arnizamani commited on
Commit
c92fe93
·
verified ·
1 Parent(s): d468480

Sync corpus (12/12): newspapers

Browse files
This view is limited to 50 files because it contains too many changes.   See raw diff
Files changed (50) hide show
  1. newspapers/sindhi_express/02/se_004448.txt +3 -0
  2. newspapers/sindhi_express/02/se_004449.txt +3 -0
  3. newspapers/sindhi_express/02/se_004450.txt +3 -0
  4. newspapers/sindhi_express/02/se_004451.txt +3 -0
  5. newspapers/sindhi_express/02/se_004452.txt +3 -0
  6. newspapers/sindhi_express/02/se_004453.txt +3 -0
  7. newspapers/sindhi_express/02/se_004454.txt +3 -0
  8. newspapers/sindhi_express/02/se_004455.txt +3 -0
  9. newspapers/sindhi_express/02/se_004456.txt +3 -0
  10. newspapers/sindhi_express/02/se_004457.txt +3 -0
  11. newspapers/sindhi_express/02/se_004458.txt +3 -0
  12. newspapers/sindhi_express/02/se_004459.txt +3 -0
  13. newspapers/sindhi_express/02/se_004460.txt +3 -0
  14. newspapers/sindhi_express/02/se_004461.txt +3 -0
  15. newspapers/sindhi_express/02/se_004462.txt +3 -0
  16. newspapers/sindhi_express/02/se_004463.txt +3 -0
  17. newspapers/sindhi_express/02/se_004464.txt +3 -0
  18. newspapers/sindhi_express/02/se_004465.txt +3 -0
  19. newspapers/sindhi_express/02/se_004466.txt +3 -0
  20. newspapers/sindhi_express/02/se_004467.txt +3 -0
  21. newspapers/sindhi_express/02/se_004468.txt +3 -0
  22. newspapers/sindhi_express/02/se_004469.txt +3 -0
  23. newspapers/sindhi_express/02/se_004470.txt +3 -0
  24. newspapers/sindhi_express/02/se_004471.txt +3 -0
  25. newspapers/sindhi_express/02/se_004472.txt +3 -0
  26. newspapers/sindhi_express/02/se_004473.txt +3 -0
  27. newspapers/sindhi_express/02/se_004474.txt +3 -0
  28. newspapers/sindhi_express/02/se_004475.txt +3 -0
  29. newspapers/sindhi_express/02/se_004476.txt +3 -0
  30. newspapers/sindhi_express/02/se_004477.txt +3 -0
  31. newspapers/sindhi_express/02/se_004478.txt +3 -0
  32. newspapers/sindhi_express/02/se_004479.txt +3 -0
  33. newspapers/sindhi_express/02/se_004480.txt +3 -0
  34. newspapers/sindhi_express/02/se_004481.txt +3 -0
  35. newspapers/sindhi_express/02/se_004482.txt +4 -0
  36. newspapers/sindhi_express/02/se_004483.txt +3 -0
  37. newspapers/sindhi_express/02/se_004484.txt +3 -0
  38. newspapers/sindhi_express/02/se_004485.txt +3 -0
  39. newspapers/sindhi_express/02/se_004486.txt +3 -0
  40. newspapers/sindhi_express/02/se_004487.txt +3 -0
  41. newspapers/sindhi_express/02/se_004488.txt +3 -0
  42. newspapers/sindhi_express/02/se_004489.txt +3 -0
  43. newspapers/sindhi_express/02/se_004490.txt +3 -0
  44. newspapers/sindhi_express/02/se_004491.txt +3 -0
  45. newspapers/sindhi_express/02/se_004492.txt +3 -0
  46. newspapers/sindhi_express/02/se_004493.txt +3 -0
  47. newspapers/sindhi_express/02/se_004494.txt +3 -0
  48. newspapers/sindhi_express/02/se_004495.txt +3 -0
  49. newspapers/sindhi_express/02/se_004496.txt +3 -0
  50. newspapers/sindhi_express/02/se_004497.txt +3 -0
newspapers/sindhi_express/02/se_004448.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ٽيڪسن جي ڀرمار آهي پر آئي ايم ايف جي شرط تي بجلي مهانگي ڪرڻي پئي:وزيراعظم
2
+
3
+ لاهور : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بدقسمتي سان بجلي مهانگي ڪرڻي پئجي رهي آهي، بجلي مهانگي ڪرڻ آءِ ايم ايف جو شرط آهي پر گردشي قرضن سبب اسان جي ضرورت به آهي. ڪالهه لاهور ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چوري سان به نقصان ٿي رهيو آهي، ٽرانسميشن لاسز آهن، بلن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ٽيڪس نه ملندو ته پوءِ وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائينداسين ته ڇا ڪنداسين؟ هن چيو ته بجلي جي اگهه ۾ واڌ آءِ ايم ايف جو مطالبو ته آهي پر گردشي قرض به آهي، تسليم ڪيان ٿو ته ٽيڪسن جي ڀرمار آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سڀني ڪردار ادا ڪيو، چين گذريل 3 کان 4 مهينن ۾ 5 ارب ڊالر ڏنا آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير به آءِ ايم ايف سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سان معيشت کي نقصان ٿيو، سياسي مفادن خاطر ملڪي مفاد کي داءَ تي لڳايو ويو، اسان جي حڪومت جا 15 مهينا آمريڪا سان لاڳاپا درست ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
newspapers/sindhi_express/02/se_004449.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ڇاڇري لڳ نوجوان جو جهنگ مان ڦاهو کاڌل لاش مليو
2
+
3
+ ڇاڇرو: ڇاڇري ويجهو ڳوٺ رٻاسر ۾ نوجوان جو جهنگ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع تي مبارڪ رند ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته 17 ورهين جي نوجوان احسان پٽ گلشیير خاصخيلي آپگهات ڪيو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو والد هوٽل تي مزدوري ڪندو هو، بيروزگاري سبب گهر جون حالتون انتهائي خراب هيون، تنگ ٿي نوجوان اهڙو قدم کنيو آهي. پورهيت جي هڪ پٽ اڳ ۾ آپگهات ڪيو هو، هاڻ ٻئي پٽ به انت آندو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004450.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ کاهي ۾ سڱاوتي تان جهيڙو، نوجوان جو هٿ وڍجي ويو، زال زخمي، احتجاج
2
+
3
+ ميرپورخاص: کاهي ۾ سڱاوتي تڪرار تان مبينا طور حملي ۾ نوجوان جو هٿ وڍجي ويو، وارثن انصاف نه ملڻ خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاج ڪيو. کاھي ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي حسن ھاليپوٽو جي رهواسي ڀيمو ڪولھي، ديالو ڪولھي، زخمي ڪرشن ڪولھي ۽ عورت والو ڪولھي ميرپورخاص پھچي بااثرن ۽ حد جي پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو ڪيو. هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سڱاوتي تڪرار تان علائقي واسي بااثر ڪاريو ڪولھي، ڌارشي، راڻو ڪولھي، چنديو ۽ ھرچند ڪولھي سميت ٻن نامعلوم ماڻهن ھٿيارن ۽ ڪھاڙين سميت گھر تي ڪاھه ڪري عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو، جنهن بعد مردن کي ڳلي مان جھلي گھيلي دين محمد نھڙي جي اوطاق اڳيان ڪھاڙين جا وار ڪيا، جنهن ڪري ڪرشن ڪولھي جو ھڪ ھٿ مڪمل ڪٽجي ويو، جڏهن ته ڄنگهه ۽ پيرن ۾ ڪھاڙين جا ڌڪ لڳا، ڪرشن جي زال پريمي پڻ زخمي ٿي پئي، کاھي ٿاڻي تي آگاهي ڏئي اسان زخمي ڪرشن کي ڪراچي ۾ ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪرايو، واپس ڳوٺ پهچڻ بعد ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بااثر اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. متاثر رهواسين واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004451.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ميرپورخاص ۾ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف رهواسين جي ريلي
2
+
3
+ ميرپورخاص: ميرپورخاص ٽائون خادم علي شاهه جي يوسي 5 جي وارڊ نمبر 2 جي علائقي بخاري ٽائون ۾ سهولتن جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي. رهواسي ڊرينيج، سيوريج نظام ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، سهولتن جي کوٽ خلاف علائقي واسين ريلي ڪڍي ميرپورخاص-عمرڪوٽ روڊ ھاشم نگر اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حاڪم راھمون، پرويز جٽ، ايوب سراز، وزير خاصخيلي، دلشاد ڀٽي، آصف خاصخيلي، سجاد جٽ، نذير شيدي ۽ ٻين چيو ته ٽائون ۾ 6 سئو گهر آهن، هميشه پ پ کي ووٽ ڏيندا آهيون، پر 35 ورهين کان بنيادي سهولتن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، برساتي نالو ۽ ڊرينيج سسٽم نه ھئڻ سبب برساتن دوران مک رستي تي 3 فوٽ پاڻي بيھي ٿو، سال اڳ پ پ ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال ميگا پراجيڪٽ نالي سميت روڊ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو، پر ان تي عمل نه ٿيو. ھنن چيو ته پيئڻ جو پاڻي نه ھجڻ سبب جر جو کارو پاڻي واپرائڻ سبب ٻن مھينن ۾ 2 ڄڻا پورھيت ڪمال کوسو ۽ اصغر پنجاپي ڪاري ڪامڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن، ڪيترائي علائقي واسي بيمارين ۾ مبتلا آھن. ھنن چتاءُ ڏنو ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ بنيادي سهولتون نه مليون ته ووٽ نه ڏينداسين.
