diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book27.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book27.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book27.txt" @@ -0,0 +1,475 @@ +ڪتاب جو نالو: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون + + + +سنڌ جون لوڪ آکاڻيون +ڪنڪيڊ +ڇپائيندڙ پاران +ڪنهن به سماج جو اصلوڪو چهرو سندس لوڪ داستانن ۽ عوامي ڪٿائن منجهان ئي درست ۽ تـُز نموني پـَسي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو اُنهن قصن ۽ ڪهاڻين ۾ رڳو واقعا ۽ حقيقتون ئي بيان ٿيل نه هونديون آهن، پر گڏوگڏ عام ماڻهن جا خواب، جذبا، احساس، آسون، جـُڙيل/ٽاڪيل هونديون آهن. شايد انهيءَ ڪري ئي لوڪ آکاڻيون عام ماڻهن جي خوابن ۽ حقيقتن جو هڪ وڻندڙ سنجوڳ بڻجي، کين اُتساهڻ سان گڏ تفريح جو موقعو پڻ فراهم ڪنديون آهن،. +سنڌ ۾ لوڪ آکاڻين بابت پسنديدگي ۽ موهه اڄ نه، پر هزارين سالن جو پسمنظر رکي ٿو. سنڌ جي آڳاٽي دور جا چارڻ، ڀـَٽ ۽ ڀان قديم عرصي کان سڀني سنڌ واسين جي دل ۾ ديرو انهيءَ ڪري ڄمايو ويٺا آهن، جو انهن امر داستانن کي سيني ۾ سانڍي لوڪ تائين پهچايو ....... ۽ اهڙيءَ طرح تاريخي امانتون عام تائين پهچائيندي، خود به تاريخ بڻجي ويا. سندن انهيءَ پورهيي کي عظمتن جو ويس پهرائيندي ڀٽائي سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ لوڪ داستانن کي جيڪا امرتا بخشي تنهن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي. موجوده دور جي سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لوڪ ورثي ۽ ثقافت سان قربت جي ڪري سنڌ جي ڪـُنڊ ڪڙڇ ۾ ڏند ڪٿائي ڪردار بڻجي چڪو آهي. لوڪ آکاڻين جي حوالي سان سندس ڪيل عرق ريزيءَ جي بدلي ۾ سنڌ واسين ڊاڪٽر صاحب کي جيئري ئي احترام ۽ عزت جا بيشمار گل آڇيا آهن. +هيءُ جناب سي . اَي ڪنڪيڊ جو اوهان آڏو خانم خديجه دائودپوٽو جي معرفت پهچندڙ پورهيو پڻ انهيءَ ساڳئي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي، جيڪا سالن کان سنڌ ۾ مقبوليت ۽ مڃتا ماڻيندي رهي آهي. ڪتاب جي ليکڪ انگريزيءَ ۾ سنڌ جون لوڪ آکاڻيون لکي نه رڳو سنڌ سان پنهنجي وابستگيءَ جو حق ادا ڪيو آهي، پر گڏوگڏ منفرد انداز ۾ سنڌ جي ورثي کي سنڌ واسين سان آشنا پڻ ڪرايو آهي. سندس محنت کي صاف، سادي ۽ سلوڻي سنڌيءَ جو روپ ڏيندي لائق مترجم درحقيقت ڌرتيءَ جو قرض چڪائڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. +هن ڪتاب ۾ ڇپيل اڪثر داستان نيم تاريخي هجڻ ڪري عام ۽ خاص جي زبان تي آهن، پر ”سيف الملوڪ“ جهڙي هڪ اڌ غير مقامي آکاڻي به ڪا گهڻي اوپري ڪانهي. اهي مڙئي آکاڻيون سنڌ جا ڪئين نسل پڙهي جوان ٿيا آهن. انهيءَ ڪري مان سمجهان ٿو ته هن ڪتاب جي سِٽ سِٽ آئنده جي نسلن لاءِ به ڪشش جو ڪارڻ بڻي رهندي. +”سنڌ جون لوڪ آکاڻيون“ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هڪ مقبول ۽ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو اڳ به هزارن جي تعداد ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو پڙهندڙن جي چاهه کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ ۾ آندو پيو وڃي. اُميد ته انهيءَ جو ساڳي سرگرميءَ سان آڌر ڀاءُ ٿيندو. +6_مارچ 2004ع انعام شيخ +سيڪريٽري +سنڌي ادبي بورڊ +ڄامشورو +مصنف جي باري ۾ احوال +سندس ڪتاب “Forty Four Years-A Public Servant” تان ورتل. +سِي . اَي. ڪنڪيڊ، بنيادي طرح آئرلينڊ جي مشهور ڪنڪيڊ گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، پر انڊيا سان به سندس رشتو نئون نه آهي. سندس پڙ ڏاڏو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ آرمي آفيسر هو. جڏهن ته سندس پيءُ به مدراس آرميءَ ۾ آفيسر ٿي ڀرتي ٿيو ۽ 1849ع ۾ انگلنڊ کان انڊيا آيو. +ڪجهه وقت لاءِ آئرش ماٿريءَ ۾ ڪئپٽن جي عهدي تي فائز رهيو ۽ وري ٻيهر انڊيا ۾، بائونڊري آفيسر جي حيثيت سان آيو ۽ 1887ع ۾ انڊيا ۾ ئي هڪ اعليٰ اعهدي تان رٽائر ٿيو ۽ پنهنجي رٽائرمينٽ وقت ڀوپال ۾ ئي مقيم هو. +اهڙيءَ طرح سندس ماءُ جو ڪٽنب به هندستان سان وابسته هو. سندس ماءُ جي چاچي جنرل اليگزنڊر ۽ سندس ٽن ڌين کي بلوي دوران اتي قتل ڪيو ويو، سندس ڌين جا لاش نانا صاحب جي فسادين ڪانپور جي هڪ کوهه ۾ اڇلايا هئا. +سِي . اَي. ڪنڪيڊ پاڻ به هندستان ۾ ڄائو ۽ پهريان ٽي سال اتي ئي نپنو، ان کان پوءِ ڇهه سال ڏاڏيءَ سان Dublin ۾ رهيو، ڇهه مهينا پنهنجن مائٽن سان اٽليءَ ۾ هو. ٻن سالن لاءِ پئرس جي هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو، پنج سال انگلنڊ ۾ رهيو، ٻه سال Crammer ۾، ۽ ٻه سال آڪسفورڊ ۾. +آڪسفورڊ ۾ پڙهائيءَ دوران هن مرهٽي پڻ سکي. 1889ع ۾، انڊين سول سروس ۾ پروبيشنر جي حيثيت سان داخل ٿيو، 1891ع ۾ هندستان آيو. بمبئيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ کيس سنڌ ڪمشنر ڪيمپ لاءِ ڪراچي موڪليو ويو. +هت کيس لوئر ڊپارٽمينٽل اسٽينڊرڊ جو امتحان پڻ پاس ڪرڻو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پڻ شامل هو. ٻه ڀيرا هِي سنڌيءَ جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو، پر ٽيون ڀيرو مانَ شانَ سان ڪامياب ٿيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ ئي کيس، ان وقت جي سکر ڪليڪٽوريٽ ۾ ميهڙ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي خودمختيار پوسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس سب ڊويزن مئجسٽريٽ جا اختيارات مليا. 1918ع ۾ سنڌ ۾ ائڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر پڻ مقرر ٿيو ۽ ٻن ٽن سالن کان پوءِ جوڊيشل ڪمشنر سنڌ جي چارج اچي سنڀاليائين. +گورنمينٽ آف بمبئي ۾ سيڪريٽري جي حيثيت سان پڻ رهيو، ان کان سواءِ پونا، ساترا، ڪاٺياواڙ، ناسڪ، بمبئي، چربرگ ۽ برن ۾ مختلف وڏن سرڪاري عهدن تي فائز رهيو. ۽ آخر ۾ برن Berne مان ڪائونسليٽ جي عهدي تان 1933ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ جا چوئيتاليهه سال پورا ڪري رٽائر ڪيو. +سرڪاري نوڪريءَ دوران مختلف جاين تي رهڻ دوران هن انهن ماڳن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو پڻ ڪيو، ۽ انهن کي ساڳئي وقت قلمبند پڻ ڪيو. سندس ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن: +ٽن جلدن ۾ مرهٽن جي تاريخ. +1. History of Marhatha People. +2. Our Parsi Friends. +3. The Hindu gods, how to recognize them. +4. Shri Krishna of Dwarka. +5. Teachers of India. +6. The Anchorite. +7. The Indian Heroes. +8. Tales from Indian Epics. +9. Deccan Nursery Tales. +10. The Tales of Tulsi Plant. +11.Tales of Old Sind. +12. Folk Tales of Sind and Gujarat. +13. Forty Four Years A Public Servant. Etc. +هن پنهنجي نوڪريءَ دوران گذاريل زندگيءَ جي باري ۾ سمورو احوال، فارٽي فور ايئرس اَي پبلڪ سرونٽ ۾ درج ڪيو آهي. +سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران هن، هتان جو قديم ورثو ”سنڌ جون لوڪ آکاڻيون“ پڻ سانڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو اوهان جي هٿن ۾ آهي. +1. سسئي ۽ پنهون +جنهن زماني ۾ راجا دلوراءِ سنڌ تي راڄ ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ نائونءَ نالي هڪ برهمڻ سندس وزير هوندو هو. هن برهمڻ وٽ وڏو خزانو هو ۽ هيرن جواهرن جو مالڪ هو، پر هو اولاد جهڙي نعمت کان بلڪل محروم هو. هن جيتوڻيڪ هزارين رپيا جوڳين ۽ سنياسين تي خرچ ڪيا، مگر تنهن هوندي به پاڻ ۽ سندس زال بي اولادي ۽ دُکي رهيا. هڪڙي ڏينهن، وزير جي زال کي ڪنهن نجوميءَ جي خبرپئي جو نه فقط هنڊي علم جو ڄاڻو هو، مگر يوناني حڪمت ۽ ٻين علمن کان به چڱيءَ ريت واقف هو. هن کي اولاد جي هيڪر وري اچي آس ٿي، سو مڙس کي چوڻ لڳي ته ”اولاد کان سواءِ زندگي اهڙي آهي، جهڙي تارن کان سواءِ رات. بهتر آهي ته سفر ڪري هلي انهيءَ نجوميءَ کان ڏس پتو پڇون، ڇو ته هن جي ڏاهپ جي واکاڻ هر ڪنهن جي وات آهي“. برهمڻ ٿوري دل هڻڻ کان پوءِ ڳالهه مڃي ۽ دولت جا انبار ساڻ ڪري زال سميت نجوميءَ جي آسٿان ڏانهن روانو ٿيو. +جوتشي جڏهن برهمڻ ۽ سندس زال کي ايندو ڏٺو، تڏهن اُٿي هنن کي کيڪاري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ کانئن حال احوال ورتائين. برهمڻ هٿ ٻڌي هن جي پيرن تي ڪري چوڻ لڳو ته: ”اي ڀڳوان جا پيارا! ڌڻيءَ کان اسان لاءِ دعا گهـُر ته اسان کي ڪو اولاد ٿئي، ڇاڪ��ڻ ته اولاد کان سواءِ اسان جي حياتي ويڳاڻي ۽ ڪڙي ٿي پيئي آهي“. جوتشيءَ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ ڍاري جي دٻلي کنئي ۽ ڍارو وڌائين. انگ وجهڻ کان پوءِ جادوءَ جي هڪ آرسي ڪڍي آيو ۽ ان ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته: ”مون کي مشتري مريخ جي ويجهو ٿو ڏسجي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڌڻي توهان کي نياڻي عطا ڪندو، مگر هن جو لکيو مسلمان سان ٿيندو“. اهو حال ٻڌي، ٻـُڍي برهمڻ جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ ليلائي نجوميءَ کي چوڻ لڳو ته منهنجي ڌيءَ جو لکيو ڪيئن به ڪري بدلائي ڏيو. نجوميءَ کي نائونءَ جي ليلائڻ تي قياس ته گهڻو ئي آيو، پر هن جي وس ۾ ڪجهه به نه هو، سو وراڻيائين ته: ”جيڪي ڌڻيءَ لکيو، سو لکجي ويو“. اهي لفظ چئي، هنن کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين. +وقت گذرندو رهيو، برهمڻ جي زال کي پوري ميعاد تي ٻار ڄائو. ڄمڻ سان دائيءَ کان پڇيائين ته ”ڇا ڄائو آهي؟“ ڇو ته هن کي هر وقت اها ئي اميد هوندي هئي ته من ڀڳوان جي ديا سان پٽ ڄمي پوي! دائيءَ وراڻي ڏني ته ”نياڻي ڄائي آهي“. اها خبر ٻڌي برهمڻ جي دل ٻڏڻ لڳي، کيس پڪ ٿي ته نجوميءَ جي اڳڪٿي ضرور پوري ٿيندي، سو وڏي ارمان ۽ ڪاوڙ مان چيائين ته: ”مان انهيءَ نڀاڳي ڇوريءَ کي گهر ۾ نه رکندس، پٿر آڻي ڏيوم ته هڻي هن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيان يا ڇڏيوم ته هن کي باهه ۾ اڇلي وجهان“. مڙس جا اهي لفظ ٻڌي، جوڻس به ساڻس شامل راءِ ٿي ته ڇوڪريءَ مان جند ڪنهن طرح ضرور آزاد ٿئي، مگر هوءَ نياڻيءَ جي مارڻ ۾ رضامند ڪانه هئي. هن جي مرضي هئي ته ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري، سنڌو درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجي ته جيئن لڙهندي لڙهندي ڪنهن جي نظر چڙهي ۽ حياتي بچي پويس، ماءُ جي دل ائين ئي چاهيندي! برهمڻ کي به اها صلاح آئڙي، سو پيتي وٺي آيو ۽ معصوم ٻارڙي انهيءَ ۾ وجهي، پاسي کان سون ۽ جواهرن جي ٿيلهي به رکي ڇڏيائين. پيتيءَ کي قلف لڳائي بند ڪيائون. ان کان پوءِ پيتي کڻي نديءَ جي ڪناري تي ويو ۽ وڃي درياءَ ۾ اڇلايائين. اها پيتي وهڪرن جي ور چڙهي، جن کيس لوڙهيندي لوڏيندي آڻي ڀنڀور جي شهر ۾ ڪڍيو. ڪناري تي محمد نالي هڪ ڌوٻيءَ درياءَ ۾ پيتي ترندي ۽ ڪناري ڏانهن ايندي ڏٺي. نظر پوندي ئي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي، پيتيءَ کي ڇڪي ڪناري ڏانهن گهلي کڻي آيو. قلف ڀڃي پيتيءَ کي کوليائين، ڇا ڏسي ته هڪڙي ننڍڙي سهڻي ڇوڪري اندر ستي پيئي آهي. جان کڻي ان کي کنيائين ته هن جي ڀر مان هڪ ڳوٿري سون ۽ جواهرن جي مليس، جنهن کي ڏسي خوشيءَ جي حد ئي نه رهيس ۽ پنهنجو ٻٽو خزانو کڻي گهر ڏانهن راهي ٿيو. ڌوٻيءَ جي زال، جا اڳيئي اولاد جي سڪايل هئي، سا بيحد خوش ٿي ۽ ٻنهي زال مڙس هن لڌل ٻار کي کڻي گود ورتو. سڀني پاڙيسرين، دوستن ۽ برادريءَ وارن کي دعوت ڏنائون، جن ٻارڙيءَ کي ڏٺو ۽ هن تي ”سسئي“ نالو رکيو ويو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هيءَ سهڻي نينگري ڏينهون ڏينهن سونهن ۾ سرس ٿيندي ٿي ويئي، ايتريقدر جو هن حسين ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي سيڙائي ڌوٻيءَ جي گهر جي گهٽين وٽ منتظر بيٺا هوندا هئا ته من هن جي سهڻي صورت جو ديدار نصيب ٿئين. سون ۽ جواهرن جي ڳوٿري، جا پيتيءَ مان لڌي هئائون، انهيءَ مان ڇوڪريءَ لاءِ زيور ۽ سينگار جو سامان ۽ رهڻ لاءِ ٻه طبقو گهر ٺهرايائين، جنهن جي چوگرد گلاب جو باغيچو رکايو ويو. انهيءَ گهر ۾ سسئي پنهنجون ساهيڙيون ۽ سرتيون سڏي انهن سان گڏجي ويهي ڪتيندي هئي يا وري باغيچي ۾ سارو ڏينهن پسار پيئي ڪندي هئي. +انهن ڏينهن ڪيچ_ مڪران ۾، ڄام آريءَ نالي هڪ بلوچ رهندو هو، جنهن جي بهادريءَ جي ايڏي ته هاڪ هئي، جو اتان جي بلوچن هن کي پنهنجو سردار مقرر ڪري سڄي ڪيچ ۽ مڪران جي پڳ ٻڌائي. ڄام آريءَ کي پنج پٽ هئا__ چنو، پنهون، هوتو، نڪرو ۽ نوتو. هونئن ته سڀئي حسين جوڌا جوان هئا، پر سڀني کان بهادري ۽ سونهن ۾ سرس ٻيو نمبر پٽ، ”پنهون“ هوس. بلوچن جي سردار کي پنهنجي پـَٽَ مان ايندڙ ويندڙ قافلن تان محصول ملندا هئا ۽ جيڪي ڏيڻ کان انڪار ڪندا هئا، تن تي هن جا پٽ حملا ڪندا هئا. بدقسمتيءَ سان ”سسئيءَ“ جي حسن جي هاڪ هن ڏورانهين ملڪ ۾ ”پنهون“ جي دماغ تي وڃي واسو ڪيو. هڪ ڏينهن، ٻاٻيو نالي هڪ سوداگر، ڪيچ ۾ آيو، ڄام آريءَ هن جي گهڻي آجيان ڪئي ۽ هن جي گفتگوءَ ۽ هلت چلت کان ايترو متاثر ٿيو جو کيس محصول معاف ڪري ڇڏيائين. ٿورن ڏينهن ۾ ٻاٻئي پنهنجو سڀ سامان وڪڻي ٻيو خريد ڪري وري ٻئي پاسي واپار لاءِ اُسهيو. وڃڻ وقت ڄام کان موڪل ورتائين، جا هن خوشيءَ سان ڪانه ڏنيس، ارهو ٿي ڏنس. پر جڏهن پنهونءَ کان ٿي موڪلايائين، تڏهن هن ڪن ۾ چيس ته ”ڀنڀور ۾ ”سسئيءَ“ جي ڳولا ڪج ۽ مون کي مخفي نياپي ذريعي ٻڌائج ته سسئي واقعي اهڙي سهڻي آهي، جهڙي ماڻهو چون ٿا.“ +سوداگر مـُشڪندي واعدو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي اُٺ ڏانهن وڌيو. لانگ ورائي، مهار کي ڇٻي ڏني ۽ قافلو روانو ٿيو. سڀني جي اڳ ۾ مشڪي مهري ڏاڍي شان سان تيز قدم کڻندو ٿي هليو. اهڙيءَ ريت اهو قافلو ڏينهن جا ڏينهن هلندو اچي ڀنڀور پهتو. ٻئي ڏينهن ٻاٻئي پنهنجو مال اسباب ڪڍي ٻاهر ڪيو، جنهن تي سڄي ڀنڀور شهر ۾ سندس سودي ۽ سامان جي هاڪ پکڙجي ويئي. جوان توڙي ٻڍو، زالون ۽ مرد، سڀ اُتي اچي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا. ڏينهن ٻن کان پوءِ، ٻاٻيو سسئيءَ جي گهر وٽان اچي لانگهائو ٿيو. اتفاق سان اوڏيءَ مهل سسئي پنهنجي ساهيڙين سان راند پئي ڪئي ته اوچتو ماڙيءَ جي دريءَ مان سندس نظر وڃي ٻاٻئي تي پيئي جو هيٺ گهٽيءَ مان پئي ويو. سسئيءَ کي هن جي سونهن ۽ صورت موهي وڌو ۽ پنهنجي ساهيڙي، ساقيءَ کي منت ڪيائين ته وڃي انهيءَ سوداگر کي مٿي وٺي اچ. ساقي ڊوڙندي گهٽيءَ ۾ ويئي ۽ ٻاٻئي کي سسئيءَ جو نياپو وڃي ڏنائين. ٿورو مشڪو ۽ پاڻ سان وڪري جو ڪجهه قيمتي سامان کڻي ساقيءَ سان گڏجي سسئيءَ جي گهر ويو. جيئن پنهنجو سودو سسئيءَ کي ڏيکاريائين پئي، تيئن سسئي سندس ڪن ۾ ڀڻڪو ڪري چيو ته ”سوداگر! تو ته منهنجي دل ڄڻ ڪنڍيءَ ۾ ڦاسائي آهي ۽ هاڻي مان توکان سواءِ رهي نٿي سگهان.“ ٻاٻئي اهي اکر ٻڌي پهريائين ته ڪو جواب ڪونه ڏنو، هو سسئيءَ جي منهن ۾ نهارڻ لڳو، جنهن جي حـُسن خود ٻاٻئي کي به موهي وڌو هو. هو دل ۾ سوچڻ لڳو ته ”هيءَ ڇوڪري ڀلي کڻي کٽيءَ جو ٻار هجي، تڏهن به پنهونءَ جي لائق آهي. چنڊ جهڙو چهرو اٿس ۽ هن جي قد قامت ۾ مون کي ڪو به نقص نظر نٿو اچي. ههڙو حـُسن ته ڪنهن شهزادي جي ڪنوار کي سونهين.“ ان کان پوءِ ٻاٻئي، سسئيءَ ڏانهن ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”؟اي حسين نينگرِ، منهنجي ڳالهه ٻڌ! تون مون تان پنهنجو خيال لاهي ڇڏ. هڪ جوان سڃاڻان، جنهن جو نالو ”پنهون“ آهي، جو مون کان وڌيڪ تنهنجي لائق آهي. مان ته عام رواجي ماڻهو آهيان، پر سڄو ڪيچ ۽ مڪران پنهونءَ جي تابع آهي. مان ته فقط هڪ سوداگر آهيان، پر پنهون هڪ شهزادو ۽ وڏيءَ دل وارو سخي آهي. جيڪو هن وٽ آيو سو پنهنجي غرض پوري ڪرڻ کان سواءِ نه موٽيو. هن وٽ اُٺ، گهوڙا، اَنبار سون ۽ چانديءَ جا، سپاهي، دربان ۽ منشي هن جي حاضريءَ ۾ رهن ٿا. مان حقيقت ڪري هن جي خذمتگارن مان آهيان. مون هن جي حـُسن جي تعريف نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو حـُسن اهڙو آهي، جنهن جي تعريف لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. فقط ڏسڻ سان ئي ان ��ـُسن جو اندازو لڳائي سگهندينءَ. خدا شال اهو ڏينهن آڻي، جڏهن تون هن سان ملي سگهين!“ +سسئيءَ جا خيال هاڻي ٻاٻئي تان لهي وڃي شهزادي تي کـُتا، جنهن جي ديدار ڪرڻ لاءِ اندر ۾ آس جاڳيس. دل ۾ دعا گهرڻ لڳي ته شل خدا منهنجي اها تمنا جلد پوري ڪري ته مان شهزادي پنهونءَ کي اکين سان ڏسان. ان بعد ٻاٻئي کي مخاطب ٿي چيائين، ”سوداگر! تون انهيءَ حسين جوان کي وڃي وٺي اچ، جو منهنجي دل هاڻي هن جي ڏسڻ لاءِ بيقرار آهي.“ ٻاٻيو هن موچاريءَ ڇوڪريءَ کان موڪلائي اچي گهر پهتو. گهر پهچڻ شرط خط نويس ڏانهن ماڻهو موڪليائين. خط نويس کي ٻن خطن لکڻ جو حڪم ڏنائين، هڪڙي جو مضمون هن ريت هو: ”مون سسئي ڏٺي آهي، جا هڪ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ آهي، مگر هن کي خدا ڪمال جو حـُسن ڏنو آهي. هن جو حسين چهرو چنڊ جي سونهن ۽ سج جي روشنيءَ کي مات ڪيو ڇڏي. اوهان سوداگر جي ويس ۾ جلد هليا اچو ۽ پاڻ سان عطر ۽ عنبر جو ذخيرو آڻجو.“ ٻئي خط جو مضمون وري هن ريت هو: ”جلد منهنجي مدد لاءِ اچو، جو ڀنڀور جي ماڻهن زبردستي مون کي پڪڙي نظر بند ڪري رکيو آهي ۽ محصول جي تقاضا ٿا ڪن، سو ڀلائي ڪري شهزادا پنهون! تون اچ، ڇاڪاڻ ته توکان سواءِ مان ڇـُٽي نه سگهندس.“ اهي ٻئي خط لکرائي، قاصد کي ڏنائين جو هڪ ڀلي اُٺ تي روانو ٿي جلد پنهونءَ جي ڳوٺ پهتو. اتي پهريون خط پنهونءَ کي ڏيئي چيائينس ته ٻيو خط تنهنجي پيءَ لاءِ آهي. پنهون، سسئيءَ جي سونهن جي ساراهه پنهنجي خط ۾ پڙهي ته اکيون تجلا ڏيڻ لڳس ۽ پوءِ ٻيو خط ڄام آريءَ وٽ کڻي ويو، جنهن خط پڙهايو. جڏهن معلوم ٿيس ته سندس سوداگر ٻاٻئي سان بدسلوڪي ٿي آهي، تڏهن کيس سخت غصو آيو ۽ پنهونءَ کي گهرائي چيائين ته ”تون ڀنڀور وڃ ۽ ٻاٻئي کي آزاد ڪرائي پاڻ سان وٺي اچ.“ +پنهونءَ قاصد کي حڪم ڪيو ته موٽي ڀنڀور وڃي ۽ ٻاٻئي کي ٻڌائي ته پنهون جلد اچڻ وارو آهي. پوءِ پنهون عطر ۽ عنبر جو وڏو انبار دٻن ۾ بند ڪرائي، مخفي طور پنهنجي اُٺ سان ٻڌائي ڇڏيو. هن جي اُٺ جا سنج ۽ سنجن جا پوش سون ۽ چانديءَ سان چمڪي رهيا هئا ۽ موتين جا هار ۽ سهڻن مڻين سان ڳانيون اٺ جي ڳچيءَ ۾ پئي لڙڪيون. پنهونءَ ۽ سندس همراهن پنهنجا مـُقيشي ڪوٽ پهريا ۽ شاهي پڳون مٿن سان ٻڌي ۽ سايون سٿڻيون پائي ۽ ڪلهن تي سون ۽ چانديءَ جي جهالرن وارا بوڇڻ رکي اٿي هليا. جڏهن پنهون ۽ ان جا ساٿي اسهيا ٿي، تڏهن ان وقت ڄام آريءَ، پنهوءَ جو ننڍو ڀاءُ چنون ساڻ ڪري آيو ۽ چيائين ته هن کي ساڻ وٺيو وڃ، جو ضرورت وقت هي تنهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي تنهنجي مدد لاءِ تيار ٿيندو. پڇاڙيءَ جو هن کي تاڪيد ڪيائين ته جيتريقدر ٿي سگهي ته جلد موٽڻ واري ڪج، ڇو ته تون منهنجو لاڏلو آهين. جڏهن سوڀارو ٿي موٽين ته اڳيان دهل دمام وڄائيندا اچجو. پنهون پيءُ ۽ ماءُ کان موڪلائي پنهنجي ساٿين سميت روانو ٿيو. هيڏانهن پنهونءَ جي اسهڻ کان پوءِ، ماءُ پيءُ اچي ڳاراڻي ۾ پيا. پنهون ۽ سندس ساٿي سفر جي سختين سان منهن ڏيندا هلندا ويا. سندن آوازن ۽ ان سان گڏ اُٺن جي چڙن جي چانگار سارو آسمان گونجي ٿي ڇڏيو. رات ڌاري وڃي ڪهير بيلا پهتا. رات اتي منزل ڪيائون. صبح جو سڄو ڳوٺ هنن مسافرن کي ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪڙي سوناري جي ڌيءَ، ساهجان، نالي رهندي هئي. هن جڏهن پنهونءَ کي ڏٺو، تڏهن دل ۾ چيائين ته هاڻي پنهونءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان حياتيءَ ۾ نينهن نه لڳي سگهندو. + + +هن هڪ ٻڍي مائي، پنهون ڏانهن موڪلي ته وڃي هن کي منت ڪري ته پنهنجو سودو آڻي ڏيکاري ۽ گڏوگڏ هيءُ به چوينس ته آءٌ تنهنجي عطر عنبر بدران توک�� هيرا موتي ۽ ياقتون ڏينديس ۽ اهو نياپو انهيءَ نيت سان موڪليائين ته شايد پنهون انهيءَ لالچ تي هرکجي اچي. پنهون ٻڍڙيءَ مائيءَ سان گڏجي ويو، پر پنهنجو مال ڪين موڪليائين ۽ سوچيائين ته ڀنڀور ۾ مون کي انهيءَ سامان جي وڪري جي ضرورت پوندي. اها رات وڏي خوشيءَ سان ساهجان سان گذاريائين، جنهن لاءِ هن پرتڪلف ماني تيار ڪرائي، جا هن ڏاڍي اشتياق سان کاڌي. ٻئي ڏينهن باوجود ساهجان جي آزيءَ نيزاريءَ جي، پنهون پنهنجي رفيقن سان روانو ٿي ويو. وري به ساڳئي پنهنجي ڳائڻ جي آوازن ۽ چـَڙن جي چونگارن سان ڪيهر ڀيلا مان روانا ٿيا. ڀنڀور پهچڻ کان اڳ وري وچ تي منزل نه ڪيائون. جڏهن شهر کي ويجهو پهتا، تڏهن پنهون، ٻاٻئي کي ماڻهو +موڪليو، جنهن هن کي شهر جي ڏکڻ طرف منزل لاءِ جاءِ ڏسي. ان هنڌ تي ٻنهي ڀائرن پنهنجن اُٺن تان سامان لهرائي ۽ اتي خيما کوڙي غاليچن کي وڇارائي، سهڻي نموني ديرو دمائي ويٺا. پنهنجو واپاري مال جهڙوڪ مشڪ، عنبر ۽ عطر ڪڍي اهڙيءَ طرح ڏيک ويک لاءِ رکيائون، ڄڻ ته هي واقعي ڪي جهونا سوداگر هئا. اها خبر هوا جيان سسئيءَ جي ڪن تائين پهتي ته هڪ وڏو سوداگر ڀنڀور ۾ آيو آهي. مڄاڻ ته اهو سوداگر پنهون هو، جنهن کي ٻاٻئي گهرايو هو. سسئيءَ پنهنجون سڀ جيڏيون سرتيون گهرايون ۽ سڀئي جواهرن سان سينگارجي هڪ ٻئي پٺيان ائين قطار ڪري هليون، ڃڻ سياري جي سانجهيءَ وقت ڪونجون آسمان ۾ ولر ڪري اڏامنديون هجن. سڀئي پاڻ ۾ هم عمر هيون، مگر سونهن ۾ سسئي سڀني کان سرس هئي: هرڻ جهڙيون سندس اکيون، ڏند جهڙا موتين جي قطار، نـَڪُ جهڙي انب جي ڦار، سندس وار سونن گهنگهرن سان مڙهيل هئا. سندس هلڻ جو انداز اهڙو هو، جهڙو ڊيل بهار جي مـُند ۾ صبح جو ٽلندي آهي. هنن ڇوڪرين جي پازيبن ۾ گهنگهرن جي آواز تي پنهونءَ جي دربانن کي کڙڪ پئجي ويئي، جن پنهونءَ جي اجازت سان تنبن جا در کولي ڇوڪرين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني. خيمن جي اندر پنهونءَ جو سارو مال اسباب ٽڙيو پکڙيو پيو هو. ڇوڪرين جڏهن سامان کي ڏٺو، تڏهن حيرت ۾ بيهي اگهه ٻولائڻ ۽ قيمتن جي گهٽ ڪرائڻ تي ريڙهه پيڙهه ڪرڻ لڳيون. مگر جڏهن پنهونءَ ۽ سسئيءَ جون اکيون پاڻ ۾ لڙيون، تڏهن ته هنن کي ٻي ڪا به تمنا باقي ڪانه رهي. جڏهن سسئيءَ کان سواءِ ٻيون ڇوڪريون پنهنجي سودي جي اگهه پاڙ پڇڻ کان وانديون ٿيون، تڏهن گهر موٽڻ جي ڪيائون. هاڻي سسئيءَ جي دل ۾ پنهونءَ جي عشق آڳ ڀڙڪي چڪي هئي ۽ ساڳئي وقت پنهونءَ جي حالت به سسئيءَ کان گهٽ ڪانه هئي. لاچار سسئي ويچاري تنبن کان نڪري، پنهنجين سهيلين سان اُٿي هلي. گهر پهچندي ئي ساقيءَ کي سڏائي چيائين ته ”منهنجي اکين ۾ لـُڙڪ ۽ دل ۾ عشق جي آڳ آرام وٺڻ نٿي ڏئي. مون کي پنهون آڻي ڏيو، نه ته آءٌ مري وينديس.“ +ساقيءَ، سسئيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اُن کي تيسين آرام نه آيو، جيسين ساقي اِهو دلاسو ڏنس ته خاطر ڪر آءٌ سڀاڻي پنهنجي مائٽن سان ملي، پنهونءَ سان تنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڪنديس. ٻئي ڏينهن ساقي، سسئيءَ جي ماءُ وٽ ويئي ۽ چيائين ته ”سانئڻ! هڪ سوداگر ڪنهن ڏوراهين ڏيهه کان ڀنڀور ۾ وارد ٿيو آهي. سونهن ۾ سج ۽ چنڊ کي مات ڪيو ويٺو آهي. منهنجي صلاح آهي ته تون پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جي کيس آڇ ڪر، ڇو ته هن کان وڌيڪ سهڻو ۽ دولتمند نوجوان توکي ڌيءَ لاءِ مشڪل هٿ اچي.“ ڌوٻڻ عجب ۾ پئجي ساقيءَ کان سوال ڪيو ته: ”ذات ڪهڙي اٿس؟“ اتفاق سان اوڏيءَ مهل محمد کٽي به گهر اچي سهڙيو. جوڻس هن کي ساقيءَ واري ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائي. هنن پاڻ ۾ اڃا ڳالهيون پئي ڪيون ته ٻاٻيو گهٽيءَ مان اچي لانگهائو ٿيو. ساقيءَ کيس ڏسي چيو ته اجهو هن سوداگر جو منشي پيو وڃي، هن کي سڏائي پڇو ته سوداگر جي ذات ڪهڙي آهي. محمد هن جي ڳالهه مڃي ۽ ٻاٻئي کي سڏايائين. ٻاٻيو هن قسم جي سوال جو مطلب سمجهي ويو ۽ جواب ڏنائين ته ”سوداگر اڪثر مون کي ٻڌائيندو آهي ته هو ڪنهن وقت ڌوٻي هو، پر پوءِ جڏهن ملڪ مان ڀڄي نڪتو، تڏهن کان وٺي واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس. انهيءَ تي محمد ٻاٻئي کي، پنهونءَ تائين سندس دعوت پهچائڻ ۽ سندس گهر وٺي اچڻ لاءِ منت ڪئي. ٻاٻئي ائين ئي ڪيو. پنهونءَ خوشيءَ مان دعوت قبولي ۽ جڏهن هو ٻاٻئي سان گڏ ڌوٻيءَ جي گهر آيو، تڏهن پنهونءَ کي پرکڻ لاءِ چوڻ لڳو ته ”مون ٻڌو آهي ته توهان ذات جا ڌوٻي آهيو. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٿورن ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مدد ڪريو.“ ائين چئي پنهونءَ کي صابڻ ۽ هڪ ڳٺڙي ريشمي ڪپڙن جي ڌوئڻ لاءِ ڏنائين. ٻاٻئي پنهونءَ کي اڳيئي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي ذات ڌوٻي ٻڌائي. انهيءَ ڪري کيس ڪپڙا کڻڻا پيا، جيتوڻيڪ هن کي ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪا به خبر نه هئي. +پنهون جيئن ڪپڙا کنيو پئي ويو، تيئن سندس ڀاءُ چنون کيس گڏيو ۽ ڪاوڙ مان پڇيائين ته ”مان جيڪي ٻـُڌي رهيو آهيان، سو سڀ سچ آهي؟ ڇا تون هڪ کٽيءَ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري جي عزت ٻوڙيندين؟“ پنهونءَ جواب ڏنو ته ”ادا! انهيءَ ۾ ڪهڙي بي عزتي آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي دل گهرئي محبوب سان شادي ڪري.“ اِهو ٻـُڌي، چنون ماٺ ۾ رهيو ۽ پنهون درياءَ جي ڪپ ڏانهن هليو ويو. اُتي ڪپڙن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندي، هن ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري وڌا ۽ جيئن ئي انهن ٿڳڙين کي ارمان مان پئي ڏٺائين، تيئن سسئي هن وٽ اچي نڪتي ۽ هن کي مشڪندي کيڪاريائين. ان کان پوءِ کيس چيائين ته ”نااُميد نه ٿيءُ، منهنجا محبوب، هر هڪ ڪپڙي جي کيسي ۾ سوني مـُهَرَ وجهي ڇڏ ته پوءِ ڪنهن وٽان ڪا به دانهن ڪانه ايندي.“ پنهونءَ ائين ڪيو ۽ ڪپڙا کڻي مالڪن کي پهچايائين ۽ کين چيائين ته ”کيسا ڏسجو.“ جڏهن هنن کي پنهنجن ڪپڙن جي کيسن مان سوني گِني هٿ آئي، تڏهن سندن ڪاوڙ اُتي ئي ٿڌي ٿي ويئي. محمد کي جڏهن خبر پيئي ته پنهون ڪپڙا ڌوئي مالڪن کي پهچائي آيو ۽ ڪنهن وٽان به ڪا شڪايت ڪانه آئي آهي، تڏهن پڪ ٿيس ته سوداگر سچ پچ ذات جو ڌوٻي آهي ۽ هو سسئي ۽ پنهونءَ جي شاديءَ لاءِ رضامند ٿيو. شاندار مجلس جي تياري ڪرايائين، جنهن ۾ پنهونءَ ۽ سسئيءَ جو ميڙائو ٿيو. چنوءَ پنهنجي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ ڪو به حصو نه ورتو ۽ ڏاڍيءَ غمگين حالت ۾ پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري، پنهنجي ملڪ موٽي ويو. اتي اچي خبرڪيائين ته ڪيئن پنهون سسئيءَ جي سونهن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي. پيءُ جو منهن ڪاوڙ ۽ صدمي کان ڪارو ٿي ويو. ٽي ڏينهن انهيءَ ماتم ۾ گذري ويس، جنهن کان پوءِ چنو، هوتو ۽ نوتو کي حڪم ڏنائين ته اُٺن تي سوار ٿي، وڃي پنهون کي موٽائي اچو. ٽيئي ڀائر اچي ڀنڀور پهتا. دلين ۾ دولاب، مگر چپن تي مٺڙا ٻول ٻوليندا اچي سسئي ۽ پنهونءَ سان ڀيڻ ڀاءُ وانگر مليا. پنهونءَ توڙي سندس ڪنوار کي پنهنجن ڀائرن ۾ ڪا به بدگماني ڪانه هئي. چنوءَ هن کي ٻڌايو ته ”بابي سندن شاديءَ جي خبر ٻڌي، انهيءَ جي خوشي ملهائڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن دعوتون ۽ مجلسون ڪيون آهن.“ +هڪ رات هنن ٽنهي ڀائرن گڏجي پنهونءَ ۽ سسئيءَ کي سخت نشي واري شئي پياري، ۽ هو جڏهن رات جو اگهور ننڊ ۾ هئا، تڏهن آڌيءَ رات پنهونءَ کي سسئيءَ کان جدا ڪري، بيخبريءَ جي حالت ۾ هڪ اُٺ تي سمهاري، اُٺن کي تيز هڪليندا تکا ڪيچ ڏانهن راهي ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سسئي ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين، تڏهن سندس دل ڏاريندڙ دانهن پاڙي وارن کي ڇرڪائي ڇڏيو. پوءِ ته پنهنجي سڄي ڪهاڻي انهن کي بيان ڪري ٻڌايائين، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته پنهونءَ جي پٺيان پيادي وينديس ۽ جيسين پنهونءَ کي ڳولي هٿ نه ڪنديس، تيسين پاڻ کي لـَڪَن ۾ رولي پوري ڪري ڇڏينديس. ساقيءَ کان سواءِ ٻين سڀني کيس سمجهائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، مگر ساقيءَ هن جو صدمو ڏسي، هن کي پنهنجي وچن پوري ڪرڻ جي نصيحت ڪئي. +آخر سسئي پنهونءَ جي اُٺن جو پيرو کڻندي، جبل جهاڳيندي رواني ٿي. جڏهن رات پئي ۽ پنڌ سببان ٿڪجي بيحال ٿي ويئي، تڏهن هڪ ٻڪرار جي جهوپڙيءَ وٽ اچي نڪتي. ويجهو پهچي ٻڪرار کان پڇيائين ته ”ادا، ڪو قافلو هتان لنگهندو ڏٺئه؟“ ٻڪرار جيئن سسئيءَ ڏانهن اک کنئي ته هنجي سونهن جو تاب نه جهلي سگهيو ۽ جواب ڏيڻ جي بدران هن کي جهلي، پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ اندر نيڻ جي ڪوشش ڪيائين. سسئي پنهونءَ کي مدد لاءِ رڙيون ڪيون، مگر پنهون ڪٿان ٿي پهچي سگهيو، جواب نه مليس. آخر بيوس ٿي، ڌڻيءَ کي ٻـاڏايـائـيـن ”اي مالڪ مهربان! مون کي هن زمين اندر جاءِ ڏي تي آءٌ هن ڪميڻي +جي بدنيتيءَ کان بچي پوان.“ ڌڻيءَ هن جي دعا قبول ڪئي، ۽ سندس پيرن هيٺان زمين هڪدم ڦاٽي پيئي ۽ سسئيءَ کي ٻڪرار جي چـَنبن مان نجات ملي. ان کان پوءِ زمين وري مِڙي ويئي، مگر سسئيءَ جي پوتيءَ جو پلو ٻاهر رهجي ويو. اهو حال ڏسي، ٻڪرار خوف کان پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وڃي لِڪو. +ٻئي پاسي، منجهند ڌاري پنهون نشي مان سجاڳ ٿيو ۽ پاڻ کي اُٺ جي پٺيءَ تي جڪڙيل ڏسي چنو کان ان جو سبب پڇيائين. جنهن تي سندس ننڍي ڀاءُ وراڻي ڏني ته ”بابي جي حڪم موجب توکي ڪيچ ڏي وٺيو ٿا وڃون.“ پنهون اهو ٻڌي، هڪدم ٽپو ڏيئي تان هيٺ لٿو، جنهن تي چنو ۽ سندس ڀائرن اُٺ بيهاري ڪوشش ڪئي ته هن کي زوريءَ جهلي قابو ڪن، مگر پنهون پنهنجي تلوار مياڻ مان اهڙي جوش ۽ ڪاوڙ مان ڪڍي جو هنن ڊڄي کيس ڇڏي ڏنو. پنهونءَ وائڙائپ ۽ چريائپ واريءَ حالت ۾ پنهنجو رخ ڀنڀور ڏانهن ڪيو. هو ساڳيا پير وٺي پوئتي موٽيو. هلندي هلندي هو انهيءَ هنڌ اچي پهتو، جتي سسئيءَ کي ڌرتيءَ پناهه ڏني هئي. انهيءَ هنڌ جي ڀر پاسي ۾ هن هڪ ٻڪرار کي ڏٺو، جو ان وقت ڪي قدر خوف تي غالب بڻجي چڪو هو ۽ پنهنجي جهوپڙيءَ کان پئي موٽيو. پنهونءَ هن کان پڇيو ته تو ڪا هتان سهڻي عورت لنگهندي ڏٺي؟“ ڇو ته کيس پڪ هئي ته سسئي سندس ڳولا ۾ ضرور نڪتي هوندي. ٻڪرار جواب ڏنو ته ”ٿوري دير اڳ هڪ زال هت آئي هئي، مگر اوچتو هن کي زمين ڳڙڪائي ويئي.“ هن پنهنجي ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ سسئيءَ جي پوتيءَ واري پلاند ڏانهن اشارو ڪيو جو ٻاهر نڪتو رهجي ويو هو. پنهونءَ پوتيءَ جي پلوَ کي ڏسندي هڪدم سڃاڻي ويو. هن عشق ۽ محبت جي جذبي وچان ڌڻيءَ کي ٻاڏايو ۽ دعا گهريائين ته ”اي مالڪ مهربان! زمين کي ڦاڙ ۽ مون کي به انهيءَ هنڌ جاءِ ڏي!“ هن جو عرض اگهاڻو ۽ اڳئين وانگر هن جي پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي. اک ڇنڀ ۾ پنهنجي محبوب سان وڃي مليو. ڌرتي وري اهڙي ٿي ويئي جهڙي اڳ هئي. اهڙيءَ ريت، ڌڻيءَ ٻنهي محبت جي مشتاقن جو پنهنجيءَ ڪمال قدرت سان دائمي ميڙائو ڪيو. +2- عمر ۽ مارئي +ڪنهن زماني ۾ عمرڪوٽ ۾، هڪ مشهور بادشاهه عمر، نالي راڄ ڪندو هو. هو راجپوت گهراڻي جي سومرا نسل مان هو. هن جي حڪومت ۾ اهڙو ته انصاف هو، جو شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرندا هئا. اها هاڪ هنڌين ماڳين مشهور هوندي هئي. +قدرت جا به اهڙا ته عجيب ڪارناما آهن، جو اڪثر ڪنهن کي به هڪ حال ۾ رهڻ ڪا نه ٿي ڏئي، جڏهن چڱن هٿان برا ڪم سرزد ٿيو پون ته ڪڏهن برن کان چڱا ڪم سر انجام ٿيڻ لڳن. +اهڙيءَ طرح هڪڙي ڏينهن جيئن عمر بادشاهه پنهنجي درٻار ۾ پنهنجي اميرن ۽ وزيرن کي پئي سمجهايو ۽ چتايو ته کين خدا جو خوف دل ۾ رکي، ڪنهن کي به ستائڻ نه گهرجي، تيئن عين انهيءَ وقت هڪ اجنبي وڏي واڪي عرض ڪيو ته ”مون کي بادشاهه سلامت سان مخفي طرح ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي. مون سندس لاءِ هڪ مخفي پيغام آندو آهي“. جڏهن بادشاهه اهي لفظ ٻڌا، تڏهن سڀني اميرن ۽ وزيرن کي برخاست ڪري، انهيءَ اجنبي شخص کي پاڻ وٽ گهرايو. +تن ڏينهن ٿر واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ملير ۾ پالوي نالي هڪ غريب ٻڪرار رهندو هو. هن جي زال جو نالو ميراد هو ۽ مارئي نالي هڪ نياڻي هيس. وٽس ڦوڳ نالي هڪ نوڪر هوندو هو، جنهن جي تمنا هئي ته مارئي جي ٻانهن کيس ملي. مگر پالوي پنهنجي ڌيءَ اڳيئي پنهنجي سئوٽ کي ڏيڻي ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هن ڦوڳ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو. ڦوڳ انهيءَ غصي کان ملير ڇڏي ويو ۽ انتقام وٺڻ جي ارادي سان عمرڪوٽ ۾، بادشاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو. هيءُ اهوئي اجنبي هو، جنهن بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪرڻ ٿي گهري. +جڏهن ڦوڳ بادشاهه سان نويڪلو ٿي مليو، تڏهن عرض ڪيائين ته ”بادشاهه سلامت! مون کي هڪ عرض ڪرڻو آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته ملير ۾ هڪ ڪنيا، مارئي نالي، رهي ٿي، جنهن جي سونهن سج کي به شرمايو ڇڏي. سر و قد جسم ۽ اکيون ڀئونر جيان ڪاريون ۽ سندس نظر تلوار کان تِکي ۽ سندس چمڙي، اطلس جهڙي ۽ جڏهن کِلي ٿي ته ڄڻ موتين جو مينهن ٿو وسي. سندس سينو بهار جي موسم وارن ڪڪرن جهڙو سفيد آهي. انهن تي جي مکڙيون آهن، سي هوند تنهنجي باغ جي مکڙين کي شرمائين. هن جو چهرو چنڊ کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ٽور اهڙي ٿي هلي ڄڻ ته ڊيل ٿي ٽلي ۽ جڏهن پئي ڳالهائي ته ڪوئل جهنگن مان هن کي وراڻي پيئي ڏئي. جنهن هڪ واريءَ هن جو حـُسن ڏٺو هوندو، انهيءَ کي ٻيو ڪي ڪين وڻندو. پر آهي هڪ ٻڪرار جي ڌيءَ ۽ جسم تي ٿڳڙيون اٿس، ليڪن جڏهن سهڻي پوشاڪ پارائجيس ته هوند پَرين کان به سونهن سرس ٿي وڃي. بادشاهه سلامت، سچ پچ ته هوءَ اوهان وٽ سونهين ٿي. حـُسن اهڙو اٿس ته وري دل به محبت جي کاڻ اٿس. مون سان گڏ هلو ته مان توهان کي ڏيکاريان ته هوءَ ڪٿي ٿي رهي“. + + +عمر بادشاهه کان اهي نصيحت جا الفاظ سڀ وسري ويا، جيڪي هن ٿورو وقت اڳ پنهنجي اميرن اڳيان چيا هئا ۽ ٻڪرار جي حسين ڌيءَ جي عشق ۾ ديوانو ٿي پيو. پنهنجو تيز اُٺ سنڀرائي ۽ مهار هٿ ۾ ڪري اڳيان سوار ٿي ويٺو. پٺيان اهو دغاباز ڦوڳ ويٺو ته جيئن مارئيءَ جي ڳوٺ جو رستو ڏيکاري. +مارئي جيئن پنهنجي ساهيڙين سان ڀر واري کوهه تان پاڻي ڀرڻ ٿي ويئي، ته ڇا ڏسي ته ٻه ماڻهو هڪ اُٺ تي سوار پيا اچن. مارئي ڏسي ڊڄي ويئي. هوءَ هوند گهر ڀڄي وڃي ها، مگر سندس سرتين کي انهن ڌارين ماڻهن کي ڏسڻ جو شوق هو، تن چيس ته ”ڀو نه ڪر. هي واٽهڙو آهن ۽ توکي ڪو نقصان ڪونه رسائيندا. جڏهن کوهه وٽ ايندا ته پاڻي گهرندا ۽ اسين انهن کي پاڻي ڏيئي، کانئن ان جي عيوض خبرون ٻڌنديونسين.“ مارئي پنهنجي سهيلين جي سمجهائڻ تي هنن سان گڏ کوهه تي ويئي ۽ ساڳئي وقت عمر جو اُٺ به کوهه وٽ پهتو. ڦوڳ جي ڀڻڪي ۽ عمر جي اکين سمجهي ورتو ته اِها جيڪا سندس سامهون بيٺي آهي، سا ئي اُها حسين مارئي آهي. عمر، اُٺ کي هيٺ جهڪايو ۽ مارئيءَ کان پاڻي گهريو. هن سادي ڇوڪريءَ پاڻ ڏيڻ ٿي چاهيو ته ايتري ۾ عمر ۽ ڦوڳ هن کي پڪڙي، اُٺ تي ٻـَڌي، پاڻ سان کڻي هليا ۽ اچي عمرڪوٽ ۾ پهتا. +انهيءَ رات عمر، مارئيءَ وٽ ويو ته ڇا ڏسي ته هوءَ ويٺي روئي ۽ کاڌو ائين هن جي اڳيان رکيو آهي. هن ريجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ چيائين ته ”مارئي، تون هاڻي روءَ نه، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. هاڻي تون منهنجي پٽ راڻي ۽ منهنجون ٻيون راڻيون تننهنجون ٻانهيون ٿي رهنديون ۽ پنهنجي حڪومت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.“ مگر مارئي اڃا به وڌيڪ روئڻ لڳي، ڇو ته هن کي پنهنجو گهر، مائٽ ۽ سندس مڱيندو کيت ياد ٿي آيا. انهيءَ تي عمر ڪاوڙ مان چيس ته ”مارئي، تون پنهنجي مائٽن ۽ مڱيندي لاءِ ڇو ٿي پاڻ کي جهورين. اُهي ته جهنگ جا مارو آهن. هتي ته تون شهزادين تي حڪمراني ڪندينءَ. پنهنجي ڳوٺ ۾ توکي پرهه ڦٽيءَ اُٿي، ٻڪرين کي ڪاهي جهنگ ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو، پر هت توکي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ محلات جي مزي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي.“ +مارئي هڪدم جواب ڏنو ته ”تنهنجي راڻين لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي ته برقعا پائي محالت جي چوديواريءَ ۾ گذارين، مگر مون کي آزاد فضا ۾ ۽ کـُليل هوا ۾ رهڻ ٿو وڻي. مون کي ننڍڙن ڇيلن کي هنج ۾ ڪري ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ ۾ وڃڻ ۾ لطف ايندو آهي. مون ۾ تنهنجي وڏ گهراڻين راڻين جي ڪا به خاصيت ڪانهي. انهن کي نازڪ طعام وڻن ۽ منهنجو کاڄ ٻير ۽ جهنگ جو ڦل آهي. هو جواهر ڳچيءَ ۾ پائين ۽ مان ڳاڙهن مڻين جو هار پائي، خوش ٿي ٿيان. هو نرم بسترن تي سمهن ۽ آءٌ ٿڌيءَ واريءَ تي ليٽي پوان. هنن جي اڱڻ ۾ نوڪر ڇڻڪار ڪري، دز کي وهارين ۽ مون کي مينهن جي بوندن مان مزو اچي. هو پائين پٽ پٽيهر ۽ آءٌ پايان کهـُر کاڌِي. هو دُهل ۽ بانسري ٻڌي دل وندرائين ۽ منهنجي روح کي ٻڪرين جي ٻاڪار وڌيڪ مٺي ٿي لڳي.“ +عمر وراڻيس ته ”مان توکي دنيا جو بهترين باغيچو ٺهرائي ڏيندس، جنهن ۾ سونا شمعدان لٽڪيل هوندا، جنهن ۾ انگور، کجور، ڪيلا، ليما، انجير ۽ سنگتڙا، ناريل ۽ بادام هوندا ۽ سارو باغيچو ايلاچي ۽ صندل جي خوشبوءِءَ سان واسيل هوندو.“ +مارئي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”عمر بادشاهه! اهي سڀ نعمتون ٻين لاءِ رک. مون کي منهنجا کليل ميدان ۽ ماٿريون، جي منهنجي ڳوٺڙي جي چوڌاري پکڙيل آهن ۽ اُهي ڪانڊيرا ۽ ڏيلهن جا ٻوٽا انهن ٽڪرين ۽ جهنگ جا ٻير ۽ ميوا مون کي موٽائي ڏي.“ +عمر گهڻيون ئي راتيون مارئيءَ کي ريجهائڻ ۽ هن جي قرب حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، مگر هن تي نڪي عمر جي آزين نيزارين جو، نه ڪي دڙڪن ۽ ڌمڪين جو ڪو اثر ٿيو. هڪڙي ڏينهن عمر، شهر کان ڪجهه ميل دور هڪ جهوپڙي ٺهرائي ۽ ڌنارن کي حڪم ڪيائين ته پنهنجو مال ان جي چوڌاري چارين ته مـَنِ مارئيءَ جي روح کي اِهو منظر ريجهائي ۽ اُن کي ڏسي مـَنَ مـُرڪي. مگر مارئي انهن کي ڏسي ڌڪار مان کلي ۽ چيو: ”ادا عمر، تنهنجي ساري محنت رائگان ويئي. ٻڪريون اُهي آهن ۽ جهوپڙي به منهنجي ڳوٺ جهڙي آهي، مگر ان ۾ منهنجا مائٽ آڻي ويهارين ها ۽ ٻڪرار منهنجو پرين، کيت هجي ها، ته انهن کي ڏسي، دل باغ بهار ٿئي ها!