ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيو) تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيو) رائچند هريجن ڇپائيندڙ پاران ”تاريخ ريگستان“ ڀاڱي ٻئين جو ٽيون ڇاپو مهربان پڙهندڙن جي خدمت ۾ حاضر آهي. هن کان اڳ هن ڪتاب جو پهريون ۽ ٻيو ڇاپو 1988ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. هي ڪتاب ”ٿر“ جي هڪ مفصل تاريخ آهي، جنهن تي سرڳواسي رائچند هريجن ڏاڍي محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪيو آهي. هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته مصنف جو تعلق خود ’ٿر‘ سان آهي. حقيقت ۾ معياري تحقيق جي تقاضا به اها آهي ته لاڳاپيل علائقي جو محقق اتان جي علائقن، شخصيتن، ٻولين ۽ قبيلن وغيره تي تحقيق ڪرڻ جي ذميواري ترجيحي طور تي کڻي، ڇو ته ٻاهرين محققن جي ڀيٽ ۾ مقامي محقق ئي آسپاس جي ماحول کي وڌيڪ گهرائيءَ ۽ چٽائيءَ سان ڄاڻي سگهن ٿا. هن ڪتاب ۾ مؤرخ جو ’ٿر‘ سان ڳانڍاپو هئڻ بلڪل سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. مولانا غلام محمد گرامي چواڻي ته: ”ڪتاب جي مواد ۽ ان جي ترتيب کي ڏسي مڃڻو پوي ٿو ته هيءَ علمي ۽ تاريخي ڪاوش هڪ اهڙي صاحبِ قلم جي آهي، جنهن مشاهدي جي قوت سان ’ٿر‘ جي هر پهلوءَ کي باريڪ بينيءَ سان جاچيو به آهي ۽ پرکيو به آهي.“ وڏي عرصي کان پوءِ مصنف جي انهيءَ عرق ريزيءَ کي نئين سر ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي ذريعي ڪتاب جي هن ڀاڱي سميت مڪمل ڪتاب پيش ڪندي ادارو سرهائي محسوس ڪري ٿو. اُميد آهي ته ٻئي ڀاڱي جي ڇپجڻ کان پوءِ نه رڳو ٿر سان لاڳاپيل مهربان پر سمورا سنڌواسي هن شاندار تحرير جو لطف حاصل ڪري سگهندا. ڄامشورو، سنڌ انعام الله شيخ سومر 5 شوال المڪرم 1426هه سيڪريٽري بمطابق 14 نومبر 2005ع سنڌي ادبي بورڊ مهاڳ ”تاريخ ريگستان“ جو هيءُ ٻيو ڀاڱو، ٿر جي مشهور اهل قلم سرڳواسي رائچند راٺوڙ جي ورهين جي مطالعي ۽ محنت جو ثمر شيرين آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ شايع ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته هيءُ جلد پڻ پهرئين جلد وانگر مقبول عام ٿيندو. ”تاريخ ريگستان“ هڪ اهڙي علمي ۽ تهذيبي موضوع تي شاهڪار تصنيف آهي، جنهن جو واسطو سنئون سڌو سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ سان آهي. فاضل مصنف هن قسم جي اهم موضوع تي جنهن سلوڻيءَ ۽ سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ مواد کي سهيڙڻ ۽ سموئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا نهايت تحسين جوڳي آهي. ڪتاب جي مواد جي ۽ ان جي ترتيب کي ڏسي مڃڻو پوي ٿو، ته هيءَ عملي ۽ تاريخي ڪاوش هڪ اهڙي صاحب قلم جي آهي، جنهن مشاهدي جي قوت سان ’ٿر‘ جي هر پهلوءَ کي باريڪ بينيءَ سان جاچيو به آهي ۽ پرکيو به آهي ۽ اُن سان گڏ ڏاڍي سليقي سان بيان به ڪري سگهيو آهي. تاريخ جو فن عام طرح سان بادشاهن ۽ حاڪمن جي سن وار حڪومت ۽ فتوحات تائين محدود رهندو آيو آهي. ظاهر آهي ته ان قسم جي ڪتابن پڙهڻ سان پڙهندڙن جي ماضيءَ جي ڪن شاندار واقعن تائين ته پهچ ٿئي ٿي، پر اُن سان گڏ اُن دؤر جي تهذيب و تمدن، ۽ علم و فن جي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ته ڪابه گنجائش پيدا نه ٿي ٿئي. اصل ۾ تاريخ، عوام جي روزمره جي زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ملڪ جي جاگرافيائي ماحول جي ترجمانيءَ سان گڏ انسان ۽ ان جي تهذيبي قدرن ۽ سماجي معيارن جو هڪ دلڪش ۽ دلچسپ، نصيحت آميز ۽ معلومات افزا داستان آهي. سرڳواسي رائچند، هن ڪتاب وسيلي، ٿر جهڙي پرانهين حصي کي ڀٽن مان ڪڍي، پنهنجي اصلوڪي حيثيت سان بيان ڪرڻ ۾ جا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، سا تاريخ نويسن لاءِ هڪ عمدو مثال آهي. اڄ ٿر جهڙو پٺتي پيل ۽ دور افتاده خطو ۽ حصو، پنهنجي سڀني حسين ۽ دلنشين رنگينين ۽ رعناين سان اسان جي سامهون آهي ۽ اُن جا سمورا قديم ۽ موجوده خدوخال نمايان ۽ چٽا نظر اچي رهيا آهن. ”تاريخ ريگستان“ جي ٻنهي جلدن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿي رهيو آهي ته ڪئين صديون اڳ هيءُ حصو آباد ۽ شاداب هو. ’هاڪڙي‘ ۽ ’مهراڻ‘ جي واديءَ جي دامن ۾ سوين ڀريل شهر هئا، بندر ۽ بازاريون هيون، وڻج واپار جا مرڪز هئا. ماڻهو سکيا ۽ ستابا هئا، هرڪو پنهنجي مڇيءَ ۽ مانيءَ وارو هو، زندگي پنهنجي ڀرپور حسن ۽ جمال سان جلوه گر هئي، اديبن ۽ عالمن، سگهڙن ۽ شاگردن، ڀٽن ۽ ڀانن جي سونهري ٻولن ۽ روپ ورنن قولن سان هن خطي جو هرهڪ حصو ٻهڪي رهيو هو. اوج ۽ عروج واري زماني ۾، هن زمين تي رومانوي داستانن ۽ سورهيائيءَ ۽ وطن جي حب جي عظيم ڪهاڻين جنم ورتو. مومل ۽ راڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، ڍول ۽ مارو، عمر ۽ مارئي، ليلا ۽ چنيسر، سڏونت ۽ سارنگا، مهر راني ۽ راءِ لاکي، دودي ۽ علاؤالدين جي تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن جي پيدائش به هن ئي سرزمين سان وابسته آهي، جن کي سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي شاعرن توڙي ساڃاهه ۽ سُرت وارن شاعرن ۽ سگهڙن، دل کولي ڳائي وڄائي، سنڌي ادب ۾ لافاني حيثيت بخشي ڇڏي آهي. مٿيان سمورا داستان ۽ قصا سنڌي ادب لاءِ هڪ آدرشي ۽ مثالي علامت بنجي چڪا آهن. هيءُ اُهو ئي ٿر آهي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سير سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪيو آهي، ۽ اتي جي جهانگين ۽ سانگين، مارن ۽ پنهوارن جي زندگيءَ جي ترجماني ۽ عڪاسي پنهنجن بيتن ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور انداز ۾ ڪئي آهي. سر مارئي ٿر جي حسين زندگيءَ جو اُهو عڪس آهي، جنهن جو مثال عالمي ادب ۾ به مشڪل سان ملي سگهندو. هيءَ اُهائي ٿر جي سرزمين آهي، جنهن ۾ برادري ۽ برابري اخوت ۽ انساني محبت، غيرت ۽ شجاعت، حب الوطني ۽ مريادا جا جوهر پيدا ٿيا. هيءَ اُها ئي سرزمين آهي، جنهن جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اڃا به ائين چوڻ جڳائي ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب، ادب ۽ لوڪ ادب جو پورو اڌ حصو هن ئي خطي جي پيداوار آهي ته اُن کي وڌاءُ نه سمجهڻ گهرجي. قدرت جا رنگ نيارا آهن – اڄ ٿر اُٺي ۽ برسات جو محتاج آهي. واريءَ جي ديو پيڪر ڀٽن ۽ ڏهرن جو ڏيهه آهي. چؤطرف سُڃ پيئي واڪا ڪري ۽ ڀڙڀانگ لڳي پيئي آهي. ميلن ۾ واريءَ جي اَڇ لڳي پيئي آهي. نه اُهي بندر آهن نه بازاريون، نه شهر آهن نه وسنديون، نه ڪي ساوڪون آهن نه سبزه زاريون، نه ڪي ننگر آهن ۽ نه ڪي ناريون. اڄ اُتي ڪنگ پيا رڙن. نه اُتي اڄ ’هاڪڙو‘ آهي ۽ نه ’مهراڻ‘ ماڻهو، مرون ۽ پکي پاڻيءَ جي هڪ قطري لاءِ پيا واجهائين. هر جاندار جون آسائتيون اکيون، ابر آسري، آسمان ۾ کتل آهن. جتي اڳ آب اگوندرو هو، اُتي اڄ ٻوڪن تي پيا پاڻي ڪڍن! اهي منظر لطيف سائينءَ به ڏٺا. ٿر جي ماڻهن لاءِ چيائون: ڏينهان ڏورن ڏٿ سين، تاتيان ڪن رهاڻ، عمر تني ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري لطيف سائينءَ ٿر جي ڪنڊڪڙڇ کي بيان ڪيو آهي. ڊٽ ۽ پارڪر، کائر ۽ پائر کي بيان ڪندي، مارئيءَ جي واتان چوائي ٿو: ’ڍٽ‘ ڍري، ’پٽ‘ پيون، پاسي ’پارڪر‘ ___ هن مُند مارو سزا، ’کائر‘ ۾ خوشحال. ___ ستيءَ سيئي ساريا، ’پائر‘ جا پنهوار. لطيف، ٿر کي سنڌ سان ۽ سنڌ کي ٿر سان گڏ بيان ڪندو آيو آهي، ٿري ماڻهو ٿري جي اتر- اولهه واري حصي کي چون: ’مهراڻو‘، يعني جنهن جي مهڙ سنڌ ڏي آهي. ته لطيف به دعا ۾ ٻنهي کي پيو ورسائي: ’موهڙي‘ ماروئڙن کي، واڌائي ڏيج وسي. لطيف ٿر سان هن ڪري به محبت ڪري ٿو، ڇالاءِ ته ٿر ماروئڙن جو ملڪ آهي. چوي ٿو: ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر ماروئڙن جا. ___ ڀٽن ڀر هوندا، ڀُنگا ڀڙ ڀتار جا. ٿر ۾ سٺ پرهين جي ڊيگهه جيترا کوهه آهن. تن کي بيان ڪندي فرمائي ٿو: کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سٽيون. ۽ اهو پڻ لطيف جو ئي ڪمال آهي، جو چند لفظن ۾ ٿر جو سمورو منظر اسان جي اکين اڳيان ٿو آڻي بيهاري، فرمائي ٿو. ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا، ٻارڻ جنين ٻُوهه، اُٺا مينهن ملير تي، ٽهڪي اُٿيا ٽُوهه، رات به منهنجي روح، سيئي سڄڻ ساريا. ٿر جي ٿڌي مٽيءَ لاءِ مارئيءَ واتان چوائي ٿو: ٿڌي مٽي ٿر جي، ولهيءَ وسائيج. اوڙڪون اچن ته ٿر ڪشمير ٿيو پوي ۽ هنڌين ماڳين هٻڪار ٿئي. چوي ٿو: ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ. يا هن مُند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال، سانئون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون آڻين جال. اهي سڀ گاهه جا قسم آهن، جن جو ڏٿ ٿر ۾ اناج وانگر ڪتب ايندو آهي. لطيف سائين ٿر جي غذا لاءِ چوي ٿو: آڻين ۽ چاڙهين، ’ڏٿ‘ ڏهاڙي سومرا! سٿا ڪيو سيد چئي، ’سانئون‘ سُڪائين، منجهان ’لنب‘ لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين، پلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين آخر ۾ لطيف سائينءَ جي هن روح پرور وائيءَ تي هن موضوع کي ختم ٿو ڪريان. بوند برهه جي بهار لڳي- درد ونديءَ جو ديس وسي پيو. ڀٽن پاسي ڪرڙ ڪڪوريا، گاهن جي گلزار لڳي، ڌڻ نــــه ڌنارن ڇوڙيو، ٻڪرن جـــي ٻيڪار لڳي.... لطيف سائينءَ جي ٿر جي تهذيب، روايتن، ثقافت ۽ ادب کي سرڳواسي رائچند راٺوڙ تاريخ جو ويس ڍڪايو آهي، ان ڪري ٿر جي تاريخ اسان لاءِ املهه سرمايو آهي، ۽ هيءُ شاهڪار سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي، جنهن جو ڪو نعم البدل ٿي نٿو سگهي. اميد ته سنڌ جا اديب ۽ عالم هن علمي ڪاوش جو قدر ڪندا. سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي شايع ڪري، سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ تي ڇپيل ڪتابن ۾ هڪ معياري ۽ مستند ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي. حيدرآباد، سنڌ غلام محمد ”گرامي“ 25- اپريل 1975ع ايڊيٽر ”مهراڻ“ رسالو سنڌي ادبي بورڊ مقدمو سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهراءَ موجب هيءُ ڪتاب بنده جي حوالي ڪيو ويو ته شايع ٿيڻ کان اڳ ان ۾ ضروري تصحيح ڪئي وڃي ۽ ترتيب ۽ تدوين بعد صفحئه طباعت تي اچي. اُن ٺهراءَ پٽاندڙ آءٌ سرڳواسي رائچند جي روح وسيلي محنت کي سوڌي ۽ سنواري بازار ادب ۾ آڻڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان. مٿئين سونپيل ڪم کي اڪلائڻ ۾ هيٺيان ڪتاب منهنجا يار ۽ مددگار رهيا: 1- “Annals and Antiquities of Rajasthan”. Lt: Col: Todd. 2- “Imperial Gazetteer of India”. 3- ”سير ريگستان“ – محمد اسماعيل عرساڻي. 4- ”تاريخ ريگستان“ (ڀاڱو پهريون) – سرڳواسي رائچند. 5- ”پراڻو پارڪر“- منگهارام اوجها. ”سير ريگستان“ ۽ ”تاريخ ريگستان“ ۾ عرساڻي صاحب ۽ سرڳواسي رائچند هڪ انگريز آفيسر جو حوالو آندو آهي، جنهن ٿرپارڪر جي حالتن تي سڀ کان پهرين ڪتاب لکيو. هي صاحب هو ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس، جو 1847ع ۾ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿي آيو. اُن صاحب کان پوءِ ٿرين جو جڳ مشهور دوست ليفٽيننٽ ڪرنل ’تروٽ‘ آيو. ريڪس پنهنجو ڪتاب 1856ع ۾ لکيو ۽ بمبئي سرڪار طرفان 1859ع ۾ شايع ٿيو. افسوس آهي جو اِهو ڪتاب اڄڪلهه ناياب آهي. هن ڪتاب جا ڪي حوالا عرساڻي صاحب پنهنجي ”سير ريگستان“ ۾ ڏنا آهن. مگر ٽاڊ جي ڪتاب جا ٻه جلد اڃا ڪن ڪن پراڻين ۽ ناميارين لئبريرين ۾ موجود آهن، جيئن مون کي به هتان راولپنڊيءَ جي هڪ ڪتبخاني مان دستياب ٿيا. جيڪڏهن ويچاري ٽاڊ جي محنت کي ڏسجي ٿو، ته واقعي هن جي ڪوشش جو داد هر حق ۽ انصاف وارو ڏيندو. سندس ڪتاب جا اردو، هندي ۽ گجراتي زبانن ۾ ترجما ٿيا آهن. جيڪڏهن ڳوڙهي نظر سان ڏسبو، ته ٽاڊ جي وقائع ۾ اهو املهه احوال ملندو، جنهن جو زياده تر تعلق سنڌ جي هن ٿريلي خطي ’ٿرپارڪر‘ ۽ خود سنڌ جي ثقافت، تهذيب، انساب، ذاتين، ريتين ۽ رسمن سان آهي. سوال آهي ته هن ذخيري کي ڇو ضايع ٿيڻ ڏجي؟ اميد ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ بندي جي هن مخلصاڻي راءِ کي ڪو وزن ڏيندو. سنڌ جي هن ڪنڊائتي ۽ عجيب و غريب خطي ”ٿر“ جي نالي بابت عرساڻي صاحب ۽ لائق مصنف محترم رائچند سرڳواسيءَ ڪي سبب ڏنا آهن، پر ٽاڊ صاحب جي به لکيت کي ملاحظه ڪريو. پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڄاڻائي ٿو: ”قدرت جي هن وڏي هندي رڻ پٽ جون حدون چٽڻ اهڃاڻن ۾ چٽيون آهن ۽ اسان کي فقط حدبندي ڪرڻي آهي. پوري سمجهڻ لاءِ اسان ”مروسٿلي“ (Maroosthali) لفظ جي ترڪيب ڪرڻ چاهيون ٿا، جو زوردار نموني ۾ هن ’موت جي خطي‘ لاءِ موزون وجه تسميه آهي. هي لفظ ٻن سنسڪرتي جوڙن مان ٺهيو آهي. ’مري‘ (Mari) = مرڻ، ۽ ’سٿالي‘ = خشڪ ۽ بي برگ و گياه زمين. مڪاني کريل اچارن جي ڪري ’سڀالي‘ مان ’ٿل‘ ٿيو. جو يوناني لفظ Oasis (نخلستان) جي مترادف آهي. پوکيل ٽڪرا (واريءَ جي دڙن) جي مقابلي ۾ تعداد خواهه ججهائيءَ ۾ ’ڪين‘ برابر آهي، جو مان هن قديم رومن تشبيہ ’آفريڪا ۾ نخلستان چيتي جي قسم پلنگ جي کل جي پٽن وانگر آهن“. جي بدران ائين چوندس ته هندي رڻ پٽ جي شڪل چيتي جي کل جي پٽن وانگر ڏکيائي ڏين ٿا ۽ گهٽ واريءَ واري ميدانن تي چڙهيا بيٺا آهن. انهن جي سطح تي ڪيترا ٿوري آباديءَ وارا ڳوٺ ۽ وانڍ پکڙيل آهن. هن جي اولاهينءَ سرحد جي تشبيہ به ساڳيءَ طرح شروع ڪئي ويئي آهي. هڪ انگريز سياح کي، جو سنڌ جي ماٿريءَ ۾ قدم ڌريندو، تنهن کي لبيا جي رڻ پٽ تي نيپولين جا چيل هي لفظ ياد ايندا ته ’سمنڊ سان قريب ۾ قريب رڻ پٽ مشابهت ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنارا ڄڻ ته نيل جي ماٿري آهن.‘ نيل جي بدل ’سنڌوءَ‘ ۾ جيڪڏهن حيدرآباد کان اُچ طرف اوڀاري مسافري ڪبي ته نظر جي حد اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن سان گهيرجي ويندي، جي اڪثر نديءَ جي سطح کان ٻه سئو کن فوٽ مٿي ڪرَ کنيو بيٺيون آهن. هي هڪ انسان کي ائين ڌيان ڌرڻ تي مجبور ڪنديون، ته هيءَ خلا، جا هن سرسبز ماٿريءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿئي ٿي، سا ضرور ڪوهه قاف جي وهندڙ برف جي ڇپن مان ڳري نڪتي هوندي. هن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ، ’مروسٿاليءَ‘ جي تسلسل ۾ رخنو وڌو آهي، نه ته هيءُ رڻ ارئڪوشيا (Arachosia) (1) جي بيابانن سان وڃي ڳنڍجي ها.“(2)[1] ’تاريخ ريگستان‘ جي هن ٻئي ڀاڱي جي باري ۾ لائق مصنف پنهنجي ديباچي ۾ چڱيءَ پر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب ٻاويهه بابن تي مشتمل آهي، جن جو ڌار ڌار عنوان مقرر ٿيل ڪونهي. هرهڪ باب ۾ متعلق خواهه غير متعلق موضوع اچي ٿا وڃن. ڪتاب جي سٽاءَ ۽ ترتيب جي سهڻي نموني ۾ ڌار ڌار بابن جا مکيه عنوان طئي ڪبا آهن، جن جو وري ذيلي عنوانن سان تعلق ۽ ربط هجي. وڏي ارمان جي ڳالهه آهي جو مصنف هن ڪتاب جو مسودو تيار ڪري جلد ئي وڃي ٻئي جهان پڌرايو، نه ته سندس حياتيءَ ۾ ترتيب متعلق اسان جا مشورا هن ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو ۽ واضح بنائين ها. خير، ڌڻي شال رائچند صاحب جي روح کي راحت ۾ رکي. بهرحال، مون لفظ لفظ ڪري سڄو مسودو پڙهيو آهي، تصحيح ڪئي اٿم ۽ جيتريقدر ٿي سگهيو آهي، اوترو اجمال ۽ اختصار کان ڪم ورتو اٿم. مثال طور باب چوڏهين جو عنوان ’زهر چوسڻ‘ حذف ڪيو ويو آهي ۽ باب پندرهين جي عنوان ’ڏت‘ جا ڏهه صفحا ڪاٽي، ان اهم عنوان کي وراڪن جي ورن کان بچايو ويو آهي. ڪن عنوانن کي صحيح ڪري لکيو ويو آهي، جيئن باب سترهين جا ڪي عنوان. جتي جتي تحت الحاشيه نوٽن جي ضرورت محسوس ٿي آهي، اُتي اُهي به ڏنا اٿم. ماستر صاحب پاڻ ريگستان جو رهواسي هو، انڪري فطري طور سندس زبان جو لهجو به اُهو ئي ٿريلو رهيو هوندو. اهو اثر ڪتاب جي هر جملي ۾ نمايان آهي، ان ڪري مون کي هر جملي تي تمام گهڻو توجهه ڏيڻو پيو آهي. جيئن مصنف پنهنجي ديباچي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”ڪيترائي ٿري لفظ، جن جو سنڌي زبان سان تمام ويجهو لاڳاپو آهي ۽ عام طور مروج آهن، سي ڪم آندل آهن. ان خيال سان ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو به ٿئي ۽ علم دوست صاحبن کي رس، سواد، مزو ۽ ميٺاج به اچي.“ اهڙا ٿريلا لفظ ۽ محاورا قائم رکيا ويا آهن، جي واقعي هڪ سنڌيدان لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهن. ان سلسلي ۾ مصنف هڪ قابل داد ڪم هي ڪيو آهي، ته ساري ڪتاب ۾ جن جن شين يا حقيقتن جي اپٽار ڏنل آهي، اُنهن جو هم معنيٰ ٿري لفظ به ڏنو اٿس. واقعي زبان جي پروڙڻ ۽ پرائڻ وارن صاحبن لاءِ هيءُ هڪ سهڻو ۽ سونهري قدم کنيو ويو آهي. هن ڪتاب کي جيڪڏهن حقيقت جي عينڪ سان ڏسبو، ته هيءُ پڌري پٽ ظاهر ٿيندو، ته لائق مصنف پنهنجي وطن جي هرڪا حالت پاڻ ڏسي محسوس ڪري، پوءِ صفحه قرطاس تي آندي آهي. فارسيءَ جي مشهور مقولي ”شنيده ڪئي بود مانند ديده“ (يعني سئل ڪو ڏٺل جي قالب ۾ گهڙجي سگهبو، هرگز نه!) مطابق هيءُ مصنف جي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي پٽاندر سالن جي لڳاتار محنت جو مورُ آهي، سو بلڪل سڦلو آهي. هرهڪ باب وڏيءَ محنت ۽ سرجوشيءَ سان لکيل آهي ۽ مصنف اها ڀرپور ڪوشش ورتي آهي، ته پنهنجي پياري وطن متعلق ڪابه ڳالهه، ننڍي خواهه وڏي، وسري نه وڃي. ان ڏس ۾ لائق مصنف واقعي کيرون لهڻيون. ادبي نقطي نظر سان باب سترهون ۽ باب اُڻويهون ساراهه جي لائق آهن، جن ۾ مصنف ڪچهري، رهاڻ، ڀليڪار، ٿر جو شعر، گيت، لوڪ ادب ۽ ٻارڙن جي دنيا جي عنوانن کي نهايت سهڻي نموني سان نباهيو آهي. بلاشبه، مصنف جو هيءُ ڪتاب ”ٿر جو انسائيڪلوپيڊيا“ (دائرة المعارف) آهي، جنهن ۾ هن خطي سان واسطو رکندڙ هر ڳالهه جي تفصيلي معلومات مهيا ڪيل آهي. راولپنڊي محبوب علي چنا 24- فيبروري 1969ع وائيس پرنسيپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج راولپنڊي ديباچو ڪوبه تاريخ جو ڪتاب کڻي پڙهي ڏسجي ٿو، ته اُن ۾ فقط بادشاهن جي حڪومتن جا سن، راڻين، وزيرن ۽ سپهه سالارن جا نالا لکي، جنگين جا احوال ڄاڻائي، حاڪمن جا پيڙهي به پيڙهي شجرا ڏنا ويا آهن. مون هن کان اڳ پنهنجي لکيل ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ (ڀاڱو پهريون) جي شروعات ۾ مٿئين قسم جو احوال ڏنو آهي. عالمن جي راءِ آهي، ته اهو سلسلو پنهنجيءَ جاءِ تي بيشڪ اهم آهي، مگر اها ملڪ جي مڪمل تاريخ نه چئبي. اهو ته فقط تاريخ جو بنا روح بوتو آهي. حقيقت ۾ تاريخ جو روح ملڪ جون طبعي حالتون، سماجي ۽ معاشرتي حقيقتون، رسم ۽ رواج، رهڻي ڪهڻيءَ جا طور طريقا ۽ ريتون رسمون آهن. ان قسم جي تاريخ جي مطالعي مان پتو پوندو ته جدا جدا وقتن تي ماڻهن جي حالت ڇا هئي، انهن ۾ ڪهڙيون خوبيون هيون، جن جي اسين به پيروي ڪريون، ۽ ڪهڙيون خاميون هيون، جي اسان ڇڏي ڏيون. اهڙي تاريخ مان اسان کي ماضيءَ جا سبق ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳئين زماني جا ماڻهو ۽ قومون ڪيئن گذاريندا هئا ۽ ڪهڙيون ڳالهيون سندس ڪاميابين ۽ تباهين جون باعث بنيون. اهڙين حقيقتن جي ڪري نه رڳو تاريخ جو مضمون وڻندڙ ۽ سلوڻو ٿئي ٿو، پر مستقبل جي راهه ۾ ڪارائتو پڻ ٿئي ٿو. مون ’تاريخ ريگستان‘ (ڀاڱو پهريون) جي پوين بابن ۾ ڪجهه احوال اهڙي قسم جو ڏنو هو، جو بلڪل مختصر آهي. ان بابت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پيش لفظ ۾ لکڻ فرمايو آهي ته: ”حقيقت ۾ هن ڪتاب جو بهترين سرمايو اهو ئي مواد آهي، جو لائق مصنف پنهنجي ذاتي تلاش ۽ تجربي جي بناءِ تي مڪاني موضوعن بابت ڏنو آهي. ٿرپارڪر جي مختلف حصن ۽ ڀاڱن ڳوٺن ۽ شهرن، ذاتين ۽ پاڙن، قصن ۽ ڪهاڻين، ريتن ۽ رسمن، شادين ۽ غمين، ڪچهرين ۽ ميلن، گيتن ۽ شعرن بابت مصنف جو ڪجهه لکيو آهي، سو نهايت قيمتي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي نئون مواد آهي، جو سنڌي ادب ۽ تاريخ جو موجوده سرمايي ۾ ناياب آهي. ڪيترو نه بهتر ٿئي ها جو لائق مصنف ٿر جي ٻوليءَ ۽ ان جي محاورن، مڪاني گيتن ۽ شعرن تي اڃا به تفصيل سان روشني وجهي ها، جنهن لاءِ ڪافي گنجائش موجود هئي. اميد ته مصنف پنهنجي پياري وطن جي انهيءَ پکڙيل ذخيري کي گڏ ڪري اهو نئون ڪتاب جوڙيندو ۽ سنڌي ادب جي سرمايي ۾ هڪ قيمتي اضافو ڪندو.“ ان کان پوءِ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب وقت بوقت روبرو تاڪيد ڪندا پئي رهيا، ته نه رڳو مٿين ڳالهين بابت پر ٿر جي جديد حالتن بابت پڻ تفصيلي ڪتاب لکان، دراصل ڊاڪٽر صاحب موصوف جي همت افزائي ئي هن ڪتاب لکڻ لاءِ تحرڪ ڏياريو آهي. ٿر جو علائقو جيتوڻيڪ جاگرافيائي طور سنڌ جو ڀاڱو آهي، مگر هتي جون حالتون بنهه اور قسم جون آهن. آءٌ جڏهن وڏن شهرن ۾ ايندو آهيان، تڏهن اُتي جا دوست – جن ٿر اکئين نه ڏٺو آهي – سي ٿر بابت عجيب سوال پڇي ملڪي حالتون معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن، ڇو ته اُنهن جي دل ۾ ٿر متعلق عجيب تصور قائم ٿيل آهي. ٿر – واريءَ جي ڀٽن سان ڀريل بيابان ۽ ريگستاني علائقو، جتي نڪا ندي واهه، نه ڍنڍ نه ڍورو. آباديءَ جو سمورو مدار برسات تي، سا به ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي. اونهاري ۾ سخت لُڪون ۽ جهولا لڳن. کوهه نهايت اونها، جن ۾ به کارو پاڻي ۽ اڪثر بستين کان پري پري. مسافريءَ لاءِ اُٺن جو واحد ذريعو ۽ ڀٽن جي لهه چڙهه جنهن جي ڪري بدن ۾ سور پئجيو وڃي. نانگ، بلائون ۽ پيئڻيون، جن جي ڪري ساهه سدائين مُٺ ۾! ماڻهو ويچارا غريب، سادا، اڻپڙهيل ۽ مالدار، جن جو اٺئي پهر واسطو جهنگ سان. گهر سادا ۽ ڪکن جا، چؤنرا ۽ چونڪيون، لانڍيون ۽ لوڙها. کاڌي ۾ ٻاجهر جو ڍوڍو ۽ لسي لپ ۽ وقتي ڏٿ تي گذران. نه شهري زندگيءَ جون جديد سائنسي سهوليتون، نه آرام ۽ آسائش لاءِ موقعا، نه بنيادي انساني ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ ڪو آسرو ۽ نه ناٽڪ، کيل، تماشا. جن ٿر نه ڏٺو آهي، سي حيرت ۾ آهن ته اهڙي خطي ۾ ماڻهو رهن ڪيئن ٿا ۽ ڇو اُنهيءَ سُڃ کي چنبڙيا پيا آهن؟ مٿيان سوال به درست ۽ ڳالهيون به برابر- پر فطري اصول پٽاندر ڌڻيءَ سائين هرهڪ تڪليف جي ازالي لاءِ به سامان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ٿر جون حالتون هروڀرو ايتريون ويل نه آهن. صدين کان وٺي جو جتي رهي ٿو، سو اُن علائقي جي جاگرافيائي حالتن کي برداشت ڪرڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور هِري چڪو آهي. ڪنهن به ملڪ جي تاريخ سمجهڻ لاءِ اُن جي جاگرافي معلوم ڪرڻ بلڪل ضروري آهي. گويا تاريخ ۽ جاگرافي پاڻ ۾ جاڙيون ڀينرون آهن. هر ملڪ جي بناوٽ، طبعي حالتن، آب و هوا، موسمن ۽ ٻين ڳالهين جو اُن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي سڀاءُ ۽ سيرت، قد ۽ رنگ، ريتن ۽ رسمن، رهڻي ڪهڻي، لباس ۽ کاڌي، سوچ ۽ ويچار، انداز گفتگو ۽ ٻوليءَ تي مڪمل طرح اثر پوي ٿو. تنهن ڪري مون هن ڪتاب ۾ انهن مڙني موضوعن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي. وس آهر ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي ته ٿر سان تعلق رکندڙ ڪوبه مضمون رهجي نه وڃي. ان طرح سان مناسب هنڌن تي ڀٽائي صاحب ۽ ٻين شاعرن جا شعر درج ڪيا اٿم، جيئن پڙهندڙن کي وڌيڪ رس اچي. ڪوشش ڪري ٻولي عام فهم ۽ سليس ڪم آندي ويئي آهي، جيئن هر ڪو چڱيءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي سگهي. ڪيترا ٿري لفظ، جن جو سنڌي زبان سان تمام ويجهو لاڳاپو آهي ۽ عام طور مروج آهن، سي ڪم آندل آهن. ان خيال سان ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو به ٿئي ۽ علم دوست صاحبن کي رس، سواد، مزو ۽ ميٺاج به اچي. جيستائين ڪوبه اديب ۽ ليکڪ پنهنجي سر روبرو وڃي حقيقت کي نٿو جاچي ۽ مشاهدو ڪري، تيستائين پنهنجيءَ دل ۾ رٿيل مضمون کي مڪمل طرح سان قلمبند نٿو ڪري سگهي. هڪ هنڌ ويهي، ڪتابن ۽ مطالع جي مدد سان لکڻ ايترو مؤثر ۽ بهتر نٿو ٿئي، جيترو ڪنهن ماحول ۽ ماڳ کي روبرو وڃي اکين سان ڏسي مشاهدو ڪري، پوءِ قلم کڻجي. پڙهندڙن کي چڱيءَ پر محسوس ٿيندو ته هن ڪتاب لکڻ لاءِ مطالعي جي ڀيٽ ۾ مشاهدي جي وڌيڪ ضرورت پيش رهي آهي. آءٌ پاڻ ٿر جو رهاڪو آهيان ۽ 1928ع کان وٺي پرائمري ماستر جي حيثيت ۾، ملازمت سانگي، ٿر جي تقريباً سمورن حصن ۾ رهيو آهيان. ٿر جي ڪنڊڪڙڇ جو ذاتي مشاهدو ڪري، اُتي جي ماحول جو ورهين جا ورهيه اڀياس ڪيو اٿم. ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب سان دلچسپيءَ جي ڪري ٿر جي هر ڳالهه تي هيڪاري وڌيڪ توجهه پئي ڏنو اٿم. پنهنجي ڪوشش موجب جيڪا معلومات حاصل ڪري سگهيو آهيان، سا قلمبند ڪري، سنڌي ادب جي سڄڻن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. ڪنهن به موضوع تي ڪجهه لکڻ بعد اها دعوا ڪرڻ ته هاڻي حد ٿي چڪي آهي، منهنجي خيال ۾ مناسب نه آهي. آءٌ ڪو اديب يا عالم ڪونه آهيان، فقط ٻارن کي پڙهائيندڙ آهيان، سو به ٿر جهڙي علائقي ۾، جتي مطالعي ۽ اديبن ۽ عالمن سان ميل ملاقات جا موقعا بلڪل محدود رهيا آهن. هيءَ نماڻي پيشڪش فقط وطني حب جي جذبي جو نتيجو آهي، اميد آهي ته ادبي حلقن ۽ پڙهندرن وٽان ان کي قبوليت جو شرف حاصل ٿيندو. آخر ۾ آءٌ سنڌ جي عظيم محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب نه صرف مون کي ان موضوع تي قلم کڻڻ لاءِ توجهه ڏياريو، پر اُن سان گڏ وقت بوقت مفيد مشورن سان نوازي ڪم لاءِ همتائيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ هيءُ ڪتاب مڪمل ڪري سگهيو آهيان. رائچند هيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول 1- مارچ 1968ع چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر سنڌ. (1) هيءَ بيابان ايران جي اتر- اوڀر ۽ افغانستان جي اتر طرف روس ۾ واقع آهي. (2) “The Annals and Antiquities of Rajasthan” Vol; II, 2nd edition, 1894, page. 128 تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيو) باب پهريون ٿر نالو: دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ، شهر ۽ ڳوٺ وغيره آهن ۽ سڀ ڪنهن تي ڪي نه ڪي نالا ضرور رکيل آهن ۽ اهي نالا ڪيئن پيا، ان لاءِ به ڪي نه ڪي سبب هوندا آهن. اسان جي ٿر ملڪ تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ به ڪي سبب آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا.(1) 1- هي ملڪ وارياسو آهي ۽ منجهس واريءَ جون ڀٽون آهن. ڀٽ کي ٿري ٻوليءَ ۾ ”ٿري“ چئبو آهي، جنهن جو جمع ٿريون، يعني ٿرين جو ملڪ، جنهنڪري ملڪ تي ”ٿر“ نالو پيو. 2- کير کي ڪاڙهڻ سان مٿان گهاٽي ڇٽي ٿي بيهندي آهي، جنهن کي ”ٿر“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح هتي به هيٺان سخت زمين آهي، جنهن جي اونهائي ڪٿي ٿوري ڪٿي گهڻي آهي. ان جي مٿان واريءَ جو ڄميل تهه آهي، جو ”ٿر“ وانگر آهي. انهيءَ ڪري هن ملڪ تي اهو نالو پيو آهي. 3- ٿر جو ملڪ برسات کان سواءِ بيابان آهي. برسات به ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي، نه ته به ٽئين يا چوٿين سال ته ڏڪار لڳو پيو آهي. سنسڪرت لفظ ”سٿل“ جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ بيابان، جتي ڪو درياهه، ندي يا نئن ڪانه آهي. انهي ’سٿل‘ لفظ جو اُچار اول ڦري ٿيو ’عل‘، يعني خشڪ زمين (ضد-جل، معنيٰ پاڻي). ٿل جو اچار ڦري ٿيو ٿر، اهو پويون ڪارڻ وڌيڪ موزون لڳي ٿو. ٿر کي ريگستان به چون، ريگ = واري، آسان = جاءِ، وارياسو ملڪ. اهو نالو فقط پڙهيل طبقي تائين محدود آهي. عام نه آهي. انگريزي ۾ ان کي ’ڊيزرٽ‘ (Desert) چون. طبعي ڀاڱا سڄو ٿر مکيه ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: هڪڙو ڍَٽ (ڊاٽ) يعني وارياسو ملڪ، جنهن ۾ واريءَ جون ڀِٽون آهن، ٻيو پَٽ يعني ڏاڍي ۽ سنئين زمين وارو ملڪ، جو آهي پارڪر. بقول شاهه ڀٽائي صاحب: ڍَٽ ڍري پٽ پَيون، پاسي پارڪر. پارڪر: هي ننگر پارڪر تعلقي جو ڏاکڻيون ڀاڱو آهي. تعلقي جي ڏهن تپن مان فقط ٽي تپا هن ڀاڱي ۾ اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي جي ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل آهي. هن ڀاڱي ۾ نڪي ڀٽون آهن، ۽ نڪا زمين وارياسي آهي. هتي جي زمين ڪڪري واري، پٿرائين ۽ سنئين مٿاڇري واري آهي. ننگر پارڪر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي، جا ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي ۽ ننگر پارڪر جو شهر ڄڻ ته ان جي هنج ۾ آهي. وچ ۾ ماٿريون آهن، ان جي ٻاهرئين گولائي 20 ميل آهي. ڪارونجهر ٽڪريءَ جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار فوٽ مٿي آهي. هن ڀاڱي کي اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه کان ڪڇ جو رڻ آهي، جنهن ڪري هي ٽڪرو اُپٻيٽ وانگر لڳي ٿو. پارڪر جو نالو پارڪر ۽ ڪڇ واري ملڪ جي وچ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي، جو هن وقت سڪل آهي، مگر اڳي ان ۾ پاڻي هوندو هو. ڪڏهن گهڻو ڪڏهن ٿورو ۽ اهو پاڻي عربي سمنڊ سان ڳنڍيل هوندو هو، جنهن کي”کاري“ چوندا هئا، ڪڇ سان آمدرفت لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي، جنهنڪري چوندا هئا پار کاري، يا پار اُڪر، جو نيٺ بدلجي ’پارڪر‘ ٿيو.(1) هڪ ٻيو به سبب آهي: هن ڀاڱي جي ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي ۽ باقي سڄي ڀاڱي ۾ واري ڪانهي پر زمين ٽاڪرو نموني پٿرائين آهي، يعني پهڻ يا پٿر جو ملڪ، ۽ پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ، انهيءَ ڪري اهو نالو پيو. ضلعي جو نالو اسان جو ٿر وارو ڀاڱو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي. واريءَ ۽ ڀٽن واري ڀاڱي کي ٿر چئبو آهي. ننگر پارڪر تعلقي جي ڏاکڻي پاسي وري زمين سنئين آهي، ان کي پارڪر چئبو آهي. ٿر ۽ پارڪر ٻنهي ڀاڱن جي آمدرفت، واپار، ماڻهن جي رواجن ۽ ريتن رسمن وغيره ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪونهي. هر ڪنهن ڳالهه ۾ ميل جول آهي، تنهنڪري ٻيئي ٽڪرا پاڻ ۾ گڏيا پيا آهن. انگريزن ملڪي انتظام جي لحاظ کان پنهنجي حڪومت جي وقت ۾ انهن کي گڏي سڄي ضلعي تي ”ٿرپارڪر“ نالو رکيو. هي ضلعو 13-24 ۽ 21-36 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 40-68 ۽ 5-71 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي سمنڊ جي سطح کان 40 فوٽ مٿي واقع آهي. ضلعي جا ڀاڱا صوبي سنڌ جو ٿرپارڪر ضلعو هيٺئين موجب سب ڊويزن ۽ تعلقن ۾ ورهايل آهي. ضلعي جو حاڪم ڊپٽي ڪمشنر آهي، جو ميرپورخاص ۾ رهي ٿو. سندس هٿ هيٺ سب ڊويزنن لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ تعلقن لاءِ مختيارڪار مقرر ٿيل آهي. * ميروپورخاص سب ڊويزن: ميرپورخاص، جيمس آباد ۽ ڊگهڙي تعلقا. * ناراوئلي سب ڊويزن: عمر ڪوٽ ۽ سامارو تعلقا. * ٿر سب ڊويزن: مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگر پارڪر تعلقا. تعلقا هيٺئين موجب سرڪلن، تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل آهن. تعلقو سرڪل تپا ديهون مٺي 5 10 46 ڇاڇرو 6 16 40 ڏيپلو 3 9 42 ننگرپارڪر 4 10 38 عمرڪوٽ 4 20 112 ايراضي هونئن ته بهاولپور، جوڌپور ۽ جيسلمير جا ڪجهه ڀاڱا، سکر ضلعي جا اٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو تعلقا، خيرپور جو اوڀر وارو ڀاڱو، کپرو ۽ عمرڪوٽ تعلقن جا ڪجهه ٽڪرا، ۽ موجوده ٿرپارڪر ضلعي جو ٿر سب ڊويزن سڄو ’ٿر‘ آهي، مگر اسين جنهن ڀاڱي جو ذڪر ڪريون ٿا. سو آهي ته سب ڊويزن جا مٺي ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر چار تعلقات ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو اوڀر ڀاڱو. انهيءَ ڀاڱي جي پکيڙ هيٺئين موجب آهي: تعلقو مٺي 1562 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 2796 چورس ميل، تعلقو ڏيپلو 1503 چورس ميل، تعلقو ننگرپارڪر 1617 چورس ميل، جملي پکيڙ ٿر سب ڊويزن جي 7478 چورس ميل. تعلقو عمر ڪوٽ، جو ناراوئلي سب ڊويزن جو تعلقو آهي، ان جي ڪل پکيڙ 1466 چورس ميلن مان 1018 چورس ميل ٿر آهي، انهيءَ حساب سان ”ٿر“ جي جملي پکيڙ 8496 چورس ميل آهي. کپري تعلقي جو ڀٽن وارو ڀاڱو شامل ڪبو ته جملي پکيڙ 10542 چورس ميل ٿيندي ۽ سڄي ضلعي جي پکيڙ 13690 چورس ميل آهي، جو صوبي سنڌ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان سڀني ضلعن کان وڏو ضلعو آهي. حدون هن ڀاڱي جي اتر طرف ڀارت جي اڳوڻي جوڌپور رياست وارو ملڪ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو کپرو تعلقو، اڀرندي ڏي جوڌپور رياست ڏکڻ ڏي ڪڇ جو رڻ، الهندي ڏي ٿرپارڪر ضلعي جو سامارو تعلقو ۽ حيدرآباد ضلعي جو ٽنڊوباگو تعلقو. ”شاهه“ جو ٿر شاهه صاحب ٿر کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. * کائڙ، ڇاڇري تعقلي جو اتر وارو ڀاڱو آهي. ’کائڙ‘ کٿيون خاصيون، اُچيون اُت اُڄن، ڪڍيو پيڻ ڪهن، مليــر گهرجــي مارئي. * ڍاٽ: ٿر جو وچ وارو ڀاڱو. اهو ٽڪرو وڏو آهي. موجوده ٻيا ننڍا ڀاڱا به انهيءَ ۾ شمار ٿيل آهن. ٿوري طبعي بناوت جي ڦيرگهير ڪري انهن ٽڪرن تي جدا جدا نالا جهڙوڪ سامروٽي ونگو، مهراڻو، ڪنٺو ۽ وٽ وغيره رکيا ويا آهن. کهه مانڌاڻو مکڻي، ڍوئين پاسي ’ڍٽ‘ * پائر: هي ٿر جو ڏکڻ وارو ڀاڱو آهي. ستي سيئي ساريا، جي ’پائر‘ جا پنهوار. ٿر جا ڀاڱا هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن: ڪٿي ننڍيون ڪٿي وڏيون، ڪٿي هڪٻئي جي ويجهيون ويجهيون، ڪٿي پري پري، ڪٿي ٿوريون ڪٿي گهڻيون. سڀيئي ڀٽون اتر- اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن. ڪٿي ڪٿي ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين آهي، جن کي ”ڏهر“ چئجي. زمين جي ڀلائي ڍلائي، خاصيت، جدا جدا حالتن ۽ بيهڪ جي ڪري اهو ٽڪرو هيٺئين ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: * ڍاٽ: هي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڏکڻ – اولهه ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. بقول شاهه صاحب: سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام، اباڻــن جــي آسري، ڪتــي ڪانــه ڪيام، جا ’ڍٽ‘ ڍڪيام، تنهن جو پرور پن رهائيين. هتي ڀٽون وچوليون آهن، منجهانئن ڪي ڪي وڏيون به آهن. ڏهر چڱا آهن. زمين ڀلي ۽ آبادي لائق آهي. هن ڀاڱي جي ڪري عام طرح سڄي ٿر کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن ۽ رهاڪن کي ’ڍاٽي‘ چئبو آهي. * ڪنٺو: هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون وڏيون آهن ۽ هڪٻئي کان پري پري آهن، جنهنڪري وڏا ڏهر گهڻا آهن. هتي جي زمين سنوت واري ۽ ڪجهه مٽي آهي، انڪري ڀلي ۽ آبادي لائق آهي. ٻنيون وڏيون آهن، جنهنڪري کيتي سٺي ٿئي ٿي. هن حصي ۾ وڻڪار ججهي آهي، خاص ڪري ڪونڀٽ جو وڻ گهڻو آهي. ڦوڳ ۽ ٿوهر جو وڻ ڪونه ٿئي. ڏهرن ۾ ڄاريون ۽ جهنگلي ٻيرڙيون گهڻيون آهن. * کائڙ: ڇاڇري شهر کان ٿورو اوڀر ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، اولهه طرف تعلقي عمر ڪوٽ جو ڪجهه ڀٽن وارو ڀاڱو، هن سڄي کي ’کائڙ‘ چوندا آهن. بقول ڀٽ ڌڻي: هن مند مارو سنرا ’کائڙ‘ ۾ خوشحال. * مهراڻو: هيءُ اڳوڻي مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي. هاڻي به ڍورو اتان لنگهي ٿو، جنهن ۾ ڪڏهن پاڻي هجي، ڪڏهن سڪو پيو هجي. هن ۾ ڇاڇري ۽ مٺي تعلقن جو اولهه وارو ڀاڱو ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ – اولهه وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون آهن، جنهنڪري وڏا ڏهر ڪونه آهن. ڀٽن جي وچ ۾ ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن، جنهنڪري ٻنيون ننڍيون ننڍيون آهن. زمين بلڪل وارياسي آهي، جنهنڪري آبادي چڱي ٿئي. وڻڪار گهاٽي آهي، خاص ڪري ڪونڀٽ ۽ ٿوهر جا وڻ جام ٿين. اڳتي اتر ۽ اولهه طرف ڀٽن دنگ ڪيو آهي، ان کي ”ڪَس“ چوندا آهن. اتان پوءِ سنڌ جي سنئين زمين شروع ٿئي ٿي. * سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ – اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو اُتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون وڏيون ڪونه آهن. زمين ڀلي ۽ مٽي واري آهي، جنهنڪري آبادي سٺي ٿئي. ڪڻڪ، بصر ۽ جوئر به ٿئي. ماڻهن کي ’سامروٽيا‘ چوندا آهن. * ونگو: هن ۾ ڏيپلي تعلقي جو اتر- الهندي وارو ٽڪرو اچي وڃي ٿو. زمين آبادي لائق آهي. جتي ڀٽون وچوليون ۽ هڪٻئي کي ويجهيون آهن، ڏهر گهڻا ڪونه آهن. * وٽ: هن ۾ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جا ڏاکڻا ڀاڱا اچي وڃن ٿا. هي ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان ويجهو ۽ دنگئي آهي، جنهنڪري هتي پاڻي تانگهو آهي. زمين چڱي آبادي لائق آهي. هتي ڀٽون ننڍيون آهن. رڻ جي ويجهي هئڻ ڪري هتي لوڻ جا ڪيترائي سن آهن. * پارڪر: هن ۾ ننگرپارڪر تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي واري ۽ ڀٽون ڪونه آهن. زمين سنئين، پٿرائين ۽ ڪڪري واري آهي. منجهس رائو يعني پٿرن جي سنهي ڀور ججهي آهي. ڪارونجهر ٽڪري هن ڀاڱي ۾ آهي. هتي آبادي سٺي ٿئي ٿي، خاص ڪري هيرڻ جي پوک ڀلي ٿئي ٿي. * اڇرو ٿر: هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو اُتريون ڇيڙو ۽ پوءِ اڳتي کپري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو، خيرپور جو اڀرندو حصو ۽ جيسلمير جو ڏکڻ – الهندي وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن کي ’بوئٺ‘ ۽ ’ڊيئا‘ به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جون وسنديون ڇڊيون آهن. آب هوا ٿر وارياسو ملڪ آهي. واريءَ تي گرمي ۽ سرديءَ جو اثر جلد ٿئي، جنهنڪري سياري جي سيءَ جي ڪري واري ٺريو پوي. ان جو اثر هوا تي به ٿئي ۽ ٿڌي ٿيو پوي. ڊسمبر ۽ جنوري ۾ هوا تمام ٿڌي ٿئي، جنهنڪري سيءَ سببان ڏڪڻي پيئي ٿئي. هن موسم ۾ مسافري ڏينهن جي وقت مناسب آهي. بهار جي موسم ۾ سيءُ گهٽجي وڃي، واهوندو وري، جنهنڪري وڻ- ڦوٽ ٿئي. جهنگلي گلن جي خوشبوءِ پيئي اچي، تنهنڪري آبهوا وڻندڙ ۽ صحت بخش لڳي. اونهاري جي گرميءَ جي ڪري واري تپيو پوي. پيرين اگهاڙو هلي ڪونه سگهجي. بدن گرميءَ جي ڪري پگهر سان شل ٿيو پوي. سخت لُڪون لڳن ۽ واري اڏامي، جنهنڪري سوکيم ماڻهو ٻاهر ڪونه نڪرن. باقي غريب ۽ مالدار، جن جي ويٺي نه سري، سي پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهن ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي تي انگوڇو يا پٽڪي جو پلاند ورائي ڇڏين. بقول شاهن جو شاهه: مر لڳي لُوءِ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران. ڪڏهن ڪڏهن لُوءِ اهڙي لڳندي آهي جو ٻاٻيهو، هُڙيو ۽ ٻيا اهڙا نازڪ طبع پکي مري ويندا آهن. ڏينهن جو وهٽ تي يا پيادل مسافري ڪري نه سگهبي آهي. رات جو واري ٺريو پوي، جنهنڪري هوا به ٿڌي ٿئي، ان وقت پيرين اگهاڙو هلڻ سان فرحت پيئي ايندي آهي. وڇاڻا وهاڻا نه مون ڪس اچن، ٿڌا ريٽ ريلون هنئين ۾ هُرن. مسافري رات جو ڪبي آهي. وچ ۾ ڪٿي ڊاٻو ڪرڻ لاءِ لهي ڪنهن ريٽ تي ليٽبو ته پيو سُهائيندو، اصل اُٿڻ تي دل نه ٿيندي. آڏو پاسو ڪيو ناهي، آرامي ننڊ اچي ويندي. سائين ڀٽائي ڪيئن نه سچ فرمايو آهي: ٿڌي مٽي ٿر جي، وِلهي وسائجاه، پويون ٿئي پساه، ته به نجا مڙهه ملير ڏي. چوماسي ۾ برسات پوڻ کان اڳ ڪڏهن ڪڏهن طوفان لڳندو آهي، جنهن کي ”وانئر“ چوندا آهن. ان جي ڪري دز ۽ واري اُڏامي اوندهه ڪري ڇڏيندي آهي. بعضي ڪي وڻ ٽڻ ڀڄي ۽ اُکڙي پوندا آهن، پر جان جي نقصان جو انديشو نه رهندو آهي. برسات پوڻ بعد فرحتي هوا لڳندي آهي، جنهن کي وُٺي جي هوا چئبو آهي. ڀرسان ڪٿي برسات پيئي، اتان جيڪا هوا ايندي سا به وڻندڙ ۽ فرحتي هوندي آهي. چوماسو سڄو خاص ڪري جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ملڪ ۾ ساوڪ هوندي آهي، جنهنڪري آبهوا وڻندڙ، فرحتي ۽ صحت بخش هوندي آهي. عوام جو گذر ٻهراڙين ۾، جتي کُليل هنڌ، هر وقت تازي هوا، جنهنڪري بيماريون گهٽ ٿين ۽ ماڻهو تندرست گذارين. تعليم ٿر ابتدائي خواهه سيڪنڊري تعليم ۾ ڪافي ترقي ڪئي آهي. ٿر جا ڪيترائي ماستر ناري ۽ ميرپورخاص سب ڊويزنن ۾ ملازم آهن. زناني تعليم ۾ به ٿر اڳتي وک وڌائي آهي، ڇاڪاڻ جو اتي پردي جو رواج ڪونه آهي. ڪيتريون ٿري ماسترياڻيون ميرپورخاص ۽ ناري ڊويزن ۾ نوڪري ڪن ٿيون. ٿر جي چئن تعلقن مان فقط ننگرپارڪر تعلقي ۾ زوري تعليم آهي. پرائمري مردانا اسڪول ڪافي تعداد ۾ آهن. زنانا اسڪول به آهن. پرائمري اسڪولن ۾ ٽئين درجي سان گڏ اردو به لازمي طور پڙهائي وڃي ٿي. پنجين درجي سنڌي پاس ڪرڻ بعد انگريزي اسڪولن ۾ داخلا وٺي پڙهبو آهي. انگريزي تعليم ۾ به ٿر اڳتي وک وڌائيندو وڃي ٿو. مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ ۾ هاءِ اسڪول، ڪانٽيو، جنجهي، گرڙا ٻهه ۽ ڪلوئيءَ ۾مڊل اسڪول آهن. پرائمري مردانن اسڪولن لاءِ ضلعي جو عملدار ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿرپارڪر آهي، جو ميرپورخاص ۾ رهي ٿو.(1) زنانن اسڪولن لاءِ ڊپٽي انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس ميرپورخاص آهي. امتحان وٺڻ لاءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، بيٽن (حدن) لاءِ مقرر ٿيل آهن. انگريزي اسڪولن جو ضابطو وري انسپيڪٽر آف اسڪولس حيدرآباد جي هٿ هيٺ آهي. مذهبي تعليم مسلمانن جي مذهبي تعليم جي انتظام لاءِ ڪٿي ڪٿي، ڪن ڳوٺن ۾ مڪتب آهن، جتي ٻارن کي قرآن شريف ۽ ٻي مذهبي تعليم ڏني وڃي ٿي. ڪن ڳوٺن ۾ مدرسا به آهن، جتي مذهبي تعليم مولوي جي درجي تائين ڏني وڃي ٿي. اسڪولن ۾ مذهبي تعليم جو نصاب مقرر ٿيل آهي، جتي اها تعليم ملي ٿي. هندن جي ڌرمي سکيا لاءِ بندوبست ڪونهي. صرف عام طرح ٿورا پنڊت پنهنجي اولاد کي ڪجهه ڌرمي تعليم ڏيندا آهن ۽ شادي-غميءَ جي رسمن جي سکيا ڏيندا آهن. سو به صرف انهيءَ ڪري، ته يجمانن (واسطيدارن) ۾ وڃي اهي رسمون پوريون ڪرائي، چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهجن. هندن ۾ ڌرمي تعليم گهٽ آهي. يونين ڪائونسلون ٿر ۾ هيٺئين موجب يونين ڪائونسلون آهن: مٺي تعلقو: مٺي، مٺڙيو ڀٽي، مهراڻو، جوڙوئو، لونڍهار، مانڃٺي، ڪهڙي، اسلام ڪوٽ، کاريو غلام شاهه ۽ سينگارو. ڇاڇرو تعلقو: ڇاڇرو، چيلهار، ڪانٽيو، ويجهيار، راڄوڙو، هيرار، پارنو، چارنور، تڙاحمد، مٺڙيو چارڻ، کينئسر، ڏاهلي، گڍڙو، تڙدوس ۽ سارنگهيار. ڏيپلو تعلقو: ڏيپلو، جهرمريو، سارو، ڏٻرو، کيتلاري ۽ ڪلوئي. ننگرپارڪر تعلقو: ننگرپار، آڌيگام، ڦيٿاپور، ويراواهه، پيلوءَ جو تڙ، ستي ڏِهرا، تُڳوسر، چوٽل ۽ هاڙهو. پوليس چورن، بدمعاشن، ڌاڙيلن وغيره کان ماڻهن جي جان ۽ مال جي بچاءُ جي انتظام لاءِ پوليس آهي، جنهن جو ضلعي لاءِ وڏو عملدار سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ۽ ان جي هٿ هيٺ ٿر سب ڊويزن لاءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ تعلقي هيڊڪوارٽرن ۾ سب انسپيڪٽر پوليس ۽ انهن جي هٿ هيٺ آئوٽ پوسٽون آهن، جن ۾ جمعدار ۽ سپاهي رهن ٿا. جنهن کي ٿاڻو چئجي، سي هيٺئين موجب آهن: مٺي تعلقو: مٺي، نئون ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، جُهن ۽ جهانگرو. ڇاڇرو تعلقو: ڇاڇرو، چيلهار، تڙاحمد، کينئسر ۽ گڍڙو. ڏيپلو تعلقو: ڏيپلو، ڪلوئي، هٿرائي ۽ ٻلهياري. ننگرپارڪر تعلقو: ننگرپارڪر، هاڙهو، چوتل، ڏانو ڌانڌل، آڌيگام ۽ ٻهراڻو. صحت بيمارن جي دوا درمل لاءِ اسپتالون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر ڪم ڪن ٿا. ڇاڇري، مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، چيلهار، ڏانو ڌانڌل، ڪلوئي ۽ نئون ڪوٽ ۾ اسپتالون آهن، جتي فقط داخلا في ڏيڻ سان مفت دوا ملندي آهي. مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ ۾ جانورن جون اسپتالون آهن. ٽپال خط پٽ ۽ تار موڪلڻ لاءِ مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي، ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ ۾ سب پوسٽ آفيسون آهن. چيلهار، ڪانٽي، راوتسر، ڏانو ڌانڌل، وڄوٽهه، ويراواهه، نئون ڪوٽ، ڪلوئي ۽ آڏي جي تڙ ۾ برانچ پوسٽ آفيسون آهن. باب ٻيو ٿر جون ڀِٽون واريءَ جي وڏن دڙن کي ”ڀٽون“ چون. ٿري ماڻهو ڀٽ کي ”لَڪ“ به چون. ڪي ڪي تمام اٿانهيون ۽ ڊگهيون ڀٽون آهن، جي پري کان جبلن وانگر پيون ڏيکاري ڏين. ڪي وچوليون، جن کي ”دڙو“ چون، ڪي اڃا به ننڍيون، جن کي ”دڙيو“، ”دَڙڦيو، يا ”ڪپرو“ چون. مطلب ته گهڻن ئي قسمن جون ڀٽون آهن، جن جا وري جدا جدا نالا آهن. ڪٿي هڪٻئي کي ويجهيون ته ڪٿي پري پري، ڪي ڀٽون سنئيون ڪي ڏنگيون، ڪي ورن وڪڙن واريون، ڪن جي سلامي ڊگهي، جنهنڪري چڙهڻ لهڻ ۾ سهولت ۽ ڪي اُڀپريون، جتان ماڻهو يا وهٽ چڙهي لهي ڪونه سگهن، اهڙين ڀٽن کي ”اوُنڌيولڪ“ چون. ان تي وري جنهن هنڌ سلامي ڊگهيري هوندي، اتان پاسيرو چڙهبو آهي. برسات پوڻ وقت ڀٽن جي پاسن کان بعضي ڏرڙ پئجي ويندا آهن، مٿان بيهي نهاربو ته ڊپ پيو ٿيندو. ٿر ۾ اهڙيون وڏيون ڀٽون ڪئين آهن، جن مان ڪن مکيه ڀٽن جو احوال ڏجي ٿو: لُوٻڪي ڀٽ: ڇاڇري تعلقي ۾ دادئي جي تڙ جي اُتر طرف آهي. وِيسروڙي ڀٽ: ساهوءَ جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. ڍوڪاڻي ڀٽ: چارنور ڳوٺ جي اتر طرف آهي. جهرڪلي ڀٽ: جيئندي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي، جا سن 1856ع ۾ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب ٻه اڌ ٿي پيئي آهي. شهمير ڀٽ: شهمير جي تڙ جي اتر طرف آهي. ٻانهياري ڀٽ: هن نالي سان گهڻيون ڀٽون آهن: هڪڙي تڙ همير وٽ، ٻي ڏيپلي تعلقي ۾، ٽئين مٺڙئي رولها کان الهندي طرف. ڪَرڪَر ڀٽ: ڳوٺ جيسي جي پار جي اتر طرف آهي. سونياٻهه ڀٽ: هي به جيسي جي پار جي اتر طرف آهي. هاڏاري ڀٽ: ٺاري جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. ڪسل ڪوٽ: هن نالي سان ٻه ڀٽون آهن: هڪڙي چارنور جي الهندي طرف، ٻي ڪانٽئي ڳوٺ وٽ آهي. ڪيري ناٿ ڀٽ: مام چيري ڳوٺ کان اتر طرف آهي. سانڏهورَ ڀٽ: ڳوٺ سانڏهور جي ڏکڻ طرف آهي. جهونڊ ڀٽ: جهونڊ ڳوٺ جي ڀرسان آهي. سامي ڀٽ: هڪڙي ميگهي جي تڙ جي اوڀر طرف، ٻي ساڪرئي جي اوڀر طرف آهي. ماري واري ڀٽ: ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. ڪيل ڀٽ: مٺيءَ جي اتر طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي. ڪانڪرڀٽ: هالاريو لنجا ۽ پوسرڪو ساند جي وچ ۾ ڏيڍ ميل ڊگهي آهي. هي ٿر جي سڀني ڀٽن کان اتانهين ۽ ڊگهي آهي. سائيني جي ڀٽ: ڇاڇري جي اولهه طرف آهي، جتان ڇوهٽڻ جو جبل ساٺيڪو ميلن تان ڏسجي ٿو. ڪوهراڙي ڀٽ: ڳوٺ ڇيلهار جي ڏکڻ طرف آهي، جتان ننگرپارڪر جي ڪارونجهر ٽڪري ٻاهتر ميلن تان ڏسجي ٿي. جتن واري ڀٽ: ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. سوڍاچار ۽ سماچار: هي ٻئي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون، ڳوٺ چيلهه جي اوڀر طرف آهن. گولاڀٽ: ڳوٺ ڌوڙئي جي اتر طرف ميل کن پنڌ تي آهي. ڪانڪهه ڀٽ: رانجهي خان نُون جي تڙ کان ڏکڻ طرف آهي. ڏوهري ڀٽ: ڳوٺ ڇيلهار جي ڏکڻ طرف چار ميل کن پنڌ تي آهي. پاتا ڀٽ: ڳوٺ ڪانٽئي کان اڀرندي طرف ڇاڇري ويندڙ رستي تي آهي. عالم سرڀٽ: ڳوٺ عالم سر، تعلقي مٺي جي ڏکڻ طرف آهي. انهن کان سواءِ ساڃي ڀٽ، مهڪي جي ڀٽ، اُٺ ٿنڀي، ارنياري جي ڀٽ، نيتاري، ڳينڻ، گڏهه پٺو، روڻاڀر، مانگر، روجهڙو، ڌاريندڙو ڀٽ، ويراڙو، گنگاسرو ڀٽ، گوگٽياري ڀٽ، ٽورياري ڀٽ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڀٽون آهن. جيئن مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته ڀٽ کي لڪ به چون، انڪري ڪي ڀٽون وري انهيءَ نالي سان سڏبيون آهن. مثلاً: گاڏي وارو لڪ: مٺي کان اولهه طرف ٻه ميل، نئين ڪوٽ- مٺي رستي تي آهي. مورَلڪ: عمر ڪوٽ – چيلهار رستي تي آهي. اُٺ لڪ: نبيسر جي ڀرسان آهي. ڪاسائيءَ وارو لڪ: چيلهه جي ڀرسان آهي. ٿوهرن وارو لڪ: مٺيءَ لان اتر-اوڀر طرف چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي لڪ آهن. ڪن ڀٽن جي وچ ۾ ڪو هنڌ اوچو چوٽيءَ سان، يا ڪي ڀٽون چوٽيءَ سان ٿينديون آهن، اهڙي چوٽيءَ کي ”ٽؤنڪ“ چون ۽ ڀٽ کي به انهيءَ نالي سان سڏين، جيئن ته: چانگي جو ٽونڪ: ڳوٺ چيلهار جي اولهه طرف آهي. اِساٻو ٽونڪ: ڳوٺ پاٻو ويري جي اوڀر طرف آهي. ڀموڙو ٽونڪ: جوڙوئي ڳوٺ جي اتر طرف آهي. ڦليڻو ٽونڪ: ڳوٺ بکُو جي اتر طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. ڏيڏيوٽونڪ: ڳوٺ بکُو جي اوڀر طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. ٽهروئو ٽنڪ: پٻي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. ڪونهلو ٽونڪ: اکيراج جي تڙ جي ڏکڻ طرف آهي. پاتاٽونڪ: گوڌيار ڳوٺ جي اولهه طرف آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي ٽؤنڪ آهن. ڀٽن جا نالا ٿر ۾ ڪن ڀٽن جا موزون سببن پٽاندر نالا رکيا ويا آهن، جيئن ته: مورَلڪ: عمرڪوٽ کان چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي، عمرڪوٽ کان ويهه ميل ڏکڻ طرف آهي، جنهن ۾ برسات سبب وڏو شاهي ڏرڙ ٿي پيو آهي، جو بلڪل خوفناڪ ۽ اونهو آهي، ۽ ان جي وچ مان رستو آهي، ٿورو اڳتي هلي اُن مان هڪ واٽ ڦٽي ڇاڇري ڏي وڃي ٿي. چون ٿا ته مارئي کي جڏهن سندس مڱيندو کيت پنهنجن ماڻهن جي مدد سان عمر ڪوٽ مان کڻي روانو ٿيو، تڏهن عمر سومرو پنهنجي ”مور“ نالي گهوڙي تي چڙهي هن جي پٺيان پيو هو. جڏهن هن ڀٽ تي گهوڙو چڙهيو تڏهن سهڪي ۽ ڀرجي ويو ۽ اتي ئي مري ويو، جنهنڪري عمر سومرو اڳتي وڌي ڪونه سگهيو ۽ ڀٽ تي ”مور لڪ“ نالو پئجي ويو. ڀٽ جي ڀرسان ننڍا ڳوٺڙا به آهن. ڪي چون ٿا ته ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ مور پکي گهڻا هئا، جنهن تان ”مور لڪ“ نالو پيو. * اُٺ لڪ: هي لڪ عمر ڪوٽ تعلقي جي نبيسر ڳوٺ کان اوڀر طرف آهي. هڪ اُٺ هڪ لک تان چڙهندي سهڪي سهڪي مري ويو هو، جنهنڪري لڪ تي اهو نالو پيو آهي. * ٻانهياري ڀٽ: هي ڀٽ ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. چون ٿا ته هڪ مائي حمل سان هئي، نائون مهينو هوس، تنهن کي سندس ڏير چيو ته جي تون ٻه دلا ڀريل پاڻيءَ جا مٿي تي کڻي هن ڀٽ جي وٽيءَ تائين چڙهي وڃين ته آءٌ توکي نئين عاج جي ٻانهين پارائيندس. مائي شرط قبول ڪري، دلا کڻي مٿي چڙهي، ڇر چوٽيءَ تائين پهچڻ کان اڳ سهڪي سهڪي ساهه ڏنائين، تنهنڪري هن تي ”ٻانهياري ڀٽ“ نالو پيو. * جتن واري ڀٽ: هي ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. هتي جت ذات جا مسلمان رهندا هئا. جنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. * ماري واري ڀٽ: هن ڀٽ تي، ڪلهوڙن جي حڪومت وقت سندن ڪامورن ۽ رعيتي ماڻهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو ۽ ڪافي ماڻهو مئا هئا (يعني مارو ٿيو هو) تنهنڪري اهو نالو پيو آهي. * گاڏي وارو لڪ: مٺيءَ کان اولهه طرف ٻه ميل نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هتان اڳي لوهارن جو قافلو لنگهيو هو. لوهارن وٽ اڳي گاڏا هوندا هئا، جن ۾ سڄو سامان لڏي ڍڳا جوٽي ڪاهي روانا ٿيندا هئا. هن لڪ تي گاڏو ڀڄي پيو هو، جو لڪ بلڪل اتانهون آهي. تنهنڪري مٿس ”گاڏي وارو لڪ“ نالو پئجي ويو آهي. * ڪاسائيءَ وارو لڪ: هي چيلهار کان چيلهه ڏي ويندڙ رستي تي آهي. ٿر مان ڇيلن جا سوداگر (جن کي ٿر ۾ ڪاسائي چون) مال ڪاهي روانا ٿيندا هئا ته هن لڪ تي اچي ڊاٻو ڪندا هئا، ۽ اُن تي ڇيلن جي پورڻ لاءِ واڙو به ٺهيل هوندو هو، جنهنڪري لڪ تي اِهو نالو پيو. * سوڍا چار ۽ سماچار: هي ٻيئي ڀٽون چيلهه جي اوڀر طرف هڪڙي کيرل جي اوڀر ۽ ٻي اولهه طرف آهن. هتي اڳي سوڍن ۽ سمن جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي. هڪڙي ڀٽ وٽ سوڍا ۽ ٻيءَ وٽ سما پنهنجا مورچا ٺاهي ويٺا هئا. انهيءَ ڪري هنن ڀٽن تي اهي نالا پئجي ويا. * ٿوهَرن وارو لڪ: مٺيءَ جي اتر اوڀر طرف چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هتي ٿوهر جا وڻ گهڻا آهن، جنهنڪري مٿس اهو نالو پيو. * ڪانڪهه وارو لڪ: چيلهار کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ رستي تي رانجهي خان نون جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. هتي ڪانڪهه جا وڻ گهڻا آهن، جنهن تان مٿس اهو نالو پيو. اهڙيءَ طرح ٻين به ڪيترين ئي ڀٽن جا نالا آهن. نه رڳو ڀٽن، پر مڙهن، تَلين، ڏهرن وغيره ۽ جهنگ جي هرهڪ ڀاڱي تي ڪونه ڪو نالو رکيل هوندو آهي. ڀِٽ جا ڀاڱا جيئن ٿر جي هرهڪ ڀٽ تي نالا رکيل آهن. تيئن ڀٽ جي ڀاڱن تي به نالا رکيل آهن. ڀٽ: واريءَ جي وڏي دڙي کي ڀٽ چئبو آهي. دَڙو: ڀٽ کان ڪجهه ننڍو، واريءَ جو ڍڳ. لڪَ: ڀٽ کي به چئبو آهي ۽ خاص ڪري ڀٽ جو اهو هنڌ، جتان لنگهه هجي. انهن لڪن جا نالا ڀرسان ڳوٺن جي نالن پٺيان به رکيل آهن، جيئن ته لس جو لڪ، چريل جو الڪ، لاڪوُڙي جو لڪ، ڊاڀي جو لڪ، ڀوڄاسر جو لڪ، سڦوران جو لڪ وغيره. مٿاري: ڀٽ جي مٿان ڪجهه مفاصلي ۾ سڌي زمين، جتان ماڻهو ۽ وهٽ هلي سگهن. ڪي مٿاريون ڪجهه ڊيگهه ۽ ويڪر واريون هونديون آهن، جتي مال لاءِ چراگاهه ۽ ننڍيون ٻنيون به هونديون آهن. جيئن ته ٻگهار جي مٿاري ڊاڀي جي مٿاري، نيڻي سر جي مٿاري، ڪاروتل جي مٿاري، ڱکاري جي مٿاري، هنجتل جي مٿاري ۽ ڪڪراڙئي جي مٿاري وغيره. تڙ ڪولَ: ڀٽون اتر- اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن، تنهنڪري سج اُڀرڻ سان جنهن پاسي سج جي اُس يعني تڙڪو پوي، تنهن کي چون تڙڪولَ. سياري جي انهيءَ پاسي سيءُ گهٽ هوندو آهي، ڇو ته اتر جي هوا کان انهي پاسي جو بچاءُ گهٽ هوندو آهي، ۽ سج اُڀرڻ سان اُس به ايندي آهي. (1) محترم محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي مشهور ڪتاب ’سير ريگستان‘ ۾ به اِهي سبب ڄاڻايا آهن (م.چ) (1) جيمس ٽاڊ ”پارڪر“ جو احوال ڏيندي، ساڳيو سبب ٻڌايو آهي. (1) جولاءِ 1970ع کان ٿر سب ڊويزن لاءِ الڳ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن جو هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ آهي. تنهنڪري ٿري ماڻهو پنهنجا ڳوٺ اڪثر ڀت جي تڙڪول ۾ ٻڌندا آهن ۽ مال جا وٿاڻ، خاص ڪري ٻڪرين جا واڙا به اتي ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ سياري جي رات جو مسافري ڪندڙ ماڻهن کي جي ڊاٻو ڪرڻو هوندو ته تڙڪول ۾ ڪندا آهن، ڇو ته اُتي سيءُ گهٽ هوندو آهي. گوڇارِ: تڙڪول جي آمهون سامهون وارو پاسو، جتي سياري جو اُتر جي ٿڌي هوا سڌي ايندي آهي، جنهنڪري سيءُ جام پوندو آهي. البت شام جو وري سج لهڻ مهل اُتي اُس هوندي آهي. ٻُڪڙ: ڀٽ جي مُهڙ واري يا اڳئين پاسي جي ٻيءَ ڀٽ يا دڙو اچي گڏجي ته اُتي ڪنڊ واري هيٺاهين لاهه واري ڀاڱي کي ”ٻڪڙ“ چوندا آهن. پوڇانڊو: ڀٽ جو ٻيو پاسو، جو آهستي آهستي هيٺاهون ٿيندو وڃي ختم ٿيندو آهي. تنهن کي پيڙي وارو پاسو يعني ”پوڇانڊو“ چئبو آهي. ڪن ڀٽن کي ڪونه ٿئي ۽ ٻنهي پاسي ”پوڇانڊا“ هوندا آهن. ٽونڪ: ڪن ڀٽن جو مٿاڇرو سڌو هوندو آهي، پر ڪن ڀٽن ۾ ڪنهن هنڌ مٿاڇرو بلڪل مٿي چوٽي ڪڍيل هوندو آهي، انهيءَ ڇوٽيءَ کي چون ’ٽؤنڪ‘. مُڇه: ڪنهن به ڀٽ جي ڇيڙي وارو هنڌ، جو ٻڪڙ واري پاسي هجي ۽ جنهن جي اوچائي يڪدم ختم ٿيل هجي. ڳارو: ڀٽ جو اهو هنڌ، جتان پاڻيءَ جي وهڪري سبب واري ڳري وهڪري جو نشان (رستو) ٺاهيو ڇڏي، جتان پوءِ ماڻهو ۽ مال لنگهي سگهن. نوڻَ: ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ڊُسڙ واري زمين جو ٽڪر، جتان ماڻهن ۽ مال جو لنگهه هجي. پاساڙو: ڀٽ يا دڙي جي پاسي کي پاساڙو (مونث پاساڙي) چون. ناڪو: ڀٽ جي وچ ۾ هيٺاهون هنڌ، جتان ماڻهو ۽ وهٽ لنگهي سگهن. مَگرو: ڪجهه ويڪري مٿاهين مٿاڇري سان زمين جو ٽڪر. (هن کي ”مورو“ به چون.) دُٻو: ڀٽن جي وچ ۾ مٿاهينءَ زمين جو ٽڪرو، جنهن جو مٿاڇرو ڪجهه سڌو هجي ۽ وقتي ڪجهه برساتي پاڻي به بيهي. اهڙي هنڌ کي ”دُٻو“ چئبو آهي. پاج: ڪن ڀٽن تي سامهون سڌائيءَ ۾ چڙهي نه سگهبو آهي، تنهنڪري ڪنهن سهولت واري هنڌان ٿورو آڏي سلامي تي مٿي چڙهڻ لاءِ واٽ ٺاهبي آهي، تنهن کي ’پاج‘ چئبو آهي. لينجهه: ڀٽ جي ڪنهن هيٺاهين هنڌ تان ماڻهن ۽ مال جي لنگهه لاءِ ڪو رستو هجي ته اهڙي هنڌ کي ’لينجهه‘ چئبو آهي. ڏَرڙَ: سخت برسات پوڻ ڪري ڀٽن ۽ مٿاهينءَ زمين تان پاڻي گڏ ٿي هيٺاهينءَ زمين ڏي وهندو آهي. تڏهين ڪٿي ڪٿي زمين کي ڦاڙي گهارا وجهي ڇڏيندو آهي. انهن گهارن کي ’ڏرڙ‘ چئبو آهي. گاٺوڙَ: ڀٽ جي مٿاڇري تي ڪو هيٺاهون هنڌ، جتان ماڻهو ۽ مال لنگهي سگهن ۽ مٿس ڪو وڻ ٻوٽو نه هجي ۽ پري کان ئي صفا ڏسڻ ۾ ايندو هجي. لانجهو: ڀٽ جو هيٺاهون هنڌ، جتان لنگهڻ لاءِ واٽ هجي. ڏهر ٿر آهي وارياسو ملڪ، جتي واريءَ جون ڀٽون به آهن ته ڪٿي ڪٿي ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين به آهي، جا ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت آهي. ڪٿي ٿوري مفاصلي ۾ ۽ ڪٿي گهڻي مفاصلي ۾. جتي گهڻي مفاصلي ۾ سنئين زمين آهي، ان کي ”ڏهر“ چئبو آهي، اتي چراگاهه ۽ آباديءَ لاءِ ٻنيون هونديون آهن. اهڙا ڏهر ننڍا وڏا گهڻائي آهن. خاص ڪري ڪنٺي ۽ ڍاٽ ۾ بلڪل گهڻا ۽ وڏا ڏهر آهن، ساروٽي ۾ گهٽ، کائڙ، مهراڻي ۽ ونگي ۾ ڪونه آهن. ڪن جو مختصر احوال ڏجي ٿو. ڏاڪي ڏهر: هن نالي سان ٽي ڏهر آهن: ڏاڪي معنيٰ وڏو، يعني وڏو ڏهر. 1- ڳوٺ ڪيتار جي ڏکڻ اولهه ۽ مٺا تڙ جي اتر طرف. 2- سلهه ڳوٺ جي اولهه طرف ۽ اَڪليون ڳوٺ جي اوڀر طرف. 3- چاَرنور ڳوٺ جي اولهه پاسي. ڇڇي جو ڏهر: تاجي جي تڙ جي اولهه طرف، قابل شاهه جي اڀرندي طرف، ڪرنهور ٿيٻا ۽ سنگراسين جي ڳوٺ جي وچ ۾ آهي. وَڇيري جو ڏهر: مصري شاهه جي اولهه طرف، جانب علي شاهه کان اڀرندي ۽ ڀڳيسل ڳوٺ کان ڏکڻ طرف آهي. هيڪل ڪوري ڏهر: ڌاريندڙي کان اولهه طرف، مينگهي جي تڙ کان اوڀر ۽ رَڙلي ڳوٺ جي ڏکڻ-اوڀر آهي. ميڻڇو ڏهر: ڌانڌوءَ جي تڙ جي اولهه، وَڪڙئي ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ جهرڪلي ڀٽ کان اوڀر طرف آهي. ڍوڪاري ڏهر: چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. لاٺي جو ڏهر: چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. بي جو ڏهر: گوراڙي ڳوٺ جي اولهه، ۽ مصري شاهه جي اُتر طرف آهي. ڏسارو ڏهر: ڳوٺ رَٻاسر جي ڏکڻ ۽ کڏيءَ جي اتر طرف آهي. پوسرڪي جو ڏهر: ڳوٺ پوسرڪي ۽ ڳوٺ روهيڙي جي وچ ۾ آهي. وي جو ڏهر: ڪانڪهئي جي اولهه راجوڙي جي اوڀر ۽ ڪرنهور جي اتر طرف آهي. ڀڪوئي جو ڏهر: ڳوٺ ڀڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾ آهي. ٽانپي جو ڏهر: مٺا تڙ جي اولهه ۽ سوڀي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. ڇهو ڏهر: ڇاڇري جي اوڀر طرف، پريمي جي ويريءَ جي ڀرسان آهي. گُگهوڙو ڏهر: ڳوٺ هريار جي اتر طرف ۽ آسار جي ڏکڻ طرف آهي. تالسر جو ڏهر: تالسر ڳوٺ جي ڀرسان آهي. سينهار جو ڏهر: ڳوٺ سينهار تعلقي مٺي جي ڀرسان آهي. سجائي جو ڏهر: ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي ڳوٺ وٽ مشهور ڏهر آهي. چوڻهار جو ڏهر: چوڻهار ڳوٺ وٽ آهي. گانگاڻ جو ڏهر: مينهي جي تڙ جي اوڀر طرف ۽ صالح جي تڙ جي اُتر طرف آهي. روهج جو ڏهر: ڳوٺ روهج تعلقي ننگرپارڪر جي ڀرسان آهي. گئوچر ڏهر: وَڪڙئي ڳوٺ کان ڏکڻ، کارو وليءَ کان الهندي، جيئندي جي تڙ کان اوڀر، دوٻهاري ۽ حجامن جي تڙ جي ڏکڻ- اولهندي ۾ مشهور ڏهر آهي. ميهوُئر جو ڏهر: ڳوٺ نهٽي کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. روهلي ڏهر: مينگهي جي تڙ کان اڀرندي، پيلوءَ جي تڙ کان اُتر ۽ روهج جي ڏکڻ ۾ آهي. نمن وارو ڏهر: ڀوڄاٻو کان اوڀر، روهج کان الهندي ۽ تڳوسر کان ڏکڻ طرف آهي. دانڌوڏهر: جيئندي جي تڙ کان اوڀر، وڪڙئي کان ڏکڻ، حجامن جي تڙ کان اولهه ۽ وليءَ جي تڙ کان اتر طرف آهي. موڏو دڙو ڏهر: ڳوٺ ورنهاريو کان اڀرندي ۽ دوٻهاري کان الهندي طرف آهي. ماکنيو ڏهر: ڳوٺ جانب علي شاهه کان اڀرندي، کائوڙين کان اتر ۽ مصري شاهه کان الهندي طرف آهي. بسيائو ڏهر: ڳوٺ بهراڻو تعلقي ننگرپارڪر جي اتر طرف آهي. جيسار جو ڏهر: ڳوٺ مهلاڻو جي اتر طرف آهي. روهلي ڏهر: پيلوءَ جي تڙ جي اتر طرف ۽ روهج ڳوٺ جي الهندي طرف آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڏهر آهن. زمين جي ٽڪرن جا نالا ٿر جي زمين جا طبعي حالتن جي ڪري مختلف نمونا آهن. انهن مان هرهڪ جو ڪونه ڪو نالو رکيل آهي، جن بابت مختصر احوال هيٺ ڌجي ٿو: ڏهر: ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي وري ڳچ مفاصلو آهي ۽ وچ واري زمين جدا جدا نمونن جي هوندي آهي، تنهنڪري هرهڪ نموني لاءِ جدا جدا نالا ٺهرايل آهن. ڀٽن جي وچ ۾ ڏاڍيري زمين وارو وڏو ڪشادو ميدان، جو پوک لائق يا ڳوٺ ٻڌڻ لائق ۽ مال جو چراگاهه هجي، تنهن کي ’ڏهر‘ چئبو آهي. ڏهري: ڀٽن جي وچ ۾ ٿورو زمين ٽڪر، جو ڪجهه سخت زمين وارو هجي تنهن کي ’ڏهري‘ چئبو آهي. تَلي: ڀٽن جي وچ ۾ اونهو ۽ هيٺانهون سخت زمين وارو ڀاڱو، جتي برسات جو پاڻي سڀني پاسن کان لهي اچي ڪٺو ٿئي. انهي تري واري يا هيٺاهين زمين کي ’تلي‘ چئبو آهي. ڪن تلين ۾ پوک ڪندا آهن، ڪن ۾ مال لاءِ چراگاهه هوندو آهي. اتي سخت زمين ۾ گاهه خاص ڪري چيهو جام ٿيندو آهي. منهنجو تُور ’تلين‘ ۾ ’چيها‘ ٿو چاري. (لطيف) مڙهو: جيڪڏهن ٻن ڀٽن جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو نه هوندو آهي ۽ زمين به ڪجهه وارياسي هوندي آهي ته اهڙي ٿوري وارياسي سوڙهي زمين واري ٽڪر کي ’مڙهو‘ چوندا آهن. مندَرَ: جيڪڏهن ٻه ڀٽون ڪنهن ڪنڊ تي پاڻ ۾ گڏيل هونديون ته انهي گڏيل هنڌ جي ويجهو هيٺاهينءَ زمين جي پاڻي کي ’مندر‘ چئبو آهي. ڊاڳو: مڙهن ۾ اڪثر زمين ڪنئري ٿئي ٿي، پر ته به پنڌ ڪرڻ ۾ ڪا تڪيلف نٿي ٿئي. مگر ڪن ڪن هنڌن تي واري اهڙي ته نرم ٿئي ٿي جو هلڻ وقت ماڻهوءَ يا وهٽ جو پير ڪجهه اندر هليو ويندو آهي ۽ وک کڻڻ مشڪل ٿيو پوي، اهڙي نرم زمين کي گيسر، گُس، يا ڪيئُو چئبو آهي ۽ زمين جي اُنهي ٽڪري کي ’ڊاڳو‘ چئبو آهي. جهول: ڪٿي ڪٿي ڏهرن جي سنئين زمين ۾ گهاٽا وڻ ۽ ٻوٽا هوندا آهن، اهڙي زمين ٽڪر کي ’جهول‘ چئبو آهي. اَجهور: ڳوٺ جي چوڌاري ويجهڙائيءَ وار پسگردائيءَ جي زمين کي ’اجهور‘ چئبو آهي. ويئرَ: ننڍي مڙهي کي ’ويئر‘ چئبو آهي. گسَ: وارياسي زمين، جتان ماڻهو يا وهٽ جي لنگهڻ ڪري پير زمين اندر هليو وڃي، اهڙي ڪنئري زمين کي ’ريڪر‘ يا ’ڪيئو‘ به چوندا آهن. ريلَ: ڳوٺن جي ڀرسان زمين جو سنئون ٽڪر، جتي ٻار رانديون ڪندا آهن. گوچَر: ڳوٺ جي ويجهرائيءَ ۾ اهڙو زمين جو ٽڪر، جو فقط مال جي چراگاهه لاءِ ڇڏيل هجي ۽ جنهن ۾ پوک ڪرڻ تي خانگي طرح ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻڌي سبب يا سرڪاري طرح بندش پيل هجي، اهڙي ٽڪر کي ’گوچر‘ يا ’گئوچر‘ چئبو آهي. ٻنين جا نالا ڪا ٻني ڪنهن ڀٽ جي ٻُڪڙ ۾ هوندي ته ان کي ”ٻُڪڙ واري“ چون. اڃا به وڌيڪ سڃاڻپ لاءِ اها ٻني جنهن ماڻهوءَ جي کاتي هجي، ان جو به نالو ڳنڍين. جيئن ته يوسف واري ٻُڪڙ، الهڏني جي ٻُڪڙ، راوتي جي ٻُڪڙ، مهراڻ جي ٻُڪڙ وغيره. جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڪووڏو ڪنڊو، روهيڙو يا ڄار جو وڻ هجي ته ان کي ڪنڊي واري، کيجڙ واري، (ڪنڊي کي ٿري ماڻهو کيجڙ به چون)، روهڙي واري يا ڄار واري چون ۽ وڌيڪ سڃاڻپ لاءِ جنهن ماڻهوءَ جي کاتي هجي، ان مالڪ جو نالو به گڏين. جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ گهڻا روهيڙا يا گهڻا ڪنڊا هجن، ته ان کي روهيڙارو يا کيجڙارو يا ڪنڊن وارو چون ۽ مالڪ جو نالو به گڏين، جيئن عثمان وارو روهيڙارو، عبدالله وارو ڪنڊن وارو يا سونجيءَ جو کيجڙارو وغيره. جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڦوڳ يا ڊڀ گهڻا هجن ته ان کي ڦوڳارو ۽ ڊاڀي وغيره چون. جي اَڪ گهڻا هجن ته چون اَڪاريو وغيره. جي ڪا ٻني مٿاهينءَ تي هجي ته ان کي مٿاري واري، وچ ۾ هيٺ هجي ته انکي ”دُٻو“ چون. جي ٻنيءَ جي زمين سنئين ۽ سخت هجي ته ان کي ڪاٺي يا ڪاٺو چون، ۽ پوءِ مالڪ جو نالو گڏي چون، همير جي ڪاٺي، رڻمل جي ڪاٺي، يوسف جو ڪاٺو، وغيره. جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ مڱ گهڻا ٿيندا هجن يا ڪنهن سال گهڻا ٿيا هئا ته ان کي ”مونگاريو“ چون. ڪنهن ٻنيءَ ۾ پاڻيءَ لاءِ ٽوڀو کنيل هجي ته ان کي ”ٽوڀاريو“ چون. ڪٿي ٿوهر گهڻا هجن ته ٿوهرن وارو چون. ڪٿي ڪٿي پکين جي ڪري به ٻنين تي نالا پئجيو وڃن. مثلاً هڪ ٻنيءَ ۾ ڪنهن سال فصل پچڻ تي ٻوگهريو پکي ايترو ته اچي ويو جو فصل جو ڳچ حصو کائي ويو. ان تان ٻنيءَ تي ”ٻوگهريالو“ پئجي ويو. ڪي ٻنيون اهڙيون آهن، جن جي زمين سخت هوندي آهي. گهڻي برسات پوڻ سبب يا ڪنهن ٻنين ۾ ويريون (تانگها کوهه) آهن، انهن جي پاڻيءَ تي زمين کي رِجائي، ٻه ٽي هر ڏيئي، نرم ڪري، موري، پالڪ، واڱڻ، بصر، ڌاڻا، ميٿي، ٽماٽا وغيره پوکجڻ يا اڳ ڪڏهن پوکيا ويا هئا. انهي فصل پوکڻ کي ٿر ۾ ”واڙي“ چون. انهيءَ تان ٻنيءَ تي به نالو پئجي ويندو آهي. اهڙي ٻنيءَ کي پوءِ ”واڙي“ چوندا آهن. ڪٿي ڪٿي ڀٽن ۽ دڙن جي وچ ۾ ڪو هيٺاهون سخت زمين جو ٽڪر. گولائيءَ جي نموني آبادي لائق هجي ته ان کي ”ٽپري“ چون (’ٽپري‘ لوهه جي ٺهيل هوندي آهي، جا مالدار ماڻهو گيهه ڀرڻ لاءِ ۽ واپاري دڪان تي ڪم آڻيندا آهن). ٿر جي واري ڀٽن تي زمين ڪنئري ۽ ڀٽن جي وچ ۾ گيسڙ يعني نرم هوندي آهي. هلڻ سان منجهس پير هليو ويندو. ڪٿي ڪٿي مٿو ٻڌي يعني ڪجهه سخت واريءَ جو رنگ ميرانجهڙو ڳاڙهسرو ۽ اڇو هوندو آهي. ڪٿي ڪٿي هيٺ ڏهرن ۾ سخت زمين هوندي آهي، جنهن کي پٽڪولو، تلسرَ يا پوٺو چون. اتي واري اڇي ۽ ميرانجهڙي رنگ جي هوندي آهي، ڳوٺن جي ڀرسان، جتي وڻ ۽ ٻوٽا نه هوندا آهن، اتي ننڍن دڙن تي بلڪل سفيد واري هوندي آهي جن کي ريٽ چئبو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪجهه نرم زمين هوندي آهي، اتي پٿرن جي ڀور جهڙا ڳاڙها ۽ اڇا زرڙا هوندا آهن، جي بلڪل لسا ٿيندا آهن، ان کي رائو چون، جي موتين وانگر پيا چلڪندا آهن. بقول شاعر ’فدا‘: تنهنجي واريءَ جا ذرا موتي بحال، ريـــٽ تنهنجا سنگ مرمر جي مثال. شهرن ۽ ڳوٺن جي چوڌاري پوٺن واري سنئين زمين ۾ سنهي ڪڪري به هوندي آهي. ڪٿي ڪٿي پٿرائين زمين به آهي، جنهن مان عمارتن جي ڏانءُ جو پٿر ڪڍندا آهن. واري سياري جو ٺري به جلد ته اونهاري جو تپي به جلد. اونهاري جو پيرين اگهاڙو هلي ڪونه سگهبو. ڳوٺن جي ڀرسان اڇي واريءَ جا دڙا ٿيندا آهن. رات جي وقت اها واري اهڙي ٺريل هوندي آهي، جو مٿس هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ فرحت پيئي ايندي آهي، تڏهن ته ’مارئي‘ چيو آهي ته: ٿڌا ريٽ ريليون، هينئين ۾ هُرن. (مل محمود) ٿري ماڻهو رات جو مسافري ڪندي جڏهن ٿڪجي پوندا آهن، تڏهن ڪنهن دڙي يا ڀٽ تي واريءَ جو ريٽ ڳولي سمهي پوندا آهن ته يڪدم فرحتي ننڊ اچي ويندي اٿن ۽ ٿڪاوٽ لهيو وڃين. ان بعد وري پنڌ پوندا آهن. پيرين اگهارو گهمڻ اها حقيقت آهي ته ٿر جا عام ماڻهو گهڻو ڪري پيرين اُگهاڙا گهمندا آهن، جنهن کي ’اُڀراڻو‘ چون. جهنگ ۾ هاري، ڌنار، ٻڪرار ته گهڻو وقت پيرين اگهاڙا گهمندا آهن. جُتي هوندي ته به پنڌ ڪرڻ يا مال سان جهنگ ۾ وڃڻ مهل، ٻيئي پادر هٿ ۾ هوندا يا ڪپڙي ۾ وجهي ڪلهي تي کڻي هلندا. فقط اونهاري جو، جڏهن اُس ٿيندي آهي ۽ زمين تتل هوندي آهي ۽ پير ساڙيندي آهي، تڏهن جُتي پائيندا آهن. گهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڪثر پيرين اگهاڙا گهمندا آهن، ان جا گهڻائي سبب آهن. (1) ٿر جي زمين سخت نه آهي، پر وارياسي هئڻ سبب نرم آهي. شام جو پنجين بجي کان وٺي صبح جو ڏهين يارهين بجي تائين ٿڌي هوندي آهي. ان مهل پيرين اگهاڙو گهمڻ ڪري پيرن کي ٿڌڪار محسوس ٿيندي آهي، جنهنڪري دل کي فرحت پئي ايندي آهي. انهيءَ ٿڌڪار جو اثر تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. (2) زمين ڪُنئري هئڻ سبب جُتيءَ سان پير واريءَ ۾ اندر هليو ويندو آهي، جنهنڪري پير کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. ٿر ۾ سنڌي جُتي ۽ موجن جو عام رواج آهي، جن جي اندر واري پئجي ويندي آهي، جا ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد جُتي لاهي ڇنڊي ڪڍڻي پوندي آهي نه ته هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري جُتي سان هلڻ ۾، پيرين اگهاڙو هلڻ کان وڌيڪ تڪليف آهي. جُتيءَ سان ماڻهو تڪڙو پنڌ ڪري نه سگهندو، ’اُڀرڻو‘ ماڻهو تڪڙو ويندو. (3) ٿر جو عوام اڪثر غريب آهي، جُتيون مهانگيون آهن، جنهنڪري ڪيترن کي جُتي وٺڻ جيترا پئسا به ڪونه هوندا آهن، انڪري ڪفايت به آهي. (4) سنڌ جي زمين مٽي واري آهي جا رستن تي تمام سنهي ميدي جهڙي ٿي پوندي آهي. جُتي پائي هلڻ سان پيرن کي دز چنبڙي پوندي آهي. اها جيڪڏهن ڪپڙي سان ڇنڊي لاهبي ته ڪانه لهندي. مگر ٿر جي واري داڻا داڻا آهي، جا پيرن کي چنبڙي نه پوندي آهي. پر جي ڪو ايڪڙ- ٻيڪڙ داڻو چنبڙيو ته ڪپڙي هڻڻ يا هٿ سان به يڪدم لهي ويندو آهي. (5) رات جو يا ٿڌ جي پهر ۾ جُتي پائي هلڻ ڪري پير گرم ٿيندا آهن ۽ ماڻهو جلد ئي ٿڪجي پوندو آهي. پر پيرين اگهاڙو هلڻ ڪري واريءَ جي ٿڌڪار سبب فرحت پيئي ايندي ۽ ماڻهو ڪيترو به پنڌ ڪندو ته ٿڪ محسوس نه ٿيندو. اڪثر ڪري ٿر ۾ واٽ ويندڙ ماڻهوءَ کي ڏسبو ته جُتي ڪپڙي ۾ ٻڌل هوندي يا هٿ ۾ کنيل هوندس. (6) سنڌ جي زمين سخت آهي، جنهن تان هلڻ ڪري پيرن کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ گرم هئڻ جي حالت ۾ هلڻ ڪري پيرن ۾ لِڦون ۽ تريءَ ۾ ڦوڦينڊا ٿي پوندا آهن. مگر ٿر جي زمين ڪنئري هئڻ سبب پيرن کي ڪابه تڪليف نه ايندي ۽ نڪو گرم واريءَ تي هلڻ ڪري ڦوڦينڊا ٿيندا آهن. (7) ٿر ۾ سواريءَ لاءِ اُٺ گهڻو ڪم ايندو آهي. گهڻن ماڻهن وٽ پنهنجا اُٺ هوندا آهن، پر ٿوري پنڌ لاءِ وهٽ کي به تڪليف نه ڏيندا آهن. چوندا آهن ته ادا، پنڌ ڪيترو آهي! ڪير پيو اُٺ سان مٿاڪُٽ ڪري، پاکڙو وجهي ۽ گاسيو وغيره ٺاهي، ايتري وقت ۾ ته ماڻهو پهچي به وڃي. جوان مڙس جون ٻه وکون ٿينديون. ايتري تڪليف ڪري اوتري وقت ۾ ته ڪافي پنڌ ڪري ويندو ۽ ٿورو پنڌ هوندو ته منزل تي به پهچي ويندو. هٿ ۾ جُتي ڪري ٻه سراڪا ڏنا ته ڄڻ پهتو. ماڻهو ٿوري گهڻي پنڌ خاطر وهٽ جو خيال ڪونه ڪن. اڪثر پيادل وڃن. جتي کان سواءِ، پيرين اگهاڙو ترت پهچن. (8) پنڌ اڪثر ٿڌي وقت ۾ ڪبو آهي. اونهاري جو ته نڪربو ئي رات جو آهي سو جُتي پائڻ ڪري پيرن ۾ پگهر به ٿيندو ۽ هلڻ ۾ رڪاوٽ پئي محسوس ڪبي. پر اگهاڙين پيرين نڪو پگهر ٿيندو نڪا رڪاوٽ ٿيندي. اٽلو ٿڌي واريءَ تي فرحت پيئي ايندي ۽ ڪيترو سارو پنڌ ڪري وڃبو ته ٿڪ محسوس نه ٿيندو. گهڻو پنڌ ڪرڻ بعد جڏهن ٿڪ محسوس ٿيندو آهي تڏهن ساهي پٽڻ لاءِ رات هوندي ته ڪنهن وڏي دَڙي يا ڀٽ تي ۽ ڏينهن هوندو ته ڀٽ يا پاساڙي ۾ ڪو وڏو وڻ ڏسي ان جي ڇانو ۾ واريءَ تي ويهي رهبو يا سمهي پئبو ته واريءَ جي ٿڌڪار جي اثر ڪري بدن ٺري پوندو ۽ ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي، پوءِ وري اُٿي پنڌ پئبو ته ڄڻ تازو توانو. (9) ٿر ۾ اڳي جين ڌرم وارا، خاص ڪري ننگرپارڪر طرف گهڻا رهندا هئا. جين ڪنهن به ساهه واري کي ڪونه مارين، تنهنڪري هو جُتي ڪونه پائيندا هئا ته متان ان جي هيٺان ڪو ساهه وارو جيت وغيره اچي مري نه وڃي، جنهنڪري پيرين اگهاڙا گهمندا هئا. جن جو اثر ٻين ماڻهن تي به ٿيل ٿو ڏسجي. جُتي پائڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن آڱرين ۾ آئٺڻ (ڪڪرا) پئجي ويندا آهن. آئٺڻ بلڪل ڏکيو آهي، جنهن جي پاڙ بلڪل تڪليف بعد پٽبي آهي. انهيءَ ڪري جُتي مشڪل سان پائي سگهبي ۽ هلڻ ۾ به تڪيلف ٿيندي آهي. ٿر جي ماڻهن کي سدائين ۽ هر ويلي مال جي سانگي، کيتي، مزوري ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ هلڻو پوي ٿو، جنهنڪري انهيءَ تڪليف کان بچاءُ لاءِ به جُتيءَ جو استعمال گهٽ ڪندا آهن. ڪارونجهر ٽڪري ٿر ۽ پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪوبه وڏو جبل ڪونهي، فقط پارڪر ۾ ننڍا ننڍا ٽڪر آهن. ننگرپارڪر شهر وٽ ٽڪرين جي هڪ قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون لڳيون پيون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي، جا ننگرپارڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ – الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اتر – اولهندي ڪنڊ تي آهي. هن جي ٻاهرئين گولائي ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻڌائين ٿا. اُن جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار کن فوٽ مٿي آهي، جنهن کي ”صاحب چنگا“ چوندا آهن. ٽڪريءَ جو پٿر ڪٿي ڳاڙهو، ڪٿي روهيءَ جهڙو سخت ۽ ڪارو ۽ ڪٿي ريتيءَ جو پٿر آهي، جو عمارتن جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. ننگرپارڪر شهر جون سرڪاري جايون ۽ ماڻهن جا گهر انهيءَ پٿر جا ٺهيل آهن. چوٽيءَ تي هڪ پڪي چُن ۽ سيمينٽ سان لٿل ٿلهو(1) ٺهيل آهي، جو ٽريگنا ميٽريڪل سروي وارن ٺهرايو هو. اڪثر گهمڻ جا شوقين جبل تي چڙهي انهيءَ ٿلهي تي ويندا آهن، جتي چوگرد نهارڻ سان ڌڻيءَ جي قدرت جا عجيب نظارا ڏسبا آهن. ٿلهي جي پاڙ وٽ ننگرپارڪر جو شهر گهاٽن ڇانودار، خاص ڪري نمن جي وڻن سان ڀريل، نظر ايندو آهي. ويراواهه جو ڳوٺ، جو 16 ميل پري آهي، سو ائين پيو ڏسبو ڄڻ ميل ٻه پنڌ مس آهي. ڏکڻ طرف نهاربو ته ڪڇ جو اجهاڳ رڻ. سمنڊ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. ازانسواءِ ننڍا ننڍا ڳوٺڙا، جي جبل جي چوڌاري پکڙيل آهن، سي سڀ ڏسي اکين کي فرحت پيئي ايندي آهي. ٽڪريءَ تي سڌو چڙهڻ ناممڪن آهي تنهنڪري مٿي چڙهڻ لاءِ ڪو سونهون ساڻ کڻبو آهي. اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ چڙهڻ ۾ ۽ اوتروئي وقت لهڻ ۾ لڳندو آهي. چڙهڻ وقت رٻڙ جو بوٽ يا بنان کُڙيءَ جُتي سهولت واري آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري پير ڦٻي بيهندو نه ته آٿڙجي ڪرڻ جو انديشو آهي. پير اُگهاڙا ڪري هلڻ وڌيڪ چڱو آهي. مگر نازڪ طبع ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو ته ڪنڊا ۽ پٿر پير ڇلي ڇڏيندا. پارڪر ڪولهي ته رات ڏينهن اگهاڙين پيرين جبل ۾ پيا هلندا آهن. پارڪر جون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون به گاهه چرڻ لاءِ ٽڪريءَ تي ڪافي مٿي چڙهي وينديون آهن. هتي ڪيترا قدرتي نظارا ۽ ڪي هندن جي تيرٿ جا آستان آهن، جيئن ته انچليسور، ساڙڌرو، گئومکي، ڀيم ڪُن، جهرڻو، ٻائڻ جو ٻيسڻو ۽ چندن گڍ وغيره. هن ٽڪريءَ جو چوڌاري ننگرپارڪر، ڀويسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو، گهرٽياري وغيره وسنديون آهن، تن مان ننگرپارڪر سڀني مان وڏو ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا هاري ناري ماڻهو رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪولهي ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو گهر جوڙي رهندا آهن. جي اڪثر مزدور ماڻهو آهن. مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪند آهن. اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ گگرانيءَ مان گگر ۽ ڪونڀٽن مان کؤنر گهڻو پيدا ٿئي ٿو، جو وڪري لاءِ ٻين هنڌن ڏي موڪليو ويندو آهي. ٽڪريءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٻوٽا ٿين ٿا، جن جي رس مان ماکيءَ جون مکيون ماکي گڏ ڪن ٿيون، جي ڪولهي لوڪ جهنگ مان ڇاڻي، گڏ ڪري، اچي وڪڻندا آهن. هن ٽڪريءَ جي نج ماکي بلڪل ڪارائتي آهي، جا ٻاهر وڪري لاءِ موڪلي ويندي آهي ۽ جيڪو ماڻهو ننگرپارڪر ويندو آهي، سو موٽڻ وقت ماکيءَ جا هڪ ٻه شيشا ضرور پاڻ سان کڻي ايندو آهي. ٽڪريءَ تي وسڪاري جون ايتريون ته ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون جن مان جيڪر فائدو ورتو وڃي ته سون قسمن جون دوائون ٺهي سگهن. هن ٽڪريءَ تي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ججها آهن، جن مان ڪاٺين، کؤنر، گگر، گاهه، ميون ۽ ماکي وغيره مان ايتري پيدائش ٿئي ٿي جو چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر ٽڪريءَ مان هر روز سوا سير سون پيدا ٿئي“. (يعني هر روز ايترو پئسو پيدا ٿئي ٿو، جو جيڪر انهن پئسن مان سوا سير سون خريد ڪري سگهجي.) ڏهن پندرهن سالن کان وٺي هن ٽڪريءَ مان ڪڏهن ڪڏهن زبردست گوڙ جهڙا آواز ٿيندا آهن، جي ڪيترن ڪوهن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. سرڪار هن باري ۾ جاچ لاءِ ماهر موڪليا هئا. ٿي سگهي ٿو ته ڪي معدني سيون ٽڪريءَ جي اندر هجن ۽ ڪنهن به وقت انهن جي ڦاٽڻ سبب هي ٻرندڙ جبل جي صورت اختيار ڪري، مگر اڃا تائين هن باري ۾ وڌيڪ ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هن ٽڪريءَ ۾ خوفناڪ نانگ، بلائون ۽ وڇون موجود آهن. هتي سوئر، بگهڙ، گدڙ، چراخ (چرک) وغيره جهنگلي جانور رهن ٿا ۽ مور پکي بنهه گهڻا آهن. هن ٽڪريءَ مان نديون يا نئيون اهڙيون ڪونه ٿيون نڪرن جو آباديءَ کي فائدو رسي، مگر برسات پوڻ بعد ڪنهن نئي ۾ ٻه چار ڏينهن ۽ ڪنهن ۾ هڪ ٻن مهينن تائين پاڻي وهندو آهي، انهن مان گوڙڌرو، ڀٽياڻي، موندڙو ۽ سابوسڻ مکيه نئيون آهن. گوڙڌرو نئين اڀرندي پاسي وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوي ٿي، ڀٽياڻي اوڀر طرف کان نڪري گوڙڌري سان گڏجي ٿي. مطلب ته سمورين نئين جو پاڻي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوي ٿو. هاڻي بند ٻڌي. انهن نئين جو پاڻي روڪي، آباديءَ جي ڪم آڻڻ لاءِ اسڪيم گورنمينٽ جي زير ويچار آهي ۽ ڪم به هلي پيو. جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڪاميابي ٿي ته هن وقت جيڪو اڪيچار پاڻي اجايو رڻ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو، سو آباديءَ لاءِ ڪم آڻي ملڪ سائو ۽ سرسبز ڪري سگهبو، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن کي روزگار مهيا ٿي پوندو. ريلوي رستا ٿر سب ڊويزن جي چئن تعلقن: مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر ۾ ڀٽن هئڻ سبب ڪوبه ريلوي رستو ڪونهي. ميرپورخاص کان اوڀر طرف موناباءِ ڏي ويندڙ ريلوي عمر ڪوٽ تعلقي جي ٿر واري ڀاڱي مان لنگهي ٿي جنهن تي ڍورو نارو، هاسي سر، چوڙ نئون، پرچي جي ويري، جالو چؤنرو وصل بغ، کوکرو پار ۽ مونا باءِ اسٽيشنون آهن. اُتي اسان جي ملڪ پاڪستان جي حد آهي. ڇوڙ کان عمرڪوٽ چوڏهن ميل آهي. جتي اُٺن، موٽر، ٽرڪ ۽ لارين رستي آمدرفت آهي. ٻيو ريلوي رستو ميرپورخاص کان جهڏي تائين آهي، جنهن کي 1934ع ۾ وڌائي پٿورو اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو. ان تي ميرپورخاص، جمڙائو، جهلوري، جيمس آباد، ڪاڇيلو، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو گدام، روشن آباد، نئون ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، ٽالهي، نبي سر روڊ، ڪُنري، ڪنجهيجي، سامارو روڊ محمد رحيم، ڪالرو، صالح ڀنڀرو ۽ پٿورو اسٽيشنون آهن. ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن، چليار ۽ پسگردائيءَ لاءِ ويجهي اسٽيشن نئون ڪوٽ آهي. جا ڏيپلي کان چوٽيهه ميل، مٺي کان ٽيٽيهه ميل ۽ چيلهار کان چوٽيهه ميل آهي. ننگرپارڪر تعلقي لاءِ، لاريءَ جي مسافريءَ سان نئون ڪوٽ اسٽيشن سهولت واري آهي. باقي ڇاڇري تعلقي لاءِ ڪُني اسٽيشن سهولت واري آهي، جا ڇاڇري کان اٺيتاليهه ميل ۽ چيلهار کان ٽيهه ميل آهي. چيلهار جو واپار ۽ آمدرفت ڪڏهن ڪڏهن ڪُنري تان به ٿيندا آهن. لاري رستا ٿر ۾ ڀٽن، واريءَ ۽ رستن جي سٺي حالت نه هئڻ ڪري لاري سروس چالو ٿيڻ ناممڪن پئي سمجهڻ ۾ آئي، پر ڪن ماڻهن تڪيلفون سهي ٽرڪن هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٿر ۾ واري آهي، جيڪا ڪٿي ڪٿي ڪجهه ڏاڍيري (سخت) آهي، پر خاص ڪري ڀٽن تي نرم آهي، جنهنڪري ڀٽ جي لاهي ۽ چاڙهيءَ تي ٽرڪن جا ڦيٿا واريءَ ۾ ڦاسجي ويندا آهن، جنهنڪري تڪليف ٿيندي آهي. ٻيو وري اونهاري جو سخت هوا لڳڻ ڪري رستي تي واريءَ جا ڍڳ ٿي پوندا آهن جنهنڪري ڦيٿا ڦري نه سگهندا آهن. ان تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ لاريءَ جي ٺيڪيدارن پاران مزور رکيل آهن جي واريءَ جي ڍڳن کي سرکو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ وڻن جون ٽاريون ۽ گاهه ڪپي، رستي تي ڦيٿن جي هلڻ ڪري جيڪي هيٺانهان گس ٺهي پوندا آهن، انهن تي سٿي ڇڏيندا آهن، جن جي مٿان ڦيٿا سهولت سان لنگهيو وڃن. ائين ڪرڻ ڪري گهڻي ڀاڱي تڪليف گهٽجي ويئي آهي. هاڻي ٽرڪون ۽ جيپون عام جام چالو آهن. ٽرڪ کي ٽي خانا هوندا: اڳئين خاني ۾ ڊرائيور ۽ عملي جا ماڻهو ويهن. پويان ٻئي خاني ۾ ڇهن مردن لاءِ، ۽ ٽئين خاني ۾ ڇهن عورتن لاءِ سيٽون هونديون آهن. انهن ٽنهي خانن کي ڇت هوندي آهي. خانن جي پويان کليل مستطيل ڀاڱو هوندو آهي، جنهن کي ڊالو چون، ان ۾ بار وڌو ويندو آهي. پاسن کان مضبوط پٽيون هونديون آهن. سامان سڙي تي ۽ خانن واريءَ ڇت جي مٿان به مسافر ويهندا آهن. (الف) نئين ڪوٽ مان: 1- ڏيپلي تائين. 2- ڪلوئي (تعلقي ڏيپلي) تائين. 3- وڄوٽهه، سگهرور، مٺي، اسلام ڪوٽ، ويرا واهه، ننگرپارڪر تائين. 4- وڄوٽهه، آمريو، بکو، چيليار، هنجتل، ڇاڇرو تائين. (ب) ڪُنري مان. 1- چيلهه، ڪانٽيو، ڇاڇرو تائين. مٿين رستن تي روزانو اوٽ موٽ ٽرڪون چالو آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڇاڇري کان ڪانڪهيو ۽ اڳتي ننگرپارڪر تائين ٽرڪون هلنديون آهن. باقي جيپون سڄي ٿر ۾ عام هلنديون آهن. ڪامورا – ڪرا پنهنجو گشت جيپن ۾ ڪندا آهن. ڪيترا زميندار به جيپن ۾ شڪار ۽ سياحت لاءِ ٿر جو گشت ڪندا آهن. خشڪي رستا خشڪي رستا سڄي ٿر ۾ آهن. وڏن ڳوٺن جي وچ ۾ شاهي رستا آهن، جن کي گهاڙو رستا چوندا آهن، ۽ ننڍن ڳوٺن جي وچ ۾ پيچرا آهن، جن تان اُٺن رستي واپار ۽ آمدرفت چالو آهي. ٿر جي مسافري سڄي ٿر ۾ ڀٽون آهن تنهنڪري مسافري ڪرڻ وقت انهن تان لنگهڻو پوندو آهي. ڀٽن تي سڌو چڙهڻ ڏکيو آهي، اتان وهٽ به چڙهي ڪونه سگهي. اهي هنڌ به ڀٽ کي سڌا نه هوندا آهن پر ٿورو پاسيرا هوندا آهن. پوءِ اهڙيءَ طرح ڳوٺن جي وچ ۾ آمدرفت جي ڪري واٽون ٺهيو پون. ٿري ماڻهو واٽ کي ”وَڍو“ چون. ٿري ماڻهو هڪ ڀٽ تي چڙهڻ مهل سامهون ڀٽن ڏي نهاري جهٽ سهي ڪندا ته اڳتي رستو فلاڻ لانجهي مان ٿيندو، ڇو ته ڀٽ جو اهو هنڌ بنسبت سڄي ڀٽ جي، مٿاڇري جي سنوت کان ڪجهه هيٺ هوندو. جي اتي وڻ ٻوٽو نه هوندو ته ان کي ’گاٺوڙ‘ به چون. ٿر ۾ مسافري خاص ڪري اُٺن تي ٿيندي آهي. گهوڙا بلڪل ٿورا آهن، عام غريب طبقو پيادل مسافري ڪندو آهي. اُٺ جي مسافري ٽن نمونن سان ٿيندي آهي. غريب طبقو ۽ اوٺاڙي گهڻو ڪري اڪيلو هوندو ته پوئين چونڪ ۾، ۽ ٻه ڄڻا هوندا ته هڪڙو اڳوئين چونڪ ۾ ٿوهي جي اڳيان ۽ ٻيو پوئين چونڪ ۾ چڙهي روانا ٿيندا. اهو نمونو ڏکيو آهي جو سڀڪو ائين چڙهي ڪري ڪونه سگهندو، ان کي اولاڻو يا اپلاڻو چوندا آهن. ڪيوري ڇا ڪندا آهن جو رسي کڻي هيٺان پيٽ وٽان ورائي، اڳئين چونڪ ۾ مٿان ڳنڍ ڏيئي، پيڙا ورائي، پوئين چونڪ وٽ ٻڌي قابو ڪري، پوءِ ان ۾ رَلي، چادر، بوهه يا سِڻ وغيره اٽڪائي، اُن تي چڙهي ويهندا آهن. اهو نمونو اَپلاڻ کان وڌيڪ فرحت وارو آهي، ان کي ٻڙهو يا ڏور چئبو آهي. ڪي شوقين ته خاص ٻڙهو ڪري چڙهندا آهن. اُٺ کي پنڌ سيکارڻ وارا جت به ٻڙهو ڪري چڙهندا آهن. ڪي اُٺ تي پاکڙو وجهي گاشيو ڪري پوءِ چڙهندا آهن. انهيءَ نموني ماڻهو هلاک ڪونه ٿيندو ۽ ڊگهي مسافري به قدري آرام سان پوري ڪري سگهبي. جي هڪ ڄڻو چڙهيل هوندو ته ان کي هيڪل سواري چون. رواجي طرح ٻه ڄڻا چڙهندا آهن، جنهن کي ٻيلاسو چون. چونڪ ۾ چڙهڻ وقت ٽنگون اُٺ جي ٻنهي پاسن ورائبيون آهن پر ڊگهي مسافري هجي ۽ ٿڪ ٿئي ته ٻيئي ٽنگون هڪ پاسي ڪري وهبو آهي ته ٿڪ نه ٿيندو، ان کي سورانگهي چڙهڻ چئبو آهي. انهيءَ نموني فقط ٿري ماڻهو ۽ جت چڙهي سگهندا آهن. نئين ماڻهو کي تڪليف ٿيندي ۽ ائين ويهي ڪونه سگهندو. بعضي ٽي چڙهن ته ٽيلاسون چون، ۽ چار به چڙهندا آهن ان کي چولاسون چون. ڪڏهن ڪڏهن پاکڙي جي اڳئين ڀاڱي، جنهن کي پرڻو چون، ان ۾ رسي ٻڌي ڪنڌ تي مٿڀرو ڏور ٺاهي، ان ۾ چڙهندا آهن. ان ماڻهوءَ جو منهن وري اڳئين ماڻهوءَ کي سامهون، يعني اُٺ جي پڇ ڏي هوندو آهي. ننڍا وڏا پنج ماڻهو هجن ته ان حالت ۾ ائين ڪبو آهي. سنئين زمين ۾ اُٺ ٺيڪ پيو ويندو آهي. سکيو هوندو، يعني پنڌ سيکاريل، ته بدن کي لوڏو به ڪونه ايندو. مگر جڏهن ڀٽ تي چڙهڻو هوندو تڏهن آهستي چڙهندو. ان وقت چڙهيل ماڻهو پنهنجو بدن اڳتي ڪري جهليندو. اهڙي وقت سامهون پيو نهاربو ته ائين ڪونه سمجهبو ته ڪو اتانهينءَ تي وڃون پيا، پر جي پوئتي نهاربو ته ڊپ پيو ٿيندو. ڀٽ تي چڙهڻ وقت اُٺ اڪثر رستي جو وچ ڏيئي ڪونه هلندا آهن پر ڪنارو ڏيئي هلندا آهن، جتان هميشه برسات جي ڪري ڏرڙ ۽ گهارا پيل هوندا آهن. اتان جي پاسيرو نهاربو ته ڊپ پيو ٿيندو ته اجهو ٿو اُٺ جو پير ٿڙهي! ان وقت ازخود زبان مان ”خدا خير ڪج“ لفظ نڪري ويندا، مگر اُٺ جا پير واريءَ ۾ اهڙا ڄميل هوندا آهن جو ڪِرڻ جا واقعا اصل ڪونه ٿيندا آهن. ڪن ڪن ڀٽن جي سلامي ايڏي ڊگهي هوندي آهي جو ان تي چڙهڻ ۾ پندرهن ويهه منٽ لڳي ويندا آهن تنهنڪري اُٺ ويچارو ٿڪجي پوندو آهي ۽ ساهه سان ڀرجي ويندو آهي، ناسن مان هوا جا سوساٽ پيا پوندا اٿس. جڏهن چوٽيءَ تي پهچندو آهي تڏهن ڪي جت ٿورو وقت بيهي ساهي ڏياريندا اٿس. ان وقت اُٺ ڇيڙهه به پيو ڪندو آهي، ائين پنجن ستن منٽن ۾ تازو ٿي پوندو آهي. جت هونئن به اُٺ کي پنج ست ميل ڪاهڻ بعد چيڙهه ڪرائيندا آهن. چوندا آهن ته چيڙهه نه ڪرائبو ته اُٺ کي نقصان ٿيندو، ساهي کڻڻ بعد وري هيٺ لهبو. هيٺ لهڻ مهل اُٺ وڏيءَ وک سان تڪڙو لهندو آهي، ان وقت بدن کي مضبوط سيٽي ٿورو پوئتي لهوارو جهلبو آهي، جيئن اجايو لوڏو نه اچي. ڍلو بدن جهلبو ته بعضي پويان ويٺل جو مٿو وڃي اڳئين ويٺل جي پٺيءَ تي لڳندو. تڏهن ته چوندا آهن ته ”اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت ته لاهيءَ کي به لعنت.“ ڀٽ تي چڙهڻ ۽ لهڻ وقت ’ٽنگ‘ جي مضبوط ٻڌل نه هوندي ته پاکڙو اڳتي يا پوئتي ٿي ويندو، تنهنڪري جت اول کان ئي ٽنگ ڇڪي ٻڌندا آهن. بعضي ڀٽ تي چڙهڻ کان اڳ ۾ هٿ هڻي ڏسندا آهن ته ٽنگ ڍرو ته نه آهي. جي ڍرو هوندو ته اُٺ ويهاري، هيٺ لهي، ٽنگ ڇڪي، پوءِ چڙهندا. ڪن اٺن جي اها عادت ٿيندي آهي جو چاڙهيءَ ۾ ڇاکڙو پوئتي ۽ لاهيءَ ۾ اڳتي ڪري ڇڏيندا آهن. ان حالت ۾ جت ڇا ڪندا آهن جو ڏسندا ته پاکڙو اڳتي ڪڍي ٿو ته رسي پڇ ۾ اٽڪائي، ٻيئي ڇيڙا ورائي، پاکڙي جي پَسَرن سان ٻڌي ڇڏيندا آهن، ان کي ”پوڇڙ“ چوندا آهن. ائين ڪرڻ سان پاکڙو اڳتي نه ويندو. جي پاکڙو پوئتي ڪڍندو هوندو ته ڳچيءَ جي هيٺان رسي ورائي پاکڙي جي اڳئين ڀرڻي ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن، ان کي ”اڳوٺي“، ”اڳياڙي“ يا ”جنوئي“ چون. ائين ڪرڻ سان پاکڙو پوئتي نه ويندو. ڪي ڪي شوق خاطر به جنوئي وجهي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ رنگين ٽنور هوندا آهن، جا اُٺ جو سينگار آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ ٺهيل هوندي آهي. واٽون يا رستا ڀٽن کي سڌا اوچائيءَ تي نه هوندا آهن، پر ٿورو پاسيرا هوندا آهن جتان پيادا ۽ ڇڙها وهٽ هلندا آهن. پر بار وارن ۽ سواري وارن اٺن جي وڏين ڀٽن تي چڙهڻ ۽ لهڻ لاءِ تري کان وٺي ٿورو پاسي تي اڌ گول وانگر واٽ هوندي آهي، جا ڀٽ جي چوٽيءَ تي وڃي رستي سان گڏبي آهي جيئن چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ سهولت ٿئي. ان کي ٽارو يا ٽاري جو وَڍو يا پاج چئبو آهي، جتان وهٽ ٿوريءَ تڪليف سان چڙهي ۽ لهي سگهندا آهن. اُٺ تي جي بار کڻڻو هوندو ته پاکڙي جي بدران پلاڻ وجهندا آهن، جو بار کڻڻ لاءِ وڌيڪ سهولت وارو آهي. ڀٽن تي واري نرم ٿيندي آهي، چڙهڻ وقت اُٺ آهستي هلندو آهي جنهنڪري سندس پير واريءَ ۾ ايترو هيٺ نه ويندا آهن، مگر لهڻ وقت هيٺانهينءَ جي ڪري پير کي داٻ ڏيئي تڪڙو لهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهنڪري ڪنئري واري هئڻ سبب پير ڪافي اندر هليا ويندا آهن، ۽ ٻاهر ڪڍڻ وقت پير جو ڪو چٽو نشان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو پر زمين ۾ کڏو ٿي پوندو. جنهن کي ”گرس“ چون. ڀٽ جي چاڙهيءَ کي ’چاڙهاڻ‘ ۽ لاهيءَ کي ’ڍرڪاڻ‘، ’ڍَرتاڻ‘ يا ’ڍار‘ چئبو آهي. رستي هلندي هڪ ڀٽ تي چڙهبو ته سامهون رستي تي ٻيءَ ڀٽ پري کان پيئي ڏسبي. سمجهبو ته پنڌ ٿورو آهي ۽ اجهو ٿا پهچون، پر هلڻ سان پتو پوندو ته ڪافي پنڌ آهي. ڀٽن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجهه سنئين ۽ سخت زمين هوندي آهي، اُتي اُٺ کي وري تڪڙو ڪاهبو آهي جيئن پنڌ ترت کٽي. انهيءَ هلڻ کي ”کيڙ“ چئبو آهي. ڪٿي ڪٿي وچ ۾ هيٺ مٿانهيون، ڪٿي ريڪر يعني نرم زمين، ڪٿي ننڍا ننڍا دڙا ۽ دڙڦيا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح تڪڙو ۽ ڪٿي آهستي اُٺ ڪاهبو آهي. رات جو به جت رستو لهي سگهندا آهن. گهڻو ڪري واقف هوندا آهن، نه ته واٽ تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان ڏس پڇي وٺندا آهن. بعضي اونداهين راتين ۾ جت ڀلجي وڃي، مگر اُٺ جو جي هڪ دفعو رستو اڳ ڏٺل هوندو ته اصل نه ڀلجندو. اُٺ کي ”سُڪيءَ جو ٻيڙو“ چوندا آهن ۽ ٿر جي مسافري لاءِ بلڪل ڪمائتو آهي. سياري جي موسم ۾ مسافري ڏينهن جو ڪبي آهي ڇو ته رات جو سيءَ جي تڪيلف ٿئي ۽ اوجاڳو ڪڍڻو پوي ۽ ڏينهن جو سيءَ کان بچاءُ جنهنڪري اُٺ ۽ سوار کي تڪليف ڪانه ٿئي. اُونهاري ۾ ڏينهن جو گرمي اهڙي ٿئي جو اُٺ هلي ڪونه سگهي ۽ سوار کي به اُس ستايو ڇڏي، تنهنڪري رات جو مسافري ڪبي آهي. بار برادريءَ وارن اُٺن تي رات جو بار لڏبو آهي. وسڪاري جو مسافري بلڪل فرحت واري آهي. ان موسم ۾ نڪو رات جو سيءُ هجي ۽ نڪو ڏينهن جو گهڻي گرمي هجي، تنهنڪري رات خواهه ڏينهن جو مسافري ڪرڻ ۾ سهولت آهي. ٿر ۾ ڳوٺن کان سواءِ پاڻي ملڻ مشڪل آهي، تنهنڪري مسافر پاڻ سان چم جي سانداري يا بادلو پاڻيءَ سان ڀري کڻندا آهن ۽ وسڪاري جو ڇٽي کڻڻ ضروري آهي. ڪي جت دُئال هميشه پاکڙي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، چڙهڻ وقت انهن ۾ پير وجهي ڇڏبا ته مسافري آرام سان ڪري سگهبي ۽ ٿڪ محسوس نه ٿيندو. ڪي ماڻهو دئال گاشئي جي مٿان رکي ڪم آڻيندا آهن ۽ پوءِ لاهي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا آهن. مطلب ته دُئال ضروري شيءِ آهي. گهوڙي جي مسافري آرام واري آهي. گهوڙو ڀٽ تي چڙهندو تڪڙو، پر لهندو وري آهستي آهي. واريءَ ۾ گهوڙو تڪڙو هلي ڪونه سگهندو، پر ڪٿي ڪٿي سخت زمين به آهي اتي تڪڙو هلندو آهي. گهوڙا ٿر ۾ ٿورا آهن. ٿر جون ڀٽون گهڻو ڪري اتر – اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن. تنهنڪري اوڀر کان اولهه ڏي مسافري ڪرڻ ۾ سهولت آهي، ڇو ته رڳو ڀٽن ۽ دڙن جي مهڙن ۽ پوڇانڊن ۽ پيڙن مان لنگهڻو پوندو ۽ باقي سڄي مسافري ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين جنهن کي مڙهو ۽ ڏهر چون، مان ڪرڻي پوندي، جا وهٽن توڙي پيادن لاءِ سهولت واري آهي، ۽ پنڌ ترت کٽيو پوي. پر اُتر کان ڏکڻ ڏي هلبو ته ڀٽون پار ڪرڻيون پونديون، جنهنڪري وهٽن توڙي پيادل مسافرن کي تڪليف ٿيندي ۽ وقت به ڪافي لڳندو. مسافرخانا ٿر جي سموري مسافري خشڪي آهي، جا اُٺن تي ۽ پيادل ڪبي آهي. مکيه ڳوٺن جي وچ ۾ ٽرڪ جي سروس به آهي. مسافرن جي سهولت لاءِ ڪن شاهوڪارن وڏن شهرن، جيئن ته ڇاڇري، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ جايون ٺهرايون آهن، جن کي ڌرم شالا چئبو آهي. گورنمينٽ جي طرفان سڄي ٿر ۾ اهڙيون جايون ڪن ڪن ڳوٺن ۾ ٺهرايل آهن، جن کي مسافرخانا چئبو آهي، جتي مسافر ترسي آرام ڪندا آهن. اهي هن وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جي حوالي آهن. انهن جو تفصيل هيٺئين موجب آهن: تعلقي مٺي ۾ نو، تعلقي ڇاڇري ۾ ڏهه، تعلقي ڏيپلي ۾ ڏهه ۽ تعلقي ننگرپارڪر ۾ ست مسافرخانا آهن، جن مان ڪن بابت مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو. وڄوٽهه: هي مسافرخانو مٺي تعلقي ۾، مٺي کان نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ شاهي رستي تي آهي، هتان کان لاري سروس آهي. چيلهار کان نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ لاري به هتي اچي گڏجي ٿي. هتان آمدرفت گهڻي ٿيندي آهي. هتي سرڪاري آفيسرن جي آرام لاءِ به هڪ عاليشان جاءِ ٺهيل آهي. ويڙهي جهپ: هي مسافرخانو ڏيپلي تعلقي ۾، ڏيپلي کان نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هتان کان لاري سروس به آهي. هي اهڙو آباد نه آهي ڇو ته ڏيپلي جا مسافر ٻيءَ هڪ سڌي واٽ تان به ويندا آهن. ڀڪوئو: هي مسافرخانو مٺي تعلقي ۾، ڏيپلي کان اسلام ڪوٽ واري واٽ تي آهي. هي نهايت ضروري ۽ ڪمائتو آهي. مالهيار: هي ڏيپلي ۽ مٺي جي وچ ۾ آهي. جهانگرو: مٺي تعلقي ۾، ننگرپارڪر کان اسلام ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي تي آهي، بلڪل ڪارائتو آهي. ڪانٽيو: ڇاڇري تعلقي ۾، ڇاڇري کان ڪنري ويندڙ رستي تي آهي. گڍڙو: ڇاڇري تعلقي ۾، اوڀر سرحد جي ڀرسان آهي. گڍڙي کان ننگرپارڪر تائين هڪ سؤ ويهه ميل پنڌ ۾ ڏاهلي، جيسي جو پار، پيلو جو تڙ، ۽ ستي ڏهرا ڳوٺن ۾ مسافر خانا آهن. چيلهار، ڇاڇري، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۾ مسافرخانا آهن. مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽ ڏيپلي ۾ انسپيڪشن بنگلا به آهن، جتي آفيسر منزل انداز ٿيندا آهن. (1) هن ٿلهي کي ’تروٽ صاحب و ٿلهو‘ به ڪري سڏيندا آهن، جنهن صاحب جي مشهوري ۽ مقبوليت سبب کيس ’صاحب چڱو‘ ڪري سڏيندا هئا. (م-چ) باب ٽيون وڻ ٿر جي نرم واريءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اوڀڙ اڀرن ٿا، جن مان گاهه ۽ ننڍا ٻوٽا وسڪاري بعد سڪيو وڃن، باقي وڻ وڌندا وڃن، تان جو نيٺ وڏا ٿيو پون. ڪٿي ڪٿي گهاٽيرا، ڪٿي ڪٿي ڇڊا، جي جهنگ، مڙهن، ٻنين، ڀٽن، ڳوٺن، وٿاڻن ۽ کوهن تي بيٺا هوندا آهن. ڀٽن جي چوٽين تي بيٺل ڪنڊن ۽ ڪونڀٽن جا وڻ پري کان جهنڊن ۽ ڇٽين وانگر بلڪل مزيدار پيا ڏسبا آهن. انهن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا وڏا وڻ، ٻيا ننڍا وڻ. وڏا وڻ هنن جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ پنجويهن فوٽن تائين ٿئي ٿي. هيٺان ٿڙيڪا ۽ کليل هوندا آهن. مٿي ڏار ۽ ٽاريون ڪڍي گهاٽا ٿيندا آهن. انهن مان ڪنڊا ۽ ڄاريون ڳوٺن ۾ ماڻهو گهرن ۾ پوکين ۽ جهنگ ۾ به عام ٿين. روهيڙو، ڪانڪهه ۽ ڪونڀٽ جا وڻ جهنگ ۾ عام ٿين. برسات تي اُڀري وڏا ٿيندا آهن، جن جي ڪابه سنڀال ڪانه ٿيندي آهي. ننڍي هوندي ڪي مال جي کائڻ ۽ لتاڙڻ ڪري ناس ٿيو وڃن ۽ ڪي جيڪي مال کان بچن سي وڏا ٿيو پون. نم آمڻ ٻير، سِرَنگهُو، سنڌي ٻٻر، پپر، سِرينهُه ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ماڻهو گهرن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن. گيدوڙيون بلڪل ٿوريون آهن، سُوانجڙو فقط سڄي ٿر ۾ هڪ – ٻن هنڌن تي آهي. ولايتي ٻٻر ڳوٺن ۾ ازخود برسات تي اُڀريو بنا سنڀال جي پيا وڌن. انهن وڻن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو: * ڪَنڊو: ڪنڊا سڄي ٿر ۾ جتي ڪٿي عام آهن، پر کائڙ ۾ گهٽ آهن. هي سنئين ۽ ڏاڍيري زمين، ٻنين، مڙهن، تڙ جي ڏهرين، ڀٽن ۽ دڙن جي چوٽين تي جام ٿين، ۽ دڙن ۽ ڀٽن جي لاهن تي البت ڇڊا ٿين. هن جا ٻه قسم ٿين: هڪڙا ڪَنڊن وارا، جن جي ٽارين ۾ ننڍا ننڍا تِکا ڪنڊا ٿيندا آهن، جنهنڪري پَن ۽ سِڱرين لاهڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي، جن کي ”ڪنٽرا“ چون. ٻيا اهڙا ٿين جن ۾ ڪَنڊا ڪونه ٿين، انهن جا پَن ۽ سِڱريون سولائيءَ سان لاهي سگهبيون آهن، انهن کي ”لاسڙ“ چون. ڪي ڪَنڊا اهڙا آهن. جن ۾ پَن لاهڻ وقت ننڍيون ننڍيون ٽاريون هٿ سان موڙڻ ڪري يڪدم ڀڄي پونديون آهن انهن کي ”ٻَڙِ ڪِڻا ڪَنڊا“ چون. ٻيا اهڙا ٿين جن جون ٽاريون يڪدم ڪونه ڀڄن، انهن کي ”چيڙها ڪَنڊا“ چون. ماڻهو لاسڙ ۽ ٻَڙڪڻا ڪنڊا پسند ڪن، ڇاڪاڻ جو کين سڱريون ۽ پَن لاهڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي. بهار جي موسم ۾ ڪنڊا مورجڻ شروع ڪندا آهن. ڪنڊي جي پَنن کي سَنک چون. پَن جڏهن ڪَچا هوندا آهن تڏهن سندس رنگ پيلو ٿئي. ان کي ”پُرَهَ“ چون. اهي مال کي ڪونه کارائين، ڇاڪاڻ جو مال جي آنڊن ۾ اَڙا (ڳوڙها) ڪريو ڇڏين، پر ڪجهه وقت بعد جڏهن گهاٽي سائي رنگ جا پڪا ٿين تڏهن اهي لاهي اچي ٻڪرين ۽ اُٺن کي چارين. ڏڪار وقت ڍڳين کي به چارين. ڪَنڊو اُٺ لاءِ ته خاص جياپو آهي. موڙي مُڃر ٽاريون، چانگا ٿا چرو. بهار جي موسم ۾ ٻُور لڳي جنهن کي مڃر چون، ان مان سڱريون ٿين. ڪچڙين سڱرين جي ڀاڄي سٺي ٿيندي آهي. ٿلهيون ٿين ته اُٺن ۽ ٻڪرين لاءِ چارو ٿئي. پچڻ بعد ڳاڙهيون ٿين، جن کي ”کوکا“ چون، جي مال ته کائي پر ماڻهو به لائين. ٻار ته شوق سان کوکا کائين. ٻنين ۾ ڪَنڊا هوندا آهن، تن جي مالڪ سنڀال ڪندا آهن. تُڙ وٽ ٻير جا ڍنگهر ڏيئي ڇڏيندا آهن، جيئن ٻيو ڪو پَن ۽ سڱريون لاهي نه وڃي. ڪُنڊي جي ڪاٺي ٿلهي ۽ سَٽ جهلڻ جهڙي آهي. جاين ۾ ٿنڀا ۽ داسا ڪري ڪم آڻين، پر شهتير ورلي ڪن، ڇو ته بعضي بار سبب اوچتو ٺڪاءُ سان ٽڙڪي ڀڄي پوندا آهن. اُن کي سُرو (هڪ قسم جو جيت) لڳندو آهي، جو ٽُنگ ڪري ڪاٺي ۾ گهڙيو وڃي ۽ اندران کائي ٿوٿِي ڪيو وجهي، جنهن ڪري ترت ڀڄيو پوي. ان جا ٿلها ٿُڙ ۽ ڏار سِرن پچائڻ لاءِ کُورن جي ڪم اچن. ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن. ڪچين ڪَنڊين جا ٿُڙ ڪَپي گهرن جي ڇَنَنَ ۾ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري ڪم آڻين. ٿُلهن ٿُڙن مان اُکريون ٺهن. ڏوئيون ۽ مُهريون به ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺهن. کوهن لاءِ ڀوڻ، ڪوهڙون ۽ تَري ۾ وجهڻ لاءِ چرک ٺهن. جهونن ڪنڊن جي ڪاٺيءَ جي وچ ۾ ڪاري ڪاٺي ٿئي جا بلڪل مضبوط هوندي آهي، ان کي ”ڪِرِسِي“ چون، ان مان موچي چمڙي ڪُٽڻ لاءِ کوٽِيُون ٺاهين. جنڊ جا کِيلَ ۽ تڙ تي واري ڪڍڻ لاءِ کيليون ٺهن. ڪنڊي جي عمر به ڪافي ٿئي. هڪ سؤ سالن جا ڪنڊا ته انيڪ بيٺا آهن، انهن کي ”سوئيڪو ڪَنڊو“ چون. اُن جي ڇانوَ هيٺ ماڻهو ۽ مال ويهي آرام ڪن. * ڄار ۽ کٻڙ: ڄاريون ٿر ۾ جام آهن. اهي ننڍين ننڍين ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي نرم زمين ۾ جام اُڀرن، پر ٿُڙ ڪري مٿي ڪونه بيهن ۽ زمين سان لاڳو چوڌاري ڪجهه دائري ۾ سوڙهيون پکڙيل هونديون آهن. انهن جو ٿُڙ ظاهر چِٽو نه هوندو آهي. ٽاريون وغيره زمين سان لڳيون پيون هونديون آهن ۽ مٿان به پاڻ ۾ ڳُتيون پيون هونديون آهن. جن کي ”ٻُٿون“ چون. هنن جا پَن ڊگهيرا مائيدار ٿين، جي ورائڻ سان ٻَڙڪي ڀڄي پوندا آهن. اهي پَن اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. ڏهرن ۽ سخت زمين ۾ ڄاريون ٿين، جن کي ست – اٺ فوٽ هيٺيان ٿُڙ ٿئي ۽ مٿان ٽاريون ڪڍي وڻ وانگر ٿين جن کي ’هيڪل گوڍيون‘ چون. اهي ڪنٺي ۾ جام ٿين. خاص ڪري گوڙهيار، اوٺا، لُوڻيو، مِٺاتڙ، ڪاڪهيو، کُڏي ۽ حيات هاليپوٽي طرف جام ٿين. کٻڙيون کاريون ڄاريون، وٽ اباڻن اَپار. ٿري عام طرح کٻڙيون به چون ته چاريون به چون، پر حقيقت ڪري انهن ۾ ٿورو تفاوت آهي. ڄاريون اهي آهن جن جا پيرون مٺا ٿين، ۽ کٻڙيون اهي آهن جن جا پيرون کارا ٿين. مهراڻي جي پاسي ڪلراٺي زمين ۽ ٿر ۾ لوڻ جي سَنن جي ڀرسان کاري زمين ۾ به کٻڙ ٿين. کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ. کٻڙن ۾ پيرون ٿيندا آهن، پر ماڻهو ڪونه کائين، ڇو جو اهي کارا ٿيندا آهن. انهن ۾ مَڪ ٿيندي آهي جا اُٺ جام کائيندا آهن. مٺين ڄارين ۾ اونهاري جو پيرون جام ٿيندا آهن. ماروئڙن سين ماڻيا، شال مُندائتي مَڪ ڪي پيرون ڳاڙها ۽ ڪي پيلا ٿين، جي ماڻهو آڻي پاڻ به کائين ۽ شهرن ۾ وڪڻندا به آهن ۽ ڪجهه سُڪائي رکندا آهن، جن کي ”ڪوڪڙ“ چون. ڪوڪڙ پاڻ به لائين ۽ مال کي به کارائين. ڪوڪڙ ڪونڍيرن سان، ڦُوڪي ڦَڪ ڀريندي. کٻڙ جي ڪاٺي مضبوط ۽ چيڙهي ٿيندي آهي. اُن کي اُڏوهي ۽ سُرو ڪونه کائي، جنهنڪري عمارتن جي ڏَانوَ جي آهي. ماڻهو کُڏن ۾ شهتير ۽ داسا، چؤنرن ۾ مَلَ، آٺريا ۽ کونٽا،، ڇَنن ۾ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري ڪم آڻين. گهڻي بار ڪري مُڙي پوندي، پر اَڏُ ٻٽَ ٽٽي ٻه اڌ نه ٿيندي آهي. غريب ماڻهو کٻڙ جي ڪاٺيءَ مان مَنجَن (کٽولن) جا پاوا، ايسُون، اُپرا ۽ پينگها ٺاهين ٿا جن جا پَلاڻ، چؤنرن ۽ کُڏن جا در دريون، گَهڙا منجيون، کڳوهن جو ڪوهڙيون ۽ ڀوڻ وغيره جا ٺهن. برساتي موسم ۾ ٽارين مان سنهيون ڊگهيون ڪامون نڪرنديون آهن، جن مان تتر پالڻ لاءِ پڃرا ٺاهبا آهن. اُٺن کي هڪ بيماري ٿيندي آهي جنهن کي ”پانءِ“ يا ”کاڄي“ چون. ان لاءِ کٻڙ جون سڪل ڪاٺيون ساڙي، ان جي رک گڏ ڪري، دلي ۾ پاڻي سان گڏي، باهه تي ڪوسي ڪن، جنهن کي ”پاههَ“ چون. پوءِ کٻڙ جي آلي ڪاٺي ڏيڍ فوٽ کن هٿ ڪري، ان جي هڪ ڇيڙي کي ڪُٽي، برش وانگر ٺاهي، ان سان اها پاهه اُٺ جي بدن تي لڳائيندا ويندا آهن. اُن کي چون اُٺ ’نُورِيو‘ آهي. سڪڻ بعد تيل مکي ڇڏين، ته اها بيماري ختم ٿي ويندي آهي. * نِم: نم جو وڻ سڄي ٿر ۾ آهي، پر صرف ڳوٺن ۾، جهنگ ۾ اصل ڪونه ٿئي، ڇو جو هن وڻ جي سنڀال ڪرڻي پوي ٿي. پوکڻ وقت پاڻي ڏيڻ ۽ ان بعد سنڀال ڪرڻ، جيئن اُٺ وغيره نقصان نه رسائين. ڳوٺن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن. ڪافي محنت بعد ٽن-چئن سالن کان پوءِ چڱو وڏو ٿي ويندو آهي، پوءِ سنڀال ڪرڻ جي ايتري ضرورت نه آهي. ننگرپارڪر شهر ۾ نم جا وڻ جام آهن. بهار جي موسم ۾ نمن ۾ اڇي رنگ جو ٻُور ٿيندو آهي، جنهن کي ”نينٻوجهر“ چون، جو ڪيترين بيمارين لاءِ دوا طور ڪم اچي. روزانو گهوٽي پيئڻ سان هفتي کن اندر جهونو تپ لهيو وڃي. ان مان نموريون ٿين، پچڻ تي ٻار ان کي گُٽِڪا چون ۽ چونڊي ڳر چُوسي ٻج ڦٽا ڪن. پڪل نموريون پکي به لائين، خاص ڪري ڪانءُ، بلبل ۽ هُڙيا ته نمورين جا شوقين آهن. ننڍا ٻار رس ڀريل نموريون لاهي، ٺڪر جي دکي ۾ ڪاٺين جي رک وجهي اُن ۾ گڏي پال وجهن. ٽن- چئن ڏينهن ۾ پچيو پون، جي ڪڍي خوشيءَ سان چُوسين. ان جي ٻج کي به نموريون چون. ننگرپارڪر ڏي نمورين کي پيڙهي ان مان تيل ڪڍندا آهن، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ڪيترن مرضن جو علاج آهي. تيل سان ڀريل شيشا ۽ نموريون وڪري لاءِ موڪليون وينديون آهن ۽ ڪيترا ماڻهو، جي قسمت سان اتي ويندا آهن، سي موٽڻ وقت نمورين جي تيل جو شيشو ضرور پاڻ سان کڻي ايندا آهن. ننڍا ٻار وڻن هيٺان نموريون چونڊي ايندا آهن جي زالون گهوٽي تيل سان ملائي مٿي جي وارن ۾ وجهن، جو جُوئن جي مارڻ ۽ وارن جي وڌائڻ لاءِ اڪسير آهن. نم جا پن به بلڪل ڪمائتا آهن. جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم ايندا آهن. اناج ۾ وجهي رکبا ته جيت وغيره نه لڳندو. نم جو ڏندڻ هڪ سُٺي سئي آهي. ويشنو ماڻهو روزانو نم جو ڏندڻ ڪندا آهن. ڪيترا سنڌي ڪامورا شوق ڪري ڳوٺ وڃڻ وقت ججهي انداز ۾ ڏندڻ پاڻ سان کڻي ويندا آهن. واڻيا ۽ ٻانڀڻ ڪيترا ڏندڻ پٽي گهر ۾ رکي ڇڏيندا آهن. روزانو شام جو سڪل ڏندڻ پاڻيءَ جي دلي يا ٿانءُ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. صبح تائين نرم ٿي ويندو آهي، جو ڪڍي ڪم آڻيندا آهن. ٿري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن جي ڀر، مال جي وٿاڻن ۾ نم جا وڻ پوکيندا آهن، هن جي ڇانو گهاٽي، آسائشي ۽ فرحتي ٿئي، جنهن هيٺ ماڻهو ۽ جانور ويهي آرام ڪندا آهن. نم جوڪاٺ مضبوط، جهالائو ۽ ڏاڍو ڪمائتو آهي. هن جو ٿڙ ٿلهو ٿئي. جو ڪَرٽ سان چيري، ان مان ڪم لائق ڪاٺ حاصل ڪبو آهي. اُن جي ڏارن ۽ ٽارين مان به ڪيترو ڪاٺ ملندو آهي، جنهن مان صندل، در، دريون، ٽپايون، ڪٻٽ تختا، جاين لاءِ ڪامون، کٽن لاءِ ايسون ۽ اُپرا ۽ ٻيون به انيڪ قسمن جون شيون ٺاهندا آهن. * ٻَٻر: هي سنڌ جو وڻ آهي جو سخت زمين ۾ اُڀري. پارڪر جي زمين پٿرائين آهي، تنهنڪري اتي چڱي انداز ۾ ٿئي ٿو. ننگرپارڪر کان ڏونگري ڏي وڃبو ته رستي ۾ گهاٽا ٻٻر هُڙي لايو پيا نظر ايندا. موندري ۽ آڌيگام جي وچ ۾ به جام آهن. ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي جي ڏهر، مٺي تعلقي جي ڳوٺ رائلو رندن وارو (مٺي کان اٺ ميل اوڀر طرف)، ڇاڇري تعقلي جي ڳوٺ چيلهار ۽ ان جي ڀرسان کوڙ ٻي ڳوٺ جي ترائيءَ واري ڏهر، ڇاڇري شهر کان ڪانڪهئي ڏي ويندڙ رستي تي ڇڊا ڇڊا ٻٻر آهن. ڪانڪهئي کان اولهه طرف ڪولهين جي ڳوٺن جي ڀرسان هڪ زمين ٽڪر ۾ بلڪل گهڻا ٻٻر آهن، ڄڻ ته هُڙي لڳي پيئي آهي. باقي سڄي ٿر ۾ عام ڪونه ٿئي. هن جي ٽارين ۾ ٻه – اڍائي انچ ڊگها اڇي رنگ جا تکا ڪنڊا ٿيندا آهن، جنهن کي ٿري ”سُر“ چون. هن ۾ پيلا گل ٿيندا آهن، جن مان ڦريون ٿين جنهن کي ”پلڙا“ چون، انهن ۾ سخت داڻا ٿيندا آهن، جن کي ”چچِڪا“ چون. ٻٻر جا پن ۽ پلڙا اُٺ ۽ ٻڪريون لائينديون آهن. ٻٻر جون ٽاريون وڍي سڪائي پن ڇاڻي گڏ ڪبا آهن. جن کي ”ٻُورِي“ چون. اها ٻوري مال لاءِ فائدي واري آهي. ٻُوري ۽ پلڙن جي کائڻ ڪري مال متارو ٿيندو آهي. هي وڻ وڏو ٿيندو آهي. اُن جي ڇانوَ سٺي ٿيندي آهي. هن جون ٽاريون وڍي ڇڏبيون ته وري نوان گونچ ڪڍي گهاٽو ۽ سائو ٿي ويندو آهي. وَڍَ ڪرڻ سان ٻٻر پاڻ وڌيڪ سائو ۽ سُٺو ٿيندو آهي. هن مان کؤنر ۽ لاک نڪرندي آهي. ٻٻر جا پن، ڇوڏا، گل، پَلڙا، کؤنر ۽ لاک ڪمائتا آهن. ٻٻر جا ڇوڏا لاهي موچي چمڙي رکڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. هن جي ڪاٺي سخت، مضبوط ۽ جٽادار ٿيندي آهي. ٿلهن ٿرن کي چيري، ان مان نڪتل ڪاٺ مان تختا، در، دريون، ڪُرسيون، ميزون، ٽپايون، کَٽون، جاين جون ڪامون، پٽيون، پينگها، کٽن جا پاوا، ايسون، اُپرا، ڪٻٽ، صندل ۽ ٻيون به ڪيترين ئي قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن. * روهِيڙو: هي وڻ وڏو، ڪَنڊي جيڏو ٿيندو آهي. هي ڇاڇري تعلقي جي اوڀر ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي اتر- اوڀر واري ڀاڱي ۾ گهڻو ٿئي ٿو. اتي، ڪٿي ڪٿي ته ڏهرن جا ڏهر ڀريا پيا آهن ۽ ماڻهو ٻارڻ جون ڪاٺيون به روهيڙي جون ڪم آڻين. باقي ٿر ۾ ڇڊو ٿئي ٿو، جتي وري روهيڙي جي ڪاٺي ڏاڍي اڻلڀ ۽ مهانگي آهي. مُهراڻي، ڏيپلي، مٺي ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڏکڻ-اولهه واري ڀاڱي ۾ ٿئي پر ڇڊو، سو به ڪن ڏاڍي زمين وارين ٻنين ۽ هنڌن تي، باقي ڀٽن ۽ درن تي ڪونه اُڀري. شاهه صاحب هن کي لوهيڙو ڪري استعمال ڪيو آهي: سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نِسريا، توڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا. سياري لٿي بهار جي موسم ۾ هن ۾ ڳاڙها، پيلا ۽ سونهري گڏيل رنگن جا گل ٿيندا آهن، جن سان سڄو وڻ سٿجي ويندو آهي. گُلن ۾ ڪا خوشبوءِ ڪانه ٿئي، باقي رونق واهه جي اٿن، جنهنڪري ڏسڻ سان اکين کي فرحت پيئي ايندي آهي. اُنهن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو بيڪار هئڻ ڪري ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. روهڙي جي ڪاٺي مضبوط، عمارتي ڏانوَ جي ۽ قيمتي آهي. اُن جو ٿُڙ ٿلهو ٿيندو آهي، جنهن کي ڪرٽ سان چيري، منجهانئس جاين لاءِ ڪامون، داسا، ٿنڀا، پٽيون، در ۽ درين جا چوکٽ، کٽن جا پاوا، ايسُون ۽ اُپرا، تختا پينگها، پاکڙا، هَنا، صندل، ڪرسيون، ٽپايون، ميزون، رُول، ڪٻٽ، اُکريون، مُهريون، ڀوڻ، ننڍا اُکرلا ۽ ٻيون به انيڪ قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن. ڪاٺي مضبوط، جهالائو ۽ گهَڙڻ ۾ سهولت واري آهي، تنهنڪري شهتيرن، پٽين، ٿنڀن، کٽ جي پاون ۽ پينگهن وغيره تي سوٽهڙ چٽ ڪڍندا آهن جي بلڪل وڻندڙ لڳندا آهن. اُن کي اُڏوهي جلد نه لائيندي آهي تنهنڪري صدين تائين جٽاءَ ڪندي آهي. روهيڙي جي قيمت هجڻ سبب اڪثر طنز يا طعني طور چئبو آهي ته ”هائو، فلاڻي جي گهر کَٽ آهي ته سهي، پر روهيڙي جي!“ اُن جي ڪاٺي ۽ ان مان ٺهيل شيون مهانگيون وڪامنديون آهن. آلي وڻ وڍڻ تي ٿر ۾ سرڪاري بندش آهي. روهيڙي جو وڻ سُڪڻ بعد وڍيندا آهن. ڪي آلو وڻ به وڍين پر اڪثر هندو ماڻهو روهيڙي جو آلو وڻ ڪونه وڍين. انهن ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته جي آلو روهيڙو وڍبو ته انهيءَ ڪري ڪونه ڪو نقصان ٿيندو. *ڪُونڀٽ: هي وڻ ڊيگهه ۾ ڪَنڊي کان ننڍو ٿيندو آهي. هي ڀٽن جي سلامي وارن پاسن ۽ چوٽيءَ تي ٿيندو آهي. اُن جي بناوت اهڙي آهي جو پري کان ڇٽيءَ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هيٺانهينءَ سنئينءَ زمين يعني ڏهرن ۾ اصل ڪونه اُڀري. اُن جا پَن ڪَنڊي جي پَنن وانگر ننڍا ٿين. ٽارين ۾ تِکا وريل ڪنڊا جام ٿيندا آهن. وساڪري جو ٻُور سان ڀرجي ويندو آهي. سو اڇيرو پيلو ٿئي. ان ۾ ڦَريون ٿين جن کي ”چپڙا“ چون، اُن ۾ ٻج هوندو آهي جنهن کي ”چِيچِڪا“ چون. اُهي ڪَچا هوندا آهن تڏهن مارُو ماڻهو ڀاڄي ڪندا آهن. ڦريون پچڻ بعد مال جي کائڻ جي ڪم اچن. ڪُونڀٽ جا پَن، ٻُور ۽ ڇپڙا اُٺ جو خاص کاڌو آهي. ڏڪار وقت ماڻهو ڇپڙا لاهي ڍڳين ۽ ٻڪرين کي کارائيندا آهن. اُن جي ڪاٺي بلڪل مضبوط ۽ سڊول ٿئي، مگر اُن جا ٿُڙ ۽ ڏار ڏنگا ڦڏا ٿين. ورلي ڪي ٿوريون ڪاٺيون ڪجهه سِڌائيءَ تي هونديون آهن، جنهنڪري اُهي ٿري ماڻهو وڍي، سُڪائي، جاين جا شهتير، چونرن جا مَل، ڇَنن لاءِ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري ڪم آڻين. ٿُلهين ڪاٺين جي اندر ڪارو تَهه يعني ”ڪرسي“ ٿئي، جا مضبوط هئڻ ڪري جٽاءَ ڪندي آهي. ڪاٺيءَ کي سُرو جلد لڳندو آهي جو اندران کايو اٽو ڪيو ڇڏي، ان حالت ۾ جٽاءُ ٿورو ڪندي آهي. ٻنيءَ جي ڪم لاءِ هَرَ، هَلُون، ڇاڄاريون ته خاص ڪُونڀٽ جي ڪاٺيءَ مان ٺهندا آهن. هن جي سنهين ٽارين مان ڏندڻ سٺا ٿين. ماڻهو ڳچ جيترا ڪُونڀٽ جا ڏندڻ لاهي پاڻ وٽ رکندا آهن، جو روزانو پُسائي ڪم آڻيندا آهن. سُڪل ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن. روزانو مزور ماڻهو جهنگ مان اُٺن تي لڏا ڪري شهرن ۾ وڪڻي ڪٽنب جو گذران ڪندا آهن. هن مان کؤنر نڪرندو آهي، جنهن مان مٺايون ٺهنديون آهن. غريب ماڻهو کؤنر چونڊي وڪرو ڪندا آهن. هي وڻ مُهراڻي، ڇاڇري تعلقي جي اوڀر ڏکڻ واري ڀاڱي ۽ ننگرپارڪر تعلقي جي اُتر يعني ڪنٺي ۾ بلڪل گهڻو ٿئي. ڪارونجهر ٽڪريءَ تي به جام ٿيندو آهي. ونگي، وٽ، سامروٽي ۽ کائڙ ڏي گهٽ ٿئي. * ولايتي ٻٻر: هي وڻ سنڌي ٻٻر کان ڊيگهه ۾ ننڍو ٿئي، پن ننڍا پر ڳُوڙها ساوا، ٿڙ مان اُڀيون ڊگهيون لامون ڪري وڌندو ويندو آهي. هن جو ٿڙ ڏهاڪو فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. بجنسي ديوي جي وڻ جهڙو آهي، تفاوت رڳو اهو آهي جو هن کي تڙ ٿئي، پر ديوي کي يڪو تڙ ڪونه ٿئي، زمين مان گهڻيون لامون نڪري وڌنديون وينديون آهن. هي وڻ بنا پوکڻ ۽ سنڀال جي ازخود اُڀري اوسري ايندو آهي. ڪٿي ڪو اتفاق سان ٻج ڪِريل هوندو ته وسڪاري جو اُڀري پوندو. هن کي مال ويجهو ڪونه وڃي، جيئن مال لتاڙيندس يا مٿان وڍبس ته يڪدم نوان گونج ڪڍي گهاتو ٿيندو ويندو. هن جي ٽارين ۾ سنڌي ٻٻر کان ڪجهه ننڍا پر مضبوط ۽ تکا ڪنڊا ٿيندا آهن. هن ۾ سال جا ٻارهن مهينا پيو ٻُور لڳندو آهي، جنهن مان پهريائين سائي رنگ جون ڦريون ٿينديون آهن جي پچڻ بعد پيليون ٿي پونديون آهن. ٻار سڄو ڏينهن اهي ڦريون لاهي پيا چُوسيندا آهن، البت گڏهه ۽ ٻڪريون اهي ڦريون لائينديون آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط ٿيندي آهي جنهن مان ڇَنن جون ٿوڻيون ۽ آڏوريون، کٽولن جا پاوا، ايسون ۽ اُپرا جڙندا آهن. هي وڻ پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي، باقي ٿر جي ڇاڇري، چيلهار، مٺي، اسلام ڪوٽ شهرن ۾ هاڻي ٿوري وقت کان پوءِ ڪافي وڻ ٿيا آهن، ٻهراڙين ۾ اڃا گهڻو ڪونه آهي. *سِرَنگهُو: هي وڻ پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿئي. اُن جو ٽار، ٽاري يا اُن جي ڪاٺيءَ جو ڪوبه ٽڪر کڻي زمين ۾ کوڙي ريج ڏبو ته يڪدم ڦٽي پوندو ۽ ٽاريون ڪري وڌي وڻ ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان اُڀرڻ ڪري پارڪر ۾ عام طرح گهرن کي کوڙها ڏيڻ جي بدران ماڻهو چوڌاري سرنگهُو جون ڪاٺيون کوڙي ڇڏيندا آهن ته يڪدم اُڀري اينديون آهن ۽ وڌي وڻ ٿي پوندا آهن. ۽ سرنگهو جي وڻن جي ڄڻ ديوار تيار ٿي ويندي آهي. مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري تعلقن ۾ اصل ڪونه ٿئي، فقط ڇاڇري شهر ۾ ۽ ٿورا چيلهار ۾ ڪي وڻ آهن. هي وڻ اُڀو ۽ اُتانهون ٿئي. اُن جا پن ڪنڊي جي پنن جهڙا سنها ٿين. جون مهيني ڌاري گونچ ڪڍي ساوا پن ڪندو ويندو. وسڪاري جو سائو هوندو، اُن وقت ڇانوَ سٺي ڪندو آهي. سرءُ ۾ پن ڇڻيو پون، پوءِ فقط ڪاٺين جا اُڀا لوڙها بيٺا هجن، جي رنگ جا اڇا ٿين، ڇانوَ اصل ڪونه هجي. وري اپريل ڌاري پن ڪونه ٿين پر هرهڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾سايون مکڙيون ٿينديون آهن، جي ڦُٽي فوني جي توتاري جهڙا اڇا گل ٿي پوندا آهن، جن جي اندران وار نڪرندا آهن. اصل گلن سان جهنجهيو بيٺو هوندو آهي، ان مهل ڏاڍو وڻندڙ لڳندو آهي. جلد ئي گلن مان ڦَريون ٿينديون آهن، جي ڪُونڀٽ جي ڦرين جيڏيون هونديون آهن، اهي نڪو مال کائين ۽ نڪو ٻئي ڪنهن ڪم اچن، ازخود ڇڻي ختم ٿي وينديون آهن. هن وڻ جي ڪاٺي ڪَچي ۽ اَڀري آهي تنهنڪري ڪنهن به ڪم ڪانه اچي. ٻارڻ جي لاءِ به چڱي ڪانه آهي ڇو ته ٻارڻ سان لات ڪري ٻَرندي ته تڪڙو ٻري ختم ٿي ويندي. جي لاٽ اُجهاڻي ته دُونهون ايترو ڪندي جو ڀرسان ماڻهو ويهي ڪونه سگهندو ۽ ان مان بانس به نڪرندي آهي. پوءِ ويٺو ڦوڪون ڏي، اصل مٿي ۾سُور پئجيو وڃي. ازانسواءِ سرنگهو جي ڪاٺين تي رڌل طعام ڌَپ جي ڪري بيذائقو، اڻوڻندڙ ۽ خراب ٿيندو آهي، جنهن جي کائڻ کان ماڻهوءَ کي بڇان پيئي ايندي. انهيءَ ڪري ٻارڻ جي ڪم به ڪونه اچي. * پپر: هي وڻ ٿر ۾ عام ڪونه آهي، فقط ڇاڇري، چيلهار، مِٺي ۽ اسلام ڪوٽَ ڳوٺن ۾ آهي. هن کي هندو ماڻهو پوڄيندا آهن. تنهنڪري شوق ڪري ڪٿان قلم آڻي شهرن ۾ پوکيا ويا آهن. هن جا پَن وڏا ۽ چوٽيءَ سان ٿين. ڇانوَ سٺي آهي پر ان سان گڏ پَنن ڇاڻڻ واري موسم ۾ پَنن جو گند ڪچرو به گهڻو ٿيندو آهي. اُن ۾ گول گول ڦل ٿئي پر ڪم ڪنهن به ڪونه آهي. اُن جو ٿُڙ ٿلهو ٿيندو آهي پر ڪاٺ ڪَچي هئڻ سبب ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. * بَڙ: هي وڻ عام مشهور آهي. اُن جو ٿُڙ تمام ٿُلهو ٿيندو آهي. اُن جي ٽارين ۾ هيٺئين پاسي تندون نڪرنديون آهن جي وڌي وڃي زمين ۾ کُپنديون آهن ۽ اتي پاڙون کوڙي لڳي پونديون آهن. اُن جا پَن اڪ جي پنن وانگر، پر ڪجهه ننڍا ۽ ٿُلهيرا ٿيند آهن. ڇوڏي جو رنگ اڇيرو ٿيندو آهي. هن جي ٽارين ۾ کير ٿيندو آهي جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. اُن ۾ گول ننڍو ڦل ٿيندو آهي جو ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. هي وڻ گهاتو هوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو ۽ جانور اُن جي ڇانوَ هيٺ آسائش وٺندا آهن. هي وڻ ٿر ۾ عام ڪونهي، فقط پارڪر ۾ ٿيندو آهي. هڪڙي تلاءُ تي اڳي وڏو بڙ هو ۽ ان جي ڀرسان ڳوٺڙو آهي، جتي ڪولهي رهن ٿا، بڙ جي ڪري ڳوٺ جو نالو ”بڙ تلاءُ“ پئجي ويو. *گيدوڙِي: اهو وڻ جهنگن ۾ ڪونه اڀري. سڄي ٿر ۾ عام جام ڪونه آهي، فقط شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن، البت ننگر پارڪر شهر ۽ ان جي آسپاس گهڻو ٿيندو آهي. اُن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو لعابدار ٿيندو آهي، جنهن کي گيدوڙا چون، جي سوادي ۽ وڻندڙ ٿيندا آهن، جنهنڪري ٻار شوق سان کائيندا آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط آهي جا ڇَنن جي لاءِ ٿوڻين، آڏورين ۽ ڪاين جي ڪم اچي سگهي ٿي، پر وڻن جي عام نه هئڻ ڪري اڻلڀ آهي. * آمڻ ٻير: سنڌي ٻيريون ٿر ۾ ٿين، پر اهي عام نه آهن، ماڻهو خاص محنت سان گهرن ۾ پوکيندا آهن. انهن جو ٿڙ ٿلهو ٿئي ۽ ٽاريون وڏيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ اُن کي آمڻ ٻير چون. نومبر ڌاري ٻُور لڳي ۽ پوءِ ٻير ٿين جي وڏا ۽ مٺا هوندا آهن.اُن جي ڪاٺي مضبوط آهي، جنهن مان کٽن جون ايسُون ۽ اوپرا ٿين. پاکڙا، هنا ۽ گڏهن جا جنڊا به ٺهن. ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهنديون آهن. * سَرنهه: هي وڻ ٿر ۾ عام نه آهي، پر شهرن ۾ جيئن ته ڇاڇري، چيلهار ۽ مٺيءَ ۾ ڪي وڻ آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ جو، پن ڪنڊي جي پنن جهڙا، ڇر وڏا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن، جنهنڪري ڇانوَ لاءِ سٺو آهي. هن جو قلم لڳندو آهي، تنهنڪري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن ۽ وٿاڻن تي پوکيندا آهن. اُن ۾ ڪمان وانگر ٿورو وريل چپٿريون ڦريون ٿينديون آهن، جي پچڻ بعد پيلي رنگ جون ٿينديون آهن، منجهن داڻا ٿيندا آهن. *ڪانڪهه: هي وڻ ٿر ۾ گهڻو ڪونه ٿئي. ڪٿي ڪٿي ڏسبو آهي، سو به ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اُڀري، پر ننڍن ننڍن دڙن تي نرم ريٽائينءَ زمين ۾ ٿئي. اُن جا پن ننڍا، ساوا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن ۽ اُن جا ٿڙ ۽ ٽاريون پاڻ ڳُتيون پيون هونديون آهن، تنهنڪري گهاٽو ٿئي. اُن ۾ پيرُن جيڏو هڪ قسم جو ڳاڙهيري رنگ جو ڦل ٿيندو آهي، جو پکي، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط هوندي آهي، مگر ڏنگي پنگي ڦُڏي هئڻ ڪري ڪنهن به خاص ڪم ڪانه اچي. اُن کي ونگو به چوندا آهن. * سُوانجِڙو: هي وڻ سنڌ جو آهي. ٿر ۾ عام ڪونهي، فقط ڳوٺ چيلهار جي اولهه طرف آڌيو نالي هڪ مَڙهِيءَ ۾ ست-اٺ وڻ سوانجڙي جا آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ جو، تڙ ٿلهو ۽ ڦريون فوٽ کن ڊگهيون ٿينديون آهن. ڦريون ۽ ڇوڏو ڪن ديسي دوائن ۾ ڪم ايندا آهن. اُن جي ڪاٺي ڪچي هئڻ ڪري عمارتي ڏانوَ جي ڪانه آهي. ازان سواءِ تعداد به بلڪل ٿورو آهي. انهن وڻن کان سواءِ ٿر ۾ ٻيو ڪو وڏو وڻ ڪونه ٿئي. فقط ننگرپارڪر تعلقي جي ڪاسبو نالي ڳوٺ ۾ هڪ هندو سيٺ اڳ ۾ باغ رکايو هو، جنهن ۾ انب، ليما، ڏاڙهون ۽ زيتون جا وڻ هئا، جن کي کوهه جو پاڻي ڏيندو هو. هن وقت انهن مان ڪيترا وڻ سُڪي، سڙي ۽ ڪَپجي ويا آهن، ته به ڪي اڃا آهن، پر اها اصلوڪي رونق ڇڏي ويا آهن. ننڍا وڻ ڪي وڻ ننڍا ٿيندا آهن، جن جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ پندرهن فوٽن تائين ٿئي. انهن جو ٿڙ يڪو ۽ کليل نه هوندو آهي. ورلي ڪنهن جو ٿڙ کليل هوندو آهي ته به اُن جون ٽاريون زمين سان بيٺيون هونديون آهن ۽ گهاتو پيو ڏسبو آهي، نه ته گهڻو ڪري زمين مان گهڻا ٿڙ هڪٻئي جي ڀرسان گڏ اُڀرندا آهن ۽ سڀيئي پاڻ ۾ گڏيل ۽ ڳتيل وڌندا ويندا آهن ۽ وڻن جو هڪ جهڳٽو پيو معلوم ٿيندو آهي. اهي سڀ جهنگلي وڻ آهن، جي برسات تي ازخود اُڀري وڌي وڏا ٿيندا آهن. انهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو: * اَڪَ: هي ٿر جو نهايت ڪارائتو وڻ آهي. اِهو ڀٽن ۽ سلامي وارن پاسن تي اصل ڪونه ٿئي پر ننڍن دڙن يا وارياسي زمين جي مٿانهن هنڌن تي، جتي زمين نرم هوندي آهي، جام اُڀري ۽ بلڪل گهاٽو ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڪنهن هٿراڌو پوک ڪئي آهي. اونهاري جو اَڪَ سُڪا ۽ ڪوماڻا پيا هوندا آهن. برسات پيئي ته يڪدم وڌندي دير نه ڪندا. هنن جا پن ڪافي وڏا ٿيندا آهن. پر برساتي موسم ۾ خاص ڪري ساوڻ ۽ بڊي وارن مهينن ۾ هن جا پن بنسبت اڳئين پنن کان ٻيڻا، بلڪل اڃا به وڏا ٿيندا آهن. پوٺن ۽ سخت زمين تي بلڪل چڊا ٿين. خاص ڪري ڳوٺن جي وجهڙائيءَ ۾ جام ٿيندا آهن. هڪ ٿڙ سان ڪوورلي وڻ ٿئي، نه ته زمين مان پنج-ست يا وڌيڪ ٿڙيون نڪرنديون آهن، جي ڏاريون ۽ ٽار ڪڍي وڌنديون پاڻ ۾ گهاتيون ٿينديون وينديون آهن. هن جي پنن کي پُڙا چون، جي ڪيترن ڪمن ۾ ايندا آهن، ٿڌ لڳي ۽ زڪام ٿي پوي يا مٿي ۾ سور هجي ته پن پٽي، مٿي تي تيل مالش ڪري مٿان ٻڌي ڇڏجي، صبح جو لاهي ڇڏجن، فائدو ٿيندو پوي. پاسي ۾ سُور هجي ته پنن تي تِرن جو تيل مکي ٻڌجن ته فائدو ٿي پوندو. اڪ ۾ گهاتو اڇو کير ٿيندو آهي، جو ذائقي ۾کارو آهي. ڪچين ٽارين کي ڀڃبو ته اندران کير نڪري ايندو ۽ ڦڙا ڦڙا ٿي پيو هيٺ ڪرندو. ميگهواڙ اڪن مان کير ڪڍي، مينهن جا سڱ ڀري، وڃي ماٽي ۾ وجهندا آهن. گڏوگڏ لوڻ ۽ پاڻي به وجهن، پوءِ اُن ۾ چمڙو وجهي ڇڏين. هفتي کن بعد ٻاهر ڪڍن ته وار صاف لهيو وڃن ۽ چمڙو صفا ۽ لسو ٿيو پوي، جنهن کي رڱي تيار ڪري ڪم آڻين. اهو کير دوائن ۾ به ڪم اچي. اڪ ۾ گل ٿيندا آهن، جنهن کي ٿري ’ڦُليا‘ چون، اهي به ڪيترين ئي دوائن ۾ ڪم ايندا آهن. گلن مان ڦل ٿئي، جو مُٺ جيڏو نرم سائي رنگ جو ٿيندو آهي جنهن کي ’اڪ پاڏيو‘ چون. ننڍا ٻار پاڏيا پٽي رانديون رونديون ڪندا آهن. اهي جڏهن پچندا آهن تڏهين ڦٽيون پون. منجهس بلڪل ڪنئرا ڪپهه جهڙا تاندورا ٿيندا آهن، جن جي هڪ پاسي ننڍو چَپٿرو ڪاري رنگ جو ٻج چنبڙيل هوندو آهي، جو لاهي تاندورا گڏ ڪري شوقين وهاڻن ۾ وجهندا آهن، اهو ڪپهه کان به نرم ٿيندو آهي. اَڪ جي ڪاٺي اهڙي سخت يا مضبوط ڪانه ٿئي ته به ٿر جي ماڻهن لاءِ ڏاڍي ڪمائتي آهي. هيءَ ڪاٺي ٿري ماڻهن لاءِ جيتري ڪم اچي ٿي، اوتري ٻئي ڪنهن به وڻ جي ڪاٺي ڪم ڪانه ٿي اچي. اُن جي ڪاٺيءَ مان جاين جون پٽيون ٺاهيندا آهن. اَڪ جا ڊگها کُونٽا وڍي سُڪائي ڇوڏا لاهبا ته ڪاٺي اڇي رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي. اهي کونٽا چونرن، ڇَنن، لانڍين ۽ ڪُڙهن ۾ ڪايا ڪري ڪم آڻبا آهن. اَڪ جي ڪاٺي هلڪي ٿيندي آهي، جنهنڪري جاين جي ڇتين تي بار گهٽ ٿئي، خاص ڪري لانڍين ۾ چونرن جي ڀتين تي، جي هيڪل ڪچي سِرَ جون هونديون آهن ۽ ڳري بار جي ڪري ڊهڻ جو امڪان هوندو آهي. اڪ جي ڪاٺي ساڙي اڱر ڪري گهوٽي ان سان قلمي شورو ۽ گندرف ملائي آتشبازيءَ جو سامان ٺاهيندا آهن. اَڪ مان ’اَڪَوارو‘ نڪرندو آهي جو مُلائم ۽ مضبوط ٿيندو آهي. ان مان کوهن لاءِ وَرتيون ۽ رسا ٺاهيندا آهن ۽ مختلف رنگن سان رڱي کَٽون ۽ پينگها واڻيندا آهن، جي نرم، جهالائو ۽ زينت وارا ٿيندا آهن. ڪي ماڻهو ’اڪوارو‘ پاڻ ڪڍي وڪڻندا آهن. اڪ تي سَرديءَ جو اثر يڪدم ٿيندو آهي. جڏهن سياري جو سيءُ گهڻو پوندو آهي، تڏهين اڪ جا پن ۽ ڪچيون ٽاريون سري پونديون آهن. ٻين وڻن تي به سيءَ جو اثر ٿيندو آهي پر بلڪل گهٽ. اهڙيءَ حالت ۾ ٿري چوندا آهن ته ”ادا سيءَ اهڙو پيو آهي جو ’سيءُ ٻار‘ ٿي آهي!“ اڪ جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم به اچن، پر نرم ۽ هلڪين هئڻ ڪري يڪدم جليو وڃن، تنهنڪري چوندا آهن ته ”اڪ جو ٻَريِتو هجي ته هڪ ماڻهو خاص چلهه ۾ ڪاٺين وجهڻ لاءِ ويٺو هجي، تڏهين ٻيو ماني پچائي!“ اڪ ٻڪرين جو خاص کاڌو آهي، انهيءَ ڪري کير وڌائينديون آهن، باقي ٻيو ڪوبه جانور ڪونه کائي. جهنگ ۾ ٻڪرارن لاءِ اڪ ڏاڍو ڪمائتو آهي. جي ڪا ٻڪري ويامي پوي ته اڪ جو وڏو پن (پُرو) پٽي، ٻنهي پاسن کان ٿورا وراڪا وجهي، انهن ۾ ڪک ٽنبي، هڪڙي قسم جو برتن تيار ڪندا آهن. اُن ۾ ٻڪريءَ جو پِسَ ڏُهي، باهه ٻاري، ٽانڊا ڪري، اُن تي اهو پُرو کير سان ڀريل رکي ڇڏيندا آهن. ٿوري وقت ۾ رڌجي ڄمي ”ٺيڪلو“ ٿي پوندو آهي، تڏهن لاهي کائين. پن ڪجهه سڙندو آهي، پر صفا ڪونه سڙي، ٺيڪلو سلامت پيو هوندو آهي. بعضي جهنگ ۾ اڪ جي پن جو مٿئين نموني برتين ٺاهي ٻڪري ڏُهي ان سان ماني کائيندا آهن. *ڦوڳ: هيءُ وڻ ننڍن ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪنئري زمين ۽ ڊاڳن ۾ گهڻو اُڀري. وڏين ڀٽن تي ۽ ڏهرن جي سخت زمين تي ڪونه ٿئي. هي وڻ سڄي ٿر ۾ جام ٿئي. فقط پارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڏکڻ اوڀر طرف ڪنٺي جي ڪجهه ڀاڱي ۾، جتي زمين سنئين ۽ ڏاڍي آهي، اتي اصل ڪونه ٿئي. هي يڪي ٿڙ سان ڪونه اُڀرندو آهي، پر ساڳئي هنڌ گهڻن هنڌان ڦٽندو آهي، جي ٿڙ پوءِ گڏيا پيا هوندا آهن. نرم زمين ۾ ڦوڳ جام ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ڳاڙهسرو ناسي رنگ جو ٿئي، جنهن مان ٽاريون نڪرن، جي اڇي رنگ جون پر ڳاڙهاڻ تي مائل هونديون آهن. ٽاريون ۽ ٿڙ ڏنگا ڦڏا هوندا آهن. هن ۾ پن ڪونه ٿين، پر ٽارين مان سنها گهاٽا تاندورا نڪرندا آهن، انهن کي ”لاسَئون“ چوندا آهن. هيءُ وڻ بعضي سياري جو گهڻي سيءَ سبب لوساٽجي ويندو آهي ۽ لاسئون سُڪي ڇڻي وينديون آهن ۽ ٽارين جا ڍنگهر وڃي بچندا آهن. ان وقت ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي جو ڄڻ ته سُڪو بيٺو آهي، مگر سياري لٿي بهار جي شروعات ۾ جڏهين واهوندا ورندا آهن، تڏهين منجهس گونچ اڀرڻ شروع ٿيندا آهن، ۽ وري لاسئون ڪڍي بلڪل سائو ۽ گهاٽو ٿي ويندو آهي. ان ۾ ٻور لڳندو آهي جو ڦُلِڙين جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڦُلِي چون. ڪَنڊا ڪرڙ ڪانڊير، ڦوڳن ڦُلِي. ٿري ماڻهو ان کي ”ڦوگيسي“ چون. اها کَٽِ مٺي ٿيندي آهي، جنهنڪري ننڍا ٻار خوشيءَ سان کائيندا آهن، مارو ماڻهو ڀاڄي به ڪندا آهن. ٿر جا ويشنو ماڻهو جهڻ (لَسِي) ۾ ڦوگيسي، جيرو ۽ رائي وجهندا آهن ته کٽي ۽ ذائقيدار ٿيو پوي، ان کي ”رائتو“ چون، جو چانورن ۽ مانيءَ سان چاهه سان کائيندا آهن. لسيءَ ۾ ٻاجهري جو ٿورو اٽو ۽ ڦوگيسي ملائي ڀاڄي تيار ڪبي آهي، جنهن کي ”راٻڙيو“ يا ”کاٽيو“ چون، جيڪو ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي. ٿر جي ماروُ ماڻهن جي دلپسند ڀاڄي اها آهي. ماڻهو ڦوگيسي سُڪائي رکندا آهن جا پوءِ به راٻڙئي رڌڻ ۾ ڪم آڻين. هي گويا انب چور ۽ گدامڙي جو ڪم ڏئي ٿي. اُٺ ۽ ٻڪريون ڦوڳ جام کائينديون آهن. انهن ۾ ڪو خاص ڦل مال جي کائڻ کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿئي. پڇڻ بعد ڦلڙيون ڦٽيون پون ۽ اندران سنها تاندورا نڪريو اچن، جي داڻن جي چوڌاري پکڙيو بيهن، جن کي ”ڪُتا“ چون. پوءِ پن ۽ ڪُتا ڇڻندا وڃن، تان جو ڦوڳن جي ڀرسان انهن جا ڍڳ ٿيو وڃن، ڏڪار وقت ڍڳيون، گابا، رڍون، ٻڪريون وغيره اهو سُڪل ٻُهر به کايو وڃن. ڦوڳ جي ڪاٺي ٿلهي ڪانه ٿئي، ڏنگي ڦڏي ۽ ورن وڪڙن واري هئڻ ڪري عمارتي ڏانو جي ڪانهي، پر ڪچين لانڍين، ڇَنن ۽ لوڙهن لاءِ ڪم اچي. ڦوڳ جا آلا ڍنگهر وڍي، سَٿِي لڳائي، مٿان ڪنهن ٿلهي ڪاٺ جو بار وجهي ڏَپَ ڏيو ڇڏين. هفتي کن بعد اهي ڍنگهر ڪڍي گهرن جي چوڌاري چَري (کاهي) کڻي، ان ۾ گهاٽا اُڀا کوڙي لوڙهو تيار ڪبو آهي. ڪي وري چونرن ۽ ڇَنن ۾ کُنٽا (ڪايا) ڪري ڪم آڻين. ٿر ۾ ڦوڳ جام آهن، مٿن ڪنڊا وغيره ڪونه ٿين. اُن جي ڪاٺي ٽاڪُنئي ۽ ٻَڙڪِڻي آهي، جنهنڪري هروڀرو ڪهاڙيءَ جو به کَپ گهٽ ٿيندو آهي. هٿ سان ورائبي ته ڀڄي پوندي. ڦوڳ جي آلي ڪاٺي به سُڪل ڪاٺين سان گڏ ٻريو پوي، تڏهين ته چوندا آهن ته ”سُڪلن گڏ آلا به ٻريو وڃن.