽ هن کي پنهنجي گهر ڏانهن هڪليندو وٺي ويو. گهر پهچي ڪنڀار شينهن کي دروازي وٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وڃي سمهي رهيو. صبح جو سوير ڪنڀار جي زال جي اک کلي ته ڏسي ته دروازي تي شينهن ٻڌو پيو آهي. هوءَ ڊوڙي اندر وئي ۽ پنهنجي مڙس کي چوڻ لڳي ته ”رات تون ڪهڙي جانور کي جهلي وٺي آيو آهين؟ ٿورو اٿي ڏس ته هلي. در تي ته شينهن ٻڌو پيو آهي!“ ڪنڀار اٿي کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ دروازي تي شينهن کي ٻڌل ڏسي خوف وچان ڪنبڻ لڳو. هوڏانهن سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي ته ڪنڀار ��ڪڙي شينهن کي جهلي پنهنجي گهر ۾ ٻڌي ويهاريو آهي. اها خبر جڏهن راجا تائين پهتي تڏهن هو به ڪنڀار جي جهوپڙيءَ ۾ شينهن کي ڏسڻ لاءِ آيو. راجا کي ويتر حيراني ٿي. ڇاڪاڻ جو اهو شينهن اهو ئي هو جنهن راجا جي ملڪ ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو ۽ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺاڻي کي ماري کائيندو هو. مطلب ته راجا ڪنڀار جي بهادريءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن هڪدم ڪنڀار کي پنهنجيءَ فوج جو سپـﮧ سالار مقرر ڪيو ۽ انعام ۾ ڪيترو ئي ڌن دولت ڏنو. هاڻي ته ڪنڀار ۽ سندس زال ڏاڍي آرام سان زندگي گذارڻ لڳا. انهيءَ ڳالهه کي ڪيترو ئي وقت ٿي ويو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن ٻئي بادشاهه راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. راجا اوچتي حملي کان ڊڄي ويو. هن هڪدم پنهنجن اميرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گهرايو ۽ فوج کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. پر هاڻي سوال اٿيو ته فوج جو سپـﮧ سالار ڪير ٿيندو؟ سڀني اميرن ۽ وزيرن انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ راجا بهادر ڪنڀار کي گهرايو ۽ فوج هن جي حوالي ڪئي. ڪنڀار انهيءَ تي لاچار راضي ٿيو، پر هن راجا کي چيو ته ”آءٌ اڪيلي سر دشمن جي فوج سان وڙهندس. مون سان ٻيو ڪير به گڏ نه هلي.“ راجا اها ڳالهه مڃي ۽ ڪنڀار گهر ڏانهن روانو ٿيو. هو راجا سان ها ته ڪري ويٺو هو پر هن جي دل ۾ ڏاڍو خوف هو. نيٺ گهر اچي هُن پنهنجيءَ زال سان ڳالهه ڪئي. زال به اچي مُڌي. ايتري ۾ راجا پنهنجو خاص گهوڙو ڪنڀار ڏانهن موڪليو ته ”ان تي چڙهي دشمن جي لشڪر جي خبرچار وٺي اچ.“ ڪنڀار ويچارو سڄي عمر گهوڙي تي نه چڙهيو هو، سو راجا جو گهوڙو ڏسي ويتر ڊڄڻ لڳو ۽ زال کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ گهوڙي جي پُٺيءَ تي چڙهي ويهان ٿو. تون هڪڙو ٿلهو رسو کڻي مون کي گهوڙي سان سوگهو ٻڌي ڇڏ.“ اهو چئي ڪنڀار ڏاڍي تڪليف سان گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ هن جي زال هڪ ٿلهو رسو کڻي هن کي گهوڙي جي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏيو. انهيءَ تي گهوڙي ٽاهه کاڌو ۽ نرَا مٿي کڻي وٺي ڀڳو. ڪنڀار گهوڙي تي چڙهي ته ويٺو، پر هن جي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ گهوڙو هو، جيڪو سر ميدان ڏيندو ڀڄندو ويو. اڳيان رستي تي ڪيوڙي جو وڻ هو. گهوڙو جڏهن ان جي ڀرسان لنگهيو ته ڪنڀار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ان وڻ کي کڻي جهليو. پر وڻ پاڙؤن پٽجي آيو ۽ گهوڙو ويتر زور زور سان ڀڄڻ لڳو. اهڙيءَ ريت ڪيوڙي جو وڻ ڪنڀار جي هٿن ۾ هليو ويو. گهوڙو ڀڄندو ڀڄندو، وڃي دشمن جي فوج ۾ پيو. دشمن جي فوجين جڏهن ڏٺو ته هڪ سوار هٿ ۾ هڪ وڏو وڻ کنيو اسان ڏانهن پيو اچي ته هنن کي ڏاڍو خوف ٿيو ۽ هنن پنهنجي سردار کي چيو ته ”اسين اهڙي بهادر راجا سان ڪونه وڙهنداسون، جنهن جو سردار هيڏو وڏو وڻ کنيو ٿو اچي.“ انهيءَ تي سردار هڪدم فوجن کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪڙو خط لکي پنهنجي تنبوءَ ۾ رکي پاڻ به روانو ٿي ويو. خط ۾ لکيل هو ته ”اسين آئيندي وري ڪڏهن به اوهان جي ملڪ تي حملو نه ڪنداسون!“ اتي ڪنڀار جو گهوڙو به ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو هو، سو سردار جي تنبوءَ وٽ اچي بيهي رهيو. ڪنڀار ڌڻيءَ جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ اتي گهوڙي تان لهي پيو. دشمن ته اڳ ۾ ئي ڀڄي ويو هو، سو ڪنڀار انهيءَ تنبوءَ ۾ ويو ۽ خوف ۽ ٿڪ وچان بيهوش ٿي اتي ڪِري پيو. گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هن کي سامت آئي تڏهن هن کي اتي هڪڙو خط پيل ڏسڻ ۾ آيو. هن اهو خط کنيو ۽ خوش ٿيندو پنهنجي گهر ڏانهن ويو. گهر اچي ڪنڀار زال کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائينس ته هاڻي تون اهو خط راجا کي ڏئي اچ. زال اهو خط کڻي راجا وٽ ويئي ۽ چيائين ته ”منهنجي مڙس دشمن کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي. هو هينئر ڏاڍو ٿڪل آهي، تنهنڪري سڀاڻي صبح جو درٻار ۾ حاضر ٿيندو.“ راجا خط وٺي پڙهيو ته خبر پيس ته دشمن جون فوجون سچ پچ واپس هليون ويون آهن. انهيءَ تي راجا ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي ڏينهن ڪنڀار درٻار ۾ آيو ته سڀيئي وزير ۽ امير هن جي آڌرڀاءُ لاءِ موجود هئا. راجا هن کي ڏاڍي عزت ۽ مان سان ڀرسان ويهاريو ۽ ڪيترائي انعام، مال ۽ دولت ڏئي گهر اماڻيو. ان ڏينهن کان جتي ڪٿي ڪنڀار جي بهادريءَ جي تعريف ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهو هن کي عزت ڏيڻ لڳا. +چاچا ڪويوٽي +نڪارا گؤا جي آکاڻي +هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو بگهڙ رهندو هو، جنهن کي چاچا ڪويوٽي چوندا هئا. اهو بگهڙ رهندو ته ٻنين ۾ هو پر بنا ڪنهن دپ ڊاءَ جي سڄي ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو، ان جي ڏنگائين کان بيزار ٿي پيا هئا، پر ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته بگهڙ ڏاڍو چالاڪ ۽ حرفتي هوندو هو ۽ ڪنهن جي به وٺ ۾ نه ايندو هو. ڳوٺ ۾ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا جانور رهندا هئا، پر اهي به ان کان ڊڄندا هئا، هڪڙو سَهو هو، جيڪو ان کان اصل ڪونه ڊڄندو هو. اٽلو سَهو بگهڙ کي نيون نيون چالاڪيون سيکاريندو رهندو هو. +هڪڙي ڏينهن چاچا ڪويوٽي هڪڙي وڻ جي هيٺان سُتو پيو هو ته سَهو به چڪر هڻندو اتي آيو. سهي بگهڙ کي ننڊ مان اٿاريو ۽ چيو ”چاچا ڪويوٽي اُٿ، هڪڙي مزيدار خبر آندي اٿم.