ڪتاب جو نالو: تذڪره امير خاني تذڪره امير خاني (سنڌ جي هڪ علمي ۽ تاريخي خاندان جا مفصل حالات) سيد حسام الدين راشدي ڇپائيندڙ پاران سنڌي ادبي بورڊ جي جڳ مشهور ”تاريخ رٿا“ ۾ جن ڪتابن کي غير معمولي اهميت حاصل آهي، تن ۾ هيءُ ڪتاب به شامل آهي. ”تذڪرهء اميرخاني“ جي سري هيٺ هن تحرير ۾ هڪ اهڙي علمي، ادبي ۽ تاريخي خاندان جا مفصل حالات ڏنا ويا آهن، جنهن سنڌ اندر مغل دور حڪومت ۾ ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن تي راڄ ڪيو آهي. انهيءَ خاندان جي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جي پوري هڪ تاريخ آهي، جيڪا انتهائي اهم واقعن ۽ معاملن سان ڀري پئي آهي. مغل حڪمرانن جي انهيءَ نمڪ خوار ۽ وفادار خاندان جي سمورن فردن جا حالات هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇپائڻ جو سهرو سنڌ جي نامور مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي سر تي سجي ٿو. راشدي صاحب وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هن خاندان جي مشهور ۽ معروف فردن جا حالات مختلف ڪتابن تان نقل ڪري ”تذڪرهء اميرخاني“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپائي پڌرا ڪيا. هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ اڄ کان ڪي ٻه - ٽي صديون اڳ تڏهوڪي سنڌ جي قبيلن ۽ ماڳن مڪانن سميت ان دور جي پوري سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي ريتن رسمن جو تاريخي پسمنظر اکين جي اڳيان تري بيهي ٿو. علمي جاکوڙ سان ڀريل هيءُ هڪ وڏو ۽ مشڪل ڪم هو، جنهن کي توڙ نڀائڻ ڪنهن جهڙي تهڙي مؤرخ جي وس جي ڳالهه نه هئي. ڇو ته هڪ ڌارئي خاندان جا حالات مفصل انداز ۾ گڏ ڪرڻ ۽ وري انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ڇپائيءَ لائق بڻائڻ، وڏو محنت طلب ڪم آهي، جنهن تي سيد حسام الدين راشديءَ جهڙو مستقل مزاج مؤرخ ئي ڪم ڪري ٿـَـي سگهيو. هن ڪتاب جي اهميت بابت مؤلف سيد حسام الدين راشدي ديباچي ۾ لکي ٿو ته: ”تذڪري جي سلسلي ۾ تحقيق ۽ تلاش ڪندي، مون کي سخت محنت ڪرڻي پئي آهي. پڙهندڙ، اڳتي پڙهندي، ان جو اندازو ڪري سگهندا. ڪافي ڪتاب ڏٺا اٿم ۽ سوين ورق اٿلايا اٿم، رب ڪريم جي امداد شامل حال رهي، تلاش ڪندي اُهي اُهي نوشتا ميسر ٿيا ۽ اُهي اُهي ڪتاب هٿ لڳا، جن جو ابتدا ۾ وهم گمان به نه هو.“ بيشڪ ان ڳالهه ۾ شڪ نه آهي، ته سيد حسام الدين راشدي اڄ جي نام ڪـَـٺين محققن جيان رڳو ڪتبخانن ۾ ويهي، چانهيون پيئي ٻين کان ڪتاب کولرائي تحقيق جو ڪم نه ڪرايو هوندو. هن صاحب پاڻ هـُـرتو پنهنجي ذاتي توڻي سرڪاري ڪتبخانن کان علاوه ڳوٺن ۽ وستين واهڻن جا سفر ڪاٽي هن رٿا کي توڙ پهچايو هوندو. اسان اميد ڪريون ٿا، ته هيءُ محنت طلب ۽ تاريخي ڪتاب جنهن محنت ۽ پيار سان نئين سر ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهيون، اُن ساڳي جذبي سان مانوارن پڙهندڙ دوستن وٽ به قبول پوندو. ڄام شورو، سنڌ انعام الله شيخ جمعو 14 - جمادي الثاني 1426هه سيڪريٽري بمطابق 22- جولاءِ 2005ع سنڌي ادبي بورڊ عشق از فرياد ما هنگامهاتعمير ڪرد ورنه اين بزم خموشان هيچ غوغايء نداشت (1) ”اي فرزند عزيز! از جاهلان پريشان روزگار، و از ابلهان نادان بد ڪردار، اجتناب بايد نمود، ڪه آشنايء و صحبت با ايشان همچون زهر قاتل است. خانهء دگر را ابتر و تاريڪ ساز دو چراغ عقل را بي نور.“ - ابوالقاسم نمڪين (2) ”هم نشينِ اهلِ علم و اربابِ دانش و صلاح بايد بود، و بڪسبِ ڪمال بايد ڪوشيد.“ - ابوالقاسم نمڪين ديباچو ”هيءَ ڪنهن جي قبر آهي؟“ ”بـُـل قاسم جي.“ ”ڪير هو بـُـل قاسم؟“ ”بـِـن قاسم جو ساٿي، ۽ نبي سائينءَ جن جو صحابي.“ اِهي سوال جواب، 1932ع ۾، منهنجي ۽ "سـَـتـِـيـُـن واري ٿانَ، جي مجاور جي وچ ۾ ٿيا. مان سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جا ڊٺل ڦٽل مقبرا ۽ مزارون، زبون ٿيل در ۽ ديواريون ۽ ويران ٿيل مسجدون ۽ درگاهون ڏسندو، روهڙيءَ ۾، مهراڻ جي ڪناري سان "ستين جي ٿان" واري خوبصورت ۽ بناوٽ جي لحاظ سان غيرمعمولي حسين عمارت تي پهتو هئس. مجاور اُهائي ڳالهه ٻڌائي، جيڪا انهيءَ گرد و نواح ۾ مشهور ۽ معتبر هئي، يعني، ” اسلام جي اچڻ کان اڳ انهيءَ ٽڪريءَ تي ست سـَـتيون (سـَـتـُـر واريون) ڀينر رهنديون هيون، محمد بن قاسم جڏهن اروڙ تي لشڪر ڪشي ڪئي، ۽ راجا ڏاهر سان وڙهندي جيڪي چند صحابي سڳورا شهيد ٿيا، انهن کي آڻي ات دفن ڪيو ويو“. قبرن تي جيڪي ڪتبا آهن، انهن مان ڪن تي ”شهيد“ جو لفظ اُڪريل هو، ازان سواءِ هڪ قبر تي ”ابوالقاسم“ جونالو ۽ ٻيءَ تي ءِ امير ابوالقاسم“ جا لفظ به لکيل هئا، اروڙ جي ويجهڙائي، ”شهيد“ جو لفظ، ۽ ”ابوالقاسم“ جا نالا گڏجي سڏجي انهيءَ ڏندڪٿا جو ڪارڻ بڻيا هئا. قبرستان کي ڏسڻ بعد، پنهنجي سنڌي ڀائرن جي ناواقفيت، بي خبريءَ ۽ بي بهري هجڻ تي مطلق افسوس ڪونه ٿيو. ڀلا ڪهڙي لکيل پڙهيل سنڌيءَ پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي آثارن کي اچي ڏٺو آهي؟ ڪهڙي سياڻي ۽ سيبتي کين اصل حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي؟ ان حالت ۾ اڌ پڙهيا سنڌي ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا ڇو نه هر شهيد کي ”صحابي“ ۽ هر ابوالقاسم کي ”بل قاسم“ چئي، نياز ۽ نذر ڏيئي، هـِـنن ”صحابين سڳورن“ کان هر مشڪل لاءِ امداد گهرندا! انهيءَ ڏينهن مون فيصلو ڪيو ته انهيءَ قبرستان ۾ جيڪي ستل مڙس آهن، انهن جي حالات جي تلاش ۽ تجسس ڪريان. سڀ کان پهريون، سنڌ جي تاريخ جو صحيفو يعني ءِ تحفـة الڪرام“ اٿلايم. چند سٽون ۽ ڪي منتشر حوالا هٿ لڳا. اطمينان نه ٿيو. ڳولا برابر جاري رهي. رفتي رفتي منهنجي اڳيان انهيءَ ”بل قاسم“ ۽ انهيءَ ”صحابي سڳوري“ جي عظيم الشان خاندان جا حالات روشن ٿيندا ويا، مون ڏٺو ته انهيءَ گهراڻي ٽي سئو ورهيه نه فقط سنڌ ۽ هند جي سياست ۽ حڪومت ۾ نمايان حصو ورتو آهي، بلڪ خود سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ سندن ڇڏيل اثاثو ۽ ورثو ايترو گهڻو ۽ ايڏو بي مثل آهي، جو هوند اسان ڪيتروئي کڻي فخر ڪريون، تڏهن به ڪجهه نه آهي. انهيءَ ٽڪريءَ تي انهيءَ حسين ۽ جميل عمارت جو جوڙائيندڙ، ۽ سنڌ جي اميرخاني خانوادي جو باني مباني، مير ابوالقاسم نمڪين، نه فقط پاڻ اڪبري دور جو امير ڪبير، سنڌ جو حاڪم، ۽ يگانهء روزگار مصنف هو، بلڪ سندس پٽن ۽ پوٽن مان هر هڪ فرد، پنهنجي پنهنجي دور ۾، سلسلي اقتدار ۽ اختيار سان گڏ، بي مثل عالم، اديب، شاعر ۽ مصنف ٿي گذريو آهي. سرڪاري ملازم، سنڌ جي حاڪم، ۽ مغليه منصبدار جي حيثيت ۾، سنڌ جي تاريخ ۾ انهيءَ خاندان جو ذڪر ضـِـمنن اچي سگهيو ٿي، ليڪن مون سمجهيو ته اِهو سراسر ظلم آهي، جو سياست ڪاريءَ جي ڪـُـشت و خون واري ميدان ۾ انهيءَ گهراڻي کي آڻي، انهن جو علمي ۽ ثقافتي خدمتون اکين کان اوجهل ڪري ڇڏجن. تنهنڪري مون فيصلو ڪيو ته انهيءَ گهراڻي جو جدا تذڪرو لکڻ گهرجي، جنهن ۾ سياسي پس منظر سان گڏ، سندن علمي ڪارگذاريون، ٽن صدين جي گرد و غبار ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي اُجاگر ڪجن. جنهن خاندان سنڌ جي ادبي تاريخ لاءِ هيٺيان ڪتاب ڇڏيا--- ”منشات نمڪين“، ”مظهر شاهه جهاني“، ”رقائم ڪرائم“، ”معلومات الافاق“، ”رشحات الفنون“، ”مثنوي پريخانه سليمان“، ”مثنوي بديع الجمال و سيف الملوڪ"، “ اڪيچار ديوان: جنهن گهراڻي هيٺيان صاحب ديوان شاعر، اديب ۽ مصنف پيدا ڪيا- مير نمڪين، ابوالبقا امير خان، مير عبدالر زاق، ضياء الدين يوسف، عبدالڪريم ”ملتفت“، اشرف خان، ابوالمڪارم شهود، امين الدين خان، مير ”گدا“، رضي الدين ”فدائي“، مير ابوتراب ”ڪامل“، مير محمد ”عطا“، مير حفيظ الدين ، مير معين الدين، مير ولي اعظم، مير حبيب الله، ۽ مير باقر خان: جنهن خانوادي سنڌ جي سرزمين تي هيٺيان ثقافتي آثار ڇڏيا--- بازار عظيم الشان، بکر، جامع مسجد، بکر، جامع مسجد، روهڙي، عيدگاهه، روهڙي، صفهء صفا روهڙي، صفهء وفا سيوهڻ، امير آباد، ضلعو ٺٽو، جهانگير آباد، ضلعو دادو، جامع مسجد، ٺٽو، مسجد اميرخاني، ٺٽو، رانئڪ اميرخاني، ٺٽو، محلو امير خاني، ٺٽو -- اهڙي عظيم المرتبت ۽ عظيم آڪهه لاءِ منهنجو اهو فيصلو هر طرح مناسب ۽ موزون هو: ۽ هيءُ تذڪرو انهيءَ فيصلي جو نتيجو آهي. تذڪري جي سلسلي ۾ تحقيق ۽ تلاش ڪندي، مون کي سخت محنت ڪرڻي پئي آهي. پڙهندڙ، اڳتي پڙهندي، ان جو اندازو ڪري سگهندا. ڪافي ڪتاب ڏٺا اٿم ۽ سوين ورق اٿلايا اٿم. رب ڪريم جي امداد شامل حال رهي، تلاش ڪندي اُهي اُهي نوشتا ميسر ٿيا ۽ اُهي اُهي ڪتاب هٿ لڳا، جن جو وهم گمان به ابتدا ۾ ڪونه هو. ”مظهر شاهه جهاني“ جهڙي بي مثل سنڌ جي تاريخ جو اهو اڪيلو نسخو هٿ آيو، جيڪو دنيا ۾ واحد آهي(1) ۽ مصنف جي پنهنجي ملڪيت جو هو. مير ابوالبقا امير خان جو اهو فرمان اوچتو نظر آيو، جيڪو هن ٺٽي جي دوران حڪومت ۾ لکيو هو. اهڙيءَ طرح ”رقائم ڪرائم“ جا نسخا ۽ ”منشات نمڪين“ جو مخطوطو اتفاق سان برٽش ميوزم ۽ انڊيا آفيس ۾ اکين چڙهيو. اهڙيءَ طرح ڪيترا خطي بياض به نادانسته ۽ بلڪل غير متوقع طور هٿ آيا، جن ۾ انهيءَ گهراڻي جا علمي آثار موجود هئا. باوجود گهڻو ڪجهه هٿ ڪرڻ جي به، آءُ هيءَ دعوا ڪونه ٿو ڪريان ته هن خاندان جيڪي علمي اثاثو ڇڏيو، سو سڀ مون ڏٺو يا مون کي ميسر ٿيو. خدا ڄاڻي اڃا ڪيترا ماڻڪ ۽ موتي اکين کان اُجهل رهيا ۽ ڪيترا هيرا ۽ لعل زماني جي اٿل پٿل گم ڪري ڇڏيا! ڪيترن جا ديوان ملي نه سگهيا: مير "ڪامل" جو سڄو ادبي ورثو جيڪر ڏهن ضخيم جلدن ۾ هو، سو گم ٿي ويو يا ملي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح انهيءَ گهراڻي جيڪي ڪتاب لکيا، انهن سڀني جا نالا ميسر ٿي نه سگهيا، ڪتابن ۾ ڪن تصنيفن جو ذڪر آهي، ڪن جو ته موران نالوئي ڪونه آيو آهي: مثلاً، ”مظهر شاهجهانيءَ“ جهڙي بي نظير ڪتاب ۽ ان جي مصنف جو ڪٿي به ذڪر ڪونه آيو آهي، دنيا ۾ هيترا سارا عظيم الشان ڪتبخانا آهن، وس آهر سڀني جي فهرستن جي ورق گرداني ڪيم، ليڪن ڪٿان به سراغ نه ملي سگهيو، پوءِ ڇو نه اهو گمان ڪجي ته انهيءَ خاندان جا اڃا به ڪي اهڙا ڪتاب هوندا، جن جي ڄاڻ اسان کي ڪانه آهي! مون ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪي آثار اڄ موجود آهن، انهن سڀني جا فوٽا ڪتاب ۾ ڏيان، اڄ اُهي زبون ۽ زير و زبر واريءَ حالت ۾ موجود ته آهن، خدا ڄاڻي سڀاڻي اُهي به رهن يا نه رهن. تنهنڪري تذڪري ۾ انهن جي صورت کي محفوظ ڪرڻ ازحد ضروري نظر آيو. اِهي فوٽا گهڻا مون پاڻ ڪڍيا آهن، ۽ ڪي محڪمه آثار قديمه وارن عنايت ڪيا آهن. "ستين جي ٿان" ۽ مسجد اميرخانيءَ جو پينسل اسڪيچ منهنجي ننڍڙي ڀاڻيجي، ميان محمد زمان، جي محنت جو نتيجو آهي- اڃا پندرهن ورهين جو ٻار آهي، خدا سندس مستقبل روشن ڪري ۽ کيس ذوق سليم ڏئي- سندس ڪڍيل ستين جي ٿان وارو اِسڪيچ ڏسڻ وٽان آهي. مير ابوالبقا اميرخان جي فرمان جو فوٽو منهنجي عزيز دوست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مهيا ڪري ڏنو. جن دوستن هن ڏس ۾ مون سان ڀال ڀلايا، تن سڀني جو آءٌ شڪر گذار ۽ احسانمند آهيان. پندرهن سالن جي تحقيق ۽ تلاش جو نتيجو پڙهندڙن جي پيش آهي. نه مون کي صلي جي خواهش آهي، نه شابس جي تمنا، مقصد اهو آهي، ته هن گهراڻي جا علمي ڪارناما زندهه رهن. ڪراچي 10 - جون 1955ع حسام الدين راشدي (1) "مظهر شاهه جهانيءَ" جوهڪ ٻيو نسخو به هٿ آيو آهي، جيڪو پنجاب يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهي. مير ابوالقاسم”نمڪين“ والد ۽ وطن: مير صاحب جي والد جو نالو مـُـلا مير سبز واري هو. بيجڪ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، ۽ اهو ئي ڳوٺ هو جنهن ۾ ڄائو نپنيو ۽ وڌي وڏو ٿيو. ”تحفة الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي ته: ”ملا مير متولي درگاه امام موسيٰ رضا بوده، ودرفترت اوزبڪ از موضع بـيـجڪ من اعـمال هرات نـقـل ڪـرده در حدود قنڌهار در گذشته.