newspapers/sindhi_express/02/se_004452.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ فريدآباد پوليس 2 عورتون ۽ ٻارڙو بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، وارثن جو ڌرڻو
2
+
3
+ فريدآباد: فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيرو ڏيپر مان نوجوان ناري زاھدان سوڍر پنهنجي چاھيندڙ گدا حسين خاصخيلي سان مبينا طور گھران نڪري وئي ھئي، واقعي بعد سوڍر ڌر جي ماڻهن ڳوٺ خدابخش خاصخيلي ۾ ٻن عورتن بلقيس خاصخيلي، وزيران خاصخيلي ۽ سندس ھڪ سال جو ٻا زبير اغوا ڪري ورتو هو، جن کي پوليس ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود بازياب ناهي ڪرائي سگهي. ٻن عورتن بلقيس، وزيرا خاتون ۽ معصوم ٻار جي بازيابي لا خاصخيلي برادري جي مردن ۽ عورتن ھوران خاتون، زيبل خاتون، مريم خاتون، عبدالستار خاصخيلي، خادم خاصخيلي، امداد خاصخيلي، عاشق خاصخيلي ۽ شاھنواز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي خدابخش خاصخيلي-فريدآباد روڊ تي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي عبدالستار خاصخيلي چيو ته اسان سان ناحق ۽ ظلم ٿيو آهي، 2 عورتون پوليس بازياب ڪرائي نٿي سگھي، اسان علائقي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي گھمايو آهي، پر اسان سان انصاف ڪير به نٿو ڪري. ھنن چيو ته اسان جون عورتون الائي ڪھڙي حال ۾ آهن، مخالف ڌر سوڍر برادري جا ماڻهو بااثر آهن، جيڪي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لا ڌمڪائي رھيا آهن. ڌرڻي واري ھنڌ ايس ايڇ او فريدآباد عبدالقيوم کوسو پھچي ڳالھيون ڪيون ۽ راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ روشن خاصخيلي سان فون تي رابطو ڪري خاطرائي ڪرائي 5 ڏينهن جي مھلت تي ڌرڻو ختم ڪرايو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004453.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ سانگهڙ ۾ نافرمان پٽ گوليون هڻي پي کي قتل ڪري ڇڏيو
2
+
3
+ سانگھڙ: سانگھڙ شھر جي راڻا راجپوت ڪالوني ۾ جوابدار پٽ ڪامران شاهه گھريلو پريشانين سبب گهر اندر پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي پي رٽائرڊ ڊاڪٽر عبدالصمد شاهه کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، پاڙيوارن مقتول ڊاڪٽر جو لاش کڻائي اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر عبدالصمد شاهه جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سانگھڙ زاھد ڪمبوهه ٻڌايو ته پٽ ۽ پي ۾ شادي جي معاملي تان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، پي صمد شاهه پٽ کان لاتعلقي جو پڻ اظهار ڪيو ھو، پر پٽ بضد ھو ته منهنجي شادي ڪرائي وڃي، ڇوته سندس پٽ اڳ پيار جي شادي ڪئي هئي، جنهن کي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي، جنهن تي پي پٽ ۾ تڪرار ھلندڙ ھو. گذريل ڏينهن گهر ۾ ڪير نه ھو ۽ جوابدار نافرمان پٽ فائرنگ ڪري پي کي ماري ڇڏيو. ھوڏانھن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004454.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برساتون،ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي
2
+
3
+ اسلام آباد :اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برساتن سبب جاڙن شهرن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، مقامي اختياريون مشينري جي مدد سان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ روڊن تي مصروف آهن. واسا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد تنوير جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب جاڙن شهرن ۾ 60 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئي، جنهن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي. شمس آباد ۾ 60 ملي ميٽر، چڪلالا ۾ 46 ملي ميٽر، پنڊي ۾ 28 ملي ميٽر، روات ۾ 12 ملي ميٽر برسات پئي. گولڙا ۾ 16 ملي ميٽر ۽ سيدپور ۾ 20 ملي ميٽر برسات پئي. واسا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته تيز برساتن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي، رهواسين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.
newspapers/sindhi_express/02/se_004455.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ عدالتون قانون تي عملدرآمد لاءِ هدايتون جاري ڪري سگهن ٿيون:چيف جسٽس
2
+
3
+ اسلام آباد :چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدالتون پاليسيون يا قانون نه ٺاهينديون آهن، عدالتون رڳو قانون ۽ پاليسين تي عملدرآمد لاءِ هدايتون جاري ڪري سگهن ٿيون. ڪالهه لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران آبادي ۽ وسيلن بابت قومي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو ته هو پنهنجا بنيادي فيصلا ڪري سگهن، عورتن کي آزادي ملڻ گهرجي. آبادي، ٻارن ۽ عورتن بابت ڪجهه اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي جنهن لاءِ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ته حڪومت ان کان چڱيءَ ريت واقف آهي، پاليسيون آهن ۽ حڪومت کي ان جي خبر آهي. چيف جسٽس چيو ته مان هاءِ ڪورٽ نه آهيان، هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن جا جج منهنجي سامهون ساڄي ۽ کاٻي ويٺا آهن، مون کي خبر آهي ته جج ڇا محسوس ڪندا آهن، سمورا جج قانون جي حمايت ڪن ٿا، اعليٰ تعليم بنيادي حق ناهي پر ان کي بنيادي حق سان ڳنڍجي سگهجي ٿو، ڪانفرنس جون تجويزون سماج جي ڀلائي لاءِ آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪانفرنس مان پيغام کڻي پنهنجن علائقن ڏانهن ويندا، عورتن کي روزگار سميت فيصلا ڪرڻ جو پورو حق ملڻ گهرجي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم سميت عورتن جي بنيادي حقن بابت پاليسيون موجود آهن، جن کان حڪومتون چڱي ريت واقف آهن، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ به عورتن جي حقن بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي، هاڻي معاملو لاڳاپيل حڪومت طرفان پاليسين ۽ قانونن تي عملدرآمد جي حوالي سان آهي. جيڪڏهن حڪومتن قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد ۾ ڪوتاهي ڏيکاري ته پوءِ عدالتن سان رجوع ڪري سگهجي ٿو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004456.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ايل پي جي مهانگي،گهريلو سلينڊر 220 ۽ ڪمرشل سلينڊر 400 رپيا مهانگو
2
+
3
+ اسلام آباد؛گيس مافيا ايل پي جي جي قيمت ۾ 10 رپيا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي قيمت 220 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.ايل پي جي جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ گهريلو سلينڊر 220 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 400 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب جابلو ۽ ڏورانهين علائقن ۾ گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 310 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب گهريلو سلينڊر جي اگهه ۾ 310 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ اوگرا سرڪاري اگهه تي گئس فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ايل پي جي جي غريب دڪاندارن خلاف آپريشن بند ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.گيس مافيا اوگرا، وزيراعظم ۽ اوگرا پاران جاري ڪيل اگهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايل پي جي جي بليڪ مارڪيٽنگ جو نوٽيس ورتو وڃي. عرفان کوکر مطالبو ڪيو ته ايف آءِ اي رياستي امپورٽر ڪمپني ايس ايس جي سي جو رڪارڊ ضبط ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي ٽيمون جوڙي، گيس ڪاريگرن جا لائسنس رد ڪري 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. ٻئي طرف گيس مافيا لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اوگرا کي کليل چئلينج ڪري ڇڏيو آهي ته هو ايل پي جي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن.
newspapers/sindhi_express/02/se_004457.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ جو بل 1836 رپين تائين ايندو
2
+
3
+ اسلام آباد ؛آءِ ايم ايف جي شرط تي بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا واڌ کانپوءِ 100 يونٽ استعمال ڪندڙن جو ماهوار بل 1836 رپين تائين پهچي ويندو. جنهن ۾ ٽيڪسز ۽ ٻيا چارجز شامل ناهن. وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا 96 پيسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت بنيادي ٽيرف ۽ بار جو فيصلو سبسڊي کي مدنظر رکندي ڪندي. نيپرا جي فيصلي تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ گهريلو صارفين تي سليب وائز جو بار پوندو، 100 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 13 ڏهائي 3 مان وڌي 18 ڏهائي 36 رپيا في يونٽ ٿيندو ۽ 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارف جو بل 1836 رپيا اچي ويندو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004458.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ آئي ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ معيشت بهتر ٿي رهي آهي:وزيراعظم
2
+
3
+ ميانوالي :وزيراعظم شهباز شريف چشما 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ميانوالي ۾ چشمه 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو، جنهن جي صلاحيت کي 1100 ميگا واٽ مان وڌائي 1200 ميگا واٽ ڪيو ويو آهي، ان معاهدي تي 2017 ۾ صحيحون ٿيون پر منصوبو رولڙي جو شڪار رهيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل سهڪار جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پروپئگنڊا ڪئي وئي ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿي رهيو آهي پر ڏکئي وقت ۾ دوست ملڪن سهڪار ڪيو، سهڪار جي ڪهاڻي چين جي مدد بنا اڻ پوري آهي ۽ ڏکئي وقت ۾ چين 5 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪيو، عظيم دوست جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪڏهن نه وسارينداسين. سندس چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ سعودي عرب ۽ يو اي اي جي مدد تي به ٿورائتا آهيون، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004459.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ حڪمران شاهاڻا خرچ گهٽائين ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
2
+
3
+ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس مگسي هائوس حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پارٽي جي ڊويزنز ۽ ضلعن جا صدر، جنرل سيڪريٽري سميت پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي صورتحال جو جائزو وٺي مختلف فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سياسي ۽ معاشي بحرانن جو واحد حل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ ۾ آهي، حڪمران عوام تي ٽيڪس جا بار وجهڻ بدران عوام دوست معاشي پلان جوڙين ۽ پنهنجا شاهاڻا خرچ گهٽائين ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو. هن چيو ته هڪ پاسي مھانگائي سبب مسڪين عوام ماني جي گرهھ لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي حڪومت ۽ ڪامورا سرڪاري خرچن تي بادشاهي واري زندگي گذارين پيا. هن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ذميوار پيپلز پارٽي حڪومت مسلسل اقتدار ۾ هوندي به سنڌ جي ماڻهن کي ڪو رليف ناهي ڏئي سگهي، هن وقت سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونیيت جو راڄ قائم آهي، مٿانهان ضلعا نو گو ايريا بڻيل آهن، ڌاڙيل راڄ کي حڪمرانن جي سرپرستي، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جو مڪمل ساٿ حاصل آهي. قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر هڪ منظم سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي، جيڪي منشيات فروشي ۽ ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ سنڌ جي امن امان کي خراب ڪري رهيا آهن، منشيات جي زهر اسان جي نوجوان نسل کي تباهھ ڪري ڇڏيو آهي. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايس ٽي پي پاران سنڌ ۾ يونين ڪائونسل سطح تي ترقي پسند ھائوس قائم ڪيا ويندا، جيڪي يونين ڪائونسل سطح تي عوام جو ڀرجهلو هوندا ۽ مقامي سطح تي عوام کي سمورين سماجي براين خلاف متحد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. ان موقعي تي اجلاس کي مرڪزي اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004460.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، قومي عوامي تحريڪ جي قاسم آباد ۾ موٽر سائيڪل ريلي
2
+
3
+ سنڌ ۾ ڪرپشن ذريعي لٽمار ۽ لکين غير قانوني افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ طرفان قاسم آباد ۾ ماروي ٽائون چوڪ کان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد علي پيلس چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، خادم سمون، ڪائونسلر آغا عباس پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي. خوراڪ، بلديات، تعليم، صحت، پبلڪ ھيلٿ سميت سڀئي کاتا ڪرپشن ۾ ھڪٻئي کان اڳتي آھن. هنن چيو ته لکين افغاني سنڌ ۽ ملڪ جي امن لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن پر وفاقي ۽ پ پ حڪومت ووٽ جي لالچ ۾ لکين غير قانوني پرڏيھين کي واپس نه پئي موڪلي، لکين غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت تي حملو آھن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ زراعت کي تباھه ڪيو ويو. ڪڻڪ خريد نه ڪري واپاري مافيا لا رستا صاف ڪيا ويا، اٽي، لٽي ۽ اجھي جا نعرا ھڻي غريب عوام کان ٻن وقتن جي ماني به کسي وئي آھي، ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري لکين افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004461.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ تي ڊرائيورن کي جاڳائڻ وارو چشمو تيار
2
+
3
+ ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم واسي 6 درجي جي شاگردياڻي گروپ سان گڏجي ننڊ اچڻ تي ڊرائيورن کي جاڳائڻ وارو منفرد چشمو تيار ڪري ورتو. ملڪ ۽ خاص طور اباڻي شھر ٽنڊوآدم جو نالو روشن ڪندڙ ڳوٺ ملا مکڻ سان تعلق رکندڙ 6 درجي جي شاگردياڻي 13 ورهين ڪلاس جي بسما مصطفى سولنگي دنيا جي سائنس جي وڏي اداري ناسا پاران ڏنل پروجيڪٽ ۾ هڪ اھڙو چشمو تيار ڪيو آھي، جيڪو ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ تي انسان کي جاڳائي ٿو ڇڏي. بسما مصطفى سولنگي پنھنجي گروپ سان گڏ آمريڪا لا اڄ رواني ٿيندي، جتي پروجيڪٽ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. والدين جو چوڻ آھي ته اسان کي پنهنجي ڌي تي فخر آھي، جنهن پنهنجي ملڪ ۽ والدين جو نالو روشن ڪيو، اسان کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ کين همٿايون ته جيئن اهي سائنس سميت مختلف شعبن ۾ نمايان ڪم ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن.
