diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book25.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book25.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book25.txt" @@ -0,0 +1,1302 @@ +ڪتاب جو نالو: ٽي گهر + + + +ٽي گهر +شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ +ڇپائيندڙ پاران +سنڌي ادب جي محسن ۽ ممتاز عالم شمس العماء مرزا قليچ بيگ جي مشهور ڪتاب ”ٽي گهر“ جو نئون ڇاپو شايع ڪندي خوشي محسوس ٿئي ٿي. مرزا صاحب جي ان ڪتاب جا چار ڇاپا اڳي ئي بورڊ شايع ڪيا هئا ۽ هن وقت پڙهندڙن جي گهرج جي پيش نظر هيءُ ڪتاب وري پڌرو ڪرڻ جي فرض ادائي ڪجي ٿي. +هيءُ ڪتاب ايف. ڊبليو. فرار جي انگريزي زبان ۾ لکيل "Three Homes" جو ترجمو آهي، جيڪو مرزا صاحب 1912ع واري سال ۾ ڪيو ۽ اُنهيءَ ئي سال شايع ٿيو هو. +بنيادي طرح سان هن ڪتاب جو موضوع ”گهرو سماجيات“ (Domestic Sociology) آهي جنهن جو مرڪزي نُڪتو ٻارن جو پنهجن وڏڙن ۽ مائٽن سان فرمابنرداري ۽ سعادتمنديءَ سان پيش اچڻ ۽ والدين ۽ بزرگن جو پنهنجن ننڍن ۽ اولاد سان شفقت ۽ تهذيب سان هلت هلڻ آهي. +نصيحت جي سبق سان جُڙيل هيءُ ڪتاب فقط آکاڻي يا ’ڀاشڻ‘جي انداز ۾ لکيل ڪونه آهي، پر هڪ ناول واري دل کي ڇُهندڙ نوع ۾ بيان ڪيل آهي، جيڪو پڙهندڙ تي هڪ دل آويز تاثر قائم ڪري ٿو ۽ موضوع جي پيغام کي پنهنجي تمام تر ڀرپوريت سان پڙهندڙن جي ذهن ۾ نقش ڪري ٿو. هونئن به مرزا صاحب مغربي ٻولين مان جيڪو به ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اُهو سمورو انهيءَ تي دلنشين پيرايي ۾ ڪيل آهي. جنهن ڪري هڪ عام پڙهندڙ وٽ اُن ذخيري جي شروع کان وٺي ”عام مقبوليت“ رهي آهي. +سندي ٻوليءَ جي قابل صدا احترام خدمتگذار مرزا قليچ بيگ جي علمي خدمتن مان سندس تصنيفات جي تعداد جو ذڪر ڪرڻ هت نامناسب ڪونه رهندو. اورچ ۽ اڻٿڪ عالم جي ڪتابن جو ڪل تعداد، عام طرح سان هڪ وڏي عرصي کان وٺي ٽي سئو يا ساڍا ٽي سئو ڄاڻايو پئي ويو. پر تازي ڳڻ مان سُڌ پيئي آهي ته مرزا صاحب جي ڪتابن جو ڪل تعداد 457 آهي. جيڪو ٻُڌندڙ کي خود حيرت ۾ محو ڪري ٿو. (اها تحقيق سندس پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ جي آهي). انهيءَ حوالي سان اسان کي اندر ۾ جهاتي پائڻ کپي ته اسان اديبن مان اُهي ڪُل ڪيترا لکاري آهن جن سڄي زندگيءَ ۾ رڳو 457 مضمون لکيا هوندا؟ ۽ اهو به سوچڻ کپي ته اسان مان وري اهڙا ڪُل ڪيترا ليکڪ آهن، جن 457 ڪتاب پڙهي پورا ڪيا هوندا؟ 457 ڪتابن جو لائق ۽ فائق مصنف مرزا صاحب بلاشبه، هر طرح سانه صرف ”لائق صد احترام هستي“ آهي، پر اُن سان گڏ سندس ادبي پورهيو اها به تقاضا ڪري ٿو ته اسان وڏي تعداد ۾ سندس لکيل سمورا ڪتاب پڙهون ۽ هينئين سان هنڊايون. پنهنجي محسن کي صحيح معنيٰ ۾ عقيدت جو خراج اسان ان طرح سان ئي پيش ڪري سگهنداسون. +انعام الله شيخ +5- مئي 2004ع سيڪريٽري +ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ +ديباچو +هيءُ ڪتاب ف. و. فراز صاحب پادريءَ جي لکيل ٽن مشهور ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”ٿري هومس“ جو ترجمو آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ٻارن کي ۽ انهن جي مائٽن کي گهرن ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. اُميد ته ٻارن ۽ سندن مائٽن کي هن جي پڙهڻ سان گهڻو فائدو پهچندو. +قليج بيگ +1921ع +باب پهريون +ٽي ڪرڪيٽ راند ڪرڻ واران +آڙاهه جا ڏينهن هئا. شام جو وقت هو، سج ٽٻي ڏني هئي، پر شفق جي ڳاڙهاڻ، جا سج لٿي کان ٿورو اڳڀرو سون وانگي پيئي چمڪندي آهي. سا اڃا ڪڪرن تي بيٺي هئي ۽ ٿورو ٿورو ٿي جهڪي ٿيندي ويئي؛ ۽ مٿان آسمان، جو سڄو ڏينهن فيروزي وانگي پئي چمڪيو، سو درجي بدرجي چانديءَ وانگي اڇو ٿيندو ويو. اُڀرندي کان چنڊ جي ڦڪي رنگ واري ٽڪي نڪري نروار ٿي هئي، مگر اڃا تاتارا ظاهر نه ٿيا هئا، اهڙي مزي جهڙي شام جي وقت؛ ”انگلينڊ“ جي هڪڙي ڏکڻ واري ضلعي ۾ شاهي رستي جي ٻنهي پاسي جيڪي ڪشادا ساوڪ وارا پٽا هئا، ��ن مان هڪڙي تي، ٽي ڇوڪرا پنڌ ڪندا پئي ويا. اُنهن کي ڪرڪيٽ جي راند وارا ڪپڙا پيل هئا. معلوم پئي ٿيو ته راند ڪري موٽيا آهن. ٻن کي ته هٿن ۾ بئٽون به هيون. مگر ٽئين، سستيِءَ ڪري پنهنجي بئٽ هڪڙي چڱي پوشاڪ واري نوڪر کي ڏني هئي، جو پٺيان ٿوري پنڌ تي اُها کنيو رڙهندو پئي آيو. +جڏهن ڪي ٽي ماڻهو گڏ هلندا آهن، تڏهن منجهن جيڪو زياده معتبر يا مکيه هوندو آهي، اُهو اڪثر وچ ۾ هلندو آهي: ۽ اُهو وچ وارو ئي ڇوڪر آهي، جنهن جي حياتيءَ جي احوال ۽ قسمت جي بازيءَ بابت اسان جو هيءُ قصو خاص طرح ذڪر ڪندو. هو مردانو ڏسڻ ۾ سچو ۽ ايماندار ڇوڪرو آهي. وار ڳوڙهي ڀوري رنگ جا اٿس ۽ اکيون چمڪندڙ نيليون اٿس. اُن جو نالو ”رالف ڊگلس“ آهي ۽ عمر پندرهن ورهيه اٿس – جهڙي سندس سنگتين جي آهي. هن جي شڪل تمام چڱي آهي ۽ طبيعت جو به خوش خلق ٿو ڏسجي. مگر خيال ڪري ڏسڻ سان سندس منهن ۾ اڻلکي غمگيني ۽ ملولائي پيئي معلوم ٿئي، جا شايد گذريل وقت جي تڪليفن ۽ ايندڙ وقت جي آزمائش جي نشاني آهي. +جيڪو ڇوڪر هن جي سڄي پاسي پئي ويو ۽ جنهن سان هن گهڻي گفتگو پئي ڪئي تنهن جو نالو ”مارٽن آلربي“ هو. هو ننڍي هوندي جا سنگتي هئا ۽ گهڻو ئي خوشيءَ جو وقت گذاريو هئائون؛ پر هاڻي هو جدا جدا اسڪول ۾ پڙهندا هئا. تنهن ڪري موڪل جي ڏينهن کان سواءِ هنن جو ملڻ نه ٿيندو هو. ”رالف“ کي ”رگبيءَ“ جي اسڪول ۾ پڙهندي به ٻه ورهيا ٿيا هئا. ”سارٽن ايٽن“ اجي اسڪول ۾ انهيءَ کان به وڌيڪ عرصو رهيو هو. +ٽيو ڇوڪرو- جنهن پنهنجي بئٽ کڻڻ جي به تڪليف نٿي ورتي- هنن ٻن کان ڪي ٿورا مهينا ننڍو هو ۽ ٿورو ضعيف ۽ سنهو به هو: طبيعت ۾ به هو ٻئي قسم جو هو. ڏسڻ ۾ ٽنهي مان خوبصورت هو، ۽ سندس مهانڊا وڏي گهراڻا نظر ٿي آيا؛ ليڪن حيا ۽ حجاب، جو ننڍيءَ عمر وارن جو عمدو گڻ آهي؛ سو هن ۾ ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيو؛ مغروري ۽ خود پسندي هن جي منهن مان پئي بکي. اهو ”وائڪائونٽ لارڊ گلينلن“ هو ۽ ڊانلرل“ جي وڏي ”ارل“ جو وڏو پٽ هو. هن ۾ سچا اخلاق ۽ طبعي عادتون ڪي به ڪين نظر ٿي آيون. جڏهن مرضي پيس ٿي تڏهن ڌارين سان به زور ڪري خوش خلق ٿي ٿيو؛ مگر هن جي ڪوڙي خوش خلقي، آزمودگار ماڻهوءَ کان لڪل نٿي رهي سگهي. جيڪڏهن اهي ِٽيئي ڇوڪرا ڪو ڏينهن ڌارين ۾ گذارين ها ته پهرين ”لارڊ گلينلن“ سڀني کان اڳي آزادگيءَ سان گفتگو شروع ڪري ها؛ پر سج لٿي کان اڳي جيڪر، سڀني جي راءِ ۾، هو ٻيا ٻه ڇوڪرا بهتر ۽ زياده تعريف جوڳا معلوم ٿين ها. پر انهيءَ وقت ”لارڊ گلينلن“ چڱي پوز ۾ هو، ۽ پنهنجن ٻن سنگتين کي خوش ڪرڻ جي خواهش ڪانه هيس. +چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه مزي جهڙو ڏينهن آهي، ڪهڙي نه لذت جهڙي شام آهي. اچو ته ذري تائين هتي آرام ڪريون!“ ۽ ڪهڙي جاءِ ڏيکاريائين. جنهن جي چوڌاري ساوڪ لڳي پيئي هئي، پڪل اَن جي ٻئي پاسي ۾ هتي رستي کان گوشائتي هئي. جهنگلي گلن جي خوشبوءِ پئي آئي، پکين پئي مٺيون ٻوليون ڪيون ۽ فرحت جهڙي هير پئي لڳي. +”مارٽن“ کلي چيس ته گلينلن، ڇا ڪيو اٿيئي جو آرام گهرجيئي؛ بئٽ نه کڻڻ جي ڪري ٿڪجي پيو آهين ڇا؟“ +”لارڊ گلينلن“ مرڪي جواب ڏنو ته ”ڏس چرچو شروع نه ڪر جي ”رالف“ وانگي مون کي به ڪا انعامي بئٽ ڏيکارڻي هجي ها ته جيڪو بيشڪ آءٌ به اها کڻي هلان ها. مارٽن، تنهنجي بئٽ ته مون گهڻا ڀيرا ڏٺي آهي؛ پر رالف، تون مون کي پنهنجي بئٽ نه ڏيکار!“ ائين چئي؛ اُنهيءَ گاهه واري جاءِ تي پيل هڪڙي ڇپ تي ويهي رهيو ۽ بئٽ وٺي، انهيءَ تي چانديءَ جي لڳل پٽي تي جي اکر لکيل هئا. سي پڙهڻ لڳو؛ ”الف ڊگلس کي گهر جي مئچ ۾ 53 ملڻ لاءِ��� ڪنهن ڏني؟ نالي جي مهڙ جا اکر آهن. شايد پنهنجي ڪنهن ”رگبي“ جي دوست کان مليل اٿئي. اسان جي ايندڙ مئچ ۾ به ڪو ايتريون کڻي ته واه! ڪنهن به طرح، رالف، اڄ جيڪي تو ڊوڙون پاتيون آهن. تن جي ڪري توکي آرام وٺڻ حق آهي. پر، مون رڳيون ٻه ٽي ڊوڙون پاتيون آهن، سو آءٌ چئي نٿو سگهان ته ايترو ڪو ٿڪو آهيان.“ +”مارٽن“ چيو ته ”منهنجون به ايتريون نه هيون، جن تي ڪو فخر ڪريان ڀلا، ڏهه - پندرهن ڇا آهن؟ پهريائين ته اسان جو پاسو اهڙو گهٽ پوندو ويو، جو مون ڄاتو ته ”آلٽن ڪلب“ وارا وڃي ٻٽاڪ هڻندا ته اسين عام اسڪول وارن کان کٽي وياسين!“ +”رالف“ چيو؛ ”فڪر ناهي، نيٺ به ته پاڻ کٽي وياسين!“ +”گلينلن“ چيو؛ ”هائو، رالف، توکي شابس آهي- اسين تنهنجا شڪر گذار آهيون، اجهو، منهنجو نوڪر به بئٽ کڻي اچي پهتو آهي.“ +”رالف“ چيو ته ”انهيءَ کان ته پڇ ته وقت ڪيترو آهي. اسان مان ڪنهن سان پنهنجي واچ ڪانهي. مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته آءٌ ٿورو دير گهر پهچندس.“ +هن چيو ته ”ڇا، مانيءَ لاءِ دير پهچندين، تنهن جو ڊپ اٿئي؟ اڃا ته اٺ به نه لڳا آهن!“ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”ماني لاءِ؟ نه انهيءَ لاءِ ته شايد اڃا گهڻو وقت پيو آهي. اوهين رات جي ماني دير کائيندا آهيون ڪيئن؟“ +”گلينلن“ چيو ته ”هائو، هميشه ساڍين اٺين بجي کائيندا آهيون.“ +”رالف“ چيو ته ”شل اڃا اٺ نه لڳا هجن نه ته ماني ته ويئي، مورڳو....“ اتي هن پاڻ کي روڪيو ۽ گلينلن“ رڙ ڪري پنهنجي نوڪر کان پڇيو ته ”اڙي، ڪيترا لڳا آهن؟“ هن وقت ڏسي، ادب سان ورندي ڏني ته ”اٺ لڳي پنج منٽ! مون نٿي ڀانيو ته ايتري دير ٿي آهي. مون کي هڪدم وڃڻ گهرجي؛ مارٽن، الهه واهي؛ ”گلينلن، خدا حافظ!“ ائين چئي هو پهڻ تان ڏيئي لٿو، ۽ ڊوڙ پائي ٻنيءَ منجهان لنگهي هليو ويو. +”گلينلن“ کلي چيو ته ”هن کي ڪهڙي تڪڙ لڳي! مارٽن، تون به هڪڙو آهين ڪيئن؟“ +هن چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته هلڻ جو وقت آهي. ”رالف“ جي جاءِ ويجهي آهي.“ ۽ وڻن جي جهمٽ ۾ هڪڙو ساديءَ ڇت وارو گهر ڏيکاري؛ چوڻ لڳو ته اوجهو، ڏسجي پيو.... پر، آءٌ جي ويجهو پيچرو کڻي وٺان، ته به پاءُ ميل جو پنڌ اڃا ڪرڻو پئيم؛ بک به لڳي اٿم- آءٌ وڃان ٿو سلام!“ +”گلينلن“ چيو ته ”چڱو، ڀلي وڃ، سلام... پر هيکلو هلڻ ته جٺ ٿيندي! بهتر آهي ته ننڍي گاڏي هتي گهرائي وٺان، تنهن تي چڙهي هلان.“ +”مارٽن“ کل مان چيو؛ ”ڇا، گاڏي!- فقط ”ڊانرل ڪئسل“ تائين پنڌ جي تڪليف کان بچڻ جي لاءِ؟“ +”گلينلن“ چيو ته ”ڇو نه!“ ۽ نوڪر کي سڏي چوڻ لڳو؛ ٻڌين ٿو، ”ڪلارڪ“، اسان جي قلعي ۾ وڃي ننڍي گاڏي وٺي آءُ.“ +مارٽن چيو ته ”تنهن ۾ منهنجو ڇا ٿو وڃي؛ گلينلن، خدا حافظ.... ڀلي تون گاڏيءَ جون لذتون وٺندو گهر وڃج!“ +’گلينلن‘ ته ’مارٽن‘ جي ٽُڪ جي ورندي ڪانه ڏني، مگر ڪاوڙ ساپنهنجي نوڪر تي ڇنڊيائين، جنهن کي چڙ مان چوڻ لڳو ته ”بيوقوف، اڃا پيو جونءِ وانگر سرين! وڃ، وقت نه وڃاءِ!“ +هن چيو ته ”سائين، قلعي تائين فقط ويهن منٽن جو پنڌ آهي، ۽ جيسين آءُ موٽي هتي ايندس، تيسين اوهين هلي اُتي رسندو!“ +ننڍي لارڊ حڪم سان چيو ته ”اڙي ڪنهن توکان پڇيو ته پنڌ ڪيترو آهي؟ جيڪو حڪم ڏجئي سو ڪر، ٻي وڌيڪ بڪ نه ڪر! آءٌ شايد هتي ئي بيٺو هوندس، اڳڀرو نه هلندس- ۽ ياد ڪجئين ته گاڏيءَ ۾ سُرخي گهوڙي ٻڌن!“ هن چيو ته ”حاضر سائين، پر...“ +’گلينلن‘ چڙ مان ڇڙٻ ڏيئي چيو ته ”وري پر- پر! سگهو وڃ، دير نه ڪر! تنهنجي نوڪر ٿيڻ مان ڪهڙو فائدو، جو حڪم جي تعميل هڪدم نه ڪندي!“ +نوڪر مرڪندو اُٿي ڀڳو، ڄڻ ته ڪاوڙ ۽ بدزباني پئي وڻيس. پر، جڏهن پر ڀرو ويو ۽ سندس ڌڻيءَ جي ڏانهنس پٺ ٿي، تڏهن مرڪڻ ڇڏي، غصي مان مٺيون اُلاري، ڏانهنس منهن ڪري، چوڻ لڳو: ”بيشرم، ڪتو! هينئر ڀلي مون تي حڪم هلائي، پر ڪنهن ڏينهن منهنجو به وارو ايندو- پوءِ پاڻيهي خبر پونديس: پاڻ ڀلي ”هائوئرڊ واڪائونٽ گلينلن“ هجي ۽ ڊانرل“ جي قلعي جو ولي عهد ۽ وارث هجي ته به پاڻيهي ڏسندو ته ”جائلس ڪلارڪ“ ساڻس مٽ پوي ٿو يا نه!“ +”لارڊ گلينلن“ ته اتي ئي ٿڌيءَ هير ۾ ويٺو رهيو ۽ جيڪو سندس نوڪر چيو سو نه ٻڌائين- نڪي هن جي ٻن سنگتين کي ڪو اهڙو خيال آيو ته انهيءَ هڪڙيءَ شام جي وقت جيڪي ظاهري ڪري خسيس ڳالهين تي گذريون، تن تي ئي سندن ايندڙ حياتيءَ جا حادثا منحصر رهڻ وارا هئا. +باب ٻيو +’مارٽن‘ جو گهر +هاڻي اسين ٽن گهرن ۽ گهٽين جو احوال بيان ڪنداسين، جي ٽيئي انگلنڊ جي سکرن ۽ دولتمندن جا آهن: انهن جي خاندانن سان واقفيت ڪنداسين، ۽ ڏسنداسين ته هر هڪ جو اندروني ڪارخانو ۽ خانگي چرخو ڪيئن ٿو هلي. +پهرين ’مارٽن‘ جي گهر تي اچون ٿا هن جو پيءُ، ”سر هينئري آلربي“، هڪڙي وڏي هاڻوڪي ڊول واري گهر ۾ رهندو هو، جو مٿانهينءَ زمين تي هو، جتان آسپاس جو نظارو چڱو ڏسڻ ۾ ٿي آيو؛ چوڌاري باغ بستان ۽ ساوڪون لڳيون پيون هيون، جن تي گهر جي درين مان نظر پيئي پوندي هئي ۽ جتان تندرستيءَ جهڙي هوا پيئي ايندي هئي. جاءِ جي ورانڊي تي وليون ۽ وڻ ويڙهيون چڙهيل هيون، جن جي گلن ۽ مکڙين مان انهيءَ وقت فرحت جهڙي خوشبوءِ پيئي آئي. +جڏهن ”مارٽن“ اندر گهڙيو، تڏهن گهر جا ڀاتي، ماني کائي بس ڪري ميوي کائڻ تي ويٺا هئا. هن جو هڪڙو جوان سئوٽ، ”جارج بومانٽ“ نالي، تازو آيو هو ۽ وٽن اچي ٽڪيو هو، تنهن سان سندس ننڍي ڀاءُ ۽ ڀيڻ رٿون ويٺي ڪيون ته موڪل جا ڏينهن ڪهڙين خوشين ۽ وندرن ۾ گذارجن، ۽ ”سر هينري“ ۽ ليڊي آلربي“ به انهن سان وڏي شوق مان گفتگوءَ ۾ شامل پئي ٿيا. +اُتي پڻس ”سرهينري“ البت شوخيءَ سان چيو ته ”مون کي حيرت ٿي لڳي ته اُهو ڪير هو، جنهن خاص طرح انجام ڪيو هو ته آءٌ اسٽيشن تي وڃي پنهنجي سوٽ کي پنهنجي گهر جو رستو ڏيکاري پاڻ سان وٺي ايندس؛ ۽ اهو ڪير هو، جنهن هن جي لاءِ گاڏي به موڪلڻ نه ڏني، ۽ چيائين ته ’اسين باغن جي وچان ويجهو چارو ڏيئي، مزي سان گهمندا اينداسين!‘ +هي ٻڌي، ”مارٽن“ چيو ته بابا، اوهين ڇو ٿا اها ڪاوڙ ڪريو. پر جارج، اُميد آهي ته تو رستو ته برابر لڌو! +”مارٽن“ جي ننڍي ڀاءُ ”هربرٽ“ چيو ته ”برابر لڌائين! مارٽن، هن جانڊاهه وارو ورکڻي ورتو ۽ رستو ڀلجي وڃي ٻيلي جي جهنگ ۾ پيو؛ اهڙي گهاٽ ۾ اچي ڦاٿو هو، جو ذري گهٽ ٻيلي جي نگهبان هن کي شڪار يا شڪار جو چور ڄاڻي بندوق ٿي هنئي؛ تنهن کان پوءِ وري اچي انهيءَ جي ڪتن ورايس!“ +’مارٽن‘ ڏاڍي ارمان مان چيو: ”مون کي گهڻو افسوس آهي.“ +اتي ”ليڊي آلربيءَ“ وچ ۾ پئي چيو ته ”افسوس نه ڪر، جارج ضرور توکي معافي ڏيندو!“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”هائو، پهرين ته پاڻ کي انجام نه پارڻ جي معافي ڏئي!“ ”مارٽن“ جواب ڏيڻ تي هو ته ”هربرٽ، جو جرات وارو ڇوڪر هو، تنهن تڪڙ ڪري ٻي ڳالهه آڻي وڌي: چوڻ لڳو ته ”هيستائين اسان توکان پڇيو به ڪين ته راند ڪنهن کٽي! آءُ ڀانيان ٿو ته شهر وارا کٽي ويا.“ +”مارٽن“ ڪن کان وٺي چيس ته ”ماٺ ڪر، ننڍڙا باندر! ”آلٽن“ ۾ ٿو ٽن چئن ٻهراڙيءَ وارن اسڪولن جو پاسو جيتجي- ايترو چوندس ته ذري گهٽ جيتا!“ +”ليڊي آلربيءَ“ پٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ته ”اسان کي ته سڄي ڳالهه ڪري ٻڌاءِ.“ ”مارٽن“ جي ڀيڻ ’آلس‘ به چيو ته ”اوهان گهڻيون رنسون کنيون؟“ هربرٽ وري پڇيو ته ’گلينلن‘ ۽ ’رالف‘ ڪيئن ڪيو؟ بال ڪنهن ٿي اُڇلايو؟ تو ڪو بال جهٽيو به؟“ +”مارٽن“ کلي چيو ته ”هاڻي ڪنهن کي ڪنهن کي جواب ڏيان؟ پر پهرين ته پاڻ کي ڏسڻ جهڙو ڪريان، ۽ ڪپڙا بدلايان! آءٌ هتي رڳو سماءُ وٺڻ آيس ته ”جارج“ آيو آهي يا نه.“ +ماڻس چيو ته ”مارٽن، ڪپڙن جي حرڪت ڪانهي، سڄو ڏينهن ڊوڙيو ۽ هلاڪ ٿيو هوندين، سو بک لڳي هوندءِ ۽ ٿڪو هوندين. ويهي رهه ته ”هربرٽ“ توکي چانهه گهرائي ڏي. آءٌ ڀانيان ٿي ته ماني کائي آيو هوندين.“ +”مارٽن“ چيو ته ”نه، آءٌ ماني لاءِ ترسيس ئي ڪين.“ +”هربرٽ“ چيو ته تڏهن بيهه.“ هن اُٿي نوڪر جي لاء گھنٽي وڄائي، ۽ ”مارٽن“ پنهنجي سؤٽ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. چوڻ لگٻو؛ ”ڏينهن ڏاڍو چڱو گذريو، ۽ راند ڏاڍي متي. ”آلٽن ڪلب“ جي جاءِ تمام عمدي آهي. سوين ماڻهو هئا؛ ڏهه ٻارنهن ليڊيون به هيون. ”آلٽن“ وارن پنهنجا زميندار ۽ لوهار آڻي ڪڍيا؛ تن اسان جي بال هڻڻ وارن کي ٿڪائي ڇڏيو. خصوصا ”لارڊ ڊانرل“ جي نگهبان، ”جان“ ڏاڍي چالاڪي ڏيکاري. اسان کي هنن ٻه وجهه ڏنا، ليڪن هن مغرور مٿي ڦريل ڀوڪ ”گلينلن“ سوجهرو ڪونه ڪيو؛ سڄو ڏينهن شراب پيئڻ ۾ مشغول هو.۽.....“ +اتي ”سرهينريءَ“ وچ ۾ پئي چيو ته ”صبرڪر هتي ليڊيون ويٺيون آهن-اجايا سجايا لفظ واتان متان ڪڍين!“ +”مارٽن“ چيو ته”ڀلا، لارڊ وائڪائونٽ گلينلن“-ائين ته ٺهيو؟“ +پڻس شوخيءَ کان سواءِ چيوته ”مارٽن، هي ڇا؟“ +انهئ تي ”مارٽن“ شرمندو ٿي، چڙ وساري ، هوش م آيو، ۽ آرام سان چوڻ لڳو ته ”گلينلن ٻه ڀيرا بال جهٽي نه سگهيو، پر نيٺ اسين 180 رنسون ڪري وياسين. پوءِ اسان جي قسمت چڱي نه هئي- فقط120 رنسون کنيونسين.“ +”هربرٽ“ پڇيو ته ”تو اهو ته ڪين چيو ته ٻٽاڪي ”مارٽن آلربيءَ“ڪهڙي هوشياري ۽ چالاڪي ڏيکاري؟“ +هن مڪ اُلاري چيو ته ”بيحيا هربرٽ، مون فقط ٽي کنيون!“ +”هربرٽ“ چيو ته ”چڱو، پوءِ.“ +هن چيو ته ”پوءِ ٻئي ڀيري، اسان سگهوئي ”آلٽن“ وارن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. هنن 82 وڌيڪ رنسون ڪيون ۽ اسان کي اڃا 142 کي مقابلو ڪرڻو هو. ڇهين بجي پوري بس ڪرڻي هئي. جو ماني کائڻي هئي. مگر سڀني ٺهراءَ ڪيو ته سوائين ستين تائين راند ڪجي سان ڪوشش ڪئي پر نيٺ به اڃا اسان کي راند کٽڻ ۾ 60 رنسون گهربل هيون. تنهن ڪري اسان کي ڏاڍي نااميدي هئي. ”رالف ڊگلس“ تمام عمدي راند ڪئي، سڀڪو ڌڪ خيال ۽ سنڀال سان ٿي هنيائين. هن جي ڌڪن تي مون کي ڏاڍو ڊوڙوڻو پيو. تماشي بين واه واه پئي ڪئي. مون به پنهنجي واري تي ڏهه رنسون ڪيون. پوءِ آئوٽ ٿي پيس. نيٺ جڏهن ست لڳي ڏهه منٽ ٿيا، تڏهن اسان جون ڪل 136 رنسون ٿيون. اتي ”رالف“ ۽ گلينلن“ ڇهه ٻيون به کنيون، جنهن ڪري اسان جون هينئر پوريون 143 رنسون ٿيون، ۽ اسان کٽيو- اگرچ گهڻي اُميد ڪانه هئيسون اسان تاڙيون وڄايون ۽ ڏاڍو هل ڪيوسين ۽ فتح جي خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ، ”رالف“ کي ڪرسيءَ تي ويهاري، اُها کڻي تنبوءَ تائين آيا سين، ڇا لاءِ جو جي اهو نه هجي ها، ته اسين ضرور هارايون ها. خلاصيون هن جو 97 رنسون ٿيون ۽ آئوٽ به نه ٿيو. ڪيئن انصاف ڏيڻ جهڙي ڳالهه آهي يا نه؟“ +”سرهينري“ چيو ته ”شاباش، مارٽن مون ڀانيو هو ته مانيءَ جي لالچ تي تو پنهنجو انجام ڀڳو! توکي ضرور بک لڳي هوندي. هاڻ گهڻو نه ڳالهاءِ، پنهنجو وقت سجايو ڪم آڻ.“ +”مارٽن“ چيو: ”بک برابر لڳي آهي؛ پر اوهين ته سڀ اڳي ئي کائي ويٺا آهيو، آءٌ کائي بس ڪريان، ته پوءِ ٺهراءُ ڪريون ته ايندڙ هفتي ۾ ”جارج“ کي ڪيئن ��ندرايون.“ +پوءِ ”مارٽن“ اچي پنهنجي مانيءَ کي لڳو،۽ ٻيا سڀ مانيءَ واري جاءِ مان نڪري ويا. جڏهن ماني کائي بس ڪيائين، تڏهن پيءُ وٽ ويو، جنهن آرام ڪرسيءَ تي ليٽي ڪو ڪتاب پئي پڙهيو. نياز سان چوڻ لڳس؛ ”بابا، اوهين مون تي ڪاوڙيل ته ڪين آهيو؟“ +”سر هينريءَ“ پيار مان چيو ته ”بابا، جيڪو احوال ٻڌم تنهن موجب ڪاوڙ ڪرڻ جو سبب ڪونه هو. توکي خبر آهي ته آءٌ وقت ۽ انجام جي پورائيءَ تي خاص خبرداري ڪندو ۽ ڌيان ڏيندو آهيان، پر هينئر آءٌ سمجهان ٿو ته توکي راند جي پڇاڙيءَ تائين رهڻ ضروري هو ۽ تنهن ڪري توکي دير ڪرڻ جو واجبي عذر هو.“ +”مارٽن“ چيو ته ”بابا، مون به ائين ٿي ڀانئيو: مون کي خبر هئي ته آءٌ ائين وچ مان هليو اچان ها، ته اوهان کي ارمان ٿئي ها، منهنجا سنگتي مون تي خفي ٿين ها ۽ اسان جي طرف کي گهڻي حرڪت پهچي وڃي ها.“ +پڻس چيو ته ”جي راند ڇهين بجي پوري ٿئي ها ته تون ضرور گهر اچين ها، ۽ ماني لاءِ ڪين ترسين ها؟“ +هن چيو ته ”بابا، ضرور ائين ڪريان ها. اوهان کي خبر آهي ته مون اڳي ڪڏهن انجام ۾ شڪني ڪئي؟“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”نه، مارٽن ۽ منهنجي نه ڪاوڙجڻ جو سبب به اهو آهي ته تون تمام چڱو ڇوڪر آهين ۽ تو ۾ منهنجو پورو ڀروسو آهي، هاڻ هل ته هلي گهر جي ٻين ڀاتين سان گفتگو ۽ صلاح مصلحت ۾ شامل ٿيون.“ +ائين چئي، هو پنهنجو هٿ ”مارٽن“ جي ڪلهي تي رکي باغ ۾ آيو. ظاهر هو ته هو پنهنجي پٽ کان بلڪل راضي ۽ خوش هو، ۽ انهيءَ تي گهڻو فخر ٿي ڪيائين. حقيقت ڪري ڪي ٿورا پٽ هوندا، جن کي ”سرهينري آلربيءَ“ جهڙو مهربان ۽ عالمي دماغ پيءُ هوندو ۽ ڪي ٿورا پيءُ هوندا. جن کي ”مارٽن“ جهڙو فرمانبردار، بيقصور ۽ هر طرح پيار ڪرڻ جي لائق پٽ هوندو. + + +باب ٽيون +’لارڊ گلينلن‘ جو گهر +”آلربي“ ڪٽنب وارن جو سرهائيءَ ڀريل ۽ مزي جهڙو گهر ڇڏي، هاڻ اسين ”ڊانرل“ جي ”آرل“ جي اميراڻي محلات ڏي هلنداسين. ”آلربي باغ“ مان لنگهي، رستو لتاڙي، هڪڙيءَ ننڍي ٽڪريءَ جي چوڻيءَ تي چڙهبو ته هڪڙي ننڍي ڍنڍ ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون ٻيٽهريون نظر اچن ٿيون. انهن جي پريان باغن جي مٿان باغ، هزارن رنگن جا چڙهندا وڃن ۽ اڃا به انهن جي مٿان، ”ڊانوال“ جي قلعي جا عاليشان ٺل ڏسڻ ۾ ٿا اچن. اهو قديم قلعو، ايڊورڊ ٽئين جي راڄ ۾ انهيءَ خاندان جي پهرئين آرل جوڙايو هو. تنهن کان پوءِ منجهس گهڻيون ئي هاڻوڪي زماني جون ڦيريون گهيريون ڪيون هيون ۽ انهيءَ جي چوڌاري اهڙا عجيب باغ بستان لڳايا ويا هئا، جيڪي آس پاس واري ملڪ جو سينگار هئا. +”ڊانرل“ جا آرل وڏا امير هئا. هنن جي ناموس ۽ هلندي گهڻي هئي. انهيءَ خاندان جا پٽ عقل وارا ۽ شريف هوندا هئا ۽ ڌيون حسين ۽ نيڪ هونديون هيون. انهن جو ذڪر ملڪ جي تاريخن ۾ لکيل هوندو هو. پر، هاڻوڪو لارڊ ڪچيءَ کان کري پيل هو. ”آرل“ ٿيڻ کان اڳي، وڏن جو نالو نشان گم ڪري ڇڏيو هئائين. رات ڏينهن عيش عشرت کي لڳو پيو هوندو هو. شڪار ڪرڻ، جانورن ويڙهائڻ ۽ شرطن ڀڄائڻ جو ڏاڍو شوق هو. جوا بازي ۾ هزار کٽيا هئائين ۽ هزار قرض چڙهي ويا هئس. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو. تڏهن پنهنجيءَ اڳوڻي اجائيءَ هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پشيمان ٿيو. هڪڙي ڳالهه جو نهايت گهڻو ارمان هوس. جو ”ڊالرل“ جي شاهاڻي جاگير ۽ جائداد جو وڏو ڀاڱو هن گروي ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ ٻيا سندس شان شوڪت ۽ ٺاهه ٺوهه ڏسي پيا ريس ڪندا هئا ته به هو پاڻ اندر جي چڪن کان ڏاڍي عذاب ۽ غم ۾ هو. سڀ کان وڏي ڳڻتي هن ڳالهه جي هيس ته سندس پٽ به خود سنديس بريون عادتون پرايون هيون ۽ ڊپ هو ته هن جو حال به آخر اهڙو ٿيندو جهڙو سندس هو. +هن جي زال ڏاڍي حسن واري ۽ عمديءَ طبيعت جي شريف ليڊي هئي. ”لارڊ گلينلن“ اڃا چئن ورهين جو، ته هوءَ مري ويئي. جي جيئري هجي ها، ته پڪ آهي ته مڙس کي چڱو سنڀالي ها، ۽ هن کي گهڻين خرابين ۽ مصيتبن کان بچائي ها. پر جڏهن هن کي زال جي مرڻ جو سخت صدمو پهتو. تڏهن اُنهيءَ ڏک کي دفع ڪرڻ جي لاءِ پاڻ زياده خوشدلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ”لارڊ گلينلن“ ۾ سندس ماءُ جو مورثي حسن ۽ جمال هو- اهڙو، جو هزارين کيس ڏسي حيران ٿيندا هئا. هو جوان، خوبصورت، خانداني، ذهين سليقي وارو ۽ وڏيءَ جائداد ۽ عالي القاب جو وارث هو؛ تنهن ڪري سڀڪو ائين سمجهندو هو ته هو ضرور دنيا ۾ نامور، فتحياب ۽ بخت وارو ٿيندو. ”لارڊ گلينلن“ پاڻ به ائين ڄاڻندو هو: هو ڀانيئندو هو ته دنيا منهنجي لاءِ پيدا ٿي آهي. اسڪول جتي ٻين جي همسريءَ ۽ سنگت جي ڪري وڏو ماڻهپ جي وسري وڃڻ جي اُميد آهي، انهيءَ ۾ هن جي ذهن هشياريءَ خوش خلقيءَ خوبصورتيءَ ۽ شرافت جا ايترا تعريف ڪرڻ وارا ۽ خوشامدي پيدا ٿي پيا، جو هو پاڻ زياده مغرور ۽ تڪبر وارو ٿيندو ويو، ۽ پنهنجي سڀ ڪم ۽ هلت سان خوشي پئي حاصل ٿيس. +ڪم نصيبيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ننڍڙي عمر ۾ ماءُ جي مرڻ ڪري سندس حسب نسب ۽ دولتمنديءَ جي فائدن جو اثر اُبتو ۽ گم ٿي ويو. ”آرل“ پاڻ سست مزاج هو ۽ اڪثر گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. ننڍڙي ٻار جي پرورش ۽ تعليم جي ڪابه ڳڻتي ڪانه هوس مغرور پٽ کي نوڪريءَ جي حوالي کڻي ڇڏيائين، جي هن جي ايتري ڪاڻ ڪڍندا هئا. جو هو خود خيال ۽ بيحد مغرور ۽ سرڪش ٿي پيو. ”لارڊ ڊانرل“ محبت جي ڪري، هن کي چوندو ڪين هو، ۽ سندس مرضي پڇندو نه هو؛ تنهن ڪري هو روز بروز خود پسند ۽ خود راءِ ٿيندو ويو. جيڪڏهن ڪو سمجهو نوڪر يا اٽڪل وارو استاد وٽس هجي ها ته به جيڪر طبيعت ٻيءَ طرح جي ٿي پويس ها، پر جيڪو اهڙو استاد هوس تنهن کي به پڻس ڪرڻ کان پيو روڪيندو هو. تنهن ڪري، ننڍي ”وائڪائونٽ“ کي جيئن پئي وڻيو، تئين پئي ڪيائين، ڪنهن جي به جهل پل ڪانه هيس. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو ته هو کري پيو ۽ مغز ڦري ويس. صورت سونهن هڻڻ جي بدران گهر وارن جي لاءِ وڏو آزار ۽ مرض هو. ”ايٽن“ جي اسڪول ۾ وري به ڪا روڪ هيس ۽ ”اُتي لارچ ماٺ ڪيو پيو گذاريندو هو؛ مگر جڏهن گهر ايندو هو، تڏهن سندس طبيعت جو زور وري ظاهر ٿيڻ لڳندو هو ۽ چوڌاري ٻارڻ ٻاري ڏيندو هو. آرل“ کان وٺي خسيس نوڪر تائين، اهڙو ڪو به ڪونه هو، جو جڏهن هن جي موڪل پوري ٿيندي هئس ۽ هو وري اسڪول ڏي روانو ٿيندو هو. تڏهن خوش نه ٿيندو هو. +اهڙيءَ پرورش کان پوءِ ڪهڙو پٽ پنهنجي پيءُ کي فرمانبرداريءَ، ادب ۽ محبت سان خوش ڪري سگهندو؟ جيسين ”گلينلن“ ننڍڙو هو- رڳو مانيءَ کان پوءِ پيءُ وٽ ايندو هو، ۽ اتي ماڻهو هن جي خوشماند ۽ تعريف ڪندا هئا – تيسين ”‎آرل“ هن تي فخر ڪندو هو، ۽ هن کي گهڻو پيار ڏيندو هو، پر جڏهن وڏيرڙو ٿيو ۽ پيءُ وٽ گهڻو اچڻ لڳو، تڏهن ڏاڍو حرڪتي ۽ خود- خيال ۽ هوڏي ٿيڻ لڳو. ڪچيءَ کان ”لارڊ ڊانرل“ نرم فهمائش ۽ محبت جي سمجهاڻيءَ تي نه هيرايو ويو هو، تنهن ڪري جڏهن ڪڏهن هو ڪا حرڪت يا ڪو ناشائستو ڪم ڪندو هو، تڏهن ”ارل“ ڏاڍو ڪاوڙ جي ويندو هو، ۽ پٽ کي سختي سخت سيکت ڏيندو هوڍ؛ پر پٽ جي طبيعت اهڙي شوخ هئي جهڙي پيءُ جي، سو ماٺ ڪري اهي سهمون نه سهندو هو ۽ هوڏ ڪري ضد ڪندو هو، تنهن ڪري ”ارل“ اڪثر پنهنجي منهن ڇڏي ڏيندو هوس. رڳو ڪڏهن اتفاق سان حد کان وڌيڪ سختيءَ سان مٿس حڪم هلائيندو هو، جنهن جو اثر اهڙو خراب هو، جهڙو اڳي حد کان وڌيڪ نرميءَ جو هو. انهيءَ طرح، نيٺ پٽ بي پرواهه ۽ خودمختيار ۽ نافرمان ٿي پيو. پيءُ انهيءَ مان رنج ۽ بيزار ۽ نااُميد رهندو هو، ۽ ”ڊالرل“ جي عاليشان ڪوٽ ۽ محلات ۾ ناخوشي، غمگيني ۽ رنجهه- ڪنجهه رهندي هئي. هوڏي، غريبن ۽ ڪڙمين جي ڀُنگين ۽ ۽ ڪکن ۾، خوشي ۽ سرهائيءَ ۽ آسودگي هوندي هئي! +* * * * * +سرخي گهوڙي جا گاڏيءَ ۾ وڌي ويئي هئي. جا تمام قيمتي هئي ۽ مالڪن کي گهڻو پسند هئي- سا به گاڏي ڊوڙائيندي قلعي جي در تي آئي، ته ”ارل“ پاڻ به گهوڙي تي چڙهيو ماني کائڻ لاءِ ٿي آيو. ”گلينلن“ پيءَ کي ڏسي ورتو ۽ ڄاتائين ته ڏاڍو ڪاوڙيو، سو جھٽ ۾ اڳتي ئي ٽپ ڏيئي لهي پيو ۽ ٻيو تکو ڏاڪڻ تان چڙهي مٿي هلڻ لڳو. +”:ارڊ ڊالرل“ هڪل ڪري چيس ته ”بيهه، هائوئرڊ بيهه“ ايتري ۾ پاڻ به گهوڙي تان لهي واڳ نوڪر کي ڏيئي اندر هليو. +ڇوڪر پيءُ جي حڪم نه ٻڌڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو، سو تڪڙو تڪڙو ڀڄي، پنهنجي ڪوٺي ۾ وڃي لڪو، ”ارل“ جي خبر هيس ته سندس جاءِ ۾ ڪين ايندو، نڪي هو اوڏي ويو. سئيس جو گاڏيءَ سان هو، تنهن تي ڏاڍو ڪاوڙيو غصي مان پڇيائين ته ڇا لاءِ تو سرخي گهوڙي ڪم ۾ آندي؟ توکي خبر ناهي ته هن جي گاڏي ۾ ٻڌڻ مان خوف آهي ۽ انهيءَ کي ڪنهن به ايذاءُ رسڻ ڪري هن کي خفو لڳندو !“ +سئيس ادب سان جواب ڏنو: ”حضور، ”ڪلارڪ“ مون کي ٻڌڻ لاءِ حڪم ڏنو.“ ”ڪلارڪ“ جو اُتي حاضر هو، تنهن اُتي جو اُتي پاڻيهئي چيو ته ”حضور، مون کي لارڊ گلينلن“ کان حڪم مليو: اوهان مون کي تاڪيد ڪيو هو ته هن جا حڪم مڃيندو رهه“ +”ارل“، مشڪلات سان ڪاوڙ ماري، چيو ته ”خبردار، متان وري ائين ڪرين؛ نه ته انهيءَ گهڙيءَ اوهين ٻئي منهنجي نوڪريءَ مان نڪري ويندؤ!“ +پوءِ جڏهن اندر صفحي ۾ هليو، تڏهن پاڻ کي چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه نڀاڳو ڇوڪرو آهي! هاڻ آءٌ هن کي ڇا ڪريان؟- پر، پاڻيهي خبر پونديس ته ڌڻي ۽ حڪم هلائڻ وارو آءٌ آهيان!“ +* * * * +جڏهن وڏو گهنڊ مانيءَ جي سڏ لاءِ وڳو، تڏهن ”گلينلن“، البت ڊپ ۾، هيٺ لهي مانيءَ واريءَ جاءِ ۾ آيو. اها جاءِ به ڏاڍي عاليشان هئي، منجهس سندس بزرگن جون تصويرون رکيل هيون. هميشه ”ارل“ وٽ مهمانخانو لڳو پيو هوندو هو، جو هو وڏي تجمل ۽ ٺاهه ٺوهه سان رهندو هو، مگر اتفاق سان انهيءَ ڏينهن ٻيو مهمان ڪو نه هو. ساڍن اٺن بجن جو وقت هو، طرح طرح جا عمدا طعام ميز تي رکيل هئا. جڏهن ماني تي ويٺا تڏهن پهرين ته هنن جي وچ ۾ رواجي سلام جي گفتگو هلي؛ پوءِ سڄو وقت هو ماٺ ڪريو ويٺا هئا. نوڪر بيٺل هئا. تنهن ڪري ”ارل“ ٻيو ڪڇيو ڪين. اندر ۾ پئي ڪاوڙ پچايائين هوڏي ڇوڪرو ته فرحت سان ماني ويٺي کاڌي، ۽ برف ۽ شراب گهريو پئي ورتائين. ظاهري ٻي لکا ئي ڪا نه هيس، مگر دل ۾ ڪکيس پئي ته اجها ٿي يا بي جي ڪاوڙ ڀڙڪو کائي. نيٺ ايترو شراب پيتائين جو جيتوڻيڪ پيئڻ جي عادت هيس ته به منهن ڳاڙهو ٿي ويس ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس. +کانو ته پورو ئي نه پئي ٿيو... پر نيٺ پورو ٿيو، ۽ ميز تي مزي مزي جا ميوا آيا. شراب ”ارل جي پاسي ۾ رکي نوڪر سڀ نڪري ويا تڏهن ”لارڊ گلينلن“ بي آرام ٿيڻ لڳو، جو ڄاتائين ته هاڻ بابو ضرور ڪاوڙ ڇنڊيندو“؛ پر هن هڪدم ڪاوڙ نه ڇنڊي. ٿوري دير تائين ماٺ ڪري، پير لوڏڻ ۽ تڪڙ مان گلاس ڀرڻ لڳو- تڏهن ”گلينلن“ سمجهيو ته هاڻ ڪاوڙ نڪرڻ تي آهي. اٺين ڪندي، ”لارڊ ڊانرل“ ڏاڍيءَ چڙ مان پُٽ کي اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو، ۽ پٽ به بي پرواهه ۽ بيحيا ٿيڻ لڳو. ٻئي هل ۽ بڪ شڪ ڪرڻ لڳا ۽ اهڙو سخت تڪرار ڪري وڌائون جو پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ جيڪر روا رکي نه سگهجي ۽ نامناسب سمجهڻ ۾ اچي. نيٺ ”ارل“ کي ڪاوڙ جو اهڙو جوش اچي ويو، جو پٽ کي ڪلهن کان وٺي ڌڪي، جاءِ مان ڪڍي صفحي ۾ وڌائين ۽ پٺيائنس در بند ڪري ڇڏيائين. ڪي نشي ۾، ڪي مونجهاري ۾ آٿڙندو، هو در جي لسي فرش تان ترڪي زمين تي ڪري پيو. مٿو وڃي سنگ مرمر جي هڪڙي وڏي پهڻ جي ڪنڊ سان لڳس، ۽ پيشانيءَ مان رت ٺينڍي ڪري زمين تي وهڻ لڳو. +هنن جي هل ۽ ڪاوڙ جي رڙين ۽ در جي زور سان بند ٿيڻ جي آواز تي نوڪر اڳئي ئي ڊوڙي آيا هئا، تن صفحي جي در وٽ پنهنجي ننڍي ڌڻيءَ کي ساڻو ٿي ڪري پيل ڏٺو. هن جي گوڙ تي ”ارل“ نڪري آيو ۽ فرش تي رت ڏسي، ڊپ مان چوڻ لڳو ته ”ٻيو ته خير آهي؟ هن کي ڪو زخم ته ڪونه رسيو آهي!“ +نوڪرن جو جمعدار ساڻس هو، تنهن عرض ڪيو ته ”نه، حضور، پيشانيءَ کي ضرب آئي اٿس، تنهن ڪري فقط ماندو ٿي ويو آهي، پر بهتر آهي ته هن کي هڪدم هنڌ ۾ سمهارجي.“ +”ارل“ چيو ته ”تڏهن ڀلائي ڪري هن جي وڃي سنڀال ڪريو، ۽ جي ضرورت ٿئي ته هڪدم ڊاڪٽر کي گهرائي وٺو.“ +ڪيئن اهو اتفاق ٿيو ۽ ڪهڙيءَ طرح ڌڪ آيس، تنهن جو ذڪر ئي ڪونه نڪتو؛ پر ”لارڊ ڊانرل“ کي سمجهيو ٿي ته سڀني نوڪرن کي خبر آهي ته لارڊ ”گلينلن“ ڏاڍو نافرمان ۽ بي ادب آهي ۽ انهيءَ ڪري هو گهڻو شرمندو به ٿي ٿيو. هو ٿڌو ساهه کڻي وري به مانيءَ کائڻ واريءَ جاءِ ۾ آيو ۽ ويهي رهيو. دل ۾ اهوئي خيال هوس ته جيڪڏهن پنهنجي دولت ۽ پنهنجو مرتبو ۽ اقبال ڏيئي، سک ۽ آرام وارو ڪو گهر خوشيءَ ۽ سرهائيءَ واري ڪا دل خريد ڪرڻ جا هجن، ته جيڪر خوشيءَ سان وٺجن. +نوڪرن ”لارڊ گلينلن“ کي وڃي هنڌ تي ليٽايو ۽ سندس پيشانيءَ واري زخم کي ڌوئي صاف ڪري، مرهم- پٽي ٻڌائون. پوءِ هو پوري هوش ۾ آيو، ۽ مٿي جي سور کان سواءِ ٻي ڪا تڪليف ڪانه هيس. سڄي پاسي واريءَ لوندڙيءَ تي سو هڪڙو ننڍو داغ ٿي بيٺس، جو وري نه لٿس، مگر انهيءَ ڪري هن جي خوبصورتيءَ کي ڪو نقصان ڪونه پهتو- ايترو سو ٿيو جو جڏهن ڪڏهن اُهو نشان ڏسندو هو، تڏهن اُها نڀاڳي رات ياد پوندي هيس. +باب چوٿون +رالف جو گهر +اسين ”مارٽن آلربي“ ۽ ”لارڊ“ گلينلن جا گهر گهمي آيا آهيون. هاڻي ”گرينج“ جي مڪان ۾ هلنداسون، جتي ”رالف ڊگلس“ جو ڪٽنب رهندو هو. اسان جي ڪرڪيٽ راند ڪرڻ وارن مان ٽيون اهو هو ۽ اسان جي هن قصي جو مکيه ماڻهو به اهو آهي. +* * * * +اسان مٿي ڏٺو آهي ته هو پنهنجن ٻن سنگتين کي ڇڏي، تڪڙو ڊوڙندو هليو ويو؛ هاڻ پٺيان ٿا لڳون، ۽ ڏسون ٿا ته هو ٻنيءَ منجهان پيچرو ڏيئي، هڪڙيءَ سڙڪ تي آيو، ۽ انهيءَ جي آمهون سامهون هڪڙو در آهي جنهن جي اندران هڪڙو ننڍو رواجي گهر آهي. گهر جي چوڌاري گهاٽا وڻ بيٺل آهن جن ۾ سوين ڪانگ رهن ٿا. گهر جي درين مان ساوڪ وارو ميدان پيو ڏسجي، جو لهندو وڃي پاڻيءَ جي ڍنڍ يا دٻي تي ٿو بيهي، ۽ انهيءَ جا ڪنارا وڏن وڻن ۽ ساين ولين سان ڍڪيا پيا آهن. هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي به اُتي بيٺي آهي. ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ به آهي، جو وڻن سان ڇانيو پيو آهي؛ ۽ ڪنارا ڳاڙهن نيلن گلن سان ڍڪيا پيا آهن. اهو گهر ۽ مڪان- جنهن کي ”گرينج“ يا انبار خانو سڏيندا هئا. ڏاڍو مزي جهڙو صفا پوشيده ۽ آرام جهڙو رهڻ جو هنڌ هو، ۽ سڌريل خوبصورت انگريزي گهر جو هڪڙو عمدو نمونو هو. +گهر جي جاءِ ڪهڙي به چڱي هوندي، انهيءَ جي آسپاس جو نظارو ڪهڙو به وڻندڙ هوندو ۽ انهيءَ ۾ ڪيترو به عمدو ۽ سک جهڙو سامان پيل هوندو ته به ضروري نه آهي ته اهڙي گهر ۾ آرام سان رهڻ جي لذت هجي. انهيءَ جي لاءِ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ رهڻ وارا آهن، تن جون دليون خوشي ۽ راضي ۽ قناعت واريون هئڻ ضروري آهنِ جي انهن جي وچ ۾ محبت ۽ صلح ۽ آرام آهي، ته اُهو گهر سُک وارو چئبو پوءِ کڻي جهوپڙي يا ڀنگي هجي، نه ته عاليشان محلات ۾ به جي رهڻ وارن جي وچ ۾ اڻ بڻت ۽ جهيڙو ۽ ساڙو هوندو ته اُها به اهڙي نه رهڻ جهڙي آهي. جهڙي ڪنهن جهنگلي جانور جي کڏ يا اُن جو غار. +اسان ”مارٽن آلربيءَ“ جي واتان مٿي ٻڌو آهي ته ”رالف“ ڪرڪيٽ جي راند ۾ ڏاڍو هوشيار هوندو هو ۽ نالو ڪڍيو هئائين. انهيءَ ڏينهن جو سندس طرف وارا فتحمند ٿيا هئا، سو به ”رالف“ ئي جي هوشياريءَ جي ڪري جنهن کي ماڻهن تاڙيون وڄائي شابس ڪئي ۽ مبارڪون ڏنيون. اهڙيءَ صورت ۾، ڪو به ڇوڪر جيڪر ڏاڍو خوشيءَ ۽ فخر سان گهر ۾ گهڙي ۽ ڪو به پيءُ جيڪو اهڙي پُٽ کي خوشيءَ سان آڌار ڀاءُ ڪري، ۽ انهيءَ کي ڏسي خوش ٿئي ۽ فخر ڪري. پر، ”رالف“ ويچاري کي سجهيو ٿي ته بابي کي منهنجي انهيءَ بهادريءَ جو ڪو خيال ڪو نه ٿيندو، بلڪه شايد نفرت کان پڇندو به ڪين ته راند جو نتيجو ڪهڙو ٿيو. مسٽر ”ايوان ڊگلس“ ٻئي ڊول جو ماڻهو هو. هن کي پنهنجي وڏي پٽ جي راندين ۽ وندرن ۽ ورزشن سان اصل ڪين پوندي هئي. تنهن ڪري، ”رالف“ دل شڪستو ۽ بيدليو لڪي گهر آيو، ڄڻ ته گهر جي اندر خير ڪونهي- ۽ هو به ائين ٻن پٽن مان ننڍو پنهنجي پيءَ جو لاڏلو هو، ٻئي کي هو ڌڪاريندو هو ۽ انهيءَ سان سختي ڪندو هو. اُهو هو ويچارو ”رالف“! +مسٽر ”ڊگلس“ علميت ۽ فضيليت وارو ماڻهو هو، مگر سندس علميت ۽ قابليت تنگ خيالن واري نموني جي هئي سندس طبيعت ۽ عادتن ۾ به ساڳي اهڙي تنگي هئي، پنهنجن خيالن ۽ راين ۾ خوش هوندو هو. ٻين جي سڌاري يا فائدي جي ڳڻتي ڪانه هوندي هيس. قديم نشانن ۽ تاريخ جي علم جو ڏاڍو شوق هوندو هوس ۽ انهن ۾ قابل ۽ ماهر هو. انهن مضمونن تي جڏهن ڪو بحث هلندو هو، تڏهن هو ٻين کان کٽي ويندو هو؛ تنهن ڪري هن جي دل تي اهو وهم ڄمي ويو هو ته منهنجي راءِ درست آهي. نالي ۽ ناموس نڪرڻ ڪري البت مغرور ۽ بخي ٿي پيو هو ۽ ٻين دنيا سازيءَ جي ڪمي ۾ به سخت ۽ شوخ ٿي پيو هو. خود پسنديءَ جو هن جي اخلاقن تي اهڙو برو اثر ٿي ويو هو جو ڪڏهن ڪڏهن هو انهيءَ تي خيال ڪري پاڻ به شرمندو ٿيندو هو- پر بهتر ٿيڻ جي بدران، پاڻ انهيءَ ڪري بدمزاج ٿيندو ويو. +جيتوڻيڪ مسٽر ”ڊگلس“ چڱي اصل نسل وارو ۽ شريف خاندان جو ماڻهو هو، ته به شروعات ۾ تمام غريب ۽ مفلس هو. ٻئي هڪڙي دولتمند ماڻهوءَ جي پٺيان، خدمتگار ٿي، ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ موڪيلو ويو هو. انهيءَ ڪم نصيبيءَ جو به هن جي ڄائي ڄم واريءَ شوخ ۽ ملول طبيعت تي چڱو اثر نه ٿيو. پر، هن پڙهڻ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي، ۽ امتحانن ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين ۽ مٿي آيو، انهيءَ ڪري هن کي ڪاليج ۾ ”فيلو“ ڪيائون، ۽ نيٺ وڃي بارسٽر به ٿيو. پوءِ سگهوئي هڪڙيءَ ارڙهين ورهين جي ڇوڪريءَ جي محبت ۾ ڦاسي ويو. اها هڪڙي انڊمرل يا جهازن جي امير البحر جي ڌيءَ هئي، تنهن ڪري مسٽر ”ڊگلس“ کي ست ورهيه شاديءَ لاءِ ترسڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ پئسي جي تنگيءَ ۽ ڪن ٻين ناموافق ڳالهين ڪري، هن جي طبيعت ويئي شوخ ٿيندي. نيٺ پوري پني رقم بچائي، هن شادي ڪئي پر جو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائين، تنهن مان گهڻو فائدو ڪو نه ٿي ٿيس ۽ انهيءَ مان بلڪ بيزار ٿي پيو. اتفاق سان انهيءَ وقت ڌاري سندس ڪي به ٻه ويجها مائٽ مري پيا ۽ انهيءَ جي ورثي ۾ هن کي ارل برو وارو اهو ”گرينج“ مڪان مليو- اها چڱي قيمتي جائداد هئي. اهڙيءَ اوچتيءَ خوش نصيبيءَ ۽ دولتمنديءَ جي ڪري هن کي چڱو وجهه مليو، ۽ هن بارسٽريءَ جو ڪم ڇڏي ڏنو. +ٻه پٽ- رالف ۽ ڪرسٽي جي ڄائس، تن جي به هنن کي هڪڙي چڱي نئين مشغولي ۽ وندر ٿي . ننڍي هوندي ئي هنن کي ڏاڍي خيال سان تعليم ڏيڻ لڳو- نه انهيءَ خيال سان ته هو چڱا ماڻهو ٿين، پر انهيءَ لاءِ ته جيڪو خلق ۾ پاڻ نالو ڪڍيو هئائين سو قائم رکن، بلڪه انهيءَ کان به زياده نالو ڪڍن. انهيءَ خود پسنديءَ ۽ خود خياليءَ جي چُڪن ڪري، هن پنهنجن پٽن جي آئيندي جي حياتيءَ ۾ خلل وجهي ڇڏيو. جنهن قسم جي تعليم کيس ملي هئي، تنهن مان جڏهن خود کيس خوش حالي ڪانه ٿي هئي، تڏهن اهڙيءَ ساڳيءَ تعليم مان وري سندس پٽن کي ڪهڙو فائدو ٿئي ها؟ +”رالف“ تيز فهم،چالاڪ ۽ هوشيار؛ سندس طبيعت ۾ خوش مزاجي ۽ خوشحالي گهڻي هئي تنهنڪري ننڍي هوندي جي تعليم ۾ هن کي البت سيکتون مليون. ”ڪرسٽي“ ضعيف طبيعت جو ۽ سرد مزاج هو؛ سڀ ڪم ڌيرج ۽ خيال ۽ ڌيان سان ڪندو هو؛ تنهنڪري خيالي ۽ محنتي ٿيو. انهيءَ تي مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجو سڄو پيار ۽ خيال لاهي رکيو؛ ”رالف“ جو سندس ڊول جو نه هو تنهن ويچاري تي اڪثر نامهربانيءَ جي نظر رکندو هو،۽ انهيءَ سان شوخي ڪندو هو. هن جي اهڙيءَ هلت ڪري، هڪڙي ڀيري ته ”رالف“ کي جان جو خوف ٿي پيو هو. جڏهن اڃا اٺن ورهين جو هو، تڏهن پڻس موڪل جي ڏينهن ۾ هن کي زور ڪري، رات جو جاڳائي، ڪي سبق پڙهائيندو ۽ ياد ڪرائيندو هو، تنهن ڪري خيال ۽ محنتي ٿيو. اڻهيءَ تي مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجو سڄو پيار ۽ خيال لاهي رکيو؛ ”رالف“، جو سندس ڊول جو نه هو. تنهن ويچاري تي اڪثر نامهربانيءَ جي نظر رکندو هو ۽ انهيءَ سان شوخي ڪندو هو. هن جي اهڙيءَ هلت ڪري هڪڙي ڀيري ته ”رالف“ کي جان جو خوف ٿي پيو. جڏهن اڃا ٺن ورهين جو هو، تڏهن پڻس موڪل جي ڏينهن ۾ هن کي زور ڪري، رات جو جاڳائي، ڪي سبق پڙهائيندو ۽ ياد ڪرائيندو هو. ماڻس گهڻو ئي ڪرڪندي هئي ۽ مڙس کي جهليندي هئي پر هو ڪين ٻڌندو هو. انهيءَ ڪري، هن کي دق تپ اچي ٿيو. ڪيترائي ڏينهن بيمار پيو، ۽ سندس بچڻ جي اُميد ڪانه هئي. سندس ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سندس گهڻي چاڪري ڪئي، جو انهن کي ”رالف“ گهڻو وڻندو هو- جيتوڻيڪ پيءُ کي نه وڻندو هو. پيءُ جي نامهرباني ڏسي پاڻ اُهي هن کي زياده پيار ڪندا هئا. جو هو سڀاءَ ڪري محبتي ۽ چڱن لڇڻن وارو ڇوڪرو هو. ”رالف“ کي جو گهر ۾ ڪو سک ۽ آرام نصيب هو، سو رڳو انهن جي پيار ۽ محبت ڪري، نه جيڪر اتي گذارڻ دل نه چويس ها. +تنهنڪري، اسين سمجهي سگهنداسين ته ”رالف“ کي جو ٿوري دير سان گهر اچڻ جو ڊپ هو، سو بي سبب نه هو. پهرين ته پٺئين پاسي واري ايوان جي در وٽ بيٺو، پوءِ آهستي، لڪي لڪي، ڦري اڳ کان آيو، ۽ پٺينءَ ڏاڪڻ تان چڙهيءَ ڪوٺيءَ ۾ آيو، جا سندس ۽ ڀاڻس جي ويهي پڙهڻ لاءِ مقرر ڪيل هئي. جاءِ خالي ڏسي، هو وري لٿو، باغ منجهان لنگهي، ڍنڍ تي آيو. ۽ بتيلي ۾ ويهي، تڪڙا تڪڙا ڳن هڻي، وچ واريءَ ٻيٽهريءَ تي آيو انهيءَ ۾ آڙاهه جي ڪم لاءِ هڪڙي ننڍي جاءِ جڙيل هئي. اُتي هو لنگهي ڏسي ته ننڍو ڀاڻس ”ڪرسٽي“ دريءَ وٽ ويٺو آهي ۽ هڪڙو ڪتاب ويٺو پڙهي، ”ڪرسٽي“ ڏاڍو چڱيءَ شڪل جو ڇوڪر هو. ڀاءُ کان ٽي ورهيه ننڍو هو، پر سندس مهانڊو ۽ ڊول بلڪل ٻيءَ طرح جو هو. هو ڪتاب ۾ اهڙو محو هو، جو ”رالف“ جي اندر اچڻ جو سماءُ ئي ڪونه پيس. +اوچتو ”رالف“ پڇيس؛ ”ڪرسٽي، ڪهڙي ڪتاب ۾ اهڙو محو آهين؟“ +”ڪرسٽيءَ“، ڇرڪ ڀري، هن کي ڏسي چيو؛ ”او، رالف تون چورن وانگي آيو ٿو ڏسجين- مون ته تنهنجو کڙڪو به ڪونه ٻڌو! مون ”هئڪاله“ جو شعر ٿي پڙهيو. +”رالف“ چرچو ڪري چيو. عالم ۽ فاضل ڪرسٽي! سو ته چڱو، پر جي اهڙيءَ اونداهيءَ ۾ ۽ شفق جي سوجهري تي پڙهندين، ته اکين کي نقصان پهچندؤ، ۽ نظر گهٽ ٿينديئه- آءُ ته گهر هلون.“ +”ڪرسٽي“، سندس راند جي پوشاڪ ڏسي پڇيس ته ”تون اڃا گهر به ڪين ويو آهين ڇا؟ ساڍا اٺ ٿي ويا آهن!“ +هن چيو؛ ”ڪرسٽي، اُها خبر اٿم، پر ڄاڻي ٻجهي هيڏي آيس. بابو ڪاوڙيو ته ڪين آهي؟- پر پڇڻ جو ڪهڙو ضرور، ضرور ڪاوڙيو هوندو!“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته بابي توکي موڪل رڳو ساڍين ستين بجي تائين ڏني هئي.“ +”رالف“ ورندي ڏني ته اها خبر اٿم، راند توڙي ماني انهيءَ وقت تائين جيڪر پوري ٿي وڃي ها، ۽ آءٌ جيڪو تڪڙ پڪڙ ۾ ماني کائي انهيءَ وقت اندر اچي نڪران ها، پر خود راند ئي وڌي پيئي، ۽ سوائين ستين بجي تائين هلي! پوءِ ته ماني به ڇڏي، مارٽن ۽ لارڊ گلينلن سان گڏ اُٿي هليو آهيان. پر ٻڌاءِ ته سهي ته بابي ڇا چيو؟“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”بابي ڪي ڪين چيو، مگر آءٌ ڀانيان ٿو ته چڙيل گهڻو آهي. ڇا لاءِ جو گهُنڊ پيل هوس، ۽ ڪي چپن ۾ پئي چيائين: رڳو ايترو سو وڏي سڏ چيائين ته ”بيوقوف“، تنهن تي اسان چيس ته ڪو اتفاق ٿي ويو هوندو. جنهن ڪري هن کي دير ٿي آهي.“ +”رالف“ غمگين ٿي چيو ته ”مون سان ته ڏاڍي جٺ آهي- ڪيئن ڪريان جو بابو مون مان راضي ۽ خوش ٿئي!“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو: ”ادا، فڪر ڪونه ڪر، جيڪڏهن تون اها ڳالهه ڪري ٻڌائيندين ته بابو ڪاوڙ ڪين ڪندو.“ +”رالف“ چيو: ”ڪرسٽي، ڇا ٿو چوين: منهنجي بدران جي تون هجين ها ته بابو ڪڏهن به ڪين ڪاوڙجي ها.“ +”ڪرسٽي“ چيو ته ”رالف، ائي نه چئو. هل ته هلون، متان وڍيڪ دير ٿي. آءٌ ٻيڙيءَ کي ڳن ڏيئي توکي هن ڀرو وٺيو ٿو هلان.“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، هل ته ملاقات واري ڪمري ۾ هلون. جو امان اُتي هوندي: امان جي روبرو ۽ تنهنجي ويٺي، هو مون سان سختي نه ڪندو آهي.“ +باب پنجون +پيءُ ۽ پٽ +”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“ ملاقات واري جاءِ م ويا ۽ اُتي ماءُ کي اڪيلو ويٺل ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. هوءَ اُلهندي واريءَ کليل دريءَ وٽ ويٺي هئي ۽ ڪنهن فڪر ۾ ٿي ڏٺي؛ ڇا لاءِ جو جيڪو ڪتاب ويٺي پڙهيائين سو به هٿن مان ڪري هيٺ پيو هو، ۽ پاڻ دريءَ مان هيٺيان ساوڪ وارو ميدان ۽ مٿان سج لٿي کان پوءِ شفق جي ڳاڙهاڻ پئي ڏٺائين. +”رالف“ کي ڏسي هن جو منهن البت سرهو ڏسڻ ۾ آيو. ”رالف“ ماءُ کي چمي ڏيئي سندس پاسي ۾ پيرن رکڻ واريءَ صندليءَ تي ويهي رهيو. ماڻس هڪدم راند جو احوال پڇڻ لڳيس. هن جيڪا سوڀ ڪئي هئي، تنهن جو واجبي ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪري ٻڌايائين. جڏهن سڄي ڳالهه ڪري بس ڪيائين، تڏهن ماڻس انتظار مان پڇيس ته ”سو ته چڱو، رالف پر ساڍين ستين بجي کان پوءِ ڪيئن وڌيڪ ترسئين؟ توکي خبر آهي ته تنهنجو پيءُ وقت جي پابنديءَ لاءِ ڪيتري نه سختي ڪندو آهي. توکي هن جي حڪم جي پوريءَ طرح تعمير ڪرڻ کپندي هئي. ٻيو نه، ته به پنهنجن سنگتين جي مانيَ نه کائين ها- انهيءَ کان اڳي ئي اُتي اچين ها.“ +”رالف“ چيو ته ”امان“ ائين نه ڪيو: راند ڇهين بجي پوري ٿيڻي هئي پر انهيءَ اهڙو مزو مچايو جو سوائين ستين بجي تائين انهيءَ کي هلايائون !“ +ماڻس چيو: ”تڏهن برابر تون اڳڀرو اچي نه سگهين ها. انهيءَ هوندي به ”رالف، مون کي ڊپ آهي ته پڻهين رنج ٿيندو. پر توکي بک لڳي هوندي... اجهو ٿورو گهڻو کاڌو توکي آڻي ٿا ڏين.“ +”رالف“ چيو: ”امان“ تون هلي مون وٽ ويهندينءَ، جيسين آءٌ ماني کائي وٺان- ائين نه؟“ +”مسٽر ڊگلس“ غمگينيءَ هوندي مرڪي- سمجهائين ته ڇو هن اهو عرض ڪيو. هن کي گهڻو ارمان ٿيندو هو، جو ڏسندي هئي ته سندس پيارو وڏو پٽ گهر ۾ هميشه خوف ۾ رهندو آهي. ماءُ ۽ پيءَ جي پيار هوندي به خوش نه گذاريندو آهي ۽ ذري ذري تي پيءَ جي غصي جو خيال دل ۾ رهندو هوس. ڪنهن طرح سان هڪ ٻئي ڏانهن هن جي دل تي ڪٽر پيل هو جنهنڪري سندس وچ ۾ هڪڙي قسم جي غلط فهمي رهندي هئي- اگرچ حقيقت ڪري قصور ڪنهن جو به ڪين هوندو هو؛ رڳو جي پيءُ زياده مهرباني ۽ همدردي ڏيکاري ها ۽ پٽ زياده تابعداري ۽ فرمانبداري ڪري ها، ته اها ناسازي لهي وڃي ها، پر افسوس ته ائين نه هن ئي ڪيو، نه هُن. مسٽر ”ڊگلس“ اصل کان خود- خيال ماڻهو هو. تنهن دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته ”رالف“ وڏو عالم ٿئي؛ پر جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن ظاهر ٿيندو ويو ته ”رالف“ عالم ته ڪڏهن ڪين ٿيندو. انهيءَ ۾ ڇوڪري جو ڪو به قصور ڪو نه هو، پر شايد سندس ڪم نصيبي هئي. جيئن پڻس ٿي سمجهيو. مگر، انهيءَ ڪري ”رالف“ دل شڪستو ۽ بي همت ٿي پيو. ڪتابن کي ٿورو پسند ڪندو هو ۽ راند کي گهڻو گهرندو هو. سچيءَ دل سان ڪوشش ۽ ڪشالو ڪري، پيءُ جي مرضي پوري نه ڪندو هو. نافرمان يا ڄاڻي بجهي غافل سست نه ٿيندو هو، پر هن کي اهو سماءُ نه پوندو هو ته پڙهڻ تي ڪيترو خيال رکجي ۽ راند تي ڪيترو. هن جي سمجهه ۾ ائين آيو ته بابو جيتري محنت مون کي ڪرڻ لاءِ ٿو چوي، اوتري مون کان ٿي ڪين سگهندي. هن ۾ اها غلط فهمي هئي ۽ پڻس ۾ همدردي ڪانه هئي: انهن ڳالهين ٻنهي کي ڀلايو ۽ بددل ڪيو. جي انهيءَ پيءُ ۽ پٽ کي ٿوري محبت ۽ ٿورو تحمل زياده هجي ها، ته ڪم ٺهي پوي ها. ڇا لاءِ ته مسٽر ”ڊگلس“ چڱيءَ دل وارو ماڻهو هو، ”رالف“ سچو پچو صالح ڇوڪرو هو. اسڪول ۾ نه سندس سنگتي هن کي پنهنجو مهندار ڪري ڄاڻندا هئا، ڇالا جو هڪڙو ته جي رانديون انهن کي پسند هيون، انهن ۾ هوشيار ۽ چالاڪ هو ۽ ٻيو ته هو ڏاڍو خوش خلق ۽ ساده مزاج ۽ شيرين زبان هو. ماستر به هن مان گهڻو راضي هئا، جن جي سنڀال هيٺ هو درجن ۾ چڙهندو ويو، جيترو ڪم هو ضروري ڄاڻندا هئا، اوترو هن کان وٺندا هئا. ۽ اُهو هو چڱيءَ طرح ڪندو هو. پڻس وانگي، سخت پورهئي ۽ بي انداز محنت لاءِ ڪين گهٽائيندا هئس. جي پڙهڻ ۾ هڪدم نالو ڪڍيو هئائين، ته گلا به ڪانه هيس. انهيءَ ڪري، ”رالف“ جي دل ۾ اها ڳالهه ويهي ويئي ته ٻيا سڀ مون مان خوش آهن، رڳو بابو رنج آهي ۽ منهنجو قدر نٿو ڄاڻي. پر ”مسٽر ڊگلس“ کي پنهنجي خودرانيءَ ڪري ايتري خبر نٿي پيئي ته جي ڪو ٻيو ناصالح يا هلڪيءَ طبيعت وارو ڇوڪرو هجي ها، ته شايد هن کان اڳي بي ادب ٿي ساڻس مهاڏو اٽڪائي بيهي ها ۽ سامهون ٿئي ها. اهيَ سڀ خيال ويچاريءَ ماءُ کي انهيءَ مهل دل مان گذريا جيئن اڳي به ڪيترائي ڀيرا گذريا هئس. تنهن ڪري جڏهن پٽس هلي مانيءَ کائيندي ساڻس گڏ ويهڻ لاءِ چيو، تڏهن مرڪي چيائينس ته ”هائو، بابا اسين هلي ٿا تو وٽ ويهون.“ +ماني کائڻ واريءَ جاءِ ڏي ويندي، هو ڪتبخاني جي در وٽان اچي لنگهيا. پڪ هين ته سندن پيءُ ڪتبخاني ۾ ويٺل هوندو، تنهن ڪري ٻئي ڇوڪرا آهستي هليا ته آواز نه ٿئي. مسٽر ”ڊگلس“ برابر اتي هو ۽ هن کي سندن سماءُ ڪونه پيو. هن ڀانيو ٿي ته اڃا رالف ڪونه آيو آهي، تنهن ڪري چڙ سان ڀريو ويٺو هو. اِها ڪرڪيٽ جي مئچ هن کي اڳي ئي پسند نه هئي، جو ”رالف“، سندس مرضيءَ موجب، گهڻو پڙهندو نه هو، پر راند جو شوق زياده رکندو هو. هن ڀيري به جيڪر وڃڻ نه ڏئيس ها، پر ”ڪرسٽيءَ“ جي خاص سفارش تي هن کي موڪل ڏني هئائين. اها مهرباني به انهيءَ شرط تي ڪئي هئائين، ته ”رالف“تمام دير ته ساڍين ستين بجي ضرور ايندو، پر اهو شرط ”رالف“ ڀڃي وڌو. مسٽر ”ڊگلس“ جي چڙ اهڙي زور هئي جو ايترو به خيال ڪونه آيس ته متان دير جو ڪو واجبي سبب ٿيو هجي، يا فقط ڪا خسيس غفلت ڪئي هجيس. +”رالف“ ته جيڪا ماني سندس لاءِ آڻي رکي هئائون تنهن کي لڳي ويو؛ ۽ ماني کائيندي، جيسين راند جو زري پرزي جو احوال پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀاءُ کي ٻڌايائين، تيسين پيءُ کي ملڻ جو ڊپ ڄڻ ته ياد ئي نه هوس. +اوچتو ڪتبخاني ۾ گهنٽي وڳي. مسٽر ”ڊگلس“ کي ”رالف“ جي اچڻ جي خبر نه هئي. مگر مانيءَ واري جاءِ ۾ جو رڪابين جو کڙڪو ٻڌائين، سو سمجهي سگهيو ته ڇا هوندو، پر وري به خاطري ڪرڻ لاءِ گهنٽي وڄائي هئائين، جيسين گهنٽيءَ جي آواز تي نوڪر آيو. تيسين اڳوڻي چڙ وري تازي ٿيس. پاڻ جيڪو کلڻ ڳالهائڻ جو آواز مانيءَ واري جاءِ مان پئي آيو، تنهن تي اڳي کان به چڙ زياده ٿيس. +نوڪر جڏهن آيو، تڏهن اُن کي چيائين ته ”رالف آيو آهي ڪيئن؟“ +نوڪر ورندي ڏني ته هائو سائين. اڌ ڪلاڪ کن ٿيو آهي جو هو آيو آهي.“ +وري پڇيائين ته ڪٿي آهي؟“ +نوڪر ورندي ڏني ته ”سائين، پاسي واري جاءِ ۾ ماني ويٺو کائي.“ +تنهن تي چيائينس ته ”مون ڏي موڪلينس، ته اچي مون سان ڳالهائي.“ +”رالف“ جو ته گهنٽي ٻڌي ساهه ئي سُڪي ويو. جيتوڻيڪ سڀاءَ جي ڪري بيڊپو ۽ همت ڀريو هو، ته به ننڍي هوندي کان جيترو پيءُ جي ڪاوڙ کان ڊڄندو هو، تيترو ٻيءَ ڪنهن آفت کان به نه ڊڄندو هو. اهو ڊپ پيار جي ڪري نه ٿيندو هوس. ڇا لاءِ جو انهيءَ جو پڻس وجھه ئي ڪونه ڏنو هوس، پر رڳو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۽ حق پوري ڪرڻ جي خواهش کان ٿيندو هوس. هڪدم هن جي وائي بند ٿي ويئي ۽ پاڻ سست ۽ بي آرام ٿيڻ لڳو. مُنهن جو رنگ ئي هارجي ويس. +جڏهن نوڪر اچي ”رالف“ کي پيءَ جو پيغام ڏنو. تڏهن ماڻس سندس حال ڏسي چوڻ لڳي ته ”رالف، آءٌ وڃي ٿي تنهنجي پيءُ کي سمجهايان، تون ڊپ نه ڪر. مون کي پڪ آهي ته جڏهن آءٌ هن کي ساري حقيقت ٻڌائينديس تڏهن هو ڪاوڙ ڪين ڪندو.