“ +هڪ ڏينهن، عمر بادشاهه، هڪڙي جـَت کي حڪم ڪيو ته ملير جي ڪڙمين جهڙي پوشاڪ پائي اچي ۽ مارئيءَ کي چوائي موڪليائين ته سندس ڳوٺ کان هڪ قاصد سندس مائٽن وٽان نياپو کڻي آيو آهي ۽ سندس ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت گهري ٿو. مارئيءَ اجازت ڏني، جڏهن هو اندر داخل ٿيو ته چيائين ”تنهنجي ماءُ مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ هن جو سنيهو ڌيان سان ٻـُڌ. هن جو توڏانهن پيغام آهي ته ”منهنجي ڌيءَ، تو ڇو پنهنجي هٺ ۽ ضد جي ڪري عمر بادشاهه کي ڪاوڙايو آهي. ساري جڳ کي خبر پهچي چڪي آهي ته هو توکي ڀڄائي محلات ۾ وٺي ويو آهي، پوءِ ڀلي کڻي تون باعصمت رهين، ته به ساري دنيا توکي سـَتي نه سمجهندي. تنهنڪري هن جو پيار نه موٽاءِ.“ مگر مارئي هيءَ اٽڪل سمجهي ويئي ۽ جيئن هن تيز نظر سان هن ڪوڙي قاصد کي ڏٺو ته هو هيسجي ويو. مارئيءَ ڪاوڙ مان چيو ”ڇا جو پيار؟ هتي ڪو به پيار ڪونهي، پر پيار اهو آهي، جيڪو قدرت ڪنهن جي دل ۾ ٻئي لاءِ پيدا ڪري. منهنجي مائٽن مان ڪو به اهڙو نياپو، مون ڏي ڪو نه موڪليندو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جو توکي لـَبُ آڇي چـَوَرايو ويو آهي.“ جڏهن عمر جي اِها رت به ناڪامياب ٿي، تڏهن ڪاوڙ مان محلات مان ٻاهر نڪتو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته مارئيءَ جي مائٽن کان ۽ سندس مڱيندي کان وير وٺي. پر پوءِ ڪجهه وقت لاءِ مارئيءَ کي مهلت ڏنائين. +انهيءَ وچ ۾، مارئيءَ جي سرتين کان سندس مائٽن کي خبر پيئي ته هوءَ ڪهڙيءَ طرح کڄي ويئي ۽ پوءِ جڏهن پتو پين ته ان ڏوهه جو ڏوهاري خود عمرڪوٽ جو بادشاهه عمر آهي، تڏهن ان جي آزاد ڪرائڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون ۽ سمجهيائون ته هوءَ بادشاهه جي محبت جي ڄار ۾ ڦاسي ۽ شاهي محالت جي رونق تي موهجي پيئي هوندي. +مارئيءَ جي قـُرب جو فراقيل کيت، پيرين پيادو هن جي ڳولا ۾ عمرڪوٽ اچي پهتو ۽ ڏهاڙي نااميديءَ جي حالت ۾ هن جي محالت جي چوڌاري پئي ڦيرا ڪيائين. هڪ ڏينهن مارئيءَ هن کي دريءَ مان ڏسي ورتو ۽ اٽڪل سان هن ڏانهن نياپو ڏياري موڪليائين ته فلاڻي مشهور ٽڪاڻي وٽ، فلاڻي ڏينهن تي تکي اُٺ سان تيار بيٺو هـُج. هڪ دفعي جڏهن عمر بادشاهه مارئيءَ کي ڏسڻ آيو، تڏهن مارئيءَ هن سان واعدو ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي مائٽن ۽ ڳوٺ وارن منهنجي سار نه لڌي ۽ هنن مون کي ٻارهن مهينن ۾ نه ڇڏايو ته پوءِ آءٌ هميشه لاءِ تنهنجي ٿينديس. انهيءَ واعدي جي بهاني هن کي مندر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملي ويئي ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن کيت کيس ملڻ لاءِ اچڻو هو، مارئي ۽ سندس ساهيڙيون وڳا ويس ڪري، گڏجي مندر ڏانهن پرارٿنا لاءِ هليون. اتي پهچڻ سان پالڪين مان لهي، هڪ ٻئي سان کِلنديون ۽ دِل وندرائينديون پئي ويون ۽ هنن جو ڌيان انهيءَ غريب جـَت ڏانهن اصل نه ويو، جيڪو اُٺ وٺيو ڀر ۾ بيٺو هو. هو جڏهن ان جي ويجهو لنگهيون ته مارئي پنهنجن ساهيڙين کان پاسو وٺي ڊوڙي وڃي اُن ويٺل اُٺ وٽ پهتي. کن ۾ هوءَ ۽ اوٺي (سندس مڱيندو کيت) ٻئي ٽِپ ڏيئي اُٺ تي سوار ٿيا. اُٺ کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ملير ڏانهن رخ رکيائين. ڇوڪرين پٺيان وٺي واڪا ڪيا ”مارئي، هي ڇا ٿي ڪرين؟ ڇو هڪ ڌارئي ماڻهوءَ سان اُٺ تي سوار ٿي وڃين ٿي؟“ مارئيءَ وراڻي ڏني ته ”عمر کي وڃي چئجو ته مون کي اُٺ تي کڻي آيو هئين، اڄ آءٌ اُٺ تي چڙهي پنهنجي ملڪ وڃي رهي آهيان.“ +ڇوڪريون موٽي اچي پنهنجين پالڪين ۾ ويٺيون ۽ گهر پهچي عمر کي سڄي حقيقت ٻڌايائون. عمر سومري، رعيت جي ڊپ کان مارئيءَ جي آڻڻ لاءِ لشڪر نه موڪليو ته متان سندس ماڻهو کيس مِهڻو ڏين ته اسان کي نصيحت ٿو ڪري ته ظلم نه ڪريو ۽ خود پاڻ بي گناهه ماڻهن سان ظلم پيو ڪري. اهڙيءَ ريت مارئي صحيح سلامت پنهنجي ڳوٺ پهتي، جتي وڃي پنهنجي سئوٽ کيت سان لائون لڌائين ۽ ان کان پوءِ ٻيئي باقي حياتيءَ جا ڏينهن خوشيءَ سان گهارڻ لڳا. +3_ مومل ۽ راڻو +ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾، نند نالي هڪ راجا رهندو هو. هن وٽ سوئر جو هڪ عجيب ڏند هو، جنهن ۾ اها خاصيت هوندي هئي ته جيڪڏهن ان کي پاڻيءَ جي ويجهو آڻبو هو ته پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندو هو. راجا نند ان ڏاند کي پنهنجي خزاني جي بچاءَ لاءِ ڪم آڻيندو هو. هو اهو ڏند سڌو سنڌو نديءَ تي کڻي ويندو هو ۽ ڏند سميت جڏهن پاڻيءَ ۾ گهڙندو هو ته نديءَ جو پاڻي خشڪ ٿي ويندو هو. اهڙيءَ ريت جڏهن به راجا نند کي پئسي جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن ��ند کڻي، سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ويندو هو ۽ انهيءَ کي پنهنجي طلسمي ڏند سان سـُڪائي، پوءِ جيڪي به خزانا هن کي درڪار هوندا هئا، سي کڻي گهر موٽندو هو. وري جڏهن ڏند سميت درياءَ مان نڪري ڪناري تي ايندو هو ته ساڳي ندي اڳئين وانگر وهڻ لڳندي هئي. +هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو هڪ نجوميءَ کي رمل ۽ نجوم جي علم وسيلي انهيءَ سوئر جي ڏند جي خبر پئجي ويئي. هو انهيءَ لالچ ۾ اچي ويو ته ڪهڙيءَ طرح سان به اهو جادوءَ وارو ڏند ضرور هٿ ڪجي. انهيءَ نيت سان هو هڪ ڏينهن راجا نند جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي محلات ۾ ويو. راجا نند کي 9 (نـَوَ) ڌِيون هيون، جن مان مومل بيحد سهڻي هئي ۽ سوم سڀني ۾ سياڻي. محلات جي ويجهو پهچي، نجومي مڪر ڪري، زور سان وٺي دانهون ڪوڪون شروع ڪيون، جو هن جي شور تي راجڪماريون محلات مان نڪري آيون. بدقسمتيءَ جي ڳالهه وري اهڙي جو سومل، جا هوند انهيءَ نجوميءَ جو مِکر سمجهي وڃي ها، سا راجا نند سان ٻاهر ويل هئي. سو مومل نجوميءَ کي گهرائي هن جي تڪليف جو سبب دريافت ڪيو. نجوميءَ چيو ته ”آءٌ هڪ نهايت خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان، جيڪڏهن مون کي سوئر جو ڏند ملي وڃي ته هوند هن آزار مان ڇـُٽي پوان.“ مومل کي يادگيري پيئي ته بابا وٽ هڪ سوئر جو ڏند رکيل آهي، پر ان ڏند جي ڪرامت جي خبر ڪانه هيس، سو پيءُ جي ڪمري مان اهو ڏند کڻي انهيءَ اجنبيءَ کي ڏنائين. نجومي ڏند وٺڻ سان هڪدم پاڻ کي انهيءَ مکريلي بيماريءَ مان ڪي قدر چاڪ ظاهر ڪرڻ لڳو، ۽ پوءِ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي، جتي راجا نند پنهنجو خزانو درياءَ جي پيٽ ۾ رکايو هو، اتي پهچي، خزانو ڪڍي، جنهن دو دراز شهر ۾ وڃي آرام ۽ مزي سان زندگي بسر ڪرڻ لڳو. +جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ سومل سان گڏ موٽي آيو ۽ خبر پيس ته مومل سوئر جو ڏند ڪنهن بيمار فقير کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تڏهن اهڙي ته ڪاوڙ آيس جو جيڪر مومل کي هڪ ئي ڌڪ سان ماري پورو ڪري ڇڏي ها، مگر سومل سياڻيءَ هن جي دل کي ٺاريو ۽ چيائين ته مون وٽ هڪ طريقو آهي، جنهن سان مومل ايڏو وڏو خزانو حاصل ڪري سگهي ٿي، جهڙو هن فقير دولاب ڪري چورايو آهي. پوءِ ٻئي ڏينهن مومل کي ساڻ وٺي پري ڪنهن هنڌ، سنڌ کان ٻاهر، ”پاٽ“ يا بيابان ڏانهن ويئي ۽ اُتي پنهنجي جادوءَ جي زور تي هڪ سهڻو محلات اڏايائين، جنهن جي چوڌاري ميوي ۽ خوشبوءِ وارن گلن سان هڪ باغيچو کڙو ڪيائين. باغ جي سامهون هڪ آلَ بازار ٺهرايائين، جنهن جي چوڌاري ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڪو وڏو ڳاڙهو درياءُ ٿو وهي، جنهن کي ”ڪاڪ“ جو نالو ڏنائين. آلَ بازار جي منهن وٽ هڪ سرنگهه رکيائين، جنهن جي اندر سومل پنهنجي جادوءَ جي زور تي خوفناڪ جانور کـَڙا ڪرايائين، جن مان گجگوڙون ۽ خوفناڪ آواز پنهنجو پاڻ پئي نڪتا، طلسمي محلات جي هر هڪ ڪنڊ تي زنجيرن سان ٻڌل شينهن بيهاريا هئاين ته جيڪڏهن ڪو به محلات اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري، ان کي ڊيڄاري واپس موٽائي ڇڏين. جڏهن سومل اهو سارو مانڊاڻ تيار ڪرايو، تڏهن مومل ۽ سندس ٻانهين کي گهرايائين ته اچي انهيءَ محلات ۾ رهن ۽ اعلان ڪن ته مومل انهيءَ سان شادي ڪندي، جيڪو پهرين سرنگهه مان خطرناڪ رستو پار ڪري، سندس ڪمري ۾ پهچندو. +مومل جي حـُسن جي هاڪ سببان ڪيترا شهزادا ۽ امير ديسان ديس ڪهي، خزانا ۽ نوڪر ساڻ ڪري، وڏي آس ۽ اُميد سان اُسهيا ته وڃي ٿا انهيءَ سهڻي راجڪماريءَ کي هٿ ڪريون. پر جيئن ئي اُهي عاشق ٻاهرئين دروازي تي آيا ٿي ته مومل پنهنجيون ٻانهيون کين آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ دعوت ڏيڻ لاءِ ٿي موڪليون. اُهي عاشق، انهن ٻانهن جي پٺيان انهيءَ سرنگهه ۾ گهڙي ��چي آلَ _ بازار ۾ پهتا ٿي، جتي ڪاڪ ندي کين گِهلي وڃي اوجهڙ ۾ ٿي رسايو ۽ پوءِ اُتان نڪرڻ جا سڀ رستا بند ٿيو ٿي ويا. آخر اِهي عاشق اتي ڀٽڪي ڀٽڪي مري ويندا هئا ۽ مومل جون ٻانهيون سندن مال خزانا ۽ جسم جا ڪپڙا به کانئن ڦـُري وٺنديون هيون. +تن ڏينهن عمرڪوٽ ۾ هـَمير بادشاهه راڄ ڪندو هو، جو سومري خاندان جو راجپوت هو. هن کي ٽي وزير هئا، جيڪي هڪ ٻئي سان ڏاڍا قرب ۾ ٻڌل هئا ۽ بادشاهه سان تمام گهڻو پيارو هوندو هون. بادشاهه جو به ساڻن ايترو قرب هوندو هو، جو شڪار تي يا جنگ تي هنن کان سواءِ نه ويندو هو. گهڻو ڪري دنار، شينرو ۽ راڻو، ٽنهي مان ڪو نه ڪو ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. چارئي همراهه جهڙا شڪل شبيهه ۾ سهڻا هئا، تهڙا وري سورهيه هئا، پر راڻو سڀني کان وڌيڪ ٺاهوڪو ۽ جوڌو جوان هو. +هڪ ڏينهن بادشاهه ۽ سندس وزير شڪار تي نڪتا. جيئن هو هڪڙي ڳوٺ جي ويجهو پهتا، تيئن هنن هڪ فقير کي رستي جي ڀرسان بيٺل ڏٺو. هن جي شڪل ۽ صورت مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته ته هو ڪنهن وڏي گهراڻي ۾ ڄاول ۽ نپنل هو، مگر انهيءَ وقت ڦاٽل اڳڙيون پيل هيس. غربت ۽ مسڪينيءَ کان ڏاڍو مايوس ۽ منجهيل پئي لڳو. پهريائين ته چارئي جوان فقير جي حالت تي کِلڻ لڳا، پر پوءِ اڳتي وڌي هن کان پڇيائون ته ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان کان آيو آهين؟ تون ته ڪنهن وڏي خاندان جو اولاد ٿو ڏسڻ ۾ اچين. اسان هن کان اڳ تو جهڙو دُکي حال ۾ ڪو به ڪونه ڏٺو آهي.“ فقير نِوڙت سان وراڻي ڏني ”بادشاهه سلامت! آءٌ به ڪنهن وقت توهان جي انهن ٽنهي اميرن وانگر شاهوڪار ۽ سکيو ستابو هوس. مون وٽ به گهوڙا، زمينون ۽ گهڻي ئي خدمتگار هئا، پر هڪ ڏينهن مون مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ۽ وڏا انبار سون جا ساڻ ڪري، ساٿي وٺي هن جي ٻانهن هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتس، مگر مومل ۽ سندس ٻانهن منهنجا ماڻهو ماري ۽ مون کي ڦـُري، هن حال ۾ فقير ڪري ڇڏيائون_ هينئر آءٌ پيرين پيادو، دربدر ۽ خاڪ بسر رلندو ٿو وتان ته جيئن ڪنهن طرح موٽي پنهنجي وطن پهچان.“ +بادشاهه پڇيس ته ”مومل ڪير آهي؟“ سيلاني فقير سموري ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايس. حقيقت ٻـُڌڻ کان پوءِ بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن پڪو پهه ڪيو ته هو به مومل کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پوءِ توڙي اُن آزمائش ۾ کين فنا ئي ڇو نه ٿيڻو پوي. سيلاني فقير کان مومل جي محالت جو ڏس پڇيائون ۽ ڳچ ڏينهن جي سفر کان پوءِ هن جي باغ جي ٻاهرئين دروازي تي اچي پهتا. ان وقت اوندهه ٿي ويئي هئي، تنهنڪري اُتي ئي ديرو دمائي رات جا چار پهر گذاريائون. ٻئي ڏينهن صبح جو مومل جي هڪ ٻانهي دستور موجب کين کيڪارڻ لاءِ آئي. هن جو نالو ناتر هو ۽ هوءَ اهڙي تي سهڻي هئي جو هنن چئني ائين سمجهيو ته شايد اِها ئي مومل آهي. پر ناتر کلي چين ته ”مان مومل نه آهيان، هن کي ڏسڻ لاءِ توهان کي هن باغ مان لنگهي محالت ۾ پهچڻو پوندو. مومل جي صورت سندس والد کان سواءِ، هن وقت تائين، ڪنهن به غير مرد نه ڏٺي آهي. مومل مون کي موڪليو آهي ته مان توهان جي آڌر ڀاءُ ڪريان ۽ هي خونچو کاڌي جو اوهان لاءِ موڪليو اٿس.“ پوءِ هن خونچو لاهي هيٺ پٽ تي رکيو ۽ جيئن هنن جوانن اهو مزيدار کاڌو پئي کاڌو، تيئن مومل جي سونهن جي وڌيڪ ساراهه پئي ڪيائون، ايتري قدر جو سڀيئي هن جي عشق ۾ ايترو ته ديوانا بنجي ويا جو خود ٻانهي مٿن چٿرون ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته: ”توهان ڪير آهيو جو مومل سان پنهنجي محبت جي هام هڻي سگهو؟ جيڪو سورهيه مومل کي هٿ ڪندو، انهيءَ جو منهن مهانڊو ئي نرالي قسم جو هوندو. توهان لاءِ بهتر آهي ته موٽي پنهنجي ڳوٺ وڃو، جي نه ته توهان هن سرنگهه ۾ ٽڪر ٽڪر ٿي ويندا، يا بک ۽ اُڃ وگهي هن جي ور وڪڙ واريءَ واٽ ۾ منجهي ختم ٿي ويندا.“ اهڙيءَ طرح، ناتر هنن جي همت ۽ شوق کي ايترو ته ڀڙڪايو جو هنن سڀني هڪل ڪري چيو ته ”اسين نڪي سرنگهه کان ٿا ڊڄون، نڪي اوجهڙ کان، اسين تيستائين مومل جو در نه ڇڏينداسين، جيستائين مومل کي هٿ نه ڪنداسين.“ انهيءَ تي ٻانهيءَ جواب ۾ کين منجهيل پَٽَ جو هڪ منجهيل ڍيرو اُڇلائي ڏنو ۽ چيو ته هن کي ويهي کوليو ۽ پنهنجي ڪاريگريءَ کي آزمايو ۽ ان کان پوءِ سامهون آلَ بازار مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪريو.“ همير هڪدم اهو پَٽَ جو ڦورو کنيو، پر هو سلجهائي نه سگهيو، ان کان پوءِ دُنار ۽ پوءِ شينري پَٽَ کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر سندن سموري ڪوشش اجائي ويئي، آخر ۾ ڪڪ ٿي اهو ڦورو هنن ”راڻي“ کي ڏنو، جنهن جي چالاڪ آڱرين جلد ڳنڍين کي سلجهائي، پٽ جي ڍيري مان مڻکيارو ٺاهي، پنهنجي گهوڙي جي منهن تي ٻڌي ڇڏيو. +ٻانهيءَ راڻي جي حرفت کي ڏسي ڏانهس وڏي عجب مان نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي سانئڻ ڏانهن ويئي ۽ وڃي چيائينس ته ”چار سهڻا جوان توکي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا آهن، پر هڪڙو راڻي نالي سان، سڀني کان سونهن ۽ عقل ۾ سرس آهي، بلڪ ائين چئجي ته جيڪي به عاشق هيل تائين تنهنجي محلات جي در تي آيا آهن، انهن سڀني کان مٿانهون آهي. سانئڻ! منهنجي صلاح آهي ته تون انهيءَ سان هڪدم شادي ڪر ۽ هن جوڌي جوان کي ٻين وانگر نه مارائجانءِ.“ اها ڳالهه ٻڌي مومل کي في الحال ته راڻي تي رحم آيو، پر پوءِ وري به پنهنجي دستوري فريب تي ڪار بند رهندي جواب ڏنائين ته: ”جيڪڏهن سچ پڇ، جيئن تون چوين ٿي، هو اهڙو ئي عقلمند آهي ته ڀل مون کي پنهنجي همٿ سان هٿ ڪري. جيڪڏهن ان ۾ نا ڪامياب ويو ته عقلمند نه آهي، پر بيوقوف آهي ۽ پوءِ مان هن جي ڌن دولت کي پنهنجي پيءُ جي خزاني ۾ ملائي ڇڏيندس.“ +انهيءَ کان پوءِ مومل وڌيڪ لذيذ طعام تيار ڪرايا (سٿ رڇيون ٺهرايون) ۽ انهيءَ ۾ قاتل زهر وجهائي ڇڏيائين. اهو کاڌو ٻانهيءَ کي ڏنائين ته وڃي بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن کي ڏي. ٻانهيءَ حڪم جي تعمير ڪئي. پوءِ ٻانهي کاڌي جا ٿانوَ هنن جي اڳيان رکي، پنهنجي هٿن سان هنن کي وڌيندي ڏيندي ويئي ۽ چوندي پئي ويئي ته اِهي طعام سانئڻ پنهنجي هٿن سان توهان لاءِ تيار ڪيا آهن، انهيءَ خيال کان ته اوهان پـَٽ سـُلجهائڻ ۾ ٿڪجي چـُور ٿي پيا هوندا. + + +بادشاهه، شينرو ۽ دُنار وزير جيڪر اِهو کاڌو کائي بي موت مري وڃن ها، مگر راڻي کاڌي مان هڪ گرهه ڪتي کي اُڇلائي ڏنو. ڪتو گرهه کائڻ سان، زمين تي ڦٿڪي ڪِري پيو ۽ اِيذاءَ کان ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳو. همير سخت ڪاوڙ مان اُٿي کڙو ٿيو ۽ وزيرن کي چيائين ته ”هلو ته موٽي پنهنجي گهر هلون ۽ هن خونڻ کي اِتي ئي ڇڏي ڏيو.“ راڻي وراڻي ڏني ته، ”موٽي وڃڻ گيدين جو ڪم آهي. اسان کي پنهنجي همت ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جي مدد سان اسين هن فريبڻ کي هٿ ڪنداسون.“ +انهيءَ وچ ۾ ناتر محلات ڏانهن موٽي ويئي ۽ مومل کي وڃي ٻڌايائين ته راڻي ڪيئن پنهنجي ساٿين کي زهر کان بچائي ورتو. ناتر وري به پنهنجي سانئڻ کي ليلايو ته راڻي کي جيئدان ڏي. مگر مومل هن کي ڇنڀيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مان هن کي ڇڏي ڏينديس ته سڀيئي مون تي کِلندا. هاڻي وڃ ۽ هنن جوانن کي هڪ هڪ ڪري سڏي اچ ته منهنجي محلات ۾ پهچڻ جي سوڀ کٽن ۽ جڏهن آلَ بازار ۾ گهڙندا، تڏهن کين ساري سڌ پئجي ويندي. +ناتر کي جيئن ئي سندس سانئڻ چيو، هن ائين ڪيو. پوءِ همير بادشاهه وٽ وڃي عرض ڪيائين ته توهان مون سان گڏ هلو. مومل توهان جي طلب ٿي ڪري ته، توهان هن جي ڪمري تائين پهچي ويا ته ��وءِ هوءَ ساري ڄمار توهان جي آهي. +همير اها ڳالهه ٻڌي ٽپ ڏيئي ناتر جي پويان سرنگهه ۾ هليو، جتي اوندهه ۾ هوءَ کانئس کسڪي ويئي ۽ بادشاهه اڪيلو رهجي ويو. سومل جي جادوءَ جي رٿيل رمزن اهڙيون ته، گجگوڙون ۽ رانڀاٽ لائي ڏنا، ڄڻ ته وحشي جانورن سڄيءَ فضا تي حملو ڪرائي ڏنو هجي. بادشاهه ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو، پر پوءِ هن جلد هوش سنڀالي ورتو ۽ سرت ۾ آيو. آخر ڪڪ ٿي اڳتي وڌڻ جي پچر ڇڏي پٺتي موٽڻ جي ڪيائين، جتي سندس ساٿي انتظار ۾ ويٺا هئا. اتي پهچي دوستن کي غار جي هيبتناڪ منظر ۽ خوفناڪ آوازن جو سربستو احوال ڏنائين ۽ چيائين ته هاڻي اسان کي هتي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي. هلو ته موٽي عمرڪوٽ هلون“. انهيءَ تي راڻي ورندي ڏني ته ”بادشاهه سلامت! توهان ڪوشش ڪئي، پر توهان ڪامياب ڪونه ٿيا، انهيءَ ڪري توهان کي ڪير به مهڻو نه ڏيندو. پر جيڪڏهن اسين بنا آزمائش جي موٽي عمرڪوٽ هلنداسيون ته اسان تي چٿرون ۽ کِلون ٿينديون. ڇڏيو ته اسين به ڪوشش ڪري ڏسون، پوءِ جي هارايوسين ته گڏجي موٽي هلنداسون.“ +اوڏيءَ مهل ناتر خيمي ۾ گهڙي آئي ۽ ٺٺولي واري مـُرڪ سان چوڻ لڳي ته ”بادشاهه سلامت! توهان ته مومل جي باغيچي ۾ ترسيا ئي ڪين، اهي حال اٿوَ ته ڪيئن مومل ماڻي سگهندا؟ هاڻي اوهان جي وزيرن مان ڪهڙو ٿو مومل کي هٿ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلي؟“ +اها ٽوڪ ٻڌي، دنار ٽپ ڏيئي گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ گهڙيو. اڃا ٻه_ چار قدم اڳتي مس هليو ته هوءَ کسڪي ويئي ۽ کيس دُنار جي چوطرف سومل جي رٿيل ٽڪساٽ جي ڌمچر کيس لرزائي وڌو. هو دل جهلي ڪين سگهيو ۽ گهوڙي جي واڳ ڦيرائيندي ڌوڪيندو اچي دوستن جي ديري تي پهتو ۽ ساٿين کي ساري ماجرا اچي ٻڌايائين. +ڪجهه منٽن کان پوءِ ناتر وري باغ مان نڪري آئي ۽ گهـُنڊ پائي چوڻ لڳي ته ”بادشاهه سلامت! تنهنجي وزير ته تو جيتري به سـَٽَ ڪانه جهلي! اهڙيءَ ڪمزور دل وارا مومل جي ماڻن جي ڇا لاءِ ٿا سڌون ڪن؟“ +اهو ٻڌي، شينرو اُٿيو ۽ زرهه پائي پنهنجي ڀلي گهوڙي تي سوار ٿي، ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ هليو. مگر هن پڻ دل ڪانه جهلي ۽ گهوڙي کي پٺتي ورائي اوجهڙ ۾ گهڙڻ کان اڳيئي موٽي اچي ماڳ پهتو. +آخر ۾ راڻو پنهنجي قسمت آزمائيءَ لاءِ اٿيو ۽ ٻين سڀني هن کي روڪيو، مگر هن ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌي. ايتري ۾ ناتر به خيمي ۾ موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”اوهان کي مومل جي باغيچي ۾ وٺي هلڻ وقت جو زيان آهي. توهان سڀ بزدل آهيو! ٿوري ئي آواز تي ڊڄي سهي وانگر وٺي ٿا ڀڄو. اهڙا ڪانئر ڪڏهن به مومل جو منهن پسي نه سگهندا“. +راڻو پنهنجي زرهه پائي، صمند گهوڙي تي سوار ٿي، ڌڻيءَ کان دعا گهرندو، ناتر جي پويان سرنگهه ۾ گهڙيو. ٻه_ چار قدم هلي راڻي هن کي چوٽيءَ کان جهلي ورتو ته جيئن هوءَ ڇڏائي نه وڃي. نهايت قابو ڪري جهليائينس. انهيءَ مهل چوڌاري مومل جي جادوءَ جي مانڊاڻ خوفناڪ آواز ۽ گجگوڙون شروع ڪيون. انهيءَ سببان راڻي جي ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين اڳيان اونداهه ٿي ويئي. چالاڪ ۽ دغاباز ٻانهيءَ جڏهن ڏٺو ته هاڻي راڻي کان پاڻ نٿي ڇڏائي سگهان، تڏهن ڇا ڪيائين جو راڻي کي هڪ تلاءَ جي ڪپ تي گهلي ويئي، جتي راڻي کي وٺي ڌڪو ڏنائين. راڻو گهوڙي سوڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪِريو ۽ ڪِرڻ سان چوطرف اونداهه ٿي ويئي. انهيءَ اونداهه ۾ راڻي کي ٻانهيءَ جي حقارت ڀري کِل جو اواز ٻڌڻ ۾ آيو. +قسمت جي ڪايا وري هئي جو راڻو گهوڙي هيٺان اچڻ ۽ ضرب رسڻ کان بچي ويو. وڏيءَ تڪليف سان رڙهندو ٻاهر نڪتو ۽ سرنگهه مان لنگهي اچي اوجهڙ ۾ پهتو. راڻو اڃا ور وڪڙن ۾ ڦاٿل هو ته ڪاڪ نديءَ جي پاڻيءَ وٺي اُٿل ڪئيس. پاڻيءَ جي وهڪري کي آزمائڻ لاءِ راڻي هڪ سوپاري اُڇلائي، جا ترڻ بدران نديءَ جي سطح تي بيهي رهي. راڻي انهيءَ مان سمجهيو ته اها ندي هڪ طلسم آهي ۽ سامهون جيڪا زمين پيئي ڏسجي، سا انهيءَ ويران بيابان جو ئي ٽڪر آهي. سو انهيءَ تان هلي وڃي نديءَ جي ڪناري تي پهتو ۽ جرئت سان انهيءَ ۾ قدم رکيائين. ندي هڪدم غائب ٿي ويئي ۽ راڻو پنڌ ڪندو وڃي مومل جي محلات کي ويجهو ٿيو. +محلات جي اڱڻ ۾ شينهن ڇـُههَ ماري پيو هو، ڄڻ ته هن جوان تي حملو ڪرڻ وارو هو، پر مومل مٿان دريءَ مان رڙيون ڪري هن کي ڇنڀيو. ان هوندي به راڻو تلوار ڪڍي ڌوڪيندو، شينهن کي لتاڙيندو محلات جي در مان نڪري ويو، جتان ماڙيءَ تي چڙهي، انهيءَ ڪمري ۾ ويو، جتي مومل ويٺي هئي. راڻو ڌوڪيندو سڌو هن ڪمري ۾ وڃي گهڙيو. مومل ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌس ۽ چيائينس ته ”اي بهادر راڻا، تو مون کي وڏيءَ بهادريءَ سان جيتيو آهي. آءٌ اڄ کان تنهنجي آهيان ۽ مون کي قبول ڪر.“ +پِرهه ڦـُٽيءَ ويل راڻي مومل کان موڪلايو. پهريائين ته مومل هن جي وٽانئس وڃڻ جي ڳالهه ئي ٻڌڻ ڪانه ٿي گهري، پر پوءِ راڻي وچن ڏنس ته هڪ رات موٽي وٽس ايندو، تڏهن گهڻي روڄ راڙي کان پوءِ پنهنجي عاشق کي مومل ڏنائين. راڻو زرهه پائي، صمند گهوڙي تي چڙهي، اوجهڙ مان لنگهي، سرنگهه پار ڪري، اچي راجا همير جي ديري تي پهتي، جتي بادشاهه ۽ سندس ٻن وزيرن وڏي خوشيءَ مان هن جي کيڪار ڪئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته راڻو ضرور انهيءَ سرنگهه ۾ ختم ٿي ويو هوندو ۽ هـُو راڻي کي مـُئو سـَهائي ويٺا هئا. سڀئي هن کان پڇڻ لڳا ته ”تون ڪٿي هئين؟ تون ايترو وقت ڇو ترسي پئين؟ توکي انهيءَ طلسمي محلات جي واٽ هٿ آئي ڇا؟“ +راڻي کي بادشاهه جي حسد جو ڊپ ٿيو، انهيءَ ڪري مايوسيءَ واري انداز ۾ جواب ڏنائين ته مون به هارايو. ساري رات انهيءَ نڀاڳي سرنگهه ۾ رلندو رهيس ۽ اجهو هينئر جان ڀچائي اوهان سان اچي مليو آهيان. +شينرو ۽ دُنار هن تي ويساهجي ويا، مگر بادشاهه هن جي ڳالهه تي شڪيو ۽ سمجهيائين ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ ته هن جي حالت اهڙي ڪانه هئي، جهڙي شڪست کاڌل ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. آخر بادشاهه پنهنجي ٽنهي وزيرن کي چيو ته ”اسان سڀني بي همت ٿي هارايو آهي ۽ هاڻي اسان کي عمرڪوٽ هلڻ گهرجي، پر انهيءَ ماجرا جي ڪنهن سان به ٻڙڪ ڪڍڻ نه گهرجي، ورنه اسان جي خواريءَ جو ڍنڍورو ساري ديس ۾ شروع ٿي ويندو.“ +بادشاهه ۽ سندس ٽيئي ساٿي وزير گهوڙن تي سوار ٿي عمرڪوٽ روانا ٿيا. همير جي دل ۾ راڻي لاءِ بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي. شينرو ۽ دُنار پنهنجيءَ هار تي تمام گهڻو پريشان هئا ۽ راڻو بادشاهه جي غصي جي غضب کان ڪافي ڊنو ٿي. +عمرڪوٽ ۾ پهچڻ تي راڻي کي پنهنجي وچن جي يادگيري پيئي، جيڪو هو مومل سان ڪري آيو هو. پوءِ ته روزانو رات جو راڻو پنهنجي هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ تي سوار ٿيندو هو، جا کيس ڪلاڪ_ ٻن ۾ عمرڪوٽ کان مومل جي محلات ۾ آڻي پهچائيندي هئي، ۽ پرهه ڦٽڻ کان اڳ مومل کان موڪلائي، سج نڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر پهچي ويندو هو. اهڙيءَ طرح راڻو مومل وٽ ايندو ويندو هو. ٻئي طرف بادشاهه جو ڏمر ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. نيٺ هن راڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سوچڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت راڻي کي تباهه ۽ برباد ڪجي. +آخر هڪ ڏينهن راڻي، بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪئي ۽ اهو قبول ڪيائين ته مون اوهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو ۽ پوءِ بادشاهه کي رحم جي درخواست ڪيائين. همير پڇيس ته جيڪي توسان ٿي گذريو، اهو سڀ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي معاف ڪري ڇڏيندس. راڻي بادشاهه کي اها ساري حقيقت ٻڌائي ته ڪيئن هو سرنگهه ۽ آلَ بازار مان لنگهي طلسمي نديءَ مان پار اُڪري، تلوار هٿ ۾ کڻي، مومل جي ڪمري ۾ ڌوڪيندو ويو، ۽ پوءِ مومل جي حـُسن جي ساراهه اهڙن زوردار لفظن ۾ ڪيائين جو همير کي، مومل جي ديدار جو شوق اڳي کان به وڌي ويو ۽ راڻي کي سختيءَ سان چيائين ته، ”مان رڳو هڪ واريءَ مومل کي ڏسان، پوءِ آءٌ توتي اڳئين وانگر مهربان رهندس.“ +راڻي ٿوري دير ويچار ڪري، ورندي ڏني ته، ”جيڪڏهن توهان بادشاهه جي حيثيت ۾ هلندا ته هوءَ توهان سان شايد ڪانه ملڻ چاهيندي، پر جيڪڏهن توهان ڌنار جي ويس ۾ هلندا ته هن کي شڪ ڪونه پوندو ۽ اهڙيءَ طرح مومل کي چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهندوء.“ +آخر همير راڻي جي صلاح سان ڌنار جو ويس پائي، بوڇڻ مٿي تي ويڙهي، لٺ هٿ ۾ کڻي، تيز رفتار اٺ تي راڻي سان سوار ٿي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ مومل جي باغيچي جي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي پهتا. راڻو اُٺ جي واڳ وٺي سرنگهه ۽ آل بازار مان لنگهي، ندي پار ڪري اچي مومل جي اڱڻ تي پهتو. همير به ساڻ هوس. هن اُٺ کي اڱڻ تي جهڪايو ۽ اُٺ جي مهار همير کي ڏيئي پاڻ محلات ۾ گهڙي، مٿينءَ ماڙيءَ تي مومل جي ڪمري ۾ لنگهي ويو. مومل پڇيس ته، ”اهو نئون ماڻهو توسان ڪير آهي؟“ جواب ڏنائينس ته ”اسان جو ڌنار آهي.“ تنهن تي مـومـل وراڻـي ڏنـس ته ”ڌنار جو ٻار ۽ رنگ جو اهڙو ڀورو؟“ راڻي +وراڻي ڏني ته ”ٻانهيءَ جو پٽ آهي ۽ اسان جي گهر ۾ نپنو آهي.“ انهيءَ تي مومل کي شڪ پيو ته هي ماڻهو ڌنار ناهي، سو انهيءَ آزمائش لاءِ پنهنجي هڪ مينهن گهرائي، راڻي کي چيائين ته ”ڌنار کي چئو ته هيءَ مينهن ڏُهي وٺي.“ ائين چئي راڻو ۽ پاڻ گڏجي محلات ۾ وڃي آرامي ٿيا. +هوڏانهن همير مينهن کي ته جيئن تيئن ڪري ڏُهي ورتو، مگر هن جي جسم ۾ اچي خارش ٿي ۽ زور سان کير ڏُهڻ سبب سندس هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. هو مومل جي حـُسن ۽ راڻي جي خوش نصيبيءَ تي سوچيندي پنهنجي اندر ۾ کامڻ لڳو ۽ راڻي کي نقصان رسائڻ جاپهه پچائڻ لڳو. هينئر هن کي مومل جي محلات ۾ هڪ منٽ به وڌيڪ ترسڻ نٿي وڻيو. راڻي هن جي حسد ۽ بيقراريءَ کي تاڙي ورتو ۽ مومل کان موڪلائي اڱڻ ۾ وڃي بادشاهه کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، مگر بادشاهه جي ڪروڌ جي باهه تنهان ئي تيز ٿيندي ويئي. آخر راڻو بيوس بنجي همير سان گڏ موٽي عمرڪوٽ آيو. +عمرڪوٽ پهچڻ شرط همير، راڻي کي کڻي قيد ۾ وجهايو، جتي ست راتيون ۽ ست ڏينهن هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند رهيو. اٺين ڏينهن راڻي جي ڀيڻ، جا همير جي سڀني راڻين ۾ حسين هئي، مڙس کي ڀاءُ جي رهائيءَ لاءِ ليلايو. پهريائين ته همير نهڪار ڪئي، پر پوءِ چيائين ته ”سڀاڻي مان راڻي کي هڪ پرولي ڏيندس، جيڪڏهن اها ڀڳائين ته آءٌ کيس آزاد ڪندس، پر جيڪڏهن ٻڌائي نه سگهيو ته ڦاسيءَ تي لٽڪائيندوسانس.“ راڻي جي ڀيڻ پنهنجي مڙس کي انهيءَ خيال تان لاهڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر همير پنهنجي ضد تي قائم رهيو. + + +ٻئي ڏينهن راڻو، صبح جو، زنجيرن ۾ جڪڙيل شاهي درٻار ۾ آندو ويو. بادشاهه هن ڏانهن سخت ڪاوڙ ۽ نفرت سان نهاريندي چيو ته ”مون کي توکان هڪ پرولي پڇڻي آهي، جيڪڏهن تو سـَلي ته پوءِ تون آزاد آهين، پر جيڪڏهن تو نه ڀـَڳي ته توکي اڄ جو اڄ موت جي سزا ڏبي.“ راڻي هٿ ٻڌي، وراڻيو ته جيڪا بادشاهه سلامت جي مرضي.“ ان کان پوءِ همير وراڻيو ته” اِجها هيءَ پرولي آهي:“ +”ريشمي ساڙهيءَ ۾ ايڏو انگ ڪيئن آيو؟“ +راڻي جي ڏاهپ کي مومل جي معاملي ۾ اڳيئي آزمايو ويو هو، سو ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ جواب ڏنائين: +”همير پنهنجي راڻي��َ سان، جنهن کي تازو ننڍڙو ٻار ڄاول هو، ناز نخرا پئي ڪيا ته ايتري ۾ سندس ٻار کير لاءِ رُنو، جنهن تي راڻي ٽپ ڏيئي اٿي ته ساڙي ڦاٽي پيس.“ +همير کي پنهنجي وزير جي حاضر جوابيءَ تي حيراني ٿي ۽ هڪدم هن جي آزاديءَ جو حڪم ڏنائين. ايتريقدر جو سڀڪجهه موٽائي ڏنائينس ۽ سندس پراڻا القاب به عطا ڪيائينس. ان کان پوءِ راڻو هر رات، اڳي وانگر، پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي، مومل جي ملاقات لاءِ ويندو هو. +آخرڪار راڻي جي زال ۽ سندس پيءُ ڪبير کي راڻي جي روزانو گم ٿيڻ تي شڪ جاڳيو. راڻي جي گهر واريءَ کي پنهنجي مڙس جي ڪپڙن تي ڳاڙهي دَزَ ۽ عمرڪوٽ جي اڇي مٽي نظر آئي، ۽ ساڳئي وقت مومل ۽ راڻي جي عشق جا قصا ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙبا ڪبير جي ڪـَنَ تي اچي پيا. هن کي عجب لڳو ته ڪيئن راڻو راتو رات مومل وٽ وڃي ۽ موٽي سگهي ٿو، ڇو ته فاصلو تمام گهڻو هو. گهڻيءَ جاچ کان پوءِ کيس هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ جي خبر پيئي، جنهن کي هن هٿ ڪري، ڪـُهرائي ڦٽو ڪيو، ۽ هاڻ پڪ ٿيس ته راڻو، مومل وٽ پهچي ڪونه سگهندو. +انهيءَ رات راڻي پنهنجي ڏاچيءَ جي ڳولا ڪئي، پر هن کي هٿ نه آئي ۽ نڪي هن کي جَـتَ مليا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪبير ڏاچيءَ کي ڪـُهرائڻ لاءِ اُتاولو هو، تڏهن هو خوف سببان ڀڄي نڪتا هئا. آخرڪار هن کي ٻوڙو جـَت مليو، جو پٺتي رهجي ويو هو. راڻي هن کان نهايت ئي رازدارانه نموني پڇا ڪئي ته ”منهنجي ڏاچي ڪٿي آهي؟“ ٻوڙي جت جواب ڏنو ”تنهنجي پيءُ ڪـُهرائي ڇڏي، پر انهيءَ جو هڪ توڏو آهي، جو توکي اهڙيءَ ئي تيزيءَ سان پهچائيندو.“ ائين چوندي هن کي اُٺن جي جهوڪ تي وٺي آيو، ۽ اهو توڏو، راڻي جي حوالي ڪيائين، ۽ پوءِ راڻي جي لانگ ورائڻ جي دير هئي. ان پنهنجي ماءُ کان به تيز رفتاريءَ سان راڻي کي مومل جي محلات ۾ آڻي رسايو. ان رات راڻو پنهنجي دستور خلاف مومل وٽ ساري رات ڪين ترسيو، بلڪ صبح کان اڳ گهر موٽي آيو ۽ ڪپڙا صاف ڪري اچي زال وٽ حاضر ٿيو ته جيئن هن کي شڪ نه پوي. راڻي کي صبح جو گهر ۾ ڏسي جوڻس ۽ سندس پيءُ سمجهيو ته راڻو هاڻي مومل وٽ ڪونه ٿو وڃي. +بدقسمتيءَ سان مومل ۽ راڻي جي محبت جو قصو مومل جي ماءُ جي ڪـَنن تائين پهتو ۽ مومل جي ڀيڻ سومل کي به اها خبر پئجي ويئي. ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي بدناموسيءَ جو گهڻو ارمان ٿيو، مگر سومل کي پنهنجيءَ ڀيڻ مومل جو راڻي سان عشق ۾ اَڙجڻ ۽ پنهنجي ڪاروبار (شهزادن کي ڦاسائڻ ۽ دولت حاصل ڪرڻ) کي ترڪ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيو. هن چيو ته هاڻي پيءُ جي وڃايل خزاني جو پورائو نه ڪري سگهبو. آخر سومل هڪ ظالمانه سٽِ سـَٽي، ڇا ڪيائين جو هڪدم مومل جي محلات ۾ ويئي ۽ هن کي مڪريلي نموني جو پيار ڏيکاري ساڻس گڏ سمهي پيئي. رات جو جڏهن مومل کي ننڊ کڻي ويئي، تڏهن سومل پلنگ تان اُٿي، مرداڻه ڪپڙا پهري وري اچي هن جي پاسي ۾ ليٽي پيئي. +هوڏانهن راڻو پنهنجي تيز اُٺ تي اونداهي رات ۾ پنهنجي محبوب ڏانهن پئي ويو. واٽ تي هن کان رستو وڃائجي ويو. اوچتو هڪ اوٺيءَ تي نظر پوندي کانئس مومل جي محلات جو ڏَسُ پڇيائين. حقيقت هيءَ هئي ته اهو اوٺي خود سومل جو موڪليل هو ۽ راڻي جو انتظار ڪري رهيو هو. هو چوڻ لڳو ”اُها مومل، جا راجا نند جي ڌيءَ آهي ۽ سيتل جي ساهيڙي آهي؟“ ائين چوندي، راڻي کي رستو ڏيکاريائين. راڻي اِهي لفظ هڪ ڪـَن کان ٻـُڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته کيس مومل جي محبت ۽ وفاداريءَ تي يقين هو. راڻو محلات ۾ پهچي ويو ۽ ماڙيءَ تي چڙهي، مومل جي ڪمري جو در کوليائين. ڇا ڏسي ته هن جي ڀر ۾ هڪ مرد سـُتو پيو آهي. اوڏيءَ مهل واٽ تي گڏجندڙ اوٺيءَ واري ڳالهه ذهن تي ت��ي آيس. +راڻي کي اول ته اهڙو جوش آيو، جو چاهيائين ته تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان ٻنهي کي اُتي جو اُتي پورو ڪري ڇڏي، پر پوءِ جڏهن مومل جي من موهيندڙ پيشانيءَ تي نظر پيس، تڏهن ٿڌو ٿي ويو. هن پنهنجي اُٺ کي هڪلڻ واري لڪڻ مومل جي پاسي ۾ رکيو ۽ ڏاڪڻ تان آهستي آهستي لهي، اُٺ تي سوار ٿي عمرڪوٽ واپس پهتو. +صبح جو مومل جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿي، تڏهن پنهنجي پاسي ۾ راڻي جو لڪڻ پيل ڏٺائين. ٻاهر نڪري ڏٺائين ته، اُٺ جي اچڻ ۽ وڃڻ جا پيرا به موجود هئا. سمجهي ويئي ته راڻو رات آيو هو ۽ سومل کي منهنجي پاسي ۾ ستل ڏسي، بيوفا سمجهي موٽي هليو ويو. سڄي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مومل هن ڏانهن ليلائي نياپو ڏياري موڪليو ته ”ڀلائي ڪري موٽي مون وٽ آءُ. تو جنهن ماڻهوءَ کي مون سان گڏ ستل ڏٺو هو، اُهو ڪو مرد ڪونه هو، پر منهنجي ڀيڻ سومل هئي.“ راڻي انهيءَ قاصد هٿان جواب موڪليو ته: ”مون جيڪي اکين سان ڏٺو، تنهن تي ڪيئن نه ويساهه ڪريان؟ ڪا به عورت مرد جا ڪپڙا پائي ڪانه سمهندي آهي.“ انهيءَ جواب کان پوءِ مومل هڪ ٻئي پٺيان ڪيئي قاصد موڪليا ته راڻي سان ملي کيس اصلي حقيقت کان آگاهه ڪن، مگر راڻي کي ويساهه نه آيو، سو نه آيو. آخر راڻي قاصد هٿان اهو جواب ڏياري موڪليو ته ”مومل کي وڃي چئو ته مان توکي هرگز معاف نه ڪندس، توڙي کڻي تون منهنجي در تي ڪيترو به ليلائي اچي معافي گهـُرين.“ +جڏهن قاصد اهو نياپو مومل کي اچي ڏنو، تڏهن ٻڌڻ شرط مومل جي دل کي سخت صدمو رسيو، پر پوءِ همت ڪري، مرداڻا گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي ۽ ڪشتو هٿ ۾ کڻي در در سئن هڻندي اچي عمرڪوٽ پهتي. انهيءَ ئي ڏينهن پتا پار پڇي اچي راڻي جي دروازي تي سئن هنيائين. هڪ درديلي آواز واري سئن ٻڌي، راڻو ٻاهر نڪتو. فقير کي مرداڻا ڪپڙا ڏسي سڃاڻي ڪونه سگهيو، پر هن جي موهيندڙ مهانڊي تي موهت ٿي پڇيائين ته ”فقير! توهان ڪٿان آيا آهيو؟ ڪڏهن کان سنياسي ٿيا آهيو؟ اصل کان انهيءَ حالت ۾ هئا يا دنيا کان بيزار ٿي ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت ۾ هيءُ روپ ورتو اٿو؟“ سنياسيءَ جواب ڏنو ته ”ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت ۾ هيءُ روپ ڪين ورتو اٿم، پر دُکي سنسار جا ئي ڪرشما آهن، جنهن هيءُ ماڳ ڏيکاريو آهي.“ راڻو هن جي جواب کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ نهايت دل جي محبت سان چيائين ته ”سيلاني، ٻه _ چار ڏينهن اسان کي پنهنجيءَ خدمت جو جيڪر موقعو ڏين ته تنهنجا وڏا لائق ٿيندا.“ مومل ته پنهنجي دل ۾ ڌڻيءَ کان اهوئي سوال ٿي گهريو، سو سواءِ ڪنهن رد ڪد جي هڪدم ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪيائين. +ٻن _ چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن راڻي سنياسيءَ کي ڍاري راند جي آڇ ڪئي ۽ کانئس راند جي هار جيت جي شرط پڇيائينس. سنياسيءَ وراڻي ڏني ته: ”جيڪڏهن مون کٽيو ته مان توهان وٽ هميشه لاءِ ترسي پوندس، پر جي هارايم ته سڀاڻي هتان هليو ويندس.“ راڻي کلندي جواب ڏنو ته: ”جيئن توهان جي مرضي.“ ائين چئي ٻئي ڄڻا راند تـي ويـهي رهيـا. راڻـو پنـهـنجو وارو +هليو ۽ جيئن مومل جو وارو آيو ۽ ڍاري کڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تيئن هن جي ٻانهن اگهاڙي ٿي پيئي ۽ بدقسمتيءَ سان ٻانهن وارو تِر، جو راڻي جو ڏٺل هو، ظاهر ٿي پيو. ٻانهن جي تِر تي نظر پوندي، راڻو راند ڇڏي، ٽپ ڏيئي، اٿي کڙو ٿيو. مومل ڄاڻي ويئي ته راز ظاهر ٿي پيو. پوءِ ته مومل راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ آزين نيزارين ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪانه ڪئي، پر راڻي جي دل تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، ۽ هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. +مومل دل شڪسته ٿي شهر کان ٻاهر نڪتي، هن سوچيو ته هاڻ هن زندگيءَ کان مرڻ بهتر آهي. اهو فيصلو ��ري هڪ چکيا تيار ڪرايائين. اها خبر راڻي جي ڪنن تائين وڃي پهتي ته هڪ سـَتي پاڻ کي شهر کان ٻاهر چکيا تي چاڙهي رهي آهي. هن کي يقين ٿيو ته شايد اها مومل هجي، جنهن نااميد ٿي، اهو قدم محبت جي ناڪاميءَ سببان کنيو آهي. اهو سوچي هن کي سخت ارمان ٿيو ۽ بي اختيار ٿي دانهن ڪري چيائين ته: او مومل! مون توکي معاف ڪيو، آءٌ غلطيءَ تي هوس. مان تنهنجي محبت کي سچو سمجهان ٿو.“ پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو. محبت پنهنجي آخري انجام جو فيصلو ڪري چڪي هئي. مومل وراڻيو: ”تنهنجي انهيءَ اقرار کان پوءِ مون لاءِ هاڻي وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.