ڪتاب جو نالو: هندستان جي تواريخ ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي هندستان جي تواريخ 1- هندستان، سندس جبل ۽ نديون 1- هندستان هڪڙو تمام وڏو ملڪ آهي، جو ايشيا جي ڏاکڻي پاسي کان سمنڊ ۾ گهڙي ويو آهي. هن کي ٽي پاسا آهن. سندس اُترئين پاسي هماليه نالي جبلن جي هڪڙي اتاهين قطار آهي. اُڀرندي ۽ اُلهندي پاسن کان وڏو سمنڊ اچي لڳو اٿس. 2- هماليه، جنهن جي معنيٰ آهي برف جو گهر، اُنهي نالي وارا سڄي جهان ۾ سڀني کان اُتاهان جبل آهن. وڏين ڀتين وانگيان هندستان کي ايشيا جي ٻئي ڀاڱي کان الڳ ڪري ڇڏيو اٿن. اُنهن جون چوٽيون برف سان ڇانيون پيون آهن ۽ اُها برف ڪڏهين ڪين ڳرندي آهي. اُنهن چوٽين تي اهڙي ٿڌ آهي، جو اُتي نڪو ماڻهو يا مرون رهي سگهي، نڪو وڻ ٽڻ ٿي سگهي. 3- جي هي جبل اوڀارين سمنڊ کان برابر اولاهين سمنڊ تائين هليا وڃن ها، ته اُترئين پاسي کان ڪوبه هندستان ۾ ڪين اچي سگهي ها. پر اُتر اولهه ۽ اُتر اوڀر جي پاسن کان هو گهٽجي ٽڪرين جون ننڍيريون قطارون ٿي پيا آهن، جن ۾ ماٿريون آهن، جن کي لڪ يا لانگها چوندا آهن؛ ڇاڪاڻ جو ماڻهو اُنهن مان لنگهي ويندا آهن. اُهي به گهڻو ڪري برف سان ڀريون پيون هونديون آهن. 4- اُتر اُلهندي واريون ٽڪريون اُهي آهن، جن کي سليمان جبل چوندا آهن ۽ اُنهن ۾ مکيه لڪ خيبر جو درو آهي. اُتر اوڀر پاسي پٽڪوئي ٽڪريون آهن. اُنهن ٽڪرين ۽ هماليه جبلن جي اوڀارينءَ پڄاڻيءَ جي وچ ۾ برهمپترا وڏيءَ نديءَ پنهنجي لاءِ واٽ گهڙي آهي ۽ اُتر اوڀر کان هندستان ۾ اچڻ جا جي لڪ آهن، سي اُنهي برهمپترا واريءَ واٽ سان آهن. 5- هماليه جبلن جي ڏاکڻي پاسي هندستان جو ڪشادو پٽ آهي، جنهن مان سنڌو ۽ گنگا اِهي ٻه وڏيون نديون وهن ٿيون. اُلهندو ڀاڱو سنڌونديءَ جي ماٿري، ۽ اُڀرندو ڀاڱو گنگا نديءَ جي ماٿري آهي. هن وڏي پٽ جي ڏاکڻي پاسي هندستان جي وچ مان ونڌيا ۽ ساتپورهه جبل هليا ويا آهن. جيئن هماليه جبل هندستان جي پٽ کي اُتر پاسي ايشيا کان الڳ ڪري ٿا ڇڏين، تيئن ونڌيا جبل ڏاکڻي ڀاڱي کي هندستان کان لڪايو ڇڏين. 6- دکن، هندستان جو اُهو ڀاڱو آهي جو هندستان جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ ونڌيا جبلن جي ڪري هو هندستان کان ڌار ٿيو آهي. اولهه پاسي ونڌيا جبل هيٺ برابر سمنڊ تائين هليا ويا آهن، پر سندن اوڀارينءَ پڄاڻيءَ وٽ لهندي لهندي هيٺڀريءَ ڌرتيءَ سان وڃي گڏيا آهن، جنهن کي ڇوٽيا ناگپور وارو سنئون اُتاهون پٽ چون ٿا؛ تنهنڪري هندستان کان دکن ڏي وڃڻ لاءِ سڀني کان سهنجو رستو سمنڊ ۽ ونڌيا جبلن جي اُوڀارينءَ پڄاڻيءَ جي وچ وارو آهي. جيڪي ماڻهو هاڻي دکن ۾ رهن ٿا، سي آڳاٽي زماني ۾ اُتي اُنهي ساڳئي رستي کان آيا ها. هندستان، سندس جبل ۽ نديون - دکن جو ملڪ ٽڪرين ۽ ندين سان ڀريو پيو آهي. اولهه پاسي ٽڪرين جي هڪڙي اُتاهين قطار آهي، جنهن کي اُلهندا گهاٽ سڏين ٿا، ۽ اوڀر پاسي جيڪيسو هيٺڀريون ٽڪرين جون قطارون آهن، جن کي اُڀرندا گهاٽ چون ٿا. دکن ۾ جيڪي نديون آهن، سي سڀ اڪثر اُلهندي گهاٽن مان ٿيون نڪرن ۽ اُڀرندي گهاٽن جي چيرن مان لنگهي اوڀر پاسي وڃي سمنڊ ۾ ڇڙن ٿيون. سمنڊ ۽ اُنهن گهاٽن جي وچ ۾ هيٺاهين ڌرتيءَ جي چيِوٽ آهي جا اُترئين پاسي سوڙهي آهي، پر ڏاکڻي پاسي ويڪرو پٽ وڃي ٿي آهي؛ جنهن کي ڪرناٽڪ يا ڏکڻ هندستان جو پٽ ڪري ٿا چون. اُتر کان ڏکڻ هندستان ڏي وڃڻ جو رستو اُڀرندن گهاٽن ۽ سمنڊ جي وچواريءَ اُنهيءَ سوڙهيءَ ڌرتيءَ وچان آهي. 2- بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان جي حالت (الف) پَٿَر ۽ ڌاتُنِ جو سمو 1- بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان هڪ جهنگلي ملڪ هو ۽ شاهي ٻيلن سان ڇانيو پيو هو. ٻيلن ۾ جهنگلي جانور ڇوٽ پيا گهمندا هوا ۽ وڻن تان شاهي نانگ پيا ڦوڪون ڏيندا هوا. اُنهي وقت نڪي هوا شهر، نڪي ڳوٺ نڪي گهَرَ. 2- ڪٿي ڪٿي ٿورا جهنگلي ماڻهو رڇن جيان غارُنِ ۾ رهندا ها، يا باندرن جيان وڻن تي سمهندا ها. قد جا ڇوٽا، ڪارا، بدشڪل، ننگا ۽ غليظ هوندا ها. جهنگلي ميون، ٻيرن، وڻن جي نرم بارن يا سوُئر ۽ هرڻ جي گوشت تي گذران ڪندا هئا. ڪپ ڪئنچي جو ته نالو به ڪين هو، سو وڍڻ لاءِ تکا چهنبدار سخت پٿر ڪم آڻيندا ها. ڪاٺيون گهي باهه ٻارڻ جي ترتيب ڳولي ڪڍي هوائون. اِنهن ماڻهن کي جيڪر اسين پٿر جي سمي جا ماڻهو ڪري ڪوٺيون. 3- اهڙيءَ طرح ڪي جُڳَ رهي، نيٺ اِنهن جهنگلي ماڻهن رفته رفته بهتر گذران جو نمونو ڳولي ڪڍيو. رهڻ لاءِ جهنگن ۾ ننڍيون جهوپڙيون جوڙڻ لڳا. بدن ڍڪڻ لاءِ وڻن جا پن يا شڪار ڪيل جانورن جون کلون پهرڻ لڳا. هرڻ جي شڪار ڪرڻ لاءِ تير ڪمان يا چهنبدار ننڍا ڀالا ڪم آڻڻ لڳا. بهتر کاڌي کائڻ ڪري سندن بَدَنُ اڳين ماڻهن جي بدن کان وڌيڪ وڏو ۽ سگهارو ٿيو هو. مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙي اُنهن ۾ کاڌو رڌڻ سکيا هوا. ڌاتُن مان پڻ ڪهاڙيون ۽ ڀالن جا مٿا ٺاهڻ سکيا هوا. اِنهن ماڻهن کي جيڪر ڌاتُن جي سمي جا ماڻهو ڪري ڪوٺيون. (ب) اوائلي هندستاني قومون (ڪولَ) 1- جيتري قدر لکيت مان معلوم ٿي سگهي ٿو. اوتري قدر چئي سگهجي ٿو، ته بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان ۾ ڪئين ٽوليون رهنديون هيون جن جو نسل ٻن شاهي قومن مان هو. هڪڙا هوا ڪولَ ۽ ٻيا هوا دراوڙ. اُنهي وقت ڪولَ رهندا هوا اُتر ۽ وچ هندستان ۾. مگر دراوڙ، جي انداز ۾ گهڻو وڌيڪ هوا، سي ته ملڪ جي هر هڪ ڀاڱي ۾ رهندا هوا. 2- پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي، ته جهڙيءَ طرح ”ڌاتن جي سمي“ وارا ماڻهو ”پٿر جي سمي“ وارن ماڻهن جي نسل مان هوا، تهڙيءَ طرح پڻ ڪولَ ”ڌاتن جي سمي“ وارن ماڻهن جي نسل مان هوا، يا انهن ڪنهن ٻئي ملڪ جا رهاڪو هوا، ۽ پوءِ، جئن ڪن عالمن جوڙايو آهي، اُتر اُڀرندي طرف کان هندستان ڏي وڌي آيا. ايتري سا پڪ آهي ته هوُ بلڪل آڳاٽي وقت ۾ ساري اُتر ۽ وچ هندستان ۾ رهندا هوا. 3- ڪول قوم وارن ماڻهن کي ڪو چوپايو مال ڪونه هو. هو خاص شڪار تي گذران ڪندا هوا، پر زمين پڻ کيري اَنّ پوکيندا هوا. اِنَ لاءِ اول ڪاٺ جا اوزار پر پوءِ لوهه جا اوزار ڪتب آڻيندا هوا. سڀيئي ڪول ڪُٽَنبَن ۾ وراهيل هوا ۽ هر هڪ ڪُٽَنبُ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. پنهنجن فوت ٿيلن وڏن جي روحن ۽ جنن ڀوتن جي پوڄا ڪندا هوا. ڀائيندا هوا ته اُهي ٻيلن ۾ واسو ڪيو ويٺا آهن. هندستان ۾ وقت به وقت جيڪي قومون پي آيون اُنهن سان ڪول اڪثري اهڙو ته ملي ويا جو هينئر هنن جو پتو پوڻ ئي محال آهي. مگر ڪي ڪول قوم جون ٽوليون، جن کي هند لاءِ ڌِڪار هُئي، سي، کانئن هزارين ورهين کان وٺي الڳ پي رهيون آهن. هن وقت اهڙيون اٽڪل ٻارهن ٽوليون آهن ۽ سندن ڪل تعداد اٽڪل ٽيهه لک آهي. اِهي ٽوليون اُلهندي بنگال، ڇوٽا ناگپور اُڙيسا، ۽ وچ وارن علائقن جي ٽاڪرو ڀاڱن ۾ رهن ٿيون. منهجائن مکيه آهن، ڀيل ۽ سنتال. (ٻ) اوائلي هندستاني قومون (دراوڙ) 1- دراوڙن جي وڏن جي اسان کي اهڙي خبر آهي جهڙي ڪول جي وڏن جي. وقتي ڪول قوم وانگي سڌو ڌاتُنِ جي سمي وارن ماڻهن جي نسل مان هجن، يا جنهن قوم مان ڪول قوم نسل ورتو هجي تنهن مان ئي نسل هجين. يا وقتي خود ڪول ٽولين مان ئي نسل ورتو هجين ۽ جُڳَنِ جا جُڳَ ملڪ جي وڌيڪ آباد ڀاڱن ۾ رهڻ ڪري ٽاڪرو ڪول قوم وارن ماڻهن کان وڌيڪ مضبوط ۽ سڌريل ٿي ويا هجن. ڪن عالمن جو رايو آهي ته اُتر اُلهندي وارن ملڪن مان هندستان ۾ اچي، ڳچ وقت اُتر هندستان ۾ رهي ڪول قوم وارن سان وڙهندا وڙهندا جي ڏکڻ هندستان ۾ نڪتا. 2- ٻين جو وري رايو آهي ته اِهي دراوڙ آيا ڏکڻ طرف کان. ڪهڙي مڪان کان آيا تنهن لاءِ چون ٿا ته آڳاٽي وقت ۾ هندستان جي ڏکڻ طرف هندي وڏي سمنڊ ۾ هڪ شاهي ملڪ بيٺل هو جنهن کي هاڻي سمنڊ ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ وري ايشيا کنڊ جي ڏکڻ اُڀرندي طرف ڪي ٻيٽ هوا جي آسٽريليا کنڊ سان ڳنڍيا بيٺا هوا، مگر سمنڊ کين هاڻي آسٽريليا کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. هنن جي راءِ موجب اِهي دراوڙ هندستان ۾ يا ته هندي وڏي سمنڊ واري ملڪ مان آيا يا ته آسٽريليا سان ڳنڍيل ٻيٽن مان. دراوڙن جي نانگ پوڄا 3- دراوڙ ڍورن جا وڏا ڌڻ پاليندا هوا. گهاٽا ٻيلا جن سان ملڪ ڇانيو پيو هو، سي هنن ڪين ڇڏيا ۽ ڌرتيءَ کي صاف ڪري اُن تي پوک ڪيائون. هو ڳوٺن ۾ رهندا هوا. هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مُکي يا پٽيل هوندو هو،جنهن کي ڳوٺ جا ٻيا سڀ ماڻهو مڃيندا هوا. هو ڌرتيءَ کي پنهنجي وڏي ماتا ڪري پوڄيندا هوا ۽ نانگن ۽ وڻن جي پڻ پوڄا ڪندا هوا. کين ديوتائن لاءِ ڪو پيار ڪونه هو. پر ڊپ وچان هنن کي پرارٿنا ڪندا هوا ته کين دک نه پهچائين. ڀائيندا هوا ته سندن ديوتائون رت پيئڻ جا ڪوڏيا آهن ۽ اُنهن کي راضي ڪرڻ خاطر ڪُڪرن، ٻڪرن ۽ پاڏن جي ٻل چاڙهيندا هوا. 4- آڳاٽن احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان ۾ دراوڙن جا وڏا شهر ٻڌل هوا ۽ دراوڙ قوم ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويئي هئي. هنن کي وڏيون بيٺڪون هيون جي حاڪمن جي هٿ هيٺ هيون ۽ هر هڪ ڳوٺ جو مکي اُنهن حاڪمن کي اَنّ جو حصو پهچائيندو هو. هاڻوڪي ڳوٺاڻي ڪاروبار جا ڪيترا قانون اصل آڳاٽي زماني جي دراوڙن ٺاهيا هوا. اِهي دراوڙ وڏا واپاري هوا ۽ آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳي ٻين ملڪ ڏانهن عمارتي ڪاٺ، ململيون، مور، عاج، چندن جو ڪاٺ ۽ چانور سمنڊ جي رستي موڪليندا هوا. واڍڪو، لوهارڪو ۽ اُڻڻ جو ڪم چڱو ڄاڻندا هوا. مطلب ته اُنهي اوائلي زماني ۾ به هڪ سڌريل قوم ڪري ليکبا هوا. 5- دراوڙ، ڪول قوم وارن سان ساڳئي هنڌ رهندا هوا؛ پر جنهن صورت ۾ هو طاقت ۾، انداز ۾، توڙي ترقي ۾ وڌيڪ زور هوا تنهن صورت ۾ هو ويا ملڪ جا وڌيڪ آباد ڀاڱا والاريندا، ڪيترن هنڌ تي ٻئي قومون پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ويئون. جيئن وقت ويو گذرندو تيئن جيئن ٽوليءَ پٺيان ٽولي ۽ قوم پٺيان قوم ملڪ ۾ اچي بيٺڪ ڪندي ويئي، تيئن دراوڙ ۽ ڪول اول ته گڏجي سندن سامهون پيا، پر پوءِ ساڻن ملي نيون قومون ٺاهيائون. ڳچ عرصي بعد هندستان جي اُتر اولهه وارو ڀاڱو جنهن ۾ هن وقت پنجاب، ڪشمير ۽ راجپوتانا وارا ملڪ آهن، اُتان ته سندن نالو ئي نڪري ويو، ڇاڪاڻ ته اُتي اُتر طرف کان قومن پٺيان قومون پي آيون. پر اُتر هندستان، گنگا جي ماٿريءَ ۽ ساري وچ هندستان جي رهاڪن جي رنگ، مٿي جي ڊول، اکين، نڪ جي ڊول، پيشانيءَ ۽ ڊيگهه تي جيڪي اثر هيءَ قوم ڇڏي ويئي آهي، تنهن مان صاف ثابت آهي ته اِنهن ڀاڱن ۾ جيڪي به رهندڙ قومون هيون، تن سڀني ۾ هيءَ قوم تعداد ۾ سرس هئي. اِهي نشانيون ڏيکارين ٿيون ته ڪيتريون هندستاني قومون پنهنجو نسل ڪڇ قدر دراوڙ قوم جي وڏن مان ئي ڇڪين ٿيون. - ڏکڻ هندستان ۾ جيڪي دراوڙ لوڪ رهن ٿا، تن جي ڊؤل شؤل ۾ تمام ٿوري ڪا ڦيرڦار ٿي آهي. اڃا تائين دراوڙ نالي سان ڪوٺبا آهن. هزارين ورهيه تمام گرم ملڪ ۾ رهڻ ڪري ڏاڍا ڪارا ٿي پيا ۽ هاڻي هو هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ رهندڙ ماڻهن کان گهڻو ڪارا آهن. اِهي ڏکڻ هندستان جا دراوڙ اٽڪل روُءَ پنج ڪروڙ ستر لک ٿيندا. اٽڪل چوڏهن ٻوليون اٿن، جن مان مکيه آهن تامل، تيليوگر، ملايلم ۽ ڪانيري. 7- هندستان جي ڪن ٻين ڀاڱن ۾ پڻ آڳاٽي وقت جون ڪي دراوڙ قوم جون ٽوليون رهن ٿيون، مگر اڄ وقت تائين کين هندستان جي قطار ۾ مشڪل آڻي سگهبو. اِئين ٿو سمجهه ۾ اچي ته اِهي ٽوليون ٻين دراوڙن وانگي ڪين سڌري ڪين سڌريون. دکن جي اُتر ۾ جيڪي سڀ کان جهنگلي ٽاڪرو ملڪ آهن، اُنهن ۾ اِهي ٽوليون رهن ٿيون. منجهانئن مکيه آهن گونڊ ۽ ڪانڌ. (ڀ) قومون جي هندستان ۾ گهر ڪيو ويٺيون آهن 1- هماليه جبل جي اُتر طرف آهي وچ ايشيا جو ڀاڱو. اُتي تمام سردي آهي ڇاڪاڻ ته جبلن جون شاهي قطارون برف سان ڇانيون پيئون آهن. اُتي زمين گهڻو ڪري سخت ۽ ٽاڪرو آهي، مينهن تمام ٿورو ٿو پوي ۽ نديون تمام ٿوريون آهن. اِنهن ويران پٽن ۾ جيڪي ٽوليون رهن ٿيون سي پنهنجي چوپائي مال واسطي گاهه هٿ ڪرڻ لاءِ وتن هنڌ هنڌ ڀٽڪنديون. هنن جو گذران تنگ آهي ڇاڪاڻ ته اُتي اَنّ جي پوک مشڪل ٿي ٿئي. 2- هماليه جبل جي هيٺان ڏکڻ طرف شاهي آباد ميدان آهن، جي هزار ميلن کان به وڌيڪ پکڙيل آهن ۽ اِنهن مان وڏيون نديون وهن ٿيون. اِتي گذران سولو آهي، ڇاڪاڻ ته زمين ڀلي آهي ۽ هر قسم جو فصل چڱو ٿئي ٿو. آڳاٽي وقت کان وٺي اُتر جي سرد ۽ ويران ملڪن جا رهاڪو جبلن جا لڪ لتاڙي ڏکڻ جي آباد ميدانن ۾ پي آيا ۽ جڏهن ڏٺائون ته اِتي گذران ڪرڻ ڪهڙو نه سولو آهي تڏهن اِتي گهر ڪري ويهي ويا. 3- ڪڇ وقت کان پوءِ وري اُتر جون ٻيون ٽوليون آيون ۽ اوائلي ٽولين کي يا ته ڏکڻ طرف هڪالي ڪڍيائون يا ته ساڻن ملي يڪي قوم ٺاهيائون. اهڙيون حالتون ڪئين دفعا ٿيون. 4- اِنهن ٽولين مان گهڻن جي نالن جو ته پتو ئي ڪونه ٿو پوي. پر جيتري قدر اسان کي خبر آهي، اوتري قدر چئي سگهجي ٿو ته جيڪي قومون وقت به وقت هڪ ٻئي پٺيان اُتر هندستان جي ميدانن ۾ اچي گهر ڪري ويٺيون سي نمبروار هيٺينءَ طرح هيون:- توراني يا منگول، آريه، ايراني، يوناني، ساڪ يا سٿين، هَنَ، عرب، تُرڪ، افغان يا پٺاڻ ۽ مغل. 5- اِنهن قومن مان هر هڪ جو ڪڇ احوال هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي ته هر هڪ قوم هندستان ۾ ڪيئن آئي، ڪڏهن آئي ۽ ڪٿي اچي گهر ڪري ويٺي. منجهانئن ڪي، جهڙوڪ توراني، فقط اُتر اوڀر ڀاڱي ۾ آيا؛ ايراني، يوناني ۽ عرب اُتر اُلهندي ڀاڱي کان اڳتي ڪونه وڌي سگهيا؛ مغل، ترڪ ۽ پٺاڻ خاص اُتر هندستان ۾ سنڌوندي ۽ گنگانديءَ جي ماٿرين ۾ ويهي ويا؛ ساڪ ۽ هَنَ وچ هندستان جي اُتر اولهه ۽ اولهه ڀاڱن ۾ گهر ڪري ويٺا، ۽ آريه جي گهڻو ڪري سڀني کان اڳي هندستان ۾ گهريا، سي سڀني کان گهڻو اڳتي وڌي ويا ۽ ڏکڻ هندستان کان سواءِ ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويا. (ت) توراني يا منگول 1- منگول قوم جو اصلوڪو وطن ايشيا کنڊ جي وچ ۾ منگوليا جو ملڪ هو. اِن ملڪ کي چينائي تاتار پڻ ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ اِتان ئي هِوِ چين ۽ ڀروارن ملڪن ۾ ويا پکڙندا. مسلمان ليکڪ اِن ملڪ کي توران ۽ رهاڪن کي توراني ڪري ڪوٺيندا آهن. کين تاتاري پڻ ڪري ڪوٺبو آهي. 2- منگول قد جا بندرا هوا. مٿا ويڪرا هئن، نڪ پيٺل هئن، اکيون سوڙهيون ۽ ترڇيون هين، چمڙي پيلي هئن. آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳي، جن لڪن مان برهمپترا ندي ۽ سندس شاخون وهي اچن ٿيون. اُنهن مان هندستان ۾ گِهري ٽولين جون ٽوليون اُتر اُڀرندي طرف آسام ۽ بنگال ۾ گهر ڪري ويهي رهيون. ڪول ۽ دراوڙ قومن کان وڌيڪ مضبوط ۽ شوخ هوا. اول ته ساڻن وڙهيا پر ڪڇ وقت کان پوءِ ويا آهستي آهستي ساڻن ملندا. هيتري زماني جي گذرڻ ڪري ۽ ٻين قومن سان ملڻ ڪري منجهن تمام گهڻي ڦيرڦار ٿي ويئي آهي، مگر اِنهن ڀاڱن جي رهاڪن جي ڊؤل شؤل تي جيڪي نشانيون رهجي ويئون آهن، سي اڄ ڏينهن تائين ڏيکارين ٿيون ته سندن وڏا ڪير هوا. 3- پراچين (تواريخ کان اوائلي) سمو- جنهن صورت ۾ ڪول ۽ دراوڙ هندستان ۾ ايترو ته آڳاٽي وقت ۾ هوا ۽ توراني هندستان ۾ اُنهي وقت آيا جو اُنهن بابت ڪي به تواريخي ليکڪ ڪونهن، تنهن صورت ۾ آرين کان اڳي جيڪو سمو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر ڪوٺجي پراچين سمون. ٿلهي ليکي جيڪر چئجي ته اِهو سمون بلڪل آڳاٽي وقت کان وٺي (جنهن جو سماءِ تورايخي طرح ڄاڻايل نه آهي)، عيسوي سن کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي تائين هلي ٿو. 3- آريه.......... 1- تمام آڳاٽي زماني ۾ ايشيا جي اُلهندي ڀاڱي جي اُنهي ملڪ ۾، جنهن تي هينئر نالو آهي ترڪستان، ۽ يورپ جي اوڀر وارن ميدانن ۾ ڪي ٽوليون ۽ ڪٽنب رهندا هوا، جن تي نالو هو آريه. اُهي ماڻهو ڊگها، گورا ۽ سهڻا هئا؛ اُنهن جي پيشاني اوچي هُئي ۽ سئين منهن ۽ اوڀر وارن پيليءَ کل وارن ”تاتاري“ لوڪن کان بلڪل ٻئي طرح جا هئا. 2- هو ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ رهندا هئا ۽ رڍن ۽ ڍڳن جا ڌڻ پاليندا هئا. هو ڌرتي آباد ڪندا هئا ۽ ڪڻڪ ۽ جون جا فصل پوکيندا هئا. هو سٽ ڪتندا ۽ ڪپڙو اُڻندا هئا. اُنهن کي لوهه مان اوزارن ٺاهڻ جي خبر ڪانه هئي؛ پر هو باهه تي قلعي ۽ ٽامون پگهاري اُنهن مان هڪڙو گڏيل ڌاتو ٺاهيندا هئا. اُنهي مان هو ڪپ ۽ ڀالن جا مٿا ٺاهيندا هئا. هندستان تي آريه دوڪرن جو پکڙڻ 3- ڪيترا ڪٽنب هڪ ٻئي جي ويجهو رهندا ها ته اُنهن کي سڏيندا ها هڪ قوم ۽ هر هڪ قوم کي هڪ مهندار يا سردار هو جو جنگ ۾ اُنهن جو اَڳواڻ ٿيندو هو. اِهي قومون وڌنديون وڏيون ٿينديون ويون. نيٺ وڌندي وڌندي ايڏيون ٿيون جو اُهي سڀ پنهنجين پراڻين جاين ۾ ماپي ڪين ٿي سگهيون؛ ۽ جن ملڪن ۾ رهنديون هيون، سي اول ته آباد هوا ۽ منجهن پاڻي به چڱو مُيسِرِ هو، مگر هاڻي اُهي ويا خشڪ ۽ ٺوٺ ٿيندا. تنهنڪري اُنهن مان ڪي هليون ويئون اولهه ۽ ڪي ڏکڻ. جي اولهه ويئون سي ته ساري يورپ کنڊ ۾ پکڙجي ويئون. اُتي جيڪي قومون رهنديون هيون، (جي کانئن انداز ۾ گهڻو وڌيڪ هيون)، تن سان وڃي مليون ۽ سندن ٻولي توڙي رسمون گهڻي قدر نقل ڪيائون. اِنهن جي ميلاپ مان جيڪي قومون ٺهيون تن مان انگريز، فرينچ، جرمن ۽ يورپ جون ٻيون قومون نسل ڇڪين ٿيون. ٻيون ڪيتريون وڏيون قومون وري ويئون ڏکڻ ڏي. ڪي گهر ڪري ويٺيون پرشيا ۾ جنهن جو ٻيو نالو آهي ايران جو آرين لفظ جو هڪ ٻيو نمونو آهي. ٻيون قومون وري افغانستان ويئون ۽ اُتي ڪڇ وقت رهي خيبر لڪ ۽ ٻيا لڪ لنگهي هندستان جي اُتر اولهه ڀاڱي ۾ اچي ويٺيون. 4- ويد جي زماني جا هندستان جا آريه 1- جي آريه لهي آيا هيٺ ۽ هندستان ۾ اچي رهيا، تن کي اسين هندستان جا آريه ڪري ٿا سڏيون. اُهي لکي ڪين ڄاڻندا ها، تنهن ڪري اُنهن پنهنجي بابت اسان ڪاڻ ڪو لکيت ڪونه ڇڏيو آهي، پر هو پنهنجي ديوتائن اڳيان ڀڄن ڳائيندا هئا ۽ اُهي ڀڄن پِئُر پنهنجن پٽن کي گهڻيءَ خبرداريءَ سان ياد ڪرائيندا ها. اُنهن مان ڪي ڀڄن ڪڏهن ڪين وسريا؛ پر پيُ کان پٽ کي هٿ ايندي ايندي اِئين سَون ورهين تائين هلندا آيا. نيٺ لکڻ جو هنر ڪڍيائون ۽ اُهي ڀڄن لکي ڇڏيائون؛ جنهنڪري هاڻي اُهي هندن وٽ آهن. اُنهن کي ويد يا اڳئين زماني جي ڏاهن جا وچن (قول) چون ٿا. اُنهن مان آڳاٽن هندو آريه لوڪن جي اسان کي گهڻي سڌ ٿي پوي. 2- اُهي گهڻن ڏينهن تائين پنجاب ۾ ندين جي ڪنٺن تي سادو ۽ سکيو سنهجو گذران ڪندا هئا. هو ٻيلا وڍيندا، زمين کيڙيندا ۽ سونهري رنگ جا فصل تن ۾ به خاص ڪري ڪڻڪ ۽ جَوَ پوکيندا ها. هو چمڪندڙ ۽ ڀلو چاهيندڙ ديوتائن جي پوڄا ڪندا هئا. ديوتا نالو اِنهي ڪري پيو آهي جو ديوتا جي معنيٰ آهي چمڪندڙ. هندستان ۾ اچڻ کان اڳي جڏهين هو اڃا اُتر واري ٿڌي ملڪ ۾ ها، تڏهين اُنهن کي کائڻ، رڌڻ ۽ پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ باهه ۽ گرميءَ جي ضرورت هئي، آرين جي سورج پوڄا تنهن لاءِ هو خاص ڪري اگني ديوتا جي پوڄا ڪندا ها؛ پر جڏهن هو پنجاب ۾ اچي رهيا ۽ خبر پين ته سندن فصل ٿيڻ ڪاڻ مينهن جي ڪيتري گهرج آهي، تڏهين اِندر، آڪاس جي ديوتا کي پوڄڻ ۽ هن جا ڀڄن ڳائڻ لڳا. هو ڀائيندا ها ته گجگوڙ هن جو آواز آهي ۽ کِوَڻ جا چمڪاٽ هن جا ڀالا آهن، جن سان هو ڪارن ڪڪرن کي ڦاڙي ٻنين تي مينهن وسارائي ٿو. 3- هو سمجهندا ها ته مرڻ کان پوءِ سندن آتمائون (روح) هوا مان لنگهي مٿي آڪاس ۾ سکئي ۽ اوُجل لوڪ ۾ وڃن ٿيون، جتي نڪو آهي ڏک، نڪو آهي سوُر ۽ جتي سدائين سوجهرو ۽ آنند رهي ٿو ۽ متر (دوست) ڪڏهين به هڪ ٻئي کان نٿا وڇڙن. اُنهي اوُجل لوڪ جي راجا کي يم ڪري سڏيندا ها. هو سمجهندا ها ته هو مئن جو وڏو نياڪاري (منصف) آهي. هو ورن کي، جو وڏو نيلو آڪاس اسان جي مٿان پکڙيل آهي، به پوڄيندا ها. سوريه يا ساوتري يعني چمڪندڙ سورج ۽ وايو يعني هوا جنهن سان سڀ پولار ڀريل آهي ۽ رُدر يعني ڪاري گرجنا واري ڪڪر ۽ اُش يعني گلابي پرڀات اُنهن سڀني ديوتائن کي پوڄيندا ها. 4- ويد جو زمانو- پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته آريه پهريائين پهريائين هندستان ۾ ڪڏهن آيا. ڪيترن عالمن جو رايو آهي ته سڀ کان دير سان جيڪي آريه ٽوليون آيون سي عيسوي سن کان 1500 ورهيه اڳي کان دير سان نه آيون هونديون اگرچ ڪن جو ته رايو آهي ته اِنهيءَ کان گهڻو اڳي آيا هوا. اِهو پڻ رايو اٿن ته برابر 500 ورهيه ته پنجاب کان اڳتي نه وڌيا. اِنهيءَ عرصي ۾ جهوني ۾ جهوني ويد يعني رگ ويد جي ديوتائن جي پوڄا ڪندا ها، جهوني ويد جي ٻولي ڳالهائيندا هئا. ۽ آرين جي جهونين رسمن جي پيروي ڪندا ها. 1500-2000 عيسوي سن کان اڳ واري عرصي کي جيڪر آرين جو يا ويد جو زمانو ڪري ڪوٺجي. 5- وڏن پستڪن واري زماني جا هندو 1- جڏهن آريه لوڪ پنجاب ۾ آيا تڏهين ڏٺائون ته ملڪ اصلوڪن رهاڪن، دراوڙ ۽ ڪول لوڪن سان ڀريو پيو آهي. شايد ڪيتريون قوميون ته اهڙيون هيون جن جا رڳا نالا به گهڻن ڏينهن کان اڳي وسري ويا ها. ويدن مان خبر ٿي پوي ته هنن سان ڪئين جنگيون ڪيائون. مگر پاڻ هوا ٿورا ۽ اصلوڪا رهاڪو هوا گهڻا. اِن ڪري ڪڇ وقت کان پوءِ ساڻن دوستيءَ جو رستو رکيائون ۽ نيٺ هڪ ٻئي ۾ سڱ ڏيڻ وٺڻ لڳا. اُنهيءَ وقت ڪا ذات پات ڪانه هئي. پر نيٺ ملڪ جا رهاڪو ايترو ته وڌي ويا جو ايترا منجهس ماپي ڪين سگهيا. آرين جون نيون ٽوليون هڪ ٻئي پٺيان پنهنجو اُتر وارو وطن ڇڏي افغانستان کان توڙي ڪشمير کان هندستان ۾ اينديون رهيون. 2- پريان اُڀرندي طرف گنگا ۽ جمنا ندين وارا، ٻين کان به وڌيڪ آباد، ميدان پيا هوا. اِن ڪري ڪي ٽوليون ندين جا ڪپ وٺي اُڀرندي طرف وڌنديون ويئون. پر هي ملڪ به ماڻهن سان ٽمٽار هو. هتي پڻ دراوڙ، ڪول، هنن جي ميلاپ مان پيدا ٿيل قومون ۽ توراني رهندڙ هوا. انداز ۾ آرين کان ويهوڻا ته بيشڪ هوا، پر هندستان جي گرم ميدانن ۾ ڳچ وقت رهڻ ڪري هڏ ويهي ويا هئن ۽ اُتر اُلهندي وارين مضبوط قومن کان بهادريءَ ۾ توڙي طاقت ۾ توڙي هوشياريءَ ۾ گهڻو گهٽ هوا. ڳچ وقت آرين، ڏانهن نفرت ۽ ڌڪار سان نهاريو. ويدن ۾ کين ”داس“ ڪري ڪوٺيو ويو آهي. ٻين ڏيهي قومن کي وري ناگا، اسوارا، دناو ۽ ديت ڪري ڪوٺيو ويو آهي. اُنهن کي ڪاريءَ چمڙيءَ وارو ڪري ڪوٺيو ويو آهي، ۽ چيل آهي ته هنن جو رنگ ڪنو، نڪ سنوان پيٺل اٿن، ڪچو ماس کائيندڙ آهن ۽ ڪوبه دين ڌرم ڪونه اٿن. ياد رکڻ گهرجي ته جن هنن بابت اِهو احوال ويهي ڏنو آهي سي سندن دشمن هوا. هنن مان پڻ ڪيترا سڌريل هوا، جن وڏا شهر ٻڌا ۽ ڌارين ملڪن سان واپار چالو ڪيائون. اُنهيءَ وقت جي دراوڙن جا ڪي به لکيل ڪتاب ڪينهن. جي هجن ته جيڪر هو پڻ آرين بابت اهڙوئي احوال ڏين، اول ته آريه هنن سان وڙهيا پر نيٺ هنن سان دوستي رکي ساڻن ملي يورپ جي آرين وانگي هتي پڻ نيون قومون ٺاهيائون. 3- آرين جي آڳاٽي زماني ۾ ڪٽنب جو پيءُ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي پاران اَگني ديوتا ۽ آڪاس ديوتا کي پرارٿنا ڪندو هو. پاڻ ۽ سندس پٽ زمين پوکيندا ها ۽ ڪپڙن ڪاڻ ڪپڙو اڻندا هئا. ننڍڙا ڇوڪر ڍور چاريندا ها ۽ زالون ڳَئون ڏُهنديون يا سُٽُ ڪَتينديون يا ٻيو گهر جو ڪم ڪنديون هيون. جنگ جي وقت ۾ مرد تراريون ۽ تير کڻي وڃي قوم ۾ جو سڀني کان وڌيڪ ٻلوان ۽ سياڻو هوندو هو ۽ جو سندن سردار هوندو هو، تنهنجي هٿ هيٺ وڙهندا ها. هو جنگ ۾ سوڀاري ٿيڻ ڪاڻ مدد ملڻ لاءِ ديوتائن کي وينتي ڪندو هو ۽ جنگ پوري ٿيڻ پڄاڻا ديوتائن جا سندن سهائتا لاءِ ٿورا مڃيندو هو. 4- پر آريه لوڪ جيئن اُتر هندستان تي پکڙي ويا، تئين اُنهن کي ايترو وڙهڻو پيو، جو ڪٽنبن جي پِيرن ۽ قومن جي سردار کي جهونن ويد جي پرارٿنائن ۽ ديوتائن جي ڀڄنن سکڻ لاءِ وقتئي ڪونه ٿي ملي سگهيو؛ تنهن ڪري هر هڪ قوم ۾ ڪي ماڻهو ڌار ڪري ڇڏيائون ته هو رڳو اِهي ڪم ڪن ۽ ٻيو ڪي به نه ڪن. ڪن ڏينهن کان پوءِ قوم جا ٻيا ماڻهو اُنهن کي ڏاڍو پوتر ڪري سمجهندا هئا. اِئين ڪري اُنهن جي ڌار ذات ٺهي پيئي جنهن کي ”برهمڻ“ چون ٿا. 5- اِئين به ڏسڻ ۾ آيو ته سردار ۽ سندس ويڙهوُ ماڻهن کي وڙهڻ ڌاران ڌرتيءَ پوکڻ يا ٻئي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ڪونه هو؛ تنهن ڪري هر هڪ قوم ۾ جيڪي ڏاڍا ماڻهو ها، تن کي وڙهڻ ڪاڻ ڌار ڪري ڇڏيائون. اُنهن جي مٿان سندن سردار ٿيو، جنهن کي پنهنجو راجا ڪري سڏيائون. اُنهن جي به ڌار ذات ٺهي پيئي، جنهن کي ”کشتري“ کتري کٽي چون ٿا. گهڻي وقت تائين هو درجي ۾ برهمڻن سان برابر ليکبا ها؛ پر نيٺ هو ٻئي درجي ۾ ٿي ويا. 6- قوم جا ٻيا ماڻهو جي ڌرتي پوکيندا ها، ڪپڙو اُڻندا يا ٻيو ڪم ڪندا ها، سي ”وئش“ سڏجڻ ۾ آيا. اُهي هندستان جي آريه لوڪن ۾ ٽين ذات ٿيا. ڪاشي يا بنارس 7- چوٿون دفعو سڀني کان وڏو هو. اُهي ”سوُدر“ سڏبا ها ۽ آڳاٽا آريه لوڪ، جي ديس جي اِستريون پرڻيا ها، تن جي اولاد مان، ۽ جهونا توُراني ماڻهو جن مان گهڻا آرين سان ٺهي رلي ملي هڪ ٿي ويا ها، تن مان، اِهو دفعو ٺهيو هو. ڏسجي ٿو ته گهڻن ڏينهن پڄاڻا سوُدرن سان وئش گڏجي ويا ها. 8- اُهي جهنگلي توُراني قومن جا ماڻهو جي آرين سان ٺهي ۽ رلي ملي نه ويا، پر جنکي آرين جيتيو، سي ٻين ذاتين جا ٻانها ٿيا ۽ اُهي سڀني ۾ گهٽ ذات ٿيا. اُنهن کي چنڊال سڏيندا ها. اُنهن کي ڳوٺن جي اندر رڳو رهڻ به ڪين ڏيندا ها؛ پر ڳوٺن جي ٻاهران جهوپڙيون جوڙي رهندا ها. 9- اِنهيءَ ريت تمام گهڻي وقت کان هندوءَ جي نالي سان جا قوم پڌري آهي ساٺهي؛ اُنهي کي گهٽ کان گهٽ ٽي هزار ورهيه ٿيا هوندا. اُهي وري گهڻن قومن ۾ وراهيل ه.ا ۽ سڀ ڪنهن لوڪ کي پنهنجو راجا، پنهنجا کشتري يا سپاهي، پنهنجا برهمڻ يا پروهت، پنهنجا سوُدر يا عام ماڻهو ۽ پنهنجا چنڊال يا ٻانها هئا. وڏا وڏا شهر ۽ مندر جڙي ويا ۽ گهڻا نوان ديوتائون پوڄڻ ۾ آيا؛ سڀني کان پراڻن شهرن مان هڪڙو ڪاشي يا بنارس هو. نيٺ اُهي سڀ ماڻهو جي ڪو هڪڙو ڪم ڪندا ها يا ڌنڌو هلائيندا ها، تنجي ڌار ذات ٺهي پيئي؛ اِنهيءَ ڪري سوين ذاتيون ٿي پيون ۽ اُهي هاڻي تائين هلنديون اچن. هڪڙيءَ ذات جي ماڻهن کي ٻيءَ ذات جي ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي موڪل نه آهي ۽ نه اُنهن کي ٻين ذاتين سان کائڻ پيئڻ يا پرڻجڻ جي موڪل آهي. هي ذات جو دستور رڳو هندستان ۾ هندن ماڻهن ۾ ڏسجي ٿو ۽ دنيا جي ٻئي ڪنهين هنڌ ۾ نه آهي. 6- آڳاٽي نظم جي زماني جو سري رامچندر 1- آڳاٽي هندُڪي زماني ۾ اُتر هندستان ۾ ڪئين سورما ۽ جنگي جوڌا ٿي گذريا آهن. ساري ديس ۾ سڀني کان ٻلوان ۽ سورمو راڄ ڪنور رام ٿي گذريو آهي جو دسرٿ، ايوڌيا (جو هاڻي اُتر هندستان ۾ اوڌ جي نالي سان ڪوٺبو آهي) جي راجا جو پٽ هو. رام تير هڻڻ ٿو سکي - اُنهيءَ سمي ۾ سڀني کان وڌيڪ سوڀيا واري ڪنيا هئي سيتا جا هڪ ٻئي کتري راجا جي ڌيءَ هئي. پڻس کي هڪ وڏو ڳرو ڌنش (ڪمان) هو، ۽ چيائين ته جيڪو اِهو ڌنش موڙيندو تنهن کي سيتا جي ٻانهن ڏيندس. راجائن هڪ ٻئي پٺيان اُنهيءَ ڀاري ڌنش موڙڻ لاءِ جتن ڪيو، پر ڪو سوڀارو ڪونه ٿيو. پر جڏهين رام آيو تڏهين هو سهنجائي سان هن کي موڙي ويو ۽ ويس موڙيندو تان جو ٺڪاءُ ڏيئي ٻه ٽڪر ٿي پيو. چوڌاري واه واه پئجي ويئي ۽ پوءِ وڏي ڌوم ڌام سان رام ۽ سيتا جو ويانهن ٿيو. 3- رام کي پڻس ٻين سڀني پٽن کان گهڻو ڀائيندو هو. جنهن صورت ۾ راجا جو وڏو پٽ هو تنهن صورت ۾ تخت جو وارث پاڻ ئي هو. پر رام کي هڪ ڪٺور دل ماٽيجي ماءُ هئي، جنهن جي مرضي هئي ته منهنجي پٽ کي گادي ملي. ٻڍي راجا کي پرڀائي ريجهائي چيائينس ته رام ۽ ڀاڻس لڪشمن کي ديس نيڪالي ڏيئي ڏکڻ هندستان ڏي بن ۾ موڪل ۽ منهنجي پٽ کي يوُراج مقرر ڪر. رام پنهنجا پيُ جي آگيا انوسار لڪشمن ۽ سيتا سان گڏجي ٻيڙيءَ ۾ ندي لتاڙي دکن جي ٽاڪرو ملڪ ڏي روانو ٿيو. 4- اِتي وڃي رام ڪيترا سال بن ۾ رهيو. ٻيلن ۾ ڪاري رنگ جون ڪي قومون رهنديون هيون جن کي آريه ڪوٺيندا ئي هوا باندرا. اِنهن سان رام دوستيءَ جو رستو رکيو. هڪڙي ڏينهن رام ويو شڪار تي ته سندس پر پٺ راوڻ نالي هڪ پاپي راجا سيتا کي کڻي ويو لنڪا جي ٻيٽ ۾، جن کي هاڻي سيلون ملڪ ڪري ٿا چون رام بن ڏي ٿو وڃي رام سندس پٺيان پيو ۽ سُگر پوُ ٻيلن وارين ڪارين قومن جي حاڪم، پنهنجا سينا پتيءَ (سپه سالار) هنوُمان (جنهن کي هاڻي هندو باندرن جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا) سان وڏو ڪٽڪ کيس واهر ڪرڻ ڪاڻ ڏياري موڪليو. راوڻ کي ماري سيتا کي سک سان موٽي وٺي آيا. 5- نيٺ رام، سيتا ۽ لڪشمن سان گڏجي پنهنجي راڄ گديءَ ڏانهن موٽيا. پڻس ته مري ويو هو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جنهن گاديءَ تي وهڻ کان اِنڪار ڪيو هو ۽ ڀاءُ ڪاتر ساري راجائي امانت رکيو ويٺو هو تنهن رام جي موٽڻ شرط کيس ايوڌيا جي راجائيءَ جون واڳون سونپيون. رام اُتي ڪيترا سال ڏاڍي آنند ۾ راڄ ڪيو. اڄ ڏينهن سوڌو هندو کيس ديوتا ڪري پوڄيندا آهن. سندس جيون چرتر (حياتيءَ جو احوال) ڪَوِتا (شعر) جي نموني ۾ هندن جي هڪ وڏو پوتر پستڪ رامايڻ ۾ ڏنو ويو آهي. 7- نظم جي زماني ۾ پانڊوَن ۽ ڪوَروَن جي وچ ۾ وڏي جڌ 1- ويدن ۽ رامايڻ جو ذڪر ته اڳيئي ڪري آيا آهيون. سندن جو ٻيو به هڪڙو پوتر پستڪ آهي جو مهاڀارت جي نالي سان مشهور آهي. اِنهن پستڪن مان اسان کي اوائلي وقت جي هندن جي هلت چلت ۽ رسمن جي گهڻي خبر پوي ٿي. اِنهن پستڪن جو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. 2- مها جي معنيٰ آهي وڏو ۽ ڀارت، جهوني زماني جو هڪ هندو راجا ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري مهاڀارت لفظ جو ارٿ آهي ڀارت جي پوين جي وچ ۾ جا جڌ ٿي تنهنجي ڳالهه. اِنهيءَ ڀارت جي پوين جا ٻه مکيه ڪٽنب هوا، هڪڙا پانڊوَ جي پانڊوُءَ جا پٽ هوا ۽ ٻيا ڪوَروَ جي ڪوَروَ جا پٽ هوا. اِهي ٻئي ڪٽنب هستيناپور (جنهن جو ٻيو نالو هو هاٿين جو شهر ۽ هاڻوڪي دهليءَ شهر کان ٿوروئي ڪو پرڀرو هو) جي راجائي لاءِ پاڻ ۾ وڙهيا. ٻنهي ڌرين ۾ جيڪي راجائون وڙهيا تن جو ذڪر مهاڀارت جي وڏيءَ ڪوِتا ۾ ڏنو ويو آهي اِنهي ڪوِتا کي وري ارڙهن اڌڀائن (ڀاڱن) ۾ وراهيو ويو آهي. ڪُرُ کيتر ميدان (جنهن کي پوءِ پاڻيپٽ جو ميدان ڪري ڪوٺيو ويو) تي وڏي جڌ لڳي. برابر ارڙهين ڏينهن جڌ پي لڳي. نيٺ پانڊوَن جي جئي ٿي ۽ سڀيئي ڪوَروَ هڪ ٻئي پٺيان مارجي ويا. 3- اِنهيءَ جڌ ۾ ڪرشن، گجرات جو هاڪارو راجا، جنهن کي پوءِ هندو ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا، سو پانڊوَن جو مددگار ٿيو. 4- نظم جو زمانو (ڪَوِتا جو سمو)- 1500 ورهيه عيسوي سن کان اڳ کان وٺي 1000 ورهيه عيسوي سن کان اڳ تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر نظم جو زمانو ڪري ڪوٺجي، ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ عرصي ۾ ئي رام پيدا ٿيو ۽ مهاڀارت وارا واقعا ٿي گذريا. جيتوڻيڪ اِهي واقعا ٿيا اِنهيءَ عرصي ۾ تنهن هوندي به رامايڻ ۽ مهاڀارت وارا ٻه وڏا ڪويتا (شعر يا نظم) سوين ورهيه دير سان رچيا ويا. 8- جهونو هندڪو زمانو 1- عيسوي سن کان 1000 ورهيه اڳ کان وٺي 300 ورهيه عيسوي سن کان اڳ تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر جهونو هندڪو زمانو ڪري ڪوٺيون. آريه، جو دراوڙ، ڪول، توراني ۽ ٻين ڏيهي قومن سان ملي ويا هوا سو ڪئين هندنَ جون قومون ٺهي ويئون هيون. ذاتيون ٺهي ويئون هيون ۽ برهمڻ ماڻهن جا پروهت ٿي رهيا هئا. آريه لوڪن جا جهونا ديوتائون ٽوري سندن جهونو ڌرم ڪرم کانئن وسري ويو هو. ويدن جي ٻولي رواج مان ئي نڪري ويئي ۽ اُن جي بدران برهمڻ سنسڪر ٻولي ۽ عام ماڻهو پراڪرت ٻوليون، جن مان هاڻوڪيون ٻوليون نڪتيون آهي سي ڪتب آڻڻ لڳا. 2- هن زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري، ايراني ۽ يوناني، جن جو احوال اسين هاڻي ڪنداسين، سي هندستان ۾ آيا. آرين جي پوين ٽولين جي اچڻ کان وٺي ايراني قوم جي اچڻ تائين يعني اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين ڪيتريون ٽوليون اُتر اولهه کان هندستان ۾ بيشڪ آيون هونديون، مگر اُنهن جو ڪوبه تواريخي احوال هٿ نه ٿو اچي سگهي. (الف) ايرانين جو هندستان ۾ اچڻ 1- آريه لوڪ جي ايران ۾ ويا، تن اُتي هڪڙي وڏي بادشاهت وڃي ٺاهي. ٻڌ جي زماني ڌاري عيسوي سن کان پنج سو ورهيه اڳي ايران جي بادشاهه دارا جي حڪومت سنڌو درياهه کان وٺي ڀونچ سمنڊ تائين سڄي اولاهين ايشيا تي هئي؛ اُنهيءَ ۾ اُهي سڀ ملڪ اچي ويا، جن کي هاڻي ايشيا مائنر، ايران، افغانستان، ترڪستان ۽ سنڌونديءَ جي اولهه پاسي وارو پنجاب جو ڀاڱو چون ٿا. 2- پنهنجيءَ بادشاهت کي اڃا وڌائڻ لاءِ ڪاهي ويو پنجاب تي. سندس امير البحر سائلا جهازن جي آرمار وٺي سنڌوندي لتاڙي ڪناري کي ڦيرو ڏيئي ڳاڙهي سمنڊ (ريڊسي) ۾ وڃي نڪتو. دارا سنڌونديءَ واري ساري ماٿري پنهنجي بادشاهت سان لاڳو ڪري ڇڏي. چوڻ ۾ ٿو اچي ته سندس شهنشاهت ۾ جيڪي ڪُلُ ٽيويهه پرڳڻا هوا تن سڀني ۾ جيڪو شاهوڪار پرڳڻو هو، سو هو سنڌونديءَ واريءَ ماٿريءَ وارو پرڳڻو، جنهن جي سالياني اُپت اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ رپيا هئي. (ب) هندستان ۾ يوناني قوم جو اچڻ 1- اُنهي زماني ۾ گريڪ ڏاڍا سوُرما ۽ يورپ جي آريه قومن ۾ سڀني کان چڱا ها. سڪندر نالي هڪڙو گريڪ بادشاهه، ايرانين جي گريس کي ڪاهي وڃڻ سبب، اُنهن کي سيکت ڏيڻ ڪاڻ ايران تي چڙهي ويو. هو 35000 کن پهلوان گريڪ سپاهين جو ننڍو لشڪر ساڻ وٺي ويو ۽ جرات ڪري ايران جي بادشاهت ۾ ڪاهي پيو. 2- سڪندر ويهن ورهين جي ننڍيءَ عمر ۾ بادشاهه ٿيو هو. هاڻي هو ٽيهن ورهين جي ڄمار جو هو ۽ جيڪي تمام چڱا ۽ سوُرهيه جوڌا ٿي ويا آهن تن مان هيءُ هڪڙو هو. تواريخ ۾ هو سڪندر اعظم جي نالي سان پڌرو آهي. هن سڄو ايشيا مائنر ۽ ايران فتح ڪيو ۽ ايران جي بادشاهه دارا جيڪي ساڻس جنگيون ڪيون، تن مان هر هڪ ۾ هن جي لشڪر کي ماري مات ڪيائين. سڄي ترڪستان ۽ افغانستان جي وٺڻ کان پوءِ هو خيبر دري جي واٽ سان هندستان ۾ آيو، جيئن ڪن زمانن کان اڳي آريه لوڪ آيا ها. 3- پنجاب جي کشتري راجائن مان هڪڙي پورس نالي سڪندر کي پٺتي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. جهلم نديءَ جي ڪنڌيءَ تي هڪ وڏي جڌ ٿي، جنهن ۾ پورس ۽ هن جي کشترين کي سڪندر ۽ هن جي گريڪ لشڪر هڻي پٽيءَ تالان ڪري ڇڏيو. 4- پوءِ سڪندر گنگا نديءَ جي ماٿري ڏي وڃڻ ۽ سڄي هندستان جيتڻ جو ويچار ڪيو. پر سندس سپاهي ٿڪجي پيا ها، تنهن ڪري ساڻس وڃڻ کان اِنڪار ڪيائون. هنن جو مطلب هو ته پنهنجي ديس ڏي موٽون، جو ڪيترن ورهين کان اُهو هنن ڪونه ڏٺو هو. اِنهيءَ ڪري سڪندر کي پٺتي موٽڻو پيو. 5- عيسوي سن کان 327 ورهيه اڳي سڪندر اعظم جيڪا هندستان تي ڪاهه ڪئي سا هندستان جي تواريخ ۾ هڪ وڏي ڳالهه ڪري ليکبي آهي. اُنهيءَ زماني جا هندڪي تواريخي ڪتاب ڪونه لکندا هوا، مگر يوناني لوڪ لکندا هوا. ڪيترا يوناني عالم جي سڪندر سان گڏجي هندستان ۾ آيا تن جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو تنهنجو احوال ويهي لکيائون. هنن جيڪي احوال ويهي لکيا سي ته هاڻي گم ٿي ويا آهن. پر اُنهن مان ڪي ٽڪر جي ٻين يوناني ليکڪن ويهي نقل ڪيا سي پاڻ وٽ هاڻي موجود آهن. اُنهن مان اسان کي ٻاويهه سَو ورهيه اڳي جيڪي هندو هوا تن بابت ڪڇ خبر پوي ٿي. (ٻ) چندر گپت، مَورين نسل جو بادشاهه (297-321 عيسوي سن کان اڳ) 1- سڪندر جي مرڻ تي هن جي وڏي شهنشاهت سندس سپہ سالارن ۾ وراهي ويئي. گريڪ سپہ سالار جنهن کي ترڪستان مليو (جنهن کي گريڪ ماڻهو (يوناني) بئڪٽريا سڏيندا هوا) تنهنجو نالو هو سيليوڪس. هن پنجاب کي به پنهنجي حڪومت هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر مگڌ جي راجا چندرگپت سڪندر جي هندستان مان وڃڻ پڄاڻا پنجاب ورتو هو. سيليوڪس ڏٺو ته آءٌ چندر گپت تي پڙي نٿو سگهان؛ تنهن ڪري هن سان عهدنامو ڪيائين. چندر گپت هن کي پنج سو هاٿي ڏنا ۽ هن پنجاب جي سڀ دعويٰ ڦٽي ڪئي. هن چندر گپت کي پنهنجي ڌيءَ به پرڻائي ۽ هڪڙو گريڪ وڪيل ميگاسٿينيز نالي سندس ڪچهريءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏياري مڪائين. چندر گپت جيڪو گهراڻو ٻڌو سو سندس ماءِ مورا جي ڪري مورين نسل جي نالي سان پڌرو ٿيو. 2- مگڌ اُهو راڄ هو جنهن کي هاڻي بهار سڏين ٿا. اُن ۾ مکيه شهر هو پتاليپتر جنهن کي هاڻي پاٽنا ڪري سڏبو آهي. آڳاٽي هندڪي زماني ۾ مگڌ سڀني کان وڏو ۽ ناليرو راڄ هو. چون ٿا ته چندر گپت جي راڄ ۾ سارو اُتر هندستان، هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، اچي ٿي ويو. 3- ميگاسٿينيز جو پٽاليپتر ۾ ڪيترا سال رهيو تنهن به جيڪي ڏٺو ٻڌو هو، تنهن جو بيان لکيو هو ۽ هن جي ڪتاب جا ڪي ڀاڱا هاڻي به پڙهي سگهجي ٿا. ميگاسٿينيز چويٿو ته هندو مرد ماڻهو جي اُنهن ڏينهن ۾ مون ڏٺا، سي سچار ۽ بهادر ها ۽ زالون چڱيون ۽ پوتر هيون، ٻانهو پٽيءَ ڪونه هو. سڀڪو هڪٻئي تي ڀروسو رکندو هو. ماڻهو درن کي ڪلف ڪين پائيندا ها؛ ڇاڪاڻ جو چور هوائي ڪين. ڪو ورلي ڪنهن تي قانوني هلت ڪندو هو. هو چوي ٿو ته اُنهي وقت هندستان ۾ 118 راڄ ها. گورا هندي ماڻهو هوندا ها، جي اوُچ ذات جا آريه برهمڻ ۽ کشتري هوندا. ۽ ڪارا هندي ماڻهو ها، جي لاشڪ سوُدر ۽ ٻين نيچ ذاتين جا ماڻهو هوندا. سڀڪنهن ڳوٺ ۾ هر طرح جي پورائي هئي، جيئن ته اُن ۾ سڀڪنهن ذات جا ماڻهو ها ۽ سڀڪنهن پر جو ڌنڌو ۽ پيشو هلندو هو. ماڻهو پنهنجن ڏيهي راجائن جي حڪومت هيٺ سانت ۽ آرام ۾ رهندا ها. 9- ٻُڌ (487-567 عيسوي سن کان اڳ) 1- اٽڪل 2500 ورهين کان اڳي آڳاٽي هندڪي يا برهمڻڪي زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري سِڌودن هڪڙو کشتري راجا ”ڪوسل“ لرڪن جي زور واري راج جي ٿورو اوڀر ”ساڪيا“ نالي هڪڙيءَ ننڍڙيءَ قوم تي حڪومت ڪندو هو. هن جو مکيه شهر ڪپل وِستو روهنيءَ نديءَ جي ڪٺي تي بنارس جي اُتر سو کن مئلن تي هو. هو سورمو ۽ جڌ جو ڪوڏيو هو ۽ هن کي گوتم نالي جو هڪڙو پٽ هو، تنهن کي به هن جي مرضي هئي ته پاڻ وانگيان جوڌو ڪريان. تنهن ڪري هن کي ڀالو ۽ ترار هڻڻ ۽ ڪمان ڪشڻ سيکاريائين. جڏهين هو ارڙهن ورهين جو ٿيو، تڏهين هن کي يسوڌرا نالي هڪڙيءَ سندر نينگر سان پرڻايائين ۽ پرڻئي کان پوءِ ڏهن ورهين پڄاڻا هن کي پٽ ڄائو. 2- گوتم اول کانئي سدائين ڏاڍو ويچاروان ڇوڪر هو. هو ڳالهائڻ ۾ حليم ۽ دل جو مهربان ۽ سڀني تي ٻاجهارو هو. شڪل ڪندي جڏهين هو غريب هرڻ ٻيلي ۾ چرندا ڏسندو هو، تڏهن اڪثر اڌ شڪل ڪمان هٿ ۾ جهلي بيهي رهندو هو. چوندو هو ”غريب جانور کي ڇاڪاڻ ايذاءُ ڏيان“ ۽ پوءِ تير موٽائي کڻي بٿيءَ ۾ وجهندو هو ۽ شڪار ڪرڻ بنا گهر موٽي هليو ويندو هو. شرط ڊوڙندي ڏسندو هو ته گهوڙو ٿڪي پيو آهي ۽ سهڪيءَ ڀرجي ويو آهي، ته اڪثر بيهي رهندو هو، شرط هارائڻ سهندو هو، پر پنهنجي گهوڙي کي ايذاءُ ڪين ڏيندو هو. 3- هڪڙي ڏينهن بهار جي مند ۾ پڻس چيس ته گهوڙي تي چڙهي مون سان گڏجي گهمڻ هل، ته سهڻيون ٻنيون هلي ڏسون. باغن، کوهن، سائي گاهه ۽ اَن پوکن ۾ ميوي سان ڇانيلن وڻن سان ڀرپور زمين مان جيئن هو آهسته آهسته چڙهي لنگهي ويا تيئن گوتم خوش ۽ سرهو ٿيو. پر هڪڙي هاريءَ کي ڏٺائين جنهن هڪڙي چٽر پٺيءَ واري ويچاري ڍڳي کي پئي ڪاهيو ۽ لڪَڻ سان ايترو ماريائينس جو سوُر کان هيٺ ڪري پوڻ جهڙو اچي ٿيو. پوءِ وري ڏٺائين ته هڪڙو باز ويٺو ڪبوتر کي کائي. اڃا اڳڀرو وڃي ته ڇا ڏسي ته هڪڙو ڪبوتر آهي سو مکيون ماري ويٺو کائي. اِهو حال ڏسي هو ڏک ۾ ڀرجي گهر موٽي ويو. 4- اُنهيءَ کان ڪجهه وقت پوءِ گوتم سُپنو لڌو. هڪرو ٻڍو ۽ ضعيف ماڻهو ڏٺائين جو هلي نٿي سگهيو ۽ ٻڌاپڻ جي ڪري اهڙو نستو ٿي پيو هو، جو بيهي مس ٿي سگهيو. سپني ۾ آواز ٻڌائين جنهن چيس ته ”اي گوتم، تون به هن وانگيان ٻڍو ۽ ضعيف ٿيندين.“ وري هڪڙو ماڻهو ڏٺائين جو ڏاڍو بيمار هو ۽ سوُر کان پئي ڪنجهيو ۽ سپني ۾ آواز ٿيس ته ”گوتم؛ هڪڙي ڏينهن تون به هن ماڻهوءَ وانگر ڏاڍو بيمار ٿيندين ۽ سوُر ۾ پيو ڦٿڪندين.“ پوءِ وري هڪڙو ماڻهو ڏٺائين جنهن جو سڄو بت سڪي ۽ ٺري ويو هو ۽ ڌرتيءَ تي مئو پيو هو ۽ آواز چيس ته ”گوتم، توکي به مرڻو پوندو.“ 5- اُنهي کان ٿورو وقت پوءِ ڀرو گوتم جو اُنهي وقت ٽيهن ورهين جو اچي ٿيو هو، سو پنهنجي راڄ، پيُ، زال ۽ ٻار کي ڇڏي رمندو رهيو ۽ بن ۾ اندر وڃي نڪتو. کشتري راڄ ڪنور کي مٿي تي جي ڊگها وار ٿيندا آهن سي هن ڪترائي ڦٽا ڪيا، راجائي وڳا لاهي ڇڏيائين ۽ غريب پينوءَ واريون تڳڙيون کڻي ڍڪيائين. هن وان پرست وانگيان بن ۾ ست ورهيه اِنهي ويچار ۾ گذاريا ته ڪا واٽ لڀي، جنهن ڪري جڳت ۾ جو چوڌاري دک پاپ ۽ شوڪ ڏسجي ٿو سو نڪري وڃي. نيٺ هن ڄاتو ته مون سچي آنند حاصل ڪرڻ جي واٽ ڳولي ڪڍي آهي. 6- تهان پوءِ هو بن مان موٽيو ۽ 45 ورهين تائين، نئون ڌرم سکياريندو وتيو؛ خاص ڪري اُنهن ڀاڱن ۾ جن کي هينئر سڏبو آهي بهار ۽ آگره ۽ اوڌ وارا علائقا. پنهنجو اصلوڪو نالو، گوتم، ڦٽو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته سندس مرضي نه هئي ته ڪو مان وڌيڪ راج ڪنور ليکجان ۽ پاڻ کي ٻڌ سڏايائين؛ ٻُڌ جي معنيٰ آهي سياڻو يا جنهن کي ٻُڌي يعني سياڻپ ملي هجي. هن جي ٻڍي پيُ، زال توڙي پٽ هن جي سکيا ٻڌي ۽ سڀ هن جا شش ٿي هن سان وڃي گڏيا. 7- ٻڌ جهڙو دياوان پِرش ڪو ورلي ٿي گذريو آهي. جيڪو ڌرم جاري ڪيائين تنهن کي ٻڌ ڌرم ڪري ڪوٺبو آهي. ماڻهن کي اِهائي سکيا ڏيندو هو ته سڀني جيون تي ديا ڪريو؛ ڪنهن سان به ظلم ڪرڻ يا ڪنهن کي ايذاءُ رسائڻ پاپ آهي. هن جو چوڻ هو ته ڌڻيءَ جي نظر ۾ سڀ ماڻهو آزاد ۽ هڪ جهڙا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجي حياتي صفائيءَ ۽ پوترتائيءَ سان گذاري، سچ ڳالهائي ۽ پاپ نه ڪري ته هو ڪنهن کان به گهٽ نه آهي. ڪئين ماڻهو سندس شش ٿيا ۽ سندس حياتيءَ جي وقت ۾ ئي لکن هندن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. برابر ڇهه سوُ ورهين تائين ٻڌ ڌرم هندستان ۾ مکيه ڌرم ٿيو. رام بن ڏي ٿو وڃي رام سندس پٺيان پيو ۽ سُگر پوُ ٻيلن وارين ڪارين قومن جي حاڪم، پنهنجا سينا پتيءَ (سپه سالار) هنوُمان (جنهن کي هاڻي هندو باندرن جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا) سان وڏو ڪٽڪ کيس واهر ڪرڻ ڪاڻ ڏياري موڪليو. راوڻ کي ماري سيتا کي سک سان موٽي وٺي آيا. 5- نيٺ رام، سيتا ۽ لڪشمن سان گڏجي پنهنجي راڄ گديءَ ڏانهن موٽيا. پڻس ته مري ويو هو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جنهن گاديءَ تي وهڻ کان اِنڪار ڪيو هو ۽ ڀاءُ ڪاتر ساري راجائي امانت رکيو ويٺو هو تنهن رام جي موٽڻ شرط کيس ايوڌيا جي راجائيءَ جون واڳون سونپيون. رام اُتي ڪيترا سال ڏاڍي آنند ۾ راڄ ڪيو. اڄ ڏينهن سوڌو هندو کيس ديوتا ڪري پوڄيندا آهن. سندس جيون چرتر (حياتيءَ جو احوال) ڪَوِتا (شعر) جي نموني ۾ هندن جي هڪ وڏو پوتر پستڪ رامايڻ ۾ ڏنو ويو آهي. 7- نظم جي زماني ۾ پانڊوَن ۽ ڪوَروَن جي وچ ۾ وڏي جڌ 1- ويدن ۽ رامايڻ جو ذڪر ته اڳيئي ڪري آيا آهيون. سندن جو ٻيو به هڪڙو پوتر پستڪ آهي جو مهاڀارت جي نالي سان مشهور آهي. اِنهن پستڪن مان اسان کي اوائلي وقت جي هندن جي هلت چلت ۽ رسمن جي گهڻي خبر پوي ٿي. اِنهن پستڪن جو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. 2- مها جي معنيٰ آهي وڏو ۽ ڀارت، جهوني زماني جو هڪ هندو راجا ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري مهاڀارت لفظ جو ارٿ آهي ڀارت جي پوين جي وچ ۾ جا جڌ ٿي تنهنجي ڳالهه. اِنهيءَ ڀارت جي پوين جا ٻه مکيه ڪٽنب هوا، هڪڙا پانڊوَ جي پانڊوُءَ جا پٽ هوا ۽ ٻيا ڪوَروَ جي ڪوَروَ جا پٽ هوا. اِهي ٻئي ڪٽنب هستيناپور (جنهن جو ٻيو نالو هو هاٿين جو شهر ۽ هاڻوڪي دهليءَ شهر کان ٿوروئي ڪو پرڀرو هو) جي راجائي لاءِ پاڻ ۾ وڙهيا. ٻنهي ڌرين ۾ جيڪي راجائون وڙهيا تن جو ذڪر مهاڀارت جي وڏيءَ ڪوِتا ۾ ڏنو ويو آهي اِنهي ڪوِتا کي وري ارڙهن اڌڀائن (ڀاڱن) ۾ وراهيو ويو آهي. ڪُرُ کيتر ميدان (جنهن کي پوءِ پاڻيپٽ جو ميدان ڪري ڪوٺيو ويو) تي وڏي جڌ لڳي. برابر ارڙهين ڏينهن جڌ پي لڳي. نيٺ پانڊوَن جي جئي ٿي ۽ سڀيئي ڪوَروَ هڪ ٻئي پٺيان مارجي ويا. 3- اِنهيءَ جڌ ۾ ڪرشن، گجرات جو هاڪارو راجا، جنهن کي پوءِ هندو ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا، سو پانڊوَن جو مددگار ٿيو. 4- نظم جو زمانو (ڪَوِتا جو سمو)- 1500 ورهيه عيسوي سن کان اڳ کان وٺي 1000 ورهيه عيسوي سن کان اڳ تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر نظم جو زمانو ڪري ڪوٺجي، ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ عرصي ۾ ئي رام پيدا ٿيو ۽ مهاڀارت وارا واقعا ٿي گذريا. جيتوڻيڪ اِهي واقعا ٿيا اِنهيءَ عرصي ۾ تنهن هوندي به رامايڻ ۽ مهاڀارت وارا ٻه وڏا ڪويتا (شعر يا نظم) سوين ورهيه دير سان رچيا ويا. 8- جهونو هندڪو زمانو 1- عيسوي سن کان 1000 ورهيه اڳ کان وٺي 300 ورهيه عيسوي سن کان اڳ تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر جهونو هندڪو زمانو ڪري ڪوٺيون. آريه، جو دراوڙ، ڪول، توراني ۽ ٻين ڏيهي قومن سان ملي ويا هوا سو ڪئين هندنَ جون قومون ٺهي ويئون هيون. ذاتيون ٺهي ويئون هيون ۽ برهمڻ ماڻهن جا پروهت ٿي رهيا هئا. آريه لوڪن جا جهونا ديوتائون ٽوري سندن جهونو ڌرم ڪرم کانئن وسري ويو هو. ويدن جي ٻولي رواج مان ئي نڪري ويئي ۽ اُن جي بدران برهمڻ سنسڪر ٻولي ۽ عام ماڻهو پراڪرت ٻوليون، جن مان هاڻوڪيون ٻوليون نڪتيون آهي سي ڪتب آڻڻ لڳا. 2- هن زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري، ايراني ۽ يوناني، جن جو احوال اسين هاڻي ڪنداسين، سي هندستان ۾ آيا. آرين جي پوين ٽولين جي اچڻ کان وٺي ايراني قوم جي اچڻ تائين يعني اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين ڪيتريون ٽوليون اُتر اولهه کان هندستان ۾ بيشڪ آيون هونديون، مگر اُنهن جو ڪوبه تواريخي احوال هٿ نه ٿو اچي سگهي. (الف) ايرانين جو هندستان ۾ اچڻ 1- آريه لوڪ جي ايران ۾ ويا، تن اُتي هڪڙي وڏي بادشاهت وڃي ٺاهي. ٻڌ جي زماني ڌاري عيسوي سن کان پنج سو ورهيه اڳي ايران جي بادشاهه دارا جي حڪومت سنڌو درياهه کان وٺي ڀونچ سمنڊ تائين سڄي اولاهين ايشيا تي هئي؛ اُنهيءَ ۾ اُهي سڀ ملڪ اچي ويا، جن کي هاڻي ايشيا مائنر، ايران، افغانستان، ترڪستان ۽ سنڌونديءَ جي اولهه پاسي وارو پنجاب جو ڀاڱو چون ٿا. 2- پنهنجيءَ بادشاهت کي اڃا وڌائڻ لاءِ ڪاهي ويو پنجاب تي. سندس امير البحر سائلا جهازن جي آرمار وٺي سنڌوندي لتاڙي ڪناري کي ڦيرو ڏيئي ڳاڙهي سمنڊ (ريڊسي) ۾ وڃي نڪتو. دارا سنڌونديءَ واري ساري ماٿري پنهنجي بادشاهت سان لاڳو ڪري ڇڏي. چوڻ ۾ ٿو اچي ته سندس شهنشاهت ۾ جيڪي ڪُلُ ٽيويهه پرڳڻا هوا تن سڀني ۾ جيڪو شاهوڪار پرڳڻو هو، سو هو سنڌونديءَ واريءَ ماٿريءَ وارو پرڳڻو، جنهن جي سالياني اُپت اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ رپيا هئي. (ب) هندستان ۾ يوناني قوم جو اچڻ 1- اُنهي زماني ۾ گريڪ ڏاڍا سوُرما ۽ يورپ جي آريه قومن ۾ سڀني کان چڱا ها. سڪندر نالي هڪڙو گريڪ بادشاهه، ايرانين جي گريس کي ڪاهي وڃڻ سبب، اُنهن کي سيکت ڏيڻ ڪاڻ ايران تي چڙهي ويو. هو 35000 کن پهلوان گريڪ سپاهين جو ننڍو لشڪر ساڻ وٺي ويو ۽ جرات ڪري ايران جي بادشاهت ۾ ڪاهي پيو. 2- سڪندر ويهن ورهين جي ننڍيءَ عمر ۾ بادشاهه ٿيو هو. هاڻي هو ٽيهن ورهين جي ڄمار جو هو ۽ جيڪي تمام چڱا ۽ سوُرهيه جوڌا ٿي ويا آهن تن مان هيءُ هڪڙو هو. تواريخ ۾ هو سڪندر اعظم جي نالي سان پڌرو آهي. هن سڄو ايشيا مائنر ۽ ايران فتح ڪيو ۽ ايران جي بادشاهه دارا جيڪي ساڻس جنگيون ڪيون، تن مان هر هڪ ۾ هن جي لشڪر کي ماري مات ڪيائين. سڄي ترڪستان ۽ افغانستان جي وٺڻ کان پوءِ هو خيبر دري جي واٽ سان هندستان ۾ آيو، جيئن ڪن زمانن کان اڳي آريه لوڪ آيا ها. 3- پنجاب جي کشتري راجائن مان هڪڙي پورس نالي سڪندر کي پٺتي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. جهلم نديءَ جي ڪنڌيءَ تي هڪ وڏي جڌ ٿي، جنهن ۾ پورس ۽ هن جي کشترين کي سڪندر ۽ هن جي گريڪ لشڪر هڻي پٽيءَ تالان ڪري ڇڏيو. 4- پوءِ سڪندر گنگا نديءَ جي ماٿري ڏي وڃڻ ۽ سڄي هندستان جيتڻ جو ويچار ڪيو. پر سندس سپاهي ٿڪجي پيا ها، تنهن ڪري ساڻس وڃڻ کان اِنڪار ڪيائون. هنن جو مطلب هو ته پنهنجي ديس ڏي موٽون، جو ڪيترن ورهين کان اُهو هنن ڪونه ڏٺو هو. اِنهيءَ ڪري سڪندر کي پٺتي موٽڻو پيو. 5- عيسوي سن کان 327 ورهيه اڳي سڪندر اعظم جيڪا هندستان تي ڪاهه ڪئي سا هندستان جي تواريخ ۾ هڪ وڏي ڳالهه ڪري ليکبي آهي. اُنهيءَ زماني جا هندڪي تواريخي ڪتاب ڪونه لکندا هوا، مگر يوناني لوڪ لکندا هوا. ڪيترا يوناني عالم جي سڪندر سان گڏجي هندستان ۾ آيا تن جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو تنهنجو احوال ويهي لکيائون. هنن جيڪي احوال ويهي لکيا سي ته هاڻي گم ٿي ويا آهن. پر اُنهن مان ڪي ٽڪر جي ٻين يوناني ليکڪن ويهي نقل ڪيا سي پاڻ وٽ هاڻي موجود آهن. اُنهن مان اسان کي ٻاويهه سَو ورهيه اڳي جيڪي هندو هوا تن بابت ڪڇ خبر پوي ٿي. (ٻ) چندر گپت، مَورين نسل جو بادشاهه (297-321 عيسوي سن کان اڳ) 1- سڪندر جي مرڻ تي هن جي وڏي شهنشاهت سندس سپہ سالارن ۾ وراهي ويئي. گريڪ سپہ سالار جنهن کي ترڪستان مليو (جنهن کي گريڪ ماڻهو (يوناني) بئڪٽريا سڏيندا هوا) تنهنجو نالو هو سيليوڪس. هن پنجاب کي به پنهنجي حڪومت هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر مگڌ جي راجا چندرگپت سڪندر جي هندستان مان وڃڻ پڄاڻا پنجاب ورتو هو. سيليوڪس ڏٺو ته آءٌ چندر گپت تي پڙي نٿو سگهان؛ تنهن ڪري هن سان عهدنامو ڪيائين. چندر گپت هن کي پنج سو هاٿي ڏنا ۽ هن پنجاب جي سڀ دعويٰ ڦٽي ڪئي. هن چندر گپت کي پنهنجي ڌيءَ به پرڻائي ۽ هڪڙو گريڪ وڪيل ميگاسٿينيز نالي سندس ڪچهريءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏياري مڪائين. چندر گپت جيڪو گهراڻو ٻڌو سو سندس ماءِ مورا جي ڪري مورين نسل جي نالي سان پڌرو ٿيو. 2- مگڌ اُهو راڄ هو جنهن کي هاڻي بهار سڏين ٿا. اُن ۾ مکيه شهر هو پتاليپتر جنهن کي هاڻي پاٽنا ڪري سڏبو آهي. آڳاٽي هندڪي زماني ۾ مگڌ سڀني کان وڏو ۽ ناليرو راڄ هو. چون ٿا ته چندر گپت جي راڄ ۾ سارو اُتر هندستان، هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، اچي ٿي ويو. 3- ميگاسٿينيز جو پٽاليپتر ۾ ڪيترا سال رهيو تنهن به جيڪي ڏٺو ٻڌو هو، تنهن جو بيان لکيو هو ۽ هن جي ڪتاب جا ڪي ڀاڱا هاڻي به پڙهي سگهجي ٿا. ميگاسٿينيز چويٿو ته هندو مرد ماڻهو جي اُنهن ڏينهن ۾ مون ڏٺا، سي سچار ۽ بهادر ها ۽ زالون چڱيون ۽ پوتر هيون، ٻانهو پٽيءَ ڪونه هو. سڀڪو هڪٻئي تي ڀروسو رکندو هو. ماڻهو درن کي ڪلف ڪين پائيندا ها؛ ڇاڪاڻ جو چور هوائي ڪين. ڪو ورلي ڪنهن تي قانوني هلت ڪندو هو. هو چوي ٿو ته اُنهي وقت هندستان ۾ 118 راڄ ها. گورا هندي ماڻهو هوندا ها، جي اوُچ ذات جا آريه برهمڻ ۽ کشتري هوندا. ۽ ڪارا هندي ماڻهو ها، جي لاشڪ سوُدر ۽ ٻين نيچ ذاتين جا ماڻهو هوندا. سڀڪنهن ڳوٺ ۾ هر طرح جي پورائي هئي، جيئن ته اُن ۾ سڀڪنهن ذات جا ماڻهو ها ۽ سڀڪنهن پر جو ڌنڌو ۽ پيشو هلندو هو. ماڻهو پنهنجن ڏيهي راجائن جي حڪومت هيٺ سانت ۽ آرام ۾ رهندا ها. 9- ٻُڌ (487-567 عيسوي سن کان اڳ) 1- اٽڪل 2500 ورهين کان اڳي آڳاٽي هندڪي يا برهمڻڪي زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري سِڌودن هڪڙو کشتري راجا ”ڪوسل“ لرڪن جي زور واري راج جي ٿورو اوڀر ”ساڪيا“ نالي هڪڙيءَ ننڍڙيءَ قوم تي حڪومت ڪندو هو. هن جو مکيه شهر ڪپل وِستو روهنيءَ نديءَ جي ڪٺي تي بنارس جي اُتر سو کن مئلن تي هو. هو سورمو ۽ جڌ جو ڪوڏيو هو ۽ هن کي گوتم نالي جو هڪڙو پٽ هو، تنهن کي به هن جي مرضي هئي ته پاڻ وانگيان جوڌو ڪريان. تنهن ڪري هن کي ڀالو ۽ ترار هڻڻ ۽ ڪمان ڪشڻ سيکاريائين. جڏهين هو ارڙهن ورهين جو ٿيو، تڏهين هن کي يسوڌرا نالي هڪڙيءَ سندر نينگر سان پرڻايائين ۽ پرڻئي کان پوءِ ڏهن ورهين پڄاڻا هن کي پٽ ڄائو. 2- گوتم اول کانئي سدائين ڏاڍو ويچاروان ڇوڪر هو. هو ڳالهائڻ ۾ حليم ۽ دل جو مهربان ۽ سڀني تي ٻاجهارو هو. شڪل ڪندي جڏهين هو غريب هرڻ ٻيلي ۾ چرندا ڏسندو هو، تڏهن اڪثر اڌ شڪل ڪمان هٿ ۾ جهلي بيهي رهندو هو. چوندو هو ”غريب جانور کي ڇاڪاڻ ايذاءُ ڏيان“ ۽ پوءِ تير موٽائي کڻي بٿيءَ ۾ وجهندو هو ۽ شڪار ڪرڻ بنا گهر موٽي هليو ويندو هو. شرط ڊوڙندي ڏسندو هو ته گهوڙو ٿڪي پيو آهي ۽ سهڪيءَ ڀرجي ويو آهي، ته اڪثر بيهي رهندو هو، شرط هارائڻ سهندو هو، پر پنهنجي گهوڙي کي ايذاءُ ڪين ڏيندو هو. 3- هڪڙي ڏينهن بهار جي مند ۾ پڻس چيس ته گهوڙي تي چڙهي مون سان گڏجي گهمڻ هل، ته سهڻيون ٻنيون هلي ڏسون. باغن، کوهن، سائي گاهه ۽ اَن پوکن ۾ ميوي سان ڇانيلن وڻن سان ڀرپور زمين مان جيئن هو آهسته آهسته چڙهي لنگهي ويا تيئن گوتم خوش ۽ سرهو ٿيو. پر هڪڙي هاريءَ کي ڏٺائين جنهن هڪڙي چٽر پٺيءَ واري ويچاري ڍڳي کي پئي ڪاهيو ۽ لڪَڻ سان ايترو ماريائينس جو سوُر کان هيٺ ڪري پوڻ جهڙو اچي ٿيو. پوءِ وري ڏٺائين ته هڪڙو باز ويٺو ڪبوتر کي کائي. اڃا اڳڀرو وڃي ته ڇا ڏسي ته هڪڙو ڪبوتر آهي سو مکيون ماري ويٺو کائي. اِهو حال ڏسي هو ڏک ۾ ڀرجي گهر موٽي ويو. 4- اُنهيءَ کان ڪجهه وقت پوءِ گوتم سُپنو لڌو. هڪرو ٻڍو ۽ ضعيف ماڻهو ڏٺائين جو هلي نٿي سگهيو ۽ ٻڌاپڻ جي ڪري اهڙو نستو ٿي پيو هو، جو بيهي مس ٿي سگهيو. سپني ۾ آواز ٻڌائين جنهن چيس ته ”اي گوتم، تون به هن وانگيان ٻڍو ۽ ضعيف ٿيندين.“ وري هڪڙو ماڻهو ڏٺائين جو ڏاڍو بيمار هو ۽ سوُر کان پئي ڪنجهيو ۽ سپني ۾ آواز ٿيس ته ”گوتم؛ هڪڙي ڏينهن تون به هن ماڻهوءَ وانگر ڏاڍو بيمار ٿيندين ۽ سوُر ۾ پيو ڦٿڪندين.“ پوءِ وري هڪڙو ماڻهو ڏٺائين جنهن جو سڄو بت سڪي ۽ ٺري ويو هو ۽ ڌرتيءَ تي مئو پيو هو ۽ آواز چيس ته ”گوتم، توکي به مرڻو پوندو.“ 5- اُنهي کان ٿورو وقت پوءِ ڀرو گوتم جو اُنهي وقت ٽيهن ورهين جو اچي ٿيو هو، سو پنهنجي راڄ، پيُ، زال ۽ ٻار کي ڇڏي رمندو رهيو ۽ بن ۾ اندر وڃي نڪتو. کشتري راڄ ڪنور کي مٿي تي جي ڊگها وار ٿيندا آهن سي هن ڪترائي ڦٽا ڪيا، راجائي وڳا لاهي ڇڏيائين ۽ غريب پينوءَ واريون تڳڙيون کڻي ڍڪيائين. هن وان پرست وانگيان بن ۾ ست ورهيه اِنهي ويچار ۾ گذاريا ته ڪا واٽ لڀي، جنهن ڪري جڳت ۾ جو چوڌاري دک پاپ ۽ شوڪ ڏسجي ٿو سو نڪري وڃي. نيٺ هن ڄاتو ته مون سچي آنند حاصل ڪرڻ جي واٽ ڳولي ڪڍي آهي. 6- تهان پوءِ هو بن مان موٽيو ۽ 45 ورهين تائين، نئون ڌرم سکياريندو وتيو؛ خاص ڪري اُنهن ڀاڱن ۾ جن کي هينئر سڏبو آهي بهار ۽ آگره ۽ اوڌ وارا علائقا. پنهنجو اصلوڪو نالو، گوتم، ڦٽو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته سندس مرضي نه هئي ته ڪو مان وڌيڪ راج ڪنور ليکجان ۽ پاڻ کي ٻڌ سڏايائين؛ ٻُڌ جي معنيٰ آهي سياڻو يا جنهن کي ٻُڌي يعني سياڻپ ملي هجي. هن جي ٻڍي پيُ، زال توڙي پٽ هن جي سکيا ٻڌي ۽ سڀ هن جا شش ٿي هن سان وڃي گڏيا. 7- ٻڌ جهڙو دياوان پِرش ڪو ورلي ٿي گذريو آهي. جيڪو ڌرم جاري ڪيائين تنهن کي ٻڌ ڌرم ڪري ڪوٺبو آهي. ماڻهن کي اِهائي سکيا ڏيندو هو ته سڀني جيون تي ديا ڪريو؛ ڪنهن سان به ظلم ڪرڻ يا ڪنهن کي ايذاءُ رسائڻ پاپ آهي. هن جو چوڻ هو ته ڌڻيءَ جي نظر ۾ سڀ ماڻهو آزاد ۽ هڪ جهڙا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجي حياتي صفائيءَ ۽ پوترتائيءَ سان گذاري، سچ ڳالهائي ۽ پاپ نه ڪري ته هو ڪنهن کان به گهٽ نه آهي. ڪئين ماڻهو سندس شش ٿيا ۽ سندس حياتيءَ جي وقت ۾ ئي لکن هندن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. برابر ڇهه سوُ ورهين تائين ٻڌ ڌرم هندستان ۾ مکيه ڌرم ٿيو. ٻڌ گيا جو مندر 10- ٻڌ ڌرم وارو زمانو (عيسوي سن کان اٽڪل 300 ورهيه اڳي کان عيسوي سن 300 تائين) 1- آسوڪا جي راڄ کان وٺي، يعني عيسوي سن کان اٽڪل 300 ورهيه کان وٺي، ويندي 300ع تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو تنهن کي جيڪر ٻڌ ڌرم وارو زمانو ڪري ڪوٺجي ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ عرصي ۾ ٻڌ ڌرم ئي هندستان ۾ مکيه ڌرم هو. ملڪ مان اصلي نالي نشان وڃڻ کان 300 ورهيه ٻيا به لڳي ويس. (الف) آسوڪا 232-272 عيسوي سن کان اڳ 1- اسوڪا، مَورين نسل جي راجا چندر گپت جو پوٽو هو. هن کي اڪثر اسوڪا اعظم ڪري سڏيندا آهن، ڇاڪاڻ جو هن زماني ۾ هو سڀني کان وڏو راجا هو. جڏهين هو جوان مڙس هو، تڏهين هو جڌ جو ڪوڏيو هو ۽ سندس اِهائي خواهش هئي ته ڪالنگا (اوڙيسا) تي ڪاهي پنهنجي وڏي راڄ کي وڌائي اڃا به جيڪر وڏو ڪريان. ٽن ورهين جي جڌ کان پوءِ هن سارو ملڪ ورتو. چون ٿا ته هن جنگ ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ اسوڪا جيڪي ٻين جا ايذاءُ ڏٺا، تن هن جي دل کي اهڙي چوٽ ڏني جو سندس سڀاءُ سارو مٽجي ويو. هن پرن ڪيو ته وري آءٌ ٻي جڌ ڪانه ڪندس ۽ ٻڌ جي سکيا موجب هلندس. 