“ +”رالف“ جي هانوَ تي ڇنڊو پيو ۽ دل جهلي ماءُ کي چيائين ته ”اَمان مهرباني تنهنجي.“ پر، سگهوئي پوءِ ٻاهران پيءُ جو تکو آواز ٻڌي، وري دل هارجي ويس. +ڪتبخاني ۾ منهن وجهندي، ”مسز ڊگلس“ چيو ته ”پيارا، ايوان، ويچاري رالف تي گهڻي سختي نه ڪر، حقيقت ڪري هن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي.“ +مسٽر ”ڊگلس“ ڇوهه ۽ ڪاوڙ مان چيو ته ”ميري“ منهنجي مرضي آهي ته تون منهنجي ۽ ڇوڪر جي وچ ۾ نه پوندي وڃ: خبر ناهي ڇو ته هن جي چال بگاڙڻ جي پٺيان پئي آهين!“ ”مسز ڊگلس“ آرام سان چيو: ”پيارا، آءٌ نٿي ڀانيان ته هن جي چال بگڙي ٿي؛ هو هميشه منهنجي فرمانبداري ڪندو آهي ۽ .....“ +اتي هن وچ ۾ پئي چيو ته تڏهن ائين آهي ڇا ته مون کي خوش ڪرڻ لاءِ رڳيون خراب عادتون ظاهر ڪري ٿو؟ واهه، اها چڱي ڳالهه ٿي!“ +”نه پيارا، ڪڏهن ڪنهن اتفاق سان پنهنجي نافرماني ڪئي هوندائين. جيڪڏهن تون ڪڏهن ڪڏهن ساڻس زياده مهرباني ۽ محبت سان ڳالهائيندين، ته....“ +”وري، وري!.... مون کي خبر آهي، تون هميشه ائين چوندي آهين؛ آءٌ ظالم پيءُ آهيان، بي انصاف آهيان، منهنجو ڏوهه آهي، رالف جو ناهي، مون کي پنهنجن پٽن کي هلائڻ جو عقل ڪونهي، آءٌ ظلم ڪندڙ آهيان، ۽ هو ملائڪ آهي- اهڙو ڇوڪر، جو ڪرڪيٽ جي راند کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڪم جي پرواهه ڪانه ٿو رکي!“ +”پر، پيارا....“ +”بس ميري، بس، هڪڙيءَ ڳالهه جو آءٌ سانس انجام ڪري ٿو سگهان ۽ تون به ڪرينس، ته هنن موڪل جي ڏينهن ۾ هو وري ڪرڪيٽ نه کيڏندو. اها هن جي لاءِ چڱي سزا آهي، انهيءَ کي تون به سخت نه ڄاڻندينءَ.“ +”ڇا ، هن کي پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن سان يا گهر جي ميدان ۾ يا پنهنجن دوستن، مارٽن ۽ گلينلن سان به کيڏڻ نه ڏيندين!“ +”نه، انهن سان به نه، جي هو اڄ منهنجو چيو مڃي ها، ۽ منهنجي حڪم جي پوري تعميل ڪري ها ته جيڪر آءٌ ائين نه ڪريان ها، پر جيڪي هن خوشيءَ مان نه ڪيو آهي، سو آءٌ زور ڪري ڪرائيندومانس. مون کي خبر ناهي ته ڪيئن مون کي اهڙو نافرمان پٽ مليو! منهنجي مرضي آهي ته...“ +”او ايوان، متان، متان!... بس، جي تنهنجي مرضي ناهي، ته آءٌ وڌيڪ نه چونديس؛ پر...“ +”برابر، منهنجي مرضي ناهي، مون کي گهڻو خفو ٿو لڳي. پر ميري هاڻ جڏهن تون رالف کي پنهنجي منهن اهو سمجهائي نه سگهي آهين ته هو قصور وارو آهي، تڏهن هن کي مون ڏي موڪلي ڏي ته آءٌ پاڻ سمجهايانس.“ +”مسز ڊگلس“ مڙس سان سان وڌيڪ گفتگو ڪانه هلائي، چڙ کان سواءِ ماٺ ڪري هلي ويئي. خبر هيس ته چڙ ۾ هن کي جيئن وڌيڪ چئبو، تئين زياده چڙندو، اگرچ ڄاتائين ته سختي ۽ بي انصافي ٿو ڪري ته به آخر سندس مڙس هو، ۽ کيس پيارو هو. اکين ۾ ڏک جا ڳوڙها به آيس، پر اُهي اگهي مانيءَ واريءَ جاءِ ۾ موٽي آئي، ۽ ”رالف“ کي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيائين ته ”بابا، وڃ پڻهين ٿو سڏيئي. ”ڪرسٽي“، هل ته پاڻ صفي ۾ هلي ويهون.“ +ٿڙڪنديءَ دل ۽ ڍريءَ وک سان ”رالف“ ڪتبخاني ۾ آيو ۽ اچي ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو. پڪ هيس ته مون قصور ڪو به ڪونه ڪيو آهي ته به پيءُ جي دهشت ۽ هميشه جي طعنن ۽ سُهڻن جي ڪري، بيحواس ٿي بيٺو پنهنجي ۽ پيءُ جي نسبت گهڻائي خيال دل ۾ پئي آيس، پر ادب ۽ ڊپ کان هو صبر ڪري بيهي رهيو. +جڏهن ڳچ تائين بيٺو ۽ پڻس به ساڻ منهن مٿي ڪري نه ڳالهيو، تڏهن ”رالف“ چيو ته ”بابا سائين، اوهان مون کي سڏايو؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ چڙ ۽ شوخيءَ مان چوڻ لڳو ”ٻڌايو؟“ شايد منهنجي مرضيءَ ۽ منهنجي حڪم مڃڻ جي لاءِ توکي جواب ڪرڻو ئي ڪونهي!“ +”رالف“ چيو: ”بابا، دير اچڻ جي لاءِ؟ پر، سچي ڳالهه...... هيءَ آهي ته....“ +مسٽر ”ڊگلس“ وچ ۾ پئي چيو ته ”هائو، سچي ڳالهه.... تنهنجي نظر ۾ ڪرڪيٽ وارن جي ماني کائڻ جي بسنت منهنجو حڪم ڪين جهڙي ڳالهه آهي!“ +”رالف“ عرض ڪيو ته ”بابا، آءٌ اُتي مانيءَ جي لاءِ ڪين ترسيس.“ +تڏهن ڪٿي هئي؟ شايد آلربيءَ جي گهر وارن کي پئي ستايئي، يا هن نڪمي ڇوڪر گلينلن سان گڏ ڪنهن خرابيءَ جي پٺيان هئين!“ +”رالف“ کي انهيءَ ٽوڪ تي البت چڙ به آئي، جو انهن الزامن کان پاڻ کي آجو ٿي سمجهائين، پر سور پي چيائين ته ”آءٌ لارڊ گلينلن سان ڪنهن به خرابيءَ جي پٺيان ڪونه هوس.“ +پڻس وري به ترت ٽوڪ مان چيو ته ”چڱو، جڏهن فرصت ٿيندءِ، تڏهن شايد حڪم جي انحرافيءَ جو سبب ڏيڻ فرمائيندين؟“ +”رالف“ چيو ته سائين، مون سبب ڏنو ٿي، جو اوهان وچ ۾ پئي منهنجو ڳالهائڻ بند ڪيو.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چڙ مان چيو ته ”واهن وچ ۾ پئي،- پيءُ سان ائين ڳالهائبو آهي! چڱون هاڻ آءٌ تنهنجو ڪو به سبب نه ٻڌندس: هاڻ هليو وڃ.- پر هڪڙيءَ ڳالهه جي توکي پڪ هئڻ گهرجي ته هن موڪل جي عرصي ۾ وري تون ڪرڪيٽ جي راند نه ڪندين!“ +”رالف“ ڏاڍي ارمان مان چيو ته ”بابا، ائين ته نه ڪريو!“ +”هان، اها ڳالهه ته ڪهڙي نه ڏکي ٿي لڳيئي- ٻين سڀني ضروري ڳالهين کان وڌيڪ راند جي ڳڻتي اٿئي!“ +”رالف“، پيءَ جي منهن ۾ اکيون وجهي، چيو ته ”چڱو، بابا،.... پر اهو سو مون سان ظلم آهي!“ ائين چئي آهستي ڦري هليو ويو. +اهڙو سخت لفظ، ”ظلم“ جهڙو، هن اڳي ڪڏهن پيءُ جي اڳيان نه ڳالهايو هو. هن ڀيري به چڙ ۽ ڏک کان وات مان نڪري ويو هوس- تنهن ڪري جهڙو پٽ کي تهڙو پيءُ کي، انهيءَ جو خاص خيال ٿي بيٺو ۽ آئينده جي زياده خرابيءَ جو ڊپ ٿي پيو. انهيءَ هوندي به، مسٽر ”ڊگلس“ مڙڻ مناسب ڄاتو: وڃڻ مهل ”رالف“ کي چڙ مان چيائين ته ”ظلم يا نه ظلم، توکي صاف سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به طرح موٽي اسڪول ۾ وڃڻ تائين ڪرڪيٽ راند نه ڪندي.- ۽ جڏهن تون اسڪول ڏي روانو ٿيندين. تڏهن مون کي گهڻو ارمان ڪين ٿيندو.“ +”رالف“ ذري گهٽ ٿي چيو ته ”مون کي به وڃڻ ڪري ارمان ڪين ٿيندو“، پر پنهنجي زبان سنڀالي ورتائين ۽ ڏاڍي غم ۽ فڪر ۾ ڪتبخاني مان نڪري هليو ويو؛ اُتان سڌو ويو صفي ۾ ۽ وڃي ماءُ ۽ ڀاءُ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. ٿوري وقت تائين ٽيئي ماٺ ڪريو ويٺا هئا. ”رالف“، پڙهڻ جو بهانو ڪري هڪڙو ڪتاب کڻي پٽي ويٺو، پر اهو سماءُ ڪونه هوس ته اُهو سبتو جهليو هئائين يا اُبتو! ماڻس ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي هئي، انهيءَ لاءِ ته سندس پٽ اکين مان ڳوڙها ڪرندا نه ڏسن. ائين ڪندي، مسٽر ”ڊگلس“ پاڻ به اتي آيو. ”رالف“ جي ڪرسيءَ وٽان لنگهندي، نفرت مان چوڻ لڳو ته ”مزي جهڙو قصن جو ڪتاب- ٻيو اَئين ڪونه وڻندو- پر اُهو به ڪرڪيٽ بابت ناهي، تنهن ڪري اونڌو ڪري جهليو ويٺو آهي!“ +”رالف“ ڪڇيو ڪين، ماٺ ڪري ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏيائين. سگهوئي پوءِ پاڻ ۽ ڪرسٽي اُٿيا ته وڃي سمهن، هو ٻئي هڪڙي جاءِ ۾ سمهندا هئا. جڏهن اُتي وڃي پهتا تڏهن ويچارو ”رالف“ مٿو هٿن تي رکي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. +”ڪرسٽي“، هنڌ تي سندس پاسي ۾ ويهي، پڇڻ لڳو ته ادا بابي تو کي ڇا چيو؟“ +”رالف“ ورندي ڏني؛ ”هن موڪل ۾ وري ڪرڪيٽ راند نه ڪبي، پر ڪرسٽي، ڪرڪيٽ راند جي مون کي پرواهه ڪانهي!“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”ادا فڪر ڪونهي، تنهن جو مون کي ڏاڍو ارمان ٿو ٿئي؟“ +”رالف“ چيو: ”ڪرسٽي، اها ڳالهه وساري ڇڏ. سگهوئي موڪل پوري ٿيندي ۽ آءٌ وري اسڪول ڏي موٽي ويندس. توکي ۽ امان کي ڇڏي وڃڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو، پر ڪنهن طرح سان گهر کي آءٌ گهر ڪري نٿو سمجهان. پر خير ڪرسٽي حرڪت ڪانهي: ڪرڪيٽ وڃي کڏ ۾ پوي انهيءَ کانسواءِ پاڻ خوش پيا گذارينداسين!“ +پوءِ ڀاءُ کي ڀاڪر وجهي مٿي کڻي، سندس کٽ تي ويهاري، چوڻ لڳو ته ”ڪرسٽي ڪهڙو نه هلڪو آهين! آءٌ توکي انهيءَ جي ورزش ڪرائيندس.“ +باب ڇهون +تقصير ڪرڻ جي ترغيب +ٻيو هفتو ”رالف“ جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو گذريو. مسٽر ”ڊگلس“ ڇوڪرن جي لاءِ ڪو گهوڙو ڪو نه رکيو هو- اگرچ رکي به سگهيو ٿي- تنهن ڪري اَرڙهه جي موڪل وارن ڏينهن ۾ ”رالف“ کي رڳي ڪرڪيٽ جي وندر هوندي هئي سندن ٻنيءَ جي ويجهو“ اَلبرو“ جي ڳوٺ ۾، سکرن جي ٻارن جي هڪڙي ڪلب هوندي هئي، ۽ گهڻائي ڇوڪرا ٻاهران اسڪولن مان پڙهي موڪل اچي ڳوٺ گذاريندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڏي مئچ ٺاهي راند ڪندا هئا. اهڙي تازي هڪڙي مئچ ”اَلٽن“ ۾ به ٿي هئي، پر انهن سڀني کان ”رالف“ هاڻي رد هو. ڀاءُ سان ورزشون ڪري ڪري به ٿڪجي پيو. وري پيءُ جي ظلم واري ڳالهه ياد پيس. نيٺ دل ۾ هن سوال تي ويچار ڪرڻ لڳو ته ”بابي“ جهليو آهي تنهن ڪري راند نه رهان، ڇا!“ اگرچ طبيعت جي ڪري محبتي ۽ فرمانبردار هو، ته به پيءُ جي نامهربانيءَ هن جي دل تي البت ڪس چاڙهي ڇڏي هئس، تنهن ڪري فرض شڪنيءَ جي تقصير ڪرڻ لاءِ هن کي هاڻي گهڻي ترغيب ۽ همت پئي آئي. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ روز بروز رنجش ويئي زياده ٿيندي. ”مسز ڊگلس“ ۽ ”ڪرسٽيءَ“، مسٽر ڊگلس جي رنجش لاهڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪئي، مگر مسز ڊگلس“ آزمودي مان معلوم ڪيو ته جيئن ٿي پٽ جو پاسو ورتائين تيئن ٿي مڙسس زياده ڪاوڙيو. ”ڪرسٽيءَ“ سان پڻس جي محبت ايتري گهڻي هئي، جو ”مسز ڊگلس“ هن کي چوري ڇڏيو ته پيءُ کان پنهنجي منهن پڇي ڏسي ته ”رالف کي وري ڪڏهن راند ڪرڻ ڏيندو به يا نه.“ +ان موجب ٻئي ڏينهن، ”ڪرسٽيءَ پنهنجو سبق هميشه کان وڌيڪ پڪو ڪيو ۽ اُهو پيءُ کي ٻڌائي هن کي اهڙو خوش ڪيائين جو نيٺ پنهنجي رٿيل سوال پڇڻ جي همت ٿيس. پڇيائين ته ”بابا، اوهين مون تي ڪا خاص مهرباني ڪندؤ؟“ +مسٽر ”ڊگلس“، رالف ڏي نهاري چيو ته ڇو نه ٻچا؛ مون کي خبر آهي ته تون اهڙي ڪا به مهرباني مون کان نه گهرندين، جا آءٌ نه ڪرڻ گهرندس.“ +”رالف“ ته ڪڇيو ئي ڪين، پر ”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”بابا منهنجو عرض پنهنجي لاءِ نه آهي، پر رالف جي لاءِ آهي.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”رالف کي پنهنجو عرض پاڻ ڪرڻ گهرجي.“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”جيڪي آءٌ گهران ٿو، تنهن جي رالف کي ڪهڙي خبر؟ ابا، منهنجو عرض آهي ته رالف کي وري ڪرڪيٽ راند ڪرڻ جي موڪل ڏيو. هن ورندي ڏني ته ”ڪرسٽي گذريل دفعي هن نافرماني ڪئي آهي، تنهن ڪري هو انهيءَ مهرباني ڪرڻ جو لائق ناهي!“ +رالف چيو ته ”جي اُنهيءَ رات مون کي پنهنجو سبب بيان ڪرڻ ڏيو ها، ته پوءِ هڪ ڳالهه آهي ته اوهين مون کي نافرمان نه سڏيو ها.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته سببن جي معنيٰ آهي ته اڪثر عذر ۽ بهانا ۽ عذر ۽ بهانا ڪوڙن جا ڀائر آهن- مون کي اُنهن سان پوي ئي ڪانه- تنهنجو، رالف واهيو آهي عذرن ۾ بهانن سان !“ +”رالف“، شرمندو ٿي، ساڙ کان چوڻ لڳو ته ”منهنجو سبب عذر ۽ بهانو بلڪل ڪين هو، ۽ ڪوڙ ته پنهنجيءَ عمر ۾ مون ڪونه ڳالهايو آهي.“ +”مسٽر ڊگلس“ تڪڙ مان چيو ته ”چڱو، چڱو آءٌ تو سان بيٺو حجت ۽ دليل ڪونه ڪندس: مون کي سر هينري آلربيءَ ڏي وڃڻو آهي ۽ توسان وڌيڪ ڳالهائڻ جو مون کي وقت ڪونهي!“ +”رالف“ چيو ته ”تڏهن، بابا اوهين مون کي وري راند ڪرڻ ڪين ڏيندؤ؟“ +پڻس ورندي ڏني ته ”في الحال ته نه.“ +هي ٻڌي، ”رالف“ جي واتان ڪاوڙ جي دانهن نڪتي، جنهن تي پڻس گهُنڊ وجهي ڏانهس نهاريو. +”ڪرسٽيءَ“ به وري گهڻيون ئي منٿون ڪيس پر مسٽر ”ڊگلس“ رڳو چيس ته ”ڪرسٽي، مون کي افسوس آهي ته توکي نااُميد ٿو ڪريان- اڃا آءٌ اهو عرض قبول ڪري نٿو سگهان!“ ائين چئي، هن جو مٿو ٺپري، ٻاهر هليو ويو. +”رالف“ ڏک مان چيو ته ”ٻڌ، ڪرسٽي، بابي کي پنهنجي نااُميد ڪرڻ جو افسوس آهي، جو تون سندس لاڏلو پٽ آهين، ۽ توکي ڪي به ڪرڻ کان منع نه ڪندو آهي، پر مون کي نااُميد نه ڪرڻ جو هن کي فڪر ئي ڪونهي!“ +ڪرسٽيءَ کي خبر هئي ته اها ڳالهه ”رالف“ کي ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي ۽ هميشه ڊپ هوندو هوس ته متان پيءُ جي کيس زياده پيار ڪرڻ ڪري سندن وچ ۾ جدائي پئجي وڃي. مسٽر ”ڊگلس“، ”ڪرسٽيءَ“ کي حد کان وڌيڪ پيار ڪندو هو ۽ هن سان هميشه مهربانيءَ جي هلت ڪندو هو؛ پر ”رالف“ سان گهڻي نه پوندي هيس، ۽ اڪثر هن کي شوخي ۽ سختي ڏيکاريندو هو. هن جي هلت اهڙي هئي، جا ضرور ٻن ڀائرن جي وچ ۾ حسد ۽ دشمني پيدا ڪري، جيئن حضرت يعقوب جي پنهنجي ننڍي پٽ يوسف سان حد کان وڌيڪ محبت ڪري، هن جا ٻيا ڀائر سندس دشمن ٿي پيا هئا. پر، هنن جي حالت ۾ اهڙو بڇڙو نتيجو نه نڪتو، ڇا لاءِ جو ڪي ماءُ جي هڪجهڙي محبت ۽ مهرباني، ڪي ”رالف“ جي سڀاڻي خوش خلقي، ۽ ڪي ”ڪرستيءَ“ جي محبت انهيءَ ڦيٽاڙي کي روڪيو آئي. ”ڪرسٽي“ جي ”رالف“ سان ڏاڍي دل هوندي هئي: ساري عمر هو دل ۽ جان وانگي هڪ ٻئي سان گذاريندا آيا هئا، تن جو پاڻ ۾ ڦٽڻ جو گهڻو امڪان نظر نٿي آيو. +”رالف“ ”ڪرسٽيءَ“ کي چيو ته ”ادا، جيڪي مون چيو سو دل ۾ متان ڪرين، مون کي معاف ڪجئين. ائين چوڻ ڪري منهنجي محبت تو ڏانهن گهٽجي نه ويندي. باقي ڪرڪيٽ بابت آءٌ ڄاڻان ٿو ته غلط آهي، مگر راند آءٌ ضرور ڪندس- جيڪي ٿئي، سو ٿئي.“ +”ڪرسٽيءَ“ خير خواهي ڪري چيو ته ”نه، رالف، نه- متان ائين چوين. ڄاڻين ٿو ته اهو غلط ڪم آهي، پوءِ ڪيئن اُهو ڪرڻ ٿو گهرين؟ بابو راند ڪندو ڏسي ته ڪيترو نه جيڪر قهر جهڙو ڪاوڙجي پوءِ الاجي ڇا ٿي پوي!“ +”رالف“ ته وڌيڪ ڪڇيو ڪين، جو انهيءَ مهل ٻاهران ڪنهن نالو وٺي سڏيس. گهر مان ڊوڙي، ٻاهر وڃي ڏسي ته مارٽن“ ۽ گلينلن“ سندس گهرجي ايوان جي در تي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. ٻئي راند جي پوشاڪ ۾ هئا ۽ گلينلن کي هٿ ۾ بئٽ به هئي، جا خالي هوا ۾ پئي لوڏيائين- ڄڻ ته سچي پچي راند ٿو ڪري. ”رالف“ کي ڏسي رڙ ڪري چوڻ لڳو ته ”هي ڇا، رالف، ڏهه ڏينهن ٿي ويا آهن ته راند جي ميدان تي نه آيو آهين! آلٽن جي فتحيابيءَ کان پوءِ ڪرڪيٽ کان قسم کنيو اَٿئي ڇا؟ ڪنهن به طرح، ايندڙ هفتي ۾، اڄوڪي ڏينهن اسان کي تنهنجي گهرج ٿيندي، جو ”آڪسفورڊ اِليون“ سان مئچ مقرر ٿي آهي.، +هي ٻڌي، ”رالف“ حيرت مان چيو ته ”هان، آڪسفورڊ اِليون“ ”هائو. آرل برو جي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي، نه؟ پر، بيفرڊ ۾ ٻه آڪسفورڊ وارا گهرايا اَٿن، ۽ انهن اسان جي ”عام، اسڪول جي اِليون“ کي چئلينج موڪلي هاڪاريو آهي. اسان آلٽن وارن کان کٽيو هو، تنهن پنهنجو پلؤ ٿا هو وٺن! تون ته ضرور ايندين نه؟“ +”رالف“ هڪٻئي چيو ته ”مون کي پڪ نه آهي ته آءٌ اچي سگهندس.“ +”پڪ ناهي،- واه ۽ تون اسان جو سرڪردو! مارٽن تون سمجهائينس هي اسان جي لاءِ الائي ڇا ڇا ڪري سگهندو!“ +”مارٽن“ چيو ته ”رالف، مون تو سان ذڪر نه ڪيو. ڇا لاءِ جو انهيءَ ڏينهن تو مون کي چيو هو ته پڻهين توکي منع ڪئي آهي....“ +اتي هن بس ڪئي. جو”رالف“ اشارو ڏيئي چيس ته ائين نه چؤ. متان اِنهيءَ جي ”گلينلن“ کي خبر پوي. پر ”گلينلن“ اها ڳالهه ٻڌي، ٽهڪ ڏيئي، کلي چيو ته ”پيءُ منع ڪئي آهي! ها ها ها..... ٻُڌو، سائين!“ +”رالف“ وري به چيو ته ”آءٌ راند ڪرڻ جو انجام ڏيئي نٿو سگهان، اڃا مون پڪو اِرادو ڪونه ڪيو آهي. پر، جي اوهان کي ٻيو ڪونه ملي سگهيو. ته پوءِ ڏسندس.“ +”رالڊ گلينلن“ چيو ته ”هان، شاباش.... پيءُ جي ڪهڙي پرواهه آهي! ڀلا هن جو راند جي ڪمن ۾ ڇا آهي؟“ +”مارٽن“ چيو ته ”ڇا آهي؟ آءٌ ڀانيان ٿو ته جي منهنجو پيءُ مون کي راند ڪرڻ کان منع ڪري. ته آءٌ جيڪر ڪڏهن به نه ڪريان.“ +”رالف“ چيو ”اهو برابر آهي. پر سرهينري ڪو توکي ڪڏهن راند کان جهليندو؟ هو پاڻ ڪرڪيٽ ڪرڻ وارو آهي. سو توکي ته پاڻ ڪرڪيٽ ڪندو ڏسي خوش ٿيندو آهي. ٺهيو. هاڻ انهيءَ ڳالهه کي کڻي ڇڏيو. آءٌ ڪوشش ڪندس. جي ٿي سگهيو ته آءٌ راند ڪندس.“ +”گلينلن“ چيو ته ”شاباش. ائين گهرجي تون اسان جي پاسي هوندي ته اسين آڪسفورڊ وارن کي بيهڻ ئي ڪين ڏينداسين! ٻيو ٻڌ؛ اسان جي قلعي ۾ گز- ڪمان جي مئچ ٿيڻي آهي ۽ انعام به ملڻا آهن. ڪيئن. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي- ٻه ٽي اِنعا کڄن. ته ڪهڙو نه مزو!“ +”رالف“ چيو ته مون کي اها راند به ڏاڍي وڻي ٿي. ڪرڪيٽ ناهي ته اها به چڱي ڪرسٽيءَ کي به وٺيو اَچان؟ اُهو به گز چڱو هڻندو آهي.“ +هن ورندي ڏني ته ”ڀلي وٺي اچينس. هو ڏاڍو چالاڪ ۽ چڱو آهي. +اتي ”ڪرسٽي“ جو پڻ گهر مان نڪتو هو ۽ آهستي پئي آيو. تنهنجي ٻانهن وٺي چوڻ لڳو ته ننڍا جوان. هلي آءُ- هل ته پاڻ اڳ ئي ڊوڙي هلي چڱا گز- ڪمان چونڊي هٿ ڪريون. هي يار پاڻيهي پيا اِيندا. +”گلينلن“ ”ڪرسٽيءَ“ جي ٻانهن وٺي ڊوڙندو هليو ويو. ”مارٽن“ پٺيانئس ناهري چوڻ لڳو ته ”پاڻ ڏاڍو چڱو آهي. جو ٻئي کي ٿو چڱو سڏي!“ +”رالف“ چيو ته ”ڇو؟ گلينلن مون کي وڻي ٿو. توکي نٿو وڻي ڇا؟ خراب ته ڪين آهي!“ ’مارٽن‘ چيو ته ”خراب ناهي. مون کي وڻي ٿو. مگر آءٌ گهڻو مان ڏيئي نٿو سگهانس. ��نگتي مزي جهڙو آهي. چرچائي ۽ خوش مزاج آهي؛ پر اوستائين، جيستائين سندن برخلاف ڪي به ڪين چئبو يا ڪبو- جي ڪبو، ته پوءِ هو ڏاڍو بدمزاج ۽ شوخ ٿئي ٿو. آءٌ پرپٺ گلا ڪانه ٿو ڪريانس، منهن تي به ڪيترائي دفعا ائين چيو اَٿمانس.“ +”رالف“ چيو ته مون ڀانيو ٿي ته هن جو خاص دوست آهين. مون هن ۾ ٻيو عيب ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي، رڳو ٿورو مغرور آهي.“ +”مارٽن“ چيو ته ”هو منهنجو دوست آهي به، نه به آهي. تو کان وڌيڪ آءٌ هن جو واقف آهيان. اسين ٻئي ”ايٽان“ ۾ گڏ ٿا پڙهون، ۽ تنهن ڪري گهر به اڪثر گهڻو گڏجون ٿا. هو مون کي گهڻو پسند به ڪندو آهي. ’ابٽان‘ ۾ هو گهڻائي جهيڙا جهڳڙا ڪندو آهي؛ انهن ۾ آءٌ هن کي مدد ڪندو آهيان. انهيءَ هوندي به منهنجي مرضي ناهي ته ڪرسٽي، يا منهنجن ننڍن ڀائرن مان ڪو، هن جهڙو ٿئي. هو خودغرض آهي؛ پنهنجي مطلب جي لاءِ ٻئي کي نقصان ۾ وجهندي دير ڪين ڪندو. آءٌ خوشيءَ سان ڪهڙو به ڪم ڪريان.“ +”رالف“ چيو ته ”خير اُميد آهي ته ڪرسٽيءَ کي ڪو نقصان نه پهچائيندو.“ +”مارٽن“ چيو ته ”نه، نه، ڪرسٽي سندس صحبت ۾ ايترو گذاريندو ئي ڪين. هو معصوم ٻار آهي. اڃا هن جي کارڻ جو نه آهي.“ +”رالف“ کلي چيو ته ”تڏهن آءٌ هن جي کارڻ جو آهيان؟ مارٽن، تون سچ ٿو چوين، مگر.... هن کڻي بس ڪئي. چوڻو هئس ته ”جي ڪرسٽيءَ وانگي مون تي به بابي جي مهرباني هجي ها، ته تون جيڪر مون کي به ٻئي جي کارڻ جهڙو نه سمجهين ها.“ +”مارٽن“ ڳالهه بدلائي چيو ته ”رالف، چڱو ٿيو جو تون به شايد ايندڙ هفتي ۾ ڪرڪيٽ ڪري سگهندين.“ +”رالف“ چيو ”ڇو شايد؟ ”مارٽن“، اُميد آهي ته آءٌ ضرور راند ڪندس.“ +”مارٽن“ چيو ته ”ڇا، مسٽر ”ڊگلس“ جي موڪل کان سواءِ؟ جي آءٌ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان، جيڪر ائين نه ڪريان- ڪڏهن ڪين ڪريان!“ + + +باب ستون +”ڪرسٽي“ خوف ۾ +جڏهن ”رالف“ ۽ مارٽن“ ڊانرل ڪئسل ۾ پهتا، تڏهن هنن ڏٺو ته گزن هڻڻ جا نشان اڳي ئي کتا پيا آهن. ”ڪرسٽيءَ“ ”رالف“ کي ڪن ۾ چيو ته ”رالف، لارڊ گلينلن ٿو چوي ته مون سڀ کان عمدي ڪمان چونڊي ڪڍي آهي؛ پر اُها مون تنهنجي لاءِ هٿ ڪئي آهي.“ +رالف چيو ته ”ڪرسٽي، تون ڀانئين ٿو ته اُها آءٌ تو کان کسي وٺندس؟ هن چيو ته ”رالف، اها ضرور تون وٺندين. ائين چئي اُها ڪمان ڀاءُ کي ڏيئي، ”ڪرسٽي“ ڊوڙي ٻي ڪمان کڻي ٻئي نشان ڏي ويو. ”مارٽن“ هن جي اها محبت وڏي ڀاءُ ڏي ويٺي ڏٺي، اِنهيءَ ڪري ”رالف“ ڏاڍو خوش ٿيو. ”لارڊ گلينلن“ چڱو نشان چٽيندڙ هو، تنهن رٿ ڪئي ته پاڻ ۽ ”ڪرسٽي“ ڀيچي ٿين ۽ ”رالف“ ۽ ”مارٽن“ پاڻ ۾ ڀيچي ٿين، ۽ پوءِ رکي نشان چٽين، پر مارٽن پيسن جي شرط تي اعتراض آندو. نيٺ نشان چٽڻ لڳا ۽ ”گلينلن“ ۽ ڪرسٽي“ گوءِ کڻي ويا. چئني ڇوڪرن شام تائين اها راند هلائي. تان جو سڀيئي ٿڪجي پيا، ۽ پوءِ خوش ٿي موٽڻ لڳا. ”گلينلن“ به ساڻن گڏجي هليو، جو پنهنجي بئٽ رستي ۾ ڪنهن گهر ۾ تيل لائڻ جي لاءِ ڏيڻي هيس. هو ”ڪرسٽيءَ“ سان اڳڀرو پئي ويو. اهو وجهه ڏسي ”رالف“ ”مارٽن“ کي چيو ته ”مارٽن، آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ تنهنجي صلاح وٺندس، ۽ ايندڙ مئچ ۾ شامل نه ٿيندس.“ هن چيو ته ”مارٽن، جي سچي پڇين ته ڏوهه منهنجو به آهي، پر توکي خبر آهي ته گهر ۾ مون کي ڪابه خوشي حاصل ٿيڻي ڪانهي. موڪل جا ڏينهن اِجهي اچي پوراٿيا آهن. آءٌ اسڪول ۾ زياده خوش ٿو گذاريان. جي ڪرسٽي به مون سان هجي، ته پوءِ مون کي پرواهه ئي ڪانهي.“ +”مارٽن“ پڇيو ته ”ڪرسٽي ڇو ته توسان رکبي ڏي ٿو وڃي؟“ +”رالف“ چيو ته ” مون کي خبر ناهي. شايد هو اهڙو نازڪ طبيعت آهي، جو اسڪول جي محنت ۽ سختي ڪڍي نه سگهندو. تنهن کان سواءِ، هو بابي بي تعليم هيٺ چڱو پيو هلي، ۽ بابي جي ساڻس محبت به گهڻي آهي ۽ هو کيس پاڻئون پاسي ڪرڻ نٿو گهري. امڪان آهي ته بابي کي اهو ڊپ هجي ته متان آءٌ کيس کاريان، ۽ سستيءَ جو مثال ڏيکاريان.“ +”مارٽن“ چيو ته ”رالف، تون ته سست ناهين!“ +رالف چيو ته ”آءٌ ته نٿو ڀانيان ته سست آهيان- مون کان ڏهوڻا سست ٻيا ڪيترائي ماڻهو آهن- پر ڇا ڪجي جو بابي جي راءِ آهي ته جيڪو راند جو شوقين هوندو، سو ضرور سست هوندو ۽ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي ڪلاس ۾ موچارو چڱو نمبر ٿو رکان ته به هو پنجين يا ڇهين نمبر کان هيٺ اچڻ ڪري مون تي ڪاوڙيو آهي... سو، انهيءَ کان مٿي نمبر هميشه آءٌ رکي نٿو سگهان!“ +* * * * +اتي اوچتي رڙ ٿي. هو منهن مٿي ڪري ڏسن، ته ”لارڊ گلينلن“ ڏانهن تمام تکو ڊوڙندو اچي، ۽ پٺيائنس ٿوري پنڌ تي ”ڪرسٽي“ به ڊوڙندو اچي. ٻئي ڊپ کان رڙيون ڪندا آيا. جڏهن ”گلينلن“ ويجهو آيو، تڏهن بيهڻ کان سواءِ سهڪندي چيائين ته ”ڀڄو، ڀڄو... پنهنجي جان بچايو!“ +”رالف“ ۽ مارٽن گڏ پڇيو ته ڇاهي، ٻيو ته خير آهي؟ +”گلينلن“ ورندي ڏني ته ”اسان جو ڪتو آهي، پٺيان ڪاهجي پيو آهي! اجهو ڏسو... ڇتو آهي، ڇتو!“ +هنن ڏسڻ سان سهي ڪيو ته ڪهڙو حال آهي. پنهنجي اڳيان پنجاهي يارڊن تي ڏسن ته ڪتو رستو ڏيو سنئون ڊوڙندو اچيِ، زبان ٻاهر اٿس؛ اکيون رت جهڙيون ڳاڙهيون اٿس؛ وات مان گجي پئي وهيس، جا بت تي پيئي لڳيس ۽ جيڪا شيءِ ٿي رستي ۾ مليس تنهن کي، يا اُنهيءَ کان سواءِ پنهنجي منهن چڪ پيو هڻي- بلڪ ڪڏهن ته بيهوشيءَ ۾ پاڻ کي پيو چڪ هڻي! +ننڍڙو ”ڪرسٽي“ هن کان فقط ٻه چار وکون پري هو. ”لارڊ گلينلن“ هن ويچاري کي ڇڏي، پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀجي ويو. ”ڪرسٽي“ جي ٽوپي ڊوڙندي ڪري پيئي هئي ۽ پاڻ مٿي اُگهاڙو، ڊپ ۾ ڏندو اَٿڙندو، ڀڳو پئي ويو. ”رالف“ وقت نه وڃايو، هڪل ڪري چيائين ته ”بيهه، گلينلن، بيهه.... بئٽ ته مون کي ڏي، بئٽ!“ پر ، ننڍي لارڊ خوف کان پير ئي نه کوڙيو، منهن ئي نه موڙيو. ”رالف“ لاچار ٿي پٺيانئس ڊوڙيو ۽ وڃي هٿ مان بئٽ کسيائينس ۽ پوءِ ڊوڙي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ آيو. ٻنهي هٿن ۾ بئٽ جهلي، ڀاءُ کي هڪل ڪري چيائين ته ”ڪرسٽي“ وچ، مان گوهي هڻي هيڏي لڙ، هو تنهنجي پٺيان نه لڙندو، سڌو هليو ويندو“ پر ”ڪرسٽيءَ“ جون متيون منجهي ويون هيون ۽ ”گلينلن“ وانگي ڊپ ۾ وائڙو ٿي ويو هو: رالف“ جي هڪل ٻڌائين به سهي پر ڊپ کان سڌو ڀڳو ويو، ڦريو ئي ڪين. ڪتو به اچي ويجهو پيس. ڇوڪر ڊپ کان پئي؛ دانهن ڪري ڪِري پيئي ۽ ڪتي به کڻي چڪ هنيس پوءِ ته هو بيهوش ٿي ويو، ۽ ڪو به سماءُ ڪونه پيس. رڳو ”رالف“ جي بئٽ جي ڌڪ جو آواز سو پڙ لاءِ وانگي ڪن تي پيس، ۽ سمجهائين ٿي ته ڪو مون کي ڀاڪر ۾ وجهيو کنيو ٿو وڃي. +انهيءَ لحظي ۾ جيڪي ٿي گذريو، سو هي هو ته ”مارٽن“ به ”رالف“ وانگي ڪرسٽيءَ جي مدد لاءِ ڀڳو. ڪتو به وڃي ڇوڪري تائين پهتو، ته ”مارٽن“ رستو لتاڙي وڃي ڪرسٽيءَ ۾ هٿ وڌا، ۽ ڀاڪر وجهي کنيائينس. ايتري ۾ ”رالف“ به چتائي ٻه – هٿڙي بئٽ ڪتي کي اهڙي هنئي، جو ڪتي جو ميڄالو ئي نڪري پيو ۽ اتي جو اتي ڪري مري پيو. +”مارٽن“، ”ڪرسٽيءَ کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪڇ ۾ جهلي، گاهه تي رستي جي ڀرسان ويهي رهيو؛ ۽ ”رالف“ ڪتي کي ڦٿڪندو ۽ مرندو ڇڏي. ڊوڙي ”مارٽن“ وٽ آيو. تڪڙ ۾ هن کان پڇڻ لڳو ته ”مارٽن، مارٽن بچيو ته آهي؟ ٻيو جو کو ته ڪونهيس! ڌڪ هڻڻ کان اڳي، مون ڪتي کي جهڙپ ڏيندو ۽ چڪ هڻندو ڏٺو هو. اوجهو، هاءِ هاءِ، شايد اسين دير ڀرو پهتاسين!“ ڪرسٽيءَ جي سٿڻ تي رت جا چٽا ڏسي. هن ائين چيو. پوءِ انهيءَ پاسي جو پاچو مٿي ڪري جوراب هيٺ ڪري ڏٺائون ته بڪيءَ ۾ ٻن ڏندن جا نشان بيٺا هئا. جن مان رت نڪتو هو؛ مگر زخم رڳو کل تي مٿاڇرو هو ، هيٺ ماس ۾ نه هو. انهيءَ هوندي به هن کي ڏاڍو ڊپ ٿيو، جو سمجهين ٿي ته ڇتي ڪتي جو کاڌل ماڻهو ڪهڙن عذابن سان مرندو آهي. +”رالف“ هڪدم چيو ته ”مارٽن، جهٽ ڪر، چيڪرس جي هوٽل ويجهي آهي، اُتي هن کي کڻي هلون- پنج منٽ به ڪين لڳندا.“ +”مارٽن“ چيو ته چڱو ته ”چڱو، پر ذرو ترس. مون کي پهرين هڪڙي ضروري ڳالهه سجهي ٿي.“ +پوءِ ”رالف“ ڪرسٽيءَ کي جهلي ويٺو، ۽ ”مارٽن“ کيسي مان هڪڙو سٽ جو ڌاڳو ڪڍي، ڦٽ جي مٿان ”ڪرسٽيءَ“ جي ٽنگ کي ڇڪي ٻڌو. پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ويچاري ٻار کي ٻانهن تي کڻي، رستي جي ڀر واريءَ مهمان سراءِ ۾ آندو. لوڏي تي ”ڪرسٽيءَ“ به اکيون پٽيون. پڇڻ لڳو ته ”ڪتي مون کي کاڌو آهي ڇا؟“ +”رالف“ دلبريءَ مان چيس ته ”نه، ڪو رهنڊو کل تي آيو آهي. اسين ”چيڪرس“ ۾ آيا آهيون. الا جي گلينلن کي دل ۾ پوندو يا نه، ته قلعي مان ڪو ماڻهو مدد لاءِ موڪلي!“ +هنن هوٽل جي صفي ۾ ”ڪرسٽيءَ“ کي هڪڙيءَ کٽ تي کڻي ليٽايو.”رالف“ هوٽل جي مالڪياڻيءَ کي پارت ڪري، مارٽن کي چيو ته ”مارٽن، تون هتي ترس، ته آءٌ ڊاڪٽر ”ميسن“ کي پنجن – اٺن منٽن ۾ وٺي اچان. هو هتان ميل پنڌ تي به ڪين آهي. هن جي گاڏيءَ تي اّنهيءَ کان به جلد اينداسين.“ +”ڪرسٽيءَ“ پيار مان چيو ته ”رالف، مون کي ڇڏي نه وڃ، تون مون وٽ رهه!“ +”رالف“ چيو ته”ڪرسٽي، دلجاءِ ڪر، آءٌ اجهو ٿو اچان. مارٽن مون جهڙو تکو ڊوڙي نه سگهندو، تنهڪري آءٌ پاڻ ٿو وڃان.“ +پر”ڪرسٽي“ ڀاءٌ جي ٻانهن کي چنبڙي پيو، ۽ هن کي ڇڏي ئي نه. لاچار، ”رالف“ پنهنجي سنگتيءَ کي ڪم ۾ چيو ته ”ڀڄ، مارٽن، جيترو تکو وڃين سگهين اوترو تکو وڃ. آءُ ڪرسٽيءَ وٽ ٿو ترسان، متان بي آرام ٿئي.“ +”مارٽن“ جواب ڏيڻ لاءِ به نه ترسيو؛ ڊوڙندو هليو ويو. ”ڪرسٽي“ ڀاءُ کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، هن جي ڪلهي تي مٿو رکي، نستو ٿي پئجي رهيو. +باب اٺون +مسٽر”ڊگلس“ چوڪ ڪري ٿو +”مارٽن“ اڃا روانو مس ٿيو، ”رالف“ کي هڪڙي ڳالهه دل ۾ آئي. هوٽل جي مالڪياڻيءَ ۽ سندس نوڪر کي- جي اتي اچي گڏ ٿيا هئا- چيائين ته ”اوهين ڀلي هليا وڃو،ته هي ماٺ ۾ آرام ڪري.“ تڏهن هو ويا، تڏهن ڀاءُ کي لاهي، ڌار سمهاري، زخم جي جاءِ تان رت اگهي، نئڙي رت ٿي چوسيائين، ته، ڪرسٽي“ سندس ارادو معلوم ڪري چوڻ لڳو ته ”رالف، پيارا رالف، هي ڇا ٿو ڪرين؟ متان زخم کي چوسيو اٿئي ! اهو رواجي زهر ناهي، جي تنهنجي زبان يا وات ۾ ڪاٿوري تي ئي رهڙ هوندي. ته اهو مرض توکي وٺي ويندو؛ منهنجي خاطر ائين متان ڪرين- جي ائين ڪندين، ته مون کي ماريندين!“ ائين چئي، روئڻ لڳو. +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي“ تڏهن آءٌ ڇا ڪريان؟ الاجي ڊاڪٽر گهر هجي يا نه، يا جيسين اچي، تيسين دير ٿي وڃي... ڏاهو ٿي، مون کي ڇڏ ته آءٌ زهر چوسي ڪڍان!“ +پر هن جي ايتري چوڻ تي ئي، ضعف ڊپ کان، ”ڪرسٽي“ وري ماندو ٿيو ٿي ويو، تنهن ڪري ”رالف“ لاچار کڻي بس ڪئي. پوءِ ساهه پٽي، ڪرسٽي چوڻ لڳو ته ”ادا، مون ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته اهڙن وقتن تي ڇا ڪجي؛ هڪڙي سيخ يا ٽَڪ يا ٿلهي سئي يا اهڙي ڪا ٻي لوهه جي شيءِ تپائي ڳاڙهي ڪري کڻي آءٌ.“ +”رالف“ هڪدم هن جو مطلب سمجهيو. جهٽ ۾ وڃي بورچيخاني مان سنهڙي سيخ تپائي. انهيءَ جو ٻيو ڀيڙو ڪپڙي سان جهلي کڻي آيو. پوءِ ڀاءُ جي ٽنگ مضبوط جهلي وري به ڦٽ تان رومال سان رت اُگهي، اُهو هنڌ چپٽيءَ ۾ جهلي، سيخ جي چهنب ڏندن جي نشان تي ٻن سيڪنڊن تائين جهليائين ”ڪرٽيءَ کي به ايذاءُ ڏاڍو آيو، مگر همت جهلي ڪڇيائين ڪين. نڪي چريو پريو- منهن سو ڦڪو ۽ پيلو ٿي ويس، ۽ مٺيون ۽ ڏند ڀيڙي جهليا هئائين، جنهن ڪري آسانيءَ سان اهو عذاب سهي ويو- پر پوءِ سوساڻو ٿي هنڌ تي ليٽي پيو. ”رالف“ به پوءِ ڀاءُ کي ڀاڪر پائي هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي روئڻ لڳو. +جڏهن ”ڪرسٽي“ سامت ۾ آيو، تڏهن ضعيف ۽ ڏڪندڙ آواز سان پاڻ کي چوڻ لڳو ته . رالف، دل نه لاهه، مون لاءِ نه روءُ. مون کي اُميد آهي ته جيڪي تو هينئر منهنجي لاءِ ڪيو آهي، تنهن سان تو منهنجو ساهه بچايو آهي.“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، ڪهڙي ته خوف ۽ ارمان جي ڳالهه آهي ته توسان ههڙو اتفاق ٿئي! .... مون سان اهڙو حال ٿئي ها ته بهتر هو!“ +”ڪرسٽيءَ، ڀاءُ جي وارن تي هٿ گهمائي، پيار مان چيو ته ”رالف، آءٌ ڀانيان ٿو ته مون کي گهڻو نقصان نه پهچندو؛ ڇا لاءِ جو ڪتي جا ڏند منهنجي سٿڻ ۽ جوراب مان لنگهيا ۽ تنهن ڪري اُن جو زهر انهن ۾ اُگهجي ويو. خدا ڪندو ته مون کي ڪو به جوکو نه رسندو. پر جي ڪا تڪليف کڻي آئي ته به انهيءَ جي سهڻ جي مون کي همت ڏيندو.“ +ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ ”رالف چيو ته ”مارٽن ڪيتري نه دير لاٿي آهي! هن کي ڊاڪٽر ميس ته هٿ آيو هوندو. هاڻ سگهو اچي ته چڱو.“ ”ڪرسٽيءَ چيو ته ”ادا، نڪري رستي تي نظر ته ڪرينس ته منجهانئن ڪو اچي به ٿو.“ +”رالف“ نڪري ٻاهر ويو ۽ رستي تي بيهي نظر ڪرڻ لڳو. ڏاڍي فرحت جي هوا پئي لڳي. سج لٿي جي مهل، پکين جون ٻوليون ۽ جيتن جو ڀڻڪو پئي آيو. چوڌاري ماٺ لڳي پيئي هئي- نڪو گاڏيءَ جي ڦيٿن جو آواز، نڪو پيرن جو دٻڪو پري کان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. اڳڀرو ٿي، اُنهيءَ هنڌ تائين ويو، جتي ڪرسٽيءَ تي ڪتو ڪاهي آيو هو، ۽ جتي ڪتو مئو پيو هو. اُن جي پاسي بئٽ به پيئي هئي، جنهن سان اڌ ڪلاڪ کن اڳي هن ڌڪ هنيو هوس اُها هن کنئي، انهيءَ لاءِ ته ”لارڊ گلينلن“ کي موٽائي ڏئي. تنهن کان پوءِ، ڊاڪٽر جي دير ڪرڻ تي خفي ٿي، ”چيڪرس“ جي هوٽل وٽ آيو. گهڙڻ کان اڳي هو ٻاهر انتظار ۽ فڪر ۾ بيهي رهيو، ۽ ڀاءُ جي لاءِ دل ۾ خدا کان دعا گهرڻ لڳو. +انهيءَ خيال ۾ بيٺو هو، ته اوچتو سامهون پري کان پڻس رستو ڏيئي اچي منهن ڪڍيو. هي پنهنجن خيالن ۾ اهڙو محو هو، جو پڻس جي اچڻ جو سماءُ ئي ڪو نه پيس. پڻس نالو وٺي به سڏيس، پر هن ٻڌو ئي ڪين. نيٺ هن وڏي آواز سان چيو ته ”رالف، هي ڇا- مون ٻه ڀيرا توکي سڏيو، پر تو الاجي منهنجو سڏ ٻڌو يا ڪوڙ ڪري ڪنٽار ڪري ڇڏيئي!“ +”رالف“ ڇرڪ ڀري چيو ته ”بابا معاف ڪجو، مون کي خيال ۾ ڪين هو ته اوهين ڪي هتي ايندؤ.“ +”مسٽر ڊگلس“ ٽوڪ ڪندي چيو ته آءٌ پاڻ ائين ٿو ڀانيان؛ جي منهنجي اچڻ جي خبر هجئي ها، ته جيڪر ههڙي شرابخاني جي در تي ظاهر ظهور ڪين بيهي رهين ها! ڀانئجي ٿو ته تون هن جاءِ جو خوب واقف آهين: انهيءَ هوندي به جڏهن انهيءَ ڏينهن مون چيو ته تون ڪنهن خرابيءَ جي پٺيان هوندي، تڏهن توکي چڙ لڳي ويئي.... ٻڌاءِ ته شراب پئي پيتئه ڪيئن؟“ +”رالف“ ڏاڍيءَ غمگينيءَ سان جواب ڏنو ته ”بابا، مون ته ڪي ڪين پيتو آهي؛ آءٌ عمر ۾ ڪنهن هوٽل يا شرابخاني ۾ ڪين ويو آهيان.“ +وري ”مسٽر ڊگلس“، سندس هٿ واري بئٽ ڏي اشارو ڪري، چوڻ لڳو ته ”منهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪرڪيٽ جي راند ته نه پئي ڪئي اٿئي؟“ +هن چيو ته ”نه، بابا.“ پر جيتري ۾ هن پيءُ سان پئي ڳالهايو، تيتري ۾ هن جي منهن ۾، اندر جي خيال ڪري، ڪيترائي رنگ ظاهر ٿيڻ لڳا. ويچاري کي اهو خيال هو ته جيڪي ٿي گذريو آهي، تنهن جي بابا کي ��ا به خبر ڪانهي! ۽ جڏهن خبر پونديس، تڏهن الاجي ڇا ڪندو ۽ ڪهڙو حال ٿيندس. پر پڻس ٿي سمجهيو ته هي سچيءَ ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. انهيءَ سبب منهن اهڙو ٿو ڪري؛ تنهن ڪري ڪاوڙ مان چيائينس ته ”نه، تو ضرور شراب پئي پيتو آهي ۽ مون سان ڪوڙ ٿو ڳالهائين! تنهن جو منهن پيو ڳالهائي. خمار ۾ ڳاڙهو آهي... ۽ هن بئٽ سان وري ٻيو ڇا پئي ڪيو هوندءِ، جي ڪيو. هوندءِ، جي ڪرڪيٽ نٿي کيڏيئه؟ اڃا اڄ صبح جو توکي چٽيءَ طرح تازي منع ڪئي هيم. ماڻهو اڪثر رستن تي لڪڻن جي بدران ڪرڪيٽ جون بئٽون نه کڻي هلندا آهن! تون ڀانئين ٿو ته ڇا ته آءٌ تو جيڏي ڇوڪري کي پنهنجي حڪم جي نافرماني ڪرڻ ڏيندس؟“ +”رالف“ آهستي چيو ته ”بابا، ذرا آهستي ڳالهايو، ائين ڪين آهي. اوهين چوڪ ٿا ڪريو. ذرا آهستي ڳالهايو. متان ويچارو ڪرسٽي اوهان جو ڳالهائڻ ٻڌي!“ +هي ٻڌي، مسٽر ”ڊگلس“ ڏاڍي ڪاوڙ مان چيو ته ”ڇا ڪرسٽي هتي آهي؟- تڏهن تو هن کي هتي آندو هوندو! ”ويچارو ڪرسٽيءَ“ ڇو ٿو چوين؟...انهيءَ کي کاري، ڪنهن خرابيءَ ۾ آڻي وڌو اٿئي ڪيئن؟ نڪري وڃ منهنجي منهن تان- تون منهنجي لاءِ شرم ۽ رنج جو سبب آهين“ پر گهوڙي جو چهبڪ جيڪو هٿ ۾ هوس، تنهن سان ”رالف“ کي پٺن تي ٻه ٽي ڌڪ هڻي ڪڍيائين. +هڪڙي لحظي تائين ته ”رالف“ بيحواس ٿي بيهي رهيو؛ پوءِ ڪاوڙ کان اکيون چمڪڻ لڳس، ۽ چڙ جا لفظ زبان تي اچڻ لڳس. جهٽ ڏيئي پيءُ جي هٿ مان چهبڪ کسي، لوڙهي تي اڇلائي ڇڏيائين. الاجي انهيءَ مهل وڌيڪ ڇا ٿي پوي ها، پر دريءَ مان ”اڙي بابا!“ جي ضعيف دانهن ٻڌڻ ۾ آئي، جنهن تي مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجي ڪاوڙ وساري، ڪاهي اندر هوٽل ۾ ويو. اهو ٻاهريون هل. ڪرسٽيءَ جي ڪن تي پيو هو، ۽ هن پيءُ جو آواز سڃاتو هو، تنهن کي هڪدم معلوم ٿيو ته بابو ڀليو آهي، مگر ضعيف ۽ نستو هو، اُٿي نٿي سگهيو. پر جڏهن پيءُ جي ڪاوڙ ٻڌائين، تڏهن اُٿڻ جي ڪوشش ڪيائين؛ پر ضعف جي ڪري ماندو ٿي هنڌ تي ڪري پيو. ۽ جڏهن پڻس اندر آيو، تڏهن هو پيلو ۽ بيهوش ٿيو پيو هو. انهيءَ وقت ڊاڪٽر ”ميسن“، ”سرهينري آلربي“ ۽ مارٽن“ به گهڙي آيا ڊاڪٽر ته بيهوش ڇوڪر کي چڪاسڻ ۾ مشغول ٿيو ۽ ”سرهينريءَ“جنهن ڳوٺ ۾ پنهنجي پٽ کان سڄي ڳالهه ٻڌي هئي، تنهن اُها هينئر مختصر طرح اُتي بيٺي ٻڌائي. ڊاڪٽر تڪڙ مان پڇيو ته هي ڏندن جا نشان ڪنهن ساڙيا آهن؟“ +هوٽل جي مالڪياڻيءَ جواب ڏنو ته ”سائين، ماسٽر رالف ڊگلس ساڙيا آهن؟“ +ڊاڪٽر چيو ته هان! ۽ ڪتي کي سامهون ٿي ڌڪ هڻي ماريو به ماسٽر رالف ۽ ڊگلس آهي. اها مون کي اڳئي خبر آهي. ائين ڪرڻ سان هن ڪيترن ٻين ماڻهن جا ساهه بچايا آهن. رالف ڊگلس ڏاڍو ڪو مردانو، همت ڀريو ۽ شريف ڇوڪرو آهي! اهي ٻئي ڪم هن اهڙا ڪيا آهن. جو ٻيو ڪو مڙس ماڻهو به نه ڪري سگهي. ڏندن جي نشانن تي هن اهڙا چڱا ڏنڀ ڏنا آهن، جو جيڪر آءٌ به انهيءَ کان بهتر نه ڏيئي سگهان! هن پنهنجي ڀاءُ جي حياتي بچائي ڇڏي آهي. هاڻ هن کي ٻيو خوف ڪونهي.“ ڊاڪٽر ائين به پئي چيو، ۽ زخم جي مرهم پٽي به پئي ڪيائين. +”سر هينري آلربيءَ پڇيو ته ”رالف ڪٿي آهي؟ اڳهڻو ته ٻاهر بيٺو هو.“ سڀني هيڏي هوڏي نهاريو، پر هو اُتي ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. ”مارٽن“ ٻاهر ڳولڻ ويس- ڏسي ته پري کان رستي تي ور مٽي هليو پيو وڃي. پيءُجي وڃڻ کان پوءِ، هو ذري تائين ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ماٺ ڪري بيٺو : ڄاتائين ته هاڻي ”ڪرسٽيءَ“ جي سنڀالڻ لاءِ بهتر ماڻهو موجود آهن، منهنجي گهرج ڪانهي. رڳو پنهنجيءَ ماءُ کي تجويز سان انهيءَ خوفناڪ حادثي جي خبر ڏيڻي آهي. تنهن ڪري پيءُ جي ڳالهه سڀ وساري، محبت جي جوش کان، گهر ڏي هليو، ۽ رستي ۾ هيءَ دعا گهرندو ويو ته ”يا خدا، منهنجي ڀاءُ کي بچائي، ۽ هن خوفناڪ آفت کان هن کي رکي وٺ!“ +جيئن ڊاڪٽر ۽ سرهينري هوٽل جي مالڪياڻيءَ کان زياده احوال پئي معلوم ڪيو، تيئن زياده حيرت ۾ ٿي پيا. ڊاڪٽر ”ميسن“ ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته هزارن ۾ ڪو هڪڙو ڇوڪرو لڀندو، جو ههڙو ڪم ڪري سگهندو. هن سان زياده مهرباني ڪرڻ گهرجي ۽ هن کي ڪنهن طرح سان آفرين ڪرڻ گهرجي.“ اهو پويون جملو هن مسٽر ”ڊگلس“ ڏي منهن ڪري چيو. جو ايندي ڏٺو هئائين ته هو پٽ سان ڪاوڙ مان ٿو ڳالهائي پر مسٽر ”ڊگلس“ ڪرسٽيءَ جي پاسي ۾؛ تصوير وانگي ماٺ ڪيو ويٺو هو؛ ۽ پٽ کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ هن کي پيار مان هٿ پئي گهمايائين. +سگهوئي ”ڪرسٽيءَ“ اکيون پٽيون، هوش ۾ آيو؛ ۽ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. پڻس پڇيو ته ”بابا؛ ڪيئن ٿو ڀانيئن؟“ +هن چيو ته ”بابا آءٌ چڱو ڀلو آهيان، رڳو خوف جي ڪري دل کي لوڏو آيو اٿم، ٻيو ڪي به ڪين آهي. پر بابا، رالف ڪٿي آهي؟ ڀانيان ٿو ته اوهان هن سان ڪاوڙ مان پئي ڳالهايو. انهيءَ ڪري مون کي ڊپ ٿيو ۽ ساڻو ٿي ويس.“ +”مارٽن“ چيس ته ”ڪرسٽي، رالف گهر ڏي ويو آهي- شايد مسز ڊگلس کي خبر ڏيڻ ويو آهي.“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته شاباش، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. رالف وانگي ٻيو ڪو به امان کي اهڙي خبر ڏيئي نه سگهندو. هن کي ڇرڪ به ڪونه پوندا، ۽ نااُميد به نه ٿيندي... آءٌ آهيان به چڱو ڀلو، رڳو ڏنڀ ٿورو ايذاءُ ڏين ٿا. مارٽن مون هيستائين تنهنجي شڪر گذاري نه ڪئي؛ آءٌ عمر تائين تنهنجو احسانمند رهندس. باقي، رالف جي لاءِ آءٌ ايترو پيار ڪٿان آڻيان- منهنجي لاءِ ته ڄڻ هو آسمان مان ملائڪ وانگي لهي آيو هو! مارٽن، جي هو ۽ تون نه هجو ها ته ڪتو جيڪر مون کي ڏاري ڦاڙي ڇڏي ها. تنهن کان پوءِ وري بابا هن اهڙي آرام سان ڏنڀ ڏنا جو ٻئي ڪنهن جي هٿان جيڪر آءٌ اهو سور سهي نه سگهان ها.“ +ڊاڪٽر ”ميسن“ چيو ته ”پيارا ڇوڪرا، گهڻو نه ڳالهاءِ، ماٺ ۽ آرام تنهن جي لاءِ هينئر چڱو علاج آهي. مسٽر ڊگلس، بهتر آهي ته اوهين ڪا گاڏي گهرايو ۽ ٻار کي گهر کڻي وڃي آرام ڪرايو؛ ٻيو فڪر ڪو به نه ڪريو. ڪرسٽي، توکي ڪو به خوف ڪونهي؛ ڪتي جا ڏند ڪپڙن ۾ اٽڪي ڪري گهڻي اثر وارا نه ٿيا آهن، جيڪر اثر هون، سو به رالف جي ڊاڪٽر هنر لاهي ڇڏيو آهي.“ +ڪرسٽيءَ چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب اوهان جي گهڻي مهرباني. مون کي هاڻي ڪو به ڊپ ڪونهي. خدا سڀ خير ڪندو. ۽ منهنجي حال تي رحم ڪندو. آءٌ مارٽن ۽ رالف جو احسان ڪڏهن به نه وساريندس.“ +ڊاڪٽر مهربانيءَ سان چيو ته ”بابا، خدا توکي خوش رکندو. اُميد آهي ته سڀاڻي وري به توکي اچي ڏسندس، ۽ رالف کي به آفرين ڪندس.“ +ڊاڪٽر موڪلائي هليو ويو. هڪدم مسٽر ”ڊگلس“ جي گاڏي به اچي نڪتي جا ”رالف“ گهر پهچڻ شرط وڃي موڪلي هئي. ماءُ کي به پوءِ وڃي ڏٺو هئائين. ڪرسٽيءَ کي کڻي گاڏي ۾ وڌائون. ”مارٽن“ هن کي اُتي وهاڻا ٺاهي ڏنا، ۽ مسٽر ”ڊگلس“ تيتري ۾ وڃي هوٽل جي مالڪياڻيءَ کي سندس هلاڪيءَ جي لاءِ خرچي ڏني. +”سر هينري آلربيءَ“ به هن کان موڪلائيندي چيو ته ”مسٽر ڊگلس.، تون ڏاڍو نصيب وارو آهين، جو اهڙا صالح پٽ توکي خدا ڏنا آهن، ٻئي موتي جا داڻا آهن! آءٌ ڏاڍو خوش آهيان، جو ”مارٽن“ ۽ ”رالف“ پاڻ ۾ گهاٽا يار آهن.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”سر هينري، رالف جي تعريف ڪري مون کي چيڙاءِ نه. خدا خير ڪري، ڪرسٽيءَ کي خدا وڏي حياتي ڏئي، نه ته رڳي رالف سان منهنجي حياتي ڪيئن گذري سگهندي!“ +سر هينريءَ چيو ته ڇو ٿا اهڙو ڊپ رکو، ڪرسٽيءَ کي ڪو به خوف ڪونهي، پر رالف به اهڙو پٽ آهي جنهن تي سڀڪو پيءُ جيڪو فخر ڪري سگهي. اسان هتي ايندي اوهان کي ڏٺو جو هن سان ڪاوڙ مان پئي ڳالهايو- هن ڪهڙو قصور ڪيو هو!“ +هن ورندي ڏني ته ”اها ته فقط هڪڙي چوڪ هئي؛ مگر هونئن به رالف هميشه پنهنجي پيءُ کي پنهنجا اوگڻ پئي ڏيکاريا آهن. رڳو ڌارين کي شايد پنهنجا گڻ ٿو ڏيکاري.“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”وڏي ارمان جي ڳالهه آهي.“ پوءِ مسٽر”ڊگلس“ کان موڪلائي ”مارٽن“ کي ساڻ ڪري گهر هليو ويو. رستي ۾ ماريل ڪتي وٽان لنگهيا. ”مارٽن“ اهو ڏسي چيو ته ”ويچارو ڪهڙو نه چڱو ڪتو هو! الائي ڇا ٿيس؟ ڪالهه بي آرام هو ۽ تنهن سان ڏند پئي رهڙيائين ؛ اڄ صبح جو ڪک ۽ ڪاٺيون پئي کاڌائين. پوءِ ته ڇتو ٿي پيو.“ +پڻس چيو ته جي انهن علامتن جي مون کي خبر پوي ها ته آءٌ بندوق هڻي ماري ڇڏيانس ها، پر مارٽن توکي شابش هجي جو تو همت ڪري ڊپ کانسواءِ ڪرسٽيءَ کي کڻي ورتو!“ +”مارٽن“ چيو ته ”ويچارو ڪرسٽي! رالف رڙ ڪري به چيس ته مڙي پاسيرو نڪري اچ، پر ڊپ کان هو مڙي نه سگهيو؛ ۽ مون کي خبر هئي ته ته ڇتو ڪتو هميشه سنئون ڊوڙندو آهي. ڪيڏي مڙندو يا ڦرندو نه آهي، تنهن ڪري آءٌ هن کي کڻي پاسو ڪرڻ ۽ بچائڻ لاءِ ڊوڙيس.“ +پڻس چيو ته ”مارٽن، تنهنجو پيءُ تو لاءِ فخر ڪندڙ آهي.“ +”مارٽن“ ادب سان چيو ته ”بابا، آءٌ اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهيان، پر جيڪي مون ڪيو، سو رالف جي بهادريءَ ۽ چالاڪيءَ جي اڳيان ڪي به ڪين آهي؛ گلينلن کان بئٽ کسي اهڙو زور سان هنيائينس جو مغز ڦيهي رکيائينس!“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”آءٌ توکي توڙي هن کي قدرداني ڏيکارڻ لاءِ ڪو انعام ڏيندس.“ +”مارٽن“ چيو ته ”بابا، مهرباني اوهان جي. انهيءَ صورت ۾ اوهان جي رضامندي مون کي گهڻي وڻندي.“ +پڻس چيو ته ”ٻڌايئين ته توکي ڇا انعام ڏيندس؟ +”عالم حيوانات جي تاريخ جو تمام عمدو ڪتاب ڏيندس؛ انهيءَ لاءِ ته انهيءَ ۾ تون پڙهين ته ڇتن ڪتن جي سڃاڻڻ جون ڪهڙيون علامتون آهن. پر رالف کي ڇا ڏيان؟“ +”مارٽن“ جواب ڏنو ته ”هن کي ڪا عمدي بئٽ يا ٻيو ڪرڪيٽ جو سامان وٺي ڏيو.“ +”سرهينريءَ“ چيو ته ”چڱو، بابا ائين ڪندس. ڀلا، تنهن جي ٻئي دوست گلينلن کي ڇا ڏجي؟“ +”مارٽن نفرت مان چيو ته ”ڇا جو انعام- ڀڄي وڃڻ جو؟ نه نه هن کي شرطن هڻن جو ڪتاب عمدي جلد سان يا سگارن چروٽن رکڻ جي پيتي يا خوشبوءَ جي ٻاٽليءَ، يا ڪا سينگار جي شيءِ وٺي ڏيو. +* * * +”لارڊ گلينلن“ جي حقيقت هيءَ هئي ته جڏهن ڀڄي پنهنجن سنگيتين جي نظر کان پري ويو، تڏهن ڊپ کان رستو ڇڏي لڙي ٻنين ۾ پيو. اتان لڪي موٽي ”ڊانسرل ڪئسل“ ۾ ويو. هونئن ڊڄڻو به ڪين هوندو هو، مگر هن ڀيري اوچتي خوف اچڻ ڪري اهڙو حال ٿيو هوس. جڏهن گهر پهتو، تڏهن پهريون ڪم اهو ڪيائين جو پنهنجي نوڪر ”ڪلارڪ“ کي سڏي شراب گهرايائين. اهو نوڪر سندس حال ڀائي هو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلندو هو. ”لارڊ ڊانرل“، غفلت ڪري انهيءَ جي نظر ڪانه رکي هئي. +باب نائون +هٿان ويل وجهه +مسٽر ”ڊگلس“، ”ڪرسٽيءَ“ کي گاڏي ۾ ويهاري اٿي هليو. ڳچ تائين ته ٻئي ماٺ ڪريو پنهنجن خيالن ۾ ويٺا هئا. پوءِ ”ڪرسٽي“، پنهنجو هٿ پيءُ جي هٿ ۾ وجهي چوڻ لڳو ته ”بابا، ههڙيءَ بهادريءَ جي ڪم کانپوءِ اوهين رالف تي مهربان ٿيندو نه؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ کي ”ڪرسٽيءَ“ جو هي سوال ڏاڍو ڏکيو لڳو. چوڌاري ”رالف“ سان نامهربانيءَ جو عتاب پئي مليس، ۽ هن جي تعريف ۽ سفارش پئي ٻڌائين. ڊاڪٽر ”ميسن“ جي سرهينري آلربيءَ“ جي، ”مارٽن“ جي، هوٽل جي مالڪياڻيءَ جي-پر سڀ کان وڌيڪ اثرناڪ ”ڪرسٽيءَ“ جي سفارش هئي. ٿوري تائين ته هن کي جواب ڏيئي نه سگهيو، نيٺ چيائينس ”ڪرسٽي، آءُ پنهنجن پٽن مان ڪنهن سان نامهربان به ٿيو آهيان، ڪيئن؟“ +ڪرسٽي چيوته، ”بابا، مون سان ته نه، باقي....“ هن وڌيڪ نه چيو. +مسٽر ”ڊگلس“ جواب ڏنوته ”رالف“ سان به ناهيان، پر، بابا تون اڃا ننڍو آهين، توکي ضروري فهمائش ۽ نامهربانيءَ جي وچ ۾ فرق جي خبر پئجي نه سگهندي. ڪرسٽي، انهيءَ بابت وري مون کي متان چوين! +”ڪرسٽي “، ٿڌو ساهه کڻي، ماٺ ڪري ويهي رهيو. +سگهوئي گاڏي ”گرينج“ تي اچي رسي. جيسين مسٽر ”ڊگلس“ نوڪرن کي سمجهايو، تيسين ڪرسٽي پاڻ رڙهي صفي ۾ آيو، جتي ماڻس ۽ رالف ٻئي سندس لاءِ منتظر ويٺا هئا. ماڻس ته هڪدم ڊوڙي اچي ڀاڪر پاتس. ۽ چميون ڏيڻ لڳيس؛ پيار ۽ ڏک کان اکين مان ڳوڙها به پئي وهيس. ”ڪرسٽيءَ“ پڇيس ته ”امان توکي حقيقت ته سڀ معلوم ئي هوندي. ”ماڻس چيوته ”هائو. ابا، سڀ. پر انهيءَ جو ڪو خيال نه ڪر، الف مون کي سڄي ڳالهه آرام سان ڪري ٻڌائي آهي؛ مون کي تنهنجي نسبت ۾ ڪوبه ڊپ ڪونه ٿو ٿئي.“ +ڪرسٽيءَ چيو ته ”سچ، امان، جي انهيءَ مهل تون رالف کي ڏسين ها، ته ڏاڍي خوش ٿين ها ۽ فخر ڪرين ها.“ +اتي ”رالف“ چيو ته مار، ”ڪرسٽي، ڄڻ ته تون منهنجي لاءِ ايترو به ڪري نه سگهين ها! انهيءَ ۾ ڇا هو، سمجهيو ته ڪتي جو مٿو بال آهي، ۽ تون وڪيٽ آهين!“ +پوءِ هو خوش ٿي ويٺا. شام جو وقت ڏاڍو مزي جهڙو هو. گلن جي هٻڪار پئي آئي. +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”امان، اڄ هلو ته هلي ٻيٽ تي چانهه پيون!“ +ماڻس چيوته ”ابا، تو پيءُ کي وساري ڇڏيو آهي! آءٌ وڃيو ٿي پڇانس.“ ائين چئي، هوءَ مڙس ڏي ويئي. هو پنهنجي جاءِ ۾ته اڪيلو، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ميز وٽ ويٺو هو. ٿورو چڙيل هو، پر ظاهري شڪل رواجي هيس. زال کي ڏسي، چوڻ لڳو ته ”ميري، پياري، ڪرسٽيءَ کي خدا بچايو آهي! اڳتي به اهو بچائيندس.“ +هن خوشيءَ مان ورندي ڏني ته ”هائو، اسان کي گهرجي ته هن کي خوش رکيو اچون، ۽ انهيءَ خوف بابت خيالن ڪرڻ جو وجهه نه ڏيون.“ +هوءَ ترسي ته من هو ”رالف“ بابت ڪي ٻه ٽي اکر ڳالهائي، پر هن ڪڇيو ئي ڪين. تڏهن پاڻ ڳالهه چوري، چوڻ لڳي ته ”ڇو، ايوان، رالف بابت تعريف يا شاباش جو اکر ئي ڪونه چيئه؟“ +هن، ڳنڍ وجهي، ٿڌائيءَ سان چيو ته هائو، رالف برابر چڱو ڪم ڪيو-اها عجب جي ڳالهه آهي.“ +پوئين جملي، پهرئين جي خوبي وڃائي ڇڏي. مسز ”ڊگلس“ وڌيڪ ڪين ڪڇي، رڳو ايترو چيائين ته ”ٺهيو، پيارا، آءٌ توکي رالف جي لاءِ ستائڻ نه آئي هيس، پر پڇڻ آئي هيس ته اڄ شام جو ٻيٽ تي هلي چانهه پيندين يا نه-ڇوڪرن جي مرضي آهي ته اُتي هلن.“ +هن چيو ته ”مون کي معاف ڪر. منهنجي دل نٿي چوي ته هلان. مون کانسواءِ پاڻ اوهين خوش گذاريندو. مون کي اهڙا تماشا ڪين وڻندا آهن تنهن کانسواءِ، اڄ رات مون کي ڪي ڪجهه ضروري لکڻو آهي، تنهنڪري وقت ڪونه ٿيندو. آءُ چانهه هتي پيئندس.“ +”مسز ڊگلس“ چيو ته ”چڱو، يا هتي هنڌ ۾ رهڻ چڱو.“ +هن چيو ته ”نه امان، مون کي ڇڏ ته آءُ هلان؛ آءٌ بلڪل چڱو ڀلو آهيان.“ +جيتري ۾ چانهه تيار ٿي، تيتري ۾ ”رالف“ هنن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي اٿي هليو. پاڻ ڳن هڻڻ لڳو، ۽ ماڻس ۽ ڀاڻس مڪان تي ويٺا جهٽ ۾ اچي ٻيٽ تي نڪتا. چانهه به تيار ٿي، ۽ سڀيئي پي خوش ٿيا. چوڌاري فرحت لڳي پئي هئي. جهنگلي گل ۽ ساوڪ، هنج پکي، گلن جي خوشبو، نماشام جا رنگ، ۽ انهن جو عڪس پاڻيءَ تي- اهي سڀ خوشيءَ جا سبب هئا؛ پر اُنهيءَ ڏينهن جي حادثي جي سڀني جي دلين تي ٿوري گهڻي غمگيني ۽ ڳڻتي هئي- سڀني کان زياده غمگين ”رالف“ هو. +ماڻ�� سندس حال ڏسي چيو: ”رالف، ههڙي خوشيءَ ۽ مزي جهڙي وقت ۾ ڇو ٿو اهڙو غمگين ٿين؟“ +هن، زور ڪري خوش ٿي، جواب ڏنو ته ”غمگين؟ نه، آءٌ غمگين ته ناهيان!“ پوءِ، ماٺ ڪري، آسمان ڏي نهاري چيائين ته ”ههڙي قسم جي آسمان طوفان جي نشاني ناهي ڇا؟ مون کي ته هن جي ڏٺي دل ۾ خوف ۽ بد سڳڻي پيدا ٿي ٿئي!“ +”ڪرسٽيءَ “ چيو ته ”آسمان تمام چڱو آهي، ۽ ڳاڙهين لهرين سان ڀريل آهي- پر جي چانديءَ جهڙين اڇين لهرين سان ڀريل هجي ها، ته واءَ ۽ طوفان جو ڊپ چوندا آهن.“ +پوءِ هنن ويهي جهنگلي گُل گڏ ڪيا ۽ انهن جا گلدستا ٻڌائون. انهيءَ طرح، رات پوڻ تائين دل وندرايائون. نيٺ جڏهن سانجهيءَ جو تارو ظاهر ٿيو ۽ ماڪ ۽ سردي پوڻ لڳي، تڏهن هو موٽي گهر آيا. سڀ اچي ملاقات واري صفي ۾ ويٺا. اتي ”مسزڊ گلس“ پٽن کي ڏاڍا مزي جهرا راڳ ڳائي ٻڌايا. +”رالف“ کي ته اهائي ڳڻتي هئي ته ”الاجي، جيڪي اڄ مون ڪيو، سو بابي جي ڌيان تي آيو يا نه- جي آيو، ته پوءِ منهنجي ڪا هاڻ واکاڻ ڪندو ۽ مون کي ڪا آفرين ڏيندو يا نه- من ايترو چوي ته هن ۾ ناحق غلط شڪ پيم، ۽ هن کي ناحق ڌڪ هنيم!“ جي پڻس ٿورو ئي ائين ڪري ها ته ”رالف“ جي محبت پيءُ ڏانهن قائم رهي ها، ۽ هو وري به وڃي پيرين پئي يا اڳيانئس گوڏا ڀڃي دعا گهري ها، جو جهڙو بت ۾ مضبوط ۽ دل جي همت وارو هو، تهڙو سندس طبيعت نرم ۽ محبت واري هئي؛ پر مسٽر ”ڊگلس“ پنهنجي هٺئون هيٺ لهڻ جو به هو- هو مغرور، هوڏي ۽ بي انصاف هو. جيتوڻيڪ پٽ جي بهادري ۽ هوشياري ذري ذري انهي ڏينهن دل ۾ پئي آيس، ته به هي خيال ڪيائين ڪيئاين ته ڇوڪر جي اڳيان پاڻ کي ذليل ڪريان ڇا؛ پٽ کان وڃي معافي گهران ڇا؛ جنهن هميشه منهنجي مرضيءَ جي برخلاف هلت پئي ڪئي آهي، تنهنجي اڳيان وڃي قبول ڪريان. ڪيئن ته مون چوڪ ڪئي، مون قصور ڪيو؟ مون کي برابر ارمان آهي ته ناحق چهبڪ هنيو مانس، پر حالتون اهڙيون هيون جو ڪوبه مون وانگي غلط فهمي ڪري ها- پر، پوءِ وري هن بيحيائي ڪري زور سان منهنجي هٿ مان چهبڪ کسي اڇلائي ڇڏيو! سڀڪو سندس تعريف ڪري ٿو ۽ مون کي ڏانهس نا مهربان رهڻ جو عتاب ڏئي ٿو- ايترو سندس لاءِ بس آهي. ائين مٿو ڦري نه وڃيس- متان ڄاڻي ته آءُ صحيح، ۽ بابو غلط آهي! آءٌ ڀانيان ٿو ته بهتر ائين آهي ته اها سڄي ڳالهه وساري ڇڏجي، ۽ انهيءَ جو وري ڪوبه ذڪر نه ڪجي. +اهي خيال شام کان وٺي مسٽر ”ڊگلس“ جي دل ۾ هئا؛ مگر هن کي اڃا اها خاطري نه ٿي هئي ته انصاف جو ستو هي آهي. تنهنڪري، جڏهن زال ۽ ٻارن کي صفي ۾ گڏجڻ ويو، تڏهن به دل پئي هنيائين ته ڇا ڪريان. هو سڀ دريءَ وٽ ويٺا هئا ۽ ٻاهر جو نظارو پئي ڏٺائون. اڃا بتيون نه ٻاريون هئائون. ”ڪرسٽي“، ماءُ جي گوڏي تي مٿور کيو، ڪوچ تي ليٽيو پيو هو. ”رالف“، ماءُ جي پيرن وٽ، ننڍڙي اسٽول تي ويٺي ٻاهر نهاريو ۽ ماءُ جا راڳ ٻڌا. جڏهن مسٽر ”ڊگلس اندر آيوت ڏهن راڳ بس ٿي ويو، ۽ ماٺ لڳي ويئي. مسٽر ”ڊگلس“ سمجهيو ته هي مون کان سواءِ خوش پيا گذارين، ۽ منهنجي حاضريءَ ڪري دل تي بار ٿو ٿئين، سو خفي مان چوڻ لڳو ته ”الاجي اڄ اوهان مون کي وساري ڇڏيو آهي، يا مون کي اوهان ۾ ڪا محبت ڏسڻ ۾ نٿي اچي!“ +هنن سڀني به دل ۾ پئي اڳي ئي پهه پچايو ته ڪهڙي ڳالهه ڪريان مسز ”ڊگلس“ چيو ته ”پيارا، ڪرسٽي ويچارو ٿڪجي ساڻو ٿي پيو آهي، تنهنجي فڪر ۾ ويٺا آهيون.