diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book28.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book28.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book28.txt" @@ -0,0 +1,270 @@ +ڪتاب جو نالو: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون) + + + +آکاڻيون (ڀاڱو پهريون) +ولي محمد طاهر زادو +ڇپائيندڙ پاران +هيءَ هڪ حقيقت آهي، ته ٻاراڻو ادب ئي ڪنهن قوم جي اوچي علمي ۽ ثقافتي اوسر جي پيڙهه جو پهريون پٿر هوندو آهي. جيڪا قوم جيترو وڌيڪ ۽ معياري ٻاراڻو ادب تخليق ڪندي آهي، ان قوم ۽ سماج جي بقا ۽ ترقيءَ جا اوترائي وڌيڪ امڪان پيدا ٿيندا ويندا آهن. دُنيا جا سڀ ڏاها ڏَسين ٿا، ته هڪ اعلى ۽ عاليشان سماج جي اڏاوت ان ريت ئي ممڪن ٿيندي آهي. +سنڌي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ ٻاراڻي ادب جا ليکڪ ته گهڻا ئي آهن، پر ٻاراڻو ادب اُن منزل تي اڃا پهچي ناهي سگهيو، جو اهو اسان جو آئيندو اڏيندڙ نسل لاءِ موهه جو سبب بڻجي. هيءَ هڪ افسوس جوڳي ڳالهه آهي، ته دُنيا جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اسان پنهنجي ٻاراڻي ادب تي گهربل توجهه نه ڏئي سگهيا آهيون، جيڪا ڳالهه سنڌي سماج جي مڙني حلقن ۾ محسوس ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ وقت بوقت ڪيترن ليکڪن ۽ سجاڳ ۽ سڄاڻ حلقن مختلف ذريعن سان اهو احساس پڻ ڏياريو آهي. انهيءَ ڳالهه جي اهميت کي محسوس ڪندي سنڌي ادبي بورڊ ”ٻاراڻو ادب سيريز“ لاءِ ڪيترائي نوان مسودا لکرائي ۽ هٿ ڪري ڇپائيءَ لاءِ تيار ڪيا آهن. هيءُ ڪتاب ”آکاڻيون“ بورڊ پاران تازو شروع ڪيل ”ٻاراڻو ادب سيريز“ جو پهروين ڪتاب آهي. +ٻاراڻين آکاڻين جي هن ڪتاب جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي ”لوڪ ادب اسڪيم“ سان لاڳاپيل هڪ ڏاهي فيلڊ ورڪر ۽ بورڊ جي اڳوڻي ڪارڪن محترم ولي محمد طاهرزادي ڪيترائي ورهيه اڳ جوڙيو هو، جنهن کي بورڊ جي ڪُتبخاني ۾ رکئي شايد ٽي ڏهاڪا ٿي ويا هئا. موجوده انتظاميا انهن مسودن کي اوجهڙ مان ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي ۽ سنواري جديد طرز جي ڇپائيءَ سان مستقبل جي معمارن آڏو پيش ڪيو آهي. اُميد اٿئون ته سنڌ جا ٻالڪ هن تحفي کي دل ۾ جاءِ ڏيندي اُن جو مطالعو ڪندا ۽ پنهنجي ذهن کي روشني بخشيندا. +انعام الله شيخ +سيڪريٽري +سنڌي ادبي بورڊ +ڄام شورو، سنڌ +3 رجب المرجب 1426هه +بمطابق 10 – آگسٽ 2005ع +گهڻن جو ڀلو، سو سڀن جو ڀلو +هڪڙي ٻڪرار کي به ڌيئرون هنيون. هڪڙي ڌيءَ، ڪنڀار سان پرڻايائين ۽ ٻي ڪڙميءَ سان. سندس ٻنهي ناٺين جا گهر ميل کن پري هڪڙي ڳوٺ ۾ هئا. پنج ڇهه مهينا رکي، ٻڪرار پنهنجي ناٺين ۽ ڌيئرن سان ملڻ ويو. رستي ۾ اول آيو ڪنڀار جو گهر. اندر وڃي خوش خير عافيت ڪري، احوال ورتائين . تڏهن ڌيڻس اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته بابا! ڪهڙو ٿا حال پڇو؟ آويءَ ۾ ٿانءَ ٿپا ٺاهي وڌا اٿئون، پر ڏاڍي ڊپ ۾ آهيون، ته متان مينهُن نه پئجي وڃي ۽ مڙيئي مال نقصان ۾ نه وڃي. ڌيءَ کي دلجاءِ ڏيئي ٻڪرار اُٿي آيو ڪڙميءَ جي گهر، پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ وٽ. تنهن وري روئي چيس ته بابا، ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽيو اٿئون. هاڻي رات ڏينهن ويٺا ٿا مينهن لاءِ واجهايون. جي ڪو مينهن وسيو، ته واهه! نه ته اسان جو حال ڪونهي. ٻڪرار پنهنجي ڌيئُن جو هيءَ حال ڏسي ڳڻتيون کائيندو پوئتي موٽيو. ايندي ايندي واٽ تي هڪڙو پير مرد گڏيس. تنهن سان بيهي حال اوريائين. پير مرد چيس، ته ميان، تو آهن ڌيئون پرڻايون، تڏهن ٿو اڄ مينهن جو خيال پويئي! ڏاهو ٿيءُ، ڪجهه هوش ڌار. سانوڻ جو مينهن آهي رب جي رحمت. ڀل ته وسي، ته سڪار ٿئي ۽ ماڻهو ڇيڻو، پکي پکڻ سڀ خوش ٿين. پوکون ٿينديون ، تنهنجي ڪنڀر کي به آهت ۾ گنج ملي ويندا. باقي ٿانوَ، سي هو ٻيا به گهَڙي وٺندو. تون ُچپڙي ڪري پيو جڳ جو خير گهر. ٻڌو ڪو نه اٿيئي ته، +گهڻن جو ڀلو، سو سڀن جو ڀلو. +گوسڙو ڇوڪر +هو سڄي اسڪول ۾ گوسڙو طور بدنام هو. خالي پيرڊن ۽ رسيس ۾ اسڪول کان غائب ٿ�� ويندو هو. ڇو؟ اهو اڃا تائين ڪير سمجهي نه سگهيو هو. هو ڇهين جماعت انگريزيءَ ۾ پڙهندو هو ۽ هميشه ساڳيو ئي وڳو پائي اسڪول ۾ ايندو هو. شايد هن وٽ اهو ئي هڪ وڳو هو. هر ڪو ائين سمجهندو هو، ته هن کي اسڪول جو ڪو خيال ئي ڪونهي. +ڇوڪرا هن تي چَٿرون ڪندا هئا ۽ ماستر کيس نفرت سان ڏسندا هئا. پر تڏهن به هو اهڙي جو اهڙو. اهي ئي ڪپڙا ۽ اهو ئي اسڪول مان ڀڄڻ، ڇوڪرا سندس متعلق طرح طرح جون ڳالهيون ڪندا هئا. ڪو چوندو هو، ته هن کي پڙهڻ سان شوق نه آهي، سو روز روز اسڪول مان ڀڄي ٿو وڃي. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. هو سڀ ڪجهه ٻڌندو هو ۽ هميشه چپ رهندو هو. +سڄي اسڪول ۾ سندس ڪو به اهڙو دوست ڪو نه هو، جنهن سان هو حال اوري. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ته هي ڪنڌ هيٺ ڪري سوچي رهيو آهي، ته پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرن کي ٻڌائي ڇڏي، ته اسڪول مان ڇو ڀڄي ويندو آهي. پر هن ڪڏهن به ڪا ڳالهه ڪا نه ڪئي. هميشه چپ رهندو هو ۽ سوچيندو رهندو هو. تان جو ماستر صاحب رڙ ڪري چوندو هو، ارشد، ڪلاس ۾ آهين ڪي گهر ۾؟ سڌو ٿي ويهه! اتي هن جو ڌيان ماستر صاحب ڏانهن ٿي ويندو هو ۽ ڪتاب کڻي سڌو ٿي ويهندو هو. +اجهو ائين ڏينهن گذرندا ويا. صبح، شام، هفتا ۽ پوءِ مهينا گذري ويا. تان جو سال پورو ٿيو ۽ ساليانو امتحان ٿيو. جڏهن نتيجو نڪتو ته ارشد پهريون نمبر بيٺو. جنهن کي ڏس ته ڏندين آڱريون!! هر ڪو ائين سمجهڻ لڳو، ته نقل ڪري پهريون نمبر بيٺو آهي. +اڄ به ٻئي پيرڊ کان پوءِ هو اسڪول مان غائب ٿي ويو. گهڻي چوپچو ڪا نه ٿي. ڇوڪرا سندس انهن عادتن ۽ڳالهين سان هري مري ويا هئا. پر ٽن ڇوڪرن فيصلو ڪيو، ته جڏهن هو ٻئي دفعي اسڪول مان ويندو. تڏهن ان جي پٺ وٺي معلوم ڪندا، ته هو هر روز ڪيڏانهن ٿو ڀڄي وڃي. ٻئي ڏينهن به هو حسابن جي خالي پيرڊ ۾، اسڪول مان غائب ٿي ويو. اسڪول جي ڏاڪڻ تي لهي هيٺ آيو ۽ يڪدم هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، ته ڪو ماستر ته ڪو نه ٿو ڏسي. جڏهن هن کي ڪير به ڏسڻ ۾ نه آيو، تڏهن تڪڙو اڳتي وڌڻ لڳو. هوڏانهن ٽنهي ڇوڪرن به هن جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪيو. +ارشد رستي جي سامهون هڪ هوٽل ۾ ويو ۽ ميز تان ٻه شربت جا گلاس هٿ ۾ کڻي، رستي تي هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ لڳو. هوٽل جي ڀر ۾ هڪ دڪان هو،تنهن جي مالڪ کيس ڏسي رڙ ڪري چيو، او ڇوڪرا، جلدي ٻه چانهيون ته کڻي اچ! ”حاضر سائين“ چئي هو هوٽل ۾ ويو ۽ ٻه چانهه جا ڪوپ کڻي دڪان جي طرف مڙيو. ٽنهي ڇوڪرن جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو، تڏهن هنن جون اکيون کليون رهجي ويون. هو هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا، ڄڻ نظرن ئي نظرن ۾ هڪ ٻئي کان ڪجهه پڇي رهيا هئا. اوچتو ارشد جي هنن تي نظر پئجي وئي ۽ هو شرم ۾ ٻڏي ويو. پر وري ڪنهن خيال اچڻ سان هو تڪڙو تڪڙو هنن ڏي وڌيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوڻ لڳو، مان غريب آهيان دوستو، پر رولو، لوفر ۽ بداخلاق نه آهيان. اتي هڪ دڪاندار سڏ ڪيو، اي ڇوڪرا، شربت جو گلاس ته کڻي اچ! ارشد تڪڙو تڪڙو هوٽل ڏانهن هليو ويو ۽ پوءِ هو ٽيئي ڇوڪرا اسڪول جي طرف واپس روانا ٿيا ۽ پوءِ ستت اول ڪلاس جي سڀني ڇوڪرن کي ۽ پوءِ ماستر کي اها خبر پئي. جڏهن ارشد ڪلاس ۾ آيو، ته ڇوڪرن هن کان معافي ورتي ۽ ماستر کيس انعام ڏنو ۽ سفارش ڪري اسڪالرشپ به منظور ڪرائي ڏنائينس. هاڻي اهو ڇوڪرو اسڪول ۾ گوسڙو نه ٿو سڏجي، هينئر هو اسڪول جي سڀني ڇوڪرن ۾ سٺو ڇوڪر ليکيو وڃي ٿو. +گدڙ ۽ ڪُڪَڙ جي آکاڻي +گدڙ کي هڪڙي ڏينهن دل ۾ اچي خيال ٿيو، ته ڪڪڙ کائي اڄ ڪو چڙهه ڪجي. سو صبح ساڻ سوير اُٿي پنڌ پيو ۽ هلندي هلندي ڳوٺ جي ٻاهران ڪڻڪ ۾ لڪي وڃي ويهي رهيو. ايتري ۾ ڪڪڙ به ٻانگون ڏيندو لوڙهو ٽپي ڪنهن مهل وڃي اتي نڪتو. گدڙ سوچيو ته جي ٿو ڪڪڙ کي جهٽ هڻان، ته ويندو ڀڄي. ڳوٺ جا ڪتا پيا ٿا آسپاس ڦرن، مورڳو پئجي ويندس آزار ۾، سو ماٺڙي ڪري ڇپ هڻي ويهي رهيو. تان جو ڪڪڙ به لڏندو لمندو اورڀرو اچي هن جي ويجهو ڪٿي پهتو. اتي گدڙ هيٺانهين وٺي ڪڪڙ کي چوڻ لڳو، ته يار ڪڪڙ، جهنگ ۾ واهه جا ٻير ڏسي آيو آهيان. بس ڳالهه ئي نه پڇ! اچ ته ٻئي هلي ٻير کائي ڪو چڙهه ڪريون. ڪڪڙ به نه ٿئي اياڻو، سو گدڙ جي ڳالهه تي لڳي، اٿي هن جي پٺيان هليو. هلندي هلندي نيٺ اچي جهنگ ۾ گهڙيا ۽ گدڙ سڌو وڃي هڪڙيءَ ٻير جي هيٺان بيٺو. ٻير هئي سا ٻيرن ۾ جنجهي بيٺي ۽ گدڙ جو ڏٺو ته بنهه وات پيو پاڻي ٿئي.! پر ٻيرن کان وڌيڪ هن کي ته هو اڄ ڪڪڙ کائڻو، سو پاسو ڏيئي ڪڪڙ کي چوڻ لڳو، ته ڪڪڙ يار، رات واءِ تي جيڪي ٻير ڇڻيا، سي آءٌ جو آيس تو کي وٺڻ ته پٺيان ٻيا گدڙ چونڊي هڙ کائي ويا. هاڻ ڪر ڪو وارو، نه ته جهڙا آياسين، تهڙا نه آياسين. توکي ته خبر آهي، ته ٻير تي پاڻ چڙهي ڪو نه ڄاڻان، سو تون ئي ڪا ڀڙڪي ڪر. مٿي چڙهي تون به ٻير کاءُ ۽ ڪجهه هيٺ به موڪل، ته کائي ڪا هنئين جهل اسين به ڪري وٺون. گدڙ جي هيءَ سنئين سڌي ڳالهه ٻڌي، ڪڪڙ ٽپ ڏيئي وڃي ٻير جي هڪڙي لام تي ويٺو ۽ امالڪ چهنب سان ٻه هڪڙا ڳاڙها ڳاڙها پڪا وڏا مٺا ٻير پٽي هيٺ گدڙ کي اڇلائي ڏنائين. جيڪي گدڙ جهٽ هڻي هڙپ ڪري، اتي جو اتي کائي ڇڏيا. پوءِ ڇا ٿيو، جو هڪڙا ڪچا چهچ ساوا کٽاڪنا ٻير ڪنهن طرح پٽجي اچي هيٺ پٽ تي ڪريا ۽ اهي به جهٽ هڻي هڙپ ڪري گدڙ کائي ويو، ايتري ۾ ڪڪڙ جو پيٽ ڀلا جهرڪيءَ جيڏو، سو ويو ڀرجي، سو سمجهيائين، ته گدڙ جو پيٽ به ڀرجي ويو هوندو پر هوڏانهن گدڙ به ويٺو هو تاڙ ۾، سو جهڙو ٿو ويچارو ڪڪڙ ٽپڪو ڏئي هيٺ لٿو، تهڙو گدڙ دير ئي ڪا نه ڪئي ۽ جهٽ هڻي هڙپ ڪري ڇڏيائينس. بس پوءِ ته ڪڪڙ کائي گدڙ ڄڻ ڇتو ٿي پيو. اچي جا ڏاٺ هريس، ته ڀانئي ته کاوان ۽ کاوان. پيٽ به هجيس ڪا انود ڪاسائيءَ واري کڏ، سو ڀرجيس ئي نه. جهڙيون مڙس کي ڀنواٽيون! وٺي کڻي هڪڙي پاسي لوهه ڪيائين. ڀڄندو وڃي، ڀڃندو وڃي، ڏسي ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، سا دال ويٺي رڌي، پوڙهيءَ کي چيائين، ته پوڙهي ڙي پوڙهي توکي کائيندس. +پوڙهيءَ چيس، ته مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +گدڙ چيس، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، توکي نه کان! +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري پوڙهيءَ کي دال ۽ ڪنيءَ سوڌو کائي ڇڏيائين. +....... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو. ڀڄندو وڃي ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي ڇوڪري آهي، سا ويٺي ڇيڻا چونڊي، ڇوڪريءَ کي چيائين، ڇوڪري ڙي ڇوڪري، توکي کائيندس. +ڇوڪريءَ چيس، ته مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، +ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي +کاڌم، توکي نه کان!؟ +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڇوڪريءَکي ڇيڻن ۽ کاريءَ سوڌو کائي ڇڏيائين. +...... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو ٻڪرار آهي، سو ٻڪريون بيٺو چاري، ٻڪرار کي چيائين، ته ٻڪرار ڙي ٻڪرار توکي کائيندس. +ٻڪرار چيس، مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو +ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير +کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي +پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري +کاڌم، توکي نه کان!؟ +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ٻڪرار کي +ٻڪرين ۽ ڇيلين سوڌو کائي ڇڏيائين. +...... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، +ته ڏسي ته هڪڙو ريڍار آهي، سو رڍون پيو چاري، +ريڍار کي چيائين، ريڍار ڙي ريڍار توکي کائيندس. +ريڍار چيس، مون کي ڇو کائيندي؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، توکي نه کان!؟ +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ريڍار کي رڍن ۽ گهيٽن سوڌو کائي ڇڏيائين. +........ ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄنڊو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو ڳنوار آهي، سو ڳئون بيٺو چاري. ڳنوار کي چيائين، ته ڳنوار ڙي ڳنوار اڄ مان توکي کائيندس. +ڳنوار چيس ،ته مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار،کاڌم توکي نه کان!؟ +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڳنوار کي ڳئن ۽ گابن سوڌو کائي ڇڏيائين. +...... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو . ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو ميهار آهي، سو مينهون بيٺو چاري، ميهارکي چيائين، ميهار ڙي ميهار، توکي کائيندس، ميهار چيس، مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار، ڳئن چاري ڳنوار کاڌم، توکي نه کان!؟ +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري ميهار کي مينهين ۽وڇن سوڌو کائي ڇڏيائين. +......... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي. ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو اوٺار آهي، سو اُٺ بيٺو چاري. اوٺار کي چيائين، اوٺار ڙي اوٺار توکي کائيندس. +اوٺار چيس، مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ +چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار،کاڌم ڳئن چاري ڳنوار کاڌم، مينهن چاريندي ميهار کاڌم، توکي نه کان!؟ +ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري اوٺار کي اُٺن سوڌو کائي ڇڏيائين. +.......... ۽ وٺي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته پريان ڏسي ته درياءَ آهي، سو ٻنهي ڪنڌئين تار ڀريو، ٽمٽار ٿيو، گڙگاٽ ڪندو، وهندو پيو وڃي، اتي گدڙ کي به اچي اُڃ ورايو. سو سهڪندو سهڪندو وڃي درياءَ جي ڪپ تي بيٺو ۽درياءَ کي چيائين، ته درياءَ ڙي درياءَ آءٌ توکي کائيندس. +درياءَ کلي چيس، ته ڀلوڙي ميان گدڙ ڀلو، سڃاتو اٿمانءِ! پر يار اهو ته ٻڌاءِ، ته مون کي پيئندين يا کائيندين؟ +گدڙ اتي گهڻو ئي ککو وکو ٿيو، پر منهن پڪو ڪري درياءَ کي چوڻ لڳو، ته درياءَ ڙي درياءءَ، ٻه ڪچا ٻيرکاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، چيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي ڳنوار کاڌم، مينهن چاريندي ميهار کاڌم، اُٺين چاريندي اوٺار کاڌم، توکي نه کان! +ائين چئي، جهٽ هڻي، لڳو درياءَ کي هڙپ ڪرڻ. پر ڪيڏانهن درياءُ ڪيڏانهن گدڙ، گدڙ جو ڏٺو ته پيٽ ڦوڪجي ويو، دوڏا ٻاهر نڪري آيا ۽ باقي وڃي رڳو ڪن بچيس. پر تڏهن به بس کڻي ڪري ته به ٺهيو. اهڙي ڪا اُڃ هئس، جو درياءِ ۾ منهن جو وڌائين، سو ٻاهر ئي نه ڪڍي. پيئندو وڃي، پيئندو وڃي، پيٽ وڃيس تيئن ڦوڪبو، پر درياءِ کُٽي ئي نه. پيئندي.... پيئندي..... پيئندي.... ۽ ڪيڏيءَ مهل ٿيو ڦٽا... ته ڦوڪڻي وانگر پيٽ ڦاٽي پيس. پيٽ جو ڦاٽي پيس، ته پاڻي جيڪو پيتو هئائين، سو گڙ گڙ ڪندو موٽي درياءَ ۾ وهي ويو ۽ ٻه ڪچا ٻير به اُڇلجي پري پيا ۽ ٻه پڪا ٻير به اڇلجي پري پيا ۽ ڪڪڙهو سو ڪُڪڙوڪو ڪندو جهڙو هو تهڙو هڪدم ٻاهر نڪري آيو . +ڪالهه ڏٺوسون، ته پوڙهي مائي هئي، تنهن ويٺي دال رڌي، ڇوڪري هئي، تنهن ويٺي ڇيڻا چونڊيا، ٻڪرار هو، تنهن بيٺي ٻڪريون چاريون، ريڍار هو، تنهن بيٺي رڍون چاريون، ڳنوار هو تنهن ويٺي ڳئون چاريون، ميهار هو، تنهن بيٺي مينهون چاريون، اوٺار هو، تنهن بيٺي اٺ چاريا ۽ گدڙ هو، جو سڪل ڍِنگهر وانگر ٽنگون ٽيڙيو درياءَ جي ڪپ تي پيو هو ۽ سرڻيون ۽ ڳجهون هيون، سي مٿانئس ولر ڪيو ويٺيون هيون ۽ هوڏانهن درياءِ بادشاهه هو، سو اهو ئي اڳي وانگر ٻنهي ڪنڌ ئين تار ڀريو، ٽمٽار ٿيو، گڙ گڙ ڪندو اڳتي وهندو پئي ويو. +هڪ ڪُئِيءَ جي شادي +هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته جپان جي ڪنهن شهر جي هڪ وڏي اَنَ جي گودام ۾ هڪڙو ڪراڙو ڪوئو ۽ سندس ڪراڙي زال ڪُئِي رهندا هئا. وٽن چانورن جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا، تنهن ڪري سندن وقت ڏاڍو سکيو گذرندو هو. انهيءَ چانورن واري ڌن کانسواءِ وٽن هڪ ٻيو به ڌن هو. سندس ڌيءُ، جا سچ پچ ڌن هئي. اڇي اڇي جهڙي کير ۽ ڪنئري ڪنئري جهڙي پشم. سندس اکيون چمڪندڙ ۽ سندس چهرو گلابي. هوءَ ايتري ته سهڻي ۽ من موهڻي هئي جو پري پري کان جوان ۽ سهڻا ڪوئا ڪَهي هن جي سَڱ لاءِ ايندا هئا. پر سندس مائٽن جي دل ئي نه چوندي هئي، جو کڻي اهڙن چٻن ۽ خسيس ڪوئن سان پنهنجي لاڏلي ڌيءُ جي شادي ڪن. +هو چوندا هئا، ”هون، اسان ٿا اهڙن ڪنن ۽ خسيس ڪوئن کي پنهنجي پوپري ڌيءءُ ڏيون. اسان جي ڌيءُ سان ته ڪو ستن ملڪن جو شهزادو ڪوئو شادي ڪندو. اسان ته ڌيءُ ان کي ڏينداسون، جنهن جو مَٽَ ڪو نه هجي. جيڪو جپان ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو هجي.“ +هڪ ڏينهن جيئن ئي هنن پنهنجي ڌيءُ بابت پئي سوچيو، ته اوچتو ڪراڙيءَ جي اک وڃي سج تي پيئي، کانئس رڙ نڪري ويئي. او اجهو منهنجو ڄاٽو! ڪراڙي کي به دل سان ڳالهه لڳي آئي ۽ هنن پنهنجي ڌيءُ کي ڪنوار وارو وڳو اوڍايو. اهو وڳو مٿس ايترو ته ٺهيو پئي، جو ڇا چئجي! بنهه پري پئي لڳي پري!! +۽ هاڻ هنن ٽنهي سفر شروع ڪيو. هلندا رهيا، هلندا رهيا، تان جو هڪ ڏينهن وڃي سج کي پهتا. ڪراڙي ادب سان نئڙي سج کي چيو، ”اي ٻاجهه ڀريا سج! هن دنيا ۾ تون ئي سڀن کان وڌيڪ سگهه وارو آهين، اسان توکي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏيڻ آيا آهيون.“ +سج مرڪندي وراڻيون، چاچا ڪوئا، تنهنجا لک ٿورا، جو مون کي ان لائق سمجهيو اٿيئي. مان ته خوشيءَ سان ساڻس شاديءَ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر چاچا، هن دنيا ۾ هڪ اهڙي به شيءِ آهي، جيڪا مون کان وڌيڪ سگهه واري آهي. +ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ جا حيرت وچان وات ئي ڦاٽي ويا. هنن ڇوهه ۾ پڇيو ڪير، ڪير؟ +ٻيو وري ڪير هوندو ڀلا، سواءِ ان ڪڪر جي! جڏهن به مون چاهيو آهي، ته پنهنجن ڪرڻن سان ڌرتيءَ کي گرمايان، ته اهو آيو ۽ مون کي نيست ڪري هليو ويو. +واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي ابا! اسان اجهو ٿا وٽس وڃون. هو ادب سان نئڙيا ۽ ڌيءُ سان گڏ ڪڪر ڏانهن روانا ٿيا. +ڪڪر او ڪڪر! تون هن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو آهين. اسان جي نياڻيءَ سان شادي ڪندين؟ +ڪراڙا، ڀُليو آهين، مون کان وڌيڪ سگهه واءُ کي آهي، جڏهن به آيو آهي، منهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا اٿس. +سچ ٿو چوين پٽ، سچ ٿو چوين! ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ گڏجي چيو، پوءِ هو ڌيءُ ساڻ ڪري واءُ ڏانهن هليا. +واءُ او واءُ! تون سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو آهين، اسان جي ڌيءُ سان شادي ڪندين؟ +اوهان جي وڏي مهرباني،پر مون کان به ڪو وڌيڪ سگهه وارو آهي، آءٌ ڪيترو به زور سان لڳان، پر مجال آهي، جو هنن سِرِن جي ٺُل جي ڪَنُ تي ڪا جونءِ به رڙهي. بس ڳاٽ کنيو بيٺو هوندو. منهنجي سگهه جي ته کيس ڪا پرواهه ئي ڪانهي! +ويچارن ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ جا منهن ئي لهي ويا. هنن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ته برابر ابا برابر سورنهن آنا سچ ٿو چوين. هاڻ چڱو ائين ٿيندو، جو وڃي ٺل کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيون. پوءِ هو پنهنجي ڌيءُ سان ٺل وٽ آيا ۽ کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ آڇيائون +ٺل ٿڌو ساهه ڀري وراڻيو، برابر مون کي واءُ ڪو نه ٿو ڪيرائي سگهي، پر هروڀرو مان ئي سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو ڪو نه آهيان، انهن توهان جي ذات وارن ڪوئن اڳيان ته منهنجي هڪ به ڪا نه هلندي آهي. اچيو مون ۾ ٻر ڪيو وڃن. آءٌ ڪيترو به کين جهليان، پر هو منهنجي ڪا ڪاڻ ئي ڪا نه ڪڍن. چڱو اٿوَ، ته ڪنهن ڪوئي کي وڃي پنهنجي ڌيءُ ڏيو. +ايترو پنڌ ڪري ڪي، ٽنگون هڻي هڻي ويچاري ڪنوارڙي ته بنهه ٿڪجي پئي هئي. سندس اکيون ڀرجي آيون. مڇون ڏڪڻ لڳس ۽ ڏڪندي ڏڪندي پنهنجي پيءُ +ماءُ کي چيائين او امان، او بابا، منهنجي شادي اسان جي خسيس پاڙيسري چُوسيوڪ سان ڪرايو! +سندس ماءُ پيءُ جا به هاڻي هوش جاءِ آيا هئا. هنن فخر سان وراڻيو، نه نه، چوسيوڪ ڪو خسيس ڪوئو آهي ڇا! هو ته جپان ۾ وڌيڪ سگهه وارو آهي، اجهو تنهن ڏينهن فلاڻي ٺل ۾ هيڏو سارو ٻرڙ ڪيو اٿائين، اسان تنهنجي شادي ساڻس ئي ڪرائينداسون. +پوءِ هنن جهٽ پٽ کڻي خسيس چوسيوڪ سان پنهنجي پوپري ڌيءُ جي شادي ڪرائي ۽ وڏي ڌام ڌاوم سان هنن کي ساڻس گڏي اماڻي ڇڏيائون. شاديءَ کانپوءِ پوپري ۽ چوسيوڪ جي زندگي ڏاڍي سکي گذرڻ لڳي. هو ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ جي به خدمت چاڪري ڪندا رهندا هئا. کين کوڙ پتڪڙا پتڪڙا ٻار به ڄاوا. سندن ڪٽنب به ڏينهون ڏينهن وڌندو ويجهندو رهيو. + + +رِيسارو هنج +هڪڙو هو هنج پکي. صفا بي عقل هو. بنهه چريو چٽ. ويتر وري جو ريس ۽ هٻڇ هئس، سو ڪنهن سان به نه پوندي هئس، هٻڇ به اهڙي، جو جيڪا شيءَ ڏسي، سا چوي ته مون وٽ هجي. سدائين پيو ٻين سان وڙهندو هو. ڀلا اهڙي هنج جو ڪير دوست ٿيندو؟ کيس ڏسي هر ڪو پيو پري ڀڄندو هو ۽ ائين چوندو هو،مار! هيءُ ته ڏسو، پنهنجي وتِ کان پيو ٻاهر وڃي. +هڪڙي ڀيري انهيءَ هنج بدڪ کي تلاءَ ۾ وهنجندي ڏٺو. بدڪ جي ننڍڙي سُهڻي ڳچي ڏسي دل سرڪيس ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳو، جيڪر منهنجي ڳچي به اهڙي سُهڻي هجي ها! نيٺ هوريان هوريان هلندو اچي بدڪ جي ويجهو بيٺو ۽ چيائينس، اچ ته پنهنجون ڳچيون مٽايون! توکي مان پنهنجي ڳچي ڏيان ۽ تون مون کي پنهنجي ڳچي ڏي! +بدڪ کي اها ڳالهه ٻڌي اول ته حيرت لڳي، پوءِ نيٺ سوچي ويچاري چيائين، ته چڱو اچ ته مٽايون. پوءِ هنن پنهنجون ڳچيون مٽايون پر هنج لاءِ ڀلا بدڪ جي سُهڻي ۽ ننڍي ڳڇي ڪهڙي ڪم جي! ڪڏهن هيٺ پيو ڪريس، ڪڏهن مٿي پيوڪريس، ڪڏهن پيو گول ڦيرائيس، ته ڪڏهن وري ڳچي مٿي ڪيو پيو ٽپا ڏيندو وڃي. اصل کل جهڙو ٿي پيو! هلندي هلندي واٽ تي پَيڻ پکي گڏيس. پيڻ جو هنج کي بدڪ جي ڳچي ڏٺي، سو اچي کِل ۾ ڇٽڪي، کل اصل جَهل ئي نه ڏئيس. نيٺ کل جهلي هنج کي چيائين، ميان تون به نه ڪي هنج آهين، نه ڪي بدڪ. ائين چئي پيڻ وري اچي کل ۾ ڇٽڪي. هنج کي اها ڳالهه ٻڌي ڪو ويچار ٿئي، سو ته نه، اٽلندو ڪاوڙ لڳس ۽ پيڻ سان جهيڙو شروع ڪرڻ وارو ئي هو، ته پيڻ جي ٿيلهيءَ واري چهنب تي وڃي اک پيس. وري دل سرڪيس. پنهنجي منهن چوڻ لڳو، جيڪر مون کي به اهڙي ٿيلهيءَ واري چهنب هجي ها! نيٺ رهيو نه ٿيس ۽ پيڻ کي چيائين، اچ ته پنهنجون چُهنبون مٽايون، تون پنهنجي چهنب مون کي ڏي ۽ مان پنهنجي چهنب توکي ڏيان! +پيڻ کي اها ڳالهه ٻڌي وري اچي کل ڇٽڪي. چيائين چڱو اچ ته چهنبون مٽايون، پوءِ هنج پنهنجي ڳاڙهي چهنب پيڻ کي ڏني ۽ پيڻ پنهنجي ٿيلهيءَ واري چهنب هنج کي ڏني. +بي عقل هنج ڀانئيو، ته ٻين پکين سان سودو ڪري پنهنجون شيون ڏيئي، سندن سهڻيون شيون هٿ ڪرڻ ڪو چڱو ڪم آهي. سو جيڪو مينهن سامهون آيس، تنهن ۾ ٿي اک وڌائين ۽ ساڻس سودو ڪيائين. ائين هن پنهنجون ننڍيون ٽنگون ڏيئي ٻگهه کان سندس ڊگهيون ۽ سنهيون ٽنگون ورتيون ۽ ڪانءَ کي پنهنجا اڇا کنڀ ڏيئي کانئس سندس ڪارڙا ننڍا کنڀ ورتا. +هٻڇي هنج جي دل اتي به نه ڀري. واٽ تي مور گڏيس. ان جو سهڻو پڇ ڏسي دل سرڪيس. اول ته مور سندس ڳالهه مڃي نه پئي، پر هن جي زور ڀرڻ تي نيٺ پنهنجو ڊگهو سهڻو پڇ کيس ڏنائين. ائين هنج ڪڪڙ کان سندس ڳاڙهي ڪلنگي (موڙ) به ورتي ۽ کانئس ”ڪڪڙوڪوُ“ ڪرڻ به سکيائين. +هاڻي توهان سوچيو ته هنج جي شڪل ڪهڙي نه بي ڊولي بيٺي هوندي! ننڍي سُهڻي ڳچي بدڪ جي، ٿيلهيءَ واري چهنب پيڻ جي، سنهڙيون ڊگهيون ٽنگون ٻگهه جون، ڪارڙا ننڍا پير ڪانءَ جا، ڊگهو ڊگهو سهڻو پڇ مور جو ڳاڙهي ڪلنگي ۽ ٻانگ ڪڪڙ جي. بس اصل ڳالهه ئي نه پڇو! پڪ ئي پڪ، توهان مان ڪو کيس ڏسي ها، ته کلي کلي کيرو ٿي پئي ها. پر هن هٻڇي ۽ بي عقل هنج کي کڻي ڪو ذرو به خيال ٿئي. اصل نه، ٽانءِ ۾ ڀرجي وڏي آڪڙ سان مڙس سيٽجي اڳتي هليو. دل ۾ ڀانئيائين ته هاڻي ته مون جهڙو سهڻو هنج پکي سڄي دنيا ۾ نه هوندو! هلندي هلندي ڏسي ته ڪيترائي هنج پکي آهن، جي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا پيا اچن. ڀانئيائين ته ٻيلي واهه جي ڳالهه ٿي! هاڻي مان هنن تي رعب ٿو وجهان. بس منهنجا ڪم ڏسندا، ته حيرت ۾ پئجي ويندا ۽ چوندا ته تون اسان سڀني جو سردار آهين. اها ڳڻ ڪري ڪانءَ وارا ننڍا پر ٺوڪي، بدڪ واري ڳچي ڊگهي ڪري، وٺي زور سان ڪيائين ”ڪڪڙوڪو!!