diff --git "a/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book3.txt" "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book3.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/children_Litrature/Book3.txt" @@ -0,0 +1,637 @@ +ڪتاب جو نالو: نياريون وٿون + + + +نياريون وٿون +محمداسماعيل عرساڻي +آءٌ هيءُ ننڍڙو ڪتاب ”نياريون وٿون“ وڏيءَ سڪ سان سنڌي ٻوليءَ جي سڀني سڄڻن اڳيان جهوليءَ ۾ جهلي آڇيان ٿو، پوءِ کڻي اُهي هن ڌرتي جي ڪهڙي به ڀاڱي ۾ وسندا هجن: +پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران! +نياريون وٿون +ڇپائيندڙ پاران +سڌريل ٻولين جي شاهوڪار ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي تحريرن/ لکڻين کي هڪ ڌار ۽ خاص اهميت حاصل آهي. جهڙي طرح ڪنهن به عاليشان عمارت جي تعمير جو خواب تيستائين پورو ٿيڻ ممڪن ناهي. جيستائين پڪي پيڙهه، مضبوط اوسر ۽ ڌيان سان ڀرپور ڪاريگريءَ جو ان ۾ دخل نٿو هجي. ساڳيءَ ريت ڪنهن به خطي جو ادب شاهوڪار علمي ورثو رکندڙ ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي نٿو سگهي. جيستائين منجهس ٻاراڻين تحريرن/ لکڻين جا مڻيادار موتي اسري نٿا اچن. +جيتوڻيڪ سنڌي ادب جي ٻاراڻي ڀاڱي جو ڪم جنهن معيار سان ٿيڻو کپندو هو، اهو ته نه ٿي سگهيو آهي، پر تنهن هوندي به هن سلسلي ۾ جن ليکڪن، قلمڪارن پنهنجون تخليقي صلاحيتن بروءِ ڪار آڻيندي عالمي گهرجن ٽان ٻاراڻو ادب سرجڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي نظر ۾ ان کي يڪسر رد ڪري ڇڏڻ به بيقدريءَ جو مظاهرو ٿيندو. +زير مطالع ڪتاب ”تياريون وٿون“ بابت هاڪاري راءِ ڏيڻ رڳو ”لفظي معيار“ لاهڻ جي برابر ئي ناهي، بلڪ ڪتاب ۾ ليکڪ جنهن شاندار نموني روزمره جي زندگيءَ ۾ وساريل/ غير اهم ڄاڻائي نظرانداز ڪيل شين جي اهميت نصيحت آموز انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سان ٻارڙن جي ذهني پرورش ۽ معلوماتي سگهه ۾ اضافو ٿيڻ کان سواءِ وڏڙن جي ذهن ۾ ڪيترن ئي وساريل شين جا عڪس ۽ اهميت اڀري اچڻ جي اميد پڻ آهي. ڪتاب ۾ جيڪا نج، ڏاري ٻوليءَ جي اثرن جي گدلاڻ کان آزاد سنڌي ٻولي ڪتب آندل آهي. سچ ته ان کي ڏسي دل ٺري پوي ٿي. +ڪتاب جي اهيمت جو اندازو ان حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته 1980ع ۾ هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي طور ڇپرايل ٽي هزار ڪاپيون ڪجهه وقت اندر ئي هٿوهٿ وڪامي ويون. ڪافي وقت کان ان کي ٻيهر ڇپرائڻ جي رٿا بورڊ انتظاميه جي ويچار هيٺ هئي. آئون پاڻ کي ڀاڳوند ڀانيان ٿو جو ڌڻي تعاليٰ هڪ نيڪ ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي سعادت جو شرف بخشيو اٿم. +ڄام شورو سنڌ انعام الله شيخ +10 جنوري 2005ع سيڪريٽري +سنڌي ادبي بورڊ +مهاڳ +هيءُ ”نياريون وٿون“ نالي سان ڪتاب جنهن ۾ ڪُل هڪ سؤ هڪ ننڍڙا ليک لکيا اٿم، سو پڙهندڙن جي اڳيان آهي. +سنڌي ساهتيه جي گهڻگهرن کان گهڻو ڪري اهوئي ٻول ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ته اسان کي پنهنجي لکيتن ۾ نج سنڌيءَ لکڻ گهرجي، پر وري به جڏهن لکندا آهن ته اها ئي ڌارين ٻولين جي اکرن جي ڀرمار هوندي آهي. جي، ان کان سواءِ اسان جا لکيل ٻُسا ٿيو پون. ائين به چوندا آهن ته؛ نج سنڌي لکڻ ۾ اسان کي ڏاڍي اهنجائي ٿئي ٿي ۽ لکت جي ٻولي به سهڻي نٿي ٿئي، ان ڪري لاچار آهيون. +پر مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جو ڌيان رکيو اٿم. رڳو اسم خاص، پهاڪا، چوڻيون يا بيت جيئن آهن تيئن لکيا اٿم، ٻيو سڀ ڪجهه نج سنڌي ٻولي آهي. مون کي ته سلوڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ نه ٻُسي يا الوڻي. پڙهندڙ هن ڏس ۾ پاڻ پڙهي نياءُ ڪن. ڪي ڪي اکر جهڙوڪ زور (ٻل) خبر (ڪَل)، خير (سک)، شيءِ (وٿ) ۽ اهڙا ٻيا اکر جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ته گڏ سڏ ٿي ويا آهن، جي نج کان به نج ڏسڻ ۾ اچن ٿا، انهن جي لکڻ کان به نه مڙيو آهيان. ”شيءِ“ اکرن نج عربي آهي، پر اسان جا ننڍا ٻار به شيءِ شيءِ چوندا آهن. پر ”وٿ“ اکر سمجهندا ئي ڪونه. ان طرح ”وقت“ اکر سولائيءَ سان اُچاريندا، پر ”ٽاڻو“ نه سمجهندا ۽ نه چوندا. اهڙا اکر ”نياريون وٿون“ ۾ ڳاڻ ڳڻيا مس لڀندا. جن جا نج سنڌي بدل به آيم ٿي، پر انهن جي لکڻ ۾ ڪوبه ڀولو نه ڄاتم. ان هوندي به منٿ ٿو ڪريان ته جيڪڏهن ڪا ڀل چُوڪ ڏسڻ ۾ اچين ته پنهنجا ڀال ڀَلائي اُها ليکي ۾ نه آڻين. چوندا آهن ته ”ڀُلئي چُڪئي مار ڪانهي!“ +هن ڪتاب ۾ جيڪي ليک ڏنا ويا آهن، سي سڀ هڪ يا ٻن نمونن جا مس ٿيندا. انهن ۾ رڳو ٻارن سان ٻه- چار ٻول ڪيا ويا آهن. هي سڄو ڪتاب ٻارن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ سٽيو ويو آهي، پر آس اٿم ته وڏن کي به ان مان گهڻوئي لاڀ پراپت ٿيندو. مون کي هن ڪتاب لکڻ ۾ڪا گهڻي ويرم ڪانه لڳي آهي، ڏهاڙي پنج- ڇهه ليک لکندو هوس ۽ منهنجو پُٽڙو اعجاز، اهي سٺن اکرن ۾ اتاريندو هو. اهڙيءَ ريت هڪ مهيني ۾ هيءَ سوکڙي لکي وڃي پار پيس. +هن ڪم ۾ منهنجي ڀاڻيجي شمس الدين عرساڻيءَ مون سان ساٿ ڏنو آهي، ان جو ٿورائتو آهيان. +جيڪڏهن منهنجو پورهيو پڙهندڙن کي وڻيو ته ڏاڍي سرهائي ٿيندم ۽ ڌڻي سڳوري جا ٿورا مڃيندس، جنهن هيءَ همٿ ڏني. اڳتي به اُن ننگيءَ تي ننگ آهي! +ننگ ننگيءَ تي ننگيءَ نار. +ڪيئن وساريان سو سردار! +جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي پارکن کي منهنجون پچارون وڻيون ته مون لک کٽيا. هن اگهائيءَ جي سَمي ويهي وندر ڪئي اٿم ۽ رنڍا روڙيا اٿم. هاڻي به: +جي اگهي نه ڪائو ڪچ. +نه ته ماڻڪن موٽي ٿئي! +محمد اسماعيل عرساڻي +حيدرآباد سنڌ +آڪٽوبر 1979ع + + +-1ڪک +ڪنهن ڪويءَ جو ٻول آهي ته: +فريدا ڪک به نه نِندجي، ڪک به وڏي وٿ، +اُڏي پيو جي اک ۾ ته ڏئي گهڻو ڏک. +ڪيڏو نه سچ چيو اٿس؛ ڪک ڪهڄر کان اسين ته بروبر ڦون ڦون ۽ ڇون ڇون پيا ڪندا آهيون، پر اُن جي ڪارائتي هئڻ جو ڀلجي به ويهي وستار نه ڪيو اٿئون ته اهو ڪک ڪو ڪارائتو آهي. +اوهان اهو ٻڌو هوندوته ”ادا، ڪک هيٺان لک لڪل آهي.“ انهيءَ پهاڪي تي ڪڏهن سمجهه ويڙهائي ويچار ڪيو ٿاَ ته ان جو ارٿ ڇا آهي؟ ڏٺو ويندو ته اسين پنهنجي گهر مان ڪک پن ميڙي سيري ڪڍندا آهيون ته گهر سٿرو رهي، پر ڪک پن ميڙيندا ڇا سان آهيون؟ اوهين چوندا ته ٻهاري سان. ڀلا ٻهاري ڪکن جي جڙيل نه آهي ته ڇا جي ٺهيل آهي؟ +بُهه ڇا آهي، ڊَڀ ڇا آهن، انهن جا ڪک ئي ته آهن جي مٽيءَ کي پڪي ڪرڻ لاءِ گڏبا آهن، نه ته لنب ۾ سيرون ۽ ڦوٽون پئجي ڪين وڃن! گارو ڀلا ڪکن کان سواءِ به ڪڏهن ٺهيو آهي؟ پيش ۽ مُڃ جا پن جيستائين سٽي ڪٽي ڪک نه ڪجن؛ تيستائين انهن مان ڪوڙو ۽ سچو واڻ ڪيئن ٺهي ۽ اسان جون کٽون کٽولا ڪيئن مڙهجن. جن تي اسين سمهي سک ڪريون. نوڙيون ۽ رسا به ته انهن ئي ڪکن جي سوکڙي آهن. +هي ڀانت ڀانت جا وڃڻا، پرنڊيون يا دٻڪيون، ٽٻڻيون ڇٻا ڇٻيون، سُپ يا ڇڄ ۽ ٻيون سوين هٿ جي هنرن جون شيون، جن کي ڏسي وات ڦاٽي ٿو وڃي، اهي سڀ نيٺ ته انهن ڪکن مان جڙيل آهن. ماڻهو جو هٿ ڇا ڇا نٿو ڪري- آهن ته ڪڻڪ جون تيليون ۽ سَرن جا تيلا به ڪک، هڻي انهن ڪکن جو مُلهه ڪَٿي ڏسو. +سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ٻڏندو ماڻهو ڪکن جو سهارو ڳولهي.“ هن پهاڪي جي ڀڃ گهڙ ڪبي ته سجهه ۾ اهائي ڳالهه ايندي ته ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪک به سهارو ڏئي ٿو. اهو به ٻڌو هوندوته سياڻن چيو آهي ته، ”جو ڪک جو چور سو لک جو چور.“ +هن جي مراد به اها ئي ٿيندي ته جيڪو ڪک جهڙي بروبر ملهه واري شيءِ چوري ڪندو، سو لک جي چوري ڪندي به نه گُسندو. جيترو لک جو چور ڪپتيو سڏبو، ڪک جو چور به اوترو ئي ويساهه کان ڪِريل هوندو. ڪک جي اکر کي ڏاهن ڪيترو نه پهاڪن ۾ آندو آهي ۽ ان مان ڪيترا نه ڳڻ ڳولي ڪڍيا اٿن. +ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي، پر پکي پکڻ به ڪکن سان ئي پنهنجا آکيرا ٿا جوڙين. جهرڪين جا آکيرا ��سو ۽ رنگارنگي ننڍڙن چيهن جي گهرن تي نرت وجهو، اهي ڪهڙا نه سهڻا ۽ سوڀياوان هوندا آهن. وڻن ۾ لڙڪندا پيا آهن ته اهي ڪيئن نه پيا من کي موهيندا ۽ سيبائيندا آهن. اهي ويچارا نه ته سرون گڏ ڪن ٿا نه لوهه جون سيخون_ اهي ڪک ئي ته آهن جي انهن جي مانجهاندي جو ماڳ آهن_ پکي پکڻ جڏهن آنا لاهين ته انهن کي ڦوڙڻ تائين انهن ڪکن جي وڇاڻي تي ئي رکندا آهن. سکين ستابن جا هند وهاڻا برابر ملهائتا آهن پر هي ڪک ڇا ۾ گهٽ آهن. +هيءَ پرٿوي رڳو سوچڻ جي جاءِ آهي_ اهي شيون جن کي اسين ڪي ڪين ٿا سمجهون، انهن تي ويچار ڪرڻ سان اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته خدا هر هڪ شيءِ کي ماڻهو ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ هڪ جهڙو املهه ڪري جوڙيو آهي_ پوءِ اسان کي مُورهين نٿو جڳائي ته ڪک کي لک کان ۽ هيڻي کي ڏاڍي کان گهٽ سمجهون. خدا جي جوڙيل شين کي هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ ڇو ڄاڻجي؛ ڇو ته سڀني شين کي هڪجهڙو مانائتو سمجهون ۽ خدا جي هنن سڀني شين جا هڪجهڙا ٿورا ڳايون. +ڌڻي جا اسيـــن گيت ڳايــــون ســـدا، +اڳيان تنهن جي سر پڻ نمايون سدا. +ٿر جا اٻوجهه ماڻهو ويچارا ته مال جي گاهه کي، جڏهن اهو وسڪاري ڦٽي نروار ٿئي ته چون ئي ائين ته ”ادا، هن ڀيري ڪک جام ٿيو آهي.“ اسان جي ٿر لاءِ ڪک ئي ته جياپو آهي، ڪک آهي ته_ ڏُڌ، لسي، گيهه، مکڻ، مَئُو آهي نه ته اسين مارو ماڻهو نه مُئن گڏ نه جيئرن ڀيڙا. ڀلائي ڪري ڪک کي ڪڏهن به نڪمي شيءِ نه سمجهندا ڪريو. ائين ڪرڻ سان ڌڻيءَ جو ڏمر پراپت ٿيندو، جنهن کان بچندا رهو. منهنجي اها وياکياڻ اٿوَ جنهن کي سدائين چت تي رکو ۽ وساريو نه. +”اها سگهڙ سُمَتء، چوکي رک تون چت ۾!“ +2- مٽي +واءُ لڳي ٿو، مٽي اُڏامي ٿي، اسان جو ڏِيل يا بُت مٽيءَ سان ڀرجي وڃي ٿو، هنڌ ٽپڙ، ڪپڙا لٽا، گهرگهاٽ ڌوڙ ٿيو وڃي. اسين پنهنجو پاڻ کي پيا ڇنڊيون ڦوڪيون، ٽپڙ ٽاڙي ڇنڊيون ۽ گهر کي ٻهاري ڏيئي اڇو اجرو ڪريون، وهنجي سهنجي پاڻ کي اُجرو ڪريون. ڳالهه جو وٺ ڳاٽو ته مٽيءَ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ سڀئي جتن ڪريون. سائينءَ کي ٻاڏايون ته اي ڌڻي، مٽيءَ کان ڇوٽڪارو ڏي، مٽيءَ ڏاڍو ڏکيو ڪيو آهي. ڏسوته مٽيءَ کان ڪيتري نه بُڇان ٿي اچي! پر اڙي آدم جا پُٽڙا، ڪڏهن ان ڳالهه تي به سوچيو اٿئي ته مٽي ڪهڙي نه مُلهائتي وٿ آهي، جنهن کي تون هڪ نڪمي شيءِ سمجهين ٿو اها ڪيتري نه ڪمائتي آهي. هن ڳالهه تي سوچ ويچار ڪر ته ڏندين آڱريون اچي ويندءِ ۽ اهو چوڻو پوندو ته هاءِ آءٌ ڪيترو نه ڀليل آهيان. +اها جانچ ڪئي اٿئي ته تون ٺهيل ڇا مان آهين! مٽيءَ جو پتلو نه آهين؟ قرآن پٽي پڙهي ڏس، سياڻن ۽ ڏاهن کان پڇا ڪر ته پڪ ٿيئي، آخوند محمد قاسم ڪين چيو آهي ته: +ڪين آهين، نيٺ ٿيندين ڪين، ڪو ڪارج ڪماءِ، +جو اچيئي ڪم سڀان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم. +اوهان ٻڌو هوندو ته مٽيءَ کي خاڪ به چوندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي خاڪي يا خاڪ جو پتلو به، انهيءَ ڪري ئي سڏيندا آهن. اها ڳالهه ته توکي مڃڻي ئي پوندي ته ٺهيو به مٽيءَ مان آهين ۽ مرڻ کان پوءِ به مٽيءَ يا ڌوڙ ۾ ئي لَٽيو ويندين. مان سمورو مٽيءَ کي مليل آهي. نه کَل ۽ هڏن کي. اِهي ته سڙي وري به مٽي ٿي ويندا. مٽيءَ ۾ ڪجهه ته آهي جو مري ويلن جي بُٺيءَ تي سڀڪو اچيوسلامي ٿئي. لطيف سائين ڪين چيو آهي ته: +ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو +ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان، +ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي. +لطيف سائين به مٽيءَ کي مان ڏنو آهي، نه چم هڏن يا ساهه کي. ڪن الله وارن به چيو آهي ته ابا پٿر نه ٿيو پر مٽي ٿي رهو، ڇو ته اها مٽي ئي آهي جنهن مان گل ڦل ڦٽن ٿا، پٿر تي ڀلي ته ڪيترائي ڪڪر وسن پر ان مان ڪجهه به ڪين اڀرندو. مٽيءَ واري ڌرتيءَ تي سڀ ڪو اوڀر: اناج، ميوا ۽ وڻ ٽڻ اُسرن ٿا، جنهن مان ڏسبو ته مٽي ڪيتري نه لاڀ واري آهي. +اڻ هوند وارن جا اَجها به مٽيءَ مان ته ٺهندا آهن. گنب جي مٽيءَ جون ڀتيون يا ڪچين سرن جي اوساري به مٽيءَ جي ئي ڀلائي آهي. لنب ڇنڀ به مٽيءَ مان ئي ٿئي، مٽيءَ جا ٺهيل ٿانو وري آويءَ يا نهائينءَ ۾ کڻي پچايو ته اهڙا سهڻا ٿيو پون جو ڏٺي اکيون پين ٺرن: ڪُنا، دانگيون، پاٽيون، پاٽوڙا، ڦيلهيون، جمنيون، ڪونڊا، ٽڀا، دکيون، دلا، مٽ، گگهيون، جنڊڙيون ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا رانديڪا. اسان کي اهي مٽيءَ جي مهر سان ئي ملن ٿا. مٽي ڌرتي آهي ۽ ڌرتيءَ کي ماتا يا ماءُ سڏيو ويو آهي. موٽي ان جي پيٽ ۾ ئي وڃڻو آهي. هن مٽيءَ مان الائي ڪيترا ساهه وارا بنيا ۽ موٽي ان ۾ ويا، پر اُن اُمڙ جو پيٽ اڃا نه ڀريو آهي، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: +وئي خاڪ کائي گهڻن جو مٿو، +اڃا خاڪ جو پيٽ ڀرجي نٿو! +مٽي ماتا، نه رڳو ماڻهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ٿي، پر سڀ ساهه وارا مرون، ڪيڙا، ماڪوڙا، منجهس ڏرون کوٽي پنهنجي لاءِ اجهو ٺاهين ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ به مٽيءَ سان مٽي ٿي ملي وڃن ٿا. پاڻيءَ جا درياءَ ۽ ٻيا واهڙ به انهيءَ مٽيءَ مان ئي پنهنجون واٽون گهڙي وهن ٿا ۽ سڄيءَ ڌرتيءَ کي ڦلواڙي بنايو ڇڏين. انهن ندين ۽ واهن جي پوتر پاڻيءَ سان جو وري مٽي گڏجي ٿي سا پوکن لاءِ ڏاڍي ملهائتي آهي. مٽي نه هجي ته ماڻهو ۽ ٻيا ساهه وارا نه هجن، اهي نه هجن ته سارو آڪاس مندل جو منديو ويو آهي سو نه هجي. +هرڪنهن وٿ جو ٻج به ته مٽيءَ ۾ ئي ڇٽجي ٿو. ٻيا سمورا ڌاتو به ته مٽيءَ مان ئي کوٽي ڪڍجن ٿا. باهه به ته انهن ڪاٺين مان ملي ٿي. سئو ورهيه لڳن يا هزار ورهيه لڳن، نيٺ ڪاٺيون، پن، ٻوٽا ۽ ڌاتو ڪنهن نه ڪنهن صورت جو روپ وٺي وري به نيٺ وڃيو مٽي ٿين. جڏهن ائين آهي ته پوءِ مٽيءَ کان ڪهڙو مهڻو آهي، مٽيءَ جا به مالڪ سائين ڪيترا الڳ الڳ ڪڙم بنايا آهن؛ ڪاري مٽي، جنهن کي ڪلر ٿا ڪوٺيون، چيڪي مٽي، جنهن مان سرون، ڪاشيءَ جا ٿانوَ ٿپا ۽ ٻيو سامان ٿو ٺهي، ڳاڙهي مٽي، جنهن کي ريج واري مٽي يا لَٽُ ٿا چئون. اڇي مٽي، جنهن کي واري ٿا سڏيون، بس هرهڪ نمونو جدا جدا ڪم ڏئي ٿو. ڪڻڪ جي پوک ڪلر ۾ ڇٽ ڪبي آهي ته ڀلي ٿئي. ان مان کارو لوڻ ملي، منجهن لاڻا ٿين جن مان ڪپڙن ڌوئڻ جي کار جُڙي. اوٺو مال هيءُ چهرو ٻوٽو کائي ڍؤ ڪري. واري پوسل وارن هنڌن تي ڇٽي آلاڻ سڪائجي، منجهس ٻاجهريءَ جي باراني پوک ٿئي ۽ ٿر ۾ ان کي ڇيڻي سان گڏي اوٽو ڏين ۽ ٻين ڪيترن ڪمن ۾ اچي. ڇا اهڙي ڪا شيءِ آهي به ڇا، جا سواءِ ڪم جي ڌڻيءَ اپائي هجي. مصحف شريف ۾ آهي ته ’ماخلقت هــٰــذا باطلا‘. ڌڻي سائين ڪابه وٿ اجائي نه بنائي آهي. جڏهن مٽيءَ تي مينهن پون ته سوڪ کائڻ کان پوءِ جيڪو تهه ٻَڌي ويندي آهي، ان مان سرهاڻ اچڻ لڳندي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ پنهنجي سمجهه هلائي ان مان مٽيءَ جو عطر به ٺاهيو آهي. هونءَ به مٽيءَ ۾ هرڪا سڙيل ۽ ڳريل شيءِ جيترو پراڻي ئي اوترو سٺي ڀاڻ جو ڪم ڏئي ۽ پوکون ڀليون ٿين. ڏسو ته سهي سڀ ڪا شيءِ مٽيءَ مان اُڀري اُسري ۽ وري موٽي مٽيءَ ۾ وڃي. سبحان الله! سڀڪا واکاڻ ڌڻي سڳوري کي آهي. اڳياڙيءَ ۾ به مٽي ۽ پڇاڙيءَ ۾ به مٽي. جڏهن اڳ به اها مٽي ۽ پوءِ به اها مٽي ته پوءِ ان کان ڪهڙو اَهم ٿو لڳيو جو ڇرڪ ٿا ڀريو؟ +3- ڇيڻو +ننڍا هوندا هئاسين ته شهر جي گهٽين ۾ سوير ئي مايون ڪاڇاڻيون هوڪا ڏينديون ڦرنديون هيون ته ”مائي ڇيڻا ڀتر وٺو.“ کارو مٿي تي هڪ پاسي کان ڀتر ۽ هڪ پاسي کان ڇيڻ��. هڪ_ ٻه گهٽيون ڦري آيون ته سمورو مال کتو. +ان سمي هندو هوندا هئا، جي اهو وکر وهائيندا هئا. مون کي ماٺ اچي ويندي هئي ته نيٺ هي واڻيا ڇيڻا ۽ ڀتر ڏهاڙي ڇو ٿيون وٺن! گهران امڙ کان پڇندو هئس ته چوندي هئي ته ابا ڳئون هندن جي ماتا آهي، ان جو ڇيڻو هو پوتر ڀائين ٿا ۽ گهر کي ڏهاڙي ڇيڻي ۽ ڀتر جو راڳو ڏيڻ هو پوترتائي سمجهن ٿا. +وڏو ٿيس ۽ ٿر ۾ نوڪريءَ سانگي ويس، اتي ڏٺم ته برهمڻ ۽ ڪراڙ پنهنجي رڌڻن کي ڇيڻي مٽيءَ جي راڳي ڏيڻ کان سواءِ رڌ پچاءُ ئي نه ڪندا هئا. جڻيون پائي، چاکڙيون لاهي، پوءِ رڌڻي جي پوٿي تي پير رکندا هئا ۽ روٽي به انهيءَ راڳي تي ويهي ٿالهيءَ ۾ رکي کائيندا هئا. +ڏياريءَ جي ڏڻ تي خرارن جا منهن اهو ڇيڻو کپندو هٿو. خرچ به ڪو نالي ماتر ٿيندو هو. هتي اسان جي سنڌ ۾ هندو مايون ته ڇڏيو پر مسلمان زالن به ڇيڻي يا لِڏ مٽيءَ سان گهرن جو پٽ لنبنديون هيون. رڳي مٽي ڪم نه ڏيندي هئي. ڇيڻي يا لِڏ سان مٽي پڪي ٿيندي هئي ۽ سڄو سال گهر جو پٽ ڏنل ليپي سان لوهه ٿي ويندو هو. ٿر ۾ مٽي ملڻ ڏکي هئي، ان ڪري واري ڇيڻي ۾ ملائي مايون گهر جي پٽ کي اوٽو ڏيئي ڇڏينديون هيون. سندن لانڍيون، چؤنرا ۽ چونڪيون سڀ انهيءَ اوٽن سان سهڻا ۽ سٿرا پيا لڳندا هئا. +ٿر ۾ ته ڪاٺيون به ڏکيون هٿ اينديون هيون. ڦوڳن ۽ ٻائريءَ جي سنهين ڪاٺين کان سواءِ ٻيو سک. ان ڪري رڌپچاءَ لاءِ به ڇيڻن جا مُٺيا ۽ ٿاڦون ٺاهي سڪائي رکبا هئا، جي رڌڻي جي چُلهه جي سونهن بنبا هئا، نه خرچ نه کاٻار، ڪاٺي مفت، ٻارڻ مفت، پاڻي مفت ڪهڙي ڳالهه ڪجي. +حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ اڄ به ڏسبو ته پورهيت مايون مينهن ۽ گائين جي پٺيان ٿالهه مٿي تي رکي، لڳيون اينديون. گُوهَرَ ۾ وڃڻ وقت اهي گهٽين ۽ رستن ۾ بوسا لاهينديون وينديون هيون ۽ هي مايون ميڙينديون وينديون، جتي گوهر گڏ ٿيندي، اتي ته ساجهر سوير اهي مايون لوهي ٿالهه کڻيو هڪيون تڪيون بيٺل ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اهڙيءَ پر ڇيڻو گڏ ڪري ان جا لولا ٺاهي ڌرتي تي ٿڦينديون وينديون ۽ ڪجهه ڏينهن سڪائڻ کان پوءِ ان جو وڪرو ڪندي گهڻا ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائينديون آهن. هن وقت جڏهن ڪوئلا چاليهه رپيا مڻ ۽ ڪاٺيون ويهه رپيا مڻ ملن ٿيون ته ڇيڻا ماڻهن کي رڌپچاءُ لاءِ گهڻي اوڄ ڏين ٿا ۽ سهانگي ۾ سهانگو ٻارڻ اهوئي آهي. +اها ته ٿي پڪن ڳوٺن جي پَرِ، پر ٻهراڙيءَ ۾ جتي مال مئو ٿئي ٿو ۽ ڇيڻو گهرو گهرجن کان گهڻو وڌيڪ ٿئي ٿو، اتي ته وٿاڻن ميڙڻ کان پوءِ ان جا ڍڳ لڳائي ڇڏيندا آهن، جو نيٺ سڪي سڙي ڀلو ڀاڻ ٿي پوي ٿو، جو پاڻ به ٻنين کي ڏين ۽ ٻين کي به وڪڻن ۽ چڱي اُپت ٿئين. +ڇيڻي کان سکر ماڻهن کي بُڇان ٿي اچي. نه رڳو ان جي ڪم آڻڻ کان، پر ڏسڻ کان به. پر ڪڏهن گهرو ۽ اونهو ويچار ڪري ڏٺو اٿو ته اها شيءِ، جنهن کان بُڇان ٿي اچيوَ، اهو ڪيترو نه ڪارائتو آهي، سون کان به وڌيڪ ملهائتو آهي، سوچڻ ۽ لوچڻ وارن لاءِ هن شيءِ ۾ سُڌٻُڌ جا انبار ڀريا پيا آهن. +اُپائڻهار جيڪي بنايو ۽ اُپايو آهي، سا هر ڪا شيءِ لاڀ کان پالهي نه آهي. ماڻهوءَ لاءِ اهڙيون شيون به پنهنجي اندر ۾ گهڻو ئي سمو سانڍين ٿيون. مالڪ سائينءَ ڪابه اهڙي شيءِ نه اُپائي آهي، جا ماڻهوءَ لاءِ ڪمائتي نه هجي، ان ڪري ڪنهن به وٿ کي تڇ نه ڀانئجي. +ڇيڻي مان جيڪا گئس نڪري ٿي، جنهن لاءِ سائنس جي ڄاڻن هاڻي هڪ وڏو ڳجهه ڳولي ڪڍيو آهي. اُهو ته اسان جون اکيون کولي ڇڏي ٿو ته جنهن شيءِ کان اسان کي بڇان اچي ٿي، سا ڪهڙي نه ڪمائتي ۽ ملهائتي آهي. اسان کي خدا جي اُپايل هر هڪ شيءِ مان سکيا وٺڻ گهرجي. ڪنهن ڪويءَ چيو آهي ته: +ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀانئين ڀلو پانهنجو. +4- ڏهيون، کُونڌا ۽ ناوا +اهو پهاڪو ته پڙهندڙن ٻڌو هوندو ته ”ڪوري ڏهي ڇڏي، پر هن اها به ڪانه ڇڏي.“ ڪوري ويچارا هٿ جي اَڏاڻن تي سوسيون، گربيون، لونگيون ۽ ٻيو ڪپڙو، جهڙوڪ ڪپڙ جو ٿلهو ڪپڙو اُڻندا آهن. آڏاڻن تي پَلؤ چاڙهڻ کان اڳ ڪيترائي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. سُٽ جا جوٽا ڳنهي ايندا، جي مايون ڦوريون ۽ ڦورا ڪري، اوبرن تي چاڙهينديون آهن ۽ هڪ ڪاٺ جي اڏي، جا نجو ان ڪم لاءِ هوندي آهي، ان تي تاڃيون ڪڍنديون آهن. جڏهن ڪم پورو ٿيندو آهي، تڏهن اهي اوبيل تاڃيون پيڻ ۾ پسائي، تندن کي ڪَلف ڏيئي، انهنکي پڪو ۽ کهرو ڪندا آهن، پوءِ اهي تاڃيون جُتَن تي چاڙهي، پيڻ جي وَڪ ۾ ڳنڍجي ويل تندون سوئي جدا جدا ڪندا آهن ۽ ائين ڪندي، تندون اَلاڻ ڇڏي سڪي وينديون آهن. جڏهن تند تند کان جدا ٿي ويندي ۽ کهري ٿي ڇڄڻ کان پڪي ٿي ويندي، تڏهن ان کي آڏاڻن تي چاڙهي، اُڻن جهڙو بنائيندا آهن. آڏاڻي تي تاڃي چاڙهڻ کان اڳ ان جي ڳنڍڻي ٿيندي آهي، جنهن ۾ اوزار سان جدا جدا رنگن جا پٽا پٽا ٺاهي، اُميرين سان تندون ڳنڍيندا آهن. اها ته ٿي تاڃي، هاڻي پيٽي جو وارو ايندو، جنهن لاءِ نڙا کپن. اهي نڙا به مايون ارٽ تي ويهي نڙانڊين تي ڀرينديون آهن. ٽَڪُ ۾ نڙانڊي وجهي ارٽ ڦيرائڻ سان پاسي ۾ رکيل اوبري مان تند نڙي تي ويڙهبي ويندي ۽ سوين نڙا ڀري وڃي پار پونديون آهن. اهي نڙا ڪوري کڻي ويندو. پهريائين انهن کي ڀر ۾ رکيل ڪونڊي ۾ پُسائي ڇڏيندو ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪم آڻيندو. هڪ پيٽيءَ تي چڙهي ويندو ۽ ان کي هٿئي سان ٺوڪ ڏيئي ٻيو نڙو کڻندو. هڪ پَهروُ پورو ٿيو ته اهو ٺوڪ ڏيئي تُرائي سان ڦيرو ڏئي تُرُ تي چاڙهيندو، پر ان کان اڳ ۾ ان کي کنؤنر جي پوٿي سان پسائيندو آهي ته ڪپڙو سپڪ رهي. اهڙيءَ پَرِ جڏهن تاڪيو، جو گهڻو ڪري ٽيهن هٿن جيترو هوندو آهي، سو اُڄي تيار ٿيندو ته پڇاڙيءَ ۾ سُٽ جون پوڇڙيون، جن کي ”ڏهيون“ چئبو آهي، سي بچي پونديون آهن، جي وڍي ڦٽيون ڪبيون آهن. +جڏهن سڄو تاڪيو اُڻجي ويندو آهي ته تُرِ کي اُسَ تي سڪائي، پوءِ ڪپڙو تُر تان لاهي، تاڪيي وانگر ويڙهندا آهن ۽ پڇاڙيءَ ۾ باقي نائو بچندو آهي، ان جا ڌاڳا مايون ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪم آڻينديون آهن ۽ ڇوڪرا به انهن مان ڌاڳا ڪڍي، کينهوڙن تي ويڙهي، سٺا کينهوڙا تيار ڪندا آهن ۽ ڏهين جي ڌاڳن سان ئي کينهوڙن کي ڄاري ٻڌندا آهن. ناوا وري چلم جي نڙ ۽ گوءِ تي ويڙهي، انهن کي پسائي، نڙ تازو ڪبوآهي ته چلم جي ڦوڪ ٿڌي نڪري. +باقي رهيا کُونڌا. انهن مان به ڪيترا ڪم ورتا وڃن ٿا. مُنجهيل سُٽ کي کونڌا چئبو آهي. مايون جڏهن نڙا ڀرينديون آهن ته ڪڏهن ڪڏهن سٽ مُنجهي پوندو آهي ته اهو منجهيل سٽ ڇني، اڇلي ڇڏينديون آهن، جن کي کونڌا چئبو آهي. اهي کونڌا ۽ ناوا گڏ ڪري، مايون جنڊن جو تار، پُڙ ۽ ڪلي (ڪِير) وغيره اگهي صفا ڪنديون آهن، کونڌن جو ڳوڙهو ٺاهي، پوءِ انهن جي مٿان گولائيءَ ۾ نڙن جون تندون ويڙهبيون آهن ته کينهورن ٺهڻ ۾ وڏي ڀرتي ڏيندا آهن. هن مان مراد اها نڪتي ته ڪابه شيءِ ڪم کان وانجهي نه آهي، سڀ ڪنهن شيءِ مان ڪارج سري ٿو. شهرن ۾ اسين ڏسون پيا ته ٽين جا پراڻا ٽُڪر، لوهه، جست يا ٻين ڌاتن جون پراڻيون ٽڪريون، پلاسٽڪ يا ڪافور جون ڀڳل ٽٽل ڦڻيون، ٿانوَ، ڀڳل ڪائي جا ٽڪر، رانديڪا ۽ ٻيو ڇا ڇا نٿو وڪامي. اهي شيون گهورڙيا ڳنهي، وري وڃي ڪاٻاڙين کي وڪڻن؛ جي وري پگهاري انهن مان نيون شيون جوڙين. ان ريت نار وارو ڦيرو لڳو پيو آهي. جو ڪنگر يا لوٽو کوهه مان ڀرجي نڪري، سو وري خالي ٿئي ۽ جيڪو خالي ٿئي، سو وري ڀرجي نڪري. هن جڳ جهان جو ڦيرو گهيرو به ائين هلندو ٿو رهي. ڪڏهن ڇٽ ڌڻي ته ڪڏهن پينو. جو ڄائو آهي سو مرندو. جا شيءِ اڄ نئين آهي سا سڀاڻي پراڻي ٿيندي. جي ڪنهن سمي وسندي هئي اتي هاڻي سُڃ آهي ۽ جتي سُڃ هئي، اُتي وسندي آهي. ڪنهن ڪويءَ چيو آهي ته: +ڏسون ٿا چرخ جا ڦيرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. +مون جيئن مٿي ڪک، ڇيڻي ۽ اڳڙين ٿڳڙين بابت ويهي ٻه_ چار سٽون لکيون آهن، اهڙيءَ ريت هنن کونڌن، ڏهين ۽ ناون، جن کي به هڪ نڪمي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو، تن بابت به ٻه_ چار ٻول ٻڌائڻ هڪ وڏي گهرج سمجهيم. جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان. +5- اڳڙيون ٿڳڙيون +اڳڙيون ٿڳڙيون به هڪ اهڙوئي وکر آهي جو اسين نڪمو سمجهي، بي ڌيانيءَ سان اڇلي ڦٽو ڪندا آهيون. مگر ۾ اهي ڪنهن ٻار آڻي ڦٽيون ڪيون ته ڪاوڙجي پوندا آهيون ۽ ٻارن کي سٺيندا آهيون ته گهر ۾ ڪن ڪچرو نه ڪريو. اها ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي ٺيڪ آهي، پر اهي اڳڙيون، جيڪي ڪم ڏين ٿيون، انهن تي اسان ڪڏهن به هڪ مَنو ٿي ويهي، ويچار نه ڪيو آهي ته اهي ڪيتريون نه ڪمائتيون آهن. +سگهڙ ماين وٽ انهن اڳڙين مان جيڪي ڪارج سَرَن ٿا، اهي وستار وهيڻا نه آهن. ڪِڪا ڪِڪيون جي اڃا پسونئڙا آهن، تن جي وِهڪ واري جاءِ جهاڙي اُگهڻ لاءِ ۽ انهن جا رلڪا ۽ رلڪيون ٺاهڻ ۾ اهي اڳڙيون ئي ته آهن، جي اسان جي واهر ڪن ٿيون. جيسين ٻارڙا سمجهه ڀريا ٿين، تيسين انهن اڳڙين جا ٿُٻن جا ٿُٻا ٿا کپن، نه هڪ ٻه اڳڙي. ان ڪري ويم کان اڳ مائرون وينديون آهن اڳڙيون گڏ ڪنديون. هينئر ته کڻي سُئانجي ۾ ڪپهه ڪم اچي ٿي، پر بي پهچ ماڻهن لاءِ ايترو خرچ ڪٿان اچي جو ڪپهه جا ٿٻا، جن جو ملهه هينئر اُڀ سان ڳالهيون ٿو ڪري، سي ڳنهي سگهن. سڄو سئانجو اهي اڳڙيون ئي ٻهراڙين جون مايون ۽ داين ڪم آڻين. +ڪپڙو لٽو پراڻو ٿيو ته شهري زالن وانگر نڪي اهو وڪڻي ڇڏين، نڪي ان جي بدلي ٿانوَ ٿپا وٺن، پر اهڙا پُراڻا سُراڻا ڪپڙا وينديون آهن گڏ ڪنديون. گهر جي ڪم ڪاج کان واندڪائي ملين ته انهن اڳڙين مان ڪيئي ڪم وٺن. اوهين رليون جيڪي ڏسو ٿا ۽ سمهڻ مهل مٿان ڍڪيو ٿا، يا هنڌ تي وڇايو ٿا، سي انهن اڳڙين مان ئي ته سگهڙ زالون جوڙينديون آهن. اهي پراڻا ڪپڙا چڱا چڱا ٽڪر ڪتري، انهن کي جدا جدا رنگ ڏيئي، سڪائي، چورس ٽڪر ٺاهي يا انهن مان ٽُڪَ ڪري گل ڦل ڪتري، پوءِ رنگ برنگي چورس ٽڪرن کي سُئي ۽ ڌاڳي سان سبي، جوڙ ڪري رلين لاءِ مٿيون تهه (پُڙ) اهڙو ته ٺاهي وٺن، جو نيڻ پيا ٺرن. رليءَ جو هيٺيون تهه (لِيهه) به ڪن ڦاٽل ٽٽل چادرن يا اجرڪن مان سڄا سڄا ٽڪر ڳنڍي تيار ڪن. نئين ڪپڙي تي پئسو ڪونه وڃائين. رلين جو وچ به ڪپهه سان ڪونه ڀرين، پر اهي ئي اڳڙيون (پُچَ) انهن ۾ سياڻپ سان سَٿي، سئيءَ جو اهڙو ته سيبو ڪن، جو چپ چپن سان ۽ ڏند ڏندن سان لڳيو وڃن. +درزين جي دڪانن تي اها ڪاتر جام هوندي آهي، جا هو پنهنجا دڪان اڇي اجري ڪرڻ لاءِ ميڙي سيڙي کڻي ڦٽي ڪن. اها ڪاتر به مايون منٿون ڪري انهن کان وٺن. درزين کي چون ته ابا ڪاتر ڦٽي نه ڪجو، اسان کي ڏجو ته اسان کي ڪم ايندي. انهيءَ ڪاتر مان وهاڻا ڀرين، جي ڪپهه جي جاءِ وٺن. مايون چونديون آهن ته ”ابا، ڪم سان ڪم، سمهڻ مهل مڙئي مٿو مٿڀرو هجي. اسان کي هي اڳڙين جون رليون ۽ وهاڻا ڄمار گذارڻ لاءِ بس آهن. وڌيڪ اسان کي ڇا گهرجي. شاهوڪار ڀلي ته پَٽَ جي هنڌن تي سمهي کونگهرا هڻن، اسان کي هي پٽ پٽيهرن کان وڌيڪ ڀلا آهن. وڏن ماڻهن کي ته ڪپهه ۽ پَٽ جي هنڌن ۾ به ننڊ نه اچي ۽ پيا پاسا ورائيندا آهن، پر اسان کي ته ڪنڊن تي گَهري ننڊ اچيو وڃي�� دهل پيا وڄن ته به سجاڳي نه ٿئي_ شاهوڪارن جي ننڊ جهرڪيءَ جي چون چون به ڦٽايو رکي.“ +پِيرن يا خدا وارن جي آسڻن تي به جهنڊون لاهرائي، ماڻهو اڳڙيءَ ۾ مٿن تان ڪوڙيل وار ڳنڍ ڏيئي، ڪنهن وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهيءَ ڪم لاءِ به ته اڳڙيءَ ٽڪر ئي ڪم اچي. ٻارن کي ٿڌ تپ ٿئي ته ڪاڙهو ڪاڙهي اڳڙي ٽڪر ۾ ئي ته ڇاڻبو آهي. ڪنهن لڱ تي ڌڪ لڳي ۽ رت نڪري پوي يا ڪٿي ڦٽ ڦرڙي ٿي پوي يا ڪنهن کي اک تي پٽي ٻڌڻي هجي ته اڳڙيءَ جي پٽي ئي ته ڪم اچي. ڪا بتي ميري ٿئي يا لالٽين يا چمني ڪاري ٿئي، ڪٿي ڪو ميرو دُٻو ٿي پوي، ڪٿي ڪو سڻڀ يا مس جو چٽو ٿي پوي_ ڪلڪ تان مس اُگهڻي هجي ته بس اها ئي دانهن ڪبي ته ”اري ڪو اڳڙيءَ ٽڪر ڏيو ته اُگهي اجرو ڪريان. اڳڙيون يا ڪاڳر ڳچ ڏينهن پسائي ڀَت ڪري، ڪُٽي سَٽي ڪِرت وارا همراهه انهن مان اهڙا ته رليف مئپ (نقشا) ٺاهي، انهن کي رنگ روپ ڏئي پهاڙن، ڍنڍن، سمنڊن، اپ ٻيٽن، اپ سمنڊن، ندين ۽ نارن، راسين ۽ ٻيلن جا اهڙا ته نشان ٺاهي وٺن، جو واهه واهه! جا آواز چپن تي پهچيو وڃن. +اڙي مايون اڳڙيون، اوهان کي جڏهن ڪو نڪمي وٿ ڪوٺيندو آهي ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اوهان جي مُلهه جو ڪاٿو لڳائيندو آهيان ته اوهين سون کان سوايون ڏسڻ ۾ اينديون آهيو. اوهان جي هوند سان اڻ هوند وارن جا ڪيترا نه ڪاج ٿا سَرن. ٻارن جي راند روند ۽ وندر جون گڏيون ۽ انهن جا ڪپڙا به ته توهان اڳڙين مــان ئي ٿا ٺاهيو! اڳڙيون بلي بلـــي! + + +6- کُنڀيون +سٻاجهي سائين جيڪي ڪروڙين اوڀر هن ڌرتيءَ مان اڀاريا آهن، تن ۾ کُنڀي به هڪ انوکو اوڀر آهي. سڀني سَلن ۽ ٻوٽن جو ٻج هوندو ئي هوندو آهي، ٻج کان سواءِ ڪابه شيءِ ڌرتيءَ مان نه ڦٽندي آهي، کڻي ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جون نديون ليٽائي وجهو ته ڪوبه ڦُل ڪنڌ نه ڪڍندو. رڳو کُنڀي ئي آهي جنهن جو نڪو ٿئي ٻج نه پاڙ. نڪري به رڳو تڏهن جڏهن مينهن وسن ۽ ٻوٽا ساوا ٿين. وارياسي ۽ مِٺي ڌرتيءَ ۾ ئي کُنڀيون جنم وٺن. رات جو مينهن وسي بس ٿئي ته سج اڀرڻ سان ساجهر سوير کُنڀيون ڪَر کڻي ٻاهر نڪرن، پوٺا ۽ پٽ انهن کنڀين سان کلندا ڏسڻ ۾ اچن. آهن ڀلا اڇيون کير جهڙيون سو جڏهن ڌرتيءَ مان منهن ڪڍن ته اڇن ڏندن وانگر ڌرتيءَ جي وات مان کلنديون نڪري نروار ٿين. +کُنڀيون آهن موسمي ڀاڄي ۽ هنن جي ڄمار به ٿئي هڪ ٻه ڏهاڙا. سَڄر کُنڀي هتان ڪڍي، هُتان کاڌي ته واهه نه ته ٻئي ڏينهن ڌپ ڪري وڃي ۽ کائڻ جهڙي نه رهي. کُنڀين جي ڀاڄيءَ جي مند آهي سانوڻ جي، ڀاڳ سان ملي ۽ کاڌي ته واهه نه ته وري ٻارهن مهينا ماڻهو سِڪيو. کُنڀين جي انهيءِ مند ۾ گهُر به ڏاڍي ٿئي. جهنگن جا جهانگي توڙي شهرن جا سکر ماڻهو به هن جي سڪ ۾ رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو سانوڻ وسي ۽ ڪڏهن ٿا کُنڀيون کائون. +ڪن اڀرن سڀرن لاءِ ته پورهيو به نڪري پوي ۽ کُنڀين جي وڪري مان چڱا ڏوڪڙ ڪمائين: ڇا ڪندا آهن جو ڪنهن وڻ جي هڪ سنهي ڏانڊي ڪپي ان ۾ کُنڀيون هار يا سَنَگهر وانگر پوئيندا ويندا آهن ۽ جڏهن لار ٺهي وڃي، تڏهن هٿ ۾ کڻي شهرن ۾ اچن. وڪري مان چڱو ڪجهه پراپت ٿئين ۽ انهن ڏوڪڙن مان ٻيون جياپي جون گهرجون پوريون ڪن. شهر جا ماڻهو ته کُنڀين لاءِ آتا ويٺا هوندا آهن، سي ڪيتري به مُلهه سان هيءَ ٻارهن ماهي سوکڙي ڳنهندا آهن. پوءِ انهن کُنڀين کي شهري توڙي ٻهراڙيءَ جون مايون ڌوئي ڌمالي ڳترا ڳترا ڪري ڏاڍا گيهه جا داڳ ۽ ڀُڃڻيون ڏئي اهڙو ته سوادي ٻوڙ تيار ڪن، جو هٿ ۽ چپ چٽيندا رهجو وڃون. کنڀيون جيڪڏهن ٻين ڀاڄين وانگر ٻج ڇٽڻ سان پوکيون وڃن ته سندن ايڏو مانُ ٿيئي ڪين يا ڪا کُنڀين کي پاڙ هجي ته ب�� جوئر جي کيتن وانگر ڦٽي پون، پر سٻاجهي سائينءَ هنن جو ٻج ئي نه اُپايو آهي ته ڀلي سندس ٻانها انهن جي سڪ ۾ سال گذارين ۽ منهنجا ٿورا ڳائيندا رهن ۽ سوال ڪن ته سائين سانوڻ آڻ. +7- ڪِيولِيون يا ماڪوڙيون +ڪِيولِيون ڪنهن نه ڏٺيون هونديون؟ گهٽين ۾ گهرن ۾ جتي ڪٿي سندن واسو آهي، ڌرتيءَ ۾ سنها سنها ٻِر ٺاهي انهن ۾ هزارن لکن جي ڳاڻيٽي ۾ رهن. ماڪوڙيون آهن ته هڪ ننڍڙو جيوُ پر ڪم وڏا ٿيون ڪن. سندن پاڙا به ٽي آهن: هڪڙيون تمام ننڍيون سنهيون ڳاڙهيون ڄئين وانگر، ٻيون وڏيون پيٽ پُٺي ڪاريون ٿين ۽ ٽيون اڇيون. انهن اڇين کي اڏوهي به ڪوٺين؛ انگريزيءَ ۾ کين ”وائيٽ ائنٽس“ چون. پهريون ۽ ٻيو پاڙو هرڪا اها شيءِ، جا ماڻهو کائين، سي سڀ شيون کائين. باقي اڇيون ماڪوڙيون يا اڏوهي ڪاٺ ۽ ڪاڳر کائين. ڪاٺ ۽ ڪاڳر جي دستين سان هاڃا ڪريو ڇڏين. درن دروازن جو ستياناس ڪريو ڇڏين ۽ ڪتاب ٽُڪي ڇيهون ڇيهون ڪريو ڇڏين، اُن ڪري اُنهن جي بچاءَ لاءِ ڪتابن ۾ نم جا پن ۽ تماڪ جا پن وجهبا آهن، درن درين کي ڏامر لڳائبو آهي ۽ دفتر جي ڪاٺ جي گهوڙن جي پيرن هيٺان پاڻيءَ جون ڪونڊيون ڀري رکبيون آهن ته ڌرتيءَ تان مٿي چڙهڻ ته پاڻيءَ جي ڪونڊين ۾ ٻڏي وڃن. +سنهيون ڳاڙهيون ماڪوڙيون ته جنهن شيءِ تي چڙهيون، ان جا ڀاڱا ڪڍيو ڇڏين. کنڊ ۽ ٻين مٺين شين جهڙوڪ ماکيءَ جون ته ويري آهن، ڪنهن جي ڪپڙي يا هنڌ تي ڪا مٺي شيءِ ڪِري ته اتي به چڙهي وينديون۽ ماڻهوءَ کي چڪن سان سُڄائي ڊٻڙ ڊٻڙ ڪريو ڇڏين. وري جڏهن اهي هنڌ يا ڪپڙا اُس ۾ سڪائجن، تڏهن وڃي ڀرم ڀري ٿئي. وڏيون ڪِيوليون وري اناج لاءِ ڪال آهن، سندن ٻِر کوٽي ڏسبا ته اندر ڍڳ اَن جا گڏ ڪري رکنديون آهن. اهو سڀ اَن ڍوئي اچي پنهنجي ٻِرن ۾ ڏکئي ٽاڻي لاءِ گڏ ڪري رکنديون آهن،. جڏهن مينهن جي موسم ۾ يا سياري جي سيءَ ۾ ٻاهر نه نڪرن ته پوءِ پنهنجو گڏ ڪيل اَن ويهي چس سان کائين. هي ماڪوڙيون اورچ به هڪڙيون ئي آهن. اورچائي ته اسان ماڻهن کي به انهن کان سکڻ گهرجي. ڪم ڪرڻ کان بنهه ٿڪجن ئي ڪين. سارو ڏهاڙو توڻي رات پيون اَنُ ڍوئينديون آهن. +اسان پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ هنن ماڪوڙين بابت هڪ بيت پڙهيو آهي، جو هت لکان ٿو: +گُڻ عجب آهي اورچائيءَ سندو، +آدمي جيڪو اورچائي ڪندو. +من گُهريا مطلب انهيءَ ٿيندا نصيب، +هن اورچائيءَ جو ڦل آهي عجيب. +ٿوري ٿوري ڪم منجهان ٿيندو گهڻو، +جيئن ٿو بڻجي ڍڳ، رکي هڪ هڪ ڪڻو. +جيتڙن ۾ پڻ اورچائي ڏسو، +ٿا ذري مان ڪيو وجهن ڪيڏو قصو. +ڏِس اورچائيءَ ۾ ماڪوڙين جو حال، +هڪڙي ماڪوڙي سندو ٻُڌ جو مثال: +هڪڙو واريءَ جو دڙو ڪٿ هو پيو، +تنهن کي ننڍڙي ڪِئُليءَ پئي ڍوئيو. +ڪنهن ماڻهوءَ چيس اي ڪئلي غريب! +ڇو پئي ڪرين تون هي پورهيو عجيب؟ +چيائين مون کي دل گهرئي سنگتيءَ چيو، +اُن چوڻ تي هي اٿم پورهيو ڪيو. +تنهن تي ماڻهوءَ کي لڳو ڏاڍو عجب، +چيائين اي ڪئلي، سُڻج تون هي سبب: +وات ۾ تون ٿي کڻين ٿورو ذرو، +ڪيئن کُٽائيندينءَ ڀلا ايڏو دڙو؟ +تنهن تي ڪئليءَ چيس هيءَ ڳالهه سُڻ: +مون ۾ ته آهي اورچائيءَ جو گُڻ. +ڪم ڪرڻ کان ٿينديس ڪڪ مُور ڪين، +جي مُيس ته به چوندم آفرين! +هي ماڪوڙيون وري وير_ وٺو به ڏاڍيون ٿينديون آهن. اوهان ٻي هڪ آکاڻي به پڙهي هوندي، جا آهي ”نانگ ۽ ماڪوڙيون.“ هڪ نانگ ڏهاڙي ماڪوڙين جي ٻرن وٽ اچي ماڪوڙيون کائيندو هو. هڪ ڀيري اهو نانگ در مان ٿي لنگهيو ته رهڙجي پيو، کل ڇيلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي به سُڌُ پئجي وئي. هنن کي به هئا ساڙ، سي چڙهي ويس ۽ چڪي چڪي ساهه ڪڍي ڇڏيائونس. چوندا آهن ته ”ڪنهن ��ه ساهه واري کي نه ڏکوئجي.“ ڪڏهن انهن جي بُلَ ۾ اچي وڃبو ته اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا، تنهنڪري ڪنهن کي به نه ڏکوئجي. ڏسو ته ماڪوڙيون ويچاريون ڪيڏيون نه ننڍڙيون آهن ۽ اسان جي پيرن ۾ پيون لتاڙجن. اسان جا ٻار به چِچي، ٽِنڊڻ يا ڏينڀوءَ کان ڊڄندا، پر ويچاري هيڻي ماڪوڙيءَ کي مارڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سچ ته هيڻن تي سڀڪو ايندو ٿو رهي، پر پاڻ کان ڏاڍي سان هٿ ئي نه اٽڪائيندو! +ويچارين ماڪوڙين کي اکيون ٿين ئي ڪونه. سندن سنگهڻ واري اندري ڏاڍي تکي هوندي آهي. هلنديون وينديون ۽ گهر جي ڇت تي به جيڪڏهن ڪا شيءِ سنگهيائون ته هڪٻئي پٺيان ڊهاڙا ڪري ناسون هڻنديون وينديون ۽ اتي وڃي پهچنديون. سنگهر ڪري هلڻ ماڪوڙين کان ته ڪو سکي. ڏسڻ جي سگهه نه اٿن، ته سُنگهڻ جي سگهه خدا ڏاڍي ڏني اٿن. چوندا آهن ته ”نانگ جو پير، ڪيوليءَ جي اک ۽ ملان جي دان پُڃ، ڪنهن به نه ڏٺو آهي! +اسان کي هرهڪ ننڍڙي شيءِ مان ڏاهپ سکڻ کپي. الله سائينءَ ڪابه وٿ بنا ڪم جي پيدا نه ڪئي آهي. ڪيوليءَ جي ڪمن تي ڌيان ڏبو ته اسان کي ڪيتريون ئي ڪمائتيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ اينديون. +8- ڪوريئڙو +ڌڻيءَ سڳوري هن پرٿويءَ تي جيت ته ڀانت ڀانت جا لکن جا ڳاڻيٽي ۾ اُپايا آهن. هر هڪ جيت جا پنهنجا پنهنجا گُڻ آهن. ڪوريئڙو به انهن مان هڪ آهي. هن کي ڪوريئڙو ان ڪري چون ٿا، جو هو ڄاري اُڻندو آهي ۽ ڪوري ڪپڙو اُڻندو آهي. ڪوريءَ کي ته ڪپڙي اُڻڻ لاءِ سُٽ کپي، هٿڻ کپن ۽ ٻيو سامان کپي، پر هن ويچاري ڪوريئڙي کي سڀ ڪجهه پنهنجي مٿي ڪرڻو ٿو پوي. ڪنهن به شيءِ جي گهرج ٻئي هنڌان پوري ڪرڻ جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه ٿي پويس. وري جيڪا ڄاري اُڻندو آهي، سا اوهان پنهنجي گهرن ۾ گهڻو ڪري ڏٺي هوندي؟ سوين ڪوري مِڙن ۽ سُٽ جا ڌاڳا ڪٺي ڪن، پر ڪوريئڙي جي ڄار سان ڪٿي ٿا برميچين! ڪوريئڙي جي ڄار جون تندون وارن کان به سنهيون هونديون آهن ۽ پَٽَ کان به ڪونئريون ٿينديون آهن. ڪنهن به ڏورانهين ڏيهه مان اهڙو پَٽ ڪيتري به ملهه تي ملي نه سگهندو_ ته پوءِ ڪوريئڙو اهڙيون تندون ڪٿان ٿو آڻي؟ اوهان کي ٻڌي ڏندين آڱريون اچي وينديون ته ڪوريئڙو اهي تندون پنهنجي گِگَ مان ٺاهي ٿو. پنهنجي اندر مان پَٽ_ ڪينئين وانگر اهي تندون ڪڍي، ۽ پاڻ ئي اُڻي پنهنجي ڄاري ٺاهي ٿو. پاڻ ٽنڊڻي جيڏو، ڊگهين ٽنگن سان پنهنجي ڄاريءَ ۾ تڪڙو تڪڙو هلي، ته به ڄاريءَ کي ڪجهه به جوکو ڪين ٿئي، پر ڪو ماڻهو ڄاريءَ کي هٿ لائي يا ڪک سان ڇُهي ته اک ڇنڀ ۾ ڄاري ويڙهجي سيڙهجي ناس ٿيو وڃي، ۽ هٿن يا ڪک کي چنبڙي پوي. مَکَ يا مَڇَر جون ٽنگون ڪهڙيون سنهيون ۽ هلڪيون آهن، پر ڪوريئڙي جي ڄاريءَ ۾ ويا ته ڦاٿا، ڪوريئڙو ڄار ٺاهيندو ئي آهي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ. جيڪي جيت ڦاٿا، انهن تي وارو ڪري وٺندو ۽ ڳڙڪائيندو ويندن. ڪوريئڙي جي ڄاري، جا هونءَ ته بنهه سنهي آهي، پر ڌڻيءَ جي جوڙ ته ڏسو، جڏهن واچون اينديون آهن، تڏهن پٿر جون سگهاريون جايون ۽ انهن جا منگهه؛ ٿُلها ٿُلها وڻ به پاڙؤن پٽجي ويندا آهن، پر ڪوريئڙي جي ڄار کي ايڏيون وڏيون واچون به ڪو جوکو رسائي نه سگهن. ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي سا تهڙي لڏندي پئي، پر پٽجي اُڏامي پَٽ ڪونه پوندي. ڪري ٿي ڪا اتي اسان جي سمجهه ڪم! ته هي سڀ الله سائينءَ جي جوڙ آهي، جنهن تي جيئن ويچار ڪبو، تيئن سمجهه دنگ رهجي ويندي. +اسان جي قرآن سڳوري ۾ به هڪ سورت سڳوري آهي، جنهن جو نالو ”عنڪبوت“ آهي، يعني ”ڪوريئڙو“. ها ها، اهوئي ڪوريئڙو جنهن جي ڳالهه پيا ڪريون. قرآن جهڙي خدا جي ڪلام ۾ ڪوريئڙي جي سورت لکڻ به ڏاهپ کان ٺلهي ته نه هوندي! اسان جو رب سائين به اسان کي ان مان اها ساڃهه ڏسي ٿو ته اي ڪار مٿا، اُڀا ٻه پيرا، ساهه وارا ماڻهو! ڏسو ڏسو، سوچيو ۽ ويچار ڪريو ته مون ڪهڙي نه انوکي جوڙ جوڙي آهي. منهنجي هر هڪ ڪم ۾ اوهانجي ڌيان ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي ساڇاهه سمايل آهي. تنهن ڪري منهنجي ساراهه ڪريو ۽ وڏائي ڳايو، مون کي سڀ ويل ساريو ۽ منهنجا ڳڻ ڳايو. +پڙهندڙ ڀائرن رابرٽ بروس راجا جي ڳالهه ته پڙهي هوندي ته هن کي ڪوريئڙي ڪهڙي ساڃهه سيکاري: هڪ ڪوريئڙو هو جنهن هڪ ڀِت تي چڙهڻ جي لاءِ ڇهه ڀيرا ڪاهه ڪئي. ڀيري ڀيري سان ان تان ڪري ٿي پيو ۽ نيٺ ستين ڀيري ڀت جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي پار پيو. رابرٽ بروس سارو رنگ ويٺي ڏٺو ۽ پاڻ همٿ نه هاريائين ۽ ويرين تي جُلهه ڪري ويو ۽ سوڀ کٽيائين. ان ڳالهه تي هڪ بيت به چيل آهي، جو اوهان پڙهيو هوندو، جنهن جون سِٽون اوهان جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو: +ليٽي لعل پلنگ تي، ڪنهن ملڪ جو شاهه، +اوريو پئي اندر ۾، ڪجي ڪا صلاح، +رعيت پڻ راضي ٿئي، سڀڪو چوي واهه، +ڪانه سجهيس ڪا راهه، تيلهن مڙس موڳو ٿيو. +موڳو ٿي هي رهيو، وائي نه آڻي وات، +سج لهي سانجهي ٿي، مٿان پئي رات، +هي پنهنجي اندر سان، اوري اهائي بات، +مٿان ٿي پرڀات، ڄائو سج پڻ ڄام تي. +سج ڄائو، ٿيو سوجهرو، پلنگ نه ڇڏيائين، +ڳڻتي انهيءَ ڳالهه جي، پئي پل پل ڪيائين، +ڪرندو ڪنهن مهل ڪوريئڙو، پَٽ تي ڏٺائين، +ڪوريئڙو اُتائين، پوءِ چُري چڙهيو ديوار تي. +ڪوريئڙو ڪاهي هليو، چڙهيو مٿي ديوار، +ڪِري پئڙو پٽ تي، موٽي سو تنهن وار، +همٿ نه هاري تنهن ذري،ڪوشش ڪيائين ٻيهار، +البت هٿ ٻه چار، چڙهي سو مٿي ٿيو. +چڙهي سو مٿي ٿيو، وري ڪِريو پٽ، +تڏهن انهي شاهه کي، کِل ڇڙي جهٽ پٽ، +چي، ويچاري وڌڻ سان، ڪانه ڪئي ڪا گهٽ، +تڪڙ جنهين وٽ، سو مور نه پهچي ماڳ تي. +ڇهه ڀيرا هي ڪِريو، سنڀريو ستينءَ وار، +ڪي ڌيرو ڪي تڪڙو، چڙهي پيو ديوار، +پرو پنڌڙو ناهي ڪي، باقي هٿ ٻه چار، +پهتو جڏهن پار، تڏهن شاهه شرمندو ٿيو. +اهو سو بيت ڪوريئڙي جي اورچائي بابت آهي. +9- ٻُڙي +ٻڙيءَ کي ڪي صفر چون، ڪي زيرو، ڪي پائنٽ، ڪي ڊيسيمل، ڪي ناٽ ۽ ڪي ڪجهه! پر ٻُڙي چوڻ سڀ کان وڌيڪ وڻندو اٿوَ. هيءَ ٻڙي جنهن کي نه آهي ٿولهه، نه آهي ڊيگهه، نه آهي ويڪر، نه آهي گهاٽائي، نه آهي منجهس ٻيو ڪو گڻ. ان جا ڪم ته ڏسو! ايڪو لکي ان جي کاٻي پاسي ٻڙي ڏيو ته هڪ جو ملهه ڏهه ٿي وڃي، ٻي ٻڙي ڏيو ته سؤ، ٽي ڏيو ته هزار. ائين ڪروڙن تائين وڃيو پهچي. پر وري جي ان کي ايڪي جي ساڄي پاسي رکوس ته سؤ ٻڙيون کڻي ڏيو پر ايڪي جو اگهه اوتري جو اوترو، هڪ تِرُ به نه وڌي. ٻڙيءَ جو اهو جادو منتر به عجيب آهي. جَسُ هجي ان ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي، جنهن هيءَ ٻُڙي ڳولي لڌي، ليکي چوکي جي ڪم ۾ سولائي ڪري وڌي ۽ هاڻي ساري جڳ جو ليکو انهيءَ ٻڙيءَ تي آڌار رکي ٿو. ٻڙي نه هجي ته ڏهه ايڪا، سؤ ايڪا ۽ هزار ايڪا ڪڍي، اسان جا هڏ ئي ڳري وڃن ۽ جڏهن انگ پڙهون ته ايڪا ڳڻي ڳڻي اڌمُئا ٿي پئون. ڳڻپ ۾ ڪو ايڪو ڀلجي وڃون ته وري ڳڻيون ۽ ڪم سڄو هيٺ مٿي ٿي پوي. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هاج ڪم رُلي ويندو آهي ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”بس ٻڙي اچي ويس.“ شاگرد ويچارا ته ٻڙيءَ سان مٿو به گهڻو کپائين، پر ان کان ڀڄن به اهڙو جهڙو ”ڪانءُ ڀڄي کاريءَ کان.“ شل نه ڪنهن کي ڪنهن پيپر ۾ ٻُڙي مارڪون ملن ته سندس ڪارپَت ڌوپي ويندي، ۽ روئي ڏيندو. پاڙهيندڙن جي اک ۾ هڪ پاسي، هڪ جيڏن جي اکين ۾ ٻئي پاسي، مائٽن جا موچڙا مار يا ڇنڀ ٽئي پاسي، ڄمار ئي وِهُه. سچ پچ ته ٻڙي آهي سا ننڍڙي پر آهي وِهُه جي ڳنڍڙي. +ڪنهن به ٻوليءَ جا اکر ۽ ٻول تيستائين سڃاڻي نه سگهبا، جيستائين ٽُٻڪا ڏنل نه هجن. اهي ٽٻڪا وري ڇا آهن، اهي ئي ٻڙيون آهن، جي نه ڏجن ته ٻولي پڙهي نه سگهجي. دمن جون نشانيون به اهي ئي ٻڙيون آهن، سڄو دم رڳو هڪ ٻُڙي، اڌ دم ننڍڙي ابتي واءُ مٿان ٻڙي ۽ ”ٻٽي دم“ ۾ اُڀيون ٻه ٻڙيون. جيستائين اهي اهڃاڻ لکت ۾ نه ڏبا، تيستائين ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، لکڻ پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. +مون مٿي چيو آهي ته ٻُڙيءَ کي نه ڪا ڊيگهه نه ڪا ويڪر. ڪنهن به هنڌ جو وچ لهڻو هوندو ته اهائي ٻُڙي ڪم ايندي. ڊرائنگ ڪڍڻ لاءِ ته ليڪون کپن، پر ليڪون به ٺهيل انهن ئي ٻڙين مان آهن. هڪ ٻڙيءَ کي ٻي ٻڙيءَ سان ملائبو ته سڌي ليڪ ٺهي پوندي. ڪنهن شڪل، جهڙڪ ٽڪنڊي چوڪنڊي وغيره جون ڪنڊون ماپڻيون هونديون ته اهائي ٻڙي ڪم ايندي، جنهن تي ڪنڊ ماپ رکي ڪُنڊ جا درجا لهبا. ڇا ٻڙين مان ڪا ڊرائنگ نه نڪرندي؟ ڪير ٿو چوي. ٻڙين جي ميلاپ سان اهي ڊرائنگون نڪرن ٿيون، جي ڏسي کڻي چُپ ڪر. +ڀرت جي ڪم ۽ ڇُرَ جي ڪم ۾ به ٻُڙيون ڪم اچن. پهريائين ٻڙين جي پور سان ڪپڙي تي ڇاپو ڪڍي، پوءِ اچي پَٽ جي ڌاڳي سان انهن مان گل ڦل ۽ ٻيا جيڪي ڀرت جا نمونا ڀرڻا هجن، سي ڀرين. +واهه مائي ٻُڙي، تنهنجون اوجون ويهي لکان ته پوريون نه ٿين. توکي ماڻهو تِڇ سمان ٿا ڀانئن، پر اهي پاڻ ڀُليل آهن. تو جهڙي نه ڪا ٿي، نه ڪا ٿيندي، جنهن جي توسان بان آهي. +10- ڪانءُ +مون کي ماڻهن ننديو به چڱيءَ پر آهي. چيو اٿن ته ”اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهه جي.“ مون کان بُڇان به اچين ٿي. ڪنهن جي گهر جي ڀِت تي ويهي ٻولي ڪريان ته ”ڀڳو ڀڳو، لِڪو لِڪو“ ڪري ڊوڙائي ڪڍندم، چي: نڀاڳي ڪن ئي کائي ڇڏيا آهن، هڪليونس ٿا ته وري وري اچيو ويهي، گليل کڻي پٿر چُٽيوس، کاري هيٺان داڻا وجهي کارو مَنڊي رکو ته ڦاسي مطلب ته مون سان ڀانت ڀانت جون جُٺيون جودڙيون ڪندا ته ڪيئن به ڪري کيس ڀڄايون، جو وري نه اچي،. ڏسو، مون سان ڪهڙو نه بڇڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. ڪو سائو چَتون ڀلجي گهر آين ته پيا ٽڙندا ۽ گد گد ٿيندا ۽ چوندا ته مِٺُو پُٽ آيو آهي_ ڀلي ڪري آيو_ ساوا کنڀ، ڳاڙهي چهنب، ڳچيءَ ۾ ڪئنٺي! مئو ڪانگ ڪارو ڪنو، اسان جي ٻارن کان لولا کسي، چور ڦورو، مئو ڪٿي جو! چَتون ڦلواڙين ۾ رهي، مِٺا ڦل کائي ۽ هيءُ ڪارو دانگيءَ جهڙو سارو ڏينهن وتي اسان جي ننڊ ۽ سک ڦٽائيندو. واهه واهه، اوهان کي جس هجي! +اهو ٽاڻو ياد نٿو اچيو، جڏهن ڪنهن جي اچڻ جي يا ڏسڻ جي سڪ هوندي اٿوَ ته پوءِ مون کي ڪيئن ياد ڪندا آهيو! ڌر تتيءَ جو به جڏهن ڪنهن وڻ تي ويهي ٽان ٽان ڪندو آهيان ته ائين ڪونه چوندا آهيو،. ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڪريان: ”آءُ کيانتا خير جا، ڏي ٽِپڪي، ڏيانءِ مٺي ٽِڪي، ڪير ٿو اچي، فلاڻو ڪي فلاڻي؟“ پوءِ جي آءٌ اُڏامي ويس ته جنهن جي نالي وٺڻ کان پوءِ اڏاڻس ته اوهان کي پَڪ ٿي ويندي ته هيءُ يا هوءَ پَڪ اچي ٿو سهڙي. +ڪوي پنهنجي ڪوتائن ۾ مونکي پنهنجي پرين ڏي نياپو يا سنيهو ڪونه ڏيندا آهن؟ ۽ چوندا آهن ته: +وڻ چڙهي وائي مِٺي، ڪانگل ڪئي تو ڪالهه جا. +۽ مون کي منٿون ڪندا آهن ته اسان جو نياپو نينهن جو نيئي سڄڻن ڏي ڏيج. ائين به ڪين چوندا آهن ته: +آءُ ڪانگل تو ڏيان، هينئون ساڻ هٿن، +وڃي کاءُ ولات ۾، مهندا محبوبن، +من پرين پاڻ پڇن، ته هيئن قربان ڪير ٿيو! +آءٌ اوهان جا نياپا سنيها سواءِ ڪنهن لالچ جي، وڃي اوهان جي پيارن کي پهچايان، اوهان کي سُک جا سنيها رسايان، اوهان کي آسيسون ڪرايان ته ڌڻي ڦُٽ ڏيوَ، جن جي هٿن مان آ لولا کسيان، ڏينهن تتي نڀاڳي ننڊ ويڙهي و��يو ته اوهان کي اونگهه ۽ آرس مان جاڳائي، ڌڻي ياد ڏياريان. ڪارو آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ اوهين پاڻ ڪونه آکيندا آهيو ته ”ڪارو الله جو پيارو، اڇو ڪڪڙ جو ٻچو.“ +ڇا پکين ۾ منهنجي سڃاڻپ جي هاڪَ نه آهي؟ اوهين سنڌيءَ ۾ پهاڪو ڪونه ڏيندا آهيو ته ”هيءُ اهڙو سياڻو، جهڙو ڪانءُ.“ چتون هڪ موڳو پکي، ٻولي اٿس ’ٽيون ٽيون‘. هاري پوک تان هڪلينس يا مالهي ميون تان ڊوڙائي ڪڍنس ته کيس کاناڻي ڦيرائي هڪل ۾ چون ته ”ٻلو، ٻلو“. طوطو پڃرن جو باندي آهي ۽ آءٌ آجو پکيئڙو آهيان. ٻوليءَ جا ڪا ٻول ٻولي ٿو ته ڇا ٿي پيو. مٺايون، چُوريون ۽ ڦل ڦول به ته مِٺُوءَ کي کارايو ٿا، مون کي رڳو گوشت جو هڏو ڀاڳ ۾ آهي، سو به جڏهن اڇليو. اوهين پاڻ ڪونه چوندا آهيو ته ”هي شاگرد سمجهي ڪونه ٿو، رڳو طوطي وانگر ياد ڪريو اچي. هاڻي اهڙي بي سمجهه طوطي جي ٿا مون سان ڀيٽ ڪريو! واهه واهه، مون سان هاڻي نه ڳالهائو ۽ پنهنجا سنيها انهيءَ چتونءَ کي ڏجو ته ڏسان ڪيئن ٿو اوهان جي پرين کي پڄائي_ بس بس! +11- جُتي +ڇا مان ڌريئون جُتي هيس! نه نه مان هڪ پوتر ساهه وارو هيس، جنهن کي هندو ۽ برهمڻ پوڄيندا هئا. مان سندن ڳئو ماتا هيس. منهنجو امرت جهڙو مٺو کير پيئندا هئا، منهنجي شيوا ڪندا هئا. مون کي ماتا سمجهي، منهنجو وڏو مان رکندا هئا. هزارين ورهيه اڳ ڪرشن ڪنئيو اسان گانين جو گرڌاري هو سندس پوتر گوپيون منهنجي ٽهل ڪنديون هيون. برهمڻ، جي برهما جي مک مان نڪتل آهن، سي اسان جي وڏين ماتائن جا ٽهليا هوندا هئا. منهنجو جنم هڪ ڪلال جي گهر ۾ ٿيو. خبر نه آهي ته ڪنهن جي جوڻ وٺي آيس. ننڍي گابي هيس، مون کي پيار سان پاليو پئي ويو، وڏي ٿيس ته ڏاڍي سهڻي ۽ متاري ٿيس. مون کي سائو گاهه، کَڙ ڪُتر ۽ ڏارو ملندو هو. نيٺ نڌان وڏي ٿيس ۽ پاڻ ماءُ ٿيس ۽ ٻچن کي جنم ڏنم. هرڪو ننڍي مان وڏو ٿئي، ٻلوان مان ٻڍو ٿئي. منهنجو ٻڍاپڻ به اچي سهڙيو، اگهي رهڻ لڳيس. منهنجي مالڪ ڪلال دوا درمل، سُتيون ڦڪيون به گهڻي ئي ڪيون، پر موت اچي ڪنڌ تي ڪڙڪيو، مُئس ته ڪلال ڪاتي وڌي، سندم ڇوڙو لاهي سڪايو ۽ لوڻ ٻُرڪي بانس وڃايائين، پوءِ اڪ جو کير مکي، وار ڌار ڪيائين، پوءِ منهنجي اُجري چمڙيءَ کي اڌوڙ تي چاڙهي روز ڏاڍو ڪُٽيندو هوم. ٻٻرن جي ڇوڏن مان مون تي رنگ چاڙهيائين. رات جي تارن جي مٿم جوت پئي ۽ ڌَپ مان ڦري، مون ۾ سڳنڌ آئي. جڏهن منهنجو چمڙو هرهڪ جي ڇهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن مون کي چڱي مُلهه ۾ وڪيائين. پوءِ ته وري اچي ڀاڳ کليو. مون مان مهانگين ۽ مُلهائتيون بيگون ٺهيون، جوتا ٺهيا ۽ ٻيون اهڙيون ڪيئي شيون جڙيون ۽ ٽڪر منهنجو ڪنهن موچيءَ ڳنهي، مون مان سنڌي جُتي ٺاهي، جا هڪ سکر ماڻهوءَ کي وڪيائين. هن پنهنجي جتيءَ تي چانديءَ جي تارن جو ڀرت ڀرايو ۽ هرڪو مون کي هٿ ۾ کڻي، پنهنجي اڳيان چتائي ڏسندو ۽ وهسندو هو. ٿوري به مون ۾ دز پوندي هئي ته يڪدم ڇنڊيندو هو ۽ سٿرو رکندو هو. ڪڏهن ڪا لِڦ منهنجي مالڪ جي پيرن ۾ وڌي هونديم ته مون کي تيل مکيو ويندو هو ۽ ڪونئرو ڪيو ويندو هو. چوري چڪاريءَ جي ڊپ کان منهنجي ڏاڍي سنڀال ڪئي ويندي هئي ۽ سدائين مون کي بيلائتو ڪري رکيو ويندو هو ته متان ڪنهن جي بڇڙي اک نه لڳي ۽ بدسوڻي نه ٿئي. مسجد ۾ نماز لاءِ منهنجو مالڪ ڪڏهن مون کي پير ۾ پائي ويندو هو ته ڪڏهن مون کي لاهي اندر وڃي رکندو هو ته متان جتين جي چور جي ورَ نه چڙهي وڃان. پاڻ ته وڏو جتن رکندو هو، پر ٻين کي به چوندو هو: +پنهنجي جُتين کان رهو سڀئي نمازي هوشيار، +سوي مسجد پيو اچي هڪڙو خضر جي صورت. +ڏسو هن جڳت جا لاڙها چاڙها، هيٺ مٿاهيون. ڪڏهن پوڄا جي شيءِ هيس، ڪڏهن منهنجو کير امرت ڌارا هو_ ڪڏهن ڪلال جي ور چڙهيس، جا منهنجي سِسِي برهمڻ چمندا هئا، ان تي ڪلال جي ڪاتي وهي، هڏ ماس کان منهنجو چمڙو جدا ٿيو_ مون تي لوڻ ٻرڪيو ويو، اڌوڙ تي ڪُٽيس، ڪو ٽڪر ڪيڏانهن ويم ته ڪو ڪيڏانهن. مون مان ڇا ڇا نه ٺهيو، ڪهڙن ڪهڙن جي پيرن جي سوڀيا ٿيس. هاءِ هاءِ، اڄ به اها ساڳي جتي آهيان، جنهن کي ڇنڊيو ڦوڪيو ٿي ويو. جڏهن پراڻي ٿيس ته مون کي منهنجي مالڪ جي نوڪرن پاتو. چَتيون چَتيون ٿي ويس ۽ نيٺ نڪمي ٿي، اچي هن گند جي ڍير تي پئي آهيان. ڪو اک کڻي ڪونه ٿو ڏسي ۽ نه ئي ڪير منهنجي اتاهين تي سوچي ٿو ۽ نه ڪير منهنجي هي دکدائڪ ڪٿا تي ويچار ڪري ٿو. هن پرٿويءَ جو نالو ئي نانهه جو گهر آهي، ان تي بانور ڪهڙو ڪبو! +12- ڀنڀوري +اجهو هڪ ٻيو جيت، هن جي سونهن ۽ سوڀيا ته ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي من ۾ نياءُ ڪري ڏسو ته ڌڻي پاڻ سهڻو آهي ۽ کيس ان ڪري سونهن ڪيترو نه وڻي ٿي. سونهن جي خبر ڀيٽ سان پوندي، ان ڪري ڪيترا گدلا جيت به اُپايا اٿس، جن جي ڏسڻ سان نيچ ۽ اُتم شين جي ٻوجهه پوي ٿي. هونءَ ته ڌڻيءَ جي جوڙ ۾ ڪابه وِڏ ڪانهي ۽ نه ڪا شيءِ بنا ڪم جي ٺهي آهي، پر سونهن ۽ اسونهين وٿن جو ڦير سمجهه ۾ اچيو وڃي. +اي ڀنڀوري، تنهنجي ڪهڙي واکاڻ ڪريان، تنهنجو اُڏامڻ، ڪنهن اُڀي ڪا‎ٺيءَ جي چوٽيءَ تي ويهڻ، لڏڻ لمڻ ڪيڏو نه پيارو آهي! من گهرندو اهي ته توکي اندر ۾ جاءِ ڏيان، اکين تي رکان، سيني سان لايان ۽ تنهنجو سرير چُمان. +ڀنڀوريءَ جا ڪل ٽي قسم ٿين ٿا: هڪڙيون ساديون ڀنڀوريون، جي پيلي رنگ جون ٿين، ٻيون ڳاڙهيون ڀنڀوريون، جن کي لال ڪنوار ڪوٺين ۽ ٽيون نر ڀنڀوريون، جن کي حجامڙا ڪوٺيندا آهيون. سڀني ۾ سهڻي لال ڪنوار ٿئي، ٻار پاڻ کي تسيا ڏيئي لال ڪنوار ڦاسائڻ جي ڳڻَ ڪندا آهن ۽ پير پير ۾ لڪندا ڇپندا لال ڪنوار جي پٺيان اوچتو ئي اوچتو وڃي سندس بول کي پڪڙيندا آهن، ويچاري ڦٿڪندي ۽ پَرَ گهڻائي هڻندي آهي پر ڪٿي ٿا ٻار جند ڇڏينس! ٻارن کي وڻندو آهي سندس اُڏامڻ، سو ڇا ڪن جو سندس چيلهه وٽ ڍيريءَ جو ڌاڳو ٻڌي، ڌاڳي جي ٻئي ڇيڙي کي هٿ ۾ جهلي پوءِ کڻي اُڏائيندا اٿس. هوءَ ويچاري ڀائيندي آهي ته مون کي بند مان ڇوٽڪارو مليو، پر ٻار به هن جي پويان ڌاڳي کان جهلي وٺي ڊوڙندا آهن ۽ وري جڏهن ڪٿي هلي ويئي ته هن جو ڀوڳ ڏسندا آهن.، +حجامڙا ڏاڍا لُچ ٿيندا آهن، انهن کي ٻار پڪڙي هڪ ٻئي سان ويڙهائيندا آهن. ويڙهو ڏاڍا ٿين، هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ اهڙو ته چڪ پائيندا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن ڳچي ڪپجيو پوي ۽ ڌڙ کان ڌار ٿي ويندي اٿن. پهريون نمبر ڀنڀوري ويچاري سياڻي ٿيندي آهي، نه ڪنهن سان وڙهي نه وڳي، پنهنجي من مستيءَ ۾ ئي من هوندي. ٻار جڏهن ڀنڀورين راند لاءِ نڪرن ته پوءِ پهرين انهيءَ ڌنڌي ۾ هوندا آهن، ماني ٽڪي به وسري ويندي اٿن، نيٺ جڏهن گهر ورن ته پنج_ چار ڀنڀوريون پاڻ سان ڪنهن نه ڪنهن پر آڻين ئي آڻين. +13- کُڙکُٻيتو +کُڙکُٻيتي کي ٽانڊاڻو به چوندا آهن، پاڻي وهي ايندا ۽ پوکون سايون ٿي مٿڀريون ٿينديون ته اِجهي کڙکٻيتا آيا. ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، الاجي ڪٿان نڪريو نروار ٿين، ساين ٻنين ۽ آسپاس جي پوٺن ۾ رات جي ٽاڻي چمڪاٽ لڳا پيا هوندا. هڪ ڪارو ننڍڙو جيت، سندس پول ۾ مالڪ سائينءَ اهڙي ته جوت رکي آهي جو رات جي انڌيري ۾ اُڏامندا ويندا ته ڄڻ جوت جا ڏيئا جڳ مڳ ڪري رهيا آهن. +اوهان کي سُڌ آهي ته ڪابه جوت جهڙوڪ: باهه، بجلي، گاسليٽ جون بتيون، سئي گئس ۽ ٻيون جلائو شيون گرم هونديون آهن ۽ انهن کي هٿ لائڻ سان هٿ سڙي پوندو آهي، ا��هن جي جوت جي ڄَر جايون، جڳهيون، لانڍيون ۽ لوڙها ساڙي رک ڪريو ڇڏي، پر هيءَ هڪڙي ئي جوت آهي جا ٿڌي ٿانئري آهي ۽ ان کي هٿ لڳائڻ سان هٿ کي آسيس پئي ايندي. +ننڍڙا ٻار کُڙکُٻيتي تي چريا هوندا آهن، رات جو جڏهن هو چمڪڻ لڳندا آهن ۽ ڪنهن جاءِ تي ويهي ٽم ٽم ڪندا آهن ته ڊوڙي وڃي انهن کي پڪڙيندا آهن ۽ پنهنجن ململ جي چولن ۾ بند ڪري هٿ ۾ اها چولي جي ڳنڍ کڻي سندن چمڪاٽ ڏسي پيا وهسندا آهن. هڪڙي مان ته پيٽ ڪين ڀرجين پر جيترا پهچي سگهن اوترا کڙکُٻيتا ڦاسائي ڪنهن شيشي ۾ بند ڪري کڻي رکن ته جهڙا بلب پيا ٻرن. رات جو اهو چهچٽو ڏسن، پرڀات ٿي ته اها جوت گم ٿي ويندي ۽ کڙکُٻيتن کي ڇوٽڪارو ڏيندا. +ڏسو ته ڌڻي ٻاجهاري ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون نه پيار ڀريون ۽ لاڀ واريون شيون ٺاهيون آهن، جن مان ماڻهو يترائي گهاٽا واڌا وٺي ٿو. اهي ئي کڙکُٻيتا آهن جي جهنگن برن ۾ منجهيل واٽهڙن کي واٽ ڏيکارين؛ هونءَ ته اهو ڪم تارن جو آهي پر کڙکُٻيتن جي مُند ۾ تارن کي ساهه پٽڻ جي گهڙي مليو وڃي ۽ سندن ڪم وڃيو کڙکُٻيتا ڪن. +وڻن ٽڻن تي ويهن، ٻنين ٻارن ۾ ويهن تي سندن جهرمر لڳي وڃي ۽ سوچي نٿو سگهجي ته ڌڻيءَ جا اسان تي ڪيترا بي انت ۽ اپار ٿورا آهن. اي کڙکُٻيتا، آءٌ تنهنجي ڪيتري واکاڻ ڪري ڪيتري ڪريان، تنهنجو ننڍڙو سرير ۽ تنهنجي جوت منهنجو ڌيان ڌڻيءَ ڏي ورائي ٿي، جيڪا کن پل توسان گڏجان ٿو ته پنهنجي تن من، منهن ۽ ڄڀ تي اهو دياوان داتا ئي ياد اچي ٿو. منهنجي مُک مان پرارٿنائون نڪرن ٿيون، جي منهنجو پالڻهار مون کي ياد ڏيارين ٿيون. منهنجي لاءِ کُڙکُٻيتن جي جيوت هڪ وڏي وٿ آهي جنهن تي ڌيان لڳائڻ سان: +نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي + + +14- ٽوهه +سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”سهڻا ٽُوهه به پَٽن ۾ پيا آهن.“ جنهن مان مراد هوندي آهي ته لڇڻ ماڻهوءَ جا چڱا هوندا ته ٺيڪ، رڳو سونهن ڪهڙي ڪم جي، جيئن ٽوهه سخت ڪؤڙو هوندو آهي، رڳو گدري، هنداڻي، ريڀڙيءَ، چڀڙ ۽ ٻين اهڙين شين کان ڏيک ويک ۾ سهڻو ٿيو ته ڇا ٿي پيو. هڪ ٻيو به پهاڪو ڏيندا آهن ته ”سهڻيءَ صورت کان سهڻي سيرت ڀلي آهي.“ ان مان مراد به ساڳي آهي ته سکڻي سونهن گهوري، کراڪي لڇڻ چڱا هجن. اهو به چيو ويندو آهي ته چڱن گُڻن واري ماڻهوءَ جي هٿان ٽوهه وٺي کائجي ته اهو انهيءَ مٺائيءَ کان چڱو آهي، جا هڪ ڪلڇڻي جي هٿان وٺي کائجي. اهو به ٻڌو هوندو ته ”گوشت جي سَڌ ۾ سِڪي مرجي، اهو ان کان چڱو آهي، جو ڪِنن ڪاساين جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاسي وڃجي.“ +ٽُوهه ويچارو به هڪ جهنگ جو اوڀر آهي. مينهن پَوَن ته ٻوٽن تي ٽوهه وَل وراڪا ڏيئي پٽ ساوا ڪري ڇڏي. وَل جا پَن، ڇانهينءَ جي پنن وانگر ٿينس، ڦير رڳو اهو ٿئي جو ڇانهينءَ جي وَل جا پَن وڏا ۽ ويڪرا ٿين ۽ ٽوهه جي وَل جا سنها ۽ سوڙها ٿين. ٽوهه جڏهن پچي پيلا ٿين ته جهنگن ۾ جهڳ مڳ لڳيو وڃي، ڏسين ته دل پيئي ٺرندي، پر هٿ لاءِ ته نه منجهن ڪا سڳنڌ ۽ نه سٺو ساءُ_ ڪڙا جهڙا وهُه- نه ڪَچا کائي سگهجن ۽ نه رڌي، پر منهنجي پياري ڌڻيءَ ڪابه وٿ نڪمي نه جوڙي آهي، اهڙي نڪمي شيءِ به اگهن جي ڦڪي سُتي آهي ۽ ان مان ڪيتريون ئي دوائون جُڙن. منجهانئس جُلاب جڙي، جو پيٽان وهاري، جنهن کي پيٽ نه اچي ته ٽوهن جون ٺهيل گوريون کائي ته پيٽ جي اگهائيءَ کان آجو ٿي وڃي. ٽوهه جي کُل، گودو ۽ ٻج سڀ ڪم اچن، پر ٽوهه ان ڪم لاءِ ڪيترا ميڙي ڪيترا ميڙبا. گهرج سارو ته کڻبا، باقي وري به اُس ۾ سڙي سُڪي، اتي ئي پيا رهن ۽ ٻيءَ مند ۾ وري انهن جا پٽن ۾ پيل ٻج ڦٽي پون. +سنڌيءَ ۾ چيو اٿن ته ”واهه غريبي واهه!“ ويچارا سُڃا ۽ ولها سانگي انهن ٽوهن جا ٻج ڏٿ وانگي ڪم آڻين. مڻن جي منهن ٻج گڏ ڪري، ڪونارن ۾ پسائي ڇڏيندا ۽ ست گهمرا پاڻيءَ ۾ مهٽي مهٽي، انهن جي ڪڙاڻ ۽ کاراڻ ڪڍي ڇڏيندا، جڏهن نه انهن ۾ ٽوهن جي بانس رهندي ۽ نه کاراڻ، تڏهن انهن کي سُڪائي، اُکريءَ ۾ مهريءَ سان ڪُٽي، جنڊ ۾ پيهي، انهن جو اٽو ٻاجهريءَ جي اٽي يا ٻين ڏٿ جي پيٺل داڻن سان ملائي، ماني پچائي کائي ڇڏين ۽ پنهنجو پيٽ گذر ڪن. اها ڳالهه اوهان کي وڏي اچرج جي لڳندي، پر ٿر وارن کان پڇو ۽ پارڪرين کان سُنهن کڻايو ته اوهان کي ساري سُڌ پئجي ويندي ته آءٌ سچ ٿو چوان يا ڪوڙ ٿو ڪريان؟ اسان کي کپي ته ڌڻيءَ جي جوڙ مان ڪابه وِڏ نه ڪڍون. ڌڻيءَ جي جوڙ ۾ ڪا نه ڪا سياڻپ هڪي تڪي رکيل آهي. اچو ته ان مالڪ کي ساراهيون. +15- بي پاڙي +ڌڻي سڳوري ٻوٽا ۽ وليون ڪيئي اُپايون آهن، پر وَل وَل کي ڏانڊي ٿئي ۽ پَن ٿين، ڦُٽن به ڌرتيءَ مان ۽ ٻج به ٿئين ئي ٿئين. پر واهه مائي بي پاڙي! توکي وڻ ويڙهي به چون. توکي ته نه ڪو ٻج، نه ڪا پاڙ ۽ نه ئي تون ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪرين، جتان توکي ڪو پاڻي ملي، جنهن تي اُپڙين، نه ٿيئي ڪو پَن ۽ ڏانڊي نه پاڙ. تون ته رڳي ٿُلهن ڌاڳن وانگر ڌاڳا ڌاڳا هوندي آهين. اُپڙين به وڻن تي. پاڻي به انهن وڻن جي ساون پنن جو چوسي وٺين ۽ ان تي ڦلجين ڦولجين! تنهنجو ٻج به تنهنجا ڌاڳا ئي آهن، جن مان اٺ_ ڏهه ڌاڳا کڻي هڪڙي وڻ تان ٻئي تي اڇلي ڇڏ ته اهو وڻ به تنهنجي جُٺ ۾ وٺجي ويندو. اهڙيءَ ريت تون اهڙي ته نڀاڳي آهين، جو ساوا وڻ سڪائي ڇڏين ۽ پاڻ سدائين سائي رهين، توکي وري کائي ڪو گڏهه به ڪونه. ويجهين به تڪڙي. ڪن ڪارائتن ٻوٽن يا ولين تي پوين ته جهڳوئي جهڻ ڪري ڇڏين. ويچارا هاري پيا سورن جي مُنهن. سڀ ڪم ڪاج ڦٽا ڪري، پهرين توسان جنگ جوٽين، هٿن سان وٺ وٺان ڪري توکي روڙي، اُنهن تان لاهي وڃي ساڙي ڇڏين، جي توکي نٿا ساڙين ته پنهنجي پوک ٿا جلائين، ڪي سو ڪن به ڇا؟ پريان ڏسڻ ۾ ته تون به ڏاڍي موچاري ٿي لڳين، پر کوءِ پئي تنهنجي اهڙي سونهن سوڀيا! تنهنجا لڇڻ ڏسي، ماڻهن ويچارن اهو پهاڪو وٺا هيج ڇڏيو آهي ته ”اڙي فلاڻي کي پاڙپتو هجي، جو لڄ شرم پويس، هيءُ ته بي پاڙو آهي.“ جنهن جي پاڙ نه آهي، ان جا پِتا ڪهڙا ٿيندا، جنهن جي پاڙ ڪؤڙي، تنهنجا پِتا مِٺا ٿيندا ڇا؟ پر مائي بي پاڙي، توکي ته خدا پاڙئي ڪانه ڏني، تون پرمار آهين. ڌرتيءَ مان پاڻي ڪونه چوسين، پر ويچارن وڻن جي پنن تي پلجين ۽ انهن جو پاڻي چوسي، انهن کي سڪائي ڦٽو ڪرين. ماڻهوءَ کي کپي ته پاڻ پنهنجو ٻوٽو ٻاري ۽ ٻين جو رت نه چوسي، اڙي بي پاڙي، تون به ڪنهن نه ڪنهن ڪم ايندي ته هوندينءَ؟ ڪابه وٿ نڪمي ته اُپايل ڪانهي. تون اهڙي نرڄي آهين، پر تنهنجي رس مان به ڪي دوائون جڙن ٿيون، جن مان ماڻهوءَ کي لاڀ پراپت ٿئي ٿو. ان ڪري آءٌ توکي به ڪُواريندس ڪونه، نڪي گلا ڪندس، پر پاڻ سڌار. وڌيڪ توکي ڇا چوان! +16- چڀڙ +چڀڙن کي مِتيرا ڪوٺين، ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجن پُٽن تي چڀڙ خان ۽ متيرو خان نالا به رکن. پر چڀڙ يا متيرا آهن ڪهڙي بلا؟ آءٌ انهن لاءِ ڇا چوان، انهن کي ته سڀڪو سڃاڻي، ويچارن جون وليون پوکن ۾ پاڻمرادو اڀرنديون ۽ پوٺن تي مينهن وسڻ کان پوءِ پکڙي ڌرتي سائي ڪيو ڇڏين. پهريائين اهي وليون ننڍا ننڍا گل ڪڍن، پوءِ انهن گلن مان چڀڙ ڦٽيو پون. پهريائين ننڍا ساوا ڪَچا چڀڙ، پوءِ پچي پِيلا ۽ ڳاڙها ٿيو پون؛ پوءِ رسجي مٺا ٿين ۽ ماڻهو انهن کي وڏي هيج سان کائين. شهرن جي ڀاڄي_ گهرن ۾ وڪامن به کوڙ. هنن جي پوکڻ تي ڪا ڪنهن جي جاکوڙ ڪرڻي ڪانه پوي. جنهن ڌر��يءَ تي اُڀرن، سا نه گُهري، ٻج، نه هر؛ نه سندن پوکڻ ۽ پالڻ ۾ ڪو پورهيو ڪرڻو پوي، نه سندن سنڀال وٺڻي پوي، بنا پورهئي ڦل مليو پوي. متيري کي ميوو ته نه ڪوٺبو، پر ڀاڄي ته آهي ئي آهي. مارو ماڻهو ڪَچا به کائين ته رڌي ڀاڄي ڪري به چاهه چس سان واپرائين. هنن لاءِ چڀڙن جو ڳنڌڻ، تورين ۽ ڀينڊين کان گهڻو ڀلو آهي. گوشت جي ٻوڙ، مڇيءَ جي ٻوڙ ۾ به پون ۽ ڏاڙهون جي داڻن جي کٽاڻ جو ڪم به ڏين. ڪوڪيون پچائين ته انهن ۾ به ڏاڙهونءَ جي ڪڻ بدران سُڪل چڀڙ ڪُٽي وجهن ته ڪوڪيون اهڙيون ته سوادي ٿيو پون، جو ٻوڙ ۽ ماني ٻنهي جو ڪم ڏين. جڏهن چڀڙن جي مند پوري ٿئي ته مڻن جي منهن چڀڙ وڍي اڌو اڌ ڪري منجهن لوڻ ٻرڪي اُس تي سڪائين ته ڪَچريون جڙيو پون. اهي ڪچريون ٻارهن ئي مهينا گيهه ۾ تري کائين، نه ڪنهن ڳنڌڻ جي گهرج نه ٻي ڀاڄيءَ جي اون. چڀڙن جون ڪچريون ته سکر ماڻهو به چاهه سان کائين ۽ انهن جا واپاري وڪري مان چڱو پئسو ڪمائين. ڪچريون ته بِهن، پٽاٽن، گوار، انبڙين ۽ ٻين ڀاڄين جون به ٺاهيون وينديون آهن. انبڙين جي ڪچرين کي انب چور به ڪوٺين پر ٻيلي واهه واهه! چڀڙن جون ڪچريون سڀ کان سلوڻيون ۽ سوادي، ڏندن هيٺ ڏيڻ سان سندن چرچر ئي بس آهي، سندن چرچر سان دنگ آهي. سيخ جي ڪوابن جي چرچر به هنن سان نه پُڄي، ههڙيون خدا جون بي مُلهيون شيون اسان وٽ ڪهڙيون نه مُلهائتيون ٿيو پون. اسان ۾ رڳي سمجهه جي سمرتي هجي ته انهن مان ڪهڙيءَ ريت ڪم وٺون. ڌڻي سڳوري ته اسان لاءِ سڀڪجهه اُپائي ڇڏيو آهي؛ هاڻي اهو ڪم اسان جو آهي ته پنهنجي سمجهه هلائي انهن مان نرالا ڪم وٺون ۽ ڌڻيءَ جي ساراهه ڪريون ۽ سندن ڳڻ ڳائيندا رهون. +17- ڀؤنر +ڀؤنر ڪنهن نه ڏٺو هوندو؟ ڀؤنر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا ”بڻائتا ۽ ٻيا گڊا“. بڻائتا ڀؤنر سڄا ڪارا ڏامر جهڙا، سندن کنڀ چلڪڻا ٿين ۽ ٻيا جن کي گڊا چئبو آهي تن جي ڪنڌ تي ٻنهي پاسن کان پيلا چِٽا ٿين. گڊا البت بڻائتن کان ننڍا هوندا آهن ۽ اهڙا زوم مان ڪين اُڏامن جهڙا ڪارا. اهي ڪارا ته اهڙو زور سان اُڏامندا آهن، جو شل نه ڪنهن کي منهن ۾ لڳن ته ڄڻڪ ڪو ڏنڊو لڳي ويو، ڀلي ته پيو منهن سيڪي. ٻنهي جو ڪم آهي گلن ڦلن تي ڀيرا ڏيڻ، ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته: +ڀيرا ڏيئي ڀؤنر ڪي، گلن مٿي گُنجار +سٻاجهي ستار، واليءَ وڏو وڙ ڪيو. +ماکيءَ جي مکين وانگي هو گلن مان رس ڪونه چوسين، پر رڳو انهن جي سڳنڌ جو واس وٺن. چوندا آهن ته پريتوان ويچارا ڀؤنر وانگيان سهڻن جو درشن ڪري واس وٺندا آهن. هي جيت به ڏينڀن ۽ چيلاٽن جي ڪٽنب مان آهي، پر ڏنگ ڪونه هڻي. ڏِنگا ٻار ته هنن مان به ڪين ٽرن، جي اهي ڏينڀن وانگر ڏنگڻا جيت هجن ته جيڪر انهن کي ويجهو به ڪين وڃن، انهن کان پري ڀڄن، پر هي ويچارا ڏکوئن ڪونه، ان ڪري هنن کي به پڪڙي ڌاڳي سان ٻڌي هنن جي اُڏامڻ ۽ ڀڻڪار جو رونشو ڏسن. جڏهن اُڃ لڳيس تڏهن ڪنهن ڪٽوري ۾ پاڻي وجهي ان جي ڪَني تي ويهاريندا اٿس ته اهڙي ڍنگ سان پاڻي پيئندو آهي جو ڏسي دل پئي گد گد ٿيندي آهي، ماڻهوءَ کي ڪا ٻي شيءِ ايترو ڪانه وڻي پر ڀؤنر جي ڪاراڻ ۾ ڪا ايڌي ڇڪ آهي، جو اها اکين کي پئي سيبندي آهي. جيڪي رنگ ڌڻي اُپايا آهن، سي سڀ هڪ ٻئي کان سٺا آهن. ڏسو ته اک به ڪاري وڻي، جي ڪاري نه هجي ته سرمو ۽ ڪجل پائي ڪارو ڪنس ته وڌيڪ وڻي. تِرُ به اڇي منهن تي ڪارو وڻي. وار به ڀورن کان وڌيڪ ڪارا وڻن. اهڙيءَ ريت ڀؤنر به ڪارو هئڻ ڪري ئي وڻي ٿو. ڪي ڀؤنر اڇا به هوندا آهن پر اهي اسان کي ڏٺي ڪين وڻن. هڪ شيديءَ چيو ته اسان جي ڪاري رنگ مان رڳو هڪ ٽُٻڪي جيترو ڪارو تِر، اوهان جي اڇي رنگ تي ڪيتري نه سونهن ٿو ڪري، جنهن کي سگهڙ ساراهيو وري پيا ساراهين! پر جي اوهان جي اڇي رنگ سان اسان جي ڪاري چهري تي داغ ٿي پوي ته ان کي ڪوڙهه جو ٽِڪو سڏين. اڇين اکين واري کي به شيرو سڏين ۽ ان مان وِڏون ۽ وِڏون ڪڍن، پر ڪارين اکين کي ڪوي ڪيڏو نه پاڏائين ۽ ساراهين ٿا. اُپائڻهار جي جوڙ مان ڪڏهن به وڏ نه ڪڍجو! +18- ڄؤرون +ڄؤر به هڪ جيت آهي جو ماڻهوءَ جو رت چوسيندي آهي. اهي ٻيلن ۾ جتي گپ ۽ پوسل هوندي آهي اتي جنم وٺنديون آهن. ان ڪري ٻيلن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجن پيرن تي چمڙي جا موزا پائي ڇڏيندا آهن ته ڄؤرن جي چڪن کان سندن بچاءُ ٿئي. ڄؤرون ڏسبيون ته: بلائن جهڙيون ڏسڻ ۾ اينديون. بلائون وڏين ٿين ٿيون ۽ هي ننڍيون. ماڻهن پنهنجي سڌ پڌ هلائي انهن مان به ڪم ورتو آهي. اسان جي ديس ۾ ’حلال خور‘ (ٻاليشاهي) انهن کي پالي رکندا آهن. ڄؤرون به نانگ بلا وانگر مٽي کائين، تنهن ڪري حلال خور انهن کي ٺڪر جي جمنين ۾ وجهي انهن ۾ مٽي، ميٽ ۽ پسيل اڳڙيون وجهي ڇڏيندا آهن ته هنن کي کاڌو به ملي ۽ پوسل ۾ به رهن، جنهن کان سواءِ هو مري وينديون. +جڏهن ماڻهن کي مَلِي ٿي پوي، ڳچي سُڄي پوي يا ڪنن ۾ گند ۽ روڳ ڪٺو ٿئي ۽ ڪنن ۾ سخت سور پوي، يا ڪا ڦٽ ڦرڙي ناسور ڪري وڃي، لُپرين ۽ مَلمَن سان به نه ڇُٽي ته پڇاڙيءَ ۾ ان جو درمل ڄؤرون ٿين. حلال خور کي گهرائبو آهي جي ڪجهه پئسا وٺي، اهي ڄؤرن اگهي ماڻهوءَ جي ڳچيءَ، ڦٽ واريءَ جاءِ يا ڪنن جي پٺيان اچي لائين. ڇا ڪندا آهن: جو هڪ ڄؤر کي هٿ ۾ کڻي پنهنجي آڱوٺي سان انهن کي ٿڌڙا ڪڍندا آهن ۽ انهن جو منهن ڦٽ جي جاءِ تي رکندا آهن ته هوءَ ماڻهوءَ کي چنبڙي ويندي آهي ۽ چمڙي ٽُڪي ٽُڪي وڃي رت کي چوسڻ لڳندي آهي. رت سان گڏ گند به هوندو آهي، تنهن ڪري اهو به چوسي وٺندي آهي، جڏهن رت چوسي ڀرجهي پوندي آهي، تڏهن پاڻمرادو ڪِري پوندي آهي. اهڙيءَ ريت جيترين به ڄؤرن لڳائڻ جي گهرج هوندي آهي اوتريون لائبيون آهن، پوءِ اُنهن جو چوسيل رت ۽ گند حلال خور ڏُهي ڪڍي ڇڏيندا آهن، متان چوسيل گند ۽ پونءِ جي ڪري مري وڃن. ٻيو ته پيٽ خالي ٿيڻ سان انهن کي وري به ڪم آڻي سگهجي. ڄؤرون لڳائڻ به هڪ آپريشن آهي. هونءَ جو ڪَلين يا ڳچيءَ مان گند ٽُڪي ڏيارڻ سان ڪڍائجي، سو هنن ڄؤرن جي وسيلي روڳ ڪڍائبو آهي. انهيءَ ريت سؤ سيڪڙو بيمار چڱا ڀلا ٿي ويندا آهن، جتان جتان چمڙي ٽُڪينديون آهن، اُتي ڇار ڦلهيار يا ڪو ٻيو پائوڊر رکي، پٽي ٻڌي ڇڏبي آهي، ۽ ٻن_ ٽن ڏينهن بعد اگهو سگهو ٿي ويندو آهي؛ پر ڄؤرن جي چَڪن وارا نشان سي بيهي رهندا آهن. جيئن ڊاڪٽر ٽانڪا هڻندا آهن ته نشان بيهي رهندا آهن. +ڄؤرن ڏسڻ سان بڇان پئي وٺندي آهي، پر اهڙين بڇڙين شين ۾ به ٻاجهاري ڌڻيءَ ماڻهوءَ لاءِ ڪيتري نه ڀلائي رکي آهي. سچ آهي ته ڪابه شيءِ بنا ڪنهن ڪارج جي نه اُپائي اٿس. سچ چيو اٿن ته: +”ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀانئين ڀلو پانهنجو.“ +19- ڏنگ +ماکيءَ جي مک، ڏينڀو، چيلاٽو يا قنڌاري ڏينڀو ۽ وِڇون اهڙا جيو آهن، جن کي پنهنجي پڇڙيءَ ۾ ڏنگ هوندو آهي، سُئيءَ وانگر هڪ تکو ”نيش“، سندن چُر ڪئي ويئي ته ٺڪ ڏنگ ڪرائيندا ۽ ماڻهو، جو هونءَ سڀني ساهه وارن کان ڏاڍو آهي تنهن کي پِنائي رکندا ۽ پيو ڦٿڪندو. پر آءٌ جنهن ڏنگ جي ڳالهه ٿو ڪريان سو پاڻ هڪ جيت آهي، جنهن جو نالوئي آهي ڏنگ. اهو جيت به لاڙ ۾ گهڻو ٿيندو آهي. لاڙ جو ڀاڱو ساريال هئڻ سبب گهڻو پوسل وارو هوندو آهي، تنهنڪري اتي مڇر، مُنگهڻ، ڪارڙا ۽ ڏنگ جام هوندا آهن. سڀني کان ڊپ جهڙو ’ڏنگ‘ هوندو آهي، شل نه ڪنهن کي چڪ پائي ته ڦٿڪائي رکندس ۽ هڪ چڪي کي ڪيترا ڏينهن پيو سيڪيندو. چڪ وجهي ته بُت جي چمڙي پئي وٺي. ماڻهوءَ جي چمڙي ته ڪونئري آهي، پر گهوڙن ۽ ٻئي مال کي چڪ وجهي ته رت جون ٺينديون ڪڍي رکين. ان ڪري ڀاڳيا ماڻهو ويچارا هن پليت کان ڏاڍو جتن ڪندا آهن. ڏنگ جا ٻه_ چار چڪ لڳن ته مال کي ڦٽ ڪريو وجهن. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي: ”هي مڙس ته بنهه ڏنگ آهي.“ جهڙيءَ ريت وڇونءَ جو ڪنهن سان وير نه هوندو آهي، پر هن جي بناوٽ ۾ ئي بُڇڙائي ڀريل هوندي آهي ته هلندو وڃي، ٺِڪر کي ڀِتر کي ۽ جا شيءِ به سامهون اچيس ان کي ڏنگيندو وڃي. ان وانگي هن بُڇڙي بلا ’ڏنگ‘ جو به ڪنهن سان وير وروڌ نه هوندو، پر هن کي هروڀرو به ٻين کي ڏکوئڻو هوندو آهي، سو جنهن جانور تي اُڏامي اچي ويٺو جي ان کي پڪ نه هڻي ته باقي ڏنگ نالو ڇو مٿس پيو آهي! +جڏهن ڪنهن کي ڏک ڏجي ته اهو به پنهنجو بچاءُ ڪري ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ چڪ هڻي پنهنجو وير وٺي ٿو، پر وڇون ۽ ڏنگ بنا ڪنهن ڏوهه جي جيڪو آيو تنهن کي دُک رسائڻ ۾ دير نه ڪندا. ماڻهوءَ کي گهرجي ته انهن بڇڙن جيتن وانگر نه ٿئي. ڪرڻ ته بڇڙن سان به ڀلائي کپي، ڇو ته ان ڪري ڌڻي به ڀلائي ڪندو ۽ ويري به ڦري سنگتي ٿي پوندا، پر جي ائين ڪرڻ نٿو پڄي سگهيس ته جيترو ڪو ٻيو ڏکوئي اوترو ئي ڏک بدلي ۾ ڏجيس ته ڪَل پويس ته ٻئي کي ستائڻ ڪيئن آهي. ڏنگ ۽ وڇونءَ وانگر بنا ڏوهه جي ڪنهن سان اهنج ڪرڻ ۽ ڪنهن کي ڏکوئڻ بڇڙا لڇڻ آهي، جن لاءِ اسان کي ڌڻيءَ وٽان سيکت ملڻ اڻ ٽر آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته: +ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو، +ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو. +20- ڳاهه +جڏهن سنگ وڍي ٻار ۾ رکبا آهن، تڏهن انهن تي ڍڳن جي هلر ٻڌي انهن کي ڳاهبو آهي ته اَن تُهن کان جدا ٿي پوندو آهي. پوءِ ان ڳاهيل اَنّ کي وڏن سُپن يا گاگڙن ۾ وجهي هوا جي سامهون بيهي وائربو آهي ته تُهه جدا ۽ ان جدا ٿي پوندو آهي. اهو ڳاهه جو ڪم الڳ آهي. آءٌ جنهن ڳاهه جي اُپٽار ڪريان ٿو، سو ڳاهه هڪ ٻيءَ شيءِ آهي. اڳي جڏهن موڪي پوک ڪانه ٿيندي هئي، تڏهن واهه درياء ۾ چاڙهه جي ٽاڻي تي وهي ايندا هئا، هاري وڃي هڪ هڪ ڪسي، ڪڙئي ۽ واهه جي کاٽي کڻندا هئا ته پاڻي بنا روڪ جي وهي، منڍ کان پوڇڙ تائين هڪ ترڇو وهي، جڏهن پاڻي وهندو هو ته انهن واهڙن جا ڪپر آلا ٿي ويندا هئا ۽ درياءَ جون ننڍيون ننڍيون مڇيون به واهه ۾ وهي اينديون هيون. کاڌو ته ڌڻي ٻاجهارو سڀ ڪنهن ساهه واري کي رسائي ٿو. انهن مڇين جي کاڌي لاءِ به مالڪ سائين ڪونه ڪو بلو ڪري ٿو. انهن واهن جي ڪپرن سان هڪڙا ننڍا مگر موٽا موٽا ڪيڙا (سانپا) جنم وٺندا آهن ۽ ڪونئري آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري رهندا آهن، مڇين کي اهي کائڻ ۾ ڏاڍا وڻندا آهن. ماڻهوءَ کي ته ڌڻي پاڪ ڏاهو بنايو آهي، جو سڀ شيءِ مان ڪونه ڪو ڪم وٺي ئي وٺي ٿو. ننڍا ڇوڪرا مڇي ڦاسائڻ لاءِ اهي ڪيڙا کوٽي ڪڍي، هڪ لوهه جي ڪُنڍيءَ ۾ وجهي ان ڪُنڍي کي هڪ ڏور سان ٻڌي، پاڻيءَ ۾ اُڇليندا آهن ۽ انهيءَ ڏور جي پوڇڙيءَ کي پنهنجي هٿن ۾ سوگهو ڪري جهلي ويهندا آهن. پاڻيءَ جي وهڪري سبب ڪُنڍي ڏور سوڌي واهه جي سِير تائين وڃي پهچندي آهي. اهي ڪيڙا گهڻا ڪُنڍيءَ ۾ وجهي ساري ڪُنڍيءَ جو لوهه ڍڪي ڇڏبو آهي، انهيءَ کي ’ڳاهه‘ چئبو آهي. ننڍڙيون مڇيون ويچاريون جهڙوڪ ننڍا ڄرڪا، گندڻ، کڳا ۽ ٻيون ڪُرڙيون پيٽ پالڻ لاءِ جڏهن اهو ڳاهه ڏسي اچي ڪُنڍيءَ ۾ چڪ وجهنديون آهن ته ڪُنڍيءَ جي تکي نوڪ سندن ڄاڙين ۾ گهڙي ويندي آهي ۽ اِهي ڦاسي پوندين آهن ۽ وات ورائي ڪڍي نه سگهنديون آهن ۽ وٺي ڀڄڻ تي زور رکنديون آهن. ڇوڪرا تاڙيو ويٺا هوندا آهن ته ڪڏهن ٿي ڏور تڻڪجي ۽ رڙهي، ڇڪ ڏنائين ته سمجهي ويندا ته مڇي ڦاٿي آهي. پوءِ ته ٻنهي هٿن سان ڏور کي وٺي ڇڪيندا ۽ ريڙهي ريڙهي ڦاٿل مڇيءَ کي آڻي ڪپر تي ڪڍي ٻاهر ڪندا. مڇي ويچاري پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتي ته اُن جو انت آيو. ڦٿڪندي پئي ته ڇوڪرا پيا ٻهڪندا. اهو آهي ٺڳيءَ جو ڳاهه جنهن تي موهجي ويچارا پسون اچيو ساهه ڏين. لالچ ماڻهوءَ کان ڇا نٿي ڪرائي ۽ لالچ يا لوڀ ۾ اچي ماڻهو ڪيئن نه پنهنجو انت آڻي ٿو. ڳاهه، ڪُنڍي ۽ مڇيءَ مان ڏاهپ سکو ۽ هن ڏکئي ڏيهه ۾ سنڀالي پير رکو. لالچ ماڻهوءَ کي مارائيندڙ آهي. وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي پنهنجو پيٽ ڀريندي آهي. اهڙيون ننڍڙيون ڪرڙيون پاڻيءَ ۾ ئي ڇيهه کان گهڻيون پيون رهن، جي انهن تي ئي پورت ڪن ته ههڙو انت نه اچين؛ پر ڳاهه جي موهه ۾ اچي ان جي ڦندي ۾ ڦاسي ٿوري ويرم جي چسڪي لاءِ ڪريو ساهه ڏيو ڇڏين. + + +21- آرون +مڪڙيون ۽ تڏيون ته اوهان ڏٺيون هونديون؟ اوهان جي گهرن ۾ ڪڏهن ڪپڙن ۾ اچي پون، ڪڏهن اَٽي، چانورن ۽ ماني ٽِڪيءَ ۾، ڪڏهن ويڙهيل هندن ۽ رلين ۾، زيان به ڏاڍو ڪنديون آهن: ڪپڙا ٽُڪي ڇڏين؛ هندن جا ڳچ لاهي ڇڏين ۽ رڌڻن ۾ اچي پون ته کاڌو ڪِنو ڪري ڇڏين. اسين انهن کان بچڻ لاءِ فلٽون ٿا هڻون ته مري وڃن ته انهيءَ ڪِنَ ڇِن کان اسان کي ڪو ڇوٽڪارو ملي. آهي ته آر به ساڳئي وڻ جو ڇوڏو، ائين ئي ته ساڳئي ڪٽنب جو ڀاتي، پر اها مڪڙين ۽ تڏين وانگر زيان ڪانه ڪري. هن جي ويهڻ جي جاءِ ماڻهن جا گهر ڪين هوندا آهن، پر جهنگ جا وڻ هوندا آهن. ٻهراڙين جي گهرن ۾ به ماڻهو وڻ پوکيندا آهن ته پوءِ انهن وڻن ۾ به اچي واسو ڪن. آرن جو رؤنشو رات جو هوندو آهي. ڏينهن جو ٻڙڪ به ڪانه ٻولين، رات ٿي ته آرون پنهنجا آواز ڪڍڻ لڳنديون ۽ اهڙو ته هُل مچائينديون جو سارو جهنگ مٿي تي کڻي ڏينديون. سندن سُر، گيت ۽ راڳ بند ئي ڪونه ٿيندا. جيڪو ماڻهو گهڻو ڳالهائيندو آهي ته ان کي چوندا آهن ته ايترو ٿو ڳالهائين؟ آرون وانگيان مٿو به نٿو ڦاٽي پوئي؟ سچ پچ ته ڪيترين آرُن جو ٻوليندي ٻوليندي مٿو ڦاٽي پوندو آهي، ۽ مري به وينديون آهن. آهن هيڏڙيون پر پنهنجي آواز سان مٿي جو رت به پِي وينديون. مڪڙيون وڏيون ٿين، انهن کان ننڍيون تڏيون ٿين ۽ انهن ٻنهي کان ننڍيون هَوَ جيڏيون آرون ٿين، آرن جي ’رون رون‘ جي گلا ته ڪري ويٺاسين، پر انهن جي آواز تي گهاٽو ويچار ڪبو ته اهو به هڪڙيءَ مهل ۾ ڏاڍو وڻندو آهي. اها ڳالهه اهو ماڻهو سمجهندو جنهن کي ڪڏهن جهنگ ۾ رات پئي هوندي. جهنگ جڏهن سنسان هوندو آهي، چوڌاري ماٺ ئي ماٺ هوندي آهي. ماڻهو، مرون، پکي پکڻ جڏهن سڀ ڪاريءَ رات ۾ وڃي پنهنجي گهرن ۽ آکيرن ڀيڙا ٿيندا آهن ۽ ننڊ ۾ هوندا آهن، تڏهن اهي آرون ئي هونديون آهن، جن سان اڪيلو رڻ ۾ رات پيل ماڻهو ورونهن ونڊيندو آهي. ٻين جيون جا آواز ته بند ٿي ويندا آهن، باقي آرن جو هُل به بند ٿي وڃي ته جهنگ ويتر ڀيانڪ لڳي ۽ ماڻهوءَ جو ساهه ئي سيني ۾ مُنجهي پوي. اهڙي ٽاڻي اهي آرون ئي آهن، جن جو اڪيلي ماڻهوءَ کي سهارو ملي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته آءٌ به اڪيلو نه آهيان، پر ڪنهن وڳر سان ويٺو ريجهه رهاڻ ڪريان. اهڙي گهڙيءَ ۾ آرن جو سُر ۽ گيت اهڙا ته مٺا لڳندا آهن، جو دنيا جا سڀ گويا، ڳائڻا ۽ ڳائيندڙ اچي گڏ ڪجن ۽ اهي پنهنجي سازن سان مِٺا مِٺا آلاپ ڪڍن، ته به آرن سان برابري ڪري نه سگهندا. بس پرڀات ٿي نه آهي، سج ڪَني ڪڍي نه آهي ته آرون ائين گم ٿي وينديون، جيئن ”ڳئون جا مٿيان ڏند“، رات جي کپايل مٿي کي ڏينهن سارو آرام ڏينديون ۽ رات جو وري اهي ��اٽون اهي چُگهه، اُهي روهيون اُهي رنبا_ اها انڌي اهو جنڊ_ اهي ڏنڊا اهي ڪونڊا. +22- مينهن وساڙو +مُندائتا مينهن وسي اڃا بس ئي مس ڪندا ته اجهو مينهن وساڙن منهن ڪڍيو، جيت جنتر ڪيٽ ڪَنڌر ته اسان گهڻي ئي ڏٺا وائٺا، پر ههڙو پيارو جيت ٻيو ڪوبه پرٿويءَ تي ڪونه ٿيندو. ننڍڙو ٽنڊڻيءَ جيڏو، پر ڪٿي هن جو جوڀن، ڪٿي ڪاري ٽنڊڻي، مينهن وساڙو ڳاڙهو رتي رنگ جو، سندس کَل هوبهو ڳاڙهي بخمل جهڙي، هٿ لايوس ته پَٽَ ريشم تي آڱريون پيون، ڇُهي ڏسبو ته دل ٺري پوي ۽ نيڻ نرمل ٿي وڃن. ڏسيو پيو ڏسجيس. هٿ ۾ کڻوس ته پنهنجي ڪونئرين ننڍڙين ٽنگن سان اهڙو ته هوريان هوريان هلڻ شروع ڪندو، جو هٿ کي آسيس پئي ايندي. +ماڻهن کي ائين چوندو ٻڌبو آهي ته مينهن جو وسي ٿو، سو اهي مينهن وساڙا ئي وسائين ٿا. هيءَ به ساڳي ڳالهه آهي جو چوندا آهن ته تاڙي تنواريو ته ڄڻ مينهن کي سڏ ٿيو، اڻ گٿو ڪار ڪري اچي وسندو. مينهن ته الله سائين ٿو وسائي، پر تاڙن جو تنوارڻ ۽ مينهن وساڙي جو جنم وٺڻ، هڪيون تڪيون مينهن وسڻ جون نشانيون آهن. ٻارن ته مينهن وساڙا ڏٺا ته مزو ٿين، ويچارن کي ويندا پڪڙيندا ۽ گڏ ڪندا، پوءِ ڪنهن شيشي ۾ وجهي سانڍي رکي ڇڏيندس، جنهن ۾ پيا چُرندا پُرندا. کائين به ڪل نه آهي ته ڇا؟ ڏسڻ ۾ ته ڪجهه ڪونه اچي. جيئن هرڻ پاڻي ڪونه پيئي ۽ اندران ئي اندرا پاڻي ٺهي، جو کيس تازو رکي، ڪڏهن ٻارهين مهيني ڪو پلر جو پاڻي مليس ته پيئي، نه ته ٿيو ڀلو. چون ٿا ته هرڻ هيڏا جو ڇال ماري ٿو ۽ تکو ڊوڙي ٿو، سو به ان ڪري جو پاڻي ڪونه پِيئي، پاڻي پيئندڙ هجي ته ايترو ڊوڙي نه سگهي ۽ ساهه ڀرجي اچيس. ساڳيءَ ريت مينهن وساڙي کي به سٻاجهو سائين اندر ئي اندر کاڌو پڄائي ٿو، نه ته جيڪر جيئرو ڪين رهي سگهي. مينهن وسي پورا ٿيا ته ڄڻ مينهن وساڙي جو انت آيو، مڙئي مري ويندا، پوءِ پوٺن تان سيرن جا سير مينهن وساڙا کڻي ميڙ. +مئل مينهن وساڙا دوا دارن وانگي ڪم اچن. پسارين جي هٽن تي مينهن وساڙن جون ڳوٿريون ڀريون رکيون هونديون آهن، جي ويڄ وٺي، انهن مان سُتيون ڦڪيون ٺاهين. مينهن وساڙن مان چوندا آهن ته ڪُشتا ۽ ڪَک به جوڙين، جي مرداني ٻَرُ کي وڌائين. اهو ڪُشتو ملي به مهانگو، پر سگها ۽ شاهوڪار ماڻهو يا اِهي ماڻهو جي انهيءَ ڳالهه ۾ کوٽ ڀائين يا پاڻ کي نٻل ۽ نستو سمجهن، سي لاچار واپرائين ته انهن کي پڪ لاڀ پراپت ٿئي. ماڻهو هن جيت جو نالو به پاڻ تي رکن، جيئن ته چوندا آهن: ميان مينهن وساڙو خان. +ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي اُن سٻاجهي سائينءَ جي، جو ههڙيون مُلهائتيون شيون اُپائي، اسان کي بنا مُلهه جي ڏئي ٿو ۽ اسين انهن مان ڪيترا نه سک ماڻيون ٿا. اي ميان مينهن وساڙا، سنڌ تي شل سدا سانوڻ هجن ۽ تون سدا اسان جي پَٽن پوٺن تي شيل ڪندو ڏسجين؛ جو توکي ڏسي اسان جون اکيون ۽ دل ٺرندي. اسان جا ٻچڙا توکي پيار مان هٿن ۾ کڻي لوليون ڏين ۽ دل وندرائين. سچ پچ ته کڙکٻيتي جو تون وڏو ڀاءُ آهين. تون شال جيئرو هجين ۽ وڏي ڄمار ماڻين، پر پوءِ ڊپ اٿئون ته توکي سدائين ڏسي ڏسي سڪ نه پلجي وڃي، ان ڪري ڀلي ته تنهنجي سڪ ۾ هجون. +23- گهريتڙي +گهريتڙيءَ تي اهو نالو پيو ئي اُن ڪري آهي، جو هوءَ مِٽيءَ جو گهر ٺاهي، ان ۾ اندر رهندي آهي. هيءُ جيت به ڏسڻ سان تپرس وٺيو وڃي. هن جا به ٻه پاڙا ٿين ٿا. هڪڙي گهريتڙي ٿئي ننڍي هيڊي رنگ جي ۽ ٻي ٿئي وڏي ڳاڙهي رنگ جي. وڏي وڏا ڪم ڪري ۽ ننڍي هن کان ننڍا. سارو ڏينهن ڏسو ته وتنديون آلي مٽي ڳولينديون. جتي به هٿ آين، اتي پهچي وينديون. وات ۾ ذرو ذرو مِٽي کڻي، گهرن جي ڇتي�� ۾، ڪُنڊن پاسن ۾ اچي انهيءَ مٽيءَ سان گهر جوڙينديون. ورچن ته بنهه ڪين. مهينا لڳيو وڃن هڪ گهر ٺاهڻ ۾، پر جيسين اهو جوڙي راس نه ڪن، تيستائين ٿڪجن ئي ڪين. گهر ۾ اندر وري ڪوٺيون ڪوٺيون جوڙين ۽ هڪ هڪ ڪوٺيءَ جي مٿان هڪ ٽُنگ ڪڍن، جنهن مان اندر اچن وڃن. جڏهن گهر واري مِٽي سُڪي ٺوٺ ٿئي ته اهڙو ڏاڍو ٿي وڃي جو هٿ سان ته ڀڄي به نه سگهي، جڏهن ڪو پٿر يا مترڪو آڻجي تڏهن ڀڄي. جڏهن گهر راس ٿين ته ڳولا ڪن ڪينئن جي. ڪٿان ڪٿان وڃيو ڪينئان ڳولي اچن ۽ هڪ هڪ ڪري وات ۾ کڻي اچي پنهنجي گهر ۾ رکن. خدا جي جوڙ ته ڏسو! هي ڪينئان ڪجهه وقت کان پوءِ بدلجي گهريتڙين جي شڪل وٺن. نڪي لاهين آنا ۽ نڪي پيٽان ڄڻين. اهي ڪينئان گهڻو ڪري گاهه جا ڪينئان هوندا آهن، ڪِن ڪچري جي ڪينئن کي وات ئي نه وجهن. گهريتڙين جا گهر ڀڃي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن گهريتڙيون ٺهي راس ٿين ته اُڏامن ته باقي انهن ۾ ڪينئن جون کلون وڃي رهنديون آهن. ڪن ڄاڻن جو خيال آهي ته گهريتڙيون آنن مان ٻچا ٺاهين ۽ اهي ڪينئان پنهنجي ٻچن جي کاڌي لاءِ رکنديون آهن، جي تيسين اهي کائين، جيسين اُڏامڻ جهڙا ٿين. اها خدا کي سگهه مليل آهي ته ڪيئن ٿو ساهوارو جوڙي، سا هو ئي قدرت ٿو ڄاڻي. +گهريتڙين جي انهيءَ ڌنڌي کي ڏسندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. سندن گهر ٺاهڻ ۽ ڪينئان گڏ ڪري ٻچا ڪڍڻ، هڪ اهڙي ته انوکي ڪرت آهي جا ڏسي، جيترو گهريتڙيءَ جي پورهئي جي واکاڻ ڪجي اها ٿوري آهي. هنن گهريتڙين سان ڇوڪرا اهائي هلت ڪن، جيڪا ڀنڀورين سان، سڳو چيلهه ۾ ٻڌي ويچارين کي اُڏائين ۽ پنهنجن گهرن ۾وڃڻ ئي نه ڏين ۽ هو ڀون ڀون ڪنديون ڦرنديون رهن. +هنن جي وات ۾ ته الائجي ڪهڙي پاڻياٺ رکيل آهي جو سندن گهر ڪيترين اگهاين ۾ دارون ٿي ڪم ٿو اچي گهريتڙيءَ جي گهر جي مٽيءَ جو هڪڙو ٽڪر پاڻيءَ جي پيالي ۾ وڇير لکندا آهن ته اهو وڃي پيالي جو تر کڻندو آهي، پوءِ ان جي مٽيءَ جي اَڇ پاڻي کي جڏهن ميرانجهڙو ڪندي آهي ته اهو پاڻي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، اگهي ماڻهوءَ کي پياريندا آهن ته ڪيترين ئي اگهاين تي پوي ۽ اگهو چڱو ڀلو ٿيو پوي. جيئن ماکيءَ ۾ ماڻهوءَ لاءِ سگهائيءَ جو گُڻ رکيل آهي. اهڙيءَ ريت گهريتڙيءَ جي گهر جي مِٽيءَ ۾ به بيمار جي چڱڀلائيءَ جو ڳجهه سمايل آهي. +ٻاجهاري ۽ سگهاري ڌڻيءَ جي جوڙ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي. ڇا ڇا اُپايو اٿس ۽ ڇا ڇا انهن ۾ ماڻهن جي ڀلي ڪارڻ ڳجهه ڳڙيا اٿس. پکي به ڪکن مان آکيرا ٺاهين ٿا. سڀني ۾ چيهن جا آکيرا اسان جون اکيون کوليو ڇڏين ته ننڍڙن پکين ۾ به ڪيتري نه ڌڻي سڳوري سمجهه ۽ سياڻپ رکي آهي، پر واهه مائي گهريتڙي، تنهنجي گهر سان لڳي ئي ڪونه. هزار رازن ۽ ڪاريگرن جون ڪاريگريون تنهنجي سياڻپ تان ٻلهار وڃن! ککريون ۽ ماکيءَ جا مانارا به ڏٺا اٿئون، پر تنهنجو گهر پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. +24- ڦوٽو +ڦوٽو ته اسين ”الاچيءَ“ کي به چوندا آهيون، جو ٻوڙ، ڀاڄي ۽ پُلاءُ ۾ سرهاڻ لاءِ وجهبو آهي. هيءُ ڦوٽو، جنهن جو آءٌ ڳالهه ٿو ڪريان، ان کي ”حباب“ به ڪوٺيندا آهن. اهو ڦوٽو پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي، جو جڏهن مينهن وسن ته ڌرتيءَ تي گڏ ٿيل پاڻي يا واهڙن ۾ مينهن جي ڦڙن پوڻ ڪري ٺهي پوندو آهي. اڌ گول اک جي تاري (دوڏي) وانگر چمڪڻ لڳندو آهي. ٻار ته الله سائين جي هر ڪنهن انوکي جوڙ کي ڏسي مست ٿي ويندا آهن،. مينهن پون، ڦوٽا نڪرن ته بنهه چريا ٿي پون ۽ ڦوٽن کي هٿ لائڻ لاءِ آتا، پر اڃا هٿ لائين ئي لاين ته ڦوٽو ڦاٽي گم ٿيو وڃي. ڏاڍي مڙسي ڪري ان کي وٺن، پر اڃا هٿ جي آڱر ڇُهي ئي ڪونه، ته ڦوٽو گم. اهوئي سبب آهي جو ڪَوين ۽ سگهرن ��وٽي کي ماڻهوءَ جي ڄمار سان ڀيٽيو آهي. چي: ماڻهوءَ جي ڄمار ان ڦوٽي وانگر آهي. بس ايتري ٿوري. سؤ ورهيه ڄمار ٿئيس، ته به هڪ ڏينهن، انهيءَ ڦوٽي وانگر پنهنجي سؤ ورهين جي سونهن ۽ سينگار ڏيکاري، هڪ کن ۾ پورو ٿيو وڃي. +ڦوٽي مان اسان کي ڪهڙا ڪهڙا آدرش ملن ٿا: ماڻهو جو پاڻ کي ائين سمجهيو ويٺو آهي ته سونهن ۽ جواني موجن سان سدائين نيبهه هوندي، سا ڳالهه کوٽي آهي. ڏيئي جو تيل جڏهن کپي ويندو آهي ته ان جي ٻرندڙ وَٽ پڇاڙيءَ ۾ رڳو هڪڙو جهلڪو ڏيئي بس ٿي ويندي آهي ۽ سندس سوجهرو گم ٿي ويندو آهي. ساڳيءَ ريت ڦوٽو ويچارو، جنهن ۾ نه آهي تيل نه آهي وٽ، سو ته ويچارو هتان ڄمي ۽ هُتان اک ڇنڀ ۾ مري وڃي. ساڳيءَ ريت ماڻهوءَ جي ڄمار به سَپني وانگر آهي، جنهن ۾ اگهور ننڊ اندر ڇا جو ڇا ڏسجي ۽ اک کلي ته ڪوڙ جو مثل ڪوڙ. +پوءِ اي ڌڻيءَ جا سنواريل ماڻهو، ڇا تي ٿو هٺ وڏائي ڪرين ۽ ڀائين ٿو ته هن دنيا ۾ سدائين جيئرو رهندين ڇا؟ اڙي ڳهيلا، جو ٺِڪر گهڙيو آهي، سو ڀڄندو. اُگهاڙو ۽ هٿين ٺلهو آيو آهين ۽ ٻه- چار هٿ جوڙيءَ (ڪفن) جا ڍڪي، اگهاڙو ۽ ٺلهين هٿين هليو ويندين، ڄڻ ته ڄائين ڪونه. +ٻڌاءِ تو ۾ ۽ ڦوٽي ۾ ڪهڙو ڦيرو آهي؟ ڄمار سپنو نه آهي ته ڇا آهي؟ تون وتين ٿو ڌن گڏ ڪندو، ٺڳيون، ڪوڙ ۽ ڪپت ڪندو، اٻوجهن کي ڦريندو لُٽيندو ۽ ڏکوئيندو. نيٺ ته جنهن خدا وٽان آيو آهين، ان جي سامهون هلندين ۽ پنهنجي ڪرمن جي ڪهڙي وراڻي ڏيندين؟ جڏهن پڇاڻو ٿيندو، تڏهن ڇا ٻڌائيندين ته مون پنهنجي ٿوري دير جي ڄمار ڪهڙن ڪمن ۾ پوري ڪئي؟ ڪُڌايون ڪيون يا چڱايون؟ جنهن ڌڻيءَ اُپايو نپايو ۽ وڌايو ويجهايو، ان جي حڪمن جي ڪهڙي پوئواري ڪيم ۽ سندس موڪليل رسول صلعم جي ٻُڌايل واٽ تي پورو هليس يا هن ڪوڙي پرٿويءَ جي موهه ۾ اچي اهنڪار ۾ ڪاهي پيس ۽ هن ليکي جي ڏهاڙي (حشر) لاءِ ڪابه سمرٿي ڪٺي نه ڪيم. اڄ هت ٿوري گهڻي جو ليکو ٿيندو، تُراڙو ترندو، پڇاڻو ٿيندو ۽ ليکو چڪتو ٿي پنهنجي ڪِنن ڪرمن جي سيکت ملندم. +اي ڀليل ساٿي، هن ڦوٽي واري ڄمار تي تون ڇو ايترو ڀلجي ويو آهين! اهو ڪي ڪر جو ڏکي ڏينهن ڪم اچيئي ۽ مالڪ اڳيان مرڪندو رهين ۽ سرڳ ماڻين. +25- واچوڙو +ڪڏهن ته مهينن جا مهينا لنگهي وڃن ته واچورو پسجي ئي ڪونه. ڪڏهن ٿوري جهڪ يا واچ لڳي ته انهيءَ سَگهاري سائينءَ جي جوڙ ڏسو، واچوڙو اچي منهن ڪڍي! وڏن شهرن ۾ جتي وڏيون وڏيون جايون آهن، جن جي چوٽي آڪاس سان پئي گسي، اتي واچوڙا ڪونه لڳن، پر پوٺن ۽ ميدانن ۾ جتي ڌڌڙ ۽ ڌوڙ گهڻي هجي، اتي واچوڙا پنهنجو اڊنبر ڏيکارين. +ٻار اهڙن پوٺن تي راند روند ڪندا آهن ۽ اوچتو جو واچوڙو اچي ته ڪپڙن ۾ نه ماپن، ٻين کي به سڏ ڪن ته اڙي واچوڙو! اڙي واچوڙو! واچوڙو ڇو ٿو ٿئي؟ اهو ته سائنس جا ڄاڻو ٻڌائيندا، پر هنن ننڍي ٽهيءَ جي ٻارن جا واچوڙي لاءِ الڳ الڳ ويچار هوندا آهن. چوندا آهن ته واچوڙو جن اڏائيندا آهن. واچوڙي ۾ اندر جن هوندا آهن ۽ انهن جو وهانءُ هوندو آهي. واچوڙي جي اندر ڪو ڇوڪرو اچي ويو ته ان ڇوڪري کي جن کڻي حضرت سليمان عليه السلام پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي ويندا. ائين به آکيندا آهن ته واچوڙي ۾ جيڪڏهن جتيءَ جو موچڙو اڇلبو ته کارڪن ۽ پتاشن سان ڀرجي ويندو. آهي به سچ پچ ته الله جو ڳجهه. هوا ۽ مٽيءَ ۾ ڦيرو اچي ۽ گهڙيءَ کن ۾ مٽي گولائيءَ ۾ ڦرندي ڦرندي آڪاس تي چڙهي وڃي. سمجهي ڪونه سگهجي ته هي ڇا، واچوڙو ڦرندو ڦرندو ڪجهه پنڌ تائين تکو ويندو رهندو ۽ سگهو ئي پوروٿي ويندو. الاجي ته جن ڪاڏي ويا ۽ وهانوَ ڪٿي رهيا. +آهي ته واچوڙو به هوا ۽ واءُ جو جا��و. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ اهڙو گول گهيرو ٿئي ته ان کي ڪُن چون. واچوڙو ٿئي مٿي هوا ۾، ۽ مٽيءَ جو چڪر، ته ڪُن ٿئي پاڻيءَ جو چڪر جو پاڻيءَ ۾ اندر اونهو. شل نه ڪا ٻيڙي يا ٻي شيءِ ڪُن جي چڪر ۾ اچي ته سڄي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي ۽ ڪُن ڦرندو ڦرندو ان کي اهڙي ته اوڙاهه ۾ وڃي سٽيندو جتان وري ان شيءِ جون هريڙون به هٿ نه اچن. +واچوڙويا ڪُن هوندا آهن رڳو سوا گهڙيءَ جا کيل جي ڏٺي سرير کي سراپ وٺي وڃي ۽ وري به الله سائينءَ جي يادگيري اچي وڃي ته ڪهڙا ڪهڙا نه بن بنايا اٿس، جيڪا به شيءِ بنائي اٿس ان جو سِگهو يا دير سان انت پڪ آهي ته ايندو. رهندي وڃي سندس ذات جنهن کي پڇاڙي ڪانهي، سدائين رهڻ واري آهي. ٻيون شيون جي گهڙيون اٿس تن جي پڄاڻي اڻٽر آهي، تنهن ڪري اي ڌڻيءَ جا سچا ٻانها! الله سائينءَ جون اهي سياڻپ ۽ ڏاهپ جون شيون ڏسي انهيءَ کي پل پل سنڀار ته هن پرٿوي تي ۽ ايندي دنيا جون موچاريون لهين. +26- ڌٻڻ +ڌٻڻ مان ائين نه سمجهه ته آءٌ ڪو ڌرتي ڌٻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. هيءَ ڌٻڻ جنهن جي پچار ڪئي اٿم سا هڪ بُڇڙي بلا آهي، شل نه ڪو ان جي آور ۾ اچي، جي آيو ته وري نه موٽندو. ويوسو ويو. +جتي جتي پراڻا گهارا يا ڍورا هوندا آهن جي درياءَ جي اُتان ڇڏي وڃڻ سبب انهن جي وهڪرن جا پيٽ رهجي ويندا آهن، اتي انهن پيٽن ۾ ڪٿي ڪٿي ڌٻڻيون ٺهي پونديون آهن. ڌٻڻ ۾ پاڻي ڪونه هوندو آهي، پر رُکي گپ هوندي آهي، جنهن ڍوري جي پيٽ ۾ ڌٻڻ ٺهي پوندي اهي، سو ٽڪر ڏاڍو جوکائتو ۽ اونهو اوڙاهه هوندو آهي. هن ۾ ماڻهو ته ڇا پر ڪو اُٺ هاٿي اچي وڃي ته اهو به غرق ٿي ويندو، ڪيترا ماڻهو، جانور ۽ ٻيا سگهه وارا انهن جو بَک ٿي چڪا آهن. ڌٻڻ جي گپ به اهڙي ته چيڪي لِوَ واري هوندي آهي، جنهن کان خدا ڏئي پناهه! منجهس پير گتو ته اڀوئي اڀو هلندو ويندو هيٺ ۽ ماڻهو گپندو ويندو. جيئن جيئن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻندو، تيئن تيئن پنهنجي بار ۾ ويتر ويندو ڦاسندو. ڌٻڻ جي اونهائيءَ يا گهاٽائيءَ جو ته انت ئي ڪونه پوندو آهي ته هيٺ ڪٿي ٿي وڃي پوري ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اڳواٽ سُڌ هوندي ته هيءَ ڌٻڻ آهي ته اُڀي بيهڻ جي بدلي هڪدم ان گپ ۾ ليٽي پوندو آهي ۽ ليٽندو موٽندو ڦرندو گهرندو ليٿڙيون پائيندو ٻاهر نڪري اچي ته ٿي سگهي ٿو، نه ته پنهنجي زوربار ۾ سڌو بيٺو ته ويندس ڌٻڻ ڳهندي. پير اندر ويا ته ٽنگون ويون، جي ٽنگون ويون ته پيٽ ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڳچيءَ سوڌو گار ٿي ويندو ۽ نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو. هن جي بچاءَ جو به ڪو اُپاءُ ڪونه ٿئي. دانهون ڪندي ڪندي دانهن ڪوڪ به بس ٿي وينديس ۽ ڏسڻ وارا هاءِ هاءِ ڪندا ڏسندا رهندا، پر ڪير جو ويجهو وڃي ته پاڻ به بک ٿي وڃي. +هاڻي جتي جتي اهڙيون ڌٻڻيون اڃا آهن، اتي ڌٻڻ واري ٽڪر کي چوڌاري لوڙها ڏياري ڦٽا ڪيا اٿن، جيئن ڪوبه انهيءَ چُرَ ۾ پير نه رکي. ماڻهوءَ کي الله سائين سمجهه ۽ ٻُڌي ڏني آهي. هن جي اڳيان هن ڌرتيءَ تي سوين سمجهه جون سوکڙيون به اُپايون اٿس ته ڪيتريون ڪَٺن اهنجايون به اوساريون اٿس ته ماڻهو ٻنهي ڳالهين جي تور تڪ ڪري ته کيس سُڌ پوي ته ٻاجهاري ڌڻيءَ جا اسان تي ڪيترا ٿورا آهن. اسان کي رڳو سُرت کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جڏهن هن ڌرتيءَ تي هلجي، تڏهن آڪڙجي نه هلجي، پر سُرت ڌاري پير رکجي. هٺ سدائين مارائيندڙ آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته: +هٺ نه ڪجي هيترو، هٺ وڃايا وير، +ڪِري پيڙا ڪيترا، ماڙين مٿان مير، +هٺ ڪيرايا ڪيترا، توکان سُڌ سڌير، +پڙهيل پنڊت پير، کميا مان کٽي ويا. +27- شرم ٻوٽي +اوهان جو ڌيان گوشت جي ٻوٽيءَ ڏانهن وڃڻ نه کپي، جا اوهين مزي سان کائيندا آهيو. وڏن ٻوٽن کي ٻوٽا ۽ ننڍن ٻوٽن کي ٻوٽيون سڏيندا آهن. اهڙيون هزارين ٻوٽيون آهن، جي ٽڪرن ۽ ڏونگر، پوٺن تي اوڀر ڪنديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن کي سڃاڻن ۽ انهن جي گڻن ۽ ڪمائتي هجڻ جي سڌ اٿن، سي اهي ٻه_ ٽي ڳوڻيون ڀري وڃي سڪائين ۽ پوءِ اهي سُتين ڦڪين ۽ ڏوارن ۾ ڪم اچن. انهن ٻوٽين کي چون ئي جڙي ٻوٽيون. جڙي ٻوٽين سان جيڪو اگهن جو درمل ٿئي. سو ڊاڪٽري دوائن کان ڪنهن پر گهٽ ڪين آهي. رڳو انهن مان ڪم وٺڻ ۽ انهن کي سڃاڻن ته ڪهڙي ٻوٽي ڪهڙي اگهائيءَ لاءِ ڪمائتي آهي، اها سُرت هئڻ گهرجي. جس هجي پسارين کي جي اهي ڪک پن سڃاڻن ٿا. ويڄ ته چٺي لکي ڏيندا ته پَساريءَ کان وڃي هي ڪي هي ٻوٽيون وٺي پُڙيون ٺهرائي ڪاڙهي پيئو، بس. پوءِ پساريءَ وٽ وڃ ته اها چٺي پڙهي جهٽ کڻيو ڪري. اسان جيڪو تپ ۽ ٿڌ کان ڪاڙهو پيئندا آهيون، جنهن کي حڪيم منزج چون سو آهي ڇا؟ اهي ئي ڪک پن ۽ ٻوٽيون هونديون آهن، جهڙوڪ ست گلو، نيلوفر، گڻ ويل، وڏف، ٻهيڙا، آنورا، هريڙون، منڍيري، برگ يوسفي، مٺي ڪاٺي، ڪڙي ڪاٺي، ايريال، ڦودنو ۽ ٻيون اهڙيون سوين ٻوٽيون، ٻج ۽ پسار جون شيون. پساري به انهن جو جهڙو حافظ،. ڪاريءَ رات جو چوينس ته پنهنجي هٽ تان جن دٻن ۾ اهي ٻوٽيون هونديون، تن کي هٿ لائڻ ۽ سونگهڻ سان جهٽ ڪري ايندو. اهي ٻوٽيون ته ڪير پوکي ۽ نه ٻج وجهي نه پاڻي ڏئي، پاڻمرادو اُڀري پون. الله سائينءَ جي ڏنل ڏات آهي، جي ماڻهوءَ جي تن جي چاڪائيءَ لاءِ اُپايون اٿس. +هاڻي ڇڏيون ٿا انهيءَ قوت کي، اچون ٿا شرم ٻوٽيءَ تي، ڪڏهن ڪنهن ڦلواڙيءَ تي وڃو ته باغائيءَ کي چئو ته اسان کي شرم ٻوٽي ڏيکار، هو اوهان کي وٺي هلندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن گلن جي ڪونڊيءَ وٽ هلي اوهان کي بيهاريندو ۽ چوندو ته هيءَ اٿوَ شرم ٻوٽي. خبر اٿو ته هن ٻوٽيءَ تي اهو نالو ڇو پيو آهي؟ سچ پچ اها شرم واري ٻوٽي آهي ڇا؟ اها سُڌ اوهان کي تڏهن پوندي جڏهن اُن کي هٿ لائيندا يا ڇُهندا. اها ٻوٽي سائي سونهن ڀري ڪونڊيءَ ۾ ول وانگر پکڙي پئي هوندي آهي ۽ ان جا ڪومل پن کليا بيٺا هوندا آهن. جيڪڏهن ان جي ٻن- چئن پنن کي هٿ لاتو ۽ پنهنجي چپٽيءَ ۾ کڻي جهليو ته سُڌ اٿو ته ڇا ٿيندو؟ انهيءَ ٻوٽيءَ جا پن ويرم ۾ شرم کان ڪومائجي ويندا. مرد ماڻهوءَ جو هٿ لڳيس ته ڪومائجي وڃي، پر ڪنهن ننڍي نياڻيءَ يا ڪنواري ڇوڪري هٿ لائيس ته ڪجهه به منجهس ڦيرو نه اچي ۽ جهڙي سائي هوندي اهڙي پئي کِلندي. جيئن ڪابه ڪنواري نياڻي ڪنهن ڌارئي جو اوچتو هٿ لڳڻ سان ڦڪائيءَ ۾ ٻُڏي ويندي آهي، هن ٻوٽيءَ سان به ساڳي گَت آهي. +ڏسون ٿا ڌڻي ڪهڙيون ٿو جوڙن جوڙي، ماڻهوته شرم ۾ ٻڏي وڃي پر ٻوٽيون به ائين ڪن ڄڻ ته منجهس ڏسڻ جون اکيون ۽ سمجهڻ جي کوپڙي آهي ته هيءُ نر جو هٿ هو ۽ ناريءَ جو هٿ هو، سڀڪا ساراهه انهيءَ مالڪ کي جڳائي جو ڀانت ڀانت جون شيون اُپائي اسان کي اچرج وٺڻ لاءِ سامان ميسر ڪري ڏئي ٿو. + + +- رُڃ +رُڃ جو ڏيکاءُ به هڪ ڪوڙو ڏيکا آهي. پر ڏسڻ وارن جون اکيون ويساهه ڪري وينديون آهن، ته اٿاهه پاڻي پيو لهرون هڻي، جنهن ماڻهوءَ کي ڪل ڪانه هوندي ته رُڃ ڇا آهي ۽ ڪڏهن اهڙو رنگ نه ڏٺو هوندائين سو ته ڏسي تپرس ۾ پئجي ويندو ۽ مڃيندو ئي ڪين ته اهو ڪو پاڻي نه آهي، آهي رڃ به سج جي ڪرڻڻ جو جادو. رڻ پٽن ۽ ويڪرن پوٺن ۾ هيءُ ڏيک ڏسي سگهبو آهي، اهو ڏيک گهڻو ڪري ڌرتتيءَ جو ڏسبو آهي، جڏهن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي تکا پوندا آهن، رڻ جي ويجهو ماڻهو پيو لنگهندو ۽ هي رؤنشو ڏسندو ته دانهن ڪندو ته ”يارو پاڻي ڙي پاڻي“، پر پاڻي هوندو ته مورهين ڪونه آهي. ڀلا ڪير نه مڃي، رڳو بيٺل پاڻي هجي ۽ اڇ لڳي پئي هجي ته به ٻي ڳالهه اهي، هن ۾ ته لهرون پيون لڳنديون آهن ۽ سج کان تتل ميدانن تي اهي لهريون ڄڻ ته ناچ پيون ڪنديون آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر جي انهن پوٺن ۾ ڪو ننڍو ٻوٽو يا وڻ هوندو آهي ته ان جو پاڇو به چٽو ئي چٽو انهيءَ ڪوڙي پاڻيءَ ۾ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. +رُڃ جو ٻيو ڏيک هي به هوندو آهي ته ان ۾ هرڪا شيءِ وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پريان پريان رڻ ۾ ڪو ڇيڻو لٿل هوندو آهي ته ائين ڀانئبو آهي ته ڪا ننڍي ٽڪري آهي، ڪو ٻوٽو هوندو آهي ته وڏو وڻ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪو اُٺ پيو لنگهندو آهي ته ان جون ٽنگون ڊگهيون ڊگهيون ۽ چوٽي ڄڻڪ اُڀ سان پئي لڳندي آهي. اهي شيون ڪوهين پري هونديون پر ڀانئبو ته ويجهڙيون آهن. +ٽيون ڏيک رُڃ جو اهو به هوندو آهي ته جڏهن سج جا ڪرڻا ميدانن تي تکا ۽ آڏا پوندا آهن ته هرڪا شيءِ اُبتي پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو ڪم سڄو سج جي ڪرڻن جو آهي. جڏهن اهي ڌرتيءَ تي آڏا پون ٿا ته ڪرڻن جو جنسار ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي. +رُڃ هرڻن ويچارن لاءِ ته وڏو آزار آهي. هرڻ پاڻي پيئي ڪڏهن ڪڏهن سو جو هيترو پاڻي ڏسندو آهي ۽ ڪو ماڻهو جنهن جو ڊپ ٿئيس سو به نه ڏسي ته وڏا وڏا ڇال ماريندو پاڻيءَ پٺيان ڊوڙندو آهي، ڀائيندو ته اجهو ٿو پاڻيءَ کي رسان، ڊوڙندو ڊوڙندو ته پاڻي اڃا به اڳڀرو ڏيکائي ڏيندس، وري ڊوڙندو ته اڃا به اڳي. اهڙيءَ ريت ڪڏهن ته ويچارو رُڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پراڻ ڏيندو آهي، سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هرڻ وانگيان رُڃ جي ڏيک تي هرکجي نه وڃ ته مرڳو مرين نه!“ ساڳيءَ ريت ڏاهن اسان کي رُڃ مان اها سمجهاڻي ڏني آهي ته هن پرٿويءَ جو ڌن ۽ مايا ميڙڻ ائين آهي، جيئن هرڻ جو رُڃ ۾ پاڻيءَ پٺيان ڊوڙڻ، ان ڪري خدا کي ياد ڪر ۽ ان تي موهت نه ٿي، آخر ڄائو به اگهاڙو آهين ۽ ويندين به اگهاڙو. هتان ڪجهه به پاڻ سان کڻي نه ويندين، تنهنڪري هن ڪوڙيءَ جيوت تي بانور نه ڪر ۽ ڌن ميڙڻ جو لوڀ من مان ڪڍي ڇڏ. تون آهين هڪ مٽيءَ جو پتلو، مٽيءَ مان جڙيو آهين ۽ نيٺ مٽيءَ ۾ ويندين. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته: +ڪين آهين، ڪين ٿيندين، ڪين ڪو ڪارج ڪماءِ، +جو اچئي ڪم سُڀا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم. +29- انڊلٺ +ڌڻي جي جوڙن مان انڊلٺ به ماڻهوءَ جون اکيون کولي ٿي ڇڏي. انڊلٺ جڏهن نڪرندي آهي ته ان کي سٺ سنئوڻ سمجهيو ويندو آهي. سڀ هيج مان چوندا آهن ته هن مند ڏيهه ۾ سُڪار ٿيندو ۽ ويچارا اڀرا سڀرا ساهه پٽيندا. انڊلٺ اوهان گهڻو ڪري ڏٺي ته هوندي، اها مينهوڳيءَ جي مند ۾ نڪرندي آهي. جڏهن مينهن وسي بس ٿيندو آهي ۽ سج اک ڪڍندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انڊلٺ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جي سج هوندو آهي اُڀرندي پاسي ۽ وچ ۾ سنهيون سنهيون بوندون پونديون آهن ته اِنڊلٺ اُلهندي پاسي ڏسڻ ۾ اچي پر جي سج هجي اُلهندي ۽ وچ ۾ بوندون پون ته اِنڊلٺ نڪري اُڀرندي پاسي. هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ کوهه تان پاڻي پئي ڀريو، کوهه پڪين سرن جو ٺهيل هو، هڪ ڏس کان سج جي ڪرڻن ڪري کوهه جي پاسي تي اُس جو اُلو پئي پيو، کوهه جي وچ ۾ جو پاڻيءَ جا ٻوڪا پئي ڀريائين ته ان ۾ ڇنڊون پئي نڪتيون، اهي ڇنڊون سج جي ڪرڻن مان لنگهي هيٺ ٿي ڪريون ته کوهه جي ٻئي پاسي ڀت تي انڊلٺ نڪري آئي، هن اتي بيٺل سڀني کي سڏوسڏ مچائي ڏني. چي، اچي هي رؤنشو ته ڏسو، سڀ ڊوڙندا آيا ۽ ڏسي ڏندين اڱريون اچي وين. هن پاڻي ڀرڻ بند ڪيو ۽ ڇنڊون ڪِريون ته انڊلٺ گم ٿي ويئي_ هن پنهنجي گهر به وڃي اها ڳالهه ٻڌائي ۽ گهر جي وڏي چيس ته ابا بيهه ته مينهن وسن ۽ ڌڻي ڪري ته انڊلٺ نڪري، پوءِ ڏسج ته هن ۾ رنگ ڪيترا آهن_ انڊل�� ۾ مڙئي ست رنگ هوندا آهن (1) واڱڻائي (2) آسماني (3) بلو (4) سائو (5) پيلو (6) نارنگي (7) ڳاڙهو. ان مان چٽائي سان سمجهي وڃبو ته سج جي ڪرڻن ۾ به اهي ست رنگ آهن. کوهه ۾ ته انڊلٺ جهڙي هڪڙي ننڍڙي ڪمان ڏٺي هونديئي، پر سچي پچي انڊلٺ جا سانوڻ ۾ نڪرندي آهي سا آڪاش جي هڪ ڏس کان ٻئي ڏس تائين هڪ وڏي ڪمان يا وَنگَ وانگر هوندي آهي ۽ ست ئي رنگ سولائيءَ سان ڳڻي سگهبا آهن، جڏهن انڊلٺ نڪرندي آهي ته ننڍو وڏو گهر کان ٻاهر نڪري اچي اهو رؤنشو ڏسندو آهي ۽ ڌڻيءَ جي جوڙ جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪندو آهي_ انڊلٺ به ڌڻيءَ جي جوڙن مان هڪ انوکي جوڙ آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي ”رين بو“ ”مينهن جي ڪمان“ سڏين ۽ عربيءَ ۾ ان کي ”قوس قزح“ چون_ خدا کان سواءِ ڪنهن کي اهڙي ڏات يا سگهه آهي جو اهڙي وَنگ ٺاهي سگهي؟ انڊلٺ هڪ موري يا وڏيءَ پل وانگر هوندي آهي جنهن جي هيٺان هوند سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهو ۽ ٻيا ساهه وارا لنگهي وڃن. انڊلٺ جي بيهڪ به ٿوري ويرم لاءِ هوندي آهي. جيئن سنهيون سنهيون بوندون بس ٿينديون وينديون، تيئن انڊلٺ جا رنگ ۽ اها سڄي پل هوريان هوريان جهڪي ٿيندي ويندي آهي ۽ نيٺ ميٽجي ويندي آهي. +انڊلٺ جو ڏيک ويک به ڪهڙو ته من موهيندڙ آهي. ان کي ڏسندي ڏسندي ماڻهو ڍاپندو ئي نه ۽ ڀانئيندو آهي ته وري وري انڊلٺ نڪري ته ڏسندو رهان. اهي ئي ته الله سائين جا جوڙ ۽ جنسار آهن، جن اسان کي سندس هوند جو مڃيندڙ بنايو آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي: +اُڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو،. +سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، +سهڻي تارن سندي قطار، +جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. +30- سَن +لوڻ بنا سڀڪو کاڌو ڦڪو_ وات ۾ وجهه ته وڻي ئي نه، سڀڪو دانهن ڪندو ته اڙي ماني ڦڪي، يا ڀَت ڦِڪو يا ڀاڄي ڦِڪي. کاڌي ۾ پوي سا لوڻ جي چپٽي، نه ته ان کانسواءِ پئسا ئي پاڻيءَ ۾. اهڙي ڪمائتي شيءِ پر سستي وري ٻين سڀني شين کان. اهو لوڻ اچي ڪٿان ٿو سا به اوهان کي سڌ هوندي، لوڻ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) سامونڊي، (2) ڪالرو، (3) سينڌرو. سامونڊي لوڻ ته ڪراچي ڀرسان ماڙي پور ۾ ٺهي ٿو، جنهن لاءِ ٻاريون ٻڌل هونديون آهن ۽ انهن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي وڌو ويندو آهي، جنهن مان لوڻ ٺاهيندا آهن. ٻيو جيڪي ڪلراٺا پوٺا آهن تن تي مينهن پوي ته انهن پوٺن جي لوڻاٺيل زمين تي اڇو اڇو لوڻ جو ٻورو چڙهي پوي ۽ اهو ميڙي مڻ کڻي گڏ ڪجن، پر اهو لوڻ کاڌي ۾ گهڻو ڪري ڪم نه اچي ۽ نه وڪامي. ٽيون آهي سينڌرو لوڻ، اهو ڏاڍو ڪمائتو آهي ۽ اسين خوشي سان کاڌي ۾ وجهون ٿا. +سينڌرو لوڻ وري سَنُن يا لوڻ جي ڍنڍن ۾ ٺهي_ اسان جي سنڌ ۾ لوڻ جون ٻه ڍنڍون جن کي سنون به چئبو آهي، گهڻو مشهور آهن. هڪ ڏيپلي تعلقي ۾ جنهن کي سارڻ جي ڍنڍ چون ۽ ٻي کپري تعلقي ۾ جنهن کي ڍليار جي ڍنڍ چون. ڏيپلو تعلقو ڪڇ جي رڻ پٽ جي ويجهو آهي، ان ڪري ان ۾ لوڻ جون سنون گهڻيون ئي آهن. پر هڪ ته ننڍڙيون آهن ٻيو ته لوڻ جي ايتري گهرج ڪانهي جو انهن مان لوڻ کي کوٽي ڪڍجي. ان ڪري حڪومت رڳو مٿي ٻڌايل ٻن ڍنڍن تي جهل پل ڪئي آهي ۽ اتي پنهنجا آفيسر رکيا اٿن ۽ اتان لوڻ کڻڻ جي جهل آهي. +سنن جي ڏيک ويک جي سڌ انهن کي هوندي جن اهي وڃي اکين سان ڏٺيون هونديون. ڀٽن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي رڻ جي ويجهڙائي سبب اهي ڍنڍون ٺهي پيون آهن، جن ۾ پاڻي به اندران ئي اندران سمي نڪري ٿو. مٿين ڍنڍن جي ڳالهه ٻي آهي جن ۾ درياءَ جو مٺو پاڻي هٿرادو وڌو ويندو آهي. هتي ته خدائي جوڙ آهي. سارو ڏينهن ۽ رات هنن سنن جي پاڻيءَ مان ڦوٽن وانگر بڙڪ ڏيئي لوڻ نڪري ۽ پاڻ ۾ اهي بڙڪ گڏجي ٿلها ٿلها تهه ڄمي پون ۽ ڄڻ ته لوڻ جون ڇپون گڏ ٿيو وڃن. هڪڙيون ڇپون ڪڍو ته ٻئي ڏينهن ٻيون تيار_ ڪنهن انت ئي ڪونه لڌو آهي ته ڌرتيءَ ۾ اندر اهو لوڻ ڪٿي ٿو وڃي پورو ٿئي. پر ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، اهو لوڻ کڻڻ جو آهي ئي ڪونه. سڄي سن ته پنهنجي ماڳ تي رڳو هڪڙو ڍنڍ جو ٽڪر ئي سڄي ڄمار کوٽيندو رهجي ته ڏينهن کي پالي. ايترو لوڻ ڀلا وڃي به ڪيڏانهن. +هن سينڌرو لوڻ جا چاپوڙا کڻي هڪٻئي مٿان تهه ڪجن ته پاڻ ۾ چنبڙي وڏا وڏا پٿر ٺهيو پون. ۽ وري چنجورن کان سواءِ انهن کي کوٽي ۽ ڀڃي به نه سگهجي. هن کاتي جا ڄاڻو وري به هن لوڻ جي ڇپن کي سائنسي ڀيد سان ڌوئي ڌمالي اُجرو ڪندا آهن ته ماڻهن جي کاڌي جهڙو ٿئي ۽ ڪابه پيٽ جي اگهائي نه نسري. +منهنجا سنگتي! سَنُن جو وڃي ٿر ۾ درشن ڪريو ۽ ڌڻيءَ جي سگهه ڏسي ان جي ساراهه ڪريو ته اوهان جي جياپي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو اٿس! +31- ڄارو +آءٌ انهيءَ ڄاري جي ڳالهه ڪانه ٿو ڪريان، جيڪو اسين پنهنجن گهرن جي ڇتين ۽ پاسي ڪنڊن ۾ لڳل ڏسندا آهيون. هيءُ ڄارو هڪڙا جيت آهن، جي نِس پس مکين جهڙا آهن، پر آهن اهڙا سنها جو هڪ مک مان اهڙا ڏهه_ ويهه جيت ٺهن. مکين ۾ وڏين مکين کي مکا چئبو آهي. اهي به ساڳئي ڪٽنب جا آهن جهڙيون مکيون ۽ هيءُ ڄارو به ساڳي پريءَ جو آهي، ائين چئجي ته اهي به سنهيون سنهيون مکيون ئي آهن، پر آهن اهڙيون جي هڪ انچ جي ٽڪري ۾ جيڪر هڪ هزار کن ويهي وڃن. هن ڄاري جو اهنج مينهوڳيءَ کان پوءِ ٿيندو آهي ۽ اُٺن ۽ ٻئي مال لاءِ ڏاڍو ويل آهي. مال جي مٿان چمڙيءَ تي ويهي وڃن ۽ جهڳٽا ٺاهي مال جي کَل کي چڪي وڃن. مال ويچارو پنهنجن پڇن ۽ وڏن ڪنن سان ۽ ڪنڌ ۽ بُت ڌوڻڻ سان انهن کي هڪلڻ جا گهڻي ئي ڪي وس هلائيندو آهي، پر نڀاڳو ڄارو اُٿيو نه اُٿئي جهڙو، وري به ويهندو ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي. +مال وارا ماڻهو رات جي ٽاڻي سائو جهنگلي گاهه پٽي، مال جي اڳيان پٺيان ڍڳ ڪري، انهن جي دونهي دکائي ڇڏيندا آهن، بس اهو هڪ ئي رستو آهي ڄاري کي ڀڄائڻ جو، ان هوندي به ڄارو سمورو ته ڪونه ڀڄي، پر ڪجهه گهٽتائي ٿئي ۽ مال ويچارو رات سک سان ڪاٽي. +ٿر ۾ ته ڄاري جو ڏاڍو ويل هوندو آهي. مال جا وٿاڻ رات جو ڏسبو ته دونهي جا کورا هوندا آهن ۽ مال جا پُڇ ۽ ڪَن پيا هلندا آهن. ڄارو ڀڄائي ڏسبو آهي ته مال جي کَل تي ڄارو چَڪي چَڪي ڦٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڊپ وٺندو آهي ته ڪٿي مال کي ڪيئان نه پئجي وڃن. ڄاري جا جيت ڏسڻ ۾ ته ننڍڙا ايندا آهن، پر منجهائن ڇيهو وڏو ٿو رسي. بس سارو سانوڻ مال لاءِ ويل هوندو آهي. پٽن تان سائو گاهه سُڪو ۽ مينهن جي الاڻ مان ڇوٽڪارو مليو ته هن ڄاري مان به جند ڇٽي، نه ته هڪلي هڪلي ڪيترو هن نڀاڳي کي هڪلجي. خدا جي جوڙ آهي. ماڻهن جي پٺيان ته انيڪ ڏاکڙا بڇي ڇڏيا اٿس. پر ڇٽل ساهه وارا جانور به ڪين آهن. پر ماڻهو پنهنجي سمجهه هلائي سڀ ڪنهن ڳالهه جو اپاءَ ڪري سگهي ٿو، پر ويچارا ساهوارا ڇا ڪن؟ اهي وري به ماڻهن جي هٿ وس ٿين. ماڻهو انهن مان لاڀ به پرائين ٿا ته سندن سنڀال به ڪن ٿا. +هن مند ۾ ٿر ۾ اُٺن تي چڙهي پنڌ ڪبو وڃبو ته سوار تي به ڄارو ويهي ويندو آهي، پر ماڻهوءَ کي به هٿ آهن، سو ڄاري کي ڀڄائيندو رهندو آهي، ته به ٽوپلو هوندس ته يا خاڪي سوٽ ۽ ڪوٽ هوندس ته ان تي هنگي ڪارا ڪارا سنها چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، جن جي ڏسڻ سان بڇان وٺي ويندي آهي. +اوهان کي ڪڏهن وجهه ملي ته اهو ڄارو ڪنهن پر وڃي اکين ڏسو_ ڏسندؤ ته خدا جي جوڙ ۽ سگهه جي پروڙ پونديوَ. +32- ڏٻند +ننڍڙن ٻارن کي مٺاڻ گهڻو وڻندو آهي. مائٽ ويچارا مٺاڻ کائڻ کان روڪيندا آهن، پر ٻار سو نيٺ ٻار، سمجهه هجيس جو روڪڻ تي روڪجي سگهي. ان ڳالهه جو نيٺ انت اهو ٿيندو آهي، ج�� ٻارن کي هنگڻ ۾ سيڪيون پئجي وينديون آهن، جي سندن آنڊن مان نڪرنديون آهن. مائٽ ويچارا ڦڪيون سُتيون وجهندا اٿس ته اُهي سيڪيون پيٽ ۾ ئي مري وڃن ته ٻار ۾ لوچ پُوچ نه ٿئي ۽ ننڊ سٺي اچيس. اها ته ٿي ننڍڙن ٻارن جي ڳالهه، پر وڏن سان اڃا ئي هڪ وڏو هاڃو ٿيندو آهي. اهو هاڃو آهي ”ڏٻند“. توبهه گيسي! اهي ڏٻند ته وري پوريون بلائون آهن! ننڍا ڪيڙا هجن ته به ٺهيو. ننڍي ۾ ننڍا ڏٻند ٻه_ ٽي انچ ٿين ۽ وڏا ته فوٽ کن جيڏا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان کان به وڌ ڏٺا ويا آهن، جنهن کي ڏٻند پيٽ ۾ پون، اهو ويچارو ويندو آهي ڳرندو نجهرندو. کاڌو به ڪونه وڻيس ۽ ڪابه شيءِ چس ڪانه ڏئيس. پيٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو سور پويس جو ويچارو لڇندو رهندو آهي. پتو تڏهن پوندو جڏهن ٽوري ۾ ڪي ٻه_ چار ڏٻند نڪريو اچن. اهو رنگ ڏسي ويچاري اگهي جو ته ساهه ئي سڪي ويندو آهي، جو جيئريون جاڳنديون بلائون ٽوري ۾ پيون ڦٿڪنديون آهن، ويچارو دانهن ڪري اُٿندو آهي ته کيس نه چنبڙي وڃن ۽ اٿي کڙو ٿيندو آهي ۽ ٻاهر نڪري مٽن مائٽن کي ٻڌائيندو آهي، جي پاڻ ڏسڻ سان هراسجي ويندا آهن. +ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته اگهي جي دل ڪچي ٿيڻ لڳندي آهي ۽ اُلٽي ٿيندي اٿس ته ان ۾ ڏٻند نڪري ايندا آهن، جي اگهو ڏسي دانهن ڪري وٺي ڀڄندو آهي. نيٺ مٽ مائٽ وٺي کيس ڪنهن ويڄ يا ڊاڪٽر وٽ ويندا آهن، جو اگهي کي سخت جلاب ڏيندو آهي. بس پوءِ ته ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، سوين ننڍا وڏا ڏٻند دستن ۾ نڪريو اچن ٻاهر. اهڙيءَ ريت ٻه_ چار جلاب ڏيڻ سان ۽ ٻي دوا پيئڻ سان اگهو وڃي مس سگهو ٿيندو آهي ۽ ساهه پٽيندو آهي. بس ٿوريءَ دير ۾ سوين بلائون ڦٿڪنديون ڏسي ماڻهوءَ جو منهن هارجي ويندو آهي ۽ من ڏڪي ويندو آهي، پر ساڳيءَ مهل سرهو به ٿيندو آهي ته آزار لٿو. +ڏٻند به ٺهن سيڪين مان ئي ٿا، ان ڪري جڏهن ڏسجي ته سيڪيون گهڻيون ٿيون اچن ته دوا ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي، نه ته ڏٻند هيڻو ڪري ڇڏيندا ۽ ماڻهوءَ جو پيٽ وڌي پوندو ۽ وڌيڪ ڇيهو ٿي وڃڻ جو ڊپ آهي. +ماڻهوءَ جي پويان ڪيتريون نه بلائون لڳيون رهن ٿيون، پر آهي ماڻهو به نِرڄو، ڪريءَ کان پيو نٽائيندو ۽ مِٺيون مِٺيون شيون کائڻ جي پچر ئي ڪين ڇڏيندو. ڌڻي ٻاجهاري کي ساراهڻ کپي جو دُک ڏئي به ٿو لاهي به ٿو، نه ته ماڻهوءَ جي الائجي ڪهڙي گُت ٿئي. +33- ڀورُو ڪينئون +ڀورو ڪينئون به گاهه جي ڪينئن وانگيان واهن ۽ واهڙن جي ڪکن تي آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري انهن ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ انهن ۾ رهندو آهي. گاهه جا ڪينئان ننڍا هوندا آهن، پر ڀورا ڪينئان وڏا هوندا آهن. اٽڪل سارو چار پنج انچ هوندا آهن. اُس نڪرندي آهي ته هو به پنهنجي ٻرن مان نڪري ٻاهر ايندا آهن ۽ آلاڻ ڇڏي سوڪ تي رڙهڻ لاءِ ايندا آهن. اهڙا ته ڀيانڪ هوندا آهن جن کي ڏسي ڏرُ وٺي ويندو آهي، پر خدا جي جوڙ جو بت وري اهڙو ته ڪونئرو هوندو اٿن جو ڪنهن شيءِ سان رهڙجن ته اڌ ٿي پون. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جو مٿن پير اچي وڃي ته ٻه ٽڪر ٿي پون. اوهان تپرس ۾ پئجي ويندا ته جڏهن ان جا ٻه اڌ ٿي پوندا ته ٻئي اڌ وري به ائين هلڻ لڳندا جئين هڪ ڪينئون نه هو، پر هي ڪي ٻه ڪينئان هئا. +اوهان ڏٺو هوندو ته ڪڏهن اسان جي گهرن ۾ ڪا چچي ماربي آهي ۽ ان جو پڇ ٻئي بت کان جدا ٿي ويندو آهي ته چچي ته ڀڄي ويندي پر سندس پڇ ويچارو پيو ڦٿڪندو آهي. جيسين پڇ ۾ ساهه هوندو اٿس، تيسين پڇ ٽپا پيو کائيندو آهي. نيٺ مري پورو ٿي ويندو آهي ۽ ماڪوڙيون چڙهي وينديون اٿس ۽ کائي جشن ڪنديون آهن، پر واهه ڙي ڀورا ڪينئان_ تنهنجا اڌ ٿين، چوٿا ٿين يا ڏوهه ٽڪر ڪجن ته هڪڙو هڪڙو ٽڪر پنهنجي مٿي هڪ ننڍڙو ڪينئون بنجي پوي ۽ سُرندا رهن. ڀلي ته ڪيترا به ڀور ڀور ڪريون، پر تون مرين بنهه ڪين پر ساڳئي رنگ ڍنگ سان سُرندو رهين. ائين ٿو ڀانئجي ته هن ڪينئي ۾ هڪڙو ساهه نه آهي، پر ڪي انيڪ ساهه آهن، جيترا ٻرن ۾ لڪي ويندا. +ڏٺو الله سائينءَ جي جوڙ ۽ سگهه، جيئن گهري تيئن ڪري. ڇا ڇا نه جوڙيو اٿس. تڏهن به ڪي هن مالڪ سائين جي هجڻ ۾ ويساهه نٿا رکن، چون ٿا ته هيءُ جڳ هيءُ سنسار پاڻهي پيو هلي، ان جو جوڙڻ وارو ڪوبه ڪونهي. سڀ پاڻهي ڄمن پاڻهي مرن، پاڻهي کاڌو ملين، ڪوبه کاڌو پهچائڻ وارو ڪونهي. سڀڪجهه پاڻهي پيو ٿئي. اُپائيندڙ ۽ پاليندڙ آهي ئي ڪونه. هي هزارين ساهه وارا پکي پکڻ، مڇيون منگر، ديو ڀوت، ماڻهو جن، جيت جنتر سڀ پاڻهي پيا هلن ۽ رهن. اها ڪهڙي نه انڌائي آهي، جڏهن هڪ ننڍڙي وٿ به ٺاهيندڙ کانس واءِ نٿي ٺهي سگهي ته هيءَ سڄي جوڙ سج چنڊ تارا، هوا باهه پاڻي جو ڪو ٺاهيندڙ ڪونهي! +34- ڄاهو +الله سائينءَ جي اُپايل ساهه وارن ۾ ڄاهو به هڪ تپرس ۾ وجهندڙ ساهوارو آهي. سندس بت تي کَل ڏسجي ڪانه، نه ڪو وار ئي ٿئيس. سڄو بُت تکن ڪارن ڪنڊن سان ڀريل هوندو اٿس. جي اُڀا ئي اُڀا بيٺل هوندا آهن، ڪير جو هٿ لائي سگهيس ته هٿ ئي ڦٽجي پويس. جهنگن ۾ گهڻو ڏسبو آهي. ڏينهن جو ٿورو نڪري پر رات جو نڪري ٿئي ٻاهر. سهائيءَ رات جو ته ڪوڏيو آهي. چانڊوڪيءَ ۾ ناچ به ڪري، جو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪوئي جهڙي ٻوٿي هوندي اٿس ۽ پير به گهڻو ڪري ان ئي جهڙا مليل اٿس. ٻوٿي ٻاهر ڪڍي، پيرن تي ڏاڍو تکو هلندو ۽ ڊوڙندو آهي. ماڻهوءَ تي اک پيس ته ٻوٿي ۽ پير لڪائي ڇڏيندو ۽ گول ٿي کينهوڙي وانگر ويڙهجي سيڙهجي مڪر ڪري پئجي رهندو ڄڻ ته ساهه ئي ڪونه اٿس، ڀلي ته ڪو اچي هٿ ۾ ڪنهن ڪپڙي يا ٻي شيءِ سان کڻيس، جيئن سندس هٿن ۾ ڪنڊا نه چُڀن. +نانگ جو ته ويري آهي. نانگ بلا ڏٺائين ته ڊوڙي وڃي ان جي پڇڙي پڪڙيندو ۽ اهڙو ته چڪ ۾ وٺندس جو ڇڏائي ڪونه سگهندو، پوءِ پاڻ ٻوٿي لڪائي ڇڏيندو ۽ نانگ کيس پنهنجي ٻوٿيءَ سان ڌڪ هڻندو ته جند ڇڏايان، پر ڪجهه به ڪونه ورندس. مورڳو ڌڪ هڻڻ سبب ڄاهي جي ڪنڊن سان ٻُوٿي ڦٽجي پونديس ۽ رت وهڻ لڳندس، جيئن پوءِ چڙ ۽ خارن ۾ ڌڪ هڻندو تيئن ويندو ڦٽبو، تان جو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو، جڏهن چَرڻ پَرڻ بند ٿيندس، تڏهن ڄاهو به سمجهي ويندو ته هاڻي مري ويو آهي يا پويان ساهه اٿس، پوءِ پڇڙيءَ کان ويندس کائيندو ۽ سڄو کائي ڳڙڪائي ويندو. +ڄاهي جي پنهنجي ٻوٿي اهڙي ته نرم ۽ نستي هوندي آهي جو ٻوٿيءَ ۾ ٿورو ئي ڌڪ لڳي ويو ته يڪدم مري پوندو. جهڙي طرح نانگ بلا کي بُت تي ڪيترائي ڌڪ هڻبا، رتورت ٿي ويندو مگر مرندو ڏکيو، پر ٻوٿيءَ تي هڪ ئي ڌڪ کيس پورو ڪري وجهندو. ساڳي گت ڄاهي جي ٿيندي آهي. چوندا آهن ته چورن مٿان مورپيا آهن. بلائن مٿان بلائون ڌڻيءَ اُپايون آهن، جي هڪ ٻئي کي ناس ڪريو ڇڏين نه ته انهن سان ماڻهو ڪٿي ٿو پڄي سگهي. چوندا آهن ته وڏي مڇي ننڍيءَ کي ڳهي ڇڏي. اهڙيءَ طرح پاڻيءَ ۾، هوا ۾ ڌرتيءَ تي ڪي لکين ڪروڙين ننڍا ننڍا جيت پيدا ڪيا اٿس، جن مان هڪڙا ٻين جو کاڄ آهن، ائين نه هجي ته ماڻهوءَ جو هن ڌرتيءَ تي رهڻ ئي ڏکيو ٿي پوي. +ڄاهو جنهن نه ڏٺو هجي سو ڀلائي ڪري ڪنهن به ريت ان جو درشن ڪري، ان کي هٿ لائي ڏسي ۽ ان جو چانڊوڪيءَ ۾ ناچ ڏسي. پڄي سگهيس ته هڪڙو لهر آڻي. ٻلي سمجهي ويندي اٿس ته هيءُ ساهه وارو آهي. ٻوٿي ڪڍندو ته ڀائيندي ته پڪڙي کائي وڃانس، پر هن جي بت تي چنبو هنيو نه اٿس ته ڪنڊن سان چنبو ڦٽجي پوندس ۽ ميائو ميائو ڪري وٺي پري ڀڄندي. ڪوئن لاءِ ٻلي ته ٻليءَ لاء�� ڄاهو، هڻ کڻ لڳي پئي آهي. +هي سڀ ڌڻيءَ جي سگهه جا رنگ روپ آهن، جن جي ڏسڻ سان سندس جوڙ ۽ ڀروسو پڪو ٿئي ٿو ۽ سندس هئڻ جو پرو پوي ٿو. اچو ته انهيءَ سٻاجهي سائينءَ کي وري ساراهيون ۽ ان جا ٿورا مڃيون، جنهن ماڻهوءَ کي ٻين سڀني ساهه وارن تي سگهه ڏني آهي. + + +- ڪُمُ +اوهان مان گهڻن ڪڇؤن ته ڏٺو هوندو. ڪڇؤن کي ڪُمُ به چوندا آهن ۽ ان جي ماديءَ کي ڪُمي چون. هيءُ ساهه وارو پاڻيءَ جو آهي ۽ نه ڌرتيءَ جو. پاڻيءَ ۾ ڪي اڻ ڳڻت ڪڇؤن هوندا آهن، جي ننڍيون ننڍيون مڇيون جهلي ڳڙڪائي ويندا آهن، اهو هنن جو وڻندڙ کاڌو آهي. ڪُمُ ۽ مڇيون ۽ ٻيا پاڻيءَ جا ساهه وارا هڪڙا ٻين کي نه کائين ته هوند سڄا سمنڊ پاڻيءَ بدران رڳي جيت ۽ مڇيون ٿي وڃن، پر ڌڻي سڳورو پنهنجا ڪم پاڻ ٿو ٺاهي. +جڏهن ڪڇؤن پاڻيءَ ۾ تري تري کائي پِي ڍؤ ڪري ٿڪبو آهي، تڏهن ڪناري تي نڪري اچي اُس جو تَو وٺندو آهي. ماڻهو ڪو ويجهو ويس ته دير ئي ڪانه ڪندو کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيندو پر جي ڪپر کان پرڀرو هوندو ته ڄاهي وانگر ڳچي کڻي اندر ڪندو ۽ چار پير به ڀيڙي وجهندو اندر ۽ پاڻ بڊ جي بڊ ٿي پئجي رهندو. بت جي مٿان جيڪو کيس ڌڻي سڳوري ڍڪ ڏنو آهي، ان کي سپر چئجي ته جڳائي. اها سپر اهڙي ته سخت آهي جو ڪاتيءَ يا ڪهاڙيءَ سان به وڍجي نه سگهي، لٺيون به بيٺا هڻوس ته مٿس ڪوبه نشان ڪونه ٿيندو. پر اندريان ڀاڱا هن جا به اهڙا ته ڪونئرا ٿين، جو ٿوري ئي ڌڪ سان هيڏي ساري بلا ڦٿڪي کڻي ساهه ڏئي. +ڪڇؤنءَ جو پاڻيءَ ۾ هلڻ ته ريل گاڏيءَ جهڙو تکو، پر زمين تي پنهنجن چنبن سان ڏاڍو هوريان هوريان هلي ٿو سگهي. ٻارن کي به اچي مزو، سو ڀتر پٿر کڻي ويچاري کي بيهي چٽين، پر هن کي ٿئي ڪجهه به ڪين، ڄڻ نؤد ۾ سوئر لڳو، آخر جڏهن ترس اچين تڏهن هن کي ڪنهن رسيءَ يا نوڙيءَ سان ٻڌي وري ڳهيلي اچي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪنس. پاڻيءَ ۾ پيو نه آهي ته ٻوٿي ڪڍي اهڙو ته تڪڙو وٺي ترندو جو ڏسي تپرس ۾ پئجي وڃبو. مڇين جو پاڻيءَ ۾ ترڻ به هڪ وڻندڙ کيل آهي،پر ڪڇؤن جو ترڻ اڃا به وڌيڪ وڻندو آهي. واهه ڙي ڪُم واهه! ڌرتيءَ تي تنهنجو پير پٽ تي ڪونه ٿي ڄميو، پر پاڻيءَ ۾ ته گهڙڻ سان شينهن ٿيو وڃين. هجين ڌرتيءَ جو جيوُ ته توکي کڻي پاليون ۽ مال مليدا کارايون، پر ٻيلي تون آهين پاڻيءَ جو پونئرو، توکي ستائڻ مها پاپ آهي، ان ڪري اهو پاپ مٿي تي ڪين کڻبو. خدا ڪري ته تون سدائين پاڻيءَ ۾ ترندو، موجون ڪندو وتين ۽ توکي ڏسي اسين شل پيا سرها ٿيون. +ڪڇؤن ڪو پيٽ جي کائڻ جي شيءِ نه آهي، جو اسين کائون ۽ نه وري ڪا مڇي آهي جا سهنج سان واپرايون. هيءَ ته هڪ بلا آهي، جا پاڻيءَ جي رهاڪو آهي ۽ اتي ئي سونهي. +36- کيکڙو +کيکڙو به پاڻيءَ ۾ پلجندڙ ساهه وارو آهي. هن کي سرطان به چون. ڪُمُ يا ڪَڇؤن وڏو ٿئي، پر هيءُ ننڍڙو ڪڇؤن جي ٻچن جيڏو ٿئي. هن جا لڇڻ به ساڳيا ڪُمَ جهڙا. جڏهن پاڻيءَ ۾ تري ٿڪجي ته ڪپر تي نڪري اچي ۽ بُت سڪائي. ڪڇؤنءَ کي ٿين چار پير ۽ هن کي ٿين اَٺ پير. ڌرتيءَ تي هيءُ به ڪڇؤنءَ وانگر هوريان هلي. گانگٽن وانگر وڏيون مُڇون به ٿينس. سمنڊ جي ڪپر تي ڪئين کيکڙا ڏسبا ته ٻاهر نڪريو ويٺا هوندا. هيءُ نه آهي مڇي، جا کائجي ۽ نه آهي ڪا ٻي ماڻهنءَ جي واپرائڻ جي وَٿ! پر ڌڻيءَ سڳوري ته ڪابه شيءِ بنا لاڀ جي نه اوپائي آهي. هيءُ دوائن ۾ ڪم اچي. هڪڙي بيماري ماڻهوءَ کي اهڙي ته بڇڙي ٿيندي آهي، جنهن کي چون ئي سرطان جي اگهائي، ان بيماريءَ جو اڃا ته ڏوار ڳولي ڪونه ڪڍيو اٿن. جنهن کي ان بيماريءَ ورتو سو ويو. مُنهن تي هن بيماري ڪاهيو ته ڳلن جو ماس کائي ويندي. جي ڦڦڙن ۾ ٿي ته ڦڦڙ چٽ، وات مان کانگهاري رت پيو ايندو، جي ڪنهن ٻئي بت جي ڀاڱي تي هن يبماريءَ ديرو دمايو ته اهو ڀاڱو ناس، جي ڳلي يا نڙ گهٽ کي ورتائين ته نڙيءَ کان اندر پاڻي به ڪونه ويندو. هن اگهائيءَ جو نه دوا نه درمل. ماڻهو مرڻ لاءِ پيو سڪندو ۽ موت جا ڏهاڙا ڳڻيندو ته اڄ ڪي سڀان جو مزمان آهيان. +ڌڻي سڳوري جي سگهه نياري اهي،وِهه جو بلو به وِهه سان ٿئي. گرميءَ جو بلو گرم شين سان ۽ ٿڌ جو بلو ٿڌين شين سان. مٺاڻ کان ٿيل اگهائيءَ جو مٺاڻ سان ۽ ڪوڙاڻ يا کٽاڻ جي ڪري ٿيندڙ اگهاين جو علاج ڪوڙاڻ ۽ کٽين شين سان. بس سندس ڏاهپ ۽ سندس جوڙ آهي، جنهن جي ڪيتري ساراهه ڪري ڪيتري ڪجي. سرطان جي بيماري جنهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”ڪينسر“ چئبو آهي، ان جي ٻُڪي به انهيءَ سرطان يا کيکڙي مان ٺهي. +کيکڙو به ڌڻيءَ جي هڪ اهڙي جوڙ آهي جا ڪنهن پر به ڏسڻ کپي. جيڪڏهن اوهان کيکڙو نه ڏٺو هجي ته پنهنجي ڪنهن وڏي مائٽ يا استاد سان ڪراچي وٺي وڄو ۽ سمنڊ جي ڪپر تي وڃي کيکڙن جو درشن ڪريو ته هي نڀاڳا ڪيترو نه بڇڙا ۽ ڊيڄاريندڙ آهن. ڪڏهن ڪڏهن آواز ڪن ته سندس آواز کيکڙاٽين وانگر هوندو اٿن. ڀانئجي ٿو ته سندن کيکڙاٽين تان ئي مٿن نالو کيکڙو پيو آهي. +اکين ڏٺي شيءِ ڪنن ٻڌيءَ کان گهڻو وڌيڪ ڄاڻ ڏئي ٿي. اوهان جيڪڏهن کيکڙي جي ڄاڻ گهرو ٿا ته اکين سان ڏسو ۽ خدا جي ساراهه ڪريو ته ڇا ڇا اُپايو اٿس ۽ هر ويل انهيءَ مالڪ جي اڳيان ڪنڌ نمايو. +37- چمڙو +چمڙا ته اسان جي گهرن ۾ ۽ ان جي آسپاس سدائين پيا ڦرن. رات جي ٽاڻي نڪرن ۽ ڏينهن سڄو پنهنجي ٻرڙن ۾ ستا ننڊون ڪن، ڇو ته ڏينهن جو تکي سوجهري تي سندن اکيون پٽجن ئي ڪونه. چمڙن کي ان ڪري ”شب پر“ به چون ۽ ”خفاش“ به ڪوٺين. شب پر جي معنيٰ آهي رات جو اُڏامندڙ، چمڙو آهي ته جهڙو پکي، پر ٻين پکين ۽ هن ۾ گهڻو ويڇو آهي. ڪنهن به پکيءَ کي ڏند ڪونه ٿين، پر هن کي تکا ڏند هوندا آهن. هن جا پر به نرالا آهن. پکين جي پرن وانگر مٿن کنڀ ڪونه ٿين رڳو هڪ وکي جهڙي چمڙيءَ جا هوندا آهن، انهيءَ چمڙي جي ڪري ئي هن کي چمڙو سڏيو وڃي ٿو. چمڙا پکين سان پکي ۽ جانورن سان جانور آهن. ٻيا پکي به آنا لاهين ۽ انهن تي آرو ڪري ٻچا ڦوڙين، پر هيءُ ٻچا ڄڻي، جيئن جانور ڄڻين ۽ انهن کي ٿڃ به پياري. اسين اسڪولي ڪتابن ۾ هڪ آکاڻي پڙهندا هئاسين ته هڪ ڀيري جانور ۽ پکين جي اچي جنگ لڳي، چمڙي ڏٺو ته جانور سگهارا آهن ته انهن وٽ ويو ۽ چيائين ته آءٌ جانور آهيان، ڏسو منهنجي وات ۾ ڏند آهن، مون کي کنڀ به ڪونه آهن، آءٌ ٻچا ڄڻيان ۽ آنا ڪونه لاهيان. هي پير به اٿم، جن سان پٽ تي جانورن وانگر رڙهان به ٿو؛ تنهنڪري آءٌ اوهان جو ساٿي آهيان. وري جڏهن ڏٺائين ته پکي سرسي ڪري ويا آهن ته ڀڄي انهن وٽ آيو ۽ چيائين ته يار مان ته پکي آهيان. ڏسو هي پَر اٿم، انهن سان اُڏامان ٿو ۽ ڏرن يا وٿاڻن ۾ ڪونه رهان، اوهان وانگر ڀتين ڇتين جي ٻرن ۾ آکيرا ٺاهي رهان. آءٌ ته اوهان جو ساٿي آهيان، پوءِ ٿيو ڇا جو جانورن ۽ پکين جا متڀيد لهي ويا ۽ پاڻ ٺاهه ٿي وين، هاڻي چمڙو ڪيڏانهن وڃي_ ويو جانورن وٽ ته انهن ڊوڙائي ڪڍيس ته تون پکي آهين،. وڃ پکين وٽ_ آيو پکين وٽ ته انهن ڌڪاري ڪڍيس ته تون جانور آهين، وڃ انهن وٽ. ائين ٻنهي جڳن مان ويو. +چمڙي لاءِ چوندا آهن ته ڪنهن کي چَڪ هڻي چنبڙي پوي ته جيسين ڪارو گڏهه هينگ نه ڏئي، تيسين چڪ نه ڪڍي. اها آهي رڳي هڪڙي ڳالهه، پر ائين ته برابر آهي ته چمڙو چُهٽو ته جند ڏکي ڇڏائبي. پهاڪو ڏيندا آهن ته ”تون ته جنهن کي ٿو وٺين، ان کي چمڙي وانگر چهٽيو وڃين.“ +چمڙو ڏسڻ ۾ به ڏاڍو بڇڙو هوندو آهي ۽ بُڇان پئي لڳندي آهي، پر آهي ته اها به ڌڻيءَ جي جوڙ. ڪاريون ڦولڙيون لاهي، جن ۾ ڌپ ٿئي ۽ مُٽي به ڦڙو ڦڙو، سو به ذري ذري، ان ڪري ماڻهو چمڙي جي گهر هيٺان سمهن ئي ڪونه، نه ته هنڌ ٽپڙ ڪِن ڪري ڏيندن. +ٻار ته وري چمڙي جو به رؤنشو اُڏائين. شل ڪو اوچتو ڏينهن ڏٺي جو هيٺ نه ڪِري، اکيون هوندس بند، جهڙو بنهه انڌو_ پوءِ ته کڻي سرن ۽ لٺين سان اچي وٺندس ۽ ڪُٽي ڪندس سُڙد، جڏهن اڌ مُئو ٿيندو ته ڪنهن نوڙيءَ ۾ ٻڌي ٻلن ۽ ڪتن کان چيچلائي چيچلائي ماريندس. آهي اهو به هڪ وڏو پاپ، جنهن کان مائٽ ٻارن کي گهڻو ڪري روڪين، پر اهي ٻاڪرا ڦر ڪٿي ٿا رهن. چمڙو ويچارو کائي به ڪجهه ڪين، رڳو رات جو اُڏامندي، هوا ۾ اُڏامندڙ ننڍا ننڍا جيت جهٽي کائي. +ڳالهه جو وٺ ڳاٽو ته هي جيتامڙو به ڌڻي سڳوري جي جوڙ آهي. ان کي ڏسي، ان جي بناوت تي ويچار ڪري ۽ ڌڻيءَ جي ڏاهپ ۽ جوڙ کي ڏسي سندس ڳڻ ڳائجن ته ڪهڙيون ڪهڙين جوڙون جوڙيون اٿس. +”ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جي.“ (شاهه) +38- هرڻ +جانورن ۾ سهڻي ۾ سهڻو جانور هرڻ ليکيو ويندو آهي، سچ پچ ته آهي به ائين. بدن ناسي ڀورو، پيٽ اڇو،ڪن ڪنڍول، اکيون وڏيون ۽ ڪاريون، پُڇ ننڍڙو، ٽنگون سنهيون، وات بَري ٻڪريءَ جهڙو، ڇال اهي ڏئي جو ڏسڻ مان ڍؤ ڪونه ٿئي. سندس گوشت به ٻوڙ لاءِ نه، ته به پُلاءُ لاءِ ۽ سيخ لاءِ واهه جو سوادي ٿئي. رهي به پوٺن، ميدانن، رڻ پٽن ۽ ٿر جي ڀٽن ۾. سونهن به ساهه وارن جي دشمن آهي. بُلبُل کي ڏورو پيٽي وجهي، پڃري ۾ بند ڪن ۽ طوطي ۽ مينا سان به ساڳيو سلوڪ ڪن، سو رڳو ان ڪري جو اهي سهڻا آهن، پر ويچاري هرڻ سان ته وڏو ويل آهي. شڪاري سندس شڪار لاءِ بندوقون کڻيو ڦريو اچن ۽ نيٺ ويچاري کي گوليءَ سان ڪيرائي ڪنڌ تي ڪاتي ڏيئي کڻي وڃي پنهنجو پيٽ ڀرين. گولي لڳڻ مهل جا ڪيڪَ هرڻ يا هرڻي ڪندي آهي، تنهن جي ٻڌڻ سان وار ئي ڪانڊارجيو وڃن، ڇا سونهن جو انت اهو آهي؟ پرينءَ جي اکين کي مرگهه_ نين چئي ڀيٽ ڪن، پر سندس گت اِجها اها ٿا بڻائين. ننڍڙو هرڻيءَ جو ٻچڙو ڦاسائي، ماڻهو گهرن ۾ هيج ۽ پيار سان پاليندا به آهن، هو هِري مري ويندو آهي، جي هوندي آهي مادي ته ڦرڦلا به ڄڻي ڏئين، پر ٻڪريءَ وانگر سندس پڇاڙي اهائي ڪاتي ڪنڌ تي. +هرڻ جي کَل مان نماز جا مصلا يا جاءِ نماز ٺهن، فراسيون ٺهن، نتون (نطعون) ٺهن، سليپر ۽ سپاٽا ٺهن ۽ هندن جا ٻاوا ان جي کل تي ويهي تپسائون ڪن. اڄڪلهه هرڻ جي کَل مان بئگون به ٺاهين. کَل تي هٿ لائبو ته آسيس پئي ايندي ۽ من پيو ٺرندو. نيڻ پيا کلندا. هرڻ جو ڪٽنب به وڏو آهي. ڦاڙها، گڊ، سرنهن ۽ سانبر به هن ئي ڪِيڙ مان آهن، پر سڀني ۾ سهڻو هيءُ آهي. سڄي ڪٽنب جو الله واهي آهي، سڀئي شڪار ٿين ۽ باهه تي سندن ماس پچي. ماڻهو به ڪهڙو نه ڪُڪَرمي آهي. ويچارن بي ڏوهه ساهه وارن تي ڪهل ئي ڪانه اچيس. +کائي ويچارو جهنگ جو سائو گاهه نه ڪنهن کي ڏئي نه ڏکوئي. پاڻي ته ٻارهن مهينن ۾ هڪ_ ٻه گهمرو مليس ته ڀلو. اوهين چوندا ته ڇال هيڏا ٿو ڏئي، ڀڄي ڇو نٿو وڃي ته بندوقن کان بچي پوي. پر ادا، هرڻ ۾ هڪ اهڙي ڳالهه آهي جا کيس مارائي ٿي، اها ڳالهه هيءَ آهي ته هو ڇال ماري ٿورو پرڀرو وڃي وري بيهي پٺ تي نهاريندو آهي ۽ بندوق ٺا ٿي ويندي اٿس. اها بيهڻ جي هير نه هجيس ته سچ پچ مري ئي ڪونه. پاڻي گهڻو نٿو پيئي، ان مان ته اهو لاڀ مليس ٿو جو ڇال ڏئي تکو دوڙي ٿو سگهي. پاڻي پيئندڙ جانور نه ايترا ڇال ماري سگهندو ۽ نه اهو تکو دوڙي سگهندو، پر ماڻهو به سڀ کان ڏاهو آهي، هڪڙا پوندس پٺيان ۽ ٻيا ڦري ايندس اڳيا��_ هڪڙا هڪل ڪندس پٺيان ته هو ڊوڙندو اڳتي، جتي ويري اڳي ئي لڪا ويٺا هوندا آهن ۽ گولين جو وسڪارو لاهي ڏيندس. هرڻ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي، واهه واهه الهه سائين تنهنجي جوڙ! +39- گينگو +نالو ته ڏسو هن جيت جو ڪهڙو آهي، ٻڌڻ سان کل وٺيو وڃي، پر ڏسڻ سان کل نه ايندي. آهي ساڳيو ڀؤنر جهڙو، پر ان کان ٻيڻو وڏو. ڪارو جهڙو رُڏ. ڏامر جي به جاءِ ڪانهي. اڏامندو اهڙو زُوم سان آهي، جو شل نه ڪنهن جي منهن سان لڳي، ڄڻ ته سونٽو لڳي ويو. ڪم سندس بڇڙا، ڪو ماڻهو جهنگ جو خيال لاهي اُٿيو ته خبر به الاجي ڪيئن ٿي پويس. اجهي ٻه_ چار گينگا اچي پهتا، ڳجهن کي به ڊونر جي ڪل دير سان پوي پر هي آيو رهيو، گينگا ڪندا ڇا، جو پيل ميلي کي اچي لڳندا ۽ ذرو ذرو ڪري پنهنجي مٿي سان ان کي ليٽڙائيندا، ليٽائيندا ۽ ريڙهيندا کڻي پري هليا ويندا، پوءِ ته واريءَ ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ اندر کڻي ويندس ۽ وڃي پنهنجو کاڄ ڪندس. ٿوريءَ دير کان پوءِ ميلي واري هنڌ اچبو ته ڪجهه به ڪونه هوندو. گينگا سڀ لُٽي کڻي ويندا ۽ وڃي واريءَ اندر پوريندا. ان ڪري هن جيت کي چئبو ئي آهي ٿر جو ڀنگي، ڇو ته واري به گهڻي ٿر ۾ ۽ گينگا به گهڻا اُتي. +ڪم سو ڪِنو ڪن ٿا، مگر تماشو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ميلي کي ائين ڌڪيندا آهن، جيئن ڪو لوهه جي ڊرم کي ڦيريندو ريڙهيندو ويندو آهي. جلدي به اهڙي ڪن جو ڄڻڪ پٺيان ڪو ڪاهي پيو اٿن ۽ ڦري ٿو وڃين. ٿر ۾ ماڻهو جهنگ جو خيال لاهين وڃي جهنگ ۾. ڪکائن گهرن ۾ ڪاڪوس ڪونه ٿين. ان ڪري اتي جا ماڻهو چون ته اسان جي ٿر جا ڀنگي گينگا آهن، جن کي ميڙيءَ سيڙيءَ جي اجوري ڏيڻ جي به گهرج ڪانه پوي. بنا ڏوڪڙ جي اهو ڪم ڪن، جو شهر ۾ پئسن ڏيڻ کان سواءِ ٿي ڪونه سگهي. +آءٌ ته سڀني کي ائين چوندس ته ڪڏهن ٿر گهمڻ وڃو ته گينگن جو مجرو ڪيئن به ڪري ڏسجو. +40- ڪاترو +ٿر ۾ جڏهن سانوڻ جا وسڪارا ٿين ۽ گاهه ڦٽي چراگاهه ٺهي پون، تڏهن ڪاترو، جو هڪ ڪيڙو آهي سو لکن ڪروڙن جي ڳاڻيٽي ۾ جنم وٺي، جنهن به وڻ جي سائي پن تي ڏس ته ڪاترو ڪَر کڻيو ويٺو هوندو. هن جو هلڻ به نرالي ڍنگ جو آهي. هلندو سڌو پر ٻول مٿي کڻي اڌ اڀو ٿي ويندو. جهڙيءَ طرح انسان سمهي گوڏا مٿي ڪندو آهي، تيئن هيءُ وري پنهنجي پُٺ مٿي ڪندو، هلندو ويندو ۽ ائين ڪندو ويندو، ڇو ته هلڻ جو ڍنگ ئي اهو اٿس. بُت بوجارو ۽ ٻُوٿ ڳاڙهو. ڪاترو هڪ وڏي بلا آهي. منجهانئس لاڀ ته لاڀ جي ماڳ مورڳو ڇيهو، جنهن پن تي سُريو، ان کي کائيندو ويندو، جتان لنگهيو، اهو پن ئي پرڻ ڪري ڇڏيندو. اوهان ڏٺو هوندو ته هتي به پالڪ جا پن ڪڏهن ڪڏهن کاڌل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهو ڪم به ڪيڙن جو آهي، پر ڪاتري سان ڪير برميچي؟ نالوئي ڪاترو انڪري پيو اٿس جو هو پنن تان هلندو ويندو ۽ انهن کي ڪُتريندو ويندو آهي. ماڻهو انهن کي چونڊي ماري، سو ڪيترو ماري! هجن ڪي سؤ_ ٻه ته دير ئي ڪانه ڪجي، پر هيءُ ڪروڙن جي پلٽڻ، تنهن کي ڪير پڄي. ٿر جا ڪانوَ، جي ويچارا سڄو سال بکون ڪڍن، تن لاءِ سو چڱو کاڄ پيدا ٿي پوندو آهي. اهي ڪاترن جا استاد آهن، چونڊي چونڊي کائيندا اٿن. ٻارهن مهينن جو ڍؤ ڪندا آهن. ڪانون ۽ ڪٻرن کي ڪاترا مليا ته ٻي شئي ڏي لونڻو ڦيري ڏسندا به ڪين. ڪاترا سندن وڻندڙ کاڄ آهي. ڌڻي سڳوري جي ڏاهپ ۽ سگهه جي ڪهڙي پچار ڪجي. هڪڙن کي ٻين لاءِ کاڌو بنايو اٿس. بس سڄي ساراهه سائينءَ کي جڳائي! +41- سپيون ۽ ڪوڏيون +سپ به ڪڇؤن وانگر هڪ پاڻيءَ جو جانور آهي، پر ڪڇؤن جو ڪوبه مُلهه ڪونهي. ان جي ڀيٽ ۾ سِپَ تمام مُلهائتي شيءِ آهي. سندس بت تي جيڪا سپر چڙهيل هوندي آهي سا کير جهڙي اڇي هوندي آهي، جا ڏاڍي ڪم واري شيءِ آهي. سچي سپ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. دوائن ۾ ڪم اچي. ان مان ٻيڙا، ڪاتين ۽ ڪپن جا ڳن، ناس جون سونگڙيون ۽ ٻيا ڳهه ڳٽا جُڙن، جن کي ڏسي دل پيئي ٺرندي آهي. سپ جو خاڪو به موتين وانگر کرل ۾ پيهي ٺاهيو ويندو آهي، جو هينئين جي بيماريءَ لاءِ ڏاڍو ٻل ۽ سگهه وارو آهي. سچا موتي به انهيءَ سپ جي پيٽ مان ئي نڪرن ٿا. چون ٿا ته جڏهن مينهن پون، تڏهن سپ سمنڊ ۾ مينهن جي سڪايل هوندي آهي ۽ پاڻيءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي، مينهن جا ڦڙا وات ۾ جهٽيندي آهي ۽ جيترا ڦڙا جهٽيائين، اوترا موتي سندس پيٽ ۾ ٺهي پوندا. اهي سچا موتي سون رپين ۾ هڪ دُڪو ملن، جو خاڪو ڪري ان ۾ گلاب جو پاڻي ۽ مصري وجهي، اگها کائين ته سگها ٿي پون. سرنديءَ وارا ماڻهو ته موتين جو خاڪو کائين، پر اڻ هوند وارا سپ جو خاڪو واپرائين، جو سستو ٿئي. بس ڌڻي سڳوري جي جوڙ جو ڪهڙو وستار ڪجي؟ +آءٌ جن سپن جي ڳالهه ڪريان ٿو اهي سپون نه آهن، پر سپيون آهن. سمنڊ جي ڪناري تي جام ڏسبيون. ڪيتريون ميڙي ڪيتريون ميڙجن. سپيون، سُتيون، ڪوڏ ۽ ڪوڏيون ڳاڻيٽي کان ٻاهر سمنڊ جي ڪپر تي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. تپرس ۾ وجهندڙ ڳالهه ته اِها آهي، جو ڪن چيڪي مٽيءَ جي اڇن پٽن تي به ڪوڏيون، سُتيون ۽ ڪوڏ جام ٿين، جي مينهن وسڻ ڪري انهن پٽن تي پاڻمرادو نڪريو پون. مٿاڇري تي انهن جا ڪنا پيا ڏسبا. ٿوروئي کوٽڻ سان نڪري اينديون. ڀلي ته ڳوڻيون کڻي ڀر. اهي سپيون سمنڊ واري سپين کان ڪجهه ڪچيون هونديون آهن، پر ڪم ڏاڍو ڏين. سُتيون اسين چمچن وانگر ڪم آڻيون. ننڍن ٻارن جي کير پيارڻ لاءِ يا سُتي وجهڻ لاءِ يا ڊڀ دارون ٺاهڻ لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون آهن. +ڪوڏيون ته اوهان ڏٺيون هونديون. اڳي اسان جي ناڻي جي جدول ۾ هوندو هو ته چار چؤنڪ ڪوڏيون برابر پائي، ٽي پايون، پئسو، چار پئسا آنو، سورهن آنا رپيو. چون ٿا ته اجمير جي ميڙي تي ايترا ته پينو هوندا آهن، جو پايون پئسا ڏئي پوري پئجي نه سگهبو اهي. ان ڪري ڪوڏيون مٽائي کيسا ڀري کڻبا آهن ۽ ٻه_ تي ڪوڏيون هر هڪ فقير کي ڏبيون وڃبيون آهن. پوءِ اهي پينو وري دڪانن تي وڃي مٽائي پئسا ڪندا آهن. دڪان به ڪوڏين جي ڳوڻين سان ڀريا پيا هوندا آهن. ان کان سواءِ ڪوڏين سان ٻار راند به ڪندا آهن. انهن راندين مان چينهر- پسيءَ جي مکيه راند آهي. ڪي اڇيون ڪوڏيون، ڪي پيليون، جن کي سچليون ڪوڏيون چئبو آهي. ان کانسواءِ ٻهراڙين ۾ سچليون ڪوڏيون ويچاريون مايون پنهنجن گجنُ ۽ جُبن جي دامن تي ٽانڪي ڇڏينديون آهن ته اهڙي ڇم ڇم لائينديون آهن، جو سونا ڳهه به ڦڪا لڳن. پاڻي ڀرڻ لاءِ سينهيون به انهن ڪوڏين سان جڙي سينگارين. ٻيا به ڪيترا ڪم منجهانئن ورتا ويندا آهن. +باقي رهيا ڪوڏ، اهي به بلي بلي! اوٺار ۽ جت ماڻهو اهي ڪوڏ پنهنجي اُٺن جي جُهلن تي مڙهائين. ٿڙن ۽ تلن تي جَڙائين ۽ اُٺن جي ڳچين ۾ ڳانيون ٻڌن، تن تي به انهن جو جڙاءُ ڪن. تنهن وانگي اهي ڪوڏ اهڙي ته سونهن ۽ سوڀيا ڪن، جو ڇا کڻي چئجي. اهي بي مُلهيون وٿون ڪهڙا ڪهڙا ڪم ٿيون ڏين ۽ ماڻهو پنهنجي هنر سان انهن مان ڪهڙا ڪهڙا ڪم ٿو وٺي. بس ساراهه انهيءَ مالڪ سائينءَ جي آهي، جنهن اهي اُپايون آهن ۽ ماڻهوءَ جي لاڀ لاءِ اُپايون آهن. هنن شين جي ساراهه ڪجي يا انهيءَ ڌڻي سڳوري کي ساراهجي، جنهن اهي جوڙيون! +42- سؤپيري +سؤپيري به هڪ جيت آهي، ان کي سؤپيري ان ڪري چون، جو کيس سؤ پير ٿين. هڪڙيون سؤپيريون ويچاريون ننڍڙيون جيتامڙيون ٿين، جي واهن ۽ نهرن جي ڪپرن تي ٻين ڪيڙن وانگر ٿينديون آهن. انهن تي هر ڪنهن کي ٻاجهه پئي ايندي آهي. هٿ ۾ کڻب�� ته به ماٺ ڪري پيون سُرنديون. نه چڪ پائين نه دُک رسائين. انهن کي مارڻ به وڏو پاپ. ويچاريون جيتامڙيون پنهنجو منهن وٺيو پيون هلنديون. ڄمار به ٿوري ٿئين. پاڻي هٽيو ۽ سوڪ آئي ته پاڻهي موت اچي ويندن. +ٻيون سؤپيريون ڏاڍيون ڀوائتيون وڏيون بلائن جهڙيون هوندوين آهن، جي بلائن وانگر ٻِرن ۾ رهن ۽ زهريليون ٿين. چڪ پائين ته ڦٿڪائي رکن. بلا جهڙو ماريندڙ زهر ڪونه ٿئين، پر تڏهن به چڪ هڻڻ سان ساڙي رکن. اهڙي سؤپيري گهر جي ڪنهن ڪنڊڪڙڇ مان نڪتي ته ماڻهو مارڻ کان سواءِ ڪين ڇڏينس. مري به ڏاڍي ڏکي. ڪُٽي ڪُٽي وري ڪٽبس، تڏهن مس ساهه ڇڏيندي. توبهه کڻي ڪجي. ڏسڻ ۾ ئي ڏانئڻ جهڙي. ڊپ ۽ بُڇان پئي وٺندي. +سندس نالوئي سؤپيري آهي. مون سندس پير ڳڻي ڪونه ڏٺا آهن، پر اهي جن ڳڻڻ جي سگهه ساري آهي، سي چون ٿا ته پورا سؤ پير اٿس، نه گهٽ نه وڌ ڏسو ته الله سائينءَ جا ڪهڙي نه تپرس ۾ وجهندڙ جوڙجڪ آهن. انهي سائينءَ جي ڪيتري به ساراهه ڪجي ته ٿوري آهي. شال اسان کي ڌڻي سگهه ڏئي جو سندس نانءُ سدا اُچاريندا رهون ۽ گهڙي به نه وساريونس. + + +43- سونا گيڙو +ڪي ڳهيلا ماڻهو چوندا آهن ته ڌڻي سڳوري هي پربتون، پهاڙ ۽ ٽَڪريون ته الائجي ڇو ٺاهيون؟ اکيون پٽي ڏسن ته سڌ پوين ته انهن مان کين ڪهڙا ڪهڙا لاڀ پراپت ٿين ٿا. انهن جي پٿرن مان چُن جو پٿر، سيمنٽ جو پٿر، جاين ٺاهڻ جو پٿر ڪڪري، ريتي، بجري ۽ ٻيو ڇا ڇا نه ٿو ملي. انهن پربتن جي پاڙن ۾ کاڻيون ٿين، جن مان ميٽ، لوهه، ٽامون ۽ ٻيون گئسون ۽ سڀ کان وڌيڪ هيرا جواهر ملن ٿا، جن جي ڪري اسان جو ديس سائو ستابو ٿيو پوي. رڳو ماڻهوءَ ۾ اُدم ۽ اورچائي جو گُڻ هئڻ گهرجي ته سڀ ڪجهه ملي پوي. اهي ئي پربتون ته آهن، جنهن ڪري اسان کي پاڻي ملي ٿو، ملڪ جون نديون وهن ٿيون،.انهن پربتن تي برف پوي، جا سياري ۾ ڄمي پئي هجي ۽ اونهاري م تکي اُس هئڻ ڪري وٽڙي پاڻي ٿي مٿان ڪِري ۽ تکا گهارا بنجي وهي وڃي وڏين ڍنڍن ۾ پوي، جتان وڏا وڏا ڦاٽ وهي نڪرن ۽ نديون ٺاهين، جن جي پاڻيءَ تي اسين پوکون ڪري ان، گاهه، ڀاڄيون ۽ ڦل ڦول پوکيون. +آءٌ جڏهن هڪ دفعي ننگرپارڪر کان ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ تي هڪ ڳوٺ چوڙيئي ۽ ٻهرائي ڏي ٿي ويس، ته ننڍيون ننڍيون ڳاڙهيون ٽڪريون ڏسڻ ۾ آيون. اُٺ تان لهي جانچ ڪيم ته هي ڳاڙهيون ڇوآهن. ڏسان کڻي ته انهن جو پٿر سُڄ داءَ جو آهي. اهو داءُ وارو نرم پٿر ڪُٽي ڇاڻي اسين پنهنجي پڪين سرن وارين جاين کي اڇي پوچيءَ جي بدلي ڳاڙهي داءَ جو راڳو ڏيندا آهيون ته سرن واريون ڀتيون ويتر سونهن ڪنديون آهن. داءَ کان سواءِ هيٺ کوٽبو آهي ته ڪي تمام نرم ڳوڙها سونا گيڙوءَ جا به لڀي پوندا آهن، جي ڀورُ هوندا آهن. اهي ڳوڙها ته داءَ کان به وڌ ڪمائتا هوندا آهن. اهي اوهان کي ڏسڻا هجن ته سونارن وٽ وڃي ڏسو. سونارو ويچارو سون جا ڀلي ته ڪهڙا به سهڻا ڳهه ڳٺا ٺاهي، پر اهي ڦڪا هوندا آهن. ٺاهڻ کان پوءِ جيستائين انهن ڳهن کي سونا گيڙوءَ جي چَٽَ نه ڏئي تيستائين سون سونهن ئي نه ڪري. سون جي چمڪ ۽ ڌمڪ سوناگيڙو ئي وڌائيندو آهي. زالون مايون ته سون تي سدائين هرکيل هوندوين آهن، سو سوناگيڙو لڳل ڳهه ڏسن ته اصل چريون ٿيو پون. ڪڏهن ڪڏهن سندن زيورن تان سونا گيڙوءَ جو رنگ لهي وڃي ته وري ان ڳهه کي اوجر ڪرائين ۽ سوناگيڙوءَ جي چَٽَ ڏيارين، تڏهن وڃي سندن من ۽ اکيون ٺرن. انهيءَ پٿر جو نالو ئي رکيو اٿن سوناگيڙو. گيڙو، رنگ آهي ۽ اهو رنگ سون کي ڏيڻ لاءِ ئي ڪم اچي ٿو، ان ڪري چونس ئي سوناگيڙو. +هاڻي ٻڌايو ته آهي ڪا اهڙي شيءِ جا خدا نڪمي جوڙي هجي؟ ڌرتيءَ ۾، پاڻيءَ ۾، پهاڙن، اُڀ جي ڪڪرن ۾، سج چنڊ ۾ تارن ڪُتين ۾ ڪيئي خزانا لڪل آهن، جن تي ماڻهوءَ کي کپي ته ويچار ڪري انهن مان ڪمائتا ڪم وٺي. قرآن ۾ ته الله سائين چوي ٿو ته مون ڪابه شيءِ بنا ڪم جي جوڙي نه آهي. لوهه ۽ ٻيا ڌاتو اوهان لاءِ پيدا ڪيا آهن ته انهن مان اکيون کولي ڪم وٺو. هن پرٿويءَ تي جن به پنهنجي چڱي سوچ هلائي انهن مان انيڪ ڪم ورتا آهن، سي هن جڳت ۾ ڏاڍا سُکيا ستابا ٿي ويا آهن ۽ ٻيا سندن هٿ وسيڪ ٿي رهيا آهن. +44- ڪُتِ +مڇر به ڏاڍو نڀاڳو آهي، ماڻهوءَ جي ننڊ ۽ سک وهه ڪريو ڏيئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ٿو ڏنگ هڻي، جو سڄو بت ڊٻڙ ڊٻڙ ٿيو پوي. پر مڇر ۾ وري به هڪڙي چڱي ڳالهه آهي، جو نڀاڳو اچي ڪنن وٽ ڀون ڀون ڪندو ۽ سڌ پئجي ويندي ته ويري وريو آهي؛ پر هيءَ ڪُتِ ته اهڙي پِٽيل آهي، جو سُڌ نه سماءُ، چڪن سان ڇني ويندي. چوندا آهن ته ”انڌي جي مار، نه خبر نه چار“. هڪڙي بنهه سنهي، رڳو ٻه پَر مس ڏسڻ ۾ اچن؛ بُت ته ٺهيس ئي ڪونه. کڻي چئجي ته هڪ ٻُڙيءَ جيترو، ڇا سندس ڏيل ڇا بُت، پاڻ کان وڏا ڪم ڪري. بنهه ڇتي ٿيو پوي. نڪا ڏسڻ ۾ اچي، نڪا وٺ ڏيئي. مکين سان به پڄي وڃجي، مڇرن کان بچاءَ لاءِ کڻي مڇر ڄاري لڳائجي، پر هيءَ ڪِني ڪُتِ تنهن سان ڪيئن وڙهجي؟ سؤ مڇر ڄاريون لڳايو، پر ان مان به گهڙيو اندر اچي ۽ مورڳو ويل ٿيو وڃي. اندر گهڙي اچي ته ٻاهر پٽيءَ ڪين نڪري. چڪن جا جيئن جو تيئن جاوا ڪري. پهاڪو ڏيندا آهن ته ”ڪُتِ خلق مان اچي ڦاٿا آهيون.“ سو بروبر سچ چيو اٿن. ڏکڻهاري به هڪڙو چڪ وجهي وٺي ڀڄندي، پر هيءَ ڪميٽي ڪُتِ چڪن جو وارو لائي ڏيندي. هتان اُٿي هُتي، هتان اُٿي هُتي، ساري بت جو پسار پئي ڪندي. ڇا سندس وت ڇا بُت، وت کان ٻاهر پئي لڙائي ڪندي. جتي چڪ پاتائين، اتي رهڙ رهڙان پئي ڪبي، ته به ان جي چڪ جو سارو ڪين ويندو. الله الله ڪري اڇو ڏينهن ڪبو، تڏهن وڃي ڪا ڀرم ڀري ٿيندي. ڪلمو ڀري اُٿبو ۽ دل ۾ چئبو ته رات ته شل وري نه اچي، ڇو ته ڪُتِ ڪري ٿي رات جو جُلهَه. ڏينهن سڄو ڌڻي ڄاڻي ته ڪٿي وڃي ٿي لڪي، ڏسڻ ۾ ئي ڪانه اچي، جي ڏسجي ته هوند باهه ڏيئي ساڙجيس. ساري ڏينهن جا پورهيا ڪري ٿڪجي ٽٽي، رات جو ليٽي، ڀانئجي ته ننڊ ڪجي ته هيءَ ڪُتِ ڪٿي ٿي سمهڻ ڏئي، آءٌ ته ائين چوندس ته ڏکوئيندڙ جيتن جهڙوڪ ڏکڻهاري، ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مُنگهڻ، ڪارڙي، ڏنگَ، چيلاٽي ۽ ٻين سڀني کان وڌ ڪُتِ لُچي آهي، جا ڏيکائي ڪانه ڏئي لڪي چڪ هڻي. +45- کَنڀڙيون +مينهن وسندو ئي تڏهن آهي، جڏهن پهريائين رُگهون ۽ گهُٽون ٿينديون آهن، ٿوري وسڪار ٿئي ۽ مُنهن اونداهي مهل گهُٽ ٿئي، ته اجهي کَنڀڙيون آهن. الاءِ ڪٿان ٿيون اچن، اها ڪل ڪريم کي. سج لٿو، بتيون ٻريون ته هزارن سون جي سينا نڪري ٻاهر ٿيندي. بتين کي گهيري وينديون. ڪير جو بتيءَ اڳيان ويجهو وڃي؛ مُنهن ۾ پيون لڳنديون. وات نه شل ڪنهن جو کليل هجي ته وات ۾ گهڙي وينديون. ڀلا نڪ ڪيئن بند ڪري سگهجي، ته پوءِ ساهه ڪٿان کڻجي. کُنڀڙيون ته نڪ ۾ به گهڙيو پون. منهن تي، ڳچيءَ تي، ڏسو کڻي ته بت جو جيڪو به کليل ڀاڱو هوندو، ان تي پيون ڪِرنديون. لاچار ٿي ماڻهو ويچارا ڪجهه دير تائين بتيون ئي وسايو، اوندهه ڪريو سمهيو رهن. آخر اهو به ڪيستائين؟ ماڻهو ته وري سياڻو آهي، ڇا ڪندا آهن جو گينڊيون يا پاٽيون يا ٿالهه پاڻيءَ سان ڀري بتين جي هيٺان اهڙيءَ ريت کڻي رکندا آهن، جو بتيءَ جو پاڇو پاڻيءَ ۾ پوي. پوءِ ته کنڀڙيون ڀائينديون ته اها به ڪا بتي آهي، سو ٽپي پونديون پاڻيءَ ۾، پَرَ پُسيس ته مُئي. گهڙي کن ۾ پاٽ مئل کَنڀڙين سان ڀرجي وي��دي، ڇو ته کنڀ پسيس ته انت آيس. ماڻهو خدا کي ٻاڏائيندا ته هوا لڳاءِ ته هن مُٺيءَ مان جند ڇُٽي. ڏِيئي يا بتيءَ تي هي کنڀڙيون به پتنگن وانگيان موهت آهن. سوجهري تي موهت ٿي اچي مڙنديون. ڪي بتيءَ جي لاٽ يا ڪوسن بلبن سان لڳي ساهه ڏينديون ۽ ڪي وري پاڻيءَ ۾ ڦٿڪي مرنديون،. اهي سوا گهڙيءَ جو کيل، هوا لڳي ته کيل پورو ٿيو. الاجي ڪٿان آيون، ڪيڏانهن ويون. صبح جو ڏسبو ته کنڀ جدا، ڍڍر جدا ڍير لڳا پيا هوندا، جي ٻهاريءَ سان ميڙي ڪڍبا ٻاهر ۽ ائين ڀانئبو ته کنڀڙين جو ڪال آيو هو يا قيامت آئي هئي. +46- ڪونج +ڪونج پکي هڪ روهه جو پکي آهي، جو گذاري پهاڙي پٽن ۾_ ڳچي ڊگهي، آلاپ مٺو، سڄي سونهن هوندي آهي. ان ڪري ڪا سُهڻي زال هوندي آهي ته چوندا آهن ته بس ڪونج آهي. جي سندس ڳچي ڊگهي ٿي ته چوندا ڪونج جهڙي ڳچي اٿس. +اسان جي سنڌ ۾ جڏهن سارين جي پوک ٿئي، سارين مان سلا ڦٽن ته انهن کي چون ”ڪڪر“. اهي ڪڪر چار انچ کن اُسريا ته هاري پاڙن سوڌا پٽي موڙيون ٻڌندا. پوءِ جيڪا زمين سارين پوکڻ لاءِ تيار ڪئي هوندائون ته ٻه_ ٻه سلا سارين جا ريج ڪيل زمين جي گپ ۾ رُنبندا ويندا. انهيءَ ڪم کي چوندا آهن رونبو يا وئراج. سارين جي سلن جو رونبو سڌين اوڙن ۾ ڪندا آهن. وئراج جو ڪم پورو ٿيو ته ساريون اڀرڻ ۾ دير ڪونه ڪنديون ۽ جڏهن نسرنديون ۽ سنگ جهليائون ته سمجهو ته روهه ۾ نياپو پهچي ويو ۽ ڄڻ پڙهو گهمي ويو. پوءِ ڪونجڙيون ويچاريون سڄو سال سارين جون سڪايلون، پنهنجا پَرَ اڏامڻ لاءِ سوئينديون. هونءَ به پهاڪو آهي ته سڀ ڪنهن جنس جا پکي پنهنجي جنس سان گڏ اُڏامندا آهن ان وانگيان ڪونجڙيون ويچاريون پنهنجي وڳر ۽ ولر سان ئي اڏامن. ٻين پکين جي اڏام به وڻندي آهي، پر ڪونجون ڪير سڏائي. سنئين سڌين ٻارين ۾ اُڏامنديون ٻوليون ڪنديون لنگهنديون آهن ته ڏسي دل پئي ٺرندي آهي. ”ڪونجن قطارون“ ڪافين ۾ ڳايون وينديون آهن.ا ُڏامن به ٿي، ٻين پکين وانگر هيٺ ڪونه اُڏامن. پهرين ڪونج، جا سندن راڻي هوندي آهي، تنهن منهن ڦيريو ته سڀئي اهڙيءَ ريت ڦري وينديون جيئن سنئين ٻاريءَ کي ڪوبه جوکو نه رسي، ائين پيو ڀانئبو آهي ڄڻ ته هو پلٽڻ جو پلٿو سکيل آهن ۽ ڪنهن وڏي سالار کين سکيا ڏني آهي. پر سُڌ اٿوَ ته اهو سالار ڪير آهي؟ اهو سالارن جو سالار ڌڻي سڳورو آهي، جنهن هن ۾ اها ٻڌي پيدا ڪئي آهي. شل نه ڪا ڪونج سانگ ۾ مري وڃي ته سڀ ڪونجون ڌرتيءَ تي لهي اينديون ۽ چار گهڙيون اتي ويهي ڄڻڪ روڄ راڙو ڪنديون ۽ پٿر وجهي ويهنديون آهن. نيٺ روئي پٽي وري اٿي اُڏامنديون. +ڪونجون ڪوهن جا ڪوهه کنڀڙاٽيون هڻنديون، هيج مان مِٺيون ٻوليون ڪنديون نيٺ اچي سارين جي پوک ڀيڙيون ٿينديون ۽ رات جي ٽاڻي ڪنهن نه ڪنهن پوک تي اچي لهنديون. سارو سال سارين جون سڪايل ڪونجون ويچاريون ساريون کائي جشن ملهائينديون. وري هڪ هنڌ ويهي ڪنهن جو جهڳو جهڻ نه ڪنديون آهن. هڪ کيت ڀيٽي وري ٻئي کيت ڏي مُنهن ڪنديون ۽ ائين ڪندي ٻئي تان ٽئين تي ۽ ٽئين تان چوٿين تي وينديون ۽ اهو ٻارهين مهيني جو شيل ڪري سارين جي مند ڪاٽي وري پنهنجن ماڳن تي موٽنديون ۽ سڄو ورهيه وري نه ڏسبيون. الله سائين گهڻيي هن جڳ ۾ جوڙ ۽ جنسار اُپايا آهن، پر ڪونجن جو ڏيک ويک اهڙو ته پيارو ۽ دل کي سيبائيندڙ آهي، جنهن کي ڏسي ڪنهن اڀاڳي کي ڌڻي ياد نه ايندو. +ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، +پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو. +ڪيترن سگهڙن ۽ ڪويِن ڪونج تي گيت ۽ بيت به ٺاهيا آهن، جي دل لڀائي ٿا وٺن. اوهان کي انهن مان ڪي هٿ اچن ته ٻڌي سڻي پوءِ پاڻ مٺي سر ۽ آلاپ ۾ آلاپجو. ڏسجو متان ڪن ٽار ڪري ڇڏيو. +47- روهيڙو +ٿر جي بَرَ ۾ جتي واري ئي واري هوندي آهي، اتي ڪي جهنگلي ٻوٽا ٿين. مينهن پوي ته سوين گاهه ڦٽي نڪرن پر ڪي به ڪارائتا وڻ ڪونه ٿين. وڻن کي کپي ڏاڍي ڌرتي جنهن ۾ سوگهيون پاڙون هڻي سگهن. ان هوندي به اتي ڪنڊا، ڪونڀٽ، ڄاريون، کٻڙ، سِرِنگهُو، ڪانَهِه ۽ ڪرڙن جا وڻ ٿيندا آهن. ليار رڳو ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽَڪر تي ٿين. نم جا وڻ به ڪٿي ڪٿي ٿين. پارڪر ۾ چڱي ڳاڻيٽي ۾ ٿين. اتي ڪاٺي ڦينجهو ۽ ڇوڏو ڇينڀو وڍڻ جي ڪابه سرڪار ڪنان جهل پل ڪانهي. رڳو هڪ وڻ روهيڙو آهي، جنهن جي وڍڻ ۽ ڪپڻ کي ڏوهه ٺهرايو ويو آهي. ان جا ڪارڻ ٻه آهن: هڪ ته انهيءَ وڻ جو ڪاٺ تمام ڪمائتو آهي، ٻيو ته اهو وڻ ٿر ۾ تمام ٿورو آهي ۽ ٽيون ته اهو وڻ ٿر جي ڦلواڙي آهي. بسنت جي مند اچي ته هن وڻ ۾ پن ڦٽي پون. جهڙيءَ ريت هتي به بهار ۾ وڻن ۾ ڦوٽهڙو ٿئي،. اوهان کي سڌ آهي ته سڀني گاهن ۽ وڻڻ جا پن سائي رنگ جا ٿيندا آهن، پر روهيڙي جا پن ٻن رنگن جا هوندا آهن: هڪڙا ڳاڙها گلابي ۽ ٻيا پيلا هيڊي رنگ جهڙا. جڏهن روهيڙا پنن سان ڇانئجي ويندا آهن ته بس انهن کي ڏسيو ويٺو ڏسجي. مور ۽ ڊيلون ته مست ٿي روهيڙن جي ٽارين تي ويهي ميائو ميائو جي ڌن ٻڌي ڏينديون آهن ۽ سندن ڇانوَ به اهڙي سک سانت واري هوندي آهي، جو روهيڙي هيٺان گندي پکيڙي سمهي پئو ته ڄڻ ڀنگ جو نشو چڙهي ويو. پنن ۾ سڳنڌ ڪانه ٿئين نه ته وڏا وڏا ماڻهو به هوند وڃن. روهيڙو هتي ورلو ڪو ڏسجي نه ته هتي جا ماڻهو هوند گهمائي وٺنس ۽ وڍي لاهه به ڪڍي ڦٽا ڪنس ڇو جو هن جي ڪاٺي ڪمائتي آهي. +48- مور +جيئن جانورن ۾ هرڻ سهڻو آهي، تيئن پکين ۾ مور سان دنگ لڳو پيو آهي. چيها، قُمريون، بلبليون، ٻاٻيها يعني پپيها، چتون، مينائون، ڪاٺ_ ڪُٽا ۽ ٻيا ڪيترا پکي برابر سهڻا آهن،پر مور جو مٽ ڪونهي. ماڻهو ڪنهن پنهنجي پياري کي ڪڏهن به ڪونه چوندا ته منهنجا ٻاٻيها يا منهنجا چتون يا منهنجا بربلا يا منهنجا چيها؛ پر وڏي پيار سان پنهنجي پياري سنگتيءَ کي يا وڏي ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”حاضر منهنجا مور، اوهان جو حڪم اکين تي!“ اوهان ته ائين ئي ٻڌو هوندو ته مور باغن ۾ رهن، پر ائين نه آهي، ٿر جي برپٽ ۾ جتي ڪوبه ڦل ڦول ڪونه ٿئي، اُتي مورن جا ولر ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جنهن مَڙهي ۾ لهه ته مور پيا ٻوليندا. وري ڊيلون ته انهن کان به گهڻيون. جهوپائن ڳوٺڙن وارن گهرن جي ٻاهران. بنا ڊپ ڊاءَ جي ٻاهر ڇڏيل ڪچري ۾ ساڳين ڪڪڙين وانگر پيرن سان ٻوهر ڦولهي، ان مان ٻاجهريءَ جا داڻا پيون کائينديون. ڊيل اهڙي سهڻي نه ٿيندي آهي جهڙو مور. ساڳيءَ طرح ساهه وارن جي ٻين قسمن ۾ به نر ماديءَ کان سهڻو ٿيندو آهي_ جهڙوڪ ڪُڪُڙ، ڪُڪِڙ کان، جهرڪ جهرڪيءَ کان، ڏاند ڳئون کان، اُٺ ڏاچيءَ کان، هرڻ هرڻيءَ کان ۽ اهڙيءَ ريت ٻيا. هڪ ڳالهه آهي جو ماڻهن ۾ زالون چون ته اسين سهڻيون ۽ مرد چون ته اسين. زال ۽ مڙس جو پيارهوندو آهي ته زال مڙس کي چوندي آهي ته تون مون کان موچارو آهين ۽ مرد زال کي چوندو آهي ته نه، تون مون کان سونهن ۾ سرس آهين. +خير، مور جي ڳالهه ٿي ڪيم. ڏسو ته سندس کنڀ ڪهڙا ته سهڻا آهن. ڪهڙا ڪهڙا منجهن ڌڻيءَ سڳوري رنگ ڀريا آهن. ڳچي ڊگهي، چهنب وزنائتي، منهن ننڍڙو، ڳلن تي ٽڪيون. اهڙيءَ ريت پَرن تي به ٽڪيون. پر سڀ کان وڌ آهي سندس ڊگهو پُڇ، جو سندس ڊيل ڊول کي سهڻو بنائي ٿو. اوهان ڪڏهن مور جو ناچ ڏٺو آهي. ”سبحان الله!“ جڏهن پُڇ کنڊيري، پُڇ جا کَنڀ هڪ گولائيءَ ۾ مٿي ڪندو اهي ته ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. ماڻهو ڏسندي ڏ��ندي، بت بنجي ويندو آهي. ناچ ۾ نڪو ناچو پهچيس، نڪا ناچڻي، ائين پير کڻندو آهي ۽ جهمريون پائيندو آهي جو چئبو ته مور اهڙو ناچ ڪنهن هوشيارناچڻيءَ کان سکيو آهي ڇا؟ پر ناچڻي ڇاجي، اها ته هن کي خدا کان ڏات مليل آهي. اها ڳالهه به ٻڌي هوندوَ ته جڏهن پنهنجي ڊگهي ڳچي ورائي پاڻ کي ڏسندو آهي ته پنهنجي ٽنگن تي ڏک ڪندو آهي، جي ڪاريون هونديون اٿس ۽ اهڙيون سهڻيون نه هونديون اٿس، جهڙو ٻيو بُت. +ناچ ڪندي ڪندي، اکين مان ڳوڙها وهندا اٿس، جا ڊيل پنهنجي چُهنب ۾ وٺي ڳهي ويندي آهي. چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان ڊيل ’گرڀبي‘ آهي ۽ آنا لاهيندي آهي ۽ ٻچا ڄڻيندي آهي. جي اهي لڙڪ نه جهٽي ته آنو ڪونه لاهي ۽ ٻچو ڪونه ڦوڙي. سڀ ساراهه ڌڻيءَ کي جڳائي. اوهان مور ۽ ڊيلون شهرن ۾ به ڏٺا هوندا. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پيار سان پاليندا اٿن. مور جو پيار ماڻهن سان ۽ ماڻهن جو مور سان هوندو آهي. ان ڪري مور ماڻهن جي ويريءَ جو ڏاڍو ويري ٿئي. نانگ جي لاءِ ته بنهه اڻ کُٽيءَ جو موت آهي. اوهان اهو رؤنشو شايد نه ڏٺو هوندو. ٿر ۾ ته نانگ ۽ بلائون کوڙ آهن. مور ڪنهن وڻ تي ويٺو هوندو آهي. سندس ڏسڻ جي سگهه به تکي ٿئي. جي اوچتو مٿان، ڪنهن هيٺ هلندڙ نانگ تي اک پيس ته عقاب وانگر لُوهه ڪري هيٺ لهندو. عقاب ته چنبي سان شڪار ڪندو آهي، پر مور ڇا ڪندو جو نانگ جي پڇڙيءَ کي اچي چهنب ۾ جهليندو ۽ ان کي کڻي وٺي مٿي اڏامندو. نانگ ويچارو سڌوئي سڌو لٺ ٿيو لڙڪيو پيو هوندو ۽ وري سَري به ڪين سگهندو جو وڙهي. پوءِ مور ڇا ڪندو آهي جو نانگ کي وٺي ڦيرائيندو آهي. ڦيرائي ڦيرائي کڻي هيٺ سٽيندو اٿس ته اچي ڦهڪو ڪند. ڌڪ ڏاڍو ايندو اٿس ۽ هيٺ ڪِري وري وٺي ڀڄندو آهي، پر مور کان ڪٿي ٿو جند ڇڏائي. مور ٻيهربه اچي ساڻس ساڳي ڪار ڪندو. ائين پنج- ڇهه گهمرا هن کي مٿي کڻي ويندو ۽ هيٺ پيو سٽيندو. نيٺ نانگ جي ٻوٿي ڦٽجي پوندي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندو. واهه ڙي مور واهه! +مور هندن، جينن ۽ ٻين ڌرمن جي ماڻهن جو پوتر پکي آهي، جي ان جي پوڄا ڪندا آهن. مور جي پڇ جي کنڀن مان مورڇل ٺاهيا ويندا آهن، جي سيکَ ماهو گرو گرنٿ صاحب جي پستڪ تي ۽ ٻيا هندو گيتا جي پوتر پستڪ تي وڃڻي وانگر هوا ڪندا آهن. اسان مسلمان به مور جي کنڀن جي ٽڪين کي قرآن شريف ۾ سَنڌن (وَڍ) وانگر وجهي ڇڏيندا آهيون. مور جي کنڀن مان سهڻا ۽ سندر وڃڻا به ٺهن، جن جي هوا گرميءَ ۾ منهن ۽ بت تي لڳڻ سان آنند اچي ويندو آهي. ٻڌو سائين مور حلال به آهي، ان ڪري ڪيترا مسلمان ڪهي ٻوڙ رڌي کائيندا به آهن، پر ائين ٿورا ماڻهو ڪندا آهن. مون مور گهڻوکاڌو آهي،. گوشت بلڪل ڪڪڙ جهڙو اٿس. ٻوڙ رڌيو جي سُڌ نه هوندي ته ڀانئبو ته ڪڪڙ جو آهي. ٻنهي ڪڪڙ ۽ مور جي ماس ۾ ڀيد رڳو اهو آهي جو ڪڪڙ جو گوشت اڇو ۽ مور جو ڳاڙهو هوندو آهي. مور جون ڪهڙيون ڪهاڻيون ڪجن. +49- پونئرا +جڏهن کوهن جي سنڀال نه ڪبي آهي ته انهن ۾ اندر ڪاري گپ گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن ۾ ڌپ ٿي پوندي آهي. ائين ٿيو ته ان ۾ هڪڙا ننڍڙا ڪيڙا جن کي پونئرا چئبو آهي. سي جنم وٺندا آهن. اهي پونُئرا هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ هوندا آهن. کوهن جو پاڻي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، پوءِ جو ان پاڻيءَ ۾ اهي ڪيڙا پيا ۽ اهي ماڻهو جي پيٽ ويا ته اَگها نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ نيٺ پونُئرن جي ڪري دانهن ڪوڪ مچي ويندي ۽ سرڪار پنهنجا ماڻهو موڪليندي ته کوهن ۾ وڃي دوا وجهن ته اهي پونُئرا مري وڃن ۽ بيماري نه پکڙجي. اها دوا جيڪا پاڻيءَ ۾ وجهبي آهي، ان کي چوندا آهن ”پوٽيشنم پرمئگنيٽ.“ اها دوا ڳاڙهي رنگ جي ٿيندي آهي، ان ڪري کوهه ��و پاڻي به سڄو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، پر پيئڻ ۾ ڇيهو ڪونه رسائي. دوا نه ملي ته ٻيو بلو هيءُ آهي، پاڻي ڪاڙهي ۽ پوءِ ٺاري پيئڻ کان اڳ ان کي ڇاڻبو به آهي ته مئل پونئرا پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ نه وڃن، پر اهو ڪم سيڙپ ۽ ڏکيائيءَ جو آهي. پاڻي هر هرڪاڙهڻ، ٺارڻ ۽ ڇاڻڻ ۾ ڪيتري ئي دير ۽ گهِل ٿئي ٿي.ان ڪري دوا سان اهو ڪم سولو ٿو ٿئي. +ماڻهو پنهنجي گهرن جي مَٽَن دلِن کي به ڌوئن ڪونه، هڪڙي پاڻيءَ مٿان ٻيو وجهن. نيٺ ته دلن ۽ مٽن ۾ به پونُئرا پئجيو وڃن. نانواين جي هٿن تي ته گدلائي ڏاڍي هوندي آهي، جيڪو ايندو، سو گلاس يا ڪَرِي ٽُٻڙڪ ڪري کڻي مٽ ۾ وجهندو ۽ هٿ به پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندو. ان ڪري پاڻيءَ ۾ بانس به ٿيندي ۽ پؤنُئرا به پوندا. گهرن ۾ ٻار ٻچا به ائين ڪندا آهن. بس سٺائي سٿرائي نه رکڻ آهي پونُئرن کي نيند ڏيڻ ته اچو، اچي اسان جو ڪم لاهيو. ٿوري ئي ڍلائي ڪرڻ مان ڪيڏو نه اُگرو ڦل ٿو نڪري! اسان کي ان ڪري گهرجي ته پيئڻ جي پاڻيءَ وارين جاين جي سٿرائي صفائي رکون. کوهن جي ڀرسان ڪِن ڪچرو ۽ گپ چڪ نه ڪريون. کوهه ۾ جيڪو ٻوڪو يا لوٽو يا باردي يا دَٻو پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ وجهون، سو اڇو اجرو هجي ۽ گهرن ۾ به مٽ، دلا ڏهاڙي ڌوئجن. جي ائين نه ڪبو ته پونُئرا پيٽ ۾ وڃي خُلم ٻاريندا ۽ گهر وارن جا پيٽ وڌي پوندا ۽ پيٽ جي ڀرتي ٿي پوندن. پوءِ وڃي ويڄن جي ور چڙهندا، جي کين ڦُري ڪندا ڀينگيو. ڏسو ته ٿوري ڍل ڪيڏا نه وڏا ڇيها ٿي رسائي. پونُئرا اسان جا ويري آهن ۽ چوندا آهن ته ”ويري وڍيا ڀلا“، يعني مئا ڀلا آهن. اڳتي ڀلائي ڪري پنهنجي چڱڀلائي جو ڌيان رکجو. هن کان پوءِ ائين ڪندا ڪِ نه؟ آس اٿم ته هن کان پوءِ پنهنجي بچاءَ لاءِ پڪو پهه ڪندا. + + +50- چچڙ، ڄوا ۽ ٻگهيون +ماڻهو به هڪ نِرڄو ساهه وارو آهي ۽ سندس پٺيان ڌڻيءَ سڳوري ڪيئي بلائون بڇي ڇڏيون آهن. پر ڇٽل ٻيا ساهه وارا به ڪين آهن. ڪُتا ٻليون ۽ ٻيو مال به جيوڙن کان آجو ڪونهي. مال وندو ماڻهو به گهڻو اُلڪو ڪونه رکن. پنهنجي مال کي ڪڏهن وهنجاري اَڇو اُجرو ڪين ڪن. ورهين جا ورهيه لنگهي وڃن پر ويچارن کي هٿ به ڪونه لائين. نه وري انهن جا وٿاڻ سٿرا رکن. ڪتا، ٻلا ته ٿيا بي واها، پر جيڪي ڪتا ٻلا ڌارين، اهي اُنهن جي سنڀال سڙي به چڱيءَ پر نه وٺندا آهن. +اوهان ڪڏهن ڪڏهن ڏٺو هوندو ته مال ويچاري تي ٽن جيوڙن جي جُلهه هندي ئي هوندي آهي. انهن ۾ هڪڙا هوندا آهن چچڙ، اهي ننڍا ڳاڙها جيت هوندا آهن، جي سندن سڄي بت تي پر گهڻو ڪري ڳچيءَ تي چنبڙي ويندا آهن ۽ مال جي کل پٽي رت پيئندا آهن. سنڌي زبان ۾ چوڻي آهي ته ”تون چچڙ وانگي چُهٽي ٿو وڃين.“ سو سچي پچي ته چچڙ نڀاڳو آهي به اهڙو جو چُهٽو ته ڇڏي ڇو ٿو! +ٻي آپدا آهي ڄوا. هي به گول گول جيت آهي، جنهن جي کل رٻڙ جهڙي هوندي آهي. اهي به مال کي چهٽي انهن جو رت چوسيندا آهن. جهڙا ڊِڻا، ماريون ته ڪارو رت نڪري ايندن، جيڪو پيتو هوندائون. ڏاڍا ڪِنا هوندا آهن ۽ ڏٺي بڇان ئي وٺندي آهي. اهي به مال وندو هٿن سان پٽي ڪڍندا آهن. توبهه توبهه! +ٽيون ٿين ٻگهيون، اهي به مال تي ويهي وڃن ته اُٿن ئي ڪين. هڪلي هڪلي بيهو ته وري به ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي ويهنديون. انهن کي انگريزيءَ ۾ چوندا ئي آهن ”ڊاگ فلاءِ“ يعني ڪُتي جي مک. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ٻگهي ڪتي يا مال تان اٿي آئي ته ماڻهو تي به اچي ويهندي آهي. هڪليوس ته وري به ساڳيءَ جاءِ تي ويهندي، وٺڻ ته بنهه ڪين ڏئي. هڪڙي اٽڪل آهي جو هٿ ٻانهن يا پير تي ويهي ته هوريان هوريان بنان هٿ پير چورڻ جي ٻگهيءَ جي مٿان ٿوڪ ڏجي ته بنهه اُٿي ۽ اڏامي نه سگهندي، پوءِ هٿ سان ��ولائيءَ سان کڻي جهليوس ۽ ماري نپوڙي ڦٽو ڪيوس. ٻي ڪا واهه ڪانهي. +ٻگهي اهڙي ته نڀاڳي آهي، جو شال نه ڪنهن جي ڪَنَ ۾ گهڙي، ان ڪري جڏهن ٻگهي ڏسجي ته ڪنن جو بچاءَ ڪجي. ڪن ۾ ويئي ته ٻوڙو ڪري ماري وجهندي. +هنن ڀيانڪ جيتن کان بچڻ جو اُپاءُ آهي سٺائي يا اُجلائي. ڏسو ته سٺائيءَ ۽ سٿرائيءَ ۾ ڪيڏو نه لاڀ آهي. ماڻهوءَ لاءِ وهنجڻ سنهجڻ، ڪپڙا اُجرا رکڻ ڏاڍي سُٺي ڳالهه آهي. ان ڪري اُجرائي لاءِ حديثن ۾ آيو آهي ته ”صفائي ايمان آهي.“ بت تي مٽي چڙهي ته چمڙيءَ جا سنها ٽنگ بند ٿي ويندا. پگهر، جو هڪ وِهه آهي سو ڪونه نڪرندو. بت ۾ ڪِني بانس ٿيندي ڀر ۾ ڪو بيهڻ به ڪين ڏيندو. اسان کي کپي ته اجرائيءَ جو ڌيان رکون. ننڍڙن ٻارن کي روز وهنجاريون ۽ انهن جا لٽا مٽايون. سٺائي سٿرائي هزارين بيمارين جو بچاءُ آهي. +51- ٻَڦو، لِيکون، ڄيون، جُون ۽ گهٽا +مٿي جا وار ماڻهوءَ لاءِ گرميءَ سرديءَ جو بچاءُ به آهن ته سونهن به آهن. انهن جي سٺائي رکڻ سڀ کان ڀلو ڪم آهي. مٿي کي تيل مکڻ، ڦڻي ڏيڻ ۽ وهنجي مٿو اُجرو ڪرڻ مکيه ڳالهيون آهن. چوندا آهن ته ”وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي، ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.“ سو ڳالهه ٿي ڪيم ته اڇائي اُجرائي مول متو اهي نه ته وارن ۾ گهڻي ئي آپدائون اچي واسو ڪنديون. اهي بلائون آهن، ٻَڦو، لِيکون، ڄَيون، جُون ۽ گهَٽا. +پهريائين وارن ۾ اڇيون اڇيون ذرڙن جيڏيون ليکيون پونديون آهن، اهي هونديون آهن جوئن جو نوٽيس. اهي ليکون وارن جي پاڙن ۾ چنبڙيون پيون هونديون آهن. منجهن ساهه اڃا نه پيو هوندو آهي. جي ڪچائيءَ ۾ انهن جو بلو نه ٿيو ۽ جي ساهه پين ته ڦري ٿينديون ڄيون. ڄيون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳاڙهيون هونديون آهن، جي جُوئن جا ٻچا هونديون آهن ۽ نڀاڳيون اهڙا ته مٿي ۾ چڪ هڻنديون آهن جو مٿو کنهي کنهي ٿڪجي پئبو آهي. اڃا به ماڻهوءَ بي ڌياني ڪئي ته اهي ڄيون وڌي ٿينديون جون. پوءِ ته جهل پُٽي آئي کُٽي. ڦڻيون ڏي، ڪڙا تيل وجهه، ٻيا اُپاءُ ڳول، پر مٿي جو رت پِي وينديون. جنهن هنڌ ۾ ماڻهو رات جو سمهندو سو به جوئن سان ڀرجي ويندو. ان مان وري ٻي بڇڙائي جنم وٺندي. ماڻهوءَ جي صدريءَ چولي ۽ سٿڻ جي ابداڻي ۾ به وڃي گهر ڪنديون ۽ ماڻهو وتندو بت رهڙيندو ۽ چيلهه کنهندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن کي پُٺا اُگهاڙا ڪري، صدري لاهي ۽ گوڏ ٻڌي، ڪانچ لاهي، صدري ۽ اُبداڻن مان جون ڪڍي ماريندو ڏسبو آهي. ڳالهه ڪندي ئي بڇان پئي وٺي، پر تڏهن به اهي ماڻهو سٺائي ڪانه ڪن، نه وهنجن، نه مٿو ڌوئن ۽ نه وار اوجرا ڪن. +ليکون اڇيون، ڄيون ڳاڙهيون، جون ڪاريون ۽ گهٽا اڇا ٿين. سٿڻ جي اُبداڻي ۽ صدريءَ ۾ جيڪي جون اچي واسو ڪن، سي وڏيون ۽ اڇيون ٿين، انهن کي گهٽا چون. زالون ويچاريون ته وار رکائينديون آهن، پر ويچاريون پورهيت زالون پورهيي جي هاڃي کان وهنجن گهٽ، تن کي ته جون ويڙهجي وڃن، پوءِ ڪا گهڙي ملين ته هڪ ٻئي کان ويهي هڪڙي زال پٽ تي يا تڏي تي گوڏا اُڀا ڪري ويهندي ۽ ٻي پٺيان يا اڳيان ٿي ويهنديس ۽ ويهي وارن ۾ سيرون ڏيندي ۽ جون ڳوليندي. جون ڪڍندي ڪڍندي ۽ پنهنجي آڱوٺي جي نهن تي رکي ٻئي آڱوٺي جي نهن سان چٿي ماريندي ته نڀاڳي جُون ’ٽِڪ‘ ڪري مري ويندي. پر نيٺ جون ڪڍائي ڪڍائي ڪيتريون ڪڍائبيون. ڦڻي ڏي ته ان ۾ ڳچ نڪري اينديون پر هيءُ سار لشڪر هڪ ڀيري ته ڪونه نڪرندو. ڏهاڙي ڏهاڙي جون ڪڍائي ڪيتريون ڪڍائبيون! ان کان ته سولو رستو اهو اهي جو اُجلائي رکجي. ڏهاڙي وهنجي وار ۽ بت اُجرو ڪجي ته جوئن جي جڙ نڪري وڃي. اهي اجايون اهنجايون ڪيتريون ڪبيون؟ ڪنهن چيو آهي ته: +رک تون پنهنجي بدن جي صفائي. +مور نه ڪج ڪڏهن گدلائي. +پاڻي مفت ميسر آهي، +تڏهن بدن کي صفا ڪر ٺاهي، +ناهي خرچ انهيءَ ۾ پائي. +تيل ميٽ سان وهنجڻ بهتر، +مهٽي خوب بدن کي صفا ڪر، +گهرجي رڳو ٿي اُجلائي. +ڪپڙا صاف بدن چوڌاري، +عزت سان سونت گذاري، +چاهي سڀڪا دل ٿي سٺائي. +52- مڪڙ +مڪڙ به هڪ آڪاسي آپدا آهي. پهاڙن هيٺ وارياسن پٽن ۾ پلجن يا ٿر جهڙي وارياسي ڀُون ۾ جنم وٺن. پنهنجي سونڍ سان واريءَ ۾ کڏ کوٽي ان ۾ آنا لاهين. آنا ته سڀني پکين کڻن ۽ ٻين ساهه وارن جا اڇا ٿين، پر مڪڙ جا آنا ننڍڙن ڪارن داڻن جهڙا ٿين، سي به هڪ ڄاري جي ڳوڙهيءَ وانگر هجن. ٿورا ڏينهن واريءَ ۾ اها ڳوڙهي پوري پئي هجي ۽ پوءِ داڻ داڻ وانگر ٿي ڦُٽن، ساهه پوين ۽ ماڪوڙين وانگر سُري ٻاهر نڪرن. اُن روپ ۾ انهن کي ’پونگ‘ چوندا آهن. هنن جو ٻيو ڏاڪو ٿيندو آهي ’ڪَهِه‘ وارو، تڏهن ٿورو روپ وٺن ۽ ننڍين مکين وانگر ٿي پون. ٽيون تُور هنن جو ٿئي، مڪڙين وانگر ۽ ٽپ ٽپ ڪري هلڻ لڳن. ان مهل هنن کي ڪَهِه ڪوٺجي. هن ڪَهِه سان پَٽن جا پَٽ ڪارا ٿي وڃن ۽ ڏسي ڊپ وٺيو وڃي ته هيءَ ڪَهِه جڏهن ڪجهه مڪڙين مان مڪڙ ٿي اُڏامندي، ته سڄي دنيا ڪاري ٿي ويندي. ٿئي به سچ پچ ائين! جڏهن اڏامن ۽ مڪڙ ٿي پون تڏهن ڪير هنن کي ڳڻي سگهي، ڪير روڪي سگهي ۽ ڪير جهلي پلي سگهين. کائين رڳو سائو گاهه ۽ پن، جي گاهه ۾ انُ هوندو آهي ته پوءِ مڪڙن جا ڪٽڪ لهندا ئي اتي وڃي. جتي ويٺا، اتي ساوڪ، گاهه، اَن پن ۽ ڦول کائي وڻن جا وڻ ٺوڙها ڪري ڇڏيندا ۽ ائين پيو ڀانئبو ڄڻ هنن ۾ سائو پن هوئي ڪونه. مڪڙ ٻن رنگن جا ٿين: هڪڙا پيلا ڏُڪاري هوندا آهن. ساون کيتين ۽ وڻن جو ڪم ئي لاهي ڇڏيندا. سرڪار هن آفت کان بچائڻ لاءِ دوائون ڇٽڪاري ۽ ٻيا اُپاءُ وٺي پر سڀ اجايو ٿئي. هن بلا کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ الڳ کاتو بنايو ويو آهي، جنهن جو ڪم آهي، ته مڪڙ آنا لاهين ته اهي آنا ناس ڪجن، جيئن ڄم نه ڪن يا ڄم ڪري وڃن ته اُڏامڻ کان اڳ انهن کي ناس ڪيو وڃي. +ٿر ۾ ڇا ڪن جو ٽپ ٽپ تي چَريون کوٽين ۽ پوءِ ڍنگر کڻي انهن سان ڪهه کي هُش هش ڪن ته اهي ٽپڪ ٽپڪ ڪندا ڀڄڻ لڳندا؛ پوءِ اچي انهن چرين يا کاهين ۾ ڪِرن. تنهن کان پوءِ ورائين مٿي مِٽي ته ڪروڙين اندر دٻجي مري، هڪٻئي سان گڏجي چاپوڙا ٿيو وڃن نه ته هزارين کين رپيا سرڪار جو خرچ ٿئي، اڃا آنا، پونگ جي پر ۾ هجن ته انهن جي آنن جون ڳوڙهيون ڪڍائي ساڙائي ڇڏيون وينديون آهن. ٿر جا ماڻهو انهن جي آنن ڳولڻ جا ڏاڍا ڀلا هوندا آهن. وارياسن پَٽن ۾ جتي انهن جا ٽُنگ ڏسن اتي ڦوڪون ڏيئي، واري پري ڪن ته آنن جون ڳوڙهيون نروار ٿي پون ۽ اهي گڏ ڪري اچي کاتي وارن کان اُجورو وٺن. ان تي به سرڪار جو گهڻو خرچ ٿئي. ٻيو هنن کي روڪڻ جو ڪوبه بلو ڪونهي. گاسليٽ جهڙي هڪ دوا به هزارن دٻن ۾ بند ٿيل آڻين، جا ڦوهارو ڪئي وڃي ته رهيل کهيل پونگ به مري ناس ٿيو وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن اُتي جتي اهڙا جَتن نه ورتا ويندا آهن ۽ هيءَ فوج تيار ٿي وڃي ۽ اُتان اُڏامي وڃي ڪنهن پاسي ڪاهه ڪري، جي وڻن تي لٿا ته رڳو مڪڙ ڏسڻ ۾ ايندا، وڻ جو پن ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. جوئر، ٻاجهر، وؤنئڻ ۽ مڪئي، جنهن به پوک تي ڍريا ته مون وارو پهاڪو ياد ايندو، جو چوندا آهن ته ”ملان ته ڀت ۽ گهوڙا ته پٽ، جي هوڪشيا ته رسيا، جي هي نيا ته چٽ.“ هارين ۽ مارن ويچارن جون پوکون ڀيلجي يونديون. هڙ هلاک پئسا پاڻي. ملڪ ۾ اناج نه ٿيندو ۽ ڏُڪر منهن ڪڍندو. الله سائين شل هن آفت کان بچائي،جتان لنگهندا اُتي گهٽ ۽ گرمي ٿي ويندي ۽ ماڻهو پيو پڄرندو گرم به ڪي وري اهڙا آهن جو انه�� جي پاڇي ۾ باهه ٻرندي ويندي. هلندا ويندا ته ڦولڙيون به لاهيندا ويندا. ڪٽڪ جڏهن لنگهي ويندو ته ماڻهن جا گهر، گهٽيون، پٽ ۽ ميدان سڀ ڦولڙيون ڦولڙيون هوندا. مڪڙن جي وڏي ته جُٺ اها آهي جوکائيندا ويندا ۽ هنگندا ويندا. سنڌيءَ ۾ ان ڪري چوندا آهن ته ”پيٽ ڀرجئي ٿو يا نه؟ مڪڙ وانگيان هتان ٿو کائين هُتان ٿو هنگين.“ +هنن نڀاڳن مان نيٺ ڪهڙو ڪم وٺجي. ماڻهو مڪڙن کي کائيندا به آهن ۽ انهن جون ڪچوريون به ڪري رکندا آهن، جي سڄو سال تري پيا کائيندا آهن. منهن اڳيان سونڍ ٿيندي اٿن ۽ سندن ٽنگون ڪارائيءَ وانگر هونديون آهن. انهن تي تکا تکا ڏندا هوندا اٿن، هٿ به سنڀالي لائين نه ته هٿ ۾ چُڀي ويندا. هڪ هڪ ڪري جهلڻ لاءِ سوچي به نٿو سگهجي. ان ڪري ٿر جا ماڻهو اهو هنڌ ڳولين جتي هو رات جو لهن. وڻ ته سڄا هنن سان ٽمٽار ٿيا ڀريا پيا هوندا آهن. پوءِ ٿري انهن وڻن هيٺان گنديون اچي وڇائين ۽ وڻن جي ٽارين کي کڻي جو ڌوڻ ڏيندا ته مڪڙ جيئن ٻير جي وڻ مان ٻير ڪِرن تيئن ڪري پوندا ۽ گندين يا چادرون ڀرجي وينديون، پوءِ ته مڪڙن جون کڻي ڀريون ٻڌندا ۽ کڻي آڻيندا ڳوٺن ۾، جتي ديڳين ۾ پاڻي ٽهڪائي ڇڏيندا آهن ۽ اچڻ سان انهن ڀرين جو منهن کولي کڻي مڪڙ ديڳين جي منهن ۾ وجهندا ته سڀ سڙي مري ويندا، پوءِ ٻاهر ڪڍي انهن جا کنڀ، بول ۽ مٿا پَٽي الڳ ڪندا ۽ پاڇي ٿيل ڍڍر گڏ ڪندا ويندا، جي سڪائي رکي ڇڏيندا. مڪڙ وري سڻڀا به ڏاڍا آهن، گيهه به منجهانئن اندر جيڪا چرٻي هوندي آهي ان مان ئي نڪري. ترڻ وقت گيهه ۽ مرچ جي ضرورت ئي ڪانه پوي. ٿوري لوڻ جي چَٽ ڏجين ته چهرا ٿيو پون، پوءِ ٿري چَر چَر ڪري کائي پنهنجا ويلا پاري ڇڏين. چون ٿا ته ڏاڍا سگهه وارا آهن. اسان جي ٻهراڙين ۾ڪافي مڪڙ پڪڙي انهن جو ٻوڙ ڪن پر ٿرين واريون اٽڪلون ڪونه ڄاڻن، جو مڻن جا مڻ گڏ ڪري رکن، جيئن مٿي ٻڌايو اٿم. +اوهان کي ٻُڌي تپرس وٺي ويندو، پر سچ پچ ته ڏاڍا سوادي آهن. مون کاڌا آهن ۽ آءٌ ساک ٿو ڌيان ته ڏاڍا سٺا آهن، اوهان کي بڇان لڳڻ نه گهرجي. حلال آهن ۽ کائڻ ۾ ڪوبه ڀـؤ ڀولو ڪونهي. اڳي ته پنجين_ ڇهين سال هروڀرو به سنڌ ۾ منهن اچي ڪڍندا هئا. هاڻي سرڪار انهن کي روڪڻ جا اُپاءُ ورتا آهن ۽ گل ٿيڻ کان اڳ، مکڙيءَ ۾ ئي انهن کي ناس ڪيو ٿو وڃي، ته ”نه هجي بانس نه وڄي بانسري“. ڇا چئجي! مڪڙ ڪهڙا به ڇيهي وارا آهن، پر هنن جي اُڏام جو ڏيکاءُ هڪ اچرج جهڙو آهي، جن اهو ڏيک ڏٺو هوندو، سي ئي منهنجي ڳالهه جي ساک ڀريندا. +53- پِپون +ٿر ۾ جڏهن سانوڻ جا وسڪارا ٿين ۽ هنڌ هنڌ گاهه ڦٽي پن ۽ سُڪن سلن ۽ ٻوٽن ۾ ساهه پوي، تڏهن ان کي سنڌ جو ڪشمير ڪوٺجي ته ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ڏٿ ۽ گاهه سان گڏ ڪيئي جهنگلي ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿي پون: للر، مريڙو، ڪونڍير ۽ پپون انهن مان ئي آهن. پپون ته اهڙي شيءِ آهي، جو ان جو نالو ٻڌندي ئي ٿرين جو وات پاڻي ٿيڻ لڳندو اهي. پپون آهن ڇا؟ هڪڙيون ڦريون اهن، جي مُرٽن ۽ جهليُنُ جي پاڙن ۾ پيدا ٿي پونديون آهن. ٻن_ ٽن انچن کان ڇهن انچن جيڏين ڊگهيون سايون سايون ڦريون. ٿر جا ڌنار ميڙي گهرن ڏي کڻي ايندا آهن. اهي سواد ۾ ٿين کٽڙيون، تن مان ڀاڄي به سٺي سوادي ٺهي ۽ ڪچيون به کائجن. ٿر جا ماڻهو ته چَرچَر ڪري سيرن جا سير کائي، وڏي اوڳرائي ڏئي ساهه پٽين. ڪي ٿر جا ماڻهو جي هتي وڏا وڏا ڪامورا هوندا آهن سي به ٿر ويندڙ کي منٿ ڪندا آهن ته ادا، موٽي اچين ته پپون ضرور آڻج. مون به ٿر جو سير ڪندي ڏاڍيون پپون کاڌيون. مزو ته منجهن واهه جو آهي پر مون کي ڀانءِ ڪين پيون. اُلٽيون ۽ دل ڪَچي ڪري وڌائون. پر ائ��ن ڪونه چئبو ته رڳو مون هڪڙي کي ڀانءِ نه پيون ته سڀني سان اها ڳالهه لاڳو ٿي ٿئي. جتي اها شيءِ اُپجي ٿي اتي ماڻهن جو هن بابت جيڪو رايو هوندو، اهوئي سچو سڏبو. واهه پپون واهه! +54- نِهائين +ڪڏهن ڪنڀر جي جاءِ تي وڃي ڏسو ته اچرج وٺي ويندو. گول چَڪُ، جو چيڪي مٽيءَ ۽ وارن جي ميلاپ سان ٺاهيو ويندو آهي، ان جو پورو وچ هڪ چئن_ پنجن انچن جي ڪيرٽ تي رکيو ويندو آهي ۽ پاسي جي هڪ هنڌان لٺ ڦيرائڻ لاءِ ننڍڙو سَچُ به نڪتل هوندو اٿس. چڪ جو پورو وچ لسو رکيو ويندو آهي، جنهن تي ڪنڀر هڪ پنوڙو چيڪي مٽيءَ جو چاڙهي رکندو آهي ۽ پوءِ لٺ ان سَچَ ۾ وجهي وٺي چڪ کي تکو ڦيرائيندو آهي. جڏهن چڪ پنهنجي پوري چڪر ۾ اچي ويندو آهي، تڏهن پنهنجا ٻئي هٿ ان مٽيءَ جي پنوڙي تي رکي، ڪَچا ٿانوَ جوڙيندو آهي. ڇا اوهين ڀانيو ٿا ته ٿانو چڪ تان ئي ٺاهي هيٺ لاٿا ويندا آهن. نه ته، پهريائين ڪنڀر رڳو ٿانون جهڙوڪ دِلن، مٽن، دکين، ڪنگرن ۽ ٻين ٿانون جا بوتا تيار ڪندو آهي. جڏهن بوتو ٺهيو ته ڪلهي تي جا ڏور رکيل هوندي اٿس، انکي ان بوتي جي هيٺان ڏيندو ته ڦيري تي اهو بوتو بچيل مٽيءَ کان ڪپجي پوندو ۽ لاهي کڻي هيٺ رکندس. ائين ويندو بوتا ٺاهيندو. جڏهن هڪ مٽيءَ جو پنوڙو پورو ٿيو، ته ٻيو چاڙهيندو. چَڪ جو ڦيرو ڍرو ٿيو ته لٺ کڻي وري ڏاڍيان ڦيرائيندس. اهڙيءَ ريت ڪيئي بوتا جوڙي راس ڪندو. اهو ڪم لٿوته چڪ ڇڏي هيٺ ٿي ويهندو ۽ جيڪي بوتا ٺهيا هوندا، تن کي واريءَ جي چَٽَ ڏيئي، اچي ٺپڻيءَ سان وٺندو ۽ جيڪو ٿانءُ تيار ڪرڻو هوندس، سو اهڙي ته سُچيتيءَ سان ويهي ٺاهيندو، جو سندس هنر تي واهه واهه ڪرڻ کان سواءِ ٻي واٽ ڪانه سڄهندي. پوءِ انهن ٿانون کي رکندوا ُس تي، جڏهن اهي سُڪي ويندا ته نهائينءَ جو پُور تيار ٿيندو. جن ٿانون کي داءَ جي ڳاڙهي رنگ سان چٽڻو هوندس، تن تي سهڻا سهڻا چٽ ڪڍندو ۽ چلڪ لاءِ واري ڇٽيندو. نهائينءَ جو پور ڀريو ته سڀ ڪَچا ٿانو آڻي هڪ هنڌ ڀيڙا ڪندو. نهائين ڪجهه مڙئي ٻيءَ ڌرتيءَ کان مٿڀري دڙي تي هوندي آهي، ان کي ٻهاري سُهاري اڇو اوجرو ڪري، ٿانو هڪٻئي سان هڪ سهڻي سٽاءَ سان ملائي رکندو ويندو. نهائين وارو پٽ جڏهن ڀرجي ويندو ۽ ڪابه جاءِ نه رهندي، تڏهن ان کي ٻڪرين جي ڦولهڙين جي ڀاڻ ۽ ٻي ڀاڻ، جهڙوڪ ڇيڻن سان ڀري انهن کي اهڙيءَ ريت ساٿاري رکندو، جو ڪُنڀر جي ڪرت کي ڪُنڀر ئي ڄاڻي، ٻئي کي ڪهڙي سُرت. جڏهن ڪَچا ٿانوَ هڪ سهڻي سٽاءَ سان ٺهڪي بيهندا ۽ مٿن ڀاڻ ۽ ٻيو ٻارڻ پئجي ويندو، تڏهن ان کي چئبو نهائين. نهائينءَ کي ڪنڀر آوِي به چوندا آهن. آويءَ کي ڍڪيو ويندو، جيئن ڪل ئي نه پوي ته ان دڙي ۾ اندر ڇا آهي. اهڙو ته آويءَ کي بند ڪندو، جو هوا اندر نه وڃي نه ٿانو پڪا ڳاڙها ٿيڻ بدران ڪارا ٿي پوندا ۽ مُلهه_ چور ٿي پوندا آهن. +نهائينءَ کي بنهه پوري ڇڏڻ کان اڳ ڪن ڪن هنڌن تان دِلن يا دکين جون ڀڳل گرڻيون هڻندو آهي ته اتان اندر پيل ٻارڻ کي باهه ڏجي. باهه ڏيڻ کان پوءِ دونهي دُکي ته اهي گرڻيون به ڪڍي ڦٽيون ڪندو آهي، جين هوا اندر نه وڃي ۽ نهائين اندران ئي اندر دُکندي ٻرندي ۽ جلندي رهي. ڏهاڙي نهائينءَ جي سنڀال وٺندوآهي ته ڪٿان ڪا ٻاڦ ته ٻاهر ڪانه ٿي نڪري. متان ٿانو ڪارا ٿي پون ۽ ڪيو ڪمايو ڪُٽ ٿي وڃي. نيٺ اندر پيل ٻارڻ ٻري ڇار ٿي ويندو ۽ ڪنڀر کي سُڌ پوندي ته هاڻي جيترو تـؤ گهربو هو، سو ٿانون کي ملي چڪو آهي ۽ پچي راس ٿيا آهن، پوءِ به ٽي ڏينهن ترسندو جيستائين آوي ٺري وڃي. پوءِ همراهه ساڻ ڪري آوي کوليندو ۽ هوريان هوريان ٿانو الڳ الڳ ڪندو رکندو ويند��. شاهه ڀٽائي نهائينءَ جو رنگ ڏسي بيت چيو آهي ته: +نهائينءَ کان نينهن سِک منهنجا سپرين، +سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري. +ويچاري سهڻيءَ کي دوکو ڏئي ڪي دلي بدران ڪَچو دلو ڏنو ويو هو، جو درياءَ ۾ ڀُري پيو. ٻڏندي ويئي ۽ ساهڙ کي سڏ ڪرڻ لڳي. ان ڪهاڻيءَ تي ڪيتريون ئي ڪافيون سگهڙن ڳايون آهن. ريڊئي تي به هڪ ڪافي ايندي آهي جا اوهان ٻڌي هوندي. +تنهن گهڙي تان گهوري آهيان، جنهن ميهر ملايو، +تنهن ڪنڀر تان قربان ٿيان، جنهن ڪَچو پَچايو. +ڇا ڪنڀر جو ڪٺن پورهيو، ڇا ٺڪر جو مُلهه! پئسي ڦيلهي، ٽڪي ڍڪڻ، آني پاٽوڙو، ٻين آني دکي، دلو، ڪـؤرو ۽ چئين آني مٽ. هاءِ هاءِ ڪيڏو نه هاڃو! +هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾! +(هاڻ ته ٺڪرن جو مُلهه به وڌي ويو اهي. سستائي وارو زمانو گذر ڪري ويو!) +\ +55- کـؤنر، گگر ۽ لاک +ڪن وڻن، جن مان ٻٻر جو وڻ وڌيڪ ليکڻ جهڙو آهي، ان ۾ کـؤنر ۽ لاک جام ٿيندي آهي. ٻٻر جي ٿُڙ ۽ وڏن ٿُلهن ڏارن ۾ کـؤنر ۽ لاک اُپجن. اهي هڪڙيون رَسون آهن، جي ٻٻر جي ٿڙن مان سمي نڪرن ۽ ڇوڏي جي مٿان ڳوڙها ڳوڙها ٿي بيهن. کـؤنر ته ٿُڙن تارن تي ٿئي، پر لاک ته سمورين ٽارين تي نڪري اچي. کـؤنر ته اهڙي شيءِ آهي جا اوهان سڀني ڏٺي آهي. ان جي رس چنبڙندڙ ٿيندي آهي، جنهن سان اسين ڪاڳر چنبڙائيندا آهيون. کـؤنر ڏاڍو سگهارو آهي. کـؤنر مان مٺايون به ٺاهبيون آهن، جي ڏاڍيون سوادي ٿينديون آهن. اڄڪلهه ته کـؤنر ڏاڍو مهانگو ٿي ويو آهي، نه ته اڳي سستي ۾ سستي شيءِ هوندي هئي. ٻيلن ۾ رهندڙ مالدار ماڻهو مال چاريندي ٻٻرن تان کـؤنر جا ڳنڍا روڙيندا گڏ ڪندا ويندا آهن ۽ جڏهن پنج_ ڏهه سير گڏ ڪن، تڏهن شهرن ۾ اچي وڪڻن. ٻٻر جو کـؤنر گهڻو ڪري ڳاڙهو ٿيندو آهي، پر ڪونڀٽ جو کـؤنر، جو ٿر ۾گهڻو ٿئي، اهو اڇو ٿئي. کـؤنر جي رس اڃا سُڪي ڳنڍو نه ٿيندي آهي ۽ آلي هوندي آهي ته آڱر ڀري چٽبي ته بس ماکيءَ جو مزو ڏيندي. عجب پيو وٺندو ته هيءَ رس وڻ جي ڪاٺيءَ مان ڪيئن ٿي سمي نڪري، آهي ڇا ۽ ڪيئن ٿي ٺهي! بس اها سگهه رڳو ڌڻي سڳوري کي آهي، ٻئي جي ڇا مجال. +گگر به ساڳيو کـؤنر وانگر ڪن وڻن مان سمي نڪرندو آهي، پر اهو کائڻ جي ڪم ڪونه اچي ۽ نڪي منجهس لِوَ ٿئي، جيئن کـؤنر ۾. اهو رڳو سُتين ڦڪين ۾ ڪم اچي ۽ ڏاڍو ڪارائتو هوندو آهي. +رهي وڃي لاک، سا به ادا ڏاڍي مُلهائتي شيءِ آهي. ٻٻرن جون ٽارين سڄيون لاک جي رس جي ڳوڙهين ڳوڙهين سان جهنجهنيون پيون هونديون آهن. ماڻهو ويچارا چار پئسا ڪمائڻ لاءِ، ٻٻرن جا ڪنڊا جهلي، لاک ٽارين تان روڙيندا ويندا آهن ۽ اها گڏ ڪري وڃي چڱي ملهه ۾ وڪڻن. اوهان کي تپرس وٺندو ته لاک مان ٺهي رنگ. رنگ به ڪهڙو؟ ڪپڙن کي رڱڻ وارو نه، پر جنڊيءَ جي ڪم وارو. جنڊيءَ جو ڪم ڪندڙ وگهامل لاک ڳنهي اچن ۽ ان کي ڊگهين سوڙهين ڳوٿرين ۾ وجهي، پاسا بند ڪري پوءِ ٽانڊن جي تَوَ تي تپائين ته لاک رجي پوندي ۽ ڪپڙي کان ٻاهر بُڙڪا ڏيئي نڪرندي. پوءِ اها ڪنهن رنبيءَ سان ڳوٿريءَ تان کُرڙي لاهي، ڪنهن ٿانو ۾ رکندا ويندا. جڏهن سڀ رجي ويندي ۽ ڳوٿرين ۾ ڪک ۽ ڇوڏن جون ذريون وڃي بچنديون، تڏهن ڳوٿري اڇلي ڦٽي ڪندا ۽ وري اها ڪم ڪانه ايندي. هاڻي لاک ۾ جيڪو به رنگ گڏبو، جيئن ته ڳاڙهو، سائو، پيلو، نيلو ۽ ٻيا ته اهو رنگ ٺهي پوندو. لاک ۾ رنگ ملائي ان کي وري تپائي، ان مان ڦريون ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ جنڊيءَ تي کٽن جا پاوا، گلدستا، جڳ، رانديڪا، پينگها ۽ ٻيو سامان چاڙهي، انهن ڦرين سان ڪاٺ تي رنگ چاڙهين. جنڊيءَ جي هيٺان ڪجهه ٽانڊا رکندا رهن، جنهن جي تَوَ تي لاک رجندي وڃي ۽ ڪاٺ تي چڙهندي وڃي. ڪنهن سگهڙ مارئيءَ لاءِ چيو آهي ته: +عمر هي بافتا بخمل کٿين سان مور مٽ ناهن، +نه پائي پٽ پٽيهر لاک جي لوئي لڄائينديس. +اهي بي مُلهيون شيون خدا ٿو ماڻهن جي لاءِ اُپائي ۽ ماڻهن ويچارن کي رڳو پورهيي جو ملهه ٿو ملي، ٻيو بس. +56- ڌنار کٿوري +ڌنار کٿوري به هڪ ٻوٽي آهي، جا پاڻ مرادو جهنگن ۾ اُڀري. ٻيا سڳنڌ وارا ٻوٽا ته وڏي سنڀال سان قلم هڻي پوکبا آهن، پر هيءَ ويچاري آهي ول، سان نڪا ڪا سنڀال گهري، نه مٿس ڪا پورهيي جي گهرج پوي. کٿوري سنڌي ٻوليءَ جو نج اکر آهي نه ته خستوري به سڏبو اٿس. منجهس پنن سان گڏ ڏانڊڙين جي وچ وچ ۾ هڪڙيون ڪاريون ڳنڍيون ٿينديون آهن، جن کي ٽوڙي سونگهبو ته اهڙي ته سٺي سڳنڌ ايندي، جو مُشڪ کي به جواب! مٿس ڌنار کٿوري نالو ان ڪري پيو آهي جو ڌنار ماڻهو پنهنجي مال مان جن ٺڪر جي ساڙهن ۽ دکين ۾ کير ڏُهن، اهي ٿانو ڌنار کٿوريءَ مان مُيون ٺاهي، ان سان مَلين ته ٿانون ۾ سٺي سڳنڌ ٿيو پوي ۽ کير به ڏاڍو سُرهو ٿيو پوي. هتي اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اهي ٺڪر جا ٿانو: واڻ، ڪاٻاري يا مُڃ جي نوڙين کي اُکولي انهن مان مُئي ٺاهي، ان سان مليندا آهن، پر ڌنار کٿوريءَ سان ڪٿي ٿيون نوڙيون برميچين! +ويچارا ڌنار سڳنڌ وٺڻ لاءِ ڌنار کٿوريءَ جون ڳنڍيون ڀڃي ڀوري، اهي گلن وانگيان ويهي سونگهندا ۽ سڳنڌ وٺندا آهن. هنن لاءِ ته گلاب، چنبيلي، موتيو ۽ ٻيا گل اها ڌنار کٿوري هوندي آهي، جتي جتي مال گهڻو ٿئي، اتي ڌنار کٿوري به گهڻي ٿئي. جهڙوڪ ٿر ۾ اها جام ٿئي. ٿيندي ته هتي اسان جي پٽن ۾ به آهي، پر ايتري نه، ڇو ته ماڻهو ان مان ايترو ڪم ڪونه وٺن. جيترو ٿر جا ڌنار ۽ ٻڪرار. +اوهان کي ڪڏهن وجهه ملي ته جهنگ مان اها ڌنار کٿوري ڳولي، پٽي، سونگهي ڏسو ته اوهان کي ان جي چڱاين جو پَرو پوي ۽ سُڌ پوي ته ڌڻيءَ سڳوري اسان جي ڀلائيءَ لاءِ ڇا ڇا نه اُپايو آهي، جنهن مان اسان کي ڪيئي لاڀ پڙ پون ٿا. +57- ڪاٺ_ ڪُٽو +ڪاٺ_ ڪُٽو هڪ موچارو پکي آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿئيس، چهنب ڊگهي مگر پوري پُني. کنڀن تي چٽا چٽا ۽ پٽا پٽا هوندا اٿس، اهڙو پيو وڻندو آهي جو دل گهرندي آهي ته ڦاسائي پڃري ۾ رکجيس. پر ڪم ڪهڙي جو؟ نه چتونءَ يا بلبل وانگيان ٻولي ڪري، نه رانديون ۽ نڪو انهن وانگر ٽول کائي.پڃري ۾ رکوس ته مورڳو ويچارو پاڻي پيئڻ به ڇڏي ويندو. مري ويندو ۽ پاپ ڳچيءَ ۾ پوندو. ان ڪري ڪوبه هٿ ڪونه لائيس. رڳو کيس ڪنهن وڻ جي ٿُڙ تي ويٺل ڏسي ڌڻيءَ جي ساراهه ڪبي آهي ته ڪهڙا نه کيس سهڻا رنگ ڏنا اٿس. ڪاٺ_ ڪُٽو ويهي وري وڻن جي ٽارين ۽ ٿڙن تي، چنبن سان ٿڙن ۽ ڏارن کي سوگهو جهلي۽ پاسيرو ٿي ويهي، سارو ڏينهن ڏسوس ته پنهنجي چهنب سان ويٺو وڻ جي ڪاٺ کي ٽُڪ ٽُڪ ڪندو ۽ ٽڪيندو. چهنب ڪا ڪاتي ڪانهس جا ڪاٺ کي وڍي ڇڏي، پر اها هن جي هڪ هير آهي. چوندا آهن ته ”هير ئي سندي هير، ٽنگ ڀڳي نه لهي!“ ڪاٺ کي ٽڪڻ واريءَ هير سببان، هن پکيءَ کي ڪوٺين ئي ” ڪاٺ_ ڪُٽو“. گهڻو ڪري ٻنپهرن جي ٽاڻي هو وڻن تي ايندو آهي ۽ پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو آهي. اوهين سوچيندا ۽ ڏسندا ته ڪاٺ_ ڪُٽو جيئن ته سنارو پنهنجي ننڍڙيءَ سنداڻ تي سون رکي، ننڍڙي مترڪيءَ سان ويهي ڪٽيندو آهي. ساڳيو ان وانگيان ڪاٺ_ ڪُٽو به ڀانئبو ته سونارو آهي، جو سون ويٺو ڪٽي. پکين ۾ هن کي سونارو پکي چئجي ته به ٺهي. ڪاٺ_ ڪُٽي جي اِها ڪِرت اهڙي ته من موهيندڙ هوندي آهي، جو ڳولي ڳولي وڃي کيس ڏسجي ۽ جڏهن پنهنجي ڪرت ۾ رڌل هجي، تڏهن سندس رنگ ڏسجي! +ڪاٺ_ ڪُٽو ويهي وري وڻن جي ٽارين ۽ ٿڙن تي، چنبن سان ٿڙن ۽ ڏارن کي سوگهو جهلي۽ پاسيرو ٿ�� ويهي، سارو ڏينهن ڏسوس ته پنهنجي چهنب سان ويٺو وڻ جي ڪاٺ کي ٽُڪ ٽُڪ ڪندو ۽ ٽڪيندو. چهنب ڪا ڪاتي ڪانهس جا ڪاٺ کي وڍي ڇڏي، پر اها هن جي هڪ هير آهي. چوندا آهن ته ”هير ئي سندي هير، ٽنگ ڀڳي نه لهي!