newspapers/sindhi_express/02/se_004462.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ اسلام ڪوٽ ۾ وڏيري ۽ پوليس جي ظلمن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
2
+
3
+ اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ملهو ڀيل جي رهواسين پرڀولال ڀيل، هيرو ڀيل، ڌاڻو ڀيل، خميسو ڀيل ۽ شيوڪ ڀيل سميت عورتن جيتو ٻائي، ٻٻري ٻائي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو وڏيري جي ظلم ۽ زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. اُن موقعي تي چوري جي الزام هيٺ تشدد جو شڪار بڻيل نوجوان پرڀولال ڀيل پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ تي پيٽرول هاري خودڪشي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو. متاثر نوجوان پرڀولال ڀيل دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي وڏيري سومجي ڀيل اسان مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، وڏيري مون تي ڪوڙو چوري جو الزام هڻي تشدد ڪرايو ۽ چوي ٿو ته 10 سالن دوران جيڪي به چوريون ٿيون آهن، اُنهي جو قبولدار ٿي، نه ته مارينداسين، مون کي ڦاهي ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئون پنهنجن مائيٽن سميت پنج ڏينهن کان ٿاڻي تي انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهيان، پر پوليس نه ٿي ٻُڌي، ايس ايس پي وٽ دانهن کڻي ويس، پر ايس ايس پي به ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪير به دانهن نه ٿو ٻُڌي. هن چتا ڏنو ته مون سان انصاف نه ٿيو ته جلد پريس ڪلب آڏو پاڻ تي پيٽرول هاري باھه ڏئي خودڪشي ڪندس، جنهن جا ذميوار وڏيرو سومجي ڀيل ۽ پوليس هوندي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004463.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ٽنڊوآدم واسي ڪيلي جو واپاري نوجوان گارڊ هٿان گولي لڳڻ سبب قتل
2
+
3
+ ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جو رهواسي ڪيلن جو واپاري نوجوان قتل ٿي ويو، پوليس افغاني سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ويجهو ڳوٺ ملان مکڻ جو رهواسي 30 ورهين جو نوجوان گلزار علي ڪيريو ڪراچي جي سفاري پارڪ لڳ قائم نجي اسپتال ۾ پراسرار نموني رات دير سان مبينا طور افغاني سيڪيورٽي گارڊ جي گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آھي. وارثن موجب مقتول ڪراچي ۾ پنهنجي سئوٽ جي تيمارداري لاءِ اسپتال ويل هو. مقتول ڪيلي جو واپاري هو. هُن جا لکين روپيا ڪيلي جي واپارين کي ڏنل هئا، اهو به شڪ ڏيکاريو پيو وڃي ته کيس ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪرايو ويو آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004464.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ چوٽياريون لڳ روڊ پار ڪندڙ پيرسن عورت ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت
2
+
3
+ چوٽياريون: چوٽياريون لڳ سانگھڙ مين روڊ تي قائم ڳوٺ اڪبر شاھه وٽ بس مان لھي روڊ ڪراس ڪندي 60 سالن جي عورت مھناز زال مير حسن ڪيريو ڦٽين سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور اطلاع تي وارثن ۽ چوٽياريون پوليس سانگھڙ سول اسپتال روانو ڪيو، جتان کيس نوابشاھ علاج نيو پئي ويو ته رستي ۾ عورت فوت ٿي وئي. هوڏانهن پوليس ڪاروائي ڪندي ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ ڦٽين سان ڀريل ٽرالي کي تحويل ۾ وٺڻ بعد پيڊي تي ڦٽيون لهرائڻ بعد خالي ٽريڪٽر ٽرالي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڊرائيور ۾ آھي، عورت جا وارث ايندا ۽ ڪاروائي ڪرائيندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.
newspapers/sindhi_express/02/se_004465.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ سامارو لڳ نينگر گهر اندر ڦاهو کائي ڇڏيو
2
+
3
+ سامارو: سامارو لڳ ديھه لياري جي ڳوٺ نعيم قائمخاني جي رھواسي 12 سالن جي نينگر پرڪاش پٽ ڀورو ڀيل گهر جي لانڊي جي لاٽڻ ۾ ڳچي ۾ رسي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي نينگر جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال کڻائي آئي، جتان نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس پي ڀورو حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀورو ڀيل ٻڌايو ته اسان ٻني ۾ ڦُٽي چونڊڻ لا ويل هئاسين، پٺيان اطلاع مليو ته پُٽ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. نينگر جي ڏاڏي چاندو ڀيل نينگر کي چيو ته ٻڪريون کولي چاري اچ، جنهن تان ناراض ٿي نينگر پرڪاش گهر جي لانڍي جي لاٽڻ ۾ گچي ۾ رسي سان ڦاهو کائي ڇڏيو. نينگر جو لاش تعلقا اسپتال مان گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004466.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ججن کي سماج جي نئين ضرورتن ۽ خيالن کان واقف هجڻ گهرجي:چيف جسٽس
2
+
3
+ اسلام آباد : آبادي ۽ وسيلن بابت 2 ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي. جج جي حيثيت ۾، ڪنهن کي نه رڳو اهو ڏسڻو پوندو ته ڇا غلط آهي ۽ ڇا صحيح آهي، پر ماڻهن جي ڪهڙن حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اهو به ڏسڻو آهي. ججن کي سماج جي نئين ضرورتن ۽ خيالن کان آگاهه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ايران ۽ بنگلاديش جهڙن مسلمان ملڪن آبادي ڪنٽرول جو هدف ڪيئن حاصل ڪيو. اڄ جو بيانيو آبادي ڪنٽرول نه پر آبادي کي فائديمند بڻائڻ آهي. اسان کي ان مسئلي تي سڄي سماج کي متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته اسلام بهتر خاندان جي ڳالهه ڪري ٿو. ڇا خاندان تعليم جي تربيت جي حمايت ڪري ٿو؟ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تعليم اڻٽر آهي. بهتر ووڪيشنل تعليم سان معاشرو بهتر ٿيندو. سپريم ڪورٽ قانوني فورم ان لاءِ ناهي. اسان رڳو بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا. پاڪستان جي عوام کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ رياست کي مسئلن جو حل ٻڌائڻو پوندو. پنهنجي خطاب ۾ چيف جسٽس چيو ته اسلام خانداني لاڳاپن کي مضبوط ڪري ٿو. ٻار ۽ ماءُ جو خيال رکڻ رياست جي ذميواري آهي. فرد جي خوشي خاندان جي خوشين ۾ آهي. وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. چيف جسٽس چيو ته 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان ۾ ڪا به دولت نه هئي. عام ماڻهو پاڪستان کي پئسا ڏنا. ان وقت پاڪستان جي عوام پنهنجي ذميواري جو احساس ڪيو. ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان چين کي قرض ڏنو هو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان کي پهريون قدم کڻڻ وقت سادگي اختيار ڪرڻي آهي. اسان کي تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004467.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ نيپرا بجلي 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي
2
+
3
+ اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا)مهانگائي جي ماريل ماڻهن لا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي موجب بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ سان بيسڪ ٽيرف في يونٽ 29 رپيا 78 پئسا ٿي ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 24-2023ع لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ بجلي جو بنيادي ٽيرف 24 رپيا 82 پيسا هو. نيپرا موجب بجلي جي بيسڪ ٽيرف ۾ واڌ جو سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، بجلي جي وڪري ۾ گهٽتائي ۽ ڪيپسٽي جي ادائيگي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جا سبب آهن. نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي آمدني 3281 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي. نيپرا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف حڪومت طرفان بنيادي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ بجلي جو في يونٽ سراسري طور پنجاهه رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بنيادي اگهه 24 رپيا 82 پئسا آهي. گذريل مالي سال ۾ بجلي جو بنيادي اگهه 16 رپيا 91 پئسا مان وڌائي 24 رپيا 82 پئسا ڪيو ويو هو. بنيادي ٽيرف سميت ملڪ ۾ هن وقت بجلي جو هڪ يونٽ سراسري 45 رپيا آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004468.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ افغانستان ۾ تحريڪ طالبان جي ٺڪاڻن تي ڳڻتي آهي،ڀرپور جواب ڏينداسين:پاڪ فوج
2
+
3
+ راولپنڊي :آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب هٿياربند فوجن کي افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي محفوظ ٺڪاڻن تي ڳڻتي آهي، ان قسم جا حملا برداشت جوڳا ناهن، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ٿيندي. ڪالهه آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا گيريزن جو دورو ڪيو، جتي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته دهشتگردن خلاف بنا فرق آپريشن جاري رهندو. آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڪوئيٽا گيريزن جي دوري جي موقعي تي زوب ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف حملي ۾ زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي ۽ شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب هٿياربند فوجن کي افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي محفوظ ٺڪاڻن تي ڳڻتي آهي، ان قسم جا حملا برداشت جوڳا ناهن، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ٿيندي. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجن افغانستان مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد ڪارروائين ۽ افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي محفوظ پناهه گاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو اميد هئي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيندي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان شهرين جو ملوث هجڻ برداشت جوڳو ناهي، پاڪ فوج دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکندي ۽ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙئون پٽينداسين.
