ڪتاب جو نالو: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي عبدالستار ڀٽي پنهنجي پاران لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم وٺندڙ انهن وڏين شخصيتن جي زندگي ۽ ڪارنامن تي روشني وجهڻ آهي جن گذريل هڪ سئو سالن ۾ پنهنجي خوبصورت سوچ، عمل ۽ ڀرپور شخصيت وسيلي سنڌ، پاڪستان يا دنيا ۾ نالو روشن ڪيو، ڪارناما سرانجام ڏنا، تنظيمن ۽ تحريڪن جو بنياد وڌو. سندن ڪارنامن، قربانين، تحقيق، محنت ۽ ڪوشش جو پڙاڏو سنڌ، هند يا پرڏيهه تائين پهتو. انهن جي سوچن ۽ نظرين کي اڄ به عقيدت ۽ احترام سان پڙهيو، لکيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. اهڙين شخصيتن بابت ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ هڪ جاکوڙ وارو ڪم هو، جنهن لاءِ هڪ سال کن محنت ڪئي. انهن وڏين شخصيتن بابت ڪتاب ۾ مختصر جائزو ڏنل آهي، جڏهن ته هو ان کان وڌيڪ محترم ۽ معتبر آهن پر ڇا ڪجي رابطن جي باوجود اهڙين هستين جي وارثن تعاون ڪو نه ڪيو، ڪڏهن شاباش به ڪو نه ڏني. جڏهن مون اهڙين محترم هستين جي صاحب حيثيت اولاد کي گذارش ڪئي ته مهرباني ڪري هر سال والدين جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سندن ورسي ملهائن ۽ يادگار ايوارڊ ڏين پر هڪ صاحب جواب ڏنو ته اسان جا وڏا قوم لاءِ خدمت ڪري ويا آهن ۽ قوم انهن کي ياد ڪري. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن کان علاوه ٻيون به هستيون آهن جن مختلف حوالن سان پاڻ ملهايو آهي پر وقت ۽ وسيلن جي ڪميءَ سبب هن ڪتاب ۾ کين شامل نه ڪيو ويو آهي. ٻي واليم ۾ نئين نسل جي اڳواڻن بابت تفصيل ڏبو. مضمونن جي ترتيب عمر جي لحاظ سان آهي. هر هڪ شخصيت جي سٺين ڳالهين کان علاوه هر پهلوءَ کي زير بحث آندو ويو آهي. سندن ذڪر انتهائي احترام سان ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن کي به ذاتي طرح تڪليف محسوس ٿئي ته مان اڳواٽ معافي وٺندس. ڪتاب ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن مان نه صرف شخصيت ۽ لاڙڪاڻو پر سنڌ جي هڪ سئو سالن جي سياسي، ادبي، تنظيمي، سماجي جوڙجڪ بابت ڄاڻ به ملي ٿي. هرهڪ مضمون کي ڀرپور مختصر ۽ معلوماتي بڻايو ويو آهي جيڪو سياست ۽ تاريخ بابت تحقيق ڪندڙ شاگردن کي ڪجهه ڄاڻ ڏيندو. تمام ناميارن اديبن سان لاڳاپا آهن پر رسم پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان به مهاڳ نه لکرايو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ۾ ادبي خدمت ڪندي شاباش ۽ تعاون گهٽ الزام ۽ تهمتون وڌيڪ مليون آهن. جيڪڏهن مون جهڙا سماجي ورڪر پنهنجن ضلعن ۾ ڪم ڪندڙ قومي اڳواڻن بابت ههڙا معلوماتي ڪتاب شايع ڪرائن ته هوند سنڌ جي مڪمل سياسي تاريخ جڙي سگهي ٿي. هن ڪتاب پڙهڻ بعد ڪو به مهربان تنقيد ڪري، وڌيڪ ڄاڻ ڏئي يا شاباش ڏيڻ چاهي ته دل جو خلوص سان آجيان ڪندس. عبدالستار ڀٽي D-99 پاڪستان ڪوارٽرس، ڪراچي پوسٽ ڪوڊ: 74550 بئريسٽر جان محمد جوڻيجو خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جي جدوجهد تي ڪجهه لکڻ کان اڳ تاريخ جي شاگردن ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ سڄڻن لاءِ خلافت تحريڪ جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هن عالمي تحريڪ ۽ جدوجهد کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، پهرين عالمگير جنگ کان اڳ ترڪي ۽ مسلمانن جي سلطنت عثمانيه ۽ خلافت قائم هئي جنهن جو خليفو عبدالوحيد هيو. ان وقت ترڪي جي خليفي کي مسلم امت جي خليفي طور احترام ملندو هيو. سال 1911ع جي اٽلي والاريل ٽريپولي تي حملو ڪيو ۽ اهڙي طرح سندن وچ ۾ جنگ لڳي ان جنگ برصغير جي مسلمانن جو توجهه ڇڪايو ۽ همدردي ۾ مسلمانن جون دليون ڏکايل هيون. بلقان جي جنگ سال 1912ع کان 1913ع تائين هلي جنهن ۾ هندستاني مسلمانن زخمي ترڪن لاءِ هڪ وڏو طبي وفد ۽ تمام گهڻي دولت گڏ ڪري موڪلي. سال 1916ع آگسٽ ۾ پهرين عالمگير جنگ شروع ٿي ته ترڪي جي خليفي انگريز خلاف جرمني جو پاسو ورتو انگريزن طرابلس واري جنگ ۾ مسلمانن خلاف اٽلي جو ساٿ ڏنو. يورپين جي پاران بلقان واري جنگ ۾ عيسائي رياستن جي ساٿ سبب ترڪي خلافت جا ٻيا سڀ علائقا کسجي ويا ۽ وٽن صرف استنبول، ائڊريانوپل ۽ ٿريس جو ٽڪر وڃي بچيو اهڙي طرح پهرين عالمگير جنگ ۾ ترڪي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو جنهن جو برصغير جي مسلمانن کي گهڻو افسوس ٿيو. ٻيو سبب ته برصغير جا مسلمان ذهني طور انگريز کي پنهنجو دشمن تصور ڪرڻ لڳا ۽ وري انگريز به عالمگير جنگ بعد پنهنجي وعدي خلافين وارا قدم کڻڻ شروع ڪيا. جيئن سال 1915ع ۾ مڪي جي ترڪي گورنر شريف حسين بن علي ساڻ خفيه معاهدا ڪري سبز باغ ڏيکاري عربن کي ترڪن خلاف مقابلي ۾ آندو. انگريزن عربن کي يقين ڏياريو ته مسلمانن جون مقدس مذهبي جڳهون ۽ شهر محفوظ رهندا جڏهن ته سال 1916ع ۾ ان جي خلاف انگريز فرانس ۽ روس ساڻ ٺاهه ڪري آرمينا ۽ عربستان جو هڪ حصو روس کي ڏنو ۽ ترڪي سلطنت جا عرب علائقا انگريزن جي قبضي هيٺ ڏنا ۽ مڪي جي ترڪي گورنر حوالي شام لبنان ۽ عراق جا حصا ڪيا جيڪي 1917ع ۾ ڌوڪو ڪري وري فرانس کي ڏنا. ٽيون سبب انگريزن جي دغائن ۽ چالاڪين ڪري ترڪي سلطنت جي لڳاتار تباهي ۽ مسلمانن جي بي وسي برصغير جي مسلمانن کي جهنجهوڙي وڌو ۽ ترڪ مسلمانن جي کي تنها محسوس ڪندي ترڪي جي مسلم خلافت ساڻ همدردي ۽ اتحاد خاطر کين علائقا واپس ڏيارڻ خاطر انگريز راڄ خلاف هڪ منظم ۽ مضبوط جهاد ڪرڻ لاءِ بر صغير جي مسلم اڳواڻن ”خلافت تحريڪ“ جي نالي ساڻ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ترڪ مسلمانن جي خلافت بحال ڪرڻ لاءِ انگريز راڄ خلاف مختلف هنڌن تي تحريڪ جنم ورتو جنهن ۾ بمبئي ۾ مولانا محمد علي جوهر دفتر کوليو ته مولانا ابوالڪلام آزاد ڪلڪتي مان اخبار ”الهلال“ ڪڍي ۽ سنڌ مان مولانا دين محمد وفائي جهڙي سچي قائد صحافي جي قيادت ۾ اخبار الوحيد آواز اٿاريو. هي دنيا جي واحد تحريڪ آهي جيڪا يورپ ايشيا کان جنم وٺي برصغير هند ۾ پهتي ۽ جنهن ۾ جان، روح ۽ ساهه سنڌ جي سرزمين تان سنڌي اڳواڻن وڌو ۽ تحريڪ کي پروان چڙهائيو هڪ مضبوط ۽ منظم طوفان وانگر يورپ ۽ ايشيا جي تاريخ جي دروازي تي ڪاميابي ويجهو پهچائيو پر ڪاميابي ماڻي نه سگهيا ڇاڪاڻ ته هن وڏي لڙائي دوران مسلمانن جون غداريون ۽ بيوفايون، وري جديد ترڪي جي وجود ۾ اچڻ بعد مصطفيٰ ڪمال پاشا پاران مسلم سلطنت جي نظريي کي ختم ڪري جمهوريه ترڪي بڻائڻ ڪري تحريڪ ختم ٿي. سنڌڙي ماتا جي وسندڙ زرخيز ضلعي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان ڪيترائي ماڻڪ لعل ڄاوا جن پنهنجي دور ۾ پاڻ ملهائيندي آزادي جا گيت ڳايا. زندگي جو هر ڏينهن ڪنهن عظيم مقصد لاءِ گذاريو، جدوجهد ڪري پاڻ کي تاريخ جو اڻمٽ ۽ قابل فخر باب بڻائي ويا. ماضي ۾ سندن شاندار ڪارنامن تي اڄ سنڌ واسي فخر محسوس ڪن ٿا پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي تاريخ جي ان وساريل ورقن، انهن جي ڪارنامن ۽ عمل کان باقائدي ڄاڻ ڏيون. سونهاري سرهاڻ ڀريل سنڌڙي جي انهن ماڻڪ موتين جي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي عوام تائين گهڻو سولو پهچايون ته جيئن سڀاڻي جو نسل انهن کي وساري نه ويهي. ايشيا جي تاريخ جو هيرو، برصغير جي مسلمانن جي ضمير کي جاڳائي هڪ عالمگير تحريڪ ۾ شامل ڪرائيندڙ سنڌ جو عظيم سپوت، سنڌي ماڻهن کي سياسي، جدوجهد، جلسن ۽ جلوسن هڙتالن ۽ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ جي لولي يا ازان ڏيندڙ نوجوان رهبر، سنڌ جو ٻيو بئريسٽر ۽ لاڙڪاڻي جو پهريون بئريسٽر ايٽ لارئيس جان محمد ولد رئيس ڪريم بخش خان جوڻيجو تاريخ 2 جنوري سال 1888ع تي پنهنجي اباڻي ننڍڙي ڳوٺ ڌامراهن تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ان زماني ۾ خوشحال خاندان پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ ۾ فارسي ۽ عربي تعليم پنهنجي گهر ۾ ڏيارڻ لازمي سمجهندا هئا ۽ جان محمد جوڻيجي به خانگي طرح عربي فارسي تعليم جنوري 1893ع ۾ حاصل ڪرڻ بعد 1903ع ۾ چار درجا سنڌي سنڌ مدرسو اسڪول لاڙڪاڻو (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ پڙهڻ بعد 13 آگسٽ 1907ع تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ 1909ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سال 1910ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. هو ان وقت تعليم جي گهٽ سهولتن سبب 21 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سگهيو. هو سنڌ مدرسي ڪراچي وارن ڏينهن ۾ تقريرن ۾ گهڻو حصو وٺندو هيو ۽ سنڌ مدرسو ڊبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري به رهيو. سال 1913ع ۾ بار ايٽ لا پاس ڪري ٻه سال لنڊن ۾ بئريسٽري پريڪٽس ڪيائين پر سال 1915ع ۾ پنهنجي وطن واپسي وريو ۽ پهريان ڪراچي ۾ پوءِ وري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. سڀ کان اول هن هارين ۾ ڀلائي جو ڪم شروع ڪيو. هن پنهنجي زمين تي ڪم ڪندڙ هارين کي ان زماني ۾ حق ڏنا، سهولتون ڏنيون، هارين جي سرپرستي ڪئي ۽ هڪ هاري ميوي خان جي پٽ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر (جيڪو اڳتي هلي سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو باني اڳواڻ بڻيو.) کي پنهنجي خرچ تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن جاگيرداري دور ۾ پنهنجن هارين مٿان تمام اڳوڻا قرض معاف ڪري کين آزاد ڪيو ۽ هر هڪ هاري جي اسڪول ۾ پڙهندڙ اولاد کي وظيفا ڏنا، هارين کي پرسڪون ۽ عزت ڀريل زندگي گذارڻ لاءِ سڀ حق ڏنا. برصغير هند ۾ جڏهن مسلم ليگ وجود ۾ آئي ته رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي ڪوشش سان سال 1917ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ٿي ۽ سنڌ جي پهرين چند باني مسلم ليگ ميمبرن ۾ جان محمد جوڻيجي جو نالو شامل آهي. هتان ئي سندس ذهن قومي لاڙي ڏانهن منتقل ٿيو. سال 1918ع ۾ شيخ عبدالعزيز صاحب جي ڪوشش سان سنڌين جي تعليمي ترقي واسطي سکر ۾ ”عربي انگريزي“ اسڪول ٺاهڻ جي منصوبابندي ۾ جوڻيجي صاحب ڀرپور حصو ورتو. هن جي ذهين ڏاهپ، عمل ۽ سچائي ڀريل شخصيت تمام جلد لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي لاءِ اعليٰ مقام پيدا ڪيو. کيس ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو ميمبر چونڊيو ويو. سرڪار اعزازي طور ميونسپل ڪمشنر پڻ مقرر ڪيو ۽ حڪومت پاران سردار جي ڪرسي پڻ حاصل ٿيس پر جوش ۽ جذبي ساڻ ڀرپور هن ذهين نوجوان جي جسم اندر گرم خون ۾ هڪ وڏي انقلاب جو درياهه اٿلون کائي رهيو هو. سچن جذبن جو سيلاب وقت ۽ تاريخ جي وهڪري ۾ وهائي وڃڻ جي موقعي جي تلاش يا انتظار ۾ هو ۽ جان محمد جوڻيجي کان تاريخ هڪ نئون باب کولرائڻ لاءِ ڪم ورتو. سال 1919ع ۾ ترڪي سلطنت جي ورهاڱي، ترڪي جي مسلمانن جي تباهيءَ خلافت جو سوال اٿاريو ۽ سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ امتحان ۽ چئلينج وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ انگريز دشمن قوتون سرگرم ٿيون. پهريان 17 آڪٽومبر 1919ع تي هن مسئلي بابت دهلي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي، سيٺ عبدا﷢ هارون، پير تراب علي شاهه راشدي، شيخ عبدالعزيز ۽ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي شرڪت ڪئي. هن موقعي تي سڄي هند ۽ سنڌ ۾ ترڪي جي بقا لاءِ ”يوم خلافت“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آل انڊيا مسلم ڪانفرنس پڻ لکنو اجلاس ۾ تائيد ڪئي. بئريسٽر جان محمد جوڻيجي پنهنجي ساٿين جي صلاح ۽ مدد سان پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي آڏو (هاڻوڪي جامع مسجد) هڪ وڏو ۽ عظيم الشان جلسو ڪرائي خلافت تحريڪ جا مول متا ۽ مقصد عوام کي ٻڌايا، هتان سندس باوقار ۽ تنظيم ساز عملي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شخصيت جي سڃاڻپ ٿي. هن جلسي سڄي سنڌ ۾ هلچل مچائي ڇڏي. 16 نومبر 1919ع تي ٻي ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ دهلي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سيٺ عبدا﷢ هارون (ڪراچي) مولانا تاج محمود امروٽي (سکر) پير تراب علي راشدي (قمبر) ۽ جان محمد جوڻيجو شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو ته انگريز پاران دنيا ۾ 12 نومبر کان 16 نومبر 1919ع تائين ٿيندڙ پنج ڏينهن واري ”جشن صلح“ پروگرام جي تقريبن جو پوري برصغير ۾ بائيڪاٽ ڪيو وڃي. رئيس جوڻيجي ساٿين سيد انور علي شاهه ۽ پير تراب علي شاهه سان گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي عوام کي شعور ڏنو ۽ هڪ وڏي بائيڪاٽ لاءِ ذهني طور تيار ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سياسي شعور نالي ڪا به ڳالهه ڪو نه هئي ۽ نه ئي سياسي پارٽين جنم ورتو هو ۽ نه ئي وڏيرن جاگيردارن کي ليڊري جا شوق هوندا هئا. ڪا به تحريڪ ڪو به شعور ڪو به منشور ڪو نه هوندو هو ۽ سياسي طور سنڌ هڪ ستل قوم ليکي ويندي هئي پر ان جي باوجود لاڙڪاڻو شهر ان وقت هڪ خوشحال شهر هوندو هو ۽ لاڙڪاڻي جي واپاررين سندس پاران هڙتال جي سڏ جي جواب ۾ پهريون ڀيرو هڙتال ڪندي دڪان بند ڪيا. 16 نومبر 1919ع تي ڪارين جهنڊين سان انگريز سرڪار خلاف هڪ وڏو عظيم الشان جلوس ڪڍيو. ان شاندار جلوس بعد سڄي سنڌ ۾ خلافت تحريڪ لاءِ رستا کليا ۽ عام ماڻهو تنظيم سان همدردي رکڻ لڳو ۽ سڄي سنڌ ۾ اٽڪل 175 شاخون قائم ٿيون. سنڌ جي تاريخ ۾ اها عالمي هڙتال جو رڪارڊ رکندڙ ڳالهه آهي جو لڳاتار پنج ڏينهن لاڙڪاڻو بند رهيو. 4 جنوري 1920ع تي حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو پهريون جلسو ٿيو جتي رئيس جوڻيجي پنهنجي جذباتي تقرير سان لاڙڪاڻي ۾ انگريز سرڪار پاران ٿيندڙ ڏاڍايون بيان ڪيون. لاڙڪاڻي ۾ ٻي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ 6، 7 ۽ 8 فيبروري 1920ع جي تاريخ مقرر ٿي. هن ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ برصغير هند ۽ سنڌ مان هزارين ورڪر پهتا. جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي جوهر ۽ مولانا عبدالباري جهڙا عالمي اڳواڻ شريڪ ٿيا. ان وقت سال 1920ع ۾ سيٺ عبدا﷢ هارون پاران روزانو اخبار ”الوحيد“ جاري ڪئي وئي جيڪا پڻ ترڪي سلطنت جي خليفي عبدالوحيد جي نالي سان لاڳاپيل هئي. ان وقت الوحيد اخبار سنڌي قوم ۽ قومي تحريڪن ۽ سياسي شعور جي ڏياٽيون ٻاريندڙ واحد اخبار هئي جنهن جي پڙهڻ سان عوام ۽ سياسي قائد پنهنجي لاءِ رهنمائي حاصل ڪندا هئا. الوحيد اخبار قائدن ۽ عوام کي روزانو تحريڪن لاءِ گس ۽ پتا ٻڌايا تنهن وقت سنڌي صحافت جو هر دلعزيز اڳواڻ مولانا دين محمد وفائي هن اخبار جو ايڊيٽر هوندو هو. خلافت تحريڪ خلاف به ان وقت جي ملان ٽولي فتوائون ڏنيون، جڏهن ته هي هڪ خالص انگريز خلاف مسلمان مقصد ۽ حمايت لاءِ تحريڪ هئي پر انهن فتوائن جي موٽ ۾ هڪ ڀرپور ۽ جامع ڪتاب اظهار الڪرامت مولانا تاج محمود امروٽي پاران مولانا دين وفائي شايع ڪري لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس ۾ ورهايو. مولانا امروٽي، پير تراب علي راشدي ۽ بئريسٽر جوڻيجي جي قيادت ايمانداري ۽ شرافت تي سڄي سنڌ کي ڀروسو هيو ۽ انهن کي تحريڪ لاءِ سڄي سنڌ مان هزارين رپيا چندو حاصل ٿيو. انگريز راڄ خلاف هن جدوجهد ۾ هندن پڻ مسلمانن کي گهڻو چندو ڏنو ۽ مهاتما گانڌي پڻ هندن مسلمانن کي ويجهو آڻڻ لاءِ خلافت تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي. لاڙڪاڻي جي آل هند ۽ سنڌ ڪانفرنس جو نگران بئريسٽر جوڻيجو هيو. هي پڻ سنڌ جي تاريخ جي پهرين ٽي روزه عالمي ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ دنيا جا مسلم ۽ هندو اڳواڻ شريڪ ٿيا. هن عظيم الشان تاريخي ڪانفرنس ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون ۽ وڏو يادگار انقلاب پيدا ڪيو ڇاڪاڻ ته هندو مسلم اتحاد جو دنيا وڏو مثال هن ڪانفرنس ۾ ڏٺو ۽ مسلسل ٽي ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ گهٽيون باغ ميدان لکن جي تعداد ۾ خلافت تحريڪ جي جهنڊن سان ڪنوار وانگر سجيا نظر ايندا هئا ۽ هر هنڌ ”هندو مسلم اتحاد“ جا جسم ۾ جوش ڏياريندڙ ۽ لونءِ ڪانڊاريندڙ نعرا گونجن پيا. بئريسٽر جان محمد استقباليا ڪميٽي جو سيڪريٽري هيو. 1920ع ۾ هزارين مهمانن جي رهڻ ۽ ماني جو لڳاتار ٽي ڏينهن انتظام ڪرڻ هڪ ناقابل يقين ڳالهه آهي. محترم سائين جي ايم سيد لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس بابت پنهنجي ڪتاب ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ ۾ لکيو آهي ته ”فيبروري 1920ع ۾ منهنجي عمر رڳو 16 سال هئي ۽ هن ڪانفرنس جي چوٻول کان متاثر ٿي لاڙڪاڻي ويس ۽ سورهن سالن جو هيس پر ان جي باوجود معلوم ٿيم ته ترڪن سان سامراجين جي ناجائز روش جو ڪارڻ زندگي جو نصب العين مقرر ڪري ڇڏيم. ان ڪانفرنس مون کي سياسي رنگ ۾ اهڙو رچي ڇڏيو جو اڃا تائين اهو اثر جهڪو نه ٿيو آهي“ لاڙڪاڻو ڪانفرنس فيصلي مطابق نوڪر شاهي جي ڏاڍ جا داستان ٻڌائڻ لاءِ بئريسٽر جوڻيجي جي قيادت ۾ پير صاحب جهنڊي وارو، مولانا دين محمد وفائي ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي تي مشتمل هڪ وفد بمبئي جي گورنر سان ملڻ لاءِ ويو، پر لڳاتار چوڏهن ڏينهن رابطي ۾رهڻ جي باوجود گورنر وفد سان نه مليو ۽ پوءِ دهلي ۾ سنڌ جي نيڪ سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ انگريز سرڪار خلاف سنڌ ۾ جدوجهد تيز ڪرڻ لاءِ بئريسٽر جوڻيجي کي منتخب ڪيو ويو. 20 اپريل 1920ع تي سيوهڻ ۾ مولانا عبدالڪريم درس جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ جوڻيجي مرحوم ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. تاريخ 2 ۽ 30 مئي 1920ع تي ٺل شهر جيڪب آباد ۾ خلافت ڪانفرنس زير صدارت مولانا تاج محمد امروٽي جي منعقد ٿي. جنهن ۾ بئريسٽر جوڻيجي پنهنجي جذباتي ۽ جوشيلي تقرير ڪندي ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن ۾ هڪ نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار سان هر طرح جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي سڀ کان اول پنهنجي ميونسپل ڪمشنري، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ميمبري، بار ايٽ لا جي ڊگري ۽ ڪمشنر آفيس ۾ مليل ٻيو نمبر سرڪاري ڪرسي واپس ڪندي انگريز سرڪار کي ڍل ۽ آبياڻو نه ادا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. سنڌ مان هجرت ڪري افغانستان ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ هجرت ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه ۽ بئريسٽر جوڻيجو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هجرت واري قافلي جي ڪابل تائين قيادت ڪرڻ لاءِ بئريسٽر جوڻيجو کي چونڊيو ويو ۽ کيس ان موقعي تي ”رئيس المهاجرين“ جو لقب ڏنو ويو. بئريسٽر جي پرجوش تقرير بعد سنڌ مان ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته ٻئي پاسي سرڪار رئيس جوڻيجي کي مالي نقصان پهچائڻ خاطر سندس زمين جو پاڻي بند ڪيو، نتيجي ۾ هن جي سڄي پوک سڙي وئي. هجرت ڪميٽي جو هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو مقرر ٿيو ۽ هجرت لاءِ بئريسٽر جوڻيجي بمبئي جي گورنر کي تار موڪلي ته سنڌ جا پنجويهه هزار باشندا ڪابل هجرت ڪندا. اهڙي طرح رئيس المحاجرين جي قيادت ۾ قافلو تيار ٿي ويو. سنڌ کان پشاور تائين هڪ اسپيشل ٽرين سورهن ڏينهن لاءِ ڪرائي تي ورتي وئي، جنهن لاءِ بئريسٽر پنهنجون زمينون ۽ ٻي ملڪيت وڪرو ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ ٻين به ڪيترن هن ڏس ۾ چندو ڏنو ڇاڪاڻ ته لڳاتار سورهن ڏينهن 760 مسافرن جو خرچ ۽ ماني جا انتظام پڻ ڪرڻا هئا. تاريخ جي حوالي سان هي ڳالهه پڻ ٻڌائڻ ضروري آهي ته سڄي دنيا ۾ اڄ تائين جيڪا به لڏپلاڻ يا هجرت ٿي آهي سا پنهنجي خوشي سان ڪو نه پر اتي جي ملڪي حالتن ۽ مجبوري ڪري عمل ۾ آئي آهي پر دنيا جو هي واحد هجرت جو باب آهي جو ماڻهو پنهنجي خوشي ۽ راضپي ساڻ پنهنجو ديس مائٽ مٽ اباڻا گهر ۽ وطن ڇڏي هڪ غير ٻولي يا خطي ڏانهن وڃن. ان مان ماڻهن جو تحريڪ خلافت جي قائدن جي جدوجهد ۾ ڀروسو ظاهر ٿئي ٿو. هجرت لاءِ اپيل مولانا ابوالڪلام آزاد ڪئي هئي ۽ سندس اپيل تي سال 1915ع کان هندستان جي مسلمانن افغانستان ڏانهن وقفي وقفي ساڻ هجرت ڪئي ۽ سال 1923ع تائين اٽڪل 18 هزار ماڻهن هجرت ڪئي. رئيس المهاجرين جي اعلان تي 8 جولاءِ تي هزارين ماڻهو پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي ٽرين تي الوداع چوڻ لاءِ پهچي ويا. اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن جو ميلو لاڙڪاڻي شهر ۾ هيو. خوشي ۽ غم جي جذبن، فخر يا ماتم جي ڪيفيت، قرباني جو جذبو ۽ عزيزن جي جيئري جدائي يا جيئري مرڻ ۽ قيامت تائين ڌار ٿيڻ جو اجتمائي ڏيک شايد تاريخ ۾ هجي. اهڙن لمحن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هي ٽرين 9 جولاءِ تي لاڙڪاڻي کان شروع ٿي هر علائقي ۾ ماڻهن ٽرين جو استقبال ڪيو ۽ مالي امداد ڏني. ”ياد جانا“ ڪتاب ۾ مولانا دين محمد وفائي لکيو آهي ته لاهور جي اسٽيشن تي پير سيد علي انور شاهه شيرين آواز ۾ اهڙا ته جذباتي شعر پڙهيا جو لاهور اسٽيشن تي روڄ راڙو ۽ واويلا جو ايڏو ته آواز اٿيو جو اها زمين ڄڻ لکنيو جي امام بارگاهه جهڙو ڏيک پئي ڏئي. هي ٽرين 19 جولاءِ 1920ع تي افغانستان پهتي. سفر ۾ ايترا ته دل ڏاريندڙ واقعا پيش آيا جو شايد ڪٿي ملن هڪ مثال ڏجي ٿو. سفر ۾ هڪ مهاجر جي زال مري وئي ته هن اهو چئي ٻار کي درياهه ۾ ڦٽو ڪيو ته مان جهاد ۾ وڃي رهيو آهيان، هن کي ڪير پاليندو؟ شروع ۾ افغانستان جي حاڪم امير امان الله خان سنڌ مان آيل مهاجرن کي زمينون ۽ روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ کان علاوه انهن لاءِ رهڻ جو پڻ بهتر بندوبست ڪيو ۽ جلال آباد ۾ هڪ شاندار قلعو ”وڏو ڪوٽ“ ڏنو جنهن ۾ هڪ لک ماڻهن جي ماپڻ جي گنجائش هئي. مهاجرن کي سٺو کاڌو خوراڪ به ڏني پر پوءِ مهاجرن جو تعداد وڌندو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا ويا ۽ بئريسٽر ”انجمن مهاجرنين هند“ قائم ڪري مهاجرن جي مسئلن لاءِ چندو جمع ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کي بمبئي خلافت ڪميٽي 50 لک رپيا چندو ڏنو ته جيئن مهاجر پاڻ پنهنجن پيرن تي بيهن پر تاريخ پنهنجي باب ۾ هن ايشيا ۽ يورپ جي وڏي تحريڪ جي تباهي جا ڪارڻ ڄاڻائي ٿي. جڏهن سنڌي مسلمان اڳواڻن پاران شاندار جدوجهد جي نتيجي ۾ ترڪي ۽ افغانستان جي باري ۾ انگريزن هٿان آزادي وارو مطالبو منظور ٿيندي نظر اچي رهيو هو پوءِ ٻيو قدم هن هجرت کي برصغير هندستان مان قافلي جي صورت ۾ ترڪي پهچائڻ هيو. انگريزن محسوس ڪيو ته ايشيا جي مسلمانن جي قائد بئريسٽر جان محمد جوڻيجي ماحول انگريزن خلاف ٺاهي ورتو آهي ۽ جلد اهو مسلمانن جو اڀرندڙ تيز طوفان يورپ خلاف سڄي دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري عالمگير مسلم تحريڪ جي شڪل نه اختيار ڪري ان لاءِ انگريزن افغانستان جي امير امان ا﷢ خان (جيڪو 1919ع جي انقلاب بعد تخت تي ويٺو) جي وزير ڪابل محمود طرزي وسيلي سازش ڪندي غداري جو ٻج وڌو ۽ افغانستان جي حاڪم ساڻ معاهدو ڪيو. جنهن ۾ انگريز افغانستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر انگريز هن معاهدي ۾ امير افغانستان ۾ موجود مهاجرن کي ٻاهر نه وڃڻ ڏيندو ۽ اهڙا اپاءَ وٺندو جنهن جي نتيجي ۾ سڀ پريشان ٿي واپس سنڌ ۽ ٻين علائقن ڏانهن هليا وڃن ۽ کين ڪو به تحفظ نه ڏنو ويندو. پنهنجي مطالبي منظور ٿيڻ بعد افغانستان عالم اسلام جو ساٿ ڇڏي ڏنو نتيجي ۾ خلافت تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. تحريڪ کي جدوجهد ۾ پيش قدمي ڪرڻ بدران پنهنجو دفاع ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو. سنڌي مهاجرن ۽ ٻين کي وڏي ڪوٽ قلعي مان ڌڪيو ويو. سرڪار تمام ڏنل سهولتون واپس ورتيون جنهن ۾ پهريان قلعي جو پاڻي بند ڪيو ويو پوءِ کاڌي پيتي جون شيون نه ڏيڻ، بيماري ۾ علاج نه ڪرائڻ. مطلب ته ڪابل جي مسلمانن پنهنجي سر زمين تي هنن سان انسانيت سوز ۽ حقارت وارو سلوڪ ڪيو. قلعي کي مجاهدن جي قافلي بدران جيل خانو بڻايو ويو. نيٺ مجبور ٿي مهاجر ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا. ڪيترا گرمي سبب مري ويا. ڪيترا بيمارين ۾ مئا. ڪيترا خاندان بک ۾ ڪابل يا ٻين شهرن مان خيرات وٺي هندستان پنجاب ۽ سرحد جا مهاجر پنهنجي وطن واپس وريا پر 18 هزار مهاجرن ۾ 760 سنڌي مهاجرن کي گهڻيو اذيتون ۽ ٻچڙن کي مصيبتون ڏسڻيون پيون. ڪيترن مهاجرن جون زالون گم ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن. جڏهن اها حالت ٿي ته بئريسٽر جوڻيجي وري سنڌ ڏانهن قدم رکيو. تاريخ 30 سيپٽمبر 1920ع تي لاڙڪاڻي پهتو ۽ تاريخ 4 آڪٽوبر 1920ع تي هڪ وڏو جلسو ڪيائين. هتي اچڻ شرط جڊيشل ڪمشنر پاران کيس جيڪب آباد ۾ اڳ قابل اعتراض تقرير جي حوالي ساڻ ڪراچي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو. جنهن جو هن جواب ڏنو ته مان هاڻي افغانستان جو باشندو آهيان. سنڌ مان مهاجرن جي واپسي لاءِ پئسا گڏ ڪري علي ڳڙهه مولانا محمد علي جوهر وٽ پهتو ۽ هندستان جي ڪيترن ئي شهرن جو دورو ڪيو. نومبر ۾ هن احمد آباد خلافت ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڊسمبر ۾ ناگپور آل انڊيا ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد بمبئي خلافت ڪميٽي مهاجرن جي مدد لاءِ ان وقت هڪ لک رپيا منظور ڪيا ۽ پهرين مليل قسط جا پنجاهه هزار رپيا هڪدم افغانستان ڏياري موڪليا. هڪ دفعو هو وري لاڙڪاڻي پهتو ۽ آخر 15 جنوري 1921ع تي ڪابل وڃڻ لاءِ پشاور پهتو جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس روڪيو، لڳاتار 20 ڏينهن هن کي اجازت نه ملي پوءِ هن 5 فيبروري 1921ع تي پشاور ۾ هڪ احتجاجي جلسو ڪيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هن فارسي ۾ تقرير ڪندي پاڻ کي افغانستان جو شهري ثابت ڪيو ۽ پشاور ۾ هڪ وڏو سياسي طوفان کڙو ڪيو. نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر کيس سرحد مان نيڪالي ڏني پوءِ لاهور آيو ۽ مارچ 1921ع ۾ لاهور ۾ هڪ وڏو جلسو ڪري پنهنجي حوصلي ۽ جدوجهد ايمان جو ڀرپور اعلان ڪيو. لاهور کان لکنو پهتو. تاريخ ۾ مسلمانن جي مسلمانن مٿان ظلم ۽ ستم جي هن دل ڏکوئيندڙ مثال رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي سوچ مقصد ۽ سياسي زندگي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. هو هارائجي پيو. پر جوش نوجوان عملي عظيم انسان پنهنجي تحريڪ، زندگي جي جدوجهد، جلسن جلوسن ۾ ڪيل اعلانن ۽ مسلم دنيا کي متحد ڪري هڪ طاقتور قوت ۽ نيڪ آزادي واري مقصد لاءِ اڳتي طوفان وانگر تيز وڌندڙ جدوجهد کي پنهنجي کليل اکين سان، سجاڳ ذهن، دماغ ۽ ڪنن سان ڀرندي ٽٽندي ۽ تباهه ٿيندي ڏٺو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. هن پنهنجون زمينون، رشتيدار، دوست، ديس، سنڌڙي جهڙوڪ مٺڙو وطن ۽ اباڻن جي جنم ۽ مرڻ ڀومي جنهن جذبي خاطر قربان ڪئي. ان تباهي جي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه بچيو. هو آزادي خاطر دشمن سان ته هڪ وڏي جنگ جوٽڻ وارو اڳواڻ هيو پر پنهنجن افغاني مسلمان ساٿين پاران ملندڙ گهاءَ يا زخم جو وٽس ڪو به علاج ڪم نه هيو. هن باقي زندگي جا ڏينهڙا مايوسي ۽ نااميدي ۾ هندستان جي اڳواڻن سان گذارڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس واسين 760 سنڌي مهاجرن جي خاندانن جي تباهي بعد هن پاڻ واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي گهر کي ٻيهر آباد ڪرڻ، زندگي گذارڻ کي ضمير خلاف تصور ڪيو ۽ طارق بن زياد وانگر هن سنڌي بئريسٽر مجاهد پنهنجا ٻيڙا ساڙي خلافت تحريڪ لاءِ هٿيار کڻي ميدان جنگ ۾ ڪاهيو هيو پوءِ ڀلا ناڪامي بعد ٻين دوستن کي ڇا ٻڌائبو؟ ۽ پنهنجي ڌرتي سنڌ جيجل مان بي گهر بي سهارا وطن کان پري وطن لاءِ واجهائيندي روئيندي رڙيون ڪندي سڏڪا ڀريندي مرندڙ سنڌي مهاجر قافلي وارن جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪرڻ لاءِ هن به پاڻ باقي زندگي وطن کان پري وطن جي پيار جي باهه ۾ سڙندي گذاري ۽ پنهنجي خوشي ساڻ هن جلاوطن مجاهد، سنڌ جي طارق بن زياد جلد ساڳي سال ۾ پنهنجي ڦوهه جواني جي عروج 33 سالن جي ڄمار ۾ 16 اپريل 1921ع تي اجمير هندستان ۾ وفات ڪئي ۽ کيس وصيت مطابق اجمير شريف جي درگاهه ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس وفات بابت پڻ مختلف رايا آهن. ڪي خبرون آهن ته خلافت تحريڪ جي ناڪامي سبب دلبرداشته ٿي بيمار ٿي پيو ۽ ڪي خبرون آهن ته کيس زهر ڏنو ويو هو. ڪاش هن پهاڙ جيڏي اٽل طوفاني زندگي ماڻيندڙ نوجوان سياستدان کي مسلم تاريخ ۾ جوڳي جڳهه ڏني وڃي ها ته به سندس روح کي راحت ۽ تحريڪ سان انصاف ٿئي ها پر غير سنڌي تاريخ ۽ پريس ۾ کيس خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن يا ڪارڪن سڏيو وڃي ٿو. اڄ کيس سندس عزيزن به وساري ڇڏيو آهي پر سنڌي قلمڪار هن جي قيادت ڪارنامن ۽ عمل جدوجهد ۽ حوصلي متعلق تحريڪ جي نفعن ۽ نقصانن بابت وڌيڪ لکي ته ايندڙ نسل هن تاريخ جي باب مان سبق، عبرت يا رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو. مددي ڪتاب: ياد جانا، اخبار الوحيد ايڊيشن. مهراڻ رسالو، ٽين زندگي رسالو، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، پرينءَ جي پچار، لاڙڪاڻو ساهه سباڻو. سر شاهنواز خان ڀٽو ڀٽو خاندان جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ٿورو علائقائي تهذيب ۽ روايت جو جائزو ورتو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو اڏول ۽ سخت علائقو آهي جتي صدين کان رائج دوستي ۽ دشمني جون هميشه نه وسرندڙ يادون، ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ دادلو دريا هن ڌرتي مٿان واريءَ ۽ هوا جي تيز وهڪري سان آباديون ۽ برباديون، ڏک ۽ سک ڏيندو. صوفين، جوڳين، درويشن، هارين، جاگيردارن جي هن سرزمين تي هڪ طرف يڪتارو چپڙي، سرندي، الغوزي، مرلي ۽ بانسري جا خمار ڀريل سُر ثقافتي شاهڪار ميٺ ۽ محبت جا داستان پيش ڪن ٿا ته ٻئي طرف وڻج واپار لاءِ قائم منڊين ڏانهن ڀلوڙ ڏاندن ۽ موهن جي دڙي جي وقت کان هلندڙ بيل گاڏيون ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، گاهه، ڦٽيون، ڦل ڦروٽ کڻي وڃڻ وقت رستن تي ڦيٿن جا رينگٽ ڪنديون هيون ته وري محبت جا داستان جهڙوڪ سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون جي حوالن سان هر هنڌ هاڪاري هيا جن کي لاکيڻو لطيف پنهنجي گيتن ۽ بيتن ۾ سموئيندو رهيو. اهڙي سٻاجهڙي سنڌ جي ڀلوڙ ماحول ۾ وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. سمن، سومرن، ڄامن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جا دور ايندا ويندا رهيا. تغلق، ترخان، ارغون ۽ ٻيا ڌاريا به سنڌ جا لوڙها لتاڙيندا رهيا. جاگرافي حدون طاقت ۽ تلوار جي زور تي وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهيون. قبيلا لڏ پلاڻ ڪندا رهيا. ارڙهن اڻويهين صدي ۾ جاگيرداري جا محل انسانيت دشمني ۽ اذيت گاهن جا ڏيک ڏيندا هئا. جاگيردارن جي محل کي غريب پنهنجي خون سان سجائيندا سنواريندا رهيا. انگريز پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ لاءِ جاگيرون مفت ۾ اتي جي اصل رهندڙن غريبن بدران پنهنجي دربار ۾ ايندڙن کي تحفي ۾ ڏنيون، هڪ طرف سنڌي زبان بند خاموش اٻوجهه رعيت ڏٺي ته ٻئي طرف دودو، دولهه دريا خان، جنرل هوشو، جنرل شاهه بهارو، شاهه مردان پير پاڳارو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ڏٺو. سنڌ جي سرسبز زرخيز زمين تي ڪافي ٻاهرين لڏپلاڻ ٿي. ڪيترا قبيلا لڏ پلاڻ ڪري هتان جا ٿي ويا. لاڙڪاڻي ضلعي جا گهڻا رهاڪو قبيلا ۽ ذاتيون قديم سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڪيل آهن. جن ۾ چانڊيا، کهاوڙ، مگسي، مهيسر، هڪڙا ۽ جتوئي وڏي تعداد ۾ هيا، پر انهن سڀني مان لاڙڪاڻي جي سرزمين تي مضبوط ۽ کتل پير ڀٽو خاندان جا آهن. لاڙڪاڻو شهر 18- هين صديءَ ۾ ڪلهوڙا شروعاتي ڏينهن ۾ قائم ٿيو. لاڙڪاڻو سنڌ ۾ سدائين زرخيز شهر رهيو آهي. قديم سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر مالدار ۽ شاهوڪار شهر لاڙڪاڻو ليکيو ويندو هيو ۽ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي آباد زمين ڀٽو سردارن کي هئي. ڀٽو قبيلو ڪيئي سئو سال اڳ جيسلمير ۾ آباد راجپوت مهاجرن جي شاخ آهي. هن خاندان جو پهريون فرد سهتو خان ڀٽو 16 هين صدي جي وچ ۾ هتي پهتو ۽ ڀٽو نالي ڳوٺ ٻڌائين پر مقدر جو سڪندر ڀٽو خاندان ۾ سردار دودا خان ڀٽو ئي آهي. دودا خان ڀٽو ۽ سندس پٽ الهه بخش ڀٽو گڏجي لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد تائين چانڊين، جمالين ۽ بروهين جي قبيلن سان مختلف وقتن تي سخت جنگيون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي زمين جو دائرو تمام گهڻو وڌايو. سردار دودا خان پنهنجي ڪوششن سان ڀٽو خاندان جو شمار سنڌ جي معزز خاندانن ۽ قبيلن ۾ ڪرايو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ حڪمران کان علاوه شاندار حاڪميت جو ڏيک ڏيندڙ ڏولي ۾ گهمڻ ۽ سفر ڪرڻ جو اختيار ڀٽو خاندان جي سردارن دودا خان ۽ پير شاهه مردان پاڳارو کي هيو. هو جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته سندس سجايل سيج ساڻ نوڪر چاڪرن جو هڪ وڏو جلوس به هوندو هو. هڪ طرف جائداد ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو اعزاز سردار دودا خان کي وڃي ٿو ته ٻئي طرف سياست ۾ عزت، شهرت ۽ تعلقات ٺاهڻ جو سهرو سر شاهنواز ڀٽو کي ، جڏهن ته عوام ۾ شعور، سجاڳي، خدمت، محنت، حق حاصل ڪرڻ جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جدوجهد ، محنت، منزل حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ محترمه بينظير ڀٽو کي آهي. دولت عزت ۽ شهرت هوندي به هن خاندان کي ڪجهه محروميون ضرور ورثي ۾ ملنديون آيون آهن. خدا بخش خان جي پٽ مير غلام مرتضى ڀٽو کي شڪارپور جي انگريز ڪليڪٽر پاران هڪ انگريز عورت جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. هن اعليٰ خاندان جي وجاهت شان مان واري نوجوان وارث مرتضى ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو. هي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو سياسي شهرت ماڻيندڙ مقدمو هيو. مير غلام مرتضى پنهنجي ڪيس جي وڪالت لاءِ هڪ تمام وڏي قانوندان بئريسٽر کي روزانو ٻارنهن سئو پنجاهه رپيا في جي بنياد تي وڪيل مقرر ڪيو. اڄ کان هڪ سئو سال اڳ روزانو ايتري في ان دور ۾ ڪنهن به وڪيل ڪو نه حاصل ڪئي. هي تمام گهڻي رقم هئي. مير غلام مرتضيٰ ڀٽو هن ڪيس مان ته آزاد ٿي ويو پر سندس مخالفن مٿس ٻيا به ڪيترا ڪيس داخل ڪرايا. نتيجي ۾ هن پاڻ کي ڦاهي چاڙهڻ بدران روپوشي اختيار ڪئي ۽ غير موجودگي ۾ ڪيس هليو کيس سزا ڏني وئي ۽ تمام ملڪيت تي انگريز سرڪار قبضو ڪيو. انگريز ڪليڪٽر ڪاوڙ ۾ اچي مير غلام مرتضى ڀٽو جون سڀئي زمينون ضبط ڪيون. وڏو شهنشاهي نموني ٺهيل خانداني گهر نيلام ڪيو. وڏا قيمتي ناياب ريشمي غاليچا نيلام ڪيا. شاندار قسم جا صوفا سيٽ جن تي پراڻي زماني جو ٻاهران گهرايل، ريشم، اطلس ۽ بخمل لڳل هوندو هيو. سون ۽ چاندي جا ٺهيل ٿانو، قديم ديڳيون، زريءَ ڀريل خيما ۽ تنبو سڀ نيلام ڪري ڇڏيا. گهر جي باقي سامان کي باهه لڳائي وئي. ننڍڙو سر شاهنواز ڀٽو سندس والده جي جسم تي موجود ڪپڙن ۾ پنهنجي خانداني گهر مان ٻاهر نڪتا. سر شاهنواز ڀٽو ۽ سندس والده کي انهن جي ڪڙمين پنهنجي گهر وٺي وڃي رهايو. هاڻي ننڍڙو سر شاهنواز ڀٽو اسڪول وڃڻ لاءِ ڪي ميل پنڌ ڪري ويندو هيو. اهو لاڏڪوڏ ۾ پليل ٻار جيڪو نوڪرن چاڪرن سان خوبصورت سجايل ٽانگي ۾ يا بهترين نسل جي گهوڙي تي چڙهي اسڪول ويندڙ هجي هاڻي مٽيءَ ۾ بڀوت، گرمي سبب پگهر ۾ ٻڏل، پيرين پيادو اسڪول وڃي ۽ اچي، اهي گهڙيون سر شاهنواز ڀٽو گذاريون. پنهنجي اکين ساڻ پنهنجي گهر جي نيلام ٿيڻ،. سامان کڻڻ ۽ باقي سامان کي سڙندو ڏٺائين. مير غلام مرتضيٰ ڀٽو بهاولپور جي نواب دوست وٽ پناهه حاصل ڪئي، جتان ويس مٽايائين. وڏا وار وڏي ڏاڙهي، ڪپڙا ۽ ڪڙا پائي هڪ سک سردار ديال سنگهه جي نالي پشاور پهتو. پوءِ ڪابل ويو جتي شاهه افغانستان جو مهمان رهيو. گهڻو عرصو جلاوطني بعد آخر پنهنجي ٻنهي پٽن جي سڪ ۽ والد جي انتقال کيس واپس سنڌ آندو. ڪراچي ۾ موجود برطانوي حاڪم وٽ پيش پيو. هن مقدمو ٻيهر هلرايو ۽ کيس تمام جائداد به واپس ملي پر هو ٿوري عرصي ۾ بعد 31 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن جلاوطني بعد واپس موٽيو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار واقعو هيو. واپس اچڻ بعد مخالفن کيس مارڻ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر مير غلام مرتضيٰ ڀٽو وٽ ماني چڪاس ڪرڻ وارا هوندا هئا. هو هڪ مهيني اندر انتقال ڪري ويو. چون ٿا ته کيس حقو پيئڻ جي عادت هئي ۽ حقي وسيلي زهر ڏنو ويو. پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ برصغير ۾ ڪجهه خاندان سياست جي دنيا ۾ تمام وڏي شهرت ماڻي آهي ۽ انهن سياسي خدمتن سبب جيڪا عزت رتبو يا مان حاصل ڪيو انهن پنهنجا تعلقات لڳ لاڳاپ اهڙا ٺاهيا آهن جو سندن عزت شهرت مرتبو پونيئرن کي رهنمائي ڪري ٿو ۽ انهن جا پويان نسل پڻ سندن ٻڌايل پنڌ پيچرن تي سياسي خدمتن جون منزلون ۽ مقصد ٺاهي ۽ ڪاميابيون ماڻيون. برصغير ۾ ٻه خاندان اهڙا آهن، هڪ نهرو خاندان آهي ۽ ٻيو اسان جي ملڪ ۾ ڀٽو خاندان جو مثال هڪ چٽو تاريخي ثبوت آهي. هن خاندان هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين روز مره جي زندگي ۽ عوام ۾ پنهنجي مڃتا برقرار رکي آهي، صدي کان وڌيڪ عرصي تائين روزانو دنيا جي اخبارن، رسالن کان علاوه جديد ۽ قديم نشرياتي ادارن تان سندن ڪارناما، تقريرون يا احوال نشر پيا ٿين. ڀٽو خاندان جي سياست تاج ۽ تخت يا حڪومت جي ايوان ۽ اقتدار جي تمام وڏن عهدن تي قسمت سدائين ساٿ ڏيندي رهي آهي. سياست سندن مقدر بڻجي وجود ۾ رچي وئي آهي. هڪ صدي جي لڳ ڀڳ ڀٽو خاندان پاران خدمت، جدوجهد ۽ اصلاح لاءِ هڪ تاريخي ڪردار آهي. ملڪ جي فيصلن ۽ قوم جي رهنمائي لاءِ ڀرپور دخل رهيو آهي. ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون سندن دروازن تي پاڻ اچيو آواز ڏين. هڪ طرف مقدر پاران هو زر ۽ زيور جي دولت سان مالا مال آهن. سندن صبح شام جي ونهوار ۾ سونن چمچن سان گذارو آهي ته وري ا﷢ جي مخلوق عوام جي دلين سوچن ۽ لبن تي به عزت احترام عقيدت ٽمٽار جذبا موجود آهن. عوام ڀٽو خاندان جي عزت خلوص دل سان ڪري ٿو. نالو احترام سان وٺي ٿو ۽ ڀٽو خاندان تي ڀروسو ڪري ٿو. ائين ڄڻ هڪ ٻئي جا آزمايل هجن يا هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هجن، هڪ ٻئي جا عزيز، ساٿي يا رشتيدار هجن. ڪير ڪيترو به ڀٽو خاندان سان سياست ۾ اختلاف رکي پر ان ڳالهه تي ڪو به اختلاف نه رکندو ته ڀٽو خاندان کي صدين کان وٺي حڪومت جي عهدن جي عزت کان وڌيڪ ڌڻي پاڪ عوام جي دلين ۾ هڪ وڏي عزت ۽ حڪمراني ڏني آهي. اهڙي عزت دائمي هوندي آهي ۽ اها اقتدار يا ڪرسي جي محتاج ڪو نه آهي. ڀٽو خاندان ۾ اها عزت واري ڏات صدين کان هلندي اچي ٿي، وراثت ۾ ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. اها سياست جي روشني ۽ چمڪ ڀٽو خاندان جي چئن شخصيتن ۾ تمام گهڻي پيدا ٿي جنهن سنڌ هند کان ٻاهر تاريخ لکندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو. اخبار يا رسالي يا اقتدار جي مورتيءَ کي روزانو پنهنجي چوڌاري نچايو. سندن اٿڻ، ويهڻ، ميل، ملاقات، گفتگو عام زندگي جو حصو نه پر هڪ سياسي ثقافتي تهذيبي اهڃاڻ يا شناخت ٿي وئي. انهن پنهنجي زندگي ۾ ڪي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو هاڻي سندن ڪارناما ۽ شخصيتون تاريخ ۾ هڪ روشن باب ٿي هميشه لاءِ سياست، تاريخ، تهذيب ۽ سماجي لاڙن ۾ تبديلي آڻيندڙ شاگردن لاءِ رهبري ۽ رهنمائي پيش ڪندا. ڀٽو خاندان جو اهڙو هڪ خوبصورت صاف سٿرو، مهذب روشن خيال، حقيقت پسند، تعميري سوچ رکندڙ، جهالت، بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو چاهيندڙ، علم ۽ صحت جون سهولتون هر عام خاص لاءِ پهچائيندڙ، تمام نفيس طبيعت، رحمدل، هر هڪ جو ڀلو چاهيندڙ، زندگي جي رستن تي هلڻ لاءِ پنهنجا اصول ٺاهيندڙ، زندگي کي شان مان ۽ وقار سان نيڪ مقصدن ۽ فلاحي منصوبن ۾ گذاريندڙ، خاموش پر باعمل شخصيت شاهنواز خان تاريخ 2 مارچ 1888ع تي غلام مرتضى خان ڀٽو جي اباڻي گهر ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڄائو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڳوٺ شاهنواز خان جي ڏاڏي جي نالي تي ٻڌل شهر آهي. علائقي ۾ ڪو به اسڪول ڪو نه هو جنهن ڪري سندس ابتدائي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي هئي. جڏهن سنڌي ۽ انگريزي تعليم لاڙڪاڻي شهر جي سنڌ مدرسو اسڪول (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ ٿي. ان وقت لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي واري اهم روڊ تي ڀٽو خاندان جا بنگلا، اوطاقون ۽ گهوڙن جا تنبيلا هوندا هئا. انگريزي جي وڌيڪ تعليم لاءِ پهريان ڪراچي سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۽ پوءِ 11 نومبر 1906ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي. 1908ع ۾ مئٽرڪ ۾ پهتو پر پاڻ اعلى تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته سندس والد 1899ع ۾ انتقال ڪري ويو هيو جڏهن ته ڏاڏي جو انتقال 1896ع ۾ اڳ ٿي چڪو هيو. هو تڏهن 8 سالن جو هيو. نوجوان شاگرد جي 20 سال عمر هوندي آهي. شاگرد تمام وسيلن ميسر هجڻ ڪري اعلى تعليم جا منصوبا ٺاهيندو ۽ خواب ڏسندو يا وري پنهنجي ڪاليجي دوستن ساڻ گهمندو ڦرندو. تفريح يا رانديون رونديون ڪندو مصروف نظر ايندو پر شاهنواز خان کي کيڏڻ بدران ميٽرڪ ۾ پنهنجا ڪتاب بند ڪري ڪراچي کان واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي لاڙڪاڻو جيڪب آباد واري زمين سنڀالڻي پئي. هو صرف 11 سالن جو هيو ته سندس والد انتقال ڪري ويو. پوءِ زمينداري جي ذميواري سندس ڪلهن تي اچي پهتي. هن پنهنجي جواني جوش جذبن کي زمينن سنوارڻ سنڀالڻ ۽ وڌائڻ ڏانهن ارپي ڇڏيو. شروع ۾ هن وڏي محنت ڪري پنهنجي زمينداري کي مضبوط ۽ منظم ڪيو، سنڌ جي نوابن، سردار ۽ جاگيردارن ۾ اٿڻ ويهڻ شروع ڪيو. صدين کان سنڌ جي سماج ۾ نوابن، سردارن، جاگيردان جي روز مره جي زندگي جو جائزو ورتو. انهن جي سماجي لاڳاپن، طور طريقن، اٿڻ ويهڻ ۽ خاص طرح جاهلانا انداز، ظالمن واريون سوچون، عام غريب ماڻهو جي عزت نه ڪرڻ، پنهنجي زمينداري، جاگيرداري کي قائم دائم رکڻ لاءِ غير انساني، غير قانوني غير اخلاقي قدم ۽ اپاءَ کڻڻ شاهنواز خان کي ڪو نه ڀايو ۽ هن اهڙي سنڌي سماج خلاف خاموش بغاوت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. پنهنجي وڏيرڪي زندگي گذارڻ جو پنهنجو رنگ ڍنگ ۽ طريقو مقرر ڪيو. جيڪو ان وقت پهريان ته نوابن سردارن جاگيردارن کي ڪجهه نه وڻيو پر شاهنواز ڀٽو جي انداز، سليقي، مقبوليت ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. بلڪه تمام جلد انهن شاهنواز ڀٽو کي پنهنجي قائد تسليم ڪندي سندس قيادت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. در اصل سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج ۾ نوابن ۽ وڏيرن جو شان شوڪت ان ۾ هوندو هيو ته هو پنهنجي قيمتي وقت پنهنجن اوطاقن ۾ ٺلهيون بي قائدي ڪچهرين ۽ جي حضورين ۾ گذاريندا هئا. جاگيردار پنهنجو شان ۽ رتبو وڌائڻ لاءِ رڇ، ڪٿن يا سوئرن کان علاوه ڏاندن جي گوءِ ۽ ڪڪڙن جا مقابلا ڪرائيندا هئا. هو باقائدي رڇ، ڪتا، سوئر، ڪڪڙ ڏاند پالڻ کان علاوه ملهه پهلوان، نشاني جا طوبچي گهوڙي سوار پنهنجن خرچن تي رکندا هئا. باقائدگي ساڻ پاڻ وٽ هفتو هفتو ميلا ملاکڙا ۽ مقابلا ڪرائيندا هئا. سڄي سنڌ بلوچستان، پنجاب جا نواب جاگيردار سندن مهمان ٿيندا هئا. شراب شباب ڪباب ناچڻيون وغيره به اچي پهچنديون هيون. رڇ ڪتن، ڪڪڙن، ملهن، راڳ ناچ ۾ پهريون نمبر ايندڙن کي وڏا انعام ملندا هئا. رڇ، ڪتن، سوئرن ۽ ڪڪڙن جا ته ڀاڳ ڀلا، انهن لاءِ حضرت آدم جي اولاد يعني ويچارا هاري ناري خدمت چاڪري ۾ موجود هئا. بلڪه انسان سڳورو انهن سردارن جي جانورن کي پالڻ ۽ انهن جي خدمت ۾ پاڻ ڪتو ۽ ڪڪڙ نظر ايندو هيو. جيڪو گهڻو فضول خرچ ڪري دولت لٽائي ان جي اوتري عزت هوندي هئي ۽ اوترو معزز نواب خان سڏبو هيو. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ ۾ هاري پورهيت، حقوق جو شعور يا مسئلن واري سياست ۽ پارٽين جو وجود ڪو نه هيو. هڪ ڪاري جهنگل وارو قانون هو. انگريز حاڪم نه اهڙن نوابن جاگيردان وڏيرن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪمشنر جي آفيس ۾ خط لکي گهرائيندو هيو ته هو وڏا پٽڪا ٻڌي وڏين گاڏين ۾ اچي ڪمشنر آفيس ۾ پنهنجي نالي واري ڪرسي تي ويهي انگريز سرڪار جي هر حڪم تي ها ۾ ها ملائي پنهنجي گهر موٽي فخر محسوس ڪندا هئا. سرڪاري ڪورٽن يا جيلن بدران نواب پاڻ فيصلا ڪري سزا ڏياريندا هئا. سندن قيد يا جيل به پنهنجا ٺهيل هوندا هئا. اهڙي ماحول ۾ شاهنواز خان ڀٽو صاحب پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪندي انهيءَ طبقي ۾ انقلاب آندو ۽ هو ان مهذب سياسي انقلاب جو ڪامياب قائد آهي. انقلاب هر محاذ تي اچي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته انقلاب جو مقصد ئي اهو آهي ته اڳ وارو رائج نظام ختم ڪري ٻيو خوبصورت لاڀ ڏيندڙ نظام رائج ڪجي. شاهنواز خان ڀٽو ان ڏس ۾ پنهنجي وقت ۽ تاريخ جو اڳواڻ آهي جنهن پنهنجي عمل، قول، فعل، سوچ وقت، پئسي ۽ تعلقات کي ڀرپور نموني استعمال ڪندي عوام جي فلاح بهبود، مسئلن، نوڪرين، سهولتن بابت عوامي سياست جو رستو اختار ڪيو. سندس جديد سياست ڏانهن لاڙي نيٺ سنڌ جي جاگيردار کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجو اجايو وقت سجيل اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪرڻ ناچ گانا محفلون مچائڻ، ميلا، ملاکڙا، ڏاند جي گوءِ يا رڇ ڪتن جي ويڙهه کي ڇڏي اسيمبلين ايوانن ۾ ويهي اليڪشنون لڙڻ ۽ پنهنجي اوطاقن کي عوام جي مسئلن ٻڌڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏين. سندس رهڻي ڪرڻي ۽ اٿڻ ويهڻ سنڌ جي پراڻين مدي خارج ريتن رسمن ۾ ڦاٿل جاگيردارن کي جديد زندگي ۽ مهذب سياسي سماج جي خوبصورت ماحول ۾ آڻي بيهاريو. شاهنواز خان ڀٽو 22 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ داخل ٿيو. سندس خدمتون ۽ ڪارناما تمام گهڻا آهن پر ڪجهه خدمتن بابت تفصيل ڏنل آهي. هن پنهنجي سياسي اقتدار جي عرصي ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ سنڌي عوام کي خاص طرح صحت، تعليم ۽ روزگار جون بنيادي سهولتون ڏيارڻ جي جدوجهد ڪئي. جيئن ته شاهنواز خان جي والد غلام مرتضى مٿان هڪ ڪيس قتل جو داخل ٿيو هيو. ان ڪري هو جيل ۾ رهيو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنجاب، افغانستان جلاوطن ٿي ويو. ان ڪري شاهنواز ۽ سندس ڀاءُ علي گوهر خان جي پرورش سندن چاچي رسول بخش خان ڀٽو ڪئي. سڀ کان اول 1910ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جو ميمبر ٿيو. هي اهو دور آهي جڏهن انگريز ڪليڪٽر ضلعو لوڪل بورڊ جو صدر هوندو هيو. شاهنواز خان 1920ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون سنڌي عوامي چونڊيل صدر منتخب ٿيو ۽ کيس لڳاتار 13 سالن يعني سال 1933ع تائين انهيءَ عهدي تي رهڻ جو اعزاز حاصل آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين عهدا ماڻڻ منتخب ٿيڻ سندس مقبوليت ۽ عوام ۾ عزت احترام ظاهر ڪري ٿو. بحيثيت صدر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو هن انگريزي تعليم سنڌين ۾ عام ڪرڻ تي گهڻو توجه ڏنو هيو. هي اهو دور رهيو جو سنڌ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام هاءِ اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو سنڌ جي شاگردن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جا واحد مرڪز رهيا. لاڙڪاڻي ضلعي سطح تي تعليمي اصلاحات نافذ ڪيائين ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هاءِ اسڪول جي تمام خرچن جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ حوالي ڪيائين. سنڌ مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي جي تاريخي اسڪول جي بلڊنگ، عاليشان هاسٽل جو انتظام ۽ شاگردن کي سهولتون ڏيڻ کان علاوه بهترين انتظام هلائڻ لاءِ زبردست ايڊمنسٽريشن، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ سخت ڊسيپلين، ورزش صحت جو علاج ۽ صفائي تي خاص طرح ايتري ته توجه ڏني ويندي هئي جو ڪنهن انگريز ملڪ جو پبلڪ اسڪول محسوس ٿيندو هيو. سڀ کان اهم ڳالهه ته هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ اخلاقي معيار ۽ بلند ڪردار پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻا اپاءَ ورتا. جنهن ۾ هر هڪ ڪم لاءِ ٽائيم جي سخت پابندي هوندي هئي. ڪو به ملاقاتي پهريان هاسٽل انچارج کان اجازت وٺڻ بعد ملندو هيو ۽ شاگرد به هاسٽل کان ٻاهر وڃڻ لاءِ انچارج کان پهريان اجازت طلب ڪندو هيو. ان دور ۾ شڪارپور، دادو، نواب شاهه، سکر، جيڪب آباد جا شاگرد لاڙڪاڻو اچي هن اسڪول ۽ هاسٽل ۾ رهي انگريزي تعليم حاصل ڪري بهتر ملازمتون ماڻيندا هئا. هي اسڪول سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ قيمتي ورثو ثابت ٿيو. شاهنواز خان کي ان ڳالهه جو اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌ ۾ پهريون دفعو عوام جي خدمت ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ غريب ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي تمام تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ نه صرف اسپتالون ٺهرايون پر انهن جو انتظام هلائڻ به ضلعي ڪائونسل پاران مقرر هيو. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ جي تعلقن ۾ ته ڇا پر ڪيترن ضلعن ۾ اسپتالون ۽ عملو ڪو نه هيو ۽ ٻهراڙين جو غريب هاري ناري ڪنهن معمولي بيماري يا علاج لاءِ پڻ حڪيمن کان مڪسچر وٺڻ، پيرن فقيرن جي مزارن تي وڃي صحتيابي لاءِ دعا گهرڻ يا تعويذ سڳو ڪرائي ملن کان پاڻي پڙهائي بيمار کي پيئارڻ صحت جي ڏس ۾ عوامي خدمت جو هڪ وڏو مثال آهي. شاهنواز خان ڀٽو جي هن انقلابي خدمت ۽ جذبي پوءِ ٻين ضلعي لوڪل بورڊ جي اڳواڻن کي مجبور ڪيو ته هو به سندس نقل ڪندي ٻهراڙي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪن. شاهنواز خان جي ان عمل علائقي جي ماڻهن کي ايترو ته خوش ڪيو جو هن کي ضلعي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين پنهنجو قائد چونڊيندا آيا. اهڙن اصلاحي ڪمن سبب هو قابل احترام ۽ هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ بڻجي ويو. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ ضلعي ڪائونسلن جي ٻهراڙي ۾ صحت لاءِ خدمت جو جائزو وٺنداسين ته جديد دنيا ۾ رهندي به اسان ٻهراڙين ۾ اڄ کان 70 سال اڳ واري خدمت ڪرڻ لائق به نه ٿيا آهيون. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ننڍن واپارين، زميندارن ۽ ٻين سلجهيل ماڻهن کي واپار ڏانهن لاڙو ڪرائڻ، ڪاروبار ۾ شموليت ڪرڻ، واپار ۽ ڌنڌي معرفت خاندانن ۽ شهرن ۾ خوشحالي آڻڻ خاطر سر شاهنواز خان ضلعي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن ڏس ۾ خان بهادر عظم خان سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. کيس لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪو آپريٽو سوسائٽي بينڪ جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن ضلعي ۾ خوشحالي پيدا ڪرڻ جهالت ۽ غربت مان نڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽو تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪو آپريٽو بينڪ پاران واپار ۽ زمينن جي ترقي، گهرن ٺهرائڻ، روزگار ڪرڻ مطلب ته مهذب خوشحال ۽ ماڊرن معاشرو قائم ڪرڻ خاطر ڪجهه شرطن سان درخواست گذارن کي قرض ڏنا ويا ۽ ڪيترن ئي خاندانن انهي مان لاڀ ماڻيندي پنهنجي ايندڙ نسلن کي هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل ڏنو. هي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تحت قائم ٿيندڙ ڪو آپريٽو بينڪ جو عمل اجتمائي خدمت جو شاندار مثال پيش ڪري ٿو. سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ منظور ڪرائڻ شاهنواز خان جو وڏو ڪارنامو هيو. سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ دهلي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل کان منظور ڪرائڻ لاءِ هن تمام گهڻيو ڪوششون ورتيون. محنت ۽ جدوجهد ڪندي ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن پاڻ سڀ کان اول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو پاران هڪ قرارداد پاس ڪرائي، سنڌ جي پهرين بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سکر بئراج بابت صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي ڪيس جي ڀرپور وڪالت ڪئي. آخر سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جي اهميت بابت 7 جنوري 1916ع تي سر ميٿر سول انسپيڪٽر جنرل ايريگيشن ٽيڪنيڪل نوٽ هنيو ۽ جولائي 1923ع ۾ لڳاتار ستن سالن جي جدوجهد بعد بمبئي سرڪار ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جي ٺهراءُ تي عمل ڪندي بئراج جو آرڊر جاري ڪيو ۽ سفارش ڪئي ته بئراج تي سر جارج لائڊ گورنر بمبئي جو نالو رکيو وڃي. افتتاحي تقريب ۾ بمبئي جي گورنر سرجارج لائڊ گورنر جي تقرير ۾ بئراج جي قيام ۾ ڪوشش لاءِ ڪيل محنت بابت سر شاهنواز خان کي خراج عقيدت مان ثبوت ملي ٿو. بئراج لاءِ هڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ جمشيد اين آر مهتا چيئرمين ۽ سر حاجي عبدا﷢ هارون، سر شاهنواز ڀٽو، درشن سنگهه ۽ ايڇ ايس بيگ ٺارو مل حسين ڀائي ۽ ادول ڀائي کي ميمبر کنيو ويو ۽ سندس ڪوششن سان هي عظيم منصوبو مڪمل ٿيو. هو دوستن جو دوست ۽ فراخدل سياستدان هيو. جنهن جو ثبوت هي آهي ته شاهنواز خان پنهنجي سياسي سفر ۾ جنهن سان به ڪم ڪيو انهن کي اعلى منصب تي پهچڻ بعد به هر مشڪل وقت ۾ ياد رکيو ۽ ساٿ ڏنو. سال 1928ع ۾ محترم سائين جي ايم سيد ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊيو ۽ ٻئي سال 1929ع ۾ محمد هاشم گذدر کي مقرر ڪرڻ تي ان وقت جي ڪراچي جي انگريز ڪليڪٽر مسٽر گبسن سان سائين جي ايم سيد جا سخت اختلاف ٿي پيو. نتيجي ۾ انگريز ڪليڪٽر ڪراچي لوڪل بورڊ جي مالي گرانٽ بند ڪري ڇڏي، هن واقعي کان پوءِ سر شاهنواز خان انگريز ڪليڪٽر جي مقابلي ۾ سائين جي ايم سيد جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ پنهنجا ذاتي تعلقات استعمال ڪندي سائين جي ايم سيد کي بند ٿيل مالي گرانٽ بحال ڪرائي ڏني. هن کان علاوه هڪ ٻيو روشن خيالي جو مثال ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڀرپور حمايت ڪندي سندس مختيارڪار واري نوڪري بچائڻ واري ڪوششن مان ملي ٿو. جيئن ته سال 1931ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بحيثيت مختيارڪار بدين شاعري جو پهريون مجموعو ”تحفه سنڌ“ شايع ڪرايو. هي ڪتاب هڪ انسان جو رب پاڪ سان شڪوه تي ٻڌل هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي آزادي خيالي سبب سنڌ ۾ هڪ وڏو مذهبي طوفان اڀريو ۽ سڄي سنڌ جي مولوين، پيرن، مسلم سوچ جي سياستدانن ۽ اديبن سندس خلاف فتوى ڏني ۽ ڪامريڊ جتوئي کي نوڪري مان ڪڍڻ، گرفتار ڪري سزا ڏئي ڦاسي تي چاڙهڻ جا مطالبا ڪيا. سياستدانن جو وفد بمبئي ڪمشنر وٽ دانهين ٿيو. جڏهن اهو ڪيس هلندي بمبئي جي انگريز گورنر وٽ پهتو تڏهن ان وقت جي گورنر پنهنجي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيز سر شاهنواز خان ڀٽو کان راءِ ورتي، جنهن تي سر شاهنواز ڀرپور نموني ۾ حيدر بخش جتوئي جي وڪالت ڪندي نوٽ لکيو ته ”سڄي سنڌ ۾ هڪڙو مسلمان مختيار ڪار آفيسر آهي جيڪو تمام محنتي، ايماندار، ديانتدار ۽ اعلى ذهانت رکندڙ شخص آهي، اهڙي ڀلي آفيسر کي تنگ نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا شعر ٻين به ڪيترن شاعرن لکيا آهن.“ سندس اهڙي نوٽ بعد ڪيس ڪمشنر بمبئي مسٽر گبسن وٽ ويو ۽ هن ڪيس فائيل ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش پنهنجي زندگي ۾ بيماري جي بستري تي آخري انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سان ان واقعي جي تعريف ڪئي آهي. هو سنڌ جو پهريون سياسي اڳواڻ آهي، جنهن روز مره جي وهنوار لا جديد انداز ۽ طريقا جوڙيا، هن وقت جو قدر ڪرڻ، ماڻهو جي عزت ڪرڻ، ڪنهن جي ڳالهه کي آرام اطمينان ۽ تياري سان ٻڌڻ يا حل ڪرڻ خاطر پنهنجي ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو جيڪو ٻين نوابن ۽ جاگيردار سياستدانن ۾ به اپنايو ۽ سنڌي سماج ۾ خوبصورت لاڙا پيدا ٿيا. شاهنواز خان سان ڪو به ماڻهو ڪامورو يا صاحب بنا وقت وٺڻ جي ڪو ملي سگهندو هيو ڇاڪاڻ ته سندس ڪم ڪارن، ملڻ جلڻ جو روزانو ٽائيم ٽيبل ٺهيل هوندو هيو ۽ ان جي روشني ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. ٽائيم ٽيبل مطابق صبح جو بنگلي تي عوامي شڪايتون ۽ ملاقاتون ته شام جو اعلى حڪام ۽ انگريز آفيسر ساڻ گڏجاڻيون هونديون هيون. سندس ملڻ هر هڪ لاءِ سولو هيو پر اڳواٽ ملاقات لاءِ وقت وٺڻ ضروري هيو. هن کان اڳ سنڌ جي سماج ۾ جاگيردار نواب يا وڏيرو پنهنجي بنگلي ۾ عام ڪچهري لاءِ اوطاق تي مقرر يا نه مقرر وقت تي اچي پنهنجي لاءِ سجايل ڪرسي يا بستري تي ويهندو هيو، نوڪر، چاڪر، ڪمدار، ڪارائتا، اوطاقي پوءِ ملاقات لاءِ ايندڙ ماڻهو اچي اوطاق ۾ هيٺ ويهندا هيا. جڏهن ته راڄ جا ويچارا اٻوجهه مسڪين ماڻهو پنهنجن ضرورتن لاءِ يا ڪنهن به مقصد لاءِ وڏيرن جي اوطاقن تي ڌڪا پيا کائيندا هئا. اوطاق جي نوڪرن جي رحم ۽ ڪرم تي ويچارا پنهنجي ڪم لاءِ سردارن جي بنگلن جي وڏين ديوارن جي ڪنڊ پاڇي ۾ ڇانوري لاءِ مجبور بيوس بڻيا ويٺا واري جو انتظار ڪندا هيا. غريب هارين نارين لا ءِ ڪو به گرمي سردي مطابق ويهڻ جو انتظام ڪو نه هوندو هيو. شاهنواز خان پنهنجي پنهنجي بنگلي تي ملاقاتين لاءِ ويهڻ ۽ خدمت چاڪري جو مناسب انتظام ڪيو، سندس هن جديد طريقي سنڌ جي تمام سياستدانن ۽ جاگيردارن کي متاثر ڪيو، نتيجي ۾ تمام جاگيردارن سياست ۾ سرگرم رهڻ شروع ڪيو. اليڪشن ۽ ووٽن وسيلي تعلقات ٺاهڻ، عزت ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو اوطاقون، سامان، اٿڻ ويهڻ، ملڻ جلڻ جا سڀ طريقا تبديل ڪيا ٽائيم وٺي ملاقات ڪرڻ جو رواج هاڻي عام ٿي ويو آهي. پر ان مهذب شانائتي رواج کي سنڌ ۾سر شاهنواز خان ڀٽو متعارف ڪرايو. سنڌ جي پيرن، ميرن، جاگيردان، نوابن، وڏيرن ۾ جڏهن جديد لاڙا ۽ سوچون پيدا ٿيون تڏهن سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڪجهه ٻين علم دوستن سنڌ ۾ تعليمي خدمتن کي عام ڪرڻ، سنڌي سماج ۾ علم پکيڙڻ ۽ سنڌي معاشري کي مهذب بڻائي پنهنجن اقتصادي سماجي ثقافتي ۽ سياسي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڊسمبر 1924ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز خان هيو. جيئن ته سنڌ ۾ سياست ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو رواج ڪو نه هيو ۽ ذاتي تعلقات يا گروپن ۾ گڏجي اليڪشن وڙهي ويندي هئي پر هن دور ۾ سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن پنهنجي لاءِ هڪ پليٽ فارم جي ضرورت محسوس ڪئي آهي گهڻي صلاح مصلحت بعد تمام جاگيردارن زميندارن ۽ سياستدانن گڏجي سال 1925ع ۾ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو وجود عمل ۾ آندو جنهن لاءِ پڻ سر شاهنواز ڀٽو کي قد ڪاٺ ۽ سياسي تدبر شهرت سبب ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو. جنهن تي هو پنهنجي ڏاهپ ۽ عمل ساڻ سال 1933ع تائين لڳاتار اٺ سال رهيو. تنظيم جي صدر جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي مختلف معزز خاندانن کي گڏ ڪري سياسي تحرڪ پيدا ڪيو ته ٻئي طرف سنڌي اديبن، عالمن، دانشورن ۽ تعليمي ماهرن کي متحد ڪري انهن کان سنڌي ماڻهن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ خاطر لاڀائتيون تجويزون حاصل ڪيون ٽئين طرف وڏيرن جاگيردارن کي تعليم وڌائڻ خاطر پنهنجي ذاتي دولت مان فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. سر شاهنواز ڀٽو جي تعميري اصلاحي سڏ تي تمام صاحب حيثيت ۽ جاگيردار طبقي سنڌ محمد ايسوسيئيشن کي فنڊ ڏنا پوءِ هن ايسوسيئيشن سنڌين ۾ انگريزي تعليم عام ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا جنهن سان عام ماڻهو سهولتون ماڻي اڳتي وڌي آيو، بحيثيت صدر سنڌ محمدن ايسوسيئيشن هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري، اسڪول کي سياستدانن ۽ جاگيردارن پاران ايتريون ته سهولتون ڏياريون جو هي ادارو دنيا جو ڀلوڙ تعليمي ادارن سان مقابلو ڪندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو هن اسڪول مان ڪيترائي برصغير هند جا جڳ مشهور سرواڻ، شاعر، محقق ۽ تعليمي ماهر پيدا ٿيا. انهن مختلف شعبن اندر دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن تمام گهڻا ڪارناما ڏيکاريا پر هن ايسوسيئيشن ۽ سندس قائد شاهنواز خان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ آهي. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن تحريڪ کي ايشيا جي تاريخ جو پر امن انقلابي باب سڏي سگهجي ٿو. جنهن جو تفصيل هن ريت آهي. جيئن ته ٽالپر گهراڻي کان پوءِ سنڌ تي انگريزن جو اقتدار شروع ٿيو ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو انهن سنڌ کي بمبئي جو حصو بڻائي انتظام هلايو، جڏهن ته سنڌ اڳ ۾ هڪ آزاد صوبو يا ملڪ رهيو هيو. سنڌ جي سياستدانن ۽ سجاڳ ادبي حلقن محسوس ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائي آزاد حيثيت ڏيارڻ لاءِ ماحول موجود آهي. تڏهن اگسٽ 1922ع ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس زير صدارت سر شاهنواز خان ڀٽو جي منعقد ٿيو. جنهن ۾ باقائدي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي. جنهن جو صدر پڻ سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. سنڌي مسلمانن جو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اهڙو اتحاد تاريخ ۾ اڃا ڪو نه ٿيو آهي. ٻئي طرف ان وقت جي سنڌي مسلمانن جي جڳ مشهور ترجمان اخبار الوحيد جي ايڊيٽر قومي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سربراهي ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ کي ٻوليءَ ۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي کنيو ۽ سياستدانن جي پاران ٺهندڙ ڪيس کي دليلن ۽ منظم ثبوتن ساڻ مضبوط بڻايو. تاريخ 20 آگسٽ 1922ع تي ڪراچي ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ منعقد ٿي، جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته سيد ميران محمد شاهه سيڪريٽري هيو. ان وقت سنڌ ۾ سياسي جماعتن نه هئڻ باوجود به پهريون دفعو سياسي تحريڪ هلائڻ لاءِ جلسا ۽ هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پروگرام مطابق سنڌ ۾ هڙتال انتهائي ڪامياب وئي، تمام بازارون بند رهيون، جلسا منعقد ٿيا ۽ برطانيا جي وزيراعظم کي سنڌ جي آزادي لاءِ تارون موڪليون ويو. هن تحريڪ آخر تمام گهڻي مقبوليت ۽ طاقت حاصل ڪئي نيٺ بمبئي جي سرڪار سر شاهناوز خان ڀٽو جي سربراهي هيٺ بمبئي ڪائونسل ۾ سائمن ڪميشن سان سهڪار لاءِ صوبائي ڪميٽي آگسٽ 1928ع ۾ ٺاهي، هن ڪميشن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ محمدن ايسوسيئيشن جي وفد جو موقف ۽ دليل ٻڌا ۽ سائمن ڪميشن کي سر شاهنواز ڀٽو جي سربراهي ۾ عرضداشت پيش ڪئي وئي. 31 مئي 1930ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پاران سر شاهنواز جي سربراهي ۾ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردان جو هڪ عظيم الشان اجتماع ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي لاءِ قرارداد پاس ٿيو. جنهن بعد سنڌ جي هر هڪ حصي ۾ هن قومي مسئلي کي عوامي حمايت حاصل ٿي ۽ سنڌ جي سرڪار مذاڪرات کي بمبئي سطح تان کڻي انگلينڊ ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي عليحدگي جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ بئريسٽر محمد علي جناح تي مشتمل وفد کي چونڊيو ويو. هن ڏس ۾ ڪيس ٺاهڻ لاءِ آڪٽومبر 1930ع ڌاري ڪارلٽن هوٽل ڪراچي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ محترم جي ايم سيد پاران مسٽر شاهنواز ڀٽو ۽ مسٽر محمد علي جناح جي دعوت ڪئي وئي ۽ سنڌ ڌار صوبو ۽ مالي تحقيقات بابت مطالبو ڪيو. سندس شاندار تاريخي تقرير کي سجھي سنڌ جي سياستدانن ساراهيو نيٺ سندس پاران پيش ٿيندڙ ٻنهي مطالبن بابت هندستان سرڪار هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنهن جو پاڻ به ميمبر هيو. 1923ع ۾ هندستان جي شهر الهه آباد ۾ ”آل انڊيا يونٽي ڪانفرنس“ منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن کي شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ملي پر سنڌ جي سياستدانن سنڌ جي ڌار صوبي جو مطالبو شرط طور پيش ڪيو. جنهن جي سر شاهنواز خان مڪمل حمايت ڪئي. 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ ٻيو سنڌ آزاد ڪانفرنس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن لاءِ هڪ استقباليه ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو سر شاهنواز خان ڀٽو صدر چونڊيو ويو. هن اجلاس ۾ هڪ ٻي جماعت ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سر شاهنواز خان ڀٽو جي قيادت ۾ متحد ٿي هلايل تحريڪ آخر ڪاميابي ماڻي ۽ هن گڏيل عظيم اتحاد 11 اپريل 1935ع تي ڪاميابي جا جشن ملهائيا، قوم کي فتح جو پيغام ڏنو. هن موقعي تي انهن سياستدانن ۽ جماعتن جو ڪم صرف وائسراءِ يا گورنرن کي سپاسناما پيش ڪري شڪايتون ٻڌائن ۽ ٺهراءُ پاس ڪرڻ هيو. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سر شاهنواز خان جنهن دور ۾ سياست جي قيادت ڪئي ان وقت سنڌ جا مشهور سياستدان بهادر حسن علي آفندي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين، هدايت ا﷢، خان بهادر الهه بخش سومرو، سر حاجي عبدا﷢ هارون، محترم جي ايم سيد ۽ بئريسٽر محمد علي جناح هيا پر هر اجلاس پارٽي يا وفد جو قائد سر شاهنواز خان هوندو هيو. ان مان سندس سياست محترم شخصيت ذهين سوچ ۽ ڪامياب قائد هئڻ جون صلاحيتون ظاهر ٿين ٿيون، ڪاش اجھ جو پير، مير وڏيرو، صحافي، اديب، دانشور ۽ سياستدان به سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کان بمبئي عليحدگي تحريڪ مان سبق سکي يا رهنمائي حاصل ڪري ته شايد قوم جو مستقبل سنوارجي وڃي. سنڌ ۾ سياسي پارٽي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ به اعزاز سر شاهنواز خان جي طرف ويندي نظر اچي ٿو. آخر سنڌ جي سياستدان محسوس ڪيو ته سندن سياسي نظرين يا سوچن کي سياسي فيصلن ۽ عمل جي ضرورت آهي، جڏهن ته محمدن ايسوسيئيشن يا سنڌ آزاد ڪانفرنس اتحاد هيا. انهن جي سياسي پارٽي جي حيثيت ڪونهي. ان ڏس ۾ تمام مشهور سياسدانن پاڻ صلاحون ڪيون، آخرڪار 13 جون 1936ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون نج سياسي بنيادن پروگرام، مقصدن ساڻ هڪ سياسي پارٽي ”سنڌ پيپلز پارٽي“ وجود ۾ آئي، جنهن جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته خان بهادر الهه بخش سومرو، نائب صدر، حاتم علوي سيڪريٽري ۽ سائين جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پارٽي سنڌ جي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پنهنجي پارٽي کي اسيمبلي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيو ۽ اليڪشن ڪاميابي ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي پر هي پارٽي گهڻو عرصو هلي نه سگهي ڇاڪاڻ ته سر شاهنواز خان سنڌ جي سياست کان ترقي ڪندي بمبئي ۾ وفاقي وزير ٿيو ۽ سنڌ کان گهڻو وقت ٻاهر بمبئي ۾ رهڻ لڳو جڏهن ته باقي پوين عهديدارن يا ٻي قيادت سنڌ پيپلز پارٽي کي قائم دائم رکي نه سگهي. 11 اپريل 1935ع تي سنڌ جي آزاد صوبي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ جوش جذبو پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون، دراصل اڳ ٻه سياسي گروپ هيا جنهن ۾ هڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جو ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت ا﷢ هيا. سر شاهنواز خان ڀٽو سان اثر واريون شخصيتون خان بهادر الهه بخش سومرو، سيد ميران محمد شاهه، محمد هاشم گزدر، خانبهادر غلام نبي شاهه، محترم جي ايم سيد، مخدوم صاحب آف هالا هيا. جڏهن ته مخالف گروپ ۾ پير صاحب پاڳارو، سردار عبدالرحيم خان کوسو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مسٽر نور محمد وڪيل ۽ سيد محمد عامل شاهه شامل هيا. 31 آڪٽوبر 1936ع تي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ٿي جنهن جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڊيوٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون چونڊيا ويا. جڏهن ته ٻي سياسي پارٽي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ نالي غلام حسين هدايت ا﷢ جي قيادت ۾ ٺهي، سر شاهنواز ڀٽو جي اتحاد پارٽي غير فرقيوار رنگ نسل ۽ مذهب جي تنگ نظرين کان آزاد روشن خيال ۽ لبرل سوچن تي عمل ڪندڙ پارٽي هئي، جڏهن ته سر غلام حسين هدايت ا﷢ جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي هڪ مڪمل فرقيوار ۽ مسلمانن جي حمايت ۾ جماعت اسلامي جي انداز واري پارٽي هئي. سر شاهنواز جي سنڌ اتحاد پارٽي جو نعرو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني فرقن ۽ مذهبن وچ ۾ ڀائيچارو ۽ سهڪار هيو. جڏهن ته مسلم پوليٽيڪل پارٽي جو نعرو هندو مسلم فرقيواريت هيو. ٻنهي پارٽين وچ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اليڪشن جو وڏو مقابلو ٿيو. نتيجي ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي سنڌ اتحاد پارٽي وڏي اڪثريت ساڻ فتح حاصل ڪندي 42 سيٽون کٽيون پر پارٽي جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو فرقيواريت جو شڪار ٿي ويو ۽ هڪ مذهبي مسلمان ٿيندڙ اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي کان هارائجي ويو. سندس ڊيوٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون به هارائجي ويو. قائد جي شڪست بعد پارٽي اقتدار ليڊر ۽ چونڊيل ميمبر سائين محترم جي ايم سيد پنهنجي سيٽ خالي ڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر گورنر ۽ سر شاهنواز خان اصولن جي آڌار تي اها آڇ ۽ ڳالهه قبول نه ڪندي فرقيوار سياست واري لاڙن جي بالادستي سبب سياست مان 49 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو صاف سٿري سياست ۾ يقين رکندو هيو. اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر مذهب کي استعمال ڪرڻ خلاف هيو. هن واقعي سر شاهنواز کي سخت صدمو پهچايو ته سنڌ جي سڄي ڄمار خدمت ڪرڻ، سنڌ لاءِ ڪارنامن ۽ لازوال فتح حاصل ڪندڙ هر دور ۾ هر سياسي تحريڪ جو قائد هر اليڪشن ۾ بنا مقابلي فتح ماڻيندڙ شخصيت کي مذهبي بنياد تي شڪست ملي هو سنڌ مان هميشه لاءِ بمبئي منتقل ٿي ويو ۽ پوءِ سنڌ ۾ سياسي توازن ڪو نه رهيو. سر شاهنواز ڀٽو صاحب سنڌ ۾ جديد سياست جو باني سڏجڻ جو مڪمل حقدار آهي، ڇاڪاڻ ته هن صاحب سنڌ جي وڏيري کي رڇ ڪتن جي ويڙهه، اجايو اوطاقن ۾ ويهي ڪچهرين ۾ وقت ضايع ڪرڻ بدران ملڪي معاملن ۾ حصو وٺڻ ۽ روز مره جي زندگي ۾ ٽائيم ٽيبل سان رهڻ، سياسي پارٽين ٺاهڻ، ضلعي لوڪل بورڊن جي فنڊن مان اسپتالون ٺاهڻ، اسڪولن جو معيار بهتر بڻائڻ، زراعت ۽ واپار کي زور وٺائڻ لاءِ ضلعي ڪوآپريٽو بينڪ هلائڻ، سنڌ جي تمام برادرين ۽ جاگيردارن جا اتحاد ٺاهي سنڌي سماج ۾ امن امان قائم ڪرڻ، سنڌ لاءِ ڌار صوبائي حيثيت، سکر بئراج قائم ڪرائي سنڌ جي زراعت کي مضبوط ڪرڻ، غربت بيروزگاري، جهالت، بيماري ختم ڪرڻ ادب ۽ قلم جي مان وڌائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ، ڀائيچارو ٻڌي پيدا ڪرڻ، تنگ نظريي ۽ تعصب کان پاڪ معاشري لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيو هن گهٽ انگريزي تعليم هوندي به سنڌ مان انگريزن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪيا، هو انگريزن ۽ سنڌ جي ماڻهو وچ ۾ لاڳاپو هيو، هن سنڌي سماج کي مهذب ڪرڻ، جديد سهولتن ڏيڻ ۽ شائسته سياست ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهائيو. هن پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ زراعت ۽ ڪاموري طبقي کان علاوه هر هڪ کي پنهنجو دوست بڻايو، مخالفتن ۽ اختلافي سياست ۾ وقت ضايع نه ڪيو، هن سڀ کان اول پنهنجي لاڙڪاڻي شهر ۾ لاهوري محلو يا المرتضى هائوس واري روڊ سان ڀٽو ڪالوني ۾ تمام گهڻا بنگلا ٺهرايا جن ۾ گهڻو ڪري انگريز آفيسرن جا دفتر هيا، هتان سندس دوستاڻا ناتا وڌندا ويا. در اصل هو سياست ۾ ڪاميابي لاءِ شخصيت جو هر فن مولا هئڻ کان علاوه متاثر ڪرڻ جي خاص اسٽائيل رکڻ جو حامي هو. سندس خيال هو ته سياست ۾ اهڙي اڳواڻ جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ اڪيلي سر ماڻهن جي قسمت بدلائڻ جون صلاحيتون هجن جيڪي مهاتما گانڌي يا محمد علي جناح ۾ هيون پوءِ سندس فرزند ذوالفقار علي ڀٽو پڻ انهن اڳواڻن مان ثابت ٿيو، هو پر امن منصوبابندي عام غريب جي خدمت ڪرڻ، گهڻي عرصي لاءِ لاڀ ماڻيندڙ منصوبن واري سياست جو اڳواڻ هيو. اقتدار ۾ رهي عوام جي بهتر مسلسل ۽ عملي خدمت ڪرڻ جي فلسفي تي يقين رکندو هيو. سياست واري عرصي ۾ سر شاهنواز خان مختلف عهدن تي رهيو ۽ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيائين. سڀ کان پهريائين لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ نالو ڪمائڻ ۽ ڌاڪو ڄمائڻ بعد دهلي جي دائري ۾ پهتو. 1919ع کان 1920ع تائين هڪ سال لاءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران اميپريل ڪائونسل دهلي لاءِ نمائندو چونڊيو ويو. سال 1921ع کان 1936ع تائين مسلسل 15 يا 16 سال بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊيو ويو، جيڪو ڪنهن سنڌي يا سنڌ جي مسلمان لاءِ وڏو اعزاز آهي. سال 1920ع کان 1930ع تائين لاڙڪاڻي ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ اعزازي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ به رهيو. هو سال 1925ع کان 1933ع تائين لڳاتار اٺن سالن تائين بمبئي ڪائونسل ۾ مسلمان اسيمبلي ميمبرن جو قائد رهيو، سال 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جو وزير ٿيو. اپريل 1937ع کان 1945ع تائين ميمبر پبلڪ سروس ڪميشن رهيو، جتي سنڌين ۽ مسلمانن کي صلاحيتن ۽ قابليت جي آڌار تي نوڪرين جو حق ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين، انگريز گورنر سر لئن سيلا گرهام 1937ع ۾ کيس سنڌ لاءِ پنهنجو ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر مقرر ڪيو. سندس ڊپلوميسي، انتظامي ۽ سياسي ڏاهپ صلاحيتن ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سال 1945ع ۾ رياست جونا ڳڙهه جي نواب مهابت خان جي کيس جونا ڳڙهه رياست جو ديوان مقرر ڪيو، هي عهدو وزيراعظم جو هيو، جنهن منصب تي 1948ع تائين رهيو. جڏهن هندستان سرڪار جونا ڳڙهه رياست تي قبضو ڪيو تڏهن هو نواب مهابت خانجي راجا آف جونا ڳڙهه رياست سان پاڪستان موٽي آيو. هتي اچڻ مهل پاڻ صحت جي لڳاتار خرابي سبب سياست تان ڪناره ڪش رهيو ۽ پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ لڳو. کيس بهترين ڪارنامن ۽ خدمتن سبب مختلف اعزاز پڻ ڏنا ويا. جنهن ۾ سال 1919ع ۾ ”او بي او“ سال 1924ع ۾ ”قيصر هند“ سال 1925ع ۾ ”سي آءِ اي“ کان علاوه 1 جنوري 1930ع تي ”سر“ جا خطاب شامل آهن. پاڻ ٻه شاديون ڪيائين، پهرين خانداني زال مان سڪندر علي خان ۽ امداد علي خان ڀٽو ٻه پٽ هيا، جيڪي جواني ۾ ئي انتقال ڪري ويا. ٻئي پٽ تمام گهڻا حسين ۽ دلير هيس، پويان ٻي زال مان ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن پنهنجي والد جي فلسفي ۽ سوچن کي عملي روپ ڏيندي اعلى تعليم حاصل ڪئي. عوام جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ پيپلز پارٽي کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي ۾ ٻيهر جياريي. ڀٽو خاندان جي نالي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو. جنهن گدڙ جي سئو سالن جي زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينهن عزت واري زندگي جو نعرو هڻندي سولي کي للڪاريو. جنهن ڀٽو خاندان کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي موت تي دنيا کي روئاري ڇڏيو. سر شاهنواز خان ڀٽو 69 ورهين جي ڄمار ۾ 17 نومبر 1985ع تي انتقال ڪري ويو. سر شاهنواز ڀٽو جي نسل کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندن پورو خاندان مڪمل طرح سان ڪل وقتي سياست ۾ سرگرم عمل آهي هو پاڻ رياست جونا ڳڙهه جو وزير اعظم رهيو، سندس پٽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوٽي محترمه بينظير ڀٽو لڳاتار پاڪستان جا وزير اعظم رهيا. اهڙي طرح ڀٽو خاندان جي ٽن نسلن وزيراعظم جو منصب ماڻي سياست جي ميدان ۾ هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي. مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، سنڌي ادبي بورڊ لائبريري جا ڪتاب، سنڌالاجي لائبريري، اهي ڏينهن اهي شينهن، گل حيات انسٽيٽيوٽ، مهراڻ رسالا، ڊاٽر آف ايسٽ. پندرهن هزارن جي تعداد ۾ هارين مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي ويٺا. هن هاري مظاهري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي سياسي قوت اهميت ۽ اتحاد جو شاندار مثال پيش ڪيو. ڪيترن هاري ورڪرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو. هارين پاران اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس جو گهيراءُ ختم ڪرڻ لاءِ پهريان ته حڪومت پوليس ۽ فوج کي وڏي تعداد ۾ گهرايو هيو پر پوءِ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد ان وقت جي وزير اعلى مسٽر يوسف هارون ملاقات ڪرڻ لاءِ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪجهه اڳواڻن کي اسيمبلي ۾ گهرايو. مذڪرات ٿيا ۽ آخر اسيمبلي 3 اپريل 1950ع تي ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ بحيثيت قانون پاس ڪيو. اها صرف ۽ صرف حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪرشمه ساز شخصيت ۽ ولوله انگيز قيادت جي ڪاميابي هئي. شاعري ۽ ادب جي خدمت جي جذبي هيٺ پاڻ نوڪري تان استعفيٰڏنائين، پر انگريز ڪليڪٽر مئڪملن حيدر بخش ۽ سندس والد کي گهرائي هيڊ منشيءَ جي عهدي تان استعيفى واپس وٺرائي، هن شاعري اسڪول جي زماني ۾ امام حسين جي شهادت بابت مرثيه پڙهي شروع ڪئي. حيدر بخش جتوئي صحافت ڏانهن پڻ هاري انقلاب خاطر لاڙو کاڌو، 1945ع ۾ هاري حقدار اخبار جاري ڪيائين، پوءِ سال 1946ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار ”ڪسان“ ڪڍيائين جيڪا قسمت ڇڳاڻي جي پريس مان ايڊيٽر ڪامريڊ عبدالواحد سومرو ۽ سب ايڊيٽر نبي بخش تونيه جي قيادت ۾ سال 1950ع تائين جاري رهي. پاڻ سنڌ جو ڪيس قلم، ادب، صحافت، قانون، عقل ۽ ڏاهپ سان ڳايو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کانپوءِ حيدربخش جتوئي ٻئي نمبر تي سنڌ جو عاشق هيو. جنهن پنهنجي زندگي ۾ سنڌ سان سچو عشق ڪيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي قول فعل ۽ سياسي عمل کان علاوه شاعري ذريعي پڻ ڪيو آهي. هن جي دور ۾ شاعر سڳورا عشق، محبت، محبوب جا زلف ۽ اکيون، گل چمن ۽ بلبل جون ڳالهيون، چنڊ جي چانڊوڪي ۽ چڪور جي محبت، باغ برسات، ڪوئل جي ڪوڪ، آسمان ۽ ستارن جي دنيا تائين محدود هيا. پر حيدر بخش جتوئي پنهنجي شاعري ۾ ادب ۽ انسانيت جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين کي ختم ڪري ادب کي انسان جي مظلوميت ڌرتي ۽ ملڪي يا قومي پيغام، هاريءَ جي ڏک سور، هر ۽ ڪوڏر واري مزور جي محنت ۽ ڏاٽي، اجرڪ پٽڪي، شهپر ۽ ڏاڙهي جي عظمت کي خاص محور ۽ مقصد بڻايو. شاعري ۾ لفظن کي مظلومن جي آزادي ۽ قوم جا مسئلا پيش ڪرڻ وارا لفظ وڏا ۽ جملا ڏنا، لفظن ۾ جوش تلخي ۽ قومپرستي جا موتي مالا وانگر مڻيا نظر ايندا. ڪاليج جي زماني ۾ حيدر بخش جو نالو شاعري ۾ مشهور ٿيو. ڪاليج ۾ 1927ع ڌاري شاگردن جي هڪ جماعت نالي ”سر سوتي گروپ“ هئي اتي مشاعره ٿيندا هيا. سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پهريون ڪتاب تحفه سنڌ شايع ٿيو. جنهن ۾ شڪوه جو انساني انداز پنهنجي مالڪ سان پيش ڪيو. هن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي وارن ماڻهن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تحريڪ ايوانن ۾ ويهندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان هٽائي سندس ڪتاب ضبط ڪري ڦاسي چاڙهڻ جي فتوى پڻ شامل هئي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو ٿيو ۽ نامياري گادي نشين کان علاوه مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، نظر محمد پٺاڻ جهڙا سياستدان ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا اديب شامل هيا. سيد ميزان محمد شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي جي مسلمان ميمبرن جي وفد جي قيادت هيٺ بمبئي جي گورنر وٽ حيدر بخش جتوئي خلاف شڪايت کڻي ويا. حيدرآباد جي ڪمشنر مسٽر گبسن وٽ به دانهين ٿيا. جنهن حيدر بخش کي گهرائي سمجهايو ته اهو ڪتاب واپس وٺي پر جتوئي صاحب انگريز ڪمشنر کي صاف جواب ڏنو. جڏهن فائيل بمبئي جي گورنر وٽ پهتي تڏهن گورنر صاحب فائيل ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر ٽو گورنر بمبئي سر شاهنواز خان ڀٽو ڏانهن موڪليو. جنهن تي سر شاهنواز خان ڀٽو نوٽ لکيو ته سڄي سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي واحد قابل، لائق ۽ هوشيار مسلمان آفيسر آهي. قابليت کان علاوه ايماندار ۽ ديانتدار به آهي. اهڙي قسم جا ڪتاب اڳ پڻ شايع ٿيا آهن جن تي ڪو به قدم کنيو ناهي ويو. لحاظه هن ڪيس ۾ به خاص قسم يا قدم جي ضرورت ناهي. سر شاهنواز ڀٽو جي سفارش کانپوءِ فائيل داخل دفتر ٿيو. حيدر بخش جتوئي جي ملازمت بچي وئي. سر شاهنواز خان کان علاوه ان وقت جي اخبارن ۾ صرف مولانا دين محمد وفائي ۽ محمد هاشم ٻه اهڙا ايڊيٽر هيا جن حيدر بخش جتوئي جي خيالن جي مخالفت نه ڪئي ۽ اهو چيو ته اها ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. جيئن ته هو وطن ۽ قوم سان محبت ڪندڙ شاعر هيو تنهن ڪري سندس خاص شعرن جهڙوڪ سنڌ جو دلبر هوش محمد، پاڪستان زنده آباد، جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ته اڄ تائين هر محفل ۾ هر فنڪار جي آواز ۾ جهونگار جي پيو شاعري ۾ سندس تخلص ”حيدر“ هيو. شاعري ۾ خاص طرح تحفه سنڌ نظم آزادي قوم مخصس سال 1943ع سنڌ پياري (نظم) اي مٺي جيجل سونهاري سنڌ (ضبط ٿيل) بلوچستان زنده آباد (ضبط ٿيل) هاري انقلاب (نثر) ۾ هاري گيت (شعر) ڪمدار جا ڪارناما (نثر) سال 1952ع پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس شاعري ۾ هر هڪ شيءِ جو ذڪر هئڻ ۽ سنڌ جي هر هڪ شيءِ ساڻ عشق سبب ماڻهو هن کي چريو به سڏيندا هيا. اڄ به وڏا شاعر ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڌرتيءَ قوم ۽ ٻوليءَ بابت شاعري ڪن پيا پر حيدر بخش جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ ويهي ڌرتيءَ جا گيت ڳايا. مرڻ گهڙي تائين سنڌ ۽ سنڌي سنڌي ڪندو رهيو. هو روزانو زندگي جي وهنوار ۾ قسم به سنڌ جو کڻندو هيو. سندس شاعري ۾ جذبو پيدا ڪندڙ، جوش ڏياريندڙ ۽ غيرت جاڳائيندڙ شاهڪار شامل آهن. ماڻهن ۾ حقن جي قومي جدوجهد جي رهبر جي شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 18 آهي. جن ۾ سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (انگريزي) سال 1950ع ڊيمو ڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (انگريزي چار حصا سال 1955ع) ڊيمو ڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (انگريزي) سال 1956ع لينڊس ان سنڌ، هوشڊ اون ڊيم (انگريزي) شل سنڌي لينگويج سٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي)، انجسٽس لينڊ اسيسمينٽ ريٽس (انگريزي) ۽ ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي) سال 1957ع، ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (انگريزي) سال 1962ع، ان جسٽس ٽو سنڌ (انگريزي) ٻه حصا ليٽ اس سيو پاڪستان (انگريزي) ٻه حصا، هاير لينڊ ٽيڪسيشن (انگريزي) سال 1966ع کان علاوه رويو آف قرآن شريف شامل آهي جيڪو شايع نه ٿيو. حيدر بخش جتوئي سنڌ جو پهريون سياستدان آهي جنهن سنڌ جي سياست کي مذهب وانگر اختيار ڪيو جنهن ڪري وقت جا وڏيرا سياستدان مٿس ٽوڪون ڪندا هيا، هي عملي انسان، تحرير ۽ تقرير جو بادشاهه، حساس ۽ سٻاجهڙو اديب شاعر، بلند ڪردار ۽ اخلاق واري شخيصت جو مالڪ، ذاتي شهرت، تعريف امارت، ٺٺ ٺانگر کان پري سياستدان، زاهدن وانگر اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ ۾ سادو انسان نه ڪاوڙ نه آڪڙ نه وڏائي، سورنهن آنا سچي ڳالهه ڪندڙ، امن انسان ۽ محبت دوست، غريبن جي گهرن ۾ خوشيون آڻيندڙ اڳواڻ لڳاتار جيلن ۾ قيد جون ازيتون برداشت ڪرڻ، تشدد سهڻ، خراب کاڌ خوراڪ ۽ مناسب صحت جو علاج نه ٿيڻ ڪري مسلسل بيمار ۽ ڪمزور رهڻ لڳو ۽ فالج سبب آخر اسپتال ۾ 21 مئي 1970ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ حوصلي سان لاڏاڻو ڪري ويو. جيئن ته هو لاڙڪاڻي مان لڏي حيدرآباد رهائش پذير ٿيو هيو. تنهنڪري سندس آخري وصيت مطابق کيس سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار جي احاطي ۾ جڳهه ڏني وئي. هن پاڻ هٿن ۾ زنجير پائي قوم کي هٿڪڙين کان آزاد ڪرايو. جيسين سنڌ سرزمين تي سنڌي قوم جو وجود آهي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو نالو ڌرتيءَ جي مرد مٿيرن ۾ هوندو. مون ناچيز کي هن عظيم شخصيت کي ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جو زندگي ۾ هڪ دفعو موقعو مليو. پاڻ جڏهن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سال 1970ع ۾ لاڙڪاڻي آيو ته ريلوي اسٽيشن تي سمورين سياسي پارٽين ۽ شاگرد تنظيمن سندس شاندار استقبال ڪيو. هو گاڏيءَ ۾ نه ويٺو ۽ جلوس جي صورت ۾ پنڌ غريبو مقام ميدان تي جلسي ۾ پهتو. مان سندس خطاب ٻڌو، اسان استاد عبدالوحيد ڪٽپر جي قيادت ۾ سندس اسقبال ڪيو. پاڻ ڪامريڊ دوست محمد ابڙو وڪيل وٽ مهمان هيا. مون گذارش ڪئي ته ڪامريڊ جيل جي تجربن بابت ڪجهه ٻڌايو. حيدر بخش چيو ته ”مون مختلف موقعن تي جيل ۾ آرام سان سنڌي انگريزي ڪتاب لکيا.تقريبن شاعري جيل ۾ ڪئي ۽ لکي اٿم. مون جيلن ۾ رهي ڪري سنڌ جو مقدمو وڙهيو آهي. جيل ۾ وڃڻ بعد يار دوست، مٽ ۽ مائٽ ته ملڻ ئي ڪو نه اچن. لڳاتار جيلن ۾ وڃڻ ڪري هي منهنجو پٽ دادن پڻ ملڻ ڪو نه ايندو هيو. هو چوندا هيا ته پاڻ بابو آزاد ٿي ايندو. مان جيل مان پنهنجا ڪيس به لڙيا آهن ڇاڪاڻ ته مان سنڌ ۽ سنڌين جو وڪيل آهيان.“ اڄ هڪ قومپرست ٽولو حيدر بخش جي ڪردار کي مٽائڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ته هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڌرتي دوست جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وٽ رتبو ۽ حيثيت نه پر تحريڪ ۽ نظريي ساڻ وفاداري اتم آهي. هو انهن آدرشوادي انسانن مان ڪو نه هيو جيڪي صرف سماجي براين تي تنقيد ڪندا وتن پر هو هڪ سچو سماجي انقلاب آڻيندڙ انسان هيو. ڇاڪاڻ ته جيسين سماج جا بنياد نه بدلبا تيسين شخصي نيڪي ڪنهن ڪم جي ڪونهي. پورهيت ۽ هاري جي حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ ڌرتي جي هاري کي ڏوجهرن ۽ ڏهڪاءُ کان نجات ڏياري، ڪاش اڄ جديد سهولتن ۽ شعوري دور ۾ ڪامريڊ جتوئي جو نظريو ۽ پارٽي ڪنهن ڪنڊ تان عملي جدوجهد ۾ نظر اچي ها هاري حقن جا ڏيئا ٻاري ها ته جتوئي مرحوم جي زندگي جو خواب سجايو ٿئي ها. سندن زندگي جي جدوجهد لاڀ ماڻي ها. 1970ع کان هي انقلاب جو باب ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪاش ڪو حيدر بخش جتوئي اڄ پيدا ٿئي ۽ هاري حقدار جو نعرو هڻي. مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، مهراڻ، هو ڏوٿي هو ڏينهن، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، اهي ڏينهن اهي شينهن، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي لائبريري ۽ سنڌ پبلڪيشن لاڙڪاڻو. خانبهادر محمد ايوب کهڙو خانبهادر محمد ايوب کهڙي بابت اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هو هڪ پڪي وڏيرڪي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. اهو وڏيرڪو گهراڻو جنهن جي تعليم ۽ سياست ۾ ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي. حڪومت جي معاملن سان ڪو به واسطو ڪو نه هيو. سندس والد ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هيو. وڏيرو ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاري، هٿ جي ڪنايت سبب علائقي ۾ تمام گهڻي زمين ٺاهي. هن بنجر زمينون آباد ڪري وڏي جائداد ۽ دولت گڏ ڪئي. سنڌ جي وڏيرڪي سماج ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن وڏيري وٽ ڪجهه زمين آباد ٿي ۽ ڏوڪڙ مليو ته پوءِ رڇ ڪتا مقابلا، ڏاندن جي گوءِ، اوطاق تي نوڪر چاڪرن جا فالتو ٽولا، شراب، ڪباب ۽ شباب کان علاوه ڪي دعوتون ٿينديون. وڏيري جي هر طرف هاڪ هوندي. واه واه وڏا جا ٻول ۽ خوشامندڙيا هوندا. ڪي جهيڙا ٿيندا ڪي پلاند ٿيندا. اوطاق تي نوڪر چاڪر حاضر هوندا چاهي وڏيرو قرضي ٿي وڃي پر اوطاق ۽ وڏيري جو شان قائم دائم هوندو. گهڻو ڪري وڏيرا هندن واپارين جا قرضي هوندا هئا پر ان ئي سماج ۾ وڏيرو شاهه محمد کهڙو به هيو. جيڪو انهن سڀني وڏيرڪي صلاحيتن کان واجهايل هيو. هن پنهنجي جدائداد به وڌائي ته وري پونيئرن لاءِ به گهڻو پئسو ڇڏيو. هٿ جي ڪفايت سبب وڏيري شاهه محمد بابت ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور هيون جيڪي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ٻڌايون وينديون هيون. ميان شاهه محمد کهڙي کي ٻه زالون هيون، جن مان چار پٽ هيس پهريون پٽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد مراد، ميان محمد نواز ۽ ميان علي گوهر کهڙو شامل آهن. محمد ايوب کهڙو صاحب آگسٽ 1901ع ۾ ڳوٺ عاقل تعلقو لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ڳوٺ عاقل سنڌو درياهه جي ڪناري تي آهي. جنهن زماني ۽ ماحول ۾ کهڙو صاحب پيدا ٿيو. اهو صدين کان قائم وڏيرڪي سوسائٽي جو عروج وارو دور هيو. تعليم حاصل ڪرڻ کي اجايو وقت جو زيان ۽ بيڪار سمجهيو ويندو هيو. خاص طرح وڏيرا پنهنجي اولاد کي ته پڙهائيندا ئي ڪو نه هيا ۽ سندن چوڻ هيو ته پٽ ڇا لاءِ پڙهي؟. پٽ کي ڪا نوڪري ته ڪرائڻي ڪونهي. رب پاڪ جو سڀ ڪجهه ڏنل آهي. جوان ٿي زمينداري ۽ جائداد سنڀاليندو، جڏهن ته عام ماڻهو جي اولاد خاطر تعليم جي سهولت ڏيارڻ، اسڪول قائم ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو. غريب جي اولاد کي تعليم وٺڻ گناهه هيو. هي اهو دور هيو جڏهن مڊل ڪلاس اڃا وجود ۾ ڪو نه آيو هيو. يا ته غريب هوندو يا وري وڏيرو هوندو هيو. بس ٻه ڪلاس يا طبقا هيا. عزت ۽ شان جو معيار صرف دولت هئي، دولت ئي عزت وارو سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو نيڪي جو ڪم ڪنهن وڏيري کان ٿي سگهندو هيو ته ڳوٺ ۾ مسجد قائم ڪيائين ۽ تعليم لاءِ به ڪو مولوي رکندا هئا ته جيئن ماڻهو ا﷢ ا﷢ ڪن. اخبارن کي ان دور ۾ گلا ڪرڻ وارو ادارو ۽ صحافين کي گلاخورن جو ٽولو سمجهيو ويندو هيو. ملڪ ۽ قومي مسئلن ۾ شريڪ ٿيڻ کي وڏيرا فسادي ٽولي جو ساٿ ڏيڻ سمجهندا هيا. سياست، نظريا يا شعور وارا شاعر اديب ميدان ۾ ڪو نه هيا. جيڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪا انگريز سرڪار وٽ ڪچهري ۾ ڪرسي ملي يا اقتدار جو ڪو ننڍڙو حصو نصيب ٿيو ته اهو وڏيرو هوش کان نڪري ويندو هيو. پاڻ کي وڏو حاڪم سمجهڻ لڳندو هيو. اهڙي سماج واري صورتحال صرف سنڌ سان نه پر برصغير ۾ موجود هئي. اهڙي ماحول ۾ ڪير پاڻ کي ڪيترو تبديل ڪندو. پنهنجي شخصيت کي ڪيترو خوبصورت يا ذهن کي وري روشن خيال ڪندو. ان بابت تاريخ ۽ تاريخدان ئي ڄاڻيندو هوندو. اهڙي ئي جهالت، تڪبر ۽ غرور واري معاشري ۾ محمد ايوب کهڙو صاحب پرورش پائڻ لڳو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي. هي اهو دور هيو جڏهن برصغير ۾ خلافت تحريڪ جو زور شور هيو خاص طرح سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ته مسلمانن جي هن تحريڪ جو عروج هيو. مسلمانن جا جذبا جوان ۽ حوصلا بلندا هيا، خلافت تحريڪ جو عملي طرح قائد ۽ هجرت ڪميٽي جو چيئرمين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به لاڙڪاڻي جي سرزمين جو ڄائو هيو. بئريسٽر جوڻيجي جي سربراهي ۾ انگريز سرڪار خلاف مسلمانن جي خلافت ڪانفرنس ۾ برصغير جا وڏا وڏا مسلم اڳواڻ شريڪ ٿيڻ ايندا هئا ۽ لاڙڪاڻو شهر خلافت تحريڪ جو ڳڙهه هوندو هيو. محمد ايوب کهڙي صاحب پڻ بنيادي طور پنهنجي گهريلو ماحول ۾ اسلامي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي. جنهن ڪري خلافت تحريڪ جي پر جوش ماحول مٿس گهڻو اثر وڌو هو ان اسلامي تحريڪ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ اڳتي هلي جڏهن سياست ۾ پير داخل ڪيائين تڏهن کهڙي صاحب جو مقصد صرف مسلم ڪاز هيو. آخر سنڌ اندر خانبهادر کهڙو صاحب جو مقصد صرف مسلم ڪاز جو هڪ وڏو علمبردار ثابت ٿيو. خانبهادر کهڙي پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز 1920ع کان ڪيو جڏهن پاڻ اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊجي آيو. هن دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ضلعو پڻ هيو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو جو سياسي طور ڪنٽرول هيو ۽ پورو ضلعو سندن اثر هيٺ هيو. جيئن ته خانبهادر کهڙي ۾ قائدانه صلاحيتون تمام گهڻيو موجود هيون ۽ پاڻ سنڌ جي مسلمان جي ڏکن ۽ تڪليفن کان ڀلي طرح ڄاڻ رکندو هيو. سنڌ جي مسلمانن جا حق کيس گهڻو عزيز هيا. مسلمان تعليم نه هئڻ ڪري قانون کان اڻ واقفيت ۽ اڻ ڄاڻائي سبب پاڻ کي وڏين تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هيو. کاتيدارن ۽ هاري جي حالت گهڻي پريشان ڪندڙ هئي. ان وقت انگريز جو راڄ هيو ۽ هندو واپاري وري پنهنجين چالاڪين سان سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو غلام بڻايو ويٺا هئا. قانون کان اڻ واقفيت ۽ هندن جي چالاڪين ڪري مقامي ماڻهو زمينون ڦرايون ويٺا هوندا هيا. زمينن تي ڪڻڪائي جي زماني ۾ قرض کڻڻ جي بيماري ننڍن وڏن وڏيرن ۾ عام هئي. سنڌ جا گهڻا هاري ۽ وڏيرا هندن جا قرضي هيا. قانون مطابق هندن کي اختيار هو ته هو قرض جي بدلي زمين يا جائداد تي قبضو ڪن. اهو قبضو آبادگار جي غير موجودگي ۾ به هندن کي عدالت مان ملندو هيو. غير حاضري لاءِ ڏوڪڙ هلائي هندو قبضو حاصل ڪندا هيا. سنڌي مسلمانن سان اهڙي ظالماڻي رويي کي خانبهادر کهڙو ويجهڙائي سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو رهيو نيٺ کهڙي صاحب جي سياست جو بنياد ئي هندو مخالف سياست بڻيو. هن پنهنجي سياست جو آغاز اهڙي مسلم بنيادن تي شروع ڪيو. خانبهادر کهڙي 22 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي سياست ۾ قدم رکيو. سال 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون. هن دور ۾ سنڌ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ ڪل پندرهن سيٽون هيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي (ان ۾ دادو ضلعو به شامل هيو) لاءِ ڪل ٽي سيٽون مخصوص هيون. کهڙو صاحب اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي تمام ويجهي دوست نواب امير علي خان لاهوري جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. لاڙڪاڻي ضلعي مان کهڙي صاحب کان علاوه سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي به چونڊيا. کهڙي صاحب جو ابتدا ۾ اليڪشن کٽڻ ثابت ڪري ٿو ته هو ڪيترو نه هر دلعزيز ۽ مضبوط سياستدان هيو. اسيمبلي ۾ پهچڻ کهڙي صاحب لاءِ ڏاڍو ضروري هيو ڇاڪاڻ ته بمبئي اسيمبلي جي ايوان تان هو سنڌي مسلمانن لاءِ پنهنجا جذبا ظاهر ڪري ۽ جدوجهد شروع ڪري سگهيو پئي. آخر اهو ئي ٿيو جو کهڙي صاحب اسيمبلي ۾ پهچندي سنڌي مسلمانن سان مختلف مسئلن خاص ڪري ملازمتن ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ۽ سندس مدلل ۽ مفصل تقرير بمبئي جي ايوان ۾ هڪ خاموش جمود کي ٽوڙيو ۽ هندن ۾ مانڌاڻ مچي ويو. نيٺ کهڙي صاحب پاران پيش ڪيل انگ اکرن جي روشني ۾ حڪومت ڌيان ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وئي آخر سنڌي مسلمانن کي ملازمتن ۾ حصو ملڻ شروع ٿيو. سال 1923ع کان برصغير ۾ هندو مسلم فرقيوارانه فساد شروع ٿيا ۽ اهي مذهبي جهڳڙا تمام گهڻي عروج تي پهتا، سڄو معاشرو انهن فسادن جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هندستان ۾ هندن ”شڌي“ ۽ ”سنگهٽن“ تحريڪون شروع ڪيون ۽ مسلمانن کي زوري هندو بڻائڻ شروع ڪيو. اهڙين حالتن ڪري مسلمانن مٿان سخت مصيبتون ۽ عذاب نازل ٿيا. سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هندو عورت پنهنجو مذهب مٽائي مسلمان سان شادي ڪئي. هندن کي ان خبر تي وڏو غصو آيو ۽ هنن ڪورٽ ۾ ان عورت جي واپسي لاءِ گهر ڪئي جنهن جي انگريز انتظاميا حمايت ڪندي هندن جو ساٿ ڏنو ۽ ان عورت کي واپس هندن حوالي ڪيو ويو. رد عمل ۾ لاڙڪاڻي جي مسلمانن هندن جي دڪانن ۽ ملڪيتن کي گهڻو نقصان پهچايو. انگريز سرڪار سخت رويو اختيار ڪندي وڏي تعداد ۾ مسلمانن جون گرفتاريون عمل ۾ آنديون، سنڌ ۾ صرف خانبهادر کهڙو ئي اهڙو ليڊر هيو جنهن کلم کلا سنڌي مسلمانن جي حمايت ڪندي کين قانوني، مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. سنڌي مسلمانن کي وڪيل ۽ ضمانتون ميسر ڪري آزادي ڏياري پاڻ ملهائيو. کهڙي صاحب جي مجاهداڻي عمل سنڌي مسلمان ۾ کيس گهڻو مقبول بڻائي ڇڏيو ۽ هو سنڌي مسلمانن جو هيرو سڏجڻ لڳو. جيئن ته سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ خانبهادر عظيم خان پاران ننڍن کاتيدارن کي زرعي مقصد لاءِ واپارين کي واپار وڌائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪو آپريٽو بئنڪ شروع ڪئي وئي هئي. مقصد اهو هيو ته سنڌي مسلمان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. خانبهادر کهڙي ان تحريڪ ۾ پڻ گهڻو حصو ورتو ۽ پراونشل ڪو آپريٽو بينڪ جو ڊائريڪٽر به رهيو. سال 1928ع ۾ سنڌ زمينداري بئنڪ لاڙڪاڻو قائم ڪئي وئي. جنهن جو کهڙو صاحب اٽڪل چاليهه سالن تائين چيئرمين هيو. هي بينڪ به زميندارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيندي هئي. هڪ وقت اهڙو به هيو ته هر ٻيو زميندار ۽ وڏيرو سنڌ زميندار بينڪ جو قرضي هوندو هيو. بينڪ جي عاليشان بلڊنگ پير قائم شاهه بخاري جي سامهون هوندي هئي. جنهن کي هاڻي ڊاهي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ بڻايو وڃي پيو. خانبهادر سکر مان سنڌي ٻولي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ پڻ جاري ڪئي جنهن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر کهڙو صاحب پاڻ هيو. جڏهن ته اخبار جو ايڊيٽر آغا نظر علي ۽ پير علي محمد راشدي هيا. هن اخبار ۾ معروف محقق پير حسام الدين راشدي به گهڻي عرصي تائين ڪم ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ نڪرندڙ ڪل ٻه سنڌي مسلمانن جي ترجمان سنڌي اخبارون هيون. هڪ ”الوحيد“ ۽ ٻي اخبار ”سنڌ زميندار“ هئي. انهن ٻنهي اخبارن انگريز راڄ ۾ هندن جي پروپيگنڊه خلاف هڪ محاذ طور ڪم ڪيو. گهڻي عرصي تائين کهڙو صاحب بمبئي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. وٽس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي بورڊ ۽ سنڌ ڪالج جي بورڊ جي ميمبري پڻ رهي. بمبئي سرڪار جي ڪميٽين ۽ بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن سليڪشن ڪاميٽين تي ميمبر هيو ان ڪري کهڙي صاحب کي انتظامي صلاحيتن ۽ سرڪاري معاملن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ، هلائڻ جو وڏو تجربو هيو. اسيمبلي ۾ دليلن ۽ ثبوتن سان تقرير ڪرڻ جو وٽس ڏانءُ هيو. کهڙو صاحب ثبوتن، صبر، تحمل سان تقرير ڪندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت ڪيترن ئي بحث مباحثن دوران ڪڏهن اسيمبلي ۾ ڪو به اهڙو غير پارلياماني لفظ يا جملو نه ڳالهايائين جو ڪاروائي تان خارج ڪرڻو پوي. کهڙو صاحب کي هڪ هوشيار ۽ ڏاهو پارليامينٽرين سڏيو ويندو هيو. پير علي محمد راشدي جهڙو ذهين شخص کهڙي صاحب جو پرائيويٽ سيڪريٽري هوندو هيو. ان کان علاوه سنڌ جي سياستدانن ۽ زميندارن پاران ٺهندڙ اتحاد ”محمدن ايسوسيئيشن“ جو 1926ع ۾ ميمبر ۽ پوءِ نائب صدر مقرر ٿيو. جڏهن ته هندستان جي آئيني سڌارن بابت صورتحال جو آئيني جائزو وٺڻ لاءِ برطانيا سرڪار هڪ اعلى سطحي ”شاهي قانوني ڪميشن“ مقرر ڪري موڪلي ته ان ڪميشن وٽ کهڙي صاحب پنهنجن دوستن سان گڏجي سنڌ جي بمبئي کان عليحده حيثيت بابت گهڻي ڪوشش ورتي. هن تحريڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جي صدر ٿيڻ کان پوءِ وري وڌيڪ عروج ۽ اهميت اختيار ڪئي پر شروع ۾ خانبهادر کهڙو، سائين جي ايم سيد ۽ مسٽر محمد علي جناح هن ڏس ۾ بنياد وجهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا دين محمد وفائي به هن تحريڪ جا روح روان هيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي در اصل سنڌي مسلمان جي لاءِ هڪ طاقت جي حيثيت رکي پئي ڇاڪاڻ ته سندن مسئلن جو حل صرف انهن جي صوبي ۾ خودمختيار حڪومت هئي. کهڙي صاحب ان موقعي تي هڪ ڪتاب انگريزي ۾ ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ لکرائي تقسيم ڪرايو. سال 1929ع ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سائمن ڪميشن ۽ سنڌ فنانس انڪوائري ڪميشن اڳيان ڀرپور دليل پيش ڪيا. جولائي 1933ع ۾ کهڙي صاحب مسئلن کي نبيرڻ لاءِ برطانوي وزيراعظم ايف، ايل، برائين جي سربراهي ۾ سڏايل ”سنڌ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان بمبئي سرڪار جي ڏاڍاين جا ثبوت پيش ڪيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحده صوبي لاءِ 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت آرڊر نڪتو ۽ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پهرين اپريل 1936ع تي جڏهن سنڌ هڪ آزاد صوبي جي حيثيت ماڻي پوءِ هڪ سال لاءِ انتظامي ڪائونسل جوڙي وئي جنهن ۾ کهڙي صاحب کي پڻ ميمبر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال 1936ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايوان لاءِ 60 سيٽن جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻن وڏين ڌرين يا گروپن جو پاڻ ۾ سياسي دنگل ٿيو. 31آڪٽومبر 1936ع تي ٻن اتحادن جو وجود عمل ۾ آيو هڪ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جنهن جو سربراهه سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ سر عبدا﷢ هارون ۽ محترم جي ايم سيد خاص اڳواڻ هيا. هن جماعت جو پروگرام سنڌ ۾ رهندڙ تمام مذهبن ۽ قومن وچ ۾ ڀائيچارو پئدا ڪرڻ هيو. ٻي ”مسلم ڪانفرنس“ هئي جنهن جا اڳواڻ سر غلام حسين هدايت ا﷢، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو هيا. هن جماعت جو پروگرام سڌو سنئون مسلمانن جي حاڪميت ۽ حقن جي ڳالهه کان علاوه هندو مخالفت هئي. جيئن ته سنڌ جا مسلمان تمام گهڻا جذباتي ۽ هندن جا ڏکايل ستايل هيا انهن هن اليڪشن ۾ مسلم ڪاز جي لاءِ ڪم ڪندڙ اڳواڻن کي کٽائڻ جو فيصلو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ کهڙي صاحب جي جماعت جي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو کي هارايو. سر عبدا﷢ هارون جهڙو اڳواڻ پڻ اليڪشن هارائي ويٺو. سنڌ اسيمبلي جي هيءَ اليڪشن سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۾ پهريون ڀيرو قائم ٿيندڙ اتحاد کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ هي اليڪشن سنڌي مسلمان وڏيرڪي سياست ۾ گروپ بندين جو بنياد پئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين انهن جي اولاد ورثي ۾ سنڀاليو پئي اچي. پهرين اپريل 1937ع تي سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ کهڙي صاحب کي سنڌ مالڪاڻي حقوق لاءِ ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جتي هن صاحب سنڌ جي آبادگار کي بچاءُ ڏيارڻ ۽ زمين جي وڪري يا مٽاسٽا واري قانون ۽ قائدي بابت گهڻو پاڻ پتوڙيو. جيئن ته کهڙي صاحب جي پارٽي اڳواڻ سر غلام حسين هدايت ا﷢ کي اليڪشن ۾ اڪثريت ڪو نه هئي ۽ مخالف پارٽي جو قائد سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون اليڪشن ۾ هارائجي ويا هيا. سر شاهنواز ڀٽو ته سياست تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي رهيو هيو تنهن ڪري لاڙڪاڻي جي سياسي طاقت کهڙي صاحب ڏي رخ موڙيو. کهڙي صاحب جي مسلم ڪانفرنس اتحاد کي اسيمبلي ۾ ساڳي سال يعني 1937ع ۾ ئي شڪست ملي. سر غلام حسين هدايت ا﷢ وڏو وزير ۽ کهڙو صاحب مخالفت وارين بينچن تي ويٺا. سال 1938ع ۾ سنڌ اندر مسلم ليگ جو چرچو پڻ شروع ٿيو، جيئن ته خلافت تحريڪ کانپوءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۽ وري سنڌ جي بمبئي کان الڳ صوبو ٿيڻ واري تحريڪ سبب لڳاتار سال 1920ع کان 1938ع تائين سنڌ ۾ مسلم ڪاز جو پرچار ٿيندو رهيو. تنهن ڪري عام ماڻهو ۽ سنڌي سياستدانن جي گهڻي اڪثريت مسلم تحريڪن ۽ جماعتن جي حامي هئي، ڪراچي ۾ مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس 1938ع ۾ ٿيو جنهن جا سربراهه سر عبدا﷢ هارون، محترم جي ايم سيد، خانبهادر کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي هيا. سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ جو صدر سر عبدا﷢ هارون ٿيو. جڏهن ته 1939ع ۾ خانبهادر مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر چونڊيو جنهن تي مسلسل 1942ع تائين فائز رهيو. هو سندس سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد وجهندڙ باني اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس هن دور ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪانگريس جي حمايت سان خانبهادر ا﷢ بخش سومرو وڏو وزير هيو. سنڌ ۾ مسٽر محمد علي جناح جو جلسو صرف لاڙڪاڻي جي تجرباغ (هاڻوڪي هوشو باغ) ۾ ٿي سگهيو جيڪا کهڙي صاحب جي ڪوشش هئي. کهڙو صاحب پهريان سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ پوءِ سر عبدا﷢ هارون جي انتقال بعد سنڌ جو صدر مقرر ٿيو. پاڻ 1943ع کان 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو. سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ مسلم ليگ طرفان 1939ع ۽ 1940ع ڌاري شروع ٿي، درياهه جي ٻيٽ ۾ هندن جو ”ساڌ ٻيلو“ مندر هيو جنهن جي سامهون مسجد هئي. انگريز سرڪار تعمير ٿيل مسجد جي عمارت کي دنيا جي وهنوار لاءِ ڪتب آڻيندا هيا. مسلمانن جو مطالبو هيو ته اها مسجد اسان کي ڏني وڃي. هندن اها مسجد پنهنجي لاءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مسجد منزل گاهه واري تحريڪ هلائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين به کهڙي صاحب کي مقرر ڪيو ويو. کهڙي صاحب هن تحريڪ ۾ پڻ پاڻ ملهائيندي هندن ۽ انگريز سرڪار پاران مسلمانن مٿان نازل ٿيندڙ مصيبتن کي انتهائي دليري سان منهن ڏنو. هن تحريڪ ۾ هنگامن هندن کي ڪمزور ڪيو ۽ هو وقتي طور ڊڄي ويا.