“ ڪاٺ کي ٽڪڻ واريءَ هير سببان، هن پکيءَ کي ڪوٺين ئي ” ڪاٺ_ ڪُٽو“. گهڻو ڪري ٻنپهرن جي ٽاڻي هو وڻن تي ايندو آهي ۽ پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو آهي. اوهين سوچيندا ۽ ڏسندا ته ڪاٺ_ ڪُٽو جيئن ته سنارو پنهنجي ننڍڙيءَ سنداڻ تي سون رکي، ننڍڙي مترڪيءَ سان ويهي ڪٽيندو آهي. ساڳيو ان وانگيان ڪاٺ_ ڪُٽو به ڀانئبو ته سونارو آهي، جو سون ويٺو ڪٽي. پکين ۾ هن کي سونارو پکي چئجي ته به ٺهي. ڪاٺ_ ڪُٽي جي اِها ڪِرت اهڙي ته من موهيندڙ هوندي آهي، جو ڳولي ڳولي وڃي کيس ڏسجي ۽ جڏهن پنهنجي ڪرت ۾ رڌل هجي، تڏهن سندس رنگ ڏسجي! + + +58- پَٽ_ ڪُنوار +پَٽ_ ڪُنوار به هڪ ٻوٽي آهي، جا ميداني پٽن ۾ پاڻمرادو اُڀري پوندي آهي ۽ ويندي آهي پَٽ ڀريندي. اُن جا ٻُٿَ ٻُٿَ بلڪل ايريال جهڙا ٿين. ايريال جون ڦرين البت ويڪريون ۽ ڳر واريون ٿين، پر پَٽ_ ڪُنوار جون ڦريون اهڙيون ڳر واريون ڪونه ٿين. آهي پَٽ_ ڪُنوار به ايريال، پر ٿر ۾ ان کي اهوئي نالو ڏين ان جو ڪارڻ اهو هوندو آهي، جو جڏهن منجهس ڳاڙها گل نڪرن، تڏهن ان جون گلن واريون چوٽيون اڀيون ٿي بيهن، لالاڻ لڳي وڃي ۽ سارو پٽ ڳاڙهي ڪنوار وانگر رتو ريشمي وڳو پهريو بيهي. جيئن سارو پٽ گاهه سان چهچ سائو ٿي ويندو آهي ته چوندا آهن ته پٽن سائو پهراڻ ڍڪيو آهي يا زمرد جهڙو سائو وڳو اوڍيو آهي يا پٽن تي سائو وڇاڻو وڇائجي ويو آهي. ساڳيءَ ريت، هن ٻوٽيءَ کي ٻين ٻوٽين سان ڀيٽ ڪندي ڪنوار ڪوٺيو ويندو آهي ۽ سنون پٽن ۾ اڀرڻ ڪري کيس پَٽ- ڪُنوار سڏين. پَٽُ گهوٽ ته هيءَ ٻوٽي ڪنوار. +هن ٻوٽيءَ جون ڪڏهن ڪڏهن گهرجائو ماڻهو ڦريون ٽي ويندا آهن ۽ انهن جي کل لاهي، ان جي گودي کي ٿورو سيڪي، ڳچيءَ جي مَلي جي ڇُٽڻ جوبلو ڪن. ڦري سوڄ واري جاءِ تي رکي، پٽي ٻڌي ڇڏين ۽ ڪجهه ٽاڪور به ڪن ٻه_ ٽي ڏينهن ڦري ٻڌي، ٽاڪور ڪيائون ۽ ٻَڌَ ڪيائون ته ملي به ڇڏي ويندي ۽ مَلِيءَ ڪري جيڪا سوڄ ٿي هوندي، سا به ڄڻ هئي ڪانه. ڀلائي ته سڀ شيءِ ۾ ڪانه ڪا آهي ئي آهي! قرآن شريف ۾ آيو آهي ته: +ماخلقت هــٰـذا باطلا +(ڪابه شيءِ اجائي نه اُپائي ويئي آهي)_ سبحان الله! +59- ٻاٻيهو +ٻاٻيهو به هڪ مٺڙو پکي آهي، جو مٺيون لاتيون لنونَدو آهي. هن کي ڪي ماڻهو ٻاٻيهو ۽ پپيهو به چون. ڀانت ڀانت جا پکي ڌڻيءَ اُپايا آهن، سڀئي سائينءَ جو نالو ڳنهن ٿا ۽ سندس ڳُڻ ڳائين ٿا. سڀ ڪو پنهنجي پر ۾ ٻولين ٻولن سان ڌڻيءَ جي ساراهه ڪري ٿو، جنهن اُپائڻهار کين اُپايو آهي. هڪڙا پکي آهن، جن کي ڳائيندڙ پکي ڪوٺبو آهي، جو اهي مِٺيون لاتيون ڪندا آهن. جهڙوڪ بلبل، ڪوئل، ٻاٻيهو ۽ ٻيا. ڪي پکي ذاڪر ڪوٺبا آهن، جي ڌڻيءَ جي لات لنون. جهڙوڪ پاريل يا پاريهل، ڪبوتر، ڳيرو، ٽيٽهار ۽ ٻيا جي سويل ساجهر، تتي ڏينهن ۽ سانجهيءَ جو واهيريءَ جو ويو هُو هُو ۽ گهُوگهُو ڪري ٻوليون ڪندا آهن. ڪي ڳالهائيندڙ پکي جهڙوڪ چَتون ۽ مينا. ڪن جا ٻول چون چُون به هوندا آهن. جهڙوڪ چيها، جهرڪيون، ٻوڙي ۽ ڪن جا ٻول وري ٻيا هوندا آهن، جهڙوڪ ڪانوَ، مور، ڪونجون، سرڻيون ۽ ٻيا. ڪي شڪاري پکي هوندا آهن، جهڙوڪ باز ۽ شڪرا. ڪي رات جا پکي، جهڙوڪ چٻرا، چنڊول ۽ چڪور. ڪهڙن جي پچار ڪري ڪهڙن جي ڪجي. سڀ سائينءَ جي جوڙ آهي، ساراهه سڀ انهيءَ جوڙيندڙ کي ڳائي ٿي. +ٻاٻيهو راڳيندڙ پکين مان آهي، سندس آلاپ آءٌ ته چوندس ته بلبل ۽ ڪوئل کان ��ه ڪثر آهي. پکي ننڍڙو، کنڀ به ڪي اهڙا رنگارنگي ۽ سهڻا ڪونه ٿين پر ٻولي اهڙي جيءُ لُڀائيندڙ هوندي اٿس، جو ٻڌڻ سان ماڻهوءَ جا ڪن ٿڪبا ئي ڪين. ڀائيندو ته سدا پيو ڳائي. مولوي احمد ملاح پنهنجي ڪافين ۾ پاٻيهي جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي. اوهين سندس ٻولي ٻڌندا ته سڀني کان سوائي ۽ سرس ليکيندا. +60- ٽِنب ۽ ڏٽو +اهو ته اوهان سڀني ٻڌو هوندوته ادا فلاڻو اگهائيءَ کان پوءِ بنهه ڳري ٽنب جهڙو ٿي ويو آهي. ڪڏهن پڇيو اٿو ته اها ٽنب ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن سان اڀري ماڻهوءَ جي ڀيٽ ڪئي ٿي وڃي، اچو ته آءٌ توهان کي کولي سُڻايان. ٻهراڙيءَ ۾ ماڻهو ويچارا ساريون، ٻيو اَن يا گاهه پٺو ڳوڻ ۾ بند ڪري کڻي ويندا آهن. هنن وٽ سوتلي ۽ سوئو ڪونه هوندو آهي، جنهن سان ڳوڻ جو منهن بندڪن، پوءِ اٽڪل ڪهڙي ڪن جو ننڍڙيون سنهيون ڪاٺيون چونڊي، ٻن_ ٻن انچن جيڏا ٽڪر ڪري، ڳوڻ جا ٻيئي چپ ملائي، اهي ڪاٺيون چونڊي، اهي ڪاٺيون ڳوڻ ۾ اهڙي طرح ٽُنبيندا آهن، جيئن وڏا ٽوپا ڏجن. ان نموني ڳوڻ جو منهن بند ڪن ۽ چون ته ادا سوتلي ۽ سوئو نه آهي ته هرج ڪونهي، ٽنبون هڻوس ته سوتليءَ کان به سوگهي ٿي ويندي. اهي ٽِنبون جيئن ته سنهڙيون ڪاٺيون هونديون آهن ان ڪري چوندا آهن ته فلاڻو ويچارو ڳري ٽِنب ٿي ويو آهي. +وري اچو ڏٽي تي، چوڻ ۾ ايندو آهي ته فلاڻو فلاڻي وٽ پنڌ ڪري ڪري ٿڪو آهي، اڃا ته رڳو ڪوڙا ڏٽا پيو ڏئي، ڪم ته الاجي ڪڏهن ڪندو؟ اوهان سوچيو آهي ته اهي ڏٽا ڇا آهن، اوهين چوندا ته ڏٽا جو ارٿ آهي ڪوڙا دلاسا. ائين برابر آهي، پر ڏٽي جي پٺيان ٻيو به ڪي لڪل اهي. اوهان کي سُڌ هجي ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو مکڻ تپائي گيهه ڪري، دٻن ۾ وجهي، شهرن ۾ وڪري لاءِ کڻي ايندا آهن. دٻن ۾ گيهه ته وڌو ويو، هاڻي دٻي جو گول ٽنگ ڪيئن بند ڪجي، جو اهو اُٺ گهوڙي تي بنان هارجڻ ويرجڻ جي کڙئي يا خرزين ۾وجهي کڻجي. اتي به ٻهراڙيءَ جي ماڻهن هڪڙي اٽڪل ڳولي ڪڍي آهي. ڇا ڪندا آهن، جو ڪپڙي جون ننڍيون ڳوٿريون سُبي، اهي دٻن تي ٽنگن ۾ اندر کڻي وجهندا ۽ مٿان ان کي ويڙها ڏيئي اندي کُنجي، انهيءَ ڳوٿريءَ جا ڪنارا ٿُلها ڪندا، جي ٽنگ کان ٻاهر رهن، پوءِ جيڪي مٽي پسائي، ان ڳوٿريءَ کي ڀريندا ته هيٺان ان جي گولائي دٻي جي سوراخ کان پکڙي ٿلهي ۽ ويڪري ٿي پوندي ۽ پوءِ مٿان منهن تائين مٽي اهڙيءَ طرح ڀريندس، جو ’ڏٽو‘ ٿي پوندو. اها ڳوٿري اهڙي ته سوگهي ٿي ويندي، جو ريهه ٽُٽي پوي پر ڏٽو نه ٽٽي نه شهر ۾ دٻو کڻي وڃي ريهاڻيءَ جو ملهه ڀرڻو پوي ۽ نه ٻيا پٽڻا پون. چوندا ته بابا، دٻي کي ڏيو ڏٽو ته ڪتي ٻلي کان سوگهو! گيهه جو ڦڙو به نه وهندو. آهي به ائين، ڏٽو تيستائين لڳو رهندو، جيستائين ان کي ڪنهن ڪَپ يا ڇُريءَ سان مِٽي کوٽي ٻاهر ڪڍجي. تيستائين ڏٽو آيو پيو هوندس ۽ ان تي سڀ ڪنهن جو ڀروسو هوندو، پر نيٺ ڪوڙ جو مثل ڪوڙ! اهوئي ڪارڻ آهي، جو ڪوڙي دلاسي کي ڏٽي سان ڀيٽ ڪبي آهي. ڏٽو آهي گهڙيءَ کن جو اپاءُ، جيئن ڪوڙو دلاسو به ٿوري ويرم لاءِ هوندو آهي ۽ نيٺ پڌرو ٿيو پوي. +61- تُٿو +هن کي ڪي ماڻهو اُونٿو به چون. اُن جي ڪپڙي جو ويري، تٿي کان وڌ ٻيو ڪو جيت ڪونهي. شل نه اُوني ڪپڙن، کَٿين، شالن، ڪمرين، بلانڪيٽن، ڪمبلن ۽ ڪوٽن کي لڳي. بس پوءِ ته جنهن کي ورتائين، ان کي تُن تُن ڪري ڇڏيندو، تٿو بلا ڪهڙي آهي، جا ايترو ڇيهو ٿي رسائي؟ اهي ٻئي نڀاڳا ڪپڙا آهن. سيارو پورو ئي، اسين گرم ڪپڙا ۽ اوڍڻ جو سامان ڇنڊي ڦوڪي تهه ڪري پيتيءَ ۾ سنڀال سان بند ڪري رکون ته وري ايندڙ سال پهرينداسين، پر اهڙا ڀاڳ جي ٿين! سوٽي ڪپڙن کي ته ڪاڻ ڪانهي، ڪوبه جيت ڪونه وچڙين، پر اُن کي نٿو وٺي ته ڀاڱا لاهي ڇڏيس ۽ وري ڪنهن به ڪم جا نه ٿين. +اهو رنگ ڏسي ماڻهو ويچارا فنائيل جي گورين کان ڪم وٺن ۽ گرم ڪپڙن ۾ وجهي ڇڏين ۽ هڪڙيون ڳري وڃن ته ٻيون وجهي ڇڏين. سارو سال سنڀال ڪندا رهن، تڏهن مس ڪا وڃي ڀرم ڀري ٿئي. تٿي جا جيت نڀاڳا، جنم به اندرئي اندر اُوني ڪپڙن ۾وٺن ۽ جتان جنم ملين، ان جا ئي ويري ٿين ۽ ان کي کائين. ڏسڻ ۾ به اهڙا ته بوجارا بڇڙا آهن جو ڊپ پيو وٺندو. گهڻا ماڻهو ويچارا فنائيل نه هوندو اٿن ته ڪپڙن ۾ نم جا پن وجهندا آهن ۽ انهن کي مهيني سر مهيني اُس ۾ ڪڍي سڪائيندا آهن. مينهوڳيءَ جي مند ۾ گهم ٿيندي آهي، ان ۾ ته اُوني ڪپڙن جي سنڀال ڏاڍي ضروري آهي، جو تُٿو جنم ئي هن مند ۾وٺي ٿو. توهين پاڻ ڏسو ته اُوني ڪپڙو ڪيترو نه مهانگو آهي ۽ ان جي سِباڻي به ڪيتري نه ڳري آهي! ان ڪري ڏاهن ماڻهن جو ڪم آهي ته فنائيل جون گوريون ڪيئن به ڪري ڳنهي ڪپڙن ۾ وجهن نه ته اوني ڪپڙن تان هٿ ڌوئي ويهن. +62- مريڙو +ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ پورائي ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀاڄيون باغن جي واڙن ۾ يا ٻنين ۾ پوکيون وينديون آهن، پر ڪي ڀاڄيون اهڙيون به آهن، جي بن ڪمائيءَ جهنگلن ۾ پاڻمرادو اُڀرن ٿيو. جيئن ته لوڻڪ، مريڙو، لِلرُ، ٻُگرو، ڪونڍير، ڦوڳي، کُنڀيون، جهنگلي ميها، سڱريون، پُسي،پپون، ڏؤنرا، چڀڙ ۽ ٻيون، انهن جهنگلي ڀاڄين ۾ مريڙو آهي، جو گهڻو تڻو سڀني کي وڻندو آهي ۽ سڌون ڪري ماڻهو کائيندا آهن. مينهن جي مند ۾ ان جو گهڻو اوڀر ٿيندو آهي، وڻن جي ڇانولي ۾ ته گوها ڏيئي اُڀري، جيترو کپيوَ بنا پئسي پٽي کڻي اچو ۽ ڀاڄي رڌي کائو ۽ مزو وٺو. لوڻڪ ڪجهه گِسي ۽ ليس واري ڀاڄي آهي. آهي اها به چڱي، پر مريڙي جو مٽ نه ٿيندي. مريڙو آهي اڻڀي ڀاڄي، جنهن ڪري ان ۾ گيهه جام پوي ۽ ڏاڙهن جي ڪڻ به جهجهي وجهجيس، پوءِ هٿ ويٺو چٽ. ڪڻڪ جي مانيءَ سان ايترو رس نه ڪري، جيترو ٻاجهري يا جوئر جي ڍوڍي سان. ٿر ۾ ته ٿئي ئي ٻاجهري، ان ڪري ٿري ماڻهو مريڙي مان جاوا ڪن. ڪونڍير پٽاٽن وانگر ٿين، ڦڪا ئي ڦڪا، ڪَچا به کائجن ۽ رڌي به. للر ۽ ٻنگرو ته رڳو اٻاري انهن جا مٺيا ٺاهي، ٿري ويچارا ويلو ٽاري ڇڏين. پپن لاءِ مون اڳي ئي لکيو آهي. سڱريون ته اوهان ڪَنڊين جي وڻن ۾ ڏٺيون آهن. پچن ته ڏاڍيون مٺيون ٿين. ٻار انهن کي ڪُٽي ڀوڳاڙو ٺاهي ڦڪ ڀريندا وتن. ڪچيون هجن ته انهن جي ڀاڄي به گهٽ سوادي ڪين ٿئي. ڏؤنرن ۽ پُسيءَ جي ڀاڄي به ٿئي ۽ آچار به. ڏؤنرا پچن ته ڳاڙها پڪا ٿي پون،جي موج سان کائجن. ڦوڳن جي ٻوٽي ۾ ننڍڙا ننڍڙا گل ٿين تن کي ڦوڳي ڪوٺجي، اها ڪچي به کائجي ۽ ڀاڄي ڪري رڌي به واپرائجي. +ڏسو ته ڌڻيءَ سڳوري ماڻهوءَ لاءِ ڇا ڇا نه بنايو آهي، ته ڀلي منهنجا ٻانها کائي سواد وٺن ۽ پيٽ پارين. +63- ٻوراني +اوهان مان گهڻن تڻن ته ٻوراني پڪ کاڌي هوندي، جي کاڌي نه هوندي ته ڪن هٽن تي پيلي رنگ جا وڏا وڏا مُٺيا (چاڻا) رکيل ڏٺا هوندوَ. اهائي ٻوراني هوندي آهي. سَڄرَ ته ڏاڍي سوادي ۽ مٺي هوندي آهي، پر جي گهڻن ڏينهن تائين رکيل هوندي آهي ته به سَڄر جهڙي نه، ته به چڱي موچاري هوندي آهي. ٻار اها چاهه ۽ چَس سان کائيندا آهن. وڏا به هن جو سواد وٺڻ ۾ ڪسر ڪانه ڇڏين. ٻورانيءَ جو هڪڙو ٽُڪر يا ڳنڍو ڀڃي کڻي وات ۾ وجهي ڏند ڏينس ته ڦڪرو اٽو يا ٻورو ٿي پوندو ۽ مِٽون ڀرجي وينديون. پوءِ ڄڀ اٿلائي اٿلائي نيٺ ڳهي ڇڏينس. ٻورانيءَ جو اکر ئي اهڙو آهي، جنهن مان اوهين سمجهي ويندا ته هيءُ ڪنهن ٻوٽي جو ٻُور آهي، جنهن کي ڪنهن رٿا سان جوڙي ٺاهي مٺائيءَ جهڙي وٿ جوڙي رکي اٿن. +هاڻي مان توهان کي ٻڌايان ته اهو ڇا جو ٻور آهي؟ ته ٻڌو: جتي جتي سم گهڻي هوندي آهي اتي هيٺاهين پٽن تي سم جو پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي، ان پاڻيءَ جي آڌار تي هڪ گاهه، جنهن کي پَنِ ڪوٺيو ويندو آهي، سو گهاٽو گهاٽوا ُڀري پوندو آهي. اها پن وڌي وڏي ٿئي ۽ ٻاجهريءَ جي سنگن وانگر ان ۾ سنگ نڪرن، پر انهن سنگن ۾ داڻا ڪونه ٿين، رڳو اڪ جي انبن ۾ جيئن هڪ نموني جي ڪپهه ٿيندي آهي. اهڙي ڪپهه ٿئي، اڪ جي ڪپهه مان وهاڻا ڀرجن ته ڏاڍا نرم ٿين. هن پن جي پهه مان به ڪي وهاڻا ڀرين، پر ٿوري گهڻين ڏينهن ان ۾ بانس ٿيو پوي. +پر وٺو ڳالهه جو ڳاٽو. انهن سنگن جي چوٽيءَ وٽان، وچان هڪ تيليءَ جهڙي سرائي اڌ_ مني فوٽ جيڏي اُڀري، جنهن تي ور چڙهي وڃي. اهو ٻور مان ته ڀورو ڏسڻ ۾ اچي، پر اندران پيلو هوندو آهي. ماڻهو ويچارا هٿن سان اهو ٻورو روڙيندا گڏ ڪندا ويندا آهن. مڻن منهين ٻور ڪٺو ڪري، ڀريون ٻڌي کڻي وڃن ۽ ان کي ڀوري ڳوهي، پوءِ ڦڪرو ٿئي ته ان جا وڏا ڳوڙها ۽ ننڍا مُٺيا جوڙي راس ڪن، پوءِ اچي شهرن ۾ وڪڻن، جنهن مان چڱو پئسو پڙِ پوين. اڳي ته ٻوراني خيرپور ۾ جام ٿيندي هئي، جو اتي سم به گهڻي هئي، ٻيو سنڌ ۾ جتي ڪٿي سم وارين ڍنڍن ڍورن تي به جام ٿيندي هئي. اڄڪلهه ٻوراني گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، نه ته شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اهڙو هٽ ڪونه هوندو هو، جتي ٻوراني نه ملي. +اهي آهن الله سائينءَ جون ڪرڻيون؛ جيئن وڻيس تيئن ڪري. ماڻهن لاءِ ڇا ڇا نه اپايو اٿس، پوءِ به هي ٻانها سندس ٿورا نه مڃين ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي نه هلن ته اوڳڻي ڳالهه آهي. ڏک آهي ته هاڻ هن شيءِ جو واهپو گهٽجي ويو آهي. اها ٻارن جي وڻندڙ شيءِ هئي. ”ٻوراني، ڙي ٻوراني!“ توکي ٻار ڏاڍو ٿا ياد ڪن. تون ڪٿي وڃي لڪي آهين؟ نڪري اچ ٻاهر ته توکي کائي چڙهه ڪن. +64- پَٻڻ، بِهه ۽ لوڙهه +جيتريون ڌڻيءَ سڳوري ڀاڄيون ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي اُپايون آهن؛ اوتريون ڌرتيءَ ۾ اندر ۽ وري ڪيتريون پاڻيءَ جي مٿان ۽ پاڻيءَ ۾ اندر آهن. اوهان جيڪي ڀاڄيون کائو ٿا، جهڙوڪ ميٿي، پالڪ، چوڪو، گوبي، ڌاڻا، ڦودنو، ڀينڊيون، سايون توريون، ڪدو، گوار ۽ ٻيون. اهي اُسرن ڌرتيءَ کان مٿي موريون، گجرون، پٽاٽا، گوگڙو ۽ ٻيون ٿين ڌرتيءَ ۾ اندر پاڙ سان، ۽ پاڻيءَ ۾ وري بهُه، لوڙهه ۽ ڪُم ٿين پر پٻڻ مٿي پاڻيءَ تي ٿئي. بهه، لوڙهه ۽ ڪُم جون پاڻيءَ ۾ هيٺ پاڙؤن ٿين ۽ پٻڻ پاڻيءَ کان مٿي انجي مٿاڇري تي ٿئي. +بِهه اوهان کاڌا هوندا. ڪهڙا نه سوادي آهن، ٻوڙ ۾ وجهن، اُٻاري مرچ لوڻ وجهي کائجن، ڪچريون ڪري رکجن، اهي سڀ ڪم انهن مان وٺجن. اهي بَهه اَٿوَ پٻڻ جون پاڙون، پٻڻ جا کوپا (پاٻوڙا) ته اوهان وٺي ڇني منجهائن پٻڻيون ڪڍي کاڌيون هونديون! ڏسو ته ڇا آهي، هنن ۾ مزو. وات ۾ وجهه ته کير پيو نڪرندو. سڪي وڃن ته به خرارن جي منهن وڪامن، جي ساين مان ڪاريون پٻڻيون ٿي وڃن ته دوائن ۾ ڪم اچن. +رهيا لوڙهه، سي به اوهان کائي چس ورتي هوندي! ڍنڍن ۾ اندر اُپجن ۽ گپ سان گڏيا پيا هجن. ميربحر ٽٻيون هڻي ڪڍن يا وري ڍنڍن ۾ پاڻي جڏهن ٿورو وڃي بچي، تڏهن ڍڳ کڻي ميڙين. لوڙهه، ٿورا ڪسارا ٿين پر اها ڪساراڻ اهڙي ته وڻي، جو کائيندي کائيندي، پيٽ ئي ڪين ڀرجي. ڀانئجي ته هجن ته ويٺو کائجين. مٿان کل ڪاري هوندي اٿن. ڪوسي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، اُٻاري پوءِ کل لاهي، سندن ڳڀ ويهي چَس سان کائجي ته ماڻهو کائڻ مان ٿڪجي ئي ڪين. +ڪُمَ به اهڙي ئي سلوڻي شيءِ آهي، منجهن خس خس وانگر داڻا ٿين، جن کي ناپو چئبو آهي، جيڪو چانورن سان رڌي کائبو آهي، ته پلاءُ جو سواد ڏيندو آهي، پر جي ڪُمن جي کل لاهي ک��ي وات ۾ وجهه ته واهه واهه! ڪهڙي ڳالهه ڪجي. کائڻ وارو چوندو ته ٻيلي اڃا آڻ ۽ آڻ. لوڙهه ڌوئي گپ ڪڍي اُٻاري ٻوڙ ۾ کڻي وجهبا آهن ته اهي وڻندا آهن، جو ڀانءِ ته ڪڪڙ جا آنا اُٻاري رڌا اٿن. +هاڻي ويچار ڪريو ۽ چئو ته ڌڻيءَ جي ڏنل ڀلاين مان ڪهڙين جي ناڪار ڪري ڪهڙين جي ڪندا. هن ڀلي جا ڪيترا ڀال مڃيون ۽ ٿورا ڳايون. +گهڻا ورهيه ٿيا ته ڪنهن سگهڙ سمن جي صاحبيءَ ۾ چيو هو ته: +هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، +بهه مڇي ۽ لوڙهه سمي ويندي سوکڙي. +65- تلور ۽ گوڙامڻو +تلور ۽ گوڙامڻو به حلال پکي آهن ۽ ٻيئي هڪ ئي بُڻ جا آهن. نيٺ پکي آهن، سو مٿي اڏامن، پر ايترو گهڻو ڪين اڏامن، جيتروسرڻيون اڏامن، رڳو مور وانگر ٿورو اڏامي وري ويهي رهن. هيءَ پکي به تترن وانگر ڌرتيءَ تي ڏاڍو تکو ڊوڙي سگهن. ڪنهن به ماڻهو کي ايندو ڏسن ته اهڙي ڊوڙ پائين، جو ڪير ٿو رسين؟ هيءَ پکي به پڌر جا پکي آهن ۽ شڪاري هنن جي پويان به بندوقون کڻيو، هنن کي ڳوليندا وتندا آهن، جنهن جُوءِ ۾ تلورن جو ڏس پين ته اتي پهتا. تلور جا کنڀ ڪارسرا ٿين ۽ پيٽ به ڪارسرو ٿئيس. پر گوڙامڻي جو پيٽ اڇو ٿئي ۽کنڀ ڀورا ناسي ٿين. ڳچيون ٻنهي جون ڊگهيون ٿين ۽ پير هڪجهڙا. گوڙامڻو تلور کان ڪجهه وڏيرڙو ٿئي. ڊوڙڻ ۾ ٻيئي کي ڇها آهن. چوندا آهن ته سهي ۽ هرڻ وانگر هنن جي به اها چال آهي، جو سهو ۽ هرڻ پرڀرو وڃي پٺتي نهاريندا ته ويري ويو يا آهي، پوءِ اها چال سندن مرڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي. تلور جي چال وري اها، جو ڊوڙي ڊوڙي ڪنهن ٻوٽي جي ٻُوڙي وٽ پهتي ته ان ۾ منهن کڻي لڪائيندي، اکيون کڻي بند ڪندي ۽ ڀائيندي ته مون کي ڪو ڪونه ٿو ڏسي. بس اها سندس سمجهه کيس مارائيندي آهي. ويري بندوق سڃيو بيٺا هوندا آهن، ٻوڙي ۾ لڪڻ جي دير آهي، لِڪي ته فائر ٺڪاءُ ٿي ويندس ۽ اچي ڪپ ڪنڌ تي رسندس. +تلور ۽ گوڙامڻي جو گوشت ذري گهٽ سواد ۾ هڪجهڙو آهي، پر تلور ڪجهه ڪثر آهي. ٻوڙ اهڙو سٺوڪين ٿئين، باقي پلاءُ کائجي ته تلور جو! تتر ۽ ڪڪڙ جو گوشت اڇو ٿئي، هنن جو ڳاڙهو پر پلاءُ ٺاهي کاءُ ته تتر به وسري وڃي. تتر پڪل سٺو ٿئي، پر پلاءُ ۾ تلور زور آهي. وڏا ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن هن جي شڪار پٺيان متوالا هوندا آهن ۽ تلور ماري اچي پنهنجن سنگتين ساٿين کي سوکڙيءَ وانگر ڏين. ويچارا جهنگ جا پکي شهرن کان ڪوهين ڏور پري ڀڄن، پرهنن چڱن مڙسن کان ڪٿي ٿي جند ڇٽين! ويچارن کي جهنگن برن ۾ به ڳوليو اچيو هٿ ڪن، پنهنجي پيٽ ۽ وات جي چس لاءِ ماريو مات ڪن. شڪار جي موڪل به ايتري آهي ته پيٽ ڀرن جيترو ڪجي، پر شڪاري ترس ڪونه کائين. هرڻن جون به جيپون ڀرجي اچن، ڍنڍ جي پکين سان به اهڙو ئي ويل واهين ۽ هنن جهنگ جي پَسُن جو به ڪم لاهيو وڃن، ڪمهري ڌڻيءَ کي ڪين وڻي، ان ڪري ماڻهن کي جيتاڙن تي ترس کائڻ کپي. +66- شڪاري پکي +گهڻا پکي ته داڻا ڪڻا ۽ ڦل ڦول کائين، پر اهڙا به پکي آهن، جيڪي ٻين ننڍن پکين جو شڪار ڪري انهن جو گوشت کائين. انهن پکين جو بُڻ ساڳيو آهي، جهڙوڪ باز، بانسو ۽ شڪرو. سرڻ ته نه رڳو ننڍڙا پکي چنبن ۾ جهلي چيري ڦاڙي کائي، پر ماڻهن جي هٿن مان گوشت به ڇني ۽ ٻيون شيون لامارو هڻي کسي وڃي ۽ ماڻهو منهن ڀلڪڙو ڪري بيٺو ڏسي، سُڌ تڏهن پويس، جڏهن اهڙو ڪم ٿي وڃيس ڄڻ ڪهيريءَ کان ڀولڙو ڇڏائي ويو. سرڻيون شهر ۾ به کوڙ آهن. سنجهي جي ٽاڻي ته گهڻو مٿي اُڏامنديون ڏسڻ ۾ اچن، اهي شهرن کان ڪين ڊڄن ۽ نه ماڻهن جو ڀـؤ ٿئين. پر باز، شڪرو ۽ بانشو جهنگلي پکي آهن. شهرن کان ڊڄن، جهنگن ۾ شينهن جي ڏيکائي ڏين. شهرن ۾ وڏا ماڻهو، جي شڪار جا ڪوڏيا هوندا آهن، سي انهن کي پالين ۽ شڪار جو ڏانءُ سيکارين. ڪيترا ڏينهن جيستائين نولا هوندا آهن، تيستائين هنن جون اکيون ٻڌي ڇڏين ۽ رات جو انهن کي اوجاڳا ڪرائين. هٿن جي پٺيءَ تي انهن کي ويهارين ته جهنگ کي ڀلجي وڃن ۽ ماڻهن سان هري مري وڃن. ڪيترا ڏينهن ته اهي تيسي ۾ کاڌو به ڪونه کائين، پر نيٺ ته ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“ هٿراڌو گوشت ڇلي انهن کي کارائين، نه ته هي پکي ٻئي جي هٿان شڪار وٺي نه کائيندا آهن، پر پنهنجو شڪار پاڻ ڪري پوءِ ٽانءِ ۾ ڀرجي ويهي کائين. باز سرڻ کان به وڏا ٿين، شڪرا ان کان ننڍا ۽ بانشا تهان ئي لاٺيرا ٿين. +هي شڪاري پکي جڏهن هري مري وڃن ته شڪاري مڙس هنن کي شڪار لاءِ ٻاهر جهنگ ۾ کنيو وڃن، هٿن تي چمڙي وڍيءَ جي رسي چيلهه ۾ وجهي، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌنس. پهريائين جڏهن شڪار تي هيرائيندس ته تتر، ٻاٽيهڙن جا بوتا ٺاهي، باز جون اکيون کولي ڇڏين، پوءِ بوتا وٺي مٿي اڇلين ۽باز کي هڪل ڪن ته ”اهو ٿو وڃيئ تتر پوءِ باز، بانشو يا شڪرو به اهڙي ته وٺي لوهه ڏئي اُڏامندو، جو هڪڙيئي جهڙپ سان انهيءَ بوتي کي چنبن ۾ پڪڙي، موٽي شڪاريءَ وٽ آڻي اڳيان جهليندو، جو کانئس ڇڏائي پاڻ وٽ رکندو. اهڙيءَ ريت جڏهن شڪار جو ڍنگ اچي ويندس ته پوءِ سچن پچن جيئرن پکين پٺيان بڇيندس؛ پوءِ ته ويرم ئي ڪانه ڪندو. اهو بازن جو شڪار ڏسڻ وٽان آهي. ماڻهو ڪيڏو نه سياڻو آهي پنهنجي سمجهه ۽ سياڻپ سان ڪيئن نه جهنگ جا پکي ۽ مرون به پاليو ڇڏي، جي سندس هڪل جا ٻانها هوندا آهن. +اوهان کي ٻڌي تپرس وٺي ويندي ته اهي شڪاري پکي، هزارين رپين ۾ وڪامن ٿا ۽ ڏاڍا مُلهائتا هوندا آهن. انهن جو پالڻ به سچ پچ ته مکڻ جي سيخ پچائڻي آهي. چنبن ۾ ڏاڍي سگهه ٿئين، چهنبون وريل ۽ نوڪ واريون هونديون اٿن، هِتان پکيءَ کي پڪڙيو، هُتان چنبن ۾ جهلي چهنب سان چيري ڦاڙي کائي ويندس، ماس کائي کنڀ کڻي هيٺ ڦٽا ڪندا. +شڪار جا ڪوڏيا انهن پکين جي سنڀال جهڙي وٺن، تهڙي پُٽن جي به نه وٺن ۽ من ساهه پساهه ڏين. بس چوندا آهن ته ”شوق جو مُلهه ئي ڪونهي.“ ڪي ماڻهو پاڻ پيا بک مرندا، پر هنن پکين کي پيا چورما کارائيندا، جڏهن شڪار ڪري ڏيندن، تڏهن پاڻ به تتر، ٻاٽيهڙ ۽ ٻيا حلال پکي شيخ تي چاڙهي يا تري، انهن جو گوشت کائي پيٽ ڀريندا، جنهن مان کين اهڙو چشڪو اچي، جو لک خرچن ته به پلئه نه پوي. + + +67- چانهه +مٿي چانهه جو اکر پڙهي اوهان جو وات پاڻي ٿيو هوندو ته ڪو چانهه جي ڪوپ جي ڳالهه هوندي ۽ چانهه پيئڻ جي ڳالهه ٻولهه هوندي، پر ائين نه آهي. چانهه هڪ سهڻو پکيڙو اٿوَ. ڪٻر کان ٿورو ننڍو ۽ ٽيٽهار کان ڪجهه وڏو پکي. سندس کنڀ آسماني رنگ جا ۽ مٿن نيري گهاٽي رنگ جا چٽا چٽا هوندا آهن. سهڻا پکي ته طوطو، مور، ڪاٺ_ ڪُٺو ۽ بلبل به آهي، پر هن جي سونهن به ڪا گهٽتائي ڪانهي. ٻولي به مٺي اٿس. لڳ ڀڳ مينا جهڙي. ڪوئل ۽ ٽيٽهار ته راڳيندڙ پکين جي ڪٽنب ۾ ڳڻجن ٿا، پر چانهه ائين نه اهي. ٻولي وڻندر اٿس ته به راڳيندڙ پکي ڪين سڏينس. سندس کنڀ يا پَر ته ڀانئجي ته ويٺا ڏسجن. هٿ اچي ته هٿ لائي ڏسبس ته کنڀ نرم جهڙا ريشم يا پَٽ. دل ئي نه چوندي ته ڪو هٿ مٿان لاهجيس. اهوئي هڪ پکي آهي، جنهن جو نالو پيئڻ واريءَ چانهه جهڙو ساڳيو آهي. هن جو کاڌو پيتو به ميوو آهي. بک ۾ اَن جا داڻا ڪڻا به کائي، چانهه پکي گهڻو ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڏسبوآهي. ٻين پکين جهڙوڪ ڪانو، جهرڪين ۽ ٻوڙيءَ کان گهٽ ٿئي. جهرڪيون ۽ ڪانوَ ته گهرو پکي ڪوٺجن ته به ٿي سگهي ٿو،پر چانهه ويچاري گهرن ۾ پير ڪونه رکي. ماڻهن کان ڏاڍو ڊڄي، ان ڪري وڻن جي گهاٽن جهڳٽن ۾ ويهي، ج��ي هوءَ پنهنجو بچاءَ سمجهي، جڏهن اسان کي پيئڻ واري چانهه ڏاڍو وڻندو آهي ته پوءِ هيءَ ان جي نالي ڀاياڻي ڇو نه وڻندي. اوهين جڏهن ڪنهن چڙيا_ گهر ۾ گهمڻ وڃو ته اُتي هيءُ پکي ڏسي سگهندا، اتي هِري مِري ويا آهن. چانهه جا ٻچا ڏسندؤ ته هيڪاري مٿن وڌيڪ پيار ايندوَ. بس الله جي جوڙ آهي.ويچار ڪري ڏسبو ته سندس جوڙ ڏاڍي سهڻي ۽ سٺي آهي. پاڻ ڌڻي سڳورو سهڻو آهي ته سندس جوڙ وري ڪا ڪوجهي هوندي به ڇا؟ نه نه! +68- پُسي، ڏونرا ۽ پَڪا +ڪِرڙن جا وڻ ته اوهان ڏٺا هوندا، اهي اهڙا وڏا ڪين ٿين، جهڙيون نمون، سرهيل، ٻٻر يا انب. هي وڻ ننڍا ٿين ۽ جهنگن ۾ پاڻ مرادو اُڀرن. جڏهن ٻُورجن تڏهن پهريائين منجهن ڦُلڙيون ڦٽن، جي پهرين سايون ۽ پوءِ گلابي رنگ جون ٿينديون آهن. اسين انهن کي پُسي ڪوٺيون. پُسيءَ جي هڪ لُڙي پَٽي وات ۾ وجهي ڏند ڏينس ته مِٺي رس جو سواد ايندو، پر پُسي ڪچي ڪين کائبي آهي. اها پُسي گڏ ڪري کڻي اچجي گهر، ڪُني ۾ وجهي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ اُٻارجي ته رنگ ليمائي ٿي ويندس. رڌجي وڃڻ کان پوءِ گرم پاڻي هاري، پُسي ڪڍي ڪري، ڪنهن ٿالهيءَ ۾ رکبي آهي، پوءِ لوڻ مرچ ٻُرڪي کائي ته هن جي مزي جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان! اڳي مَهتا هوندا هئا سي پُسي رڌي ڪُني ۾ وجهي، وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيندا وتندا هئا ته ”رڌي پُسي مٺي“ ۽ ٻار پئسي_ ٽَڪي جي وٺي ڏاڍي چاهه مان کائيندا هئا. هاڻي اهڙا هوڪا ڪين ٻڌجن؛ پر ٻهراڙين ۾ اڃا به ماڻهو مند جو ميوو سمجهي رڌي کائيندا اٿس. +پُسي آهي ڄڻ ڪرِڙ جو گل، انهن مان پيدا ٿين ڏؤنرا. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، جڏهن ٻيرن جيڏا ٿين ته اهي به پَٽجڻ لڳن. ماڻهو ڪٿي ٿا ڏؤنرن کي ڇڏين. شهرن جي مارڪيٽ ۾ ڀاڄيءَ وانگيان وڪامڻ به اچن. ڏؤنرا به پُسيءَ وانگر ٽهڪائي لوڻ مرچ وجهي کائجن ته ڏاڍا وڻن. ڏؤنرن جو اچار به ٺاهيو ويندو آهي. جي ليمن ۽ انبڙين جي اچار ۾ وجهي ڇڏبا ته به سَنڌ جو هڪ سٺو سانڌاڻو ٿي پوندو نه ته رڳي ڏؤنرا آچار ڪبا ته بس. پوءِ ته ڏؤنرن جون ڏويون ڀري پيو سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن ۾ ورهائي به ۽ پاڻ به کائي جشن ڪر. +اهي ڏؤنرا جيڪڏهن ڪچيءَ ۾ نه پَٽبا ته پوءِ سائي مان ڦري ڳاڙها ٿيڻ لڳندا ۽ مٺيءَ رس سان ٽمٽار ٿي ويندا، پوءِ ته جهڙو ميوو. پڪو پٽيندو وڃ ۽ چوسي کائيندو وڃ ٻج ۽ کل اُڇلي ڇڏ، باقي رس ۽ ڳڀ اهڙو ته سوادي ٿيندو آهي، جو چڇِڪو ڇا جا ۽ زردالو ڇا جا. پکين کي ته پَڪا اهڙا وڻن، جو ماڻهو نه پهچي ته پکي ئي کائي پورا ڪري ڇڏين. بلبلين کي جيترو مڪ ۽ پيرون“ جي ڄارين ۽ کٻڙن ۾ ٿيندا آهن وڻن، ان کان به وڌيڪ پڪا وڻن. پاليل بلبلن لاءِ ماڻهو ڳولي ڳولي پڪا هٿ ڪندا آهن. شهرن ۾ وڪامندا به آهن، پر پکين کان بچن ته ماڻهوکائين. ڳاڙها ڳاڙها جهڙيون لعلون، آهن پڪا به گولاڙي جي جنس پر ٻيا ميوا پچڻ شروع ڪن منهن کان ۽ گولاڙو پچي بول کان. ان ڪري سنڌيءَ ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”گولاڙو پچي بول کان.“ ان جو ارٿ اهو هوندوآهي ته گولاڙا ماڻهو، جي پئسي وارا ٿيا ۽ ٿوري هُشي ملي وين ته گولاڙي (جهنگلي ڦر) وانگر بول کان پچندا. يعني وڏائو ڪندا. +جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جهنگ جا اناج اُپايا آهن جن کي ڏٿ چوندا آهيون ته جهنگ جون ڀاڄيون به اُپايون اٿس. وري جي جهنگ جون ڀاڄيون پيدا ڪيون اٿس ته جهنگلي ميوا به ٺاهيا اٿس. شهرن وارن ماڻهن لاءِ باغن جا ميوا، نهرن جون ڀاڄيون ۽ واهن جا اناج جهجها ڪري ڏنا اٿس ته مارو ماڻهن کي وري جهنگ جو ڏٿ، ميوا ۽ ڀاڄيون جام ميسر ڪري ڏنيون اٿس. خدا جي ڀلاين کان وانجهيل اُهي به ناهن. ڌڻي سڳوري جا ڀال سڀني تي هڪ جيترا آهن. وڏا ماڻهو ��رم هنڌن تي سمهن ته به پاسا پيا اُٿلائيندا ۽ ننڊ ئي ڪانه ايندي، ٿوري کڙڪي تي ڇرڪ پيا ڀريندا، پر ٻهراڙيءَ جا سانگي ڪنڊن مٿان سمهي پوندا ته به کونگهرا پيا هڻندا. شاهوڪارن کي مال مليدا کائڻ ڪري بک ٿوري لڳي، ان ڪري کاڌي مان سواد ڪونه اچين. ڇو ته پورهيو ڪن ئي ڪونه، پوءِ بک چڱي ڇو لڳين جتي ۽ جيڪو انهن کي رکي سُڪيءَ مانيءَ مان ساءُ اچي، سو سُکين ستابن کي سيرن، حلون، مالپڙن، پراٺن ۽ ٻوڙن پُلائن مان به ڪين اچي. غريبن لاءِ سنڌڙي، بيگڻ ڦلي، آپوسي ۽ ٻين انبن جي جنسن کان اهي پڪا ۽ پيروُن، ليار ۽ گولاڙا، ليسوڙا ۽ گيدوڙا ميوا آهن، پوءِ ڇو نه چئو الله اڪبر! ته الله سائين وڏو آهي. +69- ڳجهه +ڳجهه اوهان ڏٺي ته هوندي، پر جي ڪنهن نه ڏٺي آهي ته ٻڌو سُڌ سماچار: ڳجهه هڪ پکي آهي. سرڻ کان چـؤڻي، بت ۾ ڳـؤري هوندي آهي. اُڏامڻ جي ڪري ته مس مس پَٽ تان پاڻ کڻي سگهي ۽ پَرَ هڻي هڻي ڏاڍو ڏکيائيءَ سان مٿي ٿئي. ڳچي ذري گهٽ فوٽ کن ٿئيس. اهڙو بڇڙو ۽ بڇان ڏياريندڙ پکي ٻيو ڌڻيءَ سڳوري اُپايو ئي ڪونه هوندو! ڳجهون رڳوا ُتي ڏسبيون، جتي ڍونڍ پيل هوندو. ڪو گڏهه، گهوڙو، ڍور ڍڳو، ٻڪري ٺڪري مئي ۽ ائين ئي ڪنهن ڍير تي پيل ڏٺائون ته اجهي ڳجهون آيون. سُڌ به الاجي ڪيئن ٿي پوين. سونگهڻ جي سگهه به ڪا تکي ڏاڍي ٿي ٿئين. ڪوهن تان ڪَل پوندين ته هن ڏس ته مئل ڍونڍ آهي. اکيون به اهڙيون تکيون اٿن، جو اُڏامندي اُڏامندي، مٿان ئي ڏسي وٺنديون ته اِجهو هُو ڍونڍ. پاڻ ۾ ٻڌي به ڏاڍي اٿن. ويرم ۾ ولر ڳجهن جا اچي مڙندا. ماڻهو هڪٻئي کي ڪڏهن ڪڏهن چوندا آهن ته ”تون به ڪو ڳجهه آهين، ڍونڍ ۽ ڪِنَ تي آيو ٿو رهين!“ بس ڳجهون ڍونڍ تي لٿيون نه آهن ته پنهنجي ڊگهي ڳچيءَ ۽ وڏين چهنبن سان اچي ڍونڍ کي وٺنديون. ان جي پيٽ ۾ ڳچي اندر وجهي، چهنبن سان چڪ چڪان ۽ پَٽ پٽان لائي ڏينديون. سمورو ماس کل سوڌو پٽي کائي ڇڏينديون. هڏن تان به ماس ڪوري ڇڏيندس. ڳجهون اينديون آهن ته چُهڙا سرها پيا ڏسبا آهن، ڇو ته هنن جو ڪم آهي هڏا ميڙي کڻي وڃڻ. ويچارا هڏا وڃي وڪڻندا آهن، جن مان چڱو اپراسو ٿئين. هڏن مان وري ڏاڍيون ملهائتن شيون ٺهن، هڏن کي ڪَلن ۾ اڇو اُجرو ڪري، انهن مان ڦڻيون، چاڪن ۽ ڪاتين جا ڳن، بٽڻ ۽ ٻيو به الاجي ڇا ڇا ٺاهين. +سچ پچ ڳجهه آهي سا ڏاڍي ڪني، پر نه هجي ته ڍونڍ ڪيترا ڏينهن پيو رهي ان مان جيوڙا نڪرن، جي ماڻهن جي چڱڀلائيءَ کي جوکو رسائين. ماڻهو اتان نڪ جهلي لنگهن ۽ آسپاس جا گهر ساهه به سولو کڻي نه سگهن. ڳجهن اهو اهنج دور ڪريو ڇڏين. +ڇوڪرن کي به لڳي مزو سو سروٽا، ڏنڊا، پٿر، ڀتر جيڪي هٿ آين، سو ڳجهن ويچارين کي هڻڻ جي وارو وار لائي ڏيندا، پر انهن جو ڪوبه ڳجهن کي ڊپ ڪونه ٿئي. سروٽو لڳن ته ڄڻ ”سانَ تي ٻگهي ويٺي.“ هو پنهنجي ڇڪ ڇڪان ۾ پوريون هونديون آهن، جڏهن ڍونڍ کائي ڍؤ ڪن، تڏهن پاڻهي اُڏامي ٻيو ڪو هنڌ تاڙين، جتي ڍونڍ هجي. هيءَ سڀ ڌڻيءَ سڳوري جي سياڻپ ۽ ڏاهپ آهي. ماڻهوءَ جي بچاءِ لاءِ هي هڙ شيون اُپايون اٿس، ان ڪري ماڻهوءَ کي سندس ٿورا ڳائڻ کپن! +70- سانباهو +سانباهو به ذري گهٽ ڳجهه جهڙو ڪِنو پکي آهي. سانباهي کي ”گونهه خور“ به ڪوٺين. ڪي گونهه خور اڇا ڪي ڀورا ۽ ڪي ڪارا به ٿين. سندن چهنب ڊگهي ۽ وريل ٿئي. هنن جو ڪم ٻالي شاهين جهڙو آهي، ٻاليشاهي يا ڀنگي ويچارا ماڻهن جا ڪاڪوس ميڙي سڀ ميلو ۽ گونهه وڃي ڍير تي ڦٽو ڪن، جتي سُڪي ڀاڻ ٿي پوي. ماڻهوءَ جو ميلو چوندا آهن ته ڀلي ۾ ڀلو ڀاڻ هوندو آهي. اهو وري ٻنين ۾ پوي، ٻنيون ڀليون ٿي اسان کي اناج ڀاڄيون ۽ ميوا ڏي��. اهو نار وارو ڦيرو لڳو پيو آهي. سڀ شيءِ مٽي مان اپائجي ۽ مٽيءَ ۾ ئي موٽي وڃي. +گونهه خور يا سانباهي کي به پريان ئي بانس ايندي آهي. اهي به ٿورا ڪي گهڻا انهن ڪِنن ڍيرن تي ڏسبا آهن ته پنهنجي چهنبن سان گونهه ڦولهري پيا کائيندا آهن. بس هنن جو کاڌو ڌڻيءَ اهو اپايو آهي. آهي ته سانباهو به هڪ پکي، پر ڪي پکي اَنُ کائين، ڪي ڦل ڦول ته ڪي ڪن ڪچرو. ماڻهو هن پکيءَ کي ڏسي، ڪنهن ڪن ڪچري جهڙيون شيون کائيندڙ ٻئي ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”تون به ڪِنَ سِنَ تي ائين ٿو اچين، جيئن سانباهو اچي گونهه تي.“ +ٻهراڙين ۾ جتي ميلي ميڙڻ لاءِ ڀنگي ڪونه هوندا آهن اتي گونهه خور ڀنگيءَ وارو ڪم ڪن ٿا ۽ ڀنگين جي ڪسر ڪڍيو ڇڏين. اوهان کي ته گونهه خور جو نالو وٺندي ئي بڇان ايند،ي پر ڏسو ته اهو پکي به ڪم جو آهي يا ڪونهي؟ مون ته اڳيئي اوهان کي ٻڌايو آهي ته ڪابه شيءِ، الله سائينءَ نڪمي نه اپائي آهي. سڀ ڪنهن کي ڪم ورهائي ڏنو اٿس ۽ سڀ پکي پکڻ، مرون مانگر، جيت سُرڻا ۽ بلائون ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا. اها ماڻهن تي ڌڻيءَ سڳوري جي هڪ وڏي ٻاجهه آهي. بس اسان جو سائين ٻاجهارو آهي، سو اسان جي ڍڪ ڍڪيو ويٺو آهي، نه ته اسان جي الائي ڪهڙي گت ٿئي! +71- سُرو يا گهُڻو +جوئر، ٻاجهري، چانور، دالين ۽ ٻين سڀني اناجن جي پٺيان به ڌڻيءَ سڳوري بلائون بڇي ڇڏيون آهن، انهن اناجن کي، جن گدامن ۾ بند ڪري رکيو ويو ۽ هوا نه لڳي ۽ گهُٽ ٿي ته سُرو اچي لڳندن، جو اندران ئي اندران اناجن جو ڳڀ پيو کائيندو. ڪل تڏهن پوندي، جڏهن داڻا اندران کوکا ٿي ويندا، رڳي کل وڃي بچندي ۽ اناج کائڻ کان رد ٿي ويندو. +سُرا ڳاڙهي رنگ جا ماڪوڙين جيڏا جيت هوندا آهن، جي اُڏامندا به آهن. ڪنهن ان جي گدام ڀرسان ڪنهن جو گهر هوندو ته ان گهر لاءِ جنسي ويل مچي ويندو. ماڻهن کي به چڪ هڻندا، کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ ۾ به پئجي ويندا، جيڪڏهن ويسلو ٿي انهن کي ڍڪي نه رکبو. گهُڻو ان ڪري چوندا اٿس جو گهُڻ وانگيان اَن کائي، باقي کل وڃي ڇڏيندو. واپاري اهو رنگ ڏسي، اَن جون ڳوڻيون کولي اُس تي سڪائيندا آهن ۽ پوءِ ڇنڊڪو ڏيئي توريندا آهن ته مڻ جي بدران ڏهه سير به سڄا داڻا ڪونه بچندا اٿن ۽ وڏي پيهي ۾ پئجي ويندا آهن. پر ڏک جي ڳالهه اها آهي، جو انهيءَ سڙيل ۽ کاڌل اَن کي، جو ماڻهن جي کاڌي جوڳو نه رهندو آهي،سو هو چڪين ۾ پيهائي اٽو ڪري وڪڻي، ٻين ويچارن ماڻهن کي کارائي ڇڏين ۽ پنهنجا ڏوڪڙ جوڙين. اهو ماڻهو ڪهڙو نه دل جو ڪُڌو چئبو، جو پنهنجي ٿوري لاڀ لاءِ ڪري ماڻهن جي چڱڀلائيءَ سان کيل ٿو کيلي. ڀل ته اهڙن ڪٺور دل ماڻهن جا گدام سُرا کائين ۽ ڀلي ته انهن کي ڇيهو پوي. ٻڌي ڇڏيو ته جيڪو ڌڻيءَ جو ڊپ هڪ پاسي نه ڪندو ۽ پنهنجي ڀائرن تي ترس ٻئي پاسي نه ايندس ته انهيءَ کي هن جڳ ۾ ته ڇيهو پوندو، پر اڳئين جهان ۾ به ان جو ڪيتو لوڙيندو. +72- نور +نور ۽ نانگ جي آکاڻي ته اوهان پڙهي هوندي؛ هڪڙي مائيءَ نور ڌاريو هو، جو گهر جي ڀاتين سان هري مري ويو هو. هڪ ڀيري مائي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي پينگهي ۾ سمهاري، پاڻ گهاگهر مٿي تي کڻي، ويئي کوهه تان پاڻي ڀرڻ. موٽي اچي ڇا ڏسي ته نور در جي ڇانئٺ وٽ ويٺو آهي، سندس ٻوٿي ۽ چنبا رت سان ڀريا پيا آهن. مائيءَ کي پسڻ پيا ته نور منهنجي ٻار کي هڻي ماري وڌو آهي، سو ٺڙٺپ گهاگهر ٽامي جي، جا مٿي تي ڀريل هيس، کڻي نور تي اڇلايائين ۽ هڻي نور کي ماري وڌائين. اڃا اندر وڃي ڏسي ته ٻار پينگهي ۾ ستو پيو آهي ۽ ڀرسان هڪ نانگ رتورت ٿيو مئو پيو آهي. پڪ ٿيس ته نور نانگ سان وڙهي ٻار کي بچايو آهي، مون ڇو تڪڙ ڪري نور کي ماريو! چوندا آهن ته ”تڪڙ ڪم شيطان جو.“ +هن آکاڻيءَ مان اوهانکي پتو پيو هوندو ته نور نانگ جو ويري آهي ۽ نانگ کي چنبا هڻي ماري وجهندو آهي. سندس ٻوٿي ڳاڙهي ٿيندي آهي. قد ۾ ڏيڍ_ ٻه فوٽ ڊگهو هوندو آهي. نانگن کي ته پير ٿين ئي ڪونه، پر نور جا چنبا سگهارا هوندا آهن. ننڍن جانورن ۾ نور پنهنجي ڪڙم ڀاين نورن سان ڏاڍو پيار رکندو آهي. اوهان ڪڏهن اهڙو رنگ نه ڏٺو وندو. ڪڏهن ڪو نور مري ويندو ته ٻيا نور اچي ڪٺا ٿي ۽ چنبن سان مٽي مٿي اڇليندا ۽ ماتم ڪندا ويندا آهن، جنهن جي ڏسڻ سان پڪ ٿي ويندي ته هو ڏک ڪري رهيا آهن. +نور پنهنجي رهڻ لاءِ جڏهن ٻر کوٽيندو آهي، تڏهن به سندس رؤنشو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. چنبن سان ڌرتي کوٽيندو، مٽي پري اڇلائيندو ويندو آهي ۽ ٻوٿيءَ سان اندر گهڙندو ويندو آهي، ٿوري ئي مهل ۾ ڏر کوٽي وٺندو آهي. +هو ڀڄڻ جو ڏاڍو ڇوهو هوندو آهي، ماڻهوءَ کي وٺ ئي ڪونه ڏيندو آهي. نور جي مادي جڏهن ٻچا ڄڻيندي آهي، تڏهن اهي ڏاڍا پيارا هوندا آهن. ماڻهو انهن کي جهلي پاليندا آهن ۽ اهي وڏا ٿيڻ تي پاليندڙ سان ڏاڍا سچا رهندا آهن. +نور ڪو ڀُڻڪو بڌندو آهي ته پنهنجي بُت جواڌ کن حصو اُڀو ڪري، اکيون ڦاڙي هيڏي هوڏي ڏسندو آهي ته ڪو ويري ته ڪونه ٿو اچي. اکيون ڏاڍيون تکيون هونديون اٿس، ان ڪري سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ميان، تنهنجون اکيون ته نور جهڙين آهن.“ هريل نور ٻارن سان رانديون به ڪندو آهي. +نور به خدا جو اُپايل ساهه وارو آهي. ان کي ڪڏهن به نه ڏکوئجي، ڇو ته هو ماڻهوءَ جو ويري نه هوندو آهي ۽ نه انهن کي ڏکوئيندو آهي. +73- سانڊو، گِلوئي ۽ ڳوهه +گِلوئي ۽ ڳوهه هڪڙي ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. سانڊو البت الڳ آهي ۽ هو پنهنجا رنگ مٽائيندو رهندو آهي. وڻن تي به چڙهي سگهندو آهي. هڪ ڳالهه هوندي اٿس؛ سا اٿس؛ ڦرڻيءَ گهرڻيءَ جي هير. سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ”ميان، تنهنجي هڪڙي ڳالهه ته ڪانهي، سانڊي وانگي رنگ پيو بدلائين.“ ڪن ڪن سانڊن کي ڳاڙهي چوٽي به ٿيندي آهي. ماڻهو سانڊن ۽ گِلوين جو تيل وڪڻندا آهن. گينڊين ۾ تيل وجهي ان ۾ مئل گِلويون وجهي ڇڏيندا آهن، چون ٿا ته اهو تيل گهڻن اگهاين ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪتب اچي ٿو. +ڳوهه جو ديل ڊول بلڪل گِلوئيءَ جهڙو آهي، پر گلوئي ننڍي ٿئي، ڳوهه وڏي ٿئي ۽ ڏاڍي ڊپ جهڙي هوندي آهي. ڀڄڻ جي ڇوهي، چنبا ڀاري پر ڍُڪي ٿئي ته ڏاڍو ڏکيائيءَ سان رڙهي سگهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڳوهه کي کڻي کُٽي ته ڳولي شڪارين جا گهر.“ ڳوهه جا مارا يا شڪاري گهڻو ڪري ڪولهي ڪڙم جا ماڻهو هوندا آهن، جي پنهنجي ڪاتري سان ڳوهن جوشڪار ڪري ڳوهون کائيندا آهن. مسلمانن ۾ هڪڙو اهڙو ٽولو آهي جو گِلوين ۽ڳوهن کي حلال سمجهي ۽ کائي، پرگهڻا مسلمان ان کي نحس سمجهن ۽ ڪين کائن. مان هر هڪ وٿ جي ڳالهه لکندي، خدا جي جوڙ کي نه وساريو آهي. ڏسو ته ڪهڙيون ڪهڙيون بلائون اُپايون اٿس، پر هر هڪ شيءِ ۾ ڪونه ڪو لاڀ آهي ئي آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته ”ربنا ماخلقت هــٰــذا باطلا.