“ ڳوٺن جي ڀرسان ڦوڳ جام سُڪا پيا هوندا آهن، يا آلن ۾ به ڪيترا ڏار سُڪا پيا هوند آهن، جي ننڍا ٻار ۽ ڪي ڪي زالون وڃي ڀريون ڪري کڻي اينديون آهن ۽ چُلهه جي ڪم آڻين. مزدور ماڻهو روزانو ڦوڳ جي ڪاٺي ڏاڍي ڪم ٿي اچي. ٿر ۾ لوهار جتي به هوندا آهن ته ڦوڳ جون آليون ڪاٺيون آڻي ساڙي ان مان اڱر (ڪوئلو) ٺاهي، ڌَنوڻ جي باهه لاءِ ڪم آڻيندا آهن. *ڪِرڙَ: هي وڻ ڀٽن تي ڪو ورلي ٿئي. هيٺاهن هنڌن تي نرم زمين ۽ خاص ڪري ڏهرن ۽ تراين جي سخت زمين ۾ ٿئي. مهراڻي، سامروٽي ۽ ڇاڇري شهر کان اولهه طرف گهڻو اُڀري. کائڙ ۽ ڪنٺي ۾ ڪونه ٿئي. سخت زمين تي يڪي تڙ سان به ٿئي ۽ نرم زمين تي هڪ ئي هنڌ گهڻين شاخن جي گڏ اُڀرڻ سان گهاٽا ويڙها ٺاهي بيهي،. هن جي ٽارين مان گهڻيون ٽاريون ڦُٽن ۽ اهڙيءَ طرح وڌندو ويندو. ڪچن گونچن ۾ پڻ تمام ننڍڙا ٿين، جي ڄڻ ڪنهن حساب ۾ ڪونه آهن، اهي به جلد ئي ڇڻيو وڃن. باقي ننڍا ننڍا ڪنڊا جام ٿين. اُن کي گهڻي پاڻي جي ضرورت آهي، تنهنڪري تراين جي ڀرسان ٿلهي ٿُڙ سان وڏا ۽ ڊگها وڻ ٿيندا آهن، باقي زمين جتي پاڻي گهٽ آهي، اتي رواجي طرح ٿين. اونهاري جو اُن ۾ پهريائين پُسي ٿئي، جنهن کي ”ٻاٽو“ به چون، مارو ماڻهو اُن جي ڀاڄي ڪن. پوءِ اُن مان ڪچا ساوا ڦل ٿين جن کي ”ڪيريا“ چون، جي چونڊي ڀاڄي ۽ آچار ڪري ڪم آڻين. پچڻ بعد ڳاڙها ٿيو پون، انهن کي ”پڪا“ چون، جي چونڊي ماڻهو لائيندا آهن، پکي خاص ڪري هُڙيا ۽ ليليون پڪا جام کائيندا آهن، ۽ ڪيترا ته ٺونگا هڻي ڦٽايو ڪيرايو ڇڏين. غريب ماڻهو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽ ڏونرا چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط ۽ کاري ٿيندي آهي، جنهن ڪري اُڏوهي ۽ سُرو نه لڳندو آهي، جنهنڪري گهڻي ڪم اچي ٿي، جاين لاءِ پٽيون ڪرڙ کان پوءِ دنگ آهن، اهڙيون مضبوط ٻيءَ ڪنهن به ڪاٺيءَ مان ڪونه ٿين. چونرن، لانڍين ۽ ڇَنن لاءِ کونٽا بلڪل سٺا ٿين. ٿاڌل لاءِ گهوٽا، ننڍن مَنجن جا اُپرا، دروازن ۽ درين جون ٻانهون، درن جا گاٽا، آڏيا ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهن. *ٻيرِڙِي: جهنگلي ٻيريون سڄي ٿر ۾ عام آهن. اِهي ڀٽن تي ڪونه ٿين ۽ نرم زمين ۾ به گهٽ ٿينديون آهن، پر ڏهرن جي سخت زخمين ۾ جام ٿينديون آهن. ڪي ڪي يڪي تڙ سان ٿين، پر انهن جون به پاسن کان ٽاريون نڪري زمين سان لڳي بيهنديون آهن نه ته ٻه چار يا وڌيڪ شاخون ٿي زمين مان نڪرن، جي وڌنديون وينديون آهن. ڪي شاخون ننڍيون رهجيو وڃن ۽ ڪي وڌي وڏيون ٿين، پر سڀيئي گڏجي جڳهٽو ٿي بيهن. هرهڪ پن جي ڀرسان ٻه ڪنڊا، هڪ سنهو ۽ تکي نوڪ سان سڌو ۽ ٻيو ننڍو ۽ وريل ٿيندو آهي. اُن جا پن ڪُٽي ڳَرُ (ڦَٽَ ڦوڪڻو) جي مٿان ڏبا ته فائدو ٿيندو. هي وڻ اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. نومبر ڌاري ٻيرڙين ۾ ٻُور لڳندو آهي، جي اڇي رنگ جا ڦُليا هوندا آهن، جن مان پهريائين سائي رنگ جا ٻير ٿيندا آهن، جنهن کي ”ڪَڪِڙيُون“ يا ”آنٻوهِيل“ چون، انهن جو ذائقو کٽيرو ٿيندو آهي. ان بعد پچندا آهن تڏهين رنگ ڳاڙهو ٿي پوندو آهي ۽ ذائقو مٺو ٿي پوندو آهي، انهن کي ”اُگِريل“ ٻير چون. اُهي سنڌي ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن. زالون ۽ ٻار ٽولا ٺاهي جهنگ ۾ وڃي ٻير چونڊي ايندا آهن. ٿورا ٻير هوندا ته هٿن سان چونڊبا آهن. گهڻا هوندا ته لٺ سان ٻيرڙيءَ کي سَٽي ڇاڻي پوءِ هيٺ ويهي چونڊي وٺبا آهن. ائين ڪرڻ سان ڪچا ۽ آنٻوهيل ٻير ۽ پن به ڇڻي پوندا آهن. پر ماڻهو هڪ هڪ ڪري چونڊڻ جي هلاکيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪندا آهن. بعضي ڪي لٺ سان سٽڻ جي بدران ٿُڙ کي ڌوناڙيندا آهن، ته ڪچا ۽ آنٻوهيل ٻير ڪونه ڪِرندا، پر اُگريل يعني پڪل ٻير ڇڻي پوند آهن. اهو طريقو چڱو آهي. ڪي ماڻهو ٻيرڙين جي هيٺان ڪڇڙي جي جهال جهلي پوءِ ڌوپنڌاڙين يا لٺ سان سٽين ته جهال ڀرجيو پوي، پوءِ ان مان ڪچا ٻير ۽ ڪچرو ڪڍي باقي گڏ ڪن. انهيءَ نموني سان هلاکي گهٽ ٿيندي آهي. غريب ماڻهو ٻير چونڊي پاڻ به لائين، ۽ شهرن ۾ ٻين-چئين آني سير يا پاٽيءَ جي حساب سان وڪڻندا آهن، جنهن مان سندس ڪجهه گذر ٿيو پوي. سُڪي وڃڻ بعد مال کي کارائين، ٻڪرين جو ته خاص کاڌو آهي. ٻيرڙيءَ جي ڪاٺي مضبوط ۽ ڪم جو ڏانو جي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هن جا ٿلها بُنڊ ڪونه ٿين، پر تڏهن به ڪاٺي ڪجهه ٿلهيري ٿيندي آهي، جا پاکڙن، هَنَنَ ۽ جَنڊَن لاءِ بلڪل ڪارائتي آهي. کٽن جون ايسون ۽ اُپرا ٿين، جاين جا ڪايا ڪن ۽ ٻين به ڪيترين گهرو شين ٺاهڻ لاءِ ڪم اچي. ٻنين ۾ بيٺل ننڍين ٻيرين کي وڍي ٽي ڏينهن کن سُڪائي ڇاڻين ته پن ڇڻيو پون، باقي ڍنگهر بچن. پنن کي ”پَلو“ چون، جنهن سان ڪَرهيون ڀري رکندا آهن. پلو گرم آهي تنهنڪري سياري ۾ اُٺن ۽ ٻڪرين کي کارائين. ڪي گوارٽي سان گڏجي به کارائين. پَلو جالنگ ٻورن جي حساب سان ماڻهو وڪڻندا به آهن. ڍنگرن مان گهرن جا لوڙها ٺاهين، جي بلڪل مضبوط ٿيندا آهن. لوڙهي مان چور چڪار جي لنگهڻ جو ڪوبه انديشو نه رهندو آهي. رات جو سمهڻ وقت دروازي تي ڪونڀٽ جو ڏار وڍي ڏيئي ڇڏين، جو صبح جو اُٿڻ وقت لاهين، هن کي ’کڙاهه“ چون. * ٿُوهَر: ٿوهر جي وڻ ڀٽن ۽ لاهن تي، ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪُنئري زمين تي جام ٿئي. ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اُڀري، تنهنڪري مهراڻي، ڇاڇري شهر کان اولهه طرف سڄي تعلقي ۾، مٺي تعلقي جي به اتر-اولهه ۾ جام ٿئي. اسلام ڪوٽ کان ڏکڻ-اوڀر ۽ ڇاڇري تعلقي جي اوڀر پاسي سڄي ڪنٺي واري ڀاڱي ۾، جتي وڏا ڏهر ۽ زمين ڪجهه سخت آهي، اتي نالي ماتر به ڪونه ٿئي. کائڙ ۾ به ڪونه ٿئي، البت ننگرپارڪر جي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جو ٿڙ هڪ هوندو آهي، مگر زمين سان لاڳو ان مان ٽاريون اهڙيءَ طرح نڪرنديون آهن، جو چوڌاري زمين جي سنوت ۾ پکڙيون پيون هونديون آهن، ۽ هڪ يڪو گهاٽو مُڇو پيو لڳندو آهي، ٽاريون روُل جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿينديون آهن جن کي ”ڏانڊا“ چئبو آهي. ٽاريون روُل جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿينديون آهن جن کي ”ڏانڊا“ چئبو آهي، جن ۾ اندر نرم ڳڀ ۾ اڇو کير ٿيندو آهي جو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ٽارين تي ننڍا، پر تکين چُهنبن سان ڪنڊا ٿيندا آهن. ٽارين جي ڇيڙن تي ننڍا ڳاڙها گل ٿيندا آهن، جي ٻڪريون چاهه سان کائينديون آهن. هن ۾ پن تمام ننڍا مائيدار ٿين. ٿوهر جو ڏانڊو ڪپي برساتي موسم ۾ زمين ۾ هڻي ڇڏبو ته اُڀري وڻ ٿي ايندو. ڏڪار ۾ جڏهين برسات نه پوندي آهي، تڏهين ٻيا وڻ سُڪي ويندا آهن، يا ڪومائجي ويندا آهن، گاهه ته اصل ڪونه ٿئي، ان وقت به ٿوهر سائو ۽ سرسبز ٿيو بيٺو هوندو آهي. ٻڪريون ۽ ڇيلڙا پن ۽ گل کائي ڍؤ ڪندا آهن. هن ۾ رڳا ڏنڊا ڏنڊا ٿين، سي به اندر ڦيڦا، جي ڪنهن به ڪم ڪونه اچن. گهڻن سالن بعد نيٺ وڻ سُڪي اتي ئي ڍير ٿيو پيو هوندو آهي، جو نيٺ ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويندو آهي ۽ وري نوان وڻ اُڀرندا آهن. ڪي ٿوهر ننڍا ۽ ڪي وڏا ٿيندا آهن، جن جي چوڌاري گهيرو ڪافي ٿيندو آهي. هي وڻ گرم آهي. سيري جو ڊاڀي ڪرڻ وقت مسافر ڪنهن مٿاهين هنڌ تي، ڀٽ جي تِڙڪول واري پاسي ٿوهر جو وڻ ڳولي، ان جي ڀرسان زمين ٻُهاري پاٿاري ٺاهي سمهي پوندا آهن ته سيءُ گهٽ پوندو آهي. ٿوري اوڇڻ هوندي به رات گذاري ويندا آهن. هن جا ڏنڊا ڦيڦا ٿيندا آهن، تنهنڪري سُڪڻ بعد جلد وڏو مَچ ڪري سڙندا آهن. بعضي سياري جو مسافر سيءُ لاهڻ لاءِ سُڪل ٿوهر نهاري تِيلي ڏيندا آهن ته هڪدم ڀنڀٽ ٿيو پوي ۽ چوڌاري ڪافي مفاصلي ۾ سيءَ جو نالو به ڪونه رهي، سيءُ لاهي وري روانا ٿين. *موراڙِي: هي وڻ مٿاهين نرم زمين تي ٿيندو آهي. ڏسڻ ۾ مينديءَ جي ٻُوٽي جهڙو لڳندو آهي. هن جو ٿڙ هڪ نه هوندو آهي. زمين مان گهڻيون شاخون ٿي نڪرندو آهي. ٽارين ۾ ڪنڊا ٿيندا آهن، پر اهڙا سخت نه آهن. اُن جا پَن ننڍا ٿيندا آهن. اونهاري جو سُڪو ڍنگهر ٿيو بيٺو هوندو آهي. مگر وسڪاري جو پَن ڪڍي سائو ٿي پوندو آهي. ان وقت منجهس ٻُور لڳندو آهي جنهن مان ننڍڙا اڇا گل ڦُٽي پوندا آهن جن مان ڳاڙها ننڍا پيرون ٿيندا آهن، جي پکي خاص ڪري بلڪل کائيندا آهن. ان وقت اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون به کائين. اُن جون ڪاٺيون سنهيون ٿين جي ڪنهن به ڪم ڪونه اچن. ماڻهن ۾ اهو ڀرم آهي ته جي موراڙيءَ جي ڪاٺي رڌ پچاءُ لاءِ چُلهه ۾ ٻاربي ته نڀاڳ جي نشاني آهي، تنهنڪري ٻارڻ جي ڪم ڪونه آڻين. آليون موراڙيون ڪچي، ڍنگهرن جو سَٿو ڪري، مٿان ٿلهو ڪاٺ يا ڪو بار ڏيو ڇڏين جنهن کي ”ڏُپوئِڻَ“ چون. چئن-پنجن ڏينهن بعد اهي ڍنگهر آڻي گهرن جي چوڌاري گهاٽا کوڙي لوڙهو ٺاهين ۽ ننڍن گابن لاءِ واڙوٽيا ٺاهين. * ٻائورِي: هي وڻ ٻٻر جي جنس مان آهي. اُن جا پن به ٻٻر جهڙا ٿين ۽ ٽارين تي ڊگها نوڪدار ۽ تکا ڪنڊا، جن کي سورُون چون، سي به هوبهو ٻٻر جي ڪنڊن جهڙا ٿين. هي وڻ مٿاهين نرم زمين ۾ اُڀري، ڏُهرن واري ڏاڍي زمين ۾ اصل ڪونه ٿئي. هن جو ٿڙ هڪ نه ٿيندو آهي، پر ساڳئي هنڌ گهڻيون شاخون ٿي زمين مان نڪرن، جي پندرهن فوٽن تائين ڊگهيون ٿينديون آهن ۽ سنهيون سنهيون ٽاريون ڪڍي هڪ مزيدار جهڳٽو ٺاهي بيهن. اُن جي ڪاٺي ٻٻر جهڙي ڳاڙهسري ڪاري ٿئي. اُن جو ٻُور به ٻٻر جي پيلين ڦُلڙين وانگر ٿيندو آهي. اُن جا پن هرڻ، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن، ڪاٺ ٿلهو ڪونه ٿئي پر سنهيون ڊگهيون ٿڙيون ٿين، جي سُڪڻ بعد ڇَنن ۽ چَونرن ۾ ڪايا ڪري ڪم آڻين. اُن جي سُڪل ڊگهي تڙيءَ جي هڪ ڇيڙي ۾ لوهه جي وريل ڏاٽي قابو ڪري، ڊگهن ڪَنَڊن جي ٽارين جي ڇيڙن ۾ جي سکريون ٿينديون آهن (جن تائين ڪنڊي تي چڙهيل ماڻهو به پهچي نه سگهي)، سي لاهبيون آهن. ڌنار ماڻهو ڪونڀتن جا چپڙا به اُن ڏاٽيءَ سان لاهيندا آهن. ڏڪار وقت سڀ ڪنهن مالدار وٽ پنهنجي ڏاٽِي تيار ٿيل هوندي آهي. ڪي وري اها تَڙِي هيٺان پاڙ وٽان ٻيڙهانگي ڪپيندا آهن، پوءِ هڪ پيڙو ننڍو ڪري آنڪوڙو ٺاهيندا آهن، يا لسي تڙي هوندي ته هٿراڌو ڪاٺي ٽڪر تيار ڪري، هڪ ڇيڙي ۾ قابو ڪري آنڪوڙو ٺاهيندا آهن. پوءِ اُن سان ڪنڊن مان سڱريون ۽ ڪونڀٽن مان چپڙا لاهيندا آهن. ٻائوريءَ جون پاڙون ڪڍي ان مان ولوڙڻ لاءِ جهيڙڻا ٺاهيندا آهن. ڪولهي ماڻهن جو اهو خاص ڌنڌو هوندو آهي، جي جهيرڻا تيار ڪري ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڪڻند آهن. سنڌي ماڻهو شوق ڪري ٿر جا جهيرڻا گهرائيندا آهن، تنهنڪري سوکڙي طور يا وڪري لاءِ سنڌ ڏي کڻي ويندا آهن. جڏهين واهوندا ورندا آهن، تڏهين ٻائورين ۾ کنؤر ٿيندو آهي، جو ڪونڀٽ جي کنؤر کان وڌيڪ قيمتي آهي. ڪيترا ماڻهو ۽ خاص ڪري ٻار اهو چونڊي شهرن ۾ وڪڻندا آهن. * گانگهيٽِي: هي ٿر جي ڀٽن جي چوٽين، سلامي وارن لاهن، ننڍن دڙن ۽ مٿاهن هنڌن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ٿئي پر پارڪر ۾ ڪارونجهر ٽڪريءَ تي جام ٿئي. ڏهرن جي سنئين زمين ۾ اصل ڪونه اُڀري. سنڌي اُن کي ڳاڱيون چون. ڊيگهه ڏهاڪو کن فوٽ ٿئي. هن جو ٿڙ يڪو نه هوندو آهي مگر زمين مان شاخون ٿي نڪرندو آهي، جي گڏجي جهڳٽو ٿي بيهنديون آهن. اونهاري جو منجهس پن ورلي هوندا آهن. برسات پوڻ تي سرسبز سائو ٿي پوندو آهي. پهريائين منجهس اڇا ننڍا گل ٿيندا آهن جن ۾ پوءِ ڦَل ٿئي جو سائي رنگ جو هوندو آهي، ان کي ”گانگهيٽا“ چون، ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳاڱا“ چون. هي ننڍا چيڻوٺي جيڏا ٿين، پچڻ بعد اهي ڳاڙهي رنگ جا ٿين. منجهن ڪو خاص سواد ڪونه آهي، لعابدار ۽ ڦڪا ٿين، پر تنهن هوندي به ٿري ٻار گانگهيٽا چونڊي وڏي شوق سان کائيندا آهن. هن جون ڪاٺيون ٿلهيون ڪونه ٿين، پر ڪامون ٿينديون آهن، جي سخت هونديون آهن، جن ۾ سنهيون سنهيون ٽاريون ۽ پن ٿين. سنئيون ڪامون سُڪائي، ڇوڏا لاهي، ڪپهه سَٽڻ جي ڪم آڻبيون آهن. ڍنگهر وڍي ڏُپَ ڏيئي سُڪائي گهرن جي لوڙهن لاءِ ڪم آڻبا آهن. هي جڏهين سائو هوندو آهي، تڏهين اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن. *گُگِراڻ: هي ڀِٽن جي مٿان ۽ پاسن وارن لاهن جي اڌ کڙن، ڏورڙن ۽ مٿاهن هنڌن جي وارياسي زمين ۾ ٿئي. ڏهرن جي سنئين ۽ سخت زمين ۾ اصل ڪونه ٿئي. هونءَ ته سڄي ٿر ۾ عام آهي، پر خاص ڪري ڏيپلي تعلقي، ڪنٺي ۽ ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ جام اُڀري، اُن جي ڊيگهه اٺ فوٽ کن ٿئي. اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڏنگيون ڦڏيون هونديون آهن. ٽارين ۾ اڇي رنگ جا ڪَنڊا ٿيندا آهن، جي اهڙا خطرناڪ ڪونه ٿين. ٿڙ ۽ ٽاريون لسيون ۽ رَس سان ڀريل ٿين. چوڌاري ڇوڏي جي بدران بصر جي پردن جهڙا اڇا تَهه ٿيندا آهن. اهي لاهبا ته هيٺيان ساوا تهه ڏسڻ ۾ ايندا. برساتي موسم ۾ اُن جي ٽاري وڍي ڪنهن به هنڌ آلي زمين ۾ کوڙبي ته اُڀري پوندي آهي. وسڪاري ۾ هي سائو ٿيندو آهي. منجهس پن ۽ ننڍا گل ٿيندا، جن مان ٻج ٿئي جي ننڍا چپڙا گول ٿين، انهن کي تري ”گُگِريا“ چون. اهي گهوٽي اَٽي سان گڏي لُپري ٺاهي ڦَٽن تي ڏيندا آهن. هن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. واهوندا ورندا ته اُن جي ٿڙ ۽ ٽارين مان رس نڪرندي آهي، جا ٻاهر گڏ ٿي ڳنڍا ڳنڍا ٿي پوندي آهي، ان کي ”گُگرَ“ چون. ننڍا ٻار، ڌنار، ٻڪرار، ڀيل ۽ ڪولهي ماڻهو اهو گگر چونڊي گڏ ڪري وڪڻندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو ٿيندو آهي. ڪي مڻهو گگراڻ جي ٿڙ ۽ ٽارين کي ڪهاڙيءَ سان ڌڪ هڻي وَڍ وَڍ ڪري ڇڏيندا آهن ته اتان رس نڪري ايندي آهي جا ڳنڍا ٿي پوندي آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ وڃي اهي ڳنڍا لاهي آڻيندا آهن. اهڙيءَ طرح سال بسال سوين مڻ گگر ٻاهر موڪليو ويندو آهي. گُگراڻ جي ڪاٺي ڏنگي ڦڏي، نرم ۽ ڦيڦي ٿئي. وڻ به ننڍي هئڻ ڪري خاص ڪنهن ڪم ڪونه اچي، تنهنڪري بعضي سڪل ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن. هن جي ٿلهيري ڪاٺيءَ مان اَن ماڇڻ جون چوٿايون ٺهن. ماڻهو اڪثر ولوڙڻ لاءِ هن جي آلي ڪاٺي کوڙيندا آهن، جنهن کي ”نيهڙي“ چون. ٿر جي زالن ۾ اهو ويساهه آهي ته گگراڻ جي نيهڙي هوندي ته مکڻ گهڻو لهندو. گگر دوا طور به ڪم ايندو آهي. پاسيرين يا ڇاتيءَ ۾ سُر هجي ته ڪوري اڇي ڪاغذ جون چورس چُٽِڪيون ڪتري گگر ڳاري انهن تي ليپ ڪري سور واري هنڌ چنبڙائي ڇڏين ته ترت فائدو ٿيو پوي. * اَرڻي: هي ٿر جي ڀٽن ۾ ان جي لاهن تي ٿئي. ڏهرن ۽ هيٺاهينءَ زمين ۾ ڪونه اُڀري. پارڪر ۾ گهڻي ٿيندي آهي. هن جو ٿڙيڪو يا ٿلهو ڪونه ٿئي. پر زمين مان شاخون نڪرن جي گڏجي جهڳٽي وانگر ٿي بيهن. ڪامون سنئيون ٿين، جي اندران پوريون هونديون آهن. فقط اڇي ڳردار شئي اندر هوندي آهي جا لوهه جي سنهي شيخ سان گهوڪو ڏيئي ڪڍي ڇڏبي آهي. ۽ ان مان حقي جون نئيون ۽ مير ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ مينگهواڙ سوٽي ۽ اوني ڪپڙا تيار ڪندا آهن، انهن کي وڻڪر چئبو آهي. وَڻڪر، ارڻيءَ جيڪامن مان چار- چار انچ کن ننڍا ٽُڪر ڪپيندا آهن، جن کي ”نَريُون“ چون. اُهي ائٽ جي ٽَڪَ ۾ اٽڪائي مٿان ڌاڳو ويڙهي پوءِ اُن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. باب چوٿون ٻوٽا ٿر ۾ گهڻن ئي نمونن جا ٻوٽا ٿين ٿا، جي اُٺ ٻڪريون، ڇيلڙا ۽ رڍون وغيره کائيندا آهن. ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه وغيره انهن مان ڪي ڪي ٻوٽا کائين، نه ته اهي فقط گاهه کائين، پر ڏڪار وقت جڏهن گاهه جي اڻاٺ هوندي آهي، تڏهن بک مرندي ڪي ٻوٽا چاري جو ڪم ڏين. ٻوٽا چئن نمونن جا آهن. (1) وڏا ٻوٽا، (2) ننڍا ٻوٽا، (3) ڀاڄي وارا جهنگلي ٻوٽا، (4) گهرو ٻوٽا. انهن مان هر هڪ جو جدا جدا مختصر بيان ڏجي ٿو: وڏا ٻوٽا انهن ٻوٽن جا ٿُٻَ سدائين بيٺا هوندا آهن. سياري اونهاري به پاڙون ۽ هيٺيان ڀاڱا ساوا هوندا آهن، پر مٿان سُڪي ويندا آهن، جنهنڪري ڏسڻ ۾ ائين ايندا آهن ته ڄڻ صفا سُڪي ويا آهن. پر جڏهن برسات پوندي آهي تڏهن يڪدم ساوا ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترائي نوان به اُڀرندا آهن جو مال کائي ڍؤ ڪندو آهي. انهن مان ڪي هي آهن. *جِهل: هي ڀٽن تي يا نرم زمين ۾ ڪونه اُڀري، پر ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀري. ڊيگهه ۾ ٻه فوٽ کن ٿيندو آهي، جو پاڻ ۾ ڳتيل گهاٽو ٿيندو آهي. هن مان ڏندڻ سٺا ٿيندا آهن. جي ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. اونهاري جو پن ڪونه هجن ۽ ڍنگهر جهڙو پيو لڳندو آهي. برساتي موسم ۾ سائو ٿيندو آهي، ان وقت اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. * ٻُوهه: هي ٻوٽو ٿر ۾ عام آهي ۽ اهڙو گهاٽو اڀرندو آهي جو ڄڻ ته هن جي پوک ڪيل هجي! يڪي ٿڙ سان به اُڀري ۽ ڏانڊين سان جهڳٽو ڪري به بيهندو آهي ۽ پکڙيو به آهي. علحده به اُڀري. هن ۾ اڇا گول ڦل ٿيندا آهن، جن کي ”ڊوُنَڍڻ“ چوندا آهن. ڪاٺيون سنهيون ٿين جي ٻارڻ جي به ڪم اچن. وسڪاري جو جڏهن ٻُوهه گهاٽا ٿيندا آهن تڏهن ماڻهو انهن کي وڍي مال لاءِ دونهيون ڪندا آهن. جڏهن ڪچا هوندا آهن تڏهن ٻڪريون ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. سڪڻ بعد ڪونه کائين، پر ڏڪار وقت جڏهين ٻيو ڪو گاهه ڪونه ٿئي تڏهين بک مرندي گهوڙا ڍڪيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن. هي گرم ٻوٽو آهي، تنهنڪري ماڻهو وڍي سياري جو ٻڪرين جي واڙن جي لوڙهن کي آڏو ڏيندا آهن، جيئن سيءَ جو بچاءُ ٿئي. * کِپ: هي ٻوٽو نرم زمين ۾ ٿيندو آهي، ڏهرن جي سخت زمين ۾ بنهه ڪونه اُڀري. هن جو تڙيڪو ڪونه ٿئي. پر هڪ هنڌان سنهين شاخن جو مُچو نڪرندو آهي، جي ڪجهه ٿلهيون ٿينديون وينديون آهن ۽ پاڻ مان سنهيون شاخون ڪڍنديون آهن، جي ٽي-چار فوٽ يا وڌيڪ ڊگهيون ٿينديون آهن. انهن ۾ ٽي – چار انچ ڊگهيون ڦريون ٿينديون آهن. اُٺ ۽ ٻڪريون هن ٻُوٽي کي چاهه سان کائينديون آهن. کپ گهڻو ڪري ڪنهن ٻئي وڻ يعني ٻُوهه، کٻڙ، ڦوڳ، ٻير يا مُرٽ سان گڏ اُڀرندو آهي، بعضي علحيده به اُڀري. گهڻا کپ وڍي، سَٿو ڪري، بار جو ڏَپَ ڏيئي، سڪڻ بعد چونرن، ڪُڙهن ۽ ڇَنن جي مٿان ڇاڄو ڏيندا آهن. چونئرن لاءِ ڪپ جو ڇاپو بلڪل سٺو آهي، ڇو جو برسات جي ڪري پاڻي مٿان وهي ويندو ۽ چونرو چوئندو ڪونه يعني پاڻي اندر ٽِمي ڪونه ايندو. آلو ڪپ وڍي ان جون نوڙيون وٽيندا آهن جن ڪکاين جاين ۾ ڪايا، کونٽا، ۽ مَلَ ٻڌڻ ۽ ڇتين تي گاهه وجهڻ بعد مٿان وراڪا ڏيڻ لاءِ ڪم اينديون آهن، انڪري گاهه قابو پيو هوندو آهي نه ته جيڪر هوا جي ڪري اُڏامي وڃي. آلو کپ نه ملي ته سُڪل کي پُسائي ان جون به نوڙيون وٽيندا آهن. نوڙيون آليون توڙي سڪل ڪم آڻبيون آهن. سُڪل نوڙين کي پُسائي، واريءَ ۾ ٿورو پوري، مٿان پاڻيءَ سان آلو ڪري ڇڏبو ته اڌ ڪلاڪ بعد نرم ٿي پونديون، پوءِ ڪم آڻبيون آهن. ٿر جا ماڻهو وسڪاري جو يا جڏهين وجهه لڳين تڏهين نوڙيون وٽيندا گڏ ڪندا ويندا آهن. جي ضرورت وقت ڪم آڻين. غريب ماڻهو کِپ جون سنهيون نوڙيون وٽي ان سان کٽولا واڻيندا آهن، جي ڪافي وقت جٽاءُ ڪنديون آهن. ان ڪري پئسي جي خرچ جو به بچاءُ آهي. کپ جو هڪ ٻيو قسم ٿيندو آهي، جنهن جون تندون ٿلهيون ٿينديون آهن ۽ انهن ۾ کير ٿيندو آهي، جنهنڪري اُن کي ”کِيرَ کِپَ“ چوندا آهن. هي وقتي ڪن بيمارين ۾ به ڪم ايندو آهي ۽ اهو بلڪل ٿورو، ڪٿي ڪٿي ٿيندو آهي، عام نه آهي. *سِڻَ: هي ٻوٽو ڀٽن تي ڪونه ٿئي، پر هيٺاهينءَ زمين ۽ ڏهرن جي ڏاڍي زمين ۾ جام ٿئي، سڄي ٿر ۾ عام آهي. هن کي يڪو تڙ هوندو آهي پر سڄو زمين سان لاڳو ۽ اندر ٿيندو آهي. ٻاهر سنهيون سنهيون شاخون ٿي گول دائري ۾ جهڳٽي وانگر ٿي بيهندو آهي. ڇڪڻ سان بعضي پاڙ سميت پَٽجي ايندو آهي. جيستائين ڪچو هوندو آهي تيستائين اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائين، ٻڪري کير وڌائي ٻيڻو ڪندي آهي. هن ۾ ننڍا اڇا ۽ پيلا گُلڙا ٿيندا آهن، ٻيو ڪو خاص ڪمائتو ڦل ڪونه ٿئي. سڻ وڍي ڪجهه ويرا ڪري هڪٻئي مٿان سَٿي ڍنگهرن ۽ ڪاٺين جو ڏَپَ ڏيئي ڇڏبو آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ سڪڻ بعد ماڻهو چونرن، لانڍين ۽ ڇنن جي ڇتين تي ڇاڄو ڏين ۽ پوءِ ان مٿان وري مُرٽون يا کپ ڏيئي نوڙين سان قابو ڪري ڇڏين. ڇاڄي ڏيڻ وارا اهڙا ڪاريگر آهن، جو جاءِ جي اندران سِڻن جو ڪوبه گوڍ يعني تڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو. ساوا سڻ وڍي اُن مان نوڙيون وٽين، جي جاين لاءِ ڇاڄي جي مٿان ٻڌڻ جي ڪم اچن. سُڪل سڻ پسائي اُن مان به نوڙيون وٽين. وسڪاري جو يا جڏهين وجهه لڳي، تڏهين نوڙيون وٽي گول ويڙهي سُٿي ٺاهي گڏ ڪندا ويندا آهن. ضرورت وقت پاڻيءَ ۾ پسائين ته گهمجيو نرم ٿيو پون، جي پوءِ ڪم آڻين. نوڙين مان ڇِڪا ٺاهي گهرن جي ڇتين ۾ ٽنگي ڇڏين، جن ۾ کير، مکڻ، اتو، مانيون يا ٻيون شيون رکن ته ماڪوڙين، ٻلين ۽ جيتن کانبچيل رهن. نوڙين جا گول سُٿيا ٺاهي رکن، جي مَٽن، دلن ۽ ڪُنن جي هيٺ ڪم اچن. انهن تي رکيل ٿانءُ ڦٻي بيهندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن اُلڙهه ڪندو ڪونه. جهنگ ۾ بيٺل سِڻ نيٺ سُڪي ڪار اٿي ويندا آهن، جي ڍڳيون ڪونه کائينديون آهن، پر ڏڪار وقت گاهه جي نه هئڻ ڪري کائينديون آهن. پوءِ جڏهن برسات پوندي آهي ۽ پَلر پاڻي ٿيندو آهي جو ڍڳيون پيئنديون آهن ته بعضي ڪي مريو وڃن، چوندا آهن ته ”هن کي سِڻ لڳا آهن.“ غريب ماڻهو سڪل سِڻ آڻي گهر ۾ رکندا آهن. باهه ٻارڻ وقت زالون ٿورو مُچو ڪري تيليءَ سان يا منجهس ٽانڊو وجهي ڦُوڪ ڏيئي باهه ٻارينديون آهن. * پَٽِ ڪُنوار: هن ٻوٽي کي سنڌيءَ ۾ ايريال ۽ ’ڪنوار ٻوٽي‘ چون. هي ڏيپلي تعلقي ۾ سامروٽيءَ ۾بلڪل گهڻي ۽ عام ٿيندي آهي. ڀٽون، مٿاريون ۽ مَڙها سڀ پٽ ڪنوار سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ميلن جا ميل يڪي فصل وانگر نظر ايندي آهي، ڄڻ ته ڪنهن پوک ڪئي آهي. جڏهن هن جون شاخون ڦٽي ڳاڙها گل ڪڍنديون آهن، تڏهن اهو نظارو ڏسڻ سان اکين کي فرحت ۽ دل کي آرام پيو ايندو آهي. هيءُ بلڪل ڪمائتو ٻوٽو آهي تنهنڪري باقي ٿر ۾ ماڻهو هاسيڪار پنهنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن. اُن جو پن ڏانڊيءَ سميت پٽي زمين ۾ پوري پاڻي ڏبو ته اُڀري پوندو ۽ پوءِ ازخود وڌندو ويندو. اُن جا پن ٿلها، ڊگها ڦرها ٿين جن جي اندر ڳردار رس ٿيندي آهي. سوڄ يا ڦٽ ٿئي يا ڪٿي سور ٿئي ته اُن جو پن چيري هيڊ جو سفوف ٻُرڪي، مٿان ٻڌجي ته فائدو ٿي پوندو. اُن جا پن ۽ رسَ ڪيترين ئي بيمارين ۾ فائديمند ۽ دوائن ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن. پنن جو مُربو به ٺاهبو آهي جو لائڻ ۾ لذيذ ٿيندو آهي. *مُرِٽ: هي ٻوٽو هي ٻوٽو ڀٽن ۽ ننڍن دڙن تي ڪنئريءَ زمين ۾ اُڀري، ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اڀري. اُن جا گهاٽا ٿُٻَ هوندا آهن، جي اونهاري جو اڌ سُڪا بيٺا هوندا آهن، پر برسات پوڻ سان انهن مان تيليون تيليون نڪرنديون اينديون تان جو گهاتو مُچو ٿي پوندو آهي. تيلي بانس جي لٺ وانگر سَنڌن واري هوندي آهي. هر هڪ سَنڌ وٽان پردي سان سنهو ڊگهو پڻ ٿيندو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو تيليءَ کي ويڙهيل ۽ باقي جدا ٿيندو آهي. هي ٻوٽو اڇو، ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سنهو اَن ٿئي، جو غريب ماڻهو ڏڪار وقت کائيندا آهن. هي ٻوٽو جيستائين سائو هوندو آهي تيستائين ڍڳيون ۽ مينهون لائين، اُن ڪونه لائي. جڏهن ٻيو گاهه ختم ٿي وڃي، تڏهين ۽ ڏڪار جي وقت سڪڻ بعد به ڍڳيون ۽ مينهون کائين. مُرٽ بلڪل ڪمائتو ٻوٽو آهي. ٿري ماڻهو اُن کي ڪُهاڙي يا ڏاٽي سان ڪپي ڀاڪرون ڀري هڪ هنڌ سَٿي هڻي مٿان ڳري ڪاٺ ۽ ڍنگهرن جو بار وجهي ڇڏين. هفتي بعد ڪڍي کڻي اچن ۽ لانڍين ۽ چونرن تي پهريائين سِڻن جو تهه ڏيئي، مٿان مُرتن جو ڇاڄو ڏيئي، نورين جا ڏوريا تاڻي قابو ڪري ڇڏين. ڪهڙي به برسات پيئي پوي،. بعضي پڪيون جايون ڊهيو پون، پر هن جي ڇاڄي مان پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به اندر ڪونه اچي. ننڍن ڇنن تي به ڇاڄو ڏين مُرٽن کي سنهو ڪتُري مٽيءَ سان گڏي ڳوهي جاين تي راڳو (لنب) ڏين، انهيءَ ڪري راڳو ڦٽي ڪونه ۽ برسات ۾ به جٽاءُ ڪري. ڪن ڪن مُرتن ۾ پِپُون ۽ ڪونڊير به ٿيندا آهن. ڪيترا غريب ماڻهو مُرٽون وڍي ڀريون ڪري يا اُٺن تي لَڏا ڪري اچي شهرن ۾ وڪڻن، جن مان پنهنجن ٻچن جو گذران ڪن. هي گهٽ خرچ ۽ ڪمائتو ٻوٽو آهي. *گهامُون: هي ٻوٽو ڪِرڙن، ڄارين، ڦوڳن، ڪونڀٽن، مُرٽن، موراڙين، ٻنين جي لوڙهن، ڍنگهرن وغيره جي اوٽ يا وچ ۾ اُڀرندو آهي، ان کي گَنڀَلَ به چون. هي تمام تڪڙو وڌندو آهي. هن جون تيليون ڪانهن وانگر ڳُرين سان ٿينديون آهن، پر ڪنهن کان سنهيون آهن. هرهڪ ڳُريءَ وٽان پن ٿيندو آهي جنهن جو ڪجهه حصو تيليءَ تي ويڙهيل هوندو آهي، باقي جدا ٿيندو آهي، جو ڪجهه ويڪرو ۽ ڊگهو ٿيندو آهي. هن جون تيليون ڊگهيون ستن – اٺن فوٽن تائين ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ ٿيندو آهي، جنهن جون جدا جدا سنهيون ڦاڪون ٿينديون آهن، جن ۾ ننڍيون ننڍيون مکڙيون جهڳٽن وانگر نظر اينديون آهن. گهامُون جڏهين ڪچو هوندو آهي تڏهين رون، ٻڪريون، اُٺ، ڍڳيون، گڏهه ۽ مينهون کائيندا آهن. پچڻ بعد جانور ڪونه کائين. ماڻهو گهاما وڍي سڪائي ڇَنن، چؤنرن ۽ لانڍين تي سڻن جي مٿان، مُرٽن سان گڏي ڇاڄو ڏين. وسڪاري جو ڪَرِيءَ ۾ گهامن جا تهه ڏيئي سنگ وجهيو رکن. *اِڪَڙ: هي ٻوٽو سخت زمين ۾، جتي پاڻيءَ جي مار گهڻي هوندي آهي، اتي اُڀرندو آهي. لس ئي لس وڌندو ويندو آهي، ست-اٺ فوٽ ڊگهو ٿئي. ان جي ڇوڏن ۾ تاندورا ٿين. ماڻهو اهي تاندورا ڪڍي گڏ ڪن، ان کي اڪوارو چون، جنهن مان رَسا، ولوڙن جا نيترا ۽ کٽن جي واڻ ٺاهين. هي مضبوط ٻوٽو آهي ۽ پارڪر ۾ گهڻو ٿئي ٿو. *لاڻا ۽ لاڻيُون: هي ٻوٽو کاري ۽ ڪلراٺي زمين ۾ ٿيندو آهي، پر ٿر ۾ اهڙي زمين بلڪل گهٽ آهي. جيئن ته مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي ۾ جتي لوڻ جا سَن ۽ ڍنڍون آهن، انهن جي آسپاس واري زمين کاري ۽ ڪلراٺي آهي، اتي هي ٻوٽا ٿين ۽ ٻين وري پارڪر ۾ ڪڇ جي رڻ سان لاڳيتي ڪلراٺي زمين ۾ اهي اُڀرن. اُٺن ۽ ٻڪرين جي لاءِ عمدو کاڌو آهي. مٿين هنڌن کان سواءِ ٻئي ٿر ۾ ڪٿي به ڪونه ٿئي. ننڍا ٻوٽا هي ٻوٽا برسات پوڻ وقت اڀرندا آهن. اُنهن جي ڊيگهه فوٽ- ڏيڍ مس هوندي آهي. اُٺ، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا کائيندا آهن. ڍڳيون ۽ مينهون به ڪي ٻوٽا کائينديون آهن. سياري جو سڪيو وڃن. انهن مان ڪن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو. *ڀَنگيري: هي ٻوٽو عجيب قسم جو آهي. هن جي ڏانڊين جي وچ۾ پن ۽ انهن سان گڏ هڪ قسم جو ٻاجهريءَ جي سنگ وانگر ٻه-اڍائي انچ ڦل ٿيندو آهي. اهو ڦل، سيتاڦل جي نموني نظر ايندو آهي. ان ۾ داڻا داڻا ٿيندا آهن. پر هرهڪ داڻو پردن اندر لڪل هوندو آهي ۽ اهي سنگ ۾ چوڌاري ڳتيل هوندا آهن. هرهڪ داڻي جي پردي جي چوٽي سنهي نوڪدار ٿيندي آهي، جا ڪنڊي وانگر هوندي آهي. هي فوٽ کن ڊگهو ٿئي. سائي ڀنگري اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن. سڪڻ بعد مال ڪونه کائي. *جهرڪِلِي کيت: هي ٻوٽو نرم زمين ۾ گهڻو، ۽ سخت زمين ۾ ٿورو اڀرندو آهي. هي زمين تي پکڙندو آهي. ڏانڊيءَ جو رنگ هيڊو ۽ پن سائي رنگ جا سنها، لوڻڪ جي پنن جهڙا، پر البت لاٺيرا ٿيندا آهن. هن ۾ ڦل گول گول سنها داڻا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن کي ”چڙيال“ به چوندا آهن. *گيرول: هي ٻوٽو ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀرندو آهي. زمين تي پکڙيو پيو هوندو آهي. ان جا پن سنها ننڍا ٿيندا آهن. ان جي ڏانڊيءَ کي ڀڃبو ته منجهانئس اَڪَ ۽ ٿوهر وانگر کير نڪرندو، جو اهڙو کارو نه هوندو آهي، جنهنڪري ٿري ماڻهو هن کي ڏُڌيلِي (ڏُڌ وارو ٻوٽو) به چون. رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ جام کائيندا آهن. *اُبَتَ ڪَنڊِڙي: هي ٻوٽو ڏهرن جي سخت زمين ۾ ٿيندو آهي اٽڪل ٻه فوٽ کن ڊگهو ٿئي. رنگ جو گهاٽو سائو ڏسبو آهي. ان جون ٽاريون ڏانڊيءَ مان نڪرنديون آهن. هر هڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾ ٽي انچ کن سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڀُرٽ وانگر ٻج بند ٿيل هوندو آهي. هرهڪ ٻج جي مٿان سنها ڪنڊا ٿيندا آهن، جي سنگ تي اُبتا لڳل هوندا آهن جنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. هن کي رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن. * ويِسُونِي: هي ڀٽن جي نرم زمين ۽ ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀري. ڪٿي ڪٿي ڏهرن ۾ جام اُڀرندي آهي. هي ٻوٽو ڏيڍ ٻوٽو ڏيڍ فوٽ کن ڊگهو ٿئي. ان جا پن سون مَڪئيءَ کان ڪجهه ننڍيرا ٿين. ڏانڊيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان پنن جون قطارون هونديون آهن. منجهس عمدا ڳاڙهي رنگ جا گل ٿيندا آهن. ڪچي هوندي آهي، تڏهن فقط رڍون ٻڪريون کائين. اُٺ ڪو نه کائي، جي کائي ته چون ٿا ته انڌو ٿي پوي. پَڪِي ٿيڻ بعد اُن ۾ سائي رنگ جون چپڙيون، ڪامن وانگر وريل ڦريون ٿين، جن ۾ ٻج هوندو آهي. ان مهل اُٺ ۽ ڍڳيون به کائينديون آهن. * کُرسَڻ: هيءُ ٻوٽو اڌ فوٽ کن ڊگهو، ڀٽن ۽ دڙن جي پاساڙن تي ٿئي. اُن جون ڏانڊيون گهاٽيون ۽ ڳاڙهسري رنگ جون ٿين. هن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. گرميءَ جي بيماريءَ جي حالت ۾ گهوٽي پيارڻ سان فائدو ڪندو آهي. * جوڳِيڙو: هيءُ ٻوٽو ڄارين، ڦوڳن، ڪانڪهه، ٻائورين جي وڻن جي واٽ ۾ اڀرندو آهي. هن جو ٻج ڪو نه ٿئي پر کُنڀين وانگر اُڀري، سيتاڦل وانگر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اُن جو رنگ پيلو ڳاڙهسرو ٿئي ۽ گل پيلا ٿين. هي گهڻو ڪري علحده اُڀرندو آهي يا ڪٿي هڪ کان وڌيڪ به ٿيندا آهن. اُن کي ٻڪريءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به جانور ڪو نه کائي. ماڻهو دوائن طور ڪم آڻيندا آهن. * جُوٺِي: هيءُ ٻوٽو ڀٽن جي لاهن تي اڀرندو آهي. هيٺ ٻُٿ وانگر گهاٽو جهڳٽو پنن ۽ تيلين سان گڏيل ٿيندو آهي. وچ مان ٻه – چار تيليون وڌي فوٽ – ڏيڍ جيڏيون ڊگهيون ٿينديون آهن. جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا ۽ سنها سنگ ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي ڪي ”ڌنار کٿوري“ ۽ ڪي ”مارئيءَ جو پٿر“ ۽ ڪي ”سسئيءَ جو پٿر“ چوندا آهن، پر ٿر ۾ عام طرح ”جوٺي“ نالي سان مشهور آهي. هي خوشبودار ٻوٽو آهي. ماڻهو پٽي کڻي ايندا آهن. ڀاڳياڻيون کير ڪوسي ڪرڻ ۽ ولوڙڻ جا ڪُنا اُن سان صفا ڪنديون آهن. ڪُننن ۾ پاڻي وجهي منجهس جوٺي وجهي باهه تي چاڙهي ڇڏينديون آهن. ڪوسي ٿيڻ تي لاهي اندر جُوٺي سان چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح پاڻي ڪوسو ڪري ڌوکئڻ کي ”اُڪِراسڻ“ چئبو آهي. هي ٻوٽو ٿانون کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو آهي، ڄڻ ته برش جو ڪم ڏيندو آهي. خوشبودار پڻ آهي، جنهنڪري ٿانون ۾ سُرهاڻ به ٿيندي آهي. ڌوئڻ بعد وري رکي ڇڏين ۽ وري وري پيون ڪم آڻين. ٿر جون ٿريليون اڪثر ڌنارن کي چونديون آهن ته اسان کي جوٺيون آڻي ڏج، تو کي مکڻ ڏينديونسين، ڇو ته ڌنار مال جي سانگي روزانو جهنگ ڏي ويندا آهن. * ڪُنٽِي: هيءُ ٻوٽو نرم زمين تي ٿورو ۽ ڏاڍي پوٺي واري زمين تي گهڻو ٿيندو آهي. اُن جا پن ننڍا ٿيندا آهن ۽ تَسروُن ڪري زمين تي پکڙندو ويندو آهي. منجهس پيلي رنگ جا ننڍا وڻندڙ گل ٿيندا آهن، جن ۾ پوءِ ڦل ٿيندو آهي، جو ننڍي گول ٻاٽِلي وانگر هوندو آهي ۽ منجهس مضبوط ۽ تکا ننڍا ڪنڊا ٿيندا آهن. سڪڻ بعد ٻوٽو ڀُري ويندو آهي پر ڪنڊا زمين تي پکڙيا پيا هوندا آهن. ماڻهو اُڀِراڻو (جُتيءَ کانسواءِ) هليو ته پيرن ۾ لڳندا آهن. هي ٻوٽو اُٺ جي خاص خوراڪ آهي. رڍون، ٻڪريون، ڇيلا ۽ گانيون به کائينديون آهن. ماڻهو پٽي ڀريون ڪري شام جو اُٺن جي چاري لاءِ گهر کڻي ايندا آهن ۽ مال کي دُونِهي ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم آڻيندا آهن. * ساٽوڙو: هيءُ ٿر جو عام ٻوٽو آهي، جو جتي ڪٿي ٿيندو آهي، خاص ڪري ڀاڻ وارن هنڌن تي جام ٿيندو آهي. جيئن ڳوٺن جي آسپاس جتي ڪجهه زمين ڏاڍيري ۽ وٿاڻ هوندا آهن، اتي جام اڀرندو آهي. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙي جا پن ڪجهه وڏيرا ۽ مٿان سائي رنگ جا ۽ هيٺان اڇا، ٻئي جا پن ڪجهه ننڍيرا ۽ هيٺان ڳاڙهيري رنگ جا. هيءُ ٻوٽو تسرون ڪري زمين تي پکڙندو ويندو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، مينهون ۽ اُٺ وغيره کائيندا آهن. سُڪڻ بعد ڀُري ويندو آهي، پر هن جي پاڙ آڱر جهڙي ٿلهيري، زمين اندر سائي رهندي آهي. ٻوٽي کي ڇڪبو ته پاڙ سميت نڪري ايندو. وسڪاري جو ماڻهو پٽي ڀريون ٻڌي کڻي وڃي مال کي ڏيندا آهن. سڪڻ بعد به ڪيترا ماڻهو ڪوڏر سان کوٽي اُن جون پاڙون ڪڍي گڏ ڪري مال کي کارائيندا آهن. وسڪاري جو صبح توڙي شام پٽي مال لاءِ دونهي ڪرڻ جي ڪم آڻيندا آهن. * هَرڻ چَپڙي: هي ٻوٽو ٿورو مٿاهين، وائکي ۽ نرم زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. اُن جا پن سنها ٻُوهه جهڙا ۽ رنگ جا ساوا ٿين. اُن جا گل نيراڻ تي مائل اڇيرا ٿيندا آهن. ان جون ڦريون اڌ گول وانگر چِپِٿريون ڪونڀٽ جي چَپڙن سان مشابهت رکندڙ ٿينديون آهن، جن جي اندر جدا جدا داڻا ٿيندا آهن. هي ٻوٽو اُٺ ۽ ٻڪري جام کائيندا آهن. هي ٻوٽو هرڻ جو خاص کاڌو آهي، جنهنڪري مٿس اهو نبالو پيو آهي. ڍڳيون، مينهون ۽ گڏهه به کائيندا آهن. * جانوليو: هي ٻوٽو سنئين ڪنئري زمين ۾ فوٽ کن ڊگهو، ڏاني سنهي، مٿي ٽاريون ڪري جهڳٽو ڪندو آهي. اُن جا پن سنها، ننڍا، ڪنڊي جي پنن جهڙا، گل اڇا ۽ ٿورو پيلاڻ تي مائل، جن ۾ ڦريون ٿينديون آهن، اندر داڻا ٿين. هي ٻوٽو اُٺ جو خاص کاڌو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون ۽ گڏهه به چاهه سان کائيندا آهن. * هاڏو اُکِراڙ: هي ٻوٽو سنئين، پر ڪجهه نرم زمين ۾ فوٽ کن ڊگهو ٿئي. اُن جا پن ڊگهيرا ۽ چهنبدار ٿين. منجهنس ڏيڍ انچ کن ڦريون. ٿينديون آهن. جي چهنبدار هونديون آهن، جن اندر ننڍا ڪارا داڻا ٿيندا آهن. وسڪاري جو اُڀري. ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. ڪانءُ پکي هن جون ڦريون ڀَڃي داڻا ڪڍي کائيندو آهي، جنهنڪري مٿس ”هاڏي جي اُکراڙ“ نالو پيو آهي. ٿري ماڻهو ڪانءُ کي ”هاڏو“ چوندا آهن. * سَنِهاڙي: هي ٻوٽو ساٽوڙي جهڙو، پر تندون سنهيون ۽ ڊگهيون، پن ننڍڙا گول، ڏاڍيري ميدان زمين تي پکڙندو ويندو آهي. اُٺ، ٻڪريون، رڍون ۽ ڍڳيون کائينديون آهن. * سونيل: هي ٻوٽو فوٽ سوا کن ڊگهو ڏاڍيري زمين ۾ ٿئي. پاڙ کان ٿورو مٿڀرو سنهيون ٽاريون ڪري جهڳٽي وانگر بيهندو آهي، جو پري کان ڏاڍو سهڻو دل کي وڻندڙ پيو لڳندو آهي، منجهس پليا گل ٿيندا آهن، جن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري ماڻهو خاص ڪري ڌنار ۽ هاري پٽي سِنگهندا آهن. اُٺ، رڍيون، ٻڪريون ۽ ڇيلا کائيندا آهن. * ٻائِيءَ جا ٻاٽيا: هي ٻوٽو ٻه اڍائي فوٽ ڊگهو، ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ سنئين ميداني زمين ۾ ٿيندو آهي. ان جا پن گول پر ٿورا چهنبدار، ڏانڊي سنئين ۽ نرم، گل پيلي رنگ جا، جن ۾ ڦل ٿيندا آهن، جي گول ٻاٽلي وانگر هوندا آهن. اُٺ، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا، ڍڳيون ۽ گڏهه کائيندا آهن. * لام لُوڻي: هي ٻوٽي سخت زمين ۾ اُڀري زمين تي پکڙندو ويندو آهي.اُن جي ڏانڊي ڳاڙهيري رنگ جي ٿئي. پن ننڍا ٿين، منجهس پيلا ننڍا گل ٿين. پن ذائي ۾ چهرا ٿين، تنهنڪري ننڍا ٻار پٽي کائيندا آهن، اُٺ، رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا به کائين. * رينگِڻي: هن کي آڏيري به چئبو آهي. هي ٻوٽو فوٽ کن ڊگهو سخت ميداني زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جا پن ننڍا، چهنبدار ۽ ڦاڪن سان، مٿس ننڍڙا نرم ڪنڊا ٿيندا آهن. ڦل پهريائين سائو، پچڻ بعد وڏي ٻير جيڏو پيلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪارا ننڍا داڻا ٿيندا آهن. گهوڙن جي سرگيل بيماريءَ لاءِ فائديمند آهي. ماڻهو ڏاٺ ۽ ڪن جي سور لاءِ ٻج گهوٽي سنهو ٻورو ٽانڊي تي ڀُرڪائي دونهون ڏيندا آهن ته اندران جي لَٽون هونديون آهن، سي ٻاهر ڪِري پونديون آهن ۽ سور ختم ٿي ويندو آهي. هن کي ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن. * مُنڍيري: هي ٻوٽو سخت پوٺن واري زمين ۾ ٿيندو آهي. پاڙ مان ڏانڊيون ڏاڍيون هونديون آهن. هن ۾ ننڍيون ڦريون ٿينديون آهن، جي سڪڻ بعد سخت ٿينديون آهن. سائي ٻوٽي کي ٻڪريون، رڍون ۽ ڇيلا کائيندا آهن. هي ڪيترين دوائن ۾ به ڪم ايندو آهي. سهائي پونم جي رات جو چئين بجي صبح جو پَٽي گهوٽي سنگهه مصري وجهي ڇاڻي پيئجي ته گرميءَ جي اثر کي گهٽائي ٿي. احتلام لاءِ فائدي واري آهي. مُنڍيري گهوٽڻ ۾ بلڪل چيڙهالي آهي، جنهنڪري پڙي مان ڇاڻڻ ڏکيو آهي. ڇِڊي اوني ڪپڙي ۾ گهوٽيل رس وجهي هٿ سان زور ڏيئي نپوڙي ڇاڻبي آهي. هي فقط وسڪاري جو ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو مُنڍيري پٽي ڇانو ۾ سڪائي رکي ڇڏيندا آهن، جا ضرورت وقت ڪم آڻين. هونئن ته مُنڍيري هر طرح فائدي واري آهي پر پونم جي رات جو مٿس چنڊ جا ڪِرڻا پوندا آهن، تنهنڪري انهيءَ رات واري صبح جو چئين بجي پَٽيل وڌيڪ اثر ڏيکاريندي آهي! * بوبريو: هي ٻوٽو ڏاڍيري زمين ۾ گهڻو، ڪنئري زمين ۾ ٿورو ٿئي. هي ٻوٽا ڇڊا ڇڊا ٿيندا آهن. اٽڪل منو فوٽ کن ڊگهو ٿئي. پاڙ وٽان پنج – ست شاخون ڪڍندو آهي، جن جي ڇيڙي ۾ جهيرڻي وانگر ڦاڪدار ٿيندو آهي، انهن ۾ پيلي رنگ جا سنها داڻا ٿيندا آهن. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، گڏهه ۽ اُٺ کائيندا آهن. * مَلير ميندي: هي ٻوٽو ڏهرن جي سنئين ۽ سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جي ڏانڊي سنهي ۽ پن سنها تکا ۽ ڊگهيرا ٿيندا آهن. اڇا گل ڪندو آهي، جن ۾ ٻاجهريءَ جي داڻي جيڏو ڦل ٿيندو آهي مثانه ۽ گرميءَ جي بيماريءَ جي حالت ۾ گهوٽي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آهي. پُسائي رکڻ سان پاڻي مينديءَ جي رنگ جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو آهي، تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. * سِراڌيا: هي ٻوٽو ڏاڍيري زمين ۾ منو انچ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽارين ۾ انچ ڏيڍ جي وِٿي تي گول ٽنؤر ٿيندو آهي، جو نرم ٻُرٻُر وارو هوندو آهي. ٽارين جي چوڌاري پکڙجي بيهندو آهي. هر هڪ ٽنؤر وٽان پن نڪرندا آهن، جي ننڍا سنها ۽ چهنبدار ٿيندا آهن. هندو ماڻهو پنهنجن مري ويل مائٽن جا شراڌ (آتما کي ثواب پهچائڻ لاءِ خيرات جي ماني) ڪرڻ وقت هي ٻوٽو پٽي پوڄا جي ڪم آڻيندا آهن، تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. اُن کي اُٺ رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلڙا کائيندا آهن. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا ننڍا ٻوٽا ٿيندا آهن. ڀاڄي وارا جهنگلي ٻوٽا ڪي ٻوٽا اهڙا آهن، جي مال ته کائيندو آهي، پر ٿري ماڻهو اُنهن جي لذيذ ۽ وڻندڙ ڀاڄي به ڪندا آهن. اهي ٻوٽا فقط وسڪاري وقت اڀرندا آهن. پوءِ سُڪيو ڀَڄيو ڀُريو ختم ٿي وڃن، جيئن ته * مَريِڙو: هي ٻوٽو ڏاڍي زمين ۾ اهڙو سٺو ڪونه ٿئي، پر ڪنئري وارياسي زمين، ڪرڙن، ڄارين، ڦوڳن ۽ ٻيرڙين وغيره وڻن جي اندر ڀرپاسي اوٽ ۽ ڀاڻ وارن هنڌن ۾ گهڻو ۽ سٺو ٿيندو آهي. هن جا پن گلاب جي گل جهڙا، پر ڪجهه لاٺيرا ۽ بنا ڏندن جي لسي ڪِنار سان چوٽي وارا ٿيندا آهن. ڊيگهه ۾ فوٽ کن ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. پچڻ تي ننڍن ننڍن داڻن جا جهڳٽا ٿيندا آهن. جن ۾ ڪاي رنگ جو ٻج هوندو آهي. مَريِڙي جي ماڻهو ڀاڄي رڌي کائيندا آهن، جا بلڪل مزيدار ٿيندي آهي. سائو مريڙو پٽي ڇانو ۾ سڪائي رکيو آهي، جو سياري اونهاري ڀاڄي جي ڪم ايندو آهي. اٺ، رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا کائيندا آهن. * لُلَر: هي ٻوٽو سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. هن جا پن مريڙي جي پنن کان وڏا ۽ ويڪرا ٿيندا آهن. فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ڏانڊي اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. برسات پوڻ سان ازخود اڀري پوندو آهي: وليون وڻ ڦلاريا، لُلر نڱو لس. ٿري ماڻهو هن جي ڀاڄي رڌي کائيندا آهن. اُٺ، ٻڪريون، ڇيلا، رڍون، گانيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن. * ٻَگِرو: هي سڀ ڪنهن هنڌ ٿئي پر نرم زمين ۾ ڀلو ٿئي. هي ٻوٽو فوٽ ڏيڍ کن ڊگهو ۽ پکڙيل ٿيندو آهي. مريڙي ۽ لُلر کان گهڻو پکڙيل هوندو آهي. پن ۾ پنج ڦاڪون ٿينديون اٿس. ڏانڊي اڇي رنگ جي ۽ ڦيڦي ٿئي. منجهس اڇي رنگ جا وڻندڙ گل ٿين جن مان سائي رنگ جون ڦريون ڦٽيو نڪرن. پچڻ تي ڦرين جو رنگ ناسي ٿئي ۽ منجهن ڪاري رنگ جو ٻچ داڻا داڻا هوندو آهي. ڪچي ٻگري جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ مارُو ماڻهو پاڻيءَ ۾ اوٻاري نپوڙي لوڻ مرچ وجهي ڌُپِڪاري کائين. هن ٻوٽي کي اُٺ گهڻي چاهه سان کائيندا آهن. رڍون، ٻڪريون، گڏهه ۽ ڍڳيون به کائينديون آهن. * پِپُون: برسات پوڻ بعد هفتي کن تي پِپُون جام ٿين. اهي مُرٽن، موراڙين، ڦوڳن، ڄارين، ٻيرڙين ۽ ڪرڙن ۾ ٿينديون آهن. اهي سائي رنگ جون ڦرين وانگر ٿينديون آهن. رواجي طرح فوٽ کن، پر ڄارين ۾ ڏيڍ – ٻه فوٽ ڊگهيون به ٿين. پچڻ بعد چوٽيءَ تي گل ڪڍن، جن ۾ ٻچ ٿيندو آهي. سياري اونهاري مٿان سُڪيو وڃن ۽ پاڙ وارو ڀاڱو زمين ۾ پيو هوندو آهي، جن کي ”سيٽ“ چئبو آهي. برسات پوڻ تي اهي سيٽ ساوا ٿيو پون. هن کي پاڙ کان پٽي ٻئي هنڌ آلي زمين ۾ لڳائبو ته اتي به اُڀري اينديون: ٿاجا ٿر بر جهل، پِپُون پائر وَٽَ ۾. ٿر جو ننڍو وڏو پِپُون شوق سان کائيندو آهي. صبح جو ٻارهين وڳي تائين کائڻ ۾ کَٽِيون هونديون آهن، جنهنڪري ڪي ماڻهو سنهو ڪُٽيل لوڻ لائي کائيندا آهن. هنن جي ڀاڄي کٽمٺڙي ۽ لذيذ ٿيندي آهي، يعني اهي ڏاڙهون ۽ انبچور جو ڪم ڏينديون آهن. ٿري ٻار جهٽ ۾ جهنگل مان جهول ڀري ايندا آهن، جي پاڻ به کائين ۽ شهرن ۾ وڪرو به ڪندا آهن. وساري جو ٿر ۾ بلائون ٿينديون آهن، تنهنڪري پپن چونڊڻ وقت انهن کان خيال ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته اڪثر وڻن ۽ مُرٽن ۾ بلائون هونديون آهن، تنهنڪري مُرٽن ۽ ٻين وڻن کي چڱيءَ طرح جاچي، لٺ يا ڪاٺيءَ سان ٺڙڪائي، پوءِ پپون چونڊبيون آهن. * ماما مُوري: هي ٻوٽو ڏاڍي پوٺي واري زمين تي اڀرندو آهي. اُن جي ڏانڊي ۽ پن ڳردار ٿيندا آهن. کائڻ ۾ ڪجهه لوڻياٺي ذائقي وارو ۽ لذيذ هوندو آهي جو لوڻڪ سان مشابهت رکي ٿو. ننڍا ٻار ڪچو پٽي کائيندا آهن. ٿري ماڻهو هن جي ڀاڄي ڪندا آهن. رڍون، ٻڪريون، ڇيلا، ڍڳيون، گڏهه، گابا ۽ اُٺ کائيندا آهن. * کُنڀيون: برسات پوڻ بعد ٽئين - چوٿين ڏينهن کنڀيون ازخود اُڀريو پون. برسات بعد جي گرمي ٿي ته جام نڪرنديون آهن. مٿيون ڀاڱو بيضوي شل اتي اڇي رنگ جو هوندو آهي، اُڀرڻ بعد ٻن – ٽن ڏينهن تائين، ۽ پَٽڻ بعد ٻارهن ڪلاڪن تائين ڀاڄي جي ڪم اينديون آهن، پوءِ ڪاريون ٿي وينديون آهن. ٻار جهنگ مان چونڊي جهول ڀري ايندا آهن. انهن جي ڀاڄي بلڪل وڻندڙ ۽ لذيذ ٿيندي آهي. ٻيا کُنڀا ٿيندا آهن، جن جو مٿيون ڀاڱو گول هوندو آهي، جو ڳڀ سان ڀريل هوندو آهي. انهن جي به ڀاڄي ڪبي آهي. پچڻ بعد اهو ڳڀ ناسي رنگ جو اٽو ٿي پوندو آهي، جنهن کي کُنڀن جو اٽو چئبو آهي. ٿري ماڻهو اهو اَٽو گڏ ڪري ڪنهن ڪُني ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن. ماڻهو يا وهٽ جو هَڏو ڀڄي پوي يا سخت ڌڪ لڳڻ ڪري سور هجي ته اهو اٽو مکڻ ۾ ملائي کارائبو آهي ته فائدو ٿي پوندو آهي. گهرو ٻوٽا ڪي ٻوٽا اهڙا آهن، جي عام طرح جهنگ ۾ نه ٿيندا آهن، پر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي انهن جي سنڀال ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ساوا ٻوٽا گهر جي سونهن آهن. ڪن ۾ خوشبوءِ به هوندي آهي، ڪن جا پن ۽ ٻج ڪيترين بيمارين ۾ ڪم ايندا آهن، جيئن ته: * تُلَسِي: هي نفيس، خوشبودار ۽ وڻندڙ ٻوٽو آهي، جنهنڪري ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن. هڪ دفعو اڀرڻ بعد ٽن – چئن سالن تائين سائو بيٺو هوندو آهي. هندو ماڻهو ته اُن جي پوڄا ڪندا آهن. زالون صبح جو اُٿي پڻيءَ جو لوٽو ڀري هن جي پاڙ وٽ هارينديون آهن. اُن جو قد ٽي – چار فوٽ کن ٿيندو آهي ۽ چار انچ کي سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڇڊا ڇڊا ننڍا گل ٿيندا آهن، جي خوشبودار هوندا آهن، اُن جا پن مَروئي جي پنن وانگر، پر ڪجهه لاٺيرا ۽ چهچ ساوا نه هوندا آهن، پر هلڪي سائي رنگ جا ٿيندا آهن. پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻبا آهن. ڪيترا ماڻهو تُلسيءَ جا تازا نڪتل سنگ پٽي چانهه ۾ وجهندا آهن ته خوشبودار ۽ ذائقي وارا ٿيندا آهن. پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻبا آهن. ڪيترا ماڻهو تُلسيءَ جا تازا نڪتل سنگ پٽي چانهه ۾ وجهندا آهن ته خوشبودار ۽ ذائقي واري ٿيندي آهي. ٻيا به گهڻيئي طبعي فائدا آهن. * هيرڻ: هي ٻوٽو ٿر ۾ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ کوهن تي پوکيندا آهن. اُن کي پاڻيءَ جي ججهي ضرورت ٿيندي آهي ۽ شروع ۾ سنڀال ڪرڻي پوندي آهي. هڪ دفعو اُڀريو ته ٽي سال هلندو آهي، ان بعد سُڪي ويندو آهي. اُن جا پن وڏا، پنجن چهنبن وارا ٿيندا آهن. بدن ۾ ڪٿي به سور هجي ته مٿان پن ٻَڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. اُن جي ڪاٺي پوچِي هئڻ ڪري ڪنهن به ڪم ڪو نه اچي. اُن جي ٽارين ۾ ڳاڙها گلن جا جهڳٽا ٿين، جن ۾ ڏينا ٿين، جن جي اندر داڻا هوندا آهن. پچڻ بعد ڏينا لاهي ڀڃي اندران داڻا ڪڍندا آهن، اُن کي ٿر ۾ ”ايرنڊا“ چون. انهن داڻن ۾ تيل ٿئي ٿو. ايرنڊن کي پيڙي تيل ڪڍبو آهي، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. پارڪر ۾ هيرڻ جو فصل پوکيندا آهن. سموريون ٻنيون ساون هيرڻن سان ڀجر وينديون آهن، جي پريان ائين پيون ڏسبيون آهن جو ڄڻ ته وونئڻن جو فصل آهي. قد به وونئڻن جيڏو هوندو آهي. هن فصل مان ماڻهو پوکڻ بعد چار دفعا ڏينا ڪڍندا آهن. پوءِ کرن ۾ سڪائي ڪُٽي ڳاهي صفا ڪري گڏ ڪندا آهن، جي خرارن جي انداز ۾ ٿيندا آهن. سال بسال هزارين ماڻ ايرنڊا ٻاهر وڪري لاءِ ونيدا آهن، جن مان ججهي پيدائش ٿيندي آهي. پارڪر ۾ ٻانڀڻ ۽ ڪولهي خاص انهيءَ پوک جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن. هيرڻ جا ٻه قسم ٿين: پهرئين قسم جا پن وڏا، سائي رنگ جا، ڏانڊي جو رنگ ڳاڙهو، گل ڳاڙها ۽ ٻجن جو جهڳٽو وڏو، جن ۾ داڻا به ڳاڙهيرا ٿين. اهو قسم ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن. ٻئي قسم جا پن، ڏانڊي ۽ گل اڇاڻ تي مائل، ٻجن جو جهڳٽو ننڍو ٿئي، هي قسم جا پن، ڏانڊي ۽ گل اڇاڻ تي مائل، ٻجن جو جهڳٽو ننڍو ٿئي، هي قسم ٻنين ۾ پوکيو ويندو آهي. * مَرُوئو: هي ٻوٽو ٽن فوٽن تائين ڊگهو ۽ بلڪل خوشبودار ٿيندو آهي، جنهنڪري ماڻهو گهرن ۾ اڱڻ تي شوق ڪري پوکيندا آهن. اُن جون ڏانڊيون ٿوري ناسي رنگ جون ٿينديون آهن، جهڳٽو ڪري اهڙيءَ طرح بيهندو آهي، جو بلڪل وڻندڙ پيو لڳندو آهي. اُن کي هٿرادو پاڻي ڏبو آهي. اُن جا پن سون مڪائيءَ جي پنن جهڙا، پر ننڍيرا چهچ ساوا ٿيندا آهن. ان جو گلمُچي وانگر گهاٽو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ننڍا ننڍا داڻا ٿيندا آهن، جي پچڻ بعڳد ڪاري رنگ جا ٿي پوندا آهن. خوشبودار هئڻ ڪري اُن جا گل پٽي رکي ڇڏبا آهن. زالون رلين ٺاهڻ وقت گلن کي مهٽي ڀوري انهن ۾ وجهنديون آهن، ته جيئن سڳنڌ ٿئي ۽ جيوڙا ناس ٿي وڃن. اُن جا پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻيندا آهن. سنڌ ۾هن کي نازبوءِ چئبو آهي. * ڌاتورو: هي ٻوٽو عام نه ٿيندو آهي، پر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن. هي قد ۾ پنج – ڇهه فوٽ کن ٿيندو آهي. هن جي ڏانڊي سائي ڀوري رنگ جي هوندي آهي. اُن جا پن وڏا، چهچ ساوا نه، پر ٿورا اڇاڻ تي مائل هوندا آهن. هي گهاٽو ۽ وڻندڙ ٿيندو آهي. پهريائين اڇا گل توتاري جي شڪل جهڙا ڪڍندو آهي، جن ۾ گول ڏينا ٿيندا آهن. انهن جي مٿان ٻُر ٻُر وارا ڪنڊڙا ٿيندا آهن ۽ اندر ٻج هوندو آهي، جي ننڍا ڇپڙا داڻا هوندا آهن. ڏينا پهريائين ساوا ۽ پچڻ بعد ناسي خاڪي رنگ جا ٿيندا آهن. جيڪڏهن ماڻهوا هو ٻج کائي ته ڪافي وقت هوش کان خطا ٿيو وڃي، يعني خوفناڪ آهي، پر ان سان گڏ ڪمائتبو به آهي. ڪنهن هنڌ بدن ۾ سور هجي ته ڌاتوري جا پن مٿس ٻڌجن ته فائدو ٿي پوندو. دم ڪشيءَ جي حالت ۾ ڏينا ڀوري حُقي ۾ وجهي پيئڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هن کي چريو ڌاتورو به چيو ويندو آهي. ڌاتوري کي ٻيو ڪو جانور ڪو نه کائي، پر ٻڪري کائيندي آهي. هڪ دفعو اُڀرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين هلندو آهي، ان بعد سڪي ويندو آهي. باب پنجون وليون برسات وقت جڏهين ٿر ۾ جام اوڀر اُڀرندو آهي، تڏهين وليون به جام اڀرنديون آهن، انهن جا هيٺيان قسم آهن: پوکيل وليون: اهي وليون ماڻهو ٻنين ۾ ۽ ڪي گهرن ۾ پوکيندا آهن. جهنگلي وليون: اهي جهنگ ۾ ازخود اڀرنديون آهن. ڳنڍ واريون جهنگلي وليون: انهن جي هيٺان زمين ۾ ڳنڍ ٿيندي آهي. اهي سموريون وليون اُٺ، ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون، رڍون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. انهن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو ماڻهو، جانور ۽ پکي کائيندا آهن. سڀيئي وليون برسات پوڻ وقت اُڀرن، ٻن ٽن مهينن بعد سڪيو وڃن. پوکيل وليون هي وليون ٻنين ۾ ماڻهو پوکيندا آهن. (ڪي جهنگ ۾ به اُڀرنديون آهن جن کي آڙِڪَ يا آکڙ وليون چئبو آهي ۽ منجهن جو ڦل ٿيندو آهي، ان کي اَکَڙَ يا آڙڪ ڦل جڏهين ڪچو هوندو آهي، تڏهين ڀاڄي رڌڻ جي ڪم اچي ۽ پچڻ بعد ميوي وانگر ڪم اچي. اهي وليون پٽ تي پکڙنديون آهن. فقط توُريون ۽ ڪَدو، جي هاڻي ٿر ۾ماڻهو ٻنين ۾ ڪن وڻن جي اوٽ تي ۽ گهرن ۾ چونرن ۽ ڇَنن جي ڀرسان پوکيندا آهن، جي پوءِ ولين جي صورت ۾ مٿي چڙهنديون آهن. * هِنداڻا: هيءَ ول ٻنين ۾ پوکبي آهي ۽ پٽ تي پکڙندي آهي. اُن جا ڪَڇا، جن کي ٿري تَسِرُون چون، سي ڏهاڪو فوٽ ڊگهيون به ٿينديون آهن. ول ۾ وڌ ۾ وڌ ويهن تائين هنداڻا ٿيندا آهن. جڏهين ڪچا هوندا آهن، تڏهين ماڻهو ڀاڄي ڪندا آهن ۽ پچڻ بعد ميوو ٿيندو آهي، جو کائيندا آهن. ڪنئري زمين ۾ هنداڻا وڏا ۽ مٺا ٿيندا آهن. ٿري ماڻهو سال به سال چڱن ۽ مِٺن هنداڻن جو ٻج چونڊي رکندا آهن، جو وسڪاري جو پوکيندا آهن. ڪنهن وٽ پنهنجو ٻج نه هوندو ته ٻئي کان گهري وٺي ايندا. هنداڻا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙن جو ڳر رنگ جو اڇو ٿئي، ٻين جو ڳر رنگ جو ڳاڙهو ٿئي، جنهن کي ”گُلالِو“ چون. انهيءَ جو قدر ٻين ڇانهين کان وڌيڪ هوندو آهي، باقي ميٺاج ٻج جي قسم تي مدار رکي ٿو. هنداڻي کي ٿري ماڻهو ”ڪاريِنگ“ چوندا آهن. هي ميوو دير سان پچندو آهي. پچڻ جي پرک ٿري ماڻهو ٻن نمونن سان ڪندا آهن: هڪڙو ته آڱر سان ٽَڪَر هڻي ڏسندا، جي واڄو چٽو ٻڌڻ ۾ آيو ته سمجهندا ته ڪچو آهي. جي واڄو ڪجهه جهڪو ٿيو ته سمجهندا ته پڪل آهي. ٻيو ته هنداڻي جو چُوٽو (ڏانڊي) جتي تسر سان ڳنڍيل هوندو، اتي ڏوئي وانگر هڪ ڊگهو تاندُورو هوندو آهي. جي اهي ٻئي ساوا هوندا ته سمجهندا ته هنداڻو ڪچو آهي، جي ڪارا ٿيل هوندا ته سمجهندا ته هنداڻو پڪل آهي. جڏهين برساتون پوريون پونديون آهن، تڏهين ته ٻنين ۾ ايترا گهارا ٿيندا آهن، جو ليکي کان ٻاهر. هنداڻي جي تور ست – اٺ سير کن ٿيندي آهي. ٻنيءَ ڏي نهاربو ته ڄڻ مٽيءَ جا کڙها پيا آهن. هنداڻن تي پير ڏيئي پيو هلجي ته سڄي ٻني گهمي سگهجي. هاري پاڻ کائين، يارن دوستن کي ڏين، يا جي ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ گهٽ ٿين، يا ڪنهن دوست وغيره، جنهن ڪا ٻني نه ڪئي هجي ته اُهي اُٺ وٺيو اچن ۽ ڀريو وڃن. ڪيترا هاري شهرن ۾ وٺي وڃي وڪرو ڪندا آهن. پڇاڙيءَ جو ٻنين جي ڪم ختم ٿيڻ وقت ڪيترا ماڻهو چُونڊ هنداڻا گڏ ڪري رکندا آهن، جو ٻه - ٽي مهينا پيا کائيندا آهن ۽ باقي گڏ ڪري ڀڃي رس مان ڳڙ ٺاهين ۽ ٻج يعني ڪُرِيون گڏ ڪري سڪائي رکن، جي سياري اونهاري لوڻي سيڪي پاڻ کائين ۽ مال کي به کارائين، ۽ وڪرو ڪري پئسا به ڪمائين. ڪي وليون بنان پوکڻ جي جهنگ ۾ ازخود اڀرنديون آهن، انهن ۾ هنداڻا ٿين، جن کي آڙڪ هنداڻا چون. اهي کائڻ ۾ مٺا ۽ لذيذ ڪو نه هوندا آهن. ڪي انهن کي ڀوڏ ڪارينگ به چون. * گِدِريون: اهي ٻنين ۾ پوکبيون آهن. ول پٽ تي پکڙبي آهي. ڪچيون گدريون نڪي ڀاڄيءَ جي ڪم اچن، نڪو ماڻهو کائين، البت ٻار ٿورا کائيندا آهن. جڏهين پچڻ لڳنديون آهن، تڏهين پهريائين ٿوڳريون پيليريون ٿينديون آهن، جن کي ”آنٻوهيل“ چئبو آهي. آنٻوهيل گدريون کائڻ ۾ ڪي ٿورو کٽمٺڙيون ۽ ذائقيدار هونديون آهن، تڏهين چئبو ته هاڻي ”اُگِرِيُون“ آهن، يعني پچي ويون آهن. گدريون ڊيگهه ۾ فوٽ سوا يا ٿورو وڌيڪ ۽ تور ۾ پنج ست سير يا ڪي وڌيڪ به ٿين. پڪل گدريون ماڻهو کائين، شهرن ۾ وڃي وڪرو ڪن، ڀاڄي ڪن ۽ ڦارُون ڪري ٻج جدا سڪائين ۽ ڦارُون وري جدا ڪنهن کٽولي تي يا ڪنهن سِڻ يا گهامن جي گاهه تي سڪائين. ڦار کي ”چِيهاٽ“ چون. سڪڻ بعد گڏ ڪري رکن، جنهن کي ”ڪاچريون“ يا ”لاچريون“ چون، جي سياري اونهاري ڀاڄيءَ لاءِ ڪم آڻين ۽ ڪچيون پڻ کائين. ڪي ماڻهو ٻاهر وڪري لاءِ به موڪليندا آهن. گدريون جڏهين پچڻ لڳنديون آهن تڏهين ٿوري ئي وقت اندر پچي وينديون آهن. جي ڪچيون گدريون ولين ۾ بيٺل هجن ۽ مٿان برسات پوي ته پوءِ انهن ۾ ڪينئان پئجي ويندا آهن، جن کي ”آنِرِيَل“ گدريون چئبو آهي. کائڻ وقت جي ٿورو ڀاڱو خراب هوندو، ته ڪپي ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ جي گهڻو هوندو ته ڪو نه کائين. هي گدريون جيتوڻيڪ سنڌ جي گدرن جهڙيون اهڙيون گهڻيون لذيذ ڪو نه هونديون آهن ته به چڱيون هونديون آهن. ٿرين لاءِ ڄڻ عمدو ميوو آهي ۽ کائي ڍؤ ڪندا آهن. ٿري هنن کي ”چِڀِڙِيُون“ چوندا آهن. * ميها: ميهن جون وليون ٻنين ۾ ڀاڄيءَ لاءِ پوکبيون آهن، ۽ جهنگ ۾ ازخود به اُڀرينديون آهن. هيءَ ول جلد وڌي ڦل ڪندي آهي، تنهنڪري ٻئي فصل يا ڀاڄين کان اڳ ۾ ميها ٿيندا آهن، جي ڀاڄي جي ڪم اچن. مون جيڏيون ملير، چونڊين موڪ ميها. ٿري ماڻهو ميهن کي ”تينڏِسِيُون“ چون. هن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ قسم جا ميها سنڌي صوفن جيڏا، رنگ گهاٽو سائو، البت ٿورو ڪاراڻ تي مائل ٿيندو آهي. ڪچن ميهن جي ڀاڄي مَلُوڪ ٿئي، پر اهي ترت پچي پوندا آهن. پچڻ بعد اُنهن ۾ ڪاري رنگ جو ٻج ٿيندو آهي. ڳر بنهه گهٽ هوندي آهي. ڀاڄي لاءِ ٻج ڪڍي ڇڏبو آهي، باقي رڳي مٿئين کل بچندي آهي، جنهن جي ڀاڄي اهڙي مزيدار نه ٿيندي آهي. ٿري ويچارا ته ٻج جا ڪجهه داڻا ڪڍن ۽ ڪجهه پيا رهن، ڀاڄي رڌي کايو ڇڏين. ٻئي قسم جا ميها رنگ جا سفيد ۽ وڏڙا ٿيندا آهن، انهن کي ”مالَهَڻَ تِينڏسِيون“ چون. اهي ڳردار هونديون آهن ۽ دير سان پچنديون آهن، انهن جي ڀاڄي وڻندڙ ٿيندي آهي. ميها ٻنين ۾ جام ٿيندا آهن، پاڻ به کائين ۽ غريب ماڻهو چونڊي وڪرو به ڪندا آهن. هنن کي ٻوٽي سڪائي رکندا آهن، جي پوءِ سڄو سال ڀاڄيءَ جي ڪم آڻيندا آهن. * چِڀَڙ: چڀڙن جون وليون ٻنين ۾ توڙي جهنگ ۾ جام اُڀرينديون آهن. ٿري هنن کي ”کَڙَ چِڀڙيا“ به چون. ڪچا هوندا آهن، تڏهين کارا ٿيندا آهن، پچڻ بعد هنن کي ”کَڙَچِڀڙيا“ به چون. ڪچا هوندا آهن، تڏهين کارا ٿيندا آهن، پچڻ بعد مٺا ٿيو پون. ”ڏياريءَ جو ڏيِو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو!“ چوندا آهن ته ڏياريءَ بعد چڀڙ مٺا ٿيو وڃن، ان بعد ڀاڄيءَ جي ڪم اچن. انهن جو ذائقو ڪجهه کٽيرو آهي، تنهنڪري هنداڻن، گدرين، ڪوٽينٻَڙَن، گوار جي ڦرين ۽ ميهن وغيره جي ڀاڄيءَ ۾ ٿورا چڀڙ وجهبا آهن ته انبچور ۽ ڏاڙهو يا گدامڙيءَ جو ڪم ڏيندا آهن، جنهن ڪري اهي ڀاڄيون لذيذ ٿينديون آهن. ٻار شوق سان کائيندا آهن. ٻنين ۽ جهنگ ۾ ايترا ته ٿيندا آهن، جو ماڻهو چونڊي مڻن جا مڻ آڻي، پاڻ به ڪتب آڻين ۽ وڪرو ڪري پئسا به ڪمائيندا آهن. چڀڙ جلد خراب نه ٿيندا آهن، تنهنڪري ڪافي مهينا رکيا پيا هوندا آهن. جهنگ مان ته مارچ ۽ اپريل تائين پيا هٿ ايندا آهن. ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن ۽ جام کير ڪنديون آهن. چڀڙن کي اَڏا ٻوٽي سڪائيندا آهن، جن کي ”ڪوڪلا“ چون، جن جي سڄو سال ڀاڄي رڌي کائيندا آهن. چڀڙ اُڀا ٻوٽي سنهو لوڻ ڪُٽي مٿان ٻُرڪي سڪائيندا آهن، جن کي ”ڪَچِريون“ چون. اهي گيهه ۾ تري چانورن سان کائبيون آهن. هندو ماڻهو خاص ڪري ڪچريون جام کائيندا آهن. ٿر جا ماڻهو ”ڪچريون“ تيار ڪري مڻن جي تعداد ۾ ٻاهر وڪري لاءِ موڪليندا آهن ۽ ان مان پنهنجو گذران ڪندا آهن. چڀڙن جون مٿيون کلون لاهي، ڌاڳي ۾ مالها وانگي پوئي ڇانو ۾ سڪائي رکي ڇڏبا آهن، جن جي پوءِ سڄو سال چٽڻي ڪبي آهي. ٻه ٽي چڀڙ ڪٽي لوڻ، مرچ، جيرو ڏاڙهون، کٽي جهڻ ۽ گيهه ذرو وجهي باهه تي ٿورو سيڪ ڏبو ته چٽڻي تيار ٿي پوندي، جا کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي ۽ ڀاڄي جي عيوض مانيءَ سان کائبي آهي. * مِتيرا: هي ٻنين ۾ پوکبا آهن. گدرن کان ننڍا چڀڙن کان وڏا، ٿلهيرا، چوٽو ۽ پُڇڙي وٽ ٿيندي آهي. ڪچا ڪم ڪو نه اچن. پچڻ بعد ماڻهو کائين، ننڍا ٻار شوق ڪري کائين، ڀاڄيءَ جي ڪم اچن. ڪي ماڻهو مٿين کل لاهي، وچان وڍ ڏيئي سنهو لوڻ ٻرڪي کائيندا آهن ته ڏاڍا لذيذ پيا لڳندا آهن. هنن کي آڏا ٻوٽي (ڪپي) سڪائيندا آهن، جنهن کي ”ڏوچلا“ چون، جن جي ڀاڄي به ڪن ۽ ڪچا به کائين. * مُٺ ڪوٽينٻڙ: هي چڀڙن جو قسم آهي، پر چڀڙن کان وڏا ۽ ڊگها چار انچ کن (مٺ جيڏا) ٿين، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن. وچ ٿلهو، چوٽي ۽ پڇڙيءَ ۾ ڪجهه سنها ٿيندا آهن. هي ٻنين ۾ ٿين. ڪچا کارا هوندا آهن، جنهن ڪري کائڻ جي ڪم ڪو نه اچن، پچڻ بعد ماڻهو کائين، ڀاڄي رڌين، ۽ آڏا ٻوٽي (ڪپي) سڪائين، جن کي ”ڏوچلا“ چون. انهن ڏوچلن جي ڀاڄي به ڪن ۽ ڪچا به کائين. * گدرا: هي ٻنين ۾ پوکبا آهن، جي مقدار ۾ توڙي سواد ۾ سنڌي گدرن کان گهڻو گهٽ آهن. پچڻ بعد ماڻهو کائين، ڀاڄي ڪن، ۽ ڪچريون ڪري ڪم آڻين. * ڪريلا: ٿر ۾ ڪٿي ٿورا ڪريلا به ٿين. اهي وليون خاص پوکبيون ڪونه آهن، پر ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن جي ڍنگهرن جي لوڙهڻ ۾ بعضي ٻڄ اُڇليو ڇڏين ته پوءِ سال بسال پيون اتي اڀرنديون آهن، جن ۾ ڪريلا ٿيندا آهن. ٿر جا شهري ماڻهو بعضي ڪريلن جي ڀاڄي ڪندا آهن نه ته ٻهراڙين ۾ نڪو ايتريون وليون پوکين، نڪو ٿين، پر جي اتفاق سان ڪٿي ڪا ول ٿئي ته گهڻن کي ڀاڄي رڌڻ جو ڏانءُ ڪونه اچي. * تُوريون: هي وليون ڪي ماڻهو ٻنين ۾، ڪي وڻن جي اوٽ تي ۽ ڪي پنهنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن، جن کي هٿرادو پاڻي ڏيندا آهن. مڙيئي ڪڏهين ڪڏهين ڀاڄي پيا کائيندا آهن. * ٿر ڪَدو: ڪَدو جي ول ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي، هٿرادو پاڻي ڏيندا آهن. پر اها به عام نه آهي، هن جي ڀاڄي ڪندا آهن. * ٿر جون ڀاڄيون: ٿر ۾ جڏهين برسات پوندي آهي تڏهين ملڪ سائو ۽ آباد ٿيندو آهي پر برسات تي به ڀروسو ڪونهي. ڪڏهين پوي ته ڪڏهين ڪا نه پوي. پر ماڻهو ته سدائين رهيا پيا آهن، انهن کي ته کاڌي لاءِ ٻارهن ئي مهينا ڪجهه کپي. جيئن قدرت اناج جي پورت ڪري پيئي تيئن ان لاءِ ڳنڌڻ به کپي. جيتوڻيڪ ٿر ۾ چوپايو مال ججهو آهي، جنهن ڪري کير ۽ لسي موجود هوندا آهن، پر تڏهين به چهر لاءِ ڪا نه ڪا ڀاڄي به کپي. وسڪاري جو برسات پوڻ بعد ٽن – چئن ڏينهن اندر کنڀيون نڪريو پون. هفتي کن بعد پِپُون، مريڙو، لُلر، ٻگرو جام ٿين. پندرهن ڏينهن بعد ميها ٿيو پون، ۽ ان بعد هنداڻا، جي سڀ ڀاڄيءَ لاءِ ڪم اچن. پوءِ گدريون، متيرا، چڀڙ، گوار جون ڦريون وغيره ٿين. جن جي ڀاڄي ڪن. اهڙيءَ طرح چار مهينا گذريو وڃن. بهار ۾ ڦوڳن ۾ ڦوگيسي، ان بعد ڪنڊن ۾ سڱريون ۽ ڪرڙن ۾ پُسي ۽ ڏونرا ٿين، گوار جون سُڪل ڦريون، گدرين جون ڪچريون، چڀڙن ۽ متيرن جا ڏوچلا، سڪل ميها وغيره، باقي اٺ مهينا ڀاڄيءَ لاءِ پيا ڪم آڻين. ٿر جي وڏن شهرن ۾ کوهن تي مالهي واڙيون ڪندا آهن، جتي پالڪ، موريون، ٿوم، بصر، سوئا، ميٿي ۽ ڌاڻا وغيره پوکيندا آهن. پارڪر ۾ واڱڻ، ساوا مرچ، ٽماٽا، موريون ۽ بصر جام ٿيندو آهي. ماڻهو سنڌ مان گجر، پالڪ، ميها، واڱڻ، ساوا مرچ، گدرا، ڀينڊيون، ٽماٽا ۽ گوبيون آڻي شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن، پر اها سهوليت رڳو شهري هوند وارن ماڻهن لاءِ آهي. غريب عوام جو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو سو انهن ڀاڄين کان محروم آهي. اهي فقط ٿر جون ئي ڀاڄيون ڪم آڻين. * ٿر جا ميوا: ٿر جا ميوا آهن، جهنگلي ڇاپرو ٻير، ڪرڙن جا پڪا، ڪنڊن جا سڱر، ڄارين جا پيرون، سنڌي ٻير (ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ سنڌي ٻيريون پوکيندا آهن)، هنداڻا، گدريون، گدرا، متيرا، چڀڙ، گولون ۽ گهانگهيٽا وغيره، جي ننڍا وڏا، ٻار، زالون ۽ مرد شوق سان کائيندا آهن. سنڌ مان انب، زيتون، ڏاڙهون، صوفي ٻير، سنڌي ٻير، ڪمند، گجر وغيره ڪڏهين ڪڏهين ماڻهو آڻي شهرن ۾ وڪڻندا آهن. لاري سروس ٿيڻ ڪري مٺي، ڏيپلي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار ۾ گهڻو ڪري هر ڪا ڀاڄي ۽ ميوات هر وقت ملي سگهي ٿي. ٻهراڙين ۾ سنڌي ميوات اصل ڪا نه ملي، اُڙيو ٿُڙيو ڪڏهين ڪو انب، ڪمند، گجر وغيره آڻيندو آهي، نه ته ٻيو مڙيو ئي خير. جهنگلي وليون برسات پوڻ سان جهنگ ۾ ڪيترين ئي قسمن جون وليون ازخود اڀريو پون، ۽ وڻ تي ويڙهجي وڌنديون وينديون آهن. اُن جو ڦل ڪو ميويدار ڪو نه ٿئي، پر جيڪو ٿئي سو پکي کائين ۽ مال جي ڪم اچي. * ٽُوهه: هن ول کي ٿري ماڻهو ”ٽُوسَڻَ“ چون. هي پٽ تي پکڙبي آهي. ان جا ڪَڇا ڏهه - ٻارهن فوٽ ڊگها ٿيندا آهن. هي نرم توڙي سخت ميداني زمين تي ٿيندي آهي، جي تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي. پارڪر ۾ ته ڄڻ ڪنهن خاص فصل پوکيو آهي. اُن جا پن نداڻي جي ول جهڙا، پر ننڍا ۽ چهچ ساوا نه ٿيندا آهن. ٽُوهه چٽڪمرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. پچڻ بعد پيلا ٿيو پون. ذائقي ۾ بلڪل کارا ٿيندا آهن. هي جلد خراب نه ٿيندا آهن. ٻه – ٽي مهينا رکڻ ڪري به سڙي خراب ڪونه ٿيندا آهن. سلامت پيا هوندا اهن. ٻڪريون ول ۽ ڦل ٻيئي کائيندين آهن، جو انهن جو دلسڇند کاڌو آهي. اُٺ به کائيندا آهن. هڪ ول ۾ پندرهن – ويهه ٽوهه ٿيندا آهن. پري کان ولين ۾ چنبڙيل ٽوهه ڏسڻ سان عجيب نظارو پيو محسوس ٿيندو آهي. هي تمام ڪمجائتي ول آهي. هن جي پاڙ، پن، ٽوهه سڀيئي طبابت جي ڪم ايندڙ شيون آهن. حڪيم انهن مان جلاب، ڪشتا ۽ انيڪ نمونن جون دوائن تيار ڪندا آهن. ڪيترا سنڌي حڪمي سال بسال ٿر مان پڪل ٽوهه گهرائيندا آهن. ٿري ماڻهو ٽوهه گڏ ڪري رکندا آهن. جي پوءِ روزانو ٽڪر ٽڪر ڪري، ٻڪرين اُٺن کي کارائيندا آهن. ٿري ويچارا ڏڪار وقت پڪل ٽوهه گڏ ڪري، ڪپي، ٽڪر ٽڪر ڪري واريءَ ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏيندا اهن. ڪُجهه وقت بعد کل ڳري ويندي آهي ۽ ڳر وارو پاڻي واري چُهي ويندي اهي، باقي ٻج بچندا آهن، جي ڪڍي صفا ڪري، ڪنهن ٺڪر جي ٿانءَ ۾ لوڻ گڏيل پاڻيءَ ۾ پسائي ڇڏيندا آهن. ٻن – ٽن ڏينهن بعد اهو پاڻي ڪڍي وري ٻيو وجهبو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي – چار دفعا ڪبو ته ٻج مٺا ٿي پوندا. پوءِ اُهي سُڪا ٻج چنڊ ۾ پيهي اٽو ڪري اڌو اڌ ٻاجهريءَ جي اٽي سان ملائي ماني پچائي کائيندا آهن. ائين اُن جي ڪافي اُٻيل اچيو وڃي. * گولاڙو: وسڪاري جو برسات پيئي ته گولاڙي جي ول ترت وڌندي آهي ۽ ڪونڀٽن، ڪرڙن، ڪنڊن، ڦڳن ۽ ڄارين تي ڇانئجي ويندي آهي. گولاڙا ۽ ”گُگَريون، اوڇڻ اباڻن، ويڙهيا گهمن ولئين، جهانگي منجهن جهنگن هن جا پن تن ڪُنڊن سان چهچ ساوا ٿيندا آهن. پهريائين فوني جي توتاري جهڙا گل ٿيندا آهن، جن ۾ سائي رنگ جو کارڪ جيڏو ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي ”گول“ چوندا آهن. گولون گولاڙن تان، چونڊينديس چڙهيو. ٻيا ميوا چوٽيءَ کان پچڻ شروع ڪن، ته گول وري هيٺئين پاسي کان پچڻ شروع ڪري، پکين جا، خاص ڪري بُلبلين ۽ هڙين جا ان تي ميڙ هوندا آهن. گولون ٿورو پچنديون وينديون ته پکي کائيندا ويندا، تان جو نيٺ وڃي نشاني طور چُوٽو بچي. ننڍا ٻار ٽوليون ٺاهي جهنگ مان وڃي گولون چونڊي ايندا آهن. هي ول اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. جت ماڻهو روزانو گولاڙي آهن. هي ول اُٺ ۽ٻڪريون جام کائينديون آهن. جَت ماڻهو روزانو گولاڙي آهن. هي ول اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. جَت ماڻهو روزانو گولاڙي جي ول پٽي ڀريون ٻڌي کڻي ايندا آهن ۽ اٺ جي چاري لاءِ اُٺن کي ڏيندا آهن. * موگَر: هيءَ ول ڊاڳن واري نرم زمين ۾ گهڻو ٿيندي آهي. اُن کي ”مُونگيل“ به چون. اُن جي ڊيگهه فوٽ کن ٿئي ۽ پاسن کان تَسرون ڪري وڌندي ويندي آهي. اُن جا پن ڪورڙ وانگر پنجن ڦاڪن سان ننڍيرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ گل ننڍا پيلا ٿيندا آهن. اُن ۾ ڦرين ڪورڙ جهڙيون خاڪي رنگ جون ٿينديون آهن. جن ۾ داڻا ٿيندا آهن. هي ول اُٺ ۽ گهوڙا ته خاص چاهه سان کائين، پر رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن. * ڀُڳڙا وَل: هيءَ ول نرم زمين ۾ وڌيڪ سٺي ٿيندي آهي. اڪثر ٻُوٽن، سِڻ، مُرٽ، کِپ، ٻُوهه وغيره جي ڀرسان اُڀري انهن تي پکڙجي ويندي آهي. بعضي زمين تي به پکڙبي آهي. اُن جا پن ڦاڪن سان، ننڍا پر چهچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ان ۾ ڀڳڙي جيڏو داڻو ٿيندو آهي، جنهن تان مٿس اهو نالو پيو آهي. اهي ڀڳڙا ٻار شوق سان کائيندا آهن. هيءَ ول خاص طرح اُٺ ۽ ٻڪري جو کاڌو آهي، پر رڍون، گهوڙا، گڏهه ۽ گانيون به کائين. * آسُوندرو: هيءَ ول ڄارين ۽ ڪنڊن جي ٿڙ وٽ اُڀري، انهن وڻن تي چڙهندي آهي. هنجو ٿڙ ٿلهيرو ٿيندو آهي. ٻيون وليون سياري اونهاري سڙيو وڃن، پر هن جو ٿڙ ۽ ٽاريون هميشه سايون هونديون آهن، جي برسات پوڻ بعد پن ڪڍي وڻڻ کي ڀري ڇڏين، اُن جو ٿڙ ورنوڪڙن سان بلا وانگر ٿيندو آهي، جو وڻن کي ويڙهيو پيو هوندو آهي. اُن جا پن وڏيرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. منجهس ڪو ڪمائتو ڦل ڪو نه ٿئي.هيءَ ول فقط اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. * لورو: اُن جو ٿڙ ٿلهو ٿيندو آهي، جو سياري اونهاري به سائو رهندو آهي. هيءَ ول ڪنڊن، ڄارين ۽ ٿوهرن ۾ ٿيندي آهي. برسات پوڻ سائي ٿيو پوي. اُن جا پن ڦوڳ جي لاسُوئن وانگر تيلين جهڙا ٿيندا آهن. منجهس ڪو خاص ڦلڪو نه ٿئي. ان کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائيندا آهن. * بنا پاڙي: هن ولي کي پاڙ ڪا نه ٿئي يعني زمين تي ڪو نه اڀري، پر ڪنهن ٻوٽي، مَريڙن، ڪَنٽي، ساٽوڙي ۽ ڪن وڻن تي اُڀري وڌي ويندو آهي. اُن جون تَسرون پيلي رنگ جون ٿين. منجهس ڪو به پن يا ڦل ڪو نه ٿئي، فقط تندن مان تندون ڪڍي وڌندي ويندي آهي،جنهن به ٻوٽي يا وڻ تي هوندي، اتي گهاٽي ٿيندي ويندي، ۽ نيٺ ان کي سُڪايي ڇڏينديون. اُن کي اُٺ ۽ ٻڪريون ٻوٽن ۽ وڻن سان گڏ کائيندا آهن. * اَنکرو: هيءَ ول جهنگ ۾ تامگهڻي ٿيندي آهي ۽ مُرٽن، ٻُوهن، ڄارين، ڦوڳن، کِپَن ۽ سِڻن تي ڇانئجي ويندي اهي. اُن جا پن ننڍا ٽڪنڊي شڪل جا ٿين، ۽ اُن جو ڦَل ڀڳڙي جو چٽڪمر سائي رنگ جو ٿيندو آهي. جو پچڻ بعد ڳاڙهو پيلو ٿي پوندو آهي. ڪنهن ڪم ڪونه اچي. هيءَ ول اُٺ ۽ ٻڪريءَ جو خاص کاڌو آهي، رڍون ۽ ڇيلا به کائيندا آهن. * ڪُتيال: هيءَ ول اَنکرو جهڙي ٿيندي آهي، پر اُن جا پن ڪجهه ننڍا ٿيندا آهن. جهنگ ۾ عام جام اُڀري ننڍن وڻن ۽ ٻوٽن تي پکڙبي آهي. ان ۾ ڦل ٻير جيڏو گول سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جو ڪنهن ڪم ڪونه اچي. ٻار ان کي ڪُتِيءَ جا بُبا (ٿڻ) چوندا آهن، جنهنڪري ڪُتيال نالو پيو اٿس. ان کي ٻڪريون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. * سَوهَس گُڻِي: هيءَ وَل ڏهرن ۾ ٿئي ۽ خاص ڪري کيڙاپ ٻنين ۾اُڀرندي آهي. ان کي سج لٿي مهل پٽي ڪپڙي سان ڍڪي آڻي ڇانو ۾ سڪائجي. پر ميل ۽ ٻين ڪن بيمارين ۾ گهوٽي پياربي آهي. هن جا پن ڪنڊي جي پنن جهڙا ٿين، تسرون ڪو نه ٿين، پر پاڙ جي چوڌاري گول دائري وڌندي ويندي آهي. هيءَ ول گهڻو ڪري اونهاري جو به ڪانه سُڪندي آهي ۽ سدائين سائي بيٺي هوندي آهي. هيءَ ول گهڻين ئي بيمارين ۾ ڪم اچي، جنهن ڪري مٿس ”سوهس گُڻي“ يعني ”سَو گُڻن واري“، نالو پئجي ويو آهي. مٿين ولين کانسواءِ ٻيون به وليون ٿينديون آهن، جن مان ڪن جا نالا، جي معلوم ٿي سگهيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا، جيئن ته اُٺ ڪونڍير، ڦيسڙ ول، گهوڙا ول، ڪان ڪوڏِي، بکڙو، هزارداني، نور ول، نانگر ول، گُڻ ويل، وغيره اِنهن ولين کي ڍَور ڍڳا کائيندا آهن. ڳنڍر واريون وليون ڪي وليون اهڙيون ٿينديون آهن، جي ڪن وڻن اندر، يا سندن اوٽ ۾اڀرنديون آهن. انهن جي پاڙ ۾ زميندار پٽاٽي وانگر ڳڀدار ٿيندي آهي ۽ مٿان ڏانڊي نڪرندي آهي،جنهن م پن ٿيندا آهن. اُهي وڌي وڻن تي چڙهنديون وينديون آهن، جيئن ته * ڪانڪوڙي: هيءَ ول ڪنهن نه ڪنهن وڻ جي سهاري تي اُڀرندي آهي، خاص ڪري ڪِرڙن، ڄارين، ٻيرڙين ۽ ٿوهرن ۾ ٿيندي آهي. زمين اندر ڳنڍ ٿيندي اٿس ۽ ٻاهر وڏيون تَسرون ڪري وڻن تي چڙهندي ويندي آهي. ان جا پن گولاڙي سان مشابهت رکندڙ ٿين. ڳنڍ زمين اندر وڌندي ويندي آهي ۽ ڪن جو وزن چار – پنج سير به ٿئي. اُن جا پن اُٺ ۽ ٻڪريون کائيندا آهن. منجهنس ٻيو ڪو ڪمائتو ڦل ڪونه ٿئي. اها ڳنڍ پٽي ٻئي هنڌ زمين ۾ پوري پاڻي ڏبو ته اتي لڳي پوندي. ٿر ۾ عام ٿئي، تنهنڪري ننڍا ٻار جهنگ مان ڳولي ڳولي کنيو اچن ۽ پنهنجن گهرن ۾ پوکين. ڳنڍ کي گهوٽي اٽي سان گڏي لپري ٺاهي ڦَٽن تي ٻَڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. * ڪونڍيِر: اُن جي ڳنڍ (ڪونڍير) پٽاٽي وانگر زمين جي اندر ٿيندي آهي. مٿان ول ٿيندي آهي، جنهن جي ڏانڊيءَ ۾ ڄار جا پن ٿيندا آهن، جن هن جي ڪري پاڙ ڳولي زمين مان ڪونڍير کوٽي ڪڍبو آهي. هيءَ ول مُرٽن، ڄارين، موراڙين، ڦوڳن، ڪرڙن ۽ ۽ ٻين وڻن ۾ اُڀري ۽ وڻ تي چڙهندي ويندي آهي. ڪونڍير مٿان نرم هلڪي ڀوري رنگ جي کل ٿيندي آهي، ۽ هوبهو پٽاٽي جهڙو پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اندر اڇي رنگ جو ڳڀ ٿيندو آهي. ٿورو ڪپڙي سان گَهِبو ته کل لهي ويندي ۽ ڳڀ ظاهر ٿي پوندو آهي. عمر! انهيءَ ڏيهه جا، ڪونڍير قوت ڪريندي. ٿري ماڻهو، خاص ڪري ٻار، ڪونڍير ۽ ول جا پن شوق سان کائيندا آهن. ڏينهن جو ٻار مال سان پَهري ويندا آهن، شام جو پنج – ست ڪونڍير ضرور آڻيندا آهن، جي پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏيندا آهن. هنن جي ڀاڄي ڪا نه ڪبي آهي. اُن جا پن اُٺ ٻڪريون ۽ رڍون وغيره به کائيندا آهن. ڪونڍير هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ لڳائبو ته اُتي اُڀري پوندو آهي. ڪي ٻار جهنگ مان ڪونڍير آڻي پنهنجن گهرن جي لوڙن جي ڀرسان پوکيندا آهن. * ڦَڙَ سِير: هن ول جي ڳنڍ ڪونڍير وانگر زمين اندر ٿيندي آهي. مُرٽن، ڄارين، ڦوڳن وغيره جي سهاري اُڀرندي آهي ۽ وڻن تي چڙهندي آهي. هن ول جا پن ڪونڍير کان وڏا، ويڪرا ۽ ڳڀدار ٿيندا آهن. ننڍا ٻار ڳنڍ ۽ پن شوق سان کائيندا آهن. هنن جي ڀاڄي ڪا نه ٿيندي آهي. اُن جا پن اُٺ، ٻڪريون، رڍون وغيره کائيندا آهن.ڳنڍ کي هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ هڻبو ته اُتي اُڀري پوندي آهي. * سُوئِيو: هيءَ به ساڳئي قسم جي ول آهي. ڳنڍ زمين اندر ٿئي، ۽ مٿان ڏانڊي وڻن ۽ ٻوٽن تي چڙهندي ويندي آهي. ان جا پن سنها، ڊگهيرا ۽ نوڪدار ٿيندا آهن. ٻار پن ۽ ڳنڍ کائيندا آهن، پر ڀاڄيءَ جي ڪم ڪونه اچن. ڳنڍ کي هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ لڳائبو ته اتي به اُڀري پوندي آهي. باب ڇهون گــاهه سياري ۽ اونهاري جو ڏسبو ته سواءِ وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪو به سائو سَلو ڪونه هوندو. زمين وارياسي، سُڪي ٺوٺ ٿي پيئي هوندي آهي. پاڻيءَ جي بلڪل اڻاٺ آهي. پيئڻ جو پاڻي به کوهن مان وڏيءَ تڪليف بعد ڪڍبو آهي. نئون ماڻهو ٿر ۾ اچڻ سان سمجهندو آهي ته ههڙي خشڪ وارياسي ملڪ ۾ ڇا اڀرندو هوندو ۽ ماڻهو هتي ڪيئن ٿا گذارين! مگر ڌڻيءَ جي قدرت اُپار آهي، جنهن کي انسان جو عقل سمجهي نٿو سگهي. اونهاري جو وري اهڙي تپت ٿيندي آهي جو جاين ۾ ويٺل ماڻهن جي بدن مان پگهر ريلا ڪري پيو وهندو آهي. بعضي وري تيز گرم هوائون (لُڪون) لڳنديون آهن ۽ واري ڌُوڙيا ڪري پيئي اُڏامندي آهي جو ٻاهر نڪري نه سگهبو آهي، پر جڏهين برسات پوندي آهي تڏهين انهيءَ خشڪ واريءَ ۾سوين قسمن جي گاهه جو ٻج، جو اتي واريءَ سان گڏيو پيو هوندو آهي، سو ٻن – ٽن ڏينهن اندر ائين ڦٽي نڪرندو آهي، جيئن مٿي تي وار، ۽ وڌندو ايندو ۽ هفتي کن بعد سڄي زمين، ڀٽون، دڙا، مڙها، پوٺا، پٽ ۽ ڏهر ساوڪ جي پوش سان ڍڪجي ويندا آهن، فقط ڪي واٽون ۽ رستا اڇن ليڪن وانگر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. مهيني کن اندر ٻي برسات پيئي ته پوءِ گاهه هڪدم وڌي ايندو ۽ ان بعد جي ٽئين برسات پيئي ته پوءِ گاهه جي ڳالهه ئي نه پڇو. پر جي ٻي ڪا برسات نه پيئي ته اُڀريل گاهه ٿوري ئي وقت ۾ سڪي ويندو ۽ مال لاءِ ڏولائو اچي ويندو آهي. سال بسال ٿر ۾ پوريون برساتون نٿيون پون. پر جنهن سال پوريون برساتون پونديون آهن، تڏهين جهرجهنگ گاهه سان اهڙو ته ڀرجي ويندو آهي، جو ان وقت گس کانسواءِ جهنگ مان هلي ڪو نه سگهبو آهي. مال ويچارو، جو اونهاري جو ڏٻرو ٿيل هوندو آهي، سو گاهه کائي ٿوري ئي وقت اندر متارو ٿي پوندو آهي. ان وقت ڪيترو ئي مال ڀل پيو چري ته به گاهه کٽڻ جو ئي نه هوندو آهي. ٿر ۾ ڪڏهين برسات پوي، ڪڏهين ڪانه پوي. جڏهين برسات نه پوندي آهي، تڏهين ملڪ ۾ اناج ڪو نه ٿئي ۽ ماڻهو ناري طرف لاباري ۽ پورهئي لاءِ ويندا آهن. ان وقت انهن جي اُتي جي ڪن زميندارن سان واقفيت ٿي پوندي آهي. پوءِ جڏهين ٿر ۾ برسات پوي ۽ گاهه جام ٿئي تڏهين اهي ماڻهو پنهنجو مال، ڍڳيون ۽ مينهون ڪاهي واقفڪارن کي چارائيءَ تي ڏيو وڃن. يا ڪي ٿري وڃي اهو مال ڪاهي به ايندا آهن جو کين چارائي ملندي آهي. چارائيءَ جو نرخ هرهڪ جانور تي اٺ – ڏهه آنا يا گهڻي ۾ گهڻو ته رپيو ننگ جي حساب سان هوندو آهي. ٿر ۾ مال جي چوري ڪا نه ٿئي ۽ نڪي ڪي اهڙا خوفناڪ جانور آهن، جي مال کي نقصان رسائين. ٿري ماڻهو ڏاڍا ايماندار آهن. جي ڇڏيل مال کي چارين، پيارين ۽ پنهنجي مال جي سنئين سنڀال ڪن. کير پاڻ ڪم آڻين پر ڪر ڦر وغيره ڄمي ته اهو مالڪن کي سلامتيءَ سان موٽائي ڏين. ڪو جانور ڪهڙا گاهه پسند ڪري ۽ ڪو ڪهڙا. اهي جانور گاهه کان سواءِ ڪي ٻوٽا به کائيندا آهن، سي وري تڏهن، جڏهن گاهه جي اڻاٺ هئڻ ڪري بک هوندي اٿن، نه ته انهن جي جياپي جو مدار گاهه تي آهي. جڏهين گاهه سائوهوندوآهي، تڏهين ٿري ماڻهو مال جو چارو ڪن، ڪي گاهه ڏٿ طور ڪم آڻين، سڪڻ بعد ڪٺو ڪري دَنون ٺاهي رکن. جي وري اونهاري جو يا ڏڪار جي وقت – جڏهن گاهه جي ڪاٻٽ هوندي اٿن، نه ته انهن جي جياپي جو مدار گاهه تي آهي. جڏهين گاهه سائو هوندو آهي، تڏهين ٿري ماڻهو مال جو چارو ڪن، ڪي گاهه ڏٿر طور ڪم آڻين، سڪڻ بعد ڪٺو ڪري دَنون ٺاهي رکن، جي وري اونهاري جو يا ڏڪارجي وقت – جڏهين گاهه جي ڪاٻٽ هوندي آهي، مال کي چارين. ٿر ۾ گاهن جا گهڻي ئي قسم ٿيندا آهن، جن مان ڪن مکيه گاهن جو مختصر بيان ڪجي ٿو: * ڀُرٽ: هي ڀٽن، دڙن، مڙهن ۽ خاص ڪري ڏهرن جي سنيئن وارياسي زمين ۾ جام ۽ سخت زمين ۾ ٿورو ٿئي. ٻه فوٽ کن ڊگهو ٿئي. اُن جا پن سنها ڊگها ٿين. ان جون تيليون تيليون ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو سنگ ٿئي، جنهن ۾ پردن اندر داڻا بند ٿيل هوندا آهن ۽ مٿان سنها سنها نوڪدار ڪنڊا ٿيندا آهن. ٻج غريب ماڻهو کائيندا آهن. هي بلڪل ڪمائتو گاهه آهي. ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه جام کائيندا آهن. سائو هوندو آهي، تڏهين ڪي ڪي اُٺ به کائيندا آهن، سڪڻ بعد ماڻهوگڏ ڪري دَنون ٺاهي رکندا آهن، جي پوءِ مال کي کارائيندا آهن. * سيڻ: هي گاهه به مُرٽ وانگر ٿُٻَ ٿُٻَ ٿُٻَ بيٺل هوندو آهي، جنهن ۾ تيليون ٿينديون آهن. تفاوت رڳو اهو آهي جو مُرٽ جون تيليون سائي رنگ جون ۽ سڪڻ بعد سڄو مُچو اڇو ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر سيڻ جون تيليون اڇيون ۽ سڪڻ بعد به سڄو ٻوٽو اڇو ڏسبو آهي. ان جا سڱ به اڇا ۽ ڳتيل، چار انچ کن ٿيندا آهن. ٿر ۾ گهوڙي لاءِ سيڻ جهڙو ٻيو ڪو به گاهه ڪونه آهي. چوندا آهن ته سيڻ گهوڙي لاءِ آمڻ آهي. گڏهه به کائين. ڪي ڍڳيون ته اصل ڪو نه کائين. مُرٽن جي بنسبت هي وڌيڪ قيمتي آهي. ماڻهو وڍي گڏ ڪري رکندا آهن، جو بعضي اڍائي، ٽي رپيا يا وڌيڪ اگهه سان في مڻ جي حساب سان وڪرو ڪندا آهن. هن کي سنهو ڪُتري ڪري گُوارٽِي سان گڏي اُٺن کي کارائيندا آهن. * لَنپ: هي گاهه مٺي نَهَور زمين ۽ خاص ڪري سنون پوٺن تي جام ۽ گهاٽو ٿيندو آهي. پارڪر ۾ ته جام ٿئي. هن کي لنب به چون. منجهان لنب ”لطيف“ چئي، چانور ڪيو چاڙهين. ڊيگهه ۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿيندوآهي. اُن جي تيلي سنهي ٿيندي آهي. گهاٽي اُڀرڻ ڪري ان جو مٿاڇرو لسو پيو معلوم ٿيندو آهي. هوا تي جهُولڻ ڪري وڻندڙ پيو لڳندو آهي. هن جا پن سنها ۽ چوٽي وٽ تکا ٿيندا آهن. هن جي کائڻ ڪري مال ۾کير جام ۽ گهاٽو ٿيندو آهي، جنهن ڪري مکڻ ججهو لهندو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته ”لنب مکڻ چنب“، يعني لنب جي کائڻ ڪري هرهڪ ڍڳيءَ مان چنبي جيترو مکڻ لهندو آهي. هنجي پاڙ زمين اندر ٿوري ٿئي ٿي. ڍڳين جي ته خاص خوراڪ آهي، پر مينهون، گهوڙ ۽ گڏهه به جام کائيندا آهن. سڪڻ بعد پيلو ٿي پوندو آهي ۽ پري کان سج جي روشنائيءَ ۾ پيو چلڪندو آهي. هن جي تيلي ڏاڍيري، پر ٻَڙڪِڻي، يعني زور ڏيڻ سان ڪڙڪو ڪري ٽڪر ٿيو پوي، جنهن ڪري سڪڻ بعد مَال جي لَتاڙ ڪري ڀڄي ڀُري زمين تي سٿا ٿيو پيو هوندو آهي. هي اهڙو ته گهاٽو اُڀرندو آهي جو سڪڻ بعد جي اتفاق سان باهه لڳي ته پوءِ اها وڌندي ويندي ۽ ائين بعضي ڏهرن جا ڏهر ناس ٿيو وڃن. لَنب ته سڙي پر وچ ۾ بيٺل وڻ، ٻوٽا ۽ گاهه به ناس ٿيو وڃن. انهيءَ حالت کي ”ڏؤ“ لڳڻ چئبو آهي، پوءِ ڳوٺن جا ماڻهو اچيو مڙن ۽ گڏجي ڪوشش ڪري اُجهائيندا آهن. هن ۾ سنهڙو ان ٿيندو آهي، جو غريب ماڻهو ڏڪار وقت کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن. * ڳَنڍير: هي ڏاڍي زمين ۾ ٿئي، جنهن ڪري ڏهرن ۾ جام هوندو آهي. ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي زمين ۾ ڪونه اُڀري. بقول لطيف: جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن سين. هن گاهه جي تندن جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ڳنڍين ڳنڍيون ٿينديون آهن، جي زمين تي لڳي اُڀرنديون آهن ۽ مٿان سنگ ڪڍنديون آهن، جو ڦاڪن سان جهيرڻي جهڙو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح تندون ٿي چوڌاري زمين تي اُڀرندو پکڙجندو ويندو آهي. تندون سنهيون، مضبوط ۽ سائي رنگ جون ٿينديون آهن. سڪڻ بعد پيلو ڏسبو آهي. هي گاهه ڍڳيون ۽ مينهون خوب کائينديون آهن. ٿر ۾ هن کي ”گَنٺِيو“ چوندا آهن. هي گاهه پوک لاءِ نقصانڪار آهي. ڏهر جي ٻنيءَ ۾ جي گنٺيو هوندو ته آبادي نه ٿيندي. جي هڪ دفعو هن جو ٻوٽولڳي ويو ته وري جلدي ناس به نه ٿيندو آهي. هاري ڇا ڪندا آهن جو اونهاري جو جڏهين سڪي ويندو آهي، تڏهين پهريائين باهه ڏيئي مٿيون حصو ساڙيندا آهن، پوءِ ڪوڏر سان کوٽي پاڙان ڪڍبو آهي ۽ وري ٻني پوکڻ مهل ٻه - ٽي دفعا هر ڏيئي بنياد ئي پٽي پوءِ آبادي ڪندا آهن. * ڊَڀ: هي گاهه سخت زمين يعني ڏهرين ۾ ٿيندو آهي. ان جي پاڙ هيٺ اونهي ويندي آهي، تنهنڪري هڪ دفعو ڪٿي اُڀريو ته پوءِ اتي چوڌاري پکڙبو ويندو. هي هيٺان ٿٻ وانگر ٿيندو آهي ۽ پن چڀڙا ڊگها ٽي – چار فوٽ کن ٿيندا آهن.وچ وچ ۾ سنهيون سنهيون ڏانڊيون ٿينديون آهن، جن جي ڇيڙن ۾ننڍا سنگ ٿيندا آهن. پوک لاءِ نقصانڪار آهي.هڪ دفعو ڪنهن ٻنيءَ ۾ اُڀريو ته پوءِ اُها ٻني آباديءَ کان ڇُٽي. هن جا ٿُٻ سدائين ساوا بيٺا هوندا آهن، جي برسات پوڻ سان وڌي ايندا آهن. هن کي ناس ڪرڻ لاءِ هاري ويچارا ڏاڍا حيلا ڪندا آهن: اونهاري جي ڪوڏر سان کوٽي سڄا ٿُٻ ڪڍندا آهن ته پوءِ برسات پوڻ وقت ٻه – ٽي هر ڏيئي پوءِ آبادي ڪندا آهن. ائين ڪرڻ سان هي ٻوٽو بعضي ناس ٿي ويندو آهي، نه ته به گهٽبو ضرور آهي. هي بلڪل ڪمائتو گاهه آهي. جڏهين وڏو ٿيندو آهي، تڏهين ماڻهو ڏاٽي سان وڍي ان مان ڪيترا ڪم وٺندا آهن، جيئن ته پاکڙي جي ٿَڙَهَن جي اندر وجهي ڀرتي ڪندا آهن. اُن مان نوڙين وٽي غريب ماڻهو کٽولا واڻيندا آهن، ان جي سنهي ڪُتر ڪري مٽيءَ جي گاري سان گڏي جاين کي راڳو ڏيندا آهن ته نه ڪو ڦٽندو ۽ نه ڪو برسات جي ڪري ترت لهندو ۽ گهڻو وقت جٽاءُ ڪندو آهي. سائو هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون، مينهون ۽ گڏهه کائيندا آهن. ڪمائتي هئڻ ڪري غريب ماڻهو ڊڀن جون ڀريون ڪري شرن ۾ وڪڻي روزگار ڪندا آهن. * ڊامَڻ: هي گاهه ڏهرن واري سخت زمين ۽ ڀٽن جي لاهن تي ڏرڙن جي ڪناري واري سخت زمين تي ٿيندو آهي. اُن جي ڊيگهه ٻه فوٽ کن ٿئي ۽ پن ڊگها ۽ نوڪدار ٿين. ڏانڊيءَ مان تيليون نڪرن، هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو ٽي انچ سنهون سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ بند ٿيل پوشن اندر داڻا داڻا هوندا آهن. هي گاهه ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. گانيون ڊامڻ کائڻ ڪري ججهو ۽ گهاٽو کير ڏينديون آهن، جنهن مان مکڻ گهڻو حاصل ڪبو آهي. * چِيهو: هي گاهه سخت زمين ۾ خاص ڪي اهڙي هنڌ، جتي ڪجهه وقت برساتي پاڻي بيهندو آهي، جيئن ڏهريون، تليون، ترايون، ٽوڀا ۽ هيٺاهان پوٺن وارا هنڌ – جام ٿيندو آهي. منهنجو تُورو تلين ۾، ”چيها“ ٿو چاري. ان جا پن چپٿرا، مني فوٽ تائين ڊگها ٿيندا آهن. وچ ۾ ڏانڊي ٿيندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي ڦاڪدار سنگ ٿيندو آهي. هي سخت زمين ۾ اُڀرندو آهي، جنهن ڪري هٿ سان ڇڪڻ ڪري پٽجي نه سگهندو آهي. رڍون، ٻڪريون ۽ گڏهه هي گاهه جام کائيندا آهن. * وينجهَل: هن گاهه جون سنهيون تندون وڌي وري ٻئي هنڌ زمين تي پاڙ هڻي وڌنديون وينديون آهن، ۽ جلد ئي چوڌاري پکڙجي ويندو آهي ۽ گهڻو وقت سائو رهندو آهي. هن جي پاڙ هڪ دفعي لڳڻ بعد اهڙي هيٺ اونهي ويندي آهي، جو ناس نه ٿيندو آهي ۽ ڪافي وقت سائو رهندو آهي. برسات پوڻ وقت سائي ٿيندي ويرم ئي نه ڪندو آهي. پوک لاءِ نقصانڪار آهي. جي هڪ دفعو ڪنهن ٻنيءَ ۾ٻوٽو لڳي ويو ته وڌي ميدان ڀري ڇڏيندو ۽ پوءِ اها ٻني آباديءَ کان ڇُٽي! نحس وري اهڙو آهي جو هنجي پاڙ اونهي هئڻ ڪري وڍڻ سان به جلد ناس نٿي ٿئي. ٻيا جانور ڪو نه کائين، اُٺ البت کائيندوآهي. هن کي ڪي ”موٿو“ يا ”موٿ“ به چون. * ويڪَر: هي گاهه ڏهرن واري ڏاڍي ۽ سخت زمين ۾ جام اُڀرندو آهي ۽ بلڪل گهاٽو ٿيندو آهي. ڏهرن جا ڏهر ڀريا پيا هوندا آهن، وچ مان لنگهڻ به مشڪل هوندو آهي. ڊيگهه ۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿئي. اُٺ جو ته خاص کاڌو آهي. ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون به عام کائين. سڪڻ بعد زمين تي سٿيو پيو هوندو آهي، جو ڪيترو وقت مال پيو کائيندو آهي. * سائون: هي گاهه سخت زمين تي ڊيگهه ۾ ٽي – چار فوٽ کن ٿيندو جي داڻي جيڏو اَنُ ٻاهران ڀورو، اندران اڇو ٿيندو آهي. سَٿا ڪيو ”سيد“ چئي، سائون سُڪائين. ٿري ماڻهو اُن جي ماني پچائين ۽ بعضي ڇَڙهي ڀت رڌي کائيندا آهن. هندو ماڻهو وڏن ڏينهن تي سائون خاص هٿ ڪري چاهه سان کائيندا آهن. ان گاهه کي ڍڳيون، مينهون، گڏهه، گهوڙا ۽ گابا کائيندا آهن. * ڪِرنگهه: هي گاهه چار فوٽ کن ڊگهو مٽيءَ واري زمين ۾ٿيندو آهي. هن کي پاڻي جام کپي، هن جا پن ڊگها ٿيندا آهن، اُن جي ڏانڊي ڪارسري رنگ جي ٿيندي آهي. چوٽيءَ تي سنگ ڪڍندو آهي، جو ڪڻڪ جي سنگ سان مشابهت رکندڙ ٿيندو آهي، جنهن ۾ تکا سُوئا ٿيندا آهن، جي اُن کي پکين کان بچائيندا آهن. اندر ٻج سنهون ٿيندو آهي. داڻو پيلي رنگ جو ننڍو، پر سخت ٿيندو آهي، جنهن کي پاڻيءَ ۾ پُسائي اُکريءَ ۾ چَڙهي وسِنِاڻَ ڪبو آهي ته ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي. ٻئي اَن سان ملائي پيهي ماني پچائي کائبي آهي. هن کي ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. * ٻَرو: گاهه جو هي قسم چار فوٽ کن ڊگهو، نرم وارياسي ڀِٽن جي لاهه واري زمين تي ٿيندو آهي. چوٽيءَ تي سندس سنگ ۾ ڦاڪون ڦاڪون ٿينديون آهن، جي ٽڙي بيهنديون آهن ۽ انهن ۾ داڻا ٿيندا آهن. پن ٻاجهريءَ جهڙا، پر سنها، اُن جي وچئين ڏانڊي ڳاڙهيري رنگ جي ٿيندي آهي. اُن جا داڻا جوئر جي داڻي جيڏا، چپڙا ڳاڙهيري رنگ جا ٿيندا آهن، جي پيهي مارو ماڻهو ماني پچائي کائيندا آهن. مانيءَ جو رنگ ڳاڙهن چانورن جي مانيءَ جهڙو ٿيندو آهي. هي گاهه ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. *برينڇ: هي گاهه ڀٽن جي لاهين ۽ ڏرڙن جي ڪپن تي ٿيندو آهي. ان جي پاڙ مان ڪيتريون تيليون ٿي جڳهٽي وانگر بيهندو آهي. اُن جون پاڙون اهڙيون مضبوط نه هونديون آهن، جنهن ڪري ٿوري زور سان اُکڙي ايندو آهي. سائو هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. پڪي ٿيڻ تي تيلين جو رنگ پيلو ٿيندو آهي. اُن جون تيليون البت سخت ٿينديون آهن. ٿري ماڻهو اهو گاهه پٽي رکي ڇڏيندا آهن، جنهن مان گهر ۾ ڪچري ميڙڻ لاءِ ٻُهارين ٺاهيندا آهن، جي مضبوط ٿينديون آهن ۽ گهڻو وقت جٽاءُ ڪنديون آهن. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو کجيءَ جي ٻهاري اصل ڪم ڪونه آڻين، سڀ ڪنهن گهر ۾ برينڇ جي ٻهاري هوندي آهي. * کوائِي: هي گاهه سخت زمين ۾ ٿئي ۽ گهاٽو اُڀرندو آهي. هن جي پاڙ مان تيليون نڪرنديون آهن جي ٻه اڍائي فوٽ ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ نرم ٻُر ٻُر وارو ننڍو سنگ ٿيندو آهي. سائو هجي تڏهين ڍڳيون ۽ ٻڪريون کائين، سڪڻ بعد رنگ پيلو ٿي ويندو آهي. ٿري ماڻهو کِوائي گڏ ڪري رکندا آهن، جنهن مان ٻُهاريون ٺاهيندا آهن. مگر اُن جي تيلي برينڇ جهڙي مضبوط نه آهي، پر نرم هوندي آهي، ان ڪري ٻهاري ٿورو وقت جٽاءُ ڪندي آهي. * سيارڇ: هي گاهه وسڪاري جو پوٺن تي اُڀرندو آهي، منجهس ڳاڙها گل ٿيندا آهن. ڪچي جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ پچڻ بعد مال کائيندو آهي. غريب ماڻهو ٻجن کي ٻاجهريءَ سان ملائي پيهي اٽي جي ماني پچائي کائيندا آهن. * گهِينٽِيا: هي گاهه سخت زمين ۽ پاڻيءَ وارن هنڌن، تراين، ٽوڀن ۽ پاڻيءَ جي دُٻن وارن هنڌن تي ٿيندو آهي. هي چيِهي جي دفعي مان آهي، پر اُن جا پن چيهي کان سنها ٿيندا آهن. هن جي پاڙ ۾ ٿورو زمين اندر ننڍي ناسي رنگ جي کوپي سان ڳنڍ ٿيندي آهي، جنهن جي اندر اڇي رنگ جي ڳڀ جو ڳوڙهو ٿيندو آهي، جو ننڍا ٻار کائيندا آهن، برسات پوڻ بعد هفتي اندر هي گاهه ٿي پوندو آهي. ننڍا ٻار پاڙون کوٽي اهي ڳنڍيون ڪڍي مزي سان کائيندا آهن. ان کي رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا جام کائيندا آهن. * کيلَهو: هي هوبهو بصر جهڙو ٿئي. زمين اندر اڇي ڳنڍ ٿئي ۽ مٿان پن ٿيندا آهن، جنهن ڪري اُن کي جهنگلي بصر به چون. ڳنڍ کائڻ ۾ ڪساري بيسوادي ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪنهن به ڪم ڪو نه اچي. مٿان ساوا پن ٿين. جي ٻڪريون، رڍون ۽ ڇيلا کائيندا آهن. * چِل: هي گاهه چِيهي جهڙو، پر ڊگهو لامن سان، خاص ڪري سخت پوٺيواري زمين ۾، جتي پاڻيءَ جي مار گهڻي هجي: چيهو ”چل“ چڱو ٿيو، سائون ڳنڍير ڳم، ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. * کِهه: هي گاهه جو قسم فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ”کِهه“، ”مانڌاڻو“، مکڻي، ڍوئين پاسي ڍٽ. هي سخت زمين ۾ گهاٽو اُڀرندو آهي. ڍڳيون، مينهون، گابا، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. ان جي تيلي سنهڙي ٿيندي آهي. سڪڻ بعد رنگ پيلو ٿيندو آهي، جو پوءِ مال جي لتاڙ ڪري ڀڄي ڀُري زمين تي ڪري پوندو آهي، جو نيٺ ائين ختم ٿيو وڃي. * مانڌاڻو: هي گاهه ڏاڍي زمين ۾ اُڀرندو آهي، جنهن ڪري ڏهرن ۾ جام ٿيندو آهي، پاسن کان سنها ڊگهيرا پن ٿيندا آهن. وچ ۾ ڏانڊي ٿيندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي چئن – پنجن بعضي ڇهن ڦاڪن سان سنگ ٿيندو آهي، جو هوبهو مانڌاڻي وانگر ڏسبو آهي. اڃا به ڦاڪون وڌيڪ کليل هونديون آهن، جنهن ڪري اُن کي ”جهيرڻو“ به چون. هي گاهه رڍون، ٻڪريون، ڇيلا، ڍڳيون، گابا، مينهون ۽ گڏهه جام کائيندا آهن. هن ۾ اڇي رنگ جو سنهڙو اَن ٿيندو آهي، جو ڏوٿيئڙا ڏڪار وقت ٻاجهريءَ سان ملائي پيهي ماني پچائي کائيندا آهن. * مکڻِي: هي گاهه مانڌاڻي جهڙو، پر ڊيگهه ۾ البت وڏيرو، چوٽيءَ وٽ چئن ڦاڪن سان ٿيندو آهي. هي ڏاڍيري زمين ۾ جام ٿئي. وارياسي ڊَسَڙَ ۽ ڀٽن تي گهٽ ٿئي. هن جو اَن ڳاڙهسري ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي، جو غريب ماڻهو ٻاجهريءَ سان ملائي، ڏڪار وقت مانيون پچائي کائيندا آهن. هن جي اٽي ۾ چيڙهه ٿيندو آهي ۽ سواد ۾ ڪي قدر چانورن جهڙو ۽ طاقت وارو آهي. جڏهن سائو هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون، مينهون، گهوڙا، گڏهه ۽ گابا کائيندا آهن. * ڏِنوهي: هي گاهه ڀِٽن جي پاسن تي فٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. پاڙ وٽ جهڳٽي وانگر مٿي سوئا ٿي وڌندو آهي. رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏهه وغيره کائيندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڌاڃوڙ، کوماڻ ۽ ٻيا به انيڪ قسمن جا گاهه ٿيندا آهن. باب ستون ٿر جو آباد ٿيڻ ٿر بابت جيتريقدر حقيقتون ملي سگهن ٿيون، تن مان پتو پوي ٿو ته عمرڪوٽ ۽ پارڪر وارا پاسا تمام جهونا وسايل آهن. پارڪر واري ڀاڱي ۾ جيڪي هندن جا تيرٿ آستان آهن، جيئن ته ويرا واهه کان ننگرپارڪر تائين، ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ سهڻن مندرن ۽ مڙهين جا نشان ۽ ٻيا يادگار آهن، تن مان ڪن جو ذڪر هندن جي ڌرمي ڪتابن (پراڻن) ۾ آهي. اهي آستان”جينين“ جا ٺهرايل چيا وڃن ٿا. پاري ننگر جو اتهاس تمام جهونو آهي. پاري ننگر جو ڦٽل شهر ۽ گوڙيءَ جو مندر اُنجي شاهوڪاريءَ ۽ تعميرات جي ڪمال جي شاهدي ڏين ٿا. ”جين“ وڏا واپاري ۽ شاهوڪار هئا، جن جو ڪڇ، گجرات ۽ ٻين ملڪن سان واپار هلندو هو. عمرڪوٽ بابت به ڪيترن اتهاسن ۾ تمام آڳاٽو احوال ملي ٿو. باقي رٿ جو ڀاڱو به ڪافي آڳاٽو وسايل سمجهڻ ۾ اچي ٿو. ڇو ته پراڻن کنڊرن، مقامن، کوهن ۽ ٻين نشانن مان سمجهجي ٿو ته وسندڙ ۽ آباد هو. ٿر ۾ڪيترن هنڌن تي پراڻا کنڊر آهن، جن مان ڪيترن هنڌن تي پڪين عمارتن، ڪوٽن ۽ مقامن جا نشان آهن ۽ گهڻن هنڌن تي ننڍن ڳوٺن جا نشان ملن ٿا، جتي جايون ڪچيون هيون، جن جا عام نشان ظاهر ڪو نه آهن، مگر ٺڪرجي پڪل ٿانون جا ٽڪر ۽ جهونا کوهه لڌا ويا آهن. اڃا به ڪيترن هنڌن تي اصلوڪا پراڻا کوهه لڀن پيا، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اتي اڳي ڪي بستيون ضرور هيون. جيتريقدر احوال ملي ٿو، عمرڪوٽ ۽ کائڙ تي پهريائين پرمارن جي حڪومت هئي، جن کان سومرن حڪومت هٿ ڪئي. سنه 1125ع ۾سوڍو راجپوت آيو، جنهن کي سنڌ جي سومري حاڪم رتو ڪوٽ ڏنو، جنهن جا نشان کپري تعلقي ۾ ڍوري جي ڪپ تي آهن. سوڍن پوءِ عمرڪوٽ ۽ ان جي آسپاس وارو ڀاڱو هٿ ڪيو ۽ اڳتي وڌي پارڪر تائين ويا. يارهين صديءَ ۾ ٿر جي وچ ۾، جنهن کي ڍاٽ چئجي ٿو، اتي مڪواڻن حڪومت ٺاهي، جن جي گاديءَ جو هنڌ ڪيرٽي (مٺيءَ کان سورهن ميل اوڀر طرف) هو. ان وقت ڪڇ مان ڪيترا راجپوت اچي ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ رهيا. ٿر ۽ ناري جي دنگ سان به ڪيترائي کنڊر آهن. ڳوٺ نهٽي وٽ پڪين جاين ۽ ڪوٽ جا نشان ظاهر بيٺا آهن. هتي اڳي مهر قوم جي راجپوتن جو راڄ هو، جن مان هڪ ڇوڪري مهر ڪُماريءَ جي شادي ڪڇ جي راجا راءِ لاکي ڦلاڻيءَ سان ٿي هئي. ٻين به ڪيترن هنڌن تي دڙا ٿيا پيا آهن، جن کي ”ڀِڙا“ چئبو آهي. ٿر جو وچ وارو ڀاڱو ڪڏهين آباد ته ڪڏهين غير آباد پئي رهيو آهي. هڪڙا آيا ٻيا ويا. منجهس چور ۽ ڦورو به اچي پناهه وٺندا هئا. ڀيل تمام آڳاٽا رهاڪو آهن، جي اصل گجرات کان آيا ۽ سڄي ٿر ۾ پکڙجي ويا. ان بعد ڪولهي لوڪ ڪڇ، واڳڙ ۽ ٿراد کان آيا، جي پارڪر ۾ گهڻا رهن ٿا ۽ باقي اڳتي ٿر ڏي ڪو نه وڌيا. ڀيل ۽ ڪولهي لڙائيءَ وقت راجپوتن کي گهڻي مدد ڏيندا هئا، گويا کين جنگي سپاهي چئجي ته به وڌاءُ ڪونهي. انهن کي مقرر پگهار ڪو نه ملندو هو. پنهنجي گذر لاءِ ڳوٺ ٻڌي کوهه کوٽي رهيا هئا ۽ ٻنيون ڪندا هئا، ضرورت مهل مدد ڪندا هئا. ڀيلن جا ڳوٺ ۽ تڙ سندن ئي نالي تي اڄ تائين آهن. ملڪ ۾ طوائف الموڪي هئڻ ڪري بلوچ، کوسا، چانڊيا ۽ ڪي ٻيا اچي رهيا، جي جنگجو ۽ بهادر آهن. پوءِ مال جي سانگي ٻيا مسلمان به لاڙ ۽ سنڌ کان آيا. ڪجهه ملڪ وسڻ بعد مارواڙ مان مهيشوري واپار جي سانگي آيا. برهمڻ جمجمان ورتيءَ جي ڪري آيا. ڪاسبي قومون مينگهواڙ، سُوٽهڙ، مالهي، سنارا ۽ نائي اچڻ لڳا. ٿر ۾ مال جي چاري جي سهوليت، سادي حياتي، ٿوري خرچ سان گذران ۽ ٻيون سهولتن جي ڪري جيڪي ايندا ويا سي ٺهي ٺُڪي بستيون بڻائي ويهي رهيا. هندن مان برهمڻ، مهيشروري، سونارا، نائي، چارڻ، ڪنڀار، سوٽهڙ، مالهي، جاٽ، کٽي، ورتيئا، ڪري اگر، بجير، ڀاٽ، سامي، درزي مينهگواڙ گرڙا ۽ ڀنگي مارواڙ کان آيل آهن. سندن رسم رواج، ٻولي، شاديءَ غميءَ جون ريتيون وغيره مارواڙين سان وڌيڪ ملن جلن ٿيون. ڪولهي ۽ شرمائي برهمڻ واڳڙ کان آيا، جنهن ڪري اڄ تائين واڳڙيا سڏجن ٿا. لهاڻا ۽ سارسوت برهمڻ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ لاڙ کان واپار جي سانگي آيا، جي ملڪي سهوليتن جي ڪري ٿر کي وطن بڻائي ويهي رهيا. کوسن کان سواءِ ٻيون مسلمان قومون گهڻو ڪري ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت يا ڪجهه وقت کان اڳ آيل آهن. ميمڻ لاڙ ۽ ڪڇ کان آيا. سادات پيري مريديءَ جي سانگي اچي رهيا. بلوچ قومون کوسا، لُنڊ، رند، چانڊيا، گرگيز، وغيره ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ آيا. سماٽ قوم جون ڪئين ذاتيون ٿر ۾ رهن ٿيون. ڪي ذاتيون تازو هندن مان مسلمان ٿيل آهن، جهڙوڪ سنگراسي، مڏا، ڏوهٽ، ڀٽي، ڪيلهڻ، چوهاڻ، نٻا ۽ نرا وغيره، جي راجپوت قومون هيون ۽ اڃا اصلوڪن نالن سان سڏجن ٿيون. جيڪي ماڻهو ايندا ويا تن مان گهڻا مارواڙ کان آيا آهن، جو اتي سخت ڏڪار پوندا هئا، جنهن ڪري گذران جي ارادي سان آيا ۽ ڪي ٻين سببن جي ڪري آيا، جيڪي آيا سي سکيا ٿيڻ ڪري ڳوٺ ٻڌي، تڙ کڻي، ٻنيون ڪري، مال ڌاري، رهاڪو ٿيندا ويا. ٿر جي شهرن ۾ مسلمان، برهمڻ، مهيشوري، لهاڻا، ڪاسبي ۽ مينگهواڙ گهڻا رهن ٿا. ڇو ته هڪڙا پئسي وارا جن جو ڌنڌو واپار لاءِ ڏيتي ليتي تي آهي. جهڙوڪ: مهيشوري ۽ لهاڻا، ٻيا ڪاسبي جهڙوڪ ڌوٻي، حجام، هندو کٽي، نائي، مالهي، سونارا ۽ مينگهواڙ، اهي شهرن ۾ گهڻا آهن. راجپوت ۽ مسلمان مالدار آهن ۽ مکيه ڌنڌو کيتي اٿن، سي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا. مينگهواڙ سڄي ٿر ۾ پکڙيل آهن. ڀيل مٺي تعلقي ۾ گهڻا ۽ ٻين پاسن ٿورا آهن. ڪولهي پارڪر ۾گهڻا رهن ٿا. پاڪستان ٿيڻ بعد لڏ پلاڻ جو اثر ٿر تي بلڪل ٿورو ٿيو آهي. ڪي برهمڻ ۽ مهيشورين جا گهر لڏي ويا آهن، مگر ٻيا سڀ ويٺا آهن. اُن وقت ڀارت مان مهاجر ٿر ڏي ڪو نه آيا پر 1956ع جي پاڪ – ڀارت جنگ وقت ڪيترا مسلمان، جيڪي جوڌ ور رياست ۾ سرحد کي ويجها هئا، سي ڪافي لڏي آيا آهن. انهن مان گهڻو تعداد ڇاڇري تعلقي ۾ آهي. ٿر جا موجوده شهر، جهڙوڪ مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، چيلهار، اسلام ڪوٽ، ڪانٽيو، گڍڙو، ڀريلو وغيره تازا وسايل آهن، جن جو بنياد ٽن – چئن سو سالن جي اندر آهي. امرڪوٽ، پاري ننگر، ننگر پارڪر، ڀوڏيسر، ويرا واهه، ڪيرٽي، هنجتل، نهٽو، پارنو وغيره جهونا وسايل معلوم ٿين ٿا. ٿر جي ٻولي ٿر کي ”ڍاٽ“ چوندا آهن، تنهنڪري ٻوليءَ کي ”ڍاٽڪي“ چون. سڀيئي ٿري ماڻهو ڪو ڍاٽڪي ٻولي ڪونه ڳالهائيندا آهن. مسلمان ۽ لهاڻا سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن ته به ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. ٿر جي سنڌي ٻولي به نج ڪانهي. ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ بنهه ٿر جي جدا جدا ڀاڱن جي رهاڪن جي وچ ۾ لفظن جو ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ضرور آهي. چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“. پارڪر گجرات کي ويجهو آهي، تنهنڪري پارڪر جي ٻوليءَ تي گجراتي ٻولي جو اثر وڌيڪ آهي. ڍاٽ جا گهڻا رهاڪو اصل مارواڙ کان آيل آهن، تنهنڪري اتي مارواڙي ٻوليءَ جو اثرآهي. مهراڻو ناري کي ويجهو آهي، تنهنڪري اتي سنڌي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي. ڍاٽڪي در حقيقت ڪا خاص زبان ڪانهي، پر مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ سنڌي ٻولين جي گاڏڙ صورت جي ٺهيل آهي. ملڪ جي جدا جدا ٽڪرن جي ٻوليءَ ۾ اتي ڦير ڦار آهي، پنهنجي جدا جدا ذاتين جيئن ٻانڀڻن، واڻين، ٺڪرن، مينگهواڙن، سوٽهڙن، ڀيلن، چارڻن ۽ جاٽن جي ٻوليءَ ۾ به تفاوت آهي. مهيشوري ”ڙ“ کي ”ر“ ۽ ”ر“ کي ”ڙ“ چوندا آهن. جيئن ته گهوڙو، ڪهاڙو، هٿوڙو، ڪڪڙ، لڪڙ، ڦڦڙ“ بدران چون گهورو، ڪُهارو، هٿورو، ڪڪر، لڪر، ڦڦر وغيره. ۽ هر، در، گهر کي چون هڙ، دڙ، گهڙ وغيره. ڳالهائڻ مهل سڀ ڳالهه جي شروعات ۾ ”جِڪي لگ“ لفظ گهڻو ڪم آڻين، اهو ڄڻ ته سندن تڪيه ڪلام آهي. مثلاً جِڪي لگ اي ڪم ڪري آ، پَڇي ٻيٺو کُوپرين ڪر.“ (يعني هي ڪم ڪري اَچ، پوءِ ويٺو آرام ڪر.) ”پَري“ بدران چون ”اگهو“. اگهو ٿيءُ معنى پري ٿي، پر ٻيا ٿري چون اگهو ٿيءُ معنى ويجهو ٿيءُ. عام ٿري هائو بدران هوئي، آهي بدران اَهي، ۽ هو بدرن هَتو چون. نون غنه جو آواز ڪن لفظن ۾ ڪو نه ڪن. تنهنجو بدران توهجو، منهنجو بدران مُهجو چون. عورتون هڪٻئي کي سڏ ڪرڻ مهل اَئِي لفظ ڪم آڻينديون آهن. مسلمان عورتون چون: آئِي گهَرين اَهِيئين.“ هندو عورتون چون: ”آئِي گهَري اَهين“. اسم خاص جي پٺيان ”يو“ پڇاڙي گڏي اسم تصغير ڪندا آهن. خاص ماڻهن جي نالن پٺيان ائين ڪن. هيرو بدران هيريو، ڪونڀو بدران ڪُونڀيو ۽ رامو بدران راميو چون. مسلمان نالن پٺيان به ائين ڪندا آهن. احمد بدران احمديو، سومار بدران سوماريو ۽ نوُرو بدرن نوُريو چون. مون، آءٌ، پاڻ بدرنا مين، هُون، آپَ چون. مون ڪتاب پڙهيو هو بدران ”مين ڪتاب پڙهيو هَتو“ چون. آءٌ ڪونه ويندس بدران ”هُون ڪونهي جائون“ چون. آءٌ آيو هوس پر تون ڪو نه هُئين، بدران ”هُون آيو هَتو پَڻ تون هَتوئي ڪونهي“ چون. ڪن لفظن کي بدل سدل ڪم آڻين. گاسليٽ کي گاستيل، بدليو کي بتليو، جانور کي جنارو ۽ نقصان کي نُسقان چون. مارجي ويو، وڍجي ويو، ڦرجي ويو، بدران چون: ماراڻو وڍاڻو، ڦُراڻو وغيره. ٿر جي ڌار ڌار ڀاڱن جي ٻوليءَ ۾ به ڪجهه تفاوت آهي، جيئن ته: سنڌي ڍاٽڪي مهراڻو پارڪر سامروٽي هُتي هوس هيڏانهن ڪيڏانهن پوئتي اُٿ، اُٿڪڻ هَتو ايڻ ڪيڻ پَڇو هُٿي هندس هيڻ ڪيڻ پاهُون اوُنئان هتو آئين ڪينئان پاڇو هوئي هنڌ هَنتو هيئا ڪيڻ پاهُون ڪن لفظن جي پٺيان ٿوري بدل سدل ڪرڻ سان زور ڀرائيندڙ لفظ ٿيندا آهن. پَرهِو= پَرتي. نيڙو=ويجهو. ڇيڪو= تڪڙو. پَرهيڪو = اڃا پَرتي. نيڙو= اَڃا ويجهو. ڇيڪرو= اڃا تڪڙو. موٽو = وڏو. موٽيرو اڃا وڏو. اُرهو = اورتي. اُرهيڪو= اڃا اورتي. ڪي لفظ جي ڍاٽڪيءَ ۾ گهڻو ڪم اچن ٿا، جيئن ته آڀارڻ= همتائڻ. آهار = کاڌو. اَنڇر = گهڻو. آجڪو = گذران.اُستار = گهڻو. اوڀالو = ڏورايو. اوپروُ = ڌاريو. اوجهڙ = رستي کان سواءِ. ڦضدُولِي = اجائي ڳالهه. آٿاڻو = آچار. آڙيڪاپ = اڙٻنگ. اُپڻيو = وائريو. ڪُڙڇِي = ڪڻڇي. جاڪيو = روڪيو. ٿوڙهو = ٿورو.. اورکيو = سڃاتو. ڦَگايو = اُڇلايو. پگ = پير. ٻائِڙي = عورت. لُگائي = زال. ڏونگهري= بصر. آبَ گهڙي = يڪدم. اَپوئاريو = ڪم ۾ رُڌل. هاڏو = ڪانءُ. آٻوهيو = اڌ پڪل. اُگريل = پڪل. آرساڻو = سُستي، سورِي = سرڻ. چس = مزو. هاسيڪار = اڳو پوءِ. خالِي پِيلي = خواهه مخواهه. چِڙِڪِلِي = جهرڪي. سُساڏو = لذت وارو. سنسڪرت لفظ ڪيترا سنسڪرت لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ هوبهو ۽ ڪي ٿوري مٽ سٽ سان ڪم اچن ٿا. مانس – نج سنسڪرت لفظ آهي، جو گوشت جي بدران هوبهو ڪم اچي ٿو. هي ڇيلي جو گوشت آهي: ”اي ٻڪري رومانس آهي“. سگهرو- شادي بعد چون، هاڻي سگهرو ٿيو آهي. اهو لفظ اصل ۾ نج سنسڪرت سُگهرو، سُ= چڱو، چڱي گهر وارو. (چڱو گهر زال جي اچڻ بعد ئي ٿيندو آهي.) ڀَٽارو- سنسڪرت لفظ ڀٽار، ٿري چون ڀٽارو. مال ڀٽارو ٺاهوڪو آهي. ڌانَ – سنسڪرت لفظ ڌانيه، ڍاٽڪيءَ ۾ اناج کي ڌان چون. سُڌانَ-سُ= چڱو، ڌان = اناج، ڍڱو اناج. ڪڻڪ ۽ چانورن کي ٿري سُڌان چون، جو ٻاجهري ۽ جوئر وغيره کان چڱو اناج آهي. اِهو به نج سنسڪرت لفظ آهي. ڪوي- شاعر کي ڍاٽڪيءَ ۾ چون ڪوي. اِهو نج سنسڪرت لفظ آهي. گوئِينتَر- هندو ماڻهو شاديءَ غميءَ جي رسمن ۾ گانءِ جو پيشاب ڪم آڻيندا آهن، جنهن کي گوئينتر چوندا آهن، جو اصل سنسڪرت لفظ ”گومُوتر“ يعني گانءِ جو مُٽ آهي. هي لفظ ٿر ۾ اڃا چالو آهي. جَم- سنسڪرت ۾ موت جي ديوتا کي ”يم“ چون، جنهن جو اُچار ٿري ڪن جم. جم معنيٰ طاقت وارو، زوراور. عام طرح چوندا آهن ته ”آپ سين ڏاڍو جم برابر. تِلَ- تِرن کي تِلَ چون، جو نج سنسڪرت لفظ آهي. تِر ڀلا ٿيا آهن، کي چون، تِلَ ڀلا ٿيا اَهين. تانَ – سنسڪرت لفظ سٿان، سنڌيءَ ۾ آستان، معنيٰ جاءِ. ڍاٽڪيءَ ۾ به آسٿان ۽ ٿانَ چون. هي سَتين جو آستان آهي: ”اي ستِيان رو آسٿان آهي“. هي پاٻُو جو ٿان آهي: ”اي پاٻُو رو ٿانَ آهي“. لِلاڙَ – سنسڪرت لفظ للاٽ، سنڌيءَ ۾ نرڙ، ڍاٽڪيءَ ۾ لِلاڙ چون. هينئيون – سنسڪرت لفظ هرديه کي ڍاٽڪيءَ ۾ هينئيون چون، جنهن مان لفظ ”هيچ“ ٺهيو، جنهن جي معنيٰ آهي دل جو پيار، خوشي. جڏهن ڪا مينهن، ڍڳي، رڍ يا ٻڪري پنهنجي ٻچي (ڦر) کي ڏسي ڊوڙي اچي ڌارائيندي آهي، تڏهين چوندا آهن ته هيج گهڻو آهي. جي نه ڌارائيندي آهي ۽ لتون ۽ ٿونا هڻندي آهي تڏهن چون ته هيج ڪونه اٿس. ماسَ – مهيني کي ماس چون، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ هوبهو ڪم اچي ٿو. مينهن وٺي کي ٻه مهينا ٿيا، ٿري چون ”ميهه وُٺي نان ٻه ماس ٿيا.“ آگاسِ – آڪاس نج سنسڪرت لفظ آهي، جنهن کي چون آگاس، يعني اُڀ. آڪاس ۾ ترا پيا ٽمڪن: آگاس ۾ تارا پيا ٽمڪين.“ ڏيوَ – سنسڪرت لفظ ديوتا، ان کي ڍاٽڪيءَ ۾ چون ڏيو، جنهن جي پوڄا ڪندا آهن. بَهُو – زال کي بَهُو چون. کَڦَڻ – ڪَفن کي کڦڻ چون. اهي ٻئي پراڪرت لفظ آهي ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ ڪم اچن ٿا. سُسرو – سنڌيءَ ۾ سُهرو. ساسُو – سنڌيءَ ۾ سَس. ساسِرو – سنڌي ۾ ساهرو. اِهي هندي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جي هوبهو ڪم اچن ٿا. پاگهڙي، اوونگهه – سنڌيءَ ۾ ’پٽڪو‘، ’ننڊ‘، ديسي لفظ ٿر ۾ ساڳيءَ صورت ۾ ڪم اچن ٿا، هُون جائون تو، گجراتيءَ ۾ چون هُون جائو ڇُون. ڇُون کي ٿري چون ”تو“ ۽ سنڌي ۾ ”ٿو“ چئجي. ٿري ماڻهو ڳڻڻ مهل هِڪ، ٻه، ٽَنَ، چار، پَنچه، ڇِهه، ست، اَٺ، نو ۽ ڏَسَ، اِگياري، ٻارهِي، يرهي، چَئوڏي، پنِرهي، سورهِي، سَترهِي، اَڍارهِي، اگِڻيس ۽ بِيسَ وغيره لفظ ڪم آڻين، جي نج پراڪرت لفظ آهن ۽ هوبهو ڪم اچن. ڪي ٻين ٻولين جا لفظ به هوبهو ڪم اچن ٿا. ڏام- يوناني لفظ درم، دام، ڍاٽڪيءَ ۾ چون ڏام، معنيٰ مُلهه يا قيمت. ليلام – هي پرچوگيز ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو ڍاٽڪيءَ ۾ عام ڪم اچي ٿو. ڪارتوس – فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو ساڳيو ڪم اچي. اسپتال، اسٽيشن (ٽيشن)، اِسڪروُ، اسڪُول، ٽڪيٽ (ٽيڪس)، پينشن، جج، فرسٽ ڪلاس (فس ڪلاس)، درجن، رپورٽ (رپوٽ)، ڪورٽ، گلاس ۽ ٻيا به ڪيترا انگريزي لفظ ڪي ساڳيا ۽ ڪي ٿوري ڦير ڦار سان ڍاٽڪيءَ ۾ عام جام ڪم اچن پيا. ٿر جي مسلمانن جي ٻولي ٿري مسلمان سنڌي ڳالهائيندا آهن، پر ٻهراڙين ۾ نج سنڌي ڪانهي. ڪي ڪي لفظ ته مزيدار آهن، جيئن ته: ”اهو ۽ اِهي“ لفظ جي بدران ”اِي“ لفظ استعمال ڪندا آهن. اِهو ڪتاب منهنجو آهي، بدران چون: اِي ڪتاب مُهجو آهي. اِهي ڪم ڪونه ٿيندا، بدران چون: اِي ڪم ڪونه ٿيندا. ”کان“ جي عيوض ”ڪنان“ لفظ ڪم آڻين. اهي پئسا مون کان وٺج، بدارن چون: اِي پئسا مون ڪَنان وٺج. ڀَلِي جي بدران ڀَلين چون. ڀلي ٻني وٺو، بدران چون: ڀلين ٻني وَٺو. ڀلي اِتي ويٺا رهو، بدران چون: ڀلين اِتي ويٺا رهو. جمع ٺاهڻ لاءِ جن اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ”ن“ آهي، ان جي اڳيان ”ي“ گڏيندا آهن. جيئن ته: ڀِٽَنَ بدران ڀٽين چون. ڀٽن ۾ هلڻ مشڪل آهي. بدران چون، ڀٽين ۾ هلڻ مشڪل آهي، گهرن بدران گهرين چون. گهرن ۾ ڪو ماڻهو ڪونه هو. ڳئن بدران ڳوئين چون. ڳوئين ۾ اچي ٽاهه پيو. ڍڳن بدران ڍڳين چون، ڍڳن جو واپار چڱو آهي، ڍڳين جو واپار چڱو آهي. اوهين بدران اَئين چون. اوهين وڃو ٿا، بدران چون، آئين وڃو ٿا. هُوءَ بدران اوءَ چون. هُو وڃن ٿا، بدران چون اُوءَ وڃن ٿا. هُجن بدران هُونِ چون. اتي سدائين ويٺا هجن، بدران چون، اِتي سدائين ويٺو هُون. ”رِين“ جي اُچار کي ”اِئين“ ۾ بدلائين. نهارِين بدران نهارئين چون، بهارين بدران بيهارئين چون. ڏين بدران ڏئين چون، لاهين بدران لاهيئين چون. ”ڇا ۽ ڇو“ جي بدران ”ڪوهه“ لفظ ڪم آڻين. تڙ تي ڇو وڃان، بدران چون، تڙ تي ڪوهه وڃان. آءٌ ڇا ڪريان، بدران چون، آءٌ ڪوهه ڪريان. پنهنجو بدران ”پنڊ“ لفظ ڪم آڻين. هي ڪتاب پنهنجو آهي، بدران چون، اِي ڪتاب پِنڊ جو آهي، وغيره. لفظ مٽائڻ ٿري ماڻهو ڪي ڪي لفظ مٽائيندا آهن، جيئن ته ڌکي ڍ سان مٽائين. ٿڌ لڳي آهي، بدران چون، نڍ لڳي آهي. ٿ کي ٺ سان مٽائين. ٿڌو پاڻي بدران چون، ٺڍو پاڻي، ٿڌڪار بدران ٺڍڪار چون. ٿانءُ بدران ٺانءُ چون. اُٿي بدران اُٺي چون. ٽ کي ٺ سان مٽائين، ٽڪاڻو بدان ٺڪاڻو چون. ت کي ٿ سان مٽائين، اِتي بدران اِٿ چون. و کي ٻه سان مٽائين، ويٺو بدران ٻيٺو چون. د کي ت سان مٽائين، ڏند بدران ڏَنت چون. ڊ کي ڏ سان مٽائين، کنڊ بدران کَنڏ چون. س کي هه سان مٽائين، ڦاسي بدران ڦاهي چون. هه کي س سان مٽائين، ماهه بدران ماس چون. ساهه بدران ساسَ چون ڻ کي ڙ سان مٽائين، ماڻهو بدران ماڙهُو چون. ڊ کي در سان مٽائين، چنڊ بدران چندر چون. ڍ کي در سان مٽائين، ڏڍ بدران ڏدَر چون. ڊي اُچار کي دري سان مٽائين، مُنڊِي بدران مُندِري چون، جَنڊي بدران جِندِرِي چون. ڪن لفظن جي پٺيان ”ٽ“ اچي ته ان کي ”تر“ سان مٽائين، جيئن ته: کيٽ بدران کيتر، وهٽ بدران وهتر، چيٽ بدران چيتر، پُٽ بدران پُتر، نيٽ بدران نيتر، مائٽ بدران مائيتر، چَٽ بدران چِتر، مِٽ بدران مِتر، سٽ بدران سُتر چون، ڪن لفظن جي اڳ ۾ ٽ اچي ته ان کي به تِر سان مٽائين، جيئن ته ٽيڪم کي تريڪم چون. ڪن لفظن ۾ ”و“ کي مٽائي الف وجهي پوءِ ”ٽ“ کي ”تر“ سان مٽائيندا آهن، جيئن ته: ڪَپُوٽ مان ڪُپاتر ۽ ڪَپُوتر. سَپُوت مان سُپاتر ۽ سَپُوتر، وغيره لفظ ٺاهين. ٿري ٻوليءَ جا خاص لفظ دنيا جي هر ڪنهن ملڪ ۾ اتي جي رهاڪن کي پنهنجيون رسمون، رواج، ٻولي ۽ اُن ۾ نموني نموني جا لفظ پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون وغيره آهن، جي اتي جي حالتن سان ٺهڪي ڪنهن تي ڪنهن نموني مروج ٿي ويندا آهن، جن مان ڪن جو بنيادي تاريخي، وگياني متي تي يا ڀرمن جي ڪري هوندو آهي، ٿر ۾ به ائين آهي. ٿري ماڻهو مالدار آهن، تنهنڪري ڏينهن ۽ رات جو گهڻو وقت جهنگ ۾ رهڻ ٿيندو اٿن. جڏهن اتان موٽي گهر ايندا آهن، تڏهن ڪجهه وقت، جيسين ساهي پٽي تازا ٿين، تيسين گهر وارن سان نه ڳالهائيندا آهن. چوندا آهن ته ”ماڻهو اچي جهنگا، ٻولي بيڍنگا.“ يعني جهنگ مان ڪڪ ٿي آيل سان ايندي شرط ڳالهائبو ته هو ڪڪ ٿيل هوندو آهي ته چوندا آهن ته هاڻي ”گهُرڙڪو“ لڳو آهي، ۽ پاءُ پَل جو مهمان آهي، يا چوندا ته ”بچڻ آهي اَرڳو ۽ مرڻ آهي. نيڙو“ (بچڻ پري رهيو، مرڻ ويجهو آهي.) انهيءَ حالت مان بچي ويو ته چوندا ته ”اڃا ڪُپڙي ۾ ڪڻا اٿس.“ ٻه-ٽي ڏينهن سڪرات ۾ رهيو ته چوندا ته ”هاڻي ته الله ويچاري جو ڪو سورهو ڪري ته آدابن کان ڇُٽي.“ پير مرد مرندو ته چوندا ته ”ويچارو کائي پي پُٽ پوٽا وغيره ڀريو گهر ڇڏي ويو آهي، هن جو مرڻ شاديءَ جهڙو آهي.“ لاش لاءِ کڏ کڻڻ لاءِ ماڻهو موڪليندا ته چوندا ته ”گهر ٺاهي اچو.“ لاش کي ساڙڻ وقت جڏهن پهرين تيلي ڏبي آهي، تڏهن چوندا ته ”لائپُوئو“ ڏنو آهي. انهيءَ هنڌ تي ٽئين ڏينهن رواج موجب پاڻي وڃي هاريندا ته چوندا ”آروگي ٺاري آهي.“ ٻار بيمار ٿيو ته چوندا ”سُکالڙو ٿيو آهي.“ ڪنهن کي ماتا جي بيماري ٿي ته چوندا ”مائي مهر ڪئي آهي.“ ڪنهن زال کي گرب ٿيو ته چوندا ”پير ڳرو ٿيو اٿس.“ ٻار ڄمڻ وقت چوندا ته ”ڇوٽڪو ٿيو اٿس.“ حمل جي حالت ۾ نائين مهيني چوندا ته ”ڏينهن پورا ٿيا آهن.“ هندن ۾ رواج آهي ته شاديءَ بعد ڇوڪريءَ کي مائٽ ڪوٺي ويندا آهن، جيئن پهريون ويم اتي ٿئي، تنهنڪري حمل ٿيڻ بعد پنجين يا ستين مهيني مائٽ ڪوٺي ويندا آهن. ڇهين ۽ اٺين مهيني ڪونه ڪوٺي وڃن، اهي مهينا نڀاڳا سمجهن. چون ته ”ڇٺو ۽ اٺو آهن مَٺو،“ انهيءَ ۾ نقصان پوندو. ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو آهي ته چوندا آهن ته ”ويچاريءَ جو مٿو پٽ سان لڳو آهي.“ بُري عورت کي چون ”ٻاهر پگي“. ڪنهن مرد کي ڏسندا ته سنئين پير تي ته آهي ته چوندا ته ”ٿانءُ ۾ ڏُهه“، ”هن جا پير اُپڙيل آهن،“ تنهنڪري کيس هدايت ڪندا ته ”پڳ جهل“ يا چوندا ”ڌرتيءَ کان اَڌر نه هل.“ ڪوٽرڙو ماڻهو وڏائي ڪندو ته چوندا ”هن جا پير ڌرتيءَ تي ڪونه آهن.“ ڪنهن کي ڪاوڙيل ڏسندا ته چوندا ”هن جا رُون ڦريل آهن.“ ڪن حالتن ۾ نالا نه وٺبا آهن. ڪُئن کي ”گهر ڌني“ چون. ٿر ۾ پيئڻ بلا ٿيندي آهي، جنهن کي عام طرح ٿري ”پُڪڻي“ چون. هو سهري، جيٺ ۽ مڙس جو نالو نه وٺنديون آهن. اهڙن نالن سان يا انهن سان مشابهت رکندڙ ڪي شيون هونديون ته انهن جا هو وري ڪي خاص نالا رکنديون آهن ۽ ضرورت وقت اهي نالا وٺنديون آهن. مثلاً جي ڪنهن جي سهري، جيٺ يا مڙس جو نالو ”هاسو“ هوندو ته ڳچيءَ ۾ پائڻ جي زيور ”هَنسِي“ جي بدران ”ڳچي واري“ چونديون. ڪنهن جو نالو ”مصري“ هوندو ته لائڻ واري مصريءَ کي ”ساڪر“ چونديون، وغيره. باب اٺون ٿر جا ڳوٺ ٿر جا ڳوٺ ڪي ڀٽن تي، ڪي ڀٽن جي تڙڪول واري لاهه تي، ڪي ننڍن دڙن تي ۽ ڪي هيٺ ڏهرن جي سنئين زمين تي هوندا آهن. ڳوٺن جي بستيءَ جو مدار گهرن تي شمار ڪبو آهي. مثلاً جي ڪنهن کان پڇبو ته فلاڻو ڳوٺ ڪيڏو آهي ته جواب ملندو ته 10-12 يا 20-25 گهر آهن. ڪي ڳوٺ وڏا هوندا آهن، جن ۾ ٽي-چار سئو کن گهر هوندا آهن. ڪي ته ننڍا ڳوٺڙا آهن، جن ۾ 10-12 کن گهر مس هوندا آهن. ٻهراڙين ۾ چؤنرا، چونڪيون، منهه، ۽ ڪُڙهون (لانڍيون) هونديون آهن. ڪٿي ڪٿي مٽيءَ جا کڏ به ٺهيل هوندا آهن. ڳوٺن ۾ ڏسبو ته جدا جدا جهڳٽا گهرن جا هوندا، جو سڀ ڪنهن ذات جا ماڻهو پنهنجو جدا پاڙو ڪري ويهندا آهن. هاڻي ڳوٺن ۾ ڪافي سڌارو آيو آهي. ڪيترن ڳوٺن ۾ مٽيءَ جا کڏ بلڪ گهڻن هنڌن پڪ سِريون جايون به آهن. گهرن ۾ ڪجهه وڇوٽي ڇڏي چوڌاري لوڙهو ڏيندا آهن، جنهن کي هڪ يا ٻه دروازا هوندا آهن. ڀرسان هيٺاهين هنڌ تي کوهه هوندا آهن. گهڻن ڳوٺن ۾ ويريون به آهن. ڳوٺ جي ٻاهران ڍڳين جا وٿاڻ، اُٺن جون جهوڪون، رڍن ۽ ٻڪرين جا واڙا وغيره هوندا آهن. ڳوٺن جا نالا جيئن سنڌ ۾ ڳوٺن جي نالي پٺيان يا اڳيان، آباد، ٽنڊو، ڪوٽ، پور يا ٻيا اهڙا لفظ ڳنڍيل هوندا آهن، تيئن ٿر جي به ڪن ڳوٺن جا نالا اهڙيءَ طرح ڪن لفظن جي ملائڻ سان ٺهيل آهن، جيئن ته: ڪي نالا ”هار“ پڇاڙيءَ تي ٺهيل آهن، مثلاً، چيلهار، سينهار، ڪاريهار، مالهار، ڏيڏهار، ويڙهار، کانکڻهار، ڪلڻهار، روڏهار، قمڙهار، اڙٻلهار، لونڊهار، ڦلڙهار، امرهار، وغيره، ڪي نالا ”يار“ پڇاڙيءَ تي ٺهيل آهن، مثلاً صوڀيار، مالهيار، موڪڙيار، واوڙيار، گوڙهيار، سارنگهيار، نيڻيار، چاڙهيار، ويجهيار، گوڌيار، ڏيپيار ۽ راڙهيار، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”ري“ اکر هوندو آهي. جيئن ته، ٻلهياري، جاڳهاري، وينجهڻياري، سينگاري، پتنگياري، ميهاري، کيتلاري، ڪيتياري، گهرٽياري، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”ٻَهه“ لفظ ڏنل هوندو آهي، جيئن ته، ڳجڻاٻَهه، همڙاٻَهه، ويريا ٻَهه، سونل ٻهه، گُرڙاٻهه ۽ ڦلڙاٻهه وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”لس“ لفظ هوندو آهي، مثلاً، گنگالس، ٻنڌڻالس، چوڻالس ۽ واريالس، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”سر“ لفظ هوندو آهي، جيئن ته رامسر، راوتسر، کينئسر، عالمسر، ڪڙڪاسر، لڪڙاسر، تڳوسر، سومراسر، راڻا سر، ڀوڏيسر، گوگاسر، ڪپوسر ۽ ڀيماسر، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”لو“ اکر هوندو آهي، جيئن ته ڀوريلو، ڄاريلو، رنگيلو، شولو، ٻاورلو، لپلو، ڍاڪلو ۽ ٻانڀڻلو، وغيره. ڪي ڳوٺ تڙن، پارن ۽ ويرين جي نالن تي سڏبا آهن ۽ انهن سان گڏ تڙ، پار يا ويِري کڻائيندڙ جو نالو به ڳنڍيل هوندو آهي ۽ اهي ڳوٺ انهن جي نالي سڏبا آهن. ڪي گهڻا گڏجي کڻائيندا آهن ته پوءِ پنهنجيءَ ذات جو نالو ڳوٺ تي رکندا آهن، جيئن ته جهنجهئن جو تڙ، جهنجهي ذات جي مسلمانن جو کڻايل، دلن جو تڙ، دل ذات جي مسلمانن جو کڻايل. ڪي ماڻهو اڪيلا کڻائيندا آهن ته اهو ڳوٺ سندن نالي سڏبو آهي، جيئن ته تڙ احمد، احمد نالي مسلمان جو کڻايل، ميگهي جو تڙ، ميگهي نالي ورن ٺڪر جو کڻايل. اهڙيءَ طرح آدم جو تڙ، متاري جو تڙ، جيئندي جو تڙ، طالب جو تڙ، صالح جو تڙ، ڏاتر ڏني جو تڙ، پيلوءَ جو تڙ، وغيره. ڪن ماڻهن جي نالي پٺيان سندن ذات به گڏيل هوندي آهي جيئن ته بنگل رند، سمو رند، ٻانڀڻو ڀيل، وغيره. اهي به ڳوٺن جا نالا آهن. پنجن – ستن ويرين جي مجموعي کي چون پار. ڪي ڳوٺ انهيءَ نالي سان سڏبا آهن، جيئن ته جيسي جو پار، جيسي نالي راهمي مسلمان جو کڻايل، قبولئي جو پار، قبول نالي مسلمان جو کڻايل. اهڙيءَ طرح کيمي جو پار، اڳي جو پار، پيراڻو پار، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ويري لفظ هوندو آهي، جيئن ته ڪاري ويري، واگهي جي ويري، ڪولهي ويري، گوگا ويري، ڪونڀي جي ويري، ليتا ويري، رامجي جي ويري، ڀڳتن جي ويري، وغيره. ڪن کوهن جو پاڻي مٺو هوندو آهي ته ڳوٺن جي نالن ۾ مٺڙيو اکر گڏيل هوندو آهي، ۽ اهو کوهه ڪو ماڻهو يا ذات وارا کڻائيندا آهن ته ان جي نالي سڏبو آهي، جيئن ته مٺڙيو ڀٽي، ڀٽي ذات جي راجپوتن جو ڳوٺ، مٺريو چارڻ، چارڻن جو ڳوٺ، مٺڙيو ڪيلهڻ، ڪيلهڻ ذات جي راجپوتن جو ڳوٺ، مٺڙيو سوٽهڙ، سوٽهڙن جو ڳوٺ، مٺڙيو هاليپوٽا، هاليپوٽا مسلمانن جو ڳوٺ، مٺريو جوڻيجا، جوڻيجا ذات جي مسلمانن جو ڳوٺ، وغيره. ٿر ۾ ڪي زالون به اهڙيون ٿي گذريون آهن، جي مردن جو مٽ هيون. انهن به پنهنجا تڙ کڻائي ڳوٺ ٻڌا، جي اڄ به سندن نالي تي سڏجن ٿا. جيئن ته مانٻائي جو تڙ- ڇاڇري کان 14 ميل اوڀر طرف آهي. مانٻائي نالي ذات جي سميجي تڙ کڻائي ڳوٺ ٻڌايو هو. روپي جي ويري- ڳوٺ چيلهار کان 4 ميل اوڀر طرف آهي. روپي ذات جي ڀيلڻ هئي، جنهن اها ويري کڻائي هئي. آسُو جي ڍاڻي-ڳوٺ ميگهي جي تڙ کان 4 ميل اتر طرف آهي. آسو ذات جي ڀيلڻ هئي، جا اتي ويري کڻائي پنهنجي ڍاڻي ٺاهي رهي هئي. ٻيا به ڪيترا اِن قسم جا نالا آهن. وانڍيون ڪڏهن ڪڏهن ڏڪار وقت ڪٿي ڪو مال جو چارو سُجهندو، ته اتي مال ڪاهي ويندا يا وسڪاري جو ڪنهن هنڌ اڳ ۾ برسات پيئي ته اتي لُونکاڙ ٿيندي آهي. مال از خود اوڏانهن ڇڪ ڪندو آهي، تنهنڪري سائي تي ڪاهي ويندا آهن. جهڙ ڦڙ جت ٿيا، اُت اُڏيائون پکڙا. بعضي اڪيلا بعضي ٻه چار گهر گڏجي ٻارين ٻچين ويندا آهن. اُٺي ويڙا اُڪري، مارُو مٿي موهه، ماڻهو آهن مالدار، سو جتي مال سکي اتي پاڻ سکي. پنڌ جو خيال ڪونه ڪن. اهڙيءَ طرح چوڌاري ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻهو مال سانگي اچي وانڍيون ڪري ويهندا آهن. اُٺي اچن اُٿهين، وانڍن جون ويهون. ڪڏهين ويجهو ڪڏهين پري به نڪري ويندا آهن. کاروڙئا کڻي، ويڙهي جهپ ويا. ماڻهن جي وڃڻ ڪري ڳوٺ جا کوهه ڪونه ورندا (استعمال ٿيندا) آهن ۽ ائين پيا هوندا آهن. ڀنيءَ جي ڀوڻن، ڀيڄ ڀڻڪو نه سُڻان، سَنجڻ واريون سُتيون، وڃي ويڙهه ورَن، پي سيٽ سڙن، ترهي ٻنهي ڪنڌئين. تنهنڪري ڀوڻن جي ڦرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. ماڻهو مال جي سانگي چاري تي جهنگ ۾ وڃي رهندا آهن ۽ ورت ويڙهي کوهه جي کوهڙ ۾ اٽڪائي رکي ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ وڃي ڪنهن مٿانهين هنڌ ڪاٺيون کوڙي مٿان گاهه ڏيئي معمولي ڀونگو ٺاهي ويهن، جنهن کي ”وانڍ“ چون. اهڙيءَ طرح جڏهن سانگ ڪري ويندا آهن، تڏهن هن ريت گذاريندا آهن. هن مند مارو سنرا، ڍنگهر ڍار رهن، پاڻيءَ پوڄ پٽن ۾، پکي پاند پيئن. اهي ماڻهو ٿوري وقت لاءِ ويندا آهن، جيستائين سندن سيم تي مينهن پوي، تنهنڪري اتي وڻن جا ڏار ۽ ٽار، سُڪل ۽ آلا گڏ ڪري انهن مان ڪچي ڀونگي ٺاهي ان جي ڍار يعني اجهي ۾ گذاريندا آهن. سندن ڀونگن جي ڀرسان برسات جو پاڻي جام پيو هوندو آهي، سوججهي چاهه سان پيئندا آهن، جو پلر پاڻي سندن لاءِ وڏي نعمت آهي. پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون، مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون، ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رايون، ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پاهنجي. صبح جو ماين جي ولوڻن جا گهوگهاٽ پيا پوندا. مکڻ لاهي ٿانئيڪو ڪري رکنديون ته ايتري ۾ مال ايندو ته وٿاڻ ۾ وڃي هرڪا پنهنجي مال کي نول ڪندي: ٻولائي ٻولائي، رائي رائي، ماڻڪي ماڻڪي، ميٽي ميٽي، ڦُلرڪي ڦُلرڪي، وغيره، ته مقرره نالي واري مينهن، ڍڳي، ٻڪري ۽ رڍ ڊوڙندي ايندي، جا ڏهي، کير آڻي، سڀڪا پنهنجي پکي ۾ خوش پيئي گذاريندي. آيو ڪير ڏيهاءُ، جنهن ڪر پُڇان خبرون. جڏهن پري هوندا آهن، تڏهن اتفاق سان جي ڪو وطن کان ماڻهو آيو، ۽ اوسي پاسي وارا ٻڌندا ته پڇا ڪري مڙي اچي خبرون پُڇندا. جو ٽيهه ڏاڏاڻيان آئيو، پيرين تنهن پُئان. ان سان ڏاڍي محبت سان ڀاڪر پائي ملندا ۽ خوش خيرعافيت پڇندا. ڪهه تڙ ڏيهائي، ڪٿي اُٺن مينهڙا. نه فقط پنهنجي ڳوٺن بابت پر اوسي پاسي جي ڳوٺن جي برسات جا سماچار، ماڻهن ۽ سندن مال جي حقيقت به پڇندا آهن. مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا. جڏهن سندن وطن ۾ برسات پوي، ”وٺي جون خبرون واٽهڙو ڏين.“ هِڪا ڌُئا وڃيو ٻڌائين. مينهن ۽ موت جي خبر جهت پئجيو وڃي. ”ڪو اُگو اَڇَنو رهي“ (سج اُڀرڻ بعد ڪو لڪو رهي؟) ۽ جڏهن اهو ٻڌندا آهن تڏهن يڪدم مال ڪاهي روانا ٿيندا آهن. رواني ٿيڻ بعد ڀرپاسي وارا چوندا آهن ته: مارُو منجهه ٿرن، رهي رندا ڪيترو. جڏهن اباڻو وُٺو، تڏهين هرڪو هليو ويو، ”مينهن ۽ مهمان ڪيترو وقت؟