2- هن ٻڌ ڌرم کي مگڌ جو راڄ ڌرم ٺهرايو ۽ پاڻ تي پرياداس (ديوتائن جو پيارو) نالو رکايائين، الهه آباد ۾ اسوڪا جو ٿنڀو هن پوءِ ڀڪشو موڪليا ته وڃي ڪشمير، قنڌار، ٿٻيٽ، بَرما، دکن ۽ سيلون ۾ ٻڌ ڌرم جي سکيا ڏين. 3- اسوڪا چوڏهن قانون يا فرمان ٺاهيا ۽ ساري هندستان ۾ ٽَڪرن تي ۽ وڏن پاهڻن جي ٿنڀن تي لکارائي ڇڏيائين. اُنهن مان ڪي اڄ ڏينهن تائين پڙهڻ ۾ اچن ٿا. تن مان هڪڙو الهه آباد ۾ آهي. اُنهن فرمانن ۾ ٻڌ جون مکيه سکيائون آهن ۽ اُهي ماڻهن کي سمجهيائين ٿا ته هو مهربان، ڀلا، پوتر ۽ پن وان ٿين. اُنهن مان هڪڙو ڏيکاري ٿو ته اسوڪا ڪالنگا جو ملڪ کٽيو ۽ پنجن گريڪ بادشاهن سان عهدناما ڪيائين جن مان ٽي ها مصر، گريس ۽ سيريا جا بادشاهه. اُنهن مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پنهنجي زماني ۾ هو ڪهڙو وڏو نامور راجا هو. (ب) هندستاني يوناني حاڪم 1- جڏهن سڪندر هندستان کان (موت کاڌي تڏهن هزارين گريڪ سپاهي ترڪستان (جنهن کي گريڪ ماڻهو بئڪٽريا سڏيندا ها) ۾ رهي پيا ۽ ديسي زالن سان پرڻجي اُتي گهر ڪري ويهي رهيا. سڪندر جي وفات کان پوءِ گريڪ بادشاهن ايران ۾ اٽڪل پنج سو ورهيه ۽ بئڪٽريا ۾ اٽڪل هڪ سو ورهيه راڄ ڪيو. پوءِ ته سٿين جا اُڙه اچي نيان. اُنهن گريڪ لوڪن کي ترڪستان مان لوڏي ڪڌيو. 2- بڪٽريا جي گريڪ حاڪمن ۽ کائن پوءِ ايران جي گريڪ حاڪمن، افغانستان ۽ پنجاب جي ڪن ڀاڳن ۾، جتي اڄ ڏينهن سوڌو سندن نالن سان ڇاپ ٿيل سڪا هٿ ايندا آهن، اُتي اٽڪل ٽي سو اسي ورهيه، عيسوي سن کان 250 ورهيه اڳي کان وٺي 130ع تائين راڄ ڪيو. سڀني ۾ جيڪو ناليرو حاڪم ٿي ويو آهي سو هو ميناندر، جنهن کي هندو ليکڪ ميلنڊا ڪري سڏيندا آهن. اِئين ٿو چوڻ ۾ اچي ته هن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو ۽ لائق ۽ اِنصاف پسند حاڪم هو. هندستاني يوناني، جن کي هندو ليکڪن يَوَنَ ڪري سڏيو آهي، سي رفته رفته ويا اصلوڪن رهاڪن سان ملندا ۽ سندن ڪوبه وڌيڪ پتو نه ٿو پوي. (ٻ) هندستاني سٿين 1- گريڪ وچ ايشيا کي سٿيا ڪري سڏيندا ها ۽ جيڪي قومون اُتي رهنديون هيون تن کي سڏيندا ها ”سٿين“. جئن جُڳ اڳي آريه هندستان ۾ پئي آيا تئن سٿين لوڪن جا به اُڙدن پٺيان اُڙد اٽڪل 500 ورهيه، عيسوي سن کان 100 ورهيه اڳي کان وٺي سن 400ع تائين، ملڪ ۾ ايندا رهيا. ملڪ ۾ اچي ڪشمير، افغانستان، پنجاب، سنڌ، گجرات ۽ وچ هندستان جي اولهه واري ڀاڱي ۾ ويهي ويا. اِئين ٿو معلوم ٿئي ته اول پنجاب ۾ هندستاني يوناني بادشاهن جي حڪومتن جي لڳو لڳ ننڍڙيون حڪومتون جاري ڪيائون پر نيٺ سارو ملڪ پنهنجي هٿ ڪري ورتائون. 2- ساڪ- سٿين لوڪن جي هڪڙي قوم کي ساڪ ڪري سڏيندا ها. جيڪي سٿين قومون ملڪ ۾ پهريائين پهريائين گهريون تن ۾ اِها ساڪ قوم به هئي جا وڃي سنڌ، مالوا ۽ اُلهندي هندستان ۾ گهر ڪري ويٺي. ساڪ لوڪن جي حاڪمن پنهنجو گهراڻو چالو ڪيو ۽ کين ڪوٺيندائي هوا ”اُلهندي جا صوبا“. هنن مالوا ۾ اُجين جو شهر پنهنجي گادي مقرر ڪري اٽڪل 400 ورهيه راڄ هلايو تانجو سنه 400ع ۾ راجا وڪرماجيت هندن جي هاڪاري راجا سندن راڄ جي پڄاڻي ڪئي. 3- هندستان سٿين جي ٻي هڪڙي وڏي قوم، جنهن اُتر هندستان ۾ اٽڪل 180 ورهيه، سن 45ع کان سن 225ع تائين، راڄ ڪيو، تنهن کي ڪنش قوم ڪري ڪوٺيندا هوا، جنهن جو تمام ناليرو راجا ڪنشڪ هو. سندس گاديءَ جو هنڌ هو پَرَشَپوُرِ يا پشاور ۽ سندس بادشاهت ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير، بلڪ ترڪستان ۽ افغانستان به ٿي اچي ويا. سندس نالي جي ڇاپ سان ڪئين سڪا لڌا ويا آهن. ٻڌ ڌرم اختيار ڪيل هوس. پنهنجي ڌرم ۾ ڏاڍو نسچو هوس. سن 140ع ۾ ڪشمير ۾ شاهي ٻڌي سڀا ڪٺي ڪيائين ۽ پوءِ ڀڪشو (فقير) ڏياري موڪليائين جن وڃي وچ ايشيا ۽ چين ۾ ٻڌ ڌرم جي سکيا ڦهلائي. (ڀ) گپت گهراڻي جي شهنشاهت 1- ٻڌ زماني جي آخر ڌاري مگڌ ۾ گپت گهراڻي جا راجائون راڄ ڪندا هوا. اِنهن جو راڄ اٽڪل 300 ورهيه، سن 300ع کان سن 600ع تائين قائم هو. اِنهيءَ گهراڻي جا ٻه راجائون بلڪل نامور ٿي گذريا آهن. هڪڙي جو نالو هو سَمُدر گپت، ۽ ٻئي جو چندرگپت وڪرماجيت (اهو نالو هن ڪري پيس جو کانئس 500 ورهيه اڳي چندر گپت، مَوريان گهراڻي جو حاڪم، مگڌ ۾ راج ڪري ويو هو). 2- سمندر گپت (326 عيسوي کان 375 عيسوي تائين) وڏو ٻلوان راجا ٿي گذريو آهي. پاڻ سان وڏو ڪٽڪ وٺي سارو وچ هندستان لتاڙي واٽ تي سڀ ملڪ فتح ڪندو وڃي ڏکڻ هندستان تائين پهتو. هن جيڪي ملڪ فتح ڪيا سي پنهنجي حڪومت ساڻ شامل ڪين ڪيائين، پر هر هڪ مان پاڻ سان ڳچ خزانو گهلي ويو. گنگا جي ماٿريءَ ۾ جيڪي ملڪ هوا تنجا سڀ حاڪم کيس مڃيندا ها. نه فقط ٻلي راجا هو پر هڪ ڪوي پڻ هو ۽ ستار چڱي وڃائڻ ايندي هيس. 3- چندر گپت ٻيو (سنه 375ع کان سنه 413ع تائين) ته تهائين وڌيڪ هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن پاڻ کي ”وڪرماجيت“ (يعني شڪتيءَ جو سورج) ڪوٺايو ۽ هندو ليکڪن موجب هو ٻين سڀني هندو راجائن کان مشهور راجا ٿي گذريو آهي. پاڻ سان هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي وڌيو اُتر اُلهندي طرف ۽ سنڌ نديءَ جي ماٿريءَ مان وڌي پنجاب، سنڌ، گجرات ۽ مالوا، جن تي صدين کان وٺي ساڪ (اُلهندي وارا صوبا) راڄ ڪندا ها، سي فتح ڪري پنهنجي راڄ ۾ گڏي ڇڏيائين. هن جي حياتيءَ ۽ زماني جون آکاڻيون ڄي اُجين جي راجا وڪرم جي آکاڻين جي نالي سان پڌريون آهن، سي اڃا سوڌو هندستان جي سڀڪنهن ڳوٺ ۾ کڻندا آهن. سندس ڪچهريءَ ۾ ڪَوِيُنِ ۾ مهاڪَوي ڪاليداس جنهن کي بعضي هندستان جو شيڪسپيئر ڪري سڏيندا آهن ۽ ٻيا ڪيترا هاڪارا ماڻهو ۽ عالم رهندا هوا. 4- فاهيان هڪ چين ملڪ جو زيارتي ٿي ويو آهي جو هندستان ۾ ٻڌ ڌرم جي پوتر اسٿانن جي درشن ڪرڻ لاءِ آيو هو. ڪئين سال اچي ملڪ ۾ رهيو ۽ ملڪ چڱيءَ طرح جاچي ڏٺائين. هندستان بابت احوال ڏيندي چوي ٿو ته ساري اُتر هندستان ۾ حڪومت جو چڱو بندوبست هو، ماڻهو تمام خوش هوا، ۽ گهڻو ڪري جتي ڪٿي ٻڌ ڌرم زور هو. 5- هُنَ (سنه 450ع کان سن 528ع تائين) گپت راڄ جو خاتمو ڪيو منگول لوڪل جي هن قوم، جن جا اُڙدن پٺيان اُڙد سن 450ع ڌاري پنجاب ۾ اچي گهر ڪري ويهي رهيا. اُتان جمنا جي ماٿريءَ ڏانهن وڌي اُنهيءَ وقت جي گپت گهراڻي جي راجا کي ماري مڃايائون. اُنهن جو مهندار تورمن نالي هو، جنهن سنه 500ع ڌاري مالوا جو راڄ هٿ ڪري پاڻ کي مهاراجا سڏايو. کانئس پوءِ پٽس، مهر ڪُل، گاديءَ تي ويٺو پر هن اهڙو ته وٺي ظلم مچايو ۽ ايترا ته وٺي ماڻهو ماريائين جو نيٺ مگڌ جي راجا، بالاجيت، وچ هندستان جي هڪ راجا يسو ڌرم ديو جي مدد سان، وڏو لشڪر وٺي وڃي سندس سامهون ٿيو ۽ کيس ملتان جي ويجهو ڪهرور جي وڏيءَ جڌ ۾ سن 533ع ڌاري سخت شڪست پهچائي کيس توري سندس لشڪر کي هندستان مان هڪالي ڪڍيائين. هُنَ هندستان ۾ اٽڪل هڪ سو ورهيه رهيا ۽ منجهائن ڪيترا ته گهر ڪري ويهي رهيا. گپت گهراڻي جي حاڪمن اٽڪل ٻه سو ورهيه ٻيا به ٿانيسوَر ۾ ويهي راڄ ڪيو. 11- هندن جو نئون زمانو (300 عيسوي کان 1200 عيسوي تائين) 1- اٽڪل هڪ هزار ورهيه ٻڌ ڌرم هندستان ۾ قائم هو. پوءِ ته ويو آهستي آهستي ناس ٿيندو تان جو هاڻوڪو هندو ڌرم سنديس جاءِ ڀري ويو. پر اِهو ڪم هڪدم ڪين ٿيو. نئون هندو ڌرم ۽ اُن جا برهمڻ پروهت، اُن جون مورتون ۽ مندر ۽ اُن جي ديوتائن جا دَلَ تن سڀني هڪدم ٻڌ ڌرم جي جاءِ ڪين ورتي. سَوَن ورهين تائين پئي نئي هندو ڌرم ٻڌ ڌرم کي ڌڪيو ۽ ڪڍيو. پر سن 300ع ڌاري ٻڌ ڌرم پنهنجو زور ڇڏي رهيو هو ۽ ٻن يا ٽن سَوَن ورهين کان پوءِ بنہ چٽ ٿي ويو. 2- اِنهيءَ تفرقي جي ڦرڻ جو اِهو به سبب هو جو ڪي وڏي اُتساهه وارا برهمڻ توري ٻيا هندو اُپديشڪ جاڳيا جن مان مکيه هوا شنڪر آچاريه، هاڻوڪو سرين گري گرو جنهن اٺينءَ صديءَ ۾ ساري هندستان ۾ شِوَ ڀڳوان جي پوڄا جو اُپديش ڪيو، ۽ رامانج آچاريه، جنهن ٻارهينءَ صديءَ ۾ وشنو ڀڳوان جي پوڄا جو اُپديش ڪيو. ٻيا جيڪي مکيه سکيا ڏيندڙ ٿي ويا آهن تن مان ڏکڻ هندستان ۾ ٻارهين صديءَ ۾ هاڻوڪو سرين گري گرو. ماڌو آچاريه، جاڳيو، اُتر هندستان ۾ تيرهينءَ صديءَ ۾ رامانند، چوڏهينءَ صديءَ ۾ ڪبير، پنڌرهينءَ صديءَ ۾ چيتَنُ ۽ سورهينءَ صديءَ ۾ ولب سوامي جاڳيا. 3- هن زماني کي پُرانڪ زمانو پڻ ڪوٺيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ زماني ۾ ڪيترا هندو پستڪ، جن کي پُران يعني جهونا پستڪ ڪري ڪوٺيائون، سي رچيا ويا. اهڙا ڪئين پران آهن ۽ سڀني ۾ وشنوَ، شِوُ ۽ ٻين هندو ديوتائن جي پوڄا جي سکيا ڏني ويئي آهي. 4- راجپوت- هندستان جي تواريخ ۾ راجپوتن جو پهريون پهريون ذڪر هن زماني ۾ سن 600ع ڌاري ٿيل آهي. تواريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته اِنهيءَ وقت کان وٺي راجپوت راجائن ساري اُتر ۽ وچ هندستان ۾ راڄ پي ڪيو. عالمن جو رايو آهي ته ڪي راجپوت آڳاٽي وقت جي کشترين جي نسل مان هوا ۽ ٻيا وري ساڪ يا سٿين ۽ ٻيون وچ ايشيا جون بي شمار قومون جي عيسوي سن کان پوءِ پهرين پنجن صدين ۾ اُتر هندستان ۾ اچي گهر ڪري ويٺيون، تن جي نسل مان هوا. راجپوت هڪڙيءَ سورهيه ۽ اُتم ذآت جا ماڻهو آهن. هو جنگ جا ڪوڏيا آهن. هنن کي ٻڌ ڌرم جون نرم سکيائون نه وڻيون. آڳاٽي هندو ڌرم کي وري زور وٺائڻ لاءِ برهمڻن کي سهائتا ڪرڻ ۾ وسون ڪين گهٽايائون. 12- هَرِشا 1- نئين هندڪي زماني جو سڀني کان هاڪارو راجا هرشا ٿي گذريو آهي جنهن سن 606ع کان وٺي سن 648ع تائين جمنا ۽ ستلج ندين جي وچ واري ملڪ تي راڄ ڪيو. سندس گادي هئي ٿانيسور جنهن تي اوائل ۾ نالو هو ڪُر کيتر. هن پاڻ کي سلاجيت جي نالي سان ڪوٺايو. هي هندن جو پويون وڏو راجا ٿي گذريو آهي جنهن کي اُتر هندستان جا سڀيئي راجائون مڃيندا هوا. پنجاب کان وٺي آسام تائين سنڌو ندي ۽ گنگا نديءَ وارين ماٿرين ۾ جيڪي راڄ هوا تنکي تابع ڪرڻ ۾ کيس ٽيہ سال لڳي ويا. 2- راجا هرشا ۽ سندس راڄ بابت چڱا احوال موجود آهن. هڪڙو احوال لکيو آهي چين جي هن زيارتيءَ هوئين چئنگ نالي، جو ڪڇ وقت سندس ڪچهريءَ ۾ وڃي رهيو هو، ۽ ٻيو لکيو آهي هڪ قابل برهمڻ بانا نالي جنهن هڪڙو ڪتاب ويهي لکيو جنهن جو نالو ئي هو ”راجا هرشا جا ڪارناما“. هئوئين چئنگ ساري هندستان جو سير ڪيو. جتي جتي هو ويو اُتي ٻڌ ڌرم سان گڏ آڳاٽو هندڪو ڌرم هلندو ڏٺائين، جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌ ڏٺائين ته ٻڌ ڌرم ويو ٿي آهستي آهستي پنهنجو زور ڇڏيندو. اگرچ راجا ٻڌ ڌرم جو پوءِ لڳ هو تنهن هوندي به شِوَ ديوتا ۽ سورج ديوتا جي پوڄا ڪندو هو. ملڪ جو انتظام چڱو هو ۽ عالمن جو ڏاڍو مانُ هو. راجا هرشا، اسوڪا جي رهت جي نقل ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. پنجين پنجين سالين هڪ وڏي سڀا ڪٺي ڪندو هو، جتي پنهنجو سڀ خزانو ڀُڪشن ۽ برهمڻن کي وراهي، پنهنجا راجائي وڳالاهي غريب پينوُءَ جا لُڳرا کڻي پائيندو هو. 13- آڳاٽي وقت ۾ ڏکڻ هندستان جي حالت 1- جڏهن هندو آريه ويا ٿي ساري اُتر هندستان ۾ پکڙبا ، جڏهن ٻڌ ڌرم ويو ٿي زور وٺندو ۽ جڏهن گريڪ لوڪن پنجاب ۾ ۽ سٿين اُتر اُلهندي وارن ڀاڱن ۾ پي راڄ ڪيو، تڏهن اُنهي وقت ڏکڻ هندستان ۾ ڇا پي وهيو واپريو؟ آڳاٽي وقت ۾ ڏکڻ هندستان جي ڪهڙي حالت هئي تنهن جي اسان کي تمام ٿوري خبر آهي. سارو ملڪ دراوڙ قوم جي ماڻهن سان ڀرپور هو. ڪئن رهندا ها ۽ ڇا ڪندا ها تنهن بابت خير ڪو ليکه موجود آهي. اسين ايترو چئي سگهون ٿا ته ايامن کان پوءِ هنن وڏي شهر ٻڌا ۽ وڏا مندر جوڙيائون ۽ برهمڻن اُتر هندستان مان اچي کين هندو ڌرم جي سکيا ڏيئي، کين ذاتين ۾ وراهيو. 2- سڀ کان آڳاٽي حڪومت جنهنجي اسان کي خبر آهي سا هئي پانڊيا جي حِڪومت جا ٽامل جي ڏکڻ ۾ هئي ۽ جنهن جو مکيه شهر هو مدورا. اُن جي اُتر ڏي هئي چولا جي حڪومت، جا پڻ ٽامل جي ڀاڱي ۾ هئي ۽ جنهن جو مکيه شهر هو ڪانچي يا ڪانجيورم. وري جنهن ڀاڱي تي هينئر نالو آهي ميسور اُن ڀاڱي ۾ هوندي هئي چيرا جي حڪومت جنهن ۾ هينئر ڪئنري لوڪ رهن ٿا. اُلهندا ڳاٽ ۽ سمنڊ جي وچ ۾ جيڪو ملاياليز جو ڀاڱو آهي، جو هينئر ملبار جي نالي سان سڏبو آهي، سو ڪئين صديون ڪيرالا جي حڪومت ڪري ڪوٺبو هو. ڪن عالمن جو ته رايو آهي ته اُتر هندستان جي ڪن کشتري راجائن اِهي حڪومتون ٻڌيون؛ وري ٻين جو رايو آهي ته نه بلڪل آڳاٽي وقت کان وٺي دراوڙ قوم جي راجائن اِتي راڄ پي ڪيو. 14- مسلمان 1- عربستان ۾ نديون يا ڍنڍون ڪين آهن، تنهن ڪري هو اڪثر خشڪ ۽ سڃو ملڪ آهي. وارياسيءَ ڌرتيءَ جا وڏا پوٺا آهن، ڪٿي ڪٿي ڪو هنڌ سائو ڏسجي ٿو، جتي گاهه ٿئي ٿو ۽ پاڻي ڪنهن جهري يا کوهه مان ملي ٿو. آڳاٽي زماني ۾ عربستان ۾ جهنگلي ۽ وحشي قومون رهنديون هيون، جي پنهنجا ڌڻ ۽ گلا وٺي چاري جي ڳولا ۾ ملڪ ۾ رلنديون وتنديون هيون. اُهي ڏاڍيون شوخ ۽ ويڙهوُ هيون، هميشہ هڪ ٻئي سان جنگ لڳي پئي هين ۽ گهڻا ڪٺور ۽ ڪنا دستور هئن. 2- حضرت عيسيٰ کان 600 کن ورهيه پوءِ عربستان ۾ هڪڙو پيغمبر پيدا ٿيو، جنهن جو نالو حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم هو. هن کي عربن جا ڪنا دستور ڏسي دک ٿيو؛ اُنهن جي سڌرڻ ڪاڻ جيڪي پڄي سگهيس سو سڀ ڪيائين. اُنهن کي چيائين ته هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ مورتون پوڄڻ غلط آهي. هن چيو ته خدا فقط هڪڙو آهي. پهريائين عربن حضرت محمّد جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ ڪن هن جي مارڻ لاءِ به ڪوشش ڪئي؛ پر جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن منجهان ڪن مورتون ڀڃي ڦٽيون ڪيون ۽ ساڻس وڃي گڏيا. 3- حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم جي پيروي ڪندڙن تي جن ٻين عربي قومن پنهنجن پراڻين رسمن کي ڇڏڻ نٿي گهريو تن ڪاهون شروع ڪيون پر هو جيتيا ويا ۽ مسلمان وڌندا ويا، ايتري قدر جو سن 632ع ۾ جڏهين حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم وفات ڪئي تنهن کان اڳيئي عربستان جو سڄو ملڪ مسلمان ٿي ويو. مسلمانن جي پاڪ ڪتاب جو نالو قرآن آهي، جنهن کي هو خدا جو ڪلام ڪري مڃيندا آهن ۽ سندن نبيءَ جو جيڪو ڪلام گڏ ٿيل آهي تنهن کي حدِيث چوندا آهن. مسلمانن جي مذهب کي اِسلام سڏيندا آهن. مسلماني سن يا ورهيه جو ڳاڻيٽو سال 622ع کان شروع ڪندا آهن، جنهن سال ۾ حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم عربستان جي مکيه شهر مڪي مان نڪري ٻئي وڏي شهر مديني ۾ اچي رهيو. اُنهيءَ لاڏاڻي کي هِجرت چوندا آهن ۽ اُنهي ڪري مسلماني سنه کي هجري سن سڏيندا آهن. مسلمانن جو عقيدو آهي ته خدا هڪڙو آهي ۽ حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم سندس رسول آهي ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ خدا جي نظر ۾ برابر آهن. اسلام ۾ ذاتنِ جو ڪوبه فرق يا تفاوت ڪونهي. 4- جڏهين عربن جو مذهب به هڪ ٿيو ۽ سردار به هڪ ٿيو تڏهين هو سڀ گڏجي هڪ قوم ٿيا. هو بهادر ۽ جنگ جا ڪوڏيا ته اڳيئي هوا، پر هاڻي پاڻ ۾ وڙهڻ جو هنن کي سبب ڪونه هو. تنهن ڪري ٻين ملڪن ۾ پنهنجي مذهب پکيڙڻ جو خيال ڪيائون. مسلمانن جو زور ڏسي پاسي وارن ملڪن جون قومون هنن سان اَٽڪڻ لڳيون ۽ مسلمانن کي اُنهن سان جنگ ڪرڻي پيئي. اِها جنگ جا پنهنجي مذهب جي بچائڻ لاءِ ڪرڻ ۾ ايندي هئي تنهن کي جِهاد ڪري چوندا هوا، ۽ جيڪي مسلمان اُنهيءَ جنگ ۾ مرندا هوا تن کي هو شهيد ڄاڻندا هوا ۽ وسهندا هوا ته اُهي بهشت ۾ ويندا. ٻين قومن جا ماڻهو جي اُنهن جنگين ۾ قيد ٿي پوندا هوا تن مان ڪي رهي رهي نيٺ مسلمان ٿيندا هوا ۽ ڪي هڪڙي ٺهرايل هلڪي چٽي ڀرڻ سان آزاد ڪيا ويندا هوا. اهڙيءَ چٽيءَ يا عيوض جي پيسن کي جزيه چوندا هوا. 5- هنن عربستان جي اُتر وارن ملڪن تي ڪاهيو، جي سهنجائيءَ سان فتح ڪيائون. اُنهن کي قيمتي لُٽ جا هٿ آئي، تنهن ڪري ٻين ملڪن جيتڻ جو منجهن شوق پيدا ٿيو. اِنهيءَ ڪري هو هڪڙي پٺيان ٻئي ملڪ ڏي ڪاهيندا ويا. هڪ سَو ورهن جي اندر هنن ايران، ترڪستان ۽ افغانستان يعني سڄي ايران جي آڳاٽي شهنشاهت هٿ ڪئي. اُهي سڀ ملڪ مسلمان ٿيا. 6- ڪن ايران جي ماڻهن نه عربن کي پاڻ سونپيو ۽ نه اُهي مسلمان ٿيا. اُهي پنهنجو ملڪ ڇڏي هندستان ڏي وٺي ڀڳا، جتي 1200 ورهين کان وڌيڪ مدت لاڪر هو رهندا اچن. اُنهن کي ”پارسي“ چوندا آهن ۽ هو اڃا تائين اڳئين سمي جي آريه لوڪن واري اگني ديوتا جي پوڄا ڪندا اچن. هو هاڻي خاص ڪري اُلهندي ڪناري تي بمبئيءَ ۾ رهندا آهن ۽ ماٺيڻا، سانتيڪا ماڻهو آهن جي واپار جي ڪم ۾ ڏاڍا ڀڙ آهن. اُنهن مان گهڻا ڏاڍا شاهوڪار آهن ۽ ٻين جي ڀلي ڪرڻ لاءِ گهڻا پيسا خرچيندا آهن. 7- هندستان جي اُتر وارن ملڪن ۾ جو ”عرب“ پکڙي ويا، تنهن سبب ڪري ڪيترن سَون ورهين تائين، اُتر هندستان ۾ اُتر وارين قومن جي گهڻي ڊوڙ ڪانه هئي. ايرانين تاتارين ۽ عربن جي وچ ۾ اهڙي ويڙهه لڳي پيئي هئي، جو اُهي قومون هندستان ۾ وڃي سگهيون ئي ڪين. 15- محمود غزنوي (مورت ٽوڙ) (997 عيسوي کان 1030 عيسوي تائين) 1- اٽڪل 900 ورهين کان اڳي افغان ۽ ترڪ اچي هندستان ۾ نيان، جهڙي طرح آڳاٽي وقت ۾ آرين، گريڪن ۽ سٿين ڪيو هو. عرب لوڪ عربستان جي اُتر ۽ اُتر اوڀر وارن ملڪن جي فتح ڪِرڻ لاءِ عربستان مان روانا ٿيا ها، تنهن کي ساڍا ٽي سَو ورهيه گذري ويا ها؛ ترڪستان، ايران ۽ افغانستان سڀ هن وقت تائين مسلماني ملڪ ٿي ويا هئا. عربن جا گهڻا ڪٽنب اُنهن ۾ ٿاڻو ڪري ويهي ويا ها ۽ اُهي به ساڳئي اهڙي جوش سان ڀريل ها، جهڙي سان عربستان جا عرب ڀريل ها. 2- هن وقت ۾ افغانستان جو مکيه شهر غزني هو. ملڪ جو بادشاهه هڪڙو ترڪ هو، جنهن جو نالو هو محمود. جَيپال نالي پنجاب جي راجپوت راجا سان محمود جي پيُ اڪثر جنگيون ڪيون هيون، هن کي ماري مڃايو هائين ۽ سنڌو درياء تائين ملڪ ورتو هائين. اُنهيءَ سمي ۾ هندستان دنيا جي تمام سائو ملڪن مان هڪڙو هو. اُتر اوڀر وارن ملڪن ۽ يورپ جي ملڪن سان هندستان جو گهڻو واپار هلندو هو. افغانستان جي دِرن جي رستي اُٺن تي هندستان مان قيمتي سامان هنن ملڪن ڏي ويندو هو. محمود جڏهين ڇوڪر هو، تڏهين هو اُنهي قيمتي سامان سان ڀريل اُٺن جون ڊگهيون قطارون اڪثر پنهنجي پيُ جي ملڪ مان لنگهينديون ڏسندو هو. هو واپارين سان ڳالهائيندو ٻولائيندو هو ۽ هو هندستان جي وڏن شهرن، ڌن وارن مندرن جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئس. هو چوندو هو ته آءٌ جڏهين وڏو مڙس ٿيندس ۽ بادشاهي ڪندس، تڏهين آءٌ هندو راجائن سان جنگ ڪندس، هنن جون مورتون ڀڃي ڇيهون ڇيهون ڪندس ۽ جيئن عربن ٻين ملڪن ۾ ڪيو هو، تيئن اُنهن جا مندر ڊاهي چٽ ڪندس ۽ اُنهن جو سونُ رُپو ۽ قيمتي سامان هيڏي غزنيءَ ڏي کڻي ايندس. 3- محمود ٽيهن ورهين جي عمر ۾ بادشاهه ٿيو ۽ جيئن چيو هوائين تيئن ڪيائين. جيسين مينهن پئي بس ٿيا ۽ برف، جنهن سان جبل جون واٽون ڀريل هيون ساڳري ويئي، تيسين هو ترسيو ۽ پوءِ پنهنجو لشڪر وٺي هندستان ۾ وڃي نڪتو. ڦُر لُٽ آڻڻ ڪاڻ هو اُٺ ۽ گهوڙا پاڻ سان گهڻا وٺي ويو. ڏٺائين ته جيپال جنهن پڻس سان ٽڪرا کاڌا ها، سو ساڻس به وڙهڻ ڪاڻ تيار آهي. پر محمود ۽ سندس افغانن راجا کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ قيمتي لٽ سان غزنيءَ ڏي موٽي ويا. جيپال لڄ ۽ دک ۾ ڀرجي پنهنجو راڄ پنهنجي پٽ اَنندپال کي کڻي سونپيو ۽ پاڻ کي جلائي ماريائين. 4- اَنندپال ڏٺو ته هندستان ڏاڍي جوکي ۾ آهي. هن اُجين، گواليار، قنوج، دهلي ۽ اجمير جي وڏن راجپوت راجائن کي چوائي موڪليو ته مون کي سُڌ آهي ته هي افغان سلطان رهندو ڪين ۽ وري ٻئي سال ايندو، سو هن سان وڙهڻ ڪاڻ توهين اچي مون سان گڏجو. هن جي سڏ تي سڀ اچي ڪٺا ٿيا. راجپوتن جو وڏو لشڪر پنجاب ۾ ڪاهي ويو. پر هندستان جي گرم پوٺن جي راجپوتن کان سرد اُتر ملڪ جا افغان زور وارا ها، تنهن ڪري وڏيءَ جنگ کان پوءِ هنن راجپوتن کي ڀڄائي ڇڏيو. محمود نگرڪوٽ جا ڌن وارا مندر وڃي لُٽيا ۽ پوءِ سونُ، رُپو، موتي ۽ جواهر، جي ڌرمشٽ هندن جُڳن کان ديوتائن وٽ ڀيٽ پئي ڌريا ۽ گڏ پئي ٿيا، تن جي گهڻيءَ لُٽ سان وري غزنيءَ ڏي موٽيو. 5- محمود جڏهين موٽي غزنيءَ ڏي ويو، تڏهن اُتي هڪ وڏي مجلس ڪيائين ۽ سڀني افغانن کي مجلس ۾ اچڻ لاءِ ڪوٺيائين. مجلس ٽي ڏينهن هلي. سون، چاندي، ريشمي ڪپڙا ۽ قيمتي سامان جي هندستان مان آندا هائين، سي ماڻهن جي ڏسڻ ڪاڻ وڏين ميزن تي پکيڙي رکيا هائون. افغان اميرن ۽ سردارن کي سٺا اِنعام مليا ۽ جو غريب کان غريب افغان هو، تنهن کي به وڏو ڏاڻ مليو. 6- اِنهيءَ طرح محمود پنهنجن افغانن کي 17 ڀيرا هندستان ۾ آندو. ڀيري ڀيري سان جيئن ويس همت وڌندي، تئين ويو اڳتي وڌندو. جتي ڪٿي ڪو سائو شهر يا ڌن وارو مندر هو، اُتي هو پنهنجو لشڪر وٺي ويو؛ هن مندر ڊاهي ڇڏيا ۽ مورتونِ ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ۽ سڀ دولت جا پروهتن سون ورهين تائين پئي گڏ ڪئي، سا کڻي ويو. راجپوت راجائون اڪثر پاڻ ۾ پيا وڙهندا ها، پر اُنهن مان ڪنهين به اُنهن مندرن جي ڌن کي ڪڏهين هٿ ڪونه لاتو هو؛ اُنهيءَ ڪري ڪيترن گذريلن زمانن لاڪر اُهي ڌن ۾ پئي وڌيا. محمود جو لشڪر به ويو وڌندو؛ ڇاڪاڻ جو تُرڪ، ايراني ۽ افغان جي سڀ لُٽ ۾ ڀائيوار ٿيڻ جا شوقين ها، تن جا دَلَ اچي ساڻس گڏيا. 7- پويون ڀيرو جو محمود 1024ع ۾ هندستان ۾ آيو، سو ڏکڻ گجرات جي ملڪ ڏي ويو، جتي هڪڙو تمام جهونو مندر هو، جو ساري هندستان ۾ جهجهيءَ دولت جي ڪري مشهور هو. اُنهي مندر ۾ هڪ وڏي مورت هئي، جنهن کي سومناٿ سڏيندا ها. سنڌ جَي وڏي ٿَرَ مان ساڍن ٽن سون ميلن جي ڊگهيءَ ۽ ٿڪائيندڙ مسافريءَ کان پوءِ محمود اُنهي مندر کي اچي پهتو ۽ هندن جا لشڪر جي اُنَ جي بچاءِ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا ها، تن کي ماري مات ڪيائين. جڏهين هو مندر ۾ گهڙيو، تڏهين پروهتن ڏڪندي ڏڪندي جهجهو ناڻهو اَڇي چيس ته ”هي وٺو ۽ اَسانجي هن وڏيءَ مورت کي ڇڏي ڏيو.“ پر هن وراڻي ڏني ته ”آءٌ مورتون وڪڻندڙ ڪين آهيان، آءٌ مورت ٽوڙ(بت شڪن) آهيان“ اِئين چونديئي هن وڏيءَ مورت کي پنهنجي لوڙهه سان اهڙو زور سان ڌڪ هنيون، جو ڇيهون ٿي پيئي. 8- محمود افغانستان ڏي موٽڻ کان پوءِ ستتئي مري ويو. جيتوڻيڪ هو پاڻ ملڪ ۾ رهي ڪين پيو، ته به پنجاب ۾ هڪڙو پنهنجو عملدار ڇڏي ويو هو، جنهنجي حوالي ۾ لاهور پنجاب جو مکيه شهر هو. ڏيڍ سو ورهين تائين هندن افغانن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ گهڻا مٿا هنيان؛ پر ڳالهه مان وريو ڪين. محمود کان پوءِ جيڪي افغان بادشاهه ٿيا، تن لاهور کي پنهنجي هٿ ۾ سوگهو رکيو ۽ پنجاب مان اڪثر نڪري وڃي پريان گنگا جي پَٽَ ۾ هندن جا جي وڏا شهر ها، تن کي لُٽي ايندا هئا. هنن بادشاهن جا ٻه گاديءَ جا هنڌها هڪڙو غزنيءَ ۾، ٻيو لاهور ۾. 16- محمد غوري ( 1186 عيسوي کان 1206 عيسوي تائين) 1- غزنيءَ جي تُرڪي بادشاهن ڏيڍ سَو کن ورهين تائين بادشاهي محمد غوري ڪئي، تنهن کان پوءِ اُنهن کي هڪڙيءَ افغانن جي قوم، جا افغانستان جي اُتر اولهه غور نالي هڪڙي ننڍي ملڪ ۾ رهندي هئي، اچي جيتيو. اُن وقت اُنهي قوم جي ماڻهن تي محمد شهاب الدين نالي بادشاهه، جو تواريخ ۾ محمد غوريءَ جي نالي سان پڌرو آهي حڪومت ڪندو هو. هو اهڙو پهلوان ۽ جنگ جو ڪوڏيو هو، جهڙو محمود غزنوي هو. هُن وانگر هِن به پنهنجي عمر اُتر هندستان تي ڪاهن ڪرڻ ۾ گذاري؛ پر هن جو مطلب رڳو دولت وارن شهرن ۽ مندرن کي لُٽي وڃڻ جو نه هو، پر ملڪ فتح ڪرڻ ۽ هن کي پنهنجو ڪري اُن تي حڪومت ڪرڻ جو مطلب هوس. 2- نَوَ دفعا پنهنجا لشڪر وٺي محمد غوري هندستان ۾ ڌوڪيندو آيو. جن شهرن ۽ مندرن کي محمود غزنويءَ جا هٿ رسي ڪين سگهيا هوا تن ۾ اچي ڦرمار مچائي ڏنائين. رُڳو بنارس ۾ ئي هزار کان به وڌيڪ مندر ناس ڪري چئن هزارن کان به وڌيڪ اُٺ خزاني سان ڏلهي ويو. هميشہ پنهنجي پرپٺ پنهنجي سپه سالار قطب کي جبري لشڪر سان ڇڏي ويندو هو ۽ هو نه فقط فتح ڪيل ڀاڱن جي سنڀال ڪندو هو پر هڪ ٻئي پٺيان نوان شهر هٿ ڪندو ويو تان جو گهڻو ڪري سارو اُتر هندستان مسلمانن جي قبضي هيٺ اچي ويو. 3- محمد غوريءَ کي ڪو پٽ ڪونه هو. جڏهن مري ويو تڏهن سندس سپه سالارن مان هڪڙو افغانستان جو ملڪ ڦٻائي ويهي رهيو. هوڏانهن وري قطب، جو ڪيترا سال هندستان جي پرڳڻن جو صوبو ٿي رهيو هو سو پاڻ کي قطب الدين (يعني مذهب جو قطب تارو) سڏائي بادشاهه ٿي ويهي رهيو. 17- اوائلي مسلمان بادشاهه (1206 عيسوي کان 1526 عيسوي تائين) 1- مسلمان بادشاهن دهليءَ ۾ 1206ع کان وٺي 1526ع تائين، 320 ورهيه حڪومت ڪئي. هنن بادشاهن جا ڌار ڌار پنج گهراڻا ها: ٻانها بادشاهه، خلجي، تغلق (جي سڀ ترڪ هوا)، سيد (جي عرب هوا) ۽ لودي (جي افغان هوا ۽ پٺاڻ نالي سان پڻ ڪوٺيا ويندا هوا). 2- اُنهن سڀني سالن ۾ هندستان ۾ اڪثر هرجاءِ ويڙهه لڳي پيئي هئي. هندو راجائن ڏاڍيءَ چٽا ڀيٽيءَ ڌاران افغانن کي پاڻ ڪين سونپيو. ۽ جڏهين تڏهين تُرڪن، تاتارين، افغانن ۽ مغلن جون نيون نيون قومون ترڪستان، تاتار ۽ افغانستان کان نئي پييون ۽ افغان ۽ ترڪ، جي ملڪ ۾ ويهي ويا ها، تن سان ۽ جهونن هندو رهاڪن سان وڙهندي وڙهندي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا. 3- اِنهيءَ ڪري، جنهن ماڻهوءَ وٽ پيسا يا ڳهڻا ها، تنهن سڀڪنهن اُهي ڌرتيءَ ۾ کڏ کڻ پوُري ڇڏيا، ته متان ڪو سپاهي اُهي زبردستيءَ سان ڦُري کڻي وڃي. ڪيتريون ڀليون زمينون غير آباد رهجي وئيون ڇاڪاڻ ته غريب ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي ويا ٻيلن ۾. اُنهيءَ زماني ۾ چوڌاري ظلم ۽ زبردستي، ويڙهه ۽ خونريزي لڳي پيئي هوندي هئي. جيڪي ڏهه ٻانها بادشاهه ٿي گذريا تن مان فقط ٽي سانت سان بستري ۾ موا؛ ٻيا سڀ قتل ڪيا ويا. مطلب ته ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ وارو قصو لڳو پيو هو. جيڪي زبردست هوا تن ته غريبن تي ظلم ٻاري ڏنو. 4- اِنهن بادشاهن مان ڪي ته وري اهڙا به هوا جي ڄاوا توري نپنا هندستان ۾ ئي هوا. هنن هندستان کي پنهنجو وطن ڪري سمجهيو ۽ ملڪ جي اصلوڪن رهاڪن ڏانهن اوائلي حاڪمن جهڙي روش ڪين ورتائون. منجهائن ٻه، فيروز ۽ ناصر الدين سي ته انصاف پسند ۽ لائق حاڪم هوا، ۽ منجهن هڪ راڻي رضيه نالي پيدا ٿي جنهن ڏاڍيءَ سياڻپ سان حڪومت هلائي. 5- ڪيتريون مکيه راجپوت قومون، جمنا ۽ گنگا ندين جي وچ واري آباد ملڪ ۾ صدين کان وٺي گهر ڪري ويٺيون هيون. منجهائن ڪيترن کي ته هاڻي ترڪن ۽ افغانن پنهنجي اصلوڪي وطن مان هڪالي ڪڍيو، ۽ هو پنهنجا ٻار ٻچا ۽ سامان سرو کڻي ڏکڻ اُلهندي طرف اراولي ٽڪرين جي چوڌاري گهر ڪري ويهي رهيا. اُن وقت کان وٺي اُنهيءَ ملڪ تي نالو ئي رکيائون ”راجپوتانا“ يعني راجپوتن جو ملڪ. 18- اوائلي مسلمان بادشاهه (هلي پيو) ( 1206 عيسوي کان 1526 عيسوي تائين.) ٻانها بادشاهه ۽ خلجي قطب الدين 1- قطب الدين جڏهين ڇوڪر هو تڏهين ٻانهون هو. اُنهن ڏينهن جي مسلمانن ۾ جيڪي ماڻهو جنگ ۾ جهلبااوائلي ها، سي کٽندڙ جا ٻانها ٿيندا ها ۽ ڏوراهن ملڪن ۾ وڪامندا ها. هو زور سان مسلمان ٿيندا ها ۽ هو جو پنهنجي ملڪ ۾ ماڻهن کان پري ٿيندا ها، تنهن ڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪٽنب ۽ ماڻهن کي هو پنهنجو ڪري ڀانئيندا ها ۽ اُنهن سان ايماندار رهندا ها. جي پنهنجا ٻار نه هوندا هئَن، ته ڪڏهين ڪڏهين ننڍن ٻانهن کي سندن ڌڻي پُٽيلا ڪري پاليندا ها. قطب الدين ٻانهي ڇوڪر کي اِنهيءَ ريت سندس ڌڻيءَ پنهنجي گهر ۾ پُٽيلو ڪري رکيو هو. هو وڌندي وڌندي وڏو سپه سالار ۽ نيٺ بادشاهه وڃي ٿيو. هو ٻانهن بادشاهن مان پهريون هو. هو ٻانها اِنهيءَ ڪري سڏبا ها، جو قطب الدين وانگر اُهي به اڪثر ننڍيءَ وَهيءَ ۾ ٻانها ها. قطب منار 2- قطب الدين بهادر جوڌو ۽ ڏاهو اڳواڻ هو. پنهنجي عملدارن تي هو اهڙو مهربان هو ۽ هنن کي زمين ۽ ناڻي ڏيڻ جو اهڙو ڪوڏيو هو، جو هن کي سخي قطب ڪري سڏيندا ها. هو هندن سان ڏاڍي بيرحميءَ جي هلت ڪندو هو. هن هندن جي پنجويهن مندرن جي پهڻن سان دهليءَ جي ڀرسان هڪڙو سهڻو منارو ٺهرايو. اُهو سندس نالي ”قطب منار“ سڏبو آهي. اِهو منارو 240 فوٽ اوچو آهي ۽ دنيا ۾ جيڪي سڀني کان اوچا منارا آهن تن مان هڪ آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم بيٺو آهي. 3- قطب الدين فقط چار سال حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ سلطانه رضيه اٺ ٻانها بادشاهه ٿيا ۽ هڪ راڻي ٿي جن مريوئي ٻياسي ورهيه حڪومت هلائي. مسلمانن ۾ اِهائي هڪ راڻي، رضيه نالي ٿي گذري آهي جنهن دهليءَ ۾ ويهي راج ڪيو. کيس سلطانه ڪري ڪوٺيندا هوا، اگرچ اِهو لقب فقط مردن کي ڏنو ويندو آهي. ڏاڍي سياڻي ۽ بهادر هئي ۽ ملڪ جي ڪاروبار چڱيءَ طرح هلايائين، پر اهڙي زبردست نه هئي جو پنهنجي شوخ اميرن تي پورو ضابطو رکي سگهي. اِن ڪري ٿوري ئي وقت ۾ قتل ٿي ويئي. علاو الدين خلجي 4- ٻانهن کان پوءِ خلجي گهراڻي جي چئن بادشاهن تيهن ورهين تائين راڄ ڪيو. سڀني ۾ طاقت وارو ۽ سڀني کان ظالم بادشاهه هو علاوالدين جنهن پنهنجي ٻڍي اسي ورهين جي چاچي جنهن کيس پُٽَ جيان پالي وڏو ڪيو هو؛ اُن کي خون ڪري تخت هٿ ڪيو. پنهنجي سپه سالار ڪافور (جو اصل هندو هو پر پوءِ مسلمان ٿيو هو) سان گڏجي، دکن تي ڪاهي، هندو راڄ چٽ ڪري، بيشمار ماڻهن کي قتل ڪري، ڪيترا مندر ڊاهي پاڻ سان اڪيچار خزانو کڻي موٽي ويو دهليءَ ڏي. مسلمانن جي اِها دکن تي پهرين ڪاه هئي. علاوالدين پنهنجي پٺيان مسلمان سپه سالار ڇڏي ويو، جن اول ته سندس صوبا ٿي دکن تي حڪومت هلائي، پر پوءِ ته بادشاهه ٿي ويهي رهيا. 19- اوائلي مسلمان بادشاهه (هلي پيو) ( 1206 عيسوي کان 1526 عيسوي تائين) تغلق 1- تغلق گهراڻي جا ڪُلُ اٺ بادشاهه ٿيا، جن مريوئي ٽيانوي ورهيه حڪومت هلائي. اُنهن مان فقط به ناليرا ٿي گذريا آهن. 2- محمد تغلق هڪڙو تمام عجيب حاڪم ٿي گذريو آهي. عالم ۽ شاعر هو، دوستن ۽ عالمن تي مهربان هو ۽ کين قيمتي سوغاتون ڏيندو هو. خدا پرست ۽ بهادر هو. پر حڪومت اهڙو ردي نموني ۾ هلايائين ۽ اهڙا ته عجيب ڪم ڪيائين جو جيڪر کيس ”چريو“ ڪري ڪوٺجي ته ٺهي اچي. هڪ وڏو لشڪر سنباهي چين فتح ڪرڻ ڪاڻ موڪليائين پر اُهي سڀ ماڻهو جبلن تي ناس ٿي ويا. ويڙهين جي خرچ جي پورائيءَ ڪرڻ واسطي ڍلون وڌائي اڳي کان ڳريون ڪيائين. ڪم نصيب ماڻهن زمينون غير آباد کڻي ڇڏيون، ڇاڪاڻ جو هو اهڙيون ڳريون ڍلون ڀري نه ٿي سگهيا. تنهن تي وٺي ماڻهن جي شڪار ڪاڻ لشڪر کي حڪم ڏنائين. سپاهي ٻيلي کي چوگرد ڦري ويا ۽ جيئن جهنگلي مرن کي ماربو آهي تئن ويا غريب ماڻهن کي ماريندا. 3- ٻه گهمرا هن دهليءَ جي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته اُتان لڏي ديوگريءَ ۾ وڃي رهن، جو 800 ميلن پنڌ تي دکن ۾ شهر آهي. اُنهيءَ شهر تي دولت آباد نالو رکيائين: ڄڻ ڪ اُنهي نالي ڏيڻ ڪري هو اُن کي دولت مند شهر ڪري سگهي ها. رستا ڪين ها؛ واٽ هئي ونڌيا جبلن ۽ گهاٽي جهنگ مان؛ پاڻي مشڪل سان لڀندو هو ۽ کاڌو به ڪو اِئين جيئن هو. جيڪي ٿورا ماڻهو اُتي وڃي پهتا، تن کي اُنهي نئين شهر ۾ رهڻ ڪاڻ جايون ڪين هيون. گهڻا ماڻهو ته واٽ تي ئي پورا ٿي ويا. جيڪي جيئرا بچيا، تن کي نيٺ بادشاهه وري دهليءَ ڏي موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو. 4- محمد تغلق جي مرڻ پڄاڻا سندس ڀائٽئي فيروز تغلق کي گاديءَ تي وهاريائون. پٺاڻ بادشاهن ۾ هو سڀني کان چڱو بادشاهه هو. هن قريب چاليهن ورهين تائين حڪومت ڪئي ۽ ملڪ سڌارڻ لاءِ گهڻو سعيو ڪيائين. هن رستا ۽ واهه جوڙايا ۽ مسافرن ڪاڻ مسافر خانا ٺهرايائين ۽ عربي ۽ پارسي سيکارڻ ڪاڻ مڪتب وڌائين. سندس قوم جي اڪثري بادشاهن کان هن ماڻهن سان چڱي هلت ڪئي. پر فيروز جهڙو بادشاهه به اڪثر هندن سان، جي پنهنجو ڌرم نه ڇڏيندا ها، تمام بيرحميءَ جي هلت ڪندو هو ۽ ڀائيندو هو ته هندڪا مندر ڊهرائي ۽ اُنهيءَ سامان مان مسلمانڪيون مسجديون ٺهرائڻ مون تي فرض آهي. هن پنهنجي حياتيءَ جي جيڪا تواريخ لکي آهي تنهن ۾ پاڻ اِنهيءَ ريت چيو اٿس. 5- پوئين تغلق بادشاهه جي وقت ۾ تاتاري ماڻهو تيمور جي هٿ هيٺ هندستان ۾ ڪاهي پيا. 20- تيمور لنگ 1- تغلق بادشاهن مان پوئين بادشاهه جي ڏينهن ۾ سارو ترڪستان تيمور نالي هڪڙي زور واري سردار يا بيگ جي حڪم هيٺ هو. هو ڊگهو، سهڻو ماڻهو هو، منهن ڪشادو، اکيون تيز ۽ آواز سنهون هوس. هنجون آڱريون ٿلهيون ۽ ڄنگهون ڊگهيون هيون. هو منڊو هو، ۽ سندس نالن مان هڪڙو جنهن سان هو پڌرو آهي سو آهي تيمور لنگ، جنهن جي معنيٰ تيمور منڊو. هو ترڪ هو ۽ شهر ۾ رهندڙ هو؛ پر هن جي لشڪر جا ماڻهو سڀ تاتاري ها ۽ هن کي به اڪثر تاتاري تيمور ڪري سڏيندا آهن. هو سڀاءَ جو ڏاڍو بي رحم ۽ دل جو ڏاڍو ڪٺور هو. چون ٿا ته هن جيترا ماڻهو مارايا، اوترا ٻئي ڪنهين اِنسان نه مارايا هوندا. 2- 1398ع ۾ تيمور تاتارين، ترڪن ۽ ايرانين جو هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪري طوفان وانگر اُتر اولهه وارن لڪن جي رستي هندستان ۾ لهي پيو. اُنهي ڀيانڪ وقت کان وٺي پنج سو ورهيه گذري ويا آهن، پر نه اُنهن کان پوءِ ۽ نه اڳي ڪڏهين اهڙو خوفناڪ قتل ٿيو آهي. پٺاڻ بادشاهه جنهن جي اُنهي وقت حڪومت هئي سو مسلمان بادشاهه هو؛ تنهنڪري تيمور اِئين چئي نٿي سگهيو ته سندس مطلب مسلماني مذهب پکيڙڻ جو هو. سندس جيڪو مطلب هو سو رُڳو هو لُٽڻ ۽ مارڻ جو. 3- پنهنجي تاتاري اُڙد کي وٺي افغانستان مان پنجاب ۾ آيو. هو آهسته آهسته دهليءَ ڏي ڪاهي ويو ۽ مڙهن ۽ سڙندڙن ڳوٺن ڌاران ٻيو ڪي پٺتي ڪين ڇڏيائين. جڏهين هو دهليءَ کي ويجهو پهتو، تڏهين سندس ڇانوڻيءَ ۾ هڪ لک قيدي ها ۽ جڏهين ڏٺائين ته هيترن باندين کي سڀنالڻ ڪٺڻ ڪم آهي، تڏهين پنڌرهن ورهين کان مٿي عمر وارا سڀ مارائي ڇڏيائين. 4- جڏهين هيءَ ڀيانڪ خبر دهليءَ ۾ پهتي، تڏهين سڀڪنهن ماڻهوءَ جو ڊپ کان منهن سائو ٿي ويو. پٺاڻ بادشاهه پهريائين شهر جي ڀتين اندر پاڻ کي پوري ڇڏيو؛ پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ مورکائي ڪري لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو. 5- پوءِ ته تيمور به اچي مٿس ڪڙڪيو ۽ هن کي بلڪل شڪست ڏنائين. پنجين ڏينهن تائين بي رحم تاتاري شهر ۾ پئي گهميا ۽ ماڻهو پئي ماريائون ۽ سندن گهر پئي ساڙي چٽ ڪيائون. پوءِ باندين جا ميڙ ۽ لُٽ جا ڀريل بار ساڻ وٺي هماليه جبلن جي پايه سان پتي موٽي پنجاب ڏي ويا ۽ ڪابل جي رستي ترڪستان ڏي وري ويا. 6- دهليءَ کي چٽ ۽ ناس ڪري ڇڏيائين. تيمور هندستان ۾ رڳا پنج مهينا هو. هن جو اچڻ خوفناڪ سپني وانگر گذري ويو؛ پر بي رحم نَڪ مِڻا ۽ ڪنا تاتاري ۽ سندن منڊو ۽ ڄانگهو، شوخ مهانڊي، تيز اکين ۽ سنهي آواز وارو سردار هندستان جي ماڻهن کان گهڻن ڏينهن تائين ڪين وسريو. 21- تيمور کان پوءِ هندستان 1- تيمور هندستان ڇڏي ويو، تنهن کان پوءِ ٿوروئي وقت گذريو ته پوئين تغلق بادشاهه وفات ڪئي. انهيءَ تي هڪڙيءَ سيدن جي آڪہ، جا عربن جي نسل مان هئي، سا تخت ڦٻائي ويهي رهي. اِنهيءَ گهراڻي جا ڪُلُ چار بادشاهه ٿيا جن مريوئي ڇٽيہ ورهيه حڪومت هلائي. 2- اِنهيءَ کان پوءِ هڪ افغان (پٺاڻ) گهراڻو شروع ٿيو جو ڪوٺيائون لودي گهراڻو. اِنهيءَ گهراڻي جي ٽن بادشاهن ڇاهتر ورهيه راڄ ڪيو پر اِنهن جي حڪومت فقط دهلي، آگره ۽ ڀروارن ٽُڪَرَنِ تي هئي. 3- پنجاب ۽ بينگال ۾ اوائلي مسلمان بادشاهن جون حڪومتون هيون. جونپور (اوڌ ۽ الہ آباد جي چوڌاري ملڪ) وري هڪ ٻئي مسلمان بادشاهه جي هٿ هيٺ هو. راجپوتانا ٻن حڪومتن ۾ وراهيل هو. اراولي جي ٽڪرين اُڀرندي طرف جمنا ۽ نربدا ندين جي وچ وارو سهڻو ملڪ، جو مالوا ڪري سڏبو هو، اُن ۾ اگرچ هندستان تيمور کان پوءِ 1400ع کان 1500ع تائين راجپوت رهاڪو ها، تنهن هوندي به اُن تي هڪ مسلمان بادشاهه حڪومت هلائيندو هو. باقي جيڪو راجپوتانا جو ڀاڱو هو، اراولي ٽڪِرين جي اولهه ۽ ڏکڻ طرف، سو ته مسلمان هرگز هٿ ڪري ڪين سگهيا. اِهو ڀاڱو ڪيترن راجپوت راڄن ۾ وراهيو ويو هو، جن سڀني ۾ مکيه هو اُديپور (چتور) جو راڄ. اِنهيءَ ڀاڱي جي راجا کي ٻيا سڀ راجپوت راجائون مڃيندا هوا. بهلول خان لوڌي. 5- دکن ۾، اُتر ۾ نربدا ۽ ڏکڻ ۾ ڪرشنا ندين جي وچ وارو سارو ملڪ، بهمني بادشاهت ۾ اچي ٿي ويو. اِها حڪومت ٻَڌي هئي محمد تغلق جي هڪ مسلمان سپه سالار، جو جڏهن ڇوڪر هو تڏهن هڪ ٻڍي برهمڻ مٿس تمام مهرباني ڪئي هئي تنهنڪري جڏهن هو بادشاهه ٿيو تڏهن سندس نالي پٺيان پنهنجي حڪومت تي نالو ئي رکيائين بهمني يا برهمڻي بادشاهت، بهمني گهراڻي جي مسلمان بادشاهن تغلق سيد ۽ لوڌي گهراڻن جي وقت ڌاري، اٽڪل ٻه سوَ، ورهيه حڪومت ڪئي. سندن مکيه شهر هو گلبرگ. 5- ڏکڻ هندستان ۾ وري وجيه نگر جي وڏي حڪومت هئي، جا خلجي بادشاهن جي وقت ۾ ٻڌي ويئي هئي. اِها حڪومت مريوئي اٽڪل 230 ورهيه هلي. ڪرشنا نديءَ جي ڏکڻ طرفان جيڪو ملڪ هو، جنهن ۾ هينئر مدراس کاتو ۽ ميسور اچي ٿا وڃن، اُتي جيڪي راجائون ها سي سڀ هن حڪومت جي راجائن کي مڃيندا ها. اِنهيءَ حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ، تنگڀدرا نديءَ تي وجيه نگر جو شهر هو. وجيه نگر ۾ راجا جي هاٿين جو طبيلو 6- لودي گهراڻي جي پوين حاڪمن جي وقت ۾ اٽڪل سنه 1500ع ڌاري، بهمني بادشاهت ٽُٽي پيئي. اُن جي بجاءِ پنج ننڍڙيون مسلمانڪيون حڪومتون جاري ٿي ويئون، جن مان هر هڪ جي مٿان پنهنجو پنهنجو سلطان هو. دکن جي وچ ۾ هئي بيدر جي حڪومت، اُتر ۾ هيون برار ۽ احمد نگر جون حڪومتون ۽ ڏکڻ ۾ هيون بيجاپور ۽ گولڪنڊو جون حڪومتون. اِنهن حڪومتن جا سلطان هميشہ پيا هڪ ٻئي سان، توري وجيه نگر جي هندو راجائن سان وڙهندا هئا. 7- ساري ڏکڻ هندستان ۾ ڪيترا هندو سردار هوندا ها جن کي نائڪ يا پاليگار ڪري ڪوٺيندا هئا. اِهي سردار ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن تي راڄ ڪندا ها ۽ جڏهن جڏهن وجيه نگر جو راجا مٿن زور رکندو هو تڏهن لاچار ٿي کيس ڏَنُ ڏيندا ها. 22- مغل شهنشاهه 1- مغل ۽ منگول اِهي ٻئي ساڳيا لفظ آهن ۽ مغلن جو ملڪ منگوليا هو، جو وچ ايشيا ۾ ترڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آهي. هن ملڪ ۾، جنهن کي تاتار به سڏيندا آهن، جيڪي ذاتيون رهنديون هيون، سي تاتاري يا سٿين يا توُراني سڏبيون هيون، ڇاڪاڻ جو اِهي ٽيئي نالا ڌار ڌار وقتن ۾ ساڳين ماڻهن کي ڏنل ها. پُراڻا گريڪ تواريخ نويس اُنهن کي سٿين سڏيندا ها، ۽ ايراني تواريخ نويس اُنهن جي ملڪ کي توُران چوندا آهن، تنهن ڪري اُهي ڪڏهين ڪڏهين توُراني سڏبا آهن. 2- ترڪستان جو ملڪ آريه لوڪن جو قديم رهڻ جو هنڌ هو. جيئن زمانا گذرندا ويا، تيئن مغلن يا تاتارين مان ڪي اُهي جبل لنگهي آيا، جي سندن ملڪ کي ترڪستان کان ڌار ڪن ٿا. آريه لوڪ جيڪي اُتي رهيل ها، تن سان ٺهي اچي ويٺا، اُنهن مان پرڻيا، اُنهن جي ٻولي سکيا ۽ اُنهن سان رلي ملي هڪ ٿي ويا. تڏهين اُنهن کي تُرڪ چوندا ها. هو صحرا جي جهنگلي تاتارين کان پٽيءَ ٻيءَ طرح جا ها؛ اُنهن کي هو ڌڪاريندا ها ۽ اُنهن کان نفرت ڪندا هئا. هو ڊگها، رنگ جا گورا ۽ سهڻا ماڻهو ها ۽ گهڻن کي گهاٽيون ڏاڙهيون هيون، ۽ تاتاري قد جا منڌرا، چپڙي مُنهن وارا، ڦڪي رنگ ۽ ويڪري وات وارا ها ۽ منهن تي ورلي ڪو وار هوندو هون. اِهي تاتاري هلت چلت ۾ ڏاڍا ڪنا ها ۽ جهنگلين کان گهٽ ڪين ها، ترڪن وانگر اُهي به مسلمان ها، پر رڳا نالي جا مسلمان ها. هندستان جي ماڻهن کي خبر نه هئي ته اُنهن ٻن ذاتين ۾ تفاوت ڪهڙو آهي، تنهن ڪري هو اُتر کان آيلن سڀني مسلمانن کي مغل مري سڏيندا ها؛ اِنهيءَ طرح اُهو لفظ مغل شاهنشاهن سان، جن جو بيان هاڻي ايندو، لاڳو ٿي ويو آهي. سچ پچ اُهي منگوليا جا مغل پٽيءَ هوائي ڪين؛ پر ترڪستان جا ترڪ ها ۽ اُنهن کي چوڻ گهرجي ترڪي شاهنشاهه. 3- اُهي مغل هندستان جي مسلمانن بادشاهن ۾ سڀني کان وڏا ها. سڀ 15 مغل بادشاهه ٿي گذريا آهن پر پهريان ڇهه، پوين کان، جن کي ڪا نالي جي اختياري هئي، وڌيڪ ناليوارا ٿيا آهن. اُهي ڇهه هي آهن: بابر، همايون، اڪبر، جهانگير، شاهه جهان ۽ اورنگزيب. 23- بابر بهادر (1526 عيسوي کان 1530 عيسوي تائين) 1- جڏهين تيمور مئو، تڏهين هن جي بادشاهت ڇڄي ڪيتريون ننڍيون حڪومتون ٿي پيئي. اُنهن مان هڪڙي ڪوقند نالي جا ترڪستان ۾ هڪڙو ننڍو ملڪ آهي، بابر جي پي جي ڀاڱي ۾ آئي. بابر جو پيُ هو تيمور جو پڙپوٽو. هن جي مرڻ کان پوءِ بابر، جو تڏهين تيرهن ورهين جو ڇوڪر هو، هن جي گاديءَ تي ويٺو. 2- هوُ اڃا گاديءَ تي ويٺو ته هن کي پنهنجي جان بچائڻ ڪاڻ پنهنجي چاچي سان وڙهڻو پيو. هن پنهنجي بادشاهت وڃائي، پر ترڪستان جي ڪن رولوُ سردارن ۽ اُنهن جي ذات وارن، جن هن ننڍي شهزادي کي پنهنجو بادشاهه ڪري ٿي ڀانيو، هن کي ڪڏهين ڪين ڇڏيو. سڄا ويهه ورهيه هو هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ گهمندو رهيو، اڪثر ڏيهاڙي وڙهندو هو، پوءِ ڪڏهين سوڀارو ٿيندو هو، ته ڪڏهين پنهنجي جِندُ بچائڻ ڪاڻ ڀڄندو وتندو هو ۽ سندس ترڪي سپاهي اڪثر کليءَ هوا ۾ ڇڙي ڌرتيءَ تي سمهندا ها. هو اڪثر سارو ڏينهن سواريءَ ۾ گذاريندا ها. 3- نيٺ بابر ڏکڻ وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ترڪستان ۾ گهڻا سردار سندس جهڙا پهلوان ها؛ تنهن ڪري اُتي ڪنهن وڏيءَ بادشاهت جي پايه وجهڻ جو آسرو ڪونه ڏٺائين. ورهين لاڪر پئي وڙهيو ۽ شهرن پٺيان شهر پئي ورتائين، اُهي وري پي هارايائين ۽ جهڙو شروع ۾ هو، تهڙو ئي رهيو. سندس ذات وارن جن کي هن وانگر ڪا مقرر رهڻ جي جاءِ ڪانه هئي، ساڻس لڳي رهڻ خوشيءَ سان باسيو. هو هندوڪش جبلن جي لڪن مان لهي افغانستان ۾ اَچي سهڙيا. بابر 4- افغان بهادر ۽ ويڙهو ها، پر اُتر کان آيل ترڪي جوڌا اُنهن کان به وڌيڪ زور وارا ۽ پهلوان ها. بابر سگهوئي ڪابل ۽ غزنيءَ جو ڌڻي ٿيو. اُتي هن ڪيترا ورهيه حڪومت ڪئي. هوُ چار ڀيراءَ پنجاب تي ڪاهي ويو ۽ اُتي پٺاڻن سان وڃي زور آزمايائين ۽ ڀيري ڀيري سان ملڪ جو ڀاڱو وٺندو، پنهنجي سردارن مان هڪڙي جي حوالي ڪندو ويو. پوءِ جڏهين هن ڀانيو ته هاڻي هندستان فتح ڪرڻ جيترو زور ورتو اَٿم، تڏهين پنهنجن سچارن سردارن کان پڇيائين ته سندين ڪهڙي صلاح آهي. سڀني يڪ صلاح ٿي کيس ڪوشش ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. 5- بابر جي اُن وقت چاليهه ورهيه عمر هئي. سندس لشڪر ۾ رڳا تيرهن هزار ماڻهو ها. پر اُنهن مان هر هڪ ماڻهوءَ سَو جنگيون ته رءِ جهڙيون ڪيون هيون ۽ اهڙا ها جو پنهنجي مهندار جي پٺيان موت جي منهن ۾ وڃڻ کان به گسڻ وارا نه ها. جُرات ڪري هنن جو اڳواڻ ٿي اُتي هليو؛ پنجاب جي ميدانن تي چڙهي ويو ۽ سڌو دهليءَ تي ڪاهي ويو. 6- ابراهيم لودي پٺاڻ بادشاهه هڪ لک ماڻهو ساڻ وٺي هن جي سامهون ٿيڻ ڪاڻ نڪتو؛ پر هن جا افغان جو گهڻا ڏينهن هندستان جي گرم پوٺن تي رهيا ها، تنهنڪري سندن وڏن واري همت ۽ قوت منجهن ڪانه رهي هئي. ابراهيم لوڌي جنهن وقت کان وٺي آريه لوڪ اُتر وارن ٿڌن اُتاهن ملڪن کان لهي ڏکڻ وارن گرم ملڪن ۾ آيا آهن ۽ ديسي ماڻهن کي ٻهاري ڪڍيو اٿن، تنهن وقت کان اُتر جي ماڻهن ۽ ڏکڻ جي ماڻهن ۾ جيڪا چٽا ڀيٽي ٿي آهي، تنهن سڀ ۾ اِئين پئي ٿيو آهي. پٺاڻ لشڪر جي، چڻگي ترڪن سان، جي وڌيڪ تازيءَ ۽ شوخ ذات جا ماڻهوها، پڄڻ جي بات ڪانه هئي. بابر پنهنجي زره پوش گهوڙي سوارن جو اڳواڻ ٿي، افغانن جي گهاٽين صفن ۾ بي ڊپو ٿي ڪاهي پيو ۽ پوءِ وري ڦيرو کائي لشڪر جي پڇاڙيءَ تي حملو ڪيائين. ابراهيم جو لشڪر ڊانوانڊول ٿيو ۽ اُٿي ڀڳو ۽ پاڻ ۽ ويهه هزار گهوڙي سوار جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويا. هيءَ وڏي جنگ 1526ع ۾ پاڻي پٽ وٽ ٿي، جو دهليءَ جي ويجهو هڪڙو ميدان آهي. 7- هن جنگ کٽڻ ڪري بابر رڳو دهليءَ جي بادشاهت جو ڌڻي ٿيو. راجپوتانا وارا راجائون، جن ۾ مکيه هو راجا سنگا، اُنهن کان سواءِ هندستان ۾ پنج وڏيون مسلمانڪيون بادشاهتون هيون. راجپوت مٿس ڪاهي آيا پر هن کين شڪست پهچائي ۽ ٽن سالن جي عرصي ۾ پنهنجي پٽ همايون سان گڏجي گهڻو ڪري سارو اُتر هندستان لتاڙي ڪيترن مسلمان حاڪمن کي آڻ مڃارايائين. 8- هندستان ۾ جيڪي به مسلمان حاڪم هيستائين ٿي گذريا ها، تن ۾ بابر سڀني کان چڱو حاڪم ٿي گذريو آهي. بابر لفظ جي معنيٰ آهي شينهن ۽ هو هئو به اهڙو زور وارو ۽ بهادر جهڙو شينهن. هو ٻه ڊگها ماڻهو، هڪڙو هڪڙيءَ ڪڇ ۾ ٻيو ٻيءَ ڪڇ ۾ کڻي وڏيءَ ڀت جي چوٽيءَ تي ڊوڙندو ويندو هو. جيڪا ندي واٽ ۾ ايندي هيس تنهن مان تري پار هليو ويندو هو ۽ گهڻو ڪري ڏيهاڙي هڪ سو ميل چڙهي ڪندو هو. 9- جيتوڻيڪ هو جنگ جي ميدان جو ڪوڏيو هو، ته به بي رحم ڪين هو؛ ۽ جي ماڻهو وڙهي نه سگهندا ها ۽ نه وڙهندا ها، تن کي ڪڏهين ڪين ماريندو هو هو هندستان ۾ ماڻهو مارڻ، سندر مندر ناس ڪرڻ ۽ ملڪ ڦرڻ ڪين آيو هو؛ پر ڏاهي ۽ چڱي بادشاهه وانگر حڪومت ڪرڻ آيو هو. هو سخن جو سچو هو ۽ ڪڏهين ڪو نيچ ڪم ڪين ڪيائين. هو هميشه خوش طبع ۽ کِلڻو هوندو هو. پنهنجي تواريخ ۾ جا پاڻ پنهنجي هٿين لکي اٿس چيو اٿس ته ”جيڪڏهن منهنجي هار ٿيندي ته آءٌ ڪڏهين به ماٺ ڪري ۽ آسرو لاهي ويهي ڪين رهندس، يا نڪمو ويهي هيڏي هوڏي ڪين نهاريندس.“ وري ٻئي هنڌ چيو اٿس ته ”ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪم ڪيئَن ڪندو جنهن جي ڪري مئي پڄاڻا هن جي ناموس کي ٽڪو لڳي.“ 10- بابر هندستان ۾ گهڻا ڏينهن جيرو ڪين رهيو. دهليءَ ۾ اڃا هن چار ورهيه مس راڄ ڪيو ته هو ضعيف ۽ ناچڱو ٿيڻ لڳو. سندس پيارو پٽ همايون به بيمار پيو ۽ تمام ٿوري وقت ۾ اهڙو ٿيو جو پنهنجي هنڌ تان اُٿي ڪين ٿي سگهيو ۽ اِئين ٿي ڏٺو ته بچندو ڪڏهين ڪين. تڏهين هڪڙي ديندار عهديدار بابر کي چيو ته ”توهان وٽ همايون جي اَڻ چڱائي جيڪا تمام قيمتي وَٿُ هجي، سا خدا جي اڳيان صدقي ڪريو ۽ اُن کان دعا پنو ته هو شايد توهان جي پٽ جي جان بچائيندو. آگري ۾ جو وڏو هيرو توهان کي مليو سو صدقي ڏيو.“ بابر چيو ”نه نه، اُنهي وڏي هيري کان منهنجي حياتي مون کي وڌيڪ پياري آهي ۽ آءٌ اِها خدا کي ڀيٽ ڏيندس.“ هن پنهنجي پٽ جي کٽ کي ٽي ڦيرا ڏنا ۽ دعا گهريائين ته خدا منهنجي پٽ جي حياتي بچاءِ ۽ اُن جي بدران منهنجي جان وٺ. پوءِ هن واڪو ڪري چيو ته مون مرض کڻي ورتو آهي. ڀانئجي ٿو ته خدا هن جو عرض اگهايو؛ ڇاڪاڻ جو اُنهيءَ وقت کان وٺي همايون ويو بهتر ٿيندو ۽ چڙهندو جيسين هو بلڪل چڱو ڀلو ٿيو ۽ بابر ويو ڏينهان ڏينهن ڳرندو ۽ هيڻو پوندو جيسين هو نيٺ مري ويو. 24- همايون ٻاجهارو (1530 عيسوي کان 1556 عيسوي تائين) 1- پنهنجي مرڻ کان ٿورو وقت اڳڀرو بابر پنهنجي وڏي پٽ همايون کي سڏي چيو ”منهنجا پٽ، جيڪڏهين خدا توکي منهنجو تخت ڏئي ته آءٌ توکي وصيت ٿو ڪريان ته پنهنجن ڀائرن سان مهربانيءَ جي رستي هلجانءِ.“ همايون پنهنجي پيُ جو حڪم سچيءَ دل سان مڃيو ۽ اِئين ڪرڻ هن جي لاءِ سچ پچ ڪا اَهنجي ڳالهه به ڪين هئي؛ ڇاڪاڻ جو هن جي پنهنجي ڀائرن سان دل هئي ۽ هن جي مرضي نه هئي ته هنن کي ڪو ڏک پهچايان. پڻس جو مٿس ڀروسو ۽ پيار هو، بابر چوندو هو ته ”سڄي جهان ۾ همايون جهڙو ٻيو دوست ڪونهي.“ 2- هن بادشاهي شروع ڪرڻ وقت پنهنجن ڀائرن مان هر هڪ کي بادشاهيءَ جو ڀاڱو ورهائي ڏنو. ڪامران کي ڏنائين افغانستان ۽ پنجاب. هيءَ سندس ڏاڍي مهرباني هئي، پر اُهو سياڻپ جو ڪم ڪين هو؛ ڇاڪاڻ جو اُهي ملڪ سورمن ماڻهن سان ڀريا پيا ها ۽ بابر پنهنجي لشڪر ڪاڻ سپاهي ۽ عملدار اُتاهون ڪڍندو هو. ڀائرنس ساڻ مدد ته ڪانه ڪئي، پر اُٽلندو وڙهيس؛ ڇاڪاڻ ته هر هڪ جو مطلب هو ته آءٌ بادشاهه ٿيان؛ تنهنڪري جيسين هو جيرا ها، تيسين هن کي ڪو آرام ڪو نه هو. همايون 3- بابر کي پنهنجي حڪومت ڄمائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ وقت ڪونه مليو هو. اڃا همايون تخت تي ويٺو ئي ڪين ته کيس ڪيترن دشمنن کي منهن ڏيڻو پيو. هو بيشڪ پهلوان، جئن ڪ هن جي جرات جي ڪمن مان وري وري ظاهر ٿئي ٿو؛ پر پيُ جهڙو چالاڪ ڪين هو ۽ نڪي وري هن وانگي اِرادي جو پڪو هو. پوين ڏينهن ۾ وري آفيم کائڻ تي هريو، ۽ اِنهيءَ بُڇڙيءَ هير کيس آرسي ۽ دل جو سست بنائي ڇڏيو. 4- اُن وقت هڪڙو وڏو افغان امير هو جنهن جو نالو هو شير خان (چيتي جو سردار) ڇاڪاڻ ته هن هڪ دفعي ترار جي ڌڪ سان هڪڙي چيتي کي ماري وڌو هو. هو بينگال جو صوبو هو ۽ اڃا بابر وفات ڪئي ڪين ته خيال ڪيائين ته مان پاڻ کي ساري ملڪ جو والي بنايان. هن ڪيترا سال پنهنجي لشڪر کي قواعد سيکارڻ ۾ ۽ بينگال جي ٽاڪروُ قلعن فتح ڪرڻ ۾ صرف ڪيا. 5- هيترو سڀ وقت همايون ٻين افغان سردارن سان وڙهڻ ۾ مشغول هو. بابر جا جيڪي چڱا جهونا سپاهي ها، تن مان گهڻا ته مري ويا ها، يا جنگ ۾ مارجي ويا ها، ڇاڪاڻ ته اُنهن جو انداز ڪو گهڻو ڪونه هو؛ ۽ جڏهن همايون پنهنجي ڀاءُ ڏي، جو افغانستان ۾ حڪومت هلائيندو هو، وڌيڪ ماڻهن ڪاڻ لکيو، تڏهن هن صاف جواب ڏنس. اِنهيءَ ڪري همايون جي لشڪر ۾ هاڻي رڳا جوان مڙس ها، جن کي پوري جنگي سکيا ڪانه مليل هئي. 6- افغانن کي شڪست ڏيئي، همايون وڌيو اوڀر طرف شير خان کي منهن ڏيڻ لاءِ. مند هئي مينهوڳيءَ جي ۽ جهنگ جهر پاڻي ٿي ويو هو. شير خان ۽ سندس ماڻهو ته وڃي ٽاڪروُ قلعن ۾ سوگها ٿي ويهي رهيا. همايون جا ڪيترا ماڻهو بيمار ٿي پيا ۽ ڪي ته کيس ڇڏي ويا. همايون پٺتي موٽي ويو ۽ سندس لشڪر ۾ ٽاڪورو پئجي ويو. اِنهيءَ تي شير خان پنهنجو وڏو ڪٽڪ، پوريءَ طرح جنگي سکيا مليل ماڻهن جو، وٺي اچي مٿس ڪرڪيو ۽ سندس لشڪر کي ڀڄائي دهلي ۽ آگره وٺي سنه 1540ع ۾ هندستان جو شهنشاهه ٿي ويٺو. 7- همايون جنهن هندستان ۾ ڏهه سال حڪومت هلائي هئي سو پنهنجن بي ايمان ڀائرن کان مدد وٺڻ لاءِ ڀڳو پنجاب ڏي ۽ اُتان افغانستان ڏي، پر هنن ته پاڻ کيس پورو ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهنڪري هو ڀريا ٽي سال تمام وڏي خطره ۾ وتيو ڀٽڪندو. اڃا هندستان ڇڏڻ تي هو ته کيس رڻ پت ۾ اڪبر ڄائو، جنهن کي چاچهنس هٿ ڪري ڪابل ۾ ڪيترا سال قيد ڪري ڇڏيو. 8- همايون پنهنجي زال ۽ ڪن ماڻهن سان گڏجي ايران ڏي ڀڄي ويو. اُتي ڪڇ وقت شاهه جو مزمان ٿي رهيو. شاهه ساڻس چڱي هلت ڪئي ۽ ڏهن هزارن ماڻهن جو لشڪر ڏنائينس جنهن سان هو افغانستان ڏي موٽيو ۽ ڏهه سال برابر پنهنجي ڀائرن سان جنگ جوٽيندو وتيو. نيٺ اُنهن مان هڪ ته مري ويو، (پر همايون جي هٿان نه) ۽ ٻيو مڪہ ڏي ڀڄي ويو. ٽئين ڀاڻس جي به هار ٿي ۽ پوءِ همايون ڪيترا سال ڪابل ۾ ويهي حڪومت ڪئي تان جو سندس هندستان ۾ وڃڻ جو وقت آيو. وري وري سندس ڀائر سندس وس پي ٿيا پر هن کين معافي ڏيئي ڇڏي پي ڏنو. پنهنجي پيُ سان جيڪو قول ڪيو هوائين سو هرگز ڪين وساريائين. 9- اِنهيءَ وچ ۾ شير خان مري ويو. هن کان پوءِ ٽي بادشاهه ٿيا، جن مان پويون ڪمزور هو ۽ حڪومت هلائي ڪين سگهيو. همايون لشڪر وٺي دهليءَ تي چڙهي ڪئي ۽ هن ڀيري جي سپاهي نيائين سي جهڙا ها پهلوان تهڙا ها سهُو. هن دهليءَ ۽ آگرهه، جي پنڌرهين ورهيه وڃائي ويٺو هو، وري ورتا. 10- پر هن وري موٽڻ کان پوءِ گهڻا ڏينهن بادشاهي ڪين ڪئي. هڪڙي ڏينهن پيشين مهل جينءَ هو پنهنجي محلات جي ڏاڪڻ تي ٿي چڙهيو، تينءَ هن ڀرواريءَ مسجد مان ٻانگ ٻڌي؛ همايون ٻانگ ٻڌڻ ڪاڻ بيهي رهيو، پر لٺ جنهن تي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هو، سا لسي سنگ مرمر تان ترڪي ويئي ۽ هو ڦهه اچي ڏاڪڻ کان هيٺ پيو. هن کي اهڙو ايذاءُ پهتو، جو هو پنجاهين کن ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو. شير شاه 25- شير شاهه 1- جڏهين هو دهليءَ جي تخت تي ويٺو تڏهين هن شير شاهه جو خطاب ورتو. چيتي وانگر هو مضبوط ۽ چالاڪ هو؛ پر ڏاڍو مڪريلي ۽ بي رحم هو. دشمن تي هن کي ڪهل ڪانه ايندي هئي ۽ جنگ جي وقت جي ڀائيندو هو ته سخن ڀڃڻ مان ڪي وٽبو ته هو اُن کي ڪڏهين ڪين پاڻي ڏيندو هو. 2- جڏهين شير شاهه بادشاهه ٿيو، تڏهين هن حڪومت سياڻپ سان ۽ چڱيءَ طرح هلائي. هن سمجهو ته مسلمان بادشاهه جيڪي مون کان اڳي ٿي لنگهيا آهن، سي ها تمام عاليشان، تنهنڪري ننڍن ڳالهين تي ڌيان ڪين ڏيندا ها ۽ پاڻ پنهنجي سر ننڍن ڪمن تي نظر ڪانه ڪندا ها. هو پنهنجي سردارن ۽ اهلڪارن ۾ اکيون پوري کڻي ڀروسو رکندا ها ۽ اڪثر سڀڪو ڪم اُنهن جي حوالي کڻي ڪندا هئا. اُهي اهلڪار اگرچه پهرائين همت وارا ۽ ڏاڍا ها، پر هو سگهوئي هڏراکا ۽ آرام ۽ خوشيءَ جا ڪوڏيا ٿي پيا. هو کائيندا پيئندا ۽ سمهندا گهڻو ها ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪين ڪندا ها، اُهو نوڪرن تي لاهي کڻي وجهندا ها. 3- شير شاهه اِنهيءَ ريت ڪين ڪيو. هو سڀڪنهن ڪم جي پاڻ نظر ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو وڏو بادشاهه هو، ته به هو بيڪار ڪڏهين ڪين وهندو هو. غريب کان غريب ماڻهو جنهن کي پنهنجي پيٽ قوت ڪمائڻ لاءِ پنهنجي هٿين پورهيو ڪرڻو پوندو آهي، سو جينءَ ڪم ۾ رڌل هوندو آهي، تينءَ هو رڌل رهندو هو. جينءَ پاڻ گهڻي محنت ڪندو هو، تينءَ پنهنجي زيردستن کي ڪرائيندو هو. ملڪ جي حڪومت جهڙي هن ڪئي، تهڙي ٻئي ڪنهين افغان بادشاهه ڪانه ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو هن کي چڱيءَ پر سڌ هئي ته رعيت سنڀالڻ بادشاهه تي فرض آهي. هن هندن تي ظلم ڪونه ڪيو ۽ ملڪ جي حڪومت جي ڪم ۾ ساڻس مددگار ٿيڻ ڪاڻ گهڻائي هندو مقرر ڪيائين. اُنهن مان هڪڙي توڏرمل کي مالياتي يا ڍلن جو ڪم سونپيل هو. 4- هن شهنشاهه ٿي فقط چار سال حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ پُٽُسِ تخت نشين ٿيو پر هو نڪي پيُ جهڙو برجستو هو نڪي وري اهڙو سياڻوئي هو. هن جي وفات کان پوءِ حڪومت ۾ اچي وڳور متو ۽ همايون، جئن اسين مٿي چئي آيا آهيون، حڪومت موٽي هٿ ڪئي، پر سگهوئي وفات ڪري ويو اڪبر 26- اڪبر اَعظم (1556عيسوي کان 1605 عيسوي تائين) 1- هندستان ۾ جيڪي مسلمان بادشاهه ٿي ويا آهن تن ۾ اڪبر سڀني کان چڱو بادشاهه هو. هن جو پورو نالو هو جلال الدين محمد. پڻس همايون سندس ڄمڻ وقت اڪبر نالو رکيس. اڪبر جي معنيٰ آهي تمام وڏو ۽ ٿيو به وڏو بادشاهه. هن پنجاهه ورهيه اِنهيءَ ساڳي وقت ڌاري بادشاهي ڪئي، جڏهين اِنگلنڊ ۾ انگريزن جي وڏيءَ راڻي ايليزبيٿ پئي راڄ ڪيو. اُنهن ٻنهي کي مئي ٽي سو کن ورهيه ٿيا. 2- اڪبر جو پيُ جڏهين مئو، تڏهين هو فقط تيرهن ورهين جو هو. هن جا گهڻا ويري ها، پر بهرام نالي هڪڙو بهادر ترڪي سردار، جو پڦيس پرڻيو هو ۽ جو سورهن ورهين جي ڄمار کان وٺي پڻس جي نوڪريءَ ۾ رهيو هو، سو سندس وفادار سپه سالار هو. بهرام سڀني دشمنن کي ماري مات ڪيو. پنهنجي ننڍي ڀائٽي کي سواري ڪرڻ، تَرَڻُ، تير ڪمان ڪشڻ، ترار ۽ ڀالو ڪم آڻڻ، ۽ ٻيا سڀ جنگي جوڌي جا گهربل هنر سيکاريائين. هن اڪبر جي پاران پنجين ورهين تائين گهڻيءَ پڪائيءَ ۽ مضبوطيءَ سان ملڪ تي حڪومت ڪئي. 3- اُنهي وقت جي پڇاڙيءَ ۾ مغل بادشاهت ۾ رڳو دهلي ۽ پنجاب ها. اڃا تائين بنگالي، بهار، جونپور، سنڌ، گجرات، مالوا ۽ خانديش ۾ زور واريون پٺاڻڪيون بادشاهتون هيون ۽ راجپوتانا ۾ راجپوت راجائن جي حڪومت هئي. بهرام خان خانان 4- اڪبر هاڻي اچي 18 ورهين جو ٿيو. هو هن پوڙهي رُکي راڄ ڪاڄ هلائيندڙ جا حڪم مڃي مڃي ڪڪ ٿيو هو ۽ ماڻس ۽ درٻاري امير به ورچي پيا ها. تنهن ڪري هنن اچي تپائي کنيس ته تون اختياري پنهنجي هٿ وس رک. بهرام جي پنهنجي اختياري ڇڏڻ تي مرضي ڪانه هئي؛ پر ننڍو شاهنشاهه اِنهيءَ ڳالهه تي ٿي بيٺو. نيٺ بهرام حڪم مڃيو؛ پر هو ڪاوڙجي ويو هليو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هن ڪجهه لشڪر گڏ ڪيو ۽ پنجاب تي ڪاهيائين. اڪبر توڙي عمر جو ننڍو هو، ته به جنگ جي ميدان ۾ هن جي سامهون ٿي بيٺو. بهرام هارايو، ٽڪرين ڏي ڀڳو ۽ پوءِ پڳڙي لاهي ڳچيءَ ۾ وجهي ڪچهريءَ ۾ آيو ۽ اچي معافي گهريائين. اڪبر هن جي گهڻي ڏينهن جي ۽ ايمانداريءَ جي خدمت وساري ڪين؛ هن کي پنهنجي هٿ سان وٺي اُٿاريائين ۽ ٻين سڀني درٻاري اميرن کان مٿي آبروءَ واريءَ جاءِ تي وهاريائينس. پوءِ پڇيائينس ته توهان کي سرڪار جي روبرو وڏو عهدو ٿو وڻي، يا ڪنهن علائقي جي حاڪمي ٿي وڻي، يا چڱي وجہ سان ۽ نوڪرن چاڪرن جي ٽولي وٺي حضرت محمد جي قبر جي زيارت لاءِ مڪہ وڃڻ ٿو وڻي؟ بهرام کي پوئين ڳالهه وڻي؛ پر واٽ تي هڪڙي افغان، جنهن جي پيُ کي هن ڪي ورهيه اڳي مارايو هو، هڻي ماري ڇڏيس. 5- اڪبر هاڻي جئين وڻيس تئين ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ ٿيو. ننڍي هوندي ڪابل جي ٿڌن جبلن ۾ جو گذاريو هائين، تنهن ڪري هو مضبوط ۽ ڏاڍو ٿيو هو. هو هوشيار ۽ ويچاروان بادشاه هو. هن سمجهيو ته منهنجي بادشاهت جٽاءُ تڏهن ڪندي، جڏهين هندو پنهنجا سچار دوست ۽ پوءِ لڳ ڪندس. هن ٺهراءُ ڪيو ته هندستان جا جيڪي ڏيهي ماڻهو آهن، تن سڀني جو آءٌ مکيه ٿيان ۽ اُنهن جو ڌرم يا ذآت ڪهڙي به هجي ته اُنهن سڀني کي ملائي هڪ وڏي قوم ٺاهيان. پر پهريائين هن کي پنهنجن سردارن کي تابع ڪرڻو هو ۽ پنهنجي دهليءَ جي بادشاهت ۾ پورو جوڙجڪ رکڻو هو. اِنهيءَ ڪم جي راس ڪرڻ ۾ کيس ڪڇ وقت لڳي ويو، پر جڏهين 21 ورهين جو ٿيو تڏهين هن ڏٺو ته دهليءَ جي بادشاهت مون پوريءَ طرح پنهنجي وس ڪئي آهي. 6- اُنهي وقت هندستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سو راجپوت راجائون ها. اڪبر پڪو ارادو ڪيو ته اُنهن کي پنهنجو دوست ۽ ساٿي ڪريان ۽ اُنهن جي واهر سان اُتر هندستان واريون پٺاڻڪيون بادشاهتون جيتيان. هڪڙو مضبوط لشڪر وٺي راجپوتانا تي چڙهي ويو ۽ پهرائين جيڪي تمام زور وارا راجپوت راجائون ها، تن سان ويڙهه شروع ڪيائين. اُنهن ڏٺو ته هو ڪهڙو زور وارو ۽ پهلوان آهي، اِنهيءَ ڪري هنن کي ڊپ به ٿيو ۽ هو کين وڻيو به؛ ڇاڪاڻ جو راجپوت هڪڙيءَ عمديءَ ذات جا جوڌا آهن، جن کي بهادر ماڻهو سڀ وڻندا آهن. هن اُنهن کي جيتيو؛ پر پوءِ ساڻن مهربانيءَ سان هليو. ملڪ هنن کي ورائي ڏنائين؛ هنن کي چيائين ته اوهين رڳو مون کي پنهنجو شهنشاهه ڪري مڃيو. جوڌ ٻائي 7- پوءِ اڪبر راجپوت راجائن جون ڌيَرُ پرڻيو ۽ اُنهن جي پِيُرَن ۽ ڀائرن کي پنهنجي لشڪر جا عهديدار بڻايائين. اُهي سندس سڄڻ ۽ مائٽ ٿيا. جڏهن پٽس سليم وڏو ٿيو تڏهن اڪبر هن کي هڪڙي راجپوت بيبيءَ جوڌٻائي سان پرڻايو. ستن ورهين کان پوءِ اڪبر راجپوتانا جو مالڪ ۽ اُڌيپور جي راڻي کان سواءِ ٻين سڀني راجپوت راجائن جو شهنشاهه ٿيو. 8- هڪڙي ٿيس راجپوتن جي مدد ۽ ٻيو هندو ٿيا سندس سڄڻ ۽ ساٿي، تنهن ڪري اڪبر هندستان جون پراڻيون پٺاڻڪيون بادشاهتون ويو هڪ ٻئي پٺيان ليٽائيندو. هن بهار، بنگالو، اوڙيسا، سنڌ، مالوا، گجرات، ڪابل ۽ قنڌار سڀ فتح ڪيا. سندس گهڻن ڏينهن جي بادشاهيءَ جي پوئين وقت ۾ هن ونڌيا جبلن جي اُتر ساري هندستان تي حڪومت ٿي هلائي. مغل شاهنشاهت اڪبر جي وقت 1600ع 15 صوبن ۾ ورهايل 9- اڪبر ڏسڻ ۾ ڪئن ٿي آيو ۽ ٻولي ڪهڙي ڳالهائيندو هو؟ هو قد جو جيڪيسو ڊگهو ۽ سهڻو هو، ڇاتي ويڪري ۽ ٻانهون ڊگهيون هيس. هن جا وار ۽ اکيون ڪاريون هيون. هن جو منهن گورو لعل هو، پر جئَن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويو تئَن ويو سائنرو ٿيندو. هو اَڌ تُرڪ ۽ اڌ ايراني هو ۽ ترڪي ۽ پارسي ٻئي ٻوليون ڳالهائيندو هو. هن کي سگهه ڏاڍي گهڻي هئي. هن کي سواريءَ جو ڏاڍو شوق هو ۽ اڪثر ڏينهن ۾ ٽيہ چاليہ مئل پنڌ ڪندو هو. سڄي ملڪ ۾ هو سڀني کان چڱو گولي مار هو. هن کي بندوقون گهڻيون هيون، جن مان هر هڪ کي ڌار ڌار نالو هو. هن کي هڪ بندوق هئي جنهن جو نالوئي هو ”درست انداز“، تنهن سان هن 1900 مرون ماريا ها. 10- جئَن اڪبر ويو عمر ۾ وڌندو، تئَن ويو دل جو ڪوئنرو ۽ ٻاجهارو ٿيندو. هن کي گهڻيون جنگيون ڪرڻ لاچار ٿيو، پر هن نه ڪڏهين ڪو ملڪ اُجاڙ ڪيو ۽ نه ڪڏهين ماڻهن کي لُٽيائين. هندڪيءَ پوشاڪ ۾ اڪبر 11- اڪبر مسلمان ٿي پليو هو، پر هندن سان هو نرم ۽ حليم ٿي هليو. هو چوندو هو ته چڱائيءَ کان ڪو به ڌرم خالي ڪونهي ۽ جن جي خدا سان سچي محبت آهي، سي هن کي جتي ڪٿي لهي سگهن ٿا؛ پوءِ اُهي توڙي مسلمانڪي مسيت ۾، توڙي هندڪي مندر ۾، توڙي عيسائي ديول ۾ وڃن. اڪبر جي زماني ۾ جنهن ڪي جو ڌرم وڻيو ٿي، سو تنهن تي ٿي هليو. سندس سڪن مان هڪڙي تي هن طرح جي ڇاپ هئي:- ڌڻيءَ کي سدا سچ وڻي ٿو هڏهين؛ نه ڀلجي سنئين راه ويندڙ ڪڏهين. 12- اڪبر پاڻ پڙهيل ماڻهو ڪين هو ۽ گهڻن ورهين تائين لکي پڙهي ڪين سگهندو هو؛ ڇاڪاڻ ته سندس بي رحم چاچي، جنهن وٽ ننڍي هوندي هو قيد هو، تنهن ڪي ڪين سيکاريو هوس. پر هن کي ڪتابن ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن وٽ وڏو ڪتب خانو هو، جنهن ۾ پنجن هزارن کان به وڌيڪ ڪتاب ها. هن کي چِٽن ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ وٽس گهڻيون تصويرون هيون. هن کي چڱي راڳ ۽ شعر ٻڌڻ تي گهڻي دل هوندي هئي. ابوالفضل 13- اڪبر جي ڪچهريءَ ۾ ڪيترائي نامور ۽ پڙهيل ماڻهو ها، هندو توڙي مسلمان، جي کيس حڪومت ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا ها. اُنهن مان مکيه هو ابوالفضل، جنهن کي اڪبر پنهنجو ڀاءُ ڪري ليکندو هو، ۽ جنهن جي صلاح هر ڪنهن ڳالهه ۾ وٺندو هو. هو نرم دل ۽ مهربان هو ۽ ڏاڍو پڙهيل هو. هن هڪڙو ڪتاب لکيو جنهن کي چوندا آهن آئين اڪبري يا اڪبر جا قانون. اُنهيءَ ۾ اڪبر جي ڪچهريءَ، سرڪار ۽ شهنشاهت جو پورو بيان ڏنل آهي. اڄ ڏينهن تائين اِهو ڪتاب پڙهي سگهجي ٿو. ابوالفضل کي اڪبر جو وڏو پٽ سليم. حسد وچان ڌڪاريندو هو. اِنهيءَ ڪري هڪ دفعي جئن ابوالفضل ملڪ جي هڪ اوجهر ڀاڱي مان مسافري پئي ڪئي تئن سليم کيس هڪ خبيث هٿان مارائي ڇڏيو. اڪبر کي پنهنجي دوست جي وڇوڙي جو اهڙو ڏک ٿيو جو برابر ٻه ڏينهن نه کاڌائين نه پيتائين. توڏر مل 14- اڪبر جي ڪچهريءَ ۾ جيڪو مکيه هندو هو سو هو راجا توڏر مل، جنهن گهڻو اڳي شير شاهه وٽ به نوڪري ڪئي هئي. هو اڪبر کي تمام ڪمائتو ٿيو ۽ اڪبر ساري ملڪ جي اُپت ۽ ڍلن جي ڪاروبار سندس حوالي ڇڏي. مان سنگهه 15- هندستان جي سوڀ کان پوءِ ڪيترن راجپوت سردارن کي لشڪر ۾ وڏا عهدا مليا هوا. راجا مانسنگهه، جنهن جي ڀيڻ شهزادي سليم سان شآدي ڪئي هئي، سو سندس وڏي ۾ وڏو سپه سالار هو ۽ اول ڪابل جو، پوءِ بينگال جو گورنر مقرر ڪيو ويو. سليم شاه 16- اڪبر جي راڄ جو پويون ڀاڱو صلح سانت ۾ گذريو. هڪ ڀيرو سا دکن فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر جڏهن ڏٺائين ته گهڻيءَ رتوڇاڻ کان سواءِ اهڙو ڪم ٿي ڪين سگهندو، تڏهن ڪوشش ئي کڻي ڦٽي ڪيائين. پُٽَس سليم سو کيس ڪڇ تڪليف ڏني ۽ هڪ دفعي فساد مچايائين، پر ساڻس بلڪل ٿورا ماڻهو شامل ٿيا ۽ سندس رحم دل پيُ کيس اِها ڳالهه کڻي معاف ڪئي. 17- اڪبر جي تخت نشين ٿيڻ کان ڏهه سال پوءِ سنه 1565ع ۾ دکن جي مسلمان سلطانن مان چئن پاڻ ۾ گڏجي هندن جي وجيه نگر بادشاهت تي ڪاهه ڪئي. اُنهي سال ڪرشنا نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ٽاليڪوٽ وٽ وڏي جنگ لڳي. مسلمان هندن تي غالب پيا. لکين قتل ٿي ويا ۽ وجيه نگر جو وڏو شهر ناس ٿي ويو. ڪرشنا نديءَ جي ڏکڻ ڏي ساري ملڪ ۾ جيڪي هندو نائڪ يا پاليگار ها،. سي جن ڀاڱن تي وجيه نگر جي راجائن جي هٿ هيٺ حڪومت ڪندا ها، تن جا راجا بڻجي ويٺا. اُنهن ۾ مکيه هو هڪڙو پاليگار جنهن کي پوءِ ميسور جو راجا ڪري ڪوٺيائون. 18- اڪبر جي راڄ ۽ عام ماڻهن جي حالت ڪهڙي هئي؟ اُهي اڳي اهڙا ڪڏهين به سُکي ڪين ها، جهڙا اُن جي راڄ ۾ ها. پٺاڻ بادشاهن جي ڏينهن ۾ اُنهن کي جيڪي ڍلون ڏيڻيون پونديون هيون، تن کان هن جي راڄ ۾ ڍلون گهڻو هلڪيون هيون. هندو توڙي مسلمان سڀڪو ساڳي ڍل ڀريندو هو، اڳين مسلمانن بادشاهن جي ڏينهن ۾ هندن کي جزيه نالي هڪڙي ڍل ڏيڻي پوندي هئي، جنهن کي هو بُرو ڀانئيندا ها. جيڪو مسلمان نه هو، تنهن سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اُها ڍل مسلمان نه هجڻ ڪري ڀرڻي پوندي هئي؛ اڪبر اُها ڍل نه ورتي. تيرٿ جي جاين تي وڃڻ وارن زيارتين تي جا ڍل هوندي هئي. اُها به هن بند ڪري ڇڏي. 19- سڀ ماڻهو پنهنجي ڌرم ۽ رسمن تي هلڻ لاءِ آزاد ها، ڪنهن کي مجال نه هئي ته اُنهن کي ڪو ڊيڄاري. ڪن هندن ۾ هڪڙي ڪٺور رسم هئي، سا اڪبر زور سان روڪي. جڏهين ڪو مرد مرندو هو ته هن جي وڌوا چِکيا تي پنهنجي مڙس سان گڏ چڙهي پاڻ کي جيئرو جلائيندي هئي. هن رسم کي ”ستي“ چوندا ها. اڪبر کان جيڪي پڄي سگهيو، سو اُن جي بند ڪرڻ لاءِ ڪيائين. 20- توڏرمل جي صلاح سان سڄيءَ شهنشاهت جي زمين ماپ ٿي ۽ جيڪي اُن تي فصل ٿيندا ها، تن پرماڻي زمين جا اٺ درجا ٺهرايا ويا. هلڪي زمين تي ايتري ڍل نه هئي جيتري ڀليءَ زمين تي. اڳي ڍلن جي عوض جنس ڏيڻ ۾ ايندي هئي. توڏرمل ماڻهن کان اُن جي بدران نقدي ڍل ورتي. جيڪي ماڻهو ڍلون اُڳاڙيندا ها، تن کي به مقرر تنخواهون ملنديون هيون. ماڻهو رڳيون ڍلون ڀريندا ها ۽ ڍلن جي تحصليدارن کي ڪي ڪين ڏيندا ها. ڏهين ڏهين ورهيه ڍلون ٺهرائبيون هيون. ٻيون گهڻيون ڍلون جي ماڻهن لاءِ ڏاڍو آزار هيون، سي اصلي بند ٿي وييون. فصل جي ملهه جي ٽين پتي بادشاهه کي زمين جي ڍل طور ڏني ويندي هئي. 21- اڪبر ۽ ٻين سڀني مغل بادشاهن جي وقت ۾ ملڪ توڙي حڪومت جي حالت خاص بادشاهه جي چال ۽ رهت تي منحصر هئي. بادشاهه کي جئن وڻندو هو تئن ڪندو هو. جيڪڏهن بادشاهه چڱو هو، جئن اڪبر هو، ته حڪومت به چڱي هئي، ۽ جي بادشاهه خراب يا ڪمزور يا سست هوندو هو ته حڪومت به خراب هوندي هئي. اڪبر جي جا مرضي، سو قاعدو. جيڪي هن کي وڻندو هو، سو ڪندو هو؛ هن کان مٿي ٻئي ڪنهن جي طاقت يا اختياري ڪا نه هئي. پر انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ قاعدو مکيه آهي جنهن کي سڀڪو سڃاڻي ۽ مڃي ٿو. جهڙو سڀ کان غريب پينو قاعدو ڀڃي نٿو سگهي، تهڙو انگلنڊ جو بادشاهه قاعدو ڀڃي نٿو سگهي. ڇهن سَون ورهين کان اڳي انگريزن پنهنجن بادشاهن کان اِها ڳالهه باسائي هئي. 22- اڪبر مئو تڏهن 63 ورهين جي ڄمار جو هو ۽ ايڪونجاهه ورهيه بادشاهي ڪئي هوائين. هن کان پوءِ سندس وڏو پٽ سليم گاديءَ تي ويٺو. 27- جهانگير خوش جيئرو (1605 عيسوي کان 1627 عيسوي تائين) 1- سليم جهانگير جو لقب وٺي تخت تي ويٺو. هن جي ماءُ راجپوت راڻي هئي، تنهن ڪري هو اَڌ راجپوت هو. 2- جهانگير پيُ وانگر ڪيتريون راجپوت زالون پرڻيو هو، جنمان هڪڙي ماءُ هئي شاهزادي خورم جي، جو پوءِ شهنشاهه ٿيو. پر پنهنجي بادشاهيءَ جي ڇهين ورهيه ۾ جهانگير نورجهان نالي هڪڙيءَ ايرانڻ بيبيءَ سان پرڻيو، جا هندستان جي راڻين ۾ تمام هاڪاري ٿي گذري آهي. 3- هن جو پيُ ترڪستان جو رهاڪو هو. هو ڏاڍو غريب هو. تنهن ڪري هندستان ۾ آيو هو ڌن ڪمائڻ. لاهور ۾ هن کي هڪڙو جهونو دوست ملي ويو ۽ هن جي واهر سان کيس اڪبر جي ڪچهريءَ ۾ جاءِ ملي. هو اهڙو هوشيار هو، جو سگهوئي وڃي اختياريءَ کي پهتو، ۽ نيٺ اَمير المال مقرر ٿيو. هن کي رڳي هڪڙي ڌيءَ مهرالنسا (زالن جو سج) نالي هئي، جا ڏاڍي سهڻي هئي. هوءَ جهڙي سهڻي هئي، تهڙي وري هوشيار هئي. هن جي پيُ هن کي هڪڙي ايراني سردار سان، جنهنجو نالو هو شيرافگن، (شينهن ماريندڙ) مڱايو. هو بنگالي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ جاگير جو خاوند هو. 4- هن جي پرڻي کان اڳ شاهزادي سليم جي هن تي نظر پئجي ويئي؛ هو هن تي موهت ٿي پيو ۽ هن سان شادي ڪرڻ جي مرضي ٿيس. پر هن جي پيُ شيرافگن سان پنهنجو سخن نه ڀڳو. پوءِ سليم ويو اڪبر وٽ؛ پر اڪبر مدد ڪرڻ کان رکو جواب ڏنس. پوءِ نورجهان شيرافگن سان پرڻي ۽ مڙس سان گڏجي بنگالي ڏي ويئي. 5- اڃا سليم شهنشاهه ٿيو ۽ جئَن وڻيس تئَن هلڻ جي سڪتي ٿيس ته اهڙو نيچ ڪم ڪيائين جو شيرافگن کي مارائي وڌائين ۽ هن جي زال کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين ۽ سندس نالو مٽائي نور محل رکيائين. پر هوءَ وڏي دماغ واري بيبي پنهنجي مڙس جي خون ٿيڻ ڪري ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويئي ۽ سڄا ڇهه ورهيه شهنشاهه کي رڳو ڏٺائين به ڪين. پوءِ سمجهيائين ته هاڻي ماتم ۾ گهڻا ڏينهن رهيس ۽ شهنشاهه سان پرڻجڻ باسيائين. 6- وري ٻيهر هنجو نالو مٽائي نورجهان رکيو ويو. انهي وقت کان وٺي سڀ اختياري سندس هٿ ۾ رهي ۽ شهنشاهت جي حڪومت پاڻ هلايائين. جهانگير سڄي واڳ کڻي کيس سونپي. هن جي سڀني حڪمن تي صحيح به سندس پوندي هئي. هن جو پيُ وزيراعظم ٿيو ۽ هنجو ڀاءُ درٻار جو امير الاول ٿيو. تهان پوءِ ويهن ورهين تائين جهانگير جو راڄ سچ پچ نورجهان جو راڄ هو. جهانگير چوندو هو ته مون کي رڳو کائڻ لاءِ چڱو طعام ۽ پيڻ لاءِ چڱو شراب کپي. هو راڻيءَ جي ڪم ۾ هٿ نه وجهندو هو، ڇاڪاڻ جو هن کي خبر هئي ته راڻي مون کان حڪومت چڱي هلائيندي. 7- جهانگير ۽ هندستان جا ڀاڳ چئبا جو راڻيءَ ڏاهپ سان ۽ چڱيءَ ريت راڄ ڪيو؛ ڇاڪاڻ جو هو پيُ وانگر نڪي هو ڀڙ، نڪي هو سياڻو يا چڱو. هن کي مزن ماڻڻ ڌاران ٻيو ڪي ڪين ٿي سجهيو. مغل شاهنشاهن ۾ هيءُ سڀني کان وڌيڪ شراب ۽ عيشن ۾ ڦاٿل هو. سرٽامس رو. 8- سنه 1615ع ۾ جيمس پهرئين انگلنڊ جي بادشاهه سرٽامس رو نالي هڪڙو وڪيل جهانگير ڏي موڪليو جو يورپ ۾ وڏو مغل سڏبو هو. هن کي شهنشاهه ڏي موڪليو هائون ته انگريزن کي هندستان ۾ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏئي. اُنهي وقت هنن کي اُلهندي ڪناري تي سورت ۾ ڪارخانو يا سندن سامان جي ڪوٺي هئي. سرٽامس رو ٽي ورهيه جهانگير جي ڪچهريءَ ۾ رهيو ۽ هندستان ۾ جيڪي ڏٺائين ٻڌائين تنهن سڀ جو بيان لکيائين. هن کي معلوم ٿيو ته حڪومت اهڙي چڱي نه هئي، جهڙي اڪبر جي وقت ۾ هئي. گهڻن هنڌن ۾ حاڪم ماڻهن سان ڏاڍي بڇڙي هلت ڪندا ها. ملڪ ڦورن سان ڀريو پيو هو ۽ مضبوط پهري کان سواءِ مسافري ڪرڻ ۾ جوکو هو. 9- جهانگير جي بادشاهيءَ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس پٽ خورم کيس گهڻو هلاک ڪيو. هو بادشاهيءَ جي اوسيڙي ۾ ويهي ڪڪ ٿيو، پاڻ کي شاهه جهان جو لقب ڏنائين ۽ بادشاهي اختياري پنهنجي هٿ آڻڻ ڪاڻ ڪوشش ڪيائين. نورجهان هڪڙي سورهه ۽ زور واري سردار محبت خان کي بادشاهه جي بچائڻ ڪاڻ چيو؛ هن سگهوئي شاهه جهان کي دکِن ڏي تڙي ڪڍيو. پوءِ نورجهان کي اچي هيءُ ڀَو جاڳيو ته متان محبت خان پاڻ نه بادشاهه ٿي وهي؛ تنهن ڪري هن جي جان وٺڻ جي ارادي سان هن کي ڪچهريءَ ۾ گهرايائين. محبت خان راجپوتن جو هڪڙو مضبوط دفعو ساڻ وٺي آيو ۽ جهانگير کي ڇانوڻيءَ ۾ ڏسي جُرات ڪري کڻي جهليائينس. هن کي ايذاءَ ڏيڻ جو مطلب ڪونه هوس، پر رڳو پنهجي جِندُ بچائڻ ڪاڻ اِئين ڪيائين؛ اِنهي ڪري هن کي ڇڏيائين ڪين، مگر ساڻس هليو گهڻي ادب سان. 10- ڪجهه وقت کان پوءِ جهانگير اُٿي ڀڳو ۽ نورجهان کي اچي مليو. محبت خان ڏٺو ته هاڻي منهنجو جيءُ جوکي ۾ آهي، سو اُتان جو ڀڳو سو وڃي دکن ۾ شاهه جهان سان گڏيو. هو هن جي گڏجڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. 11- اِنهي کان پوءِ ستتئي جهانگير مري ويو. شاهه جهان تخت تي ويٺو ۽ نورجهان کي گذران لاءِ چڱو مواجب ٺاهي ڏنائين. هن کان پوءِ به هوءَ ٽيہ ورهيه کن جيئَري هئي، پر حڪومت سان سندس ڪو واسطو نه هو. 28- شاهه جهان محلات اَڏائيندڙ 1627 عيسوي کان 1658 عيسوي تائين شاهه جهان 1- شاهه جهان نالي جو ترڪ هو، پر گهڻو مڙيوئي راجپوت هو. هن جي ماءُ راجپوتڻ هئي ۽ پڻس به اَڌ راجپوت هو. مغل شهنشاهن ۾ هو سڀني کان وڌيڪ شاندار هو. هن پنهنجي ٽيهن ورهين جي راڄ ۾ هندستان منجهه سٺي کان سٺا شهر ۽ محلاتون، مقبرا ۽ مسجدون ٺهرايون. 2- هو اڃا شهنشاهه ٿيو ته هن بيرحميءَ سان پنهنجا سڀ ڀائر ۽ اُنهن جا نڌر ننڍڙا ٻار مارائي ڦٽا ڪيا؛ اِنهي لاءِ ته تخت ڪاڻ ساڻ وڙهڻ واسطي ڪوبه نه رهي. 3- جيتوڻيڪ شاهه جهان پنهنجو راڄ هن ڪٺور ريت سان شروع ڪيو، ته به هن حڪومت چڱيءَ پر هلائي ۽ پنهنجي پيُ جهانگير کان گهڻو چڱو بادشاهه هو. هي نڪي اهڙو آلسي هو ۽ نڪا اهڙي شراب سان دل هيس. 4- شاهجان جي زال ممتاز محل نالي هڪڙي ممتاز محل ايران جي بيبي نورجهان جي ڀائٽي هئي، هن جي پنهنجي مڙس سان ڏاڍي دل هئي ۽ پرڻئي کان 14 ورهيه پوءِ جڏهين سندس موت جو وقت آيو، تڏهين هن کي چيائين ته ٻي زال متان پرڻجو، ۽ منهنجي مٿان اَهڙي قبر جوڙائجو، جنهن ڪري منهنجو نالو هميشہ جيئرو رهي. هن جي رئندي مڙس جيڪي چيو راڻيءَ تنهنجي ڪرڻ لاءِ سخن ڏنو ۽ اُهو پنهنجو سخن پاڙيائين به چڱيءَ طرح. هو ٻي زال ڪانه پرڻيو ۽ هن جي مٿان عاليشان ”تاج محل“ اَڏايائين، جنهن جهڙي قيمتي ۽ سهڻي قبر جهان ۾ ٻي ڪانهي. اِهو آگره ۾ جمنا نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اڃا به اهڙو تازو پيو ڏسجي جو ڄڻڪ ڪالهوڪو جڙيل آهي. صفا اڇي سنگ مرمر جو ٺهيل آهي ۽ جواهر جَڙيل اٿس. هن جي جڙڻ ۾ ٽيهه ورهيه لڳي ويا ۽ مٿس ٽي ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن. تاج محل 5- شاهه جهان دهليءَ ۾ ”جامع مسجد“ ۽ آگره ۾ ”موتي مسجد“ پڻ ٺهرائي. ”موتي مسجد“ سڄي جهان ۾ سڀني کان سهڻي عبادت گاهه آهي. 6- جڏهن شاهه جهان اُتر هندستان ۾ محلات ۽ مسجدون پي جوڙايون تڏهن پٽس اورنگزيب وري دکن جي مسلمان بادشاهن سان جنگيون پي ڪيون. 7- شاهه جهان جي راڄ ۾ انگريزي واپارين کي، جن کي ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪري ڪوٺيندا ها، اُڀرندي ڪناري تي مدراس جو ڳوٺ پڙپيو ۽ هنن اوتي سينٽ جارج قلعو اَڏايو. اُنهن بنگالي ۾ گنگا نديءَ جي منهن جي ويجهو هوگليءَ وٽ ڪلڪته جي اُتر 25 مئلن کان پنڌ تي هڪڙي ننڍي ڪوٺي به وڌي. 8- شاهه جهان کي چار پٽ ها. سڀني کان وڏو هو دارا، سو پهلوان ۽ سهڻو، وڏيءَ دل وارو ۽ هٿ جو ڇوٽ شاهزادو هو؛ پر مغرور ۽ اُتاولو هو. هو اڪبر وانگر هندن تي مهربان هو، پر مسلمانن اميرن کي ڪين وڻندو هو. ٻيو شاهزادو شجاع به بهادر ۽ هوشيار هو، پر پنهنجي ڏاڏي جهانگير وانگي شراب ۽ مزن جو ڪوڏيو هو. ٽيو پٽس هو اورنگزيب؛ هو هڪڙو هو اختياريءَ جو شوقين، ٻيو هو کيڏباز ۽ ڪلور. هو تمام پڪو مسلمان هو ۽ هندو ڌرم کي ڌڪاريندو هو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ مراد کي چيو ته مون کي حڪومت جي هلاکي ڪين پڄندي؛ پر آءٌ درويش ٿيڻ ۽ پنهنجي ساري عمر خدا جي بندگيءَ ۾ ڪاٽڻ ٿو گهران. هن مراد کي چيو ته آءٌ توکي بادشاهه ٿيڻ ۾ مدد ڪندس. مراد جو سڀني کان ننڍو هو، تنهن کي وري شراب پيڻ، شڪار ڪرڻ ۽ تير اندازيءَ جو شوق هو. هن کي جيڪي اورنگزيب چيو سو هن اکيون پوري کڻي مڃيو. اُنهن مان هر هڪ ڀاءُ وٽ گهڻو لشڪر هو ۽ هر هڪ جدا جدا علائقي جو حاڪم هو. دارا هو دهليءَ ۾، اورنگزيب هو دکن ۾، شجاع هو بنگالي ۾ ۽ مراد هو گجرات ۾. 9- ٽيہ ورهيه بادشاهي ڪري جڏهن شاهه جهان ستر ورهين جي ڄمار جو هو تڏهن اچي بيمار ٿيو ۽ ڀانيو ٿي ته بچندو ڪين. هن وقت ڌاري مغل شهنشاهه جي وفات تي پُٽنِسِ جو پاڻ ۾ تخت هٿ ڪرڻ لاءِ ٽَڪِرجَڻُ سان ته هڪ رواجي ڳالهه ٿي ويئي هئي. شاهه جهان جا چارئي پٽ بادشاهيءَ ڪاڻ اچي پاڻ ۾ لڳا. هر هڪ ڄاتو ٿي ته مان فقط بادشاهت لاءِ نه بلڪ پنهنجي جان لاءِ ٿو لڙان. اُنهن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ڀريا ٽي سال هلي. نيٺ اورنگزيب پنهنجي اٽڪل، همت ۽ مڪر سان فتح ياب ٿيو. کانئس اڳي جئن پڻس ۽ ڏاڏس هلت ڪئي هئي تئن هن به پنهنجي ٻن ڀائرن کي مارائي ڇڏيو. شجاع اراڪان ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي اُن ملڪ جي راجا کيس مارائي ڇڏيو. 29- اورنگزيب (1658 عيسوي کان 1707 عيسوي تائين) 1- اورنگزيب هاڻي پاڻ کي شهنشاهه ڪري ڪوٺيو. سمجهائين ته هاڻي پٺتي هٽڻ ڪونهي ڄاتائين ٿي ته جي تخت تان ٿو دست بردار ٿيان ته پنهنجي جان ٿو جوکي ۾ وجهان. پڻس جو هينئر ٻڍو ۽ جهور ٿي ويو هو، ۽ جنهن کان هينئَر حڪومت جي ڪاروبار پڄي ڪين سگهي ها، تنهن جي مٿي تي وري ڇَٽَ رکڻ لاءِ ته کيس جُريت ئي ڪانه ٿي ٿي. هن ساڻس ادب ۽ مهربانيءَ سان هلت ڪئي ۽ کيس آگره ۾، پنهنجي محلات ۾ مضبوط پهري هيٺ رکيائين. هتي ست سال رهيو ۽ اِنهيءَ عرصي ۾ کيس سڀ سهنج هو، سواءِ آزادگيءَ جي. ٻڍي بادشاهه پنهنجي جگر ڀرئي پٽ کي هڪڙو خط لکيو جنهن ۾ کيس معافي ڏنائين. اِنهيءَ جي جواب ۾ جيڪي اورنگزيب لکيس سو اڃا تائين مؤجود آهي لکيس ٿو ”اِها خوش خبري ته اورنگزيب اوهان منهنجا قصور معاف ڪيا آهن تنهن ته مون کي ڏاڍو آنند ڏنو آهي ۽ مون ۾ اِها اُميد جاڳائي اٿس ته ڌڻي تعاليٰ پڻ مون کي بخشيندو. ڌڻي، جو دل جا سڀ راز ٿو ڄاڻي، سو ڄاڻي ٿو ته آءٌ پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف، حڪومت جي بچاءَ ڪاتر، رعيت جي فائدي ڪاتر، ۽ دين جي بچاءَ ڪاتر، اُنهيءَ هلت وٺڻ لاءِ مجبور ٿيو آهيان، جا منهنجي دل کي اصلي نه ٿي آئري. مان پاڻ کي، حڪومت هلائڻ جي باري ۾، رڳو اوهان جو نائب سمجهي ويٺو آهيان.“ 2- نئون شهنشاهه ننڍي هوندي کان وٺي مسلمانن جي سُني فرقه جو هو. علما يعني قاعديدان جيڪي هوا تن چيس ته اڪبر ڪافرن تي (يعني جن جو مسلمانن جي مذهب ۾ ايمان ڪونه هو) توڙي شيعه فرقه وارن مسلمانن تي حد کان وڌيڪ مهربان ٿيو هو؛ جهانگير جي شراب توڙي اجاين رونشن سان ڏاڍي دل هوندي هئي ۽ شاهه جهان اجائي شان شوڪت ۽ ٻاهرين ٺٺ تي ملڪ جو پيسو هاريو هو. ۽ تنهن ڪري چيائونس ته اِسلام جو سچو پٽ ٿي تو تي فرض آهي ته ڪچهريءَ توڙي حڪومت کي سڌار. 3- پنهنجي خانگي رهت ۾ اورنگزيب بلڪل بي قصور هو. قرآن شريف جو کيس برزبان ايندو هو ۽ جو ٻه دفعا نقل به ڪيائين، تنهن جي هدايت موجب سڀ ڪم ڪندو هو. پاڻ تي خزاني مان پائي به نه خرچائين. بلڪ ڪڇ وقت ته ٽوپيون جوڙي پنهنجو پيٽ پاڙيندو هو. هو تمام سادا ڪپڙا ڍڪيندو هو ۽ جڏهن ڪچهريءَ ۾ تخت تي وهندو هو تڏهن سا ٻي ڳالهه آهي باقي هونءَ ڪڏهن به هيرا جواهر نه پهريندو هو. عدالت جي ڪم ۾ سچار ۽ بي رياءَ هوندو هو. 4- هن کي راڳ ۽ ناچ کان بڇان لڳندي هئي. هو تخت تي اَڃا ويٺو ته پڻس جا جيڪي درٻاري ڳائيندڙ ۽ ناج ڪندڙ ها، تن سڀني کي ڪڍي ڇڏيائين. اُنهن موقف ٿيلن ماڻهن ڇا ڪيو جو هڪ ڪائي کڻي رئندا پٽيندا هن جي محلات جي درين هيٺان اَچي لنگهيا. شهنشاهه نهاري پڇيو ته ڪنهنجو جنازو ٿو وڃي. هنن چيو ته ”راڳ مري ويو آهي، تنهن کي ٿا وڃون پوُرڻ“. هن وراڻي ڏني ”ته مهرباني ڪري پورجوس اهڙو اوُنهون جو وري ڪڏهين به نه جاڳي“. 5- جيتوڻيڪ سندس نيت چڱي هئي تنهن هوندي به هن حڪومت ۾ جيڪي ڦير ڦاريون ڪيون تن سندس شهنشاهت چٽ ڪري ڇڏي. ڪيترا هندو جن کي اڳين بادشاهن رکيو هو تن کي هن نوڪري کان جواب ڏيئي ڇڏيو. ڪيترا هندن جا مندر ڊهرائي چٽ ڪيائين. بنارس جي پوتر شهر ۾، هڪڙي مشهور مندر جي آسٿان تي هڪڙي شاهي مسجد جوڙايائين جا اڄ ڏينهن سوڌو قائم آهي. بتن جون اصلي گاڏيون ڀرائي آگره جي محلات جي دروازي وٽ هيٺ پورائي ڇڏيائين، اِنهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن ڪوبه کيس ڏسڻ اچي ته اُنهن کي پيرن سان لتارڻ کان سواءِ وَٽس وڃي نه سگهي. اِنهيءَ جو ذڪر اُنهيءَ وقت جي هڪ مشهور ليکڪ ڪيو آهي. پوتر اسٿانن تي جاترا يعني ڌرمي ميلا بند ڪرايائين. اڳيان بادشاهه هر روز جهاروخا يعني محلات جي دريءَ تي اچي ماڻهن کي پنهنجو درسن ڪرائيندا ها مگر هن اِئين ڪرڻ بند ڪيو، ڇاڪاڻ ته چيائين ته ماڻهو جو بادشاهه اڳيان نمن ٿا ۽ کيس پوڄين ٿا سا به بت پرستيءَ جهڙي ئي خراب ڳالهه آهي. حڪم ڪيائين ته منهنجي حڪومت جي تواريخ ڪو به نه لکي، ڇاڪاڻ ته چيائين ته ليکڪ سچ ڳالهائڻ بدران منهنجي خوشامد ڪندا. سندس حڪومت جو مکيه تواريخي احوال ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ پڙهيل ماڻهوءَ هٿان لکيو ويو جنهن پاڻ کي ڪوٺيو ئي ٿي خفي خان (يعني ڳجهارت جو صاحب). جيسين اورنگزيب گذر ڪري ويو تيسين ڪنهين به ماڻهوءَ کي اُنهي ڪتاب ڏيکارڻ جي هن کي همت نٿي ٿي. پر وڏي ۾ وڏي ڀل جا اورنگزيب ڪئي سا اِها هئي جو هن هندن تي زور رکي کانئن جزيه ڍل اوڳاري، اگرچ اِها ڍل سون ورهين لاڪر بند هئي. 6- اِنهن سڀني ڳالهين راجپوت راجائن کي ڏاڍو ڪاوڙايو. اڪبر توڙي ٻيا ٻه شهنشاهه، جن سان سڱ جو رستو هون، اُنهن کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. اُنهن ڪاتر وڙهندا هوا ۽ وڏيءَ شهنشاهت برپا ڪرڻ ۾ سندن مددگار ٿي بيٺا. پر اورنگزيب جي ته برخلاف ٿي بيٺا؛ اُهي توڙي ٻيون هندو ذاتيون، مرهٽا ۽ سک، سڀ ساڻس وڙهيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ مغلن جي شهنشاهت ڊاهي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائون. 7- جوڌپور جي راجپوت راجا، شهنشاهه کي هن ريت لکيو ”جيڪڏهين حضرت جن اُهي ڪتاب پڙهندا. جن کي سڀ ماڻهو پاڪ ڪتاب ڪري ٿا سڏين ته ڏسندا ته خدا ساري مخلوقات جو خدا آهي ۽ نه رڳو مسلمانن جو. توهين مسجدن ۾ هن جي عبادت ڪريو ٿا ۽ هندو پنهنجي مندرن ۾ جتي گهنڊ وڄي ٿو، هن جي عبادت ڪن ٿا. توهان جو پر ڏاڏو اڪبر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي مهربان هو، پوءِ اُهو يهودي هو، يا عيسائي هو، مسلمان هو يا هندو هو. تهان پوءِ جيڪي ٻه شهنشاهه ٿيا، توهان جو ڏاڏو ۽ پيُ اُهي به سڀني تي مهربان ها. پر اوهين پنهنجي هندو رعيت کي پيرن هيٺ ٿا لتاڙيو.“ 8- ساري ڄمار اورنگزيب جو دکن فتح ڪرڻ جو ارادو هو. پنجن مسلمانڪين بادشاهتن مان ٽي بيدر، برار ۽ احمدنگر جن بهمني بادشاهت جي جاءِ ورتي هئي سي ته هن شهنشاهه ٿيڻ کان اڳي پنهنجي پيُ جي راڄ ۾ ورتيون هيون. هو ٻين ٻن بادشاهتن گورڪنڊي ۽ بيجاپور جي جيتڻ ۾ لڳو. سڄا پنجويهه ورهيه سندس سپه سالارن هنن ٻن پٺاڻڪين بادشاهتن وٺڻ لاءِ اَجايا مٿا هنيا. پوءِ هن ڏٺو ته جي ڪم ڪرڻو آهي ته مون کي اُهو پنهنجي سر ڪرڻ کپي. هو 65 ورهين جي عمر ۾ دهليءَ کان نڪري ڇانوڻيءَ ۾ ويو سو وري نه موٽيو. پنهنجي بادشاهيءَ جو ٻيو اَڌ يعني پنجويهه ورهيه هن دکن ۾ جنگ جي ميدان ۾ گذاريا. ورهين جي ويڙهه پڄاڻا گولڪنڊي ۽ بيجاپور جون بادشاهتون مات ٿيون ۽ مغل شهنشاهت ۾ جا اُنهي وقت جهڙي وڏي اڳي ڪڏهين ڪين هئي. گڏي ڇڏيائين. 9- پر اُنهيءَ وچ ۾ اُلهندي گهاٽن ۾ جي مرهٽن جون ذاتيون هيون، تن مان هڪڙي نئين قوم ٺهي هئي. اُنهن مغل شهنشاهت اورنگزيب جي هٿ هيٺ 1700ع گرونانڪ صاحب جي سردارن کي بيجاپور جا بادشاهه روڪيو ويٺا ها ۽ جڏهين اُهي ٻُهارجي ويا، تڏهين اورنگزيب کي ڪل پيئي ته کيس اُنهن کان به ڳري دشمن مرهٽن جي راجا شواجيءَ سان جنهن جي تواريخ ٻئي باب ۾ بيان ٿيندي. سامهون ٿيڻو هو. اورنگزيب هن کي فتح ڪري ڪين سگهيو. 10- پنجاب ۾ وري ٻي قوم، جنهن کي سِکَ ٿا سڏين، پيدا ٿي. بابر جي راڄ ۾ نانڪ صاحب جن نالي هڪڙا ڀلا مانس ٿي گذريا آهن، هنن کي هن ڳالهه جو گهڻو ارمان هو ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سدائين اهڙي ويڙهه لڳي پيئي هجي، تنهن ڪري هنن ڪجهه هندو ڌرم مان ورتو ۽ ڪجهه مسلمان مذهب مان ورتو ۽ هڪڙو نئون ڌرم ٺاهيو، جنهن ۾ هنن ڀانيو ته هو ٻئي گڏجي سگهن ٿا. گهڻا ماڻهو سندن ڌرم ۾ وڃي گڏيا ۽ اُنهن کي هنن پنهنجا سِکَ ڪري ڇڏيو. بابر ۽ هن کان پوءِ جيڪي مغل بادشاهه ٿيا تن هنن جي ڇيڙ ڪانه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو ماٺيڻا، غريب ماڻهو ها، جي پنهنجون ڍلون برابر ڏيندا ها ۽ ڪنهن کي ڏکوئيندا ڪين ها. پر اورنگزيب اُنهن سان گهڻي بي رحمي ڪئي ۽ سکن مان گهڻا مارائي ڇڏيائين. هنن پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿيار ٻڌا ۽ اُنهي وقت کان وٺي هو سپاهين جي قوم ٿي پيا. اورنگزيب اُنهن کي جيتيو ۽ هو هماليه جبلن ڏي ڀڄي ويا، پر هن جي مرڻ کان پوءِ وري موٽي آيا ۽ وقت سر اُتر هندستان ۾ سڀني کان مضبوط قوم ٿي پيا. 11- نيٺ ورهين جا ورهيه مرهٽن سان وڙهڻ ڪري اورنگزيب جو لشڪر بلڪل ٿڪي ٽٽي پيو. نه کائڻ ڪاڻ کاڄ هون ۽ نه پيڻ لاءِ پاڻي هون؛ ڇو جو کوهن ۾ زهر وجهي ڇڏيو هوائون. شهنشاهه جو نوي ورهين جو اچي ٿيو هو، تنهن کي ڪٿان مدد ملڻ جو آسرو ڪونه هو. هن جا پٽ سندس گهڻن ڏينهن جي راج ڪري ڪڪ ٿي پيا. هڪڙو ته وڃي مرهٽن سان گڏيو. ٻيو ايران ڏي ڀڄي ويو. سندس امير کانئس ڊنا ٿي ۽ سندس رعيت اڪثر کيس ڌڪاريو ٿي. ٻڍي شهنشاهه جو هن جهان ڇڏڻ جو وقت ڀرجي آيو هو. هو پيريءَ جي ڪري بلڪل ٿڪي ٽٽي 1707ع ۾ مري ويو. هن کان پوءِ مغل شهنشاهت ڀڄي ڀري ٽڪر ٽوٽا ٿي ويئي. 30- يورپ ۽ هندستان جي وچ ۾ آڳاٽو واپار 1- هندستان هاڻي انگريزن جي شهنشاهت جو ڀاڱو آهي ۽ اِنگلنڊ جو بادشاهه هندستان جو شهنشاهه آهي. انگريز هندستان ۾ ڪڏهن آيا؛ ڪيئن آيا ۽ ڇاڪاڻ آيا؟ هندستان اِنگلنڊ جي بادشاهه جي حڪومت هيٺ ڪيئن آيو؟ باقي جيڪو ڪتاب رهيل آهي، تنهن مان سڌ پئجي ويندي ته اُهي ڳالهيون ڪيئن ٿيون. 2- پهرائين جيڪي انگريز هن ملڪ ۾ آيا، سي اٽڪل ٽن سون ورهين کان اڳي واپار ڪرڻ لاءِ آيا. هو اُنهن شين جي وڻجڻ ڪاڻ آيا، جي يورپ ۾ نٿيون لڀن. ڪارا مرچ، چانور، ڪپاه، نير، سُنڍ، مصالح، ناريل ۽ خسخاس جنهن مان آفيم، ۽ ڪمند جنهن مان کنڊ جوڙيندا آهن، اُهي سڀ شيون اِنگلنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪين ٿينديون آهن ۽ اڳئين وقت ۾ سٺيون ململيون سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙا اِنگلنڊ کان هندستان ۾ چڱا ٺهندا ها. اُهي واپاري وري پشمي ڪپڙا، ٽامون ۽ پارو ۽ لوهه ۽ رڪ جو سامان هندستان ۾ آڻيندا ها؛ ڇاڪاڻ جو اُهي وَٿون هن ملڪ ۾ ملي نٿي سگهيون. 3- آڳاٽي زماني ۾ هندستان مان جو سامان يورپ ڏي ويندو هو سو خشڪيءَ جي رستي اُٺن يا خچرن تي. اُنهيءَ واٽ جو ڀاڱو افغانستان، ايران ۽ ايشيا مائنر مان هو. جڏهين عربن اهي ملڪ فتح ڪيا، تڏهين اُهو واپار اڪثر بند ٿي ويو ۽ يورپ جا عيسائي واپاري پنهنجو سامان پراڻي رستي سان موڪلي نٿي سگهيا؛ ڇاڪڻ جو سون ورهين تائين عربن ۽ عيسائي ماڻهن جي وچ ۾ جنگ لڳي پيئي هئي. 4- يوروپي واپارين کي جيڪو سامان کپندو هو، سو جڏهين سُڪيءَ جي رستي ملي نه سگهيو، تڏهين هنن اُهو سمنڊ جي رستي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. 5- اُنهن ڏينهن ۾ سمنڊ جو سڀني کان سٺو رستو هو آفريڪا جي چوگرد اولہ ۽ ڏکڻ پاسي کان. اُهو رستو لڌو هو پورٽوگيزن. هنن جا جهاز ويا آفريڪا جي ڪناري سان اڳتي وڌندا، جيسين چوڌاري ڦري آيس ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ اچي سهڙيا. نيٺ پورٽوگيزن جو ڪپتان (امير البحر) واسڪو ڊيگاما نالي پنهنجن جهازن سان هندستان ۾ اچي پهتو. هيءَ ڳالهه 1498ع ۾ ٿي. هو اُلهندي ڪناري تي ڪاليڪٽ ۾ اچي لٿو. 6- ڪاليڪٽ جي راجا کي زامورن چوندا ها. هن واسڪو ڊيگاما کي پورٽوگال جي بادشاهه ڏي هڪڙو ڪاغذ لکي ڏنو، تنهن ۾ چيائين ته ”منهنجي بادشاهت ۾ دالچيني، لونگ، ڪارا مرچ ۽ سُنڍ اِهي شيون جهجون آهن. تُنهنجي بادشاهت مان آءٌ سونُ، رُپو، مرجان ۽ ڳاڙهو ڪپڙو طلبيان ٿو.“ 7- پوءِ سَو ورهين تائين سن 1500ع کان 1600ع تائين هندستان جو سمنڊ جو واپار سڀ پورٽوگيزن جي هٿ ۾ هو. گوا ۾ هنن کي هڪڙو مضبوط قلعه هو ۽ هي شهر اڃا تائين سندن هٿ ۾ آهي. 8- جڏهين ٻين يوروپي قومن ڏٺو ته پوٽوگيزن کي هندستان جي واپار مان ڪيترو فائدو آهي، تڏهين واسڪو ڊيگاما ۽ زامورن هنن ڀانيو ته اسين به هن واپار مان ڪو ڀاڱو وٺون. تنهنڪري هالنڊ، انگلنڊ، فرانس، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سئيڊن اِنهن ملڪن جي واپارين جهاز ڏياري موڪليا. مگر اِنهن مان پهرين ٽن ملڪن کي ڪي ڪجهه فائدو ٿيو. ڊين، جرمن ۽ سئيڊن ڪي ڪين وَٽيو؛ تنهن ڪري ڪجهه وقت پڄاڻا اُنهن هندستان سان واپار ڪرڻ کڻي بند ڪيو. 9- ٻي قوم جا هندستان ۾ آئي سا هئي ڊچن جي. اُهي يورپ ۾ هڪڙي ننڍڙي ملڪ هالنڊ نالي جا ماڻهو آهن. هاڻي ڊچن کي زور ڪونهي؛ پر ٽن سون ورهين کان اڳي يورپ ۾ اُنهن جا جهاز ۽ خلاصي سڀني کان سرس ها. هو پورٽوگيزن کان وڌيڪ بهادر ها؛ تنهنڪري گوا کانسواءِ ٻين سڀني هنڌن مان اُنهن کي تڙي ڪڍيائون ۽ تهانپوءِ سو ورهين سوڌو يعني سن 1600ع کان وٺي سن 1700ع تائين مصالحن جو اڪثر سڀ واپار سندن هٿ ۾ هو. هنن جي واپار جون جايون ڪوچين، سلون، جاوا سوماترا ٻيٽن ۾ هيون. 31- يونائٽيڊ ايسٽ اِنڊيا ڪمپني (اِيسٽ اِنڊيا سان واپار ڪندڙ گڏيل جماعت) 1- سنه 1600ع ۾ لنڊن جي سوَ کن واپارين هندستان سان واپار ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. هنن هڪڙي جماعت ٺاهي جنهن جو نالو رڪيائون انگريزن جي اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني ۽ ايليزبيٿ اِنگلنڊ جي راڻيءَ کان هندستان ڏي جهازن موڪلڻ جي رخصت ورتائون. اُنهيءَ وقت مغل شهنشاهه اڪبر هو. سنه 1612ع ۾ هن ڪمپنيءَ اُلهندي ڪناري تي سورت ۾ پنهنجي مال رکڻ ڪاڻ هڪ ڪوٺي وڌي؛ ڇاڪاڻ جو اُهو مغل شهنشاهت جو مکيه بندر هو. هتي هو سڄي سال جو ڏيهي واپارين کان خريد ڪيل مال رکندا هئا، جيسين اِنگلنڊ مان سندن جهاز اچي اُهو کڻي وڃن. اُهي ساڳيا جهاز اِنگلنڊ مان سامان کڻي ايندا ها، جو هو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏيندا ها ۽ وقت بوقت پيا وڪڻندا ها. پنهنجي ۽ پنهنجي مال جي سلامتيءَ لاءِ هنن پنهنجي ڪوٺيءَ کي چوڌاري مضبوط ڀت ڏياري ۽ اُنهيءَ تي وڏيون توپون رکائي ڇڏيائون. 2- انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ايترو فائدو ڪڍيو، جو ٻين انگريزي واپارين به جماعتون ٺاهيون ۽ ساڳيءَ ريت هندستان سان واپار ڪرڻ لڳا. نيٺ جڏهين هڪ سَو ورهيه گذري ويا، تڏهين اُهي سڀ جماعتون گڏجي هڪ ٿيون ۽ سنه 1700ع ۾ هڪ وڏي ڪمپني ٺاهيائون، جنهن کي گڏيل ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪري سڏيائون ۽ اِنگلنڊ جي بادشاهه کان هندستان سان واپار ڪرڻ جو کين خلاصو حق مليو. 32- انگريزي واپارين کي مدراس، بمبئي ۽ ڪلڪتو ڪيئَن مليو 1- ٽي سوَ ورهيه اڳي جڏهن اڪبر اعظم دهليءَ ۾ راڄ پي ڪيو تڏهن مدراس، بمبئي ۽ ڪلڪتو ننڍڙا ڳوٺ هوا. هينئر ته اهي ساري هندستان ۾ وڏي ۾ وڏا شهر آهن ۽ هندستان جي شهنشاهت ۾ ٽيئي گاديءَ جا هنڌ آهن. چارلس ٻيو 2- سنه 1639ع ۾ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ مدراس جو اُن وقت هڪڙو ننڍرو مهاڻڪو ڳوٺ هو، چندرگريءَ جي راجا کان جو ڪرناٽڪ ۾ هڪڙي ٽاڪرو قلعه جو سردار هو، خريد ڪيو. اُتي انگريزن هڪڙو مضبوط قلعه اٰڏايو ۽ اُن تي فورٽ سينٽ جارج نالو رکيائون. گهڻا هندو انگريزي سان واپار ڪرڻ ۽ سندن قلعه جي توبن جي اَجهي هيٺ سلامتيءَ سان رهڻ ڪاڻ اُتي اچي رهيا. جنهن ڀاڱي ۾ اُهي اچي رهيا، تنهن کي سڏيائون بلئڪ ٽائون (ڪارن ماڻهن جو شهر). 3- بمبئي پهرائين پورٽوگيزن جي هئي. چارلس ٻيو نالي انگريزن جو هڪڙو بادشاهه پورٽوگال جي بادشاهه جي ڌيءَ پرڻيو ۽ هن جي پيُ سنه 1662ع ۾ بمبئي انگريزن جي بادشاهه کي ڏاج ۾ ڏني. ڇهن ورهين کان پوءِ چارلس ٻئي ڏهِن پائونڊن سالياني ڀونڀاڙي تي بمبئي ڪمپنيءَ کي ڏني. ان جو بندر سٺو آهي، تنهن ڪري سگهوئي هو وڌي وڏو شهر ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو گهڻا هندو واپاري اُتي بيٺڪ ڪري اچي ويٺا. ڪجهه وقت کان پوءِ انگريزن پنهنجو سڀ ڌنڌو واپار سورت مان ڪڍي بمبئيءَ ۾ آڻي وڌو. 4- انگريزن کي ڪلڪتو ڪئن مليو؟ هڪڙي ڏينهن شاه جهان جي پياري ڌيءَ جي ڪپڙن کي ڪنهن بتيءَ مان اچي باهه لڳي. ڏاڍي باهه جي جهڙپ آيس. اِنهيءَ تي شاه جهان سندس ملم پٽيءَ لاءِ جهٽ ۾ سورت مان هڪڙو انگريزي ڊاڪٽر گهرائي ورتو. ڊاڪٽر اچي ڌيڻس کي نؤبنو ڪري وڌو. اِنهيءَ تي شاه جهان چيس ته جيڪي گهرڻو هجيئي سو گهر. تنهن تي هن چيس ته انگريزن کي بينگال ۾ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏي. شهنشاه اِها موڪل خوشيءَ سان ڏني ۽ انگريزن سنه 1640ع ۾ يعني مدراس وٺڻ کان هڪ سال پوءِ گنگا نديءَ جي ڇوڙ وٽ هوگليءَ ۾ ڪوٺي وڌي. جيستائين شاه جهان جي بادشاهي هئي اوستائين ته هنن فرحت سان پي واپار ڪيو، پر اورنگزيب جي وقت ۾ بينگال جي نواب شائسته خان، کانئن سامان تي ڳري محصول اوڳارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن ايتري محصول ڀَرَڻَ کان نابري واري ۽ جهازن ۾ چڙهي هوگلي ڇڏي ويا هليا. جڏهن اورنگزيب ڏٺو ته خود سندس رعيتي ماڻهو پنهنجو مال نٿي نيڪال ڪري سگهيا ۽ اِنگلنڊ سان واپار ڪرڻ ۾ جيڪو فائدو ٿيندو هون سو بنہ بهي وين، واپار جا هنڌ تڏهن انگريزن کي چيائين ته اوهين موٽي اچو ۽ انجام ڏنائين ته مان نڪي اوهان کي ڪو ايذاءُ رسائيندس ۽ نڪي اوهان کان زوران زوريءَ محصول اوڳاريندس. اِنهيءَ تي هوُ موٽي آيا ۽ هوگليءَ کان به گنگا جي ڇوڙ کي اوڏڙو ٽي ڳوٺ خريد ڪيائون. اِنهن مان هڪڙي جو نالو هو ڪاليگهاٽ، جو پوءِ ڪلڪتي جي نالي سان پڌرو ٿيو. هتي انگريزن 1700ع ۾ فورٽ وليم نالي هڪڙو قلعو اڏايو. 5- اورنگزيب جي وفات کان پوءِ برابر چاليهن ورهين تائين، جڏهن ساري هندستان ۾ جتي ڪٿي جنگ ۽ جڌ لڳي پيئي هئي تڏهن انگريزي واپاري پنهنجي واپار ۾ ئي مشغول هوا ۽ سندن ڪوٺين جي ٻاهران جيڪي پي وهيو واپريو تنهن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏنائون. هو ڪلڪتي لاءِ بينگال جي نواب کي ۽ مدراس لاءِ ڪرناٽڪ جي نواب کي سالياني ڍل پهچائيندا ها. 6- انگريزن جون رڳيون اِهي ڪوٺيون ڪين هيون. اُڀرندي ڪناري تي مدراس جي ڏکڻ فورٽ سينٽ ڊيوڊ نالي اُنهن جو هڪڙو قلعه هو، اُتي ڪوٺي هين ۽ ٻي ڪوٺي مسليپٽم ۾ هين. بنگالي ۾ پاٽنا، ڊاڪا، ۽ بنگالي جي نواب جي گاديءَ جي هنڌ مرشد آباد جي ڀرسان قاسم بازار ۾ به ڪوٺيون هين. 7- جنهن وقت انگريز هندستان ۾ آيا ها، اُنهي ساڳي وقت ڌاري فرينچ به آيا ها، اُنهن جون به واپار جون جايون هيون. اُنهن مان ماهي اُلهندي ڪناري تي، پانڊيچري مدراس جي ڏکڻ اُڀرندي ڪناري تي ۽ چندرنگر بنگالي ۾ ڪلڪته کان 20 مئل کن پنڌ تي اِهي مکيه جايون هيون. 8- ڊچن کي به واپار جون جايون هيون، جمان مکيه هي هيون: اُلهندي ڪناري تي ڪوچين، اُڀرندي ڪناري تي مدراس جي اُتر پليڪٽ ۽ بنگالي ۾ چندرنگر جي ڀرسان چنسورا. 33- شواجيءَ جو اُسرڻ. (مرهٽا 1627 عيسوي کان 1680 عيسوي تائين) 1- مرهٽا هندستان جي اُلهندي اُنهيءَ ٽاڪرو ملڪ ۾ رهندا ها جنهن کي هاڻي بمبئي کاتو چون ٿا. اُهي قد جا ننڍا، ڏاڍا مڙس سورهه ۽ ڦڙت ۽ هلت چلت ۾ سادا ها. هنن جو ملڪ ٽڪرين سان ڀريل آهي. اُنهن ڏينهن ۾ دڳ ڪين ها ۽ ٽڪريون وڏن ٻيلن سان ڇانيون پيئون هيون. اڪثر سڀ ڪنهن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قلعو هو ۽ سڀڪو قلعو هڪڙي ننڍي سردار جو هو، جو هيٺين ملڪ وارن ڳوٺاڻن تي حڪم هلائيندو هو. اِهي سردار گهڻن ڏينهن تائين دکن جي مسلمان بادشاهن کي مڃيندا ۽ ڏَنُ ڀريندا ها. اِهي اڪثر سندن لشڪر ۾ مغل بادشاهن سان وڙهندا ها. شواجي نالي هڪڙي سردار مرهٽي ذاتين کي گڏي هڪڙي قوم بڻائي. 2- شواجي سنه 1627ع ۾ ڄائو هو، ساڳئي اُنهي ورهيه ۾، جنهن ۾ شاهه جهان تخت تي ويٺو. پڻس بيجاپور جي بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ هو. هن شواجيءَ کي پالنا ڪاڻ پوني ۾ کڻي ڇڏيو. هن ننڍي سردار کي لکڻ پڙهڻ ڪنهن ڪونه سيکاريو؛ ڇاڪاڻ جو ڀانئيندا ها ته اُهي هنر رڳو برهمڻن ليکارين جي سکڻ جوڳ آهن؛ پر هن کي سواري ڪرڻ، تير هڻڻ ۽ ڪشتي وڙهڻ، ترار ۽ ڪٽارو هلائڻ ۽ ڀالو ۽ برڇي هڻڻ سيکاريائون. هن اڳئين ڏينهن جيندو وريامن جا گيت ياد ڪيا ۽ جهڙا سورمائيءَ جا ڪم اُنهن ڪيا ها تهڙا ڪري نانءَ ناموس ڪڍڻ جو چاهه هوس. 3- اڪثر مرهٽا سردار هيٺاهين ملڪ ۾ جڏهين ڪو وجهه لڳندو هون تڏهين ڦر ۽ لٽ ڪندا هئا. شواجي به گهڻو ڪري ساڻن گڏجي ويندو هو ۽ هو ويهن ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته ايتري ۾ پاڻ به هڪڙيءَ جوان مڙسن جي ٽوليءَ جو اڳواڻ ٿيو. هن پرنڌر جو مضبوط ٽاڪرو قلعو ورتو ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ويو ٽاڪرو قلعا وٺندو. هن هٿيار ۽ خزانو گڏ ڪيو ۽ پري اوري سندس هاڪ پئجي ويئي. شواجيءَ جو پرنڌر وارو قلعو 4- نيٺ بيجاپور جو بادشاهه اچي ڊنو ۽ افضل خان نالي سپه سالار کي شيواجيءَ جي سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليائين. شيواجيءَ ڍونگ ڪيو ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ۽ چيائين ته جي خان مون کي اڪيلو ۽ بنا هٿيار اچي گڏبو ته آءٌ هن جي آڻ مڃيندس. خان هن جي ڳالهه تي ڀروسو ڪيو ۽ سنهي ململ جي پيراهن سان رڳو هڪڙو ماڻهو ساڻ وٺي ۽ پنهنجا پهري وارا پٺتي ڇڏي ساڻس گڏجڻ لاءِ ويو. هن کيڏباز جوان مرهٽي ڇا ڪيو هو جو ڪپڙن جي هيٺان زنجيريءَ جي ٺهيل زِرَهه کڻي ڍڪي هائين، پنهنجي هٿ جي اندران تکا رڪ جا چنبا کڻي وڌا هائين ۽ آستين جي مٿان هڪڙو خنجر کڻي لڪايو هائين. جڏهين خان کيس گڏجڻ آيو، تڏهن هو شينهن وانگر اُڇانگ ڏيئي اچي مٿان پيس؛ چنبا کڻي سندس بت ۾ ٽُنبيائين ۽ هن خنجر سان ماري ڇڏيائينس. پوءِ شيواجيءَ جا ماڻهو جي وڻن ۾ لڪا ويٺا ها، سي مسلمانن سپاهين تي جي وڙهڻ ڪاڻ تيار نه ها، ڪاهي پيا ۽ اُنهن کي ڀڄائي ڪڍيائون. 5- پوءِ شيواجيءَ ملڪ کي تلف تاريخ ڪري ڇڏيو ۽ گهڻو ڪري سڀ مرهٽا سردار اچي ساڻس گڏيا؛ هو هن کي دکن جو وڏو هندو سردار سمجهي وٽس ڊوڙندا آيا. هو مسلمانن کي ڌڪاريندو هو ۽ هن ملڪ ۾ اِها ڳالهه کڻي هلائي ته آءٌ ”گَئُن ۽ برهمڻن“ جي ڪاڻ وڙهڻ واسطي آيو آهيان. هن وقت ۾ دکن جا مسلمان بادشاهه اورنگزيب جي لشڪر سان وڙهڻ ۾ لڳا پيا ها؛ تنهن ڪري شيواجيءَ کي ڦيهي رکڻ لاءِ پنهنجو زور لائي نٿي سگهيا. هو ويو طاقت ۾ وڌندو ۽ نيٺ بيجاپور جي بادشاهه لاچار ٿي هن سان عهدنامو ڪيو؛ جنهن ڪري هن کي اُلهندي ڪناري جو، جنهن کي ڪونڪن سڏيندا آهن، حاڪم ڪري مڃيائين. 6- ايتري ۾ اورنگزيب، شهنشاهه اچي ٿيو. هو به مرهٽن جي سردار جي اُسرڻ ڪري ڊڄي ويو ۽ پنهنجي چاچي شائسته خان دکن جي صوبه دار يا نائب بادشاهه جي حڪم هيٺ وڏو لشڪر هن جي سامهون ٿيڻ ڪاڻ ڏياري موڪليائين. هو گهڻي لشڪر سان پوني تي چڙهي ڪري ويو. شيواجيءَ سمجهيو ته اهڙي زبردست دشمن سان پڌري پٽ وڙهڻ اجايو آهي؛ تنهن ڪري هن فقيراڻا ڪپڙا کڻي ڍڪيا ۽ ٻين ويهن ماڻهن کي به پنهنجن ڪپڙن جهڙا ڪپڙا ڍڪائي هڪڙيءَ رات لڪي پوني جي شهر ۾ ويو ۽ شائسته خان جنهن جاءِ ۾ رهندو هو، تنهنجي ويجهو وڃي اُمالڪ اندر گهڙي پيو ۽ ذري گهٽ ماري وڌو هوائينس. هن دريءَ مان ٻاهر ٽپو ڏيئي پاڻ بچايو. پر جئَن هو ٽپيو ٿي تئَن شواجي جو پٺيانس ويجهو بيٺو هو، آڱريون ڪپي ڇڏيس. پوءِ مرهٽا جهڙا تڪڙا آيا ها تهڙا ڀڄي ويا؛ پر شائسته خان کي اهڙو ڀوَ ٿيو، جو پونو ڇڏي هليو ويو ۽ شيواجي سڄي ملڪ ۾ گهمڻ ۽ وڌيڪ فتحن ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ رهيو. 7- تنهن کان پوءِ هو لشڪر جو هڪڙو دفعو وٺي سورت ڏي ويو، جو اُلهندي ڪناري تي هڪڙو ڀاڳيو بندر آهي ۽ ڇهن ڏينهن تائين اُنهيءَ شهر کي پئي لُٽيائين. انگريزن جي اُتي ڪوٺي هئي، سو جڏهين اُنتي ڪاهيائين، تڏهين اُنهن ماري تڙي ڪڍيس. 8- پوءِ اورنگزيب ٻيو وڏو لشڪر سندس سامهو ٿيڻ ڪاڻ موڪليو ۽ اُنهيءَ ڀيري شواجيءَ چيو ته شهنشاهه جي مون کي ملڪ جو ڀاڱو ڇڏي ڇڏيندو ۽ مغل لشڪر ۾ سپه سالار جهڙو وڏو درجو ڏيندو ته آءٌ هن جي آڻ مڃيندس. اورنگزيب اِها ڳالهه قبول ڪئي؛ پر هن جو رڳو اِهو مطلب هو ته ڪنهن پر شواجي منهنجي وس ۾ اچي، ته مارائي ڇڏيانس. شواجي دهليءَ منجهه اورنگزيب جي ڪچهريءَ ۾ ويو؛ پر هن سان اهڙي بڇڙي هلت ٿي، جو هن هڪدم ڏٺو ته مون کي ساهه جو خوف آهي. هن هڪڙيءَ جاءِ ۾ پاڻ کي پوري ڇڏيو ۽ چيائين ته آءٌ بيمار آهيان. اُنهيءَ جاءِ تي مغل سپاهين جو پهرو هو، پر شواجيءَ کي ڪي سندس نوڪر ٽوڪريءَ ۾ وجهي ٻاهر ڪنهن سوگهيءَ جاءِ ۾ کڻي ويا ۽ پهري وارن ڀانيو ته ٽوڪري مٺائيءَ سان ڀريل آهي. پوءِ هن مُنهن مٿو پنهنجي کڻي ڪوڙايو ۽ هندو فقير جا ڪپڙا کڻي پهريائين، بت تي رک کڻي مکيائين ته ڪنهن کي سڌ نه پوي ته هي ڪير آهي ۽ اُنهيءَ تجويز سان پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄي نڪري ويو. 9- وري ڪڏهين هن پاڻ کي اورنگزيب جي وس ۾ اچڻ نه ڏنو. مٺيءَ زبان سان هن کي شواجي گهوڙي تي ڦاسائڻ ۽ وري پنهنجي درٻار ۾ آڻڻ لاءِ اڪثر هن ڪوشش ڪئي، پر اُنمان وريو ڪين. 10- شواجيءَ پوءِ مرهٽن جي راجائيءَ جو ڇَٽُ پهريون ۽ وڏو لشڪر وٺي ڏکڻ ويو. هو مدراس جي ڀرسان ويو، پر اُنهيءَ شهر تي ڪاهه ڪانه ڪيائين. هن ميسور ۽ ڪرناٽڪ جا سڀ قلعا گنجي، ويلور، آرني، بنگلور ۽ بيلاري ورتا ۽ ارڙهين مهني جي غير حاضريءَ کان پوءِ وري پوني ڏي موٽيو. جن ملڪن کي هن لُٽيو، تن سڀني ملڪن جي حاڪمن هن کي پنهنجي پيدائش جي چوٿ ڏن ۾ ڏيڻي ڪئي. 11- شواجي 52 ورهين جي عمر منجهه سنه 1680ع ۾ مري ويو. ٻيو ڪو مرهٽو سردار هن جهڙو ڏاهو يا ڦُڙت ڪونه هو. مرهٽا ماڻهو اڪثر هن جون تصويرون اهڙيءَ ريت جون ٺاهيندا آهن، ته هو گهوڙي تي چڙهي چانورن جا داڻا وات ۾ پيو اُڇلائي وجهي؛ جنهنجو مطلب اِهو آهي ته هن کي ڪٿي ترسي ماني کائڻ جيتري به فرصت ڪانه هئي. 12- شواجيءَ کان پوءِ پٽس سنباجي راجا ٿيو؛ پر هو پيُ جهڙو پٽيءَ ڪين هو. هو ڪٺور ۽ آلسي هو ۽ سگهوئي اورنگزيب هن کي قيد ڪيو ۽ مارائي ڇڏيائينس. 34- مغل شهنشاهت جي ڦِٽاڻي ( 1707 عيسوي کان 1748 عيسوي تائين) 1- مڙيئي 15 مغل شهنشاهه ٿيا آهن. پهريان ڇهه زور وارا بادشاهه ها ۽ اُنهن بادشاهي به سچي ڪئي. اورنگزيب اُنهن ڇهن مان پويون هو ۽ اُن جي راج ۾ شهنشاهت اهڙي وڏي ٿي ڏٺي، جهڙي اڳي ڪڏهين ڪانه هئي. پر اورنگزيب خراب ريت سان حڪومت هلائي؛ تنهنڪري جتي ڪٿي زوراور دشمن اَچي کڙا ٿيا. سِکن، راجپوتن ۽ مرهٽن سڀني فساد مچايو ۽ اورنگزيب جا پويان ويهه ورهيه مرهٽن کي دٻائڻ ڪاڻ اجاين ڪوششن ڪندي جنگ جي ميدان ۾ گذريا. بهادر شاهه 2- اورنگزيب جو وڏو پٽ بهادر شاهه جو لقب وٺي پيُ جي گاديءَ تي ويٺو؛ پر هن رڳا پنج ورهيه راڄ ڪيو. ٻين ستن ورهين جي مدت ۾ ٻيو ڪين ته ٽي دهليءَ جا بادشاهه ٿيا؛ جن کي درٻار جي زور وارن اَميرن کڙو ڪيو، وري ڊاٺو ۽ پوءِ ماري ڇڏيو. سنه 1719ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کان 12 ورهيه پوءِ سندس پووين مان هڪڙي محمد شاهه نالي کي گاديءَ تي وهاريائون ۽ ٽيہ ورهيه کن 1748ع تائين نالي ڪاڻ مغل شهنشاهه رهيو. محمد شاهه 3- اورنگزيب جي مرڻ کان پوءِ سڀڪنهن وڏي علائقي جو صوبه دار شهنشاهه جي ڏوريءَ مان نڪتو ۽ پنهنجي علائقي جو سچو حاڪم ٿي ويٺو. هو اڃان سوڌو شهنشاهه کي پيسا پيا موڪليندا ها؛ پر جيڪي وڻندو هون سو ڏيندا ها. ظاهري ڪري سڀڪو صوبه دار شهنشاهه کي پنهنجو رئيس ڪري مڃيندو هو؛ پر سچ پچ شهنشاهه هو رڳو دهليءَ جو بادشاهه. 4- اُنهيءَ ساڳيءَ ريت وري اڪثر نواب صوبه دارن جي وس کان نڪري ڇڙواڳ ٿي ويا ۽ جيتوڻيڪ چوڻ ۾ ايندو هو ته صوبه دارن جي تابع ۾ آهن، پر هو پاڻ مالڪ ٿي ويٺا. نظام الملڪ 5- هنن عهده دارن مان مکيه ها اُتر ۾ اَيوڌيا جو صوبه دار ۽ بنگالي ۽ بهار جو نواب ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد جو صوبه دار، جنهن پاڻ کي نظام الملڪ ۽ ڪرناٽڪ جي نواب جو لقب ڏنو. 35- مرهٽن جي راڄن جو واڌارو ( 1708 عيسوي کان 1748 عيسوي) تائين 1- مٿي چيل آهي ته مرهٽن کي شيواجي ساري دکن ۾ وٺي ويو. سڀڪنهن سال ۾ هو اڃا فصل کڻي رهندا ها ۽ مينهن بس ٿيندا ها، ته هٿيار کڻي وڏيون ٽوليون ٿي نڪرندا ها ۽ سڄي وچ هندستان کي تاراج ڪندا ها. 2- ڪجهه وقت کان پوءِ هو هيڪاري وڌيڪ شنگهه ٿيا ۽ ونڌيا جبلن جي اُتر جيڪو ملڪ هو، سو سڀ ويندي دهليءَ سوڌو لُٽيائون. هو جتي جتي ويا، اُتي اُنهي ملڪ جي حاڪم کان چوٿ يعني پيدائش جي چوٿين پتي گهرايائون. 3- اورنگزيب جي مرڻ پڄاڻا مرهٽن جو راجا ساهو هو. اُهو سنباجيءَ جو پٽ هو، جنهن کي اورنگزيب جهلائي مارائي ڇڏيو هو. هو نپنو هو اورنگزيب جي درٻار ۾ ۽ اورنگزيب هن کي ساهو يا ايماندار ڪري سڏيندو هو ۽ شيواجيءَ جي نالي هو چوندو هو ته چور آهي. اورنگزيب جي مرڻ پڄاڻا هن کي پنهنجي ملڪ ڏي موٽڻ جي موڪل ملي ته اُتي وڃي مغل شهنشاهه جي تابع هيٺ راجا ٿي حڪومت ڪري؛ هن جي گادي هئي ستاري ۾. 4- پر ساهو هيڻو ۽ نڪمو راجا هو. هن کي مزن ۽ خوشين جو چاهه هو ۽ سخت محنت کان بڇان لڳندي هيس. مرهٽن جا راڄ هن سڄي اختياري کڻي سونپي پنهنجي برهمڻ وزير کي جنهن کي پيشوا سڏيندا ها. اُهو عهدو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ پيُ کان پٽ کي ملندو ويو؛ جنهن ڪري پيشوائن جو راجائن وانگر هڪڙو گهراڻو ٿي هليو. درجه بدرجه پيشوا مرهٽن جو سچو حاڪم ٿيو، اگرچه هو بهانو، راجا جي نالي تي حڪومت هلائڻ جو ڪندو هو. مرهٽن جي سڄي قوم هن کي سچو سردار ڪري سمجهندي هئي. جنگ ۽ صلح به هو ڪندو هو ۽ مرهٽن جي ملڪ تي حڪومت به هو هلائيندو هو. 5- پهريون پيشوا هو بالاجي باجي راءِ؛ سنه 1714ع ۾ ساهوءَ هن کي پيشوا ڪيو ۽ هو 1720ع تائين مکيه وزير هو. هن محمد شاهه کان سڄي دکن مان چوٿ وٺڻ جي زوريءَ سان موڪل ورتي. 6- ٻيو پيشوا باجي راءِ هو، جنهن 1720ع کان 1740ع تائين حڪومت ڪئي. هن مرهٽن سردارن مان هر هڪ کي جدا جدا ڀاڱي مان چوٿ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو. دهليءَ کان پري رهن، اِنهيءَ واسطي محمد شاهه مرهٽن کي موڪل ڏني ته سڀ ڪنهن هندان چوٿ وٺن ۽ جنهن صورت ۾ اڃا هو نالي طور پراڻي مغل شهنشاهت جو حاڪم هو، تنهن صورت ۾ مرهٽن چيوته هندسان جي سڀ ڪنهن علائقي مان ڍلن جي چوٿينءَ پتيءَ اُڳاڙڻ جو کين حق آهي. 7- هن جي وقت ۾ مرهٽن جا پنج وڏا راج ٺهيا. مرهٽن جا مکيه سردار جتي ڪو هيڻو صوبه دار يا نواب ڏسندا ها جو ساڻن پڄي نه سگهندو هو، تنهن کان نه رڳو چوٿ وٺندا ها، پر هن کي سندس ملڪ مان لوڌي ڪڍندا ها؛ ۽ پاڻ ملڪ جا حاڪم ٿي ويهي رهندا ها. 8- مهاراشٽر يا مرهٽن جو اصل ملڪ اُهو هو، جنهن کي هاڻي بمبئي کاتو ٿا چون. اُن جو حاڪم نالي جو مرهٽن جو راجا هو جو ستاري ۾ رهندو هو، پر سچو حاڪم پيشوا هو، جنهن جي گادي پوني ۾ هئي جو بمبئيءَ جي ڏکڻ اوڀر آهي. گجرات هڪڙي مرهٽي سردار جي هٿ هيٺ هو، جنهن کي گائڪواڙ چوندا هئا. مالوا ۾ ٻه وڏا سردار ها، هڪڙو سنڌيا ٻيو هولڪر جن جون گاديون هيون گواليار ۽ اِندور ۾، برار ۽ گوندوانا جي جهوني مغل علائقي ۾ ڀونسلا نالي هڪڙو سردار هو؛ جنهن جي گادي هئي ناگپور ۾. 9- هنن سردار مان هر هڪ پنهنجي اختياري پنهنجي پٽ کي ڏني؛ اِنهي ڪري خاص مهاراشٽر کانسواءِ سچ پچ چار وڏا مرهٽن جا راڄ ٿيا. پهرائين اِهي مرهٽا سردار جيڪا چوٿ اُڳاڙيندا ها، سا پيشوا ڏي موڪليندا ها؛ پر ڪجهه وقت کان پوءِ اها موڪلڻ بند ڪيائون. اُنهن مان ٽي مرهٽڪا راڄ بڙودو، گواليار ۽ اِندور اڄ ڏينهن سوڌو هليا اچن. 10- مرهٽن حيدرآباد پنهنجي هٿ آڻڻ لاءِ وڏا وس ڪيا؛ پر هٿ آڻي ڪين سگهيا. اُنهن ۽ نظام جي وچ ۾ هميشه ويڙهه لڳي پيئي هوندي هئي. هنن هن کان چوٿ گهري، پر جي هو نٽائي سگهيو ٿي ته پٽيءَ نٿي ڏنائين. 11- بالاجي باجيراءِ ٽئين پيشوا پنهنجي پيُ ۽ ڏاڏي کان پوءِ 1740ع کان وٺي 1761ع تائين حڪومت ڪئي. 12- اورنگزيب جي مرڻ پڄاڻا پنجاهن ورهين تائين هندستان جو ساڳيو اهڙو حال هو جهڙو پٺاڻن بادشاهن جي ڏينهن ۾ هو. جئَن هاڻي آهي تئَن ڪا زور واري بالا سرڪار ڪانه هئي، جا ڦورن کي بند ڪري ۽ ماڻهن جي سلامتيءَ جو جوڙجڪ رکي. سڄي ملڪ ۾ ڦورن جا مُچ هوا، جن پنهنجن گهوڙن لاءِ اَنّ جون پوکون پئي لڻيون ۽ ماڻهن کي پئي ڦريو ۽ ماريو. اُنهن ڏينهن ۾ ڌاڙيلن کان بچڻ لاءِ سڀڪنهن ڳوٺ کي چوڌاري مضبوط ڀتيون يا ڪَنڊن جا لوڙها ڏنل هوندا هئا. جيڪو ماڻهو ٻني کُڏڻو کيڙيندو هو، سو پنهنجي ڀرسان ترار رکي ڇڏيندو هو ۽ گهڻن هنڌن ۾ ته کُڏڻا ٺهيل هوندا ها، جن تي ماڻهو بهي پريان نظر ڪندو هو ته رئي ته ڪين ٿي اُٿي؛ جي رئي ڏسندو هو ته ڄاڻبو هو ته ڦورو اچن ٿا. سڀڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو وڏو نقارو رکيل هو، جو مئل پنڌ تي ٻُڌبو هو. اڃان ڪو ڦورو ڏسڻ ۾ ايندو هو ته نقارو وڄندو هو ۽ سڀڪو ماڻهو جيڪو ٻنيءَ ٻاري ۾ هوندو هو، سو ڳوٺ جي ڀتين جي پٺيان وڃي لڪندو هو. 13- ڪابه واٽ سلامت نه هئي؛ تنهنڪري ڪوبه ماڻهو مضبوط پهري ڌاران مسافريءَ تي وڃي نه سگهندو هو. ملڪ جا وڏا ڀاڱا غير آباد پيا رهندا ها. اڳين ڏينهن ۾ جي ٿورا رستا جُڙيا ها، سي رستائي ڪين ها؛ ڇاڪاڻ جو اُنهن جي سنڀال ڪو ڪونه ڪندو هو. گاڏيون نه ملي سگهنديون هيون؛ تنهن ڪري ماڻهو هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ گهوڙن يا ڍڳن تي ويندا ها. سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا سردار هوندا ها، سڀڪو پنهنجي ملڪ مان لنگهي وڃڻ جي موڪل ڏيڻ واسطي هر هڪ مسافر کان ڪجهه وٺندو هو. هن کي هو چوندو هو راهداري ۽ اُها راهداري اڪثر ويهن مئلن ۾ ٻارهن ڀيرا به ڏيڻي پوندي هئي. 14- ڪنهن ڳوٺاڻي کي چورن اچي جهليو ته پوءِ سندن وس ڇا آهي جو پنهنجو ناڻو لڪائي ڇڏي. اُهي سندس ڪَنَ يا نَڪُ ڪپي ڇڏيندا ها، يا ڏند ڀڃندا ها يا تيل ۾ ٻُڏليون اڳڙين جون وٽيون آڱرين کي ويڙهي اُنهن کي موم بتيءَ وانگر ٻاريندا ها، جيسين هو نه ڏَسيندو هو ته ناڻو ڪٿي لڪل آهي. هن کي پنهنجو ناڻو ڏيڻو پوندو هو يا پنهنجي جان ڏيڻي پوندي هئي. گهڻا غريب ڳوٺاڻا پنهنجا گهر ڇڏي ويندا ها ۽ جيسين اُهي ڌاڙيل هليا نه ويندا ها، تيسين هو جهنگ ۾ ڀڄي ويندا ها. 36- نادر شاهه (1739 عيسوي) 1- اورنگزيب جي مرڻ کان ٽيهارو کن ورهيه پوءِ نادر خان نالي هڪڙو سردار نادر شاهه جو خطاب وٺي ايران جي تخت تي ويٺو ۽ افغانستان فتح ڪيائين. هن جئَن هڪڙو بادشاهه ٻئي ڏي ايلچي موڪليندو آهي تئين محمد شاهه ڏي وڪيل موڪليو. هن هٺي مغل چيو ته نادر شاهه نئينءَ مان ٿيو آهي ۽ هنجي موڪليلن ماڻهن سان بڇڙي هلت ڪيائين. 2- نادر شاهه جو ڪٺور مسلمان هو، تنهن محمد شاهه تي هيءَ اِلزام آندو، ته سچي مسلمان بادشاهه تي جيڪو فرض آهي، تنهن ۾ هو گُٿو آهي. هن هندن کان جزيه نه ورتو آهي ۽ مرهٽن کي، جي بُت پَرست ها، مغل بادشاهت جي پيدائش جي چوٿين ڀاڱي ڏئڻ ۾ هنکي ڪا غيرت ڪانه آئي؛ تنهنڪري نادر شاهه چيو ته آءٌ هن کي سيکت ڏيندس. ٽن سَون چاليهن ورهين کان اڳي جئَن تيمور منڊو آيو هو، تئَن هو به ايرانين ۽ افغانن جو وڏو لشڪر وٺي خيبر جي دري کان آيو ۽ پنجاب مان لنگهي دهليءَ تي ڪاهي ويو. 3- نادر شاهه وڏو قداور مڙس هو، ڇهه فوٽ ڊگهو هو ۽ سانوري رنگ هو، مُنهن ۾ گُهنڊ هوس، ڀرون گهاٽا هئس، آواز گجڪار جهڙو ۽ اکيون وڄ جهڙيون هيس. ريدي ڪاريءَ کل جو جُبو پيل هوس. هندستان ۾ هن مٿي تي وڏي ڳاڙهي پڳ اَچي ٻڌي، پر ايران ۾ هو ڊگهي ايراني ٽوبي پائيندو هو. ڪمربند ۾ هڪڙو ڪٽارو هوس ۽ هٿ ۾ هڪڙي فولاد جي جنگي ڪهاڙي هيس. هندن ڀانيو ته اڳئين سمي ۾ جهڙا ڪارا دئت ريه لوڪن سان وڙهندا ها، هيءَ به تهڙو هو. نادر شاهه 4- نيٺ هن چيو ته جيڪڏهين مون کي تمام وڏي رقم ملندي ته آءٌ دهليءَ جي شهر کي ڇڏي ڏيندس. پر رات جو دهليءَ جا ماڻهو جي اُٿيا، تن هن جي ننڊ ۾ ستلن ڪن سپاهين کي ماري وڌو. صبح جو نادر شاهه پنهنجا مئَل سپاهي جو ڏٺا، سو جوش ۾ اچي ويو. هن پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو ته ماڻهو ماريو ۽ شهر لُٽيو. سڄو ڏينهن اَفغانن ۽ ايراني سپاهين تيمور جي تاتارين وانگر ماڻهو قتل ڪيا ۽ شهر ساڙيو ۽ لُٽيو. سانجهيءَ مهل محمد شاهه شهنشاهه نادر شاهه جي پيرن تي اچي ڪريو ۽ عرض ڪيائين ته ڪوس بند ٿئي. نادر شاهه پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ڪوس بند ڪريو ۽ هنن حڪم مڃو. 5- ٻئي ڏينهن نادر شاهه ۽ سندس ماڻهو دهليءَ جو سڀ خزانو ۽ جواهر، جي بابر جي ڏينهن کان وٺي وڏن مغل شهنشاهن پئي ڪٺا ڪيا، کڻي اُٿي هليا. شاهه جهان وارو ”طائوسي تخت“، سونا ڇَٽَ ۽ جواهر، تمام سٺا هاٿي گهوڙا ۽ توبون، قيمتي ريشمي ڪپڙا ململيون ۽ شاهي خزانا ۽ دهليءَ ۽ ايوڌيا جي اميرن جو گهڻو ناڻو سڀ ايران ڏي کڻي ويا. شاهه وٽ ايترو ناڻو اچي گڏ ٿيو، جو هن کي خبر نٿي پيئي ته اُهو ڪيڏانهن ڪبو. هن هر هڪ سپاهي کي ٽن مهنن جي تنخواه ڏني ۽ ايران جي ماڻهن کان هڪ سڄي سال جون ڍلون ڪين ورتائين. 