“ ته اي اسان جا رب تو ڪابه شيءِ اجائي نه جوڙي آهي. اسان کي کپي ته هر ويلي انهيءَ ٻاجهاري ڌڻيءَ جي ساراهه ڪريون ۽ ان کي ساريون سنڀاريون. +74- چِٻرو +چِٻرو به هڪ اچرج جهڙو پکي آهي. هن کي الو به چون. ماڻهو ڪڏهن ٻئي گهٽ سمجهه واري ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”اڙي تون ته ڪو الو آهين.“ سو هن ڪري جو هيءُ پکي سمجهه ۾ گهٽ ۽ ڍٻر ٿيندو آهي. ڪنهن وڻ تي ويٺو هوندو، جي هيٺان ڪو شڪاري تير ڪمان کڻي ايندس ته به هيڏي هوڏي پيو نهاريندو پر ڀڄندو ڪونه، جيئن ڪانءُ ڪمان کان ونئن وين��و آهي. چٻري جو مهانڊو به ٻين پکين کان اڍنگو ٿئي. منهن چپٿرو، نڪ منو، وات ويڪرو، ڪن پيٺل چئي کڻي بس ڪر، ڏاڍو بڇڙو! سندس ماديءَ کي چئجي چِٻَ. ڪو ماڻهو مهانڊي جو اڻوڻندڙ هوندو آهي ته چوندا آهن ته ”هل ڙي چٻ ڀَٽاري.“ انهن کي اڪثر بَرپٽن سُڃن ۽ مقامن ۾ ڏسبو آهي، ڪڏهن ڪڏهن شهرن يا وڻڪارن ۾ به ڏسجي، ڏينهن تتي جو جڏهن رگهه ڏاڍي هوندي آهي ۽ جهولا پيا لڳندا آهن ته هيءُ چٻرو مزي سان چُپڙي ڪريو وڻ تي ويٺو هوندو آهي. ٻولي اهڙي ته کُهري ۽ ڪوڙي اٿس، جو ڪنهن کي به ڪين سيبائي. وري ويچاري چٻري کي اهو به ويڻ ڏين ته هو نڀاڳو پکي آهي، جنهن جُوءِ ۾ ويهي ان کي سُڃو ڪريو وڃي، ڇو ته هيءُ پکي سُڃ جو پکي سمجهيو ويندو آهي. ڏينهن جو نظر گهٽ پويس پر رات جو چٽو ڏسي. سندس ٻولي بي سُري سمجهي ويندي آهي. سڀن پارين هن کي نڀاڳ جي پُهائي سمجهيو ويندو آهي، پر منهنجي ڌيان ۾ اهي ڀِرمي ماڻهو سوڻ ڳنڍيندا آهن. شل نه ڪنهن جي گهر جي ڀت يا ڇت تي ويهي، پوءِ ته باسون باسيندا ۽ پليتا لکائيندا ته نڀاڳ شل ٽري وڃي. +آهي ته ويچارو اُلو به الله سائينءَ جو اُپايل، پر نالو جو وڄي ويو اٿس، سو نڪو کيس ڪو پڪڙي نڪو پالي. اهو ڀِرم ان ڪري پيو آهي، جو گهڻو ڪري مقامن ۾ سُڃنپٽن ۾ ٺڪاڻو هوندو اٿس. ماڻهو ڏاها به ڏاڍا آهن، پر جڏهن ڏاهپ موڪلائي وڃين ته ڀرمن جي پويان لڳي، بڇڙا به ڏاڍا ٿيندا آهن. وڃي ڀوپن ۽ ٺڳن جي پڙ پون، جي کين ڏٽا ڏيئي ڦُري ڪن ڀينگ. +اسان پڙهيل ڳڙهيلن کي کپي ته ڀرمن ۽ سنسن کي ڇڏي ڏيون. ڀروسو رڳو خدا جي ڪرم ۾ رکون، ڪنهن به شيءِ کان ڊڄ نه ڪريون ۽ نه ان جو سراپ وٺون. نه ته اهڙي گت ٿيندي، جو چوندا آهن ته ”سَپُ نه ماري سَپَ جو سراپ ماري.“ +75- لڌڙو +سُرڻا ۽ جيت ڌرتيءَ ۾ اندر آهن، پکي هوا ۾ اڏامن، ٻيا لکين ساهه وارا، مڇيون ۽ ٻيا جَرَ جا جانور پاڻيءَ ۾ گذارين. مڇين جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. پر وڏيون وڏيون بلائون جهڙوڪ سيسار، مانگر مڇ، واڳون، ٻُلهڻيون ۽ ٻيون آفتون پاڻيءَ جا پاتشاهه آهن. لُڌڙو ويچارو انهن جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ جو هڪ ننڍو جناور آهي، جو ڏاڍو وڻندڙ ۽ سهڻو هوندو آهي. هن جو پاڻيءَ ۾ لسوئي لسو ترڻ ڏاڍو پيارو لڳندو آهي. هن جي کل ڏاڍي مُلهائتي ٿيندي آهي. هندن جا رِشي، مُني ۽ ڀڳت پنهنجي تپشائن لاءِ هن جي کل ڪم آڻين ۽ ان تي ويهي جوڳ پچائين. +اوهان لُڌڙو نه ڏٺو هجي ته چڙيا_ گهرن ۾ وڃو ۽ ڪن چشمن تي ويهي ڏسو، جن ۾ لڌڙا هٿرادو آڻي وجهي ڇڏيندا آهن، ته ماڻهو انهن جو درشن ڪن. ماڻهو انهن چشمن تي شيون وٺي ويندا آهن، جيڪي لڌڙن کي اڇلي ڏيندا آهن. بس لڌڙا به ويٺا واجهائيندا آهن. شيءِ پاڻيءَ ۾ ڪِري ته مڙي ويندا ۽ اهي شيون جهٽي، اهڙيءَ ريت کائيندا آهن، جو ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي. پاڻيءَ ۾ اهڙيون ته رانديون ڪندا آهن، جو ڇا ڇئجي! +ڇوڪرا جڏهن پاڻيءَ ۾ ترڻ سکندا آهن ۽ تکا تارو ٿيندا آهن ۽ لڌڙن وانگر ٽٻيون هڻي ڏاهيءَ راند ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪندا رهندا آهن ته اسين چوندا آهيون ته ادا، هي ڇوڪرا ته پاڻيءَ جا لڌڙا آهن. لڌڙو نالو ڏيڻ سان ڪنهن کي به چڙ ڪانه وٺي، پاڻ سَرها ٿين. +پاڻيءَ جي جانورن ۾ سچ پچ لڌڙو ئي هڪ ساهه وارو آهي جو ڏاڍو وڻندو آهي. ڀانئبو آهي ته ويٺو ڏسجيس ۽ ڏسي ڏسي، خدا جو نالو پيو ياد ايندو آهي ۽ وات مان سبحان الله جا ٻول پيا نڪرندا آهن. ان ۾ شڪ ئي ڪونهي ته سڀ ساراهه انهيءَ سائينءَ کـــي جڳائي، جنهــن سڀني کي اُپايو ۽ پاليو آهـــي. +76- پاڻيءَ جا پکي +پاڻيءَ جا پکي گهڻو ڪري ڍنڍن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهي پاڻيءَ تي ڏاڍا سهڻيءَ ريت ترندا رهندا آهن؛ سندن جياپو ننڍڙين مڇين تي هوندو آهي. هڪڙا پکي ته هوا ۾ اُڏامندا آهن، پر هي پکي پاڻيءَ ۾ رهن ۽ تَرن. هوا وارا پکي پاڻيءَ ۾ تري ڪين سگهن، هيٺ لهن ته ٻڌي پون. ان جو ڪارڻ اهو آهي، جو ڌڻيءَ سڳوري پاڻيءَ جي پکين جي پيرن جون آڱريون پاڻ ۾ چمڙيءَ سان ملائي ڇڏيون آهن. ٻيو ته انهن جي کنڀن ۾ سڻڀ آهي، ان ڪري پاڻي کين پُسائي ڪونه سگهي. سندن کاڌو به پاڻيءَ ۾ ئي مالڪ سائينءَ موجود ڪري ڇڏيو آهي. جيئن هوا جي پکين جا ڪيترائي نمونا آهن، تيئن پاڻيءَ جي پکين جا به ڳچ جيترا بُڻ آهن. هوا جا پکي سڀ حلال نه آهن، پر پاڻيءَ جا پکي سڀ حلال آهن. +هنجهه، آڙيون، بدڪون، نيرڳيون ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا پکي کائڻ جي ڪم اچن ٿا. ڪي ڍنڍن جا وڏا پکي جهڙوڪ پيڻ، ٻگا يا ٻگها ۽ ڪَنگ به آهن، پر اهي ڪير ڪونه کائي. اهي اڇي رنگ جا هوندا آهن، پربدڪون جدا جدا رنگن جون ٿين، آڙيون گهڻو ڪري ڪاريون ۽ نيريون چٽڪمريون هونديون آهن، اهي پکي ڇاڪاڻ ته مڇيون کائين ٿا، ان ڪري سندن گوشت ۾ ڪجهه کِک ٿيندي آهي. سڻڀ به منجهن گهڻو هوندو آهي، جو ڌڻيءَ سڳوري پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ سندن بت تي چرٻي يا وَهُه چارهي ڇڏي آهي، ان ڪري سندن ٻوڙ يا پلاءُ ٺاهبو ته گيهه وجهڻ جي گهرج ڪانه پوندي. بس جو پکي حلال ٿيو ته ان تي ماڻهو آيا رهيا. ڪيترا شڪاري سياري جي مند ۾ جڏهن پرڏيهي پکي به ڍنڍن تي جام اچي گڏ ٿين ته شڪاري ماڻهو، جي گهڻو ڪري وڏا ماڻهو هوندا آهن، سي اجهي ته بندوقون کڻي ڍنڍن تي پهتا. ٻيڙين ۾ چڙهي پوندا، ڍنڍ جي هڪڙي پاسي کان سندن ماڻهو پکين کي ٽاهيندا ته هو ڀڄندا ٻئي پاسي، ته توبچي هنن کي بندوق جي گولين جا وسڪارا لائي ڏيندا. پکي ويچارا ڦٽجي ڪِرندا پاڻيءَ ۾. هي يار ٻيڙيون هاڪاري، جهليندا، سير وجهندا ٻيڙيءَ ۾ هڻندا ويندن. ائين ٻه_ چار ڪلاڪ شڪار ڪري ٻيڙين جون گوديون کڻي ڀريندا ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن جيپون ڀري کڻي ايندا. پوءِ يارن ۽ سنگتين کي سوکڙيءَ طور ورهائي ونڊي ڏيندا، ته سندن نالو نڪري. بس چيو اٿن ته ”مروان موت، ملوڪان شڪار!“ +ويچارن پارهيڙين مهاڻن جو گذر به انهن پکين تي آهي. اهي وري ڄارين، ڪُڙهين ۽ ٻين اٽڪلن سان اهي پکي جيئرا ڦاسائي، شهرن ۾ وڪڻندا آهن. ماڻهو هيج منجهان اهي ڳنهي پنهنجو ڳنڌڻ ڪندا آهن. ڍنڍ جي پکين، گهڻو ڪري بدڪن ۽ نيرڳن جو پلاءُ کائي ڏسندا ته ڪڪڙ، تتر ۽ تلور به سري ويندو_ گوشت ڳاڙهو ٿئين، پر گهڻي سڻڀ سبب گرهه کڻبو، ته هٿن جون آڱريون گيهه ٿي وينديون. آڙيون اهڙيون مزيدار ڪين ٿين، جهڙيون بدڪون، نيرڳيون ۽ انهن جا ٻيا نمونا. +اوهان کي ڪل آهي، ته جانورن ۾ رڳو هاٿي آهي، جنهن کي وڏي سونڊ ٿيندي آهي. اهڙيءَ ريت ڍنڍ جي پکين ۾ به هڪ پکي آهي، جو ٻگهن جهڙو آهي؛ مگر وڏي ڳاڙهي سونڊ هوندي اٿس، جا وات کان هيٺ لڙڪندي پئي اٿس. جَر مڪا مڇي يا ڪُرڙي ڏٺائين ته سونڊ ۾ کڻي سڄي جي سڄي ڳڙڪائي ويندو. ڏسو ته ڇا ڇا رنگ آهن، ڌڻيءَ سڳوري جا! اڃا به انهيءَ ٻاجهاري سائينءَ کي ياد نه ڪريون ۽ نه ساراهيون ته پوءِ ڪيڏي نه انسان جي اڻ وڙائتي ڳالهه چئبي! +77- بر جون بلائون +نانگن ۽ بلائن جي ته اوهان کي سُڌ آهي ۽ اوهان اهي جيت ڏٺا به آهن. جوڳي ماڻهو کارين ۾ وجهي، نانگ آڻيندا آهن ۽ مُرلي وڄائي، انهن کي نچائيندا آهن. مُرليءَ تي نانگ ڦڻ ڪڍي اُڀو ٿي ويندو آهي، ۽ لُڏندو لمندو آهي. ان کي ڏسي ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي. اوهان کي اها به سُڌ آهي ته هي بَلائون سڀ زهري آهن ۽ ماڻهوءَ جون ويري آهن. پر ماڻهو پنهنجي سياڻپ سان انهن کي مُرليءَ جي مٺي آواز تي ريجهي ريبي، پنهنجي وس ۾ آڻي ٿو ڇڏي. شل نه ڪو نانگ يا بلا ماڻهوءَ کي چڪ پائي ته پوءِ جيئڻ آهي ڀاڳن تي. ماڻهوءَ کي زهر سببان نڪ ۽ وات مان رت وهڻ لڳندو ۽ ساري بُت جو رت وِهه ٿي ويندس. جيڪڏهن ڪا دوا يا سُتي مهل سر ملي ويئي ۽ ڌڻيءَ پاران ڄمار هونديس ته بچندو، نه ته موت جي پڪ آهي. ٻهراڙين ۾ جتي اهڙيون دوائون ڪونه آهن، اتي وري ڪي مانڊا يا جهاڙا جهاڙون پڙهندا آهن ۽ جهاڙ پوري لڳي ته بچاءُ ٿي ويندو آهي. ٿر ۾ جتي بلائن جي جُوءِ آهي، اتي ته ويچارا ماڻهو زهر وڃائڻ لاء، نانگ بلا جي کاڌل کي مال جو، جهڙوڪ مينهن جو پيشاب هڪيو تڪيو ملي ويو ته پياري ڇڏيندا آهن ۽ ان ڪري زهر، ڪَکيل کي گهڻو نه وٺندو آهي ۽ چڱو بچاءُ ٿيندو اٿس. نانگن ۽ بلائن جا به ڪيترائي بُڻ آهن. نانگ ۾ هڪڙا ڪارا اصيل نانگ، ٻيا گڊا نانگ، ٽيان کپر نانگ ۽ بلائن ۾ وڏي ۾ وڏي بلا ڪوراڙ ٿيندي آهي، جا ڦوڪ ڏيندي آهي ته سارو جهنگ ٻُري ويندو آهي. ٻي هڪ بلا آهي، جنهن کي گهوڙيل بلا چوندا آهن جا گهوڙي سوار کي ٽپ ڏيئي ڌڪ هڻي ڪڍندي آهي. هڪ بلا لُنڊي، جا ننڍي ٿئي ۽ پڇ ڪونه ٿئيس. اها ڏاڍي ڊپ واري بلا آهي ۽ زهر به تکو اٿس. شل نه ڪنهن کي کائي ته بچڻ الاهي. ماڻهو ڪنهن کي پاراتو ڏيندا آهن ته چوندا آهن ”شل ڪو لُنڊيءَ تي پير پوئي!“ ٻيون به ڪيتريون ئي بلائون آهن، پر سڀني ۾ هاڪاري پيئڻ يا ڦوڪئي بلا ٿَرَ جي آهي. هيءَ بلا ٻر کان ٻاهر ڪانه نڪري. رڳو جڏهن سخت گرميون ٿين ۽ اندر واريءَ جي گرمي لڳيس، تڏهن ڇتي ٿي پوندي آهي، پوءِ وٺي ٻِر کان ٻاهر نڪري ۽ تکي ڊوڙي. ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي. هيءَ بلا ٻين بلائن وانگر چڪ ڪانه پائي، پر سڄو سال زهر پنهنجي مهارن يا ڪلين ۾ گڏ ڪري سانڍي رکي. جيڪڏهن ڪو سانگي ماڻهو زمين تي ستو پيو هوندو ۽ کونگهرا هڻندو هوندو، ته ان تي ڪاهو ڪاهه ڪري ويندي. کونگهرن واري ماڻهوءَ جو وات پٽيل هوندو آهي، ان ڪري هيءَ پيڻ بلا هوريان هوريان ڪري، ان جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهندي ۽ پنهنجو وات ماڻهوءَ جي وات ويجهو جهلي، پنهنجو زهر هن جي وات ۾ هاريندي، جو کونگهرن ڪري هوا سان نڙيءَ اندر هليو ويندو. پوءِ هن بلا جي اها هير آهي، جو ڪم پورو ڪري، وڃڻ مهل سُتل کي پنهنجي پڇ جي ڇمڪ هڻڻ سان جاڳائي ويندي. پڇ اهڙو هڻندي جهڙوڪ چهٻڪ، پاڻ ڀڄي ويندي. ماڻهو اُٿي ساهه کڻندو ۽ ڳيت ڏيندو ته نڙگهٽ وٺجي ويندس. سڀڪا شيءِ ڄڀ کي مٺي لڳنديس. هن جي دوا آهي ڦٽڪي، جي اها مهل سر ملي ويس ته ائين چٻاڙي کارائيندس جيئن مصري کائجي ۽ اها پيڻ جي ڦوڪيل کي ساهه ۽ سواد ۾ مٺي مصريءَ جهڙي لڳندي آهي؛ نه ته اوهان کي خبر آهي ته ڦٽڪي ڪهڙي نه ڪساري آهي، پر هن کي مٺي پيئي لڳندي. هن نڀاڳيءَ ڦوڪڻيءَ جو اهو هڪڙو ئي درمل آهي، جي مهل سر پاءُ کن ڦٽڪي کائي ويو ته ڪجهه بچاءُ ٿيندس ۽ جي ڄمار هونديس ته چُڙي چُڙي اُٿي پوندو، نه ته ٻن_ چئن ڪلاڪن ۾ آواز به بند ٿي ويندس۽ سدائين لاءِ اکيون پورجي ويندس. ڌڻيءَ در وينتي ٿي ڪجي ته ماڻهوءَ کي هنن بر جي بلائن کان بچائي! ٿر ۾ ويچارا ماڻهو پيڻ جو ٻڌندا آهن، ته ڪنبي ويندا آهن. رات جو ڏيئو ٻاري ڇڏين ۽ پنهنجي آسپاس بصر وڍي رکي ڇڏين. ڇو ته هيءَ بلا سوجهري ۾ انڌي هوندي آهي ۽ اونداهيءَ ۾ ڏسندي آهي؛ ۽ ٻيو ته بصر جي بانس تي ويجهي نه ايندي آهي. ماڻهو ويچارو پنهنجي بچاءَ لاءِ وسان ڪين ٿو گهٽائي، پر جن جي پُڄي ٿي اچي، سي ڪٿي ٿا اجل کان بچي سگهن! ڌڻيءَ سڳوري کي ياد ڪريون ۽ سڀني آفتن ۽ بلائن کان بچاءُ گهرون. +نانگن ۽ بلائن جا به ڪيترائي بُڻ آهن. نا��گ ۾ هڪڙا ڪارا اصيل نانگ، ٻيا گڊا نانگ، ٽيان کپر نانگ ۽ بلائن ۾ وڏي ۾ وڏي بلا ڪوراڙ ٿيندي آهي، جا ڦوڪ ڏيندي آهي ته سارو جهنگ ٻُري ويندو آهي. ٻي هڪ بلا آهي، جنهن کي گهوڙيل بلا چوندا آهن جا گهوڙي سوار کي ٽپ ڏيئي ڌڪ هڻي ڪڍندي آهي. هڪ بلا لُنڊي، جا ننڍي ٿئي ۽ پڇ ڪونه ٿئيس. اها ڏاڍي ڊپ واري بلا آهي ۽ زهر به تکو اٿس. شل نه ڪنهن کي کائي ته بچڻ الاهي. ماڻهو ڪنهن کي پاراتو ڏيندا آهن ته چوندا آهن ”شل ڪو لُنڊيءَ تي پير پوئي!“ ٻيون به ڪيتريون ئي بلائون آهن، پر سڀني ۾ هاڪاري پيئڻ يا ڦوڪئي بلا ٿَرَ جي آهي. هيءَ بلا ٻر کان ٻاهر ڪانه نڪري. رڳو جڏهن سخت گرميون ٿين ۽ اندر واريءَ جي گرمي لڳيس، تڏهن ڇتي ٿي پوندي آهي، پوءِ وٺي ٻِر کان ٻاهر نڪري ۽ تکي ڊوڙي. ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي. هيءَ بلا ٻين بلائن وانگر چڪ ڪانه پائي، پر سڄو سال زهر پنهنجي مهارن يا ڪلين ۾ گڏ ڪري سانڍي رکي. جيڪڏهن ڪو سانگي ماڻهو زمين تي ستو پيو هوندو ۽ کونگهرا هڻندو هوندو، ته ان تي ڪاهو ڪاهه ڪري ويندي. کونگهرن واري ماڻهوءَ جو وات پٽيل هوندو آهي، ان ڪري هيءَ پيڻ بلا هوريان هوريان ڪري، ان جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهندي ۽ پنهنجو وات ماڻهوءَ جي وات ويجهو جهلي، پنهنجو زهر هن جي وات ۾ هاريندي، جو کونگهرن ڪري هوا سان نڙيءَ اندر هليو ويندو. پوءِ هن بلا جي اها هير آهي، جو ڪم پورو ڪري، وڃڻ مهل سُتل کي پنهنجي پڇ جي ڇمڪ هڻڻ سان جاڳائي ويندي. پڇ اهڙو هڻندي جهڙوڪ چهٻڪ، پاڻ ڀڄي ويندي. ماڻهو اُٿي ساهه کڻندو ۽ ڳيت ڏيندو ته نڙگهٽ وٺجي ويندس. سڀڪا شيءِ ڄڀ کي مٺي لڳنديس. هن جي دوا آهي ڦٽڪي، جي اها مهل سر ملي ويس ته ائين چٻاڙي کارائيندس جيئن مصري کائجي ۽ اها پيڻ جي ڦوڪيل کي ساهه ۽ سواد ۾ مٺي مصريءَ جهڙي لڳندي آهي؛ نه ته اوهان کي خبر آهي ته ڦٽڪي ڪهڙي نه ڪساري آهي، پر هن کي مٺي پيئي لڳندي. +هن نڀاڳيءَ ڦوڪڻيءَ جو اهو هڪڙو ئي درمل آهي، جي مهل سر پاءُ کن ڦٽڪي کائي ويو ته ڪجهه بچاءُ ٿيندس ۽ جي ڄمار هونديس ته چُڙي چُڙي اُٿي پوندو، نه ته ٻن_ چئن ڪلاڪن ۾ آواز به بند ٿي ويندس۽ سدائين لاءِ اکيون پورجي ويندس. ڌڻيءَ در وينتي ٿي ڪجي ته ماڻهوءَ کي هنن بر جي بلائن کان بچائي! ٿر ۾ ويچارا ماڻهو پيڻ جو ٻڌندا آهن، ته ڪنبي ويندا آهن. رات جو ڏيئو ٻاري ڇڏين ۽ پنهنجي آسپاس بصر وڍي رکي ڇڏين. ڇو ته هيءَ بلا سوجهري ۾ انڌي هوندي آهي ۽ اونداهيءَ ۾ ڏسندي آهي؛ ۽ ٻيو ته بصر جي بانس تي ويجهي نه ايندي آهي. ماڻهو ويچارو پنهنجي بچاءَ لاءِ وسان ڪين ٿو گهٽائي، پر جن جي پُڄي ٿي اچي، سي ڪٿي ٿا اجل کان بچي سگهن! ڌڻيءَ سڳوري کي ياد ڪريون ۽ سڀني آفتن ۽ بلائن کان بچاءُ گهرون. + + +78- ليار ۽ ڳاڱيون +ليارن کي ته ليار ئي چئجي، باقي ڳاڱين کي ڳانيون به چون ۽ ٿر ۾ گهانگهٽيون به ڪوٺين. ڳاڱيون ٿر وارن لاءِ ڏاڍو وڻندڙ ميوو آهي. ليارن جي ٻج ته ڪڍي ڦٽو ڪبو آهي، پر گهانگهٽين جي ڪڪڙي جا نرم هوندي آهي، ڪُرٽي کائي ڇڏيندا آهن. هنن ۾ به ليس ٿئي. گودو ليسوڙن ۽ گيدوڙن کان گهڻو گهٽ ٿئين، پر ٿر جا ٻار، جن کي ٻاڪرا ڦر چئبو آهي، ڳاڱين کائڻ سان گهٽائين ڪين. ڀلا ويچارا ڪن به ڇا، ٿر ۾ ڪو ٻيو ميوو ته ڌڻيءَ اُپايو آهي ڪونه؛ تنهنڪري ڳاڱيون هنن لاءِ صوفن ۽ ڏاڙهن کان به وڌيڪ لذيذ آهن. +ليار ٿر ۾ گهڻو ڪونه ٿئي. ڀاڳن سان ڪٿي ليار لڀندي ته واهه واهه ٿي ويندي. البت ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جي ٽڪر تي ليارين جا وڻ جام. اتي ليار وري ٿين به رس ڀريا ۽ مٺا. گول گول نارنگي رنگ جا ڇاپُرو يا ڄانگهرو ٻيرن جيڏا. انهن جا وڻ ٿين ننڍا، تنهنڪري بيٺي پير ليار پٽي بيٺو کاءُ. ليار کي ڪوِين ۽ سگهڙن پنهنجي شعرن ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي، جهڙوڪ: +جيئن هِت گونٽا گل گلاب جا، ٻيا پڻ کڙيا کٽڻهار، +تيئن هُت ڦوڳ ڦُلاريا ڦرسين، اڄ ڀي لالَ ليار. +جيئن هِت سُهنج ڪن ٿيون سومريون، هيرا ٻنڌيو هار، +تيئن هُت پَڪا پويو پاتشاه، ٿيون سرتيون ڪن سينگار. +بس ڪهڙي خدا جي اُپايل وٿ آهي، جا ساراهه جوڳي نه آهي! ان ڪري سڀ ساراهه جڳائي انهيءَ صاحب سڳوري کي، جنهن اسان تي هيتريون ٻاجهون ڪيون آهن، پوءِ ان ٻاجهاري کي ڪيئن وساريون؟ +79- گيدوڙا ۽ ليسوڙا +گيدوڙا ۽ ليسوڙا جهنگ جا ڦل آهن. گيدوڙا وڏا ۽ گول ٿين ۽ منجهن ڳرُ به جهجهي ٿئي ۽ مِٺا به وڌيڪ ٿين؛ ڪَچن گيدوڙن جي ڀاڄي به رڌي کائجي. جڏهن گيدوڙيون ڦرُ ڪن تڏهن گيدوڙن سان جهنجهجي وڃن. ڪَچا گيدوڙا ساوا ٿين ۽ پچڻ کان پوءِ هلڪي نارنگي رنگ جا ٿين. بس وڻ مان پَٽي کائيندو وڃ، مٺا جهڙا ماکي! منجهن جو ليس، لِوَ يا گِگ ٿئي سا ته هيڪاري وڻي. ٿڌڙيون چوسي ڪڍي ڦِٽيون ڪبيون آهن، جي ڳسي ويون ته هنگڻ ۾ نڪري وينديون، ڪو ڀَؤ ڪونهي. ماڻهو چوندا آهن ته ”تون گيدوڙي جي گِگ وانگر ڪنهن کي وٺين ٿو ته چنبڙيو وڃين.“ ٻارن کي مائرون ڪوڏاڻا ڏينديون آهن چونڊيون آهن ته: +منهنجو پُٽڙو! ”گيدوڙي جي گِگ جهڙو، +پاٻوڙي جي پن جهڙو، گلاب جي گل جهڙو.“ +گيدوڙيون پَڪيون ته ٻارن لاءِ موج ٿي، ڳولي ڳولي وڃي وڻ ۾ ڀِتر اُڇلائيندا ۽ گيدوڙا ڇاڻي کائيندا؛ جي هوندا مٿي چڙهڻ جيڏا ته پوءِ ته ڇڳن جا ڇڳا ڇني ڪندا ڍير، پاڻ به کائيندا ۽ گهر به کڻي ويندا. +ليسوڙا به آهن ساڳي شيءِ، پر اهي ننڍا چپٿرا ٿين، ۽ گيدوڙا گول بلورن جيڏا. هنن ۾ گِگ ۽ ٿڌڙو ٿئي. سواد ساڳيو گيدوڙن جهڙو، پر ميٺاج گهٽ. ليسوڙيون پڪيون ته مُچن جا مُچا، ڇڳن جا ڇڳا پَٽي کائي، ڀلي ته ٻار پيا جشن ڪن. +ليسوڙا گهڻن ئي دوائن ۽ پسارڪي ڪم لاءِ ڪارائتا آهن. سڪل ليسوڙا پسارين وٽ جام ملندا، جي کنگهه لاءِ، ڪاڙهي ۾ ٻين شين سان گڏ ڪاڙهي پيئبا ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو. ڌڻيءَ سڳوري سڀ ڪنهن شيءِ ۾ ڪا نه ڪا ڀلائي رکي آهي. ماڻهوءَ کي کپي ته ان مان لاڀ وٺي ۽ ڌڻيءَ جا ڳڻ ڳائي. +80- مڇيون +گوشت ته اسين ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين جو کائو ٿا، پر مڇين جو ماس به گهٽ سوادي نه آهي. سمنڊ ۾ مڇيون ته ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن، جن جو وستار ڪرڻ لاءِ وڏيون بنديون کپن. پر اسان جي درياءَ شاهه سنڌونديءَ ۾ به اڪيچار مڇيون ٿين ٿيون، جي اسين سنڌ جا ماڻهو وڏي چاهه چَس سان کائيندا آهيون. سٺي ۾ سٺيون مڇيون، جي اسان سنڌ وارن کي وڻن ٿيون، سي آهن: پهريون نمبر پلا ۽ ٻيو نمبر ڪُرڙا يا ڏنڀرو، مڇيون ٻوڙ ڪري رڌن به، پچائي به کائجن، تَري به کائن ۽ انهن جي پلاءُ به رڌي کائجي ٿو. +ٻيا نمونا ته ڪيترائي آهن، جن مان ڪن جا نالا ڏجن ٿا: پوپري مڇي، ڏاهي مڇي، سُرمائي مڇي، موراکي مڇي، پاپليٽ مڇي ۽ ٻيون. ان کان سواءِ ڄَرڪا، کڳا، گندڻ، مُڪَرَ، گانگٽ ۽ ٻيون مڇيون به گهڻيون ٿين. گانگٽ جن کي جهينگا به چئبو آهي. وڏا سوادي هوندا آهن. گانگٽن کي چون ئي دريائي ڪُڪڙ. گهڻو ڪري سڀني مڇين تي ڇِلر هوندا آهن، جي لاهي اُجريون ڪري پوءِ رڌبيون آهن. رڳو کَڳي ۽ ڄَرڪي تي ڇلر ڪونه ٿئي. ساڳي نموني پاپليٽ تي به ڇلر ڪونه هوندو آهي. پَلن ۾، جي آنيون هونديون آهن، سي ته سون تي سهاڳو آهن؛ کائي کائي ڪين ڍاپبو. ڪن وڏين مَڇين ۾ به منڍي کائڻ ۾ سٺي ٿئي، پر پَلي جي آنيءَ کان پوءِ بس آهي. مڇيءَ جي مُنڍي ڪن بيمارين ۾ به کارائبي آهي. +ائين برابر آهي ته گوشت ب�� سُڪائي سگهبو آهي ۽ پوءِ جڏهن دل چوي ته رڌي کائجي. اهڙيءَ ريت مڇيون به سڪائبيون آهن. انهن کي چڱيءَ ريت لوڻي پوءِ سڪائبو آهي. هڪ_ ٻن ڏينهن جو لوڻيل مڇين کي مِٺ_ لوڻي مڇي چئبو آهي ۽ سڪل مڇيءَ کي کاري مڇي چئبو آهي. پلا ته هارن جي منهن سڪائبا آهن. اهڙيءَ ريت جهينگا به. انهن جو واپار به ڏاڍو ٿو هلي ۽ ڪٿي ڪٿي ولايتن موڪلبا آهن ته چڱو پئسو ڪمائبو آهي. هاڻي ته سائنسي نموني آهي مڇيون به گوشت وانگر دٻن ۾ بند ڪري وڪڻبين آهن ۽ ڏيساوو موڪلبيون آهن ته تازي جون تازيون هونديون آهن. اسان جا سنڌي پَلا، مٺي درياءَ سنڌ جا وڌيڪ لذيذ هوندا آهن. سمنڊ جا پَلا به ٿين، جن کي گوادري پَلا سڏجي ۽ مٿي انهن کي دوٿر به ڪوٺين. تازي شيءِ نيٺ به تازي آهي، پر سڪل جهينگا به مزي ۾ گهٽ ڪين آهن. +مهاڻا يا ميربحر مڇيون ڪيئن ٿا ڦاسائين، اها به هڪ وڏي وارتا آهي، جا هتي لکي نٿي سگهجي. ڄاريون، ڪُڙهيون، رَڇَ ۽ ڀَنَ مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڪم اچن. چوندا آهن ته ماٽيءَ جا پلا وڌيڪ سوادي هوندا آهن. ماٽي ڇا آهي؟ اها هڪ ٺِڪر جو وڏو ڪُنو آهي، جنهن تي ميربحر پيٽ رکي ترندا ويندا آهن ۽ جيڪو پلو ڪُڙهيءَ ۾ ڦاسائين، سو هڪ وِرَ ۾ سوئيءَ سان پوئي، کڻي ماٽيءَ ۾ وجهندا ۽ ماٽيءَ جي منهن مٿان پيٽ رکي وري اڳتي هلندا، جڏهن ماٽي پَلن سان ڀربي، تڏهن هڪڙا ڪڍي مياڻين تي رکندا ۽ وري ٻيا وڃي پڪڙيندا. پلو اهڙو ته سوادي آهي، جو ان سان ماني به ٽيڻي_ چؤڻي کائي ٿي وڃجي. ماڻهن جي جياپي لاءِ ڌڻيءَ سڳوري ڇا ڇا نه اُپايو آهي! +81 سانئون +سانئين جي ماني ڏسڻ ۾ ٻاجهريءَ جهڙي هوندي آهي، پر کائڻ ۾ ٻاجهريءَ کان به سٺي هوندي آهي. جيئن ٻاجهريءَ جي ماني، مکڻ ۽ ڏڌ سان مزي وارو کاڌو هوندو آهي، تيئن سانئين جي مانيءَ سان مکڻ ۽ لسي سون تي سهاڳو آهي. سانئين جو اَنُ پوکيو ڪونه ويندو آهي، پاڻمرادو اُڀري پوندو آهي؛ ان ڪري سانئين جي داڻن کي به ڏٿ چئجي ته ٺهي. سانئين جا ٻوٽا اڍائي فوٽ کن ڊگها ٿيندا آهن ۽ سنگ ننڍڙا هوندا اٿن. داڻا چپٿرا ۽ ساوڪ وارا چلڪڻا ٿين. سرند ۽ سکيا ماڻهو ته ڪونه کائين، پر ويچارا اڻ هوند وارا ۽ اڀرا ماڻهو سانئين جي ٻوٽن کي به پيهڻ کان اڳ سَٽي ڪُٽي، سنگن مان سانئين جو اَنُ ڪڍي، ان جون مانيون پچائي، پنهنجا ويلا وارين. سانئون گهڻو سارين جي پوک ۾ ٿئي، ان ڪري اوهان ڏٺو هوندو ته چانورن ۾ اُن جا داڻا گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي گهر_ ڌياڻيون چانورن مان ونڊي ڪڍي ڦٽا ڪنديون آهن، نه ته ڀَت ۾ ڪٻر ٿي پوندا آهن. +سانئين جو ڏارو رڌي، ان جي کيرڻيءَ وانگر ٻاٽ به ٺاهبو آهي. ان ۾ ڳڙ جو مٺاڻ به گڏبو آهي، ته ڏريو ٺهي پوندو آهي ۽ ڏاڍو سوادي ٿيندو آهي، ڄڻ ته کيرڻي پيو کاءُ. مون کي به هڪ دفعي فتح باغ ۾ هڪ مسڪين شيديءَ جنهن جو نالو گِدو فقير هو_ ان سانئين جي ماني ۽ مکڻ کارايو هو. مون کي به بک ۾ اهڙو ته مزو ڏنائين، جو اڄ سوڌو نه وسريو اٿم. ماڻهو چوندا آهن ته سانئين کائڻ سان پيٽ ڏاڍو (قبض) ٿي پوندو آهي، پر سچ پڇو ته منهنجو پيٽ ته ڪونئرو ٿي پيو. مون تي نه وسهو ته اوهان پاڻ کائي ڏسو ته ويسهه اچيوَ. بس ڌڻيءَ سڳوري جي اُپايل سارين شين جو ڪهڙو ڪهڙو وستار ڪجي! +82- ڦُلا ۽ ڀڳڙا +ڦلا آهن ته بروبر هڪ هلڪڙي ۽ سستي شيءِ، پر انهن جو مزو به انهن سان آهي. ڦلا ڪيئن ٿا ڀُڃجن ۽ ڇا مان ٿا ٺاهجن، اهو ڏسڻ جهڙو ڪم آهي. ڀوڳڙي ڇا ڪندا آهن، جو اڇي جوئر، ڳارهڙي يا ڳاڙهي جوئر ۽ مڪائيءَ جا مڻ وٺي، ڇنڊي ڦوڪي کڻي پُسائيندا آهن. جڏهن وَٽِ ۾ اچن ته پاڻيءَ مان ڪڍي، پوءِ پنهنجي وڏين تَيُن هيٺان پوري پُني باهه ڏيئي، اُن ۾ وجهن، واري جڏهن واري ڏاڍي ڪوسي ٿئي، تڏهن ان ۾ مُٺيون ڀري مٿي ٻُڌايل اناجن جون وجهن ته انهن جا داڻا ڦهلائجي پوندا ۽ انهن مان اڇا اڇا سهڻا ڦلا ٺهي پوندا. اهي ڇاڻيءَ سان ڪڍي، وجهندا ڀر م رکيل تڏي تي. واري ته ڇاڻيءَ سان نڪري ويندي، باقي ڦُلا پيا کِلندا. مڪائيءَ جا ڦلا وڏيرڙا ٿين، جو مڪائيءَ جا داڻا به جوئر جي داڻن کان وڏا هوندا آهن. مون ٽيئي جنسون کائي ڏٺيون آهن. ڳارهڙيءَ جا ڦلا وڌيڪ وڻندا آهن، پر ٻيا به گهٽ ڪينهن. ويچارا مسڪين انهن ڦلن تي ويلن جا ويلا پاري ڇڏين. ٻي شيءِ مهانگي، ان ڪري ڦلن جي ٻن مٺين تي هنن جو ويلو پري وڃي. ڀوڳڙين جي دڪانن تي ڦلن جو ٺهڻ ۽ وڪامڻ ڏسڻ وٽان آهي. ڦلا ٿين هلڪا، سو سير وٺ ته ساهميءَ جي پُڙ ۾ ڪٿان ٿو ماپي! ڇٻيءَ يا ڇليءَ ۾ وجهي توري ڏبا آهن ۽ گراهڪ گندي يا اجرڪ وڇائي کڻي پُٺارڪ ٻڌندا آهن. پيرن_ فقيرن جي بُٺين تي ڦلا ورهائيندا آهن، جي وٺي ماڻهو پنهنجن گهرن ڏي سڀاڳي سوکڙي سمجهي کڻي ويندا آهن ۽ ٻارن ٻچن کي مُٺ_ مُٺ ورهائي ڏين. +ڀڳڙن ڀُڃڻ جو ڍول به ساڳيو آهي. ڀڳڙا ٺهن چڻڻ مان_ اهي به ساڳئي ڍنگ سان پُسائي، پوءِ ڀوڳڙي تئيءَ ۾ وجهندا ويندا ۽ واڌاين پٺيان واڌايون وجهندا ۽ ڀُڃي ڪڍندا، ڇٻيون ڀريندا ويندا. ڦلن ۽ ڀڳڙن ڀُڃڻ مهل جيڪا ٽڙڪ_ ٽڙڪ ٿيندي آهي، سا ڏاڍي وهسائيندي آهي. ڀڳڙن کي سونهن وٺائڻ لاءِ ڪي چڻن کي ڳاڙهي رنگ جي پاڻيءَ ۾ پُسائيندا آهن ته انهن جون کلون ڳاڙهيون ٿي پونديون آهن. ڀڳڙن کي تِريءَ سان مهٽي، انهن جون کلون لاهي پوءِ کائبو آهي. ڀڳڙن کي اُکريءَ مهريءَ يا ڪنهن ننگهه يا حمام دستي ۾ ڪُٽي ڀوڳاڙو ڪري کائبو آهي ته سبحان الله! ڪي ماڻهو وري ان ۾ کنڊ به ملائين، پوءِ ته چُوري ٺهيو پوي ۽ ٻارن کي ڀوڳاڙو اهڙو وڻي، جو ڍاپن ئي ڪين. ڦلن وانگر ڀڳڙا به پيرن_ فقيرن تي ورهائبا آهن. اهي ڀڳڙا پيراڻي وَٽِ سمجهي ورهائبا آهن. مائٽ گهڻو ڪري ٻارن کي چوندا آهن ته ڀڳڙا گهڻا نه کائو، اهي رت سڪائي ڇڏيندوَ، پر ٻار ڪٿي ٿا پنهنجو مزو ڇڏين. اڳي ته هي شيون ڏاڍيون سهانگيون هيون، هينئر اهڙو ڪال پئجي ويو آهي، جو اهي به ٻن آنن جا ايترا نٿا ملن، جيڪي اڳ پائيءَ ۾ ملندا هئا. مسافريءَ ۾ مسافر ڀڳڙن جا کيسا ڀري ڇڏيندا آهن. اُٺن ۽ ٻين وهٽن جي سواريءَ ۾ هنن کي ويساهين ڪانه ملي، جتي مانيءَ ڳڀي جو سک نه هجين، ته پوءِ اهي ڀڳڙائي سندن سانگ سفر جو ثمر هوندا آهن. ڀڳڙا واندڪائيءَ جي وندر به آهن. سکيا ستابا ماڻهو نيزا وندر لاءِ کائين ۽ غريب ڀڳڙا ڦُلا. ڇو جو نيزا ڏاڍا مهانگا آهن ۽ غريبن جي وس کان ٻاهر آهن. هنن کي ڀڳڙا مليا ته کاڄن ۽ نيزن کي نهاريندا ئي ڪين آهن، واهه غريبي واهه! +83- ڳنا +جڏهن اڇي جوئر ۽ ڳارهڙيءَ جا ڪانا سنگ جهلين، تڏهن هاري ناري انهن جي ڪڙٻ يعني ڳنن مان چڱيءَ پَر ڍؤ ڪن. ايندي ويندي، هلندي چلندي، ويٺي يا ليٽي، ڳنو ڏندن سان ڇليندا ويندا ۽ چوپيندا مٺي رس پِي، باقي چوپا اُڇليندا ويندا، تان جو اهڙو ڍؤ ڪندا، جو وڏيون وڏيون اوڳرايون ايندن، تڏهن ڳنن جي جند منجهانئن ڇٽندي. اڇي جوئر جي ڪانن ۾ ڪو ڀاڳين مٺو ڳنو نڪري. گهڻو ڪري سڀ ڪانا ڪانگڙ ٿين، باقي ڳارهڙيءَ جا گنا سڀ جا سڀ مٺا جهڙا پتاشا. ڳنن جو هڪ الڳ نمونو ٿيندو آهي، جنهن کي ڪماندڙي چئبو آهي. جوئرن جو اَنُ به ڪم اچي، پر ڪماندڙيءَ جو اَنُ ڪونه ٿئي. سنگ مال کي کارائبا آهن ۽ ڳنا ماڻهو کائين. جنهن کي اسين ڪماند چئون ٿا، ان کي اردو ٻوليءَ ۾ ”گنا“ چون. اسين ان اکر ۾ ”ڳ“ ڏيون ۽ هو ”گ��� ڏين. ڪماند ٿلهو ٿئي ۽ رس جام ٿئيس. ان مان ڳڙ ۽ کنڊ به ٺهي. ڪماندڙي معنيٰ ننڍڙو ڪماند. مٺو آهي، ان ڪري کيس اهو نالو ڏنو اٿن. ڪماندڙي جوئر وانگر ڌار ڪانه پوکجي. وونئڻن جي پوک ۾ اُن جو ٻج ڇٽين. اها ڪماندڙي پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ يارن سنگتين لاءِ پوکين، جن کي ڪماندڙيءَ جاڳنا جتي ڪٿي ڪونه وڪامن، پر ننڍن ڳوٺن ۾ ڪماندڙيءَ جا گنا به وڪامندا آهن. اڳي ته هڪ ڳنو پئسي پئسي ملندو هو، هينئر ته ٻن آنن ۾ به نٿو ملي، پر ته به هارين ويچارن کي پورهيي جيترو لاڀ مس پِڙِ ٿو پوي، ڇو ته ڏڪار ڏاڍو آهي، سڀ شيون عرش سان ٿيون ڳالهيون ڪن، هرڪا شيءِ ڏهوڻي ويهوڻي ٿي ويئي آهي، بلڪ اڃا به وڌيڪ. ماڻهو ويچارا وڃن سو ڪيڏانهن وڃن! ڪماندڙي ان ڪري به وڌيڪ سٺي آهي، جو ڳنا ڪوئنرا ٿينس، ٻار ٻچو سولائيءَ سان ڇلي چَٻاڙي چوپي کائي. ڪماند ڏاڍو آهي، جن ٻارن سنها سنها ڳنن جو مزو نه ورتو هجي، سي ڪماندڙي هٿ ڪري کائي امين ٿين ۽ ڏسن ته ٻاجهاري سائينءَ ڇا ڇا ماڻهن جي سواد وٺڻ لاءِ اُپايو آهي، پوءِ ان وڙائتي واليءَ جا ڳڻ ڳائين! +84- رُمي +ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪُلهن جي ڦڻيءَ پٺيان سور پوندو آهي يا چيلهه ۾ ڏاڍو سور پوندو آهي. ڪيترين دوائن سان به نه لهندو آهي ته پوءِ ٻهراڙين ۾ ماڻهو ان کي سور واريءَ جاءِ تي رُميون هڻائيندا آهن. رُميون آهن ڇا؟ اهي ٺڪر جون ڪُپڙيون ٿينديون، جن ۾ وَٽيل نوڙي کولي ان جا ڪک وجهي، انهن کي تيلي ڏيندا آهن؛ جنهن جاءِ تي رُمي چنبڙائي هوندي آهي، اتي ڪڻڪ جي اَٽي جي ڪَچي لولي ٺاهي رکندا آهن، پوءِ اها ڪُپڙي، جنهن کي رومي چئبو اهي، سا اونڌي ڪري منهن ڀر اندر ٻرندڙ باهه سميت اُبتي ڪري، اَٽي مٿان هڻندا آهن ته اَٽي سان سوگهي ٿي ويندي آهي ۽ بنا ٽيڪ جي بيهي رهندي آهي، پوءِ اڌ ڪلاڪ کان کي ڇڏي ڏيندا آهن. ان جو ڦل اهو نڪرندو آهي، جو جنهن بُت جي ڀاڱي تي چنبڙائي ويندي آهي،ا ن جو رت مِڙي سِڙي اتي رُميءَ جي سَنڌي هيٺان اچي گڏ ٿيندو آهي. رت جي دوري جو داٻ اهڙو ٿيندو آهي، جو جڏهن رُمي لاهبي آهي ته اها جاءِ رت جي گڏ ٿيڻ ڪري، ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. رُمي واري اندرين ابهه جڏهن ختم ٿي ويندي آهي ته رُمي لاهي ڇڏبي آهي. ٻه_ ٽي ڏينهن انهيءَ بِلي ڪرڻ سان اگهي جو سور لهي ويندو، جو هونءَ ڪيترين ئي دوائن سان به نٿي لٿو. +هيءُ ساڳيو بِلو ڊاڪٽر به ڪندا آهن، پر اهي وري شيشي جي گلاسن سان ڪندا آهن، جي انهيءَ ڪم لاءِ جُڙيل هوندا آهن. ڊاڪٽر جي ڪم ۾ اُجرائي ۽ سٺائي وڌيڪ هوندي آهي. ان ڪري هاڻي ماڻهو اسپتالن ڏي گهڻو ويندا آهن، پر ٻهراڙيءَ جي رُمين وارو نمونو گهٽجي ويو آهي. هاڻي ته اهڙيون به دوائون۽ ٽڪيون نڪري پيون آهن، جو رُمين هڻائڻ جي گهرج ڪانه ٿي ٿي. پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن رُمين هڻائڻ کانسواءِ ڪوبه چارو نه رهندو آهي. سچ پچ ته اهو رُمين جو نمونو واهه جو ويڄن ڪڍيو آهي! نه ته ماڻهو سور کان پيا ڦٿڪندا هئا. آهي سو ڏاڍو سادو نمونو، پر ڏاڍو ڪمائتو آهي. اڃا به ٻهراڙين ۾ هلندو اچي ۽ جيستائين هيءَ پراڻي ۽ پرٿوي آهي، تيستائين هلندو رهندو. جس آهي ان پهرئين ماڻهوءَ کي، جنهن سوچ هلائي هيءُ رستو ڳولهيو، جيڪو انسان پنهنجي مٿي جي کوپڙيءَ کان ڪم وٺي، ٻين لاءِ فائدو ۽ بچاءَ ڳولي ٿو، ته اها سندس وڏي بندگي چئبي! +85- سارين جون بيماريون +ڪجهه وقت اڳي جڏهن هتي هندو هئا، تڏهن هڪڙو وڏو هندو آفيسر منهنجي بابا سائين سان اچي مليو ۽ چانورن جي هڪ جنس کڻي آڻي بابا کي ڏيکاريائين ۽ چيائين ته هي چانور ڏسو ته ڪهڙا نه سٺا آهن. آءٌ هي ٻيجي لاءِ او��ان کي ڏيڻ لاءِ کڻي آيو آهيان. آئيندي هي چانور پوکجو. بابا کلي ڏنو ۽ چيائينس ته سائين، چانور ڪونه پوکبا آهن. انهن جون ساريون پوکبيون آهن. چانور ڦُٽندائي ڪونه پر ساريون ڦُٽنديون. تڏهن ويچارو ڪجهه ڦڪو به ٿيو، ڇو جو هو تعليم کاتي جو آفيسر هو. خير جڏهن سارين جي پوک ڪبي آهي ته پهريائين ٿوريون ٻاريون ٺاهي، انهن ۾ ٻيجو پوکبو آهي. پوءِ جڏهن سلا ٿين ته انهن کي سڏين ڪَڪَر. سلا فوٽ_ مُني جا ٿيا ته اهي هٿن سان ڏاڍيءَ سنڀال سان پاڙ سوڌا پٽي ڪڍبا آهن ۽ انهن جون ننڍيون ننڍيون موڙيون ٻڌي رکبيون. پوءِ انهن ڪڪرن جون موڙيون کڻي، جنهن زمين ۾ ساريون پوکڻيون هونديون، انهن ۾ رونبو ڪبو آهي. رونبو چئبو آهي انهن سلن کي زمين ۾ رنبيندو وڃڻ کي. اهو سڄو ڪم جنهن ريت ڪبو آهي، ان جي ڪهاوت ڊگهي ٿي ويندي، ان ڪري آءٌ ڪونه ٿو لکان. منهنجي ڳالهه جو مول متو آهي، سارين جون بيماريون سڻائڻ. هن سون جهڙيءَ سهڻي ۽ ملهائتي پوک کي ڪيترين ئي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي ۽ ڪيتريون ئي بيريون وڪوڙي وينديون آهن: هڪ بيماري ٿيندي آهي گڏر جي جنهن ۾ سارين جاسلا وٽجي ويندا ۽ اوسر نه کائيندا. گڏر هڪ نموني جو ڪيڙو هوندو آهي، جو سَلي جي ڪانيءَ ۾ پيدا ٿيندو آهي، جو اندران ئي اندران کائي پيو چٽ ڪندو، ان کي اوسرڻ نه ڏيندو ۽ نيٺ سلو سُڪي ويندو. +ٻي بيماري هوندي آهي رُوئو. اهو به هڪ ڪيڙو ٿيندوآهي، جو سارين جي سَلن کي پاڙن کان جهلي ۽ پاڙون نستيون ڪريو ڇڏي، سي پوءِ ڌرتيءَ مان پاڻي چهي ڪين گهن ۽ سلا سُڪيو وڃن. +ٽيون ٿيندو آهي مَهلو. هي هڪڙا ڪارا سنها جيت هندا آهن، جي سلن جي پنن ۾ نرماد کي وڪوڙي وڃن ۽ سلا ساوڪ بدلائي ڪارا ٿي وڃن. مهلو ميون لاءِ به وڏو هاڃو آهي. انبن کي جي وٺندو آهي ته بس، وڻن جا وڻ انبن کان آجا ڪري ڇڏي. ننڍيون انبڙيون نه زور ڀرين ۽ نه وڌن. جنهن سال مهلي جي بيماريءَ زور ورتو، ان سال اسين انبن کان سڪياسين؛ ڇو ته مال لهندو گهٽ، انب ٿيندا مهانگا ۽ ويچارا غريب انبن مان ڍؤ ڪرڻ کان رهجي ويندا. انبن جي گهٽتائيءَ سببان مدو به ٿورو هلندا ۽ سواد ۾ به مزو ڪونه هوند، جو مَهلي جا ماريل هوندا. اهو نڀاڳو مهلو به سارين جي ستياناس ڪريو ڇڏي. +پر سڀ کان وڏي آفت آهي، ڪوئي جي بيماري. ڪوئي جي بيماري ٻي ڪانه ٿي. هڪ نموني جا جيئرا جاڳندا، جهنگلي ڪوئا پيدا ٿي پوندا آهن. هنن جي هاڃي کان بچاءُ جو رستو ڏکيو ته به حيلا وَسَ ته گهڻائي ڪندا آهن. ساريون بيهنديون به پاڻيءَ ۾ آهن، پر هي نڀاڳا ڪوئا، پاڻيءَ ۾ به تريو وڃو پهچن. هٿ به ڪين اچين، نه ڪي کائين نه ڪي پيئن، رڳو وجهن ڇيهو. بس سارين جي سَلي ۾ چڪ وجهي ڏندن سان ڪرٽي ڪيرائي رکندس. ائين ايڪڙن جا ايڪڙ پوک هروڀرو ڊاهيو رکن، نه ڏني نه ورتي. هاڻي ته پوک جي کاتي وارن انهن لاءِ به دوائون ڪڍيون آهن، جي انهن جي ٻرن ۾ وجهبيون آهن، ته هڪدم هچارا مري ويندا آهن ۽ پوک جو بچاءَ ٿي پوندو آهي. سو ڳالهه ٿي ڪيم ته گڏر، روئو، ڪوئو ۽ مهلي جهڙيون بيماريون سارين جي لاءِ نسورو آزار آهن. خدا انهن کان بچائي ۽ پوکيءَ راهيءَ جي ڌڻين جو خير ڪري. + + +86- پِيهوُن +پيهون هڪ نموني جا ڀُڳل چانور هوندا آهن، پر هنن جو مزو ئي انوکو آهي. پيهون به ويچارا ڀوڳڙي ئي ٺاهيندا آهن. هالا، مٽياري، نصرپور ۽ ٺٽي جي جهونن شهرن ۾ وڃو ته اوهان کي پيهون ٺهنديون ڏسڻ ۾ اينديون. ڀوڳڙي ويچارا چانورن جي سٺيءَ جنس جون ساريون پُسائي، پوءِ انهن کي باهه تي رکيل تئيءَ ۾ سيڪيندا آهن، هٿن ۾ هڪ پوٿو هوندو اٿن، جنهن سان پيا اُٿلائيندا پٿلائيندا آهن ته سڙي نه وڃن. پوريءَ پر سيڪ اچي ويندن، تڏهن اهي واڌائيءَ سان ڪڍي، ڀرسان رکيل اُکَري ۾ وجهندا ۽ ٻيو هڪ همراهه، جو تيار بيٺو هوندو آهي. سو مُهرو پير سان هيٺ دٻي هلائيندو آهي ۽ ساروين ڇڙبيون ۽ ڪُٽبيون وينديون آهن. چانور چپٿڙا ٿي ويندا آهن ۽ سارين جا تُهه لهي ويندا آهن. پوءِ اهي اُکُر مان ڪڍي، تڏي تي ڇڏيون وينديون آهن؛ اهو ڪم هلندو رهندو آهي. ڀوڳڙيءَ جو هنر ان وقت ڏسڻ وٽان هوندو آهي: هڪ هٿ سان تئيءَ ۾ ساريون پيو اُٿلائيندو ته ٻئي هٿ سان اُکر ۾ انهن کي پيو هيٺ مٿي ڪندو. ان نموني مڻن جا مڻ ساريون سيڪجي، ڪُٽجي پيهن جي شڪل وٺنديون آهن. جڏهن اهو سڄو ڪم لهي ويندو آهي، تڏهن ڀوڳڙي سُپ يا ڇڄ کڻي اچي، پيهن کي ڇنڊڻ لڳندو ته تُهه يا ڪَتَرَ جدا ٿي ويندا ۽ پيهون جدا، جي اڇيون اڇيون کلندين پيون آهن. پوءِ انهن جو وڪرو ٿئي. ماڻهو چاهه چس سان وٺي گهر وڃن. وڏن وڏن ڏڻن، جهڙوڪ: عيدن_ براتن تي اهي رڌجن، منجهن ججهو گيهه ۽ کنڊ وجهي تيار ڪجن. انهن رڌل پيهن کي چنگالي به چئبو آهي. مارئيءَ ويچاري چيو آهي ته: +مکڻ ماکيون مٺيون مصريون، چنگاليون چاشنيون ۽ حلوا. +وجهي ٻن ۾ وڃي ڌٿ پاڻ ڌوٿين ساڻ کائينديس. +پيهن جي چنگالي چئي کڻي بس ڪريو. حلوا، سيرا، چاشنيون هن جو مٽ ڪين ٿين. وهانئن، عيدن ۽ ختمن تي گهڻو ڪري پيهون رڌبيون آهن. مهمان سڀ ٻوڙ پلاءُ کان وڌيڪ پيهن کي وچڙندا آهن. پر اهو سڀ هنر ويچاري ڀوڳڙيءَ جو آهي، جو سڀ وڪڻي ڪري پئسا پاڻ کائي ڪونه، ڪڏهن ڪو اهڙو ڀاڳ ٿئيس، نه ته بس! چوندا آهن ته ”ڪنڀر جي گهر ٺڪر سڄو ڪونه لڀي.