“ (1) اوزبڪن جي جنهن فتني ڏانهن اشارو آهي، اهو محمد خان سيبانيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ (سنه 906 هه) کان وٺي، سندس قتل ٿيڻ (سنه 916 هه) تائين ايران ۾ رهيو. بابر ۽ شاهه اسماعيل به انهيءَ دور اندر طاقت ۾ آيا. قنڌار، ان وقت، سنڌ جي فاتح شاهه بيگ ارغون جي والد امير ذوالنون ارغون جي گورنريءَ هيٺ هو. ملا مير سبزواري سنه 906 هه کان وٺي سنه 916 هه تائين ڪنهن سال ۾ ”بيجڪ“ مان لڏي قنڌار پهتو. ”ذخيرهِ الخوانين“ ۽ ”ماثر الامرا“ ۾ مير صاحب جو ذڪر آيو آهي، ليڪن سندس والد يا ان جي وطن جي حالات ۾ ٻيئي تذڪرا خاموش آهن. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”از سادات حسيني هروي است ..............“ (2). اهڙيءَ طرح ”ذخيره“ ۾ به هيءُ جملو موجود آهي: ”هروي است ............ ۽ (1) ”آئين اڪبري“ جي مترجم بلاخمين جو ماخذ "ماثر الامرا" آهي، تنهنڪري هو به پنهنجي وضاحتي نوٽ ۾ زياده تفصيل پيش ڪري ڪونه سگهيو آهي.(2) اسان کي فقط ”تحفـة الڪرام“ جي مٿئين اقتباس مان ئي مير صاحب جي والد ۽ ان جي وطن تي اها مختصر روشني ملي ٿي. ميرزا حڪيم جي ملازمت: مير ابوالقاسم جي ابتدائي زندگيءَ بابت اسان کي ڪجهه به معلوم ٿي ڪونه ٿو سگهي. ڄائو ڪٿي، تربيت ڪٿي حاصل ڪيائين، تعليم ڪنهن وٽ ۽ ڪيتري ورتائين- اهي سڀ مسئلا منجهيل آهن. قنڌار جي زندگيءَ متعلق فقط هيترو معلوم ٿئي ٿو ته: ”ابتداء نوڪر ميرزا محمد حڪيم بود ..... ...“ (3) ”ذخيرهء الخوانين“ جي مصنف به ايترو ئي لکيو آهي، ته اڪبر جي ڀاءُ ميرزا محمد حڪيم (المتوفي 993 هه) وٽ انهيءَ زماني ۾ نوڪر هو، جنهن وقت هو ڪابل جو حڪمران هو.(4) اڪبر وٽ ملازمت: ميرزا حڪيم وٽ ڪيترو وقت رهيو، ان جو تفصيل ڪونه ٿو ملي. ”ماثر الامرا“ لکي ٿو، ته اُها ملازمت ترڪ ڪري هتي اچي اڪبر جي اميرن ۾ شامل ٿيو. ”بـيـاوريء طـالـع در مـلازمـت عــرش آشــيـاني انـســلاڪ گرفت .... در بهيره و خوشاب جاگيــر يافت .....“ (1) حقيقت ۾ طالع جي ياوري هئس، جو اڪبر وٽ اچي پهتو- زمين تان کڄي آسمان تي وڃي پهتو. قابليت ۽ ڪمال سندس سڃاڻپ هئا، ليڪن سندس ذاتي جوهرن ۾ جـِِـلا اڪبر وٽ اچڻ کان پوءِ آئي. نمڪين جو لقب: بهيره ۽ خوشاب جي جاگير ۾ لوڻ جون کاڻيون به موجود هيون، ۽ لوڻ جو وڏو واپار ٿيندو هو، جنهن جي محصول مان مير صاحب کي ڪافي آمدني ٿيندي هئي. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”نمڪسر ڪوهي ست بدرازيء بيست ڪروه، (ڪه مابين بهت و سندهه بدين موسوم است) مضافات صوبهء پنجاب در دوآبه سندهه ساگر، ازان پارچهاري نمڪ بريده جدا سازند و براشته بڪنار آرند، و آنچه حاصل شود سه حصه از ڪنند گان و يڪ حصه دست مزد برآرندگان، سوداگر از نيم دام تا دو دام مني خريده بدور دستها برند، و در هفده من يڪ رپيه بسرڪار دهند...“ (2) مير ابوالقاسم کي جڏهن اها جاگير ملي، تڏهن هـُـن هڪ پيالو ۽ هڪ رڪابي لوڻ ۾ ٺهرائي، بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي. انهيءَ پيشڪش موڪلڻ مان سندس مراد ۽ اشارو پنهنجي نمڪ حلاليءَ يا نمڪ خوريءَ ڏانهن هو. بادشاهه کي سندس اها ادا پسند آئي، ۽ انهيءَ عيوض کيس "نمڪين" جو لقب عنايت ٿيو. ”ماثر لامرا“ ۾ آهي ته: ”رڪابي و پياله از نمڪ تيار ڪرده پيشڪش فرستاده، به "نمکين" ملقب گرديد.“ (1) اهو لقب اڳتي هلي سندس نالي جو جـُـزو بڻيو. "تحفـة الڪرام" جو قول آهي ته "مير ابوالقاسم کي اڪبر جي دربار ۾ ان وقت باريابي حاصل ٿي، جڏهن بادشاهه لاهور ۾ منزل انداز هو،(2) ۽ انهيءَ ئي وقت کيس چار هزاري منصب عطا ٿيو." انهيءَ فوري چار هزاري منصب ملڻ جي تصديق ٻيءَ ڪنهن تاريخ مان ڪانه ٿي ٿئي. "ماثر الامرا" سڀ کان پهريون نمڪسر جي جاگير ملڻ طرف اشارو ڪيو آهي، چار هزاري منصب جو ذڪر هـُـن ڪٿي به ڪونه ڪيو آهي. "ماثر" جي منصف البت اهو لکيو آهي ته "مير صاحب جو اڪبر وٽ وڏو قدر ۽ منزلت هئي”: ”مير در پيشگاه اڪبري، قرب و منزلتي داشت -“ (3) ”اڪبر نامه“ ۾ مير نمڪين جو ذڪر 980 هه کان شروع ٿئي ٿو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مير صاحب انهيءَ سال کان ضرور ڪجهه ورهيه اڳ ملازمت ۾ اچي داخل ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال ۾ مظفر گجراتيءَ جي خلاف جيڪو شاهي لشڪر ويو، ان ۾ مير صاحب اهم حيثيت سان شامل هو. مظفر گجراتيءَ سان معرڪو: ابوالفضل لکي ٿو ته ”7 رجب 980 هه (17 سال اڪبري) جو، بادشاهه سلامت صوبي احمدآباد جي ڳوٺ جونانه (چوريانه) ۾ رونق افروز هو، جو کيس معلوم ٿيو، ته مظفر گجراتي شيرخان فولاديءَ کان جدا ٿي انهيءَ علائقي جي آسپاس ۾ ڦرندو وتي ٿو، بادشاهه مير خان يساول، ۽ فريد خان قراول کي لشڪر ڏيئي، سندس پٺيان موڪليو، ۽ ...“- ”و از عقب آنها ابوالقاسم نمڪين و ڪرم علي را رخصت فرمودند ڪه تفحص نموده آن سرگردان باديه حيران را بدرگاه والا آورند.“ شير خان انهيءَ ڪـُـمڪَ هٿان گرفتار ٿي، بادشاهه جي حضور ۾ پيش ٿيو.(1) اهو پهريون اطلاع آهي، جيڪو ”اڪبر نامه“ مان اسان کي مير صاحب لاءِ ملي ٿو. دائود خان جي مهم: سال 982 هه (19 سال اڪبري) ۾ مير نمڪين اسان کي بنگال طرف دائود خان ڪررانيءَ جي خلاف معرڪن ۾ مصروف نظر اچي ٿو. ابوالفضل لکي ٿو ته، ’دائود خان جڏهن بنگال ۾ خان خانان ۽ توڏرمل هٿان شڪست کاڌي، تڏهن سڌو سات گام طرف فرار ٿيو، خان خانان ۽ توڏرمل اڃا اتي ئي انتظام ۾ مشغول هئا، جو کين اطلاع پهتو ته جنيد ڪرراني بادشاهه جي دربار مان ڀڄي، گجرات ۽ دکن مان ڦرندو گهرندو، جهاڙ کنڊ اچي پهتو آهي، ۽ سخت فتني فساد جي گهيري ۾آهي ۽ دائود خان به اُتي موجود هو، ويتر جنيد به اچي رسيو، جنهنڪري گهڻائي خطرا اچي پيش ٿيا. خان خانان في الحال جنيد جي مقابلي کي ضروري سمجهي، راجا توڏرمل، قبا خان، نظر بهادر ۽ ابوالقاسم نمڪين کي ڪيترن ٻين بهادرن سميت انهيءَ مـُـهـِـم تي موڪلي ڏنو‘- ”راجه تودرمل و قبا خان و نظر بهادر و ابوالقاسم نمڪين، و طائفه از غازيان شهامت انديش، بدفع اين شوريده بخت همت گماشتند.“ (1) مٿين عبارت مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته ابوالقاسم نمڪين جي شخصيت ابوالفضل جي نگاهن ۾ به اهم ۽ قابل ذڪر هئي، ورنه انهيءَ طبعيت جو مؤرخ راجا توڏرمل جهڙن عظيم المرتبت سپهه سالارن سان گڏ سندس نالو وٺي ذڪر نه ڪري ها، بلڪ ”طائفه از غازيان شهامت انديش“ جي ذُمري ۾ کيس به وجهي ڇڏي ها. بهرحال انهيءَ مهم جو نتيجو اهو نڪتو، جو: ”بتائيد آسماني، فرستادها مصدر خدمات شائسته شدند، و مـخالـفـان دولـت خايـب و خاسر روي به دشت ادبار نهادند.“ (2) يعني شڪست کائي، جنيد ڪرراني، پهاڙي علائقي ڏانهن ڀڳو، جتي وڃي دائود ڪررانيءَ سان مليو. سندس ارادو هو ته ٻيئي گڏجي منظم بغاوت شروع ڪن، ليڪن بقول ”اڪبر نامه“، ٻنهي جي پاڻ ۾ هم آهنگي ڪانه ٿي سگهي، جنهنڪري جنيد وري اچي جهاڙ کنڊ ۾ داخل ٿيو. موٽندي، اوچتو، سندس مقابلو شاهي لشڪر سان ٿيو. شاهي لشڪر واٽ وٺيو، ٿي ويو، نظر بهادر، ابوالقاسم نمڪين، محمد خان ولد سلطان آدم گگهر، امام قلي چولڪ ۽ ڀارومل کتري فوج کان ٿورو اڳڀرو ٿي ويا، جنيد اوچتو اچي باز وانگر مٿن جهٽ هنيو. لڙائي دست بدست شروع ٿي، ليڪن ايتري ۾ توڏرمل جي ڪمڪ به اچي پهتي، جنهنڪري جنيد تاب نه جهلي، ڀڄي هليو ويو. خواجه نظام الدين، ”طبقات اڪبريءَ“ ۾ انهيءَ واقعي کي هن ريت قلمبند ڪيو آهي: ”جاسوسان خبر آور دند، ڪه جنيد ابن عم دائود، ڪه ميان افغانان بشجاعت و مردانگي علمِ روزگار بود، و از گجرات به بنگاله آمده، ميخواهد ڪه به دائود ملحق شود، راجه تو درمل بصلاح و استصواب امرا، ابوالقاسم نمڪين و نظر بهادر را بجنگ جنيد فرستاد. ابوالقاسم و نظر بهادر مقابله اورا سهل پنداشته در جنگ احتياط و حزم از دست دادند، واز پيش او گريخـة بي ناموسي لاحق ساختند.“ (1) ”ماثر رحيمي“ جي مصنف به انهيءَ واقعي کي تقريباً ساڳيءَ طرح قلمبند ڪيو آهي.(2) ملا عبدالقادر انهيءَ واقعي کي بيان ڪندي، آخر ۾ لکيو آهي ته: ”راجه تودرمل و ميرزا خان (خان خانان)، ابوالقاسم نمڪين را باتفاق نظر بهادر به جنگ او فرستاد، ايشان هر دو در جنگ هزيمت يافته مهار گسسته نزد راجه آمدند. راجه خود مقابله او رفته، و جنيد تاب نياورده پناه بجنگل برد“. (3) بنگال جي انهن مهمن ۾ توڏرمل ۽ خان خانان سان جيڪي جرنيل ساڻ هئا انهن جي فهرست ”ماثر رحيمي“ جي مصنف ڏني آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ابوالقاسم نمڪين سان گڏ ٻيا هيٺيان انهيءَ دور جا بهادر موجود هئا: قبا خان ڪنگ، خان عالم، خواجه عبدالله، سيد عبدالله، ميرزا علي، اشرف خان مير منشي، راجا توڏرمل، لشڪر خان، مظفر علي مغل، يار محمد ارغون، شاهم خان جلاير، پاينده محمد خان، قتلق قدم خان، قنبر علي خان توقيائي، سيد شمس الدين بخاري.(4) اهي سڀئي مشهور ۽ معروف بهادر سپاهي ۽ نامور امير، مير ابوالقاسم جا ساٿي ۽ سنگتي هئا. دائود خان سان جنگ: دائود خان جو معاملو اڃا اڌ ۾ هو. پهرينءَ شڪست بعد هو هيڏي هوڏي فرار ٿيندو رهيو، ۽ شاهي لشڪر سندس پٺيان وتيو ٿي پيرو کنيو. سندس سؤٽ جنيد سان انهيءَ وچ ۾ معمولي معرڪا ٿيا، جن جو به ڪو خاطر خواهه نتيجو ڪونه نڪتو. دائود خان قسمت آزمائڻ لاءِ آخري دفعو سهي سنبري ميدان ۾ آيو. عظيم الشان لشڪر گڏ ڪري هر پور (بنگال ۽ اوڙيسا جي درميان) اچي پهتو. شاهي لشڪر به يلغار ڪندو اتي اچي رسيو. طرفين ۾ نڪروهي (”طبقات“- ج 1، ص 304- جي قول مطابق ٽانڊي وٽ) خونريز جنگ لڳي. ابوالفضل شاهي لشڪر جي ترتيب جو نقشو ڏيکاريندي، مير صاحب کي جرانغار ۾ ڏيکاريو آهي، جتي ساڻس گڏ هيٺيان جنگي جوڌا هئا: ”وجرانغار، بديده وري ثبات پائي، اشرف خان، و راجه تودرمل، و مظفر مغل، و يارمحمد قراول، و ابوالقاسم نمڪين، و چندي ديگر از مبارزان خدمت دو دست منضبط شد.“ (1) ”طبقات اڪبري“ جي مصنف، جرانغار(2) جي بجاءِ اسان جي جرنيل کي برانغار ۾ لڙندو ڏيکاريو آهي (ج 3، ص 305). اها جنگ نهايت هولناڪ ۽ قيامت خيز هئي. ملا عبدالقادر لکيو آهي ته: ”آن چنان جنگي عظيم افتاد ڪه زبان قلم را از ڪيفيت و ڪميت آن قاصر باشد.“ (3) جنگ جو نتيجو دائود خان جي خلاف نڪتو، يعني کيس شڪست فاش نصيب ٿي. اها فتح شاهي لشڪر کي جمعي ڏينهن 20 ذوالقعد 982 هه (19 سال اڪبري) جو حاصل ٿي.(1) ميرزا حڪيم جي بغاوت: مير نمڪين جي سلسلي ۾ سنه 982 هه کان سنه 989 هه تائين تاريخ خاموش آهي. ڇهن سالن جو طويل عرصو هن ڪٿي گذاريو، ڪهڙيون خدمتون ڪيائين، ۽ ڪهڙن ڪهڙن معرڪن ۾ شريڪ رهيو- اهو پتو ڪونه ٿو پوي. 989 هه ۾ تاريخ جي صفحن تي هو وري نظر اچي ٿو. ميرزا حڪيم اڃا تائين ڪابل جو گورنر هو. 989 هه ۾ هن اتان ويهي، اڪبر جي خلاف بغاوت شروع ڪئي. بادشاهه، شهزادي محمد مراد کي لشڪر ڏيئي، سندس مقابلي لاءِ اماڻيو، ۽ هلندي وقت کيس هدايت ڪيائين ته: ”ڪه ازان آب عبور ڪرده به آهستگي، متوجهه پشاور گردد. اگر ميرزا (حڪيم بيدار شده، راه فرمان پذيري سپرد، بگونا گون نوازش اميدوار سازد، و گر نه بڪابلستان شتابد.