“ اهو ٻڌي بگهڙ اٿي ويٺو ۽ پڇڻ لڳو ته ”ڪهڙي خبر آندي اٿئي؟“ سَهي چيو ته ”آءٌ هينئر سڌو پيڊري جي باغ مان پيو اچان. اتي مون هڪ وڏي ۽ پڪل ڇانهين ڏٺي آهي. اها ڳالهه ٻڌندي ئي بگهڙ جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ چوڻ لڳو ”هل، جلدي ڪر ته پيڊري جي باغ ۾ هلون.“ +ٻيئي وڻن ۽ لوڙهي جي پٺيان لڪندا لڪندا، باغ ۾ وڃي پهتا، بگهڙ هڪدم ڇانهين پٽي ان جا ٻه ٽڪرا ڪيا ۽ هڪ ٽڪرو سهي کي ڏنو ۽ ٻيو ٽڪرو پاڻ کائڻ لڳو. ٿوريءَ دير ۾ ئي ڇانهين کائي پوري ڪري، بگهڙ پنهنجا چَپَ چٽَڻ لڳو ۽ ڇانهين جي کل کي ڏسڻ لڳو. هو ڏاڍو خوش هو ته ايتري ۾ پيڊري جي نوڪرياڻيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن چيو پئي: ”اڄ رات مانيءَ کان پوءِ اسين ڇانهين به کائينداسون.“ اهو ٻڌي بگهڙ چيو، ”اڙي مري وياسون! مصيبت اچي ويئي! اڄ رات نوڪرياڻيءَ کي ڇانهين نه ملندي ته پڪ سمجهندي ته آءٌ کائي ويس.“ +سَهي چيو: ”آءٌ توکي هڪڙي اٽڪل ٻڌايان ٿو، ”ڇانهينءَ جي کلن ۾ مٽي ڀري، ڇانهين ساڳئي هنڌ رکي ڇڏ.“ +بگهڙ کي اها اٽڪل ڏاڍي وڻي، ٻنهي گڏجي جلدي جلدي ڇانهينءَ جي کلن ۾ مٽي ۽ گپ ڀري، انهن کي چڱيءَ طرح ملائي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو. اهو ڪم لاهي بگهڙ پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اتي هڪڙي وڻ جي هيٺان آرام سان سمهي رهيو. پر سَهو اتي ئي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته ڏسجي ته پيڊرو جي پوڙهي نوڪرياڻي ڇا ٿي ڪري؟ ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي آئي ۽ ڇانهين کڻي گهر هلي ويئي. سَهي به ٿوري دير رکي هن جي پٺ ورتي ۽ گهر کان ٿورو پري ترسي ڪن ڏئي بيٺو. ايتري ۾ گهر جي بورچيخاني مان نوڪرياڻيءَ جي ڪاوڙ ڀريل رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن ٿورو گوڙ لٿو ته سَهو اڻڄاڻ ٿي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ ويو ۽ پوڙهي نوڪرياڻيءَ کان پڇڻ لڳو ”ناني، اوهان خير مان رڙيون پئي ڪيون؟“ +”خير وري ڇا جو!“ پوڙهيءَ جواب ڏنو. ”خبر اٿئي ته ان مئي بگهڙ ڇا ڪيو آهي؟ هن ندوري پيڊرو جي ڇانهين کائي، کلن ۾ مِٽي ۽ گارو ڀري اتي ئي رکي ڇڏي. مون کي ڀلا ڪهڙي خبر. مون جو پيڊرو جي کائڻ لاءِ ڇانهين وڍي ته سڄي رڪابي ۽ ميز مٽي ۽ گپ سان ڀرجي ويئي. انهيءَ بگهڙ نالائق جا اجهو اهي ڪم آهن.“ +سَهي چيو، ”جيڪڏهن اوهان چئو ته آءٌ بگهڙ کي وٺي اچان ٿو، پوءِ اوهان ان سان چڱيءَ طرح جُٺ ڪريو؟“ +پوڙهيءَ خوش ٿيندي چيو، ”ڏاڍو سٺو. سَها، تون ته ڪو ڏاڍو سمجهو ٿو ڏسجين. تون هن کي ڪنهن نموني سان وٺي اچ ۽ هيءُ وٺ پنهنجو انعام.“ ائين ئي پوڙهيءَ سهي کي هڪڙو ميوو ڏنو. +هيڏانهن اهو سڀ ڪجهه پئي ٿيو ۽ هوڏانهن بگهڙ ڏاڍي آرام سان وڻ هيٺان ستو پيو هو. انهيءَ وڻ تي هڪڙو وڏو پکي به ويٺو هو، جيڪو زور زور سان ٻوليون ڪرڻ لڳو. پکيءَ جي رڙين تي بگهڙ جي اک کلي ويئي ۽ هن کي پکيءَ جي بي وقت رڙين ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. بگهڙ گير ڪندي پکيءَ کي هڪل ڪئي، ”بيوقوف، رڙيون ته نه ڪر. ڏسين نٿو ته آءٌ آرام پيو ڪريان؟“ اهو چئي هن وري سُمهڻ لاءِ اکيون بند ڪيون، پر اهو پکي به ڪو ڏاڍو تيسر هو ۽ ان، بگهڙ کي ڄڻ ته ٻڌو ئي ڪونه. پکيءَ وري به زور زور سان رڙيون ڪيون. بگهڙ کي ويتر خار لڳو ۽ وڌيڪ زور سان دڙڪا ڏيڻ لڳو. ”جيڪڏهن تو وري رڙيون ڪيون ته آءٌ توکي اهڙي سيکت ڏيندس جو سڄي عمر ياد ڪندين.“ +اهو ٻڌي پکي ته ماٺ ڪئي پر سوچڻ لڳو ته ’بگهڙ کي ڪا سزا ضرور ملڻ کپي.‘ انهيءَ پکي جي هڪڙي عجيب خصلت هيءَ هوندي هئي ته جيئن نانگ هر سال پنهنجي کنڀن سوڌو کل مٽائيندو هو. اهڙي ريت ان ڏينهن انهيءَ پکيءَ کي پنهنجي کل مٽائڻي هئي؛ تنهنڪري پکيءَ پنهنجي کل لاهي ان ۾ پٿر، مِٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو ڀري، جتي پاڻ ويٺو هو، اتي رکي ڇڏيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ ته سچ پچ ڪو ٿُلهو متارو پکي ويٺو آهي. پوءِ پکي اُڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو ۽ زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳو. انهي تي بگهڙ ڪاوڙ جهلي نه سگهيو ۽ ٽپ ڏيئي انهيءَ پکي ۾ وڃي وات وڌائين جهن ۾ پٿر، مٽي ۽ ڪچرو ڀريل هو. بگهڙ ته ڪاوڙ ۾ هو، سو وٺي زور زور سان چٻاڙڻ لڳو، پر پٿرن جي ڪري ويچاري بگهڙ جا ڪيترائي ڏند ڀڄي پيا ۽ هو هيٺ ڪِري تڪليف ۽ سُور وچان ڇُڙهيون هڻڻ لڳو. +انهيءَ وقت سَهو به اتي پهچي ويو ۽ پڇڻ لڳو، ”ڇو چاچا، خير ته آهي؟“ بگهڙ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته سهي خوش ٿي چيو، ”تون مون سان گڏ پيڊرو جي گهر هل. هن جي پوڙهي نوڪرياڻيءَ وٽ ڏندن جي سور جي ڏاڍي سٺي دوا آهي.“ +بگهڙ جي حالت اڳ ۾ ئي خراب هئي، سو هڪدم تيار ٿيو ۽ سَهي سان گڏ هلڻ لڳو، پر جيئن ئي ٻيئي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ پهتا ته پوڙهي نوڪرياڻيءَ ٻريل بُنڊي کڻي وڌي آئي ۽ بگهڙ کي چيائين، ”چاچا ڪويوٽو! هيءَ وٺ پنهنجو انعام ڇانهين چورائڻ جو.