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته واه! هو ويچارو ته ضرور ٿڪو هوندو؛ هن کان اڳي هن کي هنڌ ۾ سکيو ٿي سمهڻ گهربو هو؛ پر اهو ڪو سبب آهي ڇا ته اسين سڀ اونداهيءَ ۾ ويٺا هجون؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”رالف، بابا ��هنٽي وڄائيندين ته ڪو نوڪر اچي بتيون ٻاري؟“ +”مسٽر ڊگلس“ وري ڪرڪي چيو ته ”اهو ڪوچ ته انهيءَ دريءَ وٽ نه وجهندا وڃو: سامان برابر رکيل نه هوندو آهي، ته مون کي بڇان لڳندي آهي!“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، اٿ نه، آءٌ ڪوچ کي تنهنجي اٿڻ کانسواءِ ئي ڦيٿن تي ريڙهي پاسي ٿو ڪريان.“ +انهيءَ وچ ۾ مسٽر ”ڊگلس“ اڃا به بيٺو هو. ويٺو ڪين. جڏهن بتيون ٻريون، تڏهن هن انهيءَ، ڏينهن جي واقعي کانپوءِ پهريون ئي دفعو ”رالف“ کي ڏٺو. ٻنهي جي نظر هٻڪئي تي پيئي. ”رالف“ ڀانيو ته بابو ڪو مهربانيءَ جو اکر ڳالهائي، ته ڊوڙي وڃي شڪر گذاري ڪريانس ۽ دعا گهرانس؛ پڻس وري ڀانيو ته هن ڇوڪر جي منهن ۾ اڃا شور آهي، ۽ چهبڪ جو وير دل ۾ رکيو اچي: انهيءَ طرح، ٻنهي پيءُ پٽ جي پرچڻ ۽ دل جي ڪس ڪڍڻ جو وجهه مفت هليو ويو. ڪنهن به خوشيءَ کانسواءِ ٿوريءَ تائين اتي ويهي. پوءِ سڀئي اٿيا. مسٽر ”ڊگلس“ اهو ارادو ڪري اٿيو ته اڳتي ”رالف“ سان زياده سختي ڪندس، ته هو هوش ۾ اچي ۽ فرمانبردار ٿئي. ”رالف“ کي وري خاطري ٿي ته بابو ڪڏهن به مون سان همدردي ڪانه ڪندو، تنهنڪري زياده غمگين ۽ نااميد ٿيو ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. ”ڪرسٽيءَ“، هن کي روئندو ڏسي، دڙ دلاسو ڪيس. پوءِ سڀ وڃي پنهنجين پنهنجين جاين تي ستا. ”رالف“، ”ڪرسٽيءَ“ جي حق ۾ خدا کان دعا گهري، پوءِ وڃي ستو. سڄي رات ڏک ۽ غم جا خواب پئي ڏٺائين. هميشه ائين سمجهندو هو ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي پڻس جي محبت ڏانهس گهٽ ٿيندي ويئي، ۽ سندن وچ ۾ ويڇو زياده پوندو ويو. +\ +باب ڏهون +چڙ مان مٽجي، قهر جي ڪاوڙ ٿي ٿئي +انهيءَ کانپوءِ، هڪ ٻه ڏينهن ماٺ ۾ گذريا. ”ڪرسٽيءَ“ ۾ ڪا ڊپ جي نشاني ظاهر نه ٿي. ”رالف“ پاڻ کي وندرائڻ ۽ خوش رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ٻئي ڀائر سڄو ڏينهن گڏ گذاريندا هئا، ۽ پيءُ گهڻو نه گڏبو هون. ”مارٽن آلربي“، جو کين گهڻوگڏجي ها، سو به هفتي کن لاءِ ٻاهر ڪن مائٽن کي گڏجڻ لاءِ ويو. ”رالف“ کي اهو خيال هو ته الاجي ڇو وري ”لارڊ گينلن“ ڪونه اِو- نه مئچ جي ڪا خبر ڏنائين ۽ نه ”ڪرسٽيءَ“ کي اچي پڇيائين- پر حقيقت هي هئي ته اهو ننڍو لارڊ، اوچتي ڊپ جي ڪري ڀڄي وڃڻ جي شرم کان نٿي آيو؛ باقي مئچ جي پڪ هيس ته ”رالف“ ضرور عام اسڪولن جي پاسي بيهندو. +مئچ کان ٻه ڏينهن اڳي، ”لارڊ گلينلن“ ”گرينج“ تي آيو. ”رالف“ ٻيڙيءَ کي وٺيو، ڍنڍ ۾ ٻيٽ ڏي ٿي ويو، جو ”ڪرسٽي“ اتي هو؛ پر ”گلينلن“ کي ڏسي ٻيڙي موٽائي آيو، ۽ اچي پنهنجي دوست کي گڏيو. پڇڻ لڳس ته ”ڪيئن گلينلن، هفتو کن ٿيندو جو ڪرسٽيءَ کي ڪتي ڏاڙهيو، تنهن کانپوءِ وري تو منهن ئي ڪونه ڏيکاريو!“ +هن چيو ته ”رالف، هاڻي ڪرسٽيءَ جي لاءِ مون کي ڏوهه نه ڏي؛ آءُ هن بابت هميشه ڊاڪٽر کان پيو پڇندو هوس. مون کي خبر آهي ته هو هاڻ چڱو ڀلو آهي، ۽ اڳتي ڪوبه ڊپ ڪونه اٿس.“ +رالف چيو ته ”مهرباني تنهنجي، جو هن بابت پڇا ڪيئه.“ +هن وري چيو ته ”ڏس، مون تي ٽوڪ نه ڪر- تون ڀانئين ٿو ته هي انهيءَ ڏينهن بي ايمان ٿي ڊپ کان ڀڄي ويو! آءٌ ڀڳس برابر ۽ انهيءَ لاءِ شرمندو به ايهان، پر اهڙو نامرد ۽ ڊڄڻو به ناهيان: اسڪول ۾ پاڻان وڏن سان وڙهندو ۽ زور آزمائيندو آهيان ۽ خوف جي وقت منهن ڏيڻ کان نٽائيندو به ناهيان، پر، انهيءَ ڏينهن اوچتو الاجي ڪهڙو سبب ٿيو، جو دل ۾ آيم ته ڊوڙي قلعي مان ڪا مدد موڪليان. پوءِ ڪيم به ائين، مگر ويندي رستو ٻنين ۾ وڃائي ويٺس!“ +اهو سبب اهڙو واجبي ڏسڻ ۾ آيو، جو ”رالف“ کي انهيءَ تي اعتبار آيو. وري لارڊ گلينلن“ جي ڳالهائڻ جي ڊول ۾ سندس شڪل اهڙي ��وندي هئي، جو سڀ ڪنهن کي پنهنجي طرف ڪري ڇڏيندو هو. ”رالف“ وٽ هن جو ”مارٽن“ کان گهٽ قدر هوندو هو، ته به هن جي صحبت ۽ سنگت وڻندي هيس. انهن ظاهري چڱن اخلاقن ڪري، ”لارڊ گلينلن“ هر دلعزيز هوندو هو- باطن جي ٻي ڳالهه آهي. +ٿورو ماٺ ڪري، وري چوڻ لڳو ”رالف، آءُ ڏسان ٿو ته تون مون کي معاف ڪيو آهي، ۽ ڪرسٽيءَ به؛ پر هو هاڻ ڪئين آهي؟“ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”هائو، ڀلي سڏينس ته ڏسانس. پر، ذرو بيهه ته توسان هن ايندڙ مئچ جو ذڪر ڪريان. سڀاڻي خير، پرهينءَ ٿيڻي آهي. ٿيڻي به باغ جي زمين تي آهي. مون بندوبست ڪيو آهي ته اتي هڪڙو مزي جهڙو تنبو هڻي ڇڏين؛ ۽ عمدم کاڌو تيار ڪن، جو راند کان پوءِ شام جو کائينداسين. بابي به اجازت ڏني آهي.“ +”رالف“ چيو ته ”وارڊ ڊانرل ڏاڍي مهرباني ڪئي آهي.“ +”گلينلن“ چيو ته ”اهو برابر آهي، پر مون کي تجويز آهي جو بابي کان آسانيءَ سان پنهنجا ڪم ڪڍندو آهيان. پهرين ته هن کي هميشه اهو شوق آهي ته ڪو اهڙو سهڻو بندوبست يا ڪم ٿئي، جو ماڻهو انهيءَ جي تعريف ڪن؛ ٻيو ته هو تڪرار کٽراڳ مان ڄاڻي ئي ڪين، مون کي ڇڏيندو آهي ته جيئن وڻيم تيئن ڪريان؛ ٽيون ته آءُ اهڙو غرض تڏهن ڪندو آهيانس، جڏهن هو تڪڙ ۾ هوندو آهي يا خوش ۽ سرهو هوندو آهي- انهيءَ مهل، وڌيڪ سيڙ نه ٿيڻ ڪري، چوندو آهي ته ”چڱو“ يا ”هائو“. +”رالف“ پڇيو ته ”آڪسفورڊ وارا يارهن ڄڻا هوشيار آهن ڪيئن؟“ +هن چيو ته ”هائو، تمام هوشيار آهن، انهن مان ٻه ته اڳي ئي هڪڙيءَ مئچ ۾ ڪيمبرج وارن مان لڙيا آهن.“ +”رالف“ چيو ته ”اوهان جي لاءِ ڏاڍو مزو ٿيو!“ +هن چيو ته ”اوهان جي لاءِ؟- ڇو نه ٿو چئين ته اسان جي لاءِ!- تون ڪين راند ڪندين ڇا؟ +”رالف“ چيو ته گلينلن، آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ ڪين ڪري سگهندس.“ +هن چيوته ”واه، رالف، ائين ڪو ٿيندو- تنهنجو نالو اڳي ئي اخبارن ۾ ڇپجي ويو آهي!“ +”رالف“ چيو ته ”انهيءَ جي حرڪت ڪانهي. مارٽن پنهنجو سئوٽ بومانٽ وٺيو ايندو؛ اهو منهنجي بدران شامل ٿيندو.“ +گلينلن چيو ته ”اهو عيوضي ڪهڙي ڪم جو- جيتري ۾ هو چار ڊوڙون پائيندو، تيتري ۾ تون چاليهه پائيندي! اڙي ها، رالف، اخبار ۾ پنهنجي تعريف پڙهي اٿئي يا نه؟ لکيو هئائون، ته تون انگلينڊ جي جوان ۽ چڱن راند ڪندڙن مان آهين!“ +”رالف“ جو منهن خوشيءَ کان ڳاڙهو ٿيو، ۽ راند ڪرڻ جو شوق به زياده ٿيس، مگر انهيءَ هوندي به ماٺ ڪري بيٺي پهڻن کي ٿڏا هنيائين. اتي ”لارڊ گلينلن“ وري به طعنو هڻي چيس ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته تون پيءُ کان ٿو ڊڄين؛ پر هن جي چڙ کڻي به، ماڻهو جيڪر ههڙي مزي جهڙي راند نه ڇڏي! تنهن کانسواءِ هو توکي ڪيئن ڏسي سگهندو: مون کي خبر آهي ته انهيءَ ساڳئي ڏينهن ماجسٽريٽن جي ڪاميٽي آهي، ۽ ”ارل“ منهنجو پيءُ ۽ مسٽر ”ڊگلس“، گڏجي گهوڙن تي چڙهي اتي وڃڻا آهن- سو هو توکي ڪٿان ڏسي سگهندو؟ تون سويل ئي موٽي اچي سگهندين.“ +”رالف“ چيو ته ”آءُ سزا کان نٿو ڊڄاڻ. جي وڃڻو هجان ته لڪان جيڪو ڪونه- پر جيڪي برابر ناهي، سو ڪرڻ منهنجي دل نٿي چوي.“ +ننڍي ”لارڊ“ کلي ڊگهي سيٽ وڄائي، ۽ ڀڻڪي چيوته ”مار، ڏاڍو خدا پرست ۽ حق پسند ٿيو آهي!“ پوءِ ٿورو صبر ڪري چوڻ لڳو ته ”چڱو“ رالف، پر توکي ائين ڪرڻ مناسب نه هو: تو انجام ڪيو هوته اءٌ راند ڪندس، ۽ اها ڳالهه مشهور به ٿي ويئي آهي. اسان سڀني جوت وتي ڀروسو هو، جي تون پنهنجي ڳالهه تي نه بيٺين، ته راند جو تماشو هليو ويندو، پر...“ +مسٽر ”ڊگلس“ جي ويجهي اچڻ ڪري، هن جو دليل پورو نه ٿي سگهيو. مسٽر ”ڊگلس“ کي منهن ۾ گهمنڊ ��يو هو. هڪڙيءَ اخبار ۾ ”ڪرسٽيءَ“ واري اتفاق جو بيان پڙهيو ۽ هئاين، جنهن ۾ ”رالف“ جي گهڻي تعريف هئي ۽ لکڻ واري مسٽر ”ڊگلس“ تي ڪاوڙ ڇنڊي هئي، جو شايد انهيءَ جي هن سان ڪن سببن ڪري ناسازي هئي. اخبار جي عبارت هيءَ هئي: ”اسان کي معلوم ٿيو آهي ته اهو جوان ۽ بهادر شخص- جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي- ڏاڍو سختيءَ سان گهر ۾ بندش هيٺ رهي ٿو، ۽ انهيءَ کي انهيءَ مئچ ۾ راند ڪرڻ جي ئي موڪل نٿي ملي، جا آڪسفورڊ ۽ عام اسڪولن وارن جي وچ ۾ عنقريب ٿيڻي آهي، ۽ جنهن ۾ ”لارڊ ڊانرل“، مهرباني ڪري، پنهنجي باغ وارو ميدان راند لاءِ ڏنو آهي. اهو جوان مرد راند ڪرڻ ۾ ڏاڍو هوشيار آهي- جيئن ”آلٽن“ واريءَ مئچ جي بيان مان معلوم ٿيندو، جو هن اخبار ۾ ٻئي هنڌ ڏنو آهي. تنهنڪري، اسين اميد ٿا ڪريون ته جيڪو افواهه اسان هتي ڏنو آهي، اهو غلط آهي، ڇا لاءِ جو ٻيءَ هڪڙيءَ اخبار ۾ اسان انهيءَ جوان جو نالو ايندڙ مئچ کيڏڻ وارن ۾ ڏٺو آهي.“ +مسٽر ”ڊگلس“ کي اخبار پڙهندي شڪ پيو ته ڊاڪٽر ”ميسن“ جيڪي ”چيڪرس“ واريءَ هوٽل ۾ ڏٺو، تنهن بابت ماٺ ڪري نه ويٺو هو؛ پر جڏهن هن مٿيون ڀاڱو پڙهيو، تڏهن هو نهايت گهڻو ڪاوڙيو. اخبار هيٺ اڇلائي، اها لتاڙڻ لڳو. خبر هيس ته ماڻهو مون کي پسند نٿا ڪن. ۽ انهيءَ جو هڪڙو سبب ٿورن ڏينهن کان ”رالف“ کي سمجهڻ لڳو هو، تنهنڪري انهيءَ ڏي پاڻ ڌڪار زياده ٿي هيس ته ماڻهو مون کي پسند نٿا ڪن، ۽ انهيءَ جو هڪڙو سبب ٿورن ڏينهن کان ”رالف“ کي سمجهڻ لڳو هو، تنهنڪري انهيءَ ڏي پاڻ ڌڪار زياده ٿي هيس. عجيب آهي ته هن ويچاري جا رڳا عيب ۽ اوڳڻ پئي ڏٺائين، ۽ گڻن نظرئي ڪانه ٿي پئيس- جيئن ٻين ڌارين ماڻهن جي ٿي پيئي. ڪرڪيٽ جي مئچ بابت هن کي خيال ۾ نٿي آيو ته اخبار واري جي ڳالهه سچي آهي- پڪ هيس ته پٽس راند ڪرڻ نه ويندو. انهيءَ هوندي به، آزمائش وٺڻ جو ارادو وٺي، هلي هنن ڇوڪرن وٽ آيو ۽ ”لارڊ گلينلن“ کي سلام ڪري، پوءِ پٽ کي سڏ ڪيائين- ”رالف!“ هن جواب ڏنو- ”جي بابا.“ چيائينس ته ” منهنجو چهبڪ ته کڻي آءٌ.“ هن چيو ته ”حاضر، بابا. جيڪي صفي ۾ رکيا آهن، انهن مان هڪڙو آڻيان؟“ هن چيو ته ”نه، جيڪو آءُ هميشه کڻندو آهيان. توکي سجهندو هوندو ته اهو ڪٿي رکيو هوندو. عقل هجيئي ها، ته اهو سوال نه ڪرين ها! هان هڪدم وڃي کڻي اچ!“ ائين چئي، هو ترسيو ڪين، اٿي هليو. +”رالف“ کي پيءُ جي ڳالهائڻ جو ڊول ڏکيو لڳو، مگر نفس تي غالب پئي، پنهنجي سنگتيءَ کي چيائين ته ”گلينلن، مون اڳي پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته آءٌ راند ۾ شامل نه ٿيندس؛ پر هاڻ مون پنهنجي راءِ ڦيرائي آهي. آءٌ ضرور راند ڪندس! هاڻ توکي انجام ڏيئي سگهان ٿو، جيتوڻيڪ اڳي ڏيئي نٿي سگهيس. مون کي بابي جو چهبڪ آڻڻو آهي؛ پنڌ پرڀرو آهي، قلعي تائين توسان گڏيو ٿو هلان، پوءِ پرتي هليو ويندس.“ +پوءِ، فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾، ماٺ ڪري پنهنجي سنگتيءَ سان اٿي هليو. +باب يارهون +”رالف“ جي وڏي چڪ +مارٽن آرلبي ”مئچ کان هڪ ڏينهن اڳي ٻاهران موٽي آيو هو، ۽ جنهن ڏينهن مئچ هلڻي هئي، تنهنجي صبح جو هو ”رالف“ وٽ آيو؛ انهيءَ لاءِ ته هن کان پڇي ته پڻس موڪل ڏني هجيس، ته ٻئي ڄڻا گڏجي ميدان تي وڃن. +جڏهن هو اتي آيو تڏهن ”ڪرسٽي“ گاهه تي ويٺو هو، ۽ ڪتاب پئي پڙهيائين. پهرين هن جي خير عافيت پڇيائين، ۽ پوءِ پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌايائينس. ڪرسٽيءَ کي مئچ جي ڳالهه ٻڌي حيرت لڳي؛ ڇا لاءِ جو ”رالف“ ساڻس ڳالهه نه ڪئي هئي ته متان ڏکي لڳيس، ائين ماٺ ڪري ٻاهر هليو ويو هو. +”مارٽن“ پڇيس ته ”:مسٽر ڊگلس“ هن کي ر��ند جي موڪل ڏني آهي يا نه؟“ +ڪرسٽيءَ چيو ته ”نه مون کي پڪ آهي ته جي بابو موڪل ڏئيس ها، ته مون کي ٻڌائي ها. هو ٻاهر ويو آهي. ويچارو هميشه هڪڙيءَ نه ٻيءَ مشڪلات ۾ رهي ٿو. پر، مارٽن هو ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي:“ +”:مارٽن“ چيو ته ”بيشڪ، ڪرسٽي، توکي خبر آهي ته هو مون کي سڀ کان وڌيڪ وڻندو آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته جلد وڃي ملانس، ۽ راند ڪرڻ کان منع ڪريانس- جيتوڻيڪ هن جي نه هئڻ ڪري اسان جي راند جي لذت هلي ويندي. مون کي هن جي هوندي اهو ڊپ رهندو ته متان پڻس اچي اتي ڏسين، ۽ پڪڙيس.“ +”ڪرسٽيءَ“ انتظار مان چيو ته ”اميد آهي ته ائين نه ٿيندو. وڃ، مارٽن، وڃ، متان بابو رالف کي ڏسي، ۽ ڪاوڙجي. رالف به اڪثر چڙندو ڪين آهي؛ پر جڏهن چوريو اٿس، تڏهن سو خوف جهڙو چڙندو آهي!“ +”مارٽن“ چيو ”ڪرسٽي، دلجاءِ ڪر، مون کان جيترو ٿي سگهيو اوترو ڪندس. تون ڊڄ نه، خدا سڀ خير ڪندو.“ +”مارٽن“ ائين چيو سهي، مگر ڊپ هوس ته متان ”ڊگلس“ ميدان تي اچي نڪري، ۽ ”رالف“ تي ڪاوڙجي؛ ڇا لاءِ جو خبر هيس ته ٻئي طبيعت جا ڪاوڙيل آهن. ڪيترائي ڀيرا دل ۾ آيو هيس ته جهڙو پاڻ پنهنجي گهر ۾ سکيو ۽ خوش گذاريندو هو، اهڙو ”رالف“ نٿي گذاريو- هن جي حال تي هيمشه ارمان ڪندو هو. +* * * +هوڏي ڊانرل ڪئسل جي ميدان تي، هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، پاسي کان ندي پئي وهي، ۽ گهاٽن وڻن جون ڇانئون لڳيون پيئون هيون. انهيءَ هنڌ جي سينگار ۽ پوري بندوسبت ڪرڻ سان ”لارڊگلينلن“ گهٽايو ڪين هو ”رالف“ به اچي اتي نڪتو. سڀ ڪنهن هن جي آڌرڀاءُ ڪئي. سڀ راند ڪرڻ وارا خوش ٿيا، جو هن جي شامل هئڻ ڪري هنن کي فتحمنديءَ جي اميد ٿي. ٻيا وري، ڀآءُ کي ڇتي ڪتي کان بهادريءَ سان بچائڻ جي ڳالهه ڪري سندس تعريف ڪرڻ لڳا. ”مارٽن“ ٻڌايو هوس ته ”سوهينري آلربي“ کيس هڪڙي بئٽ انعام ڏيڻ وارو آهي، تنهنڪري ڏاڍو خوش ٿيو؛ پر جڏهن ٻڌائين ته ”مارٽن“ پاڻ ”گرينج“ ڏي ويو هو، ۽ پوءِ اتي آيو هو، تڏهن وري ملول ۽ غمگين ٿيڻ لڳو. تڪڙ مان پڇڻ لڳس: ”مارٽن، بابو ڪي مليئه!“ +هن ورندي ڏني ته ”نه، هو اڳي ئي ”آلٽن“ ڏي ويو هو؛ باقي ڪرسٽي سو ”ڏٺو هوم.“ +”رالف“ چيو ته ڏٺو هيئيس؟ ٻڌايئيس ته ڪين ته آءُ هيڏي اچڻو هوس؟“ +هن چيو ته ”مون ڀانيو ته تو اڳي ئي ٻڌايو اٿس، تنهنڪري مون به ساڻس اهو ذڪر ڪيو.“ +رالف، چيو ته ”انهيءَ جو مون کي گهڻو فڪر آهي.“ +هو ويچارو سڄو ڏينهن انتظار ۽ ڊپ ۾ رهندو.“ +مارٽن چيو ته ”مون دلجاءِ ڏنيمانس. پر، تڏهن به رالف، جيئن برابر ۽ حق هو، تئين تون ڪرين ها، ۽ راند تي نه اچين ها ته بهتر هو... شايد گلينلن، توکي ٺڳاري لالچائي، وٺي آيو.“ +هن چيو ته ”نه، هن ائين نه ڪيو. مون پهرين انڪار ڪيو هو، پر پوءِ ڪنهن ڳالهه ڪري مون کي چڙ آئي، ۽ مون راند ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ انجام به ڪيو؛ اگرچ پوءِ پشيمان به ٿيس، مگر انجام ڀڃي نه سگهيس.“ +”:مارٽن“ چيو ته ”تڏهن، رالف، هاڻ جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿيو ٻيو ڪين ٿي سگهندو.“ پر، برابر، جي نه اچان ها ته بهتر هو- انهيءَ جو البت ارمان ٿئيم ٿو.“ +اتي ”لارڊ گلينلن“، ڊوڙي، رڙ ڪري اچي چيو ته ”رالف، رالف، سڀ ٿا چون ته تون ڪئپٽن ٿيندين! هاڻ راند شروع ڪرڻ جو وقت آهي، اٿي کڙو ٿي. پهرين تون ۽ مسٽر ”مين“، داءُ اڇلائي، فيصلو ڪيو ته پهرين ڪهڙو پاسو بيهي.“ +”آڪسفورڊ، وارا پهرين بيٺا. هو ڏاڍا خبردار هئا. پهرين ”رالف“ بال ٿي اڇلايو، پر ٻئي طرف جي ڪئپٽن کي ٿڪائي نه سگهيو. ٿوري ساهي کڻي، ڪي ڪجهه کائي پي، وري بيٺا هاڻ مارٽن بال هڻڻ تي بيٺو. +راند اڃا انه��ءَ منزل تي هئي، ته ”لارڊ ڊانرل“ سرهينري آلربي“ ۽ مسٽر ”ڊگلس“- جي ڪاميٽيءَ کان سويل ئي واندا ٿيا هئا- سي آهستي گهوڙن تي اچي اتان لنگهيا. ننڍيءَ نديءَ جي هن ڀر هئا، ۽ اڳيان ٿوري پنڌ تي پل هئي، جتان قلعي ڏي اچڻ جو رستو هو. هو لغام تاڻي، گهوڙا جهلي، پري کان بيهي راند ڏسڻ لڳا. +”لارڊ ڊانرل“ پنهنجي پٽ جي نالي چيو ته ”هائوئرڊ هينئر ڏاڍو خوش هوندو؛ گذريل ڏهن ڏينهن کان ڪرڪيٽ جي مئچ جو خيال هوس، ۽ انهيءَ جي تياري پئي ڪيائين. پر، مسٽر ڊگلس، اخبار ۾ جو هو ته اوهان پنهنجي پٽ رالف کي راند ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، سو برابر آهي ڪيئن؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ خفي مان ورندي ڏني ته ”بلڪل برابر آهي؛ مون منع ڪئي هئيمانس ته في الحال ڪرڪيٽ جي راند اصل نه ڪري.“ +”سرهينريءَ“ عجب ۾ پئجي چيس ته ”ڇا، ڪرڪيٽ جي راند اصل نه ڪري! ڇو، ڊگلس، ويچاري ڇوڪر تي اهڙا سخت ڪيئن ٿي سگهيو؟ جيڪڏهن ڪو اوهان کي منع ڪري ته هڪڙي مهيني تائين ڪوبه ڪتاب متان پٽيو، ته جيڪر ڪيئن ڪريو؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ آرام سان جواب ڏنو ته ”سرهينري“ جيئن چڱو ۽ مناسب هجي، تئين پنهنجي پٽ کي هلائڻ جي مون کي موڪل ڏيندو يا نه؟“ +هن چيو ته ”منهنجي اوهان کي چيڙائڻ جي مرضي نه هئي؛ پر اوهين نٿا سمجهو ته ائين ڪرڻ سان هن کي پنهنجي فرضن ادا ڪرڻ ۾ گهڻي روڪ حرڪت ٿيندي؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”شايد؛ پر انهيءَ جو موهن کي ڊپ ڪونهي. آءُ هيمشه پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائڻ تي هريل آهيان، ۽ مون ننڍي هوندي کان پنهنجن پٽن کي سخت فرمانبرداريءَ جي تعليم ڏني آهي.“ +”لارڊ ڊانرل“ ٽوڪ طرح چيو ته ”واه جي تعليم آهي! ڀلا ڪهڙو رستو وٺندا آهيو؟“ +هن چيو ته ”جڏهن هو ڪو قصور ڪندا آهن، تڏهن سخت سزا ڏيندو آهيان. منهنجو پٽ ٻين جي پٽن وانگيان حڪم جي انحرافي نه ڪري سگهندو.“ +”لارڊ ڊانرل“، اهو اشارو پاڻ ڏي سمجهي چيو ته ”تڏهن هن ڀيري اوهان جي پٽ اوهان جي حڪم جي انحرافي ڪئي آهي! او هو بيٺو راند ڪري هاڻوڪي نه؟“ ائين چئي، هن رالف ڏي آڱر کڻي اشارو ڪيو، جو پٺڀرو بيٺو هو. +مسٽر ”ڊگلس اوڏي نهاري چيو ته ”اهو ڇوڪر بيشڪ رالف جهڙو ٿو ڏسجي“ +”سرهينريءَ“ به اوڏي نهاري چيو ته، ”بلڪل انهيءَ جهڙو آهي؛ اهڙي قد- ڪاٺي، اهڙي ڦڙتائي؛ اهڙي کڙائي، هن ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن ڇوڪري جي مشڪل هوندي!“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”انهيءَ هوندي به سر هينري، منهنجي دل نٿي چوي ته اهو رالف هوندو. مون راند ڪرڻ کان منع ڪئي هئيمانس، ۽ هو منهنجي نافرماني نه ڪندو- نه ڪري سگهندو!“ +انهيءَ وقت ”آڪسفورڊ“ وارن جي ڪئپٽن بال کي ڌڪ هنيو هو، ۽ بال اهڙي مشڪل وٽ سان اڏاڻو هو، جو جهٽڻ نهايت ڏکيو ڪم هو. ”رالف“ ڄڪ ماري، ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان اهو بال جهٽي، مٿي سنئون هوا ۾ کڻي اڇلايو. سڀئي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ اهي رڙيون ٿيڻ لڳيون ته ”واه، واه، رالف!“ ”واه ڙي ڊگلس، واه!“ اهي رڙيون انهن ٽن سکرن، گهوڙي سوارن، به چٽيون ٻڌايون. ”لارڊ ڊانرل“ ۽ ”سر هينري آلربيءَ“ مسٽر ڊگلس جي منهن ڏي چتائي ڏٺو، ۽ انهيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ ڌڪار ڏسي ڏاڍا ڏکارا ٿيا. +”سر هينريءَ“، هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، چيوته ”مسٽر ڊگلس، ڇوڪر تي ايتري ڪاوڙ نه ڪريو، هن کي اوهان جي نافرماني ڪرڻ نه گهربي هئي؛ مگر راند جو حرص بڇڙو آهي. آخر ٻار آهي، اهڙيءَ حالت ۾ هن کي اوهان جو حڪم مڃڻ مشڪل نظر آيو. هن ڀيري کيس معافي ڏيو- من انهيءَ ڪتي واري ڏينهن جي همت ۽ بهادريءَ جي صدقي معاف ڪريوس آءُ انهيءَ جو ذميدار آهيان ته هو وري ائين ڪڏهن نه ڪندو.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چڙ مان چيو ته ”نه، انهيءَ جو ذميدار آءٌ خود آهيان! جڏهن هن ڄاڻي ٻجهي منهنجو حڪم ڀڳو آهي، تڏهن آءُ به هن کي اتي جو اتي شرمندو ڪندس- ۽ راند ڇڏي گهر هلئي وڃڻ جو حڪم ڏيندس!“ +”سرهينريءَ“ چيو ته ”ڊگلس“ ڀلائي ڪري ائين متان ڪريو- اها ڳالهه ڇوڪر جي لاءِ تمام ڳري ۽ ظلم جهڙي ٿيندي. ڏسو ته ڪيتري نه خلق تماشي بين بيٺي آهي- سڀ ڪنهن کي خبر پوندي ته ڇا ٿيو آهي برابر هو سزا جوڳو آهي، مگر وقت وقت ڏسڻ گهرجي.“ +هن چيو ته ”سرهينري، انهيءَ جو هن کي اڳي ئي خيال اچڻ کپندو هو.“ +”لارڊ ڊانرل“ وچ ۾ پئي چيو ته آءٌ به منٿ ٿو ڪريان. گلينلن ٻيو سڀ ڪجهه آهي؛ مگر پروو فرمانبردار ناهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اءٌ ساڻس ڪاوڙيو به آهيان، پر ڪنهن به طرح هن کي خلق ۾ خوار ڪرڻ نه گهرندس.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”لارڊ صاحب، مون کي افسوس آهي ته آءٌ اوهان جي ڳالهه مڃي نٿو سگهان! آءٌ ڀانيان ته منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وچ ۾ ڪو به ڪونه پوي: مون کي معاف ڪجو، آءٌ گهوڙو ڦيرائي راند جي ميدان تي ٿو وڃان. +ائين چئي، ٻنهي صاحب کي سلام ڪري، گهوڙو هڪلي اٿي هليو. رستي ۾ البت ڪي اٽڪون ۽ رنڊڪون ٿيس، جن ڪري پاڻ زياده خفي ٿيندو ويو- پهرين ته سوڙهي رستي تي ڍورن جو وڏو ولر اچي پيو، جن مان نڪري ٻاهر ٿيڻ مشڪل ٿيس؛ ٻيو ته نديءَ واري پل تان لنگهڻ وارو ڦاٽڪ بند هو ۽ ڦاٽڪ وارو راند ڏسڻ لاءِ هليو ويو هو؛ گهڻي دير کان پوءِ انهيءَ اچي در پٽيو، تڏهن مس هو سڌو ميدان ڏي هلڻ جهڙو ٿيو. + + +باب ٻارهون +بڇڙو اتفاق +انهيءَ وچ ۾ عام اسڪولن وارن جو وارو آيو. پهرين ”مارٽن“ بيٺو، ۽ انهيءَ گهڻن کي ٿڪايو. هن کان پوءِ ٻيا به اچي بيٺا، سي جلد آئوٽ ٿي پيا. پري ”رالف“ کي سڏي بهاريائون؛ پهرين ٻن بالن کي هن اهڙا ڌڪ هنيا، جو اٺ رنسون ڪري ويا. جيڪو ڌڪ ٿي هنيائين، تنهن تي تاڙيون ٿي وڳيون. سگهو ئي راند اهڙو مزو مچايو، جو سڀني جون انهيءَ ۾ اکيون کپي ويون. +اهو وقت هو، ته مسٽر ”ڊگلس“ گهوڙي تي چڙهي ميدان تي آيو. گهڻن سڃاتس، ۽ ڏانهس نهارڻ لڳا. نٿي سمجهين ته هو ڇا ڪندو، جو هن بابت اخبار ۾ پڙهيو هئائون. هو گهوڙي تان لٿو، ۽ گهوڙو هڪڙي ڇوڪري کي جهلڻ لاءِ ڏنائين. پوءِ، راند وارن جي وچان لنگهي، جتي ”رالف“ بيٺو هو اتي آيو. ”رالف“ جي اڃا مٿس نظر نه پئي هئي. ”امپائر“ (يا امين) حيرت ۾ پئي چيس ته ”سائين، ڀلائي ڪري پاسي ٿي بيهو، ته بال ڏيڻ واري کي روڪ نه ٿئي“؛ پر مسٽر ”ڊگلس“ انهيءَ تي ڪو به خيال ڪو نه ڪيو. انهيءَ وقت بال به آيو، تنهن کي ”رالف“ اهڙو ڌڪ هنيو، جو اڏامندو پري پنڌ تي ويو، ۽ هو جيڪر آسانيءَ سان ڇهه ڊوڙون ٻيون به پائي سگهي ها. وري به تاڙين جو آواز اُٿيو. ”مارٽن“ جو وڪيٽ تي هو، سو ڊوڙيو، پر ”رالف“ چريو ئي ڪين، بيٺو رهيو. سڀ ڪنهن کي حيراني لڳي ويئي. بال کي ڌڪ هڻندي، هن جي نظر پيءُ تي پئجي ويئي. هن جي منهن جو ڊول ڏسي، هو انهيءَ دم پهڻ وانگي سڪي بيهي رهيو. +”لارڊ گلينلن“ ۽ پنجن ڇهن ٻين ماڻهن هن کي ڊوڙڻ لاءِ رڙ ڪري چيو. ۽ انهيءَ تي هو بيخياليءَ سان کڙو به ٿيو، پر اوچتو پڻس هڏي ڏيئي چيو ته ”هڪدم بيهي رهه!“ +هو وري به بيهي رهيو- ڄڻ ته مٿس جادوءَ جو اثر ٿي ويو. اتي بال به مٿي اڇلايو ويو، ۽ ”رالف“ جي وچئين وڪيٽ کي وڪيٽ واري ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو. سڀني ماڻهن ۾ مسٽر ”ڊگلس“ تي ڪاوڙ جو ڀنڪو پئجي ويو. +”رالف“ کي پيءَ ڏاڍي چڙ مان چيو ته ”بئٽ ڦٽي ڪر، ۽ هڪدم مون سان گهر هل!“ +انهيءَ حڪم جي آواز جادوءَ جو اثر ڀڃي وڌو، ۽ ”رالف“ ڏاڍو شرمندو ٿيو: انهيءَ شرمندگيءَ هن جي اندر ۾ ڪاوڙ جو مچ مچايو، ۽ هن بئٽ ڦيرائي اهڙو زمين سان هنيو جو انهيءَ جو ڳن سندس هٿن ۾ ڀڄي پيو. پوءِ جوش ۽ چڙ مان، چوڻ لڳو ته آءٌ ڪين هينئر راند ڇڏيندس، آءٌ ڪين هڪدم گهر هلندس!“ +پڻس چيو ته ”ڇا، ڪين هلندين؟ خبردار!“ +”رالف“ وري به چيو ته ”آءٌ ڪين هلندس!“ +پڻس چيو ته ”تڏهن آءٌ ضرور توکي هلائيندس!“ +ائين چئي، هن ”رالف“ جي ڳچيءَ ۾ کڻي هٿ وڌو. +”رالف“ چڙ مان بئٽ جو ڳن هيٺ اڇلائي، پيءُ جو هٿ ڇڪي پري ڪيو، ۽ پاڻ کي آزاد ڪيائين. سڀني حيرت ۽ ارمان مان هيءَ سڀ رنگ بيٺي ڏٺو؛ مگر ”مارٽن“ پنهنجو ڪرسٽيءَ سان ڪيل انجام ياد ڪري، مسٽر ”ڊگلس“ وٽ آيو ۽ ”رالف“ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، هن کي ڪن ۾ چيائين ته ”رالف، سڀئي پيا ڏسن، خدا جي واسطي هوش رک، تنبوءَ ۾ هلي آءُ.“ +”مارٽن“ جي ڳالهائڻ تي ”رالف“ جي اوچتي جاڳيل چڙ جھڪي ٿي. هن پاڻ به سمجهيو ته ذري گهٽ شيطاني چڙ ڪري هن اهڙو گناهه ٿي ڪيو، جو خدا جي رحم کان سواءِ معاف ٿيڻ جو نه هو. هو ڏاڍو لڄي ۽ دل شڪستو ٿي. ڪنڌ هيٺ ڪري، ماٺ ماٺ ۾، ننڍڙي ٻار وانگي، ”مارٽن“ سان گڏجي هليو ويو. +پر مسٽر ”ڊگلس“ جي چڙ اڃا جهڪي نه ٿي هئي. هيترن ماڻهن جي روبرو جو پٽس بي ادب ٿي سندس سامهون ٿيو. ۽ سندس نافرماني ڪيائين، تنهن ڪري پاڻ چڙ زياده ٿيس. ”ڪين“ ”ڪين“ جو آواز اڃا سندس ڪنن تي پئي وڄيو. راند ڇڏي هو به ”مارٽن“ ۽ رالف“ جي پٺيان تنبوءَ ڏي ويو، جتي ”رالف“ ڪنڌ هيٺ ڪيو ڏاڍي ڏک ۽ ارمان ۾ ويٺو هو. وڃڻ سان هن کي اجايو سجايو ڳالهايائين ۽ خراب طعنا هنيائين- ”مارٽن“ جو به ملاحظو ڪونه ڪيائين. وري به هڪدم گهر هلڻ لاءِ حڪم ڏيڻ کان پوءِ، ڏند ڀيڙي ڪاوڙ مان چيائينس ته ”رالف“ جي وري به انڪار ڪندين ته آءٌ چبڪ سان مار ڏيندوسانءِ: ڏسان ته هاڻ ڪيئن منهنجو حڪم نٿو مڃين!“ ائين چئي مسٽر ”ڊگلس“ تنبوءَ مان نڪري اٿي هليو. ان وقت دل ۾ آيس ته هيستائين جيڪي مون پئي ڪيو سو ٻيو اجبي هو. پر، هن کي پنهنجي چڪ قبول ڪرڻ جي عادت نه هئي، سو بيپرواهيءَ سان، ماٺ ڪري گهوڙي تي چڙهي هليو ويو. +”رالف“ ته ڪڇيو ئي ڪين. ماٺ ڪري اکيون زمين ۾ وجهي. ”مارٽن“ سان گڏجي اٿي هليو. +اڳيان سرهنري آلربي“ ملين؛ هو به گهوڙي تان لهي هنن سان گڏجي ”گرينج“ تائين هليو؛ انهيءَ لاءِ ته ”رالف“ کي اڪيلو نه ڇڏي، ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو پيءُ ۽ پٽ پاڻ ۾ پرچاءَ ڪري. +هن خراب اتفاق جي ڪري ڪرڪيٽ مئچ جي سڀ رونق هلي ويئي؛ راند ۾ اٽڪاءُ ٿيڻ ڪري، سڀ لذت گم ٿي ويئي. جيتوڻيڪ پڇاڙي ۾ ”گلينلن“ چڱي بيهڪ ڪئي، تڏهن به اسڪولن جي طرف وارن ٻن مکيه رانديگرن جي وڃڻ ڪري، جلدئي شڪست کاڌو، جڏهن راند بند ٿي تڏهن ٻئي طرف تنبوءَ ۾ گڏ ٿيا. جتي هنن ۽ ٻين ڪيترن آبروءَ وارن تماشي بينن گڏجي کانو کاڌو، جنهن ۾ ”لارڊ ڊانرل“ به مير مجلس ٿي شامل ٿيو؛ پر نڪي ”ارل“ جي مهمان نوازيءَ ۽ نڪي ”لارڊ گلينلن“ جي خوش طبعيءَ ماڻهن جي دلين ۾ اها شروع واري خوشي ۽ سرهائي وڌي. جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن تي سڀ ڪنهن پئي گفتگو ڪئي، ۽ هجت هلائي. نيٺ ٺهرايل وقت کان گهڻو اڳي سڀ ماڻهو موڪلائي هليا ويا، جنهن ڪري ”لارڊ گلينلن“ البت رنج ٿيو. +باب تيرهون +’رالف‘ جو پڇتائڻ +رستي ۾ ”گرينج“ ڏي ويندي، سرهنيري آلبريءَ“ ”رالف“ کي چيو ته ”رالف، بابا، پيءُ جي حڪم جي برخلاف راند ڪرڻ ڪري تو بلڪل غلط ۽ بڇڙو ڪم ڪيو، تون چڱو ڇوڪر آهين، مون کي حيرت ٿي لڳي ته ڪيئن اهو ڪم ڪيئه!“ +”مارٽن“ پيءُ کي آهستي چيو ته ”بابا، هينئر ويچاري کي ڇينڀيو نه، اڳي ئي ڏک ۽ ڳڻتيءَ ۾ آه��.“ +”سر هينريءَ“ وڏي سڏ چيو ته ”آءٌ ڇينڀيانس ڪين ٿو؛ ”رالف“ کي خبر آهي ته آءٌ ساڻس ڪيتري همدردي ڪريان ٿو، ۽ سندس ڪيترو نه مون کي ڏک آهي.“ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”هائو، سر هينري، آءٌ قبول ڪريان ٿو ته مون غلط ۽ خراب ڪم ڪيو آهي. انهيءَ ڪري مون تان اوهين مهربانيءَ جو هٿ نه لاهيو، آءٌ وري ائين ڪين ڪندس، مون کي اوچتو چڙ اچي ويئي.“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”پيارا ڇوڪرا، آءٌ توتان مهربانيءَ جو هٿ نه لاهيندس، پر آءٌ توکي سچو دوست ۽ خيرخواهه ٿي سمجهايان ٿو ته ماءُ- پيءُ جو حڪم مڃڻ، اولاد جي پهرين ۽ ضروري فرض مان هڪڙو آهي.“ +”رالف“ نماڻائيءَ سان چيو ته ”هيستائين ته آءٌ هميشه حڪم مڃيندو آيو آهيان!“ پوءِ وڌيڪ ڪڇيائين ڪين، ماٺ ڪري ”سر هينريءَ“ جي منهن ڏي نهارڻ لڳو. +هن چيو ته ”هائو، انهيءَ جي مون کي خبر آهي. تو چوڻ ٿي گهريو ته تنهنجو پيءُ تو سان گهڻي سختي ٿو ڪري، ۽ تنهنجي ڪا به رعايت نه ٿو رکي، بيشڪ، انهيءَ ڪري فرض ادا ڪرڻ مشڪل آهي، مگر، تڏهن به، فرض فرض آهي- ضرور ڪرڻ گهرجي.“ پوءِ هٿ هن جي ڪلهي تي رکي، چوڻ لڳو ته ”رالف منهنجي تو بابت بلڪل چڱي راءِ آهي- متان ڀانئين ته جيڪي اڄ تو ڪيو آهي، تنهنجي ڪري تنهنجو قدر مون وٽ گهٽ ٿيو آهي- پر توکي سکڻ گهرجي ته فرض جو بار، ڳري هئڻ ڪري مٿي تان اُڇلائي ڇڏڻ نه کپي. بابا ياد رک ته جيئن ڪو فرض زياده مشڪل هوندو، تيئن انهيءَ جي ادا ڪرڻ جي طاقت زياده ڏني ٿي وڃي ۽ انهيءَ جي ڪرڻ ۾ زياده خوشي حاصل ٿي ٿئي.“ +”رالف“ جواب ڪو نه ڏنو.، پر ماٺ ڪيو، اکين ۾ پاڻي آڻيو، هليو ٿي هليو. جنهن مان ”سر هينريءَ“ کي معلوم ٿي سگهيو ٿي ته سندس فهمائش اثر واري ٿي رهي هئي. +جيئن ”گرينج“ کي ويجهو ٿيندا ويا، تيئن هن ڏٺو ته ڇوڪر سست ۽ وائڙو ٿيندو وڃي. انهيءَ جو حال ڏسي ”مارٽن“ رحم کائي چيو ته ويچارو رالف! آءٌ سندس لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ پوءِ هن کي چيائين ته ”اچ ته هتي پل تي ٿورو ترسون جيسين تون ساهه پٽين.“ +”سر هينريءَ، چيو ته ”رالف، آءٌ توکي ههڙو ملول ۽ دل لٿل ڏسڻ نٿو گهُران.“ +”رالف“ عذر ڏيئي چيو ته مارٽن، آءٌ ڊڄڻو ناهيان؛ گهر هلي سزا کائيندس، تنهن جو ڊپ ڪونه اٿم- اگرچ پڪ اٿم ته کائيندس- پر ويچاريءَ امان ۽ ڪرسٽيءَ جو گهڻو خيال ٿو ٿئيم.“ +”سر هينريءَ“ چيس ته ”رالف، انهيءَ جو ڊپ نه ڪر؛ اُهي ٻئي ڪنهن به طرح تو سان همدردي ڪندا ۽ توکي پيار ڏيکاريندا.“ +هن جواب ڏنو ته ”اهو برابر آهي؛ مگر آءٌ هميشه هنن تي هڪڙي نه ٻي خرابي ۽ تڪليف آڻيون وجھان جي بابي کي ڪرسٽيءَ کان سواءِ ٻيو پٽ نه هجي ته جيڪر سڀ خوش گذارين، جي آءٌ گهر ۾ ٿو رهان، ته اُتي رڳو ڏک ۽ رنج آهي!“ +”مارٽن“ چيو ته ”رالف، تو کان ڌار ڪرسٽي هميشه حيران ۽ پريشان رهندو آهي. هڪڙي ڀيري، هن پنهنجي شاعراڻيءَ ٻوليءَ ۾ مون کي چيو ته ”رالف“ جو گهر ۾ اچڻ اهڙو آهي جهڙو سج جو بهار جي موسم ۾ اچڻ!“ +لحظي تائين ”رالف“ جو منهن سرهو ٿيو، پر وري اڳي وانگي غمگين ٿي ويو، ٿڌو ساهه کڻي، چوڻ لڳو ته ”مارٽن، تو کي ڪا خبر نٿي پوي.... گهر بابت ماڻهوءَ کي پنهنجن دوستن سان به ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي.“ +اتي ”سر هينري“ چيو ته ڇوڪرؤ، هاڻ وڌيڪ نه ويهو، اُٿو ته هلون. مارٽن، تون اتي ترس، آءٌ رالف سان گڏجيو ٿو سندس گهر وڃان.“ +”رالف“ خوش ٿي چيو ته ”سر هينري، اها اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي.“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”رالف، تون مارٽن جو گهاٽو دوست آهين، تنهن ڪري تو تي مهرباني ٿيڻ مون کي حق آهي. هاڻ منهنجي ٻانهن وٺ ۽ هليو ��چ.“ +”رالف“ خوش ٿي چيو ته ”سر هينري، اها اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي.“ +”سر هينريءَ“ چيو ته رالف تون مارٽن جو گهاٽو دوست آهين، تنهن ڪري توتي مهرباني ٿيڻ مون کي حق آهي. هان، منهنجي ٻانهن وٺ ۽ هليو اچ.“ +هو گهر جي در تي وڃي پهتا. رالف ٻاهر ترسيو ۽ ”سر هينريءَ پنهنجي نالي جو ڪارڊ اندر ڏياري موڪليو. ستت ئي نوڪر اچي پيغام ڏنو ته ”مسٽر ڊگلس سلام ٿو ڏئي، ۽ چوي ٿو ته مون کي افسوس آهي جو آءٌ هينئر اوهان کي ملي نٿو سگهان. مون کي معاف ڪريو“ سڀاڻي آءٌ پاڻ ئي اوهان جي جاءِ تي ايندس.“ +”رالف“ جي ڪري ”سر هينريءَ“ کي البت خفو لڳو، پر هن ظاهري داري ڪري ڪڇيو ڪين. ڇوڪر جي ملولئي ڏسي، چوڻ لڳو ته ”ابا، تنهنجو مون کي گهڻو فڪر ۽ ارمان آهي؛ مگر آءٌ ڇا ڪريان، زور ڪري ته تنهنجي پيءُ وٽ اندر ڪاهي ڪين هلندس.“ +”رالف“ پڇيو ته ”پوءِ، سر هينري، آءٌ ڇا ڪريان؟“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”رالف، مون سان گڏجي ٻاهر هل، جتي مارٽن بيٺو آهي. نه ته اتي بيھ؛ هيءَ ننڍڙو ڪتاب منهنجي کيسي ۾ پيل آهي، اُهو بيهي پڙهه ۽ ترس.“ +ائين چئي، کيسي مان هن ننڍڙو ”انجيل“ ڪڍيو، جو هو هميشه پاڻ سان رکندو هو. اُهو پٽي هڪڙي هنڌ پينسل سان نشان ڪري ڏنائينس. +”رالف“ اهو وٺي، نشان ڏنل آيت آهستي پڙهي، اُها هيءَ هئي؛ ”آءٌ اٿندس، ۽ پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؛ انهيءَ کي چوندس ته ”بابا، مون گناهه ڪيو آهي!“ +”سرهينريءَ“ چيو ته ”هاڻ ٻڌءِ- هاڻ توکي ائين ڪرڻ جي هجت ملي.“ +وري ڪتاب وٺي ورق اٿلائي، ٻيءَ آيت تي نشان ڪري ڏنائينس، ۽ چيائين ته ”رالف، هيءُ ڪتاب منهنجو جهونو سنگتي آهي، پر فڪر ناهي، ڀلي تو وٽ رهي. شڪ آهي توکي به اهڙو پيار لڳي، جهڙو مون کي لڳو آهي، جيڪر هينئر هن تي نشان ڪيو اٿم تنهن تي هلڻ لاءِ منهنجي هاڻي توڙي هميشه توکي صلاح آهي. چڱو، خدا کي پرتين؛ اهو تنهنجو نگهبان آهي!“ +”مارٽن“ به اچي چيس ته ”رالف، هاڻ خدا حافظ، آءٌ سڀاڻي تو وٽ ايندس، ۽ اچي تنهنجو سماءُ وٺندس.“ ”رالف“ هنجي شڪر گذاري ڪئي. جڏهن هو سندس نظر کان نڪري ويا، تڏهن هن اُهو ننڍڙو ڪتاب پٽيو. ”سر هينريءَ“ هيٺينءَ آيت تي نشان ڪيو هو: ”۽ هو انهن سان گڏجي ”ناصرت“ تائين آيو، ۽ اُنهن جي هٿ هيٺ رهيو.“ ”رالف“ جي دل تي انهن آيتن جو چڱو اثر ٿيڻ لڳ. ننڍي هوندي کان هن کي چڱي مذهبي تعليم مليل هئي. جڏهن به هو ڪو غلط ڪم ڪندو هو تڏهن هميشه پشيمان ٿيندو ۽ پڇتائيندو هو. جيئن زياده پڙهندو ويو، تيئن پشيمانيءَ ۽ نماڻائيءَ، نهٺائيءَ ۽ فرمانبرداريءَ جو مٿس زياده اثر ٿيندو ويو. نيٺ هن خيال ڏٺو ته مون برابر اهي قصور ڪيا آهن، ۽ سزا جو لائق آهيان، تنهنڪري جيڪا سزا مون کي ملندي سان مون کي صبر ڪري سهڻ گهرجي. ٻيا سڀ سبب وساري، هن زور ڪري پاڻ کي پيءُ جو نافرمان پٽ ثابت ڪيو هو؛ تنهن ڪري پڇتائڻ ۽ معافيءَ گهرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. +اهو خيال ۽ ارادو ڪري، هو اُتان اٿيو ۽ گهر ۾ آيو. پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ راند جي پوشاڪ مٽائي، پوءِ صفي ۾ آيو. ڏسي ته ”ڪرسٽي“ ڪوچ تي ستو پيو آهي ۽ ماڻس آرام ڪرسيءَ تي ويٺي وڏي سڏ پڙهي. +هن وٽن وڃي چيو: ”پيارا ڪرسٽي، تون ڪهڙو نه ڏکارو ۽ ملول ٿو ڏسجين! ۽ امان، تون به. انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ ائين چئي، هنن جي پاسي ۾ ويهي رهيو. +ماڻس چيو ته ”رالف، تون اسان کان اهو پڇي سگهين ٿو؟ ڇو ته پنهنجي پيءُ جي نافرماني ڪئي؟ تو ائين نه ڄاتو ته هو ڪيترو ڪاوڙيو!“ +”رالف ورندي ڏني ته ”امان، جيجي، اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي، جيڪي به آءٌ ڪريان ٿو، تنهن تي هميشه بابو ڪاوڙيو آهي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ هڪڙي مصيبت آهيان، جي آءٌ ڪيڏي منهن ڪري هليو وڃان، ته جيڪر اوهين سڀ سکيا ٿي پئو!“ +ڪرسٽيءَ ماءُ کي چيو ته ”امان، هي چرچو ٿو ڪري، ساڀيان نٿو چوي.“ +ماڻس ته جواب ڪونه ڏنو، رڳو ”رالف“ جي مٿي تي پيار مان هٿ گهمايائين؛ انهيءَ جي ڏڪڻ مان ”رالف“ سهي ڪيو ته هن کي انهيءَ جو ڊپ ۽ ڏک ٿيو آهي. پڇڻ لڳو ته ”امان، بابي توکي سڀ قصو ٻڌايو آهي؟“ +ماڻس چيو ته ”هائو، رالف، سڀ ٻڌايو اٿس، هو ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، ۽ بلڪل تنهن جي بر خلاف آهي. بابا، ڇو مون سان يا ڪرسٽيءَ سان اڳواٽ صلاح نه ٿي ڪيئه؟“ +هن ورندي ڏني ته ”مون کي خبر هئي ته اوهين مون کي وڃڻ کان جهليندؤ، ۽ مون وڃڻ جو انجام ڪيو هو.“ +ماڻس چيو ته ”ڀلا، رالف، تو ڪيئن اهڙو بيعقليءَ جهڙو انجام ڪيو؟ اهو ڪرڻ نه کپندو هو، ۽ جي ڪيو ويو هو ته اهو ڀڃڻ بهتر هو.“ +”رالف“ چيو ته ”امان، مون چڙ ۾ ائين ڪيو. مون کان خطا ٿي، آءٌ قبول ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ جي آءٌ اڄ رات ئي بابي کان معافي گهرندس.“ +”ڪرسٽيءَ“ روئي چيو ته ”رالف، بابو ڏاڍو ڪاوڙيل آهي. خبر اٿئي ته ڇا ٿو چوي؟“ +”رالف“ انتظار مان پڇيو ته ”ڇا ٿو چوي؟“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ”چوي ٿو ته هن کي اصل اسڪول مان اٿاري ڇڏيندس ۽ وري اوڏي وڃڻ نه ڏيندس!“ +”رالف“ بي آرام ٿي چيو ته ”ڇا، هڪدم مون کي اسڪول مان ڪڍندو، ۽ لحظي جو به اطلاع نه ڏيندو؟ اها ڳالهه چڱي ته نه ٿي: سڀڪو چوندو ته هن کي اسڪول مان ڌڪي ڪڍيو اٿن!“ +ماڻس چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿي ته آءٌ کيس منٿ ڪنديس ته توکي هڪڙي ٽرم تائين وڌيڪ رکي؛ پر مون کي پڪ آهي ته هن توکي اٿارڻ جو ارادو ڪيو آهي. چوي ٿو ته اتي رڳو اجايو وقت ٿو وڃائين، ۽ ڪرين ڪي به ڪي ڪين ٿو.“ +”رالف“ چيو ته ”امان، تون به ائين ٿي ڄاڻين!“ +ماڻس ورندي ڏني ته ”رالف، آءٌ ته ائين نٿي ڄاڻان، ٻيو ته به توکي گهڻو ٿي ڀانيان ۽ پيار ڪريان.“ +اتي در تي کڙڪو ٿيو، ۽ نوڪر اچي چيو ته ”ماسٽر رالف صبح جو سبق نه پڙهيو هو، سو هاڻ هلي پڙهي.“ +هي ٻڌي، ”رالف“ اٿيو، ۽ پنهنجا ڪتاب کنيائين. ”ڪرسٽيءَ چيو ته آءٌ به هلي پنهنجو سبق ٿو پڙهان.“ پوءِ ٻئي گڏجي وڃي سبق پڙهڻ لڳا. جهٽ ۾ ”رالف“ پنهنجو سبق پڪو ڪيو. هن کي شڪ پيو ته شايد بابو اڄ رات مون کي سڏي سبق ٻڌي، هميشه جڏهن چڙيل هوندو هو، تڏهن منهن ئي ڏسڻ نه گهرندو هوس. پر سبق ٻڌائڻ لاءِ ته سڏ ڪو نه ٿيو! چاءِ جي مهل مسٽر ڊگلس ميز تي نه آيو، چاءِ گهرائي ڪتبخاني ۾ پيتائين. ڳچ رات تائين هو زال يا ٻارن وٽ صفي ۾ نه آيو. رالف پڙهيو به پئي ۽ سڀني کي پنهنجن چرچن گهٻن سان خوش به پئي ڪيائين. پوءِ سڀني ويهي راڳ ڳايا، ۽ مسز ”ڊگلس پيانو“ به وڄايو. (اڪثر رات جو ائين ڪندا هئا.) +راڳ ۽ باجي جو آواز مسٽر ”ڊگلس“ جي ڪن تي به پيو، پر هن ۾ خوشي پيدا ڪانه ٿي. هن پاڻ ڄاتو ته ”رالف، بي نڪو ۽ بي ننگو آهي. هن انهيءَ پٽ کي پنهنجي خفي ۽ تڪليف جو سبب ٿي سمجهيو. طبيعت جو شوخ ۽ چيڙاڪ هو، تنهن ڪري جيتوڻيڪ ٻيا گهر جا ڀاتي سڀ خوش مزاج ۽ چڱا هئا ۽ سک جا سڀ اسباب خدا هن کي موجود ڪري ڏنا هو ته به هئا هميشه مونجهاري ۽ خفي ۾ رهندو هو. تنهن ڪري انهيءَ ڏينهن ته پاڻ، جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري زياده خفي هو. +هميشه جڏهن پاڻ ڪتبخاني ۾ ويهي پڙهندو لکندو هو، تڏهن ڪو به وٽس ڪونه ايندو هو؛ تنهنڪري انهيءَ رات در تي کڙڪو ٻڌي حيران ٿيو. وري جڏهن ”رالف“ پيءُ کان پيرين پئي معافي گهرڻ لاءِ آيو هو. هن اُنهيءَ ڏينهن پنهنجو نفس ماري پاڻ کي نماڻو ۽ مسڪين ڪيو هو ۽ اُم��د هيس ته پڇتائڻ ۽ توبهه ڪرڻ سان وري پيءُ جي محبت ۽ معافي هٿ ڪندو ۽ هڪ دفعي گهر ۾ وري صلح ۽ سانت جو زمانو ايندو. +مسٽر ”ڊگلس“، ”رالف“ ڏي نهاري، چوڻ لڳو ته ”ڇا، تون.... هتي؟ مون کي اُميد هئي ته اڄوڪيءَ بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ کان پوءِ منهنجي منهن تي وري اچڻ نه گهرندين!“ +”رالف“ ڏڪندي آواز سان چيو ته ”آءٌ ان ڪري آيس ته...“ +مسٽر ”ڊگلس“، پنهنجيءَ هميشه جي حد کان وڌيڪ چڙ ۽ اُٻهرائيءَ ۽ تڪڙ ۽ بيصبريءَ جي عادت موجب، هن کي وڌيڪ ڳالهائڻ نه ڏنو. چوڻ لڳس ته ”ڪهڙي به ڪم لاءِ آيو هئيس، ته به هڪدم ڀلائي ڪري منهنجي روم مان نڪري وڃ! جڏهن تون هاڻ اهڙيءَ نافرمانيءَ ۽ بيحيائي جي حد کي وڃي پهتو آهين، تڏهن ائين نه سمجهه ته انهن لولٽن ڪرڻ ڪري تون منهنجيءَ رٿيل سزا کان ڇٽي ويندين!“ +”رالف“ کي ”لولٽن“ جو لفظ ٻڌي دل ۾ گهڻو ئي گهاءُ ٿيو، پر وري به نفس ماري چوڻ لڳو ”بابا، آءٌ رڳو عرض ڪرڻ آيس...“ +پڻس وري به وچ ۾ پئي، هن کي روڪي، چيو ته ”هائو، عرض ڪرڻ آئين ته ”مون کي سزا نه ڏيو!“ آءٌ وري به ٿو چوانءِ ته منهنجي روم مان نڪري وڃ!“ +هن ويچاري ڏٺو ته وڌيڪ بيهي معافي گهرڻ ناممڪن آهي- ڏاڍي ڏک ۾، هو هليو ويو. تڏهن به اڃا، در وٽ بيهي بيهي، ٿڌو ساهه کڻي وري چوڻ لڳو ته ”بابا سائين، مون کي ٿورو ڳالهائڻ ڏيو!“ +پڻس ڪاوڙ مان ٻوٻڙاٽ ڪري چيو؛ ”ڇوڪرا“ تون ٻڌين نٿو؟ تون ڀانئين ٿو ته هميشه آءٌ پوٺي ٿي تنهنجي اها نافرمانيءَ جي اڍنگي هلت پيو سهندس! هاڻ ٽيو ڀيرو ٿو چوانءِ ته نڪري وڃ، نه ته اُٿي هٿن سان ڌڪي ٿو ڪڍانءِ!“ +”رالف“ نا اُميد ٿي چيو ته ”سائين ايتري تڪليف وٺڻ جو ضرور ڪونهي.“ +هو اتان هلي، وري صفي ۾ آيو. ”ڪرسٽي“ وڃي سمهي پيو هو، ماڻس اتي ويٺي هئي، ان کي ڪي به ڪين چيائين، ماٺ ڪري ميز تي مٿو اونڌو ڪري ويهي رهيو. انهيءَ مان ماڻس کي سڀ ڪجهه معلوم ٿيو. ٿورو ماٺ ڪري اُٿي ۽ پٽ کي چمي ڏيئي چيائين ته ”پيارا پٽ، هاڻ وڃي سمهه، آءٌ به وڃي ٿي سمهان. خدا تنهنجو نگهبان آهي، گهڻو ارمان نه ڪر. جي زمين وارو پيءُ توکي معافي نٿو ڏئي ته پنهنجي آسمان واري پيءُ کان معافي گهر. اهو توکي مدد ڪندو.“ +”رالف“ چيو ته ”آءٌ ائين ڪندس، پر سمهڻ کان اڳي وري به ڪوشش ڪندس.“ +جڏهن ماڻس هلي ويئي، تڏهن ڪاغذ کڻي هي خط لکيائين:”پيارا بابا، مون کي افسوس آهي ته آءٌ اڳهڻو موڪل کان سواءِ اوهان جي پڙهڻ واريءَ جاءِ ۾ آيس، پر آءٌ رڳو ايتري لاءِ آيس ته اڄ جيڪا مون اوهان جي نافرماني ڪئي آهي، تنهن لاءِ معافي گهران. بابا، آءٌ قبول ڪريان ٿو ته جيڪي مون ڪيو سو غلط ڪيو، آءٌ سچيءَ دل سان انهيءَ کان پڇتايان ٿو، ۽ ڪوشش ڪري اوهان جي نافرماني نه ڪندس. مهرباني ڪري مون کي معافي ڏيو ۽ پيار ڪريو. اوهان جو ڪم نصيب پٽ، رالف.“ +پوءِ هو بتي اُجهائي اُٿيو. پنهنجيءَ سمهڻ واريءَ جاءِ ڏي ويندي، پيءُ جي ڪتبخاني وٽان لنگهيو ۽ آهستي اُهو خط در جي هيٺيان لنگهائي ڇڏيائين. +مسٽر ”ڊگلس“ پيرن جو دٻڪو ٻڌو به ۽ خط به ڏٺائين. جڏهن ”رالف“ لنگهيو ويو تڏهن هو اُٿيو ۽ اُهو خط پڙهڻ لڳو. هڪ لحظو ته دل اهڙي لُڏي ويس، جو اکين ۾ ڳوڙها به آيس. پهرين ته دل ۾ آيس ته هڪدم مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي وڃي پٽ کي معافي ڏئي. جي ائين ٿئي ها ته ڌاڍي چڱي ڳالهه هئي. جي رالف نافرماني ڪئي هئي، ته پنهنجي بي انداز سختي به سجهيس ٿي- پر هن اهو وجهه وڃائي ڇڏيو. سندس طبيعت ۽ جملي عادت ذرو لوڏو کائي وري هميشه وانگي زور وٺڻ لڳي. نيٺ ٿوري خيال کان پوءِ پاڻ کي چوڻ لڳو ته هاڻ مون سهي ڪيو آهي: ه��ءَ سڀ ماڻس جي تجويز آهي، اُنهيءَ ٻڌايو اٿس ته آءٌ هن کي اسڪول مان ڪڍڻ وارو آهيان، تنهن جي ڊپ ۽ شرم کان هو اڳهڻو معافي گهرڻ آيو هو، ۽ هاڻ وري هي رستو ورتو اٿس، نه ته اڃان هن جي مٿي مان واءُ ڪين ويو آهي- آءٌ هن تي خيال ئي ڪونه آڻيندس!“ ائين چئي، خط ڦاڙي، پرزا پرزا ڪري، ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين- پوءِ وري پنهنجي لکڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. +”رالف“، مرندو جهرندو، ڏاڪڻ تان چڙهي، سمهڻ واري جاءِ ۾ ويو. ”ڪرسٽي“ اڃا سمهي نه رهيو هو. ”رالف“ جون اکيون ڳاڙهيون ۽ سڄيل ڏسي پڇيائين ته ”رالف، پوءِ نيٺ بابي ڇا ڪيو؟“ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”ڪرسٽي“، مون کان نه پڇ: آءٌ پنهنجي پشيماني ظاهر ڪرڻ ويس، پر بابي مون کي ڳالهائڻ ئي نه ڏنو... ڪرسٽي، آءُ ڪهڙو نه ڪمبخت آهيان!“ +”ڪرسٽيءَ“ اچي روئڻ ۾ پيو. ”رالف“ ڀاڪر پائي ڳوڙها اُگهيس، ۽ دڙ دلاسو ڏنائينس، پوءِ هن سان ڳچ دير تائين مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين، جيسين کيس ننڊ اچي ويئي. پوءِ هن جي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، پاڻ به ڪپڙا بدلائي پنهنجي هنڌ تي ويو. پهرين گوڏا ڀڃي دعا گهري، ۽ پوءِ وڃي ستو. دل ۾ اهو ڏڍ آيس ته خدا تعاليٰ منهنجي توبهه قبول ڪئي آهي، ۽ مون کي معاف ڪيو آهي؛ تنهن ڪري ڏاڍي آرام سان سمهي پيو ۽ فرحت جي ننڊ اچي ويس. +باب چوڏهون +’رالف‘ ۽ ’گلينلن‘ اسڪول ڇڏين ٿا +”رالف“ کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته الاجي بابو منهنجي خط بابت ڇا ڪندو. بلڪ معافيءَ ۽ محبت جي اُميد به رکي هئائين. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن هيٺ لهي ناشتي لاءِ ويو، تڏهن پيءُ کي اخبار پڙهندو ڏٺائين. هن کيس ڏٺو به، پر ڪو به خيال ڪونه ڏنائين. ناشتي وقت جڏهن سڀ گڏ ٿيا، تڏهن به هيڏي هوڏي جي رواجي گفتگو هلي، مگر ”رالف“ ماٺ ڪيو ويٺو هو. سڀني جي دل تي هڪڙي قسم جو بار هو. سو، جڏهن ناشتو پورو ٿيو، تڏهن سڀ خوش ٿيا. مسٽر ”ڊگلس“ پٽن کي سراسريءَ طرح چيو ته ”اڄ هي ڪم ڪرڻ ۽ سبق پڙهڻا اٿؤ“، پوءِ پاڻ ڪتبخاني ڏي هليو ويو. +انهيءَ طرح ڏهاڙي ڪم پئي هليو، ۽ جلدئي موڪل جا ڏينهن اچي پورا ٿيا. پر ”رالف“ کي سگهوئي معلوم ٿيو ته بابي مون کي اسڪول مان اٿارڻ جو ارادو ڦيرايو آهي، ۽ ناتال تائين مهمل رکيو اٿس. اها خبر ماڻس کان ملي هيس، پڻس کيس انهيءَ بابت ڪي به ڪين چيو هو؛ پر کيس اهو گهمان گذريو ته اسڪول وارن کي اڳي اطلاع ڏيڻو هو، شايد نه ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري بابي لاچار اها رٿ مهم ڪئي آهي. انهيءَ طرح، ”رالف“، ڏکنديءَ دل سان موٽي ”رگبي“ ڏي روانو ٿيو، جو ڄاتائين ٿي ته ڪن ٿورن هفتن کان پوءِ کيس اتان نڪرڻو ٿيندو. اسڪول ۾ هن جو وقت تمام خوش گذريو، جو هو چڱيءَ طيعت جو ۽ محنتي ۽ چڱي چال وارو هو. جيتوڻيڪ هو تمام هوشيار ۽ ذهين نه هو، ته به ماستر منجهانئس گهڻو خوش ۽ راضي هئا. سندس سنگتي ته اڳي مٿانئس قربان پيا ٿيندا هئا. انهيءَ هوندي به هن پنهنجو گهر اصل وساري نه ڇڏيو. ڀلا سندس ماءُ ۽ ڀاءُ اتي هئا، جي کيس گهڻو چائيندا هئا، ۽ جن کي هو پاڻ به گهڻو پيار ڪندو هو. پڻس ڪنهن اتفاق سان ڏاهنس ڪو خط لکندو هو، تنهن ۾ ڪا ٽوڪ يا تنيبهه يا فهمائش هوندي هئي؛ پر ماڻس ۽ ڀاڻس هر هفتي ۾ ڏانهن پيار جا خط موڪليندا هئا ۽ جيڪي پيو هلندو هو، تنهن جي سڀ خبر چار لکندا هئس. ويچاري ماءُ ۽ پنهنجي منهن، وجهه ڏسي گهڻي ڪوشش ڪندي هئي، پٽ جو طرف وٺي ڳالهائيندي هئي، پر پڻس جو خيال بدلائي نه سگهندي هئي؛ نڪي مڙس جون حجتون ۽ دليل ٻڌي، هن جي نسبت ۾ پنهنجي چڱي راءِ ڦيرائيندي هئي. +”رالف“ پنهنجي دوست ”مارٽن“ سان به لکپڙهه ڪندو هو، ۽ ٻئي هڪٻئي کي پنهنجي پنهنجي اسڪول جو حال احوال ڏيندا وٺندا هئا. خاص هڪڙو خط، جو ”مارٽن“ وٽان ناتال کان ٿورو اڳڀرو هن کي مليو، تنهن البت خفي ۾ وڌس. اهو خط وڏو هو، ۽ انهيءَ ۾ هو ته ”لارڊ گلينلن کي ليٽن مان ڪڍي ڇڏيو اٿن.“ انهيءَ جا سبب ”مارٽن“ جي هيٺئين خط مان معلوم ٿيندا؛ +منهنجا پيارا رالف، تو جيڪي اسان جي اسڪول جي برخلاف ۽ پنهنجي اسڪول جي فائدي ۾ لکيو آهي، تنهن بابت آءٌ ڪي به ڪين لکندس- تون ڀلي پيو پنهنجي دل خوش ڪر. هن ڀيري آءٌ لارڊ گلينلن بابت ڪجهه لکان ٿو، جو تون معلوم ڪرڻ گهرندين، تو کي ياد هوندو ته موڪل وارن ڏينهن ۾ - جڏهن ڪرسٽيءَ کي ڪتي کاڌو هو، پاڻ هن بابت ذڪر ڪيو هو ۽ مون توکي چيو هو ته هو هڪڙي نه ٻي حرڪت يا کونس ڦٽائي ڇڏي نٿو، ۽ ماڻهن سان معاملا ۽ تڪرار ڪندو وتي. نيٺ اهڙيءَ هلت ڪري هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن! انهيءَ جو مون کي گهڻو ارمان آهي، جو آءٌ هن کي گهڻن ڇوڪرن کان پسند ڪندو هوس ۽ ڀائيندو هوس، جو هو هميشه خوش طبع ۽ کلمک ماڻهو آهي. اسين ٻئي اڪثر ”ايٽن“ ۾ گڏ هوا کائڻ ويندا هئاسين. هن جي ٻين سنگتين جي مون کي به ڪا به خبر ڪانهي، جو اُهي ساڻس گڏ مون وٽ نه ايندا هئا، مگر جيڪي انهن بابت ٻڌندو هوس، تنهن جي نسبت ۾ آءٌ هن کي نصيحت ڪندو هوس، ۽ صلاح ڏيندو هوس- پر آخر، هن جي سنگت ڪري، هو پاڻ به بدنام ٿيڻ لڳو. هن کي ڪيترائي ڀيرا هڪڙي ٽرم جي اندر اسڪول ۾ لکڻ لڳا. هو ماسترن سان اڍنگي هلت ڪرڻ لڳو، جنهنڪري منجهانئس رنج ۽ بيزار ٿي پيا. تنهن کانسواءِ، هو قرض ۾ ڦاسي ويو، ۽ پيءُ جي نالي تي واپارين کان شيون شڪليون وٺڻ لڳو. نيٺ ماسترن خبردار ڪيس ۽ چيائونس ته ٻئي ڀيري وري ڪنهن سان تڪرار ڪيئه تو کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏبو. آخر هو رهيو ڪين: هڪڙي ڀيري، رات جي ماني کان پوءِ شراب پي نشي ۾ الوٽ ٿي پيو- تنهن ڪري هن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون! مون کي گهڻو سندس ارمان آهي. آءٌ گهڻو ئي سمجهائيندو هوسانس، پر هن ٻڌو ڪين. هاڻ خبر ناهي ته ڇا ڪندو، ڪيئن گذاريندو! هن جي عمر اڃا پندرهن ورهيه مس آهي. هتان نڪرڻ ڪري ٻئي هنڌ به پڙهي نه سگهي! جي گهر رهيو ته پاڻ زياده کرندو: هو ننڍي کان خودمختيار ۽ بيچيو رهيو آهي، تنهن ڪري هينئر پيءُ جي ڳالهه ڪابه ڪا نه ٿو مڃي، ٻيو وري هو بدمعاش نور، ڪلارڪ، وٽس ٿو رهي، اُهو ته هٿ وٺيو ٿو کاريس. +هاڻ آءٌ پنهنجو خط پورو ڪندس، جو فوٽ بال جي راند تي وڃڻو اٿم، ناتال جي موڪل ۾ باقي ٻه هفتا وڃي بچيا آهن. اُميد آهي ته جلد گڏجاسين پوءِ شڪر ڪنداسين، ۽ گهر ۾ رانديون ۽ تماشا ڪنداسين. اسان هن ڀيري هڪڙو خانگي ناٽڪ رٿيو آهي، تون ضرور انهيءَ ۾ شامل ٿيندين. هاڻ خدا حافظ. تنهنجو پيارو دوست، مارٽن آلربي.“ +هن خط ۾ جيڪو احوال لکيو هو، سو معلوم ڪري ”رالف“ ڏاڍو غگمين ٿيو. هو ”لارڊ گلينلن“ کي ڀائيندو هو ۽ کيس گهڻو گهرندو هو. هن اڪثر ”گلينلن“ جا گڻ ڏٺا هئا، هن جي اوگڻن مان اڌ جيترن جي به هن کي خبر نه هئي: هن کي اها خبر بلڪل نه هئي ته حقيقت ڪري هو کريل ڇوڪر آهي ۽ منجهس ڪي به مذهبي ۽ اخلاقي اصول ڪين آهن. +هوڏي ”رالف“ کي پنهنجا ئي فڪر ۽ خيال گهڻا هئا، هن جو آخرين امتحان تمام نزديڪ هو، تنهن ڪري هن ڏاڍي سخت محنت ٿي ڪئي؛ ٻيو وري سمجهيس ٿي ته وري هتي اچڻو ناهيان، تنهن ڪري پنهنجا سڀ ڪتاب ۽ ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻا هئس. سجهيس ته دنيا ۾ جيڪا خوشي هيس، سا اتي ”رگبيءَ“ ۾ ۽ اتي جي سنگتين جي صحبت ۾ هيس. هن جي وڃڻ ڪري ماسترن کي به ارمان ٿي ٿيو. هنن مسٽر ”ڊگلس“ کي گهڻو ئي سمجهايو ته پنهنجو ارادو بدلائي، پر هو مڙ�� جو نه هو. تنهن ڪري هلڻ کان اڳي، سڀني هن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گهڻن ئي ڪتاب ۽ ٻيا تحفا انعام ڏنس. پڇاڙيءَ واري کاني تي هن کي هڪڙو چانديءَ جو پيالو انعام مليو، جو سڀني چندو ڪري ٺهرايو هو ۽ ڇا لاءِ جو هو هميشه ڪرڪيٽ ۾ ناميارو هوندو هو. انهن پيار ۽ آبرو جي نشانين ڪري هن کي پاڻ زياده ڏک ۽ افسوس ٿيڻ لڳو. +برابر، هن کي گهر جي اها خوشي سجهي ٿي ته پنهنجيءَ پياريءَ ماءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گهڻن ڏينهن کان پوءِ ملندو، ۽ شايد گهڻي تائين گڏ رهندو. مگر جڏهن پيءُ جا سور ياد پيس ٿي، تڏهن خوشيءَ ۾ اڏاميو ٿي ويو، ۽ وري غم اچيو ٿي ورايس. انهيءَ هوندي به، جڏهن هو نيٺ گهر آيو، تڏهن پهرين رات هن تمام خوش گذاري، ڇو جو رات جو ڪرسٽيءَ کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هزارين ڳالهيون ٻڌايائين، ۽ آئيندي جي خوشيءَ جي به نااُميدي نه هيس، جو اڃا پڻس سندس لاءِ پوءِ جي ڪا خراب رٿ نه رٿي هئي. پڪ هيس ته منجهن مائٽن کي خدا سڀڪي ڏنو آهي، ۽ آءٌ سکيو پيو گذاريندس، ۽ اهو به يقين هوس ته مون کي ضرو ڪنهن ڌنڌي يا نوڪريءَ ۾ وجهندا. جهاز کاتي جي نوڪريءَ جو اڳي شوق هوندو هوس، پر هاڻ جي لاءِ عمر مٿي چڙهي ويئي هيس. هينئر لشڪر ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش هيس؛ مگر پڻس جي خبر هيس ته کيس ”پادري“ ”يارسٽر“ ڪرڻ ٿي گهريائين. شڪ هوس ته ايندڙن ٽن چئن ورهين تائين خانگي طرح ڪنهن ماستر وٽ تعليم وٺندس. پر يقيني بندوبست جي نڪا ماڻس کي ۽ نڪا ڀاڻس کي خبر هئي. +پيءُ کي ڏسڻ سان، ”رالف“ کي معلوم ٿيو ته اڃا هن جي اڳوڻي ڪاوڙ لهي نه ويئي آهي. پاڻ ڪوشش ڪري هن جي فرمانبرداري ڪندو هو، تڏهن به هن اڃا رخ نٿي ڏنس. هن کي جو چانديءَ جو پيالو انعام ۾ مليو هو، سو ڏسي سندس ماءُ ۽ ڀاءُ ته گهڻو ئي خوش ٿيا هئا، پر جڏهن هڪڙي ڀيري پڻس صفي ۾ اهو پيالو هڪڙي جاري تي رکيل ڏٺو ۽ انهيءَ تي اڪريل هو سو پڙهي ڏٺائين، تڏهن هن نفرت مان ”رالف“ کي چيو ته ”هي کڻي وڃي پنهنجي جاءِ ۾ رک!