“ +هنجن ڪڪڙوڪو جو آواز ٻڌي ڪنڌ جو ورايو، ته هن هنج تي نظر پين. وڌي وٽس آيا ۽ حيرت ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳا ”ڪان، ڪان، هي ڪهڙو پکي؟“ هڪڙي هنج حيرت ۾ پڇيو. +مان هنج آهيان،! بي عقل هنج، پنهنجا ڪانَ وارا پر ڦڙڪائي، بدڪ واري ڳچي مٿي ڪري، وڏيءَ آڪڙ سان جواب ڏنو ۽ وري زور سان ڪڪڙ جي ٻانگ ڏني، ڪڪڙوڪو، ڪڪڙوڪو! ۽ پوءِ چيائين، ته مان دنيا جو سڀ کان سهڻو هنج پکي آهيان. ڪڪڙو... ڪو! +هنجن کي اچي کل ورتو. ڏسو ته بس کل ۾ پيا ليٽن پيٽن. نيٺ چيائونس ته چڱو جي تون هنج آهين ته اسان سان گڏ هل. هنج سڌو ويا گاهه جا ڪچڙا پن کائڻ.. ڌرتيءَ سان چهنب لڳائي، ننڍڙي گاهه جا ننڍڙي کان ننڍڙا سلا مزي سان چهنب سان پٽي کائڻ لڳا. پر هي بي عقل هنج بکئي جو بکيو رهيو. ڇو ته سندس وڏي پيڻ واري چهنب گاهه جي ننڍن سلن کي جهلي ئي نه پئي سگهي. اها ته قدرتي طرح ائين ٺهيل هئي، ته ان سان پاڻيءَ مان مڇيون جهلجن، هاڻي ڪاڏي پاڻيءَ جون مڇيون، ڪاڏي گاهه جا سلا! بي عقل هنج ڏاڍو لڄي ٿيو. ٻين هنجن جڏهن گاهه کائي بس ڪيو، ته چيائون، هلو ته هلي تلاءَ ۾ وهنجون. سڀ هليا تلاءَ ڏانهن. ٻيا ته گهڙيا پاڻيءَ ۾، لڳا ترڻ، پر هي اسان وارو يار ڀلا ٻگهه جي ڊگهين ٽنگن سان ڪيئن تري سگهي! سو رڳو تلاءَ جي ڪپ تي پئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيو. کيس ڏسي هنج لڳا کلڻ، ته هن وري شروع ڪيون پنهنجون ٻانگون: ڪڪڙو... ڪو، ڪڪڙو.... ڪو. +مڄاڻ ته اتي ڀرپاسي مان لومڙ لڪي ويٺي هئي، تنهن جو ڪڪڙ جون ٻانگون ٻڌيون، سو دل ۾ چيائين، ته ٻيلي، شڪار ته واهه جو ڦاٿو آهي، پر هاڻي ڪا همت ڪريان. سو لڪندي لڪندي اچي تلاءَ وٽ نڪتي. ڏسي ته مار الاهي هنج پيا وهنجن. چيائين ته اڄ ته ڍوَ به ڍون جهڙو ڪنديس. سو ائين ٺهي ٺڪي وٺي ٿي ٽپو ڏئي. هنجن جو ڏٺو لومڙ کي، سو ”ڪان ڪان“ ڪري وٺي سڀ اُڏاڻا. اک ڇنڀ ۾ سڀ اُڏامي ويا. باقي هيءُ بي عقل هنج اڪيلو رهجي ويو. ڇو ته هيڏو سارو ٿلهو متارو ڀلا ڪانءَ جي ننڍڙن پرن سان ڪيئن اُڏامي سگهي! گهڻي ئي پر ڦٿڪايائين پر اُڏامي نه سگهيو. تڏهن ڪوشش ڪيائين، ته ڊوڙي ڀڄي وڃان، سو ٻگهه وارين ڊگهين ٽنگين سان ٻه ٽي وڏا ٽپ ڏنائين پر ٿيو ڇا، جو سندس مور وارو ڊگهو پڇ ڪانن ۾ ڦاسي پيو. ايتري ۾ لومڙ به اچي پڳس. اچڻ سان ڳچيءَ ۾ چڪ وڌائينس. جڏهن مٿي هوا ۾ ٻين هنجن ڏٺو ته ٻيلي اسان جي ساٿي جو سر ٿو وڃي، سو لامارا ڏيئي سڀ اچي لومڙ جي مٿان پيا ۽ اچي ٺونگن سان ورتائونس. لومڙ اچي ڦاٿي. دل ۾ چيائين، ته شڪار ته شڪار جي ماڳ. هي ٺونگن سان مرڳو مون کي شڪار ڪري وجهندا، سو هن بي عقل هنج کي ڇڏي وٺي ڀڳي. اجهو ائين مس مس هن جي جان بچي. ٻن ٽن جاين تي لومڙ چڪ ته وڌا هئس، سو هنج سور کان ڪنجهي ڪنجهي نيٺ سنئون ٿي ويٺو ۽ٻين هنجن ڏي نهاري چيائين: اوهان جي مهرباني جو منهنجي جان بچائي اٿوَ، نه ته جيڪر اڄ منهنجي سر جو خير ڪو نه هو. پر هاڻي مان اڳتي لاءِ سبق سکيس. ائين چئي، اتي جو اتي سڀني جي روبرو بدڪ کي سندس ننڍڙي سُهڻي ڳچي موٽائي ڏنائين ۽ کانئس پنهنجي ڳچي ورتائين. پيڻ کي سندس ٿيلهيءَ واري چهنب ڏنائين ۽ کانئس پنهنجي چهنب ورتائين، ٻگهه کي سندس ڊگهيون ٽنگون ڏنائين ۽ کانئس پنهنجون ٽنگون ورتائين.ڪانءَ کي سندس ننڍڙا پَر ڏنائين ۽ کانئس پنهنجا پر ورتائين. مور کي سندس ڊگهو سهڻو پڇ ڏنائين ۽ کانئس پنهنجو پڇ ورتائين ۽ ڪڪڙ کي ڪلنگي ۽ ڪڪڙوڪو ڏنائين. هاڻي هنج. هنجن جهڙو ٿي پيو. +اهي ڏينهن اهي شينهن، هنج وري ڪڏهن ڪنهن سان ريس نه ڪئي ۽ سڀني سان ٺهي هلڻ لڳو. اڳي جو ننڍو وڏو کيس ڏسي پري پيو ڀڄندو هو، سو هاڻي ڦري هر ڪو سندس دوست ٿيو. ٻيو ته ٺهيو، ڪڪڙ جا چوزا، جن کي اڃا دوستي ۽ دشمنيءَ جي خبر نه هئي سي به سندس قرب ڏسي، ساڻس گڏجي گهمڻ هلندا هئا. +آچار جو ويچار +هڪڙو غريب شخص پنهنجو شهر ڇڏي، مزوريءَ لاءِ ڪنهن ٻي بادشاهيءَ ۾ ويو. پنهنجو اهل عيال پوئتي ڇڏيائين ۽ کين دلاسو ڏنائين، ته آءٌ ڪمائي ٿو اچان. اُتي هڪ جوهريءَ وٽ وڃي نوڪر بيٺو. ان جوهريءَ کي هي همراهه اهڙو ته پسندآيو، جنهن جي ڪا حد نه رهي. جوهري هن کي پوئتي وڃڻ جو موڪل نه پيو ڏئي، پر هن کي پوئتي جي تمام گهڻي تانگهه هئي. قدرت سان هڪڙي ڏينهن هن جي شهر جو هڪ سوداگر واپار جي خيال سان ان شهر ۾ آيو ۽ هن کي ملي ويو. ڏسڻ سان هن کي چيائين، ته ادا! آءٌ هتي پيو مزوري ڪريان، جڏهن تون ڳوٺ وڃين، تڏهن ڪجهه امانت آءٌ ڏيندوسان ءِ، سا منهجن ٻچن کي وڃي پهچائجانءِ، سوداگر وراڻس، ته ها. هن پوءِ اچي پنهنجي جوهريءَ سان حقيقت ڪئي، ته سائين مون کي موڪل ڏيو ته سٺو، آءٌ پنهنجن ٻچن سان ملي اچان. تنهن تي جوهريءَ چيس ته بابا، اڃا تو ڪو ايترو گهڻو ڪو نه ڪمايو آهي، تنهن ڪري اڃا ٻه ٽي مهينا ترس ته تنهنجي رقم گڏ ٿئي، پوءِ اها ڳوٺ کڻي وڃ. تنهن تي هن چيس، ڀلا جي ائين ته پوءِ منهنجي ڳوٺ جو ماڻهو آيوآهي، ڪجهه رقم ڏيو، ته اها ٻچن کي موڪليان. تنهن تي جوهريءَ هن کي چيو، ته هيءُ هڪ موتي وٺ، جو لکن جي قيمت جو آهي، سو ٻچن کي موڪل. پر ڏسج موتي کڻي ويندڙ ماڻهو امانتي هجي، متان ڪا بي ايماني ڪري! +مزور جوهريءَ کي چيو، ته سائين، هو پاڻ شاهوڪار سوداگر آهي. هن کي ڪا بک ڪانهي، جو منهنجي امانت ڦٻائي. آخر هن موتي وٺي اچي سوداگر کي ڏنو ۽ چيو ته ادا، منهنجي ٻچن کي هيءَ امانت پهچائج ۽ چئجانءِ ته هن مان گذر ڪيو. آءٌ ڪجهه وقت اڃ�� ڪمائي پوءِ ايندس. +سوداگر موتي وٺي موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو، مگر هن جي دل ۾ اچي بي ايماني جاڳي. خيال ڪيائين، ته جي موتي آءٌ ڦٻائي ويندس، ته هن غريب ماڻهوءَ جي ڳالهه تي ڪو به اعتبار ڪو نه ڪندو. پر پوءِ ٿورو خيال ٿيس، ته هن شهر جو بادشاهه عادل آهي. ان کان بچڻ لاءِ ڪا تدبير اڳواٽ سوچجي. سو ڇا ڪيائين، جو هڪڙا ٽي شاهد تيار ڪيائين ۽ انهن کي لالچ طور ڪا رقم به باسيائين. پو ءِ شاهدن کي ساڻ ڪري انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي در تي آيو ۽ اچي آواز ڏنائين، جنهن تي انهيءَ غريب جي گهر واري ڏيڍيءَ اندر پردي ۾ ٿي بيٺي. هن سوداگر مائيءَ سان ڳالهائيندي چيو، ته مائي آءٌ فلاڻي ملڪ مان آيو آهيان، اُتي مون کي تنهنجو مڙس گڏيو، جنهن اوهان کي دعائون سلام چيا آهن ۽ هيءَ امان اوهان لاءِ ڏني اٿس ائين چئي، هٿ وڌائي مائيءَ کي ڏهه رپيا ڏنائين ۽ پوءِ ٿورو ٻاهر هٽي وڏي سڏ چيائين، ته مائي، توکي امانت ملي؟ +مائيءَ چيو، ته ها ادا، مون کي امانت ملي. اهي اکر شاهدن به ٻڌا ۽ پوءِ سڀ هليا ويا. ٻه چار مهينا گذريا، ته هن غريب جوهريءَکي چيو، ته سائين، هاڻ آءٌ پنهنجي ٻچن لاءِ بيحد پريشان آهيان. مون کي موڪل ڏيو، ته هن وٽ وڃان، جنهن تي جوهري هن کي ججهو مال ڏيئي، چيو ته تو مون وٽ نهايت ايمانداريءَ سان نوڪري ڪئي آهي. آءٌ تو مان حد درجي راضي آهيان ۽ آءٌ توکي پاڻ کان جدا ڪرڻ نٿو گهران، پر ائين به واجب ڪونهي،ته آءٌ توکي ٻچن کان روڪي ويهاريان. هاڻي هيءُ مال کڻ ۽ ڀلي وڃي ٻچن وٽ خوش گذار، پر هڪ ڳالهه ٻڌ. مون کي شڪ آهي ته تنهنجو اڳوڻو موتي تنهنجي گهر نه مليو هوندو، جي ائين هجي، ته پوءِ اتي جي بادشاهه کي دانهن ڏج، ۽ جي تنهنجو داد نه ٿئي، ته پوءِ تون اهڙي شهر ۾ نه رهج ۽ موٽي اچج. پوءِ ڏاڍي پيار سان هن کي موڪل ڏنائين. جڏهن هيءُ غريب پنهنجي گهر پهتو، تڏهن ڏسي ته ٻچن جا اُهي ئي حال! بکن ۾ پاهه آهن. ڏاڍي عبرت لڳيس، ته جڏهن مون لکن جو موتي زال کي موڪليو، تڏهن هن انهيءَ مان ٻچن کي ڇو نه خوش رکيو! پوءِ خيال ڪيائين، ته شايد زال کي انهيءَ موتيءَ جي قيمت جي خبر ڪا نه هئي، ان ڪري ائين ٿيو آهي. اهو خيال ڪري، هن زال کان پڇيو، ته مون جو اوهان کي لکن جو موتي موڪليو، پوءِ به ٻچن جو هيءُ حال ڇو آهي؟ تنهن تي زال جواب ڏنو، ته شل تنهنجي سر جو خير هجي، تنهنجا سلام ئي اسان لاءِ لکن رپين کان وڌيڪ هئا. سوداگر ته مون کي فقط ڏهه رپيا ڏنا، ٻيو ڪو موتي ته ڪجهه به ڪو نه هو. هن خيال ڪيو، ته شايد سوداگر منهنجي امانت محفوظ ڪري رکي آهي ۽ خرچ لاءِ هيءُ ٿوري رقم منهنجي زال کي ڏني اٿس. سو ويو سوداگر وٽ. خوش خير عافيت بعد خبرن چارن ۾ غريب چيس، ته ادا توکي شاباس هجي، جو اها قيمتي امانت پاڻ وٽ محفوظ رکيئي ۽ منهنجي گهر فقط ڏهه رپيا ڏنئي. هاڻي ڀلائي ڪري منهنجو موتي مون کي ڏي. +سوداگر جواب ڏنس، ته ادا، زالن جي مڪر ۾ نه اچ. مون تنهنجو موتي تنهنجي زال کي پهچائي ڇڏيو آهي. پوءِ جي انهيءَ وڃائي ڇڏيو، ته منهنجو ڏوهه ڪونهي. خدا مون کي اها مت ڏني، جو مون اها امانت معتبر شاهدن جي روبرو تنهنجي زال کي ڏني. هاڻي هتان نڪري وڃ، مون کي اهڙيءَ بي پتيءَ عورت ۽ توتي ڪاوڙ ٿي اچي. +غريب ڏٺو، ته موتي ته هيءُ سوداگر کائي ويو ۽ اٽلو ٿو منهنجي نيڪ عورت کي بدنام ڪري. سو هن سان گهڻو ڳالهائڻ فضول سمجهي، سڌو بادشاهه وٽ فريادي ٿي ويو. بادشاهه هن جي سڄي ڳالهه ٻڌي سوداگر کي گهرايو ۽ هن کي جوابدارن جي پڃري ۾ بيهاري چيو، توتي هن غريب جي موتيءَ ڦٻائڻ جو فرياد ٿيو آهي،توکي ان لاءِ ڇا چوڻو آهي؟ تنهن تي سوداگر جواب ڏنو، ته سائين، فرياد ڪوڙو آهي. مون کي هن موتي برابر ڏنو هو، پر مون اهو فلاڻن شاهدن جي روبرو سندس زال کي پهچائي ڏنو. هاڻي اوهين اهي شاهد گهرائي، انهن کان حقيقت پڇو. پوءِ جيڪو فيصلو اوهين ڪندئو، سو مون کي قبول آهي. بادشاهه چوبدار موڪلي شاهدن کي گهرايو ۽ انهن کان پڇيو، جي ڪوڙو قسم کڻي چئي ويا، ته ها سائين سوداگر اسان جي روبرو موتي هن جي زال کي ڏنو. اتي بادشاهه هن غريب ڏانهن مُنهن ڪري چيو، ته اسان تنهنجي فرياد تي سڀني کي گهرايو ۽ شاهدن کان قسم تي پڇا ڪئي. جن به سوداگر جي حق ۾ شاهدي ڏني، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي، ته موتي برابر تنهنجي گهر واريءَ کي مليو آهي، جنهن وڃايو يا گم ڪيو آهي ۽ تو اجايو هن شريف ماڻهوءَ کي رُلايو آهي. وڃ، وڃي پنهنجي گهر ۾ موتيءَ جي ڳولا ڪر، هيءُ غريب ماٺ ڪري هليو ويو. +بادشاهه جو وزير، جو نهايت عاقل هو، تنهن سمجهي ورتو، ته هن جو فرياد سچو آهي. شاهد گواهه سڀ ڪوڙا آهن،تنهن بادشاهه کي چيو، ته سائين، توهان آچار برابر پوروڪيو، پر ويچار ڪو نه ڪيو. +بادشاهه چيس، سو وري ڪيئن؟ اسان ته شاهدن کي شرعي قسم ڏيئي پڇيو ۽ انهن جي بيان موجب ئي فيصلو ڪيو، پر جي تون اڃان سمجهين ٿو، ته فريادي سچو هو، ته اهو ويچار تون ڪري ڏيکار! +وزير اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جي روبرو هام هنئي ۽ چيو، ته چڱو شاهي حڪم ٿئي ته فريادي، جوابدار فرياديءَ جي زال ۽ ٽيئي شاهد جملي ڇهه ئي ڄڻا صبح جو سوير اچي حاضر ٿين. بادشاهه چوبدار هٿان سڀني کي اهو حڪم موڪليو، جنهن تي هي سڀئي صبح جو اچي دربار ۾ حاضر ٿيا. انهيءَ کان اڳ وزير ڇا ڪيو، جو ڪنڀر کان ڳوهيل مٽيءَ جا پنج ست سير گهرائي دربار ۾ رکيا ۽ ڇهه جدا جدا ڪوٺيون خالي ڪرايون. جڏهن هي سڀ حاضر ٿيا، تڏهن هر هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ هڪ ماڻهوءَ کي رهايائين ۽ پنهنجي ويچار جو ثبوت ڏيڻ لاءِ پهريائين هن هڪڙي شاهد کي گهرايو ۽ چيو، ته تو ڏٺو ته سوداگر اهو موتي غريب جي زال کي ڏنو؟ هن چيو، ته هائو سائين، منهنجي روبرو سوداگر موتي ڏنو. تنهن تي وزير چيس، ته چڱو هتان ڳوهيل مٽي کڻ ۽ اهڙو موتي هن ڪوٺي ۾ بيهي ٺاهي آڻي ڏيکار، شاهد ته هو ڪوڙو! هن اهو موتي ته نه، پر ڪڏهن ٻيو موتي به ڪونه ڏٺو هو. سو اچي منجهيو، ته هاڻي ڇا ڪجي. انهيءَ ويچار ۾ هن کي ياد آيو، ته هڪ دفعي هن ماڻس جي چلم ڀڃي وڌي هئي ۽ ماڻس چيو هو، ته ابا تو ته منهنجي املهه موتيءَ جهڙي چلم ڀڃي ڇڏي. لاشڪ موتي چلم جهڙو ٿئي ٿو. ان ڪري هن انهيءَ مٽيءَ مان ويهي چلم جوڙي ۽ ٺاهي وزير وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين، اهو موتي اجهو ههڙو هو! +وزير هن کان اها چلم وٺي کڻي رکي ۽ هن کي ڪوٺيءَ ۾ ويهاري ٻئي شاهد کي گهرايو. ان کي به اُهي ئي اکر چيائين ته جيڪو موتي سوداگر تنهنجي روبرو ڏنو، اهڙو ٺاهي ڏيکار! پر هن جا به حال ساڳيا هئا. هن به ڪڏهن موتي ڪو نه ڏٺو هو، سو ويٺو ويچار ڪرڻ، ته هاڻي ڇا ڪريان. اوچتو هن کي ياد آيو، ته ماڻس جي پاٽ ڀڄي پئي هئي ۽ هن چيو هو، ته ابا، اڄ موتيءَ جهڙي پاٽ ڀڄي پئي، تنهن تي هن سمجهيو، ته موتي پاٽ جهڙو ٿو ٿئي. سو ويهي پاٽ ٺاهيائين ۽ آڻي وزير کي ڏنائين ۽ چيائين، ته سائين، موتي اجهو ههڙو هو! +وزير اها پاٽ کڻي لڪائي رکي ۽ ٽئين شاهد کي گهرائي ان کي به ساڳيو حڪم ڏنائين. هيءُ شاهد به اچي ويچارن ۾ پيو، ته هاڻي ڇا ڪجي؟ هن کي به ياد آيو، ته هڪ دفعو ماڻس جو ڇڄ چورائجي ويو هو ۽ ان مهل هُن چيو هو، ته هاءِ هاءِ منهنجو موتين جهڙو ڇڄ کڄي ويو! سو هن وري ويهي ڇڄ ٺاهيو ۽ آڻي وزير کي ڏنائين. وزير اهو ��ه رکي، پوءِ فرياديءَ کي گهرايو ۽ ان کي چيو، ته هاڻي انهيءَ موتيءَ جهڙو موتي مٽيءَ جو ٺاهي ڏيکار! هن غريب ڪا به دير ڪا نه ڪئي. کڻندي ئي مٽيءَجو ذرو هٿن ۾ بلور جهڙو گولو ٺاهي کڻي اڳيان رکيائين. پوءِ جوابدار کي سڏ ٿيو ۽ ان به حڪم موجب اهڙو ئي بلور جهڙو گولو ٺاهي اڳيان رکي چيو، ته مون ههڙو موتي فرياديءَ جي زال کي ڏنو هو. پوءِ سڏ ٿيو مائيءَ کي ۽ ان کي به چيو ويو، ته موتي ٺاهي ڏيکار! جنهن تي هن +جواب ڏنو، ته سائين مون موتي ڪڏهن به اکين سان ڪو نه ڏٺو آهي، پوءِ آءٌ موتي ڪيئن ٺاهي سگهنديس؟ +اتي وزير بادشاهه ڏانهن منهن ڪري چيو، ته سائين، آچار ڪرڻ جدا شيءِ آهي ۽ ويچار ڪرڻ جدا شيءِ آهي. هاڻي منهنجي ويچار ثابت ڪيو، ته نه جوابدار موتي مائيءَ کي ڏنو آهي ۽ نه وري ڪو شاهد ئي موتي ڏٺو آهي. +بادشاهه پنهنجي غلطي قبول ڪئي ۽ سوداگر کي حڪم ڪيائين، ته تنهنجا شاهد سڀ ڪوڙا آهن.هاڻي ڏنڊ ۾ اهڙا پنج موتي هن غريب کي ڏي! پوءِ ته وڌيڪ سزا به ڏنائين ۽ شاهدن کي به جيل اماڻيائين. اهڙي طرح سان آچار ۽ ويچار جو فيصلو ٿيو ۽ حق حقدار کي مليو. + + +الحمراء جو خزانو +اسپين ۾ عرب حڪمرانن جي زماني جون ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ عاليشان عمارتون آهن، جن ۾ الحمراء جو شاهي محل گهڻو مشهور آهي. هن محل جي اڳيان هڪ وڏو صحن آهي. جنهن کي حوضن وارو صحن ڪوٺيو وڃي ٿو. هن صحن ۾ بيشمار حوض ٺهيل آهن، جن ۾ پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو. هن جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ کوهه به هو، جيڪو ٽڪر جي چوٽيءَ تي کوٽي ٺاهيو ويو هو. گرميءَ جي مند ۾ پخالي پاڻيءَ جا وڏا وڏا مٽ ڀري گڏهن تي لڏي شهر ڏانهن کڻي وينداهئا ۽ اهڙيءَ ريت سندن اچ وڃ جو سلسلو ڪافي رات تائين هلندو رهندو هو. انهن پخالين ۾ برخيل نالي هڪ شخص هو، جو نهايت کلمک، زنده دل ۽ شيرين زبان ماڻهو هو. +برخيل پاڻيءَ جا مٽ ڀري انجير جي پنن سان ڍڪي ڇڏيندو هو، ته جيئن اهي گرم هوائن کان بچيل رهن. جڏهن برخيل پاڻيءَ جي مٽن سان لڏيل گڏهه کي هڪليندو غرناطا شهر جي رياستن تان گذرندو هو، تڏهن نهايت وڻندڙ آواز ۾ چوندو هو: +اچو، الحمراء جي کوهه جو پاڻي پي ڍوء ڪريو، جيڪو بلور وانگر شفاف آهي. الحمراء جو پاڻي، جنهن مان ملي زندگاني. +برخيل جڏهن بلوري گلاس ۾ پاڻي وجهي ڪنهن گراهڪ کي پيش ڪندو هو، ته گڏوگڏ ڪا نه ڪا کل ڀوڳ جهڙي ڳالهه به ڇيڙيندو هو، جيڪا ٻڌي گراهڪ کلڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو. مطلب ته برخيل غرناطا جي شهر ۾ گهڻو +مشهور هو. هن پنهنجي ڏک ڀري زندگي ۽ غريبي کي خوش مزاجيءَ جي پردن ۾ لڪائي رکيو هو. شام جو جڏهن پاڻي وڪڻي گهر موٽندو هو ته هن جا ننڍڙا ٻچا کيس چمڙن وانگر چهٽي عجيب عجيب فرمائشون ڪندا هئا. هو کانئس نموني نموني جون مٺايون گهرندا هئا، پر برخيل کين ڪو نه ڪو سچو ڪوڙو بهانو ڏيئي وندرائي ڇڏيندو هو. هن جي زال کيس گهڻو پريشان ڪندي هئي. هو پاڻ جيترو خوش طبع هو، اوترو ئي هن جي زال چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ هئي. چٽي ۽ فضول خرچيءَ سان گڏ هن ۾ ٻارن جي پرورش جو ڍنگ به ڪين هو. انهيءَ کانسواءِ هوءَ هار سينگار جي شوقين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي عادي هئي. ميلن ملاکڙن جي ڏينهن ۾ برخيل جي گڏهه تي سوار ٿي پرانهن هنڌن ڏانهن نڪري ويندي هئي ۽ ويچارو برخيل گهر ۾ ٻارن جي نگهباني ڪندو هو. هو وڏيءَ محنت ۽ تڪليف سان انهن کي پاليندو رهندو هو. جڏهن به هن کي ڪا فرصت ملندي هئي ته هو انهن کي باغ جي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. +گرمين جي هڪ رات جي ڳالهه آهي. چانڊوڪي رات هئي، برخيل کي ويٺي ويٺي خيال آيو، ته گهڻن ڏينهن کان ٻارن کي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ن�� ويو آهيان، ڇو نه هڪ چڪر پاڻيءَ جو وڌيڪ ڏيئي آچر جي ڏينهن لاءِ، تفريح جو خرچ ڪڍان. اهو سوچي برخيل اٿيو ۽ سڌو الحمراء جي کوهه تي پهتو. ان وقت چئنين طرف خاموشي ڇانئيل هئي، کوهه جي پٿر جي بينچ تي هڪ پوڙهي عرب مسافر، نهايت جهيڻي آواز ۾ هن کي پنهنجي طرف سڏ ڪري چيو: +”مان ڏاڍو بيمار آهيان، پر هن وقت شهر ۾ پهچڻ گهران ٿو. تون جيڪڏهن مون کي پنهنجي گڏهه تي چاڙهي شهر پهچائين، ته آئون تو کي پاڻي کڻي وڃڻ جي مزوريءَ کان ٻيڻو ڏيندس.“ +برخيل جي دل بيمار عرب کي ڏسي رحم سان ڀرجي آئي. هن نهايت همدرديءَ سان جواب ڏنس، خدا نه ڪري، جو آئون تو جهڙي هڪ بيمار ۽ ڪمزور کان مزوري وٺان. اُٿ منهنجي گڏهه تي چڙهه. +برخيل پوڙهي مسافر کي گڏهه تي وهاري شهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي برخيل پڇيس. اوهان شهر ۾ ڪنهن وٽ ويندا؟ +اهو ئي سوچي رهيو آهيان. افسوس ته منهنجو ڪو به ٺِڪاڻو ڪو نه آهي. آئون بلڪل اََوڦٽو آهيان. جيڪڏهن تون هڪ رات لاءِ پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏين، ته آئون ساري عمر تنهنجو احسان مند رهندس. خدا تنهنجي هن نيڪيءَ جو تو کي بدلو ڏيندو! +نيڪ دل برخيل راضي ٿي ويو ۽ هو عرب کي پنهنجي گهر وٺي آيو. اڌ رات گذري چڪي هئي. چئني طرف خاموشي هئي پر جيئن ئي برخيل پوڙهي عرب کي وٺي گهر ۾ گهڙيو، ته هن جي زال تپي باهه ٿي ويئي چيائين. آڌيءَ رات جو ڪهڙي ڌارئي مرد کي وٺي آيو آهين؟ +”صبر ڪر! هيءَ هڪ بيمار پرديسي آهي. خدا اسان کي هن نيڪيءَ جو بدلو ڏيندو. وڃ ۽ وڃي تڏو کڻي اچ.“ برخيل نهايت نرميءَ سان زال کي جواب ڏنو ۽ عرب کي سهارو ڏيئي اڃا تڏي تي ليٽايائين مس، ته هن تي بيهوشيءَ جو دورو پئجي ويو. آخر جڏهن هن کي هوش آيو، ته هن نهايت ضعف جي حالت ۾ ورندي ڏني، منهنجو آخري وقت اچي پهتو آهي. خدا تو کي خوش رکي! وٺ هي ننڍڙي دٻي. هن کي سنڀال سان رکجانءِ. مون وٽ بس اها ئي موڙي آهي، جيڪا آئون تو کي تنهنجي محنت جي بدلي ۾ ڏيئي رهيو آهيان. هن کي سنڀالي رکجانءِ. ايترو چئي پوڙهي عرب دم ڏنو. برخيل جلدي ڪري پوڙهي جي لاش کي تڏي ۾ ويڙهي گڏهه تي رکي درياءَ ڏانهن روانو ٿيو.عين انهيءَ وقت سندس هڪ پاڙيسري حجام جاڳي رهيو هو. هو نهايت شرير هو ۽ هميشھ برخيل جي خلاف ڪا نه ڪا ڪوڙي ڳالهه يا افواهه اٿارڻ جو عادتي هو. جنهن وقت برخيل جي زال گوڙ ڪري رهي هئي، ان وقت هو پنهنجي گهر جي دريءَ مان ڪن ڏيئي سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. هن پوڙهي عرب کي به اندر ويندي ڏٺو هو ۽ جڏهن برخيل مسافر جو لاش کڻي روانو ٿيو، ته هو به آهستي آهستي پٺيان هلڻ لڳو. برخيل درياءَ جي ڪناري تي پهچي عرب جي لاش کي گڏهه تان لاٿو ۽ اتي وڻن جي جهڳٽي ۾ کَڏ کوٽي دفن ڪري ڇڏيو. حجام پري کان سڀ ڪجهه لڪي ڏسندو رهيو. جڏهن برخيل واپس گهر ڏانهن موٽيو، تڏن حجام به پٺيانس اچي رهيو هو. هو ساري رات پنهنجي ذهن ۾ نموني نموني جا خيالي گهوڙا ڊوڙائيندو رهيو. هن سوچيو، ته ضرور برخيل انهيءَ شخص کي ڦري پوءِ قتل ڪيو هوندو. انهيءَ ڪري ئي سندس زال کيس گهٽ وڌڳالهائي رهي هئي. معلوم ٿئي ٿو، ته اهو مسافر ڪو وڏو واپاري هو. هن اهو سوچي سارو قصو شهر جي قاضيءَ کي اچي ڪري ٻڌايو. شهر جو قاضي وڏو لالچي هو. هن اهو سوچي سارو قصو شهر جي قاضيءَ کي اچي ڪري ٻڌايو. شهر جي قاضي وڏو لالچي هو. هن حجام کي چيو، ته هڪدم برخيل کي وٺي منهنجي جاءِ تي اچ. حجام جلدي برخيل جي گهر ويو ۽ هن سان سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ چيائي، تو کي شهر جي قاضيءَ ضروري ڪم لاءِ گهرايو آهي. برخيل سوچيو، شايد قاضيءَ کي الحمراء جي کوهه جي پاڻيءَ جي ضرورت هوندي. ��نهيءَ ڪري هو وڏي دلجاءِ سان هن جي جاءِ تي پهتو. قاضيءَ وڏي نرميءَ سان پڇيس، اهو مسافر ڪير هو؟ +برخيل سارو قصو بيان ڪيو ۽ ٻڌايائين، ته انهيءَ عرب مسافر مرڻ وقت دٻلي ڏني. هن وٽ نڪي ته ڪو پائي پئسو هو ۽ نه وري ڪا ٻي قيمتي شيءِ. +قاضي دٻلي وٺي ان کي کوليو، ته ان ۾ هڪ سڙيل ميڻ بتيءَ جو ٽڪرو، هڪ ميڻ واري ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڏٺو. قاضيءَ کي اهي شيون ڏسي نهايت مايوسي ٿي ۽ هن اها دٻلي برخيل کي موٽائي ڏني. پر هن برخيل جو گڏهه ڏنڊ جي عيوض سرڪار جي ملڪيت ۾ ورتو. هينئر ويچارو برخيل گڏهه کانسواءِ الحمراء جي کوهه مان پاڻيءَ جا مٽ ڪلهن تي کڻي وڪڻندو رهندو هو. گڏهه نه هئڻ سببان هنجي ڪمائي تمام گهٽجي ويئي، ڇاڪاڻ ته هو ساري ڏينهن ۾ فقط ٻه چڪر پاڻيءَ جا مس آڻي سگهندو هو. آمدني گهٽجڻ سببان برخيل تي وڏي مصيبت اچي چڪ هئي. هو نه ڪي ته ٻارن جي ضرورت کي پورو ڪري سگهيو ٿي ۽ نڪي پنهنجو ۽ زال جو پورائو ڪر سگهيو ٿي. آخر هڪ ڏينهن خيال آيس، ته پوڙهي عرب جيڪا دٻلي ڏني آهي، ان ۾ ضرور ڪو راز هوندو! هن دٻلي کولي ميڻ وارو ڪپڙو ڪڍيو، جنهن تي ڪي عربي اکر لکيل هئا. پر هو انهن جو مطلب سمجهي نٿي سگهيو، سو هو شهر جي هڪ عطر وڪڻندڙ شخص وٽ لنگهي ويو. هو عرب هو ۽ عربي زبان جو ڄاڻو هو. عطار جڏهن انهيءَ ڪپڙي تي لکيل اکر پڙهيا، تڏهن مرڪندي وراڻي ڏنائي، برخيل هاڻي جلدي تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ٽري ويندا. +سو وري ڪيئن؟ برخيل وڏي حيرت مان کانئس پڇيو. +”هن ڪپڙي تي الحمراء جي خزاني جو راز لکيل آهي.“ عطار جواب ڏنو. جيڪڏهن تون هن باري ۾ ڪنهن کي به نه ٻڌائين، ته نهايت چڱو آهي. بهتر آهي، ته اسين ٻئي گڏجي انهيءَ خزاني جو پتو لهون. جيڪڏهن ملي ويو، ته ٻئي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري ورهائيندا سون. پر جيڪڏهن شهر جي قاضيءَ کي هن راز جي کڙڪ پئي، ته خزانو ته ڦرجي ويندو، پر مُرڳو ٻنهي کي قيدخاني جي هوا کائڻي پوندي. +برخيل عطار سان واعدو ڪيو ۽ پڇيائين، ڀلا انهيءَ خزاني تائين ڪيئن پهچي سگهبو؟ +عطار وراڻي ڏنيس، هن دٻليءَ واري ميڻ بتيءَجي وسيلي. اڄ رات اسين ٻئي الحمراء ڏانهن روانا ٿينداسين ۽ جيئن مان تو کي اتي چوان، بس ائين ڪج. +برخيل ميڻ بتي ۽ ميڻ وارو ڪپڙو دٻليءَ ۾ وجهي گهر ڏانهن موٽيو ۽ انهيءَ رات جو ٻئي ڄڻا گڏجي الحمرا ڏانهن روانا ٿيا، چئني طرف خوفناڪ خاموشي ڇانل هئي. عطار محل جي ويراني برج هيٺان پهچي برخيل کان ميڻ بتي وٺي ٻاري ۽ جيئن ئي دروازي جي سامهون پهتو، ته برج جي ڏاڪڻ جو دروازو خود بخود کلي پيو. هو ٻئي روشنيءَ جي مدد سان ڪيترا ڏاڪا هيٺ لهي ويا، ته سامهون هڪ ٻيو دروازو ڏسڻ ۾ آين. هنن جي پيرن جي آواز ٿيڻ تي هڪدم اهو کلي پيو. اهڙيءَ طرح چئن دروازن مان لنگهي هو هڪ تهه خاني ۾ پهتا. اتي پهچندي، هو خوف وچان ڪنبڻ لڳا. چوڌاري هيرن ۽ جواهرن جا ڍير لڳا پيا هئا! هڪ طرف صندل جي ڪاٺ جي پيٽي پيئي هئي. جنهن جي ٻنهي پاسي لوهه جا ٻه پهريدار بهياريل هئا. هنن ٻنهي جلدي جلدي جواهرن سان پنهنجا کيسا ڀريا ۽ تيزيءَ سان هلندا مٿي چڙهي آيا. اڃا هنن ميڻ بتيءَ کي اُجهايو، ته هڪدم ڪڪرن جي گوڙ وانگر آوازآيو ۽ سڀ دروازا خودبخود بند ٿي ويا. برخيل ۽ عطار وڏي خوشيءَ ۾ جواهر ورهائي چپ چاپ گهر موٽي آيا. +هن واقعي کي ڪيترا ڏيهن گذري ويا، برخيل ۽ سندس زال ۽ ٻار ٻچا نهايت آرام سان زندگي گذاري رهيا هئا. هاڻ هو گهڻي محنت ۽ مزدوري به ڪين ڪندو هو. هن پنهنجي ڌنڌي کي انهيءَ ڪري ڪين ڇڏيو، ته متان ڪنهن کي ڪو شڪ پوي ۽پاڻ ظالم قاضيءَ جي چنبي ۾ نه اڙجي پوي. ڪجهه عرصي بعد بدقسمتي هيءَ ٿي، جو هيءُ راز سانڍجي ڪين سگهيو، برخيل جي زال وڏي شوقين عورت هئي. هن کي جڏهن هيرا ۽ جواهر مليا، ته خوشيءَ ۾ نٿي سمائي. پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ سٺا قيمتي زيور پائي، گهڻيءَ دير تائين پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن هڪ زيور پهري آرسي ڏسي رهي هئي، ته سامهون حجام پنهنجي گهر جي دريءَ مان نهاريو. هن جڏهن برخيل جي زال کي جواهر پهريل ڏٺا، تڏهن هن کي حيرت وٺي ويئي. هن هڪدم قاضيءَ کي وڃي اطلاع ڏنو، ته برخيل وٽ عرب سوداگر جي دولت ۽ هيرا جواهر آهن، جي مون پنهنجي اکين سان سندس زال کي پهريل ڏٺا آهن. حريص قاضي هڪدم سپاهي موڪلي برخيل کي پاڻ وٽ گهرايو. نيڪدل برخيل سزا جي خوف کان قاضيءَ کي الحمراء جي خزاني جو راز ٻڌايو. قاضيءَ عطار کي گهرايو. هن به اقرار ڪيو. آخر فيصلو ٿيو، ته قاضي ٻنهي کي هن شرط تي معاف ڪندو، ته هو ٻئي ساڻس گڏجي تهه خاني ۾ هلن ۽ خزانو سندس حوالي ڪن. رات جو برخيل، عطار، حجام ۽ قاضيءَ کي وٺي اتي انهيءَ برج تي آيو، قاضي تهه خاني ۾ پهچي حيران ٿي ويو! هن چاهيو ٿي ته سمورو +خزانو کڻي وڃي. مگر خزانو ايترو ته گهڻو هو، جو اتان کڻي وڃڻ ناممڪن هو. برخيل ۽ عطار وري به اڳئين وانگر پنهنجا کيسا ڀريا ۽ قاضي ۽ سندس ساٿين کي اتي ڇڏي ميڻ بتي کڻي روانا ٿيا. قاضي ۽ سندس ساٿي دولت جي نشي ۾ خزانو کڻڻ ۾ محو رهيا. هوڏانهن برخيل ۽ عطار جيئن ئي برج تي مٿي پهتا، ته هنن ميڻ بتيءَ کي وسائي ڇڏيو. ميڻ بتي وسامڻ شرط هڪدم سمورا دروازا بند ٿي ويا. اهڙيءَ ريت لالچي حجام، قاضي ۽ سندس همراهه هميشه لاءِ تهه خاني ۾ پوڙجي ويا. هاڻ نيڪ دل برخيل ۽ عطار جا ڏينهن بدلجي ويا. هو ٻئي نهايت مزي سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ لڳا. + + +ظالم +هڪڙو بادشاهه شڪار تي پئي ويو. ته واٽ تي هڪ ويران شهر ڏٺائين. ان ۾ ڪي وڻ بيٺا هئا، جن ۾ چٻرن جو جهيڙو لڳو پيو هو، بادشاهه چرچو ڪري وزير کان پڇيو، ته وزير، اهي چٻرا ڇا پيا چون؟ +وزير عرض ڪيو، ته جيئندا قبلا هنن ۾ شادي آهي. ڪنوار جو پيءُ چوي ٿو، ته منهنجي ڌيءَ کي چاليهه ڦٽل ڳوٺ ڏاج ۾ ڏي. گهوٽ جو پيءُ چوي ٿو، ته هينئر چار ڳوٺ ڏاج ۾ ڏيان ٿو. اهي قبول ڪر. باقي لاءِ ڪجهه ڏينهن ترس. هن بادشاهه جي حياتيءَ جو ڌڻي تعاليٰ خير ڪري، چاليهه ڇا، پر سئو چوندين، ته به حاضر ڪندس. بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اهڙو ته عدل وارو ٿيو، جو سڄي رعيت منجهانئس خوش رهي. +ٻه ساهيڙيون +هڪ دفعي ”اميد“ پنهنجي ساهيڙي ”ڪاميابيءَ“ سان ملڻ چاهيو، جيڪا هڪ جبل تي رهندي هئي ۽ ان جبل جو نالو ”سخت“ هو. رستي ۾ هڪ قلعو هوندو هو جنهن جو نالو ”شڪ“هو. ان ۾ ”مايوسيءَ“ نالي هڪ جادوگرياڻي رهندي هئي. مايوسي اميد کي ان پاسي ويندي ڏٺو ۽ پهريدار جي مدد سان، جنهن جو نالو ”وهم“ هو، اميد کي گرفتار ڪري ڇڏيو ۽ ”شڪ“ جي قلعي ۾ هڪ سرنگهه ۾ بند ڪري ڇڏيو. اتي اميد کي ”خودڪشي“ ۽ ”پريشاني“ ملڻ آيون. اتفاق سان اميد جو ڀاءُ ”حوصلو“ الائي ڪيئن اتي پهچي ويو. هن اميد کي هنن ٻنهيءَ سان ڳالهائڻ کان روڪيو. پوءِ اميد حوصلي کي چيو، ڀاءُ مان هن قيد مان ڪيئن نڪران؟ حوصلي چيس، ڀيڻ گهٻراءِ نه. هيءَ وٺ چاٻي، جيڪا مون کي ”آزادي“ ڏني آهي. مان هن سان قلعي جو دروازو کولي سگهان ٿو. اميد جڏهن چاٻي گهمائي، ته دروازو برابر کلي ويو پاڻ ۽ حوصلو ٻئي ٻاهر نڪري آيا. ٻنهي کي ٻاهر نڪرندي ڏسي وهم ۽ مايوسي ٻئي ڊڄي ويا ۽ اميد پنهنجي ڀاءُ حوصلي سان گڏ وري جبل تي چڙهي. رستي ۾ وري انهن کي ”مصيبت“ جا جبل ��ڏو آيا. جنهن تي ٻئي همٿ سان چڙهي ويا ۽ ٿوريءَ دير کانپوءِ ان هنڌ تي پهچي ويا، جتي ڪاميابي رهندي هئي. اُتي پهچي ٻئي ساهيڙيون خوش ٿي پاڻ ۾ مليون. ”اميد“ ڪاميابيءَ سان رستي جي مشڪلاتن جو احوال ڪيو، ته ڪاميابيءَ چيو، ته ڀيڻ جڏهن به مون سان ملڻو هجئي، ته پنهنجي ڀاءُ ”حوصلي“ کي پاڻ سان گڏ رک. ڇاڪاڻ ته اهو رستي کان چڱيءَ طرح واقف آهي. آئينده هتي اڪيلي اچڻ جي ڪوشش نه ڪر. +چار حڪيم +ڳالهه ٿا ڪن، ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ وڏو حڪيم رهندو هو. هوُ غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. انهيءَ ڪري سڀئي ماڻهو کيس گهڻو پيار ڪندا هئا. +هڪ دفعي اهو حڪيم اهڙو اچي بيمار ٿيو، جو ماڻهن کي پڪ ٿي ويئي، ته هاڻ بچندو ئي ڪين. ننڍا وڏا، ٻار ٻچا، زالون مرد سڀئي هنجي کٽ کي وڪوڙي ويا.هنن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. اوچتو حڪيم اکيون کوليون ۽ سڀني ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته اوهان ڇو ٿا رويو؟ +اسان کي ارمان آهي ته اوهان اسان کان وڇڙي رهيا آهيو. هاڻ اسان جو ڪير آهي، جو اوهان وانگر آئيءَ ويل اسان جي مدد ڪندو. +خدا جو حڪم آهي، ان کي ڪير به ٽاري نٿو سگهي. توهان ڪو به خيال نه ڪريو. آئون اوهان لاءِ چار وڏا حڪيم ڇڏي ٿو وڃان، جيڪي بنا اُجوري اوهان جي خدمت ڪندا رهندا. +ماڻهن پڇيس، ته اهي ڪهڙا چار حڪيم آهن؟ +حڪيم ورندي ڏني، ته اهي چار حڪيم هي آهن: +پهريون حڪيم: صبح جو سوير اٿي ڪسرت ڪجي. +ٻيو حڪيم: روزانو ڏندڻ ڪجي. +ٽيون حڪيم: صبح جو روز وهنج جي. +چوٿون حڪيم: جڏهن بک لڳي، تڏهن ماني کائجي. +انهن چئني حڪيمن جي چوڻ تي هلندوء، ته اوهان سدائين تندرست گذاريندوء. +ايئن چئي حڪيم کڻي اکيون پوريون. +حڪيم جي وفات کانپوءِ ڳوٺ جي ماڻهن حڪيم جي صلاحن تي عمل ڪيو ۽ واقعي هو پوءِ گهڻن ئي مرضن کان ڇُٽي پيا ۽ تندرست گذارڻ لڳا. +اِگني بِگني +گهڻو اڳي هڪ گدڙ۽ گداڙيءَ پاڻ ۾ شادي ڪئي. شاديءَ کان ڳچ مهينا پوءِ گداڙي پيٽ سان ٿي. جڏهن ٻچن ڄڻڻ جو وقت آيو، تڏهن گداڙيءَ گدڙ کي چيو، ته هاڻ ٻچا ڪنهن اهڙيءَ جڳهه تي رڪجن، جو خطرو گهٽ هجي. گدڙ سڄو ڏينهن جڳهه ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو. آخرڪار شام جو کيس هڪ غار ڏسڻ ۾ آيو، جو اصل ۾ شينهن جو هو. گدڙ گداڙيءَ کي وٺي انهيءَ غار طرف روانو ٿيو. جڏهن غار ۾ پهتا، ته گداڙيءَ چيو، هيءَ غار ته شينهن جي آهي. هاڻي ڪيئن ڪريون؟ مٿان ٻچن ڄڻڻ جو وقت به ڀرجي آيو هو، سو گداڙيءَ کڻي اتي ٻچا ڪيا. گدڙ گداڙيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته جنهن مهل شينهن ايندو ته انهيءَ مهل آئون توکان سوال پڇندس ۽ تون انهن جا جواب ڏجانءِ. پوءِ گدڙ گداڙيءَ کي سمجهائي، غار مان نڪري ٻاهر وڃي ويهي رهيو. جڏهن ڏٺائين ته شينهن غار ڏانهن پيو اچي، تڏهن پاڻ ۾ هيٺيون گفتگو شروع ڪيائون: +گدڙ: اِگني بِگني! +گداڙي: جي نظر سولا! +گدڙ: ٻچا ڇو ٿا روئن؟ +گداڙي: شينهن جي ماس لاءِ. +شينهن جو اِگني بِگني جو نالو ٻڌو ۽ وري پنهنجي ماس جو ٻڌائي، سو وٺي پوئين پيرين ڀڳو ۽ اچي بگهڙ سان مليو. بگهڙ کي چيائين، ته ماما ڙي ماما بگهڙ! منهنجي گهر ۾ اِگني بِگني آيا آهن، تون ڪا مون سان واهر ڪر. بگهڙ شينهن کي ورندي ڏني ته آئون توسان گڏجي هلان ٿو، پر ٻيلي تون آهين ڀڄڻ ۾ تکو، ڀڄي جند ڇڏائي ويندي، پوءِ آئون ڪيئن ڪندس؟ +شينهن وراڻي ڏنس، اهو خيال نه ڪر، تون منهنجي سر سان آهين. پوءِ شينهن ڇا ڪيو، جو هڪڙو رسو کڻي ان جو هڪڙو پاسو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ ٻيو بگهڙ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي، ٻئي گڏجي هليا غار ڏي. جڏهن غار جي ويجهو پهتا ۽ گدڙ جي مٿن نظر پيئي تڏهن هڪل ڪري گداڙيءَ کي چيائين، اِگني بِگني، ٻن ڏينهن جو ڍءُ گهر ويٺي اچي ويو آهي، تون اٿي شينهن جو ڪنڌ ڀڃ، ته آئون بگهڙ جو. +شينهن جڏهن ٻڌو ته اِگني بِگني اجهو ٿي منهنجو ڪنڌ ڀڃي، سو اچي رڦڻيءَ ورتس ۽ وٺي پوئين پيرين ڀڳو. بگهڙ جا ته پهرينءَ سٽ پير نڪري ويا، سو شينهن جي پٺيان گِهلبو رهيو. آخر جڏهن شينهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو ۽ وڃي گهاٽي جهنگ ۾ پيو، ڏسي ته بگهڙ ڏند ڪڍيو پيو آهي، تڏهن ڪاوڙ مان بگهڙ کي چيائين، انصاف آهن تنهنجا، اسان کي ساهه جي، تو کي کلڻ جي! +دِڪان ۽ دِلن +(جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻندو، سو پاڻ ان ۾ ڪِرندو) +دڪا اڃا ٻن سالن جي هئي، ته سندس ماءُ گذاري ويئي ۽ جڏهن هوءَ اٺن سالن جي ٿي، ته سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي. +ماٽيجي ماءُ شروع ۾ دڪا کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي. هوءَ سندس گهڻو خيال رکندي هئي ۽ ڪڏهن به ڪپڙي لٽي يا کاڌي ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ڏيندي هيس. ساڻس بلڪل سڳيءَ ماءُ وارو ورتاءُ ڪندي هئي. پر دڪا جي خوش قسمتي عارضي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ دڪا جي ماٽيجي ماءُ کي دلن نالي هڪ ڌيءَ ڄائي ۽ دڪا جا خوش قسمتيءَ وارا ڏينهن پورا ٿيا. هاڻ هن جي ماٽيجي ماءُ کيس پيار ڪرڻ جي بجاءِ سدائين گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مار موچڙو به شروع ڪيائينس. +دلن اڃا ننڍي هئي، پر پنهنجي ماءُ جي نموني مان سمجهي ويئي، ته دڪا جي گهر ۾ حيثيت ڪهڙي آهي؟ سو هوءَ به پنهنجي وڏي ڀيڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ وڙهڻ ۾ دير نه ڪندي هئي. چوندا آهن ته مصيبت ڪڏهن به اڪيلي نه ايندي آهي. سو دڪا سان به اهو حال ٿيو. اڃا هوءَ انهي ظلمن کي ئي ڪا نه وساري سگهي هئي ته مٿان پڻس گذاري ويو. هاڻي ته هن جو حال هيڪاري خراب ٿيندو ويو. هن کي نه ڪو پورو کاڌو ملندو هو، نه ڪي ڪپڙو. ايتري قدر جو ماٽيجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو بچايل کاڌو به پيٽ ڀري کائڻ جيترو ڪونه ملندو هوس. +وقت گذرندو ويو.دڪا وڏي ٿي، ته ڏاڍي سهڻي ۽ سٻاجهڙي ٿي پيئي. پر دلن شڪل جي ڪوجهي ۽ طبع جي خراب ٿي پيئي. هڪڙي ڀيري ڇا ٿيو، جو ڀر واري ڳوٺ ۾ شاديءَ جي دعوت ٿي. ماٽيجي ماءُ پنهنجي ڌيءَ دلن کي اڇا اُجرا ڪپڙا پارائي دعوت تي وڃڻ لاءِ تيار ڪيو. دڪا اهو ڏسي ماءُ کي چيو، امان مان به پنهنجي ڀيڻ سان گڏ وڃان؟ ماٽيجي ماءُ ٽوڪ طور چيو، ”هون، تو کي به دعوت تي وڃڻ جو شوق ٿيوآهي!“ چڱو ٻڌ! آئون تو کي هڪڙو ڪم ٿي ڏسيان. جي اهو پورو ڪيئي، ته دعوت ۾ به وٺي هلندي سانءِ، جي نه، ته پوءِ ماٺ ڪري ويهي رهه. ائين چئي هن کيس پنج ٻُڪ ترن جا ۽ پنج ٻڪ اَنَ جا ملائي ڏنا ۽ چيائينس ته تر ۽ اَنَ جدا ڪر. جي اڄوڪي ڏينهن ۾ ٻئي جدا ڪري ڏنئين، ته تو کي دعوت ۾ وڃڻ جي موڪل ڏيندس. +دڪا نماڻين اکين سان تِرن ۽ اَنَ کي ڏٺو، جي صفا هڪ ٻئي سان گڏيل هئا. هن ڄاتو ٿي، ته اهو ڪم کانئس ڏهن ڏينهن ۾ به ڪونه ٿيندو. سو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪيئن ٿيندو!! هوءَ ڏک ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي. دڪا جي روئڻ تي سندس اصلي ماءُ جو روح بهشت ۾ بي قرار ٿيو ۽ اتان پکيءَ جو روپ وٺي اُڏاڻو. اهو پکي اڏامندو اُڏامندو اچي دڪا جي گهر وٽ پهتو ۽ پوءِ ڇت تي ويهي مٺڙي آواز ۾ هيءُ گيت ڳائڻ لڳو: +”روءُ نه نڪي ڏک ڪر، مٺڙي دڪا ترن ۽ اَنَ کي جدا ڪرڻ شروع ڪر، ڏکيو ڪم ڪونهي، اچ ته آئون تو کي ان ڳالهه جو هڪ طريقو سمجهايان، هڪڙو پرڻ کڻ ۽ انهيءَ ۾ اهي ٻئي وجهي ڇاڻ، بس پوءِ تون انهن کي جلدي ۽ سولائيءَ سان جدا ڪري سگهندين.