“ اهو چئي بگهڙ جي پُڇ کي کڻي باهه ڏنايئن. ڏندن جي سور سان گڏ هينئر بگهڙ جو پُڇ به پئي سڙيو، سو هو دانهون ڪوڪون ڪندو وٺي ڀڳو. سَهو به هن جي پٺيان رڙيون ڪندو آيو ته ”خدا حافظ! چاڇا ڪويوٽي! ڏند ڀڳا، پُڇ سڙيا چاچا ڪويوٽي خدا حافظ“. پر بگهڙ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ڊوڙندو ڊوڙندو درياءَ تي آيو ۽ ٽپو ڏئي ان ۾ وڃي ڪِريو. +پوءِ اهو ڏينهن ۽ هيءُ ڏينهن، بگهڙ وري ڪنهن ڳوٺ يا وسنديءَ ۾ نظر نه آيو. +بهادر ڪنڀار +هندستان جي آکاڻي +هڪڙي ڀيري هڪڙو شينهن ڪنهن ڳوٺ جي ويجهو پئي گهميو. اوچتو واچوڙو لڳو ۽ سخت مينهن ۽ طوفان آيو. شينهن ڳوٺ ڏانهن ڀڳو ۽ هڪڙي جهوپڙي جي ويجهو لِڪي ويٺو. انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ هڪڙي پوڙهي عورت رهندي هئي. ڏاڍي مينهن پوڻ سبب جهوپڙيءَ جي ڇِت پئي ٽمي. ويچاري پوڙهي پنهنجو سامان مينهن کان بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پئي رکيو. ٻاهر شينهن اهي آواز پئي ٻڌا ۽ سوچڻ ٿي لڳو ته اهي آواز ڇا جا آهن؟ پوڙهي هر هر پئي چيو ته ”هن ٽم ٽم مان ته آءٌ ڦاٿي آهيان. هن ته منهنجو سڄو سامان خراب ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ هن ٽم ٽم کان پنهنجي جان ڇڏائي ڪيڏانهن وڃان؟“ +اهو ٻڌي شينهن سوچڻ لڳو ته ”اها ٽم ٽم ڪهڙي آفت آهي! جنهن کان پوڙهي ايترو پئي ڊڄي؟ پڪ سان اهو ڪو خوفناڪ جانور آهي.“ ايتري ۾ هڪڙو ڪنڀار به اتان اچي لنگهيو. هن جو گڏهه مينهن ۽ طوفان ۾ ڪيڏانهن ڀڄي ويو هو. اوندهه ۾ ڪنڀار جي نظر شينهن تي پئي ۽ هن سمجهيو ته اهو ئي منهنجهو گڏهه آهي. سو ڊوڙي ويو شينهن ڏانهن ۽ هن کي لتن ۽ مڪن هڻڻ ۾ لڳي ويو. شينهن تي جو اوچتو لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو ٿيو ته هن سمجهيو ته پوڙهيءَ واري آفت ٽم ٽم اچي ويئي آهي ۽ مون کي هتي لِڪل ڏسي مارڻ لڳي آهي. شينهن ڊپ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهيو. هوڏانهن ڪنڀار شينهن کي ماريندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته ”هل گهر! هل ته تنهنجي چڱيءَ طرح خبر وٺان ٿو. انهيءَ کان پوءِ ڪنڀار لانگ ورائي شينهن تي چڙهي ويٺو ۽ هن کي پنهنجي گهر ڏانهن هڪليندو وٺي ويو. گهر پهچي ڪنڀار شينهن کي دروازي وٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وڃي سمهي رهيو. صبح جو سوير ڪنڀار جي زال جي اک کلي ته ڏسي ته دروازي تي شينهن ٻڌو پيو آهي. هوءَ ڊوڙي اندر وئي ۽ پنهنجي مڙس کي چوڻ لڳي ته ”رات تون ڪهڙي جانور کي جهلي وٺي آيو آهين؟ ٿورو اٿي ڏس ته هلي. در تي ته شينهن ٻڌو پيو آهي!“ ڪنڀار اٿي کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ دروازي تي شينهن کي ٻڌل ڏسي خوف وچان ڪنبڻ لڳو. +هوڏانهن سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي ته ڪنڀار هڪڙي شينهن کي جهلي پنهنجي گهر ۾ ٻڌي ويهاريو آهي. اها خبر جڏهن راجا تائين پهتي تڏهن هو به ڪنڀار جي جهوپڙيءَ ۾ شينهن کي ڏسڻ لاءِ آيو. راجا کي ويتر حيراني ٿي. ڇاڪاڻ جو اهو شينهن اهو ئي هو جنهن راجا جي ملڪ ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو ۽ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺاڻي کي ماري کائيندو هو. مطلب ته راجا ڪنڀار جي بهادريءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن هڪدم ڪنڀار کي پنهنجيءَ فوج جو سپـﮧ سالار مقرر ڪيو ۽ انعام ۾ ڪيترو ئي ڌن دولت ڏنو. هاڻي ته ڪنڀار ۽ سندس زال ڏاڍي آرام سان زندگي گذارڻ لڳا. +انهيءَ ڳالهه کي ڪيترو ئي وقت ٿي ويو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن ٻئي بادشاهه راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. راجا اوچتي حملي کان ڊڄي ويو. هن هڪدم پنهنجن اميرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گهرايو ۽ فوج کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. پر هاڻي سوال اٿيو ته فوج جو سپـﮧ سالار ڪير ٿيندو؟ سڀني اميرن ۽ وزيرن انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ راجا بهادر ڪنڀار کي گهرايو ۽ فوج هن جي حوالي ڪئي. ڪنڀار انهيءَ تي لاچار راضي ٿيو، پر هن راجا کي چيو ته ”آءٌ اڪيلي سر دشمن جي فوج سان وڙهندس. مون سان ٻيو ڪير به گڏ نه هلي.“ راجا اها ڳالهه مڃي ۽ ڪنڀار گهر ڏانهن روانو ٿيو. هو راجا سان ها ته ڪري ويٺو هو پر هن جي دل ۾ ڏاڍو خوف هو. نيٺ گهر اچي هُن پنهنجيءَ زال سان ڳالهه ڪئي. زال به اچي مُڌي. ايتري ۾ راجا پنهنجو خاص گهوڙو ڪنڀار ڏانهن موڪليو ته ”ان تي چڙهي دشمن جي لشڪر جي خبرچار وٺي اچ.“ ڪنڀار ويچارو سڄي عمر گهوڙي تي نه چڙهيو هو، سو راجا جو گهوڙو ڏسي ويتر ڊڄڻ لڳو ۽ زال کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ گهوڙي جي پُٺيءَ تي چڙهي ويهان ٿو. تون هڪڙو ٿلهو رسو کڻي مون کي گهوڙي سان سوگهو ٻڌي ڇڏ.“ اهو چئي ڪنڀار ڏاڍي تڪليف سان گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ هن جي زال هڪ ٿلهو رسو کڻي هن کي گهوڙي جي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏيو. انهيءَ تي گهوڙي ٽاهه کاڌو ۽ نرَا مٿي کڻي وٺي ڀڳو. ڪنڀار گهوڙي تي چڙهي ته ويٺو، پر هن جي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ گهوڙو هو، جيڪو سر ميدان ڏيندو ڀڄندو ويو. اڳيان رستي تي ڪيوڙي جو وڻ هو. گهوڙو جڏهن ان جي ڀرسان لنگهيو ته ڪنڀار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ان وڻ کي کڻي جهليو. پر وڻ پاڙؤن پٽجي آيو ۽ گهوڙو ويتر زور زور سان ڀڄڻ لڳو. اهڙيءَ ريت ڪيوڙي جو وڻ ڪنڀار جي هٿن ۾ هليو ويو. +گهوڙو ڀڄندو ڀڄندو، وڃي دشمن جي فوج ۾ پيو. دشمن جي فوجين جڏهن ڏٺو ته هڪ سوار هٿ ۾ هڪ وڏو وڻ کنيو اسان ڏانهن پيو اچي ته هنن کي ڏاڍو خوف ٿيو ۽ هنن پنهنجي سردار کي چيو ته ”اسين اهڙي بهادر راجا سان ڪونه وڙهنداسون، جنهن جو سردار هيڏو وڏو وڻ کنيو ٿو اچي.