“ +هميشه وانگي، ”رالف“ کان پڻس لکڻ پڙهڻ جو ڪم وٺندو هو؛ رڳو ”مارٽن، سان دل وندرائڻ جي لاءِ به پوري موڪل نه ملندي هيس- فقط ”ڪرسٽي، سندس سنگت ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي محبت هوندي هئي، تڏهن به هو هن کان گهڻو ننڍو هو، ۽ هن جي صحبت ههڙي همت ڀرئي، مضبوط ۽ عام اسڪول جي پڙهيل ڇوڪري جي لاءِ ڪافي نه هئي. انهيءَ سبب، پڻس جي جا کيس منع هئي ته ڪنهن طرح ”لارڊ گلينلن“ سان نه گڏجي ۽ نه ڪو واسطو رکي تنهن ڪري ”رالف“ کي ڏاڍو خفو لڳندو هو. هن جي نسبت ۾ هن جي راءِ چڱي هوندي هئي، ۽ کيس وڻندو به هو؛ ته به هنيئر لاچار ٿي، هن پيءُ جي حڪم جي بجا آڻڻ جو ارادو ڪيو. +ڳچ وقت تائين ”رالف“ ائين ڪندو رهيو. ”گلينلن“ کي سندس سنگتيءَ جي نه ملڻ جي سچي خبر ڪانه هئي. هن ”مارٽن کي به ٻه ٽي ڀيرا ڏوراپو ڏنو هو ته ”رالف“ ڏاڍو ڪلاڪ ٿيو آهي ۽ منهن ئي نٿو ڏيکاري، ”مارٽن“ کي ”گلينلن“ سان گڏجڻ جي پيءُ جي طرفان روڪ ڪانه هئي. ”سرهينريءَ“ کي پنهنجي پٽ تي پورو ڀروسو هو. اُميد اها هيس ته هو پنهنجيءَ سنگت ۾ ”گلينلن“ کي سڌاريندو، پر پاڻ هن جي صحبت ۾ نه کرندو؛ تنهن کان سواءِ ”لارڊ ڊانرل“ جو پنهنجي پٽ سان اسڪول مان تڙجي بي آبرو ٿي نڪرڻ ڪري ڪاوڙيل هو، تنهن ”سر هينريءَ“ کي منٿ ڪئي هئي ته پنهنجي ”مارٽن“ کي هن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ڏئي، ته من هو بهتر ٿئي؛ پر ”گلينلن اهڙو ليڪو لنگهيو بيٺو هو، جو ”مارٽن“ جي صحبت هوندي به پنهنجي عادتي حرڪتبازيءَ ۽ نادانيءَ کان رهندو نه هو. +باب پندرهون +”گلينلن“ جون مشڪلاتون ۽ ��صيبتون +”لارڊ گلينلن“ وڏو خانداني ماڻهو هو؛ وڏي نالي ۽ ورثي ملڻ جي اُميد هيسڍ؛ خوبصورت، تندرس، خوش خلق ۽ چالاڪ هو؛ تنهن ڪري هو پاڻ کي نصيب وارو سمجهندو هو، ۽ زماني جي گردش ۽ دنيا جي آفتن ۽ مصيتبن جو ڪو به ڊپ ڪونه هوندو هوس. خوش گذارڻ ۽ دل وندرائڻ هن پنهنجو فرض ٿي سمجهيو. هن وٽ فرض جي معنى ٻي ڪانه هئي. هن پنهنجي حالت ۾ پڙهڻ، محنت ڪرڻ، علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ، عقل ۽ هوش سڌارڻ عير ضروري ٿي سمجهيا؛ هن ڀانيو ٿي ته شريف ۽ خانداني ماڻهو اهو آهي جو سست رهي، جاهل ٿي گذاري، عيش عشرت ڪري، ۽ جيئن دل چويس تيئن ڪري. +پر پندرهن ورهين جي عمر ۾ ئي هن کي ٿورو گهڻو معلوم ٿي رهيو ته اهو سندس خيال برابر ناهي. شڪار مان بيزار ٿي پيو، ۽ بين دل جي خوشين پورين ڪرڻ ۾ هن کي گناهه ۽ نافرماني ڪرڻي ٿي پيئي. اسڪول جي تعليم پوري ٿيڻ کان اڳ ئي هن پنهنجي سنگتيءَ ”مارٽن آرلبيءَ“ جي خوشحالي ۽ نيڪ اخلاقي ڏسي، اڌ پڪو ارادو ڪيو هو ته ٻي خراب سنگت ڇڏي ڏئي ۽ آئيندي لاءِ نئون ۽ بهتر رستو وٺي. پر هن جهڙي ماڻهوءَ جا ارادا خدا جي توفيق ۽ مدد کانسواءِ اهڙا آهن جهڙا پاڻيءَ تي ليڪا، يا واريءَ تي اکر. هو ”مارٽن“ جون نصيحتون ۽ صلاحون ٻڌندو هو، ليڪن انهن تي هلڻ مشڪل لڳندو هوس. آخر هن پنهنجي باطني سڌاري جو وجهه وڃائي ڇڏيو، ۽ اهڙي صورت ۾ اچي بيٺو جو هن کي اوچتو ”ايٽن“ مان نڪرڻو پيو. پوءِ هن کي معلوم ٿيڻ لڳو ته حياتيءَ جو تمام ضروري ڀاڱو خراب طرح گذري ويو ۽ آئيندي لاءِ به روشنائيءَ جي بدران اونداهي ٿي سجهي. +اسڪول مان هڪالجي نڪرڻ جو هن کي ڏاڍو ڏک ۽ شرم ٿيو ۽ ٿورو گهڻو پڇتائڻ لڳو. ماٺ ڪري ٽپڙ ٻڌي، اٿي هليو، اسڪول وارن مان به رڳو ”مارٽن ساڻس گڏجي اسٽيشن تائين اماڻڻ ويس. انهيءَ ڏٺس ته رواني ٿيڻ مهل سندس اکين ۾ پاڻي آيو هو، ۽ انهيءَ جو گهڻو عجب لڳس، جو هن جي عادتي سخت- دليءَ جي خبر هيس پر زياده عجب تڏهن لڳيس ها، جڏهن خبر پويس ها ته جڏهن گاڏي اٿي هلي تڏهن ”گلينلن“، پاڻ کي اڪيلو ڏسي اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. اڳي جڏهن پڻس ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙيو هو ته هي ڪا پرواهه ڪانه ڪندو هو، جو ڄاڻندو هو ته منهنجو قصور ڪونهي؛ پر هاڻ پڪ هيس ته قصور منهنجو آهي، تنهن ڪري پيءُ جي ڪاوڙ لاهيندس. +هو ”ڊانرل ڪئسل“ تائين وڃي پهتو، ۽ ٿوري گهڻي ڊپ ۽ حجاب سان اندر صفي ۾ پير وڌائين. هن کي ڏسي، نوڪرن کي به سندس حالت تي رحم آيو جو هنن کي اڳي ئي حقيقت معلوم ٿي هئي. +”لارڊ ڊانرل“ شڪار تي ويل هو، تنهن ڪري رڳو رات جي مانيءَ جي وقت پٽ کي ملي سگهيو، اتفاق سان هن انهيءَ ڏينهن ڪيترن ئي ٻين ماڻهن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي، ۽ اهي اچي گڏ ٿيا هئا، تنهن ڪري هو پٽ کي سواءِ شوخ نگاهن جي ٻيو ڪي چئي نه سگهيو، نڪي وري ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتي وقت هن کي خلاصو گڏجي سگهيو؛ انهيءَ ڪري ”گلينلن“ کي همت آئي ۽ جيڪو ارادو نماڻائي۽ فرمانبرداريءَ جو ڪيو هئائين، سو بي بنياد ۽ غير معمولي هئڻ ڪري لڏڻ لڳو. ۽ سندس اڳوڻي طبعي مغروري ۽ عادتي مغز ڦريلائي موٽڻ لڳي. هو پنهنجيءَ دل ۾ حجت، دليل ڪري پاڻ کي بي قصور ٺهرائڻ لڳو، ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. انهيءَ هوندي به، جي ”لارڊ ڊانرل“ غصي جي بدران ڏک ۽ نفرت جي بدران افسوس ظاهر ڪري ها ته ڪم ٺهي پوي ها؛ پر هن ائين نه ڪيو، ۽ پٽ کي راه تي آڻڻ جو وجهه وڃائي ڇڏيائين. +صبح جي ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن پٽ خلاصو مليس، تڏهن ”لارڊ ڊانرل“ چڙ مان چيس ته ”هائورڊ، تون منهنجيءَ جاءِ ۾ اچ، ته اتي تو سان ڪي ڳالهايان“ گلينلن، پيءَ جي چڙ معلوم ڪري ماٺ ڪري هن جي پٺيان لڳو. ”ارل“ پنهنجي پڙهڻ واري جاءِ ۾ وڃي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو، ۽ پٽس به پاڻيهي سواءِ چوڻ جي، ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. لحظي تائين ٻنهي ماٺ ڪئي ۽ ڇوڪر بيڊپائيءَ سان پيءُ جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي ويٺو. نيٺ چوڻ لڳو ته ”بابا، ڪهڙي ڪم لاءِ مون کي سڏيؤ؟“ +”ارل“ ڪاوڙ مان چيس ته ”ڪهڙو ڪم؟ ايٽن مان هڪالجي، عمر لاءِ رد ٿي، شرمندو ۽ لڄي ٿي آيو آهين، سو بس ناهي جو اهڙيءَ بيحيائيءَ سان ٿو ڳالهائين، جو ٻيو ڪو ڀائيندو ته اتي هي ڪو وڏو انعام کٽي ۽ نالو ڪڍيو آيو آهي!“ +”گلينلن“ بيپرواهيءَ سان چيو ته ”مون ڪو اتي اهڙو خراب ڪم ڪونه ڪيو آهي!“ ”لارڊ ڊانرل“ وڏي آواز سان چيو ته ”نشئي ٿيڻ خراب ڪم ناهي؟ يا اسڪول مان تڙجي نڪرڻ ۽ وري ڪنهن به ڌنڌي يا نوڪريءَ جي لائق نه ٿيڻ، يا هن عمر ۾ قرض کڻڻ، اهي خراب ڪم ناهن؟“ ائين چئي ”ارل“ شاپ وارن جي بلن جو بنڊل، جو انهيءَ ڏينهن تازو اچي مليو هوس، سو اڇلائي ڏنس. +”گلينلن“، البت شرمندگيءَ سان، چيو ته ”مون نٿي ڀانيو ته ڪو منهنجا خانگي خطر پرپٺ کوليندؤ.“ +”ارل“ چيو ته ”بس ڪر، هاورڊ، مون کي ڳالهائڻ جو اهو ڊول نٿو وڻي! تنهنجن نڪمن خانگي خطن کي آءٌ ڏسندس به ڪين- اهي اٿئي- کڻي، هتان نڪري وڃ!“ ائين چئي سندس خط اڇلائي ڏنائينس، جي فرش تي پکڙجي پيا. +”گلينلن“ اٿي گهنٽيءَ تي هٿ رکيو ۽ چوڻ لڳو ته آءٌ گهنٽي ٿو وڄايان ته نوڪر هي خط چونڊي مون کي پنهنجيءَ جاءِ ۾ آڻي ڏئي. +”ارل“ دهشت مان وڏي آواز سان چيو ته ”خبردار، متان منهنجي روبرو اهڙي ڪا گستخاني ڪئي اٿئي- پاڻيهي پنهنجا خط چونڊي کڻ! اهي تنهنجا اسڪول وارن سنگتين جا آهن. اڳتي توکي سخت منع ٿو ڪريان ته پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪنهن سان لکپڙهه نه ڪر. تو منهنجو سڀ ويساهه وڃائي ڇڏيو آهي. في الحال جيڪو خط تو وٽ اچي، سو پهرين مون کي ڏيکاري پوءِ وٺ ۽ پڙهه، نه ته نه. آءٌ هيستائين تو سان مروت ۽ مهربانيءَ سان پئي هليو آهيان، پر اڳتي آءٌ توکي پنهنجي مهربانيءَ سان ڪين کاريندس. هاڻ هليو وڃ.“ +”گلينلن“ ماٺ ڪري اٿي هليو. جڏهن در وٽ آيو، تڏهن پڻس وري سڏي چيس ته هاؤرڊ، ائين متان ڄاڻين ته اسڪول مان نڪرڻ جي ڪري توکي ڪن هفتن جي موڪل ملي: تنهنجي آئيندي جي تعليم جي مون اڃا ڪا رٿ نه ڪئي آهي، مگر منهنجي مرضي ناهي ته تون جهنگ ۾ ڪتن جي پٺيان گهوڙو ٽپائيندو وتين. اڳتي منهنجي موڪل کانسواءِ گهوڙي تي به نه چڙهندو وڃ. في الحال توکي اها موڪل ڪانهي. جي تو يا ڪنهن نوڪر منهنجي حڪم جي انحرافي ڪئي آهي، ته توکي نقصان رسندو.“ +”لارڊ گلينلن“ چيو ته ”جي آءٌ شڪار نه ڪندس، ته هن سڃيءَ جاءِ ۾ ٻيو آءٌ ڇا ڪري سگهندس. شرم جي ڳالهه آهي!“ +”ارل“ چيو ته ”بس ڪر، هاؤرڊ، مون کي وڌيڪ نه چيڙاءِ، نه ته پاڻيهي خبر پونديئه. ٻيو هي به ٻڌي ڇڏ: آءٌ تنهنجن هنن بلن جا پئسا ڪين ڏيندس، جن بيوقفن توتي ويساهه ۽ پت رکي توکي سامان ڏنو آهي، سي جٺ جا لائق آهن. ڀلي ته پنهنجن پيسن جو نقصان سهن!“ +”گلينلن“، موڳو ٿي در تي بيهي رهيو. هن لنڊن جي واپارين کان ڪوڙ ڏيک ڪري، ڪپڙا ۽ جواهر ۽ ٻيو سينگار جو سامان ورتو هو، ۽ اها ڳالهه پسند نٿي آيس ته هو ڄاڻن ته هن کي پيءُ جي موڪل ڪانه هئي، ۽ رڳو ٺڳي ٿي ڪيائين، نڪي ائين وسهيو ٿي ته پڻس اها ڳالهه ساڀيان ٿو چوي. آخر نماڻو ٿي، چوڻ لڳو ته ”بابا، اوهين ڀلائي ڪري ضرور اهي پيسا ڏيئي ڇڏجو!“ +”ارل“ ڇوهه مان چيو ته ”هڪڙو شلنگ به ڪين ڏيندس، چڪاس ۽ جانچ کانسواءِ ۽ خاطريءَ ڪرڻ کان اڳ، ڪجهه به ڪين ڏيندس.“ +هن چيو: ”پر، بابا مون جو شيون اوهان جي نالي تي ورتيون؟“ +”لارڊ ڊانرل“، حيرت ۾ پئجي وڏي آواز سان چيو ته ”منهنجي نالي تي ائين آهي ڇا- تو واپارين کي چيو ته منهنجي مرضيءَ ۽ منظوريءَ سان سامان ٿو وٺين؟“ +هن چيو ته ”هائو.“ +”لارڊ ڊانرل“ ڪاوڙ ۽ نفرت مان چيو ته تڏهن تو هيترا ڪوڙ ڳالهايا! نڪما ۽ ڪميڻا ڇوڪرا، شرم جي ڳالهه آهي!“ پوءِ ڪاوڙ مان هن کي پٺي ڏيئي، اٿي دريءَ ڏي هليو ويو. +”گلينلن“ ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري پيءُ وٽ ويو ۽ سندس هٿ وڃي ورتائين. هن ڪاوڙ مان هٿ ڇنڊي ڇڏيس، ۽ چوڻ لڳس ته ”شرم جي ڳالهه آهي- ٿين ”ڊانرل“، ۽ ڳالهائين ڪوڙ! منجهين اکين کان ٽري وڃ، منهنجي اڳيان بيهڻ جو لائق ناهين!“ +انهيءَ دم ”گلينلن“ جي شرمندگي ۽ ڦڪائي اُڏامي ويئي، ۽ سندس منهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو. ڦري پيءُ ڏي منهن ڪري، هڏيءَ مان چيائين ته ”اهي پيسا اوهان کي ضرور ڀرڻا ٿيندا!“ +”ارل“ وري به چيس ته ”شجھرم! ڊانرل، ۽ ڪوڙو! اڃا پيو ترسين- هڪدم نڪري وڃ! جيڪو حڪم ڏنو اٿمئين، سو ياد رکج.“ +ڇوڪر چڙ مان نڪري، زور سان در ڦهڪو ڪرائي، پوري هليو ويو ۽ وڃي پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويٺو ۽ جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن تي خيال ڪرڻ لڳو. پڪ هيس ته بابو اهي پيسا ضرور ڀري ڏيندو؛ پر هن کي اڃا به ٻيا ڪي قرض سجهيا ٿي، جي زياده بُرا ۽ نازڪ هئا، ۽ جن جي خبر پيءُ کي ڏيئي نٿي سگهيو. هو گهڻن ڏينهن کان ڪن اسڪولن جي کريل شاگردن سان شرطون ٻڌي ڪم ڪندو هو ۽ جوابازي ڪندو هو. انهيءَ جي لاءِ هن کي وڏيون رقمون قرض جون کڻڻيون پيئون هيون ۽ ڄاتائين ٿي ته جيسين پڻس ڪاوڙيل هوندو تيسين اهو بار مٿانئس لهي نه سگهندو. +انهيءَ ڏينهن جيڪي خط آيا هئس، تن مان گهڻن ۾ انهن قرضن جي يادگيري ڏياري ويئي هيس ۽ تاڪيد ڪيو ويو هوس. انهن جو هن جي دل تي جي ٻيو اثر نه ٿيو هو، ته به ايترو ته ٿيو هو جو هاڻي سمجهڻ لڳو هو ته اهڙن ماڻهن جي سنگت خراب ۽ نقصان واري آهي. پر، هو سڄو ئي پنهنجي نوڪر ”ڪلارڪ“ جي هٿ ۾ هو: انهيءَ کي هن جي عيبن ثوابن جي سموري خبر هئي ۽ هِن جون ڳجهيون حرڪ بازيون هن کان لڪل نه هيون. انهيءَ ڪري هو ”گلينلن“ تي غالب ۽ قابض هوندو هو. +* * * +پيءُ جي پوئين ملاقات کانپوءِ هڪڙي ڏينهن ”لارڊ گلينلن“ ڪوچ تي ليٽيو ڪو ڪتاب پئي پڙهيو، ته ”ڪلارڪ“ گهڙي آيو. اڳي وانگي هن پنهنجي انهيءَ نوڪر کي پيسن پيدا ڪرڻ جي تجويز بابت چيو هو، پر هن پيسن جي گهڻائيءَ جو عذر پئي ڏنو. هن ڀيري هو انهيءَ بابت ڪا سٽ سٽي آيو هو. ”گلينلن“ غصي ۾ ويٺو هو. شوخيءَ سان پڇيائينس ته ”ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟“ ”ڪلارڪ“ بيحيائي سان جواب ڏنس ته ”سائين، اوهان سان ڪي ڳالهائڻ آيو آهيان. هن چيو ته ”مون سان ڳالهائڻ؟ هان، وٺ انهيءَ بابت ويهي ڳالهاءِ!“ ائين چوڻ کان اڳي، هن هٿ وارو ڪتاب مٿي ۾ اڇلائي هنيس. هن گسائي مٿو ڪڍي ورتو، ۽ ڪتاب کڻي هٿ ۾ ڪيائين. ذري گهٽ موٽائي هن کي ٿي هنيائين، پر پاڻ کي روڪي، هن کي چوڻ لڳو ته ”سائين، اهڙي هلت مون سان نه ڪريو، نه ته پوءِ پشيمان ٿيندؤ.“ +”لارڊ گلينلن“ ڪاوڙ مان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ رڙ ڪري چيائين ته ”ڇا، پشيمان ٿيندؤ! ڪهڙي طاقت آهي توکي اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ جي؟“ +هن جواب ڪونه ڏنس، ماٺ ڪري مرڪي، کيسي مان ڪاغذن جي ويڙهي ڪڍيائين. اهي قرض خواهن جا ڪاغذ هئا، ۽ سندس رسيدون ۽ اقرار ناما هئا، جي قرضن کي ڏنا هئائين. گهڻين رقمن جي چٺين جي ته هن کي يادگيري به ڪانه هئي، ته ڪڏهن جون آهن ۽ اهي موٽي ڏنيون ويون آهن يا نه. اُهي سڀ. ”ڪلارڪ ک��لي سندس اڳيان ميز تي کڻي رکيون. پوءِ چوڻ لڳو ته جناب هاڻي مهرباني ڪري هي پيسا ڏيو. اهي مون پنهنجي هڙان ته اوهان کي نه ڏنا آهن. يودي دلالن ۽ وياج خورن کان ورتا هئم. . جي اهي پئسا هڪدم نه ڏيندؤ، ته اوهان کي نه ڇڏيندا، نڪي آءٌ ئي ڇڏيندس. اوهان اڪثر مون کي اجايو سجايو پئي ڳالهايو آهي. اڳتي آءٌ اوهان جي ٽنگاماڻي نه کڻندس!“ +”لارڊ گلينلن“ چيو ته ”بيوقوف، اهي پيسا ڪنهن ڏينهن آءٌ توکي پاڻيهي ڏيندس؛ آءٌ ٿورن ورهين ۾ صغيري جي عمر کان مٿي چڙهندس. توکي يا تنهنجي يهودين کي جيترو به وياج گڏ ٿيندو؛ انهيءَ سميت ڏيندس. حرامخور، هاڻي دلجاءِ ٿيئي؟“ +”ڪلارڪ“ گستاخيءَ ۽ ڪميڻائيءَ سان چيو ته ”ڀلائي ڪري مون کي گاريون نه ڏيو، سنڀالي ڳالهايو نه ته آءٌ اوهان جو وات بند ڪندس! ڏيڍ سؤ پائونڊ هڪدم ڪڍي هتي رکو، آءٌ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان!“ +”گلينلن“ حيران ٿي چيو ته ”ڏيڍ سؤ پائونڊ! آءٌ قسم ٿو کڻان ته انهيءَ رقم جي اڌ جيترا پيسا به مون ڪڏهن توکي اڌاري کڻڻ لاءِ نه چيا!“ +”لارڊ گلينلن“ اهي ڪاغذ کڻي ڏسڻ ٿي گهريا، پر ”ڪلارڪ“ چالاڪي ڪري اهي کڻي ويڙهي وري کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. +”گلينلن“ جو منهن ۾ چڙ ۽ نااُميديءَ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو؛ پر ”ڪلارڪ“ بيحيائيءَ سان ڏند ڪڍي کلڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين، هاڻ ٻڌو: آءٌ اوهان کي نوڪري ڇڏڻ جو اطلاع ٿو ڏيان، منهنجي مرضي آهي ته آءٌ پنهنجي مالي حالت سڌاريان، ۽ هتان لڏي آسٽريليا ڏي وڃان، انهيءَ ڪم لاءِ مون کي پيسو گهرجي؛ اوهان کان اهي پيسا لهڻان، ۽ جيسين اهي مون کي نه ملندا، تيسين آءٌ هتان نه ويندس.... نه ته آءٌ وڃي ارل کي اوهان جو هڪڙو ٻيو ڳجهه ٻڌائيندس، پوءِ پاڻيهي خبر پوندي! پاڻ وٽ گهڻائي ڳجهه آهن، جي هو ڄاڻڻ گهرندو.“ +اهو دڙڪو ڏيئي مُرڪي هو اٿيو، ۽ آهستي جاءِ مان نڪري ويو. وري در مان منهن اندر وجهي چوڻ لڳو ته ”ياد رکجو. مهيني کان اڳي ڏجو، نه ته پاڻيهي خبر پونديو!“ +”لارڊ گلينلن“ اڪيلو ٿيو، ۽ نااُميدي ۽ فڪرات آڻي ورايس. اڳي کان گهڻين مشڪلاتن ۾ هو، پر هيءَ نئين مشڪلات انهن سڀني کان ڳري ۽ ڏکي هئي. پڻس جي نفرت ۽ سختي سجهيس ٿي: هو کيس ڏسڻ ئي نه گهرندو هو. +ويتر وري شڪار ۽ ٻيءَ وندر جي به منع ڪئي ڪيائينس، سو وري ڪيئن ههڙو قرض ڀري ڏيندو جو کانئس وڃي پيسا گهري، مورڳو ٻيا ڦڪڙ ڦاٽي پون، جنهن ڪري عمر لاءِ پيءُ جي مهربانيءَ کان رد ۽ نااُميد ٿئي! انهن سڀني ڳالهين تي هو خيال ڪرڻ لڳو ۽ ڪو به ڇوٽڪاري جو رستو نٿي سجهيس. بي آرام ٿي ڪوچ تي هيڏي هوڏي ليٽيو؛ ڪتاب پڙهڻ وسري ويس؛ وهاڻي تي منهن اونڌو ڪري روئڻ لڳو. +باب سورهون +گلينلن جو ڪِرڻ +گلينلن کي فقط هڪڙو دوست ٿي سجهيو، جنهن تي هن جو ڀروسو هو، ۽ جنهن جي ساڻس همدردي هئي- اهو هو ”مارٽن آلربي“. هو پنهنجي اندر جو حال ڪنهن وڏي مائٽ سان ڪري نٿي سگهيو، نڪي ”سر هينري آلربيءَ“ سان جڍو جيڪو اهڙين مشڪلاتن ۾ خوشيءَ سان صلاح مصلحت جي مدد ڏئيس ها، تنهن ڪري هن خط لکڻ سان، ”مارٽن“ جي صلاح ۽ مدد ڳولي. هن صفا لکيس ته ”ساري حقيقت پنهنجي پيءُ کي ٻڌاءِ، ۽ انهيءَ جي اڳيان پنهنجا ڏوهه قبول ڪري، انهيءَ کان معافي ۽ بچاءُ گهر.“ +هن ”مارٽن“ جي صلاح چڱي ڄاتي، ۽ انهيءَ تي هلڻ جو ارادو ڪيائين؛ پر دل ۾ چيائين ته ”جي بابي جي ڪاوڙ گهٽ ڏسان ۽ مهربانيءَ جو رخ ڏسانس، ته پُوءِ کڻي ساڻس سچي ڳالهه ڪريان. لارڊ ڊانلر، وري سمجهيو ٿي ته مون هيستائين مهربانيءَ سان پٽ کي کارايو آهي، تنهنڪري هاڻ هن سان زياده سختي ڪريان، ته هو منهنجو پور�� فرمانبردار ٿئي. ڪچيءَ جو کريل ٻار مشڪل وري راهه تي اچي. انهيءَ هوندي به، ”لارڊ گلينلن“، نفس ماري، ارل جي جاءِ وٽ ويو؛ انهيءَ ارادي سان ته هن کان گذريل خطائن جي معافي گهري ۽ آئيندي لاءِ سندس مهرباني ۽ مدد گهري. ڏڪندي ڏڪندي ”گلينلن“ در کڙڪايو پر جواب ڪونه آيو؛ پٽڻ جي ڪوشش ڪيائين، ته معلوم ٿيس ته در کي ڪلف آيل آهي. صفي جي هڪڙيءَ دريءَ کان ڏسڻ ۾ آيس ته گهوڙي تي چڙهيو، ڪنهن پاسي ٻيو وڃي تنهن ڪري هو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو. صفحي ۾ خانسامان مليس، تنهن کان پڇيائين ته ”بابو ڪڏهن موٽي ايندو؟“ +هن وردي ڏني ته ”سائين مون کي خبر ناهي. لارڊ صاحب تڪڙ ۾ هليو ويو آهي. جو ريل تي ڪو خراب اتفاق ٿي پيو آهي. ۽ هڪڙي ماجسٽريٽ جي اتي گهرج هئي، تنهن ڪري سڏيو هئائونس. آءٌ ڀانيان ٿو ته البت اوڏي وقت لڳندس. +پوءِ بورچي ته هليو ويو، پر ”گلينلن“ کي اوچتو هڪڙو شيطاني خيال اچي دل ۾ پيو. ذري تائين ترسيو، دل هڻڻ لڳو، پوءِ نيٺ پنهنجي جاءِ ڏي موٽڻ جي بدران هڪ تڪڙو باغ ڏي ويو، ۽ وري سگهوئي اتان موٽيو. هيڏي هوڏي نهاري ڏٺائين ته ماڻهو نظر ڪونه ٿو اچي؛ نڪو ڪنهن جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. رڳو وڏي گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ پئي آئي، ساهوارن مان رڳو هڪڙو مور سو هو. جو اتي پئي ٽليو. +”لارڊ گلينلن“ کي پنهنجي پيءُ جي عادت جي خبر هئي ته ڏينهن جو جڏهن اوچتو ڪنهن پاسي وڃڻو هوندو هوس. تڏهن ڪاغذ پٽ يا پئسا بند ڪري، جاءِ کي ڪلف ڏيئي، ڪنجي پاڻ سان کڻي ويندو هو؛ پر هن ڀيري جو کيس تڪڙو سڏ هو. تنهن ڪري ”لارڊ ڊانرل“، جو اڪثر غفلت وارو ماڻهو هوندو، سو نڪي جاءِ جي دري بند ڪري ويو، نڪي پنهنجا پئسا بند ڪري ويو. +جڏهن ”لارڊ گلينلن“ لنگهندي ڏٺو ته جاءِ جي دري پٽي پئي آهي، تڏهن خبرداريءَ سان اها زياده پٽي، ٽپ ڏيئي اندر ويو، اتي پورو ڪپت جا خيال دل ۾ اچڻ لڳس جي شايد هڪ هفتو اڳي اچنس ها ته شرمندو ٿئي ها – هينئر ڄاتائين ته خوف ۽ مشڪلات مان نڪرڻ جو چڱو وجهه مليو آهي. اها هن جي لاءِ سخت آزمائش جي گهڙي هئي. انهيءَ هڪڙي ئي گناهه ڪرڻ سان هن جي عمر جي هلت ڦري ٻي ٿي وڃڻي هئي. اهڙن آزمائش جي وقتن تي وڏا وڏا ڏوهاري دهلجي رهيا آهن، جيتوڻيڪ نفس ۽ شيطان وڏن وڏن بزرگن کي به ڀلائي وڌو آهي، تنهن ڪري جڏهن ”لارڊ گلينلن پيسن جي پيتي ميز تي کليل ڏٺي ، تڏهن پهرين ته هٿ لائڻ کان به ڊپ ٿيس، چوريءَ جهڙو ڪم هن کي خوفناڪ ۽ شرم جهڙو نظر آيو، انهيءَ ڪري ٻيو خيال آيس ته چيڪ بوڪ جو ميز تي پيو آهي، تنهن جو ڪو فائدو وٺان- پئسن جي خبر هيس ته غفلت ڪري اڌ کليل چيڪ به ڇڏي ويندو آهي ۽ حساب به پورو نه رکندو آهي، وري اهو خيال به دل ۾ آيس ته ”بابي جا پيسا سي منهنجا آهن- خاص اهڙا جن جي گم ٿيڻ ڪري هن کي خبر به ڪا نه پوندي. نه ڪا تڪليف رسندي يا گهرج ٿيندي، تنهن کان سواءِ وري به اوترا پيسا موٽائي رکي سگهندس- جن ته ٿوري وقت تائين اڌارا ٿو وٺان ۽ اهي به پنهنجي پيءُ کان“. اهي مزي جا خيال انهيءَ مهل هن جي دل ۾ آيا، لالچ ۽ حرص جا خيال هميشه وڻندڙ ٿيندا آهن ۽ انهن جي ٻولي هميشه مٺي ٿيندي آهي، جنهن تي اڪثر ماڻهو موهجي ڀلجي ويندا آهن. +”گلينلن“ جي اکرن جو شان بلڪل پيءُ جي اکرن جهڙو هوندو هو، انهيءَ ساري خاندان جا ماڻهو اڪثر وڏا ڪشادا اکر لکندا هئا ۽ انهيءَ تي فخر ڪندا هئا. ”لارڊ ڊانول“ ننڍي هوندي، پاڻ سعيو ڪري پٽ کي پنهنجي روبرو مشق ڪرائيندو هو. اهو اکرن جو ڊول نقل ڪرڻ به تمام سولو هو. ڪيترا ڀيرا اڳي ”گلينلن“ چرچي يا خوش طبعيءَ ۾، پيءُ کي سندس صحيح وجهي ڏيکاريندو هو، ۽ پڻس سڃاڻي نه سگهندو هو ته سندس صحيح ڪهڙي آهي ۽ هن جي کليل ڪهڙي، تنهن تي هو خوش ٿي پٽ کي چوندو هو ته ”شاباس، هاؤرڊ، هاڻ توکي ڊانول جي خاندان وارن اکرن لکڻ جو ڊول چڱو هٿ آيو آهي!“ +ڇوڪر ٿوري دل هڻڻ کان پوءِ ٿيو، ۽ چيڪ- بوڪ کڻي انهيءَ مان هڪڙو چيڪ ڦاڙي ڪڍيائين، جيڪي پيسا قرض لاهڻ ۽ مشڪلات مان نڪرڻ لاءِ گهربا هئس، سي انهيءَ ۾ لکيائين ۽ پنهنجي پيءُ جي صحيح واري هنڌ، جعلسازي ڪري، پيءُ جي صحيح وڌائين پوءِ وري اهو چيڪ- بڪ سنڀالي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيائين ۽ دريءَ مان ٽپ ڏيئي نڪري آيو. اهو سڀ ڪم هن هڪڙي لحظي ۾ ڪري ورتو، وري به هيڏي هوڏي ڏٺائين ته ماڻهو نظر ڪونه آيس. چوڌاري ماٺ لڳي پئي هئي- رڳو مور سو سندس ساريءَ ڪارگذاري جو شاهد هو، ٻيو ڪو به ساهوارو مٿانئس چاري نه هو. انهيءَ هوندي به هن ڊپ کان ايئن پي ڀانيو ته ڄڻ هزارين اکيون منجهس کتل آهن ۽ هزارين آواز سندس چوريءَ ۽ جعلسازيءَ تي ٻيا خندو ڪن ۽ طعنا هڻڻ، چورن وانگي، لڪي ڇپي، باغ مان لنگهي، ڦري وري صفي ۾ آيو؛ اتي اچي سنئون ساهه کنيائين؛ پر اتي به گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ هن کي ڄڻ ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي آواز يا کڙڪي وانگي پئي لڳي. اتي انهيءَ گهڙيال يارهن وڄايا. ياد هوس ته اڳهڻو جڏهن پهرين صفي ۾ آيو هو، تڏهن يارهن ۾ ڏهه منٽ هئا، پر انهن ڏهن منٽن ۾ هن ڇوڪر جي حياتيءَ جي تاريخ ۽ ڪمبختي مصيبت ۾ پوري ٿي ويئي، هڪڙو چيني پهاڪو آهي ته ”لحظي جي خطا، عمر جو عذاب“ ۽ هيءَ به چوڻي آهي ته ”تر جي گٿي سؤ چوٿون کائي.“ +اهو ڪم ڪري، ڇوڪر نه نڪتو پر اهو سڄو ڏينهن اندر جا چڪ پئي لڳس ۽ ذري ذري انهيءَ خراب ڪم جا خيال دل ۾ پئي آيس، اگرچ ڪنهن ڏٺو به ڪين هوس، ۽ ڏوهه ظاهر ٿيڻ جو به ڊپ ڪونه هوس، ته به آرام ڪونه هوس ۽ پاڻ کي سلامت نٿي سمجهيائين، ڪڏهن وڏو گناهه ماڻهوءَ کي اڳوڻا گهڻا گناهه نئين سر ياد ڏياري اندر جلائي، هن جي دل ۾ سوجهرو پيدا ڪندو آهي، جنهن ڪري بڇڙو ماڻهو به وري عمر لاءِ چڱو ٿي پوندو آهي، ان موجب، ”گلينلن“ جو به انهيءَ گناهه ڪرڻ کان پوءِ اندر جلڻ لڳو، پاڻيهي پئي سمجهائين ته آءٌ هاڻ بلڪل خراب ماڻهو ٿيو آهيان، جو اڳي نه هوس اهڙيءَ حالت ۾، ڪن ماڻهن آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسي ۽ ڦريل ڄاڻي روئي ڏنو آهي. اهڙي سچ جي آرسي هينئر ”گلينلن“ جي به اڳيان هئي جنهن ڪري پنهنجي صورت ۽ سيرت ڦريل ۽ خراب ٿيل ٿي ڏٺائين. جيڪا ٿوري گهڻي خوشي هيس، ته اها هيس جو ڄاتائين ته هاڻ مشڪلاتن کان ڇٽس ۽ پنهنجي نوڪر جي چنبي مان آزاد ٿيس، پر پوءِ جي عذابن جو دل تان بار نٿي لٿس، دل جو مونجهارو سندس ملول ۽ فڪر واري منهن مان پئي معلوم ٿيو. ”لارڊ ڊانرل“ ۽ ”ڪلارڪ“ جو به انهيءَ ڏي ڌيان ڇڪجي ويو، هنن سمجهيو نٿي ته هي ڪيئن اهڙو پشيمان ٿي ويو آهي. +”گلينلن“ کي هينئر جيڪا ڳڻتي هئي، سا اها ته انهيءَ چيڪ جو پاڻ وٽان نيڪال ڪري، جو اها سندس ڏوهه جي ثابتي اڃا ساڻس لڳي وئي. انهيءَ ڏينهن ته هن انهيءَ جي مٽائڻ لاءِ نوڪر کي نه چيو؛ ٻئي ڏينهن، صبح جو، مس دل جهلي جهلي، نوڪر کي خلاصو ڏسي، چيڪ کيسي مان ڪڍي چوڻ لڳس ته ”لارڪ، مون کي ڏي اهي رسيدون، هان وٺ هي پئسا.“ +هن ماٺ ڪري چيڪ ورتو ۽ پوءِ اکيون ڦاڙي، ڪڏهن چيڪ ۾ ۽ ڪڏهن پنهنجي ننڍي ڌڻيءَ ڏي نهارڻ لڳو. ”گلينلن“ جو چهرو ڦري ويو ته به هن ڪڇيو ڪين. هن کي هڪدم دل ۾ شڪ گذريو ۽ سهي ڪيائين ته حقيقت ڪيئن آهي. ٺهراءُ ڪيائين ته ڀلي هي پڪيءَ طرح منهنجي چنبي ۾ ڦاسي، سواءِ اڃا به هن جي منهن ۽ ڪاغذ ۾ واري سان پئي نهاريائين، ڄڻ ته ��ن دستخطن جو مقابلو ٿو ڪري. +”گلينلن“ همٿ جهلي، وري به چيس ته ”ڏسين ڇا ٿو، بابي مون کي اهي پيسا ڏنا آهن، برابر نه آهن ڇا؟ هاڻ کڻي وڃ، تنهنجو ڪم ٿيو. +نوڪر ڏند ڪڍي، چوڻ لڳو ته ”ها ها ها.... سائين ڪم ٿيو؛ آءٌ وڃان ٿو- پر هيءَ ڏسجي ته ڪا حرڪتبازي ٿي!“ ايئن چوندي، دروازي ڏي هليو. +”گلينلن“ سڏ ڪري چيس ته ”بيهه بيهه، تو مون کي رسيدون موٽائي نه ڏنيون آهن!“ +نوڪر، ٽهڪ ڏيئي، چيو ته ”ها ها ها، في الحال ڏيڻ نٿو گهران!“ ائين چئي، در مان نڪري ٻاهر ويو ۽ اتي بيهي چتائي نهارڻ لڳو، پوءِ وري در جا طاق پٽي، سسي اندر لنگهائي ڏٺائين. ”گلينلن“ پنهنجو مٿو هٿن تي رکيو، ڏک ۽ فڪر ۾ ويٺو هو. اهو حال ڏسي، ”ڪلارڪ“ کي پڪ ٿي ته منهنجو شڪ سچو آهي. هن تي قياس به آيس. آهستي، وري در ٻيڪڙي، هليو ويو، ڪڇيائين ڪين، پهه پچائيندو ويو ته هن وجهه جو فائدو وٺجي. +”گلينلن“ کي هينئر ڇا جو ڏک ۽ فڪر هو؟ ڄاتائين ته گناهه به ڪيم، حاصل به ڪين ٿيو؛ ڪتو به کاڌم، ڪک به نه ڀري؛ قرض جو اهو ئي مٿي تي بار رهيو، خلق جي خواري ۽ پيءُ وٽ بي آبروئي؛ لالچ ۽ لوڀ تي، هن پاڻيهي پاڻ کي کوهه ۾ وڌو. + + +باب سترهون +تمام دير سان اک پٽڻ +”ڪلارڪ“ کي ٿوريءَ جانچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته پيءُ ۽ پٽ اڃا پاڻ ۾ نه پرتا آهن. ”گلينلن“ نماڻو، صبر وارو ۽ فرمانبردار ٿيو پئي گذاريو، پر ”لارڊ ڊانرل“ اڳي وانگي ڪاوڙيل ٿي رهيو. ڪن ڏيڻ ۽ جهاتين وجهڻ سان ”لارڪ“ کي خاطري ٿي ته ”اول“ کي پٽ جي ڪارگذاريءَ جي ڪا به خبر ڪانهي ۽ نه هن انهيءَ کي ڪي پيسا ڏنا آهن؛ انهيءَ ڪري هو حرامخور ڏاڍو خوش ٿيو. چيڪ سندس هٿ ۾ هو، ۽ رسيدون يا پيسن جون قبوليتون به وٽس هيون. انهن مان هن پنهنجي فائدي ڪڍڻ جي رٿ ڪئي، ٻيو وري ”گلينلن“ جي ڏوهه جي ثابتي به هٿ ۾ هيس. تنهن مان به پيسي ڪمائڻ ۽ سندس اڳوڻين بدمعاشين جي ظاهر ٿيڻ تي پنهنجي جند ڇڏائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. +پٽ جو صبر ۽ مونجهارو ڏسي؛ ”لارڊ ڊانرل“ کي مٿس رحم اچڻ لڳو. اڳي مجلسن ۾ يا مهمانن جي اڳيان هو ڏاڍي خوش طبعي ۽ چالاڪي ڏيکاريندو هو، جنهن ڪري سڀ ماڻهو خوش ٿيندا هئا ۽ هن جي تعريف ڪندا هئا ۽ پاڻ انهيءَ تي فخر ڪندو هو، پر هاڻ اهو ساڳيو ڇوڪر گهوماٽيو وتيو ۽ سدائين ملول ڏسڻ ۾ پئي آيو. جڏهن ڪو مهمان ايندو هو ۽ گڏ ماني کائيندو هو، تڏهن هي ماٺ ڪري کائي هليو ويندو هو ۽ گهڻي گفتگو ڪانه ڪندو هو. +هڪڙي ڀيري جڏهن ”سر هينري آلربي“ آيو هو، تڏهن به ”گلينلن“ عادت جي برخلاف، انهن سان خوش ٿي گهڻو نه ڳالهايو، انهي جو پڻس کي عجب لڳو، موڪلائڻ مهل، ”سر هينريءَ“ آهستي ”لارڊ ڊانرل“ کي چيو ته ”لارڊ ڊانرل، ويچاري هاؤرڊ سان زياده سختي نه ڪريو. هميشه وانگي شڪار ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ ڏيندا وڃوس. ڀانئجي ٿو ته اوهان جي رنج ۽ ناراضپي جي ڪري هن کي گهڻو ارمان رهي ٿو، ڊپ آهي ته مٿان نااميديءَ جي ڪري کيس ڪو نقصان رسي!“ +”لارڊ ڊانرل“ جواب ڏنو ته ”هي ڇوڪرا ڏاڍا آزاد جهڙا آهن. آءٌ هنن تي نهايت گهڻو مهربان هوس، پر منهنجو ڇوڪر انهيءَ ڪري کرجي پيو آهي، ۽ بي آبرو ٿي اسڪول مان نڪتو آهي. اسان جو پاڙيسري، ڊگلس پنهنجي پٽ سان تمام سخت هلندو آهي، ته به هو پيو رڙيون ڪندو آهي ته رالف سست ۽ نافرمان آهي. سر هينري، آءٌ تو جهڙو نصيب وارو هجان ته چڱو!“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”نااميد نه ٿيو، گلينلن ٿورو کريو هوندو، مگر هن جي اصل چال تمام چڱي آهي. رالف ڊگلس جهڙو چڱي سڀاءُ وارو ڇوڪر نه ڪو ڳوليو لڀندو! مارٽن هن کي ڀاءُ وانگي گهرندو آهي.“ +”ارل“ پڇي�� ته ”هاڻ تڏهن اوهين مون کي انهيءَ بابت ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“ +هن جواب ڏنو ته ”آءُ ڀانيان ٿو ته هن کي کڻي معافي ڏيو ۽ وري مٿس مهربان ٿيو؛ رڳو اڳتي جي سنڀال رکو- نه حد کان وڌيڪ مهرباني ڏيکاريوس، نه وڌيڪ سختي ڪريوس. معاف ڪجو، جو قديم دوست ٿي، حجت ڪري، اوهان کي صفا ۽ سچي ڳالهه ٿو چوان.“ +”لارڊ ڊانرل“ هن جي شڪر گذاري ڪئي ۽ اڳتي ان جي صلاح تي هليو. جڏهن وري صفي ۾ آيو، تڏهن پٽ کي غمگينيءَ ۽ ملولائيءَ جي حالت ۾ ويٺل ڏٺائين. هٿ ۾ تصويرن جو ڪتاب هوس، سو ويٺي بيخياليءَ سان ڏٺائين. هي به هڪڙو ڪتاب کڻي ويهي رهيو؛ مگر پڙهڻ جي بدران، آڏيءَ اک سان پٽ کي نهاريائين. +هن جي شڪل شباهت ۽ حشمت ۽ کڙائي ڏسي ۽ هن جي پوئين ڏينهن جي غريبي ۽ نماڻائي ۽ فرمانبرداري ڏسي، هن جي دل ۾ وري پدري محبت ۽ طبيعتي جوش پيدا ٿيو. هڪدم اٿيو ۽ مهربانيءَ سان پٽ جي مٿي تي وڃي هٿ رکيائين. اتفاق سان هن انهيءَ مهل پنهنجيءَ فوتي ماءُ جي تصوير ويٺي ڏٺي، جنهن جي هن کي يادگيري مس هئي. پيءُ جي هٿ لڳڻ ڪري، هن ڇرڪ ڀري منهن مٿي ڪيو، ۽ پنهنجن ڀريلن اکين سان پيءُ جي منهن ڏي نهارڻ لڳو. +پهرين ته ڇوڪر جي اندر ۾ ڏڪاءُ پئجي ويو- ڀانيائين ته شايد بابي کي منهنجي گناهه جي خبر پيئي آهي- پر هن جي ڊول ۽ ڳالهائڻ مان اهو گمان لهي ويس. جڏهن پڻس هٿ کان وٺي هلي پاڻ سان گڏ ڪوچ تي وهاريس تڏهن هن کي البت دلجاءِ ٿي. گهڻي وقت کان پوءِ پيءَ جي ههڙي محبت ڏٺي هئائين؛ ۽ سجهيس ٿي ته جيڪو بڇڙو ڪم ڪيو اٿم انهيءَ جي ڪري هن مهربانيءَ ۽ محبت جو لائق ناهيان، ۽ انهيءَ جي بابي کي خبر پوي ته جيڪر هيترو پيار نه ڏيکاري. اهي سڀ خيال، هڪ لحظي ۾ هن جي دل مان گذرڻ لڳا. انهن جي اثرن کان هو، ڪوچ وٽ گوڏا کوڙي، پيءَ جي پيرن وٽ ويهي روئڻ لڳو. +”ارل“ حيرت ۽ پيار مان چيو ته ”هاؤرڊ، پيارا ڇوڪر، پاڻ کي به ڏک ۾ نه وجھه، ۽ مون کي به ڏک نه ڏي. جي مون کي خبر پوي ها ته اسڪول مان نڪرڻ ڪري توکي ههڙو سخت ارمان ٿيو آهي. ته آءٌ جيڪر توتي ايترو نه ڪاوڙجان ها، پر جڏهن تون پهرين گهر آيو هئين، تڏهن توکي انهيءَ جو ڪو به خيال ڪونه ٿي ڏٺو، تنهن ڪري مون کي چڙ لڳي، ۽ تنهنجي آئيندي جي ڳڻتي به ٿي. هاڻ منهنجا پيارا ڇوڪرا، آءٌ توکي معاف ڪريان ٿو، جيسين وري آءٌ تنهنجيءَ تعليم جو ٻيو بندوبست ڪريان، تيسين تون هتي ائين رهه، جيئن هميشه اڳي موڪل جي ڏينهن ۾ رهندو هئين.“ +پڻس گهڻوئي ساڻس مهربانيءَ ۽ محبت سان ڳالهايو، پر ”لارڊ گلينلن“ سڏڪن کان بس نه ڪئي. نيٺ هن روئيندي چيو ته ”بابا، آءٌ اوهان جي مهربانيءَ جو لائق ناهيان: آءٌ چڱو ڇوڪر هجان ها ته بهتر هو، پر هينئر اهو وقت گذري ويو.“ پوءِ پنهنجا هٿ مروٽي روئي چيائين ته ”آءٌ ناس ٿي ويس، آءٌ چٽ ٿي ويس!“ +پڻس چيو ته ”نه، نه، پيارا هاؤرڊ، تنهنجي حياتيءَ، تنهنجي حياتي برابر خراب طرح شروع ٿي آهي، پر تون اڃا ننڍو آهين، ۽ آزمودي سان سکي سگهين ٿو.“ +ڇوڪر ڏاڍي ڏکاري آواز سان چيو ته ”بابا، اوهان کي ساريءَ حقيقت جي خبر ڪانهي. ڪاش، جي منهنجي ماءُ جيئري هجي ها ته شايد آءٌ اوهان کي ٻڌائي سگهان ها!“ +”لارڊ ڊانرل“، ٿورو صبر ڪري، چيو ته ”هاؤرڊ، شايد ساريءَ حقيقت جي مون کي خبر ڪانهي. حرڪت ڪانهي: جيڪي ٿي گذريو آهي، تنهن بابت آءٌ توکي زور ڪونه ڪندس؛ باقي، جيڪا توکي پئسي پنجڙ جي مشڪلات آهي، سا هينئر، تنهنجي پڇتائڻ ڪري، آءٌ لاهي ڇڏيندس. هاؤرڊ، هاڻي توڙي آئيندي، توکي مون کان ڪابه ڳالهه لڪائڻ نه گهرجي. آخر توکي سمجهڻ گهرجي ته تنهنجو پيءُ تنهنجو خير خواه ۽ سچو دوست آهي. هاڻي مون کي سڀ ڳالهه ٻڌاءِ.“ +پر، ڪيئن هن کي سڀ ڳالهه ٻڌائي؟ ناشدني هئي. اسڪول مان هو تازو آيو هو، تڏهن جي پيءُ جي اهڙي مهرباني ڏسي ها، ته شايد سڀ ڳالهه ان کي ڪري ٻڌائي ها، پر هاڻ ته وڏو بڇڙو ڪم ڪري ويٺو هو، سو ڪيئن پيءُ کي ٻڌائي ها!پنهنجي بيعقلي، انڌائي، ۽ چريائي هينئر ان کي زياده خراب، خوفناڪ ڏسڻ ۾ آئي ۽ تمام دير ۾ اک پٽجڻ لڳس. +جڏهن خدا تعالى ڪنهن گناهه جي سزا گناهه جي رستي ڏيندو آهي. تڏهن تمام دير سان اُنهيءَ ماڻهو جي اک پٽيندو آهي ۽ تمام دير سان انهيءَ کي پشيمان ۽ پڇتائيندڙ ڪندو آهي. حضرت آدم ۽ بيبيءَ حوا جو حال هو ۽ انهن کان پوءِ به دنيا ۾ ائين ٿيندو اچي . انهيءَ هوندي به، ڏوهه قبول ڪرڻ ۽ توبه ڪرڻ ۽ پڇتائڻ ڪري دل تان گهڻو بار هلڪو ٿئي ٿو. +ان موجب، ”لارڊ گلينلن“ به، نماڻائيءَ سان سڏڪا ڀري، پيءُ کي ٻي ساري حقيقت ٻڌائي- اهڙي جهڙي جيڪر ”ڪلارڪ“ ٻڌائي ها، پر پڇاڙيءَ واري ڏوهه بابت هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهيو! ائين ڪرڻ جي هن کي جرات ۽ همت ئي نه ٿي. اهائي هن جي لاءِ ٺهرايل ۽ ترسايل سزا هئي. +”لارڊ ڊانرل“، صبر ڪري، ڏاڍي خيال سان هن جي ڳالهه ويٺي ٻڌي. +گهڻي ئي قصورن جو اهو قصو هو. ٻڌندي، هن کي دل ۾ پئي آيو ته جيڪڏهن ڪچيءَ ۾ هن کي ڪا چڱي مذهبي تعليم ملي ها، يا ڪي خدا ترسيءَ ۽ نيڪيءَ جا اصول هن جي دل تي ڄمائي ها، ته جيڪر هو انهن قصورن کان بچي وڃي ها. سندس فهمائش ڪنهن ڪم جي نه هئي. هن جوانيءَ ۾ شايد اهڙا ڪم پاڻ ڪيا هئا- اهي سجهيس ٿي، ۽ انهن جي ڪري شرمندو به پوءِ ٿيو، تنهن کانسواءِ هو رحمدل ۽ نرم طبيعت جو ماڻهو هو. انهيءَ ڪري. هن پٽ جا اهي سڀ قصور معاف ڪيا، جو ڄاتائين ٿي ته اهي قصور موروثي ئي هئا ۽ پيءُ کان پٽ کي ورثي ۾ ملڻ جا هئا ۽ اها جهڙي پيءُ جي لاءِ سزا هئي تهڙي پٽ جي لاءِ! +”ارل“ پٽ کي چوڻ لڳو ته ”هاؤرڊ، اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي مون کي گهڻو ڏک ٿيو آهي، اُميد آهي ته اڳتي تون سنڀاليندين، ۽ ڏاهو ٿيندين. تو چڱي چال نه پئي رکي آهي، خطا ۽ غلط ڪم پئي ڪيو اٿئي؛ پر آءٌ توکي معافي ٿو ڏيان، دليؤن ۽ جانيؤن معافي ٿو ڏيان- اڳتي حياتيءَ جي دفتر جو نئون ورق ورائجئين!“ +ائين چئي، ”لارڊ ڊانرل“، نئڙي، پٽ کي چمي ڏني، ۽ پوءِ هليو ويو” گلينلن“ به پوءِ سگهوئي هلڪيءَ ۽ خوش دل سان نڪتو. ڏاڪڻ تان چڙهندي، صفي جي آسپاس اونداهيءَ ۾ هڪڙي ماڻهو لنگهندو ڏٺائين. اُهو هو شيطان ”ڪلارڪ“ انهيءَ کي ڏسڻ شرط، ”گلينلن“ جي هانؤ ۾ ڌڪاءُ پيو. هو پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڃي سمهي پيو، ۽ سڄي رات خوف جهڙا خواب پئي ڏنائين. +* * * * * +ٻئي ڏينهن صبح جو ”ڪلارڪ“ سندس جاءِ ۾ آيو، چيڪ ڪڍي ڏيکاري چوڻ لڳس ته ”سائين“ هي چيڪ ته کوٽو آهي، سچو ناهي!“ +”گلينلن“ چيو ته ڇا ٿو چوين؟ صبر ڪر!“ +هن وراندي ڏني ته ”آءٌ چوان ٿو ته لارڊ ڊانرل هيءُ نه ڪڍيو آهي ۽ نه اوهان کي ڏنو آهي!“ +”لارڊ گلينلن“ ڳيتو ڏيئي چيو ته ”تڏهن ڀلا ٻئي ڪنهن ڏنو هوندو؟“ +”ڪلارڪ“ ته جواب ڪونه ڏنو: ميز تان قدم کڻي، ڪوڙا سوڙا اکر لکي، هن کي اشارو ڏنائين ته تو پاڻ هي لکيو آهي ۽ ان تي ڪوڙي صحيح ڪئي آهي. ائين ڪندي هن پنهنجي ڊپ لڪائڻ لاءِ پٺي کڻي ڏنائين، ۽ هٻڪئي چيائين ته ”برابر آهي، برابر- وڃي آلٽن ۾ مٽائي ڏس، ته هلي ٿو يا نه!“ +هن چيو ته ”حاضر، سائين،- پر پهرين لارڊ ڊانرل کي ٿو ڏيکارين، پوءِ پرتي کڻي ويندس!“ ائين چئي اٿي هليو در تائين مس پهتو، ته گلينلن“ تڪڙ مان چيس ته ”بيهه بيهه“ تنهن تي ”ڪلارڪ“ آهستي موٽي آيو. ”گلينلن“ جو مٿو ڦرڻ لڳو، دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ڪري، منهن هٿن ۾ لڪائي ويهي رهيو. +”ڪلارڪ“ ڪي خوشامد مان ۽ ڪي دڙڪي مان چيس ته ”هاڻ سائين، ڏسو: آءٌ اوهان سان بلڪل سختي ۽ بي حيائي ڪرڻ نٿو گهران، ٻئي ڀيري جڏهن اوهين آلٽن ڏي هلو، تڏهن مون کي پاڻ سان وٺيو هلجو- سڀاڻي هلو ته سڀاڻي، يا جڏهن وڻيو- تيتري ۾ اوهان جون رسيدون ۽ قبوليتون اوهان کي موٽائي نٿو ڏيان، قرض خواهه اوستائين صبر ڪري سگهندا، پيسن بابت آءٌ وري اهڙو جلد اوهانکي تڪليف ڪانه ڏيندس، ۽ تنگ طلبي ڪانه ڪندس. پر جي اوهين ڀانيو ته هن ڪم جي ڪا اپٽار ڪانه ٿئي، ته مون کي ٽن هفتن جي اندر هڪ سؤ پائونڊ انعام ملڻ گهرجي. پوءِ آءٌ آسٽريليا ڏي هليو ويندس، ۽ اوهان جي جند ڇٽي پوندي. جتان هي چيڪ آيو آهي، اتان ٻيا به اچي سگهن ٿا. اهو ليکو ليکائتو آهي ۽ واجبي به آهي. ههڙي ڳجهه لڪائڻ جو انعام ته اڃا ٿيو ؟“ +”گلينلن“ ته ساڳئي هال ۾ ڪرسيءَ تي منهن لڪايو ويٺو هو تڏهن هن بدمعاش وري چيو ته ”تڏهن چڱو، سائين، آءٌ هي چيڪ کڻي سڌو ارل ڏي ٿو وڃان- انهيءَ کان مون کي چڱو انعام ملي سگهندو. رڳو مون ٿي چيو ته هي ڳالهه لڪي پيئي هجي ها، ته چڱو پر جي اوهان جي مرضي ناهي ته خير، آءٌ وڃان ٿو.“ +”لارڊ گلينلن“ وري به اشارو ڏيئي چيس ته ”بيهه: تون بائيبل تي قسم کڻندين ته جي اهي پيسا توکي ملندا، ته تون مون کي ايذاءُ نه پهچائيندين ۽ نه ستائيندين؟“ +”ڪلارڪ“ انهيءَ دم پاسي واري کليل ڪٻٽ تان بائيبل کڻي قسم کنيو؛ ۽ پوءِ هليو ويو. +”گلينلن“، اڪيلو ٿي ، اچي فڪرات ۾ پيو، اڳيون پيون مصيبتون ۽ خانه خرابيون ياد ڪري، افسوس ۽ ارمان ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڳڻتي ۾ پيو ته هاڻ ڪنهن کي پنهنجي اندر جو حال ڏيان. ۽ ڪنهن کان مدد ۽ صلاح وٺان.“ ”مارٽن آلربيءَ کي به اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ تي دل نٿي چيس، جو سمجهيس ٿي ته هو راستباز ۽ صاف دل ماڻهو آهي ۽ صلاح ضرور اها ڏيندو ته ڪي به ٿي پوي ته به هڪدم وڃي پيءُ وٽ ڏوهه قبول ڪر، ۽ معافي گهر، باقي هو ”رالف ڊگلس“ جنهن ۾ دل هجيس ٿي، انهيءَ تي البت ڏڍ زياده ٿيس. ارادو ڪيائين ته انهيءَ کي وڃي ڳولي هٿ ڪندس، ۽ ان کان صلاح پڇندس. انهيءَ وٽ پنهنجي ڏوهه قبول ڪرڻ سان دل جو بار لاهڻ هن کي پسند هو. جي انهيءَ ڪري هن کي هن ڏي ڪا نفرت يا ڌڪار پيدا ٿئي، ته به گهڻو فڪر ڪونه هوس. اهو ٺهراءَ ڪري، ”گلينلن“ ڪي ڏينهن هميشه وانگي ظاهريءَ خوشيءَ ۾ گذارڻ لڳو، ۽ شڪار ۽ راند ۽ ٻين تماشن ۾ مشغول رهيو. منهن اگرچ خوش ڏسڻ ۾ ٿي آيس، ته به دل ۾ ڏاڍو درد هوس. جيترو ٿي سگهي ٿي، پيءُ کي پنهنجي فرمانبرداريءَ ۽ ٻيءَ هلت سان خوش رکندو آيو. +باب ارڙهون +بلڪل منع +”رالف“ ڊانرل ڪنسل“ کان ميل کن پنڌ تي رهندو هو. ۽ موڪل جي ڏينهن ۾ گهر آيو هو. سگهو ئي آلربيءَ واري باغ ۾، پنهنجي ڀاءُ ”ڪرسٽيءَ سان گهمندي، هو ”لارڊ گلينلن،“ کي گڏيو. ”رالف“ کي پيءُ لاچار ٿي موڪل ڏني هئي ته ”مارٽن“ جيڪو خانگي ناٽڪ رٿيو هو، تنهن ۾ شامل ٿئي. انهيءَ جي سماءُ تي هو انهيءَ ڏينهن اتي آيو هو. ”گلينلن“ جو منهن پئجي ويس؛ تنهن سان لاچار هن کي سلام عليڪي ڪرڻي پيئي. +پڻس جو حڪم ياد هوس ته ”گلينلن“ سان نه گڏ وڃجيئن، پر هيءُ اوچتو ملي ويس؛ ٻيو ته اها منع کيس هئي، پر ڀاڻس ”ڪرسٽيءَ“ کي ته ڪانه هئي. ”گلينلن“ ته اڳي ئي ”رالف“ سان گڏجڻ ۽ صلاح ڪرڻ جو وجهه پئي ڳوليو. سو هن سان ويهي گهڻي تائين ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ”رالف“ گهڻو نٽايو، پر هن ڇڏيس ڪين. وري گڏجڻ لاءِ هن رٿون ڪيون، سي به هن نه مڃيون؛ عذر ڏيئي ڇڏيائينس ۽ ائين ڪونه ٻڌايائنس ته مون کي توسان گڏجڻ جي منع ٿيل آهي. آخر گلينلن؛ ڏاڍي پيار ۽ شوق مان هن کان موڪلائي هليو ويو. +* * * * * +ٻئي ڏينهن صبح جو، ناشتي مهل، ڇوڪرن ويٺي پنهنجي ماءُ سان گذريءَ شام جو احوال ڏنو، ۽ خانگي ناٽڪ جي بندوبست ۽ تماشي جو ذڪر ڪيو. مسٽر ”ڊگلس“ ويٺي اخبار پڙهي، هنن جي ڳالهائڻ ڏي ڌيان ڪونه هوس. اوچتو ”ڪرسٽيءَ ”لارڊ گلينلن“ جو نالو ورتو، ۽ چيائين ته اهو به انهيءَ ناٽڪ ۾ شامل ٿيڻو آهي ۽ انهيءَ جي چالاڪيءَ ۽ هوشياري ڪري ناٽڪ تمام چڱو بيهندو. +هن جو نالو ۽ ذڪر ٻڌي مسٽر ”ڊگلس“ اخبار تان مٿو مٿي ڪري پڇيو ته ”اهو ڇوڪر به رات اتي هو ڪيئن؟“ +”ڪرسٽيءَ“ جواب ڏنو ته لارڊ گلينلن؟ هائو، بابا اهو به اتي هو، تنهن تي مسٽر” ڊگلس“ گهنڊ وجهي،” رالف“ کان پڇيو ته ”پوءِ، ”رالف“ تو انهيءَ سان ڳالهايو؟“ +هن ورندي ڏني ته ”بابا، جيترو ٿي سگهيو، اوترو نه ڳالهايم،“ +مسٽر ”ڊگلس“ خفي مان چيو ته ”رالف“ ڪڏهن تون اها اڻپورن جوابن ڏيڻ جي بڇڙي عادت ڇڏيندين؟ آءٌ رڳو تو کان ايترو ٿو پڇان ته تون اڻپورن جوابن ڏيڻ جي بڇڙي عادت ڇڏيندين؟ آءٌ رڳو تو کان ايترو ٿو پڇان ته تو کان ايترو ٿو پڇان ته تو هن سان ڳالهايو يا نه؟“ +هن چيو ته ”هائو، بابا؛ پر....“ +مسٽر ”ڊگلس“ تڪڙ مان چيو ته ”بس ڪر؛ مون کي ’پر‘ ڪانه گهرجي پهرين هن تو سان ڳالهايو ڇا؟“ +هن چيو ته ”هائو، بابا؛ پر...“ +پڻس وري پڇيو ته ”تو رڳو جواب ڏنس يا ڪي وڌيڪ به ڳالهايئه“ +”رالف“ چيو ته نه، رڳو ’هائو‘- فقط هيترو....“ +مسٽر ڊگلس“ ڪاوڙ مان چيو ته ”نه،هائو، فقط- اهو آهي سنئون سپاهتو جواب؟“ +”رالف“ چيو ته ”بابا“ مون رڳو ويٺي ٻڌو. +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته تڏهن ٻڌ: آءٌ توکي صفا منع ٿو ڪريان ته لارڊ گلينلن سان ڪنهن به حالت ۾، ڪهڙي به عذر تي ڪجهه به نه ڳالهاءِ- اهو حڪم ته چٽو آهي يا نه!“ +اتي مسٽر ”ڊگلس“ پٽ جو طرف وٺي چيو ته ”پيارا، ايتريءَ سخت منع جو ته ضرور نٿو ڏسجي.“ +مسٽر ”ڊگلس“ کي به اها ڳالهه واجبي نظر آئي، مگر حڪم بدلائڻ نه گهريائين؛ چيائين ته ”برابر، مگر آءٌ ڄاڻي واڻي رالف جي فرمانبرداريءَ جي آزمائش وٺڻ لاءِ اهڙي منع ٿو ڪريان.“ ائين چئي. پوءِ وري اخبار کڻي ويهي پڙهڻ لڳو. +”رالف“ ڀاءُ کي چيو ته تڏهن پاڻ ٻنهي کي اهو خانگي ناٽڪ ڇڏڻو ٿيندو. شامل ٿبو، ته پاڻ ۾ ڳالهائڻو ڪين ٿيندو؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ اهو ٻڌي چيو ته ”مار حرڪت ٿي پوندي! ڇا ٿيو جي حڪم جي بجا آوريءَ لاءِ ٻن چئن ڪلاڪن جي مسخري ۽ ناٽ ڇڏي ڏيڻ ۾ آيو؟“ +”ڪرسٽي“ صبر ۾ رهي نه سگهيو؛ ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو: ”بابا....“ پڻس چيو ته ”ڪرسٽي، منهنجيءَ سمجهه ۾ هو ته هوش وارو ڇوڪر اهڙي ڪين جهڙي تماشي جي پرواهه به ڪانه رکندو!“ +”ڪرسٽيءَ چيو ته ”بابا ڇو اهو تماشو ڪين جهڙو آهي؟“ +”ارل“ چيو ته هي ڇا، ڪرسٽي! آءٌ تو جيڏن ٻارن سان هجت دليل نه ڪندو آهيان؛ ايترو چوڻ بس آهي ته لارڊ گلينلن بابت مون کي ڪابه چڱي راءِ ڪانهي- هو ايٽن مان هڪاليو ويو آهي- اهڙي ماڻهوءَ سان اوهين صحبت نه رکو!“ +”رالف“ چيو ته ”بابا، جي اوهان جي منع آهي، ته آءٌ هن سان صحبت نه رکندس؛ پر اصل نه ڳالهائڻ ته مشڪل آهي: جي کڻي رستي تي ملي، ته پوءِ ڪيئن ڪجي؟“ +پڻس، اخبار پڙهندي، خفي مان چيو ته ”رالف ڪيئن به ڪجي- آءُ وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو گهران- منهنجي مرضي آهي ته منهنجي حڪم جي پوري تعميل ٿئي، ۽ ڪيئن به ٿئي. جي تون ائين نه ڪندين، ته پوءِ... پر، خير، هينئر اهو ذڪر ڇڏي ڏجي.“ +اهڙيءَ طرح، اها گفتگو بند ٿي، ۽ ”رالف“ کي پيءُ جي تازي نامهرباني ۽ سختي معلوم ٿي، ۽ ”ڪرسٽي“ به ڪي پيءُ جي چڙ کان ۽ ڪي ”رالف“ جي نااميديءَ کان، ملول ٿي پيو، ۽ روئڻهارڪو ڏسڻ ۾ آيو. مسز ”ڊگلس“ انهيءَ حيرانيءَ ۾ هئي ته گهر جي هيءَ ڪل ڪل ۽ کٽ پٽ ڪڏهن ويندي. پڪ هيس ته جي مڙس ٿورو زياده صبر ۽ تحمل ۽ انصاف ۽ مروت وارو ٿئي، ته جيڪر گهر ۾ ڏاڍي خوشي پيدا ٿئي: وري ناتال جي سڳوري ۽ خوشيءَ جي موسم ٿي آئي. +مسٽر ”ڊگلس“ ته سگهوئي پوءِ اٿي پنهنجي پڙهڻ واري جاءِ ڏي ويو. ٻيا به سڀ ٿوري تائين ماٺ ڪيو ويٺا هئا، نيٺ ، پهرين ”مسز ڊگلس“ وري ڳالهائڻ لڳي. چوڻ لڳي ته ”رالف، بابا تنهن نااُميدي ڏسي مون کي گهڻو ڏک ٿو ٿئي، خير، ڪوشش ڪري؛ پاڻ ڪي ٻيون وندرون پيدا ڪنداسين. مون کي هڪڙي اهڙي وندر سجهي ٿي، اها هيستائين دل ۾ سانڊيو لڪايو آئي آهيان. +”رالف“ چيو ته ”امان مهرباني تنهنجي پر اها ڪهڙي آهي؟“ +ماڻس ورندي ڏني ته ”مون ٻه ننڍڙا گهوڙا ورتا آهن: هڪڙو توکي ڏيندس، ۽ ٻيو ڪرسٽيءَ کي!“ +”رالف“ خوشيءَ مان اُٿي، ماءُ کي چمي ڏيئي چيو ته واه واه، ڪهڙو نه مزو! امان، تنهنجا هزار شڪرانا ٿو ڪريان، گهوڙو مونکي ڏاڍو وڻندو آهي؛ هميشه پئي انهيءَ لاءِ واجهايو اٿم. پر امان، بابو اسان کي انهن تي چڙهڻ ڏيندو؟“ +ماڻس چيو ته ”ابا ڇو نه ڏيندو؟ ڊاڪٽر تاڪيد ڪيو آهي ته ڪرسٽيءَ جي لاءِ گهوڙي جي سواري فائدي واري آهي. پر، اڪيلو هن ڪيئن گهوڙي تي چڙهي گهمڻ وڃي سگهندو؟“ +”رالف“ مرڪي چيو ته ”ڪرسٽي، پنهنجي لاءِ ڪهڙو نه مزو ٿيو- خوب ملڪ گهمنداسين! ڪيئن، امان، بابو اسان کي پاڻ سان ڪتا نيڻ ڏيندؤ.“ +ماڻس چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿي ته ڏيندو؛ مون کي ته ڪو اعتراض ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“ +”ڪرسٽي“ چيو ته ”رالف، مون کي ته شڪار جو اڳ وٺڻ نه ايندو؛ تون مون کي سيکاريندين ۽ سمجهائيندين نه؟“ +”رالف“ چيو ته ”پهرين ته آءٌ پاڻ کي سيکاريان! پر، رڳي ٿوري همت گهرجي. مارٽن انهيءَ ۾ هوشيار آهي، اهو پنجن منٽن ۾ مون کي سمجهائي سگهندو. گهوڙي تي چڙهڻ ۾ ڪهڙي نه لذت آهي. امان تنهنجي گهڻي مهرباني.“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”تڏهن، بابا، اچو ته طنبيلي ۾ هلون- ٻئي ٽَٽُون اتي بيٺا آهن. اڃا ڪالهه سانجهن جو آيا آهن- اوهين ٻاهر نڪري ويؤ، تنهن کان پوءِ مون چيو ته اڄ صبح جو اوهان کي مان ماٺ ڪري ٻڌايان ته عجب ۾ پئو ۽ خوش ٿيو. +هو گهوڙا ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيا. انهيءَ ڏينهن هوڏي انهن کي ٽورون ڏيارڻ لڳا. اهي سهڻا ۽ غريب هئا تنهن ڪري ”مسز ڊگلس“ پيسي جو سانگو بلڪل ڪونه ڪيو- جيتري ملهه ٿي مليا اوتري تي هن ورتا. +* * * +گهوڙن تي گهمندي، ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ اها ڳالهه به ڪئي ته جي ڪٿي گهمندي رستي ۾، يا شڪار ڪندي جهنگ ۾، ”لارڊ گلينلن“ گڏجي وڃي، ته ڇا ڪجي- اهو ڏاڍو مشڪل مسئلو هو. پهرين ته هنن صلاح ڪئي ته ”رالف“ اڳواٽ هن ڏي خط ۾ صفا لکي موڪلي ته مون کي بابي سخت منع ڪئي آهي، تنهن ڪري جي ڪا رکائي يا لاغرضائي ڏسڻ ۾ اچي، ته انهيءَ لاءِ معاف ڪج؛ پر ”آلربيءَ“ جي باغ وٽان لنگهندي. هنن کي ”مارٽن“ مليو. اهو به پنهنجي گهوڙي تي هو. خانگي ناٽڪ واري تماشي جو ذڪر نڪتو. جڏهن هن ”مارٽن“ کي ٻڌايو ته بابي اسان کي انهيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان منع ڪئي آهي. تڏهن هو ڏاڍو نااُميد ٿيو. سڀني اها اُميد رکي ته من هو انهن کي رڳو تماشو ڏسڻ ڏئي. +”مارٽن“ چيو ته ”رالف“ تو کان ۽ ڪرسٽيءَ کانسواءِ اسان جو ڪم ڪيئن هلندو؟ وڏي ڳالهه، ته اوهان جهڙا راڳن ڳائڻ وارا اسين ٻيا وري ڪٿان آڻي��داسين!“ +”رالف“ چيو ته ”بس مارٽن، لاچار آهي، اسان کي ڪو ٿورو ارمان هوندو؟ اسان ته انهيءَ تماشي جي لاءِ اڳي ئي رسا پئي ڇنايا؛ پر اسان جو وس نٿو هلي!“ +”مارٽن“ چيو ته آءٌ بابي کي چوندس ته اهو مسٽر ”ڊگلس“ کي چوي. جڏهن هو اوهان جي ضرورت ڏيکاريندو، تڏهن ضرور اوهان کي موڪل ڏيندو.“ +هن چيو ته ”ڇو، هو خانگي ناٽڪ کي خراب سمجهندو آهي ڇا؟“ +”رالف“ چيو ته ”ائين ناهي، پر، مارٽن، ٻيو ٻڌ ته بابي مون کي منع ڪئي آهي ته لارڊ گلينلن سان نه ڳالهاءِ!“ +”مارٽن“ چيو ته ”هان! شايد گلينلن جي اسڪول مان نڪرڻ ڪري هن جي بدنامي زياده ٿي آهي. پر هينئر هو ڏاڍو چڱو ۽ غريب ٿي پيو آهي- اڳي مون اهڙو ڪڏهن نه ڏٺو!“ +”رالف“ چيو ته مارٽن، جي گلينلن مليئي، ته اها ڳالهه ٻڌائجينس، ۽ چئجيئينس ته انهيءَ ۾ منهنجو قصور ڪونهي. مون کي ته هو گهڻو وڻندو آهي. ۽ آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ به هن کي وڻندو آهيان. مون کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي جو بابو مون کي انهيءَ سان هڪڙو اکر به ڳالهائڻ نه ڏئي.“ +”مارٽن“ چيو ته ”رالف، انهيءَ جو فڪر نه ڪر، آءٌ سمجهائي ڇڏيندوسانس؛ مون کي پڪ آهي ته هو توتي ڪين ڪاوڙيو.“ +پوءِ ”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“ ”مارٽن“ کان موڪلائي، گهوڙا هڪلي اٿي هليا. رستي ۾ ”رالف“ چيو ته ”هڪ ٻه ڏينهن آءٌ ڪوشش ڪري گلينلن کي به گڏيس؛ انهيءَ وچ ۾ مارٽن هن کي سڀ هال ڏيندو؛ پوءِ اُميد آهي ته ابو ڪين چوندو ته مون سندس حڪم جي تعميل نه ڪئي.“ + + +باب اوڻيهون +زور ڪري نااُميد ڪرڻ +ناتال کان ٽي ڏينهن اڳي صبح جي وقت، ”لارڊ گلينلن“ ”آلربيءَ“ جي باغ ڏانهن ٿي ويو؛ انهيءَ لاءِ ته جانچ ڪري ته ڪو ڇوڪر اچي قلعي جي ڍنڍ جي برف وانگي ڄاول پاڻيءَ تي لوهه جي جتين سان هلڻ جي ساڻس گڏ راند ڪري ٿو يا نه، اوڏي ويندي، هو ”گرينج“ وٽان اچي لنگهيو. ”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“، جي باغ ۾ هئا، تن هن کي پري کان ڏٺو، ۽ وڻن جي جهمٽ جي پٺيان لڪي بيٺا ته هو کين نه ڏسي. هن سندن گهر جي ٻاهران ۽ باغ ۾ هيڏي هوڏي نهاريو، پر هنن کي نه ڏسي هليو ويو؛ ڀانيائين ته موٽندي هنن کي سڏي وٺندس. جڏهن هو لنگهي ويو، تڏهن هنن کي پڪ ٿي ته هو وري کين ڏسي نه سگندو. تنهن کانسواءِ، هنن سمجهيو ٿي ته هيستائين ”مارٽن“ هن کي سڀ احوال ڏنو هوندو. +هن جي لنگهي وڃڻ کانپوءِ، هي به ڪنهن ڄاول پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتا؛ انهيءَ لاءِ ته پاڻ به انهيءَ تي هلڻ جي ورزش ڪن. سندن ننڍڙي ڍنڍ اونهي هئي ۽ وڻن جي ڇانوري ۾ هئي، تنهن ڪري سياري جي موسم ۾ اڪثر دير سان چمڪندي هئي. نيٺ رستي جي پاسي ۾ هڪڙو ڍورو اهڙو ڄاول ڏٺائون، جو سندن بار کڻي سگهي؛ اتي هو ويهي پنهنجيون لوهه جون چاکڙيون ڍڪڻ لڳا. +ايتري ۾ ڪلاڪ کن لنگهي ويو، ۽ هنن به ڄاول پاڻيءَ تي چڪري پئي ڏنا، ته ”لارڊ گلينلن“- جو ”مارٽن“ کي نه ڏسي پٺتي موٽيو هو- اتي اچي نڪتو. هن جي گهران ٿي، پڇا ڪري، ڏنل ڏس تي اوڏي آيو هو. هو ٻنهي ڀائرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي اڳي ئي شڪ پيو هو ته هي کانئس پاسو ڪندا وتن. هن کي ڏسي هنن ويچارن جو هنيانءُ ڊهي پيو. ڀڄڻ جو ٻيو چارو ڪونه ڏنائون. خراب به لڳن ته جي ”مارٽن، هن کي سڀ حال ڏنو آهي ته زور ڪري هن جو اتي اچي ساڻن ڳالهائڻ غير واجبي آهي. +”گلينلن“ هنن جو مونجهارو هڪدم سهي ڪيو. البت خفو به لڳس. جو هو سندس سنگتي هئا، ۽ هيستائين هنن کي رنج رهڻ جو سبب ڪونه ڏنو هئائين- ۽ پاڻ، خانداني ماڻهو ٿي، هنن جي انهيءَ هلت ڪري پنهنجي بيعزتي سمجهي، چوڻ لڳو ته ”رالف“ آءٌ ڏسان ٿو ته اوهان کي منهنجي سگنت نٿي وڻي پر هن ڍوري جي بدرا�� ڇو نه هلي قلعي واري ڍنڍ تي ورزش ڪريو. اها هن کان وڏي به آهي ۽ سهڻي به.