کهڙي صاحب کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ نظر بند ڪيو ويو. ڪانگريس مارچ 1940ع ۾ خانبهادر ا﷢ بخش سومري کي هٽائي مسلم ليگ جي سهڪار مير بنده علي ٽالپر کي وڏو وزير مقرر ڪيو. جنهن ۾ کهڙو صاحب به وزير مقرر ٿيو. هندن حڪومت تي ڪجهه شرط لاڳو ڪيا هيا پر کهڙو صاحب پنهنجي فطرت کان مجبور مسلمانن جي مدد ڪرڻ کان ڪو نه مڙيو نيٺ هندن کهڙي صاحب کان تنگ ٿي ڏيڍ سال بعد مسلم ليگ کي حڪومت مان هٽائي وري خانبهادر ا﷢ بخش سومري کي ٻيهر وڏ وزارت ڏني. سال 1940ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ قرارداد پاڪستان بابت مسلم ليگ جي تاريخي اجلاس ۾ به کهڙي صاحب ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. آگسٽ 1942ع ۾ بمبئي مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي ۾ کهڙي صاحب ۽ سندس ساٿين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ ٺاهه لاءِ ڪوشش ڪئي پر ان کي به نه قبوليو ويو. 14 مئي 1943ع تي خانبهادر ا﷢ بخش سومري جو قتل ٿيو ۽ هن قتل ڪيس ۾ کهڙي صاحب کي حڪومت 62 سيپٽمبر 1944ع تي گرفتار ڪيو. هي هڪ سازش تحت ڪيس ٺهيل هيو تنهن ڪري ججن ڪو به سرڪاري دٻاءُ نه قبوليندي پنهنجي ضمير جو فيصلو ڏيندي کهڙي صاحب کي 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلمانن سندس شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو. هي سال کهڙي صاحب جي زندگي ۾ سڀ کان گهڻي عزت، شهرت ۽ مقبوليت جو سال ثابت ٿيو ۽ سنڌ جي مسلمانن جو هيرو بڻجي ويو. هي اهو دور هيو جڏهن کهڙي صاحب کي سنڌ جو ”مرد آهن“ ۽ ”سنڌ جو اورنگزيب“ سڏيو ويندو هيو. 21 جنوري 1946ع تي ٽيون چونڊون منعقد ٿيون، سر غلام حسين هدايت ا﷢ وڏ وزارت ٺاهي ۽ خانبهادر وزير طور حلف کنيو. اسيمبلي ۾ اڪثريت نه هئڻ سبب 9 ڊسمبر 1946ع تي يارنهن مهينن بعد نيون چونڊون ٿيون ۽ وري به سر غلام حسين هدايت ا﷢ وڏو وزير ٿيو جڏهن ته خانبهادر کهڙو ڊپٽي چيف مسٽر مقرر ٿيو. سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح سر غلام حسين هدايت ا﷢ کي سنڌ جو گورنر ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي بنا مقابلي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيڻ جو اعزاز به کهڙي صاحب کي آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد ملڪ جي گادي جو هنڌ ڪراچي مقرر ٿيو. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي ۾ فساد شروع ٿيا ۽ تازو هندستان کان آيل مهاجرن ڪراچي ۾ رهندڙ هندن جي دڪانن ۽ ملڪيتن تي حملا ڪري وڏو نقصان پهچايو. هن خونريزي ۽ ڦرلٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو وزير کهڙو صاحب هڪ سپاهي ساڻ ڪري هنگامن واري جڳهه تي پهتو ۽ پنهنجي بهترين انتظامي صلاحيتن سان هنگامن تي ڪنٽرول ڪيائين، جنهن جي قائد اعظم مسٽر محمد علي جناح پڻ تعريف ڪئي. ڪراچي جي هندن کان بدلو وٺڻ ۽ انهن کي ڪراچي مان لڏائڻ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ جو هڪ مڪمل منصوبو ٺاهيو ويو پر کهڙي صاحب هندستان مان آيل مهاجرن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ۽ حالتن تي مڪمل ڪنٽرول ڪيو. هندستاني مهاجرن کي وزيرراعظم لياقت علي خان جي ڀلي ڪار هئي تنهن ڪري وڏي وزير کهڙي صاحب ۽ وزيرراعظم لياقت علي خان وچ ۾ اختلافات وڌي ويا. جلد ئي پاڪستان جي وزيراعظم نوابزاده لياقت علي ملڪ جي دارالحڪومت ڪراچي جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪومت کان وٺي مرڪز کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر کهڙي صاحب ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري حڪم جي مخالفت ڪئي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ گورنر صاحب کيس وزيراعلى جي عهدي تان هٽائي پير الاهي بخش مرحوم کي مقرر ڪيو. جنهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري انتظام مرڪز حوالي ڪيو. کهڙو صاحب خودمختيار، طاقتور ۽ ضدي سياستدان هيو. هو وڏ وزارت وارري وقت ۾ گورنر سر غلام حسين هدايت ا﷢ جي حڪمن کي به ڪونه مڃيندو هو. حڪومت ۾ وزير ٿيڻ کان وٺي هو پنهنجي ڪندو ۽ پنهنجا حڪم هلائيندو هيو. ڇاڪاڻ ته هو عهدي کان وڌيڪ پاور واري شخصيت هوندو هيو. سندس پويان سڄي سنڌ جا مسلمان هوندا هيا پر آخر ڪمال کي به زوال هوندو آهي. هڪ وقت ۾ گورنر سنڌ ۽ وزيراعظم پاڪستان سان اختلاف کهڙي صاحب کي تمام گهڻو مهانگو پيو. هڪ سج ٻه پاڇا واري چواڻي مطابق هاڻي کهڙي صاحب کي غير مقامي مسلم ليگ جي مالڪن ۽ حاڪمن سياست مان ٻاهر ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کهڙي صاحب جي موجودگي ۾ انهن جا جي حضوري ڪامياب ڪو نه پئي ٿي سگهيا، مرڪزي حڪومت نوابزاده لياقت علي خان جي قيادت ۾ پنهنجي جماعت ۽ سنڌ جي مسلمانن جي حقيقي اڳواڻ، مسلم ليگ جي محسن کي انتقامي ڪارواين جو نشانو بنائڻ شروع ڪري چارج شيٽ ڏني ۽ ان بنياد تي ٽريبونل ويهاريو. مرڪزي حڪومت هڪ نئون قانون پرودا لاڳو ڪري کيس ٽن سالن لاءِ ملڪي سياست مان خارج ڪري ڇڏيو. کهڙو صاحب پهريون سياستدان هيو جيڪو ان جو شڪار بڻيو. مٿس ٻه ڪيس جوڙيا ويا هڪ ته هن هڪ لاوارث موٽرسائيڪل پنهنجي بنگلي ۾ بيهڻ ڏني ۽ ٻيو هڪ ڇپائي جي ننڍڙي ٽريڊل مشين سستي قيمت تي سنڌ آبزرور پريس کي ڏياري، کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو ۽ ٽربيونل سزا ڏني، کهڙو صاحب لڳاتار ٻه سال هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهندو رهيو ۽ لکين رپيا وڪيلن کي فين جي روپ ۾ ادا ڪيا ڇاڪاڻ ته سندس وڪيل الهه آباد هاءِ ڪورٽ جو رٽائر چيف جسٽس سر اقبال احمد هيو. کهڙي صاحب آزادي ماڻي ۽ هاءِ ڪورٽ کيس باعزت بري ڪيو. مارچ 1951ع ۾ کهڙو صاحب ٻيهر سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو. مارچ 1951ع ڌارري ٿيندڙ چونڊن ۾ کهڙي صاحب پهريون ڀيرو ڌانڌلي، انتقامي ڪارروائي ۽ ڏنڊي جو استعمال شروع ڪيو. شايد هاڻي هن فيصلو ڪيو ته وفاداري نالي ڪا به شيءِ ناهي، حڪومت آهي ته سڀ سلامي آهن ۽ ڪرسي حاصل ڪرڻ، پاور قائم دائم رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو. کهڙي صاحب پنهنجي مخالف پير الاهي بخش کي به نااهل ڪرايو ۽ ضمني اليڪشن ۾ پنهنجي سالي ميان عبداللطيف پنهور کي ساڳي سيٽ تي بيهاريو. (ان وقت دادو ضلعو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هڪ حصو هيو) پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هئڻ باوجود سول سرجن کان نابالغي جو سرٽيفڪيٽ ڏئي اليڪشن کان ٻاهر ڪيو ويو. آخوند شفيع محمد کي فارم ڀرڻ کان هڪ رات اڳ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. صبح جو ڪليڪٽر جي دروازي تان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي اغوا ڪري پوليس 20 ميل هڪ بيابان ۾ ڦٽو ڪري آئي ۽ تاج محمد صحرائي صاحب جو فارم رد ڪري کهڙي صاحب جي سالي کي بنا مقابلي چونڊرايو ويو. قمبر علي خان لاڙڪاڻي ۾ مير محمد خان چانڊيي جي انتقال سبب اسيمبلي جي سيٽ خالي ٿي جنهن جي جڳهه تي سندس نابالغ پٽ نواب سلطان احمد چانڊيي صاحب کي سول سرجن هٿان بالغي جو سرٽيفڪيٽ ڏياري اميدوار بيهاريو. سندس مقابلي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀريو. سڄي سنڌ ۾ هاري ڪميٽي جو زور هيو ۽ هاري پارٽي ورڪر اليڪشن ۾ قمبر علي خان پهتا پر حيدر بخش جتوئي صاحب ۽ سندس هاري ورڪرن جي گاڏين جا ٽائر ڦاڙيا ويا. انهن کي مارڪٽ ڪرائي وئي. حيدر بخش جتوئي صاحب کي هارين هٿان پٿر هڻايا ويا ۽ ڪيترن هاري ورڪرن کي ڏوراهين علائقن ۾ ڦٽو ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ جهڙا واقعا دهرايا ۽ نواب سلطان احمد خان چانڊئي کي کٽايو ويو. اهڙي غير جمهوري طريقن تي عمل ڪرڻ سبب کهڙي صاحب جي عزت، شهرت ۽ وقار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ هو عام ماڻهن ۾ پنهنجي شخصيت کي برقرار رکي نه سگهيو. هاڻي ڪجهه وڏيرڪي سياست جو جمود به ٽٽو هيو ۽ مسلم ليگ کانپوءِ هاري تحريڪ خاص سياسي ورڪرن جي جماعت وڏيرڪي نظام ۽ غير جمهوري اپائن خلاف ڀرپور قوت اختيار ڪري ورتي هئي. کهڙي صاحب کي تمام گهڻو تنقيد ۽ بدنامي ساڻ منهن ڏيڻو پيو. هڪ دفعو وري کهڙي صاحب خلاف فائيل کليا ۽ نئين سر ايبڊو ڪيس هلائي کيس وڌيڪ ٽن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. سال 1953ع ۾ چونڊون ٿيون ۽ پيرزاده عبدالستار صاحب جي وڏ وزارت قائم ٿي. کهڙو صاحب هن اليڪشن ۾ نااهلي سبب عمل دخل ڏئي ڪو نه سگهيو. هاڻي کهڙو صاحب سياست کان ٻاهر رهڻ لڳو. سندس طاقت به گهٽجندي وئي ۽ بنگلي تي وڏيرن ڪامورن ۽ ڪم ڪار لاءِ درخواست ڏيندڙن جو تعداد به نه هئڻ برابر رهيو. سنڌ جي سفيد ۽ ڪاري جو مالڪ، سڄو ڏينهن آرڊر ڪرڻ، حڪم هلائيندڙ هاڻي مجبورن واند ڪائي جا ڏينهن گهارڻ لڳو، سنڌ جي وڏيرڪي سياست ۾ هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ هلندڙ جهيڙي ۾ غير سنڌي سياستدانن ڀرپور فائدو ورتو ۽ سنڌ جي تمام مور جهڙن سهڻن سياستدانن، باهمت وڏيرن، اسيمبلي ميمبرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سڀني کي استعمال ڪيو ۽ سڀ سنڌي وڏيرا سياستدان ڪمزور ٿيندا ويا. ايستائين جو 1954ع ۾ سڀئي ايبڊو جي قانون تحت نااهل ٿي گهر ۾ ويهي پنهنجي عروج ۽ وزارتن واري دور جا خواب ڏسڻ ۽ ڪچهرين ۾ ڊاڙون ڊڇون هڻڻ تائين محدود هيا. هڪ دفعو وري پاڪستان جي ڊڪٽيٽر گورنر جنرل غلام محمد خان سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار صاحب کي ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو. سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جي پيرزادي صاحب سخت مخالفت ڪئي. انهن ون يونٽ خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ به پاس ڪرايو. سياسي پارٽين مخالفت ڪئي. گورنر جنرل غلام محمد ان صورتحال تي سخت ڪاوڙيو ۽ هن خانبهادر کهڙي تان ايبڊو جي بندش ختم ڪري، اسيمبلي ميمبر نه هئڻ باوجود پيرزادي عبدالستار کي برطرف ڪري کهڙي صاحب کي ٽيون دفعو سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو. کهڙو صاحب پنهنجي مٿان بندش سبب گهڻو مايوس ۽ ناراض هيو ٻيو وري پيرزادي عبدالستار جي ڪابينا مان خارج ڪيل ٻه وزير قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ پير علي محمد راشدي صاحب جهڙا ناراض سياستدان به اچي خانبهادر کهڙي ساڻ گڏيا، جن پڻ پنهنجي ذهانت، قلم ۽ علم استعمال ڪندي کهڙي صاحب کان ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. راشدي صاحب ۽ قاضي صاحب وڏي عقل ۽ انتظامي جذبي جا مالڪ هيا. ان وقت جي ڳالهه آهي ته وڏي وزير پيرزاده عبدالستار ون يونٽ خلاف مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو. هن صاحب عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ بئراج ڪالوني سکر ۾ ون يونٽ خلاف هڪ وڏو عام جلسو منعقد ڪيو. جنهن ۾ ون يونٽ ٺهڻ مان سنڌ کي ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل ٻڌايا ۽ عوام ”ون يونٽ مرده باد“ جا نعرا هنيا وري جڏهن کهڙو صاحب وڏو وزير ٿيو ته ساڳي هفتي ۾ ساڳي جڳهه تي ون يونٽ جي حمايت ۾ جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ عوام کي ون يونٽ ٺهڻ جا فائدا ٻڌايا ته عوام وري ”ون يونٽ زنده باد“ جا نعرا هنيا. گورنر جنرل وٽ کهڙي صاحب کي وڏو وزير ڪرڻ جو مشورو پير علي محمد راشدي صاحب ڏنو هيو. کهڙو صاحب به ٿڪل جهنگلي شينهن وانگر شڪار جي انتظار ۾ ويٺو هيو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر سڀ ڪجهه ڪري ويو. ون يونٽ جو بل اسيمبلي ۾ 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ اسيمبلي جي 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن جي حمايت سان پاس ٿيو. آڪٽومبر 1955ع جي آخر ۾ ون يونٽ قائم ٿيو جنهن ۾ کهڙو صاهب وزير مقرر ٿيو. جڏهن مسلم ليگ ٽٽي وئي ۽ ريپبليڪن پارٽي جي حڪومت وجود ۾ آئي ته کهڙو صاحب وزارت تان استعيفا ڏني ۽ 1956ع کان 1957ع تائين اپوزيشن ۾ ويٺو. ون يونٽ ٺهڻ مهل سنڌ سرڪار وٽ موجود 22 ڪروڙ رپيا ناڻو به وفاق حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اسيمبلي جي جدا حيثيت به ختم ٿي وئي هئي. سنڌ کي بمبئي کان ڌار صوبو ٺاهيندڙن هڪ دفعو وري پاڻ ئي سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪيو. اهو تاريخ ٻڌائي ٿي ته وقت تي ڪيئن نه ڪهڙا انسان ڪجهه فائدن خاطر بدليو وڃن. 1958ع جي آغاز ۾ سر فيروز خان نون مرڪز ۾ وزارت ٺاهي ۽ کهڙي صاحب کي وزير دفاع مقرر ڪيو پر وري 7 ۽ 8 آڪٽومبر 1958ع واري رات جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳايو ۽ 14 آڪٽومبر 1958ع تي وزير دفاع خانبهادر کهڙي کي گرفتار ڪري سي ڪلاس جيل ۾ داخل ڪيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو ته هن هڪ مرسڊيز ڪار جي پرمٽ وڪڻي پنج هزار رپيا ڪمايا. ان ڪيس ۾ کيس ٻه سال سزا ملي. ون يونٽ خلاف سنڌ جي سياستدانن ۾ هڪڙو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هيو جيڪو جدوجهد جاري رکيو آيو پوءِ وري سياستدانن ون يونٽ خلاف سنڌ متحد محاذ جوڙيو جنهن جو صدر خانبهادر کهڙو کي ڪيو ويو. هن محاذ ۾ پير صاحب پاڳارو، مخدوم آف هالا، پيرزادو عبدالستار، مير غلام علي خان ٽالپر، حاجي مولا بخش سومرو، قاضي فضل ا﷢، خانبهادر غلام محمد وساڻ، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا ون يونٽ جا حامي ۽ مخالف سياستدان هڪ دفعو وري گڏ ٿيا پر هاڻي وقت انهن جي هٿان نڪري ويو هيو. هاڻي انهن جو گڏجڻ ڪنهن کي به پريشان ڪو نه ڪري سگهيو. ان محاذ تان سڀني جهونن سياستدانن 1970ع جي اليڪشن ۾ حصو به ورتو پر سڀئي سياستدان اليڪشن ۾ هارائجي ويا. صرف مخدوم آف هالا کٽيو ڇاڪاڻ ته سندس واسطو پاڪستان پيپلز پارٽي سان هيو. خانبهادر کهڙو 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان قومي اسيمبلي مقابلي ۾ بيٺو پر هن کي زبردست شڪست ملي. ڀٽو صاحب کان 1970ع واري اليڪشن هارائڻ بعد کهڙي صاحب عملي سياست تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ووٽ واري سياست عوامي سياست جو روپ اختيار ڪري وئي. خانبهادر کهڙي بابت جڏهن مون مضمون لکيو ته سندس حمايت ۽ مخالفت ۾ سڀ مضمون پڙهيا. مان پاڻ 1970ع واري اليڪشن ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت ۾ سندس خلاف حصو ورتو. پنهنجو غير جانبدارانه تجزيو آهي ته سندس سياست کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ سندس عروج ۽ ڪمال وارو دور آهي جنهن ۾ هو سنڌ جو اورنگزيب ۽ هيرو هيو، جڏهن ته ٻيو دور غلط فيصلن سبب کيس سنڌ جو غدار لقب به ٻڌڻو پيو. کهڙو صاحب بنيادي طرح سان هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس شخصيت به ان نظام جي عڪاسي ڪري وئي. هو ڪنهن عوامي سياست يا شخصيت جو مالڪ نه هيو. سياست ۾ فن، فنڪاري، سچ، ڪوڙ واري ڊرامي بازي کان اڻ واقف هيو. سڌو سنئون زمينداري سياست ڪندو هيو. مخالفت ۾ اچبو ته هر طريقو استعمال ڪبو. هو رعب ۽ دٻدٻو پسند ڪندو هيو. سندس نظرياتي سياست ڪا نه هئي. بس جهڙو ديس تهڙو ويس سندس پهريون دور هندو مسلم سياست ۾ مسلم ڪاز کي تحريڪ جو روپ ڏيڻ، مسلمانن لاءِ ڪورٽ، رستن ۽ اسيمبلين ۾ محاذ ٺاهي وڙهندو رهيو. هن هڙان ۽ وڙان سنڌ ۾ مسلمانن جي تحريڪن کي ساٿ ڏنو ايتري تائين جو ملسم تحريڪن جو ”مرد مجاهد“ لکيو ويندو هيو. سنڌ جي مسلمانن هندو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف کهڙي صاحب کي پنهنجو رهبر بڻايو. جيلن مان آزادي بعد سندس شاندار استقبال ڪيا. جلسا جلوس منعقد ٿيا. سنڌي مسلمانن کهڙو صاحب کي هر اليڪشن کٽرائي. سندس انگريز ۽ هندو راڄ خلاف جدوجهد جي هر هنڌ واکاڻ هئي. ان عروج واري دور ۾ وري مسلم تحريڪن جي ڪاميابين بعد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ پڻ خانبهادر کهڙو تحريڪ جي قائد سر شاهنواز ڀٽو سان شانه بشانه جدوجهد ڪندي نظر آيو. ٻيو دور مسلم ليگ جو آهي، 1936ع کان پوءِ سر شاهنواز خان ڀتو جي سياست تان رٽائرمينٽ ۽ سنڌ مان لڏي بمبئي رهڻ ڪري لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي سياست ۾ خانبهادر سندس جڳهه والاري، مسلم ليگ جي شروعات کان وٺي پاڪستان ٺهڻ تائين کهڙو صاحب مسلم ليگ سنڌ جو قائد ۽ اسيمبلي ۾ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر هيو جيڪو سنڌ جي سياستدانن وڏيرن نوابن ۽ سندس هر دلعزيز يا مقبول شخصيت جو ثبوت ڏئي ٿو. پاڪستان تحريڪ ۾ به هو سنڌ اندر مسلم تحريڪ جو جهنڊو کنيو بيٺو آهي. هو ايترو ته مضبوط ۽ مقبول آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد مسٽر محمد علي جناح سنڌ لاءِ پهريون وزيراعلى خانبهادر کهڙي کي ڪري ٿو. پاڪستان ٺهڻ بعد وزيراعلى سنڌ جي حيثيت ۾ کهڙو صاحب بهترين ايڊمنسٽريٽر ثابت ٿيو. وڏيرڪي انداز، محدود گفتار، اعلى انتظامي صلاحيتن، بهترين ڪردار سبب سنڌ جي ڪاموري تي سندس پورو ڪنٽرول رهي ٿو. ڪنهن به ڪاموري جي اها مجال ڪونهي ته کهڙي صاحب جي آرڊر تي عمل نه ٿئي سخت ترين ايڊمنسٽريٽر هيو، هر قسم جي هنگامن ۽ بحران کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جو مالڪ هيو. نيڪ نمازي ۽ صاف شفاف زندگي گذارڻ جو عادي هيو. محفلن ۾ يارن دوستن سان ڪچهرين جو قائل نه هيو. ڪم جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو قائل هيو. پنهنجي حڪم تي هر حال ۾ عمل چاهيندو هيو. سندس اهڙي رعب ۽ مقبوليت واري سياسي زندگي ۾ پهريون دفعو هڪ ٽڪراءُ اچي ٿو. وزيراعظم لياقت علي خان جي حمايت سان هندستان مان آيل مهاجرن ڪراچي ۾ رهندڙ هندن جي جائداد کي نقصان پهچايو ۽ هندو مسلم فساد ڪرايو. کهڙو صاحب سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ پاڻ ذاتي طور نگراني ڪري فساد ختم ڪرايا ۽ فسادي مسلمان هندستاني مهاجرن کي گرفتار ڪيو. جيڪا ڳالهه وزيراعظم لياقت علي خان کي ڪو نه وڻي. ٻنهي درميان اختلاف ٿيا. کهڙي صاحب کان سياسي طور ڪراچي جو ڪنٽرول کسڻ لاءِ ڪراچي کي مرڪزي جي ماتحت ڪرڻ لاءِ لياقت علي خان صاحب مهم هلائي. کهڙو صاحب مخالفت ڪئي پر آخر کهڙو صاحب کي هٽائي پير الاهي بخش کي وڏ وزارت ڏئي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪيو ويو. ٻيو دور کهڙي صاحب جڏهن ڏٺو ته طاقت جي زور تي سنڌ جي اسيمبلي ۽ مسلم ليگ جي هر دلعزيز قيادت کي هٽائي وڏيرن ۽ زميندارن جي هڪ ٽولي کي اقتدار حوالي ڪيو ويو. کهڙي صاحب کي ايبڊو تحت نااهل ڪيو ويو. تڏهن سندس اندر جو هڪ حڪمران وڏيرو زخمن بعد تڙپندي نظر اچي ٿو. 1920ع کان 1948ع تائين حڪم هلائيندڙ وڏيرو سياستدان هاڻي گهر ويهي ا﷢ کي ياد ڪري ۽ ٻنيون سنڀالي، خاموشي سان پير الاهي بخش صاحب جهڙن وزيرن وڏيرن پاران تڪڙبازي وسيلي حڪومت حاصل ڪرڻ کي تقدير جي ستمگري سمجهي ويهي رهي. ڪامورا، وڏيرا ۽ ٻيا سڀ جي حضوري ۽ سوالي سندس بنگلي تي نه اچن. اهو سڀ ڪجهه کهڙي صاحب کان برداشت ڪو نه ٿيو ٻيو وري پير علي محمد راشدي صاحب جهڙي هر فن مولا شخصيت خانبهادر کهڙي جي ويجهو هئي. ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ گهربو آهي. اهو اعزاز سر شاهنواز خان ڀٽو کي آهي. جنهن 1936ع ۾ اليڪشن هارڻ بعد سنڌ جي سياسي وڏيرن دوستن کي خدا حافظ چئي مرڻ گهڙي تائين ٻيهر سنڌ جي سياست ۾ پير نه پاتو. يا وري نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي جنهن قاضي صاحب، کهڙو صاحب جي عروج ۾ اسيمبلي سيٽن تي مقابلا ڪيا ۽ هر مقابلو کٽيو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪا به اليڪشن ڪو نه هرائي. هو ناقابل شڪست هيو پر هڪ وقت اچڻ تي سياست تان رٽائر ڪيو ۽ اڄ تائين وري ڪنهن سياسي پارٽي تان نظر ڪو نه آيو. در اصل اقتدار جو نشو، طاقت ۽ غرور ۾ مزو آهي، جيڪو اگر هڪ دفعو لڳو ته پوءِ ڪو نه ويندو چاهي جان هلي وڃي. کهڙو صاحب ان طاقت ۽ اقتدار جي مزي کان محروم رهي نه سگهيو ۽ هن صاحب به پير علي محمد راشدي صاحب جهڙن ذهنن جي مشورن کي قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ملاکڙي ۾ اصل اهميت ٻي ملهه جي آهي ۽ هو به کيڏندو. سنڌ جي ابن الوقت وڏيرن کي مزو چکائيندو اهڙي طرح ملاکڙي جي ٻي ملهه خانبهادر کٽي ورتي هڪ وقت ڪراچي مرڪز حوالي مخالفت ڪندڙ صاحب سڄي سنڌ ون يونٽ خاطر مرڪز حوالي ڪري ڇڏي، جيئن خانبهادر کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کان غلط ڪم ورتو ويو تيئن وري پيرزاده عبدالستار جهڙي ون يونٽ مخالفت وڏي وزير کي هٽائي خانبهادر کي وڏو وزير بڻائي ون يونٽ جهڙو فيصلو ڪرايو ويو. هاڻي کهڙي صاحب محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. وارو نعرو هنيو. ڪرسي کي قائم دائم ۽ جلا بخشڻ لاءِ کهڙي صاحب سنڌ ۾ مخالفن مٿان ڏنڊو وسايو. جيل موڪلڻ، انتظامي ڪارروايون ڪرڻ، مخالفن کي هر حال ۾ ايوان ۽ اقتدار کان پري رکڻ ته وري وڏيرن خلاف هاري جي حق جي آواز کي به ناپسنديده ڳالهه سمجهي ڪچلڻ سندس سياسي وهنوار رهيو. هو سنڌ ۾ ان راند ۾ اڪيلو ڪو نه هيو پر تمام وڏيرا جيڪي اسيمبلين ۾ هيا سڀ شامل هيا. ڪنهن سائين مسلمانن کي ڌار وطن ڏيڻ لاءِ جذبي ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان ۾ شموليت جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته ڪنهن پير فراخدلي ڪندي ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪئي ته پوءِ خانبهادر به اهڙن ئي سحر انگيز جذبن جو مالڪ ثابت ٿيو ۽ ون يونٽ ٺاهي ويٺو. کهڙو صاحب تاريخ جو شاگرد ڪو نه هيو، هو سڀاڻي جي تاريخدانن جي قلم جي فيصلي کان واقف ڪو نه هيو، تنهن ڪري سڀ سٺا ۽ سڀ غلط فيصلا ڪري ويٺو ڇاڪاڻ ته وٽس فيصلي ڪرڻ ۽ سياست ۾ جنگ نه هارائڻ جي طاقت ۽ سوچ هئي. بهرحال کهڙو صاحب لاءِ سندس ٻيو دور تمام گهڻو تڪليف وارو تڏهن ظاهر ٿيو، جڏهن هو 1970ع وارين اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مقابلي ۾ بيٺو. ان وقت اخبارن، تقريرن ۽ تحريرن ۾ کهڙي صاحب جي پاڪستان ٺهڻ بعد ٻئي دور جون داستانون ظاهر ٿيو. جيڪي هن صاحب پاڻ به ٻڌيون ۽ پڙهيون. ڪلهه جي حڪومتي، اقتداري فيصلن بابت اڄ جي تاريخ کهڙي صاحب لاءِ هڪ اڻوڻندڙ باب جوڙيو. سياست ۾ بدلا پڻ ٿيندا آهن. هڪ وقت هيو ته خانبهادر محمد ايوب کهڙي مسلمانن جي سياست ڪندي سال 1936ع ۾ سنڌ جي هيري سر شاهنواز ڀٽو کي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙي نومسلم ورڪر هٿان شڪست ڏياري. وري هڪ وقت اهڙو آيو جو سنڌ جو مرد آهن خانبهادر کهڙو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سال 1970ع وارين اليڪشن ۾ مسلمان، اسلام ۽ پاڪستان جا زوردار نعرا هڻندي به سر شاهنواز ڀٽو جي پٽ سوشلزم جي حامي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کان شڪست کاڌي، کهڙي صاحب ۾ هڪ ڳالهه تمام ڀلي هئي ته هن وقت جي سياسي وهڪرن ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو پر هن پنهنجي زندگي ۾ صرف هڪڙي پارٽي مسلم ليگ ۾ رهڻ پسند ڪيو. هو مسلم ليگ ۾ شموليت کان وٺي آخر تائين پڪو ۽ سچو مسلم ليگي هيو. برساتي سياستدانن وانگر سياسي پارٽين جا تبديل ٿيندڙ ويس وڳا نه پاتا اها الڳ ڳالهه آهي ته مسلم ليگ وارن ساڻس ڪهڙي وفا ڪئي يا ڪهڙو حشر ڪيو. کهڙي صاحب لاءِ مشهور هيو ته هو مغرور ماڻهو آهي، در اصل هو فيوڊل ڪلاس جو ماڻهو هيو، سندس انداز انگريز وارو هوندو هيو. سخت مزاج نه پر سخت ايڊمنسٽريٽر هيو. وزارت يا ڪنهن به عهدي کان وڌيڪ پاڻ کي سمجهندو هيو يا وڌيڪ اختيار استعمال ڪندو هيو. جڏهن وڏو وزير هيو ته هر هڪ ڪم پاڻ ڪندو هيو. چون ٿا ته وفاقي وزير دفاع جي ڏينهن ۾ چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل محمد ايوب خان کي ڪلاڪ ٻه انتظار گاهه ۾ ويهاري ڇڏيائين ۽ جڏهن جنرل محمد ايوب خان مارشل لا لڳايو ته هن کهڙي صاحب کي گرفتار ڪري بدلو ورتو. کهڙي صاحب جي ياري دوستي گهڻو ڪري تمام گهٽ هئي، هو عوامي انقلابي ليڊر ڪو نه هيو. سندس سياست صرف هلندڙ وقت مٿان گردش ڪندي هئي. هو صرف اڄ جي سياست ڪندو هيو وٽس سڀاڻي جي سياست ڪرڻ، ايندڙ وقت کي سامهون رکڻ ۽ فيصلا ڪرڻ واري فلسفي بابت گنجائش نه هئي. حڪومت ۾ سخت ايڊمنسٽريٽر هئڻ ڪري اڪثر وڏيرا، وزير ۽ ڪامورا کهڙي صاحب کان ڊڄندا هيا. جڏهن اقتدار مان لهندو يا جيل ويندو هيو ته خوش ٿيندا هيا وري جڏهن ٻاهر نڪرندو هيو ته سڀ هار گلن جا کڻي استقبال ڪرڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ لاءِ پهچندا هيس. کهڙو صاحب علم، ادب، فن، شاعري ۽ فلسفي جي ڄاڻ وارو سياستدان نه هيو نه ئي وري تاريخ تحقيق جي خبر هيس پر هو نيڪ نمازي، روزا رکندڙ ۽ حج پڙهندڙ انسان هيو. شراب، شباب، ڪباب جي محفل ڪو نه مچائيندو هيو. رڇ، ڪتن ۽ سوئرن جي بڇ ۽ شڪار کان پري هيو. ويس وڳا سٺا پائيندو هيو. اسيمبلي ۾ تياري ڪري ويندو هيو. تقرير ۾ دليلن جو ماهر هيو. ڪنهن کي اڄ جي وزيرن ۽ سياستدانن وانگر دم دلاسو ڪين ڏيندو هيو. ڳالهه سمجهه ۾ آيس ته ڪم ڪندو نه ته رخو جواب موقعي تي ڏيندو. ڪنهن به مخالفت جي پرواهه ڪا نه هيس، حمايت مخالفت کلم کلا ڪندو هيو. سندس دوستي گهٽ دشمني گهڻي هوندي هئي. کهڙي صاحب پنهنجي زندگي جي 79 سالن مان اٽڪل پنجاهه سال سياست ۾ گذاريا. سندس 1920ع کان 1948ع تائين شاندار ڪارنامن جا باب ۽ 1948ع کان 1970ع تائين تنقيد ڀريا صفحا تاريخ ۾ شامل آهن. هڪ تاريخ جي تنقيد نگار يا سياسي ورڪر لاءِ لازم آهي ته هو هڪ شخصيت بابت قلم کڻڻ مهل سندس خوبيون ۽ خاميون ظاهر ڪري. فيصلو پڙهندڙ ڪري ته قوم ڪيئن ۽ ڪٿي نفعا ۽ نقصان حاصل ڪندي آهي. پاڻ روزن واري عيد جي رات 9 وڳي تاريخ 20 آڪٽومبر 1980ع تي انتقال ڪري ويو. انتقال وقت سندس عمر 79 سال هئي. کيس اولاد ۾ شاهه محمد پاشا کهڙو، شاهه زمان، مسعود احمد ۽ خالد محمود پٽ آهن. سندس نياڻي محترمه رشيده کهڙو قومي اسيمبلي ميمبر رهي آهي، ۽ محترمه حميده کهڙو سياست ۾ سرگرم آهي. مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، اهي ڏينهن اهي شينهن، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر ۽ رسالو سنڌ دوست. پير علي محمد راشدي سنڌ ۾ ڪيترائي خاندان اهڙا آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن، يا سندن خاندان جي حوالي سان تاريخ جڙي آهي، اهڙن معتبر خاندانن مان هڪ راشدي خاندان آهي. جنهن ۾ ڪيترائي جڳ مشهور اديب محقق، دانشور ۽ اڳواڻ پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب پنهنجن ڪارنامن وسيلي جوڙيا آهن، اهڙين نه وسرندڙ هستين ۾ سنڌ جو ڏاهو زيرڪ سياستدان، ادب ۽ لفظن وسيلي موتين مالا ٺاهيندڙ اديب، سنڌين جي صدين جي رسم ۽ رواج تي کوجنا ڪندڙ محقق، ٻئي کي جملن ۾ مٺڙي جادو ساڻ پنهنجي مقصد تي راضي ڪرائيندڙ سفارتڪار، صحافي، ايڊيٽر جنهن پنهنجي قلم ڪالم اخبار ۽ ايڊيٽوريل وسيلي سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌ ۾ قائم سياسي پارٽين جي تنظيم سازي ۾ مدد ڪئي. نظرين جو پرچار ڪيو، تحريڪن کي رهنمائي ڏني ۽ تحريڪن جو پيغام عوام کي پهچايو اهو پير علي محمد راشدي صاحب آهي. سنڌ جي هن مهان هستي پنهنجي زندگي جا ڀرپور 82 سال تحرير ۽ تقرير ۾ تحريڪ سان گذاريا. جنهن پنهنجي قلم کي عبادت سمجهندي تحريڪن لاءِ گس ۽ لاڙا ڏنا پوءِ چاهي اها سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف تحريڪ هجي يا مسجد منزل گاهه، يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ تحريڪ پاڪستان هجي. هن پنهنجي قلم سان سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن وسيلي سنڌ جو مقدمو وڙهيو، جبل جيڏي هن اعلى دماغ شخصيت جي زندگي عملي طرح سان ڪجهه حصن ۾ ورهائيل آهي، جنهن ۾ هڪ زميندار ۽ پير گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ پر پنهنجي صلاحيت ۾ جدوجهد وسيلي قوم ۾ شناخت ڪرائڻ، ٻيو صحافت، ادب، ٽيون سياست ۽ سفارت شامل آهن. پير علي محمد راشدي ڪيترن ئي دورن جو ترجمان ۽ تاريخساز انسان هيو جنهن زندگي ۾ جيڪو به ڪم يا شعبو هٿ ۾ کنيو ان ۾ پنهنجي فن ۽ ڪمال سان ڪاميابي ماڻي. سندس سحر انگيز شخصيت ۾ دنيا جي گهڻين ٻولين تي عبور کي وڏو دخل هيو. هن صحافت، ادب ۽ سفارت جي عهدن تي تاريخساز ڪارناما سر انجام ڏنا. جنهن جي تحقيق ڪرڻ بعد اسان کي اڄ ۽ سڀاڻي تي ناز رهندو پر پير علي محمد راشدي جي سياسي دور ۾ حڪومتن جي جوڙ توڙ ۽ ون يونٽ قائم ڪرڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻيو رهندو. سندس سياسي غلطيون اڄ جي وڏيرن، سياستدانن لاءِ سبق آهن. هن طوفاني شخصيت جنهن پنهنجي سوچ عقل ۽ عمل سان منصوبابندي ڪري حاڪمن جي سوچن جا رخ بدلايا، سندس منصوبن سان اقتدار ڊهندا ۽ ٺهندا رهيا. سياسي تاريخ جا ورق ۽ حالتن جا موڙ مڙيا. مٿس ڪجهه لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سندس پيدائش وارو دور پيري جاگيرداري جي عروج وارو دور هيو. هي جهالت جو دور هيو، علم ڪو نه هيو. پير علي محمد راشدي صاحب جو خاندان لڪياري سيدن جي شاخ مان آهي. سندن نسب جو سلسلو سيد علي مڪي جي سنڌ ۾ اچڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو 1127ع ڌاري سنڌ ۾ لڏي آيو. سيد علي مڪي جي اولاد لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿي تنهن ڪري لڪياري سڏجڻ لڳا. راشدي خاندان جي باني سيد محمد راشد جي پيدائشي شجري مطابق سيد محمد راشد شاهه جنهن 6 جون 1818ع تاريخ وفات ڪئي، ان کي ٻه پٽ هيا هڪ سيد ميان صبغت ا﷢ شاهه اول جيڪو صاحب دستار يا پير پاڳارو سڏيو ويندو هيو. ٻيو سيد محمد ياسين شاهه جيڪو صاحب علم يا جهنڊي وارو پير سڏيو ويندو هيو، پير ميان صبغت ا﷢ شاهه 1831ع جي تاريخ 18 فيبروري تي وفات ڪئي، کيس ٻه فرزند هيا، هڪ سيد علي محمد شاهه جنهن مان راشدي خاندان آهي، ٻيو ننڍو سيد علي گوهر شاهه جنهن مان حضرت پير پاڳارو جو اولاد آهي، سيد علي محمد شاهه جي وفات 17 جولائي 1867ع تي ٿي کيس پنج فرزند هيا جنهن مان هڪ سيد پير شاهه کي هڪ فرزند سيد محمد حامد شاهه ٿيو، جيڪو 31 مارچ 1937ع تي گذاري ويو. سيد حامد شاهه کي ٽي فرزند ٿيا. هڪ سيد پير علي محمد شاهه راشدي ٻيو پير حسان الدين راشدي ٽيون سيد احمد شاهه آهن. پير علي محمد راشدي تاريخ 5 آگسٽ 1905ع جمعي ڏينهن صبح جو ساڍي پنجين وڳي قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس بنيادي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي ڇاڪاڻ ته ان وقت جو وڏيرو، پير ۽ جاگيردار تعليم لاءِ اسڪول کي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ گناهه جو اڏو سمجهندو هيو، ان وقت جي رهبرن ۽ حاڪمن سنڌ ۽ سنڌين کي تعليم جهڙي شعوري انقلاب کان پري رکيو. پير صاحب ننڍپڻ ۾ مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صديق وٽ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪئي، خانگي طرح چار درجا انگريزي ماستر محمد رفيق ۽ پوءِ نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر کان پڙهيا، پير علي محمد راشدي صاحب تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڪورس يا ڪتابن ۽ امتحان جو محتاج نه رهيو. سندس استاد زمانو، حالتون، گردش ۽ روزانو ملندڙ ماڻهو هيا، سندس ڊگري سرٽيفڪيٽ نه پر زندگي جو تجربو آهي. کيس سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي، عربي ۽ چيني زبانن تي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ تائين مڪمل عبور هيو. هن شخص پنهنجي علم ۽ ڄاڻ درياهه جيتري وڏي بڻائڻ لاءِ جهنگن ۽ ڳوٺن ۾ ڏينهن راتيون گذاريو، پنڌ، پيچرا، ڏک ڏولاوا ڏٺا، ديس پرديس جهاڳيا ۽ روايتي پيرن ۽ نذرانو وٺندڙ مرشد گهراڻي کان علاوه هڪ زميندار گهر جي هن شخص پنهنجي شناخت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ زندگي کي مقصد ڏيڻ لاءِ پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ بک به ڪاٽي پر آخر پاڻ مڃايو. هن ڏاهي زندگي جو آغاز صحافتي شعبي سان ڪيو. 15 سالن جي ڄمار ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ قادري خاندان جي اخبار ”الحقيقت“ ۾ مضمون لکندو رهيو ۽ رپورٽر ٿيو. پوءِ سال 1924ع ۾ پنهنجي ڳوٺ مان ماهوار رسالو ”الراشد“ ڪڍڻ شروع ڪيو. 1924ع ۾ ”سنڌ نيوز“ جي نامه نگار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 1925ع کان 1929ع تائين ”الحزب“ شڪارپور ۽ ”الامين“ سکر جا ايڊيٽر رهيا، 1929ع کان 1930ع تائين سکر مان خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار“ جا ماهوار 50 رپيا پگهار تي ايڊيٽر رهيا. هن اخبار وسيلي راشدي صاحب سنڌ ۾ هندو مسلم مسئلن تي باقائدي مسلسل جذباتي انداز ۾ مضمون لکيا. جنهن جي نتيجي ۾ هندن ۽ هندو دوست خلاف سنڌ ۾ طوفان کڙو ٿي ويو، پوءِ باقائدي ماحول ٺاهي مسلمانن کي منظم ڪيائين، سندس قلم اخبار کي مسلم آرگن بڻايو. ڪجهه عرصي بعد راشدي صاحب جي سياسي ڏاهپ ڏسندي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کيس پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو پر 1932ع ۾ کهڙي صاحب سان اختلافن سبب استعيفا ڏنائين وري پير حسام الدين سان گڏجي 1934ع ۾ سکر مان اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪيائين. هن اخبار سنڌ ۾ ڪامورن، هندن ۽ دولتمند مسلمانن جي غلط ڪارين خلاف باقائدي سلسلو هلايو. اخبار خلاف ڪيس داخل ٿيو جيڪو انگريزي جج وٽ لڳاتار ٽي سال هليو. هي ڪيس راشدي صاحب پاڻ ڳايو ۽ کٽيو. هيڏي ساري پيرن ۽ وڏيرڪي گهراڻي جو فرزند سچ جو ايترو ساٿاري هيو جو هن پاڻ لاءِ به هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته جڏهن کهڙي صاحب جي اخبار سنڌ زميندار ڇڏي تڏهن ٻنهي ڀائرن وٽ لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ ڪرايو ڪو نه هيو ۽ بغير ٽڪيٽ سفر لاءِ اسٽيشن تي پهتا. هڪ مريد مليو جنهن ٽڪيٽ خريد ڪري ڏني. ٻئي هنڌ چيو اٿائين ته سکر مان اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪرڻ مهل وٽن پئسو به ڪو نه هيو ۽ ننڍو ڀاءُ حسام الدين راشدي روزانو سکر کان هندن جي ساڌ ٻيلي تائين پنڌ ويندو ۽ ايندو هيو، هو اتان هندن ۾ تقسيم ٿيندڙ ننگر پاڻي، پوڙيون ۽ پرشاد وٺي ايندو هيو جيسين وٽن بندوبست ڪو نه هيو تيسين سڄو ڏينهن ان مان گذاريندا هيا. وڏيرڪي ۽ پيرن جي اولاد لاءِ اهڙا ڏکيا ڏينهن گذارڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي پر وٽن اعتماد هيو جو هٿين خالي ٻئي شهر ۾ اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ڪاميابي ماڻي. کين اخبار لاءِ به ورڪر ساٿين مدد ڪئي ۽ پريس ۽ ٻيو سامان به هڪ جيڪب آباد جي وڏيري دوست وٺي ڏنو. 1936ع ۾ ڪراچي منتقل ٿيا ۽ ”صبح سنڌ“ اخبار جاري ڪيائون، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ قائم ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جي پروگرام لاءِ ڪم ڪندي هئي، 1940ع ۾ ڪراچي مان انگريزي اخبار ”مسلم وائيس“ جاري ڪئي جيڪا 1946ع تائين هلي. مسلم وائيس اخبار وسيلي سنڌ جي مسلمانن پاران مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان لاءِ هلندڙ تحريڪن کي همٿائڻ لاءِ ڪم ڪيو. پر وري 1945ع کان 1947ع تائين سائين جي ايم سيد جي سهڪار سان ”قرباني“ اخبار جاري ٿي جنهن اخبار وسيلي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌي ليڊرن کي مسلم ليگ مان ڪڍڻ خلاف ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور موقف پيش ڪندي جدوجهد ڪئي. اڳتي هلي هن اخبار جي لکيل ايڊيٽوريل ”فرياد سنڌ“ ڪتاب جي شڪل ماڻي. جيئن ته هن اخبار جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون مسلم ليگ خلاف هوندا هئا، تنهن ڪري پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي پهرين وزير اعلى محمد ايوب کهڙي صاحب اخبار تي پابندي لڳائي ڇڏي. پوءِ راشدي صاحب 1948ع کان 1951ع تائين محمد ايوب کهڙي صاحب جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار وسيلي سنڌي نقطه نگاهه کي شاندار جامع ۽ ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو ويو ۽ انگريزي اخبار ڊان کي سندن فرقيوارانه مضمونن جو مدلل جواب ڏنو ويو. ان دور ۾ الطاف حسين ۽ پير علي محمد راشدي ٻن اخباري ايڊيٽرن جي صحافتي جهڳڙي پاڪستان جي تاريخ ۾ يادگار اهميت ماڻي. 1952ع ۾ انگريزي اخبار ”اسٽيٽسمين“ ڪڍي ساڳي سال کيس ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر چونڊيو ويو. هن حيثيت ۾ کيس دنيا جي ڪيترن ملڪن جو وفد جي قائد جي حيثيت ۾ دورو ڪرڻ جو موقعو مليو. 1951ع ۾ ”پاڪستان ڀارت جوائنٽ پريس ڪميشن“ جو صدر ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اخبارن ۽ صحافين معرفت حڪومتن کي ويجهو آڻڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏنو. 1954ع کان 1955ع تائين ڪراچي جي انگريزي اخبار ”ايسٽرن ايڪسپريس“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران 1963ع کان 1964ع تائين جنگ اخبار ۾ ڪالم ”مشرق بعيد“ لکي جنهن ۾ دنيا جي عالمي امور تي تجزيه تبصرا ۽ رايا شامل هيا، جنگ اخبار ۾ مسلسل 61 سال ڪالم ”مشرق مغرب“ لکندو رهيو، اخبار عبرت ۾ ”رند ۽ پنڌ“ جي عنوان سان سنڌ جي مسئلن بابت ڪالم لکندو رهيو. انگريزي جنگ لنڊن ۾ ڪالم ”اي پوائنٽ آف ويو“ اها چاهي خلافت تحريڪ هجي يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، تحريڪ پاڪستان هجي هو هر هڪ سياسي جنگ ۾ ميدان ۾ هيو سندس قلم هٿيار ۽ اخبار ڍال هوندي هئي. سندس تقرير ۽ گفتگو جو ڪمال ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه ڪرڻ هوندو هيو. سندس ٻيو زندگي جو حصو ادب آهي جنهن ۾ پڻ هن پاڻ مڃايو. پاڻ هڪ صدي جي زنده ڳالهائيندڙ سماجي ۽ سياسي تاريخ هيو. اهو سچ آهي ته راشدي صاحب ادب وسيلي اسان جي سئو سالا سماجي سياسي تاريخ محفوظ ڪري ورتي جنهن لاءِ هن سنڌ جي سياست، ادب، تاريخ، صحافت ۽ وڏيرن بابت ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ٽي جلد شايع ڪيو. سندس ڪتاب ”فرياد سنڌ“ ”خط ۽ مضمون“ (سائين جي ايم سيد ڏانهن 1937ع کان 1958ع تائين) روداد چمن اردو، ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ انگريزي شامل آهن جن ۾ مواد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ، مضمون ۽ ڪاميابي لاءِ تجويزون شامل آهن، سنڌي ٻولي جي خدمت سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ لڳاتار 1940ع کان 1958ع تائين ڪيائين جيڪو هڪ الڳ ۽ تفصيل طلب سبجيڪٽ آهي، بحيثيت اديب سنڌ جي تقريبن هر ادبي ڪانفرنس ۾ کانئس صدارت ڪرائي ويندي هئي. زندگي جو ٽيون روپ سياسي آهي، جنهن جو آغاز خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ شروع ڪيائين، سال 1933ع کان 1936ع تائين ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جا ميمبر ٿيا، سنڌ جي وڏيرن ۽ سياستدانن پاران قائم ٿيندڙ تنظيم ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو بنيادي اڳواڻ هيو. 1934ع ۾ سنڌ جي پهرين سياسي پارٽيءَ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ ٺهي جنهن ۾ پڻ اهم رڪن هيو. 1936ع ۾ سر عبدا﷢ هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جو بنيادي اڳواڻ هيو. 1938ع ۾ ا﷢ بخش سومرو جي اڳواڻي ۾ پهريون دفعو حڪومت جو مشير ٿيو. پاڻ راشدي صاحب جي ايم سيد ۽ سومري صاحب سڄو سال عوامي رابطا مهم شروع ڪيائون ته جيئن غريبن جا مسئلا سندن در تي وڃي حل ڪجن پر ڪامورا شاهي ڪاوڙجي پئي ۽ آخر کيس حڪومت مان ڪڍرايائون. 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ سر عبدا﷢ هارون جي قيادت ۾ ڪم شروع ڪيو ته راشدي صاحب سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ منظم ڪري سنڌ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو. 1939ع ۾ سنڌ ۾ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين جنهن وسيلي سنڌ ۾ هندن ۽ مسلم سنڌين وچ ۾ نفرتن جنم ورتو ۽ آخر هندو مسلم ٻه الڳ ملڪ ٺهيا. هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته راشدي صاحب مسجد منزل گاهه بابت جسٽس ويسٽن جي سربراهي ۾ قائم ٿيندڙ جڊيشنل ٽربيونل ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪيس جي وڪالت ڪئي ۽ ڪيس کٽيو، جڏهن ته پاڻ وڪيل به نه هيو، ان کان علاوه ”قرارداد پاڪستان“ لاهور واري اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيائين. 23 مارچ 1940ع جو قرارداد پاڻ ٺاهي ٽائيپ ڪري منظوري لاءِ پيش ڪيائين. 1953ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ پيرزادي عبدالستار صاحب جي وڏ وزارت ۾ صحت ۽ روينيو جو وزير ٿيو. بحيثيت سنڌ حڪومت جي روينيو وزير پاڻ هاري تحريڪ جي باني اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر جي دعوت تي ٽنڊو ڄام ۽ ميرپور خاص جي جاگيرن ۾ هارين مٿان ٿيندڙ تاريخساز ظلم ۽ ڏاڍ کي اکين سان ڏسڻ خاطر ويس مٽائي پورا ٻه مهينا دورو ڪيو ۽ مظلوم مسڪين هاري مٿان جاگيرداري جبر خلاف قدم کڻندي پهريون ڀيرو جاگيردارن تي هارين جا ڪجهه حق مقرر ڪيا. جنهن خلاف جاگيردار عدالت ۾ ويا. ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ کان اڳ سندس پاران سنڌ مان جاگيرداري نظام جي خاتمي جي رپورٽ سرڪار کي موڪلي وئي ۽ 1958ع ۾ ايوب خان مارشل لا لڳائڻ بعد هن رپورٽ تي عمل ڪيو. پير علي محمد راشدي 15 جون 1954ع تائين وزارتي عهدي تي رهيو. پير صاحب جا وڏي وزير پيرزادي عبدالستار صاحب سان اختلاف ٿيا نتيجي ۾ قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ راشدي صاحب کي وزارت مان ڌار ڪيو ويو. هي اهو دور هيو جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جا وڏيرا ۽ پير سياستدان ميدان سياست ۾ هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ هر هڪ طريقو استعمال ڪندا هيا، پاڪستان ٺهڻ بعد وزير اعظم نواب لياقت علي خان پهريون ڀيرو سياست ۾ غير جمهوري هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ جو رواج وڌو هيو. هن سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت رکندڙ وزيراعلى خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي هٽائي پرودا هڻي ٽن سالن لاءِ سياست مان خارج ڪري ڇڏيو هيو. ٻئي طرف ان وقت جي اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن وزيراعظم لياقت علي خان جي ان غير جمهوري عمل خلاف ڪو به رد عمل ڪو نه ڏيکاريو ۽ ان کي کهڙي صاحب جو ذاتي معاملو سمجهيو تنهن ڪري کهڙي صاحب ۽ ٻين صاحبن هڪ ٻئي کان هر حال ۾ اقتدار ڦرڻ جي سياست شروع ڪئي. کهڙي صاحب ٻيهر وزير اعلى ٿيڻ بعد وري پير الاهي بخش ۽ ٻين سياستدانن کي نااهل ڪري زوري طاقت استعمال ڪري اليڪشن کٽي. وري جڏهن کهڙي صاحب کي ٻيهر ايبڊو لڳائي ٽن سالن لاءِ سياست مان خارج ڪيو ويو تڏهن 1953ع ۾ اليڪشن ٿيون، نتيجي ۾ پيرزادو عبدالستار صاحب وزيراعلى ٿيو. گورنر جنرل غلام محمد جڏهن پيرزادي صاحب کي سنڌ اسيمبلي مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرڻ لاءِ چيو ته هن ون يونٽ جي مخالفت ڪندي سنڌ صوبي جي آزاد حيثيت لاءِ اسيمبلي مان اڪثريت حاصل ڪئي، جڏهن گورنر جنرل ڏٺو ته ائين ڪم نه هلندو ته هن راشدي صاحب سان مشورو ڪيو. ڇاڪاڻ ته راشدي صاحب جو گروپ وڏي وزير پيرزادي صاحب جو مخالف هيو، راشدي صاحب گورنر جنرل غلام محمد کي مفيد مشورو ڏنو ته ون يونٽ ٺاهڻ ۽ اسيمبلي ميمبرن کي قابو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ کهڙو صاحب بهترين ماڻهو آهي، تنهن کي وڏو وزير ڪيو، اسان ساڻس گڏ آهيون، ائين ٿيو ۽ کهڙي صاحب تان ابڊو يا پرودا جي وڌل پابندي ختم ٿي، هو وڏو وزير ٿيو ۽ سنڌ اسيمبلي کان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائي صوبي جي خودمختيار حيثيت ختم ڪري مغربي پاڪستان جو حصو بڻايو، ون يونٽ ٺاهڻ ۾ بظاهر ته کهڙو صاحب اڳيان هيو پر دراصل اهو فڪر، سوچ، عمل سياسي گر سڀ راشدي صاحب جا هيا، روح روان سائين علي محمد راشدي صاحب هيو، خانبهادر کهڙي وڏي وزير ٿيڻ بعد نومبر 1954ع ۾ راشدي صاحب کي صحت، روينيو ۽ اطلاعات جو محڪمو ڏنو پوءِ ڊسمبر 1954ع ۾ راشدي صاحب جي ڪوششن سان سنڌ اسيمبلي ون يونٽ جو بل پاس ڪيو، ساڳين اسيمبلي ميمبرن جن اڳ ۾ ون يونٽ خلاف ووٽ ڏنو هيو انهن مهيني اندر حمايت ۾ ووٽ ڏنو ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ميمبر سڀ وڏيرا هيا ڪجهه ويڪو وڏيرا، ايبڊو قانون تحت نااهل ٿيڻ کان ڊڄندڙ وڏيرا، ڪجهه جيل جا ڪمزور وڏيرا ميمبر اهڙي ماحول ۾ صرف اڀرندڙ سج کي سلام ئي ڪيو ويندو آهي ان زماني ۾ هڪ رٽائر اسيمبلي جي پڙهيل مهذب وڏيري ميمبر رئيس موسى خان ٻگهيو صاحب سان منهنجي 1971ع ۾ ملاقات ٿي، هن کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب جي دور جي اسيمبلي ميمبرن جي تعريف ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جو وڏيرو ڀنڀوريءَ مثال آهي. ڀنڀوري هميشه اوچي ڍنگهر يا ڪانڊيري تي ويهندي آهي، سنڌ جو وڏيرو هميشه اقتدار واري سياست جو وفادار هوندو آهي. ون يونٽ ٺهڻ بعد راشدي صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 11 آگسٽ 1955ع تي وزيراعظم چوڌري محمد علي جي ڪابينا ۾ مرڪزي وزير اطلاعات ۽ نشريات جو عهدو ماڻيائين، هن صاحب پاڪستان جي 1956ع وارو دستو ٺاهڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ورتيون. راشدي صاحب هڪ طرف سياست جي شطرنج ۽ توڙ جوڙ جو وڏو ماهر ۽ شاطر سياستدان هيو ته ٻئي طرف سياست جي دنيا ۾ يا اقتدار جي ايوانن ۾ زلزله ڪيئن ۽ ڪڏهن ايندا ان جي اڳواٽ کيس ٻڙڪ يا کڙڪ پئجي ويندي هئي، هو جيڪڏهن حڪومت ۾ هوندو هيو ته کيس اپوزيشن جي ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ تمام فيصلن جي ڄاڻ هوندي هئي، جيڪڏهن مخالفت ۾ هوندو هيو ته وري حڪومتي فيصلن جي خبر هوندي هيس. راشدي صاحب در اصل پاڻ سان وفادار هوندو هيو تنهن ڪري هو پنهنجن مخالفن سان نويڪلو تنهائي ۾ ملي کين ڪجهه مفيد مشورا به ڏئي ڇڏيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪهڙو به دور ايندو هيو سندس وار ونگو نه ٿيو. راشدي صاحب حڪومت ۾ رهندي جڏهن ڏٺو ته هاڻي مسلم ليگ وارن حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ٿيندي ۽ مسلم ليگ کي ختم ڪري ريپبليڪن پارٽي ٺاهي ويندي تڏهن پاڻ آگسٽ 1956ع ۾ وفاقي وزارت تان استعيفا ڏئي سفارت حاصل ڪري ملڪ مان هليو ويو. وري جڏهن 1962ع ۾ واپس وطن آيو تڏهن صحافت کي وقت ڏنائين. 