“ انهيءَ تي سردار هڪدم فوجن کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪڙو خط لکي پنهنجي تنبوءَ ۾ رکي پاڻ به روانو ٿي ويو. خط ۾ لکيل هو ته ”اسين آئيندي وري ڪڏهن به اوهان جي ملڪ تي حملو نه ڪنداسون!“ اتي ڪنڀار جو گهوڙو به ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو هو، سو سردار جي تنبوءَ وٽ اچي بيهي رهيو. ڪنڀار ڌڻيءَ جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ اتي گهوڙي تان لهي پيو. دشمن ته اڳ ۾ ئي ڀڄي ويو هو، سو ڪنڀار انهيءَ تنبوءَ ۾ ويو ۽ خوف ۽ ٿڪ وچان بيهوش ٿي اتي ڪِري پيو. گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هن کي سامت آئي تڏهن هن کي اتي هڪڙو خط پيل ڏسڻ ۾ آيو. هن اهو خط کنيو ۽ خوش ٿيندو پنهنجي گهر ڏانهن ويو. +گهر اچي ڪنڀار زال کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائينس ته هاڻي تون اهو خط راجا کي ڏئي اچ. زال اهو خط کڻي راجا وٽ ويئي ۽ چيائين ته ”منهنجي مڙس دشمن کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي. هو هينئر ڏاڍو ٿڪل آهي، تنهنڪري سڀاڻي صبح جو درٻار ۾ حاضر ٿيندو.“ راجا خط وٺي پڙهيو ته خبر پيس ته دشمن جون فوجون سچ پچ واپس هليون ويون آهن. انهيءَ تي راجا ڏاڍو خوش ٿيو. +ٻئي ڏينهن ڪنڀار درٻار ۾ آيو ته سڀيئي وزير ۽ امير هن جي آڌرڀاءُ لاءِ موجود هئا. راجا هن کي ڏاڍي عزت ۽ مان سان ڀرسان ويهاريو ۽ ڪيترائي انعام، مال ۽ دولت ڏئي گهر اماڻيو. +ان ڏينهن کان جتي ڪٿي ڪنڀار جي بهادريءَ جي تعريف ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهو هن کي عزت ڏيڻ لڳا. + + +آزاد گهوڙو يمن جي آکاڻي هڪڙي ڏينهن هڪڙو بدو ڇوڪرو پنهنجي پيءُ سان گڏ رڍن جي اُنَ مان ٺهيل خيمي ۾ ليٽيو پيو هو. سج جي تيز اُس کان بچاءَ لاءِ خيمي جي ڪاري ڇت هئي ۽ فرش تي ٿُلهي فراسي وڇايل هئي، جنهن تي پيءُ پٽ آرام سان ليٽيا پيا هئا. ٻاهر ڏاڍي گرمي ۽ تيز اُس هئي. ايتري ۾ ٻاهران گوڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پيءُ ۽ پٽ مٿڀرو ٿي ڏٺو ته ڇوڪري جو گهوڙو ’سعد‘ خيمي جو پردو مٿي کڻي پنهنجو منهن اندر ڪري رهيو هو. ٻاهر تکي اُس هجڻ جي ڪري گهوڙي خيمي ۾ اچڻ ٿي گهريو. اهو ڏسي پيءُ پٽ کلي ڏنو. گهوڙو گهڻو ڪري اهڙيءَ طرح ڇانوَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ اندر ايندو هو. ڇوڪرو ۽ پڻس ان کي ڪجهه به ڪين چوندا هئا. پيءُ پٽ کي چيو ته ”سعد کي خبر آهي ته جتي منهنجو مالڪ هوندو، اتي مون کي به آرام ملي سگهندو. مون کي هڪڙي گهوڙي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن سمجهيو ٿي ته مالڪ کان جند ڇڏائي آءٌ وڌيڪ سکيو رهندس. اتي ڇوڪري پڇيو ته ”بابا! پوءِ انهيءَ گهوڙي جو ڇا ٿيو؟“ پيءَ ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي: ”تعريف انهيءَ خدا جي جنهن هيءُ جهان جوڙيو ۽ هتي هر ڪا شيءِ خلقي اٿس. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي جڏهن گهوڙا به ماڻهن وانگر ڳالهائيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو گهوڙو هوندو هو جيڪو ”سعد“ وانگر آلو ڀولو نه هو پر ڪڏهن به راضي نه رهندو هو. ان جون عادتون جهنگلي هيون ۽ هو سدائين آزاد رهڻ گهرندو هو. اهو گهوڙو ٻين گهوڙن، اُٺن ۽ چؤپاين جون به گلائون ڪندو رهندو هو. مطلب ته سڀئي جانور ان کي چوندا هئا ته ”ميان گهوڙا، تون ته ڪو وڏو بيوقوف آهين. توکي ڪابه خبر نه آهي ته سچو سک ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ ملي ٿو.“ هڪڙي ڏينهن انهيءَ گهوڙي پنهنجي مالڪ کي دانهن ڏني ته ”اوهان مون کي جتي وڻيو اتي وٺي ٿا وڃو ۽ جيئن ٿو اچيوَ تيئن ٿا ڪريو. نيٺ اوهان جو مطلب ڇا آهي. ڇا آءٌ اوهان کان وڏو نه آهيان، ڇا آءٌ وڌيڪ طاقتور نه آهيان؛ هڪ گهوڙي جي ڀيٽ ۾ ماڻهو ته گهڻو ڪمزور آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان جو حڪم ڇ�� مڃان!“ اهو ٻڌي مالڪ جواب ڏنو: ”ادا، تون سچ ٿو چوين. آءٌ سچ ته تو جهڙو طاقتور ڪونه آهيان. پر هن رِڻ پَٽ ۾ مون کان سواءِ تون رهي به ڪونه سگهندين. انهيءَ کان سواءِ آءٌ توکي کاڌو ڏيان ٿو ۽ چراگاهن ۾ توکي ڇڏي ڏيان ٿو ته ڀلي وڃي سائو گاهه کاءُ. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ توکي جَوَ ۽ اُٺ جو گرم ۽ تازو کير به ڏيندو آهيان. تنهنجي پاڻيءَ لاءِ آءٌ پري پري ويندو آهيان ته من ڪو پاڻيءَ جو دُٻو ملي، جتان تون پاڻي پي سگهين. آءٌ تنهنجي هيڏي ساري خدمت ڪريان ٿو. انهيءَ جي عيوض تون ايترو به نٿو ڪري سگهين جو آءٌ توتي سوار ٿي ڪنهن هنڌ وڃي سگهان؟ هوڙي جواب ڏنو ته ”اهو سچ آهي ته اوهين منهنجي پرگهور لهو ٿا، پر انهيءَ جي عيوض اوهان مرڳو مون کي پنهنجو غلام ڪري رکيو آهي. آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪٿي اچي وڃي به نٿو سگهان. اوهان منهنجي منهن ۾ لغام ڏئي ڇڏيو آهي. اهي رسيون منهنجي پيٽ ۾ گهڙي وينديون آهن. ٻيو ته اوهين مون کي سڄو ڏينهن ايترو ته ڊوڙايو ٿا جو آءٌ ٿڪجي چور ٿي پوندو آهيان. جنگ جهيڙي جي وقت به اوهان مون تي ئي سوار هوندا آهيو ۽ آءٌ ڦٽجي به پوندو آهيان. آخر اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، جو منهنجي آزاديءَ تي اهڙيءَ ريت قبضو ڪيو ويٺا آهيو؟