“ +”رالف“ چيو ته ”گلينلن خفي نه ٿي؛ توکي خبر آهي ته منهنجو قصور ڪونهي، لاچار آهيان، نه ته قلعي واري ڍنڍ تي هلڻ جي ڪري آءُ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان.“ +هن چيو ته ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ تنهنجو قصور ڪونهي؟“ +”رالف“ چيو ته ”انهيءَ ۾، ته آءٌ تو سان گهائل مائل نٿو ٿيان، ۽ تو کان پاسو ٿو ڪريان.“ +”گلينلن“ مغروريءَ مان چيو ته ”ائين آهي ڇا؟ آءٌ زور ڪري ڪنهن سان گهائل مائل ٿيڻ نٿو گهران! انهيءَ صورت ۾، مسٽر رالف ڊگلس، تنهنجي سنگت جو شرف مون کي نه گهرجي؛ پر هن طرح توکي دوستيءَ ڇنڻ جي لاءِ مون کي سبب ڏيڻو ٿيندو. جو انهيءَ جي مون کي خبر ڪانهي.“ +”رالف“ ڏک ۽ ارمان مان چيو ته ”لارڊ گلينلن، مون کي افسوس آهي ته تون مون کي بي فضيلت ٿو سمجهين؛ مارٽن توکي انهيءَ جو سبب ڪونه ٻڌايو آهي؟“ +هن چيو ته ”نه، مون کي ڪونه ٻڌايو اٿس.“ +”رالف“ چيو ته ”تڏهن آءٌ توکي صافدليءَ سان ٻڌايان ٿو ته بابي مون کي توسان ڳالهائڻ کان منع ڪئي آهي ۽ چيو اٿس ته جي ائين ڪندين ته سخت سزا ملندئي.“ +”گلينلن“ پڇيو ته ”سو ڇو، مسٽر ڊگلس مون کي انهيءَ عزت لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي؟“ +”رالف“ البت حجاب کان هڪٻئي کي چيو ته ”انهيءَ لاءِ جو توکي ايٽن مان ڪڍي ڇڏيو اٿن!“ +”لارڊ گلينلن کي چڙ به آئي، پر ”رالف“ سان هن جي ڏاڍي خاطري هئي ۽ ٻيون به پنهنجي ڪم نصيبيءَ جون ڳالهيون ياد آيس، تنهن ڪري چڙ ماري چوڻ لڳو ته ”ائين؟ چڱو، رالف، توکي مون کان ڊڄڻ نه گهرجي، برابر، ايٽن ۾ مون ڪا بيواجبي هلت ڪئي؛ پر اهڙو ڪو بڇڙو ڪم ڪونه ڪيم. جنهن ڪري مسٽر ڊگلس جي خيال ۾ آيو ته مون کان اهڙو پري ڀڄڻ گهرجي. جهڙو ڪوڙهيي کان ڀڄبو آهي. انهيءَ جو، رالف مون کي گهڻو ارمان آهي؛ مگر جيئن ته تون چوين ٿو، برابر تنهنجو قصور ڪونهي. چڱو ، هاڻ خدا حافظ. ڪرسٽي، خدا حافظ. آءٌ اوهان کي وري ڪابه تڪليف ڪانه ڏيندس.“ +”رالف“ چيو ته ”بيهه، گلينلن، جي تون هن تلاءَ تي هلڻ آيو هئين، ته اسان کي ڪو به حق ڪونهي ته توکي هتان ڪڍون: انهيءَ جي بدران اسين پاڻ هليا ٿا وڃون، تون ڀلي اتي هج.“ +هن چيو ته ”رالف، ائين نه ڪريو، منهنجي برابر هتي ورزش ڪرڻ جي مرضي آهي- جي اوهان کي اعتراض نه هوندو ته، ۽ جي اوهان جي پيءُ جي اچڻ جو ۽ اوهان کي ڏسڻ جو امڪان نه هوندو ته، پر جي هوندو، ته پوءِ قصور آهي، نه اوهان جو. تنهن کانسواءِ، جي پاڻ کي وري گڏجڻو نه آهي، ته مون کي تو سان گهڻو ئي ڪي ڳالهائڻو آهي، تو کان ڪا خاص صلاح پڇڻي اٿم، پر هينئر ته انهيءَ جو وقت ناهي. اچو ته پهرين لوهه جي جتيءَ سان پاڻي تي ڪي چڪر هڻون؛ پوءِ جي ڳالهه پوءِ. اوهان کي ناٽڪ جا ڀاڱا پڪا آهن يا نه؟ مون ته ياد ڪري ڇڏيا آهن!“ +”رالف“ چيو ته ”مون کي ناٽڪ تي وڃڻو ئي ڪونهي؛ نه ته انهيءَ ۾ ڪو حصو وٺڻو نه اٿم.“ +هن پڇيو ته ”ائين ڪيئن؟ انهيءَ تان به پيءُ توکي جهليو آهي ڇا؟“ +”رالف“ چيو ته ”هائو، هن منع ڪئي آهي.“ +ايتري ۾ ”گلينلن“، چاکڙيون ڍڪي“ ڄاول پاڻيءَ تي ”رالف“ سان ڊوڙون پڄائڻ لڳو. انهيءَ طرح، کل خوشيءَ ۽ راند چرچي ۾ ڳچ وقت گذري ويو. ”رالف“ به جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ راند کي اچي لڳو هو، تنهن کي پيءُ جو حڪم في الحال وسري ويو. ”ڪرسٽي“ به هن کي خوش ڏسي اها ڳالهه ياد نه ڏياريس، پر انهيءَ لاءِ هن پوءِ تمام گهڻو پڇتايو، ڇا لاءِ جو اتي راند هلندي. هن پري کان رستي تان هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي چڙهيو ويندو ڏٺو، جنهن ڏانهن گهڻو پئي نهاريو، ۽ هن کي شڪ پ��و ته اهو بابو هو. انهيءَ مهل ”رالف“ راند ۽ ورزش ۾ محو هو. هن ان کي ڪين ڏٺو، مگر ”ڪرسٽيءَ“ پاسي کان لنگهندي، هن کي آهستي چيو ته ”رالف“، هو ته ڏس!“ ”رالف اها شڪل ڏسي بل کائي، برف ٿي ڪري پيو، جو ”گلينلن“ اچي هٿ ڏيئي اٿاريس. ضرب ڪانه رسيس، مگر چهروئي بدلجي ڦڪو ٿي ويس، ۽ بت ۾ ڏڪڻي اچي پيس. +هن جي اهڙي حالت ڏسي، ”گلينلن“ ڊپ مان پڇيو ته ”رالف ٻيو ته خير آهي؟“ +هن هٿ کڻي، اشارو ڏيئي، چيو ته ”بابو!“ +”گلينلن“ رستي ڏي نهاري چيو ته ”هتي ته ماڻهو ئي ڪونهي.“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”هينئر لنگهي ويو!“ +”رالف“ ڏاڍي انتظار مان پڇيو ته ”ڪرسٽي، ڀانئين ٿو ته بابي ڏٺو؟ +”ڪرسٽيءَ“ جواب ڏنو ته هتي ته ماڻهوئي ڪونهي.“ ”ڪرسٽيءَ چيو ته ”هينئر لنگهي ويو!“ +”گلينلن، دلاسو ڏيئي چيس ته ”رالف، حرڪت ڪانهي: اهو سڀ منهنجو قصور آهي. آءٌ پاڻ گرينج تي اچي مسٽر ڊگلس کي ائين چوندس. آءٌ ڪهڙو نه نڀاڳو آهيان- جڏهن ٻين کي به تڪليف ۾ وجهان، ۽ پاڻ کي به! هتي نه ترسان ها، ته چڱو هو.“ +”رالف“ چيو ”گلينلن“ ائين نه چؤ. ٺهيو، هاڻ هلو ته گهر هلون، خدا حافظ جي آءٌ توسان نه گڏجان ته دل ۾ متان ڪرين. جي بابو حڪم ڏيندو ته مون کي ضرور ائين ڪرڻو ٿيندو.“ +”گلينلن“ چيو ته ”اهو ته برابر، رالف، پر منٽ ٻه ٽي منٽ ترسين: مون کي تو سان گهڻو ئي ڪي حال ڪرڻا آهن. آءٌ ڏاڍو ڪم نصيب آهيان!“ +”رالف“ چيو ته ”تون، ڪم نصيب؟ تون ته هميشه خوش خورم ڏسبو آهين!“ +هن چيو ته ”رالف، اهو رڳو ڏسجان ٿو. ڪرسٽي ڀلائي ڪري لحظو ترس: آءٌ رالف کي گهڻو نه ترسائيندس.“ +ائين چئي. هو پنهنجن سنگتين سان گڏ تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي ويهي رهيو ۽ پنهنجو گذريو سارو حال رالف سان ڪيائين- سارو حال، سواءِ پڇاڙيءَ واري وڏي ڏوهه جي. اهو به ٿي ٻڌايائينس، پر ڪنهن طرح دل جهلي نه سگهيو: چپ سڪيو ٿي ويس، ۽ زبان بيهو ٿي ويس؛ هيانو تي بار ٿي پيس جو وڙهي وات تائين ٿي اچي سگهيو؛ ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيو: هو رڳو اشاري سان چئي سگهيو ته ”انهيءَ کان به بڇڙا ڪم ڪيا اٿم!“ +”رالف“ ڏاڍي ڏک ۽ همدرديءَ سان هن جو حال ٻڌو، نيٺ ساڳي اها صلاح ڏنائينس، جا ”مارٽن ڏني هيس- ته سڀ ڪجهه وڃي پيءُ کي ٻڌاءِ انهي کان معافي گهر، ۽ اڳتي لاءِ سنڀال ڪر. +”گلينلن“، پنهنجي لڪل ڳالهه ياد ڪري چيو ته ”مون کي ٻڌاءِ انهيءَ کان معافي گهر، ۽ اڳتي لاءِ سنڀال ڪر.“ +”گلينلن“، پنهنجي لڪل ڳالهه ياد ڪري، چيو ته ”مون کي ٻڌائڻ جي همت ٿئي ٿي. جي تون منهنجي جاءِ تي هجين ته جيڪر همت جهلي ٻڌائي سگهين؟“ +”رالف“، پنهنجون گذريون مشڪلاتون ياد ڪري، چيو ته ”برابر، ڊپ جيڪر گهڻو ئي ٿئيم، پر نيٺ آءٌ ڀانيان ٿو ته همت جهلي اهڙي مهربان ۽ رحمدل پيءُ کي بيشڪ چئي ڏيان.“ +”گلينلن“ چيو ته ”هائو، مهرباني- نهايت گهڻو مهربان! جي هو نامهربان هجي ها ته آءٌ شايد بهتر ڇوڪرو ٿي پوان ها. رالف، ڏاڍي مونجهاري ۾ آهيان. ڪيئن ڪريان؟ مون سان انجام ڪر ته جي آءٌ ڪڏهن تو کان اچي ڪا مدد گهران، ته تون ڏيندين“ +هن چيو ته ”گلينلن، خوشيءَ سان جي منهنجي وس هوندو ته؛ پر آءٌ ڪيئن توکي مدد ڏيئي سگهندس؟ سچ ڪري پڇين ته مون کي پاڻ مدد جي گهرج آهي!“ +”گلينلن“ جي اکين ۾ پاڻي آڻي، چيو ته ”منهنجو ته اجهو اهڙو برو نصيب آهي؛ جنهن جو مون سان ڪو به واسطو ڪونهي، سو خوش نصيب ۽ سکيو پيو گذاري!“ +”رالف“ چيو ته ”فڪر نه ڪر، خدا تي رک، پر مون کي اهو ارمان آهي ته پاڻ وري ڪين گڏجي سگهنداسين؛ انهيءَ ڪري تون مون کي بيحيا ۽ نامهربان ته نه ڄاڻندي��؟ اُميد آهي ته ٿوري وقت تائين ائين ٿيندو. گلينلن. آءٌ تنهنجي حق ۾ دعا گهرندس. هاڻ خدا حافظ.“ +هنن هٿ ڏيئي موڪلايو. هو پنهنجي گهر ڏي ويو، ۽ هي ٻئي پنهنجي گهر آيا. +* * * +گهر ۾ پهچڻ شرط، ”رالف“ ڏاڍي انتظار مان پيءُ جي پڇا ڪئي. معلوم ٿيس ته پڻس ماجسٽريٽن جي ڪاميٽيءَ ۾ ويو آهي ، ۽ رات جو نائين بجي مس موٽي ايندو. هوڏي، مسٽر ”ڊگلس“ ڪاميٽيءَ ۾ برابر ويو ٿي. پر ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ مان. رستي جو هي رنگ ڏٺو هئائين، تنهن چيڙائي پر ڪري ڇڏيو هوس. گهوڙي تي چڙهيو، واٽ وٺيو ٿي ويو، ته لوه جي چاکڙين جي چرخين جو برف تي ڦرڻ جو چرڪو ڪن تي پيس- جيئن ”گلينلن“ جي ڪن تي پيو هو. هن منهن ورائي تلاءَ ڏي ڏٺو، ته ”رالف“ ۽ گلينلن“ گڏ بيٺا ڳالهائين! ڏسي باهه وٺي ويس پهرين ته دل ۾ آيس ته گهوڙو ٽپائي وٽن وڃي؛ پر ٻيو به ماڻهو بيٺو هو، ۽ اڳوڻي ”ڊانرل“ جي باغ واري واردات به ياد پيس تنهن ڪري لغام تاڻي، گهوڙو هڪلي، سنئون هليو ويو. سڄو رستو، ڪاوڙ جا خيال ڪندو ۽ پهه پچائيندو ويو. ڪاميٽيءَ ۾ به جيڪو بحث پئي هليو، تنهن تي انهيءَ ڏينهن سندس گهڻو ڌيان نه رهيو. جيسين وري گهر آيو، تيسين هڪ لحظو به ”رالف“ جي نافرمانيءَ جي ڳالهه دل تان نه لٿيس. گهر اچي، هن زال کي به نه ڏٺو، پر سڌو واڪڙ داڪڙ- ڪندو ڪتبخاني ۾ ويو، ڄڻ ته اصل ڪاوڙ ٺارڻ جو ارادو ئي ڪونه هوس. گهڙڻ سان گهنٽي وڄائي، حڪم ڏنائين ته ”رالف“ کي سڏي اچو!“ +”رالف“ انهيءَ مهل هميشه وانگي، پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ ويٺو هو؛ انهن کي ڪو وڏي سڏ پڙهيو پئي ٻڌايائين. ڇوڪرن ماءٌ کي انهيءَ ڏينهن جو احوال سڀ ڏنو هو؛ تنهن ڪري گهنٽيءَ جو آواز ۽ نوڪر جو سڏ، هن کي موت جو سڏ ٿي لڳو. هن جي ڪاوڙ جو حال سڀني کي سجهيو ٿي. ويچاري ماءُ دل ۾ خدا کي سوال ڪرڻ لڳي ته شل ”رالف“ جو خير ٿئي. خود ”رالف“ جو وري ڪهڙو حال هو؟ ويچاري دل ۾ پئي چيو ته ”مون الاجي ڪهڙا گناهه ڪيا آهن. جو ههڙيءَ طرح پيءُ جي ڪاوڙ ۽ اندر جي بي آراميءَ جي سزا پيو ڀوڳيان! انهيءَ ڏينهن واري اتفاق ۾ هن جو ته ڪو به قصور ڪونه هو. ٿوري يا زياده خبرداري نه ڪرڻ کانسواءِ هن کي ڪو ڏوهه ڪونه ٿي سجهيو. وس پڄندي، پيءُ جي حڪم تي هلڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين. +ڄاڻي ٻجهي هن ڪا نافرماني نه ڪئي هئي. انهن ڳالهين تي خيال ڪري، هن کي ٿوري گهڻي همت به آئي، ۽ نااُميدي به ٿي. پيءُ جو سڏ ٻڌي، ويچارو ٽپ ڏيئي اٿيو. ماءُ جو هٿ وٺي چمي آهستي پيءَ ڏي ويو. پڻس اشارو ڏيئي چيس ته ”ويهه.“ هو ٻانهون ٻڌي، هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. +مسٽر ”ڊگلس“ هڪدم ڪاوڙ مان پڇيو ته ”واه، جيڪو ڇوڪر پيءُ جو حڪم ڀڇي سو ائين ويهندو آهي؟ شايد تنهنجي هن قلعي واري دوست تو کي اهو ”ناٽڪ“ جو ڊؤل سيکاريو آهي- تمام چڱو!“ ۽ ٽوڪ مان پاڻ به هن جو نقل ڪري ٻانهون ٻڌي ويٺو. هن ويچاري ته ڪڇيو ئي ڪين، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين. +وري مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته بس جواب ڪونه ملند! رالف“ ٻڌين ٿو يا نه؟“ اهو سوال هن اهڙي زور سان ڪيو، جو ”رالف“ ڏڪي ويو؛ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي سگهيو. پڻس وري زياده زور مان چيو ته ”ڇا؟ جواب ئي ڪونه! رالف ٻڌائين ٿو يا نه؟“ +”رالف“ چيو ته ”بابا، ڇا چوان....؟“ +مسٽر ”ڊگلس“ ٻوٻڙاٽ ڪري چيو ته ڇا چوان! ڪي به چوڻو نه اٿئي. +هن چيو ته ”شايد... لارڊ گلينلن سان ڳالهائڻ بابت ٿا پڇيو؟“ +پڻس چيو ته ”شايد! شايد نه، پر البت- آءٌ انهي بابت ٿو جواب گهران!“ +”رالف“ چيو ته ”انهيءَ بابت ته، بابا، مون هن سان ڳالهائڻ کان گهڻو نٽايو، پر...“ +مسٽر ”ڊگلس“ چيو ته ”هائو، برابر، نٽايو هوئي تڏهن ٿي هن سان گهراڻي مان گفتگو ڪيئه، ۽ ڏند ڪڍيو کليئه! مون بيٺي ڏٺو، تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين!“ +”رالف“ کي، اهڙي اجائي تهمت ٻڌي، دل ۾ جوش آيو. ڪنڌ مٿي کڻي چوڻ لڳو ته ”بابا، مهرباني اوهان جي، رڳو اوهان کي منهنجيءَ ڳالهه تي پت نٿي اچي، ٻئي سڀ ڪنهن کي ته اچي ٿي!“ +پڻس چيو ته ”اهڙي ڍونگ جهڙي رخ سان مون کي ٺڳي نه سگهندين. تون اڃا ٻار آهين! هميشه مون کي رنج ۽ تڪليف پئي ڏني اٿئي. آءٌ به تو سان اهڙوئي سلوڪ ڪندس! جي تون پنهنجي ڀاءُ جهڙو چڱو هجين ها ته ڪهڙي نه چڱي ڳالهه هئي! هاڻ ٻڌائي ته توکي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي؟“ +هن چيو ته ”آءٌ ڇا چوان جيڪي به چوندس، اوهان کي انهيءَ تي پت نه ايندي- اوهان جي مون تي نامهرباني ۽ بي انصافي آهي!“ +پڻس ڪاوڙ مان چيو ته ”هان“ رالف“ اهي لفظ ته وري چئي ڏيکار!“ +”رالف“ وري به پيءُ ڏي نهاري چيو ته ”اوهان جي مون تي نامهرباني ۽ بي انصافي آهي....!“ +مسٽر ”ڊگلس“ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ذري گهٽ جن ٿي آيس، پر ڪاوڙ جو جوش روڪي چوڻ لڳو ته ”تڏهن ڪي به چوڻو ڪين اٿئي؟ هاڻ رالف، ٻڌ مون کي توکي سزا ڏيڻي آهي- اٿي بيهه!“ +”رالف“ پڇيو ته ڪهڙي ڪم لاءِ؟“ +هن چيو ته ”ڏيکاريندوسئين ته ڪهڙي ڪم لاءِ منهنجي مرضي ناهي ته منهنجو پٽ، ڄاڻي ٻجهي بيپرواهيءَ سان منهنجي حڪم عدولي.... اٿي بيهه!“ +”رالف“ نماڻو ٿي، عرض ڪيو ته ”بابا سائين، ائين نه ڪريو!“ +پڻس چيو ته ”اهڙي عرض ڪرڻ کان اڳي توکي نافرمانيءَ جو خيال ڪرڻ کپندو هو.“ +”رالف“ چيو ته ”آءٌ مار کائڻ کان نٿو ڊڄان.“ +هن چيو ته ”ڪيئن به هجي تون اٿي بيهه!“ +”رالف“ اٿي بيٺو. پڻس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان، هن کي پٺن تي هڪڙي ٿلهي چهبڪ سان گهڻائي ڌڪ هڻي ڪڍيا. ”رالف“ نڪي چريو، نڪي مڙيو. نڪي ڪڇيو؛ اک به نه ڇنڀيائين ته”او بابا، ائين نه ڪريو!“ پر، انهيءَ ڪري پاڻ پڻس زياده تتو، ۽ زور سان چهبڪ ڇڏائي وري مٿس ڌڪن جو وسڪارو ڪرڻ لڳو. اها مار الائي ڪيستائين هلي ها، ۽ خبر ناهي ته نيٺ ڇا ٿئي ها، پر سبب سان، اوچتو، اتي در پٽجي پيو، ۽ مسز ”ڊگلس“، ڪرسٽيءَ کي ساڻ وٺي اندر ڪاهي آئي. اچڻ سان ڏاڍي غم ۽ اندر جي جوش مان؛ چوڻ لڳي ته ”او ايوان، هاڻ، ججهو ٿيو؛ رالف کي ڏوهه کان وڌيڪ سزا ملي چُڪي آهي.“ +مسز ”ڊگلس“ جي انهيءَ وچ ۾ پوڻ ڪري مسٽر ”ڊگلس“، هميشه جي عادت موجب زياده چڙي ها، پر ڪي ڌڪ هڻي ٿڪو هو، ڪي پٽ جي صبر ڪري بيهڻ ۽ عذاب سهڻ تي قياس آيس، ۽ ڪي شايد زال ۽ ننڍي پٽ جي تمام ڏکاري صورت ڏسي دل لڏيس، تنهن ڪري هن کڻي هٿ جهليو؛ رڳو پڇاڙيءَ ۾ هيترو چيائين ته ”وڃ هاڻي؛ في الحال اهو ججهو اٿئي؛ نڀاڳو ڇوڪر- جنهن پنهنجي پيءُ جي ساري گهر تي مصيبت آڻي وڌي آهي!“ +”ڪرسٽيءَ“ هڪدم وڃي ڀاءُ جو پاسو ورتو هو. هڻ ماڻس به هن کي ٻانهن کان وٺي جاءِ مان ڪڍي ويئي ۽ پوءِ وڃي صفي ۾ هڪڙي ڪوچ تي ويٺا، مار مهل هو چپ ڀيڙيو، سور سهيو بيٺو هو، پر هينئر هٿن تي مٿو رکي زار زار روئڻ لڳو اکر به ڪونه ٿي ڳالهايائين – رڳو هيترو سو سڏڪا ڀري چيائين ته ”هائو برابر، مون گهر تي مصيبت آندي آهي!“ هنن گهڻئي دڙ دلاسا ڏنس. +ڀاڪر وڌائينس، پيار ڏناؤنس، ته به هن ڳالهائڻ جي نه ڪئي. آخر خيال بدلائڻ لاءِ، ”مسز ڊگلس“ رات جي ماني گهرائي، پر کاڌو ڪنهن ڪين کاڌو. نيٺ ”مسز ڊگلس“ صلاح ته وڃي سڀڪو سمهي- ڀانيائين ته من سمهڻ ڪري ”رالف“ کان ڏک وسري وڃي. ”رالف“ ماءُ جي ڀاڪر مان نڪرڻ نٿي گهريو، نڪي هن ڇڏڻ ٿي گهريس؛ آخر خدا حافظ چئي هن کي چمي ڏيئي پاڻ ڇڏائي پنهنجي سمجهڻ واري جاءِ ڏي هلي ويئي. +”رالف“ ۽ ”ڪرسٽي“ ڏاڪڻ تي چڙهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويا. اتي وري نئين سر ”رالف“ اچي روئڻ ۾ پيو. ”ڪرسٽيءَ“ گهڻو ئي پرڀايس ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين، ۽ پوءِ هن ڪپڙن بدلائڻ ۾ مدد ڪيائين. هن جي پٺن تي چهبڪ جا ڏنا ۽ ڌڪن جا نشان ڏسي، هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پوءِ به گهڻي تائين انهيءَ رات ڪرسٽي پئي جاڳيو- تان جو ڀاڻس کي ننڊ کڻي ويئي، ۽ پوءِ پاڻ به هن جي لاءِ خدا کان دعا گهري وڃي ستو. +باب ويهون +گهر کان موڪلاڻي +”رالف“ نيٺ، لاچار ٿي، دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته گهر ڇڏي هليو وڃي ۽ وڃي پرديس وسائي. هن کي اڳي ئي ڏک گهڻا هئا، ويتر پويون دفعو جو تازيون پيءُ جو جٺيون سٺيون هئائين ۽ چهبڪ کاڌا هئائين، تن دير مدار ڪرڻ ئي نه ڏنس، ڌڪن لڳڻ ڪري بت ۾ به بيمار هو؛ دل ته اڳي ئي بيمار هيس؛ پر جڏهن پنهنجي وطن، پنهنجي گهر، پنهنجي پياري ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڇڏڻ ۽ انهن کان موڪلائڻ کانسوءِ وڃڻ تي هن جي دل نٿي چيو. انهن يادگيرين به هن کي پنهنجي ارادي کان نه لوڏيو. سمهڻ کان اڳي، اهي خيال ڪري سمهي پيو هو. ٻي بجي مهل هو اٿيو. آهستي اٿي ڪپڙا ڍڪيائين. رات صفا هئي، ۽ چانڊوڪي اندر جاءِ ۾ پئي پيئي، ڀاڻس ستو پيو هو، تنهن جي منهن ۾ هن گهڻي دير تائين پيار سان نهاريو. دل گهڻو ئي ٿي چيس ته تيار ٿي پوءِ هن کي جاڳائي، ۽ انهيءَ کان موڪلائي؛ پر هو ائين ڪري نٿي سگهيو، رڳو محبت مان هن کي ڏسي وات سان خدا حافظ چئي نڪتو. +اڳئين ڏينهن شام جو سخت برف پئي هئي. ”رالف“ دري پٽي ٽپي هيٺ ٿيو، ۽ برف تي پير اکوڙي بيٺو. انهيءَ ڪري هلندي هن جي پيرن جو آواز به ڪونه ٿيو. ايوان جي پٺئين در مان نڪري، باغ جو هڪڙو پيچرو ڏيئي، سڙڪ تي آيو. پوءِ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. گهر ڏي ڏسي، اکين مان ڳوڙها ڪري پيس. نيٺ وڌيڪ نه ترسي، اٿي هليو. +سجهيس ٿي ته جي هن کان پوءِ مٿان ٻي برف نه پيئي؛ ته منهنجا پير ظاهر بيٺا هوندا ۽ خبر پئجي سگهندي ته باغ واري دروازي کان نڪتو آهيان؛ پر سڙڪ ۾ گاڏين جي لنگهڻ ڪري انهيءَ خبر پوڻ جو امڪان ڪونهي. پڪ هيس ته ڏينهن ٿيڻ کان اڳي آءٌ پري نڪري ويندس ۽ مون کي ڪو پهچي نه سگهندو. +هن ”آلٽن واري ورتي، جتان خبر هيس ته ڏاڍائي يا ٽين جي ريل گاڏي لنڊن ڏي وڃڻي آهي. هو اسٽيشن ڏي رخ رکي اٿي هليو. ڪٿي تمام تکو هليو؛ ۽ ڪٿي ڊوڙيو به- نيٺ اسٽيشن کي ويجهو آيو. ڄاتائين ته جي ٽڪيٽ وٺندس، ته ٽڪيٽ- ڪلارڪ توڙي پورٽر“ جي سڃاڻنم ٿا، تن کي خبر پوندي؛ تنهن ڪري هن رٿ ڪئي ته ڪنهن تجويز سان، ٽڪيٽ وٺڻ کان سواءِ، لڪچوريءَ چڙهي ويهان. هو لائين ڏيئي پليٽفارم جي ڇيڙي وٽ آيو ۽ اتي ڪن وڻن جي جهٻٽ ۾ لڪي ويهي رهيو. گاڏيءَ به انهيءَ ڏينهن دير ڪئي. هي ويچارو سيءَ ۾ پئي ٿڙڪيو. نيٺ گاڏي جي سيٽ ٻڌي اٿيو. پهرين ته جوجڪي ٿي آيس ته پاڻ کي ريل تي اڇلائي وجهي، ۽ هنن ڏکن ۽ عذابن کان ڇٽي، پر سگهوئي اهو خيال بدلائي ڇڏيائين، ۽ گاڏي جي بيهڻ لاءِ منتظر ٿي بيٺو. جڏهن گاڏي بيٺي تڏهن هي ويجهو گارڊ واري گاڏي کان ڦري ٻئي پاسي هڪڙي خالي سيڪنڊ ڪلاس جي پيرن واري تختي تي ويهي رهيو. جڏهن گاڏي هلڻ لڳي، تڏهن هو دريءَ مان ٽپ ڏيئي اندر ويهي رهيو. +اهو ڏاڍو سختيءَ جهڙو سفر هو. سيءُ به ڏاڍو هو، ۽ وڏو ڪوٽ به نه هوس. هٿ ۽ پير ٿڌ جي ڪري ٺري ساڻا ٿي پيس، ۽ ڏند پئي کڙڪيس ٻيا وري مونجهاري جهڙا خيال اچي دل ۾ پيس؛ تنهن ڪري هن کي ننڊ نه آئي. آئيندي جي لاءِ به هن اڃا رٿ نه ڪئي هئي ته ڪيڏي وڃي، يا ڇا ڪري- في الحال جيڪا ڳڻتي هيس ، سا اها ته لنڊن ۾ وڃي پهچان، ۽ پوءِ اتي پنهنجي گذارن جو ڪو بندوبست ڪ��يان. ڀنڀرڪي ۾ گاڏي به وڃي لنڊن پهتي. ”رالف“ ٽڪيٽ جي لاءِ پيسا کڻي تيار ٿي نڪتو هو، تنهن ڪري ٽڪيٽ واري هن کان آسانيءَ سان ٽڪيٽ جي بدران پيسا ورتا، جو چيائينس ته تنگ وقت ۾، پهچڻ ڪري ائين ويهي رهيس. +هو پيسي کان سواءِ، سڃاڻوءَ کانسواءِ، دوست کان سواءِ گهر کان سواءِ، ارادي کان سواءِ، لنڊن جي گهٽين ۾ پئي گهميو، پر اُميد کان سواءِ نه هو. انهيءَ عظيم شهر جا ماڻهو به انهيءَ مهل نڪتا هئا. ڪٿي مارڪيٽ جون گاڏيون ٿي مليس، ڪٿي ٻيا ڌنڌي وارا ماڻهو ٿي گڏيس. ماڻهن دڪان پئي کوليا. ماڻهن جون گاڏيون ڊوڙڻ لڳيون. رستن تي پيل برف ڪرچ ڪرچ ڪري ڀڄڻ لڳي. گهورڙيا هوڪا ڏيندا گهمندا وتيا. فقير باجا وڄائيندا پنندا وتيا. ”رالف“ ماٺ ڪيو، ڪنهن به رٿ يا ارادي کانسواءِ گهٽين ۾ گهمندو وتيو. +روز روشن اچي ٿيو. هن جي کيسي ۾ ڪي ٿورا شلنگ بچيل هئا. ٽڪيٽ جي پيسن ڏيڻ کانسواءِ به هي لڪي ٽپ ڏيئي هليو وڃي ٿي سگهيو، پر هن کي اهڙي ڪم جو خيال ئي ڪونه آيو. هو سڀ ڪم ۾ سچو ۽ سپتو رهڻ وارو هو. ساڍي اٺين بجي تائين هو سيءَ واءَ ۾ بکيو اڃو گهمندو وتيو. گهر جي خيال به دل تي بار ڪيس. ماءُ جي دلاسي ۽ دلبريءَ کان سواءِ ڪو خط لکي به نه ڇڏي آيو هو. هتان خط لکڻ مناسب نه ڄاتائين، ته متان ٽپال جي مهر سان گهر وارن کي سندس پتو معلوم ٿئي. ارادو ڪيائين ته ڪن ڏينهن کانپوءِ ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڪنهن تجويز سان خط لکندس. تيتري ۾ هن خدا کي سوال ڪيو ته انهن کي همت ڏئي، ته سندس لاءِ بيحال ۽ غمگين نه ٿين. +بک ڏاڍي لڳيس، تنهن ڪري هو نانوائيءَ جي دوڪان تي ويو، ۽ هڪڙي پينيَ ڏيئي روٽي ورتائين ۽ چاءِ جي پيالي وٺي اها پي وقت گذاريائين في الحال ڳڻتي اها هيس ته جيسين ڪو پنهنجو بهتر بلو ڪري، تيسين کاڌي پيتي ۽ اجهي يا رهڻ جي جاءِ جي گهرج پوري ڪري. زور ڀريو، مضبوط ۽ پڙهيل ماڻهو، تنهن ڪري سجهيس ٿي ته آساني سان گذران جو بندوبست ڪري سگهندس. اگرچ دنيا جو گهڻو تجربو ۽ آزمودو ڪونه هوس؛ لنڊن شهر جو به واقف نه هو رڳو اهو اهو پاڙو ڏٺل هوس، جتي ”رگبيءَ جو اسڪول هو، ۽ جتان هو ايندو ويندو هو. +هڪڙي ماڻهن جي گاڏي اچي لنگهي، تنهن جي پٺيان لڳي اٿي هليو ”ريجنٽ اسٽريٽ“ واري محلي ڏي لڙي، ته هي به اوڏي روانو ٿيو. اتي نوٽيس ڏسڻ ۽ دڪاندارن کان پڇڻ لڳو ته مزوريءَ تي ڪنهن ڇوڪر جي گهرج آهي يا نه. ”رالف“ سکر ماڻهوءَ جو پٽ ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ جيڪي ڪپڙا پيل هئس تن مان به ائين معلوم پئي ٿيو، تنهن ڪري جنهن نوڪريءَ يا مزوريءَ جي ڳولا ۽ پڇا ٿي ڪيئان، سا سندس منهن تي ئي نٿي پيئي. گهڻن دوڪاندارن کي اهڙو شڪ به پيو ۽ ڄاتائون ٿي ته هي ڪٿان ڀڄي آيو آهي، جو گهڻو رهي نوڪري ڪري نه سگهندو، ۽ هفتي کن کان پوءِ هليو ويندو؛ تنهن ڪري انهن بيهارڻ جي نٿي ڪيس ۽ کانسواءِ ڪي به ڪين ٿي پڇيائون. جي کڻي ڪو پڇيس ها، ته ”رالف“ هڪڙو نه ٻيو ڪوڙ ٺاهي ٻڌائي سگهيس ها؛ پر هي اهڙو ڪوڙو ماڻهو نه هو. هو سچ تي ساهه ڏيڻ وارو هو: هو اهڙو ڇوڪر هو، جو جيڪڏهن اتفاق سان ڪوڙ کڻي ڳالهائي ها، ته سندس منهن ڏسندڙ کي هڪدم سندس ڪوڙ معلوم ٿي سگهي ها. +هڪڙي وڏي شاپ جي مالڪ، ”رالف“ جي پڇا ڪرڻ تي، هن سان مهربانيءَ جي گفتگو ڪرڻ لڳو. ٿورن ئي سوالن- جوابن کانپوءِ، هن کي هن جي سڄي حالت معلوم ٿي ويئي. ڪلهي تي هٿ رکي مهربانيءَ سان ، هيئن چيائنيس؛ ”جوان صاحب، مون کي سڀ حقيقت چٽي طرح معلوم ٿي آهي، ڪنهن سبب جي ڪري تون گهر کان نڪري ڀڳو آهين. هاڻي، منهنجي صلاح وٺ، ۽ وري موٽي ڳوٺ وڃ. آءٌ ڀانيان ٿو ته تو ”بائيبل“ پڙهي آهي: آءٌ تو کي هوءَ آيت ياد ڏياريان ٿو، جنهن ۾ آهي ته ”هو اٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ ڏي ويو.“ +جنهن هنڌ تنهنجو فرض توکي رکي ٿو، اتان ڀجي نڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو- آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان.“ +”رالف“ کي دل سان ڳالهه لڳي ته ”سر هينري آلربيءَ“ به اها ساڳي آيت هن ننڍڙي بائيبل ۾ نشان ڪري ڏني هيس؛ پر هن فقط غم ۽ نااميديءَ سان دوڪاندارن کي جواب ڏنو ته ”تڏهين اوهين مون کي آزمودي لاءِ به ڪو ڪم ڏيئي نٿا سگهو؟“ +هن جواب ڏنو ته ”نه، ڇوڪرا، نٿو ڏيئي سگهان. باقي، هڪڙو ڪم تنهنجي لاءِ ڪندس. آءٌ تنهنجي گهر وارن ڏي لکي، تنهنجي موٽڻ جو رستو صاف ڪري سگهندس؛ جي ڪو پيسو گهربل هوندءِ، ته اهو به توکي خوشيءَ سان ڏيندس؛ جي پيءُ جي ڪاغذ اچڻ تائين توکي ڪو اَجهو يا رهڻ جو هنڌ گهربو هوندو، ته اهو به آءٌ توکي ڏيندس- منهنجي صلاح اها اٿئي، وٺندين ته فائدو ٿيندءِ.“ +”رالف“ فقط ڪنڌ ڌوڻيو، پر ڪڇيائين ڪي به ڪين، ايستائين گهر وري نه موٽڻ جو ارادو سندس دل ۾ قائم هو: گهر کان اهڙو پري ٿي ڀڳو، جهڙو کاري هيٺان ڪانءُ. +ڪم يا مشغوليءَ هٿ ڪرڻ جي لاءِ اهڙين اجاين ڪوششن ڪرڻ کان پوءِ، هو ڏاڍو ٿڪو ۽ گهڻي بک لڳيس. وقت ڏسڻ جي لاءِ واچ ڪڍي ڏسڻ ٿي گهريائين، ته اها نه ڏٺائين. دوڪانن ۾ رلندي، جهاتيون پائيندي ۽ بيهندي، ڪنهن ڳنڍيڇوڙ سندس واچ زنجيريءَ سميت تڳائي ورتي هئي. هڪڙي هنڌ ياد آيس ته سوڙهه ۾ ڪو ماڻهو سوڙهو اچي پيو هوس- پڪ ٿيس ته شايد انهيءَ واچ ڪڍي. ويچاري کي مفت اهو به نقصان سهڻو ٿيو! +هن نانوانيءَ کان ٿوري ماني وٺي کاڌي. اهو به خيال آيس ته منهنجا ڪپڙا صفا ۽ آبروءَ جهڙا ناهن. تنهنڪري شايد مون کي ڪو به ماڻهو ڪم يا نوڪري نٿو ڏئي. هن آسانيءَ سان، ڪجهه تر ڏيئي، پنهنجا ڪپڙا بدلائي ٻيا بهتر ورتا. هاڻي خاطري ٿيس ته هينئر سندس اسڪول جا سنگتي کڻي ملندس. ته به کيس سڃاڻي نه سگهندا. وري به نوڪريءَ يا مشغوليءَ جي ڳولا ۾ پيو. شام ٿيڻ تائين هو رلي پني، ٿڪو ٽٽو، هڪڙي گتي واري مهمانخاني ۾ اچي ڪريو؛ انهيءَ ته رات اتي گذاري. اها جاءِ به غريباڻي ۽ گنديَ ٿي ڏٺي، سمجهيائين ٿي ته کاڌو اتي سستو ملندو، ۽ رات رهڻ لاءِ ڀاڙو به ٿورو ڏيڻو پوندو. اڌ رات تائين ته ماڻهن جي گوڙ ۽ شرابخوريءَ ۽ نشي جي راڳن ۽ معاملن ڪري ننڊ ئي نه آيس. ڏکي سکي باقي رات گذاريائين. ۽ صبح جو رات جي کاڌي ۽ هنڌ جو ڪرايو ڏيئي ٻاهر نڪتو. ڏٺائين ته باقي وٽس ڪي ٿورا شلنگ وڃي بچيا آهن. +انهيءَ ٻئي ڏينهن به جو ساڳيو حال ٿيو. رولو ڇوڪرو، جنهن کي نه گهر گهاٽ، نه مٽ مائٽ، تنهن کي ڪير ٿو پاڻ وٽ رکي؟ جي ڪٿي ڪنهن ڪني ڪم ڪرڻ لاءِ اجورو ٿي آڇيائونس، ته اهو ايترو ٿورو هو، جو تمام هلڪي سادي کاڌي ۽ بستري جي لاءِ پورو ڪين ٿي ٿيس؛ ٻيو وري ڏسڻ ۾ مهانڊي ڪري سکر ماڻهو ٿي ڏٺو، تنهنڪري به ماڻهن کي شڪ ٿي گذريو، ۽ انهيءَ سکڻو جواب ڏئي هلايو ڇڏيس. +هڪڙي ماڻهوءَ سوچڱي آڇ ڪيس، پر اها ڪپت جهڙي هئي، هڪڙو ماڻهو ڪنهن گهٽيءَ جو ڪنڊ وٽ گڏيس. اهو ڪپڙين گندئين ٺهيل ٿي ڏٺو ۽ هن کي بيخياليءَ سان هيڏي هوڏي نهاريندو ڏسي، هو ويجهو آيس ۽ چيا ئينس ته” ڇوڪرا بکايل ٿو ڏسجين؟“ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”ٿورو گهڻو.“ +هن چيو ته ”شايد ڪم جي ڳولا ۾ آهين ؟“ +”رالف“ جواب ڏنو ته” هائو؛ جي تون مون کي ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چوندين، ته آءٌ تنهنجو گهڻو شڪر گذار ٿيندس، ۽ تون منهنجي محنت ۽ چالاڪي ڏسي خوش ٿيندين.“ +هن ماڻهوءَ منجهس نهاري نهاري ، پڇيو ته ”فقط ڪنهن خاص ڪم جي ڪرڻ جي خواهش اٿئي ڇا ؟“ +”رالف“، ماٺ ڪري، ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. +هن چيو ته ”تڏهن مون سان منهنجيءَ جاءِ تي هل، ته اتي تو کي ڪم لايان.“ ائين چئي، هو اٿي هليو. ”رالف“ پٺيان لڳس؛ پر دل ۾ گهڻائي شڪ شبها ۽ بد گمان پئي آيس؛ ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ انهيءَ ماڻهو جي پوشاڪ چڱي هئي، ته به سندس شڪل اعتبار ۽ پسنديءَ جهڙي نه هئي. سگهوئي هو ماڻهو هڪڙي گوشائتي گهٽيءَ ۾ آيو ۽ هڪڙي گهر جو درڪنجيءَ سان پٽي اندر هليو. ڏاڪڻ تان چڙهي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو، جتان پراڻي تماڪ جي بانس پئي آئي، اتي هڪڙي ڪٻٽ مان برانڊيءَ جي ٻاٽلي تماڪ ڇڪڻ جون ڪي نليون، ڪجهه تماڪ ۽ ٿورا بسڪيٽ کاڌائين،۽ ”رالف“ کي ڏنائين.”رالف“ بسڪيٽ ڏسي خوش ٿيو، ۽ کاڌائين جو بک لڳي هيس؛ مگر تماڪ ۽ شراب وٺڻ کان هن انڪار ڪيو، تڏهن هن وري به منجهس ڌيان سان نهاري چيو ته”آءٌ ڀانيان ٿو ته تون منهنجي ڪم جونه ٿيندين. تون ڪم جي نسبت ۾ خيال ڪرڻ وارو آهين. تو کي ڪو خاص ڪم گهرجي، سڀ ڪو يا جيڪو آيو سو.“ +تڏهن ”رالف“ پچيو ته ”ڪهڙي قسم جو مون کي ڪم آهي؟“ +هن چيو ته ”آءُ ڏيکاريائين“ +در جي پٺيان هڪڙو وڏو ڪوٽ ٽنگيو پيو هو؛ هو ماڻهو انهيءَ جي چوڌاري ٻه ٽي ڀيرا ڦريو، ۽ هرهڪ ڀيري، هيڏي هوڏي نهاري، هلندي ڪوٽ، ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي پهرين هڪڙو رومال ڪڍيائين پوءِ وري ٻئي ڀيري دستانا ڪڍيائين. ٽئين ڀيري هڪ پاڪيٽ بڪ ڪڍيائين، پوءِ چوڻ لڳو ته اجهو اهو ڪم آهي، بس!“ +”رالف“ چڙ مان چيو ته ”آءٌ چور يا ڳنڍيڇوڙ ٿيڻ نٿو گهران، بدمعاش، آءٌ توسان ڪو به واسطو نه رکندس! مون کي ٻڌاءِ ته هنن بسڪيٽن جو ڪيترو ٿيو، ته اهي پيسا ڏيئي هليو وڃان.“ +هن ماڻهوءَ ٽهڪ ڏيئي کلي چيو ته ”بابا، مون اڳي ئي سهي ڪيو هو ته تون منهنجي ڪم جو ناهين. هاڻي ڀلي آئين. بسڪيٽن جي حرڪت ڪانهي. باقي جي اهڙا خيال ڪيئه، ته جلد بک مرندين، ڪو به ڪم ڪونه ملندءِ!“ +”رالف“ چيو ته ”مون کي تنهنجا بسڪيٽ مفت کائڻا نه آهن؛ جيڪو پيسو مون وٽ موجود آهي، سو توکي ڏيان ٿو؛ پوءِ وڃي پوليس کي رپورٽ ٿو ڪريان ته تون چور آهين!“ +هن ماڻهوءَ اڳي کان به وڌيڪ ٽهڪ ڏيئي چيو ته ”پوليس کي اڳي ئي منهنجي خبر آهي! هاڻ، نينگر؛ مون کي ڪاوڙاءِ نه، ماٺ ڪري هليو وڃ.“ +”رالف“ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، نڪري اٿي هليو. ڏٺائين ته ٻيلي هن شهر ۾ رلڻ ڪري مون کي ڪيترو نه خوف ۽ خطرو درپيش آهي؛ پر پنهنجو اصلوڪو ارادو نٿي ڇڏڻ گهريائين تهذيبي بک مرندس ته به گناهه جهڙو ڪم نه ڪندس. +* * * * +آخر شام تائين انهيءَ ڏينهن به رلي، جهوٽو ڏيئي ٿڪجي پيو. جڏڌهن اونداهي ٿي، تڏهن کيسي ۾ ٻن پيسن کان وڌيڪ ڪي نه ڏٺائين- انهيءَ سان هن کي رات گذارڻي پيئي. ٻڌو هئائين ته ڪنهن هنڌ ٻه پينس ڏيئي رات جو اجهو وٺي ٿو سگهجي؛ پر اهو هنڌ ڪٿي هو ۽ ڪيئن اتي وڃجي تنهن جي هن کي خبر ڪانه هئي، سجهيس ٿي ته اهڙا سکڻا هنڌ شهر جي هيٺئين ڀاڱي ۾ هوندا. جتي غريب ۽ خسيس ماڻهو رهن ٿا؛ تنهن ڪري وڏيون گهٽيون ڇڏي، نڪري ”سينٽ جائلس“ واري ڀاڱي ۾ آيو. اتي گهڻيئي حيرت ۽ نفرت جهڙا نظارا منهن پيس ۽ خراب ٻوليون ٻڌڻ ۾ آيس. پر هو انهن کان به نه ڊڄِي هڪڙيءَ گهٽيءَ ۾ آيو، جتي هڪڙي جهاڙو وال کان ٻڌائين ته سستو رهڻ جو هنڌ ملي سگهندو. انهيءَ گهٽيءَ ۾ روشنائي به پوري نه هئي. هٽن تي پورو سوجهرو نه هو. رڳو گتي واري جي دوڪان تي سو ججهي روشنائي هئي. ۽ چهچٽو لڳو پيو هو. هن کي اتي سوين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رلنديون ڏسڻ ۾ آيون، جن کي پڻ گهر ڪونه ٿي ڏٺو، ۽ انهن پاڻ ۾ گارگند پئي ڪيو؛ ڪٿي زالون ڏسڻ ۾ آيس، جن پئي رنو يا پٽيو، يا نامناسب بڪ شڪ ڪئيء�� جن ڪوٺين مان وري بيمارن جون دانهون پئي آيون: مطلب ته اهو هنڌ اهڙو هو جو گويا اها هڪڙي دوزخ جي نشاني هئي. +”رالف“ اتان ڪنهن اهنج ايذا ڌارن لنگهي ويو، پر ڌيان سان ڏٺس. گهڻن ئي. هو پنهنجا فرض ڏکيائينءَ جي ڪري ڇڏي آيو هو، ۽ ٻين جي سک ۽ آرام جو خيال ڪونه ڪيو هئائين؛ رڳو پنهنجيءَ مرضيءَ جي پٺيان ٻاهر ڪاهي پيو هو، انهيءَ ڪري اچي اهڙي خوف واري هنڌ نڪتو هو. + + +باب ايڪهيون +مشڪلاتن ۾ پوڻ +اهڙي خراب خوف جهڙي هنڌ کان لنگهي، رالف ٻيءَ هڪڙيءَ سنهڙي گهٽيءَ ۾ آيو، جا هن کان به خراب هئي، ۽ گهڻو ماڻهو به منجهس ڪونه ٿي ڏٺو. هڪڙيءَ تختيءَ تي هي لفظ ڏٺائين: ”مسافرن لاءِ رهڻ جي جاءِ.“ اندر هڪڙي ڪني جهوني ڪوٺي نظر آئي، جنهن جي در تي هڪڙي بدشڪل زال بيٺل هئي، انهيءَ کان رالف پڇيو ته ”آءٌ رات هتي سمهي سگهان ٿو؟“ +زال چيس ته ”مٺا، ڇو نه- هل ته توکي اندر مزي جهڙي جاءِ ڏيکاريان.“ +هوءَ هن کي وٺي ڏاڪڻ تان چاڙهي، هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويئي. جتي هڪڙي انڌي بتي پئي ٻري، ۽ فرش تي گاهه ۽ ڪنيون رليون ۽ اڳڙيون وڇايون پيون هيون، ۽ انهيءَ تي ننڍا وڏا ڇوڪر ۽ ڇوڪريون جوان مڙس ۽ زالون، اهي سڀ ماڻهو گڏ ستا پيا هئا، ڪي وري هڪڙي ڪنڊ ۾ ميڙ ڪيو پتا رکيو ويٺا هئا ۽ پيسن تي پاڻ ۾ پئي وڙهيا ۽ تڪرار ڪيائون. ٻيا وري شراب پيئڻ ۽ تماڪ ڇڪڻ ۾ مشغول هئا. جيڪي جاڳيا پئي، تن تمام خراب گارگند جهڙا لفظ واتان پئي ڪڍيا، قسم پئي کنيا، ۽ پٽ پاراتا پئي ڏنائون. اتي جي حالت ۽ گندگي ڏسي، ”رالف“ جو ته مٿو ئي ڦري ويو. موڳو ۽ ماندو ٿي ڪرڻ لڳو. هڪڙي اٿي وات پٽي شراب چڪو پياريس. هميشه هي شراب کان ڀڄندڙ هو ۽ وڻندو ئي ڪين هوس؛ پر هينئر انهيءَ ڍڪ سو ساهه وجهي ڇڏيس. پاڻ جهلي، پيرن ڀر ٿيو ۽ بت ۾ طاقت ڏٺائين، هوش به جاءِ ٿيس. پهرين خيال آيس ته دوزخ جي ٽڪريءَ کان ڀڄي جند ڇڏايان، ۽ موٽي ڏاڪڻ تان لهي گهٽيءَ ۾ به آيو؛ پر زال ڀڄي اچي رڙ ڪري جهليس ته به پيسا ضرور ڏيڻا پوندا ٿيندءِ! هو هن کي ڌڪي پاسي ڪري اٿي هليو. هوءَ پٺيانئس گاريون ڏيئي گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳي. هُلَ تي، انهيءَ جاءِ مان ڪي ماڻهو نڪري ”رالف“ جي پٺيان پيا. ڊپ کان هو اٿي ڀڳو ۽ اچي وڏي گهٽيءَ کان نڪتو ۽ هو ماڻهو پٺتي موٽي ويا. +* * * +هن ويچاري کي ڳڻتي ٿي ته هاڻ رات ڪٿي گذاريان: هڪڙيءَ وڏيءَ عمارت جي در جي ڏاڪڻ تي چڙهي، هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪرونڊو ٿي ويٺو. ۽ ويهي ويهي سيءَ ۾ ٿڌي پهچڻ جي فرش تي ليٽي پيو ۽ ننڊ کڻي ويس. اڃا اڌ ڪلاڪ به مس ستو ته دانهن ڪري اٿيو، جو هڪڙي پوليس جي سپاهيءَ هٿ - بتي آڻي اکين وٽ جهليس؛ جنهن جي روشنائيءَ کان هو برابر اکيون پٽي نٿي سگهيو. اڃا پنهنجي هوش ۾ ئي نه آيو ته سپاهيءَ ٻانهن مان کڻي ورتس. پڇڻ لڳس ته ”اڙي کودڙا، ڇا ٿي ڪيئه؟“ +”رالف“ اکيون ملي حيرت مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. تنهن تي هن خوب لوڏا ڏيئي وري پڇيس ته ”زبان ڪٿي اٿئي؟ ضرور ڪنهن حرڪت جي پٺيان هئين! هو گهر تاڙيو ويٺو هئين، کاٽ هڻڻ لاءِ اٿئي ڪا ڪاتي ٻيو ڀڃڻ ۽ کوٽڻ جو اوزار؟“ +”رالف“ مونجهاري ۾ جواب ڏنو ته مون سان ڪي به ڪينهي، آءٌ ٿڪل هوس، تنهن ڪري هن فرش تي سمهي پيو هوس.“ +سپاهيءَ کلي چيو ته ”ويچارو ٿڪجي پيو هو! توکي خبر ناهي ته در جي ڏاڪڻ تي سمهڻ قاعدي جي بر خلاف آهي ۽ ڏوهه آهي؟“ آءٌ توکي رولو ۽ بيروزگار ڄاڻي رجوع ڪندس!“ +”رالف“ چيو ته ”مون ڪي ڪين ٿي ڪيو.“ +سپاهيءَ چيو ته ائين چوڻ سولو آهي. هاڻ هل مون سان ته ٿاڻي جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري وهاريئين؛ جيسي ن سڀاڻو ٿئي، پر، تون رهندو ڪٿي آهين!“ +”رالف��� چيو ته ”ڪٿي به ڪين.“ +هن پڇيو ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ +”رالف“ چيو ته ”منهنجي نالي کي تون ڇا ڪندي.“ +سپاهيءَ چڙي چيو ته ”اهڙيون مسخريون نه ڪر. هوش ڌار تون رولو گهٽين جو ڇوڪر نٿو ڏسجين- شايد گهر مان يا اسڪول مان يا ڪنهن ٻئي هنڌان ڀڄي نڪتو آهين. سڀاڻي توکي ماجسٽريٽ صاحب وٽ پنهنجو نالو نشان ۽ ٻيو سڀ احوال ڏيڻو ٿيندو، في الحال مون سان آءُ.“ +”رالف“ ڊپ کان سسو وسو ٿي ويو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڀلائي ڪري مون کي ماجسٽريٽ وٽ وٺي نه هل! آءٌ توکي خاطري ٿو ڏيان، ايمان سان ٿو چوان، ته مون کي ڪنهن ڏوهه ۽ قصور ڪرڻ جو ارادو ئي ڪونه هو- مون کي ڇڏ ته آءٌ وڃان.“ +سپاهيءَ چيو ته ”پوءِ مون کي ڇا ڏيندي؟ تو وٽ ضرور ڪي پيسا آهن!“ +”رالف“ چيو ته ”مون وٽ ڪي به ڪينهي، جيڪي هو سڀ خرچي ڇڏيم.“ +هن زور مان ٻانهن جهلي، ڇڪي چيو ته ”تڏهن سنئون ٿي هل! +”رالف“ پوليس ٿاڻي ۾ بند ٿيڻ ۽ ماجسٽريٽ وٽ پنهنجي احوال ڪرڻ جي ڊپ کان ، ڀڄي جند ڇڏائڻ جو ارادو ڪيو. پيرن جو اصل ڇوهو هو- پڪ هيس ته پوليس وارو ڀڄي نه سگهندو . ماٺ ماٺ ڪري، اوچتو، هن کي ٿيلهو ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، ڀڳو، جيسين پوليس وارو آٿڙجي سنئون ٿيو ۽ اونڌائيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڏٺائين، تيسين ”رالف“ نظر کان ئي نڪري ويس! سپاهيءَ ڦڪو به ٿيو، پر خبر نه پيس ته هو ڪيڏي ويو. تنهن ڪري هن جي پٺيان ڊوڙڻ جي تڪليف ڪانه ڪيائين. +* * * +”رالف کي ڀڄي وڃڻ جو چڱو وجهه مليو. انهيءَ هنڌ ۽ مهل ماڻهن جي گهڻي آمد رفت ڪانه هئي. ڏينهن جو گهمندي نديءَ جي ويجهو هڪڙيءَ وڏي پل جي ڪمان سڪيءَ تي بيٺل ڏٺي هئائين- اوڏي ڀڳو. ڪناري تي اتفاق سان ٿورو سڪل گاهه پيل ڏٺائين - هو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وري اتي هڪڙي زال به ڏٺائين جنهن سان ننڍڙو معصوم ٻار هو. هوءَ به ڪا هن وانگر گهر کان سواءِ آواره هئي، ۽ نه پنهنجي لاءِ نه ٻار جي لاءِ کاڌو هوس. ٻار کي سيءَ کان لڪائڻ لاءِ، هن تي ڪي اڳڙيون ۽ ڪي پنهنجا ڊگها وار وڇوڙي کڻي وڌائين. انهيءَ جو حال ڏسي، ”رالف“ کي ڏاڍو رحم آيو. اهو سڪل گاهه جو پنهنجي سمهڻ لاءِ هٿ ڪيو هئائين، سو وڃي هن کي اڇلائي ڏنائين ۽ چيائين ته ”مائي، هان هي وٺ- هي توکي ۽ تنهنجي ٻار کي ڪوسو رکندو.... پر، بيهه مون کي هڪڙي گرم سدري به انداران پيل آهي، اها توکي لاهي ٿو ڏيان. يا بار ڏي ته آءٌ ڪڇ ۾ کڻي ڪو سو ڪريانس.“ +هن زال چيو ته ”تنهنجي گهڻي مهرباني، هي ويچارو بک ٿو مري. پر هي به بک مري ۽ آءٌ به! جي هي ويو ته پوءِ مون کي بهتر رستو سُجهي ٿو.“ +”رالف“ چيو ته ”مائي ماٺ ڪر. ائين نه چئو؛ خدا ڏسي ٿو، اهو توکي مدد ڪندو.“ +زال چرين وانگر جواب ڏنو ته ”نه، نه، هن مون کي ڇڏي ڏنو آهي!“ ائين چئي، هوءَ پاڻ به جهولڻ لڳي ۽ بار کي به ماٺ ڪرائڻ لاءِ لوڏڻ لڳي. ”رالف“ چيو ته هان هي ٻه پينس وٺ- مون وٽ فقط ايترو وڃي بچيو آهي. هينئر دوڪان بند ته نه ٿي ويا آهن؟ وڃي ٻار کي به ٿورو کاڌو وٺي ڏي ۽ تون پاڻ به کاءُ.“ +زال چيو ته ”بابا، خدا تنهنجو ڀلو ڪري، ۽ توکي خوش رکي. تو هن جي به جان بچائي آهي ۽ منهنجي به.“ +ائين چئي، هوءَ بازار ڏي ڀڳي ته ماني وٺي ڪم آڻي. ”رالف“ هيترن ڏکن ۽ تڪليفن کان پوءِ هن خير جي ڪم ڪري ڏاڍو سرهو ٿيو، جو ڄاتائين ته جيڪي مون کان ٿي سگهيو، سو مون ڪيو. هو گاهه تي گوڏا کوڙي خدا جو شڪر گذار ڪري ۽ آنند جي مدد گهري سمهي پيو ۽ ٻيو گاهه مٿان وجهي ڇڏيائين، ته رات جو ڪوسو رهي. ٿڪ ٽٽل هو، تنهن ڪري سگهوئي ننڊ کڻي ويس. +باب ٻاويهون +مشڪلاتن مان نڪرڻ +صبح جو ”رالف“ اٿيو، ته اڇو ڏينهن ٿي ويو هو. ساري رات برف پيئي هئي، ۽ زمين اڇي ٿي ويئي هئي. اهو ناتال جو ڏينهن هو. هن جي هڙ ۾ هاڻي هڪڙي پيني به نه هئي، جنهن سان ناشتو وٺي. ٻيو وري وڏي ڏينهن جي ڪري دوڪان به بند هئا، تنهن ڪري پورهئي ۽ اجوري جي به اُميد ڪانه هيس. ويچارو پرديس ۾ گهر گهاٽ کان سواءِ پيسي پنجڙ کانسواءِ، عزيز خويش کان سواء. لنڊن جي گهٽين ۾ پئي گهميو. هن لاءِ ناتال نه هو، ٻائيتال هو. هن کان اڳي ناتال ڪهڙيءَ نه خوشي ۾ گذاريا هئائين! پاڻ جيڏن سان جيڪي رانديون ڪندو هو ۽ مزا ماڻيندو هو، سي ياد ڪري ۽ هاڻوڪن ڏکن ۽ فڪرن سان انهن جو مقابلو ڪري، هن کي روئڻ اچي ويو. اهو به ارمان هوس ته اهڙي سڳوري ۽ خوشيءَ جي ڏينهن سندس ماءُ ۽ ڀاءُ جي جدائيءَ جي ڪري، ڪهڙو حال هوندو. اهو ياد ڪري هن کي پنهنجا ڏک ئي وسري ويا. پيءُ جو ارمان به گهٽ ڪين هوس، جو ڄاتائين ته پاڻ هن جي شرمندگيءَ ۽ ڪاوڙ جو سبب هو. اهي خيال ڪري، هن پاڻ کي اٻهرو بيعقل، خودپسند، مطلبي ۽ ڏوهاري ٺهرايو ۽ سمجهيائين ته گهران نڪرڻ ڪري مون وڏي چوڪ ۽ خطا ڪئي آهي؛ منهنجو ڪم هو پيءُ جو حڪم مڃڻ ۽ جنهن هنڌ خدا مون کي رکيو اتي خوش ۽ راضي ٿي گذراڻ. پاڻ کي چوڻ لڳو ته هنن کي ڏک برابر ٿيندو، پر نيٺ هو مون کانسواءِ زياده خوش گذاريندا.“ ويچاري امان! ويچارو ڪرسٽي! ائين چئي وري روئڻ لڳو. +بک بڇڙي بلا آهي. اهڙي وڏي ڏينهن تي به هن ويچاري کي کاڌي جي لاءِ ڪي ڪين هو. نڪي سجهيس ٿي ته حق حلال جو پورهيو ڪري ڪمائي سگهندس. پنڻ کان به هن کي شرم ٿي آيو. بک مرندي، لاچار، شايد ائين به ڪرڻو پويس. ڀلا، تڏهن ساڻ هي ڇا ڪري؟ +بک ۾ هيڏي هوڏي رلندي، واجهائيندي، هن هڪڙو سکر ماڻهو هڪڙي درجي اڳيان گهوڙي تي بيٺو ڏٺو. ”رالف“ ڊوڙي وڃي هن جو گهوڙو ورتو، ۽ اهو شخص گهوڙي تان لهي اندر هليو ويو. چوندو ويو: ”شاباس، تون چڱو ڇوڪر ٿو ڏسجين. جڏهن آءُ وري ٻاهر نڪرندس، تڏهن توکي چڱي خرچي ڏيندس!“ +”زالف“ کي پاءُ ڪلاڪ کن سيءَ ۽ برف ۾ ٿي بيهڻو پيو، جنهنڪري هٿ پير ساڻا ٿي پيس. جڏهن اهو شخص ٻاهر نڪتو، تڏهن هن ”رالف“ ۾ ايتريقدر چتائي نهاريو، جو ”رالف“ ڄاتو ته هن شايد مون کي ”رگبي“ جي اسڪول ۾ تماشن جي ڏينهن ۾ ٻين سان گڏ ڳائيندي ڏٺو آهي. اها ڳالهه هئي به سچي: هن شخص دل ۾ چيو ٿي ته هن ڇوڪر کي اڳي ڪٿي ڏٺو اٿم. هي عام گهٽين جو رلندڙ ڇوڪر ناهي؛ پر هن کي ياد نٿي اچي سگهيو ته ڪٿي ڏٺو هئائينس. پوءِ، نهاري نهاري، هن کي ڇهه پينس ڏنائين، چيائينس ته ”ڇوڪرا، مون کي اميد آهي ته توسان ٻيو سڀ خير آهي.“ +”رالف“ منهن پاسي ڪري ورندي ڏني ته ”سائين ٻيو سڀ خير آهي. اوهان جي گهڻي مهرباني!“ +هن ماڻهوءَ گهوڙي تي چڙهندي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته سڀ خير نه آهي!“ پوءِ وري هن ۾ نهاري، ڪنڌ ڌوڻي هليو ويو. +”رالف“ ويچاري جي لاءِ ڇهه پينس وڏو خزانو هو. انهيءَ مان ڏينهن جي به ماني ٿي پيئي، ۽ وري رات جي به، سڌو ويو نانوائيءَ وٽ اتي بُک لاهي، ويو سرڪاري حوض تي، جتي پنهنجي اڃ لاٿائين. پوءِ خيال ۾ پيو ته هاڻ ڇا ڪريان، ۽ وقت ڪيئن گذاريان. +* * * +سوين ماڻهو چڱيءَ پوشاڪ ۾ ديولن ڏي پئي ويا. هن جي به دل گهڻو ئي ٿي چيوته پاڻ به اوڏي وڃي، پر ائين ڪرڻ جي پهرين همٿ نٿي ٿيس. نيٺ لڪي لڪي، ”آڪسفورڊ“ واريءَ گهٽيءَ جي ويجهو هڪڙيءَ ديول ۾ گهڙي ويو ۽ اندر ڏاڪڻ تي ويهي رهيو. هڪڙي پير مرد هن کي ڏسي دعا جي ڪتابڙي کڻي هٿ ۾ ڏنيس، ۽ هو سچيءَ دل سان عبادت ۾ شامل ۽ مشغول ٿيو. جيڪي پادريءَ واعظ ڪندي پئي چيو. سو هن ڌيان ڏيئي پئي ٻڌو، ۽ انهيءَ مان دل کي گهڻو ڏڍ ٿي آيس. پاد��ي تمام نيڪ ۽ رحمدل ماڻهو ٿي ڏٺو. ”رالف“ کي دل ۾ آيو ته انهيءَ کان پنهنجيءَ نسبت ۾ صلاح وٺان. عبادت پوري ٿيڻ کانپوءِ، هن پادري کي لنگهندي سلام به ڪيو، ۽ هن مهربانيءَ سان ڏانهس نهاريو، پر هن کي هن سان وڃڻ ۽ ڳالهائڻ جي همت نه ٿي. نيٺ دل ۾ خيال ڪيائين ته پنهنجي اندر جي قاضيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي صلاح مصلحت مون کي ڪارگر نه ٿيندي: ۽ انهيءَ جي هن کي صلاح هئي ته ”گهر مان ڀڄڻ ڪري غلط ڪم ڪيو اٿئي، تنهنڪري موٽي اوڏي وڃ- وڃي پنهنجي پيءُ جي پيش پئو ۽ انهيءَ وٽ ڏوهه قبول ڪر- پوءِ هو معافي ڏيئي، يا سزا.“ +* * * +شام جي ماني کائڻ کانپوءِ، ”رالف“ جو کيسو وري به خالي ٿيو، ۽ هو هيڏي هوڏي رلڻ لڳو. ڪنهن دَرَجي نزديڪ ڏاڪڻ تي به ويهي نٿي سگهيو، جوا تان هڪالي ٿي ڪڍيائونس؛ ٻي ڪابه آرام وٺڻ جي جاءِ نٿي ڏٺائين. ٿڪو به ڏاڍو هو. نيٺ، هن هڪڙو وڏو ڪشادو پهڻ ڏٺو، جو سهر جي ٻن تڪن جي وچ واري حد- نشان لاءِ کوڙيو هئائون. اتي هن ڪلاڪ کن ويهي آرام ورتو. پر، انهيءَ کي آرام ڪير چوندو؟ دل فڪرن ۽ ڏکن سان ڀريل هيس! ڪنڌ هٿن تي رکي، ڳڻتيءَ ۾ ويهي رهيو؛ ۽ جيڪي ماڻهو پئي لنگهيا، تن جو ڪوبه سماءُ ڪونه ٿي ڪيائين. هنن، ناتال جهڙي سڳوري ڏينهن، هن مسڪين ڇوڪر جي حال تي رحم به پئي ڪيو، جو سيءَ واءَ ۾ رستي جي پهڻ تي ويٺي ٿڙڪيو؛ پر هن کي ٻين رحم وارن خيالن جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پيئي- هن کي رڳو پنهنجي اندر جي درد وارن خيالن جي خبر هئي. +هو انهيءَ طرح محو ويٺو هو، ته ٻه ڇوڪر اچي مٿائنس بيهي رهيا. هن جي پوشاڪ، ٽوپي ۽ ٻيو ڊول ڏسي، هنن جو ڌيان هن ڏي ٿيو. ”رالف“ کي اڃا به هنن جي اچڻ جو سماءُ ڪونه پيو هو، هو ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو. هڪڙي ڇوڪري ٻئي کي چيو ته ”جارج“ مون کي پڪ آهي ته اهو آهي!“ +”جارج“ چيو ته ”ڪنهن جي نالي ٿو چوين؟“ +پر جواب ڏيڻ جي بدران، اهو ٻيو ڇوڪر، جو ”مارٽن آلربي“ هو، تنهن ”رالف“ جي ڪلهي تي هٿ رکي، نالو وٺي سڏ ڪيس. +”رالف“ پنهنجو نالو ۽ ”مارٽن“ جو ڳالهائڻ ٻڌي، ڇرڪ ڀريو. پهرين ته ذري گهٽ اٿي ٿي ڀڳو، ۽ پهڻ تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو به هو ۽ هليو به، پر جڏهن ”مارٽن“ طعنو هڻي چيس ته ”رالف؛ هي ڇا، مون کان ڀڄيو ٿو وڃين!“- تڏهن بيهي رهيو، ”مارٽن“ پنهنجي سنگتيءَ ۽ سئوٽ کي اشارو ڪيو ته تون اتي بيهه ۽ پاڻ ”رالف“ کي ٻانهن کان وٺي ٿورو پاسي تي ويو. ”رالف“ جو ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو، تنهن کي چيائين ته ”رالف“ ڇو نٿو مون ڏي نهارين، ۽ مون سان ڳالهائين؟“ +”رالف“ ڪڏهن مٿي ڪيو، ۽ ”مارٽن“ جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺائين- سندس هٿ کي زور ڏيئي، چيائين ته ”مارٽن“ تون پنهنجي مهرباني ٿو ڪرين، پر منهنجي حالت هينئر ڦرِي ٻي ٿي آهي. مون کي ڇڏ ته آءٌ وڃان، تون مون کي وساري ڦٽو ڪر. تون مون کي نه ملين ها، ۽ نه ڏسين ها، ته چڱو هو!“ +”مارٽن“ چيو ته ”نه، رالف، توکي آءُ ڪين ڇڏيندس، جيسين تون مون سان ڳالهه نه ڪندين. رالف، ڪهڙيءَ ڳالهه توکي پنهنجو گهر ڇڏايو؟ توکي معلوم ٿيو هوندو ته ائين ڪرڻ غلط هو!“ +”رالف چيو ته ”اهو آءٌ چئي نٿوس گهان. ڪنهن به طرح، انهيءَ مهل مون نٿي ڄاتو ته اهو ڪم غلط آهي، بابي مون کي ناحق مار ڏني.“ +هن چيو ته ”رالف“ مون کي پڪ آهي ته مسٽر ”ڊگلس“ سخت ۽ شوخ آهي، پر وري به ياد ڪر ته هو تنهنجو پيءُ آهي. پوءِ مارجي ڪري تون سڄي گهر کي ڏک ۽ عذاب ۾ وجهندين ڪيئن؟“ +”رالف“ چيو ته ”مارٽن، مون کي عتاب نه ڏي، مون تي ڪاوڙ نه ڪر؛ اڳي ئي سارو جهان مون تي ڪاوڙيو وتي؛ مون کي اڃا گهڻين مشڪلاتن ۽ سختين مان لنگهڻو آهي.“ +”مارٽن���، رحم کائي چيو ته ”پيارا رالف، تون ضرور مون سان ڳوٺ موٽي هل- ضرور بالضرور هل- پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ تي ڪو قياس ڪر!“ +”رالف“ اکين تي هٿ ڏيئي چوڻ لڳو ته ”نه چور، مون کي نه چور، مون کي عذاب نه ڏي- مارٽن، جي تون وڌيڪ انهيءَ بابت چوندين، ته آءُ توکان به ڀڄي ويندس! هو سگهوئي هري مري ٺهي ويندا؛ نٿو ڀانئين ته هو خير خواهيءَ ڪري توکي چڱي صلاح ڏيندو؟“ +”رالف“ رڳو مٿو ڌوڻيو، ۽ نااميديءَ ۾ ڪڇيائين ڪي به ڪين. +”مارٽن“ وري به چيس ته ”رالف“ آءٌ توکي هن حال ۾ ڏسي نٿو سگهان: هڪڙي ٻن ڏينهن ۾ ئي ڏس ته ڪهڙو حال ٿيو اٿئي- منهن ئي سڪي ويو اٿئي! تون ٿڪل ۽ بکايل ۽ سرديءَ جو ڏمريل ٿو ڏسجين: ناتال جو ڏينهن تنهنجي لاءِ ڪهڙو نه خراب ٿو گذاري! ڀلا، رڳو مون سان گڏجي گهر هل، هلي آرام وٺ، ۽ ڪي کاءُ؛ پوءِ جي تون اڃا به نه رهئين، ته هليو وڃج.“ +”رالف“ آهستي ورندي ڏني ته ”مارٽن“ تون مون کي اهڙي پڪ ڏيئي ڪين سگهندين... نه نه، مون کي ڇڏ ته آءُ وڃان! مارٽن، خدا کي پرتين؛ وري جي حياتي ۽ قسمت هوندي، ته گڏباسين نه ته...“ جملي پوري ٿيڻ کان سواءِ ئي، مارٽن کان پنهنجو هٿ ڇڏائي، اٿي هليو. +”مارٽن“ ڏک ۽ حيرت مان پٺيانس پئي نهاريو، ۽ اهو خيال پئي ڪيائين ته هاڻ ڇا ڪريان، ته ”رالف“ وري منهن ورائي چوڻ لڳو ته ”مارٽن، ڀلائي ڪري ڪنهن کي متان ٻڌائين ته تو مون کي ڏٺو آهي!“ +مارٽن ڏک ۾ ورندي ڏني ته ”رالف“ آءٌ ضرور ٻڌائيندس! پهرين ته ڪوبه ڳجهه مون کي پنهنجي پيءُ کان رکڻو ڪونهي- پر، منهنجي مونجهاري ۽ غمگينيءَ ڪري، هو پاڻيهي به سهي ڪري يا پڇا ڪري سگهندو، ٻيو، ته جي بابي کي ۽ مسٽر ”ڊگلس“ کي تنهنجي خبر پوندي، ته تنهنجي لاءِ چڱو آهي. پر، ”رالف“ تون رهندو ڪٿي آهين؟“ +”مارٽن“ چيو ته ”هائو، مارٽن: سڀڪو ماڻهو، سڀڪا ڳالهه، منهنجي برخلاف آهي، تون هميشه مون تي مهربان هوندو هئين، سو تون به هاڻ ءُ ڀانيان ٿو ته منهنجي برخلاف ٿيڻ ٿو گهرين! پر جي تون ضرور منهنجو پتو ظاهر ڪندين، ته آءٌ به ڪنهن هنڌ وڃي لڪندس- لنڊن وڏو شهر آهي، مون کي ڳولي لهڻ لاءِ توکي وڏو عرصو گهرجي!“ +ائين چئي ”مارٽن، کان موڪلايائين. جيئن هو پئي ويو، تئين هن ڏي نهاري روئڻ لڳو؛ ۽ هو به گهٽيءَ جي ور وٽ بيهي، رومال لوڏي، گم ٿي ويو. +باب ٽيويهون +”رالف“ جي ناتال جي رات +”رالف“ اتان اٿي، تڪڙو هلڻ لڳو، ڀانيائين ته ”سرهينري آلربي“ ضرور ايندو، تنهن کانا ڳي نڪري وڃان؛ پوليس جي خبر هيس، ته ذري کان پوءِ پهري ۽ گهوم تي نڪرندي. اهو به شڪ هوس ته هينئر جو سندس پتو پيو آهي، سو پوليس وارن کي ڳولي لهڻ لاءِ خرچي يا انعام آڇين ته عجب ناهي: سو ارادو ڪيائين ته سڀاڻي صبح جو شهر ڇڏي هليو ويندس، ۽ هاڻي به هڪدم هتان نڪري ٻهراڙي ۾ وڃي رهندس. اهو ارادو ڪري، هي اتان هلندو، شهر منجهان لنگهندو، قريب ٻه- اڍائي ميل ڪري، شهر جي ٻئي پاسي ٻاهر نڪري آيو. هلي هلي، هن جي جتي پهڻ تي گسي ۽ برف ۾ ڀڄي پئي. هڪڙي هنڌ ويهي رهيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته ڇا ڪريان. بک به لڳس، پر کيسي ۾ ڪي به ڪين هوس، رات گذارڻ جي آجهي جي به ڳڻتي هيس. مٿان سياري جي رات اچي ڪڙڪي. هوا جا جهوٽا ۽ برف جا وسڪارا شروع ٿيا. هو اڃا پنهنجن خيالن ۾ ويٺو هو، ته هڪڙو ڇوڪر خوشيءَ مان هڪڙو مشهور راڳ ڳائيندو اچي لنگهيو. هڪدم ”رالف“ کي دل ۾ آيو ته ڇو نه آءٌ راڳ ڳائي، خيرات يا بخش وٺڻ سان ڪي ڪمايان- شايد ايترو ڪمائي سگهندس، جو رات جي مانيءَ ۽ رهڻ جي هنڌ جو پيسو ڪڍي سگهندس! اهو خيال ڪري، هو وري اندر ڀرو وڏيءَ باز��ر ۽ گهٽيءَ ۾ آيو، جتي اڃا ماڻهن جي آمد رفت هئي. +اتي اچي اونداهي به ٿي ۽ بتيون ٻريون. لنگهندي، هن درين مان ڏٺو ته ماڻهو ناتال جي خوشيءَ ۾ ڏاڍيون مجلسون ڪيو ويٺا هئا ۽ سندس اڳيان ميزن تي ميوا، مٺايون ۽ لذيذ کاڌا رکيا هئا. ڪٿي مچ پئي ٻريا ۽ انهن جي چوڌاري ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ ٿيو ويٺا هئا. ڪٿي وري ناتال جا هٿرادو وڻ ميزن تي بيٺا هئا، جن مان تحفي جهڙيون شيون ٻارن جي ڏيڻ لاءِ پئي لڙڪيون. هڪڙي گهر وٽ هو گهڻو بيٺو، جو اتي خوشيءَ جي اڃا تياري پئي ٿي. ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اچي گڏ ٿيا هئا. راڳ ۽ ناچ جو سعيو پئي ٿيو. کل جو ٽهڪڙو پئي پيو. ”رالف“ ويچاري، ٻاهران برف جي وسڪاري ۾ ڏڪندي ۽ ٿڙڪندي، بيٺي نهاريو. سندس ٽوپي برف ۾ اڇي ٿي ويئي هئي ۽ ڪوٽ جا ڪلها به. ويچارو انهيءَ ارمان ۾ هو ته ”الاجي اهڙيون خوشيون ڪڏهن آءُ به وري ڪندس يا نه!