newspapers/sindhi_express/02/se_004469.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ نوشهروفيروز ضلعي ۾ بدامني سبب ماڻهو محفوظ ناهن: سنڌو نواز گهانگهرو
2
+
3
+ نوشھروفيروز: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو پنهنجي ساٿين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نوشهروفيروز ضلعو بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، روڊن رستن تي ڏينهن جو به ماڻهو محفوظ ناهن، ڦرون ۽ چوريون عام آهن، پوليس عام ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ضلعي ۾ مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي جي قمبر ۾ مقرري دوران ڪارڪردگي به مطمئن ڪندڙ ناهي. سنڌو نواز وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جو امن دا تي لڳل آهي، قاضي احمد ۾ نوجوان کي ان جي زال ۽ ٻارن جي سامهون سرعام تشدد ۽ وحشت جو نشانو بڻايو ويو آهي، سڄي سنڌ ۾ پوليس جو عام ماڻهن سان رويو اھڙو ئي آهي، پوليس رڳو پ پ جي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي تحفظ ۽ انهن جي پروٽوڪول لاءِ آهي، نوشهرو فيروز پوليس کي الٽيميٽم ڏيون ٿا محرم تائين ضلعي جو امن بحال نه ٿيو ته ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي ۽ هزارين ماڻهن سان احتجاجي مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. ان موقعي تي ماهه نور شيخ ۽ حمز علي چانڊيو چيو ته نوشهرو فيروز ضلعي ۽ شهر ۾ منشيات عام آهي، نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي پر پوليس منٿلي عيوض خاموش آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004470.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ گهوٽڪي ۾ اغوا ۽ قتل واقعن خلاف شٽربند هڙتال، سوين ماڻهن جي ريلي
2
+
3
+ گهوٽڪي: گهوٽڪي ۾ اغوا، بدامني توڙي قبائلي جهيڙن ۾ بيگناهھ ماڻهن کي مارڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي گهوٽڪي ۾ واپاري ۽ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند رکيو، جنهن جي ڪري شهر جا مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ليڊيز مارڪيٽ، سونارڪي بازار، اسٽيشن روڊ، قادرپور روڊ سميت ننڍو وڏو ڪاروبار بند رهيو. جڏهن ته سياسي سماجي ڌرين لالا قيصر پٺاڻ، وجي ڪمار، اعظم چاچڙ، حال بخش گهوٽو، اسلم حيدري، چندر لال، ڀيشم لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان اي سيڪشن ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي دوران شهري امن کپي جا زوردار نعرا هنيا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گهوٽڪي ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته قبائلي جهيڙي جي ڪري بيگناھه ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس واقعن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي آهي، اغوا جون روز وارداتون ٿيڻ سبب شهري توڙي ڪاروباري طبقو سخت پرِيشان آهي، ظالمن جي ڪاررواين کان هاڻ ٻار به محفوظ ناهن رهيا، سلمان ۽ ڪلثوم لغاري کي بيرحماڻي انداز ۾ قتل ڪري سندن لاش ڦٽا ڪيا ويا، ڏينهن ڏٺي جو ڏوهي وارداتون ٿي رهيون آهن، پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نه پئي اچي، اي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او پنهنجي زندگي بچائڻ لا بڪتربند ۾ گهمي ٿو، شهري ننڌنڪا ۽ لاوارث بڻيل آهن، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لا قدم کنيا وڃن. هوڏانهن بدامني خلاف سڀاڻي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004471.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ حيدرآباد ماسٽر پلان تيار، روڊن تي نيون پليون، فٽ پاٿ ۽ ٽريڪ ٺاهڻ جي تجويز
2
+
3
+ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري شهر جي سڌاري ۽ خوبصورتي لا ماسٽر پلان سامهون آڻيندي پنڌ هلندڙ ماڻهن لا فٽ پاٿ ٺاهڻ، روڊن مٿان پليون تعمير ڪرڻ ۽ سائيڪلنگ ڪندڙن لا ٽريڪ ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، ماسٽر پلان ۾ حيدرآباد جي ايراضي 9 سئو 93 اسڪوائر ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو کان پوءِ ميئر ميونسپل ڪارپوريشن ڪاشف شورو به ضلعي لاءِ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد انيس احمد دستي، سينيئر ڊائريڪٽر سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي ڪراچي کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ حيدرآباد ضلعي جي ماسٽر پلان جو حوالو ڏيندي لکيو ويو ته حيدرآباد آبادي جي لحاظ کان سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، سال 2017 ۾ آبادي 21 لک 99 هزار 928 هئي. 1998ع کان 2017ع جي آدمشماري تائين سراسري سالياني واڌ جي شرح 2 ڏهائي 05 رهي آهي، هتي لڏپلاڻ پڻ ٿي رهي آهي، مستقبل جي تقاضائن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتو ماسٽر پلان جوڙيو وڃي ته جيئن شهر ۾ جيڪي ماڻهو رهڻ لا اچن ته انهن جي هتي رهائش يقيني بڻائي سگهجي. حيدرآباد ضلعي لاءِ ماسٽر پلان جي تياري لاءِ تجويز ڪيل ضروري قدمن کي هنگامي بنيادن تي ورتو وڃي، جنهن ۾ شهرين، ڪاروباري ماڻهن ۽ مقامي تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي، زمين جو استعمال، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ سوسائٽيز، انفراسٽرڪچر، ماحول ۽ تفريحي هنڌن، ڊيموگرافڪ ڄاڻ، ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ سميت انتظامي عمل کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. خط ۾ زمين جي استعمال جي رٿابندي جي حوالي سان تجويز ڏني وئي آهي ته شهري ضرورتن ۽ مقصدن جي بنياد تي ماسٽر پلان ۾ آبادي، علائقائي حدن جي ضابطي کي ڏٺو وڃي. ماسٽر پلان ۾ هڪ جامع ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪيو وڃي، جيڪو ٽرانسپورٽ جي مختلف طريقن جهڙوڪ روڊن، عوامي هنڌن، پلن سائيڪلنگ ۽ فوٽ پاٿن کي تحفظ ڏئي سگهجي. ماسٽر پلان ۾ يوٽيلٽيز، واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج، ويسٽ مئنيجمينٽ سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ جا منصوبا پڻ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو آهي. شهر جي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن کي بچائڻ لاءِ پراڻي پاڙي واري نظام کي بحال ڪري مختلف آمدني وارن ماڻهن جي ترقي لا حڪمت عملي جوڙي وڃي. خط ۾ تجويز ڏني وئي ته گرين ڊيزائن، قابل تجديد توانائي، پاڻي جي انتظام ۽ ويسٽ ريڊنگ کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙي طرح پارڪن سميت قدرتي وسيلن کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ قدم کنيا وڃن. ان حڪمت عملين کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گھٽايو وڃي ۽ ٻوڏ جي امڪاني خطرن کي منهن ڏئي سگهجي. ٽن صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ شهر جي معاشي ترقي جي حوالي سان تجويز ڏني وئي آهي ته ماسٽر پلان ۾ اقتصادي موقعن، شهر جي مقابلي واري فائدن ۽ علائقائي تناظر کي نظر ۾ رکندي ترقي ڏني وڃي، شهرين کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اقتصادي رٿابندي جو تعين ڪرڻ جي تجويز آهي ته جيئن ننڍن وڏن ڪاروبارن، نئين سيڙپڪاري ۽ صلاحيتن کي اڳتي وڌايو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد حيدرآباد ضلعي جي نئين ماسٽر پلان لاءِ حڪومت کي خط لکيو هو ته بجيٽ ۾ ان لا رقم مختص ڪئي وڃي. جڏهن ته ايڇ ڊي اي طرفان حيدرآباد جي ايراضي 9 سئو 93 اسڪوائر ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004472.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ گجي ڀرسان آئل ٽينڪر ڪلٽي، باهه لڳي وئي، ڊرائيور ۽ ڪلينر سڙي فوت
2
+
3
+ گجي ڀرسان آئل ٽينڪر روڊ ۾ کڏو هجڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر سڙي فوت ٿي ويا آهن. خبر موجب گجي لڳ رئيس تاج محمد جوکيو ويجهو قومي شاهراهھ جي هلندڙ مرمتي ڪم لاءِ ڪيل کڏي سبب ڪراچيءَ کان سجاول ويندڙ آئل ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پيو ۽ باھه وڪوڙي وئي، جنهن سبب ٽيئنڪر ڊرائيور ۽ ڪلينر سڙي فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ خانگي ڪمپني جي مئنيجر بابر ٻڌايو ته 10 ويلر آئل ٽينڪر نمبر سي ايل يو 898 ڪراچي کان 16 هزار ليٽر پيٽرول ۽ 8 هزار ليٽر ڊيزل کڻي سجاول وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو جنهن ۾ مڪلي واسي ڊرائيور نجف ۽ سجاول جو رهواسي ڪلينر حنيف عرساڻي سوار هئا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ٺٽو عديل احمد چانڊئي ٻڌايو ته افسوسناڪ واقعي ۾ 2 انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي، ان جا سبب ڄاڻڻ لا جاچ ڪئي پئي وڃي، ضرورت پئي ته لاشن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي. هوڏانهن فائربرگيڊ جي مسلسل ڪوششن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد باھه تي ضابطو آندو ويو، فوتين جا لاش ايڌي سردخاني ڪراچي حوالي ڪيا ويا. علائقي واسين جو چوڻ هو ته زوردار ڌماڪي بعد روڊ تي باهھ ۽ دونهون ڦهلجي ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004473.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ چونڊ سڌارن ۾ سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ايجنڊا مان آئوٽ
2
+
3
+ اسلام آباد: چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو ٽيون اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن ۾ سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ايجنڊا مان ڪڍيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو ٽيون اجلاس اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ قانون واري وزير اعظم تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊ سڌارن تي 99 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جن نقطن تي اتفاق نه هو انهن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان ڪجهه معاملن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، اهي مسئلا ايترا حساس ناهن جو حل نه ٿي سگهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا خدشا گڏجي حل ڪيا ويندا، سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ايجنڊا تان هٽايو ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004474.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ پاڪستان ۾ هلندڙ سال مهانگائي ۽ بيروزگاري گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي:آئي ايم ايف
2
+
3
