diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book29.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book29.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book29.txt" @@ -0,0 +1,281 @@ +ڪتاب جو نالو: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون) + + + +آکاڻيون (ڀاڱو پهريون) +ولي محمد طاهرزادو +ڇپائيندڙ پاران +دنيا جي هر عظيم قوم جا ڪامياب نسل پنهنجي معياري ٻاراڻي ادب منجهان اُتساهه حاصل ڪندا آهن. انهيءَ ڪري ئي سجاڳ ۽ سڄاڻ قومن جا ليکڪ ۽ علمي ادارا ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ خاص اُپاءَ وٺندا آهن. ڇو ته کين چڱيءَ ريت اها سُڌ هوندي آهي ته هر قسم جي ناانصافيءَ ۽ ڏاڍ کان آجي سماج جي اڏاوت ان ريت ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اهڙا سماج پنهنجي آئيندي، يعني ٻارن لاءِ اعليٰ اخلاقي ۽ علمي ادب سرجيندا آهن يا دنيا جي ٻين قومن جي ٻاراڻي ادب مان علمي شهپارا هٿ ڪري، انهي کي پنهنجي ٻوليءَ جو ويس پهرائي پنهنجي سماج ۾ پکيڙيندا آهن. +انهيءَ ساڳئي حوالي سان سنڌي سماج ۾ ٻاراڻي ادب جي ڦهلاءَ خاطر، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده انتظاميا تمام گهڻا اُپاءَ وٺي رهي آهي. ٻاراڻي شاعري، ٻاراڻيون آکاڻيون، عالمي شخصيتن جي آتم ڪٿا ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي مسودا هٿ ڪري ڇپرائڻ لاءِ مختلف مرحلن ۾ داخل ڪيا ويا آهن. +هن ڪتاب ”آکاڻيون“ (ڀاڱو ٻيو) جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي مخلص ڪارڪن، لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ اديب محترم ولي محمد طاهر زادي ڪيترائي ورهيه اڳ تيار ڪيو هو، جنهن کي سُوڌي سنواري سنڌي ادب ۽ علم جو آئيندو اڏيندڙن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته سنڌ جي مستقبل جا معمار هن ڪتاب جو اڀياس پيار ۽ توجهه سان ڪندا ۽ ان ۾ موجود ڄاڻ ۽ علم جا نُڪتا هينئين سان هنڊائيندا. +(انعام الله شيخ) +سيڪريٽري +سنڌي ادبي بورڊ +ڄام شورو، سنڌ +ڇنڇر 4 ذوالقعد 1426هه +بمطابق 7 ڊسمبر 2005ع +نالو قائم ڪيئن رهندو؟ +سليمان جي ذهن ۾ هڪ خيال هو ۽ دل ۾ هڪ آرزو، ته ڪنهن ريت منهنجو نالو زندهه رهي! +هڪ ڏينهن درياءَ جي ڪناري تي ويو. واريءَ جا ڍڳ لڳا پيا هئا، پنهنجي آڱر سان واريءَ تي پنهنجو نالو لکيائين ۽ اُن کي ڏسندو ڏسندو ڳچ وقت تائين خوش ٿيندو رهيو پر جڏهن درياءَ مان وهنجي نڪتو، تڏهن واريءَ تي لکيل سندس نالو ڊهي ويو هو. اُتان ڪيترا ماڻهو ۽ جانور ٿي لنگهيا، انهن جي پيرن هيٺان اچي ريتيءَتي ليڪي سان لکيل نالي جو بچڻ محال هو. سليمان کي پنهنجي نالي جي ميسارجي وڃڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻارن جيان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو ۽ غمگين ٿي گهر موٽي آيو. ان کان پوءِ هڪ ڪوئلو کنيائين ۽ شهر جي ديوار تي نهايت خوبصورت ۽ چٽن اکرن ۾ پنهنجو نالو لکيائين. ويجهو ۽ پري کان ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هڪ ڏينهن شام جو شهر جي ننڍن ننڍن ٻارن اچي سندس نالي تي ايتريون ليڪون ڪڍيون، جو نالو نظر کان غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن ڏٺائين، ته سندس نالي جو نشان به ڪو نه آهي، تڏهن غم ۽ درد وچان، سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا، پٽ تي ويهي کن پل لاءِ رُنو. +اوچتو سندس دل ۾ هڪ نئون خيال پيدا ٿيو. هڪ تيز چاقو کنيائين ۽ وڃي هڪ وڻ جي ٿُڙَ تي پنهنجي نالي جا حرف اُڪيري ڇڏيائين. مالهيءَ کيس چيو ته جيئن جيئن وڻ وڏو ٿيندو ويندو، تيئن تيئن اهي اکر به وڏا ٿيندا ويندا پر اتي به بس ڪا نه ڪيائين. شهر جي ديوار جي هڪ وڏي پٿر تي به سبل سان پنهنجو نالو اُڪيري ڇڏيائين. ان وقت هڪ سنگتيءَ چيس ته هينئر تنهنجو نالو پٿر تي ليڪ آهي. ان جو مٽجي وڃڻ هاڻ ناممڪن آهي! هيءُ ٻڌي سليمان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو. ايتري خوشي ٿيس، جو رات جو ننڊ به ڪين آيس. سليمان هر روز ان پٿر ۽ وڻ وٽ وڃي، پنهنجو اُڪريل نالو ڏسي، خوش ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ سال گذري ويو. اوچتو سخت طوفان لڳو، سوين وڻ پاڙئون پٽجي ويا. ٻئي ڏينهن سليمان ��ڃي ڏٺو ته سندس نالي وارو وڻ هيٺ زمين تي ڪريو پيو آهي ۽ مزدور ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ڪري رهيا آهن. نالي جي خواهشمند سليمان جو نالو به ڪپجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ماڻهن سندس نالي واري ڪاٺي جلائي خاڪ ڪري ڇڏي. اها صورتحال ڏسي، سليمان ڏاڍو ملول ۽ ڏکارو ٿيو. سندس دل غم جي بار هيٺ دٻجي ويئي. اڃا اهو درد ئي دور ڪين ٿيو هوس ته رات جو ڌرتي ڌُٻي، شهر جي ديوار اچي پٽ تي پيئي. +ٻئي ڏينهن ٻاهر ويو ته ڇا ڏسي ته اُن پٿر جو به پتو ئي ڪونهي، جنهن تي سبل سان هن پنهنجو نالو اُڪيريو هو. +سليمان حيران پريشان هو، ته ڇا ڪريان! پنهنجو نالو ڪيئن قائم رکان! گهڻوئي مٿو کپايائين پر سندس عقل ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي بيٺو. +ائين ڪيترا ڏينهن گذري ويا، سندس دل کي اها لوري لڳي ئي رهيس! نه کاڌي جو خيال هئس نه ڪپڙن جي پرواهه، کيس فقط هڪ ئي خواهش هئي، ته ڪيئن سندس نالو قائم رهي!؟ +انهيءَ سوداءَ ۾ پيو گهمندو وتندو هو ته هڪ ڏينهن کيس هڪ پير مرد گڏجي ويس، جنهن پڇيس ”ٻچا! تون مايوس ڇو ٿو ڏسجين؟“ +سليمان هن بزرگ کي سڄو قصو ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته منهنجي مرضي آهي ته منهنجو نالو قائم رهي پر ڪو به طريقو نٿو سُجهي. انهيءَ فڪر ۾ ڳرندو ٿو وڃان. +جي تو کي طريقو ٻڌايو وڃي ته ان تي عمل ڪندين؟ +”ڪندس ڪندس. ضرور ڪندس.“ سليمان تڪڙ ۾ چيو. +پير مرد چيس ”ٻچا، تو پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ جيڪي پئي ڪيو آهي. سو بيڪار ثابت ٿيو آهي. ڪيترا ماڻهو تو کان به اڳڀرو ويندا آهن. اهي مسافر خانو ٺهرائيندا آهن، کوهه کوٽارائيندا آهن، باغ رکائيندا آهن ۽ انهن تي پنهنجو نالو رکائيندا آهن پر ڪجهه سالن بعد ماڻهن کي سندن نالو به ياد ڪو نه رهندو آهي. جيڪڏهن تو کي پنهنجو نالو قائم دائم رکڻو آهي ته دنيا ۾ چڱايون ڪر ۽ هر ڪنهن سان نيڪي ڪر، جنهن سان ٿي سگهي، تنهن سان ڀلائي ڪر. پنهنجو نالو ڪاغذ، پٿر يا مڪانن تي نه لک پر ماڻهن جي دلين تي لک. ڪاغذ ڦاٽي ويندا. پٿر ڀُري ويندا، مڪان ڊهي ويندا پر انسان جي دل تي ڇپيل نالو قيامت تائين قائم رهندو. حضرت محمد صلعم ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي لاڏاڻو ڪري ويندي به هزارين ورهيه گذري چڪا آهن ته به سندن مبارڪ نالو اڃا قائم آهي ۽ قائم رهندو. هوڏانهن حاتم طائي ۽ مدر ٽريسا، علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي، حڪيم سعيد جا مثال به ڏس! مطلب ته نالو نيڪيءَ سان ئي قائم رهندو. +اهو ٻڌي سليمان جون اکيون خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چهرو گل جيان ٽڙي پيو. پير مرد بزرگ کي چيائين، ”سائين! اوهان سچ ٿا چئو آءٌ به پنهنجو نالو ماڻهن جي دلين تي اُڪيرڻ جي ڪوشش ڪندس. ائين چئي، پير مرد کي سلام ڪري چڱائي ڪرڻ واري رستي تي هلندو رهيو. +وڏن ماڻهن جون ڳالهيون +هڪڙي ڀيري اونهاري جي مند ۾، ڪو بادشاهه نديءَ جي ڪناري تي پنهنجي وزير سان گڏ سير ڪري رهيو هو. ڳالهين ڪندي بادشاهه چوڻ لڳو، ”اونهاريءَ جي گرمي ۾ نديءَ ۾ وهنجڻ سان ماڻهو راحت ۽ فرحت محسوس ڪن ٿا، پر ساڳيءَ نديءَ ۾ جي ڪو سياري جي سرد رات جو گهڙي ته امالڪ اُتي جو اُتي مري وڃي.“ +اهو ٻڌي وزير چيو ، عالم پناهه! گستاخي معاف ٿئي، مان ڀانئيان ٿو ته ائين صحيح ناهي. غريب مهاڻا گرمي توڙي سياري جي مُند ۾ درياءَ جي ڪناري تي رهندا آهن. انهن مان ڪو به هڪڙي رات درياءَ ۾ رهي سگهي ٿو. +بادشاهه کي وزير پاران پنهنجي ڳالهه جي رد ڏيڻ تي جوش اچي ويو. چيائين، ائين هرگز نٿو ٿي سگهي. پر وزير پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. تڏهن بادشاهه چيو، ته چڱو جي سياري ۾ ڪنهن هڪ رات جو ڪو ماڻهو، فقط لانگوٽ ٻڌي. نديءَ ۾ سڄي رات سج اُڀرئي تائين بيهي ڏيکاري ۽ جيئرو بچي ته آئون کيس پنج هزار اشرفيون انعام ڏيندس. وزير مرڪي چيو، عالم پناهه! اها ڳالهه قبول آهي. بادشاهه چيو ۽ ”جي مري ويو ته؟“ +وزير وراڻيو ته ”پوءِ آئون ڏهه هزار اشرفيون ڏنڊ ڀري ڏيندس!“ +بادشاهه چيو ”چڱو، پر شرط اهو آهي ته رات چانڊوڪي نه پر اونداهيءَ جي هوندي.“ +وزير پڇيو ”ان ۾ ڪهڙي مصلحت آهي؟“ +بادشاهه جواب ڏنو ”چانڊوڪيءَ ۾ ته درياءَ تي موج لڳي پئي هوندي آهي سو متان ان ڪري هن کي سرديءَ جي تڪليف گهٽ محسوس ٿئي پر اونداهيءَ رات ۾ سرد پاڻيءَ ۾ کيس دل پرڀائڻ جو ڪو به ذريعو نه ملندو.“ +هيءَ ڳالهه مڙ ئي عجيب هئي پر وڏن ماڻهن جون ڳالهيون ته اجهو اهڙيون ئي ٿينديون آهن، سو وزير چپ چاپ مرڪي شرط جو اهو اصول به مڃيو. +بادشاهه پنهنجي محل ڏي هليو ويو. ٽئين چوٿين ڏينهن بادشاهه پنهنجي وزير کي سندس شرط ياد ڏياريندو رهيو ۽ وزير اطمينان سان ها ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. سرديون اڃا اوج تي ڪو نه هيون ته هڪ ڏينهن بادشاهه وزير کي چيو هاڻي به مڃي وڃ. مان نٿو چاهيان ته هن اجائي ڳالهه ڪري تنهنجي مٿان ماڻهو کلن. ڇو ته اهو تنهنجي عقلمنديءَ تي داغ لڳي ويندو پر وزير پڪي ۽ پختي ارادي سان چيو ته عالم پناهه، توهان ان جو خيال نه ڪريو.آئون اڄ به يقين سان ٿو چوان ته اهڙيءَ ريت سياري جي رات پاڻيءَ منجهه گذارڻ سان ماڻهو مري نٿو سگهي!خير، وقت آيو ته توهان ڏسي وٺجو. +جڏهن پوه جا پارا پوڻ لڳا سردي اچي وئي ۽ وڻن جا پن ڦڪا ٿي ويا ۽ نديءَ ۾ پاڻي گهڻو سڪي ويو، تڏهن هڪ ڏينهن بادشاهه شهر ۾ پڙهو گهمارايو ته جيڪو ماڻهو رڳو لانگوٽ ٻڌي نديءَ ۾ سڄيءَ رات سج اڀرئي تائين بيهندو ۽ صبح جو صحيح سلامت بچي نڪرندو ته کيس پنج هزار اشرفيون انعام ملنديون، جنهن کي اهو شرط منظور هجي سو سڀاڻي دربار ۾ اچي حاضر ٿئي. گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ باهه جيان اها خبر سڄي شهر ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي. هر ڪنهن پئي چيو ته ائين ٿي نٿو سگهي. ڪو به ايڏيءَ ٿڌ ۾ ايترو وقت پاڻي ۾ زندهه بچي نه سگهندو. غريب هجي يا شاهوڪار، ساهه ته هر ڪنهن کي مٺو آهي. سو ايڏي انعام جي لالچ هوندي به ڪو هام هڻي نه سگهندو. ٻئي ڏينهن صبح جو دربار ۾ هر ڪو شخص دل ۾ اهو شوق رکي آيو ته ڏسجي ته انهيءَ شرط پوري ڪرڻ لاءِ ڪو پيدا به ٿئي ٿو يا نه! دربار سڄو ماڻهن سان ڀيو پيو هو، اُتي تر ڇٽڻ جيتر ي جاءِ به ڪا نه هئي. شهر مان ذري گهٽ سڀ ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا پر سڀ تماشو ڏسڻ لاءِ. منجهانئن ڪو به شرط مڃڻ لاءِ ڪين آيو هو. وقت گذرندو پئي ويو. وزير گهڙي گهڙيءَ پاسا پئي بدلايا ۽ بادشاهه جو ن معنيٰ خيز نظرون وري وري مٿس پئي پيون. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو غريب ماڻهو، شهر جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجن پنجن ٻارن ۽ ماءُ پيءُ سان گڏ رهندو هو. ڪٽنبُ هوس گهڻو ۽ گهر جا ڀاتي به اڪثر بيمار رهندا هئس، تنهن ڪري ويچاري جي پورت ئي ڪا نه پوندي هئي. اڪثر فاقا ۽ لنگهڻ ڪڍڻا پوندا هئن، سو ڏاڍو پريشان رهندو هو. جڏهن کيس بادشاهه جي هن شرط جي خبر پئي ته ويچاريائين ته ڇو نه داءُ هڻي وٺان! جيئرو بچيس ته ايڏي دنيا! پر جي کڻي مري ويس ته به ههڙي جنجل جي حياتيءَ کان ڇٽي پوندس. سو ڇا ڪيائين جوگهر ۾ ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا گڏهه تي چڙهي، تڪڙو تڪڙو شهر ڏانهن ڀڳو. جڏهن دربار جو وقت اچي ڀريو ۽ درباري اُٿڻ تي هئا ته هو به سهڪندو سهڪندو اندر پهتو ۽ رڙ ڪري چيائين، مون کي اهو شرط منظور آهي! سڀني جون اکيون وڃي مٿس کتيون. وزير جو حوصلو وڌي ويو، بادشاهه کيس ��ڌڙ ۾ ڀريل ڏسي پڇيو جوان تون ڪٿان پيو اچين؟ +”حضور! هن شهر جي ڀر واري ڳوٺ کان آيو آهيان.“ +”تو کي خبر آهي ته شرط ڪهڙو آهي؟“ +”عالم پناهه، مون کي سڀ خبر آهي.“ +”چڱو! سڀاڻي رات جو شرط پوري ڪرڻ لاءِ، مقرر جڳهه تي پهچي وڃجانءِ!“ +ان کانپوءِ بادشاهه سلامت درٻار ختم ڪري، محل ڏي روانو ٿيو. ٻيءَ رات سپاهين هن غريب شخص کي نديءَ جي ڪپ تي آندو. شرط مطابق فقط لانگوٽ ٻڌي درياءَ ۾ اندر گهڙيو. هن کي اهڙي تانگهي هنڌ تي بيهاريائون، جيئن هن جو منهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل هجي. سڏ کن پنڌ تي، سپاهي باهه ٻاري ويٺا ۽ واري واري سان ڪناري تي اچي هن شخص تي نگاهه ڪندا رهيا. هن ويچاري کي ٿڌي پاڻيءَ ته جنسي ڏنگيو ٿي. بدن ۾ سياٽو پئي ٿيس، آخر به ته انسان هو! پريان بادشاهه جا سپاهي باهه تي مزي سان توَ وٺي رهيا هئا. +اڃا سج ڪني مس ڪڍي هئي ته سپاهين بادشاهه کي اچي اطلاع ڏنو ته ماڻهو جيئرو آهي! بادشاهه سخت حيران ٿي ويو، کيس پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو. وري وري ٿي سپاهين کان پڇيائين ۽ هنن به ساڳيو جواب پئي ڏنو. وزير فتحمنديءَ جي مرڪ سان بادشاهه سلامت کي چيو، عالم پناهه! اوهان ڏٺو نه هينئر!“ بادشاهه سپاهين کي حڪم ڪيو، ته غريب شخص کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي. ٿوري دير کانپوءِ سپاهي هن ماڻهو کي بادشاهه وٽ وٺي آيا. جيتوڻيڪ هن کي سڄي رات برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ هڻي سڪائي رکيو هو پر پوءِ به انعام ملڻ جي خوشيءَ ۾ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندو اچي بادشاهه جي محل ۾ پهتو. بادشاهه کانئس پڇيو تون سڄي رات پاڻي ۾ بيهي، ڪهڙا سوچ ويچار ڪندو رهين؟ + + +غريب ماڻهو جواب ڏنو، ”عالم پناهه! مون ڪو به سوچ ويچار نٿي ڪيو. البت مان حضور جن جي محل جي چمڪندڙ فانوس ڏانهن نهاريندو رهيس ۽ دل ۾ خدا کي پئي ياد ڪيم ته شال انعام کٽان!“ +بادشاهه سلامت رڙ ڪري چيو ”بس بس، ٺيڪ آ، مون سمجهيو. تنهنجي جسم کي انهن فانوسن مان گرمي پهتي آهي. هينئر تون انعام جو حقدار نه آهين. جيڪڏهن تون فانونسن کي ڏسڻ کانسواءِ زنده بچي نڪرين ها، ته پوءِ تو کي انعام ڏنو وڃي ها.