“ (2) انهيءَ فوج ۾ مير صاحب، بقول صاحب ”اڪبر نامه“، جرانغار ۾ شريڪ هو، ۽ ساڻس گڏ ٻيا هي جرنيل هئا: سيد حامد بخاري مخصوص خان، سيد مهدي قاسم، سيد حسين، حسن قلي بيگ، ۽ عبدالله بلوچ. دائود خان بنگاليءَ جي جنگ وقت، ابوالقاسم جي گهر مان هڪ طلائي زنجير، جيڪو شاهي فيل خاني جو هو، نڪتو، جنهنڪري سندس منصب ۽ مرتبي ۾ ڪي قدر گهٽتائي ٿي: ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”در جنگ دائود خان ڪرراني، زنجير طلائي فيل از خانه اش برآمد، در رتبه انحطاطي واقع شد.” (1) ساڳئي واقعي کي ”ذخيره الخوانين“ جي مصنف به لکيو آهي: ”در جنگ دائود افغان، زنچير ڪه، از طلا بود، از خانهء او بر آمد، در قرب تفاوت افتاد... ۽ (2) ”اڪبر نامه“ ۾ انهيءَ واقعي ڏانهن ڪوبه اشارو ڪونه آهي. ”طبقات“ ۽ ”رحيمي“، خواهه ”بدايوني“ به خاموش آهن. مٿينءَ مبهم عبارت مان ڪوبه اندازو ڪونه ٿو ٿئي ته مير صاحب جي مرتبي ۽ منصب ۾ ڪهڙي قسم جو انحطاط ٿيو، بهرحال جيڪي ڪجهه ٿيو، سو 982 هه کان 989 هه تائين مير صاحب ڀوڳي چڙهيو، ۽ پوئين سال ۾ ميرزا محمد حڪيم جي خلاف ويندڙ شاهي لشڪر ۾ اسان کيس ساڳئي مانَ ۽ مرتبي سان ويندو ڏسون ٿا. قتلو خان جي بغاوت: سال 991 هه (28 سال اڪبري) ۾ قتلو خان جي بغاوت جي سلسلي ۾، ابوالفضل نمڪين جو به ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته قتلو خان مخالفت جي دوران طرح طرح جون چاليون کيڏيو، هڪ دفعو بادشاهه ڏانهن عرض ڪرائي موڪليائين ته: ”قرهِ العين خود را بدرگاه والا روانه مي سازم، صادق خان جريده از اردو بر آيد، و من نيز با چندي بيرون مي شوم، تابديدن يڪ ديگر دل به آرامش گرايد، و خلاصه زندگي را بدو سپارد.“ (3) - يعني، صادق خان اڪيلي سر شاهي لشڪر مان نڪري اوري اچي، مان به تنها ٻاهر نڪري اچي ساڻس ملان ٿو، هڪٻئي کي ڏسي، دل ڇڪ کائيندي، ۽ مان پنهنجو نور نظر (بطور يرغمال) سندس سپرد ڪندس. صادق خان سمجهدار ماڻهو هو، هن سمجهيو ته قتلو خان جي اها چال آهي، تنهنڪري هو نه ويو، شيخ فريد بخشي موڪليو ويو، جنهن کي پهچڻ شرط قتل ڪيو ويو- ساڻس گڏ حسين خان، ابوالقاسم نمڪين، عبدالهادي، ۽ محمود خان خواص به ويا، ليڪن هو ڪنهن ترڪيب سان جان بچائي موٽي آيا.(1) بلوچن جي سرڪوبي: 994 هه ۾ مير نمڪين کي اسان بلوچن جي سرڪوبيءَ لاءِ شاهي دربار مان رخصت ٿيندو ڏسون ٿا. ”اڪبر نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”وهم درين سال (994 = 30 اڪبري) اسماعيل قلي خان به بلوچستان رخصت شد، چون آگهي آمد (ڪه اين گروه را ناسپاس مي سپرند، و پر ستاري بجاءِ نمي آرند) آن گزين خدمت را نامزد فرموند، راءِ راي سنگ، ابوالقاسم نمڪين، و بسياري مبازران ڪار طلب را همراه ڪردند.“ (2) ڪابل جي حڪومت انهيءَ سال ڀڳونت داس جي سپرد ٿي. هو اوڏانهن ويندي واٽ تي بيمار ٿي پيو، ۽ واپس هليو آيو. سندس جاءِ تي اسماعيل قلي نامزد ٿيو، جيڪو ان وقت بلوچستان ۾ هو. ”اڪبر نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”اسماعيل قلي خان جي دماغ ۾ خوءِ اچي پيدا ٿي، ۽ هيٺ مٿي ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جنهنڪري بادشاهه جي نظرن مان ڪري پيو، ۽ حڪم ٿيو، ته کيس اتان معزول ڪري موٽايو وڃي، ۽ بکر کان ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي کيس حجاز ڏانهن روانو ڪيو وڃي. جڏهن اهو حڪم پهتو، تڏهن هن کي هوش آيو، سخت پڇتاءُ ڪيائين، جنهنڪري ملڪ نيڪاليءَ کان کيس نجات ملي، ۽ حڪم ڪيو ويو ته هو اُتي رهي يوسف زئي قبيلي جي گوشمالي ڪري.“ (1) ڪنور مانسنگ ڪابل موڪليو ويو. اسماعيل قلي سان گڏ مير صاحب پڻ سندس مدد لاءِ اُتي رهيو، ۽ ماڌو سنگ، سيد خان گگهر ۽ راجا ڀڳونت داس جا ماڻهو به بطور ڪمڪ جي ڏانهنس موڪليا ويا. (1) "تحفـته ِ الڪرام" ج: 3، ص. 127. "بيجڪ" جو صحيح تلفظ "پتچڪ" آهي- قلعه نو علاقه باد غيس (شمال هرات) جي جنوب ۾ آهي. (2) ”ماثر الامرا“ج: 3.ص. 74. (1) ” ذخيرته الخوانين“ قلمي. (2) ”آئين اڪبري انگريزي، ج: 1، ص. 74. (3) ”ماثر الامرا“. ج3. ص. 74. (4) ميرزا حڪيم کي 963هه ۾ هماوين ڪابل جو گورنر مقرر ڪيو. ان وقت هو تقريبن ٻن سالن جو هو (961هه ۾ ڄائو. ۽ 16 شعبان 993هه مطابق 16 جولاءِ 1585ع تي فوت ٿيو)، ميرنمڪين 980هه کان اڳ اها ملازمت ڇڏي. اڪبر جي اميرن ۾ اچي شامل ٿيو. (1) ”ماثر الامرا“، ج: 3، ص. 74. (2) ”ماثر الامرا“، ج: 3، ص. 74. (1) "ماثر الامرا" ج: 3، ص. 73. (2) تحفـته ِ الڪرام" ج: 3، ص. 137. (3) "ماثر الامرا" ج: 3، ص. 74. (1) "اڪبر نامه" ج: 3، ص. 9. (1) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 119. (2) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 119. (1) ”طبقات“ ج: 2، ص. 303. (2) ”ماثر رحيمي“ ج: 1، ص. 827. (3) ”منتخب التواريخ“ ج: 2، ص. 193. (4) ”ماثر رحيمي“ ج: 1، ص. 828. (1) جرانغار ۽ (ميسره = کاٻو پاسو) برانغار (ميمنه = ساڄو پاسو) چئبو آهي. (2) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 123. (3) ”منتخب تواريخ“ ج: 2، ص. 194. (1) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 122. ”طبقات اڪبري“ مهينو ذوالحج لکيو آهي- ج: 2، ص. 305. (2) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 353. (1) ”ماثرالامرا“ ج: 3، ص. 75. (2) ”ذخيرهِ الخوانين“ ص. 118. (3) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 406. (1) ”اڪبر نامه“ ج: 3، ص. 406. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/475. (1) ”اڪبر نامه“ ص. 3/492. آصف خان سان: 996 هه (33 اڪبري) ۾ به اسان مير نمڪين کي يوسف زئي قبيلي جي گوشماليءَ لاءِ، بلوچستان ۾ ڏسون ٿا. هن دفعي انهيءَ لشڪر جي ڪمان آصف خان کي هئي. ”اڪبر نامه“ جو صاحب لکي ٿو، ته جڏهن اتان جو ڪم پورو ٿيو، ته آصف خان شاهي دربار ڏانهن واپس وريو. مالاڪند مان اڪيلو ٿي آيو، ڪجهه سپاهي ساڻس گڏ هئا، واٽ تي اوچتو يوسف زئي قبيلي جا ماڻهو سندس منهن پيا جيڪي فراري هئا. ٿوري مقابلي بعد هو پنهنجو سمورو سازو سامان ڇڏي وٺي ڀڳا. آصف خان انهيءَ سامان جي سنڀال مير ابوالقاسم ۽ شير خان جي سپرد ڪئي، جن سموري مالِ غنيمت کي منزل تائين پهچايو.(2) ڪالو خان افغان: انهيءَ ساڳئي سال ڪالو خان افغان جي سرزنش مير نمڪين جي سپرد ٿي. ڪالو خان شاهي مهربانين جي باوجود، دربار مان فرار ٿي ويو هو، ۽ پنهنجي قبيلي کي گڏ ڪري ڪوهه مهريءَ ۾ ويهي بغاوت ڪرڻ تي آمادو هو. زين خان ڪوڪلتاش به انهيءَ مهم جو سرڪردو هو. ”اڪبر نامه“ جو مصنف انهيءَ معرڪي لاءِ لکي ٿو ته: ”ڪوڪلتاش (زين خان) آگهي شبگير نمود، پيشدستان هراول نقاره نواختند، و غنودگان بي خبري آگاهي يافته، در پراگندگي تگاپو نمودند، اگرچه آن نافرجام (کالو خان) بدر رفت، ليڪن بيش از هفتاد گزيده مرد را روزگار سپري شد، و هم درين اثنا، محمد بحري، و ملڪ اصغر بر سر وي ريختند، مير ابوالقاسم بڪارزار درآمد، و شير خان ڪه بسر غنجي شده بود، بهنگام، تاخت، و فيروزي روي داد، نزديڪ چهار حصه افغانان بخاڪدان نيستي غبار آلود گشتند، و هنگام فرومايگان لختي از هم پاشيد.“ (1) سال 997 هه (34 اڪبري) ۾ اڪبر ڪشمير کان موٽي ٿي آيو، واٽ تي خواجه صندل جي مزار وٽ قيام پذير هو، جو مير ابوالقاسم ڪالو خان کي وٺي اچي حاضر ٿيو- ابوالفضل لکي ٿو ته: ”درين ولا، مير ابوالقاسم نمڪين، از سواد آمده بسجده نيايش روشن پيشاني گشت، ڪالو افعان را (ڪه گريخته شورش يوسف زئي را سرمايه شده بود) همراه آورده، چون فيروزي سپاه آن ڪوهسار را گرد گرفت، وڪار بر سرڪشان آن سر زمين تنگ شود، هر گروهي، بيڪي از امرا پناه برد، ابن بد گهر (ڪالو خان) مير را دستاويز رستگاري گردانيد، گيتي خداوند، آن نيستي سزاوار را بزندان دبستان فرستاد.“ (1) ڪالو خان ۽ سندس ساٿي جڏهن مقابلي کان مايوس ٿي ويا، تڏهن منجهانئن هر هڪ ڪنهن امير کي وسيلو بڻائي، شاهي حضور مان معافي ورتي، ڪالو خان مير ابوالقاسم کي پشت پناهه ڪري اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو، ۽ مير صاحب جي سفارش سبب کيس جان جي امان ڏيئي بنديخاني ۾ موڪليو ويو. بکر جي جاگير: سنڌ جي مهم تي، اڪبر جڏهن خان خانان کي لاهور مان روانو ڪيو، ان وقت بکر جو صوبو، کيس اخراجات لاءِ بطور جاگير ڏنو ويو. اهو فرمان شوال 998 هه کان ڪجهه ڏينهن اڳ نڪتو. خان خانان، اها مهم پوري ڪري، مرزا جاني بيگ ۽ سنڌ جي ٻين اميرن سميت، 24 جمادي الثاني (8 فروردين) 1001 هه جو، آگري جي شاهي دربار ۾ پهتو. اٺن ڏينهن بعد، يعني 1-2 رجب (15 فروردين) جو، ابوالفضل لکيو آهي ته ‘مير ابوالقاسم نمڪين به پنهنجي تيولداريءَ تان موٽي اچي بادشاهه جي سلامي ٿيو.‘ ”شاهم خان جلاير و مير قاسم خان نمڪين ازتيولداري آمده دولت بار يافتند، و بخسرواني نوازش سر بر افراختند“ (2) ڪٿان جي تيولداريءَ تان مير صاحب موٽي آيو، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي ۽ نه وري اهو اشارو ملي ٿو، ته ان کان پوءِ مير صاحب ڪاڏي ويو ۽ ڪهڙي خذمت سندس سپرد ٿي. جنهن ڏينهن مير صاحب دربارشاهيءَ ۾ رسيو، ان ڏينهن ڪيترن اميرن جون تبديليون ۽ مقرريون ٿيون، مثلاً ٺٽي جو نئون فتح ٿيل صوبو، ميرزا شاهه بدخشيءَ جي حوالي ڪيو ويو، ۽ ميرزا جاني بيگ کي ملتان بطور جاگير مليو. اهڙيءَ طرح جن اميرن ۽ سپاهين سنڌ جي فتح ۾ حصو ورتو هو، انهن سڀني کي به انعامن، جاگيرن، منصبن ۽ صوبيدارين سان نوازيو- ”درين روز (15 فروردين- 1-2 رجب 1001 هه) ولايت تهته، در اقطاع ميرزا شاه رخ دادند، و ميرزا جاني بيگ(1) را منصب سه هزاري و صوبه ملتان عنايت شد، و هر ڪدام از خدمت گزينان سندهه باداش نڪوڪاري برگرفت.“ (2) مير صاحب جي فرزند، ميرڪ يوسف، جي تصنيف ”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته بکر جو علائقو، جيڪو خان خانان جي حوالي هو، سو سندس والد کي جاگير طور ڏنو ويو، ۽ انهيءَ زماني ۾ مير صاحب شاهي حڪم تي سيويءَ تي چڙهائي ڪئي- ”فتح قلع سيوي را از دست افاغنهء پني در زمان حضرت عرش آشياني، بعنايت الاهي و باقبال بي زوال بادشاهي، پدر غلام ڪرده بود، زماني ڪه ملڪ بکهر از تغير خان خانان عبدالرحيم در جاگير او نموده بودند.“ (3) ”مظهر شاهه جهانيءَ“ سنه سال ڪونه ڏنو آهي ته ڪهڙي وقت بکر مير صاحب کي مليو ۽ ڪهڙي سال ۾ سيويءَ تي لشڪر ڪشي ٿي. ”اڪبر نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته سيويءَ تي اهو حملو 1003 هه ۾ ٿيو، جنهن ۾ مير معصوم، اُچ تيولدار سيد بهاء الدين بخاري، سيوهڻ جو جاگيردار بختيار بيگ، ۽ ملتان جو لشڪر مير ابوالقاسم سان گڏ هئا. ”مظهر شاهه جهاني“ جي مٿئين اقتباس جي لفظ ”زماني“ مان معلوم ڪجي ٿو، ته بکر انهيءَ سال مير صاحب کي مليو ۽ بکر جي چارج وٺڻ بعد ئي هن سيويءَ تي ڪاهه ڪئي. جنهن سال (998 هه) خان خانان کي بکر جو صوبو مليو هو انهيءَ ئي سال بلڪ ساڳئي وقت، مير معصوم جيڪو پڻ سالن پڄاڻا بادشاهه کان موڪل وٺي وطن واپس ٿي رهيو هو، تنهن کي بکر جي صوبي جا ڪي علائقا جهڙوڪ: درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو ڏنا ويا، تنهنڪري 1003 هه ۾ جڏهن مير صاحب کي اهو صوبو مليو،(1) ان وقت به اهي علائقا سندس جاگير مان خارج سمجهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ مير معصوم انهيءَ وقت تائين انهن علائقن تي قابض ۽ بکر ۾ ئي موجود هو، جتان هو گڏجي مير نمڪين سان سيويءَ ويو. سيويءَ جي مهم: ابوالفضل لکي ٿو ته سبيءَ جو قلعو ڪنهن وقت بکر جي ماتحت هوندو هو، ليڪن گهڻي وقت کان وٺي، ان تي پنيءَ جا پٺاڻ قبضو ڪري ويٺا هئا، بادشاهه ان جي بازيافت لاءِ حڪم موڪليو، جنهن تي مير ابوالقاسم ۽ ٻيا روانا ٿيا. ”سيوي استوله قلع ايست نزد قندهار، در پاستان زمان مرزبان بڪهر داشت، واز دير باز افغان پسي(2) برو چيره دست، سيد بهاء الدين بخاري تيوالدار اچ، و بختيار بيگ اقطاع دار سيوستان، و مير ابوالقاسم جاگيردار بڪهر، و مير معصوم (بڪهري)و ديگر سپاه صوبه ملتان را فرمان شد که بدان جا شده انداز گوئي راستمايه بگوشهايش برسانند، و اگر نمي نيوشند بسزا برمالند.“ (1) ابوالفضل جي قول مطابق، شاهي لشڪر کي انهيءَ مهم ۾ ڪاميابي حاصل ٿي، ۽ سيويءَ جي فتح ٿيڻ سبب، ڪيچ ۽ مڪران تائين جو علائقو اڪبري قلمرو ۾ اچي ويو. ”و ازين فيروزي تا قندهار و ڪيچ و مڪران بقلمرو آمد.