1969ع ۾ ٺهندڙ بزرگ ۽ رٽائر سياستدانن جي اينٽي ون يونٽ فرنٽ مان وري يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اڳوڻن وزيرن، اڳوڻن ميمبرن سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي قرارداد پاس ڪندڙن، ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪندڙن، سنڌ اسيمبلي مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائيندڙن ايبڊو قانون تحت سياست مان زوري خارج ٿيندڙ سنڌ جي بزرگ سياستدانن سال 1970ع ۾ سنڌ متحده محاذ جوڙيو ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ بيٺا. پير علي محمد راشدي صاحب به سيوهڻ ڪوٽڙي تڪ تان سنڌ اسيمبلي جي ميمبري لاءِ اميدوار بيٺو جنهن ۾ کانئس نوجوان وڪيل سيد عبدا﷢ صاحب (موجوده وزيراعلى) اليڪشن کٽي ويو، سال 1972ع ۾ سندس ڏاهپ ۽ ملڪي توڙي عالمي مسئلن تي وڏي ڄاڻ کان متاثر پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب مرڪزي وزارت اطلاعات جو صلاحڪار مقرر ڪيو، جڏهن ڀٽو صاحب پاڪستان ۾ علم ادب تاريخ تي بحث مباحثن کي عام ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيشنل سينٽر جا دفتر قائم ڪيا، تڏهن راشدي صاحب کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيائين، پاڪستان نيشنل سينٽرن ذريعي پوري ملڪ ۾ سرڪاري طرح مجلسون مذاڪرا منعقد ٿيندا هيا. هي تجربو گهڻو ڪامياب ويو. راشدي صاحب پنهنجي وزارت واري زماني ۾ ڪيترائي ڀلائيءَ وارا ڪم به ڪيا. جيئن ته انگريز سرڪار حر تحريڪ واري زماني ۾ حضرت شاهه مردان شاهه پير پاڳارو کي گرفتار ڪري شهيد ڪرڻ بعد سنڌ ۾ پير پاڳاري جي گادي تي بندش هنئي. حرن مٿان مختلف پابنديون جهڙوڪ فرنٽيئر ريگيوليشن، ڪرمنل ٽرائيلس، حر مجاهدن مٿان لوڙهن ۽ حاضرين جي پابندي شامل آهن، راشدي صاحب گادي بحال ڪرائي ۽ ٻين سڀني پابندين کي ختم ڪرايو. هارين کي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو حق ڏياري، جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ رپورٽ موڪلي، سنڌ جي مقدس ادادري سنڌي ادبي بورڊ کي ترقي لاءِ مالي امدادون ڏيارڻ، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي جي ڀرپور مدد ڪرڻ، لياقت ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ، 1956ع ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد قائم ڪرڻ جهڙا مثال تحريڪ پاڪستان ۾ قرارداد پاڪستان ترتيب ڏيڻ، مسلم ليگ لاءِ برصغير ۾ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ شامل آهن. هن مسلم ليگ کي گهڻو مضبوط بڻايو. سکر مسجد منزل گاهه واري جهڳڙي ۾ مسلمانن جي ڀرپور قانوني صحافتي مدد ڪرڻ، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ خانبهادر کهڙي ۽ محمد علي جناح کي انگريز سرڪار وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪيس ٺاهي ڏيڻ، سنڌ اتحاد پارٽي، سنڌ پيپلز پارٽي جي جوڙجڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جهڙا سٺا عمل به شامل آهن. راشدي صاحب کي جتي محلاتي سازشن ۽ حڪومتي توڙ جوڙ، وزارت جي ڊاهه ڊوهه جو ماهر سياستدان سڏيو ويندو هيو اتي هن سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب اٻوجهه هارين، مسڪين کي سندن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهچي کليل ڪچهرين لڳائڻ، مسئلا حل ڪرڻ، موقعي تي ڪامورن کي حڪم جاري ڪرڻ لاءِ پنهنجي وزير اعلى ۽ ٻين وزيرن کي ساڻ ڪري باقائدگي سان هڪ مهم هلائي جيڪا مسڪين ماروئڙن لاءِ ته رحمت هئي پر ڪامورن جون ننڊون حرام ٿيون، هن صاحب وزيرن کي ٿڌن ۽ بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي ڳوٺن جا دورا ڪرڻ کليل ڪچهرين ڪرڻ، جو رواج وڌو، ڀلا راشدي صاحب پيدائشي طور هڪ وڏيرڪو ٻار، پرورش پيراڻي گهر ۾ تعليم ملان مولوي هٿان ٿيل هيس ان جي باوجود به اهڙي عوامي رنگ روپ کي تعارف ڪرائڻ سٺو ساراهه جوڳو قدم آهي، کليل ڪچهرين جو رواج جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دور حڪومت ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب پاڻ به باقائدگي سان هر هنڌ کليل ڪچهريون منعقد ڪندو هيو. راشدي صاحب صحت جي وزارت وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ سرڪاري اسپتالون قائم ڪرايون، ڪيترن ڊاڪٽرن کي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه اعلى تعليم لاءِ موڪليائين. سندس زندگي جو هڪ باب سفارتڪاري پڻ هيو، کيس عالمي امور جي ڄاڻ ۽ روشن خياليءَ سبب هميشه مذاڪرات وقت ٽيبل تي ڪاميابي حاصل ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته ڳالهين مهل هو ٿڌي دل سان محاذ آرائي ختم ڪري هر حال ۾ مخالف کي پنهنجو ڪرڻ واري اصول تي عمل ڪندو هيو، هن تمام بهترين انداز ۾ ڳالهائڻ ۽ پرسڪون ماحول ۾ ٻئي کي ٻڌڻ جي صلاحيت ۽ ڏات هئي. هو 1957ع ۾ فلپائن ۽ 1961ع ۾ چين ۾ سفير مقرر ٿيو. 1961ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان مٿس پاڪ چين سرحدي ۽ تجارتي معاهدي جو ڪم سونپيو جيڪو پندرهن سالن کان زير بحث هيو، راشدي صاحب پنهنجي ڏاهپ سان سال 1962ع ۾ هي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. پير صاحب جي صحافتي تيز قلم، سفارتي فهم، سياسي طور هر طرح جي فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ تاريخي ڄاڻ عالمي حالتن تي عبور بابت سندس مخالف به قائل هيا، ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح سان هو مخالفن کي به پنهنجي دوستي جي لاڳاپن ۾ رکندو هيو، پير علي محمد راشدي کي بابائي صحافت سڏي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هن سال 1920ع کان وٺي 1987ع تائين لڳاتار 67 سالن تائين صحافت ۾ پاڻ ملهايو. هن صاحب سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکيا، سندس ڪالم حقن حاصل ڪرڻ بابت هوندا هيا، پوءِ چاهي اهي خلافت تحريڪ دوران انگريزي خلاف مسلمانن جا حق هجن چاهي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا حق هجن، چاهي مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا حق هجن، چاهي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي مسلمانن جا آزادي لاءِ حق هجن، چاهي پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جا حق هجن، راشدي صاحب جي اخباري ڪالمن ۾ پوري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جو تاريخ سان لاڳاپو، ايندڙ دور ۽ حالتن جي روشني ۾ جنم وٺندڙ واقعن بابت اڳ ڪٿي ڪيل هوندي هئي، سندس ڪالم تاريخ هيا، راشدي صاحب صحافت جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو. راشدي صاحب دنيا جي انهن تاريخساز صحافين مان آهي جيڪي پنهنجي دور ۽ سماج جا ترجمان سمجهيا ويندا آهن. انهن جو قلم سندن ذهني ۽ جسماني محنت ۽ صلاحت جو نچوڙ هوندو آهي، راشدي صاحب سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ صحافت جي حوالي سان اڌ صدي کان وڌيڪ ماڻهن جي ذهن تي حاوي رهيو. پاڻ بنيادي طرح سان شروع کان ئي صحافي هيو پر وچ ۾ سياست کانئس ڏکي ٿي وئي ته وري باقي زندگي صحافت ۾ مصروف گذاريائين، راشدي صاحب يقين سان بابائي صحافت چورائڻ لائق آهي ڇاڪاڻ ته عالمي سطح جو صحافي ثابت ٿيو. راشدي صاحب جو مشغلن ۾ شڪار شامل هيو، هو وڏو شڪاري هيو جيڪو ربيٽ وارني ۽ فانٿروپ جهڙن شڪارين کان علاوه ڀارت جي نواب محي الدين ۽ مهاراجا آف بيڪانيز جهڙا عالمي شڪاري سندس دوست هيا، پاڻ بهترين ڳالهائيندڙ، سٺو ٻڌندڙ شخص هيو، راشدي صاحب سنڌ جو ”ڪيور“ يا ”گيريبلڊي“ ”ڪپرزن“ ”اسٽوينسن“ هيريمن ۽ ”هنري ڪسنجر“جهڙو ذهن رکندڙ انسان هيو. راشدي صاحب کي سڌو سنئون سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سر عبدا﷢ هارون، جي ايم سيد ۽ محمد علي جناح جهڙن معروف شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، هن کي چيئرمين مائوزي تنگ، فلپائن جي صدر ڪارلوس گارشيا، هندستان جي جواهر لعل نهرو جهڙن سياستدانن سان ملاقات جو موقعو مليو، پير صاحب جو آئيڊيلزم ميڪاوليءَ جي نظريي سان ملندڙ هيو ڇاڪاڻ ته ميڪا وليزم مطابق مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا به طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا. صحافت ۾ پير صاحب جي قد آور شخصيت جو وڏو مثال اهو آهي ته هو 1956ع کان 1958ع تائين پوري پاڪستان جي ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر رهيو نه صرف ايترو پر پاڪستان هندستان جي اخبارن جي ايڊيٽرن جي تنظيم ”جوائنٽ پريس ڪميشن“ جو صدر به چونڊيو ويو. سنڌ جو هي مهان ڏاهو ايندڙ سياسي طوفان کي آسمان تي اڀرڻ کان اڳ پرکڻ وارو سياستدان جيڪڏهن پنهنجي تحرير تقرير سوچ، لوچ، مقصد، قوت يا وقت کي پنهنجي هر دلعزيز سحر ڀري مٺڙي زبان ۽ شخصيت کي صرف سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وقف ڪري ها ته اڄ ڪو ٻيو رنگ هجي ها. سال 1973ع ۾ محترم سائين جي ايم سيد سان سن ۾ ملاقات دوران سائين ٻڌايو ته ”سنڌ ۾ هن وقت تائين صرف ٽي ذهن پيدا ٿيا آهن. جن ۾ هڪ اي ڪي بروهي، ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٽيون پير علي محمد راشدي پر افسوس جو اهو سڌو سنڌ جي سياست نه ڪري سگهيا. سنڌي ماڻهو جي اها تمنا رهي ته پير علي محمد راشدي جهڙو اعلى ۽ ڏاهو ڪو قومي ڪارنامو سرانجام ڏئي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، پير صاحب سنڌ جو واحد شخص هيو جنهن کي اها سعادت حاصل هئي ته هڪ وقت سندس شخصيت مذهبي، پيرن، ميرن، وڏيرن، وفاقي، صوبائي، قومپرستن، سياستدانن، اديبن، ايڊيٽرن، صحافين کان علاوه سفارتڪارن لاءِ قابل قبول هئي. اگر هو پنهنجي گهڻ پاسائي شخصيت کي صرف سنڌ لاءِ استعمال ڪري ها ته ڪو ٻوٽو يا ٻارڻ ٻاري وڃي ها.“ هن شخصيت ڀرپور زندگي گهارڻ بعد 82 سالن جي عمر ۾ 14 مارچ 1987ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس ٻه پٽ آهن هر هڪ پير حسين شاهه راشدي صاحب وڪالت ۽ سياست ڏانهن جڏهن ته عادل راشدي صاحب صحافت واري شعبي ڏانهن دلچسپي رکندڙ آهي. مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، اهي ڏينهن اهي شينهن، رند ۽ پنڌ، جنگ، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز جا مضمون، مهراڻ رسالو ۽ بيگم ممتاز راشدي عبدالقادر ميوا خان کوکر سنڌ صدين کان عالم، اڪابر، دانشور ۽ رهبر پيدا ڪيا آهن، جيڪي سنڌو جي ڀلاري ڀُونءِ تي ڪڏهن دودي جهڙي دلير، دريا خان جهڙي جنگجو، مخدوم بلاول جهڙي سچائي جي سرواڻ، هوشو جهڙي هشمت، شاهه عنايت شهيد، لطيف، سچل ۽ سامي جي رنگ ۾ پنهنجي پنهنجي دور ۾ ڏاڍ جبر ۽ ڏهڪاءُ خلاف مجبور مظلوم مسڪين ماروئڙن جي دلين جي ترجماني ڪندي ظلم جا گهاءُ پنهنجي مضبوط سيني تي برداشت ڪيون اچن، ظلم خلاف حق سچ جي صدا بلند ڪيو اچن، حقن جي جنگ ۾ مظلومن جو جهنڊو انل حق جي سين سان بلند ڪيو پيا اچن، سنڌ جي اهڙي قومي هيرن پنهنجي جان نذرانو ڌئي ڌرتي جو مان مٿانهون ڪيو آهي. جيجل جو سڏ ورنائي سنڌ سينگاري آهي. اهڙن گهوٽ اڻ موٽ جوانن ۾ لاڙڪاڻي هميشه پاڻ ملهائيندي ميدان ماڻيو آهي، تاريخ جي اهڙي هڪ امر باب، خاموش انقلاب جي اڳواڻ، سنڌ ۾ صدين کان جاگيرداري نظام جي واڳون وانگر تيز ۽ مضبوط چنبن ۾ جڪڙيل تڙپندڙ زخم زخم چور بي زبان هاري جي جسم ۾ ڪجهه جان وجهندڙ، ٿڌو ساهه ڏيندڙ، ماءُ جي پيٽ مان تازو ڄمندڙ ٻار جي ڪن ۾ سچ جي آذان ڏيندڙ باعمل انقلابي جوان جو ڪردار ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر به آهي، غريب جي گهر مان پيدا ٿي، هٿين خالي سچ جي سولي سينگاريندڙ، هاري انقلاب جو رهبر بنا ڪنهن وسيلن، مال، ملڪيت ۽ دولت جي سنڌ جي اڻپڙهيل جاهل هاري وٽ هڪ پيغمبري پيغام ڏيندڙ، هارين جي دلين تي راڄ ڪندڙ بادشاهه، پڙهيل لکيل ڪامريڊن جو به اڳواڻ ٿي اڀريو. ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي عظيم ڪارنامن ۽ دليراڻي جدوجهد کي اڄ اسان جي تاريخ صفا وساري ڇڏيو آهي، پر اڄ به سندس پيغام سنڌ جي هوائن ۾ پڙاڏو پيدا ڪري هارين کي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هن مجاهد جي جدوجهد جا گيت پيو رسائي، سندس سجاڳي ۽ هاري جي گهر ۾ هاري حقن بابت ٻاريل پهريون ڏيئو پانڌيئڙن کي پنڌ پيچرا ماڳ منزل ماڻڻ لاءِ هڪ نه ختم ٿيندڙ لاٽ جي روشني سان منور پيو ڪري پوءِ ڀلي اسان ان مهان شخصيت کي وساري ڇڏيون پر وقت ڪنهن کي به ڪو نه ٿو وساري. ڪارڪردگي جو وقت تاريخ جي ورق ۾ لفظن جي مالا جي روپ ۾ سموئجي امر ٿي وڃي ٿو. چون ٿا ته دنيا گول آهي، حضرت انسان ۽ ڪائنات جي هر شيءِ جتان هلي ٿي اها گول چڪر هڻي اتي پهچي ٿي، اڄ اسان به هڪ اهڙي تاريخ جي وساريل ورق کي اٺاسي سالن بعد ڳولهي لڌو آهي، جيڪو اڄ ڪنهن به سياسي ۽ تحريڪي جدوجهد ڪندڙ ورڪر کي ياد ئي ڪونهي ته ڪامريڊ کوکر هڪ دور ۾ شهرن جي گهٽين، ڳوٺن جي پيچرن ۾ هزارين هارين جي جلسن کي پرجوش خطاب ۽ باعمل جدوجهد ذريعي پنهنجي قيادت ۾ حق ڏياريندو هيو. هو ڪلهه جي جيئرن انسانن جي جلسن ۽ جلوسن جي قيادت ڪندو هيو. هن جي احترام ۾ هزارن جي عوامي ميڙ اٿي بيهي رهندا هيا. کيس سلامي ڏيندا هيا، ان جي رانهن ۾ پنهنجي خلوص جا غاليچا وڇائيندا هيا، ميڙاڪن جون صدارتون ڪرائيندا هيا، سياسي گڏجاڻين، هر سياسي جدوجهد ۽ تحريڪن جو مير هيو، هارين پاران مٿس مسڪراهٽن جي گلن جي ورکا ٿيندي هئي. اهڙي هڪ مرد مٿير ۽ مير مجلس انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر ولد ميوا خان کوکر سال 1907ع ڌاري لاڙڪاڻي جي قديم ۽ مهذب ڳوٺ ڌامراهن ۾ جنم ورتو. سندس گهر غربت ساڻ ڀرپور ماحول ۽ محنت جي زيور سان مالا مال هيو. والدين خاموشي سان ڳوٺ ۾ وقت جي حاڪم وڏيرن وٽ هارپو ڪري جهوپڙي ۾ پنهنجي ٻچڙن سان رات جو ڀاڪر پائي گمنام زندگي گذاريندا هيا. ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي ته ڌامراهن ڳوٺ ۾ ننڍڙو عبدالقادر پنهنجي والد سان تتيءَ ٿڌيءَ ۾، گرم جهولن ۽ سرءُ جو ٿڌي واءُ ۾ پيرن اگهاڙو مال چاريندڙ ڇوڪرو ٻنيءَ ۾ هر ڪاهيندڙ انُ اپائيندڙ ڪڙميءَ ميوا خان جو ٻارڙو عبدالقادر سڀاڻي جي تاريخ ۾ سنڌ جي ڪامريڊن ۾ محترم سينيئر ۽ عظيم ”ڪامريڊ“ جو لقب ماڻيندو. سنڌ جي طاقت دولت ۽ ظلم جي نشي ۾ ستل وڏن وڏن جاگيردارن جون ننڊون ڦٽائيندو، علم ادب تعليمي ترقي جي دشمن جاگيردارن کي رستن، ميدانن، ڳوٺن، شهرن، دفترن ۽ عدالتن ۾ وڏي واڪي للڪاريندو. عبدالقادر کوکر قديم سنڌ جي ٻين ڳوٺن وانگر اسڪولن جي اڻاٺ سبب ڪڏهن اسڪول ويندو هيو ته وري شام جو پيءُ ماءُ سان ٻنيءَ تي هٿ ونڊائيندو رهيو، جڏهن پنج درجا پاس ڪيائين تڏهن والدين غربت ۽ مفلسي سبب سندس تعليم بند ڪئي ڇاڪاڻ ته وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو ۽ سنڌ مدرسو ڪراچي وڃڻو هيو. پر هن ذهين ٻار جي ذهانت، علم سان عشق ڏسندي ڌامراهن شهر جي مهذب سلجهيل وڏيري سامراج دشمن خلافت تحريڪ جي قائد بئريسٽر جان محمد جوڻيجي پنهنجي خرچ تي عبدالقادر کوکر کي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ڏياري، جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. هن سال 1925ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ٽيلي ڪلارڪ جي ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن ڏوڪڙ ڪمائڻ بدران مزدورن سان پاڻ ارپيندي تڏهوڪي پورٽ ٽرسٽ ليبر يونين ساڻ لاڳاپو جوڙيو ۽ ٿورڙي عرصي ۾ پاڻ ملهائيندي مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. هتي عبدالقادر کوکر صاحب غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ داد فرياد ٻڌندڙ مزدور اڳواڻن جي حيثيت ۾ ذهني طرح سان اوسر ماڻيندي پاڻ کي انقلابي شعور سان مالا مال ڪيو. هن نوجوان جو ذهن گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هيو ۽ سندس جسم ۾ موجود جوان رت ۾ ڪو انقلاب آڻڻ جو ٻارڻ مچي رهيو هيو. جيئن ته عبدالقادر کوکر جي ڪنن ۾ هارياڻي ماءُ جي لولي ۽ جسم ۾ کير جي طاقت شامل هئي تنهن ڪري سوچن ۽ لوچن سان ٽٻٽار دماغ ۾ هر وقت انقلاب جا جذبا اڀري رهيا هئا، آخر جوش ۽ جذبن عبدالقادر کوکر صاحب کي پنهنجي سوچن ۽ اندر جي اڀرندڙ جذبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مزدور جدوجهد پليٽ فارم ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ڇاڪاڻ ته هن محسوس ڪيو ته مزدورن کي يونين ۽ ليڊرن وسيلي حق حاصل ٿين ٿا پر هڪ ٻي وڏي ۽ گهڻي مخلوق، ڌرتي جي سڀ کان وڌيڪ مذلوم ۽ محنت ڪندڙ قوم هاري آهن، تنهن ڪري هن وڏي مظلوم قوم جي ڪا به قيادت ڪونهي. ڪو به ليڊر اڳواڻ ۽ يونين ڪونهي پوءِ عبدالقادر هن مظلوم هاري طبقي سان نينهن لاتو، پيچ پاتو، ياري رکي ۽ پوري زندگي جو سچو عاشق هيو. سال 1930ع ۾ سنڌ اندر جاگيردارن جي مضبوط ڳڙهه ميرپور خاص ۾ جمشيد نسروانجي ۽ جيٺل رام سان گڏجي عبدالقادر کوکر صاحب پهرين ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ منعقد ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ڪانفرنس ۾ ئي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو وجود عمل آيو، اهڙي طرح هاري تحريڪ جو بنياد وجهندڙ ٽن اڳواڻن ۾ عبدالقادر کوکر صاحب جو شمار ٿيو. پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ محترم جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا نالي وارا اڳواڻ به شامل ٿيا. سال 1930ع ۾ جڏهن سنڌ هاري ڪميٽي جو بنياد پيو ته هن جماعت ان وقت خاص مقصد سکر بئراج تي نئين آباد ٿيندڙ زمينن کي هارين لاءِ حاصل ڪرڻ هيو، جنهن لاءِ جدوجهد پڻ شروع ڪئي وئي پر سنڌ هاري ڪميٽي پاران سال 1936ع ۾ جيڪي گهرون يا پروگرام پيش ڪيو ويو تن ۾ سموري خالي زمين هارين کي ڏيڻ، حقابي ۽ محصولن ۽ اڌ ڪمي، هارين کي قرضن کان نجات ۽ وياج کان ڇوٽڪارو، هارين کي هارپ جو پڪو حق، بيگر، ڇيڙ، رسائي ۽ لاڀي جي باقائدگي، پيدائش جون قيمتون فصل وقت، جاگيرداري جو خاتمو، ڏاڍ جي قانون جو خاتمو ۽ هارين لاءِ مفت تعليم شامل هيا. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جهڙن ورڪرن جهالت ۽ گهٽ سياسي شعور واري سماج ۾ ان وقت مضبوط ترين جاگيردارن کان هارين لاءِ ايترا ته حق حاصل ڪيا جو اڄ جي هن وسيلن ۽ ميڊيا جي دنيا، سياسي شعور ۽ عقل واري جديد دور جا هاري اڳواڻ انهن ويجهو به وڃي نه ٿا سگهن، عبدالقادر کوکر سنڌ جو اهو سياسي ۽ هاري اڳواڻ آهي جنهن هارين لاءِ جنگ بنگلن، اخبارن يا جذبات بدران عقل، هوش عمل، فهم ۽ هارين جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي وڙهي. ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي سڃاڻپ سنهڙو ڊگهو ننڍڙي ڏاڙهي هر وقت هٿ ۾ ڏنڊو، مٿي تي ٽوپي، کاڌيءَ جي سلوار ۽ قميص، گيڙو رنگ جي سدري ۽ سندس سدري جي کيسن ۾ هارين مٿان جاگيردارن جي ڏاڍ خلاف درخواستون يا وري هارين جي پاران سندن مظلوميت جون اخبارن ۾ شايع ٿيل اپيلون ڀريل هونديون هيون، هو ڪراچي جي مڙني دفترن ۾ سرڪار کان داد رسيءَ لاءِ چڪر ڪاٽيندو نظر ايندو هيو، عبدالقادر کوکر قانون مطابق پهريان هارين مٿان جاگيردارن جي ڏاڍ خلاف لکت ۾ سرڪاري اهلڪارن کي درخواستون ڏيندو هيو پوءِ هي مست ملنگ هارين ۾ حقن جي صدا ۽ پيغام سان بيٺو هوندو هيو. ان وقت سنڌ ۾ وڏيون جاگيرون نورائي، ترائي، ڪاڪ وغيره ٽنڊو ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ هيون، عبدالقادر کوکر هارين جي مدد ۽ جدوجهد لاءِ ٽنڊو ڄام ۾ جاگيردارن وچ ۾ رهڻ لڳو. وڏا جاگيردار هارين سان ڏاڍ آزار ۽ ظلم ڪندا هيا، هارين جي پنهنجي ڪا به زندگي ڪو نه هئي، هو خانگي جيلن ۾ رهندا هيا، هڪ طرف لکا پتي جاگيردار، سنڌ جي سياست تي قابض وڏيرا، انگريز آفيسرن جا حمايتي هيا ته ٻئي طرف هي مسڪين ماڻهو، نه زر نه زمين، مالڪ تي هميشه توڪل، ڪڏهن ماني کائڻ لاءِ پئسو ڪو نه ڪڏهن ريل جو ڪرايو ڪو نه پر ان جي باوجود به هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو. هن سال 1936ع ۾ سيد شاهنواز جوڻن واري ۽ پير ڀمڻ شاهه نورائيءَ واري سان گڏجي تحريڪ هلائي سنڌ جي تاريخ ۾ عبدالقادر کوکر جي قيادت ۾ حيدرآباد ۾ هاري مارچ جدوجهد ۽ هاري شعور جو يادگار سياسي واقعو ڄاڻايو وڃي ٿو. حقن لاءِ هارين جي حيدرآباد ۾ عظيم جلوس حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. هن لانگ مارچ هارين ۾ سياسي شعور جو جذبو ته پيدا ڪيو پر ٻئي طرف سنڌ جا سڀ جاگيردار ۽ زميندار پهريون دفعو هارين جي هلايل جدوجهد خلاف پنهنجي بچاءَ لاءِ گڏ ٿيا. پهريان ته هنن عبدالقادر کوکر کي هاري تحريڪ تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو ۽ موٽ ۾ خوش حال آرام واري زندگي جي لالچ ڏني پر جڏهن دولتمند جاگيردارن جي دولت هن ڪامريڊ کي خريد ڪري نه سگهي ته پوءِ هنن عبدالقادر کي اذيتون ڏيڻ ۽ بدنام ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا، ڇاڪاڻ ته دولت جي لالچ هن هاري دوست کي پنهنجي مقصد تان نه هٽائي سگهي ۽ نه وري سندس بلند حوصلن ۾ ڪا به لچڪ پيدا ٿي سنڌ جي جاگيردارن هاري تحريڪ خلاف نفرت جو ماحول پيدا ڪيو. پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سڀ کان اول هنن فتوى ڏياري ته شرعي لحاظ کان سندن جاگيرن تي حق جائز آهي ۽ عبدالقادر کوکر ڪميونسٽ آهي، واضح هجي ته جاگيردارن پاران عبدالقادر کي بدنام ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊه طور ”ڪامريڊ“ مشهور ڪيو ويو. جيڪو پوءِ غريب هارين ۽ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن پاران سندس نالي ساڻ لازم ٿي ويو، جيئن جيئن عبدالقادر جاگيردارن پاران هارين خلاف ڪوڙن ڪيسن ۾ غريب هارين جي مدد ڪندو هيو تيئن وري جاگيردار هن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندا هيا. هو جدوجهد ۾ شامل هارين جي قانوني اخلاقي ۽ ميڊيا مدد ڪندو هيو ته ٻئي پاسي جاگيردار مٿس مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ذهني طرح کيس پريشان ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. سنڌ ۾ سڀ کان وڏي جاگيردارن خاص طرح ٽنڊو ڄام جا جاگيردار هارين کي پنهنجي پالتو جانورن کان به گهٽ ۽ حقير سمجهندا هيا سو عبدالقادر اتي رهي محاذ سنڀاليو ويٺو هوندو هيو جنهن کي تڏهن جا وڏيرا سياستدان ”جهرڪي ۽ باز جي“ ويڙهه سڏيندا هيا، جاگيردارن هن هاري دوست کي پئسن جي لالچ ڏئي ٽنڊو ڄام اچڻ بند ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن ڪامريڊ جاگيرن ۾ اچڻ بند نه ڪيو ته پوءِ کيس جاگيردارن پنهنجي راڄ جي هارين کان ڪيترائي ڀيرا گهڻيون مارون ڏياريون ۽ گهڻا دفعا جيل جا ديدار ڪرايا پر جيل هجي يا مار هجي ڪامريڊ هر وقت هڪڙو ئي نعرو هڻندو هيو ته ”جاگيردار سنڌ مٿان اجائي چٽي آهن.“ هتي عبدالقادر کوکر جي مالي ۽ اقتصادي حالت تي نظر وجهڻ ضروري آهي، هاري تحريڪ کان پوءِ سندس نوڪري ختم ٿي وئي، کيس ٻه گهر واريون هيون، هڪ جا ٻار ٻچا لاڙڪاڻي ۾ ۽ ٻي وري ڪراچي ۾ رهندي هئي، نه ٻني نه ٻارو هيس، خرچ لاءِ پئسو ڪو نه، ڪرائي لاءِ به پئسو ڪو نه، سٺو کاڌو نصيب ڪو نه، صحت مسلسل خراب ۽ ڪمزور، دم جهڙيون دائمي بيماريون ۽ علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪو نه، هٿين خالي لاچار ورڪر سڄو ڏينهن غريبن ۾ يا امير سياسي ورڪرن ليڊرن وچ ۾ گذارڻ واري هاري اڳواڻ ڪنهن به دولتمند اڳيان هٿ نه ٽنگيو، پنهنجي غربت جي لڄ کي عزت ۽ شان ڏنو، مقصد سان سچو هر وقت توڪل ۽ همت وارو مجاهد، خاموشي سان جدوجهد جي رستي تي هلندو رهيو. جاگيردارن جي اشارن تي جاگيرن ۾ ڪمدارن جهڳڙا ڪري هارين کي ماري هيسائي زوري لڏائڻ شروع ڪيو پر تڙيل هارين لاءِ عبدالقادر هر قدم تي مدد لاءِ ايئن ساٿاري رهيو جيئن سيلاب جي مست ۽ بيلغام وهڪري اڳيان نه ٽٽڻ وارو فولادي بند هجي. نيٺ عبدالقادر جي قرباني ۽ دوستن جي جدوجهد هڻي هنڌ ڪيو ۽ مسڪين هاريءَ ۾ هن همت، حوصلو، جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. جرئت ۽ قرباني پيدا ڪئي، هن هارين جا ڪيس ڳايا ۽ سرڪار تائين سندن آواز پهچايو. سنڌ هاري ڪميٽي جو شروع کان ”آل انڊيا ڪسان سڀا“ سان لاڳاپو هيو. جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ زور ورتو ۽ هاري ورڪر پاڻ ۾ متحد ٿيا تڏهن هاري تحريڪ جا ضلعي سطح تي مختلف گروپ قائم ٿيا جن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ٽنڊو ڄام جي جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪايو جڏهن ته ميرپور خاص ڪامريڊ جان محمد پلي، نواب شاهه ۾ مولانا حڪيم محمد معاذ، لاڙڪاڻو ۽ دادو مولوي نذير حسين جتوئي آفيسون قائم ڪري قيادت سنڀالي ان کان علاوه محمد امين کوسو، قادر بخش نظاماڻي، ارباب نور محمد پليجو به سرگرم اڳواڻ هيا. آخر سڀني گروپن هاري اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي قيادت ۾ 1937ع ۾ هڪ ٿي هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽي پاران جدوجهد کي منظم طريقي سان هلائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي ۽ تاريخ 20 مئي 1940ع تي ”پٿورو“ ٿرپارڪ ۾ سنڌ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر کي صدر ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. سال 1954ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سرڪاري آفيسري تان استعيفا ڏئي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت حاصل ڪئي، پوءِ ڪامريڊ جتوئي ۽ ڪامريڊ کوکر گڏجي سنڌ ۾ هاري جدوجهد کي مقبول ڪيو، ٻنهي جي گڏجڻ ساڻ هاري ڪميٽي هڪ طاقت ٿي اڀري، سنڌ جي هاري ورڪرن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير محمد ٽالپر، ڊاڪٽر ها سارام، رئيس بروهي، قاضي فيض محمد، شاهه محمد دراني، ڊاڪٽر بنارام، سيد شمس الدين شاهه، مولوي عزيز ا﷢ جروار، مولي الاهي بخش قريشي، برڪت علي آزاد، تاج محمد ابڙو جهڙا جوشيلا جوان پيدا ٿيا. هي ڳالهه پڻ اهم آهي ته ڪامريڊ کوکر پنهنجي وقت جي ساٿين ۽ اڄوڪي سنڌ جي بي عمل هاري ليڊرن يا سياستدانن وانگر پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ اخبارن ۾ بيان ڏئي پنهنجي سياسي دڪان ۽ پاڻ کي ڪو نه چمڪايو پر سندس سياست هارين سان ڏک سک ۾ رهڻ واري هوندي هئي، اهو ئي سبب هيو جو هن پنهنجي خوبصورت زندگيءَ جي هر سٺي يا ڏکي شام هارين جي جهوپڙين ۾ گذاري، ايستائين جو هاريءَ جي ٻار آزاد ۽ سٺي مستقبل جي خواب جي اوسيئيڙي ۾ هن پنهنجا ٻار ٻچا پڻ وساري ڇڏيا، ڪامريڊ کوکر جو قول هيو ته جيستائين سنڌ جي ڇاتيءَ مٿان وڏيرن، پيرن ۽ ملن جون ڇپون آهن، تيسين سنڌ ان بار هيٺان ڌٻي رهندي، نه چيلهه کڻي سگهندي ۽ نه پنهنجن پيرن تي بيهي سگهندي. مطلب ته ڪامريڊ جي ميدان ۾ اچڻ بعد اڪثر جاگيرن ۾ ڪمدار ۽ هارين وچ ۾ جهڳڙا ٿيندا هيا، پوليس ۽ ڪامورو جاگيردارن جو طرفدار ۽ ڪامريڊ هارين جو وڪيل، هن هارين ۾ مقابلي جي همت ۽ جرئت پيدا ڪئي نتيجي ۾ هر هنڌ لٺ لٺان مار موچڙو ڄونڊا پٽ ٿيندي هئي، هارين خلاف ڪوڙا ڪيس ٺهندا هيا، هر هڪ ڪيس ۾ ڪامريڊ کوکر جو نالو هوندو پوءِ موقعي واردات تي موجود هجي نه هجي، هر ڪيس ۾ ڪامريڊ جيل ويندو ۽ هر دفعي آزاد موٽندو ڇاڪاڻ ته انگريز عدالت جو آفيسر انصاف ڪندو هيو. ڪيس ٺاهڻ آسان پر ثابت ڪرڻ مشڪل هوندو هيو. جيئن ته هارين ۽ جاگيردارن جي ويڙهه کي پير علي محمد راشدي جهرڪي ۽ باز جي ويڙهه سڏيندو هيو پر هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو مرحوم راشديءَ ڪامريڊ کوکر جي جدوجهد کي سلام ڪندي چيو ته ”مان سنڌ حڪومت جي روينيو وزير جي عهدي تي هارين لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو سو سڀ هن عظيم هاري مجاهد جي رهبري ۾ ڪيو.“ هي واقعو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن 1953ع ۾ پير علي محمد راشدي صاحب روينيو وزير ٿيو ته ڪامريڊ کوکر وٽس هارين مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪجهه مطالبن سميت دانهن کڻي پهتو. ڪامريڊ راشدي صاحب کي چيو ته ”راشدي هاڻي توتي خدا ۽ بندن پاران جوابداري آهي، دفتر ۾ رڳو قرآن جون آيتون ۽ ڪتبا لڳايو ويٺو آهين، تنهنجي دوستن وٽ جاگيرون آهن پر اهي سڀ تنهنجي قبر ۾ نه ويندا، مان انصاف لاءِ آيو آهيان، هڪ دفعو ويس مٽائي جاگيردارن پاران سندن جاگيرن ۾ غريب مسڪين هارين مٿان ٿيندڙ ظلم ته ڏس“ راشدي صاحب غصي ۾ اچي چيس ته بڪواس ڇڏ، درخواستون ڏي، انصاف ٿيندو، پر ڪامريڊ ائين نه ڪندي چيو ”مان پنهنجو فرض پورو ڪيو. هاڻي تون ڄاڻ ۽ تنهنجو خدا ڄاڻي“ اهو چئي هليو ويو پر راشدي صاحب کي رات جو ننڊ نه آئي ۽ ٻي رات اوچتو هن ڪامريڊ کي گهران جاڳائي هڪ جاگير تي ساڻ وٺي ويو. جتي بک، غربت، ڏک ۽ بيماري جو دل ڇرڪائيندڙ نظارو اکين سان ڏٺائين، ڪکن جي گهر ۾ ڦاٽل رليون، ٺڪر جا پراڻا دلا، ٽٽل منجيون، ڀاتي مليريا جا ماريل، پاسيريون نڪتل ڄنگهون ۽ ٻانهون خشڪ، جڏهن ته جهوپڙين جي چوڌاري ڀريل فصل جهڙوڪ ڪڻڪ، ڪمند، انبن جا باغ ۽ ڀاڄين جون واڙيون هيون، جڏهن ڪمدار پنهنجي مرضي مطابق هارين کي مزدوري ڏئي يا وري جڏهن وڻيس تڏهن ڏيندو جي نه ته هاري جهوپڙيءَ ۾ ڪمدار جي ٻي حڪم لاءِ بچڙن سان ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ کوکر جي معصوم جذبي ۽ هارين جي ههڙي حالت کان راشدي صاحب ايترو ته متاثر ٿيو جو هن بحيثيت وزير روينيو سنڌ حڪومت ويس مٽائي پورا ٻه مهينا جاگيرن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ هر هنڌ هارين جي اها حالت ڏٺي جيڪا ڪامريڊ کوکر کيس ٻڌائي، آخر سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو جاگيردارن مٿان ڪجهه هارين لاءِ بنيادي حقن جو اعلان ۽ زرعي اصلاحات نافذ ٿيا ۽ ڪامريڊ کوکر جي پروگرام مطابق سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار کي سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، زرعي اصلاحات بابت حڪومت جي اعلان خلاف جاگيردارن ڪورٽن مان اسٽي آرڊر پڻ ورتا پر سال 1958ع ۾ مارشل لا نافظ ٿي. جڏهن ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان اها رپورٽ پڙهي ۽ نوٽ ڏٺو ته هن هڪدم زرعي اصلاحات نافذ ڪري سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ جاگيردارن جا اسٽي آرڊر ختم ٿي ويا. هتي هي ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هارين کي گڏ ڪرڻ، جاگيردارن کي للڪارڻ، هارين جا ڪيس ڳائڻ، هارين لاءِ قربانيون ڏيڻ، هارين کي مزدوري کان نجات ڏياري مستقبل هارپي جو حق ڏيارڻ، راشدي صاحب جهڙي شاطر پير وڏيري سياستدان کي هارين لاءِ ڪجهه ڪرڻ، جاگيردارن مٿان سرڪاري طور هارين جا حق مڃائڻ، زمينون هارين کي ڏيارڻ ۽ سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ سڌو سنئون ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي قيادت کي ئي سونهي ٿو، هو سنڌ ۾ هاري ڪميٽيءَ جي باني ۽ سرواڻ جي حيثيت ۾ نروار نظر اچي ٿو. پر سنڌ جي سياسي تاريخ جي ستم ظريفي جو هيڏيون ساريون جبل جيڏيون قربانيون ڏيندڙ ڪاميابيون ماڻيندڙ مڙس متاري کي ايترو جلد وساريو ويو آهي جو هو صرف اخبارن يا مضمونن جي حوالي تائين به نه رهيو آهي، جڏهن ته اگر ٻئي ملڪ يا صوبي جو هجي ها ته هر ٻولي ۾ سندس ڪارناما ۽ ڪتاب لکيا وڃن ها. هڪ بااصول ۽ سچو ڪارڪن سئو سال جي تاريخ کي بدلائي نئين رخ وٺائڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو ۽ ڪامريڊ عبدالقادر جي روپ ۾ اهڙا ڪارڪن سنڌ ڌرتيءَ پيدا ڪيا آهن، پير علي محمد راشدي ڪامريڊ کوکر جو وڏو مداح هيو ۽ کيس چوندو هيو ته ”ڪامريڊ کوکر ڪو دور اهڙو به ايندو جو سنڌ اندر سرڪاري دفترن ۾ تنهنجي تصوير لڳندي“ جواب ۾ ڪامريڊ مرڪي چوندو هيو ته ”سنڌ ۾ اهڙو غريب نواز ۽ مردم شناس دور ايندو ئي ڪو نه“ پير علي محمد راشدي جهڙو ڏاهو، ذهين مورخ ۽ شاطر سياستدان جنهن ڪيترن ئي تاريخن ۽ رهبرن جون سوچون ۽ رُخ موڙيا سو پڻ هن غريب ڪارڪن جي پختي حوصلي ۽ سچائيءَ اڳيان سلامي ٿيو. هونئن ته ڪامريڊ عبدالقادر کوکر تنظيمي لحاظ کان مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ هاري ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري يا صدر هيو پر اڄ به مشهور پراڻو هاري ورڪر آهي ڇاڪاڻ ته هو تنظيم ۾ نمائشي اڳواڻ بدران ورڪر ۽ هاري جي هٿ ۾ هٿ ملائي هليو ۽ ڪڏهن به محسوس ڪو نه ٿيو ته هاري ورڪر آهي يا هاري اڳواڻ آهي. محترم سائين جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته ”ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي مجلس ۽ ملاقات مان هميشه روح کي راحت ملندي هيم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو هو، ڪراچي ۾ رهڻ دوران جنهن ڏينهن هي منهن نه ڏيکاريندو هو ته مان پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪندو هيس، وطن جي خدمتگاري ۾ خدمت خلق جي جهاد ۾ جيڪو به سک ۽ سر جو سانگو لاهي ٻاهر نڪرندو، تنهن لاءِ عبدالقادر مرحوم جي خاموش، بي غرض ۽ اعلى مقصد لاءِ وقف ڪيل زندگي سدائين روشن مشعل جو ڪم ڏيندي رهندي.“ مرحوم پير علي محمد راشدي جو چوڻ آهي ته ”ڌامراهن لاڙڪاڻي جو ڄاول پرغريب عظيم شخص عبدالقادر کوکر ڪراچي جي ڪنهن قبرستان جي ڪنڊ ۾ هزارين مڻ مٽيءَ منجهه پوريل ان ڳالهه کان بي نياز آهي ته اڄ سنڌ کيس ياد ڪري ٿي يا نه، پنهنجي سر جيڪو ڪري سگهيو ٿي ڪري ويو، آءُ ساڻس جهڳڙا ڪندو هيس ته ڪجهه نرم رويو اختيار ڪر، ڇاڪاڻ ته مان پڻ پير ۽ ڌنڌو وڏيرڪو ۽ پڙهائيل وري ملن جو هيس پر ڪامريڊ پنهنجي عقيدي جو پختو هيو، آءُ هن انسان کي موڙي معتدل نه ڪري سگهيم“. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو چوڻ آهي ته ”جڏهن مان 1941ع ۾ شانتي نيڪتين مان ڪراچي موٽي آيس ته منهنجو واسطو سنڌ جي ڪامريڊن سان پيو. ڪراچي جي سنڌ زميندار هوٽل ۾ ڪامريڊ کوکر سان منهنجون ملاقاتيون ٿينديون هيون هو هاري ڪانفرنس جو اصلي اڳواڻ هيو، هاري جدوجهد جو سنڌ ۾ قائد هيو، مرڻ گهڙيءَ تائين بيماري ۽ مفلسي جي مصيبتن ۾ رهڻ جي باوجود اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، هن تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابون ماڻيون پر خاموشي ۾ رهيو، پبلسٽي يا معاوضو نه طلب ڪيو، هن جي عمل ئي سنڌ ۾ هاري ورڪرن جي نئين کيپ پيدا ڪئي، هن سنڌ ۾ خاموش هاري انقلاب جو بنياد وڌو.“ سنڌ جي تاريخ ۾ هاري تحريڪ جو هي گمنام مجاد جنهن پنهنجي وت، وس ۽ سوچن جي آڌار تي گهڻا عظيم ڪارناما سر انجام ڏنا آهن پر اسان جي ستم ظريفي جو هي سنڌ جي هاري تحريڪ جو باب تاريخ جو وڃايل ورڪ ٿي ڪري ڪجهه مهربان شخصيتن جي حوالي سان ڪتابن جي چند صفحن ۾ دٻجي ويو آهي. ڪاش اڄ جا ڪامريڊ هاري تنظيمون هن هاري انقلاب جي سرواڻ جي ٻڌايل پيغام کي سچائي سان پنهنجي هئين سان هنڊائن، سندس دکايل دونهين کي اميد جي هوائن سان وڌائن، سندس ٻاريل شعور جي شمع کي وسامڻ نه ڏين، مشعل کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ پنهنجا ويڇا وساري مضبوط هٿن جو ساٿ جوڙن جيئن ڪامريڊ کوکر ۽ ٻين هاري گروپ ليڊرن اتحاد جوڙيو. هو هڪ معتدل مزاج، دور انديش ۽ مخلص ڪارڪن هيو. هي جوش کان وڌيڪ هوش کان ڪم وٺندڙ مزاج، دور انديش ۽ مخلص قومي ڪارڪن هيو. هو سدائين زبان ۽ طبيعت کي پنهنجي وس ۾ رکندو هيو. ايتري تائين جو هن ڪڏهن زبان سان پنهنجي مخالفن کي به نه ڏکايو، هو ڪراچي جي سول اسپتال جي پويان مسواڙ واري جڳهه ۾ رهندو هيو جتي آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻو ڪمزور ۽ لڳاتار بيماري ۾ گذاريائين. کيس پهرين زال مان هڪ پٽ منظور علي کوکر آهي جيڪو هاڻي وڪالت ڪندو آهي، هي پنهنجي دور جي هيرو 27 سالن جي ڄمار ۾ ڇنڇر ڏينهن 21 جنوري 1965ع تي انتقال ڪري ويو، چون ٿا ته سندس جنازي کڻڻ وقت چار ماڻهو به ڪو نه هيا ڇاڪاڻ ته هن اهڙي ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاريو، ڪامريڊ جي گهر وارن کي ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جا پئسا به ڪو نه هيا. سندس وفات تي متاثر ٿي سنڌ جي عظيم محقق پير حسام الدين راشدي شعر لکيو هيو، ڇاڪاڻ ته هن جي سچائي، جدوجهد ۽ عظمت ايتري عظيم هئي جو هو ڀرپور خراج تحسين لهڻي، ايشيا جي عظيم هاري تحريڪن جي قائد ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر اڄ ڪراچي ميوا شاهه قبرستان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪهڙي مٽيءَ جي ڍير ۾ دفن آهي، اها خبر سندس اولاد، دوستن يا هاري ڪميٽي جي ليڊرن کي به نه آهي، شايد ٽيهن سالن گذرڻ ڪري سندس قبر به مٽي جو ڍير بڻجي وئي ۽ ان مٿان ڪنهن ٻئي کي دفن ڪري تختي لڳائي وئي هوندي. ڪاش هاري تنظيمون هر سال هن هاري تحريڪ جي باني اڳواڻ جي مزار تي گلن جي چادر وجهي پنهنجي تصوير ڪڍائي اخبارن ۾ ڏين ها ته اڄ سندس قبر جو وجود قائم هجي ها، ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر جي زمين تي قبر مٿان ڀلي تختي لڳل نه هجي پر تاريخ کيس هميشه سجاڳ، سچي، دلير، مخلص انقلابي، اڳواڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جي مائوزيتنگ يا سنڌ جو هوچي منه سڏيندي پنهنجي ورقن ۾ ياد رکندي. مددي ڪتاب: اهي ڏينهن شينهن، جنب گذاريم جن سين، ڪامريڊ سوڀي جو مضمون، ڪامريڊ کوکر جي ڌيءَ کان معلومات پير حسام الدين راشدي پير حسام الدين راشدي جو شمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو جن دنيا جي تمام مشڪل موضوع يعني قديم تاريخ جون الجهيل ڳنڍيون سلجهايون. تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ مان اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو، جيڪي گمناميءَ جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان وسارجي ويا هئا، سندس خدمتن جو دائرو ۽ شهرت ايران، افغانستان، عربستان ۽ روس تائين وسيع هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب عالم اسڪالر تحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا رهندا هيا. ڇاڪاڻ ته وٽس لئبريري ۾ دنيا جا هزارين ناياب ڪتاب موجود هوندا هئا. سندس ذاتي ڪتب خانو رهبري لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪي سندس وصيت مطابق سنڌالاجي کي ڏنا ويا ۽ اڄ پڻ سنڌالاجي ۾ پير حسام الدين راشدي لئبريري ڪارنر موجود آهي، سنڌي ٻولي جو تاريخدان، دانشور ۽ اديب 20 سيپٽمبر 1911ع تي سنڌو ندي جي ساڄي ڪناري قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ سيد حامد علي راشدي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پنهنجي ڏاڏي سيد پير شاهه راشدي جي سر پرستي ۾ پليو. پير حسام الدين راشدي جو ڏاڏو سيد پير شاهه راشدي سنڌ جي مثالي بزرگن مان هيو. هو وڏي ڏيا وارو مڙس هيو. تر ۾ سندس شخصيت وڏي ڌاڪ ۽ هشمت واري هئي ڇاڪاڻ ته سيد پير شاهه راشدي سنڌ جي برگزيده شخصيت پير محمد راشدي روضي ڌڻي جو اولاد هيو. جنهن جي پٺيان سڄو ”راشدي“ خاندان سڏجي ٿو. پير حسام الدين صاحب لاءِ مشهور آهي ته سندس پيدائش لڳاتار ٽن ڏينهن تائين والده ماجده کي تڪليف بعد ٿي. ڄمڻ بعد سندس اکين ۾ پونءِ ڀريل هئي ۽ اکيون به بند هيون. سندس ڏاڏي پنهنجي حڪمت وسيلي اکين جو علاج ڪيس ۽ ڏاڏي پنهنجي وڏي ڀاءُ جو نالو پير حسام الدين پنهنجي پوٽي تي رکيو. پيار جو نالو ”ڏتل شاهه“ به هيس. پير صاحب پنهنجي ڏاڏي جي سرپرستي ۾ ڳوٺ اندر قائم مدرسي ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت تعليم جون سهولتون ڪو نه هيون. مدرسي ۾ مولوي صاحب جي ڏاڙهي ۾ هٿ وڌو. ڳالهه گهڻي وڌي وئي پر پير صاحب پنهنجي ڏاڏي سائين جو دادلو هيو، جنهن مولوي صاحب کي وڌيڪ پڙهائڻ کان منع ڪري ڇڏيو. ڪجهه انگريزي تعليم غير سرڪاري نموني نصرت ريلوي اسٽيشن ماستر کان حاصل ڪيائون پوءِ وري اها به ريلوي ماستر جي ڄاڻ ختم ٿيڻ تي ختم ٿي وئي. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته دنيا جي اسڪول يا ڪاليج مان امتحان پاس ڪري ڊگريون حاصل نه ڪيون پر هو علم جي حوالي سان ڄمندي ڄام هيو. هن پنهنجي محنت سان سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي مهارت حاصل ڪئي ۽ هو انهن ٻولين جو عالم سڏيو ويندو هيو. پير حسام الدين صاحب پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو. سڀ کان اول صحافت ۾ قدم رکندي سال 1924ع ۾ شڪارپور مان نڪرندڙ اخبار ”جاڳڻ“ جا ضلعي نمائنده مقرر ٿيا. هن اخبار جو مالڪ ميان خالقداد ڀيو صاحب هيو. لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ اخبار ”الحقيقت“ ۾ باقائدگي سان مضمون لکندا هيا. پاڻ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي سان صحافت جي حوالي سان سکر رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته هو محنت ڪندر، توڪلي، جاکوڙي جوان هيو. سکر ميونسپل لئبريري مان ناياب ڪتاب حاصل ڪري پڙهندو رهندو هيو. ڪتاب پڙهڻ سندس مشغلو هيو. پاڻ هڪ دڪان ۾ پنهنجي ڀاءُ سان هيٺ فرش تي سمهندو هيو. سال 1929ع ۾ سکر جي اخبار ”المنار“ جا ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيا. ماهوار اخبار پيغام ۾ به ڪم ڪيائون، خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي سکر مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جا پاڻ 1930ع کان 1934ع تائين ايڊيٽر به رهيا. هن اخبار پير صاحب جي قابليت ۽ صلاحيتن کي سنڌ ۾ مشهور ڪيو. هي اخبار سنڌ جي مسلمانن جي سياسي حقن کان علاوه ادبي ۽ علمي معيار ۾ به اعلى رهندي آئي، هن اخبار انگريز راڄ خلاف سنڌي مسلمانن ۾ وڏو شعور پيدا ڪيو. اخبار جي ايڊيٽري سنڀالڻ وقت پير صاحب جي عمر اٽڪل 20 ورهيه ۽ پگهار 30 رپيا هئي. جڏهن پير علي محمد راشدي جا خانبهادر کهڙي سان اختلاف ٿيا، تڏهن ٻنهي ڀائرن اخبار کي ڇڏيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن نواب ظفر علي خان، مولانا حسرت موهاني، مولانا ابوالڪلام آزاد، هارنيمن، مولانا محمد علي جوهر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ رامانند چئٽرجي جهڙا اڳواڻ اخبار نويس طور ڪم ڪندا هيا. سنڌ ۾ هندو مسلم فساد جو مرڪز سکر هيو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ عروج تي هئي. پير حسام الدين وري پنهنجي وڏي ڀاءُ سان سکر منتقل ٿيو ۽ هفتيوار اخبار ”ستاره سنڌ“ ڪڍڻ شروع ڪيائون. پاڻ هن اخبار جو 1934ع کان 1937ع تائين ايڊيٽر رهيو. هن اخبار هندن جي ظلم، ڪاموري جي ڏاڍ، وڏيري جي جبر ۽ پير ملان جي فريب خلاف جهاد ڪيو. تيز ۽ تکن مضمونن ڪري اخبار مٿان لڳاتار ٽي سال ڪيس هليو. سال 1941ع ۾ اخبار ”الوحيد“ ذريعي راشدي صاحب باقائدي سنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو. سال 1945ع ۾ سائين جي ايم سيد جي سهڪار سان ”قرباني“ اخبار ذريعي سياسي ۽ تاريخي مضمون لکيا. جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي رهنمائي هوندي هئي، سنڌ ۾ پهريون دفعو سنڌي ادب جي فروغ ۾ تحقيق لاءِ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علامه محمد عمر دائود پوٽو ۽ سيد ميران محمد پراڻا قلمي نسخا هٿ ڪيا، پراڻن علمي ذخيرن کي ڳولهي هٿ ڪيو، هنن ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ۽ ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ پوءِ ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ به قائم ڪئي پر فعال ٿي نه سگهي. سال 1950ع ۾ ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ۽ پوءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ٿيو. جڏهن آغا غلام نبي پٺاڻ وزير تعليم ٿيو تڏهن هن صاحب هن اداري کي سرڪاري ادارو بڻائي مٿين ادب دوستن کي ان ۾ شامل ڪيو. شروع ۾ پير حسام الدين انهن دوستن جو هڪ ميمبر هيو پر پوءِ اهڙو وقت به آيو جو تاريخ جي حوالي سان انهن کي پوئتي ڇڏي ويو. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ٻئي ڀائر هميشه گڏ رهيا پر ٻنهي جو عمل مختلف هيو. پير علي محمد صاحب سياست جو ته پير حسام الدين ادب جو شوقين هيو. دنيا ۾ اگر ڪٿي به گڏ ويندا هيا ته وڏو ڀاءُ جهنگ ۾ شڪار ۾ مصروف ته ننڍو ڀاءُ ڪتابن جون ٻوريون پڙهڻ ۾ مشغول، وڏو ڀاءُ بمبئي، ڪلڪتي، دهلي ۽ لکنو جي سياست ۾ ته ننڍو ڀاءُ اتان جي لئبريرين ۾ مصروف هوندو هيو. راشدي صاحب کي 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ڪيو ويو، راشدي صاحب 1954ع ۽ مارچ 1955ع وري سيپٽمبر 1961ع ۾ ۽ آخري سال 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. راشدي صاحب هونئن ته ڪيترن ئي ادارن جو باني هيو سندس ادارا ساز شخصيت سنڌ ۾ ٻن وڏن ادارن سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي صحي معنى ۾ باني آهي. سنڌالاجي جي بنياد کان وٺي نالي تجويز ڪرڻ تائين سندس ذهن استعمال ٿيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي دنيا جي علم دوست، عالمن ۽ ملڪن تائين پهچائڻ ۾ سندس ڪردار قائدانه رهيو. محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حسام الدين راشدي اگر سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل نه هجن ها ته هوند اڄ سنڌي ادبي بورڊ نه هجي ها. سندن بورڊ لاءِ ڪيل خدمتن بابت هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. پاڻ علامه دائود پوٽو سان 1957ع ۾ ”مهراڻ“ جي ادارتي بورڊ ۾ به شامل هيا، بورڊ جي ڪتابن لاءِ خاص طرح سنڌ جي تاريخ لاءِ سندس راءِ آخري سند هوندي هئي، ڀيرومل جي ”قديم سنڌ“ سندس سفارش ذريعي ڇاپي وئي. فارسي ڪتابن جي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ يا ڇپائي ۾ سندس ئي هٿ آهي. حڪومت کان بورڊ کي فنڊ ڏيارڻ ۾ سندس شخصيت ئي نظر اچي ٿي. فارسي ٻولي سان محبت سندس ذات جو حصو هئي. جيئن ته سنڌ ۾ ٻه سئو سالن تائين فارسي زبان رائج رهي ۽ ايران سان سنڌ جو اسلام کان اڳ تهذيبي ۽ اقتصادي ناتو هيو. ايتري تائين جو سنڌ جي سياست ۽ تاريخ جا اهم واقعا يا حادثا ايران کان ايندڙن وسيلي ظاهر ٿيا. سنڌ جي اڪثر تاريخ فارسي ۾ لکي وئي. جڏهن راشدي صاحب تاريخ جي محقق جي حيثيت ۾ ايڏانهن وڌيو ته کيس ڪيترن جڳهن تي تاريخ جو لاڳاپو ٽٽل نظر آيو. خاص طرح هن محسوس ڪيو ته سنڌ جي سياسي ۽ تهذيبي زندگيءَ جا واقعا ۽ حقيقتون يا ته موجود ئي ڪو نه آهن يا وري انهن لاءِ لکڻ مهل حقيقت پسندي کي وساريو ويو آهي. پاڻ انهن جدا جدا زنجير جي ڪڙين کي جوڙڻ لاءِ سنڌ ايران ۽ دنيا جا گهڻا ڪتب خانا ڏٺا. برطانيه، فرانس، مصر، عراق، شام ۽ هندستان به ويا، سوين هزارين ڪتابن کي پڙهيو ۽ سنڌ بابت تاريخ جا وڃايل يا لڪايل ورق وري حاصل ڪري، ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ترتيب ڏئي حوالن ۽ دليلن سان سنڌي قوم کي هڪ سدا بهار سوکڙي ڏئي ويو. پير صاحب کي علم جي عشق جي جهڙپ لڳي ۽ تاريخ لکندي پاڻ تاريخ بڻجي ويو. هن پورهيو ڪري پاڻ کي قلم جو مزدور بڻائي تاريخ کي اونداهه مان ڪڍي ڪتابن ۾ کڻي آيو. سندس ڪتاب لکڻ وقت تحقيق ۽ محنت هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿي. ڪتاب ”مير معصوم بکري“ لکڻ وقت هو ايران انهن رستن يا قدمن سان ويو جنهن قدمن سان مير معصوم شاهه ايران کان بکر آيو هيو. پير صاحب رستن ۾، جهنگلن ۽ ويرانن ۾ مهينا سفر ڪيو ۽ اتي ترسيو جتي معصوم شاهه ڪتبا لڳائي نشان ڪيا هئا. شهنشاهه اڪبر جي سفير معصوم شاهه جي لڳايل ڪتبن جون تصويرون ڪڍيون ۽ فارسي ڪتب پروڙيا. ٻيو تحقيق جو مثال سندس ڪتاب ”مڪلي نامو“ آهي. مير علي شير قانع جو مڪلي نامو ڇهانوي صفحن تي لکيل هيو پر راشدي صاحب مڪلي ۽ مڪلي جا آثار، حاڪم ۽ تاريخ تي هن ڪتاب ۾ ست سئو ٻيانوي صفحا وڌيڪ لکي تاريخ جي تحقيق جو حق ادا ڪيو. دنيا ۾ پير صاحب جي شهرت اسان سنڌين جي سڃاڻپ هئي. پير صاحب ثابت ڪيو آهي ته ادارا ماڻهو نه بلڪه ماڻهو ادارا پيدا ڪندا آهن. هن جي گهڻو وصفي شخصيت ڪيترن ئي ادارن جي بنياد جو ڪارڻ هئي. پاڻ ستٽيهه ادارن جا مختلف حيثيت ۾ روح روان هيا ۽ هند، سنڌ، ايران، افغان، مصر جي تهذيب تاريخ بابت ٽيتاليهه ناياب ڪتاب لکيا. پير صاحب پنهنجو ”مڪلي نامو“ سنڌ جي تاريخ جي هيري ”دريا خان دولهه“ جي نالي منصوب ڪيو. پير صاحب جي اها عظمت آهي جو سنڌي وڏيرڪي گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي باوجود سنڌي وڏيرن وانگر قوم جي قسمت سان کيڏڻ يا وڪرو ڪرڻ بدران هن سنڌي قوم جي اصل وڃايل تاريخي شجري کي ڳولي قوم کي بقا شان ۽ عزت وارو ماضي ڳولهي ڏيڻ ۾ پنهنجي زندگي جا ٽيهه سال گذاريا. سندس تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ سنڌين جو شاندار ماضي، سنڌين جا غدار يا سنڌين جا رهبر تاريخ جي حوالي سان جهڙي نموني ظاهر ڪيا آهن، انهن حقيقتن کي ڪو به ارغون، ترخان جو پوئلڳ، چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. پير صاحب پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن سنڌ سڳوريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هيو ۽ سنڌ جي ماضي جي ڄاڻ لاءِ کوجنا ڪندي سڄي دنيا جي قومن جي تاريخ تائين پهتو. کيس دنيا جي تاريخ تهذيب، ثقافتي، علمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ جيڪا شهرت ۽ عزت ملي اها ڪنهن به پاڪستان جي دانشور يا ريسرچ اسڪالر کي ڪو نه حاصل ٿي. پير صاحب تاريخ لکندڙن جي ان رويي کان بغاوت ڪري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪئي جن غير سنڌي تاريخدانن سنڌ سان ظلم ڪندي ايترو به لکيو ته ”سنڌ کي فاتح ڪندڙ غيرن سنڌ ۽ سنڌين تي احسان ڪيو“. پير صاحب انهن غيرن جي لکيل تاريخ جي حوالن سان ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت ڪندي ٻاهرين فاتحن کي جارح، غاصب، سازشي، لالچي ۽ تهذيب دشمن ثابت ڪيو، سائين حسام الدين راشدي جون سنڌي سماج لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن جنهن لاءِ هڪ ڪتاب ڇپجي سگهي ٿو پر سنڌي ٻولي جي ترقي، سنڌي ادبي بورڊ کي عزت ڏيارڻ، سنڌي ڄاڻ جي سڄاڻن کي ادبي، علمي کاڻ سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ کان علاوه سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي سرڪاري ٻولي ۽ سائين پروفيسر غلام مصطفى شاهه صاحب جي چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي جو اولڊ ڪئمپس مان ڄام شورو منتقل ڪرڻ ۾ راشدي صاحب جو سهارو ۽ ڪمال شامل هيو. سندس هر دل عزيز سماجي شخصيت هڪ انجمن هئي، سندس گهر بيت الضيا هڪ دربار وانگر هميشه ڪچهري جو مرڪز بڻيل هوندو هيو، جتي سنڌ جا اڄ جا وڏا اديب، دانشور، عالم، آفيسر پنهنجي علم ۽ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ هر وقت پانڌيئڙا هوندا هيا. اڄ جي انهن مشهور هڪ هٽيءَ وارن دوستن کي راشدي صاحب نه صرف علم ادب جي الف بي پڙهائي پر کين کيسي مان خرچ ڪري خوب کارايو پيئاريو نه صرف ايترو پر اڄ سنڌ جي ثقافتي، علمي، ادبي ادارن جا گهڻا سربراهه سندس سفارش تي نوڪريون ماڻي شاهوڪار زندگي گذارن پيا. انهن مان اٺانوي سيڪڙو دوستن کي اڄ راشدي صاحب ياد به ڪو نه آهي هو ڪرسي، شهرت ۽ دولت جي نشي ۾ مگن مست ٿي ويا آهن. پير حسام الدين انهن سنڌي اديبن مان آهي. جن ملڪ ۾ درٻاري اديبن جي ٽولي کان پاڻ آجو رکندي خودي ۽ عزت سان زندگي گهاري، هو دوستن جو ته دوست هيو پر دشمنن جو پڻ سڄڻ، هي اهو سنڌي سپوت آهي جنهن جا دشمن ته هوندا ئي ڪو نه هيا. هر زبان ۽ نظريي جو عالم، دانشور، اديب کيس محبت مان ”پير سائين“ سڏيندو هيو. بيت الضيا ۾ پير صاحب جي ويهڻ جي جاءِ ۽ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪمرو هيو، جنهن جون ديوارون ڪٻٽن سان ڍڪيل، ڪتابن سان ڀريل فرش کان ڇت تائين ڪاٺ جي ڪٻٽن مان ڪتاب ڪڍڻ لاءِ هڪ ننڍي ڪاٺ جي ڏاڪڻ هوندي هئي. پير صاحب کي هزارين ڪتاب هوندي به اها خبر هوندي هئي ته ڪهڙو ڪتاب ڪٿي پيو آهي. ڪمري ۾ هڪ وڏي ميز هئي جنهن تي اهڙا ڪتاب جيڪي لکڻ مهل حوالن ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ ضرورت ۾ هجن پيا هوندا هيا، پير صاحب جو سمهڻ وارو ڪمرو به ڪتب خانو لڳو پيو هوندو هيو. پلنگ تي ڪتاب، پلنگ هيٺان ڪتاب، ويهاڻي هيٺان رسالا ۽ اخبارون هونديون هيون، اهڙن ڪمرن ۾ دنيا جا وڏا تاريخدان ۽ دانشور ملاقاتون ڪرڻ ايندا هيا، ڇاڪاڻ ته سندس گهر هڪ، عظيم علمي مرڪز جي حيثيت ماڻي چڪو هيو. پير صاحب وٽ مختصر دعوت جو رواج ڪو نه هيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه مهمان دعوت ۾ هوندا هيا. 1947ع ۾ پاڻ الحمرا سوسائٽي ۾ بنگلو خريد ڪيائون جيڪو ”علي رضا هائوس“ سڏجي ٿو. اتي اچڻ بعد لان ۾ وڏيون دعوتون ۽ پارٽيون ٿينديون هيون، سندس اوطاق، دسترخوان ۽ ڪچهريون مڪمل طرح سنڌي ثقافت جو عڪس ۽ آئينو هيون، ڪراچي جون ادبي محفلون پير صاحب جي شخصيت ڪري عروج تي هيون. کيس زبانن تي ايترو عبور هيو جو اردو ادب جا ڪيترائي ادارا سندس مشورن سان هلندا هيا. اڄ جا سڀ اردو عالم ۽ دانشور سندس رهنمائي ۾ پاڻ بڻائي سگهيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي ۽ تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽ“ جي ڪتاب ”دليسن آف هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ جي مطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال جون داستانون يا بادشاهن جي درد ناڪ آخري انجام جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشن سجاڳ حال خاطر ماضي جي کاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي حاصل ڪئي آهي؟ ته جيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“ راشدي صاحب جو شمار دنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل تاريخ نويسيءَ کي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي ٿي. جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين داستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽ صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب تاريخ لاءِ اصل حقيقتن ۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي، سنڌ جي جاگرافي وري برصغير جي تابع جو ڪارڻ بڻي. سنڌ جي ماضي جي حيثيت ۽ اثر وري ان وقت جي تاريخ جي تمام وڏن تهذيبي انقلابن، سياسي اثرن ۽ معاشرتي تبديلين لاءِ تجربيگاهه ثابٿ ٿي. جتي قديم سنڌ جي حيثيت ايتري شاهوڪار هئي ته اتي وري وقت گذرڻ ڪري سنڌ جي تاريخ مٽجندي وئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسلام کان اڳ ٻڌ ۽ هندو دور جون شهادتون حاصل ڪونه آهن. پر مغلن، ارغونن، ترخانن جي دورن جي وڃايل يا تبديل ڪيل تاريخ راشدي صاحب حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو فارسي، عربي ۽ اردو زبان جو عالم هيو. پير صاحب شيراز ۽ اصفحان جي باقياتي آثارن مان يا افغانستان، دهلي جي گورستان مان قديم تهذيبن جا سنڌي تهذيب يا سنڌ جي جاگرافي اقتصادي لاڳاپن سان هڪ جهڙائپ يا ويجهڙائپ ڳولهي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ بهادر جنگجو پر امن پسند، شاهوڪار وادي ۽ تهذيب جي مالڪ رهي آهي. پير صاحب جي لکيل ٽيتاليهه ڪتابن جي هر هڪ ڪتاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال ۽ وڌ ۾ وڌ هزار سالن جي تاريخ ۽ واقعن جو تسلسل موجود آهي جنهن لاءِ هو پئرس، مشهد، ڪابل، علي ڳڙهه، لنڊن ۽ آڪسفورڊ جي لئبريرين ۾ مهينن تائين ڪتابن ۾ گم رهيو. پير صاحب روس ويو، وچ ايشيا جون تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺا، ٻه ڀيرا چين ۽ ٻه سال فلپائن ۾ رهيو. پير صاحب پنهنجي يادگار ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ به منيلا ۾ لکيو هيو، پير صاحب 1952ع ۾ عراق، هندستان، شام ۽ لنڊن جون تاريخي جڳهيون، ميوزم ۽ ڪتب خانا ڏٺا. 1956ع ۾ به بغداد، شام ۽ لبنان ويو، 1958ع ۾ افغانستان جي دوري ۾ تفصيل سان سنڌ ۽ افغانستان جي لاڳاپن تي تحقيق ڪيائين، 1963ع ۾ بغداد جي حڪومت پاران 12 سئو سالا جشن ۾ شرڪت ڪيائين. 