“ +وزير ۽ ٻيا سڀ ماڻهو بادشاهه جو هيءُ فيصلو ٻڌي حيران ٿي ويا. جڏهن ته ان ۾ حيران ٿيڻ جي هروڀرو ڪا اهڙي ڳالهه ڪا نه هئي. ڇو ته وڏن ماڻهن جون ڳالهيون اهڙيون ئي هونديون آهن، سپاهي هن ماڻهوءَ کي ٻاهر وٺي ويا ۽ هو ويچارو روئندو پٽيندو هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ وزير هن ماڻهوءَ کي ڳولي، کيس رپين جي ٿيلهي ڏيئي چيو، ته هڪدم پنهنجي ڳوٺ وڃ، ۽ هن ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجانءِ، نه ته تو سان گڏ منهنجو به خير نه هوندو. غريب پئسا وٺي کيس دعائون ڪندو هليو ويو. +ان ڳالهه کي ڪجهه وقت گذري ويو. اونهاري جا ڏينهن هئا، هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي رٿيل پروگرام موجب نديءَ جي ڪناري تي سير ڪرڻ آيو. گهمندي گهمندي هن کي پريان پنهنجو وزير نظر آيو. بادشاهه اڳتي وڌي وزير وٽ آيو. ڏٺائين ته وزير زمين تي، ٽڪنڊيءَ چلهه وانگر، ٽي ڊگها بانس جا لڪڙا کوڙيا هئا ۽ انهن جي بلڪل مٿان چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙي ديڳڙي رکي، هيٺ زمين تي ٻه چار ننڍڙا ڇوڏا رکي، باهه ٻارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. بادشاهه هيءَ عجب جهڙي ڳالهه ڏسي، کانئس پڇيو ته هي ڇا ڪري رهيو آهين؟ +وزير چيو، قبلا، اڄ پنهنجي هٿن سان هتي کچڻي رڌي کائڻ جو شوق اٿم. ائين چئي هو باهه کي ڦوڪون ڏيڻ لڳو. بادشاهه کان کل نڪري ويئي ۽ ٽهڪ ڏيئي چيائين، ”ديڳڙي رکي آهي آسمان تي ۽ هيٺان دکن ٿا ٻه ڇوڏڙا، اها کچڻي ته سال ۾ به نه پڇندي! +وزير اهو ٻُڌي، هٿ ٻڌي چيو، ”ڇو نه عالم پناهه! جيڪڏهن درياءَ ۾ بيٺل ماڻهوءَ کي ميل پري ٻرندڙ فانوس جي روشني مان گرمي ملي سگهي ٿي ته پوءِ ههڙيءَ ريت کچڻي تيار ڪرڻ ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي.“ +اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ هن ماڻهوءَ کي تلاش ڪرائي، کيس واعدو ڪيل انعام ڏنائين ۽ آئينده لاءِ اهڙيون اجايون ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. +لومڙي ۽ ٻلي +هڪڙي هئي لومڙي ۽ ٻي هئي ٻلي. لومڙيءَ کي هُئي ٻٽاڪ هڻڻ جي عادت، سو هڪ دفعي ٻليءَ کي چيائين، ته اَدي مان ته ڪنهن کي وٺ ڏيان ئي ڪونه. ڪو به مون کي پڪڙي نٿو سگهي، جيڪڏهن ڪو اوپرو ڏسان ته وٺي ڀڄان ۽ جي ڪو مٿان اچي پوي ته کڻي مڪر ڪريان، ڄڻ ته مئل آهيان. مان ڏاڍي چالاڪ آهيان. مڄاڻ ته اتي وڻ جي پٺيان ڪنهن شڪاريءَ بيٺي ڪنهن شڪار کي تاڙيو. تنهن لومڙي کي ڏسي ڪري بندوق سڌي ڪئي ته ٻلي جيڪا مائٽيءَ ۾ شينهن جي سڳي ماسي ۽ تمام هوشيار پڻ هئي. سا امالڪ ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي، باقي رهي ٻٽاڪِڻ لومڙي، سا ڏند شيڪ، شيڪ ٽنگون ٽيڙ ٽيڙ، پُڇ موڙ موڙ! +ڪندي هيڏانهن هوڏانهن ٻوُڙهن وچ ۾ ٽلندي پئي وتي، وڻ تي چڙهيل ٻليءَ گهڻيو ئي ميانئون! ميانئون! ڪري چيس ته ادي لومڙي، خيال ڪر، شڪاري بندوق کنيو پيو وتي. بچجانءِ! پر ٻٽاڪڻ لومڙي، ڪا ڳالهه نه ٻڌي. ابتو، ڪنڌ مٿي ڪري، پڇ کي موڙو ڏئي ٻليءَ کي چوڻ لڳي ته: ڀيڻ ٻلي! اصل ڪا ڊڄڻي آهين. ڪٿي آهي شڪاري؟ ٻليءَ چيو ته هوڏانهن ٻوڙهن ۾ لڪو ويٺو آهي ۽ بندوق به هٿ ۾ اٿس. ٻٽاڪڻ لومڙيءَ کلندي چيو، هل ! ڪوڙي ڪٿي جي! ايتري ۾ شڪاري بندوق مان ٺڪاءَ گولي ڪرايس. گولي جي ٺڪاءَ سان ٻٽاڪڻ لومڙي هوا ۾ بُل ڏنو پاڻ ته بچي وئي پر سندس پُڇ جو ٽوئنر اڏامي ويو. +اڃا تائين اها لومڙي، سنڌوءَ جي سالار ٻيلي ۾ رهندي آهي ۽ هر ڪنهن کي ڊاڙ ٺڪاءَ هڻڻ کان منع ڪندي چوندي آهي ته : ”ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ هڻڻ سان وڏا نقصان ٿيندا آهن.“ +شاهي حڪيم +ڪنهن زماني ۾ يونان ملڪ تي هڪ داناءَ بادشاهه حڪومت ڪندو هو، جو حڪيمن ۽ عقلمند انسانن جو تمام گهڻو قدر ڪندو هو. هن سڄي ملڪ مان چونڊي هڪ حڪيم پاڻ وٽ مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو، ته اهو ڪتاب لکي تيار ڪر، جنهن ۾ سڀني صحت جي اصولن ۽ بيمارين کان ڇٽڻ جا علاج هجن. حڪيم بادشاهه جي حڪم موجب هڪ نهايت عمدو ڪتاب لکي تيار ڪيو. بادشاهه کي نهايت پسند آيو ۽ انهيءَ ڪتاب لکڻ تي حڪيم کي هڪ لک سونيون اشرفيون انعام ۾ ڏنائين. ٿورن ڏينهن کانپوءِ حڪيم مري ويو ته سندس جاءِ تي هن جو پٽ شاهي حڪيم مقرر ٿيو. هن به پنهنجي حڪمت ۽ خدمت سان بادشاهه کي ڏاڍو خوش ڪيو. انڪري هو پنهنجي حياتي آرام سان گذاريندو هو. هڪ ڏينهن بادشاهه اهو ڪتاب پڙهي رهيو هو ته هڪ هنڌ لکيل ڏٺائين ته جيڪڏهن ڪو شخص ٻه پاپڙ ۽ هڪ پاءُ ڌوئنرو کائيندو ته ٻن ڪلاڪن اندر سخت بيمار ٿي پوندو. بادشاهه اهو پڙهي تمام حيران ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته عجيب بي عقل حڪيم هو، جنهن ههڙي واهيات ڳالهه ڪتاب ۾ لکي آهي. ڀلا پاپڙ ۽ ڏهيءَ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟ جو ٻن ڪلاڪن اندر سخت بيماري اچي وٺندي. ايتري ۾ حڪيم جو پٽ اچي حاضر ٿيو، بادشاهه کيس چيو، حڪيم صاحب، تنهنجي پيءُ هيءَ عجيب ڳالهه ڪتاب ۾ لکي آهي ته ڏهي ۽ پاپڙ کائڻ سان ماڻهو سخت بيمار ٿي پوندو. مون کي ته ان تي اعتبار نٿو اچي. حڪيم جواب ڏنو، بادشاهه سلامت، منهنجو پيءُ دنيا جو مشهور حڪيم هو، هن جي لکيل ڪا به ڳالهه غلط ٿي نٿي سگهي. جو هن لکيو آهي، سو برابر صحيح آهي. اهو ٻڌي بادشاهه چيو ته ”رستي تان ڪنهن مزور کي سڏي وٺ، ته هن ڳالهه جي آزمائش ورتي وڃي.“ +حڪيم هڪ مزور کي گهرايو ۽ کيس ٻه پاپڙ ۽ ڏهي کارائي، سمهاري ڇڏيو. صبح ٿيو ته مزدور بدستور چاق چڱو ڀلو اُٿيو. اهو ڏسي حڪيم حيران ٿي ويو. بادشاهه چيس، ڏٺئي، مون سچ ٿي چيو نه، ته هيءُ ڳالهه واهيات آهي. حڪيم عرض ڪيو ته حضور، ٽن مهينن جي مهلت ڏيڻ فرمايو ۽ هن مزدور کي مون وٽ رهايو وڃي. ان کانپوءِ مان هن ڳالهه جو جواب ڏيندس. بادشاهه اجازت ڏنس. +هاڻ حڪيم ان مزدور کي عمدا عمدا بادشاهي کاڌا کارائڻ شروع ڪيا. ريشمي ۽ نفيس ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ۽ سمهڻ لاءِ بخمل جو نرم بسترو ڏنو. اهڙي طرح اهو مزدور سڄو وقت آرام ۽ مزي ۾ گذاريندو هو، نه پورهيو ڪندو هو نه تتيءَ ٿڌيءَ ٻاهر نڪرندو هو. جيڪي گهرندو هو سو يڪدم بنا ڪنهن دير جي کيس ملندو هئس. ان ريت جڏهن ٽي مهينا گذري ويا ته هڪ ڏينهن حڪيم خيال ڪيو ته هن مزدور جو مزاج جاچڻ کپي. هو باغ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويو ته پر پٺ حڪيم ڪاغذ جا ٻه گول چڪرا ڪاٽي، سندس نرم بستري تي رکي، مٿان ريشمي چادر وڇائي ڇڏي. جڏهن هو آيو تڏهن کاڌو کائي بستري تي اڃا ليٽيو ئي مس ته بيقرار ٿي اٿيو ۽ وري ليٽي پيو، پر پوءِ وري به گهٻرائجي اٿيو ۽ چيائينس ته اڄ پلنگ تي ڪجهه لڳي ٿو، سبب ڪهڙو آهي؟ +حڪيم سمجهيو ته هاڻ سندس طبيعت نهايت نازڪ ٿي پيئي آهي. ڀلا جو مزدور نٽهڻ اُس ۽ سياري جي ولهه ۾ پيو محنت ڪندو هو ۽ ڌرتيءَ تي ليٽي خوب مزي جي ننڊ ڪندو هو، تنهن کي اڄ ڪاغذ جا ٻه ٽڪرا به ريشمي چادر جي هيٺان لڳن ٿا! اهو ويچار ڪري، جواب ڏنائين ته آهي ته ڪجهه به ڪين، تنهن هوندي به وري بسترو ٺاهي ڏنائينس ۽ اهي ڪاغذ جا ٽڪرا ڪڍي ڇڏيائين، تڏهن مزدور کي ننڊ کڻي ويئي. +ٻئي ڏينهن ان کي بادشاهه وٽ حاضر ڪيو ويو ۽ حڪيم ادب سان عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت، هاڻي وري آزمائش ڪر. بادشاهه قبول ڪيو. رات جو مزدور کي محل ۾ گهرائي پاپڙ ۽ ڏهي کائڻ لاءِ ڏنا ويا ته پهريائين ته مزدور منهن چٻوڪيو، هٻڪيو، هٽڪيو ۽ آخرڪار انڪار ڪيائين. ڀلا جنهن ٽي مهينا شاهي طعام کاڌا هجن، تنهن کي پاپڙ ۽ ڏهي ڪٿي ٿا وڻن! پر شاهي حڪم هو، سو لاچار کائي پي سمهي پيو. صبح جو جان ڏسن ته مزدور اٿڻ جهڙو نه آهي، سخت بيمار ٿي پيو آهي. بادشاهه تعجب ۾ پئجي ويو. حڪيم کي گهرائي چيائين ته ٽي مهينا اڳ اهي ساڳيون شيون کائي ويو، ته ڪجهه ڪين ٿيس، هاڻ انهن ساڳين شين کائڻ سان بيمار ٿي پيو، سبب ڪهڙو آهي؟“ +حڪيم جواب ڏنو، حضور! منهنجي پيءُ اهو ڪتاب بادشاهن جي تندرستيءَ تي لکيو هو ۽ ان ۾ سڀ ڳالهيون بادشاهن جي طبيعت موافق لکيل آهن. مون ٽي مهينا هن مزدور کي خوب آرام ۽ عيش ۾ رهايو ۽ سندس طبيعت بادشاهن جهڙي نازڪ ڪري ڇڏيم. ان ڪري هنن شين جو اثر مٿس اهڙو ٿيو، جو هو بيمار ٿي پيو. حقيقت اها آهي ته شين جو فائدو يا نقصان طبيعت موافق پوي ٿو ۽ عيش عشرت بدن کي اهڙو نازڪ ڪري ٿي ڇڏي، جو ٿوري ئي گهٽ وڌائي بيمار ڪريو ڇڏي. ڪڙمي ۽ مزدور آدمي محنت سبب وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا، تنهن ڪري جيڪي کائين، سو هضم ٿيو وڃي. پر انهن جي بيماريءَ جا سبب ٻيا آهن. جهڙوڪ: گهٽ سڻڀ، گهٽ ڀاڄيون، صحت جي قانون سان ناواقفي ۽ ٻيا به، اهو جواب ٻڌي، بادشاهه نهايت خوش ٿيو ۽ حڪيم کي وڏو انعام ڏنائين. +ڪانءُ ۽ جهرڪي +هڪڙو هو ڪانءُ ۽ هڪڙي هئي جهرڪي. هڪڙي ڏينهن ڪانءَ جي دل ۾ اچي خيال ويٺو ته هيءَ جهرڪي آهي، جا ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا ٺاهيو ويٺي آهي ته به هن کي ڪو به الف کان ب به نٿو چوي ۽ هيڏانهن آئون آهيان، جو ڪنهن کي به ڏٺي ڪين ٿو وڻان! بس آهي ناهي اهو شر، انهيءَ جهرڪيءَ پکيڙيو آهي، جا وڃي ٿي منهنجي برخلاف ماڻهن جا ڪن ڀري. بس هاڻي منهنجيون ۽ انهيءَ جهرڪيءَ جون خبرون آهن، يا اها منهنجي پيٽ ۾ يا آئون هن جي پيٽ ۾! اهو خيال ڪري ڪانءُ تاڙ رکي جهرڪيءَ جي رستي تي گهات لڳائي ويهي رهيو. گهڙي نه گذري ته جهرڪي به ٻاهران ڀڙڪي کائي، ڀرسان اچي ڪٿي ويهي رهي. اتي وجهه وٺي، ٻه چار ٽپڪيون ڏيئي،ڪانءُ رڙهي وڃي جهرڪيءَ جو پاسو ورتو ۽ پنهنجي منهن، چوڻ لڳو، ته ”مائي جهرڪي، تون چوڳي جي ڏاڍي تکي آهين! اڄ پاڻ کڻي ٿا شرط ٻڌون! اهو ڪڻڪ جو ڇڄ جيڪو گهر جي مالڪياڻيءَ سڪائڻ لاءِ اُس ۾ رکيو آهي، اهو جي اڄ سڄي جو سڄو کائي وئينءَ ته مڃڻ مراد آهي، مون هارايو تو کٽيو ۽ پوءِ جي وڻيئي ته مون کي به کائي ڇڏج! پر جي مون کٽيو ۽ تو هارايو ته پوءِ تون منهنجي وس ۾ ٿيندينءَ ۽ جي وڻيم ته آئون تو کي کائيندس نه ته ڇڏي ڏيندس. +مائي جهرڪي، بس ائين ويٺي ويٺي ڪانءَ جي ڳالهين ۾ اچي ويئي ۽ کڻي هائو ڪيائينس ۽ ڀڙڪي ڏيئي وڃي ڇڄ تي ويٺي پر جهرڪي ويچاريءَ جي گُجي ئي ڪيتري آهي! تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه چار چهنبون ڀريل ڇڄ ۾ مس هنيائين ته ڍاپجي پيئي ۽ منهن ورائي، اتي ئي پاسو ڪري ويهي رهي. تنهن تي ڪانءَ اڳڀرو وڌي چيس، مائي جهرڪي بس! ڪجهه ته مڙسي ڪر! جهرڪي ويچاريءَ وري به مڙسي ڪري، ٻه ٽي ٻيون چهنبون به ڇڄ ۾ هڻي ويٺي پر نيٺ به ته جهرڪي هئي سو بنهه آڦرجي پيئي ۽ وري به کڻي بس ڪيائين. اهڙي طرح ڪانءَ جي چوڻ تي ٽيون ڀيرو به جهرڪي همٿ ڪئي، پر هن ڀيري ته بس هڪ اڌ چهنب ڀري نه ڀري جهڙي. بنهه بان ڪري، ڇڄ تان اُٿي آئي ۽ ڳچي لاڙي، اڳوپو پري ويهي رهي. اُتي ڪانءُ به پڇ لوڏيندي، منهن موڙيندي وڃي جهرڪيءَ جي ويجهو ويٺو ۽ چيائين، مائي جهرڪي، تو شرط هارائي مون کٽي. هاڻي ته آءٌ تو کي کائيندس! جهرڪي ويچاريءَ جو موت اکئين ڏٺو، ته هيڪر ساهه لُڪيءَ ۾ اچي ويس پر اتي ئي من جاءِ تي آڻي، ڪانءَ کي چيائين ته ”کائين ته مون کي ڀلي کاءُ پر پهريائين پنهنجي اها گند ڀريل چهنب ته ڌوئي اچ! نه ته کائڻ ۾ مزو نه ايندئي!“ بس ڪانءَ جو اها ڳالهه ٻڌي، سو خوشيءَ ۾ اٿي اڏاڻو ۽ جهٽ ۾ وڃي درياءَ تي وڃي پهتو، جيڪو ڀرسان پئي وهيو. چي! درياءَ ڙي درياءَ! مون کي پاڻي ڏي، ته پاڻي سان چهنب ڌوئان ۽ چهنب ڌوئي جهرڪي کايان! درياءَ چيس پاڻي ته تو کي ڏيان پر پاڻي وٺندين ڇا ۾؟ هوءَ مينهن بيٺي اٿيئي، تنهن کان وڃي سڱ وٺي اچ، ته ان ۾ تو کي پاڻي ڏيان پوءِ چهنب ڌوئي ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ! +اهو ٻڌي ڪانءُ ويو مينهن وٽ، چي، مينهن ڙي مينهن! مون کي سڱ ڏي، سڱ درياءَ کي ڏيان، درياءَ پاڻي ڏئي، پاڻي سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي کايان! +مينهن چيس ته سڱ ته تو کي ڏيان، پر پهريائين گاهيءَ کان گاهه آڻي ڏي ته مان گاهه کائي ڍءُ ڪريان پوءِ مان تو کي سِڱُ ڏيان، تون سڱ نيئي درياءَ کي ڏي، درياءَ تو کي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻيءَ سان چهنب ڌوئي، تون ڀلي وڃي جهرڪي کي کاءُ! تنهن تي ڪانءُ اُڏامي گاهيءَ وٽ ويو ۽ گاهيءَ کي چيائين، گاهي ڙي گاهي! مون کي گاهه ڏي، گاهه مينهن کي ڏيان، منهن سڱ ڏئي، سڱ درياءَ کي ڏيان، درياءُ پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي کايان! +گاهيءَ جواب ڏنس ته پهريائين مون کي لوهار کان ڏاٽو آڻي ڏي ته ڏاٽي سان آءٌ گاهه لڻي تو کي ڏيان. پوءِ تون گاهه نيئي مينهن کي ڏي، مينهن تو کي سڱ ڏئي، سڱ نيئي درياءُکي ڏي، درياءُ تو کي پاڻي ڏئي پوءِ پاڻيءَ سان چهنب ڌوئي ڪري تون ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ! +هيءُ ٻڌي ڪانءُ ويو، لوهار وٽ. لوهار کي چيائين: لوهار ڙي لوهار! مون کي ڏاٽو ڏي، ڏاٽو گاهي کي ڏيان، گاهي گاهه لُڻي آڻي ڏئي، گاهه مينهن کي ڏيان، مينهن سڱ ڏئي، سڱ درياءَ کي ڏيان�� درياءَ پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي ڪري وڃي جهرڪي کايان. +لوهار چيس، ته ڏاٽو ته تو کي واهه جو ڏيان، پر منهنجي بٺي ٿڌي ٿي پيئي آهي، تون ڪٿان ٽانڊو کڻي اچ، ته بٺي ٻاري تو کي ڏاٽو ٺپي ڏيان. پوءِ تون ڏاٽو نيئي گاهي کي ڏي، گاهي تو کي گاهه ڏئي، گاهه نيئي مينهن کي ڏي، مينهن تو کي سڱ ڏئي، سڱ نيئي درياءَ کي ڏي، درياءَ تو کي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻيءَ سان چهنب ڌوئي تون ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ! +ڪانءُ وري اُتان وٺي اُڏاڻو. اڏامندو وڃي، اڏامندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، جا هيٺ پڌر ئي پڌر ۾ باهڙي ٻاريو، ڪُني چاڙهيو ويٺي آهي ۽ دال پئي رڌي. بس پوءِ ته هيءُ به گولاٽي ڏيئي هيٺ لهي، پوڙهيءَ جي اڳيان ٿورو پرڀرو وڃي ويهي رهيو ۽ دل جهلي پوڙهيءَ کي چيائين ته امان مون کي ٽانڊو ڏي، ٽانڊو لوهار کي ڏيان، لوهار ڏاٽو ٺپي ٺاهي ڏئي، ڏاٽو گاهيءَ کي ڏيان، گاهي مون کي گاهه ڏئي، گاهه وڃي مينهن کي ڏيان، مينهن سڱ ڏئي، سڱ کڻي وڃي درياءَ کي ڏيان، دريا پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي وڃي کايان. +پوڙهيءَ چيس ته ٽانڊو ته تو کي ڏيان پر ٽانڊو کڻندين ڇا ۾؟ ڪانءُ کي جو اڃا جهرڪيءَ کائڻ جو شوق کنيو بيٺو هو، سو چيائينس ته پوڙهي! اِن جو تون خيال نه ڪر. تون ٽانڊو کڻي منهنجي کنڀن جي اصل وچ تي منهنجي پٺيءَ تي رک. لوهار جو دڪان پري پنڌ ڪونهي. ڀڙڪي ڏيئي اجهو ٿو وڃي اتي رسان. +پوڙهيءَ به ٻيو ڪو خيال ڪو نه ڪيو ۽ چپڙي ڪري ٻڇانگڙي ڪاٺيءَ ۾ ٽانڊو جهلي، کڻي ڪانءَ جي کنڀن جي وچ ۾، سندس پٺيءَ تي رکيائين ۽ ڪانءَ وٺي اُڏاڻو پر ڇا لڳي ڪانءُ ڇا لڳن ڪانءَ جا کنڀ ۽ ڇا لڳي ٽانڊو؟ اڃا ڀڙڪي کائي، ٿورو اُڏريو ئي مس ۽ سنئون ئي مس ٿيو ته باهه جو ڀنڀٽ مچي ويو ۽اچي باهه ورايس. ڪانءُ غريب آئيءَ ۾ اچي ويو. وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ايتري ۾ هيٺ اچي درياءَ تي نظر پيس بس پوءِ ته ڇوهه مان ٻئي کنڀڙاٽيون هڻي، ڌو وڃي پاڻيءَ ۾ پاڻ ڦٽو ڪيائين. مرندي وقت ماڻهو ڇا نٿو ڪري؟ ڪانءُ ويچارو ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيو! خير، پاڻيءَ ۾ پوڻ سان باهه ته وسامي ويس ۽ گهڻو سڙڻ کان ته بچي ويو پر هاڻي غريب لڳو ٻڏڻ. باهه مان نڪري، اچي پاڻي ۾ پيو هو درياءَ به هو سانوڻيءَ جو، سو ٻٽي غوطا ۽ ٽٻيون ڇولين جو ڇاچولي ڏنيون ۽ بنهه ٻڏڻ تي هو، ته ايتري ۾ پريان هڪڙي مير بحر جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن پنهنجي ڊونڊيءَ تي ويٺي پلا ماريا. مير بحر ڏاڍو ڪو ٻاجهارو ماڻهو هو، تنهن کي ڪانءَ تي ڪهل اچي ويئي، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي ڊونڊيءَ کي لاڙي وڃي ڪانءَ جي ويجهو وڃي ۽ ونجهه ڊگهيري، کڻي آڻي ٻيڙي جي آڳيل تي رکيائينس. پوءِ هيءُ کنڀن سڙيل، پاڻيءَ پسيل ڪانءُ، جهڙو هو تهڙو بُوتو بڻجي اتي ويهي رهيو. نه چري، نه پري، جهرڪيءَ جي کائڻ جي ڳالهه ته ڪڏهوڪو دل تان لهي ويئي هيس. نيٺ جڏهن ٿورو اُس تڙڪو لڳس ۽ ڪجهه هلڪڙائي ٿيس، تڏهن هيڏي هوڏي هلڻ ۽ چُرڻ پرڻ جهڙو وڃي ٿيو، پر نئين سر کنڀن نڪرڻ لاءِ کيس ڪي ڏاڍا ڏينهن لڳڻا پيا. وري به شاباس هجي ويچاري ميربحر کي، جنهن جا هٿ نصيب ٿيس، نه ته ڪانءُ مسڪين وڃڻ کي ويو هو! آخر جڏهن کنڀ نڪتس. تڏهن اتان اڏري، منهن ڪري، ڪنهن پاسي هليو ويو. بس اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، ڪانءَ وري ڪنهن جهرڪيءَ جو نالو ڪو نه ورتو. مائي جهرڪي اها ئي ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا ٺاهيو مزا ويٺي ڪري ۽ ڪِني ڪانءُ، جا هن سان ريس ڪئي، تنهن جي حالت اڄ به اها ئي آهي، جيڪا اڳي هئي. ماڻهن کي اصل ڏٺي به ڪين وڻي، پري کان ئي هرڪو پيو پري هڪليس. +گونگو جهرڪُ +ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ڪراڙو شخص ۽ سندس زال جپان جي هڪ ٽَڪريءَ تي رهندا هئا. انهيءَ شخص جي زال عمر ۾ وڏي ۽ طبيعت جي ڏاڍي چيڙاڪ هوندي هئي، جنهن ڪري پوڙهو ويچارو وڏي آزار ۾ هوندو هو. پنهنجي مڙس سان وڙهڻ وقت سندس رڙيون ۽ ڇڙٻون ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. هوءَ ساڙ سڙي به هئي. اهو ئي سبب هو جو هن جي غريب مڙس جو دنيا ۾ ڪو به يار دوست ڪو نه هو، سواءِ هڪ پاليل جهرڪ جي. جنهن کي به هوءَ ندوري اُٿندي ويهندي پئي پٽيندي ۽ پاراتا ڏيندي هئي. هڪڙي ڏينهن اهو ڪراڙو شخص ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ ويو ۽ جوڻس گهر ۾ ڪپڙا پئي ڌوتا. هونئن ته سدائين ڪپڙن ڌوئڻ واري ڏينهن ۾ هن جي ڪاوڙ تمام زور هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪپڙن سٽڻ ڪري هن کي ٿوري محنت ڪرڻي پوندي هئي. جنهن ڪري پٺن ۾ ڏاڍو سور ٿيندو هيس. ان ڏينهن هن ٿورڙو مائو به ٺاهي ڪاٺ جي ڳاڙهي پيالي ۾ وجهي، ٺارڻ لاءِ رکي ڇڏيو هو. جڏهن واندي ٿي مائو کائڻ لاءِ گهر ۾ آئي ته ڏسي ته پيالي جي ڪناري تي جهرڪ ڏاڍي مزي سان ويٺي مائو کاڌو. هُن کي نَنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين باهه لڳي ويئي ۽ ڪاوڙ منجهان جهرڪ کي جهليندي ڪئنچي کڻي، هن جي ٿوري چهنب زبان سوڌو وڍي ڇڏيائين. ڀل ته جهرڪ کي سيکت هجي. هن جوش مان چيو، هاڻي جتي جو آهين، اوڏانهن وڃ ۽ وري منهنجي منهن تي نه چڙهجان! پوءِ هن جهرڪ کي کڻي هوا ۾ اڇلايو. ويچارو پکي، ڏک وچان گهر جي چوڌاري ٻه ٽي ڦيرا ڏئي، هڪ طرف اُڏامي هليو ويو، جڏهن ڪراڙو گهر آيو، تڏهن سموري ڳالهه ٻڌي ڏاڍي ڏک ۾ پئجي ويو. هن کي اها ڳالهه تمام خراب لڳي ۽ چوڻ لڳو ته ندوري تو هيءُ ڇا ڪيو! ۽ پوءِ گهڻي گهڻي رات تائين زال مڙس وڙهندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا پر هاڻ ڪجهه چوڻ بنهه اجايو هو. جهرڪ ويچارو پنهنجي چُهنب وڍائي اُڏامي ويو هو ۽ ڪراڙي شخص کي سواءِ ڪنهن اولاد ۽ دوست احباب جي، اڪيلي سر پنهنجي جهيڙاڪ – زال سان حياتيءَ جا باقي چار ڏينهن گذارڻا هئا. گهڻن مهينن گذارڻ کانپوءِ هڪڙي ڏينهن جيئن ڪراڙو جبل تي پئي چڙهيو ته سنهڙي آواز ۾ کيس ڪنهن سلام ڪيو. اهو انهيءَ ساڳئي جهرڪ جو آواز هو جنهن جو هينئر نمونو ئي ٻيو هو. چهنب وڍجڻ جي ڪري هن ماڻهن وانگر پئي ڳالهايو. ڪراڙو ۽ سندس دوست جهرڪ ڏاڍي قرب ۽ چاهه سان اچي پاڻ ۾ مليا ۽ پوءِ جهرڪ هن کي پنهنجي زال ۽ ڌيئرن سان ملڻ لاءِ گهر هلڻ جي دعوت ڏني. + + +جهرڪ جو گهر ڪو پري ڪونه هو، هو پنهنجي ٻارن ٻچن سميت بانس جي هڪڙي وڻندڙ ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو، جنهن جي چوگرد سهڻو باغ هو. اتي هڪ طرف هڪ جهرڻو هو ته ٻئي پاسي پاڻيءَ سان ڀريل ننڍڙيون ننڍڙيون نهرون پئي وَهيون، جن ۾ ويهڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا پٿر پيل هئا. جهرڪ جي زال، جو مهمان کي ڏٺو، سو طرح طرح جا کاڌا، مٺايون ۽ پڪل مزيدار ميوات کڻي آئي، مانيءَ کائڻ کانپوءِ جهرڪ جي وڏي ڌيءَ چانهه تيار ڪئي ۽ موقعي مطابق ڏاڍي ادب سان پنهنجي مهمان جي اڳيان آڻي رکيائين. اسان وٽ جيڪو غريباڻو کاڌو موجود هو، سو پيش ڪيوسين، جهرڪيءَ چيو، اسان کي معاف ڪجو وقت نه هئڻ ڪري اسين مناسب کاڌو تيار نه ڪري سگهياسين. ههڙي دوستاڻي دعوت ڏسي ڪراڙو خوشيءَ وچان اچرج ۾ پئجي ويو. هن چانهه جا ڪيترائي پيالا پيتا ۽ جڏهن هنن مٿس زور آندو، تڏهن اها رات اتي رهڻ لاءِ به راضي ٿيو. جهرڪ جي گهر جي چوطرف باغ جو نظارو اهڙو ته وڻندڙ هو ۽ اتي ايترو سارو ڪم هو جو ڪراڙي سڄو سارو هفتو اتي ئي رهڻ جو خيال ڪيو. ههڙيون مهربانيون ۽ مهمانيون هن پنهنجي پوري ڄمار ۾ ڪڏهن به ڪين ڏٺيون هيون. تنهن ڪري سندس دل ۾ پنهنجن ننڍڙن دوستن لاءِگهڻي عزت پيدا ٿي. هو آزاد ۽ سواءِ ڪن��ن اوني جي زندگي گذاريندا هئا. ڪراڙو ڏينهن جو باغ جي سٺن سٺن ٻارن ۾ سير ڪندو هو يا جهرڪ جي ننڍڙي ڌيءُ سان پيو رانديون ڪندو هو. شام جو وري جهرڪي مهمان جي اڳيان طرح طرح جا کاڌا ۽ شربت آڻي رکندي هئي ۽ گڏوگڏ سٺا سٺا گيت ڳائيندي به هئي. هوڏانهن وري جهرڪ پنهنجي ڌيئرن سوڌو پيو نچندو، ٽپندو هو ۽ ڪراڙو پنهنجي تڪــلـيـفـن کـي وساري، هنن کي +نچندو ۽ ڳائيندو ڏسي خوشيءَ وچان پيو ٽڙندو هو. پر پنجين ڏينهن اوچتو هن کي خيال ٿيو ته آءٌ گهڻن ئي ڏينهن کان هنن وٽ رهيو پيو آهيان. تنهن ڪري هاڻي هلڻ گهرجي. اهو حال ڏسي جهرڪ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر لاچار هو. وڃڻ وقت جهرڪ ڪراڙي تي زور رکيو، ته نشانيءَ طرح ڪا سوکڙي کڻي وڃي. ائين چئي، هو تندن جون ٺهيل ٻه ٽوڪريون هڪ ڳري ۽ ٻي هلڪي، کڻي آيو. هنن مان ڪا به هڪ يادگيريءَ خاطر چونڊي کڻو، هن چيو. +ڪراڙو ڏاڍو سمجهو ۽ لوڀ لالچ کان پري هو. تنهن ڪري هن انهن مان هلڪي ٽوڪري کنئين ۽ گهڻن شڪرانن ۽ مهربانين مڃڻ کانپوءِ موڪلائي اٿي جهرڪ جي گهران روانو ٿيو. اوهان سمجهندا هوندوء ته ڪراڙي جي غير حاضري ۾ سندس زال ڏاڍي حيران پريشان ٿي هوندي ۽ کيس گهر ۾ واپس ايندو ڏسي خوش ٿي هوندي. نه ذرو به نه، اڃا ڪراڙي گهر ۾ پير ئي ڪو نه پاتو، ته جوڻس پٽ پاراتو ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. چي، ههڙا تهڙا! مون کي هتي اڪيلو ڇڏي ڪٿي وڃي غرق ٿئين؟ آخر گهڻيءَ جهڳيءَ ٻڌڻ کانپوءِ هن جوءِ کي پنهنجي عجيب سفر جو حال ٻڌائي ماٺ ڪرائي ۽ کيس اها ٽوڪري به ڏيکاريائين، جنهن جو ڍڪ ٻنهي گڏجي لاٿو. سڄي ثوڪري سون، چانديءَ ۽ هيرن جواهرن سان ڀري پيئي هئي! هيترو سارو ڌن دولت ڏسي، مائيءَ جون واڇون ئي ٽڙي پيون. ٽوڪريءَ ۾ هڪ ٽوپي به پيل هئي، جنهن جي پائڻ ڪري ماڻهو گم ٿي ٿي ويو ۽ هڪڙو ڪتاب به هو، جنهن ۾ اهو ڪجهه لکيل هو جنهن جي پڙهڻ سان جيڪا طلب هجي سا پوري ٿئي. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻٽون به هو، جيڪو گهڻي خرچ ڪرڻ کانپوءِ به خالي نٿي ٿيو. پوڙهيءَ جي ڪاوڙ ته ڪجهه گهٽ ٿي ويئي، پر سندس ڦڪائيءَ کان ڏند ڪڍي کلڻ ڏسڻ وٽان هو. آئون به جهرڪ کان سوکڙي وٺي ٿي اچان، هن لالچ ۾ اچي چيو. +هن جي مڙس کيس گهڻو سمجهايس ته اوڏانهن نه وڃ، پر هن جي ڪا به ڪين هلي. مڙسهنس اهو ٻڌايس ته اسان وٽ ضرورت کان به گهڻو مال آهي، تنهن ڪري هنن کان وڌيڪ گهرڻ هڪ بيهودي ۽ لالچ واري ڳالهه ٿيندي پر لالچي مائيءَ تي انهن نصيحتن جو بنهه اثر ڪو نه ٿيو ۽ هو جتي پائي، ڇَٽي کڻي، جهرڪ جي گهر ڏانهن رواني ٿي. ڪراڙي ته اڳ ۾ ئي هن کي جهرڪ جي گهر جا پار پتا ٻڌايا هئس. تنهن ڪري جهرڪ جي گهر تائين پهچڻ ۾ هن کي ڪا به تڪليف ڪين ٿي. نيٺ جڏهن اتي پهتي، تڏهن هن ڏاڍي نرمائي ۽ نئڙت مان جهرڪ سان ڳالهايو. هن کي ڏسي جهرڪ کي ڪا به خوشي ڪين ٿي، پر آئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ پوڙهيءَ کي چانهه پيئڻ جي دعوت ڏنائين. جهرڪي ۽ سندس ڌيئرون ته مورڳو هن جي منهن تي ئي ڪو نه چڙهيون. شايد هنن کي خبر پئجي ويئي هئي ته هيءَ ڪهڙي مطلب سان آئي آهي. نيٺ هن چانهه پي پوري ڪئي ۽ جڏهن سوکڙيءَ ملڻ جو هن کي ڪو به آثار ڏڻ ۾ نه آيو تڏهن ٿوري دير ڪري پاڻ ئي ڳالهه چوريائين! جهرڪ ڪنڌ جهڪائي هيٺ نهارڻ لڳو. هُن ڪجهه به ڪو نه چيو، پر اٿي اندر ويو ۽ اڳي جهڙيون ٻه ٽوڪريون کڻي آيو، هن لالچڻ انهن مان ڳري ٽوڪري کنئي ۽ سواءِ ڪنهن مهربانيءَ مڃڻ ۽ سلام ڪرڻ جي اُٿي تڪڙي تڪڙي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳي. هوءَ ٽوڪري کنيو اهڙي طرح پئي آئي، ڄڻ ته ڪا سوڀ کٽي هئائين پر بار کان تڪڙو هلڻ ڪري اچي سهڪو ٿيس تون ڪهڙو نه بيوقوف هئين، هن گهر پهچڻ سان مڙس کي چيو جو ههڙي ڳري ٽوڪري کڻي ڪو نه آئين. هن ۾ ته ٻيو مال هوندو. ائين چئي، چنبو هڻي ٽوڪري جو ڍڪ پئي لاٿائين، پر هيرن جواهرن بدران ثوڪريءَ مان مورڳو ڪيترا اهڙا اُڏامندڙ عجيب جيت نڪتا، جي ڏينڀن وانگيان اڏامي، ڀونڀٽ ڪري، اچي مائيءَ کي چهٽيا. انهن خوفناڪ جيتن ڪراڙيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏنگي سڄائي رکيو. ڪي ڏينهن ته مائي بستري داخل هئي ۽ پاڻ کي پئي سيڪيائين. سيکت اهڙي مليس جو آئينده سڀ ڏنگايون ڇڏي ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي پيئي. هوڏانهن هاڻي پوڙهو غريب مان ڦري امير ٿي پيو هو. هن رهڻ لاءِ هڪ شاندار جاءِ خريد ڪئي ۽ پيريءَ جي سک خاطر هڪ سلڇڻي ڇوڪر کي پنهنجو پٽ ڪري ورتائين، جنهن کي لالچ جي خطرن ۽ شريف رهڻ جي فائدن ٻڌائڻ مان ٿڪبو ئي ڪو نه هو. +شبنم پري +پرستان ۾ هڪڙي ننڍي پري رهندي هئي. سندس نالو هو شبنم. جهڙو هوس نالو، تهڙي ئي هئي سُهڻي نازڪ، نفيس، خوش مزاج. کلئي هن جي ماءُ کي جڏهن به ڪجهه وقت ملندو هوس، تڏهن کيس قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي ته اسان جي هن دنيا کان الڳ، هڪڙي ٻي دنيا به آهي، جنهن کي انسانن جي دنيا ڪوٺجي ٿو ۽ ان ۾ فقط ماڻهو ئي رهندا آهن. اهڙيءَ ريت هوءَ هر روز شبنم کي رات جو ڪا نه ڪا آکاڻي ٻڌائي پئي وندرائيندي هئي. هڪ ڏينهن شبنم پنهنجي ساهيڙين سان راند پئي ڪئي ته اوڏيءَ مهل هڪڙي ساهيڙي هُن کي چوڻ لڳي ته اسين پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهيون. شبنم جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن چوڻ لڳي ته ڀيڻ، اوهان جڏهن ته ماڻهن جي دنيا ڏٺي ئي ڪا نه آهي تڏ هن ڪيئن ٿيون چئو ته پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهيون. شبنم جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن چوڻ لڳي ته ڀيڻ، اوهان جڏهن ته ماڻهن جي دنيا ڏٺي ئي ڪا نه آهي، تڏ هن ڪيئن ٿيون چئو، ته پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهن؟ اهڙي ڳالهه ته انهيءَ کي ڪرڻ جُڳائي، جنهن اکين سان انهن کي ڏٺو هجي. شبنم هڪ راءِ تي، ته ٻيون پريون وري ٻيءَ راءِ تي قائم هيون. +هڪ ڏينهن شبنم کي اچي دل ۾ خيال ٿيو ته ڇو نه آئون هتان اُڏامي وڃي انسانن جي دنيا کي پنهنجين اکين سان ڏسي اچان ۽ پڪ ڪريان. سو اهو فيصلو ڪري شبنم هڪ ڏينهن وٺي زمين ڏانهن اُڏاڻي. اُڏامندي اُڏامندي هوءَ نيٺ اچي زمين تي لٿي، جان کڻي نهاري ته مار! انسانن جي دنيا ۾ ته ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن! وڏا وڏا شهر، عاليشان جايون، ويڪرا رستا، وڏا باغ ۽ هزارن ميلن ۾ ساوا کيت، جن ڏانهن نهارڻ سان اکين کي سُرور ۽ دل کي راحت پيئي اچي ۽ چوڌاري نهار کڻي ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف ۽ خوش پيو نظر اچي. هن کي اوڏي مهل پنهنجي پرستان جي دنيا ياد آئي، جنهن ۾ نڪي اهڙا دل کي وڻندڙ نظارا هئا ۽ نڪو وري ڪا ايتري مصروفيت هئي. هر ڪو بيڪار ۽ پنهنجي منهن، شبنم فيلصو ڪيو ته مون کي هن صورت ۾ ماڻهن جي دنيا ۾ وڃڻ نه گهرجي! ائين ڪرڻ سان آئون اجنبي لڳنديس ۽ گمان آهي ته متان ڪو مون کي پڪڙي وٺي، تنهن ڪري پنهنجي صورت بدلائي ماڻهن جهڙي ڪرڻ کپي. هوءَ اڃا پاڻ کي بدلائي ٿورو اڳڀرو هلي ته ڏسي ته هڪڙي هنڌ ڪيترائي ٻار پاڻ ۾ گڏجي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پيا رانديون کيڏن ۽ ڊُڪن ڊوڙن پيا. شبنم کي به ريس آئي، سو پاڻ به وڃي ساڻن راند ۾ شريڪ ٿي. راند ڪُڏندي کيس ڏاڍو مزو آيو. ڀلا اهڙيون رانديون پرستان ۾ ڪٿان آيون؟ شبنم ڏاڍو خوش ٿي، دل ۾ چيائين ته جيڪڏهن منهنجون ٻيون ساهيڙيون هينئر هت هجن ته هو به حيران ٿي وڃن ها شايد پنهنجيءَ دنيا ڏانهن موٽي وڃڻ جو خيال به دل تان لاهي ڇڏين ها. راند ڪُڏن��ي، نيلم نالي هڪ ڇوڪريءَ شبنم جي ساهيڙي ٿي ويئي. نيلم به هڪ نهايت خوبصورت ۽ پيار ڀريي ڇوڪري هئي. هن جون اکيون ٻن ماڻڪن جيان ٿي ٻريون ۽ ڳلن جي لالاڻ صوفن جي رنگ کي به شهه ڏيو بيٺي هئي. شبنم هن جي سونهن کان ايترو ته متاثر ٿي جو گهڙي گهڙي پئي ڏانهس نهاري ۽ دل ۾ سندس حسن کي داد ٿي ڏنائين. جڏهن راند پوري ٿي ۽ سڀئي ٻار پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لڳا، تڏهن شبنم سوچيو ته ڇو نه آئون نيلم سان گڏجي سندس گهر وڃان. شبنم، نيلم سان گڏجي هن جي گهر پهتي ته نيلم جي ماءُ شبنم جي سهڻي صورت ڏسي ۽ اخلاق ڏسي هن کي ڏاڍو پيار ڪيو ۽ هن کي ڌيءَ شبنم ڪري سڏڻ لڳي. شبنم هاڻي نيلم جي گهر ۾ رهڻ لڳي. هن کي ماڻهن جي دنيا توڙي نيلم جو گهر ايترو ته وڻي ويا جو هن پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي هوءَ هن ئي دنيا ۾ رهندي ۽ هتان ڪڏهن به موٽي واپس پرستان نه ويندي. نيلم جي ماءُ شبنم کي يتيم ڄاڻي، پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندي هئي.