“ ميرڪ يوسف لکي ٿو ته سيويءَ جي فتح بعد، سندس والد (مير نمڪين) بادشاهه جي خدمت ۾ لکي موڪليو ته جيڪڏهن کيس حڪم ملي ته ڪيچ مڪران جو علائقو به فتح ڪري شاهي سلطنت ۾ شامل ڪري، ليڪن سياسي مصلحتن سبب بادشاهه کيس اجازت نه ڏني. ”از حضرت عرش آستاني استدعا ڪرده بود ڪه اگر حڪم شود ملڪ ڪيچ و مڪران را در قبضه تسخير اولياء قاهره در آرم. حضرت بادشاه ابا نمودند، و فرمودند ڪه چون ڪيچ و مڪران بر سرحد ولايت شاه عباس است، و درميان ما و ايشان اخلاص ميگذرد، بيوجه دست بآن ملڪها ڪردن خوب نيست.“(2) انهيءَ مهم ۾، مير نمڪين سان گڏ مير معصوم بکري، سيد بهاء الدين بخاري، ۽ بختيار بيگ به شامل هئا، ليڪن جنهن صورت ۾، سيوي بکر جي صوبي جو مدتن کان جزو رهندي ٿي آئي، تنهنڪري، بحيثيت حاڪم بکر جي، اها فتح ۽ فيروزمندي مير نمڪين جي نالي منسوب ٿي، ۽ ٻيا امير فقط امداديءَ طور ساڻس گڏ هئا. فتح بعد، مير نمڪين اتان جي باشندن تي اجارو ۽ ڍل وغيره بست ڪئي، جيڪا انهيءَ دستور تي ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي تصنيف واري سال (1044 هه) تائين وصول ٿيندي ٿي آئي، بکر مان ئي هر سال ان جي وصوليءَ لاءِ ڪاردار موڪليا ويندا هئا. ”تا حال هما اجاره ڪه پدر غلام بر مردم افاغنه سيوي از نقد و جنس بربسته، منظور شده مي آيد. سر فصل مردم تعنات ملڪ بکر يا احشام رعيت رفته مقطعي را ازان مردم ميگيرند.“ (1) ڪشمير،بهار، سيوهڻ: ”طبقات اڪبريءَ“، 1003هه(2) ۾، مير نمڪين کي بکر جو حاڪم بيان ڪيو آهي. ابوالفضل اهو ڪونه ڄاڻايو آهي، ته خان خانان کان بکر جي جاگير منتقل ٿي مير صاحب جي قبضي ۾ڪهڙي سال آئي. نه وري ميرڪ يوسف ئي ان تي ڪا روشني وڌي آهي، هن فقط اهو اِشارو ڪيو آهي، ته جنهن زماني ۾ خان خانان کان بکر جي حڪومت (جاگير) ڦري سندس والد جي حوالي ٿي، انهيءَ وقت سبيءَ تي هن لشڪر ڪشي ڪئي. ”اڪبر نامه“ ۾ انهيءَ لشڪر ڪشيءَ جو سال 1002 هه بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته 1002هه ۾ مير بکر ۾ آيو، ۽ 1003 هه ۾ سبيءَ ويو. اتان فتح ڪري بکر ڪڏهن موٽيو ۽ ڪيتري وقت تائين بکر جو جاگيردار ٿي رهيو، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. اسان کي 1006 هه (43 اڪبري) ۾ مير صاحب ڪشمير ۾ نظر اچي ٿو. ابوالفضل جو قول آهي ته بادشاهه سلامت لاهور مان جڏهن جنوبي هند ڏانهن ڪوچ ڪري پهرينءَ منزل تي رونق افروز ٿيو، ان وقت مير نمڪين ڪشمير کان موٽي اچي بازياب ٿيو- ”سي ام (30 ماه ابان- 43 اڪبري) در نخستين منزل ابوالقاسم نمـڪـيـن از ڪـشـمـير آمـد و دولـت باريافت...“ (1). ڪشمير وڃڻ جو سبب ڏيکاريل ڪونه آهي، قياس اهوئي آهي ته 1005هه تائين مير نمڪين بکر ۾ رهيو ۽ ان کان پوءِ ڪنهن خاص ڪم سان ڪشمير وڃي، 1006 هه ۾ موٽي اچي پهرينءَ منزل تي بادشاهه جي حضور ۾ بارياب ٿيو، جتان ساڻس گڏيو جنوبي هند ويو. بادشاهه جنوبي هند پهچي، ابوالفضل جي قول موجب، مير نمڪين کي بهار جو علائقو عطا ڪيو. ”ابوالقاسم نمڪين را در بهار اقطاع دادند و بپاسباني نجادستور يافت.“ (2) ”ماثر الامرا“ جو قول آهي ته مير صاحب کي 1007 هه ۾ پهريون دفعو بکر بطور جاگير مليو، ۽ 1015 هه ۾ دوباره جهانگير اهو صوبو سندس حوالي ڪيو. اسان جو قياس اهو آهي ته 1002هه کان وٺي 1005 هه ۾ ٿوري وقت لاءِ ڪشمير وڃي وري موٽي اچي شاهي سفر ۾ شامل ٿيو، 1006 هه ۾ ”اڪبر نامه“ جيڪو بهار ملڻ جو واقعو لکيو آهي سو درحقيقت بهار نه بلڪ بکر آهي، جيڪو مطبوعه نسخي ۾ ٽائيپ جي غلطيءَ سبب ”بهار“ ٿي ويوآهي، ڇاڪاڻ ته ”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو جڏهن مير صاحب کي سيوهڻ جو صوبو مليو ان وقت هو بکر جو جاگيردار هو ۽ اتان ئي هو سيوهڻ آيو. سيوهڻ ۾ اچڻ جو زمانو 1008 هه - 1009 هه جي لڳ ڀڳ آهي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته، ’سيوهڻ جو صوبو ڪيتري عرصي کان زبون رهندو ٿي آيو، انتظامي خواهه آمدنيءَ جي لحاظ کا ويران ٿي چڪو هو، هڪ عرصي کان جيڪي جاگيردار ايندا ٿي رهيا، تن سواءِ ظلم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ستائڻ جو ٻيو ڪو ڪم ڪونه ٿي ڪيو. جنهنڪري رعيت ۽ راڄ- ڀاڳ سڀ لڏي پلاڻي هيڏي هوڏي منتشر ٿي ويا هئا. بک ۽ بدانتظاميءَ سبب عام ڌاڙا، خون ۽ ڦريون ٿينديون ٿي رهيون، ۽ امن امان ختم ٿي چڪو هو ۽ آمدرفت جا رستا به بند ٿي ويا هئا. شيخ موسيٰ گيلاني ۽ قره بيگ جي جاگيرداريءَ جو دور ته انتهائي خراب رهيو، جنهنڪري مجبور ٿي بادشاهه مير ابوالقاسم کي بکر مان ڦيرائي سيوهڻ جو صوبيدار ڪيو، ۽ ڪاهان، جوڻيجا، ۽ خطي جي اڌ پرڳڻي کان سواءِ ٻيو سمورو صوبو سندس حوالي ڪيو ويو.‘ سيوهڻ جي انتظامي اصلاح: صوبي جي حالت جيئن ته انتها درجي تائين خراب ٿي چڪي هئي. تنهنڪري مير نمڪين اچڻ سان سڌاري ۽ انتظامي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. درهم برهم ٿيل ملڪ جي حالت ڏٺائين، سڄي ملڪ جي حالتن جو جائزو ورتائين، ۽ ان کان پوءِ قانون گوين کي گهرائي حڪم ڏنائين ته هر پرڳڻي جو عنوان هيٺ، ڳوٺن، زمين، زراعت ۽ آباديءَ جي فهرست تيار ڪن. جڏهن اهي فهرستون تيار ٿي ويون، ان وقت هو پاڻ ملڪ جي دوري تي نڪتو، ۽ جنهن جنهن ڳوٺ جا ماڻهو جتي جتي لڏي وڃي ويٺا هئا، انهن سڀني کي گهرائي، سندن اصلوڪن ڳوٺن ۾ آباد ڪندو ويو، ۽ کين وڏن وڏن رعايتن جا دلاسا ڏيئي، کين قيام ۽ زراعت تي آماده ڪندو ويو- ”و اين ڪاغذ را بدست گرفته مردم رعيت مواضعات ويران شده را از هرجا تجسس و تفحص نموده آورده درجا و مقام آنها نشانده دلاساي بخشي يا مساعدت و تخفيف حصه هريڪ را نوشته دادشي.“ (1) ”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو، ته ڪمزور ۽ پرٻڌڙين صوبيدارن، خسيس طبقي جي ماڻهن مان چغلخورن جو هڪ وڏو تعداد پيدا ڪري ڇڏيو هو، جن رعيت ۽ راعيءَ جي وچ ۾ نفاق پيدا ڪرائي، حاڪمن کان محڪومن تي ظلم ڪرائي، ملڪ جو خانو خراب ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ طبقي جي پيدا ٿيڻ جو شايد خاص سبب هيءُ به هو ته صوبيدار هميشـه ڌاريا ايندا هئا، جن کي نه ملڪ جي خبر نه مـُـلـِـڪيـِـن سان ڪا همدردي هئي، خبرن چارن ٻڌائڻ لاءِ هو اَهـِـڙي قسم جي وچ - ٺوڪين کان ڪم وٺندا هئا، جنهنڪري انهيءَ طبقي هڪ طرف پنهنجا جاوا ڪيا، ٻئي طرف حاڪمن کي ورغلائي پنهنجو اثر انهيءَ حد تائين پيدا ڪيو، جو سڄو ملڪ پيو کانئن ڪنبندو هو. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته ’سيوهڻ جي صوبي کي زياده تر برباد انهيءَ طبقي جي غرض گوئين ۽ چـُـغـلين چواتن ڪيو.‘ راڄ ۽ رعيت تي، جاگيردار چغلخورن جي چئي تي سختيون ڪندا هئا، حقي ناحقي اجارا، ڍلون ۽ چٽيون چـُـوريون وصول ڪندا هئا. عوام آخر حاڪم جي خلاف جدوجهد شروع ڪري خونريزيون ڪرڻ شروع ڪيون، سرڪاري ماڻهن سان مقابلا ڪيائون، ۽ جڏهن مجبور ۽ لاچار ٿيا تڏهن ملڪ ڇڏيون هليا ويا، ڪن وڃي سنڌ جي ٻين صوبيدارين ۾ پناهه ورتي ۽ جيڪي گهڻو آزاريل هئا، تن ته مرڳو قلات، مڪران ۽ بلوچستان وڃي وسايو. مير نمڪين جنهن صورت ۾ سنڌ کي پنهنجو وطن بڻائي چڪو هو، تنهنڪري ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن سان کيس محبت ۽ همدردي هئي. اهوئي ڪارڻ هو، جو سيوهڻ جون نازڪ حالتون ڏسي بادشاهه مير صاحب کي اتي موڪليو، جنهن اچڻ سان هر شيءِ کي اچي درست ڪيو، چغلخورن جو پڻ بنياد ڪڍي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ قسم جي ماڻهن کي پاڻ وٽ ڪڏهن اچڻ نه ڏنائين- ”و حرف هيچ غرض گوئي را از مردم چغل در حق رعيت بسمع نياورد.“ (1) لڏي ويل ماڻهو موٽي اچي ماڳئين ٿيا. قحط ۽ بک سبب جيڪي ڌاڙا ۽ خونريزيون ٿينديون هيون، تن کي بند ڪري، سرحدن تي چؤنڪيون ۽ ٿاڻا نئين سر قائم ڪيائين. وقت نا وقت سرحدي علائقن کان ڌاڙيل اندر گهڙي اچي جيڪا ڦر ڪندا هئا، اها پڻ بند ٿي ويئي. رستا کلي ويا. امن امان اهڙو ٿيو، جو آمدرفت ۽ وڙو واپار جاري ٿي ويو. سميجا ۽ انڙ قبيلا انهيءَ دور ۾ سخت خودسر هئا. هو سنڌ جي مختلف حصن مان اچي سيوهڻ جي ماڻهن کي ستائيندا هئا. ڪيترا دفعا مختلف صوبن جي حاڪمن سندس گوشمالي به ڪئي، ليڪن هو پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيا. سيوهڻ جو صوبو خاص طرح سندن ترڪتازين جو آماجگاهه هو. هڪ دفعي جو ذڪر ڪندي ميرڪ يوسف لکيو آهي ته مير صاحب جو هڪ ملازم، بايزيد، سندس پرڳڻي ۾ شـُـقدار هو. سميجا قبيلي جا ڦورو ٻن پهرن جي وقت سن جي سامهون ڪجران(؟) جي ڳوٺ ۾ اچي نڪتا، ۽ لاکن جو مال متاع، ڍور ڍڳا لٽي راهي ٿيا. بايزيد اطلاع پهچڻ تي غصي ۽ غيرت مان اڪيلي سر اٿي کڙو ٿيو، ۽ پٺيانئن ڪاهي پيو. واٽ تي درياءُ ٽپي، جڏهن وڃي ڌاڙيلن جي مٿان پيو، تڏهن هنن سندس گهوڙي کي زخمي ڪري، کيس ان تان ڪيرائي، قتل ڪري ڇڏيو. اهو اطلاع شام ڌاري مير نمڪين کي پهتو. پاڻ فوراً تيار ٿي نڪتو، ليڪن ان کان اڳ جو هو واردات تي رسي، ته سندس سپاهي وڃي پهتا، جن سميجن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا. انهيءَ معرڪي ۾ سميجن جا ڪيترا ماڻهو قتل ٿيا ۽ ڪيترا سردار به گرفتار ٿيا. مير نمڪين به درياءُ ٽپي، خطي پرڳڻي جي مهراڻ ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جو سندس سپاهي مقتولن جون منڍيون ۽ گرفتار ٿيل ڌاڙيل وٺي اچي حاضر ٿيا. انهيءَ شڪست سميجن جا تاڪ ڪڍي ڇڏيا. صبح جو سندن ڪي چڱا مڙس ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي ۽ چڪ ۾ گاهه ڪري، توبهون ڀريندا اچي پيش پيا. مير صاحب مٿن ڳرا ڏنڊ وڌا ۽ جرماني طور کانئن سـَـڱ َ وٺي لاکن کي عيوض طور ڏنا. سميجن جي وچ ۾ ”ويجهڙو “ نالي هڪ ڳوٺ هو، جتي مير صاحب هڪ مستحڪم قلعو ٺهرايو. ساڳيءَ طرح ”ديهه ڳوٺ“ (پرڳڻو حويلي) ۾ درياءَ جي ڪناري ٻيو قلعو به ٺهرايائين. انهن ٻن قلعن ٺهڻ بعد سميجن ۽ انڙن وري سر مٿي نه کنيو ۽ عام رعيتي ٿي رهڻ لڳا. مال گذاري ۽ اجارا وغيره به وقت سر ادا ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح باغبان جا سميجا ٿيٻا به مدتن کان دنگي فساد، چوريءَ ۽ رهزنيءَ تي کريل هئا. هڪ دفعي چانڊين سان گڏجي سرڪشيءَ تي سنبريا. مير صاحب پاڻ لشڪر ڪشي ڪري، وڃي کين اهڙي تنبيهه ڪئي جو هميشه لاءِ ٺري ويا. هڪ فعي پرڳڻي حويليءَ جا نمردي سيوهڻ تي ڪاهي آيا، ۽ خوب اچي لٽ ڦر ڪيائون. سيوهڻ جو ٿاڻيدار، قلي جان، مٿن حملو ڪري ويو، ۽ کانئن مال متاع ڇڏائي،کين اهڙيءَ طرح تباهه ڪيائين، جو سڀني لاءِ سبق ٿي ويو. گرفتار ٿيلن کي مير صاحب به عبرتناڪ سزائون ڏيئي، هميشـه لاءِ کين ختم ڪري ڇڏيو. انهن ٽن واقعن بعد هيبت پئجي ويئي، ۽ سرڪش ماڻهو دٻجي ويا. اوري پري جا ڏوهي ماڻهو اچي پيش پيا، ۽ معافيون وٺي، قول قرار ڪري، آئيندهه لاءِ پنهنجي بدعملن کان توبهه تائب ٿيا. اهڙيءَ طرح مير صاحب مدتن جي پيداٿيل بدامنيءَ کي ختم ڪري، ملڪ ۾ نئين سر ملڪي انتظام کي جاري ڪري، امن امان آندو، تجارتي قافلا جيڪي بند ٿي ويا هئا، سي ٻيهر چالو ٿيا ۽ سيوهڻ جي بازار ۾ جابلو واپارن جي خريد فروخت عام جام شروع ٿي ويئي. دستور هو ته جابلو قافلا پنهنجي ملڪ جو مال کڻي، سيوهڻ ۾ اچي نيڪال ڪندا هئا، ۽ اتان جو اَنُ خريد ڪري موٽي ملڪ ويندا هئا. هڪ قافلو چئن پنجن هزارن اٺن جو هوندو هو. هر هڪ قافلي تي اٺن ۽ رڍن جو مقرر تعداد صوبيدار طرفان بطور اجاري تي رکيل هوندو هو، جيڪو پهچڻ سان هو ڏيندا هئا. اها آمدني جيڪا مدت کان بند ٿي چڪي هئي، سا وري چالو ٿي.