“ ائين چئي، هن هڪدم پنهنجو پاڻ مچ ۾ اڇلي وڌو. +باهه جو وڏو ڀنڀٽ آسمان کي ڇـُهي رهيو هو. مومل جو هيءُ انجام ڏسندي، راڻي جو هوش حواس گم ٿي ويو. هن بي اختيار بنجي ڊوڙي وڃي باهه ۾ ٽپ ڏنو. اهڙيءَ ريت هي ٻيئي عاشق ۽ معشوق، محبت جي آخري امتحان ۾ پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، هميشه لاءِ جاودان بنجي ويا. +4_ راجبالا +راجبالا ويشلپور جي هڪ ٺڪر، پرتابسنگ جي ڌيءَ هئي ۽ ساري ملڪ ۾، سونهن سوڀيا، عقل ۽ سمجهه ۽ جرئت ۾ پنهنجو مـَٽُ پاڻ هئي. اڃا ننڍڙي ٻار هئي، جو سندس پيءُ هن جو مڱڻو سوڍي راجپوت، انارسنگ جي پٽ اجيتسنگ سان ڪري ڇڏيو هو. هي انارسنگ امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو. +انار سنگ هڪ ننڍڙي ملڪ جو راجا هو ۽ جيئن ته هن پاڻ وٽ گهوڙيسوارن جو هڪ لشڪر رکيو هو ۽ انهن جي خرچ جي پورائي لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي ڳوٺن تي ڦرلٽ ڪرائيندو رهندو هو. هڪ ڏينهن سنڌ جي راجا، پنهنجو خزانو هڪ پيدل قافلي سان ڪنهن طرف روانو ڪيو. اها خبر انارسنگ جي ڪن تي وڃي پيئي، جنهن فيصلو ڪيو ته انهيءَ خزاني کي ضرور لـُٽجي. ان نيت سان پنهنجي گهوڙيسوارن سان قافلي کي گهيرو ڪري انهن تي حملو ڪيائين، مگر خزاني جي حفاظت وارا وڏا بهادر ۽ فرض شناس هئا، ان ڪري وڏيءَ مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائون. انارسنگ جا گهوڙيسوار ڪي ڀڳا ۽ ڪيترا قيد ٿيا. سنڌ جي راجا کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن انارسنگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ، سندس سموري جائداد ضبط ڪري، کيس سندس ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين. بدنصيب انارسنگ ڀڄي وڃي ڪنهن هنڌ پناهه ورتي، جتي آخرڪار غربت ۽ گمناميءَ ۾ مري ويو. +انارسنگ جي موت کان پوءِ، هن جي بيواهه زال، پنهنجو سارو تن من پنهنجي پٽ اجيتسنگ، جي سنڀال لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. آخرڪار جنهن وقت سندس پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ قدم رکيو، انهيءَ وقت هوءَ گذاري ويئي. اجيتسنگ پنهنجي مٿي اڪيلو رهجي ويو. پهريائين سنڌ جي راجا کي منت ڪيائين ته سندس ملڪ موٽائي ڏئي، پر راجا انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هن کي پنهنجي مڱيندي، راجبالا، جو خيال آيو ۽ هڪ عزيز کي ٺاڪر پرتابسنگ ڏانهن موڪليائين ته وڃي هن کي چوي ته پنهنجو واعدو پورو ڪري ۽ پنهنجي ڌيءَ هن کي پرڻائي ڏئي. +جڏهن اجيتسنگ جو ماڻهو، ويشلپور پهتو، انهيءَ وقت راجبالا سورهن سالن جي هئي ۽ هوءَ پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ٿيل مڱڻي بابت پيئي سوچيندي هئي. جڏهن خبر پيس ته هو هينئر هڪ وڏو بهادر ۽ سهڻو جوان آهي، تڏهن هن کي انهيءَ ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه رهي ته هو هينئر دنيا ۾ سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهي. راجپوت لاءِ تلوار کان وڌيڪ ٻي ڪا به دولت ڪانه ٿي ٿي سگهي، سو جڏهن اجيتسنگ جو قاصد ويشلپور آيو، تڏهن راجبالا کيس چوائي موڪليو ته آءٌ هر حالت ۾ تنهنجي آهيان، پوءِ ڇا به ٿئي ۽ جيڪڏهن منهنجي پيءُ شاديءَ کان انڪار ڪيو ته آءٌ ٻئي ڪنهن سان به شادي ڪانه ڪنديس. +ٺاڪر پرتابسنگ جواب ۾ چيو ته مان راجبالا جو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان�� مگر مون کي اها پڪ ڏئي ته هو مون تي ڪين ڀاڙيندو ۽ ٻيو شرط هيءُ آهي ته پاڻ سان 20 هزار رپيا کڻي اچي ته راجبالا جو سـَڱُ کيس ڏيندس“. +قاصد ٻئي نياپا کڻي اچي اجيتسنگ کي پهچايا. هو راجبالا جو نياپو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، مگر ٺاڪر جو شرط ٻڌي پريشان ٿيو. 20 هزار ته ٺهيو، پر 20 رپيا به هن وقت پونجي ڪانه هئي ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڪجهه عرصو غلطان رهيو. پر آخر هن کي جيسلمير جي هڪ شاهوڪار صراف جي يادگييري آئي، جنهن سان هن جو پيءُ اڪثر وهنوار رکندو هو. هو جيسلمير ويو ۽ صراف کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، هن کان 20 هزار رپيا اُڌارا گهريائين. ٻڍو صراف ڳچ دير تائين اجيتسنگ ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ آخر جواب ڏنو ته 20 هزار توکي ڏيندس، مگر شرط هيءُ آهي ته زال کي تيستائين پنهنجو نه ڪري سمجهندين، جيستائين اهو قرض وياج سميت مون کي ادا نه ڪندين. بدنصيب اجيتسنگ پهريائين خيال ڪيو ته اهو شرط قبول نه ڪري، مگر ٻيو ڪو به وسيلو پئسن هٿ ڪرڻ جو نه ڏسي، آخرڪار راضي ٿيو ۽ 20 هزار رپيا وٺي ويشلپور روانو ٿيو. +ٻـُڍي ٺـَڪر، جنهن سمجهيو هو ته انهيءَ شرط سببان اجيتسنگ مان جند آزاد ٿيندي، تنهن جو اجيتسنگ کي محلات جي دريءَ مان ايندي ڏٺو، سو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هو وَچن ڏيئي ويٺو هو، سو ناڪار نٿي ڪري سگهيو. آخر راجبالا کي اجيتسنگ سان مناسب رسمن رواجن جي ادائگيءَ سان پرڻايائين ۽ کين رهڻ لاءِ پنهنجو هڪ محلات ڏنائين. +جڏهن هيءُ جوان جوڙو رات جو آرامي ٿيو، تڏهن راجبالا کي هي ڏسي حيرت لڳي ته مڙسس تلوار مياڻ مان ڪڍي، ٻنهي جي وچ تي رکي ڇڏي. شرميلي راجبالا کان اِهو نٿي پـُڳو جو مڙس کان ان ڳالهه جو سبب معلوم ڪري. ڪيترائي ڏينهن ائين گذري ويا. آخرڪار همت کي هٿ ۾ جهلي، هن وٽ ويئي ۽ چيائينس: ”منهنجي دل جا راجا! مان اڪثر توهان کي ٿڌو ساهه کڻندو ڏسندي آهيان، ڄڻ ڪنهن وڏي غم جو شڪار آهيو. مان توهان کي منٿ ٿي ڪريان ته مون کي ٻڌايو ته ماجرا ڪهڙي آهي؟ مان توهان جي ٻانهي آهيان، اوهان جيئن به چوندوء، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ويندي پنهنجي جان به توهان لاءِ ڏيڻ کان نه ڪيٻائينديس. هر تڪليف جو ڪو نه ڪو علاج ضرور آهي، مگر غم لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به موثر ڏَسُ ڪونهي ته پنهنجي دل جي دوست سان حال اورجي.“ + + +پهريائين ته اجيتسنگ ڪي ڪين ڪڇيو، پر پوءِ اکيون مٿي ڪيائين ۽ راجبالا جي سندر ۽ سهڻيءَ صورت ۽ سادي ٻوليءَ هن کي موهي وڌو ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ساري ڪهاڻي کيس ٻڌايائين. +راجبالا ڪهاڻي ٻڌي، رڙ ڪري چيو ته ”سائين! تو مون کي منهنجي لائقيءَ کان بيحد وڌيڪ ملهه ڏيئي ورتو آهي، مگر هاڻي هتي ترسڻ سان توکان ويهه هزار ڪٿان گڏ ٿيندا. اسان کي هتان ڀڄي هلڻ گهرجي. مان ڇوڪراڻو ويس ڪنديس ۽ اسين ائين ڏيکارينداسين ته پاڻ ۾ سـَنڍُو آهيون. اسان کي جلد کان جلد هتان نڪرڻ گهرجي. اسين جيترو جلدي ڪنداسون، اوترو ئي ترت انهيءَ منحوس صراف کي ويهه هزار موٽائي ڏيئي سگهنداسون.“ +انهيءَ ئي رات راجبالا مرداڻو ويس ڪيو ۽ جڏهن محلات ۾ سڀيئي سمهيا پيا هئا، تڏهن اجيتسنگ ۽ راجبالا ٻئي گڏجي محلات کان ٻاهر نڪتا. گهوڙن کي خرزين چاڙهيائون ۽ سوار ٿي ويشلپور کان نڪري روانا ٿيا. +ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، اڌيپور جي راڻي، جڳتسنگ جيئن پنهنجي گهر جي کـُڏ تي ويٺي پنهنجي شهر کي ڏٺو ته اوچتو هن هڪڙا ٻه جوان گهوڙن تي سوار شهر جي دروازي ڏانهن ايندا ڏٺا. هنن جو ڊيل ڊول اڻ ڏٺل هو، ان ڪري ماڻهو موڪلي کين پاڻ وٽ گهرايائين. هنن جوانن راڻي کي سلام ڪيو ۽ منجهانئن وڏي ٻڌايو ته: ��اسين راجپوت آهيون، منهنجو نالو اجيتسنگ آهي ۽ منهنجي سالي جو نالو گلابسنگ. اسين نوڪريءَ ۾ تلاش نڪتا آهيون ۽ قدرت اسان کي توهان جي درٻار ڏانهن وٺي آئي آهي.“ +راڻو نوجوان راجپوت جي ساديءَ گفتار مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هنن ٻنهي جوانن کي پاڻ وٽ اجهو ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته روزانو هنن کي پنج رپيا کاڌي خرچ لاءِ ڏنا وڃن. شروع ۾ اجيتسنگ ۽ راجبالا آڌرڀاءُ تي ڏاڍا سرها ٿيا، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته هنن ڏٺو ته صراف جي قرض کان نجات جا آثار نظر ڪين ٿا اچن. هو اڌيپور ۾ سانوڻ کان ٿورو اڳ پهتا. مينهن جي مند جلد گذري ويئي ۽ دسهڙو اچي پهتو، مگر هو پنهنجي روزانه جي ڀـَتي مان ڪجهه به نه بچائي سگهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اها رقم کاڌي ۽ ڪپڙي لاءِ مس پوري هئي. +هڪ ڏينهن راڻي جڳتسنگ، هميشه جي دستور موجب دسهڙي جي شڪار جي تياري ڪئي ۽ دسهڙي واري ڏينهن شڪار تي نڪتو. ان سان گڏ گلابسنگ ۽ اجيتسنگ به ويا. هو جيئن رستي تان ويا پئي ته هڪ پيادو شخص ڊوڙندو وٽن ۽ اچي خبر ڏنائين ته هڪ شينهن ۽ ڪجهه هرڻ پريان ڏسجن پيا. راڻي هڪدم ويچاريو ته ڇو نه شينهن جو شڪار ڪجي ۽ پوءِ هڪل ڪري چيائين ته ”دسهڙي جي ڏينهن شينهن جو شڪار بلڪل موزون آهن”.۽ پوءِ هاٿيءَ تي سوار ٿي ۽ پنهنجن اميرن سان انهيءَ هنڌ پهتو. شڪار تي ٽن پاسن کان گهيرو ڪيو ويو ۽ شينهن کي سوڙه مان ڌڪيلي، جتي راڻو جڳتسنگ انتظار ۾ بيٺو هو، اتي آندائون. اميرن ٻين پاسن کان گهيرو ڪيو. هڪ هيبتناڪ شينهن هڪدم راڻي تي حملو ڪيو ۽ راڻي جي هاٿيءَ تي ڪاهه ڪيائين ۽ اهڙو ته خوفناڪ منظر هو جو راڻي جو خوف ۽ هراس وچان تير ۽ ڪمان پٽ تي ڪري پيا. وحشي درندي، هاٿيءَ جي سونڊ تي ڇال ماري ڳپل ماس جو پٽي ورتو، ۽ وري ٻيو حملو ڪيو. هاٿي سور ۽ زخم کان بيحال ٿي ڪرڻ تي هو ته گلابسنگ، اجيتسنگ کي، راڻي جي مدد لاءِ رڙ ڪئي. فقط آواز جي دير هئي. اجيتسنگ هڪدم گهوڙي تي سوار ٿي تيز رفتاريءَ سان شينهن کي تيز ڀالو آرپار لنگهائي وڌو ۽ شينهن زمين تي ڪِري پيو. انهيءَ کان اڳ جو هو ساهه کڻي وري اُٿي، گلابسنگ پنهنجي تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان هن جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. اُنهيءَ کان پوءِ گهوڙي تان هيٺ لهي، شينهن جا ڪن ۽ چنبا ڪپي خرزين ۾ وجهي، تيز رفتاريءَ سان گهوڙي کي هڪليندو پنهنجي مڪان تي اچي پهتو. +راڻي جو موت جي منهن مان هن طرح بچڻ ڄڻ ته هڪ معجزو هو. هو پوءِ ٻئي هاٿيءَ تي سوار ٿيو، ۽ پنهنجي اميرن کي چوڌاري بيهاري پڇيائين ته اهو ڪير هو، جنهن شينهن کي ماريو؟ ڇو ته گلابسنگ جو اچڻ ۽ موٽڻ جهٽ پٽ ٿيو هو ۽ راڻو هن کي سڃاڻي نه سگهيو هو. هر هڪ امير اهوئي رايو ڏيکاريو ته ’مون ئي اهو سورهيائيءَ جو ڪم ڪيو آهي.“ مگر راڻو ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي هاٿيءَ تي چڙهي اچي محلات ۾ پهتو. +محلات جي در وٽ پهچي، پنهنجي اميرن کي حڪم ڪيائين ته سڀ سندس ڀر وٽان لنگهن، جو هن جو خيال هو ته پنهنجي بچائيندڙ کي ڏسندو ته ضرور سڃاڻي وٺندو. جڏهن گلابسنگ هن جي سامهون لنگهيو، تڏهن راڻي هن کي سڃاڻي ورتو ۽ سڏ ڪري چيائين ته، ”اُهو راجپوت تون آهن، جنهن شينهن کي ماري منهنجي جان بچائي.“ گلابسنگ ادب سان جواب ڏنو: ”جيئندا قبلا! جيئن توهان سمجهو ٿا، تنهن ئي شينهن کي ماريو آهي.“ راڻو اهو ٻـُڌي منجهي پيو ۽ پڪ ڪانه ٿيس ته ڪو منهنجو گـُمان ٺيڪ آهي. مگر اجيتسنگ اچي کليو ۽ چوڻ لڳو ته: ”غريب پرور! جنهن به شينهن کي ماريو هوندو، تنهن ضرور ان جا چنبا ۽ ڪـَن پاڻ وٽ شاهديءَ لاءِ رکيا هوندا.“ راڻي ڪاوڙ مان هن جي طرف نهاريو ۽ چيائين ته: ”ڪن هجن يا نه، چنبا هجنس يا نه، مگر تو ته شينهن نه ماريو آهي.“ اجيتسنگ لڄي ٿيو ۽ چيائين ته: ”مون ته ڪونه ماريو آهي. مگر جنهن به ماريو آهي، تنهن وٽ ان جا چنبا ۽ ڪن ضرور هوندا.“ +انهيءَ کان پوءِ راڻي کي يادگيري آئي ته اجيتسنگ ۽ گلابسنگ پاڻ ۾ سالا ڀيڻويا آهن، تنهنڪري گلابسنگ کي حڪم ڪيائين ته: ”جيڪڏهن هن وٽ ڪن ۽ چنبا آهن ته ظاهر ڪري.“ گلابسنگ گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجي خرزين مان شينهن جا چنبا ۽ ڪن ڪڍيائين ۽ ادب سان راڻي جي سامهون رکيائين. راڻي خوشيءَ وچان گلابسنگ جي سورهيائي ۽ حياءَ جي تعريف ڪئي ۽ هن کي سندس بهادريءَ جي عيوض هڪ چوغو عطا ڪيائين. اجيتسنگ کي پنهنجي دربانن جو مهندار مقرر ڪيائين ۽ گلابسنگ کي پنهنجي شاهي محلات جي چارج ڏنائين. هنن کي شاهي بخشش کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه هو، مگر هنن ٻنهي کي هن قسم جي مستقل جدائيءَ تي بيحد صدمو رسيو. +سانوڻ گذريو سيارو آيو، پر صراف وارن ويهن هزارن جي ادائگيءَ جو ڪو به امڪان نظر نٿي آيو. هڪ ڏينهن شام جو هڪ زبردست طوفان لڳو. گلابسنگ ان وقت راجائي محلات جي حاضريءَ تي هو ۽ اجيتسنگ راجا سان گڏ هو. راجا اجيتسنگ کي آرام ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ پاڻ راڻيءَ وٽ وڃي آرامي ٿيو. ان وقت ويچارو گلابسنگ، جو محلات جي ڊيوٽيءَ تي هو، مينهن جي پاڻيءَ ۾ پـُسيل، ٿڌ ۾ پريشان ۽ اٻاڻڪو هو. هو ان وقت پاڻ کي وندرائڻ لاءِ هيءَ مصرع ڳائي رهيو هو: +”لــٿـو آهـي مـيـنـهن، ڏاڍا اوهـيرا ڪري، +دريـا جـو ڌمـچـر، ٻــُـڌجـي پــيــو پــري، +کِوڻيون خوب کِون ٿيون، طوفان زور ڀري، +انــدر بـاهه ٻـري، جـدائـي جـانـب کـان.“ +اجيتسنگ گلابسنگ جو راڳ ٻـُڌي ورتو ۽ جيئن هو گهر ڏانهن پئي ويو، تيئن هن جا لفظ پڙاڏي وانگر هن جي دل تي پئي ٻـُريا ۽ پل کن ۾ هـُن به وراڻيءَ ۾ هيءُ راڳ آلاپيو: +”مـنصف آهي مالڪ، بيشڪ پاڻ خدا، +تـوڙي ڌرتـي نـنـڊ ۾، جـاچي پاڻ سدا، +شـايـد اڳ جنم ۾، ڪيم ڪم ڪـُڌا، +جنهنڪري جـُدا_گهارڻ پيون هي گهڙيون.“ +گلابسنگ جڏهن اهو جواب ٻڌو، تڏهن ٿڌو ساهه ڀري جهونگاريائين ته: +”قسمت پنهنجيءَ ۾ آ_قصو هِي سارو، +ڪونهي ڪو چارو_سـوا ڀوڳڻ ان جي.“ +هاڻي ڇا ٿيو جو راڻي، جيڪا تمام چالاڪ ۽ هوشيار هئي، تنهن جڏهن اهي ٻئي مصرائون ٻڌيون، تڏهن بادشاهه کي چيائين ته اهي توهان جي دربانن جا مهندار پاڻ ۾ زال مڙس آهن ۽ جيڪو توهان جي محلات جي مٿان چوبدار آهي اُها يقيناَ َ عورت آهي. راڻي کِلي ڪنڌ ڌوڻندي چيو: ”نه نه هو پاڻ ۾ سالو ڀيڻويا آهن.“ راڻيءَ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان صحيح هجو، مگر اسان کي آزمائڻ گهرجي ته توهان جي خيال مطابق مرد آهي يا منهنجيءَ راءِ موجب زال آهي.“ +راڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ راجا قاصد موڪلي ٻنهي راجپوتن کي گهرايو، پر جڏهن هو آيا ۽ نمسڪار ڪري بيٺا، تڏهن راجا ڏانهن گهوري چيو ته: ”گلاب ۽ اجيت، مون کي هڪدم ٻڌايو ته توهان مان هڪ عورت ته ناهي؟“ هيءَ ڳالهه ٻڌي ٻئي ڊڄي ويا ۽ اکر به ڪونه ڪڇيائون. انهيءَ تي راجا وڌيڪ تِکو ٿي پڇين ته: ”جواب ڇو نٿا ڏيو؟“ هنن جو منهن لعل ڏسي، وري نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو: پنهنجي اصليت ٻڌائڻ ۾ نه ڊڄو. جنهن منهنجي جان بچائي آهي، انهيءَ لاءِ مان خوشيءَ سان پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي، اجيتسنگ ۾ ٿوري جرئت آئي ۽ راڻي کي شروع کان وٺي آخر تائين سڄي ڪهاڻي ٻڌايائين. +راڻي جواب ۾ ڪي ڪين ڪڇيو ۽ هڪ ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته گلابسنگ کي ڇوڪريءَ جا ڪپڙا پهرائي آڻي. ٻئي ڏينهن هن پنهنجي خزانچيءَ کي حڪم ڪيو ته ��جيتسنگ کي 20 هزار رپيا ۽ جيڪي ان تي وياج ٿيو هجي، انهيءَ سميت رقم ڏني وڃي. جوان کي اڃا مس رقم ملي ته هو پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي فوراََ جيسلمير پهتو. اُتي پهچڻ کان پوءِ، هو صراف وٽ ويو ۽ وڃي هن کي قرض ادا ڪيائين، جنهن کي ورتي پورو هڪ سال ٿي ويو هو ۽ جنهن جو ٻـُڍي صراف ڪجهه ڏينهن کان آسرو لاهي ڇڏيو هو. هو پنهنجي دل کي اها تسلي ڏيندو ٿي رهيو ته انهيءَ رقم کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ اجيتسنگ جي پيءُ سان جيڪو هن جو وهنوار هوندو هو، انهيءَ مان حاصل ڪري چڪو هو. مگر جڏهن اجيتسنگ کان وڃايل رقم موٽي مليس، تڏهن بيحد گهڻو خوش ٿيو. +صراف کي پئسا ڏيئي، اجيتسنگ هوا وانگر تکو موٽي اڌيپور پهتو ۽ ان لاءِ ٿورو مڃيندي راڻي جي پيرن تي ڪِري پيو. ان کان پوءِ راجا راجبالا کي سڏايو ۽ رسمن موافق هن کي ”پرن رڪشا“ يا حياتي بچائيندڙ ديويءَ جو لقب ڏنائين، جنهن نالي سان هوءَ ساري اڌيپور ۾ مشحور ٿي ويئي. ان کان سواءِ کيس هڪ وڏي جاگير ۽ هڪ رهڻ لاءِ عاليشان محلات ڏنائين. انهيءَ ڏينهن کان اجيتسنگ ۽ راجبالا انهيءَ ۾ رهڻ لڳا. ليڪن هاڻي راڻي جي تلوار مياڻ اندر هئي ۽ اڳي وانگر مياڻ مان ڪڍي پاسي ۾ رکڻ بند ڪيائين، جا ٻنهي محبت جي متوالن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکندي هئي. +5_ دود ۽ چنيسر +ڪنهن زماني ۾ روپا شهر ۾، ڀونگر نالي هڪ وڏو حاڪم راڄ ڪندو هو. هو سومرا قوم جو فرد هو۽ سڄيءَ سنڌ جو مڃيل حاڪم هو. هو هڪ دفعي شڪار تي ويو ۽ لاهر قوم جي هڪ حسين ڇوڪري ڏٺائين، جا اُن وقت پنهنجي ماڙيءَ جي دريءَ مان ٻاهر نهاري رهي هئي. توڙي جو بادشاهه ڇوڪريءَ کي گهڙي پلڪ لاءِ ڏٺو هو، پر ڏسڻ سان ئي سندس دل ۾ گهڙي ويئي. جڏهن بادشاهه واپس پنهنجي محلات ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي وزيرن کي گهرايو ۽ انهيءَ واقعي جو احوال ٻڌايو ۽ اهو اظهار ڪيائين ته يا هو ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو يا مرڻ پسند ڪندو. وزير کِلي چوڻ لڳا ته: ”بادشاهه کي مرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اوهان سان شادي ڪرڻ تي ڪا به لاهر ڇوڪري اَرهي ڪانه ٿيندي.“ ان کان پوءِ بادشاهه جا وزير ان ڇوڪريءَ جي مائٽن سان مليا ۽ واعدي مطابق بادشاهه جي شاديءَ جو بندوبست ڪيائون. +شاديءَ کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي انهيءَ لاهر زال مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو چنيسر رکيائين. ڀونگر بادشاهه کي سومري خاندان مان به هڪ زال هئي، جنهن کي به ان وقت ڌاري هڪ نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ڀاڳي رکيو ويو. ان کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي ان سومري راڻيءَ مان هڪ پـُٽ ڄائو، جنهن جو نالو دودو رکيائين. +وقت گذرندو رهيو، چنيسر ۽ دودو وڌي جوان ٿيا. بادشاهه چنيسر جي شادي هڪ لاهر نينگريءَ سان ڪرائي ۽ دودي کي پنهنجي ڏاڏي پوٽي شهزادي پرڻائي. چنيسر کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ننگر رکيو ويو ۽ دودي کي نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ڪاويل رکيو ويو. +هڪڙي ڏينهن بادشاهه ڀونگر پنهنجي لاهر راڻيءَ وٽ ويٺو هو ته راڻيءَ نهايت ئي مغمور ٿي چيو ته: ”بادشاهه سلامت! توهان جي مهربانين جي اظهار لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن، نڪي مان پنهنجي خوشنصيبي بيان ڪري سگهان ٿي، جا توهان وٽ نصيب ٿي اٿم. پر مون کي هڪ خطرو رهي ٿو، اهو هيءُ ته توهان جي وفات کان پوءِ سومرا مون کي ۽ منهنجي پٽ چنيسر کي محلات مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ ڪنهن جهنگ ۾ کڻي ڦٽو ڪندا.“ ڀونگر بادشاهه جواب ڏنو ته: ”نه منهنجي پياري! تون دلجاءِ ڪر. مان ننگر ۽ ڪاويل جي شادي ڪرائي ٿو ڇڏيان ۽ ان کان پوءِ سومرا توکي ٻاهر ڪڍڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا.“ ان ئي ڏينهن، بادشاهه پنهنجي ننڍڙن پٽن جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو. +ان واقعي کان ڳچ مهينا پوءِ، ڀونگر بادشاهه بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. ان وقت سنڌ ۾ هيءُ رواج هو ته جيستائين نئين بادشاهه جو انتخاب نه ٿيو آهي، تيستائين مئل بادشاهه کي دفن نه ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو تخت ڪڏهن به خالي نه رهندو هو. ليڪن جنهن وقت نئين بادشاهه جي چونڊ لاءِ سنڌ جا ماڻهو گڏ ٿيا ته ڪنهن به ڳالهه تي متفق نه ٿي سگهيا. ڪي سومرا چوڻ لڳا ته بادشاهه جو حقيقي وارث دودو آهي، ڇو ته بادشاهه کي سومري راڻيءَ مان ڄائو هو. ٻين سردارن وري راءِ ڏني ته نه، حقيقي وارث چنيسر آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دودي کان اڳ ۾ ڄائو هو. آخرڪار وزير بارن چيو ته ”جيڪڏهن سومري جو ئي انتخاب ڪرڻو آهي ته پوءِ حقيقي حڪومت جي وارثياڻي ڀاڳي آهي، جا بادشاهه جي نياڻي آهي ۽ دودي کان به اڳ ڄائي آهي. هاڻي اهو فيصلو انهيءَ تي ڇڏڻ گهرجي، چاهي هوءَ تخت دودي کي ڏئي يا چنيسر کي ڏئي.“ اها رٿ سومرن سردارن کي به وڻي، ڇو ته هنن کي يقين هو ته هوءَ تخت جو مالڪ پنهنجي سڳي ڀاءُ دودي کي بڻائيندي ۽ نه چنيسر کي، جو پئيتو ڀاءُ اٿس. اهو فيصلو ڪري وزير بارن ڀاڳيءَ کي لکيو ته هوءَ تخت جي وارثياڻي آهي، ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق جنهن کي وڻيس، تنهن کي تخت ڏئي. پر ڀاڳي دودي جي ڀيٽ ۾ چنيسر سان وڌيڪ پيار ڪندي هئي. جواب موڪليائين ته هوءَ چنيسر جي حوالي تخت ڪرڻ چاهي ٿي. اهو ٻڌي سومرن غصي ۾ چپن کي چڪ پئي وڌا، ليڪن ڪري به ڇا ٿي سگهيا. هنن خود اها رٿ قبولي هئي، تنهنڪري لاچار چنيسر کي گهرايائون. +جڏهن چنيسر آيو ۽ اچي ڏٺائين ته سومرن سردارن جا منهن لٿل آهن، تڏهن پاڻ ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي پنهنجي ماءُ راڻيءَ کان صلاح پڇڻ گهرجي. جيڪڏهن هن جي مرضي هوندي ته پوءِ آءٌ تخت قبول ڪندس.“ چنيسر ائين چئي، درٻار ڇڏي پنهنجي ماءُ وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين ته: ”امان! ٻڌاءِ ته سومرن جي هوندي مان تخت تي ويهان؟“ سندس ماءُ اهو ٻڌي، هن کي مٿي کنيو ۽ فخر سان هن جي ڪـُلهي تي هٿ رکي چيائين ته: ”منهنجا پٽ! ڪنهن جي به پرواهه نه ڪر. بخت تنهنجي طرف آهي، تخت تي ويهه ۽ سومرن جو مقابلو ڪر.“ +جڏهن چنيسر درٻار ڇڏي ٻاهر نڪتو هو، تڏهن ان وقت سومرن سردارن کي ڏاڍي کِل آئي ۽ نفرت سان چوڻ لڳا ته ”هي ته بهترين بادشاهه پيو ڏسجي. ماءُ کان پڇڻ بنا تاج به ڪونه ٿو پهري.“ ان کان پوءِ، دودي کي سڏائي، وڏي ڌام ڌوم سان، دهل دمامن سان روپا شهر مان گشت ڪرائي، کيس پنهنجو بادشاهه ظاهر ڪيائون. دهلن جو آواز جڏهن چنيسر جي ماءُ جي ڪنن تي پيو، تڏهن هن نوڪرياڻي ٻاهر موڪلي ان جو سبب معلوم ڪرايو. نوڪرياڻي موٽي اچي ٻڌايو ته سومرن سردارن دودي کي بادشاهه بڻايو آهي، ڇو ته چنيسر ماءُ جي رضا کان سواءِ تخت تي ويهڻ جي جرئت نٿو رکي. اهو ٻڌي، لاهر راڻيءَ جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ غصي ۾ چنيسر کي چوڻ لڳي ته: ”بيشڪ سومرا سردار درست آهن، مون سمجهيو ٿي ته مون پٽ ڄڻيو هو، پر تون ته ڌيءَ ثابت ٿئين. هاڻي توکي چرخي وٽ عورتن سان گڏ ويهي ڪتڻ گهرجي.“ چنيسر جي زال کي به مڙس جي تخت وڃائڻ واري ڳالهه بيحد غصي ۾ وجهي ڇڏيو. هوءَ چوڻ لڳي ته: ”ڇا جو، هي ته چرخي هلائڻ لائق به نه آهي. هن کي ڪـُلهن تي چادر رکي ٻڪريون ۽ رڍون چارائجنس.“ چنيسر کي هنن طعنن ۽ ٺٺولين سخت ڪاوڙايو. هو اُٿي چوڻ لڳو ته: ”هڪڙي ڏينهن اوهان پنهنجي چيل لفظن تي پشيمان ٿيندوء.“ ائين چوندي هو جلدائيءَ سان گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ دودي ڏانهن چوائي موڪليائين ته، ”سنڌ جي حڪومت منهنجي آهي. اها مون کي موٽائي ڏي. نه ته مان انصاف وٺڻ لاءِ دهليءَ جي بادشاهه علاءُ الدين ڏانهن ويندس.“ +جڏهن دودي کي اهو پيغام پهتو، تڏهن هن جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ۽ هن سڀني سردارن کي گهرائي چيو ته: ”چنيسر هيءَ ڌمڪي موڪلي آهي. آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي ۽ سندس پٽ جو منهنجي نياڻيءَ سان مڱڻو ٿيو آهي. هن کي ڪاوڙ ۾ دهليءَ وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽ تخت کيس ڏجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان سنڌ کي تباهيءَ کان بچائي سگهبو ۽ اسان ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي همدردي وڃائينداسون.“ پر سومرا سردار غصي ۾ اچي چوڻ لڳا ته: ”بادشاهه سلامت! ائين نه ٿيندو، بادشاهي توکي هلائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي، ته انهيءَ لاءِ ته اها خيرات ۾ ڏيئي ڇڏ. جيڪڏهن هن کي خيرات جي ضرورت آهي ته کيس ڍڳا ڍور ڏيئي ڇڏ.“ اهو جواب ٻڌي دودو خاموش رهيو. اهو جواب ۽ سردارن جي دودي کي ڏنل صلاح جڏهن چنيسر کي پهتي، تڏهن هن گهوڙي تي لانگ ورائي ۽ سڌو دهليءَ رخ ڪيو. +جيئن نوجوان شهزادو مغموم حالت ۾ گهوڙي تي اوڀر طرف وڃي رهيو هو، ته هن هڪ ٻڪرار ماٿريءَ ۾ ستل ڏٺو. پريان ٿوري پنڌ تي ڏٺائين ته ٻڪرين جا ڌَڻ چـَري رهيا هئا، جن جي پٺيان هڪ ٻڪرار جي لٺ پنهنجو پاڻ هلي رهي هئي ۽ رولو ۽ ڌار ٿي ويندڙ ٻڪرين کي هلندي پيئي هلي. ٻڪرار جي مٿان کان مياڻ ۾ سندس تلوار رکيل هئي. چنيسر سوچڻ لڳو ته جنهن صـورت ۾ ٻـڪـرار +جي لٺ ۾ ايترو جادو آهي، تنهنڪري سندس تلوار ۾ ته ان کان به وڌيڪ جادو هوندو. او سن جي چورائڻ لاءِ ستل ٻڪرار جي مٿي ڏانهن آهستي آهستي هلڻ لڳو. بس هن اڃا ٻه قدم مس کنيا هوندا ته خوف هن کي سـُڪائي ڇڏيو. جڏهن ڏٺائين ته تلوار خودبخود اڀي ٿي هن ڏانهن ٽپا ڏيئي هلڻ لڳي. هو بي اختيار دانهون ڪرڻ لڳو: ”اڙي ٻڪرار! اڙي ٻڪرار! پنهنجيءَ تلوار کي پڪڙ.“ رڙين تي ٻڪرار جاڳي پيو ۽ هڪدم وڃي تلوار کي پڪڙيائين. تنهن کان پوءِ چنيسر ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته: اي موچارا جوان! تو ضرور منهنجيءَ لٺ کي يا تلوار کي چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، جنهنڪري تلوار توتي حملو ڪيو آهي. چنيسر پنهنجو ڏوهه مڃيو ۽ چيو ته مون واقعي هن تلوار چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ساڳئي وقت هن وڌيڪ چيو ته ”اي ٻڪرار! مون کي پنهنجي تلوار ڏي، ڇو ته مون کي ان جي سخت ضرورت آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، ٻڪرار پڇيو ته: ”تون ڪير آهين؟“ چنيسر سوال جو جواب فخر سان ڏنو: ”مان بادشاهه ڀونگر سومري جو پٽ آهيان.“ ٻڪرار چيو ته: ”ڪهڙو پٽ؟ چنيسر يا دودو؟ ڀانيان ٿو ته تون مـَمِي چنيسر هوندين، (ڇو ته سومرن سردارن هن کي اهو نالو ڏنو هو)، ڇاڪاڻ ته دودو ته تخت تي ويٺو آهي.“ چنيسر وراڻيو: ”هائو، مان مـَمِي چنيسر آهيان ۽ ان ڪري ئي تنهنجيءَ تلوار جي ضرورت آهي.“ ٻڪرار چيو: چڱو! مان توکي پنهنجي تلوار اڌاري ڏيان ٿو، پر جڏهن تون هي رستو وٺي موٽندين، تڏهن اها توکي ڇڏي مون وٽ واپس ايندي.“ ان کان پوءِ ٻڪرار پنهنجي تلوار چنيسر کي ڏني ۽ چنيسر اها وٺي دهليءَ روانو ٿيو. هو شهر جي دروازي کي ويجهو پهتو، تڏهن هڪ رخشش هن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو. چنيسر گهوڙي تان ٽپو ڏيئي لهي پيو ۽ ميان ماڻ جادوءَ واري تلوار کي ڪڍندي هڪ ئي ڌڪ سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. +ان کان پوءِ چنيسر شهر ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو وزير وٽ وڃي بادشاهه سان ملاقات جي موقعي لاءِ عرض ڪيائين. وزير چيس ته بادشاهه توسان دهليءَ ۾ ڪونه ملندو، ۽ گڏوگڏ هي به چيائينس ته: ”هڪ ڳالهه آهي ته بادشاهه سال ۾ فقط هڪ دفعو جمعي جي مقرر ڏينهن تي شينهن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي ۽ اهو جمعو هاڻ ويجهو آهي. ان ڏينهن جڏهن بادشاهه ٻاهر ايندو، تڏهن توکي وٽس پيش ڪندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته ان ڏينهن شڪار ۾ دليري ڏيکاري بادشاهه جو جس کڻندس. +ان ڏينهن صبح جو سوير، بادشاهه شينهن جي شڪار لاءِ نڪتو ۽ پاڻ سان هزارين سپاهي به کنيائين، ڇو ته شينهن جو شڪار هڪ جوکائتو ڪم هو. چنيسر وزير وٽ ويو ۽ پڇيائينس ته: ”بادشاهه هڪڙي شينهن جو شڪار ڪندو آهي يا گهڻن جو؟ ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ هڪ شينهن جو مقابلو هڪ مرد ڪندو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، وزير ڪو به جواب ڪونه ڏنو ۽ کيس بادشاهه وٽ وٺي ويو ۽ هن جا لفظ ان کي ٻڌايائين. بادشاهه، چنيسر کي چتائي ڏٺو ۽ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته چنيسر پنهنجي لفظن کي ضرور پاڻي ڏيندو، ۽ کيس اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو پوندو ته هو سنڌ ۾ شينهن جو شڪار ڪيئن ڪندا آهن. جيڪڏهن مـُئو ته سندس غلطي آهي ۽ جي شينهن کي ماري ٿو وجهي ته هن لاءِ وڏو انعام آهي.“ چنيسر اِها ڳالهه قبول ڪئي. +جڏهن سوارن جي ٽوليءَ شينهن کي ڳوليندي ڳوليندي هڪ کڏي ۾ کيس ڏٺو، تڏهن چنيسر گهوڙي تان لهي، ٻڪرار واري تلوار هٿ ۾ کڻي شينهن ڏانهن اڪيلو هلڻ لڳو. هو اڃا ان کي ٿورو ويجهو ٿيو ته شينهن وڏيءَ جلهه سان وار ڪيو، پر هو ٽپو ڏيئي پاڻ بچائي ويو. ان کان پوءِ وڏي ڦڙتائيءَ سان جادو واريءَ تلوار سان، شينهن کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. +بادشاهه چنيسر جي بهادري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي کيڪاريندي چيائين ته ”هاڻي پنهنجو انعام گهـُر.“ اِتي چنيسر پنهنجي سڄي ڳالهه هن کي ڪري ٻڌائي ته ڪهڙيءَ طرح کيس تخت مليو ۽ ڪيئن سومرن سردارن کيس سنڌ مان لوڌي ڪڍيو. هِن رڙ ڪري چيو ته: ”اي دنيا جا رکپال! مون کي انعام پنهنجي سنڌ جي تخت جو موٽي ملڻ جو گهرجي.“ انهيءَ تي علاءُ الدين ورندي ڏنيس ته ”توکي اهو ضرور ملندو.“ ان کان پوءِ چنيسر لاءِ سنڌ فتح ڪرڻ جي نيت سان وڏو لشڪر تيار ڪيو ويو. +افغانن جو لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ جڏهن اهو اتان اچي لنگهيو، جتي اُهو ٻڪرار رهندو هو، تڏهن ان ٻڪرار جي چوڻ مطابق سندس تلوار چنيسر کي ڇڏي، مالڪ ڏانهن موٽي آئي. چنيسر کي ٿورو افسوس ٿيو، مگر هو علاءُ الدين جي لشڪر سان گڏ هليو. آخر علاءُ الدين جي لشڪر دودي جي شهر، روپا جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا. +جڏهن سومرن سردارن پنهنجي شهر جي ٻاهران هيڏو سارو لشڪر ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا ۽ چنيسر جي پٽ ننگر کي سفير بڻائي موڪليائون ته وڃي بادشاهه کي عرض ڪري ته جيڪڏهن هو پنهنجي لشڪر سميت امن سان اتان ئي واپس دهليءَ موٽي ته سندس لشڪر جي اچ وڃ جو سمورو خرچ به ڀري ڏنو ويندو ۽ سنڌ جو تخت به چنيسر جي حوالي ڪيو ويندو. بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ورندي ڏنائين ته: ”فقط چنيسر کي تخت تي ويهاريو، مان توهان کان ڪا به ڍل ڪانه وٺندس.“ پر چنيسر جي مرضي هئي ته سندس دشمنن کي وڌيڪ نِوايو وڃي. سو چيائين ته: ”عالم جا محافظ! مون کي تخت وٺي ڏيارڻ سان گڏ خود اوهان کي به دودي کان تحفو وٺڻ گهرجي. اوهان کي منهنجي ڀيڻ ڀاڳيءَ جو پاڻ لاءِ سڱ وٺڻ گهرجي ۽ ائين ڪرڻ سان مان سمجهندس ته اسان جي دوستي پائدار رهندي.“ بادشاهه علاءُ الدين چيو ته: ”جيڪڏهن تنهنجي اها مرضي آهي ته آءٌ راضي آهيان.“ پوءِ ننگر ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته: ”وڃ ۽ سومرن کي ٻڌاءِ ته مان شهزادي ڀاڳيءَ جو سڱ بادشاهه سان ڪندس، ته جيئن اسان جي دوستي هميشه قائم رهي.“ +پر ننگر جو پيءُ چنيسر وانگر غدار نه هو، تنهن فوراَ َ بادشاهه کي فخر سان جواب ڏنو ته: ”ڪا به سومري شهزادي اڄ تائين ڌارئي سان نه پرڻي آهي. جيڪڏهن توکي ڀاڳيءَ شهزاديءَ سان شادي ڪرڻي آهي، ته پوءِ توکي ان جو سڱ اسان جي تلوارن سان کٽڻو پوندو.“ اهو جواب ٻڌي، جوش ۾ علاءُ الدين جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پنهنجي سپاهين کي ننگر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ننگر شهزادو وڏيءَ بهادريءَ سان وڙهيو، پر آخر زخمن ۾ چـُور ٿي ڪِري پيو. چنيسر ان جي لاش کي کڻائي کٽ تي رکيو ۽ روپا شهر ڏانهن موڪليو. جڏهن شهزادي ڪاويل، جا پنهنجي مڱيندي ننگر جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهي هئي، تنهن ڏٺو ته ان جو لاش کٽ تي آندو ويو آهي، تڏهن هن هڪدم هڪ چکيا تيار ڪرائي ۽ مڙس سان گڏ سڙي خاڪ ٿي ويئي. +محلات اندر دودي جي راڻي، ڀاڳيءَ کي چئي رهي هئي: ”ڀيڻ! تنهنجي واسطي ڇو اجايو ايترو خون خرابي ٿئي؟ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ توکي علاءُ الدين بادشاهه جي حوالي ڪري، ته جيڪر سموري خون خرابي بند ٿي وڃي.“ اها ڳالهه ٻڌي، ڀاڳي دودي وٽ ويئي ۽ چيائينس ته: ”ادا، اوهان منهنجي ڪري لڙائي نه ڪريو ۽ مون کي کڻي علاءُ الدين جي حوالي ڪريو.“ +دودي سڀني سومرن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن سوال ڪيو ته: ”اوهان سوچي ويچاري ٻڌايو ته سومري سردار کان سواءِ ڪا به سومري عورت ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڏني ويئي آهي؟“ سردارن وراڻيو، ”اسان ته ڪڏهن به اهڙي نه ٻڌي آهي، پر هتي ڀاڳ نالي هڪ فقير آهي، جنهن کي سومرن بادشاهه جي سورهن پيڙهين جي خبر آهي، ان کان پڇا ڪري ڏسجي.“ +دودي بادشاهه ڀاڳ کي هڪدم درٻار ۾ گهرايو ۽ هن کان جواب گهريائين. ڀاڳ چيو ته: ”بادشاهه سلامت! سومرن جي سورهن پيڙهين مان ڪنهن به سومري پنهنجي نياڻي ڌارين کي نه ڏني آهي.“ دودي اهو جواب ٻڌي چيو ته ”جيڪڏهن اسان جن وڏن ڪڏهن به ائين نه ڪيو آهي ته آءٌ به هرگز ڪين ڪندس. هاڻي مون کي رڳو اهو ٻڌائي ته اُها ڪهڙي جاءِ آهي، جتي مان پنهنجي ٻارن ۽ سومرن سردارن جون زالون حفاظت هيٺ رکي سگهان؟“ ڀاڳ وراڻي ڏني ته؛ ”اَبڙاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ابڙو آهي، جيڪو سومرين جي سنڀال مرڻ گهڙيءَ تائين ڪندو.“ بادشاهه ڀاڳ کي ان ماڻهوءَ لاءِ خط ڏيئي روانو ڪيو. + + +ابڙاڻي واري ابڙي، ڀاڳ جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ بادشاهه جو خط پڙهي کيس چيائين ته: ”بادشاهه کي چئج ته مان سومرين جي ننگ ناموس جي مرڻ گهڙيءَ تائين حفاظت ڪندس.“ ڀاڳ، ابڙي جو اهو نياپو بادشاهه تائين پهچايو، جنهن کيس حڪم ڪيو ته سومرين کي ابڙي وٽ وٺي وڃي. ابڙي هنن عورتن کي کِلي کيڪاريو ۽ محلات ۾ ويهاريو ۽ پنهنجو سڀڪجهه سندن حوالي ڪيو. پوءِ دودي کي چوائي موڪليائين ته: ”توهان جون امانتون اسان وٽ محفوظ آهن، تنهنڪري مڙسن وارو مقابلو ڪجو. ڏسو متان سنڌ جي مٿان ڪا آفت آڻيو ۽ سومرن جو نالو نشان ناس ڪري ڇڏيو.“ +جڏهن دودي کي يقين ٿيو ته سندس ٻار ٻچا ۽ ٻيون سومريون عورتون محفوظ آهن، تڏهن شهر جي چوڌاري هڪ وڏي کاهي کڻايائين ته جيئن حملي وقت دشمنن جا گهوڙا ان ۾ ڪِري پون. ان کان پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ مضبوط اوزار ٺهرايائين. ڇا ڪيائين جو هڪ گهاڻي جي هٿئي ۾ شيهو وجهرايائين، ان جي هڪ پاسي کان چار تلوارون ۽ ٻئي پاس ٽي تلوارون مضبوطيءَ سان ٻڌرايائين، پوءِ اهو هٿيار کڻائي پنهنجو لشڪر وٺي، علاءُ الدين جي بي پناهه لشڪر تي ڌوڪي آيو. +شروع ۾ سومرن جي ساري پئي نظر آئي ۽ دودو پنهنجي فوج سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ وڃي علاءُ الدين بادشاهه جي ويجهو پهتو. علاءُ الدين اهو ڏسي چنيسر کان پڇڻ لڳو ته: ”اهو ڪير جوان آهي؟“ چنيسر جواب ڏنو ته: ”اهو منهنجو ڀاءُ دودو آهي، جنهن مون کان تخت ٺڳي ورتو آهي.“ علاءُ الدين هي چوڻ تي مجبور هو ته: ”توڙي هن توکان تخت ڦري ورتو آهي، ليڪن هو سڀني سومرن سردارن ۾ وڌيڪ بهادر ٿو ڏسجي.“ دودو بادشاهه کي تير هڻڻ وارو هو، جڏهن هن سندس واتان پنهنجي تعريف جا لفظ ٻڌا ته هڪدم پنهنجي تير ڪمان هيٺ کڻي ڪيائين ۽ وراڻيائين ته: ”جيتوڻيڪ علاءُ الدين اسان جو دشمن آهي، ليڪن هو بهترين خاندان جو انسان آهي، ان کي نه مارڻ گهرجي.“ ٻئي پاسي علاءُ الدين، دودي۽ سندس ماڻهن تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي دير هئي، دودو ۽ ٻيا ڪيترائي سومرا سردار ميدان ۾ وڙهندي مارجي ويا. علاءُ الدين دودي جي لاش جي تلاش جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن هٿ آيو تڏهن چنيسر جي حوالي ڪرايائين. ڀاءُ جو لاش ڏسي، چنيسر زاروزار روئڻ لڳو. اهو حال ڏسي علاءُ الدين کي سخت غصو آيو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون کي سنڌ تي ڪاهڻ جي دعوت کان اڳ ۾ توکي سوچڻ گهربو هو. جيڪڏهن مون کي دودي جي بهادريءَ جي خبر اڳ ۾ پوي ها، ۽ تنهنجي گيدائپ جو به پتو هجي ها ته يقيناَ َ تنهنجي مدد ڪڏهن به ڪانه ڪريان ها. هاڻي سِگهو ڪر، ڀاڳي ۽ ٻيون سومريون عورتون اسان جي اڳيان حاضر ڪر.“ +چنيسر روپا شهر ۾ داخل ٿيو، ڇا ڏسي ته شهر ماڻهن کان خالي پيو آهي. مرد سڀ جنگ ۾ مري چڪا هئا ۽ عورتون ابڙي وٽ پناهه ۾ رهيون. چنيسر اها ڳالهه بادشاهه علاءُ الدين کي وڃي ڪئي، جنهن ابڙاڻي واري ابڙي ڏانهن خط لکيو ته: ”سومريون عورتون هڪدم مون ڏانهن ڏياري موڪل، ان جي عيوض مان توکي ملتان ۽ ماٿيلي جي جاگير ڏيندس.“ جواب ۾ ابڙي سخت نابري واري ۽ علاءُ الدين سان مقابلي لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. +پهريائين ته ابڙي، علاءُ الدين جي لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ علاءُ الدين خود لشڪر جو مهندار ٿي، ابڙي سان وڙهڻ آيو. اهو ڏسي، ابڙي ڀاڳي ۽ ٻين سومرين کي دلجاءِ ڏني ته آءٌ پنهنجي جان اوهان جي حفاظت لاءِ فدا ڪندس، اوهان کي ڪو به فڪر نه ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ پنهنجو پٽ ممات ۽ ٻيا ماڻهو ساڻ وٺي علاءُ الدين سان وڙهڻ ويو. پهريائين ممات شهيد ٿيو ۽ ڀاڳِي ان جي لاش کي ڏسي، ائين رُني، جيئن ڀيڻ ڀاءُ جي خون تي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي. ان بعد ابڙو ڪِريو ۽ واعدي مطابق پاڻ کي اندر زالن ۾ کڻائي ويو ته جيئن آخري دفعو انهن کي ڏسي سگهي. ابڙي جي موت تي سومريون سڀڪجهه وڃائي ويٺيون ۽ الله پاڪ کان دعا گهريائون ته امن ۾ رکي ۽ عزت بچائي. بس الله جي قدرت اهڙي ٿي جو اتي جو اتي زمين ڦاٽي پيئي ۽ سڀني کي ڳهي ويئي. +علاءُ الدين، ابڙاڻي ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ ابڙي جي گهر سپاهي موڪليائين ته وڃي ان جو سر ڪپي آڻين. اُهي اندر ويا، ليڪن ان مرندڙ ابڙي جي منهن ۾ ايڏو ته رعب هو، جو هو دل جهلي نه سگهيا ۽ موٽي ويا. شهنشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هنن کي ٻيهر سر ڪپڻ لاءِ موڪليائين، پر هن دفعي ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگري، جو هن وقت تائين کٽ تي سمهيو پيو هو، اُهو رانديڪي واري تلوار کڻي پيءَ جي بچاءَ لاءِ بيهي رهيو. سپاهي وري به موٽي ويا ۽ بادشاهه کي ڏونگريءَ جي خبر ڏنائون ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته ”بادشاهه سلامت! ننڍڙي ڇوڪري کي گهرائي وٺو، ڇو ته ان معصوم کي مارڻ تي اسان جي دل نٿي آماده ٿئي.“ بادشاهه ڏونگريءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ ان کان پوءِ سپاهين سِر ڪپي آڻي علاءُ الدين جي پيرن ۾ ڦٽو ڪيو. +علاءُ الدين هن ننڍڙي جي جرئت تي ايڏو ته خوش ٿيو جو چوڻ لڳو ته: ”مان چنيسر جي جاءِ تي توکي سنڌ جو بادشاهه بڻائيندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ته: ”منهنجي ايڏي محنت ۽ ڪشالن کان پوءِ آءٌ حڪومت کان محروم رهندس؟