+ اسلام آباد : عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال 2023-24 ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح اڍائي سيڪڙو ۽ بيروزگاري ساڍا 8 سيڪڙو کان گهٽجي 8 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال 24-2023ع ۾ معاشي ترقي جي شرح اڍائي سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. گذريل مالي سال پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي منفي ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو هئي. جڏهن ته حڪومت گذريل سال جي ڊي پي ۾ ٻڙي ڏهائي 3 سيڪڙو جي مثبت واڌ جي دعويٰ ڪئي هئي. هاڻي اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته بيروزگاري ساڍا 8 سيڪڙو کان گهٽجي 2024 ۾ 8 سيڪڙو ٿي ويندي. جڏهن ته سراسري مهانگائي هن سال 29 ڏهائي 6 سيڪڙو کان گهٽجي 25 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مالي خسارو هن سال ٿورو گهٽجي ساڍا 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف موجب پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو ٻڙي ڏهائي چار سيڪڙو هجڻ جو اندازو آهي ۽ پاڪستان تي واجب الادا قرض 81 ڏهائي 8 سيڪڙو مان گهٽجي 74 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي ويندو. ان کان علاوه انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ان پروگرام تي پوري لگن سان عمل ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ قرض پروگرام جي پاليسين تي عمل نه ٿيڻ سبب مهانگائي وڌي. ان حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو آهي ته قرض پروگرام جي پاليسين تي عمل نه ٿيڻ سبب پاڪستان جا اندروني ۽ ٻاهريان مالياتي ذخيرا گهٽ ٿيا، پاليسين تي مسلسل عمل سان عدم توازن ختم ٿي ويندو. ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آهي ته نئون اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ پروگرام پاڪستان لاءِ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ جو هڪ موقعو آهي. ايم ڊي آءِ ايم ايف بجلي جي قيمت ۽ لاڳت ۾ توازن رکڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. پاور سيڪٽر ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. MDIMF پاليسي جي شرح ۾ تازي واڌ، بينڪنگ سسٽم جي سخت نگراني ۽ ادارن جي بهتر ڪارڪردگيکي ڀليڪار ڪيو آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004475.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ قرض وٺي پنهنجي عزت وڃائي،هاڻ ڪستو ٽوڙڻو پوندو:وزيراعظم
2
+
3
+ اسلام آباد/ملتان :وزيراعظم شهبازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته آئي ايم ايف جي بورڊ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان ڊيفالٽ کان بچي وياسين. پر قرض وٺي اسان پنهنجي عزت وڃائي آهي. هاڻي ڪستو ٽوڙي محنت ڪرڻي پوندي. آگسٽ 2023 ۾ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. ڪالهه بهاوالدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڀريو ته اهي محنت ۽ دلچسپي سان تعليم حاصل ڪن ته ڪنهن سفارش ۽ رشوت جي ضرورت نه آهي. جيڪي قومون ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿيون، انهن قومن جي ترقي جو رستو ڪوبه نٿو روڪي سگهي. هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ اٽي ۾ لوڻ برابر نه آهي جيڪڏهن وسيلا هجن ته مان هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ورهائي ڇڏيان. هن چيو ته گذريل حڪومت وڏن وڏن صنعڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ لاءِ 3 ارب ڊالر ڏنا ويا، ڪارخانا لڳڻ سٺي ڳالهه آهي. پر جيڪڏهن ڪارخانا لڳائڻ لاءِ قرض ڏيڻو ئي هو ته مارڪيٽ ريٽ تي ڏنو وڃي ها. جيڪڏهن هي پئسو ايئن ئي ورهائڻو هو ته ان تي سڀ کان پهريون حق نوجوانن ۽ ٻارڙن جو هو. هن چيو ته هي 3 ارب ڊالر جيڪڏهن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ليپ ٽاپ ۽ قرض ورهائڻ ۽ تعليم تي خرچ ٿين ها ته اڄ اسان کي شايد آئي ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها. وزيراعظم چيو ته آئي ايم ايف جي بورڊ پاڪستان لاءِ قرض جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان ان جا سخت شرط قبول ڪيا ۽ ان قرض لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. هوڏانهن پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان تي قوم کي خطاب چيو ته آگسٽ 2023 ۾ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. 15 مهينن ۾ اسان چئن سالن جي بربادي کي صاف ڪيو، پاڪستان جي مفادن جي رستي ۾ وڇايل بارودي سرنگهون هٽائي ڇڏيون. دوست ملڪ چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي تعاون کي ڪڏهن فراموش نه ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جي واحد چونڊيل گڏيل حڪومت آهي جيڪا گهٽ مدي لاءِ قائم ٿي جنهن پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏن چئلينجز ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو. جڏهن ته ملتان ۾ تعمير هيٺ نشتر-11 اسپتال جي معائني دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آئي حڪومت چار سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران نيازي چار سال ڪجهه نه ڪيو ۽ چور ڦورو جا نعرا هڻائي وقت برباد ڪيو. هن چيو ته تعمير هيٺ نشتر-11 اسپتال 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪا هڪ مذاق هئي، هن اسپتال کي رڳو ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نوازشريف کي ڪريڊٽ نه ملي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان منصوبي جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. ان اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سموريون طاقتون گڏجي پاڪستان لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻينديون. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، گورنر انجنيئر بليغ الرحمان نگران وڏو وزير محسن نقوي به ان موقعي تي موجود هو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004476.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ گهوٽڪي ۾ ڀا ڀيڻ جو قتل ڪيس داخل، جاچ شروع، 72 ڪلاڪ اهم قرار
2
+
3
+ گهوٽڪي/ڄامشورو/سن: گهوٽڪي ۾ قتل ڪيل معصوم ڀا ڀيڻ جو ڪيس داخل، ايس ايس پي جاچ شروع ڪري ڇڏي، 72 ڪلاڪ اهم قرار. خبر موجب گهوٽڪي شهر جي درگاهه نهري شاهه قبرستان ۾ قتل ڪيل معصوم ڀا ڀيڻ سلمان ۽ ڪلثوم لغاري جي واقعي جي جاچ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙا ڀا ڀيڻ 12 سالن جي سلمان لغاري ۽ 9 سالن جي ڪلثوم لغاري جي لاش ملڻ واري معاملي جي پاڻ ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ ڪري رهيو آهيان، علائقي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائون جا فوٽيج هٿ ڪيا آهن، 72 ڪلاڪن اندر جاچ ڪنهن نه ڪنهن رخ ۾ ٿي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀيڻ ڀا کي بيرحماڻي طريقي سان ماريو ويو آهي، پوليس ڪم ڪري رهي آهي، پر جاچ شيئر نه ٿو ڪري سگهان، ٻارڙن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، ٻارڙن جا ڊي اين اي سيپمل ورتا آهن، فارينزڪ به ڪرائي ويندي، وارن مان به سيمپل ورتا ويا آهن، ڪيميڪل ايگزامينشن رپورٽ اچڻ بعد ڪيس کلندو. هن چيو ته ٻارڙن کي زهر ڏيڻ يا گهٽا ڏيڻ به ممڪن آهي، ٻاڙرن جي چرپر کان علاوه مقامي ماڻهن کان به تفصيل گڏ ڪري رهيان آهيون، ٻارڙن کي ان وقت جن ماڻهن ڏٺو هو، انهن کان به معلومات ورتي پئي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ سميت ڪچي جي علائقي ۾ 170 پڪٽن مان 90 پڪتون لڳائي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، پوليس ڏوهارين سان ڪمپرومائيز ناهي ڪيو، پوليس ڏوهارين خلاف ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول ٻارن جي پي قربان لغاري جي فرياد تي واقعي جو ڪيس چئن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پوليس ٻارڙن جي ويڳي ما کان به واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. ٻئي طرف جسقم جي سڏ تي با پاس کان گهوٽڪي ٿاڻي تائين امن ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي سياسي سماجي تنظيمن اڳواڻن رشيد سنڌي، نصراللّه ڪلادي، ڪمال مهر، محبوب گهوٽو، من فقير گهوٽو، وهاب سهتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي، بيگناهن کي ماريو پيو وڃي ۽ اغوا جون وارداتون عام آهن، جنهن کي ٻنجو ڏنو وڃي. ڄامشورو سجاڳ فورم جي سڏ تي سوين معصوم ٻارڙن اقبال ڪوريجو، جاني گهرياڻي، احمد علي کوکر، نور احمد جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. سن ۾ ڳوٺ شالماڻي اسٽاپ تي پ پ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪمال خان ڇڇر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004477.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ مريم نواز جو 17 ۽ 18 جولاءِ تي ڏيهه ورڻ جو امڪان
2
+
3
+ لاهور :(ن) ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جو 17 ۽ 18 جولاءِ تي ڏيهه ورڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب مريم نواز ڏيهه ورڻ کان پوءِ عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ پنهنجي جلسن، ريلين جي شيڊول کي آخري شڪل ڏيندي. ذريعن موجب مريم نواز ڏيهه ورڻ تي پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي امڪاني وطن واپسي جي پروگرام تي پارٽي اڳواڻن کي اعتماد ۾ به وٺندي. مريم نواز 24 جون تي لاهور کان دبئي رواني ٿي هئي ۽ هن دبئي ۾ پنهنجي والد ۽ (ن) ليگ جي قائد نوازشريف سان گڏ اهم ملاقاتون ڪيون هيون.
newspapers/sindhi_express/02/se_004478.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ مون سون جو نئون سلسلو 17 جولاءِ تائين جاري رهندو:شيري رحمان
2
+
3
+ اسلام آباد : موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته مون سون جي نئين سلسلي جي شروعات ٿي رهي آهي، جنهن سبب اسلام اباد، پنجاب، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي. مون سون جو اهو نئون سلسلو 17 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي ۽ ان دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 13 کان 17 جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، گوجرانواله ۽ لاهور ۾ شديد برساتن جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو آهي جڏهن ته مري، گليات، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي جي پهاڙي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ موجود آهي. انهن علائقن ۾ سياحن کي برساتن دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ جي لاءِ محتاط رهڻ جي درخواست ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪمزور انفراسٽرڪچر (بجلي جا ٿنڀا، سولر پينل ۽ ڪچن گهرن) کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن شهرين کي درخواست ڪئي ته هو ان دوران احتياط جو مظاهرو ڪن.