(1) ميرزا غازي ترخان: ميرزا جانيءَ جي انتقال بعد، اڪبر سندس پٽ ميرزا غازي بيگ کي ٺٽي جي مستقل صوبيداري عطا ڪئي. ميرزا عمر جو ننڍو هو. تنهنڪري پراڻن اميرن ڪوشش ڪئي ته کيس فقط شاهه شطرنج بڻائي ملڪي ڪاروبار پاڻ هلائين. ميرزا ابتدا ۾ ته خاموش رهيو، ليڪن اميرن جو اقتدار جڏهن حد کان متجاوز ٿيندو ڏٺائين، ان وقت پراڻن اميرن کي عهدن تان هٽائي نون ماڻهن کي آندائين، جنهنڪري اميرن ۽ سندس وچ ۾ نفاق پيدا ٿيو، ۽ ميرزا وڏيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو. اڪبر جي ذهن تي ويهاريو ويو ته ميرزا آزاد ٿيڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪرڻ وارو آهي، ۽ سندس دماغ ۾ خودسري ۽ سرڪشيءَ جي خوءِ بوءِ اچي ويئي آهي. بادشاهه کيس دربار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ حڪم ڪڍي، بابا طالب اصفهانيءَ کي ڏانهنس موڪليو. ميرزا جنهن صورت ۾ ملڪي اميرن جي سرڪشين ختم ڪرڻ ۾ مصروف هو، تنهنڪري بابا طالب جي پهچڻ کان پوءِ جلد روانو ٿي نه سگهيو، ۽ پورو هڪ سال شاهي قاصد کي ٺٽي ۾ ويٺي ٿي ويو. بادشاهه جي انتظار ڪرڻ بعد سعيد خان چغتائيءَ کي ويهن هزارن سوارن سميت سنڌ ڏانهن روانو ڪيو،(1) ۽ اخراجات لاءِ ملتان ۽ بکر جو صوبو سندس حوالي ڪيائين. ”اڪبر نامه“ جو قول آهي ته بادشاهه ساڳئي وقت مير ابوالقاسم نمڪين ڏانهن به فرمان جاري ڪيو ته ميرزا غازيءَ کي وٺي اچي دربار م پيش ڪري. سعيد خان جي آمد ۽ ابوالقاسم ڏانهن فرمان جو اجراء 1011 هه ۾ ٿيو. ”(1011 هه - 47 سال اڪبري) با ابوالقاسم نمڪين فرمان نافذ گشت ڪه ميرزا غازي را با خسرو خان غلامي ڪه معتمد اوست روانه درگاه والا سازد.“ (2) ميرڪ يوسف به ساڳئي طرح لکيو آهي: ”پير غلام را فرمان صادر شد ڪه خود رفته ميرزا غازي را سزاولي ڪرده از تته بر آورده بحضور فرستد.“(3) مير صاحب کي اهو فرمان سيوهڻ ۾ پهتو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته 1008هه کان وٺي 1011 هه تائين مير صاحب سيوهڻ ۾ هو. سعيد خان چغتائي درٻيلي ۾ اچي منزل انداز ٿيو. مير صاحب چند سپاهي ساڻ ڪري سيوهڻ مان نڪري اچي نصرپور ۾ پهتو، ۽ اتان پنهنجو خاص ايلچي، مير عطاءُ الله مشهدي، جيڪو نهايت عقلمند، سليقه شعار، شاعر ۽ خطاط هو، ميرزا غازيءَ ڏانهن اماڻيائين. ميرزا انهيءَ ايلچي ذريعي مير نمڪين ڏانهن چورائي موڪليو ته ’اوهان هلي سيوهڻ ۾ ٿيو، مان اتي اچي اوهان سان ملندس، ۽ گڏجي سعيد خان وٽ پهچي، سڌو دربار ۾ هلنداسين‘(1) مير صاحب سيوهڻ ۾ واپس رسيو ۽ مٿان ميرزا به اچي پهتو. ٻيئي گڏجي سعيد خان وٽ ويا، جتي چند ڏينهن رهي، دربار ڏانهن راهي ٿيا. دربار ۾ سندن پهچڻ جو اطلاع اسان کي ”اڪبر نامه“ جي ذريعي ملي ٿو: ”چهار دهم ماه مهرالاهي (1013 هه) سعيد خان باپور خود، و مير ابوالقاسم نمڪين ملازمت نمود، و ميرزا غازي پور ميرزا جاني ترخان از تته آمده جبين بسجود آستان اقبال نوراني ساخت، و گزيده پيشڪش به نذرانه گزرانيد- هيڙ دهم بميرزا غازي و ابوالبقا اوزبڪ گوهر مرصع و به عابدي خواجه جمدهر مرحمت شد.“ (2) 1013 هه تائين سيوهڻ مير صاحب جي حوالي رهيو. بکر جي متعلق معلوم نه ٿي سگهيو ته 1007 هه ۾ جڏهن مير صاحب سيوهڻ آيو، ته بکر جو صوبو پوءِ ڪيترو وقت سندس قبضي ۾ رهيو. 1011هه ۾، مٿي معلوم ڪري آيا آهيون ته سيويءَ يا ملتان سميت بکر سعيد خان کي مليو. قنڌار ۽ جلال آباد: مير يوسف جو قول آهي ته اڪبر بادشاهه، مير صاحب کي دربار ۾ پهچڻ شرط، قنڌار جي صوبيداري عنايت ڪئي، ۽ ساڳئي وقت بکر، سيوي ۽ سيوهڻ به تنخواه طور سندس جاگير ۾ ڏنائين: ”صوبه قنڌهار را به پير غلام قرار داند، ڪه ار تغير شه بيگ خان باو حواله نمايند، و ملڪ بکر، سيوي و سهوان بوي تنخواه ڪنند.“ (1) اڃا انهيءَ حڪم تي عمل ئي ڪونه ٿيو، ته بادشاهه اوچتو بيمار ٿي پيو، جنهنڪري سموريءَ دربار جو ڪم ڪار بند ٿي ويو. بادشاهه 13 جمادي الثاني 1014 هه (25 آڪٽوبر 1605ع) تي انتقال ڪيو، ۽ جهانگير تخت نشين ٿيو. ميرڪ يوسف لکيو آهي ته نئين بادشاهه اڳيون حڪم رد ڪري نئون فرمان ڪڍيو، جنهن موجب توخته بيگ کي سردار خان جو خطاب ڏيئي، ڪابل مان بدلي ڪري، قنڌار رکيو ويو، ۽ سبي، بکر ۽ سيوهڻ به سندس حوالي ڪيا ويا، مير نمڪين کي جلال آباد جي خاص مهم تي مقرر ڪيو ويو. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/532. (1) ”اڪبر نامه“ ص. 3/533. (1) ”اڪبر نامه“ ص. 3/559. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/637. (1) ميرزا جانيءَ انهيءَ حڪم کي ناپسند ڪيو، ۽ خان خانان جي ذريعي ڪوشش ڪري، ٺٽي جو صوبو پاڻ حاصل ڪيائين. ميرزا جاني بادشاهه وٽ رهي پيو، پنهنجي اميرن کي انتظام لاءِ ٺٽي موڪليائين، جن ميرزا غازيءَ جي نيابت هيٺ مملڪت جو ڪاروبار هلائڻ شروع ڪيو. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/638. (3) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/248. (1) نمڪين کي بکر واري جاگير ملڻ واري سال تي مؤرخن جو اختلاف آهي، مثلا= 1-”ذخيرهِ الخوانين“ جو مصنف لکي ٿو ته 1004 هه ۾ پهريون دفعو کيس بکر مليو. (ص. 118). 2-”طبقات اڪبري“ 1002 هه ۾ ختم ٿيو. ان ۾ آهي ”درزمرهِّ امراست و حڪومت بڪهر دارد“ ص. 3/746، يعني 1002 هه ۾ بکر جو حاڪم هو. 3- ”ماثر الامرا“ جو مصنف لکي ٿو ته 1007 هه ۾ پهريون دفعو ۽ 1015 هه ۾ ٻيو دفعو کيس بکر مليو. 4- ”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف بکر جي حڪومت جو سال 1004 هه ڄاڻايو آهي. ليڪن صحيح قول ”اڪبر نامه“ جو آهي ته 1003 هه ۾ مير صاحب بکر ۾ حاڪم هو ۽ اتان سيويءَ ويو. (2) ڪن مؤرخن ”افغان پني“ لکيو آهي. ممڪن آهي ته اهو لفظ ”پشين“ يا ”پسني“ هجي. (1) ”اڪبر نامه“ ص. 3/366. ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/295. (2) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/247. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/247. (2) ”طبقات اڪبريءَ“ جو مصنف خواجه نظام الدين احمد 45 ورهين جي ڄمار ۾ 23 صفر 1003 هه جو لاهور ۾ فوت ٿيو. ”طبقات“ هن انهيءَ سال ختم ڪيو، ۽ ان ۾ هن مير نمڪين کي بکر جو حاڪم ڄاڻايو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته مير صاحب 1003 هه کان اڳ بکر ۾ پهتو. (1) ”اڪبر نامه“ ص. 3/746. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/748. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 1/300. (1) ”مظهر“ 2/300. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/300 - 302. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 2/404. ”ماثر رحيمي“ 2/350. ميرڪ يوسف لکيو آهي ته بکر ۽ سيويءَ جو علائقو کيس بطور جاگير ڏنو ويو. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/816. (3) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/302. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/303. (2) ”اڪبر نامه“ ص. 3/839. (1) ”مظهر شاهجهاني“ ص. 2/303. گجرات جي تيولداري: جلال آباد جي مهم جي نوعيت ۽ تفصيل ڪونه ڏنو ويو آهي، ليڪن هيٺين واقعن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير نمڪين کي جلال آباد جي مهم تي موڪلڻ سان گڏ، گجرات خورد (پنجاب) جي تيولداري به ڏني ويئي هئي، ۽ مير صاحب قياس آهي ته ذي القعد 1014 هه ڌاري آگري مان گجرات پهچي، انتظام ۾ مصروف ٿيو، ۽ اڃا جلال آباد طرف روانو ٿيو ئي ڪين هو، ته جهانگير جي پٽ شهزادي خسروءَ جي بغاوت در پيش آئي. خسرو جي بغاوت: جهانگير کي تخت نشين ٿئي اڃا پنج ڇهه مهينا مس گذريا، ته سندس خلاف شهزادي خسرو بغاوت شروع ڪئي، ۽ 8 ذي الحج 1014هه جو، هو آگري مان فرار ٿي، واٽ سان لـُـٽ ڦـُـر ڪندو، سڌو لاهور پهتو. جهانگير سيد فريد بخاريءَ ۽ چند ٻين اميرن کي سندس پٺيان موڪلي، ستت ئي پاڻ به اوڏانهن روانو ٿيو. خسرو لاهور پهچي، شهر جي ناڪيبندي شروع ڪري ڏني. جڏهن سيد فريد بخاري سلطان پور(1) ۾ اچي پهتو، ان وقت خسرو ناڪيبندي کڻي، بيا(2) پهتو، جتي فريقين ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ خسرو کي شڪست آئي، ۽ بقول صاحب ”ماثر الامرا“، تباهه حال ٿي، حيرت ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ اتان ڀڳو. کيس اها سڌ ڪانه ٿي پئي ته هو ڪهڙي طرف وڃي. جيڪي چند افغان ساڻس گڏ هئا، تن کيس صلاح ڏني ته دوآبي ٿيندو آگري هلجي، جيڪڏهن دارالسلطنت تي قبضو ٿي وڃي ته واه، ورنه اتان مشرقي صوبن ڏانهن هلجي- اهو ملڪ وسيع آهي، ۽ گهڻي تائين اتي مقابلو جاري رکي سگهبو. حسن بيگ بخشيءَ انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪندي چيو ته ’اسان کي ڪابل هلڻ گهرجي‘. شهزادي جو مٿس اعتماد هو، جنهنڪري ان جي صلاح تي لڳي ڪابل ڏانهن روانو ٿيو.” (3) بادشاهه سڀني صوبيدارن، جاگيردارن ۽ ملڪ جي مکيه ماڻهن ڏانهن حڪم جاري ڪري ڇڏيو هو، جنهنڪري سڀئي ماڻهو خبردار هئا ته جتي کيس خسرو ملي ته کيس گرفتار ڪن. خسرو پنهنجي چند ساٿين سميت گجرات جي سوڌرن(4) واري گهيڙ وٽ چناب ٽپڻ لاءِ اچي پهتو. ٻيڙي بيٺل ڪانه هئي. پري کان هڪ ٻيڙي گاهه سان ڀريل آئي ٿي، جنهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائون، ۽ اُن کي زوريءَ ڪناري تي آڻي، ان ۾ سوار ٿيا. انهيءَ وچ ۾ دانهن ۽ ڪوڪن تي اوسي پاسي خبر پئجي ويئي. ۽ سوڌرن جو چوڌري پنهنجي ماڻهن سميت اچي پهتو، جيئن شهزادو ڪناري تي لهي نه سگهي. صبح ٿيندي، ابوالقاسم نمڪين، جيڪو ان وقت گجرات ۾ تيولداري هو، اچي پهتو، ۽ اچڻ سان، بقول ”ماثر الامرا“: ”آن غريق بي راه روي را بقبضه آورده نظربند نمود“ (1) جهانگير پنهنجي ”توزڪ“ ۾ انهيءَ واقعي کي مفصل لکيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ابوالقاسم پنهنجي پٽن سميت فوراً اچي واردات ٿي پهتو، ٻنهي طرفن کان تيربازي هلي، ۽ چئن ڪوهن تائين شهزادي جي ٻيڙي درياءَ جي سير ڏيئي هلندي رهي. ابوالقاسم نمڪين، هلال خان جي ذريعي درياءَ جي هڪ ڀر کي مضبوط ڪيو، ۽ ٻي ڀر سوڌرن جي چوڌري ڪمال خان جي ڄاٽي جهلي. مقابلو هلندو رهيو. آخر ۾ هاٿيءَ جي ذريعي ماڻهو شهزادي جي ٻيڙيءَ تائين پهتا، ۽ کيس گرفتار ڪري ڪناري تي وٺي آيا. اهو آچر جو ڏينهن ۽ 24 محرم جي تاريخ (1015 هه) هئي. ابوالقاسم شهزادي کي گجرات ۾ پنهنجي جاءِ تي وٺي آيو. انهيءَ واقعي کي ”منتخب اللباب“، ”اقبال نامه جهانگيري“ ۽ ”ذخيرة الخوانين“ جي مصنفن تفصيل سان لکيو آهي(2) ۽ هر هڪ مصنف مير صاحب جي همٿ ۽ بهادريءَ جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪئي آهي. ”ذخيري“ جي مصنف جا الفاظ هي آهن: مير ابوالقاسم نمڪين راڪه پر گنه گجرات خورد(3) بود، خبردار ساختند - او در خدمت سلطان رسيده، بهزار حيل و تذ وير او را با حسن بيگ و عبدالرحيم با پنج و شش ڪس ديگر را بگجرات برده، اينها لا علاج شده... بقضا دادند....“ آگري کان هلي بادشاهه به 9 محرم 1015 هه جو اچي لاهور رسيو. 24 محرم جو امير ابوالقاسم خسرو کي گرفتار ڪيو، ۽ ڏهين يعني 3 صفر 1015هه جو کيس وٺي اچي لاهور ۾ بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيائين. خسرو جي سلسلي ۾ 9 محرم جو جيئن بادشاهه لاهور پهتو، تيئن سندس قول مطابق،(1) کيس اطلاع پهتو ته قنڌار جي پسگردائيءَ وارن قبيلن بغاوت ڪري، قنڌار تي حملو ڪيو آهي، ۽ اتان جو صوبيدار شاهه بيگ قلع بند ٿي ويهي رهيو آهي. بادشاهه کيس اڳ ئي بدلي ڪري چڪو هو، ۽ نئون صوبيدار سردار خان اوڏانهين لاءِ روانو ٿي، ملتان وٽ پهچي چڪو هو. بادشاهه مٿين حقيقت معلوم ڪري، ميرزا غازي ترخان کي پڻ لشڪر ڏيئي، قره بيگ سميت روانو ڪيو ته ملتان وٽ سردار خان سان ملي، اوڏانهن روانا ٿين. قنڌار جي بغاوت جو بادشاهه کي تمام گهڻو اونو هو. ويتر خسروءَ جي بغاوت سبب اهو خطرو ٿيو ته اندروني بغاوت جون خبرون ٻڌي، متان قنڌار جا باغي زيادهه سرڪش نه ٿين. ليڪن چند ڏينهن بعد خسرو به گرفتار ٿيو ۽ سندس وڏي ۾ وڏو مددگار گـُـرو ارجن (2) به گرفتار ٿي پيش ٿيو، جنهن کي قتل ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح اندروني خلفشار جيتوڻيڪ ختم ٿي چڪو، ليڪن بادشاهه قنڌار جي مهم جو اڃا به منتظر هو، تنهنڪري انتظار ۾ لاهور ترسي پيو. 12 شوال 1015 هه جو، ميرزا غازي فاتحاڻي انداز ۾ قنڌار داخل ٿيو، جنهن جو اطلاع 22 ذي القعد 1015 هه جو بادشاهه کي لاهور ۾ پهتو. جلال آباد ۾ مير نمڪين: ”ماثر الامرا“ جو قول آهي ته خسرو جي گرفتار ڪرڻ ۾ مير نمڪين جنهن همٿ کان ڪم ورتو، ان تي خوش ٿي بادشاهه کيس بکر جو صوبو جاگير طور ڏنو، ۽: ”اين حسن خدمت در پيشگاه خلافت باعث مجرا گشته از اصل و اضافه بمنصب سه هزاري ترقي نموده.