6- نادر شاهه جي ڪاهه مغلن جي شهنشاهت کي هڻي پٽيءَ ڊاهي وڌو، صوبه دارن ۽ نوابن دهليءَ ڏي نذرانا جيڪي اڳي موڪليا سي موڪليا، وري ٻيا ڪين ويا. مرهٽن جي هيڪاري اچي ٻيگهي متي. بنگالي ۽ ڏکڻ هندستان کي چٽ ڪري ڇڏيائون ۽ جتي ويا اتي چوٿ جي دعويٰ ڪيائون. ڪلڪتي ۾ جيڪي انگريزي واپاري ها، تن هنن کي دور رکڻ لاءِ هڪڙي اونهي کاهي کڻي کوٽائي؛ اُها ”مرهٽن جي کاهي“ سڏبي هئي. 7- 1740ع ۾ مرهٽا ڪرناٽڪ مان ڌوڪيندا ويا ۽ وڃي ٽرچناپولي هٿ ڪيائون. ٽانجور ته گهڻو اڳي، شواجيءَ جي ڀاءُ، اورنگزيب جي وقت ۾ هٿ ڪيو هو. پانڊيچريءَ تي وڃي گهيرو ڪيائون، پر فرينچ گورنر کين هٽائي ڪڍيو. جڏهن محمد شاهه ٻڌو ته فرينچن مرهٽن کي شڪست پهچائي آهي تڏهن اهڙو ته خوش ٿيو جو پانڊيچريءَ جي گورنر کي نواب جو لقب عطا ڪيائين. 8- هن وقت ڪرناٽڪ ۾ اهڙو ته وڳور اچي متو هو جو ٻڍو نظام جنهن جي ڄمار 90 ورهين کان به وڌيڪ هئي، سو لشڪر وٺي حيدرآباد مان ڪهي آيو، اِنهيءَ لاءِ ته روبروڏسي ته حالت ڪٿي وڃي بيٺي هئي. آرڪاٽ تائين اچي پهتو ۽ حيران ٿي ويو جڏهن ڏٺائين ته ڪئين ڇوٽا سردار هوا جن بنا سندس منظوريءَ جي پاڻ کي ”نواب“ پي سڏايو. هڪڙي ڏينهن جڏهن اهڙا 18 نواب سندس حاضري ڀري رهيا ها تڏهن پنهنجن خاص پهريدارن کي حڪم ڪيائين ته آئينده جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو پاڻ کي ”نواب“ سڏائي ته اُن کي چهبڪن سان ڪُٽي ڪچهريءَ مان هڪالي ڪڍو. چيائين ته فقط هڪڙي ماڻهوءَ کي اِنهي لقب تي حق آهي. پنهنجي هڪ بهادر عملدار، انورالدين کي ڪرناٽڪ جو نواب ٿاڦيائين ۽ سندس گادي آرڪاٽ مقرر ڪيائين. ٽرچناپولي جو شهر مرهٽن کان موٽي هٿ ڪيو ويو ۽ اُهو پڻ سندس حوالي ڪيو ويو. 9- 1748ع، هندستان جي تواريخ ۾ هڪ مشهور سال ٿي گذريو آهي. اِنهيءَ سال محمد شاهه وفات ڪئي؛ نظام الملڪ سؤ ورهين جي ڄمار جو ٿي وفات ڪئي؛ ساهو، مرهٽن جو راجا، پڻ مري ويو. مغل شهنشاهت صفا ٽٽي ويئي انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ پهرين ويڙهه (جنهنجو اسين هيٺ ذڪر ڪنداسين) هن سال پوري ٿي ۽ انگريزي توڙي فرينچ ڪمپنيون ڪرناٽڪ جي ڏيهي سردارن جي ويڙهين ۾ بهرو وٺڻ لڳيون. 37- انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ پهرين جنگ ( 1744 عيسوي کان 1748 عيسوي تائين) 1- سنه 1744ع ۾ يورپ ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ اچي جنگ لڳي؛ اِنهيءَ ڪري سڄي جهان ۾ جتي انگريز ۽ فرينچ ها، اُتي هو هڪ ٻئي ۾ وڙهڻ لڳا. مگر ڏکڻ هندستان ۾ مدراس ۾ جيڪي انگريز ها، ۽ پانڊيچريءَ ۾ جيڪي فرينچ ها سي پنهنجي زمين جي مسوار ڪرناٽڪ جي نواب انورالدين کي پهچائيندا ها ۽ هن کين حڪم ڪيو ته منهنجي موڪل کان سواءِ منهنجي ملڪ ۾ نه وڙهو. 2- انگريز سانتيڪا واپاري ها ۽ اُنهن جي وڙهڻ تي دل ڪا نه هئي. مدراس ۾ رڳا واپاري ۽ سندن ليکاري ها. اُنهن ۾ جيڪو مکيه واپاري هو، تنهن کي گورنر ڪوٺيندا ها. هنن وٽ ڪي ٿورا ماڻهو فورٽ سينٽ جارج جي سنڀال ڪاڻ ها. ٻيا سپاهي وٽن ڪين ها. ڊيوپلي 3- پانڊيچريءَ ۾ جيڪو فرينچن جو گورنر هو، سو ڏاڍو هوشيار ماڻهو هو؛ هنجو نالو هو ڊيوپلي. هن کي ملڪ ۾ آئي گهڻا ڏينهن ٿيا ها، ۽ ديسي ماڻهن کي چڱيءَ ريت ڄاڻندو سڃاڻندو هو. هن جي مرضي هئي ته انگريزن ۽ ٻين سڀني يوروپي واپارين کي هندستان مان لوڌي ڪڍجي، ته هندستان جي واپار مان جيڪو کٽيو آهي، سو سمورو فرينچن کي ٿئي. پر هو رڳو واپار تي راضي ڪين هو، هن جو ارادو هو ته ڏکڻ هندستان فتح ڪريان ۽ اُن تي حڪومت ڪريان. 4- ڊيوپلي وٽ چار هزار ڏيهي سپاهي ها، جن کي وڙهڻ لاءِ فرينچ عملدارن يوروپين وانگر تعليم ڏني هئي ۽ قواعد سيکاريو هو. هن هڪدم فرانس مان وڌيڪ ماڻهو گهرايا ۽ اڃا اُهي ماڻهو آيا ته هو مدراس تي ڪاهي ويو ۽ سنه 1742ع ۾ اُهو ورتائين. 5- انگريزن ڪرناٽڪ جي نواب کي دانهن ڏٺي ڇاڪاڻ ته هو ملڪ جو حاڪم هو. هن ڊيوپلي کي حڪم ڪيو ته فورٽ سينٽ جارج انگريزن، کي موٽائي ڏي، پر ڊيوپلي ته ويهي مٿس کليو. اِنهيءَ تي هن پنهنجي پٽ کي ڏهه هزار ماڻهن جي لشڪر سان موڪليو، اِنهيءَ لاءِ ته وڃي فرينچن کي هڪالي ڪڍي. پر فرينچ اڳواڻن کين هٽائي ڪڍيو ۽ فقط 100 فرينچن ۽ 700 سپاهين جو لشڪر ساڻ وٺي نواب جي ساري ڪٽڪ کي ڀڄائي ڪڍيو. اِها پهرين جنگ هئي جا کليل ميدان ۾ يورپي لوڪن ۽ هندستاني لشڪر جي وچ ۾ لڳي. 6- پوءِ فرينچن فورٽ سينٽ ڊيوڊ جي وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي؛ پر ايتري ۾ انگريزن جا به ڪي سپاهي اِنگلنڊ مان اچي سهڙيا ۽ اُنهن فرينچن کي ٽي ڀيرا تڙي ڪڍيو. ميجر لارينس جو همت وارو انگريزي عملدار هو، سو اِنگلنڊ مان لشڪر وٺي آيو ۽ انگريزن به پانڊيچري وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳالهه مان ڪين وريو. 7- 1747ع ۾ فرينچ ۽ انگريز لوڪن جي وچ ۾ يورپ ۾ صلح ٿيو؛ تنهنڪري هندستان ۾ به اُنهن جو وڙهڻ بند ٿيو. مدراس انگريزن کي موٽي مليو ۽ 1756ع تائين اَٺ ورهيه انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ نالي جو صلح رهيو. 38- ڪلائيو هندستان ۾ انگريزن جي شهنشاهت جو پايو وجهندڙ 1- جنهن سال ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي، اُنهي ساڳئي ورهيه ۾ هڪڙو غريب نينگر ليکاريءَ جي ڪم تي ڪمپنيءَ جو نوڪر ٿي مدراس ۾ آيو. هو رڳو اوڻيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ نڪو هوس پيسو ۽ نڪي هئَس ڪي دوست، اُهو تمام جلد وڃي هڪڙو وڏو جنرل ٿيو ۽ جيڪي تمام ناليرا انگريز ٿي ويا آهن. تن مان هيءُ به هڪڙو هو. هن جو نالو هو رابرٽ ڪلائيو. 2- جڏهن ننڍڙو ڇوڪر هو تڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻين ڇوڪرن سان ايترو ته وڙهندو هو جو ويچارو پڻس ته منجهي پيو ته مان هن سان ڪئن پڄان. تنهن ڪري موڪليائينس سڪول ۾. اُتي کيس همت ڀريو ۽ جگر وارو ڇوڪرو ڪري ليکيندا ها؛ ڪنهن جو به چيو ڪين مڃيندو هو. وڙهڻ لاءِ هميشہ تيار هو. ننڍڙن ڇوڪرن جي ٽولي پاڻ سان وٺي، هٿن ۾ پٿر کڻي، ڪاهي ويندو هو ڳوٺ جي دڪاندارن تي ۽ جيڪڏهن هو کيس ڪڇ نه ڏيندا ها ته سندن دڪانن جي درين جا شيشا ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا ها. هڪڙي ڀيري هڪڙي دڪان تي گهيرو ڪيائين. ڇا ڪيائون جو هڪڙيءَ ڪسيءَ ۾ ويهي رهيو، اِنهيءَ لاءِ ته سندس بدن جي اڏ ڪري ڪسيءَ جو پاڻي اٿل کائي دڪان ۾ وڃي هليو. سڪول جي سڀني ماسترن چيو ته منجهانئس ڪي وَرِڻو ڪونهي؛ تنهنڪري اڃا سڪول ڇڏيائين ڪين ته پڻِسِ پاڻ ڇٽائڻ لاءِ ڪري هندستان ڏانهن موڪليُسِ. رابرٽ ڪلائيو 3- جڏهين فرينچن مدراس ورتو، تڏهين ڪلائيو ڇا ڪيو جو ديسي ماڻهوءَ جا ڪپڙا ڍڪي فورٽ سينٽ ڊيوڊ ڏي ڀڄي ويو. فرينچن ٽي ڀيرا هن قلعه وٺڻ لاءِ مٿا هنيا، پر ميجر لارينس همت ڪري هن کي بچائي ورتو.سپاهگيريءَ جا پهريان سبق ڪلائيو جي سکيو، سي هتي سکيو. هو اهڙو چڱو وڙهيو، جو گورنر هن کان ليکاريءَ جو ڪم ڇڏايو ۽ لشڪر ۾ هن کي هڪڙو ننڍو عهديدار مقرر ڪيائين. 4- علم (جهنڊو) بردار ڪلائيو، جنگي جوان، پنهنجي ٽوليءَ جو اڳواڻ ٿي، هٿ ۾ ترار کڻي جڏهن دشمن تي ڪاه ٿي ڪئي تڏهن سندس دل گَدِ گَدِ ٿي ٿي. ننڍي هوندي کان وٺي سندس دل اهڙيءَ ڳالهه لاءِ پي تڙڦي. سگهوئي ڏيکاريائين ته ماڻهن جي اڳواڻ ٿيڻ لاءِ منجهس اصلي ڪا خدائي ڏات هئي. ڊپ جي ته کيس خبر به ڪانه هئي. جئن خطره وڌيڪ هو تئن سندس اوتساهه وڌيڪ ٿي جاڳيو. وَري وَري اهڙي اهڙي وقت ڌوڪيندو ويندو هو جو جيڪي پيا ڏسندا هوا سي ته چوندا ها ته پڪ موت جي چنبي ۾ ٿو وڃي، پر هميشه ويڙهه مان جيئرو جاڳندو نڪري ايندو هو. 5- ڪلائيو جي سندن اڳواڻ، ته پوءِ ديسي سپاهين کي جيڏانهن چئو اوڏانهن وڃڻ لاءِ به تيار ۽ جيڪي چئون، تنهنجي ڪرڻ ڪاڻ به تيار. اُنهن هن تي ويڙهه ۾ بيهڪ جي ڪري ”ثابت جنگ“ نالو رکيو ۽ هن نالي سان پوءِ هو ساري هندستان ۾ مشهور ٿي ويو. اُهو ڏاڍو چڱو نالو هن کي مليو هو؛ ڇاڪاڻ جو ڪلائيو نه رڳو بهادر هو؛ پر تمام ڏڍيءَ ويڙهه ۾ به سانتيڪو ۽ ڏيرج وان هوندو هو. 39- آرڪاٽ جو مشهور گهيرو 1751 عيسوي 1- جيتوڻيڪ هينئَر انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ صلح سانت هو تنهن هوندي به انگريزن ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته ڪنهن به وقت ويڙهه وري ڦاٽڻ جو اِمڪان آهي ۽ جيڪڏهن ويڙهه ڦاٽي ته ڊيوپلي، جيترو جلد پڄي سگهندس اوترو جلد، مٿن ڪاهه ڪري ايندو. هو اڃا تائين پانڊيچريءَ ۾ فرينچن ۽ ڏيهي سپاهين جو مضبوط لشڪر رکندو پي آيو ۽ جيستائين هن اِئين ٿي ڪيو تيستائين هنن جي همت نٿي ٿي جو پنهنجو لشڪر موٽائي موڪلين. 2- ڊيوپلي جي ڏاڍي مرضي هئي ته جيڪر انگريزن کي مدراس مان هڪالي ڪڍان، پر جيسين اِنگلنڊ جي بادشاهه ۽ فرانس جي بادشاهه جي وچ ۾ صلح سانت هو تيسين مٿن ڪاهه ڪري نٿي سگهيو. پر سندس لشڪر ڳرو خرچ ٿي چڪيو ۽ اِنهيءَ ڪري هن چوڌاري نظر ورائي ته لشڪر لاءِ ڪو ڪم ڳولي ڪڍان. سگهوئي جيڪي گهريائين ٿي سو مليس. 3- 1748ع ۾ پوڙهو نظام الملڪ مري ويو. هن جو وڏو پٽ ناظر جنگ سندس جاءِ تي دکن جو صوبه دار ٿيو؛ پر سندس ڀائٽي مظفر جنگ گاديءَ واسطي هن سان وڙهڻ جو ٺهراءُ ڪيو. ۽ پانڊيچريءَ ۾ وڃي فرينچن کان مدد گهريائين. اِنهيءَ ساڳئي وقت چندا صاحب نالي هڪڙو سردار جاڳيو، جنهن ڀانيو ته انورالدين جي بدران آءٌ ڪرناٽڪ جو نواب ٿيان. هو به پانڊيچريءَ ويو ۽ ڊيوپلي کان وڃي مدد گهريائين. 4- ڊيوپلي خوشيءَ سان ٻنهي کي مدد ڏيڻ قبول ڪئي. هن کي ته کپندوئي اهڙو ڪم هو. هن بُسي نالي هڪڙي فرينچ عملدار جي هٿ هيٺ ماڻهن جي هڪڙي مضبوط ٽولي ڏنين ۽ ٽيئي لشڪر ارڪاٽ تي ڪرناٽڪ ڪاهي ويا. هو انور الدين تي وڃي ڪڙڪيا، هن کي مات ڪيائون ۽ ماري وڌائنس ۽ ارڪاٽ ورتائون. هن جو پٽ محمد علي ترچناپليءَ ڏي ڀڄي ويو ۽ اُتي پاڻ بچائڻ جو سانباهو ويهي ڪيائين. پوءِ ڪُمڪي لشڪر دکن تي چڙهي ويو؛ ناظر جنگ به مارجي ويو ۽ بُسي سوڀ کٽي حيدرآباد تي ڪاهي ويو. 5- اِنهيءَ ريت ڊيوپلي پٽيءَ سوڀارو ٿيو. نئين نظام فرينچن کي اُڀرندي ڪناري تي اُتر سرڪار جا ضلعا ڏنا ۽ خود ڊيوپلي کي ”ڪرناٽڪ جو نواب.“ اِهو خطاب ڏنائين ۽ چندا صاحب کي ڪرناٽڪ جو نواب هن جي هٿ هيٺ ڪري رکيائين. چندا صاحب فرينچن کي ڪرناٽڪ ۾ ملڪ جو وڏو ڀاڱو ۽ گهڻو ناڻو ڏنو. 6- محمد علي جنهن کي ٽرچناپليءَ ۾ چندا صاحب ۽ فرينچ گهيرو ڪيو ويٺا ها، تنهن انگريزن ڏي مدد لاءِ چوائي موڪليو. انگريز هاڻي ڪن سو ڪن ڇا؟ کين پڻ لشڪر هو جنهن جي پگهار جي خرچ ۾ ئي سندن واپار جو اڪثر ڪري سارو فائدو ڳيسجي ٿي ويو؛ ۽ انگريزي گورنر چڱي طرح معلوم ٿي ڪيو ته جيڪڏهن فرينچ ۽ سندن طرفدار محمد عليءَ تي غالب پوندا ته پوءِ هنن لاءِ ته ميدان صاف کليل رهندو؛ ڊيوپلي پوءِ ڪاهي ويندو انگريزن تي ۽ مدراس مان سندن تڏوئي کڻائي ڇڏيندو. خيال ڪيائين ته جيڪڏهن محمد عليءَ کي مدد پهچائبي ته نه فقط اسان جي لشڪر لاءِ ڪم توڙي پگهار نڪري ايندو پر فرينچن جي اُسرندر طاقت کي ٻنجو اچي ويندو ۽ اسين پڻ وڏي خطري بچي وينداسين. 7- انگريزن جو گورنر اهڙو زور وارو نه هو، جو فرينچن کي ٽرچناپليءَ مان به لوڌي ڪڍي ۽ پنهنجن ٻن قلعن جو به بچاءُ ڪري. تنهن ڪري هن ٿورو لشڪر هٿيارن ۽ خوراڪي سامان سميت محمد عليءَ ڏي پنهنجي خط سان ڏياري موڪليو جنهن ۾ لکيائينس ته ”پڇاڙيءَ تائين بيهڪ ڪجو ۽ منهنجي مدد جو آسرو رکجو.“ ڪلائيو اُهو لشڪر وٺي ويو ٽرچناپليءَ ڏي، ويندي ۽ ايندي واٽ تي اهڙيءَ همت سان وڙهيو، جو هن کي اُنهي ننڍي عهدي مان وڌائي ڪپتان جو عهدو ڏنائون. 8- جڏهين هو مدراس ۾ آيو، تڏهين هن گورنر کي چيو ته محمد علي، اهڙو نستو آهي، جو گهڻي وقت تائين بيهڪ ڪري ڪين سگهندو. انهيءَ وقت هن کي هيءَ ڳالهه به ڏيکاريائين ته فرينچ لشڪر جو ڪجهه ڀاڱو آهي ٽرچناپليءَ ۾، ڪجهه ڀاڱو آهي پانڊيچريءَ ۾ ۽ ڀاڱو آهي پري حيدرآباد ۾ بُسيءَ سان. ارڪاٽ جو ڪرناٽڪ ۾ مکيه شهر آهي، سو اِئين ڇڏي ويا آهن ۽ هن جي بچاءَ ڪاڻ جي ماڻهو آهن، سي آهن تمام ٿورا. آءٌ ارڪاٽ تي ڪاهي وڃان ۽ وڃي وٺانس. اِئين ڪبو ته آءٌ ڀانيان ٿو ته چندا صاحب ٽرچناپلي ڇڏيندو ۽ ارڪاٽ ڏي ايندو ۽ هن جي وري وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ۽ اِنهيءَ طرح محمد عليءَ جو ڇوٽڪارو ٿي پوندو. 9- ڪپتان ڪلائيو جي هيءَ صلاح اهڙي چڱي هئي، جو گورنر اُنهيءَ تي هليو. رڳا ٻه سَو انگريز سولجر ۽ 300 سپاهي ڏنائينس ۽ اُهي به تعليم ورتل ڪين ها ۽ اُنهن مان اڪثر ماڻهن جنهن کي سچي ويڙهه چئجي، سا ڪڏهين ڪانه ڪئي هئي. پر ڪلائيو ڪاڻ اُهيئي بس ها. مدراس کان ارڪاٽ ستر مئل آهي، سو جئَن پنڌ ڪندا ٿي ويا، تئَن هو ڏيهاڙي تعليم ڏيندو ۽ قواعد سيکاريندو ٿي وين. هن کي رستي ۾ ڇهه ڏينهن لڳا ۽ هو جئَن هڪ در کان شهر ۾ گهڙيو، تئَن چندا صاحب جو لشڪر ٻئي در کان ڀڄي ٻاهر نڪتو. 10- جيڪڏهن افغان يا مرهٽا آرڪاٽ هٿ ڪن ها ته شهر ۾ ڦرمار مچائي ڏين ها ۽ ڪئين ماڻهو قتل ٿي وڃن ها. پر جڏهن انگريزن اِهو شهر ورتو ته ڪنهن جو به نالو نه ورتو ويو. ڪلائيو کي جيڪو کاڌو پيتو کپندو هو سو پيسا ڏيئي ورتائين ۽ ماڻهن سان مهربانيءَ جي هلت ڪيائين. ماڻهو به سانس هر ڪنهن ڳالهه ۾ همراهه ٿي بيٺا؛ ڪلائيو هينئَر قلعي جي جهونين ۽ ڌڏندڙ ڀتين جي مرمت ۽ ڳچ وقت لاءِ کاڌي پيتي جي سامان ڪٺي ڪرڻ کي لگي ويو ڇاڪاڻ ته ڄاتائين ٿي ته کيس ڳچ وقت جي گهيري کي منهن ڏيڻو پوندو. 11- جڏهين چندا صاحب کي خبر پيئي ته سندس گاديءَ جو هنڌ ورتو آهي، تڏهين پنهنجي پٽ راجا صاحب جي مهنداريءَ هيٺ ڏهه هزار ماڻهو ۽ ڪجهه فرينچ لشڪر ڏياري مڪائين ته اُهو وري وڃي وٺي، جئَن ڪلائيو اڳي چيو هو ته هو ڪندو. پنجاهن ڏينهن تائين هيڏو سارو لشڪر ڪلائيو ۽ سندس ماڻهن کي ارڪاٽ ۾ گهيرو ڪيو ويٺو هو. هنن ڪوٽ وٺڻ لاءِ پنهنجي وس ۾ ڪين گهٽايو؛ پر ڪي ڪين وريو. 12- جڏهين ٻه مهنا کن گذري ويا، تڏهين مدراس جي گورنر ڪلائيو جي مدد لاءِ ڪي وڌيڪ ماڻهو موڪليا. راجا صاحب ٻڌو ته ٻيا ماڻهو اچن ٿا؛ تنهنڪري هن قلم وٺڻ لاءِ پوئين چوٽ ڏني؛ پر چار سو ماڻهو مارائي پٺ تي لوڌجي ويو. پوءِ هو بيدل ٿي پيو ۽ باقي جيڪو لشڪر بچيو هوس سو وٺي هليو ويو؛ ڊپ هوس ته ڪلائيو ۽ سندس ماڻهو ٿيندم اڳيان ۽ انگريزي لشڪر جو مدراس کان ٿو اچي، سو ٿيندم ا پٺيان، پوءِ آءٌ متان اُنهن جي وچ ۾ اچي ڦاسان. 13- اڃا ڪلائيو کي ڀرتي پهتي ئي ڪين ته هو نڪتو راجا صاحب جي پٺيان. ساري ملڪ ۾ هنڌ هنڌ پٺيان پيس ۽ وري وري شڪست رسايائينس. نيٺ راجا صاحب کي ڪلائيو جو اهڙو ته اچي ڊپ لڳو جو ساڻس وڙهڻ لاءِ ترسندو ئي ڪين هو ۽ اڃا ٻڌندو هو ته ڪلائيو اچي ٿو ته اُٿي ڀڄندو هو. 14- هيءُ ارڪاٽ جو هاڪارو گهيرو سنه 1752ع ۾ ٿيو. ڏکڻ هندستان ۾ انگريزن جي تواريخ ۾ فرقي ڦرڻ جو سنڌو اِهو گهيرو ٿيو. اِنهيءَ سال کان وٺي انگريز ويا زور وٺندا ۽ فرينچ ويا پئڻا پوندا. ميجر لارينس ۽ محمد علي 15- پوءِ ميجر لارينس ۽ ڪلائيو ٽرچناپليءَ تي چڙهي ويا ۽ سخت جنگ کان پوءِ فرينچن کي مات ڪري اُنهن کي قيد ڪياءٌ. ٽرچناپلي سندن هٿ آئي ۽ اُنهن پنهنجي رفيق محمد عليءَ کي ڪرناٽڪ جو نواب ڪيو. چندا صاحب تانجور ڏي ڀڄي ويو ۽ اُنهي ملڪ جي مرهٽي راجا مارائي ڇڏيس. 16- پوءِ ڪلائيو اِنگلنڊ ڏي ويو؛ ڇاڪاڻ جو هن اهڙو ڪشالو ڪيو هو، جو هو تمام ناچڱو ٿي پيو هو. اِنگلنڊ جي بادشاهه هن کي لشڪر ۾ ڪرنيل جو درجو ڏنو ۽ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ هيري جي مُٺِ سان 500 پائونڊن جي ترار اِنعام ڏنيس. هو ڌن وارو ۽ هاڪارو ٿي پيو ۽ انگريزن هن تي ”ارڪاٽ جو پهلوان“ نالو رکيو. 17- تهانپوءِ انگريزن ۽ فرينچ ڪمپنين سخت حڪم جاري ڪيا ته سندن نوڪر اڳتي نه وڙهن. ڊيوپلي کي موٽي فرانس ڏي ڪوٺائي ورتائون، ۽ صلحَ ڪيو ويو. 18- مدراس کي هاڻي ڪوبه خطرو ڪونه رهيو. انگريزن کي اڃان به ڪو ملڪ جو ڀاڱو پنهنجي حوالي ڪونه هو ۽ نڪي ڪو وري طلبيائون ٿي. مگر کين پوريءَ طرح جنگي قواعد سکيل لشڪر هو جنهن ڪلائيو جي هٿ هيٺ پاڻ موکيو هو. اِنهيءَ لشڪر جي وسيلي پنهنجي دوست ڪرناٽڪ جي نواب، محمد عليءَ جا جيڪي دشمن ها تن کي ماري مات ڪيائون ۽ هو هاڻي ميجر لارينس جي بچاءَ هيٺ تخت تي بي اونو ٿي ويٺو. فرينچ بُسيءَ جي هٿ هيٺ اڃا تائين حيدرآباد ۾ تمام زور ها ۽ کين نظام وٽان ناردرن سرڪارس (اُتر سرڪار وارا ضلعا) ملي چڪا ها. اُتي سندن مکيه شهر هو مسليپٽم، جتي کين هڪ مضبوط قلعو هو. 40- ڪلڪتي جو بلئڪ هول (اوُنداهي ڪوٺي) 1756 عيسوي 1- مغل شهنشاهن جي ايامڪاريءَ ۾ بينگال کي صوبو ۽ اُن جي حاڪم کي صوبيدار ڪري ڪوٺيندا ها. دهليءَ ۾ نادر شاهه جي ڦرمار کان پوءِ هڪڙو جنگي جوڌو پاڻ کي ملڪ جو مالڪ بنائي ويهي رهيو. ڪلڪتي ۾ جيڪي انگريزي واپاري ها تنجو هو دوست هو ۽ کين پاٽنا ۽ ڊاڪا ۾ ڪوٺين کولِڻ جي اجازت ڏنائين. ڪلڪتي کان اٽڪل هڪ سو ميل پري مرشدآباد ۾ گادي مقرر ڪري ساري ملڪ جو انتظام چڱو رکيائين. سراج الدوله - سنه 1756ع ۾ علي وردي خان بنگالي جو نواب مري ويو ۽ سندس پوٽو سراج الدوله (رياست جو ڏيو) هنجي گاديءَ تي ويٺو. هو جوان مڙس هو؛ هن جي عمر ويہ ورهيه هئي ۽ محلات ۾ نپنو هو، جتي جيڪي ٿي گهريائين، سو ٿي مليس. ٻاهر جهان ۾ ڇا ٿو هلي، تنهنجي هن کي ڪا خبر ڪانه هئي؛ هو جهڙو هو هيڻو ۽ مورک، تهڙو وري هو بي رحم ۽ پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ وارو. هو انگريزن کي ڌڪاريندو هو ۽ ڪلڪتي کي لُٽي پاڻ کي ڌن وارو ڪرڻ لاءِ ٿي سڪيو. ڇو ته هن ٻڌو هو ته هن شهر ۾ دولت تمام گهڻي آهي. 3- اڃان هو گاديءَ تي ويٺو ته انگريزن سان جهيڙو لاتائين. فورٽ وليم جون ڀتيون مرمت ٿيون هيون؛ ڇاڪاڻ جو انگريزن جي گورنر ٻڌو هو، ته فرينچن سان وري سگهوئي جنگ لڳندي ۽ هن کي ڊپ هو ته چندرنگر وارا فرينچ اُن قلعه تي ڪاهه ڪندا. نواب هن کي چيو ته ڀتيون ڊاهي ڇڏيو. هن ورندي ڏني ته آءٌ اِئين ڪري نٿو سگهان. اِئين ڪندس ته ڪلڪتو پوءِ وس ٿيندو فرينچن جي. 4- اڃا هيءَ ورندي هن جوان نواب کي پهتي ته هو تپي باهه ٿي ويو ۽ پنجاهن هزارن ماڻهن جي لشڪر سان ڪلڪتي تي ڪاهي ويو. قلعه ۾ فقط 170 سولجر ها ۽ اُنهن مان ورلي ڪنهن ويڙهه ڪئي هئي. اُنهن کي ڪلائيو جهڙو همت وارو اڳواڻ به ڪونه هو. جئَن ٿي سگهين، تئَن چن ڏينهن تائين هنن پنهنجو بچاءُ ڪيو ۽ پوءِ اڪثر سِوِلين (مُلڪي سَنَدي عملدار) زالون ۽ ٻار نديءَ تي جيڪي جهاز بيٺل ها، تن ۾ چڙهي ڀڄي ويا؛ ۽ جيڪي ماڻهو باقي رهيا، اُنهن قلعو کڻي سونپيو، هن انجام تي ته کين جيدان ملندو. 5- پوءِ نواب وڃي سمهي رهيو ۽ پهري وارن 146 قيد ٿيل ماڻهو سڀ هڪڙيءَ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي پوريا، جنهن ۾ اڳي رڳو هڪڙو ماڻهو قيد رکندا ها. هوءَ ڪوٺي جهڙي هئي گرم، تهڙي هئي اونداهي؛ تنهنڪري اُها ”بلئڪ هول“ جي نالي سان پڌري آهي. ايترن ماڻهن کي اهڙيءَ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ پورڻ، ڄڻڪ اُنهن کي موت جي منهن ۾ ڏيڻو هو. هو ويچارا باندي هَوا نه هجڻ جي ڪري جئَن ٻوساٽجي هڪ ٻئي پٺيان مرندا ٿي ويا، تئَن نواب جي ڪٺور سپاهين اُنهن کي مرندو ڏسي پئي کليو. 6- ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهين بنديخاني جو در کليو، تڏهن رڳا 22 مرد ۽ هڪ زال جيرا نڪتا. 123 ماڻهو جي رات جو مري ويا ها تنجا مڙهه اُڇلائي کڻي کڏ ۾ وڌائون. 41- پلاسيءَ جي جنگ 1757 عيسوي سنه 1856ع ۾ يورپ ۾ انگريزن ۽ فرينچن ۾ وري اچي جنگ لڳي. اُن جي شروع ٿيڻ کان ٿورو وقت اڳي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ڪرنيل ڪلائيو کي جو هاڻي بلڪل چڱو ڀلو هو، ڏياري موڪليو ته هندستان ۾ جيڪو سندن لشڪر هو، تنهنجو هو مهندار اچي ٿئي. هيءُ اڃا مدراس ۾ اچي پهتو ته ڪلڪتي جي وٺجڻ جي به خبر اچي رسي. 2- مدراس ۾ جيڪي انگريز ها؛ تن جڏهين اِها افسوس جهڙي خبر ٻڌي، تڏهين دک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ ڪلڪتي جي وري وٺڻ ۽ پنهنجي ديسي ماڻهن جي وير وٺڻ جو ٺهراءُ ڪيائون. ڪرنيل ڪلائيو ٿيو خشڪيءَ جي لشڪر جو مهندار ۽ ائڊمرل واٽسن ٿيو جنگي جهازن جو اڳواڻ. ڪلڪتي جي دريائي مسافريءَ ۾ ٽي مهنا لڳي ويا ۽ جڏهين انگريزي لشڪر لٿو، تڏهين هڪڙي به ماڻهوءَ جي نقصان ڌاران فورٽ وليم ورتائون. پوءِ اُتان هو ويا هوگليءَ، ۽ اُهو شهر به ورتائون. 3- پوءِ سراج الدوله اَچي ڊنو، هن انگريزي قيدي ڇڏي ڦٽا ڪيا؛ ۽ صلح لاءِ چيائين. هن انجام ڪيو ته انگريزن جا جيڪي نقصان ٿيا آهن سي آءٌ ڀري ڏيندس پر اُنهيءَ ساڳئي وقت وري هن چندرنگر وارن فرينچن ڏي لکيو ته مون کي اچي واهر ڪريو. ڪرنيل ڪلائيو کي ستت خبر پئجي ويئي ته نواب مون کي ٺڳي ٿو. هو چندرنگر تي چڙهي ويو ۽ وڃي ورتائينس. 4- سراج الدوله کي گاديءَ تي ويٺي اڃا هڪ ورهيه مس ٿيو هو، پر هن حڪومت اهڙيءَ خراب طرح هلائي ۽ پنهنجي رعيت سان اهڙي بي رحمي ڪيائين جو هوءَ منجهانس بلڪل ڪڪ ٿي پيئي ۽ مرضي هيس ته هن مان جند ڇڏايان. سندس مکيه عملدارن مان ڪن هن کي گاديءَ تان لاهڻ ۽ سندس سپه سالار مير جعفر کي اُن جي جاءِ تي وهارڻ جو منصوبو ڪيو. مير جعفر ڪرنيل ڪلائيو ڏي لکيو ۽ هن جي مدد گهريائين. هن هيءَ انجام ڪيو ته جي انگريز نواب تي ڪاهي ويندا ته آءٌ گهڻي لشڪر سان توهان سان اچي گڏبس. 5- پوءِ ڪرنيل ڪلائيو پنهنجن ماڻهن سان اُتر پاسي اُٿي هليو. سراج الدوله پنجاهه هزار پيادي لشڪر، 18000 گهوڙي سوارن، پنجاهه توبن ۽ ٿورن فرينچ سولجرن سان پلاسيءَ وٽ لٿو پيو هو، جو مرشد آباد ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ آهي. ڪلائيو کي يارهن سو انگريزي سولجر، ٻه هزار سپاهي ۽ 10 هلڪيون توبون هيون. جنگ 23 جون 1757ع جي ٿي. مير جعفر جئفن اَنجام ڪيو هو، تئَن انگريزن سان ڪين اَچي گڏيو هن ڀرسان بيٺي ڏٺو ته ڪهڙو طرف ٿو کٽي. سڄو ڏينهن انگريزن دشمن تي توبن جو وسڪارو ڪيو ۽ منجهند کان پوءِ، 3 وڳي مهل، اُنهن مان گهڻا ڊڙيا رکيا ها؛ ڪلائيو پنهنجن ماڻهن کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مير جعفر 6- ڪلائيو پوءِ مير جعفر سان گڏجي ويو مرشدآباد ۽ اُتي وڃي کيس نواب مقرر ڪيائين. شهر جي ماڻهن کي، آرڪاٽ جي ماڻهن وانگي ڊپ لڳو ته متان انگريز به افغانن ۽ تاتاري لوڪن وانگي شهر ۾ ڦرمار مچائي ڏين، مندر ڊاهي ناس ڪن ۽ قتل عام ڪن. ڏاڍو عجب لڳن جڏهن ڏٺائون ته انگريزي لشڪر شهر جي ٻاهران ويهي رهيو ۽ ڪنهن کي به ايذاءِ ڪونه رسايائون. ميران 7- سراج الدوله ڀڳو، پر هڪڙي ماڻهو، جنهن جو هن هڪ ڀيري نڪ ڪپيو هو، جهلي وڌس. هن کي مير جعفر جي پٽ ميران وٽ وٺي ويا ۽ هن مارائي ڇڏيس. انگريزن جي مدد جي عيوض نئين نواب هنن کي سڀ نقصان ڀري ڏنا ۽ ڪلائيو ۽ ٻين انگريزي عملدارن کي وڏيون بخششون ڏنائين،ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڪلڪتي جي چوگرد ملڪ جو ٽڪر ڏنائين. جنهن کي 24 پرگنا ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ ٻن ورهين پڄاڻا اُنهي ملڪ جي ڍل جا کيس ڪمپنيءَ کان ملڻي هئي، سا هن ڪلائيو کي ڏني ۽ اُنهن بخشش ملڻ ڪري ڪلائيو ڏاڍو شاهوڪار ٿي پيو. اُن کي ڪلائيو جي جاگير ڪري سڏيندا ها. ڪلائيو جيسين جيرو هو، تيسين ڪمپني هن کي اِها ڍل ڏيندي ايندي هئي. پهرائين نه پهرائين جو انگريزن کي هندستان ۾ ملڪ پڙپيو، سو اِهو ۽ بنگالي کاتي جو بنياد به اِهو هو. 42- فرينچن کي آخرين ڌِڪو ( 1756 عيسوي کان 1763 عيسوي تائين) 1- يورپ ۾ 1756ع کان 1763ع تائين ڪيترين قومن جي وچ ۾ هڪ وڏي ويڙهه لڳي، جنهن کي ستن ورهين واري ويڙهه ڪري چوندا آهن. اُنهيءَ ويڙهه ۾ انگريز فرينچن سان وڙهيا. 2- جڏهين هيءَ ويڙهه لڳي، تڏهين ڪرنيل ڪلائيو اڪثر ساري انگريز لشڪر سميت بنگالي ۾ هو. هن هڪدم چندرنگر ورتو، اِنهيءَ ڪري فرينچن کي اُتر هندستان ۾ ڪا بيٺڪ ڪانه هئي. ڏکڻ هندستان ۾ نڪي انگريزي لشڪر اهڙو زور وارو هو، جو پانڊيچري وٺي سگهي ۽ نڪي فرينچن جو لشڪر اهڙو سگهارو هو، جو مدراس وٺي سگهي، تنهن ڪري ٻن ورهين تائين هنن هڪ ٻئي جي ڇيڙ ڪانه ڪئي. 3- پر 1758ع ۾ فرينچ لشڪر جو هڪ وڏو دفعه ڪائونٽ لاليءَ جي حڪم هيٺ اچي پهتو. هن کي حڪم هو ته انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍي؛ سو جنهن رات هو اچي لٿو، اُنهيءَ ساڳيءَ رات هن فورٽ سينٽ ڊيوڊ تي ڪاهيو ۽ سهنجائيءَ سان اُهو ورتائين. هن قلعو ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو، جو وري ڪڏهين به ڪين ٺهيو. 4- پوءِ لاليءَ بُسيءَ کي حڪم ڏنو ته دکن مان پنهنجو سمورو لشڪر وٺي اچي ساڻس گڏجي ۽ پاڻ مدراس تي ڪاهيائين. پر ميجر لارينس سڄا ڇهه مهنا سورهيائيءَ سان مدراس کي بچايو، جيسين انگريزن جا جهاز اِنگلنڊ مان لشڪر وٺي اچي پهتا. لالي ۽ سندس فرينچ لشڪر تڙجي ويا ۽ ڪرنيل ڪوٽ جو انگريزن جو مهندار هو، سو پٺيان پين، ۽ سنه 1760ع ۾ مدراس ۽ پانڊيچريءَ جي وچ ۾ وانڊيواش وٽ اُنهن کي بلڪل مات ڪيائين. هيءَ هندستان ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ سڀني کان وڏي جنگ ٿي. پوءِ ڪرنيل ڪوٽ هليو ويو پانڊيچريءَ ڏي، ۽ سنه 1761ع ۾ اُهو شهر فرينچن کان ورتائين. 5- جڏهين هي ڳالهيون ڪرناٽڪ ۾ پئي ٿيون، تڏهن ڪلائيو ڪلڪتي مان جيڪو به ماڻهو موڪلي سگهيو، تنهن کي ڪناري واري رستي سان ڪرنيل فورڊ جي حڪم هيٺ اُتر سرڪار ڏي ڏياري موڪليائين. اُتي جو فرينچن جو لشڪر هو، سو انگريزن جي لشڪر کان گهڻو وڌيڪ هو ۽ اُنهن سان حيدرآباد جو نظام به لشڪر سوڌو شامل هو. پر ڪرنيل فورڊ جو ڪلائيو جو سيکاريل هو، سو جهڙو هو سورهه، تهڙو هو هنري. هن جتي ڪٿي فرينچن تي جيت ڪئي ۽ اُنهن جو مکيه شهر مسليپٽم چڙهيءَ سواري وڃي ورتائين. جيترا سندس ماڻهو ها، تن کان به گهڻا وڌيڪ ها فرينچ جهليل ماڻهو. اِنهيءَ ريت سان 1759ع ۾ اُتر سرڪار جا ضلعا انگريزن جي هٿ ۾ آيا ۽ تڏهانڪر اُنهن جي هٿ ۾ هليا اچن. هيءُ ٿيو مدراس کاتي جو بنياد. 6- سنه 1763ع ۾ ستن ورهين جي ويڙهه پوري ٿي ۽ انگريزن ۽ فرينچن پاڻ ۾ صلح ڪيو. پانڊيچري ۽ چندرنگر واپار جون جايون ڪري فرينچن کي موٽائي ڏنائون. اِنهيءَ طرح سنه 1744ع ۾ شروع ٿيل ويهن ورهين جي چٽاڀيٽيءَ جي اچي پڄاڻي ٿي: فرينچن مدراس جي انگريزي واپارين تي ڪاهه ڪئي؛ اُتان وٺي هلي ۽ انگريز ملڪ جي وڏي ڀاڱي جا حاڪم ۽ ڏکڻ هندستان ۾ سڀني کان وڏيءَ طاقت جا صاحب ٿيا، اچي پوري ٿي. 43- مير جعفر جي حڪومت ( 1758 عيسوي کان 1761 عيسوي تائين) 1- ڪلائيو مير جعفر کي دهليءَ جي شهنشاهه جي موڪل ڌاران بنگالي جي گاديءَ تي وهاريو هو ۽ شهنشاهه اُتر هندستان جي سڀني ملڪن جي حاڪمن جي رئيس هجڻ جي اڃان سوڌو دعويٰ رکندو ايندو هو. مير جعفر اڳين نوابن وانگر هن کي ڪو نذرانو ڪونه موڪليوهو؛ تنهنڪري شهنشاهه جي پٽ، جنهن کي شاهزادو ڪري سڏيندا ها، لشڪر وٺي بنگالي تي ڪاهيو ۽ شجاع الدوله اَودهه جو نواب به ساڻس گڏجي ويو. 2- مير جعفر کي ڏاڍو ڀَو ٿيو ۽ هنجي مرضي هئي ته ناڻو ڏيئي هن کي راضي ڪريان؛ پر ڪلائيو چيس ته دل نه لوڙهيو ۽ آءٌ تهانجي مدد لاءِ اچان ٿو. جڏهين اودهه جي نواب ٻڌو ته ڀَو جهڙو انگريزي ڪرنيل- ”ثابت جنگ“ مٿس ڪاهه ڪرڻ لاءِ ٿو اچي، تڏهين پنهنجي ماڻهن سوڌو جيترو پڄي سگهيس، اوترو جلد اودهه ڏي اُٿي ڀڳو ۽ ويچاري شاهزادي کي هيڪلو ڇڏيو ويو. هو شاهزادو اَچي ڪلائيو جي پيش پيو، جنهن مهرباني ڪري هن کي 500 سونيو مهرون بخشش ڏنيون ۽ صلاح ڏنائينس ته پنهنجي ملڪ ڏي موٽي وڃو ۽ هن اِئين ڪيو. 3- جيڪڏهن مير جعفر سياڻو ۽ چڱو حاڪم هجي ها، ته سلامتيءَ ۽ سانت سان پيو حڪومت ڪري ها. پر ستتئي ڏسڻ ۾ آيو ته هو حڪومت ڪرڻ جو بلڪل لائق ڪينهي. هن کي آفيم جي ڏاڍي چاٽي هئي ۽ رونشن ۾ پنهنجو وقت وڃائيندو هو ۽ اُنهن تي گهڻا پيسا خرچيندو هو. 4- لشڪر کي تنخواه ڏيڻ لاءِ هن کي پيسن جي گهرج هئي؛ تنهنڪري هن بنگالي شاهوڪارن هندو صرافن کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهين ڪلائيو اِئين ڪرڻ کان جهليس، تڏهين ڏمريو ۽ چنسورا ۾ جي ڊچ ها، تن کي لکيائين ته توهين اچي مون کي مدد ڏيو ۽ انگريزن کي اَچي بنگالي مان لوڌي ڪڍو. يورپ ۾ ڊچن انگريزن جي وچ ۾ صلح هو، تنهنڪري چنسورا جي ڊچ واپارين کي انگريزن سان جنگ ڪرڻ جو حق ڪو نه هو. پر هنن کي انگريزي واپارين ۽ اُنهن جي واپار جو ساڙ هو؛ تنهن لاءِ ناداني ڪري هنن انگريزن تي ڪاهه ڪرڻ قبول ڪئي. هنن پنهنجي جاوا واري بيٺڪ مان لشڪر گهرايو ۽ اَڃا گهڻا ڏينهن ڪين گذريا، ته ست وڏا جهاز لشڪر سان ڀريل هوگلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اَچي سهڙيا ۽ اُتان نديءَ جي رستي چنسورا ڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪيائون. هنن ڪي انگريزن جون ٻيڙيون جهليون ۽ انگريزن جون ڪوٺيون جيڪي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي هيون، سي ساڙي ڇڏيائون. 5- ڪرنيل فورڊ جو اُتر سرڪار مان موٽي آيو هو، تنهن کي ڪرنيل ڪلائيو چنسورا تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليو ۽ ٻيو عملدار ڊچن جي جهازن تي حمله ڪرڻ ڪاڻ موڪليائين. چنسورا ۾ جيڪو ڊچن جو لشڪر هو، تنهن کي ڀڄائي ڪڍيائون ۽ اُنهن جا جهاز ورتائون. پوءِ ڊچن صلح گهريو. هنن کي چنسورا واپار جو شهر مليو؛ پر هنن انجام ڪيو ته اَسين اُتي سپاهي ڪين رکنداسون. مير جعفر کي معافي ملي. 6- هينئَر آسمان بلڪل صفا ٿي ويو، دشمنن جو سڀ ڊپ لهي ويو ۽ 1760ع ۾ ڪلائيو جهاز جي رستي اِنگلنڊ ڏانهن موٽي ويو. ڪلائيو هينئَر چوٽيهن ورهين جي ڄمار کي رسيو هو ۽ جيڪو چئن سالن جو نئون عرصو هندستان ۾ ڪاٽيو هوائين تنهن ۾ گهڻوئي ڪي ڪري چڪو هو. فرينچن جي طاقت صفا ڊاهي ناس ڪري ڇڏيائين ۽ ڊچن کي به پائمال ڪري ڇڏيائين. مدراس ۾ ڪمپنيءَ لاءِ اُتر سرڪار وارا ضلعا هٿ ڪيا هوائين، ۽ بينگال ۾ ڪلڪتي جي چوڌاري ملڪ جو وڏو ٽڪر هٿ ڪيو هوائين جنهن جي سالياني اُپت هڪ ڪروڙ رپيا هئي. انگريزن کي هينئر هندستان جي ڪنهن به ڏيهي حاڪم جي لشڪر جو ڊپ نه رهيو. اُڻويهن ورهين جي ڇوڪر، جنهن کي نه دوست نه درو، تنهن پنڌرهين سالن ۾ پنهنجي قابليت ۽ بهادريءَ سان پاڻ کي اُنهيءَ وقت جو سڀني کان مشهور سپه سالار ثابت ڪري ڏيکاريو. 44- مير قاسم ( 1761 عيسوي کان 1765 عيسوي تائين) 1- اڃا ڪلائيو هندستان ڇڏيوئي ڪين ته مير جعفر جون تڪليفون شروع ٿيون. شهزادو جو هينئَر شاه عالم ٻئي جو لقب وٺي شهنشاهه ٿيو هو، تنهن هيڪر وري اودهه جي نواب سان گڏجي بنگالي تي ڪاهيو. هن ڀانيو ته مير جعفر کان هينئَر حڪومت کسي وٺڻ تمام آسان ڳالهه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڀانيائين ته سندس لشڪر جا ماڻهو، جن کي ڳچ وقت کان وٺي مير جعفر کان پگهار مليو ئي ڪين هو، سي سندس پاران وڙهندا ئي ڪين. 2- انگريزن جي گورنر ويريءَ کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪپتان ناڪس جي حڪم هيٺ ٿورو لشڪر ڏياري مڪو. هن پاٽنا ۾ وڃي لڌن. شهر جي ڀر ۾ جنگ ٿي. ناڪس ۽ هن جي ماڻهن شاهه عالم ۽ شجاع الدوله کي جيتيو ۽ وري آيوڌيا ڏي لوڌي ڪڍيائون. 3- اِها ڳالهه بلڪل پڌري هئي ته مير جعفر بنگالي جي حڪومت نه ڪري سگهيو؛ تنهنڪري ڪلڪتي جي گورنر هن کي گاديءَ تان لاٿي ۽ هن جي ناٺيءَ مير قاسم کي سندس جاءِ تي نواب ٿاڦيائين. هن کي اُميد هئي ته هو چڱو حاڪم ٿيندو ۽ پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪري سگهندو. هن کي جو نوابي ملي، تنهنجي بدران هن ڪمپنيءَ کي بردوان، چٽگانگ ۽ مڊناپور اِهي ٽي ضلعا يا بنگالي جو ٽيون ڀاڱو ڏنو. 4- مير قاسم پهرائين پنهنجو راڄ چڱو هلايو. هن مير جعفر جو سڀ قرض لاٿو ۽ حڪومت جو جوڙجڪ ڪيو. هن جي مرضي هئي ته آءٌ مير جعفر وانگر رڳو نالي جو نه ، پر سچو پچو نواب ٿيان ۽ اڳين نوابن وانگين جيئَن وڻيم، تيئَن ڪريان. ٻٽي ورهيه هن گهڻو ڪشالو ڪري ڪن فرينچن جي مدد سان، جن کي هو تنخواه ڏيندو هو، پنهنجي لشڪر کي قواعد سيکاريو. پوءِ هن ڀانيو ته انگريزن، جن کيس گاديءَ تي وهاريو هو، تن جو وس کان پاڻ کي ڇڏايان ۽ اُنهن کي ملڪ مان پٽيءَ لوڌي ڪڍان. هن پنهنجي گادي مرشد آباد کان جو ڪلڪتي کان هڪ سَو مئل پنڌ تي هو ڦيرائي منگير ۾ وڃي ڪئي، جو ٽي سَو کن مئل پري هو؛ ڇاڪاڻ جو هن کي انگريزن جي ويجهو رهڻ نٿي وڻيو. جڏهين هن سمجهو ته مون جنگ ڪرڻ جيترو زور ورتو آهي تڏهين هنن تي ڪاهي وڃڻ لاءِ ڪو بهانو ڳولڻ لڳو. مير قاسم 5- جهيڙي جو ڪارڻ به سگهوئي پيدا ٿي پيو. پلاسيءَ جي جنگ کان پوءِ مير جعفر ڪمپنيءَ جي نوڪرن کي اجازت ڏني هئي، ته پنهنجو خانگي سامان محصول ڀرڻ کان سواءِ نديءَ تان ڀلي آڻين نين. ڪجهه وقت گذريو ته ڪمپنيءَ جي نوڪرن ۽ محررن پيسا وٺي ڏيهي واپارين کي موڪل ڏني ته سندن نالي تي هو پنهنجو سامان محصول ڏيڻ ڌاران سڀ ڪنهن هنڌ کڻي وڃن. مير قاسم هن دستور جي بند ڪرڻ ڪاڻ گهڻو مٿو هنَيو؛ پر ڳالهه مان وريو ڪين؛ تنهن ڪري هن ڇا ڪيو جو سڀ مال تان محصول وٺڻ بند ڪري ڇڏيائين، ته ڀلي سڀڪو وڃي بنا محصول واپار ڪري. پر اِها ڳالهه ڪمپنيءَ جي نوڪرن کي ڪين وڻي؛ ڇو جو هنن جو مطلب هو ته ٻين کي محصول ڀرڻو پوي ۽ کين نه پوي. 6- اسان کي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ايسٽ اِنڊيا ڪمپني واپاري ماڻهو ها، جنجو خاص مطلب هو ته اسين پنهنجي واپار مان کٽيو ڪريون. پنجن ورهين کان اڳي هنن کي هندستان ۾ پنهنجي ڪا زمين ڪانه هئي. هنن کي زمين وٺڻ جي مرضي ڪانه هئي؛ ۽ هنن جو هندستان ڏي لشڪر موڪليو سو رڳو پنهنجي بچاءَ لاءِ. هو پنهنجن نوڪرن کي مواجب تمام ٿورو ڏيندا ها. انگريزي محرر يا ليکاريءَ کي ڏيندا ها ڏهه رپيا کن مهنو ۽ ايجنٽ (گماشته) کي ڏيندا ها ويهارو کن رپيا ۽ واپاريءَ کي ڏيندا ها چاليهارو رپيا ۽ گورنر کي ڏيندا ها رڳا چار سَو رپيا مهنو. اهڙي ٿوري مواجب تي انگريز ڌارين ملڪ ۾ آسودا رهي نٿي سگهيا. پورائي ڪرڻ ڪاڻ ڪمپنيءَ اُنهن کي موڪل ڏني ته پنهنجي ليکي هندستان ۾ ڀلي واپار ڪن، پر اِنگلنڊ ڏي مال نه موڪلين. 7- اِنهيءَ ڪري سڀاويڪ ڪمپنيءَ جي نوڪرن کي ڪمپنيءَ جي فائدي کان پنهنجي فائدي جو اونو وڌيڪ هو. هو هندستاني واپارين کان سوکڙيون وٺندا ها ۽ ڪمپنيءَ کي جيڪو نئون ملڪ مليو هو تنهن جي حڪومت جو کين ڪوبه خيال ڪونه هو. ڪلائيو پاران جيڪي ٿورا قابل ماڻهو هوا تن پوريءَ طرح ڄاتو ٿي ته واپار هڪڙي ڳالهه آهي ۽ حڪومت ٻي ڳالهه آهي، ۽ ساڳيا ماڻهو واپار جو حڪم توڙي ملڪ جي انتظام جو ڪم هلائي ڪين سگهندا. اِئين پڻ ڄاتائون ٿي ته جنهن صورت ۾ انگريزن وڏا ملڪ هٿ ڪيا ها تنهن صورت ۾ ملڪ جي انتظام لاءِ کين اهڙا عملدار مقرر ڪرڻ گهرجن جن جو واپار سان ڪوبه لاڳاپو نه هئڻ گهرجي ۽ جن جا لوازما به چڱا چوکا هجن. پر اُنهن اوائلي وقت ۾ اِنگلنڊ جا واپاري، جي نه ڪڏهن هندستان ۾ آيا هوا ۽ نڪا ڪا خبر ئي هين ته ملڪ جي حڪومت ڪئن هلائجي، سي اِها ڳالهه محسوس ڪري ڪين سگهيا. شجاع الدولہ 8- پوءِ مير قاسم جنگ جو سانباهو ڪيو. هن شاهه عالم ۽ شجاع الدولہ کان مدد گهري ۽ چيائين ته ٽنهي جا لشڪر گڏجي پون ۽ انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍي ڇڏجي. پاٽنا ۾ جيڪي انگريز واپاري ها تن کي هن جهلي سوگهو ڪيو؛ ۽ پنهنجي عملدارن کي چيائين ته انگريزن کي جتي ڏسو اُتي نه ڇڏيون، ماري ناس ڪريون. 9- پوءِ ڪلڪتي واريءَ انگريزن جي ڪائونسل وري ٻيهر مير جعفر کي نواب ڪيو. ميجر اَئڊمس جيڪو لشڪر واندو ٿي سگهيو، سو سڀ پاڻ سان وٺي (ڇهه سَو کن انگريزي سولجر ۽ هڪ هزار سپاهي) ڪلڪتي مان روانو ٿيو. هن ٽن سخت جنگين ۾ مير قاسم جي تعليم ورتل لشڪر کي ٽوٽا چٻايا ۽ پوءِ هن جي گاديءَ جي هنڌ منگير تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. 10- مير قاسم هن جي پهچڻ تائين به ڪين ترسيو. هو منگير ڇڏي اَٿي پاٽنا ڏي ڀڳو. هتي هن انگريزي مهندار کي چوائي موڪليو ته جي ڪجهه اڳڀرو ايندين ته آءٌ سڀ باندي مارائي ڇڏيندس. پر اُنهن باندين ۾ مسٽر ايلس نالي جو مکيه ماڻهو هو، سو همت وارو ماڻهو هو ۽ هو مرڻ ڀَي ڪين ٿي ڊنو. هن ميجر ائڊمس کي لکي مڪو ته توهين ڀلائي ڪري هليا اچو، پوءِ جيڪي ٿيڻو هجي سو ٿئي. 11- ميجر ائڊمس اِئين ڪين ڀانيو هو ته مير قاسم اهڙو بي رحم ٿيندو ۽ بي هٿيار باندين کي مارائيندو. هو منگير تي چڙهي ڪري ويو ۽ اُهو وڃي ورتائين. بنگالو بهار ۽ اوڌه جڏهين مير قاسم کي هن ڳالهه جي سڌ پيئي، تڏهن هو جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ سندس حڪم سان سمرو نالي هڪڙيو نيچ جرمن، جو سندس نوڪريءَ ۾ هو، سپاهين جي لشڪر سان وڃي سڀ انگريزي باندي مارائي ڇڏيا. هيءُ ڀو جهڙو ڪم جو ”بلئڪ هول“ واري خون کان به بڇڙو هو، سو ”پاٽنا جو ڪوس“ ڪري سڏبو آهي. 12- انگريزن پوءِ ستت ئي پاٽنا ورتو ۽ مير قاسم اودهه ڏي ڀڄي ويو ۽ وڃي شاهه عالم ۽ شجاع الدولہ سان گڏيو. ٻن ٽن مهنن جي هيڏي هوڏي ڪوچ کان پوءِ ميجر منرو انگريزي لشڪر جو اڳواڻ سنه 1764ع ۾ بڪسار وٽ ٽنهي بادشاهن کي گڏيو ۽ اُنهن کي پٽيءَ ماري مات ڪيائين. پلاسيءَ جي جنگ کان پوءِ اُتر هندستان ۾ انگريزن جي اوائل جي تواريخ ۾، بڪسار جي جنگ تمام هاڪاري آهي. اِنهي جنگ ۾ انگريز دهليءَ جي مغل شهنشاهه جي سامهون ٿيا ۽ هن کي ڀڄائي ڪڍيائون؛ اِها ڳالهه جا ٿي تنهنجو پهريون گهمرو به اِهو ۽ پويون به اِهو. اِنهي جنگ ڪري انگريز اُتر هندستان ۾ سڀني کان وڏي پهچ وارا ٿي پيا. اڳي ڪلائيو هن تي ڪيترو مهربان هو، سا ڳالهه شاهه عالم کي ياد بيٺي هئي؛ تنهن ڪري هو وري به وڃي انگريزن جي پيش پيو. شجاع الدولہ ۽ وري ٻيو لشڪر گڏ ڪري موٽي آيو ۽ وري ڪوراهه وٽ شڪست کاڌائين ۽ پوءِ هن به پاڻ سونپيو. مير قاسم کي جو ڊپ هو ته منهنجي گناهن جي وير وٺڻ ڌاران مون کي ڇڏيندا ڪين، سو ڀڄي ويو ۽ وري ڪڏهين ٻڌڻ ۾ به ڪونه آيو. 45- لارڊ ڪلائيو ( 1765 عيسوي کان 1767 عيسوي تائين) 1- جڏهين مير قاسم سان جنگ ٿيڻ ۽ پاٽنا جي ڪوس جي خبر اِنگلنڊ ۾ پهتي، تڏهين ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ڪلائيو کي وري هندستان ڏي وڃڻ لاءِ چيو. اِنگلنڊ جي بادشاهه هن کي امير جو درجو ڏنو هو ۽ هو بنگالي جو گورنر ۽ فوج جو سپهه سالار ٿي آيو ۽ پوري اختياري مليس ته جئَن وڻيس تئَن ڪري. اُنهن ڏينهن ۾ اِنگلنڊ کان هنڊستان ڏي جا سمنڊ جي مسافري ٿيندي هئي، تنهن ۾ ورهيه کن لڳي ويندو هو؛ سو جيسين لارڊ ڪلائيو اچي پهتو، تيسين ويڙهه سڀ پوري ٿي چڪي هئي. 2- هو الہ آباد ويو، جتي شاهه عالم ۽ شجاع الدوله ٻئي انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ها ۽ ڪنهن به ڳالهه جي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا ها. عهدنامو ٿيو جو ”الہ آباد جو عهدنامو“ اِنهيءَ نالي سان پڌرو آهي، شجاع الدوله شاهه عالم ٿو ديواني ڪلائيو کي ڏئي کي لارڊ ڪلائيو سندس ملڪ اودهه موٽائي ڏنو؛ پر هن کي اِها ڳالهه مڃايائين ته جيڪا ويڙهه اُن وقت پوري ٿي چڪي هئي، تنهنجو سڀ خرچ هو ڀري ڏئي. شاهه عالم کي دواب يا جمنا ۽ گنا ندين جي وچوارو ڀاڳيو ملڪ ڏنائين. بنگالو ۽ بهار جو مير قاسم جو هو سو لارڊ ڪلائيو ڪمپنيءَ جو ڀاڱو ڪري پنهنجي هٿ ۾ رکيو؛ پر شاهه عالم کي مغل شهنشاهه ڪري پنجويہ لک رپيا ساليانو ڏيڻ باسيائين. شاهه عالم وري اُن جي عوض بنگالي، بهار ۽ اوڙيسا جي ديواني يعني سڀني پر جي ڍلن اُڳاڙڻ جو حق ڪمپنيءَ کي ڏنو. پر پويون علائقو اوڙيسا هو مرهٽن جي هٿ ۾ ۽ انگريزن اُهو گهڻي وقت کان پوءِ ورتو. نجم الدوله 3- مير جعفر هن کان اڳڀرو مري ويو هو. تنهن ڪري لارڊ ڪلائيو نجم الدوله هن جي هڪڙي پٽ کي ڪمپنيءَ جي زير تابع بنگالي ۽ بهار جو نواب مقرر ڪيو. هن کي ڪيترن ڏيهي عملدارن جي مدد سان ملڪ تي حڪومت هلائڻي هئي ۽ ڍلون سڀ انگريزن کي ڏيڻيون هيس. انگريزن کي ملڪ جي حڪومت ۾ ڪو دخل ڪونه هو؛ پر ملڪ جي بچاءَ لاءِ اُنهن لشڪر رکيو. 4- پويون ڪم جو لارڊ ڪلائيو ڪيو، سو هو ملڪي سَنَدي ڪامورن ۽ لشڪر جو سڌارو. ڪمپنيءَ جا نوڪر جو خانگي واپار ڪندا ها، سو سڀ هن بند ڪري ڇڏيو ۽ اُنهن کي ڏيهي ماڻهن کان سوکڙين يا بخشش وٺڻ جي منع ڪيائين؛ مگر ايترو سو ڪيائين جو اڳي جيڪا تنخواه ملندي هين، تنهن کان تنخواه گهڻو وڌائي ڏنائين، ته ڌنڌي واپار ڪرڻ ڌارانئي هو آسودا رهي سگهن. لشڪر کي گهڻي وقت لاڪر ٻيڻي تنخواه، جنهن کي ٻيڻو پتو ٿا چون، پئي مليو. هيءُ هن بند ڪيو ۽ لشڪر جو خرچ جو گهڻو هو سو گهٽايائين. 5- جنهن ڪم ڪرڻ لاءِ آيو هو سو پورو ڪري لارڊ ڪلائيو اِنگلنڊ ڏي موٽيو. هو هندستان ۾ 1744ع ۾ هڪڙو غريب محرر ٿي آيو هو. هتي اچي، فرينچن جي طاقت ٽوڙي، ڪئپٽن ڪلائيو جي عهدي سان اوڏهين موٽي ويو. وري اُتان 1756ع ۾ ڪرنل ڪلائيو جي عهدي سان ٻيو دفعو هندستان ۾ اچي، پلاسيءَ جي جنگ کٽيائين ۽ مدراس ۽ بينگال کاتن جو بنياد وڌائين. وري ٽيون دفعو 1760ع ۾ لارڊ ڪلائيو کان پوءِ برٽش انڊيا ڪلائيو جي لقب سان موٽي آيو ۽ پنهنجي جبري هٿ ۽ قوت ارادت سان لشڪر ۾ توڙي ملڪي سَنَدي ڪامورن ۾ سڌارو ڪيائين. اِهوئي مڙس هو هو اِئين ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ جا ملازم ٻئي ڪنهن جو ڪين ٻڌن ها. 6- جيتوڻيڪ هو سورمن ۾ سورمو هو؛ پر هو ڏاڍو مڙس ڪين هو. هو ضعيف ۽ روڳي هوندو هو ۽ وري هڪ پاسي هندستان جي گرمي ۽ ٻئي پاسي هن جو گهڻو ڏاکڙو ڪيو، تن باقي هن جي تدرستيءَ کي تمام گهڻو جهوري وڌو. هو اڃا پنجاهين ورهين جو ڪين ٿيو هو، ته هن اِنگلنڊ ۾ پاڻ گهات ڪري ڇڏيو. 46- احمد شاهه ابدالي 1761 عيسوي 1- بابر کان وٺي اورنگزيب تائين جيڪي مغل شهنشاه ٿيا سي پنهنجي شهنشاهت جي ٻين ڀاڱن سان گڏ افغانستان يعني ڪابل جي حڪومت تي پڪو ضابطو ڄمائيندا پي آيا ۽ پنهنجا سٺي ۾ سٺا لشڪر اُتان ڪڍندا پي رهيا. پر اورنگزيب جي وفات کانپوءِ ايران جي شاهه، افغانستان فتح ڪري پنهنجي حڪومت سان شامل ڪري ڇڏيو. 2- نادر شاهه جي مرڻ کان پوءِ افغان ايران جي ڏوريءَ کان نڪري ويا. هڪڙو افغان سردار احمد ابدالي نالي هو، تنهن کي ٻين سردارن پنهنجو بادشاهه ڪري ٿاڦيو. هن ڏٺو ته مغل شهنشاهت وڃي ترين ڀر ٿي آهي؛ تنهن ڪري هن ڀانيو ته هيڪر وري به ساري هندستان کي افغانن جي حڪومت هيٺ آڻيندس ۽ جئَن مغلن کان اڳ پٺاڻ بادشاهه راڄ ڪندا ها، تئَن آءٌ به دهليءَ ۾ راڄ ڪندس. 3- هن پنجاب وٺڻ سان 1752ع ۾ آرنڀ ڪيو؛ جنهن سال ۾ ڪپتان ڪلائيو آرڪاٽ ورتو ۽ هن جو بچاءُ ڪيو. پوءِ محمود غزنوي ۽ محمد غوري وانگر هو ڦرڻ ۽ مارڻ ڪاڻ پنهنجو لشڪر هندستان ۾ وٺي ويو. ڇهه ڀيرا ڪٺور افغان گهوڙي سوار خيبر جي دري کان لنگهي ماريندا ساڙيندا ۽ ڦريندا اُتر هندستان ۾ ڪاهي پيا. هو جتي جتي ويا، اُتي هندن جا مندر ڊاٺائون ۽ اُنهن کي پليت ڪرڻ ڪاڻ منجهن گئو ڪٺائون ۽ مرد زالون ۽ ٻار باندي ڪري وٺي ويا. 4- جڏهين بالاجي باجي راءِ مرهٽن جي ٽئي پيشوا ڏٺو ته افغانن جي سبب ڪري آءٌ اُتر هندستان ۾ چوٿ جي اُڳاڙي ڪري نٿو سگهان ۽ احمد شاهه سارو اُتر هندستان پيو فتح ڪري، تڏهين هن اِرادو ڪيو ته هن سان هڪ چوٽ کائي هن کي هندستان مان لوڌي ڪڍان. احمد شاهه ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي گاديءَ جي هنڌ ڪابل ڏي ويو هو ۽ پيشوا پنهنجي ڀاءُ رگهوناٿ راءِ يا راگهوبا جي هٿ هيٺ هڪ وڏو مرهٽن جو لشڪر دهليءَ ڏي ڏياري موڪليو. راگهوبا اوڀر پاسي پنجاب تي چڙهي ڪئي ۽ لاهور وڃي ورتائين. 5- جڏهين احمد شاهه کي اِها سڌ ملي، تڏهين هن افغانن جي وڏي لشڪر سان موٽي اچڻ ۾ ويرم ڪانه ڪئي. هن ستتئي راگهوبا کي تڙي ڪڍيو ۽ دهليءَ تي چڙهي ڪري ويو. هولڪر ۽ سنڌيا، جي هن کي روڪڻ ڪاڻ آيا ها، سي ڀڄايا ويا ۽ مالوا ۾ پنهنجن جاين تي موٽي ويا، پوءِ پيشوا سڀني پاسين پنهنجن سردارن کي چوائي مڪو ته پنهنجو لشڪر گڏ ڪن. هن راجپوتن کي چيو ته افغانن کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ هڪ ڏاڍي ڪوشش ڪرڻ ۾ اچي شامل ٿيو. گهڻا ساڻس اچي گڏيا ۽ مرهٽن ۽ راجپوتن جو وڏو لشڪر هندستان جي شهنشاهت لاءِ افغانن سان وڙهڻ واسطي نڪري اُٿي هليو. 6- ٻئي لشڪر 1761ع ۾ پاڻي پٽ واري وڏي ميدان ۾ اچي گڏيا. هن ساڳئي هنڌ تي 1526ع ۾ بابر ترڪي ۽ افغاني جوڌن جو اڳواڻ ٿي ابراهيم لوديءَ جي ڪٽڪ کي ڀڄايو هو. کلي جنگ جي ميدان ۾ هلڪن مرهٽن گهوڙي سوارن جي ڳري افغاني ترڪ سوارن جي لشڪر سان پڄڻ جي جاءِ نه هئي. وري به ڏکڻ جا ماڻهو اُتر وارن ماڻهن جي سخت حملي اڳيان بيهي ڪين سگهيا. مرهٽن جي ڀيانڪ ڪوس سان هار ٿي ۽ اُنهن جا ٻه لک ماڻهو ناس ٿي ويا. 7- جڏهين پيشوا هيءَ هيبت جهڙي خبر سڻي، تڏهين هن جي ڇاتي ڇڄي پيئي ۽ دک ۾ مري ويو. احمد شاهه هاڻي دهليءَ جي تخت تي ويهي سگهي ها، پر ڏسجي ٿو ته هن هڪ گهمرو وري پنهنجي ملڪ ڏي وڃڻ چڱو ڄاتو. 8- 1748ع وانگر 1761ع سال به هندستان جي تواريخ ۾ تمام پڌرو آهي. اُنهي ورهيه ۾ پانڊيچري جي هار جي ڪري ڏکڻ هندستان ۾ فرينچن جي طاقت ناس ٿي ويئي. دکن ۾ نظام علي نالي نئين نظام گادي هٿ آندي ۽ صلابت جنگ، جنهن کي فرينچن جي مهندار بُسيءَ جي مدد هئي، تنهن کي مارائي ڇڏيائين. افغانن احمد شاهه ابداليءَ جي هٿ هيٺ پاڻي پٽ جي جنگ ۾ مرهٽن کي چٽ ڪري ڇڏيو. ٽيو وڏو پيشوا مري ويو ۽ تنهن کان پوءِ جيڪو ٻيو پيشوا ٿيو، تنهن کي مرهٽن جي هن وڏيءَ شڪست پڄاڻا ٿوريائي ڪا طاقت باقي رهي هئي. اُنهي ساڳي ورهيه ۾ حيدر علي ميسور جو سلطان ٿيو. اُتر هندستان ۾ مير جعفر هن سال ۾ گاديءَ تان لٿو. مير قاسم بنگالي جو نواب ٿيو ۽ بردوان چٽگانگ ۽ مڊناپور جا ضلعا يعني سڄي بنگالي جي ٽي پتيءَ جيترو ملڪ ڪمپنيءَ کي ڏنائين. 47- مغل شهنشاهت جي پڄاڻي 1- محمد شاهه 1748ع ۾ مري ويو. جن مغلن کي ڪا اختياري هئي، تن مان هيءُ پويون هو. هئي ته هن جي طاقت به تمام ٿوري. پر جيڪا هئي، تنهن کي به وري 1739ع ۾ نادر شاهه هڻي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيو. هن کان پوءِ ٻه شاهزادا گاديءَ تي ٿاڦيا ويا، پر اُهي ٻئي رڳا نالي جا شهنشاهه ها. اُنهن ٻن مان هڪ جون اکيون نڪتيون ۽ ٻيو مارجي ويو. افغانن ۽ مرهٽن واري سان ساري اُتر هندستان ۾ حڪومت ڪئي. ماريل شهنشاهه جو پٽ جنهن کي شاهزادو چوندا ها، سو اودهه جي نواب شجاع الدوله وٽ ڀڄي ويو ۽ جئَن مٿي چيل آهي، هن سان گڏجي بنگالي تي ڪاهه ڪيائين؛ پر ڪلائيو ٻنهي کي لوڌي ڪڍيو. 2- پاڻي پٽ واريءَ موت مار جنگ کان پوءِ شاهزادو شاهه عالم جو لقب وٺي شهنشاهه ٿيو. شجاع الدوله سان گڏجي هن وري بنگالي تي ڪاهيو، پر ميجر ڪارنڪ وري هار جو منهن ڏيکاريس. هو اودهه ۾ رهندو هو؛ ڇاڪاڻ جو دهليءَ وڃڻ کان ڊنو ٿي. 3- ٽيو ڀيرو شاهه عالم ۽ شجاع الدوله بنگالي تي چڙهي ڪري ويا ۽ اُنهي گهمري مير قاسم به ساڻ هون. 1764ع ۾ هنن بڪسار وٽ پٽيءَ هارايو ۽ ٻئي سال لارڊ ڪلائيو الہ آباد جو عهدنامو ڪيو، جنهن موجب شاهه عالم ڪمپنيءَ جي لشڪر کي نگاه مان ٿو ڪڍي انگريزن شاهه عالم کي سندس گذران ڪاڻ 25 لکن رپين ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ هن الہ آباد ۾ سندن حفاظت هيٺ رهڻ قبوليو. هو بادشاهيءَ بنا بادشاهه هو. دهليءَ جي وڏي مغل شهنشاهت پوري ٿي ويئي. 4- پاڻي پٽ جي جنگ کان ڏهه ورهيه پوءِ مرهٽا اهڙو زور وٺي ويا، جهڙو اڳي هون. پر هاڻي سندن اڳواڻ پيشوا ڪين هو؛ مرهٽن سردارن ۾ سڀني کان زور وارو مهاداجي سنڌيا هو. هاڻي هن مهاراجا جو لقب ورتو. هن راجپوتانا جي سڀني راجپوت راجائن کان چوٿ وٺي ڇڏي. پوءِ هو دهليءَ تي چڙهي ويو ۽ شاهه عالم کي چيائين ته الہ آباد ڇڏي هلي دهليءَ ۾ مغلن جي تخت تي ويهه. انگريزن جي گورنر جي موڪل ڌاران ۽ هنن جي مرضيءَ جي اُبتڙ شاهه عالم اِئين ڪيو، جنهنڪري انگريز هن کي جيڪو 25 لک رپيا ساليانو ڏيندا ها سو وڃايائين. شاهه عالم پوڙهو کم کرو ۽ اکين سڄو 5- ڪيترن ورهين تائين سنڌيا شاهه عالم کي نظربند ڪري رکيو ۽ دهليءَ ۽ آگرهه جي چوگرد جيڪو ملڪ هو، يعني دهليءَ جي پراڻي بادشاهت تنهن تي هن جي نالي تي حڪومت پئي ڪيائين. پر جڏهين ڪيترا ورهيه لنگهي ويا، تڏهين ڪنهن ڪم جي سبب ڪري هو پنهنجي مکيه شهر گواليار ڏي موٽي ويو. اڃا هن پٺ ڏني ته روهيلن جي ملڪ جو هڪ افغان سردار دهليءَ تي ڪاهي پيو، محلات کي ڦريائين ۽ ويچاري پيرسن مغل شهنشاهه جون اکيون ڪڍائي ڇڏيائين. جڏهين سنڌيا اِها ڳالهه سڻي، تڏهين هو لشڪر وٺي موٽي آيو ۽ افغان کي ماريائين؛ پر شاهه عالم کي اکيون موٽائي ڪير ڏيئي سگهي؟ ويهه ورهيه پوءِ 1803ع ۾ انگريزن جي لشڪر دهلي ورتي، تڏهين ڏٺائون ته شاهه عالم جو انڌو ۽ پوڙهو هو، سو مرهٽن جي هٿ ۾ باندي ٿيو ويٺو آهي. هن کي آجو ڪيائون، گذران ڪاڻ گهڻو مواجب ٺاهي ڏنائنس ۽ سندس پراڻي محلات ۾ رهڻ جي رخصت ڏنائنس. 48- حيدر علي ميسور جي پهرين ويڙهه ( 1767 عيسوي کان 1769 عيسوي تائين) 1- ميسور ڪانيري لوڪن جو گَهُر آهي. سَوَن ورهين لاڪُرِ هندو راجائن اُن تي راڄ ڪيو هو ۽ دکن جا مسلمان سلطان اُهو ڪڏهن وٺي ڪين سگهيا ها. ڳچ وقت ته وجيه نگر جي بادشاهت جو ڀاڱو ڪري ليکبو هو؛ ۽ جڏهن 1565ع ۾ ٽاليڪوٽ جي مشهور جنگ کانپوءِ اُها بادشاهت ٽٽي پيئي تڏهن هڪڙو پاليگار يعني هڪ قلعي جو سردار اُهو ملڪ پنهنجو ڪري ويهي رهيو. 2- جنهن وقت محمد علي ڪرناٽڪ جو نواب ٿيو، اُنهيءَ وقت ڌاري حيدر علي نالي هڪڙو مسلمان سپاهي جو 1702ع ۾ ڄائو هو سو آهسته آهسته پڌرائيءَ ۾ ايندو ويو. هو نه لکي ڄاڻندو هو، نه پڙهي ڄاڻندو هو، پر هو سورهه ۽ هوشيار ماڻهو هو ۽ شروع ۾ ڌاريل هو. 3- اُنهيءَ وقت ميسور ۾ ڪا مضبوط پڪي حڪومت ڪانه هئي. شواجي ته اِهو ملڪ تلف تاراج ڪري ڇڏيو هو ۽ کانئس پوءِ مرهٽا سردار ۽ سندن ٽوليون هر سال ملڪ تي ڪاهون ڪري جتي ڪٿي وڃي چوٿ اوڳارينديون هيون. ميسور ۾ ڪئين ٽاڪرو قلعا آهن، جي اڪثر ڪري پاليگارن جي هٿ ۾ هوا، ۽ جيسين مٿن زور نه لڳايو ويندو هو، تيسين اُهي پاليگار ڪنهن کي به ڌَنُ ڀري نه ڏيندا ها. 4- حيدر علي سگهوئي ماڻهن جي هڪ ننڍي ٽولي گڏ ڪئي. اُنهن کي هو نقدي تنخواه ڪانه ڏيندو هو؛ پر ڦرلٽ مان ڀاڱو ڏيندو هون. هو ڳوٺاڻن جون رڍون، ڍور، اَن يا سامان ڦري کڻي ويندا ها ۽ هر هڪ سپاهي کي جيڪي هو چورائيندو هو، تنهنجو اَڌ ملندو هو ۽ باقي ملندو هو سندن مهندار حيدر کي. 5- ڪجهه وقت پڄاڻا حيدر اهڙو زور ورتو ۽ پاڻ وٽ ايترا ماڻهو گڏ ڪيائين جو ميسور جي هندو راجا هن کي نوڪريءَ ۾ رکيو ۽ سندس لشڪر جو خرچ پاڻ تي کنيائين. هو پيسن ۽ زور ۾ ڏينهان ڏينهن وڌندو ويو، ۽ چڙهندي چڙهندي نيٺ وڃي ميسور جي لشڪر جو سپه سالار ٿيو. اُنهيءَ وقت ڇا ٿيو جو نوجوان راجا جو پنهنجي چاچي سان، (جو قائم مقام هو) جهيڙو ٿي پيو. حيدر راجا جي طرف وٺڻ جو ڏيک ڪري قائم مقام کي هڻي ڊاهي وڌو؛ سموري اختياري پنهنجي هٿ ۾ آندائين ۽ پوءِ پاڻ تخت تي وهي رهيو ۽ هن ڳڀرو راجا کي کڻي بند ۾ وڌائين. 6- حيدر جي نوڪريءَ ۾ ڪي فرينچ ماڻهو هوا جن جي مدد سان پنهنجي لشڪر کي قواعد سيکاري، کين چڱا هٿيار پنوهار ڏيئي ٿوري ئي وقت ۾ تمام مضبوط لشڪر ٺاهي تيار ڪيائين. هن پوءِ حيدرآباد ۽ ڪرناٽڪ جي ڪن ڀاڱن تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. ميسور جي حڪومت سان سندس دل ڍاپي ئي نه ٿي اِن ڪري خيال ڪيائين ته مان سارو ڏکڻ هندستان فتح ڪريان. جيڪڏهن اِئين ڪري وجهي ها ته شڪ ئي ڪونهي ته وچ هندستان فتح ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري ها. 7- جڏهن ڏکڻ هندستان جي ٻين حاڪمن ڏٺو ته حيدر اهڙو زور وٺي ويو آهي ۽ اهڙي اُرهه زورائي ٿو ڪري، تڏهين هو ويچار ڪرڻ لڳا ته هن جي وڌندڙ زور کي روڪڻ جو وقت آهي. اُهي ٽي حاڪم ها نظام، مرهٽا ۽ انگريز. حيدر اُن وقت سوڌو انگريزن سان جنگ ڪا نه ڪئي هئي، پر هن ڪرناٽڪ جي نواب جا، جو سندن پناهه هيٺ هو، ڪيترا شهر ۽ قلعا ورتا هوا. جڏهين حيدر نظام تي جو انگريزن جو ساٿي هو، ڪاهه ڪئي، تڏهين مدراس جي گورنر نظام ۽ مرهٽن سان شامل ٿي، حيدر سان جنگ ڪرڻ جو انجام ڪيو ۽ هنن جي واهر ڪاڻ لشڪر ڏياري موڪليائين. پوءِ انگريزن جي فوج نظام جي لشڪر سان گڏجي ميسور ڏي ويئي ۽ بنگلور وڃي ورتائين. 8- حيدر اهڙو اياڻو ڪين هو، جو ٽن ويرين سان وڙهي؛ تنهنڪري هن مرهٽن کي گهڻو لب ڏنو، ته پنهنجي ملڪ ڏي موٽي وڃو ۽ هنن هڪدم اِئين ڪيو. 9- پوءِ هن نظام ڏي خط موڪليا ۽ چيائين ته جي توهين منهنجي پاسي ڏانهن ٿيندا، ته آءٌ توهان کي سڄي ڪرناٽڪ جي وٺڻ ۾ مدد ڪندس. نظام اهڙو ڪچو ڪم ڪيو، جو اِها ڳالهه کڻي قبوليائين ۽ انگريزن جي حيدر علي 10- ڪرنيل سمٿ پوءِ بنگلور ڇڏي وري مدراس ڏي روانو ٿيو؛ حيدر ستر هزار ماڻهن سان پٺيان پيس، جئن انگريز چندگام جي لڪ مان، جتان ميسور مان ڪرناٽڪ جي واٽ آهي، پئي لنگهيا، تئن حيدر وڃي مٿن پيو، پر گهڻيءَ هاڃيءَ پڄاڻا پٺتي موٽڻو پيس. اڃان به هن ڪرنيل سمٿ جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ ٽرنومليءَ وٽ وڏي جنگ ٿي، جنهن ۾ حيدر پٽيءَ هارايو ۽ اُٿي ڀڳو. 11- پوءِ نظام حيدر کي ڇڏيو ۽ جيترو پنس، اوترو تڪڙو حيدرآباد ڏي موٽي ويو ۽ انگريزن کي وڃي چيائين ته مون سان صلح ڪريو، جو اُنهن ڪيو. 12- حيدر سان جنگ آهسته آهسته ٻئي سال تائين پئي هلي. هيڏي هوڏي چل ڪوچ گهڻو ٿيو. پر حيدر ٻيءَ جنگ جو وت نه ساريو. نيٺ وڏي لشڪر سان تڪڙو ڪوچ ڪري سڌو ويو مدراس ۽ اُتي وڃي گورنر کي چيائين ته مون سان صلح ڪريو. 13- گورنر کي ويڙهه هلائيڻ ڪاڻ پئسو هوئي ڪونه. هن کي سڌ هئي ته جڏهين ڪمپني ڏسندي ته کين جيڪو کٽيو ٿيو، سو سڀ جنگ تي کپي ويو آهي ته هو راضي ڪين ٿيندا. ايترو وقت به ڪونه هوس جو بمبئي ۽ بنگالي جي گورنرن کان لکي صلاح پڇي؛ ڇاڪاڻ جو حيدر هڪدم ورندي ٿي گهري؛ تنهنڪري هن حيدر سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب هر هڪ ڌر جيڪو ملڪ فتح ڪيو هو، سو سڀ موٽائي ڏيڻو ڪيو ۽ ٻنهي طرفن هيءٌ انجام ڪيو ته جيڪڏهين اُنهن مان هڪڙي تي ڪو دشمن ڪاه ڪري آيو، ته ٻيو هن جو مددگار ٿيندو. 14- انگريزي گورنر جو عهدنامي جو ٻيو ڀاڱو قبول ڪيو تنهن ۾ هن وڏي بيوقوفي ڪئي ڇاڪاڻ ته کيس معلوم هوندو ته حيدر ڪنهن نه ڪنهن ڀرواري ملڪ سان جلدي ويڙهه ڪندو ۽ ويڙه کان ته اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني اصل ٽٺي ٿي. تنهن کان سواءِ بمبئيءَ ۾ جيڪي انگريز هوا سي شهر جي چوڌاري جيڪي مرهٽا رهندا ها تن سان دوستيءَ جو رستو رکيو ويٺا ها؛ ۽ جيڪڏهن مدراس وارا انگريز حيدر کي مرهٽن جي برخلاف مدد ڏين ها ته بمبئي ۾ جيڪي انگريز هوا، جنکي ڪوبه لشڪر ڪونه هو، تن تي يڪدم مرهٽا ڪاهي وڃن ها ۽ هو وڏي خطره هيٺ اچي وڃن ها. 49- ڪلائيو کانپوءِ بنگالي جي حڪومت ( 1765 عيسوي کان 1772 عيسوي تائين) 1- مٿي ڏسي آيا آهيون ته اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ڪلائيو کي حڪم ڪيو هو ته بينگال جي حڪومت جو ڪاروبار ڏيهي حاڪمن جي ئي حوالي ڇڏ. تنهن ڪري لارڊ ڪلائيو، مير جعفر جي هڪڙي پٽ کي حڪومت جي ڪاروبار سونپي. هن جي هٿ هيٺ ٻه نائب ها؛ هڪڙو بينگال ۾ ۽ ٻيو بهار ۾. اُهي ڍلون اُڳاري بينگال جي نواب کي پهچائيندا ها، ۽ هو وري کين توڙي سندن ملازمن کي مقرر لوازما ڏيندو هو. بنگالي کي افغانن ۽ مرهٽن کان بچائڻ لاءِ هڪڙو انگريزي لشڪر رکيو ويو. 2- هن ريت جي ٻٽي حڪومت اڌ انگريزي ۽ اڌ ڏيهي، ست ورهيه هلي پر بنہ ناڪامياب ثابت ٿي. هر ڪنهن اِها ئي ٿي ڪوشش ڪئي ته جيترو سگهو ٿي سگهي اوترو سگهو شاهوڪار ٿيان، ڇاڪاڻ جو نواب جي نوڪرن کي اِهو ڊپ هو ته اسين متان ڪنهين به ڏينهن موقوف ٿي وڃون. چڱيءَ ۽ مضبوط حڪومت هيٺ هر ڪو سرڪاري نوڪر پاڻ کي سلامت سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته کيس پڪ آهي ته جيستائين مان پنهنجو فرض بجاءِ ڪندس تيستائين منهنجي عهدي کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي ۽ جڏهن آءٌ ٻڍاپڻ جي ڪري ڪم نه ڪري سگهندس تڏهن مون کي پينشن ملندي. 