“ چنيسر ائين چئي، پنهنجي دوستن ۽ ساٿين کي ساڻ ڪري علاءُ الدين سان اهڙو خوفائتي نموني وڙهيو جو پڇاڙيءَ ۾ جڏهن چنيسر ۽ سندس سمورا ماڻهو مارجي ويا ته علاءُ الد��ن وٽ ست گهوڙي سوار وڃي بچيا. علاءُ الدين، ڏونگري کي سنڌ جو تخت ڏنو ۽ پاڻ دهليءَ جو رستو ورتائين. جڏهن ميرپور ماٿيلي وٽ پهتو ته کيس يادگيري پيئي ته دهليءَ مان نڪرڻ وقت ڪيڏو اٿاهه لشڪر وٺي هليو هو ۽ هاڻي واپسيءَ ۾ ست گهوڙي سوار ڪهڙي منهن سان وٺي وڃان. بس اهو سوچي، ميرپور ماٿيلي ۾ رهي پيو ۽ اتي هڪ وڏو مقبرو ٺهرايائين. تنهن کان پوءِ جڏهن اُهو ٺهي تيار ٿيو، تڏهن هڪ زهري گوري کائي پاڻ کي آپگهات ڪيائين. کيس ان ٺهيل مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ ڪري ئي، ماڻهو اڃا تائين علاءُ الدين ”گوري“ ڪوٺيندا آهن. سندس ست گهوڙي سوار اُتي ئي رهي پيا ۽ انهن جا پوئينر اتي مجاور رهندا اچن ٿا. +6- نوري ۽ ڄام تماچي +ڪنهن زماني ۾، هڪ سمو شهزادو، ساريءَ سنڌ تي راڄ ڪندو هو، جنهن کي ڄام تماچي ڪري سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن جڏهن هڪ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ڪينجهر ڍنڍ جو سير ڪري رهيو هو، ته اچي مڇي ماريندڙن جي بستيءَ وٽان لنگهيو، جن کي مهاڻا چوندا آهن. هو سڄو سال مڇي ڦاسائيندا، کائيندا ۽ وڪڻندا هئا ۽ هنن جي جسماني گولائپ شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئي. زالون عمر کان اڳ پوڙهيون هيون، ڪوجهيون ۽ گدليون هيون ۽ سارو جسم روڳي هون. هنن ۾ مڇيءَ جي بدبوءِ هئي ۽ سندن هر شيءَ ۾ ساڳئي قسم جي بانس. ڇا ٽوڪرا، ڇا ڄار ۽ ڪـُڙهيون ۽ سندن رهڻ وارا پـُکا، سڀ ان بانس سان ٽٻٽار هئا. حالت هيءَ هئي جو جيڪڏهن سندن ڪپڙن کي هٿ لائجي ته سارو ڏينهن هوند انهيءَ ڌپ کان، پنهنجي پاڻ کان بـُڇان اچي ۽ ٻين اڳيان لڄي ٿيڻو پوي، ڇو ته اُها بانس هن جو پيڇو ڇڏڻ واري نه هئي. سندن ٻار به مائٽن وانگر گدلا هئا، ڇاڪاڻ ته هو پاڻيءَ ۾ رهيا ٿي ۽ تـَرڻ ۽ ٽـُٻين هڻڻ ۾ لڌڙن کان به وڌيڪ تيز هوندا هئا، جيڪي ٻوڙن ۽ سـَرن ۾ رهندا هئا. اهي سـَرَ ۽ ٻوڙا اڪثر ڪري ڍنڍ جي ڪنارن سان جهڳٽا ڪيو بيٺا هوندا هئا. +مگر نوريءَ نالي هڪ مهاڻي ڇوڪري وري اهڙي سهڻي هئي، جو ٻين ڏانهن نهاريندي حيرت وٺي ويندي هئي. سندس اکيون ڄڻ ٻه ڏيا ٿي چمڪيا. هن جا ڳل گلابي رنگ جا هئا، پر هوءَ ساري سنڌ ۾، سونهن ۽ سوڀيا ۾، پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ٻين مهاڻين ڇوڪرين وانگر نڪي ميري هئي، نڪا منجهائنس ڪِني بوءِ ٿي آئي، بلڪ هوءَ صاف سٿري، نازڪ ۽ سهڻي، جهڙي شهزادي! هوءَ جهڙي هئي نماڻي، تهڙي هئي خوبصورت. +اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڏينهن ڄام تماچي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اُتان اچي لانگهائو ٿيو، جتي هوءَ ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺي هئي. هن جي نظر نوريءَ تي پيئي ۽ انهيءَ دم هن کي هميشه لاءِ پنهنجي دل ڏيئي ويٺو، ڄڻ ته مهاڻي ڇوڪريءَ جي اکين ۾ چمڪ وارو اثر هو، جو بادشاهه جي دل کي پاڻ ڏانهن زوريءَ ڇڪي ورتائون. +ڄام تماچي هڪ پل به حـُسن جو تاب سهي نه سگهيو ۽ هڪدم ڇوڪريءَ جي مائٽن کي سڏائي، کانئن نوريءَ جي ٻانهن جي گهـُر ڪيائين. غريب ميربحر خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن_ جڏهن ڏٺائون ته سنڌ جو حڪمران سندن ڇوڪري نوريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ آتو آهي، بادشاهه جي طرفان پاڻ تي مهربانيءَ نظر ڏسندي اهڙي همت افزائي تي سڀني مهاڻن ۽ مهاڻين وڏا شادمانا ڪيا. +بادشاهه پنهنجا خزانا کولي ڇڏيا ۽ هيرا، جواهر، ياقوت، اشرفيون ۽ چاندي ۽ سون جا سِڪا مهاڻن ۾ اهڙيءَ طرح پکيڙي ڇڏيا ڄڻ ته هن جي مـَڇين جا ڇلر هئا ۽ نوريءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ ڪري پنهنجي راڻي ڪيائينس. باوجود ايڏي مان ۽ مرتبي جي، نوريءَ جي سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ ۾ ڪو به فرق نه آيو. پنهنجي سڀني خوشامدڙين کي جواب ڏيندي هئي ته ”مان ته فقط هڪ غريب مهاڻي آهيان ۽ منهنجو بادشاهه به وڏي مان مرتبي وارو ۽ مون کان ڪيڏو نه اعليٰ آهي.“ وري بادشاهه کي چوندي هئي: ”مان خامين جي کاڻ آهيان ۽ تنهنجي راڻين جي مقابلي ۾ مان ڪجهه به نه آهيان، مون کان ته وڌيڪ تنهنجون راڻيون سهڻيون آهن.“ +هڪ ڏينهن ڄام تماچي هن کي پنهنجي ٻين راڻين جي ڀيٽ ۾ پرکڻ جو پهه پچايو. سو چوائي موڪليائين ته هو شام جو گاڏيءَ ۾ سواريءَ تي وڃڻو آهي ۽ هر هڪ پنهنجو بهترين لباس پهري ويهي ۽ پوءِ منجهانئن جيڪا به سڀني کان وڌيڪ سهڻي نظر ايندي، انهيءَ کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ وٺي ويندس. مغرور سـَميون راڻيون سون جا ڳهه ۽ قيمتي وڳا ويس پائي، ڳاٽ مٿي ڪري، مقرر جاءِ تي وڃي پهتيون، مگر نوري غريب، تمام سادو لباس پاتو. ڳچي ۽ آڱريون ڳهن کان خالي هيون. هوءَ نماڻي انداز ۾ بادشاهه ڏانهن وڌي ۽ سندس اکيون پيار سان ٽمٽار نظر ٿي آيون. ٻين راڻين ته اڳي کان به وڌيڪ پنهنجي غرور جو مظاهرو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کين خواب خيال به نه رهيو ته ڪو بادشاهه اسان جي هار سينگار کي نظر انداز ڪري مهاڻيءَ کي ترجيح ڏيندو. پر جڏهن ڄام تماچيءَ نوريءَ جو نياز ڏٺو، جنهن سندس اکين کي روشن ٿي ڪيو ۽ ان جي سادي لباس کي ڏٺو، جنهن سان هن سندس دل هٿ ڪئي هئي، تڏهن هن سمي راڻين ڏانهن اک کڻي به ڪونه نهاريو ۽ هٿ ڊگهيري هن ڏانهن ويو ۽ پاڻ سان گهمڻ لاءِ وٺي ويو. گهمڻ کان پوءِ بادشاهه کيس سواريءَ ۾ پاڻ سان ويهاري محلات ۾ وٺي آيو. سميون راڻيون غصي کان باهه ٿي گهر پهتيون، مگر انهن جي ڪاوڙ جي ڄام تماچيءَ ڪا به پرواهه ڪانه ڪئي. ان کان پوءِ نوريءَ کي پنهنجي پٽ راڻي ڪري ساري ڪينجهر ڍنڍ، سندس مائٽن کي جاگير طور ڏيئي ڇڏيائين. +7_ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل +ڪنهن زماني ۾ ڪاٺياواڙ جي گرنار قلعي ۾، هڪ مشهور راجا، راءِ ڏياچ جي نالي سان رهندو هو. هڪ ڏينهن سندس ڀيڻ ڪنهن نجوميءَ وٽ پـُٽ لاءِ دعا ڪرائڻ ويئي ۽ چيائينس ته: ”خدا کان دعا گهـُر ته مون کي پٽ ٿئي.“ نجوميءَ دعا گهري ۽ چيائيس ته: ”سانئڻ! توکي ڌڻي پٽ ته ڏيندو، پر راءِ ڏياچ جو سر هن جي هٿان ويندو.“ شهزاديءَ جي واتان رڙ نڪري ويئي ۽ نجوميءَ کي چيائين ته: “شال مون کي اهڙو پٽ ئي نه ٿئي، جو منهنجي ڀاءُ جو خوني ٿئي!“ نجوميءَ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته: ”جيڪي مون ٻڌايو، اهو اوس ٿيندو.“ ڀلا نجوميءَ جو قول ڪيئن ٿو ٽري؟ هڪ سال اندر شهزاديءَ کي پٽ ڄائو. ڀاءُ جي سر جي بچاءَ سانگي راڻيءَ پنهنجي ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري سنڌو نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته پاڻيءَ جا جانور ڳڙڪائي ڇڏينس، مگر ڪنهن به واڳونءَ جي اک پيتيءَ تي نه چڙهي ۽ پيتي هن وڏي مهراڻ ۾ سلامتيءَ سان ترندي اچي اجميرپهتي، جتي انيراءِ جهڙي وڏي راجا راڄ ٿي ڪيو. +جڏهن نجوميءَ کي ٻار سان ڪيل ويڌن جي سڌ پيئي، تڏهن هو راجا انيراءِ جي ملڪ ويو ۽ ڪنهن چارڻ کي وڃي اها پيتي ڏسيائين. ٻئي زال مڙس پيتي درياءَ مان گهلي ڪڍي ويا ۽ وڃي کولي ڏٺائون. مائيءَ جڏهن ڏ‎ٺو ته پيتي اندر هڪ سهڻو پـُٽ پيو آهي، تڏهن خوشيءَ وچان رڙ نڪري ويس ۽ ٻار کي پيتيءَ مان ڪڍي پنهنجو پٽيلو ڪري نپائڻ لڳي. چارڻ جي زال چيو ته: ”جيتوڻيڪ هي هينئر ننڍڙو آهي، مگر ڪنهن ڏينهن وڌي وڏو ٿيندو ۽ اسان کي اسان جي محنت ۽ نپائڻ جو عيوضو ڏيندو.“ مڙس به اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ٻار کي کڻي گهر آيا ۽ نالو ٻيجل رکيائونس. ٻار جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته هن کي پنهنجا گڏهه گهوڙا چارڻ لاءِ ڏنائون. ٻيجل روزانو انهن کي جهنگ ۾ چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ واٽ تان ويندي چارڻ سـُرندي تي اهڙو ته مٺو ڳائيندو هو جو هرڻ بيهي هن جو ساز سڻندا هئا. هڪ ڏينهن ٻيجل اهڙي هنڌ اچي پ��تو، جتي ڪن شڪارين هرڻ جو شڪار ڪيو هو. انهن هرڻ کي انهيءَ هنڌ پچائي کائي ان جا آنڊا وڻ جي ٻن ٽارين تي اڇلي ڇڏيا هئا. آنڊن ۾ اهڙو اسرار هو جو جڏهن ڏکڻ جو واءُ ٿي لڳو ته انهن مان اهڙو آواز ٿي نڪتو جو هرڻ ۽ ٻيا جهنگلي جانور انهيءَ سريلي آواز کي ٻڌڻ خاطر ان وڻ ويجهو ڪنڌ نمائي اچي وهندا هئا. جڏهن ٻيجل اهو آواز ٻڌو ۽ ان سڄي راز جي خبر پيس، تڏهن مئل هرڻ جا آنڊا کڻي پنهنجي سرندي ۾ وجهي، ڪمان ڪڍي ويهي وڄائڻ لڳو. جهنگلي هرڻ ته اڳيئي انهن پراسرار آنڊن جي سريلي آواز تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا، مگر هاڻي ته پکي به آسمان تان لهي اچي ولر ڪري ٿي ويٺا. جيستائين هن جو راڳ جاري رهندو هو، تيستائين هن کان پري نه ٿيندا هئا. اهڙيءَ طرح هو هنن جانورن کي پنهنجي ساز سان ڪاهيندو جهوپڙيءَ ۾ وٺي ايندو هو ۽ کين جيڪو به هرڻ کائڻ لاءِ کپندو هو، سو جهلي وٺندا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻيجل سرندو بندڪندو هو ته هـڪـدم پـکي +آسمان ۾ اڏامي ويندا هئا ۽ جانور پنهنجي غارن ۽ ٻيلن ۾ موٽي هليا ويندا هئا. چارڻ پنهنجي گوديلي پٽ جي حرفت ۽ هوشياريءَ تي بيحد خوش هو. هن دل ۾ سوچيو ته سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا هرڻ اسان کان ڦاسندو هو ته پاڻ کي خوش نصيب سمجهندا هئاسين، مگر هي نينگر ته جنهن مهل وڻي جهلي ٿو اچي. هي سچ پچ هڪ سوغات آهي، جا قدرت اسان کي ڏني آهي. ٻيجل جي راڳ ۽ سرندي جي هاڪ پکڙجندي ويئي، تان جو چارڻ بنا ڪنهن دقت جي هن لاءِ هڪ سهڻي ڪنوار هٿ ڪري ڏني، جنهن سان هن ڳچ وقت خوشيءَ جو گذاريو. +جنهن وقت ٻيجل ڄائو هو، ان ساڳئي وقت راجا انيراءِ جي هڪ زال کي پڻ ڌيءَ ڄائي هئي. راجا انيراءِ کي اڳيئي سـَٺ ڌيون هيون، سو هن ڌيءَ ڄمڻ تي هن کي ايڏي ڪاوڙ لڳي جو ٻارڙيءَ کي پيتيءَ ۾ وجهي ۽ سون جي ٿيلهي پاسي کان رکي، پيتيءَ کي سنڌو نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. پيتي درياءَ ۾ لڙهندي اچي هڪ ڳوٺ ۾ نڪتي، جو راءِ ڏياچ جي هٿ هيٺ هو ۽ جتي رتنو ڪنڀر رهندو هو. ڪنڀر اها پيتي ڏسي ورتي ۽ پاڻيءَ مان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. صندوق مان ننڍڙيءَ کي ڪڍي گهر کڻي ويو ۽ سورٺ نالو رکيائينس. جيتوڻيڪ رتنو، راءِ ڏياچ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، مگر راجا انيراءِ جو لاڏلو هوندو هو ۽ هميشه هن جي درٻار ۾ حاضري ڀريندو هو. +هڪ ڏينهن رتني، راجا کان ٻن مهينن جي موڪل وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو، جتي هن جا ڏينهن تمام مزي ۽ خوشيءَ ۾ گذريا، ايتريقدر جو چار مهينا گذري ويس. ان کان پوءِ، هن کي پٺتي جي يادگيري پيئي ۽ هاڻي موٽڻ جو سانباهو ڪيائين. سندس زال کيس چيو ته: ”منهنجا سائين! راجا توهان کي ڪڏهن به انهيءَ موڪل کان وڌيڪ ترسڻ جي ڏوهه لاءِ معاف نه ڪندو، ۽ مان سمجهان ٿي ته توهان موت جي منهن ۾ ٿا وڃو.“ مگر رتني جواب ڏنو ته: ”ڪجهه به ٿئي، مان ضرور ويندس. مون هڪڙو ڏوهه ڪيو آهي، ٻيو ڏوهه نه ڪرڻ گهرجي.“ +راجا انيراءِ، رتني جي ٻن مهينن کان پوءِ موٽي نه اچڻ تي سخت ناراض ويٺو هو ۽ پنهنجي دربانن کي چئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن رتنو درٻار ۾ اچي ۽ مون وٽان ٿي موٽي ته هن کي هڪدم ماري ڇڏجو. جيئن رتنو راجا انيراءِ جي محلات ۾ پهتو ته ان جي دربانن کي سلام نه ڪيو ۽ نه وري هميشه وانگر عزت سان هن کان گهوڙو ورتائون. رتنو محلات ۾ داخل ٿي راجا جي حضور ۾ پهتو، مگر راجا سخت ڪاوڙ مان هن ڏانهن نهاريو ۽ مـُنهن موڙي ڇڏيائين. رتني جرئت سان چيو ته: ”اي راجا! توهان ڇو اهڙيءَ طرح مون کان منهن موڙيو آهي؟“ بادشاهه غصي مان جواب ڏنو ته: ”تو واعدو ڪيو هو ته ٻن مهينن ۾ موٽي ايندس ۽ تون چار مهينا رهي آيو آهين.“ رتني وراڻي ڏني ته: ”راجا! انهيءَ کان اڳ جو مون کي ڏوهي ٺهرايو، منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌو.“ راجا ڪاوڙ مان چيو: ”ڀلا ٻڌاءِ توکي ڇا چوڻو آهي؟“ رتني عرض ڪيو ته: ”اي سائين! مون کي هڪ وڏي ڌيءَ آهي، مان ان لاءِ وَرَ جي ڳولا ۾ آهيان، ۽ اڃا ڪامياب نه ٿيو آهيان.“ تنهن تي راجا چيس ته: ”ڇو نه مون سان هن کي پرڻائين.“ رتنو اهڙو ته خوش ٿيو جو هڪدم رضامند ٿي، راجا جي گهوڙي تي سوار ٿي سورٺ کي، جيڪا ڇوڪري هن سنڌو درياءَ مان لڌي هئي، وٺي اچڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جي اڳيان شاهي دستو سوار ٿيو، جو دُهل شرنايون زور سان وڄائيندا هليا، جو سارو آسمان گونججي رهيو هو. جڏهن هيءَ ٽولي راجا ڏياچ جي سرحد تي پهتي ته رتني، انيراءِ جي دربانن کي چيو ته ”پٺتي موٽو. جيڪڏهن توهان ائين سوار ٿي هليا ۽ دهل وڄائيندا رهيا ته راجا ڏياچ سمجهندو ته توهان هن تي ڪاهه ڪرڻ آيا آهيو.“ انهيءَ ڪري دربان پٺتي موٽي ويا ۽ رتنو اڪيلو پنهنجي سر گهر ويو ۽ سورٺ جي شادي راجا انيراءِ سان ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ ڏياٽين جو سرگس گهٽين مان گهمايائين. ان وقت راجا ڏياچ گرنار قلعي ۾ پنهنجي محلات جي هڪ دريءَ وٽ ويٺو هو ۽ جڏهن هن ڏياٽين جو اهو سرگس ڏٺو، ته پنهنجي نوڪر کي انهيءَ سرگس جي سبب معلوم ڪري اچڻ لاءِ موڪليو. نوڪر خبر آندي ته رتنو پنهنجي ڌيءَ جي شادي، راجا انيراءِ سان ڪري رهيو آهي. راجا رتني کي سڏائڻ جو حڪم ڏنو. نوڪر رتني کي وٺي آيا. راجا پڇيس ته: ”تو پنهنجي ڌيءَ مون کي ڇو نه ڏني؟“ تنهن تي رتني وراڻي ڏني ته: ”مان غريب ۽ توهان راجا! مون +کي اهو خيال ڪيئن اچي ته توهان منهنجي نياڻي قبول ڪندا. راجا ڪجهه دير ويچار ڪرڻ کان پوءِ چيو ته: ”بس هاڻي هوءَ منهنجي زال ٿيندي. مان راجا انيراءِ کي سمجهي رهندس.“ اهي لفظ چئي، هن پنهنجي چوبدار موڪليا ته سورٺ کي وٺي آڻي محلات ۾ حاضر ڪن. +ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پيئي ته راجا ڏياچ، سورٺ کي کڻائي ويو آهي، تڏهن وڏو لشڪر ڪٺو ڪري گرنار قلعي تي حملو ڪيائين. مگر جڏهن هن قلعي تي گهيرو ڪرڻ چاهيو ته ڪامياب نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته توبون قلعي جي اوچين ديوارن جي مٿان وڃي نه سگهيون ۽ گهڻي نقصان سهڻ کان پوءِ دل شڪستو ٿي اجمير موٽيو. مگر هن جي دل ۾ راجا ڏياچ جي خلاف غصي جي باهه جيئن پوءَ تيئن وڌيڪ ڀڙڪي رهي هئي. هن پنهنجا قيمتي جواهر ٿالهه ۾ وجهي پنهنجي هڪ ٻانهي کي ڏنا ته سڄي شهر ۾ گهمائي ۽ اعلان ڪري ته هي جواهرن جو ٿالهه انهيءَ کي ملندو، جيڪو راجا ڏياچ جو سر اجمير ۾ آڻي ڏيندو. +جڏهن اُهو ٻانهو چارڻ جي ڳوٺ ۾ پهتو ته ان وقت ٻيجل گهر ۾ موجود ڪو نه هو ۽ هن جي غير حاضريءَ ۾ سندس زال اُهو هيرن جو ٿالهه ٻانهي کان وٺي، پاڻ وٽ رکيو. جڏهن ٻيجل گهر آيو ۽ زال جي انهيءَ عمل جي خبر پيس ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽ چيائين ته: ”بدبخت، تو هي ٿالهه ڇو وٺي رکيو؟“ تو مون کي هڪ اهڙي جوکائتي ڪم تي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، جو جيڪڏهن نٿو وڃان ته راجا انيراءِ جا ماڻهو اچي اسان کي ماري ويندا ۽ اسان جي ڳوٺ کي ڦري ناس ڪري ڇڏيندا.“ +[1] سنڌي زبان ۾ ”گوري ٽِڪيءَ کي چوندا آهن. هيءَ روايت غلط معلوم ٿئي ٿي. علاءُ الدين جي خاندان جو نالو خلجي هو ۽ نه ”گوري“. هن دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه اڄ به اتي قطب مينار جي لڳ موجود آهي. + + +ائين چوڻ کان پوءِ، ٻيجل پنهنجو سرندو کنيو ۽ ان کي اڇين ڪوڏين جي لڙهه ۾ ٻڌائين. ان کان پوءِ اڇي پوشاڪ پهري پيادو گرنار ڏانهن راهي ٿيو. جڏهن شاهي قلعي جي ويجهو پهتو، تڏهن ڌڻيءَ کان دعا گهريائين ته: ”اي مالڪ! منهنجي هيءَ دعا قبول ڪر ته مان راجا راءِ ڏياچ کي پنهنجي ساز سان اهڙو ته موهيان، جهڙو مان ڳوٺ جي ويجهو جانورن ۽ پکين کي موهيندو آهيان!“ پوءِ ته هن اهڙي سوز مان اهو سرندو وڄايو جو شهر جا ماڻهو ڊوڙندا ٻاهر گهٽين ۾ نڪتا ۽ هن کي خيرات آڇڻ لڳا. مگر هي ڪجهه نه پيو وٺي ۽ ساري رات سرندو وڄائيندو رهيو. شهر جا ماڻهو هن جو پاسو وٺي ويهي رهيا، ڇو ته هنن جي اکين ۾ ننڊ تيسين ڪانه آئي، جيسين ٻيجل تنبور جي تارن کي گز پئين هنئين. +ٻئي ڏينهن صبح جو، هن حيرت جهڙي فقير جي خبر راجا ڏياچ جي ڪن تي پهتي. شام جو راجا، ٻيجل لاءِ هڪ پالڪي موڪلي ۽ حڪم ڪيو ته سندس محلات ۾ اچي. ٻيجل محلات ۾ پهچي، ساري رات سـُرندو وڄايو، تان جو راجا راءِ ڏياچ بيخود ٿي، هن کي پنهنجي ملڪ مان، سندس پسند مطابق ڪنهن به ڳوٺ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، مگر هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن ٻيجل شهر جي ٻاهر ڪنهن وڻ هيٺان وڃي ڪي گهڙيون آرامي ٿيو. وري انهيءَ شام جو راجا ڏياچ هن کي سڏايو، ڇو ته ڏياچ به هن ڇوڪري جي ڦند ۾ اهڙو ڦاٿو هو، جهڙو جهنگ جي جانورن ۽ پکين کي ڦاسائي ڳوٺ وٺي بيرحميءَ سان ختم ڪندو هو. +اُها رات ۽ ٻيون ٽي راتيون لڳاتار راجا ڏياچ موهت ٿي انهيءَ طلسمي ساز کي پئي ٻڌو. آخر چيائين: ”مڱڻهار، گهـُر، جيڪي گهـُرڻو اٿيئي ۽ مان توکي سڀڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ انهيءَ جواب لاءِ ٻيجل اڳيئي رٿ رٿي هئي، سو صدا هڻندي چيائين: ”اي راجا، منهنجي گهـُر فقط تنهنجو سِرُ آهي.“ راجا ڇوڪري جي ڄار ۾ اهڙو ڦاٿو هو جو هن جو پاڻ ڇڏائڻ هاڻي محال هو. هن ٻيجل کي پنهنجا قيمتي ويس وڳا، پنهنجا محلات، پنهنجا گهوڙا وهٽ، پنهنجا خزانا وغيره سڀ آڇيا، پر ٻيجل رڳو ناڪار ۾ ڪنڌ پئي ڌوڻيو ۽ پنهنجو سـُرندو کڻي وڄائيندو رهيو. جيئن ئي هن جو ساز راجا جي ڪنن تي گهرو پوندو ٿي رهيو ته سندس دل ٻـُڏڻ ٿي لڳي. ٻيجل کي يقين هو ته راجا سندس راڳ جي ڦندي مان ڇٽي ڪونه سگهندو ۽ هاڻي هن ۾ اها جرئت ڪانه رهي هئي جو ٻيجل کي نااميد ڪري. ڇوڪرو مڱڻهار محلات ۾ ٽِڪي پيو ۽ هر روز شام جو بيپرواهيءَ سان بادشاهه جي ڪمري ۾ داخل ٿي، بنان چوڻ جي پاڻ مرادو ساز ڇيڙيندو هو. آخرڪار راجا چيس ته: ”اي ٻيجل، منهنجو سِرُ تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو؟ مون کي اهڙي شيءِ انعام ڏيندي شرم ٿو اچي. منهنجو خزانو وٺ، وڃي موج مزا ڪر.“ پر ٻيجل ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته: ”مون کان دان پڇيو اٿو، جو مون توهان کي ٻڌايو آهي. توهان هاڻي پنهنجو وچن ڪيئن نه پاڙيندا. آخر زندگي عزت کان سواءِ ڪهڙي ڪم جي؟ انهيءَ ڪري پنهنجو وچن پاڙيو. ان ۾ ئي توهان جو نالو هميشه قائم رهندو ۽ جيڪڏهن قول نه پاڙيندا ته پوءِ ڀل کڻي ڪجهه سال بقا ڪري، پر توهان جو مان ۽ شان ته هينئر ئي ختم ٿي ويندو.“ راجا کي سمجهه ۾ ئي نه آيو، ڇاڪاڻ ته ٻيجل جي ساز هن جي عقل ۽ سمجهه تي پردا وجهي ڇڏيا هئا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پکين ۽ جانورن کي موهت ٿي ڪيائين. راجا بيوس ٿي هن کي ٻڌندو رهيو ۽ ٻيجل هن جي ڀر ۾ بيهي پنهنجي جادوءَ جو ڄار راجا کي مضبوطيءَ سان ويڙهيندو ٿي ويو. +آخرڪار راجا ڏياچ راڻيءَ سورٺ کي چيو ته ٻيجل مان هن جي جند آزاد ڪري. راڻيءَ ٻيجل لاءِ پالڪي موڪلي۽ راجا وانگر هن به ٻيجل کي اُڇا وڳا ويس، هيرا جواهر ۽ هاٿي آڇيا، مگر ٻيجل هڪ به نه مڃي ۽ چيائين ته: ”راجا مون کي وچن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ کي پورو نه ڪيائين ته راجا نه رهندو.“ +جڏهن ڏياچ کي خبر پيئي ته سورٺ ٻيجل کي مڃائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي، تڏهن هو پنهنجي ماءُ راڻي خاتوءَ وٽ ويو ۽ چيائينس ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن هن کي پنهنجو سر ٿو ڏيان ته توکي، پنهنجي راڻين کي، بادشاهت ۽ شان شوڪت کي ڇڏڻو پوندو. پر جيڪڏهن ائين نه ڪيم ته هو مون کي وچن پوري نه ڪرڻ جا طعنا ڏيندو ۽ هن قسم کنيو آهي ته ساريءَ دنيا ۾ منهنجي خواريءَ جي خبر پوندي. راڻي خاتوءَ جواب ڏنو ته: ”منهنجا پٽ! آخر حياتي ڇا لاءِ آهي؟ اها هڪ خسيس شيءِ آهي ۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته اها ڪيترو هلندي. توکي اهڙو اٻهرو وچن نه ڪرڻ کپندو هو،پر جنهن صورت ۾ هاڻي ڪري ويٺو آهين ته پوءِ توکي اهو پورو ڪرڻو پوندو ته جيئن تنهنجو نالو هميشه لاءِ قائم رهي.“ راجا غمگين ٿي پنهنجي ڪمري ۾ موٽي ويو. اُنهيءَ شام جو ٻيجل آيو ۽ اچي سرندو وڄايائين. جنهن جهڙو اثر اڳ راجا تي ڪڏهن ڪو نه پيو هو. آخر راجا نااميديءَ ۾ اُٿيو ۽ پنهنجي تلوار کي ڪڍي هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي سسي لاهي رکيائين. ٻيجل سسي کڻي، پنهنجي سرندي کي ڪڇ ۾ ڪري، اجمير ڏانهن راهي ٿيو، جتي راجا انيراءِ رهندو هو. +ٻيجل جي ڪارنامي جي خبر سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي پهچي چڪي هئي، سو جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پيئي ته هو اجمير کي ويجهو پهتو آهي، تڏهن پنهنجي ماڻهن کي موڪليائين ته هن کي ماري سندس ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين، ۽ پوءِ واڪو ڪري چيائين ته جي سڀني کان مٿانهون هندستان جو راجا راءِ ڏياچ به هن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو، جيڪڏهن آءٌ هن کي اجمير ۾ اچڻ جي اجازت ڏيندس ته مون کي به ماري ڇڏيندو. ۽ پوءِ راجا انيراءِ جي سپاهين ٻيجل کي پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍي ڇڏيو. هن کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ٻيهر ملڪ ۾ موٽي آيو ته کيس جان کان جدا ڪيو ويندو. +آخر ٻيجل پنهنجي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي زال کي ساڻ ڪري موٽي گرنار روانو ٿيو. هو جيئن ئي شهر جي ويجهو ويو، ته هن ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ڏٺو، جيڪي شهر جي ٻاهر اچي گڏ ٿيا هئا. پڇا تي معلوم ٿيس ته راجا ڏياچ جي زال سورٺ ڏاگهه تي چڙهي ستي ٿي ٿئي. هن اهو نظارو پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن ڏٺو ته سورٺ هڪ وڏي چکيا تي چڙهي، جا هن لاءِ تيار ڪرائي هئي. ان ان کان پوءِ راڻي خاتو به سندس پاسي چڙهي بيٺي ۽ ٻنهي راڻين پنهنجي ماڻهن کي چکيا کي ٻارڻ لاءِ چيو. ٻيجل کي سخت پشيمانيءَ اچي گهيرو ڪيو. هن ڏٺو ته سندس ئي ڪري راجا ڏياچ جي گهر تي ڪيڏي نه مصيبت اچي ويئي ۽ پوءِ جيئن باهه جا اُلا مٿي اڏاڻا، هي ڌوڪيندو ويو ۽ وڃي پاڻ کي باهه ۾ اڇلايائين. هيءُ حال ڏسي ٻيجل جي زال سمجهيو ته راجا انيراءِ جي جواهرن واري ٿالهه وٺڻ ڪري هن ئي پنهنجي مڙس کي موت جي منهن ۾ ڏنو هو، ان ڪري سخت ارمان ٿيس ۽ درد وچان هن به پاڻ کي باهه جي اُلن ۾ کڻي اُڇليو. +8_ هير ۽ رانجهو +ڪنهن زماني ۾، چناب نديءَ جي ڪناري تي جهنگ سيال ۾ چوچڪ نالي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. کيس هير نالي هڪ نينگري هوندي هئي. ڇوڪريءَ جي حسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڳچي اهڙي هيس جهڙي بدڪ جي ڊگهي ڳچي، اکيون هرڻ جهڙيوپن ۽ آواز وري ڪوئل جهڙو! مطلب ته خدا جو هڪ رنگ هو. صورت سان گڏ سهڻي سيرت جي به مالڪ هئي. ڏاڍي سمجهو ۽ سياڻي هئي. بادشاهه کيس لاڏڪوڏ سان نپايو ۽ رهڻ لاءِ نديءَ جي ڪناري تي هڪ سهڻو محلات ٺهرائي ڏنائينس. هير کي هر طرف گهمڻ جي آزادي هئي. بادشاهه نديءَ جي سير تفريح لاءِ هير کي هڪ سهڻي ٻيڙي ٺهرائي ڏني هئي، جنهن ۾ هوءَ سواري ڪندي هئي ۽ نديءَ ۾ ڪڏهن اوڀاري ته ڪڏهن لهواري پيئي ويندي هئي. سونهن سان گڏ کيس مٺو آواز پڻ مليل هو. رات جو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو کيس ٻيڙيءَ واري گهر مان ڳائيندو ٻڌندا هئا ۽ ائين محسوس ڪندا هئا ته ڄڻ هير هڪ بلبل هئي ۽ سندس ٻيڙي هڪ پڃرو. +ان ساڳئي وقت، هزارا رياست ۾ وري چار ڀائر حڪومت ڪندا هئا، جن ۾ سڀني کان وڌيڪ بهادر ۽ مقبول رانجهو هو. هڪڙي ڏينهن، هنن وٽ هڪ سياح اچي مهمان ٿيو ۽ هن پنهنجي عادت مطابق مهمان جي وڏي خاطرداري ڪئي. ليڪن ظاهر سک سهنج هوندي به، هي مهمان غمگين پئي نظر آيو. تنهن تي شهزادي رانجهي هن کان ان حالت جو سبب پڇيو. بس. هن جي پڇڻ جي دير هئي. مسافر اچي احوالن ۾ پيو، چيائين ته: ”شهزادا، مون کي ٻي ته ڪا به تڪليف نه آهي، فقط منهنجا خيال ۽ دل پنهنجي شهر جهنگ سيال ۾ آهن ۽ جسماني طرح تو وٽ مهمان آهيان. اُتي جو چوچڪ نالي هڪ بادشاهه حاڪم آهي ۽ اُتي سندس شهزادي هِير به رهي ٿي. شهزادي هير جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. فقط محسوس ڪري سگهان ٿو. ان ڪري، جيڪڏهن اڄ تون مون کي غمگين ڏسين ٿو، ان جو سبب هي آهي ته مان به پنهنجي شهر جي ڪيترن نوجوانن وانگر، پنهنجي دل هير جي حوالي ڪري چڪو آهيان ۽ دراصل منهنجي سفر اختيار ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته ڪنهن طرح سان هن غمگين ۽ اداس دل کي ٻين شين طرف رجوع ڪري، پنهنجو غم غلط ڪريان.“ +هن ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، شهزادي جي دل ۾ هڪ عجيب احساس پيدا ٿيو ۽ دل جي تسڪين لاءِ مسافر کي هير جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ گذارش ڪيائين. مسافر هير جي حـُسن جو بيان اهڙن لفظن ۽ تشبيهن سان ڪيو جو ڳالهه ختم ٿيڻ وقت شهزادو رانجهو، پنهنجي پاڻ تان قبضو وڃائي ويٺو ۽ چـوڻ +لڳو ته: ”مان واعدو ٿو ڪريان ته هن حـُسن جي حور کي ضرور ڏسندس يا تنهنجي اڳيان پنهنجو سِر وڍيندس.“ مسافر جواب ۾ چيس ته: ”اي شهزادا، مرڻ يا مارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، تون خود شهزادو آهين. تون هير جي سڱ لاءِ سندس پيءَ ڏانهن پيغام موڪلي سگهين ٿو.“ +شهزادي رانجهي، چوچڪ بادشاهه ڏانهن پيغام ان ڪري نه پئي موڪليو جو کيس انڪار جو خطرو هو. ٻئي پاسي هير جي بيان ڪيل تصوير هن جي سامهون کيس وڌيڪ پريشان ڪندي رهي ۽ آخر اهڙو وقت آيو جو هن جو کاڌو پيتو حرام ٿي ويو. شهزادي جي هيءَ حالت ڏسي، سندس ڀائرن هڪ سازش سٽي ۽ هڪ ڏينهن شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍيائونس ۽ سندس حڪومت جو حصو به پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. +عشق جو به عجيب سرشتو آهي. ڪالهه جو حاڪم اڄ پينو فقير هو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي، رانجهو پينو فقير جي حالت ۾، پنهنجي اڻ ڏٺي محبوب جي وطن ڏانهن رخ رکيو. سفر تمام اڻانگو ۽ ڊگهو هو. آخر ٿَڪ ۾ چـُور ٿيل رانجهو هڪ ڏينهن اچي جهنگ سيال شهر ۾ پهتو ۽ اچي چناب درياءَ جي ڪنڌيءَ تي دم پٽيائين. درياءَ جي ڪناري تان، شهزادي رانجهي، شهزادي هير جو محلات ڏٺو، جو تصور جي دنيا ۾ اڳيئي ڏسي چڪو هو. شهزادو اڃا اُن محلات طرف نهاري رهيو هو ته ايتري ۾ کيس پريان هڪ ٻيڙي ايندي نظر آئي. شهزادي ٻيڙيءَ جي ميربحر کي منت ڪئي ته هو کيس ان ۾ چاڙهي ته جيئن هو ٿورو آرام ڪري سگهي. شهزادي جي صورت ۽ سونهن سوڀيا مان ميربحر سمجهي ويو ته هو به ڪو شهزادو يا امير ماڻهو آهي، پر هو ائين ڪرڻ کان مجبور هو. نِوڙت ۽ نياز سان وراڻيائين ته ”سائين، هيءَ ٻيڙي منهنجي نه آهي، پر شهزادي هِير جي آهي، تنهنڪري مان توکي ان ۾ چاڙهي نٿو سگهان.“ +شهزادي رانجهي اِهو جواب ٻڌي دل ڪانه هاري ۽ وڌيڪ منت ميڙ ڪرڻ لاءِ ميربحر جي ٻيڙيءَ ڏانهن وڌيو. ٿڪجڻ سبب، شهزادو ايترو ته ساڻو ٿي چڪو هو، جو ٿورو هلڻ کان پوءِ، درياءَ جي ڪناري تي پاڻ نه جهلي سگهيو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِريو. هيءُ حال ڏسي، ميربحر رحم وچان، شهزادي کي پاڻيءَ مان ڪڍي، ٻيڙيءَ جي تختي تي کڻي ليٽايو. ان کان پوءِ کڻي شهزادي هِير جي بستري تي سمهاريائينس، ته جيئن ڪجهه آرام ڪري، هوش ۾ اچي. بستري تي ليٽڻ سان ٿڪل شهزادي کي ننڊ اچي ويئي. + + +قدرت خدا جي اهڙي ٿي، جو ان ڏينهن دستوري وقت کان اڳ، هير کي درياءَ جي سير ڪرڻ جو ارادو ٿيو، سو پنهنجي سٺ ٻانهين سان محلات جي باغ مان لنگهي، درياءَ جي ڪناري تي اچي پهتي. شهزاديءَ کي اوچتو سامهون ڏسي، ميربحر خوف وچان ڏڪڻ لڳو. زال کي سڏي چيائين ته ”ڪنهن طرح سان +شهزاديءَ کي وڃي راضي ڪر، ورنه هوءَ اڄ منهنجي کل لهرائي ڇڏيندي.“ مڙس کي بچائڻ لاءِ، سندس زال ٻيڙيءَ مان لهي وٺي رڙيون ڪيون. شهزاديءَ جي پڇا ته عرض ڪيائين ته ”شهزادي، اڄ اهڙو واقعو ٿيو آهي، جنهن لاءِ منهنجو مڙس بي قصور آهي، اوهين مهرباني ڪري هن کي معاف ڪجوس. دراصل هڪ جوان مرد زبردستي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آيو ۽ اچي توهان جي بستري تي سمهي پيو آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان، شهزادي ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي ”ڪير آهي؟ جنهن کي ايڏي جرئت ٿي آهي؟ مون کي ڏيکار ته مان ٿي وڍي ڳترا ڪيائنس.“ ائين چئي، ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿي ته جيئن خنجر سان سمهيل ماڻهوءَ کي ختم ڪري، ليڪن جڏهن سندس نظر سمهيل جوان تي پيئي، تڏهن سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. مٿان بيهي، هن ننڊ ۾ ستل جوان جي سونهن جي تلاءَ مان پريت جو پاڻي پيئندي رهي ۽ ايتري ۾ رانجهي جي به اک کلي پيئي. جان کڻي ڏسي ته سندس سامهون هڪ اهڙي حسين ۽ جميل نوجوان بيٺي آهي، جنهن جي سونهن پريءَ جي حـُسن کي به پئي شرمايو، جنهن +جون اکيون ۽ جنهن جي جسماني بيهڪ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي. هِير جي حالت ان وقت اهڙي هئي، ڄڻ ته مٿس ڪنهن جادو پڙهيو آهي، بي وس بنجي بستري جي ڀرسان اچي بيهي رهي. شهزادي پيار مان ٻانهون کوليون ۽ وڌي چاهه مان هِير کي چـُمي ڏنائين. +هير، شهزادي کي اٿڻ جي تڪليف نه ڏني ۽ پاسي ۾ وهندي کيس پنهنجي احوال بيان ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن شهزادي رانجهي، شهزاديءَ کي اهو ٻڌايو ته هـُن هير لاءِ پنهنجي بادشاهي وڃائي آهي ۽ فقيراڻي ويس ۾ زندگي اختيار ڪئي آهي، تڏهن هِير جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ان کان پوءِ هير چوڻ لڳي ته ”اي منهنجي دل جا مالڪ، تنهنجو هتي منهنجي هن ٻيڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ خطري کان خالي نه آهي. تنهنجي رهائش واري ڳالهه فوراَ َ منهنجي پيءُ تائين پهچي ويندي ۽ هو توکي جيئرو نه ڇڏيندو.“ ان کان پوءِ ٿورو سوچي، هير چوڻ لڳي ته ”مون کي هڪ ترڪيب سـُجهي آئي آهي. توکي ميهار جي شڪل ۽ ويس اوڍڻو پوندو. ان کان پوءِ جيڪڏهن تون منهنجي پيءُ وٽ مينهن چارڻ جي نوڪري حاصل ڪندين ته پوءِ اسان جو ملڻ آسان ٿي پوندو. تون مينهن کي درياءُ جي ڪناري تي چارڻ جي بهاني سان وٺيو ايندين ۽ مان تفريح جي سانگي هن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روزانو توسان ملي سگهنديس.“ ان تي شهزادو ٿورو مشڪيو ۽ ميهار جا ڪپڙا پائي پيار مان، هير کان موڪلايائين. ان کان پوءِ هير سِڌي ماءُ وٽ آئي ۽ اچي چيائينس ته: ”اسان جي مينهن جي چارڻ جو خاطر خواه جو بندوبست نه آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اُهي وڌن ويجهن ڪونه ٿيون. اسان کي اهڙين مينهن مان ڪو فائدو ڪونه ٿو پهچي. دراصل اسان جي مينهن لاءِ هڪ هوشيار ميهار جي ضرورت آهي. مون اڄ اهڙو ميهار هٿ ڪيو آهي، جيڪو هزارا جو آهي ۽ ان ڪم ۾ بيحد ڀروسي جهڙو آهي. منهنجو خيال آهي ته ان کي پاڻ وٽ نوڪريءَ ۾ رکون.“ اهو ٻڌي، سندس ماءُ ان ڳالهه تي رضامند ٿي ۽ ڏينهن جو جڏهن رانجهو سمجهايل طريقي موجب پاڻ کي ميهار جي نوڪريءَ لاءِ آڇيو، تڏهن راڻي کيس هڪ هزار مينهون چارڻ لاءِ ڏنيون. +رانجهي کي انهيءَ نوڪريءَ ملڻ تي هِير کان وڌيڪ خوش ڪو به ڪونه ٿي نظر آيو، پوءِ ته هوءَ روزانو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چناب درياءَ جي ڪناري تي، رانجهي سان خوب ملاقاتون ڪندي رهي. اهڙيءَ طرح هي ٻئي عاشق معشوق چناب جي ڪنڌيءَ تي وڻن هيٺان ويهي، روح رهاڻيون ڪندا هئا. +ليڪن باوجود انهيءَ راز لڪائڻ جي، هنن جي محبت جي پچار ماڻهن تائين پهچي ويئي ۽ هر هنڌ چوپچو ٿيڻ لڳي ته: هير پنهنجيءَ عزت ۽ ننگ ناموس کي هڪ حسين ڌنار وٽ وڪيو آهي. هي ڳالهيون، آخرڪار، شهزاديءَ جي مامي جي ڪن تي پهتيون، جنهن جو نالو ”هيڏو“ هو. هن وري پنهنجي ڀيڻ راڻيءَ کي سمورو قصو ٻڌايو، جنهن تي هِير کي گهرايو ويو ۽ کانئس سمورو احوال پڇيو ويو. پهريائين ته هِير پنهنجي محبت جي اظهار کان انڪار ڪيو، ليڪن بعد ۾ ماءُ کي سڄي حقيقت ٻڌايائين. خبر ٻڌڻ تي راڻي غصي ۾ ڀرجي ويئي ۽ چوڻ لڳي ته: ”جيڪڏهن تون هن جهنگلي ڌنار کي هميشه لاءِ ڇڏڻ جو واعدو ڪرين ته مان خاموش رهنديس، نه ته سڄي ڳالهه تنهنجي پيءُ سان ڪنديس ۽ پوءِ هن ڌنار کي زنده ڪين ڇڏيندو.“ هي ٻڌي، هير جواب ڏنو ته: ”امان! مان اهڙو واعدو نٿي ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي زندگي ان ڌنار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي، تنهنڪري هن وقت ڌنار ڇڏي ڏيڻ پنهنجي زندگيءَ کي ڇڏي ڏيڻ برابر ٿيندو.“ راڻي هي جواب ٻڌي، هڪدم، بادشاهه کي وٺي آئي، جنهن هيءَ ڳالهه ٻڌڻ شرط ترار ٻاهر ڪڍي ۽ غصي جي باهه وچان، هير کي قتل ڪري وجهي ها پر سندس راڻيءَ چنبڙي ۽ آزيون ڪيس. لاچار هير کي قيد ۾ بند ڪيائين. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجي دربانن کي حڪم ڪيو ته: ”رانجهي کي وڃي مارَ ڪـَڍو ۽ شهر مان تڙي روانو ڪريو.“ +بس، بادشاهه جي حڪم جي دير هئي. بادشاهه جي نوڪرن رانجهي کي سخت مار ڏني ۽ نهايت بـُريءَ حالت ۾ هو پنهنجي جان بچائي شهر کان پري هڪ جهنگ ۾ رهڻ لڳو. اُتي هن وٽ نه کائڻ لاءِ ڪا شيءِ هئي، ۽ نه پيئڻ لاءِ پاڻي، ليڪن تنهن هوندي به، رانجهو رڳو انهيءَ اميد تي زنده پئي رهيو ته شايد ڪنهن وقت پنهنجي محبوب جو ديدار ڪري سگهي. اها اميد غلط ڪانه ثابت ٿي. شهزادي هير قيد ۾ اهڙي حالت ۾ هئي جو سندس ماءُ کي هن جي مري وڃڻ جو خطرو اچي لڳو ۽ بادشاهه کي منتون ميڙون ڪري شهزاديءَ کي آزاد ڪرايائين. بس، آزاد ٿيڻ جي دير هئي! قيد مان نڪري، هير جهنگ منهن ڪيو ۽ اُتي اچي نڪتي، جتي رانجهو هن جي انتظار جون گهڙيون گذاري رهيو هو. ٻئي پياسي پاڻ ۾ مليا. ٿورو وقت اُتي رهي، هير محلات ۾ موٽي آئي. ان ڏينهن کان پوءِ روزانو رانجهي سان ملڻ ايندي هئي ۽ ان لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون به پاڻ سان کڻندي هئي. +بهرحال، هير جو مامو پنهنجيءَ ڀاڻيجيءَ تي نظر رکندو پئي آيو. هن کي هڪ ڏينهن هير متعلق الائي ڪيئن شڪ پئجي ويو، سو فقير جو ويس ڍڪي، هن جي پٺيان جهنگ ۾ ويو ۽ وڃي رانجهي جو پتو لڳايائين. ان کان پوءِ موٽي اچي سمورو قصو بادشاهه کي ٻڌايائين. هن دفعي، بادشاهه کي هير سان همدردي ٿي ۽ جيڪڏهن سندس پٽ رضامند هجن ها ته هوند ٻنهي جي شادي ڪرائڻ کان نه ڪيٻائي ها. پهريائين ته هي چارئي گڏجي رانجهي کي ختم ڪرڻ جي خيال سان جهنگ ۾ ويا، ليڪن رانجهو ايڏو جرئت وارو بهادر مرد هو جو هنن چئني کي ماري ڀڄائي ڪڍيائين، ان کان پوءِ هنن هڪ ٻي رٿ ڪئي. پاڻ ۾ گڏجي، نورنگ پور جي بادشاهه نورنگ وٽ ويا ۽ ان جي پـُٽ خيرو سان پنهنجي ڀيڻ هير جو سڱ ڪيائون. شهزادي خيرو خوشيءَ سان هير سان شادي ڪرڻ قبول ڪئي. ان کان پوءِ ان جا ڀائر موٽي آيا ۽ اچي ڀيڻ کي شاديءَ لاءِ حڪم ڪيائون. جنهن وقت عورتون هير کي ميندي لڳائڻ لاءِ سندس ڪ��ري ۾ داخل ٿيون، تڏهن هيرکين ڀڄائي ڪڍيو ۽ شادي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. +هي حال ڏسي، سڀئي ڏاڍا مايوس ٿيا ۽ سندس پيءُ هير کي قاضيءَ وٽ وٺي آيو. پهريائين ته قاضيءَ نرميءَ سان هير کي سمجهائڻ لڳو ته: ”اي ڌيءَ! توکي پرديسيءَ سان محبت نه ڪرڻ گهرجي، توکي ان سان پيار ڪرڻ گهرجي، جنهن کي تنهنجا والدين تنهنجي لاءِ چونڊين ٿا.“ ليڪن هير انهن ڳالهين ۾ اچڻ واري نه هئي. هوءَ اڳتي وڌي، قاضيءَ کي چوڻ لڳي ته: ”اي قاضي! محبت جي معنيٰ مان تون ڇا ڄاڻين! مون جيڪڏهن، پنهنجي والدين جي سـُڌ کان سواءِ پيار جي پيالي مان ڍُڪ پيتو آهي، ته مون کي ايتري ته خبر پيئي آهي ته ان پيالي ۾ ڇا آهي؟“ انهيءَ تي قاضيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ جوش مان چوڻ لڳو ته: ”تون پاپڻ آهين ۽ تو وڏو پاپ ڪيو آهي. والدين جي نافرماني ڪري، تو مذهبي حڪم جي حد لتاڙي آهي.“ ائين چئي، قاضي ڪتاب کولي، ڪجهه پڙهي ٻڌائڻ وارو هو، پر هير هڪ به نه ٻڌس ۽ چوڻ لڳس ته: ”شل تو تي خدا جو قهر پوي! مان ڇا ڄاڻان تنهنجي مذهبي بحثن مان. مون کي ته زبر ۽ زير جي فرق جي به خبر ناهي. مون کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه آهي ته ’الف‘ الله لاءِ آهي، ’ميم‘ محمد لاءِ ۽ ’عين‘ علي لاءِ. تون چوين ٿو ته اهي ڪتاب آسمان کان آيا آهن ۽ ان هوندي به تون انهن مان محبت جا اصول ڪونه ٿو ڳولي سگهين. جيتوڻيڪ پيار به ايترو ئي آڳاٽو آهي، جڏهن هو پنهنجي دل جي آئيني ۾ پنهنجي معشوق کي صاف ڏسي سگهي ٿو.“ هي کتا جواب ٻڌي، قاضي زور سان چوڻ لڳو ته: ”هن کي وٺي وڃي ۽ وڃي قتل ڪريوس، ڇو ته هوءَ هاڻي زنده رهڻ لائق نه آهي.“ ليڪن پيءُ پنهنجيءَ ڌيءَ کي ڪيئن مارائيندو؟ آخر هن هِير کي زبردست نورنگ پور ڏانهن موڪليو، جتي سندس شادي سندس خواهش خلاف زبردستيءَ خيروءَ سان ڪرائي ويئي. +ان وچ ۾، رانجهو فقيراڻو لباس پائي، نورنگ پور ۾ پهتو، جتي هير جي گهر وٽان لنگهڻ وقت، هير جي نڻان جي همدردي حاصل ڪري ورتائين. ان جي مدد سان، پنهنجي اچڻ جي خبر هير تائين پهچايائين. هڪ ڏينهن مکر ڪري، هير وٺي دانهون ڪيون. هن جي دانهن تي سڄي گهر جا ڀاتي اچي مڙيا ۽ پڇا تي ٻڌايائين ته کيس نانگ کائي وڌو آهي. بس، پوءِ ته اچي شاهي گهر ۾ مانڌاڻ متو. بادشاهه جي درٻار جا حڪيم طبيب آندا ويا، ليڪن نانگ ڏنگيو هجي ته فائدو ٿئي! آخر، هير جي نڻان سهتي، چوڻ لڳي ته: ”ٻڌو اٿم، ته شهر ۾ هڪ نئون فقير آيو آهي، جو نانگ جي ڏنگيل جو علاج ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ان کي گهرايو وڃي. شايد ان جي منترن مان هير کي آرام ملي.