“ (1) ”ماثر“ جي انهيءَ قول جي ٻئي ڪنهن هنڌان تصديق ڪانه ٿي ٿئي. جهانگير به انهيءَ طرف اشارو ڪونه ڪيو آهي: پهرئين سال جي روزنامچي ۾ هن هڪ هنڌ هيترو لکيو آهي ته ”... اسان ابوالقاسم نمڪين جي منصب ۾ 15 سون جو اضافو ڪيو، هو منهنجي والد جو پراڻو خادم آهي.“ (2) جلال آباد جي مهم تي تقرر بعد کيس گجرات جو تيولداري ملي، انهيءَ وچ ۾ خسروءَ جو واقعو درپيش آيو، ممڪن آهي ته بادشاهه کيس بکر جو علائقو تنخواه ۾ ڏنو هجي، ۽ خسرو جي بغاوت ختم ٿيڻ بعد جلال آباد جي انهيءَ مهم تي کيس موڪليو ويو، جنهن تي هو اڳ ئي مقرر ٿو. اسان جو خيال آهي ته مير صاحب جلال آباد 1015 هه جي آخر ڌاري روانو ٿيو. ڏهن مهينن بعد، 22 ذي القعد 1015هه جو، قنڌار جي فتح جي خبر بادشاهه کي پهتي. مقامي حالتن کي سازگار ڏسي، بادشاهه ڪابل ڏانهن وڃڻ جو خيال ڪيو، ۽ ذي الحج جي ابتدا يا وچ ڌاري، لاهور کان روانو ٿيو. 28 محرم 1016 هه جو، بادشاهه جڏهن درهِّ خيبر جي قريب علي مسجد وٽ منزل انداز ٿيو، ان وقت مير ابوالقاسم جلال آباد کان موٽندي اچي بادشاهه جي سلامي ٿيو. جهانگير ”توزڪ“ ۾ لکيو آهي ته ”... هتي ابوالقاسم نمڪين جلال آباد جي جاگيردار منهنجي لاءِ خوبانيون آنديون، جيڪي ڪشميري خوبانين کان خوبصورتيءَ ۾ گهٽ هيون.“ (1) انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾، اڳتي هلي، 3 صفر جي روزنامچي ۾ لکي ٿو ته ”... جلال آباد جي جاگير مير ابوالقاسم نمڪين کان ڦيرائي، اسان عرب خان کي ڏني...“ (2) جلال آباد جي سلسلي ۾ اسان کي فقط اهي اطلاع ملي سگهيا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڏينهن گهٽ ٻارهن مهينا مير صاحب جلال آباد ۾ گذاريا. باجور جي قلعيداري: مير نمڪين کي جلال آباد جي عيوض ڪهڙي جاگير ڏني ويئي، ۽ کيس ڪيڏانهن موڪليو ويو، گجرات خورد جي تيولداري، جيڪا کيس جلال آباد جي مهم کان اڳ ملي هئي، سا وٽس رهي يا ويئي- انهن سڀني ڳالهين جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي، نه وري جهانگير يا ٻئي ڪنهن مؤرخ انهيءَ طرف اشارو ڪيو آهي. ميرڪ يوسف جي تاريخ مان فقط ايترو اشارو ملي ٿو ته مير 1016 هه ۾ باجور جو قلعيدار هو، جتان کيس بدلي ڪري ٻيو دفعو سيوهڻ موڪليو ويو، جنهن جو تفصيل هيٺ اچي ٿو. اسان جو خيال آهي ته علي مسجد جي منزل تي، 3 صفر 1016 هه جو، جيئن بادشاهه جلال آباد جو حڪم عرب خان لاءِ ڪيو، تيئن ئي مير صاحب جو آرڊر به باجور جي قلعيداريءَ لاءِ ڪيو ۽ مير صاحب گهڻو ڪري اتان ئي باجور (3) هليو ويو. سيوهڻ ۾ دوباره آمد: سردار خان (توخته بيگ)، قنڌار ويندي، سيوهڻ جي نيابت پنهنجي هڪ ملازم درويش بيگ جي سپرد ڪيو ويو. درويش بيگ جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جي حالت وري خراب ٿي ويئي. جن قبيلن کي مير نمڪين زير ڪري پر امن شهري بڻايو هو، تن وري انتظامي ڍلائيءَ سبب، فساد ۽ لٽ ڦر شروع ڪري ڏني. خبر نه ٿي پوي ته درويش بيگ سيوهڻ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ليڪن اسان کي ميرڪ يوسف جي ذريعي فقط هيترو معلوم ٿئي ٿو، ته سيوهڻ جي سميجن تي، سندن بدڪردارين ڪري، درويش بيگ لشڪر ڪشي ڪئي، ويراون (؟) جو ڳوٺ ۾ درويش بيگ جي منزل هئي، رات جو سميجن شبخون هڻي، سندس لشڪر کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻڪ چند جيڪو سندس لشڪر جو مکيه عهديدار هو، سو پنجن سپاهين سميت مارجي ويو ۽ خود درويش به زخمي ٿي پيو. صبح جو درويش بيگ شڪست خوردگيءَ جي حالت ۾، زخمن سان چور ٿي، سيوهڻ اچي پهتو، ۽ اتي انتقال ڪري ويو. ميرزا غازي فتح ڪري، سردار خان جي حوالي ۾ ڏيئي، پاڻ موٽي اچي بکر ۾ ٻئي حڪم تائين ويهي رهيو. بادشاهه ڪابل جو دورو ختم ڪري، جڏهن موٽي لاهور آيو، ان وقت غازيءَ کي دربار ۾ پهچڻ جو حڪم موڪليائين. چنانچه ميرزا 12 شعبان 1016 هه ۾ لاهور پهچي، دربار شاهيءَ ۾ آستانه بوسي ڪئي. هڪ مهيني بعد، 10 رمضان 1016 هه جو، بادشاهه کيس قنڌار جي حڪومت جو پروانو ڏنو، ۽ ميرزا غازي اوڏانهين وڃڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿيو. 11 مهينا کن غازيءَ تياريءَ ۾ ورتا. 14 رجب 1017 هه جو، کيس بادشاهه جلد قنڌار وڃڻ لاءِ ٻيو حڪم موڪليو، جيئن ته جهانگير پاڻ لکي ٿو ته: ”در 14 ماه مذڪور (رجب 1017 هه) حڪم ڪر دم ڪه ميرزا غازي متوجهه قنڌار شود- اتفاقات حسنه بمجرد آنڪ مرزاي مشاراليه از بڪهر روانه ولايت مذڪور گردد، خبر فوت سردار خان حاڪم آنجا مير سد، سردار خان از ملازمان مقرر و روشناس ميرزا محمد حڪيم عم من بود، توخته بيگ اشتهار داشت.“ (1) مٿئين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته سردار خان جي زندگيءَ ۾ ئي بادشاهه ميرزا غازيءَ کي قنڌار جي حڪومت سپرد ڪري چڪو هو، ۽ جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ بادشاهه ٻيو حڪم (14 رجب 1017 هه) ڪڍيو، ان وقت کيس سردار خان جي انتقال جي خبر پيئي.(2) درويش بيگ جي رسوا ڪن شڪست ۽ انتقال جي خبر، وقايع نويس جي ذريعي جيئن بادشاهه کي پيئي، تيئن هن مير نمڪين ڏانهن سيوهڻ وڃڻ لاءِ فرمان جاري ڪيو. اسان جو خيال آهي، ته درويش بيگ جو انتقال 10 رمضان 1016 هه کان اڳ ٿيو هوندو، ۽ 10 رمضان 1016 هه تي، جيئن قنڌار لاءِ ميرزا غازيءَ جو فرمان نڪتو، تيئن ئي بادشاهه سيوهڻ به سردار خان کان واپس ڪري مير نمڪين جي سپرد ڪيو هوندو. جيئن هيٺ معلوم ٿيندو. ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته درويش بيگ جي انتقال جي جڏهن بادشاهه کي خبر پهتي، تڏهن سيوهڻ سردار خان جي جاگير مان ڦيرائي سندس والد مير نمڪين کي ڏنو ويو. ”چون ابن خبر از نوشتهاي واقع نويسان بسمع حضرت جنت مڪاني رسيد، باز از تغير سردار خان ملڪ سهوان را در جاگير پير غلام مرحمت ڪردند“. مير صاحب، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، جلال آباد کان موٽندي، صفر 1016 هه باجور جي قلعيدار ٿي ويو، اٺن مهينن بعد، رمضان 1016 هه ۾، جيئن کيس سيوهڻ لاءِ حڪم پهتو، تيئن پنهنجو پٽ (ميرڪ يوسف) باجور کان سيوهڻ ڏياري موڪليائين ۽ پاڻ به پٺيان جلد ئي اچي پهتو. ”دوران وقت تهانه باجور حواله او بود، و از انجا اين خانه زاد راقم حروف را پيشتر با جميعت خوب سهوان فرستاد و متعاقت خود نيز رسيده آمد.“ (1) ميرڪ يوسف لکي ٿو ته والد سيوهڻ ۾ اچي پهتو، ۽ ملڪ جي درستگيءَ لاءِ از سرنو ڪوشش شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ سردار خان جي فوت ٿيڻ جي به خبر قنڌار کان اچي پهتي. ”ملڪ ويران برهم خورده را ديده، باز درپي دلاساي رعيت بر ريخته ملڪ شده ملڪ را فراهم آورد، درين اثنا سردار خان قنڌهار جان بحق تسليم ڪرد.“ (2) قنڌار روانگي: مير نمڪين ٻيو دفعو ڏهه مهينا کن سيوهڻ ۾ رهيو (شوال 1016هه تا رجب 1017 هه)، ۽ ميرڪ يوسف جي قول مطابق، سيوهڻ جي انتظامي درستي ڪندو رهيو. 14 رجب 1017 هه جو، جيئن ميرزا غازيءَ لاءِ قنڌار وڃڻ جو حڪم صادر ٿيو، تيئن ساڳئي وقت مير نمڪين ڏانهن به فرمان پهتو ته هو به ڪمڪ طور ميرزا غازيءَ سان قنڌار گڏيو وڃي، ۽ تيسين اتي رهي جيسين ميرزا قنڌار جي انتظام تي پوريءَ طرح حاوي ٿئي. درويش بيگ جي ڏينهن ۾، سنڌ جي لاکن تي سميجن ۽ انڙن سخت ظلم ڪيا هئا. درويش بيگ ڪمزور ۽ بيڪار هو، تنهنڪري مظلومن جو داد فرياد نه ڪري سگهيو، جنهن تي مايوس ٿي لاکن جا پريا مڙس جهانگير جي دربار ۾ دانهين ويا. بادشاهه کين مير نمڪين ڏانهن فرمان ڪڍي ڏنو ته هو چڱيءَ طرح سميجن جي گوشمالي ڪري، لاکن کي سندن ٿيل نقصان ڀرائي ڏئي. ميرڪ يوسف انهيءَ فرمان جو مطلب هنن اکرن ۾ بيان ڪيو آهي: ”در عملهاي سابق مردم لاکه را سميجه انر مخذول العاقبت زده، و تاراج ڪرده ملڪهاي آنها را در تحت خود برده بوند- بنابران جماع از مردم لاکه بدربار عالم مدار مستغاثي شده فرمان حضرت جنت مڪاني بنام پير غلام حالي ڪرده آوردند، باين مضمون ڪه ملڪ مردم لاکه را از دست سميجه بدبخت گرفته بمردم لاکه بدهد و سميجه تاديب خوب نمايد ڪه ازين شيوه متمردي منزجر شوند.“ يوسف لکيو آهي ته فرمان ۾ اهو به لکيل هو ته: ”و اگر عهده اين خدمت نمي تواند بر آمد، بدرگاه والا عرضداشت ڪند، ڪه بـجـاي او ديگري را باين خدمت تعين ڪنيم تاحق مظلوم گرفته و جدا ڪرده حواله مظلوم نمايد.“ (1) ميرزا غازيءَ سان گڏجي وڃڻ ۽ سميجن جي گوشمالي ڪرڻ وارو فرمان ٻيئي هڪٻئي پٺيان گڏ پهتا. ميرزا غازي ان وقت قنڌار اُسهڻ جي تيارين لاءِ بکر ۾ مقيم هو. مير نمڪين به وٽس اتي وڃي پهتو. ”پدر غلام از سهوان بر آمده حسب الحڪم دربکر رفته ميرزا غازي را ملاقات ڪرد.“ مير صاحب کي ٻنهي فرمانن پهچڻ بعد اهو خيال ٿيو ته پاڻ سنڌ ۾ رهي، لاکن واري حڪم جي تعميل ڪري ۽ پنهنجي بجاءِ پنهنجي وڏي فرزند مير ابوالبقا امير خان کي مضبوط لشڪر ڏيئي ميرزا غازيءَ سان قنڌار اماڻي. جڏهن ميرزا سان مشورو ڪيائين، تڏهن هن انڪار ڪيو- ”ميرزا غازي قبول نڪرد، و گفت شما بجاي پدر من ايد، همراه من باشيد ڪه مرد دانا ڪارڪرده و رسا ايد، يڪ مرتبه بقنڌهار رسانيده در ضبط و ربط ملڪ قنڌهار با من شريڪ بوده باز بجاگير خود ببايند.“ (1) مير نمڪين مجبور ٿي پيو، ۽ بجاءِ ان جي جو پاڻ هتي رهي، سميجن جي سرزنش ڪري، پنهنجي پٽ ابوالبقا کي نائب طور سيوهڻ تي مقرر ڪري، ملڪي انتظام ۽ سميجن جي گوشماليءَ لاءِ پٺيان ڇڏيائين. سيوهڻ جو قيام: ميرڪ يوسف پنهنجي والد لاءِ لکي ٿو ته هو ٻه دفعا سيوهڻ جو صوبيدار ٿيو، ۽ ڪم و بيش ڇهه ورهيه انهيءَ علائقي ۾ رهيو.(2) ”و عمل پير غلام در هر دو مرتبه قريب شش سال بود“. انهيءَ حساب جي پيش نظر ڀانئجي ٿو ته پهريون دفعو مير صاحب 1009هه کان 1013هه تائين تقريباً 4 ورهيه رهيو، ٻئي دفعي شوال 1016 هه کان 1019هه ۾ سندس وفات تائين تقريباً اڍائي ورهيه سيوهڻ سندس قبضي ۾ رهيو. اهڙيءَ طرح ساڍا ڇهه ورهين کن هن انهيءَ صوبي ۾ گذاريا. سيوهڻ ۾ جيڪي مير صاحب انتظامي خواه ملڪي بهبوديءَ جا ڪم ڪيا، ان جو مفصل ذڪر ته ميرڪ يوسف ڪونه ڪيو آهي، البته اشارن ۽ ڪتابن ۾ جن واقعن جو اجمالي تذڪرو ڪيو اٿائين، ان مان ڪي اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون ۽ ڪن جو هن هيٺ ذڪر ڪريون ٿا. صفه وفا: مير صاحب جيئن بکر ۾ پنهنجي نشست لاء ”صفه ِّ صفا“ نالي درياءَ جي ڪناري هڪ خوش نما عمارت ٺهرائي هئي، تيئن سيوهڻ ۾ به ”صفه وفا“ نالي انهيءَ قسم جي جاءِ هن جوڙائي، جنهن جو ذڪر جدا عنوان هيٺ اسان ڪتاب جي آخر ۾ مفصل ڪري رهيا آهيون. لڪياري ساداتن سان سلوڪ: دادو ضلعي ۾ آمري ۽ لڪي ڳوٺن ۾ لڪياري ساداتن جو خاندان صدين کان آباد آهي. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته شاهه حسن ارغون جي دور ۾ جڏهن همايون سنڌ (947 - 950 هه) ۾ آيو، ان وقت شاهه حسن سمورو ملڪ ويران ڪرائي ڇڏيو، جيئن بادشاهه کي گاهه ۽ ان ملي نه سگهي. انهيءَ زماني ۾ لڪيءَ ۽ آمريءَ جي ساداتن، جي مالدار ۽ وڏي اثر رسوخ وارا هئا، ۽ بقول ميرڪ يوسف نهايت ئي صحيح نسب هئا،(1) بادشاهه جي بيحد خدمت ڪئي. ”خدمت خوب از دست سادات لڪعلوي در حق عساڪر ظفر ماثر آمده بود..... ابن جماعه سادات بجا و مقام خودنشسته بودند- و از دانه و ڪاه و بز و گوسفند وغيره اشيائي ڪه بمردم سپاه درڪار مي شد، خبرداري مي گرفتند- و حضرت جنت نشاني (همايون) خدمتهاي اين جماعه را ديده خوشحال شدند. و فرمان عالي شان در باب سيور غال ديهه ايشان عنايت ڪردند.