newspapers/sindhi_express/02/se_004479.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ عالمي بينڪ پاران پنجاب لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي امداد منظور
2
+
3
+ اسلام آباد :عالمي بينڪ پنجاب ۾ خانداني منصوبا بندي جي پروگرام لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي امداد جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته عالمي بينڪ جي ايگزيڪٽو بورڊ پنجاب ۾ خانداني منصوبا بندي جي خدمتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 10ڪروڙ ڊالر جي امدادي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ان پروگرام جو بنيادي مقصد 2030 تائين پنجاب ۾ توليد صحت ۽ خانداني منصوبا بندي جي طريقن کي 60 سيڪڙو جي سطح تي پهچائڻو آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان لاءِ اهم پروگرام آهي ڇو ته ملڪ جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان ترقي ۽ نمو جي رفتار سست ٿي رهي آهي. عالمي بينڪ جي مدد سان اهو پروگرام پنجاب جي ضلعن ۾ صوبائي کاتي بهبود آبادي ۽ صحت کاتي جي سهڪار سان اڳتي وڌايو ويندو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004480.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ پاڪستان سيما تائين قونصلر پهچ گهري آهي:پرڏيهي ترجمان
2
+
3
+ اسلام آباد : پب جي تي ڀارتي ڇوڪري سان دوستي کانپوءِ چئن ٻارن سان گڏ ڀارت ويندڙ سيما جي معاملي تي پرڏيهي کاتي جو بيان سامهون اچي ويو.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ۾ پاڪستان مان ڀارت ويندڙ سيما بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سيما تائين قونصلر پهچ گهري آهي.هن چيو ته ڀارت کان سيما جي خيريت ڄاڻڻ جي درخواست ڪئي آهي، سيما جي اتي موجودگي تي ڀارت جي جواب جو انتظار آهي. واضح رهي ته سيما چئن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ پب جي تي ڀارتي ڇوڪري سان دوستي کانپوءِ نيپال رستي ڀارت وئي هئي. سيما هن وقت نئين دهلي کان 90 ڪلو ميٽر پري ربو پورا ڳوٺ ۾ پنهنجي ٻارن سوڌي سچن سان گڏ رهي پئي، شروعاتي طور پوليس سيما ۽ سچن کي گرفتار ڪيو هو پر هاڻ اهي ضمانت تي آزاد ٿي چڪا آهن.
newspapers/sindhi_express/02/se_004481.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ پاڪ-چين اڪيڊمڪ ڪوآپريشن معاهدو ڪرڻ جي منظوري
2
+
3
+ اسلام آباد : پاڪستان ۽ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي تعليم جي شعبي ۾ سهڪار جي اهم معاهدي جو فيصلو ڪري ورتو، معاهدي سان پاڪستاني شاگردن کي فائدو ٿيندو. ذريعن موجب پاڪستان جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۽ چين جي گرينڊ ويو انسٽيٽيوشن ۾ سهڪار جو اهم معاهدو ٿيندو، وفاقي ڪابينا اڪيڊمڪ ڪوآپريشن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کان بچاءَ واري وزارت جي سمري جي سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي، تعليم واري وزارت ۽ ايڇ اي سي به معاهدي جي حمايت ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت کان معاهدي جي مسودي جي منظوري ورتي وئي، معاهدي تحت تعليم، اڪيڊمڪ ۽ تحقيق جي شعبن ۾ سهڪار ٿيندو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004482.txt ADDED
@@ -0,0 +1,4 @@
 
 
 
 
 
1
+ بلوچستان ۾ ڇانوڻي تي حملو،سنڌ واسي ٻن اهلڪارن سوڌو 9 جوان شهيد
2
+
3
+ راولپنڊي/شڪارپور/ميهڙ/راڌڻ: بلوچستان جي شهر زوب ۾ فوجي ڇانوڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ سنڌ واسي ٻن فوجي جوانن سميت 9 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن. اتر بلوچستان ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ زوب گيريزن تي حملو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڊيوٽي تي موجود فوجين ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا ۽ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
4
+ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آ ايس پي آر ٻڌايو ته حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ 5 ڄڻا اسپتالن ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جنهن سبب شهيد ويلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪِريل ڪوشش ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهن. ٻئي طرف شڪارپور واسي فوجي جوان يوسف بروهي جي شهادت جو اطلاع گهر ڀاتين کي ڏنو ويو جنهن سبب علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. شهيد جي مڙهه کي ڳوٺ همايون شريف ۾ دفنايو ويندو. ٻئي طرف ميهڙ ويجهو ڳوٺ اسحاق سولنگي جو رهواسي فوجي جوان غلام مصطفيٰ سولنگي جي شهادت جو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو، جنهن جو مڙهه ڳوٺ پهچندو، جنهن کي سرڪاري اعزاز سان مٽي ما حوالي ڪيو ويندو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004483.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ آئي ايم ايف پاڪستان لا 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي
2
+
3
+ اسلام آباد/نيويارڪ:عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) پاڪستان لا 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آئي ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ طرفان پاڪستان لا قرض جي منظوري بعد هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر فوري طور تي جاري ڪيا ويندا. 29 جون تي آئي ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ عملي سطح تي معاشي بحران ختم ڪرڻ لا 3 ارب ڊالر قرض جو اسٽينڊ با معاهدو ڪيو ويو هو. 9 مهينن تي ٻڌل 3 ارب ڊالر جي فنڊنگ پاڪستان لا اميد کان وڌيڪ آهي. ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دوست ملڪ يو اي اي هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪالهه پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته گڏيل عرب امارتن هڪ ارب ڊالر موڪليا آهن، جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ اسان جي خزاني ۾ 3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم جي دوري تي ڊپازٽ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڄ پورو ٿي ويو، جنهن تي پاڪستاني عوام طرفان يو اي اي قيادت جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارتن عملي طور تي دوستي جو ثبوت ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجون سموريون ادائيگيون وقت تي ادا ڪيون آهن، پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن بهتر هوندو، اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. اسحاق ڊار چيو ته جمعي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ باضابطا طور اعلان ڪندي، جولاءِ جي آخر تائين ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا، نواز شريف جي دور ۾ قائد اعظم جي خواب تي عملدرآمد ٿيندو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004484.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ گهوٽڪي ۾ گم ٿيل معصوم ڀا ڀيڻ زهر ڏئي قتل،لاش مليا
2
+
3
+ گهوٽڪي: گهوٽڪي مان هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل ڀا ڀيڻ جا لاش هٿ. خبر موجب گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني مان هڪ ڏينهن اڳ معصوم ڀا ڀيڻ 12 ورهين جو سلمان لغاري ۽ 9 ورهين جي ڪلثوم لغاري ڌي قربان لغاري گهر ٻاهران کيڏندي گم ٿي ويا هئا، جن جا لاش گهوٽڪي جي درگاھه نهرو شاہه جي قبرستان مان هٿ آيا آهن. ٻارڙن جي لاشن کي ڏسي شهرين اي سيڪشن پوليس کي ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ ٻارڙن جي پي قربان لغاري جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ٻارڙن جي گم ٿيڻ بابت گهوٽڪي پوليس کي آگاهه ڪيو پر پوليس ٻارڙن جي بازيابي لا اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي، ظالمن مونسان وڏو ظلم ڪيو آهي. ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ مطابق ٻارڙن کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي، پوسٽ مارٽم بعد جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا آهن، جنهن بعد رپورٽ اچڻ بعد قتل جا ڪارڻ معلوم ٿيندا. جڏهن ته معصوم ٻارڙن جي قتل بعد شهرين جو وڏو انگ اسپتال پهتو، جنهن کانپو ڀا ڀيڻ جا لاش گهر پهتا ته ما پي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ٻئي پاسي بدامني جي واقعن خلاف اڄ شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004485.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ تحريڪ انصاف پرويز خٽڪ کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو،ميمبرشپ ختم
2
+
3
+ لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي ۽ کيس پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب، پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته توهان کي 21 جون تي شوڪاز ڏنو ويو، توهان مقرر وقت ۾ اطمينان جوڳو جواب نه ڏنو.نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان کان پارٽي ميمبرن سان رابطي ۽ پارٽي ڇڏڻ لاءِ اڪسائڻ تي پڇيو ويو هو، توهان جي تحريڪ انصاف جي بنيادي رڪنيت فوري طور ختم ڪئي وڃي ٿي. واضح رهي ته پرويز خٽڪ ڪجهه وقت اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبر پختونخواهه جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004486.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ دهشتگردن جو بلوچستان ۾ فوجي ڇانوڻي تي حملو،4 جوان شهيد
2
+
3
+ راولپنڊي: اتر بلوچستان ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ زوب گيريزن تي حملو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڊيوٽي تي موجود فوجين ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا ۽ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪِريل ڪوشش ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهن.