اهڙيءَ ريت سالن پٺيان سال گذرندا رهيا ۽ شبنم جي دل تان مائٽن جي ياد بلڪل ختم ٿي ويئي. هوڏانهن شبنم جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ سندس ماءُ سڄي پرستان ۾ ڳولا ڪرائي پر ڪٿان به ڪو پتو ڪو نه پيو. آخر جڏهن نا اُميد ٿي تڏ هن هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي اوچتو کيس دل ۾ خيال آيو ته آئون شبنم کي ماڻهن جي دنيا جون ڳالهيون ٻڌائيندي هيس سو ائين ته نه آهي ته هوءَ انهن ڳالهين تي لڳي، اوڏانهن هلي ويئي هجي ۽ اُتي وڃي ڪنهن مُصيبت ۾ اچي وئي هجي. وڌيڪ خاطريءَ ڪرڻ لاءِ هن هڪ ڏينهن شبنم جي هڪ ساهيڙيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪئي، هن به اها ئي ورندي ڏنس ته آئون ڀانيان ٿي ته هوءَ ماڻهن جي دنيا ڏانهن هلي وئي آهي. هن هڪ دفعي انهي ڳالهه تي وڏو بحث ڪيو هو. شبنم جي ماءُ پنهنجي دل ۾ پڪ ڪري، وٺي زمين. زمين تي پهچي هڪ پوڙهيءَ عورت جو روپ اختيار ڪري، ڪيترائي شهر، ڳوٺ ۽ گهر گهر ڪري جاچڻ لڳي. ڪيترن ڏينهن جي ڳولا بعد هوءَ هڪ ڏينهن نيلم جي ڳوٺ اچي سهڙي. اتي پڇا ڳاڇا ڪندي ڪنهن ماڻهو ٻڌايس ته گهڻا سال اڳي هڪ ڇوڪري رُلندي رُلندي هن ڳوٺ ۾ آئي هئي ۽ فلاڻي گهر ۾ رهندي هئي. انهيءَ کي گهڻا سال ٿيا، هينئر ته هوءَ ٻارن ٻچن واري آهي ۽ سامهون جيڪا وڏي جاءِ پيئي ڏسجي، ان جي هوءَ مالڪياڻي آهي ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ وڏي +ڀاڳ واري ٿي ليکجي. شبنم جي ماءُ کي پڪ ٿي ته اها ئي سندس ڌيءُ آهي. ان کي به گهڻا سال ٿيا هئا جو هُن وٽان گم ٿي وئي. ٻئي ڏينهن صبح جو هوءَ ڏس ڏنل پتي تي انهي گهر ۾ گهڙي آئي، پهريائين ته هوءَ مُنجهي بيهي رهي پر پوءِ ٿوري دير بعد ڪن اهڃاڻن مان هن کي يقين ٿيو ته منهنجي ڌيءَ شبنم اها ئي آهي. پوءِ ته نڪا ڪيائين هم نڪا تم، ڊوڙي وڃي شبنم کي ڀاڪر وڌائين. شبنم کي جڏهن خبر پيئي ته هيءَ منهنجي ماءُ آهي تڏهن ايترو خوش ٿي ايترو خوش ٿي جنهن جي حد ئي نه رهي. +ان ڏينهن کانپوءِ ٻئي ماءُ ڌيئرون گڏجي، ماڻهن جي دنيا کي وڌيڪ سينگارڻ ۽ سرسبز بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنديون رهيون. +هڪ ڏينهن پرستان جي ٻين پرين کي به هن ڳالهه جي خبر پئي ۽ تڏهن کان هو ماڻهن جي دنيا کي وڌيڪ سرسبز ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڳوٺن ۾ اينديون رهن ٿيون. +سونو هنج +هڪ ماڻهوءَ کي هئا ٽي پٽ. سڀني کان ننڍڙو هوندو هو سڌو سادو، ان ڪري ويچاري کي ”پورالو“ سڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح مٿس اهو نالو پئجي ويو. سندس وڏا ڀائر هن سان مذاق ڪندا هئا ۽ وجهه ملڻ تي هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا. هڪ ڏينهن سڀني کان وڏي ڀاءُ کي جهنگ ۾ ڪاٺيون وڍڻ لاءِ وڃڻو پيو. ماڻس کيس مٺا لولا پچائي ڏنا ۽ کير هڪ چونئري ۾ ڀري ڏنائ��ن ته جيئن بک ۾ ڪم اچيس. وڏو ڀاءُ لولا ۽ کير ساڻ ڪري جهنگ ڏانهن روانو ٿيو، اڃا جهنگ ۾ گهڙيو ئي مس ته کيس هڪ اڇن وارن وارو ننڍڙي قد جو پوڙهو ماڻهو سامهون مليو، جنهن سلام ڪري چيس ته پٽ آئون ڏاڍو بکايل ۽ اُڃايل آهيان. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي لولن مان هڪ لولو ڏئين ۽ کير مان به چڪو پيئڻ لاءِ ڏئين! وڏي ڀاءُ چالاڪيءَ سان وراڻيو، آئون پنهنجا لولا ۽ کير تو کي ڇو ڏيان؟۽ پاڻ لاءِ ڇو نه رکان! نه بابا نه، آئون ڪو نه ڏيندس. پنهنجي واٽ وٺ. +ائين چئي پوڙهي کي نفرت سان ڏسندو رمندو رهيو. ٿورو اڳڀرو وڃي هڪ سڪل وڻ تي ڪاٺيءَ وڍڻ لاءِ چڙهيو، پنهنجي ڪهاڙي سنڀالي، جهڙو ئي ٽاريءَ کي ڌڪ هنائين ته ٿڙي اچي ٻانهن ۾ لڳس. سڄي ٻانهن رتورت ٿي پيس. نيٺ جهڙي جو تهڙو موٽي گهر ڏانهن آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وچئين ڀاءُ کي ڪاٺين ڪپڻ لاءِ جهنگ ۾ وڃڻو پيو. ماڻس کيس به وڏي پٽ جيان مٺا لولا پچائي ڏنا ۽ کير جو وٽو به ڀري ڏنو. هو به جيئن ئي جهنگ ۾ گهڙيو ته هن کي به اڇن وارن وارو ننڍڙي قد جو پوڙهو ماڻهو گڏيو ۽ هن کان لولي جو ٽڪر ۽ کير جو ڍڪ پيئڻ لاءِ گهريائين پر هن به وڏي ڀاءُ وانگر جواب ڏنس ۽ چيائينس، پوڙها، آئون پاڻ بکيو رهي، تنهنجو پيٽ ڪو نه ڀريندس. +ائين چئي تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي ويو ۽ پوڙهو مڙس جيئن هٿ ٽنگي بيٺو هو، تيئن بيٺو رهيو. جيئن وڏي ڀاءُ کي سخت دليءَ جي سزا ملي هئي تيئن هن کي به ملي. ڪُهاڙي کڻي جو ڪاٺيءَ کي وڍڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اچي ڄنگهه ۾ لڳس ۽ منڊڪائيندو، رت وهائيندو اچي گهر پهتو. نيٺ پورالي پنهنجي پيءُ کي چيو ”بابا مون کي موڪل ڏيو ته وڃي جهنگ مان ڪاٺيون وڍي اچان.“ +پڻس ورندي ڏنس پٽ، ڏسين ڪين ٿو ته تنهنجي ڀائرن پاڻ کي پاڻهي ايذاءُ رسايو آهي. تون ته هونئن به اصل ۾ سادو ۽ پورالو آهين. ڪاٺيون ڪپڻ اصل ڪو نه ڄاڻين، چڱو اهو ئي آهي ته دل تان اهو خيال صفا لاهي ڇڏ. پيءُ جي لک سمجهاڻين کان پوءِ به پورالو پنهنجي ڳالهه تان ڪو نه لٿو. پڻس مجبور ٿي نيٺ کڻي اجازت ڏنس ته ڀل وڃي ڪاٺيون ڪپي اچي. ماڻس مٺن لولن بدران سڪل مانيءَ جا ٽڪر ۽ کير بدران ڇڊي لسيءَ جو گلاس ڀري ڏنس. +”پورالو“ جيئن ئي جهنگ ۾ گهڙيو ته کيس ساڳيو اڇن وارن وارو ننڍي قد جو پيرسن ماڻهو مليو. جنهن چيو، آئون ڏاڍو اُڃايل ۽ بُکايل آهيان. مون کي پنهنجي مانيءَ مان هڪ گرهه ۽ لسي چُڪو ڏي ته کائي پي دعا ڪريان. +پورالي جواب ڏنس، اکين سان، پريا مڙس! مون وٽ ٻيو ته ڪي به ڪينهي، فقط هيءَ سڪل ماني ۽ ڇڊي لسيءَ جو گلاس آهي، جي دل گهرئي ته اچ ته ٻئي گڏجي کائون. +پوءِ ٻيئي ڄڻا ٺهي جُڙي ويٺا کاڌو کائڻ، ڀوري جيئن ئي پنهنجي سڪل ماني هَڙ مان ڇوڙي ته اها بدلجي مٺا لولا ٿي پيئي ۽ لسيءَ جو سواد مٽجي کير جهڙو ٿي پيو. پوءِ ته ٻنهي گڏجي ويهي مزي سان کاڌو پيتو. جڏهن کائي ڍءُ ڪيائون تڏهن پوڙهي مرد چيس، ٻچڙا تون ڏاڍو رحمدل آهين تو مون کي پنهنجو کاڌو کارايو آهي. ان ڪري هاڻ آئون تو کي تنهنجي احسان جو بدلو ڏيندس. هو سامهون وڻ بيٺل ڏسين ٿو تنهن کي وڃي وڍ وڻ جي ٿُڙ مان تو کي هڪ شئي ملندي جنهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي. +پورالي وڻ کي وڍڻ شروع ڪيو. وڻ جيئن ئي پٽ تي ڪريو ته سچي پچي سونَ جي کنڀن وارو هڪ هنج پکي ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري آيو. پورالي سوني هنج پکيءَ کي جهلي کڻي ڪڇ ۾ سوگهو ڪيو. ايتري ۾ مٿان اچي رات پيئي ۽ اوندهه سببان واٽ به چٽيءَ طرح نه پئي ڏسڻ ۾ آئي. ويجهو هڪ مسافر خانو هو، ڀورو رات گذارڻ لاءِ ان مسافر خاني ۾ وڃي ٽڪيو. مسافر خاني جي مالڪ جون ٽي ڌيئرون هيون، انهن جڏهن سوني هنج کي ڏٺو ته سندن دليون هرکجي پيون ۽ هر هڪ پنهنجي ليکي سوچيو ته هڪ سونو کنڀ پٽي پاڻ وٽ رکي سڀ کان وڏي ڀيڻ سوچيو، جڏهن ڀورو سمهي پوندو ته هڪ کنڀ پٽي وٺنديس. سو جڏهن پورالو سمهي پيو ته هن اچي هنج کي پرن کان جهليو. جهلڻ لاءِ ته جهليائين پر سندس هٿ کنڀن کي اهڙا چهٽي پيا جو لک زور ڏيڻ کان پوءِ به نه پيا ڇڏائجن. اڃا ٿوري دير مس گذري ته ٻيءَ ڀيڻ به کنڀ پٽڻ لاءِ اتي اچي سهڙي. هن پنهنجي ڀيڻ کي جيئن ئي هٿ لاٿو ته هوءَ به چهٽجي پيئي. جڏهن ٽئي ڀيڻ به ساڳئي مقصد سان اتي سوني هنج جا کنڀ پٽڻ لاءِ آئي. تڏهن سندس ٻن ڀينرن رڙ ڪري چيس ته ادي، ڌڻيءَ جي واسطي ويجهي متان اچين! پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري اچي پنهنجي ڀيڻن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته انهي مهل هوءَ به ساڻن چهٽي پيئي ۽ پاڻ کي ڇڏائي نه سگهي. پوءِ ته لاچار ٽنهين ڀيڻن کي اها سڄي رات سوني هنج سان گذارڻي پيئي. +صبح جو جڏهن پورالي جي اک کلي تڏهن ڏٺائين ته ٽيئي ڇوڪريون سوني هنج سان هڪ ٻئي پٺيان چهٽيون پيون آهن. پورالي انهن کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري، سوني هنج کي کڻي ڪڇ ۾ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي واٽ وٺي هلڻ لڳو. پورالو جان کڻي نهاري ته اهي ٽيئي ڇوڪريون به سندس پويان پتلين وانگر ڊُڪنديون پئي آيون. +ڪڏهن سندس ساڄي پاسي ته ڪڏهن سندس کاٻي پاسي، ٻنين مان لنگهندي، هڪ هاريءَ جي نظر وڃي مٿن پيئي، جنهن رڙ ڪري چين ته بيهو شرير ڇوڪريون، شرم نٿو اچيوَ جو هڪ جوان مڙس پويان ڊڪنديون ٿيون وڃو. ائين چئي ننڍڙي ڇوڪري کي جدا ڪرڻ لاءِ سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ته سندس هٿ به چهٽي پيو پوءِ ته گهڻو ئي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪيائين پر ڇڏائي نه سگهيو. هاڻ ٽن ڇوڪرين سان گڏ هيءَ هاري به پورالي ۽ سوني هنج پکيءَ جي پويان ڊڪندو پئي هليو. اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌيا ته هڪ پادريءَ جي نظر وڃي مٿن پيئي. هاريءَ کي نوجوان ڇوڪرين جي پويان ڊڪندو ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو ۽ واڪو ڪري چيائين ته اڙي هاري، ڇوڪرين جي پويان ڇو پيو ڊڪندو وڃين؟ ترس بابا ترس! ائين چئي ڊوڙي هاريءَ جي ويجهو آيو ۽ اچي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ته سندس هٿ به چهٽي پيو، گهڻو ئي ڇڏائڻ جي ڪيائين پر ڇڏائي نه سگهيو، پاڻ به انهن جي پويان ڊڪندو هليو. پورالي جي پويان هاڻي ٽي ڇوڪريون، هاري ۽ پادري پنج ئي ڄڻا ڊڪندا پئي هليا، واٽ تي ٻه ريڍار ملين هاري ءَ سڏي چين، ابا، مون کي ۽ پادريءَ کي مهرباني ڪري ڇڪي ڌار ڪريو. هنن ريڍارن اچي پادريءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌا ته اهي به چُهٽ پيا، پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍا زور ڏنائون پر ڇڏائي نه سگهيا. پورالي جي پويان هاڻ ست ڄڻا ڊڪندا، ڪرندا ۽ ٽپندا پئي هليا. هڪ عجيب تماشو ٿي پيو. هيءُ ٽولو اچي شهر مان لنگهيو، جتي بادشاهه رهندو هو. هن بادشاهه کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي. شهزادي ايتري غمگين رهندي هئي جو نه ڪڏهن کلندي هئي نه مرڪندي هئي ان ڪري بادشاهه اعلان ڪيو هو ته جيڪو هن کي کلائيندو تنهن سان سندس شادي ڪرائيندو. پورالي کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هو پنهنجي ٽولي ساڻ شهزاديءَ جي محل ۾ گهڙي آيو. شهزادي جو ستن ڄڻن کي پويان لٽڪندو ۽ ڊڪندو ڏٺو، سو اچي کل ۾ ڇٽي کل اصل بس ئي نه ٿئيس. هاڻ پورالو بادشاهه وٽ شهزادي جي سڱ گهرڻ لاءِ ويو ۽ چيائينس ته بادشاهه سلامت مون توهان جي ڌيءَ کي کلايو آهي ان ڪري هاڻ مون کي سڱ ڏيو پورالو هو غريب ٻار، سو بادشاهه کيس سڱ ڏيڻ کان نٽائڻ لڳو ۽ چيائينس ته آئون تو کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ تڏهن ڏيندس جڏهن تون ڪو اهڙو ماڻهو آڻيندي جڪو هزار مٽ کير جا پي وڃي. پورالي جي ذهن تي اڇن وارن وارو پير مرد تري آيو ۽ هڪدم هو جهنگ ڏانهن روانو ٿيو، جتي وڻ ڪپيو هئائين. اتي ڏٺائين ته ڪپل ٿُڙ تي ساڳيو ننڍي قد وارو پوڙهو، مرد ڏاڍو غمگين ٿيو ويٺو آهي. پورالو اڳتي وڌي کانئس سندس غمگين هجڻ جو سبب پڇيو. پوڙهي وراڻيو، آئون ڏاڍو اُڃايل آهيان، منهنجي اُڃ اصل نٿي لهي. ٿڌو پاڻي ته پي نٿو سگهان کير جي هڪ ماٽي هئم سا سڄي پي پوري ڪئي اٿم پر منهنجو پيٽ سُڪو پٿر لڳو پيو آهي اُڃ ته لهي ئي نٿي! پورالي چيس پريا مڙس، آئون تنهنجي مدد ڪندس، مون سان هل ته کير جا مٽ مٿان مٽ پياري، تنهنجي اڃ لاهيان. پورالو کيس بادشاهه جي محل ۾ وٺي ويو، جتي کير جا هڪ هزار مٽ رکيا هئا پير مرد هڪ هڪ ڪري کير جا مٽ خالي ڪرڻ لڳو. تان جو سندس پيٽ آڦرجي پيو. شام ٿيندي ٿيندي هُن سڀ مٽ پي ڇڏيا ۽ پورالو ٻيهر بادشاهه وٽ ويو ۽ شهزاديءَ جي سڱ جي گهر ڪيائين پر بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي سڱ اهڙي شخص کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. جنهن تي هر ڪو ماڻهو سندس سادگيءَ سبب مذاق ۽ چرچا ڪندو رهي! هن وري هڪ ٻيو شرط رکندي پورالي کي هڪ اهڙو شخص آڻڻ لاءِ چيو جيڪو جبل جيترو مانين جو ڍڳ کائي پورو ڪري ڏيکاري. پورالو وري جهنگ ۾ ساڳيءَ جاءِ تي ويو. جتي وڻ ڪپيو هئائين. ڇا ڏسي ته ٿڙ تي ساڳيو ماڻهو پنهنجي پيٽ ۾ ٻئي هٿ وجهيو سور کان ويٺو دانهون ڪري. پورالي کي ڏسي چيائين مون مانين جا ڍير کائي پورا ڪيا آهن پر منهنجي پيٽ ۾ اهڙي ڪا کاهي آهي جو ڀرجي ئي نٿي بُک کان پيٽ ۾ وٽ پيا پون. ان ڪري پيو دانهون ڪريان. پورالو سندس ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس اٿي مون سان هَل ته پيٽ ڀرڻ جو ڏس ڏيانءِ، ائين چئي کيس محل ۾ وٺي آيو. جتي سڄي شهر جو اٽو ڪٺو ڪري مانين جو هڪ جبل کڙو ڪيو هئائون. +جهنگ مان آيل ماڻهو تڪڙيون تڪڙيون مانيون کائڻ لڳو ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾مانين جو سڄو جبل کائي پورو ڪيائين. پورالو بادشاهه کان ٽيون دفعو شهزادي جو سڱ گهريو پر بادشاهه وري به نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو مون کي هڪ اهڙو جهاز آڻي ڏي، جيڪو دريا ۾ به تري ۽ سُڪي تي به تري، تون پاڻ ان جهاز ۾ چڙهي اچ ته تو کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏيان. پورالو وري به ڊوڙندو ڊوڙندو جهنگ ڏانهن ويو جتي ساڳيو اڇن وارن ۽ ننڍي قد وارو پوڙهو مڙس ويٺو هو، جنهن چيس مون تو لاءِ کير جا مٽ خالي ڪيا مانين جو جبل کاڌم ۽ هاڻي تو کي هيءُ جهاز به وڏي خوشيءَ سان ڏيندس مون تو لاءِ هي سڀ ڪم فقط انهيءَ لاءِ ڪيا جو تون ڏاڍو رحمدل آهين ۽ مون تي ڪهل ڪئي هيئي. ائين چئي پير مرد، پورالي کي هڪ اهڙو جهاز ڏنو جيڪو درياءَ ۾ به تري ٿي سگهيو ۽ سُڪي تي به. +بادشاهه هيءُ جهاز ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ پنهنجي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو. پورالي جي شهزادي سان ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي ۽ پوءِ هي ٻئي گهوٽ ڪنوار پاڻ ۾ ڏاڍو خوش گذارڻ لڳا. جڏهن بادشاهه وفات ڪئي ته پورالو تخت تي ويٺو ۽ ڏاڍي انصاف ۽ رحمدليءَ سان حڪومت هلائڻ لڳو. + + +ٻڍڙيءَ جو ٽَڪو +هڪ ٻڍي مائيءَ هڪ واپاري کي چيو ته آئون جيڪر ڪجهه رپيا واپار ۾ لڳايان پر مون کي واپار بابت ڪا به ڄاڻ ڪونهي جي تون مون کي ڪجهه فائدي بابت معلومات ڏئي سگهين ته تنهنجي وڏي مهرباني. +واپاريءَ جواب ڏنو ته ”واپار جو بنيادي اصول هيءُ آهي ته جي رقم اصل وٺجي ئي نه، ته هر ڪنهن ڇهين مهينن کانپوءِ رقم ٻيڻي ٿي پوندي آهي“ ٻڍي پڇيس ته ڇا تنهنجو واپار انهيءَ قسم جو آهي؟ +واپاريءَ جواب ڏنس: سچ پچ منهنجو نمونو ته اهو آهي جيڪا رقم ان ۾ لڳايان ٿو سا هر ڪنهن ڇهن مهينن کانپوءِ ٻيڻي ٿيو پوي. +اهو ئي سبب آهي جو ٿوري عرصي ۾ ٽي جڳهون خريد ڪيون اٿم، ٻن پٽن جي شادي ڪرائي اٿم ۽ بابو جيڪو قرض ڇڏي ويو هو، سو به لاٿو اٿم. ٻڍيءَ جي دل پڻ سُرڪي ويئي، جهٽ پٽ پنهنجي چادر مان هڪ ٽڪو ڇوڙي، واپاريءَ کي هٿ ۾ ڏيئي، چيائين ته منهنجو ٽڪو به پنهنجي واپار ۾ لڳائي ڇڏ. آئون جڏهن موٽي آيس تڏهن حساب ڪري جيڪي ٿيو، سو توکان وٺنديس. ٻڍيءَ جي اِها ڳالهه ٻڌي، واپاري وائڙو ٿي ويو مگر نرم دل ماڻهو هو، ٻڍيءَ جي دل کي صدمو پهچائڻ لازم نه ڄاتائي، سو سندس ٽڪو پنهنجي بنديءَ ۾ جمع ڪري ڇڏيائين. +ٻارنهن سال گذري ويا، واپاريءَ کان هن ٻڍيءَ مائي واري ڳالهه ئي وسري ويئي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن ٻڍيءَ سندس دڪان تي چڙهي آئي ۽ کيس چوڻ لڳي ته منهنجو حساب صاف ڪر. واپاري حيران ٿي ويو. گهڻو ئي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ياد ڪين آيس ته هن ٻڍيءَ جي ڪهڙي رقم آهي؟ آخر ٻڍيءَ جڏهن کيس نشان پتا ڏيئي سڄي ڳالهه ياد ڏياري تڏهن واپاريءَ چيو ته بيشڪ مون تنهنجو ٽڪو ڪارخاني ۾ لڳايو آهي. مون تو سان اقرار ڪيو هو ته تنهنجو ٽڪو هر ڇهن مهينن کان پوءِ ٻيڻو ٿيندو ويندو. ٻڍي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين ”چڱو ڀائي! هينئر منهنجو حساب صاف ڪر، عمر گهڻي گذري وئي آهي نه ڄاڻان ڪڏهن الله وٽ هلي وڃان. متان منهنجي سڄي رقم ئي گم ٿي وڃي!“ واپاريءَ ٻه رپيا ڪڍي کيس ڏنا ۽ چيائينس، ”وٺ هيءَ آهي تنهنجي رقم.“ +ٻڍيءَ مائي کڻي گوڙ ڪيو .چي: ”ڀائي، ڪجهه الله جو به ڀئو ڪر ڇو ظلم تي سندرو ٻڌو اٿئي؟ جو مون غريب زال جا رپيا ڦٻائڻ ٿو چاهين؟“ گوڙ تي آسپاس جا دڪاندار اچي ڪٺا ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ”امان ٻڍي! ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ +ٻڍيءَ پيرائتي ڳالهه ڪري کين ٻڌائي ۽ چوڻ لڳي ته هينئر هي واپاري منهنجو حساب نٿو ڪري، مون کي فقط ٻه رپيا ڏئي ٽاري ٿو ڪڍي، پر منهنجو پائي پائيءَ جو حساب ڪرڻ کپي، جيڪي منهنجو وٽس حساب ثابت ٿئي، سو مون کي ڏنو وڃي. هڪ دڪاندار اُن واپاري کي چيو ”ٻڍي ته ٺيڪ ٿي چوي، تون حساب ڇو نه ٿو ڪري ڏينس؟ هن وراڻي ڏني: ”تون ئي مس قلم کڻي حساب ڪر. ٻارهن سالن جون ٿيون چوويهه ڇهماهيون، انهي حساب سان سندس ٽڪو ٻيڻو ٿيندو ويو. ٻڍيءَ چيو ”تنهنجا ٻچا جيئن! مان به ائين ٿي چوان. بس ويهي حساب ڪريو!“ +حساب ٿيڻ لڳو ۽ ٻڍيءَ جو ٽڪو 24 ڇهماهي بعد اجهو هيئن ٿي وڌيو: +پهرين ڇهماهي +هڪ آنو +ٻين ڇهماهي +ٽين ڇهماهي +چوٿين ڇهماهي +پنجين ڇهماهي +ڇهين ڇهماهي +ستين ڇهماهي +اٺين ڇهماهي +نائين ڇهماهي +ڏهين ڇهماهي +يارهين ڇهماهي +ٻارهين ڇهماهي +تيرهين ڇهماهي +چوڏيهن ڇهماهي +پندرهين ڇهماهي +سورهين ڇهماهي +سترهين ڇهماهي +ارڙهين ڇهماهي +اوڻيهين ڇهماهي +ويهين ڇهماهي +ايڪيهين ڇهماهي +ٻاويهين ڇهماهي +ٽيويهين ڇهماهي +چوويهين ڇهماهي +ٻه آنا +چار آنا +اٺ آنا +1 رپيو +2 رپيا +4 رپيا +8 رپيا +16 رپيا +32 رپيا +64 رپيا +128 رپيا +256 رپيا +512 رپيا +1024 رپيا +2048 رپيا +4096 رپيا +8192 رپيا +16384 رپيا +32768 رپيا +65536 رپيا +131072 رپيا +262144 رپيا +524288 رپيا +ٻِڍيءَ کي هڪ ٽڪي جي بدلي پنج لک چوويهه هزار، ٻه سئو اٺاسي رپيا مليا ۽ واپاريءَ جو ڏيوالو نڪري ويو. +سدا گلاب +گلاب جو گل ته هر ڪنهن ڏٺو آهي؟ ڪهڙو نه سهڻو ۽ سُرهو هوندو آهي. هونئن به سمورا گل موتيو، چنبيلي، سورج مُکي، رتن جوت وغيره سڀ سهڻا گل هوندا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي مند ۽ موسم ۾ ڏاڍي بهار ڪندا آهن پر گلاب جي گل جو هڪڙو اهڙو قسم آهي، جنهن کي سڏبو آهي ”سدا گلاب“ هي گل سال جا ٻارنهن ئي مهينا ٻوٽي تي بهاري لايو بيٺا هوندا آهن. ”سدا گلاب“ جو ٻوٽو، جو ٻارهو ئي گل جهلي ٿو، تنهن لاءِ هڪڙي ڏاڍي مزيدار ڳالهه ڪندا آ��ن ۽ اها اجهو هيئن آهي: اسان جي ملڪ کان گهڻو پري هڪڙو ملڪ آهي، جنهن جو نالو آهي يونان انهي ملڪ ۾ اڄ کان ڪيئي هزار ورهيه اڳ هڪڙو ديو اچي نڪتو، جنهن جو ڪم ئي هوندو هو، ماڻهن ۾ جهيڙو فساد ڪرائڻ ۽ ڪنهن طرح منجهن لڙائي شروع ڪرائڻ، سو انهي ديو جي اچڻ سان چوطرف فتنو فساد پکڙجي ويو، ۽ ماڻهو ٿوري گهڻي ڳالهه تان هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. ماڻهو وڙهڻ ۾ مشغول ته ديو وري سندن مال متاع چٽ ڪرڻ ۾ مصروف، بس چوطرف تباهي پکڙجي ويئي. هارين پنهنجن پوکن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ اشرافن گهر مان ٻاهر نڪرڻ کان قسم کنيو. زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون ۽ رونق وارا شهر اُجڙي ويا. پوءِ ته اچي ڏڪار پيو. سج بادشاهه جڏهن روز صبح جو سوير پنهنجي سوني رٿ ۾ ويهي، آسمان جي سير تي نڪرندو هو ته يونان جي ماڻهن جي هيءَ حالت ڏسي دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيندو هئس. نيٺ رهيو ڪو نه ٿيس ۽ آخر هڪڙي ڏينهن اهو ارادو ڪري يونان جي ڌرتيءَ تي لٿو ته فتني ۽ فساد جي هن ديو سان مقابلو ڪجي، پوءِ ڀل پنهنجي جان قربان ٿي وڃي. ديو جو سج بادشاهه کي هٿ لائي ئي لائي، تنهن کان اڳ ۾ پري کان ئي سج بادشاهه جي تيز ۽ گرم ڪرڻن ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيس. اهو ڏسي چوطرف شادناما ٿي ويا ۽ ماڻهو سج جي ساراهه ۾ گيت چوڻ ۽ ناچ ڪرڻ لڳا. سج بادشاهه جنهن ڪم لاءِ ڌرتي تي لٿو هو سو ڪم ته پورو ڪيائين سو ارادو ڪيائين ته آسمان جو سير ته روز ڪريان ٿو اڄ موقعو مليو آهي سو اڳ پوءِ ڌرتي جو ٿورڙو سير ڪري. پوءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي اجهو ٿو وڃي آسمان تي پهچان. انهيءَ ارادي سان هلندو هلندو اچي درياءَ جي ڪناري تي پهتو. مڄاڻ ان مهل درياءَ مان بادشاهه جي ڌيءَ به پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري درياءُ جي ڪناري جي سير لاءِ نڪتي هئي. تنهن تي جو سج بادشاهه جي نظر پيئي سو ان گهڙي ئي مٿس عاشق ٿي پيو. ڀلا ڪا شهزادي جهڙي تهڙي سهڻي ته ڪا نه هئي. رنگ اهڙو هئس جهڙي برف ۽ آواز وري اهڙو نرم جهڙو وهندڙ شفاف پاڻيءَ جو هجي! سج بادشاهه ٿورو اڳتي وڌي چيس او سونهن سوڀيا جي ديوي ! مان سج آهيان، سو تون منهنجي سونهري گاڏيءَ ۾ چڙهي مون سان گڏ آسمان جو سير ڪندينءَ؟ پر شهزاديءَ جو اڳي ڪڏهن ڪو اوپرو شخص ڪو نه ڏٺو هو، سا جواب ڏيڻ بدران ڊپ ۽ حجاب کان وٺي گهر ڏانهن ڀڳي، جيئن جو هيءَ ڀڳي ته سندس سنگتي ساٿي ڀنڀوريون نوريئڙا، ڳيرا ۽ پوپٽ به سندس پويان هلڻ ۽ اُڏرڻ لڳا. بس پوءِ ته اهو سڄو لشڪر اڳيان ڀڳو وڃي ۽ پويان ويچارو سج بادشاهه منٿون ڪندو اچي. چئي سهڻي شهزادي تون ڀڄين ڇو ٿي؟ هڪڙو منٽ ته بيهه، هڪڙي گهڙي دل سان منهنجي ڳالهه ته ٻُڌ پر شهزادي پوئتي نه نهارڻ جو ڄڻ قسم کاڌو هو. سج بادشاهه جي گهڻي منٿ ميڙ تي هو پريشان ٿي رڙيون ڪرڻ لڳي، چئي بابا! اڙي بابا! مون کي بچاءِ! هيءَ الائي ڪهڙي بلا پويان ڪاهي پيئي آهي. شهزاديءَ جي پيءُ، جو سندس ڌيءَ جون رڙيون ٻڌيون سو هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳو. جان کڻي ڏسي ته مار، سج بادشاهه پاڻ پنهنجي سر ڊوڙندو سندس گهر تي اچي ويو آهي! سج کي ڏسي درياءُ بادشاهه منجهي پيو. +سج گهڻو ئي سهڻو ۽ رعب تاب وارو هو، پر هيئن جو هن جي ڌيءَ جي پويان پيو هو سا اها ڳالهه درياءَ بادشاهه کي نه وڻي پر پوءِ پنهنجي ڌيءُ کي ڪٿي لڪائي به نٿي سگهيو! ڀلا سج کان ڪير لڪي سگهندو ۽ جي ڪو لڪندو ته اهو اوندهه ۽ سيءَ ۾ پنهنجو پاڻ مري ويندو سو درياءَ بادشاهه ڇا ڪيو، جو ڌيءَ کي ٻانهن مان جهلي اتي ئي روڪي، پنهنجي پاڻيءَ جي طاقت سان ڌرتي تي ڄمائي، گلاب جو ٻوٽو ڪري بيهاري ڇڏيائينس. سج بادشاهه جڏهن اهو ڏٺو، تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيڪي ٿيڻو هو س�� ٿي ويو... شهزادي، جا گلاب جو ٻوٽو ٿي وئي هئي سا هميشه لاءِ هن کان پري ٿي وئي. بس پوءِ ته ويچاري سج بادشاهه اکين ۾ ڳوڙها آڻي، ٻوٽي جي پنن ۽ گلن تي سونهري ڪرڻا وڌا ۽ دعا ڏنائينس، ته تون منهنجي راڻي ته نه ٿي سگهينءَ پر پوءِ به منهنجي دعا اها اٿئي ته تون هميشه سرسبز هوندينءَ ۽ سدائين تنهنجي شاخن تي سهڻا ، ڳاڙها ۽ سرها گل هوندا. انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهيءَ ٻوٽي کي ماڻهو ”سدا گلاب“ سڏڻ لڳا. ڇو جو ان جي شاخن تي پوءِ سدائين سهڻا ۽ سرها گل ڦٽا بيٺا هوندا هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو گلاب جو ٻوٽو سڄو سال گل جهليو بيٺو هوندو آهي. +پٽاٽو خان +اچو ٻارو! هن سان ملون، هيءُ آهي ميان پٽاٽو خان، ذات ڀاڄي ۽ ملڪ نباتات، سندس اصل نسل جي خبر ڪنهن کي به ڪانهي. چون ٿا ته اٽڪل 1538ع ڌاري ڏکڻ آمريڪا جي ڪنهن جهنگ مان لڌو ويو هو. ڪو سائينءَجو سنواريو هن مسڪين کي 1570ع - 1579ع ڌاري ٻانهن مان جهلي يورپ ۾ هن کي وٺي آيو، جتان اسپين جو چڪر هڻندو، هيءُ جوان ۽ مشهور ٿي اٽلي پهتو ۽ 1588ع ۾ وائنا جي شهر ۾ اچي وارد ٿيو. اوائل ۾ ڪي الله جا بندا کيس مٿي جو موڙ ڪري ليکيندا آهن ته ڪي وري کيس جاني دشمن ڪري سمجهندا آهن. فرانس جي راڻي ”ميري ائن“ لاءِ چوندا آهن، ته هوءَ سونهن لاءِ پٽاٽي جي ول جا گل پنهنجي وارن ۾ وجهندي هئي. هوڏانهن اسڪاٽلينڊ جا پادري وري پٽاٽي خان خلاف وڏا واعظ ڪندا هئا. ڇو ته سندس نالو پاڪ انجيل ۾ ڏنل نه هو جنهن ڪري کيس منع ٿيل ميوو ڪري ليکيندا هئا، جنهن جي کائڻ سان ڏاڏو آدم عرش کان اچي فرش تي پيو. جرمنيءَ جو بادشاهه فريڊرڪ اعظم، پاڻ پٽاٽي خان جو بار هو، هو ٻنين ۾ پٽاٽن جي پوک ڪندو هو. سندس ٻوٽو ماڻهن کي پٽاٽن پوکڻ لاءِ زور ڀريندو هو ۽ دڙڪا ڏيندو هو ته جيڪو سندس چوڻ نه مڃيندو تنهن کي سزا ڏني ويندي. +اتر يورپ ۾ غريب ماڻهن کي جڏهن پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه مليو تڏهن پٽاٽي خان هنن جو پيٽ ڀريو، جنهن ڪري پٽاٽن جي ضرورت به محسوس ٿي ۽ قدر۽ مان پاڻ وڌيو. +هندستان ۾ انگريزن پٽاٽي خان کي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ مان پاڻ سان گڏ آندو. ميڊرنگ پهريون شخص هو، جنهن ديرا دون جي اُترئين پاسي پٽاٽن جي پوک ڪئي. ڪئپٽن ٽائونسينڊ هندستان ۾ پٽاٽن جي جنس کي سڌاريو. مطلب ته ٿيندي ٿيندي 1849ع تائين، پٽاٽو خان سڄي جڳ جهان ۾ مشهور ۽ مانائتو ٿي ويو. +وارن هيسٽنگس، جن ڏينهن ۾ هندستان جو وائسراءِ هو، تن ڏينهن هن پٽاٽن جي هڪ ٽوڪري بمبئيءَ جي گورنر کي سوکڙي ڪري موڪلي، جنهن انهن جي ڀاڄي ٺهرائي ڪائونسل جي ميمبرن کي دعوت ڏيئي، کين پٽاٽن جي چس وٺائي. پٽاٽي کي ڪٿي ”آلو“ ڪٿي ”بلائتي“ ته ڪٿي وري ”اڙل گڊا“ به سڏيندا آهن. +تندرستيءَ جي خيال کان پٽاٽو طاقتور کاڌن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. منجهس فولاد، وٽامن بي ۽ سي، ڪئلشيم ۽ فاسفورس ججهي انداز ۾ ٿئي ٿو. البت هضم ٿيڻ ۾ مڙيئي چڱو وقت وٺندو آهي. چانورن ۽ ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ عام طرح هڪ ايڪڙ زمين ۾ پنجاهه – سٺ مڻ پٽاٽا پيدا ٿين ٿا. جڏهن ته هڪ ايڪڙ ۾ ڪڻڪ يا چانور فقط ڏهه مڻ پيدا ٿيندا آهن. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ پٽاٽن انگريز عوام ۽ فوج جو ڪافي بچاءُ ڪيو هو. اهڙو آهي اسان جو يار پٽاٽو خان! +پٽاٽن جي پوک هونئن آڪٽوبر جي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيندي آهي پر اسان جي سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني ۾ به پٽاٽن جي پوک ٿيندي آهي. پهريائين زمين کي ولي، ڀاڻ ڏيئي نرم بڻايو ويندو آهي. پوءِ ناڙيءَ جيان هڪ ٻن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي اوڙون ڏيئي انهن ۾ پٽاٽي جو ٻج هنيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جو پٽاٽي جي اک مٿي رهي ته جيئن ڦوٽهڙي وق�� ول کي اسرڻ ۾ سهنجائي ٿئي. ۽ پوءِ مٽي وجهي اوڙون پوري ڇڏبيون آهن. +پٽاٽي جي پوک لاءِ ڦلهيار چنو ۽ هڏن جو چورو نهايت ڪارائتو ڀاڻ آهي. پٽاٽو جڏهن ٻور تي ايندو آهي، تڏهن سمجهبو آهي ته هاڻي پاڙون هڻي رهيو آهي ۽ جيستائين پن ۽ ول ڪومائجي ۽ سڪي نه وڃن تيستائين پٽاٽي کي کوٽيو نه ويندو آهي، پورا پڪا پٽاٽا نه رڳو کاڌي ۾ چڱا ٿا ٿين، پر ڳچ وقت تائين سانڍي رکڻ ڪري خراب به نٿا ٿين. اهو ئي سبب آهي جو شهرن ۾ ٻارنهن ئي مهينا ماڻهن کي پٽاٽا ملي سگهندا آهن. +پٽاٽن جي پوک ڏاڍي فائديمند آهي. هڪ جريب ۾ 50 کان 60 مڻن تائين به پٽاٽن جي پيدائش ٿي سگهي ٿي. +پنهنجا گهر پنهنجو وطن +جڏهن آئون ننڍڙو هئس. تڏهن الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون رانديون ڳوٺ جي ڀائرن ڀينرن سان کيڏندو هئس، تن مان ڪي رانديون اڄ به ياد اٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل گهرندي اٿم ته اهي رانديون ويهي کيڏان! +اها ننڍڙي عمر گذري ويئي ته رانديون به پاڻ سان کڻي ويئي پر يادگيريون جي مٺڙيون ۽ سندر آهن، سي اڄ به منهنجي من ۾ وسيون پيون آهن، انهن مان ڪي توهان کي اڄ ٻڌايان ٿو. +مون کي ياد آهي، ته اڃا سج باکون پيو ڪڍندو هو، ته آئون مانيءَ لاءِ ڌمچر مچائيندو هوس. رَٻ کائي اچي ڳوٺ جي ڀر واري نهر تي سير لاءِ نڪرندو هئس. ڳوٺ جا ٻيا به مون جيترا پتڪڙا پتڪڙا ٻارڙا سڀ اچي اتي سهڙندا هئا. پوءِ واٽر جي ڪپ سان لانڍي لائي ويهي رهندا هئاسون. پير يا هٿ رکي. مٿان آلي واريءَ جو دڙو کڻي ڪندا هئاسون ۽ جڏهن پير يا هٿ کڻي ڪڍندا هئاسون، ته غار نموني وارا گهر ٺهي پوندا هئا. سڀ ڪنهن جو گهر جُدا نموني جو هوندو هو. ڪنهن جو صُفي وانگر چوڪنڊو، ڪنهن جو لانڍيءَ وانگر ۽ ڪنهن جو وري اڀو ئي اُڀو چونري جهڙو. +اهي ننڍڙا ننڍڙا گهرڙا سچ پچ ته اسان جو ڳوٺ هوندا هئا. اسان پوءِ انهن پنهنجن گهرڙن اڳيان پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪندا هئاسون. ننڍڙا ننڍڙا ٿلها ۽ اڱڻ، تن کي به راڳيءَ جو هٿ ڏيئي چلڪڻو ۽ گسڪڻو ٺاهيندا هئاسون. اسان جي انهن ننڍڙن گهرڙن جي سامهون بلڪل سامهون وڏن وڏن گهرن جو ڳوٺ هو، جتي اسان جا ابا ڏاڏا ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا. اڀرندي ۾ شاخ جي لڳ اسان جي مٽيءَ جي گهرڙن جو ڳوٺ مچي ويندو هو ۽ سامهون وڏن ڪکائن گهرن جو وڏو ڳوٺ هوندو هو. سج جا تڙڪا ڊگهن ڊگهن ٻٻرن مان ڇڻندا، وڻ جي پاڇن کي پاڻ سان وٺي اسان کان اڳ ۾ ٿي پوءِ وڏي ڳوٺ ڏي ويندا هئا. انهيءَ وقت ٻي ته ڪنهن ڳالهه جي خبر ڪا نه پوندي هئي، پر تڙڪي ۽ ڇانءَ کي ضرور سمجهندا هئاسون. اُس جي ڪري اهي گهر ڇڏي، وري وڃي ڇانءَ ۾ ٻيا گهر ٺاهيندا هئاسون. شاخ جي اوڀر اولهه ٻنهي ڪپن تي اسان جا ڳوٺڙا هئا ۽ اسان ٻنهي پاسي پيا رانديون کيڏندا هئاسون. +انهن ننڍڙن ننڍڙن گهرن ۾ ننڍا ننڍڙا گُڏا گُڏيون ٺاهي، ڳيچ ۽ راڳ ڳائي، ساٺ ۽ سوڻ ڪري، انهن