“ +87- کٽ +اناج جي پوک کي پکي پکڻ کان بچائڻ لاءِ وک جي مکيه هنڌن تي پيها اڏبا آهن جن تي هاري ويچارو پرڀات کان ويندي، سانجهيءَ تائين ويهي جهار هڪليندو آهي. جهار ۾: هرڪيون، ڳيرا، ٻوڙي ۽ ٻيا پکي اچي وڃن ٿا. اهي سڀ سنگن تي ويهي، پنهنجين چهنبن سان داڻا ڪڍي کائيندا آهن ۽ سنگن جو هڻي ستياناس ڪري ڇڏيندا آهن. انهن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ هاريءَ وٽ ٻه هٿيار هوندا آهن: هڪ کانڀاڻي ۽ ٻي کِٽَ. هاري کانڀاڻيءَ سان جهار کي هڪلڻ لاءِ مٽيءَ جا گليلا يا ڳڙها ٺاهي سڪائي، ڍڳ ڪري پيهي تي رکيو ويٺو هوندو آهي. پري کان جڏهن ڏسندو ته جهار اُڏامندي اچي ۽ اچي هِن ڪي هُن هنڌ تي لٿي آهي ته هڪدم اُٿندو ۽ اٿي کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهو وجهندو. کانڀاڻي ڦيرائي ڦيرائي وٺي جو ڳوڙهو ڇڏيندو ته ائين ويندو، جيئن بندوق جي گولي! جهار جي سمت ڏسي، ان پاسي ڳوڙهو اڇليندو، جيڪو اچي جهار جي وچ ۾ ڪِرندو ۽ ڪنهن ڪاني سان لڳي کڙڪو جو ڪندو ته جهار ڀڄي ويندي. ويچاري هاريءَ کي ڏسبو ته سارو ڏهاڙو انهيءَ ڪرت سان هوندو ۽ وَهيا ۽ ڪٻرون پيو هڪليندو. ٻيا پکي ته ڳوڙهي لڳڻ سان ڀڄي ويندا، پر ٻوڙي، جي ننڍڙا پکي آهن ۽ ڇيهو پاڻ گهڻو ڪن، سي نڀاڳا ڏاڍو ڏکيا ڀڄندا آهن. هاري ويچارو کانڀاڻي ڦيرائيندي، ”وهيو وهيو“ ۽ ”ٻوڙي ٻوڙي“ به پيو ڏاڍيان واڪو ڪري چوندو آهي. وهيو به ڏکيو پکي آهي. طوطا، جن کي اسين چتون ۽ مِٺو به چئون، ان کي هاري ٻِلو سڏيندا آهن. باعن ۾ ميون جي وڻن تان انهن کي گليل سان هڪلبو آهي ۽ ٻنين ۾: کانڀاڻيءَ سان. ٻيا پکي ته کانڀاڻيءَ سان هٽائي سگهجن ٿا، پر ٻوڙي، جنهن کي اهو نالو ئي ان ڪري مليوآهي ته هي پکي ٻوڙا هوندا آهن. مورڳو ٻڌندائي ڪونه آهن. انهن لاءِ وري اهو رستو ڳولي ڪڍيو اٿن، جو هاري ويچارا هڪڙي کِٽ ٺاهيندا آهن، جا مُٺ وٽان ٿلهي ۽ پوءِ ويندي آهي سنهي ٿيندي، تان جو پوڇڙ وڃي سنهي ڏور جهڙو ٿيندس. اهو پوڇڙ هاري سجاوتي جي سُٽ مان ٺاهيندا آهن. سجاوتي جو ٻوٽو به سڻيءَ جي ٻوٽي وانگيان هوندو آهي، جنهن ۾ گهنگهرو ٿيندا آهن، جي ڇڻ ڇڻ ڪندا آهن ۽ ٻار انهن سان رانديون ڪندا آهن. سجاوتي جي سُٽَ ۾ اها چڱائي آهي، جو ان مان ٺاهيل پوڇڙ ڏاڍو ٺڪاءُ ڪندو آهي، ڄڻ توب ٻُري ويئي. کِٽ کي ڦيرائي به ڪو جوان مرد هاري سگهندو آهي. جڏهن ڦيرائي ڦيرائي، ان جي پڇڙ کي ٺڪاءُ ڪڍائبو، تڏهن مس وڃي ٻوڙي ٻڌندي، ٽهندي ۽ ڀڄي ويندي، نه ته ٻيو ٿيو ڀلو. +کانڀاڻي اسان جي، سادي سُٽَ مان ٺهندي آهي: وچ ۾ ڳوڙهي وجهڻ لاءِ وڏي چمچي وانگر گهُٻ ٺهيل هوندو اٿس. پر کِٽ ۾ ڪو گهٻ ڪونه ٿئي. ڪاٻار جو ٿلهو رسو ۽ پڇاڙيءَ ۾ سجاوتي جو پوڇڙ، ٺڪاءُ جو ڪرائي ته سارو جهنگ ٻُري وڃي ۽ چوڌاري ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي. ماڻهن جي لاءِ به ڪيئي آفتون پيدا ڪيون اٿس، وري ماڻهوءَ کي به انهن سان جنگ جوٽڻ لاءِ ڏاهپ ۽ سياڻپ ڏني اٿس، ته جيئن هر هڪ آفت جو پنهنجي ڏاهپ سان بلو ڪري ۽ پنهنجو بچاءُ ڪري. اهائي ڳالهه آهي، جنهن ماڻهوءَ کي ٻين ساهه وارن کان اُتم بنايو آهي. ٻيا ساهه وارا جتي نه پڄندا، اتي لاچار ٿي پوندا، پر ماڻهو انهن جو ڪونه ڪو گس ڪڍي وجهندا. ماڻهوءَ کي ”اشرف المخلوقات“ به ان ڪري ئي سڏيو ويو آهي. +88- ڇاپُرو ٻير +اوهان ڇاپروُ ٻير کاڌا ته هوندا ئي هوندا. ننڍڙا ننڍڙا تکا ڳاڙها ٻير، مٺا به ڏاڍا، پر منجهن گودو گهٽ ٿئي. سنڌي ٻير ۽ صوفي ٻير وڏا به ٿين ۽ ڳر وارا به. صوفي ٻير ته بس کڻي کاءُ، ته ڄڻ صوف پيو کائين. پر ڇاپُرو ٻيرن جو مزو الڳ آهي. هنن ٻيرن کي اتر سنڌ ۾ ڄانگهرو ٻير به ڪوٺين. پهاڙي پٽن ۾ هنن جون ٻيريون جام ٿين، نه انهن جو ملهه نه ماڻ، جنهن کي وڻي، سو سيرين منهن چونڊي وڃي. وڻ به سنڌي ٻيرن وانگي وڏو ڪونه ٿئي، بس هڪ ٻوٽي وانگر. ان کي ڌوڻ ڏيئي، ڇاڻ کڻي ته سوين ٻير ڌُو پٽ تي اچي پوندا. جبل جا مسڪين ماڻهو، اهي ميڙي سيڙي، کُرجينون ڀري، بار ڍڳن تي رکي، شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ وڪري لاءِ کڻي ويندا آهن. اڳي ته ڇاپرو ٻير چوٿاين ۽ پاٽين پٽاندڙ وڪبا هئا. اسان کي پاڻ پئسو گهران ملندو هو، ته ٺڪ، ٻيرن تي چوٿائي ٻيرن جي پئسي ملندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موج پيا ڪندا هائسين. ڇاپرُو ٻير هنن کي چئجي ته ان ڪري ٿو، جو ڇپر يا ڏونگر يا جبل ۾ گهڻا ٿا ٿين. +اڄ ته سهانگ جو سموئي موڪلائي ويو آهي. ڇاپرو ٻير، جن جو ڪو ملهه ڪونهي، سي به ٻن کان چئن رپين پاءُ ٿا وڪامن. جبل جي ماڻهن، جن ڄانگهرو ٻيرن جا ڪَنڊا هٿن ۾ جهليا ۽ ٻير گڏ ڪيا، ٻورا ڀريا. ڍڳن تي ڍوئيندا ۽ پنڌ ڪَهي شهر ۾ آيا، تن کي اگهه مليو نالي ماتر. بس ويچارا ڦلن مُٺ تي پنهنجي موڙي واپارين کي ڏئيو وڃن، پوءِ ڪمائين شهري ۽ هنن کي ڪجهه به ڪين پِڙِ پوي. پر جابلو ماڻهو ويچارا جيڪي ملين سو ڌڻيءَ جو ٿورو مڃي وٺي ٿين راهي. چوندا آهن ته ”کوهه جي مٽي کوهه ڌاري“. وري اهي چار ڏوڪڙ به خرچي شهرن مان اَن ڀانُ يا ٻي گهربل شيءِ شڪل وٺي، پلوُ ڇنڊي گهر موٽندا. بس جنهن جو پيٽ قوت جيئن ٺاهيو اٿس، ائين ئي ٿيندو رهي ٿو. +ڄانگهرو ٻيرن جا ڪنڊا به اهڙا ته تکا ٿيندا آهن، جو هٿ رکيو ۽ ڦٽيو. هنن ٻيرن جا پُور يا ڍنگهڙ ماڻهو ٻياني سان کڻي اچي پنهنجي گهرن جا لوڙها ٺاهين، جڏهن اهي ٻير جا ڍنگهر سُڪي نڪما ٿيو وڃن ته انهن لوڙهن ڪاڻ جبل جا ماڻهو چوندا آهن ته لوهه جي ڀت کان به وڌيڪ آهن. لوهه جي ڀت چور ٽپي به پوندو، پر هنن ڪندن مان ڪٿي ٿو لنگهه مليس. رڳو باهه، سا لوڙهي کي نه لڳي، ٻيو بچاءَ لاءِ ههڙيون ڀتيون نه محلن ۾ ڏسبيون نه ماڙين ۾. ٻار ته هنن ٻيرن تي چريا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ککڙا به ڳهي ويندا، جڏهن پُئيءَ تي ويندا آهن ته ٻيرن جا ککڙا ۽ کلون گونهه ۾ پيون نڪرنديون اٿن، پر ٻيرن جو مزو ڪٿي ٿا ڇڏين. وري به چوندا ائين ئي ته يار، هلو ڪالهوڻي هنڌ تي ٻيرين مان ٻير گڏ ڪري اچون. ٻهراڙين ۾ ته پئسن سان ٻيرن ڳنهڻ جي ڳالهه ئي نٿي اُٿي! +89- ڪهيري +ٻروچن جون ذاتيون به انيڪ آهن، جي ڳڻي ڪيتريون ڳڻبيون. انهن ۾ ڪي اُتم ڪي گهٽ ليکيا وڃن. ڪهيري به ٻروچن مان هڪ اُتم ذات آهي، پر هنن ويچارن جو ڪم نيچ سمجهيو ويندوآهي. هو رڇ ۽ ڀولڙا پاليندا آهن، انهن تي جوڳ پچائي مس مس انهن کي هيرائيندا آهن، جڏهن هري مري وڃن، تڏهن ڪهيرين ويچارن جو گذر انهن تي هوندو آهي. رڇن کي ٻوٿاڙو چاڙهي، رڇن ۽ ڀولڙن کي رَسيءَ سان شهرن ۾ وٺي ايندا آهن، پوءِ ڍولڪي وڄائي انهن کي ناچ ڪرائين. ڪهيرين کي هڪ لَٺ ساڻ هوندي آهي، جنهن جي اشاري سان رڇن کي ناچ ڪرائيندا آهن. رڇ سڄو اُڀو ٿي ماڻهوءَ وانگر ٻن پيرن تي اُٿي بيهندو آهي ۽ سڀني رؤنشائين ۽ ڏسندڙن کي سلام ڪندو آهي. پيرن ۾ گهنگهرو يا گهنگهريا ٻڌل هوندا اٿس ۽ اهڙو ته سٺو ناچ ڪندو آهي، جو ناچو به گهر مَرن. ڪهيري فقير کي ان جي بدلي ملي ڇا؟ رؤنشي ڪوڏيا مس ڪو پئسو پئسو ڏيندس. +وري ڀولڙي کي ڀانت ڀانت جا کيل ڪرائيندو آهي. جهڙوڪ ڀولڙي ۽ ڀولڙيءَ جي شادي ڪرائيندو آهي. ڀولڙيءَ کي پَڙي پارائي پوتي ڍڪائي ويهاريندو آهي ۽ ڀولڙو به سينگار جي ويهندو آهي، جو شاديءَ کان ناڪار ڪندو آهي ته کيس پرچائڻ جا وس ڪندو آهي. اهي سڀ گفتا ڪهيريءَ کي راڳ ۾ ياد هوندا آهن، جي ڍولڪي به وڄائيندو ويندو آهي ۽ سر سان چوندو به ويندو آهي. چوندو آهي ته: +پرچي پؤڙي پرچي پَؤ، +کلومل جا چاچا پرچي پَؤ. +بس ايتري چوڻ تي ڀولڙو ڏند ڪڍي کلندو آهي، ڀولڙي کيس ڀاڪر پائي چنبڙي ويندي آهي. ٻيئي اُٿي جهمر هوندا آهن. سب ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان ڏسڻ وڌيڪ آهي. هيءُ تماشو آهي ئي ڏسڻ سان. ڪهيري ويچارا گهٽي ڳليءَ رڇ ۽ ڀولڙا نچائيندا. ڍولڪي وڄائيندا پيٽ گذر ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن ڏسؤن ته رستي تي، ڪڏهن پاڙي پاڙي ۾ اهو کيل ڪندا ڏسبا آهن. اچرج وٺندو آهي ته هنن مرُن کي ڪيئن ٿا پالين ۽ پنهنجي وَسَ ۾ آڻين. ماڻهوءَ کي ڌڻيءَ سڳوري ڏاڍو ڏاهو ڪيو آهي. جيئن جوڳي نانگ بلائن کي، تيئن ڪهيري رڇن ۽ ڀولڙن کي پنهنجي چئي ۾ هلائيندا آهن. هاٿي ڪيڏو نه وڏو جانور آهي ۽ شينهن ڪهڙو نه زورائتو آهي، پر ماڻهوءَ اڳيان سڀ ڪنڌ جهڪائين ٿا. ويچار ته ڪريو، ڪهيري ويچارا ڇا ڪمائيندا هوندا، ڇا پاڻ کائيندا هوندا ۽ ڇا هن ساهه وارن جو پيٽ پاليندا هوندا! پر خدا سائينءَ هنن جو گذران ائين بنايو آهي، شل ويچارا پورهيت ۽ مسڪين خوش هجن! +90- گهوٻاٽو +سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اٽو، چي، گهوٻاٽو.“ هن مان پتو پوي ٿو ته ”چوان هڪڙي ته ڪري ٻي.“ نٿو سُٺي نٿو سمجهي. هاڻي اَٽو ته ٺهي، سڀ سمجهن ٿا، پر گهوٻاٽو ڇا آهي، سو اوهان کي ٻڌايان ٿو. +ٻهراڙين جا غريب ماڻهو پنهنجي بچاءَ لاءِ جيڪي هٿيار رکندا آهن، سي آهن لَٺيون، لوڙهون، لڪڻ، تَلهڙون، ڏنڊا ، ڏنڊيون، سونٽا، سونٽيون، پَڃَرَ ڇاڙپون، بُنڊيون ۽ ڏوڱريون. انهن سڀني هٿيارن کان گهوٻاٽي جو هٿيار، پري مار ڪندڙ آهي. انهن ويچارن کي نڪي هجن ليسن بندوقن، رائيفلن، روالورن ۽ پِستولن جا، نه ٻيا ڪي دارونءَ جا هٿيار. انهن جا هٿيار اهي ئي آهن، جي مٿي لکيا اٿم. انهن هٿيارن ۾ گهوٻاٽو دُور مار آهي. لٺين، لوڙهين ۽ ڏنڊن سان ته وڙهي سگهبو آهي، پر دوبدو ۽ ويجهو اهڙيءَ پر خوردم، جو چيلهه ۾ ٻڌبو آهي، سو به ��يجهو ڪم ايندو. ٻيا هٿيار سڀ ڪاٺيءَ جا آهن، پر خوردم وٽيل رَسي يا چمڙي جو هوندو آهي ۽ فقط ڌڪ هڻڻ لاءِ هڪ گول پٿر جهڙي سخت ڳنڍ وارو مٿو هوندو اٿس، جو ڪنهن کي پاسي ۾ لڳو ته مُئو ۽ نه بچيو. +گهوٻاٽو آهي به سادي شي، ڪاٺيءَ مان تيار ڪيل ٽي فوٽ کن ڊگهو لڪڻ، جنهن جو هڪ مٿو ڪاٺ واري ڳن جو هوندو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ان جي اُڇلڻ جا وڏا چيٽائو ٿيندا آهن. پريان ئي ڪو ڇِتو ڪتو مٿن اُلري يا سامهون جُلهه ڪري آيو ته بڇيندس گهوٻاٽو. گهوٻاٽو اهڙي ته زور سان هڻندا آهن، جو زون ۽شوشاٽ ڪندو ويندو. جيئن ڪمان مان ڪان يا بندوق مان گولي ڇُٽي. چورن جو ته اهو وڏو هٿڻ آهي، جيڪڏهن چور ڏسجي پيا ۽ ڀاڳيا جاڳي اُٿيا ته چور وٺي ڀڄندا ۽ گهوٻاٽا، جي پاڻ سان آڻيندا آهن، اهي ڀاڳين کي اُڇلي هڻندا ته انهن جي ڪاهه روڪجي متان وٺجي نه پون. +شڪاري گهڻو ڪري سَهن جو شڪار به گهوٻاٽن سان ڪن. گدڙ ۽ لوڪڙ يا لومڙ جي لاءِ به گهوٻاٽا ڪال آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ گهوٻاٽن جو ڀاڪر ساڻ هوندو ته پوءِ مجال آهي، جو ڪو ويجهو اچي سگهيس! گهوٻاٽن جي آڏو ڪير وڃي، ساهه سڀني کي پيارو آهي. اهو اٿوَ منهنجا ادڙا گهوٻاٽو، جنهن لاءِ ”اَٽو ته تون چوين گهوٻاٽو.“ گهوٻاٽو اُڇلائڻ جو به هڪ ڏانءُ آهي، جيڪو اهو اُڇلڻ ڄاڻندو هوندو سو ئي ويريءَ کي پري کان هٽائي ڇڏيندو. اسان کي گهوٻاٽو هلائڻ سِکڻ کپي، ڪڏهن نه ڪڏهن اهو هنر ڪم اچي ويندو. +91- آڀؤن +جوئر، ڳارهڙي ۽ ٻاجهري جڏهن سنگ جهلينديون آهن، پر اڃا انهن جا داڻا پڪا نه ٿيا هوندا آهن ۽ کِرا هوندا آهن، تڏهن هاري ماڻهو اهي سنگ پَٽي ڪَچا يا باهه تي سيڪي داڻا ڪڍي، پنهنجي ترين تي مليندا آهن ته کيرو اَنُ نڪري صاف ٿي پوندو آهي، پوءِ اهو ڪَچو يا کيرو اَن ڦڪ ڀري ويٺا کائيندا آهن. کيري هئڻ ڪري اُن ۾ ميٺاج به هوندو آهي ۽ کائيندي کائيندي، واڇن مان کير پيو وهندو آهي. انهيءَ کيري ان کي چون آڀوُن. هارين اجا ٻار گهران سنڀري پنهنجي اباڻي ٻنيءَ تي نرو انهيءَ لاءِ ويندا آهن، ته ٻنيءَ تي هلي آڀوُن کائون. ننڍين ڇوڪرين کي آڀن سان ڏاڍو پيار هوندو آهي. هڪڙا سنگ پَٽي مَهٽي آڀون ڪڍي، پاڻ کائي چڙهه ڪن ۽ ٻيا ڪَچڙا سنگ پَٽي پهنجي مائرن، ڀينرن ۽ ساهيڙين لاءِ به کڻي وڃن. ڪَچڙا داڻا ته ائين کائين، پرجي داڻا اڌ ڪَچا اڏ پَڪا هجن ته گهر آڻي انهن کي دانگيءَ تي ٿورو سيڪي، پوءِ کائين. +پنجابي ٻوليءَ ۾ ته آڀن تي گيت به ٺهيل آهن، جن مان هڪڙو گهڻا ورهيه ٿيا، ته مون ٻڌو هو: +ٻاجهري دي سڻي، مين تلي نال مليسان ڪنڪان ديان فصلان پڪيان ني. +آڀن جي کائڻ جو جن مزو ورتو هوندو، تن کي اُن جي سواد جي پرک پوندي ته آڀون ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي. مڪائيءَ جا کيرا سنگ به ائين ڪَچا کائبا آهن. گهڻو پڪل سنگ، سي به تازا نه هجن ته پيٽ جو سور آهن. آڀون کاڌا ته پيٽ ۾ ڳري ويا، ڄڻ کاڌائي ڪين هئا. اهي اٿوَ غريب هارين جون مٺايون، حلوا، ڪُٽيون چُوريون ۽ چورمان. +92- لَپئي +جن لَپئي هڪ ڀيرو کاڌي، سو ڪٿي ٿو لپئيءَ کي وساري. گيهه کنڊ ته لپئيءَ جو مَرڪ آهن، انهن سان لپئيءَ کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن، انهن کان سواءِ ان کي ڏارو چئبو ۽ نه لپئي. +ڪڻڪ کي جنڊ تي ڏري، پوءِ اها ڏريل ڪڻڪ رڌبي آهي. جڏهن هَڏُ ڀُڄيس. تڏهن ان کي گيهه جو داڳ ڏيئي، کنڊ وجهبي آهي. ڦوٽن جي ڪَڻِ وجهبس ته ڏاڍي سُرهي ٿيندي. جڏهن پاڻي، جو اڳيئي منجهس رڌڻ مهل وجهبو اهي، اهو سُڪي وڃي ته لَپئي تيار! دَمَ تي کڻي رکبس. دم اچڻ کان پوءِ سبحان الله! کائڻ وارا کائيندس. ڇا جا سيرا، ڇا جون سَيُون. سگهارو کاڌو به لپئي هڪڙو ئي آهي. جي روز رڌجي ته گيهه کنڊ جام کپئي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن سڀاڳن ڏينهن تي لپئيءَ جي لاڳ وٺبي آهي. ڪنهن ويچاري چيو آهي ته: +لعنت جي لپئيءَ کان، ڀَرم جو ڀَت چڱو! +ان جو ارٿ اهو آهي ته شاهوڪارن جي نوڪريءَ ۾ لپئيون کائي، ٿُڪ لعنت جهلبي، ان کان چڱو اهو ڀاڳ ۾ پِڙِ پوي سا چڱي. اها هڪ وڏي ساڃهه جي ڳالهه آهي ته پرايا محل ڏسي پنهنجا ڀونگا نه ڊاهجن ۽ نڪي اُڌار کڻي کاڌن جا مزا وٺجن ۽ پوءِ پيو لهڻيدارن جو ٿُڪ بُجو سهجي. +خير، مون ڳالهه ڪئي ٿي لپئيءَ جي، سو لپئيءَ جي سواد جي ڪهڙي واکاڻ ڪري ڪهڙي ڪجي! لپئيءَ جي نيرن ملي ته بس ٻيو ڇا کپي. اوهان ٻارن لپئي ته گهڻي ئي گُهمرا کاڌي هوندي، وري به هيءُ پڙهي وات پاڻي ٿيو هوندو؟ سو وڃڻ سان گهر وڃي پنهنجي اَميءَ کي چئجو ته لپئي رڌي کارائيوَ. لکندڙ کي به ڀلائي ڪري گرانهه گرانهه تي ياد پيا ڪجو. +93- پنجيري +پنجيريءَ جو نالو اوهان نه ٻڌو هجي، ته اچو ته ٻڌايانوَ. گهڻا ماڻهو ان کي چُوري به ڪوٺيندا آهن. پر چُوري ڪُٽيءَ کي به چئبو آهي، پنجيري هڪ نجي شيءِ آهي، جا سکيا ستابا ماڻهو سياري جي مند ۾ پنهنجن ٻارن جي سگهه (طاقت) لاءِ ٺاهي، برنيون ڀري رکندا آهن ته ڀل سنجهه صبح پيا کائين. +پنجيري ٺاهڻ لاءِ ڇا ڪندا آهن، جو پهريائين ڌاڻا جنڊ تي ڏري، انهن جو مغز ڪڍندا آهن. اهو مغز ڳائي مکڻ يا گيهه ۾ ڀُڃي، ان ۾ ٻيا مغز به گڏيندا آهن، جهڙوڪ: پستا، بادام، ڪاري ڊاک، ڪشمش، اهي ڪل پنج مغز ٿيا، ان ڪري هن چُوريءَ کي چون ئي پنجيري. +پنجيري ملي ته ڇا جون معجونون ڇا جا ڪُشتا، ڇاجا خميرا ۽ ڇاجو سچن موتين جا خاڪا. سؤ مٺاين کان هيءَ هڪ ئي مٺائي زور آهي. منجهس زور ۽ ٻل، سَگهه ۽ چڱڀلائيءَ (صحت) جا اڻ ميا گنج آهن. +سيارو اچي ته ٻيون سڀ شيون جهڙوڪ: حلوا، ميسوپاڪ ڦٽا ڪري رڳو پنجيري کائو. حلوا ۽ ٻيون مٺايون اوهان کي کنگهه ڪنديون، پر پنجيري ننهن کان چوٽيءَ تائين ٻَلُ ۽ سگهه آهي. پر سڀڪا شيءِ کائبي وري به وت سارُو. گهڻي شيءِ ڪهڙي به سٺي هجي، پر جيءَ کي جوکي جو ڊپ آهي. متان پنجيريءَ جو مزو ڏسي، سيرن جا سير نه کائي وڃو؟ ائين برابر آهي ته ”جيڪي ڪري گيههءُ، سو نه ڪري ماءُ نه ڪري پيءُ!“ سُڪو ميوو جو منجهه پوي ٿو، سو به کائبو ته ڍاپبو ئي ڪين، پر هٻڇ چڱي ڪين آهي. منهنجو چوڻ اهو اٿوَ، وڌيڪ پاڻ ڄاڻو! +94- ٽونٽا +تاريخ پندرهين_ مهيني شعبان تي مسلمان عيد برات ملهائيندا آهن، ان ڏينهن ان تي آتشبازي دارون ٻاري ڪئي ويندي آهي. جيئن هندو ڏياريءَ تي دارون ٻاري آتشبازي ڪندا آهن، تيئن مسلمان به ڪندا آهن، جيتوڻيڪ مذهب يا ڌرم ان جي موڪل نٿو ڏئي، پرهي هڪ اجايو رواج پئجي ويو آهي. آتشبازي شادين وهانئن جي ڏينهن تي به دارون ٻاري ڪئي ويندي آهي ۽ هزارين رپيا سُڃ ڪيا ويندا آهن. آتشبازيءَ جون ٻيون شيون جهڙوڪ: ڦٽاڪا، مهاتابيون، نيلوفريون، جرڦل، سرايون، وڇون، چرخيون ۽ ٻيون ڪيتريون تماشي جهڙيون شيون ٺاهي. ساڙيون وينديون آهن، پر هڪ شيءِ جنهن کي ٽونٽا ٿو سڏجي، سي رڳو هالا ۽ نصرپور ۾ ٺاهيا ويندا آهن. اهي ڏاڍا ڇيهي وارا هوندا آهن. +هالا جا ڪاريگر جيڪي ٽونٽا ٺاهيندا آهن، اهي ڇا ڪندا آهن، جو گوگڙ يعني گندرف ۽ شورو ڪُٽي ڇاڻي ميدي جهڙو ڪري، ان ۾ اڪن جا اڱر به ڪُٽي وجهي هڪڙو ٻورو ٺاهيندا آهن. پوءِ ٿلي ڪاڳر جي چئن انچن وارن پوپن ۾، جي پڻ هو پاڻ تيار ڪندا آهن، اهو پائوڊر لوهه جي سيخن سان گُدي ڀريندا آهن، جيئن نيلوفريون ڀرجن. پوءِ انهن مان هڪ ٻن ٽوٽن کي ساڙي آزمائيندا آهن. آزمائڻ کان پوءِ ٽونٽا سوَنَ جي منهن ڀري، انهن کي بند ڪندا آهن. ائين ڪرڻ کان پوءِ گوشت جا وکا وٺي ايندا آهن ۽ ٽونٽن تي انهن جي جهلي چاڙهيندا آهن، پوءِ انهن کي سڪايو ويندو آهي، جڏهن سڪي ويندا آهن، تڏهن ٽونٽا تيار سمجهبا، جي چڱو ملهه ڪمائيندا آهن. آتشبازيءَ جا ڪوڏيا اهي وٺي، عيد برات تي ساڙڻ لاءِ رکندا آهن. +عيد آئي ته هڪ وڏي ميدان تي تماشو ڏسندڙن جا انبوهه مڙي ويندا. وچ ميدان تي ٽونٽي جو جهليءَ لڳل منهن کولي، ٽانڊي تي رکندا ۽ ٽونٽو ويرم ئي ڪانه ڪندو، شوشاٽ ڪري ٻري پوندو. پوءِ ته ان کي کڻي ميدان تي ڇڏيندا. ٽونٽو پهريائين ٿورو ڌرتيءَ تي ٽِپڪندو ۽ ٽپڪي، وٺي چؤطرف اُڏامندو. ماڻهن جي انبوهه ۾ ٽاهه پئجي ويندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندا، ڇو ته متان ٽونٽو لڳي ۽ هڻي ساڙي نه رکي. ٽونٽي جو ٽِپڪڻ ۽ اُڏامڻ هڪ وڻندڙ تماشو به آهي، پر ڊپ وارو به. +ٽونٽا ٺاهيندڙ جس کٽڻ لاءِ ماندا هوندا آهن، ته ڪير ٿو پنهنجي ڪرتب ۾ وڌيڪ ساراهيو وڃي، ته ٻيءَ مند سندس ٽونٽن جي گهر وڌي. هي ٽونٽا وڏا ڇيها به وجهندا آهن: ڪو ٽونٽو اڏامي وڃي ڪنهن گاهه جي دَنِ ۾ ڪِريو هوندو يا ڪنهن جي جهوپڙيءَ جي ڪکائن ڇت تي پيو هوندو ته ڪيترن گهرن کي باهيون به لڳيون هونديون. ڪڏهن ڪڏهن تماشو ڏسندڙن جي ڪپڙن ۾ لڳو ته ماڻهو سڙي به پوندا آهن. ان ڪري انهيءَ عيد تي ٽونٽن جي تماشي لاءِ پوليس به بيهاري ويندي آهي. هالا جي ماڻهن جي ته ٽونٽي بازي گهر جو کيل آهي، پر ٻين اها راند نه ڏٺي هوندي. ڪم ته اجايو آهي، پر آهي ڏسڻ وٽان. گندرف، شوري ۽ اڪن جي اڱرن جا وزن هوندا آهن. انهن وزنن تي ڌيان ڏيئي ٺاهيا ويندا آهن. جي ٻاريندي ڪو ٽونٽو ڦاٽي پيو، ته پوءِ ٻاريندڙ جو پنهنجو خير ڪونه هوندو. پهريائين پاڻ سڙندو پوءِ ٻيا. چوندا ته: +پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿ کي. +جنهن کي به اکين سان تماشو ڏسڻو هجي، سو عيد برات تي هالا وڃي، اهو تماشو ڏسي. چوندا آهن ته ٻُڌل ڳالهه، ڏٺل جي برابر ٿي نه سگهندي آهي. + + +95- جهُلَ ۽ نَتَ (نطعه) +اُٺ کي سنڌيءَ ۾ سُڪيءَ جو ٻيڙو به چوندا آهن. رڻ پٽن، وارياسن ميدانن، ڏونگرن ۽ ڀِٽن تي اُٺ ئي آهي، جو هلي سگهي ٿو. پَها ۽ پيچرا ڏيئي لَڪن تان لانگها اهوئي ساهه وارو آهي، جو ڪري سگهي ٿو. هڪڙا اُٺ لاڏو ٿيندا آهن ۽ ٻيا مهري. لاڏُن تي بار ڍوئبواهي ۽ مَهرين تي ماڻهو چڙهندا آهن. مهري اُٺن جو سونهن ڀريو سينگار اکين جو ٺار هوندو آهي. پهريائين جڏهن مهري اُٺ کي پلاڻبوآهي ته سندس پُٺيءَ تي ڳوڻ جي ٽَپڙي رکبي آهي. ٽپڙي جي مٿان زير گاديون رکبيون آهن ۽ انهن جي ماٿن جهُلَ وجهبي آهي؛ جا اُٺ جي هلڻ مهل جهوليندي، لڏندي ۽ لمندي پئي آهي، ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي، جهُلَ جي مٿان رکبو آهي پاکڙو. پاکڙي تي وري رَليون ۽ سَوَڙ پکيڙبي آهي ته گاشو نرم ٿئي. انهن سڀني شين کي ڦاٽڻ ٽُٽڻ کان بچائڻ لاءِ گاشي جي مٿان نَتَ وجهبي آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ”نطعه“ لکندا آهن، نَتَ چمڙي جي ٺهيل هوندي آهي ۽ ڪُنڍيءَ سان مٿس ڀرت ڀريو ويندو آهي. نَتَ پئجي ويئي ته چوڌاري ڪَشڻو ٻَڌو ويندو آهي ته گاشو اُکلي نه پوي. بس پوءِ ٻه خانا پاکڙي جا ٺهي پوندا آهن. پاکڙي جي اڳئين خاني جي مهڙ ۾ گاشو اهڙيءَ ريت ٻڏندا آهن، جو ڀرڻي تي گُڏي ٺهي پوندي. جت گهڻو ڪري اڳين خاني ۾ ويهندو آهي ۽ سوار پوئين خاني ۾. بس اُٺ، جو گوڏا ڀڃيو ويٺو هوندو آهي، سو جڏهن اٿندو ته جت ان جون مهارون جهليندو، جي اُٺ جي نڪ ۾ پيل ناڪيلين ۾ ٻڌل هونديون آهن. اُٺ جون مهارون ڪشيائين ته اُٺ هندوري وانگر اُٿي هلندو، ج�� اُٺ جي سواري ڪئي هوندي، تن کي ڀليءَ ڀت سڌ هوندي ته اُٺ جي سواري ڇا ٿيندي آهي. ڪي شاهوڪار ماڻهو پنهنجن اُٺن جي سينگار لاءِ گوهر يا چانديءَ جا تائيٿ (تعويذ) جنوئي به ساز جي زيورن وانگي ٻڌندا آهن، جي ڇم ڇم ڪندا هلندا آهن. لاڏو اُٺن کي وري گوڏن وٽ گهنگهر يا وٽ ٻڌندا آهن. منهن تي ڪوڏن جا موڙ، ڳچيءَ ۾ سُهليون ۽ ڳانيون، مدُوءَ تي تُريارا، ٽؤنر جهاٻا ۽ جهُوڙا پيا لڙڪندا اٿن؛ جن جو آواز پريان ئي ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي. انهن جا ساٿ هڪ ڊگهي قطار ۾ هلندي، اهڙو ته مزو ڪندا آهن، جن جي ڳالهه ڪهڙي ڪجي! +منهنجو چوڻ هو، جهُل ۽ نَت جو وستار ڪرڻ. جهُل، ٿر جون مايون رنگين ڪپڙي تي ٽُڪن سان ڀرينديون ۽ سبينديون آهن_ جيئن رليءَ جو مٿيون تهه ٺاهيندو ويندو آهي. جس هجي انهن سگهڙ ماين جي هٿ کي، جي سئيءَ سان اهي هنر ڏيکارين ٿيون. جهُل کي چوڌاري گهير هوندي آهي ۽ وچ ۾ اُٺ جي ٿُوهي لاءِ خال ڇڏيل هوندو آهي. نت وري ٿر ۾ ميگهواڙ ڪاريگر ٺاهيندا آهن. انهن جي هنر جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي. نتون ٻاڪري کل مان ٺاهيون وينديون آهن، پر ٿر ۾ هرڻن هئڻ ڪري، ڪي سکيا ماڻهو هرڻ جي کلن مان به نتون ٺهرائيندا آهن. بس نت جي مٿان ماڻهو چڙهي ويٺو ته ائين پيو ڀائيندو، ڄڻ ته ڪوهنور جي تخت تي ويٺو آهيان. ٿر ۾ جڏهن آءٌ اسڪولن جو ڊپٽي انسپيڪٽر هوس، تڏهن مون اهي سواريءَ جا سڀ مزا ورتا. نت ۽ جهُل پنهنجي ٺهرايم، پر زيورن جا ساز جتن جا پنهنجا هوندا آهن. بس ڳالهه ياد ٿي اچيم، ته ڀانيان ته جيڪر اوهان سڀني کي ٿر ۾ وٺي هلي. اُٺ جي سواريءَ جو مزو وٺانيان، جنهن گهوڙي ۽ اُٺ جي سواري نه ڪئي، تنهن ڄڻ اڌ ڄمار وڃائي. موٽرن ۽ گاڏين جي سواري به ٺيڪ، پر سواري سچي پچي اها، جا وهٽن تي ڪجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: +پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري، +ننڍي هوندي نه سکيو، ته وڏي هوندي خواري! +96- ڀوڪَرُ +ٿرپارڪر ۽ ننگرپارڪر جي شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪر ۾ هڪڙي نموني جو ڪَچو پٿر ٿئي ٿو، جو ان ٽڪر جي واريءَ مان ٺهيل آهي. ان پٿر کي ڀوڪر جو پٿر چوندا آهن. اتي جا مسڪين مارو ماڻهو اهو پٿر سولائيءَ سان ڇپن ۽ چاپوڙن جي شڪل ۾ ڪڍي، ان کي ٽُڪي گهڙي، انهيءَ مان سرون گهڙيندا آهن ۽ انهن سرن مان پنهنجون سوڙهيون جهوپڙيون ٺاهيندا آهن. ڀتيون ڀوڪر جون ۽ ڇتيون ڇپرن جون جوڙيندا آهن، پوءِ انهن گهرن ۾ پنهنجون ڄماريون گذاريو وڃن. +ڀوڪر جو پٿر وري اهڙو ٿئي، جو جيئن مٿس مينهن وسي، تيئن پڪو ٿئي ۽ ڳري بنهه ڪين. ڪارونجهر ٽڪر جو ٻيو سمورو پٿر پڪو ڳاڙهسروَ ٿئي، جنهن جون جايون اڪثر سکيا ماڻهو ٺهرائين يا سرڪاري آفيسون به انهيءَ پٿر مان ٺهن، پر ايڏي خرچ کي بي پهچ ڪٿي ٿا پهچي سگهن، ان ڪري اُهي ڀوڪر ڪم آڻين. +ڌڻي سڳوري جي ڏات ۽ جوڙ آهي، جو ڪارونجهر ٽڪر مان پڪو پٿر به نڪري ته ڪچو پٿر ڀوڪر به نڪري ۽ ٽڪر جي وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي واريءَ جون ڀٽون به هونديون آهن. ڪن ڪن هنڌان ماربل (سنگ مرمر) جي ٻه_ ٽي انچ ليڪ به هوندي آهي، جا ٽڪر جي پاڙ کان وٺي، مٿي چوٽيءَ تائين هلي ويندي آهي ان کي ڏسي ماڻهوءَ کي تپرس پيو وٺندو، کيس ڌڻيءَ سڳوري جي سهڻي سٽاءَ ۽ جوڙ جو پتو پوندو ته جتي پٿر، اُتي واري! ٻيئي شيون هڪ هنڌ ملن! وري پٿر جي وچان چشما به جوڙيا اٿس، جن مان ٿڌڙو ٿڌڙو، مٺڙو مٺڙو پاڻي به سمي نڪري. ’انچليا سر ۽ ساردڙي‘ جا چشما آهن ننڍا، پر ڏيک ويک ۾ ڏاڍا پيارا لڳندا آهن. جيڪڏهن اوهان کي خدا جي جوڙ جو درشن ڪرڻو هجي ته وڃي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر گهمي ڏسو، ڇو ته اکين سان ڏسڻ، ٻڌڻ کان هزارين گهمرا وڌيڪ آهي. ڏسڻ دل تي ڇٽ ٿي بيهي ٿو ۽ ڪڏهن به نٿو وسري. +97- ميٽ +ميٽ ته هڪڙي، گهر گهر جي شيءِ آهي، سا اوهان مان هر هڪ ڏٺي هوندي، توڙي اڄڪلهه ان مان گهٽ ڪم ورتو وڃي ٿو. حيدرآباد جي گنجي ٽَڪر ۽ خيرپور جو ٽڪرين ۾ ميٽ جون کاڻيون هونديون آهن، جن مان ٻين ڌاتن وانگر ميٽ به کوٽي ڪڍبو آهي. ان مان چڱو موچارو پئسو به ڪمائي سگهجي ٿو. +هينئر وهنجڻ لاءِ جتي ڪٿي ڏس ته سُرهو صابڻ ڪم آندو وڃي ٿو، پر اڳي وهنجڻ لاءِ ميٽ کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ سٺي ڪانه هئي. ماڻهو ڇا ڪندا هئا، ميٽ جو وڏو وٽو يا ڪٽورو مَلي، ان ۾ ٿورو تيل ملائي، ساري بدن کي ميٽ سان مليندا يا مهٽيندا هئا. ان ڪري سڄي بُت جي مَرُ ۽ مٽي، وارن مان سڀڪا ميرائي، ميٽ مهٽڻ سان اگهجي اُجري ٿي ويندي هئي ۽ بدن چمڪڻ لڳندو هو. خرچ به ڪو پئسو کن مس ٿيندو هو ۽ اُجرائي به صابڻ جي ڀيٽ ۾ ڏهه گهمرا وڌيڪ ٿيندي هئي. هڪڙي فارسيءَ جي وڏي ڪويءَ، جنهن جو نالو ”سعدي“ سڳورو هو، ان پنهنجو هڪ ڪتاب ”گلستان سعدي“، شروع ئي اُن بيت سان ڪيو آهي، جنهن جو ارٿ هيءَ آهي: +1. هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي پرينءَ جي هٿن مان سُرهو ميٽ تَڙَ تي مليو. +2. مون ميٽ کان پڇيو ته تون ميٽ آهين يا ڪو عنبر يا مشڪ آهين، جو تنهنجي سُرهاڻ ڪري آءٌ مگن ٿي ويو آهيان؟ +3. ميٽ وراڻي ڏني ته آءٌ آهيان ته اهائي ساڳي مِٽي، پر ڪجهه وقت گل جهڙي پرينءَ سان گڏ گذاريو اٿم. +4. انهيءَ سُٺڙيءَ سان گڏ ويهڻ ڪري مون ۾ اهو گڻ ٿيو آهي، نه ته آهيان ساڳي ميٽ جي مِٽي، جنهن جو هونءَ ڪوبه مُلهه ڪونهي! (هن جو اصلي بيت هيٺ به ڏجي ٿو). +ميٽ جو رنگ هلڪو پيلو هوندو آهي، پر ان تان پاڻ هڪ رنگ کي وڌيڪ نالو ملي ويو آهي. اسين ميٽ جهڙي رنگ کي ميٽائون رنگ چئون. ميٽ تان رنگ کي نالو مليو آهي، نه رنگ تان ميٽ کي. +اوهان کي جيڪڏهن منهنجي چوڻ جي سچائي ڏسڻي هجي ته ميٽ تيل سان وهنجي ڏسو ته سُڌ پَويوَ. ميٽ تيل سان بدن مهٽڻ کان پوءِ جا بت کي سک سانت ايندي آهي،سا ڪيترا به دنيا جا حمام خانا (باٿ روم) يا غسل خانا ڀيٽيو، پر ههڙو آنند ماڳهين نه ملي سگهندو. جهولي جي جهٻٽ لڳڻ کان پڻ ميٽ ۾ بصر جي ڪاتر ملائي وهنجبو آهي ته جهولي جو اثر لهي ويندو آهي: +گلي خوشبوءِ در حمام روزي +رسيد از دست محبوبي بدستم +پدو گفتم ڪـﮧ مشڪي يا عنبري؟ +ڪﮧ از بوءِ دلاويز تو مستم. +بگفتا من گلي ناچيز بودم +وليڪن مدت باگل نشتم +ڪمال او درمن اثرد ڪرد +وگر هُما خاڪم ڪﮧ هستم +ڇا ميٽ جهڙي هلڪي شيءِ، ڇا ان جو ٺار، جو اسان جو بدن ئي ٺري ڳگ ٿيو پوي. خدا جي جن وٿن کي اسين تڇ ٿا ڀانيون، انهن ۾ لکين لاڀ سمايل آهن. +98- ڪَسوٽي +سون کي پرکڻ لاءِ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ ڀروسي جهڙي ناهي، جهڙي ڪَسوٽِي ماڻهو جنهن تنهن ڳالهه ۾ چوندا آهن ته مون فلاڻي سنگتيءَ کي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏٺو آهي ته هو سچو نڪتو آهي. ڪڏهن ائين به چوندا آهن ته يار، آءٌ تنهنجي پرکڻ لاءِ ڪسوٽي آهيان، تون مون کان ڪٿي ٿو لڪي سگهين؟ وري ڪڏهن ڪنهن ٺڳ کي ڪو ٺڳي ڪندي پڪڙيندو آهي ته چوندا آهن ته ”ٺڳ ٺڳ جي ذات، فلاڻي جي اڳيان آڻيوس ته هڪدم پرکي وٺي. هو ٺڳن جي ڪسوٽي آهي.“ هن مان اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته ڪسوٽي هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن سون ۾ ٺڳي يا کوٽ يا مَٺ هوندو ته اوڏيءَ مهل پرکجي پوندو چوندا آهن: ”سون پرکجي ڪسوٽي، روپ پرکجي باهه_ ماڻهو پرکجي تڏهن جڏهن ٻه اکر ڳالهائي.“ +ڪسوٽي نيٺ آهي ڇا؟ هڪڙو ننڍڙو ڪارو پٿر هوندو آهي، جو سون جي شرافن (صرافن) وٽ هڪيو تڪيو رکيل هوندو آهي. ڪوبه ماڻهو سون جي ڳهه ڳٺو يا منڊي مَڻيو وڪڻڻ لاِ سراف وٽ کڻي ويو ته هو ان کان اها وٺي، ڪسوٽيءَ تي کڻي گهڪا ڏيندس ته ڀلي سون ۽ مَٺي سون جي سُڌُ پئجي ويندي انهيءَ سارو ملهه ڏيندو. جي مورڳو ڪوڙو ڳهه پِتل يا مُٺ به هوندو، ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ۽ ٺڳ کي کڻي ڳچيءَ کان جهليندو. +ڏسو ته آهي ڇا، رڳو هڪڙو پٿر جو ٽڪر، پر منجهانئس ڪيڏا نه ڪارج ٿا سرن. اهو پٿر نه هجي ته سون جي سچ ڪوڙ جي پرک ئي نه پوي ۽ ماڻهو ويچارا لوڀين ۽ ٺوڳين کان ٺڳجي ۽ ڦرجي وڃن. پر سراف منٽ ڪري وٺندس ۽ ٻڌائيندو ته آهي سون، پر مٺو آهي. يا مورڳو سون ئي نه آهي، يا چانديءَ تي سونو پاڻي چڙهيل آهي يا پتل آهي يا ڪو ٻيو ڌاتو سون جي رنگ جهڙو آهي. هر ساديءَ شيءِ ۾ ڌڻيءَ سڳوري ڪانه ڪا ڏاهپ ۽ اٿاهه سياڻپ رکي آهي، تنهن ڪري کرو کوٽو پڌرو ٿيو پوي. +99- پڙلاءَ يا هوٻو +هڪڙي راجڪمار جي ڳالهه ڪندا آهن ته هو هڪ ڀيري گهوڙي تي چڙهي شڪار لاءِ نڪتو ۽ هلندي هلندي، هڪ ماٿريءَ ۾ اچي پهتو. ٻيا سندس نوڪر چاڪر پٺتي رهجي ويا. اتي هن هڪ هرڻ ڏٺو ۽ پنهنجي ساٿين مان هڪ کي ڏاڍيان سڏ ڪيائين. پاڻ چيائين ته ”اوڀمرسنگ!“ ته ورندي مليس ”اوڀمرسنگ“. وري چيائين ته ”ڪٿان پيو ڳالهائين؟“ ته وراڻي موٽي مليس ته ”ڪٿان پيو ڳالهائين.“ وري چيائين ته ”سگهو مون وٽ پهچ!“ ته موٽ ۾ اهوئي پڙاڏو آيو ”سگهو مون وٽ پهچ.“ راجڪمار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين ”ٻُڌي ڇڏ مان توکي ترار مان ڪڍندس!“ ته ورنديءَ ۾ وري به ساڳيو جواب مليس. ڏاڍيءَ تپرس ۾ پئجي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. ايتري ۾ هڪڙو سندس ساٿي به اچي پهتو. ان کان ڪاوڙ مان پڇيائين ”ڀمر سنگ ڪٿي؟“ ته سندس ساٿي جواب ڏئي ڏي ته ان کان اڳ ساڳيو آواز آيو ته ”ڀمرسنگ ڪٿي؟“ راجمڪار ڪاوڙ کان ذري گهٽ چريو ٿي چڪو هو ۽ ساٿيءَ کان پڇيائين ته ”هيءَ ڪير آهي، جو موٽائي ساڳيا اکر چوي ٿو ۽ مون سان چَٿر ڪري ٿو؟ ساٿيءَ ان تي کيس کِلي ٻڌايو ته راجڪمار! ”هيءُ پڙلاءُ آهي، جيڪو اوهان آواز ڪڍو ٿا، اهو ساڳيو ماٿريءَ جي چوڌاري، جيڪي ٽڪريون آهن، تن سان لڳي، موٽي ٿو اچي، ڇو ته پهاڙ هئڻ ڪري آواز کي پرتي وڃڻ جي جڳهه نٿي ملي ۽ موٽي اسان وٽ پهچي ٿو.“ اتي راجڪمار جا ڏند چپن سان لڳي ويا ۽ وري وري آواز ڪرڻ لڳو ۽ ڏٺائين ته برابر منهجو ساڳيو آواز موٽي پيو اچي، ايتري وير ۾ ڀمرسنگ ۽ ٻيا به اچي سهڙيا. راجڪمار ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. جڏهن ٻڌايائونس ته اهو پڙاڏو، پڙلاءُ يا هوٻو آهي. ان کي انگريزيءَ ۾ ”ايڪو“ چيو وڃي ٿو. +ٻارو جيڪڏهن اوهان پڙلاءُ ڪڏهن نه ٻُڌو هجي ته ڪڏهن پهاڙ تي چڪر هڻڻ واسطي نڪري وڃو ۽ آواز ڪري، موٽ ۾ پنهنجو ساڳيو آواز ٻُڌو، ڏسو ته پوءِ اوهان کي ڪيڏو نه مزو ٿو اچي. پڙلاءُ جو چرچو به عجب جهڙو آهي ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿئي. ان لاءِ اوهان پنهنجي سائنس ماستر کان وڌيڪ سمجهاڻي وٺي سگهو ٿا. +100- پَتڻ +جيئن سامونڊي جهازن جي بيهڻ واري جاءِ کي سامونڊي بندر يا ”سي پورٽ“ ڪوٺبو آهي، تيئن هوائي جهازن جي بندر کي هوائي اڏو يا ”ايئرپورٽ“ سڏبو آهي، وري جتي ريل گاڏي بيهندي آهي ۽ ماڻهو لاهيندي چاڙهيندي آهي، ان کي اسٽيشن يا ٽيشڻ چوندا آهن. اهڙيءَ ريت درياءَ پار ڪرڻ لاءِ، جتي پليون نه هونديون آهن، ته ٻيڙيءَ تي چڙهي هڪ پاسي کان ٻئي ڪناري تي وڃٻو آهي. اهڙين جاين کي، جتي ماڻهن جي درياءَ پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون بيٺل هوندين آهن، تن کي ’پتڻ‘ چئبو آهي. پتڻ جي ٻيڙين تي ماڻهن کان سواءِ گڏهه، گهوڙا، اُٺ ۽ ٻيو مال به چاڙهي پار ڪبو آهي. اوهان کي اها سڌ ته اڳيئي آهي، ته اُٺ پاڻيءَ کان ڊڄندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو ��ير وجهندو آهي، تنهنڪري پتڻ جي ٻيڙيءَ تي پير رکڻ ۾ ڪيٻائيندو آهي ۽ ڏاڍو ڏکيائيءَ سان چڙهندو آهي. هڪڙو ماڻهو سندس مهار وٺي ٻيڙيءَ تي چڙهي ڇڪيندس ۽ ٻيو پٺيان ڏنڊا هڻندس، تڏهن مس مس وڃي ان کي ٻيڙيءَ تي چاڙهيندا. ٻيڙيءَ تي چڙهڻ مهل ڏاڍيون گوڙون ڪندو آهي، رنڀيندو آهي ۽ مار کائيندو آهي. ان ڪري سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٺهي ويو آهي ته ”اڙي سڌري وڃ، نه ته اهڙي مار کائيندين، جهڙي اُٺ کائي پتڻ تي!“ +پتڻ جي ٻيڙي پاتڻي هلائيندا آهن. ماڻهن جو پورو ٻيڙو ڀريو ته الله جو آسرو ڪري ٻيڙيءَ جا پڳهه ڇوڙيندا ۽ ڏاڍيءَ سنڀال سان لوهه جي ناتاري، جا ڪناري تي ٻيڙي جهلڻ لاءِ کتل هوندي آهي. سا پَٽَ مان ڪڍي، ونجهن سان ٻيڙي هلائي درياءَ جي وچ سير مان تاري اچي پار ڪندا آهن. هينئر به اسان جي درياءَ جي آرپار ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا پاتڻي ويچاري جي ايڏي پورهيي جو ڦل ڇا ٿو مليس؟ آڌيو يا رپيو هرڪو ماڻهو ٿو ڏئي، سڀني سوارين ۾ ڏکي سواري پتڻ جي، پر مزدوري گهٽ آهي. ان جي بدران ريلن ۽ جهازن ۾ ڳاٽي ڀڳا ڀاڙا، جي غريب ماڻهو ڀري ئي ڪين ٿا سگهن ۽ جي ويچارا ڪٿي وڃن ته جانورن تي سواري ڪن يا پنڌ ڪري پهچن. +پتڻ جي ٻيڙي، جڏهن الله جي آسري ڇُٽندي آهي، تڏهن ان جو ڏيک ويک ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪيترا ماڻهو ڪئميرائون کڻي ايندا آهن ۽ پتڻ جي ٻيڙيءَ جا، هلڻ مهل فوٽا ڪڍندا آهن. وچ سير تي جڏهن ٻيڙي ايندي آهي، اهو ٽاڻو ڏاڍو ڊپ وارو هوندو آهي، جو درياءَ جي سير ۾ پاڻيءَ جي تِکَ ڏاڍي هوندي آهي، جنهن ۾ ڳريون ڳريون وٿون به لڙهيو وڃن، پر جَسُ هجي ناکئن کي، جي دل جهلي ٻيڙيون هاڪارين ٿا. انهيءَ ڪري ته مهاڻن کي ملاح يا اميرالبحر ڪوٺيو ويندو آهي. +101- وهائي +اوهان کي اها ته سُڌ آهي ته ننڍڙو ابهم ٻچڙو، اسان وڏن وانگي سپنا ڪونه ڏسي، سپنا ته ڏسون اسين وڏا، جيڪي ڏينهن جو ڪم ڪريون يا ٻڌون سُڻو يا جيڪي يادگيريون هونديون اٿئون، اهي سپنن ۾ ڏسندا آهيون. ڪي سپنا بيمارين ڪري به ٿيندا آهن؛ ۽ جي کاڌو پيٽ ۾ نه ڳريو ته پيٽ تي جيڪو بوجو ٿيندو آهي، ان ڪري به سپنا ڏسڻ ۾ ايندا آهن،. پر ننڍڙن ٻارن کي تنجڻن ۾ يا بي سمجهيءَ جي ڄمار ۾ ڪابه سُڌ ڪانه هوندي آهي، سي سپنا ڪونه ڏسن. ان هوندي به اوهان ڏٺو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙو ٻار ننڊ ۾ کلندو آهي ۽ اسان کي اهو ڏسي مزو پيو ايندو آهي. ٻار جي انهيءَ کل کي چوندا آهن ته ”هن کي وهائي ٿي کلائي.“ اَنهيءَ کلڻ کي وهائيءَ جي کل چوندا آهن. جڏهن ڪو وڏو ماڻهو وڏيون وڏيون اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ڪندو آهي يا آسرا رکندو آهي ته ان کي به چوندا آهن ته ”ميان، اجايا پهه نه پچاءِ، خوش پيو ٿين، سو وهائيءَ کلايو اٿئي ڇا؟“ وهائي کي وِيائي يعني جنم وٺڻ به چئجي. +وهائي کلائي ته الاجي ڪيئن ٿي، پر ڪي ڌرمي ماڻهو چوندا آهن: ٻار جو آتما پوتر ٿئي ٿو، هو ڄمڻ کان اڳ روحن جي دنيا جا نظارا ڏسي کلندو آهي. سچي پچي ڄاڻ ڌڻيءَ سڳوري کي آهي. وڌيڪ هن ڏِسَ ۾ وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ ويڄ ٻڌائي سگهندا ته وهائيءَ جو ڪم ڪيئن ٿو ٿئي يا وري وڏا ڌرمي منش ان لاءِ ڪجهه چئي سگهندا. آءٌ هن لاءِ وڌيڪ ڪجهه به نه چوندس. اوهان وڏا ٿي پڇا ڪري ’وهائيءَ‘ تي ڪو وڏو ليک لکجو ته اوهان جو به جَسُ ڳائجي. \ No newline at end of file