“ +پکيءَ جو اهو راڳ ٻڌي دڪا ڏاڍي خوش ٿي. هن هڪڙو پرڻ کنيو ۽ جيئن پکي کيس ڏسيو هو، ائين ڪيائين. هڪڙي ڪلاڪ جي اندر اندر اَنَ ۽ تر جدا ٿي ويا. هوءَ پنهنجي ماٽيجي ماءُ ڏي ڊوڙندي ويئي ۽ چيائينس، امان مون تر ۽ اَنَ جدا ڪيا آهن، هاڻي مان دعوت تي وڃان؟ +ماٽيجي ماءُ اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويئي. ”انهيءَ ۾ ضرور ڪنهن غيب واري شيءِ جو هٿ آهي.“ ماٽيجي ماءُ اهو سوچي گهڙي کن رکي کيس چيو، تون ڀانئين ٿي، ته رڳو اهو ڪم ڪرڻو هو؟ تو کي اڃا ٻيو به ڪم ڪرڻو آهي. هيءُ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. ائين چئي هن دڪا کي پاڻيءَ ڀرڻ جا ٽي ڏول حوالي ڪندي چيائينس ته وڃ ۽ وڃي باغ ۾ پيل ٽن مٽن کي ڀر، ته پوءُ آئون تو کي وڃڻ ڏينديس. +دڪا سوچيو ته اهو ته ڏاڍو سولو ڪم آهي. هوءَ تڪڙي تڪڙي دٻا کڻي ويجهڙي پاڻيءَ واري چشمي ڏانهن ويئي. پر هن کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته انهن ڏولن جي ترن ۾ ٽُنگ هئا. سو هن جيئن ئي پاڻي ڀري ٻاهر ڪڍيو، ته پاڻي مٽن تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي هارجي ٿي ويو. اتي منجهند اچي ٿي، پر مٽ اڃا خالي هئا. دڪا کي ايڏي ته مايوسي ٿي جو هوءَ پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهي. +دڪا جي اصلي ماءُ جي روح پنهنجي ڌيءَ جي روئڻ جو آواز ٻڌو. هوءَ وري پکيءَ جي صورت ۾ ڌيءَ وٽ پهتي ۽ هڪڙي وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي هيٺيون راڳ ڳائڻ لڳي: +”دڪا! دڪا! منهنجي ڳالهه ٻڌ. مٽ پاڻيءَ سان ڀرڻ ڏکيو ڪم ڪونهي. ڏولن جا ٽنگ گپ گاهه سان بند ڪر. پوءِ تنهنجو ڪم جلد ختم ٿي ويندو.“ +دڪا پکيءَ جي چو ڻ تي عمل ڪيو. هن ڏول جا ٽنگ گپ ۽ گاهه سان بند ڪيا ۽ مٽ جلدي ڀرجي ويا. ٻيو شرط پورو ڪري دڪا پنهنجي ماٽيجي ماءُ ڏي ڊوڙندي ويئي ۽ چيائين، ته امان مون مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيا آهن، هاڻي مون کي وڃڻ جي موڪل ڏي! +ماٽيجي ماءُ هن ڏانهن نهاري سخت لهجي ۾ چيو، پر تو وٽ نوان ڪپڙا ته آهن ئي ڪونه. تون ڪيئن وينديءَ؟ پنهنجي ڀيڻ ڏي ته ڏس، هن وٽ نئون نيرو ريشمي وڳو آهي، ۽ موتين سان جڙيل جُتي آهي. پاڻ ڏي ته ڏس، تنهنجا ڪپڙا ڪهڙا ته ميرا آهن، جي تون ويندينءَ، ته تو کي ڪو به مهمان ڪونه سمجهندو. سڀ چوندا، ته ڪا فقيرياڻي آهي! ائين چئي، ماٽيجي ماءُ دڪا کي اتي بيٺل ڇڏي، پُٺي ڏيئي هلي ويئي، پر اصلي ماءُ کي آرام ڪٿان ٿو اچي! هن جو روح وري پکيءَ جو روپ وٺي اُڏاڻو ۽ دڪا جي گهر پهچي هيءُ گيت ڳائڻ لڳو: +”دڪا! دڪا! منهنجي مٺڙي دڪا روءُ نه، نڪي ڏک ڪر. وڃ ۽ وڃي نم جي وڻ ۾ ڏس، اتي تو کي نوان ڪپڙا ۽ نئين جتي ملندي.“ +اهو آواز ٻڌي دڪا ڊوڙي نم جي وڻ وٽ ويئي ۽ اتي ويهي پنهنجي ننڍڙي هٿن سان مٽي کوٽڻ لڳي. اڃا ٻه ٽي ٻڪ ئي مس ڪڍيائين ته کيس هڪڙي ننڍڙي هڙ نظر آئي. هن هڙ کولي ته ان مان هڪڙو سهڻو ريشمي وڳو، موتين سان جڙيل ڳاڙهي جُتي، سونن ڪنگڻن جو جوڙو ۽ سونا ايرينگ نڪتا. دڪا هڪدم هٿ منهن ڌوئي لٽا ۽ ڳهه پاتا. پوءِ هوءَ ڊوڙندي ماٽيجي ماءُ وٽ ويئي ۽ چيائنس، امان مون نوان ڪپڙا پاتا آهن، هاڻ ته مون کي وڃڻ ڏي! +ماٽيجي ماءُ اهو ڏسي حيران ٿي ويئي! گهڻو لُڇي ۽ڦٿڪي، پر آخر دڪا کي موڪل ڏيڻي پيس. هيءُ پهريون دفعو هو جو دڪا ڪنهن شاديءَ جي دعوت ۾ ٿي ويئي. سو هوءَ ايڏي ته خوش هئي جو سڄي واٽ نچندي ٿي ويئي. واهه جي مٿان لنگهندي هن جو پير هڪڙي پٿر سان ٿاٻڙجي پيو، جنهنڪري پير مان هڪ پادر نڪري وڃي واهه ۾ ڪريس. پر هن ڪو به خيال نه ڪيو ۽ شاديءَتي هلي ويئي. ان مهل هڪڙو نوجوان هڪ سهڻي گهوڙي تي سوار اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هن جو نالو ”هسيوسائي“ هو. پُل جي مٿان اچي هن جو گهوڙو گَههُ ڪري بيهي رهيو. هن گهڻو ئي گهوڙي کي هڪليو ۽ چهبڪ هنيا، پر گهوڙو اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهي رهيو. نوجوان کي گهوڙي جي هن گهُه تي ڏاڍي حيرت لڳي. هن هيڏي هوڏي نهاريو، ڏسي ته پريان واهه ۾ هڪ ڳاڙهي جتيءَ جو پادر پاڻيءَ ۾ ترندو ٿو اچي.هن کي دل ۾ اچي اها ڳالهه ويٺي،ته لاشڪ انهيءَ جُت��ءَ واري ڇوڪريءَ سان منهنجو انگ لکيل آهي. سو گهوڙي تان لهي واهه ۾ گهڙيو ۽ اتان اهو پادر ٻاهر ڪڍي آيو ۽ ماڻهن ۾ اچي مشهور ڪيائين ته جنهن ڇوڪريءَ جو اهو پادر هوندو، مان ان سان شادي ڪندس. اهو نوجوان ڏاڍو اشراف ۽ شاهوڪار ماڻهو هو. دڪا کي انهن ڳالهين جي ڪا ڀڻڪ ئي ڪا نه پئي. پر سندس ماٽيجي ماءُ کي خبر پئجي ويئي. سو هوءَ هسيوسائيءَ سان وڃي ملي ۽ چيائينس ته هيءَ جتي منهنجي ڌيءَ دلن جي آهي. +نوجوان وراڻيو، ته پوءِ هن کي موڪل، ته هوءَ پنهنجي جتي سڃاڻي. +ماءُ چيو، هو شادي جي دعوت ۾ ويئي آهي پر جلدي موٽي ايندي. ٿوري ئي وقت کانپوءِ دڪا ۽ دلن پرئين پاسي کان اينديون نظر آيون. دلن ڏانهن اشارو ڪندي ماءُ چيو، ڏس اها دلن پيئي اچي. منهنجي ڌيءَ اها اٿيئي، جنهن کي نيرو ريشمي وڳو پيو آهي. ائين چئي هوءَ تڪڙي دلن وٽ ويئي ۽ چيائينس، ڌيءُ، هن نوجوان تنهنجي وڃايل جتي لڌي آهي. سو وڃي چئينس، ته اها تنهنجي آهي، پر دڪا کي ته خبر هئي ته جتي هن وڃائي آهي. سو هن اڳتي وڌي چيو ته سائين هيءَ جتي منهنجي آهي، مهرباني ڪري مون کي موٽائي ڏيو. +دڪا جا اهي لفظ ٻڌي ماٽيجي ماءُ ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويئي. +”جتي دلن جي آهي.“ هن ورندي ڏني. ”ڏائڻ اها تنهنجي ڪٿان آئي؟“ هن ائين چئي دڪا کي چماٽ ڦهڪائي ڪڍي. اهو ڏسي نوجوان چيو، جهيڙو نه ڪريو، هيئن ڪريو، جو آئون هي ڪنڊن جي ڍنگهري هتي پل تي ٿو رکان. اوهان ٻئي ان وٽان لنگهو. جنهن جي ڪپڙن ۾ اهاڍنگهري ڦاسندي، مان سمجهندس ته جتي انهيءَ جي آهي، ائين چئي هن هڪڙي ڪنڊن جي ڍنگهري کنئين ۽ ان کي پل جي بلڪل وچ تي وڃي رکيائين ۽ پوءِ پاڻ پري بيهي تماشو ڏسڻ لڳو. پهرين دلن اڳتي وڌي. هن پنهنجي ڪپڙن کي وٺي کنڊيريو، ته جيئن ڪنڊا ان ۾ وچڙن، پر هوءَ ناڪام موٽي آئي. هاڻ دڪا اڳتي وڌي. هوءَ ڍنگهريءَ جي ويجهو پهتي، دلن وانگر ڄاڻي واڻي ڪپڙن کي ڪو نه کنڊيريائين، پرڇا ٿيو ، جو اوچتو هوا جو هڪ زوردار جهوٽو لڳو ۽ هن جو پلئه اُڏامي وڃي ڪنڊن ۾ ڦاٿو. نوجوان هڪدم جتي دڪا کي موٽائي ڏني ۽ ستت ئي پوءِ هو نهايت ڌام ڌوم سان دڪا سان شادي ڪري کيس ڪنوار بنائي پنهنجي گهر وٺي آيو. +دڪا ۽ سندس مڙس جو هڪ ٻئي سان ڏاڍو پيار هو. هو نهايت آرام سان حياتي گذاري رهيا هئا. هاڻي دڪا کي ماٽيجي ماءُ جا ظلم سهڻا ڪو نه ٿي پيا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ کيس هڪڙو چنڊ جهڙو پٽ ڄائو. هڪڙي دفعي هوءَ ڏوليءَ ۾ ويهي پٽ کي ماٽيجي ماءُ وٽ گهمائڻ ويئي، هن جي شاندار ڏولي کي ڏسي، ماٽيجي ماءُ اندر ۾ سڙي ويئي، پرمٿان رک رکاءُ ڪري ڪوڙي خوشي ظاهر ڪرڻ لڳي. هن چيو، ته پياري ڌيءَ تو کي ڏسڻ لاءِ ته اکيون آتيون هيون. هاڻي ڪجهه ڏينهن هتي رهي آرام ڪر. ان کانپوءِ هن دڪا لاءِ نهايت شاندار ماني تيار ڪئي. جڏهن دلن ڏٺو، ته سندس ماءُ دڪا جو ايترو آڌر ڀاءُ ٿي ڪري، ته هوءَ ڏک وچان گهر جي باغ ۾ هلي ويئي ۽ اتي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. +چري ڇوڪري، ماڻس ڪن ۾ اچي چيس، تون مون کي بيوقوف ٿي سمجهين، ائين چئي هن آهستي دلن کي پنهنجي سڄي سازش کان واقف ڪيو. دلن خوش ٿي ويئي. نچندي ٽپندي پنهنجي ڀيڻ وٽ مانيءَ تي اچي ويٺي. مانيءَ کانپوءِ هن دڪا کي چيو، ته ادي تون الاهي ڏينهن کانپوءِ گهر آئي آهين، هل ته پنهنجي کوهه وٽ هلي جهاتي پائي ننڍپڻ وانگر پنهنجا پاڇولا ڏسون. دڪا هن کي خوش ڪرڻ جي خيال کان چيو، هل ته هلون. جڏهن ٻئي ڄڻيون کوهه وٽ آيون ۽ دڪا هيٺ نئڙي ليئو پاتو، ته دلن ڇا ڪيو، جو دڪا کي وٺي زور سان ڌڪو ڏنائين. دڪا ويچاري وڃي کوهه ۾ ڪري. اهو ڏسي دلن خوش ٿي. پاڻ جلدي موٽي دڪا ج��ڙا ڪپڙا پائي ماءُ سان صلاح ڪري دڪا جي ٻار کي چيائين، پٽ هل ته گهر هلون. ٻار ڏٺو ته هيءَ منهنجي ماءُ ڪانه آهي. سو هن چيو، نه آئون تو سان ڪونه هلندس. تون منهنجي ماءُ نه آهين. امان کي منهن تي چٽا ڪونهن. دلن وراڻيو ته تنهنجي نانيءَ منهنجي لاءِ پٽاٽا پئي تريا، سو مون کي منهن تي تيل جا ڇنڊا اچي لڳا آهن. بيوقوف تون ائين ٿو سمجهين، ته آئون تنهنجي ماءُ نه آهيان. ٻار کي اعتبار اچي ويو ۽ هو دلن سان گڏ واپس شهر ويو. جڏهن دلن ڏوليءَ ۾ ويٺي، ته ڏولي کڻندڙن کي ڪجهه وڌيڪ بار محسوس ٿيو. هنن هڪ ٻئي چيو، ته ڏسو ته سهي ٻار ۽ ماءُ اڳي کان ڳرا ٿي ويا آهن. دلن اهو ٻڌي چيو ته چوندا آهن ته چانورن کائڻ کانپوءِ پيٽ وڌي پوندو آهي ۽ پٽاٽا کائڻ سان بار وڌي ويندو آهي. سو مون چانور ۽ پٽاٽا کاڌا آهن. جڏهن هوءِ گهر پهتي ته رات هئي پر پوءِ به دڪا جي مڙس کي ڪجهه شڪ پيو. ٻئي ڏينهن تي هن ڏٺو، ته هيءَ منهنجي سچي پچي زال ڪانهي، پر دلن آهي. هن سمجهيو، ته مون سان دغا ته وڏي ٿي آهي، پر خوف سببان کڻي ماٺ ڪيائين. ته ڪٿي سندس اصلي زال دڪا کي نقصان نه پهچي. پوءِ هو لڪل نموني زال جي ڳولا ڪندو رهيو. هڪڙي ڏينهن هسيوسائي جيئن جهنگ مان پئي لنگهيو، ته سندس ڪن ۾ آواز آيو. ڪُو! ڪُو! ڪُو! ڪُو! +سهڻيءَ زال بدران چٽن واري ڇوڪري مليس. +ڪو! ڪو! ڪو! +هن ڏٺو، ته هڪڙو ننڍو پکي اُُهو چئي رهيو هو. هن کي شڪ پيو ته ڪٿي اهو پکي سندس زال جو روح نه هجي! پکيءَ ڏي نماڻيون اکيون کڻي هن چيو، ته اي پکي، جي تون منهنجي پياري زال دڪا جو روح آهين، ته پوءِ منهنجي ڪلهن تي اچي ويهه. ائين چوڻ شرط پکي اُڏامي اچي سندس ڪلهي تي ويٺو. هن پکيءَ کي آڻي پنهنجي کٽ جي سيرانديءَ وٽ هڪڙي پڃري ۾ وهاريو. هڪڙي ڀيري دلن پنهنجي منهن ويٺي مٽي ڳوهي، ته هن جي ڪن ۾ پکيءَ جو آواز آيو، جو پڃري ۾ چئي رهيو هو: +ڪو! ڪو! ڪو! ڪو! خوني خوني! +ڀيڻ جي خوني! ڪو! ڪو! ڪو! +هوءَ هڪدم ڪاوڙ مان اٿي ۽ چاقو کڻي پڃرو کوليائين ۽ امالڪ پکيءَ کي ڪهي ڇڏيائين. شام جو مڙس اچي ڏسي، ته پکي ٺهي ئي ڪو نه. هن جي پڇڻ تي دلن ٻڌايس، ته مون پکي کي ماري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ٻڌي، مڙس وسامي خاڪ ٿي ويو. حيرت ۾ چيائين، ته تو هن جيتامڙي کي ماريو ڇو؟ +”سندس گوشت کائڻ لاءِ.“ ائين چئي رڌڻي مان پکيءَ جو پڪل گوشت کڻي آئي. ٿورو ذرو کائڻ سان هن کي پيٽ ۾ اچي سور پيو. دلن گوشت کڻي ڦٽو ڪيو. سور وڌڻ لڳس. جتي دلن گوشت ڦٽو ڪيو، اتي هڪڙو وڻ ڦٽو، جنهن جي هيٺان گهاٽي ڇانوَ ٿي بيٺي. پاڙي جا ماڻهو ان وڻ جي هيٺان اچي ويهندا هئا. هڪڙي ڏينهن جيئن مڙسهنس ان وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ ويٺو ته مٿان وڻ مان هڪڙو ميوو ڪريو. هن کڻي کاڌو ته ڏاڍو مزيدار لڳس. دلن به ريس تي وڻ هيٺان وڃي ويٺي. ميوو ته ڪو نه ڪريو پر اوچتو هڪڙي ٽاري نمي، دلن کي وارن کان جهلي، ڇڪي زمين کان مٿي ڪيو. هوءَ رڙيون ڪري مڙس کي مدد لاءِ سڏ ڪرڻ لڳي. هسيوسائي رڙيون ٻڌي ٻاهر نڪتو ۽ ٽاريون پري ڪري دلن جا وار ڇڏايائين. دلن ڦهڪو ڪري وڃي پٽ تي ڪري ۽ سندس سڄو بت سور ڪرڻ لڳو. هن هڪدم اٿي ڪهاڙي کڻي وڻ جون سموريون ٽاريون ڪپي ڇڏيون. پاڙي جا ماڻهو اها خبر ٻڌي ڪپيل وڻ ڏسڻ آيا. انهن ۾ هڪڙي پوڙهي مائي به هئي. تنهن هسيوسائيءَ کان هڪڙي ٽاري گهري ورتي. پوءِ هن اها ٽاري کڻي وڃي پنهنجي سٽ ڪتڻ واري چرخي ۾ هنيائين. ان مان ڇا ٿيو، جو جيڪو ڪم هوءَ سڄي ڏينهن ۾ ڪندي هئي، سو هاڻي ڪلاڪن ۾ پورو ٿي پئي ويو ۽ هن جي آڏاڻي مان ڪپڙو به خودبخود اڄڻ لڳو. هن حيرت ۾ پئجي پاڙي وارن کان پڇيو، ته ائين ڪپڙو اُُڄي سگهي ٿو؟ پر ڪنهن به ان جي هاڪار نه ڪئي. نيٺ هن ڇا ڪيو، جو ٻئي ڏينهن لڪي ويٺي، ڇا ڏسي ته ان ڪاٺيءَ مان هڪڙي موچاري ڇوڪري نڪتي ۽ وڃي ڪپڙو اُڻڻ ويٺي. هوءَ پوڙهي مائي ته حيران ٿي ويئي ۽ هڪدم ڪمري ۾ وڃي ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان جهليائين ۽ چوڻ لڳي، ته تون ته ڪا عجيب ڇوڪري آهين! تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڇوڪري گهڻا ئي وس ڪيا، ته ڀڄي نڪري، پر پوءِ مائيءَ هن کي زور سان جهليو بيٺي هئي. پوڙهي امان! هن ڇوڪريءَ آخرڪار چيو، آئون اها ڇوڪري آهيان، جنهن کي نه ماءُ نه گهر! +” ته پوءِ ٻچڙي اڄ کان تون منهنجي آهين.