کي لائون ڏيئي، لايو سجايو ڪندا هئاسون. انهيءَ وقت اسان کي ايتري ته خوشي ٿيندي هئي، جا اڄ وڏي ٿيڻ کانپوءِ ڪونه ٿي لڀي. +ماسي حليما، جا اسان سڀني جي ماسي هئي. تنهن جي ننڍڙي پوٽي مٺڻ اسان جي اهڙين ٻاراڻين شادين تي ننڍڙا ۽ مٽيءَ هاڻا پير زمين تي هڻي لاڏا ڳائيندي هئي. ڪارين ڪارين ٻانهن کي هيٺ مٿي ڪري، آڏو ابتو نچندي به هئي ۽ اسان سڀ ڳاڙهيون ڪاريون ٺڪريون گهور ڪري ڏيندا هئاسونس. اهي ٺڪريون اسان وٽ رپين جو ڪم ڏينديون هيون. اهڙيون خوشيون ملهائيندي ملهائيندي بک به لڳندي هئي. پوءِ سڌي قطار ٺاهي، هڪ ٻئي جي چولن جي پٺين پلاندن کي هٿ ۾ سوگهو ڪري، ريل گاڏيءَ وانگر ڇُ ...... ڇُ..... ڇُ ڪندي، ڪوڪون ڪندي اچي وڏي ڳوٺ ۾ نڪرندا هئاسون. ��اني لسي کائي پي وري اچي مٽيءَ جي گهرن وٽ محفلون مچائيندا هئاسون. انهن پنهنجن ڳوٺڙن کي بچائڻ لاءِ ننڍڙين ڍينگرين جو چوڌاري لوڙهو ڏيئي ڇڏيندا هئاسين. ڍور ڍڳا ۽ ڌراڙ پنهوار اچي اسان جا گهر ڊاهي ويندا هئا ۽ رتيءَ جو به قياس ڪونه پوندو هون. تنهنڪري ننڍڙي لوڙهي ۾ اسان پنهنجا ڳوٺڙا بچائيندا هئاسون. اهي مٽيءَ جا گهرڙا بچائيندا هئاسون. انهن گهرن ۾ نه هوندي هئي اُس جهلڻ جي سگهه ۽ نه وري سيءَ جهلڻ جي طاقت. تڏهن به اسان اُنهن کي بچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا هئاسون. +اجهو ائين راند روند ڪندي مهينا ۽ سال گذري ٿوڙو وڏو ٿيس ته کڻي اسڪول ۾ ويهاريائون. پَٽي هٿ ۾ ڪري ٻين ٻارن سان آئون به پيو پڙهندو هوس. ٿوري وقت کان پوءِ ڪي ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ اُچار به جهونگارڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن اسڪول مان گسائي وڃي انهن مٽيءَ جي ٺاهيل گهرن ۾ راند ڪندو هوس ۽ ڪي ٻيا به گهر ٺاهيندو هوس. اُنهيءَ تان ٻه چار دفعا اُستاد مارَ به ڪڍيم ۽ مائٽن به گهر ۾ دڙڪو داٻ ڪيم، سو اسڪول مان گسائڻ ڇڏي ڏنم. پوءِ رڳو موڪلن وارن ڏينهن ۾ سڀ ملي وڃي ساڳيون رانديون رچائيندا هئاسون. نيٺ ته ائين اسڪول سان هري ويس. پوءِ ته وري اسڪول جي راندين ونجهه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي وغيره ۾ وقت گذاريم. + + +هڪڙي ڏينهن اوچتو سڄي اسڪول جي صفائي ٿيڻ لڳي. ڇڻڪار ٿيو ۽ ميز تي چادر وڇائي گلدان به رکي ڇڏيائون. سڀ ڇوڪرا اڇا اُجرا ٿي آيا ۽ آئون به ڌوتل ڊگهي قميص پائي آيس. سڀئي پيا چون ته اڄ امتحان ٿيندو. پوءِ هڪڙو ٻيو ماڻهو آيو ۽ وڏن وڏن ڇوڪرن کان سوال پئي پڇيائين! هن کي ڏسي مونکي خوشي ٿي، شام ٿي ته مٺائي ڏنائون. پوءِ انهيءَ صاحب سان رات جو ڪچهري ٿي. گهڻو ڪري سڀ ڳوٺ جا ماڻهو آيا ۽ منهنجو بابو به ويٺو هو. اسان جي استاد ۽ ٻين پڙهيلن ڪلام ڳاتا ۽ شعر پڙهيا. انهي وقت ته خبر ئي ڪا نه پئي پوي ته شاعر ڪير ٿيندو آهي ۽ ڳائڻ جو هنر ڇا کي چئبو آهي! پر اها ڪچهري مون کي ڏاڍي وڻي. اتي ڳوٺ جي چاچي ولو، وطن جي نالي سان ڪي شعر پڙهيا. انهن شعرن ۾ ان شخص ڪکائن گهرن، ٻنين ٻارن، وڻن ٽڻن، واهن شاخن جون ڳالهيون ٻڌايون. انهن شعرن ٻڌڻ سان مون کي ائين پئي لڳو، ڄڻ ته مون کي اڳي ئي انهن شين جي ڄاڻ هئي، جن جو هو ذڪر ڪري رهيو هو. هن پنهنجا سڀ شعر سريلي آواز سان ڳائي پئي ٻڌايا، انهيءَ وقت سڀني شاعرن مان، مون کي چاچي ولوءَ جو شعر ڏاڍو پئي وڻيو. انهيءَ وقت جي ٻاراڻي سمجهه آهر مون هن شاعر جو شعر ٿورو سمجهيو ۽ پوءَ گهر وڃي بابي کان پڇيم ته ۽ وطن ڇا ٿيندو آهي؟ +پوءِ بابي مون کي ڀر ۾ ويهاري وطن جي باري ۾ ٻڌايو ”پٽ! جڏهن تون وڏو ٿيندين، تڏهن تو کي پوري ڪل پوندي ته وطن ڇا ٿيندو آهي!“ +هر هڪ ماڻهو پنهنجي وطن کي شاد ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڇو پاڻ پتوڙيندو آهي ۽ـ وطن جا ڪهڙا حق ۽ فرض ٿيندا آهن! پر هاڻي تنهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي ته جنهن زمين جي ٽڪري تي اسان جيئون ۽ مرون ٿا، جنهن زمين ۾ اسان ٻج ڇٽي هر ڏيئي،فصل پوکيون ٿا، جنهن زمين جي ٽڪري تي اسان ڪچا پڪا گهر ٺاهي رهون ٿا، جنهن تي اسان جا مال هلن چلن ۽ چَرن پيئن ٿا، سا زمين اسان جي پنهنجي آهي. ڇو ته اها اسان جي وطن جي زمين آهي. جن ڍورن، نارن، واهن ۽ دريائن جي پاڻيءَسان اهي زمينون آباد ٿا ڪريون، سي واهه ۽ درياءَ به اسان جا آهن. ڇو ته اهي به اسان جي وطن مان وهن ٿا. +جنهن زمين جي ٽڪري تي اسان ويهي ڪچهري ڪريون ٿا ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ بيت ۽ ڪافيون ڳايون ٿا، جا اسان جي ماءُ جي ٻولي آهي، سو به اسان جو وطن آهي. انهن گهرڙن، مال وجهه، وڻن ٽڻن، واريءَ جي دڙن ۽ ڏونڻن پوٺن�� واهن ۽ دريائن ۽ انهن ڪچهرين کي گڏي پنهنجو وطن ٿا چئون. هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي وطن سان ڏاڍي محبت ٿيندي آهي. هو پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ انهيءَ زمين جي ٽڪر کي پيارو گهرندو آهي. جنهن کي اسان وطن چئون ٿا. +جيئن آئون وڏو ٿيندو ٿو وڃان، تيئن وطن واري ڳالهه مون کي وڌيڪ چٽيءَ طرح سمجهه ۾ ايندي ٿي وڃي ۽ وطن جي هر هڪ شئي سان مون کي جيئن پوءِ تيئن ڏاڍو پيار ٿيندو ٿو وڃي. توهان وڏا ٿيندو، ته توهان به ائين ڪندو. هاڻي توهان به مون وانگر ٻار آهيو، جيئن آئون اڄ کان سورنهن سترنهن سال اڳ ٻار هئس. +وطن جو پيار ڏاڍي ڇڪ رکي ٿو. ان لاءِ سبب آهن: +اسان جيڪو اَن کائون ٿا، سو اسان جي وطن مان پيدا ٿئي ٿو. اسان جيڪو پاڻي پيئون ٿا، سو به وطن جو پاڻي آهي. جنهن زمين تي اسان جا گهرڙا آهن، جن گهرن ۾ نپجي اسان وڏا ٿا ٿيون، سي سڀ اسان جي وطن ۾ آهن. تڏهن چئبو ته اسان جو مرڻ جيئڻ وطن سان آهي. اهڙي شئي کي ته ساهه سان سانڍبو ۽ ان کي سندر ۽ سهڻو بنائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪبو! پنهنجي شيءِ جو ٿي، سو ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺاهبو ۽ سينگاربو. ان جي هر شيءِ اسان جي آهي، ٻئي ڪنهن جو به ان تي حق نه آهي. +اچو ته دل ئي دل ۾ پاڻ سا انجام ڪريون ته جڏهن وڏا ٿينداسون ته وطن کي سندر ۽ سهڻو بنائڻ لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿينداسون. پوءِ ڀل اهو ڪيڏو به ڏکيو ڇو نه هجي! +ڀلا جيسين وڏا ٿيون، تيسين اچو ته ڪي گهرڙا ٺاهيون، ڪي رانديون رچايون ۽ ڳايون. +فلڪ تان ڇني چنڊ تارا هزارين، گلن جا پوئي هار پيارا هزارين، اسان تنهنجي صورت سجائينداسون پيا، اي پيارا وطن، اي پيارا وطن! اي منهنجا وطن، اي منهنجا وطن! +نيري لاٽ وارو ڏيئو +ڪنهن ملڪ ۾ هڪڙو سپاهي هو، جنهن پنهنجي بادشاهه جي فوج ۾ نهايت بهادري ۽ وفاداريءَ سان لاڳيتا ڪيترا ئي سال خدمت ڪئي پر جڏهن لڙائي پوري ٿي ۽ صلح جو اعلان ٿيو ۽ اڃا هن جي بدن جا، لڙائي ۾ رسيل ڦٽ پورا ڇُٽائي ڪو نه هئا، تڏهن بادشاهه انهيءَ سپاهي کي گهرائي چيو، هاڻي تون ڀلي گهر موٽي وڃ، مونکي اڄ کانپوءِ تنهنجي خدمت جي ضرورت ڪونهي ۽ آئون تو کي هاڻي پگهار نه ڏيندس. آئون فقط انهن کي اُجورو ڏيندس. جي بُتَ جا سگهارا هوندا ۽ ڪو به جسماني نقص ڪو نه هوندن ۽ پگهار جي عيوض مون وٽ سخت پورهيو به ڪري سگهندا. غريب سپاهيءَ جا ته واڄٽ ئي وڄي ويا. سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته آئيندي سڄي زندگي جا چار ڏينهن ڪيئن ڪٽبا؟ نيٺ ڪڙو منهن ڪري هو پنهنجي گهر روانو ٿيو. جڏهن هلندي هلندي ٻيلي مان اچي لنگهيو، تڏهن سج لهي ويس ۽ چوڌاري هڪ قسم جي ڊيڄاريندڙ اونداهي ڇانئجي ويئي. ان اونداهيءَ ۾ هن کي پري کان هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ پوڙهي ڏانئڻ ٿي رهي! سو جهوپڙيءَ جي در تي پهچي پوڙهيءَ ڏانئڻ کي چيائين ”الله جي نالي مون کي سمهڻ لاءِ ڪو هنڌ ڏي ۽ کائڻ لاءِ ڪو ماني ڳڀو ڏي، نه ته ڄاڻ منهنجو ساهه ٿو نڪري!“ ڏائڻ جواب ڏنو، ”واهه! ڪنهن کي گتي پيئي آهي، جو لشڪر مان ڀڳل سپاهيءَ کي مفت ۾ کاڌو ڏيندو؟ آئون جيئن چوان تيئن جيڪڏهن ڪندين ته توتي قياس ڪري، تو کي پاڻ وٽ رهڻ ڏيندس.“ +سپاهيءَ پڇيو ته ”ڪهڙو ڪم مون کي ڏيندينءَ؟“ +ڏائڻ چيو ”تون منهنجي هن باغ جي ويهي گُڏَ ڪڍ!“ سپاهي قبول ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي پوريءَ طاقت سان پوڙهي ڏائڻ جي باغ ۾ پورهيو ڪيائين پر شام تائين سڄي باغ جي گُڏ ڪڍي ڪين سگهيو. اهو ڏسي ڏانئڻ چيس ته ”رات جو گُڏ جو ڪم ته تو کان ٿي ڪين سگهندو، ان ڪري آئون تو کي هڪ ٻي رات به هت رهڻ ڏينديس، تون ان جي عيوض هي ٻه چار اُٺ ڪاٺين جا چيري ڏي! سپاهيءَ کي ان ڪم ۾ ��اري رات لڳي ويئي. صبح جو ڏانئڻ چيس ته تون اڃا به هڪ رات وڌيڪ مون وٽ رهي سگهين ٿو. ٻئي ڏينهن واسي تنهنجي لاءِ هڪ بلڪل هلڪو ڪم رکيو اٿم. اهو هيءُ آهي ته گهر جي پُٺ ۾ هڪ جهونو ڦٽل کوهه آهي ۽ ان ۾ منهنجو نيلي لاٽ وارو ڏيئو ڪري پيو آهي، جيڪو ڪڏهن به وسامندو نه آهي. تون سڀاڻي اهو ڏيئو کوهه مان ڪڍي، مون کي آڻي ڏيندين. +ٻئي ڏينهن هيءَ ڪراڙي ڏانئڻ سپاهيءَ کي کوهه وٽ وٺي ويئي ۽ هن کي هڪ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري کوهه ۾ هيٺ لاٿائين. هيٺ لهڻ سان هن اهو ڏيئو وڃي ڳولي لڌو ۽ پوءِ ڏانئڻ کي اشارو ڏنائين ته هاڻي مون کي مٿي ڇڪي ٻاهر ڪڍ. ڏانئڻ هن کي مٿي ڇڪڻ شروع ڪيو، جڏهن هو کوهه جي پڳ وٽ پهتو ته ڏانئڻ هٿ ڊگهيري، نيليءَ لاٽ واري ڏيئي کي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. سپاهي ڏانئڻ جي بدنيتيءَ کي پرکي ويو ۽ چيائينس ته ”جيسين منهنجا ٻيئي پير زمين تي خير سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري، مضبوط ڄمي نه بيهندا، تيسين هيءُ ڏيئو آئون تو کي ڪين ڏيندس.“ +انهيءَ تي ڏانئڻ کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ رسيءَ کي هٿ مان ڇڏي ڏنائين، جنهن ڪري هو واپس وڃي کوهه جي تري ۾ ڪريو. پوءِ ته ڏانئڻ تکي تکي ٽنگن کي سٽيندي، موٽي پنهنجي گهر ڏانهن هلي ويئي. ويچارو سپاهي کوهه جي تري ۾ ڪريو پر گهڻو ايذاءَ ڪو نه رسيس. ڏيئي نيري روشني پئي ڏني، جا ڏسي هن سوچيو ته فقط هن روشنائي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ هن کي ته هاڻ موت اچي سامهون ٿيو هو، هو وري ڪجهه وقت خيال ۾ پئجي ويو ته آخر ڇا ڪجي! اتفاق سان ان مهل سندس هٿ کيسي ڏانهن کڄي ويو، کيسي ۾ تماڪ ڇڪڻ واري سلفي پيل هئس. تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. انهي سُلفيءَ ۾ اڌو گابرو تماڪ اڃا به ڀريو پيو هو. دل ۾ چيائين مرڻو ته هاڻ هونئن ئي آهي ڇو نه هي پويون ڀيرو به تماڪ ڇڪي وٺان! ائين چئي سلفيءَ کي ان نيلي لاٽ واري ڏيئي مان دکائي تماڪ ڇڪڻ شروع ڪيائين اڃا جيئن ئي ان مان دونهون نڪري هوا ۾ مٿي چڙهيو، تيئن هڪڙو بنهه ڪوئلي جهڙو ڪارو ۽ آڱر جيترو بندرو ڄامڙو ماڻهو اتي جو اتي پيدا ٿي پيو ۽ سندس سامهون هٿ ٻڌي اچي بيهي رهيو. چي: سائين ڪهڙا حڪم احڪام آهن؟ +سپاهيءَ عبرت ۾ پئجي چيس ”مون کي ڪهڙو حق آهي، جو تو کي ڪمن ڪارين واسطي حڪم ڏيان!“ +ڄامڙي شيديءَ جواب ڏنس، ”جيڪو به اوهان جو حڪم هوندو، اُن جي پيروي ڪندس. آئون توهان جو زر خريد غلام آهيان!“ +سپاهيءَ تنهن تي ورندي ڏنس، ”چڱو پهريائين ته مون کي هن کوهه مان ٻاهر ڪڍ.“ +اهو ٻڌي ڄامڙو شيدي آڱر مان جهلي هن کي هڪ زير زمين رستي تان وٺي اٿي هليو. سپاهي به هو ڏاهو، سو هن اهو نيري لاٽ وارو ڏيئو کڻي پاڻ سان گڏ کنيو. رستي تي ڄامڙي شيديءَ هن کي ڏانئڻ جو گڏ ڪيل ۽ لڪايل خزانو ڏيکاريو ۽ سپاهيءَ به ان مان جيترو کڄي سگهيس، اوترو خزانو پاڻ سان کنيو. جڏهن هو زمين جي اندر واري رستي مان نڪري پَٽ تي پهتا، تڏهن سپاهي هن کي حڪم ڏنو ته هاڻي مهرباني ڪري وڃ ۽ هن ڏانئڻ جا هٿ پير ٻڌي کيس وڃي ڪنهن عدالت ۾ پيش ڪر!“ +ٿورن ئي منٽن ۾ ڏٺائيڻ، ته اها ڏانئڻ هڪ جهنگلي ٻليءَ تي سوار هئي ۽ دردناڪ ڪيهون ڪندي اک ڇنڀ ۾ وٽانئس مَٽي ويئي ۽ هن ڄامڙي شيدي انهيءَ مهل هن کي چيو ”ڏانئڻ جو ڪم پورو ٿي ويو. هن وقت هو ڦاسيءَ تي پيئي لٽڪي!“ ائين چئي وري پڇيائين ”وڌيڪ ڪهڙو حڪم آهي. آئون حاضر آهيان!“ +سپاهيءَ جواب ڏنو، هيئنر ته تنهنجي واسطي ٻيو ڪم ڪونهي، تون ڀلي پنهنجي گهر وڃ پر جڏهن آئون تو کي سڏيان، تڏهن تيار رهجئين.“ +تنهن تي ڄامڙي شيدي سمجهائي چيس ”ته سڏ ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، تون فقط پنهنجي سلفي هن نيري لاٽ سان دکائج، ته آئون هڪدم تنهنجي پاسي ۾ اچي بيهندس.“ ائين چئي اتي جو اتي هو هڪ پل ۾ غائب ٿي ويو. سپاهي پوءَ شهر ۾ ويو ۽ وڃي هڪ بهترين هوٽل ۾ رهيو. عاليشان قيمتي ڪپڙا پنهنجي واسطي خريد ڪيائين ۽ هوٽل ۾، پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ اعليٰ سامان سان سينگاريل خاص ڪمرو مسواڙ تي ورتائين. پنهنجي رهائش وغيره جو انتظام ڪري هن ڄامڙي شيديءَ کي سڏي چيو ته ”مون بادشاهه جي نهايت وفاداريءَ سان خدمت ڪئي پر هن مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ته آئو ڀلي وڃي بک مران. هاڻي منهنجو مطلب آهي ته آئون انهي ڳالهه جو کانئس وير وٺان“ ڄامڙي شيديءَ پڇيو ”آئون ان ڳالهه ۾ ڪهڙي حڪم جي تعميل ڪريان؟“ سپاهيءَ جواب ڏنو ”تون رات جو بادشاهه جي محلات ۾ وڃ ۽ هن جي ڌيءَ کي وٺي اچ ته نوڪرياڻي وانگر اچي منهنجي خدمت ڪري.“ ڄامڙي چيو ”منهنجي لاءِ ته هي بلڪل آسان ڳالهه آهي پر ڏس متان تنهنجي لاءِ نقصان ثابت ٿئي سو خيال ڪجائين.“ +جڏهن اڌ رات ٿي گذري ته سپاهيءَجي ڪمري جو دروازو يڪدم کلي پيو ۽ اهو ڄامڙو شيدي بادشاهه جي ڌيءَ کي اندر وٺي آيو. اتي سپاهيءَ جي واتان اوچتو واهه واهه جا آواز نڪري ويا ۽ بيٺي بيٺي ڇوڪريءَ کي حڪم ڪيائين ته وڃ ۽ هڪدم ٻهارو کڻي ڪمري جي صفائي ڪر، جڏهن ڇوڪريءَ صفائي جو ڪم پورو ڪيو ته جنهن آرام ڪرسي تي پاڻ ويٺو هو تنهن تي پنهنجو ٽنگون سڌيون ڪري ڇوڪريءَ کي سڏ ڪري حڪم ڪيائين ته منهنجي پيرن مان بوٽ لاهه ۽ پوءِ بوٽ کڻي ڇوڪري ڏانهن زور سان اڇلائي چيائين ته هيءُ وڃي پالش ڪري اچ. شهزادي اهو سڀ ڪم اهڙي طرح ماٺ ميٺ ۾ ۽ سواءِ ڪنهن لفظ ڳالهائڻ جي پئي ڪيو جو ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ننڊ جي نشي ۾ پئي ڪري. اکيون به اڌو گابرو مس کليل هيس. آخر جڏهن پرهه ڦٽي ۽ ڪڪڙن ٻانگ ڏني ته ڄامڙو شيدي هڪدم ڇوڪريءَ کي اتان کڻي محلات ۾ سندس بستري ۾ سمهاي آيو ٻئي ڏينهن صبح جو شهزادي پنهنجي پيءُ وٽ ويئي ۽ کيس چيائين ته مون رات هڪ عبرت ناڪ خواب لڌو آهي. ڏٺو اٿم ته جيئن نه واءَ ۾ پن کڄي ويندو آهي، تيئن مون کي ڪو کڻيو پيو وڃي ۽ وڃي هڪڙي سپاهي جي ڪمري ۾ ڇڏيو اٿس. جتي معمولي نوڪرياڻي وانگر مون کي ان سپاهي جي خدمت ڪرڻي پيئي آهي. مون ڪوٺيءَ کي ٻهاري ڏني، سپاهي جي بوٽن کي پالش ڪيو ۽ ٻيا به اهڙا نوڪرن جهڙا ڪم ڪيا. جيتوڻيڪ اهو هو رڳو هڪ سپنو تڏهن به آئون اهڙي ٿڪجي ٽٽي پيئي آهيان، جو ڄڻ ته سچ پچ مون اهي سڀ ڪم ڪيا آهن. بادشاهه وراڻيو ”ممڪن آهي ته خواب نه به هجي ۽ واقعي ائين ٿي به گذريو هجي! هاڻي منهنجي هيءَ صلاح ڪن لائي ٻڌ. پنهنجو کيسو مٽرن سان ڀري ان ۾ هڪ ننڍڙو ٽنگ ڪري ڇڏ. جيڪڏهن تو کي وري به ڪير ائين کڻي ويندو ته کيسي جي ٽنگ مان مٽر ڪرندا ويندا ۽ انهي جي ذريعي ٻئي ڏينهن سمورو ڀيد معلوم ڪري وٺبو. +بادشاهه جڏهن اها ڳالهه پئي ڪئي، تڏهن ڄامڙو شيدي به اتي بيٺو هو پر نظر نٿي آيو ۽ هن اها سموري ڳالهه پئي ٻڌي. ٻيءَ رات جو ڄامڙو وري به ستل شهزاديءَ کي کڻي، گهٽين مان ڦرندو گهرندو اچي سپاهيءَ جي ڪمري ۾ حاضر ٿيو، ان مهل ڪي مٽر زمين تي ڪرندا آيا، پر انهن مان وريو ڪجهه به ڪين، ڇاڪاڻ جو هن حرفتيءَ ڄامڙي ڇا ڪيو هو جو سڀني گهٽين ۾ ساڳئي قسم جا مٽر ڇٽي ڇڏيا هئائين. شهزاديءَ کي وري به ساري رات ڪڪڙن جي ٻانگ تائين هڪ معمولي نوڪرياڻي وانگر، سپاهيءَ جي خدمت ڪرڻي پيئي. ٻئي ڏينهن بادشاهه ماڻهو موڪليا ته مٽرن واري رستي جو پتو ڪڍن پر بيڪار، ڇاڪاڻ جو هر هڪ گهٽيءَ ۾ اهڙائي مٽر پکڙيا پيا هئا ۽ جيڏانهن ڪيڏانهن غريب ٻارن مٽر پئي چونڊيا ۽ ائين پئي چيائون ته ”ڪالهه رات ڪو مٽرن جو مينهن وٺو آهي.“ تڏهن بادشاهه ڌيءَ کي چيو ”اسان کي ٻي ڪا تدبير ڪرڻ گهرجي. تون جڏهن سمهڻ وڃين ته تنهنجي جتي ڀلي تنهنجي پيرن ۾ پئي هجي، جڏهن جنهن هنڌ تو کي کڻي وڃن ته اتي پنهنجي جتي جو هڪ پادر ڇڏي اچج پوءِ آئون پاڻيهي اهو ڳولائي لهندس.“ +ڄامڙي شيدي اها ڳالهه به ڪنڊ پاسي کان پئي ٻڌي. ٽئي رات به جڏهن سپاهي ڄامڙي کي شهزادي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ڄامڙي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته آئون هينئر هن ڳالهه ۾ منجهي پيو آهيان، ته جيڪڏهن جتيءُ جو پادر تنهنجي ڪمري مان لڌو ته پوءِ تو لاءِ بنهه ٻارڻ ٻري ويندو! پوءِ ڪيئن ڪبو؟“ +سپاهيءَ چيس ”تو کي جيئن چوان ٿو چپ ڪري تيئن وڃي ڪر.“ اهڙي طرح ٽينءَ رات به سپاهيءَ وٽ شهزادي آندي ويئي ۽ نوڪرياڻي وانگر کانس خدمت ورتائون پر وڃڻ کان اڳي هن اٽڪل ڪري پنهنجي جتيءَ جو پادر اتي بستري جي هيٺان لڪائي ڇڏيو. +ٻئي ڏينهن صبح جو بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي جتيءَ جي پادر هٿ ڪرڻ واسطي شهر جي گهر گهر جي تلاشي ڪرائي ۽ آخر اهو پادر سپاهيءَ جي ڪمري مان لڌو. سپاهي پاڻ ته ڄامڙي شيدي جي منٿن تي گهر ڇڏي شهر جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو هو پر بادشاهه جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪير ٿو کانئس ڀڄي سگهي؟ سو هن کي به جلدي گرفتار ڪري آڻي قيد ۾ وڌائون. سپاهيءَ کان تڙ تڪڙ ۾ ڀڄڻ سبب ، ”نيليءَ لاٽ وارو ڏيئو“ ۽ ڪراڙي ڏانئڻ جو جيڪو سون هٿ ڪيو هئائين، سو به اتي پنهنجي ڪمري ۾ ئي وسري ويو هو. هن وٽ رڳو ٿورو ناڻو پاڻ سان هو. سپاهيءَ جيئن ڳورين زنجيرن سان ٻڌل، جيل جي دريءَ وٽ بيٺو هو ته ٻاهر بيٺل هڪ دوست تي وڃي نظر پيس، هن کي ڏسي هن دريءَتي ٺڪ ٺڪ ڪئي، جڏهن هو دوست ويجهو ٿيو تڏهن چيائينس ته آئون فلاڻي هوٽل ۾ هڪ ننڍي هڙ ڇڏي آيو آهيان. سا جيڪڏهن اتان آڻي مون کي پهچائين ته آئون تو کي ان تڪليف جو عيوضو ڏيندس.“ هو دوست جلدي ڊوڙي هوٽل ڏانهن ويو ۽ اتان اها هڙ کڻي آڻي سپاهيءَ کي هٿ ۾ ڏنائين. سپاهيءَ جڏهن ڏٺو ته هاڻي ڪو به ماڻهو ويجهو ڪونهي. تڏهن سلفي ڪڍي، ان نيليءَ لاٽ واري ڏيئي مان دکايائين ته هڪدم ڄامڙو شيدي اچي سندس سامهون بيٺو. سپاهيءَ کي چيائين ”ڪو خوف نه ڪر، جتي به تو کي وٺي وڃن، اتي سانت سان ساڻن گڏجي وڃ، پر نيليءَ لاٽ وارو ڏيئو، ڪٿي به پاڻ کان الڳ نه ڪج!“ ٻئي ڏينهن سپاهيءَ تي عدالت ۾ مقدمو هليو. جيتوڻيڪ هن ڪو به ڏوهه جو ڪم ڪو نه ڪيو هو ته به هن کي موت جي سزا جي فتوي ٰ ملي. نيٺ جڏهن سپاهيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ٿي ويا ته هن بادشاهه کي چيو ”منهنجو هڪڙو آخري عرض آهي.“ بادشاهه چيو ”گهر جيڪي گهرڻو اٿئي!“ هن جواب ڏنو. ”مون کي اجازت ملي ته آئون هتي ويهي هڪ ڀيرو سلفي ڇڪيان بس!“ +بادشاهه جواب ڏنو ”هڪ ڇڏي ٽي سلفيون ڇڪ پر ياد رک ته اهي تنهنجي حياتي ڪين بچائيندا.“ +سپاهيءَ پنهنجي سلفي ڪڍي ۽ ”نيريءَ لاٽ واري ڏيئي“ مان دکايو، سلفيءَ جو دونهون اڃا هوا ۾ مٿي چڙهيو ئي ڪين ته اهو ساڳيو ڄامڙو شيدي هڪ ڏنڊو هٿ ۾ کڻي، اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ چيائنس ”سائين منهنجا ڇا ٿا حڪم ڪريو؟“ +سپاهيءَ چيس ”وارو ڪر، هنن ججن کي ڏنڊا هڻي زمين تي وڇائي ڇڏ! ۽ بادشاهه جنهن مون سان هينئر خراب هلت ڪئي آهي، تنهن کي به نه ڇڏ!“ پوءِ ته ڄامڙو شيدي اچي هنن تي وارو وار ڪيو، ۽ هر هڪ کي ڏنڊن سان هڻي سٽي ڪٽي زمين تي ڍير ڪري ڇڏيائين. بادشاهه ڏنڊن لڳڻ وقت زمين تي ليٿڙندي، سپاهيءَ کي اڌ بادشاهي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ جوواعدو ڪيو تڏهن مس مس وڃي سندس جان ڇُٽي. پوءِ سپاهي شهزادي سان شادي ڪري شاهي محل ۾ شهزادن وانگر رهڻ ل��و. +چار چور +ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي ٻڍڙي زال رهندي هئي، جنهن جي ڪُل ملڪيت هڪ گابو هئي. هو روزانو اهو گابو جهنگ ۾ چارڻ ويندي هئي. +هڪڙي ڏينهن پوڙهيءَ پنهنجي پوٽي کي چيو : ابا اڄ تون گابو جهنگ ۾ چاري اچ، جو مان چاق نه آهيان. +ڇوڪرو گابو ڪاهي جهنگ ۾ ويو، پر ڀلجي جهنگ جي ڪنهن اهڙي پاسي نڪري ويو، جتي چار چور روز اچي گڏ ٿيندا هئا. انهن چورن جو ننڍو ڇوڪرو گابي سان ڏٺو سو ڇوڪري کان گابو ڦري، کيس مار ڏيئي ڀڄائي ڇڏيائون. +ويچارو ڇوڪرو روئيندو گهر آيو ۽ اچي ڏاڏيءَ کي روئيندي رئيندي سڄو احوال ٻڌايائين. مائيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو جو هائي ڌائي کيس هيو اهو هڪڙو گابو، جنهن سان ڏاڍي دل هيس، سو چورن کان بدلي وٺڻ جو دل ۾ کڻي فيصلو ڪيائين. +ٻئي ڏينهن پوڙهيءَ ڇا ڪيو جو هڪڙي وڏي ڪاٺ جي پيتي هٿ ڪري ان ۾ چيلاٽا ڦاسائي وڌائين ۽ سڄي پيٽي چيلاٽن سان ڀريائين. پوءِ پيٽيءَ کي ڪلف ڏيئي، ان جهنگ ۾ کڻي آئي، جتي جو ڏس سندس پوٽي کيس ڏنو هو. چورن جي گڏ ٿيڻ جي مهل ٿي ته چارئي چور به اچي پهتا. +پوڙهي چورن کي ڏسي اچي روئڻ ۾ پيئي. چورن جو پوڙهيءَ کي روئيندي ڏٺو سي پڇڻ لڳس ته مائي تون ڇو پئي روئين ۽ انهيءَ پيٽيءَ ۾ ڇا اٿئي؟ پوڙهي تنهن تي هيڪاري وڌيڪ روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته ابا ڪهڙيون ٿا مون نڀاڳيءَ کي سورن سنديون خبرون پڇو؟ مان ڏاڍي ڏکويل آهيان. +چورن تيئن اڳئين کان به وڌيڪ منٿون ڪيس، تڏهن پوڙهي چوڻ لڳي ته ابا هن پيتيءَ ۾ منهنجي ننهن جا لٽا ۽ ڪجهه زيور آهن. اسين مڇي ماني وارا هئاسين پر هاڻ بلڪل غريب ٿي ويا آهيون. لاچار اهي زيور ۽ لٽا، جي هن شاديءَ وقت پاتا هئا، سي هاڻي پيٽ گذرڻ لاءِ وڪڻڻا پون ٿا. مون اهي زيور پنهنجيءَ ننهن لاءِ وڏي شوق مان ٺهرايا هئا. اها ڳالهه ٻڌي چورن کي اچي لالچ کنيو. چيائونس ته پوڙهي، هاڻي اهو سامان شهر ڏي ڪاڏي ٿي کڻي وڃين. شهر ۾ ڄاڻ سڃاڻ کانسواءِ اهو سامان تو کان ڪير ڪو نه خريد ڪندو. پاڻ هر ڪو شڪ ڪندو ته چوريءَ جو مال اٿس. سو اهو سامان ڏي اسان کي اسان پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري تو کي ويهه پنجويهه رپيا ٿا ڏيون. اسان وٽ هڪ گابو آهي سو به ڏيون ٿا تو کي، وڃي ان کي تاتَ ته ڪو نه ڪو هاري ناري چار پئسا ڏئي تو کان وٺي ويندو. ان کان علاوه اسان وٽ هڪ ڪُڪِڙ ٻچن سوڌي ۽ ٻانگو ڪُڪُڙ به آهي سو به تو کي ڏيون ٿا جيئن ڀلي روز چوزا ڪهي کاءُ ۽ جڏهن ڪُڪڙ آنا ڏي سي به تري ٻوڙ ڪري کاءُ ته آسودي ٿئين. چورن پاڻ ۾ پهه ڪيو ته جيڪڏهن پوڙهيءَ اها ڳالهه نه مڃي ته پوءِ اها پيٽي زوري کسينداسونس، پر پوڙهي کي ته گهربو ئي اهو هو سو کانئن رپيا ڪڪڙ چوزن سوڌو ۽ پنهنجو گابو وٺي ٿي رواني. +هوڏانهن چور مڇون وٽي پيٽي ڪلهي تي رکي. هليا پنهنجي دڳ سان. نيٺ هو ان جاءِ ۾ آيا، جتي چوريءَ جو مال ورهائيندا هئا. جاءِ جي مالڪ کي چيائون ته اسان مال پاڻ ۾ ورهايون ٿا پر سدائين ٿيندو آهي پاڻ ۾ حصي رسيءَ تي گوڙ، سو جي هينئر به اهڙو گوڙ ٿئي ته تون ائين ڀانئجانءِ ته مڙ ئي خير آهي، پاڻ ۾ آهيون. +پوءِ ته چورن جاءِ جا در ۽ دريون بند ڪري، ڏاڍو مزي سان وڃي اندر ويٺا. مالڪ ٻاهران در کي ڪلف ڏيئي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو. جڏهن چورن پيٽيءَ جو ڪُلف کوليو ته ڪلف کلندي ئي ڀون ڀون وارا ڀُنڀاٽ ڪندي اچي ٿا چيلاٽا نڪرن! بس پوءِ ته اک ٻوٽ ۾ سڄي ڪوٺي چيلاٽن سان ڀرجي ويئي ۽ چيلاٽا اچي چورن کي چٽيا. هنن گهڻيون دانهون ڪيون ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻاهران هو ، در کي ڪلف سو وٺي جاءِ جي مالڪ کي سڏ ڪيائون. اول ته اهو اچي نه پر نيٺ آيو ۽ جهڙو در کوليائين ته کيس به اچي چيلاٽن ورتو. ”چورن جا ڀائر ڳنڍڙيڇوڙ“ سو هن کي به چڱي سيکت آئي. چورن جو ته اصل سِر پئي ويو. مس مس جان بچين. ڪي ڏينهن ته رليون اوڍيو پيا هئا. جڏهن چاق ٿيا، ته پاڻ ۾ گڏيا، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي!“ +ٻوڙن جو راڄ +هڪري شهر ۾ هڪ ڪٽنب رهندو هو، تنهن جا سڀ ڀاتي اتفاق سان ٻوڙا هئا. سو بعضي بعضي ڏاڍيون مزيداريون ٿينديون هيو. هڪ ڏينهن انهيءَ ڪٽنب جي پرئي مڙس هاريءَ پئي هر ڪاهيو ته هڪ پوليس وارو اچي لنگهيو، تنهن گهوڙو بيهاري سلام ورائي پڇيس ته پريا مڙس، هتان پڪو رستو ڪيتري پنڌ تي آهي؟ تنهن تي هاريءَ هر جهلي چيس ته ميان هي ڏاند منهنجا پنهنجا آهن، تنهن تي سوار ورائي چيس ته رستو ٿو پڇان ته گهڻي پنڌ تي آهي؟ هاري قسم کڻي چيو ته ڏاند منهنجا پنهنجا آهن. سوار ته گهوڙو هڪلي هليو ويو. جڏهن هاريءَ جي زال ماني کڻي آئي ته هاريءِ چيس ته تنهنجي ڀاءُ هي ڏاند ڪنهن ڦڏي واري ماڻهوءَ کان خريد ڪيا آهن اڄ پوليس چڙهي آئي هئي. جوڻس جواب ڏنو ته هيءَ ماني تنهنجي ماءُ پچائي آهي، مون ڪا نه ساڙي آهي. جڏهن هاريءَ ماني کائي بس ڪئي ته جوڻس ٿانوَ کڻي گهر ڏانهن رواني ٿي. پهچڻ سان سس کي چيائين ته چاچي پٽهن پئي چيو ته ماني ساڙي ڇڏي اٿوَ . +اهو ٻڌي هاريءَ جي ماءُ جنهن ان مهل ٻانهن کي سرنهن جو تيل پئي مکيو، پنهنجي نوڪر ڏي منهن ڪري چيو ته ڏس حال! اڄ قضا سان تيل ذري مکي اٿم ته اچڻ سان ئي جهيڙو جوٽيو اٿس. چي تيل کپائي ڇڏئي. اهو ٻڌي نوڪر چيو ته مان نڪري ٿو وڃان توهان ڄاڻُو توهان جو ڪم ڄاڻي. جهڙي مشن هوندي تهڙي ڪُتر ٿيندي. منهنجو انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوهه! ائين چئي نوڪر ڪاوڙجي ٻاهر نڪري ويو. +اهي اٿَوَ ٻوڙن جا حال!! +سچائي +(الف) +ٿورا سال ٿيا، لاهور جي هڪ محلي ۾، هڪ غريب مسلمان بيواهه عورت رهندي هئي. محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي نوجوان پٽ حميد جو پيٽ پاليندي هئي. حميد بلڪل سمجهو ۽ ذهين ڇوڪرو هو. سڄي پاڙي جا ماڻهو هن عورت کي چوندا هئا ته ”خدا ڪندو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ تنهنجو پٽ پڙهي لکي ڪنهن چڱيءَ نوڪريءَ ۾ لڳي ويندو.“ +پر اڃا حميد مئٽرڪ جو امتحان ئي پاس نه ڪيو هو ته سندس ٻڍي ماءُ بيمار ٿي پئي. فرمانبردار پٽ پنهنجي طرفان هر ڪا ڪوشش ڪئي، پر تقدير اڳيان تدبير ڪين هلي. مائيءَ جو پويون وقت نظر آيو. هيءُ ڏسي حميد دل هاري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ماڻس چيس، ٻچا، روئڻ اجايو آهي. ان مان ڇا وري ڇا سري! دل ڏاڍي ڪر، ڳوڙها اگهي ڇڏ. آئون جيڪا نصيحت تو کي هن سڪرات ويلي ڪريان، تنهن تي عمل ڪرڻ جو انجام ڪر. +حميد ڳوڙها روڪيان ۽ چيائين ته تون منهنجي ماءُ آهين، آئون تنهنجي نصيحت جي لفظ لفظ تي عمل ڪندس. دنيا ڏسندي ته حميد جيڪو مرڻينگ ماءُ سان انجام ڪيو هو سو آخر تائين پاريائين. +ماڻس چيو ته ”منهنجي نصيحت هيءَ اٿئي ته سچائي وڏي قوت آهي، ڀُلئي ڀلائي به اُن کي نه ڇڏج! دنيا ۾ آپدائون پيئون اچن ۽ وڃن. انسان وري سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، پر جو انسان هڪ دفعو به امانت ۾ خيانت ڪندو آهي، سو پاڻ کي اهڙُو هاڃو رسائيندو آهي، جو ان جي تلافي ٿيڻ ناممڪن آهي.“ +حميد جواب ڏنو، امان آئون سچيءَ دل سان اقرار ٿو ڪريان ته تنهنجي نصيحت تي هميشه ۽ هر حال ۾ هلندس. ٻڍيءَ کي خاطري ٿي. هڪ ڊگهو ساهه کنيائين، گويا سندس ڇاتيءَ تان هڪ ڳرو بوجهه لهي ويو. +هڪ ڏينهن کانپوءِ ٻڍي لاڏاڻو ڪيو. هاڻي حميد دنيا ۾ يتيم ٿي پيو. خدا کانسواءِ سندس مدد ڪرڻ وارو ٻيو ڪو نه هو، مگر ڌرڻي دنيا جون ٿيليهون کڻي ته ڪنهن جي پٺيان ڪو نه ڦرندو آهي! هو فقط انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن. +”همٿ مردان مدد خدا.“ +(ب) +حميد پڙهڻ ڇڏي ڏنو. نوڪريءَ جي تلاش ڪرڻ لڳو پر نوڪري ملڻ مشڪل هئي. سندس ماءُ کي مئي ٻه مهينا گذري چڪا هئا. ماڻس جي چار ڏوڪڙ ڇڏي ويئي هئي، سي به خرچ ٿي ويا. هينئر حميد ڏاڍو غمگين گذارڻ لڳو. سوچڻ لڳو ته ڇا ڪريان. ڪيئن گذارو ٿيندو؟ +هوُ ٿڪل هو، مايوس هو، سندس بدن ۾ سگهه ڪا نه هئي، پر اميد سندس ساٿ ڪو نه ڇڏيو. در در ڀٽڪي رهيو هو ته ڪنهن شخص کيس چيو، ميان! نواب مظفر بيگ کي هڪ هوشيار ۽ محنتي ۽ ايماندار منشي جي ضرورت آهي. اوڏانهن هليو وڃ، شايد تنهنجو ڪم ٿي پوي! نواب صاحب هن شهر جو هڪ وڏو رئيس آهي. سندس ڪارخاني ۾ سوين ماڻهو ڪم ڪن ٿا. حميد اتي پهچي ڏٺو، ته ڪيترا اميدوار بيٺا هئا. سندس دل سست ٿيڻ لڳي. پر وري ويچار ڪيائين ته ڇو دل لاهيان؟ ڪوشش ته ڪريان پوءِ جيڪي ٿيندو سو ڏٺو ويندو!“ +ايتري ۾ نوڪر هڪ هڪ اميدوار کي نواب صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو. نواب صاحب کي ڪو آدمي پسند ڪو نه آيو. آخر حميد کي سڏ ٿيو جو نواب صاحب کي ادب سان سلام ڪري بيهي رهيو. +نواب صاحب کانئس پڇيو ڇا تون منهنجو ڪم منهنجي مرضيءَ مطابق ڪري سگهندين؟ +جيءُ جناب! ضرور ڪري سگهندس. اوهان کي محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ جي گهرج آهي. آئون اوهان جون سڀئي اُميدون پوريون ڪري سگهندس. +نواب صاحب حميد کي پيرن تائين تپاسيو. هڪ ئي نگاهه سان سمجهي ويو ته هن ڇوڪري جي حالت مسڪيني آهي. پوءِ چيائنس مگر مون کي ايماندار ماڻهو کپي. +آئون ايماندار آهيان. +بلڪل ٺيڪ، هن وقت کان وٺي تون منهنجو منشي آهين. آئون تو کي چاليهه رپيا ماهوار پگهار ڏيندس. حميد جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. سِرُ نمائي جواب ڏنائين، اوهان جو عين احسان! ”چڱو، وڃ وڃي دفتر ۾ ڪم ڪر.