“ وُٺي ٿي وراڻ، کينءَ واڌايون آئيون. کين پري کان ايندي ڏسي مٽ مائٽ ۽ واقفڪار هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن. ته فلاڻا اجهو ٿا اچن. لَڏون لاٿيون اچي مارن، پڊن پنهنجن پراڻن ۾. اچي پنهنجي وطن پهچندا آهن. وانڍون فقط وقتي هونديون آهن، پوءِ وري اصلوڪن ماڳن ڏي هليا ويندا آهن. گوئر ٻنيون ڳوٺن کان پري هونديون آهن. رات ڏينهن ٻني جو ڪم ۽ سنڀال ڪرڻي پوي ۽ مال لاءِ به سهوليت کپي، تنهنڪري روزانو اچ-وڃ جي تڪليف کان بچڻ لاءِ وسڪاري جو وڃي ٻنيءَ تي سهوليت سارو آسپاس جي ٻنين وارا ٽي-چار گهر گڏ بعضي اڪيلا ويهن، جنهن کي ”گوئر“ چون. اهو ماڻهو، جنهن جي ٻني ويجهي هوندي، ان جي نالي سڏبو: فلاڻي جو گوئر. ڪنهن دري تي پارهائي سان چونرو، ڇَنو، منڏهيرو، ۽ سمهڻ لاءِ ڏينچي ٺاهي گذارو ڪن. ٿر ۾ جيتوڻيڪ مڇر ڪونه آهن ته به هن قسم جو جيت ٿيندو آهي، جو مڇر کان به ننڍو آهي، ان کي ”ڪُتِ“ چون، جو مڇر وانگر چڪ پائيندو آهي. اُهو گهاٽي گاهه ۽ هيٺانهين هنڌ تي، جتي هوا گهٽ هوندي آهي، اتي ٿيندو آهي، تنهنڪري ماڻهو دَڙن تي رهن، چونرن کي دروازا ڪونه چاڙهين، ڪنهن وڻ جو ڍنگهر آڏو ڏيو ڇڏين. رات جو چوڌاري ڏسبو ته دڙي دڙي تي ڏياٽي پيئي ٻرندي، جيئن آسمان ۾ ٽڙيل تارا ڏسبا آهن. اتي فقط پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي، سو ويجهڙائيءَ واري تلاءُ يا کوهه تان ڪوڏ ڪري ڪاهي وڃي گڏهن تي جنڊا (ٿري ’جنترو‘ چون) ڀري کنيو اچن. ٻنين جي ڪم لهڻ بعد موٽي اچن. پايو جَر جنڊن ۾، ڪوڏا ڪن ڪُهُون. ڍاڻِيون ٿر جا ماڻهو مالدار آهن. جهنگ ۾ مال کي هرڪا سهوليت ٿئي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو اول وڃي اجهو ٺاهي ويهن، پوءِ سَٺو ڏسي ڪوشش ڪري پنهنجي ويري يا کوهه تيار ڪن. ببر کنيائون بَر ۾، پيارين پَهُون. پوک ۽ مال جو سک، ٻيو ڇا کپي، ائين سدائين ويهو رهن، ان کي ”ڍاڻي“ چون. پارڪر ۾ وانڍيا چون. ائين ڪيتريون ئي ڍاڻيون آهن. مالدار ماڻهو شهرن کان ٻاهر رهڻ پسند ڪن. پاڻي ۽ مال جو سک ڏسي ٻيا به اچيو ويهن ۽ ڳچ گهر ٿيو پون، ۽ ڍاڻيون ٺاهي ويٺا آهن، جي سندن نالن پٺيان سڏجن ٿيون. جيئن ته کيتي جي ڍاڻي، پنهونءَ جي ڍاڻي، الياس جي ڍاڻي، وغيره. اهي ڍاڻيون پوءِ آهستي آهستي ڳوٺڙا به ٿيو وڃن. گهر ٿر جي وڏن ڳوٺن عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇري، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، چيلهار، گڍڙي ۽ ڪانٽئي وغيره ۾، جتي ڪيترا ماڻهو شاهوڪار، پڙهيل ۽ واپاري آهن، سي سُکيا سهنجا، سڌريل پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻي به سُٺي. اتي گهڻيون جايون پڪ سريون آهن، جن ۾ گرڊر، ٽيئر ۽ چونڪا ڪم آندل آهن. مٿان ٻنا رکن، جيئن برساتي پاڻي چوڌاري نارا ڪري نه هلي. اڳ ۾ نيسارا رکن، جتان پاڻي وهي. هيٺان چوڪن جو فرش وجهي، سيمينٽ جون درزون جهلي ڇڏين، ۽ اندران ماري سان گوٻري چون، جو راڳو لسو ٿيندو آهي. هوا لاءِ دريون، بادگير ۽ مٿان منگهه رکن. اندر سامان رکڻ لاءِ ڪٻٽ ۽ جارا رکن. ڪمرا، ورانڊا، ڪاڪوس، غسلخانا رنڌڻو وغيره هوندا آهن. جاين تي چڙهڻ لاءِ سرن جون ڏاڪڻيون ٺاهين. ڏاڪڻ کي چڙهڻي يا چاڙهي ۽ ڏاڪڻ کي پيڍليون ۽ پگٿريون چون. ڪي شاهوڪار ماڙيون ٺهرائين، جن کي ٿري ”ميڙهي“ چون. ڪي ڪي جايون ٽي ماڙ بلڪ چار ماڙ به آهن. ڪي گهرن ۾ پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان پاڻيءَ جون هوديون به ٺهرائين، جن ۾ برساتي يا کوهن جو پاڻي وجهي رکن، جو ڪيترا ڏينهن ڪم اچي. چوڌاري ڀتيون ڏيارين، جنهن کي ”چوبتيون“ چون. لنگهه لاءِ هڪ يا ٻه دروازا رکن، جن تي ڪي دروازا چاڙهي ڇڏين. دروازن جي پاسن مان هرهڪ کي ”پاهيو“ چون. ڪي اڱڻ ۽ موزون هنڌ تي اڍائي فوٽ کن چورس سيمينٽ جو چوڪو ٺهرائي ڇڏين، جنهن تي ڪپڙا ڌوئين ۽ غسل ڪن. ڪي انهيءَ ڪم لاءِ چپٿرو ڪاٺ جو بنڊ ڪم آڻين، جنهن کي ”ڌوپ“ چون، ڇو ته ٿري ماڻهو بند ڪوٺيءَ ۾ غسل ڪرڻ بجاءِ کُلئي هنڌ غسل ڪرڻ پسند ڪندا آهن. چوپيتي ۾ ڪٿان لاهي ٺهرائي ڀت مان نارو رکن، جيئن برساتي پاڻيءَ جو نيڪال ٿئي. موزون هنڌ تي هڪ ڪوٺي الڳ ٺهرائيندا آهن، جنهن کي اوطاق چون. ان جو لنگهه ٻاهران هوندو آهي، جيئن اندر ويٺلن جي نظر گهر اندر پئجي نه سگهي، جا مزمانن لاءِ ڪم ايندي آهي. سامان سڙي لاءِ جدا ڪوٺي ٺهيل هوندي جنهن ۾ بچت ۽ فالتو سامان رکبو آهي. ڪي ماڻهو اناج رکڻ لاءِ ڪوٺيون ۽ مٽيءَ جون گُنديون ٺهرائن، يا ٿورو هوندو آهي ته ڳوڻيون ڀري رکي ڇڏين. اهي جايون سڀڪنهن جي پنهنجي ملڪيت آهن. ڪن وٽ صرف رهڻ لاءِ گهر هوندو آهي ته ڪن وٽ وڌيڪ جايون به هونديون آهن، جي مشواڙ تي ڏيو ڇڏين. ٿر جو گهڻو عوام ٻهراڙي ۾ رهي، جتي غريب طبقو ججهو آهي. شهرن ۾ به ڪافي غريب آهن. منجهانئن ڪن وٽ چار ڏوڪڙ سرس آهن ته به پوشاڪ، کاڌو پيتو ۽ رهائش سڀني جي سادي. شهرن ۾ توڙي ٻهراڙين ۾ مڇيءَ مانيءَ وارا ماڻهو ڪچين سرن جي ڀتين سان کڏ ٺاهين. دروازن تي ڪمانون ڪونه ڪن، مگر مٿان مضبوط ڪاٺيون رکي ان تي اوساري ڪن، جن کي ”ڇنبڀڻ چون. ورلي ماڻهو چوگٺ هڻي ٻه تاڪا دروازا چاڙهين، پر گهڻا هڪ تاڪو دروازو چاڙهين. انهيءَ حالت ۾ مٿان، هيٺان ۽ پاسي کان ڪاٺيون ڏين. مٿئين ڪاٺيءَ کي ”سرڌڙ“، هيٺئين کي ”ٿرڪڻ“ يا ”چَئوئاٽ“ ۽ پاسي واري ڪاٺيءَ کي ”ٻارساک“ يا ”ڪُهنٽا ٻانهه“چون، جنهن ۾ لوهه جو ڪُنڍو (ڪُهنٽيو) هڻائي، ان ۾ دروازي جو ڪڙو (ڪُهنٽو) قابو ڪن. ڇت تي ڪاٺيءَ جا شهيتر رکن، جيڪونڀٽ ۽ ڄار جي ڪاٺيءَ جا ٿين. روهيڙي جي وڻ جا شهتير سُٺا آهن، پر اڻلڀ آهن. کُٻڙ جي ڪاٺي چيڙهي آهي، گهڻي بار سبب ڀڄندي ڪانه، پر مُڙي پوندي ۽ کيس سُرو يا اُڏوهي بهڪانه لڳندي آهي، جنهنڪري گهڻو جهَلو ڪندي آهي، تنهنڪري ماڻهو پسند ڪندا آهن. سُرو هڪ جيت ٿيندو آهي، جو ڪاٺين کي کائيندو سنها سنها ٽنگ ڪندو ويندو آهي ۽ اُڏوهي ته صفا کائي مٽي ڪري ڇڏيندي آهي، ان جي بچاءُ لاءِ ماڻهو ڪاٺي جا ڇيهه، (ڇيڙا)، جي ڀتين تي رکبا آهن، تن کي گاسليٽ ۽ ڏامر لڳائيند آهن. شهيرن تي پٽيون رکندا آهن، جي اڪ، ڪرڙ يا کٻڙ جي وڻ جون ٿينديون آهن. سڀني کان ڪرڙ جي ڪاٺي سُٺي ۽ جهولائو آهن. کٻڙ مُڙندڙ آهي ۽ اڪ کي اُڏوهي جلد وٺندي آهي، سو لاچار ٻي ڪاٺي نه ملڻ جي حالت ۾ ڪم آڻبو آهي. مٿان تڏا ۽ مُرٽون يا کپ يا ڪي ته صرف کپ ڪم آڻيندا آهن، جي جهنگ مان وڍي ايندا آهن. مٿان مٽيءَ سان لنبي ڇڏين. چوڌاري مٿان ٻنون ٻڌي اڳ ۾ نيسارا رکن، جن کي ”پرنارون“ چون. پڄنديءَ وارا پرنارون لوهه جون ۽ غريب مٽيءَ جون وجهن، جي ڪنڀر ٺاهيندا آهن. ڪي سرياند ڪاٺيءَ جي شهتير بدران لوهه جون هلڪيون ريليون چاڙهين. ڪي ورانڊا به ٺاهين. جدا رنڌڻو ۽ ڪچو چوڀيتو ڏين يا پاسن کان ٻين جون جايون اچيو وڃن. ٻن ڪاٺين ۾ ڇڊا ڏاڪا وجهي دروازي کي قابو ڪن، جنهن کي ”ڪَڙو“ چون. ٻهراڙين ۾ غريب ماڻهو چونرا ٺاهين. مٽيءَ جي سرن جي گول ڪچي ڀت ٺاهين، جنهن جو قطر اٽڪل 12-14 فوٽ يا وڌيڪ ٿئي، هن کي ”پارِهائي“ چئبو آهي. ڪي ڪاٺين جي به ٺاهين. هڪ هنڌان دروازو رکن، جنهن جي مٿان مضبوط چور ڪاٺي گهڙي ڏيئي، مٿان به ٻه ٽي هاريون سرن جون ڏين، جي دروازي جي ٻنهي پاسي ٽي-چار فوٽ اڳتي وڌائي ڇڏين، جيئن اڳيان ٻُنڀا ٻيءَ ڀت کان ڪجهه مٿڀرا ٿين. چار ڪاٺيون ڊگهيون، جن جي ٿلهن ڇيڙن مان هڪ ۾ ٽنگ ڪري ٻي ڪاٺيءَ جو ڇيڙو سنهو ڪري، ان ۾ وجهي، ان جي پٺيان وري سنهي ڇيڙي ۾ ٽُنگ ڪري، ڪاٺي ٽڪرا اٽڪائين، جنهن کي ”اُڙلي“ چون، ته ڪاٺي ان مان نڪري نه سگهي. اهڙا ٻه جوڙا تيار ڪري ڀت تي چئني پاسن کان رکي مٿان گڏي اٽڪائين ته مخروطي نموني تيار ٿي بيهي. هيٺيان سنها ڇيڙا ڀت تي ٻاهران اچن. انهن کي ”ڌوري مَلَ“ چئبو آهي. ”ڌوري“ معنيٰ هي ڪُونڀٽ ۽ کٻڙ جي ڪاٺيءَ جا ٿيندا آهن. اندرئين پاسي ٻه-اُچائي فوٽ مضبوط ڪاٺيون مَل جي ڇيڙن کان سامهيون ڏيئي نوڙين سان مضبوط ٻڌي ڇڏبيون آهن. جيئن مَل قابو رهن ۽ هيٺ نه کسڪن ۽ ڀت تي بار سَريکو رهي. انهن ڪاٺين کي ’هُڙها‘ چئبو آهي. مَلن جي چوٽيءَ کان اڍائي فوٽ کن هيٺ چوڌاري چار ڪاٺيون مَلن سان مضبوط ٻڌي ٻن – ٻن ميلن جي وچ ۾ ٻه – ٻه ڪاٺيون رکندا آهن، جن جي ڇيڙن ۾ به اڙليون لڳل هونديون آهن، جي مٿين آڏين ڪاٺين ۾ اٽڪائي ڇڏيندا آهن. اهي اٺ ڪاٺيون هونديون آهن، تنهنڪري انهن کي ”اَٺِڙيا مَلَ“ چئبو آهي. بس، هاڻي بوتو مضبوط ٿي پوندو آهي. پوءِ سنهيون ڪاٺيون، جن کي ”کوُنٽا“ چئبو آهي، سي ڏيئي نوڙين سان قابو ٻڌي تيار ڪندا آهن. پوءِ چوڌاري هيٺان سِڻ ڏيئي مٿان ڪانا يا مُرٽون رکي نوڙيءَ سان قابو ڪندا ويندا، جيئن گول دائرو پورو ٿئي، ان کي ”ڪِڙڇهَ“ چئبو آهي. ٽي فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءَ جو هڪ ڇيڙو سنهو ڪري، ٻئي ڇيڙي ۾ نوڙي اٽڪائڻ لاءِ ٽنگ ڪندا آهن، جنهن کي ”سوُنهڻ“ چئبو آهي. اهو سُئي سان مشابهت رکندو آهي. ٽُنگ ۾ نوڙي وجهي گاهه ۾ ٽنبي اندرئين پاسي ڇڪي وٺندا. وري نوڙيءَ جو اندران ڪنهن ڪاٺي ۾ وراڪو ڏيئي ٽوپي ٻاهر ڪڍندا ته نوڙي ڌاڳي وانگر پيئي ايندي. ائين سمورا ڪک قابو ٿي ويندا. پوءِ سڄي چونري جي مٿان سِڻ ڏيندا، جي ڏپ کاڌل هوندا، ان ڪري اندريون پاسو لسو بيهندو، جنهن کي ”لوءَ“ چوندا آهن، يعني سِڻ جي لوءَ. ان جي مٿان مُرٽون ڏيندا، يعني مُرٽن جي لوءَ سِڻ يا مُرٽون اهڙيءَ طرح ڏيندا جو انهن جا گوڍ اندر لڪا رهن ته بدزيبا نه لڳن. پوءِ گاهه جي مُچي ۾ ڪاٺي وجهي مٿان نوڙيءَ سان گول وراڪا ڏيئي هيٺيون اڌ چونري جي چوٽيءَ ۾ کوڙي پاسن واري گاهه کي کنڊيري چوڌاري پکيڙي ڇڏيندا. هن کي چونري جي ”سُرٽِي“ چوندا آهن. سُري جي چوڌاري نوڙيءَ جو گول ”سُوٿيو“ رکي ان ۾ پندرهن – ويهن نوڙين جا ڇيڙا قابو ڪري چوڌاري چوني تي ڦهلائي ڪڙڇه وٽ هرهڪ ڇيڙو سُنهڻ سان اٽڪائي ٽنبي اندر ڪڍندا، انهن کي ”ڏوريا“ چئبو آهي. پوءِ ڏورين کي اندران چڪ ڏبي ۽ چوٽيءَ تي ويٺل ماڻهو ڊگهي ڪاٺيءَ سان مٿان گاهه کي ڌڪ هڻندو ويندو. جيئن ڇڪ جو زور ڦٻي پوءِ اندران ڪنهن نه ڪنهن ڪاٺيءَ سان ٻڌي ڇڏبو. اهڙيءَ طرح سڀيئي نوڙيون ٻڌبيون، انهن کي ڏوريا – ٻڌڻ چئبو آهي. ڪک ڏيڻ کي ”ڇاجو“ چئبو آهي. ڪک ڏيندڙ کي ”ڇاجارو“ چئبو آهي. سڀڪو ماڻهو ڪک ڏيئي ڪونه سگهندو آهي، اهڙا ٿورا ڄاڻو ماڻهو ٿيندا آهن، جن کي ڪوٺي اچبو آهي. مزدوري جو رواج ڪونهي، ماني کارائبي آهي. ڪسر رهي ڪانه، ڪڏهن هُن کي به مدد ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح چونرو تير ڪبو. چونرو اونهاري جو ٿڌو ٿيندو آهي ۽ رهڻ لاءِ فرحتي آهي. برسات وقت ڪِرڻ جو ڊپ نه رهندو آهي. غريب ماڻهو الڳ رنڌڻو ڪونه ٺاهين، چونرن ۾ ئي رهن ۽ رڌپچاءُ جو به ڪم اتي ڪن. اندر باهه ٻارڻ ڪري جيڪو دونهون ٿيندو آهي سو ڪکن مان نڪريو وڃي ۽ دونهي جي ڪري ڪاٺين کي سُرو يا اُڏوهي به ڪانه لڳي. نوڙيون سڻ ۽ کپ مان وٽبيون آهن، جي جهنگ ۾ عام آهن. سِڻَ يا کِپ وڍي روزانو ٻه-ٽي نوڙيون وٽي رکندا ويندا. ترت ضرورت هوندي ته کپ وڍي گهر آڻي نوڙيءَ جيترا مُچا تيار ڪندا، جنهن کي ”پُورِي“ چوندا آهن. پوءِ هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪ هڪ ”پوڙي“ ڏيندا. اڌ ڪلاڪ اندر نوڙيون تيز ٿي وينديون. سڪل سِڻن يا کپن کي پُسائي ٿورو وقت رکي ڇڏيندا ته نرم ٿيندا. پوءِ نوڙيون تيار ڪبيون، جي گول وِڙهي سُٿيا ٺاهي رکي ڇڏيندا ته نرم ٿيندا، پوءِ نوڙيون تيار ڪبيون، جي گول ويڙهي سُٿيا ٺاهي رکي ڇڏبيون، ضرورت وقت ڪم آڻبيون. رکڻ ڪري سُڪي وينديون آهن، تنهنڪري ڪم آڻڻ وقت پاڻيءَ ۾ پُسائي، اڌ ڪلاڪ پُسيل واريءَ ۾ رکي ڇڏبو ته نرم ٿي پونديون، پوءِ ڪم آڻين، ڇو ته سُڪل نوڙيون ڀُري پونديون آهن. چار ڪاٺيون کوڙي مٿان آڏوريون ۽ ڪي ارکي گاهه وجهبو آهي، هن کي ڇَنو يا ”منڏهيڙو“ چون، جو ويهڻ ۽ پاڻي رکڻ جي لاءِ ڪم اچي. اونهاري جو پاڻي ڇانو ۾ نه رکبو ته تپي گرم ٿي پوندو. ڪي پاڻي رکڻ لاءِ جدا ڇانهولو ٺاهيندا آهن، جنهن کي ”پڻهارو“ چئجي. مٽيءَ جي ڇهه فوٽ کن اوڍي چورس يا مستطيل ڀت ٺاهي ڊيگهه مان هڪ هنڌان دروازو رکن. ويڪر وارا ٻئي پاسا ٽڪنڊي وانگر مٿي ڪن. ٻنهي پاسي هڪ هڪ سر گهٽائيندا وڃن. جيئن چوٽي ٿي بيهي. هرهڪ پاسي کي ”ڪرهو“ چون. پوءِ ٻنهي ڪَرهن جي وچ ۾ ڊگهي ڪاٺي رکي ان تي ڪايا (کونٽا) ڏيئي مٿان گاهه وجهي نوڙين سان قابو ڪن. شڪل ۾ رائنٽي جهڙي ٿيندي آهي. ننڍيءَ کي چونڪي ۽ وڏيءَ کي ڪُڙههَ چون. ڪي انهن کي نانڍي (لانڍي) چون. ڪي ماڻهو ڪُڙهه جي ڇاڄي جي مٿان مٽيءَ جو راڳو به ڏيئي ڇڏي. چونرن، لانڍين، ڪُڙهن ۽ چونڪين جون ڀتيون، جي ڪَچين سِرن جون هونديون آهن، تن جي مٿان ۽ ڱُڏن جي ڀتين ۽ ڇت تي سال بسال يا ٻئي ٻئي سال مٽيءَ جو راڳو ڏيندا آهن. مُرٽن يا ڊَڀَ يا سيڻ جي ڪُهاڙيءَ سان سنهي ڪُتر ڪري، يا ٻاجهري جي ٻُري، گڏهه جي ڪُٽيل لڏي، مٽيءَ سان ملائي ڳوهي چَلهو ٺاهي ڇڏين. روزانو ان ۾ پاڻي وجهندا رهن، جيئن چَلهو سُڪي نه وڃي. ٽن-چئن ڏينهن بعد اها مٽي سَڙي نرم ٿي ويندي آهي، تڏهن وري ڳوهي راڳو ڏيڻ، جنهن کي ’پڪو راڳو‘ چون. جاين جي اندران انهيءَ راڳي مٿان وري مٽي ڳوهي زالون هٿ سان راڳو ڏين، جيئن پڪو راڳي وارا ڪک وغيره لڪي وڃن. ان بعد اَڇي مٽي، جا ٿر جي ڪن هنڌن تي لڀي ٿي، سا جي هٿ اچي ته اها پٽڙي ڪري اڳڙي ٽڪر ٻوڙهي ان سان پوچي وانگر هٿ هڻن ته لسو ۽ صفا بيهي، هن کي ”پوٿو“ چئبو آهي. گهر جي چوڌاري کوُنٽا ۽ ڍنگهر کوڙي ڪَنڊن جو مضبوط لوڙهو ڏين. لوڙهي لاءِ ٻيڙيءَ جا ڪنڊا ڪم آڻين، جي لوڙهي جي ڏانو جا آهن. ٻَنين ۾ سياري جو پَلي وڍڻ وقت ڪنڊا جام ٿيندا آهن، انهن جا اوپاڙا (ڪنڊن جو ڍڳ) ٺاهي ٻياني (ٻيئي) سان مٿي تي کنيو اچن. بعضي اُٺن تي به آڻين، جن کي ”ڀينٽارا“ چون. صبح جو ماڪ پوڻ مهل لوڙهو تيار ڪن، ڇو ته ان مهل ڪنڊن ۾ سيڪ هوندو آهي، جنهنڪري ڀُرندا ڪونه آهن. لوڙهي جي اندر اُٺ ويهارڻ، ڍڳين ڏهڻ، گابن ۽ ڇيلن ٻڌڻ لاءِ جاءِ جو وينٽ اڳ ۾ ئي ڪن، انهيءَ کي ”ويڙهو“ چون ۽ ڪي ”پرويٽ“ به چون. انهيءَ ويڙهي ۾ ڪنهن گوشائتي هنڌ سڻن ۽ مُرٽن سان لوڙهو ڏيئي ”ويڙهيو“ ٺاهين، جو ناناني لڏي جي اُٿڻ ويهڻ ۽ سنان لاءِ ڪم اچي، ڪاڪوس جو ٻهراڙين ۾ رواج ڪونهي. جاين جي اڳ ۾ خلاصو اڱڻ ڇڏين. جاين ۽ اڱڻ ۾ ڍڳي جي ڇيڻي ان اوٽو وجهن. ڍڳين جو ڇيڻو آڻي، مٽي وجهي، گڏي ڳوهي ٻه زالون آمهون سامهون ويهي، واريءَ گڏي، هٿن سان مهٽي، ڀُرڳڙ ٺاهين، جنهن کي ”ڀِڳروڙا“ چون. ڇوءِ پٽ تي پٿاري، پاڙي جي ٻارن کي ڪوٺي پيرن سان لتاڙين ته اوٽو تيار ٿيو پوي، جو ڇهه مهينا کن هلندو آهي. لوڙهي کي دروازو ڇڏين. ان جي ٻنهي پاسن کان مضبوط ڪاٺيون کوڙي ڇڏين. رات جو ڪُونڀٽ جو ڍنگهر ڏيئي ڇڏين، جنهن کي ”کڙاهه“ چون. ڪي ماڻهو ارڻيءَ جي ڪاٺين جو، ڪي موراڙيءَ جي ڍنگهرن جو جهانپو ٺاهي ڏين. ڪي ٻنهي پاسن ڪاٺين جون ٿوڻيون کوڙي مٿان آڏي ڪاٺي ڏين، جنهن کي ”اَرلي“ چون. اهو هڪ قسم جو بچاءُ آهي: پنهنجو مال وغيره به اندر قابو رهي ۽ ٻاهريون دخل به نه ٿئي. دروازي کي ”مونهگڙو“ چون، يعني جنهن ۾ مُنهن وجهي گهڙجي. ٻهرارين ۾ ڪوٺيون يعني کُڏ گهڻا ڪونه ٺاهي، البت ننڍڙا ڪڍين سِرن جا، ڪوٺين جي نموني کُڏ ٺاهين، نه ته گهڻو ڪري سڀ چونرا، چونڪيون، منڏهيڙا ۽ ڪُڙهه ٺاهين. ڪي ماڻهو آئي وئي مزمان مّڙي لاءِ جدا چونرو يا ڪَڙهه ٺاهين، جنهن کي مسلمان ۽ ٺڪر ”اوتارا“ ۽ مينگهواڙ ”دکاڻ“ چون. هروڀرو ٻهراڙين ۾ ڪي سڀيئي غريب ڪونه آهن. ڪيترا مسلمان زميندار، رئيس، وڏيرا ۽ سيد، شاهوڪار آهن، جي رهڻ لاءِ پڪيون جايون جوڙائين ۽ سندن اوطاقون ۽ اوتارا به آهن. لوڙهي اندر نم، ڪنڊا، ٻيريون ۽ ٻيا وڻ پوکين ته ڇانو ٿئي. اونهاري جو پاڻ ڇانو ۾ ويهن ۽ وقتي مال به ڇانو ۾ ويٺو رهي. گهر اَڏڻ ۽ رهڻ لاءِ سوڻ قديم زماني کان وٺي هندن ۾ رواج آهي جو اڄ تائين هلندو اچي. نئين جاءِ ٺهرائڻي هوندي ته پهريائين ٻانڀڻن ۽ گرڙن کان پڇندا آهن، جي ٽپڻو ڏسي ڏينهن، تت، تاريخ ۽ وقت وغيره مقرر ڪري ڏيندا آهن. پوءِ ان موجب زمين صفا ڪري، مقررڏينهن ۽ ٽائيم تي بِنَهه يعني بُنياد جي سِر رکندا آهن. هن کي ”رانگ ڏُهڻ“ چئبو آهي. هڪ مٽيءَ جي لوٽِي پاڻيءَ سان ڀري، ان ۾ سون جو تُس (ذرو)، ٽامي جو پئسو، چانورن جا داڻا، ڳڙ جو ذرو وجهي اها لوٽي سر جي هيٺان زمين ۾ پوربي – اهو شڀ سوڻ سمجهندا آهن ته انهيءَ گهر ۾ اناج، پئسي ۽ سون جي ڪمي نه رهي. ساڳئي وقت هوند سارو کاڏو تيار ڪري نياڻين برهمڻن،. گرڙن ۽ معصوم ٻارن کي کارائبو آهي. رانگ ڏُهڻ بعد باقي جاءِ ڪڏهن به جوڙي سگهجي ٿي. عام طرح هوليءَ جي ٻئي ڏينهن ڌوُڙيلي (ڌوڙئي) جي صبح جو جاءِ جي رانگ ڏهڻ سڀ سمجهبو آهي. ان لاءِ پُڇڻ جو ضرور ئي ڪونهي. چيٽ ۽ پوهه جا مهينا نڀاڳا سمجهبا آهن. انهن مهينن ۾ نڪو جاءِ جو بنياد وجهن، نڪو تيار ٿيل جاءِ ۾ ويهن. اڄ به وڏن شهرن ۾ وڏين بلڊنگن جا بنيادي پٿر رکڻ، واهن ۽ بندن جا افتتاح ڪرائڻ لاءِ ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪري، وڏن ماڻهن کان اها رسم ادا ڪرائي ويندي آهي. جاءِ تيار ٿيڻ بعد رهڻ لاءِ به وقت، ڏينهن وغيره پُڇي، نياڻين، برهمڻن، گرڙن، ساڌن، فقيرن کي کارائي، هوم هَوَنَ، گيتا جو پاٺ ڪرائي، دان پڃ ڪري يا مٺاڻ ورهائي پوءِ ٽپڙ رکبا آهن. ڪو غريب هوندو ته ٻي- ٽي نياڻيون کارائيندو يا ڪجهه پتاشا يا ڳڙ ورهائيندو. مسلمان به سڳورو ڏينهن نهاريندا آهن. جاءِ اڏڻ يا ان ۾ رهڻ لاءِ جمعي جو ڏينهن سڳورو سمجهن ۽ پُڄت آهر خيرات ڪن. گهر جي صفائي ٿر ۾ ڪن سيدن، زميندارن، رئيسن، وڏيرن، شاهوڪارن ۽ ڪامورن وٽ گهرن ۾ عورتون آهن، جي ٻُهاري ڏيڻ، جنڊ پيهڻ، رڌڻ پچائڻ، باسڻ برتن ملڻ پاڻي ڀرڻ وغيره گهرو ڪم ڪن. اهي ڪي ٻانهيون يا پگهاردار نوڪرياڻيون ڪونه آهن، پر جيڪي غريب ماڻهو انهن کان قرض وغيره کڻندا آهن يا سندن ٻنيون پوکيندا آهن ته انهن جون زالون وڃي اهو ڪم ڪنديون آهن. ٺڪرن وٽ بجير (گولا) ۽ بجيرياڻيون (گوليون) آهن، جي انهن وٽ گهرو ڪم ڪن، باقي سڄي ٿر جا عوام گهر ۾ نوڪر ڪونه رکن ۽ سڄو ڪم زالون ڪن. صبح جو سوير اُٿي سڀڪا عورت پنهنجي گهر جي جاءِ ۽ اڱڻ جو ڪچرو باسيندي (ٻُهاري) سان ڪڍي هڪ هنڌ گڏ ڪندي آهي. گند کي سُمٿ چون، يعني نڀاڳ. گند جو هئڻ نڀاڳائيءَ جي نشاني سمجهن، تنهنڪري سويرَ صبح اُٿي پهريائين صفائي ڪن. جيڪا زال اهو ڪم نه ڪري ۽ گهر گند سان ڀريو پيو هجي، ته ان زال کي چون اَليڪَ ري يا ڇاڏهول، يعني چَسِي، بي سُرت، وغيره. باسيندي برينڇ نالي گاهه مان ٺاهين، جو وسڪاري جو ٿر جي ڀڀٽن جي پاساڙين ۾ ٿيندو آهي. اُهو سائو يا سُڪل پٽي رکي ڇڏبو آهي، جو ضرورت وقت ڪم اچي. باقي چوڀيتي يا لوڙهي اندر گهر جو ڀاڱو، جنهن کي پرويٽ يا ويڙهو چون ۽ جتي واري هوندي آهي، اتي ٻوهنگري سان گند ميڙي گڏ ڪبو آهي، ٻوهنگرو لپ يا سڻ مان ٺاهيندا آهن. ڇا ڪن، جو کپ يا سِڻ جهنگ مان آلو وڍي، اڻي، مُچو ڪري هڪ پاسي مضبوط رسيءَ سان ٻڌي ڪنهن ڳوري ڪاٺ جي بنڊ هيٺان ڏپ ڏيئي رکي ڇڏين. ٻن- چئن ڏينهن بعد سڪڻ کان پوءِ ڪڍن، ان کي ”ٻوهنگرو“ چون. هي باسيندي کان مضبوط ٿيندو آهي. پرويٽ ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون، گانين ۽ گَابن جي ڇيڻي جا ٽڪر، اُٺن جا ڦولهڙا، ڪک ڪانن ۽ ڪاٺين جا ٽڪر يا ٻيو اهڙو گند هوندو آهي، جيڪو باسيندي سان ميڙي نه سگهبو آهي، ان لاءِ ٻوهنگرو وڌيڪ ڪارائتو آهي. پوءِ ميڙيل گندکاري ۾ وجهي کڻي وڃي گهرن جي ٻاهران کلئي هنڌ تي اُڇلبو آهي، ڀروارا گهر ائين هڪ هنڌ گند اُڇليندا ويندا آهن. انهيءَ هنڌ کي ”اُڪيرڙي“ چون. ڍير ٿيڻ بعد بعضي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏين. گهر جو سامان شاهوڪارن وٽ نِوار، مُ ۽ اَڪَواري سان واڻيل کتون، ميزون، ڪرسيون، ٽپايون، پيتيون، گهڙامنجيون، سوڙون، پٿراڻيون، وهاڻا، چادرون وغيره سڀڪجهه هجن، باقي غريبن وٽ سادا ٽپڙ ڪنهن گهر ۾ ڪا کٽ هوندي، نه ته سادا کٽولا، جن کي ”مَنجا“ چون. کٽولن جا پاوا ڄار اَڪ جي ڪاٺين جا، ايسون ۽ اوپرا ڄار، ڪنڊي، ٻيرڙي ۽ اَڪ جي ڪاٺين جا وجهن. ڪي مڃ سان واڻيل نه ته گهڻا ڊَڀَ ۽ کِپ جون نوڙيون وٽي ان سان سادو واڻين، جنهن کي ”گڏهه ڇڪو“ چئجي. ڪي ڪي رات جو پٽي رَلي وڇائي سمهي پون. سياري جو گهڻو ڪري گهٽ اوڇڻ هئڻ سبب هيٺ سمهن. مردن جون گَنديون، چادرون، سُٿڻون، زالن جا اوڍڻ، چُنيون ۽ گهاگهرا پُراڻا ٿين ته انهن مان ڦاٽل ٽڪر ڪڍي، ساڄوڪ ٽڪر ڳنڍي، پُڙ تيار ڪري وچ ۾ ڦاٽل ٽٽل اڳڙيون، جنهن کي ”ليهه“ چون، وجهي سبي رَليون تيار ڪن، جي رات جو اوڍڻ ۽ وڇائڻ جي ڪم اچن. جنهن رَليءَ ۾ زالن جي پَڙي وارو ڪپڙو ڪم آندل هوندو، اهو مردن کي وڇائي ڪونه ڏين، اهي رليون زالون پاڻ ڪم آڻين. ننڍين رَلين کي ”رَلڪا“ چون، جي ٻارن جي ڪم اچن. گهرو ڪپڙن رکڻ لاءِ پيتيون ڪٿان آيون، ان لاءِ ڪپڙي ٽڪر مان بُجڪا ٺاهين. ٻهاڙين ۾ ڪٿي ڪٿي سُمهڻ لاءِ پيها به ٺاهين. ننڍي ٻار لاءِ پينگهي جي بدران کٽوليءَ کان ڪم وٺن. ٻه ڪاٺين اُڀيون کوڙي، مٿان آڏي ڪاٺي (آڏوري) ڏيئي، ٻه نوڙيون گڏي، ٿُوڻيءَ جي ڀرسان آڏوري ۾ هڪ پاسي ٻڌن ۽ ٻئي پاسي به – ائين پينگهو تيار ڪن جو ٻار جي لُڏڻ لاءِ ڪم اچي. جهنگ مان اهڙي ڪاٺي، جنهن کي هيٺان يڪو ٿُڙ هجي ۽ مٿان کليل ٽي ڦاڪون هجن، وڍي آڻي کوڙي، ان ۾ دلو وجهي رکن، يعني ان مان گهڙا- منجيءَ جو ڪم وٺن. مٽيءَ مان ننڍو پورو چورس 5X3 فوٽ کن ٺاهي، هيٺان مٿان مٽيءَ جي تختن سان قابو ڪري، هڪ پاسو ننڍو دروازو 1X1 فوٽ کن ڇڏين. هيٺان فوٽ ڏيڍ، ٻه يا ٽِ يا چار پاوا مٽيءَ جا ٺاهي ”ڪوٺو“ تيار ڪن. ماني ٽڪر، گيهه مٺاڻ، ننڍا باسڻ، کير، مکڻ ۽ ٻيو اهڙو سامان، جنهن لاءِ ڪُتي، ٻلي ۽ ڪوئن جو ڊپ رهي، سو اندر رکي در ڏيو چڇڏين. چونري يا کُڏ ۾ هڪ پاسي مٽيءَ جي ”ڏينچي“ يا ننڍو پيهو ٺاهين يا ننڍي کٽولي ٺهرائين، جا گهر جي رلکين رکڻ لاءِ ڪم اچي. گهر ۾ ڀتين تي مٽيءَ مان ڪنارين سان بيلُون ٺاهين، جي باسڻ برتڻ ۽ ٻي سنهي ٿلهي شيءِ رکڻ لاءِ ڪم اچن. سڀ ڪنهن گهر ۾ جنڊ پنهنجو هوندو آهي. جنهن تي اٽو هٿ سان پيهي ڪم آڻين. باسڻ برتن شاهوڪارن وٽ ٽامي ۽ پتل جا ديڳڙا، ديڳون، ٿالهه، ٿالهيون، شيشي جا برتن، پاڻي ڀرڻ لاءِ پتل ۽ ٽامي جا گگر-موريا، چيني جو سامان وغيره هجن، غريبن وٽ رڌڻ لاءِ مٽيءَ جو ڪُنو يا لاچار ڪوپر جو ديڳڙو ۽ ڪاٺ جي ڏوئي (جا ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺاهين) ٿئي، جا ڀاڄي رڌڻ جي ڪم اچي. ڪڏهن ڇٽي ڇہ ماهي چانور رڌين نه ته گهڻو ڪري ٻاجهري پُسائي چڙهي ڀت رڌين. ماني پچائڻ لاءِ مٽيءَ جو طباخ، جنهن کي ڪونڊي چون، سا اٽي ڳوهڻ لاءِ ڪم اچي. دانگي مٽيءَ جي. کير ڏهڻ لاءِ پتل يا ڪوپر جي چونري (پروڙي) يا مٽيءَ جون لٽيون ۽ منگهيا، ڪاڙهڻ، ڄمائڻ، ۽ ولوڙڻ لاءِ مٽيءَ جا ڪُنا ڪم اچن. اٽي رکڻ لاءِ مٽيءَ جا تس ڪم آڻين. پاڻي ڀرڻ لاءِ مٽيءَ جا دلا، ڪن گهرن ۾ ڪڙسا به رکن، جن ۾ ٻه ٽي دلا پاڻي پوندو آهي. ننڍين ڇوڪرين جي کڻڻ لاءِ ننڍيون دليون، جن کي گهگهرون چون، ڪم اچن. اُن پڙڻ لاءِ مٽيءَ جون اکُريون، ڪن گهرن ۾ ڪاٺ جون به هونديون آهن، جي ڪنڊيءَ جي ڪاٺ مان ٺهن. ڪاٺ جون مُهريون، جن کي ”کانڙا“ چون، ڇنڊڻ لاءِ ڇڄ، جنهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کل چاڙهائي ڇڏين، اٽي ڇاڻڻ لاءِ پرڻ، جنهن کي ”اَٽائو“ چون. کاڌي پيتي جي شين جو ڪُتي، ٻلي ۽ ڪُئن جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو کپ جي نوڙين جا گول سوٿيا ٺاهي، چئني پاسن کان نوڙيون وجهي، ساهميءَ جي پڙن وانگر تيار ڪري، ڇت ۾ ٻڌي ڇڏين، جنهن کي ڇڪو چون، ان ۾ بچيل ماني، ڀت، گيهه جو ٿانءُ، اَٽي جو تس ۽ ٻيو اهڙو گهرو سامان رکن، جيئن ماڪوڙين کان به محفوظ رهي. مٺاڻ وغيره ڪُني ۾ وجهي مٿان اڳڙي ڏيئي مضبوط ڌاڳي سان ٻڌي رکبو آهي، جيئن تڏين ۽ ماڪوڙين کان بچيل رهي. پاڻي پيئڻ لاءِ پتل جو لوٽي، جنهن کي ”ڪَڙسيو“ چون، سا ڪم آڻين. ماني رلکڻ لاءِ طباخ، ڀاڄي ۽ لسي رکڻ لاءِ مٽيءَ جو اڌ گول وانگر پيالي جهڙو ٿانءُ ڪم آڻين، جنهن کي ”ڍومڻ“ چون. مٽي ڳوهي، مٽ اونڌو ڪري، مٿان اڌ تائين مٽي پٿاري، اڌ گول وانگر ٺاهي، آڱرين سان ٽنگ ڪري رکن. چوٽيءَ تي کڻڻ لاءِ هٿيو ٺاهين. سڪڻ بعد لاهي رکن، ان کي ”ڍاڪو“ چون. کير ماني وغيره رکي، مٿان ڍاڪو ڏيئي ڇڏين، ته ڪُتي، ٻلي ۽ ڪُئن کان بچاءُ ٿئي. اونهاري جو کير ڄمائي ٻاهر رکي ڍاڪو ڏيئي ڇڏين ته هوا تي ٿڌو پيو هجي. پراڻا ڪاغذ پاڻيءَ ۾ پُسائي، مٽِ ۽ ميٽ ملائي، ڪتي، ورين ۽ ننڍين لوٽين جا لُٺ تي ٿڦي، سڪائي لاهي رکن، پوءِ انهن کي رنگ وغيره ڏيئي تيار ڪن، انهن کي ”ڍاڪيا“ چون، جي ڀرت رکڻ ۽ گهرو شين رکڻ جي ڪم اچن. گهرو انتظام گهر ۾ پيءَ جو درجو سڀني کان وڌيڪ آهي. سڄي گهر جو ڪاروبار کيس سنڀالڻو پوندو آهي. زال، پٽ، ننهن، ٻار سندس چئي ۾ هوندا آهن. جنهن گهر ۾ ڪُلفت آهي، اهو گهر نه آهي پر جنسي آزار آهي. چوندا آهن ته ”سنپت آهي برڪت.“ ڪم جو پورائو سڀيئي ڀاتي گڏجي ڪندا آهن. ڏيتي ليتي، گهرو گهرجن لاءِ شيءِ شڪل جي پورت ڪرڻ، مٽ عزيز کي ڪم ڪار ۾ مُنهن ڏيڻ وغيره، اهو بار پيءُ تي هوندو آهي. ننڍا انهيءَ ڳڻتيءَ کان ڇُٽا پيا هوندا آهن. چوندا آهن ته ننڍن کي ڇا آهي، وڏا ويٺا آهن، هو ڄاڻن هنن جو ڪم ڄاڻي، وڏن ويٺي ننڍن تي ميار ڪانهي. پيءُ جيستائين جيئرو هوندو آهي، تيستائين بار سندس ڪُلهن تي هوندو آهي. پوڙهو جُهور ٿي وڦڻ يا مري وڃڻ جي حالت ۾ وڏو پٽ ڪاروبار هلائيندو آهي. سَپُوت پٽ پنهنجي پيءَ ماءُ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي سُکي رکندا آهن، ننڍا وڏي ڀاءَ جي عزت ڪندا آهن. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهرن جي سونهن، ويٺا ڪن ورونهن، ڏُجن ڏوران ئي ڏري. ڪن حالتن ۾ پيءَ جي مري وڃڻ جي حالت ۾ ٻار ننڍا هوندا آهن ته ماءُ تي اهو بوجو پوندو آهي، جا ويچاري ڪٽنب جي وڏن جي مدد سان پيئي گهر جو ڪاروبار هلائيندي آهي، جيستائين ٻار وڏا ٿين. انهيءَ حالت ۾ عورت جا مائٽ به مدد ڪندا آهن. شاهوڪارن کي ته ڪا تڪليف ڪانهي، باقي غريب ويچاريون پاڻ پورهيو (ڀرت ڀرڻ، مزدوري تي اڱڻ وجهڻ، اُنَ ڪتڻ، داڻا پيهڻ يا هوند وارن جو گهرو ڪم ڪار ڪرڻ) ڪري وقت ڪاٽينديون آهن. ڪي ڪي زالون ته بلڪل سَپاتريون ٿينديون آهن. گهر جو چرخو اهڙيءَ طرح هلائين، جو لوڪ لکائي ڪونه وجهن جنهن جنهن لاءِ چون ته فلاڻي زال مرداني آهي. گهرن تي نشان ڪي ماڻهو جڏهن ڏڪار وقت پورهئي لاءِ سنڌ ڏي ويندا آهن يا اڳ ۾ ڪٿي برسات پوڻ ڪري مال کي وَس تي وٺي ويندا آهن. يا وسڪاري جو ٻنيءَ تي لڏي وڃي ويهندا آهن يا ٻئي ڪنهن ڪم سبب ٻاهر وڃڻو پوندو اٿن، تڏهن ڪا گهرو قيمتي شيءِ يا ٽپڙ ٻئي وٽ رکن، باقي گهر کي ڪلف ڏيئي، ڇيڻي ۽ مٽيءَ جي گڏيل گچ سان لنبي، مٿان ڪو نشان ڪري ڇڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪلف ڪي اهڙا مضبوط ڪونه هوندا آهن، اهي لوهارن جا ٺهيل چورس سڪل جا هوندا آهن. ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڪنهن عزيز يا پاڙي واري کي چئي ويندا آهن ته گهر جي پارت هجئي. گهوئي گهمرو ڪندو رهج. چور ٻيءَ ڪُنجيءَ سان ڪلف کولي وري بند ڪري سگهي ٿو، مگر ليپ لهڻ جي حالت ۾ يڪدم پتو پئجي ويندو ته چوري ٿي آهي، اهو نشان ڄڻ ته سيل مُهر جو ڪم ڏيندو آهي. گهرو جيوت زالون صبح سوير اَسر جو اٿي گهر جو ورتڻ کي لڳنديون آهن. دير سان اُٿڻ واريءَ کي اُونگهه جي اَلٿ چون. صبح جي ننڊ نڀاڳ جي نشاني سمجهن. اول اُٿي، هٿ منهن ڌوئي، پوءِ ڪم کي لڳن. ٻين ڀاتين، خاص ڪري ننڍن ٻارن کي به سج اُڀرئي کان اڳ اُٿارين. ويرون ولوڙڻ جون، ساريان گهڻيون صبح. اڱڻ ۽ ويڙهو ٻُهاري، جنڊ پيهي، پاڻي ڀري، ولوڻو ڪري، ماني پچائي سڀني کي کارائين. راتو ڪو بچيل کاڌو به ڪم اچي. ٽڪر بچيل هوندو ته باهه تي سيڪي پاڻ ۽ ٻارن کي کارائين. پاروٿي مانيءَ تي مکڻ به مزو ڪندو آهي ۽ ڌونري سان به ٺهندي آهي. صبح جي مانيءَ کي عام طرح ”صبوحڙي“، ”سيراڻ“، ”جانکر“ پر ڪنٺي ۾ ”جهارو“ ۽ منجهند جي مانيءَ کي ”ٻيپارو“ ۽ شام جي مانيءَ کي ”بِيارُو“ چون. سياري جي صبح جو شاهوڪار ۽ سندن بار اُٿڻ سان چانهه پيئن، اوني سئيٽر ۽ گرم ٽوپلا ۽ جوراب پائين، مفلر ۽ گلابند ڍڪين، پير بوٽ مان ٻاهر ڪونه ڪڍن. پر غريبن جا ٻار مٿي ۽ پيرين اگهاڙا، هڪ ڦاٽل صدري يا ليڙون ليڙ ڪپڙي ٽڪر ۾ پيا ڪم ڪار ڪندا ۽ هلندا. سيءَ جي مجال آهي جو ويجهو اچين! ”هوند تي آهي هونگار“، ”ناهي گندي، ناهي سيءُ!“ زالون چوپايو مال ڏهي کير چلهي تي چاڙهين ۽ ڇيلا گابا ڌارائي رهن ته مرد مال روانو ڪن. کير ڪڙهجڻ بعد ٺاري ڱَٽِينگَڻ وجهي ڄمائين. ڪي ڪَچو به ڄمائين، پر ان جي لَسي اهڙي مزيدار نه ٿيندي آهي. زالون مٿي تي دلا رکي پاڻي ڀري اچن، پر ڪن ڪن هنڌن تي کوهه پري هوندا آهن، اُتي زالون دلا ڀري ٽولا ٺاهي کڻي اڌ پنڌ تي رکي ساهي پٽي (ڦوڪارو کائي) کنيو اچن نه ته گڏهن تي جنڊا ڀري اچن يا هوند وارا اُٺ تي ساندارن جي لَڏَ ڀري اچن. ماءُ کي ڇوڪريون ڪم ۾ مدد ڪرائينديون آهن. خاص ڪري سياري ۾ ٻڪرين جا واڙا پري هوندا آهن. اُتان وڃي کير ڏهي اينديون آهن. گهر ۾ ننڍن ٻارن ڀائرن ۽ ڀينرن کي لوڏينديون ۽ راند ڪرائينديون آهن. زالون ٻارن کي وهنجارڻ، ڪپڙن ڌئڻ يا ٻئي ڪم ڪار کان وانديون ٿينديون آهن ته ڏينهن به چڙهي ايندو آهي. پوءِ ڪجهه وقت ساهي پٽي ڀرت ڀرڻ، ائٽ ڪتڻ، رلين ٺاهڻ، ڦاٽو ٽُٽو سبڻ، اَن صفا ڪرڻ وغيره ۾ ڪم ڪنديون آهن. شام جو به سويري ماني تيار ڪري آڪهه کي کارائينديون آهن. غريبن ۾ وياءُ وڌيڪ. ڪٿي لک پيا لٽجن ته ڪٿي ڪک لاءِ سِڪن. شاهوڪارن وٽ ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪجهه، پر سير مٽيءَ لاءِ سڪن! غريب ويچارا، جن وٽ گرميءَ سرديءَ جي بچاءُ لاءِ نه اجهو، نه پهرڻ لاءِ اوچڻ، نه کاڌي لاءِ ٽڪر، اُتي وري ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪجهه، پر سير مٽيءَ لاءِ سڪن! غريب ويچارا، جن وٽ گرميءَ سرديءَ جي بچاءُ لاءِ نه اجهو، نه پهرڻ لاءِ اوڇڻ، نه کاڌي لاءِ ٽڪر، اُتي وري ڌڻيءَ جي اها مهرباني جو گهر ۾ بار نه ماپن. سياري جو ڏسبو ته رَلي ڪونه هوندن جو اوڍي سيءَ جو بچاءُ ڪن. پوءِ مائرون ڇا ڪنديون جو سڀني کي پَٽ تي سمهاري، مٿان ڦاٽل ٽٽل رَليون، ڳوڻين جا ٽڪر، کرڙيون يا ٻورا وغيره، جيڪي گهر ۾ اَڀرا ٽپڙ هوندا سي وجهي وقت ڪاٽي ڇڏين. اونهاري جو وري اڱڻ ۾ بعضي اوڇڻ کان سواءِ به وقت گذريو وڃي. اهڙيءَ طرح سڄي ڏينهن جي پَٽ کوهه بعد سڀني کي کارائي پياري، سمهاري پوءِ زالون ويچاريون پاڻ وڃي سمهنديون آهن. ٿرين جي مشغولي زالون اَسر جو اٿي جنڊ تي اٽو پيهي، اڱڻ ۽ لوڙهي اندر پرويٽ مان ڪچرو ڪڍي، گهر صاف ڪري گند ٻاهر اڇلي اچن. پوءِ پاڻي ڀري ڦڙو ولوڙي، ماني پچائين، جا مڙسارو کائي جهنگ ڏي ويندا آهن. پوءِ ٻارن کي کارائي پاڻ به ٽڪر ڀور هينئين کي آڏو ڏيئي، ٿانءُ ٿپا ڌوئي، ٿانئيڪا ڪري پوءِ ٻئي ڪم کي لڳنديون آهن. مال هوندن ته سوير وڃي وٿاڻ تان ٻڪريون ڏهي اينديون. سرتين ڏت سبيل، ڪيو اڱڻ ڍوئي ڍير. ننڍا ٻار ڦرن کي جهنگ ۾ وٺي وڃي ڦوڳن ۾ چاريندا آهن. ڦوڳ اڪثر ڳوٺن جي ويجهڙائيءَ ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ واهوندن تي ڦوڳيسي ٿيندي آهي. ڦر اُها چاهه سان کائيندا آهن. ڦَر چاري موٽندي ڪاٺين جي ڀَري يا ڏُٿ، جيڪو به هوندو، سو آڻيندا. عمر اُن اگوندرِي، پاسي ڪانڌ ڪَتن. مڙس ڪم تان موٽي اچي گهر ۾ ڪجهه وسِرام ڪندا آهن ۽ پاڻ ائٽ تي اُن ڪتينديون آهن. ڪي ڪپهه به ڪتينديون آهن. ڀَرم ڀاروڙي رهي، جنهن ۾ اڇي اُن، ته پڻ ويٺي ونڌيان، توڙي پَونس تُن. اُن جون لويون ۽ کٿا ٿرين جي خاص پوشاڪ آهن. انهن ۾ جي ڪوٽنگ ٿي پوي ته ”تُن“ ڀري ڇڏينديون آهن. سِبي سيبا ڏي، ڀوري، نيهه نه ڪچوئي، کَٿيءَ وَٽِيُون کُٿيون، سَتي سيڻي سي، مڇڻ چونم ڪي، ته لڄايءِ ٿر ڄائيون. گهر ۾ پنهنجو، مڙسارن ۽ ٻارن جو، ڪپڙو گندي، رلي، رَلڪو، ٿورو ڦاٽي ٽُٽي ويو هوندو ته ان کي ڪاريُون (چَتيون) ڏيئي سبنديون. کٿي جي پيڙن ۾ تاندرا هوندا آهن، جي وَٽي پاڻ ۾ ڳُتي ڇڏينديون آهن، جنهن کي ”نِرهه“ چئبو آهي. يا ڪي وري ڪور (ڪناري) ورائي اوٽِي ڏيئي ڇڏينديون آهن، جيئن اُتان ڦاٽي نه وڃي، ڇو ته اهو ٿاريلين جو مرڪ آهي. اُ‎ٺڙا مينهن ملير ۾ ڌاڳا ڌُٻڙ ڌُئيندي. جڏهن برسات وقت تراين ۾ پاڻي ٿيندو آهي، تڏهن رَليون، رَلڪا ۽ ٻيا ٽپڙ وغيره، جي سڄو سال پيا ميرا ٿيندا اهن، سي اُتي وڃي گڏجي ڌوئنديون آهن. وسڪاري جي صبح جو گهرو ڪم لاهي مڙس لاءِ ڀتو کڻي ٻنيءَ تي وينديون. سڄو ڏينهن ڪم ڪري شام جو واپس ورنديون. موٽڻ وقت جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کاري تي رکيو کنيو اينديون. ڏينهن جو واندي وقت ۾ ڀرت جو ڪم پاڻ به ڪنديون ۽ ڇوڪرين کي به سيکارينديون. مائٽ منهنجا سومرا! مارُو نه ميرا، اُٿيو ڏين اَسُور جو، ڀٽن ڀر ڀيرا، پنهوارن پيرا، وڙهه مَ ويڙهيچن سين. ٿر جو مال رات جو جهنگ ۾ رهندو آهي، جو پيو ساري رات چرندو آهي ۽ صبح جو ازخود موٽيو اچي. مگر ٻڪرين ۽ رڍن جي البت نهار ڪبي آهي، جنهنڪري مُڙسارو سوير ڀنڀرڪي جو اُٿي جهنگ ڏي نڪريو وڃن ۽ مال ڳولي هٿ ڪري ڪاهيو اچن. مينهون پاڻ مُراديون ٿڌا چرن ٿر، وڏي اوهه آئيون، پُٺيءَ لائي ڦر. مينهون ۽ ڳئون سڄيءَ رات جهنگ مان چري صبح جو پاڻيهي پاڻي پيئڻ ۽ سوس تي موٽيو اچن ڇو ته ميڙانگن کي ڌُتي جي ڪونڊي ڏيندا آهن جيئن کير به وڌيڪ ٿئي ۽ ٽاڻي تي موٽيو به اچن. جنهن کي پاڻي پياري، ڏُهي، ٿوري ساهي پٽائي وري جهنگ ڏي روانو ڪن ۽ پاڻ به پهريو وڃن. پوءِ مال پيو جهنگ ۾ چرندو ۽ پاڻ ڏت چونڊي موٽي ايندا. پاسا پولِڙين ۾، ٻانهون سر ٻيئي. اونهاري جو جڏهن ڏينهن وڏا ٿيندا آهن ۽ ڪاڙهو ٿيندو آهي تڏهن ڪنهن وڻ جي ڇانَو هيٺ، پٽ تي پير سان واري ساريکي ڪري، پاٿاري ٺاهي مٿي جي هيٺان ٻانهن ڏيئي، سمهي پوندا آهن. پاسي ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون ۽ ڪن ڪچرو پيو هوندو آهي ته ان جو خيال نه ڪندا آهن، ڇو ته سدائين ائين هريل آهن. ان وقت مال به آسپاس وڻن هيٺ ساهي پٽيندو آهي ۽ پاڻ به اک جو وِسَ ڪڍندا آهن. مڙيئي ڪنهن مهل جهُوتو ڪنهن مهل جاڳ، ڪجهه آرام ڪري وٺندا آهن. بير کنيائون بَر ۾، پيارين پَهُون. بير معنيٰ ننڍي کُوهِي يا ويري. جي ڪنهن وٽ مال گهڻو (اوٺ، گانيون، ٻڪريون، رڍون) هوندن ته تڙ تان پاڻي پياريندا، پر جي ٿورو مال هوندو ته ويرين تان پياري وٺندا آهن. ڪٿي ڪٿي ننڍيون ويريون هونديون آهن، جي مڙس ۽ زالون گڏجي کوٽيندا آهن. مال جي اچڻ کان اڳ مڙسارو بعضي زالون ننڍي چَڙسيءَ سان پاڻي ڪڍي، ڪَپوريو يا ننڍو اَواڙو ڀري ڇڏيندا آهن، مال پيو ايندو ۽ پيو پيئندو ۽ پاڻ پيا پاڻي ڪڍندا، جيسين سڄو مال پاڻي پي وڃي. اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن ڪم ۾ گذاري، رات جو مال جو اوتو لاهي، گهر موٽي ايندا. ڪيئن لهندم ڪَر، مارُو پاڻ اَپاريا. سڄو ڏينهن ۽ رات ڪم جي هڻ کڻ ۽ پٽ کوهه هوندي اٿن، تنهنڪري چوندا آهن ته ڏاڍا اَپوئاريا (اپاريا) آهيون. اونهاري جو زالون گهرو ڪم کان وانديون ٿي، ٻه چار ڄڻيون گڏجي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري پاڻ وندرائينديون. ڪي ٻارن کي وارتائو ٻُڌائي وندرائينديون. ننڍا ڇوڪرا ڀرسان ريل ۾ وڃي ديسي رانديون ڪن. مرد ويٺا اهو تماشو ڏسن. سياري جو ڪنهن اوتاري ۾ باهه ٻاري رهاڻ ڪن. اهڙيءَ طرح پاڻ وندرائي وڃي آرامي ٿين. ٿري عورتون ٿر جي عورتن کي سڄو ڏينهن ۽ رات جو ڪافي وقت ڪم ڪرڻو پوندو آهي. وڏي اَسر جو اُٿي جنڊ پيهڻ شروع ڪن. عام ماڻهو چانور ڪونه واپرائين، تنهنڪري گهر جي ٻنهي ويلن لاءِ اٽو پيهن. ڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي وڃن ۽ ڪي گهر جي صفائي ڪري ڪچرو ٻاهر اُڪِرڙي تي اُڇلي اچن. پوءِ ولوڻو ڪري، راتوڪو کاڌو بچيل هوندو ته واهه، نه ته ماني ٽڪر پچائي مڙسارن ۽ ٻارن کي نيرن ڪرائين ته هو وڃي ڪم کي لڳن. پاڻ هنڌ ٽپڙ گڏ ڪري، کٽولا وغيره ٿائينڪا رکي، مال ڏُهي، ڦر ٻڌي، کير چلهه تي ڪوسي ٿيڻ لاءِ رکن. مال وغيره پَهري وڃي ته وري ڦرن کي جدا جهنگ ڏي روانو ڪن ۽ گهر جو رهيو کهيو ڪم ڪار ڪري، مانيءَ جي تياري ڪن. ڀاتين کي کارائي پياري پوءِ گهرو ڪم تي ويهن. ڪپڙو گندي ڦاٽل ٽٽل هوندو، ته ان جو سيبو وغيره ڪن. ائٽ گهر ۾ هوندو ته اُن ڪتينديون. کَڻي پٽ سُئي، ڪي ڀَرَن ڀَرَت گوِريُون. ڀرت سڀيئي ڪن، ڇو ته ٿر ۾ ڀرت جو گهڻو رواج آهي. نينگريون پنهنجن چولن تي ۽ زالون ڪنجرين تي ڀرت ڪنديون آهن، جي اهي ڀرتل ڪپڙا پائينديون آهن ۽ ڪيترو ڪپڙو ٻاهر وڪري لاءِ به ويندو آهي. ڪي آر تي سئيٽر، گنجيون وغيره ٺاهين. پراڻا ڪپڙا ڪاريون ڏيئي ڳنڍي اندر ٽڪر ٽڪر وجهي رليون ٺاهين. ميرا ڪپڙا پائن، پيئڻ لاءِ ان صفا ڪري رکن. ڪُراڙيونپ اڻ ويهي، جھُڳن جا رازکولينديون نڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون، قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جُوئان هڪ ٻئي جون ڳولينديون. (گدائي) اونهاري جو جڏهن ڏينهن وڏا ٿيندا آهن، تڏهن بعضي ٻن – چئن ويجهن گهرن جون ننڍيون وڏيون گڏ ٿي ويهي ڪم به پيئون ڪنديون ۽ گذريل وقت جون ڳالهيون به هڪٻئي کي پيئون ٻڌائينديون. ڪا اهڙي عجب جهڙي ڳالهه هوندي ته نڪ تي آڱر ڏيئي پوءِ ڪنديون ۽ ٻڌنديون ۽ پڻ هڪٻئي جي مٿي مان جوئون به ڪڍنديون وينديون. ائين پاڻ ۾ انيڪ قسمن جون وندر ورونهن ۽ کل ڀوڳ جون ڳالهيون ڪري دل وندرائينديون آهن. سياري جو وري رات جو باهه ٻاري، ڪجهه وقت گڏجي ويهي، اُن مان گند ڪڍي، ٻُڙا ڪنديون آهن، جيئن ڏينهن جو ڪَتڻ ۾ سهوليت ٿئي. جي وسڪارو هوندو ته صبح جو سويل گهرو ڪم – هاج لاهي ڀتو کڻي ٻنيءَ تي وينديون. ننڍا ٻار هوندا ته کارو مٿي تي، ٻار هنج تي، سڄو ڏينهن مڙسن سان گڏ ٻنيءَ جو ڪم ڪنديون. سوڙهه ڪرڻ، ڀاڄيءَ لاءِ گوار جون ڦريون چونڊڻ، مڱن ۽ چونرن جون پڪل ڦريون چونڊڻ، مطلب ته ٻنيءَ جو سمورو ڪم مرد سنئون ڪنديون. ڏينهن لَڙندو ته گهر ڏي موٽنديون. اوسي پاسي جي ٻنين مان به عورتون اينديون ۽ چڱو به تولو ٿي پوندو. گهر اچي شام جي سانجڻ (رڌپچاءُ) کي لڳنديون. ماني تيار ٿيندي ته مرد ماڻهو اچي ويندا، سڀني کي کارائي هنڌ ٽپڙ وڇائي ڏينديون. ٻار وغيره کي سمهاري پاڻ به آڏو پاسو ڪنديون. ڏينهن جي ٿڪ سبب فرحتي ننڊ اچيو وڃين. ڪپڙا ڌوئڻ ٿر جي وڏن سهرن مان فقط مٺي ۽ ڏيپلي ۾ ڌوٻي آهن، جو اُتي شاهوڪار، ڪامورا ۽ واپاري رهن ٿا. ٻين هنڌن جا ڪامورا ۽ شوقين، جتي ڌوٻي آهن، اُتان پنهنجا ڪپڙا سَٺي سان ڌئارائيندا آهن. باقي سڄي ٿر ۾ ڪپڙا گهرن ۾ عورتون ڌوئينديون آهن. غريب ماڻهو، جن وٽ ڪپڙا گهٽ ۽ سادا هوندا آهن، سي ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ ڌئاريندا آهن. ڪي قميص، صدري، پٽڪو، چادر وغيره تڙ تي واري ڪڍڻ مهل ڪَپُورئي ۾ رکي ڇڏيندا آهن. مٿان ڪوس مان واريءَ جو پاڻي پيو هاربو آهي. جڏهن وارو ڇوڙين يا ڏهه – پندرنهن ڪوس ڍارين، ته پوءِ ڪپڙو نپوڙي سُڪائي ڇڏين. هر هر پاڻي ڍَرڻ ڪري گند نڪريو وڃي ۽ صفا ٿيو پوي. غريب عورتون گهر ۾ مٽيءَ جي ڪونڊيءَ ۾ پاڻي وجهي ڪپڙا پُسائي رکن. پوءِ ڪاٺ جي ٿلهي ٽڪر (جنهن کي ڌوپ چون) تي رکي، مٿان ڪاٺ جي ڌُڪيءَ سان سٽينديون وينديون ۽ ٿورو ٿورو پاڻي به ڏينديون وينديون، اهڙيءَ طرح سُٽي، هٿن سان وَٽ ڏيئي نپوڙي، هيٺ زمين تي يا ڪنهن وڻ يا ڀت تي يا گهر جي ڍنگهرن واري لوڙهي تي سڪائي ڇڏين. مٺيءَ جي شهر جي تراين مان مِٽي نڪري ٿي، سو ڪيترا ماڻهو اها پاڻيءَ ۾ ڳاري، ان ۾ ٿورو وقت ڪپڙو پُسائي، پوءِ سَٽي ڪُٽي سڪائيندا آهن ته صاف ٿيو پوي، اها مٽي ٻين ڳوٺن وارا به کڻي ويندا آهن، جو مفت ۾ ميسر آهي. صابڻ ۽ کار تي ورلي پئسو خرچين. ڪي سَرنديءَ وارا گاسليٽ جي خالي ٽين (جنهن جو مٿيون پاسو لاهي ڏيندا آهن) ۾ پاڻي وجهي، ان ۾ سوڍا کار ڳاري، باهه تي ڪوسو ڪري، ان ۾ ڪپڙا وجهي، ٿورو وقت ٽهڪائي، هيٺ لاهي، ڪپڙا ڌوپ تي رکي، ڌُڪيءَ سان سَٽي صفا ڪن. ڪي صابڻ سان به ڪپڙا ڌوئين. سوٽي ڪپڙا اهڙيءَ طرح ڌوئين. ٿر ۾ ماڻهو اوني ڪپڙا، کٿا، ڪمريون، ڪمريا ۽ لويون وغيره تڙن تي واري هيٺ رکن يا گهرن ۾ ڌوئين. اڪثر ڳرا اوني ڪپڙا برسات وقت ڌوئين. هلڪا ڪپڙا ڌُڪيِءَ سان سٽين، پر ڳرا ڪپڙا ڪمريون وغيره پيرن سان لتاڙي، پوءِ نپوڙي صفا ڪن ۽ سُڪڻ لاءِ واريءَ تي پٿاري ڇڏين، ريشمي ڪپڙي جو واهپو گهٽ آهي، فقط ڪن شاهوڪارن وٽ آهي. اهو ڌوئڻ لاءِ پاڻي ۾ آريٺا ڳاري، ان ۾ وجهي هٿ سان ٿاپون هڻي ڌوئين، ڇو ته ڌُڪي هڻڻ سان ڦاٽي پوڻ جو انديشو آهي. ڌنار، ٻڪرار ۽ غريب مزدور طبقو کوهه تي وڃي، اُتيئي ڪنهن ٿلهي ڪاٺي يا کوهه مان نڪتل سخت پٿر تي رکي هن سان ٿاپون هڻي ڪپڙا ڌوئي ڇڏيندا آهن. برسات پوڻ وقت نيسارن جي هيٺ ڳرا ڪپڙا، جهاجهم، ڪمريون، رليون وغيره رکي ڇڏيندا آهن، ته مٿان ڪرندڙ پاڻيءَ جي زور ڪري گند نڪريو وڃي، يا برسات پوڻ وقت ترين ۾ پاڻي ٿيندو آهي، تڏهن ڪنهن تلاءُ تي وڃي ڳورا ڪپڙا، رَليون ۽ رَلڪا عورتون گڏجي وڃي ڌوئينديون آهن. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي خاص تلاءُ يا ٽوڀا هوندا آهن، جتي جو پاڻي پيئڻ جي ڪم نه آڻيندا آهن، ان کي ”گَڀا ڌوڻي“ (ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ترائي) چوندا آهن. پر ائين بلڪل ڪن ٿورن هنڌن تي اهي نه ته اڪثر پاڻي پيئڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، وهنجڻ، وهٽ پيارڻ لاءِ ساڳيو تلاءُ يعني ترائي ڪم اچي. ٿري عورت جي مڙس سان وفاداري ٿري عورتون غريبي حال هوندي به پنهنجن مڙسن سان وفادار آهن. هو گهرو ڪم ڪار کان وانديون ٿي، مڙس سان هر هڪ ڪم ۾ مدد ڪنديون آهن. ٻنيءَ جو ڪم هوندو ته صبح جو ماني ٺاهي، ڀتو کڻي جهنگ ۾ ٻنيءَ تي وينديون. مڙس کيماني کارائي، سڄو ڏينهن ٻنيءَ جو ڪم ڪري، شام جو موٽي اينديون. مڙس سان گڏ ڪم ڪرڻ ڪري کين خوشي پئي ٿيندي آهي. تڪليف جي وقت مڙس کي دلداري ڏينديون آهن. پاڻ پوءِ کائينديون آهن، ڪڏهن به مڙس کان اڳ ماني نه کائينديون آهن. اتفاق سان ڏينهن جو يا شام جو ٽاڻي تي مڙس نه آيو ۽ ڪنهن ڪم سبب دير ٿي ويئي ته به ٻارن کي کارائي پاڻ ويٺيون هونديون. جڏهن مڙس آيو، تڏهن اُن کي کارائي، پوءِ پاڻ کائينديون. اُٿندي ويهندي هر وقت مڙس لاءِ سندن دل ۾ نيڪ خيال هوندا آهن. هلندي جي پير ۾ ٿاٻو آيو يا ڪنڊو لڳو ته يڪدم وات مان هي اکر نڪرندا: ”بچي فلاڻي (سندس پٽ يا ڌيءَ جو نالو وٺي) جو ابو.“ يا ”جيئي گهر ڌڻي“ وغيره. گهرو ڪمن ڪارن ۾ ڳالهين ۾ مڙس جي چئي تي هلنديون آهن. ڪڏهن به سندس حڪم جي انحرافي نه ڪنديون آهن، ۽ ڪنهن به ڳالهه تي مڙس جي مرضيءَ جي خلاف ضد نه ڪنديون آهن. سمجهُو زالون هميشه مڙس جي مرضيءَ موجب هلنديون آهن. ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪنديون يا هلت هلنديون جيئن مڙس کي ڪجهه رنج ٿئي يا چوڻو پوي، بلڪ اهو خيال رکنديون ته اهڙي هلت هلون، جيئن مڙس خوش رهي. باب نائون پئنچاتون هندن ۾ برهمڻ، مهيشوري، راجپوت ۽ ٻيون ذاتيون، اڇوتن ۾ مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي ڪافي انداز ۾ آهن، تنهنڪري هرهڪ کي پنهنجي جدا پئنچات آهي، جنهن کي نيات به چئبو آهي. اهو رواج نهايت قديمي آهي. پنچه-ات، يعني اهو ميڙ، جنهن ۾ فيصلي ڪندڙن جو تعداد پنجن تائين هجي. اڳي پنجن وٽ ڪو معاملو ويو ته ڄڻ حقدارن کي حق ملي چڪو. فيصلو اهڙو ڪندا هئا جهڙو منڊيءَ تي ٽِڪ. بي رياءَ اهڙا هوندا هئا جو پنهنجي ڀاءَ، پٽ، وغيره کي به، جي ڏوهي سمجهندا هئا ته سزا ڏيندي ويرم نه ڪندا هئا. ڪنهن به ريب رياءَ کان سواءِ راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. اڄ تائين چوندا آهن ته ”پنچن ۾ پرميشور“، يعني انهن ۾ سچائي هوندي هئي ۽ ماڻهو انهن کي ايشور جو رُوپ سمجهندا هئا. اهو رواج اڄ تائين هليو اچي ٿو. سڱابنديءَ جون يا ٻيون ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن، جن جو لاڳاپو فقط پنهنجيءَ قوم سان هوندو آهي ۽ ان جو فيصلو هڪ ڳوٺ جا ماڻهو ڪري نه سگهندا آهن، ته ان حالت ۾ 10-12 ڳوٺن جي پٽيلن ۽ مکيه ماڻهن کي گهرائيندا آهن، جنهن کي پئنچات يا نيات جو ميڙ چوندا آهن. پوءِ سڀيئي گڏجي پڇا ڳاچا ڪري فيصلو ڪندا، جو ڌرين کي قبول ڪرڻو ئي پوندو. پر جي ڪو اَهَنَڊ ٿو ٿئي ۽ فيصلو قبول نٿو ڪري، ته نيات هن تان ٿالهيون لاهي ڇڏيندي ۽ اها حقيقت چوڌاري پنهنجي ذات وارن کي موڪليندي، ان بعد ڪوبه ماڻهو ساڻس واسطو نه رکندو. بلڪ ايتريقدر، جو اهو ماڻهو جي ڪنهن نياڻيءَ جي گهر ويو، ته کيس ٿانءُ ۾ ماني ته بجاءِ خود، پر پاڻي به ڪونه پياريندا لاچار هڪڙو ڄڻو ششدر ٿيندو، جو برادريءَ جا ڪم ڪار ڀائيچايءَ ۽ نيات کان سواءِ هلي ڪونه سگهندا ۽ اها حالت ايستائين هلي ايندي جيستائين هو نيات کان وڃي معافي نه وٺي ۽ حڪم جي پيروي نه ڪري. هن کي جڏهن ائين ڪرڻو هوندو تڏهن وري به نيات گڏ ٿيندي ۽ هو پڇتاءُ ڪري فيصلو قبول ڪندو، پوءِ نيات وري به کيس پاڻ سان گڏيندي. نيات مان ڪڍڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڀائر يا مٽيءَ مائٽيءَ وارا گنات به کيس ٻيلهه ٻڌائڻ لاءِ شامل ٿيندا آهن. اُن حالت ۾ شامل ٿيندڙ سڀني کي نيات مان ڪڍيو ويندو آهي، جنهن کي چوندا آهن ته ”نيات کان ڇيهه“، يعني نيات کان جدا. اهڙي ماڻهوءَ کي سڀڪو ڌڪاريندو ۽ اُن لاءِ اهو ڄڻ هڪ ٽِڪو آهي. ماڻهو نه فقط کيس مهڻا ڏيندا، پر پوءِ ڪي پيڙهيون سندس پوئين کي به پيا مهڻا ڏيندا. تنهنڪري ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪم نه ڪندو آهي، جو نوبت ايستائين پهچي. اهڙا واقعا بلڪل ڇڊا ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن نيات ڪن ڏوهن لاءِ ڏنڊ مقرر ڪندي آهي، جو قبول ڪبو آهي. پر ڪيترا اهڙا غريب آهن، جن وٽ پئسو نه هوندو آهي ته پوءِ ڪجهه وقت مهلت وٺي نيات جي گهر گهر مان پنبو آهي! سڀڪو گهر کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيندو. اهڙيءَ حالت ۾ انڪار نه ڪندا آهن، ڇو ته نيات پنڻ ڪا سوکي ڳالهه نه آهي، بلڪه حقارت جهڙي ڳالهه آهي. پر لاچار کي آچار ڪونهي. اهڙيءَ حالت ۾ پنندڙ جنهن ڳوٺ ۾ ويو ته اهو ڳوٺ جو پٽيل گهر گهر مان پئسا وٺي کيس ڏيندو. جڏهن پورت ٿي تڏهن اچي نيات کي ڏيندو. ڪي ته اهڙا شاهينگ آهن جو وڌيڪ اوڳاڙي ڪري کايو وڃن، پر ڪپڙي ڍڪيو ماڻهو ائين ڪونه ڪندو آهي. راڄ مهاڄڻ جتي وڏا ڳوٺ آهن ۽ هندن مسلمانن جون جدا جدا ذاتيون رهن ٿيون اُتي سڀڪنهن کي پنهنجو پريو مڙس هوندو آهي، جنهن کي هندو مکي، مسلمانن وڏيرو يا رئيس ۽ اڇوت پٽيل چون. اهو رواج پيڙهي به پيڙهي هليو اچي. پوءِ کڻي ڪنهن جو پٽ ڪَپُوت آهي. منجهس افعال ڪونهي ته به اهو رئيس، مکي اپٽيل ئي سڏبو. جي اهو سمجهو ۽ صلح پسند هوندو ته راڄ ۾ به هر ڪو ساز سلوڪ ۽ آرام جي حياتي گذاريندو. ٻيءَ صورت ۾ سڀڪو تڪيلف ۾ چوندا آهن ته ”سڃو پٽيل راڄ تي چٽي.“ ڳوٺ ۾ ڪو جهيڙو جهٽو ٿيو، يا ڪنهن ڏاڍي غريب سان ظلم ڪيو، يا ڪنهن لُچ بدمعاشي ڪئي، يا ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جي نفاق جو ڪارڻ بنجن ٿيون. وس پڄندي سڀڪو ائين ڀائيندو آهي ته پاڻ ۾ ٺهي وڃون ۽ ڪنهن وٽ فيصلي لاءِ نه وڃون. ڪي چڱا مڙس به پيا آهن، جي وچ ۾ پئي معاملو نبيري ڇڏيندا آهن، جنکي ’امين‘ چوندا آهن، پر سمورين ڪوششن هوندي به قصو نه ٺهيو ته پوءِ لاچار مظلوم دانهن کڻي راڄ مهاڄڻ وٽ ويندو، جتي سڀني قومن جا چڱا مڙس گڏجي ويهي پڇا ڳاڇا ڪري فيصلو ڪندا. معمولي ڳالهه هوندي ته پاڙي جو پٽيل فيصلو ڪري ڇڏيندو. پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪيترا ماڻهو پٽيل جو فيصلو قبول نه ڪندا آهن ۽ چوڻ نه مڃيندا آهن ته پوءِ راڄ مهاڄڻ ئي فيصلو ڪندو ۽ ڏوهيءَ کي حد اندر ڪن مهٽ به ڪندو. راڄ مهاڄڻ جو فيصلو به ڪو قبول نه ڪندو ته پوءِ ڪورٽ ڏي ويندا. ان حالت ۾ ڳوٺ جي همدردي مظلوم سان رهندي، تنهنڪري گهڻو ڪري ايستائين معاملو نه ويندو آهي. ڪن ڳوٺن ۾ ڪي هلنديءَ وارا ماڻهو، زميندار، رئيس، وڏيرا ۽ مُکي هوندا آهن، جن جو اثر رسوخ نه رڳو پنهنجي قوم يا ڳوٺ تي، پر آسپاس جي ڪيترن ڳوٺن ۽ ٻين قومن تي به هوندو آهي، جنهن کي هو پنهنجي حد سمجهندا آهن ۽ سڀني قومن جي ماڻهن جا فيصلا ڪندا آهن. انهن جو چيو موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي ۽ سڀني کي مڃڻو پوندو آهي. غريبن جو اوکيءَ ۾ ڪو اوهي واهي ڪونهي. دنيا ۾ سڀ ڪنهن کي تڪليفون آهن. ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ضرور ڪو ته هجي، تنهنڪري ماڻهو جنهن هلنديءَ واري جي حد ۾ رهندا آهن، ته پاڻ کي ان جو ”ماڻهو“ چوائيندا آهن، جيئن ته فلاڻي رئيس يا وڏيري يا مُکيءَ جو ماڻهو آهيان. ڪيترا ننڍا ننڍا پٽيل، مکي ۽ عام لوڪ انهن وڏن ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ رهندا آهن ۽ انهن جا ڪم ڪار ڪندا آهن، جيئن ساڻن واقفيت هجي ته مهل تي ڪم ڪڍائي سگهجي. هڪڙيءَ حد جي ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻيءَ حد جي ماڻهوءَ سان ڪم پيو، ته هو پنهنجيءَ حد جي معتبر وٽ ويندو، جو هن کي ٻيءَ حد جي وڏي ماڻهوءَ ڏي خط يا نشاني ڏيندو ته منهنجو ماڻهو اچي ٿو، فيصلو ڪرائي ڏجوس. پوءِ هو اُن وٽ ويندو ۽ حقيقت ٻڌائيندو، هو واسطيدار کي گهرائي پڇا ڪري فيصلو ڪرائي ڏيندو. قومي اڳواڻ مسلمانن ۾ پئنچاتون ڪونه آهن، پر سڀ ڪنهن قوم نهڙي، راهمان، رند، کوسا، چانڊيا، سما، سومرا، نُون، وغيره کي پنهنجا قومي سردار آهن، جن کي وڏيرا، رئيس، ڄام، ارباب ۽ پڳدار سڏبو آهي. اهو پيڙهي به پيڙهي هليا ايندا آهن. پيءَ جي مرڻ بعد پٽ کي قوم پنهنجو اڳواڻ چونڊي پڳ ٻڌائيندي آهي. هن کي سڀيئي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ هو قوم جا فيصلا ڪندو آهي. اڳواڻ جي فيصلي جي پيروي ڪرڻ هرهڪ پنهنجو فرض سمجهندو آهي. هندن ۾ جيڪي بنيادي بيٺل گهر آهن، سي پنهنجي قوم جا مُکي ليکبا آهن. مينگهواڙن، ڀيلن ۽ ڪولهين ۾ پٽيل هوند آهن. مينگهواڙ پٽيل کي مِهنتر به چوندا آهن. انهن پٽيلن جو سماجي ڳالهين ۾ پنهنجيءَ قوم اندر رسوخ هوندو آهي ۽ نياتي جهڳڙن جا فيصلا سموري راڄ جي چڱن ماڻهن جي صلاح سان ڪندا آهن. پاڙي جو پٽيل ڪجهه گهرن جي ميڙ کي پاڙو چئبنو آهي. جتي ڳوٺ ننڍا آهن ۽ هڪ – ٻه پاڙا آهن، اتي هر هڪ پاڙي لاءِ جدا پريو مڙس هوندو آهي، جنهن کي پٽيل چوندا آهن. چوندا آهن ته ڪڏهن ٺِڪر به پيا ٺَهڪندا آهن. ڳوٺاڻن جي وچ ۾ به ڪن ڳالهين تان مت ڀيد سبب معمولي جهيڙا پيا ٿين. ڪي ڏاڍا هيڻن کي هيسائيندا آهن. يا ڪي لُچ پاڙي لاءِ آزار بنبا آهن، انهيءَ حالت ۾ پٽيل وٽ دانهن ويندي، جو ڌرين کان پڇا ڪري، فيصلو ڪندو. اهڙين حالتن ۾ سچ ڪوڙ جي خبر پٽيل کي ازخود پئجي ويندي. ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جو به ڳوٺ ۾ ڪو خاص ڪم ڪار هوندو ته اچي پٽيل سان حال احوال ڪندو. پٽيل ڪوشش ڪري ان جي سرانجامي ڪندو. پٽيل جو چوڻ يا فيصلو سڀڪنهن کي مڃڻو پوندو آهي، نه ته سڄي برادريءَ وارا اهڙي ماڻهوءَ کي نفرت سان ڏسندا آهن ۽ هن جي گهر ۾ ڪو شاديءَ غميءَ جو ڪم ٿيو ته انهن مان ڪوبه نه ايندو آهي، جنهنڪري هو مجبور ٿي پوندو. ماڻهو پٽيل جي چئي ۾ رهڻ ۽ وقت سر کيس مدد ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. گوتر ۽ نُکون هندن ۾ گوتر ۽ نکون آهن. ’گوتر‘ لفظ جي معنيٰ آهي آڪهه يا برادري. هندو روايتن موجب اڳئين زماني ۾ رشي گهڻيون شاديون ڪندا هئا، تنهنڪري وڏو ڪٽنب هوندو هون، جو جدا محلي ۾ يڪو رهندو هو. اهڙيءَ طرح سڀڪنهن کي پنهنجا محلا هئا، ڪي ننڍن آڪهين وارا گڏجي هڪ محلي ۾ رهندا هئا. هرهڪ محلي کي گوتر يعني برادري چوندا هئا. وڌڻ بعد سڀڪنهن جي آڪهه جدا هوندي هئي، پر گوتر ساڳيو هوندو هو. اهي ڄڻ ته وڏي ڪٽنب جا ڀاتي هئا ۽ هڪٻئي کي پنهنجو سوٽ يا برادريءَ وارو ڪري سمجهندا هئا. سڄو گوتر وڏي جي نالي پٺيان سڏبو هو. گوترن ۾ جيئن آڪهيون وڌيون ته انهن کي ننڍن دفعن ۾ ورهائي نُکون سڏيائون. سڳئي گوتر ۽ نک وارا اڄ به پڻ کي ڀاءُ سمجهن ٿا، هڪٻئي جي عورتن ۽ ناڻين کي پنهنجي ماءُ ڀيڻ سمان سمجهندا آهن ۽ ساڳئي گوتر يا نک مان شادي به نه ڪندا آهن. گڏيل ڪٽنب دنيا ۾ جيوت ڪاٽڻ لاءِ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح هرهڪ ڪٽنب کي به سڀني پاسن جو خيال ڪرڻو پوي ٿو، جيئن ته پوک ڪرڻ، مال جي سنڀال ڪرڻ، گذران لاءِ ڌنڌو ڪرڻ، گهرجي ڪم ڪار جي پورائي ڪرڻ، ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن. يڪي سِر انهن سڀني کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي، تنهنڪري گڏ رهڻ وڌيڪ فائدي وارو آهي. هڪ ڪٽنب ۾ ٻه چار ڀائر گڏ هوندا ته ڪو مال جي سنڀال ڪندو، ڪو گهر جو ڪم ڪار ڪندو ڪو پوک جي ڪندو، ڪو مٽ مائٽ ۽ ائي وئي مزمان کي منهن ڏيندو. مطلب ته ورڇ سان ڪم ٺيڪ پيو ٿيندو. جدا رهڻ ڪري هرهڪ کي مٿين سڀني ڪمن کي علحده منهن ڏيڻو پوندو. ازانسواءِ گهرو ملڪيت جي ورهائڻ ۾ به مشڪلات آهي، تنهنڪري هوند وارا، جن وٽ فقط لٺ ۽ لوٽو هوندو آهي، سي شادي ڪري آيا ته گهڻو وقت گڏ نه رهندا. جدا ٿيڻ لاءِ زال وڏو سبب آهي. گهر نِينگر، ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦُلي ڏو واءِ، ڀائِيان وڇوڙو ماهيلي، ميهان اُگتيو واءُ. (هڪ چوڻي) (يعني ڀائرن جي وڇوڙي جو وڏو سبب ماهيلي يعني زال آهي.) نياڻين جو اُڪلاءِ ڇوڪري جيستائين وڏي ٿئي تيستائين پُٽن وانگر سنڀال ڪن. ڇوڪري جلد بالغ ٿيندي آهي، تنهنڪري چون ته ”نياڻيون آهن. اُڪرڙيون، جي وڌندي ويرم نه ڪن.“ برهمڻ، مهيشورين، لهاڻن ۽ راجپوتن ۾ ڇوڪريءَ کي ننڍي هوندي پرڻائڻ جو رواج آهي، باقي مسلمان ۽ اڇوت ڇوڪري بالغ ٿيڻ بعد پرڻائين. نياڻي وڏي ٿي ته مائٽن جو مٿو تتو. وڏور وڪري گهر ۾ وهارڻ ٺيڪ نه سمجهندا، هر وقت اونو رهندن، جيستائين وڃي شينهن ڪلهي چڙهي. گهر ۽ ڪَڻَ سٺو ملي، ان لاءِ خيال ڪرڻو پوندو آهي. مڱڻو مائٽ پنهنجي مرضيءَ تي ڪندا آهن. ڇوڪري ڇوڪريءَ کي ان ۾ ڪوبه دخل نه رهندو آهي. ڪنواري ڇوڪري ڪيئن ڪُڇندي، اها بيعزتي سمجهبي آهي. چوندا آهن ته ڇوڪري ويچاري آهي گُونگي گانءِ، مائٽ جنهن پٺيان لائيندا، ان پٺيان ويندي،. سڀڪو مائٽ ڇوڪريءَ جي سک جو خيال ڪندو آهي، پر ڪي پئسي جا پُٽ لالچ جي وس ٿي پوندا آهن ۽ پئسن تي ڇوڪريون ڏيندا آهن. شاديءَ جو رواج مسلمان پنهنجائيءَ جو گهڻو خيال ڪن. پنهنجي ڪُڙم ۾ اَڀرو سَڀرو هوندن ته نياڻي ڌارين کي ڏيڻ پسند نه ڪندا. جوڙي ڪُ جوڙي جو خيال ڪونه ڪن. مڙس وڏو زال ننڍي يا زال وڏي مڙس ننڍو، اهو خيال ڪونه ڪن، پر ڪڙم کان ٻاهر ڏيڻ عيب سمجهن. پنهنجو سُڃو به ڌارئين شاهوڪار کان وڌيڪ سمجهن. غريب هئڻ ڪو عيب نه آهي. چاچي جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ۾ شان سمجهن. جيڪڏهن ڪنهن سؤٽ سان شادي نه ڪئي ته مهڻو ڏيندا اٿس ته ”ٿوروئي ڏاڏي پوٽي پرڻيو آهين.“ لاچار ڪن حالتن ۾ ڪي ٻاهر نياڻي ڏيندا آهن، پر ڪي ته اصل ڪونه ڏين. جيئن ڇوڪري وڏي ٿيندي ويندي، تيئن مائٽن کي رات ڏينهن اها چورا کورا رهندي، جيسين ان جو اُڪلاءُ نه ڪن. اُڪلاءُ ٿيو ته ڄڻ هڪ قسم جو بار لٿو، يعني ڳڻتيءَ کان ڇُٺا ۽ سک جي ننڊ ڪندا. پنهنجي حال سارو ڏيج پوت جي سعيي ۾ سدائين رهندا. ڦڙي ڦڙِي تلاءُ. هڪ ڏينهن ۾ ڪجهه ڪونه ٿيندو، تنهنڪري ٿورو ٿورو ڪري ويندا ڪَٺو ڪندا. بَدي جو رواج آهي، ڏي ته ڏيان. پنهنجائيءَ ۾ بنا بدي جو سڱ ڏين. ڪن بُڻائتن گهرن کي ڌارين مان به بنا بَدي سڱ مليو وڃي. ڪن هلنديءَ وارن ۽ شاهوڪارن کي پئسن تي سڱ وٺڻو پوي. پوتي پيئي ته مڱڻو ٿيو. شاديءَ جو ڏينهن ڪنواريتن جي مرضيءَ موجب چٽو ڪن. پنهنجي نڪ تي مَر ڪو ڪونه لائيندو. هوند سارو ڪپڙو لٽو ۽ ڏاج وغيره ڏيڻ شانائتو سمجهن. نياڻيون ڪو گُهري ڪونه وٺنديون. رڳو ٻانهن کان جهلي وَر جي حوالي ڪانه ڪبي، گهر ۾ حق سڀني جو آهي. نياڻي آهي پرائو باغ، نيٺ وڃي ٻين جو ويڙهو وسائيندي، مائٽن وٽ ڪيترو وهندي. گهوٽيتا تڪڙ ڪونه ڪن، مگر سعيي سدائين رهن. ڪنهن مهل به اوچتو سڏ ٿئين، ته پنهنجو ڪم ٺهيل ٺڪيل ته هجي. ڪي پنهنجيءَ مان پورت ڪن، ڪي پٽي سٽي به حال ته اُڇل ڪيو ڇڏين. ”هيل ته ڇَنٽ ڦُڙي چڱي پيئي، ٻنين ۾ سڀڪجهه ٿيو. هٿ چيو ڪري ٿو. واپاري به گهر تائين ڪندو، ڪجهه ڏني ته ڏيندو ڪجهه کڻت کڻبي، گيهه پنهنجو آهي، گهڙبو ته اُڪري پئبو نه ته بکئي پيٽ ڪٿان ٿو بچي، شادي جو ڪم ته اڳو پوءِ ڪرڻو، ساهه هڪ آهي سَو ڪونه آهن، دم تي ڪهڙو ويساهه، آيو نه آيو، اهو ڪم جيترو جلد ٿئي ته پوءِ جونءَ سُمهي ليک سُمهي ننڊ ڪري.“ ڪنواريتن طرفان چار چڱا ويهي فيصلو ڪري شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري ڏين، جنهن ۾ گهوٽيتن جي سهولت جو به خيال رکن. پوءِ ٻئي ڌريون پنهنجي ڪُڙم، ڳوٺن عزيزن ۽ سنگت ساٿ کي ڪوٽ ڏين. جن جو کاڌو هوندو تن کي ضرور کارائبو. ڀت ۽ پُلاهه ڪن. راڄ ۽ آيل مزمان شاديءَ جي نينڍ ڏين. گهوٽيتن گهر دهل وڄن، راڳ روپ ٿين. راڄ جو مڱڻهار پاڻيهي اچيو نڪري، کيس راڄ جو ٻڌل لاڳ (بسُورو) ۽ گهور جام ملي. ڪڏهن ڪڏهن ته مڙس هڪٻئي جي شدت ۾ هڙون ڦرايو اُٿن ۽ ڀاڳ وري مڱڻهار جو! گهر ۾ زال جي گيتن جي گونجار پيئي پوي. بنان دعوت ڪو ڪونه وڃي. اتفاق سان واٽ هلندي ڪو مسافر لڙي آيو ته فڪر ڪونهي، حب سان کارائيندا. فقير ۽ مڱڻهار ته وري ڪوٺيا اچي گڏ ٿين. هڪ رات اڳ ”مهارات“ ڪن، جا ساري رات جاڳين، ڪچهري ڪن، زالون گيت ڳائين، گهوٽ ڪنوار کي ميندي لائين، صبح جو وهنجاري شاديءَ جو وڳو ڍڪائين. گهوٽ سان گڏ آڻوهار (اَڻهر) رکن، جو هر ڪنهن ڳالهه ۾ گهوٽ جي مدد ڪندو رهندو آهي. گهوٽ جي مٿي تي اکين مٿان موڙ ٻڌن، جو ريشمي ڌاڳن ۾ اچن چُڳين جو ٺهيل هوندو آهي ۽ ڇيڙن ۾ ريشمي ٽنئور هوندا آهن. پوءِ اُٺن کي سينگاري، هڪ اُٺ تي اڳئين خاني ۾ گهوٽ پويان آڻوهار يا ڪو ٻيو چڙهندو. ٻين پنجن-ستن اُٺن تي ٻيا مٽ عزيز چڙهندا. پوءِ ڀرسان کلئي ميدان ٽي-چار گهمرا ڏياريندا، جنهن کي ”ترگس ڦيرڻ“ چئجي. ٻئي ڳوٺ ڏانهن ڄڃ وڃڻي هوندي ته اُٺن کي خاص ٺٺ سان سينگاريندا آهن. اُٺن کي مُنهن تي مُهرا، ڀرت ڀريل ٽڪُن سان انڌاريون، ڳچيءَ ۾ ريشمي ٽنؤرن سان پٽيون، ڳانيون، وريا، گنگهرون، پاسن کان ٽنؤرن سان لُوٻون، گوڏن تي ڀرت ڀريل گوڏيا سيني تي گوربند، پيرن ۾ گنگهرو، پٺيءَ تي سوٽي ۽ ريشمي جهُلون، چانديءَ جي ڦلڙين سان پيتلي پاکڙا، گاشئي جي مٿان چم جون گلن سان نٿون يا نصرپوري کيس، وهڻ لاءِ چوڪن ۾ جهالرن سان گاديون ڪم آڻيندا آهن. گهوڙن کي به اهڙيءَ طرح سينگاريو ويندو آهي. ڄڃ ڪنواريتن جي ڳوٺ کي ويجهو ايندي ته اُٺن کي ڪي لڙهي ۾، ڪي کيڙ ۾، ڪي وک ۾ ۽ ڪي مٿي هڪليندا. ڪنواريتن پاران ڪي آجيان لاءِ ايندا، جنهن کي ”پڙ ڄڃ“ چئجي. (ڪي ان کي روڙيا به چون.) پوءِ گڏجي اچي ڇني وٽ لاهيندا، جو اڳ ۾ يار ٿيل هوندو. آجيان لاءِ گيتاريون اچي گيت ڳائينديون. گهوٽ تي پئسن ۽ کارڪن جون گهرون ٿينديون. ڄاڃي ماڃي گڏجي خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ڇَني ۾ ويهاريندا. سڀني کي ماني کارائڻ بعد گهوٽ کي ڪنواريتن جي گهر وٺي ويندا، جتي مُلان وغيره اڳيئي ويٺل هوندا. ملان نڪاح پڙهي مٿاميڙ ڪرائي هڪٻئي جي قبوليت وٺندو. جيستائين ٻنهي ڌرين کان قبوليت نه ملي، تيستائين شادي بحال نه ليکبي. پوءِ سڀيئي ويٺل گهوٽ کي مبارڪون ڏيندا. شاديءَ ۾ کارڪون جام ورهائين. پوءِ مرد هليا ويندا ۽ گهوٽ ٿيندو زالن جي حوالي، جي ساٺ سوڻ ڪنديون ۽ چرچا گهٻا ڪري خوب پٽائينديون. ساليءَ کي هڪ رپيو ڏيڻو پوندو. ڪٽوري ۾ کير وجهي اڳيان رکي پنج ست مُنڊيون گڏي ان ۾ اڇلائينديون ته ڪير ٿو اڳ ۾ کڻي. جي زال کڻي ويئي ته ٽهڪڙو پئجي ويندو. پوءِ ڪنوار جي چُنيءَ تي ڪپهه جا ڦُونڀا رکنديون. گهوٽ چُنيءَ کي چِڪ ڏيئي هيٺ ڪيرائيندو گهوٽ کان پڇنديون ته منهن ڏيکارڻي ڇا ڏيندين؟ لاچار ويچاري کي ڪجهه ڏيڻو پوي يا انجام ڪرڻو پوي. تنهن بعد ڪنوار جو منهن ڏيکارينديون. ست زالون گهوٽ ۽ ڪنوار کي اتيئي جاءِ ۾ ڇڏي پاڻ هليون وينديون. هندن ۾ برهمڻ، مهيشوري، لهاڻا، سوٽهڙ، سونارا ۽ ٻيا هندو پنهنجيءَ نک، گوتر ۽ مٽي مائٽيءَ مان شادي ڪونه ڪن. انهن ۾ بدي جو رواج آهي، تنهنڪري ننڍپڻ جون شاديون گهڻيون ٿين، ڇو ته هڪٻئي تي ويساهه ڪونه ڪن ته اسين اڳ ۾ پرڻائي ته ڏيون پوءِ متان ٻيا نه پرڻائي ڏين. ڪي مثال اهڙا ٿيا آهن جو ڪن جواب به ڏنا آهن. ٿيل مڱڻو ٽوڙي به ڇڏيندا آهن. ڪنهن وٽ بدو نه هجي ته پئسن تي سڱ ڏيڻ وٺڻ جو رواج آهي. مهيشورين، لهاڻن ۽ سونارن ۾ پنج – ست هزار يا وڌيڪ، برهمڻن، مالهين، سوٽهڙن ۽ ٻين ۾ گهٽ يعني هزار- ٻن اندر. ڪن حالتن ۾ جي گهوٽ وڏو آهي ته هن کي ٻه سڱ به ڏيڻا پون، تڏهن کيس هڪ سڱ مس ملي. ڪن شاهوڪار يا هلنديءَ وارن کي بنان بدي يا پئسن تي به سڱ مليو وڃي، پر ورلي. اهڙيءَ طرح سڱ ملڻ ۾ عزت سمجهبي آهي، ان کي ’سرهاتو وهانءُ چئبو‘ آهي. مڱڻي ٿيڻ وقت گهوٽيتا رهاڻ ڪن، جتي ناريل، پتاشا ۽ کارڪون ورهائين ۽ آفيم پيارين. هاڻي گهڻي ڀاڱي آفيم جو رواج بند ٿي ويو آهي ۽ ان جي بدران چانهه جو رواج ٿي ويو آهي. شاديءَ جي ڏينهن چٽي ڪرڻ لاءِ ٻانڀڻ کان پڇن، جو ٽپڻو ڏسي راسين ۽ گرهن جا حساب ڪري ڏينهن مقرر ڪري ڏيندو آهي، جنهن کي ”لگن“ چون. ڪنواريتا لگن چٽو ڪري گهوٽيتن ڏي موڪليندا، پوءِ ٻيئي ڌريون سعيو ڪنديون. عزيز برادريءَ کي ڪوٺ ڏيندا. چٺيون لکي موڪليندا، جنهن کي ”ڪِينُو پتريون“ چون هڪ رات اڳ ”مهارات“ ڪندا، ٻئي ڏينهن پارڻيت، يعني شاديءَ جي رات. شاديءَ وقت حال سارو خرچ ڪن. ڪنوار کي به ججهو ڏاج ڏين. گهوٽيتا ڄڃ ٺاهي ڪنواريتن گهر وڃن، جتي ٺهيل جاءِ ۾ لاهين ۽ چڱو آڌرڀاءُ ڪن. گهوٽ کي ڪنواريتي گهر وٺي وڃن، جتي اڳڻ ۾ چونري چاڙهين. مٽيءَ جا دلا ننڍ وڏائيءَ موجب ڪنڀر کان ٺهرائي، کٽ جي پاون وانگر چئن ڪنڊن تي هڪٻئي مٿان رکي، پاسن کان ٽي، ٽي ڪاٺيون ڪنڊيءَ جو آليون کوڙي، مٿان نوڙيءَ جا وراڪا ڏيئي قابو ڪند آهن، جن کي ”نُونڌ“ چون. وچ ۾ باهه جو مچ ٻارين. پنڊت ان ۾ گيهه ۽ ٻيون هَوَن جون شيون وجهي، ويد منتر چوندو آهي ۽ گهوٽ ڪنوار جو هٿيالو ٻڌي، چار ڦيرا انهيءَ مچ جي چوڌاري چونريءَ ۾ ڦيرائيندو آهي. پهرئين ڦيري زال اڳ ۾ ۽ مڙس پويان، ۽ پويان ٽي ڦيرا مڙس اڳ ۾ ۽ زال پويان. اهڙي طرح چئن ڦيرن کائڻ بعد ڪنوار گهوٽ جي ٿي چڪي. برهمڻ اٺ ڦيرا کارائين، چار ڦيرا رات جا، چار ڦيرا ڏينهن جا، ٻيا ساٺ سوڻ ٿوري ڦيرڦار سان سڀڪو پنهنجي رواج موجب ڪندو آهي. عورتون ان وقت گيت ڳائينديون رهنديون آهن. صبح جو رهاڻ ڪبي آهي، جتي کارڪون ورهائبيون آهن ۽ چانهه بعضي آفيم ورهائبو آهي. ٺڪرن ۾ نياڻي ڄائي ته مائٽ مُٺا، ڇو ته بيٺل گهر پنهنجي نياڻي هميشه وڏن جاگيردارن کي ڏيڻ پسند ڪند آهن. اُنهن کي وري جيستائين چڱي چوکي رقم نه ملي (جنهن کي ٽيلو چون) تيستائين قبول نه ڪن. باقي وچولا ۽ غريب، گهڻو ڪري پنهنجون نياڻيون ڪڇ، واڳڙ، جوڌپور، جيسلمير ۽ ٿراد ڏي ڏيندا هئا، ڇو ته هي پنهنجي نک يا کانپ ۾ ڪونه ڏين. ڄڃ پرڻجي رواني ٿي ويندي ته ٿوري پنڌ تان گهوٽ موٽي ساهرن گهر ايندو، ان وقت کيس ساهرا پنهنجي هوند آهر اُٺ، گهوڙو يا ڪو زيور ڏيندا آهن نه ته پنهنجي ڌيءَ لاءِ سک نه سمجهندا آهن. انهن کي ”جهانپو جهورڻ“ جي رقم چوندا آهن. اڇوت قومن جهڙوڪ مينگهواڙن، ڀيلن، ڪولهين وغيره ۾ بدي جو رواج ڪونهي. مٽي مائٽيءَ ۾ شادي ڪونه ڪن. ننڍپڻ جي شاديءَ جو رواج ڪونهي، ڇوڪرو ۽ ڇوڪري بالغ ٿيڻ بعد شادي ڪن. انهن جي شاديءَ جون رسمون گُرڙا پوريون ڪندا آهن. لگن به گرڙا نهاري ڏين. لکن چٽي ڪرڻ بعد مٽن ۽ عزيزن کي ڪوٺ ڌڏيڻ لاءِ چٺين لکڻ جو رواج گهٽ آهي، مگر پيلو سڳو وٽي، جيترا ڏينهن هوندا اوتريون ڳنڍون ڏيئي، سڀني کي موڪليندا، ان کي ”وهانءُ جو ڌڏورو“ چون. روزانو هڪ ڳنڍ ڇوڙيندا ويندا، تان جو پڇاڙيءَ واري ڳنڍ ڇوڙڻ وارو ڏينهن شاديءَ جو هوندو آهي. غريب قومون آهن، تنهنڪري شاديءَ تي خرچ ۽ ڏاج وغيره پنهنجي حال سارو ڏين، پر تنهن هوندي به ڪا گهٽتائي ڪانه ڪن. مينگهواڙ هڪ دفعي ڪيل مڱڻو ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ٽوڙين، باقي ٻيا مڱڻو ٽوڙي به ڇڏيندا آهن. ساڳئي ڳوٺ، گوتر ۽ نک ۾ شادي ڪونه ڪن. شاديءَ جي تياري، مهارات، پارڻيت، ڄڃ ۽ ٻيون رسمون ٿوري ڦيرڦار سان هندن جهڙيون آهن. ڀيل ۽ ڪولهي بعضي بدو ڪندا به آهن ۽ بعضي بنا بدي به سڱ ڏيندا آهن. ڇوڪريءَ کي ساهري گهر موڪلڻ شادي ٿيڻ بعد جڏهن ڇوڪري ساهري گهر ويندي آهي، تنهن مهل مائٽن جو من ڀرجي ايندو آهي. ڇوڪريءَ کي رواني ڪرڻ وقت گهر جي ٻاهران موڪلائڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن، جتي ڪٽنب جي ڀاتين، ماءُ پيءَ، ڀائرن، چاچن، مامن، ڀاڄاين ڀينرن وغيره، هرهڪ سان ڇوڪري ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي روئيندي آهي ۽ اُهي به روئي ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح پاڙي جي زالن مان به هرهڪ سان روئي موڪليندي آهي. ان مهل اهڙو روڌڻ ٿيندو آهي، جو جيڪر ڪو ڌاريو ماڻهو ڏسي ته ائين سمجهندو ته ڄڻ ڪو قضيو ٿيو آهي. مسلمان گهڻو ڪري پنهنجائيءَ ۾ پرڻائيندا آهن ته به روئي موڪلائڻ جو رواج آهي. پر هندن جي بنسبت گهٽ. هندن ۾ ڇوڪريءَ کي روانو ڪري سندس سهيليون پٺيان ”ڏورو گيت“ ڳائينديون آهن، جو هڪ وڇوڙي وارو دل گهائيندڙ لوڪ گيت آهي. ڏورو گيت وراڻي- درياءَ ري ڪپ ري ماءُ پاٻڻين- گهوري ڍوراڻي ري ڪپ راجهاڙ-ڏورو. ڏورو ساچي هيم رو. 1- ٻيجين ماءُ سَرتين رَهين اوڏڙين- ماءُ مانهنجي ڌيئل ٻائي رهيو ڙِي ڏور-ڏورو. 2- ڪيهِي جي روجايَل موريو- ڪيهي جي ري جايُ-ڍيل ڏورو... 3- جِي روجايل موريو- جي ري جايَل ڍيل – ڏورو... 4- پنگ تان جَهٻُروڪي پولڙي- هِينئڙي جهٻُوڪي هار- ڏورو... 5- هَجاران هٿان رو گهاگهرو- گهوري سَورَهن سَريو هار- ڏور... 6- چڙهتي تان ٽوڙيو گهاگهرو- اُترِتي ٽوڙيو نوَ سرَهار- ڏورو... 7- بيري جي جهجليو ڏيولو- باڀل پرويو نوَسَرهار – ڏورياو... 8- ڌورئي ڍَرتي پاڇلڙي ڦوري – ڏاڏاڻو رهي گيو ڏوُر – ڏوريو... 9- اُنڏين تو کِيبين کِيبِڻين- جهِرمِر برسين ميگههَ ڏورو... 10- ڀَيا ما توڀا ٽوڀڙين – ڀريو مانهنجي ڏاڏاڻي رويس- ڏورو.... 11- ڀِينر ماءُ جُوائي جي رو موڙيهو- ڀينو ٻائي رونوسر هار-ڏورو... 12- ماءُ ڀورايو آنگڻيو ماءُ- باڀل ٻائي رونوسر هار – ڏورو... 13- سرتيئي ڀورائي سيمڙي- ماءُ منهنجي ڌيئان ٻائي رامڻ ميلهه – ڏورو... 14- ڏورئي چڙهتي مين جويوڙو- اَباڻو رهي گيو ڏور – ڏورو... 15- چوڏس پوُنم چاندرڻي ماءُ- مانهنجي ڌيئا ٻائي رامڻ ميلهه – ڏورو... 16- ٻيجين تان ڪلي رَهين نيڙڪين- ڏيئا ٻائي ڏيها ڏوُر- ڏورو... 17- اوُنڏوڪسي بيراگاسيڙو- ڍيلي ڇڏي ڪرهيل ري مُهار – ڏورو... 18- جمڻي هاٿ ڪرهئي ري مُهار- ڏاوئي هاٿ ڪر هو ڪانٻَ-ڏورو... اهو لوڪ گيت ڳائي پوءِ واپس گهر اينديون آهن. ڪنوار آڻڻ هندو ماڻهو ڪنوار کي گهر آڻڻ لاءِ سڳورو ڏينهن ۽ سڳوريءَ ساعت جو گهڻو خيال ڪندا آهن. هو لگن نهارڻ وقت ئي اهو ويچار رکندا آهن ته شاديءَ جو ڪم جيستائين پورو ٿي رهي، تيستائين وچ ۾ ڪو وگهن نه پوي ۽ گهر اچڻ وقت به سڳورو وقت هجي. چوندا آهن ته ”ڪنهن گهڙيءَ جي آندل ڪاٺي به سڀاڳي“، سو ڪنوار به اهڙي ساعت گهر ۾ پير وجهي، جيئن سڀ ڪنهن نموني سک سانت ۽ رزق ۾ برڪت رهي. جيئري تي جيئري شادي ڪرڻ مسلمانن کي شرع موجب چئن شادين ڪرڻ تائين اجازت آهي، بشرطيڪ هو سڀني سان هڪجهڙو ورتاءَ ڪري. ٿر ۾ ڪي شاهوڪار مسلمان هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا آهن، پر اهڙا مثال ٿورا آهن، نه ته عام طرح هر ڪو هڪ شادي ڪندو آهي. هندو ڌرم موجب به گهڻين زالن پرڻجڻ کان روڪ ڪانهي. اڳي به ڪيترا اهڙا مثال آهن جو هڪ کان وڌيڪ زالون پرڻبا هئا. پر انهن مان بعضي خراب نتيجا نڪتا، جنهنڪري سڌارڪن انهيءَ رواج تي بندش وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنهن هوندي به جي ڪنهن جي استري چري هجي، ڪوڙهه يا ڪو خوفناڪ مرض هجي، سُنڍ هجي جنهن ۾ اولاد جي پيدا ٿيڻ جي اميد نه هجي، يا صرف ڏيئون ڄڻيندڙ هجي ته ان حالت ۾ ٻي شادي ڪري سگهجي ٿي. برهمڻ، مهيشورين، لهاڻن، سونارن، سوٽهڙن وغيره ۾ جيئري تي جيئري شادي جو رواج ڪونهي، مگر ٺڪر هڪ کان وڌيڪ زالون پرڻبا آهن، بلڪ ٻه- چار شاديون به ڪندا آهن. مينگهواڙن، ڀيلن ۽ ڪولهين ۾ به اهو رواج آهي. مرد جي ٻيهر شادي سڀني قومن ۾ زال مري وڃي ته مرد وري شادي ڪندا آهن. هن حالت ۾ ڪي ساهرا، جي پاڻ وٽ سڱ هوندو ته ناٺي کي وري پرڻائي ڇڏيندا يا ڪوشش سان ٻئي هنڌان سڱ مليو ته اُتان شادي ڪرائيندا، پر جي انهن کان بندوبست نه ٿي سگهيو ته پوءِ پنهنجي سر ڪٿان به بندوبست ڪبو آهي. ڌارئين هنڌان شادي ڪرڻ کان سالِيءَ سان شادي ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي، ڇو ته جي پهرئين گهر مان اولاد هوندو ۽ سالي پرڻيو ته اها پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي وڌيڪ پيار سان پاليندي، جيتوڻيڪ ماءُ جو ساءُ ماسيءَ مان نه ايندو. چوندا آهن ته: ”ماءُ سا ماءُ، ٻيو سڀ سنسار جو واءُ.“ اُها وري به ڌارئين کان ٺيڪ، ڇو ته آخر ويجهو رت آهي. چوندا آهن ته ”رت کي رُمي لڳندي آهي. ٻي شادي ڪيل زال کي اڳئين گهر جا ٻار ماسي چوندا آهن. ڪي زالون اهڙيون هونديون آهن جو اڳئين اولاد لاءِ جنسي مصيبت ٿي پوندي آهي، تڏهين چئبو آهي ته ”ٿلهي ڀڃي ٺڪر هٿ آيو.“ پر ڪي ويچاريون چڱيون به هونديون آهن. ”هٿن جون سڀ آڱريون سَريکيون ڪونه آهن“، تنهنڪري اڳيان ٻار خوش به رهندا آهن. پر تڏهين به چوندا آهن ته ”ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.“ ماءُ نيٺ ماءُ آهي. انبن جو ساءُ انبڙين مان نه ايندو آهي. گهر آهي زال سان، زال کان سواءِ گهر مساڻ جي مثل آهي. زال جي مرڻ جي حالت ۾ ائين چئبو آهي ته ”فلاڻي جو گهر ڀڄي پيو آهي.“ اڪيلو مرد ڪجهه ڪري نٿو سگهي، تنهنڪري لاچار ٻيهر شادي ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو. عورت جو وري پرڻجڻ مسلمانن ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري وڃي ته هوءَ ٻي شادي ڪري سگهي ٿي، جي ٻيو مڙس مري وڃي ته وري به شادي ڪري سگهي ٿي، يعني رنڙ زال جي شاديءَ جو رواج آهي. جنهن زال جو مڙس مري وڃي تنهن کي هندو وڌوا، رن زال، ڌنيل، ڦُلائِتي ۽ سانتڻو چون. ڪنهن ڇوڪريءَ جي مڱجڻ بعد جي مڱيندو مري وڃي ته ان جي وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ ۾ ڪو عيب نه سمجهبو آهي. چوندا آهن ته ”ڪورن مڱن کي ڇا لڳو.“ پر جي پرڻجڻ کان پوءِ کڻي اولاد نه هجي ته به چوندا ته ”چونري جو دونهون ته لڳو.“ ان حالت ۾ ڪيتريون عورتون وري شادي ڪرڻ پسند نه ڪنديون آهن ۽ ڪي ماڻهو وري وڌوائن سان شادي ڪرڻ به پسند نه ڪندا آهن. پر انهيءَ هوندي به جن ۾ رواج آهي اُهو هليو اچي، ان کي ”وڌواهه“ چون. برهمڻ، مهيشورين، ٺڪرن وغيره ۾ وڌواهه جو رواج ڪونهي، پوءِ کڻي ڇوڪري ڪيڏي به ننڍي هجي. اها ڳالهه تمام اتساهيندڙ آهي. ڪيتريون ويچاريون ننڍيون نيٽيون بيواهه ٿيو پون، جن لاءِ پوءِ زندگي زهر ٿيو پوي ۽ ڪيترين حالتن ۾ آخر خراب نتيجا نڪرن ته به رواج جي ڪري مجبور آهن. مالهين، لهاڻن ۽ اڇوتن ۾ رواج آهي ته رنڙ زال جي وري شادي ڪندا آهن. رنڙ ڇوڪري جي ننڍي هوندي ته مائٽ ساهرن کان موڪل وٺي ڪوٺي ايندا، جنهن کي ”ڇوٽڪو“ يعني موڪل چوندا آهن. اولاد هوندو ته ساهرا وٺندا. پوءِ مائٽ، ڇوڪريءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيندا. ٻئي دفعي چونريءَ جو رواج ڪونهي، پر ڪي مقرر سوڻ ساٺ ڪندا آهن. ڪي هن حالت ۾ پئسا به وٺندا آهن. اها ڇوڪري وري به ڪنهن رنڙ مرد سان پرڻائيندا آهن. ڪوبه ڪنوارو مرد رنَڙ سان شادي پسند نه ڪندو. ڇو ته ڪنوارو مرد جي رنڙ زال سان پرڻجي ته ان مان جيڪو اولاد ٿيندو، تنهن کي ”ڪنوار گرهه“ چوندا آهن. نيات وارا ان کان ڇوڪري وٺڻ يا کيس ڏيڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ اهو هڪ عيب ليکبو آهي. جو ڪيترين پيڙهين تائين هليو ايندو آهي ۽ نيات ۾ اُن کي گهٽ ليکبو آهي. ڏيروٽيءَ جو رواج مڙس جي ننڍي ڀاءُ کي ڏير چئبو آهي. مسلمانن، لهاڻن، ڀيلن، ڪولهين وغيره ۾ جي وڏو ڀاءُ مري وڃي ته ان جي زال ننڍو ڀاءُ ويهاري سگهي ٿو ۽ ڪي مقرر ساٺ سوڻ ڪري گهر ۾ زال ڪري رکي سگهي ٿو. برهمڻن، مهيشورين، سونارن، سوٽهڙن، ٺڪرن، مينگهواڙن وغيره ۾ اهو رواج ڪونه آهي، ڇو ته ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ کي بُرو سمجهبو آهي. ڀيلن ۽ ڪولهين ۾ جيئري مڙس جي زال ٻيو ڪو کڻي وڃي شادي ڪري، ته نيات وارا پاڻ ۾ فيصلو ڪري وير ڀرائي ڏيندا، يعني اُنهيءَ کان سڱ وٺرائي ڏيندا يا ان جي عيوض ڪجهه مقرر رقم، جا قوم جا پئنچ مقرر ڪندا. سا ڀرائي ڏيندا. زال جو درجو گهرو ڪم ڪار ته آهيئي زال جي حوالي، پر پوک جي ڪم، مال جي ڏُهائي جي ڪم وغيره ۾ به زالون مردن کي مدد ڪنديون آهن. پنهنجي مڙس جون تابعدار ۽ وفادار آهن. کين هر ڪنهن قسم جي آزادگي آهي. گهر ۾ اجائي کٽ پٽ ۽ ڪلڪل نه ڪنديون آهن. ساديون سٻاجهڙيون ۽ هر وقت ڪم ۾ رڌل رهنديون آهن. دني اجي ڇل ول، ڪپٽ ۽ چالاڪيون نه ڄاڻنديون آهن. چوندا آهن ”ٿڌو گهڙو پاڻيهي پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي.“ اهڙين زالن جي مرد وٽ به عزت هوندي آهي ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي به چاهيندا آهن. اوڙي پاڙي لاءِ اهڙي عورت مثال هوندي آهي. طلاق جو رواج طلاق جو رواج فقط مسلمانن ۾ آهي. مڙس پنهنجي زال کي يا زال مڙس کان طلاق وٺي ۽ ڏيئي سگهن ٿا. ان بعد ٻئي وس وارا آهن ته ٻي شادي ڪن. طلاق وٺڻ کان سواءِ نڪاح تي نڪاح ڪري نٿو سگهجي، جو شرعي ڏوهه آهي. ڌرين جي وچ ۾ اڻبڻت جي حالت ۾ ڪورٽ اهو فيصلو ڪندي آهي. هندن ۽ اڇوتن ۾ طلاق جو رواج ڪونه آهي. مائٽ ۽ اولاد ٻار گهر جي سُونهن آهن، جنهن گهر ۾ ٻار نه آهن سو گهر کائڻ پيو ايندو. ماڻهو ٻاهران ڪم ۾ هَڄي ٿڪي گهر اچي پنهنجن ٻارن سان ڳالهائيندو، ڪڏائيندو ته ٿڪ لهي ويندس، ڄڻ ته تازو توانو. ازانسواءِ پنهنجي ٻار مان جا روح کي راحت ايندي ان جو بيان ڪري نٿو سگهجي. ٻار کان سواءِ ماڻهو موڳو ۽ ملول رهندو آهي. ننڍو ٻار گهر جي سڀني ڀاتين لاءِ وندر آهي. پُٽ ڄمڻ وقت خوشيون ڪبيون آهن. پتاشا، کارڪون ۽ ڳڙ ورهائبو آهي، دهل وڄائيندا آهن. مجلسون وغيره ڪندا آهن. ننڍي ڇوڪر کي مائٽ پيار وچان مِنو چوَن، ڪي گِيگو ۽ گيگلو چون. وڪريءَ کي مني چوَن. ڍاٽڪيءَ ۾ پٽ کي ڏڪرو ۽ ڌيءُ کي ڏِڪري چون. پٽ ڄمي ته ان وقت ڪنجهي جي ٿالهي وڄائين، ٿالهيءَ جو واڄو ٻڌي سڀڪو سمجهندو ته پٽ ڄائو آهي. ڌيءَ ڄمي ته اُکريءَ جا کُڙڪا ڪرائين. ڌيءَ کان وڌيڪ پٽ جي ڄمڻ تي خوشي ڪندا آهن، پر ڌيءَ کي به گهٽ ڪونه گُهرن، نيٺ ته آنڊا آهن. پوندا آهن ته هيءَ به ويچاري پنهنجو نصيب کائيندي،. گهڻن پُٽن بعد ڌيءَ ڄمندي آهي ته ماڻهو خوس ٿيندا آهن. هندن جي ڪن ذاتين ۽ مسلمانن ۾ بَدي جو رواج آهي، سو ڌيءَ جو ڄمڻ پسند ڪند آهن. اولاد نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڪيترا حيلا ڪندا آهن. پير فقير پڇڻ، دان پڃ ۽ خيراتون ڪرڻ، باسُون باسڻ، ساڌو، سنت درويش ۽ نياڻيون کارائڻ، جيئن ڌي مهربان ٿي مٺي مراد ڏئي. جنهن کي اولاد نه هوندو آهي، تنهن کي ”بانجهيو“ چون. ڪنهن ڪم سان ماڻهو ويندو، جي اهڙو مرد يا زال سامهون آيا يا مٿن نظر پيئي ته اهو بدسوڻ سمجهن ۽ چوندا ته ڪم نه ٿيندو. سوير صبح بانجهئي جو مُنهن ڏسڻ چڱو نه سمجهندا. چوندا آهن ته ’ويچارن کي ڇا آهي، سامي جوڳي ٿيا ويٺا آهن، مرڻ بعد سندن پيڙهي به ڪانه رهندي جو ڪڏهن ڪو نالو وٺي ياد ڪري.‘ ننڍا ٻار ٻار جڏهن ننڍو هوندو آهي تڏهن مائٽن کي سندس رئڻ به پيو وڻندو آهي. جيئن وڌندو ويندو، ريڙهيون پائڻ سکندو ته مائٽ لاڏ مان پيا هيڏي هوڏي ڦيرائڻ لاءِ سڏ ڪندا ۽ خوش ٿيندا، هنج ۾ کڻي ڪوڏائيندا، مائرون ننڍن ٻارن کي ٻانهن ۾ شيشي جا ڪارا ڪنگڻ پارائينديون، ڳچيءَ ۾ ميٿري ڪُٽي ڳوهي مڻيا ٺاهي سڪائي ان جو ڪنٺلو ٺاهي پارائينديون. ٻيا به ڪيترن نمونن جي مڻين جا هار پارائينديون آهن. اڳڙين جي گول وَٽ ٺاهي مڻين سان جنجهي هٿن ۾ پارائينديون. ڪَن توپي چوڪرن کي گول ڇلا، ڪيوٽيون يعني مُرڪيون ۽ ڇوڪين کي ٻُندڙا وغيره وجهنديون. پيرن ۾ ڇوڪرن کي هوند سارو چانديءَ ۽ لوهه جون سنهيون ڪڙيون وغيره پارائينديون آهن. ڌاڳي ۾ مڻيا پوئي ڇوڪر جي چيلهه تي ٻڌنديون، جنهن کي ”ڪَڏوليو“ چون. شهرن ۽ پڙهيل طبقي ۾ اهي رواج ڪونه آهن يا گهٽ آهن، پر ٻهراڙين جي عوام ۾ آهن. اولاد تي مائٽ جو نالو هونئن ته اولاد پيءَ جي نالي سڏبو آهي ته فلاڻي جو پُٽ يا ڌيءَ، پر زال جڏهن ننڍا ٻار وٺي پنهنجن مائٽن ۾ ويندي آهي، تڏهن ناناڻن ۾ اولاد ماءُ جي نالي سڏبو آهي. ماءُ جو نالو وٺي چوندا آهن ته فلاڻيءَ جو پٽ يا ڌيءَ آهي، ڇو ته اُتي ناٺيءَ جو نالو وٺڻ البت مناسب نه سمجهبو آهي. مرد کڻي چوندا آهن، پر زالون گهڻو ڪري ٻار کي ماءُ جي نالي سڏينديون آهن. ڪي ويچارا نالي جا مرد هوندا آهن. مگر ڪو چَجَ ڪونه هوندو اٿن، ۽ زالون سمجهُو، چالاڪ ۽ خبردار هونديون آهن، جنهنڪري نالو ڪڍنديون آهن. انهيءَ حالت ۾ اولاد ماءُ جي نالي تي سڏبو آهي، جيئن سڀڪو سڃاڻي سگهي، اهڙا مثال ٿر ۾ آهن. اولاد گود ۾ وٺڻ جنهن کي پنهنجو اولاد نه هوندو آهي يا فقط ڇوڪريون هونديون آهن، سو پنهنجي ڀاءُ يا ويجهي عزيز جو پٽ گود ۾ وٺندو آهي. ان مهل مجلس ڪري دهل وڄائي پتاشا يا ڳڙ ورهائيندا آهن. ان بعد اهو ڄڻ ته هن جو پٽ ٿي چڪو، جو پوءِ سندس ملڪيت جو وارث ليکبو آهي. ڀائرن جي پريت ڀائر پاڻ ۾ محبت سان رهندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن پيا وڙهندا جهڙندا آهن، يا هڪٻئي سان تکو مٺو ٿي کُهرو ڳالهائيندا آهن. ائين ته پاڻ ۾ ٺڪر به پيا ٺهڪن، پر ته به ڪنهن نه ڪنهن مهل هڪٻئي جو تاءُ ضرور ايندن. رت نيٺ رت آهي. سيڪ نيٺ رت کي ايندو. ڀائر کڻي پاڻ ۾ وڙهيل هجن پر جي ڌارئين ڪنهن حملو ڪيو ته اوڏيءَ مهل پنهنجو رت اڳيون ڳالهيون وساري اچي ٻانهن ٻيلي ٿيندو. ”رت دانگيءَ تي به وري ايندو آهي!“ ڌاريو کڻي ڪهڙو به گهرو سنگتي هجي ته به پنهنجو ٻي شيءِ آهي. چوندا آهن ته ”رت جي رتي صحبت جو قرار“، ”پنهنجو ماري به ڇانوَ ۾ ڇڏيندو.“ مائٽن کان جدا ٿيڻ شادي ڪرڻ بعد پٽ کي ترت يا دير سان آخر جدا ٿيڻو پوندو آهي، ان وقت مائٽ کيس رهڻ لاءِ جڳهه، کاڌي پيتي جي ضرورت ٿانون ۽ ملڪيت مان ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن سنئون جيڪو حصو ٿيو سو کيس ڏيندا. جي غريب آهي ۽ شاديءَ لاءِ قرض کنيل آهي ته جيستائين گڏ هوندو تيستائين قرض پيو ڀربو، پر جدا ٿيڻ جي حالت ۾ رهيل قرض کيس ڀرڻو پوندو. ڪي ترت ئي مائٽن سان وڙهي جهيڙو ڪري جدا ٿيندا آهن، پر ڪي اهڙا به آهن جي گهڻي وقت بعد ڪافي ٻارن ٿيڻ کان پوءِ ڪٽنب وڌڻ ڪري جدا ٿيندا آهن، پر جدا ٿيڻ بعد به مائٽن سان ڪم ڪار وغيره ۾ رس رکيو ايندا آهن، رڳو نالو جدا جو هوندو اٿن. ڌارئين ڇوڪرِي گهر ۾ اچي ٿي ته اڳئين گهرو سنپت گم ٿيندي وڃي، تان جو نوبت جدا ٿيڻ تي پهچندي آهي. اڄ جي حالت ته ملوڪ چوندا آهن ته مائٽ ڌيءَ پرڻائي ساهرن گهر رواني ڪئي ته ڪَر پاڻ تان بوج لٿو ۽ نئون ڄائو ٿيو، پر جي پٽ پرڻيو ۽ ننُهن گهر ۾ آئي ته سَسُ سهري جي ماني اَڪ ٿي. جيڪي اڳي پنهنجي ڪمائيءَ مان سکيو ٽڪر کائيندا هئا سو به ويو. اڄ اها حالت ملڪ ۾ وڌي رهي آهي. جيستائين ڀائر ڪنوارا هوندا آهن تيستائين منجهن محبت هوندي اٿن ۽ ڪنهن کي جدا ٿيڻ جو خيال ئي ڪونه هوندو آهي. شادي ڪرڻ بعد به جي ڇوڪرو يا ڇوڪري سمجهو آهن ته گاڏو پيو گهلبو. پر ڪي ڇوڪريون اهڙيون آهن جي چونديون ته سڄي گهر جي ڪم ۾ ڇو ڇڄي مرجي، ۽ سس سهري جي هٿ هيٺ رهجي، جدا ٿيون ته ٻن ڄڻن جو لولو ڪري آزادگيءَ سان پيو وقت گذارجي. پوءِ سڄي گهر ۽ مڙس کي تپائي کڻنديون، انهيءَ حالت ۾ لاچار جدا ٿيڻو پوندو. روز روز جي ڪَرِ هَرِ گهر ۾ چڱي نه آهي. حقيقت ڪري گڏ رهڻ وڌيڪ سٺو آهي، جو چئبو آهي ته ”ڀيڙن ۾ ڀرم آهي.“ باب ڏهون برسات جيئن ته برساتي موسم ويجهي ايندي ته ويچارا ٿريا آسمان ۾ تِتر کَرڙي، اُٻ ۽ ڪڪر پيا نهاريندا ته ڪڏهين ٿو مينهن وسي. چار ڇَنڊون پيئون ته پوءِ بهار پيا ٿيندا. مينهن وسندو ته خوشيءَ مان هڪٻئي کي واڌايون پيا ڏيندا. ٿر ۾ برسات جُون مهيني جي پڇاڙي يا جولاءِ جي پهرئين هفتي کان شروع ٿيندي آهي. ان کان اڳ ۾ پيئي ته چوندا آڳاٽي آهي ۽ جي پوءِ پيئي ته چوندا پاڇاٽي آهي. چار مهينا کن برسات جي موسم شمار ڪبي آهي. انهيءَ وچ ۾ جي ٽي چار برساتون پيئون ته ڀَل سَرا يعني سال ڀلو، پر ائين ڪڏهن قسمت سان ٿيندو آهي. برسات به سڄي ٿر تي يَڪِي نه پوندي آهي. ڪٿي اڳ ۾ ڪٿي پوءِ، ڪٿي گهڻي ڪٿي ٿوري، ته ڪٿي پويئي ڪانه. آباديءَ جو مدار برسات تي، تنهنڪري چوندا آهن ته ”وٺو ته ٿر نه ته بر.“ جي برسات پيئي ته ملڪ سرسبز، آبادي جام، گاهه پاڻي جا اُنڇر لڳي ويندا، جنهنڪري ناري مان به ڪيترو مال چاري لاءِ ايندو آهي. کير، مکڻ ۽ گيهه کوڙ. پر جي نه پيئي ته مال مريو وڃي، ماڻهو ڏولائي ۾ اچيو وڃي، ملڪ جي اهڙي حالت ٿئي جو رت جي بُونءِ پيئي اچي، شل مالڪ پير نه رکائي. سراسري آباديءَ لاءِ مُندائتا ٽي ريج مينهن ڪافي آهن. گهڻي برسات پيئي ته البت نقصان به ٿيندو آهي، پر بلڪل گهٽ. شروعات ۾ پيئي ته فقط ڳوٺن جي ڪن جاين کي نقصان رسندو. بيٺل فصل تي پيئي ته ڪن ڪن ٻنين کي ريٽي ڇڏيندي يا سخت زخمين وارين ٻنين ۾، جتي گهاٽي ٻاجهري بيٺل هوندي، ته سڀ ڪري پوندي. چوندا آهن ته ادا، برسات اهڙي پيئي جو ٻاجهري سڀ آڏي گيڏي، يعني ڪري پيئي. برسات گهڻو ڪري اتر کان ايندي آهي. اتر ۾ کنوڻ ٿيندي ته ان کي ”ٻڪرار کنوڻ“ چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اولهه کان به برسات ايندي آهي، جنهن کي ”لاڙي مينهن“ چون، ڇو ته انهيءَ پاسي لاڙ جو ڀاڱو آهي. بعضي جولاءِ يا آگسٽ ۾ برسات ڪنهن وقت گهڻي ڪنهن وقت ٿوري ٻه ٽي هفتا به هلندي آهي، جنهن کي جهڙ چئبو آهي. ان سان گڏ جيڪڏهن ڪنهن وقت سيءُ سان هوا به لڳي ته چون ”لُري“ ٿي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مال مريو وڃي ۽ ڪَچا گهر ڊهيو پون ڪيتري به برسات پوي ته ڪڪ ڪونه ٿين، چون ته ”مينهن ۽ مزمان ڪيترو وقت؟“ زمين آهي وارياسي، تنهنڪري پاڻي چُهيو وڃي. ٻوڏ جو خطرو اصل ڪونه آهي. سنڌ ۾ گهڻي برسات پوي ته ماڻهن جو منهن لَهيو وڃي، جو سندس فصل تباهه ٿي ويندو آهي ۽ ٻنيون ٻڌي وينديون آهن. ٿر ۾ به جي پوکيل فصل تي برسات پوي ته آسپاس جي واهونگن ۽ هيٺانهين ڏي نَين جي وهڪري جي ڪري فصل لُڙهي ويندو آهي، پر ٿَري اُن جي پرواهه ڪونه ڪن. چون ته برسات پوي سهي پوءِ ٻنيون لُڙهن يا ريٽاڻيون ته فڪر ڪونهي، وري ڀڃي پوکبيون، گاهه ته ٿيندو. مال جو سو سک ٿئي. باقي ٻاجهريون ڪَرمين ڀاڳوين. برسات مان نيٺ به نقصان ڪونهي. ”ٿر آهي تڻ تي نه ڪڻ تي.“ مال لاءِ ٻارهائو گاهه ٿيو ته ماڻهن جي اونَ لٿي. سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهيون برسات مان نه رڳو ماڻهو خوش، پر چرند پرند سڀ خوش. ٿري ويچارا پورهئي لاءِ ناري ڏي ويندا آهن. برسات جي موسم آئي ته واپس وري ايندا، نه ته به ڇنڊن جو سُئائون ته پوءِ ناري ۾ هڪ ڏينهن به سال جيڏو ٿي پوندن ۽ يڪدم موٽي ماڳ ايندا. کين پنهنجو وطن بلڪل پيارو آهي جو هڪ پل به دل تان نه وسرندو آهي. برسات لاءِ اڳڪٿيون برسات ڪڏهن پوندي، ان لاءِ ڪيتريون اڳڪٿيون ڪندا آهن. اهي ڪي هروڀرو سڀيئي سچيون ڪونه ٿينديون آهن، پر وقتي انومان پورا بيهندا آهن، تنهنڪري ماڻهو جو ويساهه آهي. اُٻَ تائين آسرو، موگهان تائين ميهه، ساسوُ تائين ساسِرو، سالان ڪوُڙو نيهه. آسمان ۾ ڪڪر الهندي کان اڀرندي تڪڙو تڪڙو ڊوڙندا ويندا ته آسرو نه سمجهندا، پر جي ڪارا ۽ اڇا ڪڪر، هڪڙا اتر-اوڀر ڏي پيا ويندا ۽ ٻيا ڏکڻ-اولهه ڏي پيا ويندا، جنهن کي ”اُٻ“ چون ۽ موگهون هجن ته سمجهندا ته برسات ايندي. چنڊ جي چوڌاري پڙ هجي، جنهن کي ”چنڊ جو ڪونڊو“ چوندا آهن ۽ انهيءَ سان گڏ انهيءَ پِڙَ ۾ تجلو هجي، جنهن کي ”جَرهيڙي“ چوندا آهن ته چوندا برسات ايندي. ڪڏهن ڪڏهن پِڙَ اندر تارا هوندا آهن ته جيترا تارا هوندا اوترا دفعا برسات پوندي، پر جي پَڙَ صفا خالي هجي ۽ ڌنڌ سان ڇانئيل هجي ته برسات جو آسرو نه سمجهندا. جي سج جي چوڌاري پِڙ هجي ته برسات جي خاطري سمجهندا. ميهان موران ڏيڏڪان تيني ايڪي راسَ، سورج تپي گرمي ڪري تَڏَ وَرسَڻ ڪي آس. - (چوڻي) تاڙو پکي اسر جو تنواري، ڏيڏر ٻولين، يا مور پکي دانهون ڪري ۽ گرمي ٿئي ته برسات جو آسرو سمجهندا. تتر کَرڙي واڏُري ودوا ڪاجَلَ ريک، او وَرسي او وَر ڪري، تي مين مينَ نه ميک. اُڀ جي ڪڪر ۾ تتر پکيءَ جي کنڀڻ وانگر نمونو ٿيو، ان کي تتر کرڙي چون، ته برسات جي اُميد سمجهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن آسمان اڇاڻ تي مائل ۽ گُهرائي بلڪل اوچائيءَ تي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چوندا ته برسات جي اميد ڪانهي. ڪڏهن وري آسمان جو رنگ نيرو ۽ گهرائي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي، تڏهن چوندا آهن ته ”آڀو نميو آهي.“ اهڙيءَ حالت ۾ پڪ ٿيندي ته برسات ڄاڻ آئي: ”روهڻ تپي مگهسر وائي، تو آدر ۾ ميهه اڻ پُڇو آئي.“ هندو ماڻهو برسات کان اڳ نکشترن بابت سوڻ ويچاريندا آهن. هرهڪ نکشتر پندرهن ڏينهن تائين هلندو آهي. روهڻ نکشتر ۾ جيڪڏهن گرمي ٿئي، ۽ ان بعد مرگهه شيرس نکشتر ۾ واءُ لڳي ته آدروا نکشتر ۾ برسات جي پڪ سمجهندا آهن. ڪاري پِڇَ ڪَرَوَرو، اَڇي اَنتَ سُڪار، جي اُگي نِرمِرو تو پَڙي ڏيس ۾ ڏُڪار. اڱاڙ مهيني جي چانڊوڪي پونم تي چنڊ اڇي ڪڪر ۾ اُڀري ته سُڪار، ڪاري ڪڪر ۾ اُڀري ته ورهيه وچولو ۽ جي بنا ڪڪر جي اڀري ته ان کي چون اُگهاڙو ۽ سال به ٿئي اُگهاڙو، يعني ڏڪار پوي. آساڙ سُڏ نوم گهَڻ بادل گهَڻ بيجهَ، تو نيڙا راکو بَڙِڌيا، کوري راکو ٻِيجَه. آکاڙ مهيني جي چانڊوڪي نَم تي بادل ۽ بجلي ڏسجي ته برسات جي ايتريقدر پڪ سمجهندا جو چيو اٿن ته پوک لاءِ ڍڳا ويجها رکجو ۽ ٻج کوري يعني پلاند ۾ هجي. سُڪي زمين سان ٽانگڙو (انڊلٺ) ڏسڻ ۾ اچي ته برسات جي پڪ سمجهن. پر جي برسات پوڻ ۽ آلي زمين تي انڊلٺ ٿئي ته سمجهندا ته وري ٻي برسات تڪڙي نه پوندي. آسمان ۾ ڪڪر ٿين ۽ ڏکڻ جو هوا لڳي ته برسات جي اميد سمجهن، پر جي اُڀرندي جي هوا لڳي، جنهنکي اڳتيو واءُ چئبو آهي، ته ٺهيل مانڊاڻ ڊهي پوندو. جهرڪيون پٽ تي ويهي پَر پکيڙي واريءَ ۾ ڦٽ ڦٽ ڪنديون آهن. ماڻهو چوندا آهن ته جهرڪيون وهنجن ٿيون ۽ هاڻي برسات جلد ايندي. بلائون ڪڏهن ڪڏهن وڻن تي چڙهيل ڏسڻ ۾ اينديون آهن ته چوندا ته برسات ايندي. ٿر ۾ وڏي اڏوهي ٿيندي آهي، جا ڪاٺين جا ننڍڙا ٽڪر ۽ وڻ جا ننڍڙا پن کڻي پنهنجن ٻرن ۾ وجهندي آهي ۽ پوءِ مٿان واريءَ سان بند ڪندي آهي. ماڻهو چوندا آهن ته اڏوهي پنهنجا گهر ٿي ڍڪي، يا سانڊو پنهنجا ٻر ڍَڪي ته برسات جو سعيو سمجهجي. ڪن ڪن ماڻهن ڪن خاص ڳالهين تي آزمائشون ڪري ڇڏيون آهن، جيئن ته ڪي چوندا آهن ته سيم ۾ پيروُن گهڻا ٿيا ته برسات گهڻي وسندي يا ڪن خاص وڻن جي لاءِ چوندا آهن ته فلاڻي ڄار ۾ پيرون ٿيا يا فلاڻي ڄار ۾ پيرون ٿيا يا فلاڻي ڪنڊيءَ ۾ سڱر ٿيا ته ڳوٺ جي اها سيم ڀلي ٿيندي. ڪنهن خاص وڻ تي ڪانءُ پکيءَ جا آنا هجن ته برسات جي اُميد سمجهن ۽ جيترا آنا هجن ته برسات جي اميد سمجهن ۽ جيترا آنا هجن اوتريون برساتون تصور ڪن. اڱڻ ٽيج جي ڏينهن صبح جو ماڻهو ڪچي مٽيءَ جون چار ڪُلهڙيون ٺاهي، انهن تي وسڪاري جي چئن مهينن آکاڙ، ساوڻ، بڊي ۽ آسؤ جا نالا رکي پاڻيءَ سان ڀري رکندا آهن. چوند اهن ته جيڪا ڪُلهڙي پهريائين ڳري ته برسات انهيءَ مهيني کان شروع ٿيندي. جي جلد ڳريون ته برسات آڳاٽي، جي دير سان ڳريون ته پڇاٽي تصور ڪن. ڏياري جي ٻئي ڏينهن يعني پڙهه راجا جي صبح جو ماڪ پوي ته ايندڙ سال ڀلو سمجهن. چوماسي ۽ وڻن جي پنن ۾ ڪينئون پوي ۽ پن کائي ته برسات جو سعيو سمجهن. ٻائوريءَ جي ٻوٽي مان پڻ چڻن، رات جو وٿاڻ ۾ ڍڳيون ذري ذري ڪنن سان ڦڙڦڙ ڪن ۽ وٿاڻ اتر ڏانهن وڌائين، يا ٻڪريون وثاڻ ۾ اتر ڏي اوسارو ڪن، ماڪوڙيون آنا ڪن ته برسات جا اهڃان سمجهن. مينهن وسي اوڪامڻ بعد جي گوڙ جا ڪڙڪا ٿيا ته چوندا ته هاڻي برسات ترت نه ايندي، اها مينهن جي موڪلاڻي آهي. هاڻي اُٻريو ڏنو اٿس يعني وري دير سان پوندي. آڙيون اَبَرَ آسري ٿاڙا تُنوارين. ڄيٺ جو مهينو شروع ٿيو ته آر جي تنوار پيئي پوندي. آر تڏ جيترو هڪ ڪارانجهڙو جيت آهي پر اُن جو آواز ڏاڍو تکو آهي. ٿري چون ته آر مينهن لاءِ پڪاري ٿي، پر جڏهن تارو پکي تنواريندو آهي تڏهن مينهن جي پڪ ٿيندي ته اجهو آيو ڪي آيو. تاڙي تنواريو ته ڄڻ مينهنجي واڌائي ملي. برسات لاءِ ساٺ سوڻ برسات جي مند جي شروعات ۾ ڏينهن جو گرمي ٿي ۽ اُتر کان ڪڪر ڏسندا ته چوندا اڄ آرنگ ٿيو آهي ۽ اُتر ۾ شهر ڪڍيا اٿس، ڄاڻ ته برسات آئي. ويچارن کي خوشي ٿيندي. گهر گهر مان ڪجهه ان گڏ ڪري واٽ خدا جي، يا بادشاهه پير دستگير جي، يا ڳوٺ ۾ ڪنهن پير، فقير، سيد يا درويش جي قبر يا لوڙهي ڏنل جاءِ (جا اڪثر ڳوٺن ۾ ٿيندي آهي) هوندي ته ان هنڌ، نه ته ترائي تي وڃي ديڳيون رڌي ڳوٺ جي غريب ماڻهن کي کارائيندا آهن، جنهن کي ”ڪُني“ چوندا آهن. آڙنگ ڏسي ڳوٺ جا ننڍا ٻار پاڻ ۾ گڏجي ٽولي ٺاهي جهوليون ٻڌي گهر گهر مان وڃي خير گهرندا آهن. خير گهرڻ آهن هڪ قسم جو مٺو رسيلو گڏيل آواز ڪندا آهن ۽ سڀيئي سُر ملائي ڏاڍي دلچسپ انداز سان هيئن چوندا آهن. ته ”ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي.“ يا چوندا اهن، ”آکوپايو، گهر گهر ٺولايو.“ هر ڪو گهر کين ڪجهه ان ڏيندو آهي، جو گڏ ڪري هڪ هنڌ مٺو ڀت رڌي کائيندا آهن. وڏن ڳوٺن ۾ جتي هندو ججهي انداز ۾ آهن، اتي مندرن ۾ يا تلائن تي هَوَنَ ڪندا آهن ۽ مسلمان مسجدن ۾ دعائون گهرندا آهن ۽ خيراتون ڪندا آهن. ڌڻودي ماڻهو پنهنجي مال جو کير ڏهي گڏ ڪري سڀني ماڻهن کي ورهائي ڏيندا آهن، جنهن کي ”ڏوجهه ڏيڻ“ چئبو آهي. ڪٿي ڪٿي پيرن فقيرن جي قبرن تي يا تراين تي گهيٽن ۽ ڇيلن جي قرباني ڪندا آهن. اڇوت قومون ان گڏ ڪري، (جنهنکي براڙ چوندا آهن) ترائي يا ڪنهن درويش جي آستان تي وڃي ڀڄن ڪري رڌي لائيندا آهن. اهڙن موقعن تي چانور ورلي ڪم آڻيندا آهن، پر گهڻو ڪري ٻاجهري پسائي ڇڙهي ڳڙ وجهي مٺو ڀت رڌيندا آهن، جنهن کي ”گُگهريُون“ چوندا آهن. اهو سٺو سوڻ ڪري ليکين، ڇو ته ٿر جي پيدائش ۾ کاڌو به ٻاجهري آهي. چوماسي جي شروعات هرهڪ مند جي اچڻ کان اڳ انهيءَ موسم جون ڪي نشانيون نمودار ٿينديون آهن. اهي ڳالهيون اڳين ماڻهن گهڻي وقت جي آزمائش بعد مقرر ڪيون آهن، جي گهڻي ڀاڱي ٺيڪ معلوم ٿين ٿيون. آسمان ۾ سنهن تارن جو هلندڙ ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي ٿري ماڻهو ”ڪرتيون“ ۽ سنڌيءَ ۾ ڪَتيُون چوندا آهن. انهن جي پٺيان وري چار تارا قطار ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جن کي ”ٽيڙو“ يا ”لوڌي“ چئبو آهي. ڪي ماڻهو انهيءَ جهڳٽي کي ”هرڻ“ چوندا آهن. ڪتيون ڪپار آئيون، ٽيڙو اُڀا ٽيئي. ڪتيون ڪپار جي مٿان هونديون آهن، تڏهن ٽيرو اُڀا هوندا آهن. ڪتيون ڪجهه ڪَر موڙينديون آهن ته لوڌي لڙي ويندا آهن ۽ نيٺ لهيو وڃن. ڪَتين ڪَر موڙيا، لوڌي ويا لَڙي. ڪَتيون سدائين ڪونه ڏسبيون آهن، ويساک جي سڄي مهيني ۽ ڄيٺ جي پهرين ڏهن ڏينهن تي لڪي وينديون آهن، جنهنڪري انهن چاليهن ڏينهن کي اونهاري جو چاليهو چئبو آهي. ڄيٺ جي يارهينءَ کان پوءِ پرهه ڦٽڻ مهل آسمان تي اوڀر طرف کان ڪتيون اڀرنديون آهن، جنهن کي ڪتين جو اوڀار چئبو آهي. پرهه ڦٽيءَ جو ڪتين کي آسمان ۾ ڏسي تاڙو پکي تنواريندو آهي ۽ مينهن جي موسم شروع ٿيندي آهي. تاڙي جي تنوار ٻڌي ٿرين کي پڪ ٿيندي آهي ته هاڻي برسات ترت ايندي. تاڙي کي ”مينهن جو موهري“ (اڳواڻ) چوندا آهن. اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار، هارين هر سنڀائيا، سرها ٿيا سنگهار. هاري ويچارا ٻاجهري پوکڻ لاءِ هرن جا سانباها ڪندا آهن ۽ برسات وسڻ شرط پوک شروع ڪندا آهن. ڄيٺ ۾ مينهن جو وسڻ نيڪ فال سمجهيو ويندو آهي، چوندا آهن ته ”پوڻيٺو پٽ ۽ ڄيٺو مينهن، ڪن ڀاڳ وارن کي ملن.“ ڪنهن به جوڙي جي شادي ٿيڻ کان پوءِ پهريون ٻار جيڪڏهن پٽ ڄائو ته ان کي ”پوڻيٺي جو پٽ چئبو آهي. وسڪاري جي موسم ۾ سج لهڻ وقت آسمان ۾ اولهه پاسي کان هڪ چمڪندڙ تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي ”سانجهي تارو“ چوندا آهن. عام طرح سانجهي ”مينهن جو مانجهي“ سڏيو ويندو آهي. ڪي هن کي ڏسي چوندا آهن ته مينهن جو ضامن بيٺو آهي، مينهن اجهو آيو ڪي آيو. البت اهو سانجهي تارو ڪنهن ڪنهن سال گم ٿي ويندو آهي، جنهنڪري چوندا آهن ته هن سال مينهن وسڻ جي پڪ ڪانهي، پر جي وُٺو به ته ٽڪرين ٽرين، يعني ڪٿي وسندو ته ڪٿي ڪونه وسندو. مينهن جو مانڊاڻ ٿر ۾ برسات گهڻو ڪري اُتر اوڀر جي ڪنڊ کان شروع ٿيندي آهي. اتان کنوڻ ٿيندي آهي ته ان کي ”ٻڪرار کنوڻ“ چوندا آهن. چون ٿا ته اڳي ٻڪرار کنوڻ ڏسي ماڻهو کٽولا کڻي جاين ۾ مس وجهندا هئا ته مٿان برسات اچي ڪڙڪندي هئي. ان لاءِ ماڻهو مزيدار ڳالهه ٿا ڪن ته اڳي ڪچي جي ڏونگر ۾ هڪ واسينگ نانگ هوندو هو. کنوڻ ٿيندي هئي ته نانگ ڄڀ ٻاهر ڪڍي لٻرڪا ڪندو هو ته کنوڻ يڪدم مٿس ڪاهي ويندي هئي، جنهنڪري ترت برسات اچي ويندي هئي. ڀرئي گاروڙي نالي هڪ مشهور جوڳي اهو نانگ ماري وڌو، تنهنڪري هاڻي برسات به تڪڙي نٿي اچي. ٿري کنوڻ ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. سا وڄ پَسيو وندران، مون رُئندي رات وهاءِ. چوڌاري بجليون چمڪاٽ ڪنديون آهن، تڏهن روح مان خوشيءَ وچان لهرون پيون اُڀرنديون آهن. پهري ڪيا پٽن ۾ وڄڙين وڌاڻا، سُر اُنهيءَ جا سومرا مون کي اندر اُڌاڻا. پُورب يعني ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ کان ٿورڙي هوا جي ڦڙڪ لڳڻ به مينهن جو اُهڃاڻ آهي، جنهن لاءِ چوندا آهن ته ”پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي“ يعني پورب جي هوا جتي به لڳي اتي برسات پوندي. ڪاڇيل يعني ڏکڻ طرف کان گهڻو ڪري مينهن نه ايندو آهي، اُن کي ”ڪاڇي مينهن“ چون، پر جي آيو ته زوردار ايندو آهي ۽ ڪافي ملڪ ٻوڙيندو آهي. ڏکڻ مينهن نه وَسڻا، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري. (ڪانئر ماڻهو ڊپ جي ڪري ڌڪ نه هڻندو، پر جي هنيائين ته هڪڙي سان ئي ڍيري ڪري ڇڏيندو، اهڙيءَ طرح ڏکڻ کان ڪاڇي مينهن ايندو ئي ڪونه، پر جي آيو ته ملڪ ٻوڙي ڇڏيندو.) ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ جي واءُ کي ”رٻ ٺار“ يعني ڏڪار جو اڳواڻ ۽ مينهن لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي. ڪامهه، يعني اتر اولهه واريءَ ڪنڊ جي هوا يا ته آيل مينهن ٽوڙي ڇڏيندي يا ته ماڳهين ڏينهن جا ڏينهن مينهن وسندو رهندو، يعني جهڙ ٿي پوندو. چوندا آهن ته ”ڪامهه ٽوڙي يا جوڙي“، جي صبح جو ٿورو سيڪ (ٿوري ماڪ) ۽ ڪنهن ڪنهن مهل سنهي بوند پوي ته اهو برسات لاءِ بَد سمجهبو آهي. چوندا آهن ته ”ٿڌو مٺو واءُ، جنهن ۾ لاءُ نه ساءُ.“ مينهن سان گڏ گوڙ ۽ کنوڻ جو هجڻ لازمي آهي، جنهن مينهن ۾ گوڙ ۽ کنوڻ نه هوندي، ان کي ”گونگو مينهن“ چوندا آهن. پرهه جي گوڙ کي ”صبح جا ٻول“ يا ”باسِي گوڙ“، ٿورو سج اڀرڻ بعد گوڙ ٿئي ته ان کي ”ڏهائي جا ٻول“ يعني ٻوڏ جو دليل چون. اکاڙ سڄو مهينو آڙنگ ٿيندو آهي، جنهنڪري گُهٽ (هوا بند) ۽ ڪاڙهو ٿيندو آهي. منجهند جو ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ کان ڪڪر ڪنگرا ۽ چوٽيون ڪڍي نروار ٿيندا آهن. اڄ به رسيلا رنگ، بادل ڪيا بُرجن سين. ٿوري وقت ۾ ئي ڪاراڻ شروع ٿي ويندي آهي، جنهن کي ”لهاڻ“ چون. پوءِ پهريائين تيز هوا شروع ٿيندي آهي، جنهن کي ”وانئور“ چئبو آهي، جا ڪڏهن ٿوري ڪڏهن گهڻي ٿيندي آهي ۽ بعضي چونرن ۽ ڇنن جي مٿان ڏنل ڪک ا(وائي ويندي آهي، ۽ اُڀرا وڻ به ڪري پوندا آهن. ان سان گڏ گوڙ ۽ بجلي جا چمڪاٽ شروع ٿيندا آهن. انهيءَ ساري مانڊاڻ کي ماڻهو، مال، ڇکي ڏاڍي سڪ سان اکيون ڦاڙي نهاريندا آهن. ويچارا ڌنار ۽ مالدار ڊوڙي دڙن تي چڙهي ’ڀيڄ مولا، ڀيڄ مولا‘ پيا چوندا آهن. ننڍن ٻارن لاءِ ته هڪ قسم جي خوشيءَ جو رونشو ٿي پوندو آهي ۽ پاڻ ۾ گڏجي پيا ڊوڙندا آهن. اهڙيءَ طرح هرڪو پنهنجي موج ۾ مست هوندو آهي. ڪڪرن جو اهو منظر روح کي ڏاڍي راحت ڏيندو آهي ۽ دل خوشيءَ وچان ٽپا پئي ڏيندي آهي. چوندا آهن ته: جهر ڪر جهپٽ ڪر، آهلي ڪر الله، هاري ڀرين حقا، ۽ ٻڙڌ ڏئين ٽلا. (چوڻي) اي خدا! جهر ڪر ۽ زمين آهِلي يعني آلي ڪر ته پوءِ هاري به اونا ٿي حقا ڀري پيا پيئن ۽ ڍڳا خوشيءَ مان ٽلن يعني گهمن ڦرن.) برسات جو وسڻ مينهن جي مانڊاڻ بعد ڪڏهن وانئور کان پوءِ، ڪڏهن بناوانئور جي برسات شروع ٿيندي آهي، جا اڃا پري ئي هوندي آهي ته سُوساٽ پيو ٻڌبو آهي، جا ٻڌي سڀڪو چوندو آهي ته اها مينهن جي سوڪر آهي. اڳ ۾ ٿوري ٿڌي هوا لڳندي آهي، جنهن کي ”وُٺي جو واءُ“ چون، جو روح کي پيو وڻندو آهي. اُٺي بوند باران، ڪرم سان ڪڪر مان، اچي بوءِ بر مان ٿڌي هير ٿر مان. ننڍا ٻار خوشيءَ مان ڊوڙندي چوندا آهن: ”گهر تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي“، ”جنڊ تي مڪڙو، مينهن آيو تڪڙو“، ”ڪرڙ ۾ گهوٻاٽو، مينهن آيو گهاٽو“، ”وس وس ڙي مينهن، تنهنجي وسڻ جا ڏينهن“ وغيره ڪڏهن ٿورو ته ڪڏهن نارا ٿي وسندو آهي. ٿورو وسي اوڪاڻو ته چوندا ته اهو آهي ”ڌَڙڪي وارو مينهن.“ گهاٽو وسيو ته چوندا ”روُهي وارو مينهن“. هوا ۽ سيءُ هوندو ته چوندا ”لُري“، جنهنڪري ڪجهه مال ۽ جهنگلي جانور مريو وڃ. ٻه چار ڏينهن يا وڌيڪ رات ڏينهن ساندهه يا ٿورو وقت رکي رکي پيو وسندو ته چوندا ته ”جهڙ“ ٿيو آهي. هروڀرو ٿر جا ماڻهو مينهن مان ڪڪ ڪونه ٿين، پر گهڻي جُهڙ ۽ لُريءَ جي ڪري نقصان ٿيو پوي، تڏهن ڌڻيءَ کي وينتيون ڪندا آهن ته هاڻي برسات بند ڪر. ٽوڙ پِڇان ڪَرَ تارا، سيءَ تا مَرين گَريب بچارا. -چوڻي (اي ڌڻي! ڪڪر ٽوڙي تارا ڪر، جو غريب ويچارا هاڻي سيءَ ٿا مرن.)ان لاءِ ڪي اُپاءَ به ڪندا آهن، جيئن ته برسات ۾ گڏ ٿيل بيٺل پاڻيءَ کي ڏنڀيندا يعني منجهس ٽانڊا اُڇليندا. گيهه ڀرڻ جي ٽِپريُن سان پاڻي ڀريندا، چوٿاين سان پاڻي ڀريندا، ڪنهن ٿانءُ ۾ پاڻي وجهي پوءِ ساهميءَ ۾ توريندا وغيره. مڙيئي دل کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ اهي اپاءُ ڪندا آهن. برسات سان گڏ بجلي ڪرڻ جو امڪان هوندو آهي، تنهنڪري اَڪ جون ٽاريون پٽي جاين جي درين تي رکندا آهن. انهن جي اهو اعتقاد آهي ته هڪ دفعي بجلي ڪري پيئي هئي، تنهن کي ڀيم نالي پانڊو اڪ جي ٽارين سان مار ڏني هئي، تنهنڪري اڪ تي بجلي نه ڪرندي آهي، سو گوڙ ٻڌي چوندا آهن ته ”ڀيم سَرَ آڪان ري گوڍي“ چندڻ ڳوهه جي ان وقت ڪٿان نڪتي ته اُنکي ڪوشش ڪري ماري ڇڏيندا يا ڀڄائي ڪڍندا. ماڻهن ۾ اهو وهم آهي ته چندڻ ڳوهه تي بجلي ڪرندي آهي. چوندا آهن ته بجلي اڳي واسينگ نانگ تي ڪرندي هئي جو مارجي ويو، تڏهن هاڻي هن تي ٿي ڪري. اها ڪهاوت عام آهي ته ”واسينگ نانگ مري ويو، تڏهن چندڻ ڳوهه تي ٽيلو آيو.“ ڪڏهن ڪڏهن مينهن جي ڦڙين سان گڏ برف جا ننڍا ٽڪر وسندا آهن، جن کي ڳڙا چون. ماڻهو اهي ڳڙا چونڊي شيشي ۾ وجهي رکندا آهن، جي پوءِ جيتوڻيڪ ڳري پاڻي ٿي ويندا آهن ته به اُن پاڻيءَ ۾ سُرمو لساڙي رکندا آهن جو سندس خيال موجب اکين ۾ وجهڻ سان گرمي نه ٿيندي ۽ ٿڌو آهي. اهڙي مينهن کي ”وڙن وارو مينهن“ چون. جنهن مينهن جون وڏيون ڦڙيون هونديون آهن ۽ جيڪو جهٽ ۾ زمين تي پاڻي ڪري ڇڏيندو آهي، تنهنکي ”وڏڦڙو“ چون. جنهن جون ڦڙيون سنهيون هونديون آهن ۽ آهستي آهستي وسندو آهي، ان کي ”راسو مينهن“ چون. جيڪو سنهي بوند سان اچي، ان کي ”ڦونهاري وارو مينهن“ چون. جيڪو مينهن گهڻو نه هجي، مگر جاءِ کان ٻاهر هجڻ جي حالت ۾ ڪپڙا پُسي پون ته ان کي ”ڪپڙيوس“ يا ”جهينگار“ وارو مينهن چون. جنهن مينهن جي وسڻ سان زمين تان پاڻي ريلا ڪري وهي ته ان کي ”ريلي ڀُون“ مينهن چون. انهيءَ کان وڌيڪ پاڻي ڪندڙ مينهن کي ”ٻاري ٻڌ“ مينهن چون. نه گهڻو نه ٿورو، سانتيڪي نموني سان مينهن پوي ته ان کي ”راسُو مينهن“ چون. ايتري برسات پوي، جنهن تي آبادي ڪري سگهجي ته ان کي ”ريج مينهن“ چون. تمام گهاٽي ۽ وڏين ڦڙين واري مينهن کي ”اوٽي پلٽ مينهن“ چون. گهاٽا ۽ وڏڦڙا مينهن ملڪ تان وسيو وڃن، تنهن کان پوءِ رهيا کهيا ڪڪر گهاٽو ۽ وڏڦڙو مينهن وسائيندا رهن. مگر ٿورن ٿورن ٽڪرن تي، اهڙي مينهن جون پري کان لاٽون پيون ڏسبيون آهن ته اهڙي قسم جي مينهن کي ”اوهيرا“ چون. اوهيرا گهڻو ڪري ساوڻ ۾ وسندا آهن، تنهنڪري چوندا آهن ته ساوڻ جو مينهن چونري جو هڪ پاسو پُسائي ته ٻيو سُڪو رهي. ساوڻ جو سارو مهينو ٿڌين هوائن بوندن جي بهاري، مينهن جي موج ۽ رسيلي رم جهم ۾ گذريو وڃي. اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪيا بُرجن سين، ساز سارنگيون سُرندا، وڄائي برچنگ، صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي. مينهن وسي اوڪامندو آهي يا ٿوري بوند هوندي آهي ته صبح جو سج اُڀرڻ کان ٿورو پوءِ ۽ شام جو سج لهڻ کان ٿورو اڳ ڪارن ڪڪرن تي سج کي سامهون ستن رنگن جي ڪمان عجيب نظارو ٺاهيندي آهي، جنهن کي ٿري ”ڏانگڙو“ چون ۽ سنڌيءَ ۾ انڊلٺ پئجي. ڪڪر ڪوٽ، پرين برج، جت سڄڻ سهرون ڪن آءٌ مٿان تن، شل انڊلٺ ٿي اُڀران. بڊي واري مهيني ۾ ڪڪر ڏينهن جو ٿوري ٿوري وقت بعد نوان نوان رنگ ۽ روپ ڪندا رهندا آهن، تنهنڪري چوندا آهن ته ”بڊو آهي روپ وارو مهينو.“ اَسوءَ واري مهيني ۾ بعضي ڪڪرن مان گوڙ ۽ رکي رکي بجليءَ جا چمڪاٽ ٿيند آهن ۽ ٽڪرن ٽڪرن تي اوهيرا ٿي برسات وسندي آهي. مند تي منڊل منڊيا، ڪئي اوهيرن اوڪ، ڇاڇر ٿي ڇُنن ۾، مينهون چرن موڪ. ڪٿي ٿوريون ڇنڊون ڪٿي گهڻيون. ڪٿي زمين جو پُڙ مس پُسندو آهي، ان کي ”پُڙپوس“ چون. ڪٿي ٻنين ۾ اوڙون پاڻيءَ سان ڀربيون آهن، ان کي ”اوڙيهر مينهن“ چون. اهو به هڪ مَڙهي ۾ هوندو ته ٻئي ۾ ڪونه هوندو. بعضي ته اڌ ٻنيءَ ۾ وسي ته اڌ ۾ ڪونه وسي، انهيءَ کي ”اَسُوءَ جا ڌاروڙا“ به چون. ڪَتيءَ واري مهيني ۾ برسات ڪانه پوي يا نالي ماتر. باقي ڏينهن تپندا آهن ۽ گرمي ججهي ٿئي، ان کي ”ڪَتي جا ڪاڙها“ چون. بعضي سج جي آڏو ڪڪر اچي ويندا آهن، تڏهن زمين تي اُس جي بدران ڇانو ٿيندي آهي، ان کي ”ڇانهولو“ چون. برسات وقت مٽيءَ جي کُڏن (ڪوٺين) تان ته پاڻي يڪدم نيسارن رستي وهيو وڃي، پر چَونرن ۽ ڇَنن جي ڪکن مان ڦڙا ڦڙا پيا ڪرندا آهن، جن کي ”ڪوئاڪا“ چون. ٽمن نيڻ رت وهي، چُئاڪا ڪيو، مون کي ڏَنءُ ڏيو، آئين ٿا وڃو اوٺيا. چوندا آهن ته ”پل پهر مينهن ۽ ڇهه پهر ڇنو.“ يعني برسات ٿورو وقت وسيو اوڪاميو وڃي ته به ڇَنو ڪافي وقت ٽمندو رهي. برسات پوڻ وقت زمين پُسي پوندي آهي ۽ هيٺ مٿانهين هئڻ ڪري پاڻي هيٺاهينءَ ڏي لهيو وڃي ۽ وارياسي هئڻ ڪري زمين چُهي وڃي. ان وقت واريءَ جو رنگ ڳاڙهسرو ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. فقط ڪن ڪن هنڌن تي، جتي ڪجهه ڏاڍيري زمين هوندي آهي، ٿورو وقت پاڻي بيهندو آهي. پُسيل زمين وقت چوندا آهن ته ”ڀنوئاري“ ٿي آهي. ان وقت پُسيل زمين تي گلابي رنگ جا ڄوي جهڙا، پر سهڻا ۽ دل کي وڻندڙ جيت سُرندا نظر ايندا آهن. جن کي ”ميهه جاماڻا، چون. سنڌيءَ ۾ ان کي ”مينهن وساڙا“ چون. اُهي هونئن ڪڏهن به ڪونه ڏسبا آهن، مگر هن مند ۾ مينهنوسڻ کان پوءِ ٻه-چار ڏينهن قدرتي طور ظاهر ٿيندا آهن ۽ پوءِ وري گم ٿيو وڃن. ڏسڻ ۾ بلڪل وڻندڙ ۽ هڪ لائڻ سان نازڪ معلوم ٿيندا اهن. ڳوٺاڻا سهڻي زال کي هن جيت سان مشآبهت ڏيندا اهن. جيئن ته چوندا اهنت، فلاڻي زال اهڙي سهڻي آهي جهڙي ”مينهن جو مامو.“ برسات بعد پُسيل واريءَ تي ننڍا ٻار قسمين قسمين رانديون ڪندا آهن، جيئن ته ڪي ٻار ننڍا هَرڙا ٺاهي ريٽن تي اوڙُن ڪڍندا آهن هڪرو هر ڇڪيندو، ٻيو پويان جهليندو. ڪي وري پُسيل واري4 مان گهوڙا ٺاهيندا آهن. گول چونرا ٺاهي، مٿان وريءَ جا لَڏَوُن رکندا اهن. واري4 جون ڀِتيون ٺاهي مٿان سنهيون ڪاٺيون ۽ اَڪ جا پن رکي پوءِ مٿان واريءَ سان ڍڪي هڪ پاسي کان دروازو چڏي ڪوٺيءَ وانگر ٺاهيندا آهن ۽ چوڌاري واريءَ جو ڪَپر ٻڌي لوڙهو بنائيندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻار پاڻ وندرائيندا آهن. ٿر جو وسڪارو برسات جا چار مهينا جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر آهن، جنهن کي ”چوماسو“ چئبو آهي. جون مهيني جي ڏهين تاريخ کان پوءِ برسات پوي ته آڳاٽي، جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ پوي ته مُندائتي، آگسٽ ۾ پوي ته پاڇاٽي، آگسٽ سڄو خالي وڃي ته ڏڪار سمجهبو. مٿين موقعن تي جڏهن به وسي آڳاٽو يا پاڇاٽو، ته اها برسات جي موسم آهي. وسي تهين وَسَ، مُند مِڙوئي ميهَه جي. آبادي ۽ مال لاءِ برسات کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اونهاري جو سخت لُڪ ساڙيندي آهي جنهن ڪري ٿري ويچارا سدائين اُڀ ڏي نهاري نهاري اکين ۾ لِڦون پئجي ويون ۽ هر هر پڪاريندا آهن: مٿان منج ڪي ميگهه ملار، مينهن گهرن ٿا مالن وارا، تو مان وِرچن ڪين ويچارا، لالڻ ڪو رنگ لاءِ، ســــــــرهــــــــــا ســـــــــــاوڻ ڏيــــنــــــهــــن ســــــنــــــــداءِ. جڏهن ڪو آڙنگ جو نمونو ٿيندو آهي تڏهن خوش ٿيندا آهن ۽ دل ۾ اُميد ٿيندي اٿن ته هاڻي مولا جي مهر ٿيندي. مهر جا مينهن پوندا ۽ ترايون تار ٿي وينديون، وطن جون واديون گلپوش ۽ گلزار ٿي وينديون، مسرت سنا مليرياڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون، نئين رُت ساڻ نوورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون. (گدائي) جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن چوڌاري پتن تي پاڻيءَ جي اڇ ٿي ويندي آهي. پلر جي پالوٽ سين پٽن جهليا پاهه. ٿر ۾ ماڻهن ۽ مال جي هلڻ ڪري گس ٺهي پوندا آهن، جنکي واٽون چوندا آهن. جتي سخت زمين هوندي آهي اتي اهي واٽون ڀرجي پونديون آهن. وسايو واتڙين تي ٿو خالق کنڊ ڀري. هرڻ اهو واٽڙين جي پاڻي پِي سڄي سال جي اُڃ اُجهائيندا آهن. واٽون ڀربيون آهن تڏهن چئبو آهي ته ”هَرڻيا پياريا اٿس“. پوءِ گهڻي پاڻي ٿيڻ تي مٿاهن هنڌن تان پاڻي ريلا ڪري وهي هيٺاهن هنڌن ڏي ويندو آهي، جتي گهڻي ٿيڻ ڪري وڏيون نئيون ٺاهي گڙ گڙ ڪري ڏهرين ۽ هيٺاهن هنڌن ڏي ويندو آهي. ترايون ۽ تليون ڀرجي وينديون آهن. ٿيُون لَبالَب، بَس تَرايُون ۽ تَليُون، پَلَ جون جاري نَديون ٿي ڪئين هليون. (فدا) اوڏيءَ مهل ٻار ۽ وڏا نڪري وهنجندا به پيا آهن ۽ نظارو به پيا ڏسندا آهن. اونهاري جو گرميءَ جي ڪري بدن تي آرايون ٿينديون آهن سي لر پاڻيءَ سان سنان ڪرڻ ڪري گم ٿي وينديون آهن. ٻار ته خوب رانديون ڪندا آهن ۽ خوشيءَ مان پيا ڊوڙندا آهن. اٺن-ڏهن ڏينهن بعد چوڌاري ساوا گاهه ۽ ٻوٽا وڌي ايندا آهن، جن جا ڪيترائي قسم آهن. سڄي زمين تي ڄڻ ته سائو غاليچو وڇائجي ويندو آهي، بلڪ گس به گاهه سان ڀرجي ويندا آهن. واحد وڏائي ڪيا مٿي گسن گاه. ڀَٽن واري زمين مٿي ٿيندي آهي، پر وارياسي آهي جنهنڪري گاهه سان ڀرجي ويندي آهي. پري کان اُن جو نظارو اکين کي طراوت پيو ڏيندو آهي. ڀٽن تي پاساڙن ۾ انيڪ قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا هوندا آهن آهن، سي گونچ ڪڍي موربا آهن. اونهاري جو جي ٽاريون سُڪي وينديون آهن ۽ پن ڇڻي ويندا اٿن، سي سرسبز ٿي پنن سان ٽمٽار ٿي وينديون آهن. سبز ساوا ٿا ڪَنڊا ڪُونڀٽ وڻن، ٿا کِپُون ۽ ٻُوهه ڪانڪهه دم کڻن، ڦُڳ ٿوهر ۾ به ڦُلريون ٿيون ڦٽن، ٿا کٻڙ ڄاريون ۽ گگلڻ گونچ ڪن، باغ روهيڙا بنائين ٿا هــي بــر، شاد بــاد اي خطئــه صحراءِ ٿـــر. -(فدا) ڪيتري به برسات پوي، ڪابه ڊپ جهڙي حالت ڪانه ٿئي. وساڪري جو برپٽ، ڏهريون، دڙا، مڙها ۽ ڀٽون ساوڪ سان ڍڪجي وينديون آهن. ڪنهن ڀٽ تان بيهي ناربو ته ڪشمير جي سيڪ لهي ويندي. جي پوي بارش، ته بس ڪشمير تون، رشڪ جنت آرام جــي تصويـر تــون، تنهنجي واري سون ۽ اڪسير تون. - (فدا) برسات کان پوءِ ٿر جو نظارو اهڙو ٿيندو آهي، جو سنڌ جو ٻيو ڪوبه ڀاڱو اُن سان مَٽ پئجي نه سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو ٿري ماڻهن کي پنهنجو وطن پيارو آهي. وسڪاري جو وڻن، ٻوٽن ۽ گاهن ۾ قسمين قسمين گل ٿيندا آهن، جي ڪيترن ئي رنگن جا هوندا آهن ۽ ڪيتريون سُرهيون ٻوٽيون پڻ پيدا ٿينديون آهن، جن ۾ دل کي وڻندڙ خوشبوءِ ايندي آهي، انڪري اولدار واسجيو وڃن ۽ دل کي فرحت پيئي ايندي آهي، مارئيءَ جو پٿر، جنهن کي جُونٺِي چون، بلڪل سُرهو ٻوٽو آهي. ٿري ماڻهو انهيءَ سان ڏُڌ ۽ کير جا ٿانءَ ڏهندا ۽ اُڪراسيندا آهن ته ٿانو صاف ۽ خوشبودار ٿي ويندا آهن، جنهنڪري منجهن کير ڪونه ڦِٽي ۽ ڌؤنرو ۽ لَسي سلامت پيا رهن. ٻيا به انيڪ قسمن جا سُرها گاهه ٿيندا آهن ۽ ڪيتريون قيمتي ٻوٽيون پيدا ٿينديون آهن. جي حڪيم ۽ طبيب سڃاڻي ان مان دوائون جوڙيندا آهن. ڀٽن تي پاسارن ۽ ڏهرن ۾ مال پيو چرندو آهي. ڌنار ۽ ٻڪرار ڀٽن تي چڙهيو پاوا، چنگ، بئنسريون وڄائيندي، ٿر جا لوڪ گيت ۽ ڪيترن ئي نمونن جون ڪافيون ۽ بيت پيا چوندا آهن. ڀٽ تي چڙهي بهبو ته آسپاس چوڌاري ڪيترو سارو مفاصلو، دور تائين ڏهرن ۾ ساوڪ جو نظارو ۽ چَرندڙ مال، ٻنيون، ايندڙ وپيندڙ ماڻهو، ڀنوئارڻيون، ڪٿي وڻن جا جهڳٽا، ڪٿي گاهه جو نظارو ڇٻر وانگر ڏسي، اکين کي آرام، روح کي راحب ۽ من کي مون پيئي ايندي. ٿي اڇي لَڪ لَڪ مٿي جنت جي هير، چوطرف منظر عجائب بي نظير، ڏسڻ سان جن جي ٿين سينا سڌير، ٿي پون مرده به ٿا زنده سرير. ڀٽن تي ۽ پاسن ۾ خاص ڪري ڪونڀٽ جا وڻ ٿيندا آهن، جي مڃر سان ڀرجي ويندا آهن. انهن جي مٿان واري ڪَٽَ اهڙي آهي جو پري کان ڌوپ پَٽي وانگر پيا ڏسبا آهن. ڳاڱا به جام ٿيندا آهن، جي ڌنار ۽ ٻڪرار کائيندا آهن. ننڍا ننڍا ٻار نرم ۽ ٿڌي واريءَ تي ليٽيا پيا هوندا آهن ۽ ڪي ڀٽن جي چوٽيءَ کان سِرڪڻ شروع ڪندا آهن. جڏهن هيٺ پهچندا آهن تڏهن وري شرطون رکي ڊوڙ پائي مٿي ڀت جي وٽيءَ تي ويندا آهن. ڀٽ جي اڌکڙ ۾ وڻن جون پاڙون ظاهر بيٺيون هونديون آهن. ٿڌي ڇانو ۽ کليل هوا اهڙي هوندي آهي جو هيٺ ٿورو وقت ويهڻ سان سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهي ويندو آهي ۽ ماڻهو تازو توانو ٿيو پوي. هن مند مارو سزا، ساڻيهه منجهه سڌير. ٿري ماڻهو وسڪاري جو پنهنجي ڳوٺ مان پير به ٻاهر ڪونه ڪڍندا آهن ۽ وطن ۾ ئي خوش گذاريندا آهن. مند تي مڊل وڄيا، آيو جهڙ جهاٽِي، هڪ ارزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽِي. ڀلي وسڪاري جي ڪري ٻنهين ۾ ان جام ٿي پوندو آهي ۽ سائو گاهه چرڻ ڪري مال به کير وڌائيندو آهي، جنهنڪري مکڻ ۽ گيهه جو اُپراسو وڌيڪ ٿئي، ٿري ماڻهو کير ڪونه وڪڻن پر گيهه جام وڪڻن. شهرن ۾ تور جو رواج آهي، مگر ٻهرارين ۾ ڀرپ جو. لوهه جي ٽِپريءَ سان ڀري ڏيندا آهن، جا ڪٿي پنج تولا، ڪٿي ڇهه يا سوا ڇهه تولا تور جي ٿئي. ٿر ۾ گيهه سٺو ٿئي ٿو، جو ٻاهر وڪري لاءِ جام ويندو آهي. وسڪاري جو جهڻ (لسي) گهڻي ٿئي، جا پاڻ کائين ۽ ٻين کي به جام ڏين. رات لڌو مون سُهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو، اُٺڙا مينهن ۾ ٿيو تڙ تڙ تماشو. مطلب ته برسات پوڻ بعد سڄي ٿر ۾ سڀ ڪنهن هنڌ موج لڳي ويندي آهي، ڳڻتيءَ جو ڪٿي نالو ئي ڪونه هوندو آهي. هر ڪنهن جي منهن تي مرڪ پيئي ڏسبي آهي. ترايون ۽ تلاءَ ٿر ۾ آهن واري ۽ ڀٽون، جنهنڪري ڪا ندي، نئن، واهه يا ڍنڍ ڪانهي. ماڻهو پيئڻ لاءِ کوهن ۽ ويرين جو پاڻي ڪم آڻين، جنهن جي سخت تڪليف آهي. جون ۽ جولاءِ ۾ برسات پوڻ وقت تراين ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي، تڏهن وڃي سک جو ساهه کڻندا آهن. ترين کي تلاءُ به چون. پارڪر ۾ تلاءَ بلڪل گهڻا آهن، جن ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو، جو اتي ڪيترن تلائن ۾ ڪارونجهر ٽڪريءَ جو پاڻي لهي اچي پوي ٿو. ازان سواءِ اتي جي زمين ٽاڪرو اهي جنهن ڪري پاڻيءَ کي ايترو چُهي ڪانه ٿي. باقي ٿر واري ڀاڱي ۾ تلاءَ ۽ ترايون بلڪل ٿوريون آهن، سي به ڪن ڪن ڳوٺن ۾ يا ڀرسان آهن. تراين جي پاڻيءَ جي ڪٿ ڏينهن ۽ مينهن سان ڪبي آهي، يعني چئبو آهي ته فلاڻي ترائيءَ ۾ پاڻي هيترا ڏينهن يا مهينا ٿيندو. ڪن ۾ ٻه، ٽي، ڪن ۾ پنج، ڇهه مهينا يا وڌڌيڪ وقت پاڻي رهندو آهي. پارڪر ۾ ڪي تلاءَ اهڙا به آهن جن ۾ وقتي ٻارهن مهينا به پاڻي رهندو آهي. ڪي تلاءَ تانگها، ڪي اونها ٿيندا آهن، خاص ڪري ترو اونهو ٿيندو اٿن. پاڻيءَ جي اونهائيءَ جي ماپ لاءِ چوندا آهن ته گوڏا، چيلهه يا ڪُلهي جيترو آهي. اڃا وڌيڪ هوندو ته چون ”مُڙسا ٻوڏ“ يا ”مٿوڙا تار“ آهي. اڃا وڌيڪ هجي ته چوندا ”اوٺي ٻوڏ“ آهي، يعني ايترو آهي جو اُٺ ٻڏيو وڃي. ڪٿي ڪٿي ته ننڍا ٻوڀا آهن، جن ۾ پنج-ست ڏينهن کن مس پاڻي رهندو آهي. ٿر جا مکيه تلاءُ هن ريت آهن. سانگاهه جو تلاءُ: هي ڳوٺ ويراواهه جي ڏکڻ طرف وڏي ۾ وڏو تلاءُ آهي، جتي ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. سڪي وڃڻ بعد اُتي پوک به ڪبي آهي. ڀوڏيسر جو تلاءُ: ڀوڏيسر ڳوٺ وٽ آهي، جنهن جي ڊيگهه چار سئو فوٽ ۽ ويڪر ٻه سئو فوٽ آهي. ان ۾ ست اٺ مهينا پاڻي رهندو آهي. هي ڀوڏي سوڍي ڇهين صدي عيسويءَ ۾ کڻايو هو. لور لائي ۽ ڀڻا سر تلاءُ: هي تلاءُ ڳوٺ گهرٽياري وٽ آهن، جن ۾ پنج – ڇهه مهينا کن يا وڌيڪ وقت پاڻي رهي ٿو. لورالائيءَ ۾ وقتي گهڻو وقت به پاڻي رهي ٿو. نرياسر تلاءُ: ڳوٺ ڏونگري وٽ آهي، ان ۾ ڇهه مهينا پاڻي رهي ٿو. ان جي چوڌاري سنئون ميدان آهي، ڪوبه وڻ ٽڻ ڪونهي. ڀرسان ڪيترا ننڍا ننڍا تلاءُ آهن، جن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي رهي ٿو. ڀَڪُو تلاءُ: ڳوٺ مُندري جي اُتر طرف ۽ ڀوڏيسر کان الهندي طرف آهي. ان ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. راڻاسر تلاءُ: انهيءَ نالي سان ٽي تلاءَ آهن. (1) ننگرپارڪر شهر جي الهندي پاسي آهي. ڀرسان اڳي پارڪر جي راڻن جون جايون هيون، جنهنڪري مٿس اهو نالو پيو. هن تلاءُ ۾ چئن کان اٺن مهينن تائين پاڻي رهي ٿو. (2) لاڪڙ کڏئي وٽ آهي، جتي چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. (3) ڳوٺ چيلهار جي ڀرسان ڏکڻ اولهه طرف آهي، هن ۾ چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ٻيو تلاءُ ڳوٺ ڳوٺ قابل شاهه جي اوڀر طرف ڇڇيءَ جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ ٻه چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ڇَڇِي تلاءُ: چيلهار جي ڀرسان ڏکڻ اولهه طرف آهي، هن ۾ چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ٻيو تلاءُ ڳوٺ قابل شاهه جي اوڀر طرف ڇڇيءَ جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ به چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. اُڻند جي ترائي: گڍڙي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف ننگرپارڪر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ۾ ٽي چار مهينا پاڻي رهي ٿو. گڍڙي جو تلاءُ: گڍڙي شهر جي ڀرسان ڏکڻ طرف آهي. هن ۾ ڇهه مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ڪاٺو تلاءُ: چارنور ڳوٺ جي اوڀر طرف ميل کن پنڌ تي آهي. هتي چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. کينئسر جو تلاءُ: کينئسر ڳوٺ ڀرسان اوڀر طرف آهي. ٽي ميهنا پاڻي رهي ٿو. مٺيءَ جي ترائي: مٺي شهر ۾ ڏکڻ طرف ڀرسان آهي. هن ۾ ٽي مهينا کن پاڻي رهي ٿو. وڪوڙي تلاءُ: ڳوٺ وَڪڙئي وٽ آهي، جتي ٻه مهينا کن پاڻي رهي ٿو. چيڀڙن جي ترائي: دلن جي تڙ جي ڏکڻ طرف، چيلهار کان پارڪر ڏي ويندڙ وات تي اهي. هتي اڍائي مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ميهوُئَرَ جي ترائي: ڳوٺ نهٽي کان اوڀر طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي ميهوئر جي ڏهر ۾ آهي. هتي ٻه اڍائي مهينا کن پاڻي رهي ٿو. بَڙُ تلاءُ: ڳوٺ ٻِهراڻي جي اولهه طرف آهي. هتي چار – پنج مهينا پاڻي رهي ٿو. کوڙٻِي تلاءُ: چيلهار کاڻ ٽي ميل اوڀر طرف پارڪر ڏي ويندڙ رستي تي گوڙچي ڳوٺ وٽ آهي. هتي ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو. ڀِرمي تلاءُ: روهج ۽ مٺڙئي ڳوٺن جي وڍ ۾ آهي. هن ۾ اڍائي مهينا پاڻي رهي ٿو. روهِلي ترائي: پيلُو جي تڙ جي اولهه طرف روهلي ڏهر ۾ آهي. ان ۾ ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو. روهِيڙو يا ڪيرلو تلاءُ: ڳوٺ سمن جي تڙ ۽ صالح جي تڙ جي وچ ۾ آهي. هتي اڍائي مهينا کن پاڻي رهي ٿو. چوتيار جي ترائي ڳوٺ هريار کان چار ميل ڏکڻ طرف، پَڌريون تلاءُ چيلهار کان مٿي ڏي ويندڙ رستي تي کاريو نَرا ڳوٺ کان الهندي طرف، ڄَٽِي ترائي ڳوٺ واگهي جي ويريءَ جي اولهه طرف، سادلا ترئي ڳوٺ ڀوڄاٻو وٽ، لائٻڙي ترائي ڳوٺ ڌوڙڪيون جي اتر طرف ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا تلاءَ ۽ ترايون آهن، جن ۾ ٿورو ٿورو وقت پاڻي رهي ٿو. تراين جو پاڻي ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو بلڪل ڏکيو آهي. وڏن وڏن ڳوٺن ۾، سي به ٿورن هنڌن تي پاڻيءَ جا سٺا تلاءَ يا ترايون آهن، جتي برسات جو پاڻي ٽي-چار مهينا رهندو آهي. ڪٿي هڪ-ٻن هنڌن ڇهن مهينن تائين به رهندو آهي، جنهن کي ”پلر پاڻي“ چوندا آهن، نه ته گهڻو ڪري ڳوٺن جي ڀرسان ننڍا ننڍا ٽوڀا هوندا آهن، جن ۾ پنج – ست يا ڏهه – پندرهن ڏينهن پاڻي هوندو آهي ۽ پوءِ سُڪيو وڃي. ترايون اڳ جون کوٽيل آهن جن جي تري ۾ سخت پٿر هوندو آهي، جنهن کي روهه چئبو آهي ۽ پاڻيءَ جي ڪري مٽي ٿي پوندي آهي جنهنڪري پاڻي ڪجهه وقت جٽاءُ ڪندو آهي. ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجين جاين ٺاهڻ لاءِ سال بسال اُتي مٽي ڪڍندا آهن، جنهنڪري کوٽائي ٿيندي رهندي آهي. نه ته ڪڏهن ڪڏهن ڏڪار وقت ماڻهو کي سهائتا ڏيڻ جي ارادي سان گورنمينٽ تراين جي کوٽائي به ڪرائيندي آهي. برسات وقت ترايون ۽ ٽوڀا ڀرجيو پون. پاڻيءَ جي رکپ ڪانهي، يعني ماڻهو پيئڻ جو پاڻي به اتان ڀرين ته ڪپڙا به اتي ڌوئن. سنان به تلائن اندر ڪن ۽ مال کي به اتي پيارين، جنهنڪري مال ڇيڻا ۽ لِڏ به اتي لاهي ته پيشاب به اتي ڪري، جنهنڪري ڪجهه وقت بعد پاڻي سائو ڀنگ جهڙو ٿي خراب ٿيو وڃي ۽ پونئرا به پئجو وڃن ۽ منجهانئس ڌَپ پئي اچي، جنهنڪري ڏسڻ سان ڪراهت پئي ايندي. ٻاهريون ماڻهو اهڙو پاڻي پيئڻ پسند ڪونه ڪندو، پر ٿري ماڻهو مجبواً اهو پاڻي پيا ڪم آڻيندا آهن، جيستائين صفا سڪيو وڃي. پاڻي چُڪڻ بعد به ڪن ڪن تراين جي تري ۾ يا ڀرسان پنج – ست فوٽ کڏون کڻندا آهن، جن کي ”گروُئا“ چئبو آهي. انهن ۾ زمين جو چوسيل پاڻي ڇڻجي صفا ٿي ايندو آهي. اهو به تراين ۾ پاڻي چُڪڻ بعد پنج – ست ڏينهن هوندو، پوءِ بس. ٿري ماڻهو اهو سائو خراب پاڻي ڇو پيئندا آهن، ان لاءِ هيٺيان سبب آهن: 1- ٿر ۾ پاڻيءَ جو ٻيو وسيلو آهي کوهن جو پاڻي. کوهه ڪٿي اونها آهن، ڪٿي ڳوٺن کان پري آهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ سڀ ڪنهن وٽ پنهنجو سَنتو (ڪوس، ورت، وهٽ ۽ ماڻهو) ڪونه هوندو آهي. وسڪاري جي مال ۾ به ماڻهو کپي، جو ٻنين جي ڪم سبب ايترو وقت به مشڪل ملندو آهي جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ صرف ڪن. 2- پيهائيءَ تي ان وقت ڪوبه ماڻهو پاڻي نه پياريندو آهي ڇو ته تراين ۾ جيستائين پاڻي صفا نه سُڪندو آهي، تيستائين تڙ نه واريندا آهن. ازان سواءِ پيهائيءَ جو رواج وڏن شهر ۾ آهي، جتي سڀ ڪنهن کي پنهنجو سنتو نه هوندو آهي. ٻهراڙين ۾ به ڌڻودين کي پنهنجو سنتو هوندو آهي. پر مال ۾ به ماڻهو کپي ۽ ٻنين جي ڪم جي ڪري واندڪائي نه هوندي آهي. 3- اتفاق سان جي ڪنهن ماڻهو وارو واريو ته ڳوٺ جي باقي گهرن جون زالون به پاڻي ڀرڻ لاءِ دلا کنيو اينديون، جي ٺلها ڇڏڻ ٺيڪ نه سمجهندا آهن، ۽ ضرور ڀرڻا پوندا اٿن، جنهنڪري ڪيترو وقت ضايع ٿيو وڃي. 4- ڪن ڪن هنڌن تي کوهن ۾ پاڻي گهٽ ٿيندو آهي يا کارو هوندو آهي ته مٿان برساتي پاڻي وجهندا آهن. ان خيال سان ته جيڪو وقت اڳتي تڳجي اهو ٺيڪ، ته چار ڏهاڙا پاڻي وڌيڪ ڪم اچي. 5- ماڻهن جي اڪثريت غريب طبقو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ جي لاءِ پئسو خرچڻ انهن لاءِ مشڪل آهي. تراين ۾ جيتوڻيڪ پاڻي خراب ٿي ويندو آهي ته به مفت ته آهي. 6- جتي پيهائيءَ جو رواج آهي، اتي پئسو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. تراين جو پاڻي مثال طور کڻي سمجهو ته چار مهينا هوندو آهي. پيهائيءَ جو رواج في دلو في مهينو هڪ رپيو، اُٺ، گانءِ وغيره في مهينو هڪ رپيو. جي سراسري هرهڪ ڪٽنب لاءِ چار دلا روزانو پاڻي ۽ چئن وهٽن جي پيهائيءَ جو حساب لڳائجي ته 4+4 رپيا يعني 8 رپيا ماهوار. انهيءَ حساب سان چئن مهينن ۾ هڪ ڪٽنب جو خرچ 32 رپيا، يا کڻي اڃا به گهٽ 20 رپيا سمجهو ته اٺن مهينن ۾ 40 رپيا هڪ ڪٽنب جو خرچ. جي چيلهار ڳوٺ جو کڻي مثال وٺجي، جنهن ۾ ڇهه سئو کن گهر ٿيندا، ته پوءِ انهن جي پيهائيءَ جو خرچ اٺن مهينن جو چوويهه هزار رپيا ٿيندو. جتي تلائن ۾ پاڻي ٿورو وقت رهي ٿو يا برسات نٿي پوي ته ان وقت پيهائيءَ جو خرچ پاڻ وڌيڪ ٿئي ٿو، سو ڀانئين ته جيترو وقت پندرهن – ويهه ڏينهن يا مهينو تلائن جي پاڻي جي ڪري گذري سو چڱو. 7- ڪٿي ننڍيون ويريون آهن، جن کي ”پار“ چون. اتي پاڻي ڪڍڻ جي ايتري تڪليف ڪانهي ته به صرفو ڪن. ڇو ته ويرين ۾ سيمي جو برساتي پاڻي هوندو آهي، جو ڪڏهن برست گهٽ پوي يا گهڻو ڪڍڻ ڪري گهٽجيو وڃي ۽ بعضي اونهاري جو سڪيو به وڃي، تنهنڪري پاڻيءَ جي ڪفايت جي خيال کان به ائين ڪندا آهن. مٿين تڪليفن جي ڪري شهرن ۾ پڄنديءَ وارا ماڻهو گهرن ۾ پَڪين سِرن ۽ سيمينٽ جون هوديون ٺهرائيندا آهن، جي برساتي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن، يا وڏا پائيپ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن. ڪٿي ڪٿي جتي ترايون يا توڀا ڪونه آهن، اتي ماڻهو برسات وقت جاين جي نيسارن هيٺان پاڻيءَ جا دلا ۽ مَٽ رکندا آهن. اهڙيءَ طرح گهر جا سڀ دِلا، مَٽ وغيره ڀري ڇڏيندا آهن. باب يارهون ٿر جا کوهه ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو بلڪل ڏکيو آهي. تلاءُ يا تراين ۾ به فقط برساتي موسم ۾ مينهن جو پاڻي ڪجهه وقت هوندو آهي، سو به ڪن خاص تلائن ۾، ڇو ته سڀ ڪنهن هنڌ تلاءَ يا ترايون ڪونه آهن. ڪٿي ڪٿي ته ننڍيون کڏون آهن، جن کي ”ٽوڀا“ چئبو آهي. انهن ۾ به پاڻي گهڻي ۾ گهڻو ڏهه – ٻارنهن ڏينهن کن لاچار هوندو آهي، سو به جڏهن برسات پوي، جنهن جي سڀ ڪنهن سال خاطري ڪانهي. ماڻهو پنهنجي توڙي مال جي پيئڻ لاءِ کوهن ۽ ويرين جو پاڻي ڪتب آڻين. کوهه به ڪٿي اونها، ته ڪٿي تانگها، ڪٿي ڳوٺن کي ويجهو ته ڪٿي پري، ڪي جهونا لڌل آهن، جي پٿرن ۽ ننڍي ماپ جي سنهين پڪل سرن سان ٻڌل آهن. ڪي تازا انفرادي طور ۽ گورنمينٽ جي پاران کڻايل آهن، جي ”نَوتَيرهِي“ سڏجن، يعني (ڊيگهه هڪ فوٽ، ويڪر هڪ پاسو نوَ انڍ، ٻيو پاسو تيرهن انچ، ٿولهه اڍائي انچ( اُهي سرن سان ٻڌل آهن. کوهن تي پاڻي پيئڻ کان ڪنهن کي به روڪ ڪانهي. ٿر جي ڏکڻ طرف ڪچ جو رڻ آهي. ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جو ڏاکڻو ڀاڱو رڻ سان دنگئي آهي، ان ڀاڱي کي ”وَٽ“ چوندا آهن. اتي جي زمين ڪجهه سنئين ۽ پاڻي بلڪل تانگهو آهي. اتي زمين کي ٿورو کوٽبو ته پاڻي نڪري ايندو. اتي کوهن جي اونهائي گهڻي ڪانهي. اتي ڪُتاني ۽ گوڏانگڙي ڳوٺن جا نالا به انهيءَ ڪري پيا آهن. ڪُتانِي نالو ان ڪري رکيو اٿن، جو اُتي کوهه مان ڪُتو به نئري سولائيءَ سان پاڻي لَڪي سگهي ٿو ۽ گوڏانگڙي نالو هن ڪري پيو آهي جو وهٽ گوڏا کوڙي کوهه ۾ ٻُوٿ وجهي پاڻي پِي سگهي ٿو. ڏيپلي ۾ ٽن پُرهن تي پاڻي آهي. سراسري قد جو ماڻهو پنهنجون ٻيئي ٻانهون کولي ڪلهن جي سنوت ۾ ڪري بيهي ته هڪ هٿ جي ڇيڙي کان ٻئي هٿ جي ڇيڙي تائين جيڪا ماپ ٿيندي، ننهن کي ”پُڙهه“ چئجي، جا تقريباً مرد جي قد جيڏي هوندي. چون ٿا ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو قد سندس پُرهه جيڏو هوندو آهي. عام طرح پرهه ۾ پنج فوٽ ليکبا آهن، کوهه جي ماپ پُرهن ۾ ليکبي آهي. اهو ڏاکڻو هيٺاهون ڀاڱو ڇڏي جيئن مٿي اتر ڏي وڃبو تيئن کوهن جي اونهائي وڌندي ويندي. ڪٿي پنج پُرهه، ڪٿي ست پرهه، ڪٿي ڏهه پرهه وغيره. ان کان اڳڀرو ڪٿي ويهه – پنجويهه پره، يا اڃا به وڌيڪ. مطلب ته جيئن مٿي تيئن ڀٽون وڏيون ۽ پاڻي اونهو. سامروٽي ڀاڱي ۾ پنجن پُرهن اندر پاڻي آهي. پارڪر ۾ ڏهن – پندرهن پرهن اندر، ڪنٺي ۾ پندرهن کان پنجٽيهن پرهن اندر، ڍاٽ ۾ چاليهن پرهن اندر، ننگر پارڪر ۽ ويراواهه ۾ کوهه چوڏهن پرهه، کينئسر پندرهن پرهه، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي ۾ کوهه ويهه پرهه، ڀوريلو ٽيهه پرهه، ڪانٽيو ويهه پرهه، چيلهار پنجٽيهه پرهه. چيلهار جي ڀرسان ڳوٺ کوڙٻي، ڇاڇري کان اٺ ميل اولهه طرف ڳوٺ هنجتل ڳڍڙي ۾ کهه سٺ پرهه اونها آهن. کوهه ٿوهر ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سٽيون. کوهر= ننڍيون کوهيون، ٿوهر= ٻوٽي جو قسم، ساٺيڪا= سٺ پرهه، سٽيون= ورتيون (ورٿ). ٿر ۾ ننڍيون کوهيون (ويريون) ۽ سٺ پرهه اونها کوهه آهن، جن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ورت ڪم آڻين. مُهراڻي ۾ پاڻي تانگهو آهي، يعني ٽن کان ڏهن پرهن اندر. ونگي ۾ ڏهه – ٻارهن پرهن اندر پاڻي نڪري ٿو. ويريون ڇاڇري کان اڀرندي گڍڙي تائين سٺي کائڙ واري ڀاڱي ۾ کوهه ڪونه آهن. اتي ويريون آهن، جن کي پار به چئبو آهي. اهي ويريون پنجن کان پندرهن پراهن تائين اونهيون آهن، جن مان ڪي ڪڍيون آهن ۽ ڪي پٿرن ۽ سرن سان ٻڌل آهن. تري ۾ سخت پٿر (جنهن کي روهه چوندا آهن) برساتي پاڻي سمي ڌرتي اندر وڃي انهيءَ روهه تي ڪٺو ٿيندو آهي، تنهنڪري ويرين جي پاڻيءَ جو مدار برسات تي آهي. جي ڪنهن سال برسات گهڻي پوي ته سو سال ويرين ۾ پاڻي جام ٿئي، پر جي ڪنهن سال برسات گهٽ پوي يا نه پوي ته پاڻي گهٽجيو وڃي ۽ ڪن هنڌن تي اونهاري ۾ ويريون صفا سُڪيو وڃن. ويرين ۾ پاڻي مٺو ٿئي، جهڙو برسات جو پلر پاڻي، ڇو ته اهو برساتي پاڻي آهي جو سِمي وڃي روهه تي گڏ ٿيندو آهي. ڍاٽ واري ڀاڱي ۾ به ڪٿي ڪٿي ويريون آهن، جيئن ته هنجتل، اڳي جو پار، رامجي جي ويري، سورام، ڦليو، پاٻو ويرو، جهانٻڙي سر، چيلهار وغيره. چيلهار ۾ چار – پنج پرهه ويريون آهن. ڪن ماڻهن پڪين سرن سان ويريون ٻڌايون آهن، نه ته سڀ ڪچيون آهن. ٻه ماڻهو صبح جو ڪم شروع ڪن، هڪڙو اندران واري کوٽيندو وڃي، ٻيو مٿان ڇڪي ٻاهر اُڇليندو وڃي، شام جو ويري تيار. چئن – پنجن پرهن تي هيٺان سخت زمين يعني روهه اچي ٿو، ان جي مٿان برساتي پاڻي بيٺل آهي، جو تري ۾ سميو اچيو گڏ ٿئي. عورتون ۽ ڇوڪريون ننڍي چَڙسِي (چڙهي) کنيو وڃيو پاڻهي ڇڪي، پاڻي ڪڍي دلا ڀريو کنيو اچن. ويرين ۾ پاڻي ٿورو هوندو آهي، تنهنڪري ڪي ماڻهو مٿان در چاڙهيو ڪلف ڏيئي ڇڏين ۽ پاڻي ڀرڻ وقت کولين. زمين جي اونهائي ۽ مٿاڇرو ٿر جي کوهن جي اونهائيءَ جي اڀياس مان هن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته ڏکڻ پاسي رڻ جي ڪنڌيءَ سان لاڳيتو ”وٽ“ ۾ پاڻي تمام تانگهو آهي. پوءِ جيئن اتر ڏي وڃجي ٿو تيئن پاڻي اُونهو ٿيندو وڃي، تان جو گڍڙي ۾ سٺ پرهه اونهو آهي. اڃا به اڳتي ڀارت ۾ سُونهيو ڳوٺ آهي. اتي سؤ پُرهه اونهو آهي. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته ٿر جي اتر واري زمين مٿاهين آهي ۽ ڏکڻ واري هيٺاهين. ٿر جو ملڪ جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڳي سمنڊ جي تري ۾ هو. پوءِ سمنڊ آهستي آهستي ڏکڻ ڏي هٽي ويو. سنڌ جو خيال ڪجي ٿو ته سنڌوندي به اُتر کان ڏکڻ ڏي وهي ٿي، انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٿر جي زمين هڪ قسم جي ڏاڪڻ وانگر آهي، جنهن جو مٿيون پاسو اُتر ۽ هيٺيون پاسو ڏکڻ ڏي آهي. اتر ڏي وڃڻ سان ڄڻ ته ڏاڪڻ تي مٿي پيو چڙهجي ۽ ڏکڻ وڃڻ سان ڄڻ ته هيٺ پيو لهجي. کوهه تيار ڪرڻ ٿر جي زمين وارياسي آهي، اها کوٽي جڏهن هيٺ سخت زمين ايندي آهي، اوستائين پهچندا آهن. ٽن چئن پر هن تائين جي سخت زمين اچي ته ڊهڻ جو ڊپ ڪونهي، پر جي اڃا به اونهو کوٽڻو پوي، ته پوءِ ويڪرو کوٽي پاسن کان ڪاٺين جا ٽڪر ڇپٿرا ڪري گول دائري ۾ ڏيندا ويندا، جن کي ”ڏوئيون“ چئبو آهي. ڪاٺيءَ جي ٽڪر جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽنگ ڪندا، ٻيو ڇيڙو سنهو ڪري ان ۾ اٽڪائيندا ويندا. اهڙيءَ طرح قابو ڪري جڏهن سخت زمين (روهه) تي ويندا، تڏهن اتان پڪين سرن سان اوساري شروع ڪندا. هن ڪم لاءِ سرون ”نو تيرهي“ ڪم آڻيندا، جن جو هڪ پاسو ويڪرو ۽ هڪ پاسو سوڙهو آهي، جيئن گول اوساريءَ ۾ سهوليت ٿئي. جيئن جيئن اوساري مٿي ٿيندي ويندي تيئن تيئن پاسن کان ڏنل ڪاٺيون ڪڍي واريءَ سان ڀرتي ڪندا ويندا. سٺي اوساري منهن تائين پوري ڪري پوءِ هيٺئين سخت پٿر (روهه) کي رُڪ جي مضبوط اوزارن، جن کي ”هنسو“ چئبو آهي، سان ٽاڪي کوهه کڻندا ويندا. جتي ٽن – چئن پرهن تي روهه ايندو آهي، اتي پاسن کان ڪاٺين ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. اتان اوساري (بانڌو) اُٿاريندا آهن، ۽ منهن تائين تيار ڪري پوءِ روهه ٽاڪيندا آهن. اڃا به ڪڍي واري گهڻيري هيٺ هوندي ته پوءِ ”اونڌو ٻانڌو“ شروع ڪندا آهن، يعني هيٺئين پاسي ٿوري ٿوري واري ڪڍندا ويندا ۽ هڪ هڪ سر هيٺان ڏيندا ويندا. جڏهن هڪڙي ڦيرڻي پوري ٿيندي، تڏهن ٻي ان جي هيٺان شروع ڪندا ۽ نڪتل واري ”ڪِيڻ“ ۾ وجهي ٻاهر ڪڍندا ويندا. جيستائين پڪي تي پهچن. پڪي روهه اچڻ بعد ٻڌڻ جو ضرور ڪونهي. اهو ٽاڪي تر تائين يا جيستائين هلي اوستائين پهچندا آهن. وچ ۾ جي ڪٿي ڪچي زمين آئي ته وري پڪين سرن سان ٻڌڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح تَر تي پهچڻ بعد اتي ”چرک“ هڻندا آهن. وڏا ڪنڊي جا وڻ وڍي ان جي ٿڙن مان ننڍا ننڍا گولائيءَ تي ٽڪر تيار ڪري گاڏيءَ جي ڦيٿي وانگر تيار ڪندا آهن. ائين ڇهه – ست ڦيٿا هڪٻئي مٿان رکندا آهن، جنهن کي چرک چوندا آهن. اهي ڪاٺيون تر ۾ رکندا آهن، جيئن انهن وچان سم سان پاڻي به پيو اچي ۽ ٻاهريون گند به اندر نه اچي. کوهن جي تڪليف ۽ خرچ، اونهائي ۽ زمين جي نرمي ۽ سختيءَ تي مدار رکن ٿا. اٽڪل چاليهن پرهن تائين ٽي – چار هزار يا ڪجهه گهٽ وڌ خرچ اچيو وڃي. کوهه جي منهن تي ڪاٺين جو چورس چوڪ ٺاهي رکندا آهن، جنهن کي ”ڦرهيڙي“ چون. ڪي اهو چوڪ سيمينٽ جو ٺاهيندا آهن. کوهه جي هڪ پاسي ٿوري ٿوري وٿيءَ تي ٻه ڪاٺيون کوڙي، ٽئين ٿلهي ڪاٺي، جا ٻيڙهانگي (ٻسانگي) هوندي آهي، ان جو هيٺيون ٿلهو پاسو زمين تي رکي، ٻيڙهن جا ڇيهه انهن ڪاٺين سان اٽڪائي قابو ڪندا آهن، اُن کي ”ڪوهڙ“ چون. ڪوهڙ جي پاسن کان ٿورو وريل يعني ڪمان وانگر ڪاٺين جا ٽڪر ڪلن سان قابو ڪندا آهن، جن کي ”مڪڙا“ چون. انهن جي وچ ۾ ساڳي سنوت ۾ ٽنگ ڪندا آهن، جن ۾ ڀوڻ جي وچئين ڪاٺي، جنهن کي ”اوڙاڪَ“ چون، سا وجهي قابو ڪندا آهن، جيئن ڀوڻ گول ڦري سگهي. پاڻي ڪڍڻ مهل ورت پوڻ تان هيٺ لاهيندا آهن. ڪوس ڀري ورت ڇڪي سامهون هلبو آهي، جيستائين ڪوس نڪري ۽ وڃي دنگ ٿئي. انهيءَ سڄي رستي کي ”سارڻ“ چوندا آهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ ٿر ۾ کوهه تمام اونها آهن. ڪنهن کوهه جي منهن تي بيهي هيٺ نهاربو ته ڪمزور دل ماڻهو کي مغز ۾ چڪر پيو ايندو ۽ ٿري ۾ پاڻي ٽِڪَ (آرسي) وانگر چلڪندڙ ڏسڻ ۾ ايندو. مگر جتي سٺ پرهه اونها کوهه آهن، انهن جو پاڻي ڏسڻ ۾ به ڪونه اچي. هٿ ۾ آرسي کڻي سج جي سامهون ڏنگي جهلي پاڇولو (مِرِئيو) اندر کوهه ۾ موڪلبو آهي ته ان جي سوجهري تي پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان مهل کوهه جي اونهائيءَ ڏسي حيرت وٺيو وڃي. اهڙن اوڙاهن مان پاڻي ڪڍڻ ڪهڙو نه مشڪل هوندو؟ اها انهن کي خبر، جن جو واسطو رهي ٿو. لوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوس، ورت ۽ ڀوڻ ڪم ايندا آهن. ڪوس ڳئونءَ جي رکيل چمڙي مان ٺاهيندا آهن جنهن جو قطر ڇهه ٻاڙيون (ويهَتُون) هوندو آهي. گهٽ وڌ ماپ جا به هوندا آهن، پر سراسري اهو مٿينءَ ماپ وارو ڪوس ڪم ايندو آهي. اُن جي ڪناري تي سورهن کن چم جون ٽڪنڊي شڪل جون چَتيون هڪجيتري مفاصلي تي لڳائيندا آهن، جن کي ”اک“ چوندا آهن. انهن جي وچ ۾ ننڍا ٽنگ ڪندا آهن. پوءِ ڪاٺ جي چئن وريل ڦاڪن واري ڪاٺي، جنهن کي ”ڪُڙائي“ چئبو آهي، ان جي چئني ڦاڪن جي ڇيڙن ۾ ٽنگ ڪري، مضبوط رَسي وجهند ا آهن. ان ۾ ڪوس سنهي ڏور سان، جنهن کي ”ڪسڻ“ چون، اکن جي ٽُنگن مان لنگهائي قابو ڪندا آهن. مينهن، اُٺ يا ڍڳيءَ جي بنا رڱيل چمڙي مان پٽا چيري، وٽي، ورت تيار ڪندا آهن. مينهن جي چمڙي جي ورت وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي. بعضي اَڪ جي اَڪَواري مان به ورت ٺاهيندا آهن. ڪُڙائيءَ جي مٿان مضبوط رسيءَ جو ٽڪر قابو ڪيل هوندو آهي، جو ورت سان ٻَڌي قابو ڪبو آهي، پوءِ ورت جي وسيلي ڪوس کوهه ۾ لاهيندا آهن. ٻري نه ٻڪر دانهن ڀوڻ ڀڻڪو نه سڻيا. ڀوڻ آهي ڪاٺ جو چڪرو يا ڪچي. ٿر ۾ هر هڪ کوهه تي ڪوهڙ ۾ ڀوڻ چڙهيل هوندو آهي. ڀوڻ جي وچ ۾ ڪاٺي هوندي آهي، جنهن کي اوڙاڪ چوندا آهن، جو ٻنهي پاسي ڪوهڙ جي مڪڙن ۾ قابو هوندو آهي. ورت ڀوڻ تي چاڙهي ڍر ڏيندا ويندا ته ڀوڻ ڦرندو ويندو ۽ ورت پاڻيهي هيٺ کوهه ۾ لهندي ويندي. جڏهن ڪوس، کوهه جي تري ۾ پهچندو آهي، تڏهن ٺڪاءُ ڪندو آهي ۽ پاڻيءَ تي پُڄڻ ڪري ورت مان به گوسِي معلوم ڪري وٺندو آهي. پوءِ وت کي ٻه-ٽي جا ڪُون (مٿي ڇڪي هيٺ لاهڻ ڏيئي معلوم ڪندو آهي ته ڪوس ڀريو يا نه؟ ڪوس جڏهن کيس ڳوروُ لڳندو تڏهن سمجهندو ته هاڻي ڀريو آهي. اُن وقت کِلئي کي سڏ ڪندو آهي، جو اڳ ۾ ئي ٻه اُٺ، پاڏا، يا ٻه ڍڳا، يا ٻه – چارَ گڏهه پاڃاريءَ ۾ جوٽيو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي، جن کي ”ڪوسايا“ چئبو آهي. پاڃاريءَ جي وچ ۾ مٿينءَ ڪاٺيءَ ۾ (ڪنڌ وٽ) مضبوط ورت يا رسيءَ جو ٽڪر (آرنگو) ٻڌل هوندو آهي. ان ۾ ورَت جو ڇيهه (ڇيڙو)، جو ٻيڻو ڪيل هوندو آهي، سو لنگهائي منجهس کِيلي اٽڪائيندو آهي، جنهن ڪري ورت پاڃاريءَ ۾ قابو ٿي پوندي آهي. پوءِ وهٽن کي سِڌائيءَ تي هڪليندو آهي، جنهن کي سارڻ چون. جڏهن وهٽ مقرر حد يعني سارڻ جي دنگ تي پهچندا آهن، تڏهن ڪوس کوهه جي منهن تي پهچندو آهي. اُن وقت گوسي ڪوس ۾ هٿ وجهي قابو جهلي، پاڻ ڏي کوهه جي ڪناري تي رکيل چوگٺ ڏي ڇڪيندو. جنهن کي ”ڦرهيڙي“ چون، ۽ ساڳئي وقت ”هرڪارو“ (”هو، هو، هو، پڇا، پڇا، ميلهه جيئن ميلهه“) جو آواز ڪندو آهي، جو ٻڌي کيليو وهٽن کي بيهاري کيلي ڇڪي ڪڍندو آهي ته ورت جو پوڇڙ (ڇيهه) هيٺ ڪِري پوندو ۽ ڍر اچڻ ڪري ڪوس قابو جهليل ڦرهيڙيءَ تي هوندو. پوءِ جي دلا ڀرڻا هوندا ته هڪ هڪ ڪري ڀريندو نه ته ڪوس جو پاڻي ڪورئي ۾ هاريندو، جتان نِڪ جي رستي وهي وڃي آواڙي ۾ پوندو. گوشي ڪوس خالي ڪري وري تڙ ۾ واريندو، ڪجهه ورت هٿ جي اُڄل سان تڙ ۾ واريندو، پوءِ ڪوس جي بار ڪري پاڻيهي پيئي کوهه ۾ ويندي. جيئن ڪُوس هيٺ پيو ويندو، تيئن وزن ڪري ورت تڪڙي گسڪندي، انڪري گوسي ورت تي پيرن جو داٻ ڏيئي بيهندو آهي، جيئن پوري رفتار سان هيٺ لهي. جڏهن ڏسندو ته هاڻي ٿوري بچي آهي، تڏهن هٿ سان جهلي ڪوس کي تري ۾ لاهيندو آهي. پوءِ جاڪؤن ڏيئي ڪوس ڀري تيار ڪندو ته ايتري ۾ کيليو به وهٽ ڪاهي پهچي ويندو. اهڙيءَ طرح ضرورت آهر پاڻي ڪڍندا آهن. جڏهن پيٽاڻي پاڻي ڀرجي ويندو ۽ آواڙو (اوهاءَ) به ڀريو، تڏهن وارو ڇوڙي ڇڏيندا. سَنجي سَنجي کُوهڙا، ويڙهي ويا وَرت. پاڻيءَ جي پُڦورت ڪرڻ بعد وارو ڇوڙي ورت گول ويڙهي ڪي گهر کڻي ويندا آهن ۽ ڪي ڪوهڙ تي يا ڀرسان ڪنهن ويجهي وڻ تي رکي يا ٽنگي ڇڏيندا آهن. پيا سيٽ سَڙن، تُرهي ٻنهي ڪَنڌئين. ورت کي سيٽ به چئبو آهي، جنهن مان لفظ سيٽڙي (سيترڙي) ٺهيو آهي. کوهن جو پاڻي کُٽڻ جو نه آهي. ڪن ۾ تريص مان پاڻي مٿي به چڙهي، تڏهن چوندا آهن ته کوهه ۾ پاڻيءَ جي اوٻيڙ آهي، جنهن ۾ ڪوس يا ورت ڪِري پوي ته ڪڍي به نه سگهجي. ڪن کوهن مان گهڻي پاڻي ڪڍڻ بعد ڪڏهن کَٽي به پوندو آهي (اهڙا کوهه بلڪل ٿورا هوندا)، تڏهن چئبو آهي ته کوهه اورينچِجِي (خالي ٿي) ويو. اهڙِءَ حالت ۾ ٽي – چار ڪلاڪ ڇڏي ڏبو ته وري پاڻي ٿي پوندو، ان کي ”آکارِي اچڻ“ چئبو آهي. پوءِ وري پاڻي ڪڍڻ شروع ڪبو آهي. کوهن تان پاڻي ڀرڻ ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي کوهن تان ڀربو آهي. کوهه سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ آهن. ڪٿي ڳوٺ جي ڀرسان ته ڪٿي ٿورو پرڀرو ٿيندا آهن. ٻهراڙين ۾ مالندار ماڻهو سڀڪو پنهنجو تيڻ (وارو وارڻ) ڪندو آهي، يعني وارو واريندو آهي ۽ مال لاءِ پاڻي ڪڍندو آهي. سندن گهرن جون عورتون به ان وقت پاڻي ڀرينديون آهن. جن ماڻهن وٽ پنهنجو مال نه هوندو آهي يا ٿورو هوندو آهي، سي ٻئي ڪنهن مال واري ماڻهوءَ سان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سَٺو ڪندا آهن. يا ڪي خاص پاڻي ڀرڻ لاءِ پنهنجو سَنتو ڪندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته کوهه ميل – ٻه ميل پري به هوندا آهن، جن جي وچ ۾ ننڍا ذرا به هوندا آهن، جتان عورتون ويچاريون مشڪلات سان پاڻي ڀري اينديون آهن. پنج – ست يا وڌيڪ عورتون گڏجي وينديون آهن. وچ ۾ دلا لاهي ساهي پٽي (ڦوُڪارو کائي) وري کڻي اينديون آهن. ان وقت ٿري زالن جي مشقت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪي ڪي ماڻهو، جن وٽ پنهنجا گڏهه هوندا آهن، سي گڏهه تي جَنترو (جنڊو) وجهي، ان ۾ ٻه دلا ڀري ٻنهي پاسن کان رکي، رَسيءَ سان قابو ڪري، ڪي ته ٽيون ننڍو دلو ڀري جنڊي جي وچ تي رکي کڻي ايندا آهن. سَنجن ساٺيڪن تي وڏي وير وهُون، پايو جَر جَنڊن ۾ ڪوڏا ڪَن ڪَهُونَ. (شاهه) کوهه پري هوندو آهي، يا وسڪاري جو نين تان پاڻي ڀرڻ لاءِ شوق مان ڪيتري پنڌ تان ڪاهي کوهن تي ايندا آهن ۽ جنڊا ڀري روانا ٿيندا آهن. ڪي وري پاڻيءَ جو ساندارو ڀري گڏهه جي پُٺيءَ تي رکي پاسي کان جهلي ڪاهي کڻي ايندا آهن، جنهن ۾ ٽي چار دلا پاڻي پوندو آهي. ڪي ساندارو گهوڙن تي به کڻي ايندا آهن، يا ٻه ساندارا ڀري اُٺ تي، هڪڙي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي رکي وچ ۾ ڪپڙي جي گوٽِي يا رَسي سان مضبوط ٻڌي کڻي ايندا آهن، انهيءَ کي ”لَڏَ“ چوندا آهن. ٻهراڙين ۾ پخال جو رواج ڪونهي. فقط شادي غميءَ وقت ڪٿان هٿ ڪري پورائو ڪندا آهن، ڇو ته سڀني وٽ پنهنجون پخالون ڪٿان آيون؟ دلا به مٽي جا ڪم آڻين، جي عورتون مٿي تي کنيو اچن. شهرن ۾ ماڻهو پيهائيءَ تي پاڻي پيئن. کوهه گهڻو ڪري مالهي واهيندا آهن، ڇو ته انهن جو اهو ڌنڌو آهي. ڪٿي ڪٿي ٺڪر، مسلمان، برهمڻ ۽ مهيشوري به واهنيدا آهن. چاليهه پنجاهه يا سٺ کان وڌيڪ گهر اتان پنهنجو مال ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون، رڍون، اُٺ، گهوڙا، گڏهه وغيره، جيڪو به هوندو سو پياريندا آهن ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي به ڀريندا آهن. ان لاءِ مقرر ڪيل اگهه موجب پيهائي ڏيندا آهن. سياري جو پاڻي ڪڍڻ ۾ تڪليف گهٽ اهي، ڇو ته موسم ٿڌي آهي ۽ وسڪاري چنل وَهٽ متارا هوندا اهن، تنهنڪري پيهائيءَ جا نرخ گهٽ هوندا آهن. سراسري في دلِو اٺ – ڏهه يا ٻارنهن آنا، رڍ ٻڪري چار – ڇهه آنا. اونهاري ۾ گرميءَ جي موسم هئڻ ڪري تڪيلف گهڻي ٿيندي آهي ۽ وهٽن لاءِ چارو وغيره مهانگو ملندو آهي، تنهنڪري پيهائيءَ جا اگهه سوايوڻا بلڪ ڏيڍوڻا ٿي ويندا آهن. شام جو پنجين بجي کوهه واهڻ شروع ڪندا اهن. رات جو ڏهين – يارهين بجي تائين پيو وارو هلندو آهي. انهيءَ وقت ۾ ايڪر ٻيڪڙ عورتون به پيون پاڻي ڀرينديون اهن، نه ته خاص ڪري اهو پاڻي مال لاءِ ڪڍي اوهاءَ (اواڙو) ڀريندا آهن. وري صبح جو چئين بجي وارو واهڻ شروع ڪندا آهن، ان مهڪ ڳوٺ جون عورتون پاڻي ڀرڻ شروع ڪنديون آهن. دلا ڪوس جي مُنهن مان ڀرينديون آهن. بعضي شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي پڪين سِرن جون هونديون ٺهيل هونديون آهن، جي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن. ٻئي پاسي نل لڳل هوندو آهي، جتان عورتون دلا ڀرينديون وينديون آهن. آڌي اُٿڻ تي، جيڏانهن پاڻي پاتارن ۾، وارو ويسرين کي ڏينهان ڪونه ڏئي، مون ڪميڻيءَ کي، مٿان کوهه کڻي ويا. پاڻيءَ لاءِ سوير اُٿن، ڇو جو ڏينهن جو هرهڪ تڙ تي ايتري ڀيڙ ٿيندي آهي، جو جيڪي ويسريون ٿي سمهي پون ۽ دير سان اچن تن کي پاڻيءَ جو وارو دير سان ملندو آهي. ازان سواءِ اُس به ٿيندي آهي، تنهنڪري اَسُر جو ازخود ننڊ مان سجاڳ ٿينديون آهن، ڪي گوسيءَ جو ”هرڪارو“ ٻڌي فوراً پهچي وينديون آهن. مالهي به ان مهل سڏ ڪندو آهي، يا ڀر ۾ گهرن واريون عورتون سڏ ڪري هڪٻئي کي اُٿارينديون آهن. پوءِ ٻه – ٻه، چار – چار يا وڌيڪ پاڻ ٻه گڏجي ٽوليون ڪري دلا کڻي پيون اينديون وينديون آهن، ۽ نمبروار جيئن کوهه تي پهچنديون آهن، تيئن نمبر وار دلا ڀرينديون آهن، جنهن کي کُڏو يعني وارو چون. کڏي کان سواءِ اڳ ۾ ڪا عورت دلا نه ڀريندي آهي، پر جي وچ ۾ پنهنجي واري کان اڳ ڪا دلا ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته هن کي ڀرڻ نه ڏينديون آهن، ڇو ته ائين ڪرڻ ڪري هڪٻئي ۾ ريس ٿيندي آهي ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڏهين – يارهين بجي تائين پيون ڀرينديون آهن. ڪي عورتون مٿي تي هڪٻئي مٿان ٻه دلا رکي هلنديون آهن، جنهن کي ”ٻيلهڙو“ چون. ڪي ٻه دلا مٿي تي ۽ هڪ ننڍو دلو يا مٽيءَ جي ڊگهي ڳچيءَ سان گگر، يا پتل جو موريو ڪڇ ۾ به کڻنديون آهن. مٿي تي اڳڙين جي ٺهيل ڪوڏين ۽ ٽِڪن لڳل آر تي تيار ڪيل گول نموني جي سينڍوڻي (سينهون)، جنهن جي پٺيان ڌاڳن جو ڇڳو ٺاهي، ان جي پيرن ۾ ريشمي ٽؤنر لڳائينديون آهن، سا رکي ان سان دلا رکنديون آهن، جيئن تڪليف نه ٿئي ۽ دلو به ٽِڪيو پيو هجي. شاهوڪار پيتلي گهاگهر (گگر) ۽ موريا، جنهن کي ”هيل“ چون، ۽ غريب ٺِڪر جا گهڙا (دلا) پاڻي پيئڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. ڪي عورتون دلي کي هٿ ڏيئي هلنديون آهن، ۽ ڪي بنا هٿ جي سهاري هلنديون آهن. شاهوڪار گهرن جون عورتون به پاڻي مٿي تي ڀري اينديون آهن. البت ڪن شاهوڪارن ۽ ڪامورن جون زالون پاڻي ڪونه ڀرين. اهي پخال گهرائيندا آهن، پر تمام ٿورا. پخال ۾ سراسري اٺ دلا يا وڌيڪ پاڻي ايندو آهي. ڪي گهر ساليانو پخال ٻولي ڇڏيندا آهن ته ڪفايت پوندي آهي. جي پِڇ (کاپو) گهڻو هوندو ته روزانو پخال وٺن. نه ته تَسي تي يعني هڪ نه ٻئي ڏينهن وٺن، ان لاءِ اگهه جدا جد اهوندو آهي. ڪي ريزڪي وٺن، يعني گهرج وقت، جنهن جي قيمت اٺ ڏهه آنا هوندي آهي. ڪي سرنديءَ وارا گهرن ۾ هوديون به ٺهرائيندا آهن، جن ۾ پاڻي وجهيو ڇڏين. ڪي گهر اهڙا هوندا آهن جن ۾ زالون ڪونه هونديون آهن ۽ پخال وٺڻ جيتري به پُڄت نه هوندي آهي ته لاچار مرد پاڻ دلا ڀرڻ کڻي ايندا آهن. مرد ماڻهو دلو مٿي تي ڪونه کڻن، پر ڪُلهي تي رکي کڻي ايندا آهن. ڪي جوان ته ٻه دلا ڀري ٻنهي ڪلهن تي رکي گڏ کڻي ايندا آهن. ڀوڻ هي ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. ڪاٺ جو ٽُڪر جنڊيءَ تي چاڙهي گول ڪندا آهن. ان جي مٿان گولائي وڌائڻ لاءِ ٽي ڪاٺ جا ٽڪر هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح ڦهڪائي ڳنڍيندا آهن جيئن گولائيءَ ۾ پورا ٿي اچن ۽ هڪ چڪرو ٺهي پوندو آهي. چڪري تي ٻنهي پاسن کان ڪجهه کانچا ڪڍندا آهن، جتان ورت هلندي آهي ۽ وچ ۾ ننڍي کانچي ۾ لوهه جي مضبوط شيخ سان يا چم جي سڙهي سان اٽڪائي قابو ڪندا آهن. ڀوڻ جي وچ ۾ ٽنگ هوندو آهي، جنهن کي ”ساڻ“ چوندا آهن. انهيءَ ٽنگ کي گسجڻ کان بچائڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان لوهه جا گول ويڪرا ڇلا وجهندا آهن، جن کي ”آڻ“ چون. پوءِ انهيءَ ٽنگ جي وچ ۾ ڪاٺي وجهندا آهن، جنهن تي ڀوڻ ڦرندو آهي، ان کي ”اوڙاڪ“ چون. اهو اوڙاڪ کوهه جي منهن تي لڳل ڪاٺ جي ڪوهڙ جي مڪڙن ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ ٻنهي پاسي اٽڪائي ڇڏيندا آهن. ”آڻن“ کي وقت بوقت ڪڙو تيل پيا لائيندا آهن، جيئن اُن تي ڪٽ نه چڙهي ۽ ڀوڻ کي ڦرڻ ۾ اٽڪاءُ نه ٿئي. ان کي ”وانگ“ چون، جيئن مشينن جي پرزن کي تيل ڏبو آهي. اَواڙو اَواڙي کي ٿري ”اوهاءَ“ چون، جنهن جو اصل اچار آهي ”آهاو“، جو سنسڪرت جو لفظ آهي. مال جهنگ مان چري مقرر وقت تي پاڻي پيئڻ لاءِ تڙ تي ايندو آهي، جنهنڪري مالدنار اڳواٽ پاڻي ڪڍي ڪَٺو ڪري اوهاءِ ڀري ڇڏيندا آهن. کوهه جي ڀرسان ٽِڪنڊي شڪل جو ٺاهيندا آهن، ان جي ٻاهرين ڀِت ڏيڍ، ٻه فوٽ کن اوڍي تيار ڪندا آهن ۽ تَري ۾ مِٽي وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن زمين پاڻي چُهي نه وڃي. ڪپورئي مان هڪ نالي اواڙي سان ڳنڍيل هوندو آهي، جنهن کي ”نِڪَ“ چوندا آهن. ڪپورئي مان پاڻي نِڪَ جي وسيلي وهي اَواڙي ۾ پيو ايندو آهي، تان جو نيٺ ڀرجيو وڃي. انهيءَ تان پهاڪو ٺهيو آهي ته ”جيڪي ڪَپُورئي ۾ هوندو سو اوهاءَ ۾ پوندو.“ پاڻيءَ جي بچاءُ جي لاءِ اوهاءَ جي چوڌاري مضبوط ڍنگهرن جو لوڙهو ڏيئي ڇڏبو آهي. وچ ۾ هڪ هنڌ دروازو رکبو آهي، جنهن کي ڪاٺ جي ڇڊن گهاٽن وارو در چاڙهي رکبو آهي. مال پيارڻ بعد دروازو قابو ڪري ڪلف ڏيئي ڇڏبو آهي، جيئن ڌاريو مال پاڻي پِي نه وڃي، يا ڪو ڌاريو ماڻهو پنهنجو مال پياري نه وڃي. کوهه واري پاسي نِڪَ جي مٿان به – ٽي ٿلهيون ڪاٺيون رکي ڇڏيندا آهن، جن کي ”سينگاري“ چون. اوپروُ مال جي اواڙي ۾ اچي پوي يا مال پاڻي پيئڻ لاءِ ڳاهٽ ٿي اَڙاٻڙاٽ ڪري، ته يڪدم گوسِي سينگاري ٽپي اندر وڃي سگهي. شام جو پنجين بجي ڌاري جڏهن مال نه هوندو آهي، تڏهن اوهاءِ جي اندران گپ ڪڍي چوڌاري اندرئين پاسي کان راڳي ڇڏبو آهي، جيئن مرمت ٿيندي رهي، ان کي ”هٿ هڻڻ“ چئبو آهي. ان وقت پاڻي به لُڙاٽجي ويندو آهي، تنهنڪري يڪدم مال کي ڪونه پيارين. ڪلاڪ اڌ بعد گپ وڃي تَرُ وٺندي آهي ۽ پاڻيءَ اَڇِرجِي صاف ٿي پوندو آهي، پوءِ مال کي پياريندا آهن. سيتَرِڙِي ڪي گهر غريب هوندا آهن، جي پيهائيءَ تي پئسو ڀري نه سگهندا آهن، يا وسڪاري جو گهڻي ڪم هئڻ سببان واندڪائي گهٽ هوندي اٿن پر تنهن هوندي به گهر ۾ پاڻي جي تڪليف سبب کوهه واريندا آهن، ۽ پاڻي ڀري يڪدم وارو ڇوڙي ڇڏيندا آهن، انهيءَ کي ”سيترڙي“ چوندا آهن. ڪنهن مهل ڍڳا، پاڏا، گڏهه وغيره هوندا آهن ته پاڃاريءَ ۾ جوٽي، انهن سان ڇڪي پاڻي ڪڍندا آهن. يا جي هڪ اُٺ هوندو ته ورت ان جي ڳچيءَ ۾ وجهي وارو ڇِڪي پاڻي ڪڍي وٺندا آهن. پر جي وهت نه هوندو آهي ته پوءِ مڙس، زالون ۽ ٻار ورت کي چنڀڙي پوندا ۽ ڇڪي وارو ڪڍي وٺندا. اهو نظارو ڏسڻ جهڙو هوندو آهي. ڇڪڻ وقت ٻيٺا ٿيو وڃن. بعضي ته گوڏا به وڃيو زمين سان لڳن. نئون ماڻهو اهو لقاءُ ڏسي کل کي روڪي ڪونه سگهندو. جي ڪنهن ماڻهو سيتڙي ڪئي ته اوسي پاسي گهرن مان به عورتون دلا کڻيو اينديون، پوءِ ڇڪڻ ۾ اهي به وارو وٺائينديون آهن. پر تڏهن به وقت لڳندو آهي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو رات جي وقت سيتڙي ڪندا اهن، جيئن اجائي بيگر کان بچي پون. پاڻيءَ جا قسم ۽ خاصيتون سڄي ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي کوهن مان ڪڍن. چوماسي ۾ تراين ۾ برسات جو پاڻي ٿيندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن برسات سٺي پوي، نه ته سڄو سال کوهن جو پاڻي ڪم اچي. سڄي ٿر جي زمين هڪجهڙي ڪانهي. کوهن کوٽڻ سان زمين جي سختيءَ، پوچاڻ، اونهائي ۽ تهن ۾ ڪافي تفاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ معدنيات جي ملاوت ڪري زمين جي چرڪاڻ، ڪڙائي، مٺائي، کاراڻ، ڀلائي ۽ ڍلائي موجب پاڻيءَ جي ذائقي ۽ خاصيتن تي به اثر ٿئي ٿو. ورسي کارا کوهه، سنجيم جي ساڻيهه جا. - (شاهه) کوهه ڪٿي تانگها ته ڪٿي اونها، پاڻي به ڪٿي مٺو، مٿي چرڪو، ڪٿي ٻاڙو، ڪٿي کارو، ڪٿي ڪسارو، ڪٿي پِرڪو ۽ ڪٿي اُگرو. انهيءَ ڪري جدا جدا هنڌن ۽ ڳوٺن جي کوهن ۾ اونهائي ۽ ٻين سببن جي ڪري پاڻيءَ جي خاصيتن ۾ به تفاوت آهي، بلڪ هڪ ڳوٺ ۾ به ڪن کوهن جو پاڻي مٺو ته ڪن جو کارو، جنهن جو ماڻهن ۽ ٻين ساهوارن تي جدا جدا اثر ٿئي ٿو. سياري جو ٿڌي هئڻ ڪري گهٽ ۽ اونهاري جو گرم هئڻ ڪري وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪو پاڻي وڻندڙ ۽ هاضميدار، جو پيئڻ سان ٿڪ لهيو وڃي ۽ اندر کي آرام ۽ روح کي راحت اچيو وڃي، ۽ ڪٿي وري اهڙو پرڪو، جو پيئڻ سان دل ڪچني ٿئي، آنڊا اُٿليو اچن ۽ اُلٽي اچيو وڃي. ڪٿي ته اهڙو کارو پاڻي آهي جو ڪجهه اُڃ لڳل هجي ۽ يڪساهي گلاس کن پيئجي ته دست ٿيو پون، ان لاءِ چوندا آهن ته ”فلاڻي کوهه جو پاڻي اهڙو آهي جو کڻي پيءُ ته سامهون هليو وڃي!“ ڪن کوهن جو پاڻي اونهاري جو اُس جي وقت پکي پيئندا آهن ته مريو وڃن. اُن کي ”هُڙيا مار“ پاڻي چئبو آهي. (هُڙيو هڪ پلي جو قسم آهي.) ڪن کوهن جو پاڻي اڃايل ڍور يڪساهي گهڻو پيئي ته مريو وڃي. ڪن کوهن جو پاڻي اهڙو پرڪو گهوندو آهي، جو سواد نه هجڻ ڪري پيئڻ تي دل نه ٿيندي آهي. اهڙا هنڌ، جتي کوهن جو پاڻي چڱو نه آهي ۽ ڀرپاسي ويجهڙائيءَ ۾ چڱيرو پاڻي هوندو . آهي ته ماڻهو پيئڻ جو پاڻي اتان وٺي ايندا آهن. ٿر ۾ ڪامورا جڏهن گشت تي ايندا آهن، پوءِ منزل ڪٿي به هجين، ته انهن لاءِ مٺو پاڻي آڻيندا آهن، اهڙو بندوبست اڳواٽ ڪبو آهي. ڪن هنڌن ساڳئي کوهه ۾ ٻن نمونن جو پاڻي ٿئي ٿو. انهن ۾ هيٺان پاتال مان کارو پاڻي اچي ۽ مٿان وائي مان برساتي پاڻي سِمِي پيو ايندو آهي، جو مٺو هوندو آهي. ڪن کوهن ۾ اندر هڪ پاسي کان مٺو پاڻي اچي ۽ ٻئي پاسي کان کارو پاڻي اچي. کارو پاڻي ڳري هئڻ سبب تَرَ وٺي بيهي ۽ مٺو پاڻي هلڪي هئڻ سبب مٿان بيهي تنهن ڪري مٿان اٺ ڏهه ڪوس پاڻي ڪڍبو ته مٺو نڪرندو جو پيئڻ جي ڪم آڻين ۽ پوءِ وري کارو نڪرندو آهي جو مال جي پيئڻ ۽ هار وير لاءِ ڪم آڻين. ڪٿي ڪٿي ماڻهو ڇا ڪندا آهن، جو کاري پاڻيءَ جي کوهن کي چوماسي وقت برساتي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن، جو پوءِ ضرورت وقت ڪم آڻيندا آهن. مڙيئي ذائقي ۾ مِٺاس جو سياري ۾ تفاوت هوندو آهي. ٿر ۾ رڻ جي دنگَ واري هنڌ جي ويجهو، جنهن کي ”وٽ“ چئجي، ۽ ان جي ڀر واري ڀاڱي ”سامِروٽي“ ۽ لاڳيتي ”ونگي“ واري ڀاڱي ۾، جتي پاڻي ٿر جي ٻين ڀاڱن جي بنسبت تانگهو آهي، سو پيئڻ لاءِ چکو، پر ماڻهوءَ کي بدن ۾ رشٽ پشٽ ۽ ٿُلهو نٿو ڪري. ماڻهو سنها ۽ قد جا ڊگها يٿندا آهن. خاص ڪري سامروٽيءَ جون عورتون سهڻيون ٿينديون آهن. ڏيپلي جو پاڻي دماغي طاقت وڌائيندڙ آهي، جنهنڪري ماڻهو هوشيار، سمجهوُ، چالاڪ ۽ تکا واپاري آهن. ٿر ۾ ڏيپلو واحد شهر آهي، جنهن هوشيار ڊاڪٽر، قابل وڪيل، مشهور اديب ۽ ايڊيٽر، ڄاڻوُ ماستر، روينيو جا ماڻهو ۽ ٻيا ڪامورا پيدا ڪيا آهن. پارڪر ۾ به پاڻي ڪو گهڻو اونهو ڪونهي، پر تندرستيءَ لاءِ سٺو نه آهي ۽ نڪو ذائقي ۾ لذيذ آهي. ماڻهوءَ کي جيتوڻيڪ بيمار ڪونه ڪندو، پر تندرستي سٺي نه رهندي. ٻاهريان ماڻهو اڪثر بيمار گذاريندا آهن. ماڻهن جو رنگ ڪارو ۽ ڏيک ويک ۾ البت ڪوجها ۽ ٻالا ڀولا، پر پنهنجي پهري پڪا ۽ دل جا اونها يعني دل جو راز يڪدم ٻئي سان نه ڪندا. ڪنٺي واري ڀاڱي ۾ پاڻي پنجٽيهن پُهن اندر آهي، جو پيئاڪ چڱيرو، هاضميدار ۽ صحت بخش آهي. ماڻهو رشٽ پشٽ، بدن ڀريل ۽ طاقت وارا دماغي لحاظ کان سمجهو، بدني ٻل وارا، کيتيءَ جي ڪم ۽ مال جي سنڀال لاءِ مرد ۽ عورتون مضبوط، چالاڪ ۽ ڦڙت، خاص عورتون سڊول، سَڌَر ۽ طاقتور. اتي جو چوپايو مال به سَڌر ۽ صحتمند، ڍڳا طاقت وارا ۽ واڌ ڪندڙ مرد صحتمند، سڌر، مضبوط بدن وارا ۽ سمجهو آهن. ڍاٽ ۾ پاڻي چاليهن پُرهن تائين اونهو آهي. ٿر جا وڏا ڳوٺ هن ئي ڀاڱي ۾ آهن. چيلهار جو پاڻي هاضميدار، وڻندڙ، ڪنهن به حالت ۾ نقصان نه ڪندڙ ۽ تندرستيءَ لاءِ سٺو، ڪانٽئي ۽ مِٺيءَ جو پاڻي ڪن کوهن ۾ چڱو ڪن ۽ البت اڻوڻندڙ، ته به تندرستي ۽ مال لاءِ سُٺو، ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ جو پاڻي به چڱيرو آهي. انهيءَ ڀاڱي ۾ سراسر پاڻي چڱو، جو تندرستيءَ لاءِ سٺو آهي. ماڻهو سمجهو، سياڻا، چالاڪ، هوشيار، بدن ڀريڪ، دماغي طاقت وارا، مال به رشٽ پشٽ، سَڌر ۽ طاقت وارو، عورتون سهڻيون، طاقت ور ۽ ڪم جون چالاڪ آهن. عمرڪوٽ جو پاڻي روڳي، تندرستيءَ لاءِ موزون نه آهي. ماڻهو بدن ۾ نٻل ۽ نستو رهندو، مُهراڻي ۾ پاڻي تنگهو، مِٺو، ذائقي وارو ۽ وڻندڙ، جنهن ڪري ماڻهو ڊولائتا، چالاڪ ۽ خاص ڪري عورتون سهڻيون. تندرستيءَ جي لحاظ کان البت ڪي روڳي آهن. کائڙ ۾ ويريون آهن، جن ۾ پاڻي مٺو ۽ سٺو، ماڻهن ۽ مال جي تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو، ماڻهو بدن ۾ مضبوط، پر دماغ لحاظ کان ساده طبيعت، ويساهه وسوڙل، سانتيڪا ۽ اعتبار ڪندڙ. اُتي چاپايو مال خاص ڪري ڍڳا رشٽ پشٽ مضبوط ۽ ڀلا ٿيندا آهن. ٿر جي ٻين ڀاڱن ۾ به ڪٿي ڪٿي ويريون آهن، جن مان ڪن جو پاڻي پيئڻ لاءِ مٺو، وڻندڙ ۽ مال لاءِ سڄو آهي. ڪن جو پاڻي ڪسارو، جو پيئڻ جي ڪم ڪونه اچي. هن پاڻي ۾ چانهه به ڪونه ٺهي، جو کير ڦِٽيو پوي. مال جي پيئڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، هاروير ۽ ايڙڦيڙ جي ڪم اچي. ڪن جو پاڻي اهڙو آهي، جو ان ۾ صابڻ به گجي ڪونه ڪري، ڪپڙو ڌوئبو ته صفا ڪونه ٿيندو. ڪيرٽِي، اُڪِليُون، ڪانٽئي، واهر ۽ ڪن ٻين هنڌن مٺو پاڻي آهي، جو پيئڻ ۾ لذيز ۽ وڻندڙ آهي. ڀر وارن ڳوٺن جا ماڻهو به اهو پاڻي پيئڻ لاءِ ڀري ويندا آهن. پارنو، رَنگيلو، لَکميار، ڀاروُ جو تڙ، کاريو نَرا، توڳي جو تڙ، آمِرِيو، هريار، کارو ڏونگرو ۽ ڪجهه ٻيا ڳوٺ، جتي جو پاڻي کارو آهي، جو ٻاهريون ماڻهو پِي ڪونه سگهي، پر اُتي جا رهاڪو هِري ويا آهن. باب ٻارهون روينيو سرشتو ٿر ۾ ٻنيون ٽن قسمن جون آهن: (1) سروي. (2) بيگوٽي. (3) ڪچا يڪسالا نمبر. سروي: انگريزن حڪومت هٿ ڪرڻ بعد ترت ئي ان وقت موجود ٻنين جي ماپ ڪري حدن تي دَڙيون (نشان) هڻي، نقشا تيار ڪري، جن جن ماڻهن جي قبضي ۾ هيون، تن جي کاتي ڪري ڇڏيون. بيگوٽي: سروي ماپ کان پوءِ غيرآباد زمين مان ٽڪرا، يا پنهنجن سروي ٻنين جا سيڙها ماڻهو سهوليت سان آباد ڪندا ويا، جي پوءِ مالڪاڻي ڀرڻ بعد ماپ تي سندن کاتي داخل ٿي ويا. يڪساله ٽڪر: جي ڪنهن جي ٻنهيءَ جو سيڙهو يا سهوليت سان ڀر ۾ پيل غيرآباد زمين جو ٽڪر، يا ڪن حالتن ۾ جي ڪنهن وٽ آباديءَ لاءِ مائٽاڻو زمين ٽڪر نه هجي ته سندس ڳوٺ جي سيم ۾ ڪٿي به غيرآباد ٽڪرو پيل هجي، جتي ٻئي ڪنهن جو واسطو يا اعتراض نه هجي، ته اهو حد جي مختيارڪار کي درخواست ڪري پوکبو آهي. اُن کي يڪسالو چئبو آهي، جو پوءِ حد جو تپيدار ماپ ڪري ڍل وصول ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي سال لاڳيتو پوکي مالڪاڻو ڀربو آهي، ان بعد اهو بيگوٽي نمبر شمار ٿيندو آهي، پر جي ڪنهن جو اعتراض هوندو آهي ته پوءِ ان جو فيصلو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪندو آهي. مالڪاڻو اڳي ڍل جي ڏيڍوڻ وصول ٿيندو هو، مگر هاڻي في ايڪڙ پنڌرهن رپيا مقرر ٿيل آهي، ڇو ته اڳي جڏهن مالڪاڻو سستو هو تڏهن يڪسالن ٽڪرن جا تمام گهڻا تڪرار ٿيندا هئا، جي هاڻي گهٽجي ويا آهن. ڍل جو نرخ سڀ ڪنهن فصل، ٻاجهري، گوار، ٿر، مڱ، ڪورو، چونئرا وغيره- ۽ سڀني قسمن جي ٻنين لاءِ ساڳيو سندن ايراضيءَ موجب هيٺئين ريت آهي: پنجن ايڪڙن تائين ٻه رپيا، ڏهن ايڪڙن تائين ٽي رپيا، ويهن ايڪڙن تائين پنج رپيا، ٽيهن ايڪڙن تائين پنج – ڇهه رپيا. ان کان وڌيڪ ماپ جون يڪيون ٻنيون ڪونه ٿين. جي زمين وڌيڪ هوندي آهي ته اهي مٿينءَ موجب ٽڪرن ۾ شمار ڪبيون آهن. ٿر ۾ سنڌ وانگر وڏا زميندار ٿورا آهن، جن جي هٿن ۾ تمام گهڻي زمين هجي، باقي گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ٿوري گهڻي زمين هوندي آهي. ڪي اهڙا به آهن، جن وٽ پنهنجي کاتي زمين نه آهي. ڍل حد جي تپيدار کي ڏبي آهي، جنهن لاءِ کاتيدار کي رسيد ملندي آهي. تڪراري ٽڪرن جا فيصلا حد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٻني نه هجي يا ڪو کاتيدار به چاهي ته ناڻي سان خريد ڪري سگهي ٿو. زمين تي حق موروثي هلندو اچي. پيءُ جي زمين سندس پٽ يا پٽن جي نالي کاتي بَدل ٿيندي آهي. مکيه کاتو وڏي پٽ جو ۽ پيٽي حصا ننڍن پٽن جي نالي داخل ٿيندا آهن. زمين ۽ پيدائش ٿر جي زمين جدا جدا قسمن جي آهي. ڪٿي سنئين، ڪٿي هيٺ مٿاهين، ڪٿي نرم، ڪٿي سخت، ڪٿي صفا واري، ڪٿي پٿرن جي ڀور ۽ رائي واري، ڪٿي مٿو ٻڌل، ڪٿي گيسڙ ۽ ريڪر، ڪٿي کاري، ڪٿي مٺي، جنهنڪري پوک جي قسم ۽ پيدائش تي به اثر ٿئي ٿو. ڪنٺو: هتي ڀٽون ڇڊيون، وڏا ڏهر گهڻا ۽ ڊگها، جتي جي زمين سنئين ۽ ڪجهه ڏاڍيري يعني مٿو ٻڌل، ڀلي ريج جهليندڙ، وارياسي ۽ ڀُوري، ڪٿي سخت ۽ مٽي واري، جنهنڪري فصل ڀلو ٿئي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چؤنرا، ڪورڙ، هنداڻا ۽ گدرا سٺيون ٿين. خاص ڪري ترن جو فصل تمام ڀلو ٿيندو آهي. هتي ڪنڊا، وڏيون ڄاريون، ٻوهه، ٻيريون، کپ، ڪونڀٽ ۽ روهيڙو ٿين. ٿوهر ۽ ڦوڳ اصل ڪونه ٿئي. پارڪر: زمين سنئين، پٿرائين ۽ رائي واري، مٺي، ريج جهليندڙ، ڪٿي ڪٿي نئيون ٻڌي تَليون ٺاهيل، جن ۾ جوار ۽ ڪڻڪ ٿئي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چؤنرا، ڪورڙ، هنداڻا ۽ گدرا سٺيون ٿين. خاص ڪري ترن جو فصل تمام ڀلو ٿيندو آهي. هتي ڪنڊا، وڏيون ڄاريون، ٻوهه، ٻيرڙيون، کپ، ڪونڀٽ ۽ روهيڙو ٿين. ٿوهر ۽ ڦوڳ اصل ڪونه ٿئي. ڍاٽ: هتي ڀٽون البت گهٽ، ڏهر سرسيرا، زمين ڪٿي ڪٿي ٿوري اڍيري، ڪٿي وارياسي ۽ ڪنئري جنهن ڪري هوا ۾ اڏامندڙ، ڪٿي ڪٿي لائي واري، ڪي ڪي تليون اڪثر ڀليون. هتي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چونرا، ڪوڙ، گدرا ۽ گدريون جام ٿين. ٿوري انداز ۾ جوئر به ٿئي. هتي سڀني قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا ٿين. روهيڙي جو وڻ گهٽ ٿئي. وٽ: هتي جي زمين سنئين ڏاڍيري، تلين واري ۽ ڀلي، مٺي، پاڻي تانگو، ريج جهليندڙ. ڪن ڪن تلين ۾ کيڙڻ سان سيمو ٿي هيٺيون ريج مٿي اچي، جنهن ڪري ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهري جو فصل ڀلو ٿئي. گوار، تر، مڱ ۽ جونرا به ٿين. ونگو ۽ سامروٽي: زمين مٺي، ڀلي ۽ تلين واري، ڪجهه ڏاڍيري آبادي لائق، جنهنڪري ٻاجهري، جوئر، گوار، تر، مڱ ۽ چونرا جام ٿين. سامروٽيءَ ۾ بصر گهڻو ٿئي، وڏا وڻ گهڻا ٿين. مهراڻو: هتي ڀٽون گهڻيون ۽ هڪٻئي کي ويجهيون آهن، تنهنڪري وڏا ڏهر ڪونه آهن، ٻنيون ڪنئري زمين واريون، برسات سبب ڀٽن ۾ ڏرڙ وغيره جام، زمين ۾ آباديءَ لائق ٽڪرا گهٽ، سي به ڪُنئري زمين جا ڊاڳا، تليون بلڪل ٿوريون. هتي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ ۽ چونرا ٿين. ٻنين ننڍين هئڻ ڪري پيدائش به انهيءَ آهر ٿئي. هتي ڪوُنڀٽ، ڪنڊا، ٿوُهر ۽ ڄاريون جام ٿين. ٻيا به هر قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا ٿين. کائُڙ: هتي وڏيون ڀِٽون ڪونه آهن، ننڍا دڙا ۽ مگرا اهن. زمين نرم ۽ واريسي، هوا ۾ اُڏامندڙ ۽ بي زوري جنهنڪري آبادي سراسري طرح ٿئي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ ۽ چونرا ٿين. وڏا وڻ گهٽ آهن. ڪنئري زمين هئڻ سبب ڃوڳ جام ٿئي، پر ٿوهر ڪونه ٿين. پوک جو قسم ۽ طريقو ٿر ۾ ٻاجهري ۽ گوار جي پوک جام ٿئي. ٿر، مڱ، ڪورڙ، چونرا ۽ جوئر به ٿين. ٻاجهري ۽ گوار گڏي ڪونه پوکين، پر جدا جدا، ڌار ڌار ٽڪرن ٽڪرن ۾ پوکين. ٿر، مڱ، چونرا ۽ ڪورڙ وغيره جدا ڪونه پوکين، پر ٻاجهريءَ سان گڏ ڇڊا ڇڊا پوکين. سڄي فصل سان گڏ هنداڻا، چڀڙيون، گدرا، چڀڙ، متيرا ۽ ميها به پوکيندا آهن. ڪورڙ، مڱن، چونرن ۽ تِرن جا، ٻنين ۾ جدا، هَرا هَرا پوکيندا آهن (پندرهن – ويهن اوڙن کي گڏي هَرا چئبو آهي)، نه ته ٻاجهريءَ سان گڏ جڊو فصل پوکيندا آهن، جو چوندا آهن ته ڀلو ٿيندو آهي. گهاتو هوندو ته ڦر ڪونه ڪندو، ڇڊو هوندو ته هرهڪ ٻوٽو ٽاريون گهڻيون ڪڍندو ۽ ڦُٽندو ججهو. ٻاجهري بلڪل ڇڊي پوکيندا آهن، هرهڪ داڻو جدا جدا. گهاٽي پوکبي ته سَلو ڀلو به ڪونه ٿيندو ۽ فقط هڪ سَلي مان هڪ سنگ نڪرندو. پر جي ڇڊي هوندي ته هڪ داڻي مان جدا جدا ڪانا پٽندا ويندا. پنج – ست، ڏهه – ويهه، بلڪ وڌيڪ به سنگ نڪرندا آهن. سَلي کي ”جُنڀو“ چون. ٻاجهري، گوار ۽ ٻيو فصل سڄي ٿر ۾ پارڪر ۾ جام ٿئي. نرم زمين هوندي ته هڪ هر سان پوک ڪندا. پر جي ڏُهَر جي سخت ٻني هوندي، يا ڪن تلين جي وچ واري زمين سخت هوندي آهي ته پوءِ هڪ، ٻه يا ٽي هَر ڏيئي (جنهن کي کيڙ ڏيڻ چوندا آهن ته زمين نرم ٿئي) پوءِ پوک ڪندا آهن. ڳاڙهي جوُئر ٻاجهريءَ سان گڏ ڇڊي ڇڊي پوکين. ڪي وري ڇا ڪن جو ڀلي سخت زمين کي هَر ڏيئي نرم ڪري مٿان سانئور ڏيئي زمين ڍڪي ڇڏين ته ريج چوسجي نه ويندو آهي. پوءِ سياري جي شروعات ۾ جڏهن ٻاجهري ۽ ٻيو فصل لهي، تڏهن جوئر پوکين ته بنا برسات جي پوک تيار ٿيو پوي. سامروٽي، ونگي ۽ وٽ ۾ پاڻي تانگهو آهي، تنهنڪري اتي ويرا (ننڍا کوهه) کڻي، ان جي هٿراڌو پاڻيءَ تي جوئر، جَوَ، ڄانڀو، سرهه، بصر، ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون به پوکين. پارڪر ۾ هيرڻ پوکين. هيرڻ جي ٻوٽي کي سيءَ نقصان پهچائيندو آهي، تنهنڪري ٿر جي ٻئي ڀاڱي ۾ عام ڪونه ٿئي، پر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي اوٽ جي ڪري هيرڻ جي پوک جام ٿئي. هيرڻ جا ٻج پارڪر جا ماڻهو ڪڍي ٻاهر موڪلين ۽ هزارين رپيا ڪمائين. کوهن جي پاڻيءَ تي ڪڻڪ، بصر ۽ ڀاڄيون – جهڙوڪ واڱڻ، ٿوريون، ڀينڊيون، پاڪ، مُوري، سوئا، ميٿي ۽ مرچ وغيره ٿين. ٿر جي ٻين ڳوٺن جهڙوڪ مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار، ڇاڇري ۽ ڏيپلي ۾، جي وڏا ڳوٺ آهن ۽ جتي ڀاڄي سنڌ کان به ايندي اهي. اُتي کوهن جي پاڻي تي پالڪ، بصر، ڀينڊيون، مُوري، واڱڻ وغيره به پوکيندا آهن. برساتي موسم ۾ ڳوٺن ۾ گهرن جي لوڙهن تي ڪَريلا به ٿيندا آهن. اهي يا ته پوکيندا آهن يا اڳئين سال جي ڪريل ٻج مان ازخود اُڀرندا آهن. ڪنٺي ۾ ڏهر وڏا آهن. ٻنيون وڏيون ۽ ڪجهه ڏاڍيري زمين آهي، جنهنڪري ڪورڙ، مڱ ۽ تِر جام ٿيندا آهن. پارڪر جي زمين پٿرائين ۽ فصل لاءِ ڀلي آهي. ڍات جي زمين ڪَنٺي کان ڪجهه گهٽ آهي. کائڙ جي زمين وارياسي ۽ نرم آهي، آبادي وچولي درجي جي ٿئي. مُهراڻي سان لاڳو ڀاڱي ۾ ننڍا وڏا دڙا ۽ ڀِٽون گهڻيون آهن ۽ ڏهر ڪونه آهن. ننڍيون ننڍيون تليون آهن ۽ اڪثر زمين جو گهڻو ڀاڱو آباديءَ لائق نه آهي. فقط ٻاجهري ۽ گوار جي پوک ٿئي، ٻيو فصل گهٽ ٿئي. ڏيپلي تعلقي جي الهندي پاسي ٿوري ڀاڱي ۾ زمين سنئين آهي، جنهنڪري اتي بئريج جي هڪ شاخ نئون ڪوٽ برانچ وهي ٿي، جنهن تي ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي موڪي پوک ٿئي. ڪن ڏهرن جي ٻنين جي زمين سخت ٿيندي آهي، جنهن کي ڪاٺِي چوندا آهن. اتي ٻاجهريءَ سان گڏ ڇڊي مَڪائي به پوکبي آهي، جا ڀلِي ٿيندي آهي. هارپي تي ٻنهي ڏيڻ يا ڪرڻ ٿر ۾ وڏا زميندار بلڪل ٿورا آهن، جن وٽ ڪافي ٻنيون آهن نه ته گهڻو ڪري مسلمان، ٺڪر، برهمڻ، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، سوٽهڙ وغيره سڀ ڪنهن وٽ پنهنجي ٿوري گهڻي ٻني هوندي آهي، جي هو پاڻ پوکيندا آهن. ڪيترن مهيشورين ۽ لهاڻن وٽ به ٻنيون آهن. هو پاڻ ورلي پوکيندا آهن، پر هارپ تي ڏيندا آهن. زمين کي ”مُنجيري“ چوندا آهن. جن وٽ وڌيڪ زمين آهي سي به هارپ تي ڏيندا آهن. هارپ جا ڪي هيٺيان نمونا آهن. 1- جي ٻني آباد ٿيندڙ آهي ته ان کي ”پورچ“ چئبو آهي. اها هاريءَ کي ڏبي ته اُن کي جهنگ وغيره وڍي صفا ڪرڻ جي هلاکي نه ٿيندي. هو پنهنجو جوڙو ۽ ٻيا خرچ ڪري آباد ڪندو ته مالڪ کي پيدائش جي پوٿين پتي ۽ ڍل ڏيندو. ڪي ڀليون ٻنيون هونديون آهن ته ٽيون حصو ڏيندو. جنهن کي ”ٽيهائي“ چون. جي جوڙو مُنجهيريءَ کان وٺندو ته اڌ پيدائش ڏيندو. 2- جي ٻني ڪجهه وقت کان آباد ٿيل نه هوندي ته ان کي ”گُڊ“ چوندا آهن. اها هاريءَ کي ڏبي ته هاريءَ کي جهنگ وڍي صفا ڪرڻي پوندي. ان حالت ۾ هاري هڪ سال يا ٻه سال پَتِي نه ڏيندو، اها ٻول شروعات ۾ ڪبي آهي. جوڙو ۽ ٻيا خرچ هاري ڪندو ته پوءِ چوٿين پتي ۽ ڍل ڏيندو. جي جوڙو زميندار کان وٺندو ته اڌ پيدائش ڏيندو. جي زميندار پنهنجي خرچ سان ٻني صفا ڪرائي ڏيندو ته شروعات کان ئي چوٿين پتي زميندار کي ملندي، جنهن کي ”چوٿانگ“ چئبو آهي. 3- جي ڪنهن کي ٻه، ٽي سَو يا گهٽ وڌ پئسا کڻڻا هوندا ته ٻنيءَ جي هارپ تي کڻندو. پوءِ پنهنجي ٻني هوندي يا زميندار جي، ته انهيءَ حالت ۾ پيدائش اڌواڌ، جنهن کي ”اَڌياري“ چون. جي گُڏ هوندي ته ڪڍڻي پوندي، جي پورچ هوندي ته هاري تڪليف کان بچيو. ٻنيءَ تي لاسَ وغيره جو خرچ ڪن حالتن ۾ اڌواڌ، ڪن ۾ هاريءَ تي، ٻج ۽ ڍل اڌواڌ. اڌ پيدائش زميندار کڻندو، باقي هاري پنهنجي اڌ پيدائش اُن وقت جي چالو اگهه موجب قرض ۾ زميندار کي ڏيندو. جي قرض ڀرجي ويو ته واه، نه ته رهيل پئسا هاري ڀري ڏيندو. پر جي ڀري نٿو سگهي ته جيستائين پئسا ڀري ڏئي تيستائين مٿئين نموني ٻني پوکيندو رهندو. ان حالت ۾ ڪي هاري سڄو سال مُنجيريءَ جي گهر جو ڪم ڪار مفت ۾ به پيا ڪندا آهن، ۽ رهيل پئسن جو وياج زميندار نه وٺندو آهي. ڪي هاري فقط ڪڏهن ڪو ڪم هوندو ته ڪري ڏيندا آهن، اهڙيءَ مدد (بيگر) کي ؟چانٽِي“ چئبو آهي. 4- ڪي ماڻهو پئسا کڻندا، ٻني ۽ جوڙو پنهنجو هوندو، ته به پيدائش جو اڌ ڏيندا آهن. 5- ٻني پنهنجي هجي ۽ فقط جوڙو ڪنهن کان وٺندا ته چوٿين پتي، بعضي ٽيون حصو فقط جوڙي جي عيوض ڏيندا. ڪي وري مٿئين نموني ۾ ٻه حصا زميندار جا، ته ٽي حصا هاريءَ جا ڪندا آهن. هن کي ”پَنچا ڌوُئِي“ ورهاست چوندا آهن. ازان سواءِ ٻيا به گهڻيئي حصيداريءَ جا نمونا اهن، جي حالتن تي منحصر آهن. جنهن کي جتي ٿي سولِي لڳي، سو اُتي ٿو پورت ڪري. چوندا آهن ته اگهه ڪنهن وڌو؟ چي، جنهن جي نه سَرِي، ان وانگر مڙيئي ٿيو وقت ٽپائڻو، سو اهڙي نموني پيا ڏينهن پورا ڪن. پوک ٿر ۾ وارِي ۽ ڀٽون آهن، جنهن ڪري ڪو درياءَ، ندي، ڦاٽ، واهه، چشمو وغيره ڪونهي. نڪو ڪو ڍنڍ يا تلاءُ آهي، جنهن جي وسيلي آبادي ٿئي. آباديءَ جو مدار آهي برسات تي، جنهن کي ”بارانِي پوک“ چون، جا سڄي ٿر ۾ ٿئي. ٿرين جون اکيون سدائين اُڀ ۾، ته ڪڏهن ٿو موليٰ مهرباني ڪري مينهن وسائي. جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن آسرو الله تي ڪري، هر کڻي وڃي ٻني پوکيندا آهن. پهرئين ڏينهن شروعات ڪرڻ کي ”هروتِرو“ چوندا آهن. ٿر جي زمين آهي وارياسي، جنهنڪري نرم ٿئي. منجهس ڪي لاهه يا وڻن جي ٿڙن جا بُنڊ ڪونه ٿين. جي ڪٿي ٿورا هوندا آهن ته اهي هاري ڪڍي ڇڏين، جنهنڪري هر ڏيڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿئي. گهڻي برسات پيئي ته واه، وڃي هر ڪاهيندا. ٿوري پيئي ته ٻنيءَ ۾ وڃي هڪ ٻن هنڌن هٿ سان گُڏ کڻي ڏسندا ته ريج ڪيترو هيٺ اونهو آهي. چيچ ۽ آڱوٺي کي ويڪرو ڪري ماپي ڏسندا، اوترو ٿيو ته چوندا ”ويهت ريج“ آهي (ٻاڙيءَ کي ويهت چون). جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر کي وڌائڻ جيترو ٿيو ته چوندا ”ڪُرِٽيو ريج“ آهي. اها گهٽ ۾ گهٽ ماپ آهي. ايستائين ريج هوندو ته ٻني پوکي ڇڏيندا، پر ان کان گهٽ هوندو ته چوندا ”کُرڙيو ريج“ آهي، ته پوءِ ٻني ڪونه پوکيندا. ريج، مينهن هوندو ته ٻنيون پوکي پوءِ رکندا آسرو الله تي. جيڪڏهن رکي رکي پيا منهن وسندا ته آبادي اُسرندي ويرم ئي ڪانه لائيندي. پوري وقت تي ٽي برساتون پون ته: ”ٻن مهينن بعد جهڙي وائي اهڙي کائي.“ يعني، ٻج پوکڻ کان وٺي سٺ ڏينهن تي ٻاجهري پچي تيار ٿئي، ۽ لُڻي اَن ڪڍي کائين. پوکڻ بعد جيڪڏهن وري ٻيو مينهن تُرت نه پيو ته فصل وٽجڻ لڳندو ۽ واڌ ۾ ويندو پؤڻو پوندو. هونئن چوندا آهن ته ”ٻاجهري آهي نِسِڏو ٻوٽو) جو جَهِڙيان تَهِڙيان (هروڀرو تڪڙو) ڪونه سڪندو. هڪ دفعو زمين ۾ پاڙ لڳي ته پيو تڳندو. پر انهيءَ کي به حد ٿيندي آهي. مهيني کن تائين اڪثر پيو تڳندو آهي، ايستائين به جي ٻي برسات نه پيئي ته پوءِ سُڪڻ شروع ڪندو. بعضي ته پوکڻ بعد ڪيترا ڏينهن برسات نه پوندي آهي ۽ ڏکڻ – اولهه جي هوا زور سان شروع ٿيندي آهي، جنهنڪري نرم زمين واريون ٻنهيون، جن کي ڊاڳا چئبو آهي، تن جي واري سڪڻ سبب هوا سان گڏ اڏامي ويندي اهي، انڪري سالن جون پاڙون نڪري پونديون آهن ۽ فصل تباهه ٿي پوندو آهي. ڪن حالتن ۾ پاسي واري نرم زمين اُڏاميو ننڍا سلا ريٽي ڇڏيندي آهي، تڏهن چوندا آهن ته ٻني ريٽجي ويئي. وري گهڻي برسات پوندي آهي ته مٿاهين هنڌان پاڻيءَ جي وهڪرن ڪري ٻنيءَ ۾ واهونگا ۽ ننڍيون ننڍيون نئيون وهي اينديون آهن، جنهنڪري ٻوٽا اُکڙي پوندا آهن ۽ نئيون گهلي وينديون آهن. اهڙي حالتن ۾ اڃا جي موسم هوندي آهي ته وري نئين سر هر ڏيئي ٻج پوکيندا آهن. شروعات ۾ ٻاجهر پوکيندا آهن ۽ ٻئي دفعي برسات پوڻ تي وري گوار پوکندا آهن، ڇو ته چوندا آهن ته گوار جو فصل پاڇاتو ڀلو ٿيندو آهي. جي ٻنيءَ جي زمين سخت هجي، جنهن کي ڪاٺِي چوندا آهن، ته گهڻي برسات سبب ڪيترا ڏينهن پاڻي بيٺو هوندو آهي، جنهنڪري زمين پوکي نه سگهبي آهي. پاڻي چوسجي وڃڻ بعد اڃا زمين نرم هوندي آهي، يعني مٿان هلڻ سان پير اندر پيا ويندا، تيستائين نه پوکيندا آهن، چوندا آهن ته اڃا ”آهِلِي“ پئي آهي. جڏهن ٻن – ٽن ڏينهن بعد زمين وائکي ٿيندي آهي، ۽ مٿان ماڻهو هلندو ته پير هيٺ نه ويندا، تڏهن چوندا ته هاڻي زمين مٿو ٻڌي ويئي آهي ۽ ”پانس“ آئي آهي، اُن وقت پوکڻ شروع ڪندا. چڱي پوک لاءِ ٽي برساتون گهرجن، پر پڇاڙيءَ جو ٽئين برسات جي اُميد گهٽ رهندي آهي ۽ موسم چڙهي ايندي آهي، تنهنڪري اَسُوءَ ڌاري ڪٿي ڪٿي ٽڪرن ۾ ٿوري برسات پوندي آهي ۽ ريج ٿورو ٿيندو آهي. بعضي ٻنيءَ جون اوڙون مس ڀربيون آهن تڏهن چوندا آهن ته اوڙيهر ٿيا آهن. پڇاڙيءَ جو آباديءَ لاءِ اها برسات به سُٺي سمجهندا آهن، ڇو ته ريج لاءِ اها به چڱي اُٻيل ڏيندي آهي. پوک جي تياري ٿر جي ٻنهي مان ڪا زمين ڏاڍيري ته ڪا ڪنئري ٿيندي آهي. ٻن سوڙهين ڀٽن يا درن جي وچ ۾، جتي زمين ڪنئري هوندي آهي، ان کي ڊاڳو چئبو آهي. اهڙي زمين ۾ ڦوڳ گهڻا ٿيندا آهن. ٻُوهه، مرٽون، ٻائوريون، ننڍڙيون کٻڙيون ۽ سيڻ وغيره به ٿيندا آهن. جي ٻني گهڻن سالن کان ڇٽل هوندي، ته اهي ٻوٽا گهڻا، گهاٽا ۽ وڏا هوندا، جي ڪهاڙيءَ سان وڍي ڍنگهر گهلي ٻنيءَ جو لوڙهو (واڙ) ٺاهيندا آهن. وڻ ۽ ٻوٽا بنهه گهڻا هوندا ۽ ڍنگهر لوڙهي کان وڌي پيا ته ٻنيءَ ۾ ئي سهوليت سان ڍڳ ڪري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندا، جنهن کي ”اوگهو“ چوندا آهن. سيڻ ۽ مُرتن جا ڪوڏر سان لاهه ڪڍي ڇڏيندا آهن، جنهن کي ”ٻونٺا ڪڍڻ“ چئبو آهي، اهو ڪم بلڪل ڏکيو آهي. پر جي زمين سال بسال آباد ٿيندڙ هوندي ته لاهه اڳي ئي نڪتل هوندا ۽ باقي ڇڊا ۽ ننڍا ٻوٽا هوندا آهن جي وڍي ڇڏبا آهن. وڻن جي گوڍن وٽ قدرتي طرح واري گڏ ٿيندي آهي، جتي ڪجهه زمين، ٻي ڀر واريءَ زمين کان ڪجهه مٿڀري ٿي پوندي آهي، جنهن کي ”مُوڙ“ چوندا آهن، جي ڪوڏر سان ڊاهي ڇڏبا آهن. هن ڪم لاءِ ننڍي ڳن سان چوپاسي ڪوڏر، جنهن جو هيٺيون پاسو البت مٿئين پاسي کان ننڍيرو هوندو آهي، سا ڪم آڻيندا آهن، جنهن کي ”ڇاڄڻ ڪوڏر“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح وڻ ۽ ٻوٽا ڪڍي صفائي ڪبي آهي، تنهن کي ”سُوڙهه ڪرڻ“ چئبو آهي. پر جي ٻني ڏهر جي هوندي ۽ سال بسال آباد ٿيندڙ هوندي ته اُن جي وڻ ۽ ٻوٽا ٿورا هوندا. ڏهرن ۾ وڻ اڪثر گهٽ ٿيندا آهن. جهنگلي ٻيريون گهڻيون ٿينديون آهن، سي ڪهاڙيءَ سان وڍي ڇڏبيون آهن. ڍنگهر لوڙهي تي ڏيندا يا ساڙي ڇڏيندا آهن، گهڻن سالن جي ڇڏيل هوندي ته چوندا ”گڍ ٻني“ ۽ سال بسال آباد ٿيندڙ هوندي ته چوندا ”پورچ ٻني“ آهي. ڏهر جي ڪن ڪن ٻنين ۾ ڳنڍير، وينجهل ۽ ڊڀ ٿيندا آهن، جي ٽيئي گاهه پوک لاءِ سخت نقصانڪار آهن، تنهنڪري اونهاري جو ڪوڏر سان پاڙون کوٽي ڪڍندا آهن. بعضي کيڙ ڏيئي پوءِ پوکيندا آهن ائين ڪرڻ سان ڳنڍير، جنهن کي ٿر ۾ ”گنٺيو“ چون، سو ناس ٿي ويندو آهي، پر وينجهل ۽ ڊڀ مشڪل ناس ٿيند آهن. اهي سال بسال وڌندا ويندا آهن، يعني زمين تي وڌيڪ پکڙبا ويندا، تنهنڪري ڪي ڪي ٻنيون ته هاري بنهه ڇڏي به ڏيندا آهن. سُڙهه گهڻو هوندو ته اونهاري جو برسات کان ٿورو وقت اڳ صفائي ڪري ڇڏيندا آهن. اهي سال بسال وڌندا ويندا آهن، يعني زمين تي وڌيڪ پکڙبا ويندا، تنهنڪري ڪي ڪي ٻنيون ته هاري بنهه ڇڏي به ڏيندا آهن. سُوڙهه گهڻو هوندو ته اونهاري جو برسات کان ٿورو وقت اڳ صفائي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جي ٿورو هوندو آهي ته پوکڻ وقت سوڙهه ڪندا ويندا ۽ پوکيندا ويندا. هاري پيو پوکيندو ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي مرد، عورتون ۽ ٻار پيا سُوڙهه ڪندا ۽ ٽاريون اُڇلي صفائي ڪندا. ڀاڻ ڏيڻ جو رواج ڪونهي. ٻنهي ۾ ڪنڊا ۽ ڄاريون ٿينديون آهن. اونهاري جو مال انهن جي ڇانو هيٺ ويهندو آهي ۽ ڇيڻا ۽ ڦولهڙيون ڪندو آهي، جي اتي ئي پيون هونديون آهن. ڪي ڪي هاري اهي پکيڙي ڇڏيندا آهن، جي ڀاڻ جو ڪم ڏينديون آهن، نه ته ٻيو هٿراڌو ڀاڻ ڪونه ڏين. چوندا آهن ته ”ڀاڻ سدا جواڻ“. جيڪڏهن هٿراڌو ڀاڻ ڏنو وڃي ته پوک لاءِ ڏاڍو فائدي وارو ثابت ٿئي. ان لاءِ ٿرين کي توجهه ڪرڻ کپي. ٻنيءَ ۾ وڏا وڻ، ڪنڊا، ڪرڙ، ڪونڀٽ ۽ ڄاريون وغيره هوندا آهن ته ڇانو خاطر برقرار رکندا آهن. جي وڻ نه هوندا يا ٿورا هوندا ته ڪٿي ڪٿي ٻنيءَ ۾ چار ڪاٺيون کوڙي مٿان ورائي کنبذ وانگر ٺاهي گاهه وغيره رکي ڀونگو ٺاهيندا آهن، جنهن کي ”ڇانهولو“ چوندا آهن. ٻنيءَ جي ڪم ڪندي ٿڪ ٿيڻ وقت اُنهيءَ ڇانو هيٺ ويهي آرام ڪندا آهن. هاري گهڻو ڪري ٿڌي پهر ۾ يعني ٻارهين بجي تائين ۽ شام جو ڏيڍ بجي کان پوءِ ڪم ڪندا آهن. وچ ۾ جڏهن ڏينهن جي تپش زور هوندي آهي، تڏهن ڪنهن وڻ هيٺ يا ڇانهولي ۾ ويهي ماني وغيره کائي ساهي پٽيندا آهن، جنهن کي ”ڦُوڪارو کائڻ“ چوندا آهن. مرد صبح جو سويل، راتوڪي بچيل ماني هوندي ته اُها، نه ته تازو تيار ڪيل ماني کائي يا بعضي نيرانو ٻنيءَ ڏي روانا ٿي ويندا. عورتون گهر جو ڪم حاج لاهي، ماني ڀاڄي تير ڪري، لهي (جهڻ) پنهنجي هوندي ته واهه، نه ته ٻئي ڪنهن جي گهران آڻي، ٻه – چار گڏجي ٻنيءَ ڏي روانيون ٿينديون، انهيءَ کي ”ڀتو“ چئبو آهي ۽ کڻي وڃڻ واريءَ کي ”ڀتوئارڻ“ چئبو آهي. هاري ٻنيءَ جو ڪم پيو ڪندو، پر نظر ڳوٺ واريءَ وات ڏي هوندي ته ڪڏهن ٿي ڀتوئارڻ اچي. موران ناهه ميههَ نه وسري، منگت نان ڏاتار، ماهيلِي نان پِيهَر نه وِسري، هاري نان ڀَتوئار. هَر ڏيڻ ٿر ۾ پُڄندي وارا اُٺ سان هر ڪاهرائيندا آهن، ڍڳا ورلي ڪتب آڻيندا آهن. پر غريب طبقو گهڻو آهي، جي هر گڏهن سان ڪاهيندا آهن. ڇو ته گڏهه سستا ۽ گهٽ خرچ آهن. برسات پوڻ بعد هفتي کن اندر اهڙو گاهه ٿي پوندو آهي، جو گڏهه کائي ڍو ڪندا اهن ۽ پوءِ انهن تي ڪو خرچ ڪرڻو نه پوندو آهي. ۽ هر ۾ چڱيءَ طرح هلندا آهن. هَرُ ڪوُنڀٽ جي ڪاٺيءَ جو ٺاهيندا آهن، ان جي چهنب ۾ لوهه جو ڦار وجهندا آهن، جيئن زمين ۾ اندر گهڙي وڃي، جو اصل لفظ ”ڦال“ آهي. ’ل‘ مٽي ’ر‘ ٿيو آهي، جيئن جَل مان جَرَ، ٿَلَ مان ٿَرَ وغيره. اوٺي هَرَ لاءِ هل، اڌ کان پوءِ ٻه ڦاڪو ٿيندو آهي. ڍڳن جي يا گاڏهي هَر لاءِ هَلَ لاءِ هڪ ڊگهي ڪاٺي وجهندا آهن. هَلَ جي پُٺ ۾ ٽنگ ڪري ڪاٺي اٽڪائيندا آهن، جيئن ڇڪڻ وقت هَلَ ٻاهر نه نڪري، جنهن کي ”ڪُڪِرِي“ چوندا آهن. هَرَ ۽ هَل جي وچ ۾ هڪ ڪاٺي اَڌَ طور ڏيندا آهن، جيئن هر مضبوط بيهي. اها هڪ پاسي هل ۾ ٿورو کَپَ ڪري ٽڪائيندا اهن ۽ ٻئي پاسي هَرَ جي مُٺئي ۾ هيٺان قابو ڪندا آهن، جنهن کي ”پنڇ“ چوندا آهن. هر جي وچ تي ٽنگ ڪري ان ۾ ڪاٺي ٽڪر وجهندا آهن، جو پُٺئين پاسي ست – اٺ انچ ٻاهر بيهندو آهي. اِهو هر کي مٿي کڻڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، ان کي ”مُٺِيو“ چون. اُٺ ۾ هر ٻڌڻ وقت اُن جي ڪنڌ تي رَلين جا ٽُڪر ۽ ڳوڻ وغيره گَدي وانگر رکي مٿان نوڙين سان ڳتيل خاص نموني جو ٺهيل ٽڪر رکندا آهن، ان کي ”گوڙڻ“ چون. ان جي مٿان نوڙي ورائي، گوڙڻ جي ٻنهي ڇيڙن جي وچان لنگهائي، هَلَ جي ٻنهي پاسن ۾ ٻڌندا آهن. اُٺ جي نڪ ۾ ٻه مهارون وجهي، ٻنهي پاسن کان ورائي، هر جي چوٽيءَ سان ٻڌندا آهن، جي اُٺ کي ورائڻ لاءِ ڪم اينديون آهن، جن کي ”راسُون“ چون. هر جي پويان هڪ پوري ڪاٺي ٻڌندا آهن، جنهن کي ”ٻِج واڻي“ چون. ان جي مٿيون پاسو تيل اوتڻ واري ڪميءَ جهڙو ٿيندو آهي. هر ڪاهڻ وقت اُن مان ٻج ڪيرائيندا ويندا آهن. پهرئين ڏينهن گهران نڪرڻ وقت ٻاجهريءَ جا ننڍا ٻه چار لولا پچائي، پاڻيءَ ۾ گهاٽو ڳڙڳاري، ان سان مکي، ورهائيندا آهن، اهو چڱو سوڻ سمجهندا آهن. اُٺ کي سڌو هڪليندا آهن. اٽڪل سَٺ کن وکون يڪي اوڙ ڪڍندا آهن، جنهن کي ”اوجاڻَ“، ”وَراڻَ“ يا ”بِيگهه“ چون. اوڙَ جي ڪناري کي ”اوُمِرهو“ چون. پوءِ هر کي مُٺئي مان جهلي مٿي کڻي اُٺ کي پوئتي واريندا آهن. هڪ دفعي اوڙ جي ساي پاسي، ٻئي دفعي کاٻي پاسي اوڙون ڪڍندا ويندا. اهڙيءَ طرح اٽڪل پنجويهه – ٽيهه اوڙن ڪڍڻ بعد، وري نئين سر ڪجهه پنج – ست وکن تي الڳ انهن اوڙن سان پوري وڇوٽيءَ تي اوڙ ڪڍندا، جنهن کي ”هَرا وجهندا، اهڙيءَ طرح پوکيندا ايندا. سراسري طرح هڪ هاري هڪ اُٺ سان چورس اوجاڻ زمين هڪ ڏينهن ۾ پوکي سگهندو آهي. سگهارو اُٺ هوندو ته ڪجهه وڌيڪ به پوکي سگهندو آهي. هڪ سال ٻني اتر – ڏکڻ پوکيندا ته ٻئي سال وري اڀرندي اولهدي پوکيندا. کاڙهي تَپڻ وقت وهٽن کي ٻه ڪلاڪ کن ساهي ڏيندا آهن، ان وقت چارو گوارٽي، ڏريل گوار يا جيڪو به هوندو) ڏيندا آهن. ڪي اُٺ وَهُو هوندا آهن، پر ڪي جَڙَ هوندا آهن جي هَرَ ۾ نه هلندا آهن ته مُهارون تاڻي هلائيندا آهن. ڍڳا هوندا ته پاڃاريءَ ۾ جوٽي، هَلَ پاڃاريءَ جي وچ ۾ مٿينءَ ڪاٺي سان ٻڌندا آهن، جنهن کي ”ڪَنڌهوٽ“ چون. نَڪَن ۾ نٿ هڻي رسي وجهندا آهن، جا ورائڻ ۽ ضابطي ۾ هلائڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. گڏهن جي حالت ۾ رَسي نه وجهندا آهن، رڳو ”کَڙَڻِي“ جي اشاري سان ورائيندا آهن. وهٽ هڪلڻ لاءِ هٿ ۾ ڪام کڻندا آهن، جنهن کي ”کَڙڻِي“ چون. ڪٿي ڪٿي وڻن جون پاڙون يا تُڙ زمين ۾ هوندا آهن يا شڪ هوندو آهي، اهڙا هنڌ واريءَ جي گڏ ٿيڻ ڪري ٻيءَ زمين کان ڪجهه مٿڀرو هوندا آهن، جن کي ”مُوڙ“ چوندا آهن. اُهي جيتوڻيڪ اڳ ۾ ڪوڌر سان کوٽي سريکا ڪبا آهن، پر تڏهن به صفا سَريکا نه ٿيندا آهن. اهڙن هنڌن تي وهٽ کي آهستي هڪلبو آهي، جيئن تڪڙي هلڻ ڪري متان اتفاقاً هَر اٽڪي پوي ۽ ڀڄي پوي. اهڙي هنڌ تي يا ٻئي ڪنهن هنڌ پاڙن ۾ هَر اٽڪي پيو ته ڇڪي مٿي کڻي وري به ٿورو اڳتي رکي هلائيندا آهن. ٻج جهوليءَ ۾ وڌل هوندو آهي، جنهن کي ”کورو“ چوندا آهن. هٿ جي چپٽيءَ سان داڻو داڻو ڪري ٻج واڻيءَ مان ڪيرائيندا ويندا. هو هَر جي پويان زمين ۾ ڪِرندو ويندو، ۽ مٿان هَر جي پاسن کان اورن ۾ واري ايندي ويندي. جنهنڪري ازخود پيو ڏٽبو، نه ته جيڪر پکي کائي وڃن يا زمين جي سطح تي ڪِرڻ ڪري اُڀري به نه سگهي. ٻج ڦُٽڻ وقت جڏهن اڃا سَلو ڪچڙو هوندو آهي، تڏهن هڪڙو جيت ”ڪَرَهو“ نالي پيدا ٿيندو آهي جو نقصان پهچائيندو آهي. اُن کان بچڻ لاءِ نِم جي وڻ جا پن ٿورو پاڻي وجهي ڪُٽي ڇاڻي ان پاڻيءَ سان ٻاجهري پُسائي، سڪائي پوءِ پوکيندا آهن ته کاڌ نه کائيندي ۽ سَلن جو بچاءُ ٿيندو آهي. ٻج جي چونڊ ڪري پوکبو آهي. ٻاجهريءَ جو هڪڙو قسم ٿيندو آهي، جنهن جي سنڱ تي سوئا سوئا ٿيندا آهن، جنهنڪري پکي کائي نه سگهندا آهن ۽ سنگ تي اڇي ٻُرٻر ٿيندي آهي، جو داڻن کي ڍڪي بيهندي آهي، ان کي ”پَنبِي“ چون. ڪوشش ڪري اهڙو ٻج هٿ ڪري پوکبو آهي. ٻني پوکيندي لوڙهي وٽ جڏهن وهٽ ويندو تڏهن هاري هَر مٿي کڻي کيس پوئتي واريندو، جنهنڪري ڪجهه زمين ٽڪر رهجي ويندو، جتان پوءِ آڏيون اوڙون ڪڍي لوڙهي سان لڳائي ڇڏبيون آهن، جنهن کي ”جبوتِرا ڏيڻ“ چئبو آهي. پوک جي سنڀال ٻنيءَ جي صفائي ڪرڻ وقت وڻن جي ڍنگهرن سان چوڌاري ٻنيءَ کي لوڙهو ڏيئي ڇڏيندا آهن. پورت نه ٿي ته ٻاهران ويجها وڻ وڍي لوڙهو پورو ڪندا، جيئن چوپائي مال کان بچاءُ ٿئي. پوکڻ بعد ٽئين ڏينهن ٻج اڀرندو آهي. ۽ ننڍا ننڍا سَلا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڏهين – ٻارهين ڏينهن چڱي ساوڪ هڻي بيهندو آهي. پوءِ نظرداري ڪندا ايندا، جيئن چوپايو مال اندر پئي نقصان نه ڪري. جڏهن فصل گوڏي جيڏو ٿيندو آهي تڏهن گهر جا ڀاتي – مڙس زال ۽ وڏيڙا ٻار – گڏجي ان مان جهنگلي اُڀريل گاهه ڪڍندا آهن، جنهن کي ”ليڏاڻ“ چئبو آهي. چوندا آهن ته ”کيڙيو کيتر ۽ ليڏاڻيو ڌانَ.“ رڳو ٻني پوکي ڇڏبي ۽ ليڏاڻ نه ڪڍبو ته فصل ڪونه ٿيندو. ليڏاڻ کي سنڌ ۾ ”گُڏ ڪرڻ، چئبو آهي. ليڏاڻ ڪڍڻ جو به طريقو آهي. جيڪي ڀاتي هوندا سي قطار ۾ ٿيندا ويندا، پوءِ هرڪو ڀاتي ٻه يا ٽي اوڙون پنهنجي حوالي ڪندو. اِن طرح گڏجي ڪوڏرن سان سڀڪو پنهنجن اوڙن وارو گاهه ڪڍندو اڳتي وڌندو ويندو ۽ چاليهه – پنجاهه کن وکون هلي اتي بند ڪندا. چاليهن وکن جيترو پنڌ کي چون ”گاڏهو اوجاڻ“ ۽ سٺ وکن جيتري مفاصلي کي ”اوٺو اوجاڻ“ چون. هڪ دفعو اوجاڻ تائين گاهه ڪڍي ويندا تنهن کي ”پِرانچ“ چوندا. پوءِ وري اُتان ساڳئي نموني واپس گاهه ڪڍندا ايندا. شام جو گهر اچڻ وقت ڪنهن پڇيو ته ڪيترو ليڏاڻ ڪڍيو آهي ته چوندا ته هيتريون پرانچون ڪڍيون اٿم. اهڙيءَ طرح جڏهن سڄي ٻنيءَ مان گاهه ڪڍي ڇڏيندا، تڏهن چوندا اڄ ٻني ”اوهِري“ ڇڏيسين، يعني گاهه ڪڍي ڇڏيوسين. ليڏاڻ لاءِ ڪوڏر ٽڪنڊي شڪل جي هوندي آهي، جنهن ۾ ڇهه فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءَ جو ڳن وڌل هوندو، هن کي ”ڪَسِي ڪوڏار“ چئبو آهي. انهيءَ موقعي تي سوٻٽ جهڙا جيت ٻه – ٽي انچ ڊگها پيدا ٿيندا آهن، جن کي ”ڪاتيرا“ چوندا آهن. اهي جيت چونرا، تِر، مڱ، گوار ۽ وَلين جا پن ۽ تَسروُن (ڪَڇا) ٻوٽيندا ۽ لائي ويندا آهن، جنهنڪري وليون ۽ ٻوٽا سڪي ويندا آهن. هاري انهن کي جتي ڏسندا آهن، اتي ماري ڇڏيندا آهن. ٻن – ٽن هفتن بعد اُهي ازخود مري ويندا آهن. پوءِ سنڀال ڪندا ايندا، تان جو سنگ نڪرندا. ڪجهه وقت بعد داڻا ٿيندا. پهريئين ڪچا هوندا، ڀڃا ته اڇو کير پيو نڪرندو، تڏهن چوندا ته ”ڏوڌو کيرو“ ٿيو آهي. انهيءَ وقت پکي کائڻ شروع ڪندا، جي ڍولر، ڳيرا، پيئر، جهرڪيون، ليليون ۽ هُڙيا وغيره هوندا آهن. ڪن ڪن سنگن تي مٿان چوڌاري اڇو ٻورو هوندو آهي، جنهن کي پَنبي چئبو آهي، ڪن تي سوئا ٿيندا آهن، جي پکين جي کائڻ کان بچاءُ لاءِ قدرتي وسيلا آهن، پر انهيءَ هوندي به پکي ڍؤ ڪندا آهن. ڪوچڱو ڏينهن ڏسي پکي هڪلڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي ”هڪل ڪرڻ“ چئبو آهي. هاري سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ ڦيرا ڏيندو، تاڙيون وڄائيندو، بعضي گاسليٽ جي ٽين جو خالي بيڪار دٻو هڪ هٿ ۾ کنيل ڪاٺيءَ سان وڄائيندو ويندو يا کانڀاڻيءَ سان پکين کي ڳوڙها هڻندو. ڪي وري ٻنيءَ ۾ موزون هنڌن تي يا ڪي وڻن تي پيها ٺاهي ان تي چڙهي کانڀاڻيءَ سان ۽ هَڪلن ڪرڻ سان پکي هڪليندا آهن. سڄو ڏينهن هڪل پيئي پوندي. ڪن جو ته ايئن ڪندي آواز به گهِگهو ٿي ويندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته سَڏَ رهجي ويو. هڪل ڪرڻ جا به نمونا آهن: ڪي پيا چوندا، ’هولو ري هولو‘، ته ڪي ’هڙيو ليلي‘، ڪي ’ٻوڙي ٻوڙي‘ وغيره پيا چوندا. صبح جو ٿڌي پهر ۾ جهار گهڻي هوندي آهي، ڇو ته ساري رات پکي وڻن ۾ آرامي هوندا آهن. صبح جو وقت به ٿڌڪار وارو هوندو آهي ۽ بک به هوندي اٿن، انڪري کائڻ جا وارا ڪندا آهن. هاري ان وقت تڪڙا تڪڙا ڦيرا ڏيئي جهار هلڪيندا آهن. ڪٿي ڪٿي وڏن ڏهرن ۾، جتي گهڻيون ٻنيون هونديون آهن، اتي چوڌاري صبح جو رَڙ مچي ويندي آهي. ڪي ماڻهو ٽاٽ سان ٺڪاءَ ڪرائيندا آهن. ڪي بِينڀيو وڄائين ته پکي ڀڄيو وڃن، ۽ ”اوڙا“ ڪندا آهن. رات جو گوار يا ٻيو فصل هنداڻا، گدرا، وغيره هرڻ ۽ لُوڪڙ کائي ويندا آهن. اُنهن کان بچاءُ لاءِ ڇا ڪندا آهن جو ٻٺيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪاٺيون کوڙي ان ۾ ڦاٽل ڪپڙي جو ٽڪر ٻڌي ڇڏيندا يا مٿان ڪاٺيءَ ۾ ڪنو اوڌو ڪري وجهندا، جنهن کي ”اوڙو“ چون، جو رات جو پريان ماڻهوءَ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. اِهو ڏسي رات جو جهنگلي جانور به ڀڄيو وڃن ۽ ڏينهن جو پکي ڀڄيو وڃن. ڪجهه وقت بعد جڏهن ڪجهه داڻو ڏاڍيرو ٿيندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته هاڻي ”آبوُ“ ٿي آهن. ٻني ويجهي هوندي ته هاري سڄو ڏينهن ڪم ڪري شام جو موٽي گهر ايندا آهن، پر جي ڪجهه پنڌ هوندو يا ڀيلَ جو ڊپ هوندو ته رات جو ٻنيءَ تي ٽڪي پوندا آهن. ’هڪل ڪرڻ‘ بعد سڄو گهر ٻار وٺي ٻنيءَ تي رهندا آهن ۽ رات جو به ٻه ٽي دفعا ٻنيءَ کي ڦيرو ڏيئي ايندا آهن ته مٿان ڪو وهٽ وغيره ڀيل نه ڪري وڃي. ڀيل کان بچاءُ چوپائي مال کان بچاءُ لاءِ ٻنيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏبو آهي. وچ جي ٻني هوندي ته ڀيل نه ٿيندي يا گهٽ ٿيندي. ٻاهران ڳوٺ جي ويجهي پنڌ، يعني، گوچر جي ٻني هوندي ته ڀيل گهڻي ٿيندي. تنهنڪري لوڙهي جي ٻاهران چَري (کاهي) کوٽيو ڇڏين. چَريءَ جي ڪري جانور ڪونه ايندو. ڀيل جي حالت ۾ جتي جتي شهرن ۾ ڍَڪ آهن، اُتي جانور ڍَڪ ۾ ڏبا آهن، پر هراڙين ۾ ڍَڪ ڪونه آهن، ازان سواءِ ڪي ماڻهو چئن چڱن جي چوڻ تي ڀيل ورتل به واپس موٽايو ڏين. جي ”گڏ ويٺا آهيون، هي چار پئسا ڪيترو وقت کائبا. وات کائي، اکيون لڄائين. هن مان ڪو ورهيه ڪونه ڪاٽي سگهبو. وقت گذري ويندو، ڳالهيون وڃي رهنديون.“ مطلب ته ٿر جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي اکين جي ديدوندي آهي، هروڀرو بي مُحابا ڪونه ٿين. کانڀاڻي وسڪاري جو جهار هڪلڻ لاءِ هاري ماڻهو کانڀاڻي ٺاهيندا آهن، جنهن کي ٿري ”گوڦَڻَ“ چون، جا چمڙي مان يا اڪَواري يا سُٽ جي ڌاڳن مان ڳُتي ٺاهيندا آهن. ٻنهي ڇيڙن ۾ ٻانهن جيڏيون رسيون وجهندا آهن. هڪ پاسي رسيءَ جا ڇيڙا وراڪو ڏيئي اهڙيءَ طرح ٺاهيندا آهن، جيئن هٿ جي ٻن آڱرين ۾ قابو ٿين. رَسيءَ جو فوٽ کن ڊگهو ٻيو پاسو، سڌو ڇڏي ڏيندا آهن، جيئن ڌڪ هڻڻ مهل هٿ جي اڱرين مان کسڪي نڪري سگهي. کانڀاڻي هٿ ۾ جهلي، ڳوڙهو وجهي، پُٺن تي چاڙهي اهڙو ته زور سان هڻندا آهن، جو ڳوڙهو زوُڪاٽ ڪندو پيو ويندو. ڌڪ به اهڙو زور سان لڳندو، جو پکيءَ کي لڳو ته اُٽ ماري وجهندو ۽ ٺڪاءُ تي اوسي پاسي وارا پکي به اڏامي ويندا، انهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي. کانڀاڻي هڻڻ جا ٻه نمونا آهن: هڪڙو ته کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهو وجهي گول ڦيرائي پوءِ اڇلائيندا آهن، ٻيو وري ڳوڙهو وجهي پُٺن تي چاڙهي پوءِ اُڇلائيندا آهن. پويون نمونو وڌيڪ اثرائتو آهي. کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو اٽڪل ٻه سئو فوٽن تائين ويندو آهي. ڪي ڪي چُٽير اهڙا تجربيڪار آهن جو مجال آهي جو ڳوڙهو نشان تان گُسي وڃي! بعضي ڪي اُٺ، ڍڳا يا پاڏا ٻنين ۾ هِرندا آهن، جي اهڙا خوفناڪ هوندا آهن جو ماڻهوءَ سان وڙهي به پوندا آهن، جنهن ڪري سڀڪو ماڻهو ڊپ ڪندو آهي ۽ ويجهو وڃي هڪلي ڪڍڻ جي همت نه ٿيندي اٿن. انهيءَ حالت ۾ پري کان بيهي کانڀاڻيءَ جي ڳوڙهن سان ڌڪ هڻي ڀڄائي ڪڍندا آهن. ماڻهو چيڪي مٽي ڳوهي ڳوڙها ٺاهي سُڪائي رکندا آهن، جي گهرج مهل ڪم آڻيندا آهن، نه ته صرورت وقت ڪوبه ٺڪر ڀتر کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهي وانگر ڪم آڻبو آهي. ٿري ڳوڙهي کي ”گِلولِي“ چون. ٽاٽ ڪي جهنگلي جانور رات جو ٻنين ۾ نقصان ڪندا آهن، جيئن ته هرڻ ۽ سَها گوار ۽ مڱ کائي ويندا آهن، لُوڪڙ وري هنداڻا ۽ گدرا کائي چَڪ هڻي ڦٽائي ويندا آهن. ان لاءِ هاري رات جو ٻنيءَ ۾ ڦيرا به ڏيندا آهن، پر اونداهيءَ سبب بعضي ڏسي نه سگهندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ڇا ڪندا آهن جو ٻه – اڍائي پُرهه مضبوط رَسِي تيار ڪري، ان جي هڪ ڇيڙي ۾ ڏيڍ فوٽ کن سنهو اَڪَواري جي رسي ٽڪر جو پوڇنڊو وجهي تيار ڪندا آهن، ان کي ”ٽاٽ“ چون. اُن کي هڪ پاسي کان هٿ ۾ جهلي چوڌاري ڦيرائي اوچتو پوئتي وراڪو ڏيندا آهن ته زبردست ٺڪاءُ ٿيندو آهي، جيڪو ٻُڌي جانور ڀڄي ويندا آهن. ڏينهن جو به جهار هڪلڻ لاءِ اهڙيءَ طرح ٽاٽ ڪم آڻيندا آهن. ٽاٽ ٻنيءَ مان جانور ۽ پکي هڪلڻ جو موثر ترين ذريعو آهي. بِينڀِيو اَڪَ يا کٻڙ جي ڪلاٺيءَ کي چِپٿري گهڙي فوٽ کن ڊگهي ۽ انچ سوا کن ويڪري تيار ڪري، اُن جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽُنگ ڪندا آهن. ڏيڍ فوٽ کن سنهي رسي وٽي تيار ڪير ان جو هڪ ڇيڙو ٽنگ ۾ وجهي ٻڌي قابو ڪندا آهن ۽ ٻيو ڇيڙو هٿ ۾ جهلي، پنهنجي چوڌاري زور سان گول دائري ۾ ڦيرائيندا آهن، تن ان مان ڀُونءَ، ڀُونءَ ڀُونَ سان زوردار آواز ٿيندو آهي، جو ٻُڌي جانور ۽ پکي ڀڄي ويندا آهن. اُن کي ”بيسنڀيو“ چون. ننڍا ٻار ته اڪثر بينڀيا ٺاهي راند روند به پيا ڪندا آهن. ڀَڃ وجهڻ جڏهن ٻنيءَ ۾ سنگ نڪرندا آهن ۽ منجهن اَن جا داڻا ٿيندا ويندا آهن، تڏهن ڪو سڳورو ڏينهن ڏسي پکي هڪلڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي ’هڪل ڪرڻ‘ چئبو آهي. ڪجهه داڻا سخت ٿيندا ته اُن کي ‘آبوُ“ چون. پوءِ ڪو چڱو ڏينهن ڏسي پهريائين پنج سنگ ڪاني جي سَنڌ وٽان ڀڃي داڻا ڪڍي ڪنهن اولياءَ، پير، فقير کي ڀيٽ ڏيئي، يعني انهيءَ جي نالي ڪنهن مقرر جاءِ تي رکي، پوءِ سنگ هٿن سان مهٽي ڦوڪ سان داڻا صفا ڪري آڀوُ کائيندا آهن. انهيءَ کي ”ڀڃ وجهڻ“ چوندا آهن. ان بعد وقت بوقت آڀُو پٽي پيا کائيندا آهن. لابارو جڏهن ٻاجهريءَ جو فصل پچي تيار ٿيندو آهي، تڏهن هاري ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. ٻاجهر پَڪِي ٻاجهه ٿي، لٿو ڏولائو. عورتون ۽ مرد جهوليون ٻڌي ڏاٽي سان سنگ لُڻي جهوليءَ ۾ وجهندا ويندا، جنهن کي ’ڪانڀو‘ به چون. اَڌ لوئي جو انگ تي، ڪانڀا ڪيائون -(ساوڻ فقير) عورتون ڪپڙي جو مٿيون پاسو مٿي تي رکي، هيٺان ڪپڙو ورائي، ٻيئي پلاند چيلهه ۾ اڳيان ڪري ڳنڍ ڏين، ته جهولي (ڪانڀو) ٺهيو پوي. ڏاٽو اصل سنسڪرت لفظ ”داتر“ آهي. ٿري ان کي ڏاتيرو“ چون. جڏهن جهول ڀرجي تڏهن ٻنيءَ ۾ ڪنهن سخت زمين ٽڪر کي ٻُهاري صفا ڪري سنگ اُتي گڏ ڪندا ويندا. جنهن کي ”ڍڳلو“ چوندا آهن. اهڙي طرح سڄي ٻني لُڻي ڍڳلا ڍڳلا ڪندا ويندا. پکين جي بچاءُ کان مٿان سِڻ، مُرٽون، گهاما يا ٻيو گاهه ڏيئي ڍڪي ڇڏبا آهن. ڪنهن وڻ جي اوٽ ۾ يا ميدان ۾ ڪاٺيءَ جون چار ٿوڻيون کوڙي، انهن تي آڏوريون رکي اندران کونٽا (ڪايا) پکيڙي وچ ۾ سِڻَ ۽ گهاما ڏيئي ڪَرهِي تيار ڪري، ان ۾ لُڻيل سنگن جون ڀريون ٻڌي وجهندا ويندا. ڀَريءَ ۾ ڪافي سنگ هوندا آهن، جو همت وارو مڙس کڻي سگهندو آهي. ڀريءَ مان اٽڪل هڪ مڻ ته گهٽ ۾ گهٽ اَنُ ٿيندو آهي، ڪن ۾ وڌيڪ به ٿيندو آهي. ڀرين جي انداز مان اَنَ جو تخمينو به ٻڌائي سگهندا آهن. ٻنيءَ ۾ زمين جو سخت ٽڪر نهاري ٻُهاري صفا ڪندا آهن، جنهن کي ”کرو“ چوندا آهن. پنهنجي کائڻ لاءِ ڪجهه سنگ کَرَي ۾ سڪائي ڌُڪن سان ڪُٽي ڇڄ سان وائوري (اوُنڌڻي) اَن صفا ڪندا آهن. باقي سنگ ڪَرهِيءَ ۾ وجهندا. پهرئين دفعي لُڻڻ بعد ڪچا سنگ رهجي ويندا آهن، اهي پچڻ بعد ٻئي دفعي لڻندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪي ٽئين دفعي به لُڻندا آهن. پوءِ به اڃا ڪو نالي ماتر سنگ بچيل هوندو ته اهو پڇاڙيءَ جو دفعو لڻي وٺندا جنهن کي ”چونڊو ڪرڻ“ چوندا آهن. ڪَرهِي ڀري مٿان سِڻ ۽ ٻيو گاهه ڏيئي پاسن کان مضبوط ڍنگهرن سان ڍڪي ڇڏيندا. ٻه چار، ڇهه مهينا سنگ پيا هوندا آهن. چوريءَ جو ڪوبه ڊپ ڪونهي، فقط ڪئا نقصان ڪندا آهن. اُنهن کان بچاءُ لاءِ ٻيرڙيءَ جا ڪنڊا وڍي ڪَرهِيءَ جي تري ۾ رکبا آهن ته پوءِ ڪُئن کي وجهه نه لڳندو. چونڊو ڪرڻ جڏهن ٻنيءَ ۾ فصل پچندو آهي، تڏهن مالڪ لڻي وٺندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻه – ٽي ڀيرا لُنپ ٿيندي آهي. ان بعد به جي ڪي ٿورا ننڍا سنگ رهجي ويندا آهن، ته پوءِ اهو آخري دفعو يا ته مالڪ پاڻ لڻي وٺندو آهي يا ڪڏهن ڪا بيواهه يا رَن زال، جا بلڪل غريب هوندي آهي، سا مالڪن کان موڪلائي، اُهي ننڍڙا سنگ ساري سنڀالي هڪ هڪ ڪري لڻي وٺندي آهي، جنهن کي ”چونڊو ڪرڻ“ چوندا آهن. هن بعد ٻنيءَ مان ڪانا وڍي وٺندا آهن يا ڀيلائي ڇڏيندا آهن، جو پوءِ ڪانا مال کائي ويندو آهي. لاس يا آٻٿ سڀڪو هاري پنهنجي ٻنيءَ جو ڪم گهر جي ڀاتين سميت ڪندو آهي. پر جي ڏسندو ته ڪم گهڻو آهي يا ترت ڪرائڻو آهي ۽ خرچ جي وصالت آهي ته پوءِ ڳوٺ مان ڏهه – پندرهن – ويهه يا وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪري ڪم پورو ڪرائيندو آهي، جنهن کي ”لاس“ يا آٻٿ“ چئبو آهي. هن حالت ۾ مزدوري ڪانه ڏيڻي پوندي آهي، پر پهچ سارو ماني ٻاجهري جي، ماني گيهه سان، چانورن جو ڀت، پُلاهه يا سِيرو کارائڻو پوندو آهي. لاس، سوُڙ ڪرڻ، ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڪبي آهي. سڀيئي ماڻهو لاس ڪونه ڪن، هُو پاڻ ڪم ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته لاس تي خرچ ٿيندو آهي، تنهنڪري ڪي ڪي پڄنديءَ وارا لاس ڪندا آهن. لاسيا جڏهن گجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندا آهن تڏهن عجيب نظارو هوندو آهي. اُهي وندر لاءِ وري ڪونه ڪو لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪندا آهن. پوءِ سُر سان ڳائيندا ويندا ۽ ڪم ڪندا ويندا. ڳائڻ سان ٿڪ محسوس نه ٿيندو آهي. وندر جي وندر ۽ ڪم جو ڪم. گهڻو ڪري ”همرچوڙي لا“ لوڪ گيت ڳائيندا آهن. پر ڪي ٻيا ٿري لوڪ گيت مثلاً ڀئيو، لِکيئو وغيره به ڳائيندا آهن. لاباري جي مهل گهڻو ڪري عورتون لاس ڪنديون آهن، ڇو ته اهو ڪم اهڙو سخت نه آهي. لاس ڪرڻ ڪري ڪم ۾ هڪ قسم جي هَٿي اچي ٿي ۽ هونئن جيڪر هاري کان ڪم نه ٿئي يا دير سان ٿئي سو يڪدم ٿيو پوي. کَرو ڪُٽڻ جڏهن ضرورت پوندي آهي تڏهن سنگ کري ۾ وجهي پکيڙي سُڪائي گڏهن يا اُٺن جي هَلر ڦيري ڳاهي گڏ ڪري ڍڳي ڪندا آهن، جنهن کي ”ماڏَ“ چوندا آهن. پوءِ اها ماڏ ڇڄ سان وائوري اَن صفا ڪندا آهن، ان کي ”اوڌاڻ“ چون. جي هوا گهٽ هوندي ته ڪاٺيءَ جو ٽڪنڊو ٽڪر ڪجهه تختي وانگر گهڙي، ان جي ٽنهي ڇيڙن ۾ پينگهي جي گهوڙين وانگر چار – پنج فوٽ ڊگهيون ڪاٺيون وجهي تيار ڪندا، جنهن کي ”ٽيئا“ چوند آهن. ان تي چڙهي پوءِ وائوريندا آهن، جيئن مٿي بيهڻ ڪري هوا وڌيڪ لڳي ۽ اَن چڱيءَ طرح وائورجي سگهي. اهڙيءَ طرح اَن صفا ڪري ڍڳي ڪندا آهن. انهيءَ پهرئين دفعي ڳاهيل ماڏ مان نڪتل اَن کي ”راهَ“ چوندا آهن، انهيءَ اَن جو داڻو وڏيرو هوندو. راهه جي ڍڳ چوڌاري ڦُلهيار ليڪي وانگر ٻُرڪائيندا آهن، جنهن کي ”ڪارَ“ چون. سندن عقيدو آهي ته ائين ڪرڻ سان اَن ۾ برڪت پوندي. پوءِ ڍڳ مان هڪ ڇڄ ڀري جدا رکي ڇڏيندا. ان کي ”سِيئاٿَر“ چون، جو پوءِ پنهنجي نياڻيءَ کي ڏيئي ڇڏيندا. اُن بعد اَن جون جهوليون ڀري ٻوريون (کاهين) ۾ وجهندا، جنهن کي ”ڀَرپَ“ چون. پهرين جهولي وجهڻ سان ”هڪ“ ڪونه چوندا پر ”برڪت“ لفظ چوندا. کائين ۾ اَن وجهڻ وقت ڳالهائڻ بند ڪندا آهن، ڇو ته ان کي اهو خيال ويٺل آهي ته ڳالهائڻ ڪري اَن بي برڪتو ٿيندو. باقي جيڪي تُهه بچندا آهن، جن ۾ اَن رهجي ويندو آهي، ان کي ”ڏانٺر“ چون. اُنهن کي وري ڌُڪين سان ڪَٽي، گهڻا هوندا ته هلر سان ڳاهي، وائوري اَن صفا ڪندا آهن. اهو جدا ٻورين ۾ وجهندا آهن ڇو ته ”راهه“ جي ٻاجهريءَ جي داڻي جي ڀيٽ ۾ ”ڏانٺرن“ جو داڻو ننڍو ٿيندو آهي. قرض ۾ ڏيڻ يا وڪڻڻ لاءِ اها ٻاجهري ڪم آڻيندا آهن. اڃا ٻُري بچندي آهي، جنهن ۾ ڪو ڪو داڻو هوندو آهي. انهيءَ ٻُريءَ کي وائوري داڻن واري ٻُريءَ کان جدا ڪري ڪُٽي اُن مان به ٿورو گهڻو اَن ڪڍندا آهن، جنهن کي ”ڪُنڊي“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح اَن صفا ڪرڻ لاءِ ”کرو ڪُٽڻ“ چوندا آهن. پڇاڙيءَ وقت ڪي غريب عورتون يا ٻار ايندا آهن، جنهن کي ”کَراڪيا“ چون. انهن کي هوند سارو خيرات طور اَن ڏيندا آهن، جنهن کي ”کَراڪيا“ چون. ڪنهن کي به خالي نه موٽائيندا آهن. کَري تان خالي موٽائڻ پاڻ لاءِ عيب سمجهندا آهن. کَري جو ڪم ختم ڪندا ته چوندا ”کرو اُپِڙِيو“ يعني ڪم پورو ٿيو. ان رکڻ اَن کي ٿري ”ڌانَ“ چون، جو اصل سنسڪرت لفظ ”ڌانيه“ مان نڪتو آهي. کري ۾ ان صفا ڪرڻ بعد ٻورين (کاهين) ۾ وجهي اُٺ تي رکي گهر کڻي ايندا. ٻوري وچ تي ڳنڍيل هوندي آهي. انهيءَ ڳانڍاپي کي ”بِٿَ“ چون، جنهن جي ڪري ٻوريءَ جا ٻئي پاس هڪ جيڏا ۽ جدا ٿي پون، جنهن مان هرهڪ کي ”ڪُٿو“ چون. اَن ڪُٿن ۾ وجهي منهن سبي قابو ڪندا. اُٺن تي کڻي اچڻ مهل جي ڪنهن پاسي ٿورو آَهِلِي يعني لوڙو ٿيو ته چوندا ”اوهارو“ يا ”اَنيرو“ ٿيو آهي، متان ڪِري نه پوي، تنهنڪري هيٺئين پاسي کي ٿورو مٿڀرو ڪري سَرکو ڪندا. گَهر اچي اَن مٽيءَ جي ٺهيل ڪوٺين (گندين) ۾ وجهي رکندا آهن. مٿان منهن تان ڍڪ ڏيئي لِنبي ڇڏيندا آهن. ڪي گُنديون ننڍيون ۽ ڪي وڏيون ٿينديون آهن، جن ۾ ويهه – پنجويهه مڻ يا وڌيڪ اناج ماپي سگهندو آهي. ڪي ننڍيون چونڪيون ٺاهيندا آهن، جن کي ”ڪَڙِسارا“ چون، انهن ۾ اَن وڌيڪ پئجي سگهندو آهي. ڪوٺيءَ يا گُنديءَ جي بچاءُ لاءِ ڪکن جي جهوپڙي ٺاهيندا آهن، جنهن کي ”جهانپو“ چون، جيئن برسات وغيره ۾ خراب نه ٿئي. اها جهوپڙي ٽوپي وانگر هوندي آهي جا ضرورت وقت لاهي، وري مٿان رکي ڇڏيندا آهن. اَن ڪڍڻ لاءِ ڪوٺي ۾ هيٺئين پاسي ٿورو کول ٽنگ رکندا آهن، جنهن کي ”سوُهڻ“ چون. اُن ۾ ٿڳڙ وجهي لنبي ڇڏيندا آهن، ضرورت وقت اهو کولي اَن ڪڍندا آهن. ڪوٺي اندر ڪڏهن ڪڏهن هڪ قسم جو ڳاڙهو جيت اَن ۾ پيدا ٿيندو آهي، جو نقصان ڪندو آهي، اُن کي ”اِلِي“ چوندا آهن. بعضي اڇيون لَٽون (گَڏروُن) به پونديون آهن. جيتن کان بچاءُ لاءِ ڇا ڪن، جو شروعات ۾ ڪوٺيءَ جي تري ۾ چُلهه جي رک (بانِي) ڇاڻي ڇٽيندا آهن ۽ ٿوري ٿوري رک، سڄي ٻاجهريءَ سان ڀيڙ ڪري پوءِ وجهندا آهن. ڪي نيم جا پن اَن ۾ گڏيندا آهن. ائين ڪرڻ سان اِلي ۽ ٻين جيتن کان بچاءُ ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي – چار سال بلڪ وڌيڪ وقت تائين اَن رکيو هوندو آهي. ٻاجهريءَ جي ٻُري به ڪمائتي آهي. ڪي ماڻهو کَري تان ٻورا ڀري گهر اچي رکندا آهن، جو اونهاري جو گوار سان گڏي رڌي ڍڳين ۽ مينهن کي کارائيندا آهن، ۽ جاين لنبڻ لاءِ بُري گاري ۾ به وجهندا آهن. ان جي ملائڻ ڪري مٽي ميڙ کائيندي آهي ۽ راڳو ڦوٽون نه کائيندو، جنهنڪري برسات وقت جاءِ جو موثر بچاءُ ٿيندو آهي. گُوار وڍڻ گوار جڏهن پچي تيار ٿيندي آهي، تڏهن جي سخت زمين وارو قد جو وڏو ۽ گهاٽو هوندو ته ڏاٽي سان وڍبو. پر جي نرم زمين هوندي ته هن سان اُکوڙي ننڍا ننڍا ”پاٿرا“ ٺاهيندا ويندا. گوار پٽڻ لاءِ صبح جو وقت، خاص ڪري جڏهن ماڪ پوندي آهي، نهايت سٺو آهي، ڇو ته اُن وقت نڪي ڦريون ڇڻنديون ۽ نڪو ڦرين مان داڻا ٽِڙڪي نڪري زيان ٿيندا. پاٿرن سوڪڻ بعد ٿڌ جي پهر ۾ ڪپي يا رسيءَ ۾ ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ ڍڳ ڪري ڪنڊن جي ڍنگهرن سان ڍڪي ڇڏيندا. ضرورت هوندي ته بروقت، نه ته گهرج وقت کري ۾ وجهي ڌڪن سان ڪُٽي وائوري صفا ڪندا آهن. هن جو داڻو ڳاڙهسري رنگ جو ٿيندو آهي، جنهن کي ”مٺو گوار“ چوندا آهن. گوار ٿرين لاءِ وڏي نعمت آهي. اُن کي ڏري، ڪي ماڻهو ٻُريءَ سان رڌي ۽ ڪي پاڻيءَ ۾ پُسائي مال کي کارائيندا آهن. فصل گڏ ڪرڻ مڱ ۽ چونرا: مڱن ۽ چونرن ۾ جيئن ڦريون پچنديون وينديون، تيئن چونڊيندا گڏ ڪندا ويندا. پوءِ سڪائي ڪُٽي اَن ڪڍيو وٺن. مڱن مان دال ۽ پاپڙ ٺهن. ويشنو ماڻهو چانورن ۾ مڱن جي دال وجهي کچڻي تيار ڪن، جا کائڻ ۾ ڦَرِڪي ۽ وڻندڙ ٿيندي آهي. ڪيترائي مڱ ٻاهر وڪري لاءِ ويندا آهن. مڱن جي ڦرين جا ڇلر گڏ ڪري رکندا اهن جي اُٺ، ٻڪريون ۽ ڍڳويون کائينديون اهن. چونرن کي ڏري اڌ ڪري چانورن سان به رڌبا آهن ۽ دال وانگر به ڪم ايندا آهن. غريب ماڻهو چوُنر ٻاڦي گُگهِريون ڪري کائيندا آهن، وڪڻي پئسا به ڪمائيندا آهن. تر: ترن کي تِلَ چون، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ پنهنجي اصلوڪي صورت قائم رکيو اچي، تر جڏهن پچن تڏهن ڏاٽي سان وڍي ننڍا ننڍا کَڏا (پوريون) ٻڏي، اُڀا ڪري هڪٻئي جي ڀرسان رکي ڇڏين. سڪڻ تي ترن جون سونگيون مٿان ڦٽي پونديون آهن. پوءِ گڏا هٿ سان اونڌا جهلي ڪاٺيءَ سان کڙڪائيندا آهن ته تِر پٽ تي ڇڻي پوندا آهن، جن کي ٻهاري گڏ ڪري صفا ڪندا آهن. سونگيون ۽ ٻوٽي جا ڏنڊا ڪُٽي سنها ڪري رکندا آهن جو اُٺن لاءِ چَرهو (چارو) ٿيندو آهي. ترن مان ڪيتريون ئي سيون ٺهنديون آهن. ترن ۾ کنڊ وجهي ڪَچا کائبا آهن. بعضي تئي ۾ سيڪي ڳڙ جو گهاٽو پاڻي تانءُ ۾ ٺاهي، سيڪيل تر اُن ۾ وجهي مُٺيا ٺاهيندا آهن. تر وڏي مقدار ۾ وڪري لاءِ موڪلبا آهن. ڪورڙ: هي فصل پچي تيار ٿئي ان وقت گهوڙي جو دلپسند کاڌو آهي. اُٺ به چاهه سان لائيندا آهن. پچڻ تي ٻوٽن کي پٽي کري ۾ پنن کي جدا ڪن، جنهن کي پَنِي چون، جا مال جي کاڌي لاءِ ڪم اچي ۽ ان وڪرو ڪن. ضرورت کان وڌيڪ گوار، تر، مڱ، چونرا ۽ ڪورڙ وڪرو ڪري پيا ڪمائين. ڪنٺي ۾ ته اهو فصل اهڙو ڀلو ٿيندو آهي، جو ڪي ڪي ماڻهو نهايت سکيا ستابا ڏسبا آهن. ٻنين ۾ ڪارينگ (ڇانهه)، چِڀڙيون (گدريون)، گدرا، چڀر، متيرا ۽ ميها وغيره جام ٿيندا آهن. جيئن پچندا ويندا تيئن هاري کائڻ وقت انهن جا ٻج گڏ ڪندا ويندا. پڇاڙيءَ جو ٻني ڇڏڻ وقت گِدريون ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي وينديون آهن، باقي ڇانهه بچندا آهن، سي هاري کڻي اچي گهر ڀري ڇڏيندا آهن، جو سٺو سيارو پيا کائيندا آهن. باقي ننڍا وڏا ڇانهه گڏ ڪري ڀڃي ڪُريون (ٻج) ڪڍي وٺندا آهن. ڇانهن جا کُفَر سڪائي رکندا آهن، جي اونهاري جو مال کي کارائيندا آهن. ڏياري جي رات ٿانءُ ۾ سنگهه مصري گهاٽي ڳاري ان ۾ ٿورو سِندر گَڏي نجهس هنداڻن جون ڪُريون (ٻج) وجهي رکندا آهن. ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪڍي ڇانو ۾ سڪائيندا آهن، ان کي ”پايل ٻج“ چوندا آهن. هن جي پوکڻ سان ڇانهه مٺا ۽ واڙهي رنگ جا ٿيندا آهن. اَنب جو رَس ڪڍي کنڊ ۽ ٿورو پاڻي وجهي ان ۾ ڇڀڙين (گدرين) ۽ گدرن جو ٻج رکي ڇڏين. ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪڍي ڇانو ۾ سڪائي رکن. انهيءَ ٻج مان پيدا ٿيل گدريون ۽ گدرا کائڻ ۾ لذيذ، ٿورا کٽمٺا ۽ وڻندڙ ٿيندا آهن. سيڪڙ ڪرڻ ٿر ۾ سڀني هنڌن تي هڪجهڙي برسات نه پوندي آهي، ڪٿي گهٽ، ڪٿي وڌ، ته ڪٿي پويئي ڪانه. جتي برسات نه پوندي آهي اُتي آبادي نه ٿيندي آهي. اُتي جا ڪي غريب ماڻهو، جتي برسات پيل هوندي ۽ ملڪ ڀلو هوندو، اُتي جي ڪو مِٽ مائٽ، گنات يا دوست وغيره هوندو، ته ان وٽ لنگهي ويندا. ڪجهه وقت رهي انهن کي ٻنيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪرائيندا ته اُهي وري ان جي عيوض سنگن جي ڀري ڀري ڏيندا، ۽ جنهن وٽ وڃبو اُهو وري پنهنجي برادري ۽ سنگت ساٿ کي چوندو ته اُهي به حال سارو سنگ ڏيندا. اهڙيءَ طرح ڪٿي وڃي سنگ گڏ ڪرڻ کي ”سيڪڙ ڪرڻ“ چئبو آهي. سڀيئي ائين ڪونه ڪن، ڇو ته ائين وڃڻ ڪو سولو ڪم ڪونه آهي. چوندا آهن ته ”ڏيڻ سولو آهي، گهُرڻ ڏکيو آهي.“ پر ڪي تمام غريب ماڻهو ائين ڪندا آهن بعضي ڪي ويچاريون رنڙ عورتون پنهنجن مائٽن ۾، آباديءَ جي زماني ۾ وڃي سيڪڙ ڪنديون آهن. پلو وڍڻ ٿر جي ڏهر جي ٻنين ۾ جهنگلي ٻيريون گهڻيون ٿينديون آهن. ڏهر ڪَنٺي واري ڀاڱي ۾ گهڻا آهن. تنهنڪري اُتي ته بنهه گهڻيون ٿينديون آهن، باقي ٿر ۾ چڱين ٿينديون آهن. انهن کي ليڏاڻ وقت نه وڍبو آهي. ٻنين ڇُٽڻ وقت نومبر جي پڇاڙي ۽ ڊسمبر ڌاري اُهي وڍي پيئي (ٻياني) سان هلڪا هلڪا ڍڳ ڪندا ويندا، جنهن کي ”پاهي“ يا ”ڀِينَٽَ“ چوندا آهن. ڇچوٿين ڏينهن ٻيانيءَ سان کڻي هڪ سخت زمين جي صفا ڪيل ٽڪر تي رکي مٿان هلڪا هلڪا ڌڪ هڻندا آهن ته پن سڀ ڇڻي پوندا ۽ باقي ڍنگهر (ڪَنڊا) بچندا، جي جدا پري رکندا. اهڙيءَ طرح سڀ پن ڇاڻي ڍڳو ڪندا آهن، جنهن کي ”پلو“ چوندا اهن. پوءِ جالنگ ٻورا ڀري اُٺن تي کڻي گهر اچي رکندا. جاءِ هوندي ته واه، نه ته ڪاٺين جي ڪَرهِي ٺاهي اُن ۾ رکندا اهن. سياري جو اهو چارو ُٺن لاءِ فائدي وارو آهي، ڇو ته چوندا آهن ته پلو تَپَلو يعني گرم آهي، جنهنڪري وهٽ تي سيءَ جو اثر نه ٿيندو آهي. اُٺن کان سواءِ ٻڪرين کي به پلو کارائبو آهي ته کير وڌيڪ ڏينديون آهن. جي ڪنهن وٽ ضرورت کان وڌيڪ پلو هوندو ته وڪڻي ڇڏيندو. جالنگ ٻوري جي قيمت رواجي طرح ڇهه – ست رپيا، پر ڪڏهن ڪڏهن ڏهين – ٻارهين رپئين تائين به وڪامندو آهي. هوليءَ کان پو3 گرم موسم ايندي آهي، اُن بعد پلو ڏيڻ بند ڪندا اهن. پن ڇاڻڻ بعد جي ڪنڊا بچندا اهن، سي پنج – ست ڀينٽ گڏ ڪري ٻيانيءَ جي وسيلي مُرسارو مٿي تي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”اوپاڙو“ چون. بعضي اهي ڪنڊا اُٺن تي به کني ايندا آهن. اُٺ جي پُور کي ”ڀينسارو“ چون. هنن مان گهر جا لوڙها ٺاهيندا آهن، جي ڪم خرچ ۽ مضبوط ٿيندا آهن. دَن يا ڪالَر ٿر جي ماڻهن وٽ چوپايو مال ججهو آهي. چراگاهه به آهن، جتي برسات پوڻ وقت گاهه جام ٿيندو آهي جو گڏ ڪري رکجي ته ڏکئي وقت ڪم اچي، ڇو ته برسات سڀ ڪنهن سال ضرورت جيتري ڪانه ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن ڏڪار پوندو آهي تڏهن جيڪر ڪمائتو ٿئي. پر ٿري ماڻهو ان جو فائدو ڪونه وٺندن، البت پارڪر جا ماڻهو گاهه گڏ ڪري رکندا اهن. ٻاجهري ۽ جوئر (جا بلڪل ٿوري ٿيندي آهي) جا ڪانا ڪيترا هاري ته وڍيندا ئي ڪونه آهن. پر ڪنهن سال ڏسندا ته گاهه گهٽ آهي ته پوءِ ڪجهه وڍيندا آهن. صبح جو ٿڌ ۾، اڃا به جي ڪنهن ڏينهن ماڪ پوي ته اهو وقت ڪانن وڍڻ لاءِ سٺو آهي. ڇو ته ماڪ سبب گهم هوندي، جنهنڪري پن ڪونه ڇڻندا آهن. سخت زمين ۾ وڏا ۽ مضبوط ڪانا هوندا آهن. پر جي زمين نرم ۽ ڪانا ننڍا ۽ ڪَچا هوندا (جنهن کي چاٻ چوندا آهن) ته هٿ سان اُکوڙيندا آهن. ٿورا ٿورا گڏ ڪندا رکندا ويندا، جنهن کي پاٿرا چوندا آهن. سُڪڻ بعد ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ ڌن يا ڪالَر ٺاهي رکندا آهن. مينهن ۽ مال کان بچاءُ لاءِ مٿان سِڻ ۽ مُرٽُون ڏيئي نوڙين سان قابو ڪري چوڌاري ڍنگهر ڏيئي ڇڏيندا آهن. اڃا به مال جو ڊپ ساريندا ته ٻاهران گول کاهي کڻي ڇڏيندا. اهڙيءَ طرح ٻه – چار سال رکڻ سان به خراب نه ٿيندا آهن. اهي ڏپ کائي اهڙا مضبوط ٿي ويندا آهن، جو برسات جو پاڻي اندر وڃي نه سگهندو آهي. ضرورت وقت کولي مال کي کارائيندا ۽ وڪرو ڪندا آهن. ڏڪار وقت اٺن – ڏهن رپين مڻ تائين به وڪرو ٿيندو آهي. پارڪر ۽ ڪنٺي جا ماڻهو ڪالر جي وچ ۾ خال ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ اَن يا کوارٽِي رکي ڇڏيندا آهن ته حفاظت سان پيئي هوندي آهي. ڪي ماڻهو ڪانا ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري مال کي ڏيندا آهن. ائين ڪرڻ ڪري اٽڪل چوٿون حصو لتاڙ ۾ خراب ٿيو وڃي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو ڪفايت جي خيال کان ڪانن جي ڪُتر ڪري ڍڳين ۽ مينهن کي ڏيندا آهن، ائين ڪرڻ سان زيان نه ٿيندو آهي. فصل کڻڻ ۽ ڪانن وڍڻ بعد ٻني ڇڏي ڏيندا آهن، چوندا ته ٻني ڀيلائي ڇڏيسين. پوءِ مال پيو چرندو ته چوندا مال ڀيرلاڙَ ٿو چَري. باب تيرهون جانور ٿر ۾ مکيه ٻن قسمن جا جانور ٿين، گهرو جانور ۽ جهنگلي جانور. *گهروجانور: مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون ۽ سانڍيون (ڏاچيون) کير ڏيندڙ جانور آهن. اُٺ، گهوڙا ۽ گڏهه سُواري ۽ باربرداري لاءِ آهن. ڪُتا پاليل ۽ رولو هوندا آهن، ٻلا ڳوٺن ۾ رهندا آهن. جهنگلي جانور: هرڻ، سهو، گدڙ، لوڪَڙ، جَرک (چراخ)، جهنگلي ٻلو وغيره. هرڻ ۽ سَهي جو شڪار ڪبو آهي. سِهڙ ٿر ۾ عام نه آهي. ٿر ۾ ٻيلا يا گهاٽو جهنگ ڪونه آهي، جنهنڪري اتي چوپائي مال کي نقصان رسائيندڙ يا خوفناڪ جانور ڪونه ٿين. مينهون: ٿر ۾ ٿوريون آهن، سي به ڪن شاهوڪارن وٽ، ڇو ته مينهن کي کپي ججهو کاڌو ۽ پاڻيءَ جون سهوليتون، سي ٿر ۾ گهٽ آهن. ڍڳيون: ٿر ۾ چڱي تعداد ۾ آهن. مالدارن جي گذران جو خاص مدار ڍڳين تي آهي. ڪن وٽ گهڻيون، ڪن وٽ هڪ ٻه هونديون آهن. جنهن گهر ۾ ڍڳي هوندي ته ڄڻ اُها آڪهه اولَڻَ (ڳُنڌڻ) لاءِ آسودي، ۽ خرچ به رواجي طرح گهٽ، البت ڏڪار وقت تڪيلف ٿيو پوي. ٻڪريون: غريب ماڻهن لاءِ ٻڪريون چڱيون آهن. ڪي سياري جي شروعات ۾ ويامن ته ڪي فوري اونهاري جي پڇاڙي ۽ برسات کان اڳ پيرُن وارن ڏينهن ۾ ويامن، جنهنڪري ٻڪرار جي گهر لَسيءَ جي لَپ سدائين هجي. ڏڪار وقت به ٻڪرين تي گهڻو خرچ ڪرڻو ڪونه پوي. ڇيلن ۽ ڏاس جي وڪري مان ججهو اُپراسو ٿئي. رڍون: ٿر ۾ ٿوريون آهن. پارڪر ۾ رَٻارين وٽ رڍن جا ولر هوندا آهن. هي به ٿور خرچو ڌڻ آهي. گهيٽن ۽ اُن جي وڪري مان چڱو اُپراسو ٿئي. خاص ڪري ڪارين رڍن جي اُن وڏي اگهه سان وڪامندي آهي. اُٺ: ٿر ۾ غريب ماڻهوءَ جي آڪهه جي گذر لاءِ اُٺ جهڙو ڪوبه ڪمائتو جانور ڪونه آهي. هن کي ”سُڪيءَ جو ٻيڙو“ چوندا آهن. سواريءَ لاءِ ڪم اچي، ڪوس ڇڪڻ، بار کڻڻ ۽ وسڪاري جو هر ڪاهڻ جي ڪم اچي. غريب ماڻهو ڀاڙا کڻي، ڪاٺين جا لَڏا کڻي وڪرو ڪري ڪٽنب جو گذران ڪندا آهن. گهوڙا: ٿر ۾ گهٽ آهن ڇو ته گاهه ۽ داڻي جو خرچ غريب ماڻهو برداشت ڪري ڪونه سگهن. چوندا آهن ته ”گهوڙا گهر ٿا کائين.“ هڪ گهوڙي جو خرچ چئن پنجن ماڻهن جي آڪهه جي خرچ جي برابر آهي. گهوڙا يا ته ڪي شاهوڪار ماڻهو رکن يا وري ٻانڀڻ گُرڙا ۽ مڱڻهار فقير وغيره رکن. ڇو ته انهن جا راڄ ٻڌل آهن، تنهنڪري چڙهيءَ لاءِ ڪم اچن ۽ ٻاهر رهڻ ڪري گهوڙي جو گاهه ۽ داڻو مفت ۾ ملي. گڏهه: هي ٿورَ خرچو پر ڪمائتو وهٽ آهي. غريب ماڻهو گڏهه ڌاريندا آهن. شهرن ۾ مِٽي ۽ سِرن ڍوئڻ، وسڪاري جو هر ڪاهڻ، گهر لاءِ پاڻي جا جَنڊا ڀرڻ ۽ ڪوس ۾ واهڻ جي ڪم اچي. ڪم لٿي ڇوڙي ڇڏبو آهي ته ويچارو پاڻيهي پيو جهنگ مان پنهنجي کاڌي جي پورت ڪندو آهي. ڪُتا: ڪي مالدار ماڻهو ڪُتا پاليندا آهن، جيئن ڪو مال چوري ٿي نه وڃي. جيتوڻيڪ ٿر ۾ چوري گهٽ آهي ته به انديشو ضرور رهي ٿو، نه ته ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري سڀ رولو ڪتا رهندا آهن. ٻلا: گهرن ۾ رهندا آهن، اهي پاليل ڪونه هوندا آهن، رولو آهن. ڪي ٻِلا جهنگ ۾ رهندا آهن، جن کي ”جهنگ ٻِلا چوندا آهن. هِرڻ: اڳي سڄي ٿر ۾ هرڻ گهڻا هئا مگر هاڻي فقط ڪڇ جي رڻ جي ڀرسان ۽ اوڀر طرف ڀارت جي حد ڀرسان ٿورا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. باقي وچ ٿر ۾ ڪونه آهن. انهن جو شڪار ڪبو آهي. سَهو: هي بلڪل ڇِڊا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪولهي ۽ ڀيل شڪار ڪندا آهن. لُوڪَڙ: ڀيل ۽ ڪولهي هن جهنگلي جانور جو شڪار ڪندا آهن. جرک ۽ گدڙ: هي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ رهندا آهن، باقي ٿر ۾ ڪونه آهن. مالدار ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ته مال ڌارين، پر شهري ماڻهن جي به مال کان سواءِ نه سَري، اهو ڪو گهر ورلي هوندو، جنهن وٽ گانيون يا ٻڪريون نه هجن. هوند سارُو ڪن وٽ گهڻيون، ڪن وٽ ٿوريون، پر هونديون ضرور. ڍڳي نه هوندي ته مَن ٻڪري هجي. اهڙو ڪو گهر ڪونتر هوندو، جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي. شهري ماڻهو، ڍڳيون جيستائين مڙنديون، تيستائين پاڻ وٽ رکندا، بِسوڪَڻ (وِهڪڻ) بعد ٻهراريءَ جي مالدارن وٽ، جي مُهاڙيا هوندا آهن ۽ ساڻن ڏيتي ليتي يا سنگت ساٿ جي ننگ ڪري يا چارائي تي ڇڏيندا آهن. ٻهراريءَ جي ماڻهن جي ته ملڪيت آهي ئي اهو چوپايو مال، جنهن لاءِ چوندا آهن ته ”سون جي رتيءَ کان رت جي رتي وڌيڪ آهي.“ چوپائي مال کي چون ”ڌڻ“، کير مکڻ جهڻ کي چون ”ڌِيڻو“، مالدار کي چون ”ڌَڻودي“ ۽ چاريندڙ کي چون ”ڌنار“. جنهن مالدار جي پنهنجي مال تي دل هوندي ته ان ۾ برڪت پوندي، يعني واڌارو ٿيندو ويندو. ”ڌڻ ڌار ته لٺ کڻي چار“، تنهنڪري مال پَهرائڻ، چارڻ، ڏُهڻ، پسارڻ وغيره جو ڪم پنهنجي سِر ڪن. لاچاري حالت ۾ ماڻهو رکڻو پوي، باقي جنهن مال تان دل کنئي ته پوءِ ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو. ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي“، ڌڻ آهي ڌڻيءَ سان، ٻيا ڪهڙو چاريندا پياريندا. جنهن وٽ مال ججهو سو ٿيو ڀاڳ وارو، تنهنڪري اُن کي ڀاڳيو چون. مالدارن جي ملڪيت جي ڪَٿ به ائين ڪندا آهن، ته فلاڻي وٽ هيتريون رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون، اُٺ وغيره آهن. چوپائي مال کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه سَري. پنهنجي ڌيڻي جهڙو ڪجهه ڪونهي. جنهن وٽ ڏيڻو نه آهي سو سدائين سورن ۾، ۽ ماڻهن جي نظر ۾ به ڪِريل، ڇو جو پرائيءَ جو ڪهڙو آسرو. اويل سويل مزمان آيو ته ڪنهن جي در تي وڃڻو ڪونه پوندو. گيهه پنهنجو، کير ڌونرو ۽ لَسي جي لَپ سان ماني ڏيندا. مهل آڪوبت (عاقبت) سان گذري ويندي، ڪنهن جي اوسياري (محتاج) ٿيڻ جو ضرور ئي ڪونه ٿيندو. پيٽ پارين پهنواريون ڪن چوڙيليون چوئِي. ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جن وٽ مال ٿورو هوندو آهي يا ڪي رنڙ زالون اهڙيون آهن، جن وٽ هڪ ڍڳي يا ٻڪري هوندي آهي ۽ گذران جو ٻيو ڪو وسيلو نه هوندو آهي ته اُن جو کير ولوڙي، لسيءَ سان گهر جو اولڻ ڪن ۽ اهو ٿورو ٿورو مکڻ گڏ ڪري اهو گيهه وڪڻي پنهنجي پيٽ جي پورت ڪن. انهيءَ نموني ڪفايت سان گيهه گڏ ڪرڻ کي ”چوئِي“ چون. ٿري مالدارن کي پنهنجي مال سان ڏاڍو پيار ٿيندو آهي، خاص ڪري عورتن کي، هو وس پُٺندي ٽيئا مال (مادي مال) وڪڻڻ پسند نه ڪندا آهن. ڪانڌ مَ وِڪڻ ڪُنڍيون، ڌُڻ سَڀوئي ڌارَ، اُڀريون سَڀريون پنهنجون سِسِيُون سڀ سَنڀارَ، ٻَن ڇڏي ڇَن پئي، وڃي وَلهارَن وارَ، اچيئي اڱڻيان بهار، سَرلا ڪندي سَڏڙا. ڏکئي وقت ۾ اَڀري مال کي گهر جا ٽپڙ ۽ آخر زيور وڪڻي به چارو وٺي کارائي ورهيه ڀيڙو ڪندا. چوندا آهن ته مال بچيو ته ٽپڙ ۽ زيور وري به ٿي پوندا. باقي نَروٽيو مال ڍڳا، ڇيلا ۽ گهيٽا وغيره وقت بوقت وڪڻندا رهندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو ٿيندو آهي. مالدارن جي آمدنيءَ جو اهو ئي ذريعو آهي، جنهنڪري ڪيترا ويچارا سکيا سهنجا ۽ پنهنجيءَ وارا آهن. ڌڻ ڌارڻ ٿر جو گهڻو عوام ٻهراڙين ۾ رهي، جتي وسڪاري جوچار مهينا پوک جو ڪم ڪن. باقي اَٺ مهينا ٻيو ڪو خاص ڌنڌو ڪونهي تنهنڪري ماڻهو مال، ڳئون، مينهون، ٻڪريون، رڍون ۽ اُٺ وغيره ڌارين. انهيءَ ڪري مال ۽ اُن مان پيدا ٿيندڙ شين، کير، مکڻ، گيهه اُن ۽ ڏاس وغيره مان ججهي پيدائش ٿئي. وسڪاري جا چار مهينا مال سان ماڻهو پَهري، باقي اٺ مهينا ڇُڙيون پيون جهنگ ۾ چَري. وسڪاري جو ڍڳيون صبح ۽ شام ٻه دفعا ڏُهن، رات جو وٿاڻ ۾ رهن. باقي اٺ مهينا صبح جو ڏُهي پاڻي پياري جهنگ ڏي روانيون ڪري ڇڏين. سارو ڏينهن ۽ رات چَري چَي ٻئي ڏينهن صبح جو پاڻيهي موٽي اچن. ننڍڙا گابا ۽ گابيون جدا جهنگ ڏي روانا ڪن جي موٽي اچڻ تي ٻڌيو ڇڏين. ٿري ڳئون ڀليون ٿينديون آهن، ويلي تي ڪافي کير ڏينديون آهن. ڍڳي سانتيڪو جانور آهي، ڪي ڍڳيون کَٽر ٿينديون آهن ۽ ڏُهڻ مهل لَتون هڻنديون آهن ۽ ڪي ته ڦڙن کي به ڌائڻ نه ڏينديون آهن تڏهن چئبو آهي ته ”ڪُبِيار“ آهن ۽ هيج کان سواءِ پراسِندي به نه آهي. آهستي آهستي انهن کي ٺاهڻو آهي. گانءَ ڦر کان سواءِ نه مڙندي آهي. اتفاق سان جي ڪنهن جو ننڍو ڦر مري ويندو آهي، ته ميڙڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي، تنهنڪري هيج ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ ڪندا آهن. ڍڳين کي ڏُهڻ لاءِ رسي ٽڪر کڻي هڪ ڇيڙي سان وراڪو ڏيئي پويان پير اٽڪائي، ٻئي ڇيهه سان ڍڳيءَ جي اڳئين ڄنگهه کي وراڪو ڏيئي ڦر جو ڪنڌ ٻڌي ڇڏين. انهيءَ کي ”ڍنگ وجهڻ“ يا ”نينجَڻَ ڏيڻ چون، ۽ رسيءَ کي ”نينجِڻيو“ چون. ڏهڻ بعد جڏهن ٿورو کير بچي تڏهن ڦر ڇوڙين ته ڌائي وٺندو آهي. جيستائين ڦر ننڍو هوندو آهي تيستائين پاسو (ٻه ٿڻ) ڌارائين. ويهن – پنجويهن ڏينهن تي جڏهن چرهو ٿيندو آهي، تڏهن آهستي آهستي کير گهٽائي هڪ ٿڻ ڌارائين. ننڍي ڦر کي گهڻو کير نه ڏبو ته سڌرندو ڪونه، تنهنڪري وڌيڪ کير ڏيندا آهن. گانيون (ڳئون) جهنگ مان چري اينديون ته سياري، اونهاري سوئائن کي گُوار جو ڏارو اٽڪل سير – ڏيڍ يا وڌيڪ به ڏيندا آهن، ان کي ”سوس“ چون. ڪي ڏارو پاڻيءَ ۾ پُسائي اڌ ڪلاڪ کن رکي پوءِ ڏين، ڪي وري گوار کي پاڻيءَ ۾ ٻاڦي ٺاري پوءِ ڏين، ڪي وري گوار سان گڏ ٻاجهريءَ جي سنگن جي ٻُري ٻاڦي ٺاري ڏين. ائين کير وڌيڪ ڏينديون آهن ۽ بدن ۾ به متاريون ٿينديون آهن، چوندا آهن ته ”رت راڻو آهي.“ کير جو مدار به انهيءَ تي آهي، ٿڪل ۾ کير ڪٿان آيو. وسڪاري جو سوس ڪونه ڏين، ڇاڪاڻ جو سائو گاهه کائڻ لاءِ جام هوندو آهي. هڪ گانءِ (ڳئون) به ڪٽنب لاءِ آسودو گذر آهي. ڪي ٿورو ڪِي گهڻو، پر سراسر هرهڪ گانءِ اٺ – ڏهه مهينا بلڪ وڌيڪ وقت کير ڏئي جنهن مان ڌؤنرو، مکڻ، گيهه ۽ جهَڻ ٿئي. گهر جي گهرج لاءِ غريب ۽ وچولا ماڻهو ٻيو گيهه ڪونه وٺن، انهي مان پورت ڪن، بلڪه ڪجهه بچائي وڪرو به ڪن. پنهنجي جهَڻ جي ڪري ڀاڄيءَ جي به ضرورت گهٽ ٿئي، ۽ اناج به گهٽ کپي. گانءِ جي لسي پيئڻ سان ڳُهر اچيو وڃي ۽ ماڻهو بود ۾ هجي. گابا ۽ گابيون ٿين، مرڻ بعد چمڪ ۽ هڏا به ڪم اچن. جي ڏڪار پيو ته پوءِ ڍڳين جي کاڌي ۾ چاريءَ لاءِ خرچ کپي نه ته بک وگهي مريو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته مالدار ويچارا گهر جا ٽپڙ،. زيور وغيره گروي رکي يا وڪڻي به مال کي کارائين، انهيءَ هوندي به گهڻو مال مريو وڃي ۽ ڪي مس وڃي ورهيه ڀيڙيون ٿين. ڍڳا هر ڪاهڻ جي ڪم اچن، پر گهٽ. ان کان وڌيڪ ڪوس ڇڪڻ ۽ پخالن ڀرڻ لاءِ ڪم اچن. ٻڪريون صبح جو ڏهي ٻهرار جهنگ ڏي ڪاهي وڃي، شام جو موٽائي آڻي. سياري جي موسم ۾ رات جو واڙ ۾ هجن، اونهاري جو کلئي ميدان تي ويٺيون رهن. ڪي وري جاٽوليون ڪن، يعني صبح جو ڏهي روانيون ڪن. رات جهنگ ۾ رهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو موٽي اچن. ننڍڙا ڦر (پيلا ۽ ڇيليون) پهريائين کير تي گذارين، پندرهن – ويهن ڏينهن بعد ننڍا ٻوٽا ۽ وڻن جا ڪچڙا پن کائين تڏهن چون ته هاڻي چَرها ٿيا آهن. ان بعد کير گهٽ ڌارائين، پوءِ جدا جهنگ ڏي روانا ڪن، جن جي بعضي ننڍا ٻار نهار ڪندا رهندا آهن. اهي واڙ جي ڀرسان ڳوڍر ۾ چرن، ٻڪرين جي موٽي اچڻ کان ٿورو اڳ قابو ڪبا آهن، جيئن ڌائي نه وڃن. ٻڪريون نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ گهڻيون ويامن، نه ته سڄو سال ايڪڙ ٻيڪڙ پيئون ويامن. سياري جو ڦرن کي ”ڪوڏ“ ۾ ۽ اونهاري جو ”بُڙِٿي“ ۾ وجهن. ٻڪرين تي ڏڪار ۾ به خرچ ڪرڻو ڪونه پوي يا بلڪل معمولي، گوار جي لَپ تي پيئون هلن جنهن وٽ ڏهه – ٻارهن ٻڪريون هونديون ته سڀيئي ساڳئي وقت وهڪي ڪونه وينديون. ڪي نه ڪي پيئون مِڙَنديون، تنهنڪري چوندا آهن ته ”ٻڪرار جو جهيرڻو ڪڏهن ڪونه سُڪي“، يعني سدائين ولوڻو هليو اچي. ٻڪري جيڪڏهن ساڄي پاسي ڏُهبي ته ان کي ”سَڏوهو“ پاسو چون ۽ ڏائي کي ”آڏوهو“ پاسو چون. ٻڪري رواجي طرح اڌ سير کان سير تائين ٽاڻي تي کير ڏيندي آهي، ڪي ڀليون ٻڪريون وڌيڪ کير به ڏينديون آهن. ٻڪري جي کل ۽ گوشت ڪم اچي، ڇيلن ۽ ڏس جي وڪري مان پيدائش ٿئي. رڍ سڀاءَ جي سياڻي آهي. پارڪر ۾ رٻاري قوم وٽ رڍن جا خاص ڌڻ هوندا آهن. باقي ٿر ۾ رڍون ۽ ٻڪريون گڏ چرنديون آهن. هلڻ مهل ڪنڌ هيٺ ڪري هلن. ٻڪرين کان گهٽ کير ڏين. مگر رڍ جو کير گهاٽو آهي، جنهنڪري مکڻ ججهو لهي. رڍ کي پٺئين پاسي کان پوين ٽنگن جي وچان ڏهبو آهي. رڍون موڏيون ٿين مگر ڪن ڪن گهيٽن کي وريل سڱ ٿيندا آهن. ڪي موڏا به ٿين. گوشت، کل ۽ اُن ڪم اچي. اُن مان کٿا، لويون ۽ ڪمريون ٺهن. اها قيمتي شئي آهي، تنهنڪري ٻاهر وڪري لاءِ وڃي. ڏڪار جي حالت ۾ به رڍن جو گهڻو خرچ ڪونهي. رڍون ۽ ٻڪريون جن وٽ گهڻيون هونديون آهن سي پاڻ چارين يا مهنيدار رکن. پر جن وٽ هڪ ٻه هونديون آهن، سي ڪن ولرن سان گڏي ڇڏين ۽ چارائي تي ڏين، يا ان جي ڇانٽِي ڪڍن. ڪي وري اَڌياريون يا پاڳويون يعني پيرائتيون ڏين، پيئون ويامن ۽ وڌن، پوءِ حساب ڪن. ماڻهو مادي اُٺين جا ولر ڌاريندا آهن، جنهن کي گَلو وڳ چئبو آهي. جهوڪون نه هُهڻڪَن، وڳ نه پسان وٽ ۾. صبح جو اوٺاڙي جهنگ ڏي وٺي ويندو، سارو ڏينهن چاري، رات جو ڪنهن مقرر هنڌ تي ڀٽ يا مَٿاريءَ تي ويهاري ڇڏيندو، جنهن کي ”جهوڪ“ چئبو آهي. چاريو لنب لطيف چئي، وڳئين وهارين. اسر جو اُٿاري چاريندو چاريندو پاڻي پيارڻ لاءِ کوهه تي آڻيندو. ڪي ته ٻئي ڏينهن به آڻيندا آهن. ٻئي ڏينهن کي ”تَسو“ ۽ ٽئين ڏينهن کي ”ٽيئاس“ چوندا آهن. ڪو مال چوٿين ڏينهن به اچي پاڻي پيئندو آهي، ان کي ”چوئاس“ چون. ايستائين جهنگ ۾ رهنديون آهن. اوهاري جو گهڻو ڪري روزانو، لاچار ته ٻئي ڏينهن ۽ سياري جو ٻئي يا ٽئين ڏينهن پاڻي پيئاربو آهي. اتفاق سان ڪو وهٽ رُلي وڃي ته پوءِ اُهو چوٿين ڏينهن اچي پاڻي پيئندو آهي. سڀڪو اوٺاڙي پاڻ وٽ هڪ پتل جو ”ڏابورو“ (داٻلو) رکندو آهي، جو ڏاس جي ٺهيل ڄاريندار ڇِڪي ۾ پيل هوندو آهي. اهو چڪو سدائين ڪُلهي ۾ لٽڪيل رهندو آهي، جو پاڻ ڳُتي ٺاهيندا آهن. اُٺِي ڏهڻ مهل ڏابورو کير سان ڀري وٺندا آهن، جو پو3 ماني سان کائين ۽ ڪي ته ائين ئي پي وڃن. ڪي ته ٻه – ٽي ميهنا لاڳيتو کير تي گذران ڪن، اناج کي ويجها به ڪونه وڃن. تازي ويائل سانڍ جو کير مِٺو ٿيندو آهي، ڇهن – ستن مهينن بعد البت پِرڪو ٿي ويندو آهي. اُٺ جي ننڍي نَر ڦر کي ”توڏيو“ ۽ ماديءَ کي ”توڏڪي“ چون. اهي ڦر گڏ هوندا آهن، تنهنڪري کير جو بچاءُ ڪبو آهي جيئن ڌائي نه وڃن. ڏاس يا مِلَس مان ڄاريندار ڇڪو ٺاهي اوُسَ (اوهه) تي ڏيئي. پاسن کان رسيون اَٽڪائي اُهي مٿان ورائي پُٺيءَ تي ٻڌل قابو ڪري ڇڏڀيون آهن، اُن کي ”واڻاهه“ چئبو آهي. ميڙڻ (ڏهڻ) مهل واڻاهه هڪ پاسي کان ڍرو ڪري لاهي، سانڍَ ڏُهي، باقي ڦر کي ڌارائي، وري قابو ٻڌي ڇڏيندا آهن. اوٺاڙي وڳ چاريندي، ”هَم هو... همَ“ هو لفظ وارڻ ۽ هڪلڻ لاءِ پيو ڪم آڻيندو آهي. ڏاچيءَ جو کير ولوڙڻ جي ڪم ڪونه اچي. نَر اُٺ سواري، بار کڻڻ ۽ هر ڪاهڻ جي ڪم اچي. لاچاري حالت ۾ مٿئين مقصد لاءِ ڏاچيون به ڪم آڻين. مينهون ٿر ۾ گهٽ آهن، ڪافي کير ڏينديون آهن جو گانءِ جي کير کان گهاٽو ۽ طاقتور آهي، ان ڪري مڻ ججهو لهندو آهي. اڪثر چاري جي ڪونڊي ڏيڻ کان سواءِ مينهن نه مِڙندي آهي. مينهن کي کپي ججهو پاڻي جنهن ۾ پيئي تڙڳي، سو ٿر ۾ ڪونه آهي. اها سڪ ويچاريون وسڪاري جو لاهينديون آهن جڏهن تراين ۾ پاڻي ٿيندو آهي. مينهون مهانگيون آهن ۽ چاڪري گهرن، جنهن ڪري غريبن جو پُڄڻ ڪونهي. ڪي شاهوڪار ڌاريندا آهن، پاڏا کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوس ڇڪڻ واسطي ڪونه اچن. غريب ماڻهو گڏهه ڌارين. وسڪاري جو ٻنيءَ تي پاڻيءَ جو جنڊو ڀري کڻي وڃن. سياري اونهاري شهرن ۾ مِٽي ۽ سرن کڻڻ جي ڪم اچن. مالڪ سڄو ڏينهن ڪم وٺي شام جو جهنگ ڏي روانا ڪن، جتي گاهه وغيره کائين، صبح جو ڳولي هٿ ڪري ڪم ۾ لڳائيندا آهن، خرچ ٿورو ڪمائي ججهي. ڏڪار پوي ته به گڏهه ويچارو پيو هلندو آهي، برسات پيئي، ٿورو گاهه نڪتو ته کائي ڍؤ ڪندو. ڪجهه ساهي آيس ته هينگون ڪندو ۽ ڊوڙون پائيندو. تڏهين ته چوندا آهن ته ”گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي.“ ڪُنڀارن جو خاص وهٽ گڏهه آهي ڇو ته انهن جو ڌنڌو مِٽيءَ مان ٿانءُ ٺاهڻ جو آهي، جنهنڪري مٽي ڍوئڻ ۽ نهائينءَ لاءِ ڀاڻ آڻڻ واسطي ڪم اچي. عام ماڻهو سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم ڪونه آڻين، ڇو ته گڏهه تي چڙهڻ عزت کان گهٽ سمجهن، مگر ڪنڀار مٿس چڙهن، بلڪ ڄڃ ۾ به سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم آڻين. ڪي ڳئون اهڙيون ٿينديون آهن جي وسڪاري جو رات جو اُٿي ماڻهن جي ٻنين ۾ وڃي ڀيل ڪنديون آهن. ڌنار جيتوڻيڪ وٿاڻ تي سُتل هوندو آهي ته به ڪنهن مهل جاڳ نه به ٿيندي آهي، ته اهڙين ڍوڳين جي ڳچيءَ ۾ ڇيرون، چَڙا، گهنڊيا، گهنڊڻيون ٻڌندا آهن، جيئن اُٿي وڃڻ جي حالت ۾ ڌنار سجاڳ ٿي سگهي. اڳئين جي گوهر ۾ ٻن ٽن ڍڳين ۾، ٻڪرين جي ولر ۾ به ٻن چئن ٻڪرين ۾ گهنڊڻيون ٻڌندا آهن. جَتَ اُٺن ۾ ننڍا مٽر ٻڌندا آهن. جهنگ ۾ مال هوندو آهي ته ڌنار کي واڄي تي جهٽ پتو پئجي ويندو آهي، هن کي ”سانڀار“ به چون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو گهنڊڻيون ڇوڙي ويندا آهن. ان لاءِ ڇا ڪندا آهن، جو لوهه جي سنهي سنگهر ۾ گهنڊڻي وجهي مال جي ڳچيءَ ۾ قابو ڪري ننڍڙا ڪلف ڏيئي ڇڏيندا آهن، يا لوهه جي مضبوط ڪڙيءَ سان قابو ڪندا آهن. چراگاهه ٿر جي ماڻهن جي گذران جو مکيه وسيلو نه رڳو کيتي، پر چوپائي مال تي، مدار رکي ٿو. ”ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪڻ تي،“ جنهن لاءِ کپن چراگاهه. جهڙيءَ طرح تعلقن، تپن ۽ مڪانن جون حدون مقرر ٿيل اهن، اهڙيءَ طرح ٿر جي سڀني ڳوٺن جون چوڌاري حدون مقرر ٿيل آهن. انهن حدن جي اندرئين زمين کي انهيءَ ڳوٺ جي ”سيمَ“ چئبو آهي. ان ۾ آباد زمين کان سواءِ جيڪا زمين ڇُٽل هوندي آهي تنهن کي ”گئوچر“ زمين چئبو آهي، يعني مال جي چاري لاءِ ڇڏيل. ڪي زمين ٽڪر اهڙا هوندا آهن جتي سرڪاري طرح آباديءَ کان بندش پيل هوندي آهي ۽ مال جي چاري لاءِ هوندا آهن. برسات پوڻ وقت انهيءَ زمين ۾ ڪافي گاهه ٻوٽا اُڀرندا آهن. ٿيو پَون پيدا پِپُون ڪونڍيِرَ جام، ٿيو پون مارن تي مالڪ جا انعام، مَئو مَريڙو ۽ کُنڀيون هر جاءِ عام، ڀُرٽ، لنبَ، مانڌاڻي مَکڻِي جا گُدام، مُرٽ ويڪرَ ڳاڱو ڳَم ٻَگرو لُلَر، شاد باد اي خطــئه صحـــراءِ ٿــر. - (فدا) ڏهرن ۾ ويڪر اهڙو گهاٽو اُڀرندو آهي، جهڙو سنڌ ۾ ڪنهن نمبر ۾ پوکيل لوسڻ. نرم زمين ۾ ڀُرٽ جام ٿيندو آهي. ٻيو به هر ڪنهن قسم جو گاهه ۽ ٻوٽا اُڀرندا آهن، جو مال کائي ڍؤ ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اونهاري جو چاري جي ڪَميءَ سبب ڍڳيون نِستيون ٿي پونديون آهن ۽ اُٿي به نه سگهنديون آهن، تڏهن مالڪ روز پنج – ست ماڻهو گڏ ڪري اٿاريندا آهن چارو وغيره ڏيندا آهن. گيهه، ڪوپرا، ڪڻڪ جو ڌارو گڏي ڏيندا، ان کي ”لويو“ چئبو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چئبو آهي ته ڍڳي ”ڍوري“ ويٺي آهي. بعضي اهڙيون اَڀريون ڍڳيون جهنگ ۾ ويهي رهنديون آهن ته ڏهه – ٻارهن مڙس گڏجي کٽولي تي رکي ڪُلهن تي کڻي گهر ايندا آهن جتي سنڀال چڱي ٿئي. اهڙيون ڍڳيون به وسڪاري جو سائو گاهه کائي رنڀاڙون پيئون ڪنديون آهن. خاص ڪري وسڪاري جي شام جو جهنگ مان موٽڻ مهل نارون ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڀَڄنديون ڀَٽاريون، وري وٿاڻين آئيون. سندن کرن جي کِهه سان آسمان غبار سان ڀرجي ويندو آهي، چڙڻ جي چينگار پيئي پوندي، ڪي ڦرن لاءِ رنڀاڙون ڪنديون ڊوڙنديون آينديون آهن. ڳنوار جون هڪلون پيئون پونديون آهن. ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو پنهنجي سِيمَ ۾ ڌارئي مال جي اچڻ جي منع ڪندا آهن، نه ته ڪنهن کي به جهل پل ڪانهي. اهو به انهيءَ ڪري جو ڌاريو مال آيو ته گاهه کائي ويندو ۽ پوءِ سندن مال تڪيلف ۾ ايندو. پوريون برساتون پون ته مال لاءِ ٻارهن مهينا گاهه جام ۽ پڻ جيڪڏهن گڏ ڪري رکجي ته به کٽڻ جو نه آهي. ڏهرن، پوٺن، ڀٽ،. دڙن ۽ مڙهن ۾ مال ولر ڪيو يا ٽڙيو ڇکڙيو پيو چَرندو آهي ۽ چَڙڻ جون چينگارون پيئون پونديون آهن. جنهن مَڙهي ڏس مال جون چَڙيون وڄن، ناز سان ڳونيوُن پَهُون مينهون ٽِلَنَ، ڏس ته ڦر ڦوڳن اڳيان ڪِيئن پيا نَچن، چاهه سان ڪهڙي نــه چرهـــو ٿــا چرن. - (فدا) ننڍا گابا، ڇيلا، جن کي ڦروٽ چئبو آهي، تن جي چاري لاءِ ڳوٺ جي ويجهڙائيءَ ۾ سِيم ڇٽل هوندي آهي، جنهن کي ”گوچر“ چئبو آهي، جو لفظ اصل ”گئوچر“ يعني گانين جي چرڻ جي جاءِ آهي. مال سڄو ڏينهن پنهنجي منهن جهنگ ۾ چري شام جو وٿاڻ تي موٽي ايندو آهي. فقط وسڪاري جو، جڏهن آبادي هوندي آهي تڏهن مال سان گڏ ماڻهو پهربو آهي، نه ته سياري، اونهاري ضرورت ڪانهي. وٿاڻ وٿاڻ ڳوٺ جي ڀرسان هوندا آهن. ڍڳيون صبح جو ڏُهي جهنگ ڏي روانيون ڪري ڇڏبيون اهن. ڳنوار جو ضرور ڪوٺهي، پاڻيهي رات جهنگ ۾ چري صبح جو موٽي اينديون آهن. ڇو ته کوهن کان سواءِ ٻيو پاڻي ڪونهي، تنهنڪري از خود موٽيو اچن. پاڻي پياري ڏُهي وري روانيون ڪن. وسڪاري جو ڍڳين ۾ ڳنوار هوندو آهي ڇو ته آباديءَ ۾ ڀيل نه ڪن ۽ شام جو واپس آڻيندو آهي ۽ رات وٿاڻ ۾ رهنديون آهن. وسڪاري جو صبح شام ٻئي ويلا ڏُهن ۽ سياري اونهاري فقط هڪ ويلو صبح جو ڏهن. ٻڪريون صبح جو سوير ڏهي ٻڪرار جهنگ ڏي وٺي ويندو، جو شام جو واپس آڻيندو آهي. سدائين ٻئي ويلا _هوندا آهن. اونهاري جو ٻاهر ميدان تي ويٺيون هونديون آهن. سياري جو ڪنهن اوٽ ۾ واڙو ٺاهيندا آهن، جنهن کي سيءَ جي بچاءُ لاءِ چوڌاري ڪُنئرا ٻُوهه ڏيندا آهن. ٻوهه تَپلا (گرم) آهن، جنهنڪري سيءَ جو بچاءُ ٿيندو آهي. ٻڪريون نومبر – ڊسمبر ۾ ويامنديون آهن، جڏهن سيءُ گهڻو هوندو آهي تنهنڪري جن وٽ هڪ، ٻه، ٽي ڇيلا هوندا آهن، سي گهر کڻي اچي جاين ۾ قابو ڪندا آهن ۽ جن وٽ گهڻا هوندا آهن، جي واڙ جي ڀرسان زمين ۾ کڏ کڻي ڪوٺي وانگر ٺاهي ان ۾ وجهي مٿان ڍڪي ڇڏيندا آهن جنهن کي ”ڪوڏَ“ چون. صبح جو ٻاهر ڪڍندا آهن. جڏهن چرها ٿين يعني ڪجهه وڏيرا ٿي ٻوٽا وغيره چَرن، تڏهن انهن جي لاءِ واڙ جي ڀرسان ننڍو واڙوٽو ٺاهيندا آهن جنهن ۾ پورين، ان کي ”بُڙٿو“ چون. دروازي کي مضبوط ڍنگهر ڏيندا آهن، جنهن کي ”کَڙاهه“ چون. جهنگلي جانور ڪونه آهن تنهنڪري ٻڪرار واڙ تي ڪونه سُمهن. بعضي ڳوٺن جا ڪي ڪُتا هِري پوندا آهن ته ٻڪريون ۽ رڍون ماري ويندا آهن، تڏهن ٻڪرار واڙ تي سمهندو آهي، ۽ ڪوشش ڪري ڪُتن کي ماري ڇڏيندا آهن. رڍون ۽ ٻڪريون گڏ هونديون آهن. اُٺين (ڏاڍين) جي وڳ جي جهوڪ ڳوٺ کان پري جهنگ ۾ ڪندا آهن. اُٺين جو کير ولوڙين ڪونه، پر ڏُوهي ڏابورا ڀري جَت پاڻ پِي ڇڏي. ٻيو ڪو ماڻهو جهوڪ تي آيو ته جام کير ڏيندا. ڪي ڪي جت ته ٻه – ٽي مهينا ساندهه کير تي گذارو ڪندا آهن ۽ ماني اصل ڪونه لائين. هيءُ ڳالهه جيتوڻيڪ ڪن کي مڃڻ ڏکي لڳندي، پر اها حقيقت آهي. سانڍين (اُٺين) جا ڦڙ گڏ هوندا آهن، تنهنڪري کير جي باءُ لاءِ اوهه تي واڻاهه چاڙهي ڇڏين، جو ڏُهڻ مهل لاهبو آهي. مادي اُٺ جي ڏُهڻ کي ”ميڙڻ“ چئبو آهي. مال ڏُهڻ جن وٽ هڪ ٻه ڍڳي يا مينهن هوندي آهي، سي جهنگ مان موٽڻ تي پنهنجي مالڪ جي گهر هليون وينديون آهن، جتي کين ڏُهي وٺبو آهي. باقي جن وٽ ججهيون هونديون آهن، سي وٿاڻ تي اينديون آهن جو گهرن جي ڀرسان هوندو آهي. ڦرونٽ اڳ ۾ ننڍي واڙي ۾ قابو ڪري ڇڏبا آهن. مال جي اچڻ تي عورتون ۽ وڏيون ڇوڪريون چَروُڙا، لوٽيون ۽ موريا کڻي وڃي ڏُهائيءَ جو ڪم ڪنديون آهن. واري واري تي هڪ هڪ ڦر واڙ مان ڪڍي مال ميري، اهو کير آندل ٿانون ۾ وجهنديون وينديون ڦر لاءِ ڪجهه کير ڇڏبو جو هو ڌائي وٺندو. ڏُهڻ جو ڪم گهڻو ڪري عورتون ڪنديون آهن، پر جي مال ججهو هوندو ته مرد به ڏُهائي ڪندا آهن. ننڍي گابي کي ”لُوارو چون. ڪي گابا ننڍا هوندا آهن تڏهين ڌوُڙ (واري) کائيندا آهن، ان لاءِ ”ٻوٿاري“ ٺاهي منهن تي چاڙهي ڇڏيندا آهن. ڏُهڻ مهل اها ٻوٿاڙي لاهي ڇڏبي آهي. گابا جڏهين وڏا ٿيندا آهن، تڏهين انهن کي ”ٻاکڙ“ چئبو آهي. ڪي ٻاکڙ گابا هري پوندا آهن، جي لڪي وڃي جهنگ ۾ ڍڳين سان گڏبا آهن ۽ ڌائي ويندا آهن. ان جي بچاءُ لاءِ گابن کي ”ڇِينڀِڙو“ چاڙهي ڇڏيندا آهن، پوءِ ڍڳي ڌائڻ نه ڏيندي آهي. رڍون ۽ ٻڪريون صبح شام ڏُهبيون آهن. هو سياري جو ويامنديون آهن. ننڍا ڦر منجهند جو بُڙ ٿي ۾ وجهي ڇڏبا آهن. ٻڪرين اچڻ تي سڀ ڏهي ٿورو ٿورو کير ٿڻن ۾ ڇڏبو آهي. جڏهن سڀ ڏهي رهندا تڏهن ڇيلڙا ۽ گهيٽيا ٻاهر ڪڍبا ته سڀڪو پنهنجي ماءُ جي هيٺان وڃي ڌائيندو آهي. ڪي ڪُنيار هونديون آهن جي ڦرن کي نه ڌاريندائينديون آهن ته انهن کي جهلي ڌارائبو آهي. ڌائي رهڻ بعد سڀيئي ٽاري جدا ڪري وري بُڙٿيءَ ۾ وجهبا، ۽ ٻڪريون واڙ ۾، صبح جو به اهڙيءَ طرح ڏهائي ڪبي. اونهاري تائين ڇيلا وڏا ٿي ويندا آهن، جي ڌائڻ ڇڏي ڏيندا آهن، ۽ ٻڪريون به کير گهٽائي وينديون آهن، پوءِ جيڪو ٿورو هوندو سو ڏهي وٺبو آهي. ڪي ڇيلا لڪي يا وجهه ملڻ تي پنهنجن مائرن کي ڌائي ويندا آهن. ان لاءِ ڇا ڪندا آهن جو جي ڇيلا ننڍا هوندا، ته ٻڪريءَ جي ٿڻن کي ”گهاڻَ“ ڏبو، جي وڏا هوندا ته ڦرن کي ”ٻِلڻي“ چارهي ڇڏبي آهي. اُٺين جو وڳ شام جو جهوڪ تي ايندو آهي تڏهن ڦر ميڙي اوٺاري کير ڏهي وٺندا آهن جو پاڻ پيئڻ ۽ اوچتو ڪو ماڻهو آيو ته ان کي به ڏين ۽ باقي ڦرن کي ڌارائي ڇڏين. ٻوٿاڙي جڏهن گابا ننڍا هوندا آهن، تڏهن ڪي ڪي گابا ڌوڙ (واري) کائيندا آهن، جا انهن کي نقصان ڪندي اهي. اها عادت گابن ۾ اهڙي پڪي ٿي ويندي اهي جو جهڙيان تهڙيان نه ڇڏيندا آهن، تڏهن ڇا ڪبو آهي جو لاچار گابي کي منهن تي ٻوٿاري چاڙهبي آهي. مُڃ جي نوڙيءَ سان گول کوپو ٽوپيءَ وانگر اهڙيءَ طرح ڳُتيندا آهن، جيئن اُن ۾ ٽنگ ٽنگ بيٺا هوندا آهن، جيئن گابي کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف نه ٿئي، ان کي ”ٻوٿاڙِي“ چون. گابي کي کير ڌارائي پوءِ منهن تي چارهي ٻنهي پاسن کان نوڙي وجهي ڪنن تان لاهي ڪِياڙيءَ تي ورائي ڇڏبي آهي، انهي ڪري ڌور وغيره کائي نه سگهندو. ڪجهه وقت ائين سنڀال ڪرڻ سان جيئن وڏيرو ٿيندو ۽ گاهه وغيره کائيندو يعني چرهو ٿيندو ويندو تيئن اها عادت از خود ڇڏي ڏيندو، پوءِ ٻوٿاڙي جو ڪوبه ضرور ڪونه آهي. ڪي ان کي ”مُڇي“ به چوندا آهن. ڇينڀِڙو هن جا ٻه قسم ٿين: ٻه ڪاٺيون مُني مُني فوٽ جيڏيون، جن مان هرهڪ جو هڪ ڇپيڙو ڇهنبيارو هوندو آهي. هڪ ٻئي مٿان کُليل ڪئنچي وانگر کي، وچ ۾ڌاڳي سان قابو ڪري، ڪاٺيون نڪ تي اهڙيءَ طرح رکندا جيئن ٻئي چُهنبون سامهون بيهن. پوءِ ٻنهي ڪاٺين جي پوئين ڇيڙي ۾ ڌاڳا ٻڌي ورائي ڪِياڙيءَ تي قابو ڪبا، ۽ هڪ ڌاڳي جو وراڪو ڄاڙيءَ جي هيٺان ڏيئي ڇڏيندا. ٻيو نمونو ڪاٺي چپڙي تيار ڪري، بُولي وانگر ٺاهي نڪ ۾ اٽڪائي ڇڏين. اهي ٻئي نمونا اهڙيءَ طرح ٺهيل هوندا آهن، جو ڦر کي گاهه چرڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿئي. پر جي ڳڍيءَ کي ڌائيندو، ته پهرئين حالت ۾ ڪاٺيءَ جون چُهنبون ۽ ٻيءَ حالت ۾ ڪاٺي ٽڪر اوهه ۾ لڳندا جنهنڪري ڍڳي ڌائڻ ڪانه ڏينديس. گهاڻَ ۽ ٻِلَڻِي ڪي ڇيلا ۽ ننڍا گهيٽيا بعضي لڪي يا وجهه ملڻ تي پنهنجون مائرون ڌائي ويندا آهن. اُنهن جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو رڍن يا ٻڪرين جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڳوهي ٿڻن کي مکي ڇڏيندا آهن، انهن جي ڌپ جي ڪري ڦر ڌائي ڪونه سگهندا آهن. انهيءَ کي ”گهاڻ“ چئبو آهي. ڏُهڻ مهل هٿ سان مهٽي گهاڻ لاهي پوءِ ڏهبو آهي. ڪي ڦر اهڙا هوندا اهن جو گهاڻ هوندي به ڌائي وڃن ته ان حالت ۾ ڪپڙي جون سنهيون لِيرون وٺي ٿڻن جي چوٽين کي قابو ٻڌي ڇڏبيون آهن ته ڦر ڌائي ڪونه سگهندو آهي. ڏهڻ مهل اهي لِيرون ڇوڙي، ڏهي، وري ٻڌي ڇڏبيون آهن. نعضي روز روز ٻڌڻ ڪرڻ ٿڻن ۾ وڍ ٿي پوندا آهن ۽ تڪليف ٿي پوندي آهي، اهو نمونو ڏکيو اهي. ڪي وڏا ٻاکڙ ڇيلا گهاڻ هوندي يا ليرن کي لاهي به ليهيو (ڌائي) وڃن. ان لاءِ ڇا ڪن، جو ٽي انچ کن (ڦر جي وات جيترو) ڪاٺي لسي ڪري، ڇيڙن وٽان ٿورا وَڍ ڏيئي ڪناريون ٺاهي، مضبوط ڌاڳا ٻڌي، ڇڏبا آهن، جيئن گهوڙي کي لغام ڏبو آهي. ڪاٺي وات ۾ هوندي آهي اُن حالت ۾ ڦر ٿڻ ۾ وات وجهندو ته ڪاٺي ٿڻ کي لڳندي ۽ ماءُ ڌائڻ ڪانه ڏيندي. ان کي ”ٻيلڻِي“ چئبو آهي. ان ڪري ڦر کي چرڻ ۾ ڪابه تڪيلف ڪانه ٿيندي آهي. ڍڳيءَ کي هيجَ ڪرائڻ ڪن ڍڳين جو ويامڻ مهل يا پوءِ ڪنهن سبب ڦر مري ويندو آهي ته پوءِ نه مِڙنديون آهن، ۽ جي اهڙيءَ طرح پنج – ست ڏينهن بنا ڏُهڻ جي رهيون ته کير سڪائي وينديون آهن. اهڙين ڍڳين کي ڏهڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ڪندا آهن، جيئن ته: ڳُڙپاڻيءَ ۾ ڳاري ان ۾ ٿورو ٻاجهريءَ جو اَٽو وجهي پُسايل گوار جي ڏاري سان ٿورو ٿورو گڏي ڪونڊيءَ ۾ وجهي ڍڳي اڳيان رکندا، جا چَٽيندي ويندي ۽ ڪي ڪي ڍڳيون ائين پيراسي پونديون آهن، پوءِ ڏهي وٺندا آهن. ائين پنج – ست ڏينهن ڪبو ته ٺهي وينديون آهن، انهيءَ کي چَٽي تي هيرائڻ چئبو آهي. مئل ڦر جي کل لاهي ڌوئي صفا ڪري ان جي اندران سنها ڪک وجهي ڀرتي ڪري ٽنگن ۾ ڪاٺيون وجهي سڪائيندا ته هوبهو گابي جو بوتو ٺهي پوندو. ڏهڻ مهل اهو بوتو ڳڍيءَ جي اڳيان رکبو ته پيئي چٽيندي ۽ پراسي پوندي، تڏهن ڏهي وٺبو آهي. ڪي ماڻهو ٻئي ڪنهن گابي، يا گابو نه ملڻ تي ننڍو رڍ جو ڦر گهيٽو يا گهيٽي وٺي ان تي هيج ڪرائيندا آهن. پر اڳيان چڏي ڍڳيءَ جي سارَ ۾ ٿورو سنهو ڪٽيل لوڻ هٿ سان وجهي وات سان هوا ڀريندا آهن، هن کي ”ءُل ڏيڻ“ يا ”ٻُلَڻَ“ چوندا اهن، ته ٿورو کير اُوس (اوهه) ۾ لاهيندي. لوڻ اندر ڳرندو ته پاڻيٺ ٿي پوندو. ٿوريءَ دير بعد سار ۾ هٿ وجهي اها پاڻيٺ ڪڍي گابي يا گهيٽي جي بدن تي مکيندا آهن ته ڍڳي ڦر کي چَٽڻ لڳندي آهي، تڏهن چوندا ته هاڻي ”وَري“ آهي. ڪي ڍڳيون تڪڙو نه ورنديون آهن ته وري کپ جي ٻوٽي کي پٽي مروڙي موڙي ٺاهي سار ۾ وجهي اندر رکندا، ۽ ڪو ننڍو ڪتو جهلي ڳڍيءَ ۾ رَنڍو (رسو) وجهي ڍڳي اڳيان گهلي ڪُوڪاٽڪرائيندا ته ڦر کي چَٽڻ لڳندي. پندرهن – ويهن منٽن بعد اها موڙهي ڪڍي وٺندا، ائين ٻه چار دفعا ڪبو ته ڍڳي ڦر تي هيج ڪري وجهندي ۽ پيئي چٽيندي ۽ پِراسي پوندي. پوءِ گابو ٿڻن هيٺان ڇڏبو ته ڌائڻ لڳندو. ائين ٻن – ٽن ڏينهن اندر ٺهي ويندي، پوءِ هميشه انهيءَ ڦر تي پيئي مڙندي. اهو هنر ڪي مالدار ڏها ڄاڻندا آهن جن کي وٺي اچبو آهي، ان لاءِ کين پورهيو ڏبو آهي، ٻن چئن ڏينهن اندر ڍڳي ٺاهي ڏيندا آهن. دونهِي ڪرڻ وسڪاري جو ٿر ۾ ننڍيون مکيون تمام گهڻيون ٿينديون آهن، جيئن سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ مڇر ٿيندا آهن، انهيءَ کي ”مک“ چئبو آهي. هن مان ماڻهن کي ڪا تڪليف ڪانهي باقي مال تي سَٿا ٿي ويهندي آهي ۽ چڪ هڻندي آهي. مال ويچارو ذري ذري ڪنڌ جي ڌوڻ، ڪنن جي ڦَڙڦڙَاهٽ ۽ پڇ جي لوڏ سان پيو اُڏائيندو آهي. ٿورو اُڏري وري ويهو رهي، خاص ڪري اُٺن تي گهڻي مار ڪندي آهي. ان جي بچاءُ لاءِ، جن وٽ هڪ – ٻه اُٺ هوندا آهن، سي ڳوٺين يا پراڻين ٻورين (کاهين) جا پردا ٺاهي، ٿوهي وٽان ٽنگ ڪري اُٺن جي پُٺيءَ تي وجهي ڇڏيندا آهن. ڳچيءَ کان هيٺان رسين سان ٻڌي قابو ڪندا آهن، جيئن ڪٿي ڪِري نه پوي، هن کي ”گَندو“ چون. گهوڙن جي بدن تي جهُلو وانگر ڪپڙو يا ڳوٺ جو پردو وجهندا آهن. باقي جن وٽ گهڻو مال هوندو آهي، يا ڍڳين، گڏهن، رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ گندا ٺاهي نه سگهبا آهن، ته مالدار ماڻهو مال لاءِ صبح شام دونهي ڪندا آهن. ڳوٺن ۾ پرڻا ڊٺل ڇونرا هوندا آهن، جن جي مٿان سڪل مُرٽن ۽ سڻن جو ڪچرو ٿيندو آهي يا جهنگ مان آڻي، هيٺان رکي، مٿان آلا سانتورا، ٻُوهه يا اَڪ جون ٿڙيون وڍي رکي باهه ڏيندا آهن ته جام دونهون ٿيندو آهي. ان جي ڀرسان هوا جي سامهون وهٽن کي ويهاريندا ۽ بيهاريندا آهن، ۽ ڪپڙي سان دونهي کي جهَپيندا آهن ته دونهي جا گونٽاڙ وهٽن تي ڦهلبا ويندا آهن ۽ مک اُڏاميو ڀڄيو وڃي ۽ اڃا به جي ٿوري وهٽن تي ويٺل هوندي ته ڪڇڙي جو انگوڇو کڻي وهٽ جي بدن تي هڻندا ويندا ته اُڏاميو وڃي، جنهن کي ”پَلو هڻڻ“ چون. اڪثر ننڍا ٻار مال جي دونهي لاءِ سڪل ڪک ۽ ساوا ٻوٽا گڏ ڪري شام جو وهٽن اچڻ کان اڳ دونهي ٺاهي تيار ڪري ڇڏيندا آهن. مک وري جهنگ ۾ وڃڻ ڪري اچيو وهٽن تي گڏ ٿئي. پر ٿوري، ته به بچاءُ ضرور ٿيندو آهي، ڪجهه وقت ۽ رات جو ويچارا وهٽ ساهي کڻندا آهن. ڪن ڪن وهٽن جي بدن تي مک کايو رت ڪريو چُٽا ڪريو ڇڏين. جنهن کي ”ڏوئو“ چون. کاڌل هنڌ تي مک جي ڪاهه گهڻي ٿيندي آهي. مالدار ماڻهو ان جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن، جو رنڌڻي جو دوسو (جاءِ جي اندران دونهي سان ٿيل ڪاراڻ) لاهي ان ۾ ڪَڙو تيل وجهي آڱر سان لَساڙي (مَلي) ملم وانگر ٺاهي ”ڏوئو“ واري هنڌ ڏيئي ڇڏين، ته اتي وري مک ڪونه وهي ۽ ڪجهه وقت بعد اهو ڦٽ به ڇُٽيو وڃي. دونهو وهٽ جو وڏو بچاءُ آهي. صبح جو ڏسبو ته چوڌاري ڳوٺن ۾ جهنگ ۾ دونهان پيا نڪرندا، جيڪو جتي هوندي اتي وهٽن لاءِ دونهي ڪندو آهي. مال جون حالتون گانءِ جي ننڍي ڦر کي ”لوارو“ يا ”لُواري“، ان بعد ”وڇَڙو“، ”وڇِڙي“ يا ”وهڙي، چون. وهڙي وڏي ٿيڻ بعد ڍڳو ڦرندو ته چوندا ”ڌيڻاجي“ ٿي، يا ڏُڌ“ ٿي پوي، يا ”ڦَراجي“ ٿي. ڦي ته چوندا ”ڌيڻاني“ آهي، ”ڏڌ“ پيئي آهي يا ”ڦراڻي“ آهي. ويامڻ بعد جڏهنکير ڏيندي اهي تڏهين ”سوئا“ چون. چئن – پنجن مهينن تائين کيس ”آلوڙي سوئا“، ۽ اٺن – نون مهينن بعد جڏهن کير ڪجهه گهٽ ٿيندو آهي، تڏهن چون هاڻي ”ٻاکَڙَ“ ٿي آهي ۽ ڦر کي به ”ٻاکڙ ڦر“ چون. جڏهن کير ڏيڻ بند ڪري تڏهن چون ”بِسُوڪي“ ويئي، ۽ پوءِ ان کي ”بِسُوڪيلَ“ (وهڪيل) چون. ڪي ڪي ڍڳيون نه ڦرجن ته ان کي ”ڦَنڊي“ چون. جي سڱ ڇوٽا هوندا ته ”موڏي“، ڊگهن سکن واري کي ”سينڱراٽ“. ڪي ڍڳيون ڏهڻ مهل لَتون هڻنديون آهن انهن کي ”کَٽَرَ“، جي ڦر تي هيج هوندو ته ”هيجوُئار“، جي هيج نه هوندو ته ”ڪُبِيار“ چون. رنگ ڪارو هوندو ته ”تيلِي“، اڇو ته ”ڌونري“، ڪجهه ميرانجهڙو ته ”سائي“، ڳاڙهو ته ”گورِي“، ٿورو ڳاڙهو رنگ هوندو ته ”مٽي“ چون. مالڪ انهيءَ نالي سان نول ڪن ته ڍڳيون به روز روز اُهي نالا ٻڌي سمجهي وينديون آهن ۽ يڪدم ڪَنائينديون مالڪ وٽ هليون اينديون. مال ۾ ”سانُ“ هميشه چونڊي مضبوط، قداور ۽ سهارو ڇڏبو آهي، جيئن ڦر چڱا ٿين. ڍڳين ۾ جو ڍڳو ڇڏبو آهي، ان کي هندو ”اَلَهايو“ ۽ مسلمان ”سانُ ڍڳو“ چون. ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪو سٺو، مضبوط، قداور ۽ وڙائتو ڍڳو هوندو ته اُهو يا ته پنهنجي خوشيءَ سان ڍڳين ۾ سانُ ڇڏي ڏيندو ۽ پنهنجي مالڪيءَ تان هٿ کڻندو، يا وري ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي ڪو اهڙو ڍڳو خريد ڪري سانُ ڇڏي ڏيندا آهن. ان تي مالڪيءَ جو حق ڪنهن جو به ڪونه هوندو، ۽ ان کي ”الهايو ڍڳو“ چون، يعني الله جو، يعني جنهن جو مالڪ ڪوبه نه هجي، ۽ اُهو راڄ جي گڏيل ملڪيت هجي. ائين اڪثر شهرن ۾ جتي هندن جي گهڻائي آهي اتي ڪندا آهن. ٻهراڙين ۾ مالدارن وٽ پنهنجا سانَ ڍڳا هوندا آهن. هندو ماڻهو الهائي ڍڳي جي پينڊي تي گول ڪرڻن سان سج جي شڪل جو داغ ڏيندا آهن، جنهن کي ”سورجيو داغ“ چون ۽ ڍڳي کي ”سُورجيو ڍڳو“ چون. وقتي ڏڪار جي مهل راڄ مهاڄڻ جي پاران ان ڍڳي کي گاهه ۽ گوار جو ڏارو ڏنو ويندو آهي. مينهن جا سڱ وڌا ۽ وريل هوندا آهن ته ”ڪُنڍي“ چون، ننڍا هوندا ته ”روڏِي“. مينهن ڦَرِي ته چوندا ”ساکاڻي“ آهي، ٻن سالن جي پاڏِڪِي“ چون. ڪجهه وڏي ٿئي ته ”توڏ“ چون، ٻن اسلن جي ٿئي ته ”ٻِهاڻ“، ٽنس الن جي ٿئي ته ”ٽهاڻ“ چون. توڏ جيستائين ڦري نه آهي تيستائين ”ٺَلهي“ چون، جڏهن ڦرجي تڏهن چون ”بيتِرو“، ”ڍُڪي“، ”سُڀَرَ“ يا ”گڀڻي“، يعني ڳڀ سان يا پيٽ سان. اُن وقت ماڻهو ويجهو ويندو ته يڪدم پڇ مٿي ڪندي. اها هن جي ڦرجڻ جي ثابتي اهي. توڏَ کي ويامڻ بعد ”سانڍ“ چون، ۽ سنڌيءَ ۾ ڏاڍي. جي ڪنهن توڏ کي پيٽ نه ٿئي ته ان کي ”ٺانٺِي“ چون. مادي اُٺين جي وڳ ۾ اُٺ ڇڏبو آهي ان کي ”بگائِي اُٺ“ چون. ٻڪري ۽ رڍ ڦري ته چوندا ”ٻوڪاڻي“ آهي. جيڪڏهن ڪا ٻڪري نه ڦري ۽ نه ويامي، ته ان کي ”ٽانڪارَ“ چون. وڏيڙي ڇيلي کي ”پَٺَڙَ“ ۽ ڇيليءَ کي ”پَٺَ“ چون. گهوڙيءَ گڏهه کي پيٽ ٿيو ته چوندا ”ٺانَسير“ ٿي آهي. ويامڻ مهل چوندا ته ”ٺاڻَ“ ڏنو اٿس. گڏهه جي ننڍي ڦر کي ”کوديِو“، ”کوديسو“، ”کودو“، مادي ڦر کي ”کودڪي“ يا ”کودي“ چون. گهوڙي جي ننڍي نر ڦر کي ”پڇيرو“ ۽ ماديءَ کي ”وڇيري“ چون. ٻڪري، ڍڳي، مينهن ۽ سانڍَ جيستائين ڦربا آهن، تيستائين اُنهن کي ”اَهِيڻي“ چون. جڏهن پهريون دفعو ويامن تڏهن ”پهريات“ چون. جي ڪنهن ٻڪري، رڍ وغيره جو ڦر مُدي کان اڳ ڪَچو ڪِريو پوي ته چون ”ٽُئِي“ (ٽڀي) آهي. ان حالت ۾ ڦر مريو وڃي ۽ کير به بلڪل گهٽ ڏين، خاص ڪري ٻڪريون ڪَچا ڦر ڏينديون آهن. ڍڳيون ۽ انڍيون ورلي ڪَچا ڦر ڇڏينديون آهن. مدي تي ويامن ته چون ڦر ”پورو پاٺو“ آهي. مينهن، گهوڙي ۽ ڍڳي هڪڙو ڦر ڏين. ڪي ڪي ٻڪريون ٻه ڦر ڏين، جنهن کي ”ٻيلو“ چون. ورلي ڪي ٽي ڦر ڏين، جنهن کي ”ٽيلو“ چون. هرڻ جي ننڍي ٻچي کي ”ٻَٺڙيو“ ۽ وڏي ٿيڻ تي ٻَٺر چون. وڏي هرڻ کي ”ڇيڪارو“ چون. جنهن ماديءَ کي ننڍو ڦر هوندو آهي تڏهن کيس ”سَلوئار“ چون. مال کي قابو ڪرڻ جا نمونا اڳ ذڪر ڪري ايو آهيان ته ٿر جا ماڻهو مالدار آهن. ملڪ جي آباديءَ جو مدار برسات تي، سو وسڪاري جو چار مهينا پوک ڪن. ان وقت مال سان روزانو ماڻهو پَهري، باقي اٺ مهينا اُڙيو ٿڙيو فقط ٻڪرين ۽ اُٺين جي وڳ سان ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پهرن نه ته ٿوري گهڻي نِهار ڪن. جهنگ ۾ رهيل مال کي صبح جو سوير وڃي ڳولي وٺي اچن. ”اُٿيو ڏين اَر جو، ڀٽن ڀر ڀيرا.“ -(شاهه) باقي ڍڳين سان ڪوبه ماڻهو ڪونه پهرجي. نر اُٺن کي صبح جو جهنگ ڏي روانا ڪري ڇڏين يا ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو وٺي وڃي ڇوڙي اچن. شام جو ڪي چاري جي سوس تي موٽيو اچن ۽ ڪن کي مالڪ جهنگ مان ڳولي وٺيو اچن. گڏهه ته ائين به ڇُوٽ پيا چرن ۽ ازخود اُڃ جي ڪري پاڻي پيئڻ لاءِ موٽيو اچن. ڪڏهن ڪڏهن مال تي ضابطي رکڻ ۽ ڪم جي مهل تي يڪدم ڳولي لهڻ، ۽ رُلي نه وڃي يا چور ڪاهي نه وڃن، انهيءَ جي بچاءُ لاءِ هيٺيان نمونا ڪم آڻيندا آهن: سَنگهر: هي لوهه جي مضبوط ڪڙين جي ٺهيل هوندي آهي. ڪي اُٺ اهڙا ٿيندا آهن جي شام جو واپس نه ايندا آهن، ڪي وڌيڪ رولو ٿيندا اهن، ڪي ڀاڄوڪڙ ٿيندا اهن. ڪي سياري جو کِجي (مَستي) ڪندا آهن ۽ گوڙ جي ٻَروڙ پيئي پوندي آهي، تڏهن جهنگ ۾ مادي ڏاڍين يعني سانڍين جي پٺيان ڪاهي پوندا آهن. بعضي ماڻهوءَ جي پٺيان به مَستي جي ڪري ڪاهي پوندا آهن. ڪي ته مالڪن جي به ساڃهه ڪونه ڪن ۽ وڙهيو پون. بعضي مسافريءَ تي وڃڻ وقت وچ ۾ ڊاٻو ڪرڻ جي حالت ۾ يا ڌارئين ڳوٺ ۾ رهڻ جي حالت ۾ اُٺ جي اڳين پيرن ۾ سنگهر ڏيئي هڪ پاسي ڪَڙي ورائي قابو ڪري ان کي مضبوط ڪلف لڳائي ڇڏيندا آهن. سنگهر جي ڪري اُٺ ڊوڙي ڪونه سگهندو، باقي آهستي آهستي هلي چَري پيو سگهندو. ان حالت ۾ جيڪڏهن شام جو نه لڀي ۽ جهنگ ۾ رهجي وڃي ته چوريءَ جو امڪان گهٽ رهندو آهي ۽ گهڻو پري نڪري وڃي نه سگهندو، جنهنڪري ٻئي ڏينهن ڳولڻ ۾ سهوليت ٿيندي. رات جو سڀڪو مالڪ اُٺ ڳولي وٺي ايندو آهي. پوءِ ڪي سياري ۾ گهڻو ڪري گهر جي اوٽي يا لوڙهي جي پرويٽ ۾ ۽ اونهاري جو گهرن جي ڀرسان ٻاهر ڪنهن کلئي هوادار ميدان تي جهيڪي (وِهاري) ڇڏيندا آهن، جنهن کي جهوڪ چون. ”جهِڄان پَسِي جهوڪَ آيل سنگهارن جي“. -(شاهه) اتي آسپاس گهرن جا پنج – ست يا وڌيڪ اُٺ گڏجي ويهاريندا آهن. ان وقت اُٺن کي سَنگهر ڏيئي ڇڏيندا آهن، جيئن بعضي ڪو چور ڪاهي نه وڃي. نور: هي به لوهه جو ٿيندو آهي. هن ۾ فقط ٻنهي پيرن کي قابو ڪرڻ لاءِ لوهه جو چِپٿرو وريل پتو ٿيندو آهي، ۽ وچ ۾ ڪَڙيون هونديون آهن، جي پيرن ۾ وجهي هڪ پاسي ڪلف ڏيئي ڇڏيندا آهن. ڪُنجي پاڻ وٽ قابو رکندا آهن. ڀَلن گهوڙن کي چوريءَ جي ڊپ جي ڪري سنگهر ڏيندا آهن جنهن کي ”نور“ چوندا آهن. ڏاڻ: ڪي ماڻهو رواجي حالتن ۾ ۽ سياڻن اُٺن کي سنگهر جي بدران ڏاڻ ڏيئي ڇڏيندا آهن. هي رڱيل کل جي ڪَشن، ناريل جي تاندورن واري رسِي، يا کُهري مُڃ يا اَڪَواري مان وَٽي ٺاهيندا آهن. چم جو ڏاڻ وڌيڪ جٽاءُ ڪندو آهي. ”ڏاڻ وجهي ڏاگهن کي، وَنگُيءَ نه تنهن ويرا“ هڪ پاسي ڪڙو ٺاهي ٻئي پاسي ڇيهه ۾ ڪاٺيءَ جو ٽڪر گهڙي وجهندا آهن، جنهن کي ”اُڙِلِي“ چون. وچ ۾ وراڪا ڏيئي، ٻنهي پيرن کي قابو ڪري اَڙلي ڪَڙيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. سنگهر جي ڪري پيرن ۾ گاٺا پئجي ويندا آهن، بعضي رت به نڪري پوندو آهي. مگر ڏاڻ جي ڪري اها تڪيلف ڪانه ٿيندي آهي. ڪي ماڻهو جهنگ ۾ هلندي کِپَ يا سِڻ پٽي ان مان نوڙي وٽي ان جو ڏاڻ ڏيئي ڇڏيندا اهن. اهو جٽاءُ ٿورا ڏينهن ڪندو آهي ته به بنا خرچ آهي. فقط وَٽڻ جي هلاکي ڪرڻي پوندي آهي. ٽُٽڻ تي ٻيو تار ڪري وٺبو آهي. رواجي حالتن ۾ اُٺن کي سنگهر، نورَ ۽ ڏاڻ ڪونه ڏين ۽ ائين ئي ڇوڙي ڇڏين. ان کي ”اوڙائون“ چون ۽ اڻ ڏنل کي ”ڏانيل“، سگنهر ڏنل کي ”سگنهريل“ چون. پَڪِرانسَ: هي چم جي ڪشن، ناريل جي نوڙين، اَڪَواري، کِپَ يا سِڻَ جي نورين مان وٽي ٺاهيندا آهن. هي گڏهن کي ڏيندا آهن. نوڙين جي ٻنهي ڇيڙن ۾ ناڪا ٺاهي، وراڪو ڏيئي سرڪڻا ڦندڻ جي نموني ڪندا آهن، جن کي ٿورو کولي، ان ۾ پير وجهي زور ڏبو ته ڦَندڻ سُسي پوندو ۽ پير قابو پيو هوندو. ڦندڻ جو هڪ ڇيڙو اڳيئن پير ۾، ۽ ٻيو ڇيڙو پوئين پير ۾ قابو ڪندا آهن. ٿر ۾ سياري، اونهاري غريب ماڻهو مزدوريءَ تي سِرون ۽ مٽي ڍوئڻ جو ڌنڌو، کوهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جنترا (جنڊا) کڻڻ، جهنگ مان ڪاٺين جا جنڊا آڻڻ لاءِ گڏهه ڪم آڻيندا اهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ گڏهن کي پاڃاريءَ ۾ جوٽي انهن سان ڪوس ڇِڪي ڪڍندا اهن، تنهنڪري انهن کي هٿ وَسو رکڻ لاءِ وسڪاري جو ڏينهن جو هر ۾ وهائي، رات جو ڇوڙي اچڻ وقت، ٻنين ۾ آبادي ٿيڻ بعد ڀيل جي بچاءُ لاءِ گڏهن کي پڪرانس ڏيئي ڇڏيندا آهن، جيئن مهل سر ڪم جي وقت ترت ڳولي هٿ ڪري سگهجي، ۽ جهلڻ ۾ به سهوليت ٿئي. ڇو ته ڇوٽ ڇڏيل گڏهه يڪدم جهلڻ نه ڏيندو آهي، خاص ڪري وسڪاري جو، جڏهن سائو گاهه کائي متارو ٿيندو آهي. جنهن ماڻهوءَ وٽ ٿورا گڏهه هوندا آهن ته هرهڪ کي جدا پڪرانس ڏيندو آهي. پر جي ڪنهن وٽ گهڻا گڏهه هوندا اهن ته پڪرانس جو هڪڙو ڇيڙو هڪڙي گڏهه جي اڳئين پيرن ۾ ۽ ٻيو ڇيڙو ٻئي گڏهه جي اڳئين پير ۾ وجهي ڇڏبو آهي. انهي کي ”سلهاڙَ“ چئبو آهي. ان حالت ۾ چئبو آهي ته گڏهه ”سَلهاڙيل“ آهن. وسڪاري جو بعضي گهوڙن کي به پڪرانس ڏيئي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن، جيئن پنهنجي منهن گاهه چَري ڍؤ ڪن. کهري پڪرانس سان اڪثر پير وڍجي پوندا آهن تنهنڪري ان جي ڇيڙن ۾ چم جون پوڙيون وجهرائيندا آهن. چمڙو نرم آهي جنهنڪري پيرن جو بچاءُ ٿيندو آهي. گهڻو ڪري گهوڙن لاءِ اهڙي قسم جو پڪرانس ڪم آڻبو آهي. ڊُٻِڪِي: بعضي گڏهن کي اڳين ٻنهي پيرن ۾ سوڙهو رسيءَ سان ٻڌبو آهي، جنهن کي ”ڊُٻڪي“ چئبو آهي. ائين ڪرڻ سان وهٽ تڪڙو هلي نه سگهندو آهي ۽ تمام آهستي هلي پيو چَرندو آهي، جنهنڪري ڳولي لهڻ ۾ وڌيڪ سهوليت ٿيندي آهي. ڇو ته جتي جهنگ ۾ ڇڏي اچبو، اتان گهڻو پنڌ هلي ڪونه سگهندو ۽ ڀرپاسي ويجهڙائيءَ ۾ لڀي پوندو آهي. جُوڙ: اُٺ کي اڳين پيرن ۾ سوڙهو ٻڌبو آهي ته اُن کي ”جُوڙَ“ چوندا آهن. ائين ڪرڻ سان اُٺ تڪڙو هلي ڪونه سگهندو ۽ آهستي آهستي هلي چَري سگهندو آهي. اُن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿيندي آهي. پِينگهي: سانڍَ جڏهن ويامندي آهي تڏهن ننڍڙي ڦر کي جهنگ ۾ جتي جهوڪ هوندي آهي، اُتي ٻڌي ڇڏبو آهي ۽ ڏاڍي ان جي آسپاس پيئي چرندي آهي. صفا آزاد ڦر هوندو ته ماءُ سان گڏ جهنگ ۾ پري نڪري ويندو، تنهنڪري ڦر جي پير ۾ رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ٻڌي ٻئي ڇيڙي ۾ فوٽ کن مضبوط ڪاٺيءَ جو ٽڪر وچ ۾ اٽڪائي ڏيڍ فوٽ کن زمين ۾ سوڙهو ڏرو (کڏ) کڻي اُن ۾ ڪاٺي اٽڪائي پوري ڇڏبي آهي جيئن ڇڪڻ سان ٻاهر نڪري نه سگهي. ان کي ”پينگهِي“ چئبو آهي. مال جو بچاءُ هونئن ته ٿر ۾ چوريءَ جو ڊپ گهٽ آهي پر ڪا مهل نه ڪهڙي، ان حالت ۾ رات جو اُٺ کي سنگهر ڏيئي جهوڪ ۾ ويهاري مالڪ کٽولو کڻي وڃي ڀر ۾ سمهندا آهن. جي ڪو ڌاريو ماڻهو آيو ته اُٺ يڪدم مالڪ کي سجاڳ ڪندا. رڍن ۽ ٻڪرين جي واڙ کي به مضبوط کڙاهه ڏيئي ٻڪرار رات جو ويجهڙ ۾ سمهندا اهن ۽ بعضي پاليل ڪتاب به رکندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سنڌ کان بگهڙ به ايندا آهن، پر اهڙا موقعا ورلي ٿيندا آهن. بگهڙ آهي رڍن ۽ ٻڪرين جو دشمن، دو وجهه لڳڻ تي واڙ مان يا جهنگ مان ڪنهن رڍ يا ٻڪريءَ کي ماري ڇڏيندو آهي، تنهنڪري ڏينهن جو جهنگ ۾ بگهڙ يا اُن جي پير ڏسڻ ۾ آيو ته يڪدم ڳوٺ مان پنج – ست ڄڻا گڏجي ڪُتا ساڻ ڪري، ڪهاڙيون ۽ گهوٻاٽا کڻي پيرو کڻي پٺيان لڳندا. جتي به هٿ اچي ويو ته ختم ڪري ڇڏيندا. نه ته به اهائي ڪوشش هلي ايندي، تان جو يا ته بگهڙ ٻئي پاسي ڀڄي وڃي يا اُن کي ماري ختم ڪن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪتو به رڍ يا ٻڪري ماري وجهندو آهي. ان کي ”گوڏوُ“ ڪُتو چئبو آهي، تنهنڪري اُن کي ڳولي جهلي ڳچيءَ ۾ ”گِٽَ“ ٻڌي ڇڏين. جيئن مال کي ماري نه سگهي يا کيس ماري پورو ڪن. ڪُتن ۾ گِٽ ٻڌڻ ڪي ڪتا ڪڏهن ڪڏهن رڍون ۽ ٻڪريون ماريندا آهن. جي جهنگ ۾ وجهه لڳو ته اُتي ماريندا يا رات جو واڙ ۾ ٽپي پوندا ۽ پهرُو ماري وجهندا آهن. ائين جي ڪو ڪتو هري ويو ته پوءِ وقت بوقت نقصان ڪندو رهندو. تڏهن چوندا آهن ته هن ڪتي رت چکيو آهي سو ڪونه رهندو. اهڙي ڪتي کي بعضي بندوق سان به ماري ڇڏيندا آهن. يا ٻه – ٽي ٻڪرار ۽ ڌنار گڏجي. گهوٻاٽا، ڌُڪا ۽ ڪهاڙين کڻي ڪتي جي ڇٺيان ڪاهي پوندا، جتي وجهه لڳو اُتي ڌڪ هڻي ماري ڇڏيندا آهن. ڪي ماڻهو وري ماريندا ڪونه آهي، پر اهڙِ ڪتي کي جهلي، ڪاٺ جو ٿلهو بُنڊ اٽڪل ڏيڍ – ٻه فوٽ کن ڊگهو ۽ ٿلهو، جنهن جو وزن ڏهه – پندرهن کن سير هجي، ان جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽنگ ڪري رسو يا لوهه جي سنهي شيخ وجهي ڪُتي جي ڳچيءَ ۾ مضبوط ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهيءَ بار جي ڪري ڪتو ڊوڙ پائي ڪنهن پهرُو کي ماري ڪونه سگهندو. آهستي آهستي هلي سگهندو ۽ پاڻ به نه مرندو، انهيءَ کي ”گِٽ“ چوندا آهن. ڌنار جو ڏينهن جيڪو ٻڪريون چاري تنهن کي ٻڪرار، ٻڪرين کي پَهُون به چون تنهنڪري ان کي پنهوار به چون. ڳئون چاري تنهن کي ڳنوار، اُٺيون چاري تنهن کي اوٺار، رڍون چاري تنهن کي ريڍار، مينهون چاري تنهن کي ميهار چئبو آهي. مگر عام طرح کير ڏيندڙ انهيءَ سڄي مال کي ڌڻ چئبو آهي. تنهنڪري ان جي چاريندڙ کڱي ڌنار چئبو آهي. برساتي موسم ۾ ڍڳيون ۽ مينهون اسر جو پهرائين، وري ٿورو ڏينهن چضٽِڪو چڙهي (اٽڪل اٺين بجي ڌاري) ته واپس وٿاڻ تي آڻين. ڏهائي ٿيڻ بعد پاڻي پياري جهنگ ڏي پهرائين، وري شام جو آڻين ۽ ڏهائي ڪن. سيارو اونهارو صبح جو هڪ ويلو ڏُهي جهنگ ڏي روانيون ڪن. ماڻهو ڪونه وڃي، ٻئي صبح جو پاڻهي موٽيو اچن. مينهون ٿر ۾ بلڪل ٿوريون آهن. ڌنار صبح جو ماني کائي، باقي ٽُڪر پلاند سان ٻڌي، سانداري پاڻيءَ سان ڀري ڪُلهي ۾ وجهي لٺ يا ڪهاڙي کڻي مال سان روانا ٿين. جتي بک يا اُڃ لڳي، اتي ٽُڪر کائي، سانداريءَ جو منهن ڇوڙي ڏٻي (ٻُڪ) يا چِروُن (هڪ هٿ) سان پاڻي پي، سانداريءَ جو منهن ٻڌي ڇڏين. جهنگ ۾ مال اوسي پاسي پيو چرندو آهي. پاڻ وري (جي ٻه – ٽي چڻا هوندا ته) هڪ هنڌ گڏجي ڪانه ڪا وندر ڪندا اهن. سانداري ڪنهن وٽ جي کُت (اِنگهه) ۾ تنگي ڇڏيندا. جي صبح يا شام ٿڌ جو پَهر هوندو ته ڏڙو راند، مَلهه وڙهڻ، چيڪلو يا پينگهه ۾ لُڏندا. (نوڙيون وٽي ڪنهن وڻ ۾ پينگهه ٻڌندا آهن) جي ڏينهن تتل هوندو ته ڪنهن وڻ هيٺان ويهي پاوا، بنسري ي اچنگ وڄائيندا يا چَلَهَر، نوکُڻي، يا شينهن – ٻڪري راند ڪندا. جي تماڪ جا ٻنڌاڻي هوندا ته سُلڦي چاڙهيندا، جي باڪس وسري ويو هوندو يا ختم ٿي ويو هوندو ته ٻه ڪاٺيون وٺي آگيو ڪندا، جنهن مان باهه پيدا ڪري سُلڦي دکائيندا. مڙيئي ڏينهن ٿيو کُٽائڻو. ڪي وري تترن جا ننڍا ٻڍا واليندا آهن، سي پڃرو پاڻ سان کڻي ويندا. اُڏوهي ڳولي ٻچن کي کارائيندا. وڏو تتر هوندو ته دام به کڻي ويندا ۽ بيا تتر ڦاسائيندا ڌار ڌار موسمن ۾ جهنگ ۾ ڏُٿ ٿيندو آهي، سياري جو ٻير چونڊيندا، بهار ۾ کنؤر ۽ گُگر گڏ ڪندا، ڦوڳيسي پٽي آڻيندا، آڙهر ۾ سِڱر لاهيندا، پيرون چونڊيدا. نه رڳو پاڻ کائين پر شام جو گهر کڻي ايندا. وَسڪاري جي شروعات ۾ گانگهيٽا، پِپُون، کنڀيون ۽ ڪُونڍير کڻي ايندا، جي گهر جي ننڍن ٻارن ڀيرن ۽ ڀائرن کي ڏيندا آهن، جي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. پوءِ ٿوري وقت بعد ويجهين ٻنين مان چڀڙ، گدرا، ڪارينگ (هنداڻا) ۽ چِڀڙيون پاڻ به کائيندا ۽ شام جو گهر به کني ايندا. ائين نه رڳو وندر آهي، پر مال جو چارو، ٻارن جو ڌُتو، ۽ وڏن جي چَهر ۽ ڪجهه اُپراسو به ٿيو پوي. ”ايڪ پَنٿ دو ڪاج.“ ڏينهن جو جهنگ ۾ گهمندي ڪٿان ڪُهاڙي يا ڪوڏر جي بانسي (ڳن) جهڙي، گهر ۾ ڪتي ٻلي هڪلڻ جهڙي يا هٿ ۾ کڻڻ جهڙي، جاءِ جي پَٽي جهڙي، چونري جي ڪائيي يا مَنڏهيڙي جي آڏوري جهڙي، نيهَڙي يا لوڙهي جي دروازي تي کوڻ جهڙي يا ٿوڻي جهڙي ڪاٺي، مطلب ته ڪانه ڪا گهر ۾ ڪم اچڻ جهڙي ڪاٺي آڻيندا. نه ته به ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جي ڀَري مٿي تي کنيو ايندا. مطلب ته جو ماڻهو گهر لاڳو هوندو هو هٿين خالي ڪونه موٽندو. مال جي سڃاڻپ ٿر جي ماڻهو وٽ چوپايو مال ججهو آهي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي گذران جو وڏو وسيلو چوپائي مال تي آهي. مال ڪڏهن رُلي وڃي، يا ورائجي وڃي ته ان حالت ۾ سولائيءَ سان سڃاڻپ ۾ اچي، يا ڳولا ڪرڻ جي حالت ۾ وَڙول ڏيڻ ۾ سهولت ٿئي، انڪري مال تي داغ لڳائي ڇڏيندا آهن. داغ لاءِ لوهه جا نشان ٺهيل آهن، جي باهه ۾ گرم ڪري مال جي پِينڊَن، پاسن، دَم، ڳچي، ٻاهُو ۽ ڳلن تي هڻي ڇڏيندا آهن. ٻنجن – ستن ڏينهن کان پوءِ مٿان سريل کل لهي ويندي آهي ۽ بدن تي ڪارو نشان ظاهر ٿي بيهندو آهي، جو مرڻ تائين قائم هوندو آهي. داغ سڀ ڪنهن ذات يا فرقي کي پنهنجو مقرر ٿيل هوندو آهي. مالدار ماڻهو هڪٻئي جا داغ سڃاڻندا آهن. پو3 جي مال رُلي ويو يا چوري ٿي ويو ته انهيءَ داغ جي آڌار تي مال ڳولڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي. پار پَتا ٻڌائي وڙول ڏيڻ تي ڪٿي نه ڪٿي ڏس ملي پوندو آهي. بعضي ته مال رُلي وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ کوهه تي پاڻي پيئڻ لاءِ ضرور ويندو، ڇو ته ٿر ۾ کوهن کان سواءِ ٻيو ڪٿي پاڻي ڪونه آهي. اُتي مالدار داغن جي نشانن ڏسڻ سان سڌروکا ماڻهو سهي ڪري وٺندا آهن ته هي مال فلاڻي ڳوٺ يا فلاڻي ذات وارن يا فلاڻي ڏس (طرف) جو آهي. ڪن حالتن ۾ ته ڪي ماڻگهو اهڙو مال ڳوٺ جي پٽيل، يونين ڪائونسل جي چيئرمن يا پوليس کي ڄاڻ ڪري پاڻ وٽ روڪي رکندا اهن، ۽ مالڪ اچڻ تي موٽائي ڏيندا آهن. داغن جا ڪئين نمونا آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا: 1- هميراڻو داغ، ان جا چار قسم آهن: 1- گول جي چوڌاري ٽي ڦنگڙيُون. 2- گول جي چوڌاري چار ڦنگڙيون. 3- گول جي چوڌاري پنج ڦنگڙيون. 4- ٻٽو هميراڻو داغ. اهي داغ سوڍا راجپوت پنهنجين ڍڳين ۽ اوٺي مال کي ڏيندا آهن. 2- ڪُنَرَ، هي گول داغ آهي، هن جا ٻه قسم آهن 1- ننڍو ڪُنر. 2- وڏو ڪُنر. 3- آٽيرڻ داغ، انگريزي ”آءِ“ حرف وانگر، هي گيهيلڙا ٺڪرن جو داغ آهي. 4- ڪٺاري داغ، انگريزي A حرف وانگر پر ڇپڙيون ٻئي وريل.، هي برهمڻ جو داغ آهي. 5- مَنچي داغ، کت وانگر، هي ڪيهلڻ ٺڪرن جو داغ آهي. 6- ترشُول داغ، هي وَرَن ۽ جاگا ٺڪرن جو داغ آهي. 7- گيڏيو داغ، وريل لڪڻ وانگر (لٺ کي ڍاٽڪيءَ ۾ گيڏي ۽ لڪڻ کي گيڏيو چئبو آهي،) هي سيلوت ٺڪرن جو داغ آهي. 8- اَرلَ داغ، سنئين ليڪ وانگر، هي ڏوهٽ ٺڪرن جو داغ آهي. 9- پَرڙوٽيو داغ، بلا وانگر ورن وڪڙن وارو (بلاکي ڍاٽڪيءَ ۾ پرڙ ۽ ٻچي کي پرڙوٽيو چئبو آهي). هي کاوڙيا ٺڪرن جو داغ آهي. 10- پنچاري داغ، پاڃاريءَ وانگر، هي مالهين جو داغ آهي. 11- رائڪو داغ، هي ڀاٽي راجپوتن جو داغ آهي. 12- پاگوڙو داغ، دُئال وانگر، هي ڏوهٽ ٺڪرن جو داغ آهي. 13- رندڪو داغ، ابتي اِي وانگر، هي رند بلوچن جو داغ آهي. 14- گنو داغ، هي سيدن، جوڻيجن ۽ نهڙين جو داغ آهي. 15- ڪَرو داغ، هي داغ اڪثر مسلمان پنهنجي مال کي هڻندا آهن. 16- کنبو ڪُنري وارو داغ، هي درس مسلمانن جو داغ آهي. 17- ڪئنچي داغ، هي داغ به ڪيترا ماڻهو پنهنجي مال کي هڻندا آهن. مال جي سڃاڻپ لاءِ نه رڳو داغ آهن، پر ڪَنن ۾ به گهڻن نمونن جا نشان ڪندا آهن، جيئن ته ڪَنَ ۾ چَهَڪَ ڏيندا ته ان کي ”جهير“ چون. ٿورو پاسي کان ٽڪر ڪپي ڇڏيندا ته ان کي ”کڏو“ چوندا. ڪن جن چُهنب ڪپيندا ته ان کي ”ٽِسِي وڍيل“ (ڇيڙو ڪپيل) چوندا. اهي به سڃاڻپ لاءِ نشان آهن. ازان سواءِ رنگ، سڱ ۽ پُڇ به سڃاڻپ ۾ مدد ڪندا آهن، جيئن ته ڪن جا سڱ وڏا، ڪن جا ننڍا، ڪي نوڪدار، ڪي سڌا، ڪي وَريل، اهڙِءَ طرح پڇ به ڪن جو وڏو، ڪن جو ننڍو، ڪن جو ڇُڳي سان، ڪن جو کٽٿَل، ڪن جو بنا ڇڳي، جنهن کي ”ٻانڍو“ چون. مال جا پار هينئن ڏيندا آهن: هڪ ڍڳي رنگ جي سائي، ساڱ وريل، ڪنڌ تي ڪُنر، پاسي تي پِتي جو ڏنڀ، پڇ ٻانڊورو، يعني ڇوٽو ۽ کٿل وغيره. ٻي وَهڙي ٽن سالن جي، مُٺ مُٺ سڱ، رنگ جي تيِلي (ڪاري)، کاٻي پينڊي تي ڇاڃاري داغ ۽ ساڄي ڪَن ۾ کُڏو وغيره. ڳائيءَ، اوٺي مال ۽ گڏهن کي داغ هڻن، پر رڍن ۽ ٻڪرين کي داغ ڪونه هڻن. انهن جي ڪَنن جي بناوت ۽ انهن ۾ ڪيل نشآنن ۽ رنگ تي سڃاڻپ ٿئي، جيئن ته ڪَنن ۾ جِهيرون وجهن، کُڏا ڪَنَ ۽ ڪنن جو ٽِسِيُون وڍين، پوءِ مال تي رنگن ۽ مٿئين نشانن موجب پارپتا مقرر ڪن. ٻڪري جا ڪن ڊگها هوندا ته ”لَپِڙي“ چون، جي ڊگها ۽ ٿورا وريل ته ”گيڏيا ڪَنِي“ (يعني وريل لڪڻ وانگر) چون. جي ننڍا ڪن ته ”ٻُسِي“ يا ”ٻُسِڪي“ چون. جي کڙا ڪن ته ”هرڻي“، ٿورا وَڍيِلَ ڪن ته ”ٻُٽِڪِي“، سنهڙا ڪن ته ”چِيڙي“، ننڍڙو سنهڙو ٻُوٿ ته ”چُسِڪِي“ ۽ رنگن موجب جي صفا ڪاري ته ”ڀِرَنگ ڪاري“ چون، مٿي ۽ ڳلن تي اڇا ٽِڪا ته ”ٻولهائي“ چون، مٿي ۾ ٽِڪو ته ”ٽِڪِرِي“، بدن تي اَڇا پَٽا ته ”جَهِري“، بدن تي اَڇا اَڇا ٽِڪا ته ”ڪَٻِري“ چون، ٻُوٿ ڪارسرو ۽ ڳاڙهاڻ مائل ته ”چائوري“، بدن تي اَڇا پَٽا ته ”پَٽوِري“ وغيره چون. ازان سواءِ مال جو پير به سڃاڻن، جنهنڪري مال جي رُلي وڃڻ يا چوري ٿيڻ جي حالت ۾ پيرو کڻي مٿئين موجب پارپَتا ڏيئي هٿ ڪيو وٺن. مال جي ڳولا ۾ جيڪو ماڻهو نڪري ان کي ”ناسيٽُو“ چون. مال جي چوري ٿر ۾ مال ڇُڙيو پيو گهمي، ڌنار ساڻ ڪونه هجي. جيتوڻيڪ سنڌ جهڙي چوري جي مصيبت ڪانهي، تڏهن به کُٽڪو ضرور. اُٺ صبح جو جهنگ ڏي ڇوڙي ڇڏين، شام جو وڃي ڳولي وٺي اچن يا اتفاقاً نه لڀڻ جي حالت ۾ ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي ڳولي هٿ ڪن. رات جو پنهنجي گهر ۾ يا ڀرسان، اڳين پيرن ۾ سنگهر ڏيئي، ڪلف لڳائي، اڪيلو يا پاڙي وارن جي اُٺنس ان گڏ وهاري ڇڏين. ڪي مالڪ پنهنجو کٽولو کڻي وڃي جهوڪ تي سمهن. چور ڪڏهن جهنگ مان، بعضي رات جو گهرن يا جهوڪ مان اُٺ اٿاري ويندا آهن. ڪنجين جا ڇڳا ساڻ هوندا اٿن جن مان ڪلف کولي، يا ڏاڻ ڏنل هوندو ته اُهو لاهي، ڪاهي ويندا. سنهگر يا ڏاڻ اتيئي ڦٽو ڪندا، اهو ساڻ کڻي وڃڻ نڀاڳو سمجهن. سياري جو چوري گهٽ ٿئي ڇو ته ٿر ۾ پير ظاهر پيو هوندو جنهنڪري مٿان ڀاڳيا پهچي نه وڃن. چوري اڪثر اونهاري جو ٿيندي آهي، ڇو ته ان وقت هوائون لڳنديون آهن، جنهنڪري پيرو ڊهي ويندو آهي. اهو وڏو بچاءُ اهي. ٿري پيري کڻڻ جا ماهر آهن، سي اڳيان يا اوسي پاسي اوهاڙون ڏيئي ڪٿان نه ڪٿان پيرو هٿ ڪندا اهن. ڪن حالتن ۾ نه به لڀندو آهي، پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي تَهَ تَههَ وُهراڙو ڪن. ڪنهن سکر کي به ساڻ کڻن، پنهنجي وسان ڪونه گهٽائين. ڳولا سان هٿ اچيو وڃي يا کُري (ڀُنگ) ڏيئي ورائين، بعضي هٿ نه به اچي. ڍڳين جي چوري مَٺي ٿئي. خاص ڪري جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن يڪي سڄي ٿر ۾ ڪانه پوي. ڪٿي گهٽ، ڪٿي وڍ، ته ڪٿي اصل ڪانه پوي. ان وقت جتي اڳ ۾ برسات پوي. اتي سائي گاهه جي ”لُونکاڙ“ ٿئي، پوءِ اوسي پاسي وارا اُتي پنهنجو مال ڪاهي اچن ۽ ڪيترو مال ازخود انهي لونکاڙ تي ڀڄيو اچي. چوندا آهن ته مال کي لونکاڙ جي خوشبوءِ ٿي اچي. پوءِ ڏسندا آهن ته رولُو مال پيو گهمي، ٻه چار ڏينهن مالڪ ڪونهي ته وجهه وٺي اوسي پاسي ڪنهن پنهنجي سينڌ واري وٽ پاسيرو ڪري ڇڏيندا، ته متان ڪو مالڪ جاڳي پوي، ۽ اهڙي ”ڏُکڻي ڌُر“ هجي جنهن کان پوءِ به ڇُٽي نه سگهجي، ۽ ”لوٽي کان اُٻنگ ھرو ٿي پوي“ يا ڪنهن ڏاڍي جو مال هجي، انهيءَ ڪري مهينو اڌ ترسندا آهن، ان بعد ڪنهن پاسي روانو ڪري ڇڏيندا آهن. چورن جون پاڻ ۾ ٺيٽُون ٺهيون پيون آهن، وقتي ڪن تَر جي ماڻهن جو به ڀيڙ هوندو آهي. رڍن، ٻڪرين ۽ گڏهن جي چوري به اهڙيءَ طرح ٿئي، پر گهٽ بعضي ڪٿي ڪٿي ٻه – چار سنگتي گڏجي ڪنهن جو ڇيلو يا گهيٽو کڻي راتو ڌو کائي کپائي ڇڏين. اهڙيءَ طرح کائڻ کي ”نِڪَٽ“ چون. ڪتا پالڻ ٿر جا مالدار ماڻهو ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، جتي سندن گذران کيتي ۽ چوپائي مال تي آهي. چوپائي مال جي چوري به ٿيندي آهي. بعضي جهنگلي جانورن بگهڙ (ڪڏهن ڪڏهن ٻين هنڌان ايندا آهن) يا ڪتن جو ڊپ به رهندو آهي، انهن جي بچاءُ لاءِ ماڻهو ڪتا پاليندا آهن، جي گهر ۽ مال جا پهريدار آهن. ڪو چور آيو ته باهوڙ سان ڪتا مالڪ کي سجاڳ ڪندا بلڪ چور سان به وڙهندا. جتي ڪتو هوندو اُتي هروڀرو چور جي به دل ڪانه ٿيندي جو ڪاهي وڃي، جنهنڪري ڪتن جي ڊپ ڪري چوري جو گهٽ امڪان آهي. ڪي ته اهڙا خطرناڪ ڪتا آهن جو چور يا ڌارئي ماڻهوءَ جي اوڏاهون وڃڻ تي دل ئي ڪانه ٿيندي. ماڻهو ڪَچن گهرن ۾ ڀونگن ۾ بنا ڪلف جي آرم سان رهندا آهن، ڪتو نگهبان ٿيو ويٺو هوندو آهي. ڪي ڪتا اهڙا خوفناڪ هوندا آهن جن کي مالڪ رات جو سنگهر ڳچيءَ ۾ وجهي ٻڌي ڇڏيندا آهن، ڇو ته متان ڪو مسافر اچي ۽ کيس ڦٽي نه وجهن. ڌارئي جي اچڻ تي انهن جي باهوڙ مالڪ کي سجاڳ ڪندي آهي. ڪيترا مالدار رات جو مال وٽ سمهندا آهن ته پاڻ وٽ ڪتو به رکندا آهن. اوڍاري اُٺن وٽ سمهندا آهن ته ڪتو ڀرسان جهوڪ تي ويٺو هوندو. ڪي ماڻهو وري شڪار لاءِ ڪتا پاليندا آهن. ڀيل ۽ ڪولهي ڪُتن سان سَهي ۽ لوڪڙ جو شڪار ڪندا آهن. گهايڙ هرڻ جي پٺيان ڪتو ڇڏبو ته يڪدم جهلي وٺندو. پاگِي يا پيري اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته ٿر ۾ چوري بلڪل گهٽ آهي، ان جو وڏو سبب هي آهي جو هتي جي زمين وارياسي آهي، جنهنڪري جانور خواهه ماڻهوءَ جي پير جو نشان چٽو پيو هوندو آهي. اهو نشان جيستائين هوا نه ڊاهي تيستائين چٽو بيٺو رهي. البت اونهاري جو جڏهن هوا زور سان لڳندي آهي تڏهن نشان ترت ڊهيو وڃي. باقي سياري جو ڪا اهڙي هوا نه هوندي آهي، تڏهن نشان مهينو – ٻه به بيٺو هوندو آهي. ٿر ۾ ٻيلا يا گهاٽو جهنگ ڪونه آهي جتي چورن کي پنهنجو سِر يا مال لڪائڻ جو وجهه ملي. جيڪا وري ڪن، سا راتو ڌو ڍورو اُڪارين. جي ڏينهن ٿي ويو ته پڪڙجڻ جو وڏو خطرو آهي، ڇو ته ٿري ماڻهن جي اها عادت آهي ته ڪوبه ڌاريو ماڻهو ڳوٺ ۾ آيو يا گس پن هلندي گڏيو ته ان کان بلڪل گهڻي پُڇ پُڇ ڪندا. ڪير آهين؟... ڪٿي جو آهين؟... ڪيڏانهن ٿو وڃين؟... ڪهڙي ڪم ٿو وڃين؟ رات ڪٿي هئين؟.... ڪٿان هليو آهين؟... وغيره ڪي ته اهڙا چوڪسي آهن جو ڌارئي ماڻهوءَ جي هلت چلت مان سهي ڪيو وٺن ته هي ماڻهو ”سينَرتُو“ نه آهي، تنهنڪري ڪيترا ائين شڪ ۾ جهلجيو پون. ازان سواءِ ٿر ۾ اهڙا ته قابل پيري آهن، جي ماڻهو ۽ مال ته ڇڏيو پر پکين جا پير به سڃاڻي وٺن. هڪ دفعو ڪنهن ماڻهو، اُٺ، ڍڳي، گهوڙي، ڪتي وغيره جو پير ڏٺو ته سالن تائين اهو ياد رهندو. ماڻهو مالدار آهن، ڪڏهن مال رُلي يا اوٽِرجي ويندو آهي ته پير کڻي وڃي جتي هوندو آهي، اتان هٿ ڪندا اهن، سڀڪو مالدار ماڻهو پنهنجي مال جو پير سڃاڻندو آهي. ڪي ته اهڙا قابل آهن جو اُٺ جو پير ڏسڻ سان اهو به ٻڌائي سگهندا آهن ته اهو ڪهڙي پَٽ (ملڪ) جو اُٺ آهي. وهٽ جو رنگ به چئي ڏيندا آهن. ڪٿي ڪٿي واري بلڪل نرم هوندي آهي، جتي وهٽ پير رکندو ته اندر هليو ويندو ۽ جڏهن پير ٻاهر ڪڍندو ته پاسن واري واري ڍرڪِي ايندي، جنهنڪري چَٽي نشآن جي بدران فقط کڏ ڏسڻ ۾ ايندي اُن مان ائين ڪونه سمجهبو ته هي پير فلاڻي جانور جو آهي، پر پيري اهو يڪدم سڃاڻي وٺندا آهن. اونهاري ۾ مال جو پير ڀٽن ۽ ميدانن تي هوا ڊاهيو ڇڏي. تڏهن ڇا ڪندا آهن جو پري پري کان پٽن جي اوٽ ۾ اهڙا هنڌ جتي واءُ جو اثر گهٽ هوندو آهي، اتان اوهاڙ ڏيئي پير سڃاڻندا آهن ۽ پوءِ اتان مال جي هلڻ جي رخ جي اوٽ تي اڳتي به ڀٽن جي اوٽ ۾ اوهاڙون ڏيندا مال جي وڃڻ جو طرف معلوم ڪندا. اهڙيءَ طرح پير کڻندا، ڏَس پڇائيندا، نيٺ وڃي هٿ ڪندا. ٿوري گَپ چِڪ هوندي ته ان مان به پير سهي ڪري وٺندا آهن. اُٺ، ماڻهو، ڍڳي، مينهن جو پير ته هرڪو مالدار سڃاڻي، پر ڪي پنهنجين رڍن، ٻڪرين، ڇيلن، گڏهن وغيره جو به پير سڃاڻن. ماڻهوءَ جو پير هڪ دفعو ڏٺل هوندو، پوءِ جي اهو ماڻهو ڌار ڌار جُتيون پائي ڪيترن به ماڻهن سان گڏ هلي ته به ان جو پير سڃاڻي وٺندا. ڪيترا دفعا چوريءَ جي حالت ۾ پوليس ڀاڳين کان اهڙي ڀيٽ ڪرائيندي آهي، مگر پيري ڪڏهن به ڀُليا نه آهن. ٿر ۾ گدڙ، بگهڙ وغيره ڪونه آهن، مگر ڪڏهن ڪڏهن سنڌ مان ڪو ايڪڙ بيڪڙ اچي نڪرندو آهي ۽ رڍن ٻڪرين جو نقصان ڪندو آهي، ته يڪدم ٻه – چار چڻا سنڀري ڪهاڙيون، گهوٻاٽا ۽ روڙها کڻي روانا ٿيندا. پير کڻي اُن کي هٿ ڪري ماري نه ايندا، ٿيستائين اصل جند نه ڇڏيندا. شڪار ڪرڻ وقت تلُور، سهي، تتر ۽ هرڻ جو پير کڻي وڃي هٿ ڪندا، يا گهايڙ ٿيڻ جي حالت ۾ ڀڄي وڃي ڪٿي وڻن ۾ لڪندا آهن ته پير کڻي ڳولي هٿ ڪري وٺندا آهن. وسڪاري جو سڄي زمين گاهه سان سَٿي پيئي هوندي آهي ۽ وهٽ جو پير زمين تي ڪٿي به ظاهر نه هوندو آهي، اتي به پير سهي ڪري وٺندا آهن، جو وهٽ جي هلڻ جي ڪري گاهه مُڙيل ۽ آڏو ابتو ٿيل هوندو. پوءِ انهيءَ اوٽ ۽ سمجهه تي هليا هلندا. اڳيان ڪٿي صفا زمين ٽڪر آيو ته اتي وري نشان ظاهر هوندا ته وڌيڪ خاطري ٿيندي. اهڙيءَ طرح گاهه مان به پيرو کڻي وڃي وهٽ هٿ ڪندا. مطلب ته ٿريا پير کڻن جا ماهر آهن. مال جو سودو ٿري ماڻهو پنهنجي مال جو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ سودو به ڪندا آهن، خاص ڪري اٺن جي سودي ڪرڻ جي گهڻي عادت اٿن. اهي سودو ڇو ڪندا آهن، ان جا به ڪارڻ آهن. جيئن ته ڪنهن وهٽ ۾ ڪو ٿورو گهڻو عيب ٿي پيو، يا اَڀرو وهٽ هوندو ته پوءِ ڪجهه پئسا وڌيڪ ڏيئي سڀرو وٺن، يا ڪو غريب هوندو ۽ سڀرو وهٽ هوندو، ته ڀائيندو ته ان جي عيوض ڪو اَڀرو وٺان، ته چار ڏوڪڙ اُتر به ملندا، جنهن مان ٻچن جو گذر به ٿيندو ۽ وهٽ به ملي ويندو جنهن مان به ڪم پيو نڪرندو. يا ڪي ڪنهن وهٽ مان ڪڪ ٿي پوندا آهن ته ڀائيندا آهن ته اهو بدلائي ٻيو ڪو وٺان. ڪي اُٺ ويڙهو ٿيندا اهن، تنهنڪري مالڪ ڊپ جي ڪري به اهڙن اٺن جو سودو ڪندا آهن. يا ڪي اٺ پوڙها ٿي ويندا آهن ته سودو ڪري وري ننڍو ڪنواٽ وٺندا. پر ان جي عيوض ڪجهه ڏوڪڙ ڏيڻا پوندن. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي سبب ٿيندا آهن، جنهنڪري سودو ڪندا اهن. ڪن ماڻهن جي ته عادل ٿيندي آهي جو سدائين سودا ڪدنا وتند آهن. ڪوبه وهٽ چار ينهن رهيو ته وري مٽائي ٻيو وٺندا. پوءِ ڪڏهن چار ڏوڪڙ اتر وٺن ۽ ڪڏهن چار ڏوڪڙ ڏيڻا پون. انهن لاءِ چئبو آهي ته ”کُونٽي کي اُڏوهي لڳڻ ڏين ئي ڪونه.“ سودي مان ڪن کي فائدو ٿئي ته ڪن کي نقصان. چوندا آهن ته سودي جو ڪم آهي، جو ”ڪي رنج ڪي گنج“. ڪڏهن وهٽ جي بدران وهٽ ڏين ۽ وٺن، وڌيڪ ڪنهن کي به ڪجهه ڏيڻو وٺڻو ڪونه پوي، ان کي چون ”ڪَنو سٽ ڪَن“ يا اَٽي سامهون اٽو کارو نڪو کتو.“ ڪڏهن ڪي چار ڏوڪڙ وڌيڪ ڏين، انهن وڌيڪ ڏوڪڙن کي ”اُتر“ چون. تڏهن چوندا آهن ته ادا، وهٽ به ڏنم ۽ مٿان.... رپيا اتر ڏن. اُٺن جي سودي ۾ ڪڏهن اتر ۾ روڪڙا پئسا ڏين. بعضي بروقت روڪڙا پئسا نه هجن ته جيترا هجن اوتراڏين، باقي رکال (اوڌر) ڪن، اُن لاءِ مدو مقرر ڪن. پوءِ اعتبار وارو ماڻهو هوندو ته ان تي اعتبار به ڪندا نه ته ڪنهن معتبر کي ضامن وٺن. ان لاءِ چون ته فلاڻي وچان زبان ڪئي آهي وغيره. يا اُتر پئسن جي عيوض اوتري قيمت جو گابو، گڏهه، ٻڪريون وغيره ڏين. اهڙن موقعن تي ٻيا به ڪي اچيو گڏ ٿين. پوءِ ڪي هڪڙي پاسي، ۽ ڪي ٻئي پاسي پيا ڳالهائيندا ۽ ٻنهي کي ارڙ مُرڙ ڪري سودو ڪرائي ڏيندا. سودي بعد سڀڪو مالڪ پنهنجي مال مثلاً اُٺ هوندو ته مُهار، گهوڙو هوندو ته واڳ هٿ ۾ جهلي، ٻئي کي ڏيندو، جو وري پلاند جهليندو جنهن ۾ هو وجهندو، ۽ چوندو ادا، ”هاڻي خدا برڪت وجهندو.“ ته سامهون جواب ڏيندو ”الله آمين.“ اُٺن جا سودا عام طرح ٿيندا رهندا آهن، ڇو ته ٿر ۾ اٺ گهڻا آهن. گهوڙن جا سودا ڇڊا ٿيندا آهن، ڇو ته ٿر ۾ گهوڙا گهٽ آهن. ڪن هنڌن شهرن ۾ گهوڙن جي سودن لاءِ ڪي مڱڻهار دلال هوندا آهن، جي پنهنجي دلالي وٺي سودو ڪرائي ڏيندا آهن. باقي ٻئي مال جو سودو ڪو ورلي ٿيندو آهي. سودي ڪرڻ بعد ٻيئي ڌريون ڏاڍي پڪائي ڪنديون آهن ته ادا، هن کان پوءِ ڪوبه ڦِري نه، جي ڦرندو ته اجايو ڏٺو ٿيندو، باقي سودو ڪونه واربو، پر انهيءَ هوندي به ڪڏهن ڪي ڏسندا آهن ته نقصان ۾ ويا آهيون ته ان حالت ۾ ڪي ته کڻي صبر ڪندا آهن، پر ڪي وري سودي وارن لاءِ ميڙ منٿ ڪندا آهن. پوءِ بعضي ته پاڻ ۾ ٺهيو وڃن، نه ته وري ڪنهن مٽ مائت، يا دوست، ڪنهن سکر مَٺي کان به چورائيندا ۽ ميڙ منٿ ڪرائيندا. پوءِ ڪي ماڻهو انهن کي عزت ڏيڻ خاطر سودو واري ڏين ۽ ڪي نه به واري ڏين. پر سودو ڪري وري وري جيڪو وارڻ لاءِ ڪوشش ڪري، ان جي وري چئن دوستن ۾ عزت ڪانه رهي ۽ وري مٿس اعتبار ڪونه ڪن. ٻڪريون ۽ رڍون ڪترڻ ٻڪريون سال ۾ هڪ دفعو سياري لهڻ بعد، جڏهن سيءُ گهٽجي ويندا آهن، تڏهن بهار جي موسم ۾ ڪتربيون آهن. ٻڪري جا وار کهرا آهن، جنهنڪري اُنهن جي ڀُرٽ يا ٻيو گند ڪونه هوندو آهي. ٻڪريءَ کي جهلي ڳچيءَ ۾ رسي وجهي کونٽي سان ٻڌي، يا فقط اڳيان ٻئي پير پاڻ ۾ ٻَڌي ڇڏبا ته بيٺي هوندي، پوءِ ڪتر سان ڪتري وٺبي. وار هيٺ ڪِرندا ويندا، جي ڪترڻ بعد گڏ ڪري وٺبا. ٻڪريءَ جي وارن کي ”ڏاس“ چون، پر ٿري ”ڊَٽ“ چوندا آهن. رڍون سال ۾ ٻه دفعا، ٻنين ڇُٽڻ مهل ۽ وسڪاري جي اڳ ۾ ڪتربيون آهن. رڍن جي اُنَ گهاٽي ٿيندي آهي، جنهنڪري جهنگ ۾ چرندي ڀُرٽ تمام گهڻا چنبڙي پوندا اٿن، اُهي لاهي صفا ڪري پوءِ ڪتربيون آهن. رڍ جا اڳيان پير ٻڌي قابو ڪري پهريائين هڪ مضبوط ڪام، جا ڪجهه ڇپٿرو گهڙيل هوندي آهي (جنهن کي ڪاترو چوندا آهن)، ان سان سٽي ڀرٽ ۽ ٻيو گند ڪڍبو آهي. پوءِ پاڻيءَ سان پُٺي ڌوئبي ته مَر وغيره ان مان لهي وڃي. ٻئي ڏينهن سُڪڻ تي رڍ کي پاسيرو ليٽائي هڪ پاسو ڪتري، وري اٿلائي ٻيو پاسو ڪتري وٺندا آهن، پوءِ اها اُن وِرهي ڳوڙهو ڪندا، جنهن کي ”لُگٽي“ چون. ڪترون ٻن قسمن جون هونديون آهن، جي لوهه جون ٺهيل هونديون آهن. هڪڙي رواجي قئنچيءَ وانگر، ٻي وري يڪي لوهه جي پَٽ جي ٺهيل. پَٽ جون ٻئي چُهنبون قئنچيءَ وانگر ٺاهي ورائي بيهاربو ته قئنچي ٺهي پوندي. هن ۾ آڱوٺي ۽ آڱرين وجهڻ لاءِ خانا نه ٿيندا آهن، مگر مُٺ جي زور سان هلندي آهي. هن کي ”هيڪل هَٿِي“ چوندا آهن. اهي نمونا لوهار ٺاهيندا آهن. ٿري ماڻهو ڪتر کي ”لابي“ به چون. آنڪوڙو هي ٻائوريءَ جي ڊگهي تَڙي (ڪاٺي) مان ٺاهيندا آهن. تڙيون اٽڪل ڏهه ٻارهن فوٽ يا وڌيڪ ڊگهيون ٿينديون آهن. جهنگ مان ڳولا ڪري ٻائوريءَ جي ڪا اهڙِ ڊگهي تڙي، جا هيٺيان ٻيڙهانگي هجي، سا هٿ ڪري ٿورو زمين کوٽي ٻيڙهانگي جي هيٺان ڪپيندا آهن. پوءِ ننڍي پاسي کي ٻيڙهانگي کان نَو – ڏهه انچ ڪاٺي ٽڪر گهَڙي اهيءَ طرح قابو ڪندا، جو ڊگهي ڪاٺيءَ سان سوڙهي ڪنڊ تي هجي. پوءِ انهيءَ هنڌ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لوهه جا پَٽ هڻائيندا آهن ۽ مٿان وري بنا رڱيل (آري) چمڙي جي ڪشي سان وراڪا ڏيئي مضبوطا آهن. اهو چمڙو بلڪل سخت ۽ مضبوط ٿيندو آهي. انهيءَ کي ”آنڪورو“ چون. مالدارن لاءِ آنڪورو ڏاڍو ڪارائتو آهي. اهي پاڻ گڏ جهنگ ۾ کڻي ويندا آهن. جيڪڏهن ڪنڊيءَ ۾ سڱر ٽارين جي ڇيڙن ۾ هوندا ۽ چڙهي لاهڻ کان پري هوندا ته آنڪوڙو وجهي ٽاري نمائي اُٺ کي ڏيندا، جو چري ڍؤ ڪندو. بعضي ڌونڌوڻ ڏيئي ڇاڻي وٺندا. پڪل کوکا هوندا ته يڪدم ڇڻي پوندا. ڪونڀٽ جا چپڙا لاهڻ لاءِ انڪوڙو وجهي ڌنڌوڻ ڏبي ته چپڙا اچي پٽ تي پوندا، جي چونڊي جهولي ڀري وٺبي. مڪڙ مارڻ وقت وڻن جي هيٺان جهال جهلي آنڪوڙي سان ڌونڌوڻ ڏين ته مڪڙ ڇڻي اچي جهال ۾ پوندا، جي پوءِ ٻورين ۽ ڳوڻين ۾ وجهن. ڪي ماڻهو وري اُنهيءَ ڊگهي ڪاٺيءَ جي ڇيڙي تي ننڍو ڏانٽو (ڏاتري) ڪوڪا هڻي مٿان چم جي سَڙهِي سان ٻڌي قابو ڪدنا اهن. پوءِ وڻ جي هيٺان بيهي مٿان سڱر ۾ چپڙا وغيره ڏاتر سان ڪپي ڪيرائي جهولي ڀري وٺندا آهن. مطلب ته مالدار لاءِ هي ٻيئي شيون ڪمائتيون آهن. مال مان پيدائش ٻڪرين جي ڏاس ڪَتي اُن مان جيرويون (کرڙيون) ٻوريون، (کاهيون)، چوڪ ٻوريا، جالنگ ٻورا، کڙيا، رَنُدو (رسا) وغيره ٺاهين ۽ بچت ڏاس مان ڪي ڪَتي سُٽ ڪري وڪڻن ۽ ڪي ڏاس وڪڻن. رڍن جي اُنَ ڪتي اُن مان کٿا، ڪمريا، ڪمرون، لويون وغيره ٺاهين. باقي ڪي اُن ڪتي سُٽ ڪري وڪڻن، ۽ ڪي اُن وڪڻن. کير وڪڻڻ جو رواج ٿر جي ٻهراڙين ۾ ڪونه آهي، مگر شهرن ۾ کير جو وڪرو ٿيندو آهي. مال مان گيهه ججهو ٿئي. ٻهرارين ۾ گهڻو ڪري سومر جي ڏينهن مکڻ تپائي وِسناڻ ڪري پاڻ کائين ۽ گيهه جو وڪرو ڪن. گيهه تور جي بدران ٽِپرين سان ڀري ڏين، جي ڇهه تولا سوا ڇهه تولا تور جون هونديون آهن. هن کي ”ڀرِپ“ جو رواج چون. ٻهراڙيءَ جا دڪاندار سڄي ڳوٺ جو گيهه ڀري وٺندا آهن. ڪي گهر گيهه جو ريزڪي وڪرو ڪونه ڪن، پاڻ گڏ ڪدنا رهن، گهڻي ٿيڻ تي شهر ۾ ٻڌي اگهه سان وڪڻي اچن. ڇيلا، گهيٽا، ڍڳا وقت بوقت سوداگرن کي وڪڻندا آهن. ڪڏهن ٻاهريان سوداگر اڇن، نه ته تر جا ڪيترا ماڻهو اهو واپار ڪندا آهن. مال وٺي سنڌ ۾ ڪاهي وڃي وڪرو ڪري ايندا آهن. نراٺ، سوئائون ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون وڪرو ڪبيون آهن. مال جو چمڙو ۽ للون ڪي هتي ڪم اچن، جو رڱي ان مان جُتيون، پخالون، ساندارا، ڪوس، موڏِريا (ننڍا ساندارڙا) وغيره ٺاهين، ۽ باقي مال ٻاهر وڪرو لاءِ وڃي. هڏا به ٻاهر وڪري لاءِ جام ويندا آهن. مال ڀٽاري مان ڪافي پيدائش ٿيندي آهي. ڍڳا چاڙهيا ڪرڻ جن ماڻهن وٽ ڳائو مال ججهو هوندو آهي، سي پنهنجا ڍڳا وڳڻي ڇڏيندا آهن. اُهي سنڌ ۾ هَر ڪاهڻ، گاڏين ڇڪڻ ۽ نار ۾ وهائڻ جي ڪم ايندا آهن. اهڙن وڪري وارن ڍڳن کي خصي ڪبو آهي، جنهن کي چون ”چاڙهِيو ڪرڻ“. ڳوٺن ۾ ڪي ماڻهو خاص ڪري حجام ٿيندا اهن جي اهو ڪم ڪندا اهن. جڏهن وهڙا ننڍا هوندا آهن، تڏهن اهي ڏاها ماڻهو انهن جا خَصيا اهڙيءَ اٽڪل سان ڪڇي ڇڏيندا آهن، جو وهڙي کي ڪوبه خطرو ڪونه ٿيندو آهي. هاڻي ته جانورن جا ڊاڪٽر اوزارن جي رستي خصين جي طاقت واري نبض کي داٻ ڏيئي بيڪار ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ڍڳا پوءِ سانَ ٿي نه سگهندا آهن ۽ بدن ۾ مضبوط ۽ طاقت وارا ٿيندا آهن، جي وڏي اگهه ساڻ وڪامندا آهن. ڪي ماڻهو گڏهن کي به خصي ڪندا آهن، جيئن ڪم ۾ ڪارائتا ٿي سگهن. هرڻ پالڻ هرڻيون جولاءِ ۽ آگسٽ ڌاري ويامنديون آهن. ٻچي ۾ هفتو کن تکي ڊوڙڻ جي طاقت نه هوندي آهي. ان وقت کيس اون کي گهر ۾ ٻڌي ڇڏبو آهي. روز صبح شام ٻڪري ڌارائبي اٿس. پهريائين چار – پنج ڏينهن ڌارائڻ بعد هِري ويندو، پوءِ پاڻيهي پيو ڌائيندو. گهر ۾ ڇوڙي به ڇڏبو آهي. ڪجهه وڏيرو ٿئي ته اَنَ جي داڻن ۽ مانيءَ جي ٽُڪرن تي هيرائبو. سائو گاهه به آڻي ڏبو اٿس، ۽ ڪنهن مهل ڇڏبو ته ٻاهر وڃي گاهه وغيره کائي گهمي ڦري موٽي ايندو آهي. گهرن ۾ ٻارن لاءِ اها هڪڙي وندر آهي. ڪيترا ماڻهو هرڻ جا ٻچا پاليندا آهن، انهن جي ڳچيءَ ۾ سهڻا پٽا ۽ گنگهرو ٻڌندا آهن. مادي هرڻيءَ کي ننڍيون ۽ سنهيون سِڱيون ٿينديون آهن. ٿر جي هرڻ کي وڏا ٿلهيرا سڱ ٿيندا آهن، جن تي سخت وڪڙ ڇلن وانگر ٿيندا اهن. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته هرڻ جي ڄمار سڱن مان سهي ڪبي آهي، يعني جيترا سڱ ۾ وڪڙ اوترا سال ڄمار. سڱن جا ڇيڙا تکا ۽ چهنبدار ٿيندا آهن. مئل هرڻ جي سڱن جا ڇيڙا ڪپي، اُهي ڪپ سان گهڙي، نڪ جون ڦلڙيون (ڦلهيون) ٺاهبيون آهن، جن تي چِٽ ڪري انهن ۾ پارو وجهبو آهي ته ان جي چلڪي جي ڪري ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون آهن. ٿري عورتون خاص ڪري ڪنواريون جوان ڇوڪريون اُهي ڦليون ڏاڍي چاهه سان پائينديون آهن. سنڌ جا ڪيترا زميندار ۽ ڪامورا ٿر مان هرڻ جا ٻچا وٺي وڃي پاليندا آهن. چوپائي مال جون بيماريون ۽ علاج ”ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪڻ تي“، يعني ٿري ماڻهن جو گذران اَن تي ايترو نه آهي جيترو مال تي اهي. جيڪڏهن اَن نه ٿئي ته ناري مان آڻي به پيا گذران پيا ڪندا، پر جي برسات نه پوڻ ڪي گاهه نه ٿئي ته چوپايو مال مريو وڃي ۽ پوءِ ويچارا ڏولائي ۾ اچيو وڃن. مال لاءِ گاهه جام ٿيو ته پنهنجي پيٽ جي چنتا ڪونه ڪن. مال ۾ ڄڻ ته سندن ساهه آهي. ڀلجي به اُن کي پٽڻو يعني پاراتو ڪونه ڏين، هميشه ”مال ڀٽارو“ چڇوندا. ٿر ۾ جانورن جون اسپتالون آهن پر شهرن ۾، مال گهڻو اهي ٻهراڙين ۾، ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ به ڊاڪٽرن وٽ مَٺا وڃن، سو مال کي ڪٿي ٿا اوڏانهن وٺي وڃن. ڪيترا مالدار مال جي رواجي طرح روزمره ٿيندڙ بيمارين جا ڄاڻو هوندا آهن. اهڙيءَ ماڻهوءَ کي ”ڏاهو“ چوندا آهن. ڪٿي ڪٿي ڳوٺن ۾ ڏاها ماڻهو آهن. جي معمولي ٽوٽڪن سان مال جو علاج ڪندا آهن. ٿڪل ٻڪري ۽ اَڀرن گابن کي اڪثر جُونءَ پوندي آهي، ته تماڪ کي پاڻيءَ ۾ گهوٽي بدن تي مالش ڪن چُلهي مان رک ڪڍي ڇاڻي صفا ڪري، پاڻيءَ ۾ پسائي بدن تي ليپ ڪن، ته جُون مريو وڃي. جي ڪنهن جانور جي پيٽ ڦر مريو وڃي ته ڳڙ ۽ جاڻ گڏي پيارين ته مئل ڦر نڪريو اچي. ڇا ڪن جو هٿ ڌوئي ، گيهه مکي، سنهو ڪپ هٿ ۾ جهلي، سار ۾ لنگهائي، ڦر کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ٻاهر ڪڍن. پر جي ڦر جيئرو هجي ۽ ابتو هجي ته ان کي ”اَمهاڙو) چون. ان کي هٿ سان سيري سمهاڙو ڪري جيئرو ڪڍي وٺن. ڦر نڪرڻ بعد ڄَر ازخود نڪري ايندي آهي، پر جي نه نڪري ته جانور مريو وڃي، تنهنڪري جهَڻ ۽ کير گڏي ٿورو ڪوسو ڪري پيارين، اُن کي ”پلال“ چون. نِير جي اڳڙي پُسائي، نپوڙي اُهو پاڻي پيارين، ٿورو جڄر جو ڀاڱو نڪتل هجي ته ٿورو اَڪ جو کير اُڻ نڪتل ڀاڱي کي لائي ڇڏين ته يڪدم نڪريو اچي. ٻڪرين کي ليس يا زڪام ٿيندو آهي، جنهنڪري ناسن مان گند پيو وهندو آهي ۽ انڪري ساهه به چڱيءَ طرح کڻي نه سگهنديون آهن ۽ سُوساٽ پيئون ڪنديون آهن، اُن کي ”سَرگِل“ چون. ان لاءِ ڪارو تماڪ تيل سان ملائي نڪ ۾ وجهن. بعضي ننڍن ڦرن جو منهن پچي پوندو آهي جنهن کي ”مُنهن ساڙو“ چون. ان لاءِ لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳاري ٿورو ڪَڙو تيل وجهي، گڏي مکين ۽ جنهن اَهاؤ (اَواڙي) مان پاڻي پيارين اُن ۾ اَڪ جون آليون ٽاريون وڍي اڇلين. جي ڪو عضوو ڀڄي پوي ته ڪنهن ڏاهي کان ڀڳل هڏو پوري جاءِ تي ٺهرائي مٿان ڪانَنَ جي ڪَترينَ جو پوش ورائي چِڪي ٻڌي ڇڏين. هن کي ”چَکِڙيِ“ چون ۽ کُنڀيَنِ جي سُڪل اٽي (او اتو وسڪاري جو ماڻهو گڏ ڪري رکندا آهن) ۾ گيهه ۽ سنهي ڪُٽيل مَڃَٺَ گڏي چٽائين. پنجن – ستن ڏينهن ۾ هڏو لڳيو وڃي. ٻڪرين کي هڪ اهڙو مرض ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڦڦڙيون“ چون. هي نمونيا جو قسم آهي، جنهن جي ڪري ڦڦڙن ۾ رت ڄمي پوندو آهي، جنهنڪري ڦڦڙ پاسرين سان چنبڙي پوندا آهن. هن وچڙندڙ مرض اهي ۽ جنهن وٿاڻ ۾ پيو ته اهو وٿاڻ ڇُٽو. ولرن جا ولر پهرن ۾ ختم ڪيو ڇڏي. ان لاءِ ڇا ڪن، جو ٻڪري جو ڪَنَ وڍي ڪُني ۾ وجهي واڙجي مُنهن تي زمين ۾ پورين وٿاڻ تي ڪنهن به عورت کي اچڻ ڪونه ڏين. انهيءَ مرض واري مال جو کير ڪونه ولوڙين. ٻيو هڪ مرض ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻڪري ڪومائجي پوندي آهي ۽ اوچتو ٻرَڪَ ڪري ڪري پوندي آهي ۽ مري ويندي آهي. هن کي ”ٻَڙِڪِيءَ“ جو مرض چوندا اهن. اُن لاءِ واڙو مٽائين، مال وڪڻن. يا داريو مال پنهنجي مال سان گڏين، وغيره. ڍڳين جا کُر پچي پوندا آهن، ان حالت ۾ ڄانڀي جو تيل مکين، مُنهن ساڙو ٿئي ته اجمو، ڳڙ ۽ ڪڙي تيل ۾ سيرو رڌي کارائين، تِلي يا پستو وڌي پوي ته اُن لاءِ پاسي تي پاسرين مٿان لوهه جي تپيل شيخ جو ڏنڀ ڏين. پڇ جي وارن جي ڇڳي جي چوٽي، ڪڙو تيل گرم ڪري اُن ۾ ٻوڙين، پير ۾ مُرڙ پوي ته ”ڪُپَڙَ“ (ٻڪرين جو جهونو ڀاڻ) ڀوري سنهو ڪري، ٿورو پاڻي وجهي گرم ڪري ٻڌن. اُٺ کي ڇاتيءَ ۾ هڪ مرض ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڳوهَه“ جو مرض چوندا آهن. اهو تمام خوفناڪ آهي، مهل تي گهربل علاج نه ٿيو ته جانور مريو وڃي. ان لاءِ لوهه جي شيخ سان ڇاتيءَ تي گول ڏنڀ ڏين، نڙگهٽ وٽ لِڇُون (ڏنڀ سان ليڪا) ڪڍن، وغيره. اُٺ کي پانءِ جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن کي کاڄي به چون. هن ۾ اُٺ جا وار کُسي ويندا آهن، سدائين پيو کنهندو آهي ۽ بدن ۾ ڳرندو ويندو. هيءَ وچڙندڙ بيماري آهي، علاج نه ڪبو ته وچڙندي ويرم نه ڪندي. چوندا آهن ته ”وڳ ۾ هڪ گري (پانيل) ته وڳ گرو.“ (يعني سڄي وڳ مان هڪ جانور کي ٿي ته وچڙندڙي گهڻن کي ٿي پوندي.) ان لاءِ اُٺ کي نُوري، مٿان ڪڙو ٿيل مکي، اُڀو کونٽو کوڙي، مهار اُن جي چوٽيءَ سان ٻڌي ڇڏين، جيئن ويهي نه سگهي، ڇو ته ويهڻ ڪري بدن سڻڀي هئڻ سبب واري لڳندي جا تيل وارو سنء چُهي ويندي. انهيءَ حالت ۾ ڀلي اُٺ جا پير به سُڍي پون، ٻن ڏينهن بعد اُن کي ويهاريندا. ائين ڪرڻ سان پانءِ ڇڏي ويندي آهي. اُن کي ليلڙ جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن ۾ هاضمو ڪونه ٿيندو اٿس. ان لاءِ ڌؤنرو، ڪڙو تيل، ڪڻڪ جو ڏارو پسايل ڏيندا آهن. اُٺ پَهَر پسايل لوڻ به ڏيندا آهن. ازان سواءِ ٻيو به ڪيترن ئي نمونن جون بيماريون ٿينديون آهن، جن جا علاج معمولي ٽوٽڪن سان پاڻ ئي ڪندا آهن. باب چوڏهون پکي ٿر ۾ ڪيترن ئي نمونن جا پکي ٿين ٿا جن جا مکيه ٻه قسم آهن: 1- گهرو پکي: جي گهرن ۽ ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ رهن. 2- جهنگلي پکي: جي جهنگ ۾ رهن. گَهرو پکي *مور: قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو (ڇَٽ) ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ڀرسات رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن. *ڪڪڙ: هي سانتيڪو گهرو پکي آهي. ڪڪڙيون جلد جلد آنا لاهينديون آهن، جي ماڻهو لائيندا به آهن. نر جي مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي چوٽي (هلڪي ڪلنگي) ۽ ماديءَ جي مٿي تي ننڍي ٿيندي آهي. ٻليءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. اونهاري ۾ رات جو ٻاهر ڊگهي ڪاٺيءَ تي ٺاهيل مارِهي (پيهي) تي ويهاريو آهي ۽ سياري جو کُڏين ۾ بند ڪبو آهي. نانگ هن جو دشمن آهي. *پاريهر: ان کي ڪبوتر ۽ پاليهر به چون. اُن جو رنگ نيرو سائو ۽ پير ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن. هي جهنگ ۾ ڪونه رهن پر ڳوٺن ۾ رهن. هنن کي جي روز داڻا اُڇلائي ڏبا ته پٽ تان واريءَ مان يڪدم چونڊي وٺندا. روزانو مقرر وقت تي وَلر اچي حاضر ٿيندو. *جهرڪليون: گهرن ۾ رهنديون آهن. آنن لاهڻ وقت گهرن جي ڪکائن ڇتين ۾ آکيرا ٺاهينديون آهن، جن ۾ آنا لاهي ٻچا ڪنديون آهن. ٻچا جيستائين اُڏامڻ جهڙا ٿين تيستائين چوڳو آڻي آکيري ۾ کين کارائنديون آهن. گهرن ۾ پيون ٽپنديون، ڪڏنديون ۽ اُڏامنديون آهن. *ڪانءُ: هيءَ ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. ننڍڙن ٻارن جي هٿن مان کاڌي جي شيءَ کسي ويندو آهي ۽ چالاڪ پکي آهي. وڻن جي ٽارين ۾ اهڙن مٿانهن هنڌن تي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ آنا لاهيندو آهي جتي ڪوبه چڙهي پهچي نه سگهي. ڪوبه اُنهيءَ وڻ تي چڙهندو ته مادي اُن کي ٺونگا هڻي، ڪان ڪان ڪري ڏاڍو گوڙ مچائيندي آهي. هن پکيءَ کي ڪانگ به چوندا آهن. *ڳيرو: ڪي رنگ جا ڳاڙهسرا ۽ قد ۾ لاٺيرا ۽ ڪي رنگ جا اڇيرا ۽ قدم ۾ البت وڏيڙا ٿين. ڳوٺن جي ڀرسان ميدانن ۾، گهرن ۽ گهٽين ۾ پيا ٽلڪندا اهن ۽ چوڳو ڪندا اهن. اڇيري ڳيري کي هولو به چون. وڻن ۾ ٿورا پر گهرن جي لوڙهن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهي آنا لاهيندا آهن. ماڻهو هن جو شڪار ڪندا آهن. هن جي ماديءَ کي ”پٽ ڳيري“ چئبو آهي، اُن جي ڳچيءَ تي چوڌاري ڳاڙهسرو ليڪو ٿيندو آهي. جهنگلي پکي * تتر: هي جهنگ ۾ رهندا آهن. هڪ تتر ٻولي ڪندو ته ٻيا آسپاس وارا تتر به جواب ۾ ٻولي ڪندا. هي پنهنجو آکيرو جهنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهيندو آهي. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرندا آهن، جي ماديءَ سان گڏ پيا ڊوڙندا ۽ چوڳو ڪندا آهن. اُڏوهي ۽ ننڍا جيت تترن جي خاص کاڌڏو آهي. ماڻهو ننڍا بَچا هٿ ڪري پاليندا آهن. کين پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن جتي داڻو ۽ چوڳو ڏيندا رهندا آهن ۽ سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ بعد هن کي جهنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪبو آهي. مالڪ سان اهڙو هِري ويندو آهي، جو پڃري مان ٻاهر ڪڍڻ تي به جهنگ ڏي ڀڄي نه ويندو آهي. تتر جي ٻن قسمن جو ٿئي هڪ ”ڪارو تتر“ ۽ بيو ”ڀاڙو تتر“. *ڳجهه: هي سڀني پکين کان وڏو پکي ٿيندو آهي. هي تمام مٿي اُڀ ۾ پيئي اُڏامندي آهي. اُن جي نظر ڏاڍي تيز آهي. ڌرتيءَ تي ڪٿي به مئل جانور ڏسندي ته يڪدم لهي ايندي ۽ گوشت کائي باقي هڏا ڇڏيندي. وڏن وڻن تي آکيرا ٺاهيندي آهي. هن جو هڪ ٻيو قسم ٿيندو آهي جنهن جو مٿو ڳارهو ٿيندو آهي، ان کي ”ڳاڙهه ڳلي“ يا ”رَتول“ چئبو آهي. جهنگ ۾ اُتانهن وڻن تي آکيرا ٺاهي آنا لاهيندي آهي. *سِرَڻ: ڳجهه کان ننڍي ٿيندي آهي. آسمان ۾ پيئي اُڏامندي آهي. ننڍن ٻارن جي هٿن ۾ لولو، گوشت يا ٻي ڪا کاڌي جي شيءِ ڏسندي، ته اوچتو جهپو هڻي کسي ويندي. اُتانهن وڻن تي آکيرا ٺاهيندي آهي. *باز: هي پکين جو بادشاهه آهي. ننڍن پکين جو شڪار ڪري کائيندو آهي. سنڌ ۾ ڪي ماڻهو پکين جي شڪار ڪرڻ لاءِ باز پاليندا آهن، مگر ٿر ۾ ڪوبه ڪونه پالي. هي جهنگ ۾ رهندو آهي. *شڪرو ۽ هورهيو: هي به باز جي قسم جا ننڍيرا پکي آهن ۽ ننڍن پکين جو شڪار ڪندا آهن. *ٻاڻيهو: هن کي تاڙو به چوندا آهن. برساتي موسم ۾ جڏهن ٻولي ڪندو آهي، تڏهن ماڻهو چوندا آهن ته هاڻي برسات ۾ دير ڪانهي، آئي ڪي آئي. *ليلِي: ليليون جهنگ جي وڻن ۾ ٽپنديون ڪڏنديون وتنديون آهن. اُنهن جو پڇ بدن جيڏو ڊگهو ٿيندو آهي. هن جا آنا رنگ جا ساوا ٿين، جي ننڍن وڻن ۾ آکيرا ٺاهي لاهينديون آهن. سارو وقت ٽين – ٽين ڪري خوامخواهه گهڻو گوڙ ڪنديون آهن. وسڪاري جو ٻنين ۾ اُن پچڻ وقت گهڻو نقصان رسائينديون آهن. *هُوڙيو: هن جو مٿو ۽ پڇ ڪارو، باقي بدن ميرانجهڙو اڇو ٿيندو آهي. پُڇ جي هيٺان ڳاڙهو دُٻو ٿيندو آهي. ٻنين ۾ ٻاجهري ڪاڻ نقصانڪار آهي. *بلبل: هن جو مٿو ويٺل ۽ ميرانجهڙو ڪارو، پُڇ جي هيٺان پيلي رنگ جو گول چڪرو ۽ پاسا اڇا ٿيند آهن. سنڌ ۾ ماڻهو هن کي پاليندا آهن، مگر ٿر ۾ ڪونه پالين. ٿري هن کي به هُڙيو چون. *ٽِيٽيهَرَ: هن جون ٽنگون ڊگهيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جون سنهيون ٽنگون هونديون آهن ته چوندا آهن ته ”ٽنگون ته ڏسوس، جهڙيون ٽيٽيهر جون“. هيءَ پلي صبح ۽ شام جي وقت ميدانن ۾ ڏسبو آهي. کيڙيءَ ۾ آڻا لاهي ۽ آرام ڪري. ٿر ۾ هن جو ماڻهو شڪار ڪندا آهن. *ڍولَرَ: هي ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ سنئين ۽ سخت زمين تي دوڙندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وسڪاري جو پوکن کي گهڻو نقصان رسائيندو آهي. *مالِهاري: هي پکي صبح ۽ شام جو ٿڌي وقت ۾ وڻن تي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٿري ماڻهو مسافريءَ تي وڃڻ وقت يا ٻين ڪمن ڪارين تي نڪرڻ وقت هن جي ويهڻ ۽ ٻولڻ مان سَوَڻ ويچاريندا آهن. سنڌ ۾ هن کي مالهالو چوندا آهن. *چٻرو: هن جو مٿو ويٺل ۽ اکيون وڏيون، ڪن نوڪدار ۽ وڏيرا ٿيندا آهن. پري کان ڏسڻ ۾ ٻلو پيو معلوم ٿيندو ٻيا پکي جي کيس ڏسن ته ڏاڍو ڦانڦوڙيندا آهن، تنهنڪري ڏينهن جو ٻاهر نه نڪرندو آهي ۽ گوشائتن هنڌن تي وڻن ۾ لڪو رهندو آهي. هي ڪم همت آهي. ڪو ماڻهو به جيڪڏهن ڪم همت ۽ ماڻهن کان پري اڪيلائي پسند هوندو ته ٿري چوندا آهن، ”ادا فلاڻو ته چٻري جهڙو آهي“. هيءُ رات جو ٻاهر نڪري پنهنجو گذران ڪندو آهي. هن کي ٿري نڀاڳو پکي سمجهندا آهن. رات جو پاڙي ۾ اچي ٻوليو ته بدسوڻ سمجهن. ڪٿي ٻاهر مسافريءَ تي اُسهڻ وقت به رات جو ساڄي پاسي هن جو ٻولڻ بلڪل بدسوڻ سمجهندا آهن. *گُگهه: هيءُ ڳاڙهسرو ٿئي ٿو. بدن ۾ باز جيترو ٿئي ٿو. منهن مادي ڪڪڙ جهڙو ٿئيس ٿو. وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ آنا لاهي ٿو. تمام سياڻو پکي ٿئي ٿو. هلڪا پکي شڪار ڪري کائيندو آهي. اُن جو شڪار اصل نه گُسي. ٿر ۾ چوڻي آهي ”بندوق جو ڌڪ گُسي وڃي پر ساو گُگهه نه گُسي.“ *ڀيرَٻَ: هن کي چِٻ به چون. هي گُگهه جي قسم مان ساڻس مشابهت رکندڙ آهي، پر قد ۾ ننڍيرو، مٿو ويٺل، ڪَن پاسن کان نوڪدار ۽ اُڀا ۽ اکيون وڏيون ٿينديون اٿس. ڏينهن جو گهڻو ٻاهر ڪانه نڪري. جهونن وڻن، خاص ڪري کٻڙن جي ٿُڙن جي پورن (خالي جاين) ۾ رهي، رات جو ٻاهر نِڪرندي آهي. ٿري مسافر هن جو ٻولڻ سَوَڻَ طور ويچاريندا آهن. *ڪَٻَرَ: هي ڳوٺن ۾ توڙي جهنگ ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اُن جي ٻولي چَرڙاٽَ واري آهي. *ڊوڏو: ڪانءُ کان وڏو ۽ مڪمل ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. هي ڳوٺن کان پري جهنگ ۾ رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺن ۾ به ڏسبو آهي. *چمڙو: ڏينهن جو ٻاهر ڪونه نڪري. سُڃين جاين ۾ يا وڻن جي اونداهن هنڌن تي اوبتو ٽنگيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي يا ڪنهن وڻ جي پور اندر لڪل هوندو آهي. سج لهڻ بعد ڪجهه اونداهي ٿي، ته پوءِ آڏا اُبتا لامارا ڏيندو اُڏامندو رهندو آهي. *سُٽاڙيو: هن جي بدن تي پَٽا پَٽا، مٿو ڳاڙهسرو ۽ چوٽيءَ تي ڪلنگي ٿيندي آهيس. اُن جي چُهنب ڊگهيري ۽ مضبوط ٿيندي آهي، جنهن سان وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين کي کوٽي ٽنگ ڪندو آهي، هن کي ”ڪاٺ ڪُٽو“ ۽ ”هُدَ هُدَ“ به چئبو آهي. *تلور: هي ڪڪڙ جيڏو پکي آهي. واهوندا ورن ته اچي پيدا ٿيندو آهي ۽ سياري جو وري هليو ويندو آهي. ڏهرن جي سنئين زمين تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ماڻهو بندوق سان شڪار ڪندا آهن. کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ آهي. *گوُئڙ: ڪي اڇي رنگ جا ۽ ڪي ڪارسري رنگ جا ٿين. ڳوٺن جي آسپاس پسگردائيءَ ۾ ڪرفتي تي ڏسبا آهن. سُگرِي: هي پکي پنهنجو آکيرو ڊڀ جي تندن مان اهڙي نموني ٺاهيندو آهي جو وڻ جي ٽاريءَ ۾ پيو لٽڪندو آهي. پاسي کان اندر وڃڻ لاءِ دروازو ٺاهيندو آهي، ان مان لنگهي اندر ويندو آهي، پوءِ آکيرو هوا ۾ پيو جهولندو آهي ڄڻ ته هندورو پيو لُڏي. اُن ۾ آنا ڪندو آهي. ماڻهو اهو آکيرو هٿ ڪري گيهه ۽ کير ڇاڻڻ جي ڪم آڻيندا آهن. *ٻاٽيٻڙ: هن جون ٽنگون ڊگهيريون ٿينديون آهن. صبح ۽ شام جو ٿڌي وقت ۾ ڳوٺن جي ڀرسان سخت زخمين وارن سنون ميدانن تي گهُمندي ڏسبو آهي. هي اڪيلو نه هوندو آهي، ٻه – چار گڏجي گهُمندا آهن. هن جو شڪار به ڪبو آهي. *ڪاري چِڙِي: هي ننڍڙي ڪاري رنگ جي ٿيندي آهي. پُڇ ڊگهو ٿيندو اٿس ۽ ٿڌي وقت ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ازان سواءِ پيئر، ٻوڙِي، ٻوگهريو، ڪانئيرو، ڪار ڪڇڻي ۽ بيا قسم به پکين جا ٿيندا آهن. ڪڪڙ پالڻ هندو ماڻهو ڪڪڙ ڪونه پالين، باقي مسلمان ۽ ڪي اڇوت ڪڪڙ پاليندا آهن. ٻهراڙين ۾ وڪري جو رواج گهٽ، مگر شهرن ۾ آنن ۽ ڪڪڙن جي وڪري جو ڪاروبار آهي. ٻِلو ڪڪڙ جو دشمن آهي، تنهنڪري سياري جي رات جو کُڏين ۾ رکن. اونهاري جو گهر جي اڱڻ ۾ ڊگهي ڪاٺي کوڙي اُن جي چوٽيءَ تي ڪاٺين جو مارهو ٺاهي، اُن تي وهاري ڇڏيندا آهن ۽ ڏينهن جو اڱڻ ۾ گهٽين ۾ پيا چڳندا آهن. هنن تي ڪو گهڻو خرچ ڪرڻو ڪونه پوي. ڪنهن مهل ٿورا داڻا ڏبا آهن. نه ته پنهنجو چوڳو پاڻيهي پيا هيڏانهن هوڏانهن گهمي هٿ ڪندا. خاص ٻِلي کان بچاءُ ڪبو آهي، ڪي ماڻهو ته ٻِلا ماري ڇڏيندا آهن. تتر پالڻ بهار جي موسم ختم ٿيڻ بعد ۽ برسات پوڻ وقت جون ۽ جولاءِ ۾ تِتريون آنا لاهي ٻڍا ڪنديون آهن. ڌرتيءَ تي هيٺ ڪنهن ٻُٿ ۾ پاکولي ٺاهي، ٿورا ڪک رکي آکيرو ٺاهينديون آهن. آني مان ڦٽڻ بعد ٻچا ماءُ سان گڏ پيا هلندا آهن ۽ چوڳو ڪندا آهن. اُن وقت جهنگ مان ڪو ٻچو هٿ ڪري پڃري ۾ بند ڪبو آهي. جيستائين ننڍڙو هوندو تيستائين ٻاجهريءَ جو ڏارو کارائبو ۽ ڪنهن ڪاٺيءَ يا ڇيڻي مان اُڏوهي ڇاڻي کارائبي آهي. اُڏوهي ڇاڻي کارائبي آهي. اُڏوهي اڪثر هرهنڌ ٿيندي آهي. پڃري ۾ ٻه وٽڪيون رکبيون آهن جن مان هڪ ۾ پاڻي ۽ ٻيءَ ۾ کاڌو ڏبو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت بند جاءِ ۾ ٻچي کي پڃري مان ٻاهر ڪڍبو آهي ته گهمي ڦري، پوءِ وري بند ڪري ڇڏبو آهي. ائين ڪرڻ سان هِريو وڃي، پوءِ پڃري مان ٻاهر ڪڍبو ته هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي وري موٽي ايندو. ڪجهه وڏيرو ٿيندو ته جهنگ ڏي وٺي وڃبو. ڪاٺين وغيره مان اُڏوهي ڳولي ٻاهر ڪڍي کارائبي اٿس ۽ آهستي اهستي سيڪر (سينڊ) تي ٻولڻ سيکاربو اٿس. ڪجهه وقت جي تربيت بعد ٻولڻ شروع ڪندو آهي، پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويندو تيئن سکندو ويندو. نيٺ مالڪ پاڻ مالڪي سينڍ تي ٻولڻ سيکاريندو تان جو مالڪ جي سينڍ به سڃاڻي ٻولي ڪرڻ لڳندو، اهڙي طرح تيار ڪرڻ بعد شڪار جي ڪم آڻبو آهي. ٿر ۾ ڀيل ۽ ڪولهي تتر پاليندا آهن ۽ ڏاڍي سنڀال ڪندا آهن. کين پيرن ۾ چانديءَ جا ڇلا پارائيندا آهن. ڪي ماڻهو شوق ڪري پاليل تتر خريد ڪندا آهن. جيت ٿر ۾ جيتن جا به ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته: زمين تي سُرندڙ زهري جيت: واسينگ، ڪارو نانگ ڦڻ سان، ڪوُنبڀاريو نانگ، گورهيڙو نانگ، گڊو نانگ، ڀورينگ، پدم، جهوُڙ، جَهمُوڙي، ڪنڪوڙي نانگ، ٽنگ، لُنڊي، کپر، پيئڻ، ٻوگهي، ڪوراڙ گهوڙيل ۽ ٻيا به ڪئين قسم آهن. پيرن وارا زهري جيت: وڇون، سَؤ پيريون، هڻ کڻ ۽ وڇي وغيره. اُڏامندڙ زهري جيت: ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مڇر، ڪُت وغيره. عام جيت ٻن قسمن جا آهن، اهي زهري نه آهن، جيئن ته: پيرن وارا جيت: چندڻ ڳوهه، عام ڳوهه، گوهيرو، نوريئڙو، نور، سانڍو، ڪاڪينڊو (سائو، ڳاڙهو، اڇو)، ڪُئو، ڪرڙي، چچي، ڄاهو، ڪوريئڙو، گيلڙ، ڏيڏر، ٽنڊڻ، گوُنگهي، (ڪاري ۽ اَڇن ٽڪن واري)، منگهڻ، ماڪوڙا، ماڪوڙي، اُڏوهي، تڏيون، (ڪاريون ۽ اڇيون) ڪاترا، گيئڙ، اوُٿو، اِلي، سُرو، گهُرٽي، ميهه ماما، ڄَوا، لَٽون، گوئِڙ، چِچَڙ ۽ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا جيت ٿين ٿا. اُڏامندڙ جيت: عام مکيون، ڀنڀوريون، ڀينگيون (ساون ۽ اڇن ٽٻڪن واريون)، بينگا، گونگها، اڪ مڪڙ، مڪڙ، کڙکٻيتا، ڀمرا، گهريتڙي، ڀمري ۽ ٻيا. برساتي جيت: وسڪاري جو ته انيڪ قسمن جا جيت پيدا ٿيندا آهن، جن مان ڪيترا باهه يا بتي ٻارڻ تي اچي مڙندا آهن. مٿين جيتن مان ڪن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو. سرندڙ زهري جيت ڪي اهڙا زهري جيت آهن، جن کي پير ڪونه ٿين ۽ زمين تي سري هلندا آهن ۽ زهري آهن، ٿر جي زمين وارياسي ۽ نرم آهي، جنهن ۾ بِر کوتي رهڻ ۾ تڪليف ڪانهي، تنهنڪري نانگن ۽ بلائن جو گهيرو آهي. ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪوبه نانگ يا بلا جو قسم اهڙو نه هوندو جو ٿر ۾ نه هجي. سياري جي موسم ۾ سيءَ جي ڪري اهي گهڻو ٻاهر ڪونه نڪرن ۽ زمين اندر رهن، جنهنڪري ڪو چڊو ماڻهو ڪکجي. اونهاري جو گرميءَ جي ڪري ٻاهر نڪرن. رات جو ماڻهو مال جي سانگي يا ڪمن ڪارن لاءِ پنڌ ڪن. مسافري ڪندي ڪڏهين ڪڏهين رستن تي نانگ يا بلا ويٺل هجي ته ڏنگيو وجهي. پرڀرو هوندي ته ڦُوڦاڙ يعني ڌوڪر ٻڌڻ ۾ ايندي آهي جنهنڪري اوچتو ڇرڪ نڪريو وڃي. گرميءَ ۾ اڇن ريٽن تي هوا جي ڪري اچيو وهن، ۽ وسڪاري بعد گاهه ۾ پيا سُرن. اتفاقاً ڪنهن جو پير مٿان يا ويجهو آيو ته ڏنگ هڻي ڪڍن. وسڪاري جو گهڻا ڪکجن، ڇاڪاڻ جو ان وقت ساري زمين گاهه سان سٿي پيئي هوندي آهي. رات جو ٻنين ۾ ڀيل جي ڀَو کان مال سان ضرور پَهرڻو پوي، ڇاڪاڻ جو متان صبح جو ڪنهن جي رڙ اچي. ان لاءِ ڌنار پنهنجي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو رڍ يا ٻڪريءَ جي رکيل کل مان جهاڙولا اهڙا ٿيندا آهن، جن سان جُتي به ڳنڍيل ٿيندي آهي. کل مان نانگ يا بلا جي ڏنگ جو اثر ڪونه ٿئي، شروعاتي بچاءُ جو اهو ئي ٽيوڙ ڪن. نانگ ۽ بلائون زمين تي رهن، کٽن تي ڪونه چڙهن، پر ڪڏهين ڪڏهين وڻن تي چڙهيو وڃن. جاين جي ڪکائن ڇتين ۾ جهرڪيون آکيرا ٺاهنديون آهن، جن جي ٻڍن کي کائڻ لاءِ اتي به چڙهيو وڃن. *واسينگ نانگ: نانگ سڀيئي زهري آهن، پر ڪارو واسينگ نانگ سڀني کان وڌيڪ زهري آهي. هي ست – اٺ فوٽ، بلڪ وڌيڪ به ڊگهو ٿيندو آهي. آسڻ جن اَريج ۾، تن جو وِهُه جو وَرَن ٻيو، تن جو ڪَندو ئي ڪم ڪري، جي مٿن پير پيو، پرينئان آهــي پڌرو، تــن نانگن جو نِيهو، ڪلي ويل ڪِهو، جو سامهون ٿئي سپن کي. نانگ جو ماڳ يا وطن اَريج (جنهن ۾ ريج نه هجي) يعني ٿر آهي. اهي اهرآ زهري آهن جو انهن جو زهر جي رنگ ٻين علائقن جي نانگن جي زهر کان اصل نرالو آهي. ٿري نانگ اهڙا ته زهريلا آهن جو مري وڃڻ بعد جو سندن هڏن جو ڇڄرو بچندو آهي، ان مان ڪنهن ڪنڊي تي جي پير اچي ويو ته اهو ڪنڊو به وڄائي ڇڏيندو. اُن کي ”وِس ڪنڊو“ چوندا آهن. اصل ڄڻ نانگ ڏنگيو هجي. اهڙا اتفاق ٿيا آهن جو پڃري جي ڪنڊي لڳڻ جي ڪري ماڻهوءَ تي زهر چڙهي ويندو آهي ۽ بعضي ماڻهو مريو به وڃن. نانگن جي پاڻ ۾ پريت ٿيندي آهي. جوڙو جوڙو گڏ رهندو آهي. ٻه نانگ يا نر مادي گڏجي رهندا اهن. ڪي وير وَٺوُ به ٿيندا اهن. جيڪڏهن ڪو هڪ کي ماريندو ته ٻيو واسينگ ان جو وير ٻارهين مهيني به ڪونه ڇڏيندو. وجهه پيو ڳوليندو، جڏهنکيس موقعو مليو تڏهن ڏنگ هڻندو. جنهن وقت نانگ وڙهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، ان وقت ڦوڦاڙ سان اهڙيون ڌوڪرون ڪندو آهي جو جهڙو تهڙو ماڻهو هِيانءُ جهلي اُن جي سامهون ئي وڃي ڪونه سگهندو ۽ نڪو ويجهو وڃي ڌڪل هڻڻ جي همت ئي کيس ٿيندي. کَر کي لپر لاءِ، نانگ مَڻيارو نڪري. ڪن ڪن نانگن کي مٿي ۾ مَڻ ٿيندي آهي، جا رات جو پيئي چلڪندي آهي. هن کي ”مڻ ڌارِي“ پڻ چئبو آهي، اها مڻ نانگ کي جان برابر پياري اهي. جيستائين ساهه هوندس تيستائين ڪنهن کي مجال آهي جو اُها مڻ وٺي سگهي! رات جو جڏهين نانگ چُوڻ (کاڌي) لاءِ نڪرندو آهي، تڏهين اها مڻ لاهي ڪنهن واريءَ جي ريت تي رکي چوڌاري پيو چُوڻ ڪندو آهي. جيڪو ماڻهو اها مڻ هٿ ڪرڻ چاهي سو لوهه جي گول تغاري ٺهرائي، ان جي پٺيان تکا ڪوڪا اُڀا هڻائي، لڪي وڃي ان مڻ جي مٿان اُبتي ڏيئي پاڻ ڀڄي ويندو آهي. مڻ مٿان تغاري اچڻ ڪري چَلڪو بند ٿيندو، جنهنڪري نانگ يڪدم موٽي ايندو ۽ ڪاوڙ مان تغاريءَ تي ڦَ هڻندو رهندو، تان جو ويچارو ڪوڪن سان ڦٽجي نيٺ مري پوندو، پوءِ ماڻهو اُها مڻ هٿ ڪري سگهندو. رواجي طرح به ماڻهو ائين ڪري نٿو سگهي. اهو ڪم جوڳي ڪندا آهن، جن جو نانگن سان واهپو آهي. پهرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇرڪيل ڇيڙ ڪري، جي هڻي ڏنگ ڏسائيو، ته ويجهو تان نه وري، جيڪي ٺُپ مري، جيڪي سڪي صحت کي. واسينگ جي ڇيڙ نه ڪبي ته ڪاهي ڪونه ايندو، ماٺ ڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويندو. پر جي کُٽي کنيل ڇيڙ ڪئي ته اوڏيءَ مهل ئي اهڙو چڪ هڻندس جو ڪليک ماڻهو اُتيئي ٺُپ يا ٿوري وقت اندر مري ويندو. پر جيڪڏهن قسمت سان بچي به ويو ته زهر جي اثر لهي وڃڻ کان پوءِ بُت ۾ خوش نه گذاريندو. ڪارو نانگ جيتوڻيڪ خطرناڪ آهي پر ان سان گڏ ماڍيڻو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڦڻ ڪڍي ويهي جهولندو آهي. چون ٿا ته ان حالت ۾ چڪ هڻي نه سگهندو آهي ڇو ته وات پٽجي نه سگهندو اٿس. واڄي تي مست آهي، مرليءَ جي آواز تي موج ۾ اچي ويندو آهي ۽ سڌٻڌ وڃائي ڦڻ ڪڍي ويهي جهولندو آهي. ان مهل جوڳي کيس جهلي پاڻ وٽ ڇاٻڙي ۾ وجهي رکندا آهن ۽ در در تي مرليءَ جي واڄي تي جهولائي پنندا وتندا آهن. نه رڳو واسينگ پر لُنڊي يا ٻئي سَپ جا کاڌل جيڪي بچي پوندا آهن سي پوءِ به بُت ۾ خوش ڪونه گذاريندا آهن. نانگ بلا کاڌي کڻي پنج – ست سال ٿي وڃن پر جنهن ڏينهن ٿوري گهُٽ (گرمي) ٿيندي تنهن ڏينهن انهيءَ ماڻهو کي مٿي ۾ سخت سور پوندو جنهنڪري سر ۾ چڪر ۽ ڀَماٽِ پيئي ايندس ۽ مٿو پيو ڦرندس، دل ڪچي پئي ٿيندس، اندر ۾ اوهمو (آنڌمانڌ) ٿيندس. جڏهن هوا ڇوت لڳندي يا وڃڻو هڻبس تڏهن وڃي مس سوهمو ٿيندس ۽ جيءَ جاءِ ٿيندس. اهڙا ڪئين مثال آهن، جي اکين سان ڏٺا ويا آهن. سنها ڀانءِ مَ سَپ، سُڪا جني پيٽ، تني جي جهَپيٽ، جُنگن کي جوکو ڪري. اهي سنها ۽ پيٽ سُڪل نانگ پنهنجي نالي سان آهن. ڪهڙي به جنگ جوان کي هڪ چڪ بس آهي ۽ جوکو رسائي سگهن ٿا. ڪکيل ماڻهو جڏهن نانگ کي ڏسندو آهي، تڏهن سندس دل تي خوف جو اثر ويهي ويندو آهي ۽ دل لاهي ڇڏيندو آهي ته هاڻي مري ويندس! انهيءَ ڪري بعضي غش به ٿي ويندو آهي ۽ ڪي ڪي مري به ويندا آهن، تنهنڪري چوندا آهن ته ”سپ نه ماري سراب ماري.“ ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذات کي مور به مٽائين. مور پکي نانگ جو دشمن اهي. مور نانگ کي پڇ کان جهلي مٿي اُڏامي ڳڍ اُتاهينءَ تان هيٺ ڦٽو ڪندو آهي. ائين ٻه چار ڀيرا هيٺ سَٽڻ سان مريو وڃي، پوءِ کائي ڇڏيندو آٿس. زهر مٿس ڪوبه اثر ڪونه ڪري. پر ڪي نانگ اهڙا زهريلا ۽ خطرناڪ آهن، جن کي مور پکي به ويجهو ڪونه وڃي. ٿري ماڻهو مور جا کنڀ پنهنجن گهرن ۾ رکي ڇڏيندا آهن، کين يقين آهي ته انهيءَ ڪري نانگ گهر ۾ ڪونه ايندو. نانگ جو ٻيو وڏو دشمن ڄاهو آهي. اُن جي بُٽ تي ڪنڊا ٿيندا آهن، هو نانگ جي پڇ ۾ چڪ پائي مُنهن اندر ڪري ڇڏيندو آهي. نانگ ڪاوڙ مان مٿس ڦڻ هڻندو آهي ته ڪنڊن سان زخمي ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڦڻ هڻي هڻي نيٺ اَرڇَٽ ٿي مري ويندو آهي. *ڪونڀاريو نانگ: رنگ جو ڳاڙهو ڀورو ۽ ڪنڌ تي وار ٿيندا اٿس. هي اُڇانگ ڏيئي به چڪ پائيندو آهي، جنهن ڪري ڪي چوندا آهن ته اُڏامي چڪ ٿو هڻي. *گورهيڙو نانگ: هي ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. تمام زهريلو آهي. هلڻ جو وري اهڙو تکو آهي، جو جيڪڏهن مارڻ لاءِ ڪوشش ڪبي ۽ لٺ جو ڌڪ پورو نه لڳو، ته يڪدم ترڪي ويندو جو پوءِ هٿ نه ايندو. *آڳهه: هي تمام ٿلي ٿيندي آهي. اهي ڳوري آهي جو مشڪلات سان هلي سگهي. چُرڻ وقت زور سان اهڙو ته سوساٽ ڪندي آهي جو ڳچ پنڌ تان ٻڌي سگهبو آهي. هي ڊوڙي يا هلي چڪ پائي ڪانه سگهي. پر جي اوچتو مٿان پير آيو يا ڀرسان ماڻهو لنگهيو ته دير ڪانه ڪندي، چڪ هڻي ڪڍندي. *ٻوگهي: هن کي ٻه – مُنهين به چوندا آهن. هي رنگ جي ڪاري، ٿلهي، ٽي، چار فوٽ ڊگهي ٿيندي آهي. چون ٿا ته هن کي ٻه منهن ٿيندا آهن، پر ٻيو منهن سدائين کليل نه هوندو آهي، فقط سهاين راتين ۾ کوليندي آهي. هن جو چڪ خوفناڪ آهي. ٿر ۾ ڪنهن کي پارتو ڏيڻ وقت چئبو آهي ته ”توکي سل ٻوگهي کائي.“ *لُنڊِي: هي ڏيڍ – ٻه فوٽ کن ڊگهي پر ٿلهي ٿيندي آهي. هن جو پڇ ڇيڙي وٽ سنهو نه ٿيندو آهي. تنهنڪري اُن کي “ٻانڊوري“ به چون. اُن جي بدن تي اڇا ٽڪا ٿيندا آهن، جن کي ڪوڏيون چئبو آهي ۽ کيس ”ڪوڏياري“ به چون. بلائون، ڪوئا، ڏيڏر، ننڍا پکي، گوُنگهيون، ٽنڊڻ، گهُرٽيون، تڏيون ۽ ٻيا جيت سَڄا ڳڙڪائي ويندي آهي. ڪي ايهرُو گهڻا زهري ٿين ۽ ڪي گهٽ، ٿري چوندا آهن ته ”ڪارو يا ماري يا کاري“ يعني يا ماڻهو مريو وڃي، پر جي اتفاق سان بچي ويو ته وري جنهن عضوي ۾ چڪ لڳو هوندو اهو عضوو کريو پوي، ان لاءِ ترت علاج ۽ ٻيا علاج به پاڻ ڪندا آهن. يڪدم ڪپڙي سان يا رسيءَ سان ڏنگيل جاءِ مٿان قابو ٻڌي ڪپ سان چهڪ ڏيئي رت وهائين ۽ مٿان باهه جي ٽانڊي سان ساڙين يا سڱي هڻي رت ڪڍين. يا وات ۾ لوڻ ۽ واري وجهي ڦٽ مان چوسي زهر ڪڍن. ڪکيل کي بصر سنهو ڪُتري کارائين. گيهه پيارين، جيئن زهر جو اثر دل تي قبضو نه ڪري، ان لاءِ اُلٽيون به ڪرائين. ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪو ڀوچو يا جهاڙو سُجهندو هوندن ته يڪدم ماڻهو موڪلي ان کي گهرائي وٺندا، هو جهاڙون وجهندو. ڏنگ تي مڻ چاڙهين جا زهر چوسي وٺندي آهي. مڻ کير سان ڌوئي ڦٽ تي چاڙهيندا، جا زهر سان ڀرجي پوندي، پوءِ لاهي نپوڙي زهر ڪڍي کير سان ڌوئي وري چاڙهيندا. اهڙيءَ طرح جيستائين زهر پيو نڪرندو، تيستائين پيا چاڙهيندا. وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن ڀوپا يا جهاڙ وجهڻ وارو ملي ويو ۽ انهن مان ڪنهن وٽ مڻ هوندي (ڇو ته مڻ اُهي ئي ماڻهو رکندا آهن) ته پوءِ کين ايتري آٿت ٿيندي ته هاڻي زخميءَ کي جوکو ڪونهي. ڪجهه وقت ڪکيل کي ڪشادي جاءِ ۾ رکندا آهن، جتي عام جام ماڻهو کي اچڻ نه ڏيندا آهن. بيمار کي کٽ تي ڪونه سمهاريندا پر پٽ تي ٽپڙ وڇائي سمهاريندا آهن. ڪي ته جاءِ جي دروازي جو تاڪ پٿاري ان تي رکيون وجهي سمهاريندا آهن. جاءِ جي در تي گڏهه جي لڏ ڪنهن ٺڪر جي ٿانءُ ۾ وجهي ٿورو پاڻي گڏي کي ڇڏيندا آهن. جي ڪنهن کي بيمار کي پڇڻ لاءِ اندر وڃڻو هوندو ته ان کي پير جو آڱوٺو پُسائي پوءِ اندر گهڙندو. کين يقين آهي ته ائين ڪرڻ سان پليتائيءَ جو ڪو اثر ڪونه ٿيندو. ڪاري نانگ کي ”گوگو“ به چوندا آهن. ٿر ۾ ڪي ڀوپا ٿيندا آهن، جن کي ”گوگي جا ڀوپا“ چئبو آهي. اُهي ڪکيل ماڻهن جو علاج ڪندا آهن. هڪڙو ماڻهو دهلڙي ۽ ٻيو ڏاڪ وڄائيندو ۽ ”سائوروُن“ نالي مخصوص راڳ ڳائيندو. جنهن تي ڀوپو ڌوڻندو. پوءِ اُنهي حالت ۾ چڪ جي ڦٽ تي وات رکي زهر چوسي ڪڍندو ويندو ۽ گرڙيون ڪري ٻاهر اڦلائيندو ويندو. ڪي ڀوپا ڇا ڪندا آهن، جو پٽڪو يا چادر ڊگهي ڪري ٿورو وٽ ڏيئي هڪڙو ڇيڙو ڪنهن ماڻهو کي چوندو ته ڏنگ تي جهلي بيهندو. پاڻ پرڀرو وڃي ٻيو ڇيڙو وات تي جهلي چوسيندو ويندو ۽ هرهر گرڙيون اُڇليندو ويندو. هڪ – ٻه ڏينهن ائين ڪن ته فائدو ٿيو پوي. پوءِ ٻئي يا ٽئين ڏينهن بيمار کي مٿي ۾ ميٽ وجهي تَڙ ڪرائيندا آهن، جنهن کي ”کرڪ ڏيڻ“ چئبو آهي. ان جي معنيٰ ته هاڻي بيمار جي وڌيڪ علاج جي ضرورت نه رهي آهي ۽ چڱو ڀلو ٿي چُڪو. پيئڻ هي هڪ بلا جو قسم آهي، جا ٿر کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٿئي. قد ۾ ڇهه فوٽ کن ڊگهي ٿئي. منهن ۽ پڇ سنها پر وچ تي ٿلهيري. اُن جي پٺيءَ تي اٽڪل ڏيڍ انچ وڇوٽيءَ تي ڪارا پٽا، پيٽ اڇو ۽ لسو ٿئي. ٻيون بلائون هلن وَرن وڪڙن سان، ته هي هلي سنئين سڌي. اُن جي ليڪي مان ئي ٿري سهي ڪري وٺندا آهن، ڇاڪاڻ جو هن جي پڇ جو ڇيڙو سنهو ٿيندو آهي ۽ وري هلي جو سنئين سڌي، تنهنڪري پيٽ سان ٿيل ٿلهي ليڪي جي وچ ۾ وري سنهو ليڪو به ظاهر بيٺو هوندو آهي، جنهنڪري جهٽ پٽ سڃاڻي وٺبو آهي. اُن جون تجليدار اکيون روشني برداشت ڪري ڪونه سگهن، جنهنڪري ڏينهن جو گهڻو ڪري ٻاهر ڪانه نڪري، پر رات جو چوڌاري چڱا چڪر ڏئي هلڻ جي وري اهڙي تڪڙِ آهي جو ڊوڙ پائي اُن کي پڄڻ ئي مشڪل. رولو وري اهڙي آهي جو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي آهي. اُن جون تجليدار اکيون روشني برداشت ڪري ڪونه سگهن، جنهنڪري ڏينهن جو گهڻو ڪري ٻاهر ڪانه نڪري، پر رات جو چوڌاري چڱا چڪر ڏئي هلڻ جي وري اهڙي آهي جو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي آهي. ماڻهوءَ کي چڪ ڪونه پائي، پر ننڊ ۾ ستل ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ سان اُن جي دم ۾ پنهنجو دم ڦوڪيندي آهي. هي هميشه ننڊ ۾ ستل ماڻهوءَ تي حملو ڪندي آهي. اڪثر کونگهري جي آواز تي ڌوڪي ايندي آهي ۽ پري کان ئي آواز ٻڌندي سهي ڪندي ته ماڻهو اگهور ننڊ ۾ آهي ۽ تڪڙي اچي پهچندي ۽ آهستي آهستي ستل ماڻهوءَ جي سيني تي چڙهي يا ڀرسان ويهي سندس وات مان نڪرندڙ هوا پاڻ جهٽيندي ۽ پنهنجي زهري هوا ستل جي وات ۾ ڦوڪيندي آهي. ڪي چون ٿا ته زهر هاريندي آهي ۽ وڃڻ مهل پنهنجي پڇ سان ستل کي اهڙو ته چهبڪ وانگر ڌڪ هڻندي جو هو هڪدم سجاڳ ٿي پوندو آهي، ۽ پاڻ ڀڄي ويندي آهي. ان حالت ۾ ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻي کي پيئڻ پي ويئي، يا ڦٽائي ويئي يا ڦوڪي ويئي، وغيره هروڀرو ڪنهن تي ڪاهي ڪانه اچي ۽ اهڙا اتفاق سال ۾ ڪي ورلي ٿيندا آهن. پيتل ماڻهوءَ جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو ٿي پوندو آهي. پيئڻ جي زهر ۾ اهڙو ڪو اثر آهي، جو جيڪڏهن سج جي يا بتيءَ جي روشنائي پيتل ماڻهو ڏٺي ته هڪدم انڌو ٿي پوندو ۽ نڙي واري ڳوڙهي وڌندي ويندي، تان جو ٻوساٽجي، وڌ ۾ وڌ ٻارهن ڪلاڪن اندر مري ويندو. نانگ يا بلا جو ڏنگيل بچي پوي، پر پيئڻ جو پيتل ڪو مشڪل بچي. البت هاڻي موٿر ديسي علاج ماڻهن ڳولي لڌا آهن، جنهنڪري موت گهٽ ٿين ٿا. جهڙيءَ طرح سياري جو اُٺ مستي ڪندا اهن يا ڪُتن جي ڇِتي ٿيڻ جا به ڪي وقت آهن، اهڙيءَ طرح پيئڻ به سدائين ڏسڻ ۾ ڪانه اچي. سال به فقط چار مهينا وسڪاري جا، تن مان به خاص ٻن مهينن ڀڊي ۽ اَسوءَ ۾ ٻاهر نڪرندي آهي، باقي سڄو سال گم، ڪنهن ڪنهن سال ته اصل ڪانه نڪري، يا ڪڏهين ڪٿي ڪي گهڻيون نڪرن، ڪٿي ٿوريون، ته ڪٿي اصل نه. جتي رهي اُتي چون ٿا ته ست گڏ رهن، تنهنڪري کيس ”ست سهيليون“ به چڇوندا آهن. اُن جي رهڻ جو مکيه هنڌ آهي واريءَ جو ٻر، پر بعضي کٻڙ ۽ ڪنڊي جي وڻن جي ٿڙن جي وچ وارن خالي پورن (خالن) ۾ به گذاري ۽ آنا به اتي لاهي، ڪڏهن ڪا سڏڻ ۾ اچي ته ماڻهو اون کي ماري اُبتو ليڪو کڻي ٻيون جيڪي به لڀن، تن کي به ماري ڇڏين. مارڻ به سٿري ڪانهي، ڌڪ هڻبس ته ٽِپ ڏيندي، گهڻن ڌڪن هڻڻ بعد مس مرندي آهي. ٿر ۾ عام بلائون جيتوڻيڪ وڻ تي چڙهي وڃن، پر کٽ تي ڪونه چڙهڻ، پر هي نامراد ته کٽ تي به چڙهيو وڃ! ٿر ۾ عام طرح اُن کي ”ڦوڪڻي“، ”بُڇڙي“ ۽ ”ڪاري گڏهه“ چون. ماڻهن ۾ عام عقيدو آهي ته رات جي وقت جيڪڏهن اون جو نالو وٺبو ته ڪاهي ايندي، تنهنڪري رت جو ”پيئڻ“ نالو ڪونه وٺڻ، پر ڪاري گڏهه يا بُڇڙي چون. شروعاتي بچاءُ لاءِ به عجيب اُپاءَ ڪن. روشنيءَ ۾ ڏسي ڪانه سگهي ۽ بصر جي ڌپ به اُن کي ڪانه وڻي، تنهنڪري هن کان بچڻ لاءِ پهچ وارا شاهوڪار ۽ سَرياندَ ماڻهو رات جو بتيون ٻاري ڇڏين، ۽ غريب وري بصر جو ڇوڏو (پن يا کَل) وات ۾ وجهي ۽ هنڌ تي وهاڻي هيٺان ۽ پاسن کان رکي سمهن ۽ کتن جي چوڌاري به ٽڪر تڪر ڪيو اڇلايو ڇڏين. ڪي وڌيڪ ڊڄڻا ماڻهو پنهنجو وات پٽڪي جي پلاند سان ٻڌي سُمهن، ڪي ته توڪل برخدا غريب ائين ئي ستا پيا هجن. ازان سوا3 مالدار ويچارا، جي مال جي سنڀال لاءِ ڪارين راتين ۾ به وٿاڻن تي، تن وٽ ڪٿان آيو کٽولو، بتيون ۽ بصر، سي بي اونا ٿيو، ڀتن تي يا پوٺن ۾ واريءَ تي سُتا پيا ننڊون ڪندا آهن ته نه لهر نڪو لوڏو. هو چوندا آهن ته ان تي ڌڻيءَ جا هٿ آهن. جن جو اصجل هوندو آهي سي پڪين جاين ۾ کتن تي ستل، بتي جي روشنائي هوندي به بچي نه سگهندا اهن. ڪيئن به کڻي هجي ته به حيلو ڪرڻ ضروري آهي. ”حيلي روز بهاني موت.“ پيتل ماڻهو علاج ڪرڻ سان بچي به پوندا آهن. ان لاءِ پهريون علاج آهي کيس روشنيءَ کان پري رکڻ، يعني اکيون ٻڌي ڇڏڻ ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ کيس زمين ۾ کوٽيل ننڍي کوهي يا تَڙَ ۾ واري تري ۾ اونو ڪري ڏندڻ سان نڙيءَ ۾ ڪتڪتائي ڪرڻ، جيئن زهر جو ڳوڙهو ڦسي پوي. ڳوڙهو ڦٿو ۽ زهر ٻاهر نڪتو ته پوءِ جوکو ڪونهي. ٻيو علاج اهي گوُئڙ پکي (جو ٿر ۾ عام ٿيندو آهي) جو آنو. اُهو جي بروقت ملي وڃي ته ان جو پاڻي پيارجي ته هڪدم فائدو ڪندو. پر اها شيءَ ملڻ مشڪل، هڪي تڪي حاضر ٿي نٿي سگهي. ان لاءِ ماڻهو ڇا ڪندا اهن جو اونهاري ۾ جڏهن گوئڙ پکي آنا لاهي، تڏهين ڳولا ڪري انو هٿ ڪري، ڀڃي، پاڻيءَ ۾ ڪپهه پسائي، سُڪائي، شيشي ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن. پوءِ جو اهڙو ڪو اتفاق ٿيو ته اها ڪپهه پاڻيءَ ۾ پسائي مريضن کي پيارين ته فائدو ٿيو پوي. پيتل ماڻهوءَ جون اکيون يڪدم پٽيءَ سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڦٽڪي اُٽهه ڦٽهه کارائيندا اٿس. هونءَ ته ڦٽڪي ڪساري آهي، جنهنڪري کائي ڪانه سگهجي. پر ڦوڪيل کي ڦٽڪي ڪساري نه لڳندي. پيتل ويندو ٻَرڙ ٻَرڙ ڪندو کائيندو. پنجن – ستن تولن بعد کير پيارجي ته اُلٽي ٿيندي. اهڙيءَ طرح ڦٽڪي کارائي کير پياري اُلٽيون ڪرائيندو وڃجيس. جيستائين زهر جو اثر هوندو، تيستائين ڦٽڪي ڪساري يا خراب نه لڳندو. جڏهن اثر گهٽيو، تڏهن ڪساري لڳندي، اُن وقت کارائڻ بند ڪجي. اهڙيءَ طرح پاءُ کن يا وڌيڪ ٽڪي بهلائي ويندا آهن، فائدو ٿيندو آهي. ڦٽڪي هَڪي نه هجي ۽ جيستائين موجود ٿئي تيستائين اڪ (جو جتي ڪٿي عام آهي) جا مٿيان گؤچ ڪڇي کارائبا آهن، جيئن اُلٽي اچيس. شروعاتي ترت علاج اهو به چڱو آهي. هي بلا نه رڳو ماڻهو کي ڦوڪيندي آهي، پر اُٺ، گهوڙا، گانيون، گڏهه، رڍون ۽ ٻڪريون به هن جي وار کان نه بچنديون آهن. ماڻهو ويچارا پنهنجي وسان ڪونه ٿا گهٽائين، پر هن مصيبت کان شال مالڪ بچائي. پيرن وارا زهري جيت *هڻ کڻ: هي تمام ننڍي ي انچ کن ٿيندي آهي. هن جو چڪ اهڙو ته خوفناڪ ٿيندو آهي جو ڪلاڪ – ٻن اندر ماڻهو مريو وڃي. هڻ کڻ جي معنيٰ ئي آهي ”ڏنگ لڳو ته ڄڻ لاشو کنيو.“ هن جو اثرائتو علاج اڄ تائين معلوم ٿي نه سگهيو آهي. *وڇون: ٿر ۾ وڇون جام ٿين. اهي جاين جي چاچوڙن، پراڻن ڇيڻن ۽ ٻين ڪِن ڪڍري وارن هنڌن تي رهندا اهن، جي رنگ جا ڀورا ٿين. ڏنگ تي گاسليٽ مکين، انجڻي گهوٽي ڏين، جهار وجهائين، بصر جو پاڻي مهٽين ۽ ٻيا ڪيترا ديسي علاج ڪن. پارڪر ڏي جبل ۾ خوفناڪ زهري ڪاري رنگ جا وڇون ٿين، جن جو ڏنگ موتمار آهي. وڇونءَ جو ڏنگ گهڻي ۾ گهڻو چوويهه ڪلاڪ سور ڪندو آهي. *سؤپيريون: هن کي گهڻا پير ٿيندا آهن، جنهنڪري اُن کي سَوپيري چون. هن جو چڪ ڪجهه وقت سور ڪندو آهي، ٿري ماڻهو ۾ وهم آهي ته سُوپيريءَ جو ڏنگ سَو ڏينهن پيو سور ڪندو آهي. *وِڇي: هي ڪارسري رنگ جي ڪيرڙي وانگر ٿيندي آهي. جاين جي ڦوٽن ۽ چاپوڙن ۾ رهندي آهي. ڪنهن ڪنهن مهل ڀتين تي گهمندي ڏسبو آهي. ماني يا ٻي کاڌي جي شيءِ ۽ پاڻي جي کليل هوندا ته بعضي ڦوڪاري ويندي آهي. اهي شيون ورتائڻ سان ماڻهوءَ کي تڪليف ٿيو پوي. اُڏامندڙ زهري جيت *ماکيءَ جي مک: بهار جي موسم ۾ جڏهن وڻ ڦوٽ ٿيندي آهي ۽ گل نڪرندا آهن، تڏهن ماکيءَ جون مکيون اچيو پيد اٿين ۽ مانارا ٺاهينديون آهن. ماڻهو مانارا ڇاڻي ماکي لاهيندا آهن، تڏهن ڏنگ هڻنديون آهن، جنهنڪري اهو هنڌ سُٺي پوندو آهي ۽ ڪجهه وقت چٽڪندو آهي. *ڏينڀو: هن کي ککر به چوندا آهن. ڪٿي هن کي چيلاٽا به چون. هي پراڻين سڃين جاين، بعضي ڪن وڻن ۾ به مانارا ٺاهيندا آهن. ماڻهو ماناري کي ويجهو ويو ته ڪاهي ايندا، ننڍا ٻار هاسيڪار مانارو ڏسندا ته ان کي ڀتر هڻندا آهن جنهنڪري ڪاهيو اچن ۽ ڏنگ هڻن. هن جي ڏنگ سان اهو هنڌ سوڄ ڪندو آهي. جنهنڪري ڪافي سور به ٿئي. مٽي پسائي مٿان رکجي ته فائدو ٿي پوندو. *مڇر: ٿر ۾ گهڻا نه ٿيندا آهن، فقط برساتي موسم ۾ تلائن جي پاڻي ڪري ٿيندا، پر عام نه آهن. *ڪُت: هي مڇر کان به ننڍو جيت آهي. وسڪاري جو گهاٽي گاهه جي ڪري ٿيندو آهي. هن جو چقڪ ڪجهه وقت معمولي سور ڪندو آهي. پيرن وارا جيت پيرن وارن جيتن مان ڪي ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهن، ڪي ٻرن ۾ رهن ۽ ڪي جهنگ ۾ رهن. ڪي گهرن ۾ ۽ ڪي سڀڪنهن هنڌ رهن. ڪي ته خاص موسمن ۾ پيدا ٿين ۽ پوءِ ترت مريو وڃن. انهن مان ڪي عام آهن، پر ڪي اهڙا آهن جن بابت واقفيت ڏيڻ ضروري آهي. *گوهيرو: هي ٻه – ٽي فوٽ کن ڊگهو ميرانجهڙو ڀُورو ٿيندو آهي. کيس ار پير مضبوط چنڀن سان ۽ ٿلهيرو ٻانڊرو پڇ ٿيندو آهي. اُن جي کل ڇِلرن واري ۽ سخت ٿئي. هروڀرو تڪڙو ڊوڙي ڪونه سگهي. ٻرن ۾ رهي جي وڏا ٿين، تنهنڪري انهن کي ڏَرَ به چئجي، جو تمام نرم زمين ۾ ڪندو آهي. اهي ٻر ڀٽن، ڏرڙن ۽ دڙن جي اُڀ ڪپرن پاسن ۾ هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن کاڌي جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪري ڪوئا، گونگهيون، گهُرٽيون، ڏيڏر ۽ ٻيا ننڍا جيت کايو وڃي. کاڌي جو بلڪل هٻڇي آهي، ايترو گهڻو کائيندو آهي جو ڀرجي پوندو آهي ۽ چُري به نه سگهندو آهي. ڪو ماڻهو گهڻو کائي ڀربو آهي ته چوندا اهن ته ”گوهيري وانگر ڀريو پيو آهي.“ اُٺ کي ڦيٽڙي جي بيماري ٿيندي آهي، جنهنڪري هو واري _ڌوُڙ) کائيندو رهندو آهي. تڏهن گوهيرو ماري رَڌي جُن ڏبو آهي. ويجهي وڃڻ سان سوسات اهڙو ڪندو جو ماڻهو ڊڄيو وڃي. جوڳي فقير، ڀيل ۽ ڪولهي اُن کي ماري کائيندا آهن. ٻاهر پوٺي تي هٿ نه اچي ته پير کڻي ڏر کوٽي مارندا آهن. پيرن ۾ سخت ننهن ٿيندا اٿس. ڏر ۾ پوڻ بعد پڇ کان وٺي ٻاهر چڪبو ته ٻاهر ڪڍڻ مشڪل. هن جي کل وڪري لاءِ ٻاهر ويندي آهي. *چَندڻ ڳوهه: هي ڊيگهه ۾ ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. ننڍڙن دڙن جي اُڀ ڪپرن پاسن، بُٿن جي پاڙن وٽ ڪنئري زمين ۾ ٻر کوٽي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪري لٻرڪا ڪندي ته مٿان بجلي ڪرندي، تنهنڪري هن جو لوڙهن ۾ يا ڀرسان رهڻ نقصانڪار سمجهندا آهن ۽ ڪٿي ڏسن ته ڪوشش ڪري ماري ڇڏين. هي به ڏيڏر، گونگهيون، گهرٽيون ۽ ننڍا جيت کائيندي آهي. پيرن جي چنبن ۾ سخت ننهن ٿيندا اٿس، جنهنڪري ڀتين تي به چڙهيو وڇي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهرن جي ڇتين ۾ چڙهيو جهرڪين جا آنا ۽ ٻچا ڱايو وڃي. جوڳي، ڀيل ۽ ڪولهي کائيندا آهن ۽ کلون ٻاهر وڪري لاءِ وينديون آهن. ٻي عام ڳوهه به ٿئي جا چندڻ ڳوهه کان ڪجهه ننڍيري ٿيندي آهي. ٻار جي ڏسن ته اُن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري ڇڏيندا آهن. *نور: هي ڊيگهه ۾ ڏيڍ فوٽ کن ڀوري رنگ جي ٿئي. بدن تي نرم وار ٿيندا اهنس. جهنگ ۾عام پي اگهمندا آهن. ننڍا جيت کايو وڃي ۽ ٻرن ۾ رهي. ماڻهو مسافري تي وڃي، جي اڳيان نور واٽ ٻوٽي وڃي ته بدسوڻ سمجهن. جيڪڏهن ڄڃ هجي ۽ اها ڪار ٿئي ته يڪدم لهي پوندا، ۽ ڪٿان به ڇيلو هٿ ڪري، ڪُهي، اُن جي گوشت جا ٽڪر ٻنهي طرفن اڇلائي پوءِ وچ مان لنگهي ويندا، خاص ڪري اڇوت قومون ائين ڪنديون آهن. هي نانگ جو دشمن آهي. ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾ نور ۽ نانگ جي ويڙهه ٿيندي آهي جا ڏسڻ وٽان اهي. بعضي نانگ کي به ماريو وجهي. اُن جي کل وڪري لاءِ ٻاهر ويندي آهي. *سانڊو: هي ڊيگهه ۾ فوٽ سوا، ڀوري ميرانجهڙي رنگ جو ٿئي. هي پڇنهنجا ٻر ڏهرن جي ڏاڍيري زمين ۾ کوٽي ۽ ننڍن جيتن تي گذر ڪري. جوڳي ڪوڏر سان ٻر کوٽي ڪڍي ماري کائيندا آهن ۽ کل وڪري لاءِ ٻاهر ويندي آهي. *ڪاڪينڊو: هن کي ڪِرڙو به چون. ڪي ڀوري رنگ جا ٿين، ڪن جو مٿو ڳاڙهو ٿئي. هي ڌرتي تي پيو ڊوڙندو آهي، وڻن تي به چڙهيو وڃي، ٻار اُن کي ڏسي پڇندا آهن ته ”ڪاڪينڊا، ميهه اُونچو يا نينچو؟“ (يعني برسات مٿي يا هيٺ) هي مٿو هيٺ مٿي ڪندو آهي، ٻارن لاءِ اها وندر آهي. *ڪوئو: هي ٿر ۾ جام ٿين. ٿري اُن کي ”اوُنڏَرَ“ چون. عورتون ان کي ”گهرڌڻي“ چون. گهر، لوڙها، سڄو جهنگ، ٻنيون ۽ مَڙها ڪوئن جي ٻرن سان ڀريا پيا آهن. برن کي ٿري ”ٻِلَ“ چون. هرهڪ ٻر ۾ اٺ – ڏهه سوراخ ٿين، هڪڙي پاسي ٻر بند ڪبا ته ٻين هنڌان ڪوئو نڪري ويندو. ذري ٻاهر ذري اندر، اُن کي هڪ هنڌ آرام ڪونه اچي. هن جي ٻارن جي ڪري زمين اندران ايتريقدر پوري ٿي پوندي آهي، جو بعضي مٿان وهٽ لنگهڻ ڪري پير هيٺ هليو وڃي، جنهنڪري ٽنگ ڀڄيو پوي يا ضربجيو پوي ۽ وهٽ منڊو ٿيو پوي، تڏهن چون ته ”وهَٽ ٻِلاڻو آهي.“ ڪوئو بلڪل نقصانڪار آهي. وسڪاري جو جيڪو گاهه ٿيندو آهي، اهو زمين ۾ ٻر کڻي ڪُتري ڦٽائي ڇڏيندا آهن. هونئن جيڪر ڳچ وقت هلي سو ترت ناس ٿيو وڃي. وسڪاري جو ٻنين ۾ ننڍا سَلا اُڀرن ته ڪُتريو وڃن ۽ ٻئي فصل کي به نقصان ڪن. گدرن ۽ هندان ۾ تنگ ڪيو ڇڏين جنهنڪري اهي خراب ٿيو پون ۽ وڌي وڏا ڪونه ٿين. گهرن ۽ لوڙهن ۾ به ٻر ڪندا آهن. جي هڪ دفعو پوري ڇڏيو ته ٻئي ڏينهن وري به اهو ٻر تيار پيو هوندو. کاڌي جون شيون کايو وڃن، ڪپڙا ٽڪيو وڃن، تنهنڪري ماڻهو ڪئا مار جي وسيلي مارندا آهن ۽ ڪي ٻليون پاليندا آهن. *ڄاهو: جهنگ ۾ عام ٿئي. اون جي کل جي مٿان تکا ڪنڊا ٿين. جهنگلي ننڍن جيتن تي گذر ڪري. نانگ جو دشمن آهي. اُن کي ماري وجهي. هٿ لائبو ته منهن اندر ڪري ويڙهجي گول کينهوڙي وانگر ٿي پوندو. لوڪڙ هن جو استاد آهي. کيس اونڌو ڪري مٿان پيشاب ڪندو آهي ته بيهوش ٿي ويندو ۽ منهن ٻاهر نڪري ايندس تڏهن اُن کي کايو وڃي. ننڍا ٻار اُن کي جهلي کنيو اچن. هڪ هنڌ رکي پري ٿي بيهن ته هلڻ شروع ڪري، ويجهو وڃن ته منهن بند ڪيو ڇڏين. ٻارن لاءِ اها هڪ وندر آهي. ٿري هن کي ”سيهڙو“ چون. *گُونگهي: هن کي ٽنڊڻ به چون. گونگهين جا ننڍا وڏا ڪيترا قسم آهن، جي گهڻو ڪري رنگ جون ڪاريون ٿين. هڪڙي وڏيرڙي ٿئي ۽ بدن تي اڇا ٽڪا ٿين. هلڻ وقت ننڍا ننڍا ٺڪاءُ پئي ڪندي آهي جنهنڪري اُن کي ”ڪَڙِڪَن واري گونگهي“ چون. ٻي ننڍيري ٿئي جا جتي ڪٿي ڏسبي آهي. اُن کي ڪيترائي ڀيرا پري اُڇلائبو ته. به وري وري موٽي پيئي ايندي، پر جي وات سان ڃوڪ ڏبي ته پاسو ڪري ويندي ۽ وري موٽي نه ايندي. ڪو ماڻهو ضدي هوندو آهي ته چوندا آهن ته ”هيءُ ته گونگهيءَ جهڙو ضدي آهي!“ يعني پنهنجي ڳالهه تان هيٺ لهڻ وارو نه آهي. *ماڪوڙي: ٿر ۾ اُن کي ”ڪِيڙي“ چون. رنگ ڪارو ٿئي. ڪي وڏيريون، ڪي وچوليون، ڪي تمام ننڍيون ٿين، جن جو رنگ پيليرو ٿئي، انهن کي ”سون ڪيڙيون“ چون. هي گهرن ۽ جهنگ ۾ جتي ڪٿي ٻر کوٽي رهن، جن کي ”نُگرو“ چون. ڪن ماڪوڙين کي برسات پوڻ وقت کنڀ ڄمي پوندا آهن ۽ اُڏامنديون آهن، پر اهي ٿوري وقت بعد مري وينديون آهن. جهنگ مان وسڪاري جو اَنَ ۽ ڏٿ کنيو اچيو ٻرن ۾ گڏ ڪن. اُنهن جي ٻرن جي ٻاهران تُهن جا ڍير پيا هوندا آهن. گهرن ۾ يا ڀرسان نگرا هوندا ته مٺاڻ کايو اناج کنيو وڃن. کير، لَسي ۽ ڌونري ۾ پئجي خراب ڪن. سڻڀ جي ڏپ تي ته آيون رهن. مکڻ ۽ گيهه ڪٿي به رکو ته هنن کان نه ڇُٽي سگهجي، اندر پئجي خراب ڪيو ڇڏين. زمين تي هلڻ وقت قطارون ڪيون پيون اينديون وينديون جنهنڪري واٽ ٺهيو پوي ۽ پري کان اڇا ليڪا پيا ڏسبا. بدن تي چڙهي آيون ته چڪ هڻنديون آهن، جو ٿورو چٽڪندو آهي. هن جي بچاءُ لاءِ ماڻهو ڇا ڪن جو جتي گهڻيون ڏسن، اُتي سِڻ جو موُئا ٻار ساڙين. واٽن جي وچ تي ڪنجهي جا ڪٽورا (جن مان ٻاهر نڪري نه سگهن) پوري زمين سرکا رکي ڇڏين ته ڀرجيو پون تڏهن کنيو وڃيو پري اڇلايو اچن يا ساڙيو ڇڏين، نُگرا ڏٽي ڇڏين ته به کٽڻ جون نه آهن. ڪيترا ڳويچارا انهيءَ سُران جاٰءِ ڇڏي ٻئي هنڌ وڃي مڪان ٺاهين. *گهُرٽِي: هي ننڍي ٽنڊڻ جيڏي ڀوري اڇيري رنگ جي، پُٺيءَ تي اڇا ٽِڪا ٿيندا اٿس. ڏس جا ٽپڙ، چمڙي جو آسمان يا ٻيون اهڙيون شيون ڳچ وقت هڪ هنڌ رکيل هونديون ته کائي ڪُتري خراب ڪري ڇڏيندي آهي. *ڪاتِرا: هي انچ ڏيڍ ڊگهو ڪينئين جو قسم آهي. اُن جي سڄي بدن تي بُج ٿيندا آهن. رنگ جو سونهري ڳاڙهيرو ڀورو ٿئي ۽ مُنهن گول ڳاڙهو ٿئيس. اُن جو بدن اهڙو نازڪ آهي جو هٿ جو ٿورو زور ڏبو ته ڦِسِي پوندو. هي فقط فصل جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ ايترا ته هوندا آهن جو جهنگ ۽ ٻنيون ڀريا پيا هوندا آهن ۽ جهنگ جو گاهه ٿوڙي ٻنين جو فصل گوار، تر، هڱ، چونرا، ڪوڙو جا پن ۽ ساوا گونچ ۽ ڏنڊيون لائي ڇڏيندو آهي. خاص هنداڻن، گدرن، ميهن ۽ چڀڙن جي ولين جو دشمن آهي، پن کائي ڏانڊيون ڪتري ڇڏيندو آهي. هاري ٻنين ۾ ڦيرا ڏيئي اُن کي جتي ڏسن، اتي ڪاٺي ٽڪر سان يا پير سان ڦيهي ماري ڇيڏندا آهن. ٻئي ڏينهن ڏسو ته انهيءَ کان به وڌيڪ، اصل کٽڻ جا ڪونه آهن. وَهيا پکي ولر ڪري اچي مٿان ڪڙڪندا آهن. ڪيترائي ماري کائيندا آهن مگر ڪٿي ٿا گهٽ ٿين. پر کائي کائي نيٺ سندن منهن پچي پوندا آهن ۽ ڀڊي جي مهيني ختم ٿيڻ تي هو کائڻ کان لاچار ٿي پوندا آهن، جنهنڪري ازخود مريو وڃن. *اُوٿو: هي اڇي ڀوري رنگ جا ڪارن پٽن سان ننڍا جيت ٿيندا آهن. اُن يا ڏاس جو سُٽ، کٿا، ڪمريون، لويون، کاهيون، کرڙ وغيره ڳچ وقت هڪ هنڌ رکيل هوندا آهن ته انهن ۾ اُوٿو ازخود پيدا ٿيندو آهي. وسڪاري جو ته اڻ پڇيو پيدا ٿئي ۽ کايو، ڪُتريون، ٽڪيو ناس ڪيو ڇڏي. تنهنڪري اهڙيون شيون وقت به وقت ڇنڊي اُٿلائي پتلائي ڪجهه وقت ٻاهر اُن ۾ رکي (جي جيت اندر هجن ته مريو وڃن) پوءِ وري رکبيون آهن. *اِلي: هي ڳاڙهي رنگ جو ننڍڙو جيت ٿيندو آهي. ٻاجهري گهڻو وقت هڪ هنڌ رکبي ته اِلي اندر ازخود پيدا ٿي کائي خراب ڪري ڇڏيندي آهي. خاص ڪري مٺي اناج ڪڻڪ ۽ چانورن کي ته ترت وٺندي آهي. ٿري ماڻهو ٻاجهري مِٽيءَ جي ڪوٺين (گندين) ۾ رکندا آهن. اِلي يج بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو ڪوٺيءَ جي تضري ۾ ٽانڊن جي سنهي رک وجهن ۽ ٻاجهريءَ ۾ رک ڀيڙ ڪري ڪوٺي ڀري ڇڏين، يا وچ ۾ نيمن جا پن ڀيڙڪن. انهن اُپائن سان اناج ڳچ وقت سلامت رهي سگهندو آهي. ڪڻڪ ۽ چانورن جو ذخيرو عام طور ٿورو هوندو آهي، پر ان جي بچاءُ لاءِ به اُڇاءُ اهيئي ڪن. *گِيئَڙَ: هي جيت وڏين ماڪوڙين جيڏا ڀوري رنگ جا ٿيندا آهن، جي فقطبرسات پوڻ وقت زمين مان نڪرندا آهن ۽ هفتي کن اندر گم ٿيو وڃي. *ماڪوڙا: هي ماڪوڙين کان وڏا ڪاري رنگ جا ٿيندا آهن. هي پنهنجا ٻر وڻن جي پاڙن وٽ ڪن. برست پوڻ وقت جام نڪرندا اهن، ان وقت ورلي ڪو ڪنڊو هنن کان خالي هوندو. وڻ تي پيا لهندا ۽ چڙهندا. بعضي گهرن ۾ ڀتين جي پاڙن ۾ به ٻر کوٽيندا آهن. هنن جو چڪ ڏکيرو آهي. ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ته هٿ سان وٺي ڇڪبو ته اڌ مان ٽُٽي پوندو پر وات ڪونه ڪڍندو، انهيءَ ڪري ماڻهو وڻن تي چڙهي به نه سگهندو آهي. گهر ۾ ڪو وڻ هوندو ته وسڪاري جو سڄو گهر ماڪوڙن سان ڀرجي ويندو. هي گهر ۾ رکيل مٺاڻ کي نقصان ڪندا آهن. ماڻهو هنن کي گهٽائڻ لاءِ پاڻي ڪوسو ڪري ٻرن ۾ وجهندا آهن. *اُڏوهي: هي ڀوري اچي رنگ جو ننڍو ماڪوڙي جيڏو جيت ٿيندو آهي. هي ڏاڍي نقصانڪار آهي، پٽ تي پيل ڪاٺين ۽ ڇيڻن ۾ پيدا ٿي ته کائي ناس ڪري ڇڏيندي آهي. جاين جي شهتيرن، پٽين، درين، دروازن، چونرن جي ڪايَن کي کائي ناس ڪندي آهي. ماڻهو ٿوري اُڏوهي لڳل ڏسندا آهن ته ڇاڻي ڇڏيندا آهن، ته به نيٺ کايو وڇي. ڪاٺين کي گاسليٽ ۽ ڏامر هڻبو ته ڪجهه بچاءُ ٿيندو آهي. جهنگ ۾ بيٺل وڻن جي سُڪل ڪاٺين کي به نه ڇڏيندي آهي. کٻڙ جي ڪاٺيءَ تي ايترو وار نه ڪندي آهي، باقي ٻئي ڪنهن ڪنهن کي به ڪانه ڇڏي. هن جو دشمن تِتر پکي آهي جو جتي ڏسي اتي کايو ڇڏيس. *سُرو: هي ڀوري رنگ جو سنهو ننڍو جيت ٿيندو آهي. هي ڪاٺين ۾ ٽنگ ڪري اندر گهڙي ويندو آهي. اندر سنها سنها ٽنگ ڪيو نيٺ کايو چَٽ ڪيو ڇڏي. ڪوُنڀٽ ۽ ڪَنڊي جي ڪاٺيءَ تي خاص وار ڪندو آهي. *ميهه ماما: هي جيت ڄئوئي جيڏو نارنگي رنگ جو ٿيندو آهي، جو برسات وڻ وقت ڏسبو آهي، جنهنڪري ٿري کيس ”ميهه مامو“ چوندا آهن، ۽ ڀِنوئاريءَ تي پيو سُرندو آهي. هي تمام نفيس ۽ نرم ٿيندو آهي. ڪا عورت سهڻي ۽ گوري رنگ جي هوندي ته چئبو آهي ته ”فلاڻي جي مُنهن ۽ بدن جي وَنڪِي اهڙي آهي جهڙي ميهه جو مامو.“ هفتي کن بعد گم ٿي ويندو آهي. هن کي ”مينهن وساڙو“ به چوندا آهن. دوائن لاءِ ڪم ايندو آهي. پسارين وٽ سُڪل مينهن وساڙا وڪري لاءِ هوندا آهن، جي حڪيم دوائن تيار ڪرڻ لاءِ خريد ڪندا آهن. *ڄئُوئو: جنهن هنڌ مال خاص ڪري اُٺ ۽ ڍڳيون وهنديون آهن، اتي زمين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هي ذري واريءَ اندر، ذري ٻاهر پيا سُرندا آهن. ڀوري اڇي رنگ جا ٿين. مال کي چڪ هڻندا آهن. ڪڪڙ هنن جو دشمن آهي جو زمين تي جتي ڏسندو ته ٺونگو هڻي کائي ويندن. ماڻهن کي به چڪ هڻندا آهن. هن جي چڪ تي جي سڻڀ لڳو ته اها جاءِ بلڪل سُڄي پوندي آهي. *چِچَڙ: هي ڪاري ۽ اڇي ڳاڙهي رنگ جا ٿين. ڍڳين کي خاص طرح تڪليف ڏيندا آهن ۽ انهن جا اوهه چچڙن سان ڀريا پيا هوندا آهن. ڳچي ۽ ڪنن ۾ به چنبڙندا آهن. جنهن هنڌ چڪ هڻندا اُتي چهٽا پيا هوندا ۽ رت پيا چوسيندا. هٿ سان به يڪدم پَٽي نه سگهبو. زور لائڻ سان پٽي سگهبو آهي، ڌنار ماڻهو لوهه جو نچڪڻي وانگر اوزار ٺهرائيندا آهن، جنهن کي چچڙا ڪڍڻو“ چون. اُن سان پٽي ڪنهن مٽيءَ جي لوٽي، جا اڌ پاڻيءَ سان ڀريل هجي، ان ۾ وجهندا ويندا. نيٺ ڳچ جيترا پٽڻ بعد زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏين. هي ننڍڙا به ٿين ته وڏڙا به. *گوئَڙَ: هي ننڍي ٻير جيڏي، بلڪل نازڪ، اڇي رنگ جي ٿئي. اُٺن ۽ ڍڳين جي چنبڙي رت چوسيندي رهندي آهي. مالدار کيس پَٽي پري اُڇلي يا ماري ڇڏين. ازان سواءِ ڪِرڙي، چچي، ڪوريئڙو، ڏيڏر، منگهڻ، ڪيترن ئي قسمن جون تِڏيون ۽ لٽُون (ڪِينئان) ۽ ٻيا به انيڪ نمونن جا جيت ٿين ٿا. اُڏامندڙ جيت *گهونگهو: هي ڪاري رنگ جا، ڪي ٽنڊڻ جيڏا ۽ ڪي وڏا ٿين. ٽنڊڻ اُڏامي ڪونه سگهي، مگر هي اُڏامندو آهي. اُڏامڻ وقت ڪاري ڀنؤر جهڙو، پر اُن کان وڏو ٿئي ٿو. برسات پوڻ وقت ظاهرٿيندو آهي، چوماسي ختم ٿيڻ بعد گم ٿيو وڃي. ڪو ماڻهو حاجت تي ويٺو يا جانور ليڏوڻو يا ڦولهڙو يا ڇيڻو لاٿو ته گونگها هڪدم اچيو پيدا ٿين ۽ گندگيءَ جا ٽڪر ٽڪر جدا ڪري پوينپيرن سان ڌڪي روانا ٿيندا. ڦرڻ ڪري اهو ڳوڙهو بلور وانگر ٿيو پوي ۽ پوءِ ڌڪيندا ويندا. ڪٿي وڃي ٻر کوٽي قابو ڪندا. هڪ ٻئي پويان پيا ايندا ۽ ڳوڙها ڌڪي روانا ٿيندا. گونگهو اهڙو ته زور سان اُڏامندو آهي جو ڪو ماڻهو يا شئي اَڳيان آئي ته پاڻ سنڀالي نه سگهندو آهي ۽ ڌوُ وڃي انس ان لڳي ٺڪاءُ ڪري هيٺ ڪرندو آهي. وري ٿوري زمين تي هلي، اُڏامي روانو ٿي ويندو. *ڀينگو: هي جيت مڪڙ جيڏو ٿيندو آهي. اُن جو مٿو سائو ۽ ڇٺيءَ تي مضبوط کوپي جا ٻه پَر ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن، جن سان اُڏامندو آهي. هي برسات موسم ۾ ظاهر ٿيندا آهن. وڻن تي خاص ڪري ڪنڊي جي وڻ تي وهندو آهي. هن جي ماديءَ کي ڀينگي چئبو آهي، جنهن جي پَرن جا مٿيان کوپا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جي پرن ۽ مٿي وارن کوپن جو رنگ اهڙو ته تجليدار آهي، جو ڪاشيءَ وانگر پيو چلڪندو آهي. هيٺيون بادن به مضبوط کوپي ۾ بند ٿيل هوندو آٿس. ٻار کيس جهلي ڪنڌ ۾ سڳو ٻڌي اُڏائيندا آهن. ڪانءُ کين ڏسڻ شرط ماري کائي ويندو آهي. وڻن جي هيٺان پَرن ۽ مٿي جا کوپا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ”پَنگلا“ چون. ٻار اُهي ميڙي کڻي ايندا آهن ۽ گهرن ۾ جانورن تي ۽ ڪوٺن تي اُهي آلي مِٽي ۾ لڳائي ڇڏيندا آهن جي مٽي سڪڻ تي منجهس قابو ٿيو ڇون ۽ پيا چلڪندا آهن. ننڍيون ڇوڪريون گُڏين جي ڳچين ۾ پنکلا لڳائينديون آهن. هڪ ٻئي قسم جي به ڀينگي ٿيندي آهي، جنهنجا کوپا ميرانجهڙا، بي رونق ۽ مٿس اڇا ٽِڪا ٿيندا آهن. هي ڦوڳن تي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، هن کي ”ڀيل ڀينگهي“ چوندا آهن. *اَڪ مڪڙ: هي مڪڙ جيڏو پر سائي رنگ جو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري اَڪَ جي وڻ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وسڪاري جو ڏسبو آهي پوءِ گم ٿي ويندو آهي. ٻار هن کي گوگو به چوندا آهن. *ڀَمِرو: هن کي سنڌيءَ ۾ ڀنؤر چون. ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. ڪاٺين ۾ تنگ ڪري رهندو آهي. وڻن جي گلن تي ڦيرا پائيندو وتندو آهي. *گهَريتِڙي: هن کي ڀمري به چوندا آهن. رنگ جي ڳاڙهي ۽ پڇ ڪارو ٿيندو اٿس. چيلهه تمام سنهي ٿيندي اٿس. سونڊ ۾ آلي مِٽي کڻي آڻي ڀتين ۽ جاين جي پٽين تي خانن سان پنهنجو گهر ٺاهيندي آهي. هرهڪ خاني ۾ سوڙهو منهن ڇڏيندي آهي. پوءِ گاهه مان سنها ساوا ڪينئان (لَٽون) ڳولي کڻي اچي انهن خانن ۾ وجهي مٽيءَ سان مُنهن بند ڪري ڇڏيندي آهي. ڪجهه وقت بعد انهن ڪيئن مان گهريتڙيون ٿيون پون. جي پو3 گهر جي خانن مان ٻاهر نڪري اُڏاميو وڃن. *سونل: هي جيت مضبوط کوپي ۾ بند ٿيل هوندو آهي ۽ اهو کوپو ڪنهن ٻوٽي جي ٽاريءَ ۾ لٽڪيل هوندو آهي. وچ تي گول ۽ پاسن کان گنبذ وانگر گول جي چوڌاري سونهري چلڪيدار ليڪو هوندو آهي. ٻار اهو جيت ڪٿي ڏسندا آهن ته ٽاريءَ مان ڇِني کڻي ايندا آهن. ننڍيون ڇوڪريون گڏجي اڳڙيءَ جو گڏو ٺاهي اُن سان هن جي شادي ڪرائينديون آهن. گيت ڳائينديون ۽ ڪجهه ڀَت وغيره رڌي پاڻ ۾ گڏجي کائينديون آهن. ٻيو هڪ قسم جو جيت ٿيندو آهي، جو وڻن ۽ ٻوٽن ۾ خاص ڪري ٻائورين، ڦوڳن ۽ مَرٽن ۾ ڏسبو ته ڇڳا پيا لٽڪندا آهن. اهي ڇڳا هٿ سان پٽي ڏسبو ته اهي وڻن جي ٽارين جي سنهڙين ڪاٺين مان ٺهيل هوندا آهن جن کي ڪنهن ليسدار شئي سان چنبڙائي تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو ته ڪاريگريءَ سان مضبوط ٺهيل هوندو آهي جو اُن کي سولو پٽڻ مشڪل هوندو آهي. ان جي اندر هڪ ڪينئون نظر ايندو آهي. *مڪڙ: ٿر ۾ اڪثر مڪڙ ايندائي رهن ٿا. چئن – پنجن يا اٺن – ڏهن سالن بعد مڪڙ پيا اچن، ۽ جڌهن اچڻ لڳندا آهن تڏهن ٽي – چار سال ساندهه پيا ايندا آهن. هي هڪ قدرتي آفت آهي جا تير ٿيل فصل، جهنگ جو گاهه ۽ وڻ ٻوٽا سڀ کايو چٽ ڪيو وڃن. جنهنڪري ملڪ ۾ ڏڪار پئجيو وڃي. ٿر جي زمين وارياسي آهي، جنهن ڪري مڪڙن کي آنن لاهڻ جي سهوليت آهي. جولاءِ جي پڇاڙي يا آگسٽ جي شروعات ۾، جڏهين برسات پوندي آهي ۽ زمين پُسيل هوندي آهي تڏهين مڪڙ ايندا اهن، جي پيلي رنگ جا هوندا آهن. پهريائين جوڙو جوڙو گڏجي ايندو آهي، پوءِ مادي پنهنجي پڇ جو ڇيڙو زمين ۾ وجهي اندر آنا لاهندي آهي، جي چون ٿا ته هڪ سئو اٺ هوندا آهن ۽ لعاب جهڙي شئي سان ڳنڍيا پيا هوندا آهن. هفتي اندر انهن مان ٻچا ٿي زمين مان ٻاهر نڪري ايندا آهن، جي ڪروڙن جي تعداد ۾ هوندا آهن، انهن کي ”ڦَڪا“ چئبو آهي ۽ سڄي ٽولي کي ”ڪَهِه“ چئبو آهي. اهي پهريائين رنگ جا ڪارسِرا هوندا اهن. سڄي زمين، ننڍڙن ٻوٽن ۽ ڪچڙيگاهه تي روٿون وري وينديون آهن. اهو لقاءُ به ڏسڻ جهڙو هوندو آهي، جو ٽپڪيون ڏيئي پيا هلندا ۽ گاهه ٻوٽا وغيره کائي ناس ڪندا آهن. هفتي بعد اها کل لاهي ڪجهه وڏا ٿيندا. اهڙيءَ طرح جملي ڇهن کلن لاهڻ بعد کنڀڻ جا نشان ظاهر ٿيندا، تڏهن چوندا آهن ته هاڻي ”ڪاٺوڙيا“ آهن. ستين کل لاهڻ لاءِ وڻن ۾ اُبتا ٽنگيا پيا هوندا آهن تڏهن چوندا آهن ته ٻَريا (تپيا) آهن. پوءِ آهستي آهستي اها کل لاهي مڪڙ جي صورت اختيار ڪندا. ان وقت کنڀ وغيره سڀ ظاهر ٿيندا ۽ رنگ جا ڳاڙها ٿي پوندا. پوءِ ٿورو ٿورو پيا اُڏامندا، تان جو ٻن – چئن ڏينهن بعد طاقت وارا ٿي پوندا. مڪڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ جڏهن ”ڦڪا“ هوندا آهن تڏهن سُٺو موقعو آهي. هاري ويچارا پنهنجين ٻنين جي چوڌاري چَريون (کاهيون) کڻي، انهن ۾ وجهي ناس ڪندا آهن پر ايڏي وڏي انداز کي ڇا ٿا ڪري سگهن! سرڪار مڪڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ خاص عملو مقرر ڪندي آهي، جو روينيو کاتي سان گڏجي ڪم ڪندو آهي. ان وقت پرائمري ماسترن کي به اسڪول بند ڪري ڊيوٽيءَ تي لڳايو ويندو آهي. اڃا به ضرورت هوندي آهي ته سنڌ مان به عملو گهرايو ويندو آهي. انهيءَ ڪم جو خاص انچارج تعلقي مختيارڪار هوندو آهي، جو عملي کي حدون مقرر ڪري ڏيندو آهي، جتي سڀڪو وڃي پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪندو آهي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ پٽيلن جي مدد سان مزورن جون ٽوليون ٺاهي ڦڪا ناس ڪبا آهن. هر هڪ ٽولي ۾ پندرهن – ويهه مزور هوندا آهن. جي ڪَهِه واري هنڌ وڃي ڪلم ڪندا آهن. ڪَهِه جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي هڪ پاسي موزون هنڌ تي پندرهن – ويهه فوٽ ڊگهي چَري (کاهي) چار – پنج فوٽ اونهي کڻندا آهن، جا ويڪر ۾ ٻه فوٽ کن هوندي آهي، جيئن ڦڪا ٽپڪي سان سامهون وڇي نه سگهن. پوءِ چوڌاري مزور وڻن جون ٽاريون ڪپي انهن سان ڇُڇِڪندا ايندا. اهڙيءَ طرح هڪليندا گول دائرو سوڙهو ڪندا سڀني کي ڪاهي اچي چَريءَ ۾ وجهندا. جڏهن چَريءَ کي ويجها گهاٽا اچي ٿيندا ۽ اندر ڪرڻ لڳند اهن تڏهن کڙکڙ پيئي پوندي آهي، ڄڻ ته وڏڦرو مينهنپيو وسي. اهڙيءَ طرح سڀ اندر وجهي مٿان واريءَ سان ڏٽي ڇڏيندا، جتي سڀ مريو وڃن. اهڙيءَ طرح روزانو سڀڪا ٽوپلي پندرهن – ويهه چريون ڀريندي آهي. هن نموني ديم کي لوڌڻ سان ڪي ڪي ڦڪا رهجيو وڃن، جي وري سُري سڀ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، انهن کي وري ٻئي ڏينهن مٿئين نموني ختم ڪري ڇڏبو آهي. يا وقتي جي ڪٿي وَهين جو ٽولو آيو ته اُهي ديم جي وڌاري وهندا ۽ چهنب سان ڦڪن کي ختم ڪندا ويندا. ڪجهه لائيندا ڍؤ ڪرڻ بعد ماريندا ويندا، تان جو اهو ڇلانگ ختم ڪري ڇوءِ اُڏامي ويندا. وَهيا ڦڪن جا دشمن آهن. هرهڪ مزور کي مناسب اُجرت ملندي آهي. اهي ٽوليون ڦڪن جي انداز موجب هڪ، ٻه چار يا وڌيڪ هونديون آهن، جي سڀ ڪنهن نه ڪنهن پرائمري ماستر جي نظر هيٺ ڪم ڪنديون آهن جو باقاعدي انهن جو مسٽررول (حاضريءَ جو ڪتاب) رکندو آهي، جنهن جي آڌار تي هفتي به هفتي کين مزدوري ملندي آهي، جا اُتي ئي پيمنٽ ڪندڙ آفيسر اچي ڏيئي ويندو آهي. اهو ڪم ايستائين چالو رهندو آهي جيستائين ڦَڪا اُڏامڻ جهڙا ٿين. گهڻو ڪري ناس ٿي ويندا آهن، پر جي ڪي ٿورا رهيا ۽ پوئين کل لاهي اڏامي ويا ته پوءِ انهن کي ناس ڪرڻ مشڪل آهي. ڦڪن مارڻ لاءِ هڪ قسم جي ٻُوري جهڙي اڇي رنگ جي دوا به استعمال ڪندا آهن. اها دوا چئوڻي واريءَ سان ملائي پوءِ ڦڪن وارن هنڌن تي ڇنڊيدا آهن، ڪلاڪ بعد مريو وڃن. ائين ڪرڻ سان ڦڪا مرندا ته آهن پر بلڪل ٿوري انداز ۾، دوا جو خرچ ۽ تڪيلف گهڻي آهي. ازانسواءِ گاهه تي پڻ اثر ٿئي ٿو جو مال لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي. انهيءَ کان چريءَ (کاهي) وارو رستو وڌيڪ مناسب، ٿور خرچائو، گهٽ تڪيلف سان، اثرائتو ۽ ڪمائندو آهي. جڏهن اڏامندڙ مڪڙ ايندا آهن تڏهن ويچارا ٿري ڏاڍو تڪيلف ۾ اچي ويندا آهن، ڇو جو پڪل پوکونکائي ويندا اٿن. پري کان مڪڙن جاڪٽڪ پيا ايندا ته دونهي وانگر ڪاري ڪڪر جي شڪل ۾ ڏيکاءُ ايندا آهن. انهيءَ کي ٿري ماڻهو ”مِهَري“ چون. جڏهين مِهري ڏسندا ته يڪدم ڏاٽا کڻي ٻنهيءَ ۾ ڪاهي ايندا، پڪل ۽ اڌ پڪل سنگَ لُڻي ڍڳ ڪندا، ۽ جي مڪڙ مٿان اچي ڪڙڪيا ته ٻه ٻه ڄڻا وڏيون رسيون کڻي، هڪڙو ڄڻو هڪڙي ڇيڙي کان، ٻيو ڄڻو ٻئي ڇيڙي کان جهلي ٻنهيءَ ۾ ڊوڙون پائيندا، جيئن اها رسي سنگن جي مٿان گسندي وڃي ته ويٺل مڪڙ اُڏامي وڃن. دونهيون ڪندا، خالي گاسليٽ وارا ٽين وڄائيندا، مطلب ته ڪئين ڦَسِرا (اَٺسٺا) ڪندا اهن، پر انهيءَ آفت کان بچڻ ناممڪن ٿيو پوي. ٻنين ڇُٽڻ تائين مهينو ڏيڍ کن مڪڙ آباديون ۽ جهنگ کائي متارا ٿيندا آهن، ۽ ٿورا ٿورا سيءُ به پوندا آهن. مڪر به چوڌاري ملڪ ۾ پيا لامارا هڻندا آهن، مڪڙ ڏينهن جو ڏهين بجي ڌاري اُڏامڻ شروع ڪندا، جتي رات پئي، اتي لهي پوندا. ساري رات پيا جهنگ ۾ وڻ ٻوٽا ۽ گاهه وغيره ناس ڪندا. ٿري به تاڙيو ويٺا هوندا آهن، منجهند جو ڪٿان دونهي جهڙو ڪڪر ڏسڻ ۾ آيو ته نظر اوڏانهن هوندن. هڪ ٻئي کي خبرون ڏيندا ته جاچ ڪريو مڪڙ ته ڪونه اهن. مڪڙن جون مِهريون يڪدم سهي ڪيو وٺن. جي مڪڙ هوندا ته پوءِ پيا جاچندا ته ڪيڏانهن رخ اٿن ۽ پاڻ به جهلڻ لاءِ سيو ڪندا. مسلمان، ميگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي ٽولا ٺاهي وهٽن تي چڙهي کاهيون ۽ ڳوڻيون کڻي مِهريءَ جي رخ ڏي روانا ٿيندا. ڳوٺ کان 2، 4، 5 ميل يا وڌيڪ پنڌ، مطلب ته ڪٿي به لٿا ته ڪاهي وڃي پهچندا. پوءِ ٻه ڄڻا ڪپڙي جي جهال جهلي وڻ هيٺ بيهندا ۽ هڪ ڄڻو وڻ ۾ آنڪوڙو وجهي وٺي ڌَنڌوڻ ڏيندو ته مڪڙ ڇڻي جهال ۾ پوندا. جهال ڀري ڪنهن ٻوري يا ڳوڻ ۾ وجهندا ويندا. اهڙيءَ طرح ساري رات ۾ جيترا به جهلي سگهدنا آهن، اوترا جهلي سڀ ڳوڻيون ڀري وهٽن تي وجهي صبح جو گهر کڻي ايندا. پوءِ عورتون ۽ ٻار گڏجي انهن سان ديڳيون ۽ ڪُنا ڀري ڪجهه پاڻي ۾ لوڻ وجهي باهه تي چاڙهيندا. ٻاڦجڻ بعد لاهي اڱڻ تي پٿاريندا ويندا. اهڙيءَ طرح شام تائين سڀ ٻاڦي وٺندا آهن، پوءِ ٻه – ٽي ڏينهن سُڪائي گڏ ڪري وڏن ٿانون ۾ يا اڃا به گهڻا هوندا ته ننڍيون ڪرهيون ٺاهي اُنهن ۾، يا ڳوڻين ۾ وجهي رکي ڇڏيندا. لوڻ جي ڪري مهينو – ٻه بلڪ وڌيڪ وقت پيا هوندا ته ڪِنا اصل ڪونه ٿيندا. پوءِ روزانو ضرورت اهي دانگي يا ڪُني ۾ اوهي سيڪي (ڀڃي) کنڀ ۽ اندريون گاهه کاڌل ڦوڳ ڪڍي باقي حصا کائيندا آهن. متارا مڪڙ سڻڀا هوندا آهن، جنهنڪري کائڻ ۾ ڏاڍا لذيذ هوندا آهن. ازانسواءِ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا جيت ٿيندا آهن. برساتي جيت ٿر ۾ برسات پوڻ مان اڳ ۾ ڪي پکي يا ڪي اُڏامندڙ جيت يا سُرڻا نالي ماتر ڏسبا آهن، نه ته خير ئي خير. ڇو ته بنا پاڻيءَ جي پکي به اُڃ مَرن، تنهنڪري اهي علائقو ڇڏيو وڃن. ننڍا جيت، پتنگ ۽ ٻيا پرندا به ختم ٿيو وڃن. جڏهن برسات پوي، تلاءُ ڀرجن، گاهه اُڀرن، وڻن ۾ ٻور ۽ گل ٿين، ان مهل پي پري جا پکي ڪَهي اچن ۽ ڪيترن ئي قسمن جا جيت، ڪي اڏامندڙ، ڪي زمين تي سُرندڙ، الاجي ڪٿان اچيو ظاهر ٿين. انهن جا ايترا ته قسم آهن، جن جو شڪار ئي ڪونهي، ۽ جن کي ڏسي حيراني ويٺيو وڃي ته اهي آيا ڪٿان ۽ پيدا ڪئين ٿيا! جيئن جيئن سرءُ ويجهو ايندو ويندو ۽ گاهه سُڪڻ جو سعيو ڪندو، تيئن انهن ۾ به ڇڊاڻ پوندي ويندي ۽ ٿورا ٿيندا ويندا. تان جو سياري شروع ٿيڻ تي گهڻي ڀاڱي ختم ٿيو وڃن. ڪيترا پکي به وڃي ٻيو ملڪ وسائين، وري به جڏهن وسڪارو اچي تڏهن ساڳيو چهچٽو لڳو وڃي. باب پندرهون تندرستي ٿري سٻاجها، جن جو سادو کاڌو، سادي پوشاڪ، کُليل هوا، سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهن، جنهنڪري قدرتي ڪسرت، نج گيهه، نج کير، هٿ سان پيٺل اٽو، ٻاجهريءَ جي ماني ۽ لسيءَ جي لپ، گهرجون گهٽ، جنهن ڪري ڳڻتي گهٽ يا ماڳهين نه، تنهنڪري بيماري ويجهو ئي ڪانه اچي. ٿرين ۾ صفائي سٺائي ۽ ٺاهه ٺوهه جوخيال گهٽ آهي. عام ماڻهو سَنان (غسل) به اڪثر ڪڏهن ڪڏهن ڪن. تندرستيءَ جا نيم سمجهه جي ڪري نه، ته به سادگيءَ جي ڪري پاڻيهي پيا قدرتي طرح پورا ٿين، جنهنڪري بيماري گهٽ، بدن سگهارو ۽ مضبوط، تڪيلفن سهڻ جا بهادر ۽ انهن تي هريل. تتيءَ ٿڌيءَ جو خيال ڪونه ڪن، گرميءَ سرديءَ جي پرواهه ئي ڪونه رکن. پيدل پنڌ جا ڏاڍا، ٻارهن ڪلاڪن ۾ سٺ ميل يڪ ساهي به ڪيو وڃن. منجهن بيمار ۽ روڳي ڪو ورلي ڏسبو. عورتون به مردن جهڙيون نرويون، هر ڪم ۾ مدن جون مددگار، لُچاين ۽ حرفتن مان ڪونه ڄاڻن. ٿر جو ملڪ جتي سياري جو سيءَ ساڙي، نه پورو لڱن تي لٽو ۽ نه مٿي ۽ پيرن جو بچاءُءٌ، اونهاري جو وري لُوءَ بدن لُوساٽي. تيز هوا سان گڏ واري اکيون ۽ سارو بَدن لَٽيو ڇڏي. گرمي وري اهڙي، جو بدن جو رنگ ئي ڪارو ٿيو وڃي ڏيو گذر، ڪُمهلو کاڌو، رهائش لاءِ اڻپورو اَجهو، تنهن هوندي به ماڻهن ۾ نٻلائي ۽ نستائي، بيماري ۽ ضعيفي، سستي ۽ بي همتي گهٽ. زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، ننڍو وڏو سڀڪو چُست ۽ جانٺو، ڪم جو بهادر. ڏينهن جو اُس ۾ سخت پورهيو ۽ مال سان مٿاڪُٽ، آڌيءَ جو اچن، اُسر جون وڃن. مال جي اُڊڪي وچان پوري ننڊ به نصيب ڪانه ٿئين، ته به تندرستي سالم ۽ بدن سٻر، انهيءَ جو سبب سڀڪنهن قسم جي سادگي آهي. کليل هوا ۾ سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهن. جنهنڪري قدرتي ڪسرت ٿئي. سادي کاڌي جي ڪري هاضمو سُٺو. رات جو ميڻ، ٻِلارو، ونجهوتي، ڪٻڊي، مَلهه وغيره مقامي راندين جي ڪري وندر، جنهنڪري تندرستي سُڍي رهي. جهڙي تهڙي بيماريءَ کي ليکين ئي ڪونه، هلندي پاڻيهي ڇڏيو وڃي. چوندا آهن ته ادا، اسان تي ڌڻيءَ جا هٿ آهن. کاڌو ٿر جي مکيه پيدائش ٻاجهري آهي، جنهن تي سڀني جي جياپي جو مدار آهي. شهرن ۾ شاهوڪار، واپاري، ڪامورا ۽ ٻهراڙين ۾ ڪي پُڄنديءَ وارا رئيس پٽيل، وڏيرا، زميندار ۽ ٺڪر وغيره ڪڻڪ ۽ چانور به ڪم آڻين، جي ناري ۽ سنڌ مان اچن. باقي غريب طبقي جو گذر ٻيئي ويلا ٻاجهريءَ جون مانيون، اڃا به اناج جي اڻاٺ جي سمي هڪ ويلو رَٻَ ڪن ته ڪي ٻيئي ويلا به ڪن. ڪُني ۾ پاڻي وجهي اُن ۾ ٻاجهريءَ جو ڌارو وجهي ڪاڙهين ته پٽڙي پيڄي ٿيو پوي، ان کي رَٻ چون. ويچارا غريب اها به غنيمت سمجهن ۽ ان کي ”رٻ ڀٽاري“ چون. چوندا آهن ته ”پرائي مانيءَ کان پنهنجن ڪکن جي رٻ به ڀلي!“ ڪيترا ويچارا اهڙا به آهن، جن کي بعضي ٻه ٽي ويلا به لنگهيو وڃن ته به مُنهن ۾ سَرها سنوار، مجال آهي جو ٻِڙڪ به ٻاهر ڪڍن، ڇو ته تڪليفن جا هميشه هيراڪ آهن. ڏڪار جو ڊپ هميشه بيٺو آهي. ٿرين ۽ ڏڪار ورهايو ئي ڪينهي، ڇو ته چوٿين پنجين سال ڏڪار پوندو آهي. تنهنڪري سُڪار ۾ اَن گڏ ڪري رکن ۽ پڻ ڪفايت سان واپرائين. صبح جو ٻاجهريءَ جي ماني لسيءَ جي لَپ سان کائي ڪم تي وڃن. شام جو به ٻاجهريءَ جي ماني ۽ ڪڏهن ڪڏهن وسڪاري جو سُڪائي رکيل چڀڙ، لاچرن، گوار جي سُڪل ڦرين، سُڪل ميهن وغيره جي ڀاڄي يا جهَڻ مان ٺاهيل راٻڙيو (کاٽيو) نه ته ڪڙهيل جهڻ، سڀني وٽ پنهنجي جهَڻ ڪٿان آئي، ٻئي گهر مان وٺي ايندا، انهيءَ کي عيب ڪونه سمجهن. جهَڻ ۾ ڪا اهڙي خاصيت آهي، جو اُڃ جي خشڪي نه ٿيندي آهي. خاص ڪري ڌنار، جي سڄو ڏينهن مال سان پهرن ۽ جهنگ ۾ رهن، تن لاءِ سهوليت ٿيو پوي ۽ بل گهٽ لڳي. ”اَن آهي ته ايمان آهي،“ انکان سواءِ ايمان به ڪونهي، پر جن ويچارن کي اَن جي پُڄت گهٽ آهي تن کي لسي وڏي اُٻيل ڏئي ٿي. جنهن گهر ۾ ڌيڻو نه آهي اتي برڪت ئي نه آهي ”لُکو ڌان کاءٌ ٿه ڪونهي“. کاڌي جو سوڌارڻ ئي ڪونه ٿيندو ۽ هٻڇ گهڻي ٿيندي. ملڪ جي حالتن جي ڪري بک جا به ڏاڍا آهن. لسي صبح جو ٿڌي، وڻندڙ، لذيذ ۽ مٺي هوندي آهي. شام ڌاري خاص ڪري اونهاري جو کٽي ٿي ويندي آهي، تنهنڪري ڪي ماڻهو ٿورا لوڻ جا ڪِرڪا وجهي ڇڏين. پر گهڻا ماڻهو، جن وٽ ڪجهه سرس هوندي آهي، سي باهه تي ٿورو ڪاڙهي ڪلاڪ کن رکن ته ڇڊو پاڻي تري مٿان ايندو، جنهن کي ”پَنک“ چون، سو لاهي هاري ڇڏين، يا مال کي پيارين ۽ ڪي ته پاڻ به پيئو ڇڏين، باقي تري واري گهاٽي جهڻ بچندي آهي، جا لذيذ ۽ وڻندڙ ٿيندي آهي. تنهن کي ”ڪڙهيل جهڻ“ چون. ”پاهِي پاکِي پَٽِڙِي، پرين سان پِيئان.“ (پاهي = باهه تي سيڪ ڏنل يعني ڪڙهيل جهَڻ. پاکِي = ڪاڙهڻ بعد مٿان تري آيل پٽڙو پاڻي، جنهن کي پَنکَ چون.) ڪڙهيل جهڻ ۾ کير ملائين، جنهن کي ”ڦيڏِرو“ يا ”ٻَڙِهيڪو“ چون. ڪي وري ٿانءُ ۾ لسي وجهي مٿان ٻڪري انهيءَ ٿانءَ ۾ ڏُهن ته ان ۾ ڪافي ”ٻَٿِڙيڪا“ به ٿيو پون، اهو وڌيڪ ذائقي وارو ٿئي. ڪي ماڻهو صبح جو تازي لَسي ننڍن ڇيلن ۽ گابن کي پيارين. پهريائين وات ڦاڙي ناريليءَ سان وات ۾ وجهندا آهن، ائين پنجن – ستن ڏينهن بعد ڦَر هِريو وڃن، پوءِ ڪونڊيءَ ۾ وجهي رکن ته ازخود پي ويندا آهن. گهڻي لسيءَ جي حالت ۾ ڪي ڍڳين کي به پياريندا آهن. ”وايون ولوڙڻ جون، ساريان گهڻيون صبح.“ -(شاهه) صبح جو سويرو ولوڻو ٿيندو. پاڙي ۾ جن وٽ ڏيڻو نه هوندو آهي، تنهن گهرن جون ڇوڪريون لوٽڪيون کڻي اينديون. سڀني کي ورڇ سارو هڪ، ٻه ٽي ناريليون ڏبيون. ڪُني ۾ هر وقت پيئي هوندي آهي. صبح جو ننڍا ٻار ڌونرو ۽ مکڻ به لائين. رتوڪي بچيل ٻاجهريءَ جي ٿڌي ماني ڌونري ۽ مکڻ سان واهه جو مزو ڏيندي آهي. ڪي وري اها ٿڌي ماني ٽانڊن تي سيڪي پوءِ کائين. راتوڪي بچيل رَٻ وري صبح جو لسي وجهي کائڻ سان ڏاڍي لذيذ لڳندي آهي. ڪي ماڻهو رٻ کي ٿورو سَهيرو سيڪ ڏين ته گهاٽي ٿيو پوي، ان کي ”گِسَ“ چون، اهو وري رٻ جو مٿانهون درجو آهي. تازي گِسَ ۾ لَسي ۽ پاروٿيءَ ۾ ڌونرو وجهي کائبو آهي. ڪي غريب ماڻهو، جن وٽ ڀاڄيءَ جي پُڄت يا لَسي نه هوندي آهي ته وٽيءَ ۾ ڪُٽيل ڳاڙها مرچ ۽ ذرو لوڻ ملائي ٿوري لسي، جي نه هجي ته پاڻي گڏي، باهه جي ڪِر تي ڪوسي، اُن هن کي چٽڻي چون، ان سان ماني کائين، يا بصر جي ڳنڍ يا ڳڙ ذرو هوندو ته ان سان کائي وقت ٽپايو ڇڏين. رات جو کير پيئڻ جو رواج ڪونهي. ڀاوين وٽ کير جا دلا ڀريا پيا هوندا، پر کائين ڪونه. البت شهري ماڻهن ۾ ٿورو رواج آهي. مکڻ گڏ ڪري پگهاري اُن ٻاجهريءَ جو ڏارو وجهي وِسنان ٺاهي کائين، ۽ گيهه جدا ڪري رکن. برهمڻن ۽ مهيشورين کان سواءِ ٻيا سڀ هندو، مسلمان ۽ اڇوت گوشت کائين. شهرن ۾ ڪاسائي آهي، جتي روز گوشت جو وڪرو ٿيندو آهي، مگر ٻهراڙين ۾ ڪونه آهن، اتي گوشت ڪڏهن ڀاڳن سان ملي. اڳي ٿر ۾ هرڻ عام جام هئا. جنهن جو شڪار ڪندا هئا، پر هاڻي هرڻ ريگستان ۾ بلڪل ٿورا آهن، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻاڪرو ۽ جزوي حالتن ۾ ريڍو گوشت ڪم آڻين. ڪنهن مال کي اوچتو ڌڪ لڳي ويو، يا گهڻي کائڻ ڪري آڦري ٿي پيئي يا ٻئي ڪنهن اهڙي سبب جي ڪري ڏسندا ته بچڻ جي اُميد ڪانهي ته تڪبير وجهندا، يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڇيلو خريد ڪري ڪُهي پَتيون وجهندا، جو ضرورتمند کڻي ويندا. گوشت، کل، سِسي، جيرانڊي، اوجهري وغيره اهڙيءَ طرح وڪڻندا جيئن نقصان نه پوي، پر ڪجهه نفعو ٿئي. ٻن چئن ڏينهن بعد پئسا اُڳاڙي وٺندا، اُن کي ”ماهودي“ چون. شهرن ۾ موسمن آهر سدائين ائي ڀاڄي، پالڪ، ٿوريون، موريون، گوٻيون، ٽماٽا، واڱڻ، پٽاٽا، گجر وغيره پيا اچن، ۽ ماڻهو واڙيون به ڪن. ٻهراڙيءَ ۾ وسڪاري جو گوار، چونرن جون ڦريون، ميها، ڇانهيا، چڀڙ ۽ پِپون ٿين، جن جي ڀاڄي ڪن، باقي سنڌ واري سائي ڀاڄي اکين ڪونه ڏسن. وسڪاري جو مٿيون شيون سُڪائي رکن، سياري اونهاري انهن جي ڀاڄي ڪن. ٻنين ۾ ڪارينگ ۽ چَڀڙيون ٿين. ڇانهن کي ڀڃي ٻه اڌ ڪن، هرهڪ کي کڦ يا کُڦري چون. جنهنڪري اناج ٿورو وڻي. چوندا آهن ته وسڪاري جو مانيءَ جي وڻت ئي ڪانه ٿئي. گدرين جون چيهاٽون ڪري سڪائين، جن کي ”لاچِريون“ يا ”ڪاچريون“ چون، ۽ وڏا مُٺ جيڏا چڀڙ (مُٺ ڪوٽِينٻڙ) ٻوٽِي سڪائين، جن کي ”لاچرا“ چون. انهن جي سياري اونهاري ڀاڄي ڪن ۽ وڏا ماڻهو توڙي ٻار سڪل به کائين. ٻنين ڇٽڻ وقت ڪارينگن کي گڏ ڪري ڦيهي، انهن جو پاڻي جدا ٿانءُ ۾ گڏ ڪندا اهن، ۽ ڪُريون (ٻج) جدا واريءَ تي گڏ ڪبيون آهن. ڇانهن جو پاڻي اوني لوئيءَ ۾ ڇاڻي صفا ڪري مِٽيءَ جي ڪُني يا ديڳڙي ۾ وجهي چُلهه تي چاڙهي ڪاڙهيندا ويندا، تان جو گهاتو ٿي پوندو، ان کي ”ڇانهين جو ڳڙ“ چوندا آهن. اهو ماکيءَ جهڙو پٽڙو بيهندو آهي، جو مانيءَ سان کائيندا آهن. ڪُرين جو پاڻيءَ واري چُهي ويندي آهي. پوءِ اهي سُڪائي اُکريءَ ۾ وجهي هلڪن ڌڪن سان ڇڙي صفا ڪري رکي ڇڏين. ضرورت وقت لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳاري اُن ۾ ڪُريون وجهي گڏي سڪائي رکن. ڪي ماڻهو انهن ۾ ڪُٽيل ڳارها مرچ به گڏيندا آهن. سڪڻ بعد دانگيءَ تي سيڪبو ته ڀُڃجي پونديون. جي لاهي ٺاري کائيندا آهن. سواد ۾ ڦَرڪيون (لذيذ) هئڻ ڪري وڻندڙ ٿينديون آهن. ڪي ماڻهو انهن سان ٿورا ڀڳڙا ملائي به کائيندا آهن. سڪل ڪُرين کي اُکريءَ ۾ وجهي ڪُٽي سنهو ڪري ڇاڻبو ته اندريون ڳڀ (اٽو) جدا ٿيندو ۽ مٿئين سخت کل جا ذرڙا اَٽاڻي (ڇاڻڻي) ۾ رهجي ويندا جي جدا گڏ ڪجن، انهن کي ”ڪَڏا“ چئبو آهي. اهي ڪڏا ٻاجهريءَ جي اَٽي سان ملائي ماني پچائبي آهي جا ذائقري واري ٿيندي آهي، ۽ اَٽو، چانورن يا ٻاجهريءَ جي ڀَت ۾ وجهبو آهي ته کيرڻي ٿي پوندي آهي. ڪي ماڻهو وري اَٽو سنهي ڪپڙي ۾ وجهي پاڻيءَ ۾ پسائي نپوڙي کير جهڙو نڪتل پاڻي ڀتَ ۾ وجهندا آهن ۽ ڦوڳ (ڪَڏا) مانيءَ ۾ وجهندا آهن. تازو ويامل ڳئون يا ٻڪريءَ جو ”پِسَ“ ڏهي، ان ۾ بعضي ٿورو مٺاڻ (کنڊ يا ڳڙ) وجهي باهه تي رکن ته سخت ٿيو پوي، جنهن کي ”ٺيڪِلو“ چون. اهو ننڍا وڏا خوشيءَ سان لائين ۽ ٽڪر ٽڪر ڪري مٿن مائٽن، عزيزن ۽ پاڙي جي ويجهن گهرن ۾ ورهائي ڏين. جي ڪو گهر رهجي ويو ته ميار ڏيندا: “واه! ڍوي ويائي پر ٺيڪلي جو ٽڪر به ڪونه چڱايئه!“ ٻئي ڏينهن وري کير ڏُهي باهه تي رکن ته اهڙو سخت ڪونه ڄمي، پڇر ڪجهه ٻَٿڙيڪا ۽ ڪجهه نرم ٿيو پوي، ان کي ”پَڙهِي“ چون. ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾ ٻڪريون ويامن. ڌنار وٽ ٿانءُ نه هجي ته اَڪن جا پن (پُڙا) پٽِ ٻنهي پاسن کان ڪجهه وَرَ وجهي موڙي، ٻائوريءَ جون سُورون (ڊگها ڪنڊآ) ٽُنبي پيالي وانگر ٺاهي ان ۾ پِسُ ڏهي باهه تي رکن ته ٺيڪلو تيار ٿي پوي. ماڻهن جو ڏٿ تي گهڻو گذران، جو ٿر ۾ جام ٿئي، جو نه رڳو پاڻ کائين پر اُن مان اُپراسو به ٿئي، اُن جو بيان جدا ڏجي ٿو. ڏُٿَ ٿر ۾ شهر ۽ وڏا ڳوٺ ٿورا اهن، جتي جا ڪي ماڻهو پنهنجيءَ وارا آهن، پر تمام گهڻو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو، جتي ڀاڳيا آهن، پر اڱرين تي ڳڻڻ جيترا، باقي سڀيئي غريب مارو لوڪ آهن. جيڪي ڀاڳيا آهن ته به انهن جو گذر غريبن جهڙو. ٿر جي آبادي ٿئي برسات تي، سا به ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي. آبادي فقط ٻاجهري ٿئي. شاهوڪار ماڻهو ڪڻڪ ۽ چانور به کائين. ٻهراڙين ۾ اهي اَن عام ڪونه آهن، اُتي ڪڏهن وار پَرٻَ اوکيدائو ڪونه لڀن. فقط ڪي ڀاڳو يا شهرن مان يا سنڌ مان چانور ۽ ڪڻڪ آڻي رکندا آهن، جو پاڻ به لائين ۽ ڪڏهن مزمان آئي يا وڏي ڏينهن تي ڪم اچي، باقي جو گذر ٻاجهريءَ تي. جيڪڏهن ڪنهن سال مينهن گهٽ پيو يا اصل نه پيو ته غريب عوام تڪليف ۾ اچيو وڃي. پوک ۽ مال کان سواءِ ٻيو ڪو گذر جو وسيلو ڪونهي. برسات جي نه پوڻ ڪري پوک ڪانه ٿئي ۽ مال به بک وگهي مريو وڃي. عوام بک ۾ اهڙو پاهه ٿيندو آهي. ”ڌندين ڪَڻين ويرَ“ ۽ پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳندو آهي. اهڙي وقت جنسي رت جي بانس پيئي ايندي آهي. زندگيءَ جي ضرورت جون ٻيون گهرجون گهٽائي سگهجن ٿيون، پر پيٽ پاپي ته ڪنهن کي ڪونه ڇڏي، ٻه چار ويلا ته لنگهائي سگهجن، پر سڄو سال ڪيئن گذري! هونئن به هر تئين يا چوٿين سال ڏڪار بيٺوئي آهي. ماڻهو به ضرور اُن کي منهن ڏين، تنهنڪري ڪيترا ويچارا ڏٿ تي گذران ڪندا آهن، جو ڪافي اُٻيل ڏيندو آهي. ڪيترا غريب ته ڏينهن جا ڏينهن اَن جو منهن ڪونه ڏسن ۽ ڏٿ تي گذارو ڪن. چوندا آهن ته ڏُٿ آهي ”اَڌِهِي جو اَميهير“ جنهنڪري اَنَ جو اوو اچيو وڃي. ٿوري اَن سان ڏُٿ ملائي وقت ڪاٽيندا آهن، اهڙيءَ طرح سال پورو ٿيو وڃي. وسڪاري جو ازخود ڪي اهڙا جهنگلي گاهه اُڀرندا آهن، جن جو ٻج ڪڍي اهو ڪتب آڻبو آهي، جنهن کي جهنگلي اَن يا ڏُٿ چئبو آهي. سال جي جدا جدا مُندن ۾ جد اجدا قسمن جا ميوا ۽ ڀاڄيون ٿينديون آهن، جي ڏٿ ڪري ليکبيون آهن ڏٿ تي گذارو ڪندڙن کي ”ڏوٿي“ چئبو آهي. ڏٿ جهنگ جي قدرتي آهي، جنهن تي پائي پئسو خرچ ڪونهي. ”نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾.“ ڏٿ هٿ ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. ڏٿ لفظ ۾ جي شيون اچي وڃن ٿيون، انهن جو ذڪر اسان اڳ باب ٽئين چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ۾ ڏيئي آيا آهيون. پر معلومات جي مدنظر قدرت جي انهن ڪرشمن جا نالا سڄڻن جي سهوليت خاطر هت هيٺ ڏيون ٿا. ڀرٽ، ميها، چڀڙ، کنڀيون، پپون، مريڙو، للر، مگرو، مرٽ، لاڻي، گول، ڪونڊير، ڦڙسير، سوئيو، ٽوهه، کِهَه، مانڌاڻو، مکڻي، سانئون، لنب، کاٽونبا، ٻَروُ، ڪِرنگهه، ڳاڱا، ٻير، آراڙي، پُسي، ڏونرا، پَڪا، سِکر، پيرون، اهو آهي جهنگلي ڏٿ، جو ائين ئي بيٺو آهي، جنهن تي ڪنهن جي به مالڪي ڪانهي، جنهن جي مرضي پوي سو چونڊي کنيو اچي. ”ڏُٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سَرتين ساڳ.“ عورتون ۽ ڇوڪريون مردن سان گڏ، بعضي پڻ ۾ ٽولا ٺاهي جهنگ مان چونڊي اينديون. ”پَڪا پيرون چونڊين، نياڻيون نماڻيون.“ پڪا ۽ پيرون چونڊڻ تي خاص ڪري جوان ڇوڪريون حرص سان وڃي چونڊي اينديون آهن. ”مَٿَن ٽُٻَڪَ ٽُٻڪِڙا، چڪندڙا اَچَن، کُڙيون کِهَه ڀِڪِليون، پَگهرَ سِر پيرَنَ، اِي وَرَ ويڙهِيچن، مون لوڏان ئِي لکَيا.“ اهو ڏٿ عورتون کارَن ۾ ۽ ڇوڪرين ٽُٻڪن (ننڍن ڱکارن) ۾ وجهي مٿي تي کڻي اينديون آهن. بعضي پيرون ۽ پڪا ڦِسي پوندا آهن ته پاڻي تري مان ٽِمي مٿي ۽ منهن تي ڦڙا ڦڙا ٿي پوندو آهي، ۽ ڪي ٽِيٻڪا (ڦڙا) بدن ۽ پيرن تي به ڪرندا آهن. پنڌ ڪندي بار جي ڪري پگهر به ٿيندو آهي. هلڻ ڪري دز اُڏامندي آهي، جا پيرن تي ڄمي پوندي آهي، جنهنڪري پيرن جون گُڙيون دز سان ڀرجي (کهه ڀڪليون) پونديون آهن. واهوندو سياري جو اتر جي هوا لڳندي آهي. سيارو لهي ته مارچ – اپريل ڌاري اولهه جي هوا لڳي جنهن کي واهوندو چئبو آهي ۽ بهار جي موسم شروع ٿئي. واهوندو اڳتي مئي – جوپن ۽ گرميءَ جي ڪري سخت لُڪن جي صورت اختيارڪندو آهي، وري جولاءِ آگسٽ ۾ برسات پوڻ ڪي ٿڌي هوا جي شڪل ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ سيپٽمبر – آڪٽوبر تائين لڳندو آهي. نومبر ڌاري سياري جي شروعات ۾ بند ٿيندو آهي ۽ اُتر جو واءُ لڳندو آهي. سنڌ ۾ بهار جي موسم ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻندڙ ۽ خوشبودار گل ۽ ميوا ٿين ٿا. ٿر ۾ جيتوڻيڪ اهي نعمتون ڪونه آهن ته به جهنگلي گل ڦل ۽ ميوا ٿين ٿا، ٿرين لاءِ اهي به نعمت آهن. ٿري ان کي ”وڻ ڦوٽ“ جي موسم چوندا آهن، ڇو ته واهوندن ورڻ سان وڻ ڦٽندا آهن. ”ميوا مڃر ماکيون، سڀڪا چکن چس.“ ان وقت جهنگلي گل ڦل، ميوا ۽ ڏٿ جام ٿيندو آهي، جنهنڪري جهنگ ۾ ماکي ٿيندي آهي، جا ماڻهو لاهيو کڻيو اچن ۽ ان جو به چشڪو وٺن. ڏيپلي ڏي پُراڻ جي پاسي، ڏاکڻي ٿر، وَٽَ، سامروٽي، مهراڻي ۽ پارڪر ۾ خاص ڪري ڪارونهر ٽڪريءَ ۾ ماکي جام ٿيندي آهي. ڪولهين کي ماکي ڳولي لهڻ ۽ ڇاڻن جي خاص اٽڪل آهي، روزانو ڪافي ماکي ڇاڻي شهرن ۾ آڻي وڪرو ڪندا آهن. ”پنوهارن پارٻوهيو، وريا واهوندا، ساريم سيڻ سيد چئي، گاڏيليون ۽ گُندا، ڀٽن ڀر هوندا، ڀنگا ڀر ڀتيار جا.“ جهنگ ۾ مال چرندو ۽ ايندو ويندو آهي ته گس ٿي پوندا آهن، جن کي ”گاڏييليون“ چوندا آهن. هن موسم ۾ ٻير جي قسم جو هڪ ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي به گاڏيلي چئبو آهي. ٿر ۾ ڪارن ڪڪرن کي”ڪوئلون“ چوندا آهن. هڪڙيون ڪوئلون اُڀرندي کان الهندي ڏي پيون وينديون ته چوندا ”ڪوئلون وريون آهن، اُٻ هلي ٿي.“ ساڳئي وقت ٻيون ڪوئلون اُلهندي کان اُڀرندي پيون وينديون تڏهن چوندا آهن ته ”ٻيئڙ“ هلي ٿي. اهي ڪوئلون هڪٻئي کي گڏجن، تنکي گاڏيليون چوندا آهن. گاڏيليون ڏسڻ ۾ آيون ته ڄڻ مينهن آيو. ٿر ۾ سائي رنگ جو هڪ قسم جو ميوو ٿيندو آهي. جو اڃا ڪچو هوندو آهي ته منجهانئس ککڙيون ڪڍي ان جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ سانڌاڻو به ڪبو آهي. هن کي گيدوڙو يا ليسوڙو چون ۽ ڪي گوندو به چون. ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ گيدوڙا جام ٿيندا آهن. هي شيءَ ٿرين لاءِ وڏي وٿ آهي. ننڍڙي گهيٽن ۽ ڇيلڙن جي سلامتيءَ لاءِ رات جو خيال ڪبو آهي. ڪي وڻن جي تارين مان ننڍڙا واڙوٽيا ٺاهيندا آهن جن کي بُڙٿال چئبو آهي ۽ ڪي وري زمين ۾ کڏ کوٽيندا اهن، جنهن جو منهن سوڙهو رکن ۽ هيٺان ويڪري ڪن، جنهن ۾ اٺ – ڏهه ڦر ماپي سگهن. رات جو ڦر انهيءَ ۾ وجهي مٿان ڍڪي ڇڏين، جنهن کي ”ڪوڏ“ يا گوندو“ چون. ٿر ۾ اَن رکڻ لاءِ مٽيءَ جون گول وڏيون ڪوٺيون ٺاهين، جنهن کي گُندي چون، ۽ چورس ۽ گول ننڍڙا ڪوٺِلا ٺاهين، جن کي گُندلا ۽ گوندا چون. سيءَ لهڻ تي واهوندو ورندو آهي ته واريءَ ۾ ڄَئوئا پيدا ٿيندا آهن. خاص ڪري مال جي ويهڪ واري هنڌ هيٺاهينءَ ۽ ڪنئري زمين ۾ ازخود اچي گڏ ٿيندا اهن. اهو سُڌ پُڌ ’مينهن وساڙي‘ جهڙو ٿيندو آهي. تفاوت فقط هي اهي جو مينهن وساڙو رنگ جو گلابي ڳاڙهسرو ٿيندو آهي ۽ ڄئوئو ميرانجهڙو ڪاسِرو ٿئي. اهو ماڻهن توڙي وهٽن کي چڪ هڻندو آهي، جنهنڪري هلڪي خارش ۽ ٿوري سوڄ ٿي پوندي آهي ۽ بعضي جي انهيءَ مند ۾ برسات پئجي وڃي ته پوءِ سنهي مک به ٿيندي آهي جا مال کي چڪ هڻندي آهي. انهيءَ کان بچاءُ لاءِ ٿري ماڻهو ڏهرن مان لڏي دڙن ۽ ڀٽن تي وائکا ٿي رهندا آهن، جتي رهڻ لاءِ ڀُنگا جوڙيندا آهن. ”پنوهارن پاٻوهيون، ڪَئي وَ واهوندن، لٿو سيءَ لطيف چئي، ٻَڌو ڦَڻ ڦَرن، اوءَ ٿا ورين ڪنئري، سرتيون مٿان سسن، عمر اُن اگوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن.“ (لطيف سائين) ڪي ماڻهو ننڍن ڦرن کي ٿورو کير ڌارائيندا آهن ۽ گهڻو ڏُهي وٺندا آهن، جنهنڪري ڦر ڪمزور ۽ نٻل ٿيندا آهن، جن کي ”چويَلَ ڦر“ چئبو آهي. ڪي وري ننڍن ڦرن کي جام کير ڌارائيندا آهن، جيئن آهي پُٺي ٻڌي ٿلها متارا ٿي وڏا ٿين. چَرها ٿيڻ بعد کير گهٽائبو آهي. مضبوط ٿيڻ بعد چئبو آهي ته هاڻي ڦڻ ٻڌو اٿن، يعني پيرن ۾ طاقت ٿي اهي ۽ هلڻ جهڙا ٿيا اهن، گهٽين ۽ رڍن جي اُن سياري جو لاهبي ته اُنهن کي سيءُ پوندو، تنهنڪري سياري لهڻ بعد واهوندن ورڻ تي اُن ڪتربي آهي. ننڍن گهٽين کي ”سِسوِنيا“ چون، جن جي اُن ڪنئري ٿيندي اهي ۽ وڏي اگهه سان وڪامندي اهي. انهيءَ مان ٺهيل ڪپڙو نرم ٿيندو آهي. عورتون اُن جا ٻُڙا ڪري گهر ۾ مڙسن جي ڀرسان ويهي ائٽ تي ڪتينديون آهن. انهيءَ وقت ڦوڳن ۾ ڦوڳيسي ۽ ٿورو پوءِ ڄارين ۾ پيرون، ڪنڊين ۾ سڱريون ۽ ڪرڙن ۾ پُسي ۽ ڏونرا ٿيندا آهن. برسات پوڻ تي پپون، کنڀيون، ميها، مريڙو، چڀڙ وغيره ٿيندا آهن. جن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. گوشت ٿر جي شهرن ۾ ڪاسائي آهن، جي روزانو ٻاڪرو گوشت بعضي ريڍو گوشت وڪرو ڪندا آهن. برهمڻ ۽ مهيشوري گوشت کي ويجهو به ڪونه وڃن. مسلمان توڙي سڀ هندو ذاتيون ۽ اڇوت گوست کائيندا اهن. ٻهراڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو پَهرو پائيندا آهن، تڏهن ضرورت وارا وٺن. ڪڏهن ڪڏهن پر تمام ڇڊو، سو به جتي خاص مسلمانن جي بستي هوندي آهي، اُتي شادي غمي ڳائو گوشت ڪن. سو به اها ڍڳي ڪُهندا جا نه ويهامنبدي آهي، جنهن کي ”پنڊر“ چون. پر اهڙا مثال ورلي ٿيندا آهن. هروڀرو ڪونه ڪن. ڇو ته اڪثر مسلمان شادي غميءَ تي هندن کي به دعوت ڏيندا اهن، جي به ايندا آهن، ان حالت ۾ ڳائو گوشت ڪونه ڪن، پر ٻاڪرو گوشت ڪن. هونءَ به هندو مسلمان سڀڪنهن هنڌ گڏ ويٺا آهن، تنهنڪري پاڙي جي ننگ جي ڪري به هڪٻئي جي جذبات جو گهڻو خيال رکن. هاڻي لاري سروس ٿيڻ ڪري مٺي، ڏيپلي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ سنڌ کان لوڻيل مڇي ۽ پلو به ايندو آهي. اها سهوليت رڳو انهن شهري ماڻهن کي آهي. شاديءَ وقت مسلمان، مينگهواڙ ۽ ڀيل بعضي پاڏي جو گوشت به ڪندا آهن. ويشنو هندو هندن مان فقط برهمڻ ۽ مهيشوري گوشت ڪونه کائين، باقي ٻيا سڀيئي هندو گوشت کائيندا آهن. شرمالي برهمڻ پنهنجي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ماني ڪونه کائين، بلڪه ماني ڪندي جي ٻئي مهيشوري يا پشڪرڻي برهمڻ جو هٿ لڳو ته اها ماني به ڪونه کائين. جيتوڻيڪ منجهانئن ڪي اهڙا به آهن، جن جي هٿ جي ماني ته بجاءِ پر کين ڏسڻ سان به ڪراهت اچي ته به منجهن ڇوت ڇات جو مرض ڏاڍو آهي. پشڪرڻا بهرمڻ، شرمالي برهمڻن ۽ مهيشورين جي ماني کائيندا آهن. مهيشوري برهمڻن جي ماني کائين، ٺَڪُر به برهمڻن ۽ مهيشورين مالهين ۽ سونارن جي ماني کائيندا آهن. اڳي برهمڻ ۽ مهيشوري اڇوتن سان هٿ ملائڻ به پاپ ۽ اڌرم سمجهندا هئا، هاڻي اهو رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي. پڙهيل ۽ سڌريل اڇوت خود وٽن ويجهو وڃڻ پسند ڪونه ڪندا آهن. برهمڻ ماني ٺاهڻ وقت گانءِ جي ڇيڻي جو ليپو پائي پوءِ ماني ٺاهين. جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ماني ٺاهڻي هوندي ته پٽڪو لاهي مٿي اگهاڙو ٿي پوءِ ماني ٺاهيندو ۽ ڪي سنان کان سواءِ ماني ڪونه لائين. مهيشوري عام طرح مسلمانن جي ماني ڪونه لائين، پر هاڻي چانهه ۽ پاڻي ڪي ڪي پيئن ٿا، بلڪه ڪي ته ماني به لائين ٿا. ٺَڪَر مسلمانن جي ماني کائيندا آهن. برهمڻ گهر ۾ ماني ٺاهي اها ٻاهر وٺي وڃي ٻئي هنڌ ڪونه لائين. مهيشوري ۽ ٻاگهر ۾ ٺاهيل ماني ٻئي هنڌ کڻي ويندا آهن ۽ اتي کائيندا اهن. مطلب ته هندن ۾ ڇوت ڇات ايتري ته گهڻي آهي جو اڄوڪي ائٽمي ۽ سائنسي دؤر جو تهذيب يافته ماڻهو محو حيرت آهي! ڏڪار ٿر جو ملڪ آهي برسات تي، ”وسي ته ٿر نه ته بر.“ جڏهن برسات پوي تڏهن اَن، گاهه ۽ پاڻي جام، ماڻهو ۽ مال سهنجا ۽ سرها، پر جي برسات نه پوي ته پوءِ ٿر جهڙو ويران ملڪ ٻيو ڪونهي. سدائين ٽئين چوپٿين سال ڏڪار پوندو آهي. برسات ڌاران وڻ ٽڻ سُڪيو وڃن، گاهه جو ته نالو ئي ڪونه ٿئي مال مريو وڃي. اڳئين سال جو اَن ڪن وٽ بچيل هجي سي اگهه هڪدم وڌائي ڇڏين. غريبن وٽ ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آيا؟ ڪهڙو پورهيو ڪن، جو پئسو پيدا ٿئي، جنهن سان مهانگو اَن خريد ڪري سگهن، جنهنڪري سندن پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳي. ”اَن اهي ته ايمان آهي.“ ڪي شاهوڪار ماڻهو ڪمائيءَ جي ارادي سان اَن گڏ ڪري رکندا آهن، سي اهو موقعو غنيمت سمجهي اگهه بلڪل مهانگو ڪري ڇڏيندا آهن. ماڻهو بک جي وگهي ڀلي مريو وڃن، پر هنن کي ڪهڪاءُ ڪونه اچي. هنن کي کپي پئسو، سو اهڙن ئي موقعن تي پيدا ٿئي. ”ڏڪاريا ڏيهه مان موذي سڀ مار، جن ميڙيو مهانگي لئه تن جي پرور ڪڍج پاڙ.“ بک بڇڙي آهي. ڏاهن کي به چريو ڪيو ڇڏي ۽ اشرف کي ڪمينو ٿي ڪري. ٿري ڏڪارن جا ماريل آهن ۽ کين خبر آهي ته برسات تي ڀروسو ڪونهي. ڏڪار اوچتو ايندو آهي تنهنڪري اڳ ۾ ئي ڪفايت سان هلندا آهن. ۽ ڪجهه اَنُ بچائي به رکندا آهن، جنهن جي سنهي رٻ رڌي پيئندا آهن ته چار ڏينهن ٺيڪ نڪري وڃن ۽ عاقبت سان رهجي اچي. پر سڀني وٽ ته اَن به ڪونه هوندو آهي تنهنڪري ڏٿ ٿي گذارو ڪن. ڪي ويچارا ڪهاڙيون کنيو جهنگ مان ڪِرڙن جا ڇوڏا ۽ ڪنڊن جا پن (سنگ) لاهي اچن، جي سُڪائي ڪُٽي، پيهي ٻئي اَن جي اٽي سان ملائي مانيون پچائي کائين. ڦوڳيسي اٽي سان ملائين. ڏونرا ۽ سڱر ٻاڦي کائين. بعضي اهڙا به ڏڪار پوندا آهن جو اتي جا ڪي مسڪين ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻي ڇڏين يا ڪي ننڍا ٻار ڇڏي هليا وڃن! مالدارن سان ته جنسي ويل هوندو آهي. سُڪار وقت ڪي ماڻهو گاهه جون دَنون ٺاهي رکندا آهن، پر سي به ڪيترو وقت جهلين. پنهنجو رکيل گاهه کارائيندا، نيٺ ناڻي تي وٺي کارائيندا. گهر ۾ پنهنجو بچيل پئسو ختم ٿيندو ته ٽپڙ ٽاڙي، ڳهه وٺو، روڪڙو پئسو به چٽ ته نيٺ مال به چٽ! ڪڏهن ڪڏهن ڀيانڪ ڏڪار پوندو آهي جو اُن جو ڪيترا سال پوءِ به ماڻهو پيا ڳالهيون ڪندا آهن. اهڙو هڪ ڏڪار سال 1899ع برابر سنبت 1956ع ۾ پيو هو، ان کي ”ڇپنو“ ڏڪلار چوندا آهن. پاونجاهه کي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ”ڇَپَنَ“ چون، جنهن جون ماڻهو اڄ تائين ڳالهيون ڪندا آهن. اهو سال اهڙو مشهور اهي، جو ڪنهن کان پڇبو ته عمر ڪيتري اٿيئي؟ يا ڪڏهن ڄائو آهين؟ يا فلاڻو واقعو ڪڏهن ٿيو؟ ته جواب ڏينو ته ڇپني ۾، يا ڇپني کان هيترا سال اڳ يا پوءِ. انهيءَ تان حساب ڪري صحيح عرصو معلوم ڪري سگهبو آهي. ڪيترا ويڍارا ٻارين ٻچين اُٺن ۽ گڏهن تي ٽپڙ وجهي، چوپايو مال، ڍڳي، رڍ، ٻڪري، جيڪا به هوندي ته ڪاهي ناري ڏي نڪريو وڃن. ان وقت ڏسبو ته لڏن جا لڏا، ڪي چڙهيل ڪي پيادا، قطارون ڪيو پيا ويندا. سنڌ سائو ملڪ آهي، جتي پورهيو ڪري گذران ڪن. ائين ڳوٺن جا ڳوٺ ڀڙڀانگ ٿيا پيا هوندا آهن. ”ٻري نه ٻڪر دانهن، ڀوڻ ڀڻڪو نه سُڻان. ميان ماروئڙن جا، اوُڻا ڏٺم اَنهين، جن ساٺيڪا سَنجيا، سي ڌڻي ڪيڙءِ ڪانهن، پکا کڻي پرانهن، جيڪس لڌيو لوئڙيارين.“ سڪار وقت جڏهن سڀڪو ماڳ تي هوندو آهي تڏهن تڙ تڙ تي ڏسو ته عورتون توڙِ مرد کوهن ۽ ويرين مان پاڻي ڇڪي پيا ڪڍن، دِلا ۽ اوهاءُ (اَواڙا) ڀرين، ٻارڙا پيا مال کي پاڻي پيارين ۽ ڦر وارين، جي بود ۾ ڀرجي پيا ٺينگ ٽپا ڏين ۽ ٻيڪار ۽ ٻرڙاٽون ڪن. ڏڪار وقت جڏهن لڏي ويندا آهن تڏهن تڙن تي پهر ڪانه هوندي آهي. اوڏيءَ مهل نڪا ٻڪر جي دانهن، نڪو ڀوڻ جو ڀڻڪو سڻڻ ۾ اچي ۽ آنهن (اَواڙا) به خالي پيا هوندا آهن. ملڪ جي اها حالت هوندي اهي جو ڄڻ ته ڪو راڪاس گهمي ويو آهي! پوشاڪ ماڻهن جي شڪل شبيهه ۽ پوشاڪ جو مدار ملڪ جي عام حالتن تي آهي. هر ڪنهن ملڪ جي آب و هوا جدا جدا نموني جي آهي، جنهنڪري پوشاڪ جا نمونا به ملڪي حالتن تي مدار رکن ٿا. ملڪي ماحول جو پتو به پوشاڪ مان پوي ٿو. جي ملڪ وسندڙ، سائو ۽ آباد، ته ماڻهو ڪپڙي لتي ٺهيل ٺُڪيل، پر جي ملڪ غيرآباد ته ماڻهن جي ڪمائي گهٽ تنهنڪري پوشاڪ به سادي، اهو ساڳيو حال ٿر جي ماڻهن جو آهي. ٺٺ ٺاهه مان ڪونه ڄاڻن. ماڻهو ويچارا سادا، پوشاڪ سادي، کڱاڌو سادو، جاءِ سادي، مطلب ته سادگي سندن اباڻو ورثو آهي. شاهوڪار ۽ غريب جي پوشاڪ ۾ گهڻو تفاوت ڪونه هوندو. ٿر ۾ مکيه قومون مسلمان، هندو ۽ اچوت رهن ٿيون، جن ۾ جدا جدا ذاتيون آهن. مسلمان گهڻو ڪري ساڳي پوشاڪ ڪن پر ته به جدا جدا ذاتين ۾ ڪجهه تفاوت آهي، پر هندن جي جدا جدا ذاتين جي وچ ۾ گهڻو تفاوت آهي ۽ اڇوتن درميان ٿورو تفاوت آهي. ملڪ جي حالتن ۽ غربت سبب ڪپڙا سادا، سستا، ٿُلها ۽ جهالائو ڪم آڻين. اونهاري ۽ سياري پوشاڪ ۾ ٿورو تفاوت ڪن. بيٺل گهرن جا مسلمان مرد سٿڻ، قميض، پٽڪو ۽ بوٽ ڪن. ڪي سليپر يا سنڌي جُتي پائين. پڙهيل طبقي مان ڪي ڪُلهي تي پٽڪو ٻڌن، ڪي ٽوپي بُوٽ پائين. ڪي جوان ڇوڪرا ترڪي ٽوپي پائين. غريب ماڻهو صدري ۽ گوڏ ڪن، جا سوٽي ڪپڙي يا اوني کٿي جي ٿيندي آهي. سوٽي گوڏ، ڪي ڪاري رنگ جي ۽ ڪي نيري رنگ جي ۽ ڪي خاڪي رنگ جي پسند ڪندا آهن. انهيءَ ڪپڙي کي گَندِي چون. برهمڻ، مهيشوري، سونارا، کتي، ٻاوا، قميص، پٽڪو ۽ ڌوتي ڪن. ٿري هندن جي ڌوتيءَ ۽ سنڌي هندن جي ڌوتيءَ ۾ رات ڏينهن جو تفاوت آهي. سنڌي هندن جي ڌوتيءَ کي هڪ لانگ ڏيڻ مگر ٿري هنڌو ٻه لانگون ڏين، جنهنڪري اُهاڙي ٿيڻ جو ڪوبه انديشو ڪونهي. پٽڪا مختلف رنگن جا هوندا آهن. ڪي پوڙها پُٺيون (انگرکو)، قميص، صدري، چادر يا کٿو لانگهوٽي سان ٻڌن. بيٺل ٺڪر ۽ سوتهڙ سوٽي ڪپڙي جو تِريٽو ڪن، ڀيل لانگوٽو گهٽ ڪڍن، بنا لانگوتي گندي پائين. ڀيل ۽ ڪولهي اجرڪ به ڪم آڻين. هندو ۽ اڇوت ڪارو پٽڪو ڪونه ڪن. مسلمان ڪپڙي لاءِ ڪارو ۽ خاڪي رنگ پسند ڪن، جو سٿڻ، پٽڪي ۽ گوڏ جي ڪپڙي کي ڏين. ٻروچ وري نيري سٿڻ يا نيري گندي جي گوڏ پسند ڪن. عام مسلمان مٿي تي بعضي اجرڪ به ٻڌن ۽ اوڍڻ پهرڻ لاءِ شوق سان ڪم آڻين. برهمڻ ۽ مهيشوري ڳاڙهو پٽڪو، ٺڪر، مينگهواڙ ۽ ٻيا هندو اڇو پٽڪو پسند ڪن. ٺڪر وڏو ڦَهيڙ پٽڪو ٻڌن، اڪثر شاهوڪار ماڻهو ۽ شادي وغيره جي موقعي تي غريب ماڻهو به لونگي ٻڌن. جوان ڇوڪرا حلواڻ جو پٽڪو ٻڌن، جنهن کي ”مورهيو“ (مولهيو) چون. ٺڪر، ڀيل ۽ ڪولهي ننڍا ڇوڪرا مٿي تي رومال ٻڌن. غريب ماڻهو پٽڪو ٻڌن جو جيستائين ڦاٽي ليرُون ٿي وڃي تيستائين جند ڪونه ڇڏين. قميص، صدري، سلوار وغيره به ڪٿان ڦاٽي پوي ته ڪاريون (چَتيون) ڏيئي ڪم پيا آڻين. چادر جي ٻن پُڙن کي ڳنڍڻ لاءِ شوق ڪري ڄاريدار نموني ڀرت ڪرائين، جنهن کي ”کِيلَڻ“ چون. ڪيترا غريب ته پُٺن تي ڪجهه ڪونه پائين يعني صدري يا قميص به نه فقط پٽڪو ۽ گڏ ڪن. ٿر ۾ هاري ناري، مزور ۽ ڌنار وغيره اڪثر هيٺان پوتڙو ٻڌي پيا ڪن ڪار ڪندا آهن جنهن کي ”پوتِڪِي“ چون. وچولو ۽ غيب طبقو چادر ضرور پاڻ وٽ رکي، جا اُن کي ڪيترا ڪم ڏئي. سيءَ ۾ اوڍي، ڪچهري ۾ هيٺان رکي وهي يا ڦانگ (ڪانڀ) ڪڍي، وسڪاري جو لاباري وقت سنگن جي ڀرين ۽ گاهه ٻڌڻ لاءِ جهوليءَ طور ڪم اچي. برهمڻ، مهيشوري، ڪي ٺڪر ۽ سوٽهڙ وريل نوڪ سان جُتي پائين، جنهن کي ”موجو“ چون. لهاڻا ۽ سونارا هلڪي جُتي پائين. مسلمان ۽ اڇوت سنڌي جُتي پائين. پڙهيل طبقي وارا بوٽ ۽ سليپر پائين. شهري شاهوڪارن ۽ پرهلين ۾ هاڻي چمپل ۽ سئنڊل وغيره پائڻ جو رواج وڌندو وڃي. بوٽ، سليپر ۽ جُتيون مينگهواڙ چمڙو رڱي ان مان ٺاهين ۽ ٻاهران به گهرائين. ڍڳي جي چمڙي جي جُتي، اُٺ جي چمڙي جي جُتيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪري تيل سان مکين ته نرم ٿئي ۽ جٽاءُ ڪري. ٿر ۾ اونهاري جو پيرن اگهاڙو هلي نه سگهبو ڇاڪاڻ جو تتل واري پير ساڙيو ڇڏي ۽ وسڪاري جو وري بوٽ هلڻ نه ڏين. بوٽن جو رواج ٻهراڙين ۾ ڪونه آهي، ڇو جو اهي مهانگا آهن ۽ جهَلو ٿورو ڪن ٿا ۽ مارو ماڻهن کي پائڻ ۽ لاهڻ ۾ تڪليف آهي. پڙهيل طبقي ۾ فئسن وڌندو وڃي. اهي ولائتي بوٽ ۽ چمپل پائين، قميص، سُوٽ ۽ ڪوٽ ڪن ۽ مٿو اُگهارو رکن. ”ڪُلهي ڦاٽم ڪنجرو، لوئي ليڙون ليڙ.“ مسلمان عورتون گهاگهرو (پڙو)، ڪنجهرو ۽ چُني ڪن. ڪنجري تي سُٺين ڊزائينن سان ريشم جو ڀرت ۽ ٽِڪون مڙهيل هونديون آهن. ٻروچن جون عورتون سُٿڻ ۽ گهگهو ڍڪين. ڪنواريون ڇوڪريون گهاگهرو، چولو ۽ پوتي ڪن. برهمڻ، مهيشوري، سونارا، سوٽهڙ ۽ ٺڪر عورتون ڇيٽ جو گهاگهرو، چُني ۽ جَهٻو پائين، لوهاڻيون سٿڻون ۽ چولا پائين، ٺڪر عورتون نيري ڪپڙي جا گهاگهرا پسند ڪن. اڇوت عورتون گهانگهرو، ڪنجرو ۽ چُني ڪن. جهَٻي جو رواج گهٽ ٿيندو وڃي ٿو. گهاهگرا ڪپهه جي پلهي رنگين ڪپڙي جا ڪن، پر هاڻي ڇيٽ جو رواج وڌندو وڃي. ڇوڪريون گهاگهرو، چولو ۽ پوتي ڪن. وڏيءَ ڄمار واريون عورتون ٿُلهي ڪپڙي جا اوڍڻ ڪن، رنڙ زالون ٿُلها ۽ سادا ڪپڙا ڪن. مهيشهوري ۽ برهمڻ شاهوڪار آهن، پر تنهن هوندي به پاڻ سادا ڪپڙا ڪن، باقي عورتن کي ولايتي اُچا ۽ ريشمي ڪپڙا ڍڪائين. ريشمي چُنيون، جن جي ڪنارين تي گونٽي جو تارون ۽ ڄاريدار ماکليون ۽ ربينون چڙهيل ۽ ستارون مڙهيل، ريشمي ڀرت سان چُنيون، ريشمي گهاگهرا جن جي ڪنارن تي گونٽي جون تارون، ريشمي جَهٻا تارن ۽ مڪي جي ڀرت سان. شاهوڪار مسلمان زالون به اُچا ريشمي ڪپڙا ڪن. سونارا، لوهاڻا ۽ کٽي پاڻ ۽ عورتون چڱا ڪپڙا ڪن. ڳوٺاڻيون ٿري عورتون هندو توڙي مسلمان اڇو ڪپڙو نه پائينديون آهن، ڇو ته اڇو ڪپڙو پائڻ نڀاڳ جي نشاني سمجهنديون آهن، پر لوهاڻيون اڇي ململ جا رَئا ڍڪينديون آهن. عورتون رنگين ڪپڙي جون سلوارون ۽ ڇوڪريون قيمتي ڪپڙي جون پتلونون پائين. اڪثر عورتون گهر ۾ ائٽ تي ڪپهه ڪَتي ڪپڙو تيار ڪرائي، کٽين کان رڱائي، اُن جا پَڙا، اوڍڻ، ٻانڌڻيون ۽ ڪنجريون وغيره تيار ڪري پائين. ”ٻانڌوڻان ٻن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير.“ اهو ڪپڙو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو. اُن کي ”گَهريچو“ يعني گهر ۾ تير ڪيل چون. پڙي ۾ اڳٺ وجهڻ لاءِ دڪان تان ڪونه خريد ڪن. اُن ڪَتي مضبوط ڌاڳا تيار ڪري مرد ماڻهو ڳُتي اڳٺ تيار ڪندا آهن. جنهن کي ”پٽاڙ“ چون. هونئن مرد توڙي عورتون سادي پوشاڪ ڪن، مگر وڏن ڏينهن ۽ شادين تي هوند اهر چڱا ڪپڙا ڪن. ”چولا چوڙيلين جا، آهن ٽنؤر ٽِڪن سان ٽاٽ.“ مسلمان ۽ اچوت ڪنواريون ڇوڪريون چولا ڀرت سان ڀري، مٿن ٽِڪون مَڙهي، ٽنؤر ٽاڪي پائين. پري کان ٽِڪن جي چمڪاٽ جي ڪري جهاٻو پيو پوندو آهي. ”پٽولا پنهواريون، مُور نه مٿي ڪن، جہ لاک رَتائون لوئيون، شالنئان سونهن، اُن ايلاچئون اڳري، بخمل بافتن، سکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کُهنبن، جا ڏنم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.“ عورتن جو عام لباس پڙو، ڪنجري، اوڍڻ، چُني ۽ لوئي آهي. ”ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.“ لوئيءَ کي کٿي به چون، جا اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. غريب عورتون ڪي اڇي اوني لوئي ۽ ڪي ڳاڙهي رڱي مٿي تي ڪن جو سياري جو گرم آهي ۽ گهڻو قوت جٽاءُ ڪري ٿي. رڍن جي اُن گهر ۾ ائٽ تي ڪَتي ڪپڙو ٺهرائي لوئي تيار ڪرائين. ڪپڙو مينگهواڙ تيار ڪن، جن کي ”وَڻَڪَر“ چون، جي سڄي ٿر ۾ جتي ڪٿي آهن. شهري عورتون ننڍو گهاگهرو پنجن کان اٺن والن اندر ڪن، مگر ٻهراڙيءَ جون عورتون پَڙو بلڪل وڏو ڪن، جو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو. غريب عورتون ڪپڙي جا چيلهه کان پيرن تائين ماڇ جا ٽڪر ڪڇي (جن کي پاٽ چون) پاڻ ۾ ڳنڍي، هڪ پاسي سَرَ وجهي چيلهه جي ماپ جيڏو ٺاهي، ڪپڙي جي پٽي سبي اُبدان وانگر تير ڪن. جنهن کي ”چِيڻ“ چون. اُن ۾ اڳٺ وجهن. هيٺئين ڪناري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿلهي سائي ڪپڙي جي انچ ڏيڍ تي چاڙهي هيٺان اوتي ڏيئي قابو ڪن، جنهن کي ”ڦيرواچ“ چون. ڪي وڌيڪ زينت لاءِ سنهي پيلي ڪپڙي جي ڦيراواچ ۾ تُئي به ڏين. ڪجهه سَرياند عورتون ڪپڙي جا پاٽ ڪري، هرهڪ پاٽ جا ٿوري ٽيڏي ڪٽ سان اهڙيءَ طرح ٻه ٽڪر ڪن جو هرهڪ ٽڪر جو هڪ پاسو سوڙهو، ٻيو ويڪرو ٿئي، ان کي ”ڪَريون“ چون. اهي ڪَريون اهڙيءَ طرح ڳنڍين، جو سوڙها پاسا پاڻ ۾ ۽ ويڪرا پاسا پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن، پوءِ سوڙهي پاسي سَرَ ٻڌي چيڻ وجهن ۽ ٻئي پاسي ڦيرواچ ڏين يا تُئي چاڙهين، انهيءَ کي ”ڪريارو گهانگرو“ چون، جو هيٺئين پاسي گهير ڪري بيهندو آهي. ٻهراڙيءَ جون عورتون اهو وڌيڪ پسند ڪن. بعضي هڪٻئي کي تُنڪي طور چونديون آهن ته ”ٿوروئي ڪَريارو گهيردار گهاگهرو سبايو آهي.“ شاهوڪار عورتون اُچا ريشمي ۽ الس جا گهاگهرا ڪن، جي پنجن والن تائين هوندا آهن. ڦيراوچ جي بدران ربين، ماکِلي، پومڪ ۽ ٻيون پٽيون لڳائين. ٿر جي ٻهراڙيءَ جون اڪثر عورتون ڀرت ڀريل سنڌي جُتي پائين. مٿان نوڪدار ۽ کُڙي اُڀي ڪونه ٿئي. مسلمان ۽ اڇوت عورتون ٽنؤرن واريون جُتيون پسند ڪن. ٽنؤر ريشم يا سُٽ جا هوندا آهن. ڪن جُتين ۾ ست ست رنگين ٽنؤر ۽ ڪن ۾ هڪ ٽنؤر وجهن. ڪي چانديءَ جون تارون لڳل جُتيون پائين. زنانين جُتين جون کُڙيون ويٺل ٿين، تنهنڪري انهن کي ”اَدوڦِڻيون“ جتيون چون. هندو ۽ مسلمان پوشاڪ مان سهي ڪري سگهبو آهي. ٿر جا واقف ماڻهو هندن جي پوشاڪ مان برهمڻ، مهيشوري، ٺَڪُر، سوٽهڙ، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي وغيره سڃاڻي به وٺندا آهن. وارن جي سنڀال وار آهن عورتن جي سونهن، تنهنڪري سڀئي عورتون وار وڏا رکن ۽ انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪن. وارن جي وڌڻ لاءِ ديسي قسمن جا ڪيترائي ڏس ڪن، جن تي ڪو خرچڍ ڪرڻو ڪونه پوي. ميٽ مَلي اُن ۾ تيل وجهي مٿو ڌوئين. مِٺيءَ ۾ هڪ قسم جي مٽي ٿئي ٿي ان سان به مٿو ڌوئين. آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو اها مٽي کڻي ويندا آهن ۽ ميٽ جي بدران ڪم آڻيندا آهن. سڌريل ۽ پڙهيل طبقي جون عورتون، ڦڻي ڏيئي، سينڌ ڪڍي، وار ڇپويان ورائي، وچ ۾ ٻڌي ڇڏين. ڦڻي ڪاٺ جي مستطيل نموني ٿئي، جن مان ڪن تي پارو لڳل ۽ ريشمي يا سوٽي ٽنؤر به ٿين. هڪ پاسي پلها ڏندا ٿين ۽ ٻئي پاسي سنها پهريائين ٿلهن ڌندن سان اور سُموهي پوپءِ سنها وهائين ته جيئن جُونءَ وغيره ڪا هجي ته نڪري وڃي. سهاڳڻيون ۽ ڇوڪريون ڪافوري گل ربينون وغيره وارن ۾ هڻن. سينڌ وچ ۾ ڪڍن، پر ڪي ٿوريون پاسي تان به ڪن. لُهاڻيون، برهمڻ ۽ مهيشوري عورتون پويان ڪِياڙيءَ وٽ وارن جو ڳوڙهو ڪن. ڪي وارن جون ٽي لڙهيون ڪري اڳيان ٻنهي پاسن کان جدا جدا اڳتي، پويان هڪ چوٽي ڪري ڇڏين. ڇيڙو ڌاڳي سان قابو ڪن يا ڌاڳن جي چوٽيءَ سان ويڙهي هيٺ لڙڪائي ڇڏين. مسلمان عورتون اڳيان پاسا جدا ويڙهي پويان ٻه چوٽيون ڪن. وارن کي نرم رکڻ لاءِ ميٽ سان مٿو ڌوئي تيل وجهي ڦڻي ڏيئي ويڙهي ڇڏين. وار ويڙهڻ کي چون ”مٿو گونٿڻ“. تيل چانڀي جو ڪم آڻين. هتي کن تي گونٿيل وار ڪجهه ڍرا ٿيو ڦِگسيو پون، تڏهن اُکيلي وري ڌوئي مکي ويڙهائين. عورتون پاڻ ۾ گڏجي هڪٻئي جا وار ويڙهي ڇڏينديون آهن. مينگهواڙ ۽ ڀيل عورتون پنهنجن وارن کي عجيب انداز ۾ ڪيترن ئي نمونن سان ويڙهنديون آهن. ڪي ٻئي پاسا اهڙا ڪنديون آهن جو سڱن وانگر پيا لڳندا آهن. اُن کي ”چوٽِلو“ چئبو آهي. ڪي ٻين نمونن سان ويڙهائينديون آهن، جن جا جدا جدا نالا، ميري، ڏيڏي ميري، ٽيلَڙو، ٻانڌڻو، گڍلا وغيره چونديون آهن. عورتون ڪنڙو ۽ سينهڙو گهوٽي پاڻي وجهي لعابدار ڪري مٿوويڙهي مٿان گسي (لائي) ڇڏينديون آهن. جو چيڙهالي هئڻ ڪري وارن جي پٽين کي مضبوط ڪندو آهي. ڪي عورتون نموريون ۽ ارڻيءَ جا پن (جو ٻوٽو ٿر ۾ ٿيندو آهي) گهوٽي وارن ۾ وجهنديون آهن، ته جُونءَ به نه پون ۽ وار وڏا به ٿين. مٿو گونٿي پڇاڙيءَ جو وارن جا ڇيهه ڌاڳي سان ٻڌنديون آهن. سوٽي ڌاڳا يڪدم ميرا ٿيندا اهن، تنهنڪري اوني ڌاڳا ٺاهين جي جلد ميرا نه ٿيندا آهن ڌاڳن جي ڇيڙن ۾ رنگين ٽنؤر وجهن. ”اُٺا مينهن ملير ۾، ڌاڳا ڌٻڙ ڌُئندي.“ -(شاهه) ٿر ۾ برسات پوڻ وقت ترايون ۽ ٽوڀا پاڻيءَ سان ڀربا آهن. عورتون اتي وڃي ڌٻڙ (رلَيون ۽ رلَڪا) ڌئنديون آهن. چوٽيءَ جا ڌاڳا به ڌوئي صفا ڪري اهي وري ڪتب آڻينديون آهن. عام عورتون سوٽي ڌاڳن جون چوٽيون پويان وارن سان ويڙهين، جنهن کي ”ڪَنڪڻِي“ چون. انهن جي ڇيڙن ۾ ٿنؤر ۽ چُڳيا وجهن. هوند واريون ڪَنڪڻيءَ جي مٿيئين ڇيڙي ۾ چانديءَ جو ڦل (جنهن کي چوٽي ڦل چون) وجهن. وچ تي ڪلابات جا ويڙها ڏين، ۽ هيٺين ڇيڙن ۾ ٽنؤر، جهونٻڪ ۽ گهنگهرو وجهن، جي هلڻ مهل ڇم ڇم پيا ڪندا آهن. رنڙ عورتون گهڻو ڪري وار ڪونه ڳتين، نه ته تمام سادي نموني سان ڳتين. برهمڻ ۽ مهيشورين ۾ ڪي پوڙهيون رَنڏول (رنڙ) عورتون وار ڪوڙائي به ڇڏين. پڙهيل، واپاري، عام شهري ۽ ٻهراڙيءَ جا پڙهيل ۽ ۽ شوقين جوان ڇوڪرا مٿي جا وار انگريزي نموني ڪٽائين، باقي ٻهراڙيءَ جا عام هندو ۽ مسلمان وار رکائين. جوان ڇوڪرا بلڪل وڏا وار رکائين، جن جي چڱي سنڀال ڪن. وڌڻ لاءِ ديسي دوائون ڪن. ڪن جا ته وار ايڏا ڊگها هوندا آهن، جو ڦڻي ڏيڻ مهل وارن جي ڇيڙن کي پير جي آڱوٺي ۾ وارڪو ڏيئي قابو ڪندا آهن. ڦڻي ڏيئي ٻنهي پاسن کان ويڙهي مٿي پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح وراڪا ڏيئي اٽڪائيندا آهن، جو سڱن وانگر پيا لڳندا آهن. انهن کي ”وانگوڙا“ چئبو آهي. ۽ هو انهيءَ ۾ فخر سمجهندا آهن. مٿان پٽڪو ٻڌي ڇڏين. ڪي ڪنن جي پاپڙين جي سنوت تائين ڪٽائي ڇڏين ۽ ڇيڙا روز هٿ سان پوئتي موڙيندا رهن تان جو گول ڇلي وانگر بيهن، جن کي ”ڇَلَهِيا“ چون. برهمڻ مهيشوري ۽ لهاڻا مٿي جا وار وڌڏا ڪونه رکن، مشين ڪٽ ڪرائي ڇڏين. وچ ۾ چوپٽي رکن ۽ اڳيان لوڻي تان ڪاپار تي مستطيل نموني پاڪيءَ سان کڻائين. ننڍا ڇوڪرا وري پاسن کان بهڏاڪڻ وانگر ٺهرائين، جن کي ”ڪورِڻيون“ چون. ٺڪر، سوٽهڙ ۽ مينگهواڙ وار وڏا رکن، پر ڪي اڳيان ڪاپار تي ۽ پٺيان ڪِياڙيءَ تي ننڍا مستطيل ٽڪر پاڪيءَ سان کڻائين، جن کي ”واگهِڙيا“ چون. مسلمان ائين ڪونه ڪن. مرد وارن کي ڦڻوٽو ڏين، ان کي ”ڦَڻِيو“ چون، جو ڪاٺيءَ جو اڌ گول نموني ٿئي. ڪن تي پاري سان چٽسالي ٿيل هوندي آهي. ڪيترا ڦٽوٽو وارن ۾ اٽڪائي مٿان پٽڪو ٻڌي ڇڏيندا آهن. سڀيئي ڏاڙهي رکائڻ ۾ شان سمجهن ۽ ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسن. فقط برهمڻ، مهيشوري ۽ لهاڻا ڏاڙهي ڪوڙائين. مسلمان، ٺڪر، مينگهواڙ، سوٽهڙ ۽ ڀيل وغيره ڏاڙهي رکائين. مسلمانن ۾ مولوي ۽ مُلا وڏي ڏاڙهي رکائين، ٻيا ڪجهه ڇوٽي رکائين. پوڙها مسلمان ڏاڙهيءَ کي ڪيس ڪن ته ڪي وري ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي ميندي لائي ڳاڙهو ڪن. مُڇون وڏيون ڇڏين. مُچڇون مرد جو شان آهن. ٺڪر، مينگهواڙ، سوٽهڙ ۽ ڀيل وغيره پوڙها وڏي ڏاڙهي ۽ مُڇون رکائين. ”ڏاڙهي ڏو وار، ڦرهر لاگي ڦُوٽِڙِي.“ ڏاڙهيءَ جا ٻه وار هوندا ته به سٺا لڳندا. ڪي چاڙيءَ وٽان ڏاڙهيءَ جا ٻه ڀاڱا ڪري هرهڪ ڀاڱو وٽي پوئتي ورائي ڪنن کي وراڪو ڏيئي ٻڌي ڇڏين. ڪي ڪجهه ننڍي رکن. پر جوان ڇوڪرا ڪونه رکن، فقط مُڇون رکن. انگريزي پڙهيل طبقو ته مُڇون به ڪوڙايو ڇڏي. سڄي منهن تي وار هجن ته ان کي ”چاپُئين“ ۽ جي فقط چاڙيءَ تي ڪجهه وار هجن ته ان کي ”ٻُچي“ ڏاڙهي چون. ٽاجُوئا ٿر ۾ عورتون ۽ جوان ڇوڪريون، پنهنجي سينگر ۽ ٺاهه ٺوهه لاءِ جي نمونا اختيار ڪنديون آهن، تن مان ”ٽاجوئا“ کڻڻ به هڪ اهم دستور آهي. چُلهه جو اڱر ڪنهن ٺڪر جي ٿانءُ ۾ پاڻيءَ سان گهاٽو ڳاري مس جهڙو ٺاهينديون آهن. پوءِ سنهي ڪک جي پيڙي تي ٿورو ڪپهه ويڙهي، اُن ڪارانس مان ٻوڙي بدن جي جنهن حصي تي ٽاجوئا کڻڻا هوندا، اتي ٻُڙيون، ٻُڙيون ڪري مٿان ڀرت جي سُئيءَ جي چهنب آهستي آهستي هڻنديون وينديون. پاڻي سڪڻ جي حالت ۾ وري لائينديون ۽ سئي هڻنديون وينديون، تان جو اها ڪاراڻ چمڙيءَ اندر پيهي ويندي ۽ ڪارا داغ پڪا ٿي ويندا، جي پوءِ ڌوپڻ سان به نه لهندا ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين بيٺا هوندا. پڪن ٿيڻ تي چمڙيءَ ۾ ٿوري سوڄ ٿيندي اُڦرڪي بيهندي، جا ٻن – ٽن ڏينهن بعد لهي ويندي، نه ته ٺِڪري ڪوسي ڪري ان سان سيڪ ڏينديون آهن ته سوڄ لهيو وڃي. ٻُڙين سان ٽِڪُنڊا، چوڪنڊا، گول ۽ ٻيا ڪئين چٽساليءَ جا نمونا ٺاهينديون آهن. ڪي ڇوڪريون وري مورَ، جهرڪيون ۽ ٻيون پکين جون سڪليون لِيڪن ۾ ڪڍي اهڙيءَ طرح سئيءَ سان پڪيون ڪري ڇڏينديون آهن. اهي ٽاجوئا هٿن جي آڱرين جي پُٺ، ٻانهن جا بُڪ، ڄاڙيءَ ۽ ڳلن تي ٽِڪا، ڪن جي اڳيان ۽ مٿڀرو، پيرن جي چوڌاري ۽ پنين تي ٺاهبا آهن. هاڻي پڙهيل طبقي ۾ اهو رواج ڪونه آهي، مگر ٻهراڙين ۾ اڃا آهي. زيور سهاڳڻ هندو عورتون نڪ ۾ سون جو وينڊو ۽ مسلمان عورتون سوني نٿ پائين. اهي زيور ڳرا آهن، تنهنڪري جيتوڻيڪ بار گهٽ ڪرڻ لاءِ ڏاوڻ وجهي اُهو ڪُنڊيءَ سان پويان وارن ۾ اٽڪائين ته به سدائين ڪونه پائين. وڏن ڏينهن، شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي پائين، نه ته لاهي رکي ڇڏين. ان مهل نڪ ۾ وري سوني ڦُلي به پائين، ڪي جڙاءُ دار ۽ ڪي نئين فئشن واري. ويڊي پائڻ وقت ڦُلي لاهبي آهي، پر ڪي اهڙيون هونديون آهن جن جي وچ ۾ ٽُنگ هوندو آهي تنهنڪري لاهڻ جو ضرور ئي ڪونهي. وينڊي جي تنگ اُن تُنگ وچان لنگهائي ڇڏبي آهي. سهاڳڻ عورتون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون نڪ ۾ بُولي پائين. هندو لَکَنَ سان بُولي پائين جن ۾ ننڍا گهنگهرو ٿين. مسلمان گول ڇلي وانگر بُولي پائين جنهن کي ”ڇلائين“ يا ”رائيدار“ بُولي چون. مسلمان ۽ اڇوت ڇوڪريون هرڻن جي سڱن مان ٺهيل ڦلڙيون پائين، جن مان ڪن تي پاري جا چٽ نڪتل هوندا آهن. لهاڻن جون عورتون وڏيون نَٿون پائين، جن ۾ ڪافي بڀار به ٿيندو آهي. مگر شوق جي ڪري اهو بار محسوس نه ڪنديون آهن. ڇوڻي آهي ته جنڊ جي پُڙ تي سون جو پَٽ چاڙهائي ڏجين ته به عورتون ڳچيءَ ۾ وجهيو ويٺيون هونديون. مسلمان عورتون ڪنن ۾ ڪُڙڪون، نسبيون، والا (سون ۽ چانديءَ جا)، برهمڻ سوٽهڙ، مهيشوري، سونارا ۽ ٺڪر عورتون ڪن جي پاپڙيءَ ۾ جهُونَٻَريا ڏرگهلا پائين، جن جي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ سون يا چانديءَ جون واڳون ڪَنِ، جي مٿان ورائي ڇڏين، جن کي سَروُن چون. مٿئين ڪناري ۾ پِيَپل پنڙيون (پپر جي پَن سان مشابهت رکندڙ) ۽ وچ ۾ والا پائين. اڇوت عورتون ڪَنن جي پاپڙين ۾ ڪُڙڪون (سون يا چانديءَ جون) ۽ چانديءَ جا جهُونٻر پائين ۽ ۽ مٿان چانديءَ جون پنڙيون پائين. پيشانيءَ تي اَلي ۽ ڏاوڻي پائين. شاهوڪار عورتون اَلِي ۽ ٻورلو سون جون پائين. غريب فقط لَلي چانديءَ جي پائين. شاهوڪار هندو ۽ مسلمان عورتون ڳچيءَ ۾ سوني دُهري پائين. برهمڻن، مهيشورين، لهاڻن ۽ سونارن جون عورتون گنين جا ڪَنٺلا ۽ سونا هار پائين. غريب مسلمان ۽ اڇوت تائٿ، هنسي، چندن هار ۽ طوق پائين. ٺڪرُ ۽ پوڙهيون اڇوت زالون وارلِو (گول ويڙهن وارو) پائين. ٺڪر ۽ سوٽهڙ عورتون وارلو ۽ نيٻوري پائين. جا سون ۽ چانديءَ جي ٿئي. مسلمان عورتون ڪٺمال پائين. ڪنڍي ڪُڙڪ ڪَٺمال زيور زري، هسي هار پايان ڪهڙي نَڪ وري. هندو عورتون پيرن ۾ چانديءَ جون گول ڪَڙِيُون، لنگر ۽ ساٽيون پائين. مسلمان عورتون ڪَڙيون چورس ۽ چپٿري منهن سان، پازيب، ساٽيون ۽ نورا پائين. لوهاڻيون به پازيب ۽ نورا پائين. سڀيئي ٺونٺ وٽ ڪتريا پائين. مسلمان ۽ اڇوت عورتون ڪَراين ۾ منگليون (واڍولا، ڪڙهوليون) پائين جي چورس ۽ گول ٿين. گول ڪڙهولين مٿان اسڪورو جي پيچن وانگر وَرَ ٿين، جنهنڪري انهن کي ”وانٽوُيون“ چون. هٿ جي آڱرين ۾ سون يا چڍانديءَ جون وينٽيون (مُنڊيون) ڇلا ۽ وَرنا پائين. اڪثر مسلمان ۽ اڇوت عورتون گهڻا پائين. پيرن جي آڱوٺن ۾ چانديءَ جا گولا ڇَلا (آڱوُٺِيا) ۽ آڱرين ۾ پوليون پائين. سڀيئي سهاڳڻ عورتون ٻانهن ۾ اُلهي ڪلهي چوڙا پائين، جنهن کي ”ٻانهِي“ چون، جا عاج، رٻڙ ۽ ڪافور جي ٿئي. عاج مهانگو آهي، تنهنڪري شاهوڪار پائين ۽ چوُڙن تي سونا پَٽ به لڳائين. باقي عام رواج رٻڙ ۽ ڪافور جو آهي، جو جيتوڻيڪ باهه تي يڪدم سڙيو وڃي ۽ اهڙا اتفاق به ٿيا آهن جن جي ڪري بعضي موت به ٿيو پون، تنهن هوندي به غريب ماڻهن ۾ عاج جي ٻانهي خريد ڪرڻ جي سگهه نه هجڻ سبب اها ئي خريد ڪري استعمال ڪندا آهن. ٻانهن ۾ اونهاري جو گرميءَ جي اثر ڪري ڦوڙها ٿي ڦِسي ڦٽ ٿيو پون. ازانسواءِ ماني پچائڻ ۽ ڪم ڪار ۾ به تڪيلف ٿئي، ته به عورتون خوشيءَ سان پائين. ٻانهينءَ جي مٿئين ڀاڱي کي ”کُنچَ“ ۽ هيٺئين کي ”مَنِهيئرَ“ يا ”گورِلا“ چون. ڏهاڪڻ عورتون ٻانهي ڪونه پائين، پر ڪي اڇوت ۽ مسلمان عورتون فقط کنچوُن پائين. ڪنواريون ڇوڪريون کنچوُن ڪونه پائين. ”ڪَراين ڪَچ جا، چوُڙا ڪوُڙا جِن، سو مَرڪ ماروئڙن، جِئان لوڪ لڄ ٿئي.“ ڇوڪريون فقط گولار ڪراين ۽ پائين، جي عاج، رٻڙ، شيشي ۽ ناريل جا ٿين، ناريل مان چوُڙا لکوارا ٺاهين. انهن جي وچ ۾ سونهن لاءِ رنگين ۽ شيشي جا چلڪندڙ چوڙا وجهن، جن کي ”ٻنگِڙيوُن“ چون. غريب اڇوت ڇوڪريون ڳچيءَ ۾ هَسِلِي، ڪاچ جي مڻين ۽ لونگن جا ڪنٺلا ٺاهي ريشمي ۽ سوٽي ٽنؤر وجهي پائين. ”ڪارا ڪَراين ۾، سون اسان کي سوُءَ.“ ننڍن ٻارن کي هٿن ۾ ڪاچ جا ڪنگڻ پارائين. ڪاري رنگ جا وڌيڪ پسند ڪن. وينڊو، نٿ ۽ ٻانهي سهاڳ جون نشانيون آهن، جي فقط سهاڳڻ عورتون پائين، رنڙ ۽ ڪنواريون ڪونه پائين. رنڙ عورتون هٿن ۾ ڪڙهوليون، ڪنن ۾ ڪُڙڪون ۽ بنا ڀرت جي ڪَنجريون پائينديون آهن. هاڻي شهرن جي پڙهيل طبقي ۾، خاص ڪري ڏيپلي جي ميمڻن ۾ گهڻن زيورن، ڳرين ڪَڙين، وڏن وينڊن ۽ نٿن، چوڙن وغيره پائڻ جو رواج نڪري ويو آهي. نَڪ ۾ ڦُلي، ڪنن ۾ ايرنگ، ڳڍيءَ ۾ ننڍو هار، ٻانهن ۾ ٿوريون سونيون چوڙيون، چيچ ۾ مُنڊي وغيره ڪافي سمجهيو وڃي ٿو. عورت جي سينگار لاءِ ايترا زيور مناسب ۽ موزون آهن. نه رڳو عورتن ۾، پر مردن ۾ به زيور پائڻ جو رواج آهي. اڳي برهمڻ، مهيشوري، ٺڪر ۽ سوٽهڙ هڪ پير ۾ چانديءَ جي ڪَڙي پائيندا هئا، پر هاڻي اهو رواج برهمڻن ۽ مهيشورين ۾ گهڻي ڀاڱي بند ٿي ويو آهي، باقي ٺڪر ۽ سوٽهڙ ڪي اڃا ڪَڙي پائيندا اهن. لهاڻا ۽ اڇوت ڪَن ۾ سون يا چانديءَ جو گول ڇلو پائين، جنهن کي ”اوگِنِيو“ چون. ٺڪر ۽ سوٽهڙ قُبي جي نموني زيور پائين، جنهن کي ”ڀوَنري“ چون. ڪنن جي پاپڙين ۾ گوکرو، مُرڪيون (ڪيوٽيون) پائين. برهمڻ، مهيشهوري، ٺڪر، سونارا، لوهاڻا ڇوڪرا ڪنن جي پاپڙين ۾ سون جا لونگ پائين. ننڍن وڪرن جي ڪراين ۾ چانديءَ جا ”ڪَڙهوليا“ ۽ ڪي ڳچيءَ ۾ هسلي وجهن. هٿن ۾ مُنڊيون، ڇلا ۽ ورڻا پائين، پير جي آڱوٺن ۾ آڱوٺيا پائين. ڳچيءَ ۾ چورس نموني جو هڪ زيور پائين، جنهن کي ”ماڏريو“ چون، ڪي هڪ ۽ ٽي پائين. خاص اڇوت قومون ڳچيءَ ۾ ”کارِڪڙي“ پائين، جا شڪل ۾ کارڪ جي ٻج جيڏي ۽ اُن جهڙي ٿيندي آهي. ڪاري سُٽ جا سنها ڌاڳا وٽي گڏي ماڏريا ۽ کارڪڙيون پوئي، ڪلابات سان ٻڌيون ڏيئي تمام سهڻي نموني تيار ڪندا آهن. شاديءَ وقت ڪي ٺَڪر ڳچيءَ ۾ وارلو ۽ ماڏريا پائين. اڇوت منگليون وجهن. اهو فقط رسمي طور، هاڻي ڪجهه فرق ٿيندو وڃي ٿو. مهمان نوازي ٿر جا ماڻهو سراسر غريب ۽ سادا. سادگي به عجيب شئي آهي. جيترو شهرن کان پري، اوترو بُراين کان بچيل. هر بيماريءَ ۽ برائيءَ جو بچاءُ سادگي آهي. سادو گذر، سادي رهڻي، سادا خيال، سادي سمجهه، سندن گفتگو، اُٿ ويهه، پهرويس، کاڌ خوراڪ سادي ته سندن دل ۽ طبع به سادي. سادگي، غريبي، نئڙت، ادب، فضيلت، حيا، انسانيت ۽ ايمان جو بنياد آهن. آئي جو آڌر ڪرڻ، بيمار جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ، هيڻي جو حال وٺي همراهي ڪرڻ – ٿرين جو مَرڪ آهي. ٻئي طرف شاهوڪاري آهي اجايو ڏيک ۽ اڊمبر، هٺ ۽ غرور، جو حسد جو بنياد، دل جو سارو ۽ زبان درازي ۽ تڪبر جو ٻج ڇَٽي ٿو. سَڀرن ۽ سَرنديءَ وارن کان اَڀرن ۽ غريبن ۾ ايمان وڌيڪ ڏسبو، جيئن غريبي وڌيڪ تيئن ايمان جي سلامتي وڌيڪ، ائين اڪثر ٿر ۾ آهي. اسين جيتوڻيڪ ڪڪ ٿي پئون، پر جيڪڏهن قدرتي ڪتاب ۾ اهو پنو پڙهبو ته غريبي گذر به هڪ عجيب نعمت آهي- جتي نه ڦند نه فريب نه کوٽ نه گريب، نه غرور نه آڪڙ، نه لچائي نه لالچ، نه ٺڳي نه دولاب، نه آپو نه ايڻ، نه غرور نه تڪبر پر اتي آهي نماڻائي ۽ نهٺائي، سادگي ۽ سچائي، پيار ۽ محبت، همت ۽ عزت. عام چوڻيءَ مطابق ٿريا چوندا آهن ته ”تڪبر ڪنڌ ڀر“، يعني وڏائي ڪيرائيندڙ آهي. اها چوڻي سورهن آنا سچ آهي. چوندا آهن ته ”جتي باهه ٻري اُتي جاءِ جلي.“ ڏکين بکين کي ئي پانڌيئڙن جو خيال ۽ انهن جي تڪليفن جو احساس ٿئي ٿو، ڇو ته پاڻ به انهيءَ ماحول ۾ پلجي وڏا ٿيا آهن. جيڪي سدائين سکن ۾ پليا، وڌيا ۽ ويجهيا، هڪ کي سڏ ڪن ته پنج نوڪر ڊوڙندا اچن، پاڻي گهرن ته کير ملي، تن کي ڪهڙي ڪل ته غريبن جو گذر ڪيئن ٿو ٿئي! هو پنهنجيءَ ۾ پورا، هوند جي نشي ۾ مخمور ۽ مست، شوق شڪار ۽ عيش عشرت وچان وقت ئي ڪونه بچين جو ٻئي پاسي جو فقط خيال ئي ڪن، تن کي ڪهڙي ڪل ته دنيا ڪيئن ٿي هلي؟ ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري سڀني وٽ مهمانن لاءِ جدا جاءِ ٺهيل هوندي آهي، جتي اويل سويل آڌي مانجهي مزمان لنگهي آيو ته سندن شان آهر سڀڪا سنڀال ڪن. مسافريءَ ۾ مهمان ٿجي ته ڪنهن غريب وٽ. غريب جي گهر مهمان آيو ته هو پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو. ٻاهران سڏ ٿيو ته وڃي هڪل تي حاضر ٿيندو. ”ڀلي آئين، جيءُ آئين“، چئي حب سان ڀاڪر پائي هٿ ڏيئي اچي ويهاريندس، ڄڻ ته ڪو گهڻن ڏينهن جو وڇڙيل عزيز آيو آهي. جهڙو هوندو گهر جو حال، ان آهر پوئتي ڪونه پوندو. اول چانهه پياريندو، پوءِ جيڪي گهر ۾ هوندو سو وڏيءَ حب سان مهمان اڳيان حاضر ڪندو. ڪڏهين ائين به ٿيو آهي جو گهر ۾ داڻو نه هوندي به ٻئي گهر مان اُڌارو يا ڪو ٽپڙ گروي رکي به مهمان کارائيندا آهن، پر نڪ ۾ سُر ڪونه وجهن. ”بي صحبتي ماني ۽ پُلاهه تي نه مَرجي، محبت واري رٻ ڀلي، رات اُتي رهجي.