newspapers/sindhi_express/02/se_004487.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ سلامتي ڪائونسل ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ منظور
2
+
3
+ نيويارڪ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي سوڌو مذهبي نفرت جي مذمت ڪئي وئي. ٺهراءَ ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي زور ڏنو ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءَ جي حمايت ۾ 28 ملڪن ووٽ ڏنو جڏهن ته ٺهراءَ جي 12 ميمبرن مخالفت ڪئي.سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءَ تي 7 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. آمريڪا ۽ يورپي يونين ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004488.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ شهباز شريف تي اتفاق نه ٿيو،وزيراعظم بلاول ڀٽو ٿيندو:وڏو وزير
2
+
3
+ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني ادارن جي نون چونڊيل نمائندن اقتدار سنڀاليو آهي، ان ڪري هن موجوده وسيلن جي عمودي ورڇ لاءِ ايندڙ صوبائي فنانس ڪميشن (PFC) جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان ايندڙ پي ايف سي جي ڊيزائن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي هڪ مهيني اندر فائنل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن مزار عبدالله شاهه غازي تي ٽن ڏينهن واري عرس جي اختتامي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪابينا مڪاني ادارن جي قيام جي هڪ مهيني اندر پي ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن اقتدار سنڀاليو آهي، اسان هڪ ڪميشن ٺاهڻ وارا آهيون ۽ پوءِ ڪميشن ايوارڊ فارمولي جو فيصلو ڪندي. هن چيو ته سندس حڪومت ٿرڊ ٽيئر حڪومت کي مالي طور تي مضبوط ڪندي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته PFC صوبائي ۽ مڪاني ادارن جي وچ ۾ موجود وسيلن جي ڀاڱي ڀائيواري جو تعين ڪري ٿو، جنهن کي عام طور تي عمودي ورڇ چيو ويندو آهي. اهو مختلف سطحن ۽ مقامي ڪائونسلن جي وچ ۾ مقامي حڪومت کي مختص ڪيل فنڊن جي افقي ورڇ لاءِ هڪ معيار پڻ رکي ٿو. هن تقسيم جي ميڪانيزم کي صوبائي مالياتي ڪميشن (PFC) انعام طور سڃاتو وڃي ٿو. مڪاني ادارن ۾ ٻيڻي پگهار کڻندڙ: هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي ۽ ٻين بلدياتي ادارن جي ملازمن جي پگهارن جي ڊيجيٽلائيزيشن ڪرڻ سان انهن ملازمن جو وڏو انگ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي ڪي ايم سي ۽ ٻين صوبائي کاتن مان ٻيڻي پگهارون وٺي رهيا هئا. هن چيو ته اهو هڪ ڏوهه آهي ۽ قانون تحت سزا لائق آهي ۽ چيو ته سندس حڪومت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ اهڙن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهڙا پينشن ڪيس پڻ مليا آهن، جن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته کيس سرڪاري ڊجيٽل مردم شماري جو ڊيٽا ناهي مليو، جڏهن باقاعده تفصيل ملندا ته مان ڪجهه تبصرو ڪرڻ جي قابل هوندس. ايم ڪيو ايم جو غير متوازي حوالو ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 27 جنوري 2023ع تي پريس ڪانفرنس ذريعي هن (ايم ڪيو ايم) ڊجيٽل مردم شماري ڪرائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته هن (ايم ڪيو ايم) ميڊيا کي ٻڌايو ته هن ماڻهن جي رجسٽريشن جي سهولت لاءِ ڪميٽيون ٺاهيون هيون پر آئون ئي هوس جنهن مردم شماري جي طريقيڪار تي سوال اٿاريو. مراد علي شاهه چيو ته سندس درخواست جي باوجود هن (ايم ڪيو ايم) بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ هاڻي پنهنجي مايوسي کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن ۽ ان ڪاميابي جو ڪريڊٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪو هو ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو هڪ اليڪشن اسٽنٽ هو، کين کيڏڻ ڏيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبو ملڪ جي 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو ۽ آئين موجب ان جي استعمال جو سڀ کان وڌيڪ حق اسان جي عوام کي حاصل آهي. هن چيو ته مان مسلسل سنڌ جو ڪيس وزيراعظم سان وڙهي رهيو آهيان ۽ الله جي فضل سان پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته نوري آباد پاور پلانٽ شروع ٿيڻ کان وٺي ڪراچي کي 100 ميگاواٽ سستي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ جيڪو گذريل پنجن سالن کان پنهنجي وڌ ۾ ��ڌ گنجائش تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شهر کي بغير ڪنهن وقفي جي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ جو اهڙو انتقام سندس پارٽي ۽ صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي. وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيل هڪ چئلينج بڻجي ويا آهن. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وٽ دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ڀتا خورن کي ختم ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي بحال ڪرڻ جو ٽريڪ رڪارڊ موجود آهي، اهڙي ريت ڌاڙيلن کي منهن ڏئي مسئلو حل ڪنداسين. دبئي ملاقات: هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته دبئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف تي اتفاق نه ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد وڏي پارٽي بڻجي اڀرندي ۽ بلاول ڀٽو ئي ايندڙ وزيراعظم هوندو. ان کان اڳ وڏي وزير عبدالله شاهه غازي جي ٽن ڏينهن واري عرس جي اختتامي تقريب ۾ مزار تي چادر چاڙهي ۽ گلن ورکا ڪئي. آخر ۾ هن مستحق عورتن ۾ ڪپڙا پڻ ورهايا.
newspapers/sindhi_express/02/se_004489.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ ملڪ ۾ چونڊون 8 نومبر تي يا ان کان اڳ ٿينديون:خرم دستگير
2
+
3
+ اسلام آباد :توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ چونڊون 8 نومبر تي يا ان کان اڳ ٿينديون، نواز شريف ن ليگ جي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. ڪالهه هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته اسان جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو قانون سازي ذريعي ڪيو آهي. اسان جي ڳچي پڪڙي وئي پر هاڻي بهار جو مستقبل روشن ٿي ويو آهي. چونڊن بابت پڇڻ تي خرم دستگير چيو ته چونڊون نومبر ۾ ٿينديون، نواز شريف ن ليگ جي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. مهانگائي جي حوالي سان هن چيو ته مهانگائي تي به ضابطو اچڻ شروع ٿي ويو آهي، مهانگائي ۾ واڌ جي شرح گهٽ ٿي وئي آهي، هاڻ رياست جا معاملا جادوءَ سان نٿا هلي سگهن، پرڏيهي پاليسي کي به صحيح رستي تي هلڻو پوندو. ٻئي طرف وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته موجوده اسيمبلي جو مدو وڌيڪ نه وڌايو ويندو، موجوده اسيمبلي وقت اچڻ تي ٽوڙي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊ سڌارن ۾ قانون ۽ انصاف، پارلياماني معاملا، اليڪشن ڪميشن شامل آهن، اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون پيون وڃن، ان جو واحد مقصد آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004490.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ پ پ طرفان 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز،اهم چونڊ سڌارا آڻينداسين:حڪومت
2
+
3
+ اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي 8 آگسٽ تي سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. جڏهن ته حڪومت عام چونڊن کان اڳ اهم چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه واپار واري وفاقي وزير نويد قمر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پ پ حڪومت کي 8 آگسٽ تي سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي. اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي، پ پ چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته موجوده سيٽ اپ ۾ وڌيڪ واڌ جي حمايت نٿا ڪيون، نگران سيٽ اپ ڪنهن صورت ۾ آئيني مدي کان اڳتي نه وڃڻ گهرجي. موجوده اسيمبلي ۾ واڌ تي قانون سازي تي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين. نويد قمر چيو ته چونڊ سڌارن تي سياسي جماعتن ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، چونڊ سڌارن ۾ آر ٽي ايس جهڙا معاملا اهم آهن.ٻئي طرف وفاقي حڪومت عام چونڊن کان اڳ اهم چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 73 ترميمون اليڪشن ريفارمز ڪميٽي کي پيش ڪيون ويون آهن. پارليامينٽ جي چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 73 ترميمون پارلياماني ڪميٽي آڏو پيش ڪيون ويون. پارلياماني ڪميٽي سياسي پارٽين پاران چونڊ سڌارن جي ترميمن جو شروعاتي جائزو مڪمل ڪري ورتو. پي ٽي آءِ پارلياماني چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چونڊ سڌارن ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي ڪميٽي کي پنهنجي راءِ ڏني ۽ چونڊ سڌارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو، پر 73 مان 70 ترميمن تي ابتدائي مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. سياسي پارٽين پاران چونڊ نتيجن ۾ دير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته دير سان آيل نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کي نتيجا حتمي شڪل ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جنهن وقت نتيجن جي دير ٿيڻ تي پرزائيڊنگ آفيسر کان جواب طلب ڪيو ويندو، پرزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجن جي دير جو ٺوس سبب ڏيڻ جو پابند هوندو. ذريعن موجب تجويز ڪيل چونڊ سڌارن موجب رٽرننگ آفيسر ماتحت پرزائيڊنگ آفيسرن کي جديد ڪميونيڪيشن ڊيوائسز جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو، پرزائيڊنگ آفيسر پابند هوندو ته هو پنهنجي صحيح ڪيل مڪمل نتيجن جي تصوير ريٽرننگ آفيسر کي فراهم ڪري. پرزائيڊنگ آفيسر کي تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون فراهم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي ته جن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هوندي، اتي نگران حڪومت متبادل سهولتون فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي جنهن سان نتيجا جلد پهچائڻ ۾ مدد ملندي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004491.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ اسان هن ڀيري وفاق ۾ حڪومت ٺاهي رهيا آهيون:شرجيل ميمڻ
2
+
3
+ سنڌ جي اطلاعات وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب جي 700 نون ميمبرن جي پلاٽن لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اسان صحافين جي مدد تي يقين رکون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري هميشه صحافين جي حقن لاءِ ڳالهه ڪئي آهي، اسان صحافين جي تحفظ لاءِ قانون ٺاهيا، جيڪي اڄ تائين ڪنهن ٻي حڪومت ناهن ٺاهيا، خبر ڏئي رهيو آهيان ته هن ڀيري پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي اسان پهرين ڏينهن کان نعرو لڳايو ته ڪراچي سڀني جو آهي، اسان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي منهن ماري انهن جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي، اسان جو مقابلو ڪنهن سياسي پارٽي سان نه آهي اسان جو مقابلو غربت سان آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن کان اڳ ڪراچي پريس ڪلب جي هائوسنگ اسڪيمن ۽ نون ميمبرن جي پلاٽن جي حوالي سان صوبائي وزيرن ۽ ڪلب جي عهديدارن جي گڏجاڻي ٿي.ِ شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ميڊيا هائوسز ۽ صحافين جي هميشه مدد ڪئي آهي، اسان کي معاشي چئلينجز جو علم آهي ان جي باوجود صحافين جي گرانٽ ۾ واڌ لاءِ اسان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ڪري رهيا آهيون، صحافين لاءِ سڀ کان پهريان قانون سنڌ حڪومت ٺاهيو آهي. هن چيو ته اسان جي خلاف ڪافي مهمون هليون، هڪ رٿيل سازش تحت پروپيگنڊا ڪئي وئي پر اسان اهڙي قسم جي سياست تي يقين نٿا رکون، اسان جمهوري ذهن جا ماڻهو آهيون، ٻين پارٽين هميشه آمراڻو رويو رکيو، گذريل حڪومت مرضي جي صحافين کي گهرائي انٽرويو ڏيندي هئي ته جيئن ان جي مرضي سان سوال هجن. هن چيو ته خبر ڏئي رهيو آهيان ته اسان هن ڀيري حڪومت ۾ اچي رهيا آهيون. مينڊيٽ چور پارٽي هن ملڪ ۽ قوم سان جيڪو ڪيو اوهان جي سامهون آهي، اڄ اهي شڪايت ڪن ٿا ته اسان جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي حالت اوهان جي سامهون آهي ڪراچي ۾ صفائي جو ڪم اوهان ڏسي رهيا آهيو، جن وٽ ڪراچي جي حڪومت هئي، انهن ڪجهه نه ڏنو، ٽرانسپورٽ هجي يا صحت اسان پهرين نمبر تي آهيون، ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي ڇڪتاڻ کي ڇڏين ۽ جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته اسان سان اچي ڳالهائين، شرجيل ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آئي جو حشر سڀني ڏسي ڇڏيو آهي، اهي ڊڄڻا آهن، ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران اهي لڪي ويا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جي خلاف رويو سخت رهيو آهي، اسان جي پروفائيل ۾اوهان کي شهادتون ملنديون ۽ ٻين جي پروفائيل ۾ بس بيڪ ڊور رابطا آهن هن چيو ته اسان جي ادارن جي خلاف جيڪو ٽرينڊ هلي رهيو آهي ان ۾ دشمن ملڪ شامل آهن، پي ٽي آئي جي ويڙهه هن ملڪ سان آهي، ادارن سان نه آهي، اهي ملڪ کي ڊيفالٽ ڏسڻ چاهين ٿا تحريڪ انصاف احساس فراموشن جو مثال قائم ڪيو آهي اها ادارن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي، اسان رياستي ادارن، جڊيشري سان گڏ بيٺا آهيون.