1964ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ويو. 1965ع ۾ کين روسي ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد ۾ (30 اپريل کان 15 مئي) تائين چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان کيس پهلوي ڪتب خاني جي ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو. وري سيپٽمبر 1966ع ۾ افغانستان حڪومت جي سرڪاري دعوت تي افغانستان ويو. سندس ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ سترهين صدي جي دور کي سمايو ويو آهي جو هن وقت تائين تاريخ ۾ سڀ کان وڏو دستاويزي رڪارڊ ليکيو وڃي ٿو. تاريخدان جي حيثيت ۾ وٽس صرف حقيقت، اصل ۽ سچ ئي معيار هيو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندي سنڌي قوم جي ورثي سان ڌارين جا ڏاڍ بيان ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ”سومرن ۽ سمن جي دور جو علمي خزانو ارغونن ۽ مغلن جي لشڪر ڪشي سبب تباهه ٿي ويو، جنهن لاءِ اسان چئي نه ٿا سگهون ته علم ۽ ادب جو خزانو ڪيترو هيو“ تنهن هوندي به راشدي صاحب مغلن ۽ ارغون جي تاريخ، ڪهاڻين روايتن ۽ حوالن کي حاصل ڪري سومرن ۽ سمن جا اديب ۽ عالم ظاهر ڪيا. سندس ڪتاب سنڌ جي ماضي بابت هڪ جرڪندڙ آئينو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي عام پڙهندڙن جي هٿن ۾ آندو وڃي. پير صاحب جمهوريت دوست اديب اڳواڻ هيو. سندس شخصيت سان سنڌ دشمن حڪمرانن انصاف ڪو نه ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به پاڪستان کان ٻاهرين ملڪ ڏني. فارسي تاريخي اڀياس سبب پير صاحب کي هڪ مهيني لاءِ 22 آڪٽومبر کان 19 نومبر 1954ع تائين ايران جي يونيورسٽين ۾ ايراني تهذيب تي ليڪچر ڏيڻ خاطر سرڪاري طرح گهرايو ويو. مصر، بيروت ۽ آمريڪا تائين عالمي ادبي سيمينارن ۾ کيس گهرائي سندس ليڪچر ٻڌا ويندا هيا. مشرقي علمن تي پير صاحب جو ليڪچر سرٽيفڪيٽ جي حيثيت رکندو هيو. سال 1964ع ۾ پڻ چيني حڪومت پاران سرڪاري طرح کيس تاريخ جي تحقيق لاءِ روس موڪليو. ايراني حڪومت سندس شخصيت ۽ ذهن جي بلندي کي خراج الشان اجتماع منعقد ڪري تعارفي تقريب جو انتظام ڪيو ۽ ان وقت اتي راشدي صاحب جي شان ۾ شعر پڙهيا ويا. فارسي ٻولي جي ناميارن اديبن اسڪالرن ۽ محققن پير حسام الدين جو هڪ وڏي فارسي محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو ۽ ايران سرڪار کيس ايران جو سڀ کان وڏو عوامي ايوارڊ ”نشان سپاس اول“ ڏنو. تهران يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ڏني پر هو ڪارڊ تي نه لکرائيندو هيو. تنهن بعد 1961ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ پير صاحب کي ”ستاره امتياز“ ڏنو. ان بابت راشدي صاحب جو چوڻ هيو ته ”هڪ ڊڪٽيٽر کان ايوارڊ وٺڻ عزت نه پر بي عزتي جو ڪارڻ آهي“ جنرل ضياءُ الحق به پير صاحب کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر پاڻ جرئت ڪندي وٺڻ کان انڪار ڪيائون. راشدي صاحب هڪ خاموش طبيعت، محبت وارو ماڻهو هيو، شفقت ۽ مسڪراهٽ وٽس هر وقت هوندي هئي. رعب دار نفيس قسم جو ماڻهو، تمام سهڻو، زلف وڏا ۽ کليل، هر وقت اعلى ۽ خوبصورت سوٽ ۾ نظر ايندو هيو. مطالعو ۽ مشاهدو، ٻڌڻ ٻڌائڻ سندس مشغلو هيو. دوستن، يارن جو وڏو انبوهه هر وقت وٽس موجود، اگر ڪنهن کي ڪا غلطي ۾ تڪليف اچي وڃي ته معافي وٺندو. سدائين حق ۽ سچ چوڻ ٻڌڻ جو عاشق، سچ جو ساٿاري، ادبي سماجي ثقافتي تنظيمن جو يار ۽ سرواڻ، نئين نسل جي رهنمائي ڪرڻ سندس ايمان هوندو هيو. حقيقتن جو تلاشي ۽ ڪوڙ جو دشمن، ٻٽي پاليسي کان نفرت ۽ سامهون تنقيد سان محبت هيس. جديد نظرين جو مالڪ پاڻ عالم علمن جو قدردان هيو. سندس اڪثر وقت ڪتب خاني ۾ گذرندو هيو. فوٽو گرافي سان وڏو شوق ۽ سنڌي راڳ سان چاهه هيس. پير صاحب جي زندگي ۾ هڪ وڏو خال هوندو هيو ان ڪري هو زندگي ڀر تنهائي جي احساس ۾ تڙپندو رهيو. ڪيترن موقعن تي سندس پياسي اکين مان ڳوڙهن جا وسڪارا وهي پوندا هيا پر هو غم برداشت ڪرڻ وارو حوصلو رکندو هيو، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي جي پٽ ۽ ڌيءُ کي گود وٺي پاليو. پير صاحب هڪ يار ويس، مهمان نواز، محبتي ۽ مٺو ماڻهو هيو. جيڪڏهن ڪاوڙبو هيو ته پوءِ هو ”حسام بي نيام“ جو ڏيک ڏيندو هيو، هونئن ته مشرق ۽ مغرب ۾ سفر ڪيو ۽ دنيا جا ملڪ ڏٺا پر کين ايران تمام گهڻو پسند آيو. پير صاحب جو ايراني حڪومت تي ايڏو گهڻو اثر هوندو هيو جو پاڻ جيڪا به سفارش ڪندو هيو ان تي هڪدم ايراني حڪومت عمل ڪندي هئي، حيدرآباد ۾ ايران وارو مرڪز ته ايران جي ثقافت واري وزير آقائي پهل بد پير حسام الدين جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر کوليو. پير حسام الدين راشدي صاحب قومپرست، سوشلسٽ اديب عالم دانشور کان علاوه انسان دوست ۽ همدرد شخص هيو، ڪڏهن به پاڻ مٿان الزامن جو جواب نه ڏيندو هيو. سندس چوڻ هيو ته ”تاريخ جو سڀ کان وڏو ڏکوئيندڙ پهلو هي آهي ته هن هر سچ لکڻ واري کي سزا وار سمجهيو آهي، ڪير غلط ڪير درست آهي اهو مستقبل جي مورخ جي فيصلي لاءِ رکيل آهي.“ هي سنڌ جو اهو دلير فرزند آهي جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به موت کان نه ڊنو. هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته راشدي صاحب پنهنجي زندگي جي آخري ڏهن سالن ۾ تمام گهڻو بيمار رهيو. مٿس دل جا دورا پيا. کيس تمام خطرناڪ بيماري ڪينسر هيو ۽ هو پنهنجي گلي جي آپريشن لاءِ ست دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيو پر آپريشن روم ۾ هر دفعي داخل ٿيڻ مهل مسڪرائيندو ويو ۽ هر دفعي ڪتابن سامان، تحقيق ڇپيل، اڻ ڇپيل مواد، سنڌ جي وڌيڪ تاريخ بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ ماڻهن جو انتخاب، جائداد کان وٺي پنهنجي آخري آرامگاهه يعني قبر تائين وصيت ڪندو رهيو. ايستائين جو هن پنهنجي زندگي ۾ مڪلي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پنهنجي قبر پڻ تعمير ڪرائي ڊزائن ٺاهي ۽ قبر ۾ سمهي ڏٺو. پاڻ کي جيئري سنڌ جي مڪلي واري خوشبودار مٽي ۾ آرامي ٿيندي محسوس ڪيائين، زندگي ۾ ٽي شيون کيس پياريون هيون، هڪ پنهنجا تاريخي ڪتاب ۽ دنيا مان گڏ ڪيل قلمي نسخا، ٻيو حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ ۽ ٽيون مڪلي جو قبرستان. پاڻ جڏهن به ڏک ۾ يا خوشي ۾ هوندا هئا ته مڪلي جي قبرستان ۾ ڪيتريون ئي راتيون گذاريون هئائين. سندس لاءِ مشهور هيو ته هو اسپتال جي بستري تي آپريشن بعد پنهنجي گلي کي پٽيون ٻڌايون سمهيو پيو هوندو هيو اگر ڪو به دوست کيس محفل جي دعوت ڏيندو هيو ته ان حال ۾ به حاضر ٿيندو هيو ڇاڪاڻ ته دوست محفل ۽ نشست سندس ڪمزوري يا خوشي هوندي هئي پر افسوس جو پهرين اپريل 1982ع تي هن مرد مٿيري جي انتقال کان پوءِ سندس عزيزن رشتيدارن ۾ اهڙو ڪو به موجود ڪونهي جو پير صاحب جي نقش قدم تي هلي ڪو ٻوٽو ٻاري باقي گهڻائي دوست پير صاحب جي شهرت مان ججهو فائدو حاصل ڪندا رهن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو سندس انتقال جي چوڏهن سالن بعد به پير صاحب جي تمام سادي قبر مڪلي ۾ اڄ تائين اڌ ۾ رهيل آهي جنهن لاءِ ڪنهن سنڌ دوست کي اپيل آهي ته سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ جي وارث جي قبر سندس شان مطابق تعمير ڪرائي سنڌين تي احسان ڪري. پروفيسر غلام مصطفى شاهه جو چوڻ آهي ته مان راشدي صاحب سان سندس انتقال کان چند ڏينهن اڳ مليس. گلي ۾ ڪينسر جي ستين آپريشن سبب هو وڏي تڪليف ۾ هيو. هن بزرگ نماڻين اکين سان مون کي ڏٺو. اذيت سبب زبان تي ڪمزوري هيس ۽ چچرندڙ لفظن ۾ صرف اهو چيائين ته ”مون دفن ٿيڻ جي وصيت ڪئي آهي، انهن ڇوڪرن تي ڪو اعتبار ڪو نه آهي، مهرباني ڪري ان کي ڏسجانءِ“ پير صاحب کي اولاد ڪو نه هيو پر اڄ سڄي سنڌ سندس پونيئر آهي. پير صاحب جي ڪتابن جو مختصر جائزو وٺڻ مهل اهو نظر اچي ٿو ته هن مير معصوم بکري تي ڪتاب لکڻ ۾ 48 سال لڳايا، پاڻ 19 سالن جو هيو جو هي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو ۽ 68 ورهين جي ڄمار ۾ مڪمل ڪيو، تحفة الڪرام ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي انسائيڪلو پيڊيا آهي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ اهم شخصيتن ۽ شهرن جو ذڪر آهي، هن جو سنڌي ۾ پهريون حصو شايع ڪيائين. مقالات الشعراءَ ڪتاب به ناياب ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن جو تذڪرو آهي هي ڪتاب به مير علي شير قانع جو لکيل هيو جيڪو ايڊٽ ۽ حاشين سان پير صاحب سنڌي ۾ شايع ڪرايو. تڪمله مقالات الشعراءَ ڪتاب خليل ٺٽوي جو پوئين دور جي فارسي شاعرن بابت تذڪرو آهي هي ڪتاب به پير صاحب ايڊٽ ڪري سنڌي ۾ شايع ڪرايو. تاريخ مظهر شاهجهاني ڪتاب يوسف ميرڪ بن مير ابو القاسم بکري جو لکيل هيو، هن ڪتاب جي ڄاڻ گذريل ٽن سئو سالن کان ڪنهن به عالم کي نه هئي ايستائين جو سرهينري ايليٽ جيڪو تاريخ هند لکڻ مهل هندستان ۽ يورپ جي هر هڪ حصي ۾ ويو هيو اهو پڻ هٿ نه ڪري سگهيو. پير صاحب جو چوڻ هيو ته مغلن جي دور بابت عام تاريخدانن مان ڄاڻ ملندي هئي ۽ سنڌ جو ذڪر ته لوڻ برابر هوندو هيو. پر تاريخ مظهر شاهجهاني پهريون ڪتاب آهي جيڪو مغليه دور جي اڌ صدي بابت روشني وجهي ٿو ۽ سنڌ جي حالتن تي تفصيلي احوال ملي ٿو. پير صاحب ڪتاب جي شروع ۾ ايڊيٽ کان علاوه اردو ٻولي ۾ هڪ سئو صفحن جو قيمتي مقدمو به لکيو آهي. هفت مقالا ڪتاب اردو ۾ آهي جنهن ۾ فارسي ٻولي ۽ ادب جا ست مقالا آهن. پير صاحب مقدمو لکي ڪتاب شايع ڪرايو. تذڪره شعراءِ ڪشمير به فارسي ٻولي ۾ فارسي ڪشميري شاعرن جي احوال بابت آهي پير صاحب وڏي محنت ڪري مقدمو ۽ هاشيا لکي شايع ڪرايو. تذڪره مشائخ سيوستان ۾ فارسي ٻولي ۾ سيوهڻ جي بزرگن جي تذڪري بابت آهي. جيڪو عبدالغفور بن حيدر سيوهاڻي 1039 هجري ۾ لکيو. پير صاحب ان جي ايڊٽ ڪئي. سنڌي ترجمو ڪرايو ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرايو. ترخان نامه ڪتاب سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي لکيو جنهن ۾ ترخاني دور جو احوال آهي، هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت بنيادي حيثيت رکي ٿو. پير صاحب فارسي زبان ۾ مهاڳ ۽ ترخانن بابت سڀني تاريخي ڪتابن جو احوال ڏنو آهي، جن ۾ ترخانن جو ذڪر آهي، آخر ۾ ترخانن جا نسب ناما به تيار ڪري ڏنا اٿس. حديقة الاولياءَ سيد عبدالقادر بن سيد محمد ٺٽوي جو لکيل آهي، جنهن ۾ ايڪيتاليهن بزرگن جو ذڪر آهي، هي ڪتاب به پير صاحب محنت ڪري شايع ڪرايو جنهن ۾ سنڌي زبان ۾ وڏو مقدمو آهي، جنهن ۾ انهن سڀني تاريخن جو حوالو ڏنو اٿس جن ۾ بزرگن جو ذڪر آهي، منشور الوصيت ڪتاب ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وصيت بابت آهي جيڪو پير صاحب ترتيب ڏئي شايع ڪرايو آهي جنهن ۾ پاڻ وصيت نامي جو تعارف ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته وصيت نامي وسيلي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سوچ، فتح، حالتن، ماحول، مقابلن، سماجي جوڙجڪ ڇا هئي ۽ هر طرح جا تفصيل موجود آهن. راشدي صاحب ستن ضميمن وسيلي نادر شاهه جي دور کان وٺي هر تاريخ جو حوالو ڏئي ۽ ڪلهوڙن جي تاريخ مڪمل ڪئي آهي. هشت بهشت ڪتاب ۾ سنڌ جي باڪمال فارسي شاعر ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي جون اٺ مثنويون شامل آهن، جن کي ترتيب ڏئي پير صاحب شايع ڪرايو. مثنوي چنيسر نامو به فارسي مثنوي ادارڪي بيگلار جو لکيل آهي جنهن ۾ ليلا چنيسر جو تفصيل سان احوال آهي. هن تي به پير صاحب 67 صفحن تي تفصيلي مقدمو لکيو آهي، مثنويات وقصائد به مير علي شير قانع جي فارسي مثنوين ۽ قصيدن تي مشتمل آهي، پير صاحب ترتيب ڏئي 40 صفحن تي مشتمل مقدمو سنڌي ۾ لکي تفصيل ڏنو آهي. مثنوي مظهر ال آثار سيد جهانگير هاشمي ڪرماني بکري 946هه جو لکيل آهي. پير صاحب ان جي تصيح ۽ فارسي مقدمو لکي جهانگير هاشمي جي زندگي جي احوال سميت شايع ڪيو. تذڪره روضه السلاطين وجواهر، العجاب ڪتاب سلطان محمد فخري بن محمد اميري هروي جو آهي جيڪو شاهه حسن ارغون ۽ مرزا عيسى خان ترخان جي دور ۾ ٿي گذريو. پير صاحب ان کي ترتيب ڏيندي ست باب لکيا آهن، جن ۾ سنڌ هند ۽ اسلامي دنيا جي سلطانن ۽ حاڪمن جو ذڪر آهي، شاهه ارغون جو احوال مسلمان شاعر عورتن جو احوال به آهي، هن ڪتاب ۾ اردو ۾ لکيل 77 صفحن تي مشتمل حرف آغاز ۾ پير صاحب فخري جي آمد جي احوال کان علاوه سنڌ جي سياسي سماجي صورتحال بابت وضاحت ڪئي آهي، فخري پهريون شخص آهي جنهن دنيا کي عورت شاعرن بابت ڄاڻ ڏني. 1961ع ۾ شايع ٿيندڙ پير صاحب جي تذڪره امير خاني ۾ ان خاندان جو ذڪر ڪيو آهي، هن خاندان جو اٽڪل ٽي صدين تائين سنڌ مٿان اثر رسوخ ۽ حڪم هليو. امير خاني خاندان جون قبرون سکر جي پرين ڀر درياهه جي ڪناري تي ستين جي ٿان ۾ آهن. امير خاني جوسربراهه مير ابوالقاسم نمڪين اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ بکر ۽ سيوهڻ جي گورنر هيو، ستين جي ٿان واري جاءِ تي ٿلهو ٺهرائي چانڊوڪي راتين ۾ ڪچهريون ڪندو هيو. سندس پٽ ابوالبقا امير خان سيوهڻ، ملتان ۽ جونا ڳڙهه ۾ مغلن پاران گورنر ٿي رهيو. هن ڪتاب ۾ بکر ۽ سيوهڻ جي اقتصادي سماجي ۽ سياسي حالتن جو تفصيل آهي. مير معصوم بکري ڪتاب لاءِ پير صاحب وڏي محنت ڪئي. هن ايران وڃي مير معصوم جا پنڌ ۽ رانهون ڏسي فوٽو ڪڍيا. سمورا ڪتاب پڙهيا ۽ مير معصوم بکري جي سوانح تيار ڪيائين. هن ڪتاب ۾ مير معصوم بکري جي سياسي ڪارگذارين، علمي خدمتن، تعميراتي ڪمن ۽ علائقي ۾ سياسي سماجي اقتصادي ثقافتي حالتن بابت تفصيل آهي. پير صاحب جو ڪتاب مرزا غازي ترخان اردو ۾ آهي جيڪو سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان جي پٽ غازي بيگ بابت آهي جنهن اڪبر ۽ جهانگير بادشاهن جي دور ۾ به سنڌ ۽ قنڌار تي حڪمراني ڪئي. هو شعر ۽ سخن جو به مداح ۽ عاشق هيو، هن ڪتاب ۾ ان دور جي سياسي علمي ثقافتي حالتن جو به ذڪر آهي. ماڪ ڀنا رابيل ڪتاب ۾ پير صاحب ماهنامي زندگي ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب ڏنو آهي، جيڪو سوانح ۽ سنڌي ٻولي ادب بابت نهايت مفيد مواد ڏئي ٿو هي ڪتاب 1965ع ۾ شايع ٿيو. پير صاحب جو ڪتاب ڏهين صدي هجري جي سنڌ در اصل ترڪن جي عثمانيا سلطنت واري دور ۾ سيد علي رئيس جيڪو مصري ٻيڙي جي ڪماني ڪندو بصري، يمن، مسقط، گوادر ۽ جاوا ۾ پورچو گيزن سان مقابلا ڪندو گجرات ۽ سنڌ پهتو ۽ جڏهن واپس وطن پهتو ته هن ”مراة الممالڪ“ سفر نامو لکيو جنهن ۾ سنڌ جي سياسي واقعن تي روشني وڌي ۽ راشدي صاحب ان مان هند ۽ سنڌ بابت مواد شايع ڪرايو. سندس ڪتاب هو ڏوٿي هو ڏينهن به سنڌ جي لڳ ڀڳ ويجهڙائي ۾ ٻن سئو سالن جي معلومات سان ڀرپور آهي جنهن ۾ خاندانن، ادبي ادارن ۽ وڏيرن، عوام ۽ سياسي زندگيءَ بابت هڪ مفصل ڄاڻ آهي، پير صاحب جو ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون پڻ هڪ يادگار ڪتاب آهي جيڪو سندس زندگي ۾ آخري ڪتاب هيو، پاڻ اٽڪل 300 مضمون ۽ مقالا لکيائون، هن ڪتاب ۾ اٽڪل 43 مضمون ۽ مقالا، 35 صفحا ترڪي متن، هڪ نقشو ٺٽو شهر جو ۽ 171 ٺٽي متعلق تصويرون شامل آهن. راشدي صاحب جو اردو ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب سنڌي ادب به سنڌي ادب جي پهرين مڪمل تاريخ آهي. جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي تاريخ، عربن کان سومرن ۽ سمن تائين سنڌي ٻولي جو ادب، ارغون، ترخان ۽ مغل دور جو ادب، ڪلهوڙن جي دور جو سنڌي ادب، ٽالپرن جي دور جو ادب، برطانوي ۽ موجوده پاڪستاني دور جو ادب ۽ سنڌي شاعري جون صنفون شامل آهن. پير حسام الدين راشدي جهڙو عالمي معيار جو سنڌي تاريخدان يا محقق گذريل هڪ صدي ۾ پيدا ڪو نه ٿيو آهي ۽ اهو خال اڃا تائين خالي آهي. پير صاحب کي سنڌ جو آئزڪ نيوٽن يا ابن خلدون به چئي سگهجي ٿو. هو الرازي، گليلو يا مائيڪل انجيلو وانگر عظيم انسان هيو، جن پنهنجي ماحول جا زنجير ٽوڙي ذهني آزادي حاصل ڪئي ۽ دنيا کي ايندڙ صدي تائين حيرت، سونهن ۽ سوچ لاءِ مواد ڏنو. مددي ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن، مهراڻ راشدي نمبر، نئين زندگي، روح رهاڻ، شيخ اياز جي تقرير، بيگم ممتاز راشدي جو مضمون. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾ لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات، هار جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾ موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن ۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن. اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾ اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار، اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون. سچ چوڻ، انسان ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ هن امن ۽ محبت جا نعرا هڻندڙ مکڙين جي پهرين مرڪ جهڙي معصوم آدرشي انسان کي سماج ڇا ڏنو؟ ڪجهه به ته ڪو نه ڏنو! اگر ڪجهه ڏنو ته باغي، جاسوس جا لقب ڏنا، تنهائيون ۽ محروميون ڏنيون، ڏک صدما ۽ جيل ڏنا، مرڪ بدران لڙڪ ڏنا، ڇا سوڀي کي سنڌ ۽ انسان سان محبت جي پاداش ۾ جيلن ۾ ضايع ٿيل جوانيءَ جا قيمتي سال واپس ملي سگهن ٿا؟ سوڀي کي ڪجهه به ته نه کپي، سوڀو زندگيءَ ۾ ڪجهه وٺڻ سکيو ئي ڪو نه، سوڀو اگر وٺڻ چاهي ٿو ته مڃتا ۽ محبتون، سنڌ ڌرتي تي ئي ڌرتي جي هن سپوت مٿان اهڙو به وقت آيو جو حالتن سندس تمام ساٿين کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پر سوڀي کي سلام ته هن لطيف ۽ سچل جي ڌرتي ڪو نه ڇڏي. 1946ع کان 1970ع تائين جيل به سنڌڙي جا قبول ڪيا پر بمبئي ڪلڪته ۽ لکنو جون جهرمر رنگين گليون بازاريون نه ماڻيون، سوڀي پنهنجو جيءُ جياپو ڌرتيءَ ۽ لاڳاپو ڌرتي ڌڻين سان ڳنڍيو. ماڪ ڀنل خوشبو وارن ساهن ۽ سنڌڙيءَ جي مهڪار ۽ هٻڪار سانڍي. هن ڌرتيءَ سان محبت وچن ۽ وفائن جا گيت ڳايا ۽ مٽيءَ جا ڏکايل پر حوصلي ڀريل سڏ ٻڌا. سوڀي جون سوچون لوچون، ارمان، ڏک سک ڌرتي ڌڻين ۽ پيڙيل مظلوم طبقن، ڪمزور انسانن جي امان آهي، سندس سمورو جيون ڌرتيءَ ۽ مسڪين ماڻهو آهي. جيل جهاڳيندڙ هن پوڙهي جوان مسلسل زندگي جي جيون ۾ جيوت لاءِ ڏک، قيد مصيبتون، تنهائيون، نظربندي، تهمتن، بي وفائين، بي قدري، بي وسيءَ وارن ڏينهن ۾ جبل جيڏي زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن جهاڳيندي خاموشي سان زندگي جو سفر پورو ڪيو آهي، هندن کان وڌيڪ روشن خيال، علم ادب دوست، جمهوريت پسند، ترقي پسند، قوم پرست سنڌي مسلمانن جو محبوب محترم سوڀو گيانچنداڻي تاريخ 3 مئي سال 1920ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي مهذب ثقافتي ماٿري موهن جي دڙي ڀرسان ماڻڪ ملهار جهڙي پياري ڳوٺ ”ٻنڊ“ اڳوڻو تعلقو ”لب دريا“ هاڻي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ديوان تنورمل جي گهر ۾ ڄائو. هن مادري ٻولي (پرائمري) ڳوٺ بگيءَ جي اسڪول ۾ ماڻي. انگريزي تعليم لاءِ پهريان اي- وي اسڪول قمبر، تنهن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ پوءِ سال 1935ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول واري زندگي بابت سندس پراڻو هم ڪلاس مشهور ڀارتي سنڌي اديب ليکو تلسياڻي چوي ٿو ته ”هڪ ڏينهن صبح جو اين جي وي اسڪول ۾ 15- 16 سالن جو نوجوان قد بدن پورو پنو، رنگ کليل چهرو ڪشش وارو، مڌر ڪڙڪ آواز، اچار صاف، دل موهيندڙ انداز ساڻ ميز تي چڙهي ٽئگور جي گيتا نجلي مان پريه ڪويتا انگريزي ۾ پڙهي رهيو هو. Leave this chanting and singing and tellaing of leds. کاڌيءَ جي قميص، پتلون ۽ مٿي تي ٽوپيءَ واري سادي پوشاڪ جهڙو سادو سوڀو ڇل ول کان پري مون پهريون دفعو ڏٺو. ڪراچي ۾ پڙهڻ دوران هوبندر روڊ ”چداڪاشي“ مندر ۾ رهندو هيو. اسڪول جي ڪتابن بجاءِ علم ادب جا ڪتاب رسالا شوق سان پڙهندو هيو. ايتري تائين جو هلندڙ ڪلاس ۾ به غير نصابي رسالا پڙهندو هيو. سوڀو 1936ع دوران تحقيق ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيو ۽ پهريون دفعو سندس اسڪول مئگزين ۾ مضمون گرديو ٽئگور بابت شايع ٿيو. سوڀو صاحب مئٽرڪ اپريل 1937ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي. جون 1937ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. جتان 1939ع ۾ انٽر پاس ڪيائين پوءِ ٽئگور جي ڪاليج ”شانتي نڪتين“ ۾ داخلا ورتائين. سال 1941ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. شانتي نڪتين ڪاليج ڪلڪتي کان ستانوي ميل پري هڪ خوبصورت وادي ۾ قائم آهي، هي سر زمين اڳ ”ڀير ڀونئن“ يعني سورمن جي زمين نالي مشهور هئي، هن جو بنياد هندستان جي مهاڪوي ”رويندر ناٿ ٽيگور“ وڌو هيو. رابندر ناٿ ٽيگور کي سندس مشهور ڪويتا ”گيتانجلي“ تي سال 1913ع ۾ عالمي نوبل انعام مليو. هن انعام ۾ ملندڙ رقم مان هي زمين خريد ڪري هڪ عظيم محبت جو درسگاهه قائم ڪيو. شانتي نڪيتن ڪاليج ۾ تعليم قديم گروڪل انداز ۾ ڏني ويندي هئي جيڪا ٻين ڪاليجن کان بلڪل مختلف هئي. هتي اٽڪل پنج سئو شاگرد جن ۾ هڪ سئو عورتون به شامل هيون، ڪاليج جي ڪمرن ۾ نه پر ڪاليج ۾ لڳل وڻن جي ڇانو هيٺ ڇٻر يا گاهه تي پلٿي ماري ويهندا هيا ۽ استاد هڪ منجيءَ يا منڊلي تي ويهندو هيو. هتي امتحان به ڪو نه ٿيندا هيا، شاگرد علم ادب کان علاوه راڳ ۽ ناچ جي بابت به ليڪچر ٻڌندا ۽ تربيت حاصل ڪندا هئا. سڀ شاگرد ٻاهران آيل هيا. سال 1939ع ۾ ڪاليج جي ماهوار في ستر رپيا هئي جڏهن رهائش کاڌو پيتو الڳ هوندو هيو. هن ڪاليج ۾ ادب، حيا، اخلاق، فهم ۽ فراصت، ميٺ محبت، نياز نوڙت جو علم سيکاريو ويندو هيو هن ماڳ تي پريم ۽ پريت جو پڙلاءُ هوندو هيو. گرديو ٽئگور جي قدمن ۾ ويهي سوڀو صاحب انسانيت سان محبت ڪرڻ جو درس حاصل ڪيو. ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي سال 1941ع ۾ تعليم مڪمل ڪري سنڌ پهتو ۽ ساڳي سال ۾ سندس شادي ٿي. سال 1942ع سوڀو صاحب ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي جيڪا مسلسل تحريڪن ۽ جيلن سبب مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ 1970ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين. ڪامريڊ سوڀو صاحب جي ذهن ٽئگور ڪاليج جي تعليمي عرصي ۾ مارڪسواد ڏانهن لاڙو کاڌو هن سنڌ اچڻ بعد پروڪميونسٽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن دور ۾ مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهرو جون آتم ڪٿائون ۽ ٽئگور جا گيت سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿي ”سنڌ ساهت“ وسيلي نوجوانن تائين پهچايا ويندا هئا، هڪ نئين قسم جي دنيا جنم وٺي رهي هئي. روس واري انقلاب جي علم ادب شاگردن جي دلين ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، سندن ذهن کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هيو. سوامي وويڪا نند ۽ راجا رام تيرٿ راءِ ”هندومت“ کي سوشلزم طور پيش ڪيو. ڪامريڊ سوڀي جي ذهن تي به مهاتما گانڌي جي سوچ ۽ شخصيت جو اثر هيو. ڪامريڊ سوڀي جي مائٽن جي تمنا هئي ته هو ڪو اعليٰ سرڪاري عهدو ماڻي پر سوڀو صاحب ته پنهنجي لاءِ سورن ڀريل سماج جي تباهي لاءِ بغاوت جو جهنڊو سنڀاليو. ڪراچي پهچڻ بعد سوڀو صاحب شاگرد هلچل ۾ سرگرم ٿي ويو ۽ جلد ئي ان وقت ”سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن ڪانگريس پاران مهاتما گانڌي انگريزي سرڪار کي 8 آگسٽ 1942ع ”هندستان خالي ڪيو“ تحريڪ جو اعلان ڪيو هيو. سوڀو صاحب پڻ سيڪريٽري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حيثيت ۾ تمام شاگرد ساٿين سان گانڌي جي آزادي واري تحريڪ ۾ نروار ٿيو. نتيجي ۾ 11 آگسٽ 1942ع تي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا. پر ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿيڻ بدران زير زمين هليو ويو. انگريز حاڪم وٺ پڪڙ شروع ڪئي. جلسا جلوس هڙتالون، لاٺي چارج ۽ گولي روزانو جو رواج بڻجي ويو هيو. سوڀو صاحب انهن انقلابي ڪمن ۾ انڊر گرائونڊ ٿي ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ سنڌ جي نوجوان کي هن سامراج دشمن تحريڪ لاءِ تيار ڪندي آخر پاڻ به گرفتار ٿي پيو ۽ 24 جنوري 1943ع کان جولائي 1944ع تائين جيل ۾ رهيو. هتي سندس قيد واري عرصي ۾ هيمون ڪالاڻي کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. سوڀو صاحب کان علاوه گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سيتل درياڻي ۽ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، شڪارپور جا دوست به گرفتار ٿيا. حيدرآباد جيل ۾ سوڀو صاحب سان جيرا مداس دولترام، هريداس لالجي، نارائڻ داس پيچر، محمد امين کوسو ۽ نرائڻداس رتن مل ملڪاڻي ساڻ ملاقات ٿي. جيل ۾ هنن هڪ علمي مرڪز به قائم ڪيو ۽ جيل ۾ ذهني اوسر لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو. 18 مهينن بعد جيل مان آزاد ٿيڻ شرط سوڀو صاحب سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت ڪسان مزدور پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيون روشن خيال انقلابين لاءِ واحد سياسي پارٽيون هيون. سال 1945ع ۾ جڏهن سيد جمال الدين بخاري ڪراچي پهچي مزدور راڄ لاءِ ڪم شروع ڪيا ته ان وقت ڪراچي نوجوان ڪامريڊن جو مضبوط ڳڙهه هيو. بيگم شاني بخاري جي گهر ۾ شام جو سڀ نوجوان ڪارڪردگي رپورٽ ڏيڻ لاءِ پهچندا هيا. مزدور تحريڪ ۾ اڳواڻي ڪامريڊ جمال الدين بخاري ڪندو هيو. جڏهن ته ٻيا نوجوان گوبند مالهي رسالو ”نئين دنيا“ سوڀي صاحب تنظيم ۽ تقرير، موهن پنجابي، وپنو ڀارتي، نارائڻ داس ٻيجر ۽ علي احمد بروهي تي هڪ گروپ ڪراچي جي مختلف چوراهن تي ڪاٺيءَ جا اسٽول رکي تقريرن ذريعي عوام ۾ مزدور راڄ ۽ مزدور انقلاب جو درس ڏيندا هئا، جڏهن ته محترم ڪامريڊ شانتي بخاري وري مزدوري ڪندڙ داين، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن، سٽ اڻندڙ ۽ چوڙيون ٺاهيندڙ عورتن جي مدد ڪندي هئي“. ڪامريڊ سوڀي سنڌ ۾ مزدورن جي تنظيم کي گهڻو متحد ڪيو پر کيس ٻاهر رهي پنهنجي قائدانه صلاحيت ۽ تنظيم ۽ تبليغ ڪرڻ جو موقعو گهٽ مليو. ڪامريڊ سوڀي جي زندگي ۾ هڪ يادگار وڏو تحريڪي واقعو عالمي شهرت رکي ٿو. 18 کان 25 فيبروري 1946ع تائين بمبئي رائل انڊين نيوي جهازن سمنڊ ۾ بيٺل جهازن ۽ بمبئي جي بندرگاهه ۽ ان جي آسپاس نيوي جي اڏن تي قبضو ڪيو. ان بغاوت جي پڙاڏي هر بندرگراهه تي بيٺل جهاز ۽ بحري ادارن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو. رنگون کان ڪراچي تائين، بنگالي اپسمنڊ ۽ عربي سمنڊ اندر، جيڪي به هندي بحري جهاز، زميني اڏا يا تربيتگاهه هيا تن تي نيوي جهازن قبضا ڪري چؤڪيون قائم ڪري توپون وغيره لڳايون، انگريزي هندستاني آفيسرن کي قبضي ۾ پنهنجي ڪئبن ۾ پهري هيٺ رکيائون بمبئي ۾ وري نيوي جي باغين هڪ اسٽرائيڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن جو سربراهه مسٽر خان هيو، هن ۾ ڪانگريس، ڪميونسٽ ۽ مسلم ليگي خيالن جا ماڻهو هيا، سنڌين مان ڪامريڊ سوڀو ۽ علي احمد بروهي ميمبر هيا. هن هلندڙ اسٽرائيڪ ۾ دراصل هڪ وقت اهڙو آيو جو 21 فيبروري جي 1946ع جي ڏينهن ڪامريڊ سوڀو ۽ سندس ٻيا ٽريڊ يونين ليڊر جهڙوڪ عينشي وديار ٿي، گلاب ڀڳواڻاڻي، پوهو، اوتار ڪشن هنگل پنهنجي موجوده ڪي ايم سي بلڊنگ سامهون ڪميون ڪم ٽريڊ يونين آفيس Commune cum T. U Office ۾ ويٺا هيا ته نيوي جي باغين جي هٿان توپ جو گولو فائر ٿي ويو، جيڪو ڪياماڙي کان ڊرگ روڊ جي هڪ کليل ميدان ۾ ڪريو. ڪراچي جي 6 لک آبادي ۾ هلچل ۾ اچي وئي، مشهور ٿي ويو ته شايد انگريزن ۽ باغين ۾ جنگ شروع ٿي وئي، جڏهن ته اهو توپ جو گولو غلطي مان ڇٽو هيو. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي بمبئي وڃڻ سبب سوڀو صاحب ذميواري سنڀالي، شام جو عيدگاهه ميدان تي مزدور شاگرد اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي گڏجاڻي رد عمل طور سڏائي وئي، جنهن ۾ هنگل، گوبند مالهي، شيوا جي ڀڳوان، گلاب انيتي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا، فيصلو ٿيو جنهن لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر لڳائي اعلان ڪيو ويو. اٽڪل پنج سئو ماڻهو گڏ ٿيا. هڪ طرف مهاتما گانڌي ۽ مسٽر محمد علي جناح ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پاران انهن باغين کي هڙتال ختم ڪري پيش پوڻ جي اپيل ڪئي هئي پر ماڻهو نوجوان ۽ نئين قيادت جي ڳولا ۾ هيا. عام پورهيت، شاگرد دانشور، عام مسلم ليگي ۽ ڪانگريسي سڀ هن هڙتال ۽ انگريز جي خلاف انقلاب جا حامي هيا، ماحول تبديل ٿي ويو هو. شروع ۾ ته هي گڏجاڻي پنج سئو ماڻهن جي هئي پر جلد ئي ست اٺ هزار ماڻهو جمع ٿي ويا. سوڀو صاحب پنهنجي خطاب ۾ انگريز راڄ خلاف ڀرپور تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته 22 فيبروري 1946ع تي سڄي هندستان ۾ ٿيندڙ هڙتال جي حمايت ڪيون ٿا ۽ سڀاڻي جنرل اسٽرائيڪ ۾ ڪا به بس، ٽرام، جهاز نه هلندو، اسڪول ڪاليج نه کلندا ۽ انگريز جي حڪومت کي هلڻ نه ڏبو، هن جلسي جي صدارت پروفيسر آصف جاهه ڪارواڻي ڪئي جڏهن ته جلسي کي اوتار ڪشن هنگل، قاضي مجتبيٰ به خطاب ڪيو. 22 فيبروري 1946ع جي صبح جو هڙتال واري ڏينهن ڪامريڊ سوڀو، اي ڪي هنگل ۽ پروفيسر ڪارواڻي کي پوليس گرفتار ڪري صدر ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو. جنرل اسٽرائيڪ ڪامياب وئي ۽ سعيد منزل کان ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، ڊي جي سنڌ ڪاليج کان رنڇوڙ لائين عوام جو سمنڊ هيو. فوج ۽ پوليس عوام کي منتشر ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي محمود هارون کان علاوه وزيرعليٰ سر غلام حسين هدايت ا ﷢ ۽ جمشيد نسروانجي کان اعلان ڪرايو ته هن جنرل اسٽرائيڪل کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي حمايت ڪانهي پر عوام نه ٻڌو. پوليس ڳوڙها گيس، لاٺي چارج ڪئي، عوام پٿر وسايا ۽ عورتن پوليس مٿان ڪٽيل مرچ ۽ گرم پاڻي ڦٽو ڪيو نتيجي ۾ اٽڪل يارهن ماڻهو عيدگاهه ميدان ڪراچي ۾ جنگ آزادي جي لڙائي ۾ شهيد ٿي ويا. سوين زخمي به ٿيا. سوڀو صاحب ۽ سندس دوستن کي جلسا جلوس باهيون ڏيڻ ماراماري ڏوهه هيٺ چالان ڪري مئجسٽريٽ ڊبليو، زيڊ احمد جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن کيس ٻڌايو ته حڪومت ڪيس واپس ورتا آهن، هن جنرل اسٽرائيڪل ۾ بمبئي ۾ به اٽڪل ٽي سئو شهري مارشل لا اٿارٽي وارن ماريا هيا. آخر نيوي جي هي بغاوت ستن ڏينهن بعد سيٺ ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مسٽر محمد علي جناح جي يقين دهاني تي ختم ٿي. هن واقعي بعد ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ۾ هڪ وڏي جدوجهد آزادي جي علمبردار قوت ٿي اڀري جنهن ۾ سوڀو صاحب هڪ تاريخي انقلابي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٺهڻ بعد سندس سڀ دوست پنهنجي ديش هندستان هليا ويا پر سوڀي پنهنجي مذهبي يارن ۽ رت جي رشتيدارن کي ڇڏي سنڌ کي مٺو ڪندي هميشه لاءِ ڌرتي کي جنم ڀومي ڄاڻي هتي ئي رهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌ واسين پاران Son of soil ”ڌرتي جو پٽ“ وارو لقب مليو، جنهن تي سوڀي صاحب کي فخر آهي. سوڀي سياست جي ميدان ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد اول مزدور تحريڪ، پوءِ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر سان هاري تحريڪ ۽ پوءِ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان پاڻ ملهايو. ادب جي دنيا ۾ سوڀو سال 1944ع کان ”سنڌي ادبي سنگت“ جو باني ميمبر آهي. هن گهڻو ڪري مختصر ڪهاڻيون، تحريڪن، تنظيمن بابت لکيون. ڪامريڊ سوڀي جي جيلن، گرفتاري يا نظربندي واري دور جو رڪارڊ شاندار آهي، سڀ کان اول 1943ع ۾ گرفتار ٿيو. پوءِ نيوي تحريڪ ۾ فيبروري 1946ع ۾ گرفتار ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل 1948ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ 1952ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو. سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران 24 کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل 8 اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل 18 هزار ووٽن مان سوڀو صاحب 6 هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا. ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري 1959ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون 1959ع کان مارچ 1964ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر 1956ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1967ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان 1970ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو. ان وقت مان به سنڌي ٻولي جي تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اڳواڻي ڪندي سکر سينٽرل جيل ۾ اٽڪل ڇهه مهينا گذاريا. هڪ دفعي مير غوث بخش خان بزنجو جهاز ۾ ڪامريڊ سوڀي کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ملائڻ لاءِ اسلام آباد وٺي ويو. جتي سوڀو صاحب ڀٽو صاحب کي مثال ڏيندي چيو ته ”لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جو واحد شاگرد اڳواڻ عبدالستار ڀٽي جهڙو ماڻهو جيل ۾ پيو آهي، جنهن پيپلز پارٽي ۾ اوهان جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي،“ ڀٽو صاحب حيران ٿي ويو ۽ پوءِ وزيراعظم ڀٽو صاحب جي حڪم تي لاڙڪاڻي جي تمام ضلعي بدر ٿيل شخصيتن، سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ورڪرن ۽ اڳواڻن جهڙوڪ قاضي محمد بخش ڌامراهه، سردار الهڏنو شيخ، امان شيخ، رفيق انڊهڙ ۽ مون کي آزاد ڪيو ويو. سال 1988ع واري اليڪشن ۾ سوڀو صاحب ميمبر قومي اسيمبلي منتخب ٿيو پر سندس مخالف چڪر هلائي درخواست ڏئي منتخب ٿيل اقليتي ميمبر قومي اسيمبلي کي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائي هارايو، سوڀو صاحب لڳاتار 20 مهينا پنهنجو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ وڙهندو رهيو ايستائين جو اها اسيمبلي به ختم ٿي وئي. سوڀو صاحب سان منهنجي محبت واقفيت، ڪچهريون ۽ بحث مباحثن کان علاوه سندس ادبي علمي مهربانيون سال 1970ع کان آهن، مان سمجهان ٿو ته سوڀو هڪ ليڊر کان وڌيڪ انسان آهي جنهن جي زبان تي انڪار مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو. وٽس ڏک ۽ سک جي حيثيت ڪانه آهي، سوڀي هميشه زنده رهڻ ڪاڻ خاموش لڙائي لڙي آهي، جنهن ۾ انسان هارجندو نظر ايندو آهي، پر اها هار هئي جيون ۽ جيوت جوت جڳائڻ لاءِ سوڀ آهي، سوڀي جو رخ انسان ڏانهن شيڪسپيئر جي ”انساني تصوير جيان آهي“ جڏهن هو ڪجهه نه چوڻ چاهيندو آهي ته هڪ ننڍڙو مخصوص ٽهڪ ڏئي ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪندو آهي. سوڀو سنڌ جي انهن انسانن مان آهي جن جي بدن ۾ خون نه پر سنڌو درياهه جون ڇوليون وهنديون آهن. سنڌ ۾ رهي سوڀي گهڻو سٺو اهو کيس ياد به ڪونهي، هن زندگي گذارڻ لاءِ گلن جون مالهائون نه پر ڪنڊن جي سيج ۽ مصيبتن جا تاج ماڻيا سوڀو زندگي جي قربانيءَ بعد به اڄ ڪنهن جو چونڊيل ليڊر ته نه آهي پر هو انسان ۽ ڌرتيءَ ويجهو رهندڙ ايماندار انسان جو سدا حيات ليڊر آهي، اڄ اسان سوڀي کي مڃتا ۽ ڀيٽا جا گل ان جي سڄي زندگي جي قرباني بدلي به نه ڏئي سگهياسون. پر سوڀي کي ڪنهن کان به شڪايت ڪونهي هو چوي ٿو ته ”ڇا ٿي پيو مان فخر سان ڌرتي ڄايو ۽ ڌرتي ڌڻي آهيان.“ سندس دوست ڪرشن کٽواڻي لکي ٿو ته ”سچل ڪانگريس دوران موهن جو دڙو گهمڻ مهل مون سوڀي کي چيو ته اڄ اسان ٻه موهن جا دڙا گهمي رهيا آهيون. هڪ سنڌ ۾ سرجان مارشل جو کوٽيل موهن جو دڙو، ۽ ٻيو جنهن جو ذڪر شيخ اياز ڪيو آهي.“ سوڀي صاحب وٽ بهترين هزارين ناياب ڪتابن خصوصن انڊيا پاڪستان جي تاريخ، فلاسافي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ بابت لائبريري آهي جتان پوري سنڌ جا اسڪالر، پي ايڇ ڊي جا شاگرد ڄاڻ جي کاڻ وڌائڻ ايندا آهن، سوڀو هڪ عالمي تحريڪ جو قائد ۽ انقلابي تنظيم جي فاتح سرواڻ جون سڀ صلاحيتون تحريڪ جو قائد ۽ انقلابي تنظيم جي فاتح سرواڻ جون سڀ صلاحيتون پاڻ ۾ رکندو آهي، پر هن ڀلوڙ اڳواڻ جي زندگي ۽ جواني جا ڪيترائي سال قيد ۽ بند يا ڳوٺ ۾ نظر بندي ۾ گذري ويا مسلسل پابندين ڪري هو پنهنجي سوچن يا پروگرام کي ڪنهن تنظيم يا تحريڪ جي روپ ۾ سموعي نه سگهيو پر ان جي باوجود سوڀي جي سچ، محبت، ڏاهپ، عقل، تدبر ۽ جذبي جي واکاڻ ۽ احترام ڀريل جذبا سڄي برصغير ۾ آهن، هو اڄ به سڄي دنيا جي انقلابين ۾ محترم آهي، سوڀي پنهنجي ڄاڻ ۽ ڏسڻ واري جاڳندي تاريخ نئين نسل کي منتقل ڪرڻ ۾ پنهنجو هر ڏينهن ڪم آندو آهي، سندن عظمت آهي جو هر سنڌي احترام ۾ اٿي بيهي ٿو. سوڀو صاحب سنڌ ۾ يوناني ديو مالا جو هڪ ڪردار ”پروميٿيوس“ جي جيئري جاڳندي تصوير آهي جيڪو پڻ سماجي ناسور خلاف بغاوت، جدوجهد ۽ پنهنجي حوصلي اصول پرستي، حقن لاءِ جنگ جوٽڻ جي امر علامت هيو. جڏهن ته سوڀي صاحب زندگي جي جدوجهد ۾ اڄ به آڻ نه مڃي آهي، پنهنجي پارٽي، نظريا، سوچون تبديل نه ڪيون آهن. اڄ به هو 1942ع وانگر بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي ڌرتي جي مظلوم انسانن لاءِ حق جو آواز بلند ڪيو بيٺو آهي. شيخ اياز جي چواڻي ته سوڀو گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گهري صداقت مون ڪنهن ٻئي مائي جي لال ۾ ورلي ڏٺي آهي، ڄڻ پهاڙ آهي، جيڪو هر آنڌي، هر طوفان ۾ اڏول بيٺو آهي، نه ڄاڻا ڪيترا اهڙا انسان پنهنجي ڇاتيءَ جا ڇهه ڇپائي، ڳاٽ اوچو رکي ظلم جو مقابلو ڪندا هوندا. سوڀو صاحب کي ٻه پٽ ڊاڪٽر ڪنهيو لعل ۽ انجنيئر نرملداس آهن. مددي ڪتاب: مضمون علي احمد بروهي، امان شيخ، ظهير ميراڻي ۽ ڪرشن کٽواڻي، ليکو تلساڻي، رچنا رسالو، عوامي آواز ۽ سوڀي صاحب جو ذاتي انٽرويو. ذوالفقار علي ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ 5 جنوري 1928ع صبح جو 3 وڳي سر شاهنواز خان ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه المرتضيٰ ۾ سندس ٻي گهر واري ليڊي خورشيد بيگم مان پيدا ٿيو. سندس پيدائش تي ڪيترن ڏينهن تائين خوشيون ملهائڻ لاءِ جشن منعقد ٿيا. سڄي سنڌ کان ايندڙ ملاقاتين ۽ مبارڪ ڏيندڙن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي جا دروازا رهائش ۽ طعام سميت کليل رهيا، سندس نالو هڪ بزرگ پاران تجويز ڪيو ويو. سندس والد هڪ مسجد ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ موجود ماڻهن اڳيان خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته آئنده هن ٻار کي ذوالفقار علي سان سڏيو وڃي، در اصل ذوالفقار نالو ئي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد جي تصور جو آهي، حضرت علي پنهنجي ذوالفقار کي حق سچ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو ۽ حضرت علي جي تلوار کي ذوالفقار سڏيو ويندو هيو جيڪو وڏي عزت ۽ احترام لائق هيو. جيئن ته ذوالفقار کي پيار مان ذلفي به سڏيو ويندو هيو ۽ ننڍپڻ جو عرصو هن پنهنجي والده محترمه خورشيد شاهنواز ڀٽو سان گذاريو جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي اولاد هئي، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پرورش ۾ والده طرفان رحم، عزت، محبت، احترام، سادگي، صفائي ۽ سچائي جي لوري ملي ته والد طرفان شان، مان ۽ رعب، اعليٰ سوسائٽي، اعليٰ تعليم، بلند ۽ روشن خيالن جا دروازا کليل مليا. خانداني روايت مطابق شروع ۾ کيس اسلامي تعليم ڳوٺ جي مسجد ۾ ملي، پوءِ وري وڌيڪ ٻهراڙي واري ماحول مطابق نئون ديرو ۾ ٿيس. ڀٽو صاحب پنهنجي والد کي تمام گهڻو پيارو هيو ۽ سندس والد جي خواهش هئي ته سندس پٽ سياست ۾ منهنجي جڳهه والاري ۽ هن قومي خدمت واري قافلي کي اڳتي وڌائي تنهن ڪري هن فيصلو ڪيو ته ذلفي ساڻس گڏ رهندو پر سر شاهنواز خان جي مختلف جڳهن تي رهڻ ڪري ذوالفقار علي تسلسل سان تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. سڀ کان اول کيس ڪائونٽ اسڪول پوءِ بشپ هاءِ اسڪول ڪراچي جي ڇوڪرين واري سيڪشن ۾ داخل ڪرايو ويو ڇاڪاڻ ته هو تعليم ۾ پوئتي رهجي ويو هيو. جڏهن 1937ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ اليڪشن سر شاهنواز خان ڀٽو کي شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان شڪست ملي تڏهن هو پنهنجي خاندان سميت سنڌ کي الوداع چئي بمبئي منتقل ٿيو. جتي 9 سالن جي ذوالفقار کي ڪيٿيڊرل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هي بمبئي جي دولتمند ۽ وڏن ماڻهن جو واحد اسڪول هيو جتي انگريزي، هندو، فارسي اينگلو انڊين ۽ ڪجهه مسلمانن جا ٻار پڙهندا هئا. ....... اسڪول ۾ ذلفي کي ٻين شاگردن جي تعليمي معيار جي برابري لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي، هو اسڪائوٽنگ ۾ به گهڻو سرگرم رهيو، کيس اسڪائوٽن وارن خاڪي ڊريس، پيرن ۾ سفيد رنگ جو بوٽ ۽ ڪارا ڊگها جوراب پائڻ جو تمام گهڻو شوق هيو. هو راندين ۾ گهڻو وقت ٽينس ۽ اسڪوائش کيڏڻ لاءِ اسپورٽس ڪلب ۾ گذاريندو هيو. سوويمنگ جو به گهڻو شوق هيس. شام جو ميٽني شو ڏسڻ ۽ رات جو روڊن تي گهمڻ سندس مشغلن ۾ شامل هيو، شاگردي واري زماني ۾ هو دوستن جو وڏو حلقو، چرچن، مذاق، رانديون، سير سياحت شاهڪار فلمون ڏسڻ، سٺا کاڌا کائيندڙ، ٿورڙي ڳالهه تي ڪاوڙجندڙ نوجوان جي حيثيت ۾ مشهور هيو. لباس جي ڏس ۾ گهڻو حساس فڪرمند هوندو هيو، نفيس، نرم ۽ عمدا ڪپڙن کان علاوه نئين فيشن جا ڪپڙا سندس ڪمزوري هئي، هميشه مهانگا ڪپڙا، مهانگي، سلائي، باوقار ۽ سادا رنگ پسند ڪندو هيو. محفلن ۾ سدائين ٽپ ٽاپ ٿي ويندو هيو، چاهي ڪجهه وقت لاءِ کيس دير ٿي وڃي. خانداني وقار، مرتبو ۽ شان شوڪت سندس طبيعت ۾ بچپن کان ئي ڀرپور نموني سان نظر ايندو هيو. سندس شاگردي واري دور جو تمام گهرو ۽ ويجهو دوست پيلو مودي ڀٽو صاحب جي شخصيت تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ”ذلفي تمام گهڻو وسيع القلب ۽ نظر وارو نوجوان هيو، دوستي جو وڏو وفادار سچو مخلص هيو، هر دوست جي تنقيد برداشت ڪندو هيو. ڪاوڙ برداشت ڪرڻ جي وڏي قوت هيس، دوستن لاءِ پنهنجي دل ۾ تمام گهڻي عزت رکندو هيو. اهائي سندس ادا هئي ته هو دوستن کان علاوه ٻين جي عزت ۽ پرواهه ڪو نه ڪندو هيو، دوستن جي لڏي مان ڪو به دوست ذلفي جي دوستي کي خدا حافظ چئي نه سگهندو هيو. هو دوستن مٿان گهڻو خرچ به ڪندو هيو. هاسٽل جي ڏينهن ۾ گڏ رهندڙ دوستن مٿان گڏيل ڊيوٽيون پڻ ڏيندو هيو. جيئن ته ذلفي کي گڏيل ڊيوٽي مطابق ڪمري جي صفائي جو ڪم رکيل هوندو هو باقائدگي سان ڪمري جي صفائي ڪندو هيو جڏهن ته هو هڪ خوشحال دولتمند ۽ اعليٰ منصب واري شخصيت جو فرزند هيو.“ سڪول جي زماني کان ئي تقرير جي ڏس ۾ قدرت کيس وڏي ڏات ڏني هئي، ذلفي پنهنجي چوڌاري ويٺلن ٻڌندڙن کي بيخبر ڪري پاڻ ڏانهن متاثر ڪرڻ جو جادو رکندڙ نوجوان هيو. جيڪڏهن تقرير ۾ موضوع تبديل ڪندو هيو ته ٻڌندڙن کي محسوس ئي ڪو نه ٿيندو هيو. تقرير ڪرڻ جو وٽس جادو ۽ ڪمال هيو. ڀٽو صاحب طالب علمي واري زماني کان وٺي ليڊر ٿيڻ لاءِ سوچ رکندو هيو. ڪنهن اهم عهدي يا منصب تي پهچڻ جا خواب ڏسندو هيو. کيس هر وقت احساس رهندو هيو ته ملڪ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ لاءِ سخت محنت ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي. شاگردي جي زماني ۾ دنيا جا مدبر ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ بعد اقوام متحده ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ تقريرون ڪندا هيا جن کي دنيا ۾ غور سان ٻڌندو هيو ۽ ان وقت ئي ڀٽو صاحب جي اها خواهش هوندي هئي ته هو به اقوام متحده ۾ اهڙي طرح خطاب ڪري. اها خواهش ته دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد اڳواڻ پنهنجي جواني واري عالم ۾ رکندا هوندا. پر ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي انهن نوجوانن مان هڪ خوش قسمت ۽ خوش نصيب شخصيت آهي جو ان کي پنهنجي سپني جي ساڀيا ملي. ڀٽو صاحب ننڍپڻ کان ئي گهڻو جذباتي هوندو هيو. ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هيس ته پوءِ غصي ۾ رڙيون به ڪندو هيو. هڪ دفعي سندس پرنسپال ڪرنل هيمنڊ کيس مذاق ۾ چيو ته ذلفي کي گرلس اسڪول ۾ داخلا ملي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هو جسماني طرح سنهڙو هلڪو آواز رکندو هيو. ان جملي ٻڌڻ سان ذلفي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ غصي ۾ ڏڪڻ لڳو پر پوءِ پرنسپل کيس ٿڌو ڪندي چيو ته ”شاباش مڙسن کي اهڙو هئڻ گهرجي“ انهي ياري ۽ دوستي ڪري ڀٽو صاحب سال 1945ع سينيئر ڪئمبرج امتحان ۾ فيل ٿي پيو هيو ۽ پوءِ مسلسل ڇهن مهينن تائين دوستن کان پري رهي محنت ڪري امتحان پاس ڪيائين، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر 1947ع ۾ ڀٽو صاحب لاس اينجلس يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ داخل ٿيو، هتي سائوٿ ون سائوٿ فلاور اسٽريٽ قائم شاگردن لاءِ خاص هاسٽل ۾ عمر قريشي (ڪرڪيٽ ڪمپيئر) سان رهندو هيو، هتي جنوري 1949ع تائين لاس اينجلس يونيورسٽي ۾ پڙهيو، هو ڪيليفورنيا جو مثالي ذهين ۽ بهترين شاگرد رهيو. ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ اچڻ بعد سندس شخصيت وڌيڪ چمڪي پئي هتي هن تقريري مقابلن ۾ چئمپن ٽرافيون حاصل ڪيون، تقريري مقابلن ۾ يونيورسٽي اندر سندس حيثيت اعليٰ ۽ مثالي هوندي هئي، هن دور ۾ هو پروفيسرن سان گهڻو بحث مباحثو ڪندو هيو، هڪ دفعي بحث ايترو ته مشڪل ٿي ويو جو پروفيسر ڪول ويل کيس ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو در اصل ڀٽو صاحب جا موضوع ايشيائي ۽ مسلم مسئلا هوندا هيا جيڪي يورپين کي سوال جواب يا بحث مباحثي وقت ڪاوڙ ڏياريندا هيا. پروفيسرن ۽ ميگزن سان ڀٽو صاحب جو دليلن ڀريو جهڳڙو لفظ ”ايشيا ٽڪ“ لکڻ تي هوندو هيو جڏهن ته وٽس استعمال لاءِ عزت ڀريو لفظ ايشيا هيو، ڀٽو صاحب اڪثر سامراج خلاف ۽ ايشيا جي شاندار مستقبل بابت رسالن ۾ خط ۽ مضمون دليلن سان لکندو هيو، سندس تعليمي استاد بين الاقوامي فلسفي واري ويانا اسڪول جو باني پروفيسر هانز ڪيلسن هيو جنهن سندس نظريات کي ترتيب ڏنو، ڀٽو صاحب بين الاقوامي تعلقات جي پوسٽ گريجوئيٽس ڪورس ۾ سقراط ۽ افلاطون کان وٺي فلسفي جي تاريخ جي ٿيوري تي بين الاقوامي اثرات مضمون هيو. 1949ع ۾ برڪلي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين جتان سياست ۾ آنرز ۽ انٽرنيشنل رليشن جي تعليم حاصل ڪيائين، 1950ع ۾ سياست جو مضمون اختياري سان پاس ڪرڻ بعد ڪرائسٽ چرچ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان قانون ۾ ايم اي 1952 ع ۾ پاس ڪيائين، جڏهن ته بئريسٽر جي ڊگري لنڊن جي لنڪن ان يونيورسٽي مان 1953ع ۾ حاصل ڪيائين، آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ فلسفو قانون جي ڊگري ٽن سالن بدران ٻن سالن ۾ حاصل ڪيائين. برڪلي يونيورسٽي ۾ ڀٽو صاحب زندگي جي پهرين اليڪشن اسٽوڊنٽس ڪائونسل باڊي جي هڪ سيٽ تي اتان جي مقامي يورپن شاگردن سان وڙهيو سندس مقابلو لورمود ۽ لائن لٽواڪ سان هيو. هن قائد اعظم جي وفات مهل آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسٽر ايم اي ايڇ اصفهاڻي کي تاريخ 11 سيپٽمبر 1948ع تي سندس مضمون لاس اينجلس مان نيوز ويڪ ۾ پڻ شايع ٿيا جن ۾ عنوان هندو يا مسلم ”گروٿ آف پاڪستان“ ”يونٽس ان ينگ اسلامي اسٽيٽ“ شامل آهن. ذوالفقار علي ڀٽو شاگردي واري زماني ۾ هڪ طرف ذّهين، هوشيار، عالمي معاملن جي ڄاڻ حاصل ڪندڙ شاگرد کان علاوه بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين جو گهڻو شوقين هيو ۽ ڪرڪيٽ ساڻ ته جنون واري حد تائين لڳاءُ هيس. هو ڪرڪيٽ جو بهترين کلاڙي هيو، ڪيٿيڊرل هاءِ اسڪول بمبئي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين رانديگر هيو ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ جي هڪ عظيم کلاڙي مشتاق علي جو چوڻ ته ذلفي جيڪڏهن مسلسل ڪرڪيٽ کيڏي ها ته منجهس هڪ وڏي ڪرڪيٽر هئڻ جون سڀ صلاحيتون موجود هيون، هڪ دفعي هندستان جي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ وڃي رهي هئي ته ڀٽو صاحب سڄي ٽيم کي پنهنجي گهران ڦل سوٽ وٺي ڏنا. ڀٽو صاحب بابت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اي ايڇ ڪاردار ڄاڻايو آهي ته هو 1942ع ۾ بمبئي ۾ ڀٽو صاحب سان تڏهن مليو جڏهن هو پنجاب يونيورسٽي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏسڻ لاءِ برابورن اسٽيڊيم آيو هيو. ڀٽو صاحب ان وقت سندرڪارڪي ڪلب پاران ڪرڪيٽ کيڏندو هيو ۽ ڪرڪيٽ بابت وڏي ڄاڻ رکندو هيو. 1956ع ۾ منهنجي ڀٽو صاحب سان آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪراچي اچڻ وقت ملاقات ٿي، ڀٽو صاحب عظيم بالر ڪيٿملر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هڪ خوبصورت سوکڙي ڏنائين، وري سال 1975ع ۾ ڪيٿملر پاڪستان آيو ته ڀٽو صاحب سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو، جيڪڏهن ڀٽو صاحب آڪسفورڊ نه وڃي ها ۽ آمريڪا ۾ ٽي سال نه گذاري ها ته پوءِ يقينن هڪ وڏو ڪرڪيٽ جو کلاڙي هجي ها. ڀٽو صاحب عالمي امور بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي گهڻي توجه ڏيندو هيو ۽ هن شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ والدين کان ملندڙ خرچي به ڪتابن تي لڳائيندو هيو. بمبئي واري اسڪولي ڏينهن ۾ اقوام متحده ۽ سانفرانسڪو جي پليزي سيشن واري موضوعن تي ٿيندڙ بحث مباحثي ۾ شريڪ ٿيندي برطانيه حڪومت تي تنقيد ڪندي برطانيه حڪومت پاران مٿئين ڪميشن ۾ هندستان جي فيروز خان نون کي نمائندو ڪري موڪلڻ بدران قائداعظم يا جواهر لعل نهرو کي موڪلڻ جو مشورو ڏنائين، سندس چوڻ هو ته هندستاني عوام ۾ تحريڪ آزادي عروج تي آهي ۽ جدوجهد جي ان موڙ تي قوم جي ڪنهن معروف اڳواڻ ئي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي ها. جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير بعد انگريزي هيڊ ماستر کي گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ ذلفي کي انعام به ڪو نه ڏنو الٽو کيس سياست کان پري رهڻ جي وارننگ جڏنائين. هن 26 اپريل 1945ع تي مسٽر جناح کي سرحد صوبي جي سياسي صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. ڀٽو صاحب سال 1945ع ۾ ئي 17 سالن جي ڄمار ۾ بمبئي ۾ مارڪس کي پڙهيو، هن چنگيز خان، سڪندر، هني بال، مسوليني، هٽلر، نپولين، ڊيگال، چرچل ۽ اسٽالن بابت به پڙهيو ان کان علاوه مزني، گيري بال ۽ روسو جو پڻ گهڻو مطالعو ڪيو. هو نظرياتي لحاظ کان مارڪس جي معاشي اعتبار جو حامي هيو پر جدليات تعبير کي رد ڪندو هيو. هو اسٽالن جي گهڻي عزت ڪندو هيو پر خروف چيف کي پسند ڪو نه ڪندو هيو. هو پنهنجي زندگي ۾ انڊونيشيا جي سوئيڪارنو، مصر جي صدر جمال ناصر ۽ چين جي چو اين لاءِ جي گهڻي عزت ۽ احترام رکندو هيو، شاگردي واري زماني ۾ تاريخ ۽ فلاسافي بابت تمام گهڻو ليٽريچر پڙهيائين، هو شاگردي واري زماني کان ئي دنيا جي تاريخ، علم، ادب ۽ حالتن واقعن کان باخبر اڳواڻ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هيو، يورپ جو ماحول ۽ انگريزي ٻولي تعليم کيس عالمي افق تي اڳتي وڌي پاڻ مڃائڻ لاءِ تمام گهڻا موقعا ميسر ڪيا، سياست به کيس عزت، شهرت، دولت وانگر ورثي ۾ ملي ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب جو ننڍپڻ پنهنجي عظيم سياستدان والد سان گهڻو گذريو ۽ ان وقت سياست جي ديوي سر شاهنواز خان ڀٽو جي اڱڻ تي ويٺل هئي، ننڍپڻ والد ماجد سان گهارڻ سبب ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ بمبئي شهر ۾ رهندو هيو ۽ اوطاقن تي سياسي ڪچهريون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، سياست جون مشهور ۽ معتبر هستيون اينديون وينديون هيون. ڀٽو صاحب وڏن ۽ عظيم سياستدانن کي ويجهو ڏسندو ٻڌندو. انهن جي صحبت، پيار، شفقت حاصل ڪندو رهيو. ملڪ جي تاريخ بابت والد جي هنج ۾ ويهي عظيم اڳواڻن جا فيصلا ٻڌايائين. هڪ طرف پنهنجي والد جي اليڪشن ۾ ڪاميابين تي منعقد ٿيندڙ جشن جلوس عوام جا وڏا وڏا ميڙ، ملڪ جي معتبر ماڻهن پاران ملندڙ مبارڪو خوشيون، ٽهڪ شادمانيون ڏٺيون ته ٻئي طرف بمبئي کان 1937ع ۾ سنڌ جي آزادي بعد مذهبي نفرت واري ماحول ۾ ٿيندڙ پهرين اليڪشن ۾ پنهنجي والد جي شڪست بعد بنگلي يا اوطاق تي افسوس، ڏک ۽ مايوسي وارو خاموش ماحول ۽ منظر پڻ ڏٺا هيا. هتان ئي ڀٽو صاحب سياست جي ميدان ۾ هر وقت هر حال ۾ عوام سان گڏ رهڻ جيئن ۽ مرڻ وارا سبق يا سياست جي الف ۽ بي سکيو. پوءِ اسڪول جي وقت ۾ پڻ سياست سان گهڻو ويجهو رهيو ۽ هي موضوع سندس پسند هيو. 16 آگسٽ 1946ع ۾ پاڪستان ٺاهڻ واري جدوجهد عروج تي هئي ۽ ان وقت بمبئي ۾ مسلم شاگردن جي هڪ وفد مسٽر محمد علي جناح سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ 17 ورهين جو جو ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هيو. مسٽر جناح شاگردن کي مختلف جڳهن تي مظاهرا ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون ۽ مسٽر ذوالفقار علي کي به ذميواري ڏني وئي، ان موقعي تي ذوالفقار صاحب مسٽر جناح کي تجويز ڏني ته اهو مظاهرو الفنسٽن ڪاليج ۾ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو هندن جو مشهور ڪاليج هيو، مسٽر جناح ذوالفقار جي اها تجويز خوشي سان منظور ڪئي. ڀٽو صاحب شاگرد دوستن سان پلي ڪارڊ کڻي هندن جي اسڪولن اڳيان مظاهرا ڪيا ۽ مظاهرن واري تحريڪ ڪامياب ٿي، جنهن لاءِ هندستان جي اخبارن گهڻو ڪجهه لکيو. ڀٽو صاحب جي هندو دوستن جا هن بابت رايا هيا ته ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان ئي مسلم تحريڪن، اسلامي دنيا، پاڪستان ۽ مسٽر محمد علي جناح جو ڪٽر حامي هوندو هيو. لنڊن لنڪن مان 1953ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ يونيورسٽي آف سائوٿ ميٽن ۾ بين الاقوامي معاملن جو ليڪچرار مقرر ٿيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪائونسل 1957ع ۾ زيڊ اي ڀٽو کي ذهين شاگردن جي صف ۾ شامل ڪري اعزازي ڊگري به ڏني هئي. 1953ع ۾ واپس ملڪ موٽيو. پهريائين 15 جون 1953ع تي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ قانون ۽ آئين پڙهائڻ لاءِ پروفيسر مقرر ٿيو، گڏوگڏ 1954ع ۾ مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ ۾ بحثيت بئريسٽر وڪالت شروع ڪئي ۽ بار ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو. انهيءَ وقت جي مشهور وڪيل رامچنداڻي سان گڏجي ڀٽو صاحب غريبن ۽ مجبورن جا ڪيس مفت هلائيندو هيو، ڀٽو صاحب ”سنڌ يوٿ فرنٽ“ ۽ ”هاري ايسوسئيشن“ جو چيئرمين به ٿيو هيو، هن سال 1956ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصان بابت ڪتاب ”هڪ وحداني رياست يا وفاق“ لکي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪيو. سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ ”اينٽي ون يونٽ فرنٽ“ ۾ شامل ٿي ڪم ڪيو پوءِ قومپرست سياست کي خدا حافظ چئي، فرنٽ تان استعيفا ڏئي پنهنجي سياسي استاد والد سر شاهنواز خان ڀٽو جي مشوري تي عمل ڪندي پاڪستان جي سياست ۾ پير پاتو. والد جي دوستن جي مشورن ۽ والد جي خواهش جي تڪميل ڪندي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪيائين، لاڙڪاڻي اچڻ بعد پنهنجي والد جي سياسي جڳهه والاريائين، تمام سياسي سماجي اثر رکندڙ شخصيتن سان ملاقاتيون ڪيون، رابطا شروع ڪيا ۽ لڳ لاڳاپا جوڙيا نتيجي ۾ سندس اعليٰ ذهانت، باوقار شخصيت ۽ تجربي هڻي هنڌ ڪيو. ياريون دوستيون ٿيون، دائرو وڌيو. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب پهريون قتل جو مقدمو کنيو، مقابلي ۾ عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل ڪيس کٽيو. ڀٽو صاحب پاران ڪيس هارائڻ جو سبب صرف اهو هيو ته هن مقدمو انگريزي انداز ۾ وڙهيو، جڏهن ته ڪٽپر صاحب ديسي طريقي سان وڙهيو، جڏهن ڀٽو صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي ذهانت ۽ اثر انگيز شخصيت جو ڌاڪو ڄمايو ته هو ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۽ پروگرامن جو لازمي حصو بڻجي ويو. اهو ڪو به وي آءِ پي پروگرام ڪو نه هيو جنهن ۾ ڀٽو صاحب شريڪ نه هجي بلڪه ڀٽو صاحب جي شخصيت سان ڪراچي جون محفلون آباد ٿيڻ لڳيون، سال 1955ع ۾ ڀٽو صاحب جي ذهانت جو پڙاڏو دفتر خارجه اسلام آباد وٽ پيو. ڀٽو صاحب جو نالو هڪ وفد ۾ شامل ڪيو ويو پر جڏهن لسٽ ان وقت جي بيوروڪريسي جي چيمپئن وزيراعظم چوڌري محمد علي جالنڌري وٽ وئي ته هن اعتراض ڪيو پر وزير خارجه جي اسرار تي هن صاحب جو عالمي امور بابت انٽرويو ڪيو ۽ ڀٽو صاحب جي گهري مطالعي تي حيران ٿي ويو. بيروڪريٽڪ ذهنيت واري وزيراعظم چوڌري محمد علي ڀٽو صاحب جي ڏات تي حسد ڪرڻ لڳو ۽ نالو لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. جڏهن صدر جنرل اسڪندرمرزا ٿيو تڏهن حسين شهيد سهروردي وزيراعظم بڻيو. مسٽر سهروردي هڪ بلند خيال سياستدان هيو. هن صاحب ذهانت ۽ پرڏيهي معاملن ۾ گهڻي ڄاڻ ڏسندي سڀ کان اول جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي 15 سيپٽمبر 1957ع تي اقوام متحده جي ٻارهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر نامزد ڪيو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب ”امن، عالم ۽ جارحيت“ جي موضوع تي تقرير ڪئي. پر هن فيبروري 1958ع ۾ سامونڊي قانون بابت اقوام متحده پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر نامزد ڪيو، ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اهڙي طرح سندس شاگردي واري زماني ۾ پنهنجي ملڪ جي اقوام متحده ۾ قيادت ڪرڻ واري حسين جميل ۽ ناممڪن سپني جي ساڀيان عمل ۾ آئي. هي ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي ۾ وڏي خوشنصيبي هئي جيڪا ڀٽو خاندان لاءِ به پهرين ڪاميابي جي حيثيت رکندڙ هئي، ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي عالمي معاملن تي دسترس، فيصلي جي قوت رکڻ يورپ جي جديد ماحول مان تعليم ماڻڻ جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ ملڪ قوم لاءِ عالمي ادارن ۾ انهن جي ٻولي ۽ سوچن ۾ ويهندڙ موقوف پيش ڪيو، کيس صرف 30 سالن جي ڄمار ۾ 28 آڪٽوبر 1958ع تي حڪومت پاڪستان جو وزير تجارت مقرر ڪيو ويو. جنوري 1960ع ۾ اقليتي معاملن ۽ اطلاعات محڪما ڏنا ويا، جڏهن ته اپريل 1960ع ۾ بجلي قدرتي وسيلا ۽ امور ڪشمير جا کاتا به سنڀاليا، ساڳي سال ۾ ڀٽو صاحب پاڪ ڀارت اخبارن وچ ۾ ضابطه اخلاق ترتيب ڏيندڙ وفد جي قيادت به ڪئي. 27 سيپٽمبر 1960ع تي جنرل اسيمبلي جي پندرهن اجلاس ۾ پاڪستان جي اڳواڻي ڪئي، هن اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جهڙوڪ روس جو صدر خروچيف، برطانوي وزيراعظم مئڪملن، ڪيويا جو صدر فيڊرل ڪاسترو، ڀارتي وزيراعظم جواهر لعل نهرو جهڙن ليڊرن به شرڪت ڪئي. ڀٽو صاحب پاڪستان سرڪار پاران ڊسمبر 1960ع ۾ پهريون روس جو دورو ڪري ماسڪو سان تيل جو معاهدو ڪيو. حڪومت پاڪستان پاران روس سان اقتصادي معاملن بابت هي پهريون معاهدو هيو. پاڻ مارچ 1962ع ۾ ملڪ اندر قومي اسيمبلي جي ٿيندڙ چونڊن ۾ بنا مقابلي منتخب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين جيڪا ملڪي ۽ مقامي سطح تي سندس لاڳاپن جي مقبوليت جو روشن مثال ظاهر ڪري ٿي، نئون آئين ٺهڻ بعد وري کيس تاريخ 13 جون 1962ع تي حڪومت ۾ وزارت ملڻ جو موقعو حاصل ٿيو. ڊسمبر 1962ع ۾ هن کي پرڏيهي معاملن تي مهارت سبب پاڪ، ڀارت وچ ۾ ڪشمير متعلق ٿيندڙ ڳالهين خاطر پاڪستان سرڪار جو اعليٰ نمائندو مقرر ڪيو ويو ۽ ان وقت کان وٺي آخري وقت تائين ڪشمير سندس زندگي ۾ اوليت حاصل ڪندڙ موضوع رهيو، پاڪ ڀارت ڪشمير مسئلي جي ڏس ۾ وفد جي اڳواڻ طور ڀٽو صاحب سال 62-1963ع دوران لڳاتار هندستان سان ڳالهين جا ڇهه دور مڪمل ڪيا، جيئن ته ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان ئي پنهنجي سوچ ۽ عمل کي مسلمان، پاڪستان ۽ ايشيا لاءِ ڪم آڻيندو رهيو تنهن ڪري وٽس دنيا جي خارجي پاليسين بابت وڏا منصوبا ۽ تجويزون موجود هونديون هيون، جيتوڻيڪ وٽس وزارت اطلاعات، قدرتي وسيلا يا تجارت هئي پر هو پرڏيهي معاملن تي بحث يا مشورا ڏيندو رهندو هيو تنهن ڪري حڪومت وٽ سندس پرڏيهي معاملن بابت صلاحيت جا چٽا ثبوت موجود هيا، ڪيترا دفعا ته ان وقت جي صدر جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت جي وزير خارجه محمد علي بوگره جي بيماري وارن ڏينهن ۾ قيادت جي ذميواري ڀٽو صاحب کي منتقل ڪئي ويندي هئي مڪمل طرح سان ڀٽو صاحب کي وزير خارجه جو قلمدان 22 فيبروري 1963ع تي مليو. هي موقعو ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي ۾ ٻي وڏي ڪاميابي جي حيثيت رکي پيو ڇاڪاڻ ته هاڻي هو دنيا جي عالمي ادارن ۾ مڪمل طرح سان پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ملڪ قوم، مسلم دنيا، ايشيا لاءِ طاقتور آواز بلند ڪرڻ جي حيثيت ماڻي چڪو هيو ۽ شاگردي وارن زمانن ۾ يورپين استادن ۽ پريس سان مهاڏو اٽڪائيندڙ نوجوان پنهنجي عمل سان دنيا جي ادارن ۾ نقشن ۾ تبديليون آڻي سگهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ، مسلم دنيا کي گڏ ڪرڻ ۽ ايشيا جي مظلومن لاءِ آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪيترائي ادارا جوڙيا ۽ انهن حوالن سان مشهور به ٿيو. ڀٽو صاحب 26 مارچ 1963ع تي چين سان نئين پاليسي تحت پاڪ چين سرحدي حد بندي بابت معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جيڪو پاڪ، چين دوستي جي ڏس ۾ پهريون مٿاهدو ليکيو ويندو آهي. 27 جولائي 1963ع تي ڀٽو صاحب پاڪ، ايران سرحدي معاهدي بابت قومي اسيمبلي کي خطاب ڪيو ۽ ان سال ئي افغانستان سان لاڳاپن جي بحالي بابت ايران ويندڙ وفد جي قيادت ڪيائين اهڙي طرح سال 1963ع ۾ ئي ڀٽو صاحب پنهنجي وزارت ۽ صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي پاڙيسري ملڪن افغانستان، ايران، روس ۽ چين سان بهترين سرحدي ۽ تجارتي لاڳاپن کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻيون، هڪ سال ۾ ايتريون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي سندس محنت ۽ شوق جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. روس، چين، ايران ۽ افغانستان لاڳاپن پاڪستان لاءِ پڻ وڏو اعزاز رکن ٿا. جن ڪري پاڪستان کي داخلي ۽ خارجي پليٽ فارم تي استحڪام مليو ۽ ملڪ جي معيشيت هڪ مضبوط اقتصادي خوشحالي کڻي اڳتي وڌي، ڇاڪاڻ ته امن ئي ڪنهن ملڪ کي ترقي جي آغوش ڏانهن گهلي ويندو آهي، پهرين سيپٽمبر 1963ع تي ڀٽو صاحب اقوام متحده لاءِ ويندڙ وفد جي قيادت ڪئي، اهڙي طرح هن اقوام متحده جي منعقد چوڏهين، پندرهين، ارڙهين ۽ ويهين اجلاسن ۾ ملڪ جي نمائندگي ۽ قيادت ڪئي. سال 1964ع ۾ ڀٽو صاحب سلامتي ڪائونسل اندر ڪشمير جي مسئلي تي هلندڙ بحث واري اجلاس ۾ ملڪي وفد جي قيادت ڪئي. انڊونيشيا جي صدر سوئيڪارنو پاران تجويز ڪيل اپريل 1964ع ۾ ٻي افرو ايشيا جڪارتا پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس لاءِ پاڪستاني وفد جي پاڻ اڳواڻي ڪيائين، جون 1964ع ۾ ڀٽو صاحب استنبول ۾ پاڪستان ايران ۽ ترڪي وچ ۾ علائقائي اتحاد بابت ٺاهه ڪرائڻ واري معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ R.C.D نالي اقتصادي تعليمي ثقافتي رابطن لاءِ اتحاد جوڙيو ويو. 27 جون 1964ع تي ڀٽو صاحب دولت مشترڪه جي وزراءِ خارجه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. 31 جولاءِ 1964ع تي ڀٽو صاحب ميثاق استنبول جو اعلان ڪيو. ڀٽو صاحب پاڪستان جي بين الاقوامي سرحدن تي ڀارت پاران جنگي حملي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت سيپٽمبر 1965ع دوران سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ملڪ جي قيادت ڪندي دنيا اڳيان شاندار نموني ڀارت کي هڪ جارحيت پسند ملڪ قرار ڏنو ۽ دنيا جون همدرديون پاڪستان ڏانهن موڙيون، ڀٽو صاحب جي ڪامياب خارجا پاليسي ۽ جدوجهد سبب ڀارت دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو. ڀٽو صاحب جي مدبرانه مقناطيسي شخصيت ۽ تقريرن جو اثر هيو جو عالم اسلام، چين، ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستان جي فوجي اخلاقي، مالي ۽ سفارتي مدد کلئي عام ڪئي، اهڙين وڏين عالمي ڪاميابين پاڪستاني قوم ۽ فوج جي جوانن جو حوصلو وڌايو، آخر ڀارت وڏي فوجي طاقت ۽ اسلحي سان شروع ڪيل جارحيت واري جنگ ۾ شڪست محسوس ڪئي ۽ پنهنجي پراڻي همدرد روس کي ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪئي ، جڏهن ته ڀٽو صاحب جي ڪوشش سان 16 سيپٽمبر 1965ع تي چين ڀارت کي الٽيميٽم ۽ ڌمڪي ڏني هئي، تاشقند معاهدي تحت صدر محمد ايوب خان، لعل بهادر شاستري ۽ روسي وزيراعظم ڪوسيگن درميان جنگ بندي جو معاهدو ٿيو جنهن مطابق پاڪستان فتح ڪيل جنگ بنا مقصد ماڻڻ جي ختم ڪئي. هاڻي ڀٽو صاحب اقوام متحده ۾ هڪ ذهين، هوشيار نوجوان هر دلعزيز، مقبول ڄاتل سڃاتل وزير خارجه جي حيثيت ماڻي چڪو هيو. پوري دنيا جا وزير خارجه سندس عزت احترام ڪندا هيا. دوستي جو ڀرم ۽ حام هڻندا هيا ۽ مختلف مسئلن بابت مشورا ماڻيندا هيا. سڄي دنيا ۾ هن ذهين نوجوان وزير خارجه جي شهرت ۽ هاڪ هوندي هئي. دنيا جي هر وڏي عالمي اداري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي شرڪت ڪرڻ هڪ اعزاز سمجهيو ويندو هيو، سندس حالات حاضره بابت تقريرون ۽ تجويزون عالمي ادارن ۾ سونهري تاريخ جي چمڪندڙ ورقن وانگر محفوظ ٿي ويا. هي دور ڀٽو صاحب لاءِ يادگار ۽ حسين دور هيو. دنيا ۾ هڪ طرف پاڪستان جو وقار وڌيو، پاڪستان جي آزاد خارجه پاليسي جي گهڻي تعريف ٿي هن کان اڳ سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر هئڻ سبب پاڪستان کي يورپين جي کيسي ۾ رهندڙ هڪ سڪي جي حيثيت هوندي هئي، ڀٽو صاحب جي پرڏيهي محاذ تي خدمتن ۽ بهترين ڪارڪردگي بابت حڪومت پاڪستان کيس 27 جون 1964ع تي ”هلال پاڪستان“ جو اعزاز ڏنو. 27 آڪٽومبر 1964ع تي ايران سرڪار پاران ”نشان همايون“ جو اعزاز حاصل ڪيائين، 20 اپريل 1965ع تي انڊونيشيا سرڪار پاران ”آرڊر آف دي ريپبلڪ“ جو اعزاز به مليو. ڀٽو صاحب جنوري 1966ع ۾ صدر محمد ايوب خان جي قيادت ۾ پاڪ، ڀارت وچ ۾ ڪشمير لاڳاپن متعلق ٿيندڙ ڳالهين واري وفد ۾ به شامل هيو. ڀٽو صاحب تاشقند معاهدي بعد ذهني طرح سان جنرل محمد ايوب کان خوش ڪو نه هيو ۽ ڪن بنيادي نڪتن تي اختلاف هئڻ ڪري سندس ذهن ۽ سياسي فلسفي کيس وڌيڪ صدر ايوب خان سان ڪم ڪرڻ لاءِ اجازت نه ڏني ۽ هن وڏي موڪل حاصل ڪئي. موڪل تان واپس اچن بعد 20 جون 1966ع تي وزارت خارجه جهڙي ملڪ جي وڏي ۽ اهم عهدي تان استعيفا ڏني، هن کان اڳ ڀٽو صاحب 20 جنوري 1966ع تي به استعيفا ڏني هئي پر صدر ايوب خان قبول نه ڪندي وڏي عرصي لاءِ موڪل منظور ڪئي پر واپس اچڻ بعد به ڀٽو صاحب استعيفا ڏيڻ جو ئي فيصلو ڪيو، 20 جنوري 1966ع تي استعيفا ڏيڻ بعد ڀٽو صاحب راولپنڊي کان لاهور ٽرين ذريعي سفر ڪيو. ڀٽو صاحب جڏهن لاهور اسٽيشن تي پهتو ته پنجاب جي عوام سندس شاندار تاريخي استقبال ڪيو. جيئن ڪنهن قومي هيري يا فاتح جو استقبال ڪيو ويندو آهي، ڀٽو صاحب عوام جا اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ جذبا ڏسي خوشي وچان پنهنجا جذبا روڪي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان خوشي جا ڳوڙها ڳڙي پيا جيڪي هن هڪ رومال سان اگهيا ۽ اهو رومال ڪيترن هزارن رپين ۾ماڻهن هڪ ٻئي کان خريد ڪيو. برطانيا جي عالمي مدبر لارڊر برٽن رسل هميشه ڀٽو صاحب جي صلاحيتن جو وڏو مداح هوندو هيو. لارڊ برٽن پنهنجي پاران ڀٽو صاحب کي سندس صلاحيتن جي حوالي سان ويٽنام جنگي ڏوهن جي بين الاقوامي ٽربيونل جو ميمبر ٿيڻ جي دعوت ڏني، محترم جي ايم سيد پڻ ڀٽو صاحب کي سنڌ جي حقن بابت جوڙيل ”سنڌ اتحاد“ جي سرواڻي جي آڇ ڪئي. ڀٽو صاحب جي زندگي جي ٻئي دور جو خاتمو ٿيو، هن پنهنجي زندگي جي ٻئي دور ۾ گهڻو وقت دنيا جي ملڪن ۾ گذاريو. تمام عالمي ادارن ۾ ويٺو. دنيا جي وڏن وڏن سربراهن سان ملندو رهيو. سال 1960ع کان 1966ع تائين ڇهن سالن جي عرصي ۾ وڌيڪ دنيا ۾ دوست ٺاهيائين، پنهنجي ذهانت، تدبر، ڏات ۽ دانشوري جو پوري دنيا جي ايوانن ۾ ڌاڪو ڄمايائين. هو هڪ عالمي مدبرانه شخصيت ثابت ٿيو دنيا جي اندر ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ تاريخ کي پنهنجي سامهون جڙندي ڏٺائين ۽ دنيا جا گهڻا عالمي حادثا يا واقعا سندس اڳيان وجود ماڻيندا رهيا. زندگي جون رنگين لذتون به ماڻيائين ته وري ٻئي طرف اقتدار جي ايوانن ۾ پاڻ ويهي حڪومتي تجربا حاصل ڪيائين. منصوبا جوڙيا، پاليسيون ٺاهيون ملڪ ۽ قوم کي انهن مان لاڀ ڏنو، ڇهن سالن جو هي دور سندس لاءِ صرف ۽ صرف ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون، خوشيون، عزت، شهرت لڳ لاڳاپا کڻي آيو. 24 مئي 1966ع ۾ ڀٽو صاحب کي عالمي شهرت يافته شخصيت سبب ارجنٽائين جو شهري سڏيو ويو. ڀٽو صاحب آگسٽ کان آڪٽومبر 1966ع تائين پرڏيهي دوري تي هليو ويو ۽ اٽڪل هڪ سال تائين پنهنجي آئنده لائحه عمل بابت سوچيندو رهيو. پنهنجي دوستن سان صلاح مشورا ڪندو رهيو، ملڪ جي تمام سياسي پارٽين جي قائدن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن سان صلاحون ڪندو رهيو ۽ آخر پنهنجي لاءِ هڪ نئون رستو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيائين. منهنجي شاگردي واري زماني جي سياسي استاد عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل ٻڌايو ته هو ضلعي بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر هوندو هيو، ايوب جناح اليڪشن ۾ قاضي فضل ا﷢ ۽ مسلم ليگ جو حمايتي ۽ ڀٽو صاحب جو سياسي مخالف هيو. ڀٽو صاحب وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد پرڏيهه هليو ويو هيو پويان صدر محمد ايوب خان ٽريڪٽرن جو هڪ ڪوڙو ڪيس ڀٽو صاحب جي گهر جي خواتين خلاف داخل ڪرايو. ڪٽپر صاحب جو هم زلف ڀٽو صاحب جو منشي هيو. ان ڪوئيٽا فون ڪري ڪيس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ڇاڪاڻ ته ڪو به لاڙڪاڻي جو وڪيل ڪيس کڻڻ لاءِ تيار ڪو نه هيو. ڪٽپر صاحب صبح سوير لاڙڪاڻي پهچي ڪاغذ ٺاهي ضمانت ڪرائي، ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان آيو ته هن ڪٽپر صاحب جو شڪريو ادا ڪندي منجهند جي ماني تي دعوت ڏني، اهڙي طرح سندن دوستي جو سلسلو شروع ٿيو. پنهنجي دوستن سان آئنده جي لائحه عمل بابت مشورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعي سکر خيرپور وڃي رهيا هيا، ڪٽپر صاحب گاڏي هلائي رهيو هيو، رائيس ڪئنال جي ڪناري نصرت بند لڳ ريلوي ڦاٽڪ بند هئڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهاري انتظار ڪرڻ لڳا. رائيس ڪئنال جي هڪ پاسي هيٺ ڪجهه ٻوڙا ۽ ڍنگر هيا ۽ انهن ڍنگرن تي ڪپڙا پيا هيا، جڏهن ته ٻوڙن پٺيان ڪجهه اگهاڙيون عورتون ننگي جسم سان ويٺيون هيون ڀٽو صاحب جي انهن تي نظر پئي هن انهن جسم اگهاڙين ڍنگرن ۾ لڪل عورتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ڪٽپر صاحب هڪدم هڪ مال چاريندڙ ڌنار ڇوڪري کي سڏ ڪري پڇيو، جنهن ٻڌايو ته هي ويچارا غريب ماڻهو آهن جيڪي مهيني ۾ اڌ ڀيرو هتي اچي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي وهنجي ويندا آهن، وٽن ٻيو وڳو پائڻ لاءِ ڪونهي تنهن ڪري هي ڪپڙا سڪائي پوءِ اهي پائي گهر ويندا، ايتري ۾ ڦاٽڪ کليو ۽ ڪٽپر صاحب گاڏي اسٽارٽ ڪندي ڀٽو صاحب ڏانهن ڏٺو، ڪٽپر صاحب حيران ٿي ويو ته ڌنار ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪٽپر صاحب هڪدم گاڏي روڪي ڇڏي، جڏهن ڀٽو صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي دل جو بوجهه هلڪو ڪيو تڏهن لڙڪ اگهندي ٿڌو ساهه کڻندي چيائين ”ڪٽپر پهريان منهنجي سياست جو رستو مختلف هيو پر هاڻي منهنجي سياست جو مقصد اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انگ اگهاڙا غريب هوندا.“ انهي واقعي ڀٽي صاحب جي ذهن ۽ سوچن کي جنجهوڙي ڇڏيو، سنڌ جي ماروئڙن جي اهڙي مسڪين حالي ڏسي هميشه لاءِ انهن جو آواز بڻجي اڀريو پنهنجي جيون جو محبوب انهن انگ اگهاڙن ڏتڙيل انسانن کي بڻايائين. 1967ع جي شروع ۾ ڀٽو صاحب سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ دوستن جو هڪ اجلاس سنڌ جي عوامي ليڊر شير سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر سان صلاح ڪرڻ بعد مير صاحب جي سوٽ مير محمد بخش خان ٽالپر جي ڳوٺ محمد حسين ٺوڙها ضلعو حيدرآباد وٽ ڪوٺايو. اجلاس ۾ پارٽي ٺاهڻ ۽ آئنده لاءِ پروگرام ترتيب ڏنو ويو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب کانسواءِ معراج محمد خان، جي اي رحيم، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي پڻ شرڪت ڪئي. وري مخدوم آف هالا حضرت طالب الموليٰ جي جڳهه تي 16 جولائي 1967ع تي ٻيو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوري ملڪ مان ڀٽو صاحب جي دوستن ۽ حمايتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پارٽي ٺاهڻ واري فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. آخري فيصلي مطابق ڀٽو صاحب لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تاريخ 30 نومبر 1967ع تي پنهنجي والد مرحوم جي ٺاهيل ”سنڌ پيپلز پارٽي“ جو نالو تبديل ڪري ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ جو بنياد وڌو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو چيئرمين، شيخ رشيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وائيس چيئرمين، مسٽر جي اي رحيم سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي منشور ۾ اسلام اسان جو دين، جمهوريت اسان جي سياست، سوشلزم اسان جي معيشيت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام رکيو. عوام کي هڪ نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان ڏنو ويو. جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ملڪي دورن ۾ ڏاڍي زوردار نموني لڳايو ويندو هيو، رابطه مهم دوران 16 جنوري تي ملتان 16 نومبر تي ٻيهر ملتان ۾ 18 نومبر 1968ع تي صادق آباد ۾ ڀٽو صاحب مٿان خوني حملا ٿيا جن کي ڀٽو صاحب جي پارٽي ورڪرن ۾ پيپلز گارڊ ناڪام بڻايو. ملڪ ۾ تنظيم کي منظم ڪرڻ کان پوءِ سيپٽمبر 1968ع ۾ هن فيلڊ مارشل محمد ايوب خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ٻن مهينن بعد 12 نومبر 1968ع تي هن کي ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتار ڪيو ويو، ڀٽو صاحب جي گرفتاري بعد بيگم نصرت ڀٽو صاحبه تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ پوري مغربي پاڪستان ۾ پر امن جلسن جلوسن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو. هر هنڌ عورتن مردن، وڪيلن ۽ شاگردن پاران جلسا ٿيا احتجاج ٿيو، هڪ اهو ملڪ جنهن ۾ اليڪشن ڪرڻ، کٽڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص طبقو هيو جيڪو پوري قوم جا فيصلا ڪندو هيو، پر هاڻي ڀٽو صاحب عام ماڻهو کي جمهوريت جي راهه، پنهنجا جمهوري حق حاصل ڪرڻ، ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کي محسوس ڪرايو. اهڙي طرح هاڻي حقن جي ڳالهه هر هڪ فرد وٽ گهر ڪري وئي، نيٺ پاڪستان ۾ ڪنهن به فوجي آمر خلاف پهرين جمهوري جدوجهد پاڻ ملهايو، صدر محمد ايوب خان 13 فيبروري 1969ع ۾ ڀٽو صاحب کي آزاد ڪيو. جنرل محمد ايوب خان گول ميز ڪانفرنس گهرائي سياستدانن کي ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ڏني پر ڀٽو صاحب ان گول ميز ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو، آخر ڏهن سالن بعد جنرل محمد ايوب خان 25 مارچ 1969ع تي اقتدار تان دستبردار ٿيندي حڪومت هڪ فوجي سربراهه جنرل يحيٰ خان حوالي ڪئي جنهن ٻيهر مارشل لا لڳائي ون يونٽ کي ٽوڙي 28 نومبر 1969ع ۾ تي مغربي پاڪستان ۾ چار صوبا قائم ڪيا، 17 ڊسمبر 1970ع تي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي وفاقي پارلياماني نظام تحت قومي اسيمبلي ۽ 27 ڊسمبر 1970ع تي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. هن اليڪشن ۾ ڀٽو صاحب جي پارٽي اڳوڻي مغربي پاڪستان وارين قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اڪثريت ۾ سوڀ حاصل ڪئي، جڏهن ته بنگال ۾ شيخ مجيب الرحمان سوڀ ماڻي، ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جي پنجن سيٽن تان اليڪشن وڙهي ۽ چئن سيٽن تان ڪامياب ٿيو. هن لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي مرد آهن خانبهادر محمد ايوب کهڙي کان اليڪشن کٽي پنهنجي والد جو سياسي بدلو ورتو، جڏهن ته لاهور مان مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي پٽ جاويد اقبال کي به هارايو، باقي ڊيره اسماعيل خان ۾ مفتي محمود صاحب کان ڀٽو صاحب کٽي نه سگهيو. سوڀ ماڻيندڙ عوامي ليگ جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي به اقتدار جو نشو وڪوڙي ويو، شيخ مجيب الرحمان بنگال ۾ تحريڪ هلائي جنهن کي فوجي طاقت ذريعي ڪچليو ويو. ان اندروني ڪشمڪش جو ڀرپور فائدو وٺندي هندستان جنگ شروع ڪئي، نيٺ بنگال ۾ 90 هزار فوج هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪئي. 16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش ڌار ٿيو ۽ ملڪ ٻن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي ويو. جنرل يحيٰ خان مجبور ٿي 17 سيپٽمبر 1971ع تي ڀٽو صاحب کي پاڪستان جو نائب وزيراعـظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري سلامتي ڪائونسل ۾ وفد جي قيادت ڪرڻ لاءِ موڪليو. ملڪ جي ٻن ٽڪرن ٿيڻ بعد جنرل محمد يحيٰ تي فوج ۽ عوامي دٻاءُ وڌي ويو هن مجبور ٿي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي 20 ڊسمبر 1971ع تي صدر پاڪستان ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي چارج ڏيندي حلف کڻايو ان وقت ڀٽو صاحب جي عمر 43 سال هئي. ڀٽو صاحب سڀ کان پهريائين قوم ۾ موجوده مايوسي ختم ڪري اعتماد پيدا ڪيو، تمام سياسي پارٽين سان مذاڪرات ۽ رابطا شروع ڪيا، پاڪستان ۾ قيد بنگالين جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي 7 جنوري 1972ع تي آزاد ڪيو. مخالف پارٽين سان رابطن بعد پاڪستان ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿيو. ڀٽو صاحب صدر پاڪستان جي حيثيت ۾ 21 اپريل 1972ع تي چونڊيل بالغ رائي دهي جي بنياد تي پهرين قومي اسيمبلي جو افتتاح ڪيو، ڀٽو صاحب کي يڪراءِ ان جو صدر چونڊيو ويو. ڀٽو صاحب مارشل لا هٽائي عبوري آئين ڏنو. تڏهن تمام قومي اسيمبلي ميمبرن بحثيت سربراهه مملڪت سندس حق ۾ اعتماد جو ووٽ ڏنو، ڀٽو صاحب پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري، اسلامي ۽ جمهوري آئين بابت مختلف نظرين وارين پارٽين کي گڏيل فيصلو ڪرڻ خاطر هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾ تمام سياسي پارٽين جي منتخب پارليامينٽري اڳواڻن کي ميمبر مقرر ڪيو، آخر تمام پارٽين جي قائدن متطفقه طور تي هڪ اسلام جمهوري ۽ صوبائي خودمختياري سان ڀرپور آئين ٺاهيو. جنهن کي قومي اسيمبلي منظور ڪيو. تمام اڳواڻن دستخط ڪيا ۽ 10 اپريل 1973ع تي اهو آئين قوم کي ڏنو ويو. نئين آئين کي پارليامينٽري نظام تحت ترتيب ڏنو ويو جنهن ۾ حڪومت جو آئيني سربراهه صدر مملڪت ۽ انتظامي سربراهه وزيراعظم هوندو. ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1973ع تي نئين آئين مطابق وزيراعظم پاڪستان جو قسم کنيو. بر صغير هند جي تاريخ سر شاهنواز ڀٽو صاحب سنڌ جي تمام سياستدانن جاگيردارن پيرن کي هڪ ڪري سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ هلائي هئي، اهو سياستدانن جو ڪنهن هڪ قائد جي قيادت ۾ ڪنهن مقصد لاءِ عظيم اتحاد هيو، جڏهن ته وري پاڪستان جي تاريخ ۾ قوم کي يڪراءِ آئين ڏيڻ خاطر ملڪ جي تمام اسلامي، آزاد، سوشلسٽ پارٽين ۽ قائدن کي سندس ئي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو ورجائي ڏيکاريو ۽ تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪيو. واضح رهي ته 1973ع واري آئين ۾ ٽن قسمن جي سياسي نظرين جو ٽڪراءُ هيو. هڪ اسلامي سوچ رکندڙ جماعتون، ٻيون صوبائي خودمختياري چاهيندڙ، ٽيون سوشلزم جي حمايت ڪندڙ پارٽيون، هن آئين تي جماعت اسلامي سميت تمام سياسي ۽ اسلامي پارٽين جهڙوڪ مولانا شاهه احمد نوراني ۽ مولانا مفتي محمود، قومپرست پارٽين خان عبدالولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ مير غوث بخش خان بزنجو جهڙا اڳواڻ سڀني گڏجي آئين منظور ڪيو، هن آئين ۾ ڏنل خود مختياري کي ڏهن سالن لاءِ لازم ڪيو ويو هيو ۽ اها گنجائش رکي وئي هئي ته ڏهن سالن بعد صوبائي خودمختياري کي ٻيهر جائزو وٺي ضرورت مطابق واڌارو ڪيو ويندو. اهڙي طرح آئين ۾ اسلامي نظام لاءِ به اهڙو طريقو رکيو ويو هيو. آئين کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ شق به رکي وئي هئي ته جيڪو هن آئين کي ٽوڙيندو ان جي سزا موت ٿي سگهي ٿي. هن آئين ۾ خاص طرح سان صوبن کي حق ڏيڻ، ناڻي جي ورهاست يا ڪنهن به اختلافي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي رابطه ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هڪ ٻئي وڏي ڪاميابي ڀٽو صاحب جو 28 جون کان 3 جولائي 1973ع تائين ڀارت جو دورو ۽ شملا معاهدو ڪرڻ آهي. جنهن جي روشني ۾ پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي ۽ پاڪستان فوج جا 252 سينيئر آفيسر بنا مقدمن جي آزاد ڪرڻ، ڀارت وٽ قبضي ۾ پاڪستاني علائقن جي واپسي کان علاوه پاڪستان ڀارت لاڳاپن جي سفارتي سطح تي بحالي، فضائي سهولتون شروع ڪرڻ کان علاوه ڪشمير بابت ڳالهين ذريعي حل تلاش ڪرڻ شامل هيا. پنهنجي قوم لاءِ ڳالهين جي ٽيبل تي ويهي دليلن سان فاتح يا دشمن ملڪ کان سفارتي فتح ماڻڻ صرف ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ئي ڪم ۽ وس هيو. هن معاهدي تي 14 آگسٽ 1972ع کان عمل شروع ٿيو ۽ 2 ڊسمبر 1973ع تائين ڀارتي فوج پاڪستاني علائقا خالي ڪيا، جڏهن ته آگسٽ 1973ع ۾ ڀارت پاڪستان جي جنگي قيدين کي آزاد ڪيو. ڀٽو صاحب جي دعوت تي 69 ملڪن جي پاڪستان ۾ سفيرن کي ٽرين ذريعي راولپنڊي کان لاڙڪاڻي آندو ويو ۽ 21 جنوري 1972ع تي لاڙڪاڻي ۾ جشن وارو ماحول هيو. لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ايڏي تعداد ۾ پرڏيهي سفير پهريون دفعو گڏ ٿيا. ڀٽو صاحب پنهنجي دور اقتدار ۾ هارين، مزدورن، تعليم، صحت، قانون ۽ صنعت بابت ڪيترا سڌارا آندا. پاڪستاني سماج اندر جاگيردارن، وڏيرن، صنعتڪارن ۽ واپارين جي هڪ طرف هڪ هٽي هئي ته وري ٻئي طرف بيورو ڪريسي جون پاڙون مضبوط هيون، صنعتڪار پاڻ کي ملڪ جي مقدر جو مالڪ ته وري ڪامورو حڪومت جو مالڪ سمجهندا هيا. غريب عوام جو ڪو به داد فرياد ڪو نه هوندو هيو، ڀٽو صاحب 10 فيبروري 1972ع تي ليبر اصلاحات آندا، 14 مارچ 1972ع تي تعليمي اصلاحات، 24 مارچ 1972ع تي صحت پاليسي ۽ 17 اپريل 1972ع تائين زرعي قانون ۽ پوليس اصلاحات نافظ ڪيا. ان کان اڳ ڀٽو صاحب صنعتڪارن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪندي 2 جنوري 1972ع تي وڏيون صنعتون قومي تحويل ۾ ورتيون. جڏهن ته سيپٽمبر 1973ع گيهه جي ڪارخانن ۽ جنوري 1974ع ۾ بئنڪن کي قومي تحويل ۾ ورتو. ڀٽو صاحب عوام سان اليڪشن ۾ محنت ڪشن ۽ هارين جو راڄ قائم ڪرڻ، عوام جي حاڪميت، سوشلزم نافذ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هيو. پاڪستان جي عوام کي جاگيردار سرمائيدار ۽ ڪاموري گڏيل مفادن تحت آزاد ملڪ ۾ غلام شهرين وارا حق ڏنا هيا. ڪا به آزادي واري فضا موجود ڪو نه هئي جنهن ڪري ملڪ ۾ جمهوري ادارن کي ترقي ڪو نه ملي. هر قانون صرف غريبن لاءِ هيو، دولتمند لاءِ ڪا به قانون جي پابندي ڪا نه هئي، اهڙي ٻوساٽ واري پاڪستان ۾ ڀٽو صاحب عوام کي اهو احساس ڏياريو ته هن ملڪ جا مالڪ اوهان آهيو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، هاري، مزدور، شاگرد، قانوندان، صحافي، دانشور ۽ اديب ڀٽو صاحب وٽ جمع ٿي ويو. کيس عوام پاران ”قائد عوام“ جو لقب ڏنو ويو، قائد عوام جي هدايتن تي جڏهن ڪامورن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو. ڪارخانن ۽ بينڪن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي مزدورن کي اجتماعي سوديڪاري جو حق، پينشن، علاج، موڪلن بابت حق ڏياريا ۽ اهڙي طرح مزدور يونين، فيڊريشن جو وجود عمل ۾ آيو ۽ هڪ مضبوط محنت ڪش قوت اڀري مزدور راڄ قائم ٿيندي نظر آيو، ملازمن جي ملازمت جو تحفظ ۽ ٻيا ڪيترا حق محنت ڪشن ماڻيا. ٻئي طرف هارين کي حقن ڏيڻ لاءِ هارين کي زرعي قرض ڏيڻ، وڏيرن مٿان ٻج ڀاڻ ۽ ٻين خرچن جي ذميواري، جيڪو وڏيرو زمين وڪرو ڪري پهريان ان جي هاري جو حق هوندو، ڍل اوطاق ٻج اڌو اڌ ختم ۽ سڄو ذمو وڏيري مٿان، هاري صرف هر ڪاهيندو ۽ اناج اپائيندو فصل لاهيندو ۽ اڌ حصو ماڻيندو، هارين کي پهريون دفعو مفت زمينون ڏنيون ويون، هارين جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلي لاءِ وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ڪئي وئي ڀٽو صاحب جو غريب هارين سان عشق جي حد تائين پيار هيو ۽ هن پوري ملڪ جي هارين جون دليون کٽيون، جيڪو ڪم ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن اڳواڻن هٿ ۾ کنيو هيو ۽ پنهنجي حال مطابق جدوجهد ڪري هارين کي حق ڏياريا ڀٽو صاحب ان کي انجام تي پهچايو. زرعي اصلاحات تحت وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ٿي ۽ 30 سيپٽمبر 1976ع تائين پوري پاڪستان ۾ اٽڪل 30 لک ايڪڙ زمين جاگيردارن کان حاصل ڪئي ۽ ان ۾ يارهن لک ايڪڙ اها به زمين هئي جيڪا جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ اصلاحات وقت ڄاڻي واڻي ڇڏي وئي هئي. وفاقي لينڊ ڪميشن سوشلسٽ ليڊر شيخ محمد رشيد جي اڳواڻي ۾ پنجاب مان سردار فاروق احمد خان لغاري ۽ ان جو خاندان، سردار عاشق محمد مزاري کان علاوه پيپلز پارٽي جي ايم پي اي رانا قول محمد خان، چوڌري محمد اڪرم چيمه کان علاه سنڌ مان ٽن صوبائي وزيرن ڄام صادق، مير عطا حسين ٽالپر، مير هزار خان بجاراڻي کان علاوه وڏن جاگيردارن مير اعجاز ٽالپر، سردار غلام محمد خان مهر جهڙن ڪيترين سرحد ۽ بلوچستان جي سردار شخصيتن کان به زمينون حاصل ڪيون، جيڪي ڀٽو صاحب غريب هارين ۾ تقسيم ڪيون. هنزه ۽ نگر رياستن مان بيگار سسٽم جو خاتمو ڪيو ويو، گلگت ۽ بلبستان ۾ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو، بلوچستان ۾ سرداري نظام جو خاتمو آندائين، ڳوٺن ۾ هارين ۾ شعور لاءِ ٽرانسسٽر ريڊيا مفت ورهايا ويا. ٻهراڙين کي وڏي پيماني تي ترقي ڏياري وئي جنهن ۾ روڊ، رستا، پل، اسپتالون، اسڪول، بجلي، پاڻي جا نلڪا هر هڪ ڳوٺ ۾ پهچايا ويا. هاري مضبوط ۽ وڏيرو ڪمزور نطر آيو. شهرن ۾ هڪ طرفي ترقي جي تيز رفتاري سان ڳوٺن ۾ احساس محرومي وڌي وئي هئي، زندگي جي نعمتن ۽ جديد آسائشي سهولتن تي صرف شهرين جو حق هيو. پريس، ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ٻهراڙين کي ڪا نمائندگي ڪو نه هئي، ڀٽو صاحب پاران پيپلز ورڪس پروگرام صرف ٻهراڙين کي شهرن برابر سهولتون ڏيڻ، ٻهراڙين جو سماج ۾ رتبو وڌائڻ خاطر هيو. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ٻهراڙين ۾ روڊن، رستن، بجلي واٽر سپلاءِ، اسڪولن، ڪاليجن، زرعي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن جي واڌاري سبب ٻهراڙي جي ماروئڙن ۾ تعليم، صحت ۽ اعليٰ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جذبو پيدا ٿيو. صدر جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ٻه سيٽون هونديون هيون. جڏهن ته ڀٽو صاحب جي وقت ۾ لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۾ نيون ميڊيڪل ڪاليجون قائم ٿيون، ڪراچي حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ٻهراڙي جون سيٽون وڌايون ويون، وفاقي ادارن ۾ ملازمت لاءِ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل ڪرائيندي ٻهراڙين جي تعليم يافته نوجوانن کي ڪسٽم، ايف آءِ اي، پي آءِ اي، ڪي پي ٽي، مواصلات، صنعت جهڙن کاتن ۾ داخل ڪيو ويو. اڳ انهن سڀني وفاقي ادارن ۽ ملازمتن ۾ سنڌين ۽ ٻهراڙين کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو ويو هيو، ڪراچي جيڪو سنڌ جو گادي وارو هنڌ هيو ۽ آهي، سنڌ صوبي جي دل ۽ مرڪز آهي اتي جيڪڏهن ڪو سنڌي هڪ ٻئي سان ملندو هيو ته عيد ٿي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته سنڌين کي ڪراچي ۾ ملازمت ڪو نه ملندي هئي، ماستري، سپاهي ۽ روينيو ۾ ڪلارڪي جيڪڏهن اثر رسوخ آهي ته تپيداري يا صوبيداري سنڌي تعليم يافته جوان جو مقدر ۽ منزل هئي، ليڪن ڀٽو صاحب انقلابي فيصلا ڪري ڪراچي شهر ۾ پورٽ قاسم، پاڪ اسٽيل، سول ايويئيشن اٿارٽي، جهڙا وڏا منصوبا جوڙي ڪراچي ۾ سنڌي تعليم لازمي ڪري هزارين سنڌي آفيسرن، ڪلارڪن، ماسترن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو، هر هڪ اداري ۾ سنڌي نظر اچڻ لڳا. ڪراچي کي باقائدي سنڌين جو شهر بڻايو، هر طرف هر هنڌ سنڌي ملازمت ڪندي رهندي، گهمندي ڦرندي نظر آيا نه صرف ڪراچي پر اسلام آباد جو به ساڳيو رنگ روپ هيو، ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ سلوار قميص ۽ ٽوپي واري جي داخلا بند هوندي هئي، ڀٽو صاحب ان طريقي کي ختم ڪري هر قومي لباس کي قابل احترام قرار ڏنو، سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو نوڪرين جو سيلاب ڪڏهن ڪو نه آيو جهڙو ڀٽو صاحب جي دور ۾ آيو هيو. ٻهراڙين مان ڪراچي ملازمت ڪندڙ سنڌي ڪراچي حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ منتقل ٿي پنهنجي خاندان سميت رهڻ لڳا ۽ اهڙي طرح وري انهن پنهنجي اولاد ڀائرن، ڀينرن کي جديد سهولتون ڏنيون اعليٰ تعليم ڏياري ۽ هاڻي سنڌي ماڻهو هر هنڌ هر محاذ هر اداري ۾ مقابلو ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ طرف ملازمتن وسيلي ڀٽو صاحب جي دور ۾ خوشحالي جو سيلاب آيو ته وري ٻئي پاسي لبيا، سعودي عرب، عرب امارات، قطر وغيره جهڙن عرب دولتمند ملڪن کي ڀٽو صاحب راضي ڪري ملڪ مان مزدور، هاري، فني هنر ڄاڻيندڙ ماڻهن کي ٻن ٽن هزار رپين جي عيوض انهن ملڪن ۾ موڪليو، اهڙي طرح ملڪ جي ٻين صوبن کان علاوه سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ جي ويهن گهرن مان هڪ فرد عرب ملڪ رهڻ لڳو، عرب ملڪن ۾ هنن وڏيون پگهارون ماڻيون ۽ غريب مزدورن ۽ هارين پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون، پنهنجي عزيزن کي شهرن ۾ ٺيڪيداري ۽ ٻين وڏن رزوگار جي وسيلن ۾ شامل ڪرايو. ڀٽو صاحب جي حڪومت جي هن عمل غريب ڳوٺاڻي کي پئسي وارو خوشحال بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح ڳوٺن ۾ انقلاب اچي ويو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سنڌي وڏيري جي گهر ۾ رنگين ٽي وي، وي سي آر، ٽيليفون ۽ فرج موجود هيا ته سندس ڪڙمي جي پٽ به عرب ملڪن مان ساڳيون شيون پنهنجي گهر موڪليون ۽ وڏيري جي سماجي ٺٺ ٺانگر کي ڇيهو رسيو. ان وقت ۾ ڪيترن ئي پيپلز پارٽي جي وڏيرن مون سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو. ڀٽو صاحب جي دور ۽ ان کان اڳ واري سنڌ ۾ هڪ صدي جو فرق محسوس ٿيندو هيو. ملڪ جي مفاد خاطر 30 جنوري 1972ع تي پاڪستان دولت مشترڪه کان ڌار ٿيو، ڀٽو صاحب جي ذاتي اثر رسوخ سبب چين 2 فيبروري 1972ع تي پاڪستان کي ڏنل يارهن ڪروڙ ڊالرن جو قرض معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 19 فيبروري 1972ع تي آمريڪا کان پاڪستان جي فوجي اقتصادي امداد بحال ڪرايائين. 9 مارچ 1972ع بين الاقوامي ڪنسور شيم کان پاڪستان جي امداد بحال ڪرايائين. 19 مارچ 1972ع تي ملڪ ۾ 43 انشورنس ڪمپنين کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. 6 مارچ 1972ع تي مخالف پارٽي نيشنل عوامي پارٽي سان ٿيل سمجهوتي مطابق سرحد بلوچستان ۾ انهن جا گورنر مقرر ڪيائين. فلمي صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ 31 مارچ تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ فلم سنسر بورڊ جي شاخ قائم ڪئي، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي 16 اپريل 1972ع تي قومي ايمبلي جي 104 ميمبرن پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. 17 اپريل تي قومي اسيمبلي کان ملڪ لاءِ عبوري آئين منظور ڪرايو. اهڙي طرح 20 اپريل 1972ع تي ملڪ مان مارشل لا ختم ٿيو. ڀٽو صاحب 7 مئي 1972ع تي چين سان مال جي بدلي مال جو واپار ڪرڻ وارو تاريخي معاهدو به ڪيو. ڀٽو صاحب آگسٽ ۾ حڪومت جو تختو الٽڻ واري سازش ۾ ڇهن فوجي جنرلن کي ملازمت تان هٽايو. ملڪ جي عدالتن کي 13 آگسٽ تي انتظاميا کان ڌار ڪيو ويو. تعليمي ادارن ۾ امير ۽ غريب جي فرق کي مٽائڻ لاءِ 31 آگسٽ تي 176 خانگي لا ڪاليجن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. در اصل 1972ع جو سال ڀٽو صاحب جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هن سال حڪومتي سطح تي تمام گهڻا فيصلا، معاهدا ٿيا ۽ ڀٽو صاحب قوم ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. قوم کي باقائدي تبديلي نظر اچي وئي. ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1973ع تي نئون اسلامي جمهوري وفاقي پارلياماني آئين نافذ ڪيو جنهن کي 10 اپريل تي قومي اسيمبلي ۾ يڪراءِ پاس ڪيو ويو ۽ ڀٽو صاحب بحيثيت وزيراعظم پاڪستان حلف کنيو. آڪٽومبر 1973ع ۾ رياستن کي ختم ڪري صوبن ۾ شامل ڪيو. 30 ڊسمبر 1973ع تي روس جي سهڪار سان ملڪ ۾ سڀ کان وڏي فولادي ڪارخاني پاڪستان اسٽيل مل جو افتتاح ڪيائين. هن ڪارخاني ۾ 50 قسم جي مشينري ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي، ڀٽو صاحب 1 جنوري 1974ع تي سرمائيدارن جي هڪ هٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ نجي شعبي ۾ قائم بئنڪن کي به سرڪاري تحويل ۾ ورتو. ان کان اڳ انهن بئنڪن جو فائدو چند خاندان ماڻيندا هيا. ڀٽو صاحب پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڌيڪ اهم خواب اسلامي ملڪن کي هڪ ڪري انهن جي وسيلي ۽ طاقت کي مسلمانن لاءِ ڪتب آڻي ، مسلم بلاڪ قائم ڪرڻ کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ دنيا ۾ مسلم ملڪن جا طوفاني دورا ڪيا. ڀٽو صاحب لاهور شهر ۾ تاريخ 22 کان 24 فيبروري 1974ع تائين دنيا جي مسلم ملڪن جي اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي يڪراءِ سربراهه ڪانفرنس جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. هن سربراهه ڪانفرنس ۾ لبيا جو صدر ڪرنل معمر قذافي، سعودي عرب جو شاهه فيصل، يوگنڊا جو صدر ايدي امين، الجزائر جو صدر ڪرنل حواري بومدين، گني جو وزيراعظم لسنا بيويگي، گيني بسائو جو وزيراعظم فرانسڪو مينڊس، نائيجيرا جو الحاج ڊايوري هماني، چاڊجو صدر اين، گراٽا گمبيا جو صدر داوداڪي جيوارا، متحد عرب اماراتن جو صدر شيخ زيڊ بن سلطان، اومان جو سربراهه سلطان قابوص، يمن جو وزيراعظم علي ناصر محمد، لبنان جو وزير اعظم تڪيه الدين، ڪويت جو حڪمران شيخ صباح الصبا، فلسطين جو چيئرمين ياسر عرفات، سوڊان جو صدر جنرل جعفر نميري يمن جو صدر عبدالرحمان، مصر جو صدر انور سادات، بنگلاديش جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان، صوماليا جو صدر سعيد بيري، شام جو صدر حافظ الاسد، بحرين جو حڪمران شيخ عيسيٰ بن سلمان، قطر جو حڪمران شيخ خليفه بن همد، مارتينيا جو صدر مختيار اولاد ڊاڊاهه، ملائيشيا جو وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان، مراڪش جو شاهه حسن ۽ اردن جو شاهه حسين شامل هيا، ڀٽو صاحب جي محنت ڪامياب وئي، هو اسلامي دنيا کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هيڏي وڏي تعداد ۾ دنيا جي مسلم ملڪن جا سربراهه ڪٿي به گڏ ڪو نه ٿيا هيا ۽ پاڪستان جي سرزمين تي انهن کي هڪ وقت رهائڻ، مهمان نوازي ڪرڻ، انهن سربراهن ۽ وفدن کي سهولتون ڏيڻ، پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ عظيم ترين ڪارنامو آهي، جيڪو ڀٽو صاحب اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري ثابت ڪيو، هن ڪانفرنس کي ڀٽو صاحب ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته مسلمان ملڪن جي هڪ گڏيل اسلامي بئنڪ قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ تمام مسلمان ملڪ پنهنجا پئسا رکن. جنهن جو مرڪز ڪنهن اهم ملڪ ۾ هجي ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ برانچون قائم ڪيون وڃن. انهيءَ بئنڪ مان ميمبر اسلامي ملڪن کي بنا وياج قرض ڏنا وڃن. مسلم ملڪن مان نڪرندڙ تيل، گيس، لوهه ۽ معدنيات مان پهريائين اتحادي ملڪن جي ضرورت پوري ڪجي، هر قسم جون بنيادي صنعتون ۽ جتي ڪچو مال هجي اتي ان جي صنعت قائم ڪجي، اسلامي مشترڪه منڊي قائم ڪري دنيا جي ملڪن جو هر مشمل وقت هر ميمبر ملڪ جي ڪم اچي، هي هڪ اهڙو فيصلو هيو جنهن دنيا جي سپر پاور ملڪن ۽ حاڪمن کي حيران ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلمان ملڪن انهن جي بئنڪن مان پئسا ڪڍرايا ته پوءِ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ ڏيوالو نڪرڻ جو خدشو هيو، عربن پئٽرول جي اهميت ۽ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي وائي ڀٽو صاحب کان ٻڌي ۽ سمجهي، جيڪڏهن ڀٽو صاحب کي ايترو وقت ڏنو وڃي ها ته شايد هو تمام جلد اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاري ها، ڇاڪاڻ ته نه صرف ڀٽو صاحب ذهين ۽ ڏاهو هيو پر حد کان وڌيڪ درجي جو دلير انسان به هيو، پرڏيهي سي آءِ اي جي رپورٽ آهي ته ڀٽو صاحب دلير ترين شخص آهي. دنيا جي نقشي مٿان شايد ڪجهه لڪيرون ۽ حدون تبديل ٿين ها ۽ مسلمان ملڪ اڪثريت ۾ هوندي يا تمام ذريعن وسيلن جا مالڪ هوندي ڀٽو صاحب جي قيادت ۾ اسلامي سپر پاور جي حيثيت ۾ اڀرن ها ۽ دنيا جي فيصلن ۾ يا ڪيترن ملڪن جي مقدر جي تبديلين ۾ به اسلامي سپر پاور جو تسلط هجي ها، ڀٽو صاحب ٻئي طرف ايشيا آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي به احساس ڏياريو ته هو به غلامي ۽ غربت جي زندگي مان نجات حاصل ڪري آزاد ۽ خوشحال معاشري جا وارث ٿي سگهن ٿا. ايشيا جي ملڪن ۾ به ڀٽو صاحب اوتروئي محترم هيو جيترو اسلامي ملڪن ۾ هو ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس جو روح روان هيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڀٽو صاحب کي ”فخر ايشيا“ جي لقب سان به مخاطب ڪيو ويندو هيو. جڏهن ته تمام جلد ٿوري وقت ۾ صدين کان سامراج جي مضبوط گرفت ۾ اسلامي ملڪن ۽ ايشيا، آفريڪا لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي عوام کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مقناطيسي شخصيت سان هڪ ڪري ڇڏيو. ترقي ۽ باعزت زندگي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي تڏهن وڏيون طاقتون حيران ۽ پريشان رهجي ويون. انهن کي صدين کان پنهنجي غلام قومن ۽ ملڪن جي وسيلن تان هٿ کڻڻ وارا خوفناڪ خواب نظر اچڻ لڳا، پوءِ انهن ڀٽو صاحب ۽ پاڪستان جي ارادن ۽ منصوبن جي مٿان ڪڙي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو، ڀٽو صاحب هڪ نئون ادارو سينيٽ به قائم ڪيو، جنهن ۾ تمام صوبن مان برابري جي بنياد تي هڪ جيترائي ميمبر صوبائي اسيمبلين ذريعي چونڊيا ويا، ڀٽو صاحب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ خواتين لاءِ به نشستون مخصوص ڪرايون. اسلام آباد ۾ موجوده قومي اسيمبلي جي شاندار عمارت قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ 14 آگسٽ 1974ع تي افتتاح ڪيائين، جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايٽمي توانائي ڪميشن قائم ڪئي ۽ 12 مارچ 1976ع تي ايٽمي ريپروسيسنگ پلانٽ لڳايو ويو. 17 مارچ 1976ع تي فرانس سان ايٽمي پلانٽ جو معاهدو به ڪيائين، سندس مقصد ڀارت وٽ ايٽمي صلاحيت هئڻ ڪري پاڪستان جي دفائي ڪمزور پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ هيو، ڪيترن تبصري ڪرڻ وارن تي ڀٽو صاحب جي ايٽمي قوت حاصل ڪرڻ واري مقصد کي اسلامي بم سڏيو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اسلامي ملڪ وٽ بي تحاشه دولت هئڻ باوجود به ايٽم بم جي صلاحيت ڪونهي، ڀٽو صاحب پهريون مسلم اڳواڻ هيو جنهن اهو دليراڻو فيصلو ڪيو. آمريڪا سفير ڀٽو صاحب کي پاڪستان جي فوجي ۽ اقتصادي امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني پر ڀٽو صاحب کيس اهو جواب ڏنو ته پاڪستان پيٽ سان پٿر ٻڌي به ايٽمي صلاحيت حاصل ڪندو، ڀٽو صاحب ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ملڪ کي پاليسيون ڏنيون، جنهن ۾ آزاد غير جانبدار خارجه پاليسي، ثقافتي ادارا جهڙو نيف ڊيڪ، فلم سنسر بورڊ علمي ادارا جهڙو اڪيڊمي آف ليٽرس، سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ، وڏيون وڏيون لئبريريون شامل آهن. ڀٽو صاحب اسلام سآباد لاءِ به وڏو ڪم ڪيو جنهن ۾ اڳ حج ڪرڻ لاءِ مقرر ڪوٽا جو خاتمو، آچر بدران جمعو موڪل، قرآن شريف غلطين کان پاڪ ڪري ٻيهر ڇپائي، ملڪ ۾ قائم فحاشي جا ادارا نائيٽ ڪلبن جو خاتمو، جوئا لاءِ قائم ريس ڪورس ختم ڪرڻ، عام شراب جي اڏن تي پابندي، اوقاف کاتو قائم ڪرڻ حج ۽ مذهبي امور جي وزارت قائم ڪرڻ، اسلامي قانون ڏهن سالن اندر رائج ڪرڻ شامل آهي، ڀٽو صاحب ملازمتن کي وڌائڻ لاءِ نيون وزارتون قائم ڪيون، جهڙوڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اقليتون، خواتين، بين الصوبائي رابطه وزارت شامل آهن، شناختي ڪارڊ ۽ راشن ڪارڊ جي محڪمي کي متعارف ڪرايو ويو. ڀٽو صاحب ڪارخانيدار ۽ سيٺ کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي مزدور کي حق ڏئي، جڏهن چاهي ته نوڪري مان ڪڍڻ بند ڪري، انهن جي محنت ۽ پگهر مطابق پگهار، پينشن، بونس ۽ علاج جو بندوبست ڪري. آفيسر کي مجبور ڪيو ته پنهنجي ايئر ڪنڊيشن آفيس مان ٻاهر نڪري ڳوٺن ۾ غريبن وٽ پهچي کليل ڪچهريون ڪري مسئلا حل ڪري، وزيرن کي به پنهنجا دروازا کولي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو. ڳوٺ ۾ وڏيري، ڪاموري جي ڏاڍ خلاف کليل ڪچهرين ۾ آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڀٽو صاحب پاڻ ڳوٺن ۾ وڃي کليل ڪچهريون ڪندو هيو. هو ريگستان پهاڙ، برفاني علائقن کان علاوه هر هنڌ پهچي ويندو هيو. سندس دور ۾ مڊل ڪلاس، سفيد ڪالر يا ورڪر طبقو پيدا ٿيو، سياست بنگلن ۽ محلن مان نڪري عوام جي درن تائين پهتي. 7 مارچ 1977ع تي ڀٽي صاحب عام چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ سندس پارٽي وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ٻيهر پنجن سالن لاءِ منتخب ٿي آيو پر ملڪ ۾ مخالف پارٽين ان اليڪشن جي فيصلي کي تسليم نه ڪندي ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ پاڪستان نيشنل الائنس پاران تحريڪ شروع ڪئي وئي، 16 مارچ 1977ع کان هلندڙ هن P.N.A جي تحريڪ ۾ ذاتي مخالفتون ۽ ڀٽو دشمني، صنعتڪارن ۽ وڏن واپارين کان ڪارخانا کسڻ واري نفرت ۽ غصو، اسلامي ملڪن جي اتحاد سبب پرڏيهي مخالفت سڀ عنصر شامل هيا. وڏي پيماني تي هڙتالون جلسا جلوس ٿيا ۽ ڊالر هليو. ڀٽو صاحب حالتن کي محسوس ڪندي مخالفن سان ڳالهيون هلايون جنهن ۾ مخالفن اٽڪل چوڏهن قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ڌانڌلي جو شڪ ڏيکاريو پر جيئن ته مخالفن ۾ ڪجهه حقيقت پسند ۽ ڪجهه ذاتي مخالف هيا. تنهن ڪري هڪ معاهدو ٿيو جنهن مطابق نيون اليڪشنون ڪرائڻ عبوري قومي حڪومت ٺاهڻ، مخالفن کي وزارتون ڏيڻ ۽ وزيراعظم ڀٽو صاحب کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پر جيئن ته هن تحريڪ جي پويان فوجي جنرلن جو هڪ ٽولو به هيو ان چاهيو پئي ته تحريڪ جي بهاني ڀٽو صاحب حڪومت مان هٽي وڃي، ليڪن ائين نه ٿيو ته انهن 5 جولائي 1977ع تي رات جو ڀٽو صاحب جي حڪومت کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، اليڪشن نوي ڏينهن اندر ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، ڀٽو صاحب جو تمام گهڻو جي حضوري ڪندڙ جنرل محمد ضياءُ الحق چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ڀٽو صاحب کي 5 جولائي 1977ع تي گرفتار ڪري ڪوهه مري ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتان 28 جولاءِ 1977ع تي کيس رها ڪيو ويو. ڀٽو صاحب ايندڙ اليڪشن لاءِ ملڪي دورو شروع ڪيو ته عوام هر هنڌ سندس شاندار استقبال ڪيو. خاص طرح سان پنجاب جي عوام دل کولي سندس استقبال ڪيو. جڏهن جنرل ضياءُ الحق اهو ڏٺو ته هيڏي ساري تحريڪ هلڻ، مخالفن جي هڪ اتحاد بڻجڻ کان پوءِ به ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مقبوليت ڪا نه گهٽي آهي ۽ هو عوام ۾ اوترو ئي هر دل عزيز ۽ مقبول آهي تڏهن ان حڪومت ڪجهه ڪيس ڀٽو صاحب خلاف قائم ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ کيس 3 سيپٽمبر 1977ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي واري گهر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صمداڻي 13 سيپٽمبر تي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪيو، پر وري مارشل لا جي ضابطن هيٺ 16 سيپٽمبر 1977ع تي ڀٽو صاحب کي لاڙڪاڻي واري گهر المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪري پهريان سکر پوءِ ڪراچي ۽ پوءِ لاهور جيل آندو ويو. مٿس 1974ع ۾ داخل نواب محمد احمد خان قصوري ڪيس لڳائي قتل جو مقدمو هلايو ويو. جنرل ضياءُ الحق 2 آڪٽومبر 1977ع تي پنهنجي نوي ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان تان ڦري ويو ۽ هن پيپلز پارٽي کي سڌو سنئون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي احتساب جو ڍونگ رچايو، نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيا ۽ انهن مٿان سخت مصيبتون شروع ٿيون. پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن مٿان ڪيس داخل ٿيا، هڪ رٽائر ڀٽو دشمن جج جسٽس مولوي مشتاق کي ڦل بئنچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنهن 18 مارچ 1978ع تي اٽڪل ڇهه مهينا ڪيس هلائي ڀٽو صاحب کي سزائي موت ڏني. ڪيس هلڻ واري عرصي ۾ چيف جسٽس ۽ ڀٽو صاحب ۾ جهڙپ ۽ بحث به ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ڪنهن به قانوني دليل کي تسليم ڪو نه ڪيو ويو. شروع ۾ ڀٽو صاحب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي حق ۾ ڪو نه هيو ۽ عوامي درعمل ڏانهن انتظار ڪرڻ لڳو پر بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ وڪيلن جي ان دليل تي اپيل داخل ڪيائين ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ صوبي جا جج هيا ۽ سپريم ڪورٽ ۾ مختلف صوبن جا جج آهن، اتي هر حال ۾ انصاف ملندو 25 مارچ 1978ع تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي پر جيئن ته ڀٽو صاحب جي وڪيلن ۽ حڪومت ڪيسن کي گهڻي ڊيگهه ڏني تنهن ڪري ڀٽو صاحب کي انصاف ڏيندڙ ٻن ججن کي رٽئرمينٽ واري مرحلي مان گذرڻو پيو. نتيجي ۾ نون ججن مان ستن ڄڻن ڪيس هلايو ۽ اپريل 1978ع کان هلندڙ ڪيس 7 فيبروري 1979ع تائين هليو ۽ هڪ صوبي جي چئن ججن ڀٽو صاحب جي اپيل رد ڪئي جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد صوبي سان لاڳاپيل ٽن ججن اپيل منظور ڪندي ڀٽو صاحب کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. نظرثاني جي اپيل ساڳي عدالت ۾ داخل ڪئي وئي جيڪا به 24 فيبروري 1979ع تي رد ڪئي وئي، ان وچ ۾ صدر پاڪستان چوڌري فضل الاهي کان به استعيفا ڏياري وئي ڇاڪاڻ ته هن ڦاسي واري سزا تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيو. هاڻي ڀٽو صاحب کي مليل تمام سهولتون واپس وٺي اٽڪل ڇهن فٽن واري سزائي موت جي قيدين واري ڪال ڪوٺڙي ۾ فرش تي سمهڻ لاءِ مجبور ڪيو. 