“ -(مل محمود) ٻوڙ پلاهه غريبن وٽ ڪٿان آيا، پر ٻچن سنئين رٻ حاضر ڪندا. جيڪو وقت رهيو سو مانَ عزت سان رهندو. چوندا آهن ته ادا، مهمان بخت وارن جي گهر ايندا، داڻي داڻي تي مُهر لڳل آهي، جنهن کي لکيل هجي سو کائي، سڀڪو ٿو پنهنجو بخت کائي. مهمان وٽ وهٽ هوندو ته گاهه، پاڻي، داڻو، چارو بنا چئي پاڻيهي موجود ڪري ڏيندا. مهمان ڪنهن جي گهر آيو ته ائين ڪونه سمجهندا، ته ڪو هي فلاڻي جو مهمان آهي، پر سمجهندا ته ڄڻ اسان سڀني جو مهمان آهي. ڪن وٽ مهماننل اءِ جايون ٺهيل آهن، پر جي ڪنهن وٽ نه هوندي ته پنهنجي اڱڻ ۾ رلي يا ”جيروئي“ وڇائي ڏيندا. پوءِ ڳوٺ وارا پيا ايندا، رهاڻ تي سڀيئي اچي ويهندا، خوش خير عافيت بعد اوڀاريون لهواريون خبرون ڏيندا وٺندا. سندس پاسي جو حال احوال اهڙيءَ طرح پڇندا، جو ڄڻ ته ويجهو عزيز اهي. سيارو هوندو ته وچ ۾ باهه جو مڇ ٻاريندا، چوڌاري مڙي ويهندا، حقو ڀري وچ ۾ رکندا، جو ڪچهريءَ جو سينگار آهي، پوءِ واري تي ويندا ڇڪيندا. ڪچهريءَ جا ڪوڏيا هونئن به پاڻ گڏجي وهن، پر جي مهمان آيو ته ڄڻ گيهه ۾ ٽُڪر ٻُڏو. ڦانگ هڻي ويٺا ته سج اُڀاري اُٿندا. اوجاڳي جا پڪا ۽ ويهڪ جا ڏاڍا. وڃڻ وقت به ٻه پير ڀري مهمان کان موڪلائي. وهٽ تي چاڙهي، واٽ يا گس جو ڏَس ڏيئي پوءِ موٽندا. مهمان جي ٽهل ٽڪور مرد ته دل کولي ڪن، پر جي مرد اتفاق سان گهر ۾ نه هوندو ته عورتون به پنهنجي وسان ڪونه گهٽائين. مرد جي غير حاضريءَ ۾ مهمان جي خاطري نه ٿي ته اها مرد جي گهٽتائي آهي، تنهنڪري ٿري عورتون پنهنجي مرد جي گهٽتائي ڪڏهن به گوارا ڪونه ڪنديون آهن. مهمان آڌي مانجهي جڏهن به اچي، گرمي هجي يا سردي، رات هجي ا ڏينهن، ٽاڻو هجي يا ڪُٽاڻو، ته به ماني تيار، مجال آهي جو ڪِنجهن يا ڪُرڪن. شهرن ۾ جي مهمان مهل تي آيو ته کارائب، نه ته پيو ٻاٿون کائي،، پر ٿر ۾ ائين ڪونهي. مهمان کي بکيو ڇڏڻ عيب سمجهن. ڪنهن جي گهران مهمان بکيو ويو ته اهو ماڻهو ڀاءُ، برادر، ڪڙم قبيلي، اوڙي پاڙي ۾ حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو. مهمان پهتو، خوش خير عافيت بعد گهر خبر ڪبي ته يڪدم چانهه ماني تيار. مردن کي خبر آهي ته جنهن وقت به چئبو سڀڪجهه تيار ٿي ملندو. ڪن شهري عورتن وانگر اهو جواب ڪونه ملندو ته نوڪرياڻي ڪانهي، يا ڪير آرام ڦٽائي، يا ڪير ”دونهان – ڦوڪ“ ڪري. سُڪار جي ڳالهه ڇڏيو. ڪئين ڏڪار آيا، راشن ڪنٽرول جو وقت آيو، جڏهن ماڻهن جنسي ڏٿ، وڻن جا ڇوڏا ۽ پن کاڌا، گوار کاڌو، ڪرڙن جا ڇوڏا ۽ ڪنڊن جي سنک کاڌي، وقتي لنگهڻ ڪاٽيا، پر اهڙن وقتن تي به مهمان جي اچڻ وقت ايمان نه ڇڏيائون ۽ نڪو نڪ ۾ سَر وڌائون! اهڙي وقت ۾ به جي ڪنهن جي گهر مهمان آيو ته حال سارو پهريائين ٽُڪر ان جي اڳيان پوءِ ٻار ٻچا. هونئن ٿري سنجم صرفي ۽ ڪفائتي آهن، مگر صبح هجي يا سانجهي، منجهند هجي يا وِرانڊ، جُهڙ هجي يا اُٻرکو، ڪاڙهو هجي يا سيءُ، مطلب ته آڌيءَ رات جو به جيڪڏهن ڪو مزمان آيو، ته زال کي ننڊ مان اُٿاري، اٽو هوندو ته واهه نه ته جنڊ تي پيهائي، ٽُڪر پچارائي، اچي اڳيان رکندا. لَسي لَپ موجود هوندي ته واهه، نه ته ٻڪري ڏُهي، چار سيڙهون ڪڍي، آڻي حاضر ڪندا، ”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.“ ٿر جي ٻهراڙين ۾ سرنديءَ وارن هندن توڙي مسلمانن جا گهڻو ڪري اوتارا آهن. ڪنهن به ٽنڪ (وقت) ڪو مهمان آيو ته سندن اوتاري واري چونري يا لانڍيءَ ۾ وڃي لهندو، جتي کيس روٽي پاڻي ۽ هنڌ ٽپڙ جو بندوبست ٿي ملندو. ٿري هندو، جن مان ڪي ٻئي جي هٿ جي ماني ڪونه کائين، تن کي ڪچو سيڌو ۽ باسڻ برتن جو بندوبست ڪري ڏين ته ڀل پاڻ پچائي کائين. مسلمان هندن کان وڌيڪ مهمان نواز آهن، ۽ اڇوتن ۾ مينگهواڙ به مهمان نواز آهن. هيٺ ٿر جي مهمان نوازيءَ جا ٻه مثال ڏجن ٿا: (1) ڳوٺ ڀوڄاسر تعلقي مٺيءَ ۾ (چيلهار کان ننگر پارڪر ڏي ويندڙ شاهي رستي تي) نالي جاني ذات جو لنجو مسلمان رهندو هو. هيءُ مڙس جيتوڻيڪ ڪو وڏو مالدار ڪونه هو ته به مهمان نوازيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. کيس پنهنجو اوتارو هو. وٽس سدائين مزمان ايندا هئا. ٽاڻي تي ڪو مزمان نه هوندو ته مڙس جو سک ڦٽي پوندو هو ۽ اوستائين ماني نه کائيندو هو، جيستائين ڪو مزمان اچي. چون ٿا ته اُن وقت جي ڪنهن کي بخار ايندو هو ته جاني لنجي وٽان سڳو وٽائي ٻڌندو هو ته تپ ڇڏي ويندو هو. اڄ تائين ڪنهن کي بخار اچي ته ان کي ويهاري چوندا آهن ته ”آڌي رات هجي، مٿان برسات پيئي پوي، اهڙِ وقت سؤ گهوڙيسوار مهمان جاني وٽ اچي لهن، گهر ۾ داڻو به نه هجي، اهڙِءَ حالت ۾ به جانيءَ جي ايمان کي لوڏو نه اچي“، ته بخار ڇڏي ويندو آهي. (2) سنبت 1942 وڪرمي برابر سال 1885 عيسويءَ ۾ ٿر ۾ سخت ڏڪار هو. ان وقت ڪيترائي ماڻهو ناري ڏي ڀڄي ويا، باقي جيڪي رهيا تن ڪيئن عذاب سٺا وڻن جي ڇوڏن ۽ پنن تي گذر ڪيائون. اهڙي وقت ۾ ڳوٺ چانور تعلقي ڇاڇري ۾ رامو نالي هڪ ٻوچِيو ذات جو مينگهواڙ رهندو هو، جو ويچارو غريبي حال هوندي به اهڙي ڏکئي وقت ۾ به مهمانن جو آدرڀاءُ ڪندو هو. مانيءَ جو ته نالو ئي ڪونه هو، پر ٻاجهريءَ جي رٻ پياريندو هو. اها شئي به اُن وقت غنيمت هئي. ان بابت هڪ سگهڙ چيو آهي ته: ”ٻيتالي ۾ ٻوچِئي، رامي پائِي راٻ، سِيري رِي سَمتول، راٻ ٿانري راميا.“ يعني: سنبت 1942 وڪرمي ۾ رامو نالي ٻوچِيو مينگهواڙ مهمانن کي رٻ پياريندو هو. ان بابت سگهڙ چوي ٿو ته اها رٻ سيري جي سمتول (برابر) هئي. هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ سيٺ نهالچند رامچند لوهاڻو ڏاڍو مهمان نواز آهي. سندس اوطاق تي روزانو ڪيترائي مزمان ماني کائين ٿا. باب سورهون ڌنڌو ۽ گذران جا وسيلا ٿر جي ملڪي حالتن جي انهن کي ئي پوري خبر، جن اکين سان ديدار ڪيو هوندو. ٻاهريان ماڻهو ڄاڻي ڪونه سگهن. نئين آيل ماڻهوءَ کي عجب پيو لڳندو ته هتي ڪيئن ٿا رهن ۽ ڇا ٿا کائين؟ پر مارو ماڻهو پنهنجي ئي حال ۾ خوش. ڪفايت سان هلڻ ۽ ٿوري تي قناعت ڪرڻ ته ڪو کانئن سکي. ڪارخانا ۽ وڏا ڌنڌا ڪونه آهن ته به چوندا آهن ته ”جنهن چُهنچ ڏني آهي سو چوُڻو به ڏيندو.“ ڌڻي ڪارساز آهي، ”ڪِيڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ“، پيو سڀ ڪنهن جي پورت ڪري. ڪنهن جتي ڌيائي آهي، ان جي اُتي ئي پورت پيئي ٿئي. ٻارهوئي ڌنڌي ۾ لڳَا رهن، ڇو ته ”ٻڌو شينهن بک مري“. هٿ پير چورڻ کان سواءِ مٿان ڪجهه ڪونه ڪرندو. ماڻهن جو مکيه ڌنڌو آهي کيتي ڪرڻ ۽ مال چارڻ، پر ٻيا به ڪي وسيلا آهن. شهري ماڻهو واپار ڪن، ڪي نوڪريون ڪن. غريبن جو گذر آهي مزدوريءَ تي. مٽيءَ مان جايون ٺاهين، جهنگ مان ڪاٺيون ۽ گاهه آڻي شهرن ۾ وڪڻن، ڪي ڀاڳيا اُٺن تي چاڙهيڪي ۽ بار برداريءَ جو ڀاڙو کڻن، ٻهراڙين جا ماڻهو وسڪاري جو پوک جو ڪم ڪن، وغيره. سياري اونهاري مال چارين. سال ۾ ٻه دفعا رڍون ۽ هڪ دفعو ٻڪريون ڪَترين. اُٺ جي ملس به ڪَتِرين. اُن ۾ ڏاس چڱي اگهه وڪڻن. اڇي اُن کان ڪاري اُن وڏي اگهه وڪامي جنهن مان چڱو اُپراسو ٿئي. ٻڪر ۽ گهيٽا ٽانڪارون سوداگرن کي وڪڻن، جنهن لاءِ گبول ۽ راڄڙ واپاري سدائين پيا گهمن، جي مال خريد ڪري ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ڏي ڪاهي وڃن. بعضي ٿريا پاڻ به مال سودي وڏن شهرن ۾ وڪڻيو اچن. مکڻ ۽ کير وڪڻڻ کي عيب سمجهن، البت سهرن ۾ رواج آهي. ٿر ۾ ڍڳيون ڪافي آهن، جنهنڪري گيهه جام ٿئي. ٿر جو گيهه مشهور آهي، جو چڱي انداز ۾ ٻاهر وڃي. اڳي ٿر جا ڪيترا هندو ۽ مسلمان ڍڳا ڪاهي گجرات ڏي ويندا هئا، جتي ڪجهه روڪڙ ۽ ڪجهه اوڌر تي وڌيڪ اگهه سان مال ڏيئي ايندا هئا. پوءِ سال بسال نئون مال ڪاهي ويندا هئا، جو ڏيئي اڳيان رهيل پئسا اُڳاڙي ايندا هئا. مگر هاڻي ڍڳا سنڌ ڏي وڪري لاءِ ڪاهي ويندا آهن. ڍڳين جو چمڙو ۽ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون ٿر ۾ به ڪم اچن، پر ڪافي مال ۽ هڏا ٻاهر وڃن. شهري مهيشورين جا ٻهراڙين ۾ دڪان آهن ۽ وياج تي ڏوڪڙ ا_ڌارا ڏين. هڪ دفعي ڪنهن وٽانئن چار ڏوڪڙ اُڌارا ورتا ته ڄڻ ااَڙيو. ٻيڻا چوڻا ڪريو غريب جو رت ست چوسيو وٺن! هاڻي مڪاني ماڻهن به دڪان وڌا آهن. مسلمان ڇيلن، ڍڳن ۽ اُٺن جو واپار ڪن ۽ پئسي وارا ڀائيواري ۽ ٽهائي نفعي تي پيسا ڏين. مينگهواڙ چمڙو رڱي اُن مان جُتيون، پخالون، سانداريون ۽ نتون ٺاهين. سانداريون هرڻ ۽ ٻڪري جي کل مان نٿون رڍ جي کل مان ٺاهين. هرڻ جون کلون مصالحي سان رڱين، جن تي وار قائم هوندا آهن ۽ ڏاڍيون نرم ٿينديون آهن. اُنهن کي ”مرگهه ڇال، سڏين، ۽ اُن مان نتون، نماز پرهڻ لاءِ مصلا، کٽن تي وڇائڻ لاءِ چادرون ۽ گاديون وغيره ٺاهين. رڍن جي اُن مان کٿا، ڪمريا، ڪمرون، لويون جوڙين، ٿري ڪمرون مسهور آهن، جي وڪري لاءِ ٻاهر وڃن ۽ وڏي قيمت تي وڪامن، ڪپهه مان به ڪپڙو تيار ڪن. ڀيل ٻڪرين جي ڏاس مان ٻوريون، ٻورا، کرڙ ۽ خرزينون تيار ڪن. کلن ۽ هڏن جو واپار ڪن، سنڌ مان ڪانيون آڻي اُن مان ڇَڄَ، ٽٻڪا ۽ کاريون ٺاهين. سوٽهڙ اُٺن جا پاکڙا ۽ گهوڙن جا هَنا ٺاهين، جن تي لوهه ۽ پتل جو عمدو ڪم ڪن. ٿري پاکڙا ۽ هَنا سٺا ٿين، سنڌ جا زميندار شوق سان ٺهرائين. کتون ۽ ٻيو ڪاٺ جو ڪم به ڪن. روهيڙي جون کتون وڌيڪ سٺين ٿين. کَٽي پپڙي رڱڻ جو ڪم ڪن. ڪنڀر مٽيءَ مان ٿانءُ ٺاهين، حجام ۽ نائي حجامت جو ڌنڌو ڪن، سونارا سون ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهين. ٿري عورتون گهرو ڪم، پاڻي ڀرڻ، رڌڻ پچائڻ، ڪپڙو لٽو سبڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪن. مردن جون به مددگر آهن. مال کي پاڻي پيارڻ ۽ کيتيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪن. شهري ٿري عورتون گهرن ۾ ڀرت جو ڪم (ريشم ۽ سُت سان) ڪن ۽ اُن مان گرم مفلر ۽ سوئيٽر ٺاهين. آر تي وهاڻن جون ڇَهون، بسترن جون چادرون، گنجيون، ٿالهه پوش، ميز پوش وغيره ۽ ڪپڙي مان اُٺن ۽ گهوڙن جون جهُلون ٺاهين. مسلمان عورتون رنگارنگي پٽين ۽ چُٽڪين سان رَليون ٺاهين. ٻهراڙيءَ جون عورتون ائٽ تي اُن ڪَتين، جنهن مان اونهي ڪپڙا ٺهن. برهمڻ اڪثر اُٺ پلاڻين، واپارين جو مال شهرن ڏي کنيو وڃن ۽ اُتان وري واپاري سامان آڻين. غريب ماڻهو جهنگ مان کنؤر، گُگَر، سڱريون، ٻير ۽ پيرون چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو ڪن. ٿر ۾ سڀني کي پوک لاءِ گهڻو ڪري پنهنجي زمين آهي. جي ڪنهن وٽ نه هوندي، ته ٻئي کان ٻني پَتيءَ تي وٺي آباد ڪندو آهي. ٿر ۾ پيدائش جا ذريعا گهٽ آهن، جنهنڪري ماڻهن جون گهرجون به گهٽ آهن. سادگي ۽ صرفي سان وقت ڪاٽين. ڏڪار وقت غريب ماڻهو ٻارين ٻچين ۽ ڪي ڇڙها ناري ڏي نڪريو وڃن، جتي وڃي مزدوري ۽ لابارو ڪري پيٽ پالين. ڀيل ۽ ڪولهي گهڻو ڪري سدائين. ڏڪار هجي يا سُڪار، هولي ملهائي، ناري ڏي نڪري وڃن. وري مينهن جي موسم ۾ ڇنڊ چوڻ تي موٽي ماڳ اچن ۽ اچي ٻني ڪن. ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جن کي ڪو خاص ڌنڌو ڪونهي. اُهي وري ٻين وٽ مهيني تي ڪمائين، يا ڇوُٽڪ مزدوري ڪن. ڪنهن کان اُٺ وٺي اڌ تي ڪمائين، پتيءَ تي ٻني ڪن، ڪن وٽ هاري ٿي بيهن، جهنگ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ۽ ڪنڊن جا اوپاڙا کڻيو اچيو وڪڻن. مريئي سڀڪنهن جي ڌڻي پيو لڄ رکي. ڪاريگريون ۽ هنر ٿر ۾ ڪوبه وڏو ڪارخانو ڪونهي، فقط ننڍي پيماني تي مٺي، ڇاڇري ۽ ننگر پارڪر ۾ آڏاڻا آهن، جتي مود، نِوار، چاندنيون، انگوڇا، ٽوال، ديسي هلڪا کيس، ڪمرون، فراسيون، لويون، کٿا، جهاجهم، ٿلهيون ڌوتيون ۽ شالون ٺهن ٿيون. مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ غاليچا به عمدا ٺهندا آهن. ڪاٺ مان پاکڙا ۽ هَنا، جن تي پتل ۽ لوهه جو ڪم ٿيل هوندو آهي (ڪن تي چانديءَ جون ڦلڙيون به ٿين)، لوهه ۽ پتل جو سامان ۽ ٻيو ڪاٺ جو سامان، هيرار، چيلهار، مٺي، ڇاڇري، مالڻهور ۽ گوڌريا ۾ ٺهي. اهو ڪم سوٽهڙ ڪندا آهن. سٺيون ڪمرون، ڪمريا، کٿا، ڪوٽن لاءِ چوڦيرو اونهي گرم ڪپڙو، اُن جون ڪاريون ۽ اَڇيون لويون، دادئي جي تڙ، تُڳوسر، آمِرئي، لوڻهيار، ڏاترني جي تڙ، ڀاڏا سنڌا، جوڙوئي ۽ بين هنڌن تي تيار ٿين. ”سرتيون دعا ڪجاهه، ڀرم ڀاروڙي رهي.“ -(شاهه) ڪن رڍن جي اُن تمام نرم، نفيس ۽ اڇي ٿيندي آهي، تنهن مان ٺهيل لوئيءَ کي ڀاروڙي چوندا آهن، اهو ڪم مينگهواڙ ڪندا آهن. چمڙي جا بُوٽ، سليپر ۽ چمپل، مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار، ڇاڇري، ڏيپلي ۽ عمر ڪوٽ ۾ ٺهن ٿا. ديسي جُتيون، پخالون، سانداريون، نتون، هرڻ جون کلون (مرگهه ڇال) ۽ اُن مان نتون، مصلا وغيره سڄي ٿر ۾ مينگهواڙ ٺاهيندا آهن. ڇاڇري، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ کٽي ڪپڙي تي رڱاوت جو ڪم به ڪندا آهن. اُن مان کٿا، ڪمرون، لويون، ڪپههمان سوٽي ڪپڙو سڄي ٿر ۾ مينگهواڙ ۽ ڏاس مان ٻورا، ٻوريون (کاهيون)، کرڙ (جيرويون)، کَڙيا ۽ ڪانن مان ڇَڄَ ٽُٻڪا ۽ کاريون سڄي ٿر ۾ ڀيل ٺاهيندا آهن. وڏن شهرن جهڙوڪ مٺي، ڇاڇري، عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، چيلهار ۽ ڏيپلي ۾ عورتون هٿ تي اوني سُئيٽر، گلابند، مفلر، ٽوپيون، آر تي سوٽي گنجيون، هنڌن جون ڍادرون ۽ وهاڻن جون ڇهون ٺاهينديون آهن. ڪپڙي تي ڀرت جو هنر سڄي ٿر ۾ آهي، جيڪو يورپ ۽ آمريڪا تائين مقبول آهي. لوهار (ڪاريا) ٿر جا رهاڪو ڪونه آهن، اُهي گهومو آهن. ڪڏهن ڪڏهن خاص ڪري برساتي موسم ۾ ٿر ۾ ايندا آهن ۽ لوهه جو ڪم ڪندا آهن. وڏن ڳوٺن، مٺي، چيلهار، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي ۽ عمرڪوٽ ۾ پن جون ٻيڙيون ٺهنديون آهن، جن تي وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو گذران هلي ٿو. اهي ٻاهر وڪري لاءِ به وينديون آهن. ڇاڇري، ڇيلهار، مٺي ۽ عمرڪوٽ ۾ سونارا رهن ٿا، جي سون ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهيندا آهن، سونارن جو مٺيءَ ۾ ججهو تعداد آهي. پاڻَ جڏهن ڪوري ڪپڙا اُڻڻ لاءِ تاڃي تيار ڪندا آهن، تڏهن پهريائين ”پاڻَ“ ڏيندا آهن، جنهن کي شاهه صاحب ”پيڻ“ ڪوٺيو آهي. ”کائُڙ کٿيون خاصيون، اُچيون اُت اڄن، ڪڍيو پيڻ ڪَهن، ملير گهرجي مارئي.“ ڪُني ۾ پاڻي وجهي ان ۾ ٿورڙو ٻاجهريءَ جو اَٽو وجهي رڌي هيٺ لاهين، ته تمام ڇڊڙي پيڄي تيار ٿيو پوي. جنهن کي ”پاڻ“ چون. اها مٽيءَ جي وڏي ڪونڊيءَ ۾ وجهي، اُن ۾ تاڃي چڱيءَ طرح ٻوڙي پوءِ سڪائين ته تندون کهريون ۽ مضبوط ٿيو پون ۽ اُڻڻ مهل سهوليت به ٿئي ۽ ڇڄڻ جي حالت ۾ سولائيءَ سان ڳنڍجي سگهن. اوني ڪمرين، کٿين، لوين ۽ سوٽي ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ پاڻ ڏيندا آهن، هر هڪ قسم جو ڪَلفَ آهي جنهن ڪري ڪپڙو تيار ٿيڻ بعد سخت ٿي بيهندو آهي. ڪپڙو تيار ٿيڻ بعد هٿ سان مهٽي يا پاڻيءَ ۾ پُسائي نپوڙي سُڪائي پوءِ ڪم آڻبو آهي ته نرم ٿئي ۽ پاڻَ جي ڌپ ڪري ڪُئا يا ٻيا جيت ڪُتري يا ٽُڪي نه وڃن. اَڪوارو ٿر ۾ اَڪ جو ٻوٽو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري وسڪاري جو وڌندي ويرم ئي ڪونه ڪندو آهي. اَڪ جون گهڻيون ٽاريون ڪپي سُڪائي يا اونهاري جو جڏهن اڪثر اَڪن جون ٽاريون ازخود سُڪي وينديون آهن تڏهن گڏ ڪري، ڪٽي، ڪاٺين جا سنها ٽڪر ۽ ڇوڏن جي ڀور جدا ڪري اُڇلائبي آهي ۽ ٽارين جي مٿان اڇا ڌاڳي جهڙا تاندورا ٿيندا اهن، سي گڏ ڪبا آهن. پوءِ اُهي ڍيريءَ تي وٽي گيڙها ڪبا آهن. ان بعد ٻه – ٽي ڏينهن پاڻيءَ ۾ پُسائي وري به ڪُٽبو آهي ته اڃا به گند رهيل هجي ته نڪري ويندو ۽ باقي صاف تاندورا بچندا، جن کي وري نئين سر ڍيريءَ تي وٽبو وڃبو ۽ پُسيل ڪپڙي سان زور سان تند کي نپوڙيو وڃبو ته تند بلڪل صاف ۽ نرم ٿيندي ويندي، ان کي ”اڪوارو“ چون. اهو بلڪل مضبوط ٿيندو آهي، جنهنڪري اُن مان رَسا ۽ وَرِيون ٺاهبيون آهن ۽ کٽون واڻبيون آهن، جي ويهڻ ۾ نرم به ٿينديون اهن ۽ مُڃ جي واڻ کان گهڻو وقت وڌيڪ جٽاءُ به ڪنديون آهن. ڪي ماڻهو اَڪواري کي ڳاڙهو، پيلو، سائو رنگي پوءِ تون ۽ پينگها مختلف ڊزائينن سان واڻيندا آهن ته ڏاڍا سٺا پيا لڳندا آهن. ڪولهي ماڻهو اهو ڌنڌو ڪندا آهن. جو اَڪوارو ڪڍي وڪرو ڪندا آهن. ڪڏهن پُرهن جي حساب سان ۽ ڪڏهن تور جي حساب سان اٽڪل ٻه رپيا سير تائين وڪامندو آهي. اهو نه رڳو ٿر ۾ ڪم اچي پر ٻاهر وڪري لاءِ به جام ويندو آهي. معدنيات ٿر ۾ لوڻ کان سواءِ ٻي ڪابه معدني پيدائش ڪانهي، جنهن مان ڪا خاص اُپت ٿئي، يا ٻاهر وڃي يا ماڻهن لاءِ ڪارائتي هجي. البت ڪي ننڍي پيماني تي شيون لڀن ٿيون، جن طرف اگر باقاعده نموني ڌيان ڏنو وڃي ته جيڪر هن بدنصيب علائقي جي خوسحاليءَ جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو. گڍڙي جي ڀرسان ۽ ڇاڇري جي الهندي پاسي ٻن ميلن جي پنڌ تي ڳوٺ سوکروَ وٽ ساڪُو جي ڏهر ۾ زمين مان عمارتي ڏانو جو پٿر نڪري ٿو، جو گهڙي عمارتن جي ڪم آندو وڃي ٿو. هن پٿر مان عمارتن لاءِ ڪامون، کوهن لاءِ ڪوٺيون ۽ منهن جا چونڪ ٺهن ۽ کوهه ٻڌڻ لاءِ ڪمائتو آهي. مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪچو پٿر ۽ چُن جو پٿر پڻ لڀي ٿو. ٿر جي پارڪر واري حصي ۾ ڪارونجهر ٽڪري معدنيات جو ڀنڊار آهي. هيءَ پهاڙي ملڪ جي ٻين پهاڙين وانگر معدنيات جي عجب اسرارن سان ڀري پيئي آهي. جاگرافيءَ ۽ معدنيات جي ماهرن جي لاءِ ڪارونجهر ٽڪري ڪشش جو مرڪز رهندي اچي ٿي، جيڪڏهن هن ٽڪريءَ جي سروي ۽ کوجنا ڪئي وڃي ته گمان غالب آهي ته ڪيئي قيمتي معدني شيون هٿ اچي سگهن ٿيون. ڪارونجهر ٽڪريءَ مان سخت پٿر نڪري ٿو. جو اڏاوت جي ڪم اچي ٿو. چوُڙئي ڳوٺ وٽ هڪ ننڍي پهاڙيءَ مان ڳاڙهو پٿر لڀي ٿو، جو عمارتن جي ڪم اچي ٿو. ننگرپارڪر تعلقي ۾ هڪ قسم جو پٿر لڀي ٿو، جنهن کي ”ڀوڪَر“ جو پٿر چوندا آهن. ريتيءَ جا تهه پاڻ ۾ ڄمي ميٽ وانگر ٿي ويا آهن جن کي زمين مان کوٽ ڪڍندا آهن، اهي جاين ٺاهڻ جي ڪم ايندا اهن. هن پٿر جي خصوصيت هيءُ آهي جو جيئن ان تي برسات جو پاڻي پوندو تيئن اهو سيمينٽ وانگر پڪو ۽ مضبوط ٿيندو ويندو. روهج تعلقي ننگرپارڪر وٽ ۽ ميهلاڻي کان اُڀرندي ڏهر ۾ پٿر نڪري ٿو، جو کوهن ٻڌڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. ان طرح سڄي ريگستان علائقي ۾ پئٽرول جي ذخيرن جي امڪانن جي جائزي وٺڻ لاءِ ماضيءَ ۾ پاڪستان سرڪار طرفان امريڪا ۽ روس جي ٽيمن، سالن کان وٺي سروي ۽ کوجنا پئي ڪئي آهي، مگر ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي. ٿر جي صحرائي علائقي ۾ تيل ملڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا. اميد آهي ته پاڪستان سرڪار ان ڏس ۾ ڌيان ڏيندي. ان طرح سان هي بدنصيب ريگستاني علائقو، تيل جي دولت جي پيش نطر، خوشحال ۽ سرسبز علائقو ٿي سگهي ٿو. ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي اڇي مٽي لڀي ٿي. جا جيتوڻيڪ چُن جهڙي ڪانه آهي ته به چڱي آهي. ماڻهو پنهنجين جاين کي اُن مٽيءَ جو پوٿو ڏيندا آهن. اها مٽي مٺي چيلهار، کينئسر، ڇاڇري ۽ بين هنڌن تي تراين مان ملي ٿي. ڪٿي ڪٿي ڪاري مٽي لڀي ٿي جا صفا ڪاري ڪانه آهي، پر ڪجهه ٻيءَ مٽيءَ کان ڪارسري وڌيڪ آهي، جا ميٽ وانگر ملي مٿي ۾ وجهي وهنجندا آهن. صابڻ ۽ کار جي بدران پاڻيءَ ۾ ڳاري ان سان ڪپڙا ڌوئيندا آهن، اها مٽي مٺيءَ جي تراين مان ملي ٿي. ڪيترائي ويجهيءَ چَڪ جا ماڻهو اها متي کڻي ويندا آهن. اها نه رڳو مٿين ڪمن لاءِ ڪارائتي آهي، پر جاين کي راڳو ڏيڻ لاءِ به بلڪل جٽاءُ ڌار آهي. ٻي چيڪي مٽي چيلهار جي راڻا سر ترائيءَ مان ملي ٿي. ان ۾ ايترو ته ليس آهي، جو جڌڏهن اڌو اڌ واري گڏبي آهي تڏهين راڳي ۽ سِرن وجهڻ جي ڪم آڻي سگهبي آهي. گهرٽياري ۽ سوراچند ڳوٺن وٽ هڪ قسم جي ميٽ جهڙي اَڇي مٽي نڪري ٿي، جا مٿي ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿي، ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ به صابڻ جو ڪم ڏئي ٿي. ڪٿي ڪٿي لوڻ جي سَنَن جي ڀرسان چيرولي لڀي ٿي، جا جاين جي ڪم ۾ آڻبي آهي. ٿر مان ٿورو گهڻو معدني سامان لڀي ٿو پر ان جي کوٽائي ۽ سڌاري لاءِ ڪي انتظام ڪونه آهن. ڄاڻن جو رايو آهي ته ٿر ۾ جيڪڏهن کوجنا ڪئي وڃي ته ڪافي پيدائش واري معدنيات لڀجڻ جا روشن امڪان آهن. لوڻ جا سن ڇاڇري تعلقي ۾ ڪوبه سَن ڪونه آهي، باقي ٽنهي تعلقن مٺي، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر ۾ سن آهن، جن مان ڪن ۾ وڏي انداز ۾ لوڻ لڀي ٿو. اهي سن ڪڇ جي رڻ سان ويجهڙائيءَ ۾ مٺي، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي ڏاکڻي ”وٽ“ واري ڀاڱي ۾ آهن. تعلقو ڏيپلو: سڀني کان وڏو سن ”سارڻ جو سن“ آهي. هن تي گورنمينٽ جو ضابطو آهي. باقي سن ائين پيا آهن، مگر انهن تان لوڻ کڻڻ جي بندش آهي، جهڙوڪ چکُنڊارو سن، رَتو ۽ ڊگهڙو سن، گوڏان گهڙي جو سن، پُبُوپَل جو سن، گڏهه ڪَرنگهو سن، هٿڙائي جو سن، هٿڻي سن، ڪنڙسن، الياري سن، چِيهالو سن، ڪَنئورليو سن، لاڏي سن ۽ ڇڇيءَ جو سن، وغيره،. تعلقو مٺي: راگهاريل سن، سُجاڙي سن، ڀوتاڙو سن، گرياڇو سن ۽ ڏاڌوڙ سن وغيره. تعلقو ننگرپارڪر: گوهيو سن، ڪيرليو سن، ڳاڙهي ترائي سن، ارنيارو سن، موکئي جو سن، جهامري سن ۽ رڙيارو سن. موکئي جي سن مان رنگين قسم جو لوڻ لڀي ٿو، جو چوڪنڊو آهي ۽ وچ ۾ گول ليڪا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪارخانن لاءِ سهوليتون ٿر ۾ ڪچو مال گهڻوئي موجود آهي، جو هتي ڪم نه اچڻ ڪري ٻاهر موڪليو وڃي ٿو. ڇو ته هتي ڪو اهڙو ڪارخانو ڪونه آهي، جنهن ۾ انهيءَ ڪچي مال مان ڪجهه پيدا ڪري سگهجي. ٿر ۾ اڪيچار سفيد ۽ ڪارآمد واري موجود آهي، جيڪڏهن شيشي ٺاهڻ جو ڪارخانو کوليو وڃي ته تمام ٿوري تڪليف ۽ سستائي سان واريءَ مان ڪيترو ئي شيشو جو سامان تيار ٿي سگهي ٿو. رڍن جي اُن، ٻڪرين جو ڏاس ۽ اُٺن جي ملس سال بسال هزارين مڻ ٻاهر وڃي ٿي، جيڪڏهن هتي ڪي اهڙا ڪارخانا کوليا وڃن، جتي اُن صاف ڪجي، نرم ڪجي، رڱجي، ڪتجي، ڪپڙو ٺاهجي، بلئڪيٽ، مفلر، ٽوپلا ۽ ٻيو سامان تيار ڪجي، ته هوند ٿر جو واپار چوٽ تي چڙهي وڃي. ٿر مان سال بسال هزارين مڻ هڏا ٻاهر وڃن ٿا، انهن لاءِ ڪو ڪارخانو کولجي ته ڪافي مال تيار ٿي سگهي ٿو. برسات جي موسم ۾ ڪيترن ئي نمونن جون ٻوٽيون اُڀرن ٿيون، جن مان بلڪل مفيد دوائون تيار ٿي سگهن ٿيون، پر ڪو بندوبست نه هئڻ ڪري اهي سڙيو ناس ٿيو وڃي. ٿر، نموريون ٽوهه جو ٻج، پيرن جا ٻج ۽ هيرڻ جام ٿين ٿا، انهن کي پيڙي تيل ڪڍڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي ته ڪافي نمونن جا تيل تيار ٿي سگهن ٿا. مٿين قسمن کان سواءِ ٻيا به ننڍا ننڍا ڪارخانا کوليا وڃن ته نه رڳو ڪافي مال پيدا ٿئي جو بلڪل سستو ٿي پوي، پر ڪيترا ٿري ويچارا. جي بيروزگار هئڻ سبب ناري ڏي ويندا آهن، تن جي روزگار جو وسيلو ٿي پوي. ٻهراڙيءَ جو دڪان ٿر جي ٻهراڙين ۾ جتي 15-20 يا وڌيڪ گهر هوندا آهن، اتي ڪونه ڪو دڪان هوندو آهي. اڳي رڳو شهري واڻين جا دڪان هوندا هئا، جي اتي پوک جو ڪم ۽ ڏيتي ليتيءَ جو به ڌنڌو ڪندا هئا، پر هاڻي ڪٿي ڪٿي ڳوٺن جا مسلمان ۽ ٿورا مينگهواڙ به دڪان جو ڌنڌو ڪن ٿا. شهري دڪاندار پنهنجو مال حيدراباد، ڪراچي ۽ بين شهرن مان گهرائين، ٻهراڙيءَ جا دڪاندار وري انهن کان خريد ڪري اچن. دڪان تي صرف معمولي شيون، جي روزمرهه ڪم ايندڙ آهن، سي رکن، جيئن ته رواجي سادو ڪپڙو، لوڻ، مرچ، تيل، تماڪ ٻيڙيون، ماچيس، ڳڙ، کنڊ ۽ ٻيو اهڙو سادو وکر جو ٻهراڙين ۾ غريب طبقي جي ڪم اچڻ جهڙو هجي. ماڻهن کي وڌيڪ شين جي ضرورت پوي ته ويجهي شهر مان وٺيو اچن. ڪو ماڻهو شهر ڏي سنڀرندو ته پاڙي وارا به پسئو ڏوڪڙ يا داڻو ڦڪ ڏيندا ته اسان جو وکر به وٺيو اچج. ٻهراڙين ۾ بروقت پئسو مَٺو هوندو آهي تنهنڪري روڪڙ تي واپار نالي ماتر ٿئي. غريب ماڻهو، ٿوري گهڻي سئي کپندي ته پاڻ يا ٻارن کي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، وغيره پلاند ۾ ٻڌي ڏيندا، جو دڪان تي ڏيئي ان جي عيوض سئي وٺي ايندا. اڳي چوٿائي يا پاٽيءَ سان اَن ڀربو هو، پر هاڻي ٿور جو رواج آهي. اوڌڏر تي وٺندا، واپاري کنڌو لکي ڇڏيندو، جو ٻني لهڻ تي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ ڏيئي کنڌو لائيندا آهن. مالدار ماڻهو هر ڪنهن سومر تي مکڻ پگهاري گيهه ڪندا آهن. دڪاندار هر ڪنهن گهر وڃي گيهه وٺي ايندو آهي. تور جو رواج ڪونهي، پر ٽِپِيرين سان ڀربو آهي. هن سرشتي ۾ واپاريءَ کي فائدو ٿيندو آهي. ڌنار ۽ مزور طبقي وارا جهنگ مان کنؤر ۽ گُگر چونڊي آڻي دڪان تي ڏيئي وکر وٺندا آهن. دڪاندار اناج، گيهه، گگر، کنؤر وغيره گڏ ڪري، ڪافي انداز ٿيڻ تي شهرن ۾ وڃي مال ڏيئي وري وکر وٺي ايندو آهي. آهت جيئن سنڌ ۾ رواج آهي ته ٿوري گهڻي ڪم لاءِ ڏوڪڙ ڏيئي ڪم ڪرائبو آهي، تيئن ٿر ۾ ڪونه آهي. اتي ڪيترا ڪاسبي آهن، جيئن مينگهواڙ چمڙي جو ڪم ڪندڙ، ڪنڀر مٽيءَ جا ٿانءُ ٺاهيندڙ، سوٽهڙ ڪاٺيءَ جو ڪم ڪندڙ حجم سنوارت ڪرڻ وارا، وغيره ٻيون قومون پنهنجو گهرو ٿورو ڪم انهن کان ڪرائينديون آهن، جنهن لاءِ بروقت روڪڙ پئسو ڪونه ڏين، پر ڪي نيم مقرر ٿيل آهن، جن موجب انهن کي پنهنجي ڪم جو عيوضو ڏيڻ جو ڪڏهن گهڻو ڪڏهن ٿورو، مڙيئي حساب مليو وڃين. ڪاسبين کي چون ”آهِتوُ“ ۽ ڪم ڪرائڻ وارن کي چون ”هَٽار“. مثلاً جي گهر ۾ ڪنهن ڀاتيءَ جي جُتي ٽُٽي پوندي، يا ڇڄ کي چم چاڙهائڻو هوندو، يا سانداريءَ کي ٽوپو ڏيارڻو هوندو، ته موچيءَ وٽ کڻي ويندا ۽ ڪم ڪرائي ايندا. ٿورو ڪاٺيءَ جو ڪم هوندو ته سوٽهڙ کان ڪرائي ايندا. جي مٽيءَ جو ٺڪر، دلو، ڪنو، تس، طباڪ، دانگي کپندو ته ڪنڀر کان وٺندا. سنوارت ڪرائڻي هوندي ته حجام کان ڪرائي ايندا. پوءِ ڪنهن وڏي ڏينهن ڏياري، هولي، ٿڌڙي، عيد وغيره تي آهِتوُ کڱي سير ڳڙ، پاٽي ٻه اَن هاري هوندو ته ٻني لٿي مڻ اڌ اَن، شادي ٿي ته سڄي گهر جي ماني ۽ چُني وغيره ڪپڙو ۽ ٻيا ڪي مقرر لاڳ آهتوُ کي ڏيندا چوپايو مال هوندو ۽ ڪو مُئو ته اُن جو چم موچيءَ کي مفت ڏيندا. شادي ٿي ته مالهي، سوٽهڙ، موچي، حجام، ڪنڀر وغيره کي مقرر لاڳ ڏيندا. اهڙيءَ طرح حساب ٺهيل آهي جو ڏيندا رهندا ۽ سنهو ٿلهو ڪم پيا سدائين ڪرائيندا. ڪنهن هَٽار جي گهر سڪ جو پٽ ڄائو يا شادي ٿي ته اهڙن موقعن تي موچي ٻار لاءِ ”ڇِتري“ يا گهوٽ لاءِ جُتي تيار رڪي ايندو. سوٽهڙ ٻار لاءِ ”منهن رکي“، کتولي يا پينگهو تيار ڪري ايندو. ڪنڀر مٽ، دلا، گهگهروُن وغيره تيار ڪري ايندو. انهن شين تي رواجي شين کان محنت وڌيڪ ٿيل هوندي. انهن جا روڪڙا پئسا ڪونه وٺندا، پر چوندا ته اسان ”ڍوڻو“ ڪري آندو آهي. پوءِ هٽار پنهنجي حيثيت سارو انهن کي ڍڳي وهڙي، رڍ، ٻڪري، چُني وغيره ڏيندو. ان مهل ڏنل شيءَ جي قيمت جو حساب دل ۾ ڪونه رکندا، پر ڍوڻي جو خيال ڪندا. ڪي ڪي ته بلڪل گهڻو ڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح آهتوُ کي سڄي سال ۾ سندس ڪيل ڪم جو عيوضو محنت کان وڌيڪ مليو وڃي. آمدني روانگي ٿر ۾ واپاري مال جي آمدرفت لاءِ ڪنري، نبيسر روڊ ۽ نئون ڪوٽ ويجهيون ۽ سهوليت واريون ريلوي اسٽيشنون آهن، جتان سڄي ٿر جو مال اچي وڃي ٿو. اڳي اتان سمورو مال اُٺن جي رستي ٿر ۾ نيو ويندو هو، پر هاڻي ٿورو وقت ٿيو آهي ته ٿر ۾ ٽرڪون چالو ٿيون آهن، جي ٿر جي وڏن ڳوٺن، ڏيپلي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، چيلهار، ڪانٽيي ۽ ڇاڇري تائين وڃن ٿيون، جنهنڪري مال جو گهڻو حصو انهن جي وسيلي نيو وڃي ٿو، باقي اُٺن ستي بلڪل ٿورو واپار هلي ٿو. سڄي ڇاڇري تعلقي جو واپار (سواءِ چيلهار ۽ ان جي آسپاس جي) ڪُنري اسٽيشن تان ۽ ننگرپارڪر، مٺي، ڏيپلي ۽ چيلهار جو واپار نئون ڪوٽ اسٽيسن تان هلي ٿو. نبيسر روڊ تان بلڪل ٿورو واپار هلي ٿو. روانگي: اُن، ڏاس، گيهه، چمڙو، کلون، هڏا، ٻاجهري، گوار، تِر، مڱ، ڪورڙ، چونرا، کٿا، ڪمريا، ڪمرون، لويون، ٻورا ٻوريون، کڙيا، جيريون، اُٺن ڍڳا، ڇيلا، کنؤر، گُگر، اوني سُٽ، ڏاس جو سُٽ، هَنا پاکڙا، پيتلي، حقا، پيتي حقي جون ناريون، ڀرت جو ڪپڙو، ڀرتل چُنيون، جهُلون، هيرڻ ۽ هيرڻ جو تيل ۽ چم جون نتون وغيره. آمدني: ريشمي، اوني، سوٽي ۽ سڻيءَ جو ڪپڙو، کنڊ، ڳڙ، تيل (ڄانڀي جو ڪڙو، سرهه جو سَرسِيو، گاسليٽ)، کوپرو، تلو، بناسپتي، ڊالڊا، ڀڳڙا، مرچ ڳاڙها ۽ ڪارا، ڦوٽا، اڻا، دالچيني، وڏف، ڪمال پٽ ۽ ٻيو مصالحو، ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، مڃيارڪو سامان، واڻ، تڏا، پن، تماڪ، سُٽ، ڌاڳا پشم، ريسم، پسارڪو سامان، ڪتاب، پنا پينسلون، سليٽون ۽ ٻيون اسٽيشنري جو سامان، گرڊر، ٽيئر، جائسٽ ڪارو ۽ اڇو چُن، پڙڇ، لوهه ۽ رُڪ جو سامان، ڪرا، ڪُنڊا، پتل سامي، ڪَنجهي ۽ ڪوپر جا باسڻ، دوائون ۽ ٻيو سامان وغيره. دولت ٿر ۾ ڪو صنعتي مرڪز ڪونه آهي ۽ نڪي پيدائش جا ڪي اهڙا وسيع وسيلا آهن، جو ماڻهو هڪدم گهڻو ڪمائي سگهن. ”ڦڙي ڦڙي تلاءُ“ واري ڪار آهي. شهرن ۾ ماڻهو واپار ڪن. ٻهراڙين ۾ ڪي وڏا زميندار آهن، جن وٽ زمين سرس آهي جا هاري رکي پوکائين. جي برسات پوري پوي ته چڱو اُپراسو ٿي پوي. ڪي مالدار آهن، جي ڏاس، اُن، ڇيلا، گهيٽا، ڍڳا ۽ گيهه وغيره وڪڻي پئسو ڪمائين. هنر ايتو ڪونه اٿن، جنهن مان ججهي پيدائش ٿي سگهي. تعليم ڏي هاڻي ماڻهن جو لاڙو وڌندو وڃي ٿو، تنهنڪري شهري ماڻهو گهڻا ۽ ٻهراڙين جا ٿورا نوڪرين ۾ آهن. ماڻهن جون گهرجون گهٽ آهن. ٿوري گهڻي شيءِ کپندي ته ڪٿان گُهري پورائو ڪندا ۽ ائين هڪٻئي کي ڏيندا به آهن. معمولي شيءَ لاءِ هروڀرو پئسو خرچ ڪونه ڪن. ماڻهو سادا، کاڏو ۽ ڪپڙو لٽو سادو، شاهوڪار ۽ غريب کي ڏسڻ سان تفاوت معلوم ڪري ڪونه سگهبو. ٻهرارين ۾ ڪي اهڙا مالدار آهن، جن وٽ پنهنجو سڀڪجهه آهي ته به رعت غريبن جهڙي سادي. چوندا آهن ”جنهن وٽ ان جي پلي، تنهن جي ذات ڀلي“، سو ٻهراڙين ۾ جنهن وٽ اَن جي گُندي ڀريل هجي، لسيءَ لاءِ پنهنجو ڏيڻو هجي، اُٺ مُهار ۾ هجي، واپاري وغيره هٽ تي شئي شڪل جي نانهه نه ڪري ۽ پنهنجيءَ وارو هجي، چار ڏوڪڙ ڪارپت تي ملي وڃن ته ان کي ”ڀاڳيو“ چون. شهرن ۾ مهيشوري ۽ لُهاڻا شاهوڪار آهن. واپار تي سندن قبضو آهي. وياج تي ڏيتي ليتي ڪندا اهن. ماڻهوءَ کي ڪارپت جي لحاظ تي، زبان تي يا گروي تي پئسا ڏيندا آهن. ”مُنهن ڏسي ٽيلو ٿا ڪڍن.“ ڪي وياج بنهه ڳرو وٺن، ڪي ته سائينءَ جا سنواريا اهڙا به آهن جو هڪ دفعو وٽن ڪو ڦاٿو يعني چار ڏوڪڙ ورتائين ته وياج تي وياج چاڙهيندا ويندا، اصل جند نه ڇڏيندا، قرضدار پاڻ ته عمر پوري ڪري مري ويندو، پر اولاد به پيو ڀوڳيندو. ٿر ۾ ماڻهو مرڻ بعد اوسر ڪرڻ ۽ شاديءَ تي اجايو خرچ ڪندا آهن، جو لاچار قرض کڻي پورو ڪن. اهو رواج غريب طبقي ۾ عام آهي. واڻيا انهن جو رت ست چوسي سڀ ٽپڙ ڪفايتي قيمت تي کنيو وڃن. آڌيءَ مانجهيءَ، تتيءَ ٿڌيءَ ويارا غريب مسلمان ۽ اڇوت پنهنجو پگهر وهائي پورهيو ڪن، پر ايترو به نصيب ڪونه ٿئين جو سانجهي صبح ٻه ويلا ٻچا کائي ڍؤ ڪن، ڪمائين غريب کائين سيٺيون. واڻيا سُڪار ۾ ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چونرا، ڪورڙ، ڪک ڪانو وغيره قرض ۾ سستي اگههس ان وٺن، جو وري مينهن جي موسم جي اڳ ۾ يا ڏڪار وقت هو چئوڻي پنهنجوڻي قيمت تي وڪرو ڪن، جنهن مان جام ڪمائين. ائين وڏي ملڪيت جا مالڪ ٿيو وڃن. شهرن ۾ لهاڻا شاهوڪار آهن. هو ڪمائي به ڄاڻن ته هنڊائي به ڄاڻن. سندن رهائش جو نمونو، جاءِ جڳهه، چاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، وهانءُ وڌاڻو وغيره شانائتو ۽ پروقار انداز سان ٿئي. مهيشوري به شاهوڪار اهن، ڪمائي ڄاڻن، عورتن کي زيور ۽ ڪپڙو لٽو اُچو پيل هوندو اٿن، اصل سون سان سٿيل، پر پاڻ بلڪل سادا، رواجي ڪپڙا، ڏسڻ سان ڪوبه نه سمجهندو ته هن وٽ ڪا ملڪيت هوندي! رهائش ۽ جاءِ جڳهه به سادي. ڪمائي ڄاڻن، هنڊائي گهٽ ڄاڻن. خرچڻ جا ڪنجوس ۽ ڪمائڻ جا حد چالاڪ. قرض ڪي شاهوڪار ماڻهو وياج تي پئسا اُڌار ڏيندا آهن. ڪي مسلمان وياج ڪونه وٺن، پر پئسا ڪنهن واپار جي لاءِ اوڌر تي ڏيندا آهن ته ان جي نفعي مان ٽِهائي وٺندا آهن. خاص ڪري مهيشوري ۽ لهاڻا وياج تي قرض ڏيندا آهن. انهن جو اهو ڌنڌو آهي. ڪي رواجي وياج هڪ سوَ تي هڪ مهيني ۾ ڏيڍ، ٻه، اڍائي رپيا وٺن، ته ڪي وڌيڪ وٺن. اهو سڀ قرضدار جي ڪارپت تي منحصر آهي. يواج ماهوار سارين. ڪي شاهوڪار، واپار ڌنڌي لاءِ ڪنهن کان قرض وٺندا آهن ته اهي به وياج ڏين پر ٿورو، يعني في سيڪڙو ماهوار اٺ آنا يا هڪ رپيو. ڪي ڏنل قرض جي رسيد لکائي وٺن ۽ ڪي بندي تي لکي صحيح وٺن، بعضي ٽڪلي تي صحيح وٺي شآهدن کان به صحيحون وٺن. جن تي اعتبار نه هوندو ته ان لاءِ ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻهو کي ضامن وٺن. ڪنهن کي پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ قرض کڻڻو هوندو ته واڻيا هيٺئين نموني قرض ڏيندا آهن: رقم ۽ وياج کان سواءِ هڪ اوني ڪمر وٺندا اهن، جنهن کي ”اوڍاڻي“ چوندا آهن. يا ڪي مثلاً 400 رپيا ڏيندا ته اُن جي بدران 450 يا 500 رپيا قرضدار کان لکائي وٺندا. انهيءَ وڌيڪ رقم کي ڪاٽو چوندا آهن. ڪي 19 رپيا ڏيندا ۽ حساب ۾ 20 رپيا ليکيندا يعني 5 سيڪڙو اڳواٽ ڪاٽ ڪندا. ان کي ”اُگِڻِيسابيسي“ چوندا آهن، پوءِ هلندو رقم تي وياج! غريب ماڻهن جون پيدائشون ايتريون ڪونه آهن، جو رقم ترت ڀرجي وڃي. تنهنڪري اهو قرض ڪيترا سال پيو هلندو آهي. بعضي ته پُٽ پوٽا به پيا ڀريندا. سيٺ جنهن کي قرض ڏيندا اهن اُن کي ”ڌُر“ چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٻه واڻيا پاڻ ۾ وڙهندا ته هڪٻئي کي پاراتو ڏيندا ته ”تنهنجي ڌُر مري“. انهيءَ ۾ مقصد اهو آهي ته قرض ورتل ماڻهو مري وڃي ته پئسا موٽي نه ملن ۽ کيس نقصان پوي. ڪي سال بسال ليکو ڪري ڪجهه وٺي باقي رقم تي وياج ليکيندا آهن، يعني گڏيل وياج ۽ ڪي ٽن سالن ۾ رقم ٻيڻي ڪري پوءِ وڌيڪ وياج نه وٺندا آهن. طريقو سڀڪنهن جو پنهنجو آهي. نئين ماڻهو کي قرض ڏيڻ کان البت ڪيٻائيندا آهن ۽ جنهن سان اڳيئي وهنوار هوندو اٿن تنهن کي ڏيڻ پسند ڪندا آهن، ڇو ته جنهن کي نئون قرض کڻڻو هوندو سو اڳئين جهوني قرض مان رقم ضرور ڏيندو جا هُونءَ جيڪر هن وقت نه ملي ها سا هينئر ملندي. رقم روڪ ڪٿان آئي؟ پر اُن جي عيوض ڍور ڍڳا، وهٽ وانو، کٿو ڪمر، ٻوري جيروئي وغيره، جيڪي هوندو سو ڏيندا. اهو وٺي پوءِ نئون قرض ڏيندا. اهڙيءَ طرح سيٺين کي پنهنجون ڌُرون هونديون آهن ۽ ماڻهو وري اويل سويل پئسو پنجڙ وٺڻ لاءِ سيٺ رکندا آهن. اهڙيءَ طرح جڏهن پئسو کپنن تڏهن سڀڪو پنهنجي سيٺ وٽ ويندو. انهن کي هڪٻئي جا ”مُهاڙِيا“ چئبو آهي. سيٺ جو ڪنهن ڏي اڳيئي قرض رهيل هوندو ۽ هن کي جي وري نئين قرض جي ضرورت ٿي ته سيٺ اڳئين قرض مان ڪجهه وٺي وري نئون قرض ضرور ڏيندو ڇو ته هو ڏسندو ته هي مون قرض نه ڏنو ته هُو وڃي ٻئي کان قرض کڻندو ۽ هن جي مُهاڙ وري نئين سيٺ ڏانهن ٿيندي، جنهنڪري منهنجو اڳيون قرض نه ملندو ۽ رقم ٻڏي ويندي، تنهنڪري پنهنجيءَ ڌُر کي خالي نه موٽائيندو. جيتوڻيڪ قرض وڏو مرض آهي ۽ چوندا آهن ”قرض آهي ڪوڙهه جو ٽِڪو،“ پر لاچار کي آچار ڪونهي. ضرورت وقت قرض نه کڻجي ته ڪٿان پورت ٿئي. ٿر ۾ مرڻي تي اوسر ڪرڻ ۽ شاديءَ تي اجايو خرچ ڪرڻ جو رواج آهي، تنهنڪري قرض ضرور کڻڻو پوي. اوسر تي رواجي طرح سان چار هزار خرچ اچي پر ڪي ته اڃا به وڌيڪ خرچ ڪندا آهن. ايترا پئس سڀني وٽ موجود ڪونه هوندا اهن، تنهنڪري لاچار قرض کڻن. اڳيان سيٺ به اُستاد آهن. پهريائين اڳئين قرض ۾ ٽپڙ ٽاڙي، ٻني ٻارو وغيره سڀ وٺن، بلڪ ڪن کي پاڻ وٽ هاري ڪري بيهاري ڇڏين، جي سدائين پيا سندن گهر جو ڪم ڪار ڪن. اهڙا مثال به آهن جو ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي جي کنيل قرض ۾ پوٽا ۽ پڙپوٽا پيا ڳهن! عام ٿري ماڻهو جيتوڻيڪ غريب آهن پر ڪُپتيا ڪونه آهن. پنهنجو کنيل قرض ته ڀري ڏين، پر مائٽن جو کنيل قرض به ڀري ڏيندا آهن. انهيءَ ۾ پنهنجي ڪارپت ۽ شان سمجهن. چوندا آهن ته قرض ڏني کان سواءِ عاقبت نه رهندي، هوند ۾ جيڪو نه ڏئي سو ڪُپتيو ۽ سماج جي نظر ۾ ڪِريل. ڪي اهڙا به آهن، جي کنيل قرض نه ڏين ته واڻيا ڇا ڪندا آهن جو انهيءَ گهر ۾ جڏهن ڪو ڪاڄ (اوسر يا وهانءُ) هوندو ۽ جڏهن مٽ مائٽ، عزيز، گنات ۽ نيات وارا اچي گڏ ٿيندا، تڏهن اچي قرض گهرندا، تنهنڪري ڪيترا انهيءَ خواري کان بچڻ لاءِ انڪار ڪري ڪونه سگهن، پر اڃا به جي ڪنهن انهيءَ نموني ۾ نه ڏنو ته واڻيا پنهنجي بَنديءَ مان انهيءَ حساب وارو پنو ڦاڙي سندس گهر اڇلائي ويندا، ۽ وري قرض نه گهرندا. جنهن جي گهر اهڙيءَ طرح پنو ڦاٽو. سو برادريءَ، ڳوٺ پنهنجي سڄي قوم، بلڪه ويجهي پسگردائيءَ جي رهاڪن ۾ گهٽ عزت وارو سمجهبو. اهو نه رڳو سندس لاءِ پر پوين لاءِ به داغ آهي ۽ ماڻهو يڪدم مهڻو ڏيندي ويرم نه ڪندا ته: ”اهڙو چڱو مڙس هُجين هاته پنو ڪونه ڦاڙائين ها.“ بلڪه پوين کي به مهڻا ڏيندا رهدنا. تنهن جي ڪري هرڪو پنهنجي ڪارپت رکڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽائيندو آهي. گروي تي قرض ڪي ماڻهو، جن کي بعضي ڪارپت تي اوڌر نه ملندي آهي، ته زيور گروي رکي قرض کڻندا آهن. جهڙو زيور، رُپي، چاندي يا سون جو هوندو، سو کڻي وڇي گروي رکندا. زيور جي اُن وقت جيڪا بزاري قيمت هوندي، ان جي اڌ جيترا پئسا قرض ۾ ڏيندا ۽ وياج في سيڪرو ماهوار رپيو، ڏيڍ رپيو، يا ٻه رپيا وٺندا. زيور گروي ٻن نمونن ۾ رکندا اهن: هڪڙو مُدي وارو، جنهن ۾ مُدو مقرر ڪندا، اوتري عرصي اندر پئسا ڏيئي زيور وٺي وڃي، مدو گذريو ته زيور واپس نه ملندا. ٻيو نمونو، جنهن ۾ ڪو مدو مقرر نه هوندو آهي. جڏهن پئسا ٿين تڏهن گروي رکيل زيور وٺي وڃي. بعضي هينئن به ٿيندو آهي، جو مدي گذرڻ ڪري، يا پئسن نه ٿيڻ جي حالت ۾، يا گهڻي وقت گذرڻ ڪري مور ۽ وياج جي رقم زيور جي قيمت کان وڌي وڃڻ ڪري مالڪ اُهي وٺي نه سگهندو آهي ته زيور واڻئي کي ڦٻي ويندا آهن. ڌرتيءَ ۾ ڌڻ پورڻ اڄڪلهه پئسن ۽ زيورن رکڻ لاءِ هر هنڌ بئنڪون آهن. ٻهراڙي ۾ شاهوڪارن وٽ ٽجوڙيون آهن. پر ٿر ۾ فقط شهرن ۾ شاهوڪارن وٽ ٽجوڙيون هونديون آهن. ٻهراڙين ۾ جايون ڪچيون ۽ ڪکايون، ڪن حالتن ۾ دروازا نالي ماتر يا اَڀرا، يا وري ڪن وٽ ڪلف ئي ڪونه آهن، ماڻهن وٽ زيور ۽ پئسو به هوند سارو آهي. اڳي رپيا چانديءَ جا هوندا هئا تنهنڪري رپيا ۽ زيور ڪنهن ٺِڪر جي دکي يا ڪُني ۾ وجهي مٿان ٺِڪر جو ڍڪڻ ڏيئي لنبي، جاءِ اندر يا ٻاهر اوٽي جي اڱڻ ۾ بعضي هيٺ ويڙهي ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيندا هئا. لوهه جي پيتي جي زمين ۾ پوربي ته ڪٽجي خراب ٿي ڀڄي ڀري ويندي، پر ٺڪر ۾ انهيءَ ڪري رکندا آهن جو برسات وقت گهم جو اثر ڪونه ٿيندو ۽ نڪا ڪَٽَ چڙهندي يا اُڏوهي نقصان رسائي سگهندي. واريءَ ۾ کڏ کڻڻ جي سهوليت آهي. گهرن ۾ به پڪين سرن يا سيمينٽ جا فرض ڪونه آهن، جنهن ڪري کڏ کڻي پورڻ ۾ تڪليف ڪانهي. ڪي ماڻهو جايون تيار ڪرڻ وقت به اهو خيال ڪري ڀتين ۾ جارا رکائين ۽ ڪي پوءِ ڀتيون کوٽي جارا ٺاهي ان ۾ رکي مٿان اهڙيءَ طرح لنبي ڇڏين، جيئن ڌارين کي ته ڪابه خبر نه پوي پر گهر جي ڀاتين مان به ڪنهن کي ڪل نه پوي. ڪي ماڻهو. جي پنهنجي ملڪيت پوريندا آهن، سي اوچتي وفات جي امڪان جي پيش نظر پنهنجين بندين ۾ هنڌ ۽ پورو پتو لکي ڇڏيندا آهن. ڌن پورڻ جو رواج واڻين ۾ آهي، جي سڀيئي اڪثر پڙهيل آهن. ڪن حالتن ۾ ائين به ٿيندو آهي، ته پورڻ واري جي مري وڃڻ بعد ڌن اُتي ئي رهجي ويندو آهي. پوءِ سندس اولاد کي ڪڏهين ڪڏهين جهونيون جايون ڊهرائي نين ٺهرائڻ وقت، اوچتو زمين کوٽائيندي لڀي پوندو آهي. اهڙا اتفاق گهڻا ٿيا آهن. بعضي کوٽيندي ڪن مزدورن کي به لڀي پوندو آهي، ۽ ڪو رهجي به ويندو آهي، جو ايامن بعد ڪن کي هٿ ايندو آهي، يا زمين جو پور ٿيو پيو هوندو آهي. چونـــدا آهــن تــه ”ڌن هجي ڌُوڙ ۾ ته چمڪو ڏئــي نور ۾“. ڌن واري ماڻهوءَ جو هيانءُ ڀريل هوندو تنهنڪري دل ۾ خوشي هونديس جا سندس منهن جي سرهائي مان پيئي بکندي ۽ سهي ڪبو ته هن وٽ چار ڏوڪڙ آهن. پر واڻين جي حالت ۾ سهي ڪري نه سگهبو آهي، جي لکا نه ڏيندا آهن. ٿري چوندا آهن ته اوچتو اوکيءَ ۾ جتي پنهنجو پيءُ ڀاءُ، مٽ مائٽ، عزيز دوست وغيره ڪم جا نه ٿيندا آهن، اتي پنهنجو پئسو ڪم جو ٿئي ٿو. ”ناڻي سان جا نه ماسي، سا به ماسي.“ پئسو به اُهو جو هڙ ۾ هجي، تنهنڪري چوندا آهن ته ”کــڏ، چــي، جيءُ سڏ“. هٿ ۾ هوندو تــه گهرج مهل ڪم جــو ٿيندو. اُڌارو ڪيترو به ڏنل هجي پر اهو مهل ته ڪنهن به ڪم جو نه آهي، تنهنڪري ٿري ڪفايت ڪري ڪجهه بچت ضرور رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پوريل ڌن بابت اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته گهڻي وقت بعد جاءِ ۾ تفاوت ٿئي ٿو ۽ ساڳئي هنڌ کوٽڻ سان هٿ نٿو اچي، يا ڪي چوندا آهن ته فلاڻي هنڌ ديڳ ڌن جي آهي پر مٿان نانگ ويٺو آهي جو کڻڻ نٿو ڏيئي. جاهليت جي ڪري اهو اثر ماڻهن جي دل تي پڪو ٿي ويو آهي. چوندا آهن ته ”پراڻي اماڻ ڌرڻي به نه ڊوهي“ۡ. يعني ڌرتي به امانت ۾ خيانت نٿي ڪري. سون ۽ چاندي جا زيور اڃا به ماڻهو ڌرتيءَ ۾ پوريندا آهن. باب سترهون ڪچهري ٿرين کي پيٽ پورت لاءِ کاڌو، بُت ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ۽ رهڻ لاءِ اَجهو کپي، جنهن لاءِ رات ڏينهن مسلسل هڻ وٺ ۽ پٽ کوهه ڪرڻي ٿي پوي ۽ ائين هڄي هڄي نيٺ ڪڪ ٿيو پئجي. اها انساني فطرت آهي ته اهڙي وقت، پوءِ غريب هجي يا غني. اَڀرو هجي يا سڀرو، دنيا جي جنجال کان پوءِ دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪا وندر ضرور هجي، نه ته انسان هن حياتيءَ مان ڪڪ ٿيو پوي. ڪيترو به ٿڪو ماندو ماڻهو هجي، سوين غمن جا غبار اچي ڪڙڪن، ماڻهو موڳو ۽ ملول هجي، ان مهل ڪانه ڪا دل وڻندڙ وندر هوندي ته اوڏيءَ مهل اهي گوندر سڀ گم ٿي ويندا ۽ انساني دل خوشيءَ سبب بهار ٿي ويندي. سڌريل دنيا جي ماڻهن پنهنجي وندر لاءِ ڪئين وسيلا موجود ڪيا آهن. شهرن ۾ سئنيمائون، ناٽڪ، ثقافتي نماءَ نمائشون، وندرائيندڙ پروگرام، سرڪس، ريڊيو، ڪلب ۽ ٻيا به ڪئين تفريح طبع لاءِ پروگرام پيدا ڪيا آهن، جن تي ڳاٽي ڀڳو خرچ اچي ٿو. پر مسڪين ٿري، جن وٽ نڪو ايترو پئسو ۽ نڪي ڪي وسيع وسيلا، جو مٿيون مشغوليون ۽ محفلون ميسر ڪري سگهن، انهن لاءِ وندر جو وسيلو آهي سگهڙن جي ڪچهري، جتي پائي پئسو خرچ ڪونه ٿئي، جتي شهرين وانگر گهڙيءَ پل لاءِ نه رڳو دل خوش ڪن پر منجهانئن ڪافي پرائين جو آئيندي حياتيءَ جو به ڪم اچي. ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، ڏسڻ ۾ اٻوجهه پيا معلوم ٿيندا. علم کان بي بهره، لڱن تي پورو لٽو به ڪونه هوندن، ڪي ته پُٺيءَ اُگهاڙا، ميرا ۽ گدلا، جن جي ڏسڻ ۽ گڏ ويهڻ سان شهري شوقينن کي ڪراهت پيئي محسوس ٿيندي. پر جڏهن ڪچهريءَ ۾ اچي ڦانگ هڻي ٿا ويهن ۽ مُنهن کولين، تڏهن اُهي ٿا ڍارا ڍارين، جو علم و ادب جا قابل پروفيسر به اهو رنگ ڏسي داد ڏيڻ تي مجبور ٿيو پون. خاص ڪري شادي غمي وقت يا مهمان جي اچڻ مهل جڏهن ججها ماڻهو اچي گڏ ٿيندا، تڏهن موج لڳيو وڃي. گهڻي وِيهڪ جي ڪري ٿڪ ٿيو پوي، يا بعضي ننڊ به اچيو وڃي، يا هڪ قسم جي وندر هجي ته سڀيئي ان مان خوش ڪونه ٿيندا، ڇو ته انسان جي فطرت آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي وندر وڻي ۽ ڪنهن کي ڪهڙي، تنهنڪري ڪچهريءَ جو رخ به ڌار ڌار نموني بدلبو رهي، جيئن سڀيئي وندريا ويٺا هجن ۽ سڀڪو ان رس جو سواد وٺندو رهي. ٿر ۾ مڱڻهار، ڀاٽ، چارڻ ۽ گُرڙا رهندا آهن. اهڙن موقعن تي ڪي ڪوٺ سان ۽ ڪي اوچتو قسمت سان اچيو گڏ ٿين. انهن قومن ۾ اڪثر ڪيترا سگهڙ ۽ ڪوي هوندا آهن، جن سان وري ڪي ڳوٺاڻا ساپُرس به گڏجن، پوءِ ته سائين کي چوان، ڳالهه ئي نه پڇو. ”سچ لُٽي يا ٻج کُٽي“. هڪ رات ته ڇا، پر ڪئين راتيون گذريو وڃن، پر انهن جو لوڪ ادب کٽڻ جو نه آهي. سڀڪو ملوڪ پنهنجو وارو وٺي. مڱڻهار پنهنجا ساز، سُرندا ۽ سارنگيون وڄائين، راڳ ڳائين. ڪَڪِري لڪائڻ جو شغل به واهه جي موج ٿو لائي. اهو هينئن ڪندا آهن جو مڱڻهار ڪا شيءَ ڪنهن ملڪ يا شهر يا ڪنهن مشهور مڪان ۾ لڪائيندو آهي، يعني خيالي خطرح اها شئي اُتي رکندو آهي. اها ڳالهه سگهڙ توڙي ڪچهريءَ کان لڪل هوندي آهي. پوءِ مڱڻهار انهيءَ ملڪ، شهر يا هنڌ ڏي جنهن رستي اُتي پهچي سگهجي، اهو ڏس پتو ڏيڻ لاءِ سرندي يا سارنگيءَ تي اهڙا سُر ڪڍندو ويندو ۽ سالڪ يا ڳوليندڙ اُهي سُر سمجهي رستو سهي ڪندو ٻڌائيندو ويندو ته هاڻي فلاڻي هنڌ پهتا آهيون، هاڻي فلاڻو رستو ڏيئي وري فلاڻي هنڌ پهتا آهيون. اهڙيءَ طرح وڌندي وڌندي نيٺ انهيءَ هنڌ اچيو پهچن جتي درحقيقت شئي لڪايل هوندي. جڏهن سگهڙ اهو هنڌ ٻڌائيندو آهي، تڏهن مکڻهار قبول ڪندو ۽ ڪچهريءَ ۾ واهه واهه ٿي ويندي آهي. انهيءَ کي ”ڪڪري لڪائڻ، چئبو آهي. اهو سڀڪنهن جو ڪم نه آهي، پر جو سُرن جي ملوڪ ڄاڻ رکندڙ هوندو سو ڳولي سگهندو. گرڙا ۽ مڱڻهار فقير دودو سومرو ۽ علاوالدين، هوٿل پري، راءُ لاکو ۽ مهر راڻي، مومل راڻو، سَڏونت ساوڻگا، ڏمڻ سونارو، ڪُ، پيرُون، ليلان چنيسر ۽ ٻيون وارتائون (ڪهاڻيون) ڪندا آهن. آکاڻي چوندا ويندا ۽ ان سان گڏ وري ڳاهون ڏيندا ويندا. ڪي وري بنا ڳاهن جي وارتائو ڪن، تان جو سج اُڀريو وڃي. ڪي وري شاهه عبداللطيف ۽ ميين شاهه عنايت جون ڪافيون ۽ بيت (جي گهڻو ڪري عمر مارئي بابت هوندا آهن)، سانوڻ فقير جا بيت ۽ ڪن ٿري سگهڙن جا چيل بيت، ڪافيون، ڪهاوتون، چوڻيون، ڳجهارتي ڳالهيون وغيره چوندا آهن، ڪي ملوڪ ڳجهارتون ۽ ڳُوڙها ڏيندا آهن، جي ٻيا سگهڙ ڀڃندا آهن. نوجوانن کي ساوڻ فقير جا لوڙائو بيت وڻندا آهن، جي ڪن تي هٿ رکي چاهه سان چوندا آهن، هتي ڪجهه صنفن مان مثال ڏجن ٿا: ساوڻ فقير: ذات جو خاصخيلي ڍوري ناري جو ويٺل هو. قد جو چوٽو ۽ بدن ۾ هلڪو هو، سندس شعر جذباتي ۽ جوشيلو آهي. هن کي ميلي ملاکڙي ۽ شادين تي دعوتون ڏيئي ماڻهو گهرائيندا هئا. هو بيتن ۾ ”سڙيو مران ٿو ساوڻ چئي“ يا ”سورن ۾ ساوڻ چئي“ چوندو هو، جنهنڪري بدن ۾ گرمي جي تپت گهڻي ٿيندي هيس، جنهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ بيت بيت پويان گلاس پاڻي جو پيئندو هو. بعضي مَٽ ڀرائي رکندو هو، جنهن مان گلاس ڀري پيو پيئندو به هو ۽ پاڻ مٿان اوتيندو به هو. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: بيت 1-جبل منهنجي جان ۾، ڪڍيا عشق انور، هڪڙا ڏينا ٻيا اڙهون، ٽيان پن جهليا پاندور، ڇڻي پيا ڇاتيءَ تي، ڪري اوگهه اَروڙ، نپوڙيو نانگ جيئن، گهايو وجهن گهوُر، هلان ته جَلان، وهان ته وَهلوُر، سُمهان ته سک نه اچي، اُٿيان ته اَنبوُر، سڙي دل ”ساوڻ“ چئي، چوٽي سندي چوُر، عقل مَ شعور، ٽيئي گوندر کڻي گم ڪيا. 2-کٿي کفن ڀانئيان، ڏوٿي ڏيج ڏيندا، مرڻ ويل ملير ۾، عمر اوڍيندا، ڪانڌي ٿي ڪُلهن تي، جهانگي جهليندا، سُرهي ڪري سومرا، نَئيَڙ پاس نيندا، محابي مارو مير جي، هَت نه پوريندا، پنهنوار جي پيرانديءَ، لاشو لَٽيندا، سائين لڳ ”ساوڻ“ چئي، بَديون بخشيندا، اُتي پوريندا، جتي مُلڪ مارو مير جو. 3-ماڙي چڙهي مارئي، ڪري نرت نگاهون، ڏسان ٿي ڏوٿيئڙن جون، بَر مٿي باهون، وس وڇڻ جون ويڙهيچا، ڪن سانگي صلاحون، سنيهڙو سانگين جو، اڄ آيو اتانهون، اڄ سُڀا ۾ ”ساوڻ“ چئي، ڪاهيندا ڪاهون، پهنور پرانهون، وٺي ويا هن واٽ تان. 4-ماڙي چڙهي مارئي، ڪري سانگياڻي سٽا، ڏٺائين گهر ڌوٿين جا، چوڌاري چٽا، لڏي ويا ڇڏي ويا، وڃي وَسَ ويٺا، ڇوڙي ڇڏيائون ڇنن ۾، ڪري ڦَر ڦٽا، آءٌ ڪسان ٿي قيدن ۾، منهنجن مارن مينهن وٺا، هن سُڃِي کي ”ساوڻ“ چئي، هو وساري ويٺا، هينئين جي هيٺا، شايد سُڌ نه هئي سومرا. 5-يارهين رات ياد پيا، منهنجي هِينئين تي هُٽڪي، مارن مُڪي ڪين ڪي، چٺيءَ جي چُٽڪي، ماڻهو مهراڻي ملڪ جا، ويا لاکيڻا لُٽڪي، ٻڪر ٻاٻاڻي ڏيهه جا، وي اچڇانگن ۾ ڇُٽڪي، سڙي دل ”ساوڻ“ چئي، منهنجي ڪمائي ڪٽ ڪِي، گوندر جيئن گُٽڪِي، ساعت نه ڀڳي سپرين. شاهه صاحب ون ڪافيون. ڪافيون سڪي ٿو منهنجو ساهه، عمر آهين منهنجو ڀاءُ، ڀلو سائين، سڪي ٿو منهنجو ساهه. 1-رات ستي مون خواب ڏٺو، جتي وڄڙين ڪئي برسات ملڪ وٺو اباڻو، جت ساوا ٿيا گاهه، ڀلوسائين . . . 2-ڪوٽن مَنڙو ڪونه ٽِڪي، ماڙيون محل مون نه وڻن، چونڪيون چونرا ڪُڙهون سهڻيون، اندر ڇڄي ارواح- ڀلو سائين . . . 3-لاکيون لويون لال لکن تي، اسان جي ريت اها، پٽ پٽولا آءٌ نه پايان، ڏيان کهنبن کي باهه- ڀلو سائين . . . 4-ڀٽائي گهوٽ ”لطيف“ چئي، مارئي ملڪ اُماڻ، ڪڍي ڇڏ ڪوٽ مان، تو در منهنجي دانهن- ڀلو سائين . . . *** آءٌ بندياڻي بندڪار ۾، منهنجي سِگهڙي لهجو سار، ڀلو سائين وٺا ته ميگههَ ملار. 1-ڌڻ ڪاهيو ڌڻ واريان، کٿي تي خُمار، ماندي نه ٿي مارئي، پاڙي وارا پنهنوار- ڀلو سائين . . . 2-عمر اسان جي ڏيهه ۾، ڏُونرن پڪار ڏار، مون جيڏيون ملير ۾، سَرتيون ڪن سينگار- ڀلو سائين . . . 3-کنوڻين خوب خوشيون ڪيا، ڪَڪَر ڪاروُنڀار، موگهون مينهن ملير ۾، ساوڪ ڪيا گلزار- ڀلو سائين . . . 4-سرتيون شاهه ”لطيف“ چئي، کنوڻين کيل اَپار، ڪڍي ڇڏ ڪوٽ مان، واڳ وطن تون وار- ڀلو سائين . . . ٻين شاعرن جون به ڪايون چاهه سان چوندا آهن. هيءَ ڪافي پير ”اشرف“ شاهه“ ڪاماري شريف واري جي آهي: *** منهنجي ڪل مـارن ڪانـــه لڌي، منهنجي سڌ سانگين ڪانه لڏي، قسمت آندي قابو قيد ڪري. ادا ڙي عمر فالون ويٺي پايان، مــانَ اچــن منهنجا ويــڙهه وري، منهنجي ڪل مارن – مَرَڪَ مــارن جـو ميٽ مٿي ۾، تَڙ تي رهي منهنجي خان ڦڻي، منهنجي ڪل مارن - لاکِيُون لـــويـون لال لڱــن تــي، اَبــاڻــن آنــديــون ڪالــهه کــڻــي، منهنجي ڪل مارن – هن پرڻي کان مرڻ موچارو، لنئون وڃي لائيندس ويڙهه وري- منهنجي ڪل مارن – ”اشرف شاه“ چوي ويندس اوڏانهين، لاهي ڇڏ دل تان خيال کڻي – منهنجي ڪل مارن – سينگار جو بيت (محبوب جي ساراهه – ’شادي‘ سگهڙ جو چيل) ڪيم عرض الله کي، دوست سڻي دلبر، ڇوڙي وار ڦٽا ڪيا، ڪارا ڪونڌر ڪڪر، ڀِرون تنهنجا ڀالا جيئن واراڪو وجهن ور، اکيون تنهنجيون عجيب سهڻيون، نيزا نيڻ ڪڪر، سونهي نڪ نراڙ تي جيئن جهَرڪي پيو جَهَوَرَ، سدا ڏند سهڻا اٿيئي، ٻيا ٻيئي لال قمر، ڏس مُنهن منهنجي محبوب جو، آهي شمع کان سڌر، مور ڳچي محبوب جي، ڪونجين وانگر ڪر، عجب سهڻو اُرهه آهي، سينو ساڻ سُچر، چيلهه تنهنجي چابڪ جهڙي، جا وجهي پيچ اپر، پير تنهنجا پدمڻا، ڏس هٿن ۾ هنر، نسبين تنهنجن نخرا ٻڌا، والين وڌا ور، نميو بيهي نراڙ تي، اَلي ساڻ اَپر، ٻيا جي ٻيڙا پاسن کان، تنهنجي ڏاوڻي ڪري ڏمر، نٿ بولو نڪ ۾ ڏس، لعلن سندو لشڪر، دُهري تنهنجي دل کسي ويئي، هَسي ٻڌا هنر، تعويذ تنهنجا تيز وڏي سان چوُڙن ٻڌا چڪر، مينا ڪاري منگليون ڏس ڪنگڻن جا ڪڪر، ڇلا منڍيون چيچ ۾ ويڙهه وڏا ور، ڪڙيون توکي ڪوڏ مان، ڏس پازيبن جا پر، ميندي جا محبوب لاتي، مُلڪن ۾ مَشهر، هڪ پوشاڪ پرين کي، ٻيا ويس وڳا ويتر، ڳهه ڳاڻاٽي نه اچن، جي هئا جان مٿي جَهَوَرَ، ماندو تو معشوق لاءِ ٿيو عاشق جو اندر، شوق منجهان ”شادي“ چئي، دوست سڻ دلبر، ڪر ناز منجهان نظر، هن پرديسيءَ پَرئين تي. گرڙا وري وارتائون ڪندا آهن جي اڪثر گهرن ۾ پيرسن مرد ۽ عورتون ٻارن کي ٻڌائيندا آهن. جن ۾ بادشاهن، وزيرن، جنن، ڀوتن، ديون، پرين، جانورن، پکين وغيره جون آکاڻيون هونديون آهن. ڪي سگهڙ جون نصيحت آميز ڪهاوتون چوندا آهن. جيئن ته: چار ئي نه وسرن موران نان ميهه نــه وسري، منگت نــان ڏاتار، ماهيلي نان پيهر نه وسري، هاري نان ڀَتوئار. سگهڙ چوي ٿو ته مور پکي مينهن يعني برسات کي هر وقت ياد ڪندو آهي، تنهنڪري کيس اُها نه وسرندي آهي. منگت يعني پينو فقير کي ڏاتار يعني سخي مرد نه وسرندو. ماهيلي يعني پرڻجي ويل ڪنوار کي پِيهر يعني مائٽاڻو ڳوٺ نه وسرندو ۽ ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ هاريءَ کي ڀتوئارڻ يعني ڀتو يا کاڌو آڻيندڙ نه وسرندي آهي. پنج ئي ڀاڙي پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي، ڪم پني هڪل ڪجي، تڏهين کَنهي ڪياڙي، اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهـل تــي تاڙي، عقل جو ايلپهنوار، گهڻي هڻي ڪچهري ۾ ڄاڙي، ٻـه چوري ويڙهائي ڏي گهر کـي اُماڙي، اهي پنج ئي ڀاڙي: جو ماڻهو پاڻ سٺا ڪپڙا ڪري ۽ گهر ۾ زال لاءِ سادو ڪپڙو به نه هجي ۽ ڦاٽل ٽُٽل ۾ وقت ڪاٽي. اوچتو ڪم پئجي وڃي ۽ کيس مدد لاءِ سڏ ڪجي تڏهن ڪياڙي کنهي يعني انڪار ڪري يا گس گساءُ ڪري (ڪياڙي کنهڻ گيديپڻي جي نشاني آهي). ڪو کيس سڏ نه ڪري، پر بنا سڏ جي ڪٿي وڃي ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوي (دهل تي تاڙي هڻڻ معنيٰ اجايا يٽ – شٽ هڻڻ يا ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوڻ) بيوقوف، جو ڪنهن ڳالهه کي سمجهيئي نه، پر ڪچهريءَ ۾ اجائي ڄاڙي هڻي يعني بڪ بڪ ڪري. جو ٻن ماڻهن جي وچ ۾ اجايون سجايون هڪٻئي جون گهٽ وڌ ڳالهيون ٻڌائي. چغليون هڻي، انهن کي ويڙهائي گهر ڦٽائي (گهر کي اُماڙي ڏيڻ معنيٰ ويڙهائڻ). سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن پنجن ئي قسمن جا ماڻهو ڀاڙي آهن. پنج ئي نه وسرن ميهه موران، بن ڪونجهران، آنٻا رس سوئان، ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان. مور پکي کي مينهن يعني برسات، ڪونجهر يعني هاٿيءَ کي بن يعني جهنگ، سوئان يعني طوطي کي انب جو رس، ۽ مرد کي دوست جو ويڻ يعني ڪڙو ٻول ۽ پنهنجي جنم ڀومي يعني مائٽاڻو ملڪ،. جتي سندس جنم ٿيو اصل نه وسرندو آهي. اهي مرڻک ان پوءِ وسرندا. پنج ئي بدنام گابو ڪپڙ ڇٻڻو، نر گهوڙو وهي ڊُگام، ڪَرَهه ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان، گانڊو رڻ نه چڙهي، گهر هڻي شوغان، راجا جوٺ ٻولي، اهي پنج ئي بدنام! ڪن ڪن گابن جي عادت ٿيندي آهي جو اهي ڪپڙي جا ٽڪر چٻاڙيندا آهن. اهڙو گابو جي گهر ۾ هوندو ته ڪڏهن مالڪ جا ڪپڙا چٻاڙي، ٽُڪي، خراب ڪري اٽلو نقصان ڪندو. نر گهوڙو جو پنڌ هلي نه سگهي ۽ ڊُگام هلي، جنهن ڪري سواريءَ ۾ اُٽلو سُوار کي ڪڪ ڪري يا ڪن حالتن ۾ ڇِڪِي وجهي، يا چيلهه ۾ سور وجهي، يا چيلهه ۾ سور وجهي بيمار ڪري. ڪن عورتن جي عادت ٿيندي آهي ته گهر ۾ جي ڪو مزمان آيو ته خواهه مخواهه پنهنجي منهن يا مڙس سان ڪَرَهه يعني کٽ پٽ يا تڪرار ڪنديون آهن. اهڙي ڪامڻي يعني عورت گهر ۾ هئڻ مصيبت آهي. گيدي ماڻهو، جو بهادري جهڙو ڪم هجي ته منهن نه ڏئي، پر گهر ۾ ويهي زال وٽ پنهنجي بهادريءَ جي ساراهه ڪري ۽ ڊاڙ هڻي (رڻ چڙهڻ يعني لڙائي تي وڃڻ). ۽ راجا، جو ڪوڙ ڳالهائي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي بدنام آهن. ست بکيون سنسار ڌَرتي ميگهه نه رَجيئي، آگ نه رَجيئي ساڙ، راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مار، عيشون نفس نه رجيئي، پُرس نه رجيئي نار، دو نئنان نــه رجيئي، ڏٺــي سڄڻ ڪلتار. ڪيترو به ميگهه يعني مينهن پوي ته به اهو سمورو پاڻي ڌرتي آهستي آهستي چُوسي ويندي ۽ ڍؤ نه ٿيندس. باهه جي سامهون جيڪا به شيءِ آئي تنهن کي ساڙي ويندي ته به ڍؤ نه ٿيندس. بادشاهه وٽ ڪيترو به ملڪ هجي ته به ڀائيندو ته اڃا ٻيا به ملڪ فتح ڪريان. ساهوارن جي مارڻ ڪري، موت کي ڍؤ نه ٿيندو، سدائين اهو رستو هليو ايندو. عيش عشرت مان نفس کي ڪڏهن به ڍؤ نه ٿيندو، پرش يعني مرد جو نار يعني عورت مان ڍؤ نه ٿيندو، ٻنهي اکين کي محبوب جي ڏسڻ مان ڪڏهين به ڍؤ نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته دنيا ۾ اهي ست ئي شيون سدائين بکيون آهن. ڀاٽ ۽ چارڻ وري هندي ۽ مارواڙي ٻوليءَ ۾ ڇند ۽ ڪهاوتون: بهاري، گنگ ڀٽ، بيربل ۽ ٻين جا گفتا ۽ ڇوڻيون وغيره ٻڌائيندا آهن. چند مثال ڏجن ٿا: مانُ گهٽي ڪُڇهه مُک سين مانگت، پريت گهَٽي نت پَرَ گهرَ جايا، گيان گهٽي نرمُونڍ ڪي سنگت، ڌڏيان گهٽي چت ڪو ڀرمايا، تيج گهٽي پرنار ڪي سنگت، ٻُڌ گهٽي بَهُو ڀوجن کايا، شوڪ گهٽي ڪڇه ساڌ ڪي سنگت، روگ گهٽي ڪڇهه اوکت کايا، داس ”بهاري“ ڏک ڏارِ دَر گهٽي، گووند گووند گووند گايا. ڪو کڻي ست پيڙهيو شاهوڪار، عزت آبرو ۽ مان شان وارو هجي، پر جي پنهنجو سومان نه رکي، هر هر پيو ڪنهن نه ڪنهنک ان ڪجهه نه ڪجهه گهرندو ته سندس عزت نه رهندي، پر جي کڻي غريب هجي ۽ پنهنجو سومان رکندو اچي ۽ ڪنهن وقت به خواهه مخواهه هٿ نه ٽنگي ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ سڀڪنهن جي دل ۾ عزت هوندي. کڻي ڪنهن سان ڪيتري به حُجت ۽ محبت هجي، پر جي هر هر پيو هن وٽ ويندو ته عزت نه رهندي ۽ محبت به هلي ويندي، ۽ اڳيون انسان به منجهانئس ڪڪ ٿي پوندو. ”هر هر هلڪائي وڃڻ در دوست جي“. در در ڌڪا کائبا ته عزت نه رهندي، ٿورو وڃڻ وڌيڪ شانائتو آهي. ڪهڙو به عاقل هجي پر جي نرمُونڍ يعني بيوقوف جي سنگت ۾ رهيو ته اڳيون سوجهرو به وڃائيندو، تنهنڪري اهڙي سنگت کان پاسو ڪجي. جيڪي درويش رات ڏينهن ڌڻيءَ جي بندگيءَ ۾ محو آهن، اُهي به جي ڪڏهن ڪنهن لالچ جي اُميد دل ۾ رکندا ته ڌڻيءَ جي يادگيري وسري ويندن. ڪيترا انسان رعبدار هوندا آهن ۽ ماڻهن تي انهن جو ڪافي اثر هوندو آهي، پر جي اُهي ڪنهن پَرَنار يعني پَرائي زال سان رستو رکندا ته ڪيترن جي غرض ڪڍڻي پوندين، جنهن ڪري اهو رعب نه رهندو ۽ گهٽجي ويندو. ٻَهُو يعني گهڻو کائڻ ڪري سمجهه جي طاقت گهٽجي ويندي آهي. دل جو شوق يعني دنيا جون سَڌون ۽ جنجال ڪنهن درويش جي صحبت سان ئي گهٽجي سگهي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي دل جو لاڙو دنيا جي لالچ کان کڄي خدا صاحب ڏي ٿيندو. روگ يعني بيماري ڪجهه وقت يعني دوا کائڻ سان لهندي آهي. سگهڙ بهاري چوي ٿو ته ڏک ۽ ڏاردر يعني تڪليفون ۽ نڀ اڳائي فقط خدا جي بندگي ڪرڻ سان ئي گهٽجي سگهن ٿا. گهَنگهور ٽَڪور سين مور ڇُپي نَهين باگ اُٺايا، چنچل نار ڪي چال ڇپي نهين، نيڻ ڇپي نهين نينهن لڳايا، تارُون ڪي اوٽ ۾ چندر ڇپي نهين، سورج ڇپي نهين بادل ڇايا، رڻ کيتر ۾ رَجپُوت ڇپي نهين ڏاتار ڇپي نهين گهر منگت آيا، جوگي کا بيک انيڪ ڪري، ڪرم ڇپي نهين بَڀوت لگايا، ”گنگ“ ڪَهي سُڻ شاهه اڪبر، ننگ ڇپي نهين ڇپي ڇپايا. برسات وقت جڏهن گهنگور ٽڪور يعني اونداهيءَ ۾ گوڙ جو آواز ٿيندو آهي تڏهن مور پکي رڙ ڪندو آهي. سگهڙ چوي ٿو ته گوڙ وقت مور پکي لڪو نه رهندو ڇو ته هن جو سڀاءُ آهي، يڪدم دانهن ڪندو. تُرِي يعني گهوڙي به جڏهن سوار واڳ هٿ ۾ جهليندو، تڏهن ڀلي هجي يا ڍِلي، يڪدم پاڻ کي ظاهر ڪندي، لڪي نه رهندي. اشراف ۽ عزت واري عورت هميسه سومان سان رهندي، پر جيڪا چلولي هوندي سا هيڏانهن هوڏانهن پيئي نهاريندي، ڌارئين مرد کان لڄ نه ڪندي، خواهه مخواه زور ڪري ڳالهائيندي يعني اهڙي هلت هلندي جيئن ٻئي جو ڌيان ڏانهنس ڇڪجي ۽ اها لڪي نه رهندي ۽ ظاهر ٿي پوندي. جي ڪنهن جي ڪٿي نينهن لڳل هوندو ته اهو ڪيتري به لڪائڻ سان نه لڪندو ۽ ان جي اک مان ئي سمجهو ماڻهو سهي ڪري وٺندو. چنڊ جي روشنائي وڌيڪ تيز هئڻ ڪري آسمان ۾ تارا ڪيترا هجن ته به لڪي نه سگهندا ۽ سج بادلن جي اڏو اچڻ ڪري لڪي نه سگهندو. لڙائيءَ جي ميدان ۾ راجپوت يعني بهادر يا سورهيه ماڻهوءَ کي موت جو ڊپ ڪونه ٿيندو ۽ پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ ظاهر ٿي پوندو ۽ اهڙو شخص لڪي نه سگهندو. گهڻائي ماڻهو پنهنيج سخاوت جون ڳالهيون ڪندا آهن پر خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن ڪو منگت يعني خيرات گهرڻ وارو ايندو آهي. ڪنجوس ماڻهو اهڙي وقت لڪي ويندو، پر سخي مرد ظاهرٿي پوندو ۽ خيرات ڏيئي خوش ٿيندو. چوندا اهن ته جيئن تقدير ۾ لکيل هوندو تيئن ٿيندو. هندو چوندا اهن ته ورڌاتا مستڪ تي جيڪي لکي ٿي ائين ٿئي ٿو. سگهڙ چوي ٿو ته ماڻهو کڻي ڪيترا به حيلا وسيلا ڪري، جوڳين جا ويس ڪري، نراڙ تي بڀوت لڳائي، ته به اهو ميٽجي نه سگهندو ۽ جيئن تقدير ۾ لکيل هوندو تيئن ٿيندو. گنگ ڀٽ اڪبر بادشاهه کي چوي ٿو ته ننگ يعني هيرو جو بلڪل قيمتي آهي ۽ اُن جي چمڪ تجليدار آهي، سو لڪائڻ سان به لڪي نه سگهندو. گيان وڌي گڻوان ڪي سنگت، ڌيان وڌي تپ سنگ ڪينو، موهه وڌي پروار ڪي سنگت، لوڀ وڌي ڌن ۾ چت ڏينو، ڪروڌ وڌي نرمنڍ ڪي سنگت، ڪام وڌي تريئا سِنگت ڪينو، ٻُڌي وويڪ ويچار وڌي، ڌيان سڄڻ سين ست سنگ ڪينو. گڻوان يعني اوچ اخلاق واري انسان جي صحبت ۾ سمجهه وڌندي ۽ ڌيان يعني خيال کي يڪ جاءِ ڪرڻ يعني محڪم ارادو، تپسيا ڪندڙ (جيڪي پنهنجي دل جي سَڌن کي روڪي ويٺا آهن) جي صحبت سان هاصل ڪبو. موهه يعني دنيا جي لالچ، پروار يعني ڪتنب جي چاهه ۾ وڌندي آهي، ڇو ته عيالدار ماڻهوءَ کي ڪٽنب جي پالنا ڪرڻ لاءِ انيڪ گهاٽ گهڙڻا پون ٿا ۽ ڌن يعني ناڻو ۽ ملڪيت اهڙي سئي آهي، جنهن ۾ چت لڳائبو ته لوڀ وڌندو ويندو. ملڪيت ڪيتري به وڌي، تڏهن به دل ائين ڪڏهن به نه چوندي ته هاڻي ڪافي ملڪيت ٿي آهي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش نه ڪريان. ملڪيت جي سَڌ پوري ٿيڻ جي نه آهي. بي عقل ماڻهوءَ جي دوستيءَ جي ڪري شيطان وڌندو اهي، دل ۾ اهڙو حسد ٿيندو آهي، جو ٻين کي چڱي حال ۾ ڏسي اندر ۾ پيو سڙندو ۽ ڪروڌ ڪندو. ڪام يعني شيطاني خواهشون پرائي زال جي صحبت جي ڪري وڌنديون آهن. سمجهه، خيال آدرش ۽ اخلاق سڄڻ جي ڌيان يعني خدا پاڪ جي اندر ۾ يادگيري ڪرڻ سان وڌندا آهن، جي ست سنگت يعني اوچي اخلاق وارن درويشن جي صحبت مان حاصل ٿيندا آهن. ”ڪيسَرَ ڪِيارِي جي ڪَرو اگر چندن مِلاءِ، گلاب جل سين سِينچيا ڪرو، توئِي پِيازَ بانس نه جاءِ“. ٻارو ٺاهي ان ۾ ڪيسر ۽ چندن جو ڀاڻ وجهي، گلاب جي پاڻيءَجو ريج ڏيئي ان ۾ پياز يعني بصر پوکيو، جڏهن تيار ٿئي تڏهن سنگهي ڏسو ته ان جي اصلوڪي ڌپ نه ويندي ۽ اها ساڳي رهندي. سگهڙ جو مطلب آهي ته جي ڪنهن ماڻهوءَ ۾ بنيادي گڻ يا اوگڻ هوندو ته اهو نه ويندو ۽ هليو ايندو. عادت نه مَٽي عادتي، عِلت مور نه جائي، اُٺ ڇُٽو ڪڻڪ ۾ تو ڀي ڪَنٽا چُڻ چُڻ کائي. سگهڙ چوي ٿو ته جي ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪا عادت پئجي ويئي، ته هو اها علت اصل نه ڇڏيندو. جيئن اُٺ جي عادت آهي ڪنڊن وارا وڻ کائڻ، سو جي اُن کي ڪڻڪ جي پوک ۾ ڇڏي ڏنو ته به هو پنهنجي عادت موجب ڪنڊن وارا ٻوٽا چونڊي چونڊي کائيندو. ڳُجهارتي ڳالهيون: اڳي سگهڙ ۽ سالڪ هڪٻئي جي سمجهه پرکڻ لاءِ حقيقتون ڳجهارتن، ڳاهن، گوڙهن، شعرن، پرولين ۽ چوڻين ۾ پيش ڪندا هئا، جن ۾ لفظ بلڪل سادا پر خيال بلڪل اونها سمايل آهن ۽ جو سواد ۽ ميٺاج انهن مان ملي ٿو، سو ڪتابن پڙهڻ مان نٿو ملي. اڳيان به اهڙا پارکُو هوندا هئا، جي اهي سمجهي جواب به اهڙي نموني ڏيندا هئا. ڪي اهڙيون حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون: (1) ڪجهه وقت جي ڳالهه آهي جو ٿر ۽ ڪچ جي وچ ۾ آمدرفت ڪڇ جي رڻ وچان ٿيندي هئي. رڻ جي ڪنڌيءَ تي هڪ ڳوٺ هو جنهن ۾ هڪ شاهوڪار ڌرماتما مهتو (واڻيو) رهندو هو. هن اُتي هڪ ڌرمشالا (مسافرخانو) ٺهرائي هئي، جتي آيو ويو ترسي پگهر ٺاريندو هو. ماني ٽِڪيءَ جو بندوبست سيٺ جي پاران ٿيندو هو ۽ ٻارهوئي پاڻيءَ جا مٽ ڀريا پيا هوندا هئا. جن جي ڀرسان پاڻي پيئڻ لاءِ ٿانءَ لوٽا، گلاس ۽ وٽا رکيل هوندا هئا. آئي وئي جي سار سنڀال لهڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ سيٺ پنهنجو فرض سمجهندو هو. تنهن کان سواءِ ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڪي سگهڙ ۽ سالڪ ايندا هئا ته رس رهاڻ ۾ سج اُڀاري اُٿندو هو. هڪڙي ڏينهن سيٺ ڌرمشالا ۾ ويٺو هو ته هڪڙو قافلو اچي پهتو. مسافر اُڃايل هئا، سي اچي پاڻي پيئڻ لڳا. هڪ مسافر جيئن مٽ جو ڍڪ لاهي پاڻيءَ جو وٽو ٿي ڀريو تيئن اُهو مٿان ڇُٽي مٽ ۾ ڪري پيو، جنهنڪري پاڻيءَ ۾ بُڙڪا ٿيا. سيٺ اهو لقاءُ ويٺي ڏٺو، تنهن خيال ڪيو ته هتي ڪئين ماڻهو پيا اچن جن ۾ ڪيترا سگهڙ ۽ سمجهو به هوندا آهن، تنهنڪري اها ڳجهارت ”پاڻيءَ ۾ بُڙڪاڙي، پاڻيءَ ۾ بُڙڪا“ ٺاهي ڏيان، من ڪو اهڙو مائيءَ جو لال نڪري پوي جو ڀڄي ٻڌائي. ڪيترا قافلا آيا ۽ ويا، ڪيترن کي اها ڳجهارت ڏنائين. مگر اهڙو ڪو سگهڙ يا سالڪ ڪونه مليو جو کيس ڀڃي ٻڌائي. هڪڙي ڏينهن ڪا ڄڃ ڪڇ ڏانهن ٿي ويئي. سا رات پوڻ ڪري هن وٽ ترسي پيئي. ماني ٽڪي کائڻ بعد رات جو ڪچهري لڳي. ڳالهين ڪندي سيٺ چيو ته ڪيتري وقت کان دل ۾ هڪ ڳجهارت آهي، پر ڪو اهڙو سگهڙ نٿو ملي جو ڀڃي ٻڌائي. اوهان جي ڄڦ سان گڏ ڪي سگهڙ به ضرور هوندا، جي ڪو هجي ته ڳجهارت ڏيان. اتي سڀني کي شوق ٿيو. ڄڃ ۾ هڪڙو ساڏوُر ملوڪ سگهڙ هو. هن چيو ته ڀلي ڳجهارت ڏي ته ڳوليان. مهتي چيو ته: پاڻيءَ ۾ بُڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بُڙڪا. ساڏور جواب ڏنو ته: مائي ولوڙيو منڌيءَ کي، جنهن جو ٿيو ڌڪاءُ، منڌي ڪِري پيئي ڌونري ۾، ڌونري ڪيا بُڙڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، ته پاڻيءَ ۾ بُڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بُڙڪا. مهتي چيو ته: نه ڀڳي ڙي ساڏُور، نه ڀڳي. ساڏور وري چيو ته: اُٺيون هيون ڏر تنڀِ سان، مٿان پيو ميو، تو نَير هئي پيرن ۾، ڪَڙي ڀڄي ڪيا ڪڙڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، ته پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا. مهتي چيو ته: نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي. ساڏُور وري چيو ته: مينهون هيون ڪُنڍڙيون، ويٺيون هيون ٻانڌي ٻيٽ تي، شينهن ڪئي رُوڙ، ڀڄندي مينهن جي کرن ڪيا کڙڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا. مهتي چيو ته: نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي. ساڏُور وري چيو ته: ورت چڙهي واءُ تي، نه آئي اوڙاڪ جي آڙڪا، ڀوڻ ڪري پيو تڙ ۾، ته تڙ ڪيا ڪرڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا. مهتي چيو ته: نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي. ساڏُور وري چيو ته: ڪنگرو اُڀ آسمان ۾ جهليو ڪنهن مٿانءُ، ڪنگرو ڪِري پيو ڪُن ۾ ته پاڻي ڪيا بڙڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، ته پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا. مهتي چيو ته: نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي. ساڏُور وري چيو ته: سنهي رڌي پتڙي، تڏهن ڏوئي ڪيا ڏڙڪا، وٽو چڙهيو چَپَ تي تڏهن رَٻَ ڪي ابڙڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا. مهتي چيو ته: نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي. ساڏُور وري چيو ته: کنيو ٿانءُ هٿ ۾، ڪريــو جيئن هٿا، وٽو ڪِريو مٽ ۾، تڏهن پاڻي ڪيا بڙڪا، تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا. تڏهن مهتي چيو ته: تو ڀڳي ڙي ساُور، تو ڀڳي! چوڌاري ڪچهري ۾ واهه واهه ٿي ويئي. (2) هڪڙو بادشاهه هو، جو هڪڙي ڏينهن گهوڙي تي چڙهي گهمڻ ويو. رستي تي اڳيان هڪ وڏن سڱن واري ڍڳي سامهون آئي، جا ڏسي کيس خيال ٿيو ته وڏن سڱن جي ڪري ڍڳي ڪهڙي نه سهڻي پيئي لڳي. اڳتي وڌيو ته هڪ بلڪل حسين عورت ڏٺائين، دل ۾ چيئين ته هيءَ ڪهڙي نه سهڻي پيئي لڳي. اڳتي وڌيو ته وڏڌو پٽڪو ٻڌل هڪ مرد سامهون آيو، دل ۾ چيائين ته وڏي پڳ مرد لاءِ سينگار آهي. اتان اڳتي ويو ته هڪ متاري گهوڙِ ڏٺائين. دل ۾ چيائين ته متو متارو وهٽ ڪهڙو نه سگهڻو لڳي ٿو. اڳتي وڌندو ويو. بادشاهه جي دل تي مٿين حقيقتن جو اثر هو، جنهنڪري سندس وات مان اوچتو هي ڳالهه نڪتي: گاوڙلي تو سينگ پتي، رُوپ پتي گوري، پُر کڙو تو پاگ پتو، ڦينچ پتي گهوڙي. گاوڙلي= ڍڳي، سينگ = سڱ، پتي = واري، روپ = سونهن، گوري = زال، پُرکڙو = مرد، پاگ = پٽڪو، پتو = وارو، ڦينچ = ران. وڏن سڱن واري ڍڳي، حسين عورت، وڏو پٽڪو ٻڌل مرد ۽ ٿلهين مضبوط رانن واري گهوڙي، ڪهڙا نه سهڻا ٿا لڳن! ڀرسان ٻڪرار پئي ٻڪريون چاريون، جنهن بادشاهه جو اهو گفتو ٻڌي، دل ۾ چيو ته بادشاهه پوري پرک نه ڪئي آهي، سو يڪدم ٻڪريءَ کي هٿ هڻي چيائين ته: هُش ڇاڙِي، ناهر ماري، چرئي راجا گهه بگاڙي. هُش = ٻڪري کي هڪل ڪرڻ جا لفظ. ڇاڙي = ٻڪري، ناهر = سيئاڙ (جهنگلي جانور، جو ٻڪريون ماريندو آهي.) بگاڙي = وڃائي، غلط چئي. ٻڪريءَ کي جيئن ناهر جهنگلي جانور ماريندو آهي، تيئن بي عقل بادشاهه گهه=ڳاهه کي بگاڙي يعني وڃائي ڇڏيو. بادشاهه ٻڪرار جو اهو گفتو ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ يڪدم گهوڙو بيهاري کيس سڏ ڪيائين، جو ويچارو ڊڄندو ڊڄندو وٽس آيو. بادشاهه کي آٿت ڏيندي چيو ته تو جيڪي چيو سو مون ٻڌو. تون ڪوبه ڊپ نه ڪر، هاڻي ڀلا اها ڳالهه درست ڪري ٻڌاءِ. ٻڪرار هٿ ٻڌي چيو ته جيئندا قبلا! گاوڙلي تو ڏوُڌ پتي، سيل پتي گوري، پر کڙو تو عقل پتو، تيج پتي گهوڙي. يعني ڍڳي جي وڏن سڱن واري هجي، پر جي کير نه هوندو ته بيڪار آهي. عورت ڪيتري به حسين ۽ سهڻي هجي، پر جي سيل واري يعني پاڪدامن نه آهي ته ڪنهن نه ڪم جي. مرد ڪيڏي به وڏي پڳ ٻڌي پر جي عقل نه هوندو ته بيڪار آهي. گهوڙي ڪهڙي به متاري هجي ۽ رانون مضبوط هجن، پر جي تيج يعني چستي نه هوندي ته ڪهڙي ڪم جي؟ بادشاهه کي اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. ٻڪرار کي ڪجهه انعام ڏيئي روانو ٿيو. گُوڙِها: چارڻ، گرڙا ۽ ڪي سگهڙ گوڙها چوندا آهن. لوڪ ادب ۾ اها نرالي شيءَ آهي. انهن ۾ سگهڙ مطلب واري شيءَ جي لِڪ انوکي نموني رکن ٿا، يعني گهربل شيءِ جو نالو سنئون سڌو نه، پر ٻئي جي اوٽ ۾ کڪل هوندو آهي ۽ انهن شين جي سُت = پت، واه = سواريءَ جو وسيلو، رپ = مٿانهين حيثيت رکندڙ، بک = کاڏو وغيره ۾ مطلب لڪل هوندو آهي، جنهن کي ڳولي لهڻ لاءِ بلڪل گهڻي سُچيتائيءَ جي ضرورت آهي. ڪي ڳوڙها اهڙا آهن، جن کي ڀڃڻ لاءِ بندن کي سموهي آخر هڪ شيءَ جي نالي ۾ اهو سمايل هوندو آهي، ۽ اهو نالو وٺڻ سان گوڙهو ڀڄي پوندو آهي. ڪي ڳوڙها اهڙا ٿيندا آهن جو ڪا ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻي هوندي آهي ته ان لاءِ گوڙهو آڻبو آهي. سامهون سگهڙ به اهو سمجهي ان جو جواب به گوڙهي ۾ ڏيندو آهي. هن هيٺ ٻنهي نمونن جا گوڙها ڏجن ٿا. (1) پٿر ست ڪي پتلي، رهي وڻ ست ڪي واس، اَجيا ست ڪو اوڍڻو، رهني پرش ڪي پاس. پٿر = پهڻ، مٽي جو ڳنڍو. ست = پٽ، اولاد جنهن مان پيدا ٿيل شيءَ. پٿر ست = پٿر جو پٽ، يعني پٿر مان پيدا ٿيل = لوهه. لوهه مان ٺهيل پتلي = شيءَ. وڻ جو ست = ڪاٺ، جنهن مان ٺهيل شيِ. اَجيا = ٻڪري. جنهن جو ست = ڇيلو، اوڍڻو = پوش، جو مٿان چاڙهبو آهي. رهي پرش ڪي پاس = مرد وٽ رهي ٿي. مطلب – پٿر جو اولاد لوهه، جو کاڻين مان کوٽي ڪڍبو آهي، ان مان رُڪ ٺهندو آهي. رڪ مان اها شيءَ ٺهندي آهي جا ڪاٺ جي مياڻ ۾ رکبي آهي، ۽ مياڻ جي مٿان ڇيلي جي کل جو پوش چارهبو آهي، جا مڙس وٽ رهندي آهي يعني ”تلوار“. ==== (2) هڪ مرد پنهنجي زال کي چيو ته: تونگهي منڏڻ تاس رپ، تان رپ ڍورين موءِ، اِندرا واهڻ گئي ڏِسڻ، لي پهراوان توءِ. تُونگهي = رات. منڏڻ = جوڙجڪ، سوُنهن، سوڀيا. يعني رات سونهن يعني تارا. تاس = تنهن جو، هنن جو. رپ = دشمن. تارن جو رپ = دشمن، غالب پوندڙ، مٿانهون، يعني بادل، بادلن جي ڪري تارا لڪي ويندا آهن، تان = تنهن جو، رپ = دشمن، يعني بادلن جو رپ = هوا، طوفان، جي بادلن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏين، ڍورين = هڻ، لڳاءِ. موءِ = مون کي، اُها هوا مون کي هڻ يعني وڃڻو هڻ. اِندرا = اندر ديوتا، واهڻ = سواريءَ جو وسيلو، اندر ديوتا جي سواريءَ جو وسيلو هاٿي آهي. گئي = هڏا، گڏند، ڏسڻ = مان پيدا ٿيل يعني هاٿي جي هڏي، ڏند مان پيد اٿيل شيءِ = چوڙا، لي = وٺي، پهراوان = پارايان، توءِ = توکي. مطلب: هڪ مرد پنهنجي زال کي چيو ته رات جو سوڀيا تارا آهن، تن جو رپ بادل، بادلن جو رپ هوا. تون جي وڃڻو کڻي مون کي هوا هڻين، ته توکي اندر ديوتا جي سواري يعني هاٿيءَ جي هڏن مان ٺهيل ”چوڙا“ وٺي پارايان. ===== (3) زال جواب ڏنو ته: اِندرا واهڻ گئي ڏسڻ، جس تس ڪي هوءِ، توٺو هوئين تو بالما، ڪنچن ڪو رپ موءِ. اندرا = اندر ديوتا. واهڻ = سواري. (اندر ديوتا جي سواري هاٿيءَ تي آهي)، گئي = ڏند، هڏ. ڏسڻ = مان پيدا ٿيل. جِس تِس = جنهن تنهن ڪي هوءِ = وٽ آهي. توٺو = خوش ٿيو. هوئين = هجين، بالما = ڀتار، ڪنچن = سون، ڪو = جو. رپ = مٿاهين درجي واري شيءِ. يعني سون کان وڌيڪ هيرا، جواهر، موتي وغيره، موءِ = مون کي. مطلب: عورت جواب ڏنو ته اندر ديوتا جي سواري يعني هاٿيءَ جي ڏند جو چوڙو ته هر ڪنهن عورت کي آهي. اي ڀتار! توهان جيڪڏهن مون تي خوش ٿيا اهيو ته مون کي سون کان به وڌيڪ جيڪي هيرا جواهر آهن، تنم ان جڙيل عمدي شيءَ وٺي ڏيو. ===== ڳجهارتون: ڪيترا سگهڙ وري ڳجهارتن جو شغل ڪن. هڪڙا ڏين ٻيا ڀڃن. ڳجهارت ڀڃڻ سڀڪنهن جو ڪم نه آهي. هن ۾ سالم سمجهه جي ضرورت آهي، ڇو ته پرائو ڳجهه لهڻ معمولي سمجههواري ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. ملوڪ پهريائين اهو ڳوليندا آهن ته ڳجهارت ڪهڙِ سُر مان آهي، ڇو ته جيستائين سُر جي سُڌ نه هوندي، تيستائين ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو. سر معلوم ڪري پو3 وجهارت جا بند ڪبا. پوءِ هڪ بند کي خيال ۾ رکي ڳوپليندڙ اُهي نالا وٺندو ويندو، جن جو لاڳاپو اُنهيءَ بند واري ڳجهه سان هوندو. ڌڏيندڙ اُهي نالا خيال سان ٻڌندو ويندو. جي صحيح نالو نه ورتائين ۽ ٿورو ڦريل نالو ورتائين ته ڏيندڙ چوندو ته واءُ لڳو آهي، جي اهو معلوم ٿيو ته ڳوليندڙ کي وري وڌيڪ آٿت ايندو ۽ هو ڪوشش ڪري انهيءَ نموني جا نالا ڳوليندو جڏهن پورو نالو آيو تڏهن ڏيندڙ چوندو ته بس بس ڳجهارت ڀڳي. هڪ بند جو صحيح نالو ورتو ويو ته سڄي ڳجهارت ڀڳي. پوءِ ڏيندڙ سڄي ڪري ٻڌائيندو ته ڪچهريءَ ۾ واهه واهه ٿي ويندي. ڳجهارت جو دستور آهي ته ڪنهن به بند جي ڀڃڻيءَ وارو لفظ اچي ويو ۽ ٻڌندڙ جي ڌيان تي اهو نالو نه آيو ته اها ڏيندڙ لاءِ عيب جهڙي ڳالهه آهي. بعضي ان حالت ۾ ٽوليون ٿينديون آهن، ٻه – چار هڪڙي پاسي، ٻه – چار ٻئي پاسي، پو3 واري وٽي تي ڳجهارتون ڏيندا ۽ وٺندا آهن. هيٺ ڳجهارتن جا ڪي نمونا ڏجن ٿا: (1)ڪاٺي جنهن لاءِ ٿياس، ڪاٺي سي نه ٿيا، اديون باروچا، مون کي ڪاٺي ڪري ويا. هي ڳجهارت سر سسئيءَ مان آهي، ڇو ته هن ڳجهارت جي نوعيت مان به سگهڙ سمجهي سگهن ٿا. پر هن ۾ ٻاروچا لفظ ڪم آيل آهي، سو ته چتو بيٺو آهي. ٻاروچو معنيٰ پنهون، جنهن جو لاڳاپو سسئيءَ سان آهي، تنهنڪري هيءَ ڳجهارت سسئي – پنهون مان آهي. سالڪ ائين ڳجهارت جي نوعيت مان سر سهڻي ڪندا آهن. هن ۾ ٽي بند آهن، ٽنهي ۾ ڪاٺي ڳولهڻ سان ڳجهارت ڀڄندي. پر هر هڪ ڪاٺيءَ لاءِ جدا لفظ مقرر ٿيل آهن، جڏهن اُهي نالا وٺبا تڏهن مطلب پورو ٿيندو. ائين جيڪڏهن ٻه يا ٽي يا وڌيڪ اسم ساڳئي معنيٰ وارا هوندا ته انهن مان اُهو اسم ڪارائتو سمجهبو، جنهن سان ڳجهارت جو تعلق هوندو. مذڪر ۽ مونث نالن جو به خيال رکڻو آهي، ۽ اهو به خيال رکجي جنهن جو لاڳاپو اصلي ڳجهه مان هجي. مثلاً جي لفظ ڪاٺي ڪم آيل آهي ته اُهي نالا وٺبا جي ڪاٺين جا نالا اهن يا جن جو لاڳاپو ڪاٺيءَ سان آهي. جيئن ته ڀڳي، وڍي، ٽُڪي، ڇانگي، ٻسانگي وغيره. جي لفظ ”ڪاٺيءَ جو“ ڪم آندل هوندو ته اُهي نالا ڳولبا جي شيون ڪاٺيءَ مان ٺهيل ۽ مونث هجن. جي لفظ ”ڪاٺ جو“ ڪم آندل هوندو ته انهن شين جا نالا ڳولبا جي ڪاٺ مان ٺهيل مذڪر هجن، وغيره عدد جو به خيال رکڻو آهي. مثلاً جي لفظ ”ڪاٺ جو“ ڪم آندل هوندو ته اهي نالا ڳولبا جي عدد واحد هجن، پر جي لفظ ”ڪاٺ جا“ ڪم آندل هوندو ته اهي نالا ڳولبا، جي عدد جمع هجن. مٿينءَ ڳجهارت جا ٽي بند آهن، جن جو جدا جدا ڳجهه يا اَرٿ هيٺئين موجب آهي: ڪاٺي = ڀڳي. ڪاٺي = ٻسانگي. ڪاٺي = ڪاري. ڀڃڻي: ڀڳي جنهن لاءِ هياس، سانگي سي نه ٿيا، اديون باروچا، مون کي ڪاري ڪري ويا. = = = = (2)ڪالهون ڪر منهنجا پرين، پيا کاڄ کاڄ ڪن. آءٌ ٿي زمين جا ڪريان، هُو ٿا ڪاٺئون هوت وڃن. کاڄ کاڄ = لڏُون لڏون. زمين جا = کاما. ڪاٺ جو = هٿو. هتي کاڄ کاڄ معنيٰ کائڻ جي شيءِ جو نالو وٺڻو آهي، جو آهي لَڏوَن. لَڏوُن مٺائيءَ جا ٺاهبا آهن جي کائڻ جي ڪم ايندا اهن. اهڙيءَ طرح سڀ ڪنهن بند لاءِ ٺهنڪندڙ معنيٰ وارا لفظ ڳولڻا آهن. ڀڃڻي: ڪالهون ڪر منهنجا پرين پيا لَڏوُن لَڏون ڪن، آءٌ ٿي کامان جن لاءِ، هٿئون هوت وڃن. (3)ڪَپڙ جي ڪري آندي سومَرا، سا ڪَپڙ جي مون تان لاهه، تون جا چئين ٻولي، سا ٻولي مون وٽ ناهه. ڪَپڙ جي = ڪاري. ڪَپڙ جي = آنڌاري. ٻولي جي = کِل. ٻولي جي = خوشي. پڇڻي: ڪاري ڪري آندي سومرا، هي انڌاري مون تان لاهه، تون جا چئين کِل، سا خوشي مون وٽ ناهه. هتي لفظ ”ڪپڙ جي“ ڪم آندل آهي، يعني اُهي نالا وٺبا، جي ڪپڙي مان ٺهيل ڪنهن شيءَ جا هجن يا ان سان لاڳاپو رکندڙ هجن، پر مونث هجن. اهڙيءَ طرح ڳجهارتون اُهيئي ماڻهو ڳولي سگهندا، جن کي عام واقفيت تمام گهڻي هجي ۽ حافظو به تيز هجين. مٿينءَ ڳجهارت ۾ سومرا لفظ ڪم آندل آهي جو عمر جي لاءِ آهي، تنهنڪري اها ڳجهارت سر عمر مارئي مان آهي. اهڙيءَ طرح سُر سهي ڪبا آهن. مارئي عمر کي چوي ٿي ته زالون هميشه شادي ڪري آڻبيون آهن. تون مون کي زوري کڻي آيو آهين. ماڻهو ڇا چوندا، تو مون کي ڪاري يعني عيبدار ڪري ڇڏيو آهي. ڪاري رات کي اونداهي يا انڌاري به چئبو آهي، اها انڌاري، يعني ڪاراڻ معنيٰ عيب موج تان لاهه. تون جو چوين ٿو ته مون سان کلي ريجهي ويهه، سو کل هميشه خوشيءَ ۾ ايندي آهي، سا خوشي مون وٽ ڪانه آهي، تنهنڪري کل ڪٿان ايندي؟ = = = = = (4)اَنَ جــون رَڇــن ۾ چــم جــون ڇِڪينديانس، عضوي آءٌ ويندياس، گاهه مڇي نرنانءُ کي. اَن جون = ڌاڻيون. رَڇَن = مَٽَنَ. چم جون = ڇوهون. عضوو = تري. گاهه = ناڙو. مڇي = سڻي. نرنانءُ = ميهار. پڇڻي: مانڌاڻيون مَٽن ۾، ڇوهُون ڇڪيندياس، تَري آءٌ ويندياس، سُڻي نڙ ميهار جو. = = = = = (5)کــڻ گـهـڙو پَـــؤ وڻ ۾ ڪيــم وسار، رحمت ساڻ حبيب جي، سير لنگهندينءِ پار. رَڇَ = گهڙو. وڻ = ساتار. ڳهه = والِي. نار = رحمت. نالو = حبيب. ڀڃڻي: کڻ گهڙو پؤ تار ۾، والِي ڪين وسار، رحمت ساڻ حبيب جي، سير لنگهندينءِ پار. بعضي هندو ڪچهرين ۾ ڀڄن ۽ واڻيون به ڳائيندا آهن. هڪ ڄڻو تنبورو وڄائيندو آهي، ٻيا جانهه، کڙتال، ڪاسيا ۽ دِلو وغيره وڄائيندا آهن، پوءِ ٻه چار يا وڌيڪ ماڻهو گڏجي ڳائيندا آهن. مطلب ته ڪچهرين ۾ اهڙي نموني ڀانت ڀانت جي وکر جو وڻج ٿيندو آهي. پوءِ هر ڪنهن کي مٿئين ميٺاج مان ڪنهن نه ڪنهن جو سواد ضرور ملندو آهي. ڪنهن کي ڪهڙي شغل مان مزو اچي، ڪنهن کي ڪهڙي مان، سڀني جي طبيعتن جو لاڙو جدا جدا نموني جو آهي. اڻپڙهيلن جا اهڙا ٻول ٻڌي حيرت وٺيو وڃي، ۽ دل ۾ ازخود اهو خيال اچي جائگير ٿئي، ته ڏسو ڌڻيءَ جي قدرت، جو ڪهڙا ناياب گوهر مٽيءَ ۾ مليا پيا آهن. اهي مسڪين ۽ بي ڪس جي جهنگ جي جهوپڙين ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا آهن، سي ڏسو ته ڪيترو اونها ۽ عميق آهن، جن جي تر جي تانگهه جو پتو نڪو پار، اهو ڏسي ۽ ٻڌي ڏندين آڱريون لڳيون وڃن. ڪهڙو به ٿڪو ماندو انسان هجي ته به حال بود ۾ اچي وڃي ۽ ننڊ کي مجال آهي جو ويجهو اچي. اهڙيءَ طرح ٿري ويچارا پاڻ وندرايو ڪا گهڙي پل وڃيو آرام ڪن. وڏي اسر وري مال وڙڪائڻ ۽ ڪم ڪار لاءِ اُٿڻو پوي. ائين مسڪين مارو پنهنجيءَ ۾ پورا آهن. رِهاڻ سڀني قومن ۾ مڱڻي، شادي، پٽ ڄمڻ، وڏي مرڻي ۽ هندن ۾ وڏن ڏينهن، جيئن اکڻ ٽيج ۽ ڌوڙئي (هولي بعد ٻيو ڏينهن) تي رهاڻ ٿيندي آهي. ڪو گهوٽ پيءُ يا ڪنوار پيءُ پنهنجن سيڻن ۾ ويندو ته اتي به رهاڻ ڪرڻي پوندي. انهيءَ ۾ سندس عزت ليکي ويندي. هرهڪ قوم ۽ موقعي جي رهاڻ ۾ ٿورو گهڻو تفاوت آهي. مسلمان رهاڻ ۾ آفيم ڪونه ورهائين، چانهه ۽ ٻيڙي جو رواج آهي. پٽ ڄمڻ، مڱڻي ۽ شاديءَ جو موقعو هوندو ته پٽاشا ۽ کارڪون ورهائيندا. اڇوت رهاڻ ۾ ڳڙ ۽ پتاشا ورهائين، جنهن کي ”ڀاؤ“ چون، چانهه پيارين ۽ ٻيڙين جو رواج آهي. غمي جي هوندي ته فقط چانهه ۽ ٻيڙيون واپرائين يا تماڪ رکندا، جنهن مان سڀڪو پيو سُلفي ڀري پيئندو. ڌوڙئي جي رهاڻ تي ڪوپرا (ڏونگهيون) ورهائين ۽ پاڻيءَ ۾ ڳڙ ڳاري پيارين، جنهن کي ڀنگ چون. برهمڻ، مهيشوري ۽ لهاڻا رهاڻ ۾ پتاشا ۽ مصري ورهائين. چانهه، آفيم، کٽمٺڙا، وڏف، جوهر جون ٽڪيون، نيزا، کاڄا، سوپاريون ۽ بيڙيون وغيره هوند سارو ڪم آڻين. پُٽ ڄمڻ وقت ڪي هر هڪ ماڻهوءَ کي ناريل ڪي گهر جي هرهڪ ڀاتيءَ کي ناريل ڏين. ناريل مهانگا هئڻ سب ڪي اُن جي بدران چار آنا ڏين. ٺَڪرن جي رهاڻ ۾ کارڪون، پتاشا، چانهه، خاص ڪري آفيم واپرائين. مڱڻهار يا حجام کي، ڪنهن اڇوت گهر جي ڀاتيءَ کي، برهمڻ، مهيشوري، لهاڻا، حجام کي موڪليندا، جو وڃي گهر گهر ماڻهن کي چئي ايندو، ته فلاڻي جي گهر رهاڻ جو سڏ آهي، ۽ پاڙي مان لنگهندي عام هوڪو به ڏيندو ويندو. سڀڪنهن رهاڻ ۾ سندن ذات وارا خاص طرح ۽ ٻا ٻين قومن جا به ايندا آهن. اهڙن موقعن تي خاص ماڻهن جي يادگيري رکبي آهي، جن کي ڪوٺ ڏيئي گهرائبو آهي. پوءِ اوڙي پاڙي جا ننڍا وڏا اچي ڀيڙا ٿيندا. اچڻ وقت هر ڪنهن جي آڌرڀاءُ ڪبي: آبورا... (اچو)، ڀَلان آيا... (ڀلي آيا) آئو، ٻيسو... (اچو، ويهو)... وغيره. پٽ تي جهاجهم، جيرويون، فراسيون، رَليون وغيره وڇايل هونديون، ان تي اچي ويهندا. چڱن ماڻهن ۽ پرين مڙسن (پير مردن) کي وري گاديون يا چوپڙ رليون (چؤڻيون ڪيل) ڪري اُن تي ويهاريندا. پير مرد لٺ پاسي ۾ رکي ويهندا، گهڻو وقت رهاڻ هلي ته ٿڪ محسوس ٿيندو، تنهنڪري چادر سان ڦانگ ٻڌي ويهندا (اڪثر ٿري ماڻهو ڪلهي تي چادر يا انگوڇو کڻندا آهن) بعضي رهاڻ ۾ حقو ڀريل هوندو جو پيا واري وٽي سان ڇڪيندا ۽ رهاڻ ۾ ڦيرائيندا. پوءِ پتاشا، مصري. وغيره ورهائي آفيم جو دؤر شروع ڪندا رهاڻ جو مزو ته آهيئي اهو! آفيم، ڪپهه، کرل، ڇاڻن لاءِ لوهي صافو، وٽيو، لوٽا، چونريون، موريا پاڻي جا ڀريل آڻي وچ ۾ رکندا. ٻه – ٽي وڏا تجربيڪار کرل ۾ ٿورو آفيم وجهي پاڻيءَ سان لساڙي تيار ڪندا. پوءِ صافي ۾ ڇاڻيندا، ان کي گَرنو به چون، جو ڪمي (قيف) جي نموني لوهي گول ڪَڙيءَ ۾ قابو ٿيل هوندو آهي ۽ وچ ۾ هيٺ هوندو، اها ڪڙي لوهي ڪلي ۾ قابو ڪري زمين ۾ کوڙي ڇڏبي آهي. صافي جي هيٺان ٿورو سڳي جو ٽڪر پيو لڙڪندو آهي. مٿان اوتڻ سان آفيم ڇڻجي صاف ٿي ڦڙو ڦرو ڪِري هيٺ رکيل وٽيءَ ۾ پوندو ۽ گند صافي ۾ رهجي ويندو. انهيءَ کي ”ڪسوُنٻو“ چوندا آهن. پوءِ ڪو گڙنگ ٻَنڌاڻي ڪپهه جو پَهو (جنهن کي مينئو چوندا آهن) تيار ڪري، ڪسوُنٻي مان ٻوڙي پنهنجي هٿ جيتريءَ تي نپوڙي ايترو وجهندو، جيئن تري ڀرجي وڃي. پوءِ هرهڪ ٻانڌاڻي اڳيان جهلي چوندو ته ”هي لِيو“ (هاڻي وٺو). ٻانڌاڻي وري چوندو ”رام رِياڻ“. (ڀڳوان جو قسم) يا ”ماتاجي رِي سوگَنَ اِتواَمَلَ مِنان ماري نانکِسي، ڪينهڪ ٿوڙِهو ڪَرو“. (ماتا جي راجپوتن جي ديوي جو نالو – جو قسم، هيترو آفيم مون کي ماري وپجهندو، ڪجهه ٿورو گهٽ ڪريو). ان تي آڇيندڙ وري چوندو ته ”اِئي ۾ ڪِي ٿورو ڪَران، مين اڳيئي ٿوڙهو گَهِتيو آهي“. (هن مان ڇا ٿورو ڪريان، مون اڳيئي ٿورو وڌو آهي). وٺندڙ وري چوندو ته ”رام رِي سوگَن، هُون اگيئي گهَران اَمَل لي پَڇي آيو آهيان، تو هِي اي اَڀانجو هٿ پَڇو ڪو ٿو باران، پر ڪينهڪَ مانجهوئي ڪَهيو ڪَرو، لِکيڪ ٿوڙهو ڪَرو“. (ڀڳاون جو قسم، آءٌ اڳيئي گهران آفيم وٺي آيو آهيان ته به اوهان جو هٿ ڪونه ٿو موٽايان، پر ٿورو منهنجو به چيو ڪريو، جو ذرو ٿورو ڪريو) اهڙيءَ طرح ٻه – ٽي ڀيرا ڌانڌل ٿيندي. ڪي ڏيندڙ جي پاسي ٿي چوندا ته ”ڪَرو ڪِيٿا، اَمَل اَهي ڪِتو، سَچائين تا ڪَروڪ جاڻي، اَڀِين تان اڳيئي پيا لِيو پَڻ، ڦَلاڻو ڏسو جو ڪڏهن وٺيئي ڪونه، ايترو ته اُن ئي ورتو آهي). ڪي وٺندڙ جي پاسي ٿي چوندا ته ”ٻيلي ڪينهڪَ اَسانرو ڪَهيو ڪَرو، اهڙو گهاٽو اَمل اِتو مَ ڏيو، ڪينهڪَ ٿوڙهو ڪَرو.“ (ٻيلي، ڪجهه اان جو به چوڻ ڪريو. اهڙو گهاٽو آفيم ايترو نه ڏيو، ڪجهه ته ٿورو ڪريو). آخر ڪجهه ريڙهه پيڙهه بعد تريءَ تان مينئو ٻوڙي ڪجهه امل (آفيم) گهٽايو ويندو ۽ پوءِ تري وات اڳيان جهليندو ته وٺندڙ پنهنجي چيچ ان مان ٻوڙي ٽي ڀيرا چنڊيندو ۽ اهڙن موقعن تي ڪي مزيدار صدائون به چوندا آهن ۽ پوءِ هٿن سان جهلي هڪ ئي ڳيت سان پِي ويندو ۽ لوٽو کڻي هن جي هٿ جي تري صاف ڪرڻ لاءِ پاڻي اوتيندو. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن کي پياريندوپ ويندو ۽ انهيءَ ڌانڌل کي ”مَنوهار“ چئبو آهي. ٻناڻي آفيم وٺڻ کان ڊڄن ڪونه ٿا، پر چوندا آهن ته اها منوهار نه ڪبي ته آفيم ايندو ڪونه، يعني نشو نه ڪندو. اهو ته ٿيو رهاڻ جو رواج، ان بعد وري ڪي پاڻ ۾ دوست، مٽ مائٽ، سيڻ گنات ۽ حُجتي هڪٻئي کي تريون ڀري ڏيندا آهن. ڪي گَرڙ – ٻنڌاڻي پنج ڇهه تريون به وٺندا آهن. ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي ٽاڻي تي اڌ تولو کن به کايو ڇڏين. رهاڻ ۾ ڪنهن جي امل سان ڀريل تري موٽائڻ وڏي بيعزتي سمجهبي اهي. ڪن حالتن ۾ ته اهڙين ڳالهين تان هڪٻئي جي لاءِ دل ۾ ڪٽر ويهو وڃن ۽ نوبت جهيڙن تائين به وڃيو پهچي. آفيم وٺڻ بعد مٿان چانهه، کارڪون، ماني، ڀَت يا لسي کارائبي آهي. کٽمٺڙا، سونف ۽ سوپاريون ڏبيون آهن، جنهن کي ”کارڀڃڻو“ چئبو اهي، پوءِ ويٺا حقو ڇڪيندا، ٻيڙيون يا سُلڦي پيئندا ۽ اوڀارين لهوارين ڳالهين جا گيڙا ڏيندا. منجهانئن ڪو ڪو اُٿندو ويندو، نيٺ سڀيئي اُٿي روانا ٿيندا. اٿڻ وقت اُٿندڙ کي چئبو آهي ته ”اُٿو ٿا؟... ڪينهڪ ٻيسو“ (ٿورو ويهو) اُٿندڙ چوندو ته هي گهڻائي ٻيٺا، هي جھائون تا“. (گهڻوئي وقت ويٺاسون، هاڻي وڃون ٿا). ائين چئي روانا ٿيندا، تڏهن آخرين طرح چئبو ته ”ٺيڪ ٺيڪ، ڀلان آيا.“ نشو واپرائڻ ٿر ۾ شراب، چرش، ڀنگ ۽ گانجي جو رواج ڪونه آهي. البت شهرن ۾ خاص ڪري شاهوڪار يا ڪامورا اونهاري جو ٿاڌل ۾ ٿوري ڀنگ وجهن. نه ته عام رواج اصل ڪونهي. شراب مهانگو آهي، تنهنڪري فقط ڪي ڪامورا ۽ شوقين شاهوڪار ڪڏهن ڪنهن معزز مهمان جي اچڻ وقت ڪم آڻين، نه ته فقط بيماريءَ جي حالت ۾ دوا طور استعمال ڪن. ٿر جي راجپوتن ۾ ۽ خاص ڪري برهمڻن، مهيشورين ۾ عام طرح شادي غمي يا ڌڏڻ وار تي آفيم جو رواج گهڻو هوندو هو. ڪيترا ٺَڪر ۽ ٻيا آفيم جا علتي (ٻنڌاڻي) هئا. وهانءُ مهل آفيم جي رهاڻ ضرور ڪن. ٻه – چار ڄڻا گڏجن ته آفيم جو ورتائڻ ضروري سمجهن. پاڻ ۾ ڪي وڙهندا هئا ته انهن کي پرچائي سندس هٿن سان هڪٻئي کي آفيم ڏياربو هو، اهو رواج اڃا به آهي. هڪٻئي جي هٿ جو اَمل وٺڻ معنيٰ دل مان بغض ڪڍي کير کنڊ ٿي وڃڻ، عام چئبو آهي ته فلاڻا وڙهيل هئا پر هاڻي ”امل پاڻي“، ورتو اٿن، يعني سَرتا آهن. آفيم کائيندڙ ۽ کارائيندڙ انهيءَ طبقي وارن وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا آهن، جنهن وٽ سدائين رهاڻ هجي. عام ٻولڙيا هن جي ساراهه مان ڍاپيندا ئي ڪونه آهن. چوندا ته ڀائي! فلاڻي جي جُتي ۾ ڪير پير وجهي، جنهن وٽ اٺيئي پهر رهاڻ لڳي پيئي اهي ۽ آلي ڏيلي (عام خاص) کي آفيم جو انڪار ڪونهي. اصل جيڪو ويو تنهن کي آفيم کان سواءِ ڇڏيئي ڪونه، وغيره. مسلمانن ۽ اڇوتن ۾ آفيم جو رواج ڪونه آهي. هاڻي علم جي سجاڳي، نئينل هر، آبڪاري کاتي جي پڪڙ پڇاڙ، آفيم جي قيمت وڌڻ، مهانگائي سبب پئسي جي تنگي ۽ سرڪاري بندش جي ڪري رواج گهٽ ٿيو آهي، پر صفا بند نه ٿيو آهي. ڪيترا ٻنڌاڻي اڃا آهن جي آفيم کائيندا آهن جو سرڪاري گُتن تان خريد ڪندا آهن. ڪي روزانو هڪ ويلو صبح جو ۽ ڪي ٻه ويلا صبح شام وٺندا اهن. ڪي آفيم جو ٽڪر پاڻيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏين ڪي وري پاڻيءَ ۾ ڳاري تِري ڀري پيئن ۽ هڪٻئي کي ڏين. ڪي اڪيلا وٺن، ڪي ٻه ٽي ڄڻا گڏجي وٺن. ڪي وري مٿان کارڀڃڻو ڪن، ڇو ته انهن کي اُن کان سواءِ آفيم نسو نه ڪندو ۽ جي نشو نه ٿيو ته ورتو نه ورتي جهڙو، ان حالت ۾ چوندا ته ”اُگوئي ڪونه“، يعني نشو ٿيو ئي ڪونه. ڪن سڌريل ماڻهن جي ڪوشش سان ڪن پئنچاتن آفيم جي واهپي تي بندش وڌي آهي. هن خراب علت جو واهپو جيترو جلد بند ٿئي اوترو چڱو. ٻهراڙين ۾، خاص ڪري ٺڪرن ۽ اڇوتن ۾ تماڪ جو گهڻو واهپو آهي. حقو عام طور ڇڪين ۽ اُن کي مجلس ي ارهاڻ جو مور سمجهن. اُن م سنڌي تماڪ يا ڳڙ سان گڏ زردو ڪٽي اهو ڪم آڻين، جنهن کي ”ڳُڙاڪو تماڪ“ چون ٿا. حقي جي ٽوپيءَ تي ڪنڊي يا ڪُونڀٽ جو ٽانڊو رکن، جنهن کي ”سُجر“ ٽانڊو چون، جو تمام گهڻو وقت جهلو (جٽاءُ) ڪندو آهي. غريب ماڻه، جن کي اُٿي ويٺي جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، سي سُلڦي پيئن، جا مٽي ۽ ڪاٺ جي ٿيندي آهي، ڪاٺ جي سُلڦيءَ ۾ سڙڻ جي ڊپ کان اندران لوهه جو گول ويڙهو وجهن، ائين تماڪ جيڪفايت آهي. شهرن ۾ پن جي ٻيڙيءَ جو گهڻو رواج آهي، ٻهراڙين ۾ گهٽ آهي. وڏن ڳوٺن ۾ ڪيترن جو روزگار پن جي ٻيڙين ٻڌڻ ۽ وڪري ڪرڻ تي آهي. سگريٽ جو رواج بنهه گهٽ، البت شهرن ۾ ڪنهن موقعي مجلس تي يا پڙهيل شوقين ۽ ڪامورا ڪم آڻين. ٿري غريب هوندي به تماڪ تي گهڻو خرچ ڪن. خاص ڪري غريب طبقو انهيءَ مرض ۾ وڌيڪ مبتلا آهي. نه رڳو مرد پر ڪي عورتون به تماڪ ڇڪين. ٿوري وقت کان ٿر ۾ چانهه جو رواج وڌي ويو آهي. اڳي اهو رواج فقط ڪامورا پارٽي ۽ شاهوڪار شوقين طبقي ۾ هو، پر هاڻي ته ٻهراڙين ۾ به ڪاهي پيو آهي. گُرو گَنجو، آلِي ڏيلي، گهر ۾ داڻو نه هجي ته مانيءَ جو فڪر ڪونهي، پر چانهه ضرور کپي. ڪو مزمان ايو، ماني کڻي چڱي کارايو، پر جي چانهه نه پياري ته چوندو ته ائين ته ادا ماني ته سڀڪو پيو کارائي پر چانهه به ڪونه پياريائين! ڪيترا ته بک هوندي به ماني ڪونه گهرندا، پر چانهه جي طلب ضرور ڪندا. کنڊ مهانگي آهي. جنهنڪري ماڻهو ڳڙ ڪم آڻين. جهنگ ۾ ڌنارن ٻڪرارن کي ڏسو ته ڪِٽلي، چانههجي پُڙي، ڳڙ جو ڳنڍو، پلاند ۾ ٻڌل هوندو. جتي طلب ٿي، ٻڪري ڏُهي چانهه ضرور ڪندا. ٻڪري نه هجي ته مادي اُٺ جو کير به چانهه جي ڪم آڻيندا آهن. مطلب ته کير هجي. پوءِ ڪهڙو به هجي. ڪي موالي ته کير نه هئڻ جي حالت ۾ صرف پاڻي ۾ چانهه ڪن جنهن کي ”سليماني چانهه“ چون. ائين اهڙو ڪو ڇڊو گهر لڀندو، جتي چانهه جي ڪٽلي نه چڙهي. اهڙيءَ طرح ڪيترو کير ضايع ٿئي ٿو، جو گيهه جي نافت لاءِ وڏو سبب آهي. ناس اڪثر عورتون ڏينديون آهن، ڪي مرد به ڏيندا آهن. ڀريل دٻلي کيسي ۾ پيئي هوندن، ڪي وري ڌڏندڙ ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ناس وات ۾ وجهن. ڪي روزانو ناس جو ڏندڻ ڪن ته ڪي تماڪ به چٻاڙين. مهيشوري، برهمڻ، لهاڻا ۽ ميمڻ سوپاريون جام کائين. خاص ڪري شادي وقت گهڻو واهپو هوندو آهي. پر اها رسم شهرن تائين محدود آهي، ٻهراڙين ۾ رواج ڪونهي. ڏيپلو شهر، سوپارين واپرائڻ کان مشهور آهي، جتي جا ميمڻ مرد ۽ عورتون سوپاريون گهڻيون کائين. تَڙون ڪن، ڪي ڪُتر ڪري کائين. ڪن جا ته انهيءَ ڪري ڏند به ڪارا ٿي ويندا اهن. سڀ ڪنهن وٽ سوپارين وڍڻ ۽ ڪُتر ڪرڻ لاءِ ”سوهڙي“ کيسي ۾ پيئي هوندي آهي، جا پتل ۽ لوهه جي ٿئي. مارن جا ڌار ڌار نالا ٻهراڙيءَ جو رهاڪو پري ڪنهن هنڌ ويو ته پاڻ کي ڪنهن ويجهي شهر جو رهاڪو سڏائيندو، ڇو ته سندس ننڍڙو ڳوٺڙو اهڙو مشهور نه هوندو. ٿر جا ننڍا ڀاڱا مهراڻو، سامروٽي، وَٽَ، وغيره ايترا مشهور آهن. کائڙ کي به شاهه صاحب بيان ڪيو آهي نه ته عام طرح ”ڍَٽَ“ وڌيڪ مشهور آهي. ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيڙن جو. جيتوڻيڪ ڍاٽ ٿر جي وچئين ڀاڱي کي چئبو آهي ته به اهو لفظ سڄي ٿر لاءِ ڪم ايندو آهي، تنهنڪري ٿر جي رهاڪو کي ”ڍاٽي“ پڻ سڏبو آهي. ٿــر جا ماڻهو مالــدار آهــن. ٻڪري اهــڙو ڌڻ آهــي جو غريب به رکي سگهي ٿو ۽ ٿوري خرچ سان گهڻو اُپراسو. ٻڪري کي پَهُون به چون، تنهنڪري ماڻهن کي ”پنهوار“ چون. سدا ويٺي ساريان، ”ڏوٿي“ ڏاڏاڻا. ٿر جي آبادي برسات تي ٿئي. سا به ڪڏهين پوي ته ڪڏهين ڪانه پوي. ڏڪار سدائين سِر تي سوار، تنهنڪري ماڻهو سدائين سانگ ۽ صوفي سان رهن. اناج جي تنگي جي ڪري ڏت تي گذران ڪن. جنهنڪري ”ڏوٿي“ ۽ ”ڏوٿيئڙا“ سڏجن. مون ”ماروُ“ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون. ماڻهو جو گذران مال تي، گهرجون گهر، ٿوري مان پورائو ڪن، تنهنڪري ”ماروُ“ يا ماروئڙا“ سڏجن. ڪنهن پر لاهيان ڪاڻ، ونهين ويڙهيچن سان. سڄي ٿر ۾ وليون ۽ وڻ اڪيچار آهن، اهڙي هنڌ کي ويڙهه چوندا آهن. مارو ماڻهو مال کي ڪاهي وڃي اتي چاريندا آهن، جنهنڪري ”ويڙهيچا“ سڏجن. ”سانگي“ ساريم سومرا، ڍاٽي پاسي ڍول. مال جي سهولت لاءِ ٻه چار گهر گڏجي مال ڪاهي ڪٿي وڃي سانگ ڪري ويهن، تنهنڪري ”سانگي“ يا ”سانگيئڙا“ سڏجن. ”جهانگي“ جو جهنگن جو سيڻ ڪميڻي سوئي. ڪيترا شهرن کان ٻهراڙي پسند ڪن ۽ سدائين مال جهنگ ۾ چارين ۽ اتيئي رهن، تنهنڪري، ”جهانگي“ ۽ ”جهانگيئڙا“ سڏجن. سهسين سيبا ڪنجري، ”لوئي“ ليڙ ٿيام. ماڻهو غربت جي ڪري ڪپڙو خريد ڪري ڪونه سگهن. رڍن جي اُن کي گهر ۾ ڪَتي لويون تيار ڪري ڪم آڻين، جنهنڪري ”لوئرياڙا“ (لويون ڍڪيندڙ) سڏجن. ”کٿيري“ تان کل، عمر ڪج مَ اهڙي. سياري ۾ سيءَ جي بچاءُ ۽ پهرڻ لاءِ کٿا ٺاهي ڪم آڻين، جنهنڪري ”کٿيرا“ سڏجن. مال کي چون ڌڻ، جنهن جي سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”سنگهه“. مال جي مالڪ کي چون سنگهار. ٿري ماڻهو مالدار آهن، تنهنڪري ”سنگهار“ سڏجن. ٿر جي ڌار ڌار ڀاڱن ۾ رهندڙن کي انهن مڪاني نالن سان به سڏين. جيئن ته پارڪر جي رهاڪن کي ”پاڪريا“، سامروٽيءَ جي رهاڪن کي ”سامروٽيا“، کائڙ جي رهاڪن کي کائڙيا“ وغيره. عام طرح سڀني رهاڪن کي ”ٿري“، ”ٿريا“ ۽ ”ٿاريلا“ چون. ٿرين جي پاڻ ۾ ڀليڪار ٿر ۾ هندو، مسلمان ۽ اڇوت رهن ٿا. انهن مان هرهڪ جون ڪيتريون ئي ذاتيون آهن. مسلمان سڀيئي ذاتيون پاڻ ۾، هندو سڀيئي پاڻ ۾، ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾، گڏجڻ وقت هڪٻئي کي هٿ ۾ هٿ ملائيندا آهن. مسلمان پاڻ ۾ هڪٻئي کي گڏجڻ وقت، هڪڙو چوندو ”السلام عليڪم“، ته ٻيو جواب ڏيندو ”وعليڪم السلام“. پوءِ گهڻي واقفڪاري هوندي ته ڀاڪر وجهي نه ته رواجي طرح هڪٻئي کي هٿ سان هٿ ملائيندا، پوءِ خوش خيرعافيت پُڇندا آهن. هڪڙو چوندو: خوشته ٻيو جواب ڏيندوشڪر چڱو ڀلوته ٻيو جواب ڏيندومهرباني متاروته ٻيو جواب ڏيندورب جو فضل جوڙته ٻيو جواب ڏيندومڙيئي خير ادا کپي به خير، شل سدا خوش هجين. ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اڃا به ڊيگهه ڪندا آهن. جيئن ته: راڄ ڀاڳ، پُٽ ڇوٽا، مال رزق، ڌڻ ڌپو، اوڙو پاڙو، ٻار ٻچا وغيره. هندو پاڻ ۾ گڏجڻ وقت گهڻائي اکر ڪم آڻيندا آهن. ڪنهن برهمڻ سان گڏجڻ وقت چئبو ”مهراج! نمستي، رام رام“، مهيشوريءَ سان ”رام رام“ اڪثر هندو پاڻ ۾ گڏجڻ وقت ”رام رام“ لفظ ڪم آڻيندا آهن، اڳلو به جواب ڏيندو ”رام رام“. ٺَڪُر برهمڻ کي گڏبو ته چوندو ته ”مهراج پائي لاگان“. (پيرين پوان) ته مهراج جواب ڏيندو ”سُکي رهو“، اهي به ڀاڪر پائي يا رواجي طرح هٿ هٿ سان ملائي گڏبا آهن. ٻيا عام هندو ٺَڪُر سان ملڻ وقت چوندا ”مُجرو شاهه“ ته ٺَڪُر به جواب ڏيندو ”مُجرو شاهه“. پوءِ خوش خير عافيت ڪندا جنهن کي ”ڪُسڙاتَ“ چون. ان جي پڇڻ جا نمونا جدا جدا آهن. مثلاً: ”چاڪ، پَرشن، راجي خوشي، اَنند ۾، موج ۾....“ وغيره، يا چوندا: ”چاق، هوڪاران ۾، سَڪِراڙو، رُڙو ڀَلو، متارو....“، وغيره. اَڇوت، جهڙوڪ مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ ڀنگي وغيره سڀڪو پنهنجيءَ ذات واري سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ملندو. هڪ ذات، ٻيءَ ذات کي هٿ ۾ هٿ ڪونه ملائي، فقط ڪي پڙهيل پاڻ ۾ هٿ ملائيندا آهن ۽ خوش خير عافيت ڪن، جنهن کي ”کيڪار“ چوپن. وچولن هندن وارو نمونو اختيار ڪن، ڪي ڊيگهه ڪن، ڪي ٻه ٽي اکر چون. ڪوبه اوچ يا وچولو هندو ڪنهن به اڇوت سان هٿ ڪونــه ملائي، البت ڪي پـڙهيل هــٿ مــلائيندا آهن، نه ته رواجي طرح اڇوت پري کان ئي هن طرح کيڪار ڪندا. برهمڻ، مهيشوري، سوڙهــڙ، سامي، مالهي، سونارا، کٽي ۽ لهاڻــا وغيره هونــدا تــه اڇوت ”رام رام“ چوندا.. هو به سامهون جواب ڏيندا، ”رام رام“. پوءِ کيڪار مٿئين موجب ڪندا. مينگهواڙ ٺَڪُر سان ملندو ته پري کان وندو: ٺَڪرائِي! دُعا آهي“. (يعني توکي منهنجي دُعا آهي.) ٺَڪُر جواب ڏيندو ”دُعا ري سَرڻي“ (يعني آءٌ ٿنهنجي دُعا جي شرڻ آهيان.) حاصل مطلب ته تنهنجي دعا جي ڪري ئي آءٌ خوش حالت ۾ رهي سگهان ٿو. پوءِ کيڪار مٿئين موجب ڪبي. ڀيل ٺَڪُر سان ملندو ته چوندو ”ٺڪرائي! جُهار“. ”پانڌي پرين پهنوار کي، ججها ڏيج جُهار“. ٺڪر جواب ڏيندو: ”جُهار، جُهار“، پوءِ مٿئين موجب کيڪار ڀليڪار ڪبي. اڇوتن سان مسلمان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ملڻ ۾ ڪوبه عار نه سمجهندا اهن، تنهنڪري گهڻا پڙهيل ۽ سڌريل اڇوت هٿ سان هٿ ملائيندا آهن. پر ڪي بلڪل غريب ۽ ٻهراڙيءَ جا اڇوت مسلمانن سان ملڻ وقت چوندا آهن. ”ڀَلين آئين“. مسلمان جواب ڏيندو ”ادا خير هجئي“، پوءِ کيڪار ڪبي آهي. برهمڻ ۾ خاص طرح ۽ مهيشورين ۾ عام طرح ڇوت ڇات آهي. هو اڇوتن، کي ڇهڻ کان به پري ڀڄندا آهن. باقي ٻيون هندو ذاتيون ۽ مسلمان ڇوت ات نه ڪندا آهن. باب ارڙهون ٿر جا ميلا سنڌ وانگر ٿر ۾ وڏا ميلا ڪونه ٿا لڳن. ننڍا ننڍا ميلا لڳندا آهن، سي به اُتي، جتي ڪنهن نه ڪنهن پير، فقير، اولياءُ درويش، سنت وغيره جو قبو، پاڙيئو يا قبر وغيره آهي. انهن ميلن ۾ وڏا ناٽڪ، گهڻو واپار، يا نامي مَلَهن جا ملاکڙا ڪونه هوندا آهن، فقط معمولي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جا دڪان ۽ چانهه جون هوٽلون وغيره کُلن، ڇو ته ماڻهو سُکا پوري ڪرڻ لاءِ مٺايون ورهائيندا آهن. او سي پاسي جا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، جي ملاکڙا لڳائيندا آهن. اُهي ڪجهه انعام به ڏيندا آهن. اُٺ ۽ گهوڙا گهمائيندا آهن. بعضي شرطون لڳائيندا آهن. ٺلهي واه واهه هوندي آهي. هندو درويشن تي ڀڄڻ ڳائبا اهن. اهي ٽوليون مينگهواڙن جون هونديون آهن. ڪٿي هڪ ڏينهن ڪٿي ٻه، ٽي يا وڌيڪ ڏينهن ميلو هلندو آهي. ڪن ڪن هنڌن ڪي ماڻهو ديڳون رڌي عام طرح کارائيندا آهن. ڪي ٻڪر قرباني ڪندا آهن، مڍايون ورهائيندا آهن. اهي ميلا جيتوڻيڪ بلڪل معمولي آهن، پر ٿر جي ماڻهن (جن مان ڪيترن اڃا ريل گاڏي به ڪانه ڏٺي آهي) کي انهن جي ڏسڻ مان ڏاڍو مزو ايندو آهي. ٿر جا هيٺيان ميلا مشهور آهن: *راضي شاهه: هي ميلو مٺي تعلقي ۾، نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيسن جي ڏڱڻ – اوڀر طرف، ٿر ۽ سنڌ جي ڪَس تي مير ڪرم علي خان ٽالپر جي ٺهرايل ڪوٽ (جو اڃا بيٺو آهي) جي ڏکڻ – الهندي طرف ذوالحج يعني عيد الضحيٰ تي سال بسال لڳندو آهي. هتي سيد راضي شاهه گهوٽ لڪياريءَ جو عاليشان قبو آهي ۽ مُجاور رهي ٿو. هي سڀني کان وڏو ميلو آهي، جتي ڪافي ماڻهو پري پري کان ايندا آهن. هر ڪنهن قسم جو چڱو واپار هلي ٿو. ملاکڙو به لڳندو آهي. *پاربرهم: ڏيپلي تعلقي ۾ شهر کان 6 ميل اتر الهندي طرف ’ويڙهي جهپ‘ جي ڳوٺ ۾ سڀڪنهن سال 5- ڄيٺ کان 20- ڄيٺ تائين 15 ڏينهن لڳندو آهي. هتي پارُو فقير (پاربرهم) جيئري سمانڌ ورتي هئي، جا اڄ تائين ٺهيل آهي. مٿان ڇت جوڙائڻ جي منع آهي. هتي پينگهون، ملاکڙا، تماشا ۽ طائفا ڪونه ٿين. هتي جاترين لاءِ ڀيل ڪچيون لانڍيون ٺاهيندا آهن. معمولي دڪان کلندا آهن، ڀڄن ڳائبا آهن. چانورن جون ديڳيون لاهي ورهائيندا آهن. برهمڻن لاءِ برهم ڀوڄ ٿئي. شام جو جاتري سمانڌ وٽ وڃي آرتي ڪن روٽ ورهائين. *شِو جو ميلو: هي ميلو ٽن هنڌن تي شو راتڙي ڏينهن لڳندو آهي: 1- عمرڪوٽ جي ڀرسان کاروڙي ڳوٺ وٽ، جتي شِوَ جو مندر ٺهيل آهي. ٽي ڏينهن هلندو آهي. 2- ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي سارڌري تيرٿ تي شوراتڙيءَ جي ڏينهن لڳندو آهي. هي هندن جو مشهور تيرٿ آهي. ڪيترائي شرڌالو ايندا آهن، ڀڄن ڀاو ٿيندو آهي. 3- مٺي شهر ۾ شوراتڙيءَ تي مهراج شامداس مختيارڪار پنهنجي سوڳواسي پتا مهراج مکي تارا چند جي يادگيريءَ ۾ لڳائيندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. سنڌ کان ڪافي ملهه، ڀڄنن وارا، ڳائڻا ۽ ڀڳت ايندا آهن. گهوڙن ۽ اُٺن جون شرطون، ناٽڪ ۽ ملاکڙو لڳندو آهي. ڀڳت ٿيندي آهي. مهراج پنهنجي سر انعام ڏيندو آهي ۽ ميلي لاءِ خرچ ڪندو آهي. *رام گِر جو ميلو: هي ڇاڇري کان ٽي ميل اوڀر طرف ننگرپارڪر ڏانهن ويندڙ شاهي رستي تي ’رامجي جي ويري‘ ڳوٺ جي ڀرسان مانگهه جي چانڊوڪي ستمي ۽ ڀڊي جي گيارس تي لڳي ٿو، جو ٻه ڏينهن هلندو آهي. هتي ڪچي مٽيءَ جو آستان ٺهيل آهي. ننڍي پيماني تي مٺائي جا دڪان کلندا آهن ۽ ملاکڙو لڳندو آهي. روايت آهي ته ڌُوپ لاءِ باهه تي گيهه جي بدران پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻبو آهي ته لاٽ ٿي پوندي آهي! * مالهڻ: هي ميلو ڳوٺ چيلهار کان 6 ميل ڏکڻ طرف مٺيءَ ڏي ويندڙ شاهي رستي تي ڳوٺ هريار جي ڀرسان هر ڪنهن سال مانگهه جي چوڏس سهائي تي لڳندو آهي. جو ٻه ڏينهن هلندو آهي، مالهڻ هڪ راجپوت ڇوڪري هئي، جنهن جو مڱڻو ٿيو هو پر ڪن سببن جي ڪري شادي ڪانه ٿي جنهنڪري هوءَ سَتي ٿي. ان بعد راجپوتانا ۽ ٿر ۾ هن جي اڄ تائين ماڻهو ديوي وانگر پوڄا ڪندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ميلا به لڳانيدا آهن. انهيءَ هنڌ شاهي رستي جي اتر طرف ڪچي مٽيءَ جي ڪوٺي ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري جهنگ آهي. ميل – ڏيڍ چوگرد دائري اندر ڪوبه ماڻهو وڻ نه وڍيندو آهي. ماڻهو کي اهو وهم ويٺل آهي ته اسان کي نقصان پوندو. ڀرسان ميل کن پنڌ تي هَريارَ جو ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جتي راجپوت، مينگهواڙ ۽ مسلمان ڪنڀر رهن ٿا. هتي راجپوت ذات جو ڀوپو رهي ٿو، جو ميلي واري وقت ۾ مورتيون کڻي اتي وڃي کُڏ ۾ رکندو آهي. ڪيترا ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن جي ڀيٽا به رکندا آهن، جا ڀوپو کڻندو آهي. ميلي گذرڻ بعد مورتيون کڻي اچي پنهنجي سنڀال هيٺ رکندو آهي. زيارتي سُکائون چاڙهيندا آهن. رواجي دڪان هوندا آهن. ملاکڙو لڳندو آهي. هتي ماڻهو پاڏا ۽ ٻڪر قرباني ڪندا آهن، جن جو جهاٽڪو ڪبو آهي ۽ پلاهه رڌي سڀني کي ورهائي ڏيندا آهن. *چُندو پير: هي مشهور بزرگ پير پٿوري جي ڪُل مان آهي، جنهنڪري کيس پٿوري پوٽو چوندا آهن. هتي هڪ ڪچڍي مٽِءَ جو پاڙيئو ٺهيل آهي، جو ڳوٺ ڪانٽيي تعلقي ڇاڇري کان ٽي ميل ڏکڻ الهندي طرف ڇاڇري ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، ڳوٺ مٺڙيي ڀرسان آهي. هتان ڇاڇرو- ڪنري لاريءَ جي سروس آهي. ميلو سڀڪنهن سال ڀڊي جي چنڊ تي لڳي ٿو، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. رواجي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جو کلندا آهن. ملاکڙو ۽ وهٽن جون شرطون لڳنديون آهن. ماڻهو ڪافي انداز ۾ ايندا اهن. ڳوٺ ڪانٽيي جي پئنچات جي پاران سڀني کي ڀَت کارايو ويندو آهي. * هَرداس ڀڳت: هي ميلو مٺي شهر ۾ اوڀر طرف دڙي تي سڀڪنهن سال چيٽي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي ڀوت جو ”ڏيهرو“ ٺهيل آهي. هرداس ڀوت ذات جو پشڪرڻو برهمڻ اصل ڇاڇري جو ويٺل هو،. درويش صفت ۽ سنت هو. هن پيشنگوئي ڪئي هئي ته ترت ڇاڇري تي ڪا مصيبت اچڻي آهي، تنهنڪري پاڻ ۾ ڪي ماڻهو لڏي اچي مٺيءَ ۾ ويٺا. ترت ئي مدد خان پٺاڻ اچي ڇاڇري ۾ ڦرلٽ ڪئي. ڀڳت جا پويان اڄ تائين مٺيءَ ۾ رهن ٿا، جن کي به ڀڳت سڏبو آهي. اُنهن لاءِ ماڻهن ۾ اڄ تائين چڱي شرڌا آهي. *سيد مصري شاهه: هي ميلو مٺي شهر کان الهندي طرف نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، گاڏي واري لڪ وٽ، هر ڪنهن سال ڀڊي جي ڏهين تاريخ لڳي ٿو، جو ٻه ڏينهن هلي ٿو. هتي هڪ قبو ٺهيل آهي، جنهن کي چوڌاري ڪَنڊن جو لوڙهو ڏنل آهي. ڪافي خلق ايندي آهي. چڱو ملاکڙو لڳندو آهي. مٺائيءَ جا دڪان ۽ چانهه لاءِ هوٽل لکندا آهن. * معين شاهه: هي ميلو ڳوٺ ٽِڳٺيو تعلقي ڇاڇري ۾ سڀڪنهن سال عاشورن جي وقت لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي معين شاهه جي تربت ۽ شاهي مقام آهي. مجاور به رهي ٿو. ڪافي زيارتي ايندا آهن ۽ ڇيلن جون قربانيون ٿينديون آهن. چوپائي مال جي بيماريءَ جي حالت ۾ ماڻهو باسون باسيندا آهن، تنهنڪري مالدار ماڻهو کير آڻي کيرڻي رڌي ماڻهن کي کارائيندا آهن. ڀت جون ديڳيون پڻ لهنديون آهن. * مائي جيتان: هي ميلو ڳوٺ ميهلاڻو تعلقي ڇاڇري ۾ ڀڊي جي چنڊ تي لڳندو آهي. سڄي ٿر ۾ خاص ڪري مينگهواڙ اُن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي جيتان جا ڀوپا آهن، جتي ننڍي پيماني تي روٽَ، ڪُنِي (ڀت) ۽ گهيٽا قرباني ڪندا آهن. *کنگهار پير: هي فقير پير پٿوري جي نسل مان آهي. هــي ميلو ڳوٺ جانـــهيرو تعلقي عمـر ڪوٽ ۾ سڀڪنهن سال ڀڊي جــــي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٻـــه ڏينهن هلندو آهــــي. هتي ڪچي مٽيءَ جو ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن کي کنگهار پير جو ”اوٽو“ چوندا اهن. ڪافي جاتري ايندا آهن. سڄي رات ڀڄن هلندا آهن ۽ صبح جو ملاکڙو لڳندو آهي. مٺائيءَ جا دڪان کُلندا آهن. *رامڏيو پير: ڳوٺ ڪاسبو تعلقي ننگر پارڪر ۾ سڀ ڪنهن سال ڀڊي جي يارهين تاريخ لڳندو آهي. *ڏيول ڏيوي: هي ميلو ڳوٺ روهڙ تعلقي ڇاڇري ۾ دسهڙي تي لڳندو آهي. هي چارڻن جي ديوي آهي. *پير عالم شاهه: هي ميلو ڳوٺ گڍڙي کان ڏکڻ طرف نو ميل پنڌ تي ڳوٺ عيساڻيءَ ۾ لڳندو آهي. *پير حسن علي شاهه: هي ميلو هيرار ڏيٿا تعلقي ڇاڇري ۾ لڳي ٿو. *همير پير: هي ميلو ڳوٺ چيلهار کان ٻه ميل اتر طرف ڳوٺ کيجراڙو ڀرسان مانگهه جي چنڊ تي لڳندو آهي. هتي پڪ سِرو ڏهرو ٺهيل آهي. ميلو هڪ ڏينهن هلندو آهي ۽ رواجي دڪان کلندا آهن. ڳوٺ جي ٺڪرن جي پاران کيرڻي ۽ ڀت کاريو ويندو آهي. *سامي: ڳوٺ ميگهي جو تڙ تعلقي ڇاڇري جي اوڀر طرف ڏيڍ ميل پنڌڏ تي هيڪل ڪوريءَ جي ڏهر ۾ ڀڊي جي چنڊ تي هڪ ڏينهن لڳي ٿو. هتي ٻڪر قربان ڪندا آهن. *مارئيءَ جو ميلو: ڳوٺ ڀالوا تعلقي ننگرپارڪر ۾ مارئيءَ جي کوهه وٽ پهريون دفعو 6- مارچ 1967ع تي، مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر، سابق وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ سابق ايم پي اي جي ڪوشش سان لڳو هو، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس (مقالا ۽ شعر)، ٿري ناچ ۽ لوڪ گيت، ناٽڪ، سئنيما شو وغيره ڪيا ويا. بجليءَ جو بندوبست هو. مير صاحب پاران سڀني لاءِ کاڌي جو بندوبست پڻ ڪيل هو. مڪان ڇَهڙو تلقي ڇاڇري ۾ گڍڙي کان چوڏهن ميل ڏکڻ طرف سيد صلاح الدين شاهه جو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ چيتن ڀڳت جو ميلو لڳندو آهي. ٿر ۾ ٻيا به ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جي ڪنهن نه ڪنهن پير، فقر، ڀوت ۽ بزرگ جي نالن سان مشهور اهن، جتي ڪن خاص ڏينهن تي ڇيلا ۽ گهيٽا قربان ڪيا ويندا اهن، ڀت ڪندا آهن ۽ مٺايون ورهائيندا آهن. ٿر ۾ هندو ۽ اڇوت عورتون ويرت ۽ ايڪاڻا رکنديون آهن، جي گهڻن ئي نمونن جا آهن. خاص ڪري ساوڻ مهيني ۾ ننڍي ٽيج ۽ وڏي ٽيج مشهور آهن. اهو وقت ڀرپور وسڪاري جو آهي، چوڌاري جهرجهنگ ۾ ساوڪ جي بهادري هوندي آهي. ٻنين ۾ ڇانهه (جي اڃا ڪچا هوندا اهن) ڇڊا، مگر چِڀڙيون (گدريون) مڙيئي کائڻ جهڙيون هونديون آهن. اُن وقت ٻنين ۾ ٻاجهريون گوڏي يا چيلهه جيڏيون هونديون آهن، ڪي لِنگهلنديون آهن ۽ ڪي انهيءَ سعيي ۾ هونديون آهن. ان وقت ٿري ماڻهن – مرد ۽ عورت، ڇوڪر ۽ ڇوڪري ۾ بهادري هوندي آهي. ٽيجون به انهيءَ موقعي تي ٿين. عورتون ۽ ڇوڪريون ٽيجون رکن. صبح جو سوير اَسر ڌاري جهرڪين سُتي مهل ماني کائين، ڏينهن جو چانهه پيئن، ڪوپرا، ميوات وغيره کائين، ماني وري رات جو 9 بجي ڌاري کائين. ان وقت ڏينهن جو وندر لاءِ پينگهه لُڏن. ڪي ته پنج – ست ڏينهن اڳ پينگهه ٻڌندا آهن. نه رڳو عورتون پر مرد به اهو چشڪو وٺن. ڳوٺن ۾ ماڻهن جي گهرن ۾، چوسولن تي ڀرپاسي ڪنڊن ۽ نمن جا وڻ عام آهن. ڪنهن اهڙي سهوليت واري هنڌ، جو وڻ پينگهه جي ڏانوَ جو هوندو آهي، ان جي مضبوط ٽار ۾ ڪنهن مضبوط رسي يا وَرتَ، جا کوهه مان پاڻي ڇڪڻ لاءِ ڪم ايندي آهي، سا آڻي ٻيڻي ڪري (ڇو جو هيڪوڻي جي ڇڄڻ جو انديشو رهي ٿو) مضبوط پينگهه ٻڌي لڏبو آهي. پوءِ ته جوانن کي رونشو لڳي. پاڻ ۾ شرطون رکن ته ڪير ٿو پينگهه وڌيڪ مچائي ۽ مٿي وڃي. هڪ ڪاٺيءَ جي مضبوط پٽي ڏيڍفوٽ ڊگهي کڻي ان جي ٻنهي پاسن سِرَڻَ جي پڇ وانگر يعني کليل ڪئنچيءَ جي هڪ پاسي جيئن ڪٽي تير ڪري هيٺ پينگهه ۾ ٻنهي پاسن کان اٽڪائيندا، جيئن بيهڻ يا ويهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ پاسن کان سَروُن خلاسيون بيهن. ڪي وري ٻه ڪاٺيونک ڻي لاڳيتيون رکي ٻنهي کان ڏيڍ – ڏيڍ انچ ڇڏي وچ ۾ سنهي رسي سان ڳُتي مضبوط ڪندا اهن ۽ پوءِ اها پينگهه اٽڪائيندا آهن، هن کي ”پينگهي“ چئبو آهي. پير پينگهيءَ تي رکي پاسن کان ٻنهي هٿن سان جهلي مڇائيندا آهن. ڪي فط اڳئين پاسي زور ڪندا اهن. ڪي پوئتي موٽڻ وقت به پُٺڀرو زور لڳائيندا آهن. ائين دو طرفي زور سان وڌيڪ مچندي آهي ۽ انهن کي وڌيڪ هوشيار ليکبو آهي. ڪي اڪيلا ڪي ٻه ڄڻا آمهان سامهان بيهي لڏندا آهن. پر مزو اڪيلي لُڏڻ ۾ آهي. عورتن لاءِ گهرن ۾ يا ڀرپاسي ۾ ڪو وڻ هوندو ته اتي پينگهه ٻڌن، جتي سڄو ڏينهن عورتن ۽ ڇوڪرين جي پيهه لڳل هوندي. ڪي اڪيليون، ڪي ٻه ڄڻيون آمهون سامهون بيهي لُڏنديون آهن، يا هڪ ويٺل ۽ هڪ بيهي لڏندي آهي. بعضي هڪ ويهندي ۽ ٻي پٺيان لوڏا ڏيندي. ڪي پاڻ ويهي، هنج ۾ ننڍو ٻار ويهارينديون آهن، ٻيون پٺيان لوڏينديون آهن. پينگهه جي ٻن رسن کي ويڪرو ڪري ننڍي کٽولي اُبتي ڪري رکن ته ساهمي جي پُڙ وانگر ٿي پوي، پوءِ ٻه ٽي ننڍيون ڇوڪريون ان کٽولي تي ويهنديون ۽ ٻيون لوڏينديون آهن. يا ٻنهي رسن کي وڪرو ڪري هڪڙي هڪڙي پاسي ۽ ٻي ٻئي پاسي آمهون سامهون ويهي پير آمهان سامهان پاسن وارين رسين ۾ اٽڪائينديون آهن تهوڇچ ۾ تختي وانگر جاءِ ٿي پوندي، جنهن تي هڪ ٻه ننڍا ٻار ويهارينديون ۽ ٻنهي پاسن کان ٻيون زالون کين لوڏينديون. بَهوُئاريون يعني نُهون، ڏينهن جو نه لُڏنديون آهن، ڇو ته وڏا مائٽ جيئن ته سُهرا ۽ جيٺ وغيره ڏسي نه وٺن، تنهنڪري رات جو لُڏنديون آهن. اهڙي موقعي تي جي سهولت وارو وڻ نه هوندو ته گهر جي ويڙهي ۾ مضبوط ڪاٺين جون ٿوڻيون کوڙي مٿان آڏوري (آڏي ڪاٺي) رکي، ان ۾ پينگهه ٻڌبي آهي، اهڙين ڇوٽين پينگهن لاءِ رسا ڪم آڻبا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٻار وندر لاءِ پينگهه ٻڌندا آهن. وسڪاري جو کِپ يا سِڻَ جي نوڙي وَٽي، اُن سان ٻني ۾ ڪنهن وٽ ۾ پينگهه ٻڌي ننڍا ٻار لڏندا آهن. بعضي ننڍا ٻار گهر ۾ آڙو ڪندا آهن تهمائٽ در جي چوکت جي مٿئين ڪاٺي يا منڏهيڙي آڏيري ۾ رسيءَ سان پينگهه ٻڌي ڇڏيندا آهن. بعضي ڌنار ۽ ٻڪرار مال چاريندي جهنگ ۾ ڪنهن وٽ ۾ نوڙي سان پينگهه ٻڌي لڏندا آهن. چينڪلو جيتوڻيڪ سڀڪو مارُو ماڻهو ننڍو وڏو سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌو پيو آهي، ته به ننڍا ڇوڪرا ڪم ڪندي به وقت بچائي يا جيڪا ٿوري گهڻي فرصت ملي، تنهن ۾ ويچارا ڪانه ڪا وندر به وڃي ڪندا آهن. ڌنارن جي خاص وندر چيڪلو به آهي. صبح جو مال جي جيستائين ڏُهئي ٿئي يا شام جو وٿاڻ تي اچڻ مهل ڪجهه وقت مڙيئي ملندو آهي، يا ڏينهن جو مال پهرائي جهنگ ۾ وڃن، مال پيو چَري، پاڻ ڪٿي ويهن ته وندر ضرور کپي، تنهنڪري وٿاڻن تي ۽ جهنگ ۾ اهڙن هنڌن تي چيڪلا ٺاهيندا آهن. هڪ مضبوط ڪاٺي وٺي هڪ پاسو ٿلهيرو نوڪدار ڪري زمين ۾ ڏور کڻي اهڙيءَ طرحکوڙيندا، جيئن ڪاٺي ٽي فوٽ کن زمين کان مٿي هجي. ٻي ڪاٺي ڇهه ست فوٽ کن وڍي وچ ۾ ٿورو گول کانچو ڪري، اُها کُتل ڪاٺيءَ جي نوڪ تي رکندا، جيئن چوگرد ڦري سگهي. پوءِ هڪ ڇوڪر مٿينَ ڪاٺيءَ جي هڪ پاسي لانگ ورائي ويهندو جيئن وهٽ تي چڙهبو آهي. ٻيو ٻئي پاسي ويهندو. پوءِ هڪ ڇوڪرو هيٺ ٿيندو ته ٻيو مٿي کڄندو، وري ٻيو هيٺ ٿيندو ته پهريون مٿي کڄندو، ائين وندر ڪندا رهندا. يا ٻيئي ڇوڪرا پيرن جي زور تي چوڌاري گول ڦرڻ شروع ڪندا آهن. پير ڪنهن مهل ڌرتيءَ تي لڳائيندا ته ڪنهن مهل مٿي ڪندا، ته چيڪلو گول ڦرندو رهندو. آهستي آهستي ٿيندو جڏهن واءُ چڙهندو آهي تڏهن پير ڌرتي کان مٿي ڪندا ته ڪجهه وقت پيو ڦرندو. جڏهن ڏسندا ڍرو ٿيو آهي تڏهن وري ڌرتيءَ تي پيرن جو زور ڏيئي ڦرندا. ائين جوڙي جوڙي ٿي پيا پاڻ وندرائيندا. ڳچ وقت ڦرڻ ڪري ڀَونرَ (ڦيري يا چڪر) اچيو وڃي، ان مهل يڪدم چيڪلي تان لهي هلبو ته پير پيا ٿڙندا، ڪي ته ڪريو به پون، ته ڀر ۾ بيٺل ڇوڪرن ۾ کِل جو ٽهڪڙو مچي ويندو. چيڪلي ۾ ڦرڻ ڪري ڪِري پوڻ جو خطرو رهي ٿو، بعضي ڌڪ به اچيو وڃي، تنهنڪري ڦرڻ مهل خبرداري ڪبي آهي. رانديون سڄي دنيا وانگر ٿر ۾ به راندين جو ڏاڍو چاهه آهي: ڇڪر، وڪريون، عورتون، مرد، جواب ۽ پوڙها سڀ رانديون ڪندا اهن، جن جا جدا جدا نمونا اهن. راندين ۾ فقط وندر آهي پر ٻيا مقصد به آهن. ازان سواءِ موسمن، ڏينهن رات، صبح، منجهند، شام ۽ عمر وغيره جو به خيال رکبو آهي. ڪي رانديون وندر ۽ ڪمائي جي چُوش جي ڪري ڪبيون آهن، جيئن ته جوئا، ڪي ڏينهن جي وندر جي لحاظ کان هڪ هنڌ ويهي ڪبيون آهن، جيئن ته چوپڙ، پَتا، چَلهَر، نوکڻي، شينهن ٻڪري، ڪوڏين راند، کٽ کٽاڻي، اِڪي ٻَڌي، ۽ گل راند وغيره. ڪي رانديون اهڙيون آهن جي کُليي ميدان ۾ وندر لاءِ ڪبيون آهن. پر اُنهن ۾ صحت جو به سڌارو آهي، جيئن ته مَلههَ، ٻلاڙو، ڪَٻڍي، گابڙي، ونجهوٽي، ميڻ، گُهِنَين واري، نانگيل ڦُوسيل، ڀٽاڀٽي، اندر ڀوپو، ڪُڙو، اٽي ڏڪر، آنبليو، پارڪر، چقمقو، کير کيروٽي، ڦِر ڦِر سونٽو، گُڏين راند، اُٺ اُٺاڻي وغيره. ڪن راندين جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو. جُوئا: ٿر ۾ جوئا راند جو عام رواج ڪونهي. وڏن ڳوٺن يا ٻهراڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها راند ڪبي آهي. ڪولهين ۾ سرسيرو رواج آهي. هي راند ڍاري جنهن کي ڇَڪو چون) ۽ پَتن سان ڪبي آهي. ڍارو عاج جو ٺهيل ڪعب شڪل جو هوندو آهي، جنهن تي هرهڪ پاسي گول نشان، هڪڙي پاسي هڪ، ٻئي پاسي ٻه، اهڙيءَ طرح ڇهن تائين هوندا اهن. جو ڪاٺ جو هَٿيي (جو اندران پورو هوندو آهي) ۾ وجهي اڇلائبو آهي. وڏا جوئاري ڍاري سان ۽ ننڍا جوئاري پَتن سان راند ڪندا آهن. مهيشوري، برهمڻ، لهاڻا ۽ ٿورا ٻيا خاص هولي، شوراتڙي ۽ ٿڌڙيءَ تي جوئا ڪندا آهن. اها سندن خيال موجب ڌرمي رسم آهي جا ملهائيندا آهن. انهيءَ موقعي تي عورتون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرن به پئسن ۽ ڪوڏين سان گهرن ۾ پتن تي راند ڪندا آهن. عام طرح جوا به پتن تي ڪبي آهي. * پَتا: هن کي تاش به چئبو آهي. بازار ۾ عام ملندا آهن. هي راند سڄي ٿر ۾ سڀيئي پوڙها، جوان، ڇوڪرا اونهاري ۾ منجهند مهل ۽ سياري ۾ رات جو باهه ٻاري يا بتيءَ تي ڪندا آهن، عام طرح چار ۽ ڇهه ڄڻا، بعضي ٻه ڄڻا به ڪندا آهن. هن راند ڪرڻ جا به ڪيترائي قسم آهن. جيئن ته پِيَس ڪوٽ، دوهٿي، هَٿ ٻول، ڪاٽوپتو، راڻي، خالص ۽ جُوئا واري وغيره. *چوپڙ راند: هي راند خاص ڪري وڏن ڳوٺن ۾ ۽ ٿورو ٻهراڙين ۾ اڪثر اونهاري جي منجهند جو ڏينهن ٺرڻ مهل پوڙها ۽ جواب ٻه يا چار ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. هن ۾ ٽي ڍارا عاج جا چورس ٺهيل هوندا اهن، جن جي پاسن تي گول نشان هڪ، ٻه، پنج ۽ ڇهه هوندا آهن، جي هٿ سان ٽيئي گڏ اُڇلائبا آهن. ساريون جن کي سوگِٺيون به چون، جملي سورهن هونديون آهن، جي ڪاٺ جون گول ۽ مٿان گنبذَ وانگر جنڊيءَ چڙهيل، پڪي رنگ سان ٿينديون آهن. چوپڙ ڪپڙي جي ٺهيل، چؤپلاندي رِلڪي جنهن تي خانا نشان ٿيل هوندا آهن. ڪن تي زري ۽ ڪلابات جو ڪم ٿيل هوندو آهي. راند ڪرڻ مهل مرضي موجب کولي راند ڪري پوءِ ويڙهي رکي ڇڏبي آهي. ڍارا نه هجن ته انهن جي بدران ست ڪوڏيون به ڪم آڻيندا آهن. *چَلِهر: هي راند ٻه يا چار، گهڻو ڪري ننڍا ڇوڪر گڏجي يا ڪي جوان به، اڱڻ جي اوٽي تي اڱر يا ڪنهن ڪاٺي سان ليڪا ڪڍي يا واريءَ تي ليڪا ڪڍي ڪندا آهن. پوڙها ڪونه ڪن. هرهڪ رانديگر وٽ چار ساريون هونديون آهن، جي هو پاڻ گڏ ڪندو. مثلاً چار ڪوڏيون، ککڙيون، ڦولهڙيون، ٺِڪريون، ڀتر، ڪکن جا ٽڪر وغيره. هر هڪ سنگتي وٽ جدا جدا قسمن جون ساريون هونديون آهن، جيئن سڃاڻي سگهجن. هن ۾ ڍارا ڪم ڪونه آڻين. چئن ڪوڌين سان راند ڪبي آهي، جي ڍارن وانگر پٽ تي اڇلائبيون آهن. اونڌين ۽ سنئين پوڻ تي داڻا شمار ڪبا آهن. چارئي سنئيون پيون ته چئبو ”چلهر“ ۽ پنج داڻا شمار ڪبا، جي چارئي اونڌيون پيئون ته ”اَٺو“ ۽ ڏهه داڻا شمار ڪبا. انهن ٻنهي حالتن ۾ رانديگر کي هڪ ڌڪ وڌيڪ هڻڻ جي مجرائي ملندي. ٻي حالت ۾ جيتريون ڪوڏيون اوتريون داڻا شمار ڪبا. جنهن پنهنجون چار ئي ساريون اڳ رچايون، تنهن کٽيو. ان بعد ٻيو ، ٽيون، باقي جيڪو چوٿون پڇاڙي جو رهندو ان جي ڪا نه ڪا ساري رهجي ويندي، ان هارايو. * شينهن ٻڪري: هي راند واريءَ تي ڪک سان يا اوٽي تـي ڪاٺيءَ يا اڱر سان ليڪا ڪڍي ٻــه ڄڻا ڪندا آهن. هن ۾ هڪ ڄڻي وٽ ٻه شينهن ۽ ٻئي وٽ ست ٻڪريون ٿينديون آهن، جن جي ڪوڏين، ڪکن، ٺڪرن، ڀترن، ڦولهڙين مان پورت ڪندا آهن. هڪ ڄڻو وٺندو ٻه شينهن، ٻيو ست ٻڪريون. هرهڪ ٻڪري، واري تي خانن ۾ رکندو ويندو ته ٻيو شينهن رکڻ بعد ساريون خانن ۾ چوريندو ويندو. شينهن جي سامهون ٻڪري آئي ۽ اڳيون خانو خالي هوندو ته شينهن کي اُن ٻڪريءَ مٿان ٽپائي، اڳئين خالي خاني ۾ رکبو ۽ اوها ٻڪري مُئي، جي ڪڍي ٻاهر رکبي. جي ٽي چار ٻڪريون ماري وڌائين ته راند کٽائين، پر جي ٻڪرين وارو اهڙي طرح ٻڪريون رکي، جيئن شينهن کي چُرڻ لاءِ ڪو خانو نه بچي، ته راند کٽيائين. هي راند اڪثر جهنگ ۾ مالدنار واندڪائي وقت ۽ ڳوٺن ۾ ننڍا ڇوڪر ڪندا آهن. *نوکُڻي: هي راند اوٽي تي اڱر يا ڪاٺيءَ يا واريءَ تي ڪاٺي سان ليڪا ڪڍي پوڙها ۽ جوان، ٻه ڄڻا ڪندا اهن. هن ۾ سمجهه جي ضرورت اهي تنهنڪري ننڍا ٻار ڪري نه سگهندا آهن. هن ۾ هڪ هڪ وٽ نَو – نَو ساريون هونديون آهن، جن کي ڪڪِريُون چوندا اهن، جن جي ڪک، ٺڪر، ڀتر، ڦولهڙين مانپورت ڪندا آهن. پوءِ واري تي سڀڪو ڪڪري رکندو ايندو. جي ڪو ٽي ڪڪڙيون سڌائي سان رکي ويو ته ٻئي جي هڪ ساري ماريندو ۽ اها ڪڍي ٻاهر رڱکندو، تنهنڪري سڀڪو اها ڪوشش ڪندو ته آءٌ ڪڪريون اهڙيءَ طرح رکان جيئن منهنجيون ٽي ڪڪريون اڳ ۾ سڌائي ۾ اچن ۽ ٻئي جون سڌائي ۾ نه اچن. آخر جيڪو گهڻيون ڪڪريون ماري ويو، تنهن راند کٽي. ڪوڏين سان ننڍا ڇوڪرا، کٽ کٽاڻي، اِڪي ٻَڌي ۽ گِل راند به ڪندا آهن. *کٽ کٽاڻي: ٻه، ٽي ڇار يا وڌيڪچوڪر گڏجي ڪندا آهن. هولي، ٿڌڙي ۽ شوراتڙيءَ تي ننڍيون ڇوڪريون ۽ زالون بهڪنديونآهن. هرهڪ ڇوڪر پنهنجي هڪ هڪ ڪوڏي وجهندو. اُهي سڀيئي گڏي هڪڙو چڻو داءُ لاءِ پٽ تي اپلائيندو. جنهن جو داءُ پوندو سو پنهنجي ڪوڏيءَ سان ٻين ڪوڏين کي ٺوڪ سان چُٽيندو، جيڪي چُٽي سگهيو سي هن کٽيون. وري هڪ هڪ گڏي يا جن جون کٽي ويئون، سي هڪ هڪ گڏيندا، پوي وري کٽڻ وارو سڀيئي ڪوڏيون گڏي پٽ تي داءُ لاءِ اڇلائيندو. *اِڪِي ٻَڌِي: ٻه ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. ڪوڏيون کڻي ٻنهي هٿن جي ٻڪ سان کَڙکڙائي هڪ هٿ ۾ ڪجهه ڪوڏيون وٺي، مُٺ بند ڪري، ٻئي کان پُڇندو ته اِڪي يا ٻَڌي؟ هو ڪو نالو وٺندو، پوءِ مُٺ کولي ڪوڏيون ڳڻيندا، جي اڳلي جي چوڻ موجب هونديون ته هُن کٽيو ۽ سڀگ کيس ڏيندو، پر جي نه هونديون ته اوتريون هن کان وٺندو. *گِلَ راند: هي راند ڪوڏين ۽ بلورن سان ننڍا ڇوڪرا ڪندا اهن. پٽ تي ننڍڙي کٽ کوٽي پري کان بيهي ڪوڏي يا بلور اُن کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن. ڪي بلور کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن. ڪي بلور کڏ ۾ ڪرندا، ڪي ٻاهر ڪرندا. پوءِ جنهن جو بلور پهريائين کڏ ۾ ڪريو، اُهو باهر ڪڍي، ٻاهر پيل بلورن کي چٽيندو. جيترا چُٽي سگهيو اوترا کٽيا. جڏهن هن جو ڌڪ گسندو ته چوندا هاڻي ”کُولو“ آهي. پوءِ وري اندر ڪِريل ٻئي بلور وارو ٻاهر پيلن کي چٽيندو، اهڙيءَ طرح راند هلندي رهندي. *مَلهَه وڙهڻ: رات جو يا صبح ۽ منجهند جو، ٿڌي وقت ۾ جوان ۽ ننڍا پڇوڪرا ملهه وڙهندا آهن، ۽ هڪٻئي جو وارو وٺندا آهن. *ٻلاڙو: ٽي چار ڄڻا گڏجي پُٺا اٽڪائي چوڌاري مُنهن ڪري بيهندا ٻيا به اوترا سنگتي چوڌاري پرڀرو بيهندا. ٻاهريان اندرين کي ڌڪ هڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هو کين جهلڻ جي ڪوشش ڪندا. جي ڪو جهلي وڌائون ته ان کي ”کانچيَل“ چوندا ۽ اهو ٻاهريون سنگتي ويهي رهندو، پر جي ڀڄي ويو ته اندريون سنگتي کانچيل ٿيو، جو نڪري ٻاهر ويهندو. اهڙيءَ طرح راند ڪندا رهندا. پوءِ جي ٻاهريان سنگتي سڀ جهلجي رهيا يعني کانچجي پيا، ته اندرين راند کٽي. جي اندريان سڀ کانچجي ويا ته ٻاهرين راند کٽي. * ڪَٻَڏي: هي راند، جوان ۽ ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن. ٻه ڍڳيون واريءَ جون ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽي تي ٺاهي، ٻه جوڙيون سنگين جون هرهڪ پاسي جدا جدا بيهنديون. هر هڪ پاسي کان واري سان هڪڙو هڪڙو، ڍڳوين جي وچان لنگهي ٻين جي حد ۾ ويندو ۽ انهن مان ڪنهن کي هٿ لائي واپس اچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُهي وري کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪندا. جي جهلي وڏائون ته اُهو ”کانتو“، ۽ ويهي رهندو، پر جي ڀڄي ويو ته جنهن کي هٿ لڳو، اُهو کانٽو ۽ ويهي رهندو. اهڙيءَ طرح جنهن پاسي جا سنگتي اڳ ۾ کانچجي ويا، انهن راند هارائي ۽ ٻئي پاسي کٽيو. پوءِ وري پاسا بدلائي نئين سر شروع ڪندا. جنهن پاسي کٽيو، اهي چوندا ته اسان جو هڪ ”لنڊو“ اوهان تي چڙهيو، پوءِ جي ٻئي پاسي وارن کٽيو ته چڙهيل لِندو لٿو. جي هارايو ته ٻيو به لنڊو چڙهيو. * گابِڙي: هن راند جا ٻه قسم آهن: هڪڙي ڇُوٽ گابڙي، جنهن ۾ سڀيئي ٻنهي پيرن تي ڊوڙندا آهن: ٻي ڪُڙي گابڙي، جنهن ۾ هڪڙي ڄنگهه مٿي ڪري بعضي انهيءَ پير جو آڱوٺو هٿ سان جهليندا آهن، جنهن کي ڪُڙو جهلڻ چوندا آهن: پوءِ هڪ ڄنگهه تي ٽپندي ٽپندي هلدنا آهن. هن راند ۾ ٻه ٽوليون ڪندا اهن، هڪ آگ وٺندڙ ٽولي، تن کي مَٿَل وارا چون، ٻيا اگ ڏيندڙ، تن کي هيٺل وارا چون. پرڀرو هڪ هنڌ واري4 جو ڍڳ ٺاهيندا. هيٺل وارا سڀ وچ ۾ بيهندا. مٿل وارا سڀ مٿئين پاسي بيهندا ۽ هڪڙي ڀيچيءَ کي گابڙي مقرر ڪري پنهنجي پاسي محفوظ هنڌ تي بيهاريندا، جنهن کي پاڻ بچائي واريءَ جي ڍڳ کي هٿ لائڻو پوندو. مخالف ڌر کي به ٻڌائيندا ته اسان فلاڻو گابڙي بيهاريو آهي. ٻنهي تولين جا مکيه ڀيچي (وَڏ ڌوڙي) پاڻ ۾ هٿ سان تاڙي ڏيندا، جنهن کي چئبو آهي. ”ڏارو ڏيڻ“، ۽ چوندا ڏارو لڳو پڪو (هي گويا راند جي شروعات جو مهورت آهي). بس، ڌارو لڳي ته ڄڻ راند جي شروعات ٿي، پوءِ سڀڪو ڀيچي پنهنجي ڀيچيءَ سان زور آزمائي ڪري کيس ڪيترائي کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڪُڙي جهليل جي حالت ۾ پير جي آڱوٺي مان هٿ نڪتو يا پير زمين سان لڳو ته ”گولو“، يعني کانتو، پوءِ هو ويهي رهندو. ٻيو سنگتي وري ٻئي کي کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو. انهيءَ وچ ۾ گابڙي انهن کان نڪري ڍويءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جي ڇٽي نه سگهيو ۽ قابو ٿي پيو ته راند هارائي، ٻيو گابڙِ بيهندو. اهڙيءَ طرح سڀيئي ڀيچي واري سان گابڙي ٿيندا رهندا. جڏهن سڀيئي سنگتي هڪ پاسي وارا ڍڳي تي پهچي ويا، تڏهن هڪ لنڊو چڙهيو. پوءِ وري پاسا بدلائيندا ۽ مٿل وارو پاسو ٻيءَ ڌُر کي ملندو. پوءِ جي انهن اهڙيءَ طرح راند کٽي ته لنڊو لٿو نه ته مٿن پيو هوندو. *ونجهوٽي: ان کي دَرين راند به چئبو آهي. زمين تي پيرن سان ٻاريون يا دريون ٺاهي، ٻه ٽولا ٿي راند ڪندا آهن، هڪڙا آگ ڏيندڙ ٻيا آگ وٺندڙ ٿيندا آهن. آگ ڏيندڙ ٽولي جو هر هڪ ڀيچي هر هڪ ٻاريءَ ۾ بيهندو. اگ وٺندڙ ٽولي جا ڀيچي انهن کان پاڻ ڇڏائي سڀيئي ٻاريون اُڪري وري واپس صحيح سلامت مٿي پهتا ته راند کٽيائون، پر جي انهيءَ وچ ۾ ڪنهن به سنگتيءَ کي ڪنهن کي آگ ڏيندڙ جو هٿ لڳي ويو ته راند هارايائون. هارائڻ جي حالت ۾ ٻي ٽولي کي وارو ملندو. *ميڻ: هي راند چانڊوڪين راترين ۾ ننڍا ڇوڪر ڪندا اهن. راند لاءِ هڪ ننڍو اڇو پٿر يا سِر جو ٽڪر هٿ ڪندا آهن، جنهن کي ”ميڻ“ چون. ٻه توليون ٿي هڪ هنڌ واريءَ جو ڍڳ ٺاهي، اتي ليڪو ڪڍي سڀيئي ان تي اڳيون پير رکي بيهندا. منجهانئن هڪڙو ڄڻو ميڻ زور سان اُڇلائيندو، جا پري وڃي ڪِرندي. پوءِ سڀيئي ڊوڙي وڃي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪندا. جنهن کي لڀندي سو کڻي واپس ڍڳي تي اچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ هوڪو ڏيندو ته ”ميڻ ٿي وڃي“. ته ٻيا مخالف کيس جهلڻ لاءِ ايندا ۽ سندس سنگتي مدد لاءِ ايندا. جي پاڻ جهلجي پوي ته سنگين جي ڇڏائڻ سان به نه ڇٽو ته وجهه وٺي سندس ڪنهن سنگتيءَ کي ميڻ ڏيندو، جو وٺي هوڪو ڏيئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙيءَ طرح جي سلامت ڍڳيءَ تائين پهتو ته راند کٽيائون، جي مخالف ميڻ کسي ڍڳيءَ تي پهتا ته هنن راند کٽي. پوءِ وري نئين سر کٽيندڙ ڌر جو ڀيچي ميڻ اُڇلائيندو. *نانگيل ڦُوسيل: هيءَ راند ڏڙي سان ڪبي آهي. اڳڙين جو ڏڙو ٺاهي، مٿان ڌاڳن سان مضبوط ڳُتي تيار ڪبو آهي. ننڍين سِرن سان ست گول ٽڪر تيار ڪري، ميدان ۾ ٿوري واريءَ جي ڍڳي ٺاهي، ان تي هڪٻئي جي مٿان رکندا آهن، جنهن کي ”نگانگيل ڦُوسيل“ چوندا آهن. هڪ پاسي ست وکون ڀري اتي پير سان واريءَ کي ٻهاري هڪ هنڌ مقرر ڪندا، جنهن کي ”بُل“ چوندا، يا ان کي ”مَٿَل“ چون. ان جي سامهون نانگيل ڦوسيل جي ٻئي پاسي به ايتري مفاصلي تي ٻيو بُل مقرر ڪندا، ان کي ”هيٺل“ چون. ٻه ٽوليون ٺڄاهيندا، هڪ ٽولي وٺندي مٿل، ٻي ٽولي وٺندي هيٺل. مٿل وارا، مٿئين بُل وٽان وڃي هرهڪ سنگتي واري سان ڏڙي سان ڌڪ هڻي، سرن کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هيٺل وارا هيٺئين بل واري پاسي بيهي، ڏڙو جهٽڻ جي ڪوشش ڪندا. هڪ ڄڻي جو هيٺل ۾ ڏڙو جهٽجي ويو ته وري ٻيو هڻندو. اهڙيءَ طرح واري سان سڀڪو هڻندو ويندو، تان جو ڌڪ سان سرون ڪِرن. ڪڏهن ڪرنديون، تڏهن مٿل وارن مان هڪ هڪ هوشيار ڀيچي هيٺئين بُلَ ۾ ڪاٺيءَ جا ڏوٽا اڳ ۾ جهلي بيهندو، جنهن کي ”بُل جهليندڙ) چوندا. ٻيا سڀيئي پٺيان بيهندا، هيٺل وارن جو هڪ سنگتي ڪِريل سرن وٽ بيهي بل جهليندڙ کي ڏڙو هڻندو. هو ڪاٺين جي مدد سان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ ڏڙي کي روڪي پاڻ پيرن سان ٿُڏيندو يا سنگتين کي ڏيندو، جي ٿُڏي پري ويندا. انهيءَ وچ ۾ سندس هڪ سنگتي ڊوڙ پائي وڃي سرون هڪ ٻئي تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، جيتريون سرون چاڙهي سگهيو، اوتريون چاڙهيندو. هيٺل وارا ٿڏيندڙ کان ڏڙو هٿ ڪري پنهنجي سنگتيءَ کي اڇلائي ڏيندا، اهڙِءَ طرح راند پيئي هلندي. راند هلندي جي ڏڙوڪنهنکي لڳي ويو ته انهن راند هارائي ۽ ٻيا وارو وٺندا، پر جي نه لڳو ۽ سڀئي سرون چڙهيو ويئون ته راند کٽيائون. کٽڻ جي حالت ۾ هڪ لڊو چڙهيو، وري نئين راند شروع ڪبي ۽ بل وٽان وڃي سرن کي ڌڪ هڻندا. هن حالت ۾ جي سڀئي جا ڌڪ خالي وي ۽ سرون نه ڪِريون ته پوءَ هيٺل وارا وارو وٺندا. هيءَ راند اڪثر ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن. گُهنين واري راند: هي راند: هي راند به ڏڙي سان ڪبي آهي. هن ۾ ٽوليون نه ٺاهبيون آهن، ميدان ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي زمين ۾ ٿوري کڏ کوٽبي آهي، جنهن کي ”گُهني“ چوندا آهن. پوءِ هرهڪ ڇوڪر ڪاٺيءَ جا ٻه ٽوٽا يا بُگا کڻي پنهنجي گُهنِيءَ تي بيهندو، ڏڙو مٿي اُڇلائيندا، جنهن جي پاسي ڪيڙيو، ان تي آگ آئي. پوءِ هو پُڏيندو، يعني ڏڙو کڻي گهڻين مان بيٺلن مان ڪنهن کي به، جنهن کي سهولت سمجهي، ان کي هڻندو، ته هو وري بُگا آڏا ڏيئي ڏڙي جي ڌڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڏڙو لڳي ويو ته آگ آئي ۽ اهو وڃي ڀڏيندو، ۽ اڳيون وڃي پنهنجي گهنيءَ تي بيهندو، جي نه لڳو ته لنگهي ويو يا بگي کي لڳو ته ڇُٽو جي بُگن کي لڳي رنڊجي پيو ۽ ڀرسان ڪِريو ته ڏوٽي سان ڏڙي کي ڌڪ هڻي پري ڪڍندو يا گهنين مان بيٺلن مان جنهن جي به ويجهو ڪِريو، سو ڌڪ هڻندو. ڪي پنهنجي گهنيءَ کان پرڀرو وڃي ڌڪ هڻي يڪدم موٽِ گهنيءَ تي ايندا آهن. انهيءَ وچ ۾ پُڏيندڙ ڊوڙ پائي هن جي گهنيءَ ۾ پنهنجو ڏوٽو وڌو ته چوندا ”گُهني ڀراڻي“ ۽ گهني وارو کولو، ۽ اهو وڄي پڏيندو. مطلب ته يا ڪنهن کي ڏڙو لڳي يا ڪنهن جي گهني ڀرجي، تڏهن آگ لهي. هي راند ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن. *آنٻليو: هي راند ميدان تي به ڪبي آهي، پر ڪنهن وٽ هيٺ مزيدار ٿيندي آهي. ٻه فوٽ کن ڪاٺي کڻي وڻ هيٺان ڌُوڙ جي ڍڳي ٺاهي ان ۾ کوڙي آگ ڏيندڙ ان جو سنڀائيندڙ ٿيندو، ٻيا ڇوڪرا وڻ تي چڙهي ويندا. پوءِ هو کين هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڇوڪرا وري وڻ جي ٿڙ وٽان لهييا ٽپا ڏيئي هيٺ لهي، يا ٽارين جي ڇيڙن وٽان لڙڪي يعني لُوٻني (جنهن کي لونٻڻي چون،) هيٺ لهندا آهن، ۽ هن کان پاڻ بچائي آنٻليو کڻي ٽنگ هيٺان لنگهائي وات کي ويجهو ڪري ڏوڪارو ڪندا. انهيءَ وچ ۾ جي هُن ڪنهن کي هٿ لاتو ته هُن تي آگ آئي ۽ اُهو پڏندو. نه ته پڻ پڏندو. آنٻيلي ڏوڪارڻ وارو پنهنجي هڪ ڄنگهه مٿي ڪري هٿ سان ٽنگ هيٺان آنٻيليو پري اُڇليندو. آگ وارو ڊوڙ پائي آنٻليو ڱکڻڻ واندو ته انهيءَ وچ ۾ ڇوڪرا وڻ تي چڙهي ويندا. هو موٽي اچي آنٻيلو ڍڳيءَ ۾ کوڙيندو ۽ راند چالو ٿيندي. جڏهن ٻئي ڇوڪر کي هٿ لائيندو تڏهن آگ لٿي ۽ پوءِ اهو پڏندو. اهڙي طرح راند هلندي رهندي. *اِٽي ڏڪر: هي راند ننڍا ڇوڪر ڪندا آهن. ڪاٺ جو ننڍو ٽڪر، ٻنهي پاسن کان ٿورو سنهو ۽ وچ تي ٿلهيرو ٺاهيندا، جنهن کي ”اِٽي“ چوندا آهن. ٻي ڪاٺي ٽي فوٽ کن ڊگهي کڻندا آهن، جنهن کي ڏڪَرَ (ڏوٽو ۽ بُگو) چوندا آهن. زمين ۾ ٿوري لانبي کڏ کڻندا، جنهن کي گُهني چون. راند وارا سڀيئي چوڪرا واري واري سان گهنيءَ ۾ اِٽي رکي ڏڪر سان هرڪو ڌڌل هڻندو، جنهن جي ڌڪ سان اٽي ويجهي ڪري يا جنهن کان ڌڪ نه لڳو ۽ گسي ويو ته ان کي کوکو چوندا، پوءِ ان تي آگ آئي ۽ پُڏيندو. پوءِ جنهن ڇوڪر جي ڌڪ سان اِٽي جتي ڪِري هوندي، اتان بيهي آگ وارو اِٽي گهنيءَ ڏي اڇليندو. گهنيءَ وٽ ڏڪر رکيل هوندو، اِتي جي ان کي اچي لڳي ته آگ لٿي، نه لڳي ته مٿي بيٺل ڏڪر کڻي اِتي کي ڌڪ هڻي پري اڇليندو، ته هو ڊوڙي اچي اٽي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو، جي پهچي ويو ۽ اِٽي ڇڏائي وڌائين ته آگ لٿي. هي راند ڪيترن ئي نمونن سان ڇوڪرا ڪندا آهن. *ماڪوڙو: هڪ ڇوڪر پنهنجا ٻيئي هٿ زمين تي کوڙي، هٿن ۽ پيرن تي جانورن وانگر هلندو، هن کي ”ماڪوڙو“ چوندا. پوءِ ٽولي مان هڪ ڇوڪر هن جي مٿي تي هٿ رکي چوندو ته ”ماڪوڙا ڙي ماڪوڙا، مائيءَ پڪي ماني اڌ ڏي بُرڪ بُلي هڪ“ ائين چئي، آهستي هڪ ٿاپِي مٿي تي هڻي راند جي شروعات ڪندو. پوءِ سڀيئي ڇوڪرا هن کي مٿي تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته هو کين پنهنجي پير سان هر ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙيءَ طرح جي پير جو ڌڪ لڳي ويو ته اُن تي آگ ائي، ۽ جي ڌڪ نه لڳو ۽ ٻيا ڇوڪرا هن جي مٿي کي ست ڌڪ هڻي ويا ته يڪدم وڃي پاڻ ۾ ڳنڍبا. ماڪوڙو سنئون ٿي انهن مان ڪنهن کي ڇنڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڪنهن کي جدا ڪري سگهيو تهآگ لٿي ۽ هن تي آئي ۽ اهو ماڪوڙو ٿيندو، نه ته وري وري پاڻ ماڪوڙو ٿيندو. *گول راند: ميدان ۾ وڏو گول ليڪو پائي هڪ هنڌ واريءَ جو ڍڳلو ٺاهيندا. پوءِ اتان دَمَ گهُٽي هرڪو ڇوڪرو واري سان گول ليڪي تان ڊوڙ پائيندو. ”ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي.... ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي“ چوندو ويندو. جتي ساهه کنيائين اتي ويهي رهندو. سڀني کان ويجهو جيڪو هوندو تنهن تي آگ آئي. پوءِ ٻيا ڇوڪرا گول اندر پيا ڊوڙندا ۽ هن کي پُٺن تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا. ۽ آگ ڏيندڙ هنن کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڪنهن کي هٿ لڳو يا ليڪي کان ٻاهر نڪتو ته کولو. اُهو به اچي هن سان گڏبو. پوءِ ٻيئي ڄڻان پاڻ ۾ هڪٻئي جا هڪ پاسي جا هٿ قابو جهلي ٻين کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙيءَ طرح جيڪو لولو سو هنن سان گڏبو ويندو، تان جو جڏهن سڀيئي کُولا ٿيا، تڏهن اها راند پوري ٿي ۽ ورينئين سرگول تي ڊوڙي راند شروع ڪندا. *اُٺ اٺاڻي: هڪ ڇوڪر کي هٿ ۾ گهنگهرو ٻڌي، چيچ ۾ ڏور ٻڌي، ان کي اُٺ ڪندا ۽ ٻيو ڇوڪرو پٺيان اها ڏور اٺ جي مهار وانگر جهليندو. اڳيون ڇوڪر ڊوڙندو ۽ پويون مهار جهلي هڪليندو ويندو. ڪي وري ننڍا ڇوڪرا پٺيءَ تي به چاڙهيندا آهن. اها راند خاص ڪري اکڻ ٽيجهه تي سارو ڏينهن ڇوڪرا ڪندا آهن. *ڦِر ڦِر سونٽو: هڪ گول ٺاهي ان جي ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي سڀ اهڙيءَ طرح ويهندا جيئن سڀني جا منهن اندرئين پاسي ٿين. پوءِ ٽوال يا انگوڇو گول وِهي، گوٽِي ٺاهي هڪ ڇوڪر اها کڻي لڪائي، انهن جي ٺيان ڊوڙندو ويندو ۽ اٽڪل سان ڪنهن جي پٺيان آهستي رکي ڇڏيندو، جيئن هن کي خبر نه پوي. جي خبر پئجي ويئي ته اهو اٿي کڻي وري پاڻ ٻئي جيپٺيان رکندو ۽ جي ڪنهن کي خبر نه پيئي ته رکندڙ چوڌاري ڦري وري اچي گوٽي کڻي هن جي پٺن تي هڻندو ته هو اٿي گول جي چوڌاري ڀڄندو ۽ وري اچي ساڳئي هنڌ ويندو. ان بعد هو گوٽي وري ٻئي ڪنهن جي پٺيان رکندو. اهڙيءَ طرح راند پيئي هلندي. انهن کان سواءِ ڀٽا ڀَٽي، اندر ڀوپو، ڪُڙو، پارڪر، چقمقوپل کير کير وَٽي، ۽ ٻيون به ڪيترن ئي نمونن جون رانديون ٻار ڪندا آهن. رانديڪا گُڏين راند: ننڍيون ڇوڪريون پاڻ يا سندن مائرون يا وڏيون ڀيڻون کين اڳڙين مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهي ڏينديون آهن. ڇوڪريون انهن کي ڪپرا پارائي، مور يا سِرڻ جي کنڀن جي وچئين اَڇي ڏانڊيءَ جا ٽُڪر ڪري، ٻانهن ۾ چوڙن جي بجاءِ وجهنديون آهن، مٿي ۾ ڪارن ڌاڳن جا وار ٺاهينديون آهن، مڻين جا ڪَنڊلا وجهنديون آهن، لوهه جي سنهين تندن ۾ مڻيا وجهي بوليون، وينڊا ۽ نٿون ٺاهي پائينديون آهن. پاڻ ۾ گڏجي سڄو ڏينهن انهن سان راند ڪنديون آهن ۽ انهن جون پاڻ ۾ شاديون ڪرائينديون آهن. مٽي ڳوهي ماچيسن جي تيلين واري خالي پُڙ جو سانچو ڪري ان سان سرون ٺاهي، سُڪائي ننڍيون ڪوٺڙيون ٺاهي، ان ۾ گڏين کي ويهارينديون آهن. وسڪاري جو جهنگ يا ٻنين ۾ چڀڙ ٿيندا آهن، جن مان ورلي ڪي ٻِٽا چڀڙ به هوندا آهن، اهڙو ڪو ٻٽو چڀڙ هٿ اچي وين ته ان جي ڪنهن گُڏِيءَ سان شادي ڪرائينديون آهن، ۽ ان موقعي تي هڪجيڏين کي دعوت ڏينديون آهن ته ”ٻٽو ٿو پرڻجي شادي تي اچجو“، اهڙيءَ مهل تي ٺڪر جي ٽِڀلِيءَ ۾ ٻاجهر جو ڀت به رڌينديون آهن. سونل هڪ قسم جو کوپيدار جيت وڻن جي ٽارين کي چنڀڙيل ٿيندو آهي. جي اهو هٿ اچي ويو ته ان جي به شادي ڪنديون آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ وندرائينديون آهن. ننڍن ڇوڪرن کي مائرون گهرن ۾ مٽي ڳوهي ان مان اُٺ گهوڙا، ڦيٿن گاڏيون ٺاهي ڏيندو آهي. بعضي گواريا اهڙا رانديڪا ٺاهي باهه ۾ پچائي وڪڻندا آهن. انهن کي خريد ڪري، ڇوڪرا راند ڪندا آهن ۽ ٻيا به ٻارن جي راندين جا ڪئين نمونا آهن، جن سان وندر ڪندا آهن. راڳ ۽ ساز راڳ هر ڪنهن انسان جي روح ۾ سمايل آهي. راڳ لفظ جي معني آهي موج يا روح جو ريلو. اهڙو ڪو انسان نه هوندو جو راڳ نه ڳائيندو هوندو. ڪي اهڙا ڳائيڻا آهن جن جو آواز به سٺو آهي ۽ سُر به ڄاڻن، جي عام ماڻهن اڳيان ڪچهرين ۾ ڳائيندا آهن، پر ڪي اهڙا آهن جي ڳائي نٿا ڄاڻن، ڪي وري ٿورو ڄاڻن به ٿاپر قدرتي لچارو سڀاءُ جي ڪري ماڻهن اڳيان ڳائڻ ۾ شرم ڪندا آهن. ته به اڪيلائي ۾ مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه جهونگاري دل خوش ڪندا آهن. راڳ اهڙي وڻندڙ شيءِ آهي، جا روح کي راحت ڌڏئي ٿي، اُن ۾ جادو جهڙو اثر اهي، جنهنڪري نه رڳو ماڻهو پر مرون به موهجيو پون. نانگ به مرليءَ تي ريجهيو پون. سڀڪا شيءِ موسم ۽ وقت تي ٺهي ۽ وڌيڪ اثرائتي ٿئي. موسيقيءَ جي ماهرن، سال ۾ ڇهه موسمون شمار ڪري، هر هڪ موسم لاءِ جدا جدا سُر: ڀيرو، هنڊول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس مقرر ڪيا. انهن مان هر هڪ سُر کي پنهنجي خوبي ۽ خاصيت آهي، جي پنهنجي وقت تي وڌيڪ اثرائتا ٿيندا آهن. چوندا آهن ته آسمان ۾ مينهن جو مانڊاڻ هجي، ان وقت ڪو ڄاڻو پوري سُر ۽ تال سان ميگهه راڳ ڳائي ته برسات پوي: ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ وجهي ڪو ڄاڻو ديپڪ راڳ ڳائي ته ڏيئا ازخود ٻريو پون. هر ڪنهن ملڪ يا قوم جي ڳائڻ جونمونو پنهنجو آهي، جو ڪن کي وڻي، ڪن کي نه به وڻي. ٿر ۾ به پاڻ وندرائڻ لاءِ جدا جدا نمونن ۾ راڳ ڳايو ويندو آهي، جو ٻين کي وڻي يا نه وڻي پر ٿرين کي ان مان خوب مزو ايندو آهي. ساز کان سواءِ راڳ نٿو ٺهي، سو ڳائڻ وقت جدا جدا نمونن جا ديسي ساز ڪم آڻبا آهن. مائي ڀاڳيءَ جو آواز ڪنهن نه ٻُڌو آهي؟ ٿر کي اهو اعزاز حاصل آهي. جو هن وقت سنڌ جي مقبول ترين لوڪ ڳائڻي، مائي ڀاڳي، دڙن جي هن ديس ۾ جنم ورتو آهي. مائي ڀاڳي هن وقت سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جو جيڪو ممتاز مقام رکي ٿي، اُهو قابل رشڪ آهي ۽ ٿر وارن لاءِ فخر جو باعث پڻ آهي. عوام موسيقي جي نامور فنڪار مائي ڀاڳي، نه فقط نج سنڌي راڳڻين جي واقفيت رکي ٿي، پر ان اسن گڏ گجراتي ۽ مارواڙي موسيقيءَ جي ميلاپ مان جيڪي راڳڻيون جنم وٺن ٿيون، تن جي واحد ۽ نمائنده فنڪاره آهي. هن جي آواز ۾ قدرت ايڏو تاثير رکيو آهي، جو هن کي هر هنڌ سنڌ جي ’راڳ – راڻي‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مائي ڀاڳي، هن وقت سنڌ جي مڃيل ۽ مقبول ترين فنڪاره آهي. ريڊيو وسيلي سندس رسيلا لوڪ گيت ۽ ڪافيون ملڪ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گونجي رهيا آهن. مائي ڀاڳي مٺي شهر جي ويٺل آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر ٿر جي شادين مُرادين ۾ ڳائيندي وڄائيني گذاريائين. سندس عوام فن کي تمام دير سان متعارف ۽ مشهور ٿيڻ جو موقعو مليو آهي. هن وقت سنڌ جي صف اول جي فنڪارن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو ۽ لکين ماڻهو سندس پرسوز آواز جا مداح آهن. مائي ڀاڳيءَ کان علاوه مٺي جا مڱڻهار – مراد فقير، ٻڍو فقير ۽ ڪالو فقير به ٿر جا مشهور فنڪار آهن، جن کي ٿر ۾ وڏي شوق سان ٻُڌو ويندو آهي. ان طرح ڀڳڙو ڀيل پڻ ساز ۽ آواز جي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍي چڪو آهي.(1) ٿر ۾ مڱڻهار فقير آهن، جن جو خاص ڌنڌو ئي آهي ڳائڻ ۽ وڄائڻ، جن جا جٿي ڪٿي پاڙا آهن. سڀني قومن کي پنهنجو پنهنجو مڱڻهار هوندو آهي، جو وهانءُ وڌاڻي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي اچي دهل وڄائيندو ۽ ڳائيندو آهي. پوءِ سڀڪو پنهنجي حال سارو مڱڻهارن کي مقرر لاڳ، گهور ۽ خيرات ڏيندو آهي. ڪٿي وهانءُ ٿيو يا ڪنهن کي پُٽ ڄائو يا ڪو خوشيءَ جو موقعو ٿيو ته مڱڻهار اچي دهل وڄائيندو ۽ سارنگيءَ تي راڳ وائيندو. تمام ٿورن وٽ هارمونيم ۽ سُرندا به آهن، جن تي سنڌي ڪافيون، لوڙائو، سنڌي شعر، خاص ڪري، شاهه ڀٽائي، مصري شاهه ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون، ساوڻ فقير جا بيت ۽ ٿر جا لوڪ گيت وغيره ڳائيندا آهن. سئنيمائن جي طرز جا راڳ ڪونه ڳائين، ڇو ته اهي راڳ ڳائڻ وارا ٿورا پر سمجهڻ وارا به ڪونه آهن. ٿري ويچارا سنڌي ۽ ڍاٽڪيءَ کان سواءِ ٻي ٻولي گهٽ ڄاڻن، باقي دهل ۽ سارنگي عام آهي، جا گهڻو ڪري سڀڪنهن مڱڻهار وٽ هوندي آهي. ڪي جواب يڪتاري تي به ڳائيندا آهن. ٿر ۾ شاعر آهن، پر ڪي اهرا ڪونه آهن جن جو شعر عام مقبول هجي ۽ ڳايو وڃي، تڏهن به سارنگي تي ٿري شعر ڍاٽيڙو، لِکيئو، ولاڙو، مڻهار، پڻهاري، لاڏيلو وغيره ڳائيندا آهن. ڪي يڪتاري، ڍولڪ ۽ سُرندي تي ڳائيندا آهن، جهڙي نموني ڪچهري ۽ موقعو هجي. شادي مڱڻي وقت ويٺل ماڻهو گهوٽ تان، جي عام ڪچهري هجي ته ڪنهن معتبر تان ڪجهه رپيا گهوري مڱڻهار کي ڏيندا آهن. مسلمان ٽوليون ٺاهي مسجدن ۾ يا ٻئي ڪنهن به هنڌ مولود ۽ مداحون مٺي سُر سان آلاپيدا آهن، جي دل کي پيا وٺندا آهن. جوڙيون جوڙيون ڪري چوندا آهن. هڪڙي جوڙي اڳ ۾ چوندي، ٻي وري سر وٺائيندي، خاص ڪري رمضان شريف ۾ رات جو چوندا آهن. رمضان شريف ۾ اسر جو اٿارڻ لاءِ ’جاڳا‘ به مٺي سُر سان آلاپبا آهن. هندو مندرن ۾ باجي، ڍولڪ، کڙتال، جانجهه ۽ ڪانسين تي آرتيون ۽ ڀڄن ڳائيندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ڪي شوقين پاڻ وندرائڻ لاءِ باجي تي ڳائيندا آهن. هريجن قومن ۾ خصوصاً مينگهواڙن ۾ هي رواج آهي ته روز رات جو تنبوري، جانجهه، ڪانسين، دلي ۽ کڙتال تي ڀڄن ڳائيندا آهن. ڪي جوان سنڌي ڪافيون به ڳائين. ڪي دلو رڱيل کل سان مڙهي، پاسي ۾ ڪنجهي جي ٿالهي رکي وڄائين، ڪي ڪانسيا ۽ جانهه رواجي طرح وڄائين، ڪي وري نٽ شٽ سان هٿ اهڙيءَ طرح هلائين جو ڄڻ ته ناچ پيا ڪن. شادي، مڱڻي، پٽ ڄمڻ يا وڏي ڏڻ تي ڪابه رهاڻ ڪن ته ڀڄن ضرور ڳائين. لوهار ۽ ڀيل به اهڙِءَ طرح ڳائيندا اهن. انهن قومن ۾ ڪي اهڙا ڳائڻا آهن جي پاڻ کي ڀوت سڏائيندا آهن، انهن جو ڪم ئي آهي تنبورو وڄائين ڀڄن ڳائڻ، ڪي ڀڳت ستار به وڄائيندا آهن، پر اها عام نه آهي. لکهاڻا، مهيشوري، ٺڪر، برهمڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪُنِي يا پيالي ڪرڻ وقت ڀوتن کي گهرائي ساري رات ڀڄن ڳارائيندا آهن ۽ صبح جو ڀوڄن کارائي روانو ڪندا آهن. ڪي جوان رات جو ڪچهريون ڪري، پاوا، نڙ، بنسريون ۽ چنگ کنيو اچيو وڃائين. ڪي ادي نموني وڄائين ۽ ڪي واڄي ۾ به ڳائين. هڪڙو وڄائي رهي ته ٻيو ڄڻو وارو وٺي. رات جو انهن جو آواز پري کان به مٺو پيو لڳندو آهي. اڪثر ڌنار، ٻڪرار، ڳنوار پاڻ وٽ پاوا، بنسري ۽ لوهه جو چنگ رکندا اهن. مال پيو چرندو، پاڻ ڪنهن ڀٽ يا دڙي تي يا ڪنهن وڻ هيٺ ويهي وڄائي پيا پاڻ وندرائيندا، يا ڪونه ڪو راڳ پيا جهونگاريندا. ڪچهرين ۾ عمر مارئي، هوٿل پري، راءُ لاکو ۽ مهرراڻي، مومل مينڌرو، دودو چنيسر، ڏمڻ سونارو ۽ ٻيون آکاڻيون ڪندا آهن. ان وقت انهن آکاڻين ۾ ايندڙ ڳاهون سُر ساڻ چوندا آهن. سڀني قومن ۾ عورتون پاڻ ۾ گڏجي شادي، مڱڻي ۽ ٻين موقعن تي گيت ڳائينديون آهن. ننڍيون ڇوڪريون گڏجي جدا گيت ڳوائينديون آهن. عام زالون مردن جي ڪچهريءَ ۾ نه ڳائينديون آهن، پر ڪي مڱڻهار زالون ڳائينديون آهن. مڱڻهار دهل، سارنگي، سُرندو، هارمونيم، ڍولڪ ۽ يڪتارو وڄٺائي ڪافيون ۽ شعر ۽ تنبوري تي ڀڄن ڳائيندا آهن. مسلمان، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي جوان ڇوڪرا نڙ، پاوا، بنسري ۽ چنگ وڄائيندا آهن. ناچ ناچ (نرت) جي تاريخ نهايت قديم آهي. سري ڪرشن جي گوپين سان راس ليلا مشهور آهي. اڄ به اهو رواج جتي ڪٿي عام آهي. ڪن ملڪن ۾ ته خاص سکيا جا مرڪز (ناچ گهر) ۽ ڪلبون آهن. سنڌ ۾ خاص نٽ ۽ نٽڻيون اهن، جن جو خاص اهو ڌنڌو آهي، پر ٿر ۾ ائين ڪونهي. ڪن خاص موقعن، شادي يا وڏن ڏينهن مثلاً هولي وغيره تي ناچ ڪندا آهن، جن جا مختلف نمونا آهن. *ڏانڊين راند: هي راند ڪنهن اڱڻ يا ميدان تي ڪبي آهي. وچ ۾ دهلاري هوندو جو هڪ پاسي ڏانڊئي ۽ ٻئي پاسي هٿ سان دهل وڄائيندو. هر هڪ ناچ لاءِ دهل جو خاص واڄو وڄائڻو پوندو اهي. هن ناچ لاءِ ’بهاول واڄو‘ وڄائڻو پوندو آهي. دهلاريءَ جي چوڌاري اٺ يا ڏهه يا وڌيڪ رانديگر گول دائري ۾ بيهندا اهن، جن مان ڪن جي پيرن ۾ گنگهرون ٻڌل هوندا. هرهڪ رانديگر جي هر هڪ هٿ ۾ ڏيڍ فوٽ کن ڪاٺيءَ جو ٽڪر هوندو، جنهن کي ”ڏانڊيو“ چئبو آهي. ڪن ڏانڊين جي پوين ڇيڙن ۾ گنگهرو هوندا آهن، ڪن جي هٿ ۾ ڪاٺي ٽڪر ۽ ٻئي هٿ ۾ رومال هوندو آهي. واڄي تي پهريائين سڀيئي آهستي آهستي ٿورو ٿورو بدن موڙيندا، هٿن جا اشارا ڪنڊا، گول دائري ۾ ڦرندا ويندا. ائين راند مچندي ويندي. ڪجهه وقت بعد هٿن جا تڪڙا نٽ ۽ ڦيريون پائڻ ۽ پير اٿلائڻ شروع ڪندا ۽ ڀر وارا ڪاٺين جا ٽڪر ڦيري ڦيري سان پاڻ ۾ لڳائيندا رهندا، جن جو ڪڙڪو پيو پوندو ۽ گهنگهرن جو چمڪو پيو پوندو. جوان پگهر سان شَلَ ٿي ويندا، شوڪاري جو سٽڪو پيو پوندو. واريءَ تي هوندا ته پيرن سان دز پيئي اُڏامندي. ڪي ڪي راند ڪندي ڦيري پائڻ مهل هڪ گوڏو زمين تي کوڙي وري يڪدم مٿي ٿيندا، جنهن کي ”گوڏي کوڙي“ چئجي. اهو وڌيڪ ڄاڻو رانديگر ليکبو آهي. دهلاري، جي اڪثر مڱڻهار هوندا آهن، سي دهل به پيا وٺائيندا آهن ۽ بعضي ڪا ڪافي، نه ته گهڻو ڪري ٿري گيت پڻهاري، مڻهار، ولاڙو وغيره پيا ڳائيندا آهن. بعضي رانديگرن مان ڪو گيت پيو ڳائيندو آهي. چوڌاري ڏسندڙ گهيرو ڪيو ويٺا ۽ بيٺا هوندا، ۽ واهه واهه پيئي پوندي. رانديگرن کي اتساهه ڏيارڻ لاءِ شابس پيا ڏيندا ۽ ڪيرپيا گهوري اندر بيٺل مڱڻهار جو پنهنجي ڀرسان ڪپڙو وڇائي ڇڏيندو آهي، ان تي اُڇلکيندا ويندا. ائين مڱڻهار کي به ڪجهه مليو پوي. ڪلاڪ ڏيڍ راند هلندي آهي. اها راند شاديءَ جي وقت يا هوليءَ جي ٻئي ڏينهن ڌوڙئي تي خاص مينگهواڙ ۽ ڪولهي ڪندا اهن. پوءِ انهن سان ڪي شوقين جوان مسلمان، ٺڪر، برهمڻ، ڀيل وغيره به شامل ٿيندا آهن، مردن سان گڏ ٽَٻر ڇوڪر به راند ڪندا آهن. قبائلين جو خٽڪ ناچ هن ناچ سان مشابهت رکندڙ آهي. ڏانڊين راند کي سنڌ ۾ ’ڏونڪا‘ سڏبو آهي. *مَٽِڪُو: هي راند اڪيلو ڄڻو ٿوري دائري اندر ڪندو آهي. ڀرسان مڱڻهار دهلَ وڄائيندو آهي. رانديگر پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي تيار ٿي اچي سامهون بيهندو آهي. ڪي هٿين خالي هوندا، ڪي هڪ هٿ ۾ مور جي کنڀن جو ٻُهاري وانگر ٻڌل مُڇو يا رومال کڻندا آهن. دهل تي مٽڪُو واڄو شروع ٿيندو، ته رانديگر ٻئي هٿ ٻڌي آهستي آهستي، يا هٿ جدا ڪري پيرن جي تال سان چرندو ويندو، ۽ هٿ ذري هڪ پاسي ذري ٻئي پاسي جدا ڪري، هڪ هٿ مٿي، هڪ هيٺ ۽ پاسي تي موڙِندو چيکهه کي آسيرو پاسيرو ڪندو، ائين آهستي آهستي وڌندو ويندو، جيئن جيئن دهل جو واڄو چڙهندو ويندو تيئين رانديگر جو جوش به وڌندو ويندو. پوءِ وري ڦيريون پائڻ، ذري گوڏي کوڙڻ هٿ هيٺ مٿي آسرا پاسيرا ڪرڻ، اهو سڀڪنهن جي ڦڙتائيءَ تي مدار رکي ٿو. ڪلاڪ اڌ راند هلندي آهي، گهورون گهوربيون آهن ۽ ڏسندڙ واهه واهه، شابس، شابس لفظ سان داد ڏيندا اهن. هي راند ننڍا وڏا ڪندا اهن. ڪي مرد زنانو ويس ڪري راند ڪندا آهن. جوان زالون ۽ ڪنواريون وڌيون ڇوڪريون اديءَ جي موقعن تي مٽڪو راند ڪنديون آهن، پر اُهي گهر ۾ اهڙِ هنڌ راند ڪنديون آهن، جتي مرد نه هجن ۽ فقط عورتون هجن. دهل به ڪا زال وڄائيندي آهي يا ڪو ننڍو ڇوڪرو وڄائيندو آهي. مردن کي جي خبر پيئي ته زالون ناچ ڪن ٿيون ته هاسي ڪر اوڏانهن ڪونه ويندا، ۽ از خود گوشو ڪندا. ننڍن ڇوڪرن جي ڏسڻ تي ڪو اعتراض ڪونهي. فقط ڪي مڱڻهار زالوپن، جن جو خاص ڳائڻ وڄائڻ ڌنڌو آهي، سي مردن جي روبرو به مَٽِڪُو راند ڪنديون آهن. پيرن ۾ گهگهرو ٻڌنديون آهن. راند ڪندي چُنيءَ کي ٻنهي پاسن کان ورائي ڪناري وات ۾ ڏندن سان جهلينديون آهن، جيئن مٿي تان لهي نه وڃي. ٿڌڙيءَ جي موقعي يعني ڪانهوڙي جي اٺم تي هفتو ڏيڍ اڳ ۾ ڪو لهڻيون روز گڏجي ڏينهن رات جو گول دائري ۾ راند ڪنديون آهن. وچ ۾ دهل وٺائڻ وارو بيهندو آهي. هي راند ڏانڊين راند وانگر آهي پر زالون ڏانڊيا نه کڻنديون آهن. انهن جي بدران پاڻ ۾ تاڙيون لڳائينديون آن. آهستي آهستي راند به ڪنديون وينديون ۽ گول دائري ۾ ڦرنديون به وينديون ۽ گيت به ڳائينديون وينديون، جن کي ”راسُوڙا“ چئبو آهي. *چَڪر راند: هي راند مسلمان جوان ڇوڪرا تلوار سان دهل تي ڪندا آهن. رانديگر دهل جي واڄي تي تلوار مٿان ۽ پاسن تان تڪڙو تڪڙو گهمائيندو. ان سان گڏ بدن موڙيندو، پير هلائيندو پندرهن ويهه فوٽ سڌو اڳتي هليو ويندو ۽ پوءِ وري راند ڪندو ڦيرو کائيندو، وري پوئتي ساڳئي هنڌ وڃي پهچندو. تلوار اهڙيءَ طرح پيو هلائيندو، جو ڏسندڙ عجب کائيندا ۽ سمجهندا ته اجها ٿي ٻانهن ڪچ ڱان ڪپجي. اهڙيءَ طرح واري واري سان هڪ ڄڻو راند ڪندو ويندو. هي راند خاص عاشورن وقت ڪبي آهي. ڪي ماڻهو تلوار نه هئڻ جي حالت ۾ اَڪَ جي ڪاٺي تلوار وانگر گهڙائي، ان سان راند ڪندا آهن. وهٽن جا سوار ٿر ۾ ڪي ڄاڻو اهڙا ٿيندا اهن جو اُٺن ۽ گهوڙن کي گهمائي پنڌ سيکاريندا آهن، جن کي سوار چوندا آهن. اهڙا سڱکيل وهٽ مهانگي اگهه وڪامندا آهن. جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي وهٽ کي پنڌ سيکارڻو هوندو، سو ڳولا ڪري اهڙي سوار کي هٿ ڪري ايندو، يا پنهنجي وهٽ اُن وٽ ڇڏيندو. سوار روز ڪجهه وت وهٽ تي چڙهي گهمائيندو رهندو ۽ آهستي آهستي هن کي پنڌ جا نمونا سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو. مهيني ٻن اندر گهوڙو وک، پنڌ، رَلو، گُهنڊ سان هلڻ ۽ ٻيا نمونا سکي وٺندو آهي. ڪي سوار ته اُٺن کي ناچ سيکارندا آهن، جو دهل وڄائڻ سان ناچ ڪندو آهي. وهٽن جا مالڪ سوارن کي پنهنجي هُوند آهر اُجورو ڏيندا آهن. اُٺ ۽ گهوڙا گهمائڻ گهوڙا ٿر ۾ ٿورا آهن، باقي اُٺ جام آهن. غريبن جو ته گذران ئي اُٺن تي آهي. شوقين جوان پنهنجن وهٽن جي چاڪري ڪري کين پنڌ هلڻ سيکاريندا آهن. ڪي وري پنهنجا وهٽ سوارن جي حوالي ڪندا آهن، جي پنڌ هلڻ سيکاري ڏيندا آهن. اُٺ جي مٿان جهُول (جي هوندي ته) وجهي رسيءَ جي وسيلي پوئين خاني ۾ ويهڻ جي جاءِ ٺاهيندا، جنهن کي ٻَڙهو يا ڏور چئبو آهي، جنهن ۾ سوار هوندو آهي، پاکڙو ڪونه وجهبو آهي. گهوڙي کي لغام ڏيئي صرف تل وجهي (يعني هنو به ڪندا آهن) سوار چڙهندو آهي. پوءِ واري واري سان وهٽ گهمائيندا اهن. ميلن يا شاديءَ جي موقعن تي جڏهين ڪافي ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن، تڏهين پنهنجا ڀلا وهٽ اُٺ ۽ گهوڙا سينگاري گهمائيندا آهن. ڳوٺن جي ڀرسان ڪافي ميدان پيا آهن، جتي بعضي شرطون به لڳائيندا آهن. جتي بعضي ٻه – ٻه، ٽي – ٽي وهٽ ڊوڙ ۽ سِراڙي ۾ به ڇڏيندا آهن. تماشبين ڪافي اچي گڏ ٿيندا آهن، ڪوتڪُو ته ايترا ايندا آهن جو ڏسڻ لاءِ جاءِ نه ملندي آهي. ڪي ٿورو گهڻو انعام به ڏيندا آهن، ٻيا واه واهه جي لُٽ لائي ڏيندا آهن. شڪار ٿر ۾ چار مهينا ماڻهو ٻنيون پوکين ۽ آبادي ٿئي ته به ڪافي جهنگل ۽ چراگاهه پيا آهن، باقي اٺ مهينا سارو ملڪ ڇُٽو پيو آهي، جتي هرڻ، سها، لوڪڙ رهن جن جو شڪار ڪبو آهي. پکين مان فقط تلور ۽ تترن جو شڪار ڪبو آهي. اڳي سنڌ جا ڪيترائي زميندار هزارين رپيا خرچ ڪري وڏي اٽالي سان شڪار تي ايندا هئا. ڳوٺن ۾ منزلون ڪري پنهنجي سر، گڏ آندل توبچين ۽ ٿرين جي مدد سان ڪارتوسن وارن نڙن ۽ دونالين جي وسيلي ڪيترا هرڻ ماري پاڻ به لائيندا هئا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي به ورهائي ڏيندا هئا ۽ پنهنجن دوستن ۽ ڪامورن کي سنڌ ۾ به موڪليندا هئا. ٿر ۾ به ڪيترن ماڻهن وٽ بندوقن جا ليسن آهن، ڪن وٽ جان جي بچاءُ جا ليسن آهن ۽ ڪن ٿورن وٽ شوٽنگ ليسن آهن، پر شڪار سڀيئي پيا ڪن. اڳي ماڻهن وٽ ميرن جي ڏينهن جون يڪ ناليون ڏوردار بندوقون بنا ليسن جي هونديون هيون، جن ۾ فقط هڪ گولي پوندي هئي ۽ مُنهن مان ڀربيون هيون ۽ ماچيسن جي تيلين مان ٽوٽيون ٺاهي ڪم آڻيندا هئا يا ڪي ڏوردار هيون جن کي گهوڙو ڪونه هوندو هو. دارونءَءُ سان لٿل ڏور دکائي ان سان ڇوڙيندا هئا. گهر موٽڻ وقت جهنگ جي وڻن ۾ لڪائي رکي ايندا هئا. شڪار ڪرڻ جهڙي تهڙي جو ڪم نه هو. هوشيار توبچي شڪار ڪري سگهندا هئا، پر هاڻي اهي بندوقون ڪونه آهن. جيتوڻيڪ گورنمينٽ طرفان شڪار جي عام موڪل نه آهي ته به قاعدي جي پيروي نه ٿيڻ سبب ٿر ۾ هرڻن جو تعداد بلڪل گهٽجي ويو آهي. ۽ ڪٿي ته صفا ملڪ خالي ٿي ويو آهي. هاڻي صرف ڏکڻ طرف رڻ جي ڀر واري ڀاڱي ۽ اوڀر طرف ڀارت جي سرحد ڀرسان رهن ٿا. باقي وچ ٿر ۾ ٿيو خير. *هرڻن جو شڪار: هرڻ جي شڪار لاءِ سٺو وقت بهار ۽ برسات جي شروعات وارو آهي ڇو ته ان وقت وڻن ۽ ٻوٽن ۾ نوان گونچ ۽ پن وغيره نڪرندا آهن ۽ وسڪاري جو چوڌاري ساوڪ لڳي ويندي آهي جا چرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا ٿري توبچي هرڻ جي شڪار جا قابل آهن، جو هرڻ هڪ دفعي ڏٺائون سو مشڪل بچي ويندو. انهن کي هرڻ جون پاٿاريون معلوم هونديون آهن، تنهنڪري شڪار تيويندا ته هٿين خالي ڪونه موٽندا. ڪونه ڪو ڊڙيو ايندا. هرڻ جي نظر تمام تيز اهي ۽ چرندي هر هر مٿو مٿي ڪري پيو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهي، تنهنڪري ماڻهوءَ کي پري کان ئي تاڙي وٺندو آهي. هو نازڪ طبع ۽ ڊڄڻو آهي، جنهنڪري ماڻهوءَ تي پري کان ئي نظر پيس ته ڇال ماري ڀڄي ويندو ۽ نازڪ طبع جي ڪري جهنگ ۾ اهڙن هنڌن تي رهندو آهي، جتي ماڻهن جي اير پير گهٽ هجي. ماڻهن جي بستيءَ ڏي ڪين لڙندو آهي، انهيءَ ڪري ٻارهن مهينن ۾ صرف هڪ دفعو جڏهين پهرين برسات پوندي آهي تڏڏين پاڻي پيئندو آهي. تڙن ۽ تراين ڏي ڪونه اچي ڇو جو اتي ماڻهن جي اچ وڃ هوندي آهي. ٿر جي ڏهرن ۾ جتي سخت زمين هوندي آهي، اتي پاڻي دٻا دٻا ڪري بيهندو آهي ۽ واٽون، رستا ۽ گس سخت زمينوارن هنڌن تي ڀرجي پوندا آهن، اتي اچي پاڻي پيئندو آهي. ٿوري برسات جي حالت ۾ چوندا آهن ته ”مينهن ايترو پيو جو واٽون ڀراڻيون ۽ هرڻيا پيئا.“ (هرڻن پاڻي پيتو.) ماڻهو به ڪيترائي حيلا ڪندا آهن. شڪاري پنهنجي پوشاڪ هلڪي خاڪي رنگ جي ڪندا آهن، جيئن هرڻ پري کان سهي نه ڪري. لڪ گهڻي ڪندا آهن. ڀٽ تي چڙهي ڪنهن وٽ جي اوٽ ۾ لڪي چوڌاري جاچ ڪندا آهن. هيٺ ڏهر يا تَليءَ ۾ ڪو هرڻ ڏسبو ته پوءِ وڻن پٺيان لڪي لڪي شڪاري نيٺ ويجهو پهچي نشآن ڪري بندوق شوٽ ڪندو. رائيفل جي مار پري آهي، ان سان ڪنهن ڀٽ تي يا ڪنهن اهڙي سهولت واري هنڌ تي ويهي چوڌاري ڪٿي به دُوري پنڌ تي هرڻ کي نشان ڪري سگهجي ٿو، پر نڙي سان لڪ ڪري ويجهو وڃي نشان ڪبو آهي. ٿر ۾ رائيفلون ڪن ٿورن وٽ باقي نڙا جام آهن، تنهنڪري توبچي هيٺيان نمونا اختيار ڪندا آهن: شڪار پاڻ سان هڪ اُٺ وٺي ويندا آهن، جو اهڙي ڪم تي هيرايل هوندو آهي. اُٺ ۾ ٿورو مهار ٽڪرو وجهي، ان ۾ ڊگهي ڪاٺي ٻڌي هڪ ڄڻو جهليندو ۽ پڻ اڳيئن ٽنگ جي اوٽ ۾ ۽ توبچي بندوق سميت پوئين ٽنگ جي اوٽ ۾ لڪي آهستي آهستي اُٺ کي ڪاٺيءَ جي اشاري تي چوريندا ويندا. اُٺ چرندو ڇرندو ويجهو پيو ويندو. هرڻ سمجهندو ته فقط اُٺ آهي جنهنڪري نڪي ٽاهه لائيندو، نڪي ڀڄندو. اهڙيءَ طرح جڏهن اُٺ هرڻ کي ويجهو پهچندو تڏهن شڪاري وجهه وٺي اُتان ئي، يا ڪنهن وڻ جي اوٽ وٺي نشان ڪندو. هن طريقي کي ”گُرگ“ چوندا آهن. ڏهر هرڻ هجن ۽ وڻ يا گُرگ لاءِ اٺ نه هجي ته لڪ جو ٻيو وسيلو نه ڏسي هينئن ڪندا آهن، جو پُراڻو سِڻ کڻي (جي جهنگ ۾ گهڻيئي پيا آهن ۽ ڪارسرا ٿيندا آهن) بندوق جي منهن ۾ اٽڪائي، شڪاري پاڻ انهيءَ آڏو لڪي، ريڙهيون پائيندو گسڪي گسڪي وڃي ويجهو ٿيندو ۽ اتي ڪا اوٽ وٺي نشان ڪندو آهي. اهو نمونو تڪليف وارو آهي. پر چوندا آهن ته: پرائو ساهه وٺڻ ڪو سولو ڪونهي، نه ته هرڻ اهڙو ڇوهو آهي، جو چوندا آهن ته: ”نو نَريون ٿو ڪُڏي“. ڪٿي ڪٿي هرڻن جا ولر هجن، اتي هڪ ڌڪ سان بعضي ٻه هرڻ به ڪري پوندا آهن. ڪڇ رڻ جي ڪنڌيءَ وٽ، جتي زمين سنئين آهي، اتي شوقين زميندار ۽ آفيسر جيپون هرڻ جي پٺيان ڊورائين. جيپ جي گهوگهاٽ ۽ هارن جي آواز تي هرڻ هيسجيو وائڙا ٿيو ڀڄن ۽ هو پٺيان فائر ڪندا رهن، تان جو ڪنهن نه ڪنهن ڌڪ سان ڪِريو پون. جيڪو ڪري، تنهن کي تڪبير وجهيو جيپ ۾ رکن، ۽ وري ٻين جي پٺيان. اهڙيءَ طرح ڪيترائي هرڻ ماري جيپون ڀريو اچن. هرڻ جهنگ ۾ گوشائتن هنڌن تي ٿوهرن، ڄارين، ڦوڳن يا ٻين وڻن جي گهاٽن ٿُٻن يا ڏرڙن جي وچ ۾ خالي جاين تي پيرن سان زمين بُهاري پاٿاري ٺاهيندا آهن. جتي رات جو يا ڏينهن جو ڪاڙهي تپڻ مهل آرام ڪندا آهن. ٿري ڌنار مال سان گهمندي، ڏوٿي ڏٿ چونڊيندي، کنور ۽ گگر گڏ ڪندي، اوچتو اهڙآ هنڌ ڌسي وٺندا آهن، جنهن کي ”ٿانَڪَ“ يا ”پاکولي“ چون. پوءِ ٻه چار ڄڻا گڏجي ڪهاڙيون، گهوٻاٽا، روڙها ۽ ڪاترون کڻي، بعضي ته ڪُتا به ساڻ وٺي موقعو ڏسي اوچتو ڪاهي وڃي چوپڌاري گهيرو ڪندا آهن. پوءِ جي هرڻ ويٺل هوندو ته نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. ان وقت اُن کي ڀڄندي ڌڪ هڻندا. جي لڳي ويو ته ڪِري پوندو يا گهايڙ ٿيندو ته وَروڙي جهلي وٺندا، يا ڪُتن کي بڇ ڪندا، جي جهلي وٺندا، پر جي ڌڪ نه لڳو ته ساهه بچائي ڀڄي ويندو. هرڻ اهڙو ته سورهيه آهي، جو جيڪڏهن پورو ڌڪ نه لڳو ته ڪونه ڪرندو. سسي، ڪنڌ يا پيٽ ۾ ڇيرا نه لڳا يا ٿورا پاسيرا لڳا يا ٽنگ ڀڄڻ جي حالت ۾ به ڀڄي ويندو. ڪن حالتن ۾ اوجهريءَ کي پاسيري ڌڪ لڳڻ جي ڪري ڦاٽي پوڻ بعد به اوجهه ڪيرائيندو ڀڄندو ويندو آهي. ان لاءِ وجهه هوندي ته ٻيو ڌڪ هڻبو آهي يا ڊوڙائي ٿڪائي جهلبو آهي. ڪن وٽ شڪاري ڪُتا ٿيندا آهن، جي ساڻ وٺي ويندا اهن. هرڻ کي جي پورو ڌڪ نه لڳو ۽ اوڇائوُ ڇيهوُتڙي ڌڪ لڳڻ ڪري گهايڙ ٿيو ته وٺي ڀڄندو. ان حالت ۾ ڪُتا ڇڏيندا آهن، جي ڊوڙائي جهلي وٺندا آهن. شڪاري پيرو کڻڻ جا هوشيار ٿيندا آهن. گهايڙ هرڻ جو پيرو کڻي ڳولي لهندا آهن. تازي ڌڪ سان ڀڄي ويندڙ، پر ڪجهه وقت بعد ڦٽ ٺرڻ تي سور ٿيندس ۽ ويهي رهندو. اُتان اُٿاربو ته وڌيڪ ڊوڙي نه سگهندو جنهنڪري اُن کي جهلي وٺندا آهن. ڪن حالتن ۾ شام ڌاري گهايڙ ٿيل هرڻ مٿان رات پوڻ سبب شڪارين کي هٿ نه ايندو آهي ته ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي پيرو کڻي جهلي ايندا آهن. هرڻ جو گوشت کاڌي ۾ لذيذ ٿيندو آهي. رڌي به کائبو آهي، پر شيخ ۾ پڪل وڌيڪ سٺو ٿيندو آهي. چوندا آهن ته: ”ٻاڪرو گوست ته ٻوڙ، هرڻ جو گوست ته شيخ“ شيخ ٻن نمونن سان پچائبي آهي. عام شيخ ۽ گندلي واري شيخ. عام شيخ: ڄار يا ٻائوريءَ جون سنهيون ڪامون آڻي، ڪپ سان پلي، مٿيان ڇوڏا لاهي، هڪ پاسو چهنبدار ڪري، گوشت جا ٻيرا ٺاهي، چهڪ ڏيئي، مصالح سان ڀري، شيخن ۾ پوئي، ٽانڊي جي کوڙي تي، پاسن کان سرون يا آڏون رکي، تن تي شيخن جا ڇيڙا رکجن، جيئن ٽانڊن کان ڪجهه مٿڀريون هجن. کوري لاءِ ڪُونڀٽ جي ڪاٺيءَ جا ٽانڊا وڌيڪ سٺا آهن، ڇاڪاڻ جو اُهي جهٽ پٽ اُجهامن ڪونه ۽ ڳچ وقت جهَلو ڪن ٿا. پوءِ سيڪ تي جيئن شيخون پچنديون وڃن تيئن آهستي آهستي ڦيرائيندو وڃجي، جيئن تيار ٿي وڃن. گُندلو: مٽيءَ جو هڪ چار فوٽ کن ڊگهو گول ڪوٺو (جنهن کي ڪوٺلو يا گندلو چئبو آهي. ٿر ۾ سڀني وٽ ٺهيل هوندا آهن، جن ۾ اَن رکبو آهي.) وٺي زمين ۾ کڏ کوٽي پورين. اُن جو فقط منهن اگهاڙو رکن. پوءِ ڪُونڀٽ جون ڪاٺيون ساڙي، اُن جا سڄر ٽانڊا ٿري ۾ رکي، مٿان ٽامي جو ديڳڙو اڌ پاڻيءَ سان ڀريل رکن. پوءِ گوشت جا ٽڪرا شيخن ۾ پوئي، مصالح ڏيئي، شيخن جون نوڪون ديڳڙي ۾ وجهي مٿيان ڇيهه گندلي ۾ چوڌاري پکيڙي ڇڏين. منهن تي ڍڪ ڏيئي قابو ڪن جيئن ٻاڦ ٻاهر نه نڪري. اٺن ڪلاڪن بعد ڪڍن ته گوشت پچيو پوي. هي شيخ وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي. *سَهي جو شڪار: ٿر ۾ سَها گهڻا ڪونه آهن، تنهن ڪري هن جو شڪار ورلي ٿيندو آهي. هن جي شڪار لاءِ ڪي نمونا هي آهن: 1- سو صبح جو ٿڌ ۾ يارهين بجي تائين، شام جو ڏينهن ٺرڻ بعد جهنگ ۾ چرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو آهي. ان وقت بندوق سان شڪار ڪبو آهي. 2- شڪاري ڪٿان جهنگ مان سهو ڪڍندا آهن، جو انهن کي پاٿاري يا ٿانَڪَ معلوم هوندو آهي ۽ پٺيان شڪاري ڪتا ڇڏيندا آهن، جي هن کي جهلي وٺندا آهن. سهي ۾ اها عادت هوندي آهي جو ڊوڙ پائي ڳچ پنڌ بعد بيهي پوئتي نهاريندو آهي ته شڪاري اچن ٿا يا نه شڪاري اچن ٿا يا نه؟ تيسين شڪاري ۽ ڪُتا به اچيو پڄنس. 3- اونهاري جو جڏهين يارهين بجي کان پنجين بجي تائين سج جي تپت ڪري واري تمامگرم هوندي آهي ۽ سخت لُڪ لڳندي آهي، تڏهن شڪار سهي کي جهنگ مان ڪنهن ٻوڙي يا وڻ مان ڪڍي پاڻ به پٺيان ڀڄندا ويندا آهن. گم ٿيڻ جي حالت ۾ پيرو کڻي ڳولي وٺندا آهن. انهيءَ کي هڪ ”پيهاڻي“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻه ٽي پيهاڻيون ڊوڙائيندا آهن ته پير سڙندا ۽ سخت اُس ۽ لُڪ جي ڪري ٿڪجي پوندو آهي ۽ ڦانءَ ٿي ڪنهن وڻ ۾ وڃي اجهو وٺندو آهي، جتي وَروڙي جهلي وٺندا آهن. يا انهيءَ وچ ۾ جي ور چڙهيو ته هڪ ئي ڌڪ سان ڪيرائي ڇڏيندا آهن. 4- ڀيل ۽ ڪولهي ڪهاڙي، گهوٻاٽي، روڙهي يا ڪاتر جي ڌڪ سان به شڪار ڪندا آهن. ان لاءِ استعمال جو ضرور آهي. اهو جهونو رواج آهي جو اڃا هليو اچي. کٻڙ جي ڪمان وانگر ڪجهه وريل ڪاٺي وڍي، ان کي چپٿري گهڙي ٺاهيندا اهن، جنهن کي ”ڪاتر“ چون. ان جو ڌڪ ڏاڍو زبردست ٿيندو آهي. سهي لاءِ پورو هڪ ئي ڌڪ ڪافي آهي. خاص ڪري ڪولهي ڪاتر ساڻ کڻندا آهن ۽ ڌڪ هڻڻ جاهوشيار ٿيندا آهن. 5- وڻن جا ڪي اهڙا گهٽ گهيڙ جاچي لنگهه واري هنڌ تي ڪُڙي (ڪوڙڪي) رکي ڇڏبي آهي. ان جي مضبوط رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ٻڌي قابو ڪبو آهي. ٻئي ڇيڙي ۾ سِرڪَ ناڪو (ڦندڻ) ٺاهي، اهو اهڙيءَ طرح رکبو جيئن اتان لنگهڻ وقت پير ڦاسي پوندو ۽ سَهو قابو ٿي پوندو. پاڻ پاسي ۾ لڪا ويٺا هوندا. ڪي ته انهيءَ رسي ۾ ننڍڙا مٽر ۽ گهنڊڻيون به ٻڌندا آهن. سهو ڦاسڻ مهل ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُهي گهنڊڻيون وٺنديون، جنهن جو آواز ٻڌي شڪاري ڀڄندا ايندا ۽ جهلي وٺندا. * لُوڪڙ جو شڪار: ڪي ڀيل ۽ ڪولهي لُوڪڙ جو شڪار ڪندا آهن، اهي ڪهاڙي، گهوٻاٽي ۽ خاص ڪري ڪاتر جي ڌڪ سان شڪار ڪندا آهن. لوڪڙ گوهيون ڏيندڙ آهي تنهنڪري ڊوڙ پائي کيس ڌڪ هڻڻ لاءِ به اٽڪل کپي. سڀڪو اُن کي پڪڙي نه سگهندو. شڪاري ڪتن وسيلي به جهلبو آهي ۽ ڪُڙيءَ ۾ به ڦاسائبو آهي. *گوهيري، ڳوهه ۽ سانڍي جو شڪار: هي جهنگ ۾ رهندا آهن، گهيرو ۽ ڳوهه نرم زمين ۾ ٻر کوٽي رهن ۽ سانڊو سخت زمين ۾، ٻاهر هئڻ جي حالت ۾ گهوٻاٽي جي ڌڪ سان شڪار ڪبو آهي، ٻيءَ صورت ۾ ٻر به اهڙو اونهو نه هوندو آهي اٿس، تنهنڪري ڪوڏر سانکوٽي شڪار ڪبو آهي. گوهيرو وڏو ٿيندو آهي، ڳوهه ۽ سانڊو ننڍا ٿيندا آهن. لوڪڙ ۽ اهي ٽيئي جانور حرام آهن. اڳي ڀيل ۽ ڪولهي عام طرح شڪار ڪندا هئا. پر هاڻي هنن کائڻ ڇڏي ڏنو آهي. باقي جوڳي هڪ رولو قوم آهي، جا ڪڏهن ڪڏهن ٿر ۾ ايندي آهي، اهي خاص طرح انهن جو شڪار ڪندا آهن *تلُور جو شڪار: هي پکي ٿر ۾ ڇڊو ٿيندو آهي. نومبر ڊسمبر ڌاري ايندو آهي ۽ اپريل جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي ويندو آهي. هي وڏي نر ڪڪڙ جيڏو آهي. پري کان بندوق سان شڪار ڪبو آهي، ويجهي وڃڻ سان يا ته اڏامي ويندو يا اهڙيءَ طرح ڪنهن ٻوٽي ۾ ڇپ هڻي ويهندو، جو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. هي ڏهرن ۾ گهڻو وقت پَٽ تي چُوڻ ڪندو رهندو آهي. بعضي اُٺ جي گُرگ سان به شڪار ڪبو آهي. هن جو گوشت لزيز ٿيندو آهي. *تتر جو شڪار: تتر ٿر ۾ جام آهن. جهنگ ۾ نڪربو تهڪ ٿان نه ڪٿان پيا ٻوليندا، ۽ بعضي ولر ڪري گهمندا نظر ايندا. ان حالت ۾ بندوق سان شڪار ڪبو آهي، پر ڪارتوسن ۾ سنها ڇيرا پکين وارا هوندا آهن. توبچي اُڏامندڙ تتر کي بندوق جي ڌڪ سان ڪيرائي وجهندا آهن. ڪي اهڙا به تکا آهن جو ساڳئي وقت ٻه تتر اُڏامن ته دوناليءَ جي هڪ ڌڪ سان هڪڙو ته ٻئي ڪ سان ٻيو تتر ڊَڙي رکندا آهن. بندوق سان شڪار فقط ڪي شوقين، شاهوڪار ۽ زمينادر ڪندا آهن، ڇو ته تتر جي قيمت ٿوري ۽ ڪارتوس جو خرچ گهڻو. ٿر ۾ ڪولهي ۽ ڀيل تترن جي شڪار جا شوقين آهن. هن کان اڳ باب چوڏهين جي ”تتر پالڻ“ واري عنوان ۾ مان هن پکيءَ جي پالڻ بابت تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان. پاليل تتر جهنگ ۾ وٺي وڻن جي اوٽ ۾ پڃرو رکي چوڌاري وڻن ۾ دام رکي، پاڻ ٿورو پري وڃي لِڪي سينڍ ڪندا آهن ته پاليل تتر ٻولي ڪندو آهي، جنهن تي جهنلي تتر اچي مڙندا آهن. پريان اُڏام ڏيئي ويجهو اچي زمين تي لهندا، اتان پيرن تي هلي ان تتر وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪندا اهن. چوڌاري لنگهه بند هئڻ ڪري دام جي گهٽين مان لنگهندا آهن، جن ۾ سسي وجهڻ سان سِرڪڻ ۾ ڦاسي پوندا آهن. بعضي ڪن جو پير ڦاسي پوندو آهي، جي پوءِ شڪاري جهلي وٺندو آهي. اونهاري جو اُس ۾ تتر کي اُڏائي ٻه – ٽي پيهاڻيون ڏياربيون ته ٿڪجي ماندو ٿي پوندو آهي، تڏهن جهلي وٺبو آهي. ڀڳونئي رنگ جو پنج فوٽ ڊگهو، ٽي فوٽ کن ويڪرو مستطيل ڪپڙو وٺي ڪاٺيءَ جون ڪامون اُريبن ۾ ڏيئي، ڪپڙي جا پلاند ڪاٺيءَ جي ڇيڙن ۾ قابو ڪندا آهن. هڪ پاسي اکين جي سامهون ڪپڙي ۾ ڏسڻ لاءِ ننڍا ٻه ٽنگ ڪندا آهن. جهنگ ۾ وڃي ڪنهن هنڌ ڌرتيءَ تي ڄاري رکي، ان جو منهن کليل ڇڏي، ٿورو پريان وڃي ڀڳونئي ڪپڙي کي ڦڙڪائيندا آهن، ته چوڌاري تتر اڏامي ان کي ويجهو ايندا. شڪاري اڳ ۾ اهو ڪپڙو جهليندو جيئن پاڻ پٺيان لڪو رهي. هٿ ڪاٺين ۾ هوندس ۽ ٽُنگن مان نهاريندو رهندو. تتر پٽ تي اچي گڏ ٿيندا ۽ ڪپڙي جي اوٽ ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌندو ويندو ته تتر به گس ڪري هليا هلندا، ڄڻ ته ڪاهيو وڃي. تان جو سڀني کي ڪاهي وڃي ڄاري ۾ وجهندو جتي ڦاسي پوندا. گوڙامڻو پکي ٿر ۾ تمام ڇڊو ٿيندو آهي ۽ اتفاق سان ڪڏهن ڏسبو آهي. اُن جو شڪار بندوق سان ڪبو آهي. برساتي موسم ۾ جڏهن تلاءُ ڀربا آهن، تڏهن سنڌ مان ڪانئيرا ۽ ٻيا ڍنڍ جا پکي ايندا آهن. انهن جو شڪار بندوق سان ڪبو آهي، پر تمام گهٽ، ڇو ته وڏا تلاءُ اڪثر ٿر جي وڏن ڳوٺن ۾ آهن، جتي ويشنو هندن جي بستي ججهي آهي، جنهنڪري سندن جذبات جو خيال ڪيو ويندو آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ سنگهار جي تلاءُ ۾ پکين جو شڪار ڪبو آهي. سنڌ ۾ پکين جي شڪار لاءِ ڪي شوقين باز پاليندا آهن. پر ٿر ۾ اهو رواج ڪونهي. شڪاري ڪُتا ڪي ڪُتا بلڪل تکا ٿيندا آهن. ماڻهو انهن کي پالي جهنگ ڏي وٺي ويندا ان ۽ شڪار جهلڻ سيکاريندا آهن. شڪاري جهنگ ۾ پيو ويندو، ڪُتا سڻ هوندا ته چوڌاري پري پري پيا ڊوڙندا ۽ جانورن جا پير سنگهندا پيا ويندا،. ڪو سهو يا لوڪڙ وغيره نڪتو ۽ شڪاريءَ جي ڌڪ سان بي ويو يا ڌڪ سان گهايڙ ٿيو ته ڀڄندو ويندو، جنهن کي ڪتا ڊوڙي جهلي وٺندا. بعضي گهايڙ هرڻ به ماڻهوءَ کان نه جهلائيندو آهي ته ڪتا ڊوڙ پائي جهلي وٺندا آهن. ڀيل ۽ ڪولهي، جن جو شڪار سان شوق ججهو آهي سي ڪتاب پاليندا آهن، جي انهن کي گهڻي مدد ڪندا آهن. اهڙن ڪتن کي مالڪ شوق ڪري چم جا پٽا (جن مان ڪن تي چاندي جو ڪم ٿيل هوندو آهي) ٻڌي ڇڏيندا آهن. بعضي اهڙا ڪُتا ڪنهن دوست کي سوکڙي طور ڏيندا آهن. ڪي شوق ڪري ناڻي سان به خريد ڪندا آهن. سنڌ ۾ به ڪيترا زميندار شوق ڪري مرونءَ وغيره جو شڪار لاءِ ڪتا پالييندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن شرطون رکي جهليل مرونءَ سان ڪتن جي ويڙهه ڪرائيندا آهن، جي ڪيترا ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن. تير ڪمان ننڍا ڇوڪرا راندڪرڻ ۽ پکي مارڻ لاءِ ير ڪمان ٺاهيندا آهن، جنهن کي عام طرح گزڪمان تيار ڪندا اهن. هي سادي ٿيندي آهي، جو جهلو گهٽ ڪندي آهي، ڪي وري بانس جي ڪاٺي چيري ان مان تيار ڪندا آهن، جا مضبوط ٿيندي آهي. گز لاءِ ڪي ڪانو ۽ ڪي ڪاٺي ڪم آڻيندا آهن. بعضي ان جي چهنڀ ۾ سئي يا لوهه جو تکي چهنب وارو ٽڪر قابو ڪندا آهن، جيئن ڌڪ وڌيڪ اثرائتو ٿئي ۽ ڪجهه ستول ٿيڻ ڪري مار به پري پنڌ تائين ڪندو آهي. اُن جي وسيلي ڳيرا، ٻاٽيٻڙ، ڪبوتر ۽ تتر وغيره شڪار ڪبا آهن. روهڙو وڻ جي ٿلهيري ڪاٺي ٻانهن جهڙي، جي مٿان سنهي ڪام نڪتل هوندي ته انهيءَ ڪاٺي کي ڪام جي نڪرڻ واري هنڌ کان ٽي آڱر اڳ ۾ ڪپي، وري ڪام کان پوءِ ٽي آڱر ڪپي، ڪام کي ٽي چار فوٽ ڊگهو ڪپي تيار ڪندا ته هڪ پاسي ڪام جي، اهو ٿلهيءَ ڪاٺي جو ٽوڙهو اٽڪيل هوندو، جنهنڪري اهو پاسو ستول يعني ڪجهه ڳرو به هوندو. اُن کي ”روڙهو“ چئبو آهي. هي گهڻو ڪري ڄار جي وڻ مان ٺاهيند ااهن. اهو گهوٻاٽي وانگر ڌڪ هڻڻ ۾ ڏاڍو ڪمائتو آهي. ڪنهن پکي يا وهٽ کي پري بيهي هڻبو ته پکي ته مري ويندو نه ته به گهايڙ ٿي ڪري پوندو. پر وهٽ کي اهو ڏڪ ماريندو ڪونه، پر اثر ڏاڍو ڪندو آهي. ڪَڏهن ڪڏهن ويڙهو اُٺن ۽ ڍڳن کي ڀڄائڻ لاءِ روڙها ڪم آڻبا آهن. (1) مائي ڀاڳيءَ متعلق احوال بعد ۾ درج ڪيو ويو آهي. (ناشاد) باب اڻويهون ٿر جو شعر ۽ لوڪ ادب ٿر جا ڌنار مال چاريندي، هاري ٻني جو ڪم ڪندي، عام ماڻهو جهنگ جهر ۾ ڪم ڪندي، ڪجهه نه ڪجهه پيا جهونگاريندا آهن، جيئن ته شاهه جا بيت ۽ ڪافيون. خاص ڪري ”مارئي“ بابت جدا جدا شاعرن جون چيل ڪافيون، بيت ۽ ٿر جا لوڪ گيت چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مومل راڻو سهڻي ميهار، سسئي پنهون، ليلان چنيسر، ليليٰ مجنون ۽ سانوڻ فقير جا لوڙائو بيت چاهه سان چوندا آهن. ٿر ۾ جيتوڻيڪ ڪي ناميارا شاعر گهٽ آهن، پر تڏهن به ڪيترن ئي ٿري ماڻهن شعر چيو آهي، جن مان گهڻو تعداد اڻ پڙهيلن جو آهي. ٿر جو نج شعر ڪافي آهي، جو ٿري چاهه سان چوندا اهن. ڪيترو شعر اهڙو آهي، جنهن بابت پتو نٿو پوي ته اُهو ڪنهن جوچيل آهي. ٿر جي جدا جدا ٽُڪرن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا شعر ٻڌبو آهي. اهو ڪَٺو ڪجي ته چڱو ذخيرو ٿي پوي. ٿري شعر ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن، جنهن ڪري روح کي راحت ڏيندڙ آهي. نموني طور تي ڪي مثال ڏجن ٿا، جي ”واقعاتي بيتن“ تي ٻڌل آهن. اسلام ڪوٽ جو ڌارو: اسلام ڪوٽ شهر ۾ سال 1922ع ۾، مير خان کوسي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻاونجاهه ڌاڙيل ڪاهي آيا ۽ ڦُر ڪيائون. انهن ۾ کوسا، راجپوت، مياڻا ۽ ڪولهي هئا، جن مان ڪي ڪچ جي ٻيلي شهر جي آسپاس جا هئا. صبح جو اسلام ڪوٽ ۾ اچي گهڙيا. سندس سردار مير خان کوسو سهر جي چوسول ۾ کٽ تي ويٺو هو، ٻين پئي شهر ڦُريو ۽ ٽَپڙ کڻي اچي مير خان جي اڳيان گڏ ڪندا ويا. شهر مان ڪي مڱڻهار عورتون وٺي آيا جن کي حڪم ڪيائون ته گيت ڳايو. انهن ڊپ وچان گيت ڳائڻ شروع ڪيا. پوليس سپاهين مان هڪ مريد خان نالي مٺيوال کوسي سوار، کٻڙ جي وڻ ۾ لڪي فائر ڪيا، جنهنڪري ڌاڙيلن جا ٻه گهوڙا مري ويا. سارو شهر ڦُري روانا ٿيا. آڌيگام وٽ هڪ ڪولهي گڏين، جنهن جو نڪ ڪپي وڌائون. انهيءَ واقعي تي ٿري سگهڙ ”هارون لُنڊ“ هيٺيون بيت چيو آهي: ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سبحان، وڏائي جڳائي واحد کي، ٻئي ڪنهن کي ڪانه، قادر جي قدرت جي، ڪمي ته آهي ڪانه، پرور پاڪ پيدا ڪيا، جوڌا سڀ جوان، سُورهين ويهي صلاح ڪئي، مهندار هو مير خان، ڪجو غور غريبن تي، آگو ڪري احسان، چوڪي چئني يارن جي، چوڌاري چوغان، نر چڙهيو هو نشان، کوسو ڳالهه کري ڪري. = = = = = اولا قطب ان سان هئا، پاکڙيا پيرن، اول گوڙ گجرات ۾، مچايو مردن، اها خبر اسماعيل کي، ٿي ٻڌائي ٻين، مل چڙهيا هئا ماريئي کا سورهيه ٿا سجهن، اچي ڀر ڀيڙا ٿيا، ملي ملوڪن، ڪولهي ڪوڙين ڪيترا مياڻا منجهن، ڀوميا تن سان ڀيڙا هئا ڪيون رهاڻيون رجپوتن، ڌونري ڏينهن جو ڌاڙيلا وٺيو واٽ وڃن، ڪي پهتا پارڪر تي ڪني ڪيو آڌيگام اکين، ڏٺو ويٺي ڏينهن جو، ڪُلني ڪامورن، نه آهي جاءِ جنگ جي، لِڪيو لَڪَ چڙهن، کنوڻ ڳوٺ ڪنڌي جو کاڌو خواجن، ڦاڙي پيٽ پيڍي جو لاٿو لاکيڻن، کنيو مال موذين جو، ڪري پتيون پوشيدن، پٺيان تن پوليس جون ڇوليون ٿيون ڇُلڪن، بندوقون تن بهادرن جون ڪڏهن ڪين گسن، ٻاونجاهه ٻاهر وٽيئا اجهو ٿيا اچن، سوجهاڪي جو سلام ڪوٽ ۾ ڪيا ٻهڪا ٻيلاين، ڇڏيون ٿي ڇرڪ مان ننڍيون لهاڻن، اڳڙي ٽڪي نه انگ تي نه ليو لانگهوٽن، هڻي سونٽو ساجنکي ٻَڌو ٻيلاين، ٽپي پيو دُهل ۾ راڌو منجهه گهرن، پيئي مار ماڻڪي تي ڦاٿو منجهه چنبن، گهڻي پڇا ڪيائون گوپي جي ٿا پمنداس پڇن، نه آهي ميار مُکيءَ تي، گوپو ناهه گهرن، قطباڻين مان ڪين ٿيو، ڀڳا ڏانهن ڀٽن، ٿاڻيدار به تن جو، صوبدار سندن، مڙس مريد خان هو مٺيوالا منجهن، ڀڄندي ڏٺائين ڀيڙ ۾ سامهون ٿيو سُورهن، گهوڙا ٻئي گُڏي وڌا ناهي جوکو جوانن، ورندي ڏٺائين واٽ ۾ لوُڪڙ جيئن لڪن، ڀڄي چڙهيا ڀٽ تي کٻڙ ۾ کسڪن، ڏيو چُونگون چاهه مان وٺيو اُت اُچن، هوڪاريو هٽن مان ميڙيو مال ڪڍن، ڪڍيو طاق اجرڪن جا ڪيائون اڳوڻيون اُٺن، ڪڍي ڪنگڻ سون جا وڌائون هٿن، سارو ڏينهن سوڀارن کي ڳايو ڳيتارن، ڍارو ڪيائون ڍيڪاريئي تي پيتو پاڻي پوشيدن، مهندان اُٺ ميو مِتُو جو جهليو جوانن، هڪلي آيا هٽ تي اُتي پنجُو سيٺ پڇن، گهوڙو ڇوڙي گهر مان اُت گاشيو بيٺا گُهرن، پنجن پلاڻي ڏنو وجهي هنوساڻ هٿن، ڏيئي خيراتون خوشي مان گهوٽ چڙهيا گهوڙن، هيڏو ڪمال خان جو ڪيو اَدب اشرافن، نهاريائون ڪين ننگر ڏانهن ٿا اڌيگام اُڪرن، ڀاڻيجو تنهن ڀڳلي جو هو منهن چڙهيو مردن، نڪ وڍي نشآني لاءِ ڪيو چارو چالاڪن، پڌرو رهي پارڪر ۾ ٻيا به ڏيهه ڏسن، هيڏي حالت هيمي سان جوڙي جوانن، ڪولهي کي ڪنڌي تي ٻڌو ٻاهروٽين، هليا واڳڙ جي واٽن، هڻي نعرو حيدر جو. برسات – سنبت 1894 مطابق سال 1927ع ۾ زبردست برسات پيئي هئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ ناري ۾ ڪافي نقصان ٿيو هو. ڪيترا ڳوٺ ٻڏي ويا. ريلوي رستو ٽٽي پيو، ڪيتريون جايون ڊهي ويون، ماڻهو دربدر ٿيا ۽ ڪافي نقصان پيو. ڍوري جي ڀر وارا ڪيترا ماڻهو اچي ٿر جي ڀٽن تي ويٺا. ان تي ”ڪانهيي“ مينگهواڙ سگهڙ هڪ بيت چيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو: 1-الله رب راضي ٿيو چَمر پيا ڇُهي، لاٿائين واءُ واهوندو مٿان ڪيائين رُهي، کولهڙ ماڻهن جا ڪري پيا خلق ٿي مُئي، ڀڄي چڙهيا ڀٽن تي سچي ڳالهه سئي، قدرتي ڳالهه هئي، جو ڪلاڪ ۾ ڪڪ ڪيائين. 2-وسڻ پيو ٿي وائيئي ۾، ڀٽون ڪيائين ڀيڙيون، پوک ٻڏي ويئي پاڻي ۾، بيحال ٿر جون کيڙيون، نصير واهه لڳو نهٽي سان، ٻڏڻ لڳيون ٻيڙيون، گَم ته ڪانه رهي گدام جي، ڀرجي ويئون سيريون، ڪريان ڳالهيون ڪهڙيون، ساري سنڌ ساڙي هليو. 3-گاڏي بند ٿي گدام جي عمر ڪانه اڙي، چوڏهين ڏينهن چوراسيئي ۾ ملڪ مينهن ڀري، مٿيان شهر سنڌ جا ويا گدام جيئن ڳري، مال دنگ درياَ اُڪريا ويا مرگهه سڀ مري، مهاڻا آيا ميرپور جا ڪونه پوي ڍوري کي ڍري، مينهن ڪم ڪري، وڃي ٻڌائين سڃ سنڌ ۾. 4-مئو مٺڙيو ڪيائين، هيڪائو هر پار، واهرون وڄوٽهه لاتائين، ڪوهڙ سين ڪڪريار، ڏيئي لاهه لالي تي، گڏيائين کاريو ٻي کَهار، جوڙي هن جنجهيئر کي چوٿين ڏينهن چيلهار، يڪو آيو جوڙُوئي، حڪم ٿيو هريار، ڪوهڙ هن ڪاٺي جي ويئي ٻني کان ٻاهار، کولهڙ ڪيرايائين کارئي جا وڏي ڏينهن لُوڻهيار، جهلي سڙڪ سانياسر جي پُڳو مٺي شار (شهر)، ڪچا ٿانءُ ڪنڀارن جا گڏي ڪيار گار، ماٽا وڃايائين مينگهواڙن جا موڪل ٿي موکار، پڌرو ويو پوسر ڪي ڪري، ڪاڪ مٿان هوڪار، پالوٽون ڪيائين پاٻوهر تي، ٽوڀا ترايون تار، ڏٺي چنڊ ويو ڏيپلي، ڪانه ڪيائين نهار، ٽپڙ سڀ ٽلي ويا، پوٿيون تهان ڌار، لهاڻا پنهنجيءَ لڄ ۾، ڪيئن ڪن ڪراڙ، ڀيل ڀڳا ويا ڀوُرين وٽ، چي تختين مٿي تار، ٻُڏي ساري سنڌ ويئي، ملڪ ڪاٺي واڙ، ڀاڄڙ پيئي ڀنگين ۾، ڇڏي ڀڳا ٻار، ڪولهي پيا ڪانجهيٽجي، مرن ٿا لوهار، اها خبر پيئي انگريز کي، وڌائين منشين ۾ مار، تارُو لڪي ويا لَين ۾، ڪُٽجن پيا ڪوٽار، نڪتا وڃي نئين ڪوٽ مان، ٿي راهمور ۾ راڙهو راڙ، ڳاٽ اچي ڪيائون ڳنڍي تي، ڍورو تارو تار، ڪير اُڪاري پار، ڪڍي ساري سنڌ مان. 5-متيون مينهن مُنجهايون، بند ٿيا اوتارا، پوکون هن پُراڻ جون، وارث ماڻڪ وا، ڪاڳر آيا عمر ڪوٽ مان، ڇُٽا در درياءُ، کاري مٺي جي خبر ڪانه پوي پلر پاڻي ٿيا، آنڊا رت، عزيز پٽ، ڇڏي ڀڳي، ماءُ، اُٻيڙوُن پاڻي پوٺن ۾ ڪونه سڃاتو سڳي ڀاءُ، هٽ سڀ پٽ ٿيا ڪانه رهي اَجها، پيتيون پئسا پاڻيءَ ۾ سڪي ويو ساهه، تڏهين هرڪو ڪري الله، اڄ خلق ياد خدا ڪيو. 6-وسي مينهن ملڪ ڀريو، ڍنڍون ڪيئين ڍورا، حال مال ويو هٿن مان، جيئن گهُٻڻ مان ڳوڙها، مَٽي مال مارواڙ لنگهيو گهران نڪتا گهوڙا، گڏ وڃي ٿيا گڍڙي ۾، ٻيا سانگهڙ ۾ سوڙها، جني کي لکيل هئا ڦوڙا، سي ڀاوي ويا ڀوڳي ڏي. 7-لرِيءَ ۾ لوڪ جون ڀڳيون ٿي ڳئون، ڀيڙيون رهيون ڀاڻن ۾ ڪيون ٿي رَنڀون، رهيو ڪُتو ڪڪڙ ڪونه ويئو مري پَهُون، هيڪو سيءُ، ٻي بُک، جنهن کي ڏينهن لنگهي ويو ڏهُون، پوءِ نٿا صاحب سَهون، هاڻي وڃان ڪا ويل وجهه. 8-رکي دٻ درياءُ تي، ڇَرَ به ڪئي ٿي ڇيل، هن زماني جر ريليائين، ريڙهي ڀريائين ريل، الله ورتو آزِمتو، بنايائين خلق ۾ کيل، ڏرڙ ڪيائين ڏونگرن ۾ رنگ به ڏٺاسون هيل، ڏج الله اُٻيل، ته سورهو ڪو ساهه کڻون. 9-تَليون ٿيون ترايون، کيڙيون ٿيندا کيٽ، ٿوهر هن ٿر جا، ڍاريائين ناري کي نيٺ، ڏيئي ٽاٽ ٽالهي کان، ويئي هيڪاندي هيٺ، وسهڻ کان ڳالهه وڏي ٿي، پنڌرهن پرهه پيٽ، ريڙهي وڃي ريٽ، سو ڍوري کي ڍاريو. 10-عمر ڄمار اوهان جي ۾ اهڙا وُٺا مينهن ڪڏهين، پَهُون، اُٺ، ڍڳا، مينهون، ويئون مري گڏهين، سڄا بند سُنهِي جا، جت لاکو ترين لَڏين، ڀڄن ڪٿ ڀيڻي ڪانهي، ات کامان ۽ کڏين، ٻڌائون ڳالهه تڏهن، پر هُئن اُميد اُجهائن ۾. 11-بنگلا ماڙيون، محلاتون، پڻ ڪائي جا ڪوٽ، رعيت وٽ هئا رَلِڪا، پيئي ٽَڪين وارين ٽوٽ، گينيون ٽڪا ٽول ويا پڻ لک لک جا تان نوٽ، ڪُنيون باسيائون ڪارهين لاءِ ڪيائون ري خرچا روٽ، ڳاري مٿي ڳوٺ، کڻي تري مٿي تارئين. 12-ندي آئي ناري جي پوکون ٿيا پوٺا، هاري ڇا تي هُرلا ڪن، جن جا تري ويا لوٽا، هلاکي کان ڇُٽي پيا، جوڙا ڪاهي ڏين جوٽا، ڀتيئر چونرا ڀُڪا ٿيا، وڃي رهيا اوٽا، وقت مهل موٽاءِ، سٿيندي مال ڪا ماڙ ٿئي. 13-لڳي دانهن دڙيلي ۾، اَٺَ مٿوڙا اَهري، هڪڙو پاڻي پوٺن جو، ٻيو شاخ به ٿي سوڙهي، ڀانيائون ته ڀَو ڪونهي ملڪ وڌائون ٻوڙي، ٽنگڙي مڙس هئا ٽيهه ڄڻا کنيائون ٽول ٽِجوڙي، اَنَ جل الاهي هو، خرارين ليکين کَوڙي، مٿان پيا ٿوري، ويا ٻاهر سڀ ٻُهاري. 14-ڏيئي گهوڪا ڪيائين گهارا وٽان پيا اڱڻ، ست ئي ڏينهن ساريکو هيڪ ٻئي مٿان مَ هڻ، والي وار وطن تي تون ڌارايل ڌڻ، گاهه گلزار ٿيا ويڳر ٿيا وڻ، چوي ”ڪانهيو“ ڪچهري ۾ تون پورا پيرا کڻ، ڏي نه ڪو مهڻو مڇڻ، ته نه وٺا مينهن ملير ۾. ڪَهِه: ٿر ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڪڙ ايندا آهن. وارياسي زمين هئڻ سبب آنا لاهيندا آهن. جن مان ٻچا نڪرندا آهن، جي تمام گهڻي تعداد ۾ هوندا آهن، جن کي ڦَڪا ۽ ڪَهِه چئبو آهي. سنبت 1894 برابر سال 1927 عيسوي ۾ مڪڙ آيا هئا. ان وقت مذڪوره ڪانهيي پٽ سروپي مينگهواڙ ويٺل ڳوٺ هرپار تعلقو مٺي شعر چيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو. ڪَهِه آبادي ۽ جهنگلي وڻ کائي ملڪ سڃو ڪري ڇڏيندي آهي. سال 1927ع ۾ ڪَهِه تمام گهڻي ٿي هئي. هرپار ڳوٺ ۾ جوڻيجا مسلمان، مينگهواڙ ۽ ڀيل رهن ٿا. ”ڪانهيي“ مينگهواڙ هارپ تي فقير محمد جوڻيجي جي ٻني پوکي هئي. ڪَهه ٻنيءَ جي سيڙهي ۾ آئي هئي، ان وقت پنهنجي ۽ ڪَهِه جي وچ ۾ ٿيل گفتگو بابت جو شعر چيو اٿس، سو هيٺ ڏجي ٿو: 1-الله! هُو نڪريو نروار ٿي، ٽپڪيون ڏيو وهي، جهوڙ ٿئي وڃي جهاڙن تي، ٽونريا ڪريو ٽهي، نيٺ ٻَنو ڏيندي ٻاجهرين کي، ڪانهيو ڪَهي، هي ڪيئن رهي، جو موسم ويئي آهي مِلي. 2-موسم ويئي آهي ملي، جنهن جو ويساهه ڀڳي ويس، اَڀرو ڏسي تون آڙ ۾َ ڪر، مٿي ڪندو سانءِ ڪيس، نڪريو تون ملڪ مان ڏينهان ڇڏ ڏيس، سا به نه ڏيندس سيس، جو آهين ڪميڻي ڪَهِه تون. 3-ڪميڻي چئين ڪَهِه کي، ڪانهي تنهنجي ڪاڻ، سڀ کان سوکو آهي، کيري منجهه کاڻ، ٻولائي تنهنجي ٻني ۾، اڃا ايندس هاڻ، توکي ريلي ٻني ڀيلي ڪندس رانديون ۽ رهاڻ، ڪانه هلي ڪاري تنهنجي ڇو ڪرين ٿو ٽاڻ، پنهنجو پڻ سڃاڻ، ڪهڙو قصو ڪندين ڪَهِه سان. 4-قصو ڪندس ڪَهِه سان مون کي ڏينهين ننڍو مَ ڏِسَ، پور پتا پوکن ۾، تون ڪيئن مَرين ٿي ٽِسَ، اَڏ ٻڌيو تون اُڃ جي، ڪرين مينگهواڙ سان مِس، گَسَ مٿان تون گِس، يا ٿي ٻاهر ٻني کان. 5-ڪيئن ٿيان ٻاهر ٻني کان، تون ريت سا رهاءِ، سِڌي ايندس گِدي ڪري، تون مون کي ڪندين ڇا، هُڇِڪندين ڇُڇِڪندين ڇڏي ڏي هي ڇانڀاهه، ويهي ٽاهه لَئي سين، تون ڏس مشاهدا، هڪڙي اُڏي ٻي ڪُڏي ڦاٽي ويا هارين جا ٻاڪا، اهڙائي هاري هُئا، تون ڪو ڏاڍو ڏاهو آهين. 6-آءٌ ڏاڍو ڏاهو آهيان، ويندس کيٽو کٽي، لاسيئر ڏسي لڙائي نه ڪر، ڇڏيندس ڦوڳن سان ڦٽي، ويجهي نه اچڻ ڏيندس واڙ کي، چاڙهيندس ڀٽ کي سَٽي، هڪڙا هڻندس ٻيا کڻندس، پل ۾ پوڙا پٽي، هاري کايو ڪُڦر ڦڳائن، چڱي طرح ٿي چٽي، اهڙا ڏينهن عي ڪٽي، سا ڪيئن وري ڪهه ايندي. 7-ٻيهار کڻي ڪين ايندس، پر آهيان هيلوڪي به هِت، ويندس هلي وطن تي، مون کي رات پيئي جِت، ڇِتي ٿيان ڇانهين تي، ٽُوهن کان اچي پِت، منهنجي ليکي ڪت، آءٌ ڪندس لحاظ لاڪُو جو. 8-تون ڪهڙو لحاظ ڪندين لاڪو جو، جنهن کي ڊگهو ڏسي ڪيو ٿئي ڊپ، هُنڇي هڻندو هاهِيءَ ۾، مٿان ڏيندو ڏپ، تون رُهلا ڪندين ريٽن ۾، هُو لوهه ڏيئي ڀريندو لپ، مٿان ڏيندءِ ڏپ، ته وهندءِ لِينڊي لس ۾. 9-وَهدي لينڊي لس ۾ آءٌ ننڍي ويندس نڪري، جڏهن مڙسي مون ۾ ٿي تڏهن ايندس ڦري، لڙهندي آءٌ لري، ساري سَرهه ڦِري، جيڪو مون سان وڙهي، سو ڪونه ڏسان ٿي ڏيهه ۾. 10-ڪونه ڏسين ٿي ڏيهه ۾ پر نيٺ مَهريو آهي مارو، جنهن وٽ هُنر گهڻا ٻيو ڪڻ نه ڏيندءِ ڳارو، نياپو مقهرئي موڪليو، ته پريان اورهين وارو، هو ته گرڙ گسي ڪين، تو سان ٿيندو کارو، سڻندو لوڪ سارو، ته اهڙا ڪم ٿيا ڪهه سان. 11-اهڙا ڪم ٿيا ڪهه سان، ڪني ڪيو آهي ڪوڙ، پڇي پنهنجو پاڙو، مون کي پڪ پيم پروڙ، ڪين ڇڏيندس ان کي، جهيڙو ڪندس ضرور، ٽِنڊرَڻ لاءِ ٿي ٽپ ڏيان، جهٽ ڏيئي ڪندس جهوڙ، اِي سيئا جو سور، مون کي آهي من ۾، 12-اي مهڻو ڪندين من ۾، ته پل نه رهندين پل، نياءُ نبيرون نبيسر ۾، مِٺي ۾ تون هل، تعلقي مٺي جي آءٌ، ڀريندڙ آهيان ڍل، عرض ڪيم انگريز کي، آيو ته اُڏائيندءِ کل، ڪني تون ”ڪانهيي“ سان، ڪهڙو ڪندين خلل، ڪهڙو قصو ڪندينءَ ان سان جنهن کي ٽاهڻ جي آهي ٽل، پهرپائي پل، هونڇي هڻندو هاهِيءَ ۾. 13-هونڇي هڻندو ها هِيءَ ۾، وات جو آهه ويڙهو، چٻ تنهنجي چئي تي، ڪونه ڇڏيندس سيڙهو، اچين ٿو آڪڙ مان، پر ڪهڙو ڪندين جهيڙو، ڪونه پوان ٿي قبولي ۾، ٻاهر ڇڏيو مون ڏير، جڏهن ڪيم ڦيرو، تڏ ويندس ڪانا ڪيرائي. 14-ويندينءَ ڪانا ڪيرائي، آءٌ ته ڇڏيندس تاري، تون خوشيون ڪرين ٿي کائڻ لاءِ ڀٽن تي ڀاري، اڌ آهي جوڻيجو جو، اهو حق وهنواري، ٻني فقير محمد جي، اءٌ آهيان هاري، توکي ڇڏيندس ماري، نه ته وڃ سِڌي سنڌ ڏي. 15-وڃان ٿي سِڌي سنڌ ڏي، گونٽا ڪندي گس، سنڀريو وڃان ٿي سارين تي ليها ڏيندي لس، پهرين پَٽ اوهان جو کيندس پوءِ وڃي ڪس، ساري اءٌ ساوڻ ۾ ماڳهين نه ڍاپان مس، مون کي چاري ڏنو چس، وات نه ڪڍان وڻن مان. 16-وات نه ڪڍندين وڻن مان، ڪرين ٿي موت لاءِ، هينئر هن هرپار تي، آهن به جوڻيجا، مارڻ لاءِ ماندا آهن، جي ايندءِ به اوچتا، گسڻ جهڙا هرگز ناهن، ڪڍندا تنهنجو ساهه، تون جيسين ڪرائيندين نياءُ، هُو ٻُهاري هڻندا ٻورين ۾. 17-ٻُهاري هڻدا ٻورين ۾، تون بندا ڇڏ بڪ، کارين تانکٻڙين جي، آءٌ مڃر کينديس مڪ، هت نه هاڻ ٽڪان، مون کيسورهان آنا شڪ، پرور ڏي تون پک، ته اُڏامي چڙهان اُڀ کي. 18-اُڏامي چڙهندين اُڀ کي، چَري مَ وڃ چوري، ڪُڏين ٿي ڪَتي ۾، مانگهه وجهندءِ موڙي، سِرڪي تون سنجهي مان، ٿيندين سيءُ ۾ سوڙهي، ڀيل ڀيڙا ويٺا آهن، ٻيا ڪوٺي ايندس ڪوڙي، پنڌرهن ڳائو پَهر ۾، ڪانهيا هليو ڏوڙي، ڌڻي به گڏيا ڌوڙي، ات ڪندا مارو مڪڙن ۾. علي بخش نهڙيي ويٺل ومڙي تعلقي ڏيپلي جو چيل شعر: گهڙي گوڏي ساڻ گَڏ گوڏو گڏي گوهر گذار وڃ. مٺا مسڪين کي موهي، نه ماڻن سان تون ماري وڃ. 1-سدا دل ٿي سڪي منهنجي، سڄڻ سڪ سُرڪ پياري وڃ. پرت جو ڪو پرين تنهن کي، پيالو پُر پياري وڃ. 2-ڪڏهن واٽان پنڌان ويندي، مٺا منهن مون طرف موڙي، نوازش جي نطر سان ٻئي، کڻي نئنون نهاري وڃ. 3-مٺا لِک پل کڻي لاهيو، بدن ڀوري مٿان برقعو، اسين ديدار دم ڪريون، دليون مر پوءِ ڌتاري وڃ. 4-”علي بخش“ سان اهو عهد، ازل ڏينهن جو ڪيئڙءِ، پرت سان پوءِ پرين پنهنجو پيارل قول پاري وڃ. ماستر محمد رحيم – ماستر محمد رحيم ذات نهڙي ويٺل ڳوٺ ڀوريلو تعلقو ڇاڇرو، اسڪول اَڪليُون تعلقي ڇاڇري ۾ ماستر هو. هتي سميجا مسلمان ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. ماستر کي ڳوٺ مان شام جو ڪجهه کير ملندو هو. ان وقت نالي همٿو ذات سوٽهڙو ٻه ٽي ڏينهن وٽس اچي مهمان ٿيو. هو ماني پنهنجي هٿ سان ڪندو هو. اتي هڪ ٻلي اچي هري، جو هو ٽڪر ڀور اُن کي ڏيندو هو. اُهي ٻه ٽي ڏينهن ساندهه ماستر جو کير به ٻلي ڦٽائي ويئي، تنهن تي ماستر هيٺان بيت چيا آهن: 1-ٻلي ڇڏ ٻيائيون، وٺ سچائيءَ جو سير، اچين سِرڪيو سِري منجهان، اندر وڏي اُڪير، ٿي سڏائين سهيلين ۾، مُرڪيو مُرڪيو مير، تون ماستر ”محمد رحيم“ جو کاڻيل پيئين ٿي کير، کير جي خُمار ۾ تو ڇڏيو ڪِرت ڪير، پيئين چوري چُڪڙا، وري سَڏائين وير، سڻي نُهڙيي جو نظير، ڪڍ دغا تون دل مان. 2-چي ناهي دغا دل ۾، سڻ سائين سماچار، نه هڻ ٻٽاڪ ٻلي سان، تون نهڙيا نامدار، ڪر نه خوف کير جو، ايڏو انتظار، ٿي نه موذي مال تي، ڪر پرور جي پچار، طعنا هڻين ٿو تڪڙا، دوست تون دلدار، توکي به پنيو پاڙي مان، ملي ٿو منٺار، آءٌ به ٿيندس اِنهيءَ ۾، ڀاڱي ڀائيوار، ٻيا مون کي مرڪڻ جا ٿو مهڻا ڏئين موچار، پر خاص منهنجي خاندان جي، سڻ خاصي خبرچار، آهيان وڏ گهراڻي واگهن ۾، ٻيو چيتن ۾ چوڌار، نسل منهنجو نسورو آهي شينهن ۾ شمار، سڻ سبق سُرت ڪر، سماٽ جا سردار، هت ساجن آئي سَتون مهينو، توکي ٿيو تيار، آءٌ نه آيس اڳ ۾، تنهنجي اڱڻ يار، هينئر حُب هينئين ۾ ٿي، همٿي جي هيڪار، تڏهن آيس تڪڙي، هردم ٿي هوشار، نه وڌاءُ من ماڻهن ۾، پرين پسي پگهار، ٻاڙو نه ٻول ٻليءَ سان متان لاهڻ ٿئين لاچار، وڏا وهم وسار، نه ته سڌو سميجن ۾. = = = حاصل فقير: حاصل فقير وسائي پوٽو، ويٺل ڳوٺ کانکڻهار رحم علي، تعلقو مٺي، هڪ سٺو سگهڙ ۽ شاعر آهي، سندس ڳچ ڪلام چيل آهي، ان مان نموني طور هتي فقط سندس سوال ۽ جواب بيتن ۾ ڏجن ٿا. ڳوٺ کانکڻهار جي اتر طرف هڪ ٽوڀو آهي. ان ٽوڀي جي اُتر طرف اسلام ڪوٽ ڏي رستو وڃي ٿو. ان رستي تي ٻنين جي دنگ وٽ هڪ ڪنڊي بيٺل هئي، جا سندس سؤٽ رحم علي وڍائي، گهڙائي، پنهنجيءَ جاءِ جي اڏو کوڙائي ڇڏي. حاصل فقير جڏهن اُتان لنگهيو تڏهن ڪنڊيءَ سان هيٺئين موجب گفتگو ٿي: فقير-هُئين هن هنڌ تي، ڪنڊي بيٺي ڪالهه، واڍا توکي وڍي ويا، تنهنجا ههڙا ٿيا حال، اڄ ڀُنڊي ٿيو بيٺي آهين، جر وهائي جال، مون کي ٻڌاءِ ڳالهه، معنيٰ انهيءَ مذڪور جي. ڪنڊي-معنيٰ انهي مذڪور جي، ٻڌج اهو ٻول، ٻه ڄڻا ڏکڻ طرف کان آيا، رَندا کڻي رول، ڪپي وڌائون ڪُهاڙن سان، جهڪو ٿي ويو جهول، فقير! انهن ڳالهين جو، ڦورو تون نه ڦول، آهي ڪڇڻ تي ڪنٽرول، مون ماڳهين کڻي ماٺ ڪئي. فقير-ماڳهين ڇو ٿي ماٺ ڪرين، ظاهر ڪر زبان، لڪل ناهيان لوڪ ۾، ڪنڊيءَ مثل ڪان، ٻارهن تَڙن جي وچ ۾، نيزي جيئن نيشان، چور مون کي ثابت ڪري ڏي، هڪڙو آهي لقمان، ٻيو ٻڌاءِ ٻروچ کي جو مُڇي ٿو مڪان، دنگ جي ڪنڊي وڍجي ويئي ملڪ ٿيو ميدان، تپيدار ۽ سپروائيزر وٽ نقشي ۾ نشان، آءٌ دانهيندس ڊپٽي وٽ، هت آيو پوڙهو پهلوان، ڏاڙهي ان جي تِري ڪندو، پٽي پاڪستان، گولو هوندو خان، ته به آءٌ اٿلائي هڻندس جيل ۾. ڪنڊي-اُٿلائي هڻندين جيل ۾، اهو آهي سو اڻموٽ، مون کي جو وڍي ويو، سو سڳو تنهنجو سوٽ، اها خبر حاجن کي، مليل آهي موٽ، منهنجي دانهن خدا کي، جنهن کي هرڪو ڏئي ٿو ووٽ، ڪڏهن ٿيندي ڪانه ڪا ان جي خزاني کي کوٽ، بندو کائي بالوٽ، هو ڪڏهن کائيندو ڪينڪي. فقير-ڪڏهن کائيندو ڪينڪي هن جي ڳالهه پري، بجيرن جي سيم مان، توکي ٻروچ ٻان ڪري، بيرق ڪري بيهاريائون، توکي سو تري، ماڙيءَ کان مٿي بيٺي آهي جهنڊي جهڙ ڪري، پر نئون پير ڀري، توکي هرڪو ڏسندو ”حاصل“ چوي. ڪنڊي-هرڪو ڏسندو حاصل چوي، مون کي ڪيو مضبوط، ڏينهن جي ڏسڻ لاءِ تڪيو ڪيائون تابوت، سائو ڦڪو نه گهرجي، مون کي سو ماهُوت، ان ڏينهن جي ڏوهارڻ ڪيائون، جنهن کان ڀڄي ويندا ڀُوت، سندرو جن ثابوت، تُرهو تن جو تار ۾. فقير-تُرهو تن جو تار ۾، هوندا جي هيڻا، ٿيندا اُن هنڌ تي ٻُڏيءَ جا ٻيڻا، وڏا هوندا بُنڊ تي، فقيرن ڦيڻا، تنهن جا آهن ٽيڻا، انهي هنڌ تي ”حاصل“ چوي. ڪنڊي-هن هنڌ ”حاصل“ چوي، مون ان واهر ٿيندو پير، پر نئين سر منهنجي بت ۾، آهن تکا لڳا تير، وري به منهنجي بت ۾، ڪهڪي هنيا تير، صفا آءٌ سر جي، اَنٽي ٿيس آخير، هاڻي فڪر جا فقير، هت ٿي گذاريان. فقير-فڪر جا فقير چوي، آهن ڏينهن گهڻا، مڙس اُهي مري ويا، جن جي مٿي ۾ مڻا، ڪل، نفس ذائقةالموت، ٿو ڳايو ڏينهن ڳڻيان، سورن جي سنسار ۾، چٻيان ٿو چڻان، شاهه سمنڊ پوکي ويو، مون پوکيا سي پڻيان، خدا جي ڏنهن ڏنا، سي خوشي سان کڻان، آءٌ ڪڏهن نٿو وڻان، جو سچ ٻڌيان ٿو سڀڪنهن کي. ڪنڊي-سچ ٻڌايان ٿو سڀ ڪنهن کي، پر اڃا سچ کي سوچ، آءٌ ڪري پوندس پٽ تي، تڏهن ٻاريندا ٻروچ، جيڪڏهن ڪاٺي نڪري ويئي، چوندا اڃا اڳتي گهوچ، اوهين اُهي آهيو بلوچ، جن سور ڏنا هئا سسئي کي. فقير-سور ڏنا هئا سسئي کي، نه ته ننڊ نه ڪري ها، جلد جاڳي تن جتن کي، وچئون واري ها، هيڏي شهر ڀنڀور ۾، ٻُوندڙ ٻاري ها، ٻڏل هوت پنهون کي، وڃي ڇِڪي ڇوڙي ها، جلدي ڪڍي ها، وڃي هٿڪڙي هوت جي. ڪنڊي-هٿڪڙي هوت جي، وڃي ڪڍندو ڪير، نٿو پياري سو پُر ڪري، جنهنکي گهڻيائي گهير، صبح جو سجاڳ ٿي، پوءِ کنيائين پير، ڏوهي آهن ڏير، ڪونهي ڏوهه سئئي جو. فقير-ڪونهي ڏوهه سسئي جو، هُو بلوچ هئا سي بر، وري به هن لوڙهه تي، اچي ساڳي ڏنائون سر، ڪچي ڦوڙهي کي ڦيهندين، ته وري ڪندءِ ور، هُئين نماڻي نڌر، پر هٿ رکي هوت ڪئي. ڪنڊي-هٿ رکي هوت ڪئي، آري هو اشراف، مون بلوچاڻو بحثث ڪيو، مون کي ڪجانءِ معاف، ننڍو ويو نڪري، وڏو آيو ڪاف، سيني کي رک صاف، هن دنيا جي دار ۾. فقير-هن دنيا جي دار ۾، ڪئين مانجهي ٿيا مٿير، لکين لال لڏي ويا، نه پٺيان رهين پير، آءٌ به انهن جي پُٺ ۾، هليو ويندس هير، سج لهي سانجهي ٿي، مٿان پئجي وئي مير، مون کي ٿئي ٿي اوير، گهرو ڪم گهڻا آهن. ڪنڊي-گهرو ڪم گهڻا آهن، دعا ڪجانءِ درويش، آءٌ به اوجان جي پاڙي ۾، پيئي آهيان پيش، هڪڙي نظر خدا جي، ٻيو ڪندو جو قريش، حاصل تون هميش، پڙهه ڪلمو محمد مير تي. جديد شعر *”ناشاد“- ويٺل ڳوٺ چيلهار، تعلقو ڇاڇرو، جديد شاعريءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي. سنڌي ادب ۾ ايم اي آهي. نظم، آزاد نظم، غزل، وايون گيت ۽ ٻيو شعر چوندو آهي. سنڌ جي سمورن ادبي رسالن، خاص ڪري ”مهراڻ“ رسالي ۾ سندس شعر ڇپيو آهي. نئين ٽهيءَ جي برک شاعرن ۾ سندس شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شعر جا ڪي نمونا هيٺ ڏجن ٿا. جن ۾ ٿر جي ماحول جي عڪاسي آهي. نظم مون ته پڙهيو آ: ڌرتي سڀني جي آ جيجل، مان ڪڏهن ڀي ٻار نه ماري! ٿر جي ڌرتي: لُوءَ ۾ لوساٽيل ماڻهن جو، رت پيئي پئي ٺاري ٺاري. اهڙي آيل: هنج جي هيج ڏيڻ جي بدران، ماروئڙن کي روز ڌڪاري! هر هڪ ساعت: مورن جهڙن معصومن کي، کير جي بدران اَڪ پياري، هر ٿر واسي: جيجل جي هن جاڙ تي هر پل، ريٽ تي روئي هنجون هاري. سوچيان ٿو مان: هن ڌرتيءَ کي ڇا ٿي ويو آ؟ ماءُ جيئي ٿي ٻار کي ماري! نظم واريءَ تي هي هڏاوان پڃرا، منهنجي ساڻيهه جو ڏس صحرا، ٿَر جي بَر ۾. رڻ مان رَت جي بوءِ اچي ٿي، ڳاڙهي ٿي وئي ريٽ جي ريتي، ڏهر ڏهر ۾. لوءَ ۾ ڪيئي لاش سڙن پيا، تن تي ڪيئي ڪنگ مڙن پيا، پٽ پڌر ۾. وارياسي جون وستيون ويران، جندڙيون ساريون حيران حيران، شهر شهر ۾. مٺڙا مارو ماڳ ڇڏي ويا، اَن ڪڻي لئه دور لڏي ويا، ڪوبه نه گهر ۾. چمڪي پيئي چيڪي مٽي، هيل ڪري نا بوند ڦڙي ڀي، راڻاسر ۾. ڀِٽ ۾ ڀٽڪي هرڻ هٺيلا، تڙپي ڦٿڪي مور مري ويا، ڪارونجهر ۾. اي ٿرواسي! ٿي نه اداسي، ڄاڻ اچي پهتي چوماسي، ڏس ته اُتر ۾. وائي مـــــارُو! ٿــــــي مَ مـــلـــــور، ڄاڻ اچي پهتي چوماسي!ـ اجهو اُتر کان آگم ايندو، آس مَ لاهج مُور، وس وري پو بس نه ٿيندي، مينهن پرينءَ جو پُور. واريءَ تي وسڪارا ٿيندا، ڀِٽ ڀِٽ تي ڀرپور، تنهنجي دڙن جي ديس جا سارا دُکڙا ٿيندا دُور. اَنَ ۾ آ ايمان بلاشڪ، مَن ٿيندءِ مسرور، منهنجو ملڪ ملير ميان، پر آهيان هِت مجبور. *سروپچندر ”شاد“- جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سروپچندر ”شاد“ اهم مقام جو مالڪ آهي. سندس سادو ۽ سليس، رسيلو ۽ پيارو شعر سنڌي ادب ۾ بخوبي متعارف آهي. پاڻ 1955ع کان وٺي شعر لکي ٿو. سنڌي جي سمورن معياري رسالن ۾ سندس ڪلام ڇپبو آهي. پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ ٿر جي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجهه شعر چيو آهي. اصل مٺيءَ جو آهي ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ پروفيسر آهي. انگريزي ادب ۾ ايم. اي. ڪيل اٿس. سندس ڪلام مان، نموني طور ٻه وايون هتي ڏجن ٿيون، جن مان ”شاد“ صاحب جي فن جو ڀرپور تعارف ٿي سگهندو. (1) ڀرجي ڀرجي، گرجي گهرجي، برسن ٿا بادل، ڀلو ڙي، برسن ٿا بادل! اُڀ ۾ بادل جهومن ٿا، ڄڻ اکڙين منجهه ڪجل. گاج گجي ٿو، هانءُ ڏري ٿو، ڪُڻڪي قرب ڪُٺل. کنوڻ کنوي ٿي، ماڙيءَ تي ڄڻ مُرڪي ٿي مومل. اُتر واءُ ۽ ڦڙ ڦڙ مينهڙا، پڳ پڳ تي پايل. پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي، چوڌاري جل ٿل. شام ويلي ٿو ساوڻ ڳائي، پيار ڀريو پل پل. ٿو ڇولائي، دل آ ساٿي، جام ٿيندو اَن، جل. گاهه گسن تي ڦٽندا، نازڪ نازڪ ۽ نرمل. ڀٽ ڀٽ ڀڻڪا، وک وک نکري پوندو نينهن اَجهل. چنگ، چڙا ڏهرن ۾ ٻُرندا، ڇا ڇا هوندا ڇل. ڍٽ پيار جو پَٽ ٿي پوندو، ڪانه هوندي جهل پل. ڀلو ڙي، برسن ٿا بادل. (2) هي سُر، هي آلاپ، آيل! مون کي گهائن ٿا. آيل! مون کي گهائن ٿا. مند مينهوڳي، رم جهم برکا، سُر ساهه جو ميلاپ. ڪڙ ڪڙ کنوڻ کنوي ائين ٿي چڻ وڇڙيل جا ورلاپ. پريت جو پيو پڙلاءُ ڪنن ۾، اُڏري ويا سڀ پاپ. جو دم پريت بنا ٿو گذري، سو دم آهه سراپ. پريت ڪيوڙي، پريت ڪيو ڙي، ڇا جا جڳ ۽ جاپ. ان کان سواءِ مسٽر وليرام ”ولڀ“ سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڪافي مشهور آهي ۽ مسٽر نند لال پرڀولا ”نندن“ چڱو شعر چيو آهي، جو اڪثر ڍاٽڪي زبان ۾ آهي. ڳيچ ٿر ۾ هندو مسلمان رهن ٿا، جن جون جدا جدا اذاتيون آهن ۽ اهي ٿر جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رهن ٿا. جدا جدا رهائش جي ڪري جيئن ٻوليءَ ۽ اوڍ ويس ۾ ٿورو گهڻو تفاوت آهي، تيئن جيڪي گيت (ڳيچ) مڱڻي ۽ شاديءَ وقت ڳايا وڃن ٿا، تن ۾ به مضمون جي سِٽاءُ، ٻولي ۽ ڳائڻ جي نموني وغيره ۾ به تفاوت آهي. هندن ۽ مسلمانن جي گيتن ۾ گهڻو تفاوت آهي. هندن جي يتن ۾ ٿري (ڍاٽڪي) ۽ مارواڙي ٻولي ڪم آندل آهي، ۽ زالون اهي ڊگهي راڳ واري اُچار سان ڳائينديون آهن، جي نئين ماڻهوءَ لاءِ سمجهڻ ڏکيا آهن. انهن ۾ به برهمڻن، مهيشورين، ٺڪرن، مينگهواڙن، ڀيلن ۽ ڪولهين جا گيت جدا جدا نموني جا آهن، جن مان مينگهواڙن جا گيت وڌيڪ وڻندڙ آهن. مسلمانن جي گيتن (ڳيچن) ۾ سنڌي ٻولي ڪم آندل آهي ۽ ڳائڻ جو نمونو اهڙو آهي، جو هرڪو سولائي سان سمجهي سگهندو آهي. شاديءَ وقت عورتون گڏجي اهڙي ته مٺي سُر سان رات جو اُهي ڳائينديون آهن، جو ٻڌندڙن کي ڏاڍا پيا وڻندا آهن. ڪي گيت وڏيون زالون گڏجي ڳائينديون آهن. ڪي تازو پرڻيل ڪنوارون، ڪي ننڍيون نينگريون، ۽ ڪي ڇوڪريون ۽ زالون گڏجي ڳائينديون آهن. گيت هميشه خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن، يعني مڱڻي ۽ شاديءَ وقت، گيتن کان سواءِ وهاءُ ڪهڙو؟ هرهڪ موقعي لاءِ جدا جدا گيت ڳايا ويندا آهن، يعني مڱڻي ٿيڻ، وناهه ويهارڻ، نينڍ وٺڻ، ڄڃ جو واپس اچڻ، مطلب ته هرهڪ موقعي لاءِ جدا جدا گيت آهن. ڪن گيتن جي مضمونن ۾ گهوٽ جي ساراهه ۾ ’هُلراڻو‘ ڪيل هوندو، ته ڪن ۾ مائٽن جي ڄڃ ۾ سَنبت ۽ مدد جي خاطري ڏياريل هوندي. ڪنوار جي ساراهه، سندس زيورن ۽ ڪپڙن جي جوڙجڪ وغيره جو ذڪر هوندو آهي. لاڏيلو گيت ۾ گهوٽ جي ساراهه ٿيل هوندي آهي. وَراڻِي گيت ۾ ڪنوار جي ساراهه، ڦٽاڻو گيت ۾ گناتن يا سيڻن لاءِ مزاحيه نمونو، جنهن ۾ انهن لاءِ ٽوڪ ۽ طرز هوندي آهي. ڪي مثال طور هيٺ ڏجن ٿا. *ڪوئل: هي گيت گهوٽ جي ڄڦ تيار ٿيڻ وقت زالون ڳائينديون آهن. هن ۾ سڀني عزيزن – ڏاڏو، پيءُ چاچو، مامو، ماسڙ پڦڙ، نانو، ڀائر، ڀائيٽا، سنگتي ساٿي پاڻ پنهنجي سر ۽ انهن جون زالون، جي سڄي ڪم ڪار جي سرانجاميءَ ۾ حصو وٺنديون آهن، تن جو ورنن ٿيل آهي. وراڻي – لاڏيلي رِي جانِ ۾، ڪوئِل ري ٿي ٻولي، سارسڙي ٿي ٻولي(گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڪوئل ٿي ٻولي. سارس پکي ٿو ٻولي) اهو چڱو سَوَڻ آهي. هالي ري موريڙا تاهجي جانَ سَنڀُوڙي ري لال (اي مور جهڙا سهڻا گهوٽ، تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي) 1-چَڙهِتو لاڏو ڏُران ڦران جوئي، پاڇلڙي تو ڦوري، ]چڙهڻ وقت گهوٽ چڱيءَ طرح چوڌاري ۽ پوئتي ڄڃ جو ٺاهه ٺوهه نهاري ٿو[ هالي ري ساجن لاڏا! تاهِجي جان سنبوڙي ري لال. ]اي ساجن گهوٽ، تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي.[ 2-لاڏيلي ري جانَ ۾، ڏاڏو جي تا مالهين، ]گهوٽ جي ڄڃ ۾ سندس ڏاڏو پاڻ لائق مدد ڪري ٿو.[ هالي ري پوتِرا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. ]اي پوٽا، تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي.[(1) 3-لاڏيلي ري جانق ۾، ٻاپُوجي تا مالهين، هالي ري ٻَچيئا، تاهجي جان سَنڀوُڙي ري لال. 4-لاڏيلي ري جانَ ۾، ڪاڪو جِي تا مالهين، هالي ري ڀاتِريجا، تاهجي جان سَنڀوڙي ري لال. 5-لاڏيلي ري جان ۾ ماموجي تا مالهين، هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 6-لاڏيلي ري جان ۾ ڦوُئو جي تا مالهين، هالي ري ڀاتريجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 7-لاڏيلي ري جان ۾ ڀيڻويو جي تا مالهين، هالي ري سالَئيا، تا هجي جان سنوڙي ري لال. 8-لاڏيلي ري جان ۾ نانو جي تا مالهين، هالي ري ڏوهيترا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 9-لاڏيلي ري جان ۾ ساٿيڙا ٿا مالهين، هالي ري موريڙا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال، 10-لاڏيليري جان ۾ جِيجَل جِي تِي مالهي، هالي ري ٻَچِيئا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 11-لاڏيلي ري جان ۾ ناني جي تِي مالهي، هالي ري ڏوهيترا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 12-لاڏيلي ري جان ۾ ڏاڏي جي تي مالهي، هالي ري پوترا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 13-لاڏيلي ري جان ۾ ڪاڪي جي تي مالهي، هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 14-لاڏيلي ري جان ۾، مامي جي تي مالهي، هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. 15-لاڏيلي ري جان ۾ ماسي جي تي مالهي، هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال. *لاڏيلو: هن گيت ۾ زيورن جو ذڪر آهي، جو زالون گهوٽ جي ساراهه ۾ ڳائينديون آهن. ڌار ڌار زيورن جي نالن وٺڻ سان گيت کي ڪيترو به وڌائي سگهبو آهي. سائي تَسر جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، ڀُورل ڀاءُ جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، ڀرتاب ڀاءُ جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، وينڊو گهڙائـي لاڏو سون جــو، وينڊو گهڙائي پرتاب سون جو. سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، بوُلــي گهڙائي لاڏو سون جــي، بوُلي گهڙائي پرتاب سون جي، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، ڪُڙڪُون گهڙائـــي لاڏو سون جــون، ڪُڙڪون گهڙائي پرتاب سون جون، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، دوهِري گهڙائي لاڏو سون جي، دوهري گهڙائي پرتان سون جي. سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، ڪَڙيون گهڙائـــي لاڏو چانديءَ جـــون، ڪڙيون گهڙائي پرتاب چانديءَ جون، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، نٿ گهڙائي لاڏو سون جي، نٿ گهڙائي پرتاب سون جو، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، هــار گهڙائي لاڏو سون جــو، هار گهڙائي پرتاب سون جو، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، نسبيون گهڙائـــي لاڏو سون جــون، نسبيون گهڙائي پرتاب سون جون، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، جهُومــر گهڙائــي لاڏو سون جا، جهومر گهڙائي پرتاب سون جا، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال، مُنڊيون گهڙائي لاڏو سون جون، منڍيون گهڙائي پرتاب سون جون، سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال. (1) باقي سڀني مصراعن جون معنائون هن مصرع جهڙيون آهن. (راڄوڙ) * مور ڪَٽورو: گهوٽ وهنجي، ڪپڙا پائي، موڙ ٻڌي تيار ٿي گهوڙي يا اٺ تي چڙهندو آهي، ان وقت زالون گيت ڳائينديون آهن. مور ڪٽورو هٿ ۾ ڇاڳلا بَنلا، جيئين نَنڍيا لاڏيلا، حِرصيو مٿو ڌوئي، هو، هو، ري لاڏيلا، جيئين ننڍيا لاڏيلا. 1- مٿو ڌوئي اُٺِيو چاڳلا بنلا، حرصيو باگو پهري چاولا بنلا، باگو پهـــري اُٺيـــو چاڳــــلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. 2- جيئيــن ننڍيا لاڏيـــلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئين ساجن بنلا. لـونگي ٻـــڌي اُٺيــو چاڳلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئين ساجن بنلا 3- جيئين ڪيسريــــا لاڏيـــلا، حرصيو بَرهولو پهرين چاڳلا، برهلو پهري اُٺيــو چاڳـــلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. 4- جيئين ڪيسـريـــا لاڏيـــلا، حرصيو موڙ ٻڌين چاڳلا بنلا، مـــــوڙ ٻــڌي اُٺيــو چاڳـــلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. 5- جيئيـــن نــنـــڍيـــــلا لاڏيـــلا، حرصيو گهوڙي چڙهين چاڳلا، گوڙي چڙهي هلين چاڳلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. 6- جيئين ساجـــن لاڏيـــلا، حرصيو ساهرين هلين چاڳلا، چونري ڦري هلين چاڳلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. 7- جيئين ننــــڍيلا لاڏيـــلا، حرصيو چونري ڦرين بنلا، چونري ڦري هلين چاڳلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. 8- جيئين نــنـڍيــا لاڏيــــلا، پرڻجي پاٽ ٻيسين چاڳلا، پاٽ ٻيسي اُٺيو چاڳلا، جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا. *نيٻوجهر: هيءُ مزاحيه نموني جو گيت آهي، جنهن ۾ نُنهن پنهنجي سَسُ تي ٽوڪ ٿي ڪري. ساسُو واهيو اَڪَڙو، مين تو واهي آمڻ ٻور ري – نٻوجهر ليو. (سَسُ اَڪُ پوکيو ۽ مون آمڻ ٻير جو وڻ پوکيو.) ساسوُرو اَڪڙو ٻَري گِيو- مانري تولاگا آمڻ ٻور ري – نيٻوجهر ليو. (سَسُ جو اڪ سڙي ويو، منهنجي آمڻ ٻير ۾ پير لڳا آهن) ساسوُ رڌي رَٻڙِي، مين تو رڌي مٺڙي کير ري – ڻيٻوجهر ليو. (سَسُ رٻ رڌي، ۽ مون مِٺي کيرڻي رڌي آهي). ساسُورِي رٻڙي ڍُري گئي، مانري تو جِيمين وڌيرا ببِير ري -* نيٻوجهرليو. (سس پوڙهي ڍڳي ورتي، مون ڀُوري رنگ جي مينهن ورتي.) ساسُورِي کوپي مري مري گئي، مانري تو ڏوجهي ڀُورڪي مينس ري – نيٻوجهر ليو. (سَسَ جي پوڙهي ڍڳي مري ويئي ۽ منهنجي گهر ڀُوري مينهن مِڙي ٿي.) ساسُو اوڍي لوڙي، مين تو اوڍيون سچو ساروُن ري – نيٻوجهر ليو. (سَسَ اوني لوئي اوڍي، ۽ مون ريشمي چُني اوڍي مَٽِڪُو راند ڪئي.) ساسوُ نان کاڌي ڪاري نانگ، مِنانِ تو کاڌي ننڍيئي وڇون ري – نيٻوجهر ليو. (سَسَ کي ڪاري نانگ ڏنگيو ۽ مون کي هڪ ننڍڙي وچون ڏنگ هنيو.) ساسوُ ڪري دوڪ دَيان، منان تو آيو هرڙي هاسو ري – نيٻوجهر ليو. (سَسَ ناس ڏئي ۽ آءٌ سيل ٻيڙي (سگريٽ پيئان ٿي.) * لاڏيلو: هن گيت ۾ گوٽ لاءِ ٺهرايل زيورن جو ذڪر آهي، جو گهوٽ جي تورڻ وٽ اچڻ وقت زالون ڳائينديون آهن. وراڻي- تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي – جهالر جَهڙَ جهليو، لاڏيلي ري جان ۾ وَرِي – تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي، تيل چڙهيو جواهر تورڻ اچي. 1- ويندو تنهنجو هيرن سان سونهي، لکور لاڏيلا، وينڊو تنهنجو هيرن ساڻ سونهي، جواهر لاڏيلا، وينڊو تنهنجو هيرن ساڻ سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 2- دوهري تنهنجي مانگن ساڻ سونهي، الله بچائي لاڏيلا، دوهري تنهنجي مانگن ساڻ سونهي، جواهر لاڏيلا، دوهري تنهن مانگن سان سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 3- بُولو تنهنجو، رائي ساڻ سُونهي، نٽورو لاڏيلا، بُولو تنهنجو رائي ساڻ سونهي، جواهر لاڏيلا، بولو تنهنجو رائي ساڻ سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 4- پازيب تنهنجا، گُگهَرن ساڻ سُنهنَ، سورٺيا لاڏيلا، پازيب تنهنجا گهگهرن ساڻ سُونَهنَ، جواهر لاڏيلا، پازيب تنهنجا گهگهرن ساڻ سُونَهنَ، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 5- ڪُڙڪُون تنهنجون، لِکَنَ ساڻ سوُنَهنَ، ڪوُنڌر لاڏيلا، ڪُڙڪون تنهنجون لکن ساڻ سونَهنَ، جواهر لاڏيلا، ڪڙڪون تنهنجون لکن ساڻ سُونَهنَ، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 6- چندن هار تونهنجو، موتين ساڻ سونهي، جلڦل لاڏيلا، چند هار تنهنجو موتين ساڻ سونهي، جواهر لاڏيلا، چندن هار تنهنجو موتين ساڻ سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 7- ڪَڙيون تنهنجون چِٽَن ساڻ سوُنَهنَ، ڪَڙيلا لاڏيلا، ڪڙيون تنهنجون چٽن ساڻ سُونَهنَ، جواهر لاڏيلا، ڪڙيون تنهنجون چٽن ساڻ سُونَهنَ، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 8- چوُڙو تنهنجو چَندَنَ ساڻ سونهي، سوٺيا لاڏيلا، چُوڙو تنهنجو چندن ساڻ سُنهي، جواهر لاڏيلا، چوڙو تنهنجو چندن ساڻ سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 9- چوٽيون تنهنجون گُگهرن ساڻ سونهن، ڀُورل لاڏيلا، چوٽيون تنهنجون گهگهرن ساڻ سونهن، جواهر لاڏيلکا، چوٽيون تنهنجون گهگهرن ساڻ سونهن، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... 10- چُني تنهنجي گُلن ساڻ سونهي، سهڻا لاڏيلا، چُني تنهنجي گُلن ساڻ سونهي، جواهر لاڏيلا، چُني تنهنجي گُلن ساڻ سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو... *ڦوٽاڻو: هن گيت ۾ سيڻن جي هڪ ڇوڪري تي ٽوڪ ڪيل آهي. اهڙي قسم جي گيت کي ڦاٽاڻو گيت چئبو آهي، جو مزاحيه نموني جو هوندو آهي. 1- پاڏِي ڀَڳي جائي، پاڏِي ڀڳي جائي. (پاٽي پيئي وڃي، پاڏي پيئي وڃي.) پورو جاڻي، مانهنجي ڏاڏي ڀڳي جائي. (ڇورو ڀانئي ٿو ته منهنجو ڏاڏي پيئي وڃي.) نا ڙي ڇورا، ڏاڏي ڪونهي، پاڏي ڀڳي جائي. (نه ڙي ڇورا، تنهنجي ڏاڏي ڪانهي پر پاڏي پئي وڃي.) 2- پاڏو ڀڳو جائـي، پاڏو ڀڳــو جائي. (پاڏو پيو وڃي، پاڏو پيو وڃي.) ڇورو جاڻي، مانهنجي ڏاڏو ڀڳو جائي. (ڇورو ڀانئي ٿو ته منهنجو ڏاڏو پيو وڃي) ناڙي ڇورا، ڏاڏو ڪونهي، پاڏو ڀڳو جائي. (نه ري ڇورا، تنهنجو ڏاڏو ڪانهي پر پاڏو پيو وڃي) 3- گــاءِ ڀڳي جائـــي، گــاءِ ڀڳــي جائـــي، (ڍڳي پيئي وڃي، ڀڳي پيئي وڃي.) ڇورو ڄاڻي، مانهنجو ماءُ ڀڳي جائي. (ڇورو ڀاننئي ٿو ته منهنجي ماءُ پيئي وڃي.) نا ڙي ڇورا، ماءُ ڪونهي، گاءِ ڀڳي جائي. (نه ڙي ڇورا، تنهنجي ماءُ ڪونهي، پر گانءِ پيئي وڃي.) 4- ڍڳو ڀڳو جائـــي، ڍڳو ڀڳو جائـــي. (ڍڳو پيو وڃي، ڍڳو پيو وڃي.) ڇورو جاڻي، مانهنجي اَبو ڀڳو جائي. (نه ڙي ڇورا، تنهنجو اَبو ڪونهي پر ڍڳو پيو وڃي.) لوڪ گيت لوڪ گيت اسان جي ثقافتي قدرن جو قيمتي سرمايو آهن. اهي ڪڏهن ٺهيا يا ڪنهن ٺاهيا، انهيءَ بابت پڪ سان چئي نٿو سگهجي، پر ڪي گيت، جي ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيا آهن، تن جي ابتدا بابت ڪي روايتون ملي سگهيون آهن. لوڪ گيتن ۾ گهڻو ڪري پيار ۽ سڪ جو جذبو آهي ۽ انهن جي شروعات محبت ۽ وڇوڙي جي جذبي جي ڪري ٿي آهي. ڇوندا اهن ته وقت وقت جي ٻلهاري آهي. ڌار ڌار موسمن - موقعن ۽ وقتن جو اسان جي جذبات تي جدا جدا اثر ٿئي ٿو. برسات جي مند، واهوندن جو ورڻ، پڪا، پيرون ۽ سڱر ٿيڻ، سياري جون راتيون، بجلي ۽ کنوڻ جا تجلا، مال جي موٽڻ مهل چڙن جون چينگهارون، ناڪام محبت، دوست ۽ ڀتار جو پرديس وڃڻ، مائٽن کي وچڙڻ، وصل لاءِ سڪڻ ۽ گذريل صحبتن جي يادگيري وغيره جي اثرن ڪري دل مان ڪئين اڌما اُٿن ٿا، جي اڳتي هلي لوڪ گيتن جي صورت اختيار ڪن ٿا. ڪيترن گيتن ۾ اصل مصراعون ٿوريون آهن، جن ۾ پوءِ وري ڌار ڌار وقتن تي ڳائيندڙ پنهنجن جذبن جي ڪري ماحول موجب وڌاءُ ڪندا ويا آهن ۽ ڪندا وڃن ٿا. انهن گيتن مان ڪي گيت مرد ڳائين، ڪي عورتون ڳائين، ڪي وري گڏجي ڳائين. ڪي گيت اڪيلي سر ڳائين ته ڪي لوڪ ناچ (مَٽِڪُو، جهمر، ڏانڊيو) ساڻ گڏ دُهلاري ۽ بعَضي نچندڙ ڳائين. گهڻا لوڪ گيت عورتن جا چيل آهن، اهي ڌار ڌار موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. ٿر جي هرهڪ ننڍي وڏي ڳوٺ، وسي، واهڻ، وٿاڻ، وغيره ۾ موقعي تي هر ڪنهن قوم ۾ لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا. جن ۾ لوڪ گيتن ۾ جذباتي محبت جو اظهار آهي، سي فقط مرد جهنگ ۾ ڳائيندا آهن. ڪي گيت مال چاريندي يا موٽائي وٿاڻ تي آڻڻ مهل، ڪي مسافريءَ تي وڃڻ وقت پنڌ ۾، ڪي ٻني کيڙڻ، ليڏاڻ ڪڍڻ، لاباري ڪرڻ وقت، ڪي پڪا پيرون چونڊڻ ۽ سڱر لاهڻ وقت مرد ڳائيندا آهن، جهڙوڪ، ڀئيو، ڏهوڪو، وَلارو، هَمرچو، جوڌيو، ڪَجليو، ليالو، هاسل، مڱريو، پڻهاري، جوڌاڻو، ڪونجل ۽ هينڍامڻي وغيره. ڪي گيت مڱڻهار فقير سارنگيءَ تي گهر گهر پنڻ وقت ڳائيندا آهن، جهڙوڪ هينڍامڻي، ڪونجل، پڻهاري وغيره ۽ دهل تي ڏانڊيا ناچ وقت، مڱڻهار ۽ بعضي ڪي نچندڙ مڻهار ۽ پڻهاري گيت ڳائيندا آهن. زالون ۽ ڇوڪريون پڪا، پيرون، ٻير وغيره ڏٿ چونڊيندي يا ٻنيءَ جو ڪم ڪندي، ڪونجل، همرچو، پڻهاري وغيره ڳائينديون آهن. ننڍيون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا آواز ڪندي نڙي ۽ وات تي هٿن جي چرپر ڪندي ڪيترن ئي نمونن جا مزيدار لرزش وارا آواز ڪندا آهن، جن کي ”ڏور ڪليُون“ يا ”کَڳيون“ چوندا اهن. هن هيٺ مردانن ۽ زنانن لوڪ گيتن جا ڪي نمونا مثال طور ڏجن ٿا.(1) اهي لوڪ گيت، جن جي ابتدا محبت ۽ پير جي جذبي ماتحت ٿي، سي فقط مرد ڳائيندا آهن. جيئن ته: *ڏهُوڪو: هن گيت ۾ عورت پنهنجي پرديس ويل مڙس کي ياد ڪري چوي ٿي ته مون لاءِ گَگر، گلاس، دُهري، ساٽيون، وغيره وٺي اچج. پوءِ وري چوي ٿي ته هاڻي ته واهوندا وريا آهن. سڱر، پڪا، پيرون جهنگلي ڏٿ ٿيو آهي. نيٺ برسات پيئي، پپون ۽ لُلر ٿيو آهي. پلر پاڻيءَ سان تلاءُ ڀريا پيا آهن، تون سگهو موٽي اچ. هي گيت ڪنهن عورت جو چيل آهي، جو ٻنين ۾ ڪم ڪندي، اُٺن تي مسافري وقت، ۽ جهنگ ۾ مال چاريندي مرد جوان ڇوڪرا ڳائيندا آهن. ڏهُوڪي ماري ڏو، جي ٿي ڀاجھان ڪُر ٿي لاجان، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، نگر جائي گگر لائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، ولايت جائي گلاس لائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، پِپان پَڪين، لُلَرَ پڪو، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، سڱر پڪا، پيلوُ پڪا، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، سکر جائي وکر لائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، روهڙي جائي دوهري لائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، ڪانٽئي جائي ساٽين لائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، واهوندو وائي جاني تو آئي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، ڇورا تون آئي پلر پائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، اَمراڻي جائي، چُنڙي لائي، ڏهوڪي ماري ڏو. ڏهُوڪي ماري ڏو، اُتِريو وائي اُرهيڪو آئي، ڏهوڪي ماري ڏو. *ڪَجِلِيو: هن گيت بابت هيٺئين روايت ملي آهي: تعلقي ننگرپارڪر ۾ ڳوٺ وڪڙئي کان ڇهه ميل پنڌ تي تارياڻي جو ڳوٺ آهي، جتي سيد به رهن ٿا، تنهنڪري ان ڳوٺ کي ”تارياڻو سيدن وارو“ چوندا آهن. اتي ”ڪارو“ نالي ڪارينڌو پاڙي جو ڀيل رهندو هو، جنهن جي ”مَرُوئان“ نالي ڀيلڻ سان محبت هئي. مڪاني هلنديءَ وارن جي سمجهائڻ تي به ڪارو باز نه آيو، تڏهن انهن ڪنهن بهاني سان ڪاري ڀيل کي جيل پهچائي ڇڏيو. پٺيان مروئان پنهنجي محبوب جي جدائيءَ ۾ ”ڪَجليو“ گيت ڳايو، جو مرد ڳائيندا آهن. ڀٽ جي اوٽ ۾ هنن جون ٻنيون لاڳيتيون هيون. هن گيت ۾ مروئان چوي ٿي ته: اڌ پاساڙي (ڀٽ جي لاهي) تي ٻنيءَ ۾ آءٌ تينڏسين (ميها) چونڊڻ، دڙي تي ڪونڍير، پپون ۽ گانگهيٽا چونڊڻ ۽ ڏهريءَ ۾ لُلر ۽ مريڙيو چونڊڻ جي بهاني تي دوست جي ديدار ۽ ملاقات لاءِ وڃان ٿي. بعضي جي وارث ايتري فرصت نٿا ڏين ته ڪنڊي جي وڻ تي چڙهي سڱريون لاهڻ ۽ کوکا کائڻ جي بهاني سان پري کان ديدار ڪريان ٿي، اونهاري جو پيرون چونڊڻ جي بهاني تي جهنگ ۾ ديدار ڪريان ٿي. ڪاري جو پارو هن جي پاڙي کان جدا هو. شادي وغيره ۾ دهل تي ناچ ڪرڻ جي بهاني تي وڃان ٿي. ڪجهه وقت بعد جڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي، تڏهين چڱن مڙسن ڪاري کي سمجهايو، پر هُو باز نه آيو، تڏهن هنن ڪُوڙو ڪيس ڪري کيس جيل ۾ وجهايو. مروئان چوي ٿي ته اها خبر مون کي يڪدم (تار وانگر) پهچي ويئي. ان وقت آءٌ قيدي محبوب کي ڇڏائڻ جي ڪوشش لاءِ وڃان ٿي. سندس پڦي هَستُو ماني پچائڻ لاءِ دانگي چاڙهي هئي، ان لاءِ به ڪانه ترسيس. مروئان جي ڇويان واهر ٿي هئي، جنهن ۾ ڀيلن جو پٽيل لاڌو ڀيل به هو. سو چوي ٿي ته انهيءَ ڪري مون پير هڻايو هو، يعني لڪي لڪي سخت زمين تان هلي هيس. اهڙيءَ طرح پنهنجي محبت ۾ سڪ جو اظهار ڪيو اٿس. وراڻي– ڪارا! ڪَجليو ٿي گان ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان، اي ڪارا ڀيل ڪارينڌا، هُون ڪجليو ٿي گان. جاني تان مانهنجو جيل ۾، مِٺوُ نان تيڙڻ ٿي جان – ڪارا... اڌ پاساڙي ۾ کيتر کيڙيو، تينڏسين چونڊڻ جان – ڪارا... تارياڻي مان تار موڪلي، امرڪوٽ ٿي جان – ڪارا... گانگهيٽي ۾ گانگهيٽا پڪا، منجر کائڻ ٿي جان – ڪارا... دڙي مٿي ڪونڊير پَڪا، هُون پِپان چونڊڻ جان – ڪارا... جاني تان مانهنجو جيل ۾، هُون ريل ڏي ٿي جان – ڪارا... پرين تان مانهنجو پرديس ۾، هُون ڏيڍا ڏهُوڪا گان – ڪارا... اونهاري را پيلوُ پڪا، هُون پڪا چونڊڻ جان – ڪارا... هيڪلي ٿي رَمان، هُون ڏهُوڪا ڏيتي جان – ڪارا... سُمِيلي پاڙي ڍول بجين، هُون مٽڪو رمڻ جان – ڪارا... کيجڙ چڙهي سنگرين لاهُون، هُون کوکا چونڊي کان – ڪارا... اونڏي وُهري لُلر پڪو، هُون مريڙو چونڊڻ جان – ڪارا... کيتريئي ۾ ڪارينگ پڪا، هُون چڀڙ چونڊي کان – ڪارا... ڀوُئا هَسِتوُ تَبو چاڙهيو، هُون لنگهڻ ٿي جان – ڪارا... لاڏيو پٽيل وپاهر چڙهيو، هُون پگ هڻايو ٿي جان – ڪارا... ڀيلڻ مانهنجي جات آهي، مَروُئان مانهنجو نان – ڪارا... *جوڌيو: ٿري ٻوليءَ ۾ اهو لوڪ گيت ڪنهن ڀيل ذات جي ڇوڪري ”جوڌيو“ نالي عاشق جي فراق ۾ چيو آهي. سمجهجي ٿو ته اهي عمر ڪوٽ جي آسپاس جا رهاڪو هئا. هن ۾ ڇوڪري چوي ٿي ته اي جوڌيا! توسان مون کي ننڍي هوندي کان ئي محبڀت لڳي ويئي آهي ۽ پوءِ منهنجا مائٽ مون کي عمرڪوٽ طرف وٺي پيا وڃن. ڀٽن تي چڙهندي مون کي اباڻا ياد پيا پون. جتي تون آهين، انهيءَ رستي تي مون نازبوءِ پوکيو آهي، تنهنڪري تون انهيءَ ڏَس تي اچج. تنهنجو ڏنگو پٽڪو ۽ ڌونرو اُٺ مون کي ياد پوي ٿو. نيٺ دوست اوڏانهن وڃي ٿو تڏهن چوي ٿي ته انهيءَ رستي تي تنهنجي اُٺ جي اچڻ جي ڪري دز اڏامي ٿي ۽ تنهنجي اچڻ بعد انهي خوشي وچان مون عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل وڏو آهي ۽ واڙي ۾ وڃڻ سان مون کي ڏائو تتر ٻوليو آهي (ٿري ماڻهو جو عقيدو آهي ته ڪنهن به ڪم تي وڃڻ مهل جي ڏائي پاسي کان تتر ٻولي ته اهو سٺو سوڻ آهي ۽ ڪم ٿيندو.) سو هي به خوش ٿي آهي ته دوست سان ملاقات ٿيندي. آخر مراد پوري ٿيڻ تي چوي ٿي ته تنهنجو اُٺ جيتوڻيڪ منڊو آهي ته به آءٌ توسان هلان ٿي، جو تو سان مون کي ننڍي هوندي کان محبت آهي، جا مون کي ماري ٿي، ۽ هتي اسان جي پاڙي جون ڀيلڻيون مون کي طعنا ٿيون هڻن. اهو گيت مرد ڳائيندا آهن. 1- جوڌيا مارُو ڙي، مين اَمراڻي ري مار گي جوڌيا، مَرؤئو روپيو ڙي. (اي پيارا جوڌيا، مون عمرڪوٽ جي رستي تي نازبوءِ پوکي آهي.) 2- جوڌيا مارُو ڙي، اَمراڻي ري سيريئي جوڌيا، مين ڪجليو روڙيو ڙي. (اي جوڌيا، عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ گهمندي مون اکين ۾ سرمو وڌو آهي.) 3- جوڌيا مارُو ڙي، اَمراڻي ري واڙيان نان ڍَرتي جوڌيا منان ڏاوَيو ٻوليو ڙي. (اي جوڌيا، عمرڪوٽ جي واڙي ۾ ويندي مون کي ڏائي پاسي کان تتر ٻوليو آهي.) 4- جوڌيان مارُو ڙي، ٻاراتڻ رِي پرِيتڙي جوڌيا، منان پياري لاگي ڙي. (اي جوڌيا، ننڍپڻ جي محبت مون کي پياري لڳي ٿي.) 5- جوڌيا مارُو ڙي، ڌورئي ڍَرتي جوڌيا، مِنان اباڻو ياد پڙي ڙي (اي جوڌيا پٽ تان لهندي مون کي اباڻو وطن ياد پوي ٿو.) جوڌيا مارُو ڙي، ڌوريو اُٺ، آنٽو پوتيو، جوڌيا، مِنان ياد پڙي ڙي. (اي جوڌيا، تنهنجو ڌونرو (اچي رنگ جو اُٺ) ۽ ڏنگو پٽڪو مون کي ياد پوي ٿو.) 7- جو ڌيا مارُو ڙي، اَمراڻي ري مارگي جو ڌيا، جهيڻي اُڏي کيهه ڙي. (اي جوڌيا، عمرڪوٽ جي رستي تي سنهي دز اُڏامي ٿي.) 8- جوڏا مارُو ڙي، تاهجو، اٺڙلو منڊو جوڌيا، هُون ڀيڙي هلان ڙي. (اي جوڌيا، تنهنجو اُٺ منڊو آهي، آءٌ توسان گڏ هلان ٿي.) 9- جوڌيا مارو ڙي، ڀيلواڙي رين ڀيلڻين جوڌيا، منان مهڻا مارين ڙي. (اي جوڌيا، ڀيلن جي پاڙي جون پيلڻيون مون کي مهڻا ڏين ٿيون.) 10- جوڌيا مارُو ڙي، نَنڍڪي هَتي رو جوڌيا، ڇورا پَلَئيو لڳو ڙي. (اي جوڌيا، ننڍي هوندي کان توسان منهنجي محبت ٿي آهي.) *هاسل: ڳوٺ ڀوريلي تعلقي ڇاڇري جي پرائمري اسڪول ۾ هڪ هيڊ ماستر هو، جو ڳوٺ چيلهار جو رهاڪو هو. اهو ڳوٺ ڀوريلي کان 10 ميل اولهه طرف آهي. ڀوريلي ڳوٺ ۾ هانسِي (هاسل) نالي هڪ مينگهواڙ ڇوڪري هئي، جنهن جي ماستر سان محبت ٿي ويئي. ماستر ڇنڇر جي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ويندو هو، جو وري سومر تي موٽي ايندو هو. هاسل کي اهي جدائيءَ جا ڏينهن گهارڻ ڏکيا لڳندا هئا ۽ پنهنجي دوست جي وڇوڙي ۽ انتظار ۾ ورلاپ ڪندي هئي، جي آخر گيت جي صورت ۾ مشهور ٿيا ۽ ٿري ڇوڪرا جهنگ ۾ مال چاريندي وڏي چاهه سان ڳائيندا آهن. هاسل پنهنجي دوست لاءِ چوي ٿي ته تنهنجي ڪاري پٽڪي جي ڇڳي مون کي ماري ڇڏيو آهي، ۽ پوءِ وري ڏندن ۽ هلڻ جي لوڏ جي ساراهه ٿي ڪري. سندس گهر کان اسڪول ٿورو پرڀرو ٻئي پاڙي ۾ هو، سو چوي ٿي ته توکي اسڪول ۾ پري کان ويٺل ڏسي آءٌ گهر ۾ سڙان پيئي. ڪڏهن نٿي ڏسان ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو وڇي ته مون لاءِ ڄڻ ته سال گذري ويو آهي ۽ هفتي ۾ ڇنڇر جو ڏينهن اچيئي نه ته چڱو، ڇو ته اهو ڏينهن وڇوڙي ٿو وجهي. اونهاري جي موسم ۾ ٿر ۾ ڇوڪريون پيرون چونڊڻ وينڊيون آهن. سو چوي ٿي ته ڪالهه آءٌ پيرون چونڊڻ ويهي هيس. ڳولي ڳولي تولاءِ سُٺا پيرون آندا اٿم. وسڪاري جو ٿري ماڻهو لڏي وڃي ٻنيءَ تي ويهندا آهن، هاسل جا مائٽ ٻه ٻنيءَ تي ويٺا، جا ڳوٺ کان ڏيڍ ميل پري هئي. اتي هاسيڪر ماستر وڃي نٿي سگهيو. هاسل لاءِ اها جدائي ڏاڍي ڏکي هئي. ان سال (يعني 1944ع ۾) مڪڙن آنا لاٿا هئا ۽ ڪَهه (ڦڪا) ٿي هئي، جنهن جي مارائڻ جي ڊيوٽيءَ تي ماستر مقرر ٿيا هئا. هاسل چوي ٿي ته ڦڪا مارائڻ جي بهاني تون ٻنيءَ تي اچج. آخر ۾ چوي ٿي ته، ٻيون ته منهنجون سرتيون سڀ خوش باش آهن، پر فقط آءٌ تنهنجي جدائيءَ ۾ ويڳاڻي ۽ غمگين رهان ٿي. منهنجا مٺا جاني اڃا ٿي جيئان ڙي، وَرَڏي تون وراڻي ڪري ڙي، منهنجا جُوان جاني، اڃا ٿي جيئان ڙي، 1- ڪارو تان پٽڪو، ڇورا ڇوٽڪيو چڳو ڙي ڇڳي ري ڇيڙئي، مِنان ڪو ماري ڙي – مٺا جاني... 2- تاهجا اڇا تان ڏند جاني، مانهنجي هينئن را بند ڙي ائان بندان ري بڇوڙي منان ڪو ماري ڙي – مٺا جاني... 3- تانهنجي لاکي تان لوڏ، آءٌ سَوَن ۾ سڃاڻان اِئي لوڏ ري ڪوڏ، مِنان ڪو ماري ڙي – مٺا جاني... 4- مٺــي کـــي ڏٺي اڄ ٻيو ڏينهــن ٿيــو ڙي مون لئه ڄڻ ورهيه جو وڇوڙو پيو ڙي – مٺا جاني... 5- پري کان ويٺل آءٌ پرين ٿي ڏسان ڙي، گهوڙا آءٌ گهر ۾ ٿي جلان ڙي – مٺا جاني... 6- اهو ڏينهن نڀاڳو شل موٽي مَ اچي، ڇنڇر ٿو وڇوڙا وجهي ڙي – مٺا جاني... 7- سارو ڙي ور ساڙو هُون سِڪتي رهي، ڦَڪا مارڻ کيتريئي تون آئي ڙي – مٺا جاني... 8- ستين تان ڏينهن تون گامڙلي تو جائين، مانهنجي چولي ري چِينٽلِڙي لائي ڙي – مٺا جاني... 9- ڦوگان ۾ ڦِرتي مين تنا پي ساريو ڙي، سڄو ڏينهن روئي روئي لڙڪ پئي هاريان ڙي – مٺا جاني... 10- ڪالهه تان سڄو ڏينهن مين پيِلوُڙا چونڊيا ڙي، جوئي جوئي ٺاهوڪا مِٺي ري لائي ڙي – مٺا جاني... 11- جانـي لاءِ چونــري ۾ کٽڙلي وڇائي، آڌي رو اُٿيو هُون ڀيڙي ٿي سُئان ڙي – مٺا جاني... 12- ٻيون تان سرتيون اڄ سڀيئي سَرهيون ڙي، تانهنجي ”هاسل“ تان ويڳاڻي وتي ڙي – مٺا جاني... زنانا لوڪ گيت هي لوڪ گيت عورتون ۽ ڇوڪريون برساتي موسم، وِرِتَ ۽ ايڪاڻن رکڻ وقت يا خوشيءَ جي موقعن تي ڳائينديون آهن. * وَرِسارو: هي مشهور گيت ٿري ٻوليءَ ۾ آهي. ورسارو يعني مينهن جو وسڪارو. هي گيت برساتي موسم يعني چوماسي ۾ زالون ڳائينديون آهن. وسڪاري جي موسم ۾ ترايون پاڻيءَ سان ڀريون آهن، گاه جام ٿيندو آهي، مال کائي کير ڏيندو آهي، ماڻهو ٻنيون پوکيندا آهن ۽ فصل جام ٿيندو آهي. ان وقت هڪ ڀيڻ جنهن جو ڀاءُ مال جي سودي لاءِ ٻاهر ويل هو، ان جي يادگيريءَ ۾ سندس ساراهه ڪندي انتظار ۾ کيس چوي ٿي ته وسڪارو ٿيو آهي، تون جلدي گهر اچ. ٿل – اُتر ڏکڻ ۾ کوڻان کنوڻ کِوين گاج ڪري گوڙ، (اتر ڏکڻ ۾ کنوڻ ٿي ۽ گوڙ ٿئي ٿو.) مال سوداگر ويِرئيا! ورسارو ٿيو وري آءٌ. (سوداگر ڀاءُ وسڪارو ٿيو آهي تون گهر موٽي اچ.) ڀريو ڀريو رِڻ پٽ رو رائلو، ڀريو موڀي ويري ور کيتر، (ميدانَ ۽ وڏي ڀاءُ جي ٻني پاڻي سان ڀرجي ويا.) مال سوداگري ويرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ. ٻيجان وائين ٻاجهرين، ويرئيي پوکي جوار، (ٻين ٻاجهريون پوکيون آهن ۽ ادي جوار پوکي آهي.) مال سوداگر ويرئيا... ٻيجان ليڏئين ٻاجهرين، ويرئيي لکيڏڻي جوار، (ٻيا ٻاجهرين مان ۽ منهنجو ڀاءُ جُوار مان گُڏ پيو ڪڍي.) مال سوداگر ويرئيا... ٻيجان لُڻين ٻاجهرين ويرئيي لُڻي جوار، (ٻيا ٻاجهريون ۽ منهنجو ڀاءُ جوار لڻندو.) مال سوداگر ويرئيا... ٻيجان رين سانڍين چرين ڪونڀيٽا، ويري رين چرين ناگرويل، (ٻين جون ٻڪريون ٻوهه چرن، ادي جون ٻڪريون سايون ٻيرڙيون چرن ٿيون.) مال سوداگر ويرئيا ... ٻيجان رين مينسين چرين سائو ڊامڻ، ويري رين چرين سائو گَنٺيو، (ٻين جون مينهون ڊامڻ چرن ٿيون، ادي جون سائو ڳنڍير چرن ٿيون.) مال سوداگر ويرئيا... *چوماسو: ٿر جو هيءُ گيت ساوڻ جي مند ۾ هڪ جيڏيون سرتيون گڏجي ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ هڪ پري پرڻايل ڇوڪريءَ جا وسڪاري جي موسم ۾ پنهنجي وطن جي يادگيري، اباڻن ۽ جيڏين جي اُڪير، ڳوٺ اچڻ ۽ مائٽن سان ملڻ بابت جذبات ڏيکاريل آهن. برساتي موسم ۾ پري پرڻايل ڇوڪري، ڪڪرن، کنوڻ ۽ گوڙن کي ڏسي مائٽن ۽ جيڏين کي ياد ڪري ٿي. سندس ڀاءُ ڪوٺڻ لاءِ اچي ٿو، جنهن سان گڏجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ اچي ٿي. واٽ تي برسات پوي ٿي، جنهنڪري سندن ڪپڙا پُسن ٿا. ڳوٺ کي ويجهي اچڻ سان پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي کي ڏسي ٿي، جي ٻنيءَ ۾ هر پيا ڏين ۽ ٻج پيا ڇٽين. ڳوٺ ۾ اچي پنهنجن مائٽن ۽ سهيلين سان ملي وسڪاري جي خوشي ملهائي ٿي. وراڻي: اُونڏو گجي گاج، گهوري جائون، وسرسارو آيو ڏيس، (پري کان گوڙ پيئي ٿئي، آءٌ گهوري وڃان جو ملڪ ۾ وسڪارو آيو آهي.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. 1- ورسي ڀريا ٽوڀا ٽوڀڙين، ڀريوڙو ڏاڏاڻي رو ڏيس، (وسي ٽوڀا ۽ تريون ڀريون آهن ۽ منهنجو ڏاڏاڻو وطن ڀريو آهي.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. 2- اوڏو مَنڏي ويرا گاسيڙو، ڏيئا ٻائي نان تيڙو جا، (ادا وڏو گاشيو تيار ڪري ڀيڻ کي ڪوٺڻ وڃ.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. 3- اونڏو منڏي ويرا گاسيڙو، ڍيلي ڇڏ مهار، (اُٺ تي وڏو سٺو گاشيو وجهي مهار کي ڍلي ڇڏ.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. 4- اونڏو کوين کڻوڻين ري گهوري، جهرمر برسين ميهه، (پري کان کنوڻيون پيون تجلا ڪن ۽ مينهن به پيو وسي.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. 5- ڀِيجي ڪِرِ هِلِئي ري مُهار، ڀينو مانهنجي ويري رو مورهيڙو. (برسات کان اُٺ جي مهار ۽ منهنجي ڀاءُ جو ڳاڙهو پٽڪو پُسي پيو آهي.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. 6- ڀِيجي هَرَ کيڙتي رو ٻاجهرو، ڀيجي ڏيئا ٻائي رو هار. (هر ڏيندڙ جي ٻاجهري ۽ منهنجي ڀيڻ جو هار به پُسي پيو آهي.) گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس. * هِچڪي: هي گيت تازو پرڻيل ڪنوارون ساوڻ ٽيج تي ڳائينديون آهن. هي مزاحيه گيت آهي، جنهن ۾ هڪ ڪنوار پنهنجيءَ سس کي ڇوي ٿي ته تنهنجو پٽ مون کان پري پيو رهي، کيس روبرو ٿيندي ڊپ کان دل پيئي ڌڙڪي، آءٌ ڪپڙا پائي هار سينگار ڪري مٿو گونٿائڻ وڃان ۽ جي اڳيان سامهون اچي ته ڊڄيو وڃان. سندس سهيليون رند ڪرڻ لاءِ سڏ ڪن ٿيون ته مڙس کان موڪل گهري ٿي. ماءُ ڏي نياپو موڪلي ٿي ته منهنجي ڀاءُ کي موڪل ته مون کي ڪوٺي وڃي. ڪجهه وقت مائٽن ۾ رهڻ بعد چوي ٿي ته هاڻي مون کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو ته ساهرين وڃان، تڏهين اُهي سوکڙيءَ طور لَڏون ٺاهي کيس ڏيئي، موڪل ڏين ٿا. وراڻي- اوٽي مٿي اِنکڻِي ني گريو گريو جائي. (اڱڻ تي اينگڻي جو ٻوٽو پوکيل آهي جو ڪريو پوي ٿو.) ساسُو ٿانرو ڏيڪرو ني ٽَريو ٽَريو جائي، (اي سس تنهنجو پٽ پاسو ڏيو پيو وڃي.) ري ويرڻ هچڪي هيروُ نڙو هچڪي، (مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي جنهنڪري دل ڌڙڪيو وڃي.) سامِريو چتاري هچڪي مورِيڙو چتاري. 1- اَسِي ڪَري رو گهاگهرو ني ڦيرا ڏيتي جائي، (اَسِي ڪرين جو پڙو آهي ۽ ڦيرا ڏيندي وڃي.) اڳيان صاحبو سامهون آيو، مانِري ڇاتي ڌڙڪا کائي ري، (اڳيان مڙس سامهون آيو، منهنجي ڇاتي ڊپ کان ڌڙڪي ٿي.) ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي... 2- ڏورو ڦڻي هاٿ ۾، سيس گونٿاوڻ جائي، (ڌاڳو ۽ ڦڻي هٿ ۾ کڻي مٿو گُونٿائڻ وڃي ٿي.) اڳيان صاحبو سامهون آيو، مانرِي ڇاتي ڌڙڪا کائي ري، ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي.... 3- اَلي ٻورلي هاٿ ۾ ٽيلڙي چڇهپاوڻ جائي، (اَلي ٻورلو هٿ ۾ کڻي ٽيلڙي چنبڙائڻ وڃي ٿي.) اڳيان صاحبو سامهون آيو، مانري ڇاتي ڌڙڪا کائي ري. ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي.... 4- روُپي ڪيرِي چَڙوسلي، سوني ڪيري ڏور. (روپي جي چڙهي ۽ سون جي رسي ٺهيل آهي.) صاحبا گاگر موريو ڏيئي ڙي، (اي ڀتار پاڻي ڀرڻ لاءِ گگر ۽ موريو ڏج.) ويرڻ هچڪي، هيرونُڙي هچڪي.... 5- سهيلين آوين سڏ ڪرين هُون رَمَتَ رَمَڻَ جائون. (منهنجون سرتيون پيئون سڏ ڪن، اءٌ راند ڪرڻ وڃان.) بالم مانرا راجي موڪل ڏيئي ري. (اي ڀتار! تون خوشيءَ سان موڪل ڏي.) ويرڻ هچڪي، هيرونُڙو هچڪي.... 6- نَنڍِيو ويرو، موٽو ويرو مِنان تيڙو ميلهي، (ننڍو ڀاءُ يا وڏو ڀاءُ مون کي ڪوٺڻ لاءِ موڪلج.) ٻاوا ٿانري ڌِيوِرڙي پرديسڻ هوئي ري، (اي بابا، تنهنجي ڌيءَ پرديسڻ آهي.) ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي.... 7- ماتا ماِنري، باڀل مانِري پانڃ پانچ پائلين لَڏوُ واٽيا، (اي امڙ! منهنجي ڀاڀيءَ پنجن پاٽين جا لَڏُون ٺاهيا آهن.) مانري باڀل راجي موڪل ڏيئي ري، (اي ڀاڀي خوشي، سان موڪل ڏج.) ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي... * سُونٺ جِيرو: هي لوڪ گيت زال ۽ مڙس جي محبت سان لاڳاپو رکي ٿو. پرڻيل توڙي ڪنواريون ڇوڪريون وندر خاطر گڏجي ڳائينديون آهن. هن ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪنهن عورت جو مڙس سُنڍ ۽ جيري جي خريداريءَ لاءِ پرديس ويل آهي. زال کي مڙس جي سڪ ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي نڻان سان سوال جواب ڪري دل وندرائي ٿي. نڻان کان پڇي ٿي ته سُنڍ ۽ جيرو ڪٿي ٿين ٿا، مٿان اهي ڪنهن پراهين ملڪ ۾ هجن، جنهن جي ڪري منهنجي مڙس ايتري دير ڪئي آهي. سُنڍ ۽ جيرو ڇا ٿي کڄي ايندو ۽ ڪٿي رکنداسين. نڻان جواب ٿي ڏئي ته هٽ ۾ رکنداسين ۽ وڌيڪ هوندو ته رستي تي لهرائينداسين، ته ڀلي سڀڪو ڏسي. 1- ڪٿڪي اُپجي سُنٺڙي، ني، ڪِٿڪي اُپجي جيرو، (سُنڍ ڪٿي پيدا ٿئي ٿي ۽ جيرو ڪٿي پيدا ٿئي ٿو.) ڪٿڪي وسي صاحٻو، ني، نِڻندل ٿانرو ويرو، (۽ ڪٿي منهنجو گهوٽ، اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.) 2- اَمراڻي اُپجي سُونٺڙي ني، مارواڙ ۾ جيرو، (عمرڪوٽ ۾ سُنڍ ۽ ماروپاڙ ۾ جيرو پيدا ٿئي ٿو.) پارڪر وسي صاحٻو ني، نڻندل ٿانرو ويرو. (ٻارڪر ۾ گهوٽ رهي ٿو جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.) 3- گاڏيئي آوي سوُنٺڙي ني، موٽري آوي جيرو، (گاڏين ۾ سنڍ ۽ موٽرن ۾ جيرو کڄي ايندو آهي.) گهوڙلي آيو صاحٻو ني، نڻندل ٿانرو ويرو. (گهوڙي تي گهوٽ ايندو، جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.) 4- ڍُر گَئِي تانري سونٺڙي، ني وِکري گَيو جيرو، (تنهنجي سُنڍ هارجي ويئي ۽ جيرو به پکڙجي ويو آهي.) رُسجي گيو صاحٻو ني، نڻندل ٿانرو ويرو. (منهنجو گهوٽ رُسي ويو جو اي نڻان تنهنجو ڀاءُ آهي.) 5- هاٽي نانکان سُنٺڙي ني، واٽي نانکاڙان جيرو، (هٽن تي سُنڍ ۽ واٽن تي جيرو ورکايان.) محلي پڌرايو صحٻو ٿي، نڻندل ٿانرو ويرو، (محلات ۾ گهوٽ آيو، جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.) لوڪ ادب ٿر جو ڀاڱو سنڌ جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ تي هڪ گمنام خطي جي صورت ۾ اهي، جتي گهڻو ئي لوڪ ادب لڪو پيو آهي جنهن لاءِ ڪنهن تڪليف وٺي ڳولا نه ڪئي اهي. شڪر آهي جو هاڻي ڪن سڄڻن انهيءَ طرف ڌيان ڏنو آهي ۽ ڪجهه ڪڻا گڏ ڪري ڇاپي هيٺ آندا آهن، پر اهو به بلڪل گهٽ. اڃا به بلڪل گهڻو ذخيرو سگهڙن ۽ سالڪن جي سينن ۾ سمايل آهي، جنهن جو انت ئي ڪونهي، ويٺو لک، کٽڻ جو ئي نه آهي. جيڪڏهن ڪوشش ڪري انهيءَ ثقافتي ميراث کي گڏ ڪجي ته گهڻو ئي ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ٿر جي ٻهراڙيءَ ۾ اڻ پڙهيل سگهڙن، سالڪن، ڀٽن، مـڱڻهارن، ڇارڻن ۽ گرڙن وغيره وٽ ڪَئين ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، سگهڙن جا سخن، نصيحت اميز نڪتا، ڳاهون، ڳجهارتون پروليون، پهاڪا، چوڻيون ۽ ڳُوڙها وغيره موجود آهن. انهن مان گهڻا پڙهيل ڪونه آهن، انڪري جيڪي پرائين ٿا، سو سڀ هُو ڪچهرين، رهاڻين، ٻني ٻاري جي ڪم ڪندي، مال چاريندي، گڏ اُٿندي ويهندي سِکي ياد ڪندا آهن، جي سينن ۾ ساريندا اچن. اسان جي ادبي ذخيري ۾ جيڪي قابل فخر شيون موجود آهن، تن مان سگهڙن جا سُخن معياري شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. اهو اسان جي ”لوڪ ادب“ جو عظيم ورثو آهي، جنهن کي اڳيان سگهڙ سينن ۾ سانڍيندا آيا آهن. لفظ ڏسو ته بلڪل معمولي ۽ سادا، پر انهن ۾ ڪيڏي ۽ ڪهڙي نه اثرائتي ۽ جاذب معنيٰ آهي، جنهن کي پڙهي هينئين سان هنڊائڻ ڪري، لطف اچيو وڃي. قومن جو بقاءُ ان جي ڪارنامن تي آهي. ڪارناما ماضيءَ جي اڏاوت تي مدار رکن ٿا. ماضيءَ ۾ جي اڏاوت هوندي ئي ڪانه ته مستقبل ڪيئن اُسري سگهندو. اسان جي سگهڙن جا سخن ماضي جي عمارت جا بي بها بنيادي پَهلُو آهن، جن کي دُهرائي هينئين سان هنڊائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان حل ۽ مستقبل جي نظرين کي اوساري اوچو ڪري سگهجي ٿو. ادب جي شعبن مان اهي سالڪن جا سخن معاشري جي تهذيب، تمدن، اخلاق ۽ انسانيت جي وهڪري کي تيز ڪن ٿا. سگهڙن جو شعر، گفتا چوڻيون ۽ تڪ بنديون زنده جاويد ۽ سدا حيات شهپارا آهن، جي هر انسان کي هر سمي ۾ اعليٰ زندگي بسر ڪرڻ لاءِ شمع جو ڪم ڏين ٿا. انسان جي زندگي اهڙي آهي، جنهن کي نه رڳو رهڻ لاءِ اجهو، کاڌي پيتي جو سامان، ڪپڙو لٽو ۽ ضروريات زندگيءَ لاءِ سنهي ٿلهي شيءِ کپي، پر ان کان سواءِ روح جي تسڪين لاءِ وندر به کپي. اٺ ئي پهر موڳو انسان جيئري جنازي مثل آهي. شهرن جي ماڻهن کي روح جي راحت لاءِ وندر جا ڪئين وسيلا آهن، جنهنڪري هو تفريح طبع لاءِ انهن مان رس وٺندا آهن، پر ٻهراڙيءَ جي غريبن کي اُهي وسيلا ڪونه آهن. اهي وري پنهنجي تفريح طبع لاءِ واندڪائيءَ ۾ ڪي نه ڪي وسيلا پيدا ڪندا اهن، ڇو ته انهن کان سواءِ زندگي بيڪار ۽ الوڻي آهي. هاري ڏسو ته ٻنيءَ جي ڪم ڪندي، ڌنار مال چاريندي، ڪولي مزدوري ڪندي، ڪجهه نه ڪجهه پيو جهونگاريندو اهي. لوڪ گيتن مان جو انهن کي مزو ايندو اهي، سو سئنيمائن جي راڳن مان به نه ايندو آهي. ازن سواءِ جهنگلن ۾ بنسرين، نڙن، پاون ۽ چنگن جو آواز پيو ايندو آهي. چوندا اهن ته ”ڪي حال مست، ڪي مال مست“، اهي ويچارا پنهنجي ئي حال ۾ مست آهن. ويچارا پورهيت، مصيبت جا ماريل، سورن جا ستايل ۽ ڏکن جا ڏهڪايل اَئين نه ڪن ته جيڪر ڪيئن وقت ڪاٽين. رات جو وري ڪچهرين ۾ ڳجهارتون، شعر، بيت، پروليون، پهاڪا، چوڻيون، ڪهاڻيون ۽ گُوڙها وغيره ڏيئي پاڻ وندرائين. سڄي ڏينهن جو ٿڪ کن ۾ لهيو وڃي. صبح جو وري ”اهائي ڪُهاڙي، اُهو ئي ڳن“. ڪيترائي علم ادب جا ڪتاب پڙهجن ٿا ته اهو رس ۽ اهو ميٺاج نٿو اچي، جيڪو سفيدريش ۽ ڪُهني عمر وارن جي رهاڻ ۽ ڪچهريءَ مان اچي ٿو. اڳي اسان وٽ رات جو ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي سالڪ ۽ سگهڙ پنهنجي ڪمال فن ۾ گُن سان حاضرين کي وندرائيندا هئا. سياري جو وچ ۾ مچ ٻاريندا هئا، پوءِ ان جي چوڌاري مڙي ويهندا هئا. پوڙها ڦانگون هڻي ويهدنا هئا ته سج اُڀاري اُٿندا هئا. ڪچهري اسان جي ملڪ جو مَرَڪ هئي. وقتي ڪنهن وٽ ڪو مزمان ايندو هو ته پاڙي وارا ان وٽ وڃي خبرون چارون پُڇڻ ۽ رهاڻ ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. بعضي ته وندر لاءِ به دل گُهريا اوري پري جا اچي گڏبا هئا. سياري جو باهه جي مچ جي چوڌاري، وسڪاري جو وڻن جي ٿڌڏي ڇانو هيٺ، ۽ اونهاري جو ڪنهن اوطاق جي اڱڻ يا واريءَ جي ٿڌي ريٽ تي ويهي وندر ورونهن ڪندا هئا. جتي هڪ ٻئي کي حال احوال ڏيڻ، ڏک سُور ونڊڻ، اوڀاريون لهواريون هڻڻ، کل ڀوڳ ڪرڻ، ڪافين، ڪلاڪن، ڏوهيڙن، بيتن، ڳجهارتن ۽ لوڙائوُ بيتن سان هڪ ٻئي کي وندرائيندا هئا. وقت بچائي به اهو شڪل جو سواد وٺندا هئا. اهرين مجلسن ۾ مذاق ۽ خوش طبعيءَ لاءِ به مواد هوندو هو، ڇو ته مجلس ۾ گهڻن ئي نمونن جا ماڻهو ايندا آهن، جن مان ڪن کي ڪهڙي ۽ ڪن کي ڪهڙِ وندر مان مزو اچي، تنهنڪري ڪچهريءَ ۾ به نوان نوان نمونا ۽ جدا جدا موضوعن تي ورونهن ٿيندي هئي، جيئن سڀني کي سواد اچي ۽ ڪوبه ڪڪ نه ٿئي. پوءِ وري جيئن نئين هوا لڳي، تيئن شهرن مان اهي ڪچهريون گم ٿي ويون. ڇو ته ڪتاب، ناچ، گانا، ڪلب، سوسائٽيون، ناٽڪ، ريديا، سئنيمائون، وندر جو وسيلو ٿي پيا، پر ٻهراڙين ۾ اڃا رواج آهي پر بلڪل گهٽ. اُهيئي سگهڙ اسان جي ادب، زبان ۽ ثقافت جا محافظ آهن. انهن جا سينا داستانن سان ڀريا پيا آهن. جيڪڏهن اهي سهيڙي سموهي، لٽ لاهي، گڏ ڪجن ته ادب جا انبار ٿي پون. انهيءَ ڪم ۾ ڪا خاص تڪليف به ڪانهي. ”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي“. هن هيٺ ڳوٺاڻي ادب جا ڪي مثال پيش ڪجن ٿا، جن سان ٿري پنهنجي دل وندرائين ٿا. *1- ٿر ۽ مارواڙ ۾ شاهوڪار زالون سون جا ۽ غريب زالون چانديءَ جا زيور پنهنجي حيثيت سارو پائينديون آهن. ”نيٻوري“ هڪ زناني زيور جو نالو آهي، جو ڳچيءَ ۾ پائبو آهي. وچ ۾ سون جو يا چانديءَ جو زيور هوندو اهي ۽ ٻنهي پاسن کان شيشي جا تمام ننڍڙا مڻيا وجهبا آهن. هڪ سُندري رات جو ڀتار سان گڏ سيج تي سُتي هئي، زيور لاهي هنڌ تي وهاڻي جي هيٺان رکيائين. صبح جو سوير اُٿي وڃي پنهنجي گهر جي ڪم ڪار کي لڳي. تڪڙ ۾ اُٿڻ ڪري ٻيا ته زيور سنڀالي پاتائين، پر هڪڙو ڳچيءَ جو زيور نِيٻورِي اُتي ئي وسري ويو. ڪجهه وقت بعد يادگيري پيس، ڏسي ته نِيٻوري آهي ئي ڪانه. تڏهن هيٺين ڳاهه پنهنجي مڙس کي ڏياري موڪليائين. آساڙ مهني اوُپجي، اُس نامِيڻي نامَ، سيجان وسِاري سُندري، لهيجو مورا سام. اوُپجي = پيدا ٿئي، اُس = اُن، نامِيڻي = نالي واري، نامَ = نالو، لَهيجو = ڳولي هٿ ڪجو، مورا = منهنجا، سامَ = ڀتار. آساڙ مهيني ۾ نمن ۾ ٻور لڳندو آهي ۽ نِمُوريون ٿينديون آهن. ٿري ماڻهو نموريءَ کي نيٻوري چون. پنهنجي ڀتار کي چوي ٿي ته مون جيڪو زيرو وساريو آهي، اُن جو نالو اُهو آهي، جي آساڙ مهيني ۾ پيدا ٿين ٿيون. يعني نمن ۾ نموريون، (جن کي نيٻوريون به چئبو آهي) منهنجي زيور جو نالو به اُنهيءَ شيءَ جي نالي جهڙو آهي. اهو زيور مون سيج تي وساريو آهي، جو منهنجا ڀتار! توهان ڳولي هٿ ڪري ڏيو. اها ”ڳاهه“ جڏهن سندس مڙس کي ملي، ت0هن هن ڳاهه جو مطلب سمجهي هنڌ تي جاچ ڪئي ته سيرانديءَ کان نيٻوري پيئي هئي، جا هن سنڀالي رکي ڇڏي. *2- مَلهو نالي هڪڙو سگهڙ مِٺيءَ کان نبي سر پنهنجي دوست پراڳي سان ملڻ لاءِ ويو ٿي. واٽ تي هڪڙي هنڌ ڏسي ته کَٻڙ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ پاڻ گڏ بيٺا آهن. ڪنڊيءَ جو ٿڙ، کٻڙ جي تڙ اندر اهڙيءَ طرح لڪل هو، جو ڏسڻ ۾ نٿي آيو. هيٺان رڳو کٻڙ جو ٿڙ ڏسڻ ۾ آيو ٿي، پر مٿان ڪنڊيءَ جا ٽار اهڙيءَ طرح بيٺا هئا، جو ڄڻ ته کٻڙ جي تڙ تي ڪنڊيءَ جو ٽار اُڀريل آهي. جڏهن ملهو نبي سر پهتو، تڏهن مٿئين حقيقت بابت هڪڙو بيت ٺاهي، پرولي طور پنهنجي دوست پراڳي کي ٻڌايائين، ته ڀڄي ٻُڌاءِ. مِٺي – نبي سر واٽ تي، ڏٺم هڪڙي نار، بيٺل هئي گهاڙوءَ تي، زمين کان هئي ڌار، وجهي ڀاڪر ڀيڻ کي، وڏي ڪوڏ ڪنوار، مَرَڪَ آهي مينهَنَ جو، تڙ جو توُنڏو نهار، ڦڳڻ ۾ ٿي ڦَرجي، ڏڪارن جو ڏاتار، گهڻي کپي هوم ۾، چَونري ۾ چِتار، مُک پرولي ”ملهو“ چئي، ”پراڳي“ کي پهچاءِ، پراڳا سوچي سمجهي، سال ڪري سُڻاءِ. مٺي ۽ نبي سر جي وچ ۾ مونث نالي وارو وڻ بيٺل ڏٺم، جو رستي جي ڪپ تي اهڙيءَ طرح بيٺل هو، ڄڻ ته ڌرتيءَ تي اُڀريل ئي ڪونهي ۽ مٿي بيٺل هو. وڏي اُڪير ۽ محبت سان پاڻ جهڙي مونث نالي واري وڻ سان ڀاڪر وڌل هئي. هن جي هيٺان ڇانوَ ۾ مينهون ويهنديون آهن ۽ کوهه جي تري ۾ اُن جو ڪاٺ ڪم ايندو آهي. ڦڳڻ جي مهيني ۾ ڦرجڻ (ٻُور جي شروعات) لڳندي آهي، جنهن جو ڦل غريب ماڻهو ڏڪار وقت کائي وقت ڪاٽيندا آهن. هندو ماڻهو هَوَنَ ڪرڻ ۽ شآديءَ وقت چُنري ۾ ڪم آڻيندا آهن. اها پرولي ملهي سگهڙ چئي آهي، جا پراڳا تون ڀڃي ٻڌاءِ.) پراڳي اهو ٻڌي ڳولا ڪئي. اونهاري جو مينهون، لٻڙن، نِمن ۽ ڪنڊيءَ جي وڻن هيٺان ويهنديون آهن. کٻڙ ۽ نم ٿر ۾ عام نه آهن. کوهن تي جتي مينهون پاڻي پيئنديون آهن. اتي توڙي جهنگ ۾ ڪنڊيءَ جو وڻ عام آهي. کوهه جي تَي ۾ جو چرک وجهبو آهي، سو به ڪنڊيءَ جي ڪاٺين جو هوندو آهي. ڦڳڻ جي مهيني ۾ ڪنڊيءَ جو ٻُور لڳندو آهي، جنهن مان سڱريون ٿينديون آهن،. غريب ماڻهو پٽي ڀاڄي رڌيندا آهن ۽ پچڻ بعد پاڻ به لائين ۽ مال کي به کارائيندا آهن. ڏڪار جي وقت جڏهن اناج جي قلت هوندي آهي، تڏهن سڱريون سُڪائي، ڪُٽي، اناج سان گڏ پيهي مانيون پڇائي کائيندا آهن. هَوَنَ ۾ ڪنڊيءَ جي ڪاٺي ۽ ڇوڏا ڪم ايندا اهن. ويڏيءَ لاءِ چَونري ٺاهڻ وقت، چئن ڪُنڊن تي جي مِٽيءَ جا مٽڪا هڪ ٻئي مٿان رکندا اهن. انهن جي چوڌاري ٽِ – ٽي ڪاٺيون کوڙيندا آهن، تن مان هڪ ڪاٺي ضرور ڪَنڊيءَ جي هوندي آهي، تنهنڪري اهو وڻ ”ڪَنڊي“ آهي. مالهي اهو ٻڌي کيس آفرين ڏني. *3- هڪ عورت جو مڙس ٻاهر ويل هو. هو موٽي آيو، تڏهن عورت هن جي لاءِ ماني تيار ڪرڻ جو سعيو ڪيو، پر ڏسي ته گهر ۾ ڀاڄيءَ ۾ وجهڻ لاءِ لوڻ ۽ مرچ آهي ئي ڪونه. وقت ڪونه هو جو بازار مان گهرائي. خيال ڪيائين ته پاڙي مان وٺي پورت ڪريان. پر ٻئي شيون هڪڙي هنڌان به گُهرڻ تي دل نٿي ٿيس. سو اُٿي ڀر واري هڪڙي گهر ۾ ويئي ۽ مائيءَ کي چيائين ته: نَدي ڪِناري رُنِکڙو، بينسا سِينگو هوءِ، مين گَهرَ آيا پِرامِڻا، تين گَهَر هوئي تو جوِءِ. يعني نديءَ جي ڪناري تي (مطلب اٿس پاڻي واري هنڌ) روُنکڙو = ٻوٽو ٿيندو آهي. اُن ۾ ڦل بينسا سينگو = مينهن جي سڱ جهڙو وريل ٿيندو آهي. منهنجي گهر منهنجو پِرامِڻا = ڀتار آيو آهي، تو وٽ هجي ته ڏي. عورت سمجهي ويئي، سو يڪدم ”مرچ“ کڻي ڏنائين، اُتان موٽي وري ٻئي گهر ويئي، ۽ مائيءَ کي چيائين ته: ندي ڪناري نيپجي، جيرو سيرو نه ساٽو هوءِ، مين گهر آيا پِرامڻا، تين گهر هوئي تو جوءِ. نيپجي = پيدا ٿئي. جي رو = جنهن جو. سيرو نه ساٽو = حد نه حساب، يعني گهڻو. هوءِ = هجي. اُهي، مين = مون. پرامڻا = مڙس. تين = تنهنجي. هوئي = هجي. تو = ته. جوءِ = ڏس. يعني اهو نديءَ جي ڪناري تي پيدا ٿئي ٿو. جنهن جو ڪو شمار ئي ڪونهي يعني گهڻو ٿئي ٿو، منهنجي گهر منهنجو مڙس آيو آهي، تنهنجي گهر هجي ته ڏي. عورت سمجهو هئي، سو هن ”ڳاهه“ جو مطلب سمجهي ويئي ۽ يڪدم ”لُوڻ“ کڻي ڏنائين، جا وٺي اچي ماني تيار ڪري مڙس کي کارايائين. *4- هڪڙي عورت دلو کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ تلاءُ تي پئي ويئي. مٿان اچي برسات شروع ٿي، تڏهن هلي نه سگهي ۽ ويهي رهي، ۽ ”ڳاهه“ ڏنائين ته: هُون آئي تِنان، تِين جهلي مِنان، تُون ڇڏين مِنان، تو هُون لي جائون تِنان. هُون = آءٌ، تِنا = تولاءِ، تين = تو، مِنان = مون کي، تو = ته، لي = وٺي، جائون = وڃان، تِنان = توکي. سنڌي ترجمو: آءٌ آيس توڏي، تو جهليو مون کي، تون ڇڏين مون کي، ته آءٌ وٺي وڃان توکي. يعني آءٌ دلو پاڻي کڻي پاڻي ڀرڻ آئي هئس، يعني توکي (پاڻي) وٺڻ آئي هئس. پر (برسات اچڻ ڪري) تو مون کي جهلي، يعني روڪي وڌو. هاڻي جي تون مون کي ڇڏين، يعني وسڻ بند ڪرين، جيئن آءٌ هلي سگهان ته آءٌ توکي وٺي وڇان، يعني دلو پاڻي سان ڀري گهر وٺي وڃان. *5- هڪ عورت جي گهر ۾ ٻُهاري ڪانه هئي، سو ڀر واري گهر مان ٻُهاري وٺڻ ويئي، پر اُنهيءَ مائيءَ اڳي ئي ٻُهاري پاتي پئي، تڏهن چوڻ لڳي ته: هوُن آئي لِيڻَ، تون لڳي ڏيڻ، جي ڏئين تو نه لي جائوُن، جي نه ڏئين، تو هوُن لي جائوُن. هُون = آءٌ، ليڻ = وٺڻ، ڏيڻ = پائڻ، ڏئين = پائين، لي جائون = وٺي وڃان. سنڌي ترجمو: آءٌ آيس وٺڻ، تون لڳئين ڏيڻ، جي ڏئين ته نه وٺي وڃان، جي نه ڏئين ته وٺي وڃان. مطلب – آءٌ ٻهاري وٺڻ آيس، پر تون اڳي ئي ٻُهاري پائين پيئي. جي تون ٻُهاري پائين ته آءٌ نه وٺي وڃان، پر جي توپن نه پائين ته آءٌ وٺي وڃان. اڳيان مائي سمجهو هئي، جنهن اهو ٻڌي ٻُهاري پائڻ بند ڪئي ۽ کيس کڻي ڏنائين، جا هو وٺي گهر آئي. *6- هڪڙِ مائيءَ جو مڙس مال چاريندو هو. هو ماني کائي رات جو مال وٽ وٿاڻ تي سمهندو هو، ۽ صبح جو مال پهرائي جهنگ ڏي ويندو هو. سڄٺو ڏينهن مال چاري شام جو موٽِ ايندو هو. مائيءَ جي ڇوڪري ڀر واري ڳوٺ ۾ پرڻايل هئي. ڪو ماڻهو انهيءَ ڳوٺ ڏي وڃڻ لاءِ سنڀريو هو، تنهنڪري مائي خيال ڪيو ته گناتن ڏي ڪا سوکڙي موڪليان. صبح جو مڙس مال پهرائي رواني ٿيڻ تي هو ته کيس هي ڳالهه ڏياري موڪليائين: پاڙ پتلي جا اُنڏو، مٿي لائبا جُهوڙا ڪيس، اَهڙي ڀلي سوُکڙي، سيڻان نان ميلهان ڀيٽ. پتلي = سَنهِڙي، جَرَ = پاڻي، اوُنڏو = اُنهو، لائٻا = ڊگها، جهوُڙا = جهڳٽا، ڪيس = وار، ميلهان = موڪليان. ڀيٽ = سوغات. جنهن وڻ جي پاڙ سنهي آهي ۽ تمام هيٺ وڃي پاتال مان ريج چڪي پهچائي ٿي، ۽ مٿي ڊگها جهڳٽا وارن وانگر اٿس. اهڙي سٺي سوُکڙي وٺي اچجو ته گناتن کي موڪليان. مڙس سمهو هو، موسم به اونهاري جي هئي، تنهنڪري سمجهي ويو ۽ شام جو موٽڻ وقت ڪنڊيءَ جون ”سڱِريون“ وٺي آيو، جي انهيءَ عورت گناتن ڏي ڀيٽ ڪري ڏياري موڪليون. *7- هڪڙا راجا کي هڪ تمام سهڻي، سلڇڻي ۽ سمجهو ڇوڪري هئي. جڏهن لائق ٿي، تڏهين سندس حسن جي هاڪ چوڌاري پکڙجي ويئي. ڪيترائي راجڪمار ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا. انهن مان ڪي سمجهو، سيڻا بهادر هئا ته سندس خانداني حيثيت گهٽ هئي، ۽ جيڪي حيثيت ۾ وڌيڪ هئا ته منجهن ٻيا گڻ ڪونه هئا. راجا کي ڪوبه اهڙو نه سُجهيو، جنهن سان ڇوڪري پرڻائي. منجهانئن ڪي زورآور به هئا خانه جنگي ٿيڻ جو امڪان هو. تنهنڪري راجا بلڪل چنتا ۾ پئجي ويو. ڇوڪري اها حالت ڏسي خيال ڪيو ته متان زبردستي ڪنهن اهڙي جي پَناري وڃي پوان جتي سڄي حياتي زهر سمان گذري، تنهنڪري ڪو اهڙو حيلو ڪجي، جيئن ڪو سلڇڻو ۽ سمجهو ور ملي. کيس هڪ اٽڪل سجهي آئي، ته آءٌ جل ”ڳاهه“ ڏيان، جيڪو سمجهو هوندو سو ڀڃي موڪليندو، ته پوءِ آءٌ انهيءَ سان ادي ڪنديس. اها ڳالهه پنهنجي هڪ سهيليءَ سان ڪيائين، جنهن کي اها رٿ پسند آئي. هن وڃي راجا ۽ راڻيءَ کي ٻڌايو. انهن به اها ڳالهه قبول ڪئي. ڇوڪري هيٺئين ”ڳاهه“ ڏني. راجا پاران ڍنڍورو ڏياريو ويو، ته جيڪو راجڪمار اها ”ڳاهه“ ڀڄي ٻڌائيندو، اُنس ان ڇوڪريءَ جي شادي ڪبي. جِڪي رُونکي پُونءَ نه سَنچِري، پکي نه ٻيسي ڪو، اوُنئان رُونکا را ڦل موڪلي، مانرو ساچو ساجن سو. جڪي = جنهن، جن. رونکي = ٻوٽن. پوُنءَ = پاڻي. سنچري = وهي، هلي، يعني جنهن ۾ پاڻيءَ جو اثر نه هجي. ٻيسي = وهي. اوُنئان = انهن. را = جا. مانرو = منهنجو. ساچو = سچو. ساجن = دوست، پريتوان. جن ٻوٽن کي ريج جي ضرورت نه آهي، ۽ مٿن ڪوبه پکي نٿو ويهي، انهن ٻوٽن جو ڦل، جو مون کي موڪليندو، مان سمجهنديس ته منهنجو سچو دوست اهو آهي، ۽ مان ان سان شادي ڪنديس. اها ”ڳالهه“ ٻڌي ڪيترا ته ويچارا سمجهي نه سگهيا. ڪيترن پنهنجي سمجهه موجب ڀڃي موڪلي، پر ڪوبه سلي نه سگهيو. هڪ خوش نصيب راجڪمار هو، تنهن خيال ڪيو ته جي ٻوٽا ريج کان سواءِ ٿين ٿا، ۽ مٿن ڪوبه پکي نٿو وهي، راجڪماري انهن جو ڦل گهريو آهي، اهو ڦل ڪا رواجي شيءِ نه هوندي، پر راجڪماري جي لائق هوندي. خيال ڪندي ڪندي نيٺ ڳاهه سمجهه ۾ اچي ويس، ته اهڙي شيءِ ”موتي“ آهي، جو ٻوٽي جي پيدائش نه آهي، ۽ کيس ريج جي به ضرورت نه آهي. ۽ جڏهن ٻوٽو ئي نه آهي، ته پوءِ پکيءَ جي ويهڻ جو سوال ئي اجايو آهي، ۽ موتي راجڪماري جي لائق شيءِ به آهي. راجڪمار سمجهو هو. تنهن خيال ڪيو ته راجڪماري فقط سمجهه پرکڻ لاءِ ائين ڪيو آهي. کيس ٻه – چار موتي موڪليان، تنهن کان چڱو آهي ته مان به راجڪماريءَ جي سمجهه جي پرک لهي ڏسان. ڇو نه ڳاهه جو جواب ڳاهه ۾ ڏيان. اهڙِ سمجهو آهي ته پاڻيهي سمجهي ويندي، تنهنڪري جواب ۾ هيٺئين ڳاهه ڏياري موڪيلائينس. ماتا جِڪي رِي مهراڻ، پتا جِڪي رو آڪاس، جهوُنا ڪَهو تو موڪلان، نَوا اَسوءَ ماس. ماتا = ماءُ. جِڪي ري = جنهن جي. مهراڻ = ندي، سمنڊ (اُن کي سمنڊ به سڏيندا هئا.) جڪي رو = جنهن جو. آڪاس = آسمان. ڪَهوتو = چوَ ته. نوا = نوان، اَسوءَ ماس = اسوءَ مهينو. جنهن شيءَ جي ماءُ مهراڻ يعني سمنڊ، ۽ پيءُ آسمان آهي، جهونا چَو ته موڪليان، نوان اَسوءَ مهيني ۾ ٿيندا. موتي سپن ۾ ٿيندا آهن، جي سمنڊ ۾ رهنديون آهن. سمنڊ ڄڻ ته موتين جي ماءُ آهن ۽ اُن جو پيءُ آسمان آهي. ڇو ته جڏهن اسوءَ مهيني جي برسات جو ڦڙو، سپ جي پيٽ ۾ ويندو آهي، تڏهين موتي پيدا ٿيندو آهي. چَئين ته جهونا موتي ڏياري موڪليان، پر جي نوان کپنئي ته اُهي اَسوءَ مهيني ۾ ٿيندا. جڏهن اهو جواب راجمڪاري4 کي پهتو ته راجڪماري سمجهي ويئي، ته ڳاهه جو جواب راجڪمار پورو موڪليو آهي، ۽ اهو منهنجي ور ٿيڻ جي لائق اهي. راجا پنهنجي قول موجب ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏي. *8- ٻنيءَ ۾ لابارو شروع ٿيو هو. مرد ماڻهو صبح جو سوير روانا ٿي ويا هئا. سَس ۽ نُنهن ماني تيار ڪري ڀتو کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿيون. گهر ۾ ڏسن ته ”ڏاٽو“ ڪونه آهي. سس ننهن کي ڇيو ته پاڙي ۾ وڃي ڪنهن کان ڏاتو وٺي اچ، ته هلون. پر اچج تڪڙي، جيئن سويل ئي هلي پهچون. نُنهن ڀر واري گهر ۾ ويئي ۽ مائيءَ کي چيائين ته: اُڌ ڪارو مُک وَنِڙو، سورِهه بيسان ڏَنتَ، تان گهر هوئي تو ڏيجو، مانري ساسُو ساڏ ڪرنت. مک = مُنهن. ونڪوڙو = وريل، ڪمان وانگر. سورهه = سورهن. بيسان = ويهوُن. ڏنت = ند، ڏندا. تان = تنهنجي. هوئي = هجي. تو = ته، ڏيجو = ڏجو، ڏج. مانري = منهنجي. ساسُو = سس. ساڏ = سڏ. ڪرنت = ڪندي. جنهن شيءِ جو اڌ ڪارو آهي (لوهه وارو ڀاڱو ڪارو، ۽ هٿ ۾ جهلڻ جو هٿيو ڪاٺ جو هوندو آهي، جو رنگين يا اڇو ٿيندو آهي.) منهن ڪمان وانگر وريل آهي ۽ سورهن ويهون يعني گهڻا ڏندا آهن، اها شيءَ تنهنجي گهر هجي ته ڏج، ڇو ته اسين ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ سنڀريل آهيون. منهنجي سس تيار ٿي بيٺي آهي ۽ مون کي سڏي رهي آهي. مائي ”ڳاهه“ جو مطلب سمجهي ويئي ۽ کيس ”ڏاٽو“ کڻي ڏنائين، جا وٺي موٽي آئي ۽ سس سان گڏجي ٻنيءَ تي وڃي لابارو ڪيائين. ٻارن جي دنيا ٻارن جي دنيا عجيب آهي. وڏن کي وندر کپي ته ٻارن کي به وندر کپي. ننڍڙا ٻار جڏهين پاڻ ۾ گڏجي راند ڪندا اهن، تڏهن پنهنجي وندر لاءِ عجيب و غريب نوان نوان شغل پيدا ڪندا اهن. پروليون ڏيندا ۽ ڀڃندا آهن. ۽ هيٺئين نموني هڪڙي ٻار سوال چوندو آهي، ته ٻيا وري ان جو ٺهڪندڙ جواب ڏيندا آهن. سوال: اُڀ راڳي ڏيو. جواب: ڍڪڻيءَ ۾ ڍوڪريون، اُڀ راڳين ڇوڪريون. سوال: ٻليءَ کي ٻُندلا پهرائي ڏيو. جواب: ليٽ ليٽ گُندلا، ٻلي پهريا ٻُندلا. سوال: شينهن کي جاما پهرائي ڏيو. جواب: اُکري ۾ آما، شينهن پهريا جاما. سوال: شينهن کي سوڙ اوڍائي ڏيو. جواب: اُتر مان ٿي گوڙ، شينهن اوڍي سوڙ. سوال: شينهن کي ڀَت کارائي ڏيو. جواب: روهِي تي رت، شينهن کاڌو ڀت. سوال: شينهن کي سمهاري ڏيو. جواب: سڻ آهي ڀُتو، شينهن آهي سُتو. سوال: شينهن کي ماني کارائي ڏيو. جواب: ڀت ۾ ڪاني، شينهن کاڌي ماني. سوال: سَس نُنهن ۾ وير وجهي ڏيو. جواب: اُکري ۾ ڪير، سس ننهن ۾ پيو وير. سوال: سس ننهن جو سُنپَ (محبت) ڪرائي ڏيو. جواب: اُکري ۾ لَنپَ، سس ننهن ۾ ٿيو سنپ. سوال: مولهي اُٺ ميڙي ڏيو. جواب: ساڪرو ڏورو سيريان، مولهي اُٺ ميڙيان. سوال: کوهه مان ڍيرا ڪڍي ڏيو. جواب: ماما کاڌا ڦيرا، کوهه مان ڪڍيا ڍيرا. سوال: سهيي سون گهڙائي ڏيو. جواب: اَڪ ٻري ڏيو ٻري، سهو ويٺو سون گهڙي. سوال: درياءُ ۾ دونهون دکائي ڏيو. جواب: چار گابا اَڙي واڙي، پنجون گابو سوُنهون پاڻي کي جوت لڳي، درياءُ ۾ ٿيو دونهون. سوال: سسي ري سانداري لائي، بَهاتو پاڻي پيئارو. جواب: جو ساڻي سين جوسِي هليو، نام اوئي روجيئو، سَسي ري تو سانداري لايو، بَهاتو پاڻي پيئو. مولهي اُٺ = پوڙهي ڏاچي. نام = نالو. اُوني رو = هن جو. لايو = آندائين. بَهاتو = هلندڙ. سوال: رڍ کي رُسائي ڏيو. جواب: ديڳڙي ۾ پُسي، رڍ آهي رُسي سوال: ڪڪڙ کي ڪانچ (سُٿڻ) پهرائي ڏيو. جواب: اُتر لڳي وانچ، ڪڪڙ پهري ڪانچ. سوال: ٻلي پُٺِيو پهرائي ڏيو. جواب: چُلهه مٿي مٺيو، ٻلي پهريو پُٺيو. سوال: ڏيڏري کي ڏُهي ڏيو. جواب: سياري ۾ سيءَ مري اونهاري ۾ اُوهان، لوٽڪي کڻي ڇيڪا آئو، ڏيڏري نان ڏوهان. سوال: پلي کي پاڻي پياري ڏيو. جواب: آڏ لَڪَڙ، اُوڀ لَڪڙ، لَڪڙ ۾ مُنارو، سامهون آيو تارو، تاري ڏني مُٺ، سامهون آيو اُٺ، اُٺ ڪئي گوڙ، سامهون آيو چور، چور هنئي تاڙي، سامهون آئي ماري، ماڙي تي کلو، پاڻي پيئي پلو. *پروليون: ٿر جي هندن ۾ لُهاڻن کان سواءِ ٻين سڀني جي ٻولي ڍاٽڪي آهي. لهاڻن ۽ مسلمانن جي ٻولي سنڌي آهي. جيتوڻيڪ هو ڍاٽڪي به سمجهندا آهن ۽ بعضي ڳالهائيندا به آهن، تنهنڪري نموني طور ٿوريون پروليون ڍاٽڪي ٻولي جون ۽ ڪي سنڌي ٻولي جون به هت ڏجن ٿيون: 1- اَڇي چُني اڇو پيٽ، هلي چُني ننگر ٺيٺ. 2- وڏو پکي لُرڙَ، جنهن جي ڇهنب آهي چُرڙ، جنهن جو مٿو آهي مُردار، ۽ ڍوُنڍَ وڏي خبردار، 3- اَڇو قُبو الله جو، جنهن کي دري نڪو در. 4- سائو جهاڙ، پر پَنن جو ڏڪار، ڦل آهي سهڻو، جهڙو سوپاري جو ٻار، 5- ٿو ٿو لَڪَڙَ ٿَلَهِڪي، سارو ڳوٺ ٻَلَهِڪي. 6- رَتِڪَي ڇاڙِي، رڻ ۾ بيائي چوپڙي هَٿي ٻَڙِهي چَکائي، 7- اَڏَيو ڇوڪرو، سؤڏُگلا پهري، سَؤ ڏُگلا اُتاري. 8- اَڏڪي مِنِڪِي راجا نان رُئاڙي. 9- رَتو ڏُٻو رنگ ڀريو، آڀي ۾ تو جائي، راجا پُڇي راڻي نان، ڪيهو جانور جائي، 10- مُک پکِيڻي بَڇڙي، ٿَڻان پَکيڻي گاءِ، مومل پُڇي ڙي مينڌرا، نت نت لِيهي جاءِ. 11- چاري جاڻي چالهه جهلي، ست اوُئي را چاري، سورهان روپَلو لگو، اڃا اَڪَنَ ڪُنواري. 12- ڪاري چِڙي ڪَٽوُنٻڙي، سُڪا لَڪَڙَ کائي، پاڻي ڏيکي پَڇِي وري شينهان نان سُمهي جائي. 13- ڪاري ڪُڪڙ دمڪدار، آنا لاهي سَؤ هزار. 14- اُٺ ڪرنگهو، پاساڙا ڦِنجا، لٺون لڳن هڪڙن کي ڪوُڪوُن ڪَن ٻيا، هوُ يار ٽيان، جي جر هاريندي ويا. 15- پڌري پٽ ۾ تِلَ جڏِي تَرائي، هاٿي پيئن، گهوڙا ويئن، پيئن لوگ لُگائي، هيڪ نه پيئي پکيئڙو جِڪي ري هُهنچ ۾ چترائي. 16- چار اُنَها، ڇار ٺَڍا، چار نيڻان نير جَهري، ٻارهان پگان رومِر گهلو، ڌارو ڌار ڦري. 17- هَٽا وارو جوڳي، پر مرد به نه آهي، ٻچو اٿس پيٽ ۾ پر زال به نه آهي، پاڻي اٿس پيٽ ۾ پر دلو به نه آهي، ٻڌايو ته ڇا آهي؟ 18- ٻاڪا ڦاڙيو ٻه ڄڻا، گڏو گڏ رهن، کريون کوٽيوُن خبرون هر هر ٻڌائين، اُڀِريُون سَڀِريُون ڪجهه نه لڪائين. 19- هڪ سَس، سورهن نوهون، پٽ گهر چار، بنان پيرن هلي چلي، ٻڌايو ڪري ويچار. 