3- هلندڙ وقت ۾ ساري هندستان ۾ هزارين هندستاني عملدار آهن جي پنهنجو ڪم بلڪل چڱيءَ طرح پيا ڪن، پر اُنهن سڀني کي پنهنجي ڪم جي چڱي سکيا مليل آهي. هينئَر ته قاعدا ۽ قانون مقرر ٿيل آهن جي هر ڪنهن کي ضرور مڃڻا آهن، جنهنڪري هر هڪ عملدار کي بلڪل پوريءَ طرح خبر آهي ته مون کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. هينئَر ڍلون واجبي ۽ مقرر ٿيل آهن ۽ سڀني کي اُنهن جي پوري خبر آهي جنهن ڪري به حاڪم يا گورنر ڪنهن به زيردست عملدار کي ماڻهن کان واجبي ڍلن کان وڌيڪ اوڳر ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيئي نه ٿو سگهي. 4- اڳئين وقت ۾ اهڙا پوريءَ طرح سکيا مليل عملدار هوائي ڪين. جئن ٿي حاڪمن کي وڻيو تئن ٿي قاعدا مٽايائون ۽ اڪثر ڪري ته ڪنهن کي خبرئي ڪانه ٿي پيئي ته ڪهڙو قاعدو عمل ۾ آهي. اڳيان جيڪي صوبا ها تن پنهنجي زيردست عملدارن کان حقي ڍلن کان گهڻو ڳريون ڍلون ٿي وصول ڪرايون. اِنهيءَ وصوليءَ مان ڪڇ حصو موڪليائون ٿي راجا يا نواب ڏي، پر ڳپل حصو رکيائون ٿي پنهنجي واسطي. جج (منصف) ته جتي ڪٿي رشوتون پيا وٺندا ها. ڪوبه سرڪاري عملدار پنهنجي پگهار تي راضي ڪين هو ۽ اِها ئي ڪوشش پيو ڪندو هو ته جيترو ٿي سگهي اوترو ماڻهن جي پيسي مان پنهنجو کيسو ڀريان. عملدار گهڻو ڪري مسلمان هوندا ها جن کي نواب مقرر ڪندو هو. 5- اِنهيءَ ڪري بينگال ۾ جيڪي پيسا ڏيهي حاڪم انگريزي گورنر کي موڪليندا ها تنجو انداز ويو سال به سال گهٽبو، ڇاڪاڻ ته عملدار ويا روز به روز وڌيڪ پيسو ڦٻائيندا. ايترو پيسو نه هو جو ڪري لشڪر جي خرچ جي پورائي ڪجي. ڪمپنيءَ کي واپار مان جيڪو فائدو هو سو ته لشڪر جي خرچ ۾ ئي لڳي ٿي ويو. ساڳئي وقت وري رعيت کي جيڪي موتمار ڍلون ڏيڻيون ٿي پيئون تن ته سندن خانو ئي خراب ٿي ڪري ڇڏيو ۽ هنن ويچارن ڪلڪتي جي گورنر ڏي دانهن پٺيان دانهون لڳائي ڏنيون، پر هو سندن ڪو تدارڪ ڪري ڪونه سگهيو. 6- ويتر 70-1769ع ۾ جو بنگالي ۾ ڀيانڪ ڏڪار پيو، تنهن هيڪاري براحال ڪيس. بنگالي جي ماڻهن جي ٽي پتي مري چٽ ٿي ويئي. نڪو ٿيو فصل ۽ نڪي ماڻهو ڍلون ڏيئي سگهيا. 7- اڄوڪي وقت ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو ڏڪار اچي پوندو آهي ته اُتي اَن جا انبار اَڳٻوُٽن جي رستي توڙي ريل جي رستي ٻين ملڪن مان آندا ويندا آهن، اِنگلنڊ ۽ آميريڪا جا ڀلا لوڪ مدد جو هٿ ڊگهيري وڏيون رقمون پهچائيندا آهن، ۽ انگريز سرڪار پڻ بکايلن کي کاڌو کارائيندي آهي. پر اَنهي وقت آگبوٽ ته هوائي ڪين ۽ جهاز به ڪي ٿورا ها؛ نڪي وري ڪي هيون ريلوايون؛ وري رستا به تمام ٿورا ها؛ ۽ اِنهيءَ ڪري ٻاهران ڪو به اَن اچي نه ٿي سگهيو. نواب جي سرڪار ته ماڻهن جي ڪابه مدد ڪا نه ٿي ڪئي. 50- وارن هيسٽنگس، بنگالي جو گورنر ( 1772 عيسوي کان 1774 عيسوي تائين) 1- بنگالي ۾ سڌاري ڪرڻ لاءِ ڪنهن هوشيار ماڻهوءَ جي گهرج هئي، ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ هڪڙو ماڻهو جو برابر اُنهيءَ جاءِ جو لائق هو. اُهو مسٽر وارن هيسٽنگس هو. هو ننڍو هو تڏهين ڪلڪتي ۾ 1750ع ۾ ليکاري ٿي آيو هو ۽ هڪ جاءِ تان وڌندو ويو ٻيءَ تي چڙهندو، تان جو نيٺ ڪمپنيءَ جي سڀني نوڪرن ۾ مکيه وڃي ٿيو. ڪلائيو جا جيڪي تمام ڀروسي جهڙا عملدار ها، تن مان هو هڪڙو هو ۽ جيتري هندستان ۽ ڏيهي ماڻهن جي هن کي سڌ هئي تيتري ٻئي ڪنهن کي ڪانه هئي. 2- هيسٽنگس کي چار ڪم ڪرڻا ها. کيس ڪمپنيءَ جي اُپت ايتري قدر وڌائڻي هئي جو اُن مان لشڪر توڙي سرڪار جو خرچ نڪري اچي. ساڳئي وقت کيس ڍلون هلڪيون ڪري اُنهنجو انداز گهٽائي غريبن جو سهنج ڪرڻو هو. سٺا قاعدا ۽ قانون پڻ ٺاهڻا هئس، جنهن ڪري عام ماڻهن کي شڪايت ڪرڻ جو ڪوبه سبب نه ٿئي. ازآن سواءِ کيس حيدر عليءَ سان ٻيءَ ويڙه ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ پيسو هڪيو تڪيو رکڻو هو، ڇاڪاڻ ته عالم آشڪار هو ته اُهو سردار ويڙه لاءِ تياري پيو ڪري ۽ ڪنهن به وقت انگريزن تي ڪاهي وڃي. 3- پهريائين جو هن ڪم ڪيو، سو هيءُ هو، جو بنگالي ۾ لارڊ ڪلائيو وارو ٻٽيءَ حڪومت جو دستور بند ڪيائين. جيڪي ڏيهي نواب ۽ نائب ها، سي ڪڍي ڇڏيائين ۽ بنگالي ۽ بهار جي هر هڪ ضلع ۾ انگريزي ڪليڪٽر مقرر ڪيائين، جو ڪليڪٽر به هو ۽ جج به هو. اُنهن جي مدد لاءِ پڙهيل هندو پنڊت مسلمان قاضي به مقرر ٿيا، جي هندو ڌرم شاستر ۽ محمدي شريعت سمجهائيندا ها. قاعدن قانونن جو به هڪڙو سهنجو مجموعو ٺاهيو ويو، جنهن مان سڀ ڪنهن کي سڌ پيئي ٿي ته مون کي ڇا مڃڻو آهي. گهڻيون ڍلون بند ٿيون. باقي جيڪي ٿوريون ڍلون رهيون، سي پوري وقت تي برابر ڏيڻ ۾ اينديون هيون. ڏيهي عملدار پئسا رهائيندا ڪين ها؛ تنهن ڪري پيدائش اڳي کان وڌيڪ ٿي. 4- شاهه عالم الهه آباد ڇڏي ويو، جتي هو انگريزن جي پناهه هيٺ رهندو هو ۽ مرهٽن جي راجا سنڌيا جي سڏ تي دهليءَ ڏي ڀڄي ويو؛ اُنهيءَ وقت 25 لکن جو مواجب جو شاهه عالم جي نالي تي سنڌيا ٿي گهريو، سو گورنر هيسٽنگس هڪدم بند ڪري ڇڏي؛ ڇاڪاڻ جو انگريزن کي ڇڏي وڃڻ ڪري اُنهيءَ ساڳئي وقت شاهه عالم پنهنجو حق اُن تان وڃايو هو ۽ مرهٽن جو اُن تي ڪو حق ڪونه هو. اِنهيءَ ريت ڪمپنيءَ تي 25 لک رپيا بچي پيا. 5- اُنهيءَ ساڳئي وقت دواب يا جمنا ۽ گنگا ندي جي وچوارو الهه آباد جو ضلع جو شاهه عالم جو هو، پر دهليءَ ڏي وڃڻ ۽ مرهٽن سان وڃي گڏجڻ ڪري وڃائي ڇڏيو هوائين، سو اودهه جي نواب شجاع الدوله کي مليو ۽ هن وري اُن جي عيوض ڪمپنيءَ کي 50 لک رپيا ڏنا. 6- تنهن کان پوءِ ستت ئي شجاع الدوله روهيلن سان ويڙهه ڪئي. روهيلا افغانن جي هڪڙي ذات هئا، جي ٿورن ورهين کان اڳي روهيلکنڊ ۾ جو اوڌهه جي اُتر اولهه هڪڙو ننڍڙو ملڪ آهي، اچي رهيا ها. هو ڪٺور ۽ جهنگلي ماڻهو ها، جي هندن کي ستائيندا ها ۽ اودهه جي نواب کي گهڻو هلاک ڪندا ها. نواب گورنر هيسٽنگس کي چيو، ته مون کي روهيلن سان وڙهڻ ڪاڻ انگريزي لشڪر جي مدد ڪريو، ته آءُ توهان کي اُن جي بدران چاليهه لک رپيا ڏيندس. روهيلن هارايو ۽ ڀڄي ويا ۽ سڄو ملڪ ٺهر ۾ آيو. اڳين حاڪم جي پٽ کي نواب مقرر ڪيائون ۽ هن جا پويان اڃا سوڌو رامپور جا نواب سڏبا اچن. افغان سپاهي سانتيڪا زمين جا آبادگار ٿي ويهي رهيا. وارن هيسٽنگس 51- وارن هيسٽنگس، پهريون گورنر جنرل ( 1774 عيسوي کان 1785 عيسوي تائين) 1- هيسٽنگس بنگالي جو گورنر مقرر ٿيو، تنهن کان ٻه ورهيه پوءِ اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جي ڪم ۾ گهڻي مٽ سٽ ٿي. بينگال ۾ ڪلائيو جي ٻٽيءَ حڪومت وارو انتظام جو ست سال هليو هو تنهن ڪمپنيءَ تي ٻه ملين پائونڊ قرض چاڙهي ڇڏيو هو. تنهنڪري هُنن انگريز سرڪار کي عرض ڪيو ته اسان کي اِنگلنڊ جي شاهوڪار ماڻهن کان هن پيسي جي اوڌر کڻڻ ۾ مدد ڪريو. انگريز سرڪار کين اِئين ڪرڻ ڏنو پر ساڳئي وقت هڪڙو قاعدو پاس ڪيائون جو ڪوٺيائون ”ريگيوليٽنگ ائڪٽ“. اِنهيءَ قاعدي موجب اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي هدستان ۾ جيڪي ملڪ هوا تنجي حڪومت لاءِ نوان قانون جوڙيا ويا. 2- اُنهيءَ قاعدي جي ڪري بنگالي جو گورنر سڄي برٽش اِنڊيا جو گورنر جنرل ٿيو ۽ اڳي هن جي مقرري ڪندي هئي ڪمپني، پر هاڻي اُها اِنگلنڊ جي وزيراعظم جي وسي ٿي. ڪلڪتي ۾ سپريم ڪورٽ (وڏي ڪورٽ) ٿي. ۽ اُنهيءَ ڪورٽ جا جج به اِنگلنڊ مان انگريز سرڪار مقرر ڪري موڪليا. 3- گورنر جنرل کي مدد واسطي چئن ميمبرن جي ڪائونسل ٿي، جن جي مقرري به اِنگلنڊ جي سرڪار ڪئي. 4- اِنگلنڊ ۾ حڪومت جي واڳ بادشاهه يا راڻيءَ ۽ ٻن وڏن مجلسن جي هٿ ۾ آهي؛ هڪ ۾ آهن اِنگلنڊ جا امير، ۽ اُن کي ڪوٺبو آهي هائوس آف لارڊس؛ ٻيءَ ۾ آهن رعيت جا چونڊيل عيوضي ۽ اُن کي ڪوٺبو آهي هائوس آف ڪامنس. اِنهن ٻنهي مجلسن کي گڏي ڪوٺبو آهي پارلمينٽ جنهن جي مٿان آهي اِنگلنڊ جو وزيراعظم. 5- هن وقت سوڌو واپارين جي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي هندستان ۾ جئن وڻندو هو، تئن ڪندي هئي ۽ انگريز سرڪار اُنهن جي ڪم ۾ هٿ ڪين وجهندي هئي. ڇو ته اُها رڳي واپارين جي جماعت هئي، پر هاڻي اُنهيءَ ڪمپنيءَ کي حڪومت جي واڳ هٿ ۾ هئي ۽ هندستان ۾ زمين جي وڏن ڀاڱن جي مالڪي ملي هيس ۽ ڏيهي راجائن سان جنگ ۽ صلح ڪندي هئي. تنهن ڪري اِها ڳالهه واجبي هئي ته اِنگلنڊ جي سرڪار جو مٿس ڪجهه اختيار رهي. 6- گورنر جنرل ۽ هن جي ڪائونسل کي مدراس ۽ بمبئيءَ جي گورنرن جي مٿان ڪري رکيائون؛ تنهن ڪري هنن جي منظوريءَ ڌاران هو جنگ يا صلح ڪري نٿي سگهيا. هن کان اڳي سڀ ڪنهن گورنر کي جئن وڻندو هو؛ تئن ڪندو هو ۽ هو رڳو اِهو خيال ڪندو هو، ته سندس علائقي لاءِ سڀ کان چڱي ڪهڙي ڳالهه آهي. هيءَ ضروري ڳالهه هئي ته ساري هندستان ۾ انگريز ساڳين ماڻهن جا سڄڻ هجن ۽ ساڳين ويرين سان وڙهن. 7- جيسين وارن هيسٽنگس اڪيلو گورنر هو؛ تيسين ڪم سنئون سوڌو پئي ٽريو؛ پر نئين ائڪٽ موجب جي هن جا چار صلاحڪار مقرر ٿيا ها، تن مان ٽي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ هن کي آڏو ايندا ها. اُهي صلاح ڪار تازا اِنگلنڊ مان آيل ها ۽ هن ملڪ جي ڪا به سڌ ڪانه هين. ۽ هيسٽنگس کي اُنجي سڀ خبر هئي. اُنهن مان هڪڙو جنهن جو نالو فرانسيس هو، تنهن کي هيسٽنگس سان حسد هو ۽ هن جو مطلب هو ته هن جي خرابي ٿئي ته آءٌ هن جي جاءِ تي گورنر جنرل ٿيان. اِنهي ڪري هو ٻين کي به پيو چوريندو هو. 8- فرانسيس آيو تنهن کان پوءِ سگهوئي هن هڪڙي بنگالي برهمڻ کي، جن هن جو نالو راجا نندڪمار يا نن ڪمار هو، گورنر جنرل تي ڪوڙين تهمتن رکڻ ڪاڻ کڙو ڪري بيهاريو. نندڪمار هيسٽنگس کي ڌڪاريندو هو؛ ڇاڪاڻ جو جڏهين بنگالي ۾ ڏيهي حڪومت هئي ۽ نندڪمار به اُنهيءَ حڪومت ۾ شريڪ هو، تڏهين ڪنهن ڏوهه ڪرڻ جي هن مٿس تهمت رکي هئي. پر نندڪمار پاڻ جعلسازيءَ جو ڏوهي ٺهرايو ويو ۽ ڦاهيءَ چڙهيو. هيسٽنگس سان ڇهه يا ست ورهيه چٽاڀيٽي هلائي پوءِ فرانسيس اِنگلنڊ ڏي ويو ۽ تنهن کان پوءِ وري هيسٽنگس کي ڪائونسل ۾ ڪو اٽڪاءُ ڪونه ٿيو. 9- جيسين هيسٽنگس گورنر جنرل هو، تيسين مرهٽن ۽ حيدر عليءَ سان ٻه ويڙهيون ٿيون. 52- مرهٽن سان پهرين ويڙهه ( 1778 عيسوي کان 1782 عيسوي تائين) 1- ڪلڪتي ۽ مدراس جي واپارين کي ته لاچار مسلمان ڏيهي حاڪمن سان ويڙهيون ڪرڻيون پيئون مگر بمبئيءَ جا واپاري ته رڳو واپار ۾ ئي مشغول هوا. اِنهيءَ جو مکيه سبب اِهو هو جو بمبئيءَ ۾ انگريزن تي ڪابه ڪاهه ڪانه ٿي. اسين مٿي ڏسي آيا آهيون ته ڪئن فرينچن مدراس ۾ انگريزن تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪئن انگريزن کي لاچار پنهنجي بچاءَ لاءِ اِنگلنڊ مان لشڪر گهرائڻو پيو. ڪلڪتي ۾ پڻ انگريزن تي سراج الدوله ڪاهي ويو ۽ اُتي پڻ کين پنهنجي بچاءَ ۾ ورهڻو پيو. 2- پر بمبئيءَ جي ڀرسان فرينچن کي پانڊيچريءَ يا چندرنگر وانگي ڪا مضبوط بيٺڪ ڪانه هئي. نڪو وري فرينچن کي هاڻي ڊيوپلي جهڙو عملدار ئي هو جو چاهي ته مان انگريزن کي هڪالي ڪڍان. آس پاس جيڪو ملڪ هو سو مرهٽن جي هٿ ۾ هو. نڪي مرهٽا انگريزن جي ڪم ۾، ۽ نڪي وري انگريز مرهٽن جي ڪم ۾ ڪا دست اندازي ڪندا ها. راگهوبا 3- ماڌواراءِ چوٿون پيشوا 1772ع ۾ جنهن ورهيه ۾ هيسٽنگس بنگالي جو گورنر مقرر ٿيو هو، مري ويو هو. هن کي پٽ ڪونه هو، تنهن ڪري گاديءَ تي ڪير وهي اُن بابت گهڻو تڪرار هليو. پهريائين هن جو ننڍو ڀاءُ ٿاڦيو ويو، پر هو سگهوئي مارجي ويو ۽ راگهوبا يا رگهوناٿ راءِ هن جي چاچي پاڻ کي پيشوا سڏايو. پر ٻيا مرهٽا سردار هن جي برخلاف ها ۽ پنهنجي سلامتيءَ لاءِ هن بمبئي سرڪار کان مدد گهري. 4- پوءِ بمبئيءَ جي گورنر 1785ع ۾ سورت ۾ عهدنامو ڪيو، جنهن موجب هن راگهوبا کي مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو ۽ هن جي عوض ۾ راگهوبا سندس مدد لاءِ موڪليل انگريز لشڪر جو خرچ ڏيڻو ڪيو ۽ سالسيٽ ۽ بسين جا ننڍا ٻيٽ جي بمبئيءَ جي ڀرسان ها ۽ هاڻي اُن جو ڀاڱو آهن سي به هن انگريزن کي ڏيڻا ڪيا. انگريزن گهڻا گهمرا اُنهن ٻيٽن جي خريد ڪرڻ لاءِ اڳين پيشوائن کي چيو هو، پر اُنهن وڪڻڻ جي نه ڪئي. نانا فرنويس 5- بمبئي سرڪار کي هن عهدنامي ڪرڻ کان اڳي نئين ائڪٽ موجب هند جي سرڪار کان پڇڻ گهربو هو، پر هن اِئين ڪين ڪيو. هنن اِنگلنڊ ۾ ڪمپنيءَ کي لکي موڪليو، ته اسان هيُ عهد نامو ڪيو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هند جي سرڪار اُنهيءَ عهدنامي جي خبر ٻڌي ۽ اُن جي منظوريءَ ڪرڻ کان اِنڪار ڪيائين. هنن وري 1776ع ۾ پرنڌر ۾ راگهوبا جي مدعين سان جن ۾ نانا فرنويس نالي برهمڻ مکيه هو، ٻيو عهدنامو ڪيو؛ هن به سالسيٽ انگريزن کي ڏيڻو ڪيو. پر اُنهيءَ وچ ۾ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي سورت واري عهدنامي جي خبر پيئي. سالسيٽ ۽ بسين جي ملڻ جو ٻڌي ڪمپني ڏاڍي خوش ٿي ۽ حڪم موڪليائين ته اِهو عهدنامو اَسان کي پسند آهي. 6- اُنهيءَ ڪري بمبئي سرڪار ۽ هند جي سرڪار کي راگهوبا واري پهرئين عهدنامي تي عمل ڪرڻو ضرور ٿيو. بمبئيءَ جو لشڪر راگهوبا کي پوني ڏي وٺي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو؛ پر سنڌيا جي حڪم هيٺ جو مرهٽن گهوڙي سوارن جو وڏو ڪٽڪ هو، تنهن پٺ تي هٽائي ڪڍين. ڪپتان پاپهم جنهن کي ڪلڪتي کان هيسٽنگس موڪليو هو ۽ جو سورهه عملدار هو، تنهن گواليار جو مضبوط قلعه، جو سنڌيا جو مکيه شهر هو، وڃي ورتو. ايتري ۾ مرهٽن ۽ حيدر عليءَ انگريزن سان وڙهڻ لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي هئي ۽ حيدر ڪرناٽڪ تي ڪاهه ڪئي هئي. پر سنه 1782ع ۾ حيدر مري ويو ۽ مرهٽن سردارن جن جو اڳواڻ نانا فرنويس هو، اِها ڳالهه ٻڌي ۽ صلح ڪيائون. 1782ع ۾ سالبي ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن موجب انگريزن ۽ مرهٽن انجام ڪيو ته اسين هڪ ٻئي جي دشمن کي واهر ڪين ڪنداسون. اَنگريزن سالسيٽ ۽ بسين پنهنجي هٿ رکيا ۽ راگهوباً کي مواجب جوڙي ڏنائون. 53- ميسور سان ٻي ويڙهه ( 1780 عيسوي کان 1784 عيسوي تائين) 1- حيدر عليءَ کي مدراس سرڪار تي ڏاڍي چر هئي جو هن جيڪا مرهٽن سان ويڙه ڪئي تنهن ۾ هنن کيس ڪا مدد ڪانه پهچائي هئي. هنن جو وري چوڻ هو ته هن مرهٽن تي ڪاهه ڪري اِها ويڙهه پاڻيهي پنهنجي سر تي آندي هئي ۽ هنن جو ساڻس انجام فقط اِهو هو ته هو کيس مدد تڏهن پهچائيندا جڏهن ڪا مٿس ڪاه ٿيندي. اِنهيءَ کان سواءِ بمبئيءَ سرڪار جو مرهٽن سان دوستيءَ جو رستو هو ۽ اِنهيءَ ڪري انگريز ساڻن وڙهي نه ٿي سگهيا. 2- ڏهن ورهين سوڌو حيدر علي انگريزن سان صلح ۾ رهيو. اِنهيءَ وچ ۾ هو ڏينهان ڏينهن زور وٺندو ويو. هن سڀني پاليگارن، ميسور ۽ ملبار ۽ ڪانارا جي راجائن کي ماري مڃايو هو. هن وٽ يورپي ماڻهن جي تعليم ڏنل وڏي فوج، هڪ سو توبون ۽ چئن سَون فرينچ ماڻهن جو هڪ ننڍو دفعو ها. 3- 1778 عيسوي ۾ يورپ ۾ فرانس ۽ اِنگلنڊ جي وچ ۾ وري ويڙهه لڳي. اِنهيءَ تي انگريزن وري پانڊيچري هٿ ڪئي ۽ ماهي بندر (جو اُلهندي ڪناري تي فرينچن جو بندر هو) جي هٿ ڪرڻ واسطي خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ جي رستي لشڪر موڪليائون. ماهي آهي ملبار ۾ ۽ ملبار وري هو حيدر جي قبضي ۾. يورپ کان جيڪو سامان سرو گهرائيندو هو سو اِنهيءَ بندر تي ايندو هوس ۽ هن انگريزن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اوهين ماهي وٺندؤ ته آءٌ سارو ڪرناٽڪ ناس ڪري ڇڏيندس. انگريزن ماهي ورتي ۽ حيدر پنهنجي ڌمڪي سچي ڪري ڏيکاري. 4- هن کي اِها سڌ هئي ته انگريزن جي مرهٽن سان جنگ لڳي پيئي آهي ۽ هن ڀانيو ته اِنهيءَ ڪري مدراس فتح ڪرڻ سولو ٿيندو. هن ڳجهيءَ طرح نظام ۽ مرهٽن ڏي لکي موڪليو ته انگريزن کي ڏکڻ هندستان مان لوڌي ڪڍڻ ۾ مون کي مدد ڏيو ۽ پوءِ سنه 1780ع ۾ هڪ لک ماڻهن سان طوفان وانگر ڪرناٽڪ تي اچي نيون. سارو ملڪ ڪشنا نديءَ کان وٺي ڪاويري نديءَ تائين چٽ ڪري ڇڏيائين. ڳوٺن کي باهه ڏياريائين، فصل ناس ڪريائين، ڍور ڪهرائي ويو، مڙس مارائي ڇڏيائين ۽ زالون ۽ ٻار باندي ڪري وٺي ويو. حيدر جي هن ڪٺور ڪاهه ڪري ملڪ ۾ وڏو ڏڪار پئجي ويو، جنهن جون پنجاهه ورهيه پوءِ ڳالهيون پئي هليون. 5- وارن هيسٽنگس ڏٺو ته مدراس وڏي خطري ۾ آهي. کيس ٽيٽ پئجي ويئي ته حيدر ڳجهه ڳوه ۾ مغل شهنشاهه کان پنهنجي لاءِ نظام جي ملڪ جي سَنَد وٺي ڇڏي آهي جيتوڻيڪ ٻاهران ته اِئين پئي ڏيکاريائين ته مان نظام جو وڏو سنگتي آهيان. هيسٽنگس نظام کي اِنهيءَ ڳالهه کان واقف ڪيو جنهن تي هو يڪدم حيدر جو طرف ڇڏي ويو هليو. 6- مدراس جو گورنر جنگ لاءِ تيار ڪين هو. انگريزي سپاهين جون ننڍيون ننڍيون ٽوليون ساري ملڪ ۾ پکڙيل هيون. ڪرنيل بيلي جي هٿ هيٺ ٿورو لشڪر اُتر سرڪار مان مدراس جي واهر ڪاڻ پئي ويو، تنهن تي حيدر وڏي لشڪر سان پاليلور وٽ اچي اوچتي ڪاهه ڪئي. ڪرنيل بيلي هو پريو مڙس ۽ هيڻو، ڪلائيو وانگر بهادر ۽ چالاڪ ڪين هو. هن سمجهو ته منهنجا سپاهي آهن ٿورا، سي هيڏي لشڪر سان وڙهي ڪين سگهندا. ۽ سندس ماڻهن کي وڙهڻ جو چاهه هو، پر حيدر جو انجام ڪيو ته آءٌ اُنهن جي جان بچائيندس، تنهن تي ڀروسو رکي هن ناداني ڪري پنهنجن ماڻهن کي چيو ته هٿيار کڻي رکو. اِهو انجام بي ايمان حيدر نه پاڙيو، اڪثر قيدي بنا ڪهل مارجي ويا ۽ ڪي ميسور ۾ قيد وجهڻ لاءِ اوڏاهين موڪليا ويا. ٻيو ننڍو لشڪر ڪرنيل بريٿ ويٽ جي حڪم هيٺ آيو؛ اُنهيءَ سان به ساڳي اِها ڪار ٿي. سر آئرڪوٽ 7- پر سر آئرڪوٽ وانڊيواش جو سورمو نئون لشڪر وٺيو بنگالي کان پئي آيو. هو سنه 1781ع ۾ حيدر جي لشڪر سان پورٽونوو وٽ اچي اٽڪيو ۽ هن جي سڄي لشڪر کي شڪست ڏنائين ۽ وري پاليلور وٽ اُنهيءَ ساڳيءَ ڌرتيءَ تي، جتي ڪرنيل بيلي جو لشڪر اڳين سال ۾ مارجي ٽڪر ٽڪر ٿي ويو هو، وري شولنگر وٽ ۽ تهان پوءِ وري ٻئي سال ۾ آرنيءَ وٽ هن کي شڪست ڏنائين. 8- هن کان پوءِ ستت ئي حيدر علي مري ويو. انگريزن هن جي پٽ ٽيپوءَ سان سن 1784ع ۾ منگلور ۾ صلح ڪيو. ٻنهي طرفن جيڪو ملڪ ۽ شهر کٽيا ها، سي هڪٻئي کي موٽائي ڏنائون ۽ انگريزن جا جيڪي ميسور ۾ باندي ها، سي ڇٽا. 54- بورڊ آف ڪنٽرول (مٿان اختياري هلائيندڙن جي جماعت) 1784 عيسوي 1- ميسور ۽ مرهٽن سان جنگ تي گهڻو ناڻو لڳي ويو هو ۽ هيسٽنگس کي ڪنهن نه ڪنهن هنڌان اُهو ناڻو ڪڍڻو هو. جيتوڻيڪ حيدر سان جا جنگ ٿي هئي، سا ڪرناتڪ جي بچاءُ ڪاڻ ٿي هئي؛ پر ڪرناٽڪ جي نواب محمد عليءَ وٽ نالي ڪاڻ هڪ رپيو ڪونه هو جو کڻي ڏئي؛ ڇاڪاڻ جو ملڪ اُجاڙ ٿي پيو هو، ڏڪار رڻ مچائي ڏنو هو ۽ غريب ماڻهو ڪا ڍل ڏيئي نٿي سگهيا. 2- جڏهين مدراس مان ناڻهو ملي نٿي سگهيو تڏهين هيسٽنگس اودهه جي نواب شجاع الدوله جي پٽ کي چيو ته مٿس ڪمپنيءَ جو جيڪو ڳرو قرض لهڻل آهي سو ڏئي. نواب چيو ته رياست جو جيڪو ناڻو پڻس ڇڏي ويو هو، سو سڀ ماڻس ۽ ڏاڏيس، جي اودهه جون بيگمون سڏبيون هيون، کڻي ويئون اهن. هن هنن کان پئسن وٺڻ جي موڪل گهري. هن کي موڪل ملي، بيگمن کان ناڻي ڇڏائڻ لاءِ نواب اُنهن ۽ سندن نوڪرن سان تمام بي رحميءَ جي هلت ڪئي. اُن ۾ هيسٽنگس جو ڪو ڏوهه ڪونه هو، پر ان جي اڳوڻي دشمن مسٽر فرانسيس جو چوڻ هو ته هن جو ڏوهه هو. 3- پوءِ هيسٽنگس چيت سنگهه بنارس جي راجا کان ڪجهه پئسن جي مدد گهري. هن کي انگريزن گاديءَ تي وهاريو هو ۽ هو اُنهن کي ڏن ڀريندو هو. جنگ جي وقت هنن کي مدد ڏيڻ مٿس فرض هو؛ ڇاڪاڻ جو مرهٽا جي انگريزن جا ويري ها، سي سندس به ويري ها ۽ جي انگريزن جي لشڪر جو سبب نه هجي ها، ته هو سندس ملڪ وٺي وڃن ها، يا کائونس چوٿ وٺي ڇڏين ها. راجا جيتوڻيڪ ڏاڍو ڌن وارو هو، تب هن ڪجهه ڏيڻ جي نه ڪئي. هيسٽنگس هن کان پئسن وٺڻ لاءِ بنارس ويو. هن ۽ بنارس جي ماڻهن فساد کڻي مچايو، ۽ هيسٽنگس ذري گهٽ مارجي ويو هو. چيت سنگهه گاديءَ تان لاٿو ويو ۽ سندس ڀائٽيو راجا ٿاڦيو ويو. هن ڳالهه ۾ به مسٽر فرانسيس جو چوڻ هو ته هيسٽنگس جو ڏوهه هو. 4- مسٽر فرانسيس اِنگلنڊ ڏي ويو ۽ اُتي وارن هيسٽنگس جي ڪمن جي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي وڃي دانهن ڏنائين. ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن سمجهو ته جيڪي مسٽر فرانسيس چوي ٿو سو سچ آهي ۽ هنن گورنر جنرل کي سخت عتاب ڏنو. وارن هيسٽنگس پوءِ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو ۽ موٽي اِنگلنڊ ڏي ويو؛ اُتي انگريزن جي پارليمينٽ اڳيان سندس دريافت هلي. سڄا ست ورهيه دريافت پئي ٿي، پر نيٺ وارن هيسٽنگس تي جيڪي تهمتون هيون، اُنهن سڀني کان بي ڏوهو ٺهرايو ويو. 5- ايتري ۾ مستر پِٽ اِنگلنڊ جي وزيراعظم هڪڙو نئون قاعدو منظور ڪرايو، جنهن کي پِٽ وارو هندستان جو بل (قاعديجو مسودو) چوندا ها. 6- هن نئين قاعدي موجب مٿان بورڊ آفڪنٽرول، يعني اختياري هلائڻ واري جماعت ٺهي. اُنهيءَ سڀا ۾ ڇهه ڄڻا مقرر ٿيا، جنجو ڪم هو هندستان جي حڪومت جي ڪم تي نظر رکڻ. ڪنهين به هندستان جي راجا سان جنگ يا صلح انگريزن جي پارليمينٽ جي منظوريءَ ڌاران نٿي ٿي سگهيو. هن 1784ع کان وٺي برٽش اِنڊيا ۾ سچ پچ حڪومت انهيءَ مٿان اختياري هلائيندڙ سڀا جي ٿي ۽ نه اڳين وانگر ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جي. 55- لارڊ ڪارنوالس بيو گورنر جنرل ( 1786 عيسوي کان 1793 عيسوي تائين) 1- ٻيو گورنر جنرل لارڊ ڪارنوالس هڪڙو انگريزي امير ٿيو، جو اڳي ڪڏهين هندستان ۾ ڪونه آيو هو. هن کي تمام سيگهه ۾ ميسور سان جنگ ڪرڻ لاءِ سانباهو ڪرڻو پيو. لارڊ ڪارنوالس 2- ٽيپو جنهن کي حڪومت ڪندي هاڻي اَٺ ورهيه ٿي ويا ها، تنهن ملبار ۽ ڪرگ ۽ ميسور جي آسپاس وارا ڪي ٻيا ملڪ فتح ڪيا ها. هو آڪڙ ۾ ڦونڊجي ويو ۽ ڀانيائين ته مون جهڙو زور وارو بادشاهه ٻيو هندستان ۾ ڪونهي. اورنگزيب وانگر جيڪي ماڻهو هن جيتيا، تن کي زور سان ملسمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. گهڻن کي جن اِنڪار ڪيو مارائي ڇڏيائين. هو انگريزن کي ڌڪاريندو هو ۽ کليو کلايو ٻول ڪيو هوائين ته ڪنهن ڏينهن انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍندس. 3- نيٺ هن ٽراونڪور تي ڪاهه ڪئي. اُنهيءَ ملڪ جو راجا انگريزن جو دوست ۽ ساٿي هو ۽ هن هنن کي منت ڪئي ته مون کي ٽيپوءَ کان بچايو. گورنر جنرل برٽش انڊيا ڪارنواس جي ڏينهن ۾ 1792ع هن کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ نظام ۽ مرهٽن کان لکي پڇيائين ته توهين اسان سڀني جي عام دشمن سان جنگ ڪرڻ ۾ اسان سان گڏبو يا ڪئَن؟ اُهي خوشيءَ سان انگريزن جي پاسي اچي ٿيا. پوءِ ٽيپوءَ کي چيائون ته ٽراونڪور جي راجا کي ڇڏي ڏي ۽ جڏهين هن اِئين نه ڪيو، تڏهين جنگ جو ڏئنڪو لڳو. ميسور سان انگريزن جي هيءَ ٽين ويڙهه هئي. ٽيپو 4- جئَن ڏهه ورهيه اڳي حيدر ڪيو هو، تئَن هن هڪدم ڪرناٽڪ کي اُجاڙ ڪيو ۽ لارڊ ڪارنوالس پنهنجي سر ڪلڪتي کان انگريزي لشڪر جو اڳواڻ ٿيڻ ڪاڻ مدراس ۾ آيو. هو ميسور جي ملڪ ڏي چڙهي ويو ۽ بنگلور وڃي ورتائين. نظام ۽ مرهٽن جي فوجون موڪليون، سي بلڪل ڪنهين ڪم جون ڪين هيون، هو وڙهن ڪين، مگر ملڪ ڦرڻ ڪاڻ سو ڊوڙ پيا وڃن؛ انِهي ڪري سچو پچو ڏکيو ڪم جيڪو ڪرڻو هو، سو سڀ انگريزي لشڪر کي ڪرڻو پيو. 5- لارڊ ڪارنوالس بنگلور جي لڳ ڪيترا مضبوط قلعه ورتا ۽ پوءِ آهستي آهستي سرينگاپٽم تي چڙهي ڪري ويو، ٽيپوءَ جي ساري لشڪر هارايو ۽ شهر ۾ تڙجي ويو ۽ شهر جي ڀتين تي توبن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. ٽيپوءَ ڏٺو ته قلعو ڌڪ ڪين جهليندو ۽ تمام سگهو وٺجي پوندو؛ تنهنڪري هن ڪهڙن به شرطن تي صلح گهريو. 6- پوءِ ٽيپوءَ انگريزن ۽ هنن جي ٻن ساٿين جي وچ ۾ سرينگاپٽم جو عهدنامو ٿيو. ٽيپوءَ کي پنهنجي ملڪ جو اَڌ، جنگ جي خرچ بابت ٽي ڪروڙ رپيا تنهن مان اڌ هڪدم ۽ اڌ ڪجهه وقت کان پوءِ ڏيڻا ٿيا ۽ جيسين سڀ پئسا ڏئي تيسين پنهنجا ٻه پٽ اول ۾ موڪلڻا ٿيس. 7- ٽيپوءَ کان جيڪو ملڪ مليو سو انگريزن، نظام ۽ مرهٽن برابر ٽي پتيون ڪري ورهائي ورتو، اگرچ واجبي ڪري پوين ٻن جو ڪجهه حق نه هو. انگريزن جي ڀاڱي ۾ آيو اُلهندي ڪناري وارو ملبار جو ملڪ ۽ ڪرناٽڪ جا اُهي ضلعا جن کي سليم ۽ مدورا ٿا سڏين. 8- بنگالي ۾ زمين تي ڍل ڪئن وٺجي، تنهن جو لارڊ ڪارنوالس ٺهراءُ ڪيو. مغل جي بادشاهيءَ ۾ زمين زميندارن کي ٺيڪي ڪري ڏيندا ها. اُهي نواب کي مقرر ڍل پهچائي ڏيندا ها ۽ پوءِ ماڻهن کان پنهنجي ڍل اُڳارڻ جي محنت جي عيوض جيترو وڌيڪ وڻندو هون اوترو وٺندا ها. زمين شهنشاهه جي ملڪ هوندي هئي ۽ زميندار ڄڻ ته سندس رڳا مواجب دار نوڪر ها. هو ماڻهن کي ٻانها ڪري ڀانئيندا ها ۽ اُنهن سان ڏاڍي بيرحميءَ جي هلت ڪندا ها. هو ماڻهن کان پنهنجي ڪاڻ ايترا پيسا وٺندا ها، جو ويچارا ڳوٺاڻا ڏاڍا تنگ هوندا ها ۽ سڀني پاسي انگريز سرڪار کي دانهوڙ لڳي ويئي. 9- اُنهن سڀني دانهن ڪوڪن بند ڪرڻ ۽ ماڻهن تان ايذاءُ لاهڻ لاءِ لارڊ ڪارنوالس هر هڪ زميندار کي اوتري زمين انعام ڏني جيتريءَ تان هو ڍل وٺندو هو. اِنهي ڪري اُها زمين ٿي هن جي پنهنجي. اِنهيءَ ريت لارڊ ڪارنوالس زميندارن جو هڪڙو دفعو بڻايو، جي اِنگلنڊ جي اميرن وانگر هاڻي زميندارين جا مالڪ ٿيا ويٺا آهن. هنن ماڻهن پنهنجون زمينداريون نڪي ڳڌيون ۽ نڪي فتح ڪري ورتيون. اُنهن کي اُهي انگريز سرڪار کان مفت بخشش طور مليون. 10- لارڊ ڪارنوالس سڀني معاملن نبيرڻ لاءِ هر هڪ ضلع ۾ هڪ جج ۽ ڍلن اُڳاڙڻ لاءِ هڪ ڪليڪٽر مقرر ڪيو. لارڊ ڪلائيو اِهي ٻئي ڪم هڪڙي عملدار تي رکيا ها؛ پر معلوم ٿيو ته هڪڙي ماڻهوءَ کان اِنهن ٻنهين قسمن جا ڪم برابر هلي ڪين ٿي سگهيا. 56- سر جان شور، ٽيو گورنر جنرل (1793 عيسوي کان 1798 عيسوي تائين) 1- ٽيو گورنر جنرل سر جان شور ڪلڪتي ۾ ڪمپنيءَ جو (سِوِل سروَنٽ) سَنَدي مُلڪي نوڪر هو. هو پنج ورهيه گورنر جنرل هو ۽ هن جي وقت ۾ انگريزن ڪا جنگ ڪانه ڪئي ۽ نڪا برٽش اِنڊيا جي حڪومت رانيءَ ۾ ڪا مٽ سٽ ٿي. 2- اِنگلنڊ جي سرڪار سخت حڪم موڪليو هو ته گورنر جنرل ڪنهين به ڏيهي راجا سان ڪنهين به ريت دست اندازي نه ڪري. هنن جي مرضي هئي ته هر هڪ حڪومت جئَن اُن وقت هئي، تئَن رهي، نه وڌيڪ زور وٺي ۽ نه ڪم زور ٿئي ته اِنهي ڪري سڀ ڪنهن هنڌ صلح رهي. 3- پر نظام مرهٽن ۽ ٽيپوءَ جو مطلب نه هو ته ڪو صلح هجي. ٽيپوءَ جي مرضي هئي ته منهنجي طاقت جا ويئي آهي، سا وري حاصل ڪريان. مرهٽن جو مطلب هو ته ٽيپوءَ نظام ۽ هندستان ۾ ٻئي سڀ ڪنهن کان اسين چوٿ وٺون. ۽ نظام جي مراد هئي ته مرهٽن سان وڙهڻ ۾ انگريز مون کي مدد ڏين. 4- جڏهين مرهٽن ڏٺو ته انگريز نظام کي واهر نٿا ڪن، تڏهين هن کان چوٿ گهريائون، جا گهڻن ورهين کان هن نه ڏني هئي. نظام هنن کي چوٿ ڏيئي نٿي سگهيو؛ ڇاڪاڻ جو پئسو ڪونه هوس ۽ نڪا هنن سان وڙهڻ جي طاقت هيس. اِنهيءَ ڪري هن گورنر جنرل ڏي لکيو، پر سر جان شور ورندي ڏنيس ته آءٌ مدد ڏيئي ڪين سگهندس. 5- پوءِ پيشوا ٻين مرهٽن سردارن کي چوائي موڪليو ته نظام تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ مون سان اچي گڏجو. اُهي سڀ گواليار، اِندور، گجرات ۽ برار کان لشڪر وٺي آيا. وڏو ڪٽڪ اچي ڪٺو ٿيو ۽ سموري زور سان نظام تي اچي ڪڙڪيو. سنه 1795ع ۾ ڪردلا وٽ وڏي جنگ ٿي ۽ نظام اُن ۾ هارايو. هن کي پنهنجي ملڪ جو اَڌ مرهٽن کي ڏيڻو پيو ۽ ٻئي اَڌ تان سدائين چوٿ ڏيڻ جو انجام ڪرڻو ٿيس. 6- پر ڦُرِ مان هر هڪ کي ڪيترو ڀاڱو ملي، تنهن لاءِ مرهٽن سردارن جو اچي پاڻ ۾ جهيڙو لڳو ۽ پيشوا، سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ ۽ ڀونسلي اِهي سڀ ٻٽي ورهيه پاڻ ۾ پئي وڙهيا. 57- مارڪئس ويلسلي، چوٿون گورنر جنرل (1798 عيسوي کان 1805 عيسوي تائين) 1- مارڪئس ويلسلي ٻئي گورنر جنرل هندستان ۾ انگريزن جي طاقت سڀني کان وڌيڪ ڪئي. هن جو ننڍو ڀاءُ ڪرنيل ويلسلي جو همت وارو جوڌو هو ۽ جو پوءِ سر آرٿر ويلسلي ۽ تهان پوءِ ڊيوڪ آو ويلنگٽن ۽ اِنگلنڊ جو وزيراعظم ٿيو سو ساڻس گڏجي آيو. لارڊ ويلسلي ڪو واپاري ڪونه هو ۽ کيس واپار توڙي نفعي جو ڪوبه خيال ڪونه هو. هو وڏي درجي جو هڪ انگريزي امير هو ۽ هندستان ۾ جو حڪومت هلائڻ لاءِ آيو سو نه ڪمپنيءَ جي فائدي لاءِ پر خاص ملڪ جي ڀلي ڪاتر. 2- ڪٽنب ۾ سڀيئي ٻار ڪٽنب جي وڏي يعني پيُ کي مڃيندا آهن ۽ هو اُنهن کان جيڪي واجبي هوندو آهي سو ڪرائيندو آهي؛ جيڪڏهين ڪو ٻار غلط ڪم ڪندو آهي ته پيُ هن کي سيکت ڏيندو آهي. هو پنهنجن ٻارن جي سنڀال ڪندو آهي، اُنهن کي ايذاءَ کان بچائيندو آهي ۽ اُنهن کي چوندو آهي ته هيءُ ڪم ڪريو ۽ هيءُ نه ڪريو. 3- اِنهيءَ ساڳيءَ ريت چڱيءَ بادشاهت ۾ ماڻهو بادشاهه جو چيو ڪندا آهن، جئَن ٻار پنهنجي پيُ جو چيو مڃيندا آهن. هو پنهنجن ماڻهن کي ايذاءَ کان بچائيندو آهي، جيڪي غلط ڪم ڪندا آهن، تن کي سيکت ڏيندو آهي. هيڻن جي رکيا ڪندو آهي ۽ هن جا ماڻهو آرام ۽ سلامتيءَ سان رهندا آهن. 4- اِنهيءَ طرح هندستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ جيڪڏهين جابجا صلح سانت هجي ۽ ماڻهو سلامتيءَ سان رهن ته اُتي هڪ مضبوط چڱو ۽ اِنصاف وارو حاڪم يا رئيس هجڻ گهرجي؛ جنهن کي سڀيئي مڃين. هو اهڙو زور ڀريو هجڻ گهرجي، جو هو پنهنجا حڪم بادشاهن کان به مڃائي سگهي. هو اهڙو هجي جو ڌاڙيلن ۽ چورن سڀني کي ماري مات ڪري ۽ جتي ڪٿي صلح سانت رکي سگهي. هو تمام شاهوڪار هجڻ گهرجي جو ڏڪار جي وقت ۾ غريبن کي مدد ڏيئي سگهي. هو اهڙو سياڻو ۽ چڱو هجي، جو پنهنجي غريت ڪاڻ چڱا ۽ پورا قاعدا جوڙي سگهي. 5- اورنگزيب جي وفات کان پوءِ سَو ورهين تائين، (دکن ۽ ڏکڻ هندستان ۾ ته اُنهيءَ کان به ڳچ وقت اڳي) ساري ملڪ ۾ خوفناڪ ويڙهيون اچي لڳيون. مٿي ڏسي آيا آهيون ته ڪئن اُتر هندستان ۾ افغان ڌوڪيندا پي آيا ۽ ويا ٿي ماڻهو ماريندا، شهر توڙي ڳوٺ ناس ڪندا ۽ جتي ڪٿي ڦرمار مچائيندا. دکن ۾ ته مسلمان بادشاهن ۽ هندو راجائن جي وچ ۾ هميشہ ويڙهيون لڳيون پيئون هيون. لکين مسڪين قتل ٿي ويا ۽ زمين جا وڏا ٽڪر اُجڙ ٿي ويا. هنن کان پوءِ وري مرهٽن ملڪ کي تلف تاراج ڪري ڇڏيو ۽ هر هنڌ ويا ڦرمار ڪندا. ڏکڻ هندستان ۾ وري حيدر ۽ کانئس پوءِ ٽيپو پنهنجن ڪٺور دل سوارن جون ٽوليون وٺي ڇا اوڀر، ڇا ڏکڻ ۽ ڇا اولهه، ويا هندن کي ماريندا، سندن مندرن جي بي حرمتي ڪندا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪندا. ڏسڻ ۾ ته اِئين ٿي آيو ته سارو هندستان هڪ شاهي بيابان ٿي ويندو ۽ ملڪ جي ڪيترن ڀاڱن ۾ تمام ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا. مارڪئس آو ويلسلي - ويلسليءَ جي وقت تائين انگريزن کي اڪبر وانگر ساري هندستان تي حڪومت ڪرڻ جو خيال ڪونه هو. هنن هندستان ۾ ڪي ملڪ ورتا ها، پر سڀ ڪنهن ڀيري جڏهين ڪو ملڪ ٿي ورتائون، تڏهين جنهن جنگ جي ڪري اُهو ملڪ فتح ٿي ٿيو، سان سندن مرضيءَ جي برخلاف لاچار کين ڪرڻي ٿي پيئي. هنن تي ڪاهه ٿي ٿي ۽ هنن کي پاڻ بچائڻو ٿي پيو. ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جو مطلب هو ته هندستان سان جيڪو سندن واپار ٿي هليو، تنهن مان هو فائدو پرائين ۽ هنن کي وڌيڪ زمين جي هٿ ڪرڻ جي مرضي ڪانه هئي. هنن وري وري ڪلائيو، هيسٽنگس ۽ ڪارنوالس ۽ پنهنجن ٻين گورنرن ڏي سخت حڪم پئي ڪڍيا، ته هو ڪنهن به سبب ڪري ڪنهين ڏيهي راجا يا حاڪم سان جنگ نه ڪن ۽ نه ڪنهن ڏيهي حاڪم جو ملڪ وٺن. 7- پر لارڊ ويسلي ڏٺو ته هاڻي وقت ٿيو آهي ته انگريز جي هندستان جي حاڪمن ۾ سڀني کان زور وارا، سياڻا ۽ تمام سڌريل ها، سي جنگ جهيڙي ۽ ڦرمار کي جن جي جتي ڪٿي رڙ پئي پيئي بند ڪن ۽ ملڪ کي جنهن جو هر هڪ ڀاڱو ناس پئي ٿيو، چٽ ٿي وڃڻ کان بچائين. پهريون ڪم جو هن کي ڪرڻو پيو، سو هيءُ هو ته ٻين وڏين حڪومتن کان اِها ڳالهه باسائي ته هو سندس حڪم مڃيندا ۽ انجام ڪندا ته ٻيو جنگ جهيڙو ڪونه ڪنداسين ۽ پنهنجن ملڪن تي پوريءَ طرح حڪومت ڪنداسين ۽ جيڪڏهين ڪو اِها ڳالهه نه مڃي، ته زور سان هن کان مڃارائجي. هن کي ساري هندستان ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ هڪ وڏو مدامي لشڪر به رکڻو پيو ۽ هر هڪ ملڪ کي اُنهيءَ لشڪر جي خرچ جي ڀاڱي ڀرائڻ جي به تجويز ڪرڻي پيئي ۽ اُنهيءَ خرچ جي ڀاڱي ڏيڻ جي عيوض انگريزن هن جي دشمنن کي لوڌي ڪڍڻ جو ذمو کنيو. 8- اُنهيءَ وقت زور وارا حاڪم ها مرهٽا. سندن پنجن سردارن پيشوا، سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ ۽ ڀونسلي جي حڪم هيٺ، ٻيو نظام ۽ ٽيو ٽيپو سلطان، سک به زور ۾ وڌندا ٿي ويا؛ پر اُهي پنهنجي ملڪ پنجاب جي اندر ٿي رهيا. مغل شهنشاهه شاهه عالم ويچارو پريو مڙس هو ۽ سنڌيا وٽ نظر بند ٿيو پيو هو. اودهه جي نواب کي ڪا طاقت ڪانه هئي. نيپولين 9- هن وقت يورپ ۾ فرينچ لوڪن پنهنجي بادشاهه ۽ راڻيءَ سان فساد ڪري اُنهن کي ماري وڌو، هڪڙو فرينچ عملدار جنهن جو نالو نيپولين هو، سو فرانس جو حاڪم ٿيو هو. هن وٽ ڏاڍو زور وارو لشڪر هو؛ هن يورپ ۾ ڪيترا ملڪ کٽيا، اِنگلنڊ سان جهيڙو منڊيائين؛ چيائين ٿي ته آءٌ اِنگلنڊ تي ڪاهيندس ۽ اُن تي به فتح ڪندس. 10- لارڊ ويلسليءَ ڏٺو ته نظام، ٽيپو ۽ سنڌيا اُنهن سڀني وٽ مضبوط لشڪر آهن، جن کي فرينچن وڙهڻ جي تعليم ڏني هئي قواعد سيکاريو هو. نيپولين فرينچن جو وڏو سپه سالار مصر تائين آيو هو ۽ ٽيپوءَ هن کي لکي مڪو هو ته انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍڻ ۾ اچي مون سان مددگار ٿيو. نيپولين هن کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ فرينچن جو ٿورو لشڪر منگلور ۾ اچي لٿو. هو پانڊيچريءَ ۾ وڃي ڪين سگهيا، جو اُهو هنڌ اڳيئي انگريز وٺي ويا ها. 11- پوءِ گورنر جنرل نظام، ٽيپوءَ ۽ پيشوا ڏي، جنهن کي اڃان سوڌو سڀني مرهٽن لوڪن جو اڳواڻ ڪري ٿي ڀانيائون لکيو ۽ هر هڪ کي چيائين ته توهان جي نوڪريءَ ۾ جيڪي فرينچ ماڻهو هجن تن کي ڪڍي ڇڏڻ جو انجام ڪريو؛ ڇاڪاڻ جو هاڻي فرينچ اسان جا جاني دشمن آهن. ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ ۽ اُن کي دشمن کان بچائڻ لاءِ مضبوط انگريزي لشڪر پاڻ وٽ رهائڻ ۽ اُنهيءَ لشڪر جو خرچ ڀرڻ قبول ڪريو. جئَن ته اُهو لشڪر ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ حاڪم جي مدد هو؛ تنهنڪري اُن کي مددي لشڪر ڪري سڏيندا ها ۽ اِها ويلسليءَ جي تجويز يا دستور ”مددي دستور“ جي طرح پڌرو آهي. 12- نظام جو ٽنهين حاڪمن ۾ سڀني کان هيڻو هو ۽ جنهن کي مرهٽن جو گهڻو ڀو هو، تنهن هڪدم چيو ته جي انگريز مون کي اُنهن کان پناهه ڏيندا ۽ چوٿ ڏيڻ کان بچائيندا ته جيڪي ويلسلي چوي ٿو سو مون کي قبول آهي. هن پنهنجو فرينچ لشڪر ڪڍي ڇڏيو، ۽ انگريزي لشڪر حيدراباد ڏي موڪليو ويو. اُنهيءَ وقت کان وٺي نظامن کي ڪنهن دشمن جو ڊپ نه رهيو آهي. اُنهن پنهنجي ملڪ تي آرام ۾ حڪومت پي ڪئي آهي ۽ انگريزن جا پڪا دوست ۽ ساٿي ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ٽيپوءَ ۽ مرهٽن جا سردار به ويلسليءَ جي اِها سياڻپ جي تجويز قبولين ها، ته نظام وانگر هو به چڱيءَ طرح پيا هلن ها ۽ اُنهن جا پوٽا پڙ پوٽا هاڻي تائين راڄ پيا ڪن ها. 13- پر ٽيپوءَ اِها ڳالهه نه باسي. جيڪو انگريزي عملدار گورنر جنرل جو خط ڏانهس کڻي ويو هو، تنهن کي پاڻ وٽ گهرائي ڏٺائين به ڪين؛ اِنهي ڪري ميسور سان چوٿون ڀيرو ويڙهه ظاهر ڪئي ويئي. پيشوا انجام ڪيو ته جي مون کي سنڌيا کان جنهن جو ڏاڍو ڊپ هوس، بچائيندو ته آءٌ انگريزن سان مددگار ٿيندس؛ پر ٻيا مرهٽا راجائون الڳ رهيا. 14- پوءِ ٻه انگريزي لشڪر ميسور تي چڙهي هليا، هڪڙو بمبئيءَ کان ٻيو مدراس کان. مدراس واري ٽيپوءَ جو پويون جُهد لشڪر جو مهندار هو جنرل هئرس ۽ ڪرنيل ويلسلي به ساڻس گڏجي ويو. ٽيپوءَ پهرين بمبئيءَ واري لشڪر تي ڪاهيو، پر هارايائين؛ پوءِ وري ٻئي لشڪر تي ڪاهڻ لاءِ پٺتي ڌوڪيندو ويو، پر وري به هارايائين. ۽ ٻئي لشڪر ورائي ويس ۽ هو پنهنجي گاديءَ واري شهر سرينگاپٽم ۾ بند ٿي پيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ توفن قلعي جي ڀتين جو ڀاڱو ڊاهي وڌو. جڏهين سڀ سانباهو ٿي رهيو، تڏهين جنرل بيرڊ، جو گهڻي مدت تائين سريگاپٽم ۾ بند ۾ پيو هو، ۽ جنهن سان ٽيپوءَ ڏاڍي بيرحميءَ جي هلت ڪئي هئي، پر اڳين جنگ جي پڄاڻيءَ ۾ ڇٽو هو، سو انگريزي سپاهين سان قلعي تي ڪاهي ويو ۽ ستن منٽن ۾ قلعي جي ڀت جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو ۽ ٻيو هڪ وڳو گذريو ته شهر وٺي ويو؛ ٽيپو قلعي جي در وٽ وڙهندي مارجي ويو. 15- ميسور هاڻي فتح ڪيل ملڪ هو ۽ جي گورنر جنرل اُن کي وٺي برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ڪري هن سان گڏي ڇڏي ها ته ٿي سگهي ها. پر اِئين ڪرڻ جي بدران هن هڪڙي پنجن ورهين جي ڇوڪر کي کڻي گاديءَ تي وهاريو؛ اُهو ڇوڪر اڳئين هندو راجا جي نسل مان هو، جنهن کي حيدر گاديءَ تان لاٿو هو. هن جو نالو هو ڪرشنا راجا. پر ملڪ جا اُهي ڀاڱا جي اڳئين ميسور جي ملڪ سان نه هوا، مگر حيدر ۽ ٽيپوءَ فتح ڪيا ها، سي هن انگريزن، مرهٽن ۽ نظام کي ورهائي ڏنا. انگريزن کي ملڪ جو اُهو ڀاڱو پتيءَ آيو، جنهن کي هاڻي ڪانارا ۽ ڪوئمبتور ڪوٺين ٿا. ٽيپوءَ جي پٽن تي تمام گهڻي مهرباني ٿي، وڏا مواجب ملين ۽ ويلور ۾ رهڻ ڪاڻ اوڏاهين ڏياري موڪليائون. 58- مارڪئس ويلسلي (هلي پيوُ) 1- ٿوري وقت پڄاڻا نظام چيو ته حيدرآباد ۾ جو مددي لشڪر موڪليل آهي، تنهن جي بابت پئسن ڏيڻ بدران مون کي ڇڏيو ته آءٌ انگريزن کي هاڻوڪا مليل ضلعا کڻي سونپيان. هن کي اِها اِجازت ملي ۽ تنگڀدرا ندي ۽ ميسور جي وچوارو ملڪ، جو ڏنل ضلعن جي نالي سان پڌرو آهي، يعني بيلاري ۽ ڪڊاپا ضلعا سن 1799ع ۾ انگريزن جي حڪومت هيٺ آيا. 2- ڪاويري نديءَ سان آباد ٿيل تانجور جو ملڪ اهڙو سائو آهي، جو هن کي ڏکڻ هندستان جو باغ ڪري سڏيندا آهن. سون ورهين تائين هو هندو نائڪن جي حڪومت هيٺ هو، جي وجيه نگر جي راجائن جي تابع هوندا ها. پوئين نائڪ تمام خراب طرح حڪومت هلائي، هن ماڻهن تي اهڙيون ڳريون ڍلون وڌيون، جو اُنهن کي گذران ڪاڻ ڪي ڪين بچيو هو ۽ گهڻا هزار ماڻهن جا هن جي ظلم کان تانجور مان ڀڄي ويا. نيٺ هو مري ويو ۽ پٽ ڪونه هوس. هن گهراڻي جي ٻن راجائن گاديءَ لاءِ دعويٰ ڪئي ۽ هنن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ کان ڇڏائڻ لاءِ تانجور ۾ چڱيءَ ريت حڪومت هلي، تنهن لاءِ لارڊ ويلسليءَ اُهو ملڪ انگريزن جي ملڪ ۾ کڻي گڏيو ۽ هنن ٻنهي کي وڏو مواجب ٺاهي ڏنائين. 3- محمد علي جنهن کي ڪلائيو 1756ع ۾ سندس دشمنن کان بچايو، سو 1795ع تائين ڪرناٽڪ جو نواب هو. پر هيءُ سارو وقت هن حڪومت تمام خراب ريت سان هلائي. حيدر ۽ ٽيپوءَ سان جي جنگيون ٿيون، سي جيتوڻيڪ سندس ملڪ ڪرناٽڪ جي سلامتيءَ لاءِ ٿيون هيون، ته به هن انگريزن جي لشڪر سان واهر ته ڪانه ڪئي، پر اُٽلندو سندس عملدارن کان جيڪي پنو، سو دشمن کي مدد ڏيڻ لاءِ پئي ڪيائين. هن پنهنجي لشڪر کي مواجب ڪونه ڏنو هو؛ تنهن ڪري گهڻا ماڻهو کيس ڇڏي وڃي ٽيپوءَ سان ٿيا ۽ انگريزن سان وڙهيا. هن ڍلون پنهنجن رونشن ۽ مزن تي کپائي ڇڏيون ۽ مٿس ايترو گهڻو قرض چڙهي ويو هو، جو هو لاهي ڪين سگهيو ۽ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي سندس قرض ڀري ڏيڻو ٿيو. 46 ورهيه حڪومت ڪري هو مري ويو ۽ سندس پٽ عمدة الامرا گاديءَ تي ويٺو. جڏهين انگريزن سرينگاپٽم ورتو، تڏهين هنن کي ڪاغذ هٿ آيا، جي محمد عليءَ ۽ پٽس ڳجهيءَ طرح حيدر عليءَ ۽ ٽيپوءَ ڏي لکيا ها، جن ۾ انجام ڪيو هئائون ته اسين انگريزن سان وڙهڻ ۾ توهان کي مدد ڪنداسون. ٽن ورهين جي ٿوري راڄ کان پوءِ عمدة الامرا به هن وقت چلي رهيو. هن جي حڪومت وري پڻس جي حڪومت کان به خراب هئي. هن کي پٽ ڪونه هو؛ تنهنڪري لارڊ ويلسليءَ ڪرناٽڪ انگريزن جي حڪومت هيٺ آندو ۽ محمد عليءَ جي ڀائٽين ۽ ٻين مائٽن کي وڏا مواجب جوڙي ڏنائين. 4- اِنهيءَ ريت مدراس کاتو ٺهيو. آرنڀ 1759ع ۾ ڪرنيل ڪلائيو ڪري ويو هو، جو هن اُتر سرڪار ضلعا فرينچن کان ورتا ها. لارڊ ڪارنوالس ٽيپوءَ سان پهرين جنگ کان پوءِ سنه 1792ع ۾ ملبار، سليم ۽ مدورا اُنهن ۾ گڏيا؛ لارڊ ويلسلي ڪانارا، ڪوئمبٽور، تانجور ۽ ڪرناٽڪ وٺي اُن کي پورو ڪيو. اُنهيءَ وقت لاڪر يعني سَو ورهيه تائين هن کاتي ۾ وري ڪا جنگ ڪانه ٿي آهي؛ ۽ ماڻهو خوش ۽ آسودا رهيا آهن. 5- لارڊ ويلسلي پوءِ اودهه جي نواب کي چيو ته توهين به نظام وانگر منهنجو مددي دستور قبوليو. پهريائين نواب نٿي باسيو، پر نيٺ جڏهين هن ڏٺو ته نٽائڻ مان ورندو ڪين، تڏهين مڃيائين. انگريزي لشڪر اودهه ڏي موڪليو ويو ۽ اُن جي خرچ لاءِ نواب دواب يا جمنا ۽ گنگا ندين جي وچوارو ملڪ انگريزن جي حوالي ڪيو؛ اُنهيءَ ملڪ ۽ ٻين ڪن ضلعن کي گڏي هاڻي آگرهه ۽ اودهه جا گڏيل علائقا سڏيندا آهن. باجي راءِ 59- مارڪئس ويلسلي (هلي پيو) 1- هاڻي هندستان ۾ وڏي طاقت وارا حاڪم، جن انگريزن جي آڻ نه مڃي هئي ۽ نه لارڊ ويلسليءَ وارو نئون دستور قبوليو هو، سي رڳا مرهٽا رهيا ها. ٽيپوءَ سان پوئين ويڙهه جي پڄاڻيءَ ۾ لارڊ ويلسليءَ راگهوبا جي پٽ باجي راءِ پيشوا ڏي لکيو هو ته ميسور کان جو ملڪ اسان ورتو آهي، تنهن جو ٽيو ڀاڱو توهان کي ڏينداسون، جيڪڏهين اوهين نظام وانگر اسان جا شرط قبول ڪندو، يعني فرينچ لشڪر ڪڍي ڇڏيندو ۽ اُن جي بدران مدد لاءِ انگريزي لشڪر وٺندو. پر پيشوا هو پنهنجي ٻڍي برهمڻ وزير نانا فرنويس جي مت تي؛ سو اُنهي اِهي شرط قبول نه ڪيا. 2- هن کان پوءِ ٻئي ورهيه ۾ يعني سنه 1800ع ۾ نانا فرنويس مري ويو ۽ پيشوا هو جوان مڙس، سو هڪدم هولڪر سان وڙهڻ لڳو. هولڪر پونا وڃي ورتو ۽ ٻيو پيشوا کڻي ٿاڦيائين. 3- باجي راءِ پنهنجي جند بچائڻ ڪاڻ بمبئيءَ ڀڄي ويو. هن لارڊ ويلسليءَ ڏي لکيو ته جي انگريز وري مون کي پونا جي گاديءَ تي وهاريندا ته آءٌ هاڻي اوهان جا شرط خوشيءَ سان قبول ڪندس. سنه 1802ع ۾ هن بسين ۾، جو بمبئيءَ جي اُتر ويهاري کن مئلن تي هڪڙو قلعو آهي، عهدنامي تي صحيح ڪئي. هن مرهٽن جي شهنشاهت جي پيشوائي ڇڏي ۽ انجام ڪيائين ته ٻين مرهٽن سردارن سان انگريزن جي مرضيءَ ڌاران ڪوبه واسطو نه رکندس ۽ پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ انگريزي لشڪر پاڻ وٽ رهائيندس. اُنهيءَ لشڪر جي خرچ لاءِ اُنهن ضلعن مان ڪي ڏنائين، جي هاڻي بمبئي کاتي جو ڀاڱو آهن. 4- اُنهيءَ ساڳئي وقت ۾ گائڪواڙ گجرات جي مرهٽي راجا به پيشوا جي واٽ ورتي ۽ انگريزن سان عهدنامو ڪرڻ باسيائين ۽ مڃيائين ته انگريز هندستان جا رئيس آهن ۽ انگريزي مددي لشڪر پنهنجي ملڪ ۾ وهاريندس ۽ اُنهيءَ لشڪر جو خرچ آءٌ ڀريندس. 5- دولت راءِ سنڌيا ۽ ڀونسلي جنهن جو نالو راگهوجي هو، اُنهن ٻنهي سردارن ڪنهن عهدنامي يا انجام نامي ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو. اُنهن جڏهين بسين جي عهدنامي جو ٻڌو، تڏهين ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ هولڪر کي ڏاڍا وس ڪيائون ته انگريزن سان وڙهڻ لاءِ اسان سان گڏجو. اُنهن پنهنجا سڀ لشڪر گڏ ڪيا ۽ جنگ جو سنباهو ڪيائون. 6- لارڊ ويلسليءَ کي سگهوئي هن ڳالهه جي خبر پيئي ۽ هن به وڙهڻ جي تياري ڪئي. جنرل ليڪ هڪ لشڪر وٺي هندستان جي اُتر ۾ سنڌيا جي ڪٽڪ تي چڙهي ويو ۽ ڪرنيل ويلسلي ۽ ڪرنيل سٽوينسن ڏکڻ کان ڪاهيو. ڪرنيل ويلسلي 1803ع ۾ ايسي وٽ جو نظام جي ملڪ جي اُتر ۾ آهي، سنڌيا ۽ راگهوجي ڀرنسلي جي لشڪرن تي اچي پيو. هن وٽ 5000 کان به گهٽ ماڻهو ها ۽ مرهٽن جا هوا پنجاهه هزار ماڻهو، پر هن وڏي سوڀ کٽي. هن وري ساڳئي ورهيه ۾ آرگام وٽ اُنهن کي جيتيو. 7- ايتري ۾ جنرل ليڪ جو اُتر ۾ هو سو سنڌيا جي لشڪر کي لاسواريءَ وٽ گڏيو ۽ هن جي فرينچ لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيائين؛ پوءِ هن آگرهه ۽ دهليءَ جا شهر ورتا، جي گهڻن ورهين لاڪر مرهٽن جي هٿ ۾ ها. دهليءَ ۾ هن ويچاري ٻڍي مغل شهنشاهه شاهه عالم کي انڌو ۽ بنديخاني ۾ پيل اچي ڏٺو. هن کي انگريزن چڱو مواجب ٺاهي ڏنو ۽ موڪل ڏنائنس ته جيسين جيئَرو هجي، تيسين ڀلي پنهنجي پراڻي محلات ۾ رهي. برٽش انڊيا ويلسلي جي ڏينهن ۾ 1799ع 8- سنڌيا ۽ راگهوجي ڀونسلي هاڻي بسين جي عهدنامي جهڙا انگريزن سان عهدناما ڪيا. سنڌيا جمنانديءَ جي اُتر وارو سڀ ملڪ ڏنو ۽ راجپوتن ۽ نظام کان چوٿ وٺڻ جي سڀ پچر ڦٽي ڪيائين. هن عهدنامي تي سنڌيا آرجينگام ڳوٺ ۾ صحيح وڌي؛ تنهنڪري هو آرجينگام جي نالي سان پڌرو آهي. ڀونسلي ديوگام جي عهدنامي پرماڻي اُڀرندي ڪناري تي ڪٽڪ ۽ اُلهندي ڪناري تي برار انگريزن کي ڏنا. لارڊ ويلسليءَ برار بخشش طرح نظام کي ڏنو. هيءُ سڀ سنه 1803ع ۾ ٿيو. انگريزي لشڪر پونا ۽ ناگپور ڏي موڪليو ويو. هن کان پوءِ ڀونسلي کي ناگپور جو راجا ڪري سڏيندا ها. 9- اِنهيءَ ساڳئي وقت راجپوت راجائن به لارڊ ويلسليءَ واري مددي دستور هيٺ اچڻ قبول ڪيو.اَنهن جون جي هڪ ٻئي سان ۽ مرهٽن سان ويڙهيون پئي ٿيون، سي هاڻي بند ٿيون. 10- رڳو هولڪر هڪڙو وڏو راجا هندستان ۾ باقي رهيو هو، جنهن لارڊ ويلسليءَ جا شرط نه قبوليا ها. جسونت راءِ مرهٽو راجا جنهن تي هن وقت اِهو نالو هو، تنهن اڃان ڀانيو ٿي ته مون کي اُتر هندستان ۾ گهمڻ، سڀ ڪنهن کان چوٿ وٺڻ ۽ ڦرڻ جو ۽ جيڪو نه باسي، تنهن کي ماري وجهڻ جو حق آهي. جڏهين انگريزي لشڪر ٻين مرهٽن راجائن سان پئي وڙهيو، تڏهين هولڪر راجپوتانا جي راجائن کي، جن کي ساڻس پڄڻ جو ٻل نه هو، ڦرڻ ۾ رڌل هو. اُهي راجائون جڏهين هاڻي انگريزن جي پناهه هيٺ ها، تڏهين لارڊ ويلسليءَ هولڪر کي چيو ته اُنهن کي ڇڏي ڏيو ۽ توهين پنهنجي ملڪ ڏي موٽي وڃو. هولڪر چيو ته آءٌ اِئين نه ڪندس؛ ۽ آءٌ راجپوتن کان چوٿ هميشه پيو وٺندس. گورنر جنرل تي پنهنجن ساٿين کي واهر ڏيڻ فرض هو، ڇو ته هن جو ساڻن انجام هو ته سڀني دشمنن کان توهان کي بچائبو؛ تنهن ڪري 1804ع ۾ هن هولڪر سان جنگ ڪئي. 11- پر گورنر جنرل کي سڌ ڪانه هئي، ته هولڪر اهڙو زور وارو آهي ۽ هن وٽ ڪو ايترو لشڪر آهي. ڪرنيل مانسن جي هٿ هيٺ بنگالي مان آيل سنڌيا جي لشڪر سميت ٿورو لشڪر هن سان سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو. خود ڪرنيل مانسن کي هولڪر يا سندس لشڪر جي به خبر ڪانه هئي ۽ هو بي ڊپو ٿي، سڌو هولڪر جي ملڪ ۾ ڪاهي ويو. اوچتو ئي اوچتو ڏٺائين ته وڏو لشڪر چوڌاري گهيري ويو اٿم. سنڌيا جو لشڪر هن کي ڇڏي وڃي دشمن جي پاسي ٿيو. ڪرنيل مانسن ناداني ڪري مدد ملڻ ڪاڻ آگرهه ڏي هٽي ويو. اُهو مهنو هو جولاءِ جو ۽ جتي ڪٿي مينهن جو وسڪارو پئي پيو. ڪرنيل مانسن گهڻيءَ اهنجائيءَ سان آگرهه ۾ پهتو. پوءِ هولڪر دهليءَ تي ڪاهيو، پر ڏٺائين ته آءُ دهلي وٺي ڪين سگهندس؛ تنهنڪري آس پاس واري ملڪ کي لٽڻ شروع ڪيائين. سنڌيا گهڻن ماڻهن سان ساڻس وڃي گڏيو. 12- جنرل ليڪ پوءِ مضبوط لشڪر وٺي آگرهه کان اڳتي ويو. سنه 1804ع ۾ ڊيگ جي ويڙهه ۾ هن هولڪر جي ڪٽڪ کي ڀڄايو. هن ڊيگ جو مضبوط قلعو ورتو ۽ پوءِ ڀرت پور جي قلعي کي گهيرو ڪيائين. ڀرت پور جو راجا هولڪر جو رفيق هو. هن پنهنجي قلعي کي ڪجهه قوت تائين جرات سان بچايو؛ پر جڏهين ڏٺائين ته قلعو اوس وٺبو، تڏهين هن پاڻ سونپيو ۽ انگريزن سان صلح ڪيائين. هولڪر سڀني هنڌن ۾ هارائي پنهنجي ملڪ جي اندر گهڻو پري ڀڄي ويو. 13- جنرل ليڪ هاڻي جنگ پوري ڪري ها ۽ هولڪر کي لارڊ ويلسليءَ وارا شرط زور سان باسرائي ها؛ پر گورنر جنرل کي پنهنجي عهدي ڇڏڻ جو ۽ اِنگلنڊ موٽي وڃڻ جو وقت اچي سهڙيو هو ۽ ٻيو جيڪو گورنر جنرل ٿي آيو هو، تنهن جنرل ليڪ کي جئَن وڻيس تئَن ڪرڻ جي موڪل نه ڏني. 14- لارڊ ڪلائيو، برٽش هندستان جي پائي وجهندڙ بينگال کاتو ٺاهيو ۽ مدراس کاتي جو بنياد وڌائين جنهن کي لارڊ ڪارنوالس گهڻي قدر وڌايو. لارڊ ويلسلي مدراس کاتو ٺاهي راس ڪيو ۽ برٽش هندستان ۾ اُتر اُلهندي وارا علائقا (جن تي هاڻي نالو آهي، آگره وارو علائقو) گڏي ڇڏيائين. لارڊ ڪلائيو، لارڊ ڪارنوالس ۽ لارڊ ويلسلي جي ايامڪاريءَ جي بيانن ۾ جيڪي نقشا ڏنل آهن اُنهن تي نظر ڪرڻ سان خبر پئجي سگهندي ته ڪئن منجهائن هر هڪ برٽش هندستان جون حدون وڌايون. 60- لارڊ ڪارنوالس، پنجون گورنر جرنل، سر جارج بارلو (1805 عيسوي کان 1807 عيسوي تائي( 1- لارڊ ويلسلي هندستان ۾ جيڪي ڪري چڪو هو، تنهن جي جڏهن انگريزن کي خبر پيئي تڏهن کين اِنهيءَ تي ڪا خوشي ڪا نه ٿي. هو سمجهي ڪين ٿي سگهيا ته ڇو انگريز هندستان ۾ بالا دست اختياري هٿ ڪن ۽ نڪي سمجهائون ٿي ته اِها ڪا واجب ڳالهه آهي جو هندو راجئان کان هيترا ملڪ کسي وٺجن. ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جنهن کي اڃا سوڌو هندستان ۾ واپار ڪرڻ جو خلاصو حق هو، تنهن ڏٺو ته ٽيپوءَ ۽ مرهٽن سان جي وڏيون ويڙهيون ٿيون آهن، سي سندن کٽيو سڀ کڻي ويئَون آهن ۽ سندن مطلب هو فائدي سان. اِنهي ڪري نئون گورنر جنرل جو آيو، تنهن کي سخت حڪم مليو هو، ته هڪدم اچي هولڪر سان صلح ڪري ۽ هندستان جي ڪنهن راجا سان وڌيڪ دست اندازي نه ڪري. هر جان شور کي به اڳي ساڳيو اهڙو حڪم مليو هو. 2- لارڊ ڪارنوالس اڳي هڪ ڀيرو گورنر جنرل ٿي ويو هو ۽ هو ستر ورهيه کن جو اچي ٿيو هو ۽ اهڙيءَ پيريءَ ۾ بنگالي ۾ گهميل ۽ گرم آب و هوا ۾ رهڻ جهڙو ڪين هو. هن کي هڪ ملڪ ۾ آئي ٽي مهنا مس ٿيا ها، ته مري ويو. 3- سر جارج بارلو، جو تن ڏينهن گورنر جنرل جي عهدي جو ڪم هلائيندو هو، تنهن کي اِنگلنڊ مان آيل حڪم جي تعميل ڪرڻ ۽ هولڪر سان صلح ڪرڻ جو ضرور ٿيو؛ نه ته جهڙا شرط ٻين مرهٽن راجائن قبوليا ها، تهڙا هاڻي هو به خوشيءَ سان قبول ڪري ها. راجپوت راجائون، جن مان ڪن گذريل ويڙهه ۾ هولڪر جو طرف وٺي انگريزن سان اقرار نامو ٽوڙيو هو، تن کي هاڻي انگريزن چيو ته اسين اوهان کي وڌيڪ مدد پهچائي نه ٿا سگهون ۽ اوهين هاڻي پنهنجا راکو پاڻ ٿيو. هولڪر ۽ ٻين مرهٽن راجائن باجي راءِ پيشوا، راگهوجي ناگپور جي راجا ۽ سنڌيا کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سگهي، ته نئون گورنر جنرل ڇاڪاڻ لارڊ ويلسليءَ کان ٻيءَ طرح ٿو هلي. هنن سڀني اِئين ٿي ڀانيو ته هو هولڪر کان ڊنو آهي. هنن کي هاڻي ارمان ٿيو ته اسان ڇاڪاڻ انگريزن سان صلح ڪيو ۽ ٻيا ست ورهيه وري سڀ جنگ جي سانباهي ڪرڻ ۽ پنهنجي اڳوڻي اختياري وري حاصل ڪرڻ ڪاڻ هڪ ٻئي سان منصوبن ڪرڻ ۾ رڌل ها، اِنهيءَ لاءِ ته وري ٻين ملڪن کان چوٿ اُڳاڙيون. 4- سنڌيا جو هولڪر سان وڃي گڏيو هو، تنهن سان وري نئون عهدنامو ٿيو ۽ گواليار جو مضبوط قلعو، جو هن کان ورتو ويو هو؛ سو هن کي موٽي مليو ۽ سندس ملڪ ۾ انگريزن جي ملڪ جي وچ واري حد چمبل ندي ٺهرائي ويئي. 5- هن وقت ٽيپوءَ جا پٽ، جن کي انگريزن مواجب ٺاهي ڏنو هو ۽ جي ويلور جي قلعي ۾ رهندا ها، تن قلعي وارن سپاهين کي سندن انگريزي عملدارن سان سامهون ٿيڻ لاءِ چوري بيهاريو. گهڻا انگريز مارجي ويا، پر ڪي ٿورا ڪوٽ کي بهادريءَ سان جهلي ويٺا ها، جيسين آرڪاٽ مان مدد اچي پهتين. فساد بند ٿيو ۽ ٽيپوءَ جي پٽن کي ڪلڪتي ڏياري موڪليائون، ته اُتي وڃي رهن. 61- لارڊ منٽو، ڇهون گورنر جنرل (1807عيسوي کان 1813 عيسوي تائين) 1- تنهن کان پوءِ گورنر جنرل ٿيو لارڊ منٽو، جنهن ست ورهيه حڪومت ڪئي. هن ڏيهي حاڪمن کي الڳ ڇڏي ڏنو؛ پر اُهو سياڻپ جو ڪم ڪين هو، ڇاڪاڻ جو هو هڪ ٻئي ۾ وڙهندا ۽ انگريزن تي ڪاهڻ لاءِ تياري ڪندا ها. پر هن کي اِنگلنڊ مان آيل حڪم کي مڃڻو هو. 2- گڏيل ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي 1600ع ۾ راڻيءَ ايليزبيٿ هندستان سان واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو هو. پوءِ وقت به وقت هن کي تازو پروانو پئي مليو. 1773ع کان (جنهن سال ۾ ”ريگيوليٽنگ ائڪٽ“ پاس ٿيو)، ڪمپنيءَ کي ويهين ويهين ورهيه تازو پروانو ملندو پئي آيو. 1813ع تائين يعني 213 ورهيه ڪمپنيءَ کي واپار ڪرڻ جو خلاصو حق هو؛ اِنهي ڪري هندستان ۾ ٻيا انگريزي واپاري خريد فرخت ڪين ڪري سگهندا ها. پر اُنهيءَ ورهيه ۾ انگريزن جي پارليمنٽ اُهو خلاصو حق بند ڪري ڇڏيو ۽ هندستان جو واپار سڀ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ کليو رهيو. 3- پر ويهن ورهين تائين اُها اِجازت گهڻي ڪمائتي ڪين ٿي؛ ڇاڪاڻ جو ڪمپنيءَ جو هڪڙو پراڻو قانون هو، جنهن موجب ملڪ جي ڪنهين به ڀاڱي ۾. جتي سندين حڪومت هئي، اُنهن جي موڪل ڌاران ڪوبه انگريز رهي نٿي سگهيو. 62- لارڊ هيسٽنگس، ستون گورنر جنرل (1813 عيسوي کان 1823 عيسوي تائين) مرهٽن جي زور جي پڄاڻي 1- لارڊ هيسٽنگس هندستان جو نئون گورنر جنرل جو 1813ع ۾ آيو، سو تمام وڏي درجي جو امير ۽ وڏو سپه سالار هو، جو گهڻين جنگين ۾ وڙهيو هو. هن جو نالو ساڳيو هو؛ پر هن جي وارن هيسٽنگس پهرين گورنر جنرل سان ڪا مائٽي مٽي ڪانه هئي. هيءُ برٽش اِنڊيا جو ٽيون بنائيندڙ هو. ٻه جي اڳي ٿي ويا ها، تن مان هڪڙو هو ڪلائيو ۽ ٻيو هو لارڊ ويلسلي. هن هندستان ۾ ڏهه ورهيه حڪومت ڪئي. 2- جيڪڏهين لارڊ ويلسليءَ جي تجويز تي هلن ها، ته جئَن هاڻي صلح سانت آهي، تئَن سڀ ڪنهن هنڌ صلح سانت هجي ها. پر صلح جي بدران مرهٽن جي سڄي ملڪ ۾ جنگ ٿيڻ جو سانباهو هو. گذريل ڏهن ورهين ۾ وچ هندستان ۾ هڪڙو نئون زور وارو دشمن پيدا ٿيو. اُهو دشمن ها پنڊاري ماڻهو. 3- پنڊاري ڌاڙيلن جون ٽوليون ها؛ اُنهن ۾ ڪي ها پٺاڻ مسلمان ۽ ڪي ها هندو مرهٽا. ڪوبه ماڻهو جنهن ڪو ڏوهه ڪيو هو ۽ جنهن کي سزا ملڻ جو ڊپ هو، سو ڀڄي وڃي ٿي پنڊارين سان شامل ٿيو. اُنهن جو نڪو هو ملڪ ۽ نڪو هون گهر تڙ. اُنهن کي غرور اِهو نه هو ته اسين وڙهي سگهون ٿا، پر اُنهن کي اِهو غرور هو ته اسين ڀڄڻ جا اهڙا تڪڙا آهيون، جو اسان کي جهلي ڪونه سگهندو. هنن جو ڪنهن ملڪ کٽڻ ۽ وٺڻ جو ارادو ڪونه هو، پر جيڪي منجهس هجي، سو ٻهاري کڻي وڃڻ جو ارادو هون. جيڪي ماڻهو کين نه ڏسيندا ها ته سندن پئسا ڪٿي رکيل آهن، تن کي هو تمام گهڻو ستائيندا ها. لوهه تپائي ڳاڙهو ڪري اُنهن جي پيرن جي ترين کي ڏيندا ها ۽ اُنهن جي ڪپڙن تي تيل هاري اُنهن کي وٺي باهه ڏيندا ها. اُنهن مان گهڻا سنڌيا ۽ پيشوا جي لشڪر ۾ وڃي گڏيا ها ۽ سڀ ڪنهن سال ۾ وڃي ڦر ڪندا ها. جڏهين مرهٽا راجائون آڳتي اِئين ڪري نه سگهيا، تڏهين پنڊاري پنهنجي ليکي وڃي ڦريندا ۽ چوٿ اُڳاڙيندا ها. هنن جا گهڻا اڳواڻ ها، جن مان مکيه ها امير خان ۽ چيٽو. هنن کي جهلڻ پلڻ وارو ڪونه هو تنهن ڪري هو ڏينهان ڏينهن ويا زور وٺندا، تان جو هو سٺ هزار ماڻهو وڃي ٿيا. 4- مرهٽن جا وڏا سردار ٻاهران انگريزن جا دوست ۽ ساٿي ها، پر هو پنهنجي ويل طاقت موٽي هٿ آڻڻ ڪاڻ ٿي سڪيا؛ تنهن ڪري هو ڳجهيءَ طرح جئَن پڄندو هون، تئَن سڀڪنهن ريت پنڊارين کي مدد پيا ڪندا ها. هنن کي اِهو آسرو هو ته اسين انگريزن کي جيتي سگهنداسون، نت به انگريز پنڊارين سان وڙهڻ ۾ اهڙو لڳا پيا هوندا، جو اسين ڦري پونداسون ته اسان سان وڙهي ڪين سگهندا. 5- اڃان لارڊ هيسٽنگس آيو، ته خبر پيس ته هيڻن کي ڏاڍي کان بچائڻ لاءِ هن وڏي گورنر جنرل جي جيڪا تجويز هئي، سا ڪم نه آڻبي ته هندستان تمام سگهوئي وري اُنهيءَ خوفناڪ حالت ۾ اچي ويندو، جنهن مان لارڊ ويلسليءَ ڪڍيو هوس. هن اِنگلنڊ ۾ انگريز سرڪار کي لکي موڪليو ته هندستان کي رڳو لارڊ ويلسليءَ جي تجويز سان ناس ٿي وڃڻ کان بچائي سگهبو، ڇاڪاڻ جو اُتر پاسي برٽش اِنڊيا کي گورکن ڪاهه ڪئي آهي، ڏکڻ پاسي پنڊارين ڦر ۽ لٽ لائي ڏني آهي ۽ وچ هندستان ۾ مرهٽا سردار سڀ فساد مچائڻ ڪاڻ سنڀريا ويٺا آهن. نظام جو مرهٽن کان ڏاڍو ڊڄندو هو، سو رڳو انگريزن سان سچو هو. انگريز سرڪار جو لارڊ هيسٽنگس ۾ پورو ڀروسو هو ۽ هنن سمجهو ته هو جيڪي چوي ٿو سو سچ آهي؛ تنهن ڪري هن کي لکي موڪليائين ته لارڊ ويلسليءَ جي تجويز پوريءَ طرح ڪم آڻجي. 6- نيپال جو ملڪ 700 ميل ڊگهو ۽ هڪ سو ميل ويڪرو ڪشمير جي اوڀر ڏي هماليه جبلن جي پاسن سان هندستان ۽ ٿٻيٽ جي وچ ۾ آهي؛ اُنهيءَ ملڪ ۾ گورکن جي ذات حڪومت هلائيندڙ هئي. ملڪ جي ڏکڻ طرف يڪوئي يڪو وڏو پوسل وارو ٽڪر آهي جنهن ۾ تمام گهاٽا ٻيلا آهن جن کي ترائي ڪري چئبو آهي. منجهس صدين جون صديون صلح پسند بڌ ڌرم وارا هندو رهندا ها؛ پر جنهن وقت جو ذڪر اسين هينئَر ويٺا ڪريون تنهن کان اٽڪل ڏيڍ سوَ ورهيه اڳي ڪشمير جي هڪ راجپوت قوم (جنهن کي گورکا ڪري چوندا ها) اِهو ملڪ فتح ڪري ڇڏيو. هنن اصلوڪن رهاڪن سان ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ سندن سردارن کي قتل ڪري ڇڏيائون. 