“ بادشاهي حڪم موجب، فقير کي آندو ويو، جنهن ڏسي هڪدم چيو ته: ”هن شهزاديءَ جو علاج اڪيلائيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي ٻاهر نڪري ويا ۽ هير رانجهو وڃي ڪمري ۾ رهيا، تڏهن هنن پيار وچان هڪ ٻئي کي خوب ڀاڪر پاتا. ان کان پوءِ هير رانجهي سان ايندڙ رات محلات ڇڏي ڀڄڻ جو واعدو ڪيو. ۽ پوءِ ڪمري کان ٻاهر ويٺل ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ رانجهي وڏي آواز سان ”منتر“ پڙهڻ شروع ڪيا. ٿوري دير کان پوءِ، رانجهو ٻاهر وڃي، انتظار ۾ ويٺل ماڻهن کي ٻڌايو ته منتر هير تي اثر ڏيکاريو آهي۽ هوءَ هاڻي بلڪل آرام ۾ آهي. ان کان پوءِ رانجهي کي وڏا انعام ڏنا ويا. +انهيءَ رات واعدي مطابق، هير محلات مان نڪري، شهر کان ٻاهر وڃي رانجهي سان ملي ۽ هي ٻئي هزارا ڏانهن روانا ٿيا. نورنگ پور جي بادشاهه هير ۽ رانجهي کي هٿ ڪرڻ لاءِ جهنگ سيال واري رستي سان وٺي گهوڙا ڀڄايا، ڇو ته هن ائين سمجهيو هو ته هير ضرور پنهنجي وطن ويئي هوندي، تنهنڪري ناڪامي ڏسڻي پين. +رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ، رانجهي هير کي هزارا ۾ آڻي ڪڍيو. جڏهن ان کي سندس رعيت ڏٺو، تڏهن هنن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. دراصل قصو هن ريت هو ته رانجهي جي ڀائرن ظلم ۽ جبر سان حڪومت پئي هلائي، جنهنڪري رعيت بيزار ٿي چڪي هئي. ان ڪري رانجهي کي ڏسندي ئي ماڻهن ۾ نجات حاصل ڪرڻ جي اميد جاڳي. هو هزارن جي تعداد ۾ انقلاب لاءِ نڪري پيا ۽ رانجهي جي ظالم ڀائرن کي بلڪل اهڙيءَ طرح محلات مان هڪالي ڪڍيائون، جهڙيءَ طرح هنن ڪجهه وقت اڳ رانجهي کي ڪڍيو هو. اهڙيءَ طرح رانجهو پنهنجي پيءُ جي سڄيءَ حڪومت جو بادشاهه تسليم ڪيو ويو. اتي هن وڏي شان ۽ دٻدٻي سان شهزادي هير سان شادي ڪئي ۽ ڪيترن سالن تائين پنهنجي محبوب راڻيءَ سان گڏجي راڄ ڪيائين. +9_ بِير سنگ ۽ سـُندر ٻائي +آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي ته سيلا رياست ۾، ڪيسر سنگ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي سـُندر ٻائي نالي هڪ ڌيءَ هئي. بادشاهه جي لاءِ سـُندر ٻائي ڌيءَ نه هئي، پر هڪ خزانو هو، جنهن کي ڏسي پيو گدگد ٿيندو هو. شهزاديءَ جي گــُڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ٿوري ئي وقت ۾ سنسڪرت زبان ۾ ماهر ٿي ويئي هئي ۽ حڪمت تي سمورا ڪتاب پڙهي، ڀڙ ٿي هئي. مذهبي شاستر سڀ پڙهيا هئائين. ٻئي پاسي وري حسن جي ميدان ۾، هندوستان ۾ سندس ڪو مـَٽُ ثاني نه هو. اهڙيءَ طرح سـُندر ٻائي نالو واقعي سندس صورت ۽ سيرت سان ٺهڪي ٿي آيو. + + +باوجود ايتري علم ۽ ڄاڻ جي، سـُندر ٻائيءَ ۾ هـَٺُ ۽ وڏائي ڪانه هئي ۽ پنهنجي سهيلين سان راند روند ۽ ٻين ڳالهين ۾ شرمائيندي ڪانه هئي. هوءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سهيلين سان گڏ، پنهنجي پيءُ جي باغ ۾ راند ڪري رهي هئي، انهيءَ باغ جي خوبصورتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڄي باغ ۾ وڏا وڏا وڻ هئا، جن جي ڇانوَ ڏاڍي گهاٽي ۽ ٿڌي هوندي هئي. ان ۾ بهترين خوشبوءَ وارا عجيب عجيب گلن جا ٻوٽا هوندا هئا، جن جو هڳاءُ پري پري تائين پهچندو هو. اهڙي ٿڌڪار ۽ خوشبوءِ جي وچ ۾ محلات جي عمارت هئي، جنهن ۾ ان وقت جي معلومات مطابق، سڀئي عيش ۽ آرام جون شيون موجود هيون. اهڙي محلات ۾ ڏينهن جي گرمي گذارڻ کان پوءِ، سندر ٻائي پنهنجي سهيلين سان گڏ باغ ۾ کيڏي رهي هئي. +خدا جي قدرت اهڙي ٿي، جو ان ڏينهن ولڀپرا جو راجڪمار بير سنگ به اوڏيءَ مهل اُتي اچي سهڙيو. ڏينهن جو شڪار جي خيال سان پنهنجي دوستن سان نڪتو هو ۽ جهنگ ۾ دوستن کان جدا ٿي هتي اچي پهتو هو. هو آرام ڪرڻ جي ارادي سان راجا ڪيسر سنگ جي باغ ۾ لنگهي آيو هو ۽ گهاٽن وڻن جي جهڳٽي هيٺ ليٽي پوڻ لاءِ گهوڙي جو هنو لاهي، ٽپڙ وڇايو هئائين. اڃا سمهڻ وارو ئي هو ته ڀرسان ڪنهن جي ڳائڻ جو آواز ٻڌائين، جنهنڪري پنهنجي ٿـَڪَ کي وساري ان آواز طرف وڌڻ لڳو. چاهيائين ٿي ته اُتي وڃي پاڻ به راڳيندڙن سان شريڪ ٿي تفريح وٺي، ليڪن انهن جي ڀرسان پهچڻ تي ڏٺائين ته ڇوڪرين جي ٽولي ڳائي رهي هئي، تنهنڪري انهن وٽ وڃڻ بير سنگ کي چڱو نظر نه آيو ۽ وڻن جي اوٽ ۾ ويهي ڇوڪرين جا گيت ٻڌڻ لڳو. +جڏهن ڇوڪرين گيت ڳائڻ ختم ڪيا، تڏهن سڀيئي پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳيون. هڪ چيو: ”جڏهن مان شادي ڪنديس، تڏهن پنهنجي مڙس کي پاڻ سان نرميءَ سان هلڻ سيکارينديس. اڪثر ڪري ائين ٿئي ٿو ته مڙس پنهنجي زال کي جـُتيءَ وانگر لتاڙيندو رهي ٿو، حالانڪ زال کان سواءِ مرد بيڪار آهي.“ اِهو ٻڌي شهزادي سندر ٻائي چوڻ لڳي ته: ”تون درست چوين ٿي. ليڪن مون ته شهزادي بير سنگ سان شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي جو ولڀپرا جي راجا جو پٽ آهي. شاديءَ کان پوءِ مان کيس اهڙيءَ طرح هلائينديس جو هو ٻيءَ ڪنهن به عورت ڏانهن نه نه��ريندو ۽ جيڪڏهن هـُن مون کي منهنجي خواهش مطابق نه هلايو ته پوءِ مان کيس پنهنجي بهادري ۽ جرئت سان اهو ڏيکارينديس ته عورت مرد کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي. ان کان پوءِ ته يقيناَ َ شرم وچان مون سان محبت ڪرڻ ۽ منهنجي عزت ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ منهنجي چوڻ مطابق هلندو.“ ان کان پوءِ ٽينءَ ڇوڪريءَ چيو ته: ”توکي ان ڳالهه جو يقين ٿي سگهي ٿو ته راجڪمار ٻي زال ڪين پرڻبو؟“ +راجڪمار بير سنگ هي سموريون ڳالهيون ڪـَن لائي ٻڌي رهيو هو. هو ڇوڪرين جي ڳالهائڻ مان اهو اندازو لڳائي ويو ته ٻيو نمبر ڳالهائيندڙ ڇوڪري ڪماري سندر ٻائي هئي. تنهنڪري هـُن اُتي وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهيو. راجڪمار جلديءَ ۾ باغ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ هـُن هڪ دفعو سندر ٻائيءَ کي ڏٺو_ ڇا سندس سونهن هئي! راجڪماريءَ جو منهن چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر گول ۽ روشن هو ۽ پوري بناوت لاثاني هئي. +راجڪمار گهوڙي تي هنو رکي ۽ لغام سنڀاليو. جڏهن ٻاهر آيو، تڏهن ماڻهن کان ان باغ بابت پڇيائين، جن ٻڌايس ته اُهو باغ سندر ٻائيءَ جو آهي. ان تي کيس يقين ٿيو ته مٿي ڳالهائيندڙ سندر ٻائي هئي، جنهن جي سونهن ۽ علم گهڻو مشهور هو. بس، پوءِ ته پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته سندر ٻائيءَ کي پنهنجي ڪنوار ضرور بڻائيندس. +گهر پهچڻ کان پوءِ راجڪمار کي آرام نه پئي آيو. هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته مان ڪيسر سنگ جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. راجا کي معلوم هو ته ولڀپرا ۽ سيلا جا خاندان سماجي طرح هڪ ٻئي جو مٽ ثاني هئا، تنهنڪري مـِٽيءَ لاءِ ڪيسر سنگ ڏانهن هڪ پنڊت موڪليائين، جنهن وڃي ٻڌايو ته ولڀپرا جي راجا جي خواهش آهي ته سندس پٽ جي شادي راجڪماري سندر ٻائيءَ سان ٿئي. هي احوال ٻڌي ڪيسر سنگ، سندر ٻائيءَ جو سڱ ڏيڻ قبول ڪيو ۽ ان کان پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي ويئي ۽ راجڪماري سندر ٻائيءَ کي راجائي سواريءَ ۾ راجڪمار بيرسنگ جي محلات ۾ پهچايو ويو. +نوجوان راجڪمار، سندر ٻائيءَ جو اهو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو، جنهن جو هوءَ پنهنجي سهيلين سان واعدو ڪري چڪي هئي، تنهنڪري راجڪماري ڄاڻي واڻي پهرينءَ رات سندر ٻائيءَ جي ويجهو نه ويو، جنهن تي هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سندس ٻانهين ۽ سهلين کي ان کان به وڌيڪ حيرت لڳي. ليڪن راجڪماريءَ ان غم کي پنهنجي منهن تي آڻڻ نه ڏنو، خوشيءَ ۽ اطمينان سان گذارڻ لڳي. +هڪ ڏينهن راجڪماريءَ جي ساهيڙيءَ کيس چيو ته اڄ نئين سال جو ڏينهن آهي ۽ مندر ۾ ماڻهن جو وڏو مجموعو لڳو آهي، تون به اسان سان گڏجي هلي اهو ڏس. ائين ڪرڻ سان تنهنجي طبيعت ۾ به تبديلي ايندي. اهو ٻڌي سندر ٻائي تياري ڪئي ۽ راجائي سواريءَ ۾ پنهنجي سهيلين ۽ ٻانهن سان گڏ مندر ۾ پهتي. اهو بندوبست ڪيو ويو هو ته جنهن وقت راجڪماري مندر ۾ اندر داخل ٿئي، ان وقت ڪو به مرد ماڻهو اندر نه ڇڏيو وڃي. جڏهن سندر ٻائيءَ جي هن روانگيءَ جي خبر بير سنگ کي پيئي ته ان به پنهنجي دربانن سان گڏجي مندر جو رستو ورتو. دراصل هن اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندر ٻائي اتي وڃي ڇا ٿي ڪري. راجڪمار کي اندر وڃڻ کان ڪير ٿي منع ڪري سگهيو؟ هو اندر داخل ٿيو ۽ مخفي طرح سندر ٻائيءَ جي پٺيان وڃي بيٺو. سندر ٻائي ان وقت پرارٿنا ۾ مستغرق هئي ۽ وڏي آواز سان چئي رهي هئي ته: ”اي، عالم جي راڻي! منهنجي مڙس جا سڀ ڪم سولا ڪر!“ اهو چئي جيئن ئي سندر ٻائي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ته راجڪمار بير سنگ سامهون بيٺل ڏٺائين جو سندس ڀرسان اچي بيٺو هو. بير سنگ طعنو هڻندي سندر ٻائيءَ کي چيو ته: ”ڇا، اهوئي طريقو آهي پنهنجي مڙس کي ب��ادري ۽ جرئت سان حاصل ڪرڻ جو، جنهن جو واعدو تون پنهنجي سهيلين کي ڏيئي چڪي آهين؟“ +جڏهن سندر ٻائي پنهنجي مڙس جو هيءُ طعنو ٻڌو، تڏهن سمجهي ويئي ته باغ ۾ سهيلين سان ڪيل ڳالهيون شايد هن ٻڌيون آهن. ان تي ٻئي هٿ ٻڌي سندر ٻائي وراڻيو ته: ”اي، منهنجي زندگيءَ جا مالڪ! عورتون مورک آهن، ڇوڪريءَ جي ڳالهه کي ڪهڙي اهميت! منهنجي ان اعلان کي ڪا به اهميت نه ڏي. پنهنجي عقل جي وسعت ۾ مون کي معاف ڪري ڇڏي.“ پر بير سنگ تي انهيءَ التجا ڪو به اثر نه ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”جيستائين تو پنهنجي واعدي کي پاڻي نه ڏنو آهي ۽ جيئن تو چيو آهي ته تيئن نه ڪيو آهي، تيستائين مان تنهنجي محلات ۾ پير نه وجهندس.“ ائين چئي راجڪمار بير سنگ مندر کان ٻاهر نڪري ويو. سندر ٻائي ڪجهه وقت ته مايوسيءَ جي عالم ۾ بير سنگ کي ڏسندي رهي، پر پوءِ دل ۾ سوچيائين ته: ”جيڪڏهن مون کي مڙس جي محبت حاصل ڪرڻي آهي ته ان لاءِ مون کي بهادري ۽ جرئت ڏيکارڻي پوندي.“ ائين چئي مندر کان ٻاهر نڪتي ۽ محلات ۾ موٽي آئي. +ان کان پوءِ سندر ٻائي انهيءَ ڳالهه تي ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون سوچيندي رهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي، پر ڪا ترڪيب دماغ ۾ نه پئي آيس. آخر هن نهايت پريشانيءَ ۾ هڪ رات محلات ڇڏي ڀڄي نڪرڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن محلات مان نڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کان مليل مـُنڊي آڱر مان لاهي ٻانهيءَ کي ڏنائين ۽ کيس چيائين ته: ”هيءَ منڊي منهنجي پيءُ کي وڃي ۽ عرض ڪر ته ان جي ٽِڪَ پنهنجي جاءِ تان تڙڪي پيئي آهي، سا مهرباني ڪري درست ڪرائي ڏيو.“ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ٻانهي هڪدم اها منڊي پاڻ سان کڻي سيلا رياست ۾ پهتي ۽ اتي وڃي راجا کي سندس نياڻيءَ جي نياپي سان گڏ اها منڊي به ڏنائين. +جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ جي مـُنڊي ڏٺي، تڏهن سمجهي ويو ته سندس ڌيءَ ڪنهن تڪليف ۾ آهي. منڊي وٺي ٻانهيءَ کي انعام وغيره ڏيئي ۽ اجازت ڏنائين. اڃا جو منڊي کڻي کولي ته ٽِڪَ جي هيٺان هڪ ڪاغذ جوٽڪر نظر آيس، جنهن ۾ سندر ٻائيءَ هيئن لکيو هو ته: ”منهنجا مهربان بابا! جڏهن ٻه طوطا پاڻ ۾ تڪرار ڪري وجهن، تڏهن انهن کي ساڳئي پڃري ۾ رکڻ غير مناسب آهي. هڪ ڏينهن باغ ۾ مون پنهنجي سهيلين کي چيو هو ته جيڪڏهن مون بير سنگ سان شادي ڪئي ته مان کيس پنهنجو مجنون بڻائي ڇڏيندس. اهو منهنجو قول بير سنگ ٻاهران ٻڌي ورتو هو. هاڻي هو مون کي آزمائڻ چاهي ٿو. تنهنڪري مهرباني ڪري مون ڏانهن هڪ مرداڻو لباس، مرداڻو ڪوٽ ۽ تيز رفتار گهوڙو موڪلي ڏيو، پر انهيءَ ڳالهه جو ڪنهن کي به پتو نه پوي. +هن خط راجا ڪيسر سنگ کي ڏاڍو ملول ڪيو. آخر سندر ٻائيءَ لاءِ هڪ ڪوٽ، مرداڻو لباس ۽ تيز گهوڙو موڪلڻ هن لاءِ ڏکيو نه هو پر اها ڳالهه ضرور هن جي هئي ته ان جو ڪنهن کي پتو نه پوي. گهڻي غور ڪرڻ کان پوءِ، راجا زمين هيٺان رستي کوٽائڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي خرچ ۽ محنت سان، ولڀپرا جي ويجهو هڪ جبل مان راجا هڪ رستو کوٽايو جو زمين مان وڃي سندر ٻائيءَ جي محلات ۾ پهتو. ان کوٽايل رستي مان، سندر ٻائيءَ ڏانهن هڪ تيز رفتار گهوڙو، هڪ زرهه ۽ هڪ مرداڻو لباسو ڏياري موڪليو. ائين انهن جي پهچ تي سندر ٻائيءَ کي ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ پوءِ هڪدم مرداڻو لباس اوڙي، زرهه وجهي ۽ گهوڙي تي چڙهي ويٺي. محلات جي سڀني ٻانهين ۽ نوڪرن کي گهرائي چتاءُ ڏنائين ته ڪو به سندس متعلق ڪا به خبر ڪنهن کي نه ڏئي. پاڻ ان کان پوءِ ان زمين دوز رستي مان ٻاهر نڪري ويئي. +ٻن ڏينهن کان پوءِ، هڪ جرئتمند سهڻو نوجوان ولڀپرا ۾ آيو ۽ راجا سان ملاقات ڪرڻ جي گذارش ڪيائين. اهڙي اج��زت ملڻ تي، هو اندر درٻار ۾ داخل ٿيو. سڀئي هن نوجوان جي قد و قامت ۽ ڦڙتائي تي حيران ٿي ويا. ويجهو اچڻ تي راجا کانئس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو پڇيو، جنهن جي جواب ۾ هن پرديسيءَ چيو ته: ”منهنجو نالو رتن سنگهه آهي. منهنجو پيءُ هڪ راجپوت آهي، ليڪن مان ان سان تڪرار ڪري گهران نڪتو آهيان پر اهو قسم کنيو اٿم ته ان جو نالو نه ٻڌائيندس. مان توهان وٽ نوڪري ڪرڻ جي ارادي سان آيو آهيان. منهنجي حوالي ڪهڙو به ڪم ڪيو وڃي، ان جي سرانجامي بهتر طريقي سان ڪندس. راجا مون کي ڀل آزمائي ڏسي.“ +راجا هن نوجوان جي صاف گوئيءَ ۽ همت کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجي اميرن ۽ وزيرن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏنائين. ان تي نوجوان، راجا جو شڪريو بجا آندو. راجڪمار کي جيتوڻيڪ لڙائيءَ ۾ حصي وٺڻ جو موقعو ڪڏهن به نه مليو هو، ليڪن گهوڙي سواريءَ ۾ درٻار جي سڀني جوانن کي ماري مڃايائين. انهن خوبين سبب، بير سنگ جو رتن سنگهه سان دوستيءَ جو ناتو ٿي ويو ۽ هـُن تي گهڻو ڀروسو ڪرڻ لڳو، ايتريقدر جو هن سان گـَهرُو ڳالهين ڪرڻ ۾ نه محسوس ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن هن کي سندر ٻائيءَ جي ڊاڙ ۽ غرور جو قصو ٻڌايائين ۽ اهو پڻ ٻڌايائينس ته ان جي نتيجي ۾ هن ساڻس ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي. ان معلوم ٿين تي رتن سنگهه کليو ۽ چيائين ته: ”شهزادا، ائين ڪرڻ سان، تو هن سان چڱائي نه ڪئي آهي.“ بير سنگ جواب ڏنو ته: ”سچ ڪري پڇين ته مون کي دنيا ۾ راجڪماريءَ کان وڌيڪ ڪا به شيءِ پياري نه آهي ۽ نه وري مان ٻيءَ ڪنهن عورت سان شادي ڪندس. مان ته فقط سندس فخر سان ڪيل واعدي کي آزمائڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن سچي راجپوتني آهي ته يقيناَ َ ائين ڪري ڏيکاريندي.“ ان تي رتن سنگهه ٿورو مشڪيو ۽ خاموش رهيو. +ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ڇا ٿيو جو ڀر وارن ڳوٺن ۾ هڪ خطرناڪ شينهن اچڻ لڳو ۽ روزانو رات جو هڪ يا ٻه ماڻهو ماري کائي چٽ ڪندو هو، ان ڪري ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڍو ڊپ هراس ۽ دهشت پيدا ٿي پيئي. انهيءَ شينهن کي مارڻ لاءِ سڀني نوجوان اميرن ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر ان کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪامياب ويا. +آخر هن دکدائڪ حالت راجا کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هڪڙي ڏينهن رتن سنگهه کي راجا پاڻ وٽ گهرايو ۽ شينهن کي مارڻ جو خطرناڪ ڪم هن جي حوالي ڪيو، جو هن خوشيءَ سان قبول ڪيو. هن راجا کي عرض ڪري هڪ لوهه جي ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو بوتو ٺهرايو ۽ جتي شينهن رات جو ايندو هو، اتي ان کي کوڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ وري ان جي ڀرسان هڪ هنڌ لڪي ويهي رهيو. رات جو اونداهه ۾ شينهن ان بوتي کي ماڻهو سمجهندي، ڇلانگ ماري ان کي چنبو هنيو ته ايتري دير ۾ رتن سنگهه، پٺيان اچي تيز تلوار سان شينهن جي سِسي ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ رتن سنگهه مئل شينهن جاڪن ۽ پڇ وڍي گهر کڻي آيو ۽ پنهنجي کٽ هيٺان رکي سمهي پيو. +رتن سنگهه جي دوست بير سنگ کي ان رات ڳڻتيءَ ۾ ننڊ ڪانه پئي آئي. هن هر گهڙيءَ رتن سنگهه جي خطرناڪ ڪم متعلق پئي سوچيو. آخر صبح ٿيندي ئي بير سنگ، رتن سنگهه جي رهائش گاهه وٽ پهتو ته جيئن هن متعلق ڪجهه معلوم ڪري. رتن سنگهه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو، ته هن کي اچي خوف لڳو ته کيس سڃاڻي نه وٺي، سو هڪدم مرداڻو لباس پهري، بير سنگ جو آڌر ڀاءُ دروازي وٽ وڃي ڪيائين. رتن سنگهه پاڻ سان گڏ ماريل شينهن جا ڪن ۽ پڇ به کڻي آيو. بير سنگ کي هي ڏسي، بيحد خوشي ٿي ۽ ان خوشيءَ ۾ رتن سنگهه کي پاڻ سان وٺي راجا جي درٻار ۾ آيو. راجا رتن سنگهه جي ڪارنامي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ان ڏکئي ڪم جي سرانجامي عيوض کيس هڪ قيمتي چوغو عطا ڪيائين ۽ هڪ جاگير به ڏنائين. +هڪ ڏينهن ان کان به وڌيڪ اهم واقعو ٿيو. شڪار ڪرڻ جي ارادي سان راجا، رتن سنگهه کي ساڻ ڪري، جهنگ ۾ هليو ويو. ڀر واري راجا جي جاسوسن اهڙي خبر کيس ڏني، ان کي سونهري موقعو ڄاڻندي، هن راجا، راجپوت راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. بير سنگ، جو خود بيمار هو، هن جو مقابلو ڪري نه سگهيو، پر پاڻ به قيدي ٿي پيو. هن خبر راجپوت راجا کي ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان پريشانيءَ ۾ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته: ”اي جگر بير سنگ، مون کي تنهنجي جدائي ماري ٿي. مون کي اهو ڀو آهي ته دشمن ڪٿي توکي نه ماري ڇڏي. تو کان سواءِ مان ڪيئن زنده رهي سگهندس؟ جيڪڏهن تون اڄ هن حالت ۾، مون سان هجين ها ته مان بادشاهي تلوار جي زور تي واپس وٺي سگهان ها. +راجا جي اهڙي پريشاني رتن سنگهه کي وڌيڪ پريشان ڪيو. هن ٻڍڙي راجا کي آٿت ڏنو ۽ چيو ته راجا ڪيسر سنگ منهنجو عزيز آهي، مون کي اجازت ڏيو ته ان کان لشڪر جي مدد وٺي اچان. + + +اجازت وٺي رتن سنگهه سيلا رياست ڏانهن گهوڙو ڊوڙايو ۽ راجا ڪيسر سنگ کي سڄو قصو ٻڌايائين. راجا کان هويشيار تير انداز نوجوانن جو جٿو وٺي رتن سنگهه ٻڍڙي راجا وٽ موٽي آيو ۽ کيس اچي دلداري ڏنائين. ان کان پوءِ تير اندازن کي چئن حصن ۾ ورهايائين. ٽن حصن کي ولڀپرا شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليائين ۽ چوٿين حصي کي پاڻ سان وٺي ان جبل وٽ آيو، جتان سندن پيءُ زمين مان رستو کوٽايو هو. تير انداز پاڻ سان وٺي ان زمين دوز رستي مان اچي محلات ۾ پهتو. ان وقت دشمن جو لشڪر ٻاهرين تير اندازن سان وڙهڻ ۾ مشعول هو ۽ پٺ جي ڪا به خبر ڪانه هين ۽ تڏهن خبر پين، جڏهن پٺئين پاسي کان تيرن جو مينهن وسڻ لڳو. رتن سنگهه شهر جا دروازا کولي وڌا، جنهن مان ٻاهريان تير انداز داخل ٿيال. اهڙيءَ طرح وڏيءَ جرئت ۽ همت سان رتن سنگهه وڃايل شهر وري هٿ ڪيو. ان کان پوءِ رتن سنگهه ٻـُڍڙي راجا جي پٽ بير سنگ کي قيد مان ڪڍيو ۽ ان کي پاڻ سان وٺي راجا وٽ حاضر ٿيو. جنهن تي راجا ۽ بير سنگ، رتن سنگهه جو شڪريو ادا ڪيو، ليڪن رتن سنگهه کين ٻڌايو ته هن ڪو غير معمولي ڪونه سرانجام ڏنو آهي. هن ته فقط بحيثيت هڪ سپاهيءَ جي پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي. +ان کان پوءِ رتن سنگهه هي عذر ڪري راجا ۽ بير سنگ کان موڪل ورتي ته سندس پراڻا دوست ملڻ لاءِ آيا آهن، جي خاطر داري کيس ڪرڻي آهي. اجازت وٺي رتن سنگهه قلعي ۾ ويو ۽ ڪافي دير تائين نه موٽڻ ڪري بير سنگ کي سندس ڏاڍو انتظار ٿي پيو. بير سنگ هن جي تلاش ڪئي مگر کيس ڪٿي به ان جو پتو نه لڳو. آخر کيس ڪنهن ٻڌايو ته هن رتن سنگهه کي سندر ٻائي جي محلات ڏانهن ويندي ڏٺو هو. +اهو ٻڌڻ سان، بير سنگ کي دل ۾ هڪ خطرناڪ شڪ جاڳيو. هن ڀانيو ته رتن سنگهه سندس زال جو عاشق آهي ۽ ان جي معرفت ئي کيس زمين دوز رستي جي خبر پيئي هئي، جنهن مان هو تير انداز وٺي محلات ۾ داخل ٿيو هو. ان رستي مان، يقيناَ َ هن اچي سندر ٻائيءَ سان چوري ملاقاتيون ڪيون هونديون. بس، ان شڪ جو شڪار ٿيندي ئي مياڻ مان تلوار ڪڍي، محلات جي ڏاڪڻ تان سندر ٻائيءَ جي ڪمري جو رخ ڪيائين. پنهنجي ڪمري ۾ سندر ٻائي اڪيلي هئي، ۽ بير سنگ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي کيس کِلي کيڪار ڪيائين. سندس هن قسم جي نماڻائيءَ شهزادي بير سنگ جي زخمن تي لوڻ جو ڪم ڪيو. هن رڙ ڪري چيو ته: ”اي دغا باز ۽ مڪار عورت، تنهنجو رتن ڪٿي آهي؟“ هي ٻڌي حيرت مان سندر ٻائي پڇڻ لڳي ته: ”اي منهنجي دل و جان جا مالڪ، توهان ڇا ڳالهائي رهيا آهيو؟“ هن سوال راجڪمار جي غصي ۾ اضافو ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”اي، ڪوڙي، بي وفا عورت، تون منهنجي سوال جو مفهوم چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿي. مان پڇان ٿو تنهنجو عاشق رتن ڪٿي آهي جو توسان لڪل رستي مان اچي، ملاقاتيون ڪندو هو. مان ان کي تلوار سان ٽڪر ٽڪر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان کان پوءِ تنهنجي سيني ۾ خنجر هڻندس.“ هي ٻڌي، سندر ٻائي ٻاهر نڪري، بير سنگ سامهون ٿي بيٺي ۽ نِوڙت سان چوڻ لڳي ته: ”اهڙي موت کان وڌيڪ ٻيو مون کي ڇا گهرجي؟ مون کي مارڻ کان اڳ، توهان منهنجي منهن کي چڱيءَ طرح گهوريو، شايد توهان پنهنجي دوست رتن کي لهي سگهو، جنهن تي هينئر ايڏو سخت غصو ٿيو اٿوَ.“ +بير سنگ، سندر ٻائيءَ جي منهن ۾ ڏٺو، جو مشڪي هن کي شرمائي رهيو هو. هڪدم سندر ٻائي کي رتن سنگهه تسليم ڪيائين__ اُهو رتن سنگهه، جنهن سندس پيءُ جو تخت بچايو هو ۽ سندس زندگي بچائي هئي. بس پوءِ ته معافيءَ لاءِ سندر ٻائيءَ جي پيرن تي ڪِري پيو، پر سندر ٻائي کيس چيڙائڻ جي ارادي سان چوڻ لڳي ته: ”منهنجا محبوب! پنهنجي زبان سان هاڻي چئو ته جيڪي مون پنهنجي باغ ۾ سهيلين سان واعدو ڪيو هو، اهو پورو ڪيم ۽ عورتون به جرئت ۽ بهادريءَ ۾ مردن کان گهٽ نه آهن.“ +بير سنگ، پيار مان کيس ڀاڪر پاتو ۽ معافيءَ لاءِ دوباره چيائين جا سندر ٻائي کيس ڏني. ان کان پوءِ بير سنگ سندر ٻائيءَ کي هٿ کان وٺي پيءُ جي درٻار ۾ آيو ۽ کيس پنهنجي خطرناڪ ڪارنامن بيان ڪرڻ لاءِ چيائين. سندر ٻائيءَ سمورو قصو پيرائتو ڪري راجا کي ٻڌايو. +ان ڏينهن کان پوءِ بير سنگ، سندر ٻائيءَ جي محبت ۾ چريو ٿي پيو ۽ سندس خوبين جو پورو اندازو لڳايائين ۽ سندس موت تائين ٻيءَ عورت سان شادي ڪرڻ جو ڪڏهن به خيال نه ڪيائين. +10_ ڪامسين ۽ ڪامروپ +ڪنهن زماني ۾ ماگرور شهر ۾، نرڪر پال نالي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. هن وٽ نذر صاف نالي هڪ وزير هو، جنهن جي مدد سان ساريءَ سنڌ تي هن جو ڌاڪو هوندو هو. بادشاهه کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو ڪامسين هو ۽ ان جو چهرو اهڙو خوبصورت هوندو هو جو جڏهن پنهنجي ساٿين سان گڏ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ ويندو هو ته اُتي جا جانور هن جي حـُسن تي موهت ٿي پوندا هئا. +اونهاري جي موسم ۾، هڪ رات شهزادو ڪامسين محلات جي ڇت تي سمهيو پيو هو ته مٿان هڪ پـَرين جو ٽولو اچي لنگهيو، جن جي نظر وڃي خوبصورت شهزادي تي پيئي. هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون: ”هن جهڙو حسين جوان اسان اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“ ان کان پوءِ جڏهن واپس پنهنجي هٻڪار وارن گلن جي باغ ۾ پهتيون، جنهن جي سونهن ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ اضافو ڪري ڇڏيو هو، اتي پرين جو هڪ ٻيو ٽولو ڏٺائون. انهن پرين کي ٻڌايائون ته ”اسان هڪ نهايت حسين نوجوان ڏٺو آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌندي اُهي پريون خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ چيائون ته: ”اسان جڏهن گجرات ملڪ جي مٿان اُڏنديون پئي ويونسين، تڏهن اُتي اسان هڪ محلات تي ستل سهڻي ڇوڪري ڏٺي، جنهن جو حـُسن اسان پرين کان به وڌيڪ ڪشش وارو هو. اچو ته سڀاڻي رات هنن ٻنهي حسينن جون کٽون کڻي هڪ ٻئي جي ڀرسان رکون!“ +ٻيءَ رات ڪيل فيصلي مطابق، پرين ماگرور مان شهزادي ڪامسين جي کٽ کنئي ۽ اک ڇنڀ ۾ آڻي گجرات جي ان شهزاديءَ جي کٽ جي ويجهو رکيائون. ان کان پوءِ ٻنهي کي ننڊ مان جاڳايائون. سجاڳ ٿيڻ تي ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان عاشق ٿي پيا ۽ پوءِ ته سڄي رات پاڻ ۾ ويهي محبت جون رهاڻيون ڪندا رهيا. جڏهن کين ننڊ وٺي ويئي ته ان وقت پـَرين، شهزادي جي کٽ واپس آڻي، ماگرور ۾، سندس محلات جي ڇت تي رکي. +شهزادو جڏهن ننڊ مان جاڳيو ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين، تڏهن پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺو. کائڻ پيئڻ حرام ٿي پيس. رات ڏينهن ان جي تات هيس. ان پريشانيءَ ۽ ڏک ۾ شهزادو پنهنجو ٻهڪندڙ حسن ان گل وانگر مرجهائي ڇڏيو، جنهن کي ��قت سر پاڻي نه ملندو آهي. بادشاهه پٽ جو هيءُ حال ڏسي ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ شهزادي جي بيماريءَ جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سندس ساٿين کي حڪم ڪيائين. هنن شهزادي کي ريهي ريبي آخر سندس اندر جو راز پروڙيو. شهزادو چوڻ لڳو ته: ”هڪ رات مان جڏهن ننڊ مان جاڳي پيس، تڏهن مون پنهنجي کٽ، هڪ بيمثال حسين شهزاديءَ جي کٽ ڀرسان پيل ڏٺي ۽ وري جڏهن صبح جو اُٿيس، تڏهن منهنجي کٽ ساڳئي هنڌ پيل هئي.“ هي ٻڌي شهزادي جا دوست ڏاڍا حيران ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ته: ”ڀلا، اهو ته ٻڌاءِ ته اُها شهزادي ڪٿي رهي ٿي ۽ سندس نالو ڇا آهي؟“ شهزادي جواب ڏنو ته: ”اُن جو نالو ڪامروپ آهي، باقي ڪٿي رهي ٿي، اها مون کي خبر ناهي.“ +ڪامسين جي دوستن اها ڳالهه بادشاهه کي وڃي ٻڌائي، جنهن هڪدم وزير کي حڪم ڪيو ته پنج سئو ماڻهو وٺي ڪامروپ جي تلاش ۾ نڪري. هي قافلو وڏي شان ۽ شوڪت سان گجرات ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. هنن پنهنجن گهوڙن تي سونا سنج وڌا ۽ وڏا قيمتي تنبو رهڻ لاءِ کنيائون. ايڏي ڌام ڌوم ۽ شاهي دٻدٻي سان، هيءُ قافلو پنجن مهينن جي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن اچي گجرات ڏيهه ۾ پهتو. پڇا تي معلوم ٿيو ته گجرات جي راجا جو نالو جئسنگراءِ آهي. وزير کي گجرات جي هڪ ماڻهو ٻڌايو ته: ”جئسنگراءِ هڪ وڏو راجا آهي، جنهن کي بيحد خزانا آهن ۽ زبردست فوج آهي. پر هنن سڀني ڳالهين تي راجا کي ايڏو فخر ۽ ناز نه آهي، جيترو کيس پنهنجي سهڻي ڌيءَ، ڪامروپ تي آهي. ٿورن ڏينهن کان هن کي اهڙو ڪو عجيب لاڳاڻو لڳو آهي، جو هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ڪامسين جو نالو پڪاري ٿي.“ اهو ٻڌي وزير سمجهي ويو ته پنهنجي مقصد کي قريب اچي چڪو آهيان. ۽ پوءِ هڪدم نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته: ”هتي تنبو کوڙيو، هاڻي اسين هتي رهنداسين.“ +هنن پرديسين جي اچڻ ۽ گجرات ۾ رهي پوڻ جي خبر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويئي. جڏهن اتي جي راجا کي خبر پيئي ته غير ملڪي ماڻهو شهر جي ٻاهران رهي پيا آهن، تڏهن وزير کي پاڻ وٽ گهرايائين ۽ کانئس اچڻ جو سبب پڇيائين. وزير ادب سان عرض ڪيو ته: ”مهاراج! اسان ماگرور جي راجا نرڪر پال طرفان آيا آهيون، جو پوري سنڌ ۾ وڏو طاقت وارو ۽ ناميارو حاڪم آهي. اسان ان جي حڪم سان توهان کي هي عرض ڪرڻ آيا آهيون ته توهان پنهنجي شهزاديءَ جو سڱ سندس پٽ شهزادي ڪامسين سان ڪريو جو حـُسن ۾ پوري ملڪ ۾ هاڪارو آهي.“ +ان کان پوءِ، راجا جئسنگراءِ وزير نذرساف کان ڪيترائي سوال پڇيا ۽ هن جي جوابن تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن نئينءَ مائٽيءَ لاءِ پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان صلاح مشورا ڪري وزير کي جواب ڏنو ته: ”هي ناريل اوهان جي آڇ جي قبوليت جي نشاني آهي، اُهو پنهنجي مهاراج کي وڃي ڏج ۽ کيس چئج ته ايندڙ ٻارهن مهينن جي عرصي اندر شهزادي ڪامروپ کي شهزاديءَ سان شادي ڪرائڻ لاءِ هتي وٺي اچي.“ +وزير اها خوشيءَ جي خبر کڻي، درٻار ۾ پهتو، جتي پوري ملڪ ۾ خوشين جا شادمانا ٿي ويا ۽ راجا خير خيراتون ڪيون. جڏهن راجڪمار جي شادي ڪرائڻ جو وقت آيو، تڏهن راجا وڏين تيارين جو حڪم ڏنو. راجا جي هن اٽالي ۾ گهوڙن تي سونا سنج ۽ قيمتي ڪپڙن جون شالون رکيون ويون، سوکڙين لاءِ مختلف قسمن جون شيون کنيائون. بدقسمتيءَ جي ڳالهه چئجي جو هنن خوشين ۾ پائداري ڪانه رهي، اڃا پنهنجي شهر کان هڪ ڏينهن جو سفر مس ڪيائون ته رستي ۾ مٿانئن هڪ دشمن راجا حملو ڪيو. ان حملي ۾ راجا مارجي ويو ۽ ڪيترا وزير ۽ امير قتل ڪيا ويا. ڪامسين وڏيءَ مشڪل سان پنهنجي ٿورن ماڻهن سان جان بچائي، پنهنجي شهر ڏانهن ڀڳو. دشمن هنن جو پيڇو ڪيو ۽ اچي تخت گاهه کي ��هيرو ڪيو. ليڪن وڏي بهادري ۽ جرئت سان ڪامسين پنهنجو شهر بچايو. ان کان پوءِ راجڪمار ڪامسين، گجرات جي راجا جئسنگراءِ کي پيءُ جي قتل ۽ پنهنجي پريشانين کان واقف ڪيو. +هي ٻـُڌي راجا جئسنگراءِ کي ڏاڍو صدمو پهتو، ليڪن ٿوري ئي وقت ۾ کيس پنهنجي پريشانين اچي ورتو. هڪ ڏينهن ڀر واري حاڪم هن جي شهر تي حملو ڪيو ۽ صلح ڪرڻ لاءِ سندس راجڪماري ڪامروپ جي سڱ کي وٺڻ جو شرط مقرر ڪيو. +هن شرط راجا کان وڌيڪ راجڪماريءَ کي پريشان ڪيو، ڇو ته هوءَ ان ڏينهن کان وٺي ڪامسين جي ٿي چڪي هئي، جڏهن پـَرين هنن ٻنهي جون کٽيون کڻي هڪ ٻئي جي ڀرسان رکيون هيون. سو اُها ته کائڻ پيئڻ کي حرام سمجهي ويهي رهي ۽ آهه و زاري ڪرڻ ۾ وقت گذارڻ لڳي. آخر هن هڪ ڏينهن ڪامسين ڏانهن خط موڪليو، جنهن ۾ کيس گذارش ڪيائين ته جلدي، ڪنهن به طرح کيس اچي پنهنجو ڪري. +راجڪماريءَ جو هيءُ خط هڪ خاطيءَ کي ڏنو ويو، جو فقير جي لباس ۾ ماگرور شهر کي گهيرو ڪندڙن مان لنگهي بادشاهي قلعي وٽ وڃي پهتو. قلعي وٽ پهچڻ کان پوءِ، هن ڪامسين جي سپاهيءَ کي ڪـَن ۾ ٻڌايو ته کيس راجڪمار سان ملائي. ملاقات ۾ هن اهو خط راجڪمار کيڏنو، جنهن پڙهي هڪدم جواب ۾ کيس خط لکي ڏنو، جنهن ۾ ڪامروپ کي يقين ڏنائين ته هو کيس ضرور پنهنجو ڪندو، ليڪن ٿورو وقت انتظار ڪري. هي خط راجڪماريءَ کي پهچايو ويو. +هوڏانهن ماگرور تي حملو ڪندڙ شهر ۾ داخل ٿي نه سگهيا ۽ آخر نااميد ٿي پنهنجي ملڪ موٽي ويا. ان کان پوءِ ماگرور جي ماڻهن راجڪمار کي راجا جي جاءِ تي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيون. +پيءُ جي وفات جي صدمي ۽ سندس راجا ٿيڻ جي خوشيءَ به ڪامسين جي دل تان ڪامروپ جي يادگيري فنا نه ڪئي. راجا ٿيڻ کان پوءِ هڪدم پنهنجا امير ۽ وزير گهرايائين ۽ کين چيائين ته مون کي ڪامروپ ڪنهن به طرح حاصل ڪرڻ گهرجي. توهان حڪومت کي سنڀاليو ته مان وڃي اهو ڪم سرانجام ڏيئي اچان. راجا جي هن ارادي وزيرن کي ڏاڍو خوفزده ڪيو. هو عرض ڪرڻ لڳا ته: هينئر گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ تنهن کان سواءِ دشمن گجرات پهچڻ جا سمورا رستا بند ڪيا آهن، تنهنڪري اهو ڪم راجا لاءِ خطري کان خالي نه آهي. ليڪن هن چتاءُ مٿس ڪو اثر نه ڪيو. هو وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. +اهو ڏسي وزير نذر ساف عرض ڪيو ته: جيڪڏهن ائين آهي ۽ توهان کي هروڀرو راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ پاڻ نه وڃو، پر هڪ ٻانهي موڪليو جا اتي وڃي ڪو رستو سوچي سگهي. هن اها صلاح قبول ڪئي ۽ هڪ سهڻي ٻانهي دلهران نالي کي گجرات روانو ڪيائين. +هيءَ ٻانهي سونهن سان گڏ چالاڪيءَ ۾ بي مثل هئي، سو ڇا ڪيائين جو دائيءَ جو لباس پائي سفر تي رواني ٿي. هن ائين مشهور ڪرايو ته هوءَ عورتن جي مڙني بيمارين جو علاج، طب ۽ جادوءَ رستي ڪرڻ چاهي ٿي. تنهن کان سواءِ هن ماڻهن ۾ پئسا به جام ورهائڻ شروع ڪيا، جنهنڪري سندس پهچڻ کان اڳ ۾ سندس خوبين جي مشهوري گجرات ۾ پهچي ويئي. +جڏهن هيءَ طبيبياڻي گجرات ۾ پهتي، تڏهن هن جي علاج جي خوبين جي خبر ڪامروپ تائين پهتي. هن هڪدم کيس محلات ۾ اچڻ لاءِ چيو، پر ٻانهي وڏائي ڪندي چورائي موڪليو ته هوءَ بادشاهن ۽ راڻين جي علاج ڪرڻ لاءِ ڪانه نڪتي آهي. اهو ٻڌي ڪامروپ طبيبياڻيءَ کي آڻڻ لاءِ پالڪي موڪلي، جڏهن هوءَ محلات ۾ پهتي، اتي راجڪماريءَ پنهنجي علاج ڪرڻ لاءِ پنهنجو رومال ان جي ڳچيءَ ۾ وڌو،ڳچيءَ ۾ رومال وجهڻ جي معنيٰ هئي کيس مست ڪرڻ. +ٻانهي تمام سياڻي هئي، سو پهچڻ سان پنهنجا ڪتاب کولي ۽ ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته واقعي راجڪماريءَ جي علاج لاءِ ڪتاب ۾ ڏسي رهي آهي. ٿورو پڙهي چوڻ لڳي: ”مان سمجهان ٿي ته تو هڪ رات ننڊ مان جاڳڻ تي پنهنجي کٽ تي هڪ راجڪمار ستل ڏٺو آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان راجڪماري سمجهي ويئي ته هوءِ ويڄياڻي نه هئي، پر سندس محبوب جي پيغامي.آخر ٻانهيءَ کيس ٻڌايو ته هوءَ راجا ڪامسين وٽان آئي آهي، جو پڻ سندس وانگر بيمار آهي ۽ ساڳئي مرض ۾ مبتلا آهي. هي ٻڌي راجڪماريءَ چيو ته: ”هاڻي ڪا ترڪيب ڪڍڻي آهي. منهنجي شادي زبردستي منهنجي پيءٌ جي دشمن سان ڪرائي ٿي وڃي، جنهن جي تاريخ ويجهي اچي چڪي آهي. جيستائين ڪامسين مون کي حاصل نه ڪيو آهي، تيستائين هي خطرو لاحق آهي. تون يڪدم موٽي وڃي ۽ راجڪمار کي ٻڌاءِ ته هو منهنجو انتظار فلاڻي جهنگ ۾ ڪري. +ٻانهي، ڪامروپ جو هيءُ نياپو کڻي نهايت تيزيءَ سان ڪامسين وٽ پهتي جو بنا دير جي حڪومت پنهنجي وزير حوالي ڪري، تمام تيز گهوڙي تي سوار ٿي گجرات ۾ ان ٻڌايل جهنگ ۾ اچي پهتو. اتي هن هڪ هاريءَ کي ٻڌايو ته هو هڪ دولتمند واپاري آهي ۽ کيس ٻه ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رهڻ ڏي. ان جي عيوض راجڪمار هاريءَ کي هڪ سئو سونيون اشرفيون ڏنيون. هاريءَ وڏي خوشيءَ سان ههڙي مهمان کي پاڻ وٽ رهايو. هن هاريءَ جي مدد سان ئي راڻي تائين پنهنجي اچڻ جي خبر پهچرائي. +جڏهن راجڪماريءَ کي هيءَ خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿي ۽ يڪدم مشحور ڪرايائين ته هوءَ پنهنجي سهيلين سان گڏ جهنگ ۾ پرارٿنا ڪرڻ جي ارادي سان وڃي رهي آهي. اهڙيءَ طرح راجڪماري سهيليون ساڻ ڪري جهنگ ۾ ٻڌايل هنڌ تي اچي پهتي، جتي گهوڙي تان لهي وڻ جي سامهون پرارٿنا لاءِ جهڪي. ڪامسين ان وڻ جي پور ۾ راجڪماريءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪامروپ جيئن عبادت جو عذر ڪري هيٺ جهـُڪي، تيئن ڪامسين ٻاهر نڪتو ۽ گهڙيءَ اندر راجڪماريءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، پاڻ پٺيان ويهي، گهوڙي کي تيز ڊوڙايائين. راجڪماريءَ جي سهيلين ڪاموروپ کي گهڻو ئي ڳوليو ۽ سڏ ڪيا، مگر ڪو پتو ڪونه پين. گهڻيءَ تلاش کان پوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون ته: ”شايد ڪو ديوتا، راجڪماريءَ تي عاشق ٿي پيو هوندو ۽ پاڻ سان وٺي ويو هوندس.“ جڏهن رات جو واپس محلات ۾ آيون ۽ راجا جئسنگراءِ کانئن ڪامروپ جي غير موجودگيءَ جو سبب پڇيو، تڏهن ان جي سهيلين جواب ڏنو ته: ”راجا، هڪ بيحد وڏو پکي آسمان هيٺ لٿو ۽ راجڪماريءَ کي اڏائي کڻي ويو.“ +ڪامسين، راجڪماريءَ کي گهوڙي تي کڻي، ڪجهه وقت گهوڙو رستي سان ڀڄايو، پر پوءِ وري خيال آيس ته ڪٿي راجا جا تيز گهوڙا نه اچي کين پڪڙين، تنهنڪري گهوڙي کي جهنگ ۾ لاڙي، هڪ طرف منهن ڏنائين. ڪامسين ان حالت ۾ سڄو ڏينهن گهوڙو ڊوڙايو. آخر جڏهن رات پيئي، تڏهن پري کان ڪامسين کي ڪجهه دونهون ڏسڻ ۾ آيو. ان کي وسندي سمجهندي، گهوڙي کي ان طرف هلايائين. ٿوري وقت اندر ڪامسين هڪ جهوپڙيءَ اڳيان اچي راجڪماريءَ کي لاٿو ۽ اتي رات گـذارڻ +جو ارادو ڪيو. ”انسان جي دل ۾ هڪڙي، خدا جي دل ۾ ٻي.“ جنهن کي هنن آرام لاءِ چونڊيو، ان ۾ هنن لاءِ هڪ ٻيو دشمن موجود هو. ان گهر ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو رهندو هو، جنهن ڏائڻ سان شادي ڪئي هئي ۽ ان مان چار راڪاس پٽ هئس. هنن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي پوڙهي مرد سندن کِلي کيڪار ڪئي ۽ رات رهڻ لاءِ چيو. پر ڳالهه هيئن ٿي جو ڪامسين کي ڏسندي ئي، ڏائڻ هن تي عاشق ٿي پيئي ۽ راجڪماريءَ کي ان لاءِ مارڻ جو پروگرام رٿيائين. هن اهو ڪم رات اندر ڪرڻ ٿي چاهيو. رات جو جنهن وقت هن سمجهيو ته مهمان ننڊ ۾ هوندا، ڏائڻ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ڏانهن هلي، پر ڏائڻ ڏٺو ته ڪامروپ هٿ ۾ تير ڪمان کڻي، پنهنجي محبوب تي پهرو ڏيئي رهي آهي. ڏائڻ ��يءُ ڏسي راجڪماريءَ کي ڊيڄارڻ لڳي، ليڪن هوءَ ڊڄڻ واري نه هئي، يڪدم ڪمان ۾ تير وجهي ڏائڻ ڏانهن منهن ڪيائين. ڏائڻ هڪدم ايڏو ڊگهي ٿي ويئي جو سندس مٿو آسمان سان گسڻ لڳو ۽ نڪ زمين سان. ان کان پوءِ ڏائڻ پاڻ کي هڪ جبل ۾ تبديل ڪيو ۽ ان حالت ۾ ڪامروپ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي. اهو ڏسي به ڪامروپ ڪانه ڊني. هن ڇا ڪيو جو تير ڪمان سان جبل جي مرڪز واري جاءِ تي تير هنيو. ائين ڪرڻ سان تير وڃي ڏائڻ جي دل ۾ لڳو ۽ هوءَ يڪدم پنهنجي اصلوڪيءَ شڪل ۾ اچي، زمين تي ڪِري پيئي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويئي. +راجا ڪامسين جڏهن ننڊ مان جاڳيو، تڏهن راجڪماريءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته: ”اسان کي هيءَ خطرناڪ جڳهه هڪ دم ڇڏڻ گهرجي، نه ته اجهو ٿا ڪي ديوَ اچن ۽ اسان تي حملو ڪن.“ +اهو ٻڌي، راجا ڪامسين، ڪاموروپ کي گهوڙي تي چاڙهيو ۽ پاڻ ٽپو ڏيئي سندس اڳيان ٿي ويٺو. ان کان پوءِ اڃا هي ٻئي اهڙيءَ طرح ڀڄڻ ۾ هئا ته هنن ست راڪاس ڏانهنِ ايندا ڏٺا جي ان ڏائڻ جاپٽ هئا. ڏائڻ راجڪماريءَ سان ڪوڙ هنيو هو ته سندس راڪاس پٽ اڳ ۾ قتل ٿي ويا هئا. راجا گهوڙي کي گهڻو ئي ڊوڙايو، پر سڀ اجايو هو، ڇو ته راڪاس جي رفتار جي هيءَ حالت هئي ته هڪ قدم ۾ پوري فرلانگ جو فاصلو پئي هليا. ان مايوسيءَ جي وقت ۾ راجڪماريءَ وري پنهنجي تير ڪمان سڌي ڪئي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڇهه راڪاس ڪيرائي وڌا، باقي ستون راڪاس هيءُ حال ڏسي، وٺي پٺتي ڀڳو. +ان کان پوءِ، راجا گهوڙي کي خوب ڊوڙايو ۽ آخر هڪ پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي ڪنارن تي گهاٽي ڇانوَ وارا وڏا وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا هئا. هنن اتي ترسي، ٿورو آرام ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ گهوڙي تان هيٺ لٿا. لهڻ سان هنن هڪ پوڙهو ڏٺو جو بيمار پئي ڏسڻ ۾ آيو. راجا کي ان تي رحم اچي ويو ۽ پڇيائينس ته تون ڪير آهين؟ پير مرد جواب ڏنو ته: ”مان هرات کان اچان ٿو، مون سان گڏ ٻيا ساٿي به هئا، پر مان جڏهن بيمار ٿي پيس، تڏهن منهنجو کاڌو وغيره به پاڻ سان کڻي، مون کي هتي ڦٽو ڪري هليا ويا. راجا هن کي کاڌو وغيره کارايو ۽ چيو ته: ”تون اسان جي خدمت چاڪريءَ لاءِ اسان سان رهي پوء.“ ان کان پوءِ راجا ان ڍنڍ ۾ سنان ڪرڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجا ڪپڙا لاهي ۽ تير ڪمان به ان پير مرد کي ڏنائين ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ويو. اڃا راجا چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ مس ويو ته هن پير مرد جو دراصل، ان ڏائڻ جو ستون راڪاس پٽ هو ۽ ڀڄي ويو هو، ان تير، ڪمان مان ڪشي، راجا کي دل ۾ هنيو. راجا اتي پورو ٿي ويو ۽ مٿانئس پاڻي وري ويو. ان کان پوءِ راڪاس راجا جا ڪپڙا پائي، سڌو راجڪماريءَ وٽ ويو ۽ ٻڌايائينس ته مون راجا کي ماري ڇڏيو آهي، تنهنڪري تون هاڻي منهنجي ڪنوار بنج. +راجڪماريءَ سوچيو ته راڪاس جي قبضي مان ائين جان ڇڏائڻ مشڪل آهي، تنهنڪري مڪر ڪري ان کي شاديءَ جي قبوليت ڏنائين، پر چيائينس ته: ”تون پاڻيءَ ۾ پهريائين سنان ڪر ته پوءِ توسان شادي ڪنديس.