“ +اتي بيٺي، هڪڙي بيحيا ڇوڪر رڙ ڪري پنهنجن سنگتين کي چيو ته ”هيڏي هڪڙو ننڍو ڳنڍيڇوڙ بيٺو اٿو؛ ايڏي پيو نهاري؛ پنهنجون شيون سنڀالي بيهجو، متان گم ٿي وڃن!“ +اهي لفظ ”رالف“ ٻڌا به، ۽ گهڻي ئي ڪاوڙ به آيس، پر ڏک جي ڪري اها وسري ويس. ماٺ ڪري،ا ها جاءِ ڇڏي آهستي اڳڀرو هليو، ۽ اچي هڪڙي هنڌ بيٺو، جتي ڄاتائين ته ڪن راڳن ڳائڻ سان ٿورو گهڻو ڪمائي سگهندس. پهرين ته گهڻو ئي شرم ٿي آيس، ۽ وات کان وائي نٿي نڪري سگهيس، پر نيٺ بک، سردي ۽ نااميدي مٿس غالب پيئي. هڪڙو مزي جهڙو قصو راڳ ۾ ياد هوس، جو ڄاتائين ته ٻڌندڙن کي گهڻو وڻندو. پنهنجي نڙي صاف ڪري مٺي آواز سان ڳائڻ لڳو. ٻه- چار بيت مس ڳايائين، ته ڏهه- ٻارهن ماڻهوا چي مٿس مڙيا. لنڊن جي گهٽين ۾ اهڙو مٺو، عمدو ۽ صحيح راڳ اڳي ڪنهن ورلي ٻڌو هو. ماڻهو حيران ٿي ويا. اهو شعر سندس حال وٽان به هو، تنهنڪري ڏاڍي سوز ۽ دلچسپيءَ سان ٿي ڳايائين؛ جنهنڪري انهيءَ جو ٻڌندڙن تي نهايت گهڻو ۽ چڱو اثر ٿي ٿيو. نيٺ، جڏهن راڳ بس ڪيائين ۽ قصو پورو ڪيائين، تڏهن ماڻهو تاڙيون وڄائي آفرين ڏيڻ لڳس، ۽ گهڻن ته چڱو انعام به ڏنس- اگرچه هُنَ ڪنهن کان ڪي گهريو به ڪين. ٽامي ۽ چاندي جي سڪن سان کيسو ڀرجي ويس! +هڪڙي ڪاسائي ڇوڪري کي هن جي فتحيابي ڏسي ڏاڍي ريس ٿي ۽ پنهنجي ٻئي سنگتيءَ سان ”رالف“ تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ انهيءَ کي چيڙائڻ لڳو- بلڪه هن کي چرچي مان گهٽ- وڌ به ڳالهائڻ لڳو- ۽ ماڻهو جي مڙيا هئا، سي هن جي چرچن تي کلڻ لڳا. ”رالف“ کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. چڙ مان، انهيءَ ڪاسائي ڇوڪر کي ڳچيءَ کان وٺي، چيائين ته ”اڙي بند ڪر پنهنجو وات!“ +ڇوڪر چيو ته ”تون اڙي ڪير آهين، جو منهنجو وات ٿو بند ڪرين؟“ ائين چئي، پاسرين ۾ ٺونٺ هڻي ڪڍيائينس. +”رالف“ چيس ته ”منهنجو مغز ڀڃندين؟ شڪل ته ڏسوس- ڏسان ته ڪيئن ٿو ڀڃين!“ ائين چئي، ها- ها- ها ڪري کلڻ لڳو. +”رالف“ چيو ته ”تڏهن هان، وٺ...“ ائين چئي، هن کي ڳل تي چماٽ هڻي ڪڍيائين. پوءِ ته ٻئي اچي اٽڪيا. ڪاسائي ڇوڪر ڳرو ۽ ٿلهو هو، پر ”رالف“ جيتوڻيڪ ٿورن ڏينهن جي تڪليفن ڪڍڻ ڪري ضعيف ٿي ويو هو، ته به مضبوط ۽ همت وارو هو. جهٽ ۾ مڪون ۽ جانٺا هڻي، هن کي ڪيرائي رکيائين؛ ۽ پوءِ وري هن کي هٿ کان وٺي، مدد ڏيئي، اٿاري بيهاريائين، ۽ ڇهه پينس هن جي هٿ تي ڏيئي، چيائينس ته ”ڀائو، هي وٺ، وڃي خرچ کاءُ، آءٌ پنڻو نه هوس، کاڌي لاءِ ڪين هوم، تڏهن ٿي ڳايم. هاڻي تون به وڃي خوش ٿي، ۽ آءٌ به وڃان ٿو.“ +هن ڇوڪر اهي پيسا موٽائي ڏنس، ۽ چيائينس ته ”جي مون کي خبر هجي ها ته تون اهڙو چڱيءَ طبيعت وارو ماڻهو آهين، ته جيڪر تنهنجو نالو ئي نه وٺان ها!“ ا��ين چئي، پنهنجن سنگتين کي سڏي ٻئي پاسي هليو ويو. +ٻيو هڪڙو آڪسفورڊ جو جوان شاگرد به اتي بيٺل هو، تنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو ته ”قسم آهي، هيءَُ ڇوڪر ته ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو پٽ آهي- لنڊن جو فقير پنڻو اهڙو ڪنهن ڏٺو!“ +سندس سنگتيءَ چيو ته ”ڪنهن به قسم جي فقير اهڙو چڱو ڪڏهن ڪو راڳ ڳايو؟ ڪنهن وڏيءَ ديول ۾ به اهڙو عمدو راڳ ٻڌڻ ۾ نه آيو هوندو!“ +”رالف“ هن جون اهي ٻوليون ٻڌي، چوڻ لڳو ته ”آءٌ فقير يا پنڻو ناهيان؛ مون کي اڄ ڪم يا اجورو ڪونه مليو هو، تنهنڪري مون راڳ ڳائي ڪي پيسا گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ ته رات جي ماني ۽ سمهڻ جو بسترو هٿ ڪريان.“ +هنن چيو ته ”تڏهن اسان کي ٻيو ڪور اڳ ڳائي ٻڌاءِ؛ يا نه اهو ئي ساڳيو وري ٻڌاءِ، اهو راڳ ٻه ڀيرا ٻڌڻ جهڙو هو.“ ٻين ماڻهن به هن کي منت ڪئي. +”رالف“ چيو ته ”هڪڙي ٻن ڏينهن جي ڪم لاءِ مون وٽ جهجهو پيسو موجود اهي، تنهنڪري مون کي ڳائڻ جو ضرور ڪونهي؛ مگر جي اوهان جي دل جي اهڙي خواهش آهي، ته آءٌ اوهان کي ناتال جو هڪڙو ٻيو گيت ڳائي ٿو ٻڌايان.“ +پوءِ مٺي آواز سان هڪڙو نهايت عمدو راڳ ڳايائين. اهو اهڙو درد ۽ سوز وارو هو، جوا نهيءَ جي پوري ڪرڻ کان اڳي هو پاڻ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. هن جو هي حال ڏسي، سڀني ٻڌندڙن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ گهڻن ته روئي به ڏنو. +هن آڪسفورڊ واري شاگرد چيو ته ”ويچارو مسڪين! ادا، مون کي افسوس آهي جو مون توکي اها تڪليف ڏني. هان، هيءَ ٿوري خرچي وٺ،“ هن ٻه اڌ- ڪرائون کڻي هٿ ۾ وڌس. انهيءَ جي سنگتيءَ به ٽيون اڌ- ڪرائون ڏنس. ٻين ماڻهن به پيسا ٿي ڏنس، پر ”رالف“ نه ورتا. چيائين، ”منهنجي لاءِ هي گنج آهن؛ منهنجي گهرج پلجي ويئي، وڌيڪ مون کي نه گهرجي.“ +هن جي اها ڪشاده دليءَ جي هلت ڏسي، ماڻهن کي حيراني لڳي. گهڻا جيڪر هر طرح جي مدد ڏينس ها، پر هو تڪڙ ڪري، اهو هنڌ ڇڏي اڳڀرو هلي، اونداهيءَ ۾ بيهي رهيو- جيسين ڪه سڀ گوڙ لهي ويو. پوءِ ارادو ڪيائين ته وڃي رات جي ماني ۽ سمهڻ جي جاءِ جو ڪو بندوبست ڪريان. اڃا ٿورو اڳڀرو هليو، ته هو آڪسفورڊ وارو شاگرد ۽ ان جو سنگتي- ٻئي وري اچي گڏيس. هنن کي دل ۾ آيو هو ته هي ڪو ويچارو پرديسي مسافر آهي يا ڪنهن مشڪلات ۾ آهي، تنهن کي مدد ڪجي، ته اهڙيءَ سڳوريءَ رات ثواب ٿئي. +هنن مان هڪڙي چيس ته ”ڇوڪرا، آءٌ ڀانيان ٿوته تون ڪنهن مشڪلات ۾ آهين؛ ڀلائي ڪري اسان کي سڄي ڳالهه ٻڌاءِ، ته پوءِ جيڪا مدد اسان کان پڄي سگهي، سا توکي ڏينداسين.“ +”رالف“ ڏک مان چيو ته ”مون کي ٻي مدد ڪانه گهرجي؛ منهنجي لاءِ ڪو ڪم اوهين پيدا ڪريو ته آءٌ شڪر گذار رهندس.“ +هن چيو ته ”چڱو، انهيءَ جو اسين سڀاڻي بندوسبت ڪنداسين. في الحال تون اسان سان هل، ۽ هلي اسان کي پنهنجو حال ٻڌاءِ. اسين توکي رات جي ماني ۽ سمهڻ جي جاءِ ڏينداسين. توتي اسان کي پورو ڀروسو آهي.“ +”رالف“ ماٺ ڪري هنن سان گڏجي اٿي هليو. +* * * +آڪسفورڊ وارو شاگرد ته رستي مان موڪلائي ويو، باقي انهيءَ جو سنگتي، جنهن جو نالو ”والٽر هنٽ“ هو، سو هن کي وٺي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو؛ جتي هو ايندڙ امتحان جي لاءِ هڪڙي خانگي ماستر وٽ پڙهندو هو. نوڪر اڳي ئي مانيءَ جي ميز وٽ ٻه ڪرسيون رکي ڇڏيون هيون. انهيءَ کي ”هنٽ“ ٽي ڪرسي به اڻي رکڻ لاءِ چيو؛ پر ”رالف“ چيس ته ”آءٌ اوهان سان گڏ ميز تي ڪين ويهندس.“ +هن پڇيو ته ”سو ڇو؟“ +”رالف“ شرم سان ورندي ڏني ته ”آءٌ گهٽين ۾ پئي ستو آهيان، منهنجا ڪپڙا ميرا ٿي ويا آهن،- پنهنجي بت ڌوئڻ جو ئي مون کي وجهه نه مليو آهي!“ +هن جوان شخص چيس ته ”فڪر ناهي“ آءٌ توکي وهنجڻ جي جاءِ ٿو ڏيان. گرم پاڻيءَ سان وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا ڍڪ، جي آءٌ توکي موجود ڪري ٿو ڏيان. سڀاڻي تائين تنهنجا ڪپڙا به ڌئاري توکي ڏيندس. اڄ رات خوش ٿي گذار، ۽ ناتال جي خوشيءَ ۾ مون سان ۽ ”هيرڪ“ سان گڏجي ماني کاءُ، هوءَ ڪوٺي آهي تنهنجي سمهڻ جي.“ +”رالف“ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن جي شڪر گذاري ڪيائين. اڌ ڪلاڪ جي اندر هو وهنجي سهنجي، نوان ڪپڙا ڍڪي، گل ٿي آيو، ۽ سچو پچو لنڊن جو سکر ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ وچ ۾ ماني به ميز تي آئي ۽ ”هيرڪ“ به اچي نڪتو. پوءِ ٽيئي گڏجي ماني کائڻ ويٺا. هنن ٻنهي پاڻ ۾ اکين سان اشارا پئي ڏنا، جنهن مان معلوم ٿي ٿيو ته هنن پنهنجو شڪ سچو ٿي ڄاتو. پر، حقيقت ڪري، ”رالف“ پنهنجي سچي حالت هنن کان نٿي لڪائي؛ رڳو جڏهن هنن سندس نالو پڇيو، تڏهن سو هنن کي چيائين ته ”مهرباني ڪري منهنجو سچو نالو مون کان نه پڇو- مون کي ڪي به کڻي سڏبو.“ +”هنٽ“ کلي چيو ته ”چڱو، سائين اسين کڻي توکي آلجبرا واري ”ايڪس“ (نامعلوم رقم) سڏائينداسين! پر، وڃڻ کان اڳي، تون اسان ۾ ٿورو زياده ويساهه رکندين، ۽ پنهنجو حال ڏيندين. انهيءَ لاءِ، ته جي ٿي سگهي ته توکي مدد ڏيون- تيسين آءٌ توکي صاف ٿو چوان ته تون ڪٿان ڀڄي نڪتو آهين!“ +”رالف“ ماٺ ڪري ويٺي ٻٺو، ۽ منهن البت غمگين ڏسڻ ۾ آيس، تنهنڪري ”هنٽ“ وري پاڻيهي چيو ته هينئر انهيءَ کي ڇڏي ڏجي. اجها اسان جي ناتال جي ماني اچي ٿي، انهيءَ تي غمگين ۽ ملول منهن ڪري ويهڻ نه گهرجي، اُٿي خوش ٿي اچي ويهه. هان،... او ائين!“ +سگهوئي ماني پوري ٿي، ۽ هنن جي صحبت ۾ رالف“ جي طبيعت به خوش ۽ سرهي ٿيڻ لڳي. هميشه وانگي، هلندڙ گفتگو ۾ شامل ٿيو. گذريل ٿورن ڏينهن ۾ اهڙي ماني ۽ اهڙي صحبت نه ڏٺي هئي، نه اهڙي جلد ڏسڻ جي اميد هيس، تنهنڪري ڏاڍو خوش ٿيو. مانيءَ کان پوءِ ڳچ تائين ويٺي ميوو کاڌائون، شراب پيتائون، ۽ ڳالهيون به ڪيائون. نيٺ ”هيرڪ“ اُٿي موڪلائي هليو ويو، ۽ ”هنٽ“ ”رالف“ کي چيو ته ”ماسٽر ايڪس“ هاڻ مون کي ڪو خط لکڻو آهي، تون وڻيئي ته وڃي سمهه، وڻيئي ته اڌ ڪلاڪ کن تائين ويهي ڪي پڙهه.“ +”رالف“ چيو ته ”مهرباني اوهان جي، آءٌ ويهي ٿو پڙهان، مون کي ڪي پڙهڻ لاءِ ڏيو.“ +هن چيو ته ”اجها اڄوڪي اخبار ”ٽائيمس“- اهائي ويهي پڙهه.“ +”رالف“ اها وٺي ويهي پڙهڻ لڳو. اوچتو، انهيءَ ۾ هن جي نظر پنهنجي نالي تي ٻيئي، ۽ اشتهارن واري صفحي جي ڀاڱي ۾ هن هيٺيون اشٽهار لکيل ڏٺو: +”رالف ڊ، هڪدم گهر موتي اچ، اها بيوقوفيءَ ۽ بيشرميءَ جي هلت بند ڪر، ٻيو ڪو ڊپ نه ڪري.- ا. ڊ.“ +جي ٻيو ڪي انهيءَ اخبار ۾ لکيل نه هجي ها، ته ”رالف“ پاڻ اڳي کان زياده بيزار ۽ خفي ٿئي ها؛ پر انهيءَ جي هيٺان وري هيءَ ٻي مهربانيءَ جي عبارت لکيل هئي: ”پيارا رالف، خدا جي واسطي تون موٽي گهر اچ! او رالف، ڪيئن تنهنجيءَ دل چيو جو اسان کي ڇڏي هليو وئين؟ ”ڪ“ تمام بيمار آهي. پنج مهينا اڳي جيڪي هن کي ٿيو هو، سو ياد ڪر! تنهنجي غيرحاضريءَ جي ڪري جيڪي نتيجا نڪري سگهن ٿا، تن تي خيال ڪر. مون کي اميد ۽ پڪ آهي ته تون ڏاهو ۽ خدا ترس ٿيندين، موٽي ايندين. تنهنجي دل شڪستي ماءُ- م.ڊ.“ +هيءَ پڙهي، هن جي اندر مان آهه نڪري ويئي، ۽ جيتوڻيڪ پاڻ گهڻو سنڀاليائين، ته به غم جي گهڻائيءَ ڪري انهيءَ کي روڪي نه سگهيو. +”هنٽ“ پڇيس ته ”ٻيو ته خير آهي- اخبار ۾ ڇا ڏٺو اٿئي؟ مون کي ڏي ته آءٌ ڏسان.“ اخبار هن جي هٿ مان وٺي، انهيءَ صفحي تي نظر ڪري، چيائين ته ”هائو، هائو، هاڻ مون کي معلوم ٿيو... متان رالف ڊ“ تون آهين؟“ +”رالف“ روئندي ۽ سڏڪن ڀريندي، ورندي ڏني ته ”مون کان ڪي به نه پڇو!“ +”هنٽ“ وڌيڪ ڪڇيو ڪين. اتان نڪري ويو ۽ نوڪر کي سڏي چيائين ته ”جيڪي ڪپڙا مون اڳهڻو توکي اڄ رات ڌوئڻ لاءِ ڏنا هئا، تن تي ڪو نالو ڏٺئي؟“ +نوڪر چيو ته ”هائو، سائين- پهراڻ ۽ رومال ٻنهي تي ”ر. ڊگلس“ لکيل هو.“ +”هنٽ“ وري اندر آيو، ۽ ”رالف“ کي وٺي باهه وٽ وڃي ويهاريائين ۽ چيائينس ته ”بابا، هاڻ هت ويهه ته ڪي ڳالهيون ڪريون. تڏهن تون ”رالف ڊگلس“ آهين، جنهن لاءِ اشتهار ٿيل آهي! تون گهران رسي ڀڄي آيو آهين؟ ڏس، هاڻ تنهنجو نالو مون کي اچي ٿو، ٻيو احوال مون کي ڪري ٻڌاءِ، حجاب نه ڪر، اگرچ پاڻ غيرواقف آهيون، ته به توکي منهنجي مهربانيءَ ۽ مدد تي ڀروسو رکڻ کپي.“ +”رالف“ هن جي منهن ڏي نهاري چيو ته ”چڱو، آءٌ اوهان کي پنهنجو حال بڌايان ٿو.“ +پوءِ اول کان وٺي آخر تائين هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. اها ٻڌي، ”هنٽ“ ارمان ڪري چيو ته ”بابا، هيستائين توکي معلوم ٿي ويو هوندو ته تو غلط ڪم ڪيو آهي: تنهنجو فرض گهر ۾ ادا ٿيڻو آهي، نه ٻاهر، گهر کان پري، رڳو عذاب ۽ تڪيلف آهي!“ +”رالف“ چيوته ”مسٽر هنٽ، منهنجي اندر جي اوهان کي خبر ڪانهي. آءٌ گهر ڪڏهن ڪين ويندس- ڪڏهن ڪين- ناممڪن آهي- مري ويندس. بکون ڪڍندس، پر اوڏي نه ويندس!“ +”هنٽ“ وري بها خبار ۾ اهو اشتهار ڏسي، هن کان پڇيو ته ”رالف، هي جو لکيل آهي ته پنج مهينا اڳي جيڪي هن کي ٿيو هو سو ياد ڪر، تنهنجي غيرحاضري جي ڪري جيڪي نتيجا نڪري سگهن ٿا، تن تي خيال ڪر، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ +هي سوال ٻڌي، ”رالف“ کي وري نئين سر غم جو جوش آيو. تڏهن ”ڪرسٽيءَ“ کي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. جڏهن آرام آيس، تڏهن ”هنٽ“ طعنو هڻي چيس ته ”واهه چڱا مڙس، انهيءَ کان پوءِ ته ترسڻ تي تنهنجي دل چوي ٿي! رالف، مون کي به هڪڙو ننڍڙو ڀاءُ آهي؛ آءٌ توکي پڪ ٿو ڏيان ته اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ جيڪر هن کي ڪڏهن به ڇڏي نه وڃان. تون سمجهه وارو ڇوڪر آهين، توکي ڇا ٿيو؟“ +”رالف“ چيو ته ”مسٽر هنٽ، اوهين مون کي خوار ته نه ڪندئو؟“ +”رالف“ چيو ته ”مسٽر هنٽ، اوهين مون کي خوار ته نه ڪندئو، ۽ مون کي بيواهو ڪري ڪڍي ته نه ڇڏيندئو؟“ +”هنٽ“ ورندي ڏني ته ”نه، پيارا ڇوڪر- جي تون موٽي گهر ويندين، ته به پنهنجيءَ خوشيءَ خورميءَ سان. پر، مون کي يقين آهي ته تون ضرور ويندين، ويچاريءَ ماءُ کي دلشڪستو ڪري نه ماريندين، نڪي ڀاءُ جو موت اڳڀرو ٿيڻ ڏيندين! جيڪو حال تو مون کي ڏنو آهي، اهو ٻڌئي، آءٌ چئي سگهان ٿو ته تو بلڪل غلط ڪم ڪيو آهي، جو گهران ڀڄي نڪتو آهين- بلڪه اهو گناهه جهڙو ڪم ڪيو اٿئي!“ +”رالف“ ڏک ۽ نااُميديءَ ۾ هٿ مروٽي، چيو ته ”او سائين، مون کي ڏوهه نه ڏي. مون چڱي ڇوڪر ٿيڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي. ”رگبي“ ۾ ڪنهن کان پڇي ڏسو ته آءٌ ڪهڙي قسم جو ڇوڪر هوس، ۽ منهنجي چال ڪهڙي هئي، پر، جيڪي عذاب مون سٺا آهن، ۽ جيڪي سختيون مون ڏٺيون آهن، تن جي ته اوهان کي خبر ڪانهي، تڏهن ٿا ائين چئو.“ +هن چيو ته، ”رالف، هينئر جڏهن پنهنجي واقفيت ٿي ويئي آهي، تڏهن منهنجي مرضي آهي ته توکي مدد ڪريان. توکي پڪ ٿو ڏيان ته رڳو هڪڙو ڪم چڱو آهي؛ ۽ اهو آهي- جيترو ٿي سگهي، جلد موٽي گهر وڃڻ. ڪوبه خيرخواهه ٻي ڪا صلاح نه ڏيندءِ. يقين ڄاڻجئين ته جيسين موٽي گهر نه ويندين، تيسين ڪوبه سک ڪونه ڏسندين. ائين ڪرڻ سان، خدا توتي جيڪو فرض رکيو آهي سو پوريءَ طرح ادا ڪري سگهندين.“ +”رالف“ چيو ته آءٌ گهر ويندس سهي، مگر اُتي ٽڪندس ڪڏهين ڪين!“ +هن چيو ته ”في الحال جيڪو فرض ضروري ڄاڻين ٿو، سو ته ڪر، آئيندي جو پوءِ ٻيو خيال ڪجئين. تڏهن هاڻ ڳوٺ موٽي وڃڻ جو پڪو انجام ٿو ڪرين نه؟ شايد جس جهيئي! مون اڳي ئي تنهنجي منهن مان معلوم ڪيو هو ته تنهنجي دل چڱي آهي.“ +”رالف“ چيو ته ”آءٌ سڀاڻي روانو ٿيندس. ٻه ٽي ڏينهن پنڌ ۾ لڳندم، وڃي پهچندس. پر جي خواندخواسته زياده مشڪلات نظر آئي، ته پوءِ من پني يا ڳائي وڃي پهچان!“ ائين چوڻ ساڻ رنائين به، ۽ کليائين به. +”هنٽ“ چيس ته ”انهيءَ جو ڊپ نه ڪر، آءٌ توکي خوشيءَ سان ايترا پيسا ڏيندس جو تون ڳوٺ وڃي پهچندين. ناڪار نه ڪر، ڪنڌ نه لوڏ- خيرات توکي نٿو ڏيان- پوءِ کڻي مونکي موٽائي ڏج.“ +”رالف“ چيو ته ”مسٽر هنٽ، اوهين تمام گهڻي مهرباني ٿا ڪريو. آءٌ اوهان جو شڪر گذار آهيان.“ +باب چوويهون +”رالف“ جو ڪرسٽيءَ سان انجام +ٻئي ڏينهن فجر جو جڏهن ”رالف“ جاڳيو، تڏهن پهرين انهيءَ نئينءَ جاءِ کي هيڏي هوڏي ڏسي حيران ٿيو؛ پر پوءِ سگهوئي رات جون ڳالهيون ياد پيس، ۽ گهر وارن جو انتظار شروع ٿيس. +پنهنجا ڪپڙا ڏٺائين، ته ڌوتا صاف ٿيا سندس کٽ جي ڀرسان هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي رکيا هئا. ديول جي گهڙيال به نو وڃايا. ته هي اٿيو. اٿي، پنهنجا ڪپڙا ڍڪيائين. مسٽر ”هنٽ“ ويهڻ واريءَ جاءِ ۾ ناشتي جي لاءِ سندس واسطي منتظر ويٺو هو. ناشتي کائيندي هن اهو ٺهراءُ ڪيو ته جيڪا ريل گاڏي ساڍي يارهين وڳي اتان ٿي نڪري، ۽ جا شام ڌاري ”آلٽن“ ۾ ٿي پهچي، تنهن ۾ روانو ٿئي. +مسٽر ”هنٽ“ چيس ته ”تڏهن انهيءَ گاڏيءَ ۾ تون وڃڻو آهين؟ هان، هي ٽي پائونڊ وٺ- آءٌ ڀانيان ٿو ته گهر پهچڻ تائين توکي پورا ٿيندا.“ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”بلڪل پورا ٿيندا- بلڪ گهڻا ٿيندا.“ +هن چيو ته ”تڏهن جيڪي بچي، سو پنهنجي خرچيءَ لاءِ رکي ڇڏ. هاڻ آءٌ توکان موڪلائيندس، جو مون کي پنهنجي ماستر وٽ وڃي پڙهڻو آهي، ۽ منهنجي موٽڻ کان اڳي تون هليو ويندين. چڱو هاڻ خدا حافظ. پنهنجو حال احوال مون ڏي ضرور لکجيئن!“ +”رالف“ چيو ته ”آءٌ ضرور لکندس. خدا حافظ. مسٽر هنٽ، جيڪا اوهان مون تي مهرباني ڪئي آهي، تنهنجي لاءِ آءٌ نٿو ڄاڻان ته ڪيئن اوهان جي شڪر گذاري ڪريان. ائين پيو ڀانيان، ڄڻ اوهين ورهين کان وٺي منهنجا دوست هئا!“ +مسٽر ”هنٽ“ هن جو هٿ لوڏي، موڪلائي، چيو ته ”اُميد آهي ته آءٌ اهڙو رهندس. هاڻ خدا حافظ. ياد رکجئين!“ +هو هليو ويو، ۽ ”رالف“ باهه جي پاسي ۾ ويهي رهيو. هن گهر وڃڻ جو انجام ته ڪيو هو، پر اتي رهي پوڻ جو وعدو نه ڪيو هئائين. وري جڏهن پيءُ جي ڪاوڙ، اوڙي پاڙي يا نوڪرن جي پڇا ۽ کل، اخبارن ۾ انهيءَ جو ذڪر ۽ اهڙيون ٻيون شرم ۽ خواريءَ ۽ ڏک جون ڳالهيون ياد پيس، تڏهن هن جي دل ۾ ڏاڍي نفرت ۽ سنگدلي پيدا ٿي. +هن اڃا اهي پهه ويٺي پچايا، ته نوڪر اندر گهڙي آيو، ۽ انهيءَ ڏينهن جي تازي آيل اخبار آڻي ڏنائينس. ”رالف“ اها کڻي ويهي پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي، هيٺيون خط منجهس لکيل ڏٺائين: ”پيارا رالف، پنهنجن خيرخواهن ۽ سچن دوستن جي صلاح وٺ ۽ هڪدم گهر موٽي آءٌ. جي توکي ڪو ڊپ ٿو ٿئي، يا شرم ٿو اچي، ته تون مون وٽ اچ، پوءِ آءُ تنهنجي لاءِ سڀ بندوبست پورو ڪندس. مارٽن به مون سان توکي منٿ ڪرڻ ۾ شامل ٿئي ٿو. اسين اڄ لنڊن مان ”ا“ ڏي روانا ٿينداسين. تنهنجو سچو دوست-ه.آ.“ +هن هڪدم سهي ڪيو ته اهو خط ”سرهينري آلربيءَ“ جو لکيل آهي. ۽ هن جي مهربانيءَ ۽ محبت جي بوءِ ڪانه آيس. ”-هڪدم گهر موٽي اچ، اها بيوقوفي ۽ بيشرميءَ جي هلت بند ڪر!“- +انهن لفظن مان اها چڙ ۽ رنجيدگي پئي معلوم ٿي، جنهن کان ”رالف“ ايترو ٿي ڊنو ۽ ڀڳو- اگرچ پڇاڙيءَ ۾ اهو نالي جو ڪوڙو دلاسو هو ته ”ٻيو ڪو ڊپ نه ڪر.“ چوڻ لڳو ته ”نه، اڃا اهڙو جلد گهر نه وڃي رهندس؛ باقي وڃي امان ۽ ڪرسٽيءَ کي ڏسي ايندس. خدا مون کي معاف ڪندو. گهر ۾ پوئينءَ رات واري جٺ اڃا اهڙو جلد نه وساريندس!“ +هو اٿيو ۽ ٽوپي به کنيائين. وري دل ۾ آيس ته ”هنٽ“ مون کي جي پيسا ڏنا هئا، سي رڳو“ انهيءَ اميد تي ڏنا هئائين ته آءٌ گهر وڃي وري پنهنجن مائٽن وٽ رهندس؛ پيسي جو قدر به هينئر گهڻو پيو هوس، ۽ ڄاتائين ٿي ته انهيءَ کان سواءِ بُک ۽ ڏک حاصل ٿيندو، ٻيو ڪي به ڪين؛ ته به هن ڄاتو ته عزت ۽ ايمانداريءَ جي رستي اهو بک ۽ ڏک جو عذاب به قبول آهي. +سو، هن هڪدم کيسي مان اهي پيسا ڪڍيا، ۽ هڪڙو ڪاغذ ڪڍي انهيءَ تي ويهي هي خط لکيائين:- ”مهربان مسٽر هنٽ، مون صبح کان وٺي پئي ويچار ڪيو: آءٌ گهر وڃان ٿو، مگر اتي رهي ڪين پوندس. اوهان مون تي جا مهرباني ڪئي، سا ايتري لاءِ ته آءٌ گهر وڃي رهندس- پر، هن حالت ۾؛ مون کي اوهان کان پيسن جي اڌاري وٺڻ جو به حق ڪونهي- ۽ جي کڻي وٺان، ته به خبر نه آهي ته اهو قرض لاهي سگهان يا نه. اوهان جي مهربانيءَ جو بدلو آءٌ ڪڏهن به ڏيئي نه سگهندس. مون کي احسان فراموش متان سمجهو، آءٌ هميشه اوهان جو احسان مند ۽ شگر گذار رهندس. خدا حافظ.- ر. ڊ.“ هن ٽي پاؤنڊ به ڪاغذ ۾ وڌا ۽ ڪاغذ لفافي ۾ وجهي، بند ڪري، لفافي تي مسٽر ”هنٽ“ جو نالو لکي اتي ڇڏي، پاڻ سفر تي نڪتو. +جڏهن مسٽر ”هنٽ“ ٻپهرن جو موٽي آيو، تڏهن اهو خط پڙهي ڏاڍو حيران ٿيو. ايتري پڪ هيس ته ”رالف“ گهر ويندو ته سهي، پوءِ کڻي ٿورو وقت اتي رهي؛ تنهن ڪري هن کي ڳولي وڃي هٿ ڪرڻ يا روڪڻ جو ضرور ڪونه ڏٺائين. +اخبار جي اشتهار مان، توڙي ”رالف“ کان هن کي اهو پتو ڪونه مليو هو ته هو ڪٿي ٿو رهي؛ تنهن ڪري هن رڳو هيترو ڪيو جو ٻئي ڏينهن واريءَ اخبار ۾ هيٺيون اطلاع وجهارايائين:- +”جيڪو ماڻهو اتفاق سان رالف کي لنڊن ۾ گڏيو هو، سو وسهي ٿو ته هو هينئر پنهنجي گهر ڏي موٽيو آهي.- و. ه.، ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ ڪلب لنڊن.“ +ٻن ڏينهن کان پوءِ هن وٽ مسٽر ”ڊگلس“ جو خط آيو، جنهن هن کان پنهنجي پٽ جي پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. انهيءَ جي جواب ۾ هن سارو احوال لکي موڪليو. تنهن جي پهچ ۽ شگر گذاريءَ جي ڪاغذ مان مسٽر ”هنٽ“ کي معلوم ٿيو ته اڃا ”رافل“ اتي ويو آهي. ڪي ڏينهن پوءِ به هن وري انهيءَ بابت ڪو احوال ڪونه ٻڌو. +* * * * * +هوڏي؛ ”رالف“ لنڊن مان ڏکڻ ڏي، ”آرلسبرو“ جي طرف وارو رستو ڏيئي اٿي هليو. تهه سيارو هو، ۽ رستي جي به تڪليف سجهيس ٿي؛ پر انهن هن کي ياد پيو ته اڃا مون وٽ اٽڪل ڏهه شلنگ آهن، جي راڳ ڳائڻ ڪري، ”هنٽ“ جي گڏجڻ کان اڳي، مليا هئم- +اهي ڄاتائين ته کيس گهر تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندا. مسافرن جي گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي، شهر مان نڪري، ٻهراڙيءَ تائين آيو. ڇهه پينس ڏيئي هڪڙي ٿلهو لڪڻ ورتائين؛ پوءِ اٿي پيادو هلڻ لڳو. شام تائين ڳچ پنڌ ڪري ٿڪجي بکائجي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي لٿو. اُهو هنڌ لنڊن کان ويهه ميل هو. هڪڙي مسافر خاني ۾ ٿورا پيسا ڏيئي ماني کائي هنڌ هٿ ڪري ستو. ٻئي ڏينهن فجر جو چڱو ناشتو کائي، وري اٿي پنڌ ڪرڻ لڳو، ۽ شام تائين ٽيهه ميل ٻيا به ڪري ورتائين. پر اتي رات به پئجي ويس، ۽ ٿڪجي به پيو. هڪڙو ڳوٺ اتان اڃا پرڀرو هو، تنهن ڪري ٻنيءَ جي انبار خاني جي يا ديري ۾ رهي پيو. ڪک ۽ گاهه ججهو هو، ٻي مشڪلات ڪانه ٿيس، ماٺ ڪري سمهي پيو. رات جو ڪي ٻه چور، ان يا ڪڪڙن چورائڻ لاءِ اتي ديري ۾ آيا هئا، جي مٿانئس اٿڙجي اچي ڪريا، ”رالف“ ڇرڪ ڀري اٿيو، ۽ ”چور چور“ ڪري رڙيون ڪرڻ لڳو. چور ته ڀڄي ويا، هل تي ديري وارو ڪتو ڀونڪڻ ۽ بهڻ لڳو ۽ ٻنيءَ واري گهر جا ڀاتي جاڳي پيا. زميندار بندوق کڻي سماءَ تي آيو. ديري جو در جو چور پٽي ويا هئا، سو ڏسي اندر لنگهي آيو. ڪتو جو ساڻ هو، ”رالف“ تي ڪاهي آيو. ”رالف“ لٺ سان پاڻ کي بچايو. زميندار ڪتي کي هڪل ڏني ۽ ”رالف“ تي پري کان بندوق سنئين ڪري گهوڙي تي آڱر رکي چوڻ لڳو ته ”اڙي، هاڻ سچي ڪر، بدمعاش، ته ڇا ٿي ڪيئه؟ ٻڌاءِ اوهين پاڻ ۾ ڪيترا آهيو؟“ +”رالف“ چيو ته ”هتي رڳو آءٌ آهيان: آءٌ هن ديري ۾ گاه جو انبار ڏسي سمهي پيو هوس، ته ٻه ماڻهو اونداهيءَ ۾ مون تي اٿڙجي اچي ڪريا؛ آءٌ جاڳيس، ۽ چور – چور جون دانهون ڪيم، تنهن تي هؤ ڀڄي ويا- بس، ڳالهه ايتري آهي.“ +زميندار چيو ته ”واه، ڏاڍي سچي ڳالهه آهي! تون منهنجا ڪڪڙ ۽ منهنجون بدڪون چورائڻ آيو هئين- هاڻي هيڏي آءٌ ته سوڪ ماني کارايائين!“ +”رالف“ چيو ته ”ائين ته ڪري ڪين سگهندين، نڪي آءٌ اهو سهي سگهندس. حالت جي نظر تي مون ۾ شڪ پوڻ جو گهڻو سب آهي، مگر حقيقت ڪري آءٌ بيگناهه آهيان. تنهنجي مرضي هجي ته مون کي صبح تائين بند ڪري ويهار، پوءِ ميجسٽريٽ وٽ وٺي هلجئين؛ پر مار آءٌ کائي ڪين سگهندس.“ +اتي زميندار جو گاڏيءَ وارو هڪڙو چهبڪ کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڪين کائي سگهندين؟ ڀلا ڏسون!“ ائين چئي، ”رالف“ کي ٻه ٽي چهبڪ هڻي ڪڍيائين. هن کي ڏاڍو ايذاءُ آيو. ”رالف“ هڪڙو ڪاٺيءَ جو ٽڪر کڻي اڇلائي هن کي هنيو، جو هن کي ڇاتيءَ ۾ وڃي لڳو، ايتري ۾ هڪڙي ڪوڏر کڻي، پنهنجي بچاءَ ۾ بيهي رهيو. اها به نيٺ اڇلائي هن کي هنيائين، جنهن ڪري گاڏيءَ وارو ڪري پيو. زميندار کي ”رالف“ جي چالاڪيء ۽ مرداني ڏسي حيرت لڳي، سو کلي گاڏيءَ واري کي چيائين ته ”اڙي هي ڇا، ڇوڪر سان نٿو پڄي سگهين!“ پوءِ ”رالف“ کي چيائين ته ”ڇوڪرا جي تون مئجسٽريٽ وٽ هلڻ جي لاءِ تيار آهين. ته چڱو اوري اچ.“ +”رالف“ چيو ته ”جيسين مون کي هٿ نه لائڻ جو انجام نه ڪندين. تيسين آءٌ تو وٽ نه ايندس.“ +زميندار چيو ته آءٌ انجام ٿو ڪريان. ته توکي هٿ نه لائيندس.“ +تڏهن ”رالف“ وٽس آيو ۽ ساڻس گڏجي هن جي بورچيخاني ۾ ويو. اتي زميندار بتي کڻي هن جو منهن چتائي ڏٺو، ۽ چيائين ته ”تون ته ساڌو ٿو ڏسجين چور ته ناهين.“ +پوءِ هو ”رالف“ کي صفي ۾ وٺي هليو، ۽ اتي هڪڙو ڪوچ ڏيکاري ۽ هڪڙو کٿو ڏيئي چيائينس ته اتي سمهي رهه، اتي ”رالف“ فرحت سان سمهي رهيو. اگر چ ڊپ به گهڻو هوس، ۽ ڌڪ جيڪي لڳا هئاس تن ايذاءُ به ڏنس ٿي. +ٻئي ڏينهن صبح جو زميندار ۽ سندس زال ”رالف“ کي ڏسڻ آيا. هن جيڪو بيان ڏنو ٿي، تنهن تي هن آسانيءَ سان اعتبار ڪيو ۽ ڄاتائون ته ڪڪڙن چورائڻ جي بدران پاڻ هن رڙيون ڪري ٻين کي جاڳايو ۽ چورن کي ڀڄايو. پوءِ هنن مٿس ڏاڍي مهرباني ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ ويهاري هن کي ماني کارايائون. نه رڳو ايترو، پر پوءِ هڪڙو اڌ ڪرائون خرچي به ڏنائونس ۽ سندس همت ۽ بهادريءَ جي گهڻي تعريف ڪيائون. +پوءِ ”رالف“ اڳتي هليو ويو، ۽ رستي ۾ ٻي ڪا اٽڪ يا مشڪلات پيش ڪانه آيس. لنڊن کان نڪتي پنجين ڏينهن شام جو هو ”آلٽن“ ۾ اچي پهتو، جو هنڌ سندس گهر کان ڇهه ميل پري هو. هو ڏاڍو ٿڪل ۽ بکايل ۽ اڃايل هو. اتي هڪڙي سادي پادي دڪان تان شئي شڪل وٺي پيٽ ڀري، پنهنجي ڳوٺ ”گرينج“ ڏي هليو. +* * * * * +جنهن پٺئين در کان هو نڪتو هو، تنهن ساڳئي کان اندر لگهيو، ايوان واري باغيچي مان لڪچوريءَ لنگهي. مالهيءَ وارين ڪوٺين مان هڪڙيءَ خالي ڪوٺي ۾ آيو. ارادو ڪيائين ته رات اتي گذاري، اتي سببائتو گاهه به ججهو پيو هو، جنهن ۾ هو لڪي ويهي رهيو. اتي پري کان پنهنجي گهر جي صفي ۾ توڙي پيءُ جي ڪتبخاني ۾ روشنائي پئي ڏٺائين ؛ نوڪرن کي به صفي ۾ ايندو ويندو پئي ڏٺائين. نيٺ پوءِ روشنائي گم ٿي ويئي، ۽ هن ڄاتو ته ماڻس ۽ ڀاڻس وڃي ستا آهن. سگهوئي پوءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي در پٽي، ذري تائين بيهي پوءِ وري دري بند ڪري ويندو ڏٺائين. ”رالف“ جي دل ٽپا ڏيڻ لڳي. هو اتان نڪري، آهستي سري، پيءُ جي پڙهڻ واري جاءِ جي دريءَ وٽ بيهي، جهاتي پائي ڏٺائين. اتي اڃا بتي پئي ٻري ۽ پڻس ميز تي ڪتاب رکيو ڪم ويٺي ڪيو. پيءُ جي منهن ۾ هميشه واري ڪاوڙ به ڏٺائين ۽ ڏک به. ٿڌو ساهه کڻي پٺ تي موٽيو، ۽ دل ۾ وري اهو خيال پئي ڪيائين ته هن گهر ۾ هميشه لاءِ رهڻ ڪونهي. موٽندي هڪڙيءَ سنهڙيءَ ڪاٺيءَ تي لت اچي پيئي. تنهن تي پڻس ڇرڪ ڀري دري ڏي هيڏي هوڏي نهارڻ ۽ ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. ”رالف“، ڊپ کان، اونداهيءَ ۾ ڀت جو پاسو وٺي بيهي رهيو. +پڻس بيهي بيهي چيو ته ”شايد ڪا ٻلي يا ڪا ٻي شيءِ آهي. ”پوءِ دري بند ڪري ۽ بتي بند ڪري ۽ بتي اجهائي هليو ويو. ”رالف“ به پوءِ آهستي موٽي باغ اوري ڪوٺ ۾ آيو. ۽ ڏکن جا خيال ڪري ڪري نيٺ سمهي رهيو. +ڏکي سکي ننڊ ڪري، صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل ”رالف“ اٿيو. ”گارٿ“ نالي ڇوڪر جو باغائيءَ هي هيٺان ڪم ڪندو هو، ۽ گهر جي به ٿوري هاج ڪندو هو، ۽ ڪڙهين جي به پوئواري ڪندو هو، تنهن کي هي ڳولڻ لڳو. خبر هيس ته فجر جو سويل باغيچي ۾ ايندو آهي. وڃي لڌائينس، ۽ نالو وٺي سڏيائينس. هو پهرين ته ڊڄي ويو؛ پوءِ ڏسي سڃاتائين. پڇيائينس ته ماسٽر رالف آهين؟“ +’رالف‘ چيو ته ”هائو. پر، هوڏي اوزارن واري ڪوٺيءَ ۾ هل، ته توکان ڪي پڇان.“ +هن چيو ته ”ماسٽر رالف، آءٌ توکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان؛ پر ههڙن ڪپڙن ۾ توکي ڏسي مون کي گهڻو افسوس ٿو ٿئي!“ +”رالف“ چيو ته ”گارٿ، انهيءَ جي گهڻي حرڪت ڪانهي، مون پنهنجي خوشيءَ سان گهر ڇڏيو، تنهن ڪري جيئن چڱو وڻيم، تئين گذاريان. پر منهنجي مرضي آهي ته تون مون کي ڪا مدد ڏين.“ +هن چيو ته ”ماسٽر رالف“ جيڪي تون چوندين، سو آءٌ ڪندس.“ +”رالف“ چيو ته ”گارٿ، ڀلائي تنهنجي. هيئن ڪر، جو جڏهن ڪرسٽيءَ کي اڪيلو ڏسين، تڏهن چئجينس ته آءٌ هتي آيو آهيان، تون اچي مون کي گڏجي وڃ. آءٌ ٻيٽ ڏي وڃان ٿو، هن کي به چئجئين ته اتي اچي. يا جي ساڻس ڳالهائي نه سگهين، ته هڪڙو پرزو ڏيئين ٿو، سو کڻي ڏجئينس. پينسل ۽ هڪڙو پراڻو ڪاغذ اٿم، ٻه ٽي سٽون لکي ٿو ڏيئين.“ +هن چيو ته ”سائين، آءٌ خوشيءَ سان ائين ڪندس.“ +”رالف“ چيو ته ”پر، گارٿ، تون اوچتو اها ڳالهه نه ڪجئينس، متان ڊپ ٿئيس – آهستي آرام سان ٻڌائجئينس.“ +”گارٿ“ چيو ته ”سائين، آءٌ خبرداري ڪندس. بس ٻيو ڪي ڪين ڪرڻو آهي؟“ +’رالف‘ چيو ته ”ٻيو جي ڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ، آڻي سگهين ته اها به کنيو اچج.“ +”گارٿ“ چيو ته ”اها به آڻيندس.“ +هو ويو، ۽ سگهوئي روٽي ۽ مکڻ کڻي آيو؛ ۽ ٿورو شراب به. ”رالف“ چيس ته ”شاباس، گارٿ هاڻ توکي موڪل آهي؛ وڃي پنهنجو ڪم ڪر، متان توکي هتي بيٺل ڏسي ڪنهن کي شڪ ٿي پوي.“ +”گارٿ چيو ته ”چڱو، سائين، آءٌ وڃان ٿو؛ پر هاڻ تون هتي رهي ڪين پوندين؟“ +”رالف“ چيو ته ”نه، گارٿ، پر ڪنهن ڪنهن ڏينهن پيو ايندس. جڏهن آءٌ هتي هجان، تڏهن جيترو ٿي سگهيئي اوترو ڪرسٽيءَ جي سنڀال ۽ خدمت پيو ڪج.“ +هن چيو ته ”مون کان جيڪي ٿي سگهندو، سو هن جي لاءِ ڪندس. هو ڏاڍو چڱو آهي. ماسٽر رالف، هو ويچارو توکي ڏاڍو ياد ڪندو آهي، ۽ ارمان ڪندو آهي!“ +ايماندار ڇوڪر، پهراڻ جي ٻانهن سان اکيون اگهي، گهر ڏي ويو؛ ۽ ”رالف“، پاسو وٺي وڻن ۽ ٻوٽن جي پٺيان لڪندو، ڍنڍ تي آيو ۽ آهستي ڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ٻيٽ تي آيو. +اڃا سوير هئي. اتي جيڪا ننڍي جاءِ ٺهيل هئي ۽ جنهن ۾ هميشه هي ۽ ”ڪرسٽي“ گڏجي آرڙهه جي ڏينهن ويهندا هئا، اتي وڃي ويٺو. اها ڏاڍي سهڻي فرحتي جاءِ هئي. انهيءَ ۾ باهه جو بخار هو. هڪڙو ڪوچ ۽ ڪي ميزون ۽ ڪرسيون رکيون هيون. ڪيترا ڪتاب ۽ تصويرون اتي رکيل ڏٺائين. مزي جهڙي ساوڪ هئي ۽ خوبصورت گلن جا وڻ بيٺل هئا. ”ڪرسٽي“ انهيءَ هنڌ جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو، جو اتي اچي ويهندو ۽ پڙهندو ۽ نقش ۽ تصويرون ڪڍندو هو ۽ مشقون لکندو هو. ”رالف“ ڀاءُ جي ڪتابن مان هڪڙو ڪتاب کڻي ويهي پڙهڻ لڳو، جيسين ”ڪرسٽي“ اچي. اگرچ اهو هڪڙي مزي جهڙي قصي جو ڪتاب هو، ته به ”رالف“ جو ڌيان پڙهڻ ڏي ڪونه هو؛ ”ڪرسٽيءَ، جي ويٺي واٽ ڏٺائين. ڪو کڙڪو ٿي ٿيو، ته ڀانيائين ٿي ته اجهو ڪرسٽي آيو. چوڌاري چپ چپات لڳي پيئي هئي. هي به چريو پريو ڪونه ٿي. +نيٺ ”رالف“ پاڻيءَ جي پريان پيرن جو دٻڪو ٻڌو، ۽ پوءِ ڍنڍ تي ڳن جو آواز ٻڌائين؛ پوءِ وري ويجهو پيرن جو آواز ٻڌائين. نيٺ ”ڪرسٽي“ سندس نالو وٺي، اندر گهڙي آيو ۽ ڊوڙي اچي ڀاءُ کي چنبڙيو، ڳچ تائين ماٺ ڪريو هڪٻئي کي ڀاڪر وجهيو بيٺا هئا. پر جڏهن ”رالف“ پوءِ چتائي ڀاءُ جي منهن ۾ ڏٺو، تڏهن دهلجي ويو: ويچارو ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو؛ ڳلن ۾ کڏون پئجي ويئيون هيس ۽ منهن ئي پيلو ٿي پيو هوس. هوڏي وري ڪرسٽيءَ کي ”رالف“ جي شڪل، سختين ۽ ڪشالن ۽ ڏکن ۽ مسافرن جي ڪري ڦريل ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي کي هڪٻئي تي پئي ارمان ٿيو. پهرين ”رالف“ ڳالهايو ۽ ڏک مان چيائين ته ”ڪرسٽي، تون ڪهڙو نه ڏٻرو ۽ بيمار ٿو ڏسجين!“ +هن چيو ته ”رالف، اهڙو ڏسجان ٿو ڇا؟ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مون تمام ڏکيو گذاريو آهي. امان جو به اهڙوئي حال هو. ”رالف“ تو ڏاڍو ظلم جهڙو ڪم ڪيو. مون نٿي چاتو ته تون ائين اسان کي ڇڏي ماٺ ماٺ ڪري هليو ويندين!“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، آءٌ جيڪر ڪين وڃان ها، پر مون ڄاتو ته پهرين سو توکي ۽ امان کي منهنجو ڏک ٿيندو، پر پوءِ اوهين مون کان سواءِ گهر ۾ خوش رهندؤ. توکي ياد ناهي ته بابي ڇا چيو هو؟“ +”ڪرسٽيءَ چيو ته ”رالف، اهو مون کي ياد نه ڏيار هن رڳي ڪاوڙ ڪئي هئي.“ +”رالف“ چيو ته ”هو مون سان اڪثر ڳالهائيندو ئي ڪين هو؛ جيڪڏهن ڳالهائيندو هو، ته به ڪاوڙ مان. پر تنهن کي ڇا ڪبو، ڪرسٽي، اهو ذڪر کڻي هينئر ڇڏ. ٻڌاءِ ته سهي ته منهنجي وڃڻ ڪري ڪو هن کي ڏک ٿيو آهي؟“ +هن چيو ته ”نه، ڏک ته نه، پر، رنج ته گهڻو ٿيو آهي. پر، رالف، اهو تو غلط ڪم ڪين ڪيو؟“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، آءٌ چئي نٿو سگهان- غلط ۽ صحيح جي مون کي خبر پئجي نٿي سگهي. خير، اها ڳالهه هينئر ڇڏي ڏي، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو. وقت قيمتي آهي. آءٌ رڳو توکي ڏسڻ ۽ موڪلائڻ آيس. +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”هان، وري؟... نه، رالف، نه، وري متان وڃين!“ +”ڪرسٽيءَ“ جو انهيءَ گهڙي اهڙو حال ٿي ويو، جو ”رالف“ اچي ڊنو. منهن زياده ڦڪو ٿي ويس، ۽ ڏڪي ڀاءُ جي ڀاڪر ۾ ڪري پيو. ”رالف“ گهڻو ئي دڙ دلاسو ڏنس، ۽ مٿي تي هٿ گهمايائينس، پر هو سڏڪن کان بس ئي نه ڪري، نڪي ڳالهائي. نيٺ ”رالف“ ظاهري خفي ٿي چيس ته ”ڪرسٽي، ٻڌ؛ جي ائين ڪندين، ته مون کي ناس ڪندين! آءٌ رڳو توکي ڏسڻ ۽ موڪلائڻ آيس، ۽ تنهنجي معرفت امان کان موڪلائڻ آيس. پر هن دفعي گهڻي تائين گم نه ٿيندس: توکي انجام ٿو ڏيان ته ورهيه جي اندر بلڪ ڪن مهينن جي اندر، وري ايندس- انهيءَ جي توکي پڪ ٿو ڏيان. مون اڳي ڪڏهن انجام نه ڀڳو آهي، پوءِ خدا ڪندو ته سڀ چڱي ٿيندي. شايد تييسين بابي جي ڪاوڙ ڍري ٿيندي ۽ مون کي ڏسڻ گهرندو. پر، ڪرسٽي، ڪي به ٿئي، ته به تنهنجي ۽ امان جي خاطر آءٌ ضرور موٽي ايندس. آءٌ رڳو ايتري خاطري ڏيڻ لاءِ لنڊن مان پنڌ ڪري آيو آهيان! جي انهيءَ منهنجي انجام ۽ دلاسي تي اوهين ٻئي خوش گذاريندؤ، ته آءٌ به پرديس ۽ مسافريءَ ۾ خوشي رهندس. هاڻ خاطري ٿيئي ٿي يا نه؟“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”لاچار ٿئي ٿي؛ پر، رالف، آءٌ خوش رهڻ جو انجام ڪري نٿو سگهان!“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي، جو مون کي پڪ هجي ته منهنجي وڃڻ جي ڪري تون بيحال ٿيندين، جيئن هينئر ٿو ٿين، ته جيڪر لاچار هتي رهي پوان، پوءِ ڀلي ڪهڙيون به مصيبتون مون تي پون، پر تون خوش رهين!“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”نه، رالف، نه، منهنجي خاطر تون مصبيتون نه سهه.“ +”رالف“ چيو ته تڏهن ڪرسٽي، مڙس ٿي دل جهل ۽ امان کي به دلاسو ڏي، هائو نه؟ +”ڪرسٽيءَ“ ورندي ڏني ته ”هائو، رالف، آءٌ ڪوشش ڪندس.“ +”رالف“ چيو ته ”تڏهن، ڪرسٽي، هاڻ آءٌ خوش ٿيس. هاڻ آءٌ توکي چوندس ته منهنجي ڪهڙي ڪهڙي مرضي آهي: پهريائين ته پنهنجي سمهڻ واري جاءِ تان مون کي برش ۽ ڦڻي، هڪڙو وڳو اڇن ڪپڙن جو، ڪي صاف چادرون، ۽ ڪي کائڻ جون شيون ٻڌي ڳنڍڙي ڪري، آڻي ڏي ته کڻي وڃان، ڪيئن آڻي سگهندين؟“ +ڀاڻس ورندي ڏني ته ”ڇو نه آڻيندس! پر ڇڏ ته پهرين تنهنجي لاءِ اڳيٺيءَ ۾ باهه ٻاريان ته ڪوسو ٿين. آءٌ به وري جلد ٿو موٽان.“ +اٽڪل ويهن منٽن جي اندر، هو هڪڙي ٿيلهي انهن شين سان ڀريل کڻي آيو. اتفاق سان ”مسز ڊگلس“ به انهيءَ ڏينهن ٿوري ناچڱي هئي، تنهن ڪري پنهنجيءَ جاءِ مان سويل نه نڪتي، تنهن ڪري ”ڪرسٽيءَ کي ڪنهن ڪونه ڏٺو. پوءِ ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ويهي پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ”رالف“ ڀاءُ کي ٻڌايو ته ”منهنجو ارادو آهي ته هاڻ سمنڊ جي مسافريءَ تي وڃان ۽ پوءِ موٽي اچان. انهيءَ وچ ۾ من بابي کي ڪو منهنجو قدر پوي، ۽ مون تي ڪو رحم ۽ مهرباني ڪري. پوءِ آءٌ جيڪو مون تي ڪم رکيائين، سو پيو ڪندس ۽ ناڪار نه ڪندس.“ ائين به ڀاءُ کي تاڪيد ڪيائين ته ”امان کي اڄ متان ٻڌائين ته آءٌ هتي آيو آهيان؛ سڀاڻي شام جو ٻڌائندين ته حرڪت ڪانهي، جو انهيءَ وچ ۾ آءٌ پري وڃي نڪرندس ۽ مون کي پهچي ڪونه سگهندو. باقي، امان کي دڙ دلاسو منهنجي طرفان گهڻو ڏج، ۽ چئج ته اُميد آهي ته آءٌ وري هڪڙي ڏينهن کيس اچي ملندس.“ +نيٺ موڪلاڻي جو وقت آيو، ۽ ٻئي ڀائر جدا ٿيڻ لڳا. ”رالف“ ”ڪرسٽي“ جو هٿ وٺي خدا کي سوال ڪيو ۽ دعا گهريائين ته ”يا خدا ڪرسٽيءَ ۽ امان کي خوشي ۽ چڱو ڀلو رکج ۽ مون کي وري صحيح سلامت انهن سان ملائج؛ پر جي قسمت ۾ ٻيءَ طرح لکيل هجي، ۽ مون کي ڪي زياده مصيبتون نصيب ۾ هجن، ته انهن جي سهڻ جي مون کي همت ڏج، صبر عطا ڪج، ۽ گمراهيءَ کان بچائي سنئون رستو ڏيکارج!“ +جڏهن دعا گهري بس ڪيائين، تڏهن چوڻ لڳو ته ”ڪرسٽي، هاڻ باقي مون کي هڪڙي آسان مهرباني تو کان گهرڻي آهي: اها هيءَ ته تون ۽ امان مون کي متان وساريو، ۽ هميشه منهنجي حق ۾ دعا پيا گهرجو- پر ڏهاڙي رات جو پوري نائين بجي مون کي ياد ڪجو، ۽ دعا گهرجو، جو آءٌ پاڻ به انهيءَ ساڳئي وقت اوهان کي ياد ڪندس! انهيءَ طرح پنهنجا خيال هڪٻئي بابت گڏبا. جيتوڻيڪ پنهنجا جسم ڌار ۽ پري هوندا- انهيءَ مان اسان سڀني جي دل کي تسلي ايندي ۽ خوشي حاصل ٿيندي.“ +”ڪرسٽي“ ڏک کان ڪڇي ڪين سگهيو. ڀاءُ جي هٿ هٿ سان زور ڏنائين، ۽ منهن پا��ي ڪري هنجون هاريائين. ”رالف“ وري به هن کي ڀاڪر وجهي، ڇاتيءَ سان لائي موڪلائي اٿي هليو، ۽ ”ڪرسٽي“ اتي رهجي ويو. اتي ويٺي بتيلن جي ڳن جو پاڻيءَ تي شپڪو ٻڌائين، ۽ جهٽ ۾ هن ڀر پهچڻ جو آواز به ڪن پيس. وري به دل جهلي نه سگهيو. ڀانيائين ته من پري کان ويندو ڏسانس. ٻئي بتيلي تي چڙهي، پاڻ به هن ڀر آيو، ۽ پري کان ڀاءُ کي ڏٺائين ته جيڪو پيچرو سمنڊ ڏانهن ٿي ويو تنهن ڏي پيو وڃي. ”رالف“ به ڪنڌ ورائي پئي ڏٺو. ٽوپي لاهي، لوڏيندو، وڻن ۾ گم ٿي ويو. +باب پنجويهون +لارڊ ”گلينلن“ محفل ۾ +”رالف، جو رستو پهرين ٻنين مان، پوءِ جهنگ مان، ۽ پوءِ هڪڙي بيابان مان هو؛ سو لتاڙي، هو سمنڊ جي هڪڙي ننڍي بندر تي اچي پهتو، جنهن جو نالو ”پورٽ لايس“ هو. اتي ڪي ٿورا گهر هئا ، اهي به خلاصين ۽ مڇي مارڻ وارن جا هئا. ”رالف“ ڄاڻي ٻجهي اتي آيو هو، جو ڄاتائين ٿي ته اتي ماڻهن جي آمدرفت به گهٽ آهي، ۽ ٻيو ته جيڪي جهاز سڀني ڪناري وارن بندرن تي بيهندا ويندا آهن، اهي اتي ضرور ايندا. اهڙا ڪيترا جهاز اڳي اتي بيٺا هئا. انهن مان هڪڙي ۾ هي چڙهي ويٺو ۽ ڪپتان هن کي چيو ته ”ڇوڪرا، تنهنجي جاءِ مون وٽ ڪانهي. تون گهران رسي ڀڳو آهيان. مون به ننڍي هوندي ائين ڪيو هو. پر پوءِ نيٺ تون پشيمان ٿيندين- شايد سڄي عمر پڇتائيندين. جيئن مون ڪيو آهي.“ +”رالف“ چيو ته ”مون به پهرين ائين ٿي ڀانيو.“ ائين چئي هو هليو ويو. پر هڪڙي خلاصيءَ هنن جي گفتگو ويٺي ٻڌي، تنهن تي ”رالف“ چيو ته ”هڪڙو ننڍو جهاز سڀاڻي صبح جو وڃڻو آهي، انهيءَ ۾ شايد ڪا جاءِ خالي هوندي.“ هن انهيءَ جو ڏس ڏنس. ”رالف“ انهيءَ تي ويو. اهو جهاز ”ليور پول“ ڏي ٿي ويو، ۽ انهي تي هڪڙي ڇوڪر جي جاءِ خالي هئي. ڪپتان خوشيءَ سان هن کي وٺڻ قبول ڪيو. ”رالف“ انجام ڪيو ته سڀاڻي صبح جو سويل اچي حاضر ٿيندس. +تيتري ۾ هن کي وقت گذارڻو پيو. هو ڪناري تي ويهي، سمنڊ جو نظارو ڏسڻ لڳو. سج لهڻ کي ويجهو هو. هيٺيان نيلو سمنڊ ۽ مٿان ڳاڙهي شفق – ڏسندي لذت پيئي آئي. هن کي وري به گهر جا خيال اچڻ لڳا. دل ۾ آيس ته ڇو نه اها رات به وڃي گهر جي نزديڪيءَ ۾ گذاريان. من پري کان دريون ۽ انهن جي اندران روشنائي، ۽ ماءُ ۽ ڀاءُ جو پاڇولو ڏسان! اهو ارادو پڪو ڪري، هو ”گرينج“ وٽ آيو. پر اتي اوچتو ياد پيس ته اڄوڪي رات ”آلربي“ جن وٽ ناٽڪ جو تماشو ٿيڻو آهي... پاڻ ”مارٽن“ ۽ گلينلن“ کان موڪلائڻ جو چڱو وجهه ملندو. سگهوئي هو اتي آيو. سج لهي اونداهي ٿي هئي. پوئين در کان هو ”آلربيءَ جي باغ ۾ لنگهي آيو ته ساڍا اٺ وڳاء ۽ ماڻهو اچي مڙيا هئا، ۽ تماشو شروع ٿيو هو. ناٽڪ کان پوءِ عجيب غريب بدليل پوشاڪن ۾ ناچ ٿيڻو هو. صفي جا در سڀ کولي ڇڏيا هئائون. ”رالف“ در جي ويجهو وڻن جي پاڇي ۾ لڪي بيهي، سڀ ڪجهه ڏسي ٿي سگهيو. جوان ۽ خوبصورت مرد ۽ زالون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، اچي محفل ۾ حاضر ٿيون هيون. سڀ خوش پئي ڏسڻ ۾ آيا، ۽ چوڌاري کلون کلون ۽ چهچٽو لڳو پيو هو. سڀني ناچ ۾ ڦيريون پئي ڏنيون، ۽ سانگ پئي ڪيا. هيءُ حيرت جهڙو تماشو ڏسي، ”رالف“ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس دل ٽپا ڏيڻ لڳي. اتي محفل ۾ جيڪي شڪليون ٿي ڏٺائين، تن ۾ ڪنهن به سندس ڌيان اهڙو نه ڇڪيو، جهڙو ”گلينلن“ ڇڪيو، جوان ڇوڪرين سان هن پئي کليو ۽ ڳالهايو، ۽ اهي هن سان ڳالهائڻ ۾ ڏاڍيون خوش پئي ڏسڻ ۾ آيون. هن ويچاري پئي ساڙ کاڌا ته جي آءٌ به انهيءَ محفل ۾ حاضر هجان ها ۽ تماشي ۾ شامل ٿيان ها، ته ڪهڙو نه مزو هو! +ڪلاڪ کن هن ماٺ ڪيو بيٺي تماشو ڏٺو. ۽ جاءِ ۾ اهڙا جهاز تي ٻريا، جو درن ۽ درين ما�� ٻاهر باغ پئي روشنائي پيئي. ”رالف“ ڏٺو ته پاسي کان هڪڙو ماڻهو لڪچوريءَ ۾ آيو ۽ اچي سندس ويجهو وڻن جي پاڇولي ۾ بيٺو. ”رالف“ کي نٿي ڏٺائين؛ ڀانيائين ته هيڪلو آهيان. ”رالف“ پهرين سمجهيو ته نوڪرن مان ڪو آهي، جو تماشي ڏسڻ لاءِ اچي بيٺو آهي، پر اتي بيٺي ، چرندي پرندي، هن جي منهن تي روشنائي پئجي ويئي ۽ رالف“ هڪدم سڃاڻي ورتو ته اهو ”لارڊ گلينلن“ جو خاص نوڪر ”ڪلارڪ آهي. خبر هيس ته هن ”گلينلن“ کي بڇڙن ڪمن ڪرائڻ سان بدنام ڪيو آهي. چتائي ڏسڻ سان، ”رالف“ کي هن جي شڪل شيطان جهڙي ڏسڻ ۾ آئي. جيئن نانگ پنهنجي شڪل ۾ اکيون وجهي نظر ڄمائي ڏسندو آهي. تئين هو به پنهنجي ننڍي ڌڻيءَ ۾ اکيون وجهيو بيٺو هو. ”رالف“ ڏسي سگهيو ٿي ته ”گلينلن“ هيتري خوشيءَ جي وچ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ملول ۽ فڪر مند ٿي ڏٺو. سگهوئي هو ٿڪجي، ساهه کڻڻ لاءِ اچي هڪڙي دريءَ جي ويجهو پردن جي اوٽ ۾ لڪي بيهي رهيو. ”رالف“ کي اهڙو ويجهو هو، جو جيڪر هٿ ڊگهيري هن کي پهچي سگهي ها. اتي ناچ ڪرڻ وارا به ساهيءَ کڻڻ لاءِ ويا هئا ۽ صفي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو وڃي بچيو هو. ائين ڪندي، ”ڪلارڪ“ رڙهي هن کي ويجهو ٿيو، ۽ آهستي سڏ ڪيائينس. +”گلينلن“ اهڙو ڇرڪ ڀري هٽي بيٺو، جهڙو ڪو ماڻهو نانگ کان هٽي پهريائين ته ٻڌي اڻٻڌي ڪري نٽائي، هلڻ ٿي لڳو، نه هن ڇڏيس ڪين. چٽي آواز سان چيائينس: ”سائين، ڀڄو نه، مون سان ٿورو بيهي ڳالهايو؛ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي.“ ”لارڊ گلينلن“ هيڏي هوڏي نهاري، لاچار بيهي رهيو ۽ پوءِ پاسي واري در مان نڪري، ٻه ٽي قدم ڀري باغ ۾ وڻن جي پاڇي ۾ بيهي رهيو. +”رالف“ لڪيو بيٺي ڏٺن، ته ”ڪلارڪ“ چيس ته ”حضور ڀڄڻ ۽ نٽائڻ مان ڪهڙو فائدو...!“ +”لارڊ گلينلن“ خفي ۽ چڙ مان چيس: تڏهن چٽي پويئي، در کان ته پري ٿي بيهه ته ڪو ڏسي يا ٻڌي ته نه!“ ائين چئي ٻئي باغ جو هڪڙو ڇانوري وارو رستو ڏيئي اٿي هليا. ”رالف“ کي ڪلارڪ“ جي بدمعاشيءَ ۽ حرڪتبازيءَ جي خبر هئي، سو شڪ ۾ لڪي هنن جي پٺيان لڳو. جڏهن هو بيهي ڳالهائڻ لڳا. تڏهن هي به ويجهو وڃي لڪي بيٺو. +”ڪلارڪ“ بيحيائيءَ ۽ بي قياسيءَ جهڙي آواز سان چيو ته ”سائين، هو ٻيو سؤ پاؤنڊ جو سڀاڻي تائين مون کي نه ڏيندؤ، ته آءٌ هو چيڪ کني ”لارڊ ڊانرل“ وٽ ويندس!“ +”گلينلن“ لاچاري سان ورندي ڏني ته ”اهو ته آءٌ ڏيئي نٿو سگهان!“ +هن وري چيو ته ”تڏهن اوهان کي سجهي ٿو ڇا ٿيندو؟“ +”گلينلن“ چيو ته ”هائو، مون کي سجهي ٿو ته تون لعنتي، بدمعاش ۽ حرامخور آهين...!“ +هن نفرت مان کلي چيو ته ”ڪهڙو به آهيان، پر اوهان جهڙو جعلساز ته ناهيان! اوهين ته اهڙا اکر نه ڳالهايو. اهي جيڪي جواهر پيا اٿو، ۽ ريشمي ۽ مخملي ڪپڙا بدن تي اٿو، انهن هوندي به جيڪر آءٌ پنهنجي حالت اوهان جيءَ حالت سان مٽائڻ نه گهران. شايد سگهوئي ”نارفوڪ“ ٻيٽ جي جيل ۾ پوندؤ- اها حالت ته پسند ايندَوَ!“ +ننڍو لارڊ، شرم ۽ ڪاوڙ ۾ ڏند پيهي، وڌيڪ گهاٽي ڇانو ۾ هٽي بيٺو. +”ڪلارڪ“ زياده ويجهو نه ويس، پر چٽيءَ طرح چيائينس ته ”سڀاڻي پيسن جي يادگيري رکجو، نه ته سڀ ڳالهه ظاهر ٿي پوندي...!“ پوءِ هڪڙو ڪوڙو ٽهڪ ڏيئي هليو ويو ۽ گهر جي چوڌاري ڦري گم ٿي ويو. +هن جي وئي کان پوءِ، ”گلينلن“ فڪر ۽ بي آراميءَ ۾ پسار ڪرڻ لڳو. ”رالف ويٺي ڏٺو ته هو ڪاوڙ ۾ مٺيون پيو ڀيڙي، مڪون پيو الهاري، ٿڌا ساهه پيو کڻي ۽ سڏڪا پيو ڀري. هن کي مٿس ڏاڍو قياس آيو. معلوم ٿي ٿيس ته ”گلينلن“ هاڻ وڃي جهاجهه ۾ پيو آهي، ۽ جن خراب ڪمن جو منجهس شڪ ئي ڪو نه هو، سي ڪري ويٺو آهي. هن ج�� پريشاني ۽ بي آرامي وڌندي ڏسي، ”رالف“ پيرن جو کڙڪو ڪيو- انهيءَ لاءِ ته هن جو خيال بدلايان، ۽ انهن عذابن کان هن کي ڇڏايان. جڏهن کڙڪي تي ”گلينلن ڪن کڙا ڪيا، تڏهن ”رالف“ آهستي سندس نالو وٺي ويجهو آيس. ”گلينلن“ ڊپ ۾ هٽي چوڻ لڳو ”ته ڪير آهي؟“ +هن ورندي ڏني ته ”آءٌ رالف ڊگلس“ +”گلينلن“ حيرت ۾ پئي چيو ”هان.... رالف، تون آهين! پر تون هتي ڪيئن آئين؟“ ائين چوندي وڃي هٿ ڏنائينس. +”رالف“ چيس ته ”تون مون کي پڪڙائيندين ته ڪين“ +”گلينلن“ چيو ته ”آءٌ....؟ رالف، توکي اهڙو سوال وجهڻ ڪو مناسب آهي!“ +تڏهن ”رالف“ چيو ته ”آءٌ سڀاڻي سوير سمنڊ جي مسافريءَ تي وڃڻو آهيان؛ رات جو ٻيو ڪم ڪار ڪونه هوم، تنهن ڪري چيم ته هتي اچي تماشو به ڏسان، ۽ توکي ۽ ”مارٽن“ کي به ڏسان ۽ اوهان کان موڪلايان به.“ +”گلينلن“ انتظار مان پڇيس ته ”رالف، هينئر اسان جي گفتگو تو ڪا ٻڌي؟“ +”رالف“ چيو ته ”ٿورا لفظ منهنجي ڪن تي پيا. مون ٻڌڻ نٿي گهريا، پر جڏهن مون ”ڪلارڪ“ کي ڏٺو ۽ هن توکي سڏيو، تڏهن مون سمجهيو ته هو ڪنهن خرابيءَ جي پٺيان آهي، تنهنڪري آءٌ هن جي پٺيان لڳس.“ +”گلينلن“ چيو ته ”او رالف، تڏهن تو سڀڪجهه ٻڌو؟“ +”رالف“ چيو ته ”ڀانئجي ٿو ته ڪنهن طرح هن توکي پنهنجي چنبي ۾ آندو آهي.“ +هن چيو ته ”رالف“، برابر آندو اٿس. رالف، مون لاچار ٿي بابي جي نالي تي هڪڙو چيڪ ڪڍيو هو، ۽ انهيءَ جي هن کي خبر پئجي ويئي آهي. ڀانئي ٿو ته خواريءَ ۽ بدناميءَ جو دڙڪو ڏيئي مون کان ڪي پيسا ڪڍي. هاڻ آءٌ ڇا ڪراين؟ ڏاڍو تنگ اچي ٿيو آهيان!“ ائين چئي، ڪنڌ هيٺ ڪري، سڏڪا ڀرڻ لڳو. +”رالف“ چيو ته ”گلينلن، مون کي تنهنجو نهايت گهڻو ارمان ٿو ٿئي.“ +”گلينلن“ چيو ته ”رالف“ مون کي ڪا مدد ڏي... ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟“ +هن ورندي ڏني ته ”ٻيو ڇا ڪندين؟ هڪدم وڃي پيءُ وٽ ڏوهه جو قبولدار ٿي؛ پاڻيهي توکي معافي ڏيندو، ۽ بچائيندو.“ +”گلينلن“ چيو ته قبولدار ته ڪڏهن ڪين ٿيندس. انهيءَ کان مري ويندس، پر ائين نه ڪندس. انهيءَ ڏينهن ساڻس هڪڙو ڪوڙ ڳالهايو هوم، تنهن تي هن مون کي اهڙي اک ڏيکاري هئي، جو اڃا نٿي وسريم؛ پر هي ته انهيءَ کان به وڏو بڇڙو ڏوهه آهي... اهو ٻڌي، هو الاجي ڇا ڪندو! ڄاڻندو ته مون سڄي خاندان کي بدنام ڪيو آهي، تنهن ڪري مون کي مرڻ گهڙيءَ تائين معاف نه ڪندو.“ +”رالف“ چيو ته ”تڏهن سر هينري آلربيءَ کي پنهنجو حال ڏي.“ +هن چيو ته ”اهو به ڄڻ بابي کي ٻڌايم! رالف، مون کي به پاڻ سان وٺي هل...!“ +”رالف“ چيو ته ”ڇا،- سمنڊ جي سفر تي! انهيءَ جي تڪليف جي گلينلن، خبر ڪانه اٿئي؟ نه کاڌي جو سک، نه سمهڻ جو سک، تختن تي سمهڻو ٿيندو، جهنگلي خلاصين سان وقت گذارڻو ٿيندو؛ تنهن کانسواءِ وائن ۽ طوفانن جو ڊپ! آءٌ ڪيئن به اهي سختيون سهي ته ويندس، پر تون...“ +هن وچ ۾ پئي چيو ته ”آءٌ به اهو سهي ويندس- پاڻ وڌيڪ. پر هتي ٻه ڏينهن ٻيا به گذرايم ته پوء، رالف، مون کي انهيءَ کان به زياده عذاب سهڻا ٿيندا!“ +”رالف“ چيو ته ”سو برابر هوندو، پر گلينلن تون مون سان هلي ڪين سگهندين. پهرين ته خبر نه آهي ته انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪرندو، ٻيو ته ماڻهو چوندا ته آءٌ توکي ٺڳاري وٺي ويس. مون اڳي ئي پنهنجي لاءِ گهڻا سور سٺا آهن، ٻئي جي لاءِ سهي ڪين سگهندس.“ +هن چيو ته ”چڱو، رالف، توکي مون تي قياس اچي يا نه، ته به آءٌ هتان نڪرندس ته ضرور. آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته اڄوڪي رات ضرور گهر مان ڀڄي ويندس- پوءِ تون مون کي پاڻ سان وٺي هلين يا نه. بابو اڳي ئي موٽي گهر ويو ��هي، ۽ مون چيو اٿمانس ته مارٽن مون کي اڄ رات هتي سمهڻ لاءِ چيو آهي، جو تماشو دير سان بند ٿيندو؛ تنهن ڪري سڀاڻي ٻپهرن جو مانيءَ کان اڳي قلعي ۾ منهنجو نه ڪڍندو: ۽ هتي وارا وري ڀانيئندا ته آءٌ گهر ويو آهيان، تنهن ڪري پري نڪري وڃڻ جو مون کي چڱو وجهه ملندو. آءٌ ساکائتي ڳالهه ٿو ڪريان ته اڄوڪي رات ضرور آءٌ هتان نڪرندس!“ +”رالف“ وري به پڇيو ته ”ڇا سمنڊ تي؟“ +هن چيو ته ”نه، مون ڏينهن ٻن کان پنهنجي پناهه جي جاءِ چتائي ڇڏي آهي: اسڪاٽلنڊ جي اتر ۾ منهنجي هڪڙي ماسي آهي- ڪائونٽس آهي؛ انهيءَ کي اولاد ڪونهي، مون کي پٽ ڪري ڄاڻندي آهي ۽ وارث به مون کي ڪيو اٿس؛ مون کي پڪ آهي ته بابو انهيءَ کي رنج نه ڪندو- اها مون کي ضرور بچائيندي ۽ ڪنهن کي منهنجو ڏس نه ڏيندي: آءٌ انهيءَ وٽ وڃي لڪندس، جيسين هي گوڙ لهي وڃي.“ +”رالف“ چيو ته ”اهو ته سڀ کان چڱو پر، گلينلن، اهو گوڙ ڪيئن لهندو؟“ +هن چيو ته انهيءَ جو به مون اڳي ئي خيال ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سر هينريءَ ڏي پنهنجو سارو احوال لکيو آهي ۽ چيو اٿمانس ته آءٌ گهر کان ڀڄيو ٿو وڃان؛ هو ۽ بابو انهيءَ بدناميءَ کي ڪيئن به ڪري بند ڪندا ۽ ڍڪيندا؛ ڪن ڏينهن کان پوءِ آءٌ وڃي اتي ظاهر ٿيندس. تنهن ڪري، رالف، بهتر آهي ته تون مون کي پاڻ سان هلڻ ڏين.“ +”رالف“ چيو ته ”مون کي حرڪت ڪانهي، مگر الزام سمورو مون تي ايندو. آءٌ ڄاڻان ٿو ته مون پاڻ غلط ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري توکي انهيءَ کان روڪيان ٿو. پر، جي تون مون سان اچڻ پسند ٿو ڪرين، ته آءٌ توکي منع ڪري نه سگهندس. گلينلن، گهر کان نڪرڻ کان پوءِ جيڪي سختيون مون سٺيون آهن؛ سي جي تون ٻڌين ته ڀڄي وڃڻ جي بدران جيڪر ڪهڙا به عذاب سهي وڃين!“ +”گلينلن“ چيو ته ”رالف، شرم کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه آءٌ سهي سگهندس. مري ويندس، پر هتي ڪين ٽڪندس. هاڻ چؤ- مون کي پاڻ سان وٺي هلندين يا نه؟“ +”رالف“ ڀڻ- ڀڻ ڪئي؛ پر انهيءَ مان هن سمجهيو ته هن لاچار هائو ڪئي آهي، تنهن ڪري وري چيائينس ته تڏهن رالف، منهنجي لاءِ هتي ترس. هينئر ڀڄڻ جو چڱو وجهه آهي- ماڻهو سڀ کائڻ پيئڻ ويا آهن. مون کي نه ڏسي حيران ٿيندا سهي پر مون سوير شام جو مارٽن کي چيو هو ته مون کي مٿي ۾ سور آهي، سو هو ڄاڻندو ته آءٌ گهر هليو ويو آهيان. آءٌ هي پنهنجا ڪپڙا ۽ جواهر مارٽن جي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ ڇڏي ٿو اچان. رٿ اها هئي ته سڀاڻي سڀني محفل وارن جي هنن عجيب غريب پوشاڪن ۾ تصوير ڪڍائيندا؛ تنهن ڪري هو سمجهندو ته انهيءَ ڪم لاءِ آءٌ هي اتي ڇڏي ويو آهيان. آءٌ انهيءَ دم موٽي ٿو اچان. اها سنڀال به ڪندس ته متان هن بدمعاش ڪلارڪ کي ڪا کڻڪ پوي.