7- جنهن وقت لارڊ هيسٽنگس هندستان ۾ آيو، اُنهيءَ وقت ڌاري گورکن بنا ڪارڻ زور سان اودهه ۾ ڪيترا ڳوٺ اچي ورتا ۽ اُنهن جي مکيه ماڻهن کي مارائي ڇڏيائون. تنهنڪري جنگ جو ڏئنڪو وڳو ۽ چار لشڪر اُنهن جي سامهون ٿيڻ ڪاڻ موڪليا ويا. هماليه جبلن تي ڳريون توبون گهلي چاڙهي وڃڻ ڏکيو ڪم هو ۽ گورکا ڏاڍيءَ بهادريءَ سان وڙهيا. اُنهن چئن لشڪرن مان ٽن کي ته گهڻا ماڻهو مارائي موٽي وڃڻو پيو. پر چوٿين لشڪر جو جنرل آڪٽرلنيءَ جي حڪم هيٺ هو، هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن هنڌ گورکن کي ماري مات ڪيو؛ ۽ جڏهين هو کٽمنڊو جي ڀرسان، جو اُنهيءَ ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ هو، وڃي پهتو، تڏهين گورکن جي راجا انگريزن سان صلح ڪيو. سنه 1816ع ۾ سيگولي ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن موجب ڪمائون جو ضلعو، جو ملڪ جو اُلهندو ڀاڱو آهي، سو اُنهن انگريزن کي ڏنو. سملو جتي اونهاري ۾ گورنر جنرل رهندو آهي ۽ مسوري ۽ نئني تال، اُهي جي هاڻي ٽڪر ۾ هوا کائڻ جون جايون آهن سي اُنهي ضلعي ۾ آهن. انگريز عملدار جنهن کي ريزيڊنٽ چوندا آهن، سو کٽمنڊوءَ ۾ رهندو آهي. گورکا عملدار 8- نيپال جو راجا تڏهانڪر انگريزن جو ساٿي رهندو آيو آهي؛ گهڻن گورکن جون انگريزي عملدارن جي هٿ هيٺ پلٽڻيون ٺاهيون اٿن؛ اُهي انگريزي لشڪر ۾ تمام چڱن ۽ سورمن سپاهين ۾ ڳڻجن ٿا. امير خان 9- جڏهين انگريزي لشڪر گورکن سان وڙهڻ ۾ رڌل هو؛ تڏهين پنڊاري اڳئين کان وڌيڪ نِڏر ٿيا هيا ۽ باجي راءِ پيشوا جتي ڪٿي ڦر ۽ لٽ ڪرڻ ڪاڻ پئي ڇيڙين. 1816ع ۾ لارڊ هيسٽنگس هڪ لک ويهن هزارن ماڻهن جو لشڪر آڻي ڪٺو ڪيو. اُن ۾ مدراس بمبئيءَ ۽ بنگالي جا ڪيترا ننڍا لشڪر آڻي گڏيا هائين. پنڊارين کي لشڪر چوگرد اهڙيءَ طرح ورائي ويو، جو ڪو ڀڄي نه سگهي؛ جنگ ڪانه ٿي؛ ڇاڪاڻ جو پنڊاري وڙهيائي نٿي. گهڻا مارجي ويا، ٻيا ڀڄي ويا. ڪي هٿيار ڦٽا ڪري سانتيڪا ڳوٺاڻا ٿي ويهي ويا. اُنهن جي مهندارن مان هڪڙو، جنهن جو چيٽو نالو هو، تنهن کي هڪڙي چيتي ماري وڌو. ٻيا اچي انگريزن جي پيش پيا ۽ اُنهن کي گذران ڪاڻ ننڍيون جاگيرون مليون. امير خان کي راجپوتانا ۾ ٽونڪ نالي هڪ ننڍي حڪومت ۽ ”نواب“ جو لقب مليو. 1818ع سال ڌاري پنڊار ين جو ڪو نشان به ڪونه رهيو ۽ هندستان اُنهي خوف جهڙيءَ بلا کان ڇٽي پيو. 63- لارڊ هيسٽنگس (هليو پيو) 1- اُنهي وچ ۾ باجيراءِ پيشوا جنهن ڀانيو هو ته انگريز پنڊارين کي جيتي ڪين سگهندا، تنهن 1817ع ۾ وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ پوني جي ڀرسان ڪرڪيءَ وٽ جو انگريزن جو لشڪر لٿو پيو هو، تنهن تي اوچتي ڪاهه ڪئي، پر هن جي گهڻي هاڃي ٿي ۽ تڙجي ويو. ڪجهه وقت تائين هو ملڪ جي آس پاس پئي رليو، پر نيٺ پاڻ سونپيائين. لارڊ هيسٽنگس کي خبر هئي ته هو ڀروسي رکڻ جهڙو نه آهي؛ ڇاڪاڻ جو هن وري وري انجام پئي ڀڳو آهي. هن سندس سڄوئي ملڪ وٺي پنهنجي هٿ ڪيو، هن کي وڏو مواجب جوڙي ڏنائين ۽ هن کي ڪانپور جي ويجهو بٿور ۾ کڻي ٽڪايائين. 2- راگهوجي ڀونسلا ناگپور جو ٻڍو راجا هن کان ٿور اڳڀرو مري ويو هو، ۽ سندس ڀائٽي آپا صاحب جنهن انگريزن سان عهدنامو ڪيو هو، ناگپور تي حڪومت پئي هلائي. پر آپا صاحب ڳجهيءَ طرح باجي راءِ سان پئي منصوبا ڪيا ۽ اڃا هن کي سڌ پيئي ته هن ڪرڪيءَ وٽ انگريزي لشڪر تي ڪاهه ڪئي آهي، ته پاڻ ناگپور جي ڀرسان سيتابلدي ٽڪريءَ وٽ 1817ع ۾ انگريزي ريزيڊينٽ تي وٺي ڪاهيائين. مسٽر جينڪنس ريزيڊينٽ وٽ انگريزي سولجر پٽيءَ هوئي ڪونه؛ پر انگريزي عملدارن سان 1400 سپاهي وٽس ها. آپا صاحب کي 18000 ماڻهو ها؛ تنهنڪري هن ڀانيو ته هن ٿورڙي لشڪر کي اِجهو ٿو سولائيءَ سان چٽ ڪريان. جنگ رات جو لڳي ۽ ٻيو سڄو ڏينهن هلي؛ پر آپا صاحب جي لشڪر پٽيءَ هارايو ۽ پاڻ راجپوتانا ڏي ڀڄي ويو، جتي ڪن ورهين کان پوءِ مري ويو. اڳئين راجا راگهوجي جي پوٽي کي، جو ننڍو ٻار هو انگريزن ناگپور جي گاديءَ تي وهاريو. 3- جسونت راءِ هولڪر مري ويو ۽ تلسي ٻائيءَ هن جي وڌوا راڄ جو ڪاربار پئي هلايو. ان کي جڏهين خبر پيئي ته باجي راءِ انگريزن سان پيو وڙهي، تڏهين هوءَ به پنهنجو سمورو لشڪر پاڻ سان وٺي هن جي واهر ڪاڻ ڏکڻ رواني ٿي. هنجو لشڪر انگريزن جي لشڪر کي جو سرجان مالڪوم جي حڪم هيٺ هو، وڃي مليو. سرجان مالڪوم صلح ڪرڻ ۽ هنن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيشوا کي مدد ڪرڻ ناداني آهي. تلسي ٻائي آڻ مڃڻ لاءِ تيار ڏسڻ ۾ ٿي آئي؛ پر مرهٽا اڳواڻ جي لشڪر سان ها، تن کي اڃا اِها ڳالهه معلوم ٿي ته هو اچي تتا ۽ هن کي ماري وڌائون. سنه 1817ع ۾ هنن مهيدپور وٽ انگريزي لشڪر تي ڪاهيو. سرجان مالڪوم اُنهن کي پٽيءَ ماري مات ڪيو. لارڊ هيسٽنگس، جسونت راءِ هولڪر جي ملهار راءِ نالي هڪڙي پٽ کي جو ننڍو ٻار هو، اِندور جو راجا ٿاڦيو ۽ هن کي سنڀالڻ لاءِ هڪڙو انگريزي لشڪر سندس ملڪ ۾ کڻي رکيائون. 4- پنجن وڏن مرهٽن سردارن کان سندن ملڪن ۾ رکيل مددي لشڪر جي خرچ جي عيوض جو ملڪ انگريزن کي مليو، سو 1802ع ۾ بسين واري عهدنامي وقت باجي راءِ کان مليل ملڪ ۾ کڻي ملايائون ۽ اُنهن سڄي مان 1818ع ۾ لارڊ هيسٽنگس بمبئي کاتو بڻايو. 5- لارڊ هيسٽنگس 1823ع ۾ هندستان جي حڪومت جي واڳ ڇڏي. لارڊ ويلسليءَ جو ڪم شروع ڪيو هو، سو پنجن ورهين ۾ لارڊ هيسٽنگس پورو ڪيو ۽ هن هندستان ۾ انگريزن کي مکيه طاقت بڻايو. وارن هيسٽنگس جي ايامڪاريءَ کي چاليہ سال گذري ويا ها. اِنهيءَ ٿوري عرصي ۾ برٽش هندستان جنهن ۾ شروعات ۾ فقط هڪڙو پرڳڻو بينگال ۾ ۽ هڪڙو پرڳڻو مدراس ۾ اچي ٿي ويا، سو وڌي اڪبر توڙي اورنگزيب جي شهنشاهت کان به وڌيڪ وڏي ۽ وڌيڪ مضبوط شهنشاهت ٿي پيو. برٽش انڊيا لارڊ هيسٽنگر جي هٿ هيٺ 1812 سڀيئي هندستان جا حاڪم انگريزن جا هاڻي پڪا هم رفيق ٿي ويا ها ۽ هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ ۾ توڙي ڪنهن به ويڙهه ڪرڻ لاءِ سندن ڪوبه وس هلي نه ٿي سگهيو. ساري هندستان ۾ جتي ڪٿي صلح سانت هو، ماڻهو خوش هوا ۽ ڳوٺاڻا بي اونا ٿي آباديءَ ۾ مشغول هوا. 64- لارڊ امهرسٽ، اٺون گورنر جنرل 1823 عيسوي کان 1828 عيسوي تائين 1- 1824ع ۾ برما جي بادشاهه جنهن آسام جو ملڪ جو بنگالي جي سرحد تي آهي، ورتو هو، انگريزن تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪن ماڻهن کي، جي ڪناري تي هڪڙي ٻيٽ جا راکا ٿيا ويٺا ها، مارائي وڌائين. گورنر جنرل هن ڏي لکيو ۽ پڇائينس ته اِئين ڇاڪاڻ ٿيو؟ پر هن جو جواب اِهو مليو جو هن بنگالي جي اُتر اوڀر ڪاچر جي ملڪ تي لشڪر چاڙهي مڪو. هيءُ لشڪر تڙجي ويو ۽ جهازن ۾ سمنڊ جي رستي رنگون تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو ويو ۽ رنگون ورتو ويو. 2- برما جي بادشاهه کي سڌ ڪانه هئي ته انگريز اهڙا زور وارا آهن، هن پنهنجي سپهه سالار بنڊولا کي گهڻي لشڪر سان موڪليو ته سر. اي. ڪئمبيل انگريزي جنرل کي وڃي لوڌي ڪڍي. بنڊولا گورنر جنرل کي ٻڌي باندي ڪري گاديءَ جي هنڌ آوا ڏي وٺي وڃڻ لاءِ پاڻ سان سونا زنجير کڻي آيو هو. پر هن جي لشڪر ڌَڪُئي ڪين جهليو ۽ هو جنگ ۾ مارجي ويو. پوءِ انگريزن جي جنرل سڄو آسام ۽ آراڪان ورتو ۽ ايراودي نديءَ جي رستي آوا ڏي ويو. جڏهين شهر کي وڃي ويجهو پهتو، تڏهين برمين جي بادشاهه آڻ مڃي ۽ 1826ع ۾ يندابو جو عهدنامو ڪيائين. ڀرتپور جو قلعو 3- اُنهيءَ عهدنامي پرماڻي انگريزن کي برما جو ڪنڌيءَ وارو ملڪ (آسام آراڪان ۽ ٽناسيرم) هٿ آيو. 4- ڀرتپور جو قلعو هندستان جي سڀني کان مضبوط قلعن مان هڪڙو هو. ٻه ڀيرا اڳي انگريزن اُن کي گهيرو ڪيو هو، پر سوڀارا ڪين ٿيا ۽ ڀرتپور جي راجا ۽ هندستان جي ٻين گهڻن راجائن ڀانيو ته هو وٺي ڪونه سگهندو. سنه 1826ع ۾ اُتي جو راجا مري ويو ۽ راڄ هڪڙو سردار وٺي ويهي رهيو، جنهن جو اُن تي ڪو حق ڪونه هو. لارڊ امهرسٽ لارڊ ڪومبر مير جي حڪم هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو ته قلعه فتح ڪري اڳئين راجا جي پٽ کي گاديءَ تي وڃي وهاري. ڀرتپور جون ڀتيون دارونءَ سان اُڏائين. قلعو ورتائون ۽ حقي وارث کي گاديءَ تي وهاريائون. 65- لارڊ وليم بينٽنڪ، نائون گورنر جنرل 1828 عيسوي کان 1835 عيسوي تائين 1- ويڙهين کي هاڻي ٻنجو اچي ويو هو ۽ پهريون ئي پهريون دفعو ساري هندستان ۾، اُتر ۾ هماليه جبل کان وٺي ڏکڻ ڏي ڪيپ ڪامورن تائين ۽ اُلهندي ۾ ستلج نديءَ کان وٺي اُڀرندي ڏي بنگالي جي اُپسمنڊ تائين، صلح سانت ٿي ويو هو. ڪنهن به ملڪ تي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي صلح سانت ۽ بُريءَ کان بُري پِٽَ آهي ويڙهه. ڪنهن به وڏي حاڪم لاءِ، دشمن کي هٽائڻ لاءِ يا قاعدي ۾ ڀڃڪڙي وجهندڙن کي ماري مڃائڻ لاءِ، ويڙهه ڪرڻ واجب آهي. لارڊ ويلسلي ۽ لارڊ هيسٽنگس جيڪي ويڙهيون ڪيون سي خاص اِنهيءَ لاءِ ته ملڪ ۾ صلح سانت ٿئي. جيڪڏهن هو ويڙهيون نه ڪن ها ته هندستان جا سردار توڙي حاڪم هڪ ٻئي سان وڙهندا وتن ها ۽ ملڪ ۾ صلح سانت هرگز ٿي ڪين سگهي ها. لارڊ وليم بينٽنڪ 2- ويڙهه جي وقت ۾ ملڪ جي حاڪمن جو خاص ڌيان هوندو آحي لشڪر تي ۽ دشمن سان پوريءَ طرح مقابلي ڪرڻ تي. ويڙهه ۾ ملڪ جو ڳپل پيسو خرچ ٿي ويندو آهي. صلح سانت جي وقت ۾ حاڪمن کي فرصت ملندي آهي ويچار ڪرڻ جي ته ملڪ توڙي ماڻهن جي حالت ڪئَن بهتر ڪجي. 3- لارڊ وليم بينٽنڪ سياڻو، ٻاجهارو ۽ چڱو حاڪم هو. پنهنجي حڪومت جي ستن ورهين ۾ هن گهڻين ريتين سان، هندستان جي ماڻهن جو جيترو ڀلو ڪيو، اوترو کانئس اڳي جيڪي گورنر ٿيا ها، تن مان ڪنهين ڪين ڪيو هو. هو جو هي سڀ ڪري سگهيو، سو هن ڪري ته ملڪ ۾ صلح سانت هو. 4- بينٽنڪ جو پهريون ڪم ڪيو، سو هيءُ هو، جو مسافرن لاءِ رستن جي سلامتيءَ جو بندوبست ڪيائين. مرهٽا هاڻي ملڪ ۾ ڪين ٿي رليا ۽ پنڊاري به مات ٿي ويا ها؛ پر ڊاڪو يا ڌاڙيل ۽ ٺڳ يا گُهٽا ڏيئي ماريندڙ، جتي ڪٿي جام ها. گهڻا ويچارا ماڻهو مسافريءَ تي ويا ۽ وري نه موٽيا. گهڻا ويچارا پنهنجو گهر ڇڏي ويا ۽ وري اُنهن جي ڪا خبر ڪانه پيئي، اُنهن کي ڌاڙيلن پورو ڪري ڇڏيو. 5- ڌاڙيل ٽيهن يا چاليهن ماڻهن جون ٽوليون ٿي عام مسافرن جي پوشاڪ ۾ گهمندا ها. هو ڪنهن شاهوڪار جو گهر ڳولي لهندا ها ۽ رات جو ٺڳ ڏياٽين سان منجهس ڪاهي پوندا ها، هو گهر وارن ماڻهن کي ڦريندا ها، اُنهن سان بيرحميءَ جي هلت ڪندا ها ۽ اڪثر اُنهن کي ماري وجهندا ها. - ٺڳ، ڪالي ديويءَ کي پوڄيندا ها ۽ ٻارهن يا وڌيڪ ماڻهن جون ننڍيون ٽوليون ٿي گهمندا ها. اُهي به سانتيڪن ڳوٺاڻن جهڙا ڪپڙا ڍڪيندا ها ۽ ڪو مسافر گڏبو هون ته پهرائين هن سان ٺهي ويندا ها، پوءِ ڪنهن هيڪلي دڳ يا گهاٽي جهنگ ۾ هن جي ڳچيءَ ۾ رومال وجهي گُهٽي ماريندا هئس. جيڪي ساڻ هوندو هوس سو ڦري پوءِ هن کي پوري ڇڏيندا ها. هو ڀانئيندا ها ته هن پر جي خونن تي سندين ديوي راضي ٿي ٿئي. جڏهين هو هيُ ڀَو جهڙو ڪم ڪين ڪندا ها تڏهين ٻين ماڻهن وانگر هو ٻنيءَ ۾ يا دڪان تي رڌل رهندا ها، ۽ ڪنهن کي سڌ ڪانه هوندي هئي ته هو ڪو ٻين ماڻهن جهڙا نه آهن. سڀني ٺڳن کي پنهنجي هڪڙي ڳجهي ٻولي ۽ ڳجهون نشانيون هيون، جنهن جي اُنهن ڌاران ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي. 7- بينٽنڪ انگريزي عملدارن کي حڪم ڏنو ته وڃي ٺڳن ۽ سَتي ڌاڙيلن کي ڳولي هٿ ڪن. ستن اٺن ورهين ۾ 1500 کان وڌيڪ ٺڳ جهليائون. ٿورن ورهين کان پوءِ هڪ به ڪونه رهيو ۽ سون ورهين جي مدت ۾ اِهو پهروين وقت هو، جو مسافرن ڪاڻ رستن تي سلامتي ٿي. 8- هڪڙي تمام بيرحميءَ جهڙي رسم جنهن کي سَتي ڪري سڏيندا ها، جُڳن کان وٺي ڪن هندن ۾ هلندي ايندي هئي؛ اُها هيءَ هئي ته جڏهين ڪنهن زال جو مڙس مرندو هو، تڏهن اُها وڌوا پنهنجي مئَل مڙس سان گڏ پاڻ کي جلائيندي هئي. اِنهيءَ ريت ويچاريون هزارين وڌوائون جلنديون هيون. پٽ پنهنجن مائرن کي پنهنجين هٿين جيئَرو وڃي جلائين، اِها اهڙي ڀيانڪ ڳالهه آهي، جو جيڪر وسهڻ ۾ ڪين اچي. پر رڳو بنگالي ۾ هڪڙي ورهيه 1817ع ۾ 700 کان ٻاهر وڌوائون جيئَريون ساڙيون ويئون. اڪبر اِنهيءَ بيرحم رسم بند ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي؛ پر اُنهيءَ مان ڪين وريو. بينٽنڪ سو اِنهيءَ رسم جي پاڙ پٽي ڇڏي ۽ اِنهيءَ ڪري سڀ هندو سندس ڏاڍا شڪرگذار آهن. 9- 1833ع کان اَڳي هندستان جي رهاڪن کي ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪي وڏيون يا چڱي مواجب واريون جايون ڪين ڏيندي هئي. پر اِنهي ورهيه ۾ هڪڙو قاعدو منظور ٿيو ته ڪا به جاءِ يا عهدو هندستان جي ديسي ماڻهوءَ کي ڏجي، جيڪڏهين هو سڀڪنهن طرح اُن جو لائق هجي. پهرائين گهڻا ديسي ماڻهو لائق ڪين ها؛ پر سال به سال وڌيڪ مقرر ٿيندا ويا؛ تنهنڪري هاڻي تمام گهڻيون سرڪاري نوڪريون هندستان جي ديسي ماڻهن کي آهن. هندستان جي ديسي ماڻهن لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا در پهرائين بينٽنڪ پٽيا ۽ تڏهانڪر اُهي در پٽيائي پيا آهن. گهڻا ڏيهي ماڻهو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ۽ سب جج مقرر ٿيا. 10- جڏهين ايترا ڏيهي ماڻهو انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ گهڙي پيا ۽ انگريزي عملدارن سان سندن ايترو لاڳاپو ٿيو، تڏهين ضرور هو، ته هنن کي انگريزي ٻولي چڱيءَ طرح اچي، جنهن ۾ هو پڙهي، لکي ۽ ڳالهائي سگهن. سڀ ڪنهن پر جي ڪمائتي علم، سڀني هنرن ۽ گيان جو انگريزي ڪتابن تان وڏو ذخيرو ملي ٿو، جو هندستان جي ٻولين جي ڪتابن مان ڪين ٿو ملي. ۽ جيسين هندستان جا ماڻهو انگريزي نه سکن، تيسين اُهو علم هنن کي ڪئَن ملي؟ ڪنهين به ملڪ جي ڪتابن ۾ جيڪي چڱيون يا ڪمائتيون ڳالهيون آهن، سي انگريزي ڪتابن ۾ لڀن ٿيون؛ ڇاڪاڻ جو انگريز سڄي دنيا ٿا گهمن ۽ سڀڪنهن ملڪ جي ٻولي ٿا سکن ۽ جيڪي ڪمائتو آهي، تنهنجو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٿا وٺن. انگريزي ٻولي خزانه جي جاءِ وانگر آهي، جا سڄي جهان جي عقل ۽ علم سان ڀريل آهي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي واقفيت ڄڻڪ هڪڙي ڪُنجي آهي، جنهن سان ماڻهو در پٽي اُنهيءَ جاءِ ۾ وڃي ٿو ۽ جيڪي وڻيس سو وٺي سگهي ٿو. بينٽنڪ حڪم جاري ڪيو ته هندستان جي ڏيهي ماڻهن کي انگريزي سيکارڻ ڪاڻ سڪول کولجن. هن جي وقت کان وٺي ڏينهان ڏينهن وڌيڪ سڪول پئي کليا آهن ۽ هاڻي ته هزارين سڪول ٿي ويا آهن، جن ۾ انگريزي سيکارڻ ۾ ٿي اچي. 11- هندستان جا ماڻهو گهڻين قومن ۽ ذاتين ۾ ورهايل آهن، جن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي، جا ٻين سڀني ٻولين کان نرالي آهي. هڪڙو وقت هو، جو مدراس جو رهاڪو پنجاب جي رهاڪوءَ جي ٻولي نٿي سمجهي سگهيو؛ ڇاڪاڻ ته هن جي ٻولي ٻي هئي. پر هاڻي پنجابي مدراسيءَ سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انگريزي جئَن پنجاب جي سڪولن ۾ سيکارڻ ۾ ٿي اَچي، تئَن مدراس جي سڪولن ۾ به ٿي سيکارڻ ۾ اَچي. پنجاب ۽ مدراس جي ماڻهن لاءِ چڱو آهي ته هو هڪ ٻئي سان ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي سگهن؛ ڇاڪاڻ جو هو ساڳئي بادشاهه جي رعيت آهن ۽ ٻئي ساڳئي وڏي هندستان جي قوم جا ماڻهو آهن. 12- جڏهين هندستان ۾ مغلن ۽ افغانن جي حڪومت ٿي هلي، تڏهن اِنصافي محڪمن ۽ سرڪاري دفترن ۾ پارسي ٻولي چالو هئي. هاڻي جڏهين انگريز هندستان جا حاڪم ٿيا آهن، تڏهين بينٽنڪ پارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي وڌي. 66- لارڊ وليم بينٽنڪ (هلي پيو) 1- گورنر جنرل کي هندستان جو رئيس ٿي ڪري نه رڳو هندستان جي راجائن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ کان روڪڻو هو؛ پر هن کي اِهو به ڏسڻو هو، ته هو پنهنجي رعيت تي چڱيءَ پر حڪومت ڪن ۽ اُنهيءَ کي ايذاءُ نه ڏين. بينٽنڪ جي وقت ۾ اِها ڳالهه پوريءَ طرح محسوس نه ٿي ڪئي ويئي ۽ ڪن ڏيهي رياستن ۾ ماڻهن سان تمام خراب هلت ڪئي ٿي ويئي، امير هڪ ٻئي سان پيا وڙهندا ها ۽ اڪثر ڪري گهروُ ويڙهيون پي لڳيون. پهريائين ته بينٽنڪ اهڙين رياستن کي ڇڏي ڏنو ته ڀلي جئين وڻين تئن پيئون هلن پر پوءِ سمجهائين ته جيڪڏهن ڪو قدم نه کڻندس ته اُهي رياستون چٽ ٿي وينديون. گواليار ۾ دولت راءِ سنڌيا مري ويو؛ هن کي پٽ ڪونه هو، ۽ هن جي راڻي ۽ سردار پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ لڳي ويا. بينٽنڪ راڻيءَ کي چيو ته جنڪاجيءَ کي گود جو پٽ ڪر؛ ۽ اڃا وڏو ٿيو ته هن کي ملڪ تي حڪومت هلائڻ لاءِ گاديءَ تي کڻي وهاريائين. ملهار راءِ هولڪر به مري ويو. هن به پٽ ڪونه ڇڏيو. هن جي راڻيءَ به حڪومت هٿ آڻڻ لاءِ جهٽ هنيون ۽ گهروُ جنگ ٿي پيئي. بينٽنڪ اڳئين راجا جي پٽ کي جو ماڻهن کي وڻندو هو، گاديءَ تي وهاريو، پوءِ سانت ٿي ويئي. ڪرشنا راجا ميسور جو راجا راجپوتانا جي ڪيترين رياستن ۾ به بينٽنڪ ساڳي اِنهيءَ ريت ڪيو. جيڪي حقي راجائن سان ڦريا، تن کي هن جُرات سان دٻائي ڦٽو ڪيو. ويڙهه هلي ها، ته هزارين ماڻهن جي جان وڃي ها؛ سي هاڻ بچي پيا. 2- مٿي چيل آهي ته 1799ع ۾ جڏهين ٽيپو مئو، تڏهين لارڊ ويلسلي ڪرشنا راجا نالي هڪڙي ننڍي ٻار کي ميسور جو راجا ٿاڦيو. جڏهين ڪرشنا راجا 16 ورهين جو ٿيو، تڏهين هو گاديءَ تي ويٺو، پر هو تمام خراب حاڪم نڪري پيو. هن پنهنجو سڀ خزانو اجاين رونشن ۾ وڃائي ڇڏيو. لائق ماڻهن کي عهدن ملڻ بدران جن گهڻا پيسا ٿي ڏنا، تن کي ٿي جايون مليون. هن پنهنجي لشڪر کي مواجب نٿي ڏنو ۽ ميسور جا ماڻهو ڏاڍي آزار ۾ ها. نيٺ 1830ع ۾ ماڻهو جڏهين وڌيڪ سهي نه سگهيا، تڏهين راجا سان ڦري بيٺا. تنهنڪري بينٽنڪ ملڪ ۾ وري صلح سانت ڪرڻ لاءِ لشڪر ڏياري موڪليو. راجا کي مواجب جوڙي ڏنائين ۽ تنهن کان پوءِ پنجاهن ورهين تائين ميسور ۾ انگريزي عملدار، جن کي ”ميسور ڪميشن“ ڪري سڏيندا ها، حڪومت هلائيندا رهيا. ملڪ سائو ۽ آسودو ٿيو ۽ رعيت سکي رهي. راجا کي گود جي پٽ وٺڻ جي موڪل ملي ۽ اُهو پٽس جڏهين وڏو ٿيو، تڏهين ميسور جو راجا ٿاڦيو ويو ۽ ”ميسور ڪميشن“ بند ٿي ويئي. 3- 1813ع سوڌو انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي هندستان ۽ چين سان واپار ڪرڻ جو خلاصو حق هو. 1813ع ۾ لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ هندستان جو واپار سڀني لاءِ کليو رهيو، ته جنهن جي مرضي پئي، سو واپار ڪري، پر جئَن مٿي چيل آهي ته جڏهين ڪمپنيءَ جي موڪل ڌاران ڪو انگريز هندستان ۾ رهي ڪين ٿي سگهيو، تڏهين اِهو قانون اجايو هو. ويہ ورهيه پوءِ 1833ع ۾ انگريزن جي پارليمينٽ ويهن ورهين لاءِ ڪمپنيءَ کي سَنَد تازي ڪري ڏني، پر اِهو قانون ٺهرايائون ته ڪمپني هندستان سان پٽيءَ واپار نه ڪري. سَنَد ۾ اُنهن کي رڳو ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي موڪل ملي. هن وقت کان وٺي ڪوبه انگريز ڪنهن کان موڪل وٺڻ ڌاران هندستان ۾ وڃي ۽ جتي وڻيس تتي رهي سگهيو ٿي. هن کان پوءِ گهڻائي انگريز هندستان ۾ واپار ڪرڻ ۽ ملڪ ڏسڻ لاءِ آيا. واپار جو گهڻو واڌارو ٿيو ۽ هندستان جا رهاڪو اڳين کان وڌيڪ دولت وارا ٿيا. اُنهيءَ ساڳئي وقت چين جو واپار به سڀڪنهن ماڻهوءَ لاءِ کليو رهيو. 4- اودهه جي نواب 1801ع ۾ جيڪو ملڪ انگريزن کي ڏنو هو ۽ جيڪو ملڪ سنڌيا کان ورتو ويو هو، سي ٻئي گڏي هڪڙو نئون کاتو ٺاهيائون، جنهن کي اُتر اُلهندي جا علائقا ڪري سڏيائون، ۽ اُنهن کي هڪڙي ليفٽننٽ گورنر جي هٿ هيٺ رکيائون. هاڻي اُنهن کي چوندا آهن آگرهه ۽ اودهه جا گڏيل علائقا. هڪڙو ڪرگ سردار 5- ڪُرگ هڪڙو ننڍڙو جابلو ملڪ ميسور جي اُلهندي، اُلهندي گهاٽن ۾ آهي. ماڻهو ٽولين يا وڏين آڪهين ۾ وراهيل آهن ۽ هر هڪ اهڙيءَ ٽوليءَ کي پنهنجو پنهنجو سردار آهي. صدين کان وٺي اُتس هندو راجائون راج ڪندا ها. حيدر ۽ ٽيپوءَ اُهو ملڪ ورتو، پر جهلي ڪين سگهيس، ڇاڪاڻ جو ڪرگين وري وري فساد مچائي ڏنو. ٽيپوءَ جي مرڻ کان پوءِ جيڪو راجا اُن وقت راڄ ڪندڙ هو سو آرام ۾ رهيو. هن کان پوءِ جيڪي ٻه راجائون ٿيا، تن حڪومت خراب طرح هلائي، پر ويرا راجا جو بينٽنڪ جي ڏينهن ۾ راجا هو، سو ته اڳين کان به ڏهه رتيون ڪسر هو. هن سوين ڪرگي مارائي ڇڏيا ۽ پنهنجا ڀائر ۽ ڀينر سڀ ڪهارايائين. ڪوبه سلامت نه هو، جيڪي ڀڄي سگهيا، سي ملڪ مان نِڪري ويا. ڪيترائي انگريزي عملدار هن کي خبردار ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. پر هن ڪنهن جي ڳالهه ڪانه ٻڌي. 1834ع ۾ بينٽنڪ ڪرگ ڏي لشڪر ڏياري موڪليو. راجا جا سپاهي بهادريءَ سان وڙهيا؛ پر راجا پاڻ ٻيلي ۾ ڀڄي ويو. هو سگهوئي جهليو ۽ پوءِ گورنر جنرل ڪرگ جي سردارن کي ٻئي راجا ڏئڻ لاءِ چيو. سڀني هڪ راءِ ٿي چيو ته ڪرگ ۾ انگريزن جي حڪومت ٿئي ۽ راجا نه ٿئي. گورنر جنرل اُنهن جي مرضيءَ موجب ڪيو ۽ ڪرگ برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿي ويو. اُنهي وقت کان وٺي ڪرگين کي بنا موڪل هٿيارن کڻڻ جي اجازت آهي. ڪُرگ جي راجا کي ملڪ ڇڏي وڃڻو پيو. کيس پينشن ڏياري ويئي ۽ هو پهرين ويو ويلور ۾ جتان وري ويو بنارس ۾. 1852 عيسوي ۾ ويو اِنگلنڊ جتي گذر ڪري ويو. سر چارلس ميٽڪاف 67- سر چارلس ميٽڪاف، ڪم هلائيندڙ گورنر جنرل 1835 عيسوي کان 1836 عيسوي تائين 1- سر چارلس ميٽڪاف اُتر اُلهندي علائقن جو گورنر بينٽنڪ کان پوءِ 1835 عيسوي ۾ هڪ سال لاءِ گورنر جنرل ٿي ڪم ڪيو. بينٽنڪ جيڪي قانون ٺاهي ويو هو ته هندستان جا ماڻهو ڀلي پنهنجون اخبارون جاري ڪن جن ۾ بنا ڪنهن جي به موڪل وٺڻ جي، جيڪي وڻين سو لکي سگهن، بشرطيڪ هنن جو لکيو ڪنهن کي ڏکوئي نه، سي هن قاعدي جي صورت ۾ آندا. اخبارن مان اسان کي خبر پوي ٿي ته ٻين هنڌ ڇا پيو وهي واپري. اسين ته جتي ڪٿي حاضر ٿي نه ٿا سگهون پر اخبارن پڙهڻ سان اسان کي هر هنڌ جي خبر پئجي سگهي ٿي. ملڪ جا حاڪم اڪثر ڪري اخبارن مان ئي سهي ڪندا آهن ته سندن قاعدا ۽ قانون رعيت کي ڪيتري قدر آئرن ٿا ۽ جيڪڏهن ڏسندا ته ڪي قاعدا يا قانون پورو ڪارج نه ٿا ڏين يا ماڻهن کي ڪو نقصان رسائين ٿا ته هنن ۾ ڦيرڦار ڪري سگهن ٿا. پهرين پهرين اخبار جا هندستان ۾ ڇاپي ويئي سا هڪ انگريز 1780ع م ڇاپي. پهرين پهرين هندستاني اخبار 1822ع ۾ بمبئي ۾ ڇاپي ويئي. 1835ع کان اڳي رُڳيون ڇهه هندستاني اخبارون هيون؛ هاڻي ته اٺن سَوَن کان به وڌيڪ آهن. 68- لارڊ آڪلنڊ، ڏهون گورنر جنرل 1836 عيسوي کان 1842 عيسوي تائين 1- افغانستان جو ڪنهن وقت مغل شهنشاهت جو هڪ پرڳڻو هو تنهن تي احمد شاهه (جنهن سنڌ ۽ بلوچستان فتح ڪيو هو) جي وقت کان وٺي امير راڄ ڪندا ها. احمد شاهه جي وفات کان پوءِ سکن جي هڪ وڏي سردار، رنجيتسنگ نالي، افغانن کان پنجاب هٿ ڪري اُن ۾ پنهنجي حڪومت جاري ڪئي. سنڌ پڻ هڪڙن چئن بلوچي سردارن (جن کي امير ڪري ڪوٺيندا ها) فتح ڪئي. خود افغانستان ۾ ڪيترا سال ويڙهه ۽ خونريزي لڳي پئي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترا افغان سردار تخت لاءِ هڪ ٻئي سان پيا وڙهندا ها. لارڊ آڪلنڊ 2- لارڊ آڪلنڊ جي زماني ڌاري ٻه سردار ها، جن افغانستان جي تخت جي دعويٰ ٿي ڪئي: هڪڙو هو شاهه شجاع جو احمد شاهه جو اولاد هو ۽ ٻيو هو دوست محمد جو احمد شاهه جي مکيه وزير جي پيڙهيءَ مان هو. دوست محمد ٻنهي مان زور وارو هو. هن شاهه شجاع کي ڪابل مان تڙي ڪڍيو. شاهه شجاع هندستان ڏي ڀڄي آيو، جتي انگريزن هن کي گذران لاءِ مواجب جوڙي ڏنو. 3- دوست محمد گورنر جنرل کي لکي موڪليو ته رنجيت سنگه کي چؤ ته اسان کي پنجاب جو ڀاڱو، پشاور، موٽي ڏي. اِئين ته هو ڪري نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته رنجيت سنگه انگريزن جو دوست ۽ طرفدار هو. اِنهيءَ تي دوست محمد کي ڪاوڙ لڳي. 4- هن وقت روس ويو ٿي وچ ايشيا مان افغانستان ڏانهن ڌوڪيندو. هنن ڪئين ملڪ ورتا هوا ۽ ڪڇ انديشو هو ته متان هندستان تي ڪاهي اچي. هنن دوست محمد ڏي هڪ عملدار موڪليو جنهن سان هن عهدنامو ڪيو. شاهه شجاع - گورنر جنرل ڀانيو ته افغانستان ۾ ڪو خيرخواهه اَمير هجي ته چڱو، جو انگريزن کي مدد ڏئي ۽ جيڪڏهن رشيا واراکڻي هندستان تي ڪاهه ڪن، ته هو ساڻن وڙهي. هن انهيءَ ڪري وري هيڪر شاهه شجاع کي افغانستان جي گاديءَ تي وهارڻ جو ٺهراءَ ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته هو حقي وارث به هو ۽ انگريزن جو سڄڻ به هو. 6- 1839ع ۾ انگريزي لشڪر سنڌوندي لنگهي پار ٿيو ۽ بولان جي دري جي رستي بلوچستان مان لنگهي قنڌار تي چڙهي ڪري ويو. قنڌار وٺي لشڪر غزنيءَ تي ڪاهي ويو؛ سخت جنگ کان پوءِ اُها به ورتي. پوءِ دوست محمد اُتر ڏي بخارا جي پاسي ڀڄي ويو ۽ شاهه شجاع کي افغانستان جي گاديءَ تي وهاريائون ۽ سر ڊبليو مئڪناٽن کي کيس حڪومت ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ اُتي ڇڏيائون. دوست محمد - ٻئي ورهيه دوست محمد انگريزن کي پاڻ سونپيو ۽ ڪلڪتي ڏي موڪليو ويو، جتي هن سان تمام گهڻي مهربانيءَ جي هلت ٿي. پر اڪبر خان هن جو پٽ، جو شوخ جوان مڙس افغان سردار هو، تنهن آڻ نه مڃي ۽ هن سان گهڻا افغان وڃي گڏيا. شاهه شجاع هيڻو بادشاهه هو. هو حڪومت نه هلائي سگهيو ۽ خود سنديس رعيت کيس ڌڪاريندي هئي. هو گاديءَ تي ويٺو، تنهن کان پوءِ انگريزن جي لشڪر جو ڀاڱو موٽي هندستان ڏي هليو ويو ۽ انگريزي عملدار جي ڪابل ۾ رهيل ها، تن جي سنڀال لاءِ ٿورو لشڪر اُتي ڇڏيو ويو. اڪبر خان 8- 1842ع ۾، شاهه شجاع ٻه ورهيه راڄ ڪيو هو، تنهن کان پوءِ افغان هٿيار کڻي فساد مچائي بيٺا. اڪبر خان هو سندن اڳواڻ سر ڊبليو مئڪناٽن صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جئَن هن دوستاڻي ملاقات ڪندي بنا هٿيار، اڪبر خان سان پئي ڳالهايو، تئَن هن اچتوئي اوچتو گولي هڻي ماري وڌس ۽ افغانن وڍي ٽڪر ٽِڪر ڪري ڇڏيس. 9- پوءِ ڪابل تي ڪاهه ٿي. انگريزن جو جنرل، جو لشڪر جو مهندار هو، تنهن ڀانيو ته ايترن ماڻهن سان وڙهڻ جو زور اسان ۾ ڪونهي ۽ کاڄ به کپي ويو آهي، تنهنڪري هن ناداني ڪري هندستان ڏي موٽي وڃڻ کڻي قبوليو. اِها هن وڏي ڀل ڪئي. انگريزن جي جنرل کي کپندو هو ته جئَن ڪالائيو آرڪاٽ ۾ ڪيو 9- پوءِ ڪابل تي ڪاهه ٿي. انگريزن جو جنرل، جو لشڪر جو مهندار هو، تنهن ڀانيو ته ايترن ماڻهن سان وڙهڻ جو زور اسان ۾ ڪونهي ۽ کاڄ به کپي ويو آهي، تنهنڪري هن ناداني ڪري هندستان ڏي موٽي وڃڻ کڻي قبوليو. اِها هن وڏي ڀل ڪئي. انگريزن جي جنرل کي کپندو هو ته جئَن ڪالائيو آرڪاٽ ۾ ڪيو خيبر جي دري جا افغان هو، تئَن هو به ڪابل جو قلعو تيسين جهلي وهي رهيا، جيسين کيس مدد اچي پهچي ها. افغانن سخن ڏنو ته ڪوچ ۾ لشڪر تي ڪاهه ڪين ڪنداسون؛ پر هنن بي ايماني ڪري پنهنجو سخن نه پاڙيو. جئَن انگريزي لشڪر خورد ڪابل جي سوڙهي دري مان پئي لنگهيو، تئَن مٿان ٽڪريءَ تان هزارين افغان انگريزي سولجرن ۽ ديسي سپاهين تي بندوق جو وسڪارو لائي ويهي رهيا. هڪڙو ڊاڪٽر برائيڊن سو بچيو، باقي ٻيا سڀ مارجي ويا. لارڊ اينلبرو 69- لارڊ ايلنبرو، يارهون گورنر جنرل 1842 عيسوي کان 1844 عيسوي تائين 1- ڪابل واري ڀاڄ کان پوءِ لارڊ آڪلنڊ اِنگلنڊ ڏي موٽي ويو ۽ لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل ٿي آيو. 2- انگريزي لشڪر جا ٻه ننڍا دفعا افغانستان ۾ ڇڏيا ويا، هڪڙو جنرل ناٽ جي حڪم هيٺ قنڌار ۾ ۽ ٻيو جنرل سيل جي هٿ هيٺ جلال آباد ۾. جئَن انگريزي لشڪر کي ڪابل جهلي وهڻ کپندو هو، تئَن هو قلعا سوگها جهلي ويٺا ۽ جرات سان وڙهيا. جنرل پالڪ جي حڪم هيٺ هڪڙو مضبوط لشڪر هندستان مان موڪليو ويو. هو خيبر دري مان جلال آباد ويو ۽ جنرل سيل جو ٻانهن ٻيلي وڃي ٿيو. اڪبر خان ۽ سندس افغانن سان هڪڙي وڏي جنگ ٿي، جنهن ۾ هو ڀڄايا ويا. پوءِ هو ڪابل تي چڙهي ويو ۽ اُهو وري ٻيهر ورتائين. هن کي معلوم ٿيو ته شاهه شجاع کي اڪبر خان جي سپاهين انگريزن جي غير حاضريءَ ۾ ماري وڌو هو. ڪابل جو قلعو ناس ڪري انگريزن جو لشڪر هندستان ڏي موٽيو. دوست محمد ڪلڪتي ۾ آزاد ٿيو ۽ انگريزن جو ساٿي ٿي ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ لاءِ وري ڪابل ڏي موڪليو ويو. سر چارلس نيپيئر 3- جڏهن سنڌ جي اميرن ٻڌو ته افغانن انگريزي لشڪر کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي تڏهن انگريزن سان عهدنامو ٽوري ويڙه جو سانباهو ڪيائون. ڪاهي ويا انگريزي ريزيڊنٽ، جنرل آوٽرام تي پر هو ته پنهنجي حياتي بچائي اُٿي ڀڳو. سر چارلس نيپيئر پاڻ سان ٽي هزار لشڪر وٺي هليو ساڻن ويڙهه ڪرڻ. اميرن کي پاڻ سان هوا ٻٽيہ هزار بلوچي سپاهي. 1843ع ۾ سنڌ ۾ مياڻيءَ ۽ حيدرآباد جي ڀرسان ٻه وڏيون جنگيون لڳيون جن ۾ سر چارلس نيپيئر سوڀارو ٿيو. پوءِ گورنر جنرل سنڌ کي به برٽش هندستان سان شامل ڪري اُن کي هڪ علائقو ڪري ڇڏيو. 4- گواليار جو راڄ ڪندڙ راجا جنڪا جي سنڌيا، جنهن کي لارڊ وليم بينٽنڪ گاديءَ تي وهاريو هو، سو مري ويو ۽ هن کي پٽ ڪونه هو. هو هيڻو ۽ نڪمون حاڪم هو ۽ هن جي سردارن سندس حڪم نٿي مڃيو. جيڪو هنن لشڪر رکيو هو، سو گهرج کان وڌيڪ هو ۽ مٿس جو خرچ ٿيو ٿي سو اجايو هو؛ ڇاڪاڻ جو رياست جي آمدنيءَ جي ٽن پتين مان ٻه پتيون ته لشڪر جي خرچ تي لڳي ٿي ويئون. سنڌيا جي وڌوا جا ٻارهن ورهين جي ڇوڪر هئي، تنهن کي گوديلي پٽ وٺڻ جي اجازت ملي. پر هن کان پوءِ سُتَتُئي هن سياڻي پيرسن وزير کي جنهن سندس مڙس وٽ گذاريو هو، ڪڍي ڇڏيو ۽ انگريزن سان ويڙهه ڪيائين. 5- سر هيوگف آگرهه کان لشڪر وٺي چڙهي هليو ۽ 1843ع ۾ مهاراجپور ۽ پنيار جي ٻن وڏين جنگين ۾ گواليار جي سردارن کي جيتيائين. پوءِ گورنر جنرل ڇهن مرهٽن سردارن جي هڪڙي سڀا ٺاهي، جنهن هن ننڍڙي ڇوڪر جياجي، راڻيءَ جي گوديلي پٽ جي وڏي ٿيڻ تائين ملڪ جي حڪومت پئي هلائي. رياست جو لشڪر گهٽائي چاليهن هزارن مان وڃي بچايائون نَو هزار، ۽ گواليار ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ انگريزي فوج رکي ويئي. لارڊ هارڊنج 70- لارڊ هارڊنج، ٻارهون گورنر جنرل 1844 عيسوي کان 1848 عيسوي تائين 1- رنجيت سنگ، جنهن کي پنجاب جو شينهن ڪري سڏيندا ها، تنهن پنجاب کي هڪڙو مضبوط راڄ بڻائي ڇڏيو هو. هو نڪي پڙهي ڄاڻندو هو ۽ نڪي لکي ڄاڻندو هو ۽ ڪاٺيءَ تي نشانيون ڪري اُن تي ليکو ڪندو هو. هو قد جو بندرو هو ۽ اک رڳي هڪ هيس، ٻي وڃائي هوائين ماتا ۾، جنهن جي ڪري سڄي منهن تي سنئَرا ٿي پيا هئس. هو انگريزن جو پڪو دوست هو ۽ سياڻو ۽ زور وارو حاڪم هو، جو پنهنجن سردارن کي پنهنجي هٿ ۾ خوب قابو رکندو هو ۽ پنهنجي رعيت کي گهڻو وڻندو هو. هن ڪشمير جو ملڪ ورتو؛ ڇاڪاڻ جو هن کي مضبوط لشڪر هو، جنهن کي فرينچ عملدارن قواعد سيکاريو ۽ تعليم ڏني هئي ۽ توبون به گهڻيون هيس. 2- چاليهن ورهين جي راڄ کان پوءِ 1829ع ۾ رنجيت سنگ مري ويو ۽ سندس راڻين مان پنج سندس چکيا تي ستيون ٿيون. هن جو وڏو پٽ گاديءَ تي ويٺو؛ پر هو سگهوئي تخت تان لاٿو ويو ۽ پوءِ ٻن ٽن ورهين تائين هڪ ٻئي پٺيان منصوبا پئي ٿيا. شاهي گهراڻي جا گهڻا راڄ ڪنوَر مارجي ويا؛ نيٺ سکن جي لشڪر جو سپه سالار تيج سنگ سڀني کان زور ٿي ويو. انگريزن جي افغانستان ۾ ڀاڇ ٿي، تڏهانڪر سک سپاهي ڀانئيندا ها ته اسان کي انگريزن سان وڙهڻ جيترو زور گهڻوئي آهي ۽ هو دهليءَ کي لٽڻ ڪاڻ ٿي سڪيا. هو ستلج لگنهي پار ٿيا ۽ انگريزن جي ملڪ ۾ ڪاهي پيا. سکن ۽ انگريزن جي وچ ۾ چار وڏيون جنگيون ٿيون ۽ اُهي سڀ ٽن هفتن جي اندر ٿيون. سکن کي چڱي جنگي سکيا مليل هئي ۽ عليوال جي جنگ سورهائيءَ سان وڙهيا. انگريزن کي هندستان ۾ جن دشمنن سان وڙهڻو پيو هو، تن سڀني کان سک زور وارا دشمن ها. پر لشڪر جي سپه سالار سر هيوگف ۽ لارڊ هارڊنج گورنر جنرل اُنهن کي ڊسمبر 1845ع ۾ مدڪي ۽ فيروز شاهه وَٽ جيتيو ۽ وري سر ايڇ سمٿ عليوال وٽ ۽ سر هيوگف جنوري 1846ع ۾ سوبرائِون وٽ جيتين. 3- پوءِ سکن جي پهرينءَ ويڙهه جي پڄاڻي ٿي. سکن جو لشڪر گهٽائي ويهه هزار ماڻهو ڪيائون ۽ ستلج ۽ راويءَ جي وچ وارو پنجاب جو ڀاڱو انگريزن پنهنجي هٿ آندو. اُنهيءَ ساڳئي وقت گلاب سنگ راجپوت کي جو رنجيت سنگ جي هٿ هيٺ ڪشمير جو حاڪم هو اُنهي ملڪ جو راجا ڪيائون ۽ هن وري اُن جي عيوض ۾ اڳيئنءَ ويڙهه جو خرچ ڀري ڏنو. رنجيت سنگه جي ننڍڙي پٽ دليپ سنگ کي پنجاب جو راجا ٿاڦيائون ۽ جيسين هو وڏو ٿئي، تيسين ماڻس کي قائم مقام مقرر ڪيائون. لارڊ ڊلهئوسي 71- لارڊ ڊلهئوسي، تيرهون گورنر جنرل 1848 عيسوي کان 1856 عيسوي تائين 1- 1848ع ۾ لارڊ ڊلهئوسي هندستان ۾ آيو ۽ اَٺن ورهين تائين گورنر جنرل رهيو. هو برٽش اِنڊيا جو چوٿون بنائيندڙ ليکبو آهي. لارڊ ڪلائيو، لارڊويلسليءَ ۽ لارڊ هيسٽنگس وانگر هن ڪيتريون ڏيهي رياستون انگريزن جي حڪومت هيٺ آنديون. ملڪ کي اڳئين کان وڌيڪ ڀاڳي ۽ آسودي ڪرڻ لاءِ هن گهڻوئي ڪي ڪيو. 2- لارڊ ڊلهئوسيءَ کي هندستان ۾ آئي اڃا ڇهه مهنا به ڪين ٿيا ها، ته وري سکن سان ٻي ويڙهه لڳي. مولراج، ملتان جي سک حاڪم ٻه جوان انگريزي عملدار ماري وڌا، سکن کي چيائين ته انگريزن سان وري گجرات جي جنگ هيڪر وڙهو. سکن سردارن پنهنجن اڳين سپاهين کي، جن کي ٽن ورهين کان اڳي هنن ڪڍي ڇڏيو هو، وري ڪٺو ڪيو ۽ 1849ع ۾ هڪڙي مضبوط سکن جي لشڪر، شير سنگه پنهنجي مهندار جي هٿ هيٺ، وري انگريزن تي ڪاهيو. 3- سرهيوگف هنن کي سامهون ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌيو چليان والا وٽ سخت جنگ ٿي؛ اُتي انگريز سوڀارا ٿيا، پر نقصان ڏاڍو سٺائون؛ پر پوءِ سگهوئي گجرات واريءَ جنگ ۾ سکن پٽيءَ هارايو. 4- پنجاب ۾ جا هر دم جنگ لڳي پيئي هئي، تنهنجي بند ڪرڻ ۽ هندستان کي افغانن کان بچائڻ لاءِ لارڊ دلهئوسي 1849 ۾ پنجاب کي انگريزي حڪومت هيٺ آندو. دليپ سنگ کي وڏو مواجب ٺاهي ڏنائون ۽ اِنگلنڊ ڏياري موڪليائنس، جتي هو اَنگريزن اميرن وانگر رهڻ لڳو. مسٽر جان لارينس کي (جو پوءِ گورنر جنرل ٿيو) چيف ڪمشنر جو لقب ڏيئي پنجاب جو خلاصو حاڪم مقرر ڪيائون. پهلوان سکن سپاهين جون انگريزي عملدارن سان پلٽڻيون ٺاهيائون؛ اُهي ۽ گورکا هاڻي هندستان ۾ تمام سٺو ۽ چڱو ڏيهي لشڪر آهن. پنجاب جي زمين خبرداريءَ سان ماپ ڪرائي ويئي. زمين جي ڍل جا رنجيت سنگ جي ڏينهن ۾ فصل جي قيمت جو اَڌ هئي، سا چوٿينءَ پتيءَ کان به گهٽ ڪئي ويئي. مال جيڪو ملڪ مان ويندو هو، تنهن تان سڀ محصول لاهي ڇڏيائون ۽ ڦورن جي ٽولين کي چٽ ڪيائون. رستا جوڙايائون، واهه کڻايائون ۽ سڪول کوليائون ۽ چڱا ۽ اِنصافي قاعدا هلايائون. سکن تي جهڙي هاڻي حڪومت ٿي، تهڙي اڳي ڪڏهين ڪانه هئي. 5- 1826ع ۾ يندابوءَ جو عهدنامو جو برما جي راجا سان ٿيو هو، سو هن وري وري پئي ڀڳو. برمين انگريزي جهازن جي ڪپتانن کي بنديخاني ۾ کڻي وڌو ۽ جڏهين انگريزي عملدار ڏانهن موڪليو ويو ته پڇين ته اِئين ڇو ٿا ڪن، تڏهين هن کي ماري وجهڻ جي ڪوشش ڪيائون. 6- اِنهيءَ ڪري 1852ع ۾ برمين سان ٻئي گهمري ويڙهه لڳي. انگريزي لشڪر رنگون وڃي ورتو، جنگ جا ٿي سا رڳو شهر ۾ وڏي مندر وٽ. ديس جي ماڻهن جي مرضي هئي ته سندن ملڪ ۾ به انگريزن جي حڪومت ٿئي؛ ڇاڪاڻ جو هنن ڏٺو هو ته ٽناسرم ۽ آراڪان علائقن ۾ برما جي راجا جي حڪومت کان انگريزن جي حڪومت گهڻو سرس هئي، برمين هنن کي کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٻيو جيڪي کپندو هون، سو سڀ آڻي پئي ڏنو. رنگون ۾ شوي ڊيگون مندر 7- برما جي راجا، جنهن جي گادي آوا ۾ هئي، عهدنامي ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو ۽ 1853ع ۾ لارڊ ڊلهئوسي پيگو ٻين ٻن علائقن سان گڏي ڇڏيو ۽ اُنهن کي برٽش برما ڪري سڏيائين، جنهن جو مکيه شهر رنگون ٿيو. تن ڏينهن کان وٺي رنگون وڏو بندر ٿي پيو آهي ۽ برمين جي حڪومت جي وقت ۾ جيترا ماڻهو اُن ۾ رهندا ها، تن کان هاڻي منجهس ويهوڻا ماڻهو آهن ۽ سارو ملڪ سائو ۽ آسودو ٿي پيو آهي. هردم جنگ جهيڙي ۽ بي رحم راجائن بدران، جي جيئَن وڻندو هون تيئَن سوين ماڻهو ماري ڇڏيندا ها، هاڻي اُتي چڱي حڪومت آهي؛ اِنصافي قاعدا هلن ٿا ۽ جتي ڪٿي صلح سانت ۽ آسودگي آهي. 8- 1818ع ۾ جڏهين پيشو ڊَٺو، تڏهين ستاري جي ننڍي مرهٽڪي رياست، شواجيءَ جي گهراڻي جي هڪ راجا کي ڏني ويئي هئي. اُهو راجا مري ويو ۽ پٽ ڪونه هوس؛ تنهنڪري 1848ع ۾ ستارو بمبئي کاتي جو ڀاڱو ڪري اُن ۾ ملايو ويو. 9- ناگپور جو پويون ڀونسلا راجا 1853ع ۾ مري ويو ۽ پٺتي وارث ڪونه ڇڏيائين. هيءُ ملڪ انگريزن جي حڪومت هيٺ آيو ۽ وچان علائقا سڏيو ويو ۽ چيف ڪمشنر جي هٿ هيٺ رکيو ويو. اِنهيءَ ساڳئي ورهيه ۾ برار، جو 1803ع ۾ ويلسليءَ حيدرآباد جي نظام کي ڏنو هو، سو سندس ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ وهاريل انگريزي لشڪر جي خرچ جي عيوض هن موٽائي انگريزن کي ڏيئي ڇڏيو. 10- اودهه جي نواب حڪومت اهڙيءَ بڇڙيءَ طرح سان هلائي ۽ پنهنجي رعيت تي ايترو انڌير مچائي ڏنائن، جو انگريزن وٽ مٿس وڏيون دانهون آيون. لارڊ بينٽنڪ ۽ لارڊ هارڊنج هن کي وري وري چيو ته حڪومت چڱيءَ ريت هلاءِ ۽ هن کي خبردار ڪيائون ته جي اِئين نه ڪندين ته راڄ توکان کسي وٺبو؛ پر اُنهن تاڪيدن جو هن خيال ڪونه ڪيو ۽ ڏينهاڻي ويو ابتر ٿيندو. اودهه ويو ٿي جلد چٽ ٿيندو ۽ اُن کي خرابيءَ کان بچائڻ لاءِ 1856ع ۾ اِنگلنڊ جي سرڪار گورنر جنرل کي حڪم ڏنو ته ملڪ انگريزن جي حڪومت هيٺ رکجي. نواب کي ٻارهن لک روپيا مواجب ڏيئي ڪلڪتي موڪلي ڏنائون. 11- لارڊ ڊلهئوسي جيڪي ملڪ گڏيا، تن سان برٽش اِنڊيا ٽين پتيءَ کان وٺي اَڌ تائين اڳئين کان برٽش انڊيا لارڊ ڊهائوسي جي هٿ هيٺ 1856ع وڌيڪ ٿيو. هن وقت سوڌو بنگالي جو گورنر ساري هندستان جو گورنر جنرل به هو؛ پر هاڻي ڪم ايترو وڌي ويو هو، جو هڪڙو ماڻهو گورنر ۽ گورنر جنرل اِنهن ٻنهي عهدن لاءِ پورو پئي نٿي سگهيو. تنهن ڪري 1853ع ۾ بنگالي کي ليفٽننٽ گورنر جي هٿ هيٺ رکيائون ۽ گورنر جنرل ساري هندستان جي حڪومت هلائڻ لاءِ ڇڙواڳ رهيو. اُنهي ساڳئي وقت گورنر جنرل ۽ هن جي ڪائونسل جي رهڻ جي جاءِ ڪلڪتي کان ڦيرائي سملي ۾ ڪيائون جو پنجاب ۾ هڪڙي ٽڪر جي جاءِ آهي؛ تڏهانڪر سال ۾ اَٺ مهنا هو اُتي رهندا اَچن. 72- لارڊ ڊلهئوسي (هلي پيو) انگريز حڪومت جا فائدا 1- پنجاهي کن ورهيه اڳي 1853ع ۾ ويهن مئلن ۾ پهرين ريلوي ٺهي. هاڻي هن ملڪ ۾ ريل جو رستو ويهن هزارن مئلن کان ٻاهر آهي. سڀ وڏا شهر ۽ سمنڊ جا بندر اڪثر ريلوي جي ڪري گڏيا پيا آهن ۽ سال ۾ ڏهن ڪروڙن کان مٿي ماڻهو ريلوي جي مسافري ڪن ٿا. هاڻي ساري ملڪ ۾ مال سنهنجائيءَ سان آڻي نيئي سگهجي ٿو. جڏهين ڪٿي ڏڪار پوي ٿو، تڏهين ٻين ملڪن مان منجهس اَنُّ آڻي سگهجي ٿو ۽ بيشمار ماڻهن جي جان بچي پوي ٿي. جي ريلوي نه هجي ها، ته لشڪر جو جيترو خرچ ٿئي ها، تنهن کان هاڻي گهڻو گهٽ ٿئي ٿو؛ ڇاڪاڻ جو هندستان جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۾ گهڻي لشڪر رکڻ بدران رڳو ڪن نروين جاين ۾ لشڪر رکيل آهي ۽ جيڪڏهين اُنهيءَ جو ڪٿي کپ پوي ٿو، ته ريل جي رستي سان اوڏاهين موڪلي ڏجي ٿو. 2- لارڊ ڊلهئوسيءَ جي ڏينهن ۾ هندستان جو واپار گهڻو وڌيو. هندستان جي واپارين اڳي کان ڪپهه ۽ اناج ٽيڻا وڪيا ۽ مال جي خريد به ٽيڻي ٿي. آبادگار پنهنجي پيدايش وڌيڪ اگهن سان وڪڻڻ لڳا ۽ اڳئين کان زيادهه سائوُ ٿيا. هن جو ڪارڻ اِهو هو جو ريل جي رستن ۽ واهن ڪري مال ملڪ ۾ آڻڻ نيڻ سنهنجو ٿي پيو هو. انگريزي واپاري گهڻو سامان اِنگلنڊ مان آڻڻ لڳا؛ اِنهي ڪري سڀني قسمن جو سامان، جو ملڪ ۾ گهڻن هنڌن ۾ پٽيءَ ملي ڪين سگهندو هو، ۽ جي ملندو هو ته تمام مهانگو هو، سو اڪثر سڀڪنهن ڳوٺ ۾ تمام سهانگو ملي سگهيو ٿي. 3- رستن، واهن ۽ پُلين جوڙڻ ۽ اُنهن جي مرمت ڪرڻ لاءِ لارڊ ڊلهئوسيءَ پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (عام فائدي جي ڪمن جو کاتو) کوليو. ٻن هزارن مئلن کان وڌيڪ پنڌ ۾ چڱا دڳ ۽ اُنهن تي پليون سندس وقت ۾ ٺهي وييون. گنگانديءَ جو وڏو واهه جو سڄي جهان ۾ ڊگهو واهه آهي، سو کليو ۽ ٻيا گهڻا واهه کڻايا ويا. ملڪ جا وڏا ڀاڱا جتي اڳي ڪو فصل نه ٿيندو هو؛ اُتي هاڻي جهجهو پاڻي آهي ۽ اُهي ڀاڱا هنن واهن جي ڪري، جي ٽن هزارن ميلن ۾ وهن ٿا، اُپتائتا ۽ ڀلا ٿي پيا آهن. 4- لارڊ ڊلهئوسيءَ جي وقت کان اڳ خط پٽ ڪو ٿورو لکندو هو؛ ڇاڪاڻ جو ٽپال جو محصول ڳرو هو ۽ جڏهين رستا ٿورا ها ۽ ريلوي هئي ڪانه، تڏهين خط قاصد نيندا ها، جي تمام ڍلو پنڌ ڪندا ها، ٽڪليون ڪين هيون ۽ گهڻي پنڌ تي خط موڪلڻ لاءِ ٿوري پنڌ تي موڪليل خط کان خرچ گهڻو وڌيڪ لڳندو هو. لارڊ ڊلهئوسيءَ اَڌ آني واريون ٽڪليون وڌيون، جنهن جي ڪري هاڻي هندستان جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ٻن هزارن کن مئلن تي هڪ ٽڪي ۾ خط موڪلي سگهجي ٿو. جيڪڏهن سارو هندستان هڪڙي طاقت واري حاڪم جي هٿ هيٺ نه هجي ها، ته اِهو سڀ بندوبست ٿي ڪين سگهي ها. هاڻي ٽپال اَسي هزار مئلن ۾ وڃي ٿي ۽ سال ۾ چاليہ ڪروڙ خط پهچائي ٿي. 5- اِنهي اَڌ آني واريءَ ٽڪليءَ کان به برقي تار وڌيڪ اچرج جهڙي آهي. هاڻي ٿورن آنن خرچڻ سان ٿورن منٽن ۾ نياپو هزار مئل پنڌ تائين موڪلي سگهجي ٿو. پهرين برقي تار لارڊ ڊلهئوسيءَ جي ڏينهن ۾ ٺهي. 6- لارڊ وليم بينٽنڪ انگريزي سيکارڻ ڪاڻ سڪول جاري ڪيا. لارڊ ڊلهئوسيءَ عام تعليم جو کاتو ٺاهيو ۽ ساري ملڪ ۾ گهڻا سڪول کلي ويا، جن ۾ ڏيهي زبانون سيکارڻ ۾ آيون ۽ جتي ڪٿي عام ماڻهو پڙهڻ لڳا. هن جي وقت ۾ هندستان ۾ پنجويہ هزار سڪول ٿي ويا. اُنهن جو انداز ڏينهان ڏينهن وڌيڪ ٿيندو ويو آهي ۽ هاڻي ڏيڍ لک شاگرد پڙهن ٿا. 7- 1853ع تائين اِنڊين سِول سَروس يعني هندستان جي ملڪي کاتي جي نوڪرن جي مقرري ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪندي هئي ۽ ڪمپنيءَ جا ماڻهو پنهنجا مائٽ مٽ ۽ دوست ڏياري مُنجندا ها. هندستان جو ڪوبه ڏيهي ماڻهو اُنهي کاتي ۾ گهڙي نٿي سگهيو، پر اِنهيءَ سال ۾ سِول سَروس يورپين، توڙي ڏيهي انگريزي رعيت جي سڀني ماڻهن لاءِ کليل رهيو. اِنگلنڊ ۾ امتحان ٿيڻ لڳو ۽ جيڪي اُن ۾ سڀني کان مٿي آيا، پوءِ اُنهن جي ذات يا ڌرم ڪهڙو به هو، ته سول سَروِس جا (ملڪي کاتي جا) عهدا اُنهن کي مليا. هاڻي سِول سَروس ۾ برهمڻ، راجپوت، مسلمان، پارسي ۽ سوُدر سڀ قسم جا ماڻهو آهن. 73- لارڊ ڪئننگ، چوڏهون گورنر جنرل 1856 عيسوي کان 1858 عيسوي تائين 1- لارڊ ڪلائيو پلاسيءَ جي جنگ کٽي ۽ هندستان ۾ انگريزن جي حڪومت جو پايو وڌو، تنهن کان برابر هڪ سو ورهيه پوءِ لارڊ ڪئننگ 1856ع ۾ گورنر جنرل ٿي آيو. سڀڪنهن هنڌ صلح سانت ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ڪو ڊپ ڪو نه ٿي ڏٺو. اوچتوئي اوچتو بنگالي ۾ هڪڙو وڏو طوفان اچي کڙو ٿيو. اُهو طوفان هو بنگالي جي ڏيهي لشڪر جو فساد. 2- بنگالو انگريزن جي حڪومت هيٺ هميشہ سانتيڪو علائقو هو؛ تنهنڪري انگريز سولجر اُتي ڪي ٿورا ڇڏيا ويا ها. جڏهين پنجاب ورتو ويو هو؛ تڏهين گهڻا اُنهن مان هندستان جي اُتر اولهه ڏي موڪليا ويا ها. ڏيهي سپاهي بنگالي ۾ گهڻا ها. لارڊ ڪئننگ 3- اسين ماڻهو جيڪي هنن ڏينهن ۾ رهون ٿا سي ريلوي، تار برقي، سهانگي ٽپال جي محصول، سڪولن ۽ دواخانن جو قدر ڄاڻون ٿا، پر جڏهين پهريائين اُهي هندستان ۾ جاري ٿيا، تڏهين گهڻا ڏيهي ماڻهو، جن اُهي اڳي ڪڏهين ٻڌا به نه ها، سي اُنهن کان ڊنا ٿي ۽ اُنهن ڀانيو ته انگريز اسان کي ايذاءُ رسائڻ ٿا گهرن. اُنهن مان ڪن ٿي چيو ته هي جي رُڪَ جي پٽين جون ڊگهيو قطارون ۽ تارون آهن، سي زنجير آهن، جن سان ڌرتي ٿي ٻنڌجي. ٻين جڏهين ڏٺو ته ريلوي اِنجنيون ۽ گاڏيون گهوڙن کان سواءِ اِئين پيون ڊوڙن تڏهين اُنهن چيو ته هيءُ شيطان جو ڪم آهي. جڏهين اُنهن ڏٺو ته وڄ جي چمڪي وانگر سؤ ميل پنڌ تي پيغام هڪ يا ٻن سيڪنڊن ۾ موڪلي سگهجي ٿو، تڏهين هنن کي ڊپ وٺي ويو. گهڻن ماڻهن ٿي ڀانيون ته انگريز سڪول ۽ دواخانا کولي اسان جي ذات ٿا بگاڙين ۽ اسين انگريزي سکنداسون ته اسان جو هندو ڌرم ويندو هليو. 4- اِهي اجايون ڳالهيون بنگالي ۽ اودهه جي سپاهين ۾ ڪن بڇڙن ماڻهن، جن جو خود سچ پچ اُنهن تي اعتبار ڪونه هو، وڃي پکيڙيون. هن وقت سپاهين کي نيون بندوقون مليون، جن ۾ موم يا چرٻيءَ جا ڪارتوس ٿي ڪم آيا ۽ ڪنهن سپاهين کي چيو ته ڪارتوسن کي جا چرٻي لڳل آهي، سا سندين ذات بگاڙڻ ڪاڻ آهي. اُنهن چيو ته اِهي ڪارتوس اسين ڪم ڪين آڻينداسون ۽ پنهنجن عملدارن جو چيو نه مڃيائون. سپاهين ڀانيون ته جيئن اورنگزيب ۽ ٽيپوءَ گهڻن هندن کي زور سان مسلمان ڪيو هو، تيئَن انگريز هاڻي اسان کي ڪرستان ٿا ڪن. 5- اودهه ۽ اُتر اُلهندي علائقن ۾ نوابن جي حڪومت ۾ گهڻا تعلقه دار ها، جن کي ڏکڻ هندستان جي پاليگارن يا نائڪن وانگر ننڍا قلعا هوندا ها، ۽ هو ڳوٺن تي حڪم هلائيندا ها ۽ اُنهن کان ڍلون وٺندا ها، ملڪ جي حاڪم کي هو پئسا تڏهين ڏيندا ها، جڏهين لاچار ٿيندو هون ۽ اڪثر ته ڪي به ڪين ڏيندا ها. جڏهين انگريزن اُهو ملڪ ورتو، تڏهين اُنهن جي سڀ اختياري هلي ويئي؛ اِنهي ڪري هو ڏاڍا ڏمريل ها. هنن سپاهين کي چوريو ته انگريزن سان فساد ڪريو. 6- هن کان هڪ يا ٻه ورهيه اڳي باجي راءِ ٻڍو پيشوا مري ويو هو. 1818ع ۾ مرهٽن واريءَ ويڙهه جي پڄاڻي ٿي، هن کي انگريز سرڪار حياتيءَ تائين وڏو مواجب ٺاهي ڏنو هو ۽ ڪانپور کان ڇهن ميلن تي بٿور ۾ رهندو هو. هن کي پٽ ڪونه هو، پر هن هڪڙي ڇوڪر کي، جنهن کي نانا صاحب ڪوٺيندا ها، گوديلو پٽ ڪيو. هو پنج ڪروڙ رپيا هن کي ڏيئي ويو، پر ايتري ناڻي تي به نانا صاحب راضي نه ٿيو. هن جو مطلب هو ته انگريز سرڪار مون کي اُهو ساڳيو مواجب ڏئي، جو باجي راءِ کي ملندو هو. هن مواجب تي هن جو ڪو حق نه هو؛ تنهن ڪري انگريز سرڪار اُن جي ڏيڻ کان اِنڪار ڪيو. پوءِ هو لڳو انگريزن جي برخلاف منصوبا ڪرڻ ۽ ڏيهي سپاهين کي لکڻ ته فساد ڪن. 7- پهريائين هڪ يا ٻن پلٽڻيون پنهنجي عملدارن جو حڪم نه مڃيو، تنهن ڪري اُهي پلٽڻين ٽوڙي ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيائون. اُهي ساري ملڪ ۾ پکڙي ويا ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهنجي ٻين سپاهين سان وڃي ڳالهه ڪيائون. اوچتو 1857ع دهليءَ جي ڀرسان ميرٺ ۾، جتي سپاهين جو وڏو لشڪر هو، فساد اچي جاڳيو. هنن پنهنجي عملدارن کي گوليون هڻي ماري وڌو، پوءِ جيڪو يوروپين گڏبو وين، تنهن کي پورو ڪندا ويا، نه ڇڏيائون مرد، نه زالون ۽ نه ٻار، ڄڻ ڪ هو ڇتا ٿي پيا هوا؛ گهرن کي وٺي باهه ڏنائون؛ تُرنگ پَٽي قيدين کي ڇڙواڳ کڻي ڇڏيائون ۽ پوءِ دهليءَ تي ڪاهي ويا. 8- دهليءَ ۾ شاهه عالم ٻڍي مغل جي نسل مان جيڪو هو، تنهن سان انگريزن گهڻي مهرباني ڪئي هئي؛ هو بهادر شاهه نالي هڪڙو پير مرد هو، جنهن کي انگريزن وڏو مواجب ٺاهي ڏنو هو. هن ڀانيو ته اڳي جي وڏا مغل شهنشاهه ٿي ويا آهن، تن وانگر آءٌ به هيڪر شايد شهنشاهه ٿي پوندس. هو پٽن سوڌو فسادين سان وڃي گڏيو ۽ پاڻ کي هندستان جو شهنشاهه ظاهر ڪيائين. انگريزن جون پنجاهه زالون ۽ ٻار جي سپاهين کان پنهنجي جان بچائڻ ڪاڻ سندس محلات ۾ پڄي ويا ها، سي سڀ سندس حڪم سان مارجي ويا. 9- جيڪي ميرٺ ۾ ٿيو. سو ٻين گهڻن هنڌن ۾ به ٿيو انگريزي عملدارن جو پنهنجن ماڻهن تي ڀروسو هو، ڇو ته ساڻن گڏجي سندن هيترن دشمنن سان وڙهيا ها ۽ ساڻن سچي رهڻ لاءِ هنن سنهن کنيو هو؛ پر اُنهن مان گهڻا ماڻهو بي ايمان ٿي پيا، پنهنجن عملدارن کي ۽ جيڪو يوروپي ماڻهو ڏٺائون تنهن کي ماريائون ۽ دهليءَ تي ڪاهي ويا. 10- ڪانپور ۾ نانا صاحب فسادين جي وڏيءَ ٽوليءَ جو اڳواڻ ٿي بيٺو. اُنهيءَ شهر ۾ انگريزن جا ٿورا مرد ماڻهو ها ۽ زالون ۽ ٻار گهڻا ها، جي اُتي پناهه واسطي موڪليا ويا ها. سپاهين جا دل ها، انگريزن اُڻهين ڏينهن تائين جرات سان اُنهن سان ٽڪرا کاڌا ۽ هو جيڪر کائن نڪري وڃن ها، پر زالن ۽ ٻارن کي ڪئَن ڇڏين. پوءِ ناناصاحب ساڻن انجام ڪيو ته جي اوهين پاڻ سونپيندو، ته اوهان کي سلامتيءَ سان الهه آباد لنگهائي ڇڏيندس ۽ هنن مورکائي ڪري اِها ڳالهه کڻي قبولي. هو گنگانديءَ تي ويا ۽ وڃي ٻيڙين ۾ چڙهيا. اڃا هو نڪري نديءَ ۾ ٿيا ته ناناصاحب جي سپاهين ڪناري کان هنن تي بندوقون ڇوڙيون ۽ اُنهن مان گهڻن کي ماريائون ۽ پوءِ وٺي ٻيڙين کي باهه ڏنائون. جيڪي مرد ها، تن کي سپاهين بندوقون هڻي ماري وڌو ۽ ويچارين زالن ۽ ٻارن کي پهريائين قيد ۾ وڌائون، پر پوءِ ناناصاحب جي حڪم سان اُنهن کي ڪپي ٽڪر ٽڪر ڪري اُنهن جا مڙهه هڪڙي کوهه ۾ کڻي اُڇلايائون. هندستان ۾ جيڪي تمام بيرحميءَ جهڙا ڪم ٿي گذريا آهن، تن مان هيءُ به هڪڙو هو. 11- فسادي سپاهي پنجن مهنن تائين دهلي هٿ ڪري ويٺا ها. پر ايتري ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ پنجاب کان لشڪر پئي آيو. سکن کي انگريزن فتح ڪيو، تنهن کي رڳا اَٺ ورهيه گذريا ها. پر هنن کي سڌ پئجي ويئي هئي ته انگريزن جي حڪومت ڪهڙي چڱي آهي ۽ هو پنهنجن حاڪمن جي ڏينهن ۾ ڪڏهين اهڙا سکي نه ها، جهڙا هاڻي ٿيا، تنهن ڪري هو ۽ گورکا سپاهي انگريزن سان سچا رهيا ۽ هنن جي طرفان اهڙو همت سان وڙهيا، جهڙو ٿورا ڏينهن اڳي ساڻن وڙهيا ها. جنرل (پوءِ ٿيو سر هنري) هيولاڪ ناناصاحب کي ماري مات ڪيو ۽ هو جهنگ منهن ڏيئي ڀڄي ويو ۽ وري ڪڏهين ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو، جنرل نيل به اچي جنرل هيولاڪ سان گڏيو؛ هنن ڪانپور جو شهر ورتو ۽ پوءِ ويا لکنوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ، جنهن کي گهڻن مهنن لاڪر سر هنري لارينس پنجاهن هزارن فسادين کان بهادريءَ سان بچايو ويٺو هو. جنرل ولسن ڇهن ڏينهن جي سخت جنگ کان پوءِ هڻي ماري ڪٽي دهلي ورتي. سرڪالن ڪئمبيل سپه سالار ۽ سر جيمس آوٽرم جي هٿ هيٺ وڌيڪ انگريزي لشڪر اچي سهڙيو. لکنو ۽ ڪانپور ورتا ويا ۽ فسادي اودهه مان تڙجي ويا. جنرل نڪولسن دهليءَ جي جنگ ۾ مارجي ويو ۽ جنرل هيولاڪ به پوءِ سگهوئي مري ويو. سر جيمس آوٽرم 16- هڪڙو لشڪر جنرل وهٽلاڪ جي حڪم هيٺ مدراس کان ۽ ٻيو لشڪر سر هيوروز جي حڪم هيٺ بمبئيءَ کان هليا، سي واٽ تي سنڌيا ۽ هولڪر جي فوجن کي جيتيندا ۽ هڪ ٻئي پٺيان قلعا وٺندا آهستي آهستي اُتر هندستان ڏي پئي آيا هي مرهٽا راجائون پاڻ پنهنجي سر انگريزن سان سچا رهيا؛ پر پنهنجي لشڪر کي فسادي سپاهين سان شامل ٿيڻ کان هو جهلي نه سگهيا. هنن جو اڳواڻ هو هڪڙو مرهٽو سردار جنهنجو نالو هو ٽانٽيا ٽوپي. پر سڀڪنهن هنڌ هنن جي هار ٿي ۽ ٽانٽيا ٽوپي جهليو ۽ ڦاهيءَ چڙهيو. 13- دهليءَ جي هار کان پوءِ سپاهي سڀڪنهن پاسي اُتي ڀڳا ۽ 1858ع جي پڇاڙيءَ ۾ جابجاءِ آرام ٿي ويو. 74- مانواري ايسٽ اِنڊيا ڪمپني 1- اسان ڏٺو آهي ته ڪيئَن انگريزي سلطنت هندستان ۾ شروع ٿي ڪئن درجي بدرجي وڌندي ويئي، تان جو سَو سالن جي مدي بعد سڄو هندستان ۽ لوئر برما سندس قبضي هيٺ آيا. برٽش شهنشاهت جي شروعات واپار سان ٿي. اوائل ۾ سنه 1600ع ڌاري ڪي انگريز (ڏسو باب 31) واپار جي ارادي سان هندستان ۾ آيا. ساڳي ئي وقت راڻي ايليزبيٿ جي ڏينهن ۾ جڏهن هندستان ۾ اڪبر جو راڄ هوندو هو، تڏهن ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺاهي ويئي. 1612ع ۾ انگريزي واپارين سورت ۾ هڪ ڪوٺي وڌي. اِها ڪوٺي پهريون ئي زمين جو ٽڪر هو جنهن تي انگريزن هندستان ۾ مالڪپڻي جو حق ڄمايو. اِنهيءَ کان ٿورا سال پوءِ هنن مدراس (1639) ۾، بمبئي (1662) ۾ ڪلڪته (1690) ۾ ڪوٺيون وڌيون ۽ ساڳي ئي وقت اِنهيءَ ساڻ بچاءَ لاءِ قلعا ٺاراهيا. 2- 17 صدي يعني 1600 کان وٺي 1700 تائين جيڪو سؤ سالن جو مدو هو، سو هو انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جو هندستان ۾ واپار جو. اِنگلنڊ منجهان جهاز سامان کڻي هندستان ۾ ايندا هئا ۽ موٽي وري هندستان جو سامان اِنگلنڊ ۾ نيندا هئا. اِهو سچ آهي ته انگريزن کي اِنهيءَ وقت گهڻيئي جنگيون جوٽڻيون پييون، پر اِهي سڀ بحري جنگيون هيون پورٽوگيزن ۽ ڊچن سان، جن جي مرضي هئي ته هندستان سان سڄو واپار پنهنجي هٿ وس رکون. وقت بوقت وري سندن قلعي ۾ رهندڙ سپاهين کي، ڌاريلن ۽ ٻين ڪن هندستاني سردارن، جهڙوڪ شيواجي، مرهٽن جو راجا، جنهن 1864ع ۾ سورت (ڏسو باب 33) ۽ ڪاروار تي ڪاهه ڪئي هئي، تن جي ڪاهن کي هٽائڻو پوندو هو. هڪ وقت اورنگزيب جي ڏينهن جي جهوني انگريزي ڪمپنيءَ کي بينگال جي صوبيدار سان بحري نول بنسبت جهيڙو ڪرڻو پيو. اِنهن جي سپاهين کي شهنشاه جي لشڪر سان چٽاڀيٽي ڪرڻي پيئي ۽ پوءِ بينگال ڇڏڻو پين؛ پر آخر شهنشاه کين وري ڪوٺايو؛ ڇو ته کيس چڱيءَ پر خبر هئي ته سندس رعيت کي واپار مان ڪيترو نه فائدو هو ۽ خود کيس به جهجهوئي لاڀ ٿيندو هو. اِنهن حالتن کان سواءِ انگريزي واپارين هندستاني راجائن سان ڪڏهين به ٻي ڪا جنگ نه جوٽي. 3- سنه 1702ع کان وٺي 1708ع تائين يونائيٽيڊ (گڏيل) ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺاهي ويئي. اُتس مانواري ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جو نالو ڌريو ويو. اِنهيءَ ۾ ٻيون به مشرق سان واپار ڪندڙ ڪمپنيون گڏجي ويئون، جهوني انگريزي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سميت. بعضي هندستان ۾ هندستاني اِن ڪمپنيءَ کي سڏيندا هئا ”جهان ڪمپني بهادر“، جو عام ماڻهن سمجهو ٿي ته اِهو نالو ڪنهن وڏي انگريزي شهزادي يا امير جو خطاب هوندو. 4- اِنهيءَ وقت ڌاري ٻيون به ڪيتريون ڪوٺيون سمنڊ جي ڪناري جي لاڳو يا اِن جي ويجهو جهڙوڪ احمد آباد، بروچ، ٽيليچري، ڪوچين، ڪڊلور، مسليپٽم، وزيگاپٽم ۽ ٻين هنڌن تي اڏيون ويئون. انگريزي واپارين جون ڪوٺيون، ۽ اِنهن جي چوڌاري جي بيٺڪون هونديون هيون، سي سڀ اُنهن هنڌن تي هيون، جي هٿيارن جي وسيلي سان هٿ ڪونه ڪيا ويا هئا، مگر يا ته هندستاني راجائن کان خريد ڪيا ويئا هئا، يا مقاطي تي کنيل هئا، يا امداد ٿيل هُئا، اِهي ننڍيون بيٺڪون رفته رفته اُسري ننڍا شهر بنجي پيئون، جي شهر خاص تجارت واسطي هوندا هئا. اُهي سڄا سامان جي گدامن سان ڀريا پيا هوندا هئا، جن ۾ مال سٿيا پيا هوندا هئا. ڪوبه عملداري قبضو ساڻن لاڳو نه هو، فقط ڪن ڪوٺين ۾ مضبوط قلعا اڏيل هئا، اِنهيءَ لاءِ ته قيمتي مال ۽ خزانو جو منجهن موجود هو، تنهن جو، گهمندڙ ڦوڙن جي ٽولين کان بچاءَ ٿئي. 5- ٻيءَ ايندڙ صديءَ جي اڌ ۾ يعني 18 صديءَ جي وچ ڌاري سندن واپار صلح سانت سان پئي هليو؛ پر اِنهيءَ کان پوءِ هڪ وڏي ڦيرگهير ڪرڻ ۾ آئي. سال 1799 ۾ فرينچن سان جنگ شروع ٿي (ڏسو باب 37). فرينچن اچي انگريزن تي حملو ڪيو، جنهن ڪري لاچار ٿي انگريزن کي لشڪر کڙو ڪري پاڻ بچائڻو پيو. اڃا اِها جنگ پوري ڪين ٿي هئي ته بينگال جي نواب سراج الدوله ڪلڪته ۾ اچي انگريزن جي بيٺڪن تي ڪاهه ڪئي (ڏسو باب 41). ڪرنل ڪلائيو 1756 ۾ کيس پلاسيءَ جي جنگ ۾ جيتيو، ۽ نئين نواب مير جعفر انگريزن کي 24 پرڳڻا ڏنا. اِهوئي پهريون برٽش جو هندستان ۾ عملداري قبضو ٿيو. اِها ڳالهه 1757ع ۾ ٿي گذري ۽ اِنهيءَ تاريخ سان هندستان ۾ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ انگريزي راڄ جي گويا شروعات ٿي ۽ اهو سال چئجي کڻي ته سندس راڄ ڪندڙ طاقت جي جنم جو ڏينهن آهي. 6- ٻين سَو سالن منجهه يعني سال 1757 کان 1857 تائين، مانواري ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ درجي بدرجه هندستان ۾ انگريزي شهنشاهت جي عمارت کڙي ڪئي. اِهو ڪيئن ٿيو سو هن ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي. پرڳڻي پٺيان پرڳڻو جيئن جيئن انگريزي راڄ هيٺ ايندو رهيو، تيئن تيئن منجهانئس جنگ جدل ۽ رتوڇاڻ غائب ٿيندي ويئي ۽ صلح ۽ سانت اُنهن جي جاءِ ورتي. اِنهيءَ مدي جي پهرين اڌ ۾ يعني لارڊ ڪلائيو جي وقت کان وٺي لارڊ ويلسليءَ جي وقت تائين جيڪي جنگيون جوٽيون ويئون هيون، سي صرف بچاءَ لاءِ هيون. انگريزن تي ڪاهون ٿيون ۽ کين پاڻ بچائڻ لاچار ٿيو. جي نه وڙهن ها، ته هندستان مان هڪاليا وڃن ها. هيل تائين ته کين خواب خيال به ڪين هو ته سڄي هندستان مٿان راڄ ڪنداسون؛ پر جڏهين لارڊ ويلسليءَ 1798 ۾ هندستان ۾ آيو، تڏهين سمجهائين ته ملڪ ۾ جيڪڏهين آرام ۽ سانت ٿيڻو آهي ته اُتس هڪ وڏو خودمختيار حاڪم ٿيڻ کپي، جنهن جي سڀ راجائون نواب ۽ ٻيا وڏا هندستاني شهزادا ۽ سردار مڃتا ڪن. اِنهيءَ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪهڙا اُپاءَ ورتائين ۽ ڪيئن لارڊ هيسٽنگس ۽ ٻيا جيڪي کانئس پوءِ آيا سي اِهو ڪم هلائيندا آيا، ۽ ڪيئن سڄو ڪم 25 سالن ۾ رچي راس ٿيو. سو مٿي (باب 57 کان 63 تائين) ڏيکاريل آهي. 7- وڌيڪ ملڪ جي پوءِ برٽش اِنڊيا ۾ گڏيا ويا سي هڪڙا ڪيا لارڊ ڊلاهوسيءَ، جنهن پنجاب ۽ لوئر برما جنگ ۾ فتح ڪري گڏيا. ناگپور به گڏيائين جو اُتي جو راجا بناوارث فوت ٿي ويو هو، ۽ آئوڌ گڏيائين اُتي جي نواب جي بد انتظاميءَ ڪري ٻيو ملڪ جو واڌارو ڪيو لارڊ ڊفرن جنهن اَپر برما 1886ع واري جنگ ۾ فتح ڪري انگريزي شهنشاهت سان گڏي ڇڏيو. 8- پلاسيءَ جي جنگ کان سؤ سال پوءِ يعني 1857ع ۾ اُتر هندستان ۾ وڏو سپاهين جو بلوو ٿيو. فساد بند ڪيو ويو، مگر نتيجو اِهو ٿيو جو ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي اچي پڄاڻي ٿي، ڇو ته برٽش پارليمنٽ هينئر ڏٺو ته وقت آيو آهي جڏهين هندستان جي سرڪار ۾ ڦيرڦار ضروري آهي. اچو ته ڏسون ته اِنهيءَ سؤ سالن جي اندر ڪمپنيءَ جي راڄ ۾ ڪهڙيون تبديليون ٿيون ۽ سندن ڪهڙي ضرورت هئي. 75- ڪيئن درجه بدرجه ڪمپنيءَ جو راڄ ڦري اِنگلنڊ جي تخت ڌڻيءَ جي هٿ هيٺ آيو 1- اسان کي ياد ڪرڻ کپي ته ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جيتوڻيڪ برٽش ڪمپني هئي ته به برٽش سرڪار نه هئي. اِها برٽش رياست ڪانه هئي، پر فقط انگريزي واپاري، جي حصيدار هوا تن جي هڪ خانگي ڪمپني هئي ۽ ڪمپنيءَ جو سڄو ڪاروبار ڊائريڪٽرن جو بورڊ هلائيندو هو، جي حصيدارن جا چونڊيل هوندا هئا، جن منجهان ڪي وڏا انگريزي اميرزادا هئا. اِهي سڀيئي انگريزي رعيت هئا ۽ اِنهيءَ ڪري اُهي برٽش پارليمنٽ يا بادشاه (يا راڻيءَ) جا ٺاهيل قاعدا ۽ قانون بجاءِ آڻڻ لاءِ ٻڌل هئا. ڪمپنيءَ کي ڪنهن به ضروري ڳالهه، جهڙوڪ لشڪر کڙو ڪرڻ، جنگي جهاز تيار ڪرڻ يا سڪا ٺاهڻ يا قلعا ٺاراهڻ، وغيره وغيره لاءِ ڪمپنيءَ کي چارٽر يعني لکيل فرمان اِنگلنڊ جي تخت جي واليءَ کان وٺڻو پوندو هو. اِنهيءَ چارٽر کان سواءِ کين واپار ڪرڻ جي اختياري ڪانه هئي. اسان ڏٺو آهي ته پهريون چارٽر سنه 1600ع ۾ راڻي ايليزبيٿ ڪمپنيءَ کي عطا ڪيو ۽ وقت بوقت ساڳي قسم جا چارٽر ڏنا ويندا هئا، پر ڪنهن به مقرر مدي لاءِ نه. سال 1773ع ۾ ريگيوليٽنگ ائڪٽ پاس ٿيڻ بعد هر ڪنهن ويهن ويهن سالن جي عرصي بعد يعني 1793- 1813ع- 1833ع- 1853ع ۾ ڪمپنيءَ کي نئون چارٽر ڏنو ويو. سڀڪنهن ڀيري هر ڪنهن چارٽر جي سرنوُ ٿيڻ وقت ڪمپنيءَ جي حڪمراني، توڙي تجارتي طاقت ۾ ڪانه ڪا مڙيوئي تبديل ڪئي ويندي هئي. ڇو اِهي ڦيرڦاريون ڪيون ويئون؟ 