“ مالڪ جواب ڏنو ته ”اها ته مون کي به خبر نه آهي ته انسان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، جڏهن کان انسان هن ڌرتيءَ تي پير رکيو آهي، تڏهن کان اهو دستور هلندو اچي. شايد اهو حق انسان کي الله تعاليٰ ڏنو آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. هُن ئي دنيا جي هر شيءِ انسان جي حوالي ڪئي آهي؛ پر توکي جيڪڏهن اها ڳالهه نه ٿي وڻي ۽ تون آزاد رهڻ گهرين ٿو ته آءٌ توکي زبردستي پاڻ وٽ رکڻ نٿو گهران. اهو چئي، مالڪ گهوڙي جي منهن مان لغام ڪڍيو، پُٺن تان زين لاٿي ۽ دُمچي به لاهي ڇڏي. گهوڙو هاڻي بلڪل کليل هو، سو خوشيءَ وچان ٽَپا ڏيندو هڪ طرف هليو ويو. گهوڙي جو مالڪ جنهن هنڌ رهندو هو، اهو ڏاڍو سرسبز ۽ سائو هو. موسم به بهار جي هئي، جنهن ڪري چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ گهوڙي جا ڄڻ ته ڀاڳ وري آيا هئا. هوصبح شام پيٽ ڀري کائيندو هو ۽ ويجهي چشمي مان پاڻي پيئندو هو. هاڻي هن کي ڪابه جهل پل نه هئي ۽ هو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو. جلد ئي اونهارو آيو ۽ سج جي تکاڻ کان واري سڙڻ لڳي. سرسبز ۽ سائو گاهه سڪڻ لڳو. پاڻيءَ جا چشما ۽ نهرون خشڪ ٿيڻ لڳيون،. جتي ساوڪ ۽ وڻڪار هئي اتي هاڻي واريءَ جون ڊٻون ۽ دڙا نظر اچڻ لڳا. ٻيا گهوڙا ۽ اُٺ وغيره سڀ پنهنجن پنهنجن مالڪن وٽ هئا، جن انهن جي کاڌي پيتي لاءِ اڳ ۾ ئي چڱو انتظام ڪري ڇڏيو هو؛ تنهنڪري انهن کي وقت تي کائڻ لاءِ گاهه ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ملندو رهيو. پر آزاد گهوڙو اچي حيران ٿيو. هن کي نه کاڌو ٿي مليو ۽ نه پاڻي. هو کاڌي جي ڳولا ۾ پري پري تائين ڊوڙيو پر سڀ اجايو. نيٺ گهوڙو هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي رڳو خوني جانور رهندا هئا ۽ جيڪي شڪار جي ڳولا ۾ پيا ڦرندا هئا، هڪڙي ڀيري چانڊوڪي رات هئي. گهوڙي ڏٺو ته ڪا ڪاري ڪاري شيءِ سندس پٺيان وڌندي اچي. جڏهن اُن کي غور سان ڏٺو ته خبر پيس ته اهو هڪ خوني بگهڙ هو جيڪو کيس کائڻ لاءِ پئي آيو. اهو ڏسي گهوڙو وٺي هڪ طرف ڀڳو. پر بکيو بگهڙ ته ان کان به وڌيڪ تکو هو، سو ڊوڙي ڊوڙي ٽپ ڏئي، گهوڙي جي پُٺن تي چڙهي ويو ۽ نڙگهٽ ۾ اچي چڪ هنيائينس. پر گهوڙي زور سان پاڻ ڌونڌاڙي بگهڙ کي هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ پُستيون هڻندو وٺي ڀڳو. ڀڄندي ڀڄندي، هن بگهڙ کان ته پنهنجي جان ڇڏائي پر نڙگهٽ ۾ ڦٽ ٿي پيس، جنهن ۾ ڏاڍو سور هئس. پر گهوڙي شڪر ڪيو ته جان بچي ۽ سوچڻ لڳو ته گهڻي وقت تائين جيئرو رهي نه سگهندس؛ ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ هئي ته جهنگ جا ٻيا خوني جانور کيس جيئرو نه ڇڏيندا. گهوڙي وري سوچيو ته ’جنهن عذاب ۾ هينئر آءٌ آهيان، اهڙو ڪڏهن به مون نه ڏٺو. هَني، زِين، رَسي ۽ مالڪ جي چنگ به اهڙي تڪليف نه پهچائي! بگهڙ جي ڏندن منهنجو ماس ڦٽي وڌو آهي ۽ هاڻي سواءِ مالڪ جي خيمي جي مون کي ڪٿي به پناهه ملي نه سگهندي. هن وٽ آءٌ ڪيترو نه سکيو ۽ آسودو هئس. نه ڪڏهن بکيو رهندو هئس نه پياسو. مالڪ جي سواريءَ به مون کي ايترو نه ٿڪايو جيترو اڄ ٿڪل آهيان. هاڻي مالڪ وٽ ئي هلڻ گهرجي.“ ڇوڪري پيءُ کان پڇيو، بابا! پوءِ اهو گهوڙو پنهنجي مالڪ وٽ ويو؟ پيءُ جواب ڏنو ته ”پٽ! آءٌ اتي ته نه هئس جو توکي ٻڌائي سگهان ته اهو گهوڙو مالڪ وٽ موٽي آيو؛ پر اسان کي سمجهڻ کپي ته گهوڙو مالڪ وٽ موٽي آيو هوندو ۽ اهو به سمجهڻ کپي ته مالڪ ان کي معافي ڏئي، پنهنجي خيمي ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڏني هوندي.“ پوڙهو ۽ مڪتب يوڪرين جي آکاڻي هڪڙي شخص کي چار پٽ هئا. جڏهن هو پوڙهو ٿيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي سڄي دولت پنهنجن پُٽن ۾ ورهائي ڇڏي. هن سوچيو، ”هاڻي مون کي هن دولت جي ڪهڙي ضرورت، باقي ٿورا ڏينهن حياتي آهي، اها پنهنجن پُٽن وٽ رهي پوري ڪندس.“ اهو خيال ڪري، هو پهرين پنهنجي وڏي پٽ جي گهر ويو ۽ اتي رهڻ لڳو. پهرين پهرين ته وڏي پٽ هن جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ چيائين ته ”اوهان جي خدمت ڪرڻ ته منهنجو فرض آهي.“ پر ٿورن ڏينهن ۾ ئي هو پيءُ کان بيزار ٿي پيو. هن پيءُ جو ادب ڪرڻ به ڇڏي ڏنو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پيءُ کي ڇڙٻون به ڏيڻ لڳو. هاڻي پوڙهي کي نه وقت تي کاڌو ملندو هو ۽ نه ڪپڙو لٽو. نيٺ پوڙهو پنهنجي وڏي پٽ جي سلوڪ مان بيزار ٿي پيو ۽ ٻئي پٽ ڏانهن ويو. اتي به پهرين، ٻه ٽي ڏينهن سک ۽ آرام سان رهيو، پر اهو پٽ به اچي ڪڪ ٿيو. هن جي زال به پوڙهي سان بي ادبي ڪرڻ لڳي ۽ چوندي هيس ته .اسان جي ته پنهنجي پورت نٿي ٿئي، مٿان تو اچي بيزار ڪيو آهي.“ ويچارو پوڙهو اهي ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو، سو ٽئين پٽ وٽ وڃي رهڻ لڳو. پر اتي به ٿورن ڏينهن جي آرام کان پوءِ ساڳي تڪليف. لاچار پنهنجي ننڍي پٽ وٽ ويو، پر اتي به ٿورن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو سلوڪ ٿيس. جنهن ڪري اتان به بيزار ٿي نڪتو. مطلب ته چئن ئي پٽن پيءُ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان لهرايو. ڪنهن چيو ٿي ته منهنجا هيترا ٻار آهن، توکي پاڻ وٽ ڪيئن رهايان، ڪنهن چيو ته منهنجو گهر تمام ننڍو آهي ۽ ڪنهن وري هيءُ بهانو ڪيو ته آءٌ ڏاڍو غريب آهيان. پوڙهي چئن ئي پٽن جي ڏاڍي خوشامد ڪئي، انهن کي روئي چيو ته ”آءٌ اوهان جو پيءُ آهيان، منهنجي حال تي رحم کائو.“ پر ڪنهن به پرواهه نه ڪئي. هڪڙي ڏينهن چار ئي پٽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا ته پوڙهي کي مڪتب ۾ موڪلجي. هو صبح جو مڪتب ۾ ويندو ۽ شام جو واپس موٽندو. ٿورو کاڌو ڏيڻو پوندو سو گڏجي هن کي ڏينداسون. پوڙهي جو اهو ٻڌو سو پٽن کي ليلائڻ لڳو ۽ چيائين: ”مون کي پڙهڻ لکڻ ته اچي ئي ڪونه. آءٌ هينئر ڪراڙو آهيان، مون کي ته ڏسڻ ۾ به ڪجهه نٿو اچي. انهيءَ عمر ۾ آءٌ مڪتب ۾ وڃي ڇا ڪندس! مون کي مهرباني ڪري رهڻ لاءِ ڪا ٿوري جاءِ ڏيو ۽ کائڻ لاءِ ماني ٽڪر. آءٌ هڪ هنڌ پيو هوندس.“ پر پٽن پيءُ جي هڪ به نه ٻُڌي ۽ هن کي زبردستي ڳوٺ کان تمام پري هڪ مڪتب ۾ موڪليو. پوڙهو ويچارو روئندو پئي ويو ته رستي تي هڪڙو امير ماڻهو پنهنجي گاڏيءَ تي مليس، جيڪو پڻ ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. هن پوڙهي کي ڏسي پنهنجي گاڏي بيهاري ۽ پڇڻ لڳس: ”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ”مڪتب پيو وڃان“ پوڙهي جواب ڏنو. امير شخص عجب مان پڇيو، ”پريا مڙس، هن ع��ر ۾ مڪتب ٿو وڃين! توکي ته گهر ۾ ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي.“ پوڙهي کيس پنهنجي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، جنهن تي ان امير شخص چيو: ”پريا مڙس، مڪتب ۾ وڃڻ اجايو آهي. پر تون دل نه لاهه. آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“ هو چئي هن پنهنجي کيسي مان هڪ سهڻي ڳوٿري ڪڍي ۽ ان ۾ ڪا شيءِ وڌي، پوءِ ان ڳوٿريءَ کي هڪ ننڍي پيتي ۾ وجهي، ان کي چڱيءَ طرح بند ڪيو ۽ پوڙهي کي ڏيندي، هن جي ڪن ۾ ڪجهه آهستي چيائين. پوڙهو صندوق وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ واپس وريو. پٽن جو ڏٺو ته پيءُ ڪڇ ۾ صندوق لڪايو واپس پيو اچي، سو هنن کي پڪ ٿي ته ان ۾ ڪا دولت هوندي؛ تنهنڪري هنن پوڙهي کان اهو نه پڇيو ته تون مڪتب ڇو نه وئين، پر هن جي خدمت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. پوڙهي جو هرڪو پٽ هن کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ چوڻ لڳو. هنن پيءُ کي سٺا سٺا کاڌا کارايا. کائڻ پيئڻ کان پوءِ پوڙهي پٽن کي چيو ته، ”منهنجا ٻچا! مون پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ ٿوري دولت ميڙي هڪڙي جهنگ ۾ پوري ڇڏي هئي. انهيءَ دولت جو دل تان خيال ئي لهي ويو هوم. اڄ جو ان طرف کان لنگهيس ته اوچتو ياد آيم. زمين کوٽيم ته صندوق جيئن جو تيئن ملي. هاڻي جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، هيءَ صندوق بند رهندي. منهنجي مرڻ کان پوءِ ان کي کولجو. اوهان مان جيڪو منهنجي گهڻي خدمت ڪندو ۽ پيريءَ ۾ آرام ڏيندو، ان کي ئي هن دولت جو حصو ملندو.“ اها ڳالهه پوڙهي جي جڏهن پُٽن ٻڌي ته پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ۽ هرڪو چوڻ لڳو ته ”بابا کي آءٌ پاڻ وٽ رهائيندس.“ انهيءَ کان پوءِ پوڙهو جنهن به پٽ وٽ ٿي ويو، هن جي ڏاڍي خاطري ٿيڻ لڳي. هر ڪو هن جي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو خيال ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح هاڻي پوڙهو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو. گهڻائي ڏينهن ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن ويٺي ويٺي، پوڙهو مري ويو. چئن ئي پٽن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هنن گڏجي پيءُ کي وڏي شان مان سان دفنايو. هنن پوڙهي جي فاتح خواني به ڪرائي ۽ غريبن کي خيرات ڏني. انهن سڀني ڪمن کان واندو ٿي، چئن ئي پٽن پيءُ جي صندوق کولي. پر صندوق کولڻ کان پهرين چئني ڀائرن ۾ جهيڙو ٿيڻ لڳو. هرهڪ اهو ئي پئي چيو ته ’مون بابا جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي؛ تنهنڪري گهڻي ۾ گهڻو حصو مون کي ملڻ گهرجي‘. نيٺ فيصلو ٿيو ته چار ئي پٽ هڪجيترو حصو کڻندا. اهو فيصلو ڪري هنن صندوق کولي ته ان مان هڪ سهڻي ريشمي ڳوٿري نڪتي، جنهن جو منهن ٻڌل هو. ڳوٿريءَ مان ڇڻ ڇڻ جا آواز به پئي آيا. چئني ڀائرن تڙ تڪڙ ۾ ڳوٿريءَ جو منهن کوليو ۽ ان کي فرش تي اونڌو ڪيو. پر ڇا ڏسن ته ڳوٿريءَ مان شيشي جا ننڍڙا ٽڪرا ڪري فرش تي پئي چمڪيا. هنن- جو اهي ڏٺا، سو اهڙو ته اچي ڪاوڙيا جو هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ لڳي ويا. ڏاڍو هُل ٿيو ۽ سڄو ڳوٺ مِڙي آيو. ماڻهو هنن کي وڙهندو ڏسي کلڻ لڳا ۽ هنن کي چوڻ لڳا ته ”ميان، ڏٺوَ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي عقلمندي! اوهان ته هن کي مڪتب ۾ ٿي اُماڻيو، پر ڏسو ته هن اوهان کي ڪهڙو نه مزيدار سبق سيکاريو آهي.“ +آزاد گهوڙو +يمن جي آکاڻي +هڪڙي ڏينهن هڪڙو بدو ڇوڪرو پنهنجي پيءُ سان گڏ رڍن جي اُنَ مان ٺهيل خيمي ۾ ليٽيو پيو هو. سج جي تيز اُس کان بچاءَ لاءِ خيمي جي ڪاري ڇت هئي ۽ فرش تي ٿُلهي فراسي وڇايل هئي، جنهن تي پيءُ پٽ آرام سان ليٽيا پيا هئا. ٻاهر ڏاڍي گرمي ۽ تيز اُس هئي. ايتري ۾ ٻاهران گوڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پيءُ ۽ پٽ مٿڀرو ٿي ڏٺو ته ڇوڪري جو گهوڙو ’سعد‘ خيمي جو پردو مٿي کڻي پنهنجو منهن اندر ڪري رهيو هو. ٻاهر تکي اُس هجڻ جي ڪري گهوڙي خيمي ۾ اچڻ ٿي گهريو. اهو ڏسي پيءُ پٽ کلي ڏنو. گهوڙو گهڻو ڪري اهڙيءَ طرح ڇانوَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ اندر ايندو هو. ڇوڪرو ۽ پڻس ان کي ڪجهه به ڪين چوندا هئا. پيءُ پٽ کي چيو ته ”سعد کي خبر آهي ته جتي منهنجو مالڪ هوندو، اتي مون کي به آرام ملي سگهندو. مون کي هڪڙي گهوڙي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن سمجهيو ٿي ته مالڪ کان جند ڇڏائي آءٌ وڌيڪ سکيو رهندس. +اتي ڇوڪري پڇيو ته ”بابا! پوءِ انهيءَ گهوڙي جو ڇا ٿيو؟“ +پيءَ ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي: ”تعريف انهيءَ خدا جي جنهن هيءُ جهان جوڙيو ۽ هتي هر ڪا شيءِ خلقي اٿس. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي جڏهن گهوڙا به ماڻهن وانگر ڳالهائيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو گهوڙو هوندو هو جيڪو ”سعد“ وانگر آلو ڀولو نه هو پر ڪڏهن به راضي نه رهندو هو. ان جون عادتون جهنگلي هيون ۽ هو سدائين آزاد رهڻ گهرندو هو. اهو گهوڙو ٻين گهوڙن، اُٺن ۽ چؤپاين جون به گلائون ڪندو رهندو هو. مطلب ته سڀئي جانور ان کي چوندا هئا ته ”ميان گهوڙا، تون ته ڪو وڏو بيوقوف آهين. توکي ڪابه خبر نه آهي ته سچو سک ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ ملي ٿو.“ +هڪڙي ڏينهن انهيءَ گهوڙي پنهنجي مالڪ کي دانهن ڏني ته ”اوهان مون کي جتي وڻيو اتي وٺي ٿا وڃو ۽ جيئن ٿو اچيوَ تيئن ٿا ڪريو. نيٺ اوهان جو مطلب ڇا آهي. ڇا آءٌ اوهان کان وڏو نه آهيان، ڇا آءٌ وڌيڪ طاقتور نه آهيان؛ هڪ گهوڙي جي ڀيٽ ۾ ماڻهو ته گهڻو ڪمزور آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان جو حڪم ڇو مڃان!