“ راڪاس به راجڪماريءَ جي مڪر کي سمجهي نه سگهيو، سو تيار ٿي، ڪپڙا لاهي، تلاءَ ۾ وهنجڻ جي ارادي سان ٽپو ڏنائين. راجڪماري راڪاس سان به ساڳي ڪار ڪئي. تير، ڪمان ۾ وجهي راڪاس کي اهڙو چٽيائين جو هو اُتي جو اُتي جو ختم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ان جا ڪپڙا لاهي، ٻاهر آندائين ۽ ڪامسين کي به پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيائين. مئل راجا کي ٻاهر کڻي سمهاريائين ۽ ان جو مٿو پنهنجو جهوليءَ ۾ رکي، زور سان ماتم ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح پنهنجي محبوب تي، سڄو ڏينهن روئندي رهي ۽ اڌ رات وقت ان غم ۾ ايڏو پريشان ٿي جو سوچيائين ته هن حياتيءَ کان مرڻ بهتر آهي. انهيءَ ارا��ي سان خنجر پنهنجي ڇاتيءَ ۾ هڻڻ جي سانباهي ۾ هئي. +ڪامروپ جو اهو سڄو لقاءُ مهاديو، عرش تان ويٺي ڏٺو. ان جي روڄ ۽ راڙي تي کيس ڏاڍو رحم آيو، سو پراواتيءَ سان گڏ اهو به هيٺ زمين تي لهي آيو. زمين تي لهڻ کان پوءِ ڪامروپ کان روئڻ جو سبب پڇيائين، جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڪامروپ جي راجا لاءِ اهڙي سچي محبت ڏسي، مهاديو مئل راجا کي وري زنده ڪيو جو اکيون مهٽيندي ائين اٿيو جيئن ڪو ننڊ مان اُٿندو آهي. راجا ۽ راجڪماري ڪامروپ پيار مان هڪ ٻئي کي مليا ۽ مهاديو پراوتيءَ سان وري آسمان تي چڙهي ويو. +ان ئي ڏينهن ڪامسين ۽ ڪامروپ گهوڙي تي چڙهي اڳتي هليا. سورهين ڏينهن، هنن کي هڪ وڏو شهر سامهون نظر آيو. جڏهن هو انهيءَ شهر جي هڪ دروازي وٽ پهتا، تڏهن معلوم ٿين ته انهيءَ شهر جو نالو ديول آهي ۽ اُتي جي راجا جو نالو ڪـَندُ آهي. هنن ٻنهي جي اچڻ جي خبر راجا ڪند کي پئجي ويئي، جنهن هنن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اتي اچڻ جو سبب پڇيو. ڪامسين جواب ڏنو ته: ”مان ماگرور شهر جي راجا نرڪرپال جو پٽ آهيان، جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ آيس، پر اُتي رستو وڃائي ويٺس. رات گذارڻ لاءِ هتي آيو آهيان.“ راجا اهو احوال ٻڌي، هنن جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي ۽ پاڻ وٽ رهايو. +ڪامسين ڪجهه ڏينهن اُتي رهيو. هڪ ڏينهن، هڪڙو هاري، راجا ڪند وٽ اها شڪايت کڻي آيو ته هڪڙو شينهن سندس ڍڳا ڍور کائي چٽ ڪري ويو آهي ۽ اها وينتي ڪيائين ته راجا ان شينهن کي مارائڻ جو ڪو بلو ڪري. هاريءَ جو اهو عرض ٻڌي، راجا ڪامسين ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ چيائين ته: ”مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ توهان جي ڪيل احسان جي بدلي ۾ شينهن کي وڃي ختم ڪريان.“ راجا اها ڳالهه ٻڌي هن کي اجازت ڏني. ان کان پوءِ بهادر راجا ڪامسين، هاريءَ سان گڏجي سندس گهر ڏانهن ويو ۽ ڏٺائين ته سچ پچ شينهن هڪ ڍڳو کائي رهيو آهي. هيءَ ماجرا ڏسي راجا ان طرف وڌيو. شينهن هڪ انسان جي اها جرئت ڏسي، مٿس حملو ڪيو. راجا ڪامسين بهادري ڏيکاريندي، تيز تير شينهن جي ڇاتيءَ ۾ لنگهائي وڌو، جنهن هن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ جڏهن راجا ڪامسين شينهن کي ناس ڪري راجا ڪند وٽ آيو، تڏهن راجا خوشيءَ وچان پنهنجي راجڪماري واسوءَ جو سڱ کيس ڏيڻو ڪيو. +هيءَ ڪماري هڪ وڏي پاپي عورت هئي، جنهن هن کان اڳ پنهنجا ڪيترائي مڙس ماري ڇڏيا هئا. جڏهن کيس خبر پيئي ته ڪند سندس ٻانهن راجا ڪامسين جي حوالي ڪئي، تڏهن هن ڪامسين کي پنهنجي محلات ۾ گهرايو ۽ جادوءَ جي زور تي هڪ رڍ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اڱڻ ۾ ڪِلي سان ٻڌي قابو ڪري ڇڏيو. +جڏهن راجا ڪامسين نه موٽيو، تڏهن ڪامروپ ڏاڍو پريشان ٿي. شهر ۾ راجا جي ڳولا ڪيائين، ليڪن ڪو به پتو ڪو نه پيس. آخر گهڻي ڳولا کان پوءِ راجا جي پيرن جا نشان شهزادي واسوءَ جي محلات ڏانهن ويندي ڏٺائين. هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کان پوءِ جڏهن محلات مان واپس موٽڻ جا نشان نظر نه آيس، تڏهن يڪدم سمجهي ويئي ته واسوءَ ڪو ساڻس ويل ڪيو آهي. پنهنجي ڪمري ۾ وڃي مرداڻو لباس پائي، واسوءَ جي محلات هيٺان اچي لنگهي. اوڏيءَ مهل مڄاڻ محلات جي دريءَ مان شهزادي ڪامروپ کي واسوءَ ڏسي ورتو ۽ کيس هڪ سهڻو نوجوان سمجهندي، پنهنجي محلات ۾ اچڻ لاءِ گهرائي ورتو. انهيءَ دعوت تي ڪامروپ سڄي ڳالهه سمجهي ويئي. يڪدم واسوءَ کي دسي کڻي نوڙيءَ سان ٻڌائينس ۽ چيائينس ته: ”جيڪڏهن ڪامسين کي آزاد نه ڪندينءَ ته مان توکي اتي ئي گهٽي ماري ناس ڪري ڇڏينديس.“ +واسوءَ هڪدم وٺي رڙيون ڪيون ۽ سندس گوڙ تي راجا ڪند پاڻ محلات ۾ لنگهي آيو. راجڪماري ڪامروپ راجا کي واسوءَ جي ڪيل ڏوهه کان واقف ڪيو. راجا، ڪامروپ کي واسوءَ کي معاف ڪرڻ لاءِ منت ڪئي، ليڪن ڪامروپ نه مڃيو ۽ تيستائين نه ڇڏيائينس، جيستائين هن ڪامسين کي وري انساني روپ ۾ آندو ۽ پوءِ ان ڏائڻ جي چوٽي ڪتريائين، جنهن ۾ جادوءَ جو زور هو. +ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، راجا ڪامسين جي شادي واسوءَ سان وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي ويئي ۽ ان خوشيءَ ۾ راجا ڪيترائي ڏينهن شڪار ۾ گذاريا. پر واسوءَ جي من ۾ ڪامروپ لاءِ ڌڪار جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي. هڪڙي ڏينهن جڏهن هـُن ڪامروپ کي غسل ڪندي ڏٺو ۽ سندس حـُسن جو پورو جلوو پسيو، تڏهن ته سندس دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪڻ لڳي. پنهنجي وارن وڃائڻ کان پوءِ، جادوءَ جي وسيلي ته ڪامروپ کي ڪو نقصان پهچائي نه ٿي سگهي، تنهن هوندي به هن همت نه هاري ۽ ڪامروپ جي خاتمي لاءِ هڪ خطرناڪ سازش سٽيائين. +ان ڏينهن شام جو، جنهن وقت ڪامسين واسوءَ جي محلات ۾ آيو، تڏهن واسوءَ کي ڏاڍو غمگين ڏٺائين ۽ کانئس ان جو سبب پڇيائين. ليڪن واسوءَ، ڪامسين سان بلڪل نه پئي ڳالهايو. راجا ڪيترائي سوال پڇيا، مگر واسو خاموش رهي. ڪجهه دير کان پوءِ، واسو ٿورو کـُلي ۽ راجا کي چوڻ لڳي ته: ”توهان جيڪا خوبصورت ڇوڪري پاڻ سان آندي آهي، اها توهان سان بي وفا آهي ۽ هڪ وڏي دغاباز ٿي ڏسجي.“ هي ٻڌي ڪامسين کي ڏاڍو غصو لڳو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون دنيا جي تختي تي ڪامروپ جهڙي صاف دل ۽ پوتر عورت ڪانه ڏٺي آهي. ٻه دفعا ته هن منهنجي زندگي بچائي آهي. مون کي يقين آهي ته هوءَ مون سان وفادار آهي.“ اُن تي واسو، ڪامسين کي ٽوڪيندي چيو ته: ”چڱو توکي هـُن سـَتيءَ تي ايڏو ڀروسو آهي ته پوءِ سڀاڻي شڪار تي وڃڻ بدران ڪامروپ کي جاچ ۽ ڏس ته ڪهڙيءَ طرح سندس نوان عاشق ڀتيون ٽپي هن وٽ وڃن ٿا.“ راجا يڪدم ان رٿ کي مڃيو، ڇاڪاڻ ته هن کي يقين هو ته اها دعويٰ ضرور ڪوڙي ثابت ٿيندي. +ٻئي ڏينهن راجا ڪامسين محلات مان شڪار جي بهاني سان ٻاهر نڪري ويو. دراصل هو شڪار ڪرڻ ڪين ويو هو، پر هڪ اهڙي هنڌ وڃي لڪي ويٺو، جتان ڪامروپ جي محلات کي چڱي طرح ڏسي سگهيو ٿي. راجا جي وڃڻ کان پوءِ، ظالم واسوءَ ڇا ڪيو هو مرداڻو لباس پهري، ڪامروپ جي محلات جي ڀت تي چڙهي ۽ دريءَ مان اندر داخل ٿي. ڪامسين اهو سڀ ڪجهه ڏسي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويو ته جيڪي واسوءَ چيو ٿي، سو سراسر سچ آهي. بس پوءِ ته هڪدم گهوڙي کي ڊوڙائي گهر آيو ۽ جلادن کي گهرائي، کين حڪم ڏنائين ته: ”شهزادي ڪامروپ کي يڪدم محلات مان وٺي رڻ ۾ نيئي سندس ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيون.“ راجا اهو قهر جو ڪم غصي ۽ ڪروڌ جي باهه وچان ڪيو. +جلادن حڪم ٻڌڻ کان پوءِ، ڪامروپ کي محلات مان وٺي هڪ رڻ پٽ ۾ آندو. قضا سان ڪامروپ جو ڪو ڀاڳ ڀلو هو. جلادن کي ڪامروپ جي حـُسن ۽ جوانيءَ تي رحم اچي ويو، تنهنڪري کيس مارڻ بدران ڇڏي ڏنائون، ۽ سندس اکين جي بجاءِ، هڪ هرڻ کي ماري ان جون اکيون ڪڍي، ۽ موٽي اچي راجا کي ڏيکاريائون. + + +اهڙيءَ ريت ڪامروپ موت کان بچي ويئي، پر محلات ۾ پليل راجڪماري رڻ ۾ اچي رُلي. سڄو ڏينهن پنڌ ڪيائين، آخر پيرن ۾ لِڦـُون پئجي ويس ۽ اڳتي هلڻ جهڙي نه رهي. انهيءَ حالت ۾، هڪ هنڌ ويهي رهي ۽ غم ۽ اندوهه ۾ اچي روئڻ ۾ ڇـُٽڪي. ڪجهه وقت روئڻ کان پوءِ، کيس اُهي پـَريون ياد پـَيون، جن کيس ۽ ڪامسين کي پاڻ ۾ ملايو هو، بس پوءِ ته انهن کي ڏک مان مدد لاءِ پڪارڻ لاءِ لڳي. قدرت ڌڻيءَ جي اهڙي ٿي جو ٿوريءَ دير ۾ هن جي اڳيان هڪ پـَرين جو وَلـَرُ اچي بيٺو. ڪامروپ کين پنهنجي سورن جي ڪهاڻي ٻڌائي. پرين کي راجڪماريءَ جي هن حال تي ڏاڍو رحم آيو ۽ کيس آسمان تي پنهنجي ولايت ۾ کڻي ويون. اُتي ڪامروپ جي غم دور ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين محلات ۾ رهايو ويو، جنهن ۾ پريون هن جي خدمت چاڪريون ڪنديون هيون، جنهن جي چوڌاري هڪ دلچسپ جنت نما باغ ۾ عجيب و غريب گل هئا، جن جي خوشبوءِ ۾ وڻندڙ اثر هو. هي سموريون چيزون راجڪماريءَ جي اڳيان انهيءَ لاءِ رکيون ويون ته جيئن هوءَ اتي راضي رهي ۽ دل جي غم کي وساري ڇڏي. +ٻئي پاسي وري ڪامسين جو عجيب حال هو. هن کي يقين ٿي ويو هو ته ڪامروپ واقعي دوکيباز عورت هئي. اهڙن خيالن ۾ جيئن کيس پڪائي ٿيندي ويئي، تيئن واسو جهڙيءَ دغاباز ۽ ڏائڻ عورت سان وڌيڪ محبت ٿيندي ويس. ڪامسين، ڪامروپ کي دل مان وسارڻ کان پوءِ زندگيءَ جو ڪافي عرصو عيش ۽ مزي ۾ گذاريو، ليڪن چوندا آهن ته خدا وٽ دير آهي، انڌير ناهي. سو ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، هڪ رات ڪامسين ننڊ مان جاڳي پيو ۽ جاڳڻ سان هن ائين محسوس ڪيو ته راجڪماري ڪامروپ بلڪل معصوم هئي ۽ مون ساڻس ظلم ڪيو آهي. انهيءَ قسم جو خيال هن جي دل تي ايتري قدر ته ڇانئجي ويو جو واسوءَ کي هڪ وڏي دوکيباز ۽ ظالم عورت تصوّر ڪرڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن هن کي ايڏو ته جوش اچي ويو جو خنجر کڻي، ننڊ ۾ ستل واسوءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ، يڪدم گهوڙي تي سوار ٿي شهر مان نڪري ويو ۽ ريگستان ۾ گهوڙي کي ڊوڙائيندو رهيو. ڪامروپ جي فراق ۾، ڪامسين پنهنجو راجائي لباس ڦاڙي، ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو ۽ اڌ_چرئي ماڻهوءَ جي حالت ۾ رڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ۽ رلندو رهيو. +ڪامسين انهيءَ حالت ۾ جهنگ ۽ بيابان ۾ ڪيترا ڏينهن رُلندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن ٿڪجي هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺل وڻ جي ڇانوَ ۾ وڃي ويٺو. اُن وڻ تي ٻه پکي ويٺا هئا، جن مان هڪ ٻئي کي چيو ته: ”هن وٽ هيٺان ويٺل جيڪو ماڻهو ڏسين ٿو، انهيءَ جو قصو نهايت عجيب آهي. اِهو محبت جو مريض آهي، ليڪن هن پاڻ ئي پنهنجي بي گناهه معشوق کي مارڻ جو حڪم ڏنو.“اها ڳالهه ٻڌي ٻئي پکيءَ کي ڏاڍو عجب لڳو، هو چوڻ لڳو: ”مهرباني ڪري مون کي انهيءَ ماڻهوءَ جي سموري آکاڻي ٻڌاءِ،“ پوءَ پهرئين پکي، ڪامسين جي غلط فهميءَ ۽ ڪامروپ کي سزا ڏيڻ وارو سربستو قصو هن کي بيان ڪري ٻڌايو ۽ چيائينس ته: ”اڃا به هڪ رستو آهي، جيڪڏهن هن ماڻهوءَ کي اهو معلوم ٿي وڃي ته: راجڪماري ڪامروپ کي وري به حاصل ڪري سگهي ٿو. هن کي اٺ ڏينهن باهه تي روزو رکي وهڻو پوندو ۽ دونهين مان ساهه کڻڻو پوندو. اٺين ڏينهن، پـَرين جو ٽولو، پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ سان هن تلاءَ تي وهنجڻ ايندو. هن کي ان وقت موقعي مان فائدو وٺڻو آهي. جڏهن سڀئي پـَريون تلاءَ ۾ وهنجڻ لاءِ داخل ٿي وڃن، تڏهن هن کي راڻيءَ جي ڪپڙن تي قبضو ڪرڻ گهرجي ۽ تيستائين ڪپڙا نه ڏيڻ گهرجن، جيستائين راڻي، راجڪماري ڪامروپ جي ٻانهن سندس حوالي نه ڪري. +ڪامسين وڻ هيٺان، پکين جي اها سموري گفتگو وڏي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. انهيءَ راز کي معلوم ڪندي ڪڏهن دل ۾ اميد پيدا ٿئيس ٿي ته ڪڏهن وري مايوسي. آخر هو انهيءَ ٻڌل طريقي موجب اَٺَ ڏينهن باهه تي روزو رکي ويٺو ۽ دونهين مان ساهه کڻندو رهيو. آخر اٺين ڏينهن پـَرين جو ٽولو پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ سميت انهيءَ تلاءَ تي اچي لٿو. ڪامسين تلاءَ جي ڀر ۾ وڻن جي اوٽ ۾ ايستائين لڪو ويٺو رهيو، جيستائين سڀني پنهنجا ڪپڙا لاٿا ۽ وهنجڻ جي ارادي سان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. ان کان پوءِ، ڪامسين نهايت آهستگيءَ سان راڻي شپوري جي ڪپڙن تي قبضو ڪري اُهي پاڻ سان کڻي ۽ پنهنجي ساڳيءَ جڳهه تي اچي لڪي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ، هر هڪ پري، پاڻيءَ مان نڪري پنهنجا ڪپڙا پاتا ۽ جڏهن راڻيءَ جو وارو آيو ته جان ڏسن ته ڪپڙا غائب آهن. هن ڏاڍي ڳولا ڪرائي پر بي سود. ان کان پوءِ، هنن ڪپڙن جي تلاش لاءِ جهنگ ۾ ڳولا ڪرائي. اتي ڳولا ڪندي، هنن ڪامسين کي ڏسي ورتو، جيڪو راڻيءَ جا ڪپڙا پنهنجي ڪڇ ۾ ڪيو لڪو ويٺو هو. هي حال ڏسي پرين جي راڻي غصي ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ پنهنجي ڪپڙن جي واپسيءَ لاءِ ڪامسين کي حڪم ڪيائين. اهو حڪم ٻڌي، ڪامسين وراڻيو ته ڪپڙن جي عيوض کيس ڪامروپ جي ٻانهن ڏني وڃي. اهو جواب ٻڌي پرين جي راڻي غصي ۾ اچي هڪ ننڍي راڪاس جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ ان کان پوءِ هاٿيءَ جي شڪل ۾ مٽجي ويئي. هاٿيءَ جي شڪل ۾ اچي ڪامسين کي لتاڙي مارڻ جي ڌمڪي ڏنائين. ليڪن ڪامسين به پرواهه ڪانه ڏيکاريس ۽ چيو ”هن زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڪامروپ سان گڏ رهڻ حياتي آهي ۽ ان کان سواءِ مان موت کي آجيان ڪندس.“ هي جواب ٻڌي، پرين جي راڻيءَ جو غصو رحم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هن جي دل نرم ٿي ويئي. جڏهن ڪامروپ، ڪامسين کي ائين ليلائيندي ڏٺو، تڏهن پاڻ به ان سان گڏ راڻيءَ کي منتون ڪرڻ لڳي. چوڻ لڳي ته: ”مون کي هن جي حوالي ڪريو، توهان ئي اسان ٻنهي کي پاڻ ۾ ملايو هو، سو هاڻي ڪيئن ٿيون جدا ڪريو.“ ڪامروپ کي ليلائيندي ڏسي، راڻي شپوريءَ سندس ٻانهن ڪامسين جي حوالي ڪئي ۽ ان جي عيوض ۾ پنهنجا ڪپڙا واپس ورتا. +ان کان پوءِ راڻيءَ جي حڪم سان پرين هنن ٻنهي عاشقن کي مٿي کنيو ۽ هوا ۾ اڏائي، سنڌ ڏيهه جي مٿان آندو. جڏهن کين ٿورو هيٺ لاٿائون، تڏهن راجا ڪامسين پنهنجي تختگاهه ماگرور کي سڃاتو. هيٺ لاهڻ کان پوءِ کين شپوري ٻڌايو ته هيءَ توهان جي بادشاهي آهي، ليڪن هڪ مڪار ماڻهوءَ توهان جي فوج کان حڪومت کسي پنهنجي قبضي ۾ رکي آهي. ايترو چئي پريون اکين کان گم ٿي ويون. +پرين کان هيءَ ڳالهه ٻڌي، راجا ڪامسين وڏيءَ ڳڻتيءَ ۾ اچي ويو ۽ ٿورو سوچي ڪامروپ کي چيائين ته: ”ماگرور شهر جي اتر طرف منهنجو هڪ محلات آهي، مان سمجهان ٿو ته اتي ڪو به ڪونه پهتو هوندو. اسان کي اتي هلي ڪو مشورو ڪرڻ گهرجي.“ ائين چئي ان طرف وڌيا ۽ اڌ رات جو هي ٻئي محبت جا متوالا ان خالي محلات ۾ وڃي پهتا. ان محلات ۾ ٻنهي خوشي ۽ سِڪ ۾ رات گذاري، ليڪن ساڳئي وقت پنهنجي آئندي جو اونو به گهڻو رهين. +صبح جو جڏهن ڪامسين پنهنجي محلات جي دريءَ کان هيٺ ڏٺو، تڏهن سندس نظر هڪ پوڙهيءَ عورت تي پيئي، جنهن هن کي نپايو هو. ان کي آواز ڏنائين، جنهن خوشيءَ مان ڊوڙي اچي ڪامسين جو خير مقدم ڪيو. پوڙهيءَ راجا کان سندس ايڏي لمبي عرصي جي غير حاضريءَ جو سبب پڇيو. راجا پنهنجي سمورين تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل سفر جو بيان ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڪيئن کيس ۽ ڪامروپ کي پريون هتي پهچائي ويون آهن. ان کان پوءِ راجا پوڙهيءَ کان پڇيو ته منهنجي غير حاضريءَ ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن منهنجي تخت تي ناجائز قبضو ڪيو آهي؟“ +راجا کي هن پوڙهي عورت نهايت ڏک واري لهجي ۾ ٻڌايو ته: ”مهاراج، توهان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ سال کن ته رواجي طرح حڪومت جو چرخو امن ۽ شانتيءَ سان هلندو رهيو، ليڪن ان کان پوءِ جڏهن توهان جي باري ۾ ڪا خبر نه آئي، تڏهن توهان لاءِ همدردي ۽ وفاداري ماڻهن جي دلين مان غائب ٿيڻ لڳي. ملڪ جون اهي حالتون ڏسي، هڪ دشمن، جنهن جو نالو شاهه دمڪ آهي، تختگاهه تي حملو ڪيو ۽ شهر جا سمورا دروازا ڀڃي اندر داخل ٿيو. شهر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ توهان جي وزير نذرساف کي قيد ڪيائين ۽ توهان جي حڪومت تي قبضو ڪيائين. هينئر توهان جو تاج ۽ توهان جا خزانا سڀ هن جي قب��ي ۾ آهن ۽ مون کي رستو ڪونه ٿو سـُجهي، جو توهان اهي واپس حاصل ڪري سگهو.“ +هيءُ ٻڌي راجا ڪامسين کي ڏاڍي حيراني لڳي. ليڪن دل نه هاريائين ۽ پوءِ ڪاغذ تي هي پيغام پوڙهيءَ جي معرفت شاهه دمڪ ڏانهن موڪليائين ته: ”اي غاصب! تولاءِ مناسب آهي ته حڪومت مان چپ چاپ نڪري وڃي، ٻيءَ حالت ۾ مون سان مقابلي لاءِ تيار ٿيءُ.“ +جڏهن شاهه دمڪ هيءُ خط پڙهيو، تڏهن پوڙهيءَ کان پڇيائين ته: ”راجا ڪامسين ڪٿي آهي ۽ هن ساڻ ڪيترو لشڪر آهي؟“ کيس جواب مليو ته: ”هو فلاڻي محلات ۾ لٿل آهي ۽ اڪيلو آهي.“ اهو جواب ٻڌي شاهه دمڪ هڪ چڱو لشڪر تيار ڪري هن سان وڙهڻ لاءِ محلات ڏانهن وڌيو. راجا ڪامسين جڏهن شاهه دمڪ جي فوج کي ايندو ڏٺو، تڏهن هن هڪ دفعو وري پرين کي مدد لاءِپڪاريو. انهيءَ گهڙيءَ ۾، پرين جو هڪ وڏو لشڪر آسمان تان هيٺ لٿو، ديوَن ۽ راڪاسن جي شڪل اختيار ڪري، شاهه دمڪ جي دوج تي حملو ڪيو، ۽ انهن سخت خوف ۽ هراس ڦهلايو. هيءُ حال ڏسي شاهه دمڪ جي فوج هر طرف ڀڄڻ لڳي، ليڪن ديوَن ۽ پرين هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماري قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪيترا راجا ڪامسين جي پيش پيا. شاهه دمڪ جو ننڍو پٽ شاهه صادق پيش پيو، جنهن کي راجا ڪامسين پناهه ۾ ورتو. خود شاهه دمڪ کي ڀڄڻ وقت ديوَن ماري وڌو هو. +جڏهن هيءَ لڙائي ختم ٿي، تڏهن راجا ڪامسين وڏي شاندار نموني سان پنهنجي شهر ماگرور ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي اڳئين وزير نظر ساف کي قيد مان آزاد ڪيائين، ۽ پوءِ ان جي ئي مدد سان هو پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ سنڌ ڏيهه ۾ راڄ ڪرڻ لڳو. راجا هڪ وڏو مضبوط قلعو ٺهرايو ۽ ڪيترائي سال سنڌ ۾ انصاف ۽ رحم سان حڪومت ڪندو رهيو. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته راجا ڪامسين لاءِ سڀني خزانن ۽ تاج کان وڌيڪ قيمت واري ملڪيت راجڪماري ڪامروپ هئي، جنهن ڪيترا دفعا هن جي حياتي بچائي ۽ جنهنجي ئي تعاون سان هن پنهنجي ويل حڪومت وڏيءَ سوڀ سان حاصل ڪئي ۽ پنهنجي رعيت وٽ وڏي شان ۽ عزت آبروءَ سان موٽي اچي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. +11_ سيف الملوڪ +ڪنهن زماني ۾، هاشم شاهه نالي هڪ بادشاهه، مصر ۾ راڄ ڪندو هو. هن جي پيءُ جو نالو شاهه سفيان هو، جو گذر ڪري چڪو هو. هاشم شاهه وڏو دولت مند ۽ طاقت وارو بادشاهه هو ۽ سندس رعيت ڏاڍي آسودي هئي. قدرت خدا جي اهڙي جو کيس پٽ جو اولاد ڪونه هو، باقي دنيا جا ٻيا سڀ سـُک ۽ سهنج نصيب هئس. جوانيءَ واري عرصي ۾ ته بادشاهه کي پٽ جي ضرورت گهڻي محسوس ڪانه ٿي، پر جڏهن ستر ورهين جو پوڙهو ٿي چڪو، تڏهن انهيءَ حقيقت کيس ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان غم ۽ اندوهه ۾ هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي محالت جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ وزيرن ۽ اميرن سان ملڻ کان منهن موڙي ڇڏيو. بادشاهه جي هن هلت ڪري، آخرڪار حڪومت جو چرخو بيهجي ويو، ڇو ته ڌنار کان سواءِ ڌڻ ڪيئن سلامت رهي؟ ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني ڦهلجي ويئي، آخر انهيءَ صورت بادشاهه جي وزير صالح کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ هڪ ڏينهن بادشاهه جي مرضيءَ خلاف زبردستيءَ سان محلات ۾ داخل ٿيو ۽ بادشاهه جي آڏو نهايت ادب ۽ احترام سان چوڻ لڳو ته: ”جيئندا قبلا! آءٌ توهان جي غم جو سبب پڇي سگهان ٿو؟ مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن بادشاهه سلامت مون کي ان کان واقف ڪرڻ فرمائيندو ته مان ان کي دور ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس.“ بادشاهه ورندي ڏني ته: ”اي وزير، منهنجو غم معمولي قسم نه آهي، توکي خبر آهي ته مون وٽ دنيا جي هر نعمت موجود آهي، دولت جا بي انداز خزانا آهن ۽ طاقتور فوج آهي، ليڪن پٽ جي اولاد کان محروم آهيان. هينئر منهنجي موت کان پوءِ منهنجو تخت ڪير سنڀاليندو؟ مصر ملڪ جي حڪومت جو ڪير وارث بڻبو.“ هيءَ ڳالهه ٻڌي، وزير عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت، منهنجو خيال آهي ته نجومين کي گهرايو وڃي، مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي علم۽ نجوم جي وسيلي اوهان جي ان غم جو ڪو نه ڪو علاج ضرور ڳولي ڪڍندا.“ +بادشاهه کي وزير جي اها صلاح دل سان آئڙي ۽ نجومين کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين حڪم ڪيو ته هو حساب ڪري کيس پنهنجي غم جي علاج جي ڪا ترڪيب ٻڌائين. نجومين ٽن ڏينهن جي مهلت گهـُري، هنن انهيءَ عرصي ۾ آسماني نکيترن ۽ سيارن کي خوب جاچيو ۽ ان کان پوءِ چوٿين ڏينهن درٻار ۾ اچي، بادشاهه کي عرض ڪيائوپن ته: ”بادشاهه سلامت، اسان کي نجوم جي حساب مان معلوم ٿو ٿئي ته جيڪڏهن توهان يمن جي بادشاهه شرف شاهه جي شهزاديءَ سان شادي ڪندوء ته توهان کي ان مان ضرور پٽ جو اولاد ٿيندو.“ +نجومي جي اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه حڪم ڪيو ته: ”هڪدم يمن جي بادشاهه لاءِ سوکڙيون ۽ سوغاتون تيار ڪيون وڃن، انهن ۾ پنجاهه اُٺ موتين سان ڀريل هجن، چار سئو سهڻيون ٻانهيون هجن ۽ چار سئو بهترين گهوڙا قيمتي سنجن سميت موجود هجن. اهي سموريون شيون تحفي طور يمن جي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيون وڃن ۽ ان کان پوءِ اسان جي لاءِ سندس شهزاديءَ جو سڱ گهريو وڃي.“ ٻن_ چئن ڏينهن بعد، بادشاهه جي حڪم مطابق اهو سمورو سامان، جنهن چڱي خاصي لشڪر جو ڏيک پئي ڏنو، سو جڏهن يمن جي بادشاهه جي سرحد تي وڃي پهتو، تڏهن يمن جي بادشاهه جي ماڻهن کي شڪ پيو. هنن شڪ دور ڪرڻ لاءِ هاشم شاهه بادشاهه جي ماڻهن کان پڇيو ته: ”ڇا توهان جنگ ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو ته: ”نه، اسان جنگ ڪرڻ نه آيا آهيون، پر اسان اوهان جي بادشاهه کان سندس شهزاديءَ جو سڱ ڇڪائڻ آيا آهيون.“ اهو جواب ٻڌي، هنن کي دلجاءِ ٿي ۽ پوءِ هو هلندا اچي يمن جي بادشاهه جي درٻار ۾ پهتا. درٻار ۾ پهچي، وڏي ادب ۽ نياز سان، هاشم شاهه بادشاهه جي ماڻهن پنهنجو تعارف يمن جي بادشاهه سان ڪرايو، ۽ کيس پنهنجي بادشاهه جو خط ڏنو. خط پڙهڻ کان پوءِ، يمن جي بادشاهه وڏي خوشيءَ مان ورندي ڏني ۽ چيو ته: ”هيءَ ته هڪ نياڻي آهي، پر جيڪڏهن کي ست نياڻيون هجن ها ته اهي به جيڪر اوهان جي بادشاهه جي مرضيءَ مطابق ڏيڻ ۾ مون کي بيحد خوشي ٿئي ها.“ ان کان پوءِ هن پنهنجي ڌيءَ کي گهرايو ۽ پنهنجي خاندان جي رسم مطابق سندس تلوار ۽ پٽڪي سان شادي ڪرائي ويئي. +هن طرح شادماني ٿيڻ کان پوءِ، مهمانن موڪلايو ۽ شهزاديءَ کي ساڻ ڪري، يمن مان روانا ٿيا. شهزاديءَ پنهنجي وندر لاءِ پيءُ جي وزير جي ڌيءُ، پاڻ سان کنئي، جنهن سان سندس ننڍپڻ کان ساهيڙپ هئي. مصر ۾ پهچڻ تي، هاشم شاهه بادشاهه ڏاڍي ڌام ڌوم سان شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ سندس ساهيڙيءَ جي شادي پنهنجي وزير صالح سان ڪرائي. خدا جي مهربانيءَ سان هڪ سال بعد بادشاهه هاشم شاهه ۽ صالح وزير کي هنن زالن مان پـُٽ پيدا ٿيا. هاشم شاهه بادشاهه پنهنجي پـُٽ جو نالو سيف الملوڪ رکيو ۽ وزير پنهنجي پـُٽ جو نالو صياد رکيو. هنن ٻنهي نينگرن کي نپائڻ لاءِ هڪ دائي رکي ويئي ۽ اهڙيءَ طرح هو ٻئي سڳن ڀائرن وانگر پلجڻ لڳا. +اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، وقت گذرندو رهيو ۽ هي ٻالڪ به وڏا ٿيندا ويا. اهڙيءَ طرح چوڏهن سال گذري ويا. هڪڙي ڏينهن بادشاهه ٻنهي ڇوڪرن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ گهرايو ۽ پنهنجي پـُٽ کي هڪ منڊي ۽ هڪ چوغو ڏنو، جي کيس ڪنهن وقت بادشاهه سليمان کان مليا هئا ۽ صالح وزير جي پٽ کي وري هڪ گهوڙو ۽ هڪ ڪـُڙتو عطا ڪيو. ان رات شهزادي سيف الملوڪ هڪ عجيب اسرار ڏٺو. هو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ شرط پيءَ وٽان مليل چوغي کي کولي حيرت سان ڏسڻ لڳو. اوچتو سندس نظر وڃي هڪ نهايت حسين ڇوڪريءَ تي پيئي، جا کيس ڀرسان بيٺل ڏسڻ ۾ آئي. پر جڏهن هـُن ٻنهي هٿن سان ان کي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هوءَ نظر کان گم ٿي ويئي، وري جڏهن هن پنهنجا هٿ هيٺ ڪيا ته ڇوڪري سامهون بيٺل نظر آيس. آخرڪار هن چوغو ويڙهي رکي ڇڏيو ۽ پاڻ سمهي پيو، پر کيس سڄي رات ننڊ نه آئي، ڇو ته هو ان سهڻيءَ ڇوڪريءَ جي حـُسن تي موهجي پيو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن بادشاهه ڏٺو ته سندس پٽ روزاني دستور مطابق شڪار تي نه ويو آهي، تڏهن کيس پاڻ وٽ گهرايائين. بادشاهه کانئس ان جو سبب پڇيو، پر شهزادي ڪنهن به سوال جو جواب ڪو نه پئي ڏنو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، سندس ذهن ۽ دماغ ۾ انهيءَ حسين ڇوڪريءَ جو تصور هو، جنهن کي هن رات جو ڏٺو هو. پيءُ جي سوالن تي فقط ڪنڌ ڌوڻي رهيو هو ۽ زارو زار روئي رهيو هو. بادشاهه، پٽ جو هيءُ حال ڏسي ڏاڍو غمگين ٿيو. هڪدم هن جي علاج لاءِ حڪيم ۽ طبيب گهرايائين، جيڪـي +پڻ ڪافي ڪوششن جي باوجود شهزادي جي بيماريءَ کي سمجهي ڪين سگهيا. آخرڪار، هاشم شاهه جي وزير عرض ڪيو ته: ”جيئندا قبلا، منهنجي پٽ کي اجازت ڏيو، شايد هو سيف الملوڪ جي بيماريءَ کي سمجهي کانئس پڇي ۽ پروڙي سگهي. آخر وزير زادي کي اجازت ڏني ويئي ته هو اڪيلائيءَ ۾ شهزادي سان وڃي ڳالهائي ۽ جيڪڏهن ضرورت سمجهي ته کيس اها ڌمڪي به ڏئي ته جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي بيماريءَ جو سبب نه ٻڌائيندين ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.“ بادشاهه، وزير جو اهو مشورو مڃيو ۽ وزير زادي کي شهزادي وٽ سندس دلي راز پروڙڻ جي اجازت ڏني. +صياد کي ڏسندي ئي، شهزادي کي معصوميت ۽ ننڍپڻ وارو زمانو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هنن سڳن ڀائرن وانگر کيڏيو ۽ ڊوڙيو هو. ان تصور سندس دل کي نرم ڪري وڌو ۽ شهزادي پنهنجي زبان کولي. شهزادي رات جو ڏٺل سمورو واقعو ۽ حسين ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پوڻ وارو سمورو قصو، هن کي دل کولي ٻڌايو. صياد هي حال معلوم ڪري سڄي ڳالهه بادشاهه کي ڪري ٻڌائي. بادشاهه هي قصو ٻڌي عجب مان چوڻ لڳو ته: ”ننڍپڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن مان تخت تي ويٺو هوس ته اوچتو هڪ روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ گجگوڙ ٿي، ان کان پوءِ مون پنهنجي پيرن جي ڀرسان ست پريون لهنديون ڏٺيون. لهڻ کان پوءِ هنن مون کي هڪ منڊي ۽ هڪ چوغو ڏنو، جيڪي ٻئي چيزون مون سيف الملوڪ جي حوالي ڪيون. هنن مون کي ٻڌايو ته اهي ٻئي چيزيون سليمان جون آهن. پوءِ جڏهن مون چوغي کي کوليو، تڏهن منهنجي اڳيان هڪ نهايت حسين وجميل ڇوڪري اچي بيٺي. ان ڇوڪريءَ کي جهلڻ لاءِ +مون پنهنجون ٻانهون وڌايون ته هوءَ نظر کان غائب ٿي ويئي. ان تي مون پرين کان پڇيو ته هيءَ ڪير هئي. پرين جواب ڏنو ته: ’هوءَ اسان جي بادشاهه شهوال جي ڌيءَ، بديع الجمال آهي ۽ اسان جو بادشاهه گلستان ارن شهر ۾ رهي ٿو‘. ان کان پوءِ مون گلستان ارن شهر ڳولڻ لاءِ هر طرف ماڻهو موڪليا، پر ڪنهن کي به ڪو پتو ڪو نه پيو. هن جي محبت مون کي چوڏهن سالن پريشان ڪندي رهي ۽ هاڻي وري ان منهنجي پٽ کي ساڳيو اثر ڏيکاريو آهي. هينئر آءٌ انهيءَ ڇوڪريءَ جي تلاش ۾ چئني طرفين پنهنجا ماڻهو روانا ڪريان ٿو.“ بادشاهه اها حقيقت بيان ڪري، وڏي غم ۽ پريشانيءَ ۾ اچي ويو. +ٻن_چئن ڏينهن بعد بادشاهه پنهنجا امير امراءَ ۽ ٻيا ڪيئي ماڻهو آسپاس جي ملڪن ڏانهن روانا ڪيا: ڪي ايران ويا، ڪي هندستان اسهيا، ڪن عربستان ۽ افغانستان منهن ڪيو، ۽ ترڪستان روانا ٿيا، ليڪن ڪٿي به گلستان ارب شهر جو ڪو پتو ڪو نه پيو. اميرن جي رواني ٿيڻ وقت شهزادي ڪجهه پاڻ سنڀالي ورتو، مگر جڏهن اهي ناڪامياب موٽيا، تڏهن هن تي وري ساڳي حالت طاري ٿي ويئي. بادشاهه محسوس ڪيو ته جيڪڏهن شهزادي کي موت کان بچائڻو آهي ته ان لاءِ فقط هڪ ئي رستو آهي. اُهو هيءُ ته شهزادي کي اجازت ڏجي ته هو پاڻ به پريءَ جي تلاش ۾ نڪري. ان لاءِ بادشاهه وڏيون تياريون ڪرايون ۽ سامونڊي ٻيڙا ٺهرايا، جن ۾ پنجن سالن جي ضرورتن جو کاڌو ۽ ٻيون شيون رکايون ويون. شهزادي ۽ صياد لاءِ هڪ جدا ٻيڙو تيار ڪرايو ويو ۽ ٻين ٻيڙن ۾ سٺ اميرن جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو، جن کي شهزادي سان گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. + + +چاليهن ڏينهن جي سامونڊي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن شهزادي پنهنجي اميرن سان گڏ چين ملڪ جي ڪناري سان اچي لنگر هنيو. جڏهن چين جي بادشاهه ناذفر کي هيءَ خبر پهتي، تڏهن پنهنجو نمائندو موڪليو ته هنن جي اچڻ جو سبب معلوم ڪري، کيس اچي ٻڌائي. +شهزادي سيف الملوڪ ٻڌايو ته آءٌ گلستان ارن شهر جي تلاش ۾ نڪتو آهيان. جڏهن شهزادي جو مقصد چين جي بادشاهه کي ٻڌايو ويو، تڏهن شهزادي سيف الملوڪ جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سندس مقصد جي تلاش ۾ مدد ڪرڻ جو پاڻ واعدو ڪيو. پوءِ گلستان ارن شهر متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ذريعا استعمال ڪيا ويا. هر طرف ماڻهو ڊوڙايا ويا ۽ ملڪ جي سڀني وڏيءَ عمر وارن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي. آخرڪار هي محنتون رائگان نه ويون: چين ملڪ ۾ هڪ تمام وڏي عمر وارو ماڻهو ملي ويو، جنهن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ کيس ٻڌايو ويو هو ته گلستان ارن جي ولايت، اسان جي ملڪ کان هڪ مهيني جي سفر جي دوريءَ تي آهي. +هيءَ خبر ٻڌي، شهزادي سيف الملوڪ، چين جي بادشاهه جو شڪريو بجا آندو ۽ ٻڌايل طرف ڏانهن وڌڻ لاءِ پنهنجي جهازن جا سڙهه سنوان ڪيا. جڏهن هي سفر ختم ٿيڻ وارو هو ته ان وقت هڪ اهڙو طوفان لڳو جو شهزادي جا سمورا ٻيڙا ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا ۽ سندس ساٿي ٻڏي مري ويا، ۽ شهزادو پاڻ وڏي تڪليف کان پوءِ فقط ٻن چئن ساٿين سان هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. +ٽن ڏينهن ۽ راتين جي رولاڪي ۾ هنن کي ڪو ماڻهو ڇيڻو نظر نه آيو. آخر چوٿين ڏينهن هنن کي پري کان هڪ ڳوٺ‎ نظر آيو، جنهن طرف هلڻ لڳا. پر پوءِ جلد ئي هنن ڏٺو ته ان ڳوٺ جا رهاڪو آدمخور ۽ راڪاس آهن. چند منٽن ۾، هنن کي پڪڙيو ويو ۽ آدمخورن جي بادشاهه جي اڳيان آندو ويو. +چوندا آهن ته ”مارڻ واري کان جيئارڻ وارو ويجهو آهي.“ قدرت الله جي اهڙي ٿي جو اُتي جي بادشاهه جيئن ئي هنن انسانن کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن سندس ڌيءَ، اربال کيس انهيءَ ارادي کان روڪڻ جو سبب بڻي. دراصل هو سيف الملوڪ کي ڏسندي ئي پنهنجي دل وڃائي ويٺي هئي ۽ دل جي محبت کيس شهزادي جي حفاظت تي مجبور ڪيو. اربال، شهزادي ۽ سندس ساٿين جي سلامتيءَ لاءِ پيءُ کي وينتي ڪئي، جنهن پهريائين ته انڪار ڪيو، پر پوءِ آخر ڌيءَ جي منٿن کي مڃڻو پيس. +بادشاهه، پنهنجي ڌيءَ جي دل جي ڪيفيت معلوم ڪري ورتي هئي، تنهنڪري حڪم ڪيائين ته: ”شهزادي کي آزاد ڪيو وڃي، ڇو ته کيس شهزاديءَ اربال سان شادي ڪرائي ويندي. +هيءَ خبر ٻڌي، شهزادو ڍڪرن ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته اربال توڙي جو جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هئي، ليڪن حد درجي جي بدشڪل هئي، سندس مٿو مسجد جي گنبذ جيڏو وڏو هو، سندس آواز ڪتي جي ڀونڪڻ جهڙو هو، ساري جسم تي وڏا وار هئس، ڪن گــُلن جي ڪونڊين جيڏا هئس، هيٺيون چـَپُ اُٺَ جي چـَپَ وانگر لڙڪيل هوس ۽ سندس کل اڱرن جهڙي ڪاري هئي. اربال پهرئين رات شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو، ليڪن شهزادي هن جي ويجهو وڃڻ تي دل نه ٻـَڌي. سيف الملوڪ جي انڪار اربال کي ڏاڍو ڪاوڙايو، جنهن آخر کيس توڙي سندس ساٿين کي زنجيرن ۾ جڪڙايو. مطلب ته هاڻ سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿي، قيد خاني ۾ بادشاهه جو انتظار ڪندا رهيا ته ڪڏهن کين کائي کپائي، ناس ڪري. +شهزادي پنهنجن ساٿين کي ايندڙ مصيبت کان آگاهه ڪيو، جن موت کان بچڻ لاءِ ترڪيبون سٽڻ شروع ڪيون. هڪڙي ڏينهن وَجـُهه وٺي، زنجير ٽوڙي، ٻيڙي هٿ ڪري، سمنڊ ۾ لنگهي پيا. ڪجهه وقت کان پوءِ هي سڀئي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لٿا، جيڪو ميوي جي وڻڻ سان ڀريو پيو هو. انهن ميون جي خوشبوءِ عجيب هئي. مسافرن کي بـُک به ڏاڍي هئي، تنهنڪري ميوو جام کاڌائون پر قدرت خدا جي جو هڪ مصيبت مان نڪتا، ته وري ٻيءَ ۾ وڃي ڦاٿا، اهو ميوو زهر وارو هو، جنهنڪري ان رات سيف الملوڪ کان سواءِ ٻيا سڀ اتي جو اتي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. +سيف الملوڪ، جنهن ٻين کان نسبتاَ َ ٿورو کاڌو هو، سو مرڻ کان بچي ويو. ليڪن سخت بيمار ٿي پيو. آهستي آهستي ان بيماريءَ مان چڙهيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ جان ۾ طاقت واپس آيس ۽ پنهنجي مئل سنگتين کي دفن ڪيائين. ان کان پوءِ، سيف الملوڪ ٻيٽ کي جاچڻ لڳو. اوچتو هن پنهنجي پٺيان ڪنهن پکيءَ جي پـَرن جو آواز ٻـُڌو ۽ جيسين پاڻ ڀڄي وڃي ڪٿي پنهنجو پاڻ لِڪائي، هڪ گـُرڙ پکي هن کي چنبن ۾ اُڏائي کڻي ويو ۽ وڃي پنهنجي ٻچن جي کاڌي لاءِ کيس پنهنجي آکيري ۾ ڇڏيائين. +هينئر سيف الملوڪ پنهنجي بچڻ جي اميد بلڪل لاهي ويٺو ۽ پاڻ کي الله جي حوالي ڪري ڇڏيائين. عين ان وقت سيف الملوڪ هيٺ ڏٺو ته هڪڙو وڏو نانگ ان وڻ تي چڙهي رهيو آهي، جنهن تي اُهو آکيروهو. شڪار جي خوشيءَ ۾ گرڙ پکي واسينگ نانگ جي چرپر کان بلڪل غير واقف ويٺو رهيو ۽ پنهنجي ظالم چهنب سان سيف الملوڪ کي ڦاڙڻ وارو ئي هو ته پاڻ واسينگ نانگ جي وَر چڙهي ويو. گرڙ پکي گهڻو ئي دانهون ڪيون ۽ پاڻ پتوڙيو پر واسينگ نانگ کان جند نه ڇڏائي سگهيو. نانگ وڏو طاقتور پئي ڏٺو، تنهن پنهنجي ڊگهي جسم سان گرڙ پکيءَ کي جهٽ ڏيئي کڻي قابو ڪيو. سيف الملوڪ بيوس بت بڻيو ويٺو رهيو ۽ گرڙ پکيءَ جي هڏن جي ڀڄڻ جو آواز ٻڌي رهيو هو. ان کان پوءِ واسينگ نانگ، گرڙ پکيءَ کي کائي ختم ڪري هيٺ لهي ويو. +نانگ جي لهڻ کان پوءِ به ڪافي دير تائين شهزادي تي خوف طاري هو. ليڪن جان سڀ ڪنهن کي پياري آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن شهزادي جي نظر کان نانگ غائب ٿي ويو، تڏهن هيءُ هيٺ لٿو ۽ هڪ طرف منهن ڪري وٺي ڀڳو. آخرڪار ڀڄندي ڀڄندي شهزادو ٿڪجي پيو ۽ پنهنجي سامهون هڪ وڏو محلات ڏٺائين. ان محلات جي کليل دروازي وٽ، شهزادي هڪ ستل شينهن ڏٺو. سيف الملوڪ پنهنجي تيز تلوار، ستل شينهن جي پيٽ ۾ لنگهائي وڌي. ان کان پوءِ، اُن مـُئل شينهن کي اورانگهي، محلات ۾ اندر داخل ٿيو. اندر اچي، شهزادو ٽن سينگاريل ڪمرن ۾ پهتو، جن ۾ عجيب و غريب زيور ۽ ٻيو سامان پيو هو. شهزادي چوٿين ڪمري ۾ هڪ نهايت قيمتي تخت ڏٺو، جيڪو هيرن ۽ موتين سان ڀريل هو ۽ ان ۾ هڪ حسين نوجوان عورت ننڊ ۾ سمهي پيئي هئي. جڏهن شهزادو ويجهو ويو، تڏهن ڏٺائين ته اها نوجوان عورت ساڳي اها حسين جميل ڇوڪري هئي، جنهن کي چوغي کولڻ وقت ڏسي، مٿس موهت ٿي پيو هو. پنهنجي محبوب کي ڏسي، شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جرئت ڪري، ڀرسان وڃي انهيءَ ننڊ پيل سهڻيءَ صورت کي هڪ چمي ڏنائين. ان تي اها نوجوان حسين ڇوڪري جاڳي پيئي ۽ ٿورو مشڪي چوڻ لڳي ته: ”اي نوجوان، تون ڪير آهين؟ توکي ايتري جرئت ڪيئن ٿي، جو ديوَن جي ملڪ ۾ لنگهي آيو آهين؟“ +شهزادي هڪدم پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان ورندي ڏنائين ته: منهنجو داستان بيان ڪرڻ کان ڊگهو آهي، پر في الحال ته تون مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ۽ هيتري سج چڙهي اچڻ کان پوءِ به تون هن وقت تائين ڇو سـُتي پيئي آهين؟“ +خوبصورت ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ته: ”منهنجو نالو ملڪان آهي ۽ مان هڪ بادشاهه جي ڌيءَ آهيان. هڪڙي ڏينهن مان پنهنجي سهيلين سان گڏجي، پنهنجي پيءُ جي باغ ۾ گهمڻ ويس ۽ اتي تلاءَ ۾ گهڙي وهنتس. ان وقت اوچتو اهڙي تيز هوا لڳي، جنهن مون کي ان تلاءَ جي ڪناري تان کڻي هن ٻيٽ تي آڻي ڇڏيو. مون جڏهن زمين تي پير رکيو ۽ اک پٽي نهاريو ته پاڻ کي هن محلات جي سامهون بيٺل ڏٺم. هن محلات ۾ هن ٻيٽ جو ديو بادشاهه رهي ٿو. پوءِ گهڙي پلڪ گذرندي منهنجي اڳيان اهو ديو آيو، جنهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ديو هئا. هي ديو هڪدم مون کي چوڻ لڳو ته: ”مان توکي انهيءَ لاءِ کڻي آيو آهيان، جو آءٌ توتي عاشق آهيان ۽ هاڻي مون سان ناراض ٿيڻ يا مخالفت ڪرڻ بيسود آهي، ڇو ته تنهنجو هتي ڪو واهرو ڪونهي، تنهنجو ملڪ هتان ايترو دور آهي جو اتان جو ماڻهو ته ڇا، پر ڪو جانور ۽ پکي به هتي نٿو پهچي سگهي. ان کان پوءِ مون کي وٺي اچي هن تخت تي وهاريائين، جتي ويهڻ سان هڪدم ننڊ وٺيو ٿي وڃي. هاڻي هر صبح جو هو هتي اچي مون کي اٿاريندو ۽ کاڌو کارائيندو آهي ۽ مون سان ڳالهائيندو آهي، ان کان پوءِ هو ٻين ديوَن سان گڏجي ٻاهر هليو ويندو آهي ۽ مون کي ننڊ وٺي ويندي آهي. وري ٻئي ڏينهن صبح جو هو موٽندو آهي ۽ اچي مون کي اٿاريندو آهي، مان تيستائين ننڊ پئي هوندي آهيان. اهڙيءَ طرح سان مون هتي مهيني کان به زياده وقت گذاريو آهي. منهنجو اهو احوال آهي جو توکي ٻڌايم، هاڻي تون مون کي ٻڌاءِ ته ڪير آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟ بيان ڪرڻ لاءِ وقت گهڻو آهي، ڳالهه ڪيڏي به ڊگهي هجي، تون ٻڌائي سگهين ٿو ۽ مان ٻڌي سگهان ٿي. ديوَ سڀاڻي صبح کان اڳ هتي ڪين ايندو.“ +شهزادي سيف الملوڪ، بديع الجمال کي ڳولڻ، رستي ۾ تڪليفن ۽ دشوارين سان منهن ڏيڻ جو بيان ۽ پيءُ کان الڳ ٿيڻ واري وقت کان وٺي ان وقت تائين، جيڪي ڪجهه ساڻس وهيو واپريو هو، سو داستان بيان ڪري ٻڌايو. شهزادي ملڪان اهو احوال ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ته شهزادو سيف الملوڪ سندس ڀيڻ بديع الجمال تي عاشق آهي ۽ ان جي ئي ڳولا ۾ نڪتو آهي. پوءِ کيس چوڻ لڳي ته ”هوءَ ته منهنجي ڀيڻ آهي ۽ جيڪڏهن مون کي هن نفرت جهڙي ديوَ کان آزاد ڪندي ته منهنجا والدين بديع الجمال جو سڱ توکي وڏي خوشيءَ سان ڏيندا.