2- اِهي ڦيرون گهيرون ضروري ڏسڻ ۾ آيون ڇو ته ڪمپنيءَ ۾ خود تبديليون ٿيون هيون. شروعات ۾ ته ڪمپني فقط هڪ واپاري مجموعو هو جو سواءِ واپار جي ٻيو ڪجهه نه ڪندو هو، پر پوءِ اسان ڏٺو آهي هت ڏيڍ سؤ سالن جي واپار کان پوءِ اِنهيءَ ڪمپنيءَ هڪ ملڪ جو ٽڪر هٿ ڪيو ۽ اُن وقت کان وٺي حڪمراني ڪندڙ طاقتن ۾ ليکجڻ ۾ آئي. اِنهن سببن ڪري اِئين ڏسڻ ۾ آيو ته ساڳيا قاعدا ۽ قانون جيڪي واپاري ڪمپنيءَ سان لاڳو هئا سي حڪمراني ڪندڙ طاقتن سان لاڳو ٿي نٿي سگهيا، جا طاقت سال بسال وڌندي پي ويئي، تان جو نيٺ هڪ مکيه راڄ هلائيندڙ بالا طاقت بڻجي پيئي. 3- واپارين جو مول مت ٿيندو آهي فائدو. اِنهيءَ واسطي هو پنهنجي موري جوکي ۾ وجهندا آهن. جيڪو فائدو واپاري ڪمپنيءَ منجهه ٿيندو آهي سو سال بسال حصيدارن ۾ وراهيندا آهن. ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي، حصيدارن کي سندن پتيءَ آهر فائدو پورن پور وقتن تي پهچائڻو ٿيندو آهي؛ تنهن ڪري لشڪر ۽ جنگي جهازن پٺيان حصيدارن جو پسئو خرچڻ لاءِ سمرٿي نه ساڙيندا آهن ۽ جيترو ٿي سگهندو اٿن اوترو پنهنجي سموري موري واپار ۾ صرف ڪندا آهن، ڇو ته واپار مان ئي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. 4- واپار هڪ ڳالهه آهي ۽ ملڪ جي حڪومت جي ڳالهه ئي نرالي آهي. اسين جيڪي هن زماني ۾ رهون ٿا سي اِنهيءَ راءِ جا آهيون ته ملڪ مان اڳريل ڍلون سڀ رعيت جي فائدي ۽ بچاءَ لاءِ، جهڙوڪ سولجرن، پوليس، جنگي جهازن، رستن، اسپتالن، انصاف جي ڪورٽن، سڪولن، ٽپال آفيسن، ريج جي ڪمن وغيره ۾ خرچ ڪرڻ کپن، ۽ ٻين اهڙن قسمن جي ڪمن پٺيان جن جو سرڪار تي قرض آهي. پر جڏهين ڪوبه واپاري مجموعو اوچتو حڪمراني طاقت بڻجي ٿو، ته اِنهيءَ جي من ۾ اِها لالچ اُٿي ٿي ته جيڪر مان سرڪار ڍلون پنهنجي واپار جي مليل موريءَ سان گڏي وڌيڪ خريداري ڪريان ۽ حصيدارن کي ملڪ جي ڍلن مان سندن فائدي جا حصا پهچايان. تنهن کان سواءِ راڄ هلائيندڙ ٿي، واپارين ۽ سندن گماشتن کي اِهو به خيال اُٿي سگهي ٿو ته ڍلن جو ڪجهه حصو پاڻ وٽ رکڻ ۾ اهم ڪونهي، جيئن هندستان جي راجائن، نوابن ۽ وڏن زميندارن پئي ڪيو آهي ۽ اڃا پيا ڪن، ۽ جن ماڻهن جي مٿان راڄ هلائين ٿا، تن وٽان، هندستاني راجائن وانگر، پنهنجي رعيت کان نذرانو يا پيشڪش يعني سوکڙين پاکرين وٺڻ ۾ اعتراض جوڳي ڳالهه نه آهي. اِهي هيون ڳالهيون جي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ (هندستاني گماشتن) ڪيون، جڏهين بينگال جي حڪومت جون واڳون سندس هٿ هيٺ آيون. اِهو ويچار ڪونه پين ته ڪو ڍلون ۽ موري ڌار ڌار شيون آهن، ۽ واپار مان جيڪو فائدو ٿئي ٿو، سو ڪنهن به حالت ۾، حڪومت جي چرخي تي نه خرچڻ کپي ۽ نڪي ڪي وري ملڪ جون ڍلون واپار جي ڪمن تي صرف ڪجن. 5- ٿوري ئي وقت ۾ اِئين ڏسڻ ۾ آيو ته ڪانه ڪا ڦيرگهير ضروري آهي. واپار کي گهڻي شڪست آئي، ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ جا گماشتا پنهنجو سڄو ڌيان واپار ڏانهن ڏيئي نٿي سگهيا، جيئن حڪومت جي واڳن وٺڻ کان اڳ ڪندا هئا. واپار مان جيڪي فائدا ٿيا ٿي سي لشڪر جي خرچ پکي بلي لڳايا ويندا هئا. نتيجو اِهو ٿيو جو حصيدارن کي فائدي جا حصا نٿي ڏيڻ ۾ آيا. ٻئي پاسي وري ملڪ جي انتظام ۾ شڪست ٿي رسي؛ ڇو ته ڪمپنيءَ جا گماشتا جي هينئَر ملڪ جا والي بنجي پيا هوا تن کي واپار کي به منهن ڏيڻو هو، تنهن ڪري ملڪ جي ڍلن جي اُپت ملڪ تي خرچ نٿي ڪيائون. نتيجو اِهو ٿيو جو ڪمپنيءَ جي مٿان اچي قرضن جا ڪوٽ چڙهيا، جنهن ڪري ڊائريڪٽرن کي انگريز سرڪار کان قرض جي وڏي انداز جي مدد لاءِ عرض ڪرڻ لاچار ٿيو. 6- اِها ڳالهه 1773 ۾ ٿي. وري نئين سر پروانو ڏيڻ وقت پارليمنٽ ريگيوليٽنگ ائڪٽ پاس ڪيو. جهوني پرواني موجب ڪمپنيءَ کي واپار ڪرڻ جي اختياري هئي، نه راڄ ڪرڻ جي. نئين ائڪٽ ڪمپنيءَ کي هندستان ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پارليمينٽ جي منظوري ۽ قانوني حق ڏنو. ساڳي وقت بينگال جي گورنر کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو، جنهن کي مدراس ۽ بمبئي جي گورنر مٿان ڪجهه عمل، پر نه گهڻو، ڏنو ويو، ۽ چئن مشيرن جي ڪائونسل پڻ ڏني ويئي، جن کي اختيار هو، ته جي چاهين، ته وقت تي ڀلي سندس خلاف ووٽ ڏين. پارليمنٽ هڪ وڏي عدالتي ڪورٽ پڻ مقرر ڪئي. اِها هئي برٽش هندستان ۾ قاعدي ۽ قانون تي ٻڌل سرڪار جي سرشتي جي شروعات، جو سرشتو، درجي بدرجي، سڀڪنهن ملڪ سان لڳايو ٿي ويو جو وقت به وقت برٽش هندستان سان گڏبو ٿي ويو. گورنر جنرل کي جيتوڻيڪ پارليمنٽ مقرر ٿي ڪيو، ته به هو ڪمپنيءَ جو نوڪر ليکبو هو جنهن جو پگهاردار هو؛ تنهنڪري ڊائريڪٽرن کي مڃڻ لاءِ ٻڌل هو ۽ ڪمپنيءَ جي واپار جو پورو بندوبست رکڻ به سندس فرضن جو هڪ ڀاڱو هو. هن کي واپار هلائڻ ۽ ملڪ جو سڄو ڪاروبار رکڻ ٻئي ڪرڻا پيا ٿي. هن وقت تائين ڪمپنيءَ کي اڃا جنگ يا صلح ڪرڻ جي اختياري هئي. 7- چارٽر سرنؤ ڪرڻ کان گهڻو اڳي وڌيڪ ڦيرگهير ضروري ڄاتي ويئي هئي. سنه 1784ع ۾ ريگيوليٽنگ ائڪٽ جي پاس ٿيڻ کان 11 سال پوءِ اِنگلنڊ جي مکيه وزير مسٽر پٽ پاليمنٽ ۾ هندستان جي بهتر سرڪاري انتظام رکڻ لاءِ نئون بل آندو، جنهن کي پٽس اِنڊيا بل چوندا آهن (ڏسو باب 54). اِنهيءَ بل پٽاندڙ بورڊ آف ڪنٽرول يعني هندستان جي سرڪار مٿان ضابطو ڪرڻ لاءِ پريزيڊنٽ هيٺ ڇهن ميمبرن جو بورڊ جاري ڪيو ويو، جن کي اِنگلنڊ جو بادشاهه مقرر ڪري سگهيو ٿو. هن کان پوءِ ڪمپني ڪنهن به هندستاني راجا سان پارليمنٽ جي منظوري کان سواءِ ڪابه جنگ يا صلح نٿي ڪري سگهي. ۽ گورنر جنرل (جوپڻ بينگال جو گورنر هو) تنهن کي ٻين گورنرن جي مٿان ڪلي اختياريون ڏنيون ويئون، ۽ ضرورت ۽ خوف جي وقت ۾ اِها به موڪل ڏني ويس ته ڪائونسل جي ووٽ کان سواءِ ڪاروبار هلائي سگهي. اِنهن مڙني قاعدن برٽش اِنڊيا جي سرڪار کي گهڻو ويجهو پارليمنٽ جي عمل هيٺ آندو، ڇو ته سڀڪنهن وڏي قدم کڻڻ مهل گورنر جنرل کي بورڊ آف ڪنٽرول جي پريزيڊنٽ جي موڪل وٺڻي پيئي ٿي، جو وري پارليمنٽ سان سڀڪنهن ڪم لاءِ جوابدار هو. پر تڏهين به نالي طور اڃا تائين ايسٽ اِنڊيا ڪمپني هندستان مٿان راڄ ڪندي هئي، ۽ کيس هندستان سان واپار ڪرڻ لاءِ خاص حق مليل هو؛ اهڙي طرح گورنر جنرل کي واپار ۽ راڄ ٻئي ڪرڻا ٿي پيا. 8- 1793ع ۾ چارٽر کي ٻين ويهن سالن لاءِ سرنؤ ڪيو ويو. اِنهيءَ سموري وقت ۾ واپار ۾ اڃا ڪوبه واڌارو نه ٿيو هو، جنهن جا سبب اڳ ۾ ئي ڏيئي چڪا آهيون. هن وقت ڌاري ڪمپنيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انگريزي واپاري هوا جي سمجهي نٿي سگهيا ته واپار جو حق ڇو نه کين به ملڻ کپي! انهيءَ ڪري ئي 1813ع ۾ پارليمنٽ ٻئي چارٽر کي نئين سر جاري ڪرڻ وقت ڪمپنيءَ جو خاص واپاري حق رد ڪيو، ۽ سڀني لاءِ واپار جا در کليل رکيا. پر تنهن هوندي به واپار ۾ جيئن ترقي ٿيڻ کپندي هُئي تئن ڪانه ٿي، ڇو ته ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جي جهوني قاعدي موجب ڪوبه ماڻهو ڪمپنيءَ جي راڄ هيٺ جي ملڪ آيل هئا، تن ۾ بنا اجازت رهي نٿي سگهيو. ٻيا واپاري تنهن ڪري هندستان ۾ نڪي سامان آڻي سگهيا ٿي، نڪي ڪي وري ديسي سامان اِنگلنڊ ڏانهن موڪلي سگهيا ٿي. اِهو قاعدو واپار لاءِ وڏي رنڊڪ هو، جنهن مان اِنگلنڊ توڙي هندستان ٻنهي کي هرج رستو ٿي. اِنهن خرابين کي دور ڪرڻ واسطي 1833ع ۾ نئين پرواني جاري ڪرڻ وقت پارليمنٽ قاعدو پاس ڪيو هت ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي واپار بنہ ڪونه ڪرڻو آهي، پر کين موڪل آهي ته هندستان مٿان ڀل اڃا حڪمراني ڪري، پر جنهن صورت ۾ سڄي اختياري بورڊ آف ڪنٽرول جي هٿ ۾ هئي، تنهن صورت ۾ اِهو قاعدو رڳو نالي جو هو. هن کان پوءِ هندستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ ڪوبه چارٽر يا پروانو ضروري نه هو. ڪوبه ماڻهو بنا اجازت جي هندستان ۾ وڃي سگهيو ٿي ۽ واپار ڪري سگهيو ٿي. 9- واپار ۾ هينئَر بيحد ترقي ٿي ۽ انگريزي واپاري جن جو ملڪ جي سرڪار سان ڪوبه واسطو نه هو، سي پنهنجو سڄو وقت واپار پٺيان صرف ڪندا هوا، ۽ سڀ پئسو واپار بلي خرچيندا هوا. نڪي ڪي جنگي جهاز رکندا هوا ۽ نڪي وري هون لشڪر جنهن تي ڪري پئسو خرچين. اِهو سڀ ڪم سرڪار تي ڇڏيل هو، جنهن جو فرض هو سندن بچاءُ ڪرڻ. اِنگلنڊ ۾ انگريزي واپاري ۽ هندستان ۾ هندستاني واپارين گهڻيون نيون تجارتي ڪمپنيون ٺاهيون. ٻئي ملڪ شاهوڪار ٿيا، ۽ ماڻهو به ويا آسودا ٿيندا؛ ڇو ته واپار ۽ تجارت سڀني لاءِ- اُهي جيڪي ڳنهندا آهن ۽ اُهي جيڪي وڪڻندا آهن يا جيڪي هڪڙي ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن زمين خواه سمنڊ رستي، سامان آڻيندا نيندا آهن- گهڻي قدر فائدي مند آهي. 10- هندستان ۾ آڳاٽي زماني ۾ ڪي صديون اڳي هندستاني واپاري جيڪو مال متاع يورپ جي واپارين کي وڪڻندا هوا، سو هو ڪارا مرچ، مصالح، هيرا جواهر، عاج، ململيون، ريشم ۽ ناريل، ۽ اِنهن جو ملهه لکن کي وڃي رسندو هو. هاڻوڪي وقت ۾ هندستان جي روانگي نه رڳو مرچن ۽ مصالحن جي آهي، پر گهڻو ڪري سڄي ڪچي مال جي پيدائش جي يعني ته ٻنين، باغن ۽ ٻيلن ۾ اُڀرندڙ شين جي، جهڙوڪ ڪپھ، چاه، سڻي، رٻڙ، تيل، تيلي ٻج، ڪافي، کوپرو، نير، ساڳ جو ڪاٺ. سندس آمدني اڪثر اِنهن شين جي ٿئي ٿي، جي ڪارخانن ۾ ٺهن ٿيون جهڙوڪ ڪپهه، پشم لوھ ۽ رڪ جو ٺهيل سامان، ڪلون، توڙي سون ۽ رپو، ڪاغذ، کنڊ، ڪتاب وغيره وغيره: سڄي آمدني ۽ روانگي هينئَر لکن ۾ نه، پر بلڪ ڪروڙ رپين يا پائونڊن تي وڃي لڳي آهي. هندستان هڪ زراعتي ملڪ آهي، ۽ منجهانئس، نه رڳو پنهنجي ماڻهن لاءِ پر اِنگلنڊ ۽ شهنشاهت جي ٻين ملڪن لاءِ زراعتي پئدائش حاصل ٿئي ٿي. اِنگلنڊ هڪ ڪارخانن وارو ملڪ آهي جو پنهنجي ملڪ ۽ هندستان لاءِ شيون جوڙي ٿو. اِهڙيءَ طرح هر هڪ ملڪ ٻئي کي مدد ڏيئي زرخيز ڪري ٿو. 11- هڪ پاسي واپاري پنهنجي ڌنڌي يعني واپار ڪرڻ ۾ مشغول هئا، ته ٻئي پاسي وري ملڪ تي راڄ ڪندڙ، جي اڃا تائين نالي ماتر ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جا ڊائريڪٽر هوا، سي رڳو سرڪاري ڪاروبار ۾ رڌل هوا. اِنهيءَ ڪري، ملڪ مان جيڪا اوڳر ٿي ٿي، سا هو ملڪ جي فائدي لاءِ خرچي سگهيا ٿي. سال 1833ع کان گورنر جنرل کي فقط راڄ ڪرڻو ٿي پيو ۽ نه واپار. 12- چارٽر جي پڇاريءَ جي نئين سر جاري ڪرڻ جو سال 1853ع هو. هن وقت جيڪا پارليمنٽ مکيه ڦيرگهير ڪئي سا هئي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کان هندستان ۾ سرڪاري عملدارن جي مقرر ڪرڻ جي طاقت کسڻ، جا طاقت هنن هيل تائين پنهنجي قبضي ۾ رکي هئي ۽ جنهن جي زور تي هو اِهي جايون پنهنجن دوستن کي عطا ڪندا هوا. 1853ع ۾ اِنڊين سِوِل سروس يعني وڏيون ملڪي عملداري جايون عام کليل رکيون ويئون ته ڀلي اِنهن لاءِ برٽش رعيت مان ڪي به انگريز توڙي هندستاني مقابلو ڪن ۽ جيڪي لائق هجن سي مقرر ٿين. 13- ساڳئي وقت بينگال ۽ بهار جا علائقا ليفٽننٽ گورنر جي هٿ هيٺ رکيا ويا ۽ گورنر جنرل جنهن هيستائين اِنهن ملڪن تي (يعني بينگال جي پريزيڊنسي تي) راڄ پئي ڪيو، سو هينئَر اِنهيءَ بوجي کان آزاد ٿي پنهنجو سمورو وقت سڄي هندستان جي حڪومت تي ڏيڻ لڳو. راڻي وڪٽوريا 76- اِنگلستان جي راڻي هيٺ هندستان 1- جڏهن بلوو پورو ٿيو، ۽ موٽي صلح سانت قائم ٿي، تڏهن انگريزي پارليمنٽ ڏٺو ته هاڻي اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي راڄ جي ضرورت نالي ماتر به ڪانه آهي. ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي وڏي، شانائتي ۽ عجيب زندگي هئي، پر سندس ڪم جي هاڻي اچي پڄاڻي ٿي هئي. اِنگلنڊ جي راڻيءَ وڪٽوريا پنهنجي پارليمنٽ جي صلاح ۽ منظوريءَ سان هندستان جي حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ڪيون ۽ اِهو ملڪ هينئَر وڏيءَ برٽش سلطنت جو هڪ ڀاڱو ٿيو، جنهن جهڙي عالي ۽ شاندار شهنشاهت دنيا ۾ ڪو ورلي ٿي گذري آهي. راڻي صاحبه اِشتهار ڪڍيو جو هندستان جي ويهن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ تاريخ پهرين نومبر 1858ع ۾ هر هڪ وڏي شهر ۾ عام ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو ويو. سڀني هندستان جي راجائن، شهزادن ۽ سرڪاري ماڻهن ڏانهن لکيل هو ۽ هندستان لاءِ گويا هڪ قسم جي مئگناڪارٽا (وڏو پروانو) آهي جو هن وڏي ملڪ جي ماڻهن جي حقن ۽ آزادگيءَ جو پايو آهي. 2- لارڊ ڪئننگ جو 1856ع کان گورنر جنرل هو تنهن کي راڻيءَ پنهنجي بدران هندستان مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ۽ مٿس وائسراءِ ۽ گورنر جنرل جو خطاب ڌريو. اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جا سڀ عملدار انگريزي توڙي هندستاني، پنهنجن پنهنجن جاين تي، راڻيءَ جي هٿ هيٺ هليا آيا. اعلان ۾ اِئين پڌرو ڪيو ويو ته ”اسين (راڻي) هندستان جي ڏيهي شهزادن جا حق، مان ۽ شان اهڙيءَ طرح سان رکنداسون جهڙيءَ طرح پنهنجا رکون ٿا. اسين اِنهن سڀني کي، جي اسان جي اختياري هيٺ آهن، سخت تاڪيد ڪريون ٿا ته اسان جي رعيت جي ڌرمي عقيدن يا عبادت ۾ ڪنهن به دست اندازيءَ کان باز رهن. اسان جي خواهش آهي ته هندستان جي قديم حقن، ريتين ۽ رواجن تي جوڳي نظر رکڻ ۾ اچي. اسان جي اِها به مراد آهي، ته سرڪاري نوڪرين ۾ اسان جي رعيت جا ماڻهو، جي قابليت جي لحاظ تي، جن جن سرڪاري عهدن هلائڻ جا لائق هجن، سي، جيترو ٿي سگهي، اوترو بي ريائيءَ سان اِنهن کي ڏجن، پوءِ ڀل ته اِنهن جي ذات ۽ ڌرم ڪهڙو به هجي. اسان جي اِها به دلي مراد آهي ته هندستان جي سانت سان هلندڙ هنرن ۽ ڌنڌن کي زور وٺائجي. عام فائدي ۽ سڌارن جهڙن ڪمن کي وڌائجي، ۽ سرڪاري سرشتو اهڙيءَ ريت هلائجي جو منجهس سڀني رهندڙن جي ڀلائي هجي. اُنهن جي آسودگيءَ ۾ آهي اسان جي مضبوطي، اُنهن جي راضپي ۾ اسان جي بادشاهت جي تقويت، اُنهن جي شڪر گذاري ۾ آهي اسان جو وڏي ۾ وڏو اجوڙو.“ 3- هندستان جي ماڻهن ۽ راجائن کي هينئَر پرور پئي ته اهڙي مضبوط ۽ مهربان حاڪم، (جهڙس هيستائين ڪو ٻيو ورلي ٿيو هوندو) جي راڄ هيٺ ئي سندن مال ۽ جان جي سلامتي آهي. اُن وقت کان وٺي 60 ورهيه سانده صلح سانت ۾ گذرندا آيا آهن. ٿوريون جنگيون هندستان جي سرحدن کان ٻاهر ٿيون آهن، پر برٽش هندستان جي حد اندر ته اڃا ڪا به ڪا نه لڳي آهي. جيئن هڪ ٻئي پٺيان هاڻوڪي زماني جي سڀيتا جا سهنج ملڪ ۾ وڌا ويا آهن، تئن، چئجي کڻي، ته هندستان جي تواريخ هڪ وڏي صلح، ترقيءَ، آباديءَ، سڌاري ۽ ماڻهن جي مال ۽ آسودگيءَ جي بهتريءَ جي شاهدي ڏيئي رهي آهي. 4- هندستان جا ماڻهو، جن جون دليون مهربانيءَ سبب جلد ڀِڄي وڃن ٿيون، تن کي چڱيءَ راڻي لاءِ گهڻي حب هئي ۽ هوءَ به کين ڀائيندي هئي. هوءَ جهڙو اِنگلنڊ جي سڀني کان دماغي امير جي راڻي هئي تهڙو هندستان جي غريب ۾ غريب پوڙهيت جي به هئي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ ڪڏهين به ڪانه آئي هئي تڏهين به هندستان مان هڪ منشي گهرائي. هندستان جي ٻولي سکي هوائين جا ڳالهائي لکي ۽ پڙهي سگهي ٿي. ۽ جڏهين ڪوبه وائسراءِ يا ٻيو ڪو عملدار هندستان ۾ ايندو هو ته اُن کي هيئن چوڻ کان ڪين گسندي هئي ته منهنجي هندستان جي ماڻهن مٿان مهربان رهج. 1858ع کان 1901ع تائين يعني ته 43 سال وائسراءِ جي معرفت هندستان جي مٿان راڄ ڪيائين. هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي ۾، ڪنهن به زماني ۾، اهڙو چڱيءَ طرح راڄ نه هليو هو، جهڙو هن وڏي راڻيءَ سڄي ملڪ تي راڄ هلايو. 77- پهريون وائسراءِ (فرمان فرماءِ) درجي بدرجي ڏاهپ جا سڌارا (1858ع کان 1862ع) 1- لارڊ ڪئننگ، پهريون وائسراءِ جو هندستان ۾ 1856ع ۾ گورنر جنرل ٿي آيو، تنهن 1863ع تائين راڄ ڪيو. اهڙو ته مهربان هو جو هندستان ۾ رحيم ڪئننگ جي نالي سان مشهور هوندو هو؛ ڇو ته اهڙو حليم سڀاءُ جو هوندو هو، جو سوَن فسادين تي رحم جو هٿڙو گهمايائين ۽ اُنهن سڀني کي معافي ڏنائين، سواءِ اِنهنجي جي خون جا ڏوهي هئا. گهڻيئي فسادي هئا، جي پاپي ۽ ٺڳباز ماڻهن جي دلبن سببون گمراه ٿي ويا هوا، ۽ هينئَر جيڪي ڪيو هئائون، تنهن جي لاءِ نهايت افسوس هون. راڻي وڪٽوريا جي مرضي هئي ته اِهي سڀ ماڻهو معاف ڪيا وڃن، ته هو موٽي پنهنجي گهر وَرن ۽ پنهنجي حياتي ڪنهن به ڊپ ڊاءَ کان سواءِ گذارين. لارڊ ڪئننگ راڻيءَ جي مرضي پوريءَ طرح بجاءِ آندي. 2- لارڊ ڪئننگ جي وقت ۾ سڄي هندستان لاءِ ٽي وڏا قانوني ڪتاب، وڏي جفاڪشي کانپوءِ، ٺاهيا ويا، جن ۾ سڄي ملڪ جو قاعدو قانون ڦهليل هو. اُنهن کي ڪوٺيو ويو پينل (سزائن جو) ڪوڊ، ڪوڊ آف سول پروسيڊيئر (ديواني ڪم جو)، ۽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيڊيئر (فوجداري ڪم جو). هيل تائين هر ڪنهن علائقي کي پنهنجا پنهنجا قانوني ڪتاب هوندا هئا، پر مٿيان ٽي قانوني ڪتاب سڄي برٽش هندستان سان لاڳو ڪيا ويا. اِنهن موجب سڄي ملڪ جي سڀني ذاتين ۽ عقيدن جي ماڻهن لاءِ ساڳيا ديواني توڙي فوجداري قاعدا جاري ٿيا، جو دستور هندستان ۾ اڳي ڪنهن به زماني ۾ نه هو. ساڳي وقت (1861ع) ۾ ٽن پريزيڊينسي شهرن ۾ وڏيون عدالتي ڪورٽون کوليون ويئون. 3- لارڊ ڪئننگ جي وقت ۾ ٻيو به هڪ وڏو سڌارو ڪيو ويو. سنه 1861ع جي ”اِنڊيا ڪائونسل ائڪٽ“ موجب بمبئي، مدراس ۽ بينگال جي علائقن کي پنهنجون قاعدي ساز ڪائونسلون ڏنيون ويون. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻين علائقن کي به ساڳي دستور ڪائونسلون مليون. هر هڪ ڪائونسل ۾ سرڪار ڪي هندستاني ميمبر مقرر ڪندي هئي. اُنهيءَ وقت کان وٺي هر ڪنهن وڏي علائقي پنهنجن ڪمن ڪارين بنسبت پنهنجا قاعدا پاڻ ٺاهيا آهن. گورنر جنرل جي ڪائونسل کي وڌايو ويو ۽ منجهس هندستاني ميمبر مقرر ڪيا ويا. اِها ڪائونسل اِنهن ڳالهين بنسبت قاعدا ٺاهي ٿي جي سڄي برٽش هندستان سان لاڳو آهن. هر ڪنهن علائقي کي پنهنجي پنهنجي قاعدي ساز ڪائونسل ۽ پنهنجا پنهنجا هندستاني ميمبر آهن. تنهن ڪري گورنرن کي هينئَر هروڀرو اوندهه ۾ ٿاڦورا ڪونه ٿا هڻڻا پون، پر اِنهن ميمبرن جي صلاح ۽ خبرچار جو فائدو ملين ٿو. اُهي صفا چئي سگهن ٿا ته ڪوبه نئون قاعدو رعيت جي ڀلي واسطي ٿيندو يا اُن مان کين ڪو خطرو رسندو. جيڪڏهين ڏٺو وڃي ٿو ته فلاڻو قاعدو رعيت جي بهبودي لاءِ آهي ته اُن کي پاس ڪيو ٿو وڃي، جو پوءِ قاعدي جي صورت وٺي ٿو؛ پر جيڪڏهين ثابت ڪيو ٿو وڃي ته خراب آهي اُنهيءَ کي اِهڙيءَ طرح سڌاريو وڃي ٿو، جو چڱو ۽ ڪمائتو ٿئي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهين اِئين نٿو ڪري سگهجي ته اصل لاءِ اُن کي رد ڪيو ٿو وڃي. 4- ڇو سڌارو درجه بدرجه ٿيڻ گهرجي؟ اِنهن ۽ ٻين سڌارن جي وقت بوقت پيش ڪرڻ ۽ پاس ٿيڻ ۾ هندستان جي سرڪار کي تمام گهڻي خبرداري ڪرڻي پوي ٿي ۽ آهستي ۽ هوشياريءَ سان قدم کڻڻو پوي ٿو. پهريائين ته ڪنهن کي به خيال ۾ نٿي آيو ته ڪهڙا نوان قاعدا ۽ ڪهڙيون نيون ڦيرون گهيرون ماڻهن جي فائدي لاءِ آهن. آڳاٽن وقتن ۾ هندستان جي جدا جدا ملڪن تي گهڻيئي حاڪم هوندا هئا. هرڪو حاڪم پنهنجي سمجهه آهر جيڪي پنهنجي رعيت لاءِ تمام سودمند سمجهندو هو، سو ڪندو هو ۽ هر ڪنهن ملڪ کي پنهنجون پنهنجون ريتون ۽ پنهنجا پنهنجا قانون هوندا هئا، جي سڀڪنهن هنڌ ساڳيا نه هوندا هوا. جو قانون هڪڙي ملڪ ۾ جائز يا شرعي هوندو هو، سو هروڀرو ٻئي ملڪ ۾ ڪونه هوندو هو. پر هن وقت هڪ بالا سرڪار هئي ۽ اهڙي رٿ رٿي ويئي، ته اُهي قاعدا ٺهن جي سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙا چڱا ۽ فائديمند ٿين. سرڪار اِئين ته چاهيندي هئي ته ڪنهن به آڳاٽي قانون يا رواج ۾ ڦير گهير ڪري، جيسين ڪ اُن کي صفا نظر نه ايندو هو ته اِهو غلط يا نقصانڪار آهي، جهڙوڪ هندو ودوائن جي ستي لڪڙي ٿيڻ جي رسم يا ننڍين ڇوڪرين جي ڪهڻ جو رواج. نڪا وري سرڪار جي اِها خواهش هئي ته ڪو اهڙو نئون قاعدو ٺاهجي جو سڀني ماڻهن لاءِ فائديمند نه ٿئي يا جنهن جي قبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو اڃا تيار نه هجن، يا اهڙي نئين قسم جو هجي جو منجهن ڦرڦوٽ وجهي؛ ڇاڪاڻ جو هندستان جا ماڻهو جهونيون رسمون، اڳيان رستا ۽ پراڻيون ڳالهيون پسند ڪندا آهن، جن تي پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هريل هوندا آهن. اسان ڏٺو آهي (باب 37 فقره 3) ته 1857ع جي سپاهين جي بلوي جو هڪڙو ڪارڻ اِهو به هو ته لارڊ ڊلاهوسيءَ جي ڏينهن ۾ ڪئين نيون ڳالهيون جهڙوڪ ريلوايون، تار آفيسون، سستي ٽپال، سڪول، انگريزي ٻوليءَ جي تعليم ۽ اسپتالون هندستان ۾ جاري ڪيون ويون. اِهي ڳالهيون هيون ته ڪنهن به شڪ شبه کان سواءِ چڱيون، جيئن هاڻي ته سڀڪو ٿو سمجهي، پر اوائل ۾ هيون نيون، تنهن ڪري اُنهن گهڻني ديسي ماڻهن جي دلين ۾ ڊپ جاڳايو. 5- نون سڌارن تي ويچار ڪندي، ۽ اُهي قاعدا، جي اِنگلنڊ ۾ عام آهن پر هندستان ۾ نوان، تن جي ٺاهيندي، سرڪار کي البت ٻن ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوي ٿو. 6- پهريون ته اِنگلنڊ هندستان کان بلڪل علحدو ملڪ آهي ۽ سندس رهاڪو هندستان جي ماڻهن کان سڀڪنهن ڳالهه ۾ نيارا آهن. ٻنهي ملڪن جون ٻوليون، ڌرم، خوراڪ ۽ پوشاڪ ته کڻي ڇڏيو، پر سندن تواريخ به هڪ ٻئي کان علحدي آهي. سندن چال چلگت سندن ريتون رسمون، سندن قاعدا قانون هڪ جهڙا نه آهن. انگريز هڪ ئي ٻولي ڳالهائين ۽ ساڳي ڪرستاني مذهب جا آهن، هڪڙي ئي ذات اٿن، يا چئي سگهجي ته سندن ملڪ ۾ ذات جو ڀيد آهي ئي ڪونه؛ تنهن ڪري جيڪي اِنگلنڊ لاءِ فائديمند آهي، سو هرو ڀرو هندستان لاءِ نه به ٿئي. ساڳيو سرڪاري نمونو يا سرشتو جو انگريزي ماڻهن لاءِ موافق هجي، سو هندستان جي ماڻهن لاءِ نه به هجي. 7- ٻيو ته هندستان جي جدا جدا ملڪن جا رهاڪو هڪٻئي کان گهڻين ڳالهين ۾ علحدا آهن، جهڙوڪ شڪل شبيهه ۾، ٻوليءَ ۾، ذات پات ۾، قوم ۾، دين ۽ ڌرم ۾، چال چلگت ۾ ۽ ريتين رسمن ۾. آرين سِکُ، دروايدن قوم جي مدراسيءَ کان نهايت ٻي نمَوني جو آهي ۽ پنجاب جو مسلمان بينگال جي هندوءَ کان بلڪل ٻي نموني جو آهي. بلوچي ڪنهن به ڳالهه ۾ برمي يا آساميءَ سان مشابهت نٿو رکي. اُتر اولهه جي سرحد علائقي جي پٺاڻ ۽ ملبار جي هندو نائر جي وچ ۾ ڪنهن به ڳالهه جي هڪجهڙائي ڪانهي؛ تنهنڪري جيڪي هندستان جي هڪڙي قسم جي ماڻهن يا قوم سان موافق هجي سو شايد ٻين ماڻهن سان ساڳي قدر نه به ٿئي. 8- اِهي قوي سبب آهن جن جي ڪري بالا سرڪاري کي هندستان ۾ سڌارن ڪرڻ ۾ يعني نون قاعدن قانونن ۽ انتظام جي نون رستن جي جاري ڪرڻ ۾ تمام آهستي ۽ خبرداريءَ سان قدم کڻڻو پوي ٿو. سڌارن ڪرڻ جو اِهو مطلب آهي ته سڀني لاءِ حياتي آسودي ڪجي ۽ نه هڪڙي فرقي کان وڌيڪ ٻي سان رعايت ڪجي جو هڪڙي جماعت يا قوم جي ماڻهن کي همت ٿئي جو ٻيءَ تي ظلم ڪري. 9- جڏهن ڪمپنيءَ کان حڪومت جون واڳون ڦري بادشاهه جي هٿ ۾ آيون تڏهن ”بورڊ آف ڪنٽرول“ ۽ اُن جي پريزيڊنٽ جي بجاءِ هڪ ڪائونسل مقرر ٿي جنهن کي ”ڪائونسل آف اِنڊيا“ ڪري ڪوٺيو ويو جنهن جو پريزيڊنٽ اِنگلنڊ جي بادشاهه جو مقرر ٿيل سيڪريٽري آف سٽيٽ هو. اوائل ۾ سڀ ميمبر انگريز هوندا هئا، پر هاڻي ٽي ميمبر هندستاني آهن جن مان ٻه هندو ۽ هڪ مسلمان آهن، ٻيا ميمبر انگريز آهن جن هندستان ۾ وڏا سرڪاري عهدا ڪمايا آهن. 10- 1857ع ۾ يعني بلوه واري سال ۾ پريزيڊينسيءَ وارن ٽن وڏن شهرن بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ وڏيون يونيورسٽيون برپا ڪيون ويون. اُنهيءَ کان پوءِ ٻين ٽن علائقن جي مکيه شهرن، الہ آباد، لاهور، پاٽنا ۾ به يونيورسٽيون کوليون وييون آهن. ٻيون يونيورسٽيون ٿوري وقت ۾ ڊاڪا، بنارس، عليڳره، ناگپور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ کوليون وينديون. يونيورسٽين ۽ سندن ڪاليجن ۾ هزارها شاگرد اچي ڪٺا ٿيا آهن. تعليم ۾ سڀ سڌارو درجي بدر جي ٿيو آهي. جڏهن ڏٺو ويو ته اڳين يونيورسٽين فتحيابي حاصل ڪئي آهي تڏهن هڪ ٻي پٺيان آهستي آهستي خبرداريءَ سان ٻيون به يونيورسٽيون کوليون وييون. ڪاليجن، پرائيمري (ابتدائي) ۽ سيڪنڊري سڪولن برپا ڪرڻ ۾ به ساڳي قسم جي خبرداري رکڻي پيئي. پرائيمري، مڊل ۽ هاءِ سڪول سي سڀ هڪدم ڪونه کوليا ويا هئا، پر رفته رفته، جڏهن ماڻهن ۾ چاهه جاڳيو ۽ هو تعليم جو قدر ڪرڻ لڳا، ۽ جيئن جيئن اُنهن تعليم گاهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چڱا سکيا ورتل ماستر ملي سگهيا ٿي. لارڊ ڪئننگ بلوي کي بند ڪرڻ، وري موٽي صلح آڻڻ ۽ ملڪي اِنتظام کي سڌارڻ ۾ جي جاکورا ڪيا تن کيس جهوري وڌو. سنه 1862ع ۾ اِنگلنڊ جي پهچڻ کان هڪ مهنو پوءِ 50 ورهين جي ننڍي عمر ۾ هن وفات ڪئي. ٿوروئي ڪو اڳ ۾ سندس استريءَ به ڪلڪتي ۾ تپ جي وگهي پراڻ ڏنا هئا. 78- هندستان جا راجائون اسان ڏٺو آهي ته راڻي وڪٽوريا جو اعلان هندستان جي ماڻهن ۽ راجائن ڏانهن موڪليل هو. هندستان جا راجائون ڪير آهن؟ برٽش هندستان سڌي طرح وائسراي جي هٿ ۾ آهي جو شهنشاهه جي پاران راڄ ڪري ٿو. پر هندستان ۾ اِنهن حدن کان ٻاهر ٻيون به ڪئين ديسي رياستون آهن، جن کي ”نيٽو“ (ڏيهي) يا پروٽيڪٽيڊ سٽيٽس (هند سرڪار جي بچاو هيٺ رياستون) چئبو آهي. اِنهن مان جيڪي وڏيون هيون، تن مان گهڻيون ته ٻه سؤ سال اڳ ۾ اورنگزيب جي موت کان پوءِ مغل شهنشاهت جي ڦٽڻ وقت ٺهيون. ٻيون خاص ڪري راجپوتانا واريون ٿوري ۾ ٿورو هزار سال کن اڳ ۾ ٺهيون آهن ۽ ڪي ته وري اِنهيءَ کان به زماني جون آهن. اِهي رياستون پنهنجن سردارن، نوابن يا راجائن جي راڄ هيٺ هونديون آهن. آڳاٽي اِهي هندستان جا شهزادا آهن. سندن ملڪ، برٽش هندستان جيئان، وڏي برٽش شهنشاهت جا ڀاڱا آهن ۽ سڀ شهنشاهه کي پنهنجي بالا حاڪم ڪري مڃينديون آهن. 2- اٽڪل 700 رياستون آهن. اِهي هندستان جي نقشي جو ٽيون حصو والارين ٿيون. منجهن اٽڪل ست ڪروڙ ماڻهن جا رهن ٿا يعني هندستان جي سڄي آدم جي چوٿين کان پنجين پتيءَ تائين. اِهي گهڻنئي مقدارن جو آهن. ننڍي ۾ ننڍي آهي راجپوتا جي لاوا جا اوڻهين چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾ آهي. وڏي ۾ وڏي حيدرآباد آهي، جنهن جي ايراضي اٽڪل بينگال جيڏي ٿيندي ۽ جنهن جي آدمشماري هڪ ڪروڙ ٽيهه لک آهي. سڀني ۾ وڏي ۾ وڏيون رياستون آهن حيدرآباد، ميسور، برودا ۽ ڪشمير. 3- راڻيءَ پنهنجي اِشتهار ۾ اِئين پڌرو ڪيو هو ته ”اسان جي مرضي نه آهي ته اسين قبضي ۾ آيل ملڪن کي اڃا به وڌايون. اسين ڏيهي شهزادن جي حقن، مرتبي ۽ مان جي اهڙيائي عزت رکنداسين جهڙي جيڪر پنهنجن حقن ۽ مان جي رکون. اِهائي اسان جي مراد آهي ته اِهي ۽ سندن رعيت سکي ۽ آباد هجن، ۽ اِهي ڳالهيون تڏهين ٿي سگهنديون، جڏهين ملڪ ۾ صلح سانت ۽ حڪومت جو چڱو انتظام رهندو ايندو.“ 4- 1859ع ۾ لارڊ ڪئننگ سڄي هندستان ۾ سير ڪيو. آگري ۾ وڏي درٻار ڪيائين جنهن ۾ سڀني ڏيهي شهزادن کي راڻيءَ جي پاران پڪ ڏنائين ته ڪنهن به رياست جي آزادگيءَ کي جوکو ڪونهي ۽ نڪو وري ڪا به رياست برٽش هندستان سان گڏي ويندي. جيڪڏهين گديءَ تي وهڻ لاءِ ڪو وارث جيئرو نه هجي، ته به رياست برٽش هندستان سان گڏ نه ويندي. هندستان جي راجائن کي اجازت ملي ته هنن کي پنهنجا پٽ نه هجن ته کانئن پوءِ سندن راڄ گديءَ تي وهڻ لاءِ هو گوديلا پٽ ڪن. لارڊ ڪئننگ سڀني سردارن کي سَنَدون يا دستاويز موڪليا جنهن ۾ کين اِها اختياري ڏنائين بشرطيڪ هو اِنگلش تختگاهه سان فرمانبردار ٿي هلندا ۽ برٽش سرڪار مان وقت بوقت ڪيلن عهدنامن تي محڪم رهندا. 5- اِهي رياستون ”پروٽيڪٽيڊ“ (يعني حفاظت هيٺ رکيل) اِنهيءَ ڪري ڪوٺيون وڃن ٿيون، جو برٽش سرڪار کين هندستان کان ٻاهرين توڙي اندرين ڪاهن جي خطري کان بچائڻ لاءِ ذمون کنيو آهي. هر ڪنهن رياست جا ماڻهو پنهنجي حاڪم جي رعيت آهن. حاڪم پنهنجون ڍلون پاڻ وجهي ٿو ۽ پنهنجا قاعدا پاڻ جوڙي ٿو ۽ جيستائين با اِنصاف راڄ ڪري ٿو، تيستائين پنهنجي مرضي موجب راڄ ڪري سگهي ٿو. سندس رعيت برٽش هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي سان، بنان ڪنهن روڪ، واپار ڪري سگهي ٿي ۽ هندستان جا بندر يا ريلوايون ۽ واپار مارڪيٽون، سواءِ ڪنهن اجوڙي جي، ڪم آڻي سگهي ٿي. اڳين ڏينهن ۾ رياست جو راجا هميشہ ڌارين ڪاهن جي ڊپ ۾ رهندو هو. سڀڪنهن راجا کي ڳري خرچ سان پنهنجي ۽ رعيت جي جان مال جي سلامتيءَ لاءِ لشڪر رکڻو پوندو هو؛ پر هينئَر سڀڪنهن ٻاهرين حملي کان اَمن ۾ رهي، ملڪ جي سموري ڍل هو پاڻ تي ۽ پنهنجي رعيت مٿان خرچ ڪري سگهي ٿو. ديسي رياستن کي جا وڏي ۾ وڏي رحمت ملي آهي سا آهي صلح. 6- ٻيءَ ڳالهه به ٿورو ڌيان لهڻو. جيڪڏهين هندستان جي شهزادن کي پنهنجا حق حقوق آهن ته فرضن کان به ڇٽل ڪين آهن. ڪنهن به راجا کي جنگ يا صلح ڪرڻ جي منع آهي. اِهو سندس بالا حاڪم يعني شهنشاه جو فرض آهي، جو سندس بچاءُ ڪري ٿو. جيڪڏهين مرضي پويس ته هو پنهنجي راڄڌانيءَ ۾ صلح سانت يا وڳور بند ڪرڻ لاءِ هٿيارن سان پوليسي جٿو پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو. ڪجهه لشڪر پڻ رکي سگهي ٿو، اِنهي لاءِ ته ضرورت جي وقت شهنشاهت جي بچاءَ ۾ مدد ڏيئي سگهي. اِهڙي لشڪر کي سڏيندا آهن ”امپيريل سروس ڪور“ يعني شهنشاهت لاءِ وڙهڻ واسطي لشڪر. 7- هرڪو راڄ ڪندڙ سردار ٻڌل آهي ته انصاف سان ۽ چڱيءَ طرح سان راڄ ڪري، رعيت کي نه آزاري ۽ نڪي ڪي وري بد رسمن جهڙوڪ ستي لڪڙيءَ چڙهڻ جي يا معصوم ڇوڪرين جي ڪهڻ جي پنهنجي رياست جي اندر ڪٿي به موڪل ڏئي. اگرچ خراب راڄ ڪرڻ ڪري کڻي سرڪار راجا کي گاديءَ تان لاهي، ته به اِهڙيءَ حالت ۾ سندس ويجهي ۾ ويجهي عزيز کي ٿاڦيندي. لارڊ ايلگن 79- راڻيءَ جي هٿ هيٺ هندستان ٻيا چار فرمان فرما 1- لارڊ ايلگن (1862ع-1863ع) ٻيو فرمان فرما ٿيو. جنهن سال هندستان ۾ آيو تنهن کان هڪ سال پوءِ يعني 1863ع ۾ 51 ورهين جي ڄمار ڌاري وفات ڪيائين، تنهن ڪري هندستان جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ، جيترو خيال هوس، اوترو ڪري نه سگهيو. راڻيءَ جي فرمان موجب ڪلڪتي ۾ وڏي درٻار کوليائين، جنهن ۾ اُتر هندستان جي راجائن کي ٻڌايائين ته ڪيئن نه راڻيءَ سندن سار لڌي ٿي، ڪهڙو نه اِنهن لاءِ سندس هڏ ڪرڪيو ٿي، ڪيئن نه سندن بهبودي لاءِ منتظر هئي ۽ اُميد ٿي ڪيائين ته هو پنهنجي رياستن تي اِهڙيءَ طرح راڄ ڪندا جو رعيت کي سدائين خوش رکندا. 2- ساڳي ورهيه ۾ افغانستان جي حاڪم دوست محمد وفات ڪئي. بلوي ۾ هو انگريزن جو رفيق ۽ وفادار دوست ٿي رهيو هو. هن کان پوءِ سندن پٽن مان ننڍي پٽ شير عليءَ تخت زوريءَ هٿ ڪري، پنهنجي وڏي ڀاءُ افضل خان کي، جو حقي وارث هو، کڻي بند ۾ رکيو. لارڊ لارينس 3- سر جان لارينس (1861ع-1869ع) ٽيون فرمان فرما هو. هن سڄي بلوي جي وقت پنجاب جو چيف ڪمشنر ٿي، پنجاب تي ڏاهپ سان ۽ چڱيءَ طرح سان حڪمراني ڪئي هئي. هو بهادر، ايماندار ۽ مضبوط حاڪم ٿي گذريو آهي. رڳو ٻاهرين ڏيک ويک کي پسند ڪندڙ نه هو، پر سچي محنت لاءِ چاهه هوندو هوس. پنهنجي رعيت تي ڏاڍو مهربان هوندو هو ۽ جيتري قدر ٿي سگهيس، اوتري قدر اُنهن سان مهربانيءَ جا ڪم ڪيائين. 4- سندس وقت ۾ نيپال جي اوڀر ۾ ڀوتان جي هڪ ننڍي ملڪ سان هڪ ويڙه لڳي. اُتي جو راجا هندستان جا ڪي ڏيهي ماڻهو ٻانها ڪري کڻي ويو هو. کيس شڪست ڏني ويئي، ٻانهن کي آزاد ڪيو ويو ۽ ساڻس صلح ڪيو ويو. 5- افغانستان ۾ وري افضل خان، دوست محمد جي وڏي پٽ کي سندس پٽ عبدالرحمان بند مان پَلَو آجا ڪرائي آڻي تخت تي وهاريو. شير علي اُٿي ڀڳو، پر ٿوري وقت کان پوءِ افضل خان وفات ڪئي ۽ وري شير علي موٽي اچي ٻيهر امير ٿي راڄ ڪيو. سر جان لارينس ڏاهپ ڪري افغانستان جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ کان نابري واري ۽ افغانن کي ڇوٽ ڇڏيائين ته ڀل جيئن وڻين تيئين جنگيون جوٽين. 6- 1866ع ۾ اوڙيسا ۾ اچي سخت ڏڪار پيو ۽ گهڻيئي ماڻهو مري ويا. سرڪار جهجها پيسا خرچي هزارن ماڻهن جون حياتيون بچايون. هڪ چڱو نتيجو اِهو نڪتو جو اوڙيسا ۾ آئندي لاءِ وڌيڪ رستا، واه ۽ ريلوايون کوليون ويئون، اِنهيءَ لاءِ ته ٻئي وقت جي کڻي ڏڪار پوي، ته اَن آڻن ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي. وائسراي ڳرا ناڻا پاسيرا ڪري رکيا جنهن کي ”ڏڪار جو انشورنس فنڊ“ ڪري ڪوٺيو ويو. هر هڪ سال هن فنڊ ۾ ڪجهه نه ڪجهه گڏيو ويندو هو ۽ رڳو اِهڙن عام ڪمن تي خرچيو ويندو هو جهڙوڪ رستا، ريلوايون ۽ واه اِنهيءَ لاءِ ته ملڪ کي ڏڪار کان باز رکجي. لارڊ ميئو 7- لارڊ ڊلاهوسيءَ جيڪي سڌارا شروع ڪيا هوا تن جي تعميل ڪئي ويئي ۽ منجهن ڪيتريون نيون ڳالهيون گڏيون ويئون، ڪيترائي نوان سڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا ۽ تار جا وڌيڪ رستا ٺاهيا ويا. ٽڪي واري ڪارڊ تي ٻيڻي تور مجرا ڏني ويئي. ٻيلي واري کاتي کي وڌايو ۽ سڌاريو ويو ۽ ڪئين وڻ پوکيا ويا. 8- لارڊ ميئو، چوٿون فرمان فرما، هندستان ۾ 1869ع ۾ آيو ۽ هندستان ۾ ٽن ورهين راڄ ڪرڻ بعد انڊمان ٻيٽن مان گشت ڪندي، هڪ قيدي جي هٿان مارجي ويو. 9- هي پڻ سڌاري ۽ واڌاري جي ڪمن کي کڻندو آيو. عام ڪمن کي وڌايائين، نيون ريلوايون، رستا ۽ واه ٺاراهايائين. نوان سڪول، خاص ڪري مسلمانن لاءِ، کوليا ويا. هڪ تمام نئون ۽ ڪارائتو کاتو ٺاراهيائين جنهن کي زراعتي کاتو سڏيو ويو. اِنهيءَ کاتي جا عملدار جاچي معلوم ڪن ٿا ته ٻين ملڪن جا آبادگار ڇا پيا ڪن، ڪهڙا فصل ٿا اُپائين، ڪهڙو اناج ٿا پوکين، ڪهڙا هر ٿا ڪم آڻين، ڪهڙو ميوو پنهنجن باغن ۾ ٿا اُپائين، زمين کي ڪهڙو ڀاڻ ٿا ڏين ۽ زمين ۾ ٻج ڪئين ٿا پوکين. اِهي سڀ ڳالهيون انگريز لوڪ ڪري سگهن ٿا، ڇو جو سڀڪنهن ملڪ ۾ ويندا آهن ۽ سڄي جهان ۾ جيڪي وهي واپري پيو، تنهن جي سڌ لهندا آهن، (هندستان جا ماڻهو هندستان کان ڪڏهين پير به ٻاهر ڪونه ڪڍندا هئا، رڳو هاڻي ويجهرائيءَ ۾ وڃڻ لڳا آهن)، پوءِ جيڪي ڏسي وائسي سکي اچن ٿا، سو ڏيهي آبادگارن کي اچي ٻڌائين ٿا ۽ فصل پيدا ڪرڻ جي عمدي واٽ اچي ٿا هنن کي بتائين. 10- جن ڏينهن ۾ لارڊ ميئو هندستان جو فرمان فرماءِ هو تن ڏينهن ۾ راڻي وڪٽوريا جو ٻيو پٽ ڊيوڪ آف ايڊنبرگ هندستان ۾ آيو هو. هو پهريون ئي شاهي گهراڻي جو ماڻهو هو جنهن هندستان اندر پير پاتو. هن گهڻني هندستاني شهزادن کي ڏٺو جي ساڻس ملاقات ڪري نهايت خوش ٿيا. 11- لارڊ ميئو جو ٻيو سڌارو اِهو هو ته هر هڪ پرڳڻي جون ڪي ڪاروباريون، خاص ڪري اُهي جي جيلن، ريجسٽريشن، پوليس، تعليم، رستن ۽ ملڪي اڏاوتن سان لاڳو آهن، سي مڪاني سرڪار کي ڏجن ۽ هر هڪ پرڳڻي جي سرڪار کي اختياري هجي ته مٿين ڳالهين تي جيڪو خرچ ٿئي، سو، رعيت مان جيڪي ڍلون ۽ محصول اوڳارين تن مان ڪن ۽ پڻ اُنهن پيسن مان جي شهنشاهت جي عام آمدني مان هر هڪ پرڳڻي کي ملن ٿا جنهن آمدنيءَ کي چوندا آهن .”امپريل ريونيو“. اِهڙيءَ ريت هر ڪنهن پرڳڻي جي ڍل خود پرڳڻي تي ئي، ماڻهن جي گهرجن آهر، خرچ ڪرڻ ۾ ٿي آئي ۽ هند سرڪار يعني گورنر جنرل ۽ سندس ڪائونسل، اِنهن ڪمن کان فارغ ٿي، پنهنجو سمورو وقت ۽ ڌيان شهنشاهي ڪمن تي ڏيئي سگهن يعني اُنهن ڪمن تي جي هندستان جي سلطنت سان لاڳو آهن جهڙوڪ لشڪر، ٽپال، تار وغيره وغيره. 12- ٻيو جيڪو سڌارو ٿيو سو هو. لوڻ تي محصول جو گهٽجڻ، جنهن ڪري غريب ۾ غريب کي به وڏي هٿي آئي. ساڳي وقت راجپوتانا ۾ لوڻ واريءَ ڍنڍ کان، ريل جي مکيه رستن تائين هڪڙي ننڍڙي ريل کولي ويئي ته ملڪ جي سڀڪنهن ڀاڱي ۾ سهنجائيءَ ۽ سستائيءَ سان لوڻ آڻيو يا نيون وڃي. 13- پنجون فرمان فرماءِ ٿيو لارڊ نارٿ بروڪ (1872ع-1876ع). هن جي وقت ۾ بينگال ۾ اچي هڪڙي وڏي ڏڪار منهن ڪڍيو، پر اِهو اهڙو موتمار ڪونه هو جهڙو اوڙيسا ۾ ٿيو هو. وائسراءِ ۽ سندس ڪائونسل ڏڪار کي دور رکڻ جا سياڻپ وارا رستا اختيار ڪيا ۽ وڏو عملدارن جو مجموعو ٺاهيو ويو ته اِنهيءَ سوال تي ويچار ڪن. جن غريب ماڻهن جو فصل ڪونه ٿيو هو تن کي ڪم، کاڌو ۽ پگهار ڏنو ويو جنهن ڪري موت ڪو ورلي ٿيو. 14- لارڊ نارٿ بروڪ اڃا وائسراءِ هو ته اُن وقت ۾ برودي جو گائڪواڙ، جو گهڻي وقت کان خراب طرح سان راڄ ڪندو آيو هو تنهن کي تخت تان لاٿو ويو. قديم زماني ۾ ته اهڙي هلت ڪري سندس رياست برٽش ملڪ سان گڏي وڃي ها، پر 1858ع جي اعلان موجب اِئين ٿي نه ٿي نه ٿي سگهيو. گائڪواڙ جو هڪڙو ننڍو مائٽ گديءَ تي وهاريو ويو ۽ سر ٽي ماڌو راءِ جهڙو مشهور هندستاني مدبّر سندس هٿ هيٺ وزير مقرر ڪيو ويو. 15- اٽڪل اِنهيءَ وقت ڌاري هندستان راجائن ۽ شهزادن جي پٽن لاءِ اجمير ۾ ڪاليج کوليو ويو جا لارڊ ميئو ڪاليج سڏجڻ ۾ آئي ڇو ته اِهڙي قسم جي ڪاليج کولڻ جي رٿ هن صاحب ئي رٿي هئي، پر عمل ۾ آڻڻ کان اڳ پاڻ مري ويو. اُن وقت کان وٺي لاهور ۽ ٻين هنڌن ۾ به راجڪمارن لاءِ ڪاليج کوليا ويا آهن. هتي ننڍڙن راجڪمارن کي تعليم ڏني وڃي ٿي، اِنهيءَ لاءِ ته پنهنجي رعيت مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لائق ٿين. هنن کي نه رڳو ڪتاب پاڙهيا وڃن ٿا پر کين سواري ڪرڻ ۽ مردانگيءَ واريون رانديون جهڙوڪ ڪرڪيٽ، پولو، ٽينس ۽ هاڪي سيکاريون وينديون آهن ته تَن توڙي مَن ۾ سدائين تندرست ۽ مضبوط گذارين. 16- لارڊ نارٿ بروڪ جي ڏينهن ۾ ٻيو جيڪو واقعو ٿيو، سو هو ويلس جي شهزادي جو 1875ع ۾ هندستان ۾ اچڻ“ جو پوءِ بادشاهه ايڊورڊ ستون ٿيو. ڪلڪتو جو اُن وقت هندستان جو تختگاهه هو تنهن ۾ هڪ شاندار درٻار ڪيائين جنهن منجهه هندستان جا شهزادا، سردار، حاڪم ۽ سڀني ملڪن جا وڏا ماڻهو پنهنجي ايندڙ شهنشاهه کي ڏسڻ ۽ اُن کي پنهنجو بالا حاڪم سمجهي تسليم ڏيڻ آيا. لارڊ لٽن 80- هندستان مهاراڻيءَ جي هٿ هيٺ ٻيا پنج فرمان فرما 1877(ع -1901ع) 1- لارڊ لٽن (1876ع -1880ع) دهليءَ ۾ هڪ وڏي درٻار ڪئي. اعلان نڪتو ته راڻي وڪٽوريا قيصر هند سڏي وڃي. شهنشاهه لفظ جي معنيٰ آهي بادشاهن جو بادشاهه. شهنشاهه گهڻني ملڪن جي بادشاهن جو بالا حاڪم آهي. اِهو ئي سبب آهي جو اسين مغلن کي شهنشاهه ڪري ڪوٺيندا آهيون ڇاڪاڻ ته هو ڪيترن ملڪن جا والي هوا ۽ گهڻني راجائن، شهزادن ۽ نوابن جا بالا حاڪم هوندا هئا؛ تنهنڪري برٽش سلطنت جي حاڪم کي اِهو خطاب پوري پوري طرح ٺهڪي اچي ٿو. اسان جو بادشاهه جارج پنجون مثال طور کڻي وٺو، ته اِنگلنڊ جو حاڪم آهي پر هنِدستان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جو، برٽش سلطنت اندر، شهنشاهه آهي. 2- پهرين جنوري 1877ع ۾ دهليءَ ۾، وڏي شهنشاهي اسيمبلي ڪٺي ٿي جنهن ۾ هندستان جا سڀ شهزادا فرمان فرما جي اڳيان راڻي صاحبه لاءِ فرمانبرداريءَ جو اظهار ڪرڻ آيا. هو سڀئي پنهنجا جهونا جهيڙا ۽ جهڳرا وساري، شاهي درٻار اندر، راڻيءَ جي فرمانبردار رعيت ۽ برٽش سلطنت اندر شهزادا ٿي، درٻار جا جاءِ نشين ٿيا. 3- دکن ۽ ڏکڻ هندستان ٽن سالن 1876ع ،1877ع، 1878ع ۾ برسات پيئي ڪونه ۽ سڄا ٻه سال سانده موسمي مينهن نه پوڻ ڪري ڀيانڪ ڏڪار اچي پيو ۽ پنجاهه لک ماڻهو مري ويا. رعيت جي بکايل ماڻهن کي مدد ڪرڻ ۾ سرڪار پاڻ وسون ڪونه گهٽايو؛ هندستان جي اُنهن ڀاڱن ۾ جتي ڏڪار هو اُتي ٻين ملڪن مان جتي ڏڪار نه هو، سمنڊ ۽ ريل جي رستي اَن جا وڏا انبار آڻي اچي ڪٺا ڪيائون. ڏڪار وقت ماڻهن کي کارائڻ ۾ سرڪار کي ڏهه ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻا پيا. لکن ماڻهن جون حياتيون اِنهيءَ ڪري بچي پييون. هن وڏي ڏڪار کان پوءِ سڄي هندستان ۾ وڌيڪ ريل جا رستا ٺهيا، اِنهيءَ لاءِ ته وري هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڏڪار پئجي وڃي ته اوڏانهن اَن پهچائي سگهجي. 4- هن وقت ڌاري شير عليءَ ڪابل ۾ هڪڙي روسي عملدار کي ايلچيءَ طرح رهڻ ڏنو، مگر گورنر جنرل جي طرفان انگريزي عملدار جو دوستاڻيءَ طرح موڪليو ويو هو، تنهن کي اُتي رهڻ نه ڇڏيائين. هن مان هو اِها ڏيکاري ڏيئي چڪو ته جي روسي کڻي هندستان تي ڪاهين ته آءٌ اُنهن جو مددگار ٿيندس ۽ آءٌ انگريزن جو دوست نه آهيان، پر جيڪيسو دشمن. هن سان ويڙهه لڳي ۽ انگريزي لشڪرن افغانستان تي ڪاهيو. شير علي، رشيا جي ترڪستان ڀڄي ويو، جتي مري ويو. يعقوب خان، جو پيءُ جي جاءِ تي امير ٿيو هو، انگريزن سان عهدنامو ڪيو. پر جڏهين سر ايل ڪيوانري هڪڙي انگريزي آفيسر ملاقات لاءِ ڏانهس موڪليو ويو، تڏهين سندس افغان سپاهين هن عملدار ۽ سندس خاص حفاظتي فوج کي ماري وڌو. پوءِ يعقوب خان ڪابل جي گادي ڇڏي ڦٽي ڪئي ۽ هو هندستان ڏي موڪليو ويو. لارڊ رپن 5- لارڊ رپن (1880ع -1884ع ) ستين فرمان فرماءِ اچي افغان جنگ جي پڄاڻي ڪئي. اَيوب خان، يعقوب خان جي ننڍي ڀاءُ گاديءَ وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر جنرل رابرٽش (پوءِ لارڊ رابرٽس) ڪابل کان قنڌار ڏي ڪاهي آيو ۽ هن کي ڀڄائي ڇڏيائين. حقي وارث عبدالرحمان، افضل خان جو وڏو پٽ هو. هن کي افغانستان جو امير ڪيو ويو. هو 1901ع ۾ مري ويو ۽ سندس پٽ حبيب الله جوڪ انگريزن جو گهرو دوست ۽ هم رفيق هو، تخت تي ويٺو. 1919ع جي شروعات ۾ حبيب الله کي سندس ماڻهن ماري ڇڏيو ۽ سندس ٽيو نمبر پٽ اَمين الله خان افغانستان جو امير پڌرو ڪيو ويو. 6- هندستان جي ماڻهن تي لارڊ رپن ڏاڍو مهربان هو، تنهن ڪري هو به ماڻهن کي تمام گهڻو وڻندو هو. اسان ڏٺو آهي ته ڪيئن نه سر چارلس ميٽڪاف ”ورنيڪولر پريس ائڪٽ“ جوڙيو، جنهن موجب هندستان جي اخبارن کي آزادگي ڏني ويئي، ته پنهنجي مرضي انوسار ڪي به لکن، بشرطيڪ ڪنهن کي به نه ڏکوئين. لارڊ لٽن جي ڏينهن ۾ اِهو ائڪٽ ڪن اخبارن چڱيءَ طرح ڪتب نه لاتو، اِنهيءَ ڪري لارڊ لٽن اِنهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. لارڊ رپن وري لارڊ لٽن جي ائڪٽ کي منسوخ ڪري پريس کي پوري پوري آزادگي ڏني ۽ اِهو اعلان ڪڍيو ته جيڪڏهين ڪابه اخبار قاعدي ۾ ڀڃڪري وجهندي ته اُن تي قاعدي جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويندو ۽ ڏوهي ثبات ٿيڻ تي سزاياب ڪيو ويندو. 7- لارڊ رپن هندستانين کي وڌيڪ ”سيلف گورنمينٽ“ (مڪاني خود حڪومت) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لوڪل بورڊن، ميونسپالٽين، ٽائون ڪائونسلن، ضلع ۽ تعلقه لوڪل بورڊن، ۾ نئين سر حياتي ڦوڪي. هن وقت ته گهڻيئي شهر پنهنجا ماڻهو پاڻ چونڊين ٿا ته پنهنجن ڪمن ڪارين جي سنڀال پاڻ لهن ۽ محصولن مان جيڪي پئسا ٿين سي رستن، جاين، اسپتالن، سڪولن وغيره بلي خرچ ڪن. لارڊ ميئو اسان ڏٺو ته ڪيئن نه ساڳي طاقت هر ڪنهن پرڳڻي کي ڏني. 8- هن وقت 700 کان مٿي ميونسپالٽيون آهن جن ۾ اٽڪل 10000 ميمبر آهن جي پنهنجا محصول پاڻ وجهندا آهن، پنهنجا خاص مڪاني قاعدا جوڙيندا آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي آمدني پاڻ خرچيندا آهن. 1150 کان مٿي لوڪل ۽ ضلع بورڊ ۽ 400 کان مٿي يونين پئنچايتون آهن (مدراس ۾)، جن ۾ اٽڪل 17000 ميمبر آهن جن کي خود حڪومت جون ساڳيون ئي طاقتون آهن. 9- لارڊ رپن خانگي ماڻهن جي کوليلن سٌڪولن کي پڻ گرانٽون ڏيئي خرچ جي حصي ۾ ڪجهه مدد ڏني. ٿوري وقت ۾ جتي ڪٿي ڪئين سٌڪول کوليا ويا. هندستان ۾ ٻاهران آيل سامان تي جو اُن وقت تائين محصول پوندو هو سو اڪثر ڪري سڀ ڪڍي ڇڏيائين. اِنهيءَ ڪري سامان سهانگو ٿيڻ لڳو ۽ واپار جو به واڌارو ٿيو. لاردن ڊفرن 10- 1881ع ۾ ميسور، جو 50 ورهيه ساندهه برٽش عملدارن جن کي ”ميسور ڪميشن“ ڪوٺيو ويندو هو، جي هٿ هيٺ رهندو آيو هو، سو اڳئين راجا جي گوديلي پٽ راجا چمرا جندرا کي ڏنو ويو، ڇو جو هو هينئَر بالغ ٿيو هو. اِهو ڪم راڻي وڪٽوريا جي 1858ع واري اعلان موجب ٿيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ڪو به هندستاني شهزادو پٽ نه هئڻ سبب گوديلو پٽ ڪري سگهيو ٿي. 11- لارڊ ڊفرن (1884ع -1888ع ) اٺون فرمان فرما ٿي گذريو آهي. سندس اچڻ کان ٿوروئي پوءِ اُتر برما جي راجا ٿيبا، جنهن پنهنجي ملڪ ۾ تمام خراب طرح حڪومت ڪئي هئي، انگريزن سان ويڙهه ڪئي. هڪڙو ننڍڙو لشڪر ساڻس سامهون ٿيڻ ڪاڻ موڪليوويو ۽ هو اُٿي ڀڳو. 1886ع ۾ اُتريون برما ٻيءَ برٽش برما سان گڏي ڇڏيائون ۽ ٿيبا کي مواجب ٺهرائي ڏنائون ۽ هندستان ڏي ڏياري موڪليائونس ته اُتي وڃي رهي. برمي ڊاڪن جون ٽولين پٺيان ٽوليون ماري مات ڪيون وييون ۽ اُترين برما جي حڪومت جي ڪاروبار ڏاکاڻي برما ۽ هندستان جي ٻي ڀاڱي وانگر هلي. 12- هِنَ فرمان فرما جي زال، ليڊي ڊفرن، جي مدد سان هندستان جي زالن لاءِ اِنگلنڊ مان ڊاڪٽرياڻيون آيون. هندستان ۽ اِنگلنڊ ٻنهي ملڪن ۾ هن ڪم لاءِ ماڻهن گهڻا پيسا ڏنا ۽ اُنهن پيسن جو هڪڙو فند ٺاهيائون، جنهن کي ليڊي ڊفرن فنڊ ڪري ٿا سڏين. اِهو سڄو ڪم راڻي وڪٽوريا جي مدد ۽ صلاح سان ڪيو ويو. 13- 1886ع ۾ گواليار جي رياست جي راجا سنڌيا کي، گواليار جو مشهور قلعو جو ڪئپٽن پوپهام 1780ع ۾ انگريزي سپاهين جي مدد سان هٿ ڪيو هو، موٽائي ڏنو ويو. اِهو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن نه وائسراءِ ديسي راجا ۾ ڀروسو رکيو ٿي. 14- 1885ع ۾ ديسي قومي ڪانگريس جي پهرين ميٽنگ يعني اجلاس ڪوٺائي ويئي. اِنهيءَ ڪانگريس جو پايو 1883ع ۾ مسٽر اي- او- هيوم نالي هڪڙي انگريزي سِوِلين وڌيو، اِنهيءَ لاءِ ته پڙهيل هندستاني گڏجي ويچار ڪري راءِ ڏين ته برٽش هندستان جي سرڪار وقت به وقت ڪهڙا وڌيڪ سڌارا ۽ وڌارا ڪري جو ملڪ کي فائدو رسي. اُنهيءَ وقت کان وٺي سال بسال هڪ نه ٻي مکيه شهر ۾ ڪانگريس ٿيندي پئي آئي آهي. 15- 1882ع ۾ ايجپٽ ۾ برٽش لشڪر موڪليو ويو جنهن ۾ هندستاني لشڪر به شامل هو. ڪيرو هٿ ڪيو ويو ۽ ساڳي سال لشڪر موٽي هندستان ۾ آيو. اِهو پهريون ئي دفعو هو جو هندستاني سپاهي برما جي جنگ کان سواءِ، هندستان کان ٻاهر شهنشاهت لاءِ وڙهڻ واسطي موڪليا ويا هئا. 16- لارڊ لئنسڊائون (1888ع -1894ع ) نائون وائسراءِ ٿي گذريو آهي. 1890ع ۾ آسام جي ننڍي رياست مانيپور جي سردارن پنهنجي راجا کي گديءَ تان لاهي ڇڏيو، جو اُٿي ڀڳو ۽ تختگاهه ۾ جي انگريز عملدار هئا، تن مٿان اچي حملو ڪيائون ۽ ڪيترني انگريزي عملدارن کي ماري وڌائون. اُتي لشڪر موڪليو ويو ۽ مانيپور جي سردارن کي شڪست ڏني ويئي. جيڪي خون جي تهمت جا ڏوهي هئا تن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، ۽ شاهاڻي ڪٽنب جو ننڍو ڇوڪرو مانيپور جو راجا ٿاڦيو ويو. لارڊ لئنسڊائون 17- لارڊ لئنسڊائون هندستان جي اُتر اولهه سرحدن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪاهن کان سلامت رکڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي. بلوچستان کي ”پروٽيڪٽيڊ سٽيٽ“ ڪيو ويو. قلات جي خان کي موڪل ڏني ويئي ته ڀل هندستان جي شهزادن جي ياداشت ۾ ليکجي. جبلن ۾ جيڪي لنگهه آهن تن وٽ قلعا ٺهرايا ويا ۽ اُنهن ڏانهن نوان رستا ۽ نيون ريلوايون کوليون وييون، اِنهيءَ لاءِ ته گهرج جي وقت لشڪر سولائيءَ سان موڪلي سگهجي. 18- هن وائسراءِ جي وقت ۾ 1892ع واري اِنڊيا ڪائونسل ائڪٽ موجب هڪڙو ضروري سڌارو ڪيو ويو. 1861ع جي اِنڊين ائڪٽ کي پاس ٿئي 30 سال نبري ويا هئا، جنهن موجب ليجسليٽو ڪائونسلون ٺاهيون وييون هيون. منجهس هندستاني ميمبر مقرر ڪيا ويا هئا. اُهي سڀ قابل ۽ سرڪار جا چونڊيل ماڻهو هوا. اُنهنجي صلاح اهڙي ته ڪارگر ٿي هئي جو سرڪار خيال ڪيو ته هاڻي ڪائونسلن ۾ وڌيڪ هندستاني چونڊيا وڃن، جن مان خود ڪي ماڻهن جا چونڊيل هجن. تنهن ڪري 1892ع جي ائڪٽ موجب سڀ ليجسليٽو ڪائونسلون وڌايون ويئون ۽ منجهس وڌيڪ هندستاني داخل ڪيا ويا، جن مان ڪي اڳي وانگي ٿاڦيل يعني سرڪار جا چونڊيل هئا ۽ ڪي سفارش ٿيل يعني ته ڪن عام مجموعن جا چونڊيل جهڙوڪ ضلع ۽ ميونسپل ڪائونسل ۽ يونيورسٽيءَ جا چونڊيل ۽ پڻ وڏن هندستان جي زميندارن ۽ واپارين جا چونڊيل. 19- لارڊ ايلگن ٻيو (1894ع -1899ع ) ڏهون فرمان فرماءِ نمبر ٻئين وائسراءِ جو پٽ هو. هو سرحدن کي مضبوط ڪرائڻ جو ڪم کڻندو آيو. ڪيترين سرحدي قومن زوريءَ اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُنهن کي شڪست ڏيئي هڪالي ڪڍيو ويو. مکيه ويڙهه جا لڳي، سا هي چترال ۽ تيره جي ماٿريءَ جي قومن سان. 20- 1896ع ۾ اچي بمبئيءَ ۾ پليگ پيئي جا اِنهيءَ وقت کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن هندستان جي ڀاڱي ۾ سال بسال منهن ڏيکاريندي پي آئي آهي. پهريائين ته گهڻيئي ماڻهو خاص ڪري بمبئيءَ ۾ ويا مرندا پر ٿوري وقت ۾ ڊاڪٽرن کي اِنهيءَ خوفناڪ مرض جي پرور پيئي ته ڪيئن اُن کي منهن ڏجي. هاڻ ٿورا ماڻهو اُن خوفناڪ مرض جي وگهي مرندا آهن. ڪجهه وقت اڳ ۾ يورپ ۾ هن مرض وگهي انيڪ ماڻهو چٽ ٿيندا هئا، پر هينئَر اُنهيءَ دنيا جي ڀاڱي ۾ ته اِهو مرض ڪو ورلي ڏيکاري ڏيندو آهي. 21- لارڊ ايلگن جي وقت ۾ سرڪار جي نوڪريءَ جي هر هڪ شاخ ۾ هندستانين جو وڌيڪ انداز مقرر ڪيو ويو. 81- هندستان شهنشاهه ايڊورڊ ستين جي هٿ هيٺ (1901ع -1910 ع) يارهون ۽ ٻارهون فرمان فرماءِ 1- ”ماڻهن جي اَمڙ“ راڻي وڪٽوريا، جهڙي چڱي راڻي ڪنهن ملڪ ورلي ڏٺي، تنهن 22 جنوري 1901ع ۾ وفات ڪئي. ڀريا 82 سال دنيا ۾ رهي ۽ 64 سال راڄ ماڻيائين. کانئس پوءِ، ويلس جو شهزادو، ايڊورڊ ستين جي خطاب سان اِنگلنڊ جو بادشاهه ۽ هندستان جو شهنشاهه ٿيو. 2- ايڊورڊ ستين 9 سال ڏاڍي شان مان سان راڄ ڪيو. اسان ڏٺو آهي ته لارڊ نارٿ بروڪ جي ڏينهن ۾ سنه 1875ع ۾ ڪيئن ويلس جو شهزادو هندستان ۾ آيو هو ۽ پاڻ پنهنجي سر اچي هندستان جي راجائن ۽ شهزادن سان گفتگو ڪئي هئائين. سڄي رعيت کيس ڀائيندي هئي، نه رڳو اِنهيءَ لاءِ ته هو سياڻو ۽ طاقت وارو بادشاهه ٿي گذريو آهي، پر اِنهيءَ ڪري ته هو شخصيت ۾ تمام نيڪ ۽ رحم دل انسان هو. سڀيئي يورپ جون قومون کيس جهجهي تعظيم ڏينديون هيون. هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻنديون هيون ڇو ته اِنهن قومن جي گهڻين راڻين ۽ بادشاهن بادشاهه ايڊورڊ ستون هند جو اڳيون شهنشاهه سان سندس مٽي مائٽيءَ جو ناتو هو، جن وٽ هو اڪثر ملاقات لاءِ ويندو هو. جرمنيءَ جو شهنشاهه سندس ڀاڻيجو هوندو هو ۽ رشيا جي زار جي راڻي سندس ڀاڻيجي هوندي هئي. يورپ ۾ صلح آڻڻ جي، هن انسان، پنهنجي پڄنديءَ آهر هرڪا ڪوشش ڪئي جنهن ڪري تواريخ ۾ سندس نالو ”ايڊورڊ صلح جوڙيندر“ ٿي ڳائڻ ۾ ايندو آهي. جڏهن دفن ٿي ڪيائونس ته اِنهيءَ موقعه تي يورپ جا ست بادشاهه، پنهنجو پريم ۽ تعظيم ڏيکارڻ لاءِ، حاضر هوا. لارد ڪرزن 3- راڻي وڪٽوريا جا پهرين راڻي پوءِ مهاراڻي ٿي گذري هئي تنهنجي هٿ هيٺ ڏهه وائسراءِ ٿي گذريا آهن. پر ايڊورڊ ستين جي وقت ۾ رڳو ٻه وائسراءِ لارڊ ڪرزن ۽ لارڊ منٽو ٿي گذريا آهن. يارهون وائسراءِ لارڊ ڪرزن هو، جنهن 1899ع کان 1905ع تائين راڄ ڪيو. هن جي وقت ۾ ٻيا ٻه نوان علائقا جوڙيا ويا. اِئين ڏٺو ويو هو ته بينگال ۽ پنجاب جي ٻن جهونن علائقن منِجهه هڪڙي گورنر لاءِ يڪي سر سرڪار جو ڪم ڪرڻ تمام ڳرو هو. اِنهيءَ ڪري پنجاب جي اُتر اولهه واري ڀاڱي کي هڪ جدا نئون علائقو ڪيو ويو، جنهن کي اُتر اولهه جو سرحدي علائقو ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ بينگال جي اوڀر واري ڀاڱي کي آسام سان گڏي اُن کي اوڀر بينگال ۽ آسام جو علائقو ڪوٺيو ويو. اِهي تبديليون لارڊ ڪرزن جي ڏينهن واري هندستان جي نقشي ۾ چٽيءَ طرح سان ڏسي سگهجن ٿيون. 4- لارڊ ڪرزن هندستان ۾ گهڻيئي سڌارا ڪيا. هن لوڻ جي محصول گهٽائي اڌ ڪيو. اِها غريبن لاءِ ته هڪ قسم جي نعمت هئي. هن واپار ۽ ڪارخانن جو کاتو کوليو ته هر قسم جي واپار کي ۽ ڪاريگريءَ کي ڀرتي ملي. 1900ع ۾ اچي ڏڪار پيو، پر وائسراءِ ۽ سندس عملدارن جي ڏاهپ ۽ مدد ڪري موت ٿورا ٿيا. يونيورسٽي ۾ سڌارو ڪيو ويو ته آئيندي لاءِ ڪم وڌيڪ چڱيءَ طرح سان ڪيو وڃي. زراعتي بئنڪون کوليون ويئون ته غريب هاري ناري گهرج جي وقت ٿوري وياج تي اُتان اُڌارا پيسا وٺي سگهن. پنجاب ۾ ائڪٽ پاس ڪيو ويو جنهن کي ”پنجاب جو زمين ائڪٽ“ (پنجاب لئنڊ ايڪٽ) چوندا آهن، جنهن آبادگارن کي وياج خورن جي چنبي کان آزاد ڪيو، جن وياج خورن جي مراد هوندي هئي ته سندن زمينون ڦٻايون. ”امپيريل ڪئڊٽ ڪور“ (Imperial Cedet Corps ) برپا ڪيو ويو ته راجائن جي پٽن کي جنگي سکيا ڏجي. اُتر اولہ جي سرحدن تي جيڪي سرحدي قومون هيون ۽ جي انگريزن سان وقت بوقت وڙهنديون پئي آيون، تن کي نوڪريون، هٿيار پنوهار ۽ پگهار ڏنو ويو ته پنهنجي ملڪ ۾ پاڻ صلح رکن. 5- 1901ع ۾ افغانستان جو امير عبدالرحمان مري ويو ۽ سندس پٽ حبيب الله گادي نشين ٿيو. ساڻس پڻس سان ڪيل رضاناما وري نئين سر ڪيا ويا. 1919ع ۾ هو قتل ٿي ويو. 6- 1904ع ۾ ٿٻيٽ جي حاڪم دلائي لاما اچي انگريزن سان پائي کنئي، واپار ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳو ۽ رشيا کي پڻ مدد لکيائين. ٿٻيٽ ۾ ڪرنل ينگهسبنڊ جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليون ويو. لاسا گاديءَ جو هنڌ ورتو ويو. دلائي لاما اُٿي ڀڳو ۽ سندس گاديءَ نشين سان عهدنامو ڪيو ويو، جنهن موجب هندستان کي ٿٻيٽ سان واپار ڪرڻ جي موڪل ملي. لارڊ منٽو 7- لارڊ ڪرزن جهونين جڳهين، مسجدن ۽ آڳاٽي هندستان جي يادگار قائم ڪرڻ ۽ مٿن مرمت ڪرائڻ ۾ جيڪو ڪم ڪيو، سو هيل تائين ڪنهن به وائسراءِ ڪونه ڪيو هو. جهونن يادگارن قائم ڪرڻ جو ائڪٽ پاس ڪيو ويو. لارڊ ميئوءَ جي وقت 1807ع ۾ جو ”آرڪيالاجيڪل کاتو“ يعني ”قديم شين جي علم جو کاتو“ ٺاهيو ويو هو، تنهن ۾ نئون ساه ڦوڪيو ويو. سڄو هندستان ستن ”سرڪلس“ يعني ڀاڱن ۾ وراهيو ويو ۽ هر هڪ ڀاڱي ۾ اِنهيءَ ڪم لاءِ خاص عملدار رکيو ويو، جنهن پنهنجو سڄو ڌيان اِنهيءَ ڪم تي ڏنو ٿي. اِنهيءَ وقت کان وٺي جهونن ٽڪرن ۽ ٿنڀن تي جو نوشتا اُڪريل هئا سي خبرداريءَ سان ترجمو ڪيا ويا آهن، جن هندستان جي قديم تواريخ تي گهڻي روشني وڌي آهي. 8- لارد منٽو (1905ع –1910ع) ٻارهون فرمان فرماءِ هو. سندس هٿ هيٺ هندستان جي خود حڪومت ڏانهن ٽي وڏا قدم کنيا ويا. 1909ع جي اِنڊين ڪائونسل ائڪٽ“ موجب:- (1) هندستان ۾ گورنر ۽ گورنر جنرل جي ڪاروباري ڪائونسل ۾ پهريون ڀيرو هندستاني ميمبر مقرر ٿيو. (2) سڀيئي قاعدي ساز ڪائونسلون ڳچ وڌايون ويئون ۽ نه رڳو کن اُنهن کي قاعدن ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويئي، پر ملڪ جون عام ڍلون ڪيئن خرچڻ ۾ اچن تن تي به بحث مباحثه ڪرڻ جي موڪل ڏني ويئي. (3) اِنهن ڪائونسلن جي ميمبرن جو وڏو انداز جئن 1892ع ۾ چونڊيو هو، تيئن هينئَر عام مجموعن ۽ وڏن زميندارن، واپارين، کيٽ جي مالڪن ۽ مسلمانن جي ووٽ تي چونڊجڻ ۾ آيو. لنڊن واري ”سيڪريٽري آف اِنڊيا“ جي ڪائونسل ۾ ٻه هندستاني، هڪ هندو، هڪ مسلمان مقرر ڪيا ويا. ٿوري وقت کان پوءِ ٻيو به هندو ميمبر مقرر ڪيو ويو. تنهن ڪري هينئر مڙيئي هن ڪائونسل ۾ ٽي هندستاني ميمبر آهن. جيئن ته لارڊ مارلي هن وقت ”سيڪريٽري آف سٌٽيٽ“ هو، تنهن ڪري اِها سڌارا ”مارلي منٽو رفارمس“ جي نالي سان مشهور آهن. 82- هندستان شهنشاهه جارج پنجين جي هٿ هيٺ سندس وائسراءِ ( 1910ع-1918ع ) 1- بادشاهه ايڊورڊ کان پوءِ 1910ع ۾ سندس پٽ جارج، جو هاڻي اسان جو شهنشاهه آهي سو جارج پنجين جو خطاب وٺي گادي نشين ٿيو. هن لارڊ هارڊنج کي پنهنجو وائسراءِ ڪري موڪليو. 