“ +”رالف“ اتي ترسي، باغ جي هڪڙي بينچ تي ويهي رهيو، ۽ هن نئين اتفاق بابت خيال ڪرڻ لڳو، جو اڳي کان به وڌيڪ مونجهاري جهڙو هو. ويهن منٽن جي اندر ”گلينلن“ رواجي ڪپڙن ۾ موٽي آيو- ”مارٽن“ جي پڙهڻ واريءَ جاءِ جي دريءَ مان ٽپي آيو هو. ”رالف“ کي چوڻ لڳو ته ”ادا، هاڻ ڪيڏي هلون؟“ +”رالف“ چيو ته پورٽ لايس ڏي. آءٌ ٻنين مان آيو هوس؛ پر هاڻ گهڻي اونداهي ٿي ويئي آهي، باغ مان نڪري سڙڪ وٺنداسين.“ +”گلينلن“ چيو ته اهو پاڻ چڱو، ڇا لاءِ جو سڙڪ تي ٽپال آفيس آهي، مون جيڪو خط سرهينريءَ ڏي لکيو آهي، سو ٽپال ۾ وجهندو هلندس.“ +”رالف“ چيو ته ”تنهنجو پيءُ تولاءِ گاڏي موڪليندو، سا جي خالي موٽي ويندي ته هن کي خبر ڪين پوندي؟“ +هن چيو ته ”نه. مون آلربيءَ جي هڪڙي نوڪر کي چيو آهي ته جي منهنجي گاڏي اچي ته گاڏيءَ واري کي چوي ته مون کي گاڏيءَ جي گهرج ڪانهي؛ انهيءَ مان بابو سمجهندو هو ته آءٌ هتي سمهندس. اجها گاڏي... بابي اها مون لاءِ موڪلي آهي. هاڻ هلو سٽ کڻي اڳتي نڪري هلو، متان ڪو اسان کي ڏسي.“ +ٻئي ڄڻا لوڙهي جي پٺيان لڪي بيهي رهيا، جيسين گاڏي لنگهي ويئي؛ پوءِ اٿي تکا هلڻ لڳا. +”گلينلن“ چيو ته رالف، گذرئي مهيني ۾ جيڪا تڪليف مون ڏٺي آهي تنهن جي توکي خبر ئي ڪانهي-“ +”رالف“ چيو ته ”مون به گهڻي ڏٺي آهي.“ +هن چيو ته اهو سچ پر ڏوهه ۽ انهيءَ جي ڊپ کان ته ڇٽو پيو آهين! +سڀني سورن کان ڪسر آهي، منهنجو اهو حال آهي، پر انهيءَ ڪري تون مون کي ڌڪارين ته نٿو؟ +”رالف“ ورندي ڏني ته ”نه، گلينلن، مون کي تنهنجو گهڻو ارمان ٿو ٿئي. آءٌ ڪنهن کي ڪنهن قصور ڪرڻ ڪري ڌڪاريندڙ ڪين آهيان؛ پر مون کي پنهنجا ئي فڪر ۽ انتظار گهڻا آهن: امان ۽ ڪرسٽيءَ جو خيال منهنجي دل مان وڃي ئي نٿو.“ +* * * * * +انهيءَ طرح هو، ڳالهيون ڪندا، ٻن ڪلاڪن ۾ ”پورٽ لايس“ ۾ وڃي پهتا، صبح ۾ اڃا پنج ڇهه ڪلاڪ پيا هئا، جهاز اٺين بجي نڪرڻو هو. سڀ گهر بند ٿي ويا هئا . تنهن ڪري هو هڪڙي ڍورن جي واڙي ۾ وڃي ستا. سڪل گاهه ۽ ڪک ججها هئا؛ اهي هيٺان مٿان وجهي؛ ڪوسا ٿي پئجي رهيا. ”رالف“ کي ته اڳي ئي انهيءَ جو آزمودو هو، پر ”گلينلن“ جو سنجهي مان ريشم ۽ مخمل جي ڪپڙن ۽ جواهرن ۾ پئي ٽليو، تنهن کي هينئر گاهه ۾ وهارڻ جي بدران مٿي هيٺ ڳنڍڙي رکي سمهڻو پيو. پر هو ٿڪل هو. تنهن ڪري ننڊ کڻي ويس؛ ۽ صبح جو جاڳيو، ته جهاز جي رواني ٿيڻ جو وقت اچي ٿيو. هن پنهنجي سنگتيءَ کي جاڳايو، ۽ هڪڙي نانوائيءَ جي ننڍي دوڪان تي وڃي ناشتو کاڌائون، پوءِ جهاز تي وڃي چڙهيا، جنهن جو نالو ”سي ميڊ“ هو. ”گلينلن“ وٽ ٻه پاؤنڊ هئا. هن ڪپتان کي پندرهن شلنگ ڏيڻا ڪيا. ۽ جيڪو ڪم هن کان ٿي سگهيو، تنهن جي ڪرڻ جو انجام ڪيائين. انهيءَ شرط تي ڪپتان هن کي لورپول ۾ پهچائڻ جو قبولدار ٿيو. +* * * +ڏهين بجي جهاز سمنڊ ۾ ڳچ پنڌ ڪري ويو ۽ ”گرينج“ ۾ به ناشتو پورو ٿيو. مسٽر ”ڊگلس“ وڃي ڪتبخاني ۾ ويٺو، ۽ ”ڪرسٽيءَ“ ماءُ کي ”رالف“ جي اوچتي اچڻ ۽ وري جلد موٽڻ جي انجام ڪرڻ جي ڳالهه ويهي ٻڌائي. هيءَ خبر ٻڌي، هوءَ ويچاري حيران ٿي ويئي. ڏک مان چوڻ لڳي: ڇا ٿئي ها جي هو هڪڙو پل مون کي ڏسي ۽ ملي وڃي ها....! او رالف، رالف، تون ڪهڙو نه ظالم، ڪهڙو نه سگندل آهين!.... پنهنجي ماءُ سان ايترو ڪيئن ڪري سگهئين؟“ +”ڪرسٽيءَ“ چيو ته ”امان، جيڪي هن چيو سو ته ٻڌ!“ پوءِ هن جا محبت جا پيغام ۽ جلد موٽڻ جا انجام چئي ٻڌايائين. پر انهن جو هن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، ۽ وڏي آواز سان سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هن جي آواز تي مڙسس اتي اچي نڪتو. انهيءَ کي ڏسي چوڻ لڳي ته ”او ايوان، هو هتي آيو هو... هو هتي آيو هو! +اهي لفظ هن اهڙي درد مان چيا، جو مسٽر ”ڊگلس“ جهڙو شوخ سخت دل ماڻهو به هن جي پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ هن کي دڙ دلاسا ڏيڻ لڳو. پر، هن اڃا به چرين وانگي ائين چيو ته ”-او ايوان، ڪرسٽيءَ ڪالهه هن کي ڏٺو هو... هو هتي آيو هو!“ +باب ڇويهون +لارڊ گلينلن جو چيڪ +”لارڊ گلينلن“ جي اوچتي گم ٿيڻ ڪري ”آلربي“ باغ واري مهمان ۽ تماشي بين حيران ٿي ويا. جن پئي پڇيو، تن کي مارٽن، رڳو ايترو پئي چيو ته ”گلينلن چڱو ڀلو نه هو، تنهن ڪري شايد گهر هليو ويو آهي.“ اڌ رات کان پوءِ تماشو بند ٿيو. +ٻئي ڏينهن ماني کائڻ مهل، ”سر هينري آلربي“ کي ”گلينلن“ جو خط مليو، جنهن ۾ هن سڀ سچي ڪئي هئي ۽ پنهنجن سڀني ڏوهن جو قبولدار ٿيو هو؛ اهو به لکيو هئائين ته ”شرم کان آءٌ گهر ڇڏي ڀڄي ٿو وڃان“ اوهين مهرباني ڪري تجويز سان، لارڊ ��انرل کي سڀ ڳالهيون ٻڌائجو ۽ مون سندس يتيم ۽ هڪڙي ئي پٽ لاءِ معافي وٺجو.“ +”مارٽن“ جنهن جي پنهنجي سنگتيءَ جي اکرن تي به نظر پيئي ۽ جنهن پيءُ جي حيراني به ڏٺي، تنهن پڇيو ته ”بابا، ڇا آهي؟ گلينلن کي ڪي ٿيو آهي ڇا؟“ +پڻس جواب ڏنو ته هائو، گهڻو ئي ڪي ٿيو اٿس. آءٌ هن خط جو مضمون توکي ٻڌائي نٿو سگهان، ڇالاءِ جو اهو رڳو منهنجي ۽ هن جي پيءُ جي واقفيت لاءِ لکيل آهي؛ پر تون سگهوئي سڀني جي واتان ٻڌندين ته هو گهر ڇڏي ڀڄي ويو آهي.“ +”مارٽن“ عجب ۾ پئي چيو ته، ”مارٽن، اهو هميشه دستور آهي ته چڱي جي صحبت کان بڇڙي جي صحبت زياده اثر ڪري. پر هاڻ هڪڙو لحظو به وڃائڻ نه گهرجي: جيترو ٿي سگهي، اوتر جلد هن کي روڪجي، متان پري نڪري وڃي. آءٌ قلعي ڏي چڙهيو ٿو وڃان سنڀال ڪجئين متان ڳالهه ظاهر ٿئي. يا ٻي خرابي ٿئي.“ +ٻئي ماني کائي اٿيا. ”مارٽن“ انهيءَ ڪوشش ۾ هيو ته ”گلينلن“ بابت جيڪا وڌيڪ خبر چار پئجي سگهي سا ڪڍي ۽ ”سرهينري“ اٿي سنڀريو ته اها خبر وڃي ”لارڊ ڊانرل کي ٻڌائي“ جڏهن هو قلعي ۾ پهتو، تڏهن معلوم ٿيس ته ”لارڊ ڊانرل“ ماني ويٺو کائي، هو هڪدم اطلاع ڏيئي وٽس ويو. +”ارل“ پڇيس ته ”سر هينري، راتوڪي تماشي ۽ اوجاڳي اوهان کي ايترو نه ٿڪايو آهي، جيترو مون کي ٿڪايو اٿس، جو اوهين سويل ئي کائي پي گهمڻ نڪتا آهيو! گلينلن به اوهان سان آيو آهي ڪيئن؟“ +هن جواب ڏنو ته ”نه، هو ڪونه آيو آهي. پر اوهين ناشتو پورو ڪريو، پوءِ اوهان کي آءٌ ڪا ضرور ڳالهه ٻڌايان.“ +”ارل“ تڪڙ مان پڇيو ته ”ضروري ڳالهه؟ مون کي اُميد آهي ته هن ڳالهه بابت ناهي.“ +سر هينريءَ نوڪرن ڏي نهاري چيو ته ”اوهين فڪر نه ڪريو، ڀلي ماني کائي بس ڪريو.“ ”لارڊ ڊانرل“ نوڪرن کي نڪري وڃڻ لاءِ اشارو ڏنو؛ پوءِ انتظار مان وري پڇيائين ته ”سر هينري، ٻڌاءِ ته سهي ته ٻيو سڀ خير آهي؟“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”لارڊ ڊانرل، اوهان کي ڪنهن خراب خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي. اهڙي جنهن جي ٻڌڻ ڪري ڏک ۽ انتظار ٿيندو.“ +”ارل“ چهرو بدلائي چيو ته ”ائين؟.... پر ٻڌايو ته ڇا آهي؛ زياده انتظار ۾ نه وجهو، جيڪي هجي سو چئو.“ +”سر هينريءَ“ چيو ته ”پهرين ته مون کي افسوس آهي ته گلينلن ڀڄي ويو آهي!“ +”لارڊ ڊانرل“ ڇرڪ ڀري ميز تان اٿي چيو ته ”ڀڄي ويو آهي؟... هن کي هڪدم روڪڻ ۽ بيهارڻ گهرجي! اءٌ نوڪرن کي گهوڙي تي چاڙهي چوڌاري ٿو پٺيانئس موڪليان.“ +”سر هينريءَ“، لارڊ ڊانلر“ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، چيو ته ”تڪڙ نه ڪريو. گهنٽي وڄائي، نوڪرن کي نه سڏيو. مون کي اڃا به وڌيڪ ڪي چوڻ آهي. بيهو، متان کان وڏي خرابي ٿي پو.“ +پر ”لارڊ ڊانرل“ اڳي ئي گهنٽي وڄائي ويٺو ۽ سڏ تي ”ڪلارڪ اچي نڪتو. ”سر هينريءَ“ کي هڪدم دل ۾ شڪ گذريو ته شايد هن حرامخور در تي وڃي لڪيو بيٺي ٻڌو. هن اڳ- ڳڻتي ڪري ”ارل“ کان اڳ ئي، گهنڊ وجهي، ”ڪلارڪ“ کي چيو ته في الحال تون ٻاهر وڃ، هينئر تنهنجي گهرج ڪانهي. مگر، ڪلارڪ ياد رکج ته جي وري سڏ نه ٿيئي ته تون نه اچج، تنهنجي اچڻ جو ضرور ڪونهي؛ جڏهن تنهنجي گهرج ٿي، تڏهن پاڻيهي توکي خاص طرح گهرايو ويندو.“ جڏهن هو لاچار موٽي ويو، تڏهن لارڊ ڊانلر“ کي چيائين ته ”لارڊ ڊانلر“ منهنجي اها گستاخي معاف ڪجو؛ پر جيڪا خرابي ٿي آهي تنهن جو اوهين خيال ڪري ڪين سگهندؤ.... ۽ انهيءَ جو باني هي فسادي آهي! هلندؤ، ته ڪنهن خلاصيءَ ڪوٺي ۾ ويهي ڳالهايون متان ڪو لڪي ڪن ڏئي.“ +هو ٻئي ”ارل“ جي خانگي ڪتبخاني ۾ ويا. اها ساڳي جاءِ، جنهن ۾ ”گلينلن“ جعلسازي ڪئي هئي. اتي ”ارل“ ڏاڍي ڏک ۽ ارمان سان پٽ جو خط ٻڌو، جنهن ۾ هن پنهنجا سڀ ڏوهه ڄاڻايا هئا... پر ٻيو چارو ڪونه هو. انهيءَ مهل ڦڙتائيءَ ۽ جلديءَ جو ضرور هو. پٽ به اهو هڪڙو هوس، جنهن کي خواريءَ بدناميءَ کان بچائڻو هو، ۽ قديم خاندان جي پت رکڻي هئي. تنهن ڪري، في الحال ٻيا سڀ خيال وساري، ”سرهينريءَ، جي صلاح تي ترت تعميل ڪرڻ لڳو. +”لارڊ گلينلن“ جي خط مان صاف هو ته ”ڪلارڪ“ کي منجهس رڳو شڪ آهي؛ پر سندس هلت مان اهو شڪ پڪ جهڙو ٿي نظر آيو. اهو به لکيل هو ته چيڪ اڃا مٽايو نه ويو آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ ”ڪلارڪ“ گهڻائي دڙڪا ڏنا هئس، پر انهيءَ سان اڃا جعلسازيءَ جي سچي نه ڪئي هئائين، انهيءَ هوندي به ”ڪلارڪ“ جو دڙڪو ڏيئي پيسن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، تنهن مان هن کي خاطري ٿي ته ”ڪلارڪ“ جي نيت بڇڙي آهي، ۽ انهيءَ هن کي به خراب ڪيو هو؛ تنهن ڪري هنن کي هن تي قياس ڪونه آيو، ۽ انهيءَ سان جوڳي جٺ ڪرڻ جو ارادو ڪيائون. +پهرين ڳالهه جيڪا ضرور هئي، سا اها ته اهو چيڪ هٿ ڪجي، ۽ جي هٿ نه اچي ته اهڙو بندوبست ڪجي جو اهو ڪنهن شڪ يا پڇا کانسواءِ مٽجي سگهي، ۽ ٻي ڳالهه ضروري اها هئي ته ”ڪلارڪ“ جو وات بند ڪجي. پهرينءَ ڳالهه جي بنسبت ”سرهينريءَ“ کي خاطري هئي ته ”ڪلارڪ“ هيڏي وڏي رقم مٽائي نه سگهندو، ۽ نه اهو چيڪ ڪوڙو چئي هلائيندو جو انهيءَ ڪري پاڻ به ڏوهاري ٿي ٿي سگهيو، ۽ منجهس بڇڙو شڪ به پئجي ٿي سگهيو، ۽ جي لڏي ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهڻو هوندس، ته به ٻيو ڪو ٻي جو کائتو بندوبست ڪندو: ۽ ٻيءَ ڳالهه جي بنسبت، هن جيڪو هيستائين ڪپت جي هلت ڪئي هوندي يا رسيدون ۽ قبوليتون دغا جي ارادي سان پاڻ وٽ رکيون هونديون، انهن تي گهڻو مدار هو. ”سرهينريءَ“ جو اهو خيال نيٺ سچو ثابت ٿيو- جيئن هيٺ نتيجي مان معلوم ٿيندو. +”ارل“ جي نهايت غمگينيءَ ۽ فڪرمنديءَ جو حال ڏسڻ.“ سرهيزيءَ پنهنجي دوستيءَ ۽ خيرخواهيءَ جي نظرتي، هڪدم مناسب اڳ- ڳڻتي ۽ احتياط وٺڻ لڳو. ان موجب، لارڊ ڊانرل کي چيائين ته ”آءُ ڪلارڪ کي گهرائي، سندس ارادو معلوم ڪرڻ لاءِ ڪي پڇڻ ٿو گهران، اوهين ڀلائي ڪري پنهنجو ڏک ۽ انتظار هن بدمعاش جي اڳيان ظاهر نه ڪريو، پر بيپرواهه ۽ خوش ڏسڻ ۾ اچو، ائين چئي، گهنٽي وڄائي، ”ڪلارڪ“ کي گهرايائين. هو آيو. اگرچ پڪو بدمعاش هو، ته به اندر جي کوٽ ڪري ٻن ماجسٽريٽن جي اڳيان هو البت دهلجي ويو، ”ارل“ جي طبيعت هن کي ساري پئي هئي، انهيءَ کان ايترو ڊپ نه هوس؛ پر سرهينريءَ جي چالاڪيءَ ۽ پڪائيءَ جو واقف نه هو تنهن کان البت ڪن ٿي هنيائين، ۽ هن جو گهنڊ ۽ ڪاوڙيل منهن ڏسي دهشت کان ڏڪڻ لڳو. +”ارل“ جي اجازت سان،”سرهينريءَ“ هڪدم چيس ته ”ڪلارڪ، اسان، کي معلوم ٿيو آهي ته تو وٽ لارڊ ڊانرل جو هڪڙو چيڪ آهي، جو لارڊ گلينلن توکي ڏنو آهي، ۽ اهو هڪڙيءَ وڏيءَ رقم جو آهي، ڪن قرض جي رقمن ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو ، پر اهو تو اڃا نه مٽايو آهي، ۽ نه قرض خواهن کي اڃا سندن پيسا تو ڏنا آهن.“ +اهو سوال ته ” ڪلارڪ“ جي خيال جي بر عڪس هو- هن کي ”ارل“ جي اهڙيءَ ملا قات مان گهڻوئي فائدو ڪڍڻو هو- تنهڪري هو وائڙو ٿي بيهي رهيو، جواب ڏيئي نه سگهيو. +”سر هينريءَ“ پڇيس ته تو وٽ اهو چيڪ آهي يا نه؟.... انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ ته سولو آهي!“ +”ڪلارڪ“ لاچار ورندي ڏني ته ”چڱو.... تڏهن، سائين مون وٽ آهي.“ ”سرهينريءَ“ وري پڇيو ته”اهو ڪن ڏينهن کان تو وٽ رهيوآهي- ائين؟“ +”ڪلارڪ“ جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي، تنهڪري ”سرهينريءَ“ چيو ته ”ڀلائي ڪري جواب ڏي. اها سچي ڳالهه قبول ڪندين، ته انهيءَ ۾ تنهنجو فائدو آهي.“ +”ڪلارڪ“ چيو ته ”چڱو، سائين، اهو مون وٽ آهي.... لارڊ گلينلن پاڻ پنهنجي هٿ سان اهو مون کي ڏنو.“ ۽ لارڊ ڊانرل ڏي نهارڻ لڳو. +”سرهينري آلربيءَ“ آرام سان چيو ته ”برابر، اها اسان کي اڳي ئي خبر آهي. پوءِ، تنهنجو ارادو آهي ڇا ته اهو چيڪ ڪم آڻين؟“ +هن ڇوهه مان چيو ته ” ڇو نه، سائين؟ بيشڪ ڪم آڻيندس!“ +”سرهينريءَ“ پڇيو ته ”تڏهن تنهنجي مرضي آهي ته اهو مٽائي پيسا وٺين؟“ +هن چيو ته ”هائو، سائين.“ +”سرهينريءَ“ چيو ته ”چڱو، هاڻ اهو ڪڍ.“ +”ڪلارڪ“ هيڏي هوڏي ڪرڻ لڳو. +سرهينريءَ وري چيو ته ”اها تنهنجي مرضي.... جنهن وقت اها پيش ڪندين؛ تنهن وقت انهيءَ جا پيسا توکي ملندا؛ پر تنهنجي لاءِ بهتر ائين آهي ته جلد ائين ڪرين، ڇالاءِ جو ڪنهن به طرح اڄ توکي قلعي مان نڪرڻو ٿيندو. اهو چيڪ ڪيئن توکي هٿ آيو، تنهن جي بابت پڇا ڪرڻ کان ڇٽي پوين، ته انهيءَ ۾ تنهنجي لاءِ فائدو آهي.“ +”ڪلارڪ“ چيو ته؟ سائين، انهيءَ بابت ته مون اڳي ئي چيو آهي ته لارڊ گلينلن پاڻ اهو مون کي ڏنو.“ +”سرهينريءَ“ ورندي ڏني ته ”انهيءَ بابت مون به اڳي ئي توکي چيو ته انهيءَ جي اسان کي خبر آهي.“ پوءِ لارڊ ڊانرل ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته“ هي ڀلي هينئر ئي وڃي هن جا پيسا وٺي، يا ترسي جڏهن پوءِ وڻيس تڏهن، بئنڪ مان مٽائي پيسا وٺي.... هاڻ هن ۾ اوهان جو ڪو ٻيو ڪم آهي؟“ +”ارل“ جواب ڏنو ته ”ٻيو ڪم ڪو به ڪونهي:‎ رڳو يترو ٻڌائي ڇڏيوس ته ٻن ڪلاڪن جي اندر منهنجي نوڪريءَ مان نڪري وڃي!“ +”ڪلارڪ“ رڙ ڪري چيو ته ”سائين، ٻن ڪلاڪن ۾...!“ +”ارل“ چيو ته ”ٻن ڪلاڪن ۾! منهنجو منشي توکي مهيني جي تاريخن جو پگهار هڪدم ڏيندو. جي پنهنجي ٽپڙن کڻڻ جو انهيءَ عرصي ۾ وقت مليئه، ته پوءِ اهي توکي پهچايا ويندا.“ +”ڪلارڪ“ پڇيو ته ”ڇو، سائين مون ڇا ڪيو آهي؟“ +”سرهينريءَ“ چيو ته ”انهيءَ بابت وڌيڪ اپٽار نه ڪرڻ ۾ تنهنجو فائدو آهي.“ +”ڪلارڪ“ چيو ته ”جي هن چيڪ جي جعلسازي ڪئي، ته انهيءَ ۾ منهنجو قصور؟“ +”سرهينريءَ“ بلڪل آرام سان پڇيو ته چيڪ!... ڪهڙو چيڪ؟ اهو جيڪو تو اڳهڻو چيو ته توکي مٽائڻو آهي؟“ وري ”لارڊ ڊانرل“ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”سائين، هيءَ ڳالهه ضروري آهي؛ بهتر آهي ته جيڪي هي چوي ٿو؛ سو اسين ٻئي لکي وٺون، چڱو، ڪلارڪ، هاڻ ٻڌاءِ ته ڇا ٿو چوين... ڪهڙو چيڪ؟“ +هن چيو ته ”سائين ڏيڍ سؤ پائونڊن جو چيڪ، جو لارڊ گلينلن مون کي ڏنو.“ ”سرهينريءَ“ چيو ته ”تو قبول ڪيو ته اهو چيڪ تو ڪوڙو جعلسازيءَ“ جو ڪڍيل ٿي سمجهيو، ۽ پوءِ به اهو تو ڪم آڻڻ ٿي گهريو؟ چڱو، اهو مون لکيو، ۽ ائين به ٿو چوين ته اهو چيڪ تو پاڻ وٽ رکيو؛ ۽ رکئيه به انهيءَ ارادي سان ته جن دستخطي رسيدن جي لاءِ اهو چيڪ توکي ڏنو ويو هو، سي به وري ڪم آڻين: هاڻ فقط ائين ڪرڻ سان ئي تو هڪڙو وڏو ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ ۽ ڪپت جو ڏوهه ڪيو آهي ۽ پاڻ کي قاعدي جي چنبي ۾ ڦاسايو آهي. ٻيون ڳالهيون ته اڃا ڇڏي ڏي!“ +”ڪلارڪ“ سهي ڪيو ته ”سرهينريءَ“ ڳچيءَ کان وٺڻ ٿو گهريس. ۽ جي سندس گذر خراب ڪمن جي وڌيڪ پڇا ڪيائين، ته الاجي ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اگرچ لالچ ۽ لوڀ گهڻوئي هوس. پر في الحال ڦاسڻ جو ڊپ هوس، تنهنڪري ڀانيائين ته انهيءَ ڳالهه کان ناڪاري ٿيا ته اهو چيڪ مون پنهنجي ڪم ۽ فائدي لاءِ هلائڻ ٿي گهريو. اهو به لڪي ٻڌو هئائين ته ”لارڊگلينلن“ ڀڄي ويو آهي: ۽ انهيءَ جي بدران ”سرهينري آلربيءَ“ سان حساب صاف ڪرڻ نٿي گهريائين، تنهنڪري پهرين منجهي ماٺ ڪري بيٺو ۽ پوءِ مس مس هٻڪي چيائ��ن ته ”آءٌ پڪ سان چئي نٿو سگهان ته اهو چيڪ ڪوڙو ۽ جعلسازيءَ جو ڪڍيل آهي... +”سرهينريءَ“ چيو ته“ چڱو، اهو مون لکيو. لارڊ ڊانرل، هاڻ اوهين انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهيو ته هي شخص صاف چوي ٿو ته ”جيڪو چيڪ مون وٽ آهي. تنهن جي آءٌ پڪ ڏيئي نٿو سگهان ته ڪوڙو ۽ جعلسازيءَ جو ڪڍيل آهي. هاڻ تڏهن، ڪلارڪ، جي انهيءَ چيڪ جا پيسا توکي گهرجن، ته اهو هڪدم ڪڍ، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو تو وٽ موجود آهي- ائين آهي يا نه؟ منهنجي توکي صلاح آهي ته جيسين انهيءَ جي لاءِ تون پيسا وٺي سگهين، تيسين وٺي هٿ ڪر، ۽ پوءَ هڪدم هتان نڪري وڃ، نه ته خير نه پهچندئي!“ +”ڪلارڪ“ ذرو به نه ڪڇيو، ماٺ ڪري، چيڪ ڪڍي ڏنائين، ”سرهينريءَ“ اهو پنهنجين اڱرين ۾ ورتو، پر هو بدمعاش هٿان نه پيو ڇڏي. +”سرهينريءَ“ آڱريون ڪڍي چيو ته ”چڱو. آءٌ ڄاڻي واڻي پيسا کڻي تيار ٿي آيو آهيان. جي وٺڻا اٿئي ته هڪدم وٺ، انهيءَ ۾ تنهنجو فائدو آهي. هاڻ هي اٿئي پيسا، ۽ آءُ انهيءَ جي رسيد ٿو لکان، جنهن تي تون صحيح وجهندين. پر، جي اهو ڪاغذ جو ٽڪر تون پاڻ سان رکڻ گهرين ۽ پاڻيهي پاڻ کي جنجال ۾ وجهڻ گهرين، ته به خوشي تنهنجي: توکي ڪو به زور ڪونه ٿو ڪري ته اهو ڏي.“ +نوٽ ”سرهينريءَ“ جي هٿ ۾ ڏسي، ”ڪلارڪ“ جو وات پاڻي ٿي ويو. هن چيڪ کڻي ميز تي رکيو، نوٽ گهرڻ لڳو. +سرهينريءَ“ چيڪ کي اتي ئي ڇڏي، چيو ته ”بيهه.... توکي تيسين پيسا نه ملندا، جيسين تون دستخطي رسيدون ۽ قبوليتون رد ڪري موٽائي نه ڏيندي، ۽ اهڙي رسيد نه لکي ڏيندي، ته جيڪي پسا لهڻا هئا سي سڀ مون کي مليا. “ +پهرين ”ڪلارڪ“ قسم کڻي انهن جي ڏيڻ کان انڪار ڪيو؛ پر ”سرهينريءَ“ دم وري هوش ۾ آندس، چيائينس ته ”ڪلارڪ، اها خوشي تنهنجي. توکي خبر آهي ته، قاعدي موجب جيڪي رسيدون ۽ صحيحون تنهنجي قبضي ۾ آهن، اهي ڪنهن ڪم جون ڪين آهن، بلڪه انهن مان ڪي ته اسان جي سمجهه موجب ڪوڙيون آهن- انهن جي ڪوڙائيءَ جي ثابتي ڏيڻ مشڪل ناهي.“ +اها ڳالهه هئي به سچي، ”ڪلارڪ“ کي ککي آئي- ڀانيائين ته منهنجي ٺڳي ۽ بدمعاشي اچي ظاهر ٿي آهي. ”سرهينريءَ“ جي دهشت، هانءُ کائي ڇڏيس، لاچار، رسيدون ۽ قبوليتون ڪڍي چيڪ جي پاسي ۾ رکي، چوڻ لڳو ته ”سائين، ڏيو مون کي پيسا!“ +”سرهينريءَ“ اهو نڀاڳو ندورو چيڪ کڻي ”لارڊ ڊانرل“ جي هٿ ۾ ڏنو، ۽ جيسين ”ڪلارڪ“ نوٽ ڳڻيا ۽ سنڀاليا، تيسين هن رسيدون ۽ بل چڪاسيا. انهن مان ٽي ڌار ڪڍي رکيائين ۽ ”ارل“ کي ڏيکاريائين“ جڏهن ڪلارڪ ڏٺو ته هنن ٽي رسيدون ڪوڙيون جعلسازي ڪيل سهي ڪيون آهن. تڏهن ڏاڍو ڊنو. +سرهينريءَ منهن مٿي ڪري پڇيس ته ”پيسا برابر مليئه؟“ +هن چيو ته ”هائو.“ +”سر هينريءَ“ چيس ته ”تڏهن هن رسيد تي صحيح ڏي.... بس. هاڻ ٺهيو. ها هڪڙي ڳالهه ياد رکج ته هي جيڪي پنهنجي وچ ۾ هليو آهي، سو دل ۾ رکج ۽ ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين، نه ته تنهنجي لاءِ بڇڙو نتيجو نڪرندو. هي ٽي ڪاغذ، ڏسين ٿو ته، آءٌ ڌار پاڻ وٽ سنڀالي رکيو ٿو ڇڏيان!.... لارڊ ڊانرل، مون بس ڪئي، هاڻ اوهان کي ڪي هن کي چوڻو آهي؟“ +”لارڊ ڊانرل“ ڪاوڙ مان چيو ته ”هائو. ڪلارڪ، توکي پنهنجا پيسا مليا؛ منشي توکي هن مهيني جون تاريخون به جمع ڪري هينئر جو هينئر ڏيندو، ياد رک ته ٻن ڪلاڪن جي اندر جي تون قلعي مان نڪري نه ويندين ته توکي موچڙا هڻائي ڪڍندس، ۽ ٻيءَ جنهن سزا جو لائق آهين سا ڏبيئه!“ +”ڪلارڪ“ هڪدم هليو ويو. جڏهن جاءِ جو در بند ٿيو، تڏهن ”لارڊ ڊانرل“ چيڪ ڦاڙي پرزا ڪري پري باهه ۾ وجهي ڇڏيو، جو اتي سڙي خاڪ ٿي ويو. پوءِ اٿيو ۽ ”سرهينريءَ��� جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”سرهينري، جيڪا سڀ خراب کان خراب ڳالهه هئي، سا خير جي گذري، اوهان منهنجي حياتيءَ جي تمام ڳري مصيبت جهڙي گهڙي ڏٺي آهي. انهيءَ جي يادگيري آءٌ قبر تائين پاڻ سان نيندس. جيڪا مدد اوهان مون کي ههڙي وقت ڪئي آهي، سا آءٌ مرڻ گهڙيءَ تائين نه وساريندس. اُميد آهي ته اڄ کان وٺي سرهينري، اوهين مون کي گهڻين ڳالهين ۾ مٽيل ماڻهو ڏسندؤ.“ +”ڪلارڪ“ ڊپ ۽ نااُميديءَ ۾ پر پيسن جي خوشيءَ ۾ نڪري نوڪرن جي جاءِ ۾ آيو، ۽ اتي منشيءَ کان مهيني جي تاريخن جو پگهار ورتائين. انهيءَ وچ ۾ ”لارڊ گلينلن“ جي ڀڄي گم ٿي وڃڻ جي خبر نوڪرن جي آسپاس پکڙجي ويئي ۽ سڀئي ڏک ۽ ارمان ۾ هئا، جو ”لارڊ ڊانرل“ چڱو مڙس هو؛ ۽ سڀني تي مهربان هوندو هو، ”لارڊ ڊانرل“ به ٻين عيبن هوندي خوش خلقي ۽ رحمدل هو، تنهن ڪري اهي سڀني کي وڻندا هئا. سڀئي انهيءَ خرابيءَ جي باني بدمعاش ”ڪلارڪ“ کي سمجهڻ لڳا، جو خبر هين ته ننڍي لارڊ جو خاص نوڪر هو، ۽ سڀني خرابيءَ جهڙن ڪمن ۾ هن سان جٺيون ڪرڻ لڳا. ۽ هن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. نيٺ جڏهن ”ڪلارڪ“ ٺاهه ٺوهه سان، ڪوڙو ڏيک ڪري، گاڏي گهرائي، سامان کڻي نڪرڻ تي هو. تڏهن نوڪرن، پاڻ ٻڌي ڪري، زور سان جهلي، حوض جي نل هيٺ آڻي بيهاريس، جنهن ڪري هو سڄو ڀڄي ڀت ٿي پيو. گهڻو ئي هل بگيڙو ڪيائين پر سڀني ٿڪ بجو هڻي هڪالي ڪڍيس. انهيءَ بڇڙي حال ۾ هو رستي جي ڪناري واري مسافرخاني ۾ وڃي ٿورو ترسيو ۽ ڪپڙا لاهي ٻيا ڍڪي پوءِ سگهوئي روانو ٿيو. انهيءَ رات هو آگ گاڏي تي لنڊن ۾ ويو ۽ اتان ٿورن ڏينهن ۾ آسٽريليا ڏي روانو ٿيو. + + +باب ستاويهون +برف ۾ ٻن ماڻهن جا پيرا +انهيءَ وچ ۾ ”مارٽن“ ماٺ ڪري ڪين ويٺو. پهرين خيال هوس ته گهوڙي تي چڙحي ’آلٽن‘ وڃي ۽ اتي پڇا ڪري ته اسٽيشن تان ’لارڊ گلينلن‘ ڪو آگ گاڏيءَ تي چڙهيو، جو شڪ هوس ته لنڊن ويو هوندو، پر ڪڙهه تائين ويندي، برف تي صفي جي دريءَ جي ٻاهران، ۽ اتان وٺي باغ تائين ٻن ماڻهن جا پيرا ڏٺائين، پيرا ڇوڪرن جا هئا، جنهن ڪري شڪ پيس. پر باغ جي لوڙهي وٽ پيرا بيهي رهيا، جو انهيءَ جي ڀرسان سڙڪ هئي، انهيءَ تي خبر پئجي نه سگهي ته اهي پيرا ڪهڙي پاسي هليا. +”هن ٻه پيرا ڏٺا، پر خيال ۾ نه آيس ته ٻه ڪيئن ٿيا. هڪڙو ته کڻي گلينلن هوندو، پر انهيءَ سان ٻيو ڪير هوندو؟ هڪڙيءَ ڪري ’رالف‘ جو به گمان پيس ٿي جو ڄاتائين ته ’رالف‘ کانسواءِ ’گلينلن‘ ٻئي ڪنهن سان ڪين ويندو. پيءُ ڪري اهو اعتبار نٿي آيس ته ’رالف‘ جهڙو چڱو ڇوڪرو اهڙو ڪم ڪيئن ڪندو، جو ’گلينلن‘ کي ٺڳاري پاڻ سان وٺي ويندو ۽ اهو الزام پاڻ تي آڻيندو. +صفي جي دريءَ وٽ هڪڙي ڇوڪر جا پيرا هئا، جي هلي باغ ۾ اچي ٻئي جي پيرن سان گڏيا آهن- ۽ پوءِ ٻئي گڏجي باغ مان هلي، سڙڪ تائين آيا آهن. دريءَ جي ويجهو باغ وٽ ٽئي ماڻهو جا به پيرا هئا، جي پوءِ لڙي، جاءِ جو پاس ڏيئي پٺئين در ڏي ويا آهن. +شڪ لاهڻ لاءِ، مارٽن، گهوڙي تي چڙهي ”گرينج“ تي آيو. ٻاهران ڪرسٽيءَ کي ڏٺائين، جو ڪتاب کنيو بيٺو هو. هميشه وانگي بلڪل ملول ۽ غمناڪ ڪين هو. البت چهرو بهتر ٿي ڏٺس. ”مارٽن“ گهوڙو لوُڙهي جي ڪاٺين سان اٽڪائي، وڃي ”ڪرسٽيءَ، کي هٿ ڏيئي گڏيو ۽ چيائينس ته ”ڪرسٽي، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان جو تون اڄ البت خوش ٿو ڏسجين.“ +”ڪرسٽيءَ چيو ته ”مارٽن ، خدا جو شڪرانو آهي.“ ”مارٽن، وري چيو ته ڀانئجي ٿو ته رالف وٽان ڪو خط پٽ آيو اٿئي؟“ +’ڪرسٽيءَ‘ چيو ”خط پٽ ڇا، مون ڏٺو به اٿمانس!“ مارٽن کي ڇرڪ پيو، ۽ شڪ جيڪو پيو هوس، سو پڪو ٿيڻ لڳس. پڇيا��ين ته ”ڪيئن ڏٺو اٿئيس؟.... ڪڏهن؟“ +هن چيو ته ”ڪالهه صبح جو.“ پوءِ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس ۽ اهو به چيائين هو پڪو انجام ڪري ويو آهي ته ڇهين ٻاهرين مهيني وري ايندس ۽ پوءِ رهي پوندس. ’ڪرسٽي‘ سمجهيو ته ”مارٽن“ ”رالف“ جو پڪو دوست آهي، تنهن ڪري اها خبر ٻڌي خوش ٿيندو، پر ’مارٽن‘ پاڻ ملول ٿيو ۽ چيائين ته ”ڪرسٽي، تون هي ڇا پيو چوين!“ +تنهن تي هن پڇيس ته ”مارٽن ڇو، ٻيو ته خير آهي؟“ ”مارٽن“ ورندي ڏني ته ”ڪرسٽي“ منهنجي دل نٿي چوي ته توکي ٻڌايان... گلينلن به گهر مان ڀڄي ويو آهي، ۽ مون کي شڪ ٿو پوي ته اهو به رالف سان ويو آهي!“ +’ڪرسٽيءَ‘ چيو ته ”رالف سان؟ ائين ڪڏهن نه هوندو. هو بنهه ڪالهه ٻپهرن جو مون وٽان ويو آهي. تنهن کانسواءِ جي گلينلن وٽ وڃڻو هجيس ها، ته مون کي ٻڌائي ها. متان توکي شڪ آهي ته رالف، گلينلن کي ٺڳاري ڀڄائي ويو آهي؟ پر، هو اهڙو ڪم ڪڏهن ڪرڻ وارو آهي!“ +تنهن تي ”مارٽن“ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ته ڪيئن باغ ۾ برف تي ٻنهي جا پيرا ڏٺا هئائين ۽ ڪيئن سندس شڪ انهيءَ ۾ هو. ”ڪرسٽيءَ“ ماٺ ڪري اهو ٻڌي، وري به چيو ته ته ”مارٽن، ظاهري شڪ اهڙو پوي ٿو، مگر حقيقت ڪري انهيءَ جي پٺيان ٻي ڪا ڳالهه هوندي، جنهن جي اسان کي خبر ڪانهي. تون رالف ۾ اهڙي بدگماني ڪرين ته ڀلي ڪر، مگر مون کي هر ڪنهن طرح سان يقين آهي ته هو اهڙو ڪم هرگز نه ڪندو- آءٌ هن جو چڱو واقف آهيان. پاڻيهي هڪڙي ڏينهن اها ڳالهه کلندي ۽ تون ڏسندين.“ +’مارٽن‘ چيو ته ”ڪرسٽي، تو کي خبر آهي ته منهنجي رالف سان گهڻي محبت آهي ۽ هن جي نسبت ۾ تمام چڱي راءِ آهي، مگر ٿورن ڏينهن کان هن جو هوش جاءِ نه آهي. هن ڀڄي وڃڻ جو غلط ڪم ڪيو، اسان کي ڪوشش ڪري هن کي موٽائي پاڻ وٽ آڻڻ گهرجي، ڪا خبر اٿيئي ته تو کان موڪلائي پوءِ هو ڪهڙي پاسي وڃڻو هو؟“ +ڪرسٽيءَ ورندي ڏني ته اها خبر مون کي پوريءَ طرح نه ٻڌايائين، پر هو هن پاسي ٻنين مان لنگهي، ٻيٽ جي پريان هليو ويو.“ +”مارٽن“ چيو ته ”بس، هاڻ مون سهي ڪيو! اهو چارو ’پورٽ لايس“ ڏي ٿو وڃي. آءٌ انهيءَ پاسي گهڻو ويو آهيان، آءٌ هڪدم گهوڙو ڪاهيو ٿو وڃان، ۽ آسپاس گهمي خاطري ڪندس. هاڻ الهه واهي، ڪرسٽي، خوش ٿي دل نه لاهه!“ +* * * * * +پر ”ڪرسٽيءَ خوش ٿيڻ جي بدران پاڻ زياده غمگين ٿيو. ماڻس سندس منهن ڏسي هڪدم سهي ڪيو ته ڪا خراب خبر ’رالف‘ بابت ٻڌي اٿس. پڇائينس ته ”ڪرسٽي، ڪا ٻي وڌيڪ انتظار جهڙي ڳالهه ٻڌي اٿئي، ڪيئن؟“ +هن چيو ته ”هائو، امان.“ +ماڻس پڇيو ته ”وري ڏٺو اٿئيس، يا وٽانئس ڪو خط آيو اٿئي؟“ +ڪرسٽي، بابا جي هو ڪٿي ويجهو هجي، ته مون وٽ وٺي اچينس...“ +ڪرسٽيءَ ورندي ڏني ته ”امان هو ڪالهه ئي هليو ويو پر....“ هن وڌيڪ ڪين چيو ۽ منهن پاسي ڪري ڳوڙها اگهڻ لڳو. +’مسز ڊگلس‘ پڇيس ته ”پر ڇا؟“ +هن چيو ته ”لارڊ گلينلن به ڀڄي ويو آهي، شڪ آهي ته هو ٻئي گڏ ڀڄي ويا آهن، ۽ رالف هن کي ٺڳاري گهران ڪڍي ويو آهي. ويچارو رالف! سڀڪو سندس برخلاف ٿي بيٺو آهي، ڪو به ڪونه ٿو ڀانئيس، ڪنهن جو به مٿس اختيار ڪونهي....!“ +ماڻس چيو ”ڪرسٽي، اسين ته ڀانيونس ٿا، ۽ اسان جو ته مٿس پورو اعتبار آهي! ڪهڙيءَ ڳالهه ڪري ماڻهو ائين ٿا سمجهن؟“ +”ڪرسٽي، ”مارٽن“ واري ڳالهه ڪري ماءُ کي ٻڌائي. وري به ٻنهي ويچار ڪري، هڪٻئي کي اها تسلي ڏني ته ’رالف‘ اهڙو ڪم ڪڏهن نه ڪيو هوندو. جڏهن مانيءَ جي مهل مسٽر ”ڊگلس“ کي گڏيا، تڏهن هن کان معلوم ٿين ته ’گلينلن‘ جي ڀڄي وڃڻ ۽ ”رالف“ ۾ ان جي ڀڄائي وڃڻ جي شڪ پوڻ جي خبر هن کي اڳي ئي پيئي هئي �� انهيءَ ڪري هو ماٺ ۾ هو. اگرچ ’رالف‘ جي نسبت ۾ چڙ ۽ ڏک به هوس، ته به ايترو سندس ڳالهائڻ مان معلوم پئي ٿيو ته هن کي به ’رالف‘ ۾ ٻئي جي ٺڳاري وٺي وڃڻ جو شڪ نٿي پيو. +* * * * +’مارٽن‘، گرينج‘ مان ٿي سڌو ’پوٽ لايس‘ ڏي ويو ۽ اتي پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان معلوم ڪيائين ته سندس گمان برابر هو. ماڻهن اتي ٻه ڇوڪر ڏٺا هئا، هڪڙي تمام وڏي پوشاڪ هئي ۽ ٻئي جا ڪپڙا سادا هئا، پر تڏهن به سکر ماڻهوءَ جو پٽ ٿي ڏٺو. ۽ هو انهيءَ ڏينهن صبح جو، سي ميڊ، جهاز ۾ چڙهي لور پول ڏي روانا ٿيا هئا. +اها خبر لهي، ’مارٽن‘ موٽي گهر آيو. ايتري ۾ شام اچي ويجهي ٿي – سياري جو سج هو. سيءُ پوڻ لڳو، برف به شروع ٿي. مانيءَ لاءِ سندس واسطي گهرن جا ڀاتي ترسيا ويٺا هئا. +صفي ۾ ’لارڊ ڊانرل‘ به ويٺو هو. جو ’سرهيزيءَ‘ انهيءَ ڏينهن دعوت ڏني هيس ته ڀلي سندس صحبت ۾ دل وندريس ۽ پٽ جي ڳالهه وسري وڃيس. ”مارٽن“ جهٽ ۾ باهه تي ڪوسو ٿي مٿي پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڃي ڪپڙا بدلائي، ماني کائڻ لاءِ سنڀري آيو. اتي هن هنن کي خبر ٻڌائي. جا هو ٻڌي خوش ٿيا، ۽ سندس شڪر گذاري به ڪيائون، جو گم ٿيل ڇوڪرن جو پتو لهي آيو هو. +”سر هينريءَ هڪدم اها رٿ ڪئي ته پاڻ ”لارڊ ڊانرل“ لورپول وڃن ۽ جي مسٽر ”ڊگلس“ هلي، ته انهيءَ به پاڻ سان وٺيو وڃن- پوءِ جي ڇوڪرا اتي هٿ اچن، ته انهن کي موٽائي گهر وٺيو اچن، سجهين ٿي ته پاڻ گاڏيءَ ۾ ويندا، تنهن ڪري جهاز جي پهچڻ کان اڳي اتي ويندا. ٺهراءُ ڪيائون ته رات گذاري، ٻئي ڏينهن صبح جو اوڏي روانا ٿين. مسٽر ڊگلس“ ڏي به نياپو موڪليائون. قاصد، واءُ برف ۾ ڏکيو سکيو“ ’گرينج‘ ڏي ويو، ۽ موٽي جواب وٺي آيو ته مسٽر ”ڊگلس“ به هلڻ لاءِ تيار ٿيو آهي. +جڏهن ”ارل“ وڃي ستو تڏهن ’مارٽن‘ پيءُ کي چيو ته ”بابا، مون کي وٺي هلندؤ؟“ +’سر هينريءَ‘ چيو ته ”چڱو، مارٽن. اڄ تو چڱو ڪم ڪيو آهي. ۽ انهيءَ جي عيوض ۾ توکي خوش ڪنداسين.“ پوءِ پيار مان ’مارٽن‘ جي مٿي تي هٿ رکي چيائين ته ”خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان ته جڏهن اسان جن دوستن ۽ پاڙيسرين جي پٽن پنهنجن پيئرن کي فڪر ۽ انتظار ۽ تڪليف ۾ وڌو آهي، تڏهن منهنجو پٽ منهنجي لاءِ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جو سبب ٿيو آهي!“ +’مارٽن‘ پيءُ جي منهن ۾ نهاري چيو ته ”بابا سائين، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اوهان جي مون سان گهڻي محبت آهي ۽ اوهين مون تي هميشه مهربان آهيو. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، جو اوهان مون کي پاڻ سان هلڻ جي موڪل ڏني آهي. منهنجي هلڻ ڪري، اميد آهي ته اوهان کي مدد ملندي، ڪا روڪ ۽ اٽڪ نه ٿيندي.“ +جڏهن صبح ٿيو، تڏهن هنن پنهنجو ارادو ڦيرايو. ”پورٽ لايس“ مان هڪڙي عملدار اچي خبر ڪئي ته هوا سخت لڳڻ ڪري ”سي ميڊ جهاز پرتي وڃي نه سگهيو هوندو- ضرور ساٺيڪي ميلن پنڌ تي، ”ڪير گلاس“ بندر ڌاري وڃي پناهه ورتي هوندائين. تنهن ڪري هي چارئي ڄڻا ”لورپول“ جي بدران ”ڪير گلاس“ بندر ڏي روانا ٿيا- انهيءَ اُميد سان ته جي جهاز اتي پهتو هوندو ته هنن ڇوڪرن کي وڃي هٿ ڪندا. +باب اٺاويهون +’سي ميڊ‘ جهاز جو سفر +’سي ميڊ‘ پهرين ته چڱو پئي هليو- سمنڊ لسو هو“ جو هوا موافق هئي. ’رالف‘ ۽ ”گلينلن“ اندر جي انتظارن ۽ ڏکن هوندي به ڏاڍا خوش هئا، ۽ سمنڊ جي تازي هوا سندن طبيعت تي تمام چڱو اثر ٿي ڪيو. ”رالف“ جهاز ۾ پنهنجي ڊوڙ ڊڪ جي نوڪري چڱيءَ طرح ڏيندو هليو- جتي ٿي سڏ ٿيس، اتي ٿي حاضر ٿيو. سڀني کي پنهنجي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سان خوش ڪندو آيو. ”گلينلن“ به ڪُڏ ڪري هن کي مدد ڏيندو آيو. هو صلاصين سان ڏاڍا ٺهي ويا، ۽ اهي به هنن کي گهڻو پسند ڪرڻ لڳا. +پر، انهن ڇوڪرن توڙي ٻين جهاز وارن جي خوشي گهڻي تائين نه هلي، هوا ٿورو ٿورو ڪري، چرندي ويئي ۽ مچندي ويئي، سخت هوا لڳي. نيٺ اچي طوفان کڙو ٿيو. جهاز اڃا ٽي ڪلاڪ مس پنڌ ڪيو هو، ته اچي لهرين جي سٽڪي ۾ پيو. پاڻي مٿي جهاز تي چڙهيو پئي آيو، ۽ سڀڪو ماڻهو ڀڄي پيو. سگهوئي برف ۽ ڳڙا به وسڻ لڳا ۽ ماڻهن ۾ منهن ۾ پيئي پيا. اهڙي لڙاٽ ۽ ڌنڌ ٿي ويئي جو جهاز کان ٿورو ئي پنڌ پري ڏسڻ محال هو. جهاز ڪيترن ڪلاڪن تائين آهستي پئي هليو ۽ ٽلڪيو. رات به اچي پيئي ۽ اهڙي گگهه اونداهيءَ ٿي ويئي جو ڪپتان ارادو ڪيو ته لنگهر لاهي هڪڙي هنڌ بيهي رهي ۽ جڏهن وري ڏينهن ٿئي تڏهن اڳتي هلي. انهيءَ هوندي به، جهاز آني جي کل وانگي پئي اٿليو پٿليو ۽ سمنڊ جي گوڙ ۽ لهرين جي سٽڪي کانسواءِ ٻيو ڪي ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. اَسر جو لنگر وارو رسو به ڇڄي پيو ۽ هنن کي لاچار اڳتي طوفان ۾ ئي هلڻو پيو. سڙهه ۽ قلميون ڀڄي اڏامي ويئيون. سڀني سمجهيو ته اسين خوف ۾ آهيون. جهاز جي تختن پئي چيڪو ڪيو. ۽ ان جو سنڌ سنڌ پئي چريو ۽ لڏيو. سڀني کي پڪ ٿي ته جي طوفان جلد بيٺو ته واه، نه ته خير ڪونهي. ڪپتان کي جيڪا ڳڻتي يا اُميد هئي سان اها ته ڪنهن طرح سان پتڪي رڙهي. ”ڪير گلاس“ جي بندر تائين پهچي، جو ويجهو هو، پر رات جي اندر جهاز ۾ ڪو سوراخ ٿي پيو هو، ۽ انهيءَ مان پاڻي اندر پئي آيو. جڏهن انهيءَ جي خبر پيئي تڏهن خلاصين پاڻيءَ جي ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر وس پجي نه سگهين، ڪپتان کان جيڪي ٿي سگهيو، سو ڪيائين، انهيءَ جي حڪم هيٺ خلاصين به ڪين گهٽايو. جهاز جو اهڙو حال اچي ٿيو جو هڪ گهڙي ڄڻ ته پاڻي ۾ پورجيو ٿي ويو ۽ ٻيءَ گهڙي ڇوڏي وانگر اڇلجيو پري وڃي ٿي پيو. يا وڻ جي پن وانگي واچوڙي ۾ پئي ڦٿڪيو! جيتوڻيڪ سڀ ڪنهن ٿي ڄاتو ته حياتيءَ ۽ موت خدا جي اختيار ۾ آهي، ۽ اهو تقدير مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ته به في الحال هي رنگ ڏسي سڀني جو ساهه مٺ ۾ هو، پڪ ٿين ته اجهي ٿا ٻڏون! +”ڪير گلاس“، ٽڪرين، جي وچ ۾ هڪڙو ننڍڙو بندر آهي. اهو اهڙيءَ خوفناڪ جاءِ تي آهي، جو گهڻا جهاز انهيءَ جي ٽڪرين تي لڳي ڀڳا آهن. انهيءَ هوندي به اتي پناهه وٺڻ جي لاءِ مناسب بندوبست ڪيل آهي؛ اتان ٽن ميلن تي هڪڙيءَ اُنانهينءَ ٽڪريءَ جي مٿان، ’ريل- راڪ‘ نالي هڪڙو روشنائيءَ جو منارو جڙيل آهي، جنهن کي ڏسي جهاز رات جو سنڀالي ايندا آهن. ’سي ميڊ‘ رات جو ئي واءَ جي زور سان اهو منارو لنگهي آيو هو ۽ خلاصين کي صحيح سلامت بندر ۾ پهچڻ جي اُميد هئي، پر لهرين جو مارو انهيءَ هنڌ گهڻو آهي، جنهن ڪري جهاز کي زياده خوف ڏسڻ ۾ آيو. ننڍڙا بتيلا جي جهاز تي کڻندا آهن، سي ڇڄي ڌار ٿي ويا هئا ۽ ٻه ٽي خلاصي به اڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيا هئا ۽ ٻڏي مئا هئا؛ باقي جيڪي بچيا هئا، سي ”رالف ۽ گلينلن“ سميت بهادرن وانگي پئي هڄيا، پر.... اوچتو هڪڙي قهر جي لهر جا آئي، تنهن چڪر ڀڄي وڌو ۽ سڪان به پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. جهاز رڳو مٿان نستو ٿيو پئي لڏيو. ڪپتان جي حڪم پٺيان، سڀ خلاصي وڃي ڀڳل ڪاٺن قلمين جي ٽڪرن ۽ سڙهن جي ڳچن ۾ لڪي ويهي رهيا. +باب اوڻٽيهون +جهاز جو ڀڄڻ ۽ ٻڏڻ +’رالف‘ ۽ ”گلينلن“ ويچارن جو ڪهڙو حال هو...؟ ساهه جي ڊپ ۽ سرديءَ کان، بدن بيحواس هئڻ، بت جي کل تائين، پاڻي ۽ برف ۾ ڀنا پيا هئا، وسندڙ مينهن ۽ برف جي وسڪاري کان، انڌن وانگي، ڪاٺن کي چنبڙيو ويٺا هئا؛ هر گهڙيءَ ائين پئي سمجهيائون، ته اجهي ٿا سمنڊ ۾ اڇلجيو پئون! اهڙيءَ حالت ۾ هنن کي پنهنجا ڏوهه ۽ قصور چٽا دل تي اچڻ لڳا. ياد پئي پين ته ههڙي وقت گهرن ۾ ڪهڙا نه سک��ا ۽ گرم ويٺا هجون ها! پشيمان هئا ته ناحق پاڻ سان پاڻيهي اها جٺ ڪيئون! خدا کان معافي گهرڻ ۽ توبهه ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ لڳا. ڪپتان پاڻ به، هنن کي توڙي ٻين کي، تاڪيد ڪري پئي چيو ته ”بابا، خدا کي سوال ڪريو ته اهو ڪا مدد ڪري، نه ته ليکي لَسلُ ڪونهي...!“ +ائين ڪندي، اوچتو جهاز جي هيٺيان هڪڙو آواز ٿيو... خبر تڏهن پيئي، جڏهن جهاز، چير جي، ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي لڳي، ٻڏڻ لڳو. خلاصين کان دانهن نڪري ويئي. اڳيل ته ته اصل پرزا ٿي پيئي، باقي پاڇيل ٿورو مٿڀري هئي، ڪڪرن جي ڪاراڻ مان، ڪڏهن ڪڏهن چنڊ ۽ تارن جي روشنائي پئي پيئي، پري کان ”ڪير گلاس“ جون بتيون ٽمڪندي پئي ڏسڻ ۾ آيون، ۽ پٺيان روشنائي جي مناري جي بتي پئي چمڪي.... مگر ڀڳل جهاز جي آسپاس رڳي اونداهي لڳي پئي هئي، ۽ لهرين جون چماٽون پئي لڳيون. اهڙيءَ خوف جي حالت ۾.... ماڻهن کي منٽ ڪلاڪ نظر پئي آيا، ۽ ڪلاڪ ورهيه – سڀيئي انهيءَ لاءِ تيار هئا ته اجهي ٿا پاڻيءَ ۾ داخل ٿيون! +”گلينلن“، خوف ۽ سيءَ کان ڏند کڙڪائيندو، مدد لاءِ ’رالف‘ کي چنبڙي ويو. ’رالف‘ زياده همت وارو هو، تنهن هن کي گهڻو ئي دلاسو ڏنو. هڪڙو هٿ لوهه جي گز ۾ ۽ ٻيو پنهنجي سگنتيءَ جي ڳچي ۾ وجهي، بيهي رهيو. جي هو ائين نه ڪري ها، ته ’گلينلن‘ جو الاجي ڪهڙو حال ٿئي ها. ٻاٿون کائي، چوڻ لڳو ته ”او رالف، ڪيئن ٿو ڀانئين.... ڪو چارو ٿيندو، ڪو ڇوٽڪارو ٿيندو يا نه؟“ +’رالف‘ ورندي ڏني ته ”ادا، خبر ناهي، مگر خدا جي اُميد ججهي آهي. بندر وارن جهاز ضرور اسان کي ڏٺو هوندو، ۽ بندر جي ماڻهن کي خبر ڏني هوندائون. من ڪي ٻيڙيون اسان جي بچائڻ لاءِ اچي نڪرن! مناري وارن به اسان کي ڏٺو هوندو، اهي به ڪي ڪجهه ڪندا. پر، شل اها مدد جهاز جي ٻڏڻ کان اڳڀري اچي!“ +”گلينلن“ چيو ته ”رالف، منهنجو حال ابتر آهي، منهنجي دل ٿي ڪچي ٿئي ۽ مٿو ٿو ڦري، بدن ۾ ڪابه طاقت ڪانه ٿو ڀانيان... آءٌ گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندس!“ +هن دلاسو ڏيئي چيس ته ”اهڙو سوڙهو مون کي نه گهٽ، وڏي دل ڪر، خدا تي ڀروسو رک، ۽ انهيءَ کي سوال ڪر ته اهو مدد ڏئي.“ +”گلينلن“ چيو ته ”رالف، تون ئي منهنجي پاران – سڀني جي پاران دعا گهر، من خدا قبول ڪري...“ +’رالف‘ اکيون مٿي ڪري چوڻ لڳو؛ ”يا خدا، اي خدا خاوند اسان جا! اسان جي واهر ڪر، ۽ اسان کي بچاءِ؛ نه ته به اسان جا سڀ گناهه معاف ڪر، ۽ اسان کي همت ۽ توفيق سيکار ته ڪيئن مرون ۽ جڏهن مرون، تڏهن تون اسان کي پاڻ ڏي ني!“ +’گلينلن‘ ماٺ ڪيو ويٺي هن جي دعا ٻڌي، ائين ڪندي، هڪ وڏي لهر آئي جا سندن پاسي ۾ بيٺل هڪڙي خلاصيءَ کي سمنڊ ۾ گهلي ويئي. ڊپ ۽ خوف کان رڙ ڪري چوڻ لڳو؛ ”او رالف، او رالف.... اجهو، اسان جو انهيءَ دم ٿو اهڙو حال ٿئي!.... هاڻ ڪيئن ڪريون؟“ +”رالف“ چيس ته ”گلينلن، خدا تي رک – اهو بچائيندڙ آهي. پر توکي هڪڙي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جا توکي تسلي ڏيندي، ۽ اُميد وارو ڪندي.؟“ +”گلينلن“ پڇيو ته ”ههڙو وقت اها ڪهڙي ڳالهه هوندي ۽ ڪهڙي تسلي ۽ خوشي اسان کي حاصل ٿي سگهندي؟“ +”رالف“ چيو ته ”اها، ته.... ته گهڙيءَ ۾، امان ۽ ڪرسٽيءَ، منهنجي حق ۾ شايد اسان ٻنهي جي حق ۾- خدا جي درگاهه مان دعا پيا گهرن، ۽ مون کي تسلي آهي ته خدا وٽ قبول پوندي، ۽ اسان جو خير ٿيندو!“ +”گلينلن“ پڇيو ته ”انهيءَ جي توکي ڪيئن خبر پوي ٿي؟“ +”رالف“ چيو ته هينئر مون ٻڌو جو ڪپتان ڪنهن کي ٿي چيو ته نو لڳا آهن.“ ۽ آءٌ هنن کي تاڪيد ڪري انجام وٺي آيو هوس ته هميشه پوري نائين بجي مون بابت خيال ڪن، ۽ منهنجي حق ۾ خير جي دعا ڪن.“ +”گلينلن“ چ��و ته ”رالف، سچ پچ اهو ويساهه ٿئي ٿو ڇا، ته خدا اسان کي هتي ڏسي ٿو، ۽ پوءِ به هنن قهر جي لهرن کي ڇڏي ٿو ته اسان کي هيئن ڊيڄارين ۽ ڌڪ هڻن ۽ اڇلائين...!“ +”رالف“ چيو ته ”گلينلن، مون کي انهيءَ جو پڪو ويساه آهي، ۽ اهو به يقين اٿم ته خدا تعاليٰ امان ۽ ڪرسٽيءَ جهڙن صفا دل نيڪ نيت وارن ماڻهن جي دعا ٻڌندو.“ +”گلينلن“ چيو ته ”شل ائين ٿئي! رالف، خدا توکي خوش رکي، تنهنجين انهن ڳالهين منهنجي هانو کي گهڻو ڏڍ ڏنو آهي ۽ منهنجي دل هينئر زياده مضبوط ٿي ڏسجي. جي خدا اڄ اسان کي هن سختيءَ کان بچائي ٿو، ته پوءِ اميد ٿو رکان ته ٻيءَ طرح حياتي گذاريندس. هيستائين مون ڏاڍيءَ بيعقليءَ ۽ گنهگاريءَ ۾ عمر ضايع پئي ڪئي آهي. جيڪڏهن آءٌ هي خوف جهڙا وقت نه ڏسان ها، ته شايد پنهنجون اڳيون غفلت ۽ نادانيءَ ۽ شرارت جو سڀاءُ ڪين مٽايان ها.“ +انهيءَ وقت، ’رالف‘ کي هڪڙي ٻيڙي پاڻ ڏي ايندي نظر آئي. خوشيءَ مان دانهن ڪيائين جنهن تي سڀني جو اوڏي ڌيان ٿيو. ڏسن ته برابر هڪڙي ٻيڙي آهي، جا سندن مدد لاءِ ڪاهيندي اچي! سڀيئي خوش ٿيا، خدا جو شڪرانو ڪرڻ لڳا. ’رالف‘ ’گلينلن‘ کي ڪن ۾ چيو ته ”ڏٺئه نه، گلينلن، مون توکي ڪين ٿي چيو ته دعا خدا وٽ اگهاڻي آهي!“ سگهوئي، طوفان ۾ اٺ بهادر مڙس، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي پهتا، جيتوڻيڪ اهڙي طوفان ۾ خود ٻيڙي کي به ٻڏڻ جو خوف هو، ته به انهن ماڻهن کي شابس آهي جو انهن، پنهنجا سر تريءَ تي رکي ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي بچائڻ جي لاءِ ڪمر ٻڌي. پر خبر تڏهن پيئي، جڏهن جهاز جي نزديڪيءَ ۾ اهي اٺ ئي ڄڻا دانهون ڪندا غرق ٿي ويا! +پر، لحظي کان پوءِ ’رالف‘ کي انهن مان هڪڙو ماڻهو ترندو ۽ ڦٿڪندو، ڀڳل جهاز جي ويجهو نظر پيو، لهرين جي گوڙ منجهان ئي هن جو آواز مدد جي لاءِ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. +’رالف‘ جهٽ ۾ هڪڙيءَ مضبوط رسيءَ جو ڇيڙو هن کي اڇلائي ڏنو- هو انهيءَ کي چهٽي پيو.” رالف“ ۽ گلينلن“ ڏاڍي زور سان انهيءَ کي اٽڪائي ڇڪي جهليو – تان جو هو مٿان مونا هڻي لتڙ جي پتڙجي، وٽن چڙهي آيو؛ ۽ ٻڌايائين ته نديءَ مان هڪڙي مضبوط ٻيڙي، ماڻهن سميت، ڪلاڪ – ٻن جي اندر اچي پهچندي. هو ماڻهو ”رالف“ جو ڏاڍو شڪر گذار ٿيو؛ ۽ هن جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”ڇوڪرا، تو منهنجي جان بچائي آهي، خدا ڪندو ته اسين سڀ بچي پونداسين ۽ پوءِ منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار گهڻي قدر تنهنجا احسانمند ٿيندا.“ +ڀڳل جهاز کي در جي بدرجي پاڻيءَ ۾ ويندو ڏسي، خلاصي ويچارا نااُميد ٿيندا ويا. هر گهڙيءَ پئي ڀانيائون ته اها اسان جي پوئين گهڙي آهي. نيٺ وري به اونداهيءَ ۾ ’رالف‘ جي نظر انهيءَ مدد واري مضبوط ٻيڙيءَ تي پيئي. انهيءَ کي ويجهو ايندو ڏسي، خلاصين رسا لاهي هيٺ ڪيا- انهن کي جهلي انهيءَ ٻيڙيءَ وارا چڙهي آيا. +”گلينلن“، جو تمام زبون حال ۾ ويٺو هو، تنهن کي ٻک وجهي، لاهي ٻيڙيءَ ۾ وڌائون. پوءِ ته ڀڳل جهاز وارا ڪاهي اچي ٻيڙيءَ ۾ ٽپڻ ۽ پنهنجي جان بچائڻ لڳا. وڏو گوڙ ۽ گهمسان اچي متو. سڀڪو ڀانئي ته آءٌ پهريون ٻيڙيءَ ۾ پوان. اچن جي ٻه شاهي لهريون هڪٻئي جي پٺيان، سي، رسا ڇنائي، ٻيڙيءَ کي ڀڳل جهاز کان پري سمنڊ جي وچ ۾ ڌڪي ويون..... انهيءَ دم ڀڳل جهاز به سڄوئي پاڻي ۾ گم ٿي ويو. پوءِ ته ٻيڙيءَ وارن آڻي ڳنن تي زور رکيو. جانچ ڪيائون، ۽ ڳڻيائون ته جهاز جي اصلوڪن يارهن خلاصين مان فقط ست بچيا هئا. ڪپتان چيو ته ”ڇوڪرن مان رڳو هڪڙو بچيو آهي!“ ٻڏل ٻيڙيءَ مان بچيل ماڻهوءَ جو پڻ انهيءَ ٻيڙي ۾ هو، تنهن رڙ ڪري چيو ته ”يا خدا... رڳو هڪڙو ڇوڪر بچيو آهي ڇا؟ هن جهاز تي ڏسڻ ۾ ته ٻه گڏ بيٺل ٿي آيا- آءٌ ويجهو هوسان. هي ته اهو نه آهي، جنهن منهنجي جان بچائي هئي...! اهو ڏاڍو بهادر ڇوڪر هو. ڏاڍن مڙسن جو مٽ هو. آءٌ ٻڏان ها ته حرڪت ڪانه هئي، پر هو بچي پوي ها ته بهتر هو، ڇالاءِ جو آءٌ وري به وڏيءَ عمر جو آهيان ۽ هوا اڃا ٻارهو!“ +ائين چئي، هو ماڻهو ننڍڙي ٻار وانگي ويهي روئڻ لڳو. پر هينئر اجايو وقت وڃائڻو نه هو، سڀ ڪنهن کي پنهنجي ساهه بچائڻ جي ڳڻتي هئي. ڏاڍي تجويز ۽ هوشياريءَ سان، هنن ڳن ڏيئي ٻيڙيءَ کي خوفناڪ لهرين منجهان لنگهائي آندو. اڳيان سوين ماڻهو منجهن اکيون وجهيو بيٺا هئا. انهن ۾ زالون هيون. ڀيڻون هيون، مائون هيون، سڀ ڪناري تي سيءَ ۽ واءَ ۾ منتظر بيٺيون هيون، ۽ اونداهيءَ ۾ چتائي چتائي سمنڊ ڏي پئي نهاريائون. ڪي ته وار ڇوڙيو، ٻانهون کنيو، خوف کان دانهن ڪرڻ ۾ مشغول هيون ۽ ڪي وري پُسيل واريءَ تي گوڏا کوڙيو، سچيءَ دل سان خدا کان دعا گهرڻ ۾ مشغول هيون. انهنءَ جي لاءِ ٻيڙيءَ جي ڳن جو آواز ڄڻ ته خدائي سرود هو. انهيءَ دم ويهه مضبوط ماڻهو پاڻي ۾ ڪاهي پيا ۽ ٻيڙيءَ جا رسا ڇڪڻ لڳا: ٻيا خوشيءَ جا نعرا هڻڻ ۽ خدا جا شڪرانا ڪرڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ لڳا، ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي هيٺ لاهڻ لڳا. +جهاز وارن مان جيڪي بچيا، سي ته اچي نڪتا، پر باقي ٻيا ڪيڏي ويا؟ ٻه ته انهيءَ ڏينهن ۽ رات جي عرصي ۾ طوفان ٻهاري ويو ۽ انهن کي سڀني اکين سان لهرين جي وچ ۾ ٻڏندو به ڏٺو؛ ٽيون ڪاٺ تان ڪري سمنڊ ۾ پيو هو؛ باقي ”رالف ڊگلس“.... تنهن کي ڏٺو هئائون ته ڀڳل جهاز تي بيٺو هو، ۽ هميشه ٻيڙيءَ ۾ ماڻهن کي چڙهندو پئي ڏٺائين، ۽ پاڻ لهڻ جو وجهه پئي ڳوليائين ته لهرن اچي ورايو هوس... پر، جڏهن انهن لهرين ٻيڙيءَ جا رسا ڇني انهن کي ڌڪي ڇڏيو، ۽ ڀڳل جهاز سڄو ئي ٻڏي ويو، تڏهن اونداهيءَ ۾ انهيءَ جو پتو ئي ڪونه پيو ته ڪيڏي ويو! +باب ٽيهون +گم ٿيل ماڻهو +جيڪي ماڻهو ڪناري تي ٻيڙيءَ جي لاءِ منتظر بيٺا هئا، تن ۾ ”لارڊ ڊانلرن“، ”سر هينري آلربي“ ”مارٽن ۽ ”مسٽر ڊگلس“ به هئا. انهن کي خبر هئي ته جيڪو جهاز ٻڏو آهي سو ”سي ميڊ“ آهي. اها خبر ڪن ٻين جهازن به ڏني هئي، جي لنگهندي انهن کي ڏسندا آيا هئا. ماڻهن هنن کي سڃاڻي گوڙ مان جاءِ ڏنين. ”لارڊ ڊانرل“ انجام ڪيو هو ته هڪ سئو پائونڊ ٻيڙيءَ وارن خلاصين کي ورهائي ڏيندس. هنن جي هانو ڌڪ – ڌڪ پئي ڪئي ۽ انهيءَ انتظار ۾ هئا ته خبر پوي ته جهاز مان ڪهڙا بچيا. +”مارٽن“ اوچتوئي پري کان دانهن ڪري چيو ته ”اجهو... گلينلن!“ +”ارل“ انتظار مان، اونداهيءَ ۾ پٽ کي نه ڏسي، پڇيو ته ”سچي پچي آهي؟ ڏسجي ٿو؟.... هائو، برابر! شڪر، شڪر.... هاؤئرڊ! هاؤئرڊ!“ +شمعدان جي سوجهري تي ”گلينلن“ جي به نظر پيءُ جي منهن تي پيئي؛ ۽ هن جو آواز به ڪن تي پيس. جيتوڻيڪ تمام ضعيف ۽ لتڙيل حال ۾ هو، ته به اڌ خوشي اڌ ڊپ مان، ڊوڙي وڃي پيءُ جي پيرن تي ڪريو ۽ ڀاڪر پائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ”لارڊ ڊانرل“ پيار مان اٿاري ڇاتيءَ سان لاتس. ”گلينلن“ اهڙو هيڻو ۽ پاڻيءَ سان ڀنل هو، جو ٻين ماڻهن، ڪي جهلي ڪي کڻي پاسي واريءَ هوٽل ۾ آڻي لاٿس. +”مارٽن“ ۽ سر هينري، مسٽر ”ڊگلس“ وٽ بيٺا رهيا. ٻيڙيءَ ۾ گهڻو ئي نهاريائون، پر جنهن کي ٿي ڳوليائون سو نظر نه پين؛ تنهن ڪري ويچارن جا هانوَ ئي ڊهي پيا. +”سر هينريءَ“ ٻيڙيءَ وارن کان پڇيو ته ”بس، ٻيو ڪو جهاز مان ڪونه بچيو؟“ +هنن ورندي ڏني ته ””نه سائين سڀ هي آهي، ٻيو ڪونهي.“ +مسٽر ”ڊگلس“ ڏک جهڙي آواز سان پڇيو ته ”ڀڳل جهاز جي تختن تي رهيل ڪونه ڇڏيو اٿو؟“ هنن چيو ته ”نه سائين... اسان نڪتاسين ٿي، تڏهن جهاز سڄوئي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو.“ +وري پڇيائين ته ”جيڪي به جهاز ۾ هئا سي سڀ صحيح سلامت نڪتا؟“ +خلاصين مان جنهن مکيه ماڻهوءَ مسٽر ”ڊگلس“ سان ٿي ڳالهايو، سو رڳو مٿو ڌوئڻ لڳو، ڳالهايائين ڪين تنهن تي مسٽر ”ڊگلس“ وري پڇيو ته ’ گهڻا گم ٿيا؟“ +هن ورندي ڏني ته ”سائين، ٽي مڙس ۽ هڪڙو ڇوڪر.“ +مسٽر ”ڊگلس“ پڇيس ته ”ڇوڪر جو نالو اچيئي ٿو؟“ +هن چيو ته ”نه، سائين هو رڳو ٻه ڏينهن ٿيا جو اچي خلاصين ۾ داخل ٿيو هو.“ +مسٽر ”ڊگلس“ ڏاڍي غم ۾ هٿ مروٽي چوڻ لڳو ته ”هاءِ هاءِ.... منهنجو پٽ، منهنجو پٽ ڇوڪر رالف! .... هو مري ويو.... هو ٻڏي ويو! يا خدا هاڻ ڪيئن ڪريان؟ اها منهنجي سختي هئي، جنهن هن کي گهر ڇڏايو، ۽ هن کي ٻوڙي ماريو! ڪهڙو شڪ ته مرڻ گهڙيءَ تائين مون کي ڌڪاريندو ويو!... او منهنجا غريب پٽ، او منهنجا مسڪين ڇوڪر!“ +ڪابه ڳالهه هن کي دلاسي ۽ تسلي ڏيڻ جهڙي ڪانه هئي. صاف هو ته ”رالف“ ٻڏي مئو. ڪهڙو ڪوڏن جهڙو هو!.... سندس مزي جهڙو کلڻ ڳالهائڻ سندس خوبصورت منهن، سندس هوشياري ۽ چالاڪي، سندس خوش طبعي ۽ خوش خلقي! اهڙي مزي جهڙو ڇوڪر سمنڊ جي کاري پاڻي ۾ ٻڏي مئو، ۽ مڇين جو قوت ٿيو... هاءِ هاءِ! اهڙي پٽ جو مسٽر ”ڊگلس“ کي هينئر گهڻو قدر پيو. سڀ ڳالهيون اچي ياد پيس، ڏک کان اونڌو ٿيو ٿي پيو. ”سر هينري“ ۽ ”مارٽن“ کي به هن جو ڏک ۽ ارمان گهٽ نه هو. هڪڙي کي هو پٽ وانگي ۽ ٻئي کي ڀاءُ ۽ گهاٽي دوست وانگي هو، تن کي ڀلا ڇو نه ڏک ٿيندو؟ انهن کي روئڻ اچي ويو. +ٽئيي ڄڻا ڏک ۽ ارمان ۾ هوٽل ۾ آيا. ”گلينلن“ کٽولي تي سنئون ٿيو ستو پيو هو. جيسين هن جي لاءِ ڪو بسترو ۽ سمجهڻ جي جاءِ ٺاهيائون، تيسين هن کي ننڊ کڻي ويئي. ”لارڊ ڊانرل“، ڪي فڪر ۽ ڳڻتي ۾ ۽ ڪي خوشيءَ ۾، انهيءَ کي نزديڪ ويٺو هو. مسٽر ”ڊگلس“ جو حال ڏسي انهيءَ تي خيال ڪري همدرديءَ کان، هن کي نهايت گهڻو ئي ڏک ٿيو. نيٺ مسٽر ”ڊگلس“ اٿي، هڪڙيءَ خلاصيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي، پنهنجي هنڌ تي پاڻ کي اڇلائي وڌو، ڪپڙا به ڪين مٽايائين. ننڊ ته اصل ڪين آيس. ٻيو واءَ جو گهوگهٽ پئي آيو، ۽ برف جو ۽ سمنڊ جي لهرين جو سٽڪو پئي پيو- هن اکين پئي سمجهيو ته ڄڻ آسمان به سندس لاءِ پئي رنو ۽ دانهون ڪيون. انهيءَ طرح سڄي رات هن اکين تي ڏٺي. ڪڏهن ويٺو ٿي، ڪڏهن جاءِ ۾ هليو ۽ آيو ويو ٿي. اهي پئي خيال ڪيائين ته گهر هلي زال کي ۽ ننڍي پٽ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس، ۽ ڇا چوندس؛ هو اها بد خبر ٻڌي الاجي ڪهڙا حال ڪندا! اهي خيال ڪري، اٿي گوڏا کوڙي خدا کان دعا گهرڻ لڳو ته پنهنجو لطف ڪري ’رالف‘ کي بچاءِ ۽ موٽ آڻي مون کي ملاءِ. اگرچ ظاهري پڪ هئي ته هو ٻڏي مئو آهي، پر تڏهن به ويچاري پيءُ ائين پئي ڄاتو ته ’خدا مئن کي جياري نٿو سگهي ڇا، ۽ ڪنهن به رستي سان هن جي جيئري موٽڻ جو سبب پيدا ڪري نٿو سگهي ڇا؟“ +ٻئي ڏينهن، صبح جو سوير، ”مارٽن“ ريلوي اسٽيشن تي وڃي پنهنجيءَ ماءُ کي تار ڏني ته ”جهاز ڀڄي پيو آهي، گلينلن بچيو آهي، اسين اڄ اينداسين. هن ڄاڻي ٻجهي ’رالف‘ جو اشارو ڪونه ڏنو ته متان هن جي مائٽن کي خبر پوي- پر هن جي ابتڙ ڪجهه نه چوڻ مان ئي سڀ ڪجهه پئي معلوم ٿيو. +جڏهن ناشتو آيو، تڏهن مسٽر ڊگلس اچي هنن کي گڏيو. هن جو ڏاڍو بڇڙو حال هو. هن کي ڏسي هو حيران ٿي ويا. عمر کان ڏهه ورهيه وڏو پئي ڏٺو، بلڪه ڪي وار اڇا به ٿي ويا هئس. هڪڙيءَ رات جي ڏک ۽ انتظار هن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي هئي. +”لارڊ گلينلن“ پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ ويٺو هو. اڃا تمام ضعيف هو ۽ موڳو پئي ڏسڻ ۾ آيو، نه ته ٻيءَ طرح چڱو ڀلو هو. هن گهڻو ڳالهايو نٿي، ماٺ ڪيو ويٺو هو. ايترو معلوم ڪري سگهيو ته منهنجون سڀ ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن، اهي معاف به ٿيون آهن. انهيءَ خيال ڪري هن جي اندر ۾ البت آرام هو، جو گهڻا ڏينهن ڪونه هوندو هوس. پر مسٽر ”ڊگلس“ جي شڪل ڏسي هن کي روئڻ اچي ويندو هو. +هيستائين ”مسٽر ڊگلس“ کي رالف“ بابت ڪا پڪي سڌي خبر نه ملي هئي، تنهن ڪري هن ڀانيو ته پڇا ڳاڇا ڪرڻ مناسب آهي. همت جهلي ”گلينلن“ کان پڇيائين ته ”هو توکي ٺڳاري وٺي ويو هو ڇا؟“ +”گلينلن“ چيو ته ”نه نه، هرگز نه.. هن ويچاري تي اها تهمت نه رکو: هن مون کي اتفاق سان ڏٺو، ۽ جيترو ٿي سگهيس اوترو مون کي سمجهايائين ۽ روڪيائين.“ +مسٽر ”ڊگلس“ ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪرانو ڪريان ٿو.“ +”مارٽن“ جو پاسي ۾ ويٺو هو، تنهن ”گلينلن“ کي چيو ته ”گلينلن“ جي ست ساري سگهين ته سڄي ڳالهه ڪري ٻڌاءِ؛ آءٌ ڀانيان ٿو ته مسٽر ڊگلس کي انهيءَ جي ٻڌڻ جي خواهش هوندي.