“ +شهزادو ۽ شهزادي ملڪان اها ساري رات پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ شهزاديءَ جي آزاديءَ لاءِ راهون سوچيندا رهيا. آخر شهزادي سيف الملوڪ کي هڪ ترڪيب سـُجهي آئي. هن چيو ته تون اٽڪل ڪري ديو بادشاهه کان اهو ڳجهه ڪنهن طرح معلوم ڪر ته هو پنهنجو ساهه ڪٿي رکي ٿو، ڇو ته ديو اسان وانگر پنهنجو ساهه پنهنجي جسم ۾ ڪونه رکندا آهن. تون جيڪڏهن مون کي ان جڳهه متعلق صحيح معلومات هٿ ڪري ڏيندينءَ ته مان هن جو آسانيءَ سان خاتمو آڻي سگهان ٿو.“ +شهزاديءَ اها صلاح قبول ڪئي ۽ پوءِ آسمان ڏانهن نهاريندي شهزاديءَ چيو ته ”منهنجا ڀاءُ! اوڀر طرف پيلاڻ شروع ٿي رهي آهي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ديوُ اچي ويندو، تنهنڪري هينئر تون هليو وڃ ۽ وري شام جو اچجانءِ.“ شهزادي موڪلايو ۽ شهزاديءَ کي ننڊ وٺي ويئي. +شهزادو شام جو موٽي آيو ۽ ساڳئي نموني شهزاديءَ کي سونهري تخت تي سمهيل ڏٺائين. هن، شهزاديءَ جي ڳل تي چـُمي ڏني ۽ شهزادي جاڳي پيئي. سيف الملوڪ کي واپس ڏسي، شهزادي خوشيءَ ۾ ڪانه پئي ماپي ۽ چوڻ لڳي ته: ”مون اُها جڳهه معلوم ڪري ورتي آهي، جتي ديو پنهنجو ساهه لڪايو آهي. پهريائين ته منهنجي پڇڻ تي ديوُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر پوءِ جڏهن مون نرمي اختيار ڪئي ۽ کيس ٺارڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ چاپلوسي ڪرڻ لڳيس، تڏهن هو راضي ٿيو ۽ ٻڌايائين ته سندس ساهه هڪ پيتيءَ ۾ بند آهي، جا هڪ وڻ جي پاڙ ۾ پوريل آهي ۽ وڻ درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آهي. پر افسوس اهو آهي ته هن ائين به چيو ته جنهن وٽ حضرت سليمان جي منڊي هوندي، ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ساهه واري کي اها پيتي نه ملي سگهندي. هاڻي مون کي ته مايوسي آهي ته تون اُها پيتي ڪيئن ڳولي سگهندين؟“ +اهو ٻڌي شهزادي چيو ته: ”مون وٽ حضرت سليمان جي منڊي موجود آهي، تون ڪو به خيال نه ڪر.“ ان کان پوءِ شهزاديءَ کي مـُنڊيءَ جي هٿ اچڻ جو سمورو احوال بيان ڪري ٻڌايائين. ان کان پوءِ شهزادو تيزيءَ سان محلات کان ٻاهر نڪري ويو ۽ سڌو وڃي اُن وڻ هيٺان اُها پيتي ڪڍيائين، جنهن ۾ هڪ ڳيرو ويٺو هو ۽ ڪجهه قيمتي پٿر پيا هئا. ڳيري کي ڏسي، شهزادو سمجهي ويو ته ان ۾ ئي ديوَ جي جان هوندي. سو ڪَبُ ڪڍي، ان کي اتي جو اتي پورو ڪيائين. ان کان پوءِ قيمتي پٿرپاڻ سان کڻي، ڊوڙي اچي محلات ۾ شهزاديءَ کي سربستو احوال ڪيائين ۽ هڪدم شهزاديءَ کي پاڻ سان وٺي، درياءَ ۾ ديوَ جي بيٺل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، روانو ٿيو. +رستي ۾ بي انداز ڏکن ڏاکڙن ڏسڻ کان پوءِ، شهزادو سيف الملوڪ شهزاديءَ سميت پنهنجي ٻيڙي کي گلستان ارن جي ڪناري تي اچي پهچايو. شهزاديءَ کي ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، پاڻ هيٺ لنگهي آيو ۽ واءُ سواءُ لهڻ لڳو. اوچتو سندس نظر وڃي هڪ ماڻهوءَ تي پيئي، ان کان اتي هجڻ جو سبب پڇيائين. هن جواب ڏنس ته ڇهه مهينا ٿيندا جو هتان جي بادشاهه جي ڌيءُ ملڪان، کي هڪ واچوڙو کڻي ويو هو ۽ هو ٻين ڪيترن ماڻهن وانگر ان جي تلاش ۾ آهي. +شهزادو اها حقيقت ٻڌي، خاموش رهيو ۽ جلد ئي ملڪان وٽ موٽي آيو ۽ اچي کيس سمورو قصو سڻايائين. شهزاديءَ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو ته: ”پروردگار جا لک احسان آهن! هيءُ ملڪ منهنجو ملڪ ٿو ڏسجي. هاڻي جلدي ڪر ته هلي ڪنهن ڀر واري ڳوٺ مان بابي متعلق ڪا خبر چار معلوم ڪريون.“ +ائين چئي، شهزادي ملڪان، ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿي ۽ شهزادي سيف الملوڪ سان گڏجي پنڌ پيئي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، هڪ شهر ۾ اچي پهتا، جتي سندس پيءُ جي پاران هڪ نواب مقرر ڪيل هو. هنن، شهر ۾ داخل ٿي، نواب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ليڪن سندن ڪپڙا ايترو ته ڦاٽل هئا ۽ سندن ظاهري حالت ايتري ته ڪِريل هئي، جو هنن کي نواب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪو به ماڻهو تيار نه پئي ٿيو.دنيا به عجيب شيءِ آهي. ماڻهو فقط ڪنهن جي ظاهري جوڙجڪ ۽ هار سينگار ڏسن ٿا ۽ ان جي لڪل خصوصيتن معلوم ڪرڻ جي تڪليف ڪو به نٿو ڪري. ماڻهن جي هن هلت تي شهزادي سيف الملوڪ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ پوءِ شهزادي ملڪان، هڪ ڪاغذ تي هي الفاظ لکي، نواب ڏانهن موڪليا: +”اڏندڙ پکيءَ وانگر، آءٌ هڪ عجيب ملڪ کان پنهنجي مــُـلـڪ ۾ واپـس آئـي آهـيـان، لـيـڪن دل غمگين آهي.“ +شهر جي نواب هيءَ چٺي کولي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر مفهوم سمجهي ڪين سگهيو. تنهن هوندي به نوڪرن کي شهزادي کي اندر آڻڻ جو حڪم ڏنائين. شهزادو سيف الملوڪ اندر آيو ۽ نواب کانئس حال احوال پڇيو. شهزادي جواب ۾ عرض ڪيو ته هو پاڻ هڪ بادشاهه جو پٽ آهي، ليڪن سفر جي تڪليفن ۽ غير رواجي حادثن کيس فقير بڻائي ڇڏيو آهي. نواب، هن جي سونهن ۽ منهن مهانڊي مان اندازو لڳايو ته هن جي بيان ۾ واقعي صداقت آهي. نواب جي زور ڀرڻ تي، شهزادي سيف الملوڪ پنهنجي سفر جو سمورو قصو ٻڌايو ۽ آخر ۾ چيو ته مون توهان جي بادشاهه جي وڃايل ڌيءَ پاڻ سان آندي آهي. +هيءَ خبر ٻڌي، نواب خوشيءَ ۾ مدهوش ٿي ويو، ڇو ته هو بادشاهه جو عزيز پڻ هو. پوءِ ته نواب حڪم ڪيو ته شهزاديءَ ملڪان کي هڪدم پالڪيءَ ۾ ويهاري، عزت ۽ احترام سان محلات ۾ آندو وڃي. ان کان پوءِ انهي خوشيءَ جي موقعي ملهائڻ جا پروگرام رٿجي ويا ۽ ڪيترا ڏينهن شهزاديءَ جي واپسيءَ تي خوشين جا شادمانا ٿيندا رهيا. +آخر هڪ ڏينهن نواب، شهزادي سيف الملوڪ جي دعوت ۾ شڪار جو پروگرام رکيو. ان سلسلي ۾ شهزادو سڄو ڏينهن جهنگ ۾، شڪار ۾ مصروف رهيو. واپسيءَ وقت سيف الملوڪ هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو، جنهن جي شڪل سندس پراڻي دوست صياد سان ڪافي ٺهڪي پئي آهي. اهو ماڻهو ايترو ڪمزور ۽ پريشان پئي ڏٺو، جو شهزادي کي يقين ئي نه پئي ٿيو، ته ڪو هيءُ صياد هوندو. تنهنڪري نوڪرن کي ان ماڻهوءَ کي آڻڻ لاءِ حڪم ڏنائين. نوڪرن وري ائين سمجهيو ته شايد شڪار ڪرڻ وقت ان ماڻهوءَ شهزادي کي شڪايت جو موقعو ڏنو آهي ۽ سزا ڏيڻ لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرائي ٿو، تنهنڪري ان سان شوخيءَ سان پيش آيا ۽ سختيءَ سان گڏ مارڪٽ به ڪيائونس. +ان ماڻهوءَ کي جڏهن شهزادي آڏو آندو ويو، تڏهن ان کان پڇيو ويو ته: ”تون ڪير آهين؟“ صياد سخت پريشانيءَ جي حالت ۾، شهزادي جي پيرن تي ڪِري پيو ۽ چوڻ لڳو ته: ”سائين منهنجا! منهنجو نالو صياد آهي. سج کي ٻه پاڇا آهن، ڪنهن وقت تي مان به مصر جي بادشاهه جي وزير جو پٽ ۽ بادشاهه جي پٽ جو دوست هوس، پر اڄ زماني مون کي هن حال تي آڻي پهچايو آهي.“ هي احوال ٻـُڌي، شهزادي کي يقين ٿيو ته سندس پراڻو ساٿي آهي ۽ خوشيءَ وچان هن کي ڀاڪر پائي مليو ۽ کيس پنهنجي قصي ٻڌائڻ لاءِ چيائينس. +ٻئي وڇڙيل دوست پاڻ ۾ مليا ۽ پراڻيون يادگيريون سندن دلين تي تري آيون. شهزادي جي زور ڀرڻ تي، صياد پنهنجو قصو هن طرح شروع ڪيو: ”طوفان ۾ اسان جو جهاز ڀڄي پيو. ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي جان بچائڻ ۾ لڳي ويو. مون کي به هڪ ڪاٺ جو تختو هٿ اچي ويو، جنهن جي آڌار تي ڇولين ۽ موجن سان مقابلو ڪندو رهيس. گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ ان تختي وڃي مون کي ڪناري تي ڇڏيو. اتان مون کي آدمخورن پڪڙيو ۽ کائڻ چاهيو، ليڪن بعد ۾ هنن اهو فيصلو ڪيو ته مون کي کارائي ٿلهو متارو ڪري پنهنجي بادشاهه کي سوکڙيءَ طور ڏين. ان کان پوءِ مون کي ڪيترا ڏينهن خوب کارايو ويو ۽ جڏهن آدمخورن ڏٺو ته هاڻي بادشاهه کي پيش ڪرڻ جهڙو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي بادشاهه ڏانهن وٺي هليا. خوش نصيبيءَ جي ڳالهه اهڙي ٿي جو هي آدمخور مون کي درياءَ جي ڪناري سان وٺي هلڻ لڳا. موقعي کي غنيمت ڄاڻندي، درياءَ ۾ ٽپو ڏنو. آدمخور ترڻ ڪونه ڄاڻندا هئا، سو پنهنجو پاڻ تي افسوس ڪندا ڏسندا رهيا ۽ مان تري وڃي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهتس. ان کان پوءِ مان سر بچائڻ لاءِ پنڌ پيس ته اچي هن ملڪ ۾ نڪتس. ٻيو ڪو ذريعو نه ڏسي، پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪاٺين جي مزدوريءَ کي پنهنجو پيشو بڻايم. هينئر ڪاٺيون ڪري شهر ۾ وڪڻندو آهيان ۽ انهن پئسن مان پنهنجو روزگار ڪندو آهيان.“ +ان کان پوءِ، شهزادي پنهنجي تڪليفن ۽ سفر جي سـُورن جو بيان ڪيو ۽ هڪ دفعو وري هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتائون ۽ الله جا شڪرانا بجا آندائون، جنهن معجزي سان ٻنهي دوستن کي بچايو ۽ صحيح سلامت پاڻ ۾ ملايو. +ان وچ ۾، شهزادي ملڪان جي ماءُ پنهنجي نوڪرياڻين سان ان شهر ۾ اچي نڪتي. دراصل ملڪان جي واپسيءَ واري خبر هر هنڌ پهچي چڪي هئي ۽ شهزاديءَ جي ماءُ کي جدائيءَ ۾ هڪ ڏي��هن به وڌيڪ گهارڻ مشڪل نظر آيو ۽ هڪدم خبر ٻڌڻ سان پنهنجي ڌيءَ کي ملڻ لاءِ اچي سهڙي. ڌيءَ کان شهزادي سيف الملوڪ جي بهادريءَ ۽ جرئت جون ڳالهيون معلوم ڪري، ملڪان جي ماءُ پنهنجي سموري اٽالي سان شهزادي سيف الملوڪ کي ڏسڻ جي لاءِ آئي. شهزادي جنهن وقت پنهنجي دوست صياد کي پنهنجو سفر نامو ٻڌائي ختم ڪيو ته رهائش گاهه تي اچي نڪتي. شهزادي سيف الملوڪ جي سونهن سوڀيا ڏسي، شهزادي ملڪان جي ڀيڻ شهزادي بديع الجمال مٿس موهت ٿي پيئي. هيءَ اها ساڳي پري هئي، جنهن شهزادي سيف الملوڪ جي دل پهرئين ئي ديدار ۾ کسي ورتي هئي ۽ جنهن لاءِ هن ايڏا ڏک ڏاکڙا ۽ مصيبتون ڀوڳيون هيون. +پنهنجيءَ دل جي اهڙي بيوس حالت هوندي به شهزادي بديع الجمال اُتي ڪجهه به ڪين ڪڇيو، ليڪن رات جو ”سڪ سمهڻ نه ڏئي، تنهنجي آهي تات“ واريءَ چوڻي مطابق شهزاديءَ کي آرام ڪين آيو. آخر سڀني کي ستل ڏسي، خاموشيءَ سان شهزادي سيف الملوڪ جي ڪمري ۾ داخل ٿي. اتي ڪمري ۾ سـُتل شهزادي جي ڳل تي منهن رکي چـُمي ڏنائين، جنهن تي شهزادو جاڳي پيو. سيف الملوڪ، بديع الجمال کي ڏسندي ئي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو ۽ کيس ٻٽا ڀاڪر پاتائين ۽ چاهه مان چـُميون ڏنائين. ٿورو ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان پوءِ، بديع الجمال چوڻ لڳي ته: ”مون کي اها ڳالهه وڏي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ٿي ته مان پري آهيان ۽ تون انسان آهين. مان هن ملڪ جي رهاڪو ۽ تنهنجو وطن دور. مون کي خطرو اهو آهي ته شاديءَ کان پوءِ ڪٿي تون وطن جي وڇوڙي کان مجبور ٿي، مون کي جدائيءَ جو داغ نه ڏين.“ اها ڳالهه ٻڌي، شهزادي سيف الملوڪ واعدو ڪيو ته مان توکي ڪڏهن به ڪين ڇڏي ويندس. آخر شهزادي جي واعدي تي شهزاديءَ کي مس مس يقين آيو. +ٻئي ڏينهن شهزادو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال، شهزادي ملڪان ۽ شهر جي نواب سان مليا ۽ پنهنجي شاديءَ لاءِ اجازت گهريائون، ليڪن نواب اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته اها شادي تيستائين ناممڪن آهي، جيستائين بادشاهه شهوال اجازت ڏئي يا سندس ڀيڻ شهزادي سروبانو اجازت ڏئي، جيئن ته بادشاهه کي شهزادي سروبانو قريب هئي، تنهنڪري نواب اها رٿ ڪئي ته ان ڏانهن خط موڪليو وڃي. آخر هڪ آفريد کي حڪم ڪيائين ته هو اهو خط ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي ٻانهن هن وٽ پهچائي. +نواب اها گفتگو مس ختم ڪئي ته شهزادي سيف الملوڪ پاڻ کي آفريد جي ٻانهن ۾ محسوس ڪيو جو کيس وانگر جبلن، جهنگلن، دريائن ۽ ميدانن مٿان اڏائيندو کڻي هليو ويو. انهيءَ گهڙيءَ ۾ آفريد شهزادي سيف الملوڪ کي هيٺ لاهڻ لڳو ۽ شهزادي سرو بانو جي محلات جي دروازي وٽ وڃي بيهاريو. پوءِ آفريد، نواب جو خط هڪ دربان جي هٿان شهزاديءَ کي پهچائڻ لاءِ ڏنو، جنهن اهو اندر وڃي پهچايو. خط پڙهڻ شرط شهزاديءَ سيف الملوڪ کي اندر گهرايو ۽ سندس پـُرلطف ۽ عجيب سفر جو بيان ٻڌو. آخر ۾ شهزادي سيف الملوڪ جي رهائش جو محلات اندر انتظام ڪرايو ۽ هن جي لاءِ شاهاڻي نموني دعوتن جو سلسلو شروع ٿيو. +ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادو سيف الملوڪ ٿورو پرڀرو هڪ ٿڌي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ غسل ڪرڻ ويو. انهيءَ پاڻيءَ ۾ گلاب جي خوشبوءِ هئي، غسل ڪرڻ کان پوءِ، شهزادي ٻاهر نڪري ڪپڙا پهريا ۽ ڪناري تي بيٺل وڻ جي ٿڏي ڇانوَ ۾ ئي هو ته مٿان هڪڙو ديو اڏندو آيو ۽ هن کي چنبن ۾ کڻي پنهنجي ولايت ڏانهن روانو ٿيو. شهزادي کي ديون جي بادشاهه وٽ آندو ويو، جنهن کي ٻڌايو ويو ته هيءُ اهو ماڻهو آهي، جنهن شهزادي ملڪان کي قبضي ۾ رکندڙ ديو کي ماريو هو. هيءَ خبر ٻڌي، ديون جي بادشاهه کي ڏاڍو غصو آيو ۽ حڪم ڪيائين ته شهزادي کي زنجيرن ۾ جڪڙي اونهي غار ۾ رکيو وڃي. هوڏانهن شهزادي سرو بانو، شهزادي سيف الملوڪ جو انتظار ڪندي رهي، ليڪن جڏهن هو ڪافي دير تائين به نه موٽيو، تڏهن ان جي تلاش ۾ آفريد موڪليائين، جنهن پوري ڪائنات ۾ شهزادي جي تلاش ڪئي ۽ آخر شهزادي جي ديون جي قبضي ۾ اچڻ جي حقيقت شهزاديءَ کي ڏني. +ان کان پوءِ، شهزادي سرو بانو، آفريد کي حڪم ڪيو ته مون کي اڏائي پرين جي بادشاهه شهوال وٽ پهچاءِ. چوڻ جي دير هئي، گهڙيءَ ۾ سهزادي، بادشاهه شهوال جي درٻار ۾ اچي لٿي ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي سفر جو احوال، سندس ڌيءَ ملڪان کي آزاد ڪرائڻ جو بيان، بديع الجمال تي عاشق ٿيڻ جي حقيقت ۽ سندس باغ مان شهزادي کي ديو جي کڻي وڃڻ جو قصو سربستو ڪري ٻڌايو. +بادشاهه شهوال، ديون سان جنگ ڪانه ٿي ڪرڻ گهري، ڇو ته ديون ۽ پرين جا تعلقات دوستانه هئا ۽ سندن درميان ڪا به دشمني ڪانه هئي ۽ وڏي ڳالهه اها هئي ته بادشاهه سيف الملوڪ کي ڏٺو به ڪونه هو، رڳو ان متعلق ڳالهيون ٻڌيون هئائين. ليڪن بادشاهه جي ان روش تي شهزادي سرو بانوءَ کي ڏاڍي چِڙ آئي، جنهن گهڻو ئي بادشاهه کي جوش ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو فائدو ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ، شهزاديءَ آفريد کي حڪم ڪيو ته تون شهزادي بديع الجمال کي اڏائي هتي کڻي اچ. شهزاديءَ جي اچڻ تي سرو بانو ۽ بديع الجمال ٻنهي گڏجي، بادشاهه کي قدم کڻڻ لاءِ منٿون ڪيون. +پهريائين ته بادشاهه شهوال ٻنهي منٿن کي ٺڪرائي ڇڏيو، پر بعد ۾ جڏهن ڏٺائين ته سندس ڌيءَ بديع الجمال جدائي برداشت نه پيئي ڪري سگهي، تڏهن مجبوراَ َ ديون جي خلاف پرين جو لشڪر تيار ڪرايائين. پريون تمام تيزيءَ سان، ديون جي ملڪ ۾ داخل ٿيون ۽ اهڙو ته اوچتو حملو ڪيائون جو ديو ڪو به مقابلو ڪري نه سگهيا، ۽ هڪدم ديون جي بادشاهه کي گرفتار ڪري بادشاهه شهوال جي حضور ۾ آندو ويو. +جڏهن ديون جي بادشاهه کي قيد ڪري، شهوال بادشاهه جي اڳيان آندو ويو، تڏهن شهوال بادشاهه، ديو کي سيف الملوڪ متعلق معلومات ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن کان هن بلڪل نابري واري. پر پوءِ جڏهن بادشاهه شهوال جوش ۾ ديو جي سِر ڪپڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ديو، شهوال کي ان قيد خاني ڏانهن وٺي هليو، جنهن جي هڪ غار ۾، سيف الملوڪ کي چار مهينا بند ۾ گذري چڪا هئا. +چوڻي آهي ته ڏکن پٺيان سک آهن، تنهن جيان هاڻ سيف الملوڪ جي سـُکن جا ڏينهن اچي چڪا هئا. آخر سيف الملوڪ کي صحيح سلامت انهيءَ غار مان ڪڍي پرين جي ملڪ ۾ آندو ويو. ان خوشيءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن شادمان ٿيندا رهيا ۽ رنگين محفلون ٿينديون رهيون. ان کان پوءِ پـَرين جي بادشاهه شهوال، شهزادي سيف الملوڪ کي بديع الـجمال سـان پـرڻـايو. ڪـجهه +ڏينهن خوشين ۾ رهڻ کان پوءِ شهزادي سيف الملوڪ بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”گهڻو عرصو گذريو آهي جو آءٌ پنهنجي وطن ۽ والدين کان وڇڙيل آهيان، منهنجو پيءُ مصر ولايت جو بادشاهه آهي، مون کي اجازت ڏيو ته مان بديع الجمال کي پاڻ سان وٺي مصر وڃان“ بادشاهه شهوال هن کي اجازت ڏني ۽ شهزاديءَ کي گهڻو خزانو ڏيئي، آفريد کي حڪم ڪيائين ته هنن کي سلامتيءَ سان اُڏائي مصر ملڪ ۾ ڇڏي اچ. +شهوال بادشاهه کان موڪلائي، شهزادو سيف الملوڪ ۽ پري بديع الجمال، آفريد تي چڙهي ويٺا جو هنن کي هوا ۾ کڻي اڏريو ۽ مصر ملڪ طرف هلڻ لڳو، رستي ۾ شهزادي سيف الملوڪ کي شهزادي ملڪان سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش ٿي. آفريد گهڙيءَ پلڪ ۾ ٻنهي کي ملڪان جي باغ ۾ آڻي لاٿو. سڀئي هڪ ٻئي سان مليا ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته صياد ۽ شهزادي ملڪان هڪ ٻئي سان پيار جي رشتي ۾ جڪڙي چڪا آهن ۽ شادي فقط ان ڪري روڪيل هئي، جو سيف الملوڪ جي غير موجودگيءَ ۾ سندس پراڻي ساٿي صياد، شادي ڪرڻ پسند ڪانه ٿي ڪئي. بس، پوءِ ته هنن جي اچڻ سان ٻنهي جي شادي بنا ڪنهن دير جي ڪرائي ويئي. +شاديءَ جي خوشين کان پوءِ، ٻنهي جوڙن پنهنجو پاڻ آفريد جي حوالي ڪيو، جو چئني کي ساڳيءَ سولائيءَ سان مصر ملڪ ڏانهن کڻي اڏريو. جڏهن هي سڀئي سلامت مصر ڏيهه ۾ لٿا، تڏهن معلوم ٿين ته سندن والدين پنهنجن پٽن کي مئل سمجهي، آسرو لاهي ويٺا آهن. پر پوءِ جڏهن هنن جي آمد جو بادشاهه هاشم ۽ وزير صالح کي پتو پيو، تڏهن بيحد خوشي ٿين. نهايت وڏي پئماني تي هنن جو خير مقدم ڪيو ويو. سمورو گڏ ڪيل خزانو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ سال جون ڍلون پڻ معاف ڪيون ويون. ان کان پوءِ شهزادي ۽ سندس وفادار ساٿي، پنهنجي ڪـُنوارن سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن عيش، خوشي ۽ آرام سان گذاريا. +12_ سهڻي ۽ ميهوال +ڪنهن زماني ۾، چناب درياءَ تي، گجرات شهر ۾ تلـّو نالي هڪ مشهور ڪنڀار رهندو هو جو ٿانون ٺاهڻ ۾ بي مثال ڪاريگر هو ۽ پنهنجي ڌنڌي مان گهڻي دولت ڪمائي هئائين. هن کي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نياڻي ڄائي، جا نهايت سهڻي ۽ سلڇڻي نينگري هئي. ڇوڪريءَ جي سونهن سوڀيا ننڍي کان ئي اهڙي ته نمايان هئي جو پڻس مٿس نالو ئي سهڻي رکيو هو. +انهن ساڳين ڏينهن ۾، بخارا شهر ۾ مرزا نالي هڪڙو دولت مند سوداگر رهندو هو جو پٽ جي اولاد نه هئڻ سبب ڏاڍو غمگين گذاريندو هو. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن فقير متعلق معلوم ٿيو ته هو ڌڻيءَ جو اهڙو پيارو آهي جو بي اولادن کي اولاد ڏئي ٿو. اها خبر ٻڌي، هيءُ سوداگر به هڪلي وڃي ان فقير وٽ پهتو ۽ کيس ٻڌائڻ لڳو ته: ”اي سائينءَ جا سنواريا! منهنجي هيءَ هيتري گڏ ڪيل دولت ڪهڙي ڪم ٿيندي، جيڪڏهن مان بي اولاد مري ويندس.“ سوداگر وڏيءَ عمر جو ماڻهو هو، تنهنڪري سندس ٻاڏائڻ تي فقير کي رحم اچي ويو، ۽ هن اِها خوشخبري ڏنس ته: ”تنهنجي آرزو قبول ٿي ويئي، توکي هڪ پٽ عطا ٿيندو، پر انهيءَ خطري کان ضرور خبردار رهجان، جڏهن تنهنجو پٽ ڪنهن جي عشق ۾ مبتلا ٿيندو، ۽ توکان الڳ ٿي ويندو.“ +پٽ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌي، سوداگر ايترو ته خوش ٿيو جو فقير جي چتاءَ جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪيائين. هو بيحد خوشيءَ ۾ گهر موٽي آيو. الله جي قدرت اهڙي ٿي جو ٿورن ڏينهن ۾ سندس پيرسن زال کي پيٽ ٿيو ۽ پوري وقت تي کيس هڪ سهڻو پٽ ڄائو. چون ٿا ته سوداگر کي به انهيءَ ڏينهن پٽ ڄائو، جنهن ڏينهن تي تلو ڪنڀر کي سهڻيءَ نالي بيحد حسين نينگري ڄائي هئي. +هن سوداگر پنهنجي پٽ جو نالو عزت بيگ رکيو. ڇوڪري جو ننڍپڻ کان وٺي راڳ ۽ شڪار طرف گهڻو لاڙو هوندو هو ۽ جوانيءَ جي عمر تائين هڪ بي مثال گوَيو ۽ نالي وارو شڪاري ٿي پيو. هڪ ڏينهن هنن جي شهر ۾ هڪ هندستاني مسافر آيو، جنهن پنهنجي ملڪ ۽ دهليءَ جي شهر جي خوشحاليءَ ۽ مغل بادشاهه، شاهه جهان جي انصاف جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي. عزت بيگ هن جي ڳالهين کان متاثر ٿي، دهلي ڏسڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ان لاءِ پيءُ کان اجازت گهريائين، ليڪن پيءُ پٽ کي موڪل ڪانه ڏني. +عزت بيگ کي دهلي ۽ مغل بادشاهه ڏسڻ جو ايڏو شوق وڌي ويو، جو هن کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني. ظاهر آهي ته پٽ جي اهڙيءَ دکدائڪ حالت ۾ ان ماڻهوءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو، جنهن کي سالن کان سِڪي سِڪي هڪ پٽ ڄائو هجي. عزت بيگ جي هيءَ حالت سندس پيءُ کي ڏِٺي ڪانه ٿي ۽ ڇوڪري جي مري وڃڻ جي خوف سببان لاچار کيس هندستان جي سفر جي اجازت ڏنائين. +پيءَ جي اجازت سان عزت بيگ پاڻ سان ڪيترائي نوڪر ۽ ناڻو کڻي دهليءَ جي شهر پهتو. اُتي دربانن کي چڱيون خاصيون سوکڙيون ڏنائين، جن مغل بادشاهه، شاهجهان سان ملاقات ڪرڻ شرف ڏياريس. ٿوري ئي عرصي ۾، عزت بيگ جي دل دهليءَ سان ڍائجي ويئي ۽ موٽڻ جي تياري ڪيائين. هو جنهن وقت پنجاب مان لنگهي رهيو هو، ان وقت گجرات جي تلو ڪنڀر جي مشهوري به چوٽ تي پهچي چڪي هئي. عزت بيگ خيال ڪيو ته اهڙي مشهور ڪنڀر جا ٿانوَ ڇو نه پنهنجي پيءَ لاءِ سوکڙيءَ طور خريد ڪري کڻي وڃي. سو ان ارادي سان گجرات شهر ۾ اچي لٿو. اتان هڪ ڪنڀر کان ٿانون خريدڻ لاءِ پنهنجو هڪ نوڪر موڪليائين، جنهن موٽي اچي عزت بيگ کي ٻڌايو ته: ”سائين، هن ڪنڀر جي ٿانون جي خوبصورتي سندس ڌيءَ جي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. سبحان الله! اهڙي من موهڻي صورت واري ڇوڪري، مون ساري ڄمار ڪٿي به نه ڏٺي ۽ ٻڌي آهي. سچ پچ اهڙي بي مثال سونهن لاءِ توهان ئي مستحق آهيو.“ +نوڪر کان نينگريءَ جي سونهن جي واکاڻ ٻڌي، عزت بيگ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ دم نوڪر ساڻ ڪري، ڪنڀر جي دڪان تي چڙهي آيو. ڏسڻ سان عزت بيگ پنهنجي دل وڃائي ويٺو ۽ اُن ڇوڪريءَ کي زياده دير تائين ڏسڻ جي مقصد سان، ٿانون جو عذر ڪندو رهيو ۽ سڀ ٿانوَ ڏسندو رهيو. جڏهن ڇوڪري کيس سڀ ٿانوَ ڏيکاري چڪي ۽ هِن هڪ ٿانو به خريد نه ڪيو، تڏهن سهڻيءَ کيس چيو ته: ”جيڪڏهن توهان کي ٿانوَ خريد ڪرڻا آهن، ته آءٌ اوهان کي سڀئي ٿانوَ ڏيکاري چڪي آهيان، ۽ جيڪڏهن توهان کي مورڳو ٿانوَ وٺڻا ئي نه آهن ته پوءِ مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو، ڇو ته مون کي ٻيو گهر جو ڪم به ڪرڻو آهي.“ +سهڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ، عزت بيگ ڪنڀر جا سڀ اوچا ۽ مهانگا ٿانوَ خريد ڪري پاڻ سان کڻي آيو. ان وچ ۾ سوداگر جي پٽ سوچيو ته آءٌ سهڻيءَ جي محبت ۾ بـُريءَ طرح گرفتار ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زنده رهڻ لاءِ سواءِ هن ڳالهه جي ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته آءٌ گجرات شهر ۾ ئي رهي پوان. پوءِ سهڻيءَ کي روزانو ڏسڻ لاءِ هن ٿانوَن جي واپار کي کڻي هڪ بهانو ٺاهيو. شهر ۾ هڪ دڪان ورتائين ۽ ٿانوَ وڪڻڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. عشق جو رستو به عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته عشق آيو ته عقل موڪلايو. اهڙيءَ طرح، هيءُ سوداگر به ڪنڀر کان مهانگي قيمت تي ٿانوَ ان ڪري پيو خريد ڪري، ته جيئن هو راضي رهي ۽ سستي بهاءُ تي انهيءَ لاءِ پيو وڪڻي ته جيئن جلدي جلدي ٿانوَ وڪرو ٿين ۽ ٻين ٿانون خريد ڪرڻ جي بهاني سان ڪنڀر جي دڪان تي ويندو رهي. عزت بيگ جي هيءَ حالت ڏسي، سندس نوڪر ڊڄي ويا ته هن نموني سان واپار ڪرڻ ۽ رهڻ جي معنيٰ هيءَ ٿي ته هٿين خالي ٿي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ وطن جا وڻ ٻيهر ڪين ڏسبا، تنهنڪري هڪ رات سڀني صلاح ڪري، عزت بيگ کان باقي پئسا ڦري، بخارا ڏانهن روانا ٿيا. +ٻئي ڏينهن تي صبح جو، عزت بيگ جي حالت فقيرن جهڙي ٿي وڃي ٿي. کيس هڪ پئسو به نه هو، پر پوءِ به هو ٿانون جو واپار قرض تي به ڪندو رهيو. جڏهن ڪنڀر جو قرض ان تي وڌي ويو، تڏهن هن عزت بيگ تي ان جي ادائگيءَ لاءِ زور بار رکيو. عزت بيگ نوڪرن جي ڦري وڃڻ وارو واقعو ڪنڀر کي ٻڌايو ۽ قرض لاهڻ لاءِ ڪنڀر وٽ نوڪر ٿي بيهڻ جي آمادگي ڏيکاري. تلو ڪنڀر انهيءَ تي رضامند ٿيو ۽ عزت بيگ کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو. عزت بيگ تي گهـَرَ جي ٻـُهاري ڏيڻ ۽ درياءَ تان ٿانون لاءِ مٽي کڻي اچڻ جو ڪم هوندو هو. +ڪنڀر وٽ عزت بيگ ايڏي محنت سان ڪم ڪيو جو ٿوري وقت کان پوءِ بيمار ٿي پيو. گهڻيءَ محنت سان ڪم ڪرڻ ۾ عزت بيگ جو مقصد هيءُ هو ته جيئن ڪنڀر منجهانئس راضي رهي ۽ کيس نوڪريءَ مان نه ڪڍي. هن جي بيماريءَ کان تلو ڪنڀر کي هن تي قياس آيو ۽ ان کان پوءِ مينهن چارڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو ۽ کيس ”ميهار“ جي نالي سان سڏڻ لڳو. +هڪڙي ڏينهن جيئن ميهار مينهون چاري رهيو هو، تيئن کير لاءِ هن وٽ سهڻي آئي. کير ڏهڻ وقت ميهار پنهنجو سڄو درد جو داستان سهڻيءَ کي ٻڌايو ۽ پڻس وٽ نوڪر رهڻ جو سبب به بيان ڪيو. ميهار جي هن داستان سهڻيءَ تي ايڏو اثر ڪيو جو هوءَ ان وقت سندس سامهون روئي رهي هئي ۽ آخر ميهار وانگر هن به پنهنجيءَ دل کي محبت جي بيقراريءَ ۾ تڙپندي محسوس ڪيو. +ان کان پوءِ، هر روز سهڻي کير جي بهاني سان، ميهار سان ملندي هئي ۽ گهڙي پلڪ هن جي رهاڻ ۾ گهاريندي هئي. چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪن آهن، سو هنن ٻنهي بيقرار دلين جي محبت جو راز گهڻو وقت راز نه رهيو ۽ آخر هنن جي محبت جو راز فاش ٿي پيو. شهر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سـُس پـُس ڪندا رهيا. آخر تلو ڪنڀر جي ڪن تي به اها ڳالهه وڃي پهتي، جنهن سخت غصي جي باهه ۾ اچي، ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ باوجود سهڻيءَ جي آهه و زاريءَ ۽ روڄ راڙي جي سندس سئوٽ سان زبردستيءَ پرڻائي ڇڏيو. شاديءَ واري رات سهڻي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ زارو زار روئي ٻاڏايو ته منهنجي ميهار سان محبت آهي، تنهنڪري منهنجي سئوٽ کان منهنجي عزت کي پناهه ۾ رک. قدرت الله جي اهڙي ٿي، جو روزانو رات جو هن نئين گهوٽ کي اهڙي ته ننڊ وٺي ويندي هئي، جو سهڻيءَ جي پنهنجي پاسي ۾ هئڻ جا ڪا سڌ ئي ڪانه رهندي هئس. +جنهن ڏينهن ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ شهر مان تڙيو ويو، تنهن ڏينهن کان هن چناب درياءُ لنگهي، هـُنَ پار وڃي هڪ جهوپڙي ٺاهي ۽ انهيءَ ۾ ئي رهڻ لڳو. ڏينهن جو پنهنجي جهوپڙيءَ مان ڪـُنڀر جي ڇت ڏسي پيو وقت ڪاٽيندو هو، جنهن ۾ هن جي محبوب سهڻي رهندي هئي. سهڻيءَ جي وڇوڙي ۾ ميهار ڏينهن ڏکن ۾ ۽ راتيون روئندي ئي گذاريندو هو، پر جڏهن خبر پيس ته سهڻيءَ جو سڱ سندس سئوٽ کي ڏنو ويو آهي ته ان کان پوءِ هن جي دل ۾ پنهنجي محبت جي ناڪاميءَ جي باهه ڀڙڪي اُٿي. هڪ ڏينهن سهڻي ڏانهن خط موڪليائين، جنهن ۾ هن کي بي وفا قرار ڏنائين ۽ گهڻو ئي ننديائين. هـُن کي ائين به لکيائين ته تون ان ماڻهوءَ سان بي وفا ٿي آهين، جنهن تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو. پر ميهار سهڻيءَ کي غلط سمجهيو هو. انهيءَ خط پهچڻ کان پوءِ، سهڻيءَ جوابي خط ۾ ميهار کي لکيو ته ايندڙ رات سندس سئوٽ جي گهر جي ڀرسان ساڻس ضرور ملي، جتي کيس معلوم ٿيندو ته سهڻي بي وفا آهي يا با وفا. +سهڻيءَ جي جوابي خط ميهار ۾ ٻيهر زندگي پيدا ڪئي. اُن رات ميهار، چناب ندي تـَري، سهڻيءَ سان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي اچي محفل مچايائين. سهڻيءَ جي مڙس کي خدا اهڙي ننڊ بڇي هئي، جو هو سڄي رات ان ۾ سوگهو پيو هو. هِنن ٻنهي سڄي رات اتي گذاري ۽ محبت جي واعدن کي نئون ڪيو. ميهار، سهڻيءَ لاءِ سوکڙيءَ طور پڪل مڇي آندي هئي، سا به اتي گڏجي کاڌائون ۽ آخر پرهه ڦٽيءَ مهل ميهار درياءَ تي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهتو. +ان کان پوءِ هر رات، ميهار درياءَ تري، سهڻيءَ سان ملاقاتون ڪندو هو ۽ پاڻ سان هميشه پڪل مڇي آڻيندو هو، جا ٻئي گڏجي کائيندا هئا. +هڪ رات سخت طوفان لڳو ۽ ميربحر مڇي ڦاسائي ڪين سگهيا. ميهار سوچڻ لڳو ته مڇي نه نِيڻ واريءَ حالت ۾، سهڻي ڪٿي ائين نه سمجهي ويهي ته مان ڪنجوس ٿي پيو آهيان يا منهنجي محبت جي درياءَ ۾ لاٿ اچي ويئي آهي. سو ڇا ڪيائين جو پنهنجيءَ ران جو گوشت جو ٽڪر وڍي پاڻ سان کنيائين. سندس ڦٽ مان ايترو ته خون وَهيو، جو درياءَ ۾ ترندي هو بيهوش ٿي ويو ۽ وڏيءَ تڪليف سان درياءَ تري، ڪناري تي ��هتو. سهڻي پنهنجي محبوب جي جسم مان خون وهندو ڏسي، کانئس اُن جو سبب پڇيو، ميهار سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. هي ٻـُڌي سهڻيءَ جي دل تي اهڙو گهرو اثر ٿيو، جو ملاقات ختم ڪرڻ کان پوءِ ميهار کي چيائين ته: ”اڄ کان پوءِ آءٌ پاڻ درياءَ تَري تو وٽ اينديس ۽ تون مهرباني ڪري وري اهڙي تڪليف نه ڪجانءِ“. بس، ان کان پوءِ روزانو رات جو سهڻي درياءَ تري، ميهار وٽ اچي رهاڻيون ڪندي هئي. +ٻي رات سهڻي، واعدي مطابق، پيءُ جو هڪ پڪل دِلو پاڻ سان کنيو ۽ اُن جي آڌار تي چناب درياءَ تـَري ميهار سان اچي ملي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ وري ساڳئي دلي تي تـَري، موٽي اچي گهر پهتي. +اهڙيءَ طرح، دلي جي آڌار تي، سهڻيءَ ڪيتريون راتيون درياءَ تريو ۽ سندس واعدي وفائيءَ ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا ڪانه ٿي. هن ميهار سان محبت جون ڪافي راتيون گذاريون. هڪ رات سندس مڙس جي ڀيڻ، هن کي ڏسي ورتو ۽ پڪو پهه ڪيو ته ڀاءُ جي اهڙيءَ ڪميڻي زال جو ضرور خاتمو آڻڻ گهرجي. هڪ رات درياءَ جي ڪناري تي، سهڻيءَ جو پيڇو ڪندي، لِڪي وڃي ويٺي ۽ سهڻيءَ جي واپس موٽڻ تي، اها جڳهه به ڏسي ورتائين، جتي سهڻي پنهنجو دِلو لڪائي رکندي هئي. هوءَ ٻئي ڏينهن منجهند جو اُن جاءِ تي وڃي، پڪي دِلي جي بدران، ڪچو دِلو رکي آئي ۽ پڪو دِلو گهر کڻي آئي. +سهڻي ٻيءَ رات، هميشه وانگر، ميهار جي محبت جي نشي ۾، پنهنجو دِلو کنيو. ان رات سخت هوا گهِلي رهي هئي، جنهن درياءَ جي موجن ۽ ڇولين ۾ تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي. درياءَ ۾ وڏي دهشت هئي، پر سهڻي پٺتي هٽڻ واري نه هئي ۽ دِلو هيٺان ڪري درياءَ ۾ ٽپي پيئي. وچ سيرَ ۾ ڪچو دِلو ڀـُري، مـِٽِي ٿي پيو ۽ سهڻيءَ جو وسيلو ويندو رهيو. گهڻي ئي ٻانهون هنيائين، موجن سان مقابلو ڪيائين، پر آخر سندس ٻانهـُن ست ڇڏي ڏنو ۽ درياءَ کيس پنهنجي پيٽ ۾ ڳيهي ڇڏيو. +درياءَ جي ٻئي طرف، ميهار، سهڻيءَ جو انتظار ڪندو رهيو ۽ آخر انتظار ڪندي ڪندي پرهه ڦـُٽي ويئي. ميهار کي يقين هو ته سهـڻي دريـاءَ جـي +دهشت کان ڊڄڻ واري نه آهي ۽ ان جو نه اچڻ ثابت ٿو ڪري ته شايد کيس ظالم درياءَ ٻوڙي ڇڏيو آهي. اِهو ويچاريندي ۽ سهڻيءَ کان سواءِ پنهنجي زندگي زهر سمجهندي، ميهار دانهن ڪري وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ته: ”سهڻي! آءٌ به تو وٽ اچان ٿو.“ ان کان پوءِ ميهار کي وري ڪنهن به ڪو نه ڏٺو. +13_ شهزادو امل ماڻڪ ۽ شهزادي حـَسِيني +ڪنهن زماني ۾، چين ولايت ۾، هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي لالـُو سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن هن پنهنجي وزير صيفل کي سڏايو ۽ چيو ته: ”مون وٽ دنيا ۽ دولت جي ڪا به ڪمي ڪانهي، پر افسوس جو مون کي اولاد ڪونهي.“ پوءِ وزير کي وڏو خزانو ڏيئي حڪم ڪيائين ته تون پڙهو گهماءِ ته جيڪو به ڌڻيءَ جي درگاهه مان مون کي پٽ وٺي ڏيندو، انهيءَ کي آءٌ پنهنجو خزانو ڏيئي ڇڏيندس. اهو حڪم ٻڌي، وزير ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ڍنڍورو ڦيرايو. آخر اهو ڍنڍورو هڪ ڏينهن ڪنهن فقير جي ڪـَن تي وڃي پيو، جو هلي وزير وٽ ويو ۽ هن کي رک جي چپٽي هٿ تي رکي چيائين ته: ”جيڪڏهن بادشاهه هيءَ خاڪ جي چپٽي پاڻيءَ جي پياليءَ ۾ وجهي، پنهنجي دل گهريءَ راڻيءَ کي پياري، ته هن کي خدا جي مهربانيءَ سان ضرور پٽ پيدا ٿيندو، پر انهيءَ ڇوڪري جو نالو ’امل ماڻڪ‘ رکجو، جڏهن امل ماڻڪ وڌي جوان ٿيندو ته هن ۾ 33 صفتون هونديون. هو هڪ سياڻو انسان ۽ اعليٰ گهوڙيسوار ٿيندو. جڏهن تعليم مڪمل ٿئيس ته بادشاهه کي گهرجي ته هن کي مون وٽ آڻي حاضر ڪري.“ وزير بادشاهه جي پاران فقير سان واعدو ڪيو ته جيئن اوهان چيو آهي ته تيئن ضرور ڪبو. ان کان پوءِ فقير کان چپٽي ر�� جي وٺي، بادشاهه وٽ کڻي آيو. +خدا جي مهربانيءَ سان فقير جي اڳڪٿي پوري ٿي. جڏهن ڇوڪرو بالغ ٿيو، تڏهن صيفل وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت! اوهان جي رضا سان، مان شهزادي کي فقير سان ملائڻ وٺي ٿو وڃان.“ لالو بادشاهه اها ڳالهه مڃي ۽ ڪيترائي گهوڙيسوار سپاهي شهزادي سان گڏ موڪليا ۽ ٻه گهوڙا جواهرن سان سنجيل ۽ وڏو خزانو سون ۽ رپي جو ۽ اُڇا ويس وڳا پڻ فقير لاءِ سوغات طور وزير هٿان ڏياري موڪليائين. +فقير شهزادي جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ آڌيءَ رات جو هن کي جاڳائي پنهنجو ۽ شهزادي جو ويس مٽائي، هڪ بادشاهه جي ملڪ ۾ وٺي ويو، جنهن کي ”گل آستان“ چوندا هئا. هو پوءِ پنهنجي رهڻ جو بندوبست ڪري سارو شهر گهمڻ نڪتا ۽ ڳوليندي آخر هڪ گهٽيءَ ۾ پهتا، جتي بادشاهه ٿي رهيو. هنن محلات جي درين مان ڏٺو ته اهو محلات اندران تمام گهڻو روشن ٿي نظر آيو. فقير شهزادي کي محلات کان تڪڙو وٺي وڃي ها، پر شهزادي هن کي زور ڪيو ته اُتي ٿورو ترسي ته جيئن محلات جي روشنائيءَ جو نظارو چڱيءَ طرح ڏسي سگهي. +اوڏيءَ مهل هڪ ٻانهِي ٻه بدلا_ هڪ سون جو ۽ ٻيو چانديءَ جو، کڻي آئي. شهزادي ۽ فقير کي ڏسي، چيائين ته: ”توهين ڪير آهيو جو هن وقت رات جو درين مان بادشاهه جي محلات ۾ لِيا پائي رهيا آهيو. بهتر آهي ته توهين هتان جلدي هليا وڃو، نه ته چوڪيدار توهان کي جهلي، بادشاهه وٽ وٺي ويندو ۽ ڏاڍي سزا ملندوَ.“ +فقير جواب ڏنو ته: ”اي مائي، اسين ڏور ڏيهه کان آيا آهيون ۽ واٽ منجهي پيا آهيون. اسان کي ته خبر به ڪانه هئي ته هي ڪو شاهي محلات آهي. مهرباني ڪري اسان کي ڏَس ڏي ته مسجد ڪٿي آهي، ته اسين وڃي اُتي آرامي ٿيون.“ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته: ”توهان کي مسجد جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اتي ته فقير سمهڻ ويندا آهن، پر توهان ته ڏسڻ ۾ امير ماڻهو ٿا اچو.“ +شهزادي وچ ۾ ٻي، مائيءَ کان پڇيو ته: ”اي موچاري عورت! خدا جي واسطي ٻڌاءِ ته هيءَ روشني ڇا جي آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟“ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته اها روشني شهزادي حسيني نالي هڪ پريءَ جي حسن جي آهي. هوءَ پنهنجي غسل خاني ۾ ويٺي آهي ۽ جنهن مهل هوءَ پنهنجا ڪپڙا لاهيندي آهي ته هن جي جسم جي چمڪ ۾ سارو محلات روشن ٿي ويندو آهي. + + +فقير ۽ شهزادي اها ڳالهه ٻڌي ٻانهيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ موٽي گهر آيا، جتي پنهنجي منزل ڪئي هئائون. رستي تي، شهزادي عرض ڪيو ته: ”اي بزرگ سائين! توهان جي علم ۽ عقل جي ته حد ئي ڪانهي. مان وينتي ٿو ڪريان ته مون کي انهيءَ پري شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرايو.“ فقير وراڻيو ته: ”منهنجا پٽ! خدا اڳ ۾ انهيءَ جي ٻانهن توکي ڏيئي ڇڏي آهي.“ +ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي فقير کان گهر موٽي هلڻ جي اجازت گهري. هن گهر پهچي پنهنجي پيءُ بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بابا سائين! مهرباني ڪري، منهنجي شادي حـَسِيني پـَريءَ سان ڪرايو، جا هڪ نهايت عجيب محلات ۾ ٿي رهي ۽ هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڪا حد ئي نه آهي. انهيءَ کان پوءِ هو بادشاهه کي تفصيل ٻڌائڻ ويٺو ته جڏهن هوءَ وهنجڻ ٿي ويهي، تڏهن سندس جسم جو حسن اونداهيءَ رات ۾ به محلات کي روشن ڪيو ڇڏي. بادشاهه تنهن تي چيس ته: ”منهنجا پٽ! منهنجي تمنا آهي ته تون پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪر.“ مگر شهزادي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي بي صبريءَ سان جواب ڏنو ته: ”مان يا ته شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪندس، يا ته ساري ڄمار ڪنهن سان به شادي ڪونه ڪندس. جيڪڏهن توهان مون کي آڏو ايندا ته مان هميشه لاءِ توهان کي ڇڏي هليو ويندس“. بادشاهه نرميءَ مان جواب ڏنس ته: ”منهنجا پٽ! اجايو ڇو ٿو ڪاوڙجين، جيڪڏهن تون هن جي عشق ۾ ڦاٿل آهين ته مان بيشڪ توکي شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرائيندس.“ +تنهن کان پوءِ صيفل وزير کي بادشاهه حڪم ڏنو ته وڃي گلستان بادشاهه کان سندس ڌيءُ حسينيءَ جو سڱ گهري. وزير، بادشاهه جي ملڪ ۾ ويو ۽ گلستان کي وڃي چيائين ته جيئندا قبلا! لالـُو بادشاهه منهنجي آقا، توهان جي نياڻيءَ شهزادي حسينيءَ جي ٻانهن جي گهـُر پنهنجي پٽ شهزادي امل ماڻڪ لاءِ ڪئي آهي.“ +بادشاهه گلستان جواب ڏنو ته: ”توهان ڀلي ڪري آيا، پر منهنجي ڌيءَ هاڻي عاقل بالغ آهي، مون کي هن کان ضرور پڇڻ گهرجي ته هوءَ راضي آهي يا نه. جيڪڏهن هوءَ راضي آهي ته مان هن کي ڪونه روڪيندس.“ +پوءِ بادشاهه گلستان، شهزادي حسينيءَ وٽ ويو ۽ لالو بادشاهه جي آڇ جو احوال ٻڌايائينس، جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”بابا سائين، مان اوهان کي پنهنجو ڪعبو ۽ قبلو ٿي سمجهان، مان شهزادي هڪ شرط تي شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته اسين ٻئي ڌار ڌار محلاتن ۾ رهنداسون. جيڪڏهن هن کي مون سان ڳالهائڻو هوندو ته هو ٻانهيءَ کي چوندو ۽ اها جڏهن مون کان اجازت وٺندي، تڏهن مون سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. +بادشاهه شهزاديءَ جو شرط وزير کي ٻڌايو، جنهن ٿورو سوچي جواب ڏنو ته: ”چڱو، مون کي شهزاديءَ جو اهو شرط قبول آهي.“ هن دراصل ائين سمجهيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ شهزادي انهيءَ شرط تي ڪو به ضد ڪونه ڪندي. پوءِ وزير اهو جواب وٺي موٽي بادشاهه وٽ پهتو ۽ کيس سارو احوال ڪري ٻڌايائين. +لالو بادشاهه، شهزادي کان پڇيو ته: ”شهزاديءَ جي انهيءَ شرط تي هلي سگهندين؟“ شهزادي جوب ڏنو ته: ”مان ڇا ڪريان، وزير ته اڳيئي اهو قبول ڪري آيو آهي.