newspapers/sindhi_express/02/se_004492.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ هڪ لک زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منظوري
2
+
3
+ اسلام آباد : قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) جي انتظامي ڪميٽي وزيراعظم جي هڪ لک زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ۽ مهمند ڊيم مان قومي گرڊ ۾ 800 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي پي سي ون ۽ پوليو جي خاتمي جي هنگامي پلان سميت ڪيترن ئي اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايڪنڪ جو اجلاس اڱاري تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص مددگار طارق باجوه، خاص مددگار طارق محمود پاشا، سينيٽر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي پنجاب، ڪي پي ڪي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وزيراعظم جي زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 377236 ڏهائي 275 ملين روپين جي لاڳت ايندي ۽ اهو ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. منصوبي جي فيز ون تحت مالي سال 2024ع ۾ سرڪاري شعبي جي سالياني پروگرام تحت 90 ارب روپين جا فنڊ فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته صوبا ۽ فائدو حاصل ڪندڙ آبادگار به ان جي مساوي فنڊ فراهم ڪندا. منصوبي تحت هڪ لک زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، اهو منصوبو قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ، وفاقي واٽر مئنجيمنٽ سيل ۽ صوبائي زراعت کاتن جي سهڪار سان اڳتي وڌندو. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي حڪومت جي رورل انويسٽمنٽ اينڊ انڊسٽريل سپورٽ پراجيڪٽ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي، منصوبي تحت ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي شعبي کي هٿي وٺائي ويندي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. ان رٿا تي 27418 ڏهائي 13 ملين رپين جي لاڳت ايندي جنهن ۾ 24265 ڏهائي 57 ملين رپيا پرڏيهي امداد به شامل آهي. اها رٿا عالمي بئنڪ جي قرضي سان اڳيان وڌائي ويندي. عالمي بئنڪ طرفان 100 ملين ڊالر ۽ سنڌ حڪومت طرفان 45 ملين ڊالر جا فنڊز فراهم ٿيندا. اها رٿا توانائي جي سلامتي ۽ موسمياتي حوالي سان پاڪستان جي بين الاقوامي واعدن جي تڪميل جي اهم ذريعو آهي. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت مهمند ڊيم سان قومي گرڊ ۾ 800 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي پي سي ون جي منظوري به ڏني وئي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004493.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ سنڌ ۾ جمعي کان ٻيهر تيز هوا سان برسات وسڻ جي اڳڪٿي
2
+
3
+ اسلام آباد :موسميات کاتي برساتن جي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، برساتون اڃا ختم ناهن ٿيون، چوماسيءَ جو ٻيو اسپيل برساتون وسائڻ لاءِ تيار آهي. موسميات کاتي 14 کان 16 جولاءِ دوران سکر، جيڪب آباد، ننگرپارڪر، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جي نتيجي ۾ هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.موسميات کاتي 13 کان 17 جولاءِ تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، عربي سمنڊ مان چوماسي هوائون 12 جولاءِ تي ملڪ ۾ داخل ٿينديون، جنهن جي نتيجي ۾ هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ مان چوماسي هوائون 12 جولاءِ جي شام تائين ملڪ جي مٿين ۽ وچين علائقن ۾ داخل ٿي وينديون، اهو سلسلو 14 جولاءِ تائين وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو. موسميات کاتي موجب 12 کان 17 جولاءِ دوران نيلم وادي، مظفر آباد، باغ، حويلي، ڪوٽلي، ميرپور، مري ۽ گليات ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
newspapers/sindhi_express/02/se_004494.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ سعودي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٻه ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا،ڊالر سستو ٿي ويو
2
+
3
+ اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٻه ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اسلام آباد مان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته دوست مُلڪ سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ٻ ارب ڊالر ڊيپازٽ ڪري ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم، آرمي چيف ۽ پنهنجي طرفان سعودي حڪومت جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ معاشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري طرف قدم وڌائينداسين، پاڪستان جي معيشت پهريان کان بهتر آهي، جلد وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو. ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو اگهه گهٽجي ويو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004495.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ پي اي سي کي 3 ارب ڊالر بنا وياج قرض کڻندڙ 628 ڄڻن جا نالا نه ٻڌايا ويا
2
+
3
+ اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ 628 ڄڻن کي 3 ارب ڊالر بنا وياج جي قرض ڏيڻ جو معاملو بنا ڪنهن ڪارروائي جي اڪلائي ڇڏيو.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 628 ڄڻن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ گورنر ڪميٽي کي ان ڪئميرا اجلاس ۾ تفصيل فراهم ڪيا، تفصيلن ۾ قرض ڏيندڙ بئنڪن جا نالا فراهم نه ڪيا ويا، جڏهن ته قرض وٺندڙ ماڻهن جا نالا به فراهم نه ڪيا ويا، رڳو ڪمپنين جا نالا ظاهر ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائل، شگر ملز، ڪيميڪل ۽ آٽو موبائل انڊسٽري کي قرض ڏنا ويا آهن.پي اي سي چيئرمين معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني پر ڪجهه ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي ۽ راءِ ڏني ته ان سان صنعتي شعبي تي ناڪاري اثر پوندو. ميمبرن جي مخالفت کانپوءِ ڪميٽي معاملو اڪلائي ڇڏيو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004496.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ آئي ايم ايف پروگرام مجبوري آهي،پنڻ بند ڪرڻو پوندو:وزيراعظم
2
+
3
+ پشاور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام مجبوري ۾ قبول ڪيو، آخر ڪيستائين آ ايم ايف وٽ ويندا رهنداسين، قرضن مان جند ڇڏائڻ ۽ پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.مُلڪي معاشي صورتحال ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي. پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال گهڻو مشڪل هو. معاشي صورتحال سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. آءِ ايم ايف پروگرام مجبوري ۾ قبول ڪيو، قرضن مان جند ڇڏائڻ ۽ پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو. شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ٻه ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب جو ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو به ٿورائتو آهيان، هنن به ان سلسلي ۾ وڏي محنت ڪئي. هن چيو ته ماضي مان سبق سکڻو پوندو، روئڻ پٽڻ سان ڪو مُلڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ترقي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي، مهانگائي ۾ هوريان هوريان لاٿ آڻينداسين. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جو استقبال ڪيو وڃي ٿو ته استقبال ڪندڙن جا منهن ٻڌائيندا آهن ته هي اچي ويا اسان کان پئسا گهرڻ، جيڪڏهن اسان وقت وڃائڻ بند ڪريون، 9 مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر هميشه لاءِ روڪي ڇڏيون ته پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو. قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي تعليم کي اڳتي وڌائڻو پوندو. اسان ۾ رڳو هڪ شئي جي کوٽ آهي ۽ اها آهي ول ٽوڊو، خيبرپختونخوا پاڪستان کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ليپ ٽاپ صرف ميرٽ تي ملندو سفارش تي هڪ به ليپ ٽاپ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان غذائي تحفظ ۽ زراعت بابت هڪ سيمينار ڪرايو آهي، جيڪڏهن اسان کي قرضن مان جند ڇڏائڻي آهي ۽ پنڻ کي ختم ڪرڻو آهي ته پنهنجي پيرن تي ملڪ کي بيهارڻو پوندو. ملڪ ۾ الله تعاليٰ طرفان معدني شيون ۽ قدرتي وسيلا اڻ ڳڻيا آهن. تقريب کي خيبرپختونخوا جو گورنر، وزيراعظم جي خاص مددگار شزه فاطماه ۽ اميرمقام به خطاب ڪيو.
newspapers/sindhi_express/02/se_004497.txt ADDED
@@ -0,0 +1,3 @@
 
 
 
 
1
+ پ ٽ الف جو پيادل مارچ منزل جي ويجهو، گهاري پهچي ويو، شاندار استقبال
2
+
3
+ پ ٽ الف جو مطالبن جي مڃتا لا بلڙي شاھه ڪريم کان نڪتل پيادل مارچ گهاري پهچي ويو، جتي علماءَ ايڪشن ڪميٽي، واپاري ايسوسيئيشن جي صدر ڀون داس، مختيار لاشاري ۽ پ ٽ الف سميت سياسي سماجي ڌرين پانڌيئڙن تي گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي. گهارو پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻن حاجي شفيع محمد، عمران ڪورائي، پرديپ ڪمار ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ به واعدا ڪري ڪوڙا نوٽيفيڪشن جاري ڪري استادن کي پريشان ڪندي رھي آھي پر هن ڀيري بلڙي شاھه ڪريم کان لانگ مارچ شروع ڪيو آھي، جيڪو 12 جولاءِ تي ڪراچي پھچندو، اڳواڻ چتاءُ ڏنو ته جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين وزيراعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻو جاري رھندو، چارٽر آف ڊمانڊ ۾ استادن جا جائز مطالبا آهن، جن ۾ اپ گريڊيشن،سروس اسٽرڪچر، سينيئر استادن کي 17ھون گريڊ ڏئي ھيڊ ماستر مقرر ڪرڻ، گروپ انشورنس ۽ ٻيا مطالبا شامل آهن.