“ +اهو ٻڌي مالڪ جواب ڏنو: ”ادا، تون سچ ٿو چوين. آءٌ سچ ته تو جهڙو طاقتور ڪونه آهيان. پر هن رِڻ پَٽ ۾ مون کان سواءِ تون رهي به ڪونه سگهندين. انهيءَ کان سواءِ آءٌ توکي کاڌو ڏيان ٿو ۽ چراگاهن ۾ توکي ڇڏي ڏيان ٿو ته ڀلي وڃي سائو گاهه کاءُ. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ توکي جَوَ ۽ اُٺ جو گرم ۽ تازو کير به ڏيندو آهيان. تنهنجي پاڻيءَ لاءِ آءٌ پري پري ويندو آهيان ته من ڪو پاڻيءَ جو دُٻو ملي، جتان تون پاڻي پي سگهين. آءٌ تنهنجي هيڏي ساري خدمت ڪريان ٿو. انهيءَ جي عيوض تون ايترو به نٿو ڪري سگهين جو آءٌ توتي سوار ٿي ڪنهن هنڌ وڃي سگهان؟ +هوڙي جواب ڏنو ته ”اهو سچ آهي ته اوهين منهنجي پرگهور لهو ٿا، پر انهيءَ جي عيوض اوهان مرڳو مون کي پنهنجو غلام ڪري رکيو آهي. آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪٿي اچي وڃي به نٿو سگهان. اوهان منهنجي منهن ۾ لغام ڏئي ڇڏيو آهي. اهي رسيون منهنجي پيٽ ۾ گهڙي وينديون آهن. ٻيو ته اوهين مون کي سڄو ڏينهن ايترو ته ڊوڙايو ٿا جو آءٌ ٿڪجي چور ٿي پوندو آهيان. جنگ جهيڙي جي وقت به اوهان مون تي ئي سوار هوندا آهيو ۽ آءٌ ڦٽجي به پوندو آهيان. آخر اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، جو منهنجي آزاديءَ تي اهڙيءَ ريت قبضو ڪيو ويٺا آهيو؟“ +مالڪ جواب ڏنو ته ”اها ته مون کي به خبر نه آهي ته انسان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، جڏهن کان انسان هن ڌرتيءَ تي پير رکيو آهي، تڏهن کان اهو دستور هلندو اچي. شايد اهو حق انسان کي الله تعاليٰ ڏنو آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. هُن ئي دنيا جي هر شيءِ انسان جي حوالي ڪئي آهي؛ پر توکي جيڪڏهن اها ڳالهه نه ٿي وڻي ۽ تون آزاد رهڻ گهرين ٿو ته آءٌ توکي زبردستي پاڻ وٽ رکڻ نٿو گهران. اهو چئي، مالڪ گهوڙي جي منهن مان لغام ڪڍيو، پُٺن تان زين لاٿي ۽ دُمچي به لاهي ڇڏي. گهوڙو هاڻي بلڪل کليل هو، سو خوشيءَ وچان ٽَپا ڏيندو هڪ طرف هليو ويو. گهوڙي جو مالڪ جنهن هنڌ رهندو هو، اهو ڏاڍو سرسبز ۽ سائو هو. موسم به بهار جي هئي، جنهن ڪري چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ گهوڙي جا ڄڻ ته ڀاڳ وري آيا هئا. هوصبح شام پيٽ ڀري کائيندو هو ۽ ويجهي چشمي مان پاڻي پيئندو هو. هاڻي هن کي ڪابه جهل پل نه هئي ۽ هو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو. +جلد ئ�� اونهارو آيو ۽ سج جي تکاڻ کان واري سڙڻ لڳي. سرسبز ۽ سائو گاهه سڪڻ لڳو. پاڻيءَ جا چشما ۽ نهرون خشڪ ٿيڻ لڳيون،. جتي ساوڪ ۽ وڻڪار هئي اتي هاڻي واريءَ جون ڊٻون ۽ دڙا نظر اچڻ لڳا. ٻيا گهوڙا ۽ اُٺ وغيره سڀ پنهنجن پنهنجن مالڪن وٽ هئا، جن انهن جي کاڌي پيتي لاءِ اڳ ۾ ئي چڱو انتظام ڪري ڇڏيو هو؛ تنهنڪري انهن کي وقت تي کائڻ لاءِ گاهه ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ملندو رهيو. پر آزاد گهوڙو اچي حيران ٿيو. هن کي نه کاڌو ٿي مليو ۽ نه پاڻي. هو کاڌي جي ڳولا ۾ پري پري تائين ڊوڙيو پر سڀ اجايو. نيٺ گهوڙو هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي رڳو خوني جانور رهندا هئا ۽ جيڪي شڪار جي ڳولا ۾ پيا ڦرندا هئا، هڪڙي ڀيري چانڊوڪي رات هئي. گهوڙي ڏٺو ته ڪا ڪاري ڪاري شيءِ سندس پٺيان وڌندي اچي. جڏهن اُن کي غور سان ڏٺو ته خبر پيس ته اهو هڪ خوني بگهڙ هو جيڪو کيس کائڻ لاءِ پئي آيو. اهو ڏسي گهوڙو وٺي هڪ طرف ڀڳو. پر بکيو بگهڙ ته ان کان به وڌيڪ تکو هو، سو ڊوڙي ڊوڙي ٽپ ڏئي، گهوڙي جي پُٺن تي چڙهي ويو ۽ نڙگهٽ ۾ اچي چڪ هنيائينس. پر گهوڙي زور سان پاڻ ڌونڌاڙي بگهڙ کي هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ پُستيون هڻندو وٺي ڀڳو. ڀڄندي ڀڄندي، هن بگهڙ کان ته پنهنجي جان ڇڏائي پر نڙگهٽ ۾ ڦٽ ٿي پيس، جنهن ۾ ڏاڍو سور هئس. پر گهوڙي شڪر ڪيو ته جان بچي ۽ سوچڻ لڳو ته گهڻي وقت تائين جيئرو رهي نه سگهندس؛ ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ هئي ته جهنگ جا ٻيا خوني جانور کيس جيئرو نه ڇڏيندا. +گهوڙي وري سوچيو ته ’جنهن عذاب ۾ هينئر آءٌ آهيان، اهڙو ڪڏهن به مون نه ڏٺو. هَني، زِين، رَسي ۽ مالڪ جي چنگ به اهڙي تڪليف نه پهچائي! بگهڙ جي ڏندن منهنجو ماس ڦٽي وڌو آهي ۽ هاڻي سواءِ مالڪ جي خيمي جي مون کي ڪٿي به پناهه ملي نه سگهندي. هن وٽ آءٌ ڪيترو نه سکيو ۽ آسودو هئس. نه ڪڏهن بکيو رهندو هئس نه پياسو. مالڪ جي سواريءَ به مون کي ايترو نه ٿڪايو جيترو اڄ ٿڪل آهيان. هاڻي مالڪ وٽ ئي هلڻ گهرجي.“ +ڇوڪري پيءُ کان پڇيو، بابا! پوءِ اهو گهوڙو پنهنجي مالڪ وٽ ويو؟ +پيءُ جواب ڏنو ته ”پٽ! آءٌ اتي ته نه هئس جو توکي ٻڌائي سگهان ته اهو گهوڙو مالڪ وٽ موٽي آيو؛ پر اسان کي سمجهڻ کپي ته گهوڙو مالڪ وٽ موٽي آيو هوندو ۽ اهو به سمجهڻ کپي ته مالڪ ان کي معافي ڏئي، پنهنجي خيمي ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڏني هوندي.“ +پوڙهو ۽ مڪتب +يوڪرين جي آکاڻي +هڪڙي شخص کي چار پٽ هئا. جڏهن هو پوڙهو ٿيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي سڄي دولت پنهنجن پُٽن ۾ ورهائي ڇڏي. هن سوچيو، ”هاڻي مون کي هن دولت جي ڪهڙي ضرورت، باقي ٿورا ڏينهن حياتي آهي، اها پنهنجن پُٽن وٽ رهي پوري ڪندس.“ اهو خيال ڪري، هو پهرين پنهنجي وڏي پٽ جي گهر ويو ۽ اتي رهڻ لڳو. پهرين پهرين ته وڏي پٽ هن جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ چيائين ته ”اوهان جي خدمت ڪرڻ ته منهنجو فرض آهي.