“ +(ج) +گهڙي کن کان پوءِ نواب صاحب حميد کي پاڻ وٽ گهرايو. کيس ڪجهه ڪاغذ ڏيئي چيائين، ته هن ۾ مزورن کي ڏنل قرض درج ٿيل آهي، پر مزور سڀ اڻ پڙهيل آهن کين نڪي سمجهه آهي ۽ نه ئي حساب رکي ڄاڻن ته انهن ڏانهن منهنجا ڪيترا رپيا آهن.هيءَ فهرست ٻئي ڪاغذ تي نقل ڪر ۽ هر هڪ رقم کي ڪجهه قدر وڌائيندو وڃ. ڏهن جي جاءِ تي يارنهن ۽ چئن جي جاءِ تي سوا چار لکي ڇڏ. فهرست مون کي تمام جلد کپي! +حميد جي ڪن ۾ سندس ماءَ جو آخري چيل لفظ پڙلاءُ پيدا ڪرڻ لڳا ٿوري هٻڪڻ کانپوءِ چيائين، پر اوهان کي ته ايماندار ماڻهو کپندو هو! هيءَ ته اوهين بيمانيءَ جي فهرست تيار ڪرائڻ ٿا چاهيو مون کان اهو گناهه ڪين ٿيندو! +” ته بس نوڪري ڇڏي وڃ. مون کي اهڙي ماڻهو جي گهرج ڪانهي جو منهنجي حڪم جي بجا آوري نه ڪري.“ +۽ مون کي به اهڙي نوڪري ڪا نه کپي، جنهن ۾ بي ايماني ڪرڻي پوي. ائين چئي فهرست نواب صاحب جي ميز تي کڻي رکيائين ۽ پاڻ ٻاهر نڪري ويو. +نواب صاحب کيس وري گهرائي چيو ڏس، ويچار ڪر، اُٻهرو نه ٿيءَ تون غريب آهين اهڙو موقعو موٽي هٿ ڪو نه ايندءِ! +حميد وراڻي ڏني ڀل نه اچي، پر مون کان بي ايماني هرگز ڪين ٿيندي. تڏهن ڇا ڪندين؟ +ٻي نوڪري لاءِ ڳولا ڪندس. +۽ جي نه مليئي ته وري موٽي ايندين؟ +هرگز نه مرندو مري ويندس پر هيڏانهن نه ايندس. +نواب صاحب چيس ته تون سخت غلطي ٿو ڪرين. +نه سائين هي غلطي ناهي. مون پنهنجي ماءُ سان جيڪو انجام ڪيو هو ته ايماندار ٿي رهندس، سو پورو ڪندس چاهي نوڪري ملي يا نه ملي. +حميد ائين چئي بي پرواهيءَ سان ٻاهر هليو ويو. نواب صاحب پنهنجي هڪ نوڪر کي چيو ته وڃ، وڃي ڏسي اچ ته سندس مڪان ڪٿي آهي ۽ هو هينئر ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ +(د) +ٻه ڏينهن گذريا. حميد سخت ڪوشش ڪئي ته ڪٿي نوڪري ملي ��ڃي، پر ڪامياب ڪين ٿيو. ٿڪجي گهر موٽي آيو ۽ کٽ تي ليٽي روئڻ لڳو. ٻن ڏينهن کان ويچاري کي مانيءَ ڀور به نصيب نه ٿيو هو. ايتري ۾ ڪنهن دروازي تي کڙڪو ڪيو. حميد اٿيو ۽ وڃي دروازو کوليائين. ڏٺائين ته سامهون نواب مظفر بيگ بيٺو آهي. کيس ادب سان سلام ڪيائين. نواب صاحب چيس ته مون کي خبر آهي ته تو کي ڪٿي به نوڪري ڪا نه ملي آهي. ۽ تون ٻن ڏينهن کان بکايل آهين. هينئر ٻڌاءِ تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟ +ساڳيو ارادو، جيڪو شروع ۾ هو. +يعني اڃا به منهنجي نوڪري نه ڪندين؟ +حميد خاطريءَ سان جواب ڏنو: هرگز نه ڪندس. مون کان بي ايماني ڪين ٿيندي. +ڇوڪرا تو کي ضد ڇڏڻو پوندو نه ته بک ۾ پاهه ٿي ويندين. +فڪر نه آهي. آئون ايمانداري ڪڏهن ڪين ڇڏيندس. +ائين چئي اُٿي بيٺو، پر ٻن ڏينهن جي بک سندس بدن جي طاقت کسي ورت هئي. اکين اڳيان انڌارو ڇائنجي ويس ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو. +نواب دل ۾ چيو ڪهڙو نه نيڪدل نينگر آهي؟ بک مرڻ پسند اٿس پر ايمان ڇڏڻ منظور نه اٿس! ضرور ڪنهن ڏينهن نالو ڪڍندو. اهو خيال ڪندي يڪدم گهڙي مان پاڻي ڀري حميد جي منهن تي ڇڻڪايائين. حميد هوش ۾ آيو ته نواب صاحب کيس چيو پيارا حميد اُٿ! آئون تنهنجي ايمانداريءَ جي پرک وٺي رهيو آهيان. تو ثابت ڪيو ته تون نهايت ايماندار آهين. هينئر تو تي هر حالت ۾ اعتبار ڪري سگهندس. تنهنجو پگهار سَٺُ رپيا ماهوار ٿيندو. +حميد جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي. حيرت ۾ اکيون ڦاڙي، نواب صاحب ڏانهن نهارڻ لڳو. شايد خيال هئس ته هيءَ سڀ خواب آهي. هن ڳالهه کي ڪيترا ورهيه گذري چڪا آهن. اڄ ڪلهه به حميد ان دفتر ۾ ڪم ڪندو آهي. پر اڄ هو معمولي منشي نه آهي نواب صاحب جي سڄي ڪارخاني جو عام مختيار آهي. سندس پگهار سَٺُ رپيا نه پر ڇهه سو رپيا ماهوار آهي. هڪ عاليشان بنگلي ۾ رهندو آهي. وٽس ڪيترا نوڪر آهن. پر ايمانداريءَ ۾ اڄ به اهڙو ئي صاف ۽ پختو آهي. جهڙو اُن ڏينهن هو، جڏهن نوڪريءَ لاءِ ڦري رهيو هو ۽ مانيءَ ٽڪر لاءِ محتاج هو. +ٻارنهن شهزاديون +ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه ملڪ شام تي حڪومت ڪندو هو. جنهن کي ٻارنهن شهزاديون هيون. جن مان هر هڪ، ٻيءَ کان وڌيڪ سهڻي هئي. اهي سڀئي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهنديون هيون، جتي سندن پلنگ هڪ ٻئي جي ويجهو قطار ۾ رکيل هوندا هئا. رات جو جڏهن شهزاديون سمهنديون هيون ته بادشاهه زناني محلات جي ٻاهرئين در کي ڪلف ڏياري ڇڏيندو هو. صبح جو جڏهن بادشاهه ڪلف لهرائي، در کولي ڏسندو هو ته شهزادين جون جتيون ٽونگ ٽونگ ٿي پيون هونديون هويون ۽ هن کي حيرت لڳندي هئي ته ائين ڇو پيو ٿئي. نيٺ بادشاهه هڪ ڏينهن اعلان ڪرايو، جنهن ۾ پڌرو ڪيائين ته ”جيڪو به ماڻهو اهو ڳجهه ظاهر ڪري ڏيندو ته ڪهڙي سبب شهزادين جون جتيون رات وچ ۾ ٽُنگ ٽُنگ ٿي پون ٿيون، ته ان شخص کي ٻارنهن شهزادين مان هڪڙي جو سَڱُ ڏيندس ۽ منهنجي تخت جو وارث به اهو ٿيندو، پر جيڪو به انهيءَ راز کي ٽن راتين ۽ ٽن ڏينهن اندر ظاهر ڪري نه سگهندو ته ان کي جهنگ ڏانهن روانو ڪيو ويندو.“ +ٿورڙا ڏينهن گذريا ته ڪنهن ڀر واري ملڪ جو هڪ شهزادو اچي حاضر ٿيو. چي: ”آئون ٿو اهو راز ظاهر ڪيان!“ شهزادي جي ڏاڍي مان شان سان مرحبا ڪئي وئي ۽ شام جو شهزادين جي سمهڻ واري ڪمري جي ڀر واري ڪوٺي ۾ آڻي کيس ويهاريائون جتي هن جي سمهڻ لاءِ بسترو به موجود هو، هن جو مُک ڪم هو ان معاملي جي جاچ ڪرڻ ته شهزادين جي ڪمري ۾ رات جو ڇا پيو ٿئي؟ پر شهزادي جي اها بدبختي هئي جو جلد ئي ننڊ اچي ويس ۽ هو سمهي رهيو پوءِ جڏهن صبح جو ڏٺائين ته ٻارنهن ئي شهزادين جون جتيون ڇڳل ۽ سوراخ سوراخ ٿي ويون هيون. اهي شهزاديون اصل ۾ پرستان جي ڪنهن بادشاهه جي محل ۾ رهندڙ شهزادن جي محل ۾ ناچ ڪرڻ وينديون هيون. ڇاڪاڻ ته سندن جُتين ۾ گهڻي ناچ ڪرڻ ڪري ٽنگ پئجي ويندا هئا. ٻيءَ رات ۽ ٽين رات به شهزادي جو اهو ئي حال ٿيو، يعني هر رات هن کي ننڊ کنيو ويندي هئي. آخر شهزادين جي ناچ جو راز هو لهي ڪين سگهيو ۽ پوءِ هن کي جوڳيءَ وارو گيڙو ويس پهرائي مرُلي هٿ ۾ ڏئي جهنگ ڏانهن روانو ڪيو ويو. +تنهن کانپوءِ ڪيترائي شهزادا ۽ سردار اهو ڳجهه لهڻ لاءِ آيا، پر انهن جي به حالت اها ئي ٿي، يعني اڳي يا پوءِ سڀئي جوڳي بڻائي جهنگ ڏانهن روانا ڪيا ويا. ائين ٿيندي ٿيندي هڪڙي ڏينهن هڪڙو غريب سپاهي، جنهن لڙائي ۾ ڏاڍا گهاءَ کاڌا هئا. اچي انهيءَ شهر مان لنگهيو، اتي هڪڙي ڪراڙي زال بيٺي هئي. جنهن انهيءَ سپاهي کي ڏسي ورتو، جنهن اچڻ جو کانئس سبب پڇيو. سپاهيءَ ڀوڳ ۾ کيس کلي چيو ته ”ٻارنهن شهزادين جي راز لهڻ لاءِ پيش ٿيو آهيان.“ ڪراڙيءَ زال، سپاهيءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهيو ۽ چيائنيس ته ”اها ڳالهه اهڙي مشڪل به نه آهي، جهڙي تون سمجهين ٿو. تو کي فقط اهو ڪرڻو آهي جو رات جو شهزاديون جيڪو شربت پيئڻ واسطي ڏين سو نه پيئج ۽ ننڊ جو اهڙو ڍونگ ڪج جو ڄڻ گهريءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهين!“ ائين چئي پوڙهي هڪ وڏو جُبو هن کي ڏنو ۽ وڌيڪ چيائنيس ته ”هيءُ جيڪڏهن مٿان پائيندين ته ڪنهن کي به نظر نه ايندين ۽ ڪو به تو کي ڏسي ڪين سگهندو. پوءِ تون ڀلي شهزادين جي پويان هوريان هوريان وڃجانءِ ۽ ڏسجانءِ ته هو ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟“ +سپاهي اها نصيحت ٻڌي تکو تکو اڳتي وڌيو ۽ وڃي بادشاهه جي دربار ۾ اعلان ڪيائين ته ”منهنجو سر به شهزادين جي راز لهڻ لاءِ حاضر آهي.“ پوءِ هن جي به کانئس اڳي آيلن وانگر وڏي شان ۽ مانَ سان آجيان ڪئي وئي ۽ کيس شاهي وڳا پهرڻ لاءِ ڏنا ويا. سمهڻ وقت هن کي انهيءَ ساڳئي ڪمري ۾ وٺي آيا، هُن رات جو جڏهن بستري تي ليٽڻ ٿي گهريو، ته سڀ کان وڏي شهزادي هن کي هڪ شربت جو ڀريل پيالو آڻي ڏنو پر هن ان مان هڪ ڍُڪ به ڪو نه پيتو. سارو شربت هڪ ٿُلهي ڪپڙي جي ٽڪر منج هاري ڇڏيو. جو هن پنهنجي کاڏيءَ هيٺ ٻڌي ڇڏيو هو ۽ شربت کي اهڙي نموني هاريو جو اهو ان ٿلهي ڪپڙي ۾ جذب ٿي ويو پوءِ هي ليٽي پيو ۽ گهڙي کانپوءِ کونگهرا هڻڻ لڳو. ٻارنهن ئي شهزادين هن جا کونگهرا ٻڌا ۽ سڀني کان وڏي شهزادي ٽوڪ وچان کلندي چيو ”هن سپاهيءَ کي آخر تڪليف وٺڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟“ پوءِ هنن پنهنجون پيتيون ۽ ڪٻٽ کوليا ۽ اعليٰ قسم جي لباسن سان پاڻ کي سينگاريائون ۽ خوشيءَ ۾ ايتريون پئي ٻهڪيون ڄڻ ته ڪنهن جشن ۾ وڃڻيون هيون. سڀني کان ننڍي شهزادي غمگين نظر ٿي آئي چيائين ته ”خبر نه آهي ته ڇو اوهين ايتريون خوش آهيو، پر آئون محسوس ٿي ڪريان ته اڄ اسان تي ڪنهن قسم جي تڪليف اچڻ واري آهي.“ وڏي شهزادي چيو ”تون بي عقل آهين! هت ڇا آهي ، خوف نه ڪر، تو کي خبر نه آهي ته ڪيترن ڏاهن، پهلوانن ۽ شهزادن اسان جي راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن اهي ڪوششون اجايون ٿيون. سپاهي کي ننڊ آڻڻ جو پيالو پياريو آهي ۽ يقين سمجهه ته هو صبح جو ئي سجاڳ ٿيندو.“ جڏهن هو وڃڻ واريون ٿيون تڏهن هنن سپاهيءَ ڏي نهاريو. ڏٺائون ته سپاهيءَ جون اکيون پوريون پيون هيون ۽ هو گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. وڏي شهزادي پوءِ پلنگ جي سيراندي تي ”لُڪ لُڪ“ ڪئي، ته فرش چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ سندس پلنگ ان ۾ هيٺ پيهي ويو. پوءِ هو فرش واري در مان هيٺ ٿيون. جڏهن سپاهي انهن جي هلچل ڏٺي ته اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪراڙي وارو جُبو کڻي ڍڪيائين ۽ ننڍي شهزاديءَ جي پويان هلڻ لڳو. تڪڙو هلندي هن جو پير شهزاديءَ جي پوتي جي پَلو تي اچي ويو. شهزادي ڊپ وچان دانهن ڪئي. ”الائي ڪير منهنجي پوتي پويان ڇڪي رهيو آهي؟“ وڏي ڀيڻ چيس ”بي عقل نه ٿي، ڪپڙو انگهه ۾ اٽڪيو هوندو!“ پوءِ هو وڃي تر تائين پهتيون، اتي وڻن جي قطار هئي. جنهن هيٺ وڃي بيٺيون. انهن وڻن جا پن روپا ۽ ميوا سونا هئا. اهي هوا ۾ پئي لڏيا، اتي سپاهيءَ خيال ڪيو ته بهتر آهي ته هڪڙو پَنُ هتان شاهدي طور کڻان. سو هٿ وجهي وڻ مان ننڍڙي ٽاري ڀڳائين ته ان جو ٽڙڪاٽ ٿيو، اهو آواز ٻڌي ننڍي شهزاديءَ رڙ ڪئي ”هاڻ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي! اوهان آواز نه ٻڌو؟“ وڏي ڀيڻ هن کي ماٺ ڪرايو ۽ چيائنيس ته ”اهو بندوقن ڇٽڻ جو آواز آهي. پرستان جا شهزادا اسان جي استقبال واسطي بندوقون پيا ڇوڙين.“ هو اڳتي هلي وڻن جي ٻن قطارن جي وچ ۾ آيا، جن جا پن هيرن جا، ميوا جواهرن جا هئا. سپاهي انهن مان به هڪ ٽاري ڇني هٿ ۾ ڪئي. پر ٽاري جي ٽٽڻ جو اهڙو ٺڪاءُ ٿيو جو سڀ دهلي ويون. ننڍي شهزادي ڊپ مان اٿي ٽپ ڏنو پر وڏي ڀيڻ چيس ته: ”هي سلاميءَ جا ٺڪا آهن.“ تنهن کانپوءِ ڍنڍ وٽ آيون، جنهن جي ڪناري تي ٻارنهن بتيلا لنگر هنيو بيٺا هئا ۽ هر هڪ ۾ سهڻو شهزادو ويٺو هو. سڀئي وڃي بتيلن تي جوڙي جوڙي ٿي وڃي ويٺيون. پرستان جي هڪ شهزادي پڇيو ”ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي ٻيڙي اڄ ڳَري پئي لڳي. آئون ان کي چوري به مس ٿو سگهان.“ ننڍڙي شهزاديءَ چيو ته ”هوا گرم آهي، جو تو کي ڏکيائي ٿي ٿئي“ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هڪ عاليشان وڏو قلعو هو، جنهن ۾ اندر هڪ خوبصورت محلات هئي. جيڪا بتين جي روشني ۾ ائين پئي ٻهڪي ڄڻ ٽمڪندڙ تارن وارو آسمان زمين تي لهي آيو آهي. محلات جي اندران هڪ سريلو آواز پئي آيو. پوءِ سڀئي ڪناري تي لٿا ۽ گڏجي قلعي اندر گهڙيا. اتي هر هڪ شهزاديءَ گيت ٻڌايا ٿي ته ٻين شهزادين رقص ٿي ڪيو. ان ريت سمورين شهزادين جي راڳ کانپوءِ شهزادن به گيت ٻڌايا ۽ ناچ ڪيو. سپاهي به ساڻن گڏ پئي نچيو. نچندي، نه ڏسڻ ۾ ايندڙ سپاهيءَ جو هٿ اوچتو هڪ شهزاديءَ کي لڳي ويو، جنهن شهزاديءَ کي ڏڪائي ڇڏيو پر اڳي وانگر وڏي شهزادي وري به هن کي ماٺ ڪرائي. اهڙي طرح هو نچي رهيا هئا ته سڀني شهزادين جون جتيون ڀڄي ڀري سوراخدار ٿي پيون، ان ريت شهزادين کي لاچار وڌيڪ ناچ بند ڪرڻو پين. +موٽڻ مهل جڏهن شهزاديون ڏاڪڻ وٽ پهتيون، تڏهن سپاهي اڳ ۾ وڃي بستري تي سمهي پيو، جڏهن شهزاديون ٿڪ وچان پير گهلينديون ۽ اوٻاسيون ڏينديون ڪمري ۾ آيون ته سپاهي مِکر ۾ زور سان کونگهرا پئي هنيا. پوءِ شهزاديون قيمتي ڪپڙا لاهي جتين کي لتن سان ڌڪي پري اُڇلائي پنهنجي پنهنجي پلنگ تي ڪري پيون ۽ گهري ننڊ ۾ سمهي رهيون. ٻئي ڏينهن سپاهي ڪنهن سان به ڳالهه ڪا نه ڪئي. ٻيءَ رات به هن اهو ساڳيو تماشُو ڏٺو، جيڪو هن پهرئين رات ڏٺو هو. ٻي رات نشاني طور وڻن جي پنن ۽ ميون بدران هن هڪ شربت وارو خالي پيالو جُبي ۾ لڪائي کنيو ۽ اهو ٻاهر کڻي آيو. جڏهن اها گهڙي آئي ته بادشاهه وٽ وڃي حاضر ٿيو. بادشاهه پڇيس: ”ٻڌاءِ سپاهي خان! شهزادين جون جتيون هر رات جو ٽنگ ٽنگ ٿي پروڻ ڇو ٿيون ٿين؟ +سپاهيءَ جواب ڏنو ” بادشاهه سلامت پهرين پنهنجي جان جي امان گهران ٿو! پوءِ عرض ڪريان ٿو ته تنهنجون ٻارنهن ئي شهزاديون پرستان جي بادشاهه جي ٻارنهن شهزادن سان زير زمين محلات ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃن ٿيون، جتي راڳ به ڳائن ٿيون ۽ نچن به ٿيون، جنهنجي ڪري سندن جتيون ٽٽيو پون. هن شاهديءَ لاءِ اتان آندل نشانيون ڪڍي ظاهر ڪيون. انهيءَ تي بادشاهه پنهنجي شهزادين کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ کانئن پڇيو ”ته ڇا هيءُ سپاهي سچ ٿو ڳالهائي؟“ +شهزادين جون جتيون سوراخدار ٿي ڇڄي پوڻ وارو ڳجهه ظاهر ٿي پيو، ههڙين شاهدين ۽ ثابتيءَ وارين شين جي سامهون انڪار ڪرڻ اجايو آهي، انهيءَ ڪري شهزادين سڄو قصو قبول ڪيو ۽ ٻڌايو ته اهو جادوءَ جي ذريعي پرستان جا شهزادا اسان کان ڪم وٺندا هئا. ڳالهه کلڻ سان ئي پرستان جو جادو شهزادين تان لهي ويو هو جادوءَ جي اثر کان آزاد ٿي ويون. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن هو شاهي باغ ۾ گهمي رهيون هيون ته پرستان جي شهزادن سندن ڪچهري ۽ مذاق ۾ ڳايل گيت ٻڌي ورتا ۽ رقص ڏسي چريا ٿي پيا ۽ جادوءَ جي ذريعي کين هر رات گهرائي سندن رقص ڏسندا هئا. پوءِ بادشاهه سپاهيءَ کان پڇيو ته ”تون منهنجي ڪهڙيءَ شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ گهرين ٿو؟“ سپاهي جواب ڏنو ته ”جنهن حالت ۾ آئون پاڻ جواني کان هٽي چڪو آهيان تنهنڪري مان تنهنجي شهزادين مان سڀني کان وڏيءَ سان شادي ڪندس.“ اهڙي طرح ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي ۽ سپاهي بادشاهيءَ جو وارث بنجي ويهي رهيو. +ڪجهه عرصي ۾ سمورين شهزادين جون شاديون ڀرپاسي جي ملڪن جي شهزادن سان ٿي ويون ۽ نيٺ پوڙهو بادشاهه ۽ راڻي به گذاري ويا، تنهن کانپوءِ ملڪ شام تي ساڳيو سپاهي پنهنجي راڻيءَ سان گڏ انصاف سان حڪومت ڪرڻ لڳو. \ No newline at end of file