“ +”گلينلن“ مختصر طرح سڄي ڳالهه ڪري ويو. ”جي ’رالف‘ مدد نه ڪري ها، ته جهاز مان منهنجو بچڻ ڪونه هو. هو مون کي لهرن جي لوڏن ۾ قابو جهليو بيٺو هو، ۽ دلاسا دلبريون پئي ڏنائين. پنهنجو وڏو ڪوٽ منهنجي مٿان وجهي مون کي ڍڪيو آيو ۽ جيڪو هڪڙو بسڪوٽ باقي بچيو هو، تنهن جو به اڌ ڀڃي مون کي ڏنائين. آيل ٻيڙيءَ واري هڪڙي ماڻهو کي ٻڏڻ کان بچائي، اچي منهنجي پاسي ۾ بيٺو، ۽ مون کي مدد ڏيئي، لاهي، ٻيڙي ۾ وڌائين. انهي مهل آءٌ ساڻو ٿي پيو هوس ۽ سمجهان ٿو ته منهنجي پٺيان پاڻ به لٿو ٿي؛ پر ائين ڪندي...“ +اتي ”گلينلن“ جو آواز بيهي ويو، ۽ ڪن منٽن تائين ڳالهائي نه سگهيو. +تيستائين مسٽر ”ڊگلس“ ۽ ٻيا ٻڌڻ وارا ڏاڍي انتظار ۾ ويٺا هئا. نيٺ ساهه پٽي وري چوڻ لڳو ته ”ائين ڪندي ماڻهو ڳاهٽ ٿي اچي ٻيڙيءَ ۾ پيا، سڀڪو ڀانئي ته آءٌ اڳڀرو وڃان” هو ويچارو هٽي بيٺو ته ڀلي ٻيا لهن. منهنجون اکيون منجهس هيون. هو بلڪل ٽپڻ تي هو، ته اوچتو هڪڙي وڏي قهر جي لهر اچي ٺڪاءُ ڪيو. اسان ڀانيو ته اسان جي ٻيڙي اونڌي ٿي پيئي. پر جان مٿي نهاريان ته...“ +اتي وري به گلينلن جو آواز بيهي ويو، ۽ مسٽر ”ڊگلس“ نهايت انتظار مان اشارو ڏنس ته ڳالهه پوري ڪر. تنهن تي هن چيو ته ”جان مٿي نهاريان ته ڀڳل جهاز، رهيو کهيو پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو. ۽ رالف، نڪو ٻيڙيءَ ۾ هو نه ڪنهن ٻئي هنڌ اصل ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو!“ ائين چئي، وري اچي روئڻ ۾ پيو. +پوءِ ته سگهوئي مسٽر ”ڊگلس“ ۽ ٻئي آلربي“ پنهنجين ڪوٺين ۾ ويا؛ پر ”گلينلن“ اڃا به مٿو ٻانهن تي رکيو سڏڪا پئي ڀريا. ”ارل“ به ڇڏيس ته ڀلي دل جو درد ٺاري. جڏهن ڏک جو جوش ڍرو ٿيس، تڏهن پٽ جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”ويچارو رالف ته ويو. پر هائوئرڊ، اسان کي خدا جو ڪيترو نه شڪرانو ڪرڻ گهرجي جو هن تنهنجي حياتي بچائي ۽ توکي وري اسان سان ملايائين!“ +”گلينلن“ چيو ته ”بيشڪ، بابا، پر هن، ٻن ڏوهارين مان جيڪو وڌيڪ خراب هو، تنهن کي بچايو. رالف ڪو به ڏوهه ڪونه ڪيو هو، رڳو گهر کان ڀڄي نڪتو هو؛ پر مون....“ +پوءِ پيءَ ڏي نهاري، ترسي، آهستي پڇڻ لڳو ته ”بابا، اوهان کي ته سڀ حقيقت معلوم ٿي آهي نه؟“ +هن چيو ته ”هائو، ابا، مون کي سڀ معلوم آهي. جيڪڏهن هي پويان ڊپ ۽ اتفاق، اهي ڳالهيون منهنجن خيالن مان هڪالي ڪڍي نه ڇڏين ها، ته آءٌ جيڪر قبر ڀيڙو اچي ٿيان ها! هاؤئرڊ، ارمان جي ڳالهه آهي ته ڊانرل نسل جو ٿي، تون جعلسازي ڪرين، ۽ هڪڙي خسيس نوڪر جو غلام بنجين، ۽ اچي هڪڙي عام ڏوهاريءَ جو مٽ ٿين! +”گلينلن“ ڪنڌ ک��ي هيٺ ڪيو، ۽ نيٺ پيءُ جي ڪلهي تي مٿو رکي جهڪي پيو؛ ڪڇيائين ڪي به ڪين. +”ارل“ وري چيس ته ”هائوئرڊ، مون کي اُميد آهي ته اڳتي تون اک پٽيندين، ۽ انهيءَ مان سبق سکندين“ +هن چيو ته ”هائو، بابا. جي وري آءٌ ڪريان ۽ انهيءَ مان نصيحت نه وٺان، ته رحم ۽ مهربانيءَ جو لائق نه ٿيان. پر مون کي اُميد آهي، آءٌ اهو سبق وري ڪڏهن ڪين وساريندس. بابا اوهان کي خبر ناهي ته جڏهن مون ڄاتو ٿي انهيءَ دم ٿو ٻڏان ۽ مران، تڏهن ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون لحظي ۾ بجليءَ وانگي منهنجي دل مان لنگهيون هونديون! جي رالف منهنجي مدد نه ڪري ها، ته آءٌ ذري گهٽ مئو هوس. جيستائين سمنڊ جي تري ۾ مڇين جو قوت هجان ها!“ +”ارل“ وري پڇيو ته ”هائوئرڊ، تو ڪيئن اهڙو ڪم ڪيو؟ ڪيئن اهڙو بيعزتيءَ ۽ خواريءَ جهڙو ڪم ڪرڻ تي تنهن جي دل چيو؟“ +هن ورندي ڏني ته ”خبر ناهي ته مون کي ڇا ٿيو. اوچتو شيطان اچي جوجڪي ڏني. تنهن کانسواءِ، ايتريون خرابيون اچي سوڙهيون ٿيون، جو آءٌ پاڻ کي روڪي نه سگهيس؛ لاچار ٿي پيس. اهي آءٌ اوهان کي ٻڌائي نٿو سگهان.“ +پڻس چيو ته ”هائوئرڊ پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ويساهه ۽ ڀروسو هئڻ گهرجي؛ اڳتي پاڻ کي گهرجي ته هڪٻئي کان ڪو به حال يا ڳجهه واڃي نه رکون.“ +”گلينلن“ تڏهن همت جهلي پڇيو ته ”بابا، هاڻ مون کي اوهان معاف ڪيو نه؟“ +هن ورندي ڏني ته ”هائو، هائوئرڊ، بلڪل معاف ڪيم، هاڻ ڄاڻ پرتاسين. چيڪ جا پيسا مون اڳي ئي ڏيئي ڇڏيا آهن ۽ ڪلارڪ مون ٻڌو آهي آسٽريليا ڏي هليو ويو آهي.“ +”گلينلن“ خوشيءَ مان وڏو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ دل ۽ جان سان خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان. آءٌ سندس اهڙين مهربانين جو لائق ناهيان. بابا، هاڻ هلو ته قلعي ڏي هلون. آءٌ ڀانيان ته ٿوري وقت تائين هلي آرام وٺان. بابا سائين اُميد آهي ته اڄ کان وٺي اوهين مون کي بهتر پٽ ڏسندؤ.“ +”ارل“ هن کي پيار مان ڳل تي چمي ڏني، ۽ چيائين ته ”هائوئرڊ ، اسين اڄ ئي موٽي گهر ٿا هلون. ويچارو مسٽر ”ڊگلس“!... آءٌ پنهنجي پٽ سان گڏجيو ٿو هلان، پر هينئر هن جي دل ۾ ڇا ڇا نه هوندو! جي اسين هن کي ڪا واهر ڏيئي سگهون ته واه.... پر ڪي ڏک واهر کان ٻاهر آهن!“ +”ڪير گلاس“ ۾ هاڻ وڌيڪ ٻيو ڪي ڪرڻو نه هو. ٻيڙيءَ جي ناکوئن کي به اڳي ئي انعام ڏنو ويو- بلڪ ”سي ميڊ“ جهاز مان جيڪي ماڻهو مري بچيا هئا تن جي لاءِ به وڏي رقم ڇڏيائون، ۽ جيڪي ٻڏا هئا بيوهه زالن ۽ ٻارن لاءِ به مناسب چندو ڪيائون. نيٺ سمنڊ تي پڇاڙي جي نظر ڪري هي اٿي هليا طوفان اڃا به زور هو، گهٽيو ڪين هو. لهرن جو اڃا به ٽڪرين تي سٽڪو پئي پيو ۽ ڀڳل جهاز جي تختن ۽ ڪاٺين جا ٽڪرا به پري کان سمنڊ جي گجيءَ ۾ پئي چڙهيا ۽ لٿا. انهيءَ ڏينهن صبوح جو ”مارٽن“ ’ رالف‘ جي پتي لهڻ لاءِ، سڄو ڪنارو گهمي ڏٺو هو. ڀانيائين ته من هن جي لاش اڇلجي ٻاهر پيئي هجي جو ٻئي هڪڙي ٻڏل جي لاش به نڪتي هئي... پر هن کي ڪو به نشان ملي نه سگهيو. +* * * * +هو، هڪڙي گاڏي ڀاڙي ڪري انهيءَ ۾ چڙهي، موٽي ”آلٽن“ آيا. ”ارل“ ۽ ”سر هينريءَ“ اڳي ئي تار موڪلي هئي ته اسان جون پنهنجون گاڏيون اسٽيشن تي اچن. مسٽر ”ڊگلس“ اهڙي تار ڪانه موڪلي هئي. هن ويچاري کي انهيءَ ڳڻتيءَ وچان ڪي به نٿي سجهيو ته ڪيئن اڪيلو گهر هلندس. ۽ ڪهڙو به احتياط رکبو آهي ته به ضرور اتان لنگهڻو هون. ”مارٽن“ جو گهوڙو به سندس لاءِ آندو هئائون، سو انهيءَ تي چڙهي، گاڏيءَ کان به اڳي ”گرينج“ ڏي هليو. +وچينءَ جي مهل هئي، جو هي سڀ ”آلٽن“ ۾ پهتا هئا. جڏهن ”مارٽن“ گهوڙو ڊوڙائي ”گرينج“ تي آيو، تڏهن اڃا ڏين��ن جي روشنائي هئي، رات نه پئي هئي. مسٽر ”ڊگلس“ جي غير موجودگيءَ ۾ اتي وارن کي گهڻو نهايت انتظار رهندو هو ۽ ڪوڙ رهندو هو، ۽ ڪوڙا سوڙا افواهه به اڳيئي اتي بيٺا هئا، تنهن ڪري انهن کي پاڻ زياده انتظار هو، ان ڪري جڏهن سڙڪ تان گهوڙي جي ٽاپڙ- ٽاپڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اهو اچي گهر جي ويجهو بيهي رهيو. تڏهن ”ڪرسٽي“ مٿي اگهاڙو ئي گهر مان ڊوڙي ٻاهر نڪري آيو. هن ڀانيو ته بابو آيو آهي. جڏهن ”مارٽن“ تي نظر پئيس، تڏهن ڊوڙي انهيءَ وٽ آيو. هن جي خوف جهڙي صورت ڏسي، ”مارٽن“ حيران ٿي ويو. +”مارٽن“ گهوڙي تان اڳي ئي لهي بيٺو هو، ۽ انهيءَ خيال ۾ هو ته هن سان ڪيئن ڳالهه چوريان. ڀلا ڪيئن سڄي ڳالهه جو اشارو هن کي ڏئي؟ ماٺ ۾ ”ڪرسٽي“ جو هٿ لوڏيندي، هن کي اکين ۾ ڳوڙها نڪري آيا. ”ڪرسٽي“ کي هڪدم بڇڙو شڪ دل ۾ گذريو. ڏک ۽ انتظار مان پڇيائينس- ”رالف...؟“ +”مارٽن“ چيو ته ”پيارا ڪرسٽي، تنهنجو پيءُ پاڻيهي توکي انهيءَ بابت خبر چار ڏيندو.“ +هن وري پڇيس ته ”رالف ساڻس آهي يا نه؟“ +”مارٽن“، جواب ڏيڻ جي بدران اوڇنگارون ڏيئي اچي روئڻ ۾ پيو، ۽ رڳو ڪنڌ لوڏي نهڪر جو جواب ڏنائين. +بس، انهيءَ مان ”ڪرسٽي“ سڀ ڪجهه سمجهي ورتو... هو دانهن ڪري، آٿڙجي، ڪري پيو. مارٽن کڻي ڀاڪر ۾ جهليس. +هن جي دانهن تي ”مسز ڊگلس“ به نڪري در تي آئي. هن ”مارٽن کي ڏٺو ته ڪرسٽيءَ کي جهليو ويٺو آهي، ڪرسٽي بيهوش ٿي پيو آهي. هڪدم سهي ڪيائين ته ڇا حال آهي. پر ”ڪرسٽي“، جي حالت نازڪ هئي. انهيءَ جو ترت بندوبست ڪرڻ ضروري هو. هڪڙو لحظو در جي پيلپائي تي ٽيڪ ڏيئي بيهي، پوءِ خدا کان صبر ۽ تحمل جي دعا گهري، ”مارٽن“ کي مدد ڏيئي ٻار کي اندر وٺي آئي. سگهوئي گاڏي جو آواز به آيو، ۽ مسٽر ”ڊگلس“ گهڙي آيو هو. هوءَ انهيءَ مهل ”ڪرسٽيءَ“ جي مٿان نوڙيو بيٺي هئي، ۽ هن لوندڙين کي ”ڪلون واٽر پئي لاتائين. مڙس کي ڏسي، سنئين ٿي، آهستي چوڻ لڳي ته ”ايوان، خدا شل اسان کي مدد ڪري! ائين چئي، زار زار روئي، مڙس جي ڀاڪر ۾ کڻي پاڻ کي اڇلايائين. +ڪهڙو واقعو ماٺ ۽ چپ ۾ انهيءَ دم ٿي گذريو، ۽ ڪيترو وقت انهيءَ موت جهڙي ماتم ۾ گذريو. تنهن جي بيان مان پڙهندڙن کي نهايت غم ۽ الم ٿيندو- تنهن ڪري بهر آهي ته اسين انهيءَ تي کڻي پردو وجهون. + + +باب ايڪٽيهون +”ڪرسٽيءَ“ جو عجيب خيال +مسز ”ڊگلس“ جي لاءِ باقي بچيل پٽ جي ڳڻتي ۽ سنڀال، ان جي بچڻ جي اُميد ۽ ان جي روز روز سچائيءَ جو خوف، انهيءَ وقت هڪڙو فائدي جهڙو سبب ٿي آهي؛ ڇا لاءِ جو انهيءَ وقت ”رالف“ جو خيال هن جي دل تان لهندو ويو. ”ڪرسٽي“ بيمار هو، ۽ ڪو به علاج ڪارگر نٿي ٿيو. اصل ننڍي هوندي کان هو ضعيف ۽ نازڪ طبيعت هو. پڻس جي ساڻس گهڻي محبت هوندي هئي، جو هو ذهين ۽ سمجهه وارو ۽ پڙهڻ جو شوقين هوندو هو، ان ڪري هن کي تمام گهڻي محنت ڪرائي تعليم ڏيندو هو. انهيءَ محنت ۽ تڪليف ڪري به هن جي تندرستيءَ کي شڪست پهتي هئي. وري ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيو هوس، تنهن جي اثر کان به هو اڃا بلڪل ڇٽي چڱو ڀلو نه ٿيو هو. ٿورن ڏينهن کان وري ڀاءُ جي نسبت ۾ انتظار ۽ ڏک ڪڍڻا پيس، تن هيڪاري ويچاري کي ماري وڌو هو. ”رالف“ وچ ۾ اچي، ملاقات ڪري دڙ دلاسو ڏيئي. ويو هوس، تنهن به رڳو ٿورو خوش ۽ بهتر ڪيو هوس، ويتر هاڻ جو ا اوچتو ”گلينلن“ جي گم ٿيڻ ۽ ”رالف“ جي انهيءَ کي ڀڄائي وڃڻ ۽ پڻس جو ”ڪير گلاس“ بندر ڏي وڃڻ جون ڳالهيون هن جي دل تي ويهڻ لڳيون. تنهن ڪري تمام زبون ٿي ويو هو. پر هو اِها اميد رکندو آيو ته ”رالف“ ايندو ۽ وري سڀ خوش ٿي گذاريندا. هاڻ جو اوچتو اها اُميد برباد ٿي ويئي، تنهن هن کي سخت لوڏو ڏيئي ڇڏيو ۽ آڻي قبر جي ڪنڌيءَ تي ڪيس. +”ڪرسٽي“ جي لاءِ ”رالف“ کان سواءِ حياتيءَ موت کان بڇڙي هئي، جو نه هن جي سنگت هيس، نه خوشي ۽ نه اُميد. ننڍي هوندي کان ”رالف“ هن جي لاءِ وڏو ڏڍ، آسرو۽ وڏو فخر هوندو هو. هو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪين وڙهيا يا رٺا. ”رالف“ سندس ڀاءُ به هو، دوست به هو، ۽ سنڀاليندڙ به هو. هن جي جس- شابس سندس لاءِ وڏيءَ خوشيءَ جو سبب هئي. ڇينڀ يا ڪاوڙ هن ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي، ”رالف“ جو ڏک يا رنج هو ڏسي نٿي سگهيو. انهيءَ جي بدران پاڻ ڏک سور سهڻ زياده پسند ڪندو هو. مطلب ته ”ڪرسٽيءَ“ جي لاءِ ”رالف“ کانسواءِ حياتي موت جي برابر هئي... ۽ اهو ”رالف“ هاڻ مري ويو! هينئر ڀلا هو هن دنيا ۾ ڪيئن گذاري سگهندو؟ گهڻائي مٿا هنيائين، پر انهن خيالن هن کي آرام ڪرڻ نه ڏنو. انهن کي وسارڻ يا پاسي ڪرڻ جي طاقت نه هيس. انهن نپوڙي چپي ڇڏيس. رات جو يا ڏينهن جو اهي خيال هن جي دل مان نٿي ويا. کاڌو ۽ ننڊ حرام ٿي آيس. کلڻ ڳالهائڻ اصل جا ڇڏي، ائين ماٺ ڪيو پيو هوندو هو. نه ڪيڏي ايندو هو، نه ويندو هو. باغ جي سڀ ڪنهن وڻ ۽ ڍنڍ جي سڀ ڪنهن لهر هن کي ”رالف“ جي يادگيري ٿي ڏياري. گهر ۾ ڪهڙي شيءِ نه هئي، جنهن هن کي ”رالف“ ياد نٿي ڏياريو؟ هن جي نظر ۾ ڪابه جاء، ڪابه ڪوٺي، ”رالف“ کان خالي نه هئي- جتي ڪٿي هو سندس لاءِ حاضر هو. هن جي راڳن جو اڃا ڪن تي پڙلاءَ پئي پيس. هن جي کل جو آواز ڄڻ ته اڃا ٻڌڻ ۾ پئي آيس.... ۽ اهو ”رالف“ هاڻ مري ويو! +مائٽن هن کي خوش رکڻ ۽ هن جي دل وندرائڻ لاءِ گهڻا ئي مٿا هنيا. ڪتابن پڙهڻ لاءِ چيائونس، پر هن جو ڌيان انهن تي نٿي لڳو- اکر ڄڻ ته پئي چريا، پاڻ ۾ وچڙيا. ڳالهه يا قصي جو سلسلو ئي سندس ذهن مان نڪريو پئي ويو- سليس عبارت ئي سمجهه ۾ نه پئي آيس. ٻيو وري اکين ۾ هميشه پاڻي موجود هوس، جنهن ڪري پڙهڻ يا چٽو ڏسڻ جن کي مشڪل هو. سڀني گهر جي ڀاتين کي هن جو حال ڏسي خوف پئي ٿيو. سڀ کان وڏي خرابي تڏهن هئي، جڏهن ”ڪرسٽي“ رات جو سمهندو هو: هن کي ننڊ اصل ڪين ايندي هئي، جي ڪو جهٽڪو ايندو هوس، ته ڇرڪ ڀري يا دانهن ڪري اٿندو هو. ماڻس کي لاچار ٿيندو هو ته رات جو مٿانئس ويهي جاڳي. انهيءَ طرح هن ويچاريءَ جو به سک ڦٽي پيو. رڳو جڏهن ”ڪرسٽي“ کي ڪا گهڙي آرام ايندو هو، تڏهن هوءَ به آرام ڪندي هئي. پڻس جي محبت به ماڻس کان گهٽ نه هئي سو به اڪثر وٽس ويهندو هو، ۽ سندس سنڀال ڪندو هو. هن جو روز بروز ابتر حال ڏسي، هو ٻئي سفا سمجهندا هئا ته هيءُ ڇوڪر گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندو. +بيماريءَ کان ڏهاڪو ڏينهن پوءِ، هڪڙي رات، ماڻس ڀاڪر پايو ستي پئي هئي: ”ڪرسٽي“ کي ننڊ نه هئي؛ ماءُ کي چوڻ لڳو ته ”امان“ آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ اوهان وٽ رڳو مهمان آهيان؛ الائجي ڪڏهن اکيون پوريان... جيجل اما؛ تون خدا جي خواهش تي راضي رهندينءَ نه!“ +ماڻس جواب ڪونه ڏنو. ڇڪي ڀاڪر پائي ڇاتيءَ سان لاتائينس ۽ ٻُر ٻرندا ڳوڙها اکين مان وهائي هن جي ڳل تي وڌائين. ”ڪرسٽي“ وري چوڻ لڳو ته ”اما، مون کي خبر نٿي پوي ته جن کي خدا تي پڪو ويساهه آهي، سي مئن جي لاءِ ڇو ٿا افسوس ۽ ارمان ڪن! جيجل، توکي خبر آهي ته جيئن خدا منهنجي پياري ڀاءُ ”رالف“ کي پاڻ وٽ گهرايو آهي“ تيئن مون کي به گهرائيندو- اسين ٻئي اتي پاڻ ۾ گڏباسي. امان، امان، نه رو، ارمان نه ڪر، هاڻي آءٌ ”رالف“ جي لاءِ به اوترو ارمان نٿو ڪريان... آءٌ ته پاڻ هاڻ زياده خوش آهيان، تڏهن تون ڇو ٿي ڏک ڪرين؟“ +”مسز ڊگلس“ روئي چيو ته ”بابا، تنهنجي جدائ�� مون کي ماري وجهندي... تنهنجي وڇوڙي جو مون کي ڏک ٿو ٿئي!“ +هن چيو ته ”امان، توکي سڀ سور صبر ڪري سهڻ گهرجي. من ويچاري بابي جي خاطر ائين ڪرين! هن کي تو کان سواءِ ٻيو ڪو به حال ڀائي ڪونه ٿيندو. تون ئي هڪڙي هن کي دلاسي ۽ تسلي ڏيڻ واري ٿيندينءَ. پياري امان منهنجي لاءِ بلڪل ڏک متان ڪرين! مون کي خبر آهي ته آءٌ مران ٿو، انهيءَ ڪري آءٌ پاڻ خوش آهيان ..... پر، امان هڪڙيءَ ڳالهه جو خيال منهنجيءَ دل تي اچي چڙهيو آهي سو لهي نٿو...“ +ماڻس پڇيو ته ”ابا“ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ”ڪرسٽي“ چيو ته ”امان، انهيءَ ڏينهن مون هڪڙي ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته جي ماڻهو مرڻ کي ويجهو ٿين ٿا، سي ٻين کان زياده چٽو ۽ صاف ڏسي سگهن ٿا، بلڪه ڪي آئيندي جون ڳالهيون به اڳواٽ ڏسي ۽ ٻڌائي سگهن ٿا.... سو، امان، جيتوڻيڪ مون کي پڪ آهي ته ”رالف“ مري ويو آهي ۽ آءٌ پاڻ به شايد ڪن ٿورن ڏينهن کان پوءِ مري ويندس ته به ڪنهن طرح سان منهنجي دل ٿي چوي ته آءٌ ”رالف کي هن ساڳيءَ جاءِ ۾ مرڻ کان اڳ جيئرو ڏسندس!“ +”مسز ڊگلس“ پيار ڏيئي چيس ته ”او ڪرسٽي اهڙيون ڳالهيون نه ڪر؟ تنهنجي دل ٺڪاڻي ناهي..... اهي ڳالهيون ڪري، تون منهنجا سور زياده ٿو ڪرين. ڪرسٽي، تو کي خبر ڪانهي ڇا، ته پيارو رالف خوفناڪ سمنڊ جي تري ۾ پيو آهي!“ +”ڪرسٽي“ وري به آرام سان چوڻ لڳو ته ”امان“ رالف جي لاش ڪانه لڌي آهي، جنهن ڪري خاطري ٿئي- ۽ هر گهڙيءَ پنهنجن خوابن خيالن ۾ جيئرو ٿو ڏسانس، نه مئل.... آءٌ ضعيف جي ڪري وڏي سڏ ڳالهائي نٿو سگهان، ڪن ويجهو ڪر ته ٻڌين! هن کان پوءِ آءٌ ماٺ ڪري سمهڻ ٿو گهران.“ +ماڻس ڪنڌ هيٺ ڪري هن جي وات وٽ جهليو، ۽ هڪڙي ٻانهن کڻي ڳچيءَ ۾ وڌائينس. اتي ”ڪرسٽي“ رڳو هيترو ڀڻڪيو ته ته ”امان، تون اسان ٻنهي کي وڃائي نه ويهندينءَ، هڪڙو مڙئي تو وٽ هوندو...“ +هيءُ ٻڌي، هوءَ ويچاري ڏڪي ويئي؛ ڀانيائين ته هي وڦلي ٿو، ۽ سندس وقت اچي پورو ٿيو آهي؛ يا خبر ناهي ته سچي ڳالهه آهي، جا هن کي انهيءَ وقت ڏسڻ ۾ ٿي اچي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هن جي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، هٿ هٿ ۾ وٺي سندس ڀر ۾ ويهي رهي. +باب ٻٽيهون +ريل – راڪ جو روشنائيءَ وارو منارو +هاڻ ”رالف“ جي ڪهڙي خبر؟ +جيڪي ”ڪرسٽيءَ“ خواب ۾ يا خيال ۾ ڏٺو، سو برابر سچو هو- هو مئو ڪين هو، جيئرو هو، جنهن وقت انهيءَ قهر جي لهر ٻيڙيءَ کي سٽي اڇلائي وڌو هو ۽ ڀڳل جهاز جا پرزا پرزا اڏائي ڇڏيا هئا. تنهن وقت ”رالف“ ٻين جي لهڻ کان پوءِ پاڻ به ٽپ ڏيئي ٻيڙيءَ ۾ لهڻ لاءِ تيار هو، ته اوچتو معلوم ٿيس ته ٻيڙي ايترو پري اڇلجي ويئي آهي، جو آءٌ منجهس پئي نه سگهندس. پر ساهه سڀ کي پيارو آهي- انهيءَ کي بچائڻ لاءِ، رالف، خدا کي ياد ڪري پاڻ کي پاڻي ۾ وڌو ۽ ٽٻي هڻڻ لڳو. ائين ڪرڻ جو سبب اهو هو، ته هن ڏٺو ته ڀڳل جهاز جا ڪاٺ به لهر جي زور کان هيٺان نڪرن ٿا ۽ ٻيو انهن ڪاٺن سان لڳڻ ڪري منهنجو هڏ گڏ ڀڄي پوندو، آءٌ ضرور مرندس. تنهن کان هيئن چڱو. پاڻ تارو ۽ ٽوٻر بلا هو. جيترو وقت پاڻي ۾ هيٺ رهي سگهيو، ايترو رهيو، پوءِ پرڀرو نڪري پاڻيءَ جي مٿان آيو. انهيءَ وچ ۾ انهيءَ موتمار لهر جو زور ڇنڊ جي ويو هو، مگر اڃا به لوڏا ۽ شوشٽ ۽ گجيءَ جو گهمسان گهڻوئي هو. هن کي ڪيترا ڌڪا ڌوڻا آيا اٿم، ۽ ڪٿان جو ڪٿان اچي نڪتو آهيان؛ پر جڏهن بس ٿي ٿي، تڏهن نڪو ڀڳل جهاز ڏٺائين، نڪو ٽڪر ڏٺائين، نڪو ڪنارو ۽ نه ڪا اها ٻيڙي... لهرين جي هندوري ۾ پئي لڏيو، ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي، پڪ هيس ته نيٺ تارن وارو موت مرندس. +جي ڪناري جي نزديڪ هجي ها، يا سمنڊ سانتيڪو هجي ها ته هو ج��ڪر ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو تري ها، پر ههڙي طوفان ۽ سمنڊ جي شور ۾ هن جي وڌيڪ رهڻ جو ڪهڙو امڪان هو؟ ههڙيءَ لاچاريءَ جي حالت ۾ هن وري خدا کي مدد لاءِ سڏيو، ۽ وري به خدا هن جو سڏ ٻڌو. ٻيءَ لهر جي چوٽيءَ تي چڙهي اڃا مٿي ٿيو، ته هن اونداهيءَ ۾ هڪڙي ڪاري ڊگهي ڳري شيءِ پنهنجي ويجهو ڏٺي، ڀانيائين ته ڀڳل جهاز جو کوهو يا ڪو ٻيو ڳرو ڊگهو ڪاٺ آهي. مٿا مونا هڻي، تري، انهيءَ تائين ويو، ٻئي ٻانهون انهيءَ ۾ وجهي جهلي انهيءَ تي چڙهي ويٺو. انهيءَ طرح پنهنجو ڀر جهلو ڪيائين. دل ۾ ڄاتائين ته جي صبح تائين اتي رهي سگهيس، ته پوءِ ضرور ڪونه ڪو مون کي ڏسندو ۽ اچي هتان ڪڍندو.... پر اڃا صبح پري پيو هو. هي ساڻو ۽ نستو ٿي پيو، جيئن پوءِ تيئن ويو ضعيف ٿيندو. انهيءَ صورت ۾، موت جي لاءِ تيار ٿيڻ لڳو. +ريل- راڪ وارو روشنائيءَ جو گهر اتان پري ڪين هو، اتي ماڻهن جي بچائڻ لاءِ هڪڙو بتيلو رهندو هو. اتي فقط ٽي ماڻهو رهندا هئا. انهن ”سي ميڊ“ جهاز کي طوفان ۾ ڀڄندو ڏٺو هو؛ بلڪ جڏهن واءُ جو گوگهٽ بس ٿي ٿيو، تڏهن ٻڏندڙ ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون به پئي ٻڌائون. هنن کي قياس آيو. انهن ٽن مان ٻه ڄڻا هڪڙي کي اتي جي سنڀال لاءِ ڇڏي بتيلي ۾ چڙهي، انهيءَ پاسي اٿي هليا. جڏهن ڀڳل جهاز کي ويجها آيا، ۽ ڏٺائون ته ڪناري وري ٻيڙي ماڻهن کي بچائڻ ۽ ڪڍڻ لاءِ اڳيئي اچي بيٺي آهي.، تڏهن پنهنجو اتي وڃڻ ضرور نه ڄاڻي پنهنجي جان بچائڻ جي به ڳڻتي ڪري، هو پٺتي موٽيا ڳن ڏيندا پئي آيا ته انهيءَ ڪري ڪاٺ تي نظر پين جو کانئن پري نه هو. انهيءَ مان هڪڙي سمجهيو ته ڪو ماڻهو انهيءَ کي چهٽيو پيو آهي. هو حيلا حوالا ڪري وڃي انهيءَ کي پهتا ، ۽ ”رالف“ کي کڻي ورتائون، جو اڌ مئو ۽ بيهوش ۽ ساڻو ٿي پيو هو. هو ڏاڍا خوش ٿيا، جو ڄاتائون ته سندن پورهيو ڪنهن طرح ساب ته پيو. هن جا ڪارا وار منهن تي پيا هئا، منهن ڦڪو مئل ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ ڪپڙا ڀڄي ڳرائي کان هيٺ پاڻي ۾ پئي لڙڪيا، پر هن جو بت اڃا ڪوسو هو، ۽ ظاهر هو ته جيتوڻيڪ سرديءَ ۽ ٿڪ جي ڪري بيهوش آهي ۽ مرڻ کي ويجهو آهي، ته به اڃا مئو ڪين آهي. +وقت تمام تنگ ۽ نازڪ هو، هڪڙي گهڙي به ضايع ڪرڻ جي نه هئي. هنن مان هڪڙي وٽ برانڊي هئي، تنهن مان هنن ٿوري هن جي وات ۾ وڌي ۽ پوءِ پنهنجن ڪپڙن ۽ کٿن ۾ هن کي ويڙهي، ڳنن تي زور رکيائيون ته هلي جلد پهچن. +انهن ٻن ڄڻن مان هڪڙي جي زال به انهيءَ روشنائيءَ جي گهر ۾ هئي ۽ اڳي ئي اڳ ڳڻتي ڪري ضرور تيار ڪري ڇڏي هئائين. ته مڙس ماڻهو ويا آهن، متان ڪي ماڻهو بچائي کڻي اچن: ڪي چادرون ۽ اوني ڪپڙا گرم ڪري رکيا هئائين. ائين ڪندي بتيلو به آيو، ۽ هڪڙو اڌ مئو ڇوڪرو به آڻي لاهي رکيائون. اهڙو نستو هو، جو وات پٽي نٿي سگهيو ۽ نڪي ڪجهه پي ٿي سگهيو. في الحال ته کڻي هنڌ ۾ وڌائونس. جڏهن خوب گرم ٿيو، تڏهن اکيون پٽيائين، ڳلن ۾ رنگ آيس، ۽ سندس بت ۾ وري رت چرڻ پرڻ لڳو. پهرين هيڏي هوڏي نهاري، پنهنجي آسپاس ڀلامانس ڏسي وري اکيون پوري پئجي رهيو. +زال چيس ته ”بابا“ هاڻ چڱو آهين، رڳو آرام ۽ ننڊ گهرجيئي.“ سگهوئي هن کي ننڊ کڻ ويئي. وري جاڳيو تڏهن ٻئي ڏينهن جون سانجهيون ٿيون. ويچاري گهڻي وقت کان ننڊ نه ڪئي هئي. جڏهن هو جاڳيو تڏهن جاءِ ۾ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه هو. هو اٿيو ۽ جاءِ جي ٿلهيءَ مضبوط دري مان ٻاهر نهارڻ لڳو. واءُ اڃا به زور سان پئي لڳو، مگر سمنڊ ۾ ايترو شور نه هو- جيتوڻيڪ لُهرن جو اڃا به ٺڪاءُ پئي ٿيو. ذري ذري، پري کان، گجيءَ جي وچ ۾ هڪڙي نه ٻئي ٽڪر جي چوٽيءَ پئي ڏٺي، ٻئي پاسي تمام پري ڪنارو پئي ڏٺو، روشنائ��ءَ جي گهر جي آسپاس لهرين جي گجڪاري تمام گهڻي هئي. مناري جي پاڙي ۾ ڦهڪو ۽ ٺهڪو ۽ گوڙ پئي پيو، ۽ گجيءَ جو وسڪارو ۽ شوشٽ پئي ٿيو. +هو ماٺ ڪيو بيٺو هو، ته هڪڙو مٺو دعا جو گيت هن جي ڪن تي پيو- اهو هن ڪن ڏيئي بيٺي ٻڌو. اڃا اهو بس ٿيو، ته در به کليو ۽ هڪڙي زال اندر گهڙي آئي. ان کان ”رالف“ پڇيو ته ”مائي، آءٌ ڪٿي آهيان؟“ +هن ورندي ڏني ته ”بابا، تون ريل- راڪ جي روشنائي واري گهر ۾ آهين. تون هڪڙي معجزي سان بچي پيو آهين؛ انهيءَ جي لاءِ توکي خدا جو شڪرانو ڪرڻ گهرجي. پر تون خلاصي ڇوڪر ته نٿو ڏسجين؟“ +”رالف“ چيو ته ”سمنڊ تي چڙهئي مون کي هڪ ٻه ڏينهن مس ٿيندو.“ +زال هن کي چتائي ڏسي چيو ته ”شروع ۾ ئي تڪليف ڏسڻي پيئي! ڀانئي ٿو ته گهران رسي ڀڳو آهين... ائين نه؟“ جڏهن ”رالف“ جواب ڪونه ڏنو، تڏهن وري چوڻ لڳي ته ”بابا، ائين ڪرڻ گناهه آهي، ۽ گناهه جي پٺيان هميشه تڪيلفون سهڻيون پونديون آهن. پر هينئر طعنن هڻڻ ۽ فهمائش ڪرڻ جو وقت ناهي، هل هل ماني کاءُ، انهيءَ مان توکي فائدو ٿيندو. تون اڃا به موڙهل ۽ ٿڪل ٿو ڏسجين.“ +انهيءَ حيرت جهڙي گهر ۾ ”رالف“ کي ڏهه ڏينهن رهڻا پيا آهن ڏهه ئي ڏينهن طوفان اهڙو سخت پئي لڳو جو بتيلي تي چڙهي ڪير گلاس تائين اچڻ مشڪل هو. اتي جي رهڻ وارا خدا پرست ۽ نيڪ ماڻهو هئا، انهن کي ”رالف“ ڪتابن پڙهي ٻڌائڻ سان، راڳن ڳائڻ سان ۽ ٻئي ڪم ڪار ڪرڻ سان خوش رکندو آيو. هن جي طبعي ۽ چالاڪي ۽ تيز فهمي ڏسي، هو ماڻهو هن کي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. مگر... هن کي هڪڙي ”گلينلن“ جي ڳڻتي هئي ته الائجي ڪيئن ٿيو، ۽ ٻيو وري پنهنجي گهرن وارن جو الڪو هو. هن کي اها خبر نه هئي ته انهيءَ وقت ”ڪرسٽي“ مرڻهارڪو آهي، ۽ سندس ماءُ پيءُ ڏاڍي ماتم ۾ ويٺا آهن! هر روز ويچارو بيوس پڇندو هو ’اڄ مون کي ڪناري تائين پهچائي سگهندؤ“ ۽ هر روز هو ساڳيو ئي جواب ”هوا سخت آهي ۽ سمنڊ ۾ شور آهي، تنهن ڪري نڪرڻ خوفائتو آهي.“ پر هنن پڪو دلاسو ڏنس ته هوا ماٺي ٿي ته توکي هڪدم بندر تي پهچائينداسون- انهيءَ دلاسي تي هو خوش پيو گذاريندو هو. ڏهاڙي مناري جي چوٽيءَ تي چڙهي، سمنڊ جو نظارو ۽ ڪناري جو ملڪ ۽ پنهنجي ڳوٺ جو طرف پيو ڏسندو هو. +جڏهن هن کي انهيءَ طرح هفتو کن گذريو ۽ واءُ به جهڪو ٿيو، تڏهن هنن مناري جي ويجهو ڪناري وارن کي خبر چار ڏيڻ جي هڪڙي تجويز ڳولي ڪڍي: هيئن ڪيائون جو جڏهن وير چڙهڻ لڳي، تڏهن هڪڙيءَ ٻاٽلي ۾ هيٺئين مضمون جو ڪاغذ لکي، بند ڪري ٻوچ مضبوط طرح قابو ڪري اڇلائي وڌائون ته جيئن وير ۾ رڙهي وڃي ڪناري تي نڪري. ڪاغذ تي ”رالف“ پنهنجي هٿ سان هيئن لکيو: ”هڪڙو ڇوڪرو ”سي ميڊ“ جهاز مان بچائي ڪڍيو ويو آهي، ۽ ريل - راڪ واري روشنائي گهر ۾ آهي، جي ڪا حياتي بچائڻ جهڙي ٻيڙي ٻاهر نڪري، ته مهرباني ڪري انهيءَ ڇوڪر کي ڪناري تائين پهچائي، مهرباني ڪري هيءُ پرزو بندر جي عملدارن کي پهچائي ڏجو.“ +ٻاٽلي اڇلايائون ته لهرن ۾ نچندي ٽپندي هلي ويئي. انهيءَ رات اها وڇي ڪناري سان لڳي ۽ پڳي. ٻئي ڏينهن صبح جو هڪڙي مڇيءَ مارڻ واري ڇوڪري اها باٽلي لڌي ۽ ڪاغذ کڻي بندر جي عملدار کي وڃي ڏنائين. انهيءَ عملدار کي خبر هئي ته ”سي ميڊ“ جي ڀڄڻ ۾ ”لارڊ ڊانرل“ ڏاڍو انتظار ڪڍيو هو، ۽ مدد ڏني هئائين، تنهن اهو ڪاغذ ٽپال جي رستي انهيءَ ڏي ڏياري موڪليو جڏهن اهو اتي پهتو، تڏهن اتي ”گلينلن“ حاضر هو. ”ارل“ خوشيءَ ۽ عجب ۾ جا خدا جا شڪر گذاري ڪئي، سا هن ٻڌي. ڪاغذ پڙهي، خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو- بلڪه اڌ چريو ٿي پيو. هڪدم ”گرينج“ ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين. رستي ۾ ”مارٽن“ کي سڏي، اها خوشخبري هن کي ٻڌايائين. اهو به ساڻس گڏيو، ۽ تمام تکا گرينيج ڏي ويا. +مسٽر ”ڊگلس“ جو ”رالف“ جي نسبت ۾ اُميد آسرو لاهيو ويٺو هو. تنهن جو اوچتو پنهنجي دعا اگهاڻل ڏٺي ۽ پٽ جي صحيح سلامت بچڻ جي خبر ٻڌائين سو ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم زال کي خبر ڏنائين، جا ٻڌڻ سان گوڏا کوڙي خدا جو شڪرانو ڪرڻ ۽ ان کان آئيندي جي رحم جو سوال ڪرڻ لڳي. هوءَ ”ڪرسٽيءَ“ جي هنڌ وٽ آئي.... پر هو اهڙو ضعيف هو، جو هن جي حياتيء ڄڻ ته ڪچيءَ تند ۾ پئي لڙڪي، تنهن ڪري هن کي اها خوشيءَ جي خبر ٻڌائڻ مناسب نه سمجهائين، پر، تجويز سان ٿورو ٿورو ڪري دڙ دلاسو ڏيئي مٺيون ٻوليون ڳالهائي، انهيءَ ڳالهه جي کڻڪ هن جي ڪن تي وڌائين. انهيءَ هوندي به انهيءَ خوشخبريءَ هن جي دل کي اهڙو صدمو پهچايو، جو زياده بيمار ۽ بيهوش ڏسڻ ۾ آيو ، ۽ ڊپ هو ته اجهو ٿو دم ڏئي. +”مارٽن، جنهن کي ”رالف“ ۽ ”ڪرسٽيءَ“ جو ڏاڍو ڏک ۽ ارمان رهندو هو، تنهن پنهنجي پيءُ کي اها صلاح ڏني ته هڪدم ”ڪير گلاس“ ۾ هلجي، ۽ ”رالف“ کي وٺي اچجي. ”سرهينري“ خيال ڪري، بهتر ائين سمجهيو ته رڳو مارٽن اوڏي وڃي: ان موجب هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سنڀري اوڏي روانو ٿيو. +انهيءَ ڏينهن شام جو دير سان پهتو، تنهن ڪري رات گذاري ٻئي ڏينهن پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو ته روشنائيءَ جي گهر تائين ڪيئن وڃجي... پر انهيءَ ڏينهن دير ٿي ويئي هئي. انهيءَ جي اڳئين ڏينهن پهريون ئي دفعو، ”ريل، راڪ“ وارا وجهه ڏسي، ”رالف“ کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي ”ڪير گلاس“ ۾ وٺي آيا هئا. ”رالف“ هنن جو ڏاڍو شڪر گذار ٿيو، ۽ چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن وقت خدا مون کي طاقت ڏني ته آءٌ اوهان کي چڱو انعام ڏيندس. هن وقت نه وڃايو، پر هڪدم آگ گاڏي تي چڙهي آلٽن“ ڏي روانو ٿيو. ”مارٽن“ هڪڙيءَ گاڏي ۾ آيو، ته هو انهيءَ ساڳئي ڏينهن ۽ وقت ٻي گاڏيءَ ۾ ويو، ٻئي گاڏيون اڌ تي گڏيون ۽ لنگهيون هونديون. +جڏهن ”مارٽن“ کي اها ڳالهه معلوم ٿي، تڏهن هو هڪدم پٺتي موٽيو. اها اميد هيس ته هاڻي ”رالف“ جي آوارگي اچي پوري ٿي؛ ۽ هو ضرور وڃي پهتو هوندو. +”رالف“، ”آلٽن“ اسٽيشن تي رات جو بيوقوف پهتو. شهر جي مسافر خاني ۾ هڪڙي ڪوٺي هٿ ڪري، سمهي پيو، اهو خيال به ڪونه ڪيائين ته ڪنهن سڃاتو يا نه؛ پر ٻئي ڏينهن گهر پهچڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، تنهن جا خيال اچي دل تي چڙهيس، تن سمهڻ نه ڏنس. سڄي رات پاسا پئي اٿلايائين، ۽ بي آرام پئي رهيو. + + +باب ٽيٽهون +موڪلاڻي +”رالف“ صبح جو هوٽل ۾ ناشتو ڪيو؛ ۽ ماني کائيندي ڏٺائين ته هوٽل جا نوڪر توڙي ٻيا ايندا ويندا ماڻهو منجهن چتايو پيا ڏسن. انهيءَ جو به هن کي ڪو خيال ڪونه ٿيو، پر جڏهين هيٺين گفتگو اتي هلندي ڪن تي پيس، تڏهن البت ڇرڪ پيس. +هڪڙي ماڻهوءَ هوٽل جي مالڪ کان پڇيو ته ”اهو ڇوڪر رالف ڊگلس ته نه آهي!“ هن جواب ڏنو ته ”ڏسجي ته انهيءَ جهڙو ٿو- مون هن کي هڪڙي ڪرڪيٽ جي مئچ تي ڏٺو هو- پر اهو نه هوندو، ڇا لاءِ جو هو جهاز ڇڄڻ ڪري سمنڊ ۾ ٻڏي مئو.“ +هن وري پڇيو ته ”هو گهران ڪين ڀڄي نڪتو هو؟“ +هن جواب ڏنو ته ”هائو؛ ۽ هن جا مائٽ هن جي لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. پر رالف ڊگلس همت وارو ۽ ڳاڙهي رنگ جو هو، ۽ هي البت ضعيف ۽ ڦڪي رنگ جو آهي.“ +وري هن پڇيو ته ”هن کي ننڍو ڀاءُ به هڪڙو آهي نه؟“ +هوٽل جي مالڪ ورندي ڏني ته هوندس، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته هو مري ويو. مون ٿورا ڏينهن اڳي ٻڌو هو ته سخت بيمار آهي ، ۽ ڊاڪٽرن ان جي جيئڻ جي اُميد لاهي ڇڏي آهي. منهنجن ماڻهن مان هڪڙي، انهيءَ وقت ڌاري، ديول جو گهنڊ به ’الرلبرو‘ ۾ وڄندي ٻڌو هو، ۽ هن کي شڪ پيو ته اهو ننڍي ڊگلس ڇوڪر جي لاءِ آهي، جو اهو سخت بيمار هو.“ +”رالف“ وڌيڪ نه ٻڌي سگهيو. انهيءَ گفتگو جو هر هڪ لفظ هن کي ڀالو يا خنجر ٿي لڳو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ ميز تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. منهن جو رنگ اهڙو اڇو ٿي پيس، جهڙو ميز تي پيل ڪپڙي جو. پر، ٻين ماڻهن جون پاڻ ۾ اکيون ڏسي پاڻ سنڀاليائين، اٿي هوٽل جي مالڪ وٽ آيو، ۽ چيائينس ته ”خرچ جو بل گرينج واري مسٽر ڊگلس جي نالي موڪلج“... ۽ پاڻ هڪدم گهر ڏي روانو ٿيو. +جيڪا خبر ٻڏي هئائين، تنهن جي ڪري هن جا حواس اهڙا گم ٿي ويا هئا جو هن ڄڻ ته خواب ۾ پئي پنڌ ڪيو. سڄي واٽ آٿڙندو پئي ٿهليو. مينهن جي به ڦڙ پڙ پئي پيئي، ۽ هوا به اڃا سخت پئي لڳي- ڄڻ ته آسمان ۽ هوا جي حالت به بلڪل ”رالف“ جي دل ۽ روح جي حالت سان موافق هئي. +رستي ۾ رڳو هڪڙو ٻڍو ماڻهو مليس، جو مزور هو، ۽ جنهن پهچڻ ويٺي ڀڳا. هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڪم ڪيو، ته ”رالف“ ويجهو وڃي پڇيس ته ”تون ارلبرو جو ويٺل آهين؟“ +ٻڍي ورندي ڏني ته ”هائو.“ +وري پڇيائين ته ”مسٽر ڊگلس جي ڪٽنب جي ڪا خبر چار اٿئي؟“ +هن چيو ته ”هائو، آهي: هڪڙو پٽ ڀڄي ويس، ۽ ٻيو...“ ائين چيائين به ۽ پهڻن ڀڃڻ جي ڪم ۾ لڳو رهيو—مٿو به مٿي نه ڪيائين. +”رالف“ ڏاڍي انتظار مان پڇيس ته ”- ۽ بيو؟“ +هن چيو ته ”ٻيو اجهو هاڻي تازو مري ويو آهي- اهڙي خبر مون ٻڌي.“ ائين چئي وري به پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿيو. +”رالف“، اندر جو سور سهي به اڳتي هليو. شهر جي ٻاهران قبرستان وٽ ترسيو. قبرن تي نظر ڪيائين. هڪڙي نئين قبر ڏٺائين، اڄا ننڍي هئي، ۽ مٽي به مٿس تازي پيل هئي. پڪ ٿيس ته اها سندس ننڍڙي ڀاءُ جي قبر آهي. +ڪلاڪ ٻن کانپوءِ ”مارٽن آلربي“ به ساڳيو رستو ڏيئي اچي لنگهيو. هو ”ڪير گلاس“ مان هڪدم آگ گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو هو. ”آلٽن“ جي اسٽيشن تي هڪڙي ڪڙميءَ جي ننڍي گهوڙي گاڏي ملي ويس، تنهن تي چڙهي گهر آيو. هو ڏاڍو خوش ۽ سرهو ٿي ڏٺو. اُميد هيس ته جڏهن ”رالف“ جي گهر وڃي سندس سلامتيءَ جي خبر ڏيندس، تڏهن ”ڪرسٽيءَ جي بيماري ئي لهي ويندي. هن واءَ ۽ مينهن ڏي نه ڏٺو: چڱيءَ طرح ويڙهجي سيڙهجي هڪڙو ڪڙمي پاڻ سان ڪري اُتي نڪتو. رستي ۾ سيٽيون وڄائيندو ۽ ڳائيندو هليو. ’ارلسيرو’ جي قبرستان وٽان لنگهندي، هن ڪڙميءَ کي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته مزور ”برائون“ جو ننڍڙو ڇوڪر هيستائين دفن ڪري ڇڏيو هوندائون.“ +ڪڙميءَ چيو ته ”هائو سائين، اها هن جي قبر آهي.“ +”مارٽن“ اوڏي نهاريو... اُها قبر ته ڏٺائين، پر انهيءَ جي ڀرسان ٻيو ڪير اتي پيل ڏسڻ ۾ پئي آيو؟ هن ڪڙميءَ کي چيو ته ”هاڻ تون پنهنجي گاڏي وٺي وڃ؛ مون کي لاهي ڇڏ، آءٌ پاڻيهي گهمندو گهر ويندس.“ هن ائين ڪيو ۽ ”مارٽن“ قبرستان ۾ انهيءَ قبر وٽ آيو. اُتي مينهن ۾ قبر جي پاسي ۾ ”رالف ڊگلس“ کي پيل ڏٺائين. هن کي ”مارٽن“ جي اچڻ جو سماءُ ئي ڪونه پيو. +حيرت ۾، هن جي ٻانهن کان وٺي، ”مارٽن“ چيو ته ”رالف...!“ +”رالف“ ڇرڪ ڀري هن ڏي نهاريو ۽ ”مارٽن“ جو هٿ جهلي چوڻ لڳو ته ”او مارٽن!.... خدا جي واسطي مون کي ساري ڳالهه ٻڌاءِ!“ +”رالف“ چيو ته ”ڪرسٽي.... ڪرسٽي جي مرڻ بابت. مارٽن مون کي پنهنجي ڏوهه جي اهڙي ڳري سزا ملي آهي، جا آءٌ سهي نه سگهندس!“ +”مارٽن“ حيرت ۾ پئي پڇيو ته ”رالف، ٻيو ته خير آهي... ڪنهن توکي چيو ته ڪرسٽي مري ويو آهي!“ +”رالف“ ننڍڙيءَ قبر ڏانهن آڱر کڻي؛ هن کي اُها ڏيکاري. +”مارٽن“ چيو ته اِها ڪرسٽيءَ جي قبر ناهي، پر مزور برائون جي پٽ جي قبر آهي، جو ڪ��لهه مري ويو آهي.“ +”رالف“ چيو ته هڪڙي ماڻهوءَ مون سان خبر ڪئي ته ڪرسٽي مري ويو آهي.“ +”مارٽن چيو ته ”ڪئي هوندا ئين، جو ڳوٺ جي آسپاس اهڙو ڪوڙو افواهه اٿيو هوندو. انهيءَ جو سبب هيءَُ آهي ته ڪرسٽي سخت بيمار هو. منجهس بچڻ جي اُميد ڪانه هئي، ڊاڪٽر به آسرو لاهي ويا هئا؛ پر ڪالهه تائين به جيئرو هو، ۽ مون کي يقين آهي ته هو اڃا تائين به شايد جيئرو آهي. رالف، بهتر آهي ته هڪدم گهر هلين؛ خدا گهريو هوندو ته هن کي هلي بچائي ساهه وجهي سگهين، نه ته به هن کي مرڻ کان اڳي ته ملي سگهندين!“ +”رالف“ هٻڪي هٻڪي چيو ته ”مارٽن، مون سان گڏجي هل...“ +هن چيو ته ”خوشيءَ سان اوهان جي در تائين هلندس. پر رالف تون مٽيءَ سان ڪهڙو نه ڀريل آهين- سڄو ڀنو پيو آهين! اسان جو باغ ”گرينج“ کان ويجهو آهي، اُتي هلي تون ڪپڙا بدلائي منهنجا ڍڪ، حجاب نه ڪر- آءٌ توکي پنهنجي جاءِ ۾ وٺي هلندس، ڪو به ڪونه ڏسندءِ.“ +”رالف“ ماٺ ڪري، ”مارٽن“ سان گڏجي اُٿي هليو. سگهوئي ٻئي ”مارٽن جي گهر آيا. ”رالف“ جيتري ۾ ڪپڙا بدلايا، تيتري ۾ ”مارٽن“ ڊوڙي وڃي پيءُ کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ پر صلاح ڏنائينس ته في الحال ’رالف‘ کي نه ڏسي. تنهن کانپوءِ هو ٻئي گڏجي ”گرينج“ ڏي ويا. جيئن ويجهو پوندا ويا. ”رالف“ ڊپ ۽ فڪر کان ڏڪندو ۽ ”مارٽن“ کي ٽيڪ ڏيندو ويو. ”مارٽن“ هن سان در تائين آيو آيو؛ پوءِ دلاسو دلبري ڏيئي، هن کي اندر روانو ڪري، پاڻ پٺتي موٽيو. موٽڻ کان اڳي اُتي پڇا ڳاڇا ڪيائين، ۽ معلوم ٿيس ته ”ڪرسٽي“ اڃا جيئرو آهي. +”مارٽن“ جي ڇڏڻ کانپوءِ ”رالف“ پهرين البت ترسيو ۽ ڳڻتي ڪرڻ لڳو. ڀلا ڪيئن دل جهلي اندر هلي؟ ويهه ڀيرا در کڙڪائڻ لاءِ هٿ کنيائين، پر همت نه ٿيس. پوءِ اُتي ٿوري دير تائين بيهي پسار ڪيائين. ڪلاڪ کن انهيءَ فڪر ۾ گذري ويس. وڻ جي ڇانوري هئڻ ڪري ڏٺس ڪنهن ڪين نيٺ هو دل جهلي وري در وٽ آيو ۽ در کڙڪايائين. نوڪر، جو در پٽڻ آيو، سو هن کي ڏسي دهلجي ويو. پر ”رالف“ هن کان لنگهي، سڌو پيءَ جي پڙهڻ واري جاءِ ۾ ويو. مسٽر ڊگلس اڪيلو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو- مٿو هٿ تي رکيو ۽ اکيون باهه ۾ وجهيو ويٺو هو. منهن مٿي ڪري خوشيءَ ۽ حيرت جي دانهن ڪيائين. انهيءَ دم پيءَ پٽ هڪٻئي کي ڀاڪر وجهي چنبڙي ويا. ”رالف“ پيءُ جي ڪلهي تي مٿو رکي زار زار روئڻ لڳو، ۽ سڏڪا ڀري چوڻ لڳو ته ”بابا، مون کي معاف ڪريو...“ +پڻس وري کيس چوڻ لڳو ته ”رالف، تون مون کي معاف ڪر! پيارا پٽ، مون کي رڳو هاڻ ٿوري وقت کان خبر پيئي ته تون مون کي ڪيترو پيارو آهين ۽ مون توکي ڪيترو اهنج ايذاءَ رسايو. خدا توکي موٽي اتي مون سان ملايو آهي. مون کي هينئر تنهنجو ۽ خدا جي مهربانيءَ جو قدر پيو آهي... اڳتي سڀ ڳالهه ڦري ٻيءَ ڪري ٿيندي.“ +”رالف“ پيءَ جي واتان اهڙا نرميءَ ۽ محبت جا لفظ اڳي ڪڏهن نه ٻڌا هئا. هيستائين ٻنهي غلط ڪم ڪيا هئا، ٻنهي جو قصور هو، ۽ ٻنهي سخت سزا ڀوڳي هئي ۽ پئي ڀوڳيائون، ۽ اڃا ڀوڳڻي هين، پر شايد انهيءَ ڏک مان فائدو ٿيڻو هو. (مگر، جي اهي غلطيون نه ٿين ها ته اهو گهر ڪهڙو نه سکيو ۽ صلح سانت وارو هجي ها، ۽ ڪيترو نه ڏک ۽ درد انهيءَ مان دفع ٿي وڃي ها! +مسٽر ”ڊگلس“ ڳوڙها ڳاڙهيندي پٽ کي چيو ته ”رالف، تون موٽي آيو آهين، پر ماتم ۽ ڏک جي گهر ۾ آيو آهين: موت اڳي ئي اچي اسان جي گهر ۾ پير وڌو آهي.... اسان جو پيارو ننڍڙو پٽڙو ڪرسٽي قريب المرگ آهي... اڄ صبح جو ڊاڪٽر ميسن ٿي چيو ته اُٿڻ ڪونهي!“ +”رالف“ تڪڙو ٿي چيو ته ”بابا، مون کي ڇڏيو ته آءٌ ادي کي ۽ امان کي ڏسان!“ +پڻس چيو ته ”رالف، تڏهن تون هتي ترس: آءٌ تنهنجي ماءُ کي تو ڏي ٿو موڪليان، پوءِ جي مناسب نظر آيو ۽ حرڪت ڪانه هوندي ته ڪرسٽيءَ کي به وڃي ڏسجئين.“ +مسٽر ”ڊگلس“ ويو، ۽ جهٽ ۾ ”مسز ڊگلس“ ڊڪندي سهڪندي، آٿرندي اچي نڪتي. اچڻ سان، ٻانهون کولي، ”رالف“ کي وڪوڙي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين. هنجون هاريندي، چمين پٺيان چميون ڏنائينس – ڳچ وقت لنگهيو- جيسين ڪ منجانئن ڪنهن ڳالهائڻ جي ڪئي. نيٺ ماڻس ”بائبل“ جي اها آيت پڙهڻ لڳي ته ”هي منهنجو پٽ مئو هو، ۽ اهو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو؛ ۽ وري لڌو آهي.“ +ٿوري دير کان پوءِ وري چوڻ لڳي ته رالف، مون کي خبر آهي ته توکي ڪرسٽيءَ جي ڏسڻ جو ڏاڍو انتظار هوندو. توکي خبر آهي ته...“ +”رالف“ تڪڙو ٿي چيو ته امان، مون کي سڀ خبر آهي-“ +ماڻس چيو ته ”تڏهن آءٌ وڃي هن کي تيار ٿي ڪريان. رالف، خدا کان دعا گهر ته تنهنجي ملڻ جي خوشي هن کي ماري نه وجهي! هو تمام ضعيف ۽ بي حال آهي؛ من هو ٿورو سجاڳ ٿئي ۽ هشناڪي وٺي، ٻي اُميد ته ڪانهي...“ +اڌ ڪلاڪ گذري ويو، اهو اڌ ڪلاڪ ”رالف“ جي لاءِ وڏو زمانو ٿي گذريو. هو بخار کي ٽيڪ ڏيو انتظار ۾ بيٺو هو، ته پڻس موٽي آيو، ۽ چيائينس ته ”رالف“ هاڻ وڃ، وڃي ڏسينس. هن کي خبر پيئي آهي ته تون آيو آهين. انهيءَ خبر هن کي گهڻو ئي لوڏو ڏنو ، پر هاڻ البت آرام ۾ آهي. رالف هن جي حياتي رڳو ڪچيءَ تند ۾ لٽڪيل آهي: تنهنجيءَ ملاقات کان آءٌ ڊڄان پيو... تمام نرميءَ سان ڳالهائجئين!“ +”رالف“، آهستي آهستي پٻن تي هلي، ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويو ۽ پنهنجيءَ جاءِ جي در وٽ ويو، جتي اڃا ”ڪرسٽيءَ کي نه چوريو هئائون. ساهه گهٽي، آهستگيءَ سان در کي هٿ هنيائين. ماڻس ڀڻڪي ۾ اچي چيو ته ”هلي آءُ“ هو آرام سان در پٽي اندر ويو ۽ وڃي بيهي رهيو جاءِ ۾ بلڪل ماٺ لڳي پيئي هئي. رڳو بخار ۾ باهه جي ٻرڻ جو ٿورو آواز پئي آيو. اونداهي هئي؛ ڇو جو جيڪا هڪڙي بتي رکيل هئي، تنهن کي به هيٺ ڪري ۽ مٿان ڪاغذ سان ڍڪي ڇڏي هئائون. اُتي هنڌ تي وهاڻن جي وچ ۾ ”ڪرسٽي- پيو هو. اکيون انتظار مان در ۾ هيس. ضعيف آواز سان چيائين ته ”رالف!“ ۽ ڏاڍي زور سان روئڻ کي روڪيائين. رالف ڊوڙي هنڌ وٽ اچي گوڏا ڀڃي، هن کي ڀاڪر وڌو ۽ منهن منهن سان ۽ ڇاتي ڇاتي سان لاتائين - اهڙيءَ طرح؛ جو هن جي دل هن جي دل تي پئي ڌڪ - ڌڪ ڪئي، ۽ هن جا ڳوڙها هن جي ڳلن تي پئي پيا. +”رالف“ هميشه وانگي هن کي دلاسا دڙا ڏيڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو- تان جو ٿوري وقت کانپوءِ ”ڪرسٽي“ ٿڪجي ليٽي پيو، ۽ ننڊ کڻي ويس. وري جڏهن اک پٽيائين، تڏهن ”رالف“ کي به ڏٺائين ته اڃا کيس ڀاڪر ۾ جهليو ويٺو آهي ۽ پڻس ۽ ماڻس به هنڌ وٽ منجهس اکيون وجهيو ويٺا آهن، تڏهن، مرڪي آهستي چوڻ لڳو ته ”پيارا رالف، آءٌ خدا جو گهڻو شڪرانو ٿو ڪريان ته تون موٽي آيو آهين. هنيئر اسين سڀ گڏ آهيون- بابو به، امان به ۽ تون به. منهنجي دل هينئر گهڻوئي چوي ته توهان سان گڏ هتي رهان...!“ +”رالف“ ڏک مان چيو ته ”ڪرسٽي، ڀلي هتي رهه، شل سدائين رهين – منهنجي خاطر من رهين!“ +هن ڀڻڪي چيو ته ”او رالف، تمام دير سان آيو آهين! پاڻ سجي عمر گڏ رهيا آهيون، هينئر پاڻ کي جدا ٿيڻ گهرجي. خوابن ۾ مون پئي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي ته مون کي هوڏي سڏين ٿا....“ +”رالف“ ڏاڍي ڏک مان سڏڪا ڀري چيو ته ”ڪرسٽي، اهو منهنجو قصور آهي... مون تو کي ماريو آهي!“ +ڪرسٽيءَ چيو ته ”نه نه نه.... ائين نه چؤ، اهڙو خيال نه ڪر. توکي خبر هوندي ته ننڍي هوندي کان منهنجي نالي چوندا هئا ته هي وڌي مڙس نه ٿيندو. آءٌ اصل ضعيف هوس. آءٌ بلڪل خوش مران ٿو، ڪو به مون کي رنج ڪونهي. آءٌ وڃان ٿو... بابو هاڻ توکي گهڻو پيار ڪندو، ۽ تون به بابي کي پيار ڪندين. ڏس نه، رالف، ڏکن ۽ غمن ۾ بابي جا وار ئي اڇا ٿي ويا آهن!... تون مون کي وسارين متان! ڪڏهن ڪڏهن ياد پيو ڪجئين... رالف، نيٺ هڪڙي ڏينهن وري به پاڻ سڀ ملنداسين....“ +پويان لفظ هن تمام آهستي، هٻڪي، ۽ اکر اکر ڪري ڳالهايا، جو سور هوس ۽ اهي ڳالهائيندي، هو ”رالف“ جي ڪلهن تي ڍرڪي پيو.... هڪڙو وڏو ساهه کنيائين ۽ دم ڏنائين. انهيءَ طرح، ڪرسٽي ڊگلس جا پساهه پورا ٿيا ۽ هو پنهنجي ڀاءُ جي ڀاڪر ۾ مري ويو. رات گذري جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن روئڻ پٽڻ کان پوءِ هن جو پيءُ ۽ ماءُ ۽ ڀاءُ- هڪ هڪ ٿي، پنهنجي منهن هن کي ڏسڻ آيا. هو موت جي ننڊ ۾ ماٺ ڪيو پيو هو. برف يا سنگ مرمر جهڙو اڇو به هو، ۽ ٿڌو به هو، پر تڏهن به خوبصورتي ۽ معصومي سندس منهن مان پئي بکي. ماڻس، سندس پاسي ۾ بيهي، گهڻي تائين واويلا ڪري زارو زار رنو، هو ڏاڍو پيارو ڇوڪر هو. ماءُ پيءُ مٿس قربان هئا، پر ڌارين مان به جو هن کي ڏسندو هو سو پيار ڪندو هوس. ڪڏهن هن کي نه ڇينڀيو هئائون، نڪا ڇڙٻ ڏني هئائون. اهڙي پياري پٽ جي ننڍيءَ عمر ۾ مرڻ جو ماءُ کي ڪو ٿورو داغ هوندو! ويچاري ”مسز ڊگلس“- ويچاري ڏکن ڏڌي، موت ماري ماءُ! ڇو نه اهڙي لاڏلي معصوم ڪوڏن جهڙي پٽ لاءِ روئي رڙي ۽ زاريون ڪري؟ وري نه هن جو ڪو سو هٿ پنهنجي هٿ ۾ و‏ٺي سگهندي نه وري هن جي گلابي گرم ڳل تي چمي ڏيئي سگهندي! افسوس، هزار افسوس، ويچاريءَ غمزديءَ ماءُ جي حال تي! جي ڳوڙها ڳاڙهي دل جي باهه نه اجهائي، ته جيڪر الائجي سندس حال ڪهڙو ٿئي؟ نيٺ روئي روئي اٿي ۽ مئل پٽ جي پيشانيءَ ۽ اکين ۽ چپن تي چميون ڏيئي، اکيون اگهي، هلي ويئي. +مسٽر ”ڊگلس“ جو حال انهيءَ کان وڌ هو، گهٽ نه هو. جيڪا گهڙي پٽ جي پاسي ۾ اڪيلي گذاري، سا ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. جهڙي هن پيءُ جي انهيءَ پٽ سان محبت هئي، اهڙي ڪنهن ماءُ جي به نه هوندي. هن جون لکين اميدون، هزارين آسون انهيءَ پٽ ۾ هيون. انهيءَ پٽ جي جدائي ۾ جيڪي عذاب سٺائين، سي اگرچ سندس لاءِ هڪڙي قسم جي سزا هئي ته به انهن ڪري سندس باقي حياتي آسائش ۽ آرام ۾ گذرڻي هئي. انهيءَ ڪري هن چڱو سبق سکيو ۽ پنهنجي عادتي سختي ۽ خوشي ۽ ڪمهري سڀ ڇڏي ڏنائين. وڏي پٽ سان جيڪا هلت ڪئي هئائين، تنهن جي لاءِ ته گهڻو پشيمان ٿيو هو، پر جنهن ننڍي پٽ جي محبت هن کي وڏو پٽ وساري ڇڏيو هو، سو به هتان ويس. اهو ساڳيون اکيون پوريو، سندس اڳيان پيو هو. گهڻوئي ارمان ڪيائين پر ويو وري نه موٽندو. آخر اٿيو... ڏاڍي ڏک ۽ محبت سان وڏي چمي ڏنائين، ۽ پوءِ اندر جي ڏک گهٽائڻ لاءِ ويهي گوڏا کوڙي دعا گهريائين، ۽ پنهنجي لاءِ پوين جي لاءِ ۽ ”ڪرسٽي“ جي روح لاءِ رحم جو سوال ڪيائين، پوءِ هليو ويو. +جڏهن ”رالف“ جو وارو آيو، تڏهن هن روئندي اکين سان ڀاءُ جي لاش اچي ڏٺي. اتي انهيءَ جا چپ پوريل هئا، پر تڏهن به ڄڻ ته هن انهن مان هن جو ڳالهائڻ پئي ٻڌو، ۽ انهن مان عمر تائين ياد ڪرڻ جهڙا سبق پئي ياد ڪيائين: اهي هي هئا، ته ”گهر ۾ يا مائٽن وٽ ڪهڙي به تڪليف هجي. ته به انهيءَ ڪري پنهنجا فرض ڦٽا ڪري هليو وڃڻ نه گهرجي، نه ڪنجهجهي، نه ڪرڪجي، پر زياده خوشيءَ سان ۽ زياده شوق سان اهي بجا آڻڻ گهرجن، پر جي اهي فرض وساري ڇڏيا، يا جي انهن جي ڪرڻ ۾ سستي يا غفلت ڪبي ته ٻيڻيون تڪليفون ۽ ٻيڻا عذاب سهڻا پوندا؛ انهن ڳالهين تي خيال ڪري، ۽ ڀاءُ جي لاش تي روئي روئي نيٺ رالف جي دل کي آرام آيو. هاڻي هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ +باب چوٽيهون +پڇاڙي +”ڪرسٽي“ جي مرڻ کان پوءِ ڇهه مهينا گذري ويا ۽ انهيءَ جي ڏک ۾ سندس مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ جيڪي گهاو يا زخم ٿيا هئا، سي به ڇٽي ويا... وري ٻي آرڙهه جي موسم آئي.... انهيءَ ۾، هڪڙي ڏينهن شام جو، ساڳيا ٽي يار ”مارٽن آلربي“ ”رالف ڊگلس“ ۽ ”لارڊ گلينلن“، ساڳئي پوشاڪ ۾ ۽ ساڳئي پاهڻ جي ڇپ تي ويٺا هئا. اڳي وانگر هاڻ به ”آلٽن“ ۾ ڪرڪيٽ جي مئچ تان موٽيا هئا. هن ڀيري ٽنهي ڄڻن اهڙي چڱي راند ڪئي هئي، جو آسانيءَ سان فتحياب ٿيا هئا. رڳو هڪڙو ورهيه گذريو هو، انهيءَ ۾ هو گهڻو بدلجي نه ويا هئا- فقط ٿورو زياده وڌيا هئا، ڊگها ٿيا هئا، مرداني صورت ٿي هين، مگر اڃا به ڇوڪر هئا- پر منهن ۾ زياده سرها هئا، ۽ دل ۾ زياده خوش هئا. ته به آزمودگار ماڻهوءَ کي معلوم ٿي سگهي ها ته، انهن ٽن مان ٻن جي منهن ۾ گذريل سال جي اندر ڏٺل ڏکن جو اثر اڃا به موجود هو. مزي جهڙي هير ۽ جهنگلي گلن جي خوشبوءِ سج لٿي جي نماءَ، انهن کي آڻي اتي وهاريو هو. پهڻ تي ويٺا هئا، ۽ پير گاهه ۽ گلن ۾ رکيا هئن. +”مارٽن“ چوڻ لڳو ته ”هيءَ اها ساڳئي جاءِ آهي، جتي پرسال هنن ڏينهن ۾ پاڻ ٽيئي ويٺا هئاسين.“ +انهيءَ ننڍڙي جملي، ٽنهي جي دلين ۾ ڪيترا نه خيال آڻي ڪڍيا ۽ ياد ڏياريا! انهيءَ گذرئي سال اندر سڀني هڪجهڙا ۽ هڪ جيترا حادثا ڏٺا هئا ڇا؟ ”مارٽن“ ته نه ڏٺا هئا، نه ته جيڪر اهڙيءَ هلڪيءَ دل سان اهڙو جملو نه ڳالهائي ها. پر اهو ڳالهائي، پوءِ ستت ئي پڇتايائين. ٿوري وقت تائين ٽيئي خيال ۾ محو ٿي ويا ۽ ڪي به ڪين ڳالهايائون. ”مارٽن“، پنهنجن ٻن سنگتين جي دردمنديءَ ۽ انهيءَ جي لاءِ ساڻن همدردي ڪري، سو گذرئي سال ۾ ڏک ڏٺو هو، مگر انهيءَ کانسواءِ هن جي حالت ۾ ٻي ڦير گهير ڪانه ٿي هئي. گهر ۾ جيڪا ڏاهپ ۽ محبت جهڙي تعليم هن کي ملي هئي، سا هن جي لاءِ بي بها نعمت ۽ برڪت ۽ سعادت ثابت ٿي هئي. هو انهن صالح ۽ سڀاڳن ڇوڪرن مان هو، جن کي فرض ادا ڪرڻ مان خوشي حاصل ٿيندي آهي، ۽ جي مصيبتن ڏسڻ سواءِ ئي معلوم ڪندا آهن ته ڀلائي برائيءَ کان چڱي آهي. هن جو اندر ٻاهر هڪجهڙو هو. هن جي دل هن جي اکين مان پيئي ڏسبي هئي. هو صاف دل ۽ هر دلعزيز هو- جهڙو اسڪول ۾ تهڙو ٻاهر. +پر، ”لارڊ گلينلن“ ٻيءَ طرح جو ماڻهو هو. هو خوش طبع ذهين ۽ چالاڪ هو، ۽ ننڍي هوندي کان وٺي خوشامد ۽ نرميءَ جي وچ ۾ گذاريو هئائين، تنهن ڪري ڇوڪراڻو حرص زور هوس ۽ سگهوئي نفساني خيالن پٺيان هليو ويندو هو. نيٺ اهڙو خود پسند خود غرض ٿيو، جو پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٻئي جي ڪابه پرواهه نه رکندو هو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو اڪثر نادانيءَ ۾ گناهه جهڙا ڪم ڪندو هو، ۽ انهن جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندو هو ۽ هميشه بدناميءَ جي ڊپ ۾ رهندو هو. دوستن توڙي ڌارين ۾- هن تي ٽوڪون ۽ کلون پيئون هلنديون هيون، ۽ شڪايتون ٿيندوين هيون. نيٺ اهي به هلي بس ٿي ويئون ۽ اهو داغ هن جي حياتيءَ جي دفتر تي رهجي ويو. ليڪن، انهيءَ مان هڪڙو فائدو ٿيو جو نيٺ ٻين جي فائدي ۽ خوشيءَ جو خيال زياده رهيس ۽ زياده رحمدل۽ قياس وارو ۽ نماڻو ٿيو. +انهيءَ طرح هو انهن مصيبتن مان چڱو سبق پرائي، سڌري، بهتر ماڻهو ٿي پيو، ۽ سڀ ماڻهو هن کي زياده آبرو ۽ زياده محبت ڏيڻ لڳا. +باقي ”رالف“ تنهن لاءِ به شي بدلجي ويئي هئي هن جو گهر بدلجي سک ۽ آرام ڀريو ٿي پيو. هن جي پيءُ جي ساڻس گهڻي محبت ٿي، ۽ مٿس زياده ويساهه ۽ سرور ٿيو؛ هو پاڻ به هر طرح پيءُ کي راضي رکڻ لڳو. جيڪي ڏک پڻس ويچاري ڏٺا هئا ۽ جن هڪ رات جي اندر هن جا ڪارا وار اڇا ڪري ڇڏيا هئا، تن جي ڪنهن قدر گهٽائڻ ۽ انهن جي عيوض خوشي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هو گهڻو خيال رکڻ لڳو. هن کي معلوم ٿي رهيو هو ته گناهن جي معافي ٻي شي آهي، ۽ انهن جي نتيجن کان ڇٽڻ ٻي شي آهي. ڪڏهن ڪڏهن خاطري ٿيندي هئس ته خاص سندس چوڪ جي ڪري کيس ڏاڍي سخت ۽ خوفناڪ سزا ملي آهي، جو ساهه کان پياي ڀاءُ جي سنگت کان هميشه لاءِ نراس رهيو: انهيءَ مان هيءَُ به فائدو ٿيس ته انهيءَ ڳالهه کي ياد ڪري آئيندي جي هلت سڌارڻ لڳو، ۽ محنت ۽ پاڪائيءَ چڱائي سان پنهنجي حياتي گذارڻ لڳو. +.... اجهي اهي خيال هئا، جي انهن ٽنهي سنگتين کي انهيءَ هنڌ ويٺي دل ۾ ٿي گذريا. اوچتو ”رالف“ جي نظر پيءُ تي پئي، جو سندس گڏجڻ لاءِ پنڌ ڪندو ٿي آيو. هو هڪدم اٿيو ۽ پنهنجن ٻن سنگتين کان موڪلائڻ لڳو. +ٿورن ڏينهن ۾ هن کي، پيءُ جي مرضيءَ موجب، وري اڳوڻي اسڪول ۾ موٽي وڃڻو هو. ”مارٽن“ کي به انهيءَ کان پوئڀرو وري ”ايٽن ڏي وڃڻو هو. جتي هن چڱي محنت ڪري نالو ڪڍيو هو، ۽ ورهيه کن اندر هڪڙي وڏي اسڪالر شپ کٽڻ جي اميد هيس. ”گلينلن“ ته ستت ئي هڪڙي چڱي استاد سان يورپ جي گشت تي نڪرڻو هو، جو استاد سندس پيءَ ساڻس گڏ رهڻ لاءِ هٿ ڪيو هو، ۽ جنهن کي هو گهڻو پسند ڪندو هو ۽ تعظيم ڏيندو هو. +هنن ٽنهي سنگتين هڪٻئي سان انجام ڪيو ته خط پٽ لکندا رهندا. پوءِ هڪٻئي کان موڪلايائون. ”رالف“ وڌي وڃي پيءُ کي گڏيو. ”مارٽن“ ۽ ”گلينلن“ ڏٺو ته مسٽر ”ڊگلس“، ”رالف“، کي ڏسي کليو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو؛ ۽ ٻڌائون به ته هن پٽ کان پڇيو ته ”مئچ جو ڪهڙو نتيجو ٿيو؟“ تنهن کانپوءِ چيائينس ته ”رالف، مون کي پنهنجي ٻانهن ڏي ته آءٌ ٽيڪ ڏيئي هلان؛ ڇا لاءِ جو اڳي جيڪو منهنجو حال هو، تنهن کان هينئر آءٌ پاڻ کي وڌيڪ ٻڍو ۽ ضعيف ٿو ڀانيان.“ ”رالف“ پيءُ کي ٻانهن ڏني ۽ پوءِ هو گڏجي ”گرينج“ ڏي هليا. ”مارٽن“ ۽ ”گلينلن“، هنن کي ٻنين مان لنگهي انهيءَ پاس ويندو ڏٺو. سگهوئي سج به لٿو ۽ هڪڙو سڄو سارو ورهيه به انهيءَ طرح پورو ٿي ويو. +خدا تعاليٰ هنن کي نيڪ ۽ بد ڳالهيون پوريءَ طرح ڏيکاريون، ۽ انهن جي وسيلي هن کي هدايت ڪيائين، ڇا لاءِ جو حياتيءَ جون ڳالهيون خدا جا ڄڻ ته دستخط آهن، جي ڀت تي لکيل آهن، جن مان اسين سندس مرضي معلوم ڪري سگهون ٿا ته چڱين شين جي پٺيان هلون، ۽ بڇڙاين کان پاسو ڪريون. سڀاڳو ۽ نيڪ بخت آهي، اهو شخص جو فرصت ۽ وجهه هٿان نه وڃائي، ترت سبق سکي ٿو. هو سڀاڳو ۽ نيڪ بخت انهيءَ ڪري آهي، جو ڪوڙيءَ دنيا جي ڪوڙي روشنائيءَ هن کي ٺڳي نٿي ۽ گمراهه نٿي ڪري ۽ انهيءَ اونداهيءَ کان پري سڄي دنيا جي ٽڪرن جي چوٽين جو نور هو اکين سان ڏسي ٿو، ۽ انهيءَ مان هن جي دل کي هميشه جي حياتي ۽ خوشيءَ جي اُميد حاصل ٿئي ٿي. \ No newline at end of file