“ پر ٿورن ڏينهن ۾ ئي هو پيءُ کان بيزار ٿي پيو. هن پيءُ جو ادب ڪرڻ به ڇڏي ڏنو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پيءُ کي ڇڙٻون به ڏيڻ لڳو. هاڻي پوڙهي کي نه وقت تي کاڌو ملندو هو ۽ نه ڪپڙو لٽو. +نيٺ پوڙهو پنهنجي وڏي پٽ جي سلوڪ مان بيزار ٿي پيو ۽ ٻئي پٽ ڏانهن ويو. اتي به پهرين، ٻه ٽي ڏينهن سک ۽ آرام سان رهيو، پر اهو پٽ به اچي ڪڪ ٿيو. هن جي زال به پوڙهي سان بي ادبي ڪرڻ لڳي ۽ چوندي هيس ته .اسان جي ته پنهنجي پورت نٿي ٿئي، مٿان تو اچي بيزار ڪيو آهي.“ ويچارو پوڙهو اهي ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو، سو ٽئين پٽ وٽ وڃي رهڻ لڳو. پر اتي به ٿورن ڏينهن جي آرام کان پوءِ ساڳي تڪليف. لاچار پنهنجي ننڍي پٽ وٽ ويو، پر اتي به ٿورن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو سلوڪ ٿيس. جنهن ڪري اتان به بيزار ٿي نڪتو. مطلب ته چئن ئي پٽن پيءُ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان لهرايو. ڪنهن چيو ٿي ته منهنجا هيترا ٻار آهن، توکي پاڻ وٽ ڪيئن رهايان، ڪنهن چيو ته منهنجو گهر تمام ننڍو آهي ۽ ڪنهن وري هيءُ بهانو ڪيو ته آءٌ ڏاڍو غريب آهيان. +پوڙهي چئن ئي پٽن جي ڏاڍي خوشامد ڪئي، انهن کي روئي چيو ته ”آءٌ اوهان جو پيءُ آهيان، منهنجي حال تي رحم کائو.“ پر ڪنهن به پرواهه نه ڪئي. +هڪڙي ڏينهن چار ئي پٽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا ته پوڙهي کي مڪتب ۾ موڪلجي. هو صبح جو مڪتب ۾ ويندو ۽ شام جو واپس موٽندو. ٿورو کاڌو ڏيڻو پوندو سو گڏجي هن کي ڏينداسون. پوڙهي جو اهو ٻڌو سو پٽن کي ليلائڻ لڳو ۽ چيائين: ”مون کي پڙهڻ لکڻ ته اچي ئي ڪونه. آءٌ هينئر ڪراڙو آهيان، مون کي ته ڏسڻ ۾ به ڪجهه نٿو اچي. انهيءَ عمر ۾ آءٌ مڪتب ۾ وڃي ڇا ڪندس! مون کي مهرباني ڪري رهڻ لاءِ ڪا ٿوري جاءِ ڏيو ۽ کائڻ لاءِ ماني ٽڪر. آءٌ هڪ هنڌ پيو هوندس.“ +پر پٽن پيءُ جي هڪ به نه ٻُڌي ۽ هن کي زبردستي ڳوٺ کان تمام پري هڪ مڪتب ۾ موڪليو. پوڙهو ويچارو روئندو پئي ويو ته رستي تي هڪڙو امير ماڻهو پنهنجي گاڏيءَ تي مليس، جيڪو پڻ ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. هن پوڙهي کي ڏسي پنهنجي گاڏي بيهاري ۽ پڇڻ لڳس: ”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ +”مڪتب پيو وڃان“ پوڙهي جواب ڏنو. +امير شخص عجب مان پڇيو، ”پريا مڙس، هن عمر ۾ مڪتب ٿو وڃين! توکي ته گهر ۾ ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي.“ +پوڙهي کيس پنهنجي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، جنهن تي ان امير شخص چيو: ”پريا مڙس، مڪتب ۾ وڃڻ اجايو آهي. پر تون دل نه لاهه. آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“ +هو چئي هن پنهنجي کيسي مان هڪ سهڻي ڳوٿري ڪڍي ۽ ان ۾ ڪا شيءِ وڌي، پوءِ ان ڳوٿريءَ کي هڪ ننڍي پيتي ۾ وجهي، ان کي چڱيءَ طرح بند ڪيو ۽ پوڙهي کي ڏيندي، هن جي ڪن ۾ ڪجهه آهستي چيائين. پوڙهو صندوق وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ واپس وريو. +پٽن جو ڏٺو ته پيءُ ڪڇ ۾ صندوق لڪايو واپس پيو اچي، سو هنن کي پڪ ٿي ته ان ۾ ڪا دولت هوندي؛ تنهنڪري هنن پوڙهي کان اهو نه پڇيو ته تون مڪتب ڇو نه وئين، پر هن جي خدمت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. پوڙهي جو هرڪو پٽ هن کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ چوڻ لڳو. هنن پيءُ کي سٺا سٺا کاڌا کارايا. کائڻ پيئڻ کان پوءِ پوڙهي پٽن کي چيو ته، ”منهنجا ٻچا! مون پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ ٿوري دولت ميڙي هڪڙي جهنگ ۾ پوري ڇڏي هئي. انهيءَ دولت جو دل تان خيال ئي لهي ويو هوم. اڄ جو ان طرف کان لنگهيس ته اوچتو ياد آيم. زمين کوٽيم ته صندوق جيئن جو تيئن ملي. هاڻي جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، هيءَ صندوق بند رهندي. منهنجي مرڻ کان پوءِ ان کي کولجو. اوهان مان جيڪو منهنجي گهڻي خدمت ڪندو ۽ پيريءَ ۾ آرام ڏيندو، ان کي ئي هن دولت جو حصو ملندو.“ +اها ڳالهه پوڙهي جي جڏهن پُٽن ٻڌي ته پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ۽ هرڪو چوڻ لڳو ته ”بابا کي آءٌ پاڻ وٽ رهائيندس.“ انهيءَ کان پوءِ پوڙهو جنهن به پٽ وٽ ٿي ويو، هن جي ڏاڍي خاطري ٿيڻ لڳي. هر ڪو هن جي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو خيال ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح هاڻي پوڙهو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو. گهڻائي ڏينهن ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن ويٺي ويٺي، پوڙهو مري ويو. چئن ئي پٽن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هنن گڏجي پيءُ کي وڏي شان مان سان دفنايو. هنن پوڙهي جي فاتح خواني به ڪرائي ۽ غريبن کي خيرات ڏني. انهن سڀني ڪمن کان واندو ٿي، چئن ئي پٽن پيءُ جي صندوق کولي. +پر صندوق کولڻ کان پهرين چئني ڀائرن ۾ جهيڙو ٿيڻ لڳو. هرهڪ اهو ئي پئي چيو ته ’مون بابا جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي؛ تنهنڪري گهڻي ۾ گهڻو حصو مون کي ملڻ گهرجي‘. نيٺ فيصلو ٿيو ته چار ئي پٽ هڪجيترو حصو کڻندا. اهو فيصلو ڪري هنن صندوق کولي ته ان مان هڪ سهڻي ريشمي ڳوٿري نڪتي، جنهن جو منهن ٻڌل هو. ڳوٿريءَ مان ڇڻ ڇڻ جا آواز به پئي آيا. چئني ڀائرن تڙ تڪڙ ۾ ڳوٿريءَ جو منهن کوليو ۽ ان کي فرش تي اونڌو ڪيو. پر ڇا ڏسن ته ڳوٿريءَ مان شيشي جا ننڍڙا ٽڪرا ڪري فرش تي پئي چمڪيا. هنن- +جو اهي ڏٺا، سو اهڙو ته اچي ڪاوڙيا جو هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ لڳي ويا. ڏاڍو هُل ٿيو ۽ سڄو ڳوٺ مِڙي آيو. ماڻهو هنن کي وڙهندو ڏسي کلڻ لڳا ۽ هنن کي چوڻ لڳا ته ”ميان، ڏٺوَ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي عقلمندي! اوهان ته هن کي مڪتب ۾ ٿي اُماڻيو، پر ڏسو ته هن اوهان کي ڪهڙو نه مزيدار سبق سيکاريو آهي.“ \ No newline at end of file