“ +ان کان پوءِ لالو بادشاهه وڏيون تياريون ڪيون ۽ پنهنجي پٽ کي وڏي شان شوڪت سان گلستان جي ملڪ ۾ موڪليائين، جتي هن جو ڏاڍو آڌر ڀاءُ ٿيو ۽ حسينيءَ سان هن جي شادي ڪرائي ويئي. ڪجهه ڏينهن خوشيون ۽ جشن جاري رهيا ۽ انهيءَ کان پوءِ شهزاديءَ کي پنهنجي پيءُ جي ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڳ ۾ ڪيل واعدي مطابق ڌار ڌار محلات ۾ رهڻ لڳا ۽ جڏهن شهزادي ۽ شهزاديءَ کي پاڻ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هوندي هئي ته ٻانهيءَ جي معرفت ڪندا هئا، جا هنن جا نياپا هڪڙي محلات کان ٻئي محلات تائين کڻي ويندي هئي. +هڪ ڏينهن شهزادو امل ماڻڪ شڪار تي نڪتو ۽ هن سان گڏ ٻيا سوار ڪافي اڳتي نڪري ويا ۽ هڪڙي نيري ڍڳي کي نيزي جو نشانو ڪيائون، ۽ جڏهن شهزادو شڪار ڪري گهر ڏانهن موٽيو ٿي ته رستي تي پنهنجي ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندو ٿي آيو ته هن کي هڪ فقير گڏيو، جنهن هن کي چيو: ”شهزادا سائين! مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ شهزادو، فقير کي هڪ گهوڙي تي چاڙهي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو. اتي پهچڻ کان پوءِ هن کان پڇيائين ته: ”اي بزرگ سائين! توهان کي مون سان ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي.“ +فقير جواب ڏنس ته: ”شهزادي حسيني، جنهن سان تو شادي ڪئي آهي، اها هڪڙي ديوَ سان عشق ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جو نالو سفيد ديوُ آهي، جو ستن سمنڊن جي پار هڪڙي باغيچي ۾ رهندو آهي. انهيءَ باغيچي کي بستي باغيچو چوندا آهن. هر وسپت جي ڏينهن شهزادي حسيني پپر جي وڻ ۾ پنهنجي ٻانهين سميت اڏامي ”بستي باغيچي“ ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي. مان توکي جادوءَ جي هڪ ٽوپي ڏيندس، جا توکي پائڻ کان پوءِ ماڻهن جي نظر کان الوپ ڪري ڇڏيندي. تون انهيءَ ٽوپيءَ کي پائي ايندڙ خميس ڏينهن شام جو شهزاديءَ جي محلات ۾ وڃج، هوءَ انهيءَ وقت وهنجندي آهي ۽ وهنجڻ کان پوءِ هوءَ هڪڙي غاليچي تي ويهي ۽ پنهنجا سون ورنا وار سڪائيندي آهي. تون به انهيءَ غاليچي تي هن جي ڀر ۾ ويهي رهج. هوءَ توکي ڪانه ڏسي سگهندي. وارن سڪائڻ کان پوءِ، هوءَ قيمتي زيورن سان پاڻ کا آراسته ڪندي ۽ مشڪ عطر سان پاڻ کي معطر ڪندي. ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ پيرن ۾ پازيب ۽ عاليشان پوشاڪ پائي تيار ٿيندي. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي کاڌي لاءِ حڪم ڪندي ۽ ماني هن جي اڳيان رکي ويندي. هوءَ مانيءَ کي هٿ لائي تنهن کان اڳ چوندي ته: ”منهنجي ماني جلدي کڻي اچ.“ بورچي جواب ۾ چوندس ته: ”اسين هميشه توهان جي بچيل کاڌي مان ڏهه_ٻارهن ڄڻا کائي ويندا آهيون، پر اڄ اوهان سفيد ديوَ جي ملاقات جي خوشيءَ ۾ سمورو کاڌو کائي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻي ٻيو ٿيون طلب ڪريو. حسيني، بورچيءَ جي حاضر جوابيءَ تي اهڙي شرمندي ٿيندي جو چوندي ته چڱو ڀلا تڪليف نه ڪر، مون کي پپر جو وڻ آڻي ڏي. هاڻي انهيءَ کان اڳ جو هوءَ وڻ تي چڙهي، تون غاليچي تان اٿي وڻ تي چڙهي وڃج. شهزادي پنهنجي سرتين سان انهيءَ تي چڙهندي ۽ هن جي طلسم سان پپر جو وڻ هنن کي کڻي ست سمنڊ پار ڪري سفيد ديوَ جي باغيچي ۾ پهچائيندو. اتي پهچڻ تي تون سڀني جي پٺيان هجج، ته جيئن ڀل ٻيا سڀ لهي وڃن ۽ توکي آخر ۾ لهڻ جو موقعو ملي. پوءِ سفيد ديوُ هنن کي کيڪاري پنهنجيءَ محلات ۾ وٺي ويندو، جتي ٻه سئو کن پريون پيون ناچ ڪنديون هونديون. سفيد ديو حسينيءَ کي چوندو ته: ”جيڪڏهن تون اڄ هنن سئو پرين بدران ناچ ڪندينءَ ته مان توسان ايندڙ خميس تي شادي ڪندس.“ شهزادي، انهيءَ آڇ تي راضي ٿي ويندي ۽ ناچ جو گهگهرو پائي ديوَ جي اڳيان نچڻ لڳندي. جڏهن هوءَ ناچ ختم ڪندي ته ديو هن کي نوءلکو هار ڏيندو. پوءِ تون اهو هار چورائي پنهنجي سٿڻ جي ور ۾ لڪائي ڇڏج. وري جڏهن ٻيهر نچندي ته ديو کيس جواهرن جو چوغو ڏيندو. تون اهو به چورائي پنهنجي چيلهه سان ٻڌي ڇڏج. وري ٽيون دفعو به نچندي ۽ ديو هن دفعي هن کي نوءلکي نٿ ڏيندو، اها به چورائي اڳٺ ۾ ٻڌي ڇڏج، ۽ پوءِ پپر جي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃج. ٿوريءَ دير بعد شهزادي ديو کي خدا حافظ چوندي ۽ پنهنجي ساهيڙين سان گڏجي وڻ تي چڙهندي. پپر توهان سڀني کي کڻي آڻي توهان جي شهر ۾ پهچائيندو. اتي وڻ تان لهي پنهنجي محلات ڏانهن وڃج. شهزادي ۽ هن جون سرتيون پنهنجي گهر وينديون ۽ شراب پي انهيءَ ۾ الوٽ ٿي سمهي پونديون ۽ سج چڙهئي اٿنديون. شهزادي جڏهن هار، جواهرن سان جڙيل چوغو ۽ نٿ جيڪي ديو هن کي انعام طور ڏنا هئا نه ڏسندي ته ٻانهن کي ڌمڪائيندي ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، مگر ٻانهون صاف اظهار ڪنديون ته اسان کي انهن شين جو ڪو به علم ڪونهي ۽ پنهنجي معصوميت جي اقرار کان پوءِ، شهزاديءَ کي مشورو ڏينديون ته هوءَ توهان وٽ اچي. هوءَ انهيءَ مشوري تي راضي ٿيندي ۽ سڀني سان گڏجي تو وٽ محلات ۾ ايندي، جڏهن هن کي ايندو ڏسين تڏهن منهن تي چادر وجهي کونگهرا هڻڻ شروع ڪج، شهزادي لڪي تنهنجي هند وٽ ايندي، ۽ ائين چوندي ته تون سچ پچ سمهيو پيو آهين. اهو موقعو تولاءِ نهايت موزون آهي. پوءِ تون يڪدم هنڌ مان ٽپ ڏيئي، شهزاديءَ کي جهلي هن جا پـَر وڍي وٺج، جنهن کان پوءِ هوءَ اڏامڻ کان بيڪار بني هميشه لاءِ تنهنجي ٿي رهندي. +ٻيءَ خميس تي، شهزادي امل ماڻڪ ائين ڪيو، جيئن فقير هن کي صلاح ڏني هئي. هن اها اَلـُوپ ٽوپي پاتي ۽ شهزادي حسينيءَ سان گڏجي پپر جي وڻ تي ديوَ جي محلات ۾ وڃي، موٽي آيو. +ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي حسيني پنهنجن ٻانهين سان گڏجي شهزادي وٽ ويئي. شهزادو مکر ڪري کونگهرا هڻڻ لڳو، شهزاديءَ نرميءَ سان چيو ته اهو به زمانو هو، جڏهن تون مون سان ڳالهائڻ لاءِ سڪندو هئين ۽ ��اڻي جڏهن مان تو وٽ آئي آهيان ته تون پيو کونگهرا هڻين. شهزادو هن جي اکرن تـي +موهجي پيو ۽ هڪدم چيائين ته مون هڪ خواب پئي لڌو. اهو جواب ٻڌي، شهزاديءَءَ زور ڀريس ته مهرباني ڪري مون کي پنهنجو خواب ٻڌاءِ. شهزادي وراڻيو ته مون خواب ۾ ڏٺو ته تون وهنجي پنهنجا سونهري وار پيئي سڪائين ۽ سڪائڻ کان پوءِ تو اُچا ڪپڙا ۽ زيور پاتا ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجي لاءِ مانيءَ جي گهـُر ڪئي، ۽ مان جو تنهنجي ڀر ۾ ويٺو هوس، سو سموري ماني کائي ختم ڪري پيو ڇڏيان، پوءِ مان، تون ۽ تنهنجون ٻانهيون سڀ پپر جي وڻ تي چڙهي ٿا وهيون ۽ وڻ هوا ۾ اُڏائي اسان سڀني کي کڻي ”بستي باغيچي“ ۾ آڻي ٿو پهچائي، جتي سفيد ديوُ ٿو رهي، انهيءَ ديوَ توکي پنهنجي اڳيان ناچ ڪرايو ۽ انهيءَ توکي هڪ هار، هڪ موتين جڙيل چوغو ۽ نوءلکي نٿ ڏني، اهي ٽيئي شيون تو منهنجي حوالي ڪيون، جي هينئر به مون وٽ موجود آهن.“ +”منهنجا شهزادا!“ نهايت ئي نرم لهجي ۾ شهزاديءَ چيو: ”مهرباني ڪري اهي سمورا زيور مون کي موٽائي ڏي.“ +”مگر هي ته رڳو هڪ سپنو هو.“ شهزادي کِلي چيو: ”ڪيئن توکي موٽائي ڏيان.“ +شهزاديءَ بيحد ليلايو ۽ ڳراٽڙيون پاتائين ۽ اٽڪل سان رهي ريبي شهزادي کي اهڙو نرم ڪري وڌائين، جو نيٺ هن ديوَ جون ڏنل سوکڙيون ڪڍي ڏيکاريس. شهزادي جهٽ هڻي، هن جي هٿ مان ڦري هوا ۾ اڏامي غائب ٿي ويئي. +اهو حال ڏسي، وڏيءَ مايوسيءَ ۾ گهيرجي ويو. آخر شهزادي جي مايوسيءَ جي خبر فقير جي ڪنن تي وڃي پهتي، ۽ هو هڪدم هن وٽ هلي آيو ۽ چيائين ته: ”جيئن مون توکي چيو هو، تو ائين نه ڪيو، جڏهن تو هن جا پـَرَ ڪپيا ته ڇا ٿيو؟“ شهزادي ارمان مان جواب ڏنو ته: ”نه، مون کان هن جا پـَرَ ڪپڻ وسري ويا ۽ هوءَ هڪدم اڏامي هلي ويئي. مهرباني ڪري هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟“ فقير جواب ڏنو ته: ”تنهنجي پيءُ جي طنبيلي ۾ هڪ سامونڊي گهوڙو آهي. انهيءَ تي سون سان جڙيل سنج وجهه، لغام ۽ خرزين ۾ هيرا ۽ موتي ڀرينس، ۽ پوءِ واسريءَ ۾ ٽن مهينن جي سفر جيتري رقم وجهي ۽ سفيد ديوَ جي تلاش ۾ نڪري پوء.“ +شهزادي، فقير جي چوڻ موجب ائين ڪيو. هو پيءُ جو سامونڊي گهوڙو سنجي، سوار ٿي نڪتو ۽ ست سمنڊ لتاڙي، آخر هڪ وڏي جهنگ ۾ اچي نڪتو. ٻيلي ۾ هن هڪ شينهڻ ڏٺي، جا هڪ وڏي ڪـَنڊي لڳڻ ڪري منڊي ٿي پيئي هئي، هن جڏهن شهزادي کي ڏٺو، تڏهن کيس سڏ ڪري چيائين: ”اي انسان جا ٻچڙا! خدا جي واسطي منهنجي پير مان هيءُ ڪنڊو ڇڪي ڪـَڍُ“. شهزادي جواب ڏنس ته: ”مون کي خطرو آهي ته جيڪڏهن مان توکي ويجهو ايندس ته تون مون کي ماري وجهندينءَ.“ پوءِ شينهن يقين ڏنس ته: حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم منهنجو شاهد آهي ته مان توکي ڪو به اِيذاءُ نه رسائيندس.“ +اهو جواب ٻـُڌي، شهزادو گهوڙي تان لٿو ۽ الله جو آسرو ڪري، شينهڻ جي ويجهو وڃي، هن جي پير مان ڪنڊو ڪڍيائين. شينهڻ سور کان گجگوڙ ڪئي، پر شهزادي کي ذرو به ڪونه اِيذايائين. هن جي گجگوڙ تي، سندس ٻيئي ٻچا ڊوڙي ويجهو آيا ۽ ڪاوڙ مان چوڻ لڳا ته: ”آدم جا ٻچا! توکي ڪهڙيءَ کـُٽيءَ کنيو آهي جو اسان جي غار ۾ گهڙي، اسان جي ماءُ کي اِيذاءُ پهچائين ٿو؟“ مگر شينهڻ هنن کي تسلي ڏني ته ائين نه آهي. هِن ته پاڻ مون کي وڏي درد مان ڇـُٽايو آهي. انهيءَ ڀلائيءَ جي عيوض ۾، مان توهان ٻنهي کي هن جي حوالي ٿي ڪريان ته توهان هن جا خادم ٿي رهو ۽ هن کي جنن، ديون، پرين ۽ ٻين خوفناڪ جانورن ۽ نانگن کان حفاظت ۾ رکجو. هن کي کاڌي لاءِ هرڻ ۽ ڦاڙها ماري ڏيو. نه رڳو ايترو، مگر ضرورت وقت هن جي جان جي حفاظت خاطر پنهن��ي جان قربان ڪرڻ ۾ به اصل نه ڪيٻائجو.“ +شينهڻ جي ٻچن ماءُ جي حڪم پوري ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. شهزادو جڏهن سامونڊي گهوڙي تي سوار ٿي هلندو هو، تڏهن شينهڻ جا ٻيئي ٻچا سندس بچاءَ ۾ ٻنهي پاسن کان گهوڙي جي رفتار سان ٻِٽ ُ هلندا هئا. +هلندا هليا، آخر هو هڪ ڏينهن هڪ وڏيءَ ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي ويجهو هڪ محلات هو، جنهن جي دَر وٽ ڪي سون ۽ چانديءَ جا ڏاڪا هڪ ٻئي پٺيان پاڻيءَ جي ڪناري تائين ٿي پهتا. شهزادي، شينهن کي چيو ته هي محلات ضرور ڪنهن پـَريءَ جو هوندو. شينهن نهايت نِوڙت سان شهزادي کان ان محلات ۾ اندر وڃڻ جي اجازت گهري. +شهزادو گهوڙي تان لٿو. گهوڙي کي وڻ سان ٻڌي، ڏاڪا چڙهيو. هڪ شينهن سندس اڳ ۾ هو ۽ هڪ پٺيان. جڏهن شهزادو محلات جي دَر مان اندر گهڙيو ته هڪ سهڻي ڇوڪري، شهزاديءَ جي لباس ۾ اندرئين ڪمري ۾ ڏٺائين. شهزاديءَ اُٿي يڪدم دروازو بند ڪيو. ”در کول.“ شهزادي وڏي آواز ۾ کيس چيو. مگر ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته: ”هتان ڀڄي وڃ، جيڪڏهن پنهنجيءَ جان جو خير گهرندو هجين. ديو هاڻي هتي پهچڻ وارو آهي.“ شينهن رڙ ڪري ڌمڪي ڏنيس ته: ”جيڪڏهن تو دروازو نه کوليو ته اسين ان کي ڀڃي، تختو تختي کان جدا ڪري ڇڏينداسون.“ پوءِ شهزاديءَ جواب ڏنو: ”چڱو ڀلا!“ ائين چئي هن دَرُ کوليو ۽ اندرئين ڪمري مان نڪري، ٻاهر ورانڊي ۾ هڪ ڪوچ تي ٿي ويٺي. شهزادو سندس ڀـَر ۾ ٿي ويٺو. ڇوڪريءَ پڇيس ته: ”اي جوان، توکي ڇا گهرجي؟“ شهزادي جواب ڏنو ته: ”مان شهزادي حسينيءَ کي ڳولي رهيو آهيان. هوءَ منهنجي زال آهي ۽ مون وٽان ڀڄي، سفيد ديوَ وٽ، هن جي ملڪ ۾ وڃي لڪي آهي.“ ڇوڪريءَ ٻڌايس ته: ”ادي حسيني ته منهنجي ڀيڻ آهي.“ پوءِ دوربيني هن جي هٿ ۾ ڏيئي، چيائين ته: ”هو ڍنڍ جي ڪناري تي پپر جو وڻ توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟ اڄ خميس جي رات آهي، حسيني سڀاڻي صبح جو پنهنجي ٻانهين سان گڏجي ايندي ۽ هو انهيءَ ڍنڍ ۾ ڪپڙا لاهي تڙڪنديون. جنهن مهل هو پاڻيءَ ۾ اندر گهڙنديون، ان وقت تون حسينيءَ جا ڪپڙا کڻي وٺج، پوءِ هوءَ تنهجي رحم ۽ ڪرم جي محتاج ٿي پوندي.“ +ائين چئي ڇوڪريءَ، شهزادي کي موڪل ڏني. ٻئي شينهن ۽ شهزادو گڏجي ڍنڍ جي ڪپ تي، پپر جي وڻ هيٺان وڃي پهتا، جتي شينهن، شهزادي کي آرام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ ٻيئي چوڪيءَ تي ٿي بيٺا. شهزادي کي جلدي ننڊ کڻي ويئي. +صبح سوير شهزادو، پـَرن جي ڦڙڪڻ جي آواز تي جاڳيو. شينهن ٻڌايس ته پريون اچي ويون آهن. شهزادو خاموش رهيو. جيئن ئي پـَرين ڪپڙا لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ گهڙي پيون، تيئن شهزادي شينهن کي چيو ته: ”حسينيءَ جي ڪپڙن تي لامارو هڻو.“ هنن ائين ڪيو. شهزادو ڍنڍ جي ڪپ تي وڃي حسينيءَ کي چيڙائڻ لڳو ۽ چيائينس ته هاڻي توکي پنهنجو جوڙ جيس مليو آهي. توکي هن دفعي چالاڪي ڪرڻ ڪين ڏيندس. +حسينيءَ ڏٺو ته هاڻي هوءَ شهزادي جي رحم ڪرم تي آهي، ڇو ته شينهن به ڏاڍي خوفائتي نموني ۾ ڏانهس نهاري گجگوڙون پئي ڪيون. هوءَ اڳئين وانگر وري به شهزادي کي ريجهائڻ لاءِ ويجهو ٿي ۽ چيائين ته شهزادا مون آڻ مڃي، تو مون کي شڪست ڏني آهي. پوءِ نڪ مان بولو لاهي هن کي ڏنائين ۽ چيائين ته ايندڙ جمعرات سفيد ديو جي باغ ۾ اچج، جتي توهان گهڻي ئي پريون پوشاڪن ۾ ڏسندا، جن جي هٿن ۾ سون ۽ چانديءَ جون گهگهيون هونديون. توهان هنن جي ويجهو اچي، کانئن پنهنجي گهوڙي لاءِ پاڻي طلب ڪجو ۽ جيئن ئي توهان جو گهوڙو پاڻي پيئڻ شروع ڪري، توهان هي بولو هڪ جي گهگهي ۾ وجهي ڇڏجو. مان پوءِ بولو ڏسي ڪڍي وٺندس ۽ پنهنجي ٻانهي توهان کي وٺي آڻڻ لاءِ موڪلينديس. توهان پنهنجي لڪل هنڌ کان نڪري اچجو ۽ جڏهن توهان باغ جي وچ تي پهچو ته وڏي واڪي سان چئجو ته سفيد ديو منهنجي حقيقي زال سان شادي ٿو ڪري. اهو ٻڌي سفيد ديو چوندو ته جيڪڏهن تنهنجي نڪاح ٻڌل زال آهي ته تون هن کي سڃاڻي وٺ. هو توکان پڇندو ته ان کي سڃاڻي سگهندين؟“ توهان جواب ۾ چئو ته ”ها“ ان کان پوءِ سفيد ديو، سئو پريون هڪ قطار ۾ بيهاريندو ۽ سڀئي هوبرو مون جهڙيون هونديون. توهان کي چوندو ته مون کي ڳولي هٿ ڪر. انهيءَ مهل آءٌ بولو پاتل هونديس ۽ پوءِ اوهان مون کي آسانيءَ سان سڃاڻي وٺندا. +شهزادي، حسينيءَ جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ هن کي ڪپڙا موٽائي ڏنائين جا پائي اڏامي هلي ويئي. +ٻيءَ خميس تي شهزادي، حسينيءَ جي صلاح مطابق عمل ڪيو. هن اهو بولو هڪڙيءَ پـَريءَ جي گهگهيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ حسينيءَ اهو ڏسي، هڪ ٻانهيءَ کي شهزادي کي وٺڻ لاءِ موڪليو. ٻانهي اتي اچي پهتي، جتي شهزادو لڪو ويٺو هو ۽ واڪو ڪري چيائينس، ”جلدي ڪري هل اتي شادي ٿي ٿئي.“ شهزادو ٻانهيءَ سان گڏجي وچ باغيچي ۾ اچي پهتو ۽ بلند آواز سان پڪاري چيائين ته: ”سفيد ديو منهنجي حق ٻڌيءَ زال سان شادي ٿو ڪري.“ ديو شهزادي جا اهي لفظ ٻڌي اڳتي وڌي آيو ۽ اچي چيائين ته: ”جيڪڏهن ائين آهي ته تون پنهنجيءَ زال کي سڃاڻي سگهندين؟“ شهزادي هاڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ ديو، هڪ سئو پرين کي هڪ قطار ۾ بيهاريو، جي سڀ هوبهو هڪ جهڙيون هيون ۽ چئن ڪنڊن تي گهوڙيسوار بيهاري ڇڏيائين ته جيئن شهزادو ڀڄي نڪري نه وڃي. شهزادي کي چيائين ته: ”مان توکي ٽي موقعا ڏيندس ۽ جيڪڏهن تون ان هوندي به ان کي سڃاڻي نه سگهئين ته پوءِ مان توکي پنهنجي قلعي جي ديوار تان لٽڪائي، ڳجهين کان تنهنجو ماس کارائي ڇڏيندس.“ +شهزادو امل ماڻڪ، پرين جي بيٺل قطار ڏانهن نهاريو ۽ هر هڪ کي پيرن کان وٺي مٿي تائين نهاريندو رهيو. سموريون گهڻو ڪري هڪ ئي مهانڊي جون هيون، تنهنڪري سڃاڻي نه پئي سگهيو. پر پوءِ بولي واري ڳالهه ياد پيس ۽ جڏهن ڏٺائين ته ڪنهن کي به بولو پيل نه هو، تڏهن بنهه نااميد ٿيڻ تي هو. مگر شينهڻ جي وڏي ٻچي اشارو ڪري چيس ته: ”شهزادا ڊپ نه ڪر، جيسين اسين زنده آهيون، تنهنجو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏينداسون.“ ديو هن کي ٻيو موقعو به ڏنو، مگر هن ڀيري به هو حسينيءَ کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ڪين ٿيو. آخر هن غمگين ٿي، شينهن کي چيو ته منهنجو ٻيو وجهه به ويو. شينهن وري به اشاري ۾ چيو ته: ”شهزادا همت نه هار، اڃا ٽيون موقعو به آهي.“ هن ڀيري شهزاديءَ کي شهزادي تي قياس آيو ۽ هڪدم بولو نڪ ۾ پائي بيهي رهي. جڏهن ديو ٽيون ڀيرو چيس ته هن پرين جي قطار مان هڪ کي بولو نڪ ۾ ڏسي، خوشيءَ کان واڪو ڪري چيو ته مون حسينيءَ کي ڳولي ورتو. ٻيون سڀيئي پريون هن جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ مان تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ ديو چيو ته: ”ها، برابر شهزادي تنهنجي زال آهي، هاڻ تون هن کي ڀلي وٺي وڃ. هن سفيد ديو حسينيءَ جي ٻانهن شهزادي امل ماڻڪ کي ائين ڏني جيئن ڪو پيءُ پنهنجي نياڻي ڪنهن کي پرڻائي ڏيندو آهي. +امل ماڻڪ ڪجهه ڏينهن ديو جو مهمان ٿي رهيو، ۽ پوءِ گهر ڏانهن موٽڻ جي موڪل گهريائين، جنهن تي سفيد ديو نهايت قرب سان چيس ته: ”جيترو وقت دل گهرئي اسان وٽ رهه، توهان جو آڌر ڀاءُ ٿيندو رهندو، مگر جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته توهان ڀلي وڃو.“ شهزادي تانگهه ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ ضرور ويندو. پوءِ سفيد ديو طرفان گهوڙيسوارن جو وڏو ڊنبلو ۽ خزاني جو انبار ساڻ ڪري، شهزادي حسينيءَ سان پنهنجي پيءُ جي ��لڪ ڏانهن راهي ٿيو. +سفر ڪندي هڪ رات، هنن کوهه وٽ اچي منزل ڪئي. شهزادو ۽ شهزادي ٻئي ساڳئي پلنگ تي سمهي پيا ۽ سندن چوڌاري پهريدار سمهي پيا. اڌ رات جو ان کوهه مان هڪ ديو، جو ان ۾ اندر رهندو هو، نڪري آيو ۽ ننڊ ۾ ستل شهزاديءَ کي پلنگ تان کڻي کوهه ۾ واپس هليو ويو. +صبح جو ننڊ مان اُٿڻ کان پوءِ شهزادي امل ماڻڪ کي شهزاديءَ جي غائب ٿيڻ جي ڪـَلَ پيئي. هن غم ۽ خوف جي حالت ۾ چوڪيدارن کان پڇا ڪئي، مگر هو ڪجهه به ٻڌائي نه سگهيا. شهزادي کي سخت مايوسي ٿي، ائين سمجهيو ته شهزادي پنهنجو قول ڪوڙو ڪري، مون کي وري ڇڏي هلي ويئي آهي. مگر شينهڻ جي هڪ ٻچي چيو ته: ”شهزادا، متان شهزادي کوهه ۾ لِڪي ويٺي هجي، سو توهان اسان ٻنهي کي رسي ٻڌي، کوهه ۾ ڇڏيو ته اسين ڏسي اچون.“ پهريدارن ٻنهي شينهن کي رسيءَ جي وسيلي، اندر کوهه ۾ لاٿو. جڏهن هو تري ۾ پهتا ته ڇا ڏسن ته هڪ وڏو شهر آهي، جو سندن اڳيان ميلن ۾ پکڙيو پيو آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ سهڻو باغيچو آهي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ عاليشان محلات آهي. جڏهن انهيءَ محلات ۾ گهِڙي نظر ڪيائون ته ڏٺائون ته ديو ڏاڍيءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهي ۽ هن جو مٿو حسينيءَ جي هنج ۾ آهي. حسيني شينهن جي ٻچن کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿي ۽ هنن کي آهستي چيائين ته: ”مون کي هن خوفناڪ جاءِ مان يڪدم ڪڍو.“ شينهن جي ٻچن اهڙي ته آهستگيءَ سان ديوَ جو مٿو کنيو ۽ هڪ وهاڻو هن جي مٿي هيٺان رکيو، جو شهزادي اُٿي پيرن ڀر ٿي ۽ ديو ستو ئي رهيو. پوءِ ته شينهَن ديو جي مٿان چڙهي، کيس چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. +هو جڏهن باغيچي کان ٻاهر ٿي نڪتا، ته ديو جو خوبصورت سامونڊي گهوڙو، سون جي زنجير ۾ ٻڌل ۽ ڪـُنجي تالي ۾ ئي لڳي پيئي هئي. پوءِ گهوڙي کي کولي ورتائون ۽ جڏهن کوهه جي تري وٽ رسيا ته گهوڙي کي به پاڻ سان ٻاهر آندائون، پوءِ شهزادي کي ساري حقيقت اچي ٻڌايائون ۽ مشورو ڏنائون ته پاڻ ۽ سندس دربان هنن سان گڏ هڪ دفعو وري کوهه ۾ هلي ديوَ جو خزانو کڻي اچن. مگر شهزادي انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: ”منهنجي پيءَ جي خزاني ۾ ڪا به کوٽ ناهي. باقي اهو سامونڊي گهوڙو شهزادي پاڻ وٽ جهليو ۽ پاڻ ۽ شهزادي انهيءَ تي سواري ڪندا هئا. +جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي پهتا، تڏهن ٻئي سامونڊي گهوڙا شهزادي ۽ شهزاديءَ کي سفيد ديوَ جي سمورين سوغاتن سميت پٺيءَ تي کڻي ست سمنڊ پار ڪري وڃي ٻيءَ ڀـَر لٿا. هو اتي پهچي، ملڪ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن هو ويجها پهتا، تڏهن بادشاهه لالـُوءَ کي هنن جي آمد جي خبر ملي. هن شهزادي ۽ شهزادي حسينيءَ جي آڌر ڀاءُ لاءِ گهوڙيسوارن، دهلائين ۽ شرنائين وڄائيندڙن جو پاڻ سان هڪ قافلو آندو، ۽ کين وڏي شان ۽ مرتبي سان پنهنجي بادشاهيءَ ۾ وٺي آيو، جتي هو ٻيئي هڪ محلات ۾ باقي حياتيءَ جا ڏينهن عيش ۽ مزن ۾ گذاريندا رهيا. +14_ ڪوءرو ُ۽ چنيسر +ڪنهن زماني ۾، سنڌ ۾ راءِ کنگهار نالي هڪ وڏو اثر وارو راجا رهندو هو. پنهنجي دولت ۽ حشمت هوندي به، هو ساري هندستان ۾ ٻين مڙني راجائن کان زياده ڌرم پرست ۽ رعيت سان سهڻو انصاف ڪندڙ هو. هن کي پٽ اولاد ڪو نه هو، رڳو هڪ نياڻي هيس، جنهن کي ”ڪوءرو“ ڪري سڏيندا هئا. ڇوڪري وڏيءَ سونهن ۽ سوڀيا واري هئي. درٻار جا شاعر هن جي ڏندن کي موتين سان تشبيهه، سيني کي ڏاڙهونءَ سان، ڳچيءَ کي مور جي ڳچيءَ سان ۽ هن جي هلڻ کي ڊيل جي رفتار سان مشابهت ڏيندا هئا. پيءُ ماءُ جي لاڏ ڪوڏ ۽ ٻين سڀني عزيزن جي پيار سببان هوءَ هر وقت رڳو هار سينگار ۽ اوچن وڳن پهرڻ ۾ مشغول هوندي هئي ۽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا پيئي لباس بدلائيندي هئي. سارو ڏينه�� عنبر پيئي مکيندي هئي. اکين ۾ سـُرمو وجهندي هئي ۽ قيمتي عطرن سان پيئي وهنجندي هئي. مگر انهيءَ کان به وڌيڪ سندس خاص خوشيءَ جو سبب هڪ هار هو، جنهن ۾ ٻه شب چراغ جڙيل هئا، جي رات جو پنهنجيءَ ٿڌيءَ روشنيءَ سان ساريءَ محلات کي منور ڪري ڇڏيندا هئا. ڪوءور جو مڱڻو سندس هڪ نوجوان مائٽ، اتماديءَ سان ٿيل هو، جنهن جي ڀيڻ جمنا سندس هميشه جي ساٿياڻي هئي. +هڪ ڏينهن جمنا، ڪوءروءَ کي سندس آڏاڻي وٽ ويٺل ڏٺو، جو بلڪل پراڻو هو. چوڻ لڳي ته هي آڏاڻو توکي نٿو سونهين. تنهنجي پيءُ جهڙي ماڻهوءَ جي نياڻيءَ کي ته سونو آڏاڻو هجي، جنهن ۾ قيمتي جواهر جڙيل هجن. ڪوءورءَ جي دل انهيءَ ڳالهه تي ريلو کاڌو ۽ هڪدم ان جي ٺهرائڻ لاءِ هڪ سونارو گهرايائين جو سڄي شهر ۾ بهترين ڪم ڄاڻندو هو. هن جي هدايت سان، ڏهن ڏينهن اندر انهيءَ سوناري هڪ خوبصورت آڏاڻو، سارو سون ۽ ياقوتن سان جڙيل تيار ڪيو، جو اهڙو چلڪندو هو، جهڙو چنڊ. جڏهن آڏاڻو تيار ٿيو، تڏهن ڪوءروءَ پنهنجي سرتين کي دعوت ڏني ته اچي هن جي سبڻ ڀرڻ واري ڪوٺيءَ ۾ سندس سوني آڏاڻي کي ڏسن. پوءِ سڀني سرتين سندس قيمتي آڏاڻي جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ ساراهيو ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي آڏاڻن تي ويهي ڪم ڪرڻ لڳيون. پر ڪوءورءَ کي سندس نئين رانديڪي جي خوشيءَ بيقرار ڪري رکيو هو. هوءَ رڳو پيئي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ خوشيءَ وچان ڪـُڏندي ۽ ٽـُپندي هئي يا ته وري سارو ڏينهن آرسيءَ ۾ پنهنجي سونهن کي ڏسيو پيئي ساراهيندي هئي. ساهيڙين هن کي سندس چلولائيءَ تي پئي چيڙايو، مگر هن انهن جي ڪا به پرواهه ڪانه ٿي ڪئي. آخر ڪمري ۾ نچندي، ٽپندي جمنا جي آڏاڻي کي ڪيرائي ڀڃي وڌائين. جمنا کان صبر ڇڏائجي ويو ۽ هڪدم ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيائين ته: ”تون منهنجي غريب ڀاءُ اتماديءَ جي وس جي نه آهين. توکي جـُڳائي ته وڃي چنيسر کي مڙس ڪر.“ +چنيسر ديول ڪوٽ جو شهزادو هو ۽ ساري راجپوت قوم جو وڏو سردار هو. ڪوءروءَ کي جمنا جي طعني ڏنگي وڌو، سو ڪمري مان ڊوڙي، اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي، پنهنجي ماءُ مارڪيءَ کي وڃي جمنا جي ڳالهه ٻڌايائين ۽ چيائين ته: ”مان انهيءَ ڏائڻ جي ڀاءُ اتماديءَ سان هرگز شادي نه ڪنديس ۽ چنيسر سان شادي ڪري کيس جلائينديس.“ +پهريائين ته راڻي مارڪي ڌيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر آخرڪار هوءَ سندس مڱڻو اتماديءَ سان ٽوڙڻ تي راضي ٿي ۽ چنيسر سان پرڻائڻ جي فڪر ۾ پئجي ويئي. +انهيءَ کان پوءِ راڻي راءِ کنگهار وٽ ويئي ۽ هن کي رضامند ڪيائين، جنهن پنهنجي مرضيءَ جي خلاف اجازت ڏني ته پنهنجي ڌيءَ کي چنيسر جي درٻار ۾ وٺي وڃي. هن انهيءَ لاءِ اُٺ ۽ ٻيا دولت جا انبار سفر لاءِ تيار ڪرائي، مارڪي ۽ ڪوءوروءَ کي پنج سئو گهوڙيسوار سنڀال لاءِ ۽ چار_پنج ٻانهيون راڻي ۽ شهزاديءَ جي خدمت لاءِ حوالي ڪيا. +قافلو ديول ڪوٽ ڏانهن راهي ٿيو. هو جيئن راجپوتانا ڏانهن وڌندا ٿي ويا ته شهزادي ڌڻيءَ کان دعائون گهرندي پئي هلي ته شل چنيسر هن کي هٿ اچي. رستي تي هن قافلي کي چورن جي پاٿاريدار ”سارڪ“ جي جاگير مان لنگهڻو هو، جنهن پنهنجي ماڻهن هٿان هنن کي ترسڻ جو حڪم ڏنو ۽ کانئن محصول جي طلب ڪئي، مگر جڏهن شهزاديءَ جي قاصد کان خبر پيس ته هوءَ طاقتور چنيسر جي ڪنوار آهي ته هڪدم ڊڄي، هنن کي بنا محصول وٺڻ جي ڇڏي ڏنائين. +هر روز شهزادي ڳوٺاڻن کان حال احوال پڇندي رهندي هئي ته ديول ڪوٽ اڃا ڪيترو پري آهي. آخرڪار هڪ ڏينهن، هڪ ٻڪرار کيس ٻـُڌايو ته باقي ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. سڀئي انهيءَ خبر تي ڏاڍا سـَرها ٿيا ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ پريان هنن کي پنهنجي منزل مقصود نظر آئي. +هيءَ اڻ سڌريل شهزادي، هوند سڌو چنيسر وٽ لنگهي وڃي ها ۽ شاديءَ لاءِ چويس ها، ليڪن هن جي وڏيءَ عمر ۽ عقل واريءَ ماءُ هن کي روڪيو ۽ چيو ته: ”منهنجي ڌيءَ، توکي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. اسان کي پاڻ کي گهوڙن جو واپاري ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجو مقصد آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهنديونسين. اسان کي پنهنجا گهوڙا وڪڻڻا نه آهن، پر اسان انهن جي بها اهڙي ڳري ٻڌائينداسين، جو ڪو به خريد ڪري نه سگهندو.“ +ڌيءَ، پنهنجي ماءُ جي صلاح سان اتفاق ڪيو، ۽ پوءِ ديول ڪوٽ وٽ وڃي ديرو ڪيو ۽ پاڻ کي گهوڙن جو واپاري سڏايو. انهيءَ دم ساري ديول ڪوٽ جا ماڻهو گهوڙن کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، پر ڳري قيمت ٻـُڌي سڀ نااميد ٿي موٽي ويا. +هڪ ڏينهن، هڪ پوڙهي عورت، ڪوءورءَ وٽ گلن جا هار وڪڻڻ لاءِ کڻي آئي. راجڪماري، گلن کي ڏسي اهڙي ته راضي ٿي، جو پنهنجي ساري ڪهاڻي مـُنڍ کان وٺي آخر تائين هن کي ڪري ٻڌايائين ۽ هن کي منت ڪيائين ته ڪا اهڙي وٿ ڪڍ، جو چنيسر سان ملي سگهجي ۽ ساڻس اهو به وچن ڪيائين ته، جيڪڏهن سندس اٽڪل ڪامياب ٿي ته، پوءِ جيڪو به انعام گهرندي، سو کيس ڏنو ويندو. مگر ٻـُڍيءَ ڪنڌ ڌوڻي چيو ته: ”مان انهيءَ معاملي ۾ ڪجهه به ڪري نٿي سگهان، پر جيڪڏهن تون هن جي وزير جکري کي چوندينءَ ته شايد تنهنجي مقصد جي ڪا نه ڪا راهه ڪڍي وجهي. ڪوءرو، ٻـُڍيءَ کي پنهنجيءَ ماءُ وٽ وٺي ويئي ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻيون گڏجي، جکري جي گهر ويون ۽ هن کي سڄي ماجرا اول کان آخر تائين ڪري ٻڌايائون. ڪوءرو هن جي پيرن تي ڪري، ليلائي چوڻ لڳي ته: ”ڀلائي ڪري منهنجي مدد ڪريو.“ آخرڪار وزير جي دل ڀِني ۽ چيائينس ته: ”دلجاءِ ڪر. مان سڀاڻي راجا چنيسر کي ٿو چوان ۽ مون کي پڪ آهي ته هو توکي پاڻ وٽ آڻيندو.“ ائين چئي، ٽنهي ڄڻين کي رخصت ڏنائين. +جکرو صبح سان چنيسر وٽ ويو ۽ ڪوءورءَ جي اچڻ جي ڳالهه ساڻس چوريائين ۽ راجا تي زور آندائين ته هن کي پاڻ وٽ گهرائي ۽ پنهنجي اکين سان هن جي سونهن جو مشاهدو ماڻي. مگر چنيسر بيرُخيءَ سان وراڻي ڏني ته: ”توکي خبر آهي ته منهنجي ليلان، منهنجي محلات ۾ موجود آهي، جنهن کي مان بيحد پيار ٿو ڪريان. ڀلا اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڌاريءَ عورت سان ڪيئن ناتو رکي سگهندس؟ چڱو ائين آهي ته ڪوءروءَ کي واپس وڃڻ جو چئو. مون کي هن جي گهرج ڪانه آهي.“ +جکري هن نااميديءَ جو نياپو ڪوءروءَ کي آڻي پهچايو. ڪوءرو وزير اڳيان ڪين ڪـُڇيو، پر پوءِ راڻي مارڪي کي چيائين ته: ”اما، منهنجي جيئڻ جو باقي هڪ وسيلو وڃي رهيو آهي، هارائي گهر موٽڻ کان بهتر آهي ته آءٌ پاڻ کي هتي ئي ماري ختم ڪري ڇڏيان. مان سمجهان ٿي ته اسان کي خود ليلان وٽ وڃڻ گهرجي، هوءَ شايد مون تي قياس ڪري ۽ چنيسر سان ملڻ ۾ مدد ڪري.“ +راڻي ڳالهه مڃي. ماءُ ۽ ڌيءَ گڏجي ليلان جي محلات ۾ ويون. ليلان هنن کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪيئن آيون آهيو؟“ ڪوءرو جواب ڏنو ته: ”اسين هتي مسافر آهيون، اسان جو پئسو پنجڙ سڀ کپي ويو آهي، ڌڻي توکي قياس ۽ وڏو مرتبو بخشيو آهي، سو اسان کي ڀلائي ڪري پنهنجي گهـَر جي ڪم تي رک. منهنجي ماءُ کي ڪپهه ڪـَتڻ اهڙي ايندي آهي جهڙو پـَٽُ، ۽ مون کي جيڪو به ڪم ڏيندينءَ، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ +ليلان کي هنن ٻنهي مسافر عورتن تي قياس آيو ۽ کانئن نالا پڇي، پنهنجون نوڪرياڻيون ڪري رکيائين. ڪوءروءَ کي روزانو چنيسر جي هند پکيڙڻ جو ڪم ڏسيائين، ۽ مارڪيءَ کي حڪم ڪيائين ته مڙسس لاءِ لـُنگي اُڻي تيار ڪري. +هڪ ڏينهن ڪوء��و جي اکين مان ڳوڙها ڳڙهي، سندس ڳلن تي وڃي پيا. هن دل ئي دل ۾ ويچار ڪيو ته ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، پر چنيسر سان ملڻ جي اميد نظر نٿي اچي. ليلان هن کي اهڙي حال ۾ ڏسي کانئس پڇيو ته: ”ڇو ٿي روئين؟“ ڪوءروءَ جواب ڏنو ته: ”راڻي! مان روئان ڪانه ٿي، مگر بتيءَ جو دونهون اکين ۾ آيو آهي، تنهنڪري پاڻي نڪتو آهي، پنهنجي گهر ۾ اسين بـَتي ڪونه ٻاريندا هئاسون، بلڪ شب چراغ، جيڪي منهنجي هار ۾ جڙيل آهن، اهي سڄي گهر کي هيٺان کان مٿي تائين روشن ڪري ڇڏيندا هئا.“ ليلان +انهيءَ تي کِلي چيو ته مون کي هار ڏيکار ته پوءِ توتي ويساهه ڪريون. ڪوءرو هڪدم ويئي ۽ وڃي پيتيءَ مان هار ڪڍي آئي. ٻنهي شب چراغن جي ٿڌي سائي چمڪ سڄيءَ محلات کي روشن ڪري ڇڏيو، ۽ انهن ليلان جي دل تي موتمار زهر جو ڪم ڪيو. ”گهـُر جيڪي توکي کپي.“ انهيءَ متوالي ليلان واڪو ڪري چيو: ”گهـُر جيڪي توکي وڻي، پر مون کي اهو عجيب هار ڏي.“ ڪوءرو چيس ته مون کي پئسو ڪونه کپي، رڳو مون کي هڪ رات پنهنجي مڙس چنيسر سان گذارڻ ڏي. ليلان، جنهن کي هار جي موهه انڌو ڪري ڇڏيو هو، هڪدم راضي ٿي چيائينس ته تون پنهنجي گهر وڃ ۽ مان هن کي شام جو تو وٽ وٺي اينديس.“ +ڪوءرو گهر ويئي ۽ هڪدم قيمتي غاليچا فرش تي پکيڙيائين ۽ جيترو به ٿي سگهيس، چنيسر جي آڌر ڀاءُ لاءِ پنهنجي غريباڻي اجهي کي سينگاريائين، جنهن ۾ پاڻ ۽ راڻي مارڪي ٿي رهيون. +انهيءَ شام جو راجا پنهنجي دوستن ۽ درٻارين جي محفل ۾ خوب شراب نوشي ڪئي هئي، ۽ ايستائين عيش ۾ مست رهيو، جيستائين هن جو دماغ شراب جي نشي ۾ ٽمٽار ٿي ويو. جڏهن ليلان جي محلات ڏانهن موٽڻ جي ڪيائين ته گهوڙي تي مس ويهي ٿي سگهيو. ڪافي دير کان پوءِ محلات ۾ پهتو ۽ ليلان هن کي کيڪارڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ راجا کي اهڙي حالت ۾ ڏسي بيحد خوش ٿي، انهيءَ خيال کان ته هاڻي جيڪي به هن کي چونديس، سو ضرور قبول ڪندو. پوءِ هن کي ويجهو وڃي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجا سرتاج! منهنجي نوڪرياڻي ڪوءرو توهان جي محبت ۾ ماندي آهي، سو ڪرم ڪري هن جي گهر وڃو ۽ فقط اڄوڪي رات هن کي وڃي خوش ڪريو. چنيسر جيتوڻيڪ نشي ۾ هو، تڏهن به ڳالهه ٻڌڻ سان هڪدم انڪار ڪيائين، پر پوءِ جيئن مٿس مدهوشي وڌندي ٿي ويئي ۽ هو وڦليو پئي، تڏهن ليلان جي ٻانهيءَ گهوڙي جو لغام هٿ ۾ ڪري، گهوڙي کي واڳ کان وٺي ڪوءرو جي در تي وڃي پهتي. چنيسر بلڪل بي خبر هو ته ٻانهي ساڻس ڇا پيئي ڪري. ڪوءرو هڪدم راجا کي کيڪاري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويئي، جتي برهمڻ تڙ تڪڙ ۾ هنن جي ويڏي پڙهي ورتي. تنهن کان پوءِ، هوءَ چنيسر کي هنج ۾ ڪري چوڻ لڳي ته آءٌ توسان ڪيڏو نه پيار ٿي ڪريان. مگر چنيسر شراب جي نشي جي ڪري پاڻ کي پلنگ تي کڻي اڇليو ۽ ديوار ڏي منهن ڪري، الوٽ ننڊ ۾ سمهي پيو. ڪوءرو ڪلاڪ کن جتن ڪيا ته جيئن کيس سجاڳ ڪري، مگر آخرڪار نااميد ٿي ماءُ جي ڪمري ۾ ويئي ۽ اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽڪي. چي، ”امان، مان ڇا ڪريان؟ چنيسر مون ڏانهن نڪي نهاري ٿو، نڪي وري ڳالهائي ٿو. مون ڏانهن پـُٺ ورائي ڇڏي اٿس ۽ منهنجي هزار مٿن هڻڻ جي، هو جاڳي ئي نٿو.“ ماڻس جواب ڏنس ته: ”توکي ضرور جاڳائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن کي ليلان کان هار جي عيوض خريد ڪيو اٿيئي.“ +انهيءَ مهل جيئن ڪوءرو ڪمرو ڇڏي ٻاهر نڪتي ته چنيسر جاڳي پيو ۽ ڪوءرو ۽ ماڻس جي گفتگو ٻڌي ورتي. سمجهيائين ته ليلان مون کي هار جي عيوض ڪوءروءَ کي وڪڻي ڏنو آهي. انهيءَ ڳالهه کي ويچاريندي، هن جي سيني مان غيرت جي باهه ڀڙڪي آئي، هڪدم ڪوءروءَ کي سڏايائين ۽ کانئس سڄي حقيقت معلوم ڪري، پڪو پهه ڪيائين ته ڪوءروءَ کي ليلان جي عيوض پنهنجي راڻي ڪندس. +ٻئي ڏينهن هڪ عاليشان دعوت، پنهنجي نئين ڪنوار جي اعزاز ۾ ڏنائين. اهو سڄو ڏينهن ليلان، راجا لاءِ واجهايو، مگر بي سود. آخرڪار ٻانهيءَ کي سڏڻ لاءِ موڪليائين، پر راجا ٻانهيءَ کي چيو ته وڃي پنهنجي سانئڻ کي چئو ته: ”مان هاڻي تنهنجو ڀتار نه آهيان، ۽ هاڻي اِهو هار سندس گهوٽ آهي، جنهن تي مون کي وڪيو اٿس.“ +جڏهن ليلان کي اهو نياپو مليو، تڏهن هڪدم وٺي محلات ڏانهن ڊوڙي. مگر دربان کي حڪم مليل هو ته ليلان کي ڪنهن به صورت ۾ اندر گهڙڻ نه ڏئي. انهيءَ ڪري در تان نااميد ٿي هلي ويئي ۽ پوءِ هڪ دريءَ مان، جيڪا راجا جي خاص ڪمري ۾ هئي. ليو پائي ڏٺائين. ڇا ڏسي ته چنيسر ۽ ڪوءرو پاڻ ۾ عشق بازي پيا ڪن ۽ انهيءَ منظر هن کي ايترو ته گهائي وڌو جو آخر هوءَ بيهوش ٿي ويئي ۽ جڏهن هوش ۾ آئي، ته پاڻ کي کڻائي گهر ڏي آئي ۽ پوءِ مٿي ۾ ڌوڙ وسائيندي، سينو پٽيندي، سڏڪا ڀريندي، روڄ راڙو شروع ڪري ڏنائين. پاڙي جون سموريون زالون ڊوڙي وٽس آيون، مگر جڏهن هنن ٻڌو ته هن پنهنجي مڙس کي هار تي وڪيو آهي، تڏهن سڀني مٿس ملامت ۽ ٺٺولي ڪئي ۽ گهر مان نڪري ٻاهر هليون ويون. +آخرڪار ليلان نراس ٿي وري موٽي محلات ڏي ويئي ۽ زبردستيءَ دربان وٽان ڌوڪيندي، وڃي ڪوءروءَ وٽ پهتي ۽ هن کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ۽ دغا بازيءَ جا طعنا ڏنائين. مگر ڪوءروءَ ڌڪار مان فقط ايترو چيس ته، ”توکي پنهنجي پتيءَ سان محبت هجي ها ته هن کي هرگز ڪين وڪڻين ها. هاڻي ڇو نٿي هار پائي انهيءَ سان پاڻ کي وندرائين ۽ خوش رکين!“ آخر ليلان کي چيائين ته هڪدم ديول ڪوٽ مان نڪري وڃ، ورنه توتي هڪ آفت اچي ڪڙڪندي. +آخر بدنصيب ليلان، چنيسر کي ليلائي التجا ڪئي ته مون کي پنهنجي گهر ڏانهن موڪليو ته جيئن منهنجي ماءُ، منهنجي دل کي پرڀائي سگهي. چنيسر هن کي وٺي وڃڻ تي راضي ٿيو. جيتوڻيڪ ساڳئي اُٺ تي سواري ڪيائون، مگر چنيسر هن سان هڪ اکر به نه ڳالهايو. رستي تي هرڻن جو ڌڻ ڏٺائون، جتي چنيسر اُٺ کي جهڪايو ۽ هرڻ جو شڪار ڪيائين، پوءِ باهه تي هڪ هرڻ کي پچرايائين. ليلان کي اميد هئي ته هميشه وانگر کيس به پڪل گوشت جو حصو ملندو، مگر چنيسر سمورو گوشت پنهنجي نوڪرن ۽ ٻين ماڻهن ۾ ورهائي، پنهنجو حصو پاڻمرادو کائي ڇڏيو ۽ راڻيءَ کي ڪي به ڪين ڏنائين. ان کان پوءِ، اُٺ تي سوار ٿي، ليلان جي گهر جو رخ رکيائون. ليلان جي پيڪاڻي گهر کان ٿوري پنڌ تي، چنيسر کيس اُٺ تان لاهي، پنهنجي اُٺ جو رخ ڦيرائي، پنهنجي ماڻهن ۽ نوڪرن سان نهايت تيز رفتار سان پنهنجي شهر پهتو. +ليلان کي اميد هئي ته چنيسر هن وٽ موٽي ايندو، مگر سالن جا سال گذري ويا ته هن جو پتو ئي ڪونه پيو. آخر چنيسر کي ڏسڻ جي اُميد لاهي ويٺي. +هڪ ڏينهن، بادشاهه جي وزير جکري جو مڱڻو ليلان جي ڪنهن مِٽياڻيءَ سان ٿيو ۽ هو شاديءَ لاءِ هن جي ڳوٺ ۾ آيو. ليلان جي ماءُ کي جو خبر پيئي، سو پنهنجي ڪٽنب جي گهر ويئي ۽ کين ٻانهن ڏيڻ کان روڪيائين ۽ جکري کي چيائين ته: ”منهنجي ڳوٺ جي ڪا به نياڻي، ديول ڪوٽ وارن سان ڪانه پرڻبي، ڇاڪاڻ ته اُن جو به اهڙو حال ٿيندو، جهڙو چنيسر ليلان جو ڪيو آهي. جکرو نراسائيءَ ۾ ليلان وٽ ويو. آخر ليلان کي هن تي رحم آيو ۽ چيائينس ته: ”منهنجي محب کي پنهنجي وهانءُ تي وٺي اچ، ته پوءِ توکي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪين ڪبو. جکرو تيز رفتار سان، ديول ڪوٽ موٽي ويو ۽ راجا کي هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: ”مون سان گڏجي شاديءَ تي هلو.“ وڌيڪ عرض ڪيائين ته: ”منهنجا سائين! مون ساري عمر توه��ن جي خدمت ڪئي آهي، مون سان هي وَڙُ ڪريو، ورنه هو مون کي پنهنجي مڱينديءَ سان شادي ڪرڻ ڪونه ڏيندا.“ +چنيسر پهريائين ته انڪار ڪيو، مگر آخرڪار مڃيائين ۽ هڪ بهادر بورائن جو هٿياربند جٿو، شرنائيون ۽ دُهلائي ساڻ ڪري، جکري سان گڏجي ليلان جي ڳوٺ ويو. جيئن ڳوٺ جي ويجهو پهتو، ته ليلان شهر جي جوان سرتين سميت بانقاب چنيسر کي کيڪارڻ لاءِ اڳتي وڌي. هن جي دل چاهيو پئي ته پاڻ +کي چنيسر جي قدمن تي اڇلي، ليڪن خيال ٿيس ته متان هو کانئس ٽهي وڃي ۽ سڀ مٿانئس کِلن، تنهنڪري اڳتي وڌي عرض ڪيائين ته: ”مرحبا! منهنجا بادشاهه سائين! اسان کي اميد آهي ته اسان جي هن غريب شهر مان، توهان ڪا ڇوڪري پسند ڪندا، پر اوهان جنهن کي پسند ڪريو، اُنهيءَ سان ڀلائي ڪري، مسڪين ليلان جهڙو ورتاءُ نه ڪجو.“ اهي لفظ هن ايڏي تي ناز نخري سان چيا ۽ کِليو، جو چنيسر جي دل موهجي پيئي ۽ سڃاڻڻ کان سواءِ ئي جواب ڏنائين ته: ”مان خوشيءَ سان توکي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن تون مون سان هلين. پر ان کان اڳ، تون ڀلائي ڪري، پنهنجو نقاب لاهه ته مان تنهنجي سهڻي شڪل ڏسان. مون کي پڪ آهي ته تنهنجي صورت، تنهنجي آواز کان وڌيڪ مٺي ۽ حسين هوندي.“ ليلان اُن تي نقاب پري ڪري، چوڻ لڳي ته: ”منهنجا بادشاهه سائين! ڏسو، مان خود ليلان آهيان، جنهن کي اوهان ڪوءروءَ خاطر پاڻ کان ڌڪي ٿوڪاري ڇڏيو. منهنجا سرتاج، مون کي قبول ڪر، مان اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ +ليلان اُهي لفظ چئي ختم ئي ڪين ڪيا ته کيس ڏندڻ پئجي ويا ۽ هوءَ مـُنهن ڀـَر وڃي ڪِري ۽ اُتي ئي ساهه ڏنائين. ليلان پنهنجي محبوب کي_ جنهن جي ملڻ لاءِ هوءَ ايترو ماندي هئي_ ملڻ سان جيڪا خوشي ٿيس، تنهن جو تاءُ سندس نرمل ۽ دُکن جو ستايل جسم سهي ڪين سگهيو. چنيسر هي منظر ڏسي دل شڪستو ٿي پيو ۽ نهايت ئي عاجزيءَ مان هٿ ٻڌي دعا گهريائين ته: ”اي مالڪ مهربان! تون مون کي به پاڻ ڏانهن ڪوٺ، ڇاڪاڻ ته مان هاڻ ليلان کان سواءِ، هڪ دم به جِي نٿو سگهان.“ هن جي ڌڻيءَ در اِها ارداس قبول ٿي ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ، اتي جو اتي بادشاهه پاڻ به هوش حواس وڃائي، بيهوش ٿي، ليلان جي لاش مٿان وڃي ڪِريو. +جکري وزير هيءُ حال ڏسي، هڪدم ڏاگهه تيار ڪرايو ۽ هنن ٻنهي محبت جي متوالن جا لاش، باهه جي ڀنڀٽ ۾ جلي کامي ناس ٿيا. ڪوءروءَ جيتوڻيڪ حياتيءَ ۾ پنهنجي من جي مراد ماڻي، مگر ليلان، محبت جي آخري امتحان ۾، پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، پنهنجي محبوب چنيسر سان، هميشه لاءِ ملي، هڪ ٿي ويئي. \ No newline at end of file