2- 1911ع ۾ بادشاهه سلامت، جو هندستان جو شهنشاهه آهي، ۽ مهاراڻي ميري هندستان ۾ آيا. ايڊورڊ ستين جي ڏينهن ۾ به هو ٻئي هن ملڪ ۾ آيا هوا. يارهين ڊسمبر 1911ع ۾ دهليءَ جي آڳاٽي شهر ۾ ڏاڍي تومان سان درٻار ڪيائون. شهنشاهه پاڻ اعلان ڪڍيو ته هندستان جي گاديءَ جو هنڌ اڳتي لاءِ دهلي ٿي، جيئن مغلن جي بادشاهي ۾ هوندو هو. 3- ساڳي وقت هن اِشتهار ڪڍيو ته بهار، مگڌ ۽ اوڙيسا جي آڳاٽي سلطنت، کي هڪ نئون جدا علائقو ڪجي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پاٽنا ٿئي، جا، عيسوي سنه کان 2000 ورهيه اڳي، پاتالي پتر جي نالي سان مشهور هوندي هئي ۽ جنهن تي عيسوي سنه کان 300 ورهيه اڳي چندر گپت مؤريا ڏاڍي شان شوڪت سان راڄ ڪندو هو. ايسٽرن بينگال ۽ آسام جي پرڳڻي جو وري وڙاهاڱو ڪيائون ۽ سندس ڏاکڻو ڀاڱو ڊاڪا سميت بينگال جي جهوني پرڳڻي سان وري گڏيو ويو ۽ آسام کي نئون علائقو بنائي چيف ڪمشنر جي هٿ هيٺ رکيو ويو. لارڊ هارڊنج 4- فرمان فرماءِ لارد هارڊنج به شهنشاهه جي پاران اِهو اعلان ڪڍيو ته آئيندي، وڪٽوريا ڪراس، جو، جنگ جي ميدان ۾ بهادري ڏيکارڻ لاءِ وڏي ۾ وڏو انعام آهي. سو نه رڳو انگريزي سپاهين کي، پر هندستاني سپاهين کي به ڏنو ويندو. اِنهيءَ وڏي درٻار ۾، جنهن جهڙي شاندار درٻار دهليءَ جي شهر ۾ ڪا ورلي ٿي هئي، تنهن ۾ اِٽڪل لک هندستان جا ماڻهو، راجائون، سردار ۽ شهزادا حاضر هوا، جن وڏي خوشيءَ سان شهنشاهه جي ڀليءَ ڀت آجيان ڪئي. گهڻني ماڻهن ته خوشيءَ وچان روئي به ڏنو ۽ لکين ماڻهو، جن بادشاهه ۽ راڻيءَ کي دهلي، ڪلڪته يا بمبئي ۾ ڏٺو، سي سڄي ڄمار اِنهيءَ ڏينهن کي ياد ڪندا ايندا، جنهن ڏينهن کين سندن رحمدل شهنشاهه ۽ راڻيءَ جو درشن نصيب ٿيو. جارج پنجون شاهنشاهه هند 5- لارڊ هارڊنج جنهن 1910ع کان 1916ع تائين هندستان ۾ فرمان فرماءِ ٿي راڄ ڪيو، سو عام ماڻهن کي ڏاڍو پسند هو. هن هڪڙي ڪميشن مقرر ڪئي ته سڄي هندستان جو گشت ڪري صلاح ڏين ته “Public Services” يعني عام نوڪرين کي سڌارڻ ۽ منجهن وڌيڪ هندستانين کي داخل ڪرڻ ۾ ڪهڙا اُپاءَ وٺجن ۽ ڪهڙي ريت جايون ڏنيون وڃن. هن به ماڻهن جي حالت کي بهتر ڪرڻ ۽ کين وڌيڪ سٌڪول، وڌيڪ اسپتالون، بهتر رستا ۽ ريلوايون ڏيڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي. سندس عمدي ڪم جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي. سندس عمدي ڪم جي وچ ۾ آگسٽ 1914ع ۾ دنيا جي مهاڀاري لڙائي لڳي. هو موٽي اِنگلنڊ ويو ۽ سندس جاءِ 1916ع ۾ لارڊ چيلمسفورڊ ورتي. 83- هندستان مهاڀاري لڙائي ۾ ( 1914ع -1918ع ) 1- تواريخ ۾ هن جهڙي مهاڀاري لڙائي ڪڏهين ٻڌڻ ۾ نه آئي. ڪل 30 ڪروڙن کان مٿي ماڻهن، جي هر ڪنهن جدا جدا قوم مان آيل هئا، بهر ورتو. هڪڙي پاسي کان هئي جرمني، آسٽريا، ٽرڪي ۽ بلگيريا، جن کي “Central power” يعني وچولي ملڪن جون طاقتون ڪري ڪوٺيون ويون. ٽرڪي پهريائين جنگ ۾ شامل نه هئي، پر سگهوئي پوءِ جرمنيءَ کيس لالچاڻي پاڻ سان شامل ڪيو. ٻئي پاسي وري هوا اِنگلنڊ، فرانس، اِٽلي، بيلجم، يونان، آميريڪا جون گڏيل رياستون ۽ ٻيون ڪيئي ننڍيون قومون. اِنهن مڙني کي ڪوٺيو ويو ”طرفدار“. 2- جرمني ته گهڻنئي ڏينهن کان تياريون ڪندي آئي هئي. لکين سپاهين جا وڏا لشڪر، مضبوط جنگي جهاز، هزارين توبون، جن جهڙيون دنيا ۾ ڪڏهين نه ڏٺيون ويئون هيون ۽ ٻئي هر ڪنهن قسم جو سرو سامان موجود هون؛ پر سڀ تياريون اِهڙي ڳجهي دستور ڪيون هئائون جو ڪنهن کي به پتو ڪونه پيو. 3- سندس رٿ هئي ته فرانس تي ڪاه ڪري پئرس وٺي، اِنگلنڊ تي ڪاهجي. کين خبر هئي ته اِنگلنڊ کي ڪو وڏو لشڪر ڪونهي ۽ نڪي ڪي وري جنگي سامان سرو تيار رکيل هون. ڇو ته هوءَ صلح پسند قوم آهي ۽ جنهن کي ٻئي کي ايذاءَ رسائڻ جي ڪابه خواهش نه هئي. سو جرمنيءَ پئي سمجهيو ته اِنگلنڊ کي فتح ڪرڻ ڪو سولو ڪم آهي. سندن ٻيو مطلب اِهو به هو ته يورپ کي فتح ڪري سڄي دنيا کي هندستان سميت تابع ڪجي. آمريڪا جي گڏيل رياستن پهرين ئي ته جنگ ۾ ڪوبه بهرو نٿي ورتو. سمجهائون ته اُڀرندي دنيا جي اڌ ۾ لڙائي جو ساڻن ڪوبه تعلق ڪونهي. پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ اِهي اچي طرفدارن سان شامل ٿيا. 4- جڏهين سڀ ڪم راس ٿي ويو، تڏهين آسٽريا اچي سربيا جي ننڍي ملڪ تي حملو ڪيو. هوڏانهن جرمنن وري ڪوشش ڪئي ته بيلجم جي ملڪ مان زوريءَ لنگهي فرانس ۾ ٽپي پئون. جرمن مهندارن اِئين به چيو ته ڏهن ڏينهن ۾ اسين هلي پئرس ڀيرا ٿينداسون. 5- بيلجم جي بادشاهه اِنگلنڊ کي مدد ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي ۽ پنهنجي ننڍي، پر بهادر لشڪر سان جرمنيءَ جي شاهي لشڪر کي سامهون ٿي، ڀريا ٻه مهينا کين روڪي بيٺو، جنهن ڪري اِنهي وقت ۾ انگريزن کي وقت ملي ويو جو فرينچن کي مدد ڏيڻ لاءِ اچي سهڙيا. جيتوڻيڪ اِنهيءَ مُدي اندر بيلجم جو سڄو ملڪ تلف تاراج ٿي ويو، ته به اِئين چئبو ته بيلجم جي بهادر سپاهين پنهنجو ڪم پورو ڪري پنهنجي طرفدارن کي بچائي وڌو. جنگ جي پڇاڙيءَ تائين بيلجم جو بادشاهه ۽ سندس رهيل کوهيل لشڪر پنهنجي ملڪ جي ننڍڙي ڪنڊ مضبوط جهليو بيٺا هوا. 6- انگريزن جو اٽڪل 200000 ماڻهن جو ننڍو لشڪر هو، جنهن کي جرمنيءَ جو قيصر چوندو هو ”ڪين جهڙوڪ لشڪر“. پر جرمنيءَ جو انگريزن کان ويهوڻو لشڪر، اِنهيءَ انگريزي لشڪر جي قطار کي ڀڃي، جيئن اُميد ڪئي هئائين تيئن، پئرس اندر پير پائي ڪونه سگهيو. باقي انگريزن جا ڪي تمام ٿورا لارڊ ڪچنر سپاهي وڃي بچا هوا، جي فرينچن جي مدد سان ايڪر ٻيڪر محڪم بيٺا رهيا، جيستائين مدد اچي سهڙي. 7- لارڊ ڪچنر جو هندستان ۾ ڪمانڊر ان چيف هو، سو هن وقت اِنگلنڊ ۾ ڪمانڊر اِن چيف ٿيو هو. هن، جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد، توبون ۽ ٻيون جنگي سامان تيار ڪري فرانس ڏانهن روانو ڪيو. انگريزن جي سڄي قوم لشڪر ۾ گهري پيئي ۽ سال جي اندر سڄا ڏهه لک ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ ڏسڻ ۾ آيا. ٿوري ئي وقت ۾ ٻيا ڏهه لک تيار ٿيا، تنهن کان پوءِ ٽيان ڏهه لک، تان جو ايڏو وڏو لشڪر ٺاهي وڌائون جو جهڙس اڳي ڪو ٻيو اِنگلنڊ کڙو ڪري نه سگهيو هو. هاريءَ پنهنجون ٻنيون ڇڏي ڏنيون، ريڍار پنهنجون رڍون ڇڏي ڏنيون، منشيءَ پنهنجي آفيس، دڪان يا بئنڪ کي طلاق ڏني ۽ شاگردن پنهنجي ڪاليجون ترڪ ڪيون. مطلب ته 17 ورهيه جي ڇوڪر کان 50 ورهيه جي پوڙهي تائين، لکها ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڌنڌي کي پاسيرو رکي سکيا جي ڇانوڻين ۾ داخل ٿيا، جتي کين ڪسرت ڪرائي ويئي ۽ جنگي سکيا ڏيئي فرانس ۾ موڪليو ويو. سڀني قومن جا ماڻهو، امير، نواب ڊيوڪ، اَرل، لارڊن جا پٽ، پرنس آف ويلس جي رهبريءَ هيٺ توڙي وچولن ۽ هيٺين درجن جا به ماڻهو جنگ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا. سندن جڳهيون سندن استرين، ڀينرن ۽ ڌيرن ورتيون. اِنگلنڊ جون زالون هر ڪاهڻ، اَن لڻڻ ۽ دڪانن، آفيسن ۽ بئنڪن ۾ ڪم ڪرڻ لڳيون يا ڪارخانن ۾ وڃي توبون، باروت، بم گولا ۽ ٻيون جنگ ۾ گهربل شيون جوڙينديون هيون. هزارها ته رڳو ڦٽيلن سولجرن کي ملم پٽي ڪرڻ لاءِ اِنگلنڊ ۾ فرانس جي لشڪر جي اسپتال ۾ وينديون هيون. 8- اڃا جنگ جون خبرون ماڻهن کي پهتيونئي مس هيون ته برٽش سلطنت اندر سڀني بيٺڪن جهڙو ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلنڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سلطنت اندر ٻين سڀني ملڪن ماتر ڀوميءَ جي مدد لاءِ ماڻهو. پئسو ۽ مال اِنگلنڊ ڏانهن روانو ڪيو. 9- هندستان به مدد ڏيڻ جي اُتساهه ۾ برٽش سلطنت اندر ڪنهن به ملڪ کان گهٽ ڪين پيو. هندستان جي اٽڪل 700 سردارن ۽ شهزادن مان هر هڪ پنهنجي خذمت گذاري، ترار، ماڻهو ۽ پئسو شهنشاهه اڳيان رکيا. سڄي برٽش هندستان اندر ميٽنگون ڪيون ويون ۽ سڀني ڳالاهيندڙن جو اِهو رايو هو ته سلطنت کي بچائڻ لاءِ اِنگلنڊ کي دل و جان سان مدد ڏيڻ گهرجي. 10- سڀني شهزادن، جن جنگ جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ عرض ڪيو تن مان وائسراءِ رڳو ڏهه وڏا سردار ۽ گهڻائي ننڍا سردار چونڊيا. اِنهن مان جوڌپور، بيڪانير، پٽيالا، رتلام ۽ ڪشنڳره جا راجائون هئا. سندن مٿان راٺور گهراڻي جي ٻڍي شاندار راجپوت سورمي سر پرتاب سنگه کي (سپہ سالار ڪري) مقرر ڪيو ويو. هو اِن وقت 70 ورهين کان به مٿي عمر جو هو. پهريائين عمر جي ڪري وائسراءِ چونڊيس ئي نٿي، پر هن سورمي چيو ته ”ڇا جنگ هجي ۽ مان اُن ۾ نه هجان! پنهنجي شهنشاهه لاءِ وڙهڻ ۾ آءٌ پنهنجو حق گهران ٿو. منهنجا سائين سيگهه ڪر ۽ مون کي جلد موڪل ڏي؛ آءٌ انڪار نامي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان“. لارڊ هارڊنج کيس موڪل ڏني. هو جوڌپور رياست جو سنڀاليندڙ هو ۽ چترال ۽ تير جي سرحدي قومن ۾ جيڪي جنگيون ٿيون هيون تن ۾ هن بهرو ورتو هو، چئنا سان جنگ ٿيڻ وقت به هوُ جوڌپور جي نيزي بازن جو سئناپتي هوُ ۽ هينئَر طرفدارن جي لشڪر جو جنرل مقرر ڪيو ويو. ساڻس گڏ سندس ڀائٽيو جوڌپور جو نوجوان ۽ سهڻو 16 ورهين جو نينگر مهاراجا ساڻس گڏ ويو. سر پرتاب سنگه 11- حيدرآباد، ميسور، گواليار، انڊور، برودي ۽ ڪشمير جي راجائن ۽ قلات جي خان پڻ لشڪر لاءِ ماڻهو، گهوڙا، اُٺ، توبيون ۽ پيسا موڪليا. هندستان جي ٻاهران نيپال جي راجا ۽ ٿٻيٽ جي دلائي لاما پڻ پنهنجي طرفدار، هندستان جي شهنشاهه کي ماڻهن ۽ پيسي جي مدد ڏني. نظام 12- 1914ع جي آگسٽ جي چوٿين تاريخ جنگ جو نقارو وڄايو ويو ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ڌاري، برٽش هندستان لشڪر جون پهريون ٻه ٽوليون فرانس ۾ پهتيون. منجهس انگريزي توڙي هندستاني ريجيمينٽون سر جيمس ولڪاڪس جي هٿ هيٺ هيون، جو هنن جو ڪمانڊر اِن چيف هو. رڳو هو سو 24000 ماڻهن جو ٺهيل ننڍو لشڪر، پر هر هڪ ماڻهو جوڌو جوان هو. اِنهيءَ هندستان لشڪر ۾ هندستان جي جنگي قومن جا پهلوان چونڊ ماڻهو هوا. پهلوان راجپوت، سروما سک، قداور پنجابي مسلمان، ڪارين ڏاڙهين سان پٺاڻ، کلمکه ڇوٽا گورکا ۽ گراهوالس، مضبوط ڊوگرا ۽ جاٽ ۽ دلاور ۽ جانٺا مرهٽا سڀ اُتي حاضر هوا. برٽش ۽ هندستاني سولجر سڀ هڪ ٻئي ۾ رفيق ۽ جنگي ڀائر هوا ۽ سڀ خواهشمند هوا ته ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي لڙون ۽ جي ضرورت پوي ته پنهنجي ملڪ ۽ شهنشاهه لاءِ گڏجي سر قربان ڪريون. خوفناڪ دشمن سان لڙڻو هو ته به کين پائيءَ جو به ڊپ ڊاءُ ڪونه هو. 13- اڳين جنگين جن ۾ هو وڙهيا هئا، سي هن خوفناڪ جنگ جي مشابهت ۾ ٻاراڻيون رانديون هيون. هن کان اڳ ۾ جيڪي جنگيون لڳيون هيون سي يا ته زمين جي رستي لڳيون هيون يا ته سمنڊ جي. پر هن جنگ ۾ ماڻهو نه رڳو سمنڊ تي وڙهيا ٿي پر پڻ سمنڊ جي هيٺ ”سب مئرينس“ زير آبين جي وسيلي يعني ته اُنهن جهازن جي وسيلي جي سمنڊ جي تري ۾ مڇين وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچي سگهيا ٿي يا سمنڊ جي مٿان پکين جيان، اِئين پئي تريا جيئن پکي هوا ۾ ترن. زمين هيٺان ٽنيلن ۽ کاڻين ۾، ۽ زمين مٿان هوائي جهازن ۾، جيڪي هوا مان هزار فوٽ مٿي گاڏيءَ جي رفتار کان به تکو ڊوڙي سگهن ٿا، لڙڻو پين ٿي. اهڙا به ڪيترائي وقت آيا ٿي جنهن ۾ دشمن نظر نٿي اچي سگهيو. مئلها پري هئا ته به اهڙين توبن جي وسيلي گولاپي ڇوڙيائون جي نظر کان بلڪل غائب هيون يا ته ڪڪرن کان به گهڻو مٿي بيهي، هيٺان لشڪر تي بم گولا پي اُڇلايائون. هندستاني لشڪر کي جي ڏک ڏوجهرا سهڻا پيا سي هنن ڪڏهن به ڪين سٺا هئا. ڀلا ملڪ هون پرائو، آب هوا، ماڻهو ۽ اُنهن جون عادتون سڀ سندن لاءِ نيون ۽ عجيب هيون، ٻولي به سندن ڳالاهي نٿي سگهيا، اُتر جون هوائون، برف، مٽي ۽ مينهن ته باقي به رڻ ٻاري ڏنوهون، پر مڙس هٽجڻ جا نه هئا. دلين ۾ ڪو ذري ماتر ڊپ هجين سو اصل نه. 14- جڏهن سر پرتاب جي گوديلي پٽ ايدر جي راجپوت نواب کان ڪنهن فرينچ عملدار پڇي ته خبر اٿيئي ته هيءَ جنگ ڇا جي لاءِ ڪئي ويئي آهي؟ تڏهين جواب ڏنائين ”خبر اٿم ته هيءَ جنگ حق جي ويڙهه آهي، هندستان پنهنجو قرض ادا ڪرڻ ٿو چاهي، ۽ ڄاڻي ٿو ته انگريزي سولجرن سان هم شريڪ ٿي، پنهنجي شهنشاهه سان وڙهڻ ۾ ئي سندس فرض جي پالنا آهي. هندستان کي ساراهڻ جو ڪوبه ضرور نه آهي، ڇو ته فرض ادا ڪرڻ ۾ ئي اسان جي عزت آهي. اسان کي فخر آهي ته شهنشاهه اسان کي ويڙه ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ڪئي آهي. اسين سڀ هتي آيل خوش آهيون، پر جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن سي دل شڪستا ٿي پيا آهن، جون کين نه ورتو ويو. اسين، اسان جا ماڻهو اسان جون ترارون، اسان جو پيسو ۽ اسان جي سڀ مِلڪ آهي شهنشاهه سلامت جي. هي عمدو وقت آهي مرڻ جو. پاڪ، ۽ انصاف واري ڪم ۾ وڙهي مرڻ شانائتو ۽ تحسين جوڳو ڪم آهي. جنگ ۾ مرڻ موت نه آهي، ڇو ته اسان جا نالا سدائين لاءِ قائم رهندا.“ مهاراجه ميسور 15- جيڪي هندستان جي لشڪر فرانس ۾ ويڙهون ڪيون يا جيڪا اَمر سورمائيءَ جا ڪم هنن جنگ جي ميدان ۾ ڪيا سي هن ننڍي ڪتاب ۾ درج ٿيڻ مشڪل آهن. وڏي ۾ وڏو انعام جنگ جي ميدان ۾ آهي وڪٽوريا ڪراس، جو هيل تائين برٽش سپاهين کي ڏيڻ ۾ آيو هو، سو هن جنگ ۾ يارهن هندستانين کي عطا ڪيو ويو. خداداد خان 16- پهريون هن ٻلي جو کٽندڙ سپاهي خداداد خان پنهنجابي مسلمان هو. 31 آڪٽوبر 1914ع واري جنگ ۾ رڳو اِهوئي ماڻهو هو جو مارجي ڪونه ويو. سخت نائڪ دروان سنگهه نيگي زخم رسيا هئس، تنهن ڪري مئل سمجهي جنگ جي ميدان ۾ ڇڏي ويس، پر رات جو مڙس سڙي اچي ڇانوڻيءَ ڀيرو ٿيو. 17- ٻيو هندستان، جنهن کي هي ٻلو عطا ڪيو ويو، سو هو گراهوالي هندو، هماليه جو رهاڪو نائڪ دروان سنگهه نيگي. 1914ع جي 27 سيپٽمبر جي 21 ڏينهن سانده وڙهڻ کان پوءِ جڏهن سندس انگريزي عملدار فوت ٿي ويو، تڏهن، هي، جيتوڻيڪ سخت ڦٽيو پيو هو، تڏهن به آڌيءَ رات جو دشمن ڏانهن ڌوڪيندو ويو ۽ کين شڪست ڏيئي، ڪيتريون ئي توبون هٿ ڪري، پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ باقي بچلن سپاهين سان سلامت اچي پهتو. 18- جنگ جي ٻي سال يعني 1915ع ۾ هندستاني لشڪر پنهنجو ڪم فرانس ۾ پورو ڪري رهيا ته کين ٻين ملڪن ۾ موڪليو ويو، جتي تُرڪن سان هنن جي ويڙهه پي لڳي. هنن جو انداز هينئَر گهڻي تعداد ۾ هو. چئن سالن جي مدي اندر اٽڪل پنج لک پنجاهه هزار هندستاني سپاهي گهر ڇڏي جنگ ۾ روانا ٿيا. بصري جي گهيري ڪرڻ ۾، تنهن کان پوءِ يوفريٽس نديءَ جي ڪناري ڏانهن ڪوچ ڪرڻ ۾، ۽ پڇاريءَ ۾ بغداد وٺڻ ۾، جو هندستانين عجيب ڪم ڪري ڏيکاريو تنهن ۾ سندن ڏاڍو ناماچار نڪتو. ترڪن کي سئيز واهه مصر مان هڪالي ڪڍيائون. 1917 ۾ جنرل آلنبي سندن لشڪر جو سپه سالار ٿيو. سندس هٿ هيٺ برٽش هندستاني لشڪر ويو سڀ ڪنهن جنگ ۾ ترڪن جي لشڪر کي شڪست ڏيندو (جي جرمن عملدارن جي هٿ هيٺ هئا) ۽ هڪ ٻئي پٺيان جيروسلم، بيروٽ، ٽرپولي ۽ عليپو جا شهر هٿ ڪندو. ترڪن بهادريءَ سان جنگ ڪئي، پر هندستاني پهلوان سپاهين سان مٽ پئي نه سگهيا. هر ڪنهن ملڪ ۾ هنن پنهنجي لاءِ جتي ڪٿي شان ۽ تعريف هٿ ڪئي آهي. . مانٽيگو 19- لارڊ چيلمسفورڊ هندستان ۾ 1916ع ۾ فرمان فرماءِ آيو. سندس مکيه ڪم هو ٻين ملڪن ۾ لشڪر لاءِ هندستان مان ماڻهو ۽ مال موڪلڻ. پر مهاڀاري لڙائيءَ ۾ به انگريز سرڪار سڌاري کي ڪين وساريو. 1918ع ۾ مسٽر مانٽيگو هندستان جو سيڪريٽري آف سٽيٽ هندستان ۾ آيو ۽ سڄا سارا ڇهه مِهنا هن ملڪ ۾ رهيو. سڀني وڏن شهرن ۾ ويو ۽ سَون هندستان جي اڳوانن ۽ راجائن سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين. هو اِنهيءَ واسطي آيو هو ته ڏسان ته هندستانين کي پنهنجي ملڪ جي سرڪار ۾ بهرو ڏيڻ لاءِ ڪهڙا وڌيڪ اُپاءَ وٺجن. هڪ رپورٽ مسٽر مانٽيگو ۽ لارڊ چيامسفورڊ پارليمينٽ جي پيش رکڻ لاءِ ٺاهي. مهاراجا بيڪانير 20- لنڊن ۾ جيڪا جنگ وقت ”اپيريل وار ڪئبينيٽ“ يعني شاهي جنگي جماعت برٽش سلطنت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ گڏ ٿي، تنهن ۾ ٻه هندستاني ميمبر، هڪڙو بيڪانير جو مهاراجا، هندستان جي شهزادن پاران، ۽ ٻيو سر ايس- پي سِنها، جو لارڊ منٽو جي ڏينهن ۾ ڪاروباري ڪائونسل تي پهريون ئي ميمبر هو، ماڻهن جي پاران، داخل ڪيا ويا. ٻئي ڄڻا هندستان جي مکيه وزير ۽ ٻين اٺن ڪئبينيٽ وزيرن ۽ ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، سائوٿ آفريڪا ۽ نيوفائونڊ لئنڊ جي بيٺڪن کان آيلن ميمبرن جي ڀر ۾ ويٺا. برٽش هندستان جي نئين سرشتي پٽاندر، لارڊ سِنها بهار ۽ اوڙيسا جو گورنر مقرر ڪيو ويو جو پهريون ئي مثال هو جنهن ۾ هندستاني ڪنهن به پرڳڻي جو حاڪم بڻايو ويو. نيٺ مهاڀاري لڙائي جو خاتمو ٿيو. جرمن ۽ سندس ساٿي سخت شڪست کائي صلح لاءِ درخواست ڪرڻ لڳا، قيصر پنهنجو تخت ڇڏي هالنڊ جي ملڪ ۾ جو جنگ ۾ ڪنهن جو به طرفدار ڪونه ٿيو) ڀڄي ويو، جتي هو سلامت رهي سگهيو. يارهين نومبر 1918ع ڌاري ٿوري وقت لاءِ جنگ بند ٿي، جيستائين ڪ آخرين صلح ٿيو. جرمنيءَ کي پنهنجو لشڪر ڇروڇر ڪرڻو پيو. توبون ۽ سڀ ملڪ، جي تلف تاراج ڪيا هئائون، سي موٽائي ڏيڻا پين. پئرس ۾ سڀني طرفدارن جي ڪانفرنس ڪئي ويئي ته صلح جي شرطن تي ويچار ڪجي ۽ ٺهراءُ ڪجي ته جرمنيءَ کي سندن ڏوهن لاءِ ڪهڙي سزا ڏني وڃي. لارڊ سنها 21- 1919ع جي شروعات ۾ سر پي – سنها، لارڊ سنها آف رائپور جو خطاب وٺي پارليمنٽ جي هائوس آف لارڊس ۾ جڳهه وٺي ويٺو ۽ پهريون ئي ڀيرو هندستاني شهنشآهت جو امير بنايو ويو. هن کي ڪنگس ڪائونسل يعني اِنڊيا ڪائونسل ۾ صلاحڪار ڪيو ويو ۽ هندستان جو نائب سيڪريٽري آف سٌٽيٽ ٿاڦيو ويو. ڪنهن به هندستانيءَ کي هيل تائين اهڙو مان نه مليو هو. اِنهن مقررين ڏيکاريو ٿي ته برٽش سرڪار کي هندستانين کي عزت ڏيڻ ۽ کين برٽس سلطنت جي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪهڙي نه خواهش آهي. پئرس ۾ سڀني قومن جي وچ ۾ دنيا جي صلح قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا صلح ڪانفرنس ٿي تنهن ۾ پڻ لارڊ سنها ۽ بيڪانير جو مهاراجا هندستان جي پاران عيوضي مقرر ٿيا. لارڊ اَروِن اپريل 1921ع ۾ لارڊ چيلمسفورڊ هندستان ۾ پنهنجو ڪم ڪري وطن وريو ۽ سندس جڳهه تي لارڊ ريڊنگ هندستان ۾ فرمان فرماءِ مقرر ڪيو ويو. هو هن کان اڳ اِنگلستان جو ”لارڊ چيف جسٽس“ يعني وڏي ۾ وڏو جج هو ۽ نئين سرشتي موجب ٺهيل هند سرڪار مٿان ضابطي رکڻ لاءِ پوروُ پوروُ ماڻهو. لارڊ ريڊنگ اپريل 1926ع ۾ حڪومت جون واڳوون ڇڏيون ۽ لارڊ اَرون وائسراءِ مقرر ٿيو. 84- گريٽ برٽن جو سرڪاري سرشتو ڪئن ٿو هلي؟ هندستان کي جيڪو هاڻي نئون سرشتو ڏنو ويو آهي تنهن جي بيان ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته گريٽ برٽن جو سرڪاري ڪاروبار ڪيئن ٿو هلايو وڃي ۽ ڪهڙي ريت چيو وڃي ٿو ته گريٽ برٽن جي ماڻهن کي سوراج آهي. لارڊ ريڊنگ 1- سڄيءَ برٽش قوم ۽ شهنشاهت لاءِ سڀ قاعدا هڪ قاعدي ساز قومي مجموعو ٺاهيندو آهي جو اهڙو آڳاٽو آهي جهڙو برٽش قوم پاڻ ۽ جنهن کي چوندا آهن ”پارليمنٽ“. گذريل ست سَو سالن کان وَٺي کيس ٻن گهرن ۾ وڙاهيو ويو، جنهن مان هڪڙي کي چئبو آهي ”اميراڻي مجلس“ (House of Lords) ۽ ٻئي کي ”عام ماڻهن جي مجلس“ (House of Commons) جي ساڳي ڇت هيٺ ويسٽمنسٽر لنڊن ۾ ڌار ڌار ڪوٺين ۾ پنهنجي ڪارروائي هلائيندا آهن. جيئن وقتن ۾ تبديل ٿيندي آئي آهي، تيئن وقت بوقت اِنهن ٻنهي گهرن ۾ به گهڻيئي ڦيرون گهيرون ٿيون آهن، هائوس آف ڪامنس رفته رفته وڌندو پي ويو آهي ۽ طاقت ۾ پڻ وڌيڪ زور وٺندو ويو آهي. ڪوبه نئون قاعدو يا ائڪٽ جو بحال ٿئي ٿو سو نه رڳو هائوس آف ڪامنس بحال ڪري ٿي، پر اِهو هائوس آف لارڊس کي به پاس ڪرڻو پوي ٿو ۽ پڇاڙيءَ بادشاهه جي اُن لاءِ منظوري وٺڻي پوي ٿي. 2- هن وقت هائوس آف لارڊس ۾ (740) ميمبر آهن. هائوس آف ڪامنس جا (615) ميمبر ماڻهن هٿان چونڊيا ويندا آهن ۽ مردن توڙي زالن کي ووٽ ڏيڻ جي اختياري آهي. هر هڪ شهر واسي جو بالغ عمر جو آهي تنهن کي ووٽ ڏيڻ جي اختياري آهي. زالن کي ووٽ ڏيڻ ۽ پارليمنٽ ۾ وهڻ جو حق سنه 1918ع ۾ پهريون دفعو ڏنو ويو. 3- سرڪار جو سچو پچو ڪم يعني ملڪي اِنتظام جي جوڙجڪ سڀ هڪ ويهن وزيرن جي جماعت ڪندي آهي جنهن کي ڪئبينيٽ چوندا آهن. وزارت جو مکي، پرائيم منسٽر آهي، جو بادشاهه جو ٿاڦيل ٿيندو آهي ۽ کيس اختياري مليل آهي ته پارليمنٽ جي ميمبرن مان ئي اِهي وزير چونڊي. اِنهن کي ”سرڪار“ ڪري ڪوٺبو آهي. 4- پارليمنٽ ته سڄي برٽن ۽ سلطنت لاءِ قاعدا ٺاهيندي آهي، پر مڪاني ڳالهيون جهڙوڪ رستن، سڪولن ۽ اِسپتالن جي سنڀال، پاڻيءَ جي موجودات ۽ صحت وغيره جو بندوبست ڪائونٽي ڪائونسلون ڪنديون آهن، جي هندستان جي ڊسٽرڪٽ بورڊ سان گهڻو مشابهت رکن ٿيون. رڳو تفاوت اِهو آهي ته برٽن ڪائونٽيز ۾ وڙاهيل آهي ۽ هندستان ضلعن ۾ وڏن شهرن لاءِ اِهو ڪم ڪار ميونسپل ڪائونسلون ڪنديون آهن جيئن هندستان ۾ ٿيندو آهي. هنن کي محصول وجهڻ جي اختياري آهي، جن محصولن کي ”لوڪل ريٽس“ ڪري ڪوٺبو آهي. اِنهيءَ ڪائونسل جا ميمبر ماڻهن جا چونڊيل هوندا آهن. ميمبر ٿيڻ جو حق زال توڙي مرد ٻنهي کي آهي. 5- جيتوڻيڪ هر ڪنهن قاعدي لاءِ شاهي منظوري يعني بادشاهه جي قبوليت ضروري آهي، تڏهين به عمل ۾ بادشاهه ڪڏهين به پارليمنٽ جي پاس ٿيل بل کي رد ڪونه ڏيندو آهي. جنهن صورت ۾ پارليمنٽ جا ميمبر جي قاعدا ٺاهين ٿا ۽ ملڪ جو ڪاروبار هلائين ٿا سي ماڻهن جا چونڊيل آهن، تنهن صورت ۾ گويا ماڻهو سچ پچ پاڻ ئي حڪومت هلائين ٿا. 6- هائوس آف ڪامنس جي نئين چونڊ، قاعدي موجب پنجن سالن بعد ٿيندي آهي. چونڊيلن ميمبرن جيڪي پنهنجي فرض جي بجاوري ڪرڻ لاءِ رستا اختيار ڪيا آهن، تن مان جي ووٽر راضي نه هوندا ته هنن کي ڪنهن ٻئي ميمبر چونڊڻ جي اختياري آهي. پر جيڪڏهين منجهائن راضي آهن ته کين وري ٻيو ڀيرو چونڊي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح اِنگلنڊ ۾ هر هڪ مرد توڙي زال کي پنهنجي ملڪ جي سرڪار ۾ آواز آهي. اِهوئي آهي سوراج جو مطلب. 85- هندستان جي حڪومت جي نئين جوڙجڪ 1- اسان ڏٺو آهي ته هندستان جي سرڪار، جڏهانڪر (1858ع کان وٺي) ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کان نڪري راڻي وڪٽوريا جي هٿ ۾ آئي، تڏهانڪر منجهس، رفته رفته پر يڪسان، سڌارو ٿيندو آيو آهي. وقت به وقت حڪومت جي جوڙجڪ ۾ روان پٺيان رول ٺهندا آيا آهن، جن ۾ پهريائين هندواسين کي قاعدن ۽ قانونن ٺاهڻ ۾ مدد ۽ صلاح ڏين جو حق مليو، ۽ پوءِ ته کين جنسي حڪومت هلائڻ جي ڪم ۾ بهرو پڻ مليو آهي. 2- پهريون ڀيرو 1909ع ۾ گورنر جنرل جي ۽ پرڳنن جي گورنرن جي قاعدي ساز ڪائونسلن ۾ هندستاني ميمبر مقرر ڪيا ويا. اُن کان گهڻو اڳ، قاعدي ساز ڪائونسلن جا ميمبر ٿي، هندستانين ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته هو قاعدن ٺاهڻ ۾ هر طرح لايق هئا. هاڻي وري ايگزيڪيوٽو (ڪاروباري) ڪائونسلن جا ميمبر ٿي، هنن ساڳي طرح ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سرڪاري قاعدن ۽ قانونن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ يعني ملڪي انتظام ۽ ڪاروبار ۾ به مددگار ٿي سگهن ٿا. 3- اٺن سالن گذرڻ بعد شهنشاهه ۽ سندس صلاحڪارن خيال ڪيو ته هينئَر وڌيڪ وک کڻڻ جو وقت آيو آهي جو هندواسين کي قاعدي سازيءَ ۽ ڪاروباريءَ ٻنهي ۾ وڌيڪ اختياريون ڏجن، اِنهيءَ لاءِ ته نه رڳو حڪومت جي ڪم ۾ مدد ڏين، پر خود پاڻ جنسي حڪومت هلائين. اِنهيءَ ڳالهه کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، هنن پڪو ارادو ڪيو ته نوان قاعدا ٺاهجن، جي جيترو ٿي سگهي، اِنهن قاعدن جهڙا هجن، جن موجب اِنگلنڊ جي حڪومت جو چرخو هلي ٿو (جنهنجو ذڪر اڳيئن باب ۾ ڪيل آهي)، اِنهيءَ مراد سان ته نيٺ هندواسي پاڻ هندستان جي حڪومت هلائين، جيئن انگريز اِنگلنڊ جي هلائين ٿا. 4- مٿين ارادي موجب 1917ع جي 20 آگسٽ تي سيڪريٽري آف سٽيٽ پارليمنٽ ۾ پڌرو ڪيو ته انگريز سرڪار جي مرضي آهي ته هند سرڪار جي هر هڪ کاتي ۾، تمام وڏن عهدن تي، جيترا هندستاني يڪدم مقرر ڪري سگهجن، اوترا ڪجن، ۽ پوءِ رفته رفته سڄي برٽش هندستان کي، برٽش شهنشاهت جو هڪڙو ڀاڱو سمجهي، خود حڪومت جو حق ڏجي. اِهو ڪم، هن صاحب فرمايو، ته هڪدم ڪونه ڪري سگهبو، پر قدم به قدم، ۽ اُهو برٽش سرڪار تي ڇڏيو ويندو ته، آخرين مقصد نگاهه ۾ رکي، ڪيئَن ۽ ڪڏهين هر هڪ قدم کڻڻ ۾ ايندو. اِهو سڀ هن ڳالهه تي مدار رکندو، ته، جن هندواسين تي ڪم سنؤپيل آهي، سي ڪهڙيءَ ريت ڪم جي سرانجامي ڪن ٿا. جيئن هو پنهنجو ڪم وڌيڪ لياقت سان ڪندا، تيئن وڌيڪ جلد سمورو سوراج برٽش هندستان کي حاصل ٿيندو. 5- پوءِ، جيئن اسان سبق 83 ۾ ڏٺو آهي، مسٽر مانٽيگو، سيڪريٽري آف سٌٽيٽس، هندستان ۾ ويو ۽ ڇهه مهنا اُتي ترسيو. هو صاحب ۽ وائسراءِ چيلمسفورڊ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ويا ۽ سوَن هندستاني ۽ انگريزي نامور ماڻهن سان ملاقات ڪري، اُنهن جا رايا حڪومت بنسبت ٻڌائون. 6- اُنهيءَ بعد، هنن، حڪومت جي نئين سرشتي تي، يعني هند سرڪار لاءِ جي نوان قاعدا ٺهيا تن تي، پنهنجي رپورٽ لکي. اِهي قاعدا پارليمنٽ جي ٻنهي گهرن، يعني هائوس آف لارڊس ۽ هائوس آف ڪامنس، گهڻي غور ۽ ويچار بعد پاس ڪيا ۽ پوءِ اُتن بادشاهه جي منظور ورتي ويئي. تنهن کان پوءِ اِهي پارليمنٽ جي ائڪٽ جي صورت ۾ آندا ويا ۽ هاڻي اِهو ائڪٽ، هند ملڪ لاءِ جي قاعدا ٺهيل آهن، تن مان هڪڙو قاعدو ٿي چڪو آهي. اِهو ائڪٽ هينئَر ”1919ع جو گورنمينٽ آف اِنڊيا ائڪٽ“ ڪوٺبو آهي. اِهو 1909ع جي ائڪٽ کان پورا ڏهه سال پوءِ پاس ٿيو. 7- جنهن صورت ۾ پارليمنٽ پڌرو ڪيو آهي ته هندستان جي حڪومت جي واڳ هندواسين کي سونپجي، چائين جو اِنهيءَ ڪم لاءِ لائق ٿين، تنهن صورت ۾ ائڪٽ جي اِها مراد آهي ته هر ڪنهن وڏي علائقي ۾، جي ڪل نَوَ ٿيندا، جنسي حڪومت جو ڪجهه ڀاڱو هندواسين جي حوالي ڪري، کين اِنهيءَ وڏي ڪم لاءِ سکيا ڏيئي تيار ڪيو وڃي. اِنهن علائقن جا نالا آهن:- مدراس، بمبئي، بينگال، گڏيل علائقا، بهار ۽ اوڙيسا، پنجاب، وچوارا علائقا، آسام ۽ برما. جيئن به هر هڪ علائقو گورنر جي هٿ هيٺ ايندو، اُنهيءَ کي گورنر جو علائقو چوڻ ۾ ايندو. جڏهين آزمودي بعد ثابت ٿيندو ته علائقن ۾ سچو پچو حڪومت هلائڻ جو ڪم هندستان چڱيءَ طرح ڪري ٿا سگهن، تڏهين اِهو سرڪاري ڪم وڌيڪ ۽ وڌيڪ کين ڏنو ويندو، جيستائينڪ سڄو ڪم سندن حوالي ٿيندو ۽ علائقن تي سمورو راڄ هندستاني پاڻ هلائيندا. 8- هر ڪنهن وڏي علائقي ۾ ڪن کاتن جو ڪاروبار ٻه يا وڌيڪ هندستاني پاڻ هلائين ٿا. اُنهن کي وزير جو لقب ڏنو ويو آهي ۽ جيئن اِنگلنڊ ۾ پرائيم منسٽر، پارليمنٽ جي چونڊيلن ميمبرن مان، جدا جدا سرڪاري کاتا هلائڻ لاءِ، وزير چونڊي مقرر ڪندو آهي تيئن، هندستان ۾ علائقي جو گورنر، قاعدي ساز ڪائونسل جي چونڊيلن ميمبرن مان هندستاني وزير ٿاڦيندو آهي. 9- اِنهيءَ طرح، هر ڪنهن علائقي جي سرڪاري مٿان گورنر ٿيندو آهي، هن هيٺان هڪڙي آهي چئن ميمبرن جي ڪاروباري ڪائونسل جن مان اڌ ميمبر هندواسي هوندا آهن. اِنهيءَ ڪاروباري ڪائونسل جي حوالي فقط ڪي کاتا آهن، جن کي ”رزروڊ“ کاتا ڪري ڪوٺبو آهي يعني اِهي کاتا جي انگريز سرڪاري اڃا پنهنجي هٿ هيٺ رکيا آهن ۽ اُنهن کاتن ۾ هند سرڪار ۽ سيڪريٽري آف سٌٽيٽ جو ضابطو قائم آهي. اِنهيءَ ڪائونسل جي حوالي بمبئي پريزيڊينسيءَ ۾ هيٺيان کاتا آهن. (1) ريونيو ۽ زرعي کاتو (زمين جي ڍلن ۽ انجنيري ڪمن سان لاڳاپو رکندڙ)، (2) مالي کاتو (هندستان جي مالي حالت سان لاڳاپو رکندڙ جهڙوڪ ضرب خانو، بئنڪون، نوٽ، دستاويز وغيره)، (3) گهرو (Home) کاتو (ڪورٽن، جيلن ۽ پوليسن سان لاڳاپو رکندڙ) ۽ (4) عام کاتو. ڪاروباري ڪائونسل کان سواءِ علائقي جي گورنر جي هٿ هيٺ آهن سندس وزير، جن کي باقي کاتا سونپيل آهن، جهڙوڪ تعليم کاتو، خود مڪاني حڪومت وارو کاتو يعني ميونسپالٽيون ۽ لوڪل بورڊ، ٽيون آبڪاري کاتو. اِنهن کاتن کي ”ٽرئنسفرڊ“ کاتا يعني سونپيل يا بدل ٿيل کاتا ڪري ڪوٺيو آهي، ڇو ته اِهي هندستاني وزيرن کي سپرد ڪيا ويا آهن ۽ گويا هندستان جي ماڻهن کي سونپيا ويا آهن. پرڳڻن جي اِنهيءَ ٻن ڀاڱن ۾ وراهيل حڪومت کي ”ڊائرڪي“ چئبو آهي. 10- هر هڪ علائقي کي قاعدن ۽ قانون ٺاهڻ واسطي پنهنجي پنهنجي ليجسليٽو (قاعدي ساز) ڪائونسل آهي، جنهن ۾ ميمبرن جو تعداد اڳئين وقت کان گهڻو وڌيل آهي، ۽ منجهس ڪي ميمبر علائقي جي ماڻهن جا چونڊيل آهن ۽ باقي ميمبر گورنر صاحب جا ٿاڦيل آهن. هر هڪ علائقي ۾ ميمبرن جو تعداد هڪجيترو ٺهرايل نه آهي، پر وڏن علائقن ۾ گهڻو ۽ ننڍن ۾ ٿورو. سڀ ڪنهن ڪائونسل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو چونڊيل ميمبر هئڻ کپن ۽ ٿاڦيل ميمبرن جو عدد گهڻي ۾ گهڻو 20 في سيڪڙو رکيو ويو آهي. ٿاڦيلن ميمبرن مان ڪي عملداري آهن، ڪي غير عملداري. بمبئيءَ ڪائونسل ۾ هينئَر ڪل 111 ميمبر آهن. چار ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر، پنهنجي عهدي جي آڌار تي، قاعدي ساز ڪائونسل جا ميمبر آهن. باقي 107 منجهان 86 چونڊيل ۽ 21 ٿاڦيل آهن. ڪائونسل جو مدو 3 سال آهي، پر خاص حالتن ۾ چارِ سال ٿي سگهي ٿو. 11- اِهي ڪائونسل جا ميمبر پرڳڻي جي ماڻهن جي ووٽن جي زور تي چونڊجن ٿا. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڪونهي پر رڳو اُنهن کي جن کي ڪي لياقتون هونديون، جن مان مکيه اِها آهي ته ووٽر اِها ماڻهو ٿيڻ کپي جو انڪم ٽئڪس، زمين جي ڍل يا “Local rate” يعني مڪاني محصول ڀريندڙ هجي، يا ڪنهن به ماڻهوءَ کي جي پنهنجي جاءِ هجي جا سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 36 رپيا مسوار لهي يا ڪو مسواري اِها ساڳي رقم مسوار طور ڏيندو هجي، ته کيس ووٽ ڏيڻ جو حق آهي. حال في الحال رڳو مرد ۽ نه زالون ووٽ ڏيئي سگهن ٿيون، پر ڪوبه علائقو زالن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي ته اختيار ورد آهي. سڀڪو ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه آهي، پر رڳو اُهي ماڻهو جي اِئين ڪرڻ لاءِ خواهشمند هجن. ڪنهن به ووٽ ڏيندڙ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به پئسو ڪونه ڏنو ويندو آهي. ووٽر کي ايمانداريءَ سان ووٽ ڏيڻ کپي اِنهيءَ ماڻهو لاءِ جنهن ۾ پڪو ڀروسو هجيس ته هو ڪائونسلر جو فرض پوريءَ طرح بجا آڻيندو. جيڪڏهين ڪو ميمبر فرض جي بجاوري نٿو ڪري ته ووٽ ڏيندڙ ڀلي ٻئي دفعي چونڊڻ وقت هن کي ووٽ نه ڏئي، پر اِنهيءَ کي ڏئي جنهن ۾ اعتقاد هجيس ته بهتر ڪم ڪندو. 12- مٿي چيو ويو آهي ته پرڳڻي جي سرڪار (ڪاروباري ڪائونسل توڙي وزيرن) جي حوالي اهي ڪم آهن جو رڳو علائقي سان تعلق رکندا هوندا. اِنهيءَ کان سواءِ ٻيا ڪيترا ڪم آهن جي نه رڳو پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا، پر سڄي هندستان سان اِهي هند سرڪار يعني وائسراءِ ۽ سندس ڪائونسل جي حوالي آهن. هُن کي وري پنهنجي ڪاروباري ڪائونسل آهي جا پرائيم منسٽر جي ڪئبينيٽ سان مشابهت رکندڙ آهي؛ سندس قاعدي ساز ڪائونسل هائوس آف ڪامنس جهڙي آهي ۽ سندس ڪائونسل آف سٌٽيٽ اِهڙي طرح ڪم ڪري ٿي جهڙو اِنگلنڊ ۾ هائوس آف لارڊس. هن کي شهزادن جي ڪائونسل ۽ پروي ڪائونسل پڻ آهي. 13- وائسراءِ ۽ سندس ڪاروباري ڪائونسل جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هينئَر ٽي هندستاني ميمبر آهن، (جنهن ۾ اڳي فقط هڪ هوندو هو) اِنهن کاتن جي جوڙجڪ جو ڪم ڪندا آهن، جيڪي سڄيءَ هند سلطنت سان لاڳاپو رکندڙ آهن. پهريون مکيه ڪم آهي، هن سلطنت جو بچاءُ، يعني لشڪر، اسان باب 57 ۾ ڏٺو آهي ته هندستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ ماڻهو آسودگي ۽ اَمن اَمان ۾ تڏهين رهندا، جڏهين اُتي هڪڙي چڱي مضبوط ”سينٽرل“ يعني شاهي سرڪار هوندي جا ملڪ ۾ صلح سانت رکندي ۽ اُن کي دشمنن جي ڪاهن کان بچائيندي. اِهو بچاءُ فقط اِها سرڪار ڪري سگهندي، جنهن کي چڱي پگهار تي ۽ چڱن هٿيارن پنهوارن ۽ ٻئي ضروري جنگي سري سامان سان هڪ مضبوط لشڪر هوندو، جنهن جي مٿان قابل ۽ بهادر عملدار هوندا ۽ زيرڪ سپه سالارن جي عمل هيٺ هوندو. تنهن ڪري اِنهيءَ بچاءُ جو سمورو بندوبست هند سرڪار کي پنهنجي هٿ وس رکڻ گهرجي، جا سرڪار وائسراءِ هلائيندو آهي پاران شهنشاه جي جو برٽش هندستان جو راڄ ڌڻي ۽ هندستان جي شهزادن جو بالا حاڪم آهي. 14- تنهن ڪري وائسراءِ جي هٿ هيٺ هند سرڪار هيٺين ڳالهين جو بندوبست پنهنجي قبضي ۾ رکيو آهي:- خشڪيءَ جو لشڪر، جنگي جهاز، هوائي جهاز، مکيه وڏا رستا ۽ مکيه ريلوايون، ٽپال آفيسون ۽ تار آفيسون، جي سڄي هندستان ۾ جاري آهن؛ سڪا ۽ نوٽ ڪڍڻ، واپار، جهاز راني، درياهي نول يعني آمدني ۽ روانگيءَ جي شين تي محصول، حفاظت هيٺ رياستن ۽ ٻين ڌارين ملڪن سان وهنوار. 15- اِنهيءَ مٿين ڪاروبار هلائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گورنر جنرل کي هڪ ڪائونسل مليل آهي جنهن کي اِمپيريل ايگزيڪيوٽو (شاهي ڪاروباري) ڪائونسل ڪري سڏبو آهي. اُنهيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺَ ميمبر ٿيندا آهن جن مان گهٽ ۾ گهٽ 3 هندواسي هئن کپن. سپه سالار هن ڪائونسل جو خاص ميمبر آهي. وائسراءِ سڄي ڪائونسل جو صدر نشين آهي. گورنر جنرل رواجي ڳالهين ۾ ڪاروباري ڪائونسلن جي غلبه راءِ پاس ٿيل رٿن سان ٻڌل آهي پر لاچاري حالتن ۾ مثلاً صلح، جنگ يا ملڪي امن اَمان جي ڳالهين ۾ هو هنن جي راءِ کي ريٽي ڪوبه حڪم ڪڍي سگهي ٿو. 16-قاعدي ٺاهڻ لاءِ وري ٻه ڪائونسلون آهن:- (1) اِنڊين ليجسليٽو اسيمبلي. (2) ۽ ڪائونسل آف سٌٽيٽ. (1) اِنڊين ليجسليٽو اسيمبلي:- هن منجهه 144 ميمبر آهن جن مان سو کان مٿي يعني 3/2 حصي کان وڌيڪ چونڊيل هوندا آهن ۽ باقي ٿاڦيل. اها ڪائونسل سڄي هندستان لاءِ ديواني توڙي فوجداري قاعدا ٺاهي ٿي. هن ڪائونسل جو مدو ٽي سال آهي پر لاچاري حالت ۾ گورنر جنرل وڌائي يا گهٽائي سگهي ٿو. هن وقت هن اسيمبلي جو صدر نشين پهريون دفعه هڪ هندستاني ”آنربل مسٽر پٽيل“ نالي مقرر ٿيو آهي. ۽ آئنده پڻ اِهو عهدو هندواسي ماڻيندا ايندا. (2) ڪائونسل آف سٌٽيٽ:- هن ڪائونسل ۾ ڪُل ميمبر 60 کان وڌيڪ نٿا ٿي سگهن، اِنهن سٺ مان سرڪاري ميمبرن جو عدد ويهن جي اندر رکيو ويو آهي، اِنهيءَ مراد تي ته غير عملدارن جو تعداد وڌيڪ هجي. سڀ ليجسليٽو اسيمبلي جا پاس ٿيل ائڪٽ ملڪ جي قاعدن ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪائونسل آف سٌٽيٽ کي پاس ڪرڻا پوندا آهن ۽ تنهن کان پوءِ اُتن وائسراءِ کي قبوليت ڏيڻي پوندي آهي. هر ڪنهن پنجن سالن بعد نئين ڪائونسل ٺهندي آهي. قاعدن ٺاهڻ لاءِ ٻه مجلسون اِنهيءَ ڪري رکيون ويئون آهن، ته جيڪڏهين هڪڙي مجلس ڪا چوڪ ڪري وجهي، ته اِها ٻي مجلس درست ڪري سگهي. قاعدن ٺاهڻ ۾ ٻنهي مجلسن کي هڪ جهڙيون اختياريون آهن، ۽ ڪوبه قاعدو ٻنهي مجلسن جي قبوليت کان سواءِ پاس ٿي نٿو سگهي. سالياني اُپت ۽ کپت جو تفصيل به ٻنهي جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي. ڪائونسل آف سٌٽيٽ جي ميمبرن جي چونڊ جو حق بلڪل محدود آهي. برٽش هندستان ۾ فقط 17000 ماڻهن کي اِهڙي ووٽ ڏيڻ جو حق مليل آهي. ليجسليٽو اسيمبلي ۽ ڪائونسل آف سٌٽيٽ کي گڏي ڪوٺبو آهي ”اِنڊين ليجسليچر“. 18- پروي ڪائونسل ۾ ميمبر شهنشاهه مقرر ڪندو آهي، جي سڄي حياتي اِهو عهدو ماڻيندا آهن. اِنهيءَ ڪائونسل ۾ اِهي ماڻهو هوندا جن برٽش هندستان ۾ ڪنهن پروٽيڪٽيڊ سٌٽيٽس ۾ بلڪل وڏا عهدا ڪمايا هوندا. اُهي سرڪاري ڪم ۾ وائسراءِ کي مدد ڪندا آهن. اِنهن سڀني کي حياتيءَ لاءِ ”آنربل“ جو خطاب مليل آهي. هڪڙو ميمبر هاڻي هندستاني آهي جو آهي ”رائيٽ آنربل سر سيد امير علي“. 19- شهزادن جي ڪائونسل:- سڀ نوان قاعدا جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي سي رڳو برٽش هندستان سان لاڳو آهن. اِنهن جو ”پروٽيڪٽيڊ سٌٽيٽ“ سان ڪوبه واسطو ڪونهي ڇو ته ڏيهي شهزادا اُتن پنهنجي نموني ۾ رواج هلائين ٿا. شهنشاهه سندن بالا حڪام آهي، پر ٻيءَ طرح خود مختيار آهن. اِنهن جي شان وڌائڻ لاءِ وائسراءِ شهزادن جي ڪائونسل جنهن کي ”نئرندر منڊل“ جو نالو ڏنل آهي، سال ۾ هڪ دفعو ڪوٺائي ٿو ۽ هندستان ۽ رياستن سان لاڳو ڳالهين مان ڪنهن به ڳالهين تي، ڪنهن تي ڏيهي راجائن جو ضرور سمجهي ٿو مشورت ڪري ٿو. اِهڙي صلاح مصلحت وائسراءِ لاءِ بيشڪ بلڪل ڪارائتي ٿيندي. نوٽ- رفارم بل ۾ پڌرو ڪيو ويو هو ته هاڻوڪن سڌارن جي ڪاميابيءَ به نسبت ڏهن سالن بعد يعني سنه 1929ع ۾ هڪ پارليمنٽ جي ڪميشن جاچ ڪندي ۽ جيڪڏهين رايو ڏيندي ته هندستان جي ماڻهن سڌارن جو پورو فائدو وٺي، پاڻ کي اڳتي وک کڻڻ لاءِ لايق ڪيو آهي، ته هندستان کي پارليمنٽ کان خود حڪومت جي باري ۾ وڌيڪ قسط ملندي؛ مگر هندستان جي ماڻهن ڪيتري وقت لاڪر پي ڌنيو آهي ته هاڻوڪا سڌارا اڻ پورا آهن ۽ وڌيڪ سڌارن جي باري ۾ هينئَر ئي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ايتري ڍل وجهڻ نه گهرجي. اِنهيءَ جي جواب ۾ لارڊ ريڊنگ هند جي وائسراءِ توڙي لارڊ برڪنهيڊ هند سيڪريٽري تازو ڪي تقريرون ڏنيون آهن، جن موجب هنن صاحبن ڄاڻايو آهي ته خود حڪومت جي باري ۾ اڳتي وک کڻڻ خاص هندستان جي ماڻهن تي ئي منحصر آهي. جيئن جيئن هندستان جا اڳواڻ سرڪار سان ٻانهن ٻيلي ۽ هم صلاح ٿي بيهندا، تيئن تيئن هندواسين کي ملڪ جي حڪومت ۾ وڌيڪ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويندو. تازو لارڊ برڪنهيڊ هائوس آف لارڊس ۾ هندستان جي ملڪ جي حالت به نسبت ڳالهائيندي چيو ته ”اسين خيرخواهيءَ جا طالبو آهيون ۽ جنهن دوستيءَ جا اسين هر وقت خواهان آهيون، اِها جي اسان کي ڏيکاري ويئي ته اسين ڏي وٺ جي قصه ۾ تنگ دل ڪونه ٿينداسين.“ شاهي اعلان هندستان جي حڪومت جي نئين سرشتي جو بل اڃا ٻنهي هائوسن ۾ پاس ٿيو ۽ اُتس شاهاڻي منظوري ملي ئي ڪين ته بادشاهه سلامت، هندستان جي وائسراءِ، راجائن ۽ هندستان جي رعيت، هندواسي توڙي برٽش، عملدار توڙي غير عملدارن ڏانهن بطور شفقت ۽ رحمت، هڪ شاهي اعلان ظاهر ڪيو. اِهو هيٺين دستور شروع ٿي ٿيو:- جارج پنجون، خدا سائين جي فضل سان، گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جي گڏيل حڪومتن ۽ سمنڊ جي آرپار انگريز سرڪار جي ملڪن جو بادشاهه، ۽ سندن دين ايمان جو بچاءُ ڪندڙ ۽ هندستان جو شهنشاهه. اسان جي وائسراءِ، گورنر جنرل، ديسي رياستن جي راجائن ۽ هندستان جي سڀ ڪنهن نسل ۽ دين ڌرم جي اسان جي سڀني رعيتي ماڻهن ڏانهن سلامن بعد، هندستاني رعيت کي هن اعلان ۾ بادشاهه سلامت ڄاڻايو ته هندستان جي تواريخ ۾ هڪ نئون دؤر شروع ٿيو آهي. پارليمنٽ جو ائڪٽ هندستان لاءِ اِنهيءَ نئين دؤر جي نشاني آهي ۽ اِنهيءَ وقت کان گويا هڪ نئون زمانو شروع ٿيو آهي. هندستان بهتر انتظام هيٺ ايندو ۽ ماڻهو اڳي کان وڌيڪ سکي ۽ آسودا ٿيندا. مانواري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ هندستان ۾ چڱو انتظام، صلح سانت ۽ انصاف جاري ٿيو هو. وقت بوقت پارليمنٽ جي ائڪٽن موجب هندستان جي سرڪاري انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ نوان قاعدا پي جوڙيا ويا. 1858ع کان جڏهانڪر حڪومت ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي هٿ کان نڪري بادشاهه سلامت جي حوالي ٿي تڏهانڪر هڪ ٻئي پٺيان ائڪٽ پاس ڪيا ويا. جن موجب خاص ڪري 1909ع جي ائڪٽ موجب هندستانين کي سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيڻ جو وڌيڪ حق مليو ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جي عيوضين جي جماعتن جو ٻج ڇٽيو ويو. 1919ع جي ائڪٽ قابل هندستانين کي، جي هم وطنين ووٽن جي زور تي چونڊجن ٿا، حڪومت جو ڳچ حصو مليو آهي ۽ هن کان پوءِ اِهو قاعدو سموري جوابدار حڪومت جو رستو بتائي ٿو. بادشاهه سلامت تنهن کان پوءِ پنهنجي هندستاني رعيت کي هن اِشتهار نامي ۾ ڏيکاريو ته ڪيئن نه سندس ڏاڏي ملڪه معظم وڪٽوريا صاحبه ۽ سندس پياري والد ايڊورڊ ستين، هندستان جي حڪومت کي هڪ پاڪ فرض ڪري سمجهيو ٿي ۽ ڪيئن نه بار بار ظاهر ڪيو هئائون ته سندن هندستاني رعيت سان اهڙيائي هلت ڪئي ويندي جهڙي انگريزي رعيت سان ۽ کين سندن دين ۽ ڌرم ۽ رسمن ۽ رواجن جي هرڪا آزادگي ڏني ويندي؛ ۽ قاعدو هنن کي ظلم ۽ بي اِنصافيءَ کان اجهو ڏيندو. بادشاهه سلامت پوءِ وڌيڪ هيئن فرمايو ته جڏهين پاڻ تخت نشين ٿيا هئا تڏهين هندستان جي راجائن ۽ ماڻهن کي جيڪو پيغام موڪليو هئائون، تنهن ۾ سندن وفاداريءَ لاءِ شڪر گذاري ڪئي هئائون ۽ پڪ ڏني هئائون ته هندستان جي بهبوديءَ جو کين هميشہ گهڻو اونو رهندو ۽ جيڪي سندن سک ۽ آسودگيءَ لاءِ کانئن پڄي سگهندو سو ڪندا. هتي پڻ ظاهر ڪيائون ته ٻئي سال جڏهين هندستان ۾ مهاراڻي صاحبه سان گڏ تشريف فرما ٿيا هئا اِنهيءَ لاءِ ته ساڻن ملاقات ڪري کين ٻڌائين ته سندن بهبوديءَ جو کين ڪيترو نه خيال آهي. بادشاهه سلامت فرمايو ته برٽش سلطنت جي سرڪار، برٽش پارليمنٽ، ۽ سندس عملدار جيڪي هندستان ۾ آهن تن وقت بوقت، جيڪي سڀيتا جا سهنج ۽ نعمتون جي پاڻ پي ماڻيون اٿن، تن جي هندستان جي ماڻهن کي ڏيڻ ۾ وسون ڪين گهٽايو آهي. هاڻي آخرين ۽ وڏي نعمت اڃا رهيل آهي ۽ اِها آهي سڀني ملڪي امورات ۾ خود حڪومت جو حق، مگر ڌارين دشمنن کان بچاءَ جو ڪم شهنشاهه ۽ سندس لشڪر جي حوالي رهندو. اِها سموري سوراج جي طاقت، جيترو جلد ٿي سگهندو، اوترو جلد عطا ڪئي ويندي، تيسين قابل هندستاني عملدارن کي تعليم ڏني ويندي ته سرڪار جون جوابداريون ۽ انتظام جو ڳرو ڪم پاڻ تي هموار ڪرڻ سکن. بادشاهه سلامت چيو ته اسين اُميد ٿا ڪريون ته سموري هندستاني رعايا، وڏا توڙي ننڍا، حاڪم توڙي محڪوم سڀ يڪمشت تي ڪلهو ڪلهو ۾ ڏيئي ملڪ جي عام بهبوديءَ لاءِ ڪم ڪندا ۽ هرڪو اِها ڪوشش ڪندو ته ٻين کي خوش ۽ راضي رکان. سچي حب الوطني کي هِن قوم يا هُن قوم جو خيال نه ڪرڻو آهي، مگر عام بهبوديءَ جو. هندستان ۾ پنهنجي برٽش عملدارن کي هن اِشتهار نامي ۾ جارج پنجين اِئين فرمايو ته عام مقصد، ملڪ جي عام بهبوديءَ ۽ پنهنجي رعيت جي عام فائدي لاءِ هو هندستاني هم رفيقن سان گڏ ميلاپ ۽ مٺ محبت ۾ ڪم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪن. بادشاهه سلامت ڏيکاريو ته کين پڪو ڀروسو آهي ته سندس عملدار اِئين ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڏيکاريندا جيئن، گذريل مهاڀاري لڙائي ۾، جا هاڻ ختم ٿي چڪي آهي، برٽش ۽ هندستاني آفيسر ۽ سولجر لڳو لڳ ۽ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، شهنشاهت جي دشمنن سان وڙهيا هئا، تيئن اُميد ڪجي ٿي ته ملڪي ڳالهين ۾ به هو شهنشاهت جي ڀلي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. هندستان جي شهزادن ڏانهن بادشاهه سلامت پڌرو ڪيو ته هڪڙي ”چيمبر آف پرنسز“ يعني راجائن جي ڪائونسل برپا ڪئي ويئي آهي، اِنهيءَ مراد سان ته ملڪي انتظام ۾ اُهي شهزادا پنهنجي صلاح سان هندستان جي انتظام ۾ مدد ڪن. ملڪ معظم هنن کي تسليم ڏني ته ”اسان جو ارادو آهي ته سندن حقن حقوقن، شان ۽ مرتبي کي، ڪنهن به رخني وجهڻ کان سواءِ هميشہ قائم رکون“. ۽ هنن اِئين به فرمايو ته ”اسان جو ارادو آهي ته پنهنجو پيارو فرزند پرنس آف ويلس ورندي سياري هندستان ڏي موڪليون هن لاءِ ته هو اسان جي طرفان برٽش اِنڊيا ۾ راجائن جي ڪائونسل ۾ نوَن بندوبستن جو آغاز ڪري“. پڇاڙيءَ ۾ ملڪ معظم نئين دور ملاهڻ لاءِ ۽ شاهي رحمت ۽ شفقت طور پنهنجي وائسراءِ صاحب کي فرمان ڏنو ته سندس نالي ۽ سندس پاران اِنهن ماڻهن جي سرڪار جي برخلاف ڏوهه ڪيا هجن ۽ جي اِنهيءَ ڪري نظربند هجن، تن مان جيترن کي ٿي سگهي اوترن کي معافي ڏي ۽ بادشاهه سلامت اُميد رکي ٿي ته اهڙا ماڻهو آئينده وفاداري ديش واسي ٿي چڱي طرح ۽ صلح سانت سان حياتي گذاريندا. بچائج خدا تون سڳور شهنشاه وڏي عمر قائم هجي شهنشاه سلامت خداوند رکج شهنشاه سوڀارو هجي سل سدا شهنشاه هجي خوش ۽ خورم سدا شهنشاه سلامت خداوند رکج شهنشاه واقعن جي تاريخوار يادداشت تواريخ کان اڳ جو زمانو، عيسوي سن کان 2000 ورهيه اڳ ۾ ويڌن جو زمانو عيسوي سن کان اڳ ۾ 2000-1500 وڏن پستڪن (رامائڻ ۽ مهاڀارت) جو زمانو عيسوي سن کان اڳ ۾ 1500-1000 جهونو هندن جو زمانو عيسوي سن کان اڳ ۾ 1000-200 ٻڌ عيسوي سن کان اڳ ۾ 567-587 سڪندر اعظم جي هندستان تي چڙهي عيسوي سنه کان اڳي 327 ورهيه چندر گپت موريا عيسوي سنه کان اڳي 321-297 آسوڪا عيسوي سنه کان اڳي 332-272 ٻڌ جو زمانو، 200ع سن کان 600 عيسوي سن تائين انڊو گريڪ (هندستان وارا يوناني) بادشاهون، 250ع سن کان 100 عيسوي سن تائين انڊو سٿين 150ع سن کان 100 عيسوي سن تائين ساڪ 1ع کان 400 تائين ڪشين بادشاهون 45ع – 225ع گپت جي شاهنشاهت 300-600ع سمندر گپت 326-375ع چندر گپت وڪر مادتيه 375-413ع هندستان ۾ هَنَ لوڪ 450-528ع ڪهروڙ جي جنگ 528ع نئون هندڪو زمانو 600-1200ع هرشا 606-648ع مسلماني مذهبي جو پايو پيو- هجرت 622ع محمود غزنوي 997-1030 هن جي ٻارهين ڪاهه- سومناٿ جي لٽ 1024 محمد غوري افغان يا پٺاڻ بادشاهن جي 320 ورهيه 1190-1206 دهليءَ ۾ حڪومت 1206-1526 تيمور منڊي جي هندستان تي ڪاهه 1398 واسڪوڊيگاما هندستان ۾ پهتو 1498 پاڻي پٽ جي جنگ 1526 بابر پهريون مغل شهنشاهه 1826-1530 همايون ٻيو مغل شهنشاهه 1530-1556 هن کي شير شاهه افغان هندستان مان لودي ڪڍيو 1540 افغان بادشاهن دهليءَ جي حڪومت وري هٿ ڪئي 1540-1555 همايون هندستان ۾ موٽي آيو 1555 اَڪبر ٽيون مغل شهنشاهه 1556-1605 دکن جي مسلمانن بادشاهن هندن کي تاليڪوٽ وٽ شڪست ڏني 1565 وجيه نگر واري هندڪي راڄ جي ڦٽاڻي 1565 انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺهي 1600 جهانگير چوٿون مغل شهنشاهه 1605-1627 سورت ۾ انگريزن جي ڪوٺي 1612 جيمس پهرئين سرٽامس روکي مغل درٻار ڏي موڪليو 1615 شاهه جهان پنجون مغل شهنشاهه 1627-1658 شواجي مرهٽن جي حڪومت جي پايه وجهندڙ جو جنم 1627 انگريزن کي مدراس مليو 1639 انگريزن کي ڪلڪتو مليو 1640 اورنگزيب ڇهون مغل شهنشاهه 1658-1707 انگريزن کي بمبئي ملي 1662 شواجي مرهٽن جي راجائپ جو ڇَٽُ پهريو 1674 شواجيءَ جو موت 1680 گڏيل ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺهي 1700 بهادر شاهه ستون مغل شهنشاهه 1707-1712 بالاجي راءِ مرهٽن جو پهريون پيشوا 1714-1720 محمد شاهه (نالي جو) مغل شهنشاهه 1719-1748 باجي راءِ پهريون مرهٽن جو ٻيو پيشوا 1720-1740 سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ، ڀونسلا جا ٺاهيل مرهٽڪا راڄ 1720-1740 نادر شاهه ايرانيءَ جي هندستان تي ڪاهه 1739 بالاجي باجي راءِ مرهٽن جو ٽيون پيشوا 1740-1761 محمد شاهه مغل شهنشاهه جو موت 1748 نظام الملڪ حيدرآباد جي پهرئين نظام جو موت 1748 ساهو مرهٽن جي ٻئي راجا جو موت 1748 هندستان ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي پهرين ويڙهه 1744-1748 ڊيوپلي مدراس ورتو 1746 ارڪاٽ جو مشهور گهيرو 1752 ڪلڪتي جو بلئڪ هول 1756 پلاسيءَ جي جنگ 1757 هندستان ۾ انگريزن جو پهريون ملڪ 24 پرڳنا- ڪلائيو جي جاگير 1757 هندستان ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي ٻي ويڙهه 1756-1763 ڪائونٽ لالي فورٽ سينٽ ڊيوڊ ورتو 1758 انگريزن اُتر سرڪار جا ضلعا ورتا 1759 وانڊيواش جي جنگ 1760 پانديچري انگريزن ورتي 1761 بنگالي ۾ مير جعفر جي حڪومت 1758-1761 ڪرنيل ڪلائيو ٻيو ڀيرو هندستان ڇڏي ويو 1760 شاهه عالم ۽ شجاع الدوله مير جعفر تي ڪاهه ڪئي- پاٽنا جي جنگ 1760 مير قاسم بنگالي جو نواب 1761 انگريزن کي بردوان، چٽگانگ ۽ مڊنا پور مليا 1761 حيدر علي ميسور جو سلطان ٿيو 1761 احمد شاهه ابداليءَ افغان مرهٽن کي پاڻي پٽ وٽ شڪست ڏني 1761 بالاجي باجي راءِ مرهٽن جي ٽئين پيشوا جو موت 1761 شاهه عالم ٿيو (نالي جو) مغل شنشاهه 1761 مير قاسم سان ويڙهه- پاٽنا جو ڪوس 1763 بڪسار جي جنگ 1764 لارڊ ڪلائيو ٽيون ڀيرو هندستان ۾ آيو- الہ آباد جو عهد نامو 1765 بنگالي، بهار، ۽ اوڙيسا جي ديواني انگريزن کي ملي 1765 لارڊ ڪلائيو پويون ڀيرو هندستان ڇڏي ويو 1767 ميسور سان پهرين ويڙهه 1766-1769 چندگام ۽ ٽرنڪو مليءَ جون جنگيون 1767 بنگالي ۾ وڏو ڏڪار 1769-1770 وارن هيسٽنگس بنگالي جو گورنر 1772-1774 ريگيوليٽنگ ائڪٽ 1773 وارن هيسٽنگس پهريون گورنر جنرل 1774-1785 راگهوبا پيشوا سان سورت جو عهدنامو 1775 نانا فرنويس سان پرنڌر جو عهدنامو 1776 مرهٽن سان پهرين ويڙهه 1778-1782 ميسور سان ٻي ويڙهه 1780-1784 پاليلور وٽ ڪرنيل بيليءَ جي هار ۽ ڪارنيل بريٿ ويٽ جي هار 1780 پورٽو نووو، پاليلور ۽ شولنگر جون جنگيون 1781 آرنيءَ جي جنگ 1782 حيدر عليءَ جو موت- ٽيپو ميسور جو سلطان ٿيو 1782 سالبيءَ جو عهدنامو 1782 پٽ جو اِنڊيا بِلُ - بورڊ آو ڪنٽرول 1784 لارڊ ڪارنوالس ٻيو گورنر جنرل 1790-1792 ميسور سان ٽين ويڙهه 1790-1792 سيرنگاپٽم جو عهدنامو 1792 انگريزن کي ملبار، سليم ۽ مدورا مليا 1792 بنگالي جي زميندارن کي سندين زمينداريون مليون 1793 سرجان شور ٽيون گورنر جنرل 1793-1798 مرهٽن نظام کي ڪردلاوٽ شڪست ڏني 1795 مارڪئس ويلسلي چوٿون گورنر جنرل برٽش اِنڊيا جو ٻيو بنائيندڙ 1798-1803 ميسور سان چوٿين ويڙهه- ٽيپوءَ جي هار ۽ موت 1799 ڪانارا ۽ ڪوئمبٽور انگريزن کي مليو 1799 انگريزن تانجور ورتو 1800 انگريزن کي ڏنل علائقا مليا 1800 انگريزن ڪرناٽڪ ورتو 1801 مدراس کاتو ٺهي پورو ٿيو 1801 انگريزن کي دوآب مليو- اُتر الهندي جا علائقا ٺهڻ شروع ٿيا 1801 باجي راءِ ٻئي سان بسين جو عهدنامو 1802 مرهٽن جي ٻي ويڙهه (سنڌيا ۽ راهو جي ڀونسلي سان) 1803-1804 ايسي، آرگام ۽ لاسواريءَ جون جنگيون 1803 دهلي ۽ آگرهه ورتا ويا- شاهه عالم ڇٽو ۽ مواجب جڙي مليس 1803 آرجينگام جو عهدنامو (سنڌيا سان) ۽ ديوگام جو ڀونسلا سان 1803 مرهٽن جي ٽين ويڙهه (هولڪر سان) 1804 ڊيگ جي جنگ 1804 لارڊ ڪارنوالس پنجون گورنر جنرل هندستان ۾ مئو 1805 سرجارج بارلو ڪارروا گورنر جنرل 1805-1807 ويلور جو فساد 1806 لارڊ منٽو ڇهون گورنر جنرل 1807-1813 ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي نئين سند هندستان سان واپار کليو رهيو 1813 لارڊهيسٽنگس ستون گورنرجنرل، برٽش اِنڊيا جو ٽيون بنائيندڙ 1813-1823 پنڊاري مات ٿيا 1813 گورکن جي ويڙهه 1813-1816 سيگوَليءَ جو عهدنامو- انگريزن کي ڪمائون مليو 1816 چوٿين مرهٿن جي ويڙهه (پيشوا، هولڪر ۽ ڀونسلا سان) 1817 ناگپور جي لشڪر جي سيتا بلديءَ وٽ هار 1817 هولڪر جي سردارن جي مهيدپور وٽ هار 1817 ڪوريگام وٽ پيشوا هارايو ۽ مواجب ٺهي مليس 1818 بمبئي کاتو ٺهي پورو ٿيو 1818 لارڊ امهرسٽ اٺون گورنر جنرل 1823-1828 برما سان پهرين ويڙهه 1824-1826 يندابو جو عهدنامو 1826 آسام، آراڪان ۽ تناسيرم انگريز کي مليا 1826 لارڊ ڪومبر مير ڀرت پور ورتو 1826 لارڊ وليم بينٽنڪ نائون گورنر جنرل 1828-1835 ٺگ ۽ ڊاڪوُ مات ٿيا- انگريزي سڪولن ۾ سيکارڻ ۾ آئي 1828-1835 ڏيهي ماڻهو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڻا مقرر ٿيا. ميسور ۾ ڪميشن جي حڪومت ٿي- راجا گاديءَ تان لٿو 1838 سَتيءَ جي رسم بند ٿي 1832 اُتر اُلهندي وارا علائقا (هاڻي آگرهه ۽ اودهه جا گڏيل علائقا) ٺهي ويا 1833 ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي نئين سَنَدَ ڪمپنيءَ واپار ڪرڻ بند ڪيو 1833 ڪرگ فتح ٿيو ۽ برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿي ويو 1834 سرچارلس ميٽڪاف ڪارروا گورنر جنرل 1835-1836 ڇاپ خانن کي آزادگي ملي- اخبارن جو واڌارو 1835 لارڊ آڪلنڊ، ڏهون گورنر جنرل 1836-1842 افغانستان سان پهرين ويڙهه 1836-1842 خيبر جي دري وٽ انگريزن جي لشڪر جي ڀاڄ ۽ ڪوس 1842 لارڊ ايلنبرو يارهون گورنر جنرل 1842-1844 جنرل پالڪ افغانن کي شڪست ڏني ۽ ڪابل ورتائين 1842 سنڌ جي اميرن سان ويڙهه 1843 مياڻي ۽ دٻي جون جنگيون 1843 سنڌ برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿي 1843 گواليار سان ويڙهه 1843 مهاراجپور ۽ پنيار جون جنگيون 1843 لارڊ هارڊنج ٻارهون گورنر جنرل 1844-1848 سکن سان پهرين ويڙهه 1845-1846 مدڪي ۽ فيروز شاهه جون جنگيون 1845 عليوال ۽ سوبرائون جون جنگيون 1846 ستلج جي اوڀر وارو پنجاب جو ڀاڱو برٽش انِڊيا ۾ گڏيو 1846 لارڊ ڊلهوئوسي تيرهون گورنر جنرل، برٽش اِنڊيا جو چوٿون بنائيندڙ 1848-1856 ستارو برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿيو 1848 سکن سان ٻي ويڙهه 1848-1849 چليان والا ۽ گجرات جون جنگيون 1849 سارو پنجاب برٽش انڊيا سان گڏيو 1849 برما سان ٻي ويڙهه- رنگون ورتو ويو 1852 بيگو انگريزن جي شهنشاهت جو ڀاڱو ٿيو 1852 ناگپور برٽش انڊيا جو ڀاڱو ٿيو 1853 برار نظام انگريزن کي ڏنو 1853 بنگالو لفٽننٽ گورنر جي حڪومت هيٺ ٿيو 1853 اودهه برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿيو 1856 هندستان ۾ پهرين ريلوي کلي (1853) سول سروس ڏيهي ماڻهن لاءِ کلي (1853)- گنگا جي نهر ٺهي- برقي تار- اَڌ آني واري ٽپال ٽڪلي- واپار گهڻو وڌيو. گهڻا وڌيڪ سڪول کليا 1848-1856 لارڊ ڪئننگ چوڏهون گورنر جنرل 1856-1858 سپاهين وارو وڏو بلوو 1857 ايسٽ اِنڊيا ڪمپني بند ٿي 1858 هندستان اِنگلنڊ جي راڻيءَ جي حڪومت هيٺ- راڻيءَ جو پڌرنامو 1858 لارڊ ڪئننگ هندستان جو پهريون فرمان فرماءِ 1858-1862 ريلوي، برقي تار، واهه، دواخانه ۽ سڪول 1858-1862 لارڊ ايلگن ٻيو فرمان فرماءِ (هندستان ۾ مئو) 1863 دوست محمد مئو ۽ شير علي هن جي گاديءَ تي ويٺو 1863 سرجان لارينس ٽيون فرمان فرماءِ 1864-1869 ڀوتان سان ويڙهه 1865 اوڙيسا ۽ اولاهين هندستان ۾ وڏو ڏڪار 1866 لارڊ ميئو چوٿون فرمان فرماءِ 1869-1872 زراعتي کاتو ٺهيو- رستا، ريلوي ۽ واهه تمام گهڻو وڌيا 1869-1872 فرمان فرماءِ کي هڪڙي قيديءَ ماري وڌو 1872 لارد نارٿ بروڪ پنجون فرمان فرماءِ 1872-1876 بنگالي مان وڏو ڏڪار ٽاريو ويو 1874 جناب حضرت ويلس جو شاهزادو هندستان ۾ آيو 1875 لارڊ لٽن ڇهون فرمان فرماءِ 1876-1880 راڻي وڪٽوريا قيصريه هند- دهليءَ جي وڏي درٻار 1877 ڏکڻ هندستان ۾ وڏو ڏڪار 1877 افغانستان سان ويڙهه- يعقوب خان امير 1878-1879 لارڊ رپن ستون فرمان فرماءِ 1880-1884 جنرل (لارڊ) رابرٽس افغانستان ۾ ايوب خان کي شڪست ڏني 1880 عبدالرحمان خان افغانستان جو امير ٿيو 1881 مال جي آمدنيءَ تي محصول بند ٿيا 1882 هندستان جي وڏن شهرن ۾ ميونسپل حڪومت 1882-1883 گهڻا سڪول کليا 1882-1883 لارڊ ڊفرن اٺون فرمان فرماءِ 1884-1888 برما سان ٽين ويڙهه 1885 اُتريون برما انگريزن جي شهنشاهت جو ڀاڱو ٿيو 1886 لارڊ لئنسڊائون نائون فرمان فرماءِ 1888-1991 لارڊ ايلگن ڏهون فرمان فرماءِ 1891-1899 لارڊ ڪرزن يارهون فرمان فرماءِ 1899 ايڊورڊ ستون هندستان جو شهنشاهه 1901 اِنڊيا ڪائونسل ائڪٽ 1909 لارڊ منٽو 1905 جارج پنجون هندستان جو شهنشاهه 1910 لارڊ هارڊنج 1911 دهلي هندستان جي گاديءَ جو هنڌ بنجڻ 1911 لارڊ چيلمسفورڊ 1916 مهاڀاري لڙائي 1914-1918 هندستان جي حڪومت جون نئون سرشتو 1920 لارڊ ريڊنگ پنڌرهون وائسراءِ 1921-1926 لارڊ آرون- سورهون وائسراءِ 1926