20- هڻان هيٺ، وڃي مٿي. پرولين ۾ ڪم آيل لفظن جي معنيٰ: ٿوٿو = پورو. لڪڙ = ڪاٺ. ٿلڪي = لرزش ۾ اُچي، ڌڏي. ٻلهلي = وڄي، اِڏيو = هيڏڙو، ننڍڙو. ڏُگلو = پائڻ جو ڪپڙو. اِڏڪي = ننڍڙي. مِنڪي = ڇوڪري. نان = کي. رَتو = ڳاڙهو. آڀو = اُڀ، آسمان. ڪيهو = ڪهڙو. جناور = جانور. جائي = وڃي. پَليڻي = کان سواءِ. بَڇڙي = گابي. ليهي = ڌائي. اوئي را = هن جا. چاري = چوڪيدار. اَڪَنَ = صفا. پَڇي = پوئتي. سُمهي = سامهون. لُگائي= زال. جِڪي رِي = جنهن جي. اُنها = ڪوسا. ٺَڍا = ٿڌا. ٻاڪا = واحد. ٻاڪو = وات. ڀڃڻيون: (1) ڪاغذ جي چٺي. (2) حقو. (3) پکي جو آنو. (4) ڪِرڙ جو ڏونرو. (5) دُهل. (6) پيرُون. (7) بصر. (8) مرچ. (9) سج. (10) سرميداڻي. (11) چونپڙ راند (12) بندوق. (13) اُڀ ۽ تارا. (14) هُرلو. (15) پِستان يا بُبا. (16) سال. (17) ناريل. (18) ڪن. (19) چونپڙ راند. (20) بال. * ڪي ٻار هن نموني جي وندر ڪندا آهن. هڪڙو چوندو ٻيا ويهي ٻڌندا. هيڪ تارو، ٻيجو تارو، گَگهِن ڇيڪارو، گَگهَن مِنان گهوڙو ڏنو، گهوڙو مين واڙ ۾ ٻَڌيو، واڙ مِنان ڪَنٽو ڏنو، ڪَنٽو مين چُلهي ۾ گهَتيو، چُلهي مِنان روٽيو ڏنو، روٽيو مين سِرک ري پَلي رکيو، سِيرک ٻائي روٽيو ڪيٿ، رويو اوُنڏر لي گيا: اوُنڏر ڪيٿَ – ٻلي ٻيٺا، ٻِل ڪيٿَ – پاڻيءَ ڀريا، پاڻي ڪيٿ – ٻَڙڌي پِئو، ٻَڙڌ ڪيٿ – هَران ۾ جوتريا، هَر ڪيٿ – ٻاجهرين وائين، ٻاجهرين ڪيٿ – ڪوٺيان ۾ گهتين، ڪوٺين ڪيٿ – ميهَه ڊوڙِهين، ميهه ڪيٿ – جيٿ تيت. هيڪ = هڪ. ٻِيجو = ٻه. ڇيڪارو = هرڻ. مِنان = مون کي. ڪنٽو = ڪنڊو. گهَتيو = وڌو. روٽيو = لولو. سِيرک = سَوڙَ. ڪيٿَ = ڪٿي. اوُنڏر = ڪُئا. لي گِيا = وٺي ويا. ٻِلي = ٻِرَنَ ۾،. ٻَڙڌ = ڍڳا. هَران = هر. جوتريا = ٻڌا. جوٽيا. وائين = پوکيون. ڪوٺيون = گُنديون. گهٽين = وڌيون. ميهه = برسات. ڊوڙهين = ڊاٺيون. جيٿ تيت = جتي ڪٿي. (1) مون ٿر جا ڪافي ”لوڪ گيت“ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڊائريڪٽر سنڌي لوڪ ادب اسڪيم کي لکي موڪليا هئا، جن مان 34 لوڪ گيت، لوڪ ادب سلسلي جي 17 نمبر ڪتاب ”لوگ گيت“ ۾ درج ٿيل آهن. ڪي ٿورا نموني طور هت ڏجن ٿا. (رائچند راٺوڙ) باب ويهون ڀرم ۽ وهم ٿر جا هندو مسلمانن کان وڌيڪ ڀرمي آهن. هو ڄمڻ، مرڻ، ڪنهن به ڪم تي وڃن، بيماري، ڌنڌي، واپار، مڱڻي، شادي ۽ مسافري وغيره هر ڪنهن حالت ۾ چڱو ڏينهن، وار، تٿ وغيره جو پچار ڪندا آهن. اُن لاءِ برهمڻن ۽ گُرڙن کان پڇندا آهن، جي کين ٽپڻو ۽ جوتش جا ڪتاب ڏسي ڏس ڏيندا آهن. اهو ڌنڌو برهمڻ، گرڙا، جوتشي، ڀوپا، جهاڙون وجهندڙ ۽ ٽوٽڪائي ماڻهو ڪندا آهن، جنهن ڪري اڻ پڙهيل عوام ۾ انهن جو ڏاڍوقدر آهي ۽ ڪيتريون ڳالهيون عام هئڻ ڪري وڏن کي ڏسندي ننڍا از خود سکي ويندا آهن. زالون ننڍي ٻار کي نراڙ تي تَئي جي ڪاراڻ جو ننڍو داغ ڪنديون آهن ته نظر نه لڳي. ٻار ڪجهه ڪوماڻيل حالت ۾ ڏسنديون يا اکيلو ٿيو ۽ اُلٽي وغيره ڪيائين ته جهاڙ وجهائينديون يا ڌاڳو وٽائي ٻڌنديون. نظر جو شڪ پين ته جهاڙ وجهائينديون پاڻي پڙهائي بدن ۽ منهن ي لائي ڪجهه پيارينديون. ٿورو اٽو ڳوهي، ان مان ماڻهوءَ جو بوتو ٺاهي، ٻار جي قد جيڏو ڪچي سُٽ جو ڌاڳو ڪڇي، اڻ بوتي تي ويڙهي، چُلهه جي ڪوسي ڪِر ۾ پورينديون. جي ڌاڳو نه سڙيو ته چونديون نظر جو اثر هو، جو ان ععمل بعد هليو ويو. يا ڦٽڪي ٻار تان گهوري چُلهه ۾ چڙهيل دانگي تي رکنديون. ائين ڪرڻ سان ڦلو ٿي پوندو، تڏهين چونديون ته هاڻي بدنظر جو اثر هليو ويو. ٻار رات جو اوچتو رڙ ڪري اُٿيو ته چونديون ڊنو آهي. ان لاءِ اَسر ۽ نماشام جو ڇا ڪنديون جو ٺڪر جي تباڪ (طباخ) ۾ ٽي چار ٻرندڙ ٽانڊا رکي ان جي مٿانٺڪر جي لوٽي اونڌي رکنديون، جيئن ٽانڊا سڀ لوٽي ۾ پون. پوءِ لوٽي جي مٿان زناني جتيءَ جو پادر اُبتو رکي، مٿان لوهه جي اٿلاڻي رکي، اُن تي ٻار جو ساڄو هٿ رکائي مٿان پاڻي جو لوٽو هارينديون، ته پاڻي سڀ اونڌي لوٽي ۾ بُڙ بُڙ ڪري چڙهي ويندو، تڏهين چونديون ته ٻار برابر ڊنو آهي، جو اونڌي لوٽِ ۾ پاڻي چڙهي ويو. انهيءَ کي ”گهڙلو“ چون. (نه ته حقيقت ڪري باهه جي سيڪ سبب لوٽي جي هوا ختم ٿيڻ ڪري خال ٿيو پوي. اهو خال ڀرڻ لاءِ ٻاهرين هوا جي داٻ جي ڪري پاڻي مٿي چڙهيو وڃي.) رات جو گگهه پکي (چٻرو) ڪنهن جي جاءِ تي، يا پاڙي ۾ ڪنهن وڻ تي ويهي ٻوليو ته اهو نڀاڳو سمجهن. ان لاءِ جي بندوق هوندي ته ڇوڙي ٺڪاءُ ڪرائيندا، جيئن ڊڄي اُڏامي وڃي ۽ وري نه اچي. سهاڳڻ زال سهائي آرتوار، منگل يا وسپت تي مٿي ۾ ميٽ وجهي نه وهنجي. پُٽ رات جو ڏند ڪَرٽي ته چون ڀاڳ وارو آهي، پر جي ڌيءَ ڪَرٽي ته چون نڀاڳي اهي. ان لاءِ ڇا ڪن جو رات جو ڪنهن کوه جي سارڻ مان ڪو ڀتر آڻي سندس سيراندي کان رکن. زال جي ڏائي اک ڦرڪي ۽ مرد جي ساڄي اک ڦرڪي ته چڱو، ان جي ابتڙ ٿئي ته بڇرو سمجهن. ان لاءِ ڇا ڪن جو ڪک جو ننڍو ٽڪر کڻي وات سان چٻاڙي اک تي رکن، جيئن وري نه ڦَرڪي. رات جو ڪُتو اونائي ته چون نڀاڳو آهي. انهي ڪري ڪا بيماري پوندي يا اوچتي آفت ايندي. جيڪڏهن ڪنهن ٻار جو ڪو عضوو سڪي ويو يا طاقت کان خارج ٿيو ته چوندا. ڇَرَيو آهي ۽ هن تي اُپَرلين (پَريَن) جي ڇانو ٿي آهي، اُوپرليون يعني اُوپَر = مٿان هلندڙ يعني پَريُون. سندن عقيدو آهي ته پَريُون رات جو آسمان ۾ اُڏامنديون وتنديون آهن، سو جي ٻار ٻاهر سنئون ستل هوندو ۽ مٿان پَريون لنگهيون ته انهن جو پاڇو پوندو ۽ ٻار سُڪي پوندو، يا ڪو عضوو سڪندو يا ڪونه ڪو عيب ضرور ٿيندو. ساڄي هٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي ته چوندا ته پئسا ملندا. رات جو تپ اچي ته ان کي چور تپ چون. ان لاءِ ڪنهن چور کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي ته تپ لهي ويندو وغيره. اهڙيءَ طرح ڪئين ڀرم آهن، جن جو جيڪڏهن تفصيل ويهي لکجي ته الڳ ڪتاب ٿي پوي، تنهنڪري هتي فقط ڪي ٿورا مختصر طور لکيا ويا آهن. قبر پرستي ۽ ٿانَ ٿر جي عوام ۾ بي علمي سبب انڌ شرڌا گهڻي آهي. گهڻو ڪري ڳوٺن جي ڀرسان سڀڪنهن هنڌ ٻه ٽي يا وڌيڪ اهڙا هنڌ هوندا جتي لوڙها ڏنل هوندا ۽ جهنگ ۾ به ڏسبو ته ڪٿي ڪٿي هنڌ اهڙا ڏسبا جن مان ڪنهن هنڌ قبر هوندي، ڪٿي وڏو ڪَندو هوندو، ڪٿي وڏو ڄار يا ڪرڙ جو وڻ هوندو ته اُن جي چوڌاري لوڙهو ڏنل هوندو. ڪن قبرن جي مٿان پکا به رکيل هوندا آهن، جيتوڻيڪ ڪيترن اهڙن هنڌن بابت ماڻهن کي پوري خبر به ڪانهي ته انهن قبرن ۽ وڻن وٽ ڇا آهي، يا اُهي ڪنهن جون آهن، ۽ اُهي لوڙها ڪنهن ڏنا آهن. ۽ ڪڏهن کان ڏنل آهن، ته به ڪونه ڪو مقرر نالو، پير، فقير، سامي، ساڌءَ جو ضرور رکيل هوندو، جنهن نالي سان اُن کي سڀڪو پيو سڏيندو. مسلمان هوندو ته قبر جي ڀرسان پنج ست ڪونرا رڱکيل ۽ وڻ ۾ ڌڄائون ٻڌل هونديون ۽ ڪنهن نه ڪنهن پير، درويش فقير جو نالو رکيل هوندو، ۽ جي هندو هوندو ته پاڙيئو وغيره ٺهيل هوندو يا فقط ڌڄائون ٻڌل هونديون ڪن هنڌن تي مٽيءَ جا کُڏلا ٺهيل هوندا ۽ ڪنهن پير، ساڌو، يا سامي جو نالو رکيل هوندو ۽ ان کي ٿانَ سڏيندا. ڪيترا انهن جا ڀوپا ۽ پائوريا ٿيندا آهن، جي اٻوجهن کي ڏٽا ڏيئي ڪرامتن جون ڳالهيون ٻڌائي پيا ڦريندا آهن. پوءِ عوام تي اهڙو اثر ٿيو وڃي جو ڪو واٽهڙو اتان اچي لنگهيو، ته جُتي لاهي وڏي صدق سان ڪنڌ نمائي پوءِ اڳتي ويندو. جي ڪا ڄڃ اتان اچي لانگهائو ٿي، ته يڪدم وهٽ ويهاري هيٺ لهي کارڪون يا ڳڙ ذرو قبر جي ٿان تي رکي باقي پاڻ ۾ ورهائي، ڪنڌ نمائي پوءِ چڙهي روانا ٿيندا. ڪي اڪيلا ماڻهو ته بعضي رات جو اهڙن هنڌن کان ڪجهه پاسو ڏيئي لنگهندا آهن. ٿر ۾ اگهائي سگهائي يا ٿوري به تڪيلف وقت ڪنهن نه ڪنهن پير فقير يا سامي جي باس باسڻ جو رواج آهي. ڪو بيمار ٿيو يا ڪنهن کي اولاد نه هوندو ته اولاد لاءِ يا ڌيون هونديون ته پُٽ ڄمڻ لاءِ، ڪو دل جو مقصد پورو ٿيڻ لاءِ باسون باسيندا آهن. پوءِ مقرر وقت تي وڃي زيارت ڪري باسيل جاتون چاڙهيندا آهن. ڪي پتاشا، ڳڙ،. مٺايون ورهائين، ڪي ٻڪر گهيٽا، بلڪ ڪي پاڏا ڪُهي خيراتون ڪن. ٻارن جا جهنڊ لهرائين يا وارن جي چڳ وڍي رکن. ڪاري، اڇي يا ڳاڙهي اڳڙي جي ڌڄا ٺاهي ٻڌندا ۽ ڪجهه روڪڙ به نذرانو رکندا، جا انهن جا ڀوپا ۽ پائوريا کڻندا آهن. قبر جي خاڪ (مٽي) کڻي ڪجهه پاڻ کائيندا ۽ ڪجهه گهر ۾ رکندا جا اويل سويل ڪو ڀاتي يا اوڙي پاي جو بيمار ٿيو ته انهن کي وات ۾ وجهندا يا پاڻيءَ ۾ وجهي پياريندا. ڪيترا ماڻهو ته ڊگهيون مسافريون ڪري، تڪليفون سهي، پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي، ڀاڙا خرچ ڪري، يا پيرين پيادا، اڪيلا بعضي ٻارين ٻچي جاتون چاڙهڻ ايندا آهن. پوءِ اچي قبرن يا اهڙن هنڌنم تي واس ڌوپ ڪري پَڙَ (ڪپڙي جو ٽڪر) ۽ ڌڄائون چاڙهين. ڪٿي ڪٿي ته چڱي پيماني تي سائين مقرر ڏينهن تي ميلا به لڳندا آهن، جتي ڪيترا زيارتي ۽ تماشبين اچي گڏ ٿيندا آهن. انهن ميلن جو احوال مان اڳ ۾ باب ارڙهين ۾ ڏئي آيو آهيان. ڪيترن ڳوٺن جي ماڻهن تي اهي اثر ايتريقدر آهن، جو جديد دنيا جي ماڻهن کي اعتبار ئي ڪونه ايندو ته ڪو سچ پچ ائين هوندو. هن هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو، جا بلڪل صحيح حقيقت آهي. ڇاڇري تعلقي ۾ ڳوٺ ڇيلهار کان 6 ميل پري، مٺي ڏي ويندڙ شاهي رستي تي هڪ ڪڍي مٽيءَ جو کُڏڌ (ڪوٺي) ٺهيل آهي. جنهن کي ”مالهڻ جو مَڙهَه“ چوندا آهن. اُتي سال به سال ننڍي پيماني تي ميلو به لڳندو آهي. ڀرسان هريار جو ڳوٺ ميل پنڌ تي آهي، جتي ٺڪر مالهڻ جو ڀوپو به رهندو آهي. جنهن وٽ مالهڻ جون مورتيون هڪ پيتيءَ ۾ بند ٿيل رهنديون آهن، جنهن کي ڪلف ڏنل هوندو آهي. ڀوپو ميلي واري ڏينهن اُها پيتي کڻي ايندو آهي. ماڻهو چون ٿا ته پوڄا وقت پيتي ڀرسان رکي ڌوپ ڪبو آهي ته ڪلف ازخود وڃي پري پوندو آهي. پوءِ مورتيون ڪڍي ٻاهر رکبيون آهن ۽ ماڻهو زيارت ڪندا آهن. ڳوٺ وارن تي ايترو اثر آهي جو مٽي جي ڇڪي سِر ته بجاءِ، پر ڪچي سر وجهي پنهنجي رهڻ لاءِ ڀت سان ڪوٺي يا ڀت سان چونرو ڪونه ٺاهين، تنهنڪري سڄي ڳوٺ ۾ ڪابه ڪوٺي يعني مٽيءَ جو کڏ ڪونه آهي. ڇونرن کي ڀت جي بدران ڪاٺين جي پارهائي هوندي آهي. ۽ جاءِ کي ڪوبه دروازو ڪونه چاڙهين. فقط در تي ڍنگهر ڏيو ڇڏين. مالهڻ جي مڙهه واري هنڌ ۽ چوڌاري ڪجهه پنڌ تائين سڄي جهنگ ۾ ڪنهن وڻ مان ڪابه ڪاٺي ڪونه وڍين. ماڻهن کي اهو يقين آهي ته مٿين ڳالهين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪري اسان کي ڪونه ڪو نقصان پوندو ۽ تڪليف هيٺ اينداسون. تنهنڪري وڏن کان جو دستور هليو اچي، سو پاڻ به ان جي پيروي ڪندا اچن. ڪيترن هنڌن پاڙن ۾ يا ڪن گهرن ۾ اهڙا ٿانَ ٺهيل آهن، جن تي چنڊ، يارهين، اُماس يا ٻين مقرر ڏينهن تي وڄا ڪبي آهي. اهي ٿانَ کيترپال، چانڊ، مالهڻ، ٻائو، اُپرليون، ڌڻياڻيون، مائوجي جوڳڻيون، ماتاجي، پاٻُو، پورسو، ڪارو نانگ ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا ٿيندا آهن. ’ٻاٻُو‘ خاص ڀيل قوم جو ڏيوُ آهي. ’مائوجي‘، ’ماتاجي‘، ’کيترپال’، برهمڻ، مهيشوري، مالهي، سوٽهڙ وغيره جو ڏيوُ آهي. اهڙيءَ طرح ڪي خاص ذاتيون، خاص ڏيوَن کي، ۽ سڀيئي مٿين ڏيوَن مان ڪنهن نه ڪنهن کي مڃيندا ۽ عام طرح پوڄا ڪندا آهن. مُقام ۽ مساڻ مسلمان لاشو مقام ۾ پوريندا آهن. ڪن ڪن ڳوٺن ۾ ڪي اوليائن جون تُربتون هونديون آهن، جن جي چوڌاري لوڙهو ڏيئي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ ڳوٺ وارا لاشا اُتي وڃي پوريندا آهن. گهڻو ڪري تربتون پڪين سرن سان ٺهرائيندا آهن. اُهي سرون ننڍيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. جي ڪنڀر نهائينءَ ۾ پچائيندا آهن. رواجي طرح تربت ٺهرائڻ لاءِ پنهنجي آهت واري ڪڀار کي چئبو، جو سِرون پچائي تربت ٺاهي ڏيندو، جي فقط مٽيءَ جي گاري سان سرون چنبڙيل هونديون، سيمينٽ وغيره ڪيل نه هوندو. ان لاءِ کيس هوند سارو لونگي، اجرڪ ۽ ڪجهه ڏوڪڙ ڏبا. جي ڌُڻودِي هوندو ته ٻَڪري يا وهڙِي ۽ ڪو ڪپڙو، لونگي، اجرڪ يا گهر جي لاءِ چُني ڏيندو. ڪي شآهوڪار مسلمان پنهنجن وڏن جون تربتون بلڪل عاليشان پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ڪافي خرچ ڪري ٺهرائيندا اهن. ڪيترن پيرن، فقيرن ۽ درويشن ۽ ٻين جون عاليشان تربتون ٺهيل آهن. مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي لاشو پوريندا آهن. ڪي ورلي اڙيندا به آهن. مقام کي لوڙهو ڪونه ڏين، ڪي مينگهواڙ ڪنڀارن کان قبرون ٺهرائيندا آهن. برهمڻ، مهيشوري، ٺُڪر، سوٽهڙ، لهاڻا سونارا، وَرتيئا مڙدا ساڙيندا آهن. اهي مقام کي مساڻ چون. هر ڪنهن قوم کي پنهنجو مساڻ جدا هوندو آهي، جنهن کي لوڙهو وغيره ڪونه ڏين. برهمڻن، مهيشورين ۽ لهاڻن مان تمام ورلي ڪو ساڌو سنت يا فقير تن هوندو ته ان لاءِ چکيا واري هنڌ تي پڪ سرو يادگار ٺهرائيندا، جنهن کي ”ڏيهڙو“ يا ”پارئيو“ چوندا اهن، نه ته عام طرح ڪجهه ڪونه ٺهرائين. ٺڪرن ۾ ڪو چڱو بيٺل ماڻهو هوندو، ته ان جي يادگار لاءِ پٿر جو چورس ٿنڀي جهڙو پنج – ست فوٽ ڊگهو پائو تيار ڪرائي مٿس ڪا نشاني اُڪرائي مقام ۾ چکيا واري هنڌ زمين ۾ اُڀو کوڙي ڇڏيندا آهن، جنهن کي ”لوهَرٽِي“ چوندا آهن. ٺڪرن جي مقامن ۾ اڪثر لوهرٽيون ڏسبيون آهن. اُهي اڳئين وقت جون آهن. هاڻي ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪو اهڙو مثال ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو آهي. چوڌاري لوڙهو وغيره ڪونه ڏين. ٻاوا يا سامي پنهنجن گهرن جي ڀرسان ڪنهن گوشائتي هنڌ تي مُڙدن رکڻ لاءِ ڪو ٽڪرو مقرر ڪندا اهن، جتي کڏ کڻي اندران لنبي، لاشي کي لوڻ ڏيئي اندر ويهاي، ڄاڙي جي هيٺان ڪاٺيءَ جي ٽڪر جو ٽيڪو ڏيئي (جنهن کي پائوڙي چون) مٿان نالي ماتر ڪچي مٽي جو نشان ٺاهي ڇڏيندا آهن. مڙدن جو نيڪال مسلمان لاشي کي وهنجاري اڇي ڪپڙي جو ڪفن ڏيئي، مُردن جي حالت ۾ مٿان اجرڪ، ۽ سهاڳڻ زال جي حالت ۾ چُني، نه ته رواجي ڪپڙو وجهي ڪاٺي جي مَنجڻ ٺاهي، مٿان ڪک ۽ ڪپڙو وجهي لاشو ڪلهن تي رکي ڪافي ڪانڌي گڏجي کڻي وڃي مقام ۾ اسلامي رسمن موجب پورين. قبر کوٽي ان جي پاسي ۾ پور (خال) ڪندا اهن، جنهن کي ”ڳجهه“ چوندا آهن. اها سرن سان تيار ڪري ان ۾ لاشو رکي چڱيءَ طرح بند ڪري، باقي قبر واريءَ سان اهڙيءَ طرح لٽي ڇڏين، جيئن لاشو سلامت پيو هجي، ۽ ان تي واري نه پوي. اهي لاشو پنهنجي ئي مقام ۾ پوريندا آهن. اتفاقاً جي ڪنهن ٻئي هنڌ فوت ٿي پيو، ته به لاشو کڻي ايندا اهن، نه ته ڪنهن مقرر مُدي تائين امانت طور پوري ايندا. پوءِ مدي تي يا اڳ ۾ کڻي اچي پنهنجي مقام ۾ پوريندا آهن. انهيءَ وچ ۾ لاشو خراب نه ٿيندو آهي. چوندا آهن ته ”اَماڻ ڌرتي به نه رکي.“ برهمڻ، مهيشوري، سونارا، سوٽهڙ، مالهي ۽ لهاڻا مڙدي کي وهنجاري ڪفن ڏيئي ڪائي تي کڻي وڃي مساڻ ۾ ڪاٺين تي ساڙيندا آهن، جنهن کي چکيا چون. لاشي سان ڪانڌي مقام تي وڃن، جنهن کي ”سَرَ وڃڻ“ چون. چکيا کي تيلي ڏيندا آهن. جنهن کي ”سَرَ وڃڻ“ چون. چکيا کي تيلي ڏيندا آهن، جنهن کي ”لائپُوئو“ چون. ڪي پڄنديءَ وارا چندن جون ڪاٺيون ۽ ناريل به چکيا ۾ وجهندا آهن. اهي مقام کي مساڻ سڏين. ننڍن ٻارن کي پوريندا آهن. لاشي کي ساڙڻ بعد ٽئين ڏينهن سڙيل هڏا رک ميڙي کڻي اچن. اڳي گنگانديءَ ۾ وجهڻ لاءِ کڻي ويندا هئا يا ٽپال رستي موڪليندا هئا، اتي سندن ايجنٽ اهو پارسل وٺي رک ۾ هڏا گنگا نديءَ ۾ وجهندا هئا. پر هاڻي اتي ئي ڪنهن تيرٿ تي پروار ڪندا آهن ۽ چکيا واري هنڌ پاڻي هاريندا آهن. جنهن کي آروڳي ٺارڻ چئجي. چکيا واري هنڌ قبر لاءِ ڪوبه نشان ڪونه ٺاهين، جنهنڪري گهڻو ڪري مڙدا ساڳئي هنڌ پيا ساڙيندا آهن. ڪي وري نشان طور ”ديهرا“ ٺهرائيندا آهن. ڪو ساڌو سنت هوندو ته انهيءَ نشان کي ”سمانڌ“ چوندا. سامي يا ٻاوا مڙدي کي لکوڻ ڏيئي کڏ ۾ بند ڪري ڍڪي ڇڏين. ٺَڪر وري چکيا تي چاڙهين ۽ ڪي لوهرٽيون ٺهرائي کوڙي ڇڏين. اڇوت قومون مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي مڙدا پورين، ڪي ورلي ساڙين، ڪي قبرون به ٺهرائين. مڙدي کي ”مَڙو“ چون. مئل ٻار ڄمي يا ننڍو ٻار مري وڃي ته مقام ۾ ڪونه پُورين، گهر ۾ ئي ڪنهن گوشآئتي هنڌ تي پوري ڇڏين. جي ڪا زال گرڀ سان مري وڃي ته ڪُک ڦاڙي ٻار ڪڍي، ڪڱ ۾ ناريل وجهي سبي بند ڪري پوءِ لاشي جو نيڪال ڪن. ڀوت ۽ ڀوپا ٿر جون قدرتي حالتون اهڙيون آهن جو ٻهراڙيءَ جو عوام علم کان عاري رهيو آهي. انهيءَ ڪري هنن ۾ نئين ترقي، نوان رواج ۽ نئون سڌارو به ڪونه ٿيو آهي. ملڪ ۾ بي علمي هئڻ ڪري جهالت گهڻي، وهمن، ڀرمن، ڀوتن ۽ ڀوپن جو اثر مٿن ڪافي دل تي پڪو ٿي ويو آهي، جنهنڪري انهن رواجن ۽ رسمن تي هري ويا آهن. ڪنهن جي مجال آهي جو کين مائٽاڻي پَرَ کان رتي ماتر به هٽائي سگهي. وڏا جي اڳئين ماحول جا پليل آهن، تن جي اڳيان پڙهيلن کي به ڪن حالتن ۾ جهُڪڻو پوي ٿو. اڻ پڙهيل عوام گهڻو، سي انهن جهونين ڳالهين کي اکيون پوري پيا مڃين. هاڻي علم ۾ ماڻهن ڪجهه ترقي ڪئي آهي پر تعداد ٿورو اٿن، تنهنڪري پڙهيل ۽ سمجهو ماڻهن کي به ڪن حالتن ۾ لاچار ائين ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي جيتوڻيڪ تعليم وڌندي وڃي ۽ ڪجهه سڌارو به ٿيو آهي. پر تنهن هوندي به انهيءَ جاهليت جي صفا تڙي ڪڍڻ لاءِ وقت کپي. ڀرم ۽ سنسا تمام گهڻا آهن، ۽ انهن ۾ وري اهڙو صدق، يقين ۽ ويساهه، جو لوهه تي ليڪو! ان جي برخلاف ڪوبه سمجهو پڙهيل، سياڻو، عاقل ڪيترو به سمجهائي، پر ان تي اعتبار ڪونه ڪندا. گهر ۾ ڪو بيمار ٿيو ته ڊاڪٽر جي علاج کان وڌيڪ سڳا ڌاڳا وٽيندڙن، جهاڙون وجهندڙن، جنتر منتر ڪندڙ ڀوپن ۾ وڌيڪ ڀروسو آهي. مسلمانن جو وري پيرن، فقيرن، ڦيڻو هڻندڙن ۽ تعويذ لکندڙن ۾ ويساهه آهي. ٿر ۾ ڀوپا گهڻائي آهن، جي گهڻو ڪري مينگهواڙ ۽ ڀيل قومن مان هوندا آهن. ايڪڙ ٻيڪڙ ٻين قومن مان به آهن. ڪو بيمار ٿيو ته ان جا عزيز ڪونه ڪو ڀوپو وٺي اچي ڌوڻائيندا. انهن جو ڌوڻڻ وقت جهولڻ مزيدار آهي. ڀوپا ڪنهن نه ڪنهن اولياءُ، پير يا فقير جي نالي مشهور ڪندا آهن ته اسان جي پِنڊَ (جان) ۾ انهن جو وائرو (اثر) اچي ٿو. ۽ اسين ان جا ڀوپا آهيون ۽ وڻڻ مهل جڏهن وائري جي حالت ۾ هوندا آهيون تڏهين اسان کي پنهنجي سُڌ نه هوندي آهي ۽ ان وقت جيڪي چوندا آهيون، سو اُهو اولياءُ، پير يا فقير پاڻ اسان جي واتان چورائيندو آهي. اهڙيون ڳالهيون عوام تي گهاٽو اثر ڪنديون آهن ۽ ماڻهو ڏسو ته ان مهل ڀوپي جي پيرين پيا پوندا، مٿو ٽيڪيندا، ڪابه ڳالهه هٿ ٻڌي پڇندا وغيره. اڪثر بالغ ڇوڪرين ۽ تازو پرڻيل زالن کي اهڙي بيماري ٿيندي آهي جنهن ۾ وڦلنديون آهن، ان کي ٿري ”گهُٽِي“ چون. اهڙيءَ حالت ۾ ڀوپو ضرور ڌوڻائين، ڇو ته سندن ويساهه آهي ته ڪنهن جِن ڀوت جو اُنهن تي اثر ٿيو آهي ۽ اُن کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ ڀوپي کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. اهڙن موقعن تي ڀوپا ڪيترن نمونن جا ڇَل ڪري چڱو ڦُوريندا آهن. ڪيترن ماڻهن جي گذر جو اهو ئي ذريعو آهي. ڀوپي ڌوڻائڻ وقت سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ري ڪوٺيا اچي مڙندا ۽ ڌوڻائڻ لاءِهيٺيان طريقا استعمال ڪندا آهن. چار – پنج ڄڻا حلقو ٺاهي ويندا. هڪ ڄڻو تنبورو وڄائيندو، ڪو ڪانسيا ۽ ڪو جانجهه وڄائيندو ۽ گڏجي ڳائيندا. ڀوپو ڌوڻ لاءِ سهي سنڀري ويهندو. ٽي – چار ڀڄن ڳائيندا ته ڀوپي کي وائرو اچي ويندو ۽ ڌوڻڻ شروع ڪندو. بعضي هڪ ڄڻو دهل تي ڪي مقرر ڀڄن ڳائيندو جن کي ”سائورُون“ چوندا آهن. سائورون چوڻ لاءِ ڪي ڀوپا خاص پنهنجا ماڻهو رکندا آهن، جن کي پائوريا يا ٻالڪا چوندا آهن. ڀڄن تي اسائورن تي ڀوپو ڌوڻ شروع ڪندو. پوءِ ڌوڻ واريءَ حالت ۾ ٻڌائيندو ته هن کي فلاڻو ”بِڀِرو“ (ڀوت يا جن جو اثر) آهي، يعني لڳت جو حساب آهي. هڪ ڇيلو ڪجهه ڪارو يا ڳاڙهو ڪپڙو (بيمار جي قد جيڏو) ڀوت لاءِ، (ڪي نَوَ هٿ به چوندا اهن). روٽ جو امان (ڪڻڪ، کنڊ، گيهه وغيره) ۽ ٻيون به ڪيترن ئي قسمن جون شيون ڏسيندا آهن، ته حاضر ڪريو. يڪدم اهو سامان تيار ٿي ويندو. پوءِ گهر کان ٻاهر ڪنهن مقام جي ڀرسان يا ڪنهن موزون هنڌ تي وڃي چيلو ڪهي ڪجهه گوشت جا ٽڪرا چئن ئي طرفن اڇلائي يا ڪجهه زمين ۾ پوري باقي پاڻ ۽ سندس ڇاڙتا کائي ڇڏيندا. ڪي ڀوپا ته وري اهو ڇيلو ۽ سامان پنهنجي گهر کڻي ويندا آهن، ۽ ٻيو به بيمار کان هوند سارو وٺندا آهن. پاڻي پڙهي ڏيندا ته اهو پياري ڇڏيو، ۽ ڌاڳو وٽي ڏيندا ته اهو حال ٻڌي ڇڏيو ۽ پوءِ ٽامي جي ماڏرئي ۾ وجهي ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏجو، ويساهه رکو، فائدو ٿي ويندو! چوندا آهن ته ”پير وڏا ڪي ويساهه وڏا، فائدو سڀ آهي يقين تي. جي يقين نه هوندو ته فائدو ڪٿان ٿيندو. ائين ڏٽا ڏيئي پنهنجي پورت ڪري روانا ٿيندا. پوءِ جي اتفاق سان ڪجهه وقت بعد فائدو ٿيو ته ماڻهن ۾ واهه واهه ٿي ويندي، پر جي نه ٿيو ته ائين چيو ويندو ته ويچاري ڀوپي ڏاڍا وس ڪيا، پر جن ڪو زبردست هو، يا نهايت نُگرو هو، جو ڪنهن جي ڌاڳي ۾ نٿو اچي. ڀوپو ويچارو ڇا ڪري؟ نگرا ڪنهن جي ڌاڳي ۾ اچڻ جا نه آهن. انهيءَ حالت ۾ به ڀوپي لاءِ صدق گهٽ ڪونه ٿيندو. ماڻهو ويساهه وسوڙيل، بي علمي ۽ جاهليت جي ڪري ٺوڳين جي ڦندي ۾ ترت ڦاسجيو وڃن، مردن کان وڌيڪ زالن ي انهن ڳالهين جو اثر ٿيندو آهي. ڪيتريون زالون به ڌوڻڻ ۽ ٽوڻن ڦيڻن ڪرڻ جو ڪم ڪنديون آهن. انهن کي ”ڀوپيُون“ چوندا آهن. زالون وري گهڻو ڪري انهن ڀوپين جي چنبي ۾ هونديون آهن. جيتوڻيڪ گهڻا پڙهيل، سمجهُو ۽ مسلمان اعتبار ڪونه ڪن. پر گهڻي ڀاڱي بي علم، جاهل ۽ خاص ڪري زناني عالم جو انهن تي ويساهه ۽ يقين آهي. مسلمانن ۾ وري پيرن فقيرن کان دعائون ڪرائڻ، تعويذ لکائڻ ۽ ڦيڻا وجهائڻ جو رواج آهي. سوڻ ٿري ماڻهو مسافريءَ تي وڃڻ وقت، يا ڪنهن ڪم ڪرڻ مهل سَوڻ ويچاريندا آهن. چوندا آهن ته ”سَوَڻَ سَڄَڻ، مَنَ ويِري.“ مَنَ يعني دل ڪم ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪندي آهي پر جي ڪم ٿيڻو نه هوندو ته سوڻ به اهڙو ٿيندو آهي، جنهنڪري ترسڻ چڱو آهي. پر جي سوڻ ڏي خيال نه ڪبو ۽ دل تي هلبو ته ڪم ڪونه ٿيندو ۽ اجايو ڦڏو پوندو. بلڪ ڪن حالتن ۾ تڪليف به ڏسڻي پوندي. ڪن خاص ڏينهن تي خاص طرفن ڏي مسافري ڪندا آهن: جيئن ته ٻڌر ۽ ڇنڇر جي ڏينهن اُتر طرف، شڪر ۽ آرتوار ڏينهن اولهه طرف، منگل ۽ وسپت ڏينهن ڏکڻ طرف ۽ سومر ڏينهن اوڀر طرف، ڪو ڪم هوندو ته انهن ڏينهن تي نه ويندا ڇو ته چوندا آهن ته انهن ڏينهن تي ”ڏساسُول“ انهن طرفن ڏي هوندو آهي، انڪري وڃڻ سان ڪم نه ٿيندو ۽ ڪا نه ڪا تڪليف ڏسڻي پوندي. ٿر ۾ هڪ اڇي رنگ ننڍو پکي جو ڪجهه ڪارن پَٽن سان ٿيندو آهي، جنهن کي ”مالهاري“ چوندا آهن. سنڌيءَ ۾ اُن کي ”ملهالو“ چون. ڪنهن ڪم لاءِ گهر کان نڪرڻ وقت جي اهو پلي ساڄي پاسي ڪنهن سائي وڻ تي ويٺل هوندو ته چوندا ته ڪم يڪدم ٿيندو، جي سُڪل وڻ يا پٽ تي ويٺل هوندو ته سمجهندا ته ٿوري تڪليف سان ٿيندو. انهيءَ کي چون ’مالهاري ٿي ٿئي‘، جا چڱي آهي. پر جي ساڳيو پکي ڏائي پاسي ويٺل هوندو ته چوندا ته ”سانگوڻِي“ ٿي ٿئي‘، ۽ ڪم ڪونه ٿيندو ۽ موٽي ايندا ۽ ڪم تي ڪونه ويندا. پوءِ ٿورو ترسي يا ٻئي ڏينهن ويندا. منزل واري ڳوٺ يا هنڌ تي پهچڻ وقت اهو پکي ساڄي پاسي ڏسڻ ۾ آيو ته چوندا ته مالهاري ٿي ٿئي ۽ ڪم نه ٿيندو، پر جي ڏائي پاسي ويٺل هوندو ته چوندا ته سانگوڻي ٿي ٿئي ۽ ڪم ٿيندو يعني پهرئين جي اُبتڙ. کَرَ ڏائو وِسيئَرَ جَمڻو، مَڙو اَپُوٺو جائي، اِتنا سَوَڻ لي چلي، تو ڪَڏهِي نَه خَطا کائي. کَر يعني گَڏَهه ڏائي پاسي هينگ ڪري، زهري نانگ بلا، جمڻو يعني ساڄي پاسي کان ڏسجي يا ڦُوڦاڙ ٻڌجي، مَڙو يعني مُڙدو پٺيڀرو کڻي ويندا هجن، هلڻ وقت انهن مان ڪوبه سَوَڻ ٿئي ته اهو ماڻهو ڪڏهين به تڪليف نه ڏسي ۽ هر حالت ۾ ڪامياب ٿئي. نڪرڻ وقت ڏائي پاسي کان گڏهه جي هينگ ٿي ته چوندا ته ٻئون ٻارهن، يعني سٺو سوڻ آهي. پر جي ساڄي پاسي هينگ ٻڌڻ ۾ آئي ته ان کي ڇچون ’جيڻو جَترائي‘ (ترسائي). انهيءَ مان سمجهندا ته ڪم نه ٿيندو ۽ ترسي پوندا. پر جنهن هنڌ وڃڻو هوندو، اتي جي ساڄي پاسي هينگ ٿي ته چوندا ته سٺو سوڻ آهي ۽ ڪم ٿيندو، پر جي ڏائي پاسي هينگ ٿي ته چوندا ته ڏائو پير کوڙڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ هتي ڪم نه ٿيندو ۽ ترت هتان نڪرڻو پوندو. نڪرڻ وقت يا هلندي جي ساڄي پاسي کان ڪو نانگ بلا ڏسندا يا رات هئڻ ڪري ڦوڦاڙ ٻڌندا ته چڱو سوڻ سمجهن. جي ڏائي پاسي کان ڏسن ته بڇڙو سوڻ سمجهن، ان لاءِ پگ موڙو (ٿورو ترسي) ڪري پوءِ هلندا. هاري ماڻهو ٻني پوکڻ لاءِ سنڀري نڪرندو، يا ڪنهن به ڪم لاءِ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا زال ٺلها دلا کڻي سامهون آئي ته خراب سوڻ، پر جي ڀريل دلن سان سامهون اچي ته چڱو سوڻ سمجهن. اڃا به جيڪڏهن سهاڳڻ زال يا ڪنواري ڇوڪري ڀريل دلن سان سامهون اچي ته بلڪل چڱو سمجهن، ۽ انهن دلن مان جي ٿورو پاڻي وٺي وات ۾ وجهجي ته جنهن ڪم لاءِ وڃجي ٿو ان جي پوري ٿيڻ جي ڄڻ ته گئرنٽي ملي ويئي. رنڙ زال سامهون اچي ته خراب سوڻ سمجهن. نڪرڻ وقت ڏائو تتر سٺو سوڻ ۽ جيڻو (ساڄو) تتر خراب، پهچڻ واري هنڌ تي وري جيڻو تتر چڱو ۽ ڏائو تتر خراب. جولي چلي ڏائي ڀيرٻ جمڻو راجا، او نَر گهَري، وري نه آئين ساجا. وڃڻ وقت ڏائي پاسي کان ڀيرٻ (چٻ) ۽ ساڄي پاسي کان راجا يعني گُگهه پکي جو آواز ٿئي ۽ انهن جو خيال نه ڪري، جو ماڻهو مسافري تي ويندو، سو وري واپس چڱو ڀلو گهر موٽي نه ايندو. رات جو مسافري ڪندي ڏائي پاسي کان ڀيرٻ جو آواز ٿيو ته يڪدم پير جهليندا ۽ ڪجهه وقت ترسي پوءِ روانا ٿيندا، ڇو ته چوندا اهن ته ڏائي ڀيرٻ ڪِيڙي تي ٿيندي آهي، يعني ڪنهن نانگ بلا جو خطرو آهي. اهڙيءَ طرح هلڻ سان جي ٻه ٽي ڀيرا ڏائي ڀيرٻ ٿي ته اڳتي نه هلندا ۽ يڪدم ترسي پوندا، ڪجهه وقت آرام ڪري پوءِ روانا ٿيندا. پر جي ساڄي پاسي ڀيرٻ جو آواز ٿيو ته چڱو سوڻ سمجهن. اهڙيءَ طرح جي ڏائي پاسي کان گُگهه پکي ويٺل ڏسڻ ۾ آيو يا اواز ٻڌڻ ۾ آيو ته سٺو سوڻ سمجهن ۽ جنهن ڪم لاءِ وڃبو سو ضرور پورو ٿيندو. پر جي ساڄي پاسي کان اهو پکي هوندو ته بڇڙو سوڻ سمجهن ۽ اڳتي پير به ڪونه کڻن. گهران نڪرڻُ هوندن ته ڪونه نڪرندا ۽ ويهي رهندا. پر جي مسافري ۾ هوندا ته اتي ئي ترسي پوندا. گگهه جو ايڏو اثر اٿن جو چوندا آهن ته بندوق جي گولي گسي سگهي ٿي پر اهو سوڻ اصل نه ٽري. جي چڱو سوڻ ٿيو ته ڪم جي خاطري ۽ جي بڇڙو ٿيو ته ڪم نه ٿيڻ جي پڪ سمجهندا. مسافري ڪندي جي نور اڳيان رستو اورانگهي ويو ته بڇڙو سمجهن، ۽ موٽي ايندا يا ترسي پوءِ روانا ٿيندا. جي ڪنهن ڄڦ جي اڳيان نور لنگهي وڃي ته يڪدم لهي پوندا. جهنگ هوندو ته به ڀرسان ڪونه ڪو ڳوٺ ضرور هوندو، ڪوشش ڪري اُتان ڪو ڇيلو هٿ ڪري ڪُهي سِسي پاڻ سان کڻندا ۽ ڪجهه گوشت هڪڙي پاسي ۽ ڪجهه گوشت ٻئي پاسي اڇلائي، پاڻ وچ مان لنگهي روانا ٿيندا. ڏينهن جو ٻلي اڳيان لنگهي وڃي ته خراب، پر جي رات جو لنگهي وڃي ته سُٺو سوڻ سمجهن. وڃن وقت جي پٺيان سڌڏ ٿيو، يا ڪا شيءَ وسري ويئي يا ڪنهن ڇِڪ ڏني، ي اڪُتي ڪن ڦَڙَڦَڙايا ته خراب سمجهن ۽ ٿورو ٿرسي پوءِ روانا ٿيندا. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا سوڻ ويچاريندا آهن. جهاڙوُن ٿر جو عوام پراڻين رسمن ۽ روجن تي هريل آهي. ايامن کان جنهن ڍٻِي تي ٺهي ويا آهن، ان تي اکيون پوري هليا اچن. ڪيترو ئي سمجهائين ته اثر اهڙو ٿيندن جهرو پاڻيءَ تي ليڪو. بيماري ۽ ڪيترن حالتن ۾ جهاڙون وجهائيندا آهن. جيڪي مانهو اهو ڪم ڪري، ان کي ”جهاڙُو“ چون. اهڙا ماڻهو ڀڳونئون ويس ڪندا، ڳچيءَ ۾ مڻڪا ۽ مالهائون پائيندا ۽ هٿن ۾ لوهه يا ٽامي جو ڪڙو وجهندا آهن، جنهنڪري جهٽ سڃاڻڻ ۾ ايندا آهن. انهن کي ”ڀوپا“ به چون. نانگ بَلا چڪ پائي يا وڇون ڏنگ هڻي، مٿي جو سُور، اُلٽي، نظر لڳڻ ٻارن جون بيماريون، ڇالهي ٿيڻ، اک اُٿڻ، ڪنَ جو سور وغيره جي حالت ۾ جهاڙ وجهائين ۽ پاڻي پڙهائي پيارين. جهاڙون هڻندڙ به پنهنجو اثر ويهارڻ لاءِ ڪيترائي طريقا ڪم آڻيندا آهن. ڪي مور جي کنڀن سان، ڪي ٻهاريءَ سان ڪي ڪپڙِ جي پلاند سان جهاڙ وجهندا آهن. ڪي وري ڀريل دلي مان پاڻيءَ جي کوٽي ڀرائي، هٿ ۾ سائو پن يا ڪک جهلي لوٽي ۾ گهمائيندا ويندا ۽ جهاڙ پَڙهي ٿُٿڪو ڏيندا ويندا. پنج دفعا يا ست دفعا ائين ڪري چوندا ته مريض کي پياري ڇڏيو ۽ ڪجهه پاڻيءَ جو ڇنڊو به هڻي ڇڏيو. ڪي جهارون پڙهندي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڪَسڻا موڙيندا آهن. ڪي ڪي اوٻاسيون ڏيندا آهن، ڪي يڪساهي پڙهندا آهن. مطلب ته گهڻائي ڍونگ پکيڙيندا آهن. ته عام تي اثر ٿئي. ڪي سڳا وٽي ڦيڻو هڻي ڏيندا آهن ته اهو ٻڌي ڇڏيو. ان کي ’رکڙي‘ به چون. ڪي ماڻهو اهو سڳو ٽامي جي ماڏرئي ۾ وجهي ٻڌندا آهن. اڪثر زالون مکڻ گهڻي لهڻ لاءِ سڳو وٽائي يا تعويذ لکائي ڪُني يا مانڌاڻيءَ ۾ ٻڌنديون آهن. مٿين ڳالهين جو اثر مردن کان وڌيڪ عورتن تي ٿيندو آهي. هورَ وجهڻ ڪو ماڻهو ٻاهر ويل هوندو ته اهو موٽي ڪڏهن ايندو، يا مال رُلي ويل هوندو يا چوري ٿي ويل هوندو، ته اهو واپس ملندو يا نه، يا ڪهڙِ طرف ويو آهي، ان لاءِ ”هورَ“ وجهائيندا آهن. هورَ کي سنڌيءَ ۾ فال چون. ڪي وري ”سرودو“ نهاريندا آهن. هور هن نموني وجهندا آهن. زمين تي واريءَ ۾ هڪ ٻاڙي ۽ هڪ ڪُرٽ ڀري ايترو ليڪو ڪڍندا آهن. پوءِ اُن ليڪي تي اُريبن وانگر ننڍا ننڍا انچ ڏيڍ جيڏا بنان ڳڻڻ جي ليڪا ڪڍندا آهن. پوءِ پهرئين ليڪي تي نشان ڪري ٻه ليڪا ڇڏي ٽئين تي نشان ڪندا. اهڙيءَ طرح ٻه ٻه ليڪا ڇڏي ٽئين ٽئين تي نشان ڪندا ويندا. پڇاڙيءَ جا ٻه بچيا ته چوندا ”ٿانَ“ آيو آهي، تنهن مان سمجهندا ته شيءَ ٿانئيڪي آهي ۽ ملڻ مشڪل آهي. پر جي هڪ بچيو ته چوندا ”جڳهه“، يعني مال جنگهه تي هليو اچي جو ملي ويندو، ۽ شيءَ جي به ملڻ جي اميد آهي، ۽ جي ماڻهو ٻاهر ويل هوندو ته چوندا، ته اچي پيو. اهڙيءَ طرح ٽي دفعا ڪندا ۽ هر هڪ دفعي جي نتيجي مان نيٺ وڃي آخرين فيصلي واري ڳالهه پڇندڙ کي ٻڌائيندا. سَرودو ڏسڻ هي به مال يا وڃايل شيءَ، چوري ٿيل يا رُلي ويل جي حالت ۾ پڇندا آهن. سَرودي نهارڻ وارو ماڻهو ڇا ڪندو جو هٿ جي پُٺ نڪ کي ويجهي ڪري نڪ مان هوا ڪڍي ڏسندو آهي. جي ساڄي ناس مان هوا نڪرندي ته ان کي سُرج جو سرودو، جي کاٻي ناس مان هوا نڪريندي ته ان کي چندرما جو سرودو سمجهندو آهي ۽ ان کان سواءِ وري پڇندڙ جي اچڻ جو وقت، ڏينهن ۽ هوا جي نڪرڻ جو نمونو انهن سڀني ڳالهين جو ويچار ڪري پوءِ پڇندڙ کي جوابڏيندو آهي، يعني مال يا شيءَ لڀي پوندي يا نه؟ يا ڪيترن ڏينهن بعد لڀندي؟ يا ڪهڙِ طرف هُو ڳولا ڪري؟ وغيره، مطلب ته ڪونه ڪو جواب ڏيندو. ان جو نتيجو ڪهڙو به نڪري، بهرحال پُڇندڙ کي هڪ قسم جو آٿت ٿيندو آهي. پوءِ جي هن جي چوڻ موجب ٿيو، ته واهه واهه ٿيندي، ۽ جي نه ٿيو ته ڪو نه ڪو بهانو ڏيئي ڇڏيندا. قرباني ڪرڻ ڪيترا ماڻهو پنهنجي من جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن ته پُٽ ڄمڻ، بيماريءَ مان صحتيابي، يا ٻين من جي مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ باسون باسيندا آهن، جن ۾ پتاشا، مصري ورهائڻ ۽ جانورن جي قرباني ڪرڻ به هوندي آهي. ڪن اڇوتن ۾ رواج آهي ته شاديءَ بعد ڇيلي جي قرباني ڪندا آهن. گوشت خور هندو ۽ اڇوت من جي مراد پوري ٿيڻ بعد ڇيلو، گهيٽو، بعضي پاڏو پنهنجن ڏيوَن، پيرن ۽ فقيرن جي آستانن تي قربان ڪندا اهن. ڪنهن مسلمان کان حلال ڪرائي گوشت رڌي عام کي کارائيندا آهن، يا پلاهه رڌي کارائيندا آهن. ڪي راجپوت بعضي جانور کي بيهاري تلوار جي ڌڪ سان سسي جدا ڪندا آهن. جنهن کي ”جهٽڪو“ چون. مسلمانن ۾ ڪو بيمار ٿيو ته پَهرو پائي واٽ الله جي خيرات ڪندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پير فقير تي قرباني ڪندا آهن. چنڊ، يارهين يا مقرر ڏينهن تي پيرن، فقيرن جي مقبرن تي ڪيترا زيارتي ايندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته ميلا به لڳندا آهن، جتي پتاشا ۽ مصري ورهائيندا آهن ۽ پهرو پائي پلاهه رڌي کارائيندا آهن. بيماريون ۽ علاج ٿر جي تعلقي هيڊڪوارٽرن ۾ اڳيئي اسپتالون آهن. ڪن وڏن ڳوٺن ۾ هاڻي کليون آهن، جتي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر رهن ٿا، باقي ملڪ ۾ ڊاڪٽر ڪونه آهن، نڪي ڪي هوشيار طبيب يا حڪيم آهن، تنهنڪري ڊاڪٽرن جو فائدو فقط انهن وڏن ڳوٺن جا ماڻهو، سي به پڙهيل ۽ واپاري طبقي وارا وٺن، ٻيا ٿوري گهڻي بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر ڏي ڪونه وڃن. ٻهراڙين جا ماڻهو ته ڊاڪٽر جي پاڇي کان به پري ڀڄن. ڪٿي ڪٿي ڪي ڳوٺاڻا حڪيم ۽ ڏاها ماڻهو هوندا آهن. جي رواجي ديسي ڦڪيون سُتيون ڪندا آهن ۽ ڪي رواجي سادا ڏس ڏيندا اهن، جنهن لاءِ ڪابه في يا اڳواٽ پئسا ڪونه وٺن. فائدي جي حالت ۾ بيمار پنهنجي حالت سارو سندن يادگيري ڪري ڇڏيندو آهي. ڦڪين سُتين تي به گهڻو خرچ ڪونه ٿئي، اُهي به معمولي سيون هونديون آهن، جي اتي ئي لڀيو پون، پر گهڻا ماڻهو حڪيم يا ڊاڪٽر جي دوا وٺڻ کان ونئن ويندا آهن، باقي رواجي ٽوٽڪا ڪندا آهن.، جيئن ته: اونهاري جو ڏينهن جو بخار ٿئي ته چوندا ته گرم هوا (لُوءَ) يعني لُڪ جي لڳڻ ڪري ٿيو آهي. اُن لاءِ بصر جو پاڻي ڪڍي اُن ۾ ميٽ پسائي ٿورو پاڻي وجهي ٻاهر گرم هوا تي رکي چڏين. سڄو ڏينهن اُس ۾ پيو هجي. شام جو اهو ميٽ انهيءَ ساڳئي پاڻيءَ ۾ ڳاري سڄي بدن تي مَلي ڇڏين. صبح جو اٿڻ وقت سنان ڪن ته بخار ڇڏي وڃي، يا ڪي گرميءَ جي بخار لاءِ مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهندا آهن. ڪي ٻڪريءَ جي کير جي اَڇُ ڪري پيئندا آهن. سرديءَ جي بخار لاءِ مٿي تي رات جي وقت ڄانڀي جي تيل سان بعضي ٿڌي سان ي ٿورو گرم ڪري مغز تي زور سان تِري هڻن. ڪي وري مٿان اَڪَ جي وڻ جا ساوا تازا پن (پُڙا) ڪوسا ڪري سڄو مٿو ڀري ٻڌي ڇڏين. ڪي وري اڪ جا پيلا پن ٻڌن. ڪي ٻاجهريءَ جي گرم رٻ يا چانهه پِي ڪپڙو ويڙهي سمهي رهن، جيئن پگهر نڪري. ڇاتيءَ جي درد يا بخاري جي ڪري کنگهه ٿئي ته ٻاجهريءَ جي ماني ٺاهي اوڻ جو هڪ پاسو ڪَچو، هڪ پڪو ڪري ڇاتيءَ تي ٻڌن. رات ساري ٻڌي پيئي هجي، صبح جو ڇوڙي ڇڏين. ڪي ماڻهو ڄار جي وڻ جا پڻ اوٻاري اهو گرم پاڻي پنج تولا کن پِي مٿا رَلي اوڍي ڊُٻ سان سمهي رهن. هڪ نه ٻئي ڏينهنواري جو بخار هجي ته ان لاءِ ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جو بخار جي آکاڻي ڪندا آهن، ان وٽ ويندا آهن، جو اکاڻي ڪندو آهي، ۽ بيمار ٻڌندو آهي. ڇِڪِي کان بخار هوندو ته پيٽ کي هَٿَ هڻائين، لِڱن کي تيل جي مالش ڪرائين. جهونو تپ ٿي وڃي ته جلاب وٺن. ڪي مٿي جو سُور ۽ بخار لاءِ جهاڙ وجهائين. ڪي ڪنهن پير فقير جي باس باسين. انهن کي يقين آهي ته ائين ڪرڻ سان، ان پير فقير جي ڪرامت سان بخار ڇڏي ويندو. دل ڪَچي ٿئي يا ڇار اوگرايون اچن ته پاڻيءَ ۾ ٿورو لوڻ گڏي پيارين ته اُلٽي ۽ پِتِ ٻاهر نڪريو اچي ۽ فائدو ٿيو پوي. مٿان جوهر جي ٽِڪي يا وڏف جا داڻا تريءَ سان مهٽي وات ۾ وجهي، آهستي آهستي چٻاڙي کائيندا رهن يا گومادر سنهو ڪُٽي اون جي ڦڪي ڀرين. سرديءَ جي ڪري نمونيا اڪثر ٿيندي آهي، ان کي ٿري ”سِنڊوريو روڳ“ چون. ان وقت وڻ ڦوٽ يا اونهاري جي موسم هجي ته ريڍي کل ۽ سيارو هجي ته ٻاڪري کل يا هرڻ جي کل (جي ملي سگهي ته) بدن تي چاڙهين، جا بدن کي ڇنڀڙيو پوي. پوءِ ٽن چئن ڪلاڪن بعد از خود بدن کي ڇڏيو جدا ٿيو پوي، تڏهن لاهي ڇڏين. ٻيو دفعو کل جو وري ڇنبڙڻ نقصانڪار سمجهن، تنهنڪري ايتري ويڇي ڪونه ڏين. ڍڳي جي سڙيل ڇيڻي جي رک اڳواٽ تيار ڪري رکن. کل لاهيندا ويندا ۽ رک بدن تي مليندا ويندا. اهڙِءَ طرح سڄي کل لاهي وٺن ۽ رک سڄي بدن تي ملي ڇڏين. جيئن آلي بدن تي هوا نه لڳي ۽ رک آلاڻ چُهيو وٺي. پر جي بيماري انهيءَ درجي کان وڌي وڃي ۽ سُور جون سُوٽون شروع ٿين ته ٺِڪَر جي لوٽي ۾ باهه جي ڪِر يعني گرم رک وجهي، ڇاتي ۾ سُور واري هنڌ تي سُهائيندو سيڪ ڪن، جيئن ڦڦڙن ۾ ڄميل رک پگهرجي. چانور دانگيءَ ۾ وجهي باهه تي اسڙي ڪونڊيءَ ۾ ٿوري پاڻيءَ جي ڇيڊي سان گهوٽي جڏهن ليس وارا يعني چيڪڻا ٿين، تڏهن بدن تي پلستر وانگر لائين. مٿان وري واري پُسائي، دانگيءَ تي ڪوسي ڪري ان مٿان ڪپهه جا پها رکن، جي جڏهن ڪوسا ٿين، تڏهن پلستر جي مٿان چنڀڙائي ڇڏين. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿيو پوي. ڪڪڙ جو آنو هَڪيو ملي وڃي ته اُهو تَري کائين. ٻاجهريءَ جي ماني پچائي هڪ پاسو پڪو هڪ پاسو ڪَچو ان تي سنهي پيٺل هيڊ بُرڪائي، اُهو ڇاتيءَ تي ٻڌن. گهوڙي جي پراڻي تَلَ جا ٽُڪر پُسائي گرم ڪري ٻڌن. سراب يا برانڊي ملي ته تولو اڌ صبح شام پيارين. ٿڌ لڳي يا ليس ٿئي ته پڪل سِرَ جو ٽڪر باهه ۾ گرم ڪري بيمار کي ويڪاري ان جي اڳيان رکي، مٿان چوڌاري ڪپڙو ورائي پوءِ سِرَ تي جهَڻ هارين ته يڪدم ٻاڦ نڪرندي آهي، جنهن جي گرمائش جو اثر مغز ۽ ساري بدن تي ٿيندو آهي. ٻه ٽي منٽ ائين ڪن، پوءِ ڪپڙو پري ڪن ته فائدو ٿيو پوي. هن کي ”ٻاڦاڙو“ چون. بدن تي ڦرڙيون ٿي پون يا سِير کوئي اچي ته ڍاماسو گاهه آڻي پاڻيءَ ۾ اوٻاري ڇاڻي ان سان سنان ڪن ته فائدو ٿيو پوي. وائي سور ٿئي ته ترن جي تيل جي مالش ڪري مٿان هيرڻ جا پن ٻڌن، يا زناني جُتيءَ ۾ ست چپٽيُون ڌوڙ جون وجهي سور واريءَ جاءِ تي ست دفعا آهستي آهستي هڻن. جي ڪنهن کي ماتا ٿي پوي ته اُن لاءِ ڦڪي سُتي سان وڌيڪ ڪِري (پرهيز) تي زور ڏين. جنهن جاءِ ۾ بيمار هوندو ان جي دروازي جي ٻاهران پُراڻو هَرُ ۽ ٺڪر جي ٺَينٻَرَ ۾ گڏهه جي لِڏ پاڻي ۾ پُسائي رکندا، جيڪو به ٻاهران مانهو بيمار کي پڇڻ ايندو، سو پنهنجي پير جو آڱوٺو اُنهيءَ ٺڪر ۾ پيل پاڻيءَ واري لِڏ مان پُسائي پوءِ اندر گهڙندو. بيمار کي هاٿيءَ جي لِڏَ پاڻيءَ ۾ پُسائي پياريندا. ڪڻڇيءَ ۾ ٽانڊا وجهي، مٿان ٿوروهُرمرو وجهي وقت بوقت ان جو دونهون ڪندا رهندا. هندو ماڻهو گهر ۾ گوشت ڪونه ورتائي، تنهنڪري وڌيڪ ناراض ٿيندي ۽ نقصان رسائيندي. هن ديويءَ جي سواري گڏهه تي آهي، تنهنڪري ڪنهن نه ڪنهن گڏهه کي روزانو داڻو ڏيندا رهندا آهن، جيئن ديوي خوش ٿئي. مريض جي صحتياب ٿيڻ تي کيس منگل جي ڏينهن گڏهه تي چاڙهي، مندر يا ٿانَ يا ڪنهن ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ وٽ وڃي پوڄا ڪرائيندا آهن. سومر شام ڀَت ۽ لولاتيار ڪري رکندا. منگل صبح جو پڇوڄا ڪندا. ان ڏينهن گهر جي چُلهه ۾ ٽانڊو نه ٻاريندا. ان کي چوندا ته ”ٿڌو چلهو واريو آهي“. ڪي ته پوءِ به اهڙيءَ طرح پنج – ست ٿڌا چلها واريندا آهن، جن جي اڳ ۾ بيماري وقت باس باسي ڇڏيندا آهن. دوائن جي خرچ ۽ مسافريءَ جي تڪليفن جي ڪري اسپتال ڏي ڪونه وڃن، البت ڏاهن جا ڏُس ڪن، پر وڌيڪ ويساهه ڀوپن ۾ رکن. بيمار تي ڀوپو ضرور ڌوڻائين، نه ته به ان کان پڇن ضرور، نه ته يبمار چڱو ڀلو نه ٿيندو، اهو يقين اٿن. ٿر ۾ وسڪاري جون ڪيتريون ئي ٻوٽيون ٿينديون آهن، جي بيمارين لاءِ فائدي واريون آهن، پر ماڻهن ۾ انهن کي ڪم آڻڻ جي سُرت مَٺي آهي. ڪي ڪي ماڻهو جي سمجهن ٿا، سي انهن مان فائدو وٺن ٿا، نه ته ٻيا ڪوري جا ڪورا. البت ڪن کي بيمارين جي سادن علاجن جي سڌ آهي، يا ڪنهن ڏاهي کان پڇي وٺندا آهن. ائين پيا مڙيئي عمر جا ڏينهن پُورا ڪن. ٽُوڻا، ڦِيڻا ۽ ٽوٽڪا جيئين آءٌ اڳ واضح ڪري آيو آهيان ته ملڪ ۾ ڀوپا، ٽوٽڪائي ۽ جهاڙون وجهندڙ جام آهن. اڪثر پڙهيل ماڻهن جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه اصل ڪونهي. ٻهراڙين جو آدم اڻ پڙهيل ۽ قديم ريتن رسمن جي ڪري ٽوڻن، ڦيڻن ۽ ٽوٽڪن تي هريل آهي، تن جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه ججهو، تنهنڪري ڪيترين بيمارين ۾ ٽوٽڪن کان ڪم وٺن، ڀوپن کان پڇن ۽ جهاڙون وجهائين. ڪيترن کي فائدو به ٿيو پوي. ڪن بيمارين لاءِ ڪي خاص ٽوٽڪائي ۽ جهاڙون وجهندر ٿيندا آهن، جن وٽ علاج ڪرائبو آهي، جنهنڪري شهرن جي ڳرن خرچن ۽ ڊاڪٽرن جي فين کان بچيا پيا اهن. حقيقت ڪري ڏسبو ته انهن ۾ به طبي اصول سمايل آهن. هن هيٺ ڪن بيمارين جو بيان ڪجي ٿو، جن لاءِ ڪيترائي ٽوڻا، ڦيڻا ۽ ٽوٽڪا ڪبا آهن. سِدڪار: جيڪڏهن گيهه کائي مٿان يڪدم پاڻي پيئبو، يا سڻڀ وڌل ٿانءُ ۾ پاڻي وجهي پيئبو، راند ڪرڻ ڪري، پورهيي ڪرڻ ڪري، يا اُس ۾ پنڌ ڪرڻ ڪري، جڏهن بدن گرم هوندو آهي، ان وقت يڪدم پاڻي پيئبو ته ”سدڪار“ پوندو آهي. تنهنڪري ساهي پٽي، ڦوڪارو کائي، پوءِ پاڻي پيئجي. اهو وڏن ننڍن سڀني کي ٿي پوندو آهي. هن حالت ۾ مٿي ۾ سُور، بدن ۾ سستي، اَنگ ڀڄڻ، سَنڌن ۾ سور، بخار اچڻ ۽ بدن ڳورو ٿي پوڻ وغيره معلوم ڪبو آهي، جنهنڪري مانهو بيچين ٿي پوندو آهي. هن لاءِ سدڪار جو هٿ هڻائبو آهي. ڪي مرد ۽ عورتون، سدڪار جو هٿ هڻندا آهن. ڪي سج لهڻ بعد ۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳ، ۽ ڪي ڪنهن به وقت هٿ هڻندا آهن. بيمار کي ويهاري، هٿ هڻڻ وارو (مرد يا زال) ڦلهيار مان ٻنهي هٿن جا آڱوٺا، ڏُسڻيون ۽ وچيون آڱريون ٻوڙي، پهرين مريض جي نراڙ جيٻنهي پاسن زور ڏيندو، پوءِ نڪ تي ٻنهي پاسي زور ڏيندو، پوءِ ٻنهي ڳلن، ٻنهي ڪنن جي پاپڙين، ڪلهن، گوڏن ۽ پيرن تي هٿ رکي ٿورو ٿورو زور ڏيندو ۽ هر دفعي چوندو ويندو ته ”سدڪار ڀڄي“ وغيره، ته مريض کي اُٿاري، پٺيرو ڪري، پُٺيءَ تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻبو، ۽ ڪي ڦلهيار تي سُبتو هٿ رکي مريض جي پيٽ تي گهمائيندا، ۽ ٿورو زور سان مهٽي، دُن وٽ چپٽيءَ سان جهلي ٿورو لوڏو ڏيندا. ائين پنج يا ست دفعا ڪبو آهي. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿي ويندو آهي، نه ته ٻو دفعو هٿ هڻائبو آهي. ويلڻ: ڄنگهه ۾ ڳَڙَ ٿيو ته سٿر جي مٿئين پاسي ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جنهن کي ”ويلڻ“ يا ”بِر اُکڻ“ چئبو آهي. هٿ سان زور ڏبو ته مٺو مٺو سور محسوس ٿيندو. هنلاءِ ڳُڙَ جو علاج ڪبو اهي. جڏهن ڳَڙَ ڇٽي ويندو آهي، تڏهن از خود ڳوڙهو ختم ٿي ويندو آهي ۽ ٻيا هيٺيان سوڻ ڪبا آهن: (1) اَسر جو جڏهن اڃا جهرڪيون اُٿيون نه هجن، ان وقت مريض ننڊ ۾ هجي ته ٻيو ماڻهو اَٻولو (يعني اٿڻ بعد ڪنهن سان نه ڳالهائي) ٿي، وارلو (زنانو زيور جو زالون ڳچيءَ ۾ پائينديون آهن) کڻي ست دفعا آهستي آهستي ويلڻ تان ڦيري ڇڏي. اهو عمل اهڙيءَ طرح ڪجي، جيئن مريص کي سجاڳي نه ٿئي. (2) مانين ٺاهڻ واري ويلڻ، اسر جو ننڊ جي حالت ۾ ست دفعا مٿس ڦيري ڇڏجي. مريض ننڊ ۾ هجي ته بهتر، نه ته سجاڳيءَ جي حالت ۾ به ڦيري ڇڏجي ٻه ٽِي دفعا ائين ڪبو ته فائدو ٿي پوندو. ڪَنگي: ننڍو ٻار ستل هجي ۽ مٿان ڪنجهي جو ٿانءُ ڦيرائبو، يا ٻئي کي ٿانءُ ڏيڻ لاءِ ٻار مٿان لنگهائبو، يا ڪنجهي جي ٿانءُ ۾ ٻار کي ڪجهه کارائبو يا پيربو، يا ٻار کٽولي تي ستل هجي ۽ هيٺان ڪنجهي جو ٿانءُ پيل هوندو ته ”ڪَنگي“ ٿي پوندي، چئبو آهي ته ٻار جي روبرو ان مرض جو نالو وبو ته به اهو مرض ٿي پوندو. ان ۾ ٻار کي سنهو بخار ٿيندو، روزبروز بدن ۾ اڀرو ٿيندو ويندو، پيٽ ۽ مٿو وڌندا رهندا، تان جو ڳري وڃي هڏن جو پڃرو بچندو ۽ نيٺ مري ويندو. ڊاڪٽر هن کي ”ٻارن جي سلهه“ به چوندا آهن، ان لاءِ هيٺيان ٽوٽڪا ڪبا آهن: (1) سُهائي آچر (چانڊوڪين راتين ۾ جيڪو آچر اچي. جي ڏينهن، مينهن جو آلو ڇيڻو آڻي ٻار کي ان سان ٿوري، پينگهي جي سامهون اهو ڇيڻُ ڀت سان ٿڦي، اُبتي ماڻهو جي شڪل/بوتو ٺاهي ڇڏجي، جيئن هر وقت ٻار جي نظر مٿس پوندي رهي. جيئن ڇيڻو سُڪندو ويندو، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو. (2) سهائي آچر تي ٻار کي چانديءَ سان تورجي. سڀ ڪنهن جي گهر ۾ ايتري چاندي ڪانه هوندي آهي، ان لاءِ پاڙي وارن کان في الحال چانديءَ جا زيور گهري وٺي اچي ڪم ٽپائبو آهي. بعضي ڪَنجهي جا ٿانءُ گڏ ڪري ان سان به ٻار کي توربو آهي. اهو علاج ٻه ٽي مهينا يا جيستائين فائدو ٿئي تيستائين چالو رکندا آهن. (3) ڳوٺ جي ترائي (تلاءُ) جيڪا ٻار ڏٺي نه هجي، سهائي آچر رات جي اَسر جو جهرڪين سُتي مهل ماڻهو وڃي، اٻولو ٿي، چيڪي مٽيءَ جا ڀتر کڻي اچي، ان سان ٻار کي تورجي، ۽ پوءِ مٽي ڳوهي، پينگهي جي سامهون ڀت تي، مانهو جي اونڌي شڪل (ٽنگون مٿي، مٿو هيٺ) وانگر ٿڦي ڇڏجي. جيئن مٽي سُڪندي ويندي، تيئن ٻار کي فائدو ٿيندو ويندو. (4) ٻار جي تور جيڏو ٻلو جهلي، اُن سان ٻارکي توربو آهي. (5) هڪ ٻلي جهلي، اُن کي ٻار جو چولو پارائي، مٿان بار کي ويهاري، وهنجارجي، پوءِ پُسيل چولو لاهي، ويڙهي زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏجن. (6) مئل ڪتي جي کوپڙي آڻي، ان تي ٻار کي ويهاري، وهنجاربو آهي. اهو عمل ايستائين ڪبو، جيستائين فائدو ٿئي. (7) سهائي آچر جو، ٻه اڪ جون تَڙيون (ڪاٺيون) آڻي ٻار کي ماپي، ان جيڏا ٽڪر ڪري ڇانوَ ۾ سڪڻ لاءِ رَکبا آهن. جيئن ڪاٺيون سڪنديون وينديون، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو. (8)سهائي آچر تي، ماوي رنگ جي شيشي جا مڻيا وٺي، انهن جا پنج ڪَنڍلا (هار) ٺاهي، هڪ مريض جي ڳچيءَ ۾، ٻه ٻانهن ۾ ۽ ٻه ڄنگهن ۾ ٻڌبا آهن. (9) سهائي آچر جي ڏينهن، بازار مان يا ڪنهن گهر مان ڪجهه ڪڻڪ چورائي آڻي پسائي رکجي. (اها اهڙيءَ طرح کڻجي جيئن مالڪ کي خبر نه پوي.) رات جو سُئيءَ ۾ سڳو وجهي، ڪڻڪ جا داڻا پوئي، پنج هار ٺاهي، ڳچي، ڄنگهن ۽ ٻانهن ۾ ٻڌجن. (10) سهائي آچر تي، ٻار کي ڪپڙِ ۾ قابو ٻڌي، کوه جي منهن تي ٿورو هيٺ ڪجي، وري مٿي ڪجي. اهو عمل ست دفعا ڪجي. (11) زمين ۾ کڏ (قبر) کوٽي، ٻار کي ان ۾ پنج منٽ کن سمهاري، پوءِ ٻاهر ڪڍجي. (12) مريض ٻار جي مامي جي جاءِ جي ڀت ۾ ٽُنگ ڪري، يا ڪکائين جاءِ هجي ته ڪک لاهي، ايتري وٿي ڪجي، جنهن مان ٻار لنگهي سگهي. پوءِ ٻار کي ست دفعا انهيءَ مان لنگهائبو آهي. ڇِڪِي: اُن جا ٻه قسم آهن: (الف) اُبت ڇِڪي: هي بادي شين جي کائڻ جي ڪري ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڪن ڪن ماڻهن ۾ اهو اثر ٿي پوندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن باديءَ جي ڪري اهو اثر وڌندو آهي ته ماڻهو بيهوش ٿي ڪري پوندو آهي. بروقت علاج نه ٿيو ته بعضي موت به ٿيو پوي. هن حالت ۾ يڪدم مريض کي سمهاري، پنين، سٿرن، چيلهه ۽ پُٺن تي ماڻهو چاڙهي، خوب اُبتو سبتو لتاڙجي، ۽ پوءِ اُٺ جا ڦڳولهڙا يا ايڏا پٿر يا سڪل مٽيءَ جا ڳنڍا کڻي، پنين جي وچ تي رکي، ڪپڙي جي پٽيءَ سان ڇڪي ٻڌي ڇڏجن. پيرن کان وٺي سٿرن تائين ڄنگهون ڪپڙي سان ڇڪي پٽيءَ وانگر ٻڌجن. چيلهه کي مضبوط ڪپڙي جا ور ڏيئي ٻڌجي. بروقت ڪپڙو نه هجي ته پٽڪو ڪم آڻجي، ٻائوري (جهنگلي وڻ) جا پن گهوٽي، رس ڪڍي ان ۾ گيهه وجهي پيارجي. هٿن ۽ پيرن جي ترين کي خوب تيل جي مالش ڪجي، مريض کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي. (ب) دُن ڇِڪِي: جنهن ماڻهوءَ جي طبيعت ۾ بادي جو اثر هوندو آهي، ان کي هي مرض ٿي پوندو آهي، گهڻو بار کڻبو يا هلندي ٿاٻو آيو ته به ڇڪي پئجي ويندي آهي. هن حالت ۾ بعضي دست به ٿي پوندا آهن. کاڌو نه وڻندو آهي، جيڪو کائبو سو هضم ڪونه ٿيندو. ماڻهو ضعيف ۽ بي آرام ٿي پوندو. نستائي ٿيندي، اٿڻ به لاچار ٿي پوندو. شاهه شريان، جا دُن جي هيٺان هوندي آهي، سا ٿِڙهي پاسي ٿي ويندي آهي، ۽ هٿ لائڻ سان دُن جي پاسي تي يا مٿان ڳوڙهو معلوم ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪي ڪي ماڻهو (مرد يا عورت) آڍي سگهندا آهن. انهن کان وڃي آڍائبو آهي، جنهن کي ”هٿ هڻائڻ“ چئبو آهي. ڪن کي انهيءَ آڍڻ جي اٽڪل ٿيندي آهي. (1) پَٽ تي ڪپڙو يا رلي وڇائي، مٿان مريض کي سنئون سمهاري، پيٽ تي ٿورو ڪڙو تيل (بنازڪ بدن هجي ته مٺو تيل) لائي، پاڻيءَ مان هٿ ٻوڙي، مٿان کان هيٺ، پاسيرو اُڀتو سبتو هٿ سان آڍيندا آهن ۽ پيٽ ۾ ڳنڍو، جو ڌُن کان ٿڙيل هوندو آهي، تنهن کي هٿ جي ٽَلَ سان دُن جي هيٺان بيهاريندا اهن. پوءِ تيل سان پنين ۽ ٻانهن کي آڍيندا آهن، پوءِ مٽيءَ جو ٿورو ڀتر گرم ڪري، ڪپڙِ ۾ ويڙهي، دُن تي رکي، ڪپڙي جو مضبوط ور ڏيئي ٻڌي ڇڏبو آهي. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڇوڙ ڇڏجي. (2) مريض کي سنئون سمهاري، پاڻيءَ جي ڀريل دلي (پندرهن يا ويهه سير کن) دن تي رکبي آهي. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد لاهي رکجي. (3) مريض کي ابتو سمهاري، پنين، سٿرن ۽ چيلهه تي ننڍي ڇوڪر (جنهن جو بار سهي سگهجي) کي چاڙهي لتاڙائبو آهي. (4) ماڻهو جا ڊگها وار هٿ ڪري، وٽي، سڳا ٺاهي، مريض جي پيرن جي آڱوٺن ۾ ٻڌبا آهن. جن کي ڇڪيءَ جو عادتي اثر هوندو آهي، سي چاندي يا ٽامي جا ڇلا ٺهرائي، پيرن جي آڱوٺن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. (5) ڦوڳ جي وڻ جا پن، جن کي لاسئون چئبو آهي، اهي جهاروٽي، يعني باهه تي سيڪي، ٿورو گرم ڪري، ڪپڙي ۾ وجهي، دُن تي ٻڌي ڇڏجن، ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ڇوڙجن. (6) آڍائڻ بعد مريض کي پنج تولا کن گيهه ۾، اڌ تولو ڳاڙها مرچ ڪٽيل گڏي پيارجن. ڪي اڌ تولو کن ڪارا مرچ گيهه ۾ وجهي پياريندا آهن. ڪي تولو کن ڪٽيل جاڻ گيهه ۾ وجهي پياريندا اهن. وڏف ۽ جوهر جون ٽڪيون پڻ کارائجن. (7) مريض کي اوڌو سمهاري، چيلهه ٿي پير رکي، ساڄي هٿ سان ساڄو هٿ ۽ کاٻي هٿ سان کاٻو پير جهلي مٿي ڇِڪَ ڏجي. وري ان جي اُبتڙ کاٻو پير ۽ ساڄو هٿ مٿي جهلي ڇِڪَ ڏجي. (8) مريض جي هٿ جي آڱپٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ وارين نبضن کي زور سان مهٽجي. (9) ساڄي پير جي مُريي واري هڏي کان ٻاهرين پاسي، چار آڱر ڀري، مٿي اڳڙي جي پوپي سان ڏنڀ ڏيندا اهن. خالي پيٽ يعني نيراني اهو هٿ هڻائبو آهي. هٿ هڻائڻ بعد نرم کاڌو کائجي. ڪوئِلِي: اُن جا ٻه قسم آهن: (الف) – نڙيءَ جي ڪوئلي: هي کاري کٽي يا مٺي ۽ کٽي شيءَ گڏ کائڻ ڪري ٿيندي آهي. بعضي کنڊ ۽ کٽي لکسي ۽ انب ۽ کٽي لسي کائڻ سان بڀه ٿيندي آهي. ان ۾ نڙيءَ اندر ڳوڙهو ٿيندو آهي، جو وڌندو ويندو آهي. علاج نه ڪرڻ جي حالت ۾ بعضي مريض گهُٽجي مري به ويندو آهي. ان لاءِ هيٺيان سوڻ ڪيا ويندا آهن: (1) وات ۾ آڱر وجهي نڙيءَ ۾ لنگهائي، ڪوئلي وارو ڳنڍيو ڦاڙبو آهي. ڳنڍي ڦاٽڻ سان رت ۽ پوُنءَ وات مان نڪرندي آهي ۽ فائدو ٿي پوندو آهي. (2) ڪاٺ جي ڏوئيءَ جو ڏنڊو چُلهه جي ڪيڙ ۾ وجهي رکبو. ڪوسو ٿيندو ته ڪڍي، زناني پراڻي ڪَنِجري ۾ ويڙهي، نڙيءَ تي سيڪ ڪبو آهي. ائين اڌ ڪلاڪ کن سيڪ ڪجي، جيستائين فائدو ٿئي. (3) ڪَڻڇيءَ ۾ اُٺ جي سيهريءَ ۾ ٿورو لوڻ وجهي، گرم ڪري، نڙيءَ تي رکي مٿانڪپڙي جي پٽيءَ سان ٻڌجي. (4) بصر کارائجي، ٻاجهريءَ جي رَٻ رڌصي ڪوسي ڪري پيارجي، جيئن نڙيءَ کي سيڪ اچي. (ب) ڦَرَ جي ڪوئلي: هيءَ پُٺي ۽ ڦر ۾ پوندي آهي. وت کان وڌيڪ بار کڻڻ ڪلري يا سمهيل ماڻهو ڏکيءَ طرح پاسو ورائيندو. ته ڪن حالتن ۾ ٿي پوندي. بعضي زالن کي جنڊ پيهڻ يا پاڻيءَ جي دلن کڻڻ ڪري به ٿي پوندي آهي. هن کي ”ڦَرَ پوڻ“ به چئبو آهي. بعضي هڪ پاسي، بعضي ٻنهي پاسن به پوندي آهي. هن حالت ۾ ڦر ۽ ڇاتيءَ ۾ آمهون سامهون سُور پوندو آهي ۽ ٻانهن چورڻ سان به سور ٿيندو. ان تڪليف ۾ ڪم ڪري نه سگهبو. ان لاءِ هيٺيان علاج ڪبا آهن. (1) ڦر جي پاسي کان نبض ٿيندي آهي، جا ڪجهه ٻاهر نڪري ايندي آهي. هٿ جي چپٽي سان اها نبض جهلي ست دفعا زور ڏبو آهي. (2) هٿ سان آڍي، پوءِ زناني جُتيءَ جي پادر سان آهستي آهستي ست دفعا ڌڪ هڻجن، پوءِ هٿ سان آهستي مُڪون هڻجن. (3) ٺڪر جي لوٽي ۾ ڪوسي ڪِر وجهي، ڦر ۽ ڇاتيءَ تي ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا سيڪ ڪجي. (4) ڦر تي هڪ نبض ٿيندي آهي. هٿ جي آڱر سان ڦر تي ٿورو ٿورو زور ڏيندو وڃجي. جڏهن نبض تي آڱر آئي، تڏهن سُور ٿيندو. ان هنڌ تي آهستي آهستي سُهائيندو زور ڏيندو وڃجي. اهڙيءَ طرح اڳيان ڇاتيءَ ۾ اُرهه جي ڀرسان ڪوئلي واري پاسي نبض ٿيندي آهي. اها به مٿئين وانگر ڳولي زور سان کٽڪائجي. (5) ڪلهي واريون نبضون مهٽجن. (6) اڪ جي پيلي پن تي ڳڙ رکي گرم ڪري، ڦر تي چنبڙائجي، تيل نه لائجي. (7) جنهن پاسي ڪوئلي هجي، ان هٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ ۾ نبض کي سهائيندي زور سان کٽڪائجي. ٻاراڻو: هي نمونيا جو قسم آهي. ننڍي ٻار کي ٿئي ته چئبو ٻاراڻو، ۽ وڏي کي ٿئي ته چئبو نمونيا. سڻڀ کائي مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ، ٻاهر ولهه ۾ ٻار کي سمهارڻ، گرم بدن واري کي ٿڌو پاڻي پيارڻ، سيءَ لڳڻ، اسر جي ٿڌي هوا (ڪَرِڙ) لڳڻ، ماءُ جنڊ پيهي يا مانيون پچائي يا پورهيو ڪرڻ بعد يڪدم پگهر واري بدن سان ٻار کي ٿڃ ڌارائيندي ته ٻاراڻو ٿي پوندو. تنهنڪري ٿورو وقت ترسي، بدن ٺاري، ٿڻ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ ڌارائجي. پهرئين ٻار کي ٻاراڻو ٿيو ته پوءِ نمبروار ٻارن کي ٿيندو ايندو. هن حالت ۾ ڇاتيءَ ۾ سُور ۽ پکڙاٽين ۾ کڏون پونديون، جي ذري هيٺ ذري مٿي پيئون ٿينديون. ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف رهندي ۽ ساهه ڌچڪي ساهه کڻندو. بدن تي بخار، اکين ۾ گَڏانت (ڳهر) هوندي، يعني بي هوشيءَ واري حالت، ٿڻ نه ڌائينديو، اَن ڪونه کائيندو. هر هڪ کنگهه ٿيندي ۽ اُلٽيون اينديون، ۽ ساهه کڻڻ سان سُر سُر جو آواز پيو ٻڌڻ ۾ ايندو. اُن لاءِ هيٺيان علاج ڪبا آهن: (1) ڪيوڙي جا آلا پن لسيءَ ۾ ٻاڦي (اوٻاري) گرم گرم ڇاتيءَ ۽ پاسن تي ٻڌجن. (2) سيڙڪي ڄار (جنهن ڄار ۾ پيلي رنگ جي پيرون ٿيندا اهن، ان کي ”سيڙڪي ڄار“ چئبو آهي، ۽ جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جا پيرون ٿين ان کي ”راتڪي ڄار“ چئبو آهي) جا پڻ ڪُٽي، ٻاجهريءَ جو اٽو ملائي، ماني ٺاهي، هڪ پڙ دانگي ۾ پچائي، ٻيو ڪَچو لاهي ان تي تيل مکي، سنهي هيڊ جو ڪُٽيل ٻورو ٻُرڪائي رات جو ڇاتي ۽ پاسن تي ٻڌجي، صبح جو ڇوڙي ڇڏجي. (3) گيدوڙيءَ جا پن لسيءَ ۾ اوٻاري، سُهائيندا گرم گرم ٻڌجن. (4) ڪي ماڻهو جهاڙون وجهي سگهندا آهن. اَسر جو سوير چئين وڳي جهرڪين سُتي مهل ۽ شام جو سج لٿي ٿوري اونداهيءَ وقت جهاڙ وجهائبي آهي. جهاڙ وجهڻ وارو ٽانڊو رکي ان تي گُگر جو ڌوپ ڪندو اهي، ته دونهون نڪرندو. ڀرسان ٻار کي جهلي جهاڙ وجهندو ويندو ۽ انگوڇي يا پٽڪي جو پلاند يا مور جي کنڀن جي ٻُهاري ٻار تان گهمائيندو ويندو. (5) ست سچيون ڪوڏيون (جن ڪوڏين تي ڳنڍا ڳنڍا ٿيندا آهن) هٿ ڪري جهاڙ وجهڻ واري کي ڏبيون، هُو ڌوپ ڪري جهاڙ پڙهي ڏيندو. اهي ڪوڏيون، ڌاڳي ۾ پوئي (_هر هڪ ڪوٽيءَ جي وچ ۾ هڪ ٿوم جي صفا ٿيل سِري به پوتل هوندي) اهي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجن. ڪوڏيون نه ملڻ ته فقط ڌاڳو پڙهي ست ڳنڍيون ڏيئي ٻار جيڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي. ٻار جو چولو (قميص) پڙهائي کيس پارائبو آهي. (6) لُوڪڙ (جو ٿر ۾ هڪ جهنگلي جانور آهي) جي بُڪي، تازي يا سُڪل، ٻار جي زبان تي لائي، ڌاڳي ۾ پوئي، ڪنڌ ۾ ٻڌجي. (7) تلور پکيءَ جي گُجي، تازي يا سڪل، ٿوري پاڻي ۾ وجهي، ان ۾ ٿورو ڳڙ وجهي، ڪاڙهي ٺاري، سُتيءَ سان ٻار کي پيارجي. (8) خالص ماکي چٽائجي يا ٿورو شراب پيارجي. (9) مڇيءَ جو ٽڪر (تازو يا سڪل)، سيڙڪي ڄار جا اڍائي پن، سوئا اجمو (جاڻ)، ڇڄ جي چم جي ڪَشي جي ڳنڍ، اُرڙوسو ۽ ڳڙ گڏ ڪري اُڪارجن. پوءِ لاهي ٺاري، اهو پاڻي ڇاڻي، صبح شام سُتي ڏجي. ان کي ”ست ڊڀي“ سُتي به چئبو آهي. (10) صبح جو اڪ جي پيلي پن تي ماڪ جا ڦڙا ٿيندا آهن، سي ٻار کي پيارجن. چڱي ڀلي ٻار کي اهو پياربو ته ٻاراڻو نه ٿيندو. (11) اُبت ڪنڊيءَ (ٿر جو هڪ ٻوٽو) جو ڪاڙهو ٺاهي سُتي ڏجي. (12) ٻار ٿڃ ڌائيندڙ هجي، ته سندس ماءُ ٿڌا چانور، گيهه، کٽي لسي، ڳاڙها مرچ کائڻ کان پرهيز ڪري. (13) سَهي جي رت جي ٻار کي سُتي ڏجي. (14) سهائي آچر جي ڏينهن، ڪنجهي جي وٽيءَ ۾ ڪڙو تيل وجهي، ان ۾ ٽامي جو پئسو وجهي، وٽو ٻار جي دُنَ تي رکي، مٿان عاج جي ڳن سان، ڪپ يا ڪاتيءَ جي ڳن سان پئسي کي وٽي ۾ گهمائجي ۽ ڪي مقرر اکر پڙهبا اهن، جي ڪي زالون سکيل هونديون آهن، ٻن ٽن منٽن بعد پئسو اها زال کڻي ويندي آهي ۽ تيل ڪنهن ائٽ کي لائي ڏين. ان کي ”ٻاراڻي جو هٿ“ ئبو آهي. ڪي ”لاڳيڻي“ جو هٿ به چوندا آهن. (لاڳڻو معنيٰ ٻاراڻو). (15) سهائي آچر جي شام جو ڪنجهي جي وٽي ۾ ٿورو ڪڙو تيل وجهي، ٻار جي پينگهي يا منجيءَ جي هيٺان رکي ڇڏجي. صبح جو کڻي وڃي ڪنهن سائي اڪ جي ٽاريءَ تيهاري ڇڏجي. اَڪُ سُڪي ويندو ۽ ٻار چڱو ڀلو ٿيندو. سَٽَ: ان جا ٽي قسم آهن: (الف) ٻاراڻي سَٽَ: هن جا ٽي قسم آهن. [1] ٻار جيڪڏهن پينگهي مان کٽولي تان بلاٽي کائي ڪريو ته پُٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سَٽ پئجي ويندي. هن کي ”سُڪ سَٽَ“ چئبو آهي. ان ۾ ٻار ڳرندو ويندو، کاڌو گهٽ کائيندو، وار بي نورا ٿي پوندا ۽ هر وقت ڪنجهڪار پيو ڪندو. هن حالت ۾: (1) ٻار جي بدن تي مٺپ تيل لائي، آڍي، او سمهاري، رِڙهه جي هڏي جيپڃاڙيءَ تي پير جو اڱوٺو ڏيئي، پوءِ پٽين سان سڄي ڪنڊي جي هڌڏين کي ڪنڌ تائين هيٺيان کان مٿي، ٿورو ٿورو ڇڪ ڏبي آهي. هرهڪ ڇپٽيءَ سان ڪڙڪا پيا ٿيندا، اهڙيءَ طرح ست دفعا ائين ڪبو آهي. (2) ٻانهن جا بُڪ، سٿرن ۽ پنين جي وچ تي اڳڙيءَ جون پٽيون ٿوريءَ ڇڪ سان ٻڌجن. (3) سال کن عمر يا ان کان وڏيرو ٻار هجي، ته مٿين هنڌن تي اُن جو ُلهڙو رکي پٽيءَ سان ٻڌجن. (4) ڦودنو ۽ ڦوٽا ڪٽي، اهو سفوف مکڻ ۾ وجهي ڇٽائجي، ۽ اهو سفوف وات ۾ وجهي، ڪن ۽ نڪ ۾ ڃوڪ سان وجهجي. [2] جيڪڏهن ٻار ڊوڙندي يا هلندي هيٺ ڪريو ته ريڙهه جي هيٺئين هڏي ڏنگي ٿي پوندي. ان حالت ۾ ٻار کي دست ٿي پوندا، جي تمام پٿرا ۽ بدبودار هوندا ۽ ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو. هن حالت ۾: (1) ٻار کي تيل سان آڍي، اونڌو سمهاري، هيٺئين هڏي آڱر سان مٿي کڻجي. ائين ست دفعا ڪبو آهي. جڏهن هڏڙي مٿي کڄي رهندي، تڏهن دست جي سيڙهه نڪرندي، ان وقت سمجهبو ته سَٽ ۾ فائدو ٿيو آهي. [3] ٻار کي ابتي ڪرڻ ڪري، يا گرميءَ جي اثر ڪري ڪاڪڙو لهي پوندو آهي، جنهن کي ”ڪاڪڙي جي سٽ“ چئبو آهي، جنهن ڪري ٻار ڳرندو ويندو آهي. هن حالت ۾: (1) آڱر وات ۾ وجهي ڪاڪڙو مٿي کڻبو، ائين روزانو ٻه ٽي دفعا ڪبو، جيستائينف ائدو ٿئي. (2) ڪاپار تي پاڪيءَ سان وار صفا ڪري، مکڻ جي پِني چاڙهجي. ڦودني جي سُتي ڏجي. (ب) ڪنڌ جي سٽ: هيءَ سٽ وڏن کي به پوندي آهي. رات جو سمهڻ ڪري، ننڊ ۾ وٽ سان ڪنڌ ڦيرائڻ ڪري، يا وهاڻي ننڍي وڏي هئڻ ڪري، يا پاسي اُٿلائڻ ڪري اوچتو سٽ پئجي ويندي آهي. هن حالت ۾ ڪنڌ ورائي نه سگهبو آهي، ۽ سخت تڪيلف ٿيندي آهي، ۽ ڪم ڪري ڪونه سگهبو. ان حالت ۾: (1) ڪنڌ وارين نبضن کي تيل سان آڍبو آهي. (2) بيمار کي سنئون سمهاري، مٿو ڇڄ ۾ وجهي، جيئن اَن سوهبو آهي، تيئن ڪبو. پڇاڙيءَ جو اوچتو ڇڄ کي لوڏو ڏبو، جيئن مٿي کي جهٽڪو اچي. (3) مٿي کي هٿ سان جهلي، آهستي آهستي ٻه ٽي دفعا هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي پڇاڙيءَ جو ٿورو زور سان ڦيرو ڏبو. ائين ٻه ٽي دفعا ڪبو ته سور لهي ويندو. (4) ڪوسي ڪِر، ٺِڪر جي لوٽِ ۾ وجهي، ان جي تري سان سيڪ ڪجي. (ج) لِچڪَ: ان جي ”چيلهه جي چُڪ“ ۽ ”چيلهه جي سٽ“ به چئبو آهي، جا وڏن کي پوندي آهي. وت کان وڌيڪ بار کڻڻ ڪري، يا هلندي ٿاٻي اچڻ ڪري يا اوچتو ڪرڻ ڪري چيلهه ۾ سٽ پئجي ويندي، جنهنڪري ماڻهو هلي نه سگهندو. چيلهه ۾ سور ٿي پوندس. هيڏي هوڏي بدن موڙي نه سگهبو. ان لاءِ: (1) اُڀين پيرين ڄاول (چمڻ وقت پهريائين ٻار جو مٿو نڪرندو آهي پر تمام ٿورين حالتن ۾ ٻار جاپير پهريئين نڪرندا آهن، جنهن کي اُڀئين پيرئين ڄاول ٻار چئبو آهي) مرد هجي يا عورت، انکي هيءُ ٽوٽڪو ڪرائبو آهي: ست ٺِڪريون ۽ ست کٻڙ جا پن آڻي، شام جو سج لهڻ بعد بيمار کي پٽ تي اونڌو سمهاري سندس چيلهه جي وچ تي کٻڙ جا پن ۽ مٿان ٺڪري رکي، اُڀئين پيرن ڄاول هڪ هٿ ۾ مهريءَ جو مٿيون ڇيڙو جهلي ٻيو ڇيڙو زمين تي کوڙي، مريض جو کاٻو پير مٿي ڪرائي، ان جي آڱوٺي کي کاٻي هٿ سان جهلي، ٺڪريءَ تي پنهنجي کاٻي پير جي کڙي رکي مهريءَ جي آڌار تي مريض مٿان ٽپو ڏيئي، ٻئي پاسي ويندي، ۽ چوندو ”لچڪ ڀڄي“، ته مريض جواب ڏيندو ”ڀلي ڀڄي“. پوءِ چيلهه تي رکيل ٺري ۽ پن اڇلي ڇڏبا، وري ٻيا رکبا، ۽ وري ساڄي هٿ سان مريض جي ساڄي پير جي آڱوٺي کي جهلي، ساڄي پير جي کُڙي ٺڪريءَ تي ڏيئي مُهريءَ جي آڌار تي مريض مٿان ٽپي ٻئي پاسي وڃبو ۽ چئبو ”لچڪل ڀڄي“، ته مريض جواب ڏيندو ته ”ڀلي ڀڄي“. اهڙيءَ طرح سَت دفعا ڪبو ته فائدو ٿي پوندو، نه ته لاچار صبح جو سوير، جهرڪين ستل مهل، مٿئين وانگر ست دفعا ڪبو آهي ۽ فائدو ٿي پوندو. (2) هڪ پيءَ جون ڌيئرون، جي ٻن سڳن ڀائرن کي پرڻايل هجن، يعني هڪ سهري جون نونهون هجن، اهي به ساٺ ڪنديون آهن. ڇا ڪبو آهي جو مريض کي پٽ تي اونڌو سمهاري، ٻيئي عورتون پاسن کان آمهون سامهون بيهي، مٿئين وانگر کٻڙ جو پن ۽ ٺڪري چيلهه تي رکي، هڪڙي عورت پنهنجي کڙيءَ مٿان رکي، مريض جي پير جو آڱوٺو جهلي، مُهريءَ جي آڌار تي ٽپي هن پاسي ويندي ۽ چوندي ”لچڪ ڀڄي“ ته مريض چوندو ”ڀلي ڀڄي“. وري ٻي عورت مٿئين وانگر ٽپي ٻئي پاسي ويندي ۽ چوندي ”لچڪ ڀڄي“ ته مريض چوندو ”ڀلي ڀڄي“. اهڙيءَ طرح ٻئي عورتون آمهون سامهون بيهي، ٽپنديون اينديون. ائين ست دفعا ڪبو ته فائدو ٿي پوندو. ڇالهي: کٽي لسي ۽ کنڊ گڏ کائڻ، کٽي ۽ مٽي شيءَ گڏ کائڻ، هرڻ جو رڌل گوشت، پلو ي اپاروٿي مچي کائڻ، ريڍي گوشت کائڻ ڪري، يا ٺيڪلو ۽ لسي گڏ کائڻ ڪري ”ڇالهي“ ٿيندي آهي. ان حالت ۾ ڳرهال سُڄي پوندا. نڙيءَ ۾ ڳوڙهي ٿيندي آهي، تنهنڪري سُور ٿيندو آهي، ۽ ڪابه شيءَ کائبي ته بلڪل تڪليف ٿيندي آهي. ان لاءِ هيٺيان ٽوٽڪا ڪبا آهن: (1) ٽوهه کي ڪوسي ڪري ۾ ٻاڦي، ڳر ڪڍي، ڪڻڇيءَ ۾ وجهي، ٻاجهريءَ جو اٽو ۽ لوڻ گڏي، لپري ٺاهي، ٻڌبي آهي. ٽوهه جي ول گهوٽي لپري ٺاهي ٻڌجي. (2) ٽوٽڪائن کان صبح ۽ شام جهاڙ وجهرائبي آهي، يا اهي ڌوپ ڪري، ڪاريءَ اُن جو سڳو پڙهي، ست ڳنڍيون ڏيئي ڏيندا آهن، اهو ٻڌبو آهي. مَلو: هيءَ بيماري کٽين مٺين شين گڏ کائڻ، ريڍي گوشت يا پاروٿي گوشت کائڻ ڪري ٿيندي آهي، جنهنڪري سڄي بدن يا مٿي ۾ ڦرڙيون ۽ ڦوڪڻا ٿي پوندا. هڪڙا پيا ڦسندا، ته ٻيا پيا ٿيندا. هن کي ”ڦيسڙ مَلو“ به چئبو آهي، ۽ سور ڏاڍو ٿيندو آهي، ان لاءِ: (1) ٽوٽڪائي جهاڙ وجهندا اهن، يا سڳو وٽي پڙهي ڏيندا آهن، جو ٻڌبو آهي. (2) حقي جي پاڻيءَ ۾ ميندي گهوٽي ليپ ڪبو آهي. (3) سنامڪي ۽ انجڻيون گهوٽي، سفوف ٺاهي، ڦرڙين تي تُڪ لائي مٿان سفوف ٻُرڪائبو آهي. (4) ٻڪريءَ جي کير جا ڇنڊا هڻجن. ميٽ ڳاري، گهٽو ڪري، ان ۾ ٿورو مور – ٿوٿو (ترتيو) وجهي، لائيندا آهن. ڀنگريءَ جو ٻوٽو تيل ۾ ساڙي لائبو آهي. نمورين جا ٻج ڪڍي، تيل ۾ ساڙي گهوٽِ لائجن. موراڙي (ٻوٽو) جا پن ڪڙي تيل ۾ ساڙي مکجن. ڪڪڙين جي پيرن کي ڪڙي تيل ۾ ساڙي مکجن. ڪانڪهه وڻ جا پن ڪڙي تيل ۾ ساڙي، گهوٽي، مٿان ڏجي. (5) پراڻيون مُرٽون ساڙي، ان جي رک ڪپڙي ۾ ڇاڻي، .............. جي پاڻيءَ سان ڌوئي، مٿان اهو سفوف ٻرڪائبو آهي. اولِڙو: ٻار پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ڏسندو ته اولڙو ٿي پوندو، جنهنڪري ٻار کي بخار، دست ۽ اُلٽيون ٿي پونديون. پيٽ ۾ کاڌو ڇڏيندو. ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو، ان لاءِ: (1) ٻار کي ڪنهن ڏاهيءَ مائيءَ وٽ وٺي وڃبو، جا اولڙي جو هٿ هڻي سگهندي هجي. اها مائي ست اڱر کڻي، اَن ڀرڻ جي چوٿائيءَ جي تري تي يا زناني جي پادر جي تري تي هڪ آڱر سان (+) منڌيئڙي جو نشان ڪري، اُهو نشان ٿيل پاسو مريض جي سڄي ڳل ۽ نراڙ تي لڳائيندي ۽ هر هر ڀيري چوندي ته ”اولڙو ڀڄي“ ته مريض چوندو ته: ”ڀلي ڀڄي“. پر جي ٻار ننڍو هوندو ته سندس ماءُ، جا ٻار ٻار کي هنج ۾ جهلي ويٺي هوندي، اها چوندي ته: ”ڀلي ڀڄي“. پوءِ ٻيو اڱر کڻي ساڳيو نشان ڪري، مريض جي ٻانهن، ٺونٺين، ڪراين، آڱرين تي لائيندي، ٽئين اڱر سان نشآن ڪري ڪنڌ جا ٻيئي پاسا، پٺن ۽ چيلکهه تي لائيندي. چوٿين اڱر سان نشان ڪري، سيني، هنئين ۽ پيٽ تي، پنجين سان نشان ڪري، ساڄي پاسي سٿر، پني ۽ پير جي تري تي لائيندي، ڇهين ان کاٻي پاسي جي سٿر، پتي ۽ پير جي تري تي لائيندي ۽ ستين سان نشان ڪري ڪُکن ۽ بغلن تي لائيندي. اهڙيءَ طرح هي سوڻ، صبح، منجهند ۽ شام ٽي ٽي دفعا يا صبح شام ٻه دفعا ڪبو آهي. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿي ويندو. مِريِئو: آر سي سج ڏانهن ڪرڻ سان جو عڪس پوندو آهي، اهو ٻار ڏٺو، يا هڪ چٽڪمرو جيت (جنهن کي به مريئو چئبو آهي) ٻار ڏٺو ته مريئو ٿي پوندو. هن ۾ ٻار بيهوش ٿي ويندو ۽ ڏندڻ پئجي ويندا، جنهن کي ”ڏنت سُوڪ“ چئبو آهي. مِريئي جي علاج لاءِ هن طرح سوڻ ڪبا آهن. (1) سرميداڻيءَ جي سرائي ڏندن جي وچ ۾ وجهي، زور ڏيئي، ٻيئي ڄاڙيون هڪٻئي کان جدا ڪجن. هن کي ”ڏندڻ ڀڃڻ“ چئبو آهي. (2) ڪپڙي جي نيري رنگ جي اڳڙي گول وٽي، لٺ وانگر ٺاهي، هڪ ڇيڙوپ دکائي، ڦوڪ ڏيئي، چڱيءَ طرح ساڙي، مريض جي نراڙ جي وچ تي ڏنڀ ڏجي، ڪياڙيءَ تي به ڏنڀ ڏجي. بيمار جي هٿن پيرن ۽ ترين تي ڪڙي تيل سان مالش ڪجي. سائِي: بخار جي ڪري يا بدن ۾ ضعيفائي سبب سائي (ساوڪ) ٿيندي آهي. اُن ۾ بيمار ڳرندو ويندو، اکيون نيريون ٿي وينديون. پيشاب جو رنگ پيلو ٿي ويندو، ان لاءِ: (1) جوئر جي اٽي جو سيرو يا ماني پچائي، صبح شام کارائجي، يا جوئر جي اٽي جو ٿلهو روٽلو، جنهن کي ”ڪيرو“ چون، چلهه ۾ يا ٽانڊڻ جي وچ تي رکي مٿان به ٽانڊا ڏيئي ڇڏبا. ٿوري دير بعد پچي پوندو. ڪڍي، ڇنڊي صفا ڪري کارائجي. (2) صبح ضام جهاڙ وجهائبي آهي. ڀڳڙن تي ڦيڻو هڻي کارائبا اهن. پائڻ واري سٿڻ، چولي يا گندي تي ڦيڻو وجهرائي پارائبو آهي. (3) مريض جو پيشاب ٺڪر جي لوٽيءَ ۾ وجهي، ٻڪريءَ جي ڦولهڙين جو ڍڳ ڪري جلائي ان تي رکي ڇڏجي ته گرم پيو ٿئي. ڦولهڙيون سڙي وڃن ته ٻيون وجهجن، مريض هر وقت ان ۾ پيشاب ڪندو رهي. پنج ست ڏينهن، يا جيستائين فائدو ٿئي، تيستائين ائين ڪجي. ڊِڄَڻَ: ٻهراڙيءَ ۾ زالون ٻارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڊپ وجهنديون آهن. مثلاً ٻار روئندو ته چونديون، ”ماٺ ڪر ٻاگهڙ ٿي اچي، ٻائو ٿو اچي، يا فلاڻو ٻار رنو تنهن کي ٻاگهڙ کڻي ويئي وغيره، ته ٻار ڊپ جي ڪري ماٺ ڪندو آهي. يا ڪي مائٽ ڪن خاص جاين بابت گهر ۾ ڳالهيون ڪندا اهن ته: ”فلاڻي هنڌ جاءِ يا وڻ ۾ جن آهي“. ٻار اهي ڳالهيون ٻڌندا اهن ۽ انهن جي دل تي اثر ٿي ويندو آهي. پوءِ اتفاق سان انهيءَ جاءِ وٽان لنگهندا ته ازخود دل ۾ ڊپ پيدا ٿيندو ۽ بعضي ان جي اثر جي ڪري بيمار ٿي پوندا اهن، ي رات جو اوچتو ڪا ڪاري شيءَ ڏٺائون ته ڊڄي ويندا. ڪي مائٽ ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ بلا وانگر ڦوڦاڙ ڪندا آهن يا ڪي لڪي لڪي ٻلي يا ڪتي وانگر آواز ڪندا اهن. ۽ پوءِ اهو ڊپ ٻار جي دل ۾ پڪو ٿي ويندو آهي ۽ اهو اثر دل تي هوندو آهي، تنهنڪري بعضي ننڊ ۾ ستل ٻار اوچتو رڙيون ڪري اُٿندو آهي ۽ بيم،ار ٿي پوندو آهي. يا اوچتو ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ سان ڊپ ٿئي، جنهن ڪري ڇرڪ نڪري ويندو آهي. ان لاءِ زالون هڪ سوڻ ڪنديون آهن. جنهن کي ”گهڙلو“ چون. ]جنهن جو بيان اڳ ۾ ”ڀرم ۽ وهم“ ۾ ڪيو ويو آهي.[ ڪن ٻارن جي عادت ٿيندي آهي، يا ٻار جي سيرانديءَ کان رکي ڇڏيندا آهن، يا جُتيءَ جو پادر رات جو سمهڻ وقت سيرانديءَ کي ابتو ڪري رکبو آهي. گگهه پکي (چٻرو) جي کنڀ جو ٽڪر تعويذ ۾ وجهي ڳچڍيءَ ۾ ٻڌبو آهي. لوهه جو ڇلو ٺهرائي چيچ ۾ ٻڌجي. نَظَر: هيءُ هڪ اهڙو اثر آهي، جنهن جو ڳوٺاڻن کي بلڪل گهڻو ڊپ رهندو آهي. ڪي ڪي اهڙا ماڻهو ٿيندا آهن، جن جي بدنظر جو اثر ٿيندو آهي. يا ڪن ۾ موروثي اثر هوندو آهي. ماڻهن جو عقيدو آهي ته جنهن ننڍپڻ ۾ ڪرفتي کاڌي هوندي، ان جي نظر لڳندي آهي. نظر جو اثر يڪدم ٿيندو آهي. ماڻهو ۽ جانور ته ڇڏيو، پر بيجان شين تي به اثر ٿيندو آهي. چوندا آهن ته: ”بد نظر پٿر به ڦوڙي وجهي“، ڪا عمدي شيءَ هوندي، ڀلو ۽ تکو وهٽ هوندو. ماڻهو ڪپڙي لٽي ٺهيل هوندو يا سٺو طعام يا سٺي شيءَ پيو کائيندو ته ان حالت ۾ بدنظر جو اثر ٿي پوندو آهي، جنهنڪري شيءِ ۾ ڪو عيب ٿي پوندو، يا ڀڄي پوندي، وهٽ يا ماڻهو هوندو ته بيمار ٿي پوندو، بعضي مري به ويندو. ان لاءِ ڳوٺاڻن وٽ ڪئين ٽوٽڪا آهن، جن مان چند هيٺ ڏجن ٿا: (1) جي خبر پئجي وڃي ته فلاڻي جي نظر لڳي آهي (نظر هڻڻ وارن کي ڳوٺاڻا سڃاڻي وٺندا آهن. ڪن کي موروثي اثر ڪري، ۽ ڪن کي حالتن جي اهڃاڻن مان) ته ان کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي. يا هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڌوئي ان مان ٿورو ڍُڪ مريض کي پيارجي يا ڇنڊو هڻجي. (2) ٻارن کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ زالون ڇا ڪنديون آهن جو وهنجاري سهنجاري، نوان ڪپڙا پارائي، ٻاهر روانو ڪنديون آهن، ته انهن کي ڊپ هوندو ته مٿان ڪنهن جي نظر لڳيس ان لاءِ ٻار جي نراڙ تي ٿورو ڪارو داغ هڻي ڇڏينديون آهن. ائين ڪرڻ ڪري ٻار تي بدنظر جو اثر نه ٿيندو. (3) جيڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪنهن شيءِ يا ساهواري ڏي گهڻو نهاريندو ته سهي ڪندا ته هن جي متان نظر لڳي. ان حالت ۾ نظر هڻڻ واري ماڻهوءَ جي اٿڻ بعد، هن جي ڏائي پير جي هيٺان واري مٽي کڻي، شيءِ جي مٿان گهوري اڇلائي ڇڏيندا. (4) اهڙا ڦيڻا وجهندڙ ٿيندا آهن، جن کان ڦيڻو وجهائيندا يا پاڻيءَ تي ڦيڻو وجهرائي ان مان ڍُڪ پياريندا ۽ ڇنڊا هڻندا، يا اڳواٽ ڪاري رنگ جي ڌاڳي تي ڦيڻو وجهرائي ٻار جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا. (5) ٻار جي مٿان اڍائي ڳاڙها مرچ ست دفعا گهوري، باهه ۾ وجهندا. سڙڻ سان مرچن مان ڌپ نه ٿي ته چوندا ته ”نظر“ آهي، جنهن جو اثر بعد ۾ ازخود لهي ويندو. (6) ڪچي سُٽ جو ڌاٻو ٻار جي قد جيڌڏو ڪڇي، اٽو ڳوهي، ان مان ماڻهوءَ جو بوتو ٺاهي، ان تي اهو ڌاڳو ويڙهي، چُلهه جي ڪِر ۾ پوري ڇڏبو. جي ڌاڳو سڙي ويو ته سمجهندا ته نظر جو اثر نه آهي، پر جي ڌاڳو نه سڙيو ته سمجهبو ته بدنظر آهي، جا هاڻ لهي ويئي. (7)ڦٽڪيءَ جو ٽڪر مريض تان گهوري رات جو چلهه ۾ وجهبو آهي. پوءِ صبح جو ڪڍي ڏسندا ته جنهن جي نظر هوندي ته ڦٽڪي اهڙي ئي شڪل وٺندي. ماڻهو يا ڪتي ٻلي وغيره جي، اهڙي شڪل ڦٽڪيءَ مان ٺهي پوندي. پوءِ اها ڦٽڪي ڀڃي ٻاهر اُڇلائي ڇڏبي آهي. (8) چَوواٽي تان مٽي آڻي، ست اڱر، ست لوڻ جون ڪڻيون، ان ۾ وجهي، مريض مٿان گهوري، چُلهه م وجهبي آهي. (9) ڪنهن عمدي وڻ، پوک يا ٻي ڪنهن شيءِ کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ، ڀرسانپراڻي دانگي اونڌي رکي ڇڏيندا، يا ڪاٺي کوڙي ان ۾ پراڻو ڪُنو اونڌو وجهي ڇڏيندا. لُوءَ لڳڻ: اونهاري جو گرم هوا (لُڪ) لڳندي اهي. اُس ۾ پنڌ ڪرڻ ڪري يا منجهند جو ننڊ مان اٿي گرم پاڻي پيئڻ ڪري يا پنڌ ڪري اچڻ بعد يڪدم پاڻي پيئڻ سان اها ڪسر ٿي پوندي آهي، اُن لاءِ: (1) ميٽ ۽ بصر ڪٽي، ڪٽوري ۾ ٿورو پاڻي وجهي، ملي، ٻاهر اُس ۾ رکي ڇڏجي، جيئن سج جي تپت ۽ ڪوسي هوا لڳي. صبح جو سوير بدن کي چڱيءَ طرح ملي، پوءِ سنان ڪجي. پهرئين دفعي فئدو ٿيندو نه ته ٻيو دفعو ڪجي. ڇاراوگرائي: ڪوسي ۽ ٿڌي شيءِ هڪ ٻئي مٿان کائڻ جي ڪري ڇار اوگرائي ٿي پوندي آهي. هن حالت ۾ هانءُ ۾ وٽ پوندا، ۽ اندران پِڪ نڪري وات ۾ ايندي، جا بلڪل کٽي ۽ ڪساري لڳندي ۽ وات سُڪي ويندو اهي. ماڻهو بي آرام ٿي پوندو. ذري ذري ٿڌي پاڻي پيئڻ جو خيال ڪندو. ڇار اوگرائي گهڻو ڪري زالن کي حمل جي وقت ٿيندي آهي. ڪن حالتن ۾ عورتن کي هير ٿي پوندي آهي. ان لاءِ: (1) ڍڳي جو ڇيڻو ٻاري، رک کي ڇاڻي، پاڻيءَ سان ڦڪي ڀرجي. (2) سوپاريءَ جي تڙ چٻاڙجي ۽ وڏف چٻاڙجي. ڪَنڊِڙو: ٻار کي نڙيءَ ۾ ڳوڙهي ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري اُلٽيون ٿينديون آهن. ٿڃ ڌائيندو ته اُلٽيون ٿي پونديون ۽ نڪ مان نڪرنديون. جهيڻو بخار ٿي پوندو. ٻار اناج نه کائيندو، جي کائيندو ته هَضم نه ٿيندو ۽ قئي ڪري ڪڍي ڇڏيندو. ان لاءِ: (1) ڪي عورتون ڪنڊڙي جو هٿ هڻنديون آهن، يعني اهو ڳوڙهو ڦيهينديون آهن. پا ڪنديون آهن، جو لوڻ سنهو پيهي، آڱر ڀري ٻار جي نڙيءَ ۾ وجهي، ڳوڙهو ڀڃبو آهي. ڦاٽڻ سان اندران گند نڪرندو. (2) ڦوٽو، ڦودنو ۽ اُٺ جي سريل ڦولهڙي جي ڇار گهوٽي گڏي سفوف ٺاهي، هٿ جي آڱر ڀري، نڙيءَ ۾ وجهي ڳوڙهو ڦيهينديون آهن. اهو هٿ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام هڻنديون آهن. (3) ڦوٽو ۽ ڦودنو گهوٽي، سنهو سفوف ڪري ٿڃ ۾ وجهي سُتي ڏجي. اُوڻاگِري: ٻار جي ماءُ ٿڌو ڪوسو کاڌو کائي ٻار کي ٿڃ پياريندي، يا ٻار کي ٿڌو ڪوسو کاڌو کارائي، يا گهرو ڪم ڪرڻ ڪري جڏهن بدن گرم هوندو آهي، تڏهن يڪدم ٻار کي ڌارائيندي ته اها ڪسر ٿيندي آهي، جنهنڪري ٻار کي اڇا بدبدودار، ڌونري جهڙا دست ٿي پوندا اهن، کاڌو هضم نه ٿيندو ۽ اُلٽيون به ٿينديون آهن. ان لاءِ: (1) ماني پچائي، يڪدم پاڻيءَ ۾ پسائي، ڪپڙي جي وَرَ ۾ وجهي رکي ڇڏجي. ٿوريءَ دير بعد ڪڍي کائجي ته ٿڃ مٽبي ۽ پوءِ اها ٿڃ ڌارائجي. (2) رائي يعني اَهر جا داڻا ڪڻڇيءَ ۾ وجهي، ٽانڊي تي ٿورو سيڪ ڏيئي هم وزن ڪچي رائي گڏي، پوءِ پيهي سفوف ٺاهي ان ۾ ڦوٽي ۽ مڱ جي چوٿين پتي جو سفوف گڏي، ٿڃ ۾ وجهي ٻار کي پيارجي. (3) انجڻي هڪ داڻو ڪِر ۾ وجهي ڇڏجي. سيڪ بعد ڪڍي گهوٽي ٿورو سفوف ٿڃ ۾ وجهي، ماءُ جي پاتل ڪپڙي جي پلاند ۾ ڇاڻي سُتي ڏجي. (4) املتاس جي ڦريءَ جي وچ وارو ڪارو ڳڀ ڪڍي، ٿوري وڏف ملائي، پاڻيءَ سان گڏي ٿورو سيڪ ڏيئي ڇاڻي سُتي ڏجي. ڏند ڪرٽڻ: ننڊ ۾ بار ڏند ڪُرٽيندا آهن. پٽ ڪرٽي تهس ڀاڳ ۽ ڌيءَ ڪرٽي ته نڀاڳ جي نشاني سمجهبي آهي. ڪي چوندا آهن ته انهيءَ حالت ۾ ٻار جي ماءُ پيءُ مان ڪو مرندو. ان لاءِ: (1) ٻار ننڊ ۾ ڏند ڪرٽي ته ان مهل هن کان پڇجي ته ڇا کائيندين؟ جيڪڏهن ٻار ڪجهه سجاڳ ٿي پوي جنهن شيءِ جو نالو وٺي ته اها کيس ڏجي، پر جي سجاڳ نه ٿئي ته پوءِ چانورن جا داڻا کيس وات ۾ وجهجن. چانور اڳواٽ موجود هجن. (2) جنهن جاءِ ۾ ٻار ستل هجي ۽ جنهن مهل ڏند ڪرٽي، ان مهل جاءِ جي دروازي جي چوکٽ ۾ هيٺئين ڪاٺي هيٺان يا ڀرسان ٿوري مٽيءَ جي چپٽي کڻي ٻار جي ڏندن کي مهٽي ڇڏجي. (3) ڳوٺ جي کوهه (جو ٻار جو ڏٺل هجي) جي سارڻ جو ڀتر آڻي رکجي. ]گهران نڪرڻ کان موٽِ اچڻ تائين ڪنهن سان به نه ڳالهائجي.[ جڏهن ٻار ڏند ڪرٽي تڏهين يڪدم اهو ڀتر کڻي ست دفعا ڏند تي لڳائي ڇڏجي. سُرڻو: هي چمڙيءَ جي بيماري، وڏن توڙي ننڍن کي ٿيندي آهي. اوچتو منهن ۾ ڳلن تي مٺي خارش ٿيندي. سور ڪونه ٿيندو ۽ منهن سُڄي پوندو آهي، ان لاءِ: (1) سرهاڻ گهوٽي، سفوف ڪري، اُهو منهن تي ملجي. (2) ڪپور ڪچرين جو هار، جنهن ۾لعلون ۽ پشم جا ٽنؤر، مڻيا وڌل، ڪلابات جي ٻنڌين سان ٻڌل، جو اڪثر ميلن ۽ شهرن ۾ ٺهيل ملندو آهي، سو ڪنڌ ۾ پائجي، جيئن ان جي خوشبوءِ ايندي رهي. (3) مروئو (نازبوءِ) جا پن هٿ سان مهٽي منهن تي ملجن، ۽ هٿن سان مهٽ ڏجي. (4) عطر يا ڪن خوشبودار شين جي خوشبوءِ لڳائجي. بَکِيو: هي وڏن توڙِ ننڍن کي ٿيندو آهي. هي هڪ بدنظر جو قسم آهي. ماڻهو جڏهين ماني کائيندو ته پيٽ ۾ مٺو مٺو سور محسوس ڪندو، ان لاءِ: (1) ست لولا پچائي، مٿان ڪچي سُٽ جا ڌاڳا ويڙهي، مريص جي پيٽ تان ست دفعا اُبتا ۽ ست دفعا سبتا ڦيري باهه جي ڪِر ۾ وجهي ڇڏجن. جيڪڏهن ڏاڳا سڙي وڃن ته سمجهبو ته بکيو ڪونهي. جي نه سڙيا ته سمجهبو ته بَکئي جو اثر آهي، جو انهيءَ عمل سان ڇڏي ويندو. ٻيئڙ تپ: هڪ نه ٻئي ڏينهن جو بخار اچي، ان کي ٻيئڙ تپ چئبو آهي، جو وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪيترائي ٽوٽڪا ڪندا آهن، جن مان ڪي هي آهن: (1) کٻڙ جو وڻ ۽ ڪرڙ جو وڻ گڏ بيٺل هجن، ته بهتر، نه ته ڀرسان بيٺل هن ته ڏينهن جو ڏسي اچجي. رات جي وقت آٻولو ]يعني گهران نڪري موٽي اچي تيستائين ڪنهن سان به نه ڳالهائي[ ٿي وڃي ٻنهي وڻن مان سنهيو ڪاٺيون وڍي پنهنجي نڪ جي ڊيگهه جيتريون ڪپي، ٻنهي کي ڪچي سُٽ جي ڌاڳي سان وراڪا ڏيئي، ڪنڌ ۾ ٻڌي ڇڏجي ۽ موٽي اچي سمهي رهجي. وڌو هجي ته مريض پاڻ وڃي پر ٻار جي حالت ۾ سندس مائٽ يا ٻيو ڪو وڃي. (2) رات جو سمهڻ وقت ٻه ڀتر آڻي، سيرانديءَ کان رکي سمهي رهجي. صبح جو سوير اڃا جهرڪيون به اُٿيون نه هجن، ان مهل اٻولو ٿي، ڀتر کڻي، گهر کان ٻاهر نڪري، پٽ تي واريءَ جون ڍڳيون هڪٻئي کان ٻه فوٽ کن پري ٺاهي، ان جي وچ ۾ هلي هڪڙو ڀتر هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڀتر ٻئي پاسي اُڇلجي. وري موٽي ساڳين ڍڳين جي وچان لنگهي اچي سمهي رهجي. (3) مريض رات جو کٽ تي ننڊ ۾ جنهن مهل سُتو پيو هجي، ان مهل هڪ ڪلف کڻي انهيءَ کٽ جي واڏڻ ۾ پائي ڇڏجي. مريض کي هن ڳالهه جي کڙڪ به پوڻ نه گهرجي. (4) مريض پاڻ، ٻار هجي ته سندس عزيز، اٻولو ٿي، سج لٿي مهل ڪجهه اناج جا داڻا ۽ پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، جتي کِپ جو ٻوٽو هجي، اتي وڃي کِپ جي ڀرسان داڻا رکي مٿان پاڻي هاري، بيٺل کَپ جو تي تُڳيون (لامون) هٿ ۾ جهلي، جيئن زالون وارن جي وٽي ڳُتينديون آهن. تيئن ڳتي ماٺ ڪري موٽي اچي سمهي رهي. (5) شام جو مٽي جو لولو ٺاهي، ان ۾ ٻٻر جا ست ڪنڊا ٽنبي، لوٽو ڀري، اٻولو ٿي وڃي، سج لهڻ مهل اڪ جي پاڙ وٽ رکي موٽي اچجي. (6) اُٺ تي ٻه ماڻهو چڙهيل نظر اچن ته بيمار انهن کان وڃي پچي ته ”ٻيئڙ تپ وارو ڇا کائي؟“ انهن مان ڪوبه هڪ ماڻهو جنهن شيءَ جو نالو وٺي ته اها وڃي کائجي. (7) ڪي ڦيڻا وجهندڙ مرد ۽ زالون ٻيئڙ تپ جي آکاڻي ڪندا آهن. رات جو ٿوري اونداهيءَ وقت بيمار پوڻ سان هڪ خالي سانداري ۽ مهري کڻي اهڙي ٽوٽڪائيءَ وٽ ويندو. آڱاڻي ڪرڻ وارو هڪ هٿ ۾ سانداري جهليندو ۽ ٻئي هٿ ۾ اَنَ جا داڻا جهليندو، ۽ ڀرسان مُهري رکندو. پاڻ کان ٿورو پري بيمار کي پٺيرو ويهاريندو ۽ آکاڻي شروع ڪندو، جو يبمار ويٺو ٻڌندو. جڏهن آکاڻي پوري ٿيندي تڏهن ٽوٽڪائي داڻا ساندريءَ ۾ وجهي، اُن جو منهن سڳي سان ٻڌي، رکي ڇڏيندو ۽ يبمار يڪدم اٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيندو ۽ پٺيان هو مُهري گِڙگِڙائي ڇڏيندو. بيمار پٺيان نهارڻ کان سواءِ گهر اچي سمهي رهندو. جي ننڍو ٻار هجي ته سندس مائٽ وغيره هنج تي کڻي ويندو. (8) جنهن مرد جي هڪ دفعو زال مري وڃي، ۽ ٻيو دفعو شادي ڪري، ان جي پٽڪي جي ٿوري اڳڙي ڦاڙي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي. (9) وڻ جي جنهن ٽاڙيءَ تي گُگهه پکي (چٻرو) ويٺل ڏسجي، ته ان جي پيرن جي وچ وارو ٽاريءَ جو ٽڪر ڪڇي، ڌاڳي ۾ ٻڌي ڪنڌ ۾ ٻڌجي. ٽيئَڙ تپ: ٻه ڏينهن رکي ٽئين ڏينهن تپ اچي، ان کي ٽيئڙ تپ چوندا آهن. ان لاءِ: (1) ڪنهن اُٺ تي ٽي ماڻهو چڙهيل ڏسجن ته بيمار پاڻ سان ٻيو ماڻهو وٺي وڃي. پاڻ نه ڪُڇي،. ٻيو ماڻهو انهن کان پڇي ته ”ٽيئڙ تپ وارو ماڻهو ڇا کائي؟“ انهن مان ڪوبه ماڻهو جنهن به شيءِ جو نالو وٺي ته اها کيس کارائجي. (2) ڪي به ٽي وڻ گڏ بيٺل هجن ته بهتر، نه ته هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺل هجن. جنهن ڏينهن تپ جو وارو هجي، ان ڏينهن اسر جو جهرڪين سُتي مهل، بيمار پاڻ اَٻولو ٿي (ٻار هجي ته سندس مائٽ) پاڻ سندس ڪچي سُٽ جو ڌاڳو کڻي وڃي انهن ٽن وڻن مان سنهيون ڪاٺيون اتڪل ڏيڍ انڍ جيڏيون وڍي گڏ ڪري، مٿان ڌاڳو ويڙهي، ڪنڌ ۾ وجهي موٽي اچي سمهي رهي. (3) ٽن گهرن ۾ ساڳئي وقت دانگهيون چڙهيل هجن ته اٻولو ٿي اتو ڳوهي ماني ٺاهي پنهنجي گهر واري دانگيءَ ۾ وجهي. هڪ پڙپچي تهماني ڪڍي ٿالهيءَ ۾ وجهي ٻئي گهر وڃي، اتي دانگيءَ ۾ ٻيو ڪَچو پڙ رکجي. پچڻ بعد اتان ڪڍي ٿالهيءَ ۾ وجهي وري تئين گهر وڃي، ۽ ان دانگيءَ ۾ مانيءَ جو پهريون پاسو وجهي، پچڻ بعد اتان ڪڍي ٿالهيءَ ۾ رکي گهر کڻي اچي. گيهه وجهي مَهٽي، جيتري وڻي اوتري کائي سمهي رهجي. (4) سَهي جون ٽن سالن جون سَت جهونيون ڦولهڙيون آڻي، ٺڪر ۾ رکي ساڙي، ان جي رک جا ست وزن ڪري ڦڪي وٺجي. ڏينهن ۾ صبح، منجهند ۽ شام، ٽي دفعا وٺجن. (5) گانءِ جو ٽن سالن جو جهونو ڇيڻو ساڙي، ان جي رک سان ٽن سالن جو پراڻو ٿورو ڳڙ ملائي، ٽي گوريون ٺاهي صبح، منجهند ۽ شام جو پاڻيءَ سان وٺجن. چوَرتپ: رات جو تپ اچي ته ان کي ’چور تپ‘ چون، ان لاءِ: (1) چور ماڻهوءَ کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي. (2) گگهه پکي رات جو جنهن مهل ٻولي ڪري، ان مهل ڌاڳي ۾ ڳنڍيون ڏجن، جيتريون ڏيئي سگهجن. وڌ ۾ وڌ ڳنڍيون ست ڏجن. پوءِ اهو ڌاڳو ڳچيءَ ۾ ٻڌجي. آنِڙِي: اک جي پردي ۾ بعضي مٿان يا هيٺان ڳوڙهي ٿيندي اهي، جنهن کي ’آنڙي‘ چئبو آهي، ان لاءِ: (1) جو مرد ٻه زالون پرڻيل هجي (اهي جيئريون هجن يا مئل ان سان واسطو ڪونهي.) ان جي اڱڻ مان اڱر آڻي، پاڻيءَ ۾ گهوٽي، آنڙيءَ تي لائجي. (2) مٽيءَ جي ڪچي ڀت جي راڳي ۾ ڪو اڱر هجي ته اهو پاڻيءَ ۾ گهوٽي لائجي. (3) ڪوريئڙي جي اڇي ڄاري آنڙيءَ تي چنبڙائجي. (4) لکڻ واري ڪاري مس آنڙيءَ تي لائجي. (5) جهونيون سڙيل سوپاريون گهوٽي آنڙيءَ تي ٿڦجن. (6) ٻه گهر پڻيل مرد جي گهر جي لوڙهي يا ڀت کي رات جو ڪاٺيءَ سان ڪُٽجي. (7) ٻُوهه جي ٻوٽي جي ڪاٺي وڍي ان جو ڏندڻ ڪجي. حاجت ضروري کان فارغ ٿي اهو ڏندڻ ڪرفتي ۾ کوڙي ڇڏجي. (8) ٻٻر جا ست پن آڻي، هڪڙو – هڪڙو پن آنڙيءَ تي لائي، ڪنڊي ۾ پوئيندو وڃجي. ست ئي پن پوئي گهر ۾ لوڻ واري ٿانءُ ۾ وجهي ڇڏجن. پن سڪندا ته آنڙيءَ ۾ فائدو ٿي ويندو. واهِل: هوا جي لڳڻ ڪري اک ۾ بعضي ڪو ڀتر اُڏامي پوندو آهي، ان ڪري اندرئين پردي ۾ ننڍو ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جو ڏاڍو پيو کٽڪندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي بي آرام ڪري ڇڏيندو آهي، ان لاءِ: (1) اک جو پردو کڻي، واهل واري هنڌ هڪ چانور وجهي اک بند ڪري، سمهي رهجي. ڪلاڪ ٻن اندر فائدو ٿي پوندو. (2) والو يا پنڙو (زنانو زيور) کڻي ٺڪر جي ڍڪڻ ۾ پاڻي وجهي، ان ۾ والي جي تند پسائي، اک جو پردو هٿ سان پٽي، ڳوڙهي تي ٿورو ٿورو زور سان ڦيريندو وڃجي ۽ هرهڪ دفعي چوندو وڃجي ته ”واهل ڀڄي“ ته بيمار وراڻي ڏيندو ته ”ڀلي ڀڄي“. اهڙي طرح ست دفعا ڪجي، ۽ ڪوسي ڪِر اڳڙيءَ ۾ وجهي، مٿان ٽاڪور ڪري، سيڪ ڏجي. ٽَپوڪڙ ٻار: جي پهرين نمبر وار ٽي ڇوڪريون ڄمن ۽ چوٿون ڇوڪرو، يا پهريائين ٽي ڇوڪرا ڄمن ۽ چوٿين ڇوڪري ڄمي، ته ان چوٿين بار کي ”ٽپوڪڙ ٻار“ چئبو آهي. اهڙو ٻار شيطاني سڀاءُ جو ٿيندو ۽ روئندڙ ۽ آڙو ڪندڙ به ٿيندو، ان لاءِ: (1) ڄمڻ وقت سڳي پڦي (جي نه هجي ته ڀيڻ يا چاچي) ستل ٻار جي پاسي ۾ ناريل جهلي، ٻنهي هٿن جي زور سان ڀڃي ويٺل عورتن کي ورهائي ڏئي. (2) ڇوڪرو هجي ته ٽن سالن تائين پٽڪو ٻڌڻ لاءِ نه ڏجي. (3) ٻار جو نَڪ ٽوپبو آهي ۽ اڍائي مهينن تائين ٻار ساڳي ڄمڻ واري جاءِ، ۾ رهي، ٻي جاءِ تي وٺي نه وڃجي. مُنياڇي جو ٻار: هڪڙو ٻار مري وڃي ان بعد جو ٻار ڄمي ته ان کي مُنياڇي جو ٻار چئبو آهي، جو ڪروڌي ٿيندو ۽ ماءُ پيءُ لاءِ نڀاڳو سمجهبو آهي. ان لاءِ: (1) ٻار ڄمڻ وقت شروعات ۾ ڳُڙ، ڀڳڙا يا بصر جا ٽڪرا، ڳاڙها مرچ وجهي ورهائجن. (2) ٻار جي ڄمڻ شرط نَڪ ٽوپي ڇڏبو آهي. ڪجهه ڏينهن بعد جي ڪابه ڄڦ ڳوٺ ۾ اچي ته انهن ڄاڃين کان، نه ته ڳوٺ جي ماڻهن کان پئسو، ٽڪو يا آنو وغيره وٺي گڏ ڪري هڪ پئسو ڪنهن ڀنگي جي گهران آڻي، انهن پئسن جون سون وٺي تند ٺهرائي، نَڪ ۾ ڇلي وانگر وجهي ڇڏجي. ٻار ڇهن سالن جو ٿئي ته ڪڍي ڇڏجي. (3) جڏهن اڍائي مهينن جو ٻار ٿئي، تڏهن چار سنهيون ڪڙيون چانديءَ جون ٺهرائي، ٻنهي هٿن ۽ پيرن ۾ پارائجن. (4) حلال هرڻ يا حلال ڇيلي جي رڱيل کل جا سنهڙا ڪشا ٺهرائي، هٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌجن. ٻن ٽن مهينن جو ٻار ٿئي ته ٽوڙي ڇڏجن. ٻار نه بَچَن: اڪثر ڪيترن کي ٻار ڄمندا آهن، پر بچندا ڪونه آهن. تڪڙو يا دير سان مري ويندا آهن. ان لاءِ: (1) ڪهن سهاڳڻ يا ٿڌي پيٽ واري زال (جنهن جو اولاد ڪڏهن به مئو نه هجي) کان سندس پائڻ واري ڪپڙي جو ڪجهه ٽڪر آڻي، ان جو پوتڙو ٺاهي اڳواٽ رکجي. ٻار ڄمي ته يڪدم صفا ڪري ان ۾ ويڙهجي ۽ اهو پوتڙو استعمال ڪندو رهجي، جيستائين ڦاٽي وڃي. (2) جنهن جاءِ ۾ ٻار ڄمي، ان ۾ دري هجي ته واهه، نه ته هٿرادو دري ٺهرائجي. هڪ سهاڳڻ زال کي جاءِ جي ٻاهران بيهارجي. ٻار ڄمڻ وقت ناڙو موڙي، پوتڙي ۾ ويڙهي دريءَ مانلنگهائي، ٻاهر بيٺل زال کي ڏجي جا کڻي جاءِ جي دروازي وٽ اچي چوندي ته: ”آءٌ ٻار وڪڻان ٿي ڪنهن کي وٺڻو هجي ته وٺو“ ته ٻار جي ماءُ چوندي ته، ”آءٌ ٿي وٺان“ ۽ لوڻ جا داڻا کڻي، هن ڱکي ڏيئي ٻار وٺندي. (3) ٿي سگهي ته ٻار جو ننڍي هوندي صرف مڱڻو ڪري ڇڏجي. (4) ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوهه جي ڪِلي جو ٽڪرو آڻي، لوهار کان ننڍي ڪَڙي ٺهرائي، ٻار جي پير ۾ پارائجي. بادِي: اوچتو بادي ٿيڻ ڪري اوڳرايون اينديون آهن، پيٽ آڦرجي پوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو بي آرام ٿيندو آهي. ان لاءِ: (1) مريض کي اونڌو سمهاري، پٺن کي هٿن ان اُبتي سبتي مهٽ ڏجي. (2) ٻنهي هٿن سان پٺيءَ جي ڪنڊي ۽ پاسرين کي مهٽجي. (3) ننڍي ٻار کي پنين، سٿرن ۽ چيلهه تي چاڙهي لتاڙائجي. (4) وڏف، ڦوٽا ۽ جوهر جون ٽڪيون کارائجن. هِڱ يا گومادر سنهو ڪُٽي ڦڪي ڏجي. (5) پيٽ کي هٿ سان ابتو سبتو ۽ پاسيرو آڍجي. ڇاپاڪو: هي وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي، پهريائن بدن ۾ خارش ٿيندي، ان بعد بدن تي وڏيون ۽ ننڍيون ڦرڙيون ٿي پونديون آهن. ان لاءِ: (1) ڇاپاڪو پکي ماري، ان جو رت پاڻيءَ ۾ گڏي، مريض کي وهنجارجي. (2) مريض کي اونڌو سمهاري، جنهن ماڻهوءَ جي هٿ جي آڱرين، ڏسڻي ۽ چيچ جا ڇيڙا مٿئين پاسي پاڻ ۾ ملن، ته اهو ماڻهو مريض جي پٺيءَ جي ڪنڊي تي ست دفعا آڱريون ملائي ٻئي هٿ ڦيرائي. سِيئوکِري: هي مرض وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي، بدن ۾ تمام گهڻي خارش ٿيندي آهي، دل ڪچي ٿيندي، ماڻهو بي آرام ٿي پوندو ۽ کنهي کنهي بدن ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو. ان لاءِ: (1) جي ازخود الٽي ٿئي ته چڱو، نه ته آڱر ڪاڪڙي ۾ وجهي يا ٻئي ڪنهن نموني سان الٽِ ڪرائجي. (2) اوني گرم ڪپڙي ۾ مريض کي ويڙهي سمهارجي. (3) ڍاماسو (هڪ قسم جو ڪنڊن وارو ٻوٽو ٿيندو آهي) پاڻيءَ ۾ وجهي ڪاڙهي، ڇاڻي، ٺاري، ان سان مريض کي وهنجارجي. پانءُ: بي بيماري جانورن، اُٺ، ٻڪري ۽ ڪُتي کي ٿيندي آهي. هي وچڙندڙ آهي. ڪنهن اهڙِ جانور تي چڙهڻ ي انهيءَ هنڌ ويهڻ يا هٿ لائڻ سان مانهو کي به ٿي پوندي آهي. بدن تي سنهيون سنهيون ڦُرڙيون ٿينديون آهن، جن ۾ خارش ٿيندي آهي. کنهڻ سان هڪڙيون ڦسنديون ته ٻيون ٿينديون. اهڙيءَ طرح اهو مرض شروع ٿيندو. ماڻهو کنهي کنهي ڪڪ ٿي پوندو. ان لاءِ: (1) ڪڙي تيل ۾ لوڻ گهوٽي سنهو ڪري، ملائي بدن کي خوب مالش ڪجي جيئن ڦرڙيون ڦسي پون. ٿورو چٽڪندو پر ان جو خيال نه ڪجي. پوءِ ٻه ٽي ڪلاڪ سج جي اُس ۾ ويٺو رهجي، ان بعد غسل ڪجي. اهڙيءَ طرح ٽي چار دفعا روزانو ڪجي. (2) پانءُ وارن جانورن جو سڪل اوجهه ساڙي، ان جي رک بدن کي ملجي. ڏنديون: ڏندڻ نڪرڻ مهل ڪن ڪن ٻارن کي اڇا بدبودار دست ٿي پوندا آهن، جنهنڪري ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو آهي. ان لاءِ: (1) ڏندن اچڻ وقت اڳواٽ ٻار جي پڦي سهائي آچر جي ڏينهن، ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر ٻار جي وات ۾ ڦيري ڇڏي ته ڏندن اچڻ وقت تڪليف ڪانه ٿيندي. ڏند گهڻو ڪري، پهريائين هيٺئين ڄاڙيءَ ۾ ايندا آهن، ۽ ڪن کي پهريائين مٿئين ڄاڙِءَ ۾ ايندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ چئبو آهي ته ٻار جي مامي لاءِ تڪليف جو باعث آهي. (2) ڪنجهي جي ننڍي وٽي ترن سان ڀري، مٿان ٽامي جو پئسو رکي، سهائي آچر جي ڏينهن مامو ٻار کي ڏيئي ڇڏي. ڪَليُون ۽ ڪاڪِڙو: گرميءَ جي اثر ڪري يا مٿي تي گهڻي ابر کڻڻ ڪري ڪاڪڙو لهي پوندو آهي ۽ هر هر بلڪل گهڻي کنگهه ٿيندي آهي. ماڻهو بي آرام هوندو ۽ بدن ۾ ڳرندو ويندو. ڪن جون ڪَليون خراب رت سان ڀرجي سڄي پونديون آهن، جنهنڪري به ساڳي تڪليف ٿيندي آهي. ٻنهي حالتن ۾ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ضروري آهي، پر غريب ماڻهو خرچ نه هئڻ ڪري. هيٺيان ٽوٽڪا ڪندا آهن: (1) صبح جو هٿ جو آڱوٺي سان ڪاڪڙي کي ٻه ٽي دفعا مٿي زور ڏبو آهي. پاڻيءَ سان ٻه ٽي گرڙيون ڪري، آڱوٽو ڌوئي، زور ڏجي. روز ٻه ٽي دفعا ائين ڪجي. ٽن چئن ڏينهن ۾ فائدو ٿي ويندو. اهو عمل هر ڪو پاڻ ڪري سگهي ٿو. نه ته ڪنهن ڏاهي کان ڪرائجي. (2) پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي روز ٻه ٽي دفعا غرارا ڪجن. (3) ڪاپار جا وار صفا ڪرائي. مکڻ رکي، مٿان ڪپهه جو پهو ڏيئي ڇڏجي. ٻئي ٽئين ينهن ائين ڪجي. هنکي مکڻ جي پِنِي چئبو آهي. (4) لوڻ جو ڪڻو وات ۾ وجهي آهستي آهستي چوسجي. (5) ڳوڻ وکر، سينهڙو، ڦودنو، کنؤر، اُٺ جو ڦولهڙو، ميٽ، ڪنڊي جا پن، نر ڦوٽو، ننڍا ڦٽا، سڀ سنها ڪٽي، ڪپڙڇاڻ ڪري، پاڻيءَ سان گهوٽي، ضماد ٺاهي، ڪاپار تان وار لاهي، مٿان پِنِي ڏجي، وچ ۾ خال ڇڏجي. اها پني چنڀڙي ويندي ۽ ٽن چئن ڏينهن بعد وار اچڻ ڪري پاڻيهي لهي ويندي. ٻه ٽي پنيون چاڙهجن ته فائدو ٿي ويندو. (6) ڪلين جي خرابي هجي ته هٿ جي آڱر جي وچ ۾ ڳوڙهيون ٿي پونديون اهن، سي زور ڏيئي ڇنجن. وائِي گولو: اوچتو ڪا منحسو خبر ٻڌڻ، يا ڇرڪ کائڻ، يا ڪنهن حادثي جي ڪري، پيٽ ۾ هانءُ جي يهٺان ڳوڙهو ٿي پوندو آهي. جنهن جي ڪري ماڻهو بي ارام ٿيندو، اناج نه وڻندو، مٿي ۽ پنين ۾ سور رهندو. جيستائين علاج نه ڪبو تيستائين ماڻهو بدن ۾ ڳرندو ويندو. هيءَ يبماري وڏن کي پڻ ٿيندي آهي. ان لاءِ: (1) مريض کي سنئون سمهاري، پيٽ کي هٿ سان آڍي، ڳوڙهي کي هيٺ لاهي، دُن تي آڻجي. اتي اچڻ بعد فائدو ٿي پوندو. (2) ڦوڳ جون لاسَئون گرم ڪري، ڪپڙِ ۾ ويڙهي پيٽ تي ٻڌجن. (3) اجمو (جاڻ) ڪٽي، کنڊ وجهي، گيهه ملائي چٽجي. (4) سڪل کارا چڀڙ رڌي کارائجن (5) مريض کي ڪا حادثي جهڙي خبر نه ٻڌائجي. ڇرڪ کائڻ: رات جو ننڊ ۾ سُتل ننڍا ٻار اوچتو ڇرڪ کائي روئي اُٿندا آهن، ان لاءِ: (1) سمهڻ مهل سندن جتيءَ جا پادر، رات جو سيرانديءَ کان ابتا ڪري رکجن. (2) رات جو ستل ٻار جي ماءُ جي ڪنجري، ابتي ڪري رکجي. (3) لوهه جو ڇلو ٺهرائي ٻار جي چيچ ۾ پارائجي. (4) بگهڙ جي کل جو ٽڪر ڳچيءَ ۾ پارائجي. کَرٽِيو: هي وچڙندڙ بيماري آهي، جا هڪڙي کان ٻئي ٻار کي ٿيندي آهي. اڪثر ٻارهن سالن تائين عمر واري ٻار کي ٿيندي آهي. هن ۾ کنگهه تمام گهني ٿيندي آهي، ڪنهن ڪنهن وقت ته ٻار کي ”تائين“ اچي ويندي آهي. ٻار ڳرندو ويندو ۽ اُلٽيون ٿينديون. هي بيماري اڍائي مهينا هلندي آهي. جي شروعات سهائي پک ۾ ٿي ته اونداهي پک ۾، ۽ جي اونداهي پک ۾ ٿي ته سهائي پک ۾ زور وٺندي آهي. ان لاءِ: (1) سهائي آچر جي ڏينهن، ٻار کي هڪ سئو سالن کان ڪنڊيءَ جي بيٺل وڻ جي پاڙ جي هيٺان لنگهائجي. اڪثر اهڙن جهونن وڻن جون پاڙون ٻاهر نڪتل هونديون آهن، نه ته کوٽي ٻاهر ڪجن، ۽ وڻ جو ڇوٽو آڻي، ڌاڳي ۾ ڇوئي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي. (2) سهائي آچر جي ڏينهن، ٻار جي ماءُ گهرن جي ڀرسان جتي اڪثر ٻهراڙيءَ جون زالون گهر جو ٻُهر (ڪچرو) اُڇلائينديون آهن، اتي وڃي جيڪا به پراڻي اڳڙي هٿ اچي، اها آڻي، ان جو ٽڪر پنهنجي چُنيءَ ۾ چَتيءَ وانگر لڳائي ڇڏي ۽ هڪ ٽڪر ٻار جي چولي تي چتيءَ وانگر لڳائي. (3) نوريئڙو ماري، رڌي، ان جي ٻار کي سُتي ڏجي. (4) ڪاري گڏهه جي کير جي سُتي ڏجي. (5) ڪڻڪ جي اٽي کي ڳڙ ۽ پاڻيءَ ۾ ڳوهي، لولا ٺاهي، ڪڙو تيل ساڙي، ان ۾ تري رکجن. جي وقت بوقت ٻار کي کارائجن. (6) ٻار کي گيهه، لسي ۽ لنڊ نه کارائجي، ۽ رات جو ٻاهر وِلهه ۾ نه سمهارجي. ڪَڇوراڙي: ڪَڇ ۾ڳوڙهي ٿيندي آهي، جنهنڪري سور ٿي پوندو آهي ۽ بانهن کي چوري به نه سگهبو آهي. ان لاءِ: (1) ڪنڙو ۽ سنڌي تماڪ گهوٽي، لپري تيار ڪري ٻڌجي. (2) ڳوڙهيءَ تي ٿوري ٿُڪ لائي، مٿان ڪوريئڙي جي اڇي ڄاري چنڀڙائجي. (3) ڏيڏر جهلي، جيئرو ڳوڙهيءَ تي ٻڌي ڇڏجي، جيئن هو اون تي پيشاب ڪري، ان بعد ڇوڙي ڇڏجي. (4) ڪاريهر نانگ جي اڇي کل ٿوري ٿُڪ ڏيئي چنبڙائجي. (5) گگر گهوٽي، صابڻ جي گجيءَ سان ملائي، ڪپهه جو پَهو ٻوڙي مٿان رکجي. رائين جهائين: ٻار جي ڄمڻ بعد، هڪ سال جي اندر جيڪڏهن مائٽن جي ڳوٺ کان وڃڻ ڪري ٻاهر وڃڻو پيو ته مائٽن جو عقيدو آهي ته ٻار سڀاءُ جو تيسر ٿيندو ۽ آڙو ڪندو، ان لاءِ: (1) ماءُ ٻار کي هنج ۾ کڻي، گهر جي دروازي جي ٻاهران بيهي، ٻي زال، چار ننڍيون ٺِڪريون ۽ او کٻڙ جا پن کڻي، هڪ ٺِڪري ۽ هڪ پن ٻار تان گهوري، هڪ طرف اڇلائي. اهڙيءَ طرح واري سان چئني ڏِسَين (طرفن) ڏي اڇلائي. گهورڻ بعد، ”رائين جهائين جهنگ ۾، مِنو ماءُ جي هنج ۾“ لفظ چوڻ گهرجن. پوءِ ڀلي ٻار کي ڪٿي به وٺي وڃجي ته مٿس ڪو اثر نه ٿيندو. گهوڪو لڳڻ: جي اک تي اوچتو ٺونٺ يا ٻيو ڪو هلڪو ڌڪ لڳي ويو ته چوندا ته ڪوڪو لڳو آهي، انهيءَ حالت ۾ ٿورو وقت اک ۾ هلڪو سُور محسوس ٿيندو آهي، ۽ اک پٽي نه سگهبي آهي، ان لاءِ: (1) اک تي ڪپڙو ڏيئي مٿانج ست ڦُوڪون ڏيئي پوءِ وندا ته هاڻي اک پٽي نهار. ڪپڙو گرم ڪري ان سان سيڪ ڏيندا. (2) ڪجهه ڏاڍيرو ڌڪ هوندو ته چُلهه جي ڪوسي ڪِر ڪپڙي ۾ ويڙهي مٿان ٻڌجي يا اُن سان سيڪ ڪندو رهجي. باب ايڪيهون هندو ۽ مسلم اتحاد سڄي ٿر ۾ هندو مسلمان شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ گڏ رهيا پيا آهن. ڪٿي گهڻو راڄ هندن جو ته مسلمانن جا ٻه چار گهر، ۽ ڪٿي وري گهڻو راڄ مسلمانن جو ته هندن جا فقط ٻه چار گهر. شهرن ۾ هندو گهڻائيءَ ۾ آهن پر ٻهراڙين ۾ ڪي ڪي مسلمانن جون بستيون وڏيون آهن ۽ ڳوٺ ئي سندن آهن. اتي هندن جا ڪٿي گهڻيرا ۽ ڪٿي فقط ٿورا گهر آهن، پر پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ٺهيا ويٺا آهن جو ڄڻ ته سڀئي ساڳئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. مِٺ محبت، ساز سلوڪت، ايڪو ۽ اُلفت اهڙو اٿن، جو ڌاريا ڏسن ته حيرت وٺيو وڃين. اوکي سوکي هڪ ٻئي کي سڏ ڏين. شادي غميءَ هڪ ٻئي جي گهر ٻارين ٻچين بنا پردي اچن وڃن، ۽ ڪم ڪار ۾ مدد ڪن ۽ کائين پيئن. ميڙ مجلس، وهانءُ وڌاڻي، شادي غمي، رهاڻ رس، چڱي مٺي، يا اَڀرو سڀرو فيصلو هوندو ته گڏجي ڪن. ٻهراڙين ۾ اڳي صرف واڻين جا دڪان هئا پر هاڻي گهڻن ڳوٺن ۾ مسلمانن به دڪان کوليا آهن. سڀيئي ڏيتي ليتي ۽ اوڌر پاڌر ذات جي تفاوت کان سواءِ سڀني سان هڪجڙي ڪن. ٿر جي ٻهراڙِن ۾ گهڻو واپار ته آهي ئي اوڌر تي، جا وسڪاري ائي ٻنين ۾ فصل لهڻ تي ڏين. پر جي ڪو ڪپتيو ٿئي ته راڄ جا چڱا مڙس هن کان حساب وٺرائي ڏين. قرضدار مري وڃي ته سندس پويان پٽ، پوٽا يا ويجها عزيز به اهو قرض ڀري ڏين. هڪ ٻئي وٽ مهمان اچڻ جي حالت ۾ ڪچهريءَ تي سڀيئي اچن. جيڪڌڏهن ڪو هندو ڪنهن ڳوٺ ۾ لنگهي ويو ۽ اتي کڻي هندو به هجن ۽ هو ڪنهن مسلمان جي اوتاري ۾ لٿو، ته ان جي آڌر ڀاءُ، ماني ٽڪي، وهٽ لاءِ گاهه داڻي، چاري وعيره جو بندوبست ڪرڻ هو پنهنجو فرض سمجهندو، کيس ڪابه تڪيلف نه ٿيندي. شاديءَ غميءَ واڻيا مسلمانن کي ۽ ڪي مسلمان شاهوڪار هندن کي هزارين رپيا ڪڍيو ڏين. ڇا جا شاهد، ڇا جون لِکتون؟ فقط زباني اعتبار تي، مگر ڪنهن جو به پئسو ميرو ڪونه ٿئي. پاڙِ جي ڳالهه ۾ ڪوبه ويچو ڪونه سمجهن ۽ پنهنجي راڄ جو ننگ سمجهن. بعضي چوري غيره جي حالت ۾ آڌيءَ مانجهيءَ هڪ ٻئي جي مدد لاءِ تيار ٿيو وڃن. لٺ ڌُڪي تائين نوبت پهچي، ته به هڪ ٻئي لاءِ سِرجي سَٽ ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪن. راڄوڻي فيصلو چوندا آهن ته جتي ڳوٺ آهن اتي گَليون به آهن، جتي سکر آهن اتي نکر به آهن. سو گهڻو تڻو ته نه، پر ڪڏهن ڪڏهن، ڪٿي ڪٿي اهڙا ماڻهو ڪنهن جو حق ڦٻائڻ، ڪنهن سان ڏاڍائي ڪرڻ، بعضي چوري ڪرڻ، يا ڪنهن سان جهيڙي ڪرڻ جهڙا ڪم به ڪري وجهندا آهن. اهڙين حالتن ۾ فوراً پوليس ٿاڻي تي يا ڪورٽن ۾ ڪونه ويندا. پهريائين پنهنجائيءَ ۾ چوَ چوَاءِ ڪرائيندا. گهڻو ڪري قصو ٺهي ويندو، نه ته راڄ جي چئن چڱن مڙسن جو فيصلو ڪنهن ڌر قبول نه ڪيو، ته پوءِ لاچار پوليس يا ڪورٽ تائين ڳالهه ويندي. ان ۾ به راڄ جي چڱن مڙسن جي همدردي، جيڪو قبول نه ڪندو، ان سان ڪانه هوندي. هروبرو ڪوڙي شاهدي ڪونه ڏين. اهو پنهنجي شان کان گهٽ سمجهن. پر جي چڱا مڙس سمجهندا ته فلاڻو شخص ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ته ان جي بدران سندس ڀاءُ مائٽ، عزيز، يا ڳوٺ جي ڪنهن سکر کان ساک تي ڳالهه پڇندا. اهو وري ڏوهيءَ کان پڇي پڪ ڪري، جي اعتبار آيس ته ان جي بدران ساک تي چڱن کي ويساهه ڏيندو. جي اعتبار نه آيو ته ساک نه کڻندو، جي ساک کنيائين ته ڳالهه پُٽي، پر جي نه کنيائين ته سمجهند اته ڪاڻ انهيءَ پاسي آهي. فيصلي بعد ڏوهاري، يا برادريءَ وارا، يا راڄ وارا يڪدم عيوض ڀري ڏيندا، يا ڪجهه ڏهاڙا مهلت وٺندا، ي معافي وٺندا. اڪثر ڏوهه قبول ڪرڻ بعد معافي ڏيڻ شانائتو ڪم سمجهندا آهن. چوندا اهن ته ”مارِئي کان پڏايو چڱو“. چوريءَ جي حالت ۾ گهڻو ڪري چڱن جي معرفت شيءِ موٽي ملي ويندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڏواهريءَ کي ظاهر ڪونه ڪن. چڱن جي فيصلي ۾ پيل ڏنڊ ڏوهاري قبول ڪندو. ان بعد وري ڇوٽ به گهڻي ڪن. هڪ ٻئي جو مُحابو رکن. ڪن حالتن ۾ ته صفا معاف ڪيو ڇڏين. ڪن حالتن ۾ جي ڪو اهڙو پنگتي ڏوهه هوندو اهي، جنهن ۾ ڏنڊ وڌيڪ هوندو آهي ۽ اهو ڏوپهاري ماڻهوءَ لاءِ ڀرڻ ڏکيو هوندو آهي ته ان حالت ۾ برادري يا نيات مان گهر گهر پِني به پئسا پور اڪري ڏيندا. پر اهو پنڻ نه رڳو پنهنجي لاءِ، پر پوين لاءِ به عزت جي گهٽتائي سمجهندا اهن. اهڙي پِن هروڀرو ڪونه ڪن. ڪجهه سري پڄي آئي ته ڪنهن وٽ هٿ ٽنگڻ عيب سمجهن، پر لاچاريءَ ۾ ائين ڪرڻو پوي ٿو. پر اهو به تڏهن، جو اهڙو ڪو ڏوهه هجي جو اتفاق سان ٿي ويو هجي ۽ ڏوهاري ان لاءِ پڇتاءُ ظاهر ڪري، باقي ڄاڻي ٻجهي ريچڪ ڪري ڪيل ڏوهه لاءِ ٻيو ڪو پائي به ڪونه ڏيندو. جي ڪنهن لڄ ڀريي يا ڪنهن غريب کان بي وسيءَ ۾ هٿا ڪُفير ٿي ويو ته اهو ازخود چڱن وٽ معافي وٺندو. جي ڪو معامو ڏکيو هوندو ته معاري وٺڻ لاءِ نياڻين جو ميڙ وٺي ويندا. پوءِ کڻي ڪهڙو به ڏوهه هوندو ته نياڻين جو ميڙ ڪونه موٽائيندا، ۽ معاف ڪري ڇڏيندا. مطلب ته تڏي تي جي ڪهڙو به دشمن لنگهي آيو ته ان کي معاف ڪري ڇڏيندا. ڪن به ماڻهن جي سرچاءُ ڪرڻ بعد آفيم ذرو کڻي هڪٻئي جي وات ۾ وجهي ڀاڪر پائي گڏبا. ان بعد ڪهڙو به وير يا ڪنهن جو قصو هوندو ته هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيندا، ۽ ان بعد ڪو دل ۾ ڪنهن لاءِ مَدي نه رکندو. ٻهراڙين ۾ هندو مسلمان گڏ رهندا آهن. فيصلي ڪرڻ وقت به هندو مسلمان معتبر گڏجي ويهي فيصلو ڪندا آهن، جنهنڪري ڪورٽن جي خرچن ۽ وڪيلن جي فين کان ڇٽا پيا اهن. فيصلي ۾ به اينگهه ڪانه ٿئي، نڪو ڪنهن جو رياءُ ڪن. پنهنجو مٽ مائٽ يا عزيز هوندو ته به ان جو پاسو نه کڻندا ۽ ڳالهه ”الله لڳي“ ڪندا ۽ حقي حقي فيصلو ڪندا. چوندا آهن ته آخر مري خدا کي جواب ڏيڻو آهي. ادب ۽ حيا ٿر جا ماڻهو سادا، پر انسانيت وارا آهن، يعني وڏن لاءِ عزت، ادب، حيا، هڪ ٻئي لاءِ يپار ۽ محبت، هندو مسلمانن جو پاڻ ۾ پيار ۽ قرب، ٻار ٻچي ۽ نياڻين لاءِ آڌر ۽ عزت اٿن. ڳوٺ جي وڏيري، مکي يا پٽِل جو راڄ جو هرڪو هندو مسلمان، ننڍو توڙي وڏو ادب رکي ۽ سندن چئي کي مان ڏين. هونئن به ڪنهن کي چار اڇا آهن ته پو3 هُو هندو هجي يا مسلمان، سڀيئي سندس حياءُ ڪن. ميڙ مجلس ۾ وڏن جي ويٺي ننڍا ادب سان اُٿن ويهن، ۽ ڪوبه گُٿو لفظ يا گار وغيره وات مان ڪونه ڪڍن. کيچل مستي يا َجوڳ هلت ڪونه هلن. برادريءَ جي جهيڙي جهڳڙي، سَرچاءُ وغيره ۾ وڏن جي ڪيل فيصلن جي هرڪو عزت ڪري. زالون به وڏن جي ويٺي گهر يا ٻاهر وڏي سڏ يا ڪڙڪي سان ڪونه ڳالهائين. وات هلندي وڏو ماڻهو سامهون آيو ته ٿورو پاسو ڏيئي هلنديون، وڏن جي ويٺي زالون جُتي پائي ڪونه هلن. اڳيان يا ڀرسان لنگهڻو هوندو، ته جُتي لاهي هٿ ۾ کڻي، اڳتي وڃي پوءِ وري پائي هلنديون. جيتوڻيڪ پردي جو رواج ڪونهي ته به اُگهاڙي منهن ڪونه هلن، گهونگهٽ ڪڍي هلن. ڌارين کان منهن ڍڪين. گهر ۾ يا ٻاهر کوهن تان پاڻي ڀرڻ مهل، يا وٿاڻ تي مال ڏهڻ وقت عورتون اهڙيون هلٿ هلن، جا سڀڪنهن کي پيئي سُهائي. اهڙن هنڌن تي يا گهٽين ۾ مرد وهٽ تي چڙهي يا مٿي اُگهاڙو ڪونه لنگهن. عزت وارو ماڻهو از خود خيال ڪندو آهي، ڪو ٽرڙائي ڪري ته ڳوٺ وارا کيس سمجهايو ڇڏين. نياڻيءَ جي هرڪو عزت ڪري. وڏور ڇوڪريون سواءِ ضروري ڪم جي لُوڇ لُوڇ ڪونه ڪن. ڪم سان ڪٿي به وڃڻو هوندو ته به نظر هيٺ ڪري هلنديون. پاڙي جو ننگ ٿري گهڻي ڀاڱي غريب هميشه گذران جي ڳڻتي ۽ مال جو اوسيڙو، پنهنجيءَ ۾ ئي پورا، نه ڪنهن کي ڏين نه ڏکوئين، ايترو وقت ڪونهين جو ڪنهن کي کُنڌ کُنڌ ڪن. ڍؤ آهي ڪميڻو ۽ غربت آهي اشراف. اڻهوند ۾ ماڻهو پاڻ ئي لاچار هوندو آهي، ان کي پرائي پچار جو خيال ئي ڪونه ٿيندو ۽ سندس دل به نرم هوندي. اوکي سوکيءَ ۾ ڪنهن جو ڪَنٽو ڪڍبو ته اڳلو به انڌو ڪونهي. اکيون لِلاڙ (نراڙ) ۾ آهن. ڪنهن جو ڪيل ٿورو ڪونه وسارين. هي زمانو آهي گڏهه واري کنهه کَنهان جو. ڪنهن سان اوکي سوکيءَ ۾ پير ڀريو ته آئي ويل هرڪو مدد ڪندو. تنهن ڪري هڪ ٻئي کي سڏ تي سڏ ڏين، بلڪ اوکيءَ مهل ري ڪوٺيا به وڃي هڪ ٻئي جي مدد ڪن. سڀيئي ڪي ساريکا ڪونه هوندا، ڪو غريب، ڪو وري ڪجهه سَرياند، ڪي ويچارا ويلي ۾ لاچار، تهڪي پنهنجيءَ وارا. ڪو ڀاءُ برادر اڀرو هوندو، يا پاڙي ۾ ڪو غريب هوندو ته به برادريءَ ۾ سڀني کي سَريکو سمجهن. اوکيءَ ويل ان کي به وڃي ڪُلهو ڏيندا. پاڙي ۾ ڪو بيمار ٿيندو ته زالين مڙسين وڃي پچندا، دلداريون ڏيندا. ان جي گهر جو ڪم ڪار ڪندا، رات ڪَٽائڻ لاءِ آڌيءَ آسر تائين ويٺا هوندا، نازڪ حالت ۾ ڏسندا ته سج به اوڀاريو اٿندا. آئيءَ ويل پنهنجي حال سارو ڪَڻي داڻي پئسي پنجڙ ۽ ڪم ڪار جي به مدد ڪندا. چوندا آهن ته ”ادا جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان“. وقت سڀ ڪنهن سان ساريکو ڪونه هلندو. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪُر ۾. وقت گذري ويندو وڃي ڳالهيون رهنديون. ڏڪار يا مصيبت جي وقت ۾ به هڪ ٻئي جي مدد ڪن. چوندا ته ادا مَهِلون آهن مڙسن تي، جيڪي هوندو سو ونڊي ورڇي کائينداسون. هڪٻئي جي گهر ٻارين ٻچين اچن وڃن. پاڙي جي نياڻي سا پنهنجي نيڻي، سڀڪو ڄايو ويايو آهي. لڄ وارو ماڻهو پاڙي ۾ بُري اک ڪونه رکي. ڪو ڪميڻو ٿيو ته اُن کي اهڙي سيکت ڏيندا جو عمر ڀر ياد ڪندو. ٻئي جي لڄ رکبي ته ڌڻي پنهنجي به رکندو. پاڙي ۾ ڪنهن جي ڪَچي ڦڪي ڳالهه ٿي، ته ايئن ڪونه سمجهندا ته فلاڻي پاڙي جي ٿي آهي، چوندا ته منهنجي پاڙي ۾ ٿي آهي. انهيءَ کي پنهنجي گهٽتائي سمجهن، جنهنڪري هميشه ائين چاهيندا آهن ته اهڙيءَ طرح هلون جيئن ڪٿي ڪنڌ هيٺ ڪرڻو نه پوي. پاڙي ۾ڪنهن جو لوڙهو لتاڙڻ مڙس جو ڪم نه آهي، پر ڪميڻن جو ڪم آهي. اهڙو ڪم ڪنهن هڪ دفعو ڪيو ته هرڪو کيس سدائين ڦٽ لعنت پيو ڪندو. پاڙي ۾ نِلائي لاءِ راڄ جو چڱو مڙس ٿي پنهنجي گهٽتائي سمجهندو آهي، تڏهين چوندا آهن ته ”يا مڙس ٿي وهجي يا مڙس جي پاڙي ۾ وهجي.“ پاڙي جي ننگ پٺيان سِر به سهسائين. ڪو ويچارو ڏُلِي اچي پاڙي ۾ پيو، ته اَجهو ڏيندا ۽ حال سارو هر ڪا مدد ڪندا، جيستائين هو پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿئي. ايمانداري ٿرين کي ڪيترين ئي تڪليفن سان منهنڏيڻو پوي ٿو. وقتي لنگهڻ سان ڪاٽڻا پوندا اٿن. اهڙن وقتن تي، ڪنهن به حالت ۾ ايمان کي هٿان ڪونه ڇڏين. تڪليفون سهيو وڃن، مگر بي ايماني ڪونه ڪن. وٽن ڪا شيءَ شڪل يا پئسو پنجڙ رکي وڃو ته ڄڻ پنهنجي گهر پيا آهن. ٿري ماڻهو وسڪاري جو ٻنين تي ۽ ڏڪار وقت پورهئي سانگي ناري طرف ويندا آهن ته پنهنجو ڳهه ڳٺو ۽ گهرو ٽپڙو ٽاڙي ويٺلن وٽ ڇڏي ويندا آهن، جن جي هو اهڙي سنڀال ڪندا آهن جهڙي پنهنجن جي. ڪي ته وقتي وڏور نياڻيون به ڇڏي ويندا آهن ته انهن کي پنهنجين نياڻين سمان سمجهندا آهن. انهيءَ ۾ پنهنجو شان سمجهن. لچ لفنگ کي نندين، چوري وغيره ملڪ ۾ گهڻي ڪانه ٿئي. ڪوڙ جي عادت گهٽ اٿن. گهڻو ڪري سچي ڳالهه پڌري پٽ چئي ڏيندا. ڪنهن جي ڪا شيءِ وڃائجي ويئي ۽ ڪنهن اتفاق سان لڌي ته پُڇا ڪرڻ تي اَلوئي ڪونه ويندا ۽ ڏيئي ڇڏيندا. ”اصل ڳالهه ڪن سچي، جنهن ۾ کَڙهو نڪو مِٽي“. بعضي وڃايل شيءَ لاءِ مڱڻهار فقير کان پَڙهو ڏياريندا جو دهل وڃائي سڄو ڳوٺ گهمي وڏي سڏ هوڪو ڏيندو ويندو ته فلاڻي ماڻهوءَءَ جي فلاڻي شيءَ وڃائجي ويئي آهي جي ڪنهن لڌي هجي ته مهرباني ڪري ڏيئي وڃي. ڪنهن وٽ هوندي ته پاڻيهي ظاهر ڪندو، پر جي ڪنهن گُڍرڪو کاڌو ۽ پوءِ ڪنهن مهل ظاهر ٿي پيئي ته اهڙي ماڻهو تي آئينده ڪو ويساهه ڪونه ڪندو ۽ ماڻهن ۾ ڪاڻيارو ٿي ڪنڌ کڻي ڪونه سگهندو. ڪنهن جو مال وڃائجي ويو ته چوڌاري راڄ جي سکرن ۽ مالدارن کي پار پتا ٻڌائي وَڙول ڏيئي ڇڏيندو. اهڙي وڙول پاڻ تي لازم سمجهي جاچ ڪندا رهندا، ڪٿي ڪو ڏس پتو پيو ته ڄاڻ ڪندا. ڪوڙي ساک يا ڪوڙو قسم ڪونه کڻن، چوندا آهن ته ساک تي ٻيڙا ٿا هلن، اهو ماڻهو ئي ڪهڙو جنهن جي پَت نه هجي. هڪ دفعو ڪنهن جو ڪوڙ پڌرو ٿيو يا ڪنهن ڪوڙو ساک کنئي ته عمر ڪارپت ويس. مٿس ته ٺهيو پر پوين تي به ويساهه ڪونه ڪندا. تڪراري ڳالهين جو فيصلو ساک پت تي ڪن. جنهن ڏي پاءُ پاڻي هوندو. ان جي بدران سندس عزيز يا پاڙِ جي ڪنهن سکر جو ويساهه وٺن. اهو ويساهه ڏيئي ويو ته ڳالهه ڇُتي. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ گناهه گهٽ ٿين، ۽ ماڻهو ڪورٽن جي رولڙي ۽ وڪيلن جي فين کان ڇٽا پيا آهن. هڪٻئي جي اعتبار تي پيا هلن. چوندا آهن ته اڃا ”ڪاري ڏُڌي اَڇو اچي ٿو.“ پڇا وقت جي گهر ۾ ويٺل هوندا ته چوندا، ”هتي اَڌئي ۾ ويٺا آهيون“، يا ”روزگار وارو هنڌ هوندو ته چوندا: ”هتي روزگار جي هنڌ ويٺا آهيون.“ ڪنهن چڱي مڙس جي ڪچهريءَ ۾ هوندا ته چوندا، ”هي پئنچن يا سکرن جي ڪچهري ۾ يوٺا اهيون. هتي جيڪو ڪوڙ ڪندو تنهن کي شل خدا روز ئي نه ڏئي“، ائين چئي سچي ڳالهه، اصل جهڙي هوندي اها ٻڌائيندا. گهڻو ڪري راڄ جي پريي مڙس تائين به ڪونه وڃن، پاڻ ۾ فيصلو ڪري ڇڏين. پر جي لاچار اوستائين وڃن ته به نيٺ ڳالهه اَڇري پوءِ، ۽ چڱي مڙس جي پڇا بعد جيڪو فيصلو ٿئي تنهن کي سڀڪو سچو سمجهي ۽ مانُ ڏئي. پٽيل ۽ رسائي ٿر جي هر ڪنهن ڳوٺ ۾ پٽيل مقرر ٿيل آهن. انهن کي ڪو چونڊيو ڪونه ويندو آهي. پر اهو رواج پُشت به پُشت هليو اچي. پٽيل جو پٽ پٽيل اهڙيءَ طرح جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ذاتيون يا پاڙا هوندا ته هرهڪ ذات کي پنهنجو ۽ هرهڪ پاڙي لاءِ جدا جدا پٽيل هوندا آهن. انهيءَ سرشتي جو اصول بلڪل چڱو آهي، جنهن تي جيڪڏهن عمل ٿئي ته پبلڪ خواهه سرڪار کي ڪاروبار هلائڻ ۾ چڱي سهوليت ٿي پوي. ڪي پٽيل عوام جا همدرد، سچار، ايماندار ۽ نيڪ نيت هوندا آهن. انهن جي ڳوٺ ۾ چڱي عزت هوندي آهي. ڳوپٺ م ڪو جهيڙو جهٽو يا اَڀري سڀري ڳالهه ٿي ته پٽيل چئن چڱن سان گڏجي معاملو اُجهائي ڇڏيندو آهي. پٽِل جو فيصلو سڀڪو مڃيندو آهي، پر ڪي اهڙا به خَرَ مغز ٿيندا آهن، جي راڄوڻي فيصلن ڏي ڌيان نه ڏيندا آهن ته ان حالت ۾ پٽيل اهڙيون حقيقتون سرڪاري آفيسرن جي ڌيان تي آڻي انهن کي سبق سيکاريندا آهن. ڪي پٽيل اهڙا به هوندا آهن جي ڪامورن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جا ڇاڙتا بنبا آهن. انهن اڳيان پاڻ کي سُرخرو ڪرڻ ۽ انهن سان گڏ پنهنجي خرچي ڪڍڻ لاءِ روينيو، پوليس، ٻيلي، ايڪسائيز ۽ ٻين کاتن جي رشوتي ڪامورن سان ملت ٿي غريب کي دٻائي ڦريندا آهن. ڪامورن کي رشوت وٺيو ڏين ۽ ڪجهه پاڻ به خرچي ڪن. انهيءَ ڪري اهڙن پٽيلن جي عوام ۾ عزت ڪانه رهي. باقي اهو ڊپ رهندو آهي ته ڪامورن مان ڪم اسان ٿا ڪڍائي ڏيون. جڏهين ڪو ڪامورو ٻهراڙيءَ ۾ اچي لهندو آهي ته پٽيل يڪدم ڊوڙي ايندو ۽ پنهنجي اوتاري ۾ لاهيندو. جي اوتارو نه هوندو ته ڪنهن جي گهر جو چونرو خالي ڪرائي اتي لاهيندو، ۽ پوءِ پاڻ ڪٿان کٽ، ڪٿان هنڌ، ڪڪڙ ڇيلو، گاهه، داڻو، چارو، وغيره هٿ ڪري ماني تيار ڪرائي انهن کي کارائيندو ۽ پاڻ به لائيندو. اها رسائيءَ جي چٽي ڳوٺ مان ڦوڙي ڪري پوري ڪندو. ڪامورو ڪنهن ڪم سان آيل هوندو ته ان بابت گفتگو هلندي ۽ مڙيئي ان کي خوش ڪري روانو ڪندا. غمي گهر ۾ ڪو مرڻو ٿيندو ته مسلمان اڪثر ڪارا ڪپڙا ڪن. هندن مان برهمڻن، مهيشورين، لهاڻن ۽ سونارن مان ويجها عزيز ڏاڙهي مُڇون ڪوڙائين، جنهن کي ”سِرڀدار“ چون. باقي ٻيا هندو ڪونه وٺائين. سڀيئي ٻارهن ڏينهن مٿي تي پٽڪو ڪونه ٻڌن، پر ننڍڙو انگوڇو، چادر يا ڪپڙي جو ٽڪر ٻڌن. زالون ڳهه ڳٽا لاهي ڇڏين. سادا ڪپڙا ڍڪين ۽ وار ڇُڙيا رکن. گهر جون ۽ اوڙي پاڙي جون زالون گڏجي پِٽڪو ڪن، جنهن کي ”منهن تي پلو ڏيڻ، چئجي. خبر ڇوڻ سان ڳوٺ جا مرد ۽ زالون آهستي آهستي پيا ايندا. ڪوبه مرد يا زال آئي ته پِٽڪو شروع ٿيندو. اوطاق يا ڪنهن خلاصي جاءِ ۾ پٿر وچڇايل هوندا، جتي مرد پيا ايندا ۽ ويندا. رات جو به پاڙي جا ماڻهو اچي ڪچهري ڪندا. انهي طريقي کي هندو ”سٿراڙو“ چون، جو ٻارنهن ڏينهن هلي. مسلمان ختمي ۽ هندو بارهئي جو ڏينهن مقرر ڪندا جنهن تي ٻين ڳوٺن مان برادري وارا ايندا. ختمي تي پهرو پائي پلاهه رڌي کارائيندا آهن. ملڪ جي رواج ڪري ڪي سرنديءَ وارا وڏي پيماني تي اوسر ڪندا اهن. جنهن ۾ سيرو، لڏون ۽ مٺايون ڪندا اهن، جن تي ٻه چار هزار يا بعضي وڌيڪ خرچ اچي ويندو آهي. پر ائين ٿورا ڪندا آهن. هندو ۽ اڇوت اوسر يا مارڪو ڪندا آهن. اوسر يا مارڪو مرڻ کان پوءِ اوسر ڪرڻ جو رواج هندن ۽ اڇوتن ۾ عام آهي. جي ننڍو مرڻو (چاليهه سالن اندر) هوندو ته رواجي ڀت ڪندا، جنهن کي”ٻارس“ چون. پر جي وڏو مرڻو هوندو ته گهڻو ڪري ٻارهين ڏينهن (جنهن کي ٻارهيو چون)، نه ته ڪنهن به وقت اوسر ڪندا آهن. اڇوت ته بعضي مري وڃڻ بعد بروقت اوسر نه ٿيو ته 15 – 20 سالن بعد به ڪن. وقتي ٽي چار اوسر گڏي به ڪن. وڏو مرڻو ٿيندو ته اوڙي پاڙي جا هر وقت پيا کيس اوڀاريندا، ته ادا ڇو ڳڻتين ۾ پيو آهي؟ ”وڏو مرڻو ته وهاءَ جهڙو“. تو وٽ ته اُٺ، ڍڳيون، ٻڪريون، ڪمريون، کاهيون ۽ پروڪي ٻاجهري وغيره سڀ ڪجهه آهي. فلاڻي وٽ ڇا هو؟ تنهن به مائٽن کي سُرهو ڪري ڇڏيو. گهڙيو سو اوۡريو. واڻيو توکي انڪار ڪونه ڪندو. قرض مڙسن تي ٿيندا اهن، ڪي ڏيندي مئا، ڪي وٺندي مئا. فلاڻو ته ويچارو سڀ ڪجهه ڇڏي ويو آهي. هو ڪو ڍَڪڻ جهڙو هو ڇا؟ ”پئسو اهي هٿ جو مَرُ“. قرض لهي ويندو. ناڻو هٿ ايندو پر ٽاڻو هٿ ڪونه ايندو. سڀاڻي ڪو چئي ته ڪونه سگهندو. ائين ڏٽا ڏيئي اوسر ضرور ڪرائيندا، جنهن تي ڪيترو ئي خرچ اچيو وڃي. پوءِ لاچار چوپايو مال، گهرو ٽپڙ، ٻنيون ٻارا، زيور وغيره وڪڻي ۽ وڌيڪ قرض کڻي به پورائو ڪن. نه ته نيات ۾ مهڻا سَهڻا پون. گهر ۾ وڏي جي موت جي ڪري جڏهين روڄٺ راڙو ۽ پٽڪو هوندو آهي، تڏهين کائُو پُٽ، فوتيءَ جي وارثن کي انيڪ ڏٽا ڏيئي، جائداد گروي رکائي، ٽپڙ ٽاڙي وڪڻائي، قرض کڻائي به اوسر ڪرائين. انهيءَ رواج ڪيترن جا جهڳا جهڻ ڪيا اهن. اوسر تي برهمڻ، مهيشوري، سونارا، لهاڻا، سِيرو، مَگت، لڏون پنجه پڪوان (پنجن قسمن جي مٺائي) چانور وغيره ڪن. هن سجاڳيءَ جي سمي ۾ به ڪيترا پڙهيل، سمجهو ۽ سڌريل خيالن جا ماڻهو، جيتوڻيڪ سمجهن به ٿا ته اهو ڪُڌو رواج جيترو جلد بند ٿئي اوترو چڱو، پر مهل تي اهي پاڻ انهيءَ وهڪري ۾ گهلجيو وڃن. منجهن همت نه ٿئي جو ارادي تي مضبوط رهي سگهن! هاڻي البت سڌريل جاتين ۾ ڪن سمجهو ماڻهن جي اثر جي ڪري ڪجهه رواج گهٽ ٿيو آهي، پر صفا بند نه ٿيو آهي. فوتيءَ جا وارث آرڪو ترڪو وڪڻي اوسر ڪري کارائين ته ڄڻ مئل مائٽ سوڳ ۾ ويو! اهو ته ڪو ڏسي ڪونه آيو آهي ته الاجي ڇا ٿو ٿئي، مگر جيترو اولاد قرض ۾ ٻڏي دربدر ٿئي ٿو، يعني نرڳ ڀوڳي ٿو، اهو ته اکين جي اڳيان آهي، جو سڀڪو ڏسي ٿو. اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ افسوس جو پرمن ۽ ڪوڙي لوڪ لڄا جي وس ٿي ماڻهو ڪيئن نه پنهنجو، اولاد جو ۽ قوم جو خانو خراب ڪري رهيا اهن. هن وقت ٻين قومن اوسر جو رواج گهٽ ڪيو آهي. پر اڇوتن، خاص ڪري مينگهواڙن ۾ اهو رواج زور آهي. اڇوتن ۾ اهڙا مثال ٿيا آهن جو اوسرن تي سَت اٺ هزار يا وڌيڪ خرچ به ٿيو آهي، جنهنڪري اها قوم سدائين قرض ۾ ٻڏل، پيٽ قوت لاءِ لاچار ۽ اجهي لاءِ حيران آهي. الاجي ڪڏهن سمت ايندي؟ خيرات، دان ۽ پُڃ ڪو بيمار ٿيندو آهي ته ڪي مسلمان پَهرو پائي ان جو گوشت خيرات ڪندا آهن. صحتياب ٿيڻ تي سرنديءَ وارو هوندو ته ڀُت جي ديڳ رڌي غريبن کي، يا غريب هوندو ته ٿورو رڌي نياڻين ۽ معصومن کي کارائيندو. چنڊ ۽ ٻين خاص ڏينهن تي ڪنهن پير فقير يج نالي تي خيرات ڪندا آهن. ٻهراڙين ۾ ڪي ڇوڪرا مُلن وٽ پڙهندا اهن ته انهن جي کاڌي لاءِ ڳوٺ جو هر ڪو گهر روزانو ٻه ويلا يا هڪ ويلو ماني ڏيندو آهي، جنهن کي ”فَقر“ چوندا آهن. هندو ۽ اڇوت چنڊ ۽ اُماس وغيره تي ڪڏهن ڪڏهن جاڳو ڪري، ڀڄن ڳارائي، لاپسي، تاهرِي يا ڀت رڌي انهن کي کارائيندا اهن. جنهن کي ”پيئالو“ يا ”ڪُني“ چون. گرڙن ۽ ٻانڀڻ کي کارائيندا آهن، هندو مندر ۾ روزانو پوڄاريءَ کي اتو گيهه ڏيندا آهن، جنهن کي ”رسوئي“ چون. گانين (ڍڳين) کي گاهه ۽ اٽي جا مُٺيا ڏين. روزانو شام جو ماڪوڙين جي ٻِرن تي ڪي ڪي مرد يا عورتون، اَن جو ڏارو اُڇلي ايندا آهن، جنهن کي ”نَگرو پوڄڻ“ چئبو آهي. وڻن ۾ ڇِڪا ٽنگي اُنهن ۾ ٺِڪر جو ٿاءُ رکي پاڻي وجهندا آهن ته پکي پيئن. ڪي ماڻهو روزانو ماني کائڻ مهل گرهه کن اڳ ۾ ڪڍي جدا رکي ڇڏيند آهن، جو ماني کائڻ بعد ڪنهن ڪُتي يا پکيءَ کي ڏيندا آهن. ڪي ماني کائڻ بعد ڪُتي کي ٽڪر اُڇلائيندا آهن. ڪي ماڻهو روزانو مانين پچائڻ وقت اڳ ۾ هڪ لولو پچائي رکندا اهن جو ڪتي کي ڏيندا آهن. ڪو فقير يا غريب ايندو آهي ته ان کي خيرات ڏيندا اهن. ڪڏهنڪڏهن ننڍين ڇوڪرين کي کارائيندا آهن، جنهن کي ”نياڻيون جِيمائِڻ چئبو آهي. سهرن ۾ ڌرم شالائون ٺهرائيندا اهن. پکين کي داڻا اُڇليندا آهن. ڪٿي ڪٿي شهرن ۾ خاص اهڙا ٿلها ٺهيل آهن، جتي روزانو پکين لاءِ داڻا اُلائيبا آهن. ڪيترن هندن ۽ مسلمانن خيراتي کوهه کڻايا آهن. برساتي موسم جي شروعات وقت تراين تي ديڳيون رڌي کارائيندا اهن. اُماس جي رات جو ٿلهي رَٻ (گِسَ) رڏي رکي ڇڏين. صبح جو ڪتن کي کارائين. وڏن ڳوٺن ۾ ٻاوا ۽ وَرِتيا رهندا آهن، جو روزانو گهر گهر دان وٺڻ ويندا آهن، تن کي اتي جو ذرو ڏيندا آهن. ورتين کي ڪڙو تيل، خاص ڪري ڇنڇر جي ڏينهن ضرور ڏيندا آهن. گرڙا ڪڏهن ڪڏهن مينگهواڙن ۾ گهر گهر گهمندا آهن. جنهن به گهر ۾ ويندا آهن تڏهن چوندا: ”وَڌي ڌرم“، هرڪو لَپ داڻن جي ڏيندو آهي. انهيءَ کي ”ڪڻڪ ڪرڻ“ چوندا آهن. مڱڻهار فقير به جتي هوندا آهن ته سڀني قومن جي گهر گهر ۾ ويندا آهن. وڃڻ وقت چوندا آهن ”شُڀ راج“، اڳيان جواب ڏيندا ”پڌارو“، ۽ پوءِ کيس هرڪو داڻن جي لپ ڏيندو آهي. انهيءَ کي ”ڏارو ڪرڻ“ چئبو آهي. چنڊ يا سج گرهڻ ٿئي ته ڀنگي گهر گهر دَان وٺڻ ويندو آهي. کيس اَن، پئسا يا ڪپڙا سڀڪو پنهنجيءَ هوند سارو ڏيندو آهي. اهو رواجي دان جو سرشتو آهي. باقي ڪو ڳچ رقم ڪڍي ڪنهن چڱي ڪم ۾ لڳائي، سو ڪونه آهي. پردو ٿر جي هندن ۽ اڇوتن ۾ پردي جو رواج ڪونهي. عورتون فقط ڌارئين ماڻهوءَ کان چُني يا اوڍڻ جي پلؤ سان منهن ڍڪينديون آهن، جنهن کي ”گهونگٽ“ چئبو آهي. عورتون پردي کان سواءِ گهر ۾ ڪم ڪار ۽ ٻاهر مال جي ڏُهائي، کوهن ۽ تراين تان پاڻي ڀرڻ، ٻنين تي وڃي ڪم ڪرڻ ۽ جهنگ مان ڏٿ چونڊڻ جو ڪم ڪنديون آهن. ٺَڪُرن مان ڪي بيٺل گهر ۽ زميندار پردو ڪندا آهن. انهن جون عورتون گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرن. سندن گهر ۾ توڙِ ٻاهر جو زنانو ڪم سندن بجيرياڻيون يا گوليون ڪن ۽ ٻيو ڪم انهن جا مڙس يا گولا ڪن، جي وڏن گهرن ۾ آهن. ڪيترن کي شآديءَ وقت گوليون ڏاج ۾ ملنديون آهن ۽ پاڻ به ڌيئن کي شاديءَ وقت گوليون ڏاج ۾ ڏيندا آهن. باقي غريب طبقو پنهنجو ڪم پاڻ ڪري. مسلمانن ۾ به غريب طبقي ۾ پردو ڪونه آهي، پر زميندار، شاهوڪار، بيٺل گهر، سيد يا ٻيا هلنديءَ وارا ماڻهو پردو ڪن. انهن جون عورتون ٻاهر ڪونه نڪرن، ڪم سان لاچار ڪٿي ٻاهر وڃڻو پوي ته پردي ۾ وڃن. ڏيپلي جي ميمڻن ۾ پردو آهي. اهي شاهوڪار، واپاري، پڙهيل ۽ گهڻي ڀاڱي وڏين نوڪرين ۾ آهن. هنن ۾ بُرقعي جو رواج آهي. مسجدون ٿر جي وڏن شهرن ڏيپلي، مٺي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ ننگرپارڪر ۾ پڪيون مسجدون آهن. ڳوٺن ۾ گهڻن هنڌن تي، جتي مسلمانن جا وڏا پاڙا ۽ گهڻائي آهن، اتي به پڪيون مسجدون آهن، ۽ ننڍن ڳوٺن يا جتي مسلم آبادي گهٽ آهي، اتي به ڪچيون مسجدون آهن، جتي ڪي پنج وقت ۽ ڪي وري ڪنهن ڪنهن وقت نماز پڙهندا آهن. نماز جي ٻانهن ٻڌي نمازي اچي حاضر ٿيندا آهن. پوءِ جماعت ٺاهي فرض ادا ڪندا آهن. هر ڪنهن جمعي تي نماز جماعت سان ادا ڪئي ويندي آهي. ان ڏينهن گهڻو ڪري ڳوٺ جا گهڻي ڀاڱي مسلمان اچي شامل ٿيندا آهن، جن کي خطبي ۽ مذهبي ڳالهين بابت وعظ رستي سمجهاڻيون ڏنيون وينديون آهن. مسجدون ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي تيار ڪندا آهن. ڪن حالتن ۾ چندو ڪري ٺهرائيندا آهن. ڪي ته الله جا نيڪ بندا اهڙا به آهن جي پنهنجي هڙان خرچ ڪري مسجد شريف ٺهرائيندا آهن. مندر مندر صرف ٿر جي وڏن ڳوٺن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري، ننگرپارڪر، چيلهار ۽ ڪانٽئي ۾ آهن، جتي پوڄاري مقرر ٿيل آهن. هننکي روزانو ڪجهه سيڌو رسوئيءَ لاءِ ۽ ٻيو ڪجهه نقد ملندو آهي. انهن کي پوڄڪ يا شيوڪ چوندا آهن. مردن ۾ شرڌا گهٽ آهي. اُهي مندر ڏي ورلي وڃن. ڪي ڪي ته اهڙا به آهن جي 10 – 15 يا 20 سالن ۾ مندر ۾ نه ويا هوندا. ڪي پوڙها ڪڏهن ڪڏهن مٿو ٽيڪڻ ويندا آهن. عورتن ۾ البت ڪجهه شرڌا آهي. ڪي روزانو، ڪي ڪڏهن ڪڏهن مندر ۾ وينديون آهن، جتي پوڄاريءَ کي رسوئي لاءِ سيڌو ڏيئي، مٿو يڪي اينديون آهن. جوان عورتون گهٽ وينديون آهن. ڪڏهن ڪا پنڊٽ جي ڪٿا هوندي ته پوڙهيون عورتون ۽ مرد اها ٻُڌڻ ويندا آهن. مندر پئنچات جي پاران ٺهرائبا آهن. ڇيڻا گڏ ڪري رکڻ گانءِ جو ڇيڻو ٿر ۾ ڏاڍو ڪمائتو آهي. ماڻهو پنهنجين جاين جو اوٽو ڇيڻي جو وجهندا آهن. شهرن ۾ ڪاٺيون مهانگيون آهن، تنهن ڪري سُڪل ڇيڻُ سانجڻ (رڌ پڇاءُ) لاءِ ڪاٺين سان گڏ يا جدا ڪم آڻيندا اهن. زالون کير گرم ڪرڻ لاءِ خاص ڪري ڇيڻو ٻاريندا آهن، ڇو ته ڪاٺيون ذري ذري وجهڻيون ۽ اوتي ڪرڻيون پون ٿيون. ازانسواءِ انهن جي باهه ڀنڀٽ ڪيو ٻري، جنهن ڪري کير اُڀامي هارجيو وڃي، چُلهه ۾ ڇيڻا وجهي ڇڏبا ته آهستي اهستي پيا ٻرندا، جنهن ڪري جهيڻي باهه تي کير چڱو ڪَڙهجي، ۽ اُڀامڻ جو به ڊپ نه رهي. زالون ۽ ننڍيون ڇوڪريون وٿاڻن ۽ ڳوٺ جي پسگردائيءَ مان روز سڪل ڇيڻا گڏ ڪري کارا ڀري کڻي اي گهر ڪٺا ڪنديون آهن، يا آلو ڇيڻو آڻي ٿڦي ڳوڙها ڪري سڪڻ لاءِ پاسيرو ڪري رکي ڇڏينديون، جن کي ”ٿيپڙيون“ چون. سُڪڻ بعد ٻارين. گهڻيون زالون ڇيڻا گڏ ڪري ڪجهه بارڻ لاءِ رکين ۽ ٻيا ڪنهن ڀِت جي ڀطر ۾ هڪٻئي مٿان رکي چڱو ڍڳ تيار ڪري چوڌاري آلي ڇيڻي سان لنبي ڇڏين، جنهن کي ”پِينڏارو“ چون. ڇيڻي ٻارڻ جو گهڻو رواج برهمڻ ۽ مهيشوري زالن ۾ آهي، جي پينب ڏارا ٺاهي رکن، جي ضرورت وقت ڪم آڻين. ڳوٺ جي پسگردائيءَ مان غريب زالون سُڪل ڇيڻن جا کارا ڀري اچي وڪڻن. اونهاري جو ڍڳيون کوهن تان پاڻي پِي وڃي اوسي پاسي وارن وڻن هيٺ ويهن، جتان منجهند جو اٿي جهنگ ڏي چرڻ لاءِ وڃن. اتي ڇيڻا جام ٿيندا آهن. ڪيترا ماڻهو اُٺن تي وڏا ٻورا ڀري وڃي وڪڻن ۽ زالون کارا ڀري کنيو اچن. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن، مسلمانن ۽ اڇوتن ۾ ڇيڻي ٻارڻ جو رواج گهٽ آهي. گوئينتر هندو ۽ هريجن ڪن ڌرمي ريتين ۾ گوئينتر يعني گئومُتر ڪم آڻيندا آهن، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”گوموتر“ يعني گانءِ جو مُٽ آهي! جنهن کي فارسيءَ ۾ چون گومز (Gomez) اهو رواج قديمي آهي، جو اڃا هليو اچي. هندو ماڻهو ماني پڇائڻ کان اڳ ڳئونءَ جي ڇيڻي جو ليپ ڏيئي، پوءِ انهيءَ هنڌ ماني پچائي کائيندا آهن. ان کي ”چؤنڪو“ چوندا آهن. ٻار ڄمڻ وقت ۽ ماڻهوءَ جي مرڻ وقت گهر جي جيستائين صفائي نه ٿئي، تيستائين اَپوتر آهن، ۽ چوندا اهن ته ”سُوتَڪَ“ آهي. جنهن ڪري برهمڻ کي گهرائي ان کان ڪِريا جو رسمون ادا ڪرائي گئومتر آڻي، ڊڀن جو مُچو ٺاهي گئوموتر ۾ ٻوڙي، ان سان هر ڪنهن ماڻهوءَ يج تري تي ٻه ٽِ ڦڙا لڳائيندا آهن. جو وري پنهنجن هٿن پيرن جي نَنهَن، مٿي جي چوٽي ۽ زبان تي لائي، پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ڪرڻ بعد چودنا ته هاڻي سُوتڪ لٿو. ڳڻڻ جو نمونو ٿر جا هاري ناري ۽ اڻ پرحيل اڪثر ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن. ويهن کي ڪوڙي به چون. اهي پنجاهه بدران چون اڍائي ويهون يا اڍائي ڪوڙيون. سٺ بدران چون ٽي ويهون يا ٽي ڪوڙيون. چوڻي آهي ته ”جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.“ اهو ڳڻڻ جو رواج هٿن ۽ پيرن جي آڱرين تان پيل ٿو سمجهجي، ڇو ته اهو رواج سولو ۽ سڀاويڪ آهي. جوڙ ڪٽ ڪرڻ مهل به هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جو رواج آهي، جو سهنجو آهي، جتي ٻي ڪنهن شيءَ جي ضرورت به ڪانهي. وٽ ۽ ماپا شهرن ۾ دڪاندار ته سرڪاري ٺپي وارا وٽ آڻيندا آهن، مگر ٻهراڙِءَ ۾ هاري ۽ مزور پنهنجي گهرو ڪمن ڪارن لاءِ جيڪي ساهميون ڪم آڻيندا آهن، تن ۾ پٿرن ۽ پڪل سِرن جا ٽڪر وٽ طور ڪم آڻيندا آهن، جن کي گهڙي لسو ڪري، ٿوري، پاءُ، سير وغيره جا وٽ ٺاهي ڇڏيندا آهن، جن مان پوءِ ڪم وٺندا آهن. ٿري ماڻهو ساهميءَ کي ”ٽَڪِڙِي“، پاسن مان هرهڪ کي ”چيرو“ ۽ ڏنڊي کي ”ڪانو“ چون. وڌيڪ ٿور لاءِ ڪاٺيءَ جو ڪانو، سِرون يا ڀتر ڏهه سير يا اڌ مڻ توري گڏ ڪري ڪنهن رسيءَ يا ڳوٺڻ ٽڪر ۾ قابو ٻڌي رکندا آهن، جنهن کي ”ڌڙي“ چون. پوءِ جي ڪا اهڙي وڏي تور ڪرڻي هوندي ته اُن سان ڪندا آهن. ساهميون، ڪانا ڌڙيون ۽ وٽ وغيره سڀني گهرن ۾ ڪونه هوندا آهن. ڪي ماڻهو، جن کي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، سي ٺاهي رکندا آهن. اوري پاڙي وارا ضرورت وقت اتان وٺي ڪم ٽپائيندا آهن. اَنُ ڀرڻ لاءِ چوٿايون، پاٽيون ۽ ٽويا ڪم آڻين، چوٿايون ۽ پاٽيون ڪي ڪاٺيءَ مان ۽ ٿوريون لوههمان ٺهن، باقي ٽويا لوهه جا ٺهيل هوندا آهن. اڳتي اهو رواج عام هو، مگر هاڻي جتي ڪٿي تور جو رواج ٿي ويو آهي ته به گهرن ۾ زالون چوٿايون ۽ پاٽيون ان ماپڻ لاءِ ڪم آڻينديون آهن. باب ٻاويهون ٿر جا مکيه شهر ۽ ڳوٺ *عمرڪوٽ: - سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ شهر قديم شهرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کيکني اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو. هيءُ شهر 22 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 47 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي. هي واريءَ ۾ ڏاڍي زمين جي دنگ تي آهي. هتي 1542ع ۾ هاڪارو مغل بادشاهه اڪبر اعظم ڄائو هو. هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاتو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگ قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جو اڃا تائين سلامت آهي. انگريزن عمرڪوٽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري مٺي، ڇاڇري ڪانٽئي، چيلهار، پارني، ٻڳل، ويراڙي، ڌارناسر ۽ ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، سول ڪورٽ، ڊپٽِ ڪليڪٽر جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، پاڪستان سرڪار جو ميوزم، ٽائون ڪميٽي، تار آفيس، پوليس ٿاڻو، مسافر خانو، تعلقو اسپتال ۽ انجنيري بنگلا آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون ڇوڙ ۽ ڍورو نارو هرهڪ 12 ۽ 14 ميل آهن. ميرپور خاص 46 ميل پري آهي، جو پڪو روڊ آهي. ڪنري اسٽِيشن سان به آمدرفت چالو آهي. هيءُ شهر سڀني شهر سان لاريءَ رستي ڳنڍيل آهي. *ننگرپارڪر: عمر ڪوٽ کان پوءِ ننگرپارڪر ٻيو نمبر مشهور ۽ قيديم شهر آهي. هي پارڪر واري ڀاڱي 21 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 4 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ آهي. هتي وڻڪار گهڻي آهي، خاص ڪري نمن جا وڻ ججها آهن. جبلن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تيرٿ آستان ۽ ڌرمي مڪان آهن. هتي موتين جي پُوچ جو ڪم ٿئي ٿو. نِواڙون ۽ جهاجهم سٺا ٺهن ٿا. هتي مسلمان، ميمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، لهاڻا ۽ ڪولهي رهن ٿا. جبل مان عمارتي پٿر ملي ٿو، جنهن مان جايون ٺاهيل آهن. هتي جاين جي مٿان ٺڪر جا نَريا ڏيندا آهن. جبل ۾ ماکي جام ٿئي ٿي. هتي هيرڻ جي پيدائش ججهي ٿيندي آهي، جن جي ٻجن مان تيل نڪرندو آهي. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، ريسٽ هائوس، هاءِ اسڪول، ٿاڻو، مختيارڪار جي آفيس، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، يونين آفيس، اسپتال، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. هتي لَکڻ ڀارتيءَ جو مشهور مندر آهي. *مٺي: هيءُ 44 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 51 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ سڄي ٿر جو مرڪزي ۽ مشهور شهر آهي. هتي لهاڻا، مهيشوري، برهمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، مالهي، کٽي، سونارا، مسلمان بجير، پڃارا، ڪاسائي، حجم ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. روايت موجب هي شهر ”مٺي“ نالي بجيرياڻيءَ جو ايل آهي. هتي جا ماڻهو تعليم يافته آهن. واپار چکڱو هلي ٿو. هتي ٽالپرن ٻه قلعا ٺهرائي مٿن ”فتح ڳڙهه“ نالو رکيو. قلعا هاڻي ڊهي ويا آهن، هڪڙي جي ڊٺل هنڌ تي هن وقت اسپتال آهي. ٻيو شهر جي الهندي پاسي وڏي دڙي تي کنڊر جي صورت ۾ آهي، جنهن کي ”گَڍي“ چوندا آهن. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمي اسڪول، هاءِ اسڪول، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختياڪار جون آفيسون، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، تار آفيس، پوسٽ آفيس، اسپتال، پوليس ٿاڻو، ايڪسائيز آفيس، مسافرخانو، ٽائون ڪميٽي ۽ انسپيڪشن بنگلو آهن. هتي غاليچن ٺاهڻ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. ويجهي ريلوي اسٽيشن نئون ڪوٽ 33 ميل آهي. ڏينهن رات لاري سروس چالو آهي، جا اڳتي اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تائين وڃي ٿي. *ڏيپلو: هيءُ شهر 28 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 37 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ڏيئي مينگهواڙ جو ٻڌايل آهي، جنهن جي قبر تعلقي آفيس جي ايوان ۾ موجود آهي. اڳي موجوده تعلقي آفيس واري هنڌ ڪچو قلعو هو. جو هاڻي ڊهي ويو آهي. هتي جي آدمشاريءَ ۾ گهڻا ميمڻ آهن، جي اصل لاڙ کان آيل آهن. ڪي چيلهار کان لڏي آيا اهن، انهن کي ”چيلهاريا ميمڻ“ چوندا آهن. ڪجهه ڪَلَرَ، مينگهواڙ، گُرڙا، لُهاڻا، بجير ۽ لنگها به رهن ٿا. هتي جا ميمڻ تعليم يفته، ملازمت پيشه، واپاري ۽ شاهوڪار آهن. وڏي تعداد ۾ ميمڻ اعليٰ عملدار ۽ ڪامورا آهن. مشهور سنڌي اديب ۽ صحافي، جناب محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن سَون جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا اهن، سو اصل هتان جو رهاڪو آهي. هتي جا ميمڻ سڌارڪ خيالن جا شائق، مهمان نواز ۽ ديندار آهن. *اسلام ڪوٽ: هيءُ مٺي تعلقي ۾ ٻيو نمبر وڏو ۽ مشهور شهر آهي. هتي اڳي ٽاپرن قلعو جوڙائي شهر تي ”اسلام ڳڙهه“ نالو رکيو. قلعو پوءِ ڊهي ويو، هن وقت انهيءَ هنڌ تي پرائمير اسڪول آهي. شهر جون ڪيتريون ئي جايون انهيءَ قلعي جي سرن مان جڙيل آهن. اُهتي لُهاڻن جو تعداد گهڻو آهي، جي پڙهيل ڪڙهيل ۽ واپاري پيشه آهن. سارسوُت برهمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، ٺڪر، ڪولهي وغيره به رهن ٿا. لُهاڻا ٽالپرن جي وقت ۾ لاڙ کان آيل آهن. اُهي ذهين واپاري ۽ سرمائيدار آهن. ڪيترا لهاڻا وڏين نوڪرين ۾ پڻ آهن. هتي گيهه ۽ ڀرت جي ڪپڙي جو واپار هلي ٿو. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، تار ۽ پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، ٽائون ڪميٽي، جانورن جي اسپتال، ڍڪ، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري رزانو هتان لنگهي ٿي. *ڇاڇرو: هيءُ 6 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 18 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هتي مهيشوري، برهمڻ، کٽي، مينگهواڙ، گرڙا ۽ مسلمان بڀجير وغيره رهن ٿا. هي کائڙ ۽ ڪنٺي کي ويجهو آهي، تنهنڪري واپار جام هلي ٿو. زنانو ۽ مردانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، پوليس ٿاڻو، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، مختيارڪار جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر آفيس، اسپتال، مسافرخانو، ڍڪ وغيره آهن. ويجهيون اسٽيشنون ڪنري 48 ميل ۽ نئون ڪوٽ 56 ميل آهن، جتان روزانو لاري سروس چالو آهي. آمدرفت ۽ واپار ڪُنريءَ سان ججهو هلي ٿو. *چيلهار: هيءُ شهر ڇاڇري تعلقي ۾ چيلي نالي چارڻ جو ٻڌايل آهي. هتي برهمڻ، مهيشوري، مينگهواڙ، مالهي، مسلمان بجير ۽ حجم رهن ٿا. هتي ٽالپرن قلعو ٺهرائي ڳوٺ تي ”علي ڳڙهه“ نالو رکيو هو. قلعو هاڻي ڊهي ويو آهي، جنهن جي سِرن مان شهر جون ڪيتريونئي جهونيون جايون جُڙيل آهن. اهي سِرون ننڍيون ۽ سنهيون آهن، پر مضبوط آهن. ڳوٺ ۾ ٺالپرن جي زماني جون توبون اڃا پيون آهن. ٽالپرن جا کوٽايل ڪيترا کوهه به آهن، جن مان ڪي چالو آهن. واپار چڱو هلي ٿو. ڀرسان ترايون سٺيون ۽ گهڻيون آهن، هتي جو ”راڻا سر“ تلاءُ مشهور آهي، جنهن ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. کوهن جو پڻي وڻندڙ ۽ هاضميدار آهي. ماڻهو گهڻي قدر تعليم يافته آهن، خاص ڪري پرائمري ماستر هن ڳوٺ جا گهڻي ۾ گهڻا آهن. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، ديرو، ٿاڻو، ڍڪ، ٻيلي کاتي جي آفيس، يونين ڪائونسل ۽ پوسٽ آفيس آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون، ڪنري 30 ميل، نبي سر روڊ 30 ميل ۽ نئون ڪوٽ 33 ميل آهن. نئين ڪوٽ سان لاري سروس هئڻ ڪري واپار ۽ آمدرفت ججهي آهي. *ڪانٽيو: هيءُ ڇاڇري تعلقي ۾، ڇاڇري کان 20 ميل اولهه طرف ڪُنري ڏي ويندڙ لاري رستي تي آهي. هتي مهيشوري، مينگهواڙ، ٺڪر ۽ ٻيا رهن ٿا. واپار ۾ چڱي ترقي ڪئي اٿس. هتي جا مهيشوري شاهوڪار ۽ تعليم يافته آهن. هتي پرائمري مرادانو ۽ زانانو اسڪول، مڊل اسڪول، پوسٽ، مسافرخانو ۽ يونين آفيس آهن. ويجهي اسٽيسن ڪنري 28 ميل آهي، جتان واپار هلي ٿو. *گڍڙو: هيءُ شهر ڇاڇري تعلقي ۾، ڀارت واري بين الاقوامي سرحد کي ويجهو آهي. اڳي گڍڙو روڊ ريلوي اسٽيشن ويجهي هئڻ ڪري پارڪر ۽ ڀر واري ڀاڱي لاءِ واپار مرڪز هو، مگر هاڻي هندو لڏي هليا ويا ۽ سرحد تي هئڻ ڪري پاڪستان ملٽري ۽ رينجرس رهي ٿي. هتي کوهه 60 پرهه اونها آهن. هتي جو تلاءُ مشهور آهي جتي ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. هتي پرائمري مردانو اسڪول، مسافر خانو، ڍڪ، يونين آفيس ۽ ٿاڻو آهن. شهر اڳئين رونق ڇڏي ويو آهي. *ويراواهه: هيءُ نننگرپارڪر تعلقي ۾ 31 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 0 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ويري نالي رَٻاريءَ جو ٻڌايل جهونو ڳوٺ آهي. هن جي اڀرندي پاسي ”پاري ننگر“ جو تاريخي ڦٽل بندر آهي، هتي اڳي جيني اوسواڙ رهندا هئا، جن جا مندر ۽ ديوتائن جا پتلا اتي رکيل آهن. ريکو ديو جو بت ڏسڻ جهڙو آهي، جو سنگ مرمر جو ٺهيل آهي. هن جي ڏکڻ ۾ سانگاهه نالي تلاءُ آهي، جتي برساتي موسم ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو، ۽ آبادي به ٿيندي آهي. هتي پرائمري اسڪول، پوسٽ، ٿاڻو، مسافرخانو ۽ يونين آفيس هن. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي. *پاري ننگر: هيءُ عيسوي پهرين صديءَ ۾ هاڪارو شهر ۽ سمنڊ جي ڪناري تي بندرگاهه هو. هتي ڏوتڙ وٽ جهاز بيهندا هئا، جتي لوهه جي ٽڪرن جا نشان اڄ به ڏسجن ٿا. ان وقت هتي جي آمدشماري اندازي موجب چاليهه هزار هئي، جن ۾ گهڻو تعداد جيني هئا. هن بندر ۽ شهر جا ٽن – چئن ميلن ۾ کنڊهر آهن. هاڻي ڦٽل حالت ۾ ڀِڙو آهي، ”سَڏِوَنت سارنگا“ جي مشهور رومانوي قصي ۾ پاري ننگر جو ذڪر موجود آهي. *ڏانوڌانڌل: هيءُ شهر ننگرپارڪر تعلقي ۾ تازو چڱو آباد ٿيو آهي، هتي لهاڻا، مينگهواڙ ۽ ٻيا ماڻهو رهن ٿا. واپار ۾ چڱي ترقي ڪئي اٿن. هتي پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، اسپتال، پوسٽ، يونين آفيس ۽ پوليس ٿاڻو آهي. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي. *ڀوڏيسر: هيءُ ننگرپارڪر کان 4 ميل اتر – الگهندي ڀوڏي سوڍي 1375ع ڌاري ٻڌايو هو. هتي هڪ وڏو تلاءُ 400X200 فوٽ آهي، جنهن جي ڪناري تي قديم قبرستان ۽ ڀرسان عاليشان مسجد آهي، جا گجرات جي حاڪم بهمني خاندان جي سلطان محمود شاهه بيگڙي بن مظفر 1505ع ۾ ٺهرائي هئي. هيءَ مسجد 30 چوپرس فوٽ آهي. هتي جين ڌرم وارن جو عاليشان مندر پڻ آهي. *وڄوٽهه: هيءُ مٺي تعلقي ۾ مٺي کان 20 ميل اتر – اولهه ڏي آهي. نئين ڪوٽ کان مٺي ۽ چيلهار ڏي ويندڙ لاريون هتان لنگهن ٿيون. هتي پوليس ٿاڻو، پوسٽ آفيس، يونين آفيس ۽ مسافر خانو آهي. *رحمڪي بازار: ڏيپلي تعلقي ۾ رڻ جي ڪنڌيءَ تي جهونو ڳوٺ آهي. اڳي مشهور بندر هو، مگر هاڻي اها رونق ڪانه رهي. *ڪلوئي: ڏيپلي تعلقي ۾ هن ڳوٺ چڱي ترقي ڪئي آهي. واپار چڱو هلي ٿو. هتي پرائمري اسڪول، پوسٽ ۽ پوليس ٿاڻو آهن. نئين ڪوٽ سان لاري رستي ڳنڍيل آهي. *ڀالوا: هيءُ ننگرپارڪر تعقلي ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جتي خاصخيلي ۽ ڀيل رهن ٿا. ملير وارو ڀاڱو اهو آهي. هتي مارئيءَ جو کوهه ۽ پٿر جي ڪونڊي اڄ تائين موجود آهن. هتي پهريون دفعو 6- مارچ 1967ع تي، الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر (اڳوڻو وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ اڳوڻو ايم پي اي) جي ڪوشش سان ”مارئيءَ جو ميلو“ لڳو. وري 10، 11 ۽ 12 فيبروري 1968ع تي ٻيو دفعو پڻ ميلو لڳو. انهن ميلن ۾ ادبي ڪانفرنس، ملاکڙي، سئنيما، بجلي وغيره جو بندوبست هو ۽ ٿر جي ڀرت جو چڱو واپار هليو هو. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي. *گوڙي: هيءُ ننگرپارڪر تعلقي ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جو ننگرپارڪر شهرکان 28 ميل اتر طرف ۽ مارئيءَ جي ملير (ڀالوا) کان 3 ميل اتر طرف آهي، اُن جي ڀرسان ڏهر ۾ مشهور ”گوڙيءَ جو مندر“ آهي، جو 1370ع ۾ منگهي نالي اوسواڙ ٺهرايو هو. هاڻي جيتوڻيڪ ڪجهه ڊهي ويو آهي ته به ڏسڻ وٽان آهي. مندر جي بناوت، بيهڪ، چٽسالي ۽ نڪتل تصويرون ڏسڻ جهڙيون آهن. ڀرسان زمين ۾ هڪ ڀونرو (بهرو) آهي ۽ هڪ پڪسرو برج ٺهيل آهي جو پولن آستان سڏجي ٿو. مٺيءَ کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي. *ڪيرٽي: هيءُ مٺي تعلقي ۾، مٺي شهر کان 16 ميل اوڀر طرف اهي. هتي هن وقت ٺڪر ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. هيءُ اڳي وڏو شهر هو، جتي مڪواڻن جي گاديءَ جو هنڌ هو. مشهور ڪيهر مڪواڻو هتي رهندو هو. جنهن عمرڪوٽ مان سومريون کنيون هيون، ۽ پوءِ همير سومري سان لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ڳوٺ ۾ جهونا نشان اڃا موجود آهن. *جَنجهِي: هيءُ ڇاڇري تعلقي ۾ تعليم جو مکيه مرڪز آهي. ٻهراڙيءَ جي باوجود هتي جي ماڻهن تعليم ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي. هتي پرائمري ۽ مڊل اسڪول آهن. *ڀوريلو: هيءَ ڇاڇري تعلقي ۾ چيلهار کان 10 ميل اوڀر طرف ڇاڇري کان مٺي ويندڙ رستي تي آهي. واپار چڱو هلي ٿو. هتي پرائمري اسڪول آهي. *لُوڻيو: هيءُ مٺي تعلقي ۾ مٺيءَ کان 50 ميل ۽ اسلام ڪوٽ کان 22 ميل اوڀر طرف ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاريءَ رستي تي آهي. هتي سَما ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. * * * * *