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڀٽو صاحب کي ڦاسي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ رکڻ جو مقصد هيو ته کيس تمام گهڻيو اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون وڃن ته جيئن هو مجبور ٿي معافي لاءِ درخواست ڏئي، ڀٽو صاحب کي علاج جي سهولت کان محروم رکيو ويو. دنيا جي هيڏي وڏي ليڊر ۽ امير گهراڻي جي فرد کي هر طرح جون تڪليفون ڏنيون ويون، ڀٽو صاحب جيل جي ماني ڪو نه کائيندو هيو ست رشي طعام کائيندڙ ڪيترا ڏينهن بک تي رهيو سندس جسماني حالت به ڪمزور ٿي وئي هئي. جسم تان گوشت به گهٽجي ويو هيو. دنيا جي هوائن ۽ موسمن ۾ گردش ڪندڙ عظيم انسان موت جي ڪوٺڙي ۾ هڪ هنڌ فرش تي سمهڻ ڪري تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هيو. سندس جسم ٿڪجي پيو هيو، اکيون به ڪمزوري ۾ هيڻائپ ظاهر ڪن پيون، ڪمري ۾ جيت جڻيا ۽ ڪيڙا مڪوڙا هيا، سڄي عمر عطر ۽ خوشبو وارن بسترن تي سمهڻ وارو اميراڻو ٻار بدبودار ڪمري ۾ بند هيو، هن کي ساهه ۾ تڪليف هئي. دنيا جا وڏا روشندان ۽ فانوس لڳل ڪمرن ۾ آرام ڪندڙ انسان هڪ اونداهه ڪوٺڙي ۾ وقت گهاريندو هيو. سندس اونداهي ڪمري اڳيان کليل ميدان ۾ فوجي ڪئمپ هئي، ڪمري مٿان جهمپ ڏنا ويندا هيا، کيس ننڊ نه ڪرڻ ڏني ويندي هئي، هڪ ڏينهن ٽن پاليل قيدين کي سندس ڪمري ۾ موڪلي تشدد ڪيو ويو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر ڦاسي جي ڪوٺي ۾ هارائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو هڪ اهڙي لوهه جو ٺهيل انسان هيو جيڪو ڪنهن به گرمي يا تپش سان پگهلجي نه سگهيو، ظالمن اهو چاهيو ته ڀٽو صاحب کي سياسي موت مارجي پر ڀٽو صاحب سنڌ جي صحرا جو ڄاول فرزند هيو هن ڪنهن به محاذ تان زندگي ۾ هار ڪو نه مڃي هئي ۽ هار جيت لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيندو هيو، اهو ڀلا ڪيئن ٿو تڪليفن سبب هار مڃي. 30 اپريل تي هماليا جهڙي هن انسان پنهنجي پياري زال محترمه نصرت ڀٽو ۽ پياري ڌيءُ بينظير ڀٽو صاحبه سان آخري ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا ڪتاب، سگار ۽ ٻيو سامان واپس ڪيو، رات جو هڪ کان ٻي وڳي تائين ڀٽو صاحب پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙي ڦاسي لاءِ تيار ٿي ويو. هن جوڌي جوان وڏي حوصلي سان ڦاسي گهاٽ ۾ ڏينهن گذاريا جنهن جو سندس مخالفن پڻ اظهار ڪيو آهي. هو موت کان ڪين ڊنو ۽ وڏي حوصلي سان شهادت جو جام پي امر ٿي ويو. ڀٽو صاحب جي ڦاسي بابت هڪ راءِ ڪونهي، ڪنهن جو چوڻ آهي ته ڀٽو صاحب کي شام جو ڦاسي واري ڪوٺيءَ ۾ تشدد ڪري هلاڪ ڪيو ويو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. 4 اپريل 1979ع جي صبح جو شهيد ڀٽو کي فوجي نگراني ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو واري اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ڀٽو صاحب تي تاثر لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته قائد عوام شهيد ڀٽو در اصل تاريخ جو شاگرد هيو ۽ هو تاريخ ۾ هيرو رهڻ پسند ڪندو هيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس سياست ۽ حڪومتي انداز ٻين عام رواجي سياستدانن کان مختلف رهيو. سال 1971ع ۾ منهنجي سياسي استاد عبدالوحيد ڪٽپر صاحب خاص ڪچهري ۾ ٻڌايو ته ڀٽو صاحب هڪ دفعي پاڻ سٺي موڊ ۾ ويٺو هيو هو جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته رات جو المرتضيٰ تي ڪچهري لاءِ ڪٽپر صاحب، عبدالرزاق سومرو صاحب، سردار پير بخش ڀٽو صاحب کي گهرائي پيئڻ پيئارڻ واري ڪچهري کان علاوه پروگرام، حال احوال، بحث مباحثا به ڪندو هيو، ڀٽو صاحب تاريخ تي بحث ڪندي ڪٽپر صاحب کي ٻڌايو ته مان پنهنجو موت بستري تي بيمار انسان جي حيثيت ۾ ڏسڻ نه ٿو چاهيان ۽ مان اهڙو موت چاهيان ٿو جنهن وسيلي تاريخ ۾ مون کي خوبصورت لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ۽ منهنجو اولاد جيڪڏهن ڪٿي به وڃي ۽ اهو ظاهر ٿئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو اولاد آهي ته ماڻهو انهن جو آڌرڀاءُ عزت احترام وچان اٿي بيهي ڪن. ٻيهر شيخ مجيب الرحمان سان بنگلاديش ٺهڻ کان اڳ آخري ملاقات بابت پنهنجي ڪتابThe Great Tragedy ۾ اظهار ڪيو آهي، شيخ مجيب پاڻ ڀٽو صاحب کي چيو ”اسان ڪنهن به ٺاهه تي ڪو نه پهتا آهيون ۽ هاڻي فوجي جنرل مون کي قتل ڪري ڇڏيندا پر ڀٽو صاحب مون کان پوءِ هو اوهان کي به قتل ڪندا، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ مٿان عوامي حاڪميت ڏسڻ ڪو نه ٿا چاهين.“ ڀٽو صاحب اتي به شيخ مجيب کي اهو جواب ڏنو ته ”مان تاريخ جو شاگرد آهيان ۽ مان اهڙي موت کي ترجيح ڏيندس ته مون کي ماري منهنجو لاش گهوڙن جي پيرن ۾ ٻڌي گهليو وڃي پر مان تاريڪيءَ ۾ مرڻ پسند نه ڪندس“ اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو صاحب سڀ ملڪي ۽ عالمي فيصلا تمام جلد ڪيا. هو جيل جا ٻه سال ۽ مصيبتون پنهنجي حوصلي ۽ صبر سان سهندو آهيو. هر هڪ گهاءُ پنهنجي سيني تي برداشت ڪيو. جيل ۾ طبعي موت مرڻ بدران بکون ڪاٽيون ۽ ان گهڙيءَ جو انتظار ڪيو ته ڪڏهن ٿا کيس جابر پنهنجن هٿن سان قتل ڪن. سنڌي روايتن مطابق هو هڪ ضدي سنڌي وڏيرو هيو جيڪو پنهنجي انا کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪندو آهي. ڀٽو صاحب کي مڪمل طرح ڄاڻ هئي ته فوجي جنرلن جو هڪ ٽولو ۽ اسلامي اتحاد جون پرڏيهي مخالف قوتون ڀٽو صاحب کي زنده ڪو نه ڇڏينديون ڇاڪاڻ ته هن مصر جي جمال الناصر، انڊونيشيا جي بابائي قوم صدر ڊاڪٽر احمد سوئيڪار نو ۽ پنهنجي ٽين هم خيال دوست سعودي عرب جي شاهه فيصل جو حشر پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو، ڀٽو صاحب پاڻ ذهني طرح به اهڙي موت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هيو ۽ هن مقابلو ڪري موت کان جابرن کي شڪست ڏني. هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پڻ اعلان ڪندي چيو هيو ته ”مان حيرت ۾ وجهي ڇڏڻ جي صلاحيت رکان ٿو ۽ هڪ ڏينهن سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندس، هاٿين کي خبر ناهي ته اسان ريگستان جا ماڻهو ڪهڙي ڌاتو مان جڙيل آهيون.“ ڀٽو صاحب آخري ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ لڳاتار ٽي ڏينهن خطاب ڪندي غير جمهوري حڪومتن جي وڏي حمايتي وڪيل اي ڪي بروهي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو هيو ته ”مان سنڌ جو دودو آهيان، مان مومل ماڻيندس مان راڻو آهيان،“ اهو به کلم کلا ڀٽو صاحب جو اعلان ته ”وقت ٻڌائيندو ته ڪير ڪامياب ٿيو ۽ آخري مسڪراهٽ ڪير ماڻيندو“ ظاهر ڪري ٿو ته هن جيئري ئي ڦاسي جي ڦندي کي چمي ڏني هئي، ڀٽو صاحب دنيا جو پهريون اڳواڻ آهي جنهن لاءِ اٽڪل 27 ماڻهن پاڻ کي زندهه جلايو ۽ ڦاسي تي چاڙهيو، دنيا ۾ ڪنهن به اڳواڻ جي موت بعد سندس ڪنهن به چاهيندڙ پاڻ ڪو نه ساڙيو پر شهيد ڀٽو لاءِ ائين به ٿيو. شهيد ڀٽو دنيا جو اهو ليڊر آهي جنهن جي حمايتن کي صرف ”جيئي ڀٽو“ جي نعري هڻڻ ڪري 15 ڪوڙا لڳن پيا ته زنا ڪندڙ کي به اوترا ڪوڙا پيا لڳن پر سندس چاهيندڙ هر ڪوڙي تي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. سندس حمايتن کي ڦاسي به ڏني وئي پر هنن ڦاسي ڏانهن ويندي به ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا پئي لڳايا. در اصل ”جيئي ڀٽو سدا جيئي“ ڪير جيئي ڀٽو جيئي“ سو کير پيئي ڀٽو جيئي“ جا نعرا ٻارڙن، جوانن، عورتن، پوڙهن جي زبان تي جهونگاريندڙ گيت بڻجي ويو. جهنگ جر، ڳوٺ واهڻ، شهر هوٽل ۾ هر هنڌ ”جيئي ڀٽو“ جو نئون گيت مقبول هيو. هي نعرو غريبن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. ڀٽو صاحب کي خبر هئي ته جيڪڏهن هن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آڻ مڃي ته پوءِ ٽين دنيا، عالم اسلام ۽ لاطيني دنيا جو غريب عوام ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ”ڀٽو“ تي اعتبار ڪو نه ڪندا. ڀٽو صاحب ملڪ جي غريب سان دوستي پنهنجي خون جي ريٽي رت ڏئي قائم ڪئي آهي. ڀٽو صاحب جي اهڙي دوستي کي ڪا به ٽينڪ يا توب ٽوڙي نه ٿي سگهي، ڀٽو صاحب ايندڙ ٻن صدين تائين ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪندو. پهريان به زندگي ۾ ڀٽو صاحب غريبن لاءِ هڪ پارس هيو ۽ شهادت بعد به ديوتا آهي. اڄ به ماڻهو کيس ياد ڪري روئيندا آهن ته ڪاوڙ ۾ سندس دشمنن مٿان غصي ۾ به ايندا آهن. ڀٽو صاحب هڪ پارس هيو جيڪو ان کي لڳو اهو سونو ٿي ويو. ڀٽو صاحب دوستن جو دوست ۽ مخالفن جو مخالف هيو، وٽس محبت به انتها جي هئي ته نفرت به انتها جي هئي پر سندس محبت ڪندڙ به انتها تائين ۽ کانئس نفرت ڪندڙ به انتها تائين هيا. ڀٽو صاحب جي دوستن مان ساڻس گهڻو ڪري ڪنهن به وفا نه ڪئي ۽ اهي هاڻي زندگي ۾ هيري مان زيرو ٿي ويا آهن، سندس مخالفت ۾ پاڪستان جي گهڻو ڪري تمام سياستدانن جنرل ضياءُ الحق جو ساٿ ڏيندي ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏياري ڇاڪاڻ ته هو زنده ڀٽو کان سياسي ميدان ۾ ڪڏهن به کٽي ڪو نه سگهيا، ڀٽو صاحب زندگي ۾ به انهن تمام سياستدانن کان وڏو هيو ۽ شهادت بعد به قبر ۾ انهن کان سياسي آسمان جي بلندين تي آهي. 51 سالن جي هن عالمي اڳواڻ لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن مان رحم جون اپيلون آيون. وڏن حاڪمن بادشاهن عالمي طاقتن، ادارن اپيلون ڪيون پر پاڪستاني سياستدانن ڪا به رحم جي اپيل نه ڪئي. مان سمجهان ٿو ته انهن ۽ هڪ فوجي ٽولي ڀٽو صاحب کي شهيد ڪري ڀٽو صاحب کي ڪو به نقصان نه پهچايو پر انهن هن قوم ۽ ملڪ کان هڪ دلير، مجاهد عالمي رهبر ۽ قوم جو مقدر تبديل ڪندڙ اڳواڻ کسي ورتو، ڀٽو صاحب انهن انسانن مان هيو جيڪي پنهنجي خدا داد صلاحيتن سبب قومن کي هڪ طرف کان موڙي رخ ٻئي طرف ڪرڻ ڄاڻيندا آهن ۽ قومن کي هڪ جمپ ذريعي هڪ سئو سال ترقي جي ميدان ۾ اڳتي وٺي ويندا آهن. ڀٽو صاحب جي زندگي فرانس جي اڳواڻ نيپولين بونا پارٽ سان ملي ٿي. ٻئي وطن پرست، قومپرست هيا، گهڻ پاسائين شخصيت هيا، تاريخ ۾ ٻئي امر آهن، ٻنهي شديد ترين محبتن ۽ نفرتن کي جنم ڏنو، ٻنهي جي مرڻ بعد ملڪ جي انقلابين کي احساس ٿيو ته ڳڙهي خدا خش ڀٽو ۾ ڄاول ريگستاني انسان ڀٽو ۽ ڪوريسڪا جي بيابانن ۾ ڄاول نيپولين قومي ترقي لاءِ ڪيتري اهميت رکن پيا. هنن شڪست کاڌل قوم کي خوشحال معاشري ۾ تبديل ڪيو. نيپولين ڪوريسڪا جي بيابان ۽ ڀٽو صاحب ڳڙهي خدا بخش جي واهڻ يا ڳوٺ کي عالمي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. ٻنهي کي عزت مجروح ڪندڙ قيد ۾ رکيو ويو، سندن دوستن آخري ڏينهن ۾ دوستي وارو ڪردار ادا نه ڪيو. ٻنهي جيل ۾ رهي به قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ جا پيغام ڏنا، ٻنهي جيل مان ڪتاب لکيا جيڪي سندن مرڻ بعد شايع ٿيا. ڀٽو صاحب نيپولين بونا پارٽ کي تمام گهڻو پسند ڪندو هيو، ڀٽو صاحب سان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به ساٿ نه ڏنو ليڪن سندس وفادار زال بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ پياري ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان شهيد ڀٽو لاءِ قيد مان به وڙهنديون آيون پر قيد ۾ بند هر سهولت کان محروم قيدياڻيون ڇا ڪري پيون سگهن؟ هن ڪائنات ۾ قدرت انسان کي ويسر ڏني آهي اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي ويجهي ۽ پياري عزيز کي به مرڻ بعد وساريو ڇڏن ٿا. پر ڀٽو صاحب کي اڄ به ماڻهو سڪ وچان ياد پيا ڪن. تاريخ هر هڪ سان انصاف ڪندي آهي ”والٽيئر“ جي دفن ڪرڻ مهل ڪو به فرينچ پادري تيار نه هيو پر جڏهن ٽيهن چاليهن سالن بعد سندس تابوت پروشيا مان فرانس آندو ويو ته هو قوم جو ”هيرو“ ٿي چڪو هيو. تاريخ والٽيئر کي به زندهه قرار ڏنو آهي، آمريڪا ۾ ڦاسي تي چڙهندڙ جوڙي روز نبرگ کي به تاحيات عزت ڏني آهي، تاريخ ڀٽو شهيد سان انصاف ڪيو آهي ۽ کيس اڄوڪي دور جو مخدوم بلاول شهيد ۽ سقراط سڏيو آهي. ايندڙ دور ۾ تاريخ شهيد ڀٽو لاءِ دنيا جي قومن ۾ سچ جي پانڌيئڙن، عوام جي آزادي، ڏاڍ ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪندڙ، بک، جهالت، بيروزگاري ۽ مفلسي کان نجات چاهيندڙ غريب ۽ غلام قومن جي زبانن تان پابندي ۽ خاموشين جا تالا ٽوڙيندڙ، حقن لاءِ اٿندڙ، هٿن مان مجبوري جا زنجير ٽوڙيندڙ بهادر دلير ۽ حوصله مند ”ديوتا“ جو خطاب لکي رکي ڇڏيو آهي. هڪ دور ايندو جڏهن مسلم دنيا، ايشيا، آفريڪا، ٽين دنيا ۽ لاطيني آمريڪا جون مظلوم قومون پنهنجي روشن مستقبل ۾ ڇوٽڪاري لاءِ شهيد ڀٽو جي ٻاريل مشعل مان ڏيئا ٻاري اونداهي کي ختم ڪرڻ لاءِ روشني سان گس گهيڙ، پنڌ پيچرا، رستا رانهون ڳولي منزل ماڻيندا، ڀٽو صاحب مڪمل طرح سان انسان هيو ۽ پهريون پاڪستاني اڳواڻ يا سياستدان هيو جنهن کي تاريخ، علم، ادب، فن، هنر، ثقافت، فلم، راند، سائنس، قانون، موسيقي، زراعت کان علاوه عالمي معاملن تي وسيع ترين ڄاڻ هئي. هو تاريخ جي حوالي سان ملڪن ۽ براعظم ۾ ايندڙ ويهن يا پنجاهه سالن بعد ٿيندڙ تبديلين بابت پيش گوئي ڪندو هيو ۽ سندس پيشن گويون سچ ثابت ٿيون. هو هڪ ڪلاسيڪل طبيعت، جديد سوچ، محبت ڪندڙ، سچ جو ساٿاري، فيصلي جي قوت رکندڙ اڳواڻ هيو. ڀٽو صاحب پهرين شادي پنهنجي خاندان ۾ محترمه امير شيرين بيگم سان سال 1940ع ۾ ڪئي، جڏهن سندس عمر صرف 12 سال هئي. پهرين زال مان کيس ڪو به اولاد ڪو نه هيو، ٻي شادي 5 سيپٽمبر 1951ع تي ايران جي هڪ نامياري پارسي واپاري مرزا محمد اصفحاني جي ڌيءُ نصرت اصفحاني سان ٿي، بيگم نصرت صاحبه جيس اينڊ ميري ڪائونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس هئي، ڀٽو صاحب کي تاريخ 12 جون 1953ع تي ڌيءُ بينظير ڀٽو صاحب، 18 سيپٽمبر 1954ع تي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو صاحب، 24 آگسٽ 1956ع تي ڌيءُ صنم ۽ 21 نومبر 1958ع تي پٽ شاهنواز ڀٽو ڄائو. مددي ڪتاب: زلفي ڀٽو هز لائيف اينڊ ٽائيمس آف پاڪستان، ڊاٽر آف ايسٽ، شهاب نامه، جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو. دي گريٽ ٽريجڊي، ريشيپنگ فارن پاليسي، ڪيترا ڪتاب رسالا ۽ لائبريريون شامل آهن. ممتاز علي ڀٽو مسٽر ممتاز علي ڀٽو صاحب تي تفصيل سان لکڻ کان اڳ سندس خانداني پس منظر جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ ضروري آهي، سندس پڙ ڏاڏو سنڌ جي نوابن ۽ سردارن ۾ ڀٽو خاندان جو نالو پيدا ڪرڻ واري شخصيت سردار دودا خان ڀٽو آهي. سردار دودا خان ڀٽو جي اولاد ۾ ئي نوابي، سرداري ۽ سياست جون شاخون قائم آهن. سردار دودا خان ڀٽو کي ٽي پٽ هيا جنهن مان هڪ امير بخش خان ڀٽو، ٻيو خدا بخش خان ڀٽو جنهن پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڳوٺ جو بنياد وڌو. خدا بخش خان ڀٽو کي غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جنهن مان سر شاهنواز ڀٽو ۽ وري ان مان ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو گهراڻو آهي. ٽيون پٽ الاهي بخش خان ڀٽو هيو. جنهن مان ٻه پٽ هڪ واحد بخش خان ۽ ٻيو نبي بخش خان ڀٽو آهي. ڀٽو قبيلي جي سرداري سردار واحد بخش خان پوءِ سردار پير بخش خان ڀٽو صاحب وٽ آهي. نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي ٽي پٽ ٿيا هر هڪ غلام مصطفيٰ خان، ٻيو معشوق علي خان ۽ ٽيون ممتاز علي خان ڀٽو صاحب آهي. ڀٽو خاندان ۾ ٻن سوٽن برصغير هند جي سياست ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ سنڌ کي سياسي لاڙن ڏانهن وٺي ويا. سنڌ انهن ٻنهي سوٽن جي ڪارنامن ۽ ڪاميابين تي فخر ڪري ٿي. ٻئي سوٽ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ان وقت هند ۽ سنڌ جي سياست جا رهبر ۽ راڻا هيا. هر محاذ ۽ هر اليڪشن ۾ ڪامياب حڪمت عملي سبب سوڀ سندس مقدر هئي. نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي جو به مختصر جائزو ڏيڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ان بعد اهو ثابت ٿيندو ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب وانگر جناب ممتاز علي ڀٽو صاحب کي به سياست ورثي ۾ ملي آهي. نواب نبي بخش خان ڀٽو نواب هوندي به طبيعت جو سٻاجهڙو، سچو، نيڪ ۽ شريف انسان رهيو. زميندار هوندي به ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکويائين، ڪنهن سان به تکو نه ڳالهايائين گهٽ ڳالهائڻ ۽ وري خاموش طبيعت جو مالڪ، صاف ڪردار، وعدي جو سچو، پڪو انسان، سياست جي ميدان ۾ قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي، ڪڏهن به سياسي عهدي مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪيو. نواب نبي بخش خان ڀٽو جي سياسي سرگرمين کان اڳ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته پاڻ سنڌ جو واحد ناقابل شڪست سياستدان رهيو آهي. هو پنهنجي شان شوڪت مقبوليت ۽ عروج جي زماني ۾ ئي سياست تان رٽائر ٿيو، پوءِ وري اڄ ڏينهن تائين سياست واري رستي ڏانهن مڙي به نه ڏٺائين. نواب صاحب ضلعو لاڙڪاڻو لوڪل بورڊ جو صدر، چار سال کن بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ڏهه سال کن سينٽرل اسيمبلي جو ميمبر، ڏهه سال سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو پر ڪڏهن به وزارت يا ڪو خطاب نه ورتائين. ڪڏهن به پارٽي نه مٽايائين. هن ان وقت جي ناقابل شڪست سنڌ جي مرد آهن سياستدانن جهڙوڪ مسٽر محمد علي جناح، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ قاضي فضل ا﷢ صاحب کان اليڪشن ۾ مقابلا ڪري فتح ماڻي. پاڻ 33-1934ع ۾ انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب پاران ضلعي لوڪلبورڊ جي صدارت ڇڏڻ بعد ان عهدي لاءِ نواب صاحب ۽ خانبهادر کهڙي جي وچ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سڄي سنڌ جي نوابن، سردارن، جاگيردارن ۽ سياست کي لوڏي ڇڏيو پر آخر نواب نبي بخش خان ڀٽو ڪاميابي ماڻي. مرڪزي اسيمبلي جي ٻن خالي سيٽن لاءِ ٽي اميدوار شيخ عبدالمجيد سنڌي، نواب صاحب ۽ سر عبدا﷢ هارون بيٺا، جڏهن ته ووٽ سڄي سنڌ کي ڏيڻو هيو. سر عبدا﷢ هارون ته اڳ اسيمبلي ميمبر رهڻ ڪري ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي خلافت تحريڪ يا سنڌي مسلمانن جي ترجمان اخبار الوحيد جي ايڊيٽر ڪري گهڻا مشهور هيا پر مقابلي ۾ سڄي سنڌ اول نمبر ووٽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ۽ ٻئي نمبر سر عبدا﷢ هارون کي ڏئي ڪامياب ڪيو. رتوديرو ميرو خان تڪ واري سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تي نواب صاحب ان وقت جي مقبول ۽ هر دلعزيز سياستدان قاضي فضل ا﷢ مرحوم کي شڪست ڏني. هي دور اهو هيو جڏهن سرڪاري پارٽي، ڪانگريس پارٽي ۽ محمد علي جناح جي انڊپينڊنٽ پارٽي ميدان ۾ سرگرم هيون ڇاڪاڻ ته جناح صاحب جي مسلم ليگ اڃا قائم نه ٿي هئي. ان وقت انگريز سرڪار جي راڄ ۾ به نواب صاحب هندستان جي ريلوي صلاحڪار ڪميٽي ۽ مرڪزي صلاحڪار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ سرڪاري پارٽي ۽ جناح صاحب جي پارٽي کان سوڀ ماڻي. هن دور ۾ پارٽي جا قائد ۽ سينيئر اڳواڻ ميمبر ٿيندا هيا، جڏهن ته نواب صاحب جو ڪنهن پارٽي سان واسطو به نه هيو. نواب نبي بخش خان جون سياسي طرح همدرديون ڪانگريس پارٽي سان هونديون هيون. اهڙي ئي ناقابل شڪست سياستدان نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي تاريخ 29 نومبر 1933ع تي ميرپور ڀٽو ڳوٺ ۾ هڪ سهڻو پٽ ممتاز علي ڀٽو صاحب ڄائو. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، پوءِ والد صاحب کين هندستان جي شهر مصوري ۾ تعليم ڏياري، جناب ممتاز علي ڀٽو سال 1959ع ۾ لنڪس ان يونيورسٽي لنڊن مان بئريسٽر ۽ پوءِ سال 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. اباڻي ڳوٺ واپس اچڻ بعد هو صاحب پنهنجي زمين سنڀالڻ ۾ مصروف ٿي ويو. کيس شڪار ڪرڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هيو ڇاڪاڻ ته ڀٽو خاندان جا تمام سربراهه دعوتن، شڪار ۽ مهمان نوازي ۾ سنڌ اندر پنهنجي مقام رکندا هيا. ان دور ۾ وڏن نوابن، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن يا سندن اولاد جو پسنديده شوق شڪار ڪرڻ هوندو هيو پر ممتاز علي ڀٽو صاحب کي اهو شوق وڏي جنون جي حد تائين هيو. هو جهنگل ۾ ڪچي جي ظالم جانور سوئر جو شڪار وڏي شوق سان ڪندو هيو. وٽس اعليٰ شڪاري ڪتن جا ٽولا هوندا هيا. سوئر تي حملو ڪندو هيو پاڻ سنڌ جي دلير روايتي وڏيري جي طبيعت رکندڙ نوجوان هيو. سندس اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، رعب ۽ دٻدٻي واري شخصيت مان سنڌ جو ٺيٺ وڏيرڪو پڻ ظاهر ٿيندو آهي. ڪيٽي ڀٽو ۾ سندس ڪيتريون ئي شڪار لاءِ ڍنگرن جون پيهيون ۽ اوطاقون ٺهيل هونديون هيون. هن دور ۾ پاڻ هڪ سرگرم يارن دوستن جو وڏو حلقو رکندڙ نوجوان وڏيري جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هيو. سندس نوجوان سوٽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت سياست ۽ حڪومت جي ايوانن ۾ پاڻ مڃائي چڪو هيو. سال 1956ع ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي صدر جنرل محمد ايوب خان اليڪشن ڪرايون، ان وقت ملڪ ۾ پي ڊي سسٽم هيو ۽ قومي اسيمبلي جي سڌو سنئون چونڊ ڪو نه ٿيندي هئي. ان وقت جي وزير خارجه پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اليڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀٽو صاحب پنهنجي نوجوان بئريسٽر سوٽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو کي پاڻ سان سياست ۾ ٻانهن ٻيلي ڪندي ميدان ۾ آندو. 5 مارچ 1965ع ۾ 22 سالن جي عمر ۾ممتاز علي ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. جڏهن ڀٽو صاحب جا صدر جنرل محمد ايوب خان سان تاشقند معاهدي تي اختلاف ٿيا ۽ هن وزارت خارجه تان استعيفا ڏني تڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب پهريون دفعو قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور تقرير ڪندي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. ان دور ۾ سندس قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تاريخي تقرير کي هڪ ننڍي ڪتابچي ”اوندهه ۾ آواز“ جي عنوان سان شايع ڪرايو ويو. جڏهن جناب ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ 30 نومبر 1967ع تي پنهنجي الڳ سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، تڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب کي پيپلز پارٽي جي باني ميمبر، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر کان علاوه پارٽي جي چئن اصولي ڪميٽي جي ميمبر مان هڪ هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ڀٽو صاحب سيپٽمبر 1968ع کان جنرل محمد ايوب خان صاحب خلاف جمهوري جدوجهد جو آغاز ڪيو ته هو به هن تحريڪ ۾ ٻانهن ٻيلي هيو ۽ پيپلز پارٽي جي قائد ڀٽو صاحب سان 13 نومبر 1968ع تي پڻ ڊي پي آر تحت گرفتار ٿيو پوءِ چٽگانگ، ڍاڪا ۽ مري جي جيلن ۾ قيد رهيو. تاريخ 17 ڊسمبر 1970ع جي پهرين عوامي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن تان سنڌ جا ٻه اڳوڻا وزيراعليٰ ۽ مرد آهن. دوست خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل ا﷢ صاحب اميدوار بيٺا، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ ٻه نوجوان سوٽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو آمهون سامهون هيا. مسٽر ممتاز علي ڀٽو هن مقابلي ۾ قاضي صاحب کي تاريخي عبرتناڪ شڪست ڏني. مرڪز ۾ مغربي پاڪستان اندر پيپلز پارٽي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ اڪثريت حاصل ڪئي ته پوءِ شيخ مجيب الرحمان صاحب سان مذاڪراتي ٽيم ۾ پ پ پاران مسٽر ممتاز علي ڀٽو پڻ ڪميٽي جو ميمبر هيو. مذاڪرات دوران شيخ مجيب صاحب پاران ڇهه نڪاتي پروگرام ۽ صوبائي خودمختياري بابت ڳالهين مان ممتاز ڀٽو صاحب کي گهڻو تجربو ٿيو ۽ هن خودمختياري جو ويجهو جائزو ورتو. جڏهن ڊسمبر 1971ع ۾ ڍاڪا جي شڪست بعد مشرقي پاڪستان الڳ ملڪ ٿي ويو تڏهن مغربي پاڪستان ۾ اقتدار پيپلز پارٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽو صاحب تڏهن مغربي پاڪستان ۾ اقتدار پيپلز پارٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽو صاحب پنهنجي ”ٽيلينٽيڊ ڪزن“ ممتاز ڀٽو صاحب کي سنڌ صوبي جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو. هن 24 ڊسمبر 1971ع تي سنڌ جي گورنر ۽ چيف مارشل لا اينڊمنسٽريٽر جو حلف کنيو. پهريون ڀير پاڪستان جي حڪومتي سياست ۾ نوجوان قيادت کي صوبن جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو ويو. سياست ۾ نوجوان قيادت کي صوبن جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾ ممتاز صاحب کان علاوه ملڪ غلام مصطفيٰ کر گورنر پنجاب ۽ حيات محمد خان شير پائو گورنر سرحد مقرر ٿيا. عارضي طرح سان صدارتي نظام هلائڻ بعد تمام پارٽين پارليامينٽري آئين ٺاهيو جنهن موجب پهرين مئي 1972ع تي پاڻ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ حلف کنيائين. بحيثيت وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو صاحب جي شخصيت هڪ بهترين ۽ ڪامياب انتظامي سربراهه جي اڀري. سندس دور حڪومت ۾ مرڪز ۾ ٿيندڙ ڀٽو صاحب جي انقلابي فيصلن کي عمل ڪرائڻ شامل هيو. جڏهن ڀٽو صاحب ليبر اصلاحات نافذ ڪيا ۽ ڪارخانا سرڪاري تحويل ۾ ورتا تڏهن ڪارخانيدارن پاران ڪراچي ۾ رد عمل طور من پسند پاڪيٽ يونين وسيلي مزدورن جي نالي تي هڙتالون ڪرائڻ، تالا بندي ۽ جلوس مظاهرا روزانو جو معمول ٿي ويو. مقصد حڪومتي مشينري کي ناڪام بڻائي ثابت ڪرڻ ته سرڪاري تحويل ۾ ڪارخانا هلي نه سگهندا پر ممتاز علي صاحب پنهنجي اعليٰ ذهانت ۽ فيصلي جي قوت سبب وڏا سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪري قدم کڻي ان سازش کي ناڪام بڻايو. سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري دفتري ٻولي جو بل اسيمبلي کان پاس ڪرايو ته اردو پريس ۽ نواب مظفر حسين خان جي پارٽي پنجابي پٺاڻ مهاجر محاذ پاران هڙتالون جلسا جلوس ڪڍيا ۽ تشدد واقعا پيش آيا. هن صاحب انهن بحرانن کي به وڏي جرئت سان منهن ڏنو ۽ سنڌي ٻولي بابت اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيائين ته ”سنڌ لاءِ هڪ سر ته ڇا پر ڏهه سر به قربان آهن.“ پوءِ کيس ”ڏهيسر سنڌ“ جو خطاب ڏنو ويو. هن صاحب سنڌ جي انتظامي مشينري کي حڪمن جو پابند ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجا دروازا کولي رکڻ جا حڪم ڏنا. جيڪڏهن ڪنهن به ڪاموري حڪم نه مڃيو ۽ غريبن شڪايت ڪئي ته ڪامورو هڪدم بدلي ٿي ويندو هيو نه صرف ايترو پر اهڙن بيورو ڪريسي جي بادشاهن کي سنڌ مان بدلي ڪري ٻين صوبن جي ننڍن شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي صاحب ضلعي امن امان قائم ڪرڻ جا ذميوار هوندا هئا. ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ ٻهراڙين جا دورا ڪري کليل ڪچهريون لڳائي عوام جا مسئلا حل ڪندو هيو پوءِ ڪنهن به ڪاموري جي مجال هئي جو ڪو غلط عوام دشمن قدم کڻي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي. سندس دور ۾ ڪامورا حاڪم نه پر خادم جو ڏيک ڏيندا هيا. اڄ جي دور وانگر ائين ڪو نه هيو ته وزيراعليٰ ۽ ٻين وزيرن جا حڪم نه مڃيا وڃن ۽ وزير صاحب ڪامورن کي فون تي عرض ڪندا وتن. ڪو به آرڊر ٿيو ته ان تي عمل ٿيندو. نوڪري لاءِ به هڪ دفعو نوٽ لڳو ته نوڪري ملي ويندي. سندس دور ۾ پارٽي جي ورڪرن جي وڏي عزت اهميت ۽ حيثيت هوندي هئي. ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺن جا مسئلا ته اتي جا ورڪر حل ڪرائيندا هيا. هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر روزانو آفيس کولي عوام جا مسئلا حل ڪندو هيو ۽ پارٽي جي آفيس اهنج دور آفيس هوندي هئي. پيپلز پارٽي جي ورڪر جي عزت ۽ شان جيڪو هن دور ۾هيو وري ڪڏهن نه نظر آيو. هن صاحب پنهنجي منصوبابندي سان سنڌ جي ڳوٺن کي گهڻي ترقي وٺرائڻ لاءِ ضلعي رابطا ڪائونسل ۽ پيپلز ورڪس پروگرام تي تمام گهڻي محنت ڪندي ٻهراڙي ۾ شعور وڌائڻ لاءِ مفت ريڊيا ورهائڻ، نلڪا لڳائڻ، روڊ رستا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، بجلي ۽ فون پهچائڻ لاءِ وڏو پاڻ پتوڙيو. ائين محسوس ٿيندو هيو ته ٻهراڙي جو غريب ماروئڙو ريڊيو فون، بجلي، رسي جي سهولت حاصل ٿيڻ سان رنگين دنيا جي شهري زندگي مان ڪجهه لاڀ ماڻيو. ٻهراڙي جو ماڻهو روزگار لاءِ شهرن ڏانهن آيو. سنڌ جو شهرن ۾ وڌيڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيا ۽ ڊاڪٽر جو تعداد وڌيو. غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتو. شهر ۽ ٻهراڙي جو عوام اڳ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هيا پر هاڻي ٻهراڙين پڻ شهرن جون سهولتون ماڻي ترقي جي سوچ ۽ رستو ورتو. ممتاز صاحب وڏيرو هوندي به ٻهراڙي جي ماڻهن سان پيار ڪيو. ڳوٺن کي اهميت ۽ ڳوٺاڻن کي عزت ڏني. هن بند ڪمري ۾ ويهڻ سرڪاري پروٽوڪول کي ڇڏي اٻوجهه سنڌين سان سڌو سنئون رابطو رکيو. وڏيرن ۽ ڪامورن پاران ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل غريب هارين نارين کي آزاد ڪري ڇڏيو. سخت ايڊمنسٽريشن ۾ ۽ صوبي جي انتظامي معاملن تي ڪنٽرول ڪري ڪامورا کيس پنهنجي وقت جو سخت گير حاڪم سڏيندا آهن. سندس ٻهراڙي جي عوام سان انتهائي گهڻي محبت جو مثال سال 1973ع ۾ سنڌ صوبي ۾ آيل ٻوڏ وقت نظر آيو. جيئن ته ان سال سنڌ ۾ وڏو سيلاب آيو ۽ سنڌ جا ڳوٺ ٻڏي ويا. ماڻهو پنهنجي جان بچائي درياهه جي ڪناري تي ويٺا. کين ڪجهه به هٿ نه آيو. ممتاز صاحب اهو سيلاب جو سڄو مهينو درياهه جي ڪناري تي ويٺل ماروئڙن وٽ وڃي گذاريو. صبح کان وٺي رات تائين ننڊ حرام ڪري ستايلن وٽ پهچندو هيو. سندس اهڙي طوفاني دورن ڪامورن جون ننڊون حرام ۽ حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. ڪيترا ڪامورا پاڻ گهر بدران درياهه جي ڪناري سمهندا هيا. ڪا به خبر ڪو نه هئي ته ڪهڙي وقت ممتاز صاحب پهچي ويندو. ممتاز صاحب جي هارين ۽ غريبن سان ايتري ته محبت هئي جو هو هر هنڌ سيلاب جي ستايلن لاءِ امداد جي نگراني ڪرڻ خاطر پاڻ پهچندو هيو. بند ٻڌڻ لاءِ پاڻ ڪوڏر هڻندو هيو. ننڊ آرام نه ملڻ ڪري سندس ڏاڙهي وڌي وئي هئي. هو سيلاب جي ستايلن بيوس ماروئڙن لاءِ هڪ ڇپر، ڇانو، آسرو، اميد، سهارو ۽ سرواڻ ٿي اڀريو اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کيس پنهنجي دلين ۾ جڳهه ڏني. شڪاري وڏيري بدران قابل احترام قومي هيرو بڻايو. هن کي هڪ غيرتمند ۽ سنڌ جي حقن جو محافظ يا ترجمان سياستدان سمجهڻ لڳا. پاڻ به هڪ مضبوط حوصلي وارو انتظامي سربراهه ثابت ٿيو. عام سنڌي نوجوانن کي لکن جي تعداد ۾ ملازمتون ڏنائين، سندس وڏ وزارت ۾ ڪراچي جي روڊن رستن تي سنڌي نظر اچڻ لڳا. هر هڪ دفتر ۾ سنڌي نوجوان ڳالهائيندو نظر آيو. ڪراچي اڳ سنڌين لاءِ اجنبي هئي پر سندس دور ۾ سنڌين جو شهر بڻجي ويو. جيئن ته ممتاز صاحب پنهنجي مرضي جو مالڪ انتظامي سربراهه هيو، تنهن ڪري پارٽي اندر سندس حمايت به گهڻي ۽ مخالفت به گهڻي هوندي هئي. اهو ئي سبب هيو جو سنڌ جي ڪجهه گادي نشينن ۽ رئيسن پاران هن جي مخالفت وڌي وئي. آخر انهن رئيسن وڏيرن کي خوش ڪرڻ لاءِ کانئس وڏ وزارت جو منصب تاريخ 19 آڪٽوبر 1973ع تي واپس ورتو ويو. وڏ وزارت ڇڏڻ جو ٻيو وڏو سبب سنڌي ماڻهن، قوم ۽ سنڌ جي حاڪميت وارو حق مرڪز کان مڃرائڻ هيو. هي ڳالهه به ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن ممتاز صاحب وڏ وزارت تان هٽايو ويو تڏهن اها هن جي زندگي ۾ پهرين هار هئي. کيس ڏک ته گهڻو پهتو پر وري به پنهنجي قائد ۽ پارٽي چيئرمين جو فيصلو قبول ڪندي خاموش رهيو، ڪا به تنظيمي خلاف ورزي ڪو نه ڪيائين. ممتاز علي ڀٽو صاحب وڏ وزارت ڇڏڻ بعد پنهنجو سياسي تجزيو ڪندي محسوس ڪيو ته پيپلز پارٽي ۾ به زندهه رهڻ لاءِ پنهنجو گروپ هجي اهو سوچي جڏهن هو ميدان ۾ آيو ته سنڌ جي پارٽي ورڪر ۽ غريب عوام سندس شاندار آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ تاريخ 30-31 ڊسمبر سال 1973ع پ پ سنڌ جو ڪنوينشن، هوشو باغ لاڙڪاڻو جو جلسو ۽ المنظر سئنيما لاڙڪاڻو ۾ پ پ ضلعي ڪنوينشن کان علاوه تاريخ 20 آڪٽوبر سال 1974ع تي لاڙڪاڻو اسٽيڊيم ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مان ۾ ڏنل آجياڻو جا نظارا سياسي ورڪرن کي ياد آهن. سندس احترام ۽ استقبال ۾ڪيترن منٽن تائين عوام تاڙيون وڄائي من موهيندڙ اڏر ڀاءُ ڪيو. انهن استقبالن ممتاز صاحب کي اقتدار کان ٻاهر اچڻ بعد محسوس ڪرايو ته ماڻهو کيس حڪومت ۾ چڱن ڪمن ڪرڻ بدلي ڪيترو چاهين ٿا. هي سندس شخصي استقبال هيو جنهن جو ڪو به اڳواٽ انتظام ڪو نه ڪيل هيو. ان بعد هن صاحب پنهنجي لاءِ شاگردن جي تنظيم سپاف (ممتاز گروپ) ٺاهي جنهن ۾ مان به سنڌ جو سينيئر وائيس چيئرمين هيس. شاگردن جي هن تنظيم سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪندي پيپلز پارٽي کي گهڻو پريشان ڪيو ڇاڪاڻ ته نوجوان شاگرد ۽ وري ممتاز صاحب جهڙو دلبر شخص هجي ته پوءِ هر هنڌ صرف سنڌ جا قومي مسئلا ئي موضوع بڻجي ويا. سال 1975ع ۾ هن کي وري وفاقي وزير مواصلات جو منصب مليو هتي به پاڻ ملهايائين. هن صاحب پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، ڪراچي شپ يارڊ، ڊاڪ، ٽيليفون ۽ ريلوي جي محڪمن ۽ اڳ سنڌ لاءِ مخصوص ملازمتن واري ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح اسلام آباد، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪئي، هزار سنڌين کي ملازمتون مليون ۽ گهر آباد ٿيا. هن صاحب مظلوم سنڌين کي حق ڏيارڻ لاءِ مرڪز ۾ ويهي دفاع ڪيو. پنهنجي وفاقي وزارتي دور ۾ سنڌين کي ايتريون ته گهڻيون نوڪريون ڏنيون جو اڄ ڏينهن تائين سندس رڪارڊ ڪنهن به وزير نه ٽوڙيو آهي. هن صاحب ريلوي پوسٽ آفيس ۾ ٽيليفون جون سهولتون سنڌ جي ڳوٺن تائين وڏي تعداد ۾ پهچايون. ريلوي جي وزارت دوران به هر اسٽيشن تي مسافرن لاءِ پاڻي، اسٽيشن ۽ ريل گاڏين ۾ صفائي، بجلي جو انتظام ۽ ريلوي انسپيڪشن انسپيڪٽر پارٽي پاران مقرر ڪيائين. سندن دور ۾ ريلوي محڪمي ۽ اصلاحات کي هر ڪنهن پسند ڪيو. جڏهن ريلوي ۾ خسارو ختم ڪرڻ بابت ڏنل وارننگ تي ٺيڪ نموني سان عمل ڪو نه ٿيو ته پاڻ ريلوي چيئرمين کي هٽايائين. جنهن سبب ان وقت سردار شوڪت حيات خان اپوزيشن اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي ۾ گهڻو ڳالهائيو پر ممتاز صاحب پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو آخر کانئس ريلوي جي وزارت واپس ورتي وئي. 7 مارچ سال 1977ع واري اليڪشن ۾ هڪ دفعو وري ممتاز علي ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿي ويو. پارٽي اليڪشن کٽي آئي پر پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جو شوشو پيدا ڪري نظام مصطفيٰ جي نالي پاڪستان ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائي، تحريڪ جو مرڪز ڪراچي ۽ لاهور هيو. ڪراچي جون حالتون ان وقت جي وڏي وزير جناب غلام مصطفيٰ جتوئي کان ڪنٽرول هيٺ نه آيو ڇاڪاڻ ته هو ان وقت ماڻهو ۽ پارٽي سنڌ ۾ ممتاز صاحب کي ياد ڪندا هيا. پاڻ وفاقي وزير جي عهدي تي 5 جولائي 1977ع تائين رهيو. هن تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق مارشل لا نافظ ڪري ختم ڪيو ته ڀٽو صاحب کان علاوه ممتاز صاحب کي به گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا دور جي شروعات ۾ ڀٽو خاندان جو هي اهو اڳواڻ هيو جنهن آمريت ۽ نااهلي جي ٽربيونل سميت ڪيترين ئي مصيبتن سان منهن ڏنو پر آڻ نه مڃي. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کيس 1977ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جو صدر بڻايو. سندس جيل ۾ وڃڻ بعد جناب غلام مصطفيٰ جتوئي قائم مقام صدر بڻيو. ممتاز صاحب اٽڪل ٻه سال جيل ۾ رهيو. جڏهن 4 اپريل 1979ع تي ڀٽو صاحب کي شهيد ڪيو ويو تنهن بعد پارٽِي سربراهه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه منتخب ٿي جنهن سنڌ پارٽي صدارت ممتاز علي صاحب کان وٺي جناب جتوئي صاحب کي ڏني. سال 1983ع ۾ وري ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ممتاز صاحب به ”دما دم مست قلندر“ جو نعرو بلند ڪيو. جلسا جلوس ڪڍيا ۽ حيدرآباد ڀرسان کيس گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. جيل ۾ قيد رهڻ وارن ڏينهن ۾ سياسي قيدين پاران ڏنل دعوت ۾ پاڻ پاڪستان لاءِ 1940ع واري مسلم ليگ جي ”قرارداد پاڪستان“ مطابق صوبن وچ ۾ ”ڪنفيڊريشن“ جو نئون نظريو پيش ڪيو. جيڪو سنڌ جي نوجوان طبقي ۽ سياسي ورڪرن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هن نظرئي مطابق ملڪ جي چئني صوبن درميان برابري جي بنياد تي نئون آئين ٺاهڻ شامل هيو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي بلڪل نئون ۽ جديد نظريو هيو. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڪنفيِڊرل نظام رائج آهي ۽ انهن ملڪن ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ قومون، صوبا يا رياستون هجن ملڪي آمدني جي ذريعن ۽ ورڇ تي اختلاف هجن، يا ننڍيون قومون، صوبا ۽ رياستون وفاق مان بد دل هجن ته ڪنفيڊريشن ذريعي ملڪي وجود يا وفاق کي قائم دائم رکي سگهجي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هن ڪنفيڊرل نظرئي جو خالق ۽ تعارف ڪرائيندڙ ڪنفيڊريشن نظام سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبن وچ ۾ ڪرڻو هيو. تنهن ڪري تاريخ 31 مارچ 1985ع تي پاڻ لنڊن ۾ باقاعدي سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ جو وجود پوءِ ڊسمبر 1985 ۾ باقاعدي ڪنوينشن منعقد ڪري قيام عمل ۾ آندائين. هن اتحاد جو هڪ نڪاتي پروگرام ”ڪنفيڊريشن“ هيو. هن تنظيم ۾ بلوچستان جو قومپرست اڳواڻ سردار عطاءُ ا﷢ مينگل، سرحد صوبي جو مير افضل خان بنگش، پنجاب جو خالد لغاري صاحب ۽ سنڌ مان مسٽر عبدالحفيظ پيرزادو، ڄام صادق علي صاحب خاص اڳواڻ هيا. ڪجهه عرصو لنڊن ۾ ويهي ڪنفيڊريشن جي نظرئي جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ آخر پاڻ 7 فيبروري 1986ع تي ڪراچي پهتو. جتي ايئرپورٽ تي سندس شاندار آجيان ٿي. جلاوطن اڳواڻ جي لحاظ کان ڪنهن به قومپرست جو اهو وڏو استقبال هيو. پاڻ قانوني دائري ۾ رهندي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ دورا ڪري ڪنفيڊرل فلسفي کي عام ماڻهن تائين پهچايائين. هن ڏس ۾ مارشل لا حڪومت جون سختيون وري شروع ٿيون. فرنٽ جي ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار ۽ خصوصي ڪورٽ ذريعي غداري جا ڪيس مڙهيا ويا. ممتاز علي ڀٽو صاحب هاڻي سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ اڳواڻن سان رابطا رکيا ۽ سنڌ قومي اتحاد ۾ شامل ٿيو. 16 نومبر 1988ع واري اليڪشن ۾ فرنٽ کي ڪاميابي حاصل ڪو نه ٿي ۽ ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ رتوديرو صوبائي سيٽ تي اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار سيد ديدار حسين شاهه صاحب کان هارائي ويو. ان عوامي فيصلي کان پوءِ سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ ختم ڪري 31 مارچ 1989ع تي حيدرآباد جي فٽاز هوٽل ۾ منعقد ٿيندڙ ورڪرن جي سنڌ ڪنوينشن ۾ ”سنڏ نينشنل فرنٽ“ جي نالي سان نئين قومپرست پارٽي ٺاهي وئي، جنهن جو چيئرمين جناب ممتاز علي ڀٽو چونڊيو ويو. پاڻ سنڌ جو دورو ڪري تنطيم سازي جو ڪم مڪمل ڪيائين. 24 آڪٽوبر سال 1990ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ هن پارٽي قومي اسيمبلي جي 17 اميدوارن ۽ صوبائي اسيمبلي جي 19 اميدوارن کي بيهاريو پر ممتاز علي ڀٽو صاحب سميت ڪو به اليڪشن کٽي نه سگهيو. جڏهن ته 6 آڪٽوبر 1993ع وارين چونڊن ۾ کيس صوبائي اسيمبلي جي ساڳي سيٽ تي سوڀ حاصل ٿي. پاڻ سنڌ جي مسئلن تي اڪيلي سر صوبائي اسيمبلي ۾ ڀرپور نموني نمائندگي ڪيائين. جڏهن ته محترمه بينطير ڀٽو جي حڪومت تاريخ 5 نومبر 1996ع تي ختم ڪئي وئي ته جناب ممتاز علي ڀٽو وري تاريخ 6 نومبر 1996ع تي سنڌ جي نگران وزير اعليٰ جو حلف کنيو. جيئن ته ممتاز علي ڀٽو صاحب سان مون کي ويجهو رهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو تنهن ڪري مان سندس سياسي سفير تي ڪجهه تبصرو ڪندس. پاڻ اعليٰ تعليم ۽ سنجيده، بردبار، شخصيت جو مالڪ هئڻ کان علاوه بهترين طريقي سان دنيا جي نظامن، آئينن، فلسفن تي بحث مباحثو ڪري ڄاڻي. وٽس دنيا جي تمام نظرين جي ڄاڻ آهي، ڊاڙ ڊڇ اداڪاري ڪرڻ ۽ ڪوڙن دلاسن ۽ نعرن واري سياست ڪرڻ کان پري آهي. هو سنڌ جو بهترين باصلاحيت، لائق ۽ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر آهي. زندگي ۾ ياري دوستي جو تمام گهڻو پڪو، سچو شخص، خوبصورت جاهه ۽ جلال واري شخصيت، رعب دٻدٻو روزانو جي زندگي ۾ قائم رکيو اچي پوءِ اقتدار ۾ هجي يا ٻاهر، دنيا جي بهترين شڪارين ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.سندس رهڻي ڪرڻي باوجود بئسٽريٽر ايٽ لا هئڻ جي مڪمل طرح ٺيٺ ۽ نج وڏيرڪي آهي. قومپرست ۽ برسر اقتدار سياسي حلقن ۾ هڪجهڙو هر دلعزيز ۽ محترم، نرالي انداز جو سياستدان، سنڌ جو مڃيل قابل انتظامي اڳواڻ، پنهنجي خاص دوستي واري انداز سان سڃاتو ويندڙ، پنهنجي سياسي نظرين کان وڌيڪ مقبول شخصيت جو مالڪ، گفتگو ۽ بحث مباحثي ۾ باوقار انداز، ڪچهريءَ واري انداز ۾ تقرير ڪندڙ، هر ڳالهه ۽ مسئلي کي سمجهائڻ وقت پهاڪن کي گهڻو استعمال ڪندڙ، نج سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، مسئلن تي مختصر نموني ۾ دليل ڏيندڙ، ڪم ۽ مقصد جي ڳالهه ڪندڙ قومپرست يا ملڪي سياست ۾ ليڊر يا قائد جي لحاظ کان ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو تمام گهڻو محدود رهڻ، گوڙ گهمسان ۽ لٻاڙي سياست کان پري نفاست واري طبيعت ڪري پنهنجي دوستن ۽ ورڪرن ۾ گهڻو قابل احترام ته آهي پر پارٽِي جي تنظيم اندر ڪجهه مشهور معروف هر دلعزيز سياسي شخصيتن کي عهدن تي ڪو نه آڻي سگهيو آهي. ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ وڃڻ بعد پويان تنظيم جي ڪا به سرگرمي ڪو نه ٿي رهي. تنظيم ۾ ذاتي دوست وڏيرن کي عهدا ڏيڻ ۽ جدوجهد ڪندڙ ورڪر کي اڳتي نه آڻڻ کان علاوه ايترو عرصو صرف هڪ نڪتي ”ڪنفيڊريشن“ بابت سياست ڪرڻ وارو فيصلو به درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عام ماڻهو جنهن ۾ هاري مزدور، بيروزگار نوجوان ۽ ٻيو مڊل ڪلاس طبقو به پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ سياسي حمايت چاهي ۽ ڪري ٿو تنهن ڪري ممتاز علي ڀٽو صاحب کي به پنهنجي پارٽي طرفان باقاعدي پروگرام يا منشور ڏيڻ جي ضرورت آهي. مخصوص وڏيرن کان علاوه عام ماڻهن هارين نارين ۾ وڃڻ ۽ سندن سياست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيون ته سندس سياسي واٽ ٻن مضبوط پارٽين وچ ۾ آهي. هڪ سنڌي ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي محبت ۾ پيپلز پارٽي ڏانهن گذريل ٽيهن سالن کان لاڳاپيل آهي جڏهن ته ٻي قومپرست تنظيم محترم جي ايم سيد جي قيادت ۾ سنڌو ديش جي نالي سان گذريل چوويهه سالن کان سرگرم آهي. انهن ٻنهي پارٽين کي هڪ طرف سياسي پروگرام نظريا به آهن ته ٻئي طرف مشهور شخصيتون اديب، دانشور ۽ گهڻا سياسي ڪارڪن ورڪر آهن جيڪي هر موقعي تي پارٽي مسئلن لاءِ سڀ ڪجهه ڪري وڃن ٿا. مٿس تنقيد ڪندڙ سندس وڏ وزارت واري زماني ۾ قومپرستن شاگردن ۽ ليڊرن کي وڏي پيماني تي گرفتار ڪري رکڻ، سنڌي رسالن تي گهڻي عرصي لاءِ پابندين کان علاوه مخالفن سان انتهائي سخت سلوڪ کي هميشه ياد ڪندا آهن. بهرحال ممتاز علي ڀٽو صاحب پنهنجي شخصيت ۾ هڪ سحرا نگيز ۽ قابل احترام قومپرست ليڊر جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو سنڌ ۾ هر هڪ لاءِ محترم آهي. کيس ٻه پٽ هر هڪ امير بخش ڀٽو ۽ علي آهن. محترمه بينظير ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو ان خاندان جي پهرين سياسي عورت آهي جيڪو صدين کان هڪ وڏو جاگيردار قبيلو ليکيو ويندو هيو. 1958ع جي پهرين زرعي اصلاحات کان اڳ ۾ ڀٽن وٽ صوبي سنڌ ۾ تمام گهڻا هاري هوندا هيا ۽ سندن زمين جي ماپ ايڪڙن ۾ نه پر ميلن ۾ ٿيندي هئي. سن 1943ع ۾ جڏهن سنڌ جي انگريز فاتح چارلس نپيئر صوبي جو گشت ڪيو ته هن گاڏي جي ڊرائيور کان پڇيو ته اهي زمينون ڪنهن جون آهن. کيس جواب مليو ته ”ڀٽن جون آهن“ چيائين جڏهن اهي زمينون ختم ٿين ته مون کي ننڊ مان اٿارجانءِ پر جڏهن هو پاڻ ئي جاڳيو تڏهن وري معلوم ڪيائين ته ساڳيو جواب مليس ته ڀٽن جون زمينون آهن، هو حيرت ۾ پئجي ويو. هوءَ ان ڀٽو خاندان جي مجاهد عورت آهي، جيڪي صدين جي پراڻن ريتن رسمن ۽ رواجن کان علاوه پنهنجي عورت جي شادي ٻي ذات ۾ ڪرڻ کي غلط سمجهندا هيا. شاديون پنهنجن خانداني سوٽن، ماساتن ۽ ماروٽن ۾ ٿينديون هيون. جيڪڏهن رشتو موجود نه هجي ته پوءِ عورتون ڪنواريون ئي زندگي گهارينديون هيون. سندس ڏاڏي سر شاهنواز خان ڀٽو سنڌ جي صدين کان هن ظالم جاگيرداري نظام کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي ٻي زال جي ڌيئرن جون شاديون ڀٽن کان ٻاهر ڪرايون. خاندان کان ٻاهر شادي ان ڪري ڪو نه ڪرائي ويندي هئي ته ملڪيت جو حصو نه ڏيڻو پوي. ڀٽو خاندان پردي جو سخت پابند هيو. ايستائين جو ايراني نسل جي ٻاهرين عورت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه به شادي کان بعد ڪراچي ۾ برقعو پائي پنهنجن ماڻهن ڏانهن ويندي هئي. باقي لاڙڪاڻي اچڻ مهل ته مڪمل طرح سان برقعو پائيندي هئي. هڪ دفعي ڪراچي کان جڏهن لاڙڪاڻي پهتا ته بيگم صاحبه ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب حيران ٿيندي چيو ته ”کيس برقعي پائڻ جي ضرورت ڪانهي“ ان لحاظ کان به بينظير ڀٽو خوشنصيب عورت آهي جيڪا مردن وانگر آزاد دنيا کي ڏسڻ محسوس ڪرڻ جي ڏات ماڻي. دراصل ڀٽو صاحب پنهنجي پياري ڌيءَ کي ننڍپڻ کان ئي اهو احساس ڏياريندو هيو ته هوءَ اڳتي وڌندي ۽ کيس گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. ڀٽو صاحب پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ کان ئي دنيا جي عالمي شخصيتن سان ملائيندو رهندو هيو. محترم بينظير ڀٽو صاحب تاريخ 21 جون 1953ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڄائي. هوءَ عظيم جمهوري اڳواڻ ماءُ بيگم نصرت ڀٽو ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين اولاد آهي. مٿس سندس پڦيءَ جو نالو بينظير رکيو ويو. ڀٽو خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکڻ جو قديم رواج آهي. جيئن ته محترمه پيدائشي طور تمام خوبصورت ۽ گلابي چمڙي جي مالڪ هئي تنهن ڪري پيار مان سڀ کيس ”پنڪي“ سڏيندا هيا. محترمه جڏهن اڃا ٽن ورهين جي هئي ته کيس ”ليڊي جيننگس نرسري اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويو. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي سڀ کان بهتر اسڪول“ دي ڪنوينٽ آف جيزس اينڊ ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم انگريزي ٻولي ۾ هئي. اهو ئي سبب هيو جو سندن گهر ۾ انگريزي ٻولي هلندي هئي. هن اسڪول ۾ آئرش ماسترياڻيون پڙهائينديون هيون. ٻئي طرف باقائدي مولوي اسلامي ۽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ رکيل هيو. پاڻ جڏهن چئن سالن جي هئي ته سندس والد اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي هئي ته ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. والده ڀٽو صاحب سان پرڏيهه ويندي کيس چوندي هئي ته ”تون ٻين ٻارن جو خيال رکجانءِ ڇاڪاڻ ته تون وڏي آهين“ ائين ننڍپڻ کان محترمه ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلي جي قوت جنم ورتو. محترمه ڏهن سالن جي ٿي تڏهن کيس ڪوهه مري هل اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پهريون ڀيرو کيس پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. جهڙوڪ وهنجڻ لاءِ ٻاهران نل مان پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سندس والد جو اسڪول جي انتظاميا کي حڪم هيو ته منهنجي ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر سمجهو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد محترم والد سان ريلوي گاڏي ۾ لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا هجوم پهتا. هنن ”فخر ايشيا زنده باد“ جا نعرا هنيا. اهڙي طرح محترمه کي پنهنجي والد جي صحبت ۾ سياسي جهيڙن جهڳڙن، تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي هئي. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو تڏهن محترمه اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ 70 ڪلفٽن تي قائم پيپلز پارٽي جي دفتر تي ميمبر شپ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون قطارون لڳل ڏٺيون وري 1968ع ۾ سندس والد کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت گرفتار ڪيو تڏهن محترمه بينظير جي تعليمي زندگي جو ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته کيس گذريل ٽن سالن جي پڙهائي سميت او ليول امتحانن ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾ داخلا جي امتحان جي تياري ڪرڻي هئي. 28 نومبر 1968ع تي ساهيوال جيل مان ڀٽو صاحب پنهنجي ذهين ڌيءَ کي خط لکيو ”مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي جيڪي مون ارڙهن ورهين ۾ ڏنا هيا، ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“ ڀٽو صاحب کي ٽن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو پوءِ لاڙڪاڻي جي تاريخي جلوس ۾ محترمه به پنهنجي والد سان گڏ هئي، شروع ۾ ريڊ ڪلف مان داخلا نه ملڻ جو اطلاع مليس ڇاڪاڻ ته داخلا لاءِ عمر 17 سال هئي ۽ هن وقت سندس عمر 16 سال آهي پر ڀٽو صاحب جي دوست جان ڪيلٿ گيلبرائٽ محترمه جي مدد ڪندي 1969ع هن جي داخلا جو انتظام ڪيو. هتي آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي ريڊ ڪلف ڪئپمس ۾ سال 1969ع کان 1973ع ۾ تائين شاندار زندگي جا يادگار تجرباتي سال گذاريائين. هتي کيس وڏين طاقتن ۽ ٽين دنيا جي بيوسي جي ڄاڻ حاصل ٿي هئي. ايليٽ هال ۾ پهريون ڀيرو محترمه بحيثيت عورت اڪيلي رهي. پڻ محترمه بوسٽن ڪامن ۾ هزارن شاگردن سان گڏوگڏ جدوجهد ڪرڻ کان علاوه واشنگٽن ڊي سي جي تمام وڏن جلوسن ۾ حصو ورتو ۽ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ ئي ڳوڙها گيس جي لذت ماڻي. محترمه پنهنجي پهرين سال ۾ ئي ايليٽ هال جي سوشل سيڪريٽري منتخب ٿي. پوءِ هارورڊ اخبار ”دي ڪرمسن“ لاءِ مقابلو ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي جي پهرين تقرير اچانڪ جذباتي انداز ۾ ڪئي. پروفيسر والزر هال ۾ موجود ٻه سئو شاگردن کي جڏهن ”جنگ ۽ علم اخلاقيات“ جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي پاڪستان پاران بنگلاديش ۾ حق نه ڏيڻ تي دليل ڏنا، تڏهن محترمه جوابي تقرير ڪندي پروفيسر جي خيالن جي اصلاح ڪئي. 1971ع ۾ بنگلاديش ۾ پاڪستان ڀارت وچ ۾ جنگ لڳي تڏهن جنرل يحيٰ خان هڪدم ڀٽو صاحب کي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري اقوام متحده موڪليو. ڀٽو صاحب محترمه کي نيويارڪ پهچڻ لاءِ چيو ۽ پهريون دفعو محترمه 18 سالن جي ڄمار ۾ سلامتي ڪائونسل جي هن اجلاس ۾ وفد جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي. پيري هوٽل ۾ محترمه پاڪستان ڀارت جنگ ۾ پرڏيهي سطح تي ٿيندڙ ڪوششون ڏسي وڏو تجربو حاصل ڪيو. هتي روسي وفد، چيني وفد ۽ آمريڪا جو جارج بش جي اڳواڻي ۾ وفد آيو. 15 ڊسمبر 1971ع واري ڏينهن به سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ محترمه پنهنجي والد سان شريڪ ٿي ۽ ڀٽو صاحب جي واڪ آئوٽ ڪرڻ مهل هو به سندس پٺيان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر آئي. ڀٽو صاحب 28 جون 1972ع تي بحثيت صدر پاڪستان پنجن ڏينهن لاءِ ڀارت ويو ته محترمه به ان وفد ۾ شامل ٿي. شملا معاهدي دوران محترمه کي ڀارت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ۽ شهرت ملي. محترمه وري واپس هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا وئي جتي سال 1973ع گريجوئيشن پاس ڪيائين. ساڳي سال انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين هتي ليڊي مارگريٽ هال ۾ ننڍڙو ڪمرو غسل خاني ۽ ٽيليفون کان سواءِ مليس. سال 1823ع ۾ هائوس آف ڪامن جي انداز ۾ قائم ٿيل ”آڪسفورڊ يونين ڊبيٽنگ سوسائٽي“ ادارو مستقبل جي سياستدان ٿيندڙن کي وڏي مدد ڪندو هيو. محترمه لڳاتار ٽن سالن تائين هتي سياست، فلسفو، معاشيات ۽ چوٿين سال بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاري جي پوسٽ گريجوئيٽس ڪورس وارن ڏينهن ۾ آڪسفورڊ يونين مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي تقرير جو فن حاصل ڪري ورتو. آڪسفورڊ ۾ محترمه جي زندگي جي پهرين تقرير جو موضوع ملڪ جي چونڊيل سربراهه جي معزولي فوج طرفان نه پر آئيني هئڻ گهربي هئي. سال 1974ع ۾ محترمه لاهور ۾ ٿيندڙ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آئي. محترمه آڪسفورڊ يونين ۾ ڪيترا سال خزانچي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هوءَ 1976ع ۾ يونين جي صدارت ۾ ڪامياب ٿي جيڪا آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي ۽ يونين جي تاريخ جي ٽين خاتون عورت هئي. محترمه 25 جون 1977ع تي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس موٽي. هتي پهچڻ شرط وزارت خارجه ۾ انڊر سيڪريٽري عهدي تي ڪم ڪرڻ لڳي پر اٽڪل ڏهن ڏينهن بعد پاڪستان ۾ هلندڙ پي اين اي جي تحريڪ جي بهاني سان 5 جولاءِ 1977ع تي سندس والد وزيرراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق ختم ڪري ڇڏيو. محترمه سڄي رات پنهنجي گهر ۾ فوجي ايڪشن بعد ڪنهن به حادثي جي انتظار ۾ تمام ڀاتين سان مختلف وسوسن ۽ سوچن واري ڪيفيت ۾ جاڳي گذاريو ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس خاندان جو اتان جي فوج هٿان قتل سندس ذهن ۾ ويٺل هيو. صبح جو کين آزادي ملي. ڀٽو صاحب جي حڪم تي محترمه بينظير پهريون ڀيرو لاهور ٻوڏ جي ستايلن سان همدردي ڪرڻ لاءِ پهتي سندس شاندار استقبال ٿيو. هوءَ هن وقت تائين سياست ۾ ڪو نه داخل ٿي هئي. پر پوءِ پنهنجي والد جي آزادي بعد ملڪ اندر دورن ۾ والد سان گڏ هوندي هئي، مارشل لا وارن کيس پهريون ڀيرو نوٽيس موڪليو ته سياست کان پاسو ڪيو. تاريخ 3 ۽ 4 سيپٽمبر 1977ع تي صبح جو 70 ڪلفٽن تي فوجي ڪمانڊو جو هڪ وڏو اٽالو آيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري وٺي ويا. محترمه جي ڪمري ۾ سامان جي تلاشي ورتائون ۽ هيٺ ملاقات واري ڪمري ۾ بندوقن جي سائي ۾ ويهاريو. پهريون ڀيرو محترمه بينظير اهڙي ڊپ ڏياريندڙ خوفناڪ صورتحال مان گذري. سندس والد ڏهن ڏينهن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو پر وري 17 سيپٽمبر 1977ع تي هڪ قتل ڪيس ۾ لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد ڪيو ويو. محترمه اتي ساڻس ملاقات ڪئي پر ٻن ڏينهن بعد 29 سيپٽمبر تي بينظير صاحبه کي ساهيوال مان گرفتار ڪيو ويو. پوءِ هر پندرهن ڏينهن بعد وڌيڪ نظربندي، وري رهائي، ڪڏهن صوبو دربدري، ڪڏهن نظربندي اها ان وقت جي فوجي ٽولي ۽ محترمه جي وچ ۾ اک ٻوٽ واري راند شروع ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪڏهن ڪهڙي شهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي گهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي صوبي ۾ لڳاتار نظربند يا صوبو بدر رهندي ان تجربي ۽ تڪليف جي عادي بڻجي چڪي هئي. والد صاحب جي حڪم تي محترمه محدود سياسي سرگرميون شروع ڪيون جنهن ۾ چانهه پارٽين، گڏجاڻين ۽ ميل ملاقات شروع ڪيو. 14 فيبروري 1978ع کان بينظير صاحبه سنڌ جو دورو شروع ڪيو. نواب شاهه جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهتي ته کيس 18 فيبروري تي نوابشاهه مان ضلعي بدر ٿي ڪراچي اچڻو پيو. 18 مارچ کان 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ نظر بند ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڀٽو صاحب کي سزائي موت جو فيصلو ڏنو ويو. محترمه پنهنجي والد سان موت جي ڪوٺڙي ۾ ملڻ وئي جتي هن ڏٺو ته اندر بدبو، اوندهه ۽ زنجيرن سان ٻڌل هڪ کٽ پئي آهي، والد جي پيرن ۾ زنجيرن جا نشان آهن. کٽ کي هڪ طرف سوراخ آهي، جيڪو ڦاسي جي قيدين لاءِ پائخاني ڪرڻ جي سهولت لاءِ هيو. هوءَ والد کي ڦاسي جي اعلان بعد غير ملڪي حڪمرانن پاران اپيلن بابت تفصيل ٻڌائي ٿي. پوءِ هيءَ قيدياڻي لاهور ۾ قيد پنهنجي جيجل امڙ بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات ڪري ٿي. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هن کي آزادي ملي. محترمه 21 جون 1978ع تي پنهنجي پنجويهين سالگره راولپنڊي جي ڦاسي واري ڪوٺڙي ۾ قيد والد سان ملهائي. 4 آڪٽوبر 1978ع تي ڪراچي کان ملتان جهاز وسيلي پهچڻ تي محترمه ۽ سندس سهيلي ياسمين کي پوليس پڪڙي هڪ سيسنا ننڍي جهاز ۾ زوري گهليندي وٺي وڃي ٿي، نتيجي ۾ محترمه جا ڪپڙا ڦاٽي پون ٿا ڄنگهن مان به خون وهي ٿو ڇاڪاڻ ته رهڙن ڪري کيس زخم رسن ٿا. پوءِ هوءَ به راولپنڊي ۾ قيد پنهنجي والده وٽ پهچي ٿي. 4 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڏنل سزائي موت بحال رکي. قيد ۾ بند محترمه پنهنجي والد جي ڪيس جو فيصلو ٻڌو هن پنهنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهريو پئي پر مجبور قيدياڻي هئي ڇا پئي ڪري سگهي؟ هوءَ پنهنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ سوين سوچون ذهن ۾ تيار ڪري پئي پر هن جي سوچ تي قيد جون ديوارون قلف لڳايو ڇڏين. سندس جسم قيد، ساهه قيد هيو. سندس حوصلو، جرئت قيد هئي. سندس عقل، عمل، جوش جذبا قيد هيا. هوءَ مارشل لا حڪومت جي مقابلي ۾ هٿين خالي به آزاد ڪو نه هئي. پاڪستان جي سياست ۾ سياستدان ڪڏهن به اهڙي مصيبت مان ڪو نه گذريا. اهڙي بند قيد ڪوٽ ۾ سياست اڳ داخل ڪو نه ٿي هئي. وري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سياسي قائد جي ڌيءَ اهڙي مجبور بيوس ڪو نه ڏٺي وئي آهي، ڪهڙو عذاب ۽ اذيت محترمه نه ڏٺي پر هن پنهنجي عظيم والد کي ڪڏهن به مايوس يا پريشان ڪو نه ڪيو. سدائين عظيم والد سان حوصلي ساڻ ملاقات ڪئي. حوصلي جرئت سان ڦاسي جي ڪوٺڙين ۾ حال احوال اوريو. محترمه به هڪ عورت هئي، تمام ڪمزور عورت، هوءَ به پنهنجي اندر ۾ حيران، پريشان، اداس مايوس ٿيندي هئي. دماغ سوچ ۽ جسم گهٻرائجي ويندو هيو پر هن ڪڏهن به سرعام پنهنجي جذبن جو ڪمزور اظهار نه ڪيو. هڪ مضبوط، حوصلي واري اهڙي عورت ٿي جدوجهد ۽ حالتن جو مقابلو ڪيو جن عورتن کي خبر پوندي آهي ته سندن هر ڏينهن تاريخ جو هڪ يادگار حصو بڻجي وڃي ٿو. سندن عمل ايندڙ دور ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ حوصلو پيدا ڪندو. 12 فيبروري 1979ع تي قانون نافذ ڪرڻ وارن وري محترمه ۽ سندس والده کي راولپنڊي جي قيد مان ڪڍي ڪجهه ميلن جي فاصلي تي هڪ پوليس ٽريننگ لاءِ قائم پراڻي جڳهه سهالا سينٽر ۾ قيد رکيو. هي جڳهه هڪ گنجي ٽڪر مٿان ٺهيل آهي. مارچ ۾ محترمه بينظير کان ٿوريون گهڻيون مليل سهولتون به واپس ورتيون ويون. سندس والد جي سفيد ڏاڙهي به وڌي وئي هئي. هو هيٺ فرش تي سمهندو آهي، ڪجهه ڪتاب پڙهندو ۽ ڪجهه سگار پيئندو آهي. 2 اپريل تي فوج جا عملدر آمد ٿيا ۽ کين چيو ته ڀٽو صاحب سان ملاقات لاءِ هلو، پر بينظير بيماري جو بهانو ڪري هڪ ڏينهن ڀٽو صاحب جي زندگي بچائي ۽ قيد ۾ پنهنجي بورچي ابراهيم کي خط ڏئي پنهنجي سهيلي ياسمين ڏانهن موڪليو جنهن بي بي سي کي بينظير جو آخري پيغام پهچايو ۽ رات جو خبرن ۾ آيو ته بينظير جيل مان پيغام موڪليو آهي ته 3 اپريل تي اسان جي ڀٽو صاحب سان آخري ملاقات آهي پر بي بي سي عوام کي احتجاج ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪو نه ٻڌائي. سندن آخري اميد به ختم ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ماءُ ڌيئر شهيد ڀٽو کي قيد ۾ رهي ٻيو ڪيئن بچائي سگهن پيون. هنن آخري ڏينهن به ڪوشش ڪئي ته پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ۽ عوام ميدان ۾ اچي شهيد ڀٽي کي بچائن. دنيا جي سفيرن کي ۽ حاڪمن کي ڄاڻ ملي پر سندن اها ڪوشش به ڪامياب نه ٿي. ٽين اپريل تي فوجي عملدارن جي هڪ تيز رفتار جيپ ٻنهي کي سهاله مان کڻي راولپنڊي جيل پهتي جيل جا دروازه کليا ۽ بند ٿيا. جيل جي ليڊيز پوليس پهريان سهاله پوءِ راولپنڊي جيل ۾ پهچڻ تي محترمه بينظير ۽ سندس والده جي تلاشي ورتي، ڇهن ڦٽن جي ڦاسي واري ڪوٺڙي ۾ بند اونداهي ڪمري ۾ ويٺل ڀٽو صاحب ٻنهي کي گڏ ملاقات لاءِ ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پڇي ٿو ”هيءَ آخري ملاقات آهي ڇا؟“ پاڻ سنڀاليندي چئي ٿي ته ”شايد“ پوءِ جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌائي ٿو ته ”اها آخري ملاقات آهي ۽ صبح جو ڦاسي ڏني ويندي“ ڀٽو صاحب اطمينان سان ملاقات جو وقت معلوم ڪري ٿو جواب ملي ٿو ته اڌ ڪلاڪ، ڀٽو صاحب چئي ٿو ته جيل قانون مطابق ته هڪ ڪلاڪ آهي وري جواب ملي ٿو ته اهو حڪم آهي، ڀٽو صاحب چوي ٿو ”پوءِ انتظام ڪر ته آئون غسل ۽ شيو ڪريان. هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي. آئون صاف سٿرو ٿي اها ڇڏڻ گهران ٿو.“ بينظير ڀٽو صاحبه لاءِ هيءَ گهڙي زندگي ۾ تمام وڏي امتحان واري هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي تمام گهڻي پياري ڌيءَ هئي. هوءَ به پنهنجي پيءُ کي گهڻو پيار ڪندي هئي. اهڙي عظيم والد کان اڌ ڪلاڪ بعد هميشه لاءِ جدا ٿيڻ جو خوفناڪ تصور هن جي ذهن، اکين، دل ۽ جسم ۾ گردش ڪري پيو. سندس سيني ۾ سور جون سٽون اڀريون، جسم سيٽجي سخت ٿي ويو ۽ اکين اڳيان اوندهه هئي پر هڪ بهادر پيءُ جي بهادر ڌيءُ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي فيصلو ڪيو ته همت نه هاريندي. بينظير پنهنجي بابا جي ڪمري ۾ هڪ نظر وڌي هن ڏٺو ته عظيم شخص هيٺ تڏي تي ويٺو آهي. ڪمري ۾ ٻيو ڪو به سامان ڪونهي، هن جي ميز ۽ ڪرسي به کڻي ويا آهن. هن جو بسترو به ڪونهي. ڀٽو صاحب پنهنجي هٿن سان ڪجهه رسالا ۽ ڪتاب بينظير صاحبه کي ڏيندي چوي ٿو ته ”مان نه ٿو چاهيان ته منهنجن شين کي هو ڇُهن“ ڀٽو صاحب وڪيلن پاران ڏنل سگار به واپس ڏيندي چئي ٿو ته ”آئون هڪڙو سگار اڄ رات لاءِ رکان ٿو.“ ڀٽو صاحب شاليمار ڪولون جي شيشي به پاڻ وٽ رکي ٿو. بينظير هڪ دفعو ڳالهين دوران پنهنجي بهادر بابا کي ڏسي ٿي پر موت جي ڪوٺڙي ۾ روشني تمام گهٽ آهي ۽ سندس بابا چٽي طرح نظر به نه ٿو اچي. اڳ محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي انقلابي بابا سان ڪوٺڙي ۾ گڏ ويهي ملاقات جي اجازت هوندي هئي پر اڄ اها اجازت ڪونهي. ٻئي ڄڻيون ڪوٺڙي جي دروازي جي لوهي شيخن سان چنبڙيون ويٺيون آهن. ڀٽو صاحب کين پرڏيهه وڃڻ ۽ يورپ ۾ رهڻ لاءِ چوي ٿو پر بينظير صاحبه چوي ٿي ته ”آئون ڪڏهن به ڪو نه ويندس.“ ڀٽو صاحب مرڪي ٿو. ”پنڪي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تو کي خبر ڪونهي ته آئون توکي ڪيترو چاهيان ٿو.“ جيل سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو ته ”وقت ختم ٿي ويو.“ بينظير ڇوي ٿي ته ”مهرباني ڪري هن لوهي شيخن جو دروازو کوليو مان پنهنجي پيءُ کان موڪلائڻ گهران ٿي.“ ٻه دفعا جواب مليو ته نه. پوءِ بينظير صاحبه لوهي شيخن مان پنهنجي بابا تائين ٻانهون وڌائي ٿي. سندس بابا جيڪو مليريا، پيچش ۽ لڳاتار بکن ڪري ڳري هڏا ٿي ويو هيو سو پاڻ کي ڇڪي اڀو ڪري پنهنجي حوصلي مند ڌيءُ جي هٿ کي ڇهندي چوندي ٿو ”رات آئون آزاد ٿي ويندس. پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان وڃي ملندس. وڏڙن جي سر زمين ڏانهن واپس ويندس. اتي جي مٽي جي خوشبو ٿي ويندس. منهنجي چوڌاري راڳ هوندا، آئون اتي جي ڏند ڪٿا جو حصو ٿي ويندس.“ هو مرڪي ٿو. جيل اختياري وارا اندر ڪاهي پون ٿا. ”خدا حافظ بابا“ بينظير بوجهل قدمن سان ويندي چوي ٿي. ”ان وقت تائين جڏهن پاڻ وري ملنداسون.“ ڀٽو صاحب جا لفظ بينظير جي ڪنن ۾ پهچن ٿا. وري گاڏي کين سهاله کڻي وڃي ٿي. هو ٻئي بيقراري ۽ بيوسي جي عالم ۾ خدا تعاليٰ کي ٻاڏائن ٿيون ”يا ا﷢، شل ڪو معجزو ٿئي.“ ”ڪجهه ته ٿيڻ گهرجي.“ ڀٽو صاحب پنهنجي خاندان کي رحم جي اپيل ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، تنهن ڪري سندس گهر واري ۽ اولاد جنرل ضياءُ الحق کي رحم جي اپيل به نه ڪئي، بينظير ڀٽو پنهنجي بابا جي زندگي جي لمحن کي ختم ٿيندي ڳڻيندي رهي ٿي. سندس حال وس کان بي وس ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. هوءَ دانهون ڪرڻ چاهي ٿي زور سان روئڻ چاهي ٿي پر قيد جي دريءَ کان ويٺل فوجي اهلڪارن جي موجودگي ۾ پاڻ کي ڪمزور نه ٿي ظاهر ڪري. بهرحال اها پاڪستان جي ظلم جي طويل ترين رات بينظير ڀٽو سندس والده ۽ والد ڪيئن گذاري، تنهن بابت هڪ خدا کي خبر آهي، ٻيو انهن انسانن کي جن جي جذبن کي لفظن ۾ سموئڻ به مشڪل آهي. صبح جو جيل حڪام کان محترمه کي ڀٽو صاحب جي سلوار قميص ۽ پتلون کان علاوه منڊي حاصل ٿي. 7 اپريل تي صبح جو فوجي عملدارن ماءُ ۽ ڌيءَ کي ڀٽو صاحب جي ٽيجهي ۾ شرڪت لاءِ جيڪب آباد جي هوائي اڏي تي لاٿو، جتان کين پردن سان شيشا بند ڪار ۾ سڌن رستن بدران ڪچين گهٽين ۽ رستن وسيلي ڀٽو خاندان جي قبرستان پهچايو. هتي محترمه بينظير پنهنجي بابا جي پيرن واري جڳهه کي چميو ۽ عقيدت جا ڳوڙها پيش ڪيا. وري ساڳئي رستي کين سهاله جي ڀوائتن ڪمرن ۾ داخل ڪيو ويو. والد جي وفات کان ست هفتا پوءِ مئي 1969ع جي آخر ۾ محترمه بينظير ۽ سندس والده کي سهاله مان آزاد ڪيو ويو. هو هيڏي وڏي قيامت جهڙي پيڙا ۽ عذاب ڀوڳي نيٺ پنهنجي خانداني گهر 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ موٽي آيون. محترمه ايندڙ ماڻهن سان پنهنجي والد جي تعزيت قبول ڪندي رهي ٿي. بينظير صاحبه جڏهن پنهنجي والد جي قبر تي حاضري ڏيڻ لاءِ وڃي ٿي تڏهن جهازن کي منع ڪيو وڃي ٿو ۽ هوءَ ريل رستي لاڙڪاڻي رواني ٿئي ٿي. هر اسٽيشن تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن محترمه جو استقبال ڪيو ۽ جتي اسٽيشن نه هئي اتي ماڻهو پٽڙي تي سمهي پيا. هو محترمه سان شهيد ڀٽي جو غم ونڊائن پيا. هن سفر دوران محترمه کي سنڌ واسين خطاب ڏنو. هڪ نئون نعرو لڳو، ”مارئي ملير جي بينظير بينظير“ سڄي سنڌ بينظير کي پنهنجي ڀيڻ بڻايو. عوام جو اهو جوش ڏسي محترمه جو حوصلو وڌيو ۽ وٽس عوام جي طاقت ۽ قوت ڪري اعتماد پيدا ٿيو، هن محسوس ڪيو ته عوام هر وقت هر گهڙي شهيد ڀٽو سان گڏ هيو پر پيپلز پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ مرڪزي رهنمائن قوم کي رستن تي اچڻ جي اپيل ڪو نه ڪئي. هو جيلن ۽ ڪيسن کان ڊڄي بزدلي جو مظاهرو ڪندي همت هاري ويٺا هيا. هاڻي محترمه سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته هاڻي هو پارٽي جي انتظامي معاملن، پاليسين کان علاوه ورڪرن جي شڪايتن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بابت حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪري ٿي، شهيد ڀٽو جي وفات بعد بيگم نصرت ڀٽو صاحبه عدت ۾ ويٺي ۽ پارٽي جي مرڪزيت محترمه بينظير ڏانهن اچي لاڙو ڪيو. سيپٽمبر 1979ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي فتح حاصل ڪري ٿي. جڏهن جنرل ضياءُ الحق اهو ڏٺو ته ڀٽو صاحب جي ڦاسي بعد به ماڻهو پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا تڏهن هن اعلان ڪيو ته اليڪشن ۾ حڪومت جي قانون مطابق رجسٽريشن حاصل ڪندڙ پارٽي ئي بيهي سگهندي. پيپلز پارٽي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ڇاڪاڻ ته رجسٽريشن جو مطلب جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت کي قبول ڪرڻ هيو. پيپلز پارٽي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته حڪومت آزاد اميدوار جي کٽڻ لاءِ ايڪونجاهه سيڪڙو ووٽ کڻڻ لازمي قرار ڏنو. 15 آڪٽومبر 1979ع تي 70 ڪلفٽن ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر رهنمائن جو اليڪشن بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ محترمه بينظير ڀٽو سميت نوجوانن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو خيال ڏيکاريو. آخر اليڪشن ۾ بيهڻ جو فيصلو ٿيو، جڏهن رات جو حڪومت کي فيصلي جي خبر پئي تڏهن هنن رات جو 70 ڪلفٽن تي ڇاپو هنيو. فوجي حڪام کين گرفتار ڪري ڇهن مهينن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو کڻي آيا. فوجي مارشل لا بعد ٻن سالن ۾ محترمه جي هي ستين سياسي نظربندي هئي. مٿن ڪنهن سان به ملڻ جي پابندي هئي ۽ گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ سبب ٽيليفون به ڪٽيل هئي. گهرجي چوڌاري هن قيد عورتن کي فرنٽيئر فورس جا دستا پهرو ڏيندا ڏيندا رهندا هئا. هن دور ۾ اخبارن ڀٽو خاندان جي خبرن کي شايع ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هيو. اخبارن مٿان به سنسر جي پابندي هئي، مارشل لا قانون 49ع مطابق ايڊيٽر لاءِ به پنجويهه سال ۽ ڏهه ڦٽڪا سزا رکيل هئي. پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات لاهور بند ڪئي وئي اخبارون ڇپجڻ کان اڳ سنسر لاءِ وينديون هيون ۽ ڪيترن اخبارن جا ته ڪالم خالي هوندا هيا. آڪٽوبر 1979ع ۾ جنرل ضياءُ الحق ٻيهر چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون ۽ آڪٽوبر 1979ع ۾ تمام سياسي پارٽين کي غير قانوني قرار ڏيندي پابندي وڌي. ان کان علاوه سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن کي چوڏهن سال سزا سخت پورهئي سان، پنجويهه ڦٽڪا ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ به شامل آهي. جديد دور جي مهذب دنيا ۾ هي هڪ سياسي جدوجهد ذريعي قائم ٿيندڙ آزاد ملڪ جي ڏاڍ ۽ ظلم واري دور جو انتهائي مصبيت وارو باب هيو. محترمه بينظير ڀٽو ڇهن مهينن جي قيد پوري ٿيڻ بعد هڪ دفعو وري آزاد ٿي پر اها کيس خبر ناهي ته گهڻو وقت آزاد رهندي. ٻاهر نڪرڻ بعد محترمه کي پنهنجي زمينن سنڀالڻ جي ذميواري به سونپي وئي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به وڏي زميندار گهراڻي جي ڌيءُ اڄ تائين حالتن جو مقابلو ڪندي اهو ڪم سرانجام ڪو نه ڏنو هيو. محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ اسلام ۾ عظيم ترين عورتن کان رهنمائي حاصل ڪندي هئي. سندس اڳيان بيبي خديجه رضي ا﷢ جو مثال هيو ته پاڻ هڪ بيوه عورت هئي ۽ ڀرپور طريقي سان واپار ڪندي هئي، مسلمانن جي ابتدائي لڙاين ۾ اُمه عماره مردن سان گڏجي ڪفارن خلاف جنگ وڙهي هئي. هندستان جي رياست احمد نگر جي حڪمران چاند بيبي وڏي مغل شهنشاهه اڪبر کي شڪست ڏني. شهنشاهه جهانگير جي راڻي ملڪه نورجهان هندستاني حڪومت جا انتظامي معاملا نبيريندي هئي. هاڻي بينظير صاحبه صبح جو ٻنيون سنڀالڻ ۽ شام جو المرتضيٰ هائوس ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتيون ڪندي هئي، زمينن تي وڃڻ ڪري اتي هاري ۽ ڳوٺاڻا وٽس پنهنجون دانهون ۽ فيصلا کڻي ايندا هيا. انهن بينظير صاحبه کي ڀٽن جو چڱو مڙس يا سردار سمجهڻ شروع ڪري ڏنو. سياست ۾ هڪ تبديلي آئي ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي جماعتن کي جڏهن جنرل ضياءُ الحق وزارتن مان ڪڍي سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي تڏهن هنن پيپلز پارٽي سان اتحاد لاءِ قدم وڌايو نيٺ جمهوري جدوجهد خاطر هڪ نئون اتحاد ايم آر ڊي “Movement for resrateion of democracy” عمل ۾ آيو ۽ 5 فيبروري 1981ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ گڏيل اجلاس ٿيو. سياست ۾ پهريون ڀيرو بينظير صاحبه کي اهو تجربو ٿيو ته هوءَ پنهنجي گهر پنهنجي والد جي مخالف سياسي رهنمائن سان هڪ ٽيبل تي ويهي سياسي مذاڪرات ڪيا. انهن جي مهمان نوازي ڪئي. آخر ٻئي ڏينهن اتحاد ٺهيو. ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ۽ پوري ملڪ ۾ جلسا جلوس نڪتا، ايم آر ڊي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيترن هنڌن تي لاٺي چارج ڪيو ويو. ايم آر ڊي پاران تمام ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون بند ڪيون ويون، ايم آر ڊي پاران پاڪستان ۾ 29 مارچ 1981ع تي جلسن جلوسن منعقد ڪرڻ جو پروگرام رکيو ويو، جنهن اعلان ضياءُ الحق جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو پر 2 مارچ 1981ع تي پي آءِ اي جو هڪ جهاز اغوا ڪيو ويو. جنهن تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ ڏنو ۽ هن واقعي کي بهانو بڻائي اٽڪل ڇهه هزارن کان مٿي سياسي ورڪر گرفتار ڪيا ويا. بينظير ڀٽو صاحبه کي به فوج 7 مارچ تي ڪراچي مان گرفتار ڪري سينٽرل جيل ۾ پنج ڏينهن تنها رکيو، جتي ڪا به سهولت ڪا نه هيس، وري اتان 13 مارچ تي سکر سينٽرل جيل ۾ شيخن جي ٺهيل کليل وارڊ ۾ رکيو ويو. سردي سخت هوا ٿڌي ۽ شيخن مان برف جهڙو پارو، جڏهن ته بينظير صاحب کي نه هنڌ نه بسترو سڄي رات گوڏن ۾ ٻانهون وجهي ڏڪندي جاڳي گذاريندي هئي، هتي کيس صبح جو چانهه ماني، منجهند جو ڇڊي مهري جي دال ۽ ڪدو جي ڀاڄي ملندي هئي. 23 مارچ 1981ع تي جنرل ضياءُ الحق هڪ حڪم جاري ڪري عدالتن ۽ ججن کان مارشل لا جي عدالتن خلاف اپيل ٻڌڻ جا اختيار کسي ورتا، 16 اپريل تي وري کيس سکر مان ڪراچي جيل آندو ويو. جتان هڪ اسپتال ۾ ڪنهن زناني بيماري جو آپريشن ڪري شام جو وري جيل ۾ آندو ويو. هن عورتن جي بيماري جي وڏي آپريشن سبب هوءَ ڪمزور ۽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار هئي ته وري کيس ڪراچي کان سکر جيل آندو ويو هو. بيهوش ٿي وئي ۽ سب جيل ۾ آندو ويو پوءِ 27 ڊسمبر 1981ع تي پوليس وري ڪراچي جي قيد تنهائي مان لاڙڪاڻي المرتضيٰ هائوس وٺي آئي. المرتضيٰ هائوس کي جيل قرار ڏيندي ٻاهران فوجي ڪئمپ لڳائي وئي. لاڙڪاڻي ۾ هڪ سال قيد رکڻ بعد آخر 20 نومبر 1982ع تي پوليس ڪراچي والده کي خدا حافظ چوڻ لاءِ وٺي آئي جيڪا پرڏيهه علاج لاءِ وڃي رهي هئي، پوءِ وري کيس 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو. هڪ دفعو وري 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ زور ورتو ۽ سنڌ صوبو ته هٿين خالي جمهوري تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هيو. اٽڪل 8 سئو ماڻهو قانون نافذ ڪندڙن جي گولين جو کاڄ بڻيا. جيئن ته بينظير صاحبه کي لڳاتار جيل ۽ گهر ۾ نظربند رهندي پنج سال گذري ويا هيا ۽ هوءَ ڪن ۾ سوراخ سبب دماغ کي چڪر ايندي محسوس ڪندي هئي ۽ ڪيترا دفعا بيهوش به ٿي وئي هئي، ملڪ جي ڊاڪٽرن ۽ پرڏيهه مان ڪجهه آمريڪا ۽ برطانيه جي سينيٽرن جي عالمي انساني ادارن ۾ بينظير ڀٽو جي مسلسل ڪرندڙ صحت لاءِ اٿاريل آواز سبب ڊسمبر ۾ حڪومت هن کي ڪراچي واري گهر ۾ قيد تنهائي مان ٻاهر علاج ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي وئي پوءِ 10 جنوري 1984ع تي صبح جو جهاز ذريعي سئيزرلينڊ رواني ٿي وئي. هتي پنهنجي والده ۽ ڀائرن سان آزاد ماحول ۾ ستن سالن جي وڏي جدائيءَ بعد ملاقات ڪيائين. هوءَ هيڏي وڏي عرصي تائين مسلسل قيد بند ۽ ٻين پريشانين ۾ گهاريندي آزادي جي نعمت کان ئي محروم ٿي وئي هئي. لنڊن ۾ ڪن جي آپريشن بعد اتان جي حسين ۽ جميل زندگي ۽ ماضي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ گذاريل سالن جون ياديون ۽ دوست ساڻس گڏ هيا. ڪجهه زندگي جي خوبصورتي ۽ حقيقت کي محسوس ڪيائين. آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ مارچ مهيني ۾ ”بين الاقوامي امن لاءِ ڪارنيگي وقف“ موضوع تي کيس خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي. هڪ زمانو هيو جو ڪانگريس عمارت اڳيان محترم هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ وارن ڏينهن ۾ ويٽنام جي جنگ ۾ آمريڪا جي ڪردار خلاف احتجاج ۾ حصو ورتو هيو، هاڻي هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي بابت احتجاج پئي ڪري، هتي بينظير صاحبه لڳاتار هڪ هفتو انساني حقن جي انحرافي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ بابت ڳالهائيو. ”ڪارنيگي وقف“ ۾ تقرير واري رات کيس ٻڌڻ لاءِ آمريڪي رياست بچاءَ کاتي جا بالا عملدار، ڪانگريس جا ميمبر اڳوڻا سفير ۽ اخبارن جا عيوضي موجود هيا جڏهن ته پاڻ اڃا تائين جيل جي ٻوساٽ مان نڪرڻ بعد اعتماد پيدا ڪري نه سگهي هئي پر پوءِ هن پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏنو ۽ هال ۾ ويٺلن کيس ڀرپور ساراهيو. پاڻ نيويارڪ ۾ ٽائيم رسالي جي ايڊيٽرن سان ٽائيم لائيف بلڊنگ ۾ گڏجاڻي ڪئي، ٻن هفتن جي آمريڪي دوري پوري دنيا ۾ سندس عزت ۽ شهرت وڌائي، انگلستان ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ به محترمه انساني حقن جي خلاف ورزي بابت دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ باقائدي دفتر قائم ڪيو. جتان ماهوار اردو رسالو ”عمل“ جاري ڪيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ سياسي قيدين بابت معلومات ڏيندو هيو. هتي پاڻ آمريڪي سينيٽر ايڊورڊ ڪئنيڊي، سينيٽر ڪلبورن پيل سان ملي. ڪئليفورنيا جي سينيٽر ايلنڪرينشن نيويارڪ جي ڪانگريس مين اسٽفن سولاز، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميمبرن، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي صلاحڪارن ساڻس گڏجاڻيون ڪيون، هن سابق اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ ۽ سينيٽر هڪ گورن سان به ملاقاتيون ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت جي پامالي، هزارن جي تعداد ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي بابت کين مڪمل ڄاڻ ڏني. سال 1985ع ۾ آمريڪي دٻاءُ تحت جنرل محمد ضياءُ الحق غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرايون. پيپلز پارٽي بائيڪاٽ ڪيو. محترمه جو شاندار استقبال ٿيو. لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي عوام دل کولي سندس آجيان ڪئي، مارشل لا حڪومت بينظير ڀٽو جي عوامي مقبوليت ڏسندي کيس پنجن ڏينهن بعد 26 آگسٽ تي وري گرفتار ڪيو پر هاڻي وڏي عرصي بعد واپس ملڪ موٽندڙ بينظير ڀٽو ست سال اڳ قيدن ۾ گهاريندڙ ڪمزور بينظير کان وڌيڪ مضبوط هئي. هاڻي آمريڪا ۽ برطانيا جا عالمي ادارا، ميمبر، انگريزي اخبارون، رسالا ۽ دنيا جا جمهوريت پسند ادارا، تنظيمون بينظير جي ڏاهپ ۽ جدوجهد کان گهڻو واقف ٿي چڪا هيا. ظلم ۽ ڏاڍ سان پر امن جنگ کيس دنيا ۾ جمهوريت جو هيرو بڻائي ڇڏيو هيو. هاڻي بينظير کي گرفتار ڪري عوام ۽ دنيا کان دور رکڻ مارشل لاءِ حڪومت لاءِ ممڪن ڪو نه هيو ڇاڪاڻ ته هوءَ دنيا ۾ خاص طرح همدردي پيدا ڪري آئي هئي هوءَ هاڻي صرف شهيد ڀٽو جي ڪمزور ڌيءُ نه پر هڪ مضبوط سياسي اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي قائد هئي. سندس گرفتاري بابت آمريڪي صدر رونالڊريگن پاران سرڪاري طرح سان ڳڻتي جو اظهار ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن مئڪس مئڊن ۽ لارڊ ايوبيوري به احتجاج ڪيو. پوءِ فرانس جي هڪ عدالت پاران بينظير ڀٽو کي شاهنواز ڀٽو قتل ڪيس ۾ حاضر ٿيڻ جو ليٽر مليو. جنهن ڪري کيس 3 نومبر 1985ع تي آزاد ڪيو ويو. هوءَ هڪ دفعو وري غير ملڪي تنظيمن ۽ دوستن سان رابطا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. آخرڪار 30 ڊسمبر 1985ع تي ملڪ مان مارشل لا ختم ٿي. محترمه لنڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ملڪ واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 9 اپريل تي سعودي هوائي اڏام وسيلي سعودي عرب پهتي جتان وري پي آءِ اي جي جهاز وسيلي 10 اپريل 1986ع صبح جو ستين وڳي لاهور ايئرپورٽ تي پهتي، لاهور ايئرپورٽ کان مينار پاڪستان تائين پهچڻ ۾ صبح کان شام ٿي وئي هئي. دنيا جي پريس موجب استقبال ۽ جلوس ۾ اٽڪل ٽيهه لک عوام موجود هيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هي سڀ کان وڏو عوامي استقبال ۽ جلوس هيو جنهن جو اڳ ڪو به مثال ڪو نه ٿو ملي. هي عوام جو سمنڊ ۽ سيلاب هيو جيڪو مسلسل مارشل لا جي سزائن ڏاڍاين ۽ محترمه جي جمهوري جدوجهد لاءِ قربانين جي عظمتن جو مثال هيو. ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به قوم پنهنجي سياسي قائد جو ايترو احترام ۽ استقبال ڪو نه ڪيو. نه صرف اهو پر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه گجرانوالا جي جلسي لاءِ 12 اپريل تي شام جو پنجين بجي پهچڻ بدران 13 اپريل تي صبح جو پنجين بجي پهتي ته به لکن جي تعداد ۾ عوام سڄي رات جاڳي سندس آجيان ڪئي. ساڳيو حال فيصل آباد ۽ پشاور ۾ به ٿيو. اهڙا ئي استقبال بلوچستان، سنڌ جي شهرن ۾ به ٿيا جن جي ڪري سياسي جلوسن ۽ جلسن جي هڪ نئين رڪارڊ جنم ورتو. بينظير صاحبه جا جلسا ۽ جلوس صبح رات يا شام واري وقت جا محتاج ڪو نه هيا پر وقت ۽ عوام سندس منتظر هيو. ورڪرن ۽ عوام ۾ هڪ سياسي جاڳرتا جو سيلاب هيو جيڪو گذريل نون سالن جي دٻاءُ خلاف نفرت جو وڏو رد عمل هيو. ايشيا جي هن خطي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو پر امن سياسي جدوجهد ذريعي مارشل لا جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو شاندار مثال قائم ڪيو. جنهن ثابت ڪيو ته هٿين خالي عوام جمهوريت جي جهنڊن هيٺيان پر عزم ۽ نه جهڪندڙ سياسي قائد جي سڏ تي ٽينڪ ۽ توپ کان وڏي طاقت ثابت ٿي سگهن ٿا. هو پهاڙ ۽ جبل به ڏاري سگهن ٿا. درياهن جا رخ موڙي سگهن ٿا. تاريخ جي فيصلن کي پنهنجي تابع ڪري سگهن ٿا. غلامي جا زنجير ٽوڙي سگهن ٿا. 15 آگسٽ 1986ع تي ايم آر ڊي آزادي واري ڏينهن تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ جلسا ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو. حڪومت هڪ دفعو وري محترمه بينظير کي پنجاب بدري جو حڪم ڏنو. پاڻ ڪراچي جي علائقي لياري ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. 13 آگسٽ تائين ايم آر ڊي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ هزارين عهديدار گرفتار ٿيا. محترمه بينظير ڀٽو صبح سوير پنهنجن ڪارڪنن کي 70 ڪلفٽن تي گهرايو ۽ هڪ وڏي جلوس جي قيادت ڪندي سوين گاڏين جي قافلي ۾ رستن تي اچي پهتا، پوليس ڪلفٽن روڊ تي اٽڪل ٽي سئو ۽ ڪراچي ۾ ٻه هزار ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا استعمال ڪيا پر محترمه بينظير ڀٽو حڪمت عملي تحت پوليس کي ڌوڪو ڏئي لياري ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود ماڻهن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ وري اتان ڳوڙها گيس ۽ لاٺي چارج ٿيڻ بعد پوليس کان پاڻ بچائي هڪ پيلي ٽيڪسي ۾ 70 ڪلفٽن پهتي جتي پوري دنيا جي پريس موجود هئي. ڪلفٽن روڊ تي بيٺل پوليس محترمه کي گرفتار ڪري نه سگهي ڇاڪاڻ ته هوءَ پيلي ٽيڪسي ۾ هئي. گهر پريس ڪانفرنس ڪندي کيس گرفتار ڪري لانڍي جيل ۾ آندو ويو، ان ڏينهن لاهور ۾ پوليس هٿان ڇهه ۽ سنڌ ۾ اٽڪل سورهن ماڻهو هلاڪ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هنگاما جلسا ۽ جلوس شروع ٿيا. فرانس، جرمني، برطانيا ۽ آمريڪا مان هڪ دفعو وري اسيمبلي ميمبرن ۽ تنظيمن محترمه بينظير ڀٽو جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو ۽ آخر حڪومت مجبور ٿي هن کي 9 سيپٽمبر 1985ع تي آزاد ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هاڻي مڪمل طرح سان پر امن ۽ جمهوري جدوجهد جي عظيم قائد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪي هئي. هوءَ پاڪستان ۾ جوش کان وڌيڪ هوش سان جمهوري لڙائي لڙڻ واري رهبر ثابت ٿي. هن پنهنجي پارٽيءَ ۽ ورڪرن کي پنهنجي حڪمت عملي وسيلي هاڻي گرفتاري ۽ جيلن کان پري رکڻ شروع ڪيو. هر هڪ واقعي لاءِ الڳ الڳ حڪمت عملي جوڙي، پارٽي مان گروپ بندي ختم ڪري پارٽي کي مضبوط ڪيو. پيپلز پارٽي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پارٽي ۾، پيپلز لائير فورم، خواتين ونگ، ليبر ونگ پيپلز ڊاڪٽرس فورم، هاري ونگ، ڪلچرل ونگ، يوٿ فورم قائم ڪيا، جنهن ڪري پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي، بينظير ڀٽو صاحبه کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرپرسن به منتخب ڪيو ويو. سندس قيادت ۽ باهمت شخصيت مايوس ورڪرن ۾ حوصلو پيدا ڪيو. قائد عوام شهيد ڀٽو جي وفات بعد پارٽي بي جان ٿي وئي هئي پر محترمه هڪ دفعو وري هن کي پاڪستان جي مضبوط ترين سياسي جماعت بڻائي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪا به اهڙي سياسي پارٽي ڪونهي جيڪا پيپلز پارٽي جي تنظيم سان مقابلو ڪري سگهي. هيءَ پارٽي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ شاخ رکي ٿي، اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون هن پارٽيءَ کي ملنديون آهن، هن پارٽي جي ڪارڪنن سڀ کان وڌيڪ مارشل لا خلاف جدوجهد ۾ جيل ڪاٽيا، سزائون ڀوڳيون، ڪوڙا کاڌا ۽ هر دور ۾ اڳي کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي رهي. پاڪستان جا ماڻهو هن پارٽي کي ڀروسي جوڳو ۽ قابل اعتماد سمجهن ٿا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مسلم ليگ قائداعظم جي قيادت ۾ واحد جماعت هئي جنهن ڪنهن به غريب ورڪر کي اليڪشن ۾ بيهاريو ته عوام ان کي کٽايو پوءِ ٻي اهڙي سياسي پارٽي پيپلز پارٽي ثابت ٿي جنهن جهڙي به اميدوار کي اليڪشن ۾ بيهاريو ته عوام بينظير ڀٽو صاحبه جي قيادت کي ووٽ ڏيندي انهن کي ڪامياب بڻايو. مسلم ليگ حڪومت ۾ اچڻ بعد ڏهن سالن تائين به پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهي ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ جي قيادت صرف حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو جڏهن ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي پيپلز پارٽي گذريل ٽيهن سالن کان حڪومت ۽ عوامي جدوجهد جون ٻئي واٽون محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ورتيون ڪاميابي ڏانهن وڌندي وڃي پئي. 18 سيپٽمبر 1987ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شادي جناب آصف علي زرداري سان ڪراچي ۾ منعقد ٿي. اٽڪل ڏهن سالن جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن بعد ڀٽو خاندان ۾ هڪ دفعو وري خوشيون واپس موٽيون. هڪ دفعو وري محترمه 12 مارچ کان 23 اپريل 1988ع تائين پرڏيهه آمريڪا ۽ برطانيا جي دوري تي وئي جتي هن واشنگٽن ۾ آمريڪي ٽيليوزن ۽ اخبارن کي انٽريو ڏنا ۽ پنهنجي پارٽي جي پاليسي جي وضاحت ڪئي.، جنرل ضياءُ الحق هڪ دفعو وري پنهنجي غير جماعتي بنيادن تي چونڊجي ايندڙ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو صاحب کي 26 مئي 1988ع تي عهدي تان هٽائي 16 نومبر 1988ع تي جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر 17 آگسٽ 1988ع تي سندس جهاز جي حادثي سبب فضائي موت واقع ٿيو. محترمه بينظير کي تاريخ 21 سيپٽمبر 1988ع تي پهرين اولاد پٽ ماسٽر بلاول ڄائو. واضح هجي ته جنرل صاحب اها اليڪشن محترمه کي ٻار ڄمڻ واري مهيني ۾ رکي هئي پر محترمه حڪمت عملي وسيلي غلط مهينو ظاهر ڪرايو. هن دفعي وري محترمه بينظير پنهنجي عظيم عوامي والد وانگر طوفاني دورا شروع ڪيا، جلسا، جلوس، هڪ عوام جو سيلاب روڊن، گهٽين ۽ ميدانن ۾ اچي ويو. هن وڌيڪ محنت ڪري 16 نومبر 1988ع وارين اليڪشن ۾ پارٽي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ڪيو ۽ ٽوٽل 207 سيٽون هيون. جنهن مان سندس پارٽي 92 مخالف پارٽي اسلامي جمهوري اتحاد 54 ۽ ايم ڪيو ايم 13 سيٽون حاصل ڪيون. پهرين ڊسمبر 1988ع تي پاڪستان جي قائم مقام صدر غلام اسحاق خان صاحب محترمه کي پاڪستان جي وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. 2 ڊسمبر 1988ع تي هن پاڪستان جي يارهين ۽ تاريخ اسلام جي پهرين خاتون وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو. مسلسل يارهن سال ڀٽو خاندان جون عورتون قيد تنهائي ۽ جلا وطن رهڻ بعد وري پنهنجي گهرن ۾ خوشين جا ڏيئا ٻرندي ڏٺا ۽ خوشي وچان ڳوڙها به ڳاڙيا. عزم، حوصلي، جدوجهد، محنت جو سلو کين مليو. لڳاتار ڪنڊن ڀريل رستن تي سفر ڪندڙ هن قابل فخر خاندان کي ٿڌڙين هوائن وارن گهاٽن وڻن واري باغ ۾ آرام ڪرڻ، ساهه پٽڻ جو موقعو مليو. محترمه پنهنجي پاليسي ۾ سوشلزم بدران بدلجندڙ حالتن مطابق نجي ملڪيت ۽ پرائيويٽائيزيشن جو عمل شروع ڪيو. پنهنجي والد جي قاتلن کي ملڪي مفاد ۾ معاف ڪيو ۽ جمهوري ادارن، انساني حقن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ هن سزائي موت وارن قيدين کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو. مارشل لا ۾ مليل سزائن کي ختم ڪيو. 60 سال کان وڏي عمر جي قيدين کي کي آزاد ڪيو. قتل کان علاوه ٻين ڪيسن ۾ قيد عورتن کي آزاد ڪيو. اهڙي طرح اٽڪل سترهن هزار قيدين کي فائدو حاصل ٿيو جلاوطن ٿيل سياسي قيدي واپس آيا. 12 ڊسمبر 1988ع تي 35 ورهين جي ڄمار ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بحيثيت وزيراعظم پاڪستان قومي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪيو، کيس حمايت ۾ 148 ووٽ مليا ۽ مخالفت ۾ 55 ووٽ پيا. هن سال 29 ڊسمبر 1988ع تي اسلام آباد ۾ منعقد سارڪ ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلا محترمه جي وڏي پرڏيهي ڪاميابي هئي جنهن ۾ هندستان جو وزيراعظم راجيو گانڌي، بنگلاديش جو صدر حسين ارشاد، سريلنڪا جو صدر جي ورڌني، مالديپ جو صدر مامون عبدالقيوم، نيپال جو شاهه بريندرا ۽ ڀوٽان جو شاهه جگمي سنگي شريڪ ٿيا. پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان جي مخالفن کي محترمه جو وزير اعظم هئڻ هر حال ۾ بردداشت ئي ڪو نه هيو. هنن عدم اعتماد جي تحريڪ هلائي پر محترمه قومي اسيمبلي کان اڪثريت ۾ ووٽ وٺي ان بحران مان بچي وئي ليڪن جنرل ضياءُ الحق جي ساٿاري صدر مسٽر غلام اسحاق خان مختلف الزام هڻي 4 آگسٽ 1990ع تي هن جي حڪومت کي صرف 18 مهينن بعد برطرف ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عوام کيس پنجن سالن لاءِ چونڊيو هيو. هڪ دفعو وري ڪمزور حڪمرانن محترمه بينظير ڀٽو مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ۽ سندس ور مسٽر آصف علي زرداري کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي قيد ۾ بند مڙس سان مختلف جيلن ۾ ملاقاتن ڪرڻ، ڪورٽن ۾ حاضرين تي ملڻ، سندس مقدمن لاءِ قانوني طرح عدالتن ۾ جنگ ڪرڻ کان علاوه پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي خصوصي عدالتن ۾ منهن ڏيڻ واري سلسلي ۾ مصروف ٿيڻو پيو. ان وچ ۾ 24 آڪٽوبر 1990ع تي چونڊون ڪرايون ويون. صدر غلام اسحاق خان صاحب هڪ رٿيل منصوبه بندي تحت پيپلز پارٽي کي هارايو. هاڻي محترمه کي حزب اختلاف جي ليڊر جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو. هوءَ مسلسل عدالتن ۾ پنهنجو دفا ڪرڻ ۾ ڦاسي پوي ٿي. هڪ نه کٽيندڙ ذهني پريشاني سان مقابلو ڪندڙ عورت هاڻي انهن ننڍين پريشانين ۾ ڀلا ڪيئن همت هاريندي، اڳ ته هوءَ مصيبت جا وڏا جبل جهاڳي آئي هئي. محترمه بينظير کي حڪومت ۾ ويٺل حڪمرانن پريشان رکيو ته ٻئي طرف وري صدر غلام اسحاق خان ۽ سندس وزير اعظم ميان محمد نواز شريف صاحب پاڻ ۾ ڪن مسئلن تي اختلافن سبب هڪ ٻئي جا مخالف ٿي بيٺا. سندس اختلافن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. پرڏيهي امداد ڏيندڙ ملڪن اڳوڻا قرض نه ملڻ ڪري نوان قرض نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڳوڻا قرض واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ پاڪستان کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏئي اقتصادي ناتن جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني. آخر اهڙي صورتحال سبب طاقتور قوتن وزيراعظم ميان محمد نواز شريف صاحب کي هڪدم هٽائي عارضي وزير اعظم مسٽر معين قريشِ کي مقرر ڪيو. جڏهن ته ڪجهه عرصي بعد صدر غلام اسحاق خان کي به هٽايو ويو. لڳاتار اڍائي سال محترمه جو مڙس آصف علي زرداري صاحب جيل ۾ رهيو اهو پڻ آزاد ٿيو. محترمه ۽ سندس ور جي مٿان داخل ڪيس ثابت ڪو نه ٿيا. وري 6 آڪٽوبر 1993ع تي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ 207 سيٽن مان قومي اسيمبلي جون 86 سيٽون حاصل ڪيون. محترمه پاڪستان جي تاريخ ۾ پنهنجي والد ماجد جو رڪارڊ برابر ڪندي ٻيهر ووٽن ذريعي ڪاميابي ماڻي 19 آڪٽوبر 1993ع تي وزيراعظم منتخب ٿي. هن پاڪستان مسلم ليگ جوڻيجو گروپ سان مرڪز ۽ صوبن ۾ پي ڊي اي جي مخلوط حڪومت ٺاهي. محترمه بينظير ڀٽو کي جڏهن ٻيهر حڪومت ملي ته ملڪ ۾ افراط زر جي شرح وڌيل، زرمبادلي جا گهٽ ذخيرا موجود هيا. اڳوڻي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب بئنڪن جو ڏيوالو نڪتل هيو. پرڏيهي قرضن جي عدم ادائگي ۽ منشيات جي ڌنڌي ۾ وڏن ماڻهن جي ملوث هئڻ سبب پاڪستان کي منشيات فروش ۽ دهشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ جا عالمي طاقتن طرفان اعلان شامل هيا. سال 1994ع ۾ محترمه پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي تمام گهڻا انتظامي فيصلا ڪيا جنهن ۾ ڪراچي اندر دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج جي واپسي ۽ پوليس آپريشن ذريعي صوبي جي عوام کي سڪون واپس ڏنو، بئنڪن مان مختلف ذريعن سان سرمائيدارن، واپارين، سياستدانن، جاگيردارن پاران ورتل قرض واپس ڪرڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ، سيلز ۽ انڪم ٽيڪس چورن خلاف وڏي مهم هلائڻ، بئنڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن پاران بااثر ماڻهن کي قرض ڏيڻ تي بندش، وفاقي اينٽيڪرپشن ڪميٽي جو قيام، پنجاب ڪو آپريٽو سوسائٽي پاران لٽيل متاثرين کي پنجويهه هزار رپين تائين سرڪار پاران ادائگي، اٽڪل پنجاهه هزار بيروزگارن کي ملازمتون ڏيڻ، نج ڪاري ڪميشن جو قيام شامل آهن. دراصل محترمه جو هي دور هڪ وڏي اقتصادي بحران لاءِ مهانگائي کي وڌايو، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومتن I.M.F ۽ ورلڊ بئنڪ کان ورتل قرض ادا نه ڪيا ۽ هر حڪومت قرضن جي ادائگي کي ايندڙ حڪومت ڏانهن ملتوي ڪندي رهي آخر مالي قرض ڏيندڙ ادارن سخت موقف اختيار ڪيو. هن ڏس ۾ محترمه نجڪاري تي ڀرپور توجه ڏنو. زرعي شعبي ۾ انڪم ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف ماحوليات، زرعي، سوشل ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪيا. غير ملڪي سرمايه ڪارن ۽ غير ملڪي ڪمپينين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ هڪ پيڪيج ڏنو ۽ ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. هن سال معيشت لاءِ ورتل سخت اپائن سبب عالمي مانيٽرنگ فنڊ واري اداري هڪ رپورٽ تسليم ڪيو ته پاڪستان اقتصادي بحران کان ٻاهر نڪري ويو آهي ۽ وٽس هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جا ذخيرا موجود آهن. عالمي بئنڪ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن حب پاور پروجيڪٽ، غازي بروٿا پروجيڪٽ ۾ 1400 ميگاواٽ واڌارو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سوا ٻه ارب رپين جي منصوبي ۾ اڌ ڏيڻ جو فيصلو، عالمي بئنڪ سوشل ايڪشن پروگرام لاءِ اسي ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جيڪا اڳ ڏنل هڪ ارب پنجونجاهه ڪروڙ ڊالرن کان علاوه آهي. سندس ڪاميابين ۾ دفاعي سطح تي سويڊن ۽ فرانس حڪومت پاران پاڪستان کي ميراج پنج هزار جهاز ۽ اگوسٽانوي آبدوز کان علاوه جديد A.M.X ٽينڪ، لاما ۽ پيوما هيليڪاپٽر ڏيڻ جي معاهدن کان علاوه جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ فوجي سامان خريدڻ لاءِ ڏنل پئسن مان پاڪستان کي 37 ڪروڙ ڊالرن جو فوجي سامان ڏيڻ جو اعلان به شامل آهي. هن ڏس ۾ 23 آڪٽوبر 95ع تي واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ ۽ ايوان نمائندگان جي پينل کان پريسلر ترميم جي جڳهه تي برائون ترميم منظور ڪرائڻ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. سندس پرڏيهي ڪاميابين ۾ آمريڪا پاران ايٽمي هٿيارن تي پابندي بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪرڻ، ڪشمير مسئلي کي عالمي اسلام ۽ دنيا جي عالمي ادارن کان مڃائڻ به شامل آهي. 3 جنوري 1994ع تي ڪشمير بابت پاڪ ڀارت سيڪريٽري خارجه مذاڪرات ۾ ڪشمير کي ڀارت متنازعه تسليم ڪيو. آمريڪا ۾ 3 آڪٽوبر 1995ع تي اسلامي ملڪن جي وزرا خارجه اجلاس ۾ قرارداد پاس ڪري ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس کي O.I.C ۾ مبصر طور جڳهه ڏني. 2 فيبروري 1994ع تي بوسنيا ۾ هلندڙ شديد لڙائي ۾ زندگي خطري ۾ وجهي دنيا جي ٻن عورتن وزيراعظمن محترمه ڀٽو ۽ ترڪ وزيراعظم مسز تانسو چلر دورو ڪري زخمين جي عيادت ذريعي دنيا جو توجه ڇڪايو. سال 1994ع محترمه لاءِ سياسي اقتصادي ۽ خارجي سطح تي ڪامياب ٿابت ٿيو. هن عالم اسلام ۾ دنيا جا ڪيترا ڪامياب دورا ڪيا. هن جي حڪومت 31 مارچ 94ع تي اقوام متحده جي قيادت ۾ صوماليه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اٽڪل پنج هزار فوجي موڪليا. 25 اپريل 1994ع تي شمالي علائقن ۾ عدالتي انتظامي اصلاحات جو اعلان ٿيو. محترمه جي ڪوششن ساڻ 1 آگسٽ 1995ع تي اسلام آباد ۾ مسلم ملڪن جي خواتين پارليامينٽرين جي عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ محترمه ان جو افتتاح ڪيو. ملڪ ۾ تباهه ٿيل ٽيڪسائيل سيڪٽر لاءِ 3 آڪٽوبر 1995ع تي 17 نڪاتي پيڪيج جو اعلان ڪيو جنهن جو واپارين ڀليڪار ڪيو. 7 آڪٽوبر 1995ع تي سعودي سيڙپڪار سرمائيدارن سان ڪراچي جي بيمار صنعتن کي ٻيهر هلائڻ لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو معاهدو ٿيو. ساڳي ڏينهن تي سندس حڪومت آمريڪا جي پيشڪش کي رد ڪيو. جنهن مطابق ايف 16 جنگي جهازن بدلي پاڪستان يورينيم سان لاڳاپيل مرڪز کي بين الاقوامي ايٽمي انرجي ڪميشن کي آمريڪي حڪام ماتحت ڪرڻ شامل هيو. محترمه 18 آڪٽوبر 1995ع تي غير وابسته تحريڪ پاران سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. 23 آڪٽوبر 1995ع تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ انڊر سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ تجويز ڏني. محترمه تقرير ۾ ڪشمير، روانڊا ۽ بوسينيا ۾ ظلم بابت عالمي ٽربيونل قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. محترمه هن اجلاس جي موقعي تي اٽڪل 27 ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي. محترمه جي ڪوششن سان اقوام متحده پنهنجي 50هين سالگره جي وقت حصول حق خود اراديت جدوجهد کي جائز قرار ڏنو. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل بابت پاڪستاني موقف شامل ڪيو. محترمه 25 آڪٽوبر 95ع تي فرانس جي صدر جيڪ شيراڪ سان پاڪستان ۽ فرانس درميان دفاعي اقتصادي شعبن ۾ تعاون ڪرڻ 7 ميراج 58-2000 جي خريداري بابت ڳالهايو. محترمه ايراني صدر هاشمي رفسنجاني جي دعوت 6 نومبر 95ع کان ايران جو دورو ڪيو ۽ 7 نومبر تي ايراني اسيمبلي کي خطاب ڪيو. محترمه 22 نومبر 95ع کان آمريڪا جو دورو ڪيو جنهن ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن سندس شاندار ۽ خاص آڌرڀاءُ ڪيو. محترمه آمريڪي سينيٽ. سرمائيڪارن، اخبارن، واپارين ۽ ٻين ڪيترن تنظيمن کي خطاب ڪيو. جيئن ته محترمه ڀٽو جي حڪومت ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون شامل آهن جن سان پاڪستان جو نالو دنيا ۾ وڌيڪ روشن ٿيو. دراصل محترمه جي اقتدار ۾ اچڻ بعد دنيا جون نگاهون پاڪستان ڏانهن ڏسڻ لڳنديون آهن. ڇاڪاڻ ته هڪ لبرل، روشن خيال، جمهوريت پسند عالمي معاملن تي ڀرپور واقفيت رکندڙ سياسي اڳواڻ طور محترمه ڀٽو کان دنيا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي اميد رکندي آهي. محترمه پاڪستان کي دهشتگردي ۽ منشيات فروش ملڪ جي بدنامي کان بچايو ۽ سخت خطرن باوجود ڊرگ مافيا جون اٽڪل ٻه سئو بااثر شخصيتون گرفتار ڪيون. هڪ وڏو آپريشن ڪري سرحد ۽ قبائل ۾ منشيات جي اڏن کي ختم ڪيو. ملڪي مفاد ۾ انتهائي دليرانه ۽ ڏاهپ ڀريل فيصلن ڪرڻ تي دنيا جي پريس محترمه ڀٽو صاحبه کي پاڪستان جي ”آئرن ليڊي“ جو خطاب ڏنو. مختصر نموني سندس ڪامياب پاليسين سبب پرڏيهه کان ملندڙ قرضن جو تفصيل ڏجي ٿو. سال 94-95ع دوران پاڪستان 2 ارب 58 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جا قرض حاصل ٿيا. جڏهن ته 93-94ع جي مقابلي ۾ 5 ڪروڙ، 40 لک ڊالر جا وڌيڪ قرض حاصل ٿا. ڪنسوريشم وسيلي 50 ڪروڙ، 50 ڊالر قرض مليا. اسلامي ملڪن لاءِ 7 ڪروڙ 10 لک ڊالر قرض ڏنا. ملائيشيا پام آئل خريداري لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر منظور ڪيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ دنيا پاران هڪ رڪارڊ سيڙپڪاري جو اعلان هن کان اڳ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ نه آيو. سندس حڪومت ۾ پورٽ قاسم وٽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو قيام ۽ ٺٽي ۾ ڪيٽي بندر گاهه، گوادر پورٽ جو قيام به شامل آهي. ٿرڪول پروجيڪٽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو پرڏيهي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي جيڪو ٿر جي ڪوئلي کي ڪم آڻڻ لاءِ عمل ۾ آيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڪوئلو دنيا جي اعليٰ قسم مان هڪ آهي. هن پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ سان اٽڪل هڪ لک ماڻهن جي روزگار جو ذريعو پيدا ٿيندو. محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا. پوري دنيا جي ملڪن کي گهربل سهولتون ڏئي کين پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو. هر ملڪ سان قرضن جا معاهده سيڙپڪاري جي انداز ۾ ٿيا. دنيا کي محسوس ڪرايو ويو ته پاڪستان دنيا لاءِ بهترين سيڙپڪاري واري جڳهه آهي. جڏهن دنيا جي هر هڪ ملڪ ۽ ملڪن جي صنعتڪارن پاڪستان ۾ ڪارخانن ۽ ٻين توانائي جي شعبن ۾ اڳتي اچڻ جو اعلان ڪيو ته پوءِ پاڪستاني بزنس مين طبقو به اڳتي وڌيو. ان کان اڳ پاڪستاني واپاري صرف پلانن تي ڪارخانا ظاهر ڪري ڪوڙا قرض وٺي پئسا هضم ڪري ويندا هيا. پاڪستان ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ بيروني امداد حاصل ڪرڻ، خارجه پاليسي ۾ ڪاميابين ۽ پريس جي آزادي کي سندس مخالفن به تسليم ڪيو آهي. اخبارن ۾ ورڪرن لاءِ ويج بورڊ ۽ بونس لازمي ڪرڻ به سندس ڪارنامو آهي. سڀ کان وڌيڪ تبصري لائق سندس قابليت، ذهانت ۽ مضبوط سياسي شخصيت آهي. ان کان اڳ به 1988ع ۾ سندس پارٽي کي اسيمبلي ۾ خاص اڪثريت حاصل ڪيائين. اهڙي طرح وري 1993ع وارين اليڪشن ۾ مخلوط حڪومت پي ڊي اي اتحاد سان جوڙيائين. پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ نوابزادي نصر ا﷢ خان، غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب ۽ حامد ناصر چٺه صاحب جي مسلم ليگ کان علاوه مولانا فضل الرحمان جي جماعت شامل هئي. محترمه ڀٽو صاحبه جو اهو ڪمال آهي ته پاڪستان جي سماج ۾ جتي مرد ۽ اسلام جي احترام سبب عورتن کي ٻي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو ۽ هڪ ٽولو پنهنجي خواهشن لاءِ من پسند تشريح ڪندي ائين به چئي ٿو ته عورت کي حڪمراني جو حق ڪونهي. اهڙي مرد جي سماج ۾ جتي عورت ڪنهن مرد سان هٿ به ملائي نه سگهي. اڪيلو سياسي ملاقات نه ڪري سگهي. گڏجي شڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪنهن سان حد کان وڌيڪ مسڪرائي ڳالهائي نه سگهي. فوٽو به نه ڪڍائي سگهي، اهڙي مضبوط مرد جي سماجي معاشري ۾ محترمه ننڍي عمر جي عورت هوندي انهن سياست جي چاچن ۽ مامن کي شڪست ڏني مخالف بئنچن تي يا پنهنجي قيادت ۾ هلائي جن جي زندگي سياست ۾ گذري هجي اها سندس همت ۽ ڏاهپ آهي. سندس ٻه دفعا وزيراعظم ٿيڻ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هڪ قوم نه آهي، صوبائيت ۽ مذهبي بنيادن تي پارٽيون آهن، تنهن کان علاوه ”پردي“ پويان قوتون آهن. ان سبب محترمه جي مخالفت به ايتري ئي گهڻي آهي. هر هڪ چاهي ٿو ته ان جي شرطن تي حڪومت اچي انهن کي راضي رکيو وڃي تنهن ڪري اهو محترمه ڀٽو لاءِ ناممڪن آهي ته سڀني کي راضي رکي. ان کان علاوه پ پ هڪ عوامي پارٽي آهي عوام ۽ ورڪرن کي به خوش رکي. اهڙن حالتن کان علاوه ٻئي طرف مخالف پارٽين پاران ساڻس عدم تعاون ۽ روزانو تحريڪون، لانگ مارچ، ڪڏهن ٽرين مارچ، هڙتالون، شهر بند، مظاهرا هجن ته پوءِ ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي، سياسي انارڪي ٿيندي، پرڏيهه ۾ ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو، جمهوريت کي استحڪام نه ملندو ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿينديون، اهو ئي ٿيو جو ملڪ ۾ مخالفن جي ضدي روين، پرڏيهي مالياتي ادارن جي سخت شرطن ۽ پيپلز پارٽي ۾ ناخوش دوستن جي ڪري محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي هڪ دفعو وري 5 نومبر 1996ع تي رات جو ختم ڪيو ويو. وري احتساب ڪميشن ئي محترمه ۽ سندس وڪيل آهن، ڏسون ڇا ٿئي ٿو. گذريل ڇهن سالن ۾ محترمه چوٿين چونڊيل وزيراعظم آهي جنهن جي حڪومت جو خاتمو وقت کان اڳ ٿيو آهي. محترمه ۽ پيپلز پارٽي سان واسطو نه رهيو آهي يا ساڻس ملاقات جو موقعو اڄ ڏينهن تائين ڪو نه مليو آهي مان ذاتي طرح سان سندس باري ۾ راءِ نه ٿو ڏيان پر مٿس تنقيد به ٿئي ٿي ته هو سخت طبيعت سياستدان آهي. ڪنهن پارٽي عهديدار جي جي تنقيد، برداشت نه ٿي ڪري، پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو سان سندس رويو به پسند نه ٿو ڪيو وڃي. پنهنجي والده سان به اختلاف کيس ڀٽو صاحب طرفان مقرر ڪيل پارٽي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ ۽ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو تي سندس موجودگي ۾ فائرنگ کان علاوه ڀٽو خاندان جي ماضي ۾ قائم سياسي يڪجهتي کي نه سنڀالڻ به قابل تنقيد رهي ٿو. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفن ۽ شهيد ڀٽو جي قاتلن سان گڏجي ڪم ڪرڻ به ماڻهن کي نه ٿو وڻي پر هاڻي ملڪي حالتن مطابق عوام به انقلاب لاءِ تيار ڪونهي. ڪرسي جي سياست جو دور آهي قومپرست، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اسلامي خيالن جا ماڻهو اقتدار ۾ گڏ ويٺا آهن. سياسي نظريا ۽ فلسفا هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. جيڪو وڌيڪ بااثر ماڻهو رکي ٿو، قائد جي شخصيت ۾ چمڪ ۽ ڏاهپ آهي. سگهارن ادارن سان ويجهڙائپ رکي ٿو ۽ ڪرسي لاءِ هر هڪ حربو استعمال ڪري ٿو اهو حڪومت ماڻي ٿو ۽ عوام به هاڻي حڪومت مان ڪم حاصل ڪرڻ جو رستو ورتو آهي پوءِ ڀلا محترمه ڀٽو صاحبه تي ڪهڙي معيار. بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد آهي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل آهي. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.