“ پوڙهيءَ کيس جواب ڏنو. +انهيءَ کانپوءِ اها ڇوڪري پوڙهي مائيءَ جي گهر رهندي هئي ۽ گهر جو سڄو ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي. پوڙهي مائي آرام ۾ هئي. هڪ دفعي ڇوڪري پوڙهيءَ کي ٻڌايو. ته آئون اڄ کان گهڻو اڳي خون ڪئي وئي هيس. هاڻي آئون هڪ روح آهيان. نڪي جسم اٿم نڪي ماس. تون بازار وڃ ۽ تازيون چاپون وٺي اچ. انهن کي اُٻار. جڏهن اُٻاريل چاپن جو پاڻي پيئنديس. تڏهن آئون موٽي انساني صورت ۾ ايندس. پوڙهي هڪدم ائين ڪيو. جيئن ڇوڪريءَ کيس ٻڌايو، ڇوڪري هاڻي نهايت سهڻي ٿي پيئي. +هڪڙي ڏينهن ڇوڪريءَ چيو، امان، اڄ موسم ڏاڍي سٺي آهي، منهنجي مرضي آهي، ته تون هڪڙي مهمان کي دعوت ڏي. +”ڪنهن کي دعوي ڏيان؟“ پوڙهيءَ پڇيو. +”هسيوسائي پنهنجي ڳوٺ وارو چڱو مڙس.“ ڇوڪريءَ ورندي ڏني. +”ٻچڙي اهو امير ماڻهو، سو اسان غريبن وٽ ڪيئن ايندو؟“ پوڙهي ويچاريندي چيو. +”ان جو تون خيال نه ڪر رڳو وڃي چئينس، ته منهنجي ڌيءَ تو کي دعوت ڏني آهي ۽ اهو به چئينس ته پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺيو اچي.“ ڇوڪريءَ چيو. +پوڙهي مائيءَ ڏٺو، ته ڇوڪري پنهنجيءَ هوڏ تان ڪا نه لهندي. سو اوڏيءَ مهل هسيوسائيءَ جي گهر ڏانهن رواني ٿي. هسيوسائي پوڙهيءَ جي دعوت قبول ڪئي ۽ پنهنجي پٽ کي ساڻ وٺي پوڙهيءَ سان گڏجي هليو آيو. گهر پهچڻ شرط پوڙهيءَ ڇوڪريءَ جي چوڻ موجب کاڌو تيار ڪرڻ لڳي. هوءَ ڇوڪري گهر جي دريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٻار کي ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ ٻاهر ڪا نه نڪتي. پوڙهيءَ ماءُ، ٻار کي ڪڪڙ جي ٽنگ کائڻ لاءِ ڏني، جيڪا ٻار نهايت مزي سان کائڻ لڳو. اوچتو هڪڙي وڏي ڪاري ٻلي آئي ۽ ٻار کان ڪڪڙ جي ٽنگ ڦري ان دريءَ ڏانهن وٺي ڀڳي، جتي ڇوڪري لڪي بيٺي نهاريو. ٻار به ٻليءَ جي پويان ڀڳو. جڏهن دريءَ وٽ پهتو، ته سندس نظر وڃي ڇوڪريءَ تي پيئي. هنجي وات مان بي اختيار دانهن نڪتي. منهنجي امان!! +هسيوسائي آواز ٻڌي دريءَ ڏانهن ڀڳو ۽ ڇوڪريءَ کي ڏسي خوشي ۽ حيرت ۾ وائڙو ٿي بيهي رهيو. هن جي اڳيان دڪا بيٺي هئي، جنهن جي هنج ۾ سندس پٽ هو. دڪا جي ڳلن تان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ ٻار کلي رهيو هو. هسيوسائي بي اختيار ”منهنجي دڪا“ چئي وٺي ڊوڙيو ۽ هن سان چهٽي ويو. هوءَ ٻئي ڏينهن وري پوڙهي ماءَ جي گهر آيو ۽ پنهنجي اصلي زال کي وڏي شان مان پنهنجي گهر وٺي آيو. جڏهن دلن دڪا کي ڏٺو، ته هوءَ ڏاڍي ڊني. پر بي حيائي ڪري چيائين ته ادي تنهنجو پير ترڪي پيو هو، سو تون کوهه ۾ ڪري پيئي هئين. اسان سمجهيو ته تون ٻڏي وئين. لاچار مون تنهنجي ٻار جي پالڻ لاءِ هيءُ سانگ ڪيو. دڪا ڪجهه نه ڪڇيو. دلن ڏاڍي لڄي ٿي، پر پوءِ به بي حيائي ڪري اتي ٽڪي پيئي. هڪڙي ڏينهن هن دڪا کان پڇيو، تنهنجي چمڙي ايتري اڇي ڇو آهي؟ +دڪا وراڻي ڏنيس ته منهنجي ماءُ مون کي ننڍڻ ۾ اکريءَ ۾ وجهي مُهريءَ سان ڪٽيو هو، تنهنڪري آئون ايتري اڇي ٿي آهيان. +سچ؟ دلن بي اعتباريءَ کان پڇيو. +تون پاڻ ڏس. ته جڏهن سارين کي اکريءَ ۾ وجهي ڪٽبو آهي، ته اڇا چانور نڪرندا آهن. پوءِ ڀلا ماڻهو ڇو نه اڇو ٿيندو؟ دڪا مثال ڏيئي سمجهايس. +”ته چڱو، سڀاڻي آئون به ٿي امان وٽ وڃان. پنهنجي چمڙي اڇي ڪرايان.“ دلن جواب ڏنو. +پوءِ صبح سان ماءُ وٽ ويئي ۽ ماءُ کي وڃي سڄي ڳالهه ٻڌايائين. پوءِ ماءُ کي چيائين. امان خبر اٿئي، دڪا جي +چمڙي اڇي ڇو آهي؟ انهيءَ ڪري جو هن جي ماءُ کيس ننڍپڻ ۾ اُکريءَ ۾ وجهي مهريءَ سان ڪٽيو هو. سو هاڻي تون به مون سان ائين ڪر، ته آئون به اڇي ٿيان. +ائين چئي هن هڪدم کڻي مٿو اکريءَ ۾ وڌو. +ماڻس چيس، ته بيوقوف ڇوڪري ڪير ائين به اڇو ٿيو آهي؟ اهو ٻڌي دلن ڇا ڪيو، جو مُهري کڻي امالڪ پنهنجي مٿي ۾ هنيائين، ڌڪ لڳڻ سان اتي ئي چٿجي مري ويئي. ماڻس کي دلن جي موت تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هوءَ به انهيءَ غم ۾ ٻن ٽن ڏينهن ۾ مري ويئي. هنن ٻنهي ماءُ ڌيئرن جا روح پکي بنجي ويا، جن کي اڄ به ”چيو چيائو“ جي نالي سان سڏيندا آهن. هو ڏينهن رات اهو ڳائيندا وتندا آهن، ته جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو آهي، سو پاڻ ئي ان ۾ ڪرندو آهي. +ان ڏينهن کان پوءِ هسيوسائي ۽ دڪا حياتيءَ جا باقي ڏينهن نهايت مزي ۽ آرام سان گذارڻ لڳا. + + +جادوءَ جو گهوڙو +ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه هوندو هو. جنهن کي هڪ پٽ هو. هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيائينس، ته ابا هاڻي مان اچي پوڙهو ٿيو آهيان. اڳي پوءِ تو کي حڪومت جي واڳ سنڀالڻي آهي. سو هاڻي تون پنهنجو عيش عشرت ڇڏ ۽ گهمڻ ڦرڻ گهٽ ڪر، نه ته تون نڪي سٺو ماڻهو ٿيندين ۽ نه وري ڪو وڏو بادشاهه ٿي سگهندين. زماني جو تجربو سکڻ لاءِ تون بنا ثمر ساڻ کڻڻ جي سفر تي وڃ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سک. سفر مان ماڻهو گهڻو سکي ٿو. شهزادي چيو، ته بابا اوهان بلڪل سچ چئون ٿا. مان اڄ ئي اوهان جي حڪم جي پيروي ڪري سفر تي روانو ٿيان ٿو. +ٻئي ڏينهن شهزادو ويس بدلائي سفر تي نڪتو. سفر لاءِ هن پاڻ سان ٿورڙو کاڌو کنيو. هو شهزادو هو. ڪڏهن به پيرن پيادو پنڌ نه ڪيو هئائين. سو هلندي هلندي ٿوريءَ دير کانپوءِ سندس ٽنگون ٿڪجي ٿي پيون. پر پوءِ به همٿ ڪري هلندو هليو. ڪجهه وقت سفر ڪرڻ کانپوءِ هڪ جهنگ ۾ اچي پهتو. جهنگ مان لنگهندي هن کي خيال آيو، ته غريب ماڻهو جيڪي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ روزانو جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ يا ٻئي ڪم لاءِ ويندا آهن، تن کي ڪيتري نه تڪليف ٿيندي هوندي؟ اتي شهزادي کي به اچي بک لڳي. پر دل ۾ خيال ڪيائين، ته جيڪي ٿورو گهڻو کاڌو اٿم، سو جيڪڏهن هاڻي کائي کپائي ڇڏيندس ته اڳتي ڪيئن هلندس؟ سو هن ٿورڙو کاڌو ۽ وري اڳتي هليو. هلندي هلندي هن ڪنهن ماڻهوءَ جي دانهن جو آواز ٻڌو. هو آواز جي رخ تي هلندو رهيو. تان جو اچي ڏسي، ته هڪڙي جهوپڙي آهي، جنهن جي اڳيان هڪ پوڙهي مائي ويٺي ٿي روئي. هن مائيءَ کان پڇيو، امان! تون ڇا جي لاءِ ٿي روئين؟ پوڙهيءَ جواب ڏنو، ته پٽ مان ٽن ڏينهن کان بکي آهيان، مون ڪجهه به نه کاڌو آهي ۽ سيءُ به اهڙو آهي. جو پنڌ ڪري ڪٿان ڪا شئي وٺي اچڻ جيتري طاقت به ڪا نه اٿم ۽ نه وري ايتري سگهه اٿم، جو چار ڪاٺيون ڪري اچي باهه ٻاريان. شهزادي کي پوڙهيءَ مائي تي ڏاڍي ڪهل آئي، سو سمورو بچيل کاڌو کيس کائڻ لاءِ ڏنائين ۽ پاڻ ويو، سو جهنگ مان سندس لاءِ ڪاٺيون وڍي آيو ۽ پوڙهيءَ کي باهه ٻاري ڏنائين ۽ چيائين ته هي ٻيون ڪاٺيون مان هتي ڍير ڪري رکان ٿو. تون ضرورت وقت اهي ٻاري پنهنجو سيءُ لاهجانءِ. پوڙهيءَ سندس گهڻا شڪرانا مڃيا ۽ چيائينس، ته پٽ تون پيرن پيادو اهڙي جهنگ ۾ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ +شهزادي کيس ڪوڙو سچو بهانو ٻڌايو ۽ پاڻ وري سفر لاءِ تيار ٿيو. تڏهن ان پوڙهيءَ چيس، ته پٽ تو مون تي مهربا��ي ڪئي آهي. مان تو لاءِ ٻيو ته ڪجهه ڪري نٿي سگهان، پر هاڻ هن جهوپڙيءَ جي پٺيان هڪ گهوڙو ٻڌو بيٺو اٿيئي. سو تون ڇوڙي ان تي سوار ٿيءُ، ته تو کي جهنگ مان پار لنگهي اچڻ ۾ تڪليف ڪا نه ٿيندي. شهزادي پوڙهيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، پر آخرڪار سندس زور ڀرڻ تي ڳالهه قبول ڪيائين. هو گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿيو. هلندي هلندي هن کي رات پئجي ويئي. هن گهوڙو وڻ سان ٻڌو ۽ پاڻ ان جي هيٺان سمهي رهيو. ٻئي ڏينهن هو وري سفر تي روانو ٿيو. ستت هو جهنگ لنگهي پار ٿيو. ڏسي ته سامهون هڪ ميدان آهي، جنهن ۾ هڪ اُڀو منارو بيٺو +آهي ۽ ان جي اوريان هڪ پوڙهو شخص پيو هر ڪاهي. شهزادو گهوڙو هڪلي پوڙهي شخص وٽ پهتو ۽ پڇيائينس ته هن مناري ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ +پوڙهي شخص چيس، ته ابا هن مناري ۾ هڪ شهزادي آهي، جنهن کي سندس ظالم چاچي هت قيد ڪيو آهي، گهڻن ئي ماڻهن هن شهزاديءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪو به ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ناڪامياب ٿيندو آهي، ان کي به شهزاديءَ جو ظالم چاچو قيد ۾ وجهندو آهي. هن ظالم شخص شهزاديءَ کي ڏاڍا ڏک ڏنا آهن. ڏکن ۽ بکن ۾ کيس بي حال ڪري ڇڏيو اٿائين. هڪ ڪبوتر پاليو اٿائين، جو مانيءَ جو ٽڪر چهنب ۽ چنبن ۾ کڻي وڃي شهزاديءَ کي ڏيندو آهي، جو کائي ويچاري پئي وقت ڪاٽي. ڪنهن به بني بشر کي اتي وڃڻ جي طاقت ڪانهي. شهزادو اها ڳالهه ٻڌي مناري وٽ آيو.ڏسي ته هڪ پري جهڙي ڇوڪري مناري جي چوٽيءَ تي هڪ ڪمري ۾ به ويٺي آهي.مناري جي دروازي تي مڻ جو هڪ لوهي تالو لڳو پيو آهي. شهزادي دل ۾ پهه ڪيو، ته ڪيئن به ڪري مان هن شهزاديءَ کي قيد مان ڇڏائيندس، پر هو ڏاڍو دلگير ٿيو، ته مان اتي، مناري جي چوٽيءَ تي ڪيئن پهچان؟ +آخرڪار هن کي ڪائي راهه نه سـُجهي، سو هو اچي پريشان ٿيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري وڃي وڻ هيٺان ويٺو. اتي کيس هڪ ماڻهوءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هيڏي هوڏي ڏٺائين، ته ماڻهو ته ڪو به ڪونهي، پر وري به ماڻهوءَ جو آواز ٻڌائين. ڏسي ته سندس گهوڙو کيس چئي رهيو آهي. ته شهزادا، اُداس نه ٿيءُ، مان تو کي مناري جي چوٽيءَ تي پهچايان ٿو. مان جادوءَ جو گهوڙو آهيان. ائين چئي گهوڙي پنهنجو پُڇ ڊگهو ڪيو، ته وڃي مناري جي چوٽيءَ سان لڳو. شهزادو قدرت جي هيءَ مهرباني ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هو گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ پوءِ سڌو وڃي مناري جي چوٽيءَ تي پهتو. قيد ٿيل شهزادي کي ڪلهن تي ويهاري هو وري هيٺ لٿو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي وطن روانو ٿيو. جڏهن هو شهزاديءَ جي شهر وٽ اچي پهتا، ته گهوڙي شهزادي کي چيو، ته گهڙي کن مون کي مهلت ڏي، شهزادو ۽ شهزادي گهوڙي تان لٿا، ته گهوڙو غائب ٿي ويو. اک ڇنڀ ۾ گهوڙو وري اچي حاضر ٿيو. مٿس پئسن جون ڳوٿريون رکيل هيون. جي لاهي، گهوڙو شهزادي ۽ شهزاديءَ کان موڪلائي وري پوئتي اُڏاڻو. شهزادو شهزاديءَ کي ساڻ وٺي خزانو ساڻ کڻي خدا جا شڪرانا ڪندو پنهنجي شهر ۾ گهڙيو ۽ پنهنجي پيءُ کي وڃي مليو. بادشاهه شهزادي جي سفر جو قصو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ شهزادي ۽ شهزاديءَ شادي ڪئي. ستت بادشاهه سلامت خدا جي عبادت ۾ وڃي مشغول ٿيو ۽ بادشاهي شهزادي جي حوالي ڪيائين. شهزادو نهايت انصاف ۽ رحمدليءَ سان حڪومت هلائڻ لڳو، جنهن ڪري رعيت منجهانئس راضي رهي ۽ هر غريب غربُو کيس دعائون ڏيندو رهيو. +شاعر جي سزا +(سنڌ جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو) +هيءُ هجري 1009 جو واقعو آهي. ان وقت سنڌ جي حڪمران مرزا جاني بيگ وفات ڪئي هئي ۽ ان جي جاءِ تي سندس نوجوان پٽ مرزا غازي بيگ سنڌ جي حڪومت جون واڳون ورتيون. بدقسمتيءَ سببان هي سن��جا حڪمران، ڪنهن مدت کان دهلي سلطنت جا ڏن ڀرو رهندا ٿي آيا ۽ جڏهن به سنڌ جي گاديءَ تي ڪو نئون حڪمران ويهندو هو، ته شروع ۾ ان کي دهلي دربار ۾ گهرايو ويندو هو، جتي هن کي خلعتن ۽ ٻين انعامن اڪرامن سان نوازي، وفادار رهڻ جو اعتماد وٺي، پوئتي موٽايو ويندو هو. هيءُ زمانو، مغل شهنشاهه اڪبر جو دور هو. دستور موجب غازي بيگ کي به دربار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم روانو ڪيو ويو. غازي بيگ اڃا پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ سنڌجي اميرن هڪ نئين حڪمران جي ننڍي ڄمار ۽ ناتجربيڪاريءَ جو غلط اندازو لڳائي، سنڌ ۾ هر هنڌ فتنا فساد شروع ڪري ڏنا. فسادين کي جوڳيون سزائون ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال رکڻ ڪري غازي بيگ کي مغل درٻار ۾ پهچڻ لاءِ ڪافي دير ٿي ويئي. +1013هجريءَ ۾ مرزا غازي بيگ آگري پهتو. اڪبر بادشاهه هن نوجوان حڪمران کان نهايت خوش ٿيو ۽ کيس خلعت سان گڏوگڏ هڪ تلوار پڻ عنايت ڪيائين. ٿورن ئي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اڪبر وفات ڪري ويو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ جهانگير تخت نشين ٿيو. جهانگير به پنهنجي پيءُ وانگر غازي بيگ تي گهڻو مهربان هو ۽ پاڻ سان گڏ کيس لاهور وٺي آيو. جتي ملتان پرڳڻي جا ڪيترا ڳوٺ غازي بيگ کي جاگير طور ڏنائين. +اُن دور ۾ ڪابل ۽ قنڌار جا صوبا مغل سلطنت ۾ شامل هئا پر جڏهن ايران جي ڪن اميرن ۽ نوابن کي شهنشاهه اڪبر جي موت جي خبر پهتي، تڏهن هنن پنهنجي بادشاهه شاهه عباس جي مشوري بنا قنڌار تي حملو ڪيو ۽ شهر جي ٻاهران گهيرو ڪري ويهي رهيا. قنڌار ۾ ان وقت مغل حڪومت پاران شاهه بيگ گورنر هو. شاهه بيگ پهرين ته مقابلو ڪيو پر پوءِ ٿوريءَ فوج هئڻ سببان لاچار ٿي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو ۽ جهانگير کي مدد لاءِ لکيائين. جهانگير هن مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ مرزا غازي بيگ جي اڳواڻي ۾ هڪ شاهي فوج قنڌار ڏانهن رواني ڪئي. +غازي بيگ اڃا قنڌار جي ويجهو پهتو ۽ ايراني فوجن کي کڙڪ پئي، ته هو بنا ڪنهن مقابلي جي جتان آيون هيون، اوڏانهن ڀڄي روانيون ٿيون. +غازي بيگ قنڌار ۾ نئين سر امن امان جي فضا قائم ڪري لاهور موٽي آيو. جهانگير غازي بيگ جي فتحيابيءَ کان گهڻو متاٿر ٿيو ۽ سنڌ جو صوبو، ملتان جا ڪي پرڳڻا ۽ قنڌار جو صوبو سندس حوالي ڪيائين. غازي بيگ اُن وقت سنڌ جي بدران قنڌار ۾ رهي مٿين ٽنهي پرڳڻن جي نگراني ڪندو رهيو. +مرزا غازي بيگ نهايت هوشيار هو ۽ منجهس ملڪي انتظام هلائڻ جون بهترين صلاحيتون موجود هيون. هن قنڌار ۾ رهڻ کانپوءِ اتان جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي وڏا انعام، پگهارون ۽ جاگيرون ڏيئي نوازڻ شروع ڪيو. غازي بيگ جي علم پروري ۽ سخن شناسيءَ جي هاڪ ٻڌي، ڪٿان ڪٿان جا شاعر ۽ اديب دربار ۾ حاضر ٿي، پنهنجو فن ڏيکاري داد حاصل ڪرڻ لڳا. +غازي بيگ جي علم نوازيءَ جي هيءَ ساک جڏهن هندستان پهتي، تڏهن هڪ ڀَٽ شاعر، جو پنهنجي غربت ۽ مفلسيءَ سببان نهايت پريشان هو، تنهن کي پنهنجي قسمت آزمائيءَ جو اچي خيال ٿيو. هو بيابان لتاڙيندو، جهنگ ۽ جبل جهاڳيندو نيٺ هڪ ڏينهن اچي قنڌار جي شهر ۾ پهتو. ڀَٽ شاعر کي پنهنجي فن تي وڏو ناز هو. هن چاهيو ٿي، ته مون کي فقط هڪ دفعو بادشاهه جي حضور ۾ شرفيابيءَ جو موقعو ملي. هن ڏاڍا وس ڪيا ۽ حيلا هلايا. پر بادشاهه جي دربارين ۽ ملازمن بادشاهه جي حضور ۾ پهچڻ ته وڏي ڳالهه پر مُرڳو محل جي ويجهو به اچڻ ڪين ڏنس. ڀَٽ اڳئي مسڪين هو. واٽ جي ڊگهي سفر ۽ پرديس جي ڪري هڙ ۾ جيڪا اََلههُ تَلههُ هوس، سو کائي کپائي ڇڏيو هئائين ۽ قنڌار ۾ ٿوري وقت کان پوءِ سندس حالت اچي فاقن ڪڍڻ تي پهتي. +بي وسي ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾ هن هندستان موٽي وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ موٽڻ وقت غازي بيگ جي خلاف هندي زبان ۾ هجوَ طور ڪي شعر پڻ چيا. +آخر هڪ ڏينهن قنڌار ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان نهاري، پنهنجي مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڙي شهر کان ٻاهر نڪتو. ٻه چار ميل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ حسن ابدالي اولياءَ جي درگاهه تي اچي پهتو. درگاهه ۾ گهڙندي اُتي هن کي پنهنجا ڪي هم وطني چهرا ڏسڻ ۾ آيا. هن بي وسيءَ جي عالم ۽ پرديس ۾، ڀَٽ جي دل ۾ هڪ اهڙي نامعلوم ڪشش پيدا ٿي، جو هن بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وڌي وڃي هنن کي ڳلي لڳايو. ڏورانهين ديس ۾ هم وطنين سان ملندي خوشيءَ وچان ڀَٽ جي دل جا چاڪ کلي پيا.هن سڄي ماجرا ساڻن بيان ڪئي ۽ غازي بيگ جي خلاف هندي زبان ۾ جيڪي شعر چيا هئا، سي به کين پڙهي ٻڌايائين. هو دل جي بخار ڪڍڻ لاءِ اهي شعر تمام وڏي آواز سان پڙهي رهيو هو. اوڏيءَ مهل درگاهه ۾ مرزا غازي بيگ جي شان ۾ گستاخيءَ جهڙا شعر چيا آهن، تڏهن هڪدم پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هن ماڻهوءَ کي لٺين سان ماريو. حڪم ملندي غريب شاعر تي لٺين جي وارو وار ٿي ويئي. شاعر بيهوش ٿي ويو ۽ جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن هن فيصلو ڪيو، ته هن ٿيل ظلم جي داد رسيءَ لاءِ مرزا جي حضور ۾ پهچڻ گهرجي. اهو فيصلو ڪري هو موٽي قنڌار ۾ آيو. پڇا ڪندي هن کي معلوم ٿيو، ته سڀاڻي صبح جو سوير مرزا غازي بيگ فلاڻي رستي تان شڪار تي روانو ٿيندو. +ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڀَٽ انهيءَ ڏس ڏنل رستي تي ڪنهن جهنگ ۾ وڃي لڪي ويهي رهيو. جڏهن غازي بيگ جي سواري سندس ويجهو آئي، تڏهن هن جهنگ مان نڪري وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي: ”بادشاهه سلامتي منهنجو داد ٿئي! آئون غريب شاعر ناحق ماريو ويو آهيان.“ +شهبازي خان به بادشاهه جي اهلڪارن سان شامل هو. ان نظر پوندي ڀَٽ ڊوڙي وڃي ان جي گهوڙي جي واڳ کان ورتو. +”حضور، مون سان هن ظلم ڪيو آهي، منهنجو داد ٿئي!“ +غازي بيگ شهبازي خان کي هٿ جو اشارو ڏنو. شهبازي هڪدم گهوڙي تان لهي مرزا جي اڳيان ڪنڌ نمائي، ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو: +عاليجاههه، هن ڪميني شاعر حضور جي شان ۾ گستاخيءَ جهڙا شعر ٿي پڙهيا. مون کي باهه وٺي ويئي، مون کي هن کي جوڳي سزا ڏني آهي. +اهلڪارن ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي ۽ سڀ انهي ڳالهه لاءِ منتظر هئا، ته عاليجاهه ڪهڙو حڪم ٿو ڏيڻ فرمائي. +بادشاهه جو چهرو غضب ناڪ بنجي ويو ۽ اکين ۾ خون اچي ويو. هڪل ڪيائين، ته شهبازي، تو جڏهن هن جي واتان اسان جي گلا ٻڌي هئي. تڏهن ڇو نٿي هن جي زبان تارونءَکان وڍائي ڇڏيئي. +هن جواب ٻڌندي اهلڪارن تي خوف طاري ٿي ويو ۽ غريب شاعر جو سڄو جسم بيد جيان ڪنبڻ لڳو. ڳچ منٽن جي ماٺ بعد بادشاهه پنهنجي هڪ ملازم کي آڱر جو اشارو ڏنو. +”هن بدبخت کي سڀاڻي صبح جو قتل گاهه تي آندو وڃي، ته جيئن سندس زبان تارونءَ کان وڍائي وڃي.“ +حڪم ٻڌندي، ماڻهن جي جسم مان سياندا نڪري ويا ۽ کين ائين ٿي محسوس ٿيو، ته سڀاڻي شاعر جي نه، پر اسان جي زبان تارونءَ کان وڍي ويندي. +غريب ڀَٽ جا هوش و حواس خطا ٿي ويا. موت اکئين ڏسجي رهيو هو. هن پنهنجو پاڻ تي هزار لعتون وڌيون. بادشاهه ۽ رحم جي اميد! هيءَ به ڪا ٿيڻ جوڳي ڳالهه هئي. هن پنهنجي عقل ۽ انهيءَ فيصلي تي پاڻ مٿان هزارها ملامتون ڪيون. هو هاڻ انهيءَ گهڙيءَ جو انتظار ۾ هو. جنهن مهل کيس پنهنجي شاعراڻي فن جو اجورو ملڻ وارو هو. هن جون ساري رات اکيون آسمان ۾ هيون. هن ائين ٿي چاهيو، ته شل قيامت تائين سج ئي نه اُڀري ۽ ڪائنات ۾ سدائين اوندهه ئي اوندهه هجي، ته جيئن ڪنهن حساس دل کي متاثر ٿيڻ جو موقعو ئي نه ملي. اوچتو صبح جي ٻانگ جو آواز هن جي ڪنن تي پيو ۽ هو بيهوش ٿي ويو. +صبح جو پوري ٽائيم تي قتل گاهه جي چوڌاري هشام ماڻهن جا گڏ ٿي ويا. جلاد بدنصيب شاعر جي انتظار ۾ هو. وقت ڀربو ويو، ڀربو ويو، باقي ٻه منٽ مس هئا، ته هن بدنصيب شاعر کي ٻه چوبدار گهليندا وچ ميدان تي وٺي آيا. هن جا پساهه هينئر پورا ٿيڻ تي هئا. مجموعي مان ڪيترن ڏانهس نهاريندي پنهنجون اکيون کڻي ٻوٽيون. ڪن ماڻهن جي چهري مان ائين ٿي محسوس ٿيو، ته هاڻي هنن جي زبان مان سڄيءَ عمر تائين هڪ اکر به نه اُڪلي سگهندو. +مجموعي تي وڏي هيبت طاري هئي ۽ سڀيئي انهي فيصلي جي انتظار ۾ هئا. اوچتو پريان هڪ هاٿي جهولندو آيو. ماڻهن جو خيال هو، ته شايد شاعر کي هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيچلائي مارايو ويندو. هاٿي ويجهو پوندو ويو.... +عين موقعي تي شهبازي خان هڪ قيمتي خلعت ۽ رپين جي ڳوٿريءَ سميت شاعر ڏانهن وڌيو. هڪدم کيس اها خلعت پهرائي اڃا ڳوٿري هٿ ۾ مس ڏنائينس، ته هاٿي جهولندو اچي ڀر ۾ پهتو، پيلبان ٽپ ڏيئي هاٿيءَ تان لٿو ۽ شاعر کي هاٿيءَ تي چڙهڻ جو اشارو ڏنو. +مرزا غازي بيگ مجموعي جي ڀر ۾ هڪ محل جي دريءَ مان سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. جڏهن شاعر هاٿيءَ تي چڙهيو ته اوڏيءَ مهل بادشاهه وڏي آواز اعلان ڪيو: +شهبازي، شاعر جي زبان هن نموني وڍي ويندي آهي. پڪ ڄاڻ ته اڄ کان پوءِ هيءُ شاعر منهنجي خلاف هڪ لفظ به ڪين ڪڇندو. +چار دوست +( الف ) +هڪڙي ڪُوئي، هڪڙي ڪانوَ، هڪڙي ڪُميءَ ۽ هڪڙي هرڻيءَ پاڻ ۾ ياراڻي رکي. چارئي گڏ هڪڙي جهنگ ۾ رهندا هئا، جتي ماڻهو ايندا ئي ڪو نه هئا. +هڪڙي ڏينهن صبح جو هرڻي تڙڪي تي ويٺي هئي، ته ڪتي جي ڀوًنڪ ٻڌائين، سمجهيائين ته اهو ڪتو پڪ ڪنهن شڪاريءَ جو آهي، سو وٺي ڀڳي، پر ڪتي جو آواز کيس جيئن پوءِ تيئن ويجهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سو هيڪاري وٺي ٿي تڪڙو ڊوڙي. تان جو گهر کان گهڻو پنڌ پري نڪري ويئي. +( ب ) +جڏهن سج لٿو ته ڪوئو، ڪُمي ۽ ڪانوءُ رات جي ماني کائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. ڏسن ته هرڻي آهي ئي ڪانه. ڀائرو، ڇو ڀلا، اَڄ ادي هرڻي ڏسڻ ۾ ئي ڪا نه ٿي اچي؟ ڪُئي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چيو. ڪُميءَ جي البت ڪانوَ سان پوندي ئي ڪا نه هئي، سو منهن ۾ سونڍ وجهي، ڇوهه مان چيائين، مان جي ڪانوَ وانگر پکي هجان ها، ته جهنگ جو چڪر هڻي اچي اوهان کي ٻڌايان ها، ته ادي هرڻي ڪٿي آهي؟ گهڙي رکي وري چيائين، ”پر ادي ڪانوَ کي ته ڪو خيال ئي ڪونهي!“ +( ج ) +ڪانوَ لامارو ڏئي اُڏاڻو، اُڏامندو ويو، اُڏامندو ويو، تان جو سندس نظر وڃي هرڻيءَ تي پيئي، ويجهو وڃي ڏسي ته مار! هرڻي ته رسيءَ سان سوگهي ٻڌي پيئي آهي. هرڻي کي دلداري ڏيئي، انهي مهل ئي پوئتي وريو ۽ سگهو ئي اچي سنگتين سان حال ڪيائين. سڀني گڏجي صلاح ڪئي ته هاڻي ڇا ڪجي!؟ +”ڪُميءَ کي گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي، پاڻ هلي ڪا هرڻيءَ جي واهر ڪريون.“ ڪانوَ چيو. ”جي ڪُميءَ کي به ساڻ وٺي هلنداسين ته وک وک هلڻ ڪري دير ٿي ويندي ۽ پوءِ هرڻيءَ جي بچڻ جو آسرو ڪونهي.“ ڪوئيءَ کي ڪانءُ جي ڳالهه دل سان لڳي، سو ڪميءَ کي ڇڏي ڪوئو ۽ ڪانءُ روانا ٿيا. +( د ) +”پر مون کي وري هت آرام ڪيئن ايندو، جو ڀيڻ هرڻي ويل ۾ ڦاسي پيئي آهي. مان به پوان ٿي پنڌ. هوريان ڏاڍيان، دير مدار سان نيٺ وڃي پهچنديس.“ اهو چئي ويچاري ڪمي به پنڌ پيئي. +جڏهن ڪوئو ۽ ڪانءُ هرڻيءَ وٽ پهتا، ته ڪوئي گهڙيءَ پلڪ ۾ رسيءَ کي ڪُتري ڇڏيو پر هرڻي اڃا آزاد مس ٿي ته شڪاري اچي ويو. ”هرڻيءَ کي ڪنهن ڇوڙيو؟“ شڪاري عجب ۾ چيو! سندس آواز ٻڌي ڪوئو هڪ ٻر ۾ لڪي ويو ۽ ڪانءُ وڃي وڻ تي ويٺو ۽ هرڻي وٺي ڀڳي. شڪاري به هرڻيءَ جي پويان ڊوڙ��و پر اڃا ٻه ٽي وکون مس اڳتي وڌيو ته پري کان ڪميءَ تي نظر پيس. اڙي واهه! شڪاري خوشي مان چيو، ”هرڻي ته +هٿ اچڻ مشل آهي منهنجو شڪار ڇٽُو، باقي ڪُتي لاءِ ڪمي واهه جي خوراڪ ٿيندي! ائين چئي ويچاريءَ ڪميءَ کي کڻي بگليءَ ۾ وڌائين. ڪانءُ وڻ تان ويٺي سڄو لقاءُ ڏٺو. سو اُڏري وڃي هرڻيءَ کي اها خبر ٻڌايائين. اهو حال ٻڌي، هرڻيءَ کي اٽڪل سجهي آئي. ڇا ڪيائين جو مڪر ڪري، منڊڪائيندي پوئتي موٽي. شڪاريءَ جي هرڻي تي نظر پيئي. سو ڏاڍو خوش ٿيو. سمجهيائين ته هرڻي ڪنهن طرح سان منڊي ٿي پيئي آهي. سو اجهو وڃي ٿو جهليانس. شڪاري بگلي زمين تي ڦٽي ڪري، وٺي هرڻي ڏي ڀڳو. اتي ڪُميءَ کي مليو وارو، سا سٽ ڏيئي بگليءُ مان ٻاهر نڪتي. سامهون ٻر مان ڪُئي ٻاهر نڪري اک جو اشارو ڪيس. ڪمي تڪڙي تڪڙي رڙهي، ڪُئي جي ٻر جي ڀرسان وڃي هڪڙي ٻوڙي ۾ لڪي. هوڏانهن هرڻي کي جڏهن شڪاري وڃي ويجهو پيو، ته هرڻي وٺي ڇانگ ڏنو ۽ پوءِ ته ڇال ڏيندي پري نڪري ويئي. شڪاري بڇڙو ٿي پوئتي موٽيو. ڏسي ته بگليءَ ڪُمي آهي ئي ڪانه. پوءِ ته ڪاوڙ ۾ پنهنجو نصيب پٽيندو، واٽ وٺي گهر روانو ٿيو. هوڏانهن هي چارئي ڄڻا خوش ٿي گهر موٽيا ۽ اچي گڏجي رات جي ماني گڏجي کاڌائون. ان ڏينهن کان وٺي، ڪڏهن به ڪُميءَ ڪانءٌ کي ميار ڪا نه ڏني ۽ پوءِ ڪانءُ، ڪُمي، ڪوئو ۽ هرڻي خوش ٿي گڏ گذارڻ لڳا. \ No newline at end of file