“ (1) ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته ڪيتري زماني کان وٺي، ملڪي مصيبتن ۽ ذاتي تباهين سبب اهي سادات بلڪل تباهه حال ٿي ويا هئا، ۽ پنهنجا ۽ ڳوٺ گهر گهاٽ ڇڏي، ڪاهان جي پرڳڻي ۾ وڃي ويٺا هئا. منجهن اها طاقت ڪانه هئي، جو وري موٽي اچي پنهنجي ڳوٺ ۽ گهرتڙ وسائين. جڏهن مير نمڪين پهريون ڀيرو سيوهڻ ۾ وارد ٿيو، ان وقت انهن ساداتن سان هن حد کان وڌيڪ سلوڪ ڪيا، کين ڍلن جون معافيون ڏنائين، لڏائي آڻي ڳوٺن ۾ ويهاريائين، ۽ ويران ٿيل زمينون کين آباد ڪرائي ڏنائين، همايون جا وٽن فرمان ڏسي، کين اها صلاح به ڏنائين ته دربار ۾ وڃي، انهن فرمانن تي جاگيرن جا نوان پروانا ڪڍرائي اچن. سادات سنبت ۾ هئا، جو بدقسمتيءَ سبب اوچتو لڪيءَ کي باهه لڳي، جنهن ۾ سندن سڀڪجهه سڙي ويو ۽ فرمان به باهه جو بک ٿي ويا.(2) ساداتن تي مٿي ذڪر ڪيل تباهي ڇو آئي، هنن گهر گهاٽ ڇڏي، ڇو ڳوٺ ۽ زمينون ويران ڪري ڇڏيون- ان جي مفصل حقيقت ميرڪ يوسف ڪانه لکي آهي. البت هڪ هنڌ ضمناً ذڪر ڪيو اٿائين، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ علائقي جي سميجن ۽ ٽاڪرو ڌاڙيلن سندن ڳوٺن کي بار بار لٽيو، ۽ ڪيترا دفعا سندن مال متاع هڻي ويا، آمريءَ ۽ ٺٽي ولي محمد کي انڙن لٽي ڦري ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪيترا سيد ۽ سندن ماڻهو قتل ٿي چڪا هئا. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته جڏهن شمشير خان قنڌار بدلي ٿي ويو، ان کان پوءِ انهن ڳوٺن تي تبائي آئي- ”رفته رفته از دست سميجه و مردم ڪوهي خراب ضايع شده. چناچه از مواضع سادات دو موضع، يڪ ڪوه آمري و ديگر موضع تتي ولي محمد ويران مطلق شدند، و اڪثر سادات اين مواضع را مردم ڪوهي و سميجه بدرجه سادات رسانيدند، ورعيت متفرق شده رفت.“ (1) شمشير خان جي هجڻ تائين اهو علائقو نهايت آباد ۽ شاداب هو، آمري ۽ ٺٽي ولي محمد جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ ميرڪ يوسف لکي ٿو ته: ”تا انقراضي شمشير خان اوزبڪ نهايٽ آبادان و معمور بودند، و گذشت عمل او اڪثر سادات اين هرد و موضع از دست مردم نهمردي و سميجه اونر، بدرجهء شهادت رسيدند، و قليل ماندند، متصرف شده بهرجا رفتند.“ (2) ديندار خان، پنهنجي دور ۾، آمري، سن جي ارباب سيد يوسف کي جاگير ۾ ڏني، ۽ ٺٽي ولي محمد، سيد حسن لڪياريءَ جي حوالي ڪيائين. ساداتن انهيءَ دور ۾ انهيءَ علائقي کي خوب آباد ڪيو. لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ جيڪي سادات هئا، انهن سان پڻ ديندار خان اُهي ئي رعايتون ڪيون هيون- يعني، هڪ حصو سيد ابوبڪر جي اولاد ڏي ويندو رهيو ۽ هڪ حصو باقي ساداتن ۾ تقسيم ٿيندو رهيو ۽ ٻه حصا رعيت جي حوالي رهيا. اهوئي سبب هو، جو ديندار خان جي دور ۾ به ملڪ جو اهو حصو اهڙو ئي آباد ۽ شاد رهيو، جهڙيءَ طرح مير نمڪين جي زماني ۾. (1) ڪپور ٿلي جي قريب سلطان پور تحصيل آهي. (2) بياس ندي. (3) ”ماثر الامرا“ ص. 3/77، (4) سوڌرهه‘ گجرانواله ضلعي جو هڪ قديم شهر آهي. گجرات جو ڳوٺ ۽ سوڌرهه هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن، وچ ۾ چناب ندي وهي ٿي. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 3/77. (2) ”منتخب اللباب“ ص. 252. ”اقبال نامه جهانگيري“ ص. 15-16. ”ذخيرة الخوانين“ ص. 80. (3) ”آئين اڪبريءَ“ جي مترجم بلاخمن لکيو آهي ته سوڌرا جو پتڻ جتان خسرو گرفتار ٿيو، وزير آباد جي اتر اولهه جي ڪنڊ تي آهي. چناب کي انهيءَ زماني ۾ اتان اڪربو هو، ۽ گجرات جو شهر به وزير آباد جي قريب هو. ص. 1/456. (1) ڏسو ”توزڪ جهانگيري“ (2) سکن جو پنجون گـُـرو ارجن - قتل ٿيڻ کان اڳ هن پنهنجي پٽ هرگوبند کي ڇهون گرو نامزد ڪيو. (1) ”ماثر“ ص. 3/77. (2) ”توزڪ“ بيورج ص. 31. (1) ”توزڪ“ بيورج ص. 102. (2) ”توزڪ“ بيورج ص. 103. (3) باجور، دير، سوات ۽ چترال ايجنسيءَ جو هڪ شهر آهي، جنهن ۾ قلعو به آهي. (1) ”توزڪ“ ص. 73، بيورج ص. 151. (2) ”ماثر الامرا“ لکيو آهي ته 1016 هه ۾ توخته بيگ انتقال ڪيو. (ج: 1، ص. 482) انتقال جي تاريخ لکيل ڪانه آهي، ليڪن جهانگير جي ”توزڪ“ مان اندازو ٿئي ٿو، ته توخته بيگ 1016 هه ۾ نه بلڪ جمادي الثاني 1017 هه ڌاري فوت ٿيو، جو جهانگير 14 رجب جي روزنامچي ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. (1) ”مظهر ۽ ص. 2/304. (2) ”مظهر ۽ ص. 2/304. (1) ”مظهر“ ص. 2/305. (1) ”مظهر ۽ ص. 2/305. (2) ”مظهر“ ص. 2/310 (1) ”سادات لڪعلوي بسيار صحيح النسب اند“- ”مظهر“ ص. 2/374. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/74-275. (2) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/74-275. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/276. (2) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/386. مير نمڪين جو انتظام: سن، آمري، لڪيءَ ۽ ٺٽي ولي محمد جي آباديءَ جو ذڪر مٿي ٿي چڪو. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته سندس والد سيوهڻ جي سموري صوبي کي چڱيءَ طرح آباد ڪيو. ماڻهن سان سٺا سلوڪ ڪيائين. واپارين کي سهولتون ڏيئي، تجارتي مال جي خريد و فروخت کي وڌايائين. امن امان اهڙيءَ طرح ڪري ڇڏيائين، جو رن زال رات جو زر ۽ زيور تريءَ تي رکيون ويندي هئي ته کيس ڪو خوف خطرو ڪونه ٿيندو هو. سرڪش قبيلا زير ڪيائين ڪڙمين ۽ مسڪين ۽ غريب رعايا کي مطمئن ڪيائين. ڪڙمين سان خاص مروتون ڪري، زرعي پيداوار کي اهڙيءَ طرح واڌايائين، جو دستوري ڏڪار جو ملڪ مان نالو نشان ئي مٽجي ويو. اهو مؤرخ سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ کاهي معجوئي (؟) (مواجبي) جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته اهو ڳوٺ لڪيءَ واري لـَـڪَ تي آهي، جتي رستو تمام خوفناڪ آهي- هيٺيان درياءُ وهي ٿو، ۽ رستو سنهو ۽ انهيءَ حد تائين خطرناڪ آهي، جو ٿوريءَ بي احتياطيءَ تي ماڻهوءَ جي جان وڃڻ جو امڪان آهي. سياري جو البت اهو رستو کليل هوندو آهي، پاڻيءَ جي چڙهه ۾ درياءَ جي زور سبب آمدر رفت بند رهندي آهي. سانوڻيءَ جو ٽـَـڪـَـرَ جا ڌاڙيل ۽ سميجن جا رهزن انهيءَ رستي کي اُڪري اچي کاهي ڳوٺ کي تباهه برباد ڪندا هئا، ۽ ماڻهن کي ماري ڇڏيندا هئا. ترخانن جي دور ۾ به انهيءَ ڳوٺ سان اهائي عقوبت هوندي هئي، جنهن تي هميشـه ترخاني سلطان انهيءَ رستي تي سخت چوڪسي رکندا هئا، ماڻهن کي مواجب ڏيئي، وقت بوقت جيڪي نقصان ٿيندا هئا، انهن جو پورائو ڪندا هئا، ۽ جيڪا به زراعت رعيت ڪندي هئي، اها کين ٻنهي سرين ڏني ويندي هئي، جنهنڪري ڳوٺ تي نالوئي ”مواجبي“ پئجي ويو هو. بختياربيگ ترڪمان کان پوءِ، اهو ڳوٺ خود جاگيردارن جي ظلم ۽ بيداد سبب تباهه برباد ٿي ويو- رعيت لڏي وڃي ٻين ڳوٺن ۾ رهي هئي، ۽ زمينون ويران ٿي ويون هيون. مير نمڪين جڏهن جاگيردار ٿي آيو، تڏهن هن ڪوشش ڪري رعيت کي وري آڻي آباد ڪيو، ۽ ساڻن رعايتون ڪري، نئين سر زراعت ڪرايائين- ”چون پير غلام در سهوان آمد رعيت اين موضع را از ملڪ بکر دلاسا ڪرده طلبيده، مساعدت داده در جاي و مقام آنها نشاند، وسيم حصه از محصول زراعت آنها ميگرفت. و خبرداري نصف راه لڪي را ڪه بطرف سهوان واقعه است، بعهده آنها گذاشت، و راه ديگر ڪه بطرف پرگنه سن است بمردم بلوچ نوبت بنده ڪه در موضع لڪعلوي ساڪن اند سپرد، و خود ڪاشته آنها ڪه در موضع مذڪور مي ڪردند، انعام ڪرد.“(1) انهيءَ ڳوٺ جي حالت شمشير خان جي زماني ۾، ۽ ان کان پوءِ به رفته رفته خراب ٿيندي ويئي. ٽڪر جي ڌاڙيلن ڳوٺ جي اڪثر ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، سندن مال متاع ڪاهي ويا، ۽ ٻار ٻچا به قيدي ڪري وٺي ويا، جن ڀڄي جان بچائي، سي اچي سيوهڻ ۾ پناهه گزين ٿيا. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اهو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ٻن ڪوهن تي، ۽ لڪيءَ جي جبل کان هڪ ڪوهه تي آهي. سميجن ۽ جابلو ماڻهن جڏهن انهيءَ ڳوٺ کي اُجاڙ ڪيو، تڏهن وري سيوهڻ شهر ڏانهن رخ رکيائون، ۽ انهيءَ حد تائين دست درازي شروع ٿي، جو وچ شهر ۾ به مال رزق ۽ ڍور ڍڳي جي حفاظت ڪرڻ مشڪل ٿي پئي. هڪ دفعي ته نواب ديندار خان جا خاص اُٺ سندس ماڻهوءَ کان زوريءَ کسي هليا ويا. حالت انهيءَ حد تائين اچي پهتي، جو آخر شهر جي حفاظت لاءِ سيوهڻ جي چوڌاري ديندار خان کي ڪوٽ ڪڍرائڻو پيو. کاهي ڳوٺُ، ديندار خان، ميرڪ يوسف جي چوڻ تي پنهنجي زماني ۾ دوباره آباد ڪرايو، ۽ هـُـن سيد جلال کي جاگير ۾ ڏنو، جنهن پنهنجي پٽ جي نالي تي ان جو نالو بدلائي ڪمال پور رکي ان جي چوڌاري ديوار ڪڍرائي، ان کي محفوظ ڪري ڇڏيو.(1) مير نمڪين جي ڏينهن ۾ انهيءَ قسم جون برباديون ۽ خرابيون ڪونه ٿيون، بلڪ اڳين پوين خرابين کي هن پنهنجي دور ۾ درست ڪيو، ۽ ملڪ کي مضبوط انتظام هيٺ آڻي، رعيت جي مال رزق، جان ۽ عزت کي محفوظ ڪيو. پٽهنس لکي ٿو، ته پوئين دفعي جيتوڻيڪ سيوهڻ جو سمورو صوبو سندس حوالي ٿيل ڪونه هو، تڏهن به حسب عادت هن سموري صوبي جي نگهباني ٿي ڪئي، ۽ لشڪري نظام کي هـُـنَ اِنهيءَ حد تائين درست ۽ مضبوط ڪيو، جو مقامي ضرورت لاءِ ته سندس سپاهه ڪافي هو، بلڪ ضرورت پوڻ تي ٻين ملڪن ۽ صوبن ڏانهن به امداد طور لشڪر موڪليندو هو. ”تمام سرڪار سهوان در جاگير پير غلام نبود، هم ملڪ سيوان را چنانچه شايد و بايد در ضبط و ربط آورد، و هم لشڪر اين ملڪ بخدمت ملڪ ديگر بڪار بادشاهي آمد“.(2) قنڌار جي روانگي: جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون، مير نمڪين، ميرزا غازيءَ سان گڏ، 14 رجب 1017 هه کان پوءِ ستت ئي قنڌار روانو ٿيو، ۽ پاڻ سان گڏ چار پنج سؤ مغل سوار به ورتيون ويون. پٺيان سيوهڻ جي نيابت پنهنجي وڏي فرزند مير ابوالبقا امير خان جي سپرد ڪري، کيس تاڪيد ڪيون ويون، ته بادشاهه جي حڪم موجب، سميجن جي سرڪوبيءَ جو چڱيءَ پر تدارڪ ڪري: ”پير غلام لا علاج همره چهار صد پانصد جوان مغل قديمي رفاقت ميرزا غازي را اختيار ڪرد و برادر ابوالبقا را بجايِّ خود در سهوان گذاشت، و فرمان بدست او داد ڪه آنچه ازدست توبيايد بقوم سميجه روسياه بڪن، و حق مردم لاڪه را از آنها گرفته بز بمردم لاڪه بده.“ (1) وفات: مير صاحب، يوسف ميرڪ جي قول مطابق، ٻارنهن مهينا قنڌار ۾ رهيو. جنهن کان پوءِ ميرزا کان موڪل وٺي، وطن واپس وريو ٿي، جو واٽ تي اجل سان همڪنار ٿي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين: ”پير غلام تا يڪسال در خدمت قنڌهار، پيش ميرزا غازي بود، و بعد ازان برخصت ميرزا غازي روانه جاگير خودشد، در اثنايء راه قندهار بقضاي الــٰـهي برحمت حق پيوست.“ (2) ميرڪ يوسف پنهنجي والد جي انتقال جي مفصل احوال ڪونه لکيو آهي، نه وري وفات جو سال ۽ تاريخ ئي ڄاڻائي اٿائين. ’ستين جي ٿان‘ واري قبرستان ۾ مير صاحب جي مزار تي ٻه ڪتبا اڪريل آهن، جن مان هڪ تي 1018هه ۽ ٻئي تي 1019 هه آهي. جيڪڏهن ميرڪ يوسف جي ٻارهن مهينن واري قول کي نظر ۾ رکبو ته انهيءَ حالت ۾ شعبان 1017 هه کان رجب 1018 هه تائين پورا ٻارنهن مهينا ٿين ٿا، ۽ مير صاحب رجب يا شعبان 1018 هه قنڌار کان موٽيو ٿي، جو واٽ تي فوت ٿيو. سندس وفات جو ٻئي ڪنهن تذڪري ۾ ذڪر ڪونه آهي، البته ”تحفة الڪرام“ جي مصنف فقط هيترو لکيو آهي: ”آخر در جنگ قندهار مقتول شده، بر ڪوه لوهري مدمن يافت.“ (1) مير علي شير جو اهو قول، ته قنڌار جي جنگ ۾ مير صاحب قتل ٿيو، ميرڪ يوسف جي مٿي ڏنل اقتباس سبب غلط ثابت ٿئي ٿو. مير نمڪين جي مزار ستين جي ٿان (صفهء صفا) تي، مرڪزي ٿلهي مٿان آهي، جنهن تي هيٺيان ٽي ڪتبا موجود آهن: (1) سرانديءَ کان هڪ اُچي پٿر تي: مير ابوالقاسم آن يگانهء عصر، ڪه بجز تخم دين و داد نه ڪشت، ملڪ و اقبال در تصرف داشت، چون اجل در رسيد جمله بهشت، ديدهِّ دل ڪشاد برگيريد، عبرت اي عاقلان پاڪ سرشت، (2) ساڳئي پٿر تي اندرئين پاسي کان: گر بود بستر از حرير چه سود، چون نهد مرگ زير بالش خشت، خلفِ خير او ز ”داغ ابي“، سن 1018 هه چونڪ تاريخ سال فوت نوشت، گفت ملهم مرا بگوش ضمير، سال فوتش که ”باد جا شه بهشت“. سن 1018 هه (3) هي ڪتبو قبر جي پيرانديءَ کان آهي: خانِ زمانه مير ابوالقاسم آنڪه او، لوحِ وجود از رقم غير ساده ڪرد، .... دودمان... گلبن حيا،(1) سال وفات او طلب از ”داغ داده“ ڪرد. سن 1019 هه سيوهڻ جي جاگير: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته ‘جڏهن بادشاهه (جهانگير) کي والد مرحوم جي انتقال جي خبر پهتي، تڏهن شمشير خان اوزبڪ کي سيوهڻ جو صوبو، مير ابوالبقا جي شرڪت سان ڏيئي، روانو ڪيائين، ليڪن مير ابوالبقا، شمشير خان جي شرڪت ۾ رهڻ گوارا نه ڪيو، ۽ پنهنجي سموري قبيلي کي وٺي آگري شاهي دربار طرف روانو ٿي ويو’. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته پيءُ جي فوت ٿيڻ ۽ ڀاءُ جي رواني ٿي وڃڻ بعد هن به پنهنجو منصب ڇڏي، سيوهڻ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي.(2) بکر جي سڪونت: مير نمڪين جيئن ميرزا حڪيم جي ملازمت ڇڏي، اڪبري اميرن ۾ اچي شامل ٿيو، تيئن ڀانئجي ٿو ته سنڌ ۾ مستقل رهائش جو هن خيال ڪيو. ”ماثر الامرا“ جو قول آهي ته مير صاحب کي بکر بيحد پسند هو. اتي ئي هن مختلف عمارتون ٺهرايون. انهيءَ نواح ۾ ئي هن باغ رکرايا، ۽ آخري آرامگاهه به هن کي پنهنجي انهيءَ نشست گاهه تي نصيب ٿيو، جتي زندگيءَ جي چانڊوڪي راتين ۾ مجلسون آراسته ڪندو هو. سندس مٽ مائٽ ۽ اولاد به بکر ۾ ئي رهيو، سندس نالي پٺيان سندس اولاد جيڪو بکر ۾ مقيم ٿيو، سو ”سادات قاسم خان“ سڏيو ويندو هو. لطيفو: 980 هه کان وٺي 1014هه تائين پورا 34 ورهيه مير نمڪين اڪبر جي حضور ۾ اهڙيءَ طرح ملازمت ڪئي، جو هميشـه سندس مان مرتبي، عزت ۽ آبروءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو، ڪڏهن به ان ۾ پستي نه آئي، ۽ نه وري بادشاهه کي ڪو ناراض ٿيڻ جو سبب مليو. اسان کي 34 ورهين جي انهيءَ طويل عرصي ۾ فقط ٻه واقعا اهڙا ملن ٿا، جن جي ڪري مير صاحب جي عزت يا منصب ۾ فرق پوڻ جو احتمال پيدا ٿيو هو، ليڪن ٻنهي ۾ ستت ئي خير ٿي ويو: هڪ واقعو طلائي زنجير جو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ ٻيو بکر جي رعايا سان بدسلوڪيءَ ڪرڻ جو هو، جنهن کي مير صاحب پنهنجي عقلمندي، اثر رسوخ سبب آخر ۾ لطيفو بڻائي ڇڏيو. پهرئين دفعي جڏهن مير صاحب بکر ۾ جاگيردار ٿي آيو، ان وقت مقامي اربابن سان ڪن معاملن تي سندس اختلاف ٿي پيو،(1) جنهن ڪري بکر جا ارباب فرياد کڻي شاهي لشڪر جي قاضيءَ، مولانا عبدالحئي، وٽ پهتا. دستور مطابق قاضي صاحب مير صاحب تي حاضر ٿي سبب پيش ڪرڻ لاءِ سمن ڪڍيو، جنهن تي نه فقط عدالتي ڪاروائيءَ جي مير صاحب پرواهه نه ڪئي، بلڪ مقرر ڪيل تاريخ تي جوابدهيءَ لاءِ به ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيو. تنهن تي قاضي عبدالحئي بادشاهه جي حضور ۾ شڪايت لکي ته: ”فلاڻي، شاهي حڪم ۽ عدالت خانه الاهيءَ جي تعميل ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي قاصر رهي، سخت جرم ڪيو آهي.“ بادشاهه حڪم ڪيو ته مير نمڪين کي هاٿيءَ جي پير ۾ ٻڌي، سڄي شهر ۾ ڦيرائي، کانئس حقدارن جو حق وصول ڪيو وڃي- ”حڪم شد که او را (نمڪين) به پاي فيل بسته تمام شهر گرداننده حق بحقدار رسانند.“ انهيءَ وچ ۾ مير صاحب کي خبر پئجي ويئي. جنهن تي هـُـنَ شيخ معروف بکري (شيخ فريد بکري مصنف ”ذخيرهِ الخوانين“ جي والد) جي ذريعي سڀني فريادين کي ٺاهي، کين حق رسي ڪري موٽائي ڇڏيو، ۽ ان کان پوءِ بادشاهه کي رپورٽ ڪيائين ته قاضي صاحب بلڪل غلط رپورٽ ڪئي آهي، وٽس ڪوبه فريادي پيش ڪونه ٿيو آهي. بادشاهه حڪم ڪيو ته قاضي صاحب فريادين کي حاضر ڪري. قاضيءَ غريب کي وچ جي خبر ئي ڪانه هئي. گهڻي ڪوشش ڪيائين ته فريادين مان کيس ڪو هٿ اچي، پر ڪوبه پيش ڪونه ٿيو- ”قاضي دست و پا را بسيار زد، ڪسي فرياديان حاضر نگشت” (1) قاضي شرمندو ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح مير صاحبن پنهنجو پاڻ شاهي عتاب کان بچائي ورتو. بادشاهه آئيندي لاءِ حڪم ڪيو ته هن کي پوءِ فريادين جي شناخت لاءِ سندن شڪل شباهت به نوٽ رکي وڃي-- ”ازان روز قرار يافت ڪه قاضي چهرهء مستغيث نوشته به پيشگاه بادشاهي يستاده نمايد.“ (2) خانيءَ جو خطاب: مير صاحب جي منصب ۾ ڪيستائين ترقي ٿي، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. اڪبر جي دور ۾ جيڪو کيس منصب حاصل هو، جهانگير ان تي پندرنهن سوَن جو اضافو ڪيو. ۽ ساڳئي سال ۾ جڏهن هـُـنَ خسروءَ کي گرفتار ڪري بادشاهه وٽ پيش ڪيو، ۽ ان وقت کيس سه هزاري منصب جو اضافو ٿيو- اهو اضافو ڪيتري منصب پٺيان ٿيو ان جو تفصيل ڏنل ڪونه آهي، مگر گمان غالب آهي ته جهانگير جي زماني ۾ اصل تي اضافو ٿي سندس منصب پنج هزاري ٿيو هوندو. ”ماثر الامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل قاضي عبدالحئي واري معاملي کان پوءِ اڪبر کيس ”خان“ جو خطاب به ڏنو هو. ”نمڪين“ جو لقب ابتدائي دور ۾ اڪبر کيس ڏنو هو. غرض مير نمڪين 34 ورهيه اڪبر جي ملازمت ڪئي، ۽ 5 ورهين جهانگير وٽ رهيو. اهڙيءَ ريت جملي 39 ورهيه مصروف زندگيءَ جا خيرخوبيءَ سان ختم ڪري، طبعي عمر کي پهچي، انتقال ڪيائين، ۽ پنهنجي وطن بکر ۾ اچي دفن ٿيو. مير صاحب جا آثار: بکر، روهڙيءَ ۽ سيوهڻ ۾ مير صاحب ڪيئي يادگار آثار ڇڏيا، جن مان هڪ به اڄ سلامت ڪونه آهي، سواء ”صفه ِّ صفا“ (ستين جي ٿان) جي جيڪو محڪمه آثار قديمه جي طفيل هن وقت تائين قائم رهجي ويو آهي. ”صفهء صفا“ جو ۽ سيوهڻ واري ”صفهء صفا“ جو احوال آخر ۾ جدا لکي رهيا آهيون. هيٺ اسان ڇڙو انهن آثارن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن جو فقط نالو تاريخ ۾ رهجي ويو آهي. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/386. (1) ) ”مظهر“ ص. 82-383. (2) ”مظهر“ ص. 309. (1) ”مظهر“ ص. 5-306. (2) ”مظهر“ ص. 309. (1) ”تحفته ِ الڪرام“، ص. 3/127. (1) انهي ءَ سٽ جا ڪي اکر پڙهڻ ۾ نه ٿا اچن، خانبهادر مولوي محمد شفيع لاهوريءَ انهيءَ سٽ کي هيٺينءَ طرح پڙهيو آهي: نبراس دودمان وفا گلبنِ حيا (اورينٽل ڪاليج ميگزن، آگسٽ 1937ع) (2) ”مظهر“ ص. 2/310. (1) ”ذخيرهِ الخوانين“ جا الفاظ هي آهن: ”... با اربابان و رعايا سلوڪ خوب نڪرده.“ ”ماثر الامرا“ جي مصنف جو ماخذ به اهوئي ڪتاب آهي: ”... يا رعايا و سڪنه آنجا بدسلوڪي و ناهنجاري پيش گرفت“. ص. 3/75. (1) ”ذخيره“ ص. 119. (2) ”ماثر الامرا“ ص. 3/75. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”مسجد عالي قصبه بکر اساس گذاشته او ست.“ (1) اها مسجد هـُـن پهرئين دفعي واري قيام وقت بکر ۾ ٺهرائي. ”ذخيرهِ الخوانين“ جو مصنف جنهن جو والد، شيخ معروف بکري، مير صاحب جو گهاٽو دوست هو، زياده تفصيل سان لکي ٿو: ”مسجد عالي جامع در قصبه سکر در عين رسيده، بازار بنا نمود ڪه اساس او در سالهاي دراز خواهد بود، و در قصبه لوهري و قصبه سکر مسجد عيد گاهه هم بنا ڪرده است.“ (2) مٿينءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هيٺيون عمارتون مير صاحب ٺهرايون: (1) جامع مسجد، نهايت عاليشان بکر ۾ تعمير ڪرايائين، (2) عاليشان، مضبوط ۽ پائدار بازار بکر ۾ جوڙايائين، (3) هڪ عيد گاهه سکر ۾، ۽ (4) هڪ عيد گاهه روهڙيءَ ۾ راس ڪرايائين. اهي سڀ جايون زماني جي الٽ ڦير ۾ ناس ٿي ويون. بکر جو سڄو شهر اڄ صفا پٽ نظر اچي ٿو. قلعي جون ڪجهه ديوارون، مخدوم نوح بکري ۽ شيخ ابوالمغيث جي روضي کان سواءِ ٻي ڪابه عمارت انهيءَ سر زمين تي موجود نه آهي. بسيارخوري: مير صاحب جي ذاتي اوصافن مان سڀ کان زياده عجيب و غريب وصف سندس بسيارخوري آهي، جنهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ محفوظ ڪري، رهندڙ دنيا تائين شهرت ڏيئي ڇڏي آهي. لکيو ويو آهي ته هو کائڻ جو تمام شوقين هو. ميوو خاص طرح گهڻو ۽ ڏاڍي ذوق سان واپرائيندو هو. هن پنهنجا خاص باغ سنڌ جي قديم دارالسلطنت اروڙ جي ويجهو رکرايا هئا، جتان روزانو وٽس ميوو پهچندو رهندو هو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”گويند اشتها بسيار داشت، هزار انبه و هزار سيب شڪري، و دو خربوزه يڪ يڪ مني مي خورد."(1) يعني هڪ وقت تي هزار انب، هزار صوف ۽ به خربوزه، هر هڪ هڪ مڻ جو، کائي ويندو هو. ”ذخيرة الخوانين“ جي مصنف به ان جي تصديق ڪئي آهي.(2) سندس فرزند، ميرڪ يوسف، لکي ٿو ته: ”خرپزهاءِ نيه بدره (3) (؟) راڪه در چار ڪروهي اين صفه (قبرستان) واقع است بغايت خرپزهاي ولايتي آنجا خوب مي شوند، صرف مي ڪرد، و خرپزهاي سرآمد را بخدمت حضرت عرش آشناني، ميفرستاد، و حضرت بادشاه خوش ڪرده تناول ميفرمود“.(4) - يعني، سندس قبرستان کان 4 ڪوهه (ڏکڻ ۾) نيه بدره جي ڳوٺ ۾ سندن باغ هئا، جتان جا خربوزا بيحد مٺا ۽ خوش ذائقي ٿيندا هئا. پاڻ به مجلسون ڪري اُهي کائيندو هو ۽ بادشاهه سلامت ڏانهن به سوکڙي ڪري اماڻيندو هو، ۽ اهي اهڙا ته لذيذ هئا، جو بادشاهه به نهايت چاهه سان واپرائيندو هو. اولاد: ”ذخيرهِ الخوانين“ جي مصنف، مير صاحب جي بيسارخوريءَ جو ذڪر ڪندي، اهو به لکيو هي ته هو ڪثيرالاولاد هو: ”و پسران نيز بسيار بهم رسانيد ...“ ص 119. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”ڪثير الاولاد بود، و بيست و دو پسر داشت.“ (1) جهانگير ”توزڪ“ ۾ سندس پٽن جو تعداد ٽيهه لکيو آهي، ۽ چوي ٿو ته ”انهيءَ قسم جا ڪثير الاولاد ماڻهو تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ جيڪڏهن سندس نياڻين جو تعداد ڪيو وڃي ته اهو به پٽن جي اڌ جيترو ٿيندو“ (2) -يعني تقريباً پندرنهن. مؤرخن، سندس چئن پٽن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير ابوالبقا امير خان، (2) ميرزا ڪشميري، (3) مير حسام الدين، ۽ (4) ميرزا يدالله.(3) ڀانئجي ٿو، ته مؤرخن انهن فرزندن جا نالا لکيا آهن، جن کي هنن ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان قابل ذڪر سمجهيو، ۽ باقي نالا حذف ڪري ويا. ”مظهر شاهه جهاني“ جو مصنف، ميرڪ يوسف، به سندس قابل ذڪر ۽ قابل قدر پٽ هو ليڪن ڪنهن به مؤرخ سندس نالو ڪونه لکيو ۽ نه سندس ڪتاب جو ڪٿي حوالو ڏنو، ۽ انهيءَ ڪتاب جي ذريعي اسان کي هن جي ٻن وڌيڪ پٽن جا نالا مليا آهن: (5) ميرڪ يوسف، ۽ (6) مير لطف الله.(1) هيٺ سندس پٽن جو اسان مختصر ذڪر ڪريون ٿا. ميرزا ڪشميري: مير صاحب جي هن پٽ لاءِ لکيو ويو آهي ته خسرو جي بغاوت وقت هو سندس هم رفيق هو. خسرو جڏهن گرفتار ٿيو، ته ميرزا ڪشميريءَ کي خصي ڪرايو ويو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”آلت رجوليت او را حسب الحڪم بريدند.“ (2) اهو واقعو 1015 هه جو شروع ۾ ٿيو هوندو. ميرزا حسام الدين: ”ذخيره“ ۾ فقط هن لاءِ هيترو لکيل آهي: ”ترقي بسيار ڪرد و در جواني در گذشت.“ (3) ”ماثر“ به ساڳي عبارت نقل ڪئي آهي: ”ترقي ڪرده، در جواني گذشت.“ (4) ميرزا يدالله: هن کي ڪوبه سرڪاري منصب حاصل نه ٿيو. خان جهان لوڌيءَ جي ملازمت ۾ زندگي بسر ڪيائين. پنهنجا ڏينهن عزت ۽ آبرو سان گذاري ويو. ”ذخيره“ ۾ آهي: ”بغاوت معزز بود، اما قابليت نداشت.“ (5) مير لطف لله: مير جو مفصل ذڪر ڪونه ٿو ملي. ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه جهانيءَ“ فقط سندس نالو کنيو آهي. مير ابوالبقا ۽ ميرڪ يوسف: هنن ٻنهي صاحبن جو ذڪر اسان جدا بابن ۾ اڳتي هلي ڪندا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن.(1) مير صاحب کي پٽن وانگر نياڻيون به گهڻيون هيون، ليڪن قديم تاريخ نويسيءَ جي رسم رواج موجب سندس نياڻين جي اولاد جو ڪٿي به ذڪر ڪونه ڪيو ويو آهي. ”ذخيرهِ الخوانين“ ۾ فقط سندس هڪ ڄاٽي جو ذڪر ملي ٿو: ”جميل بيگ ولد ناش بيگ ڪابلي داماد مير ابوالقاسم نمڪين بود، در جنگ راج باسو ڪانڪره شهيد شد.“ (2) صاحب ”ذخيره الخوانين“ سندس سلسلي ۾ هڪ عجيب روايت لکي آهي. چوي ٿو ته: ”مردم معتبر حڪايت از و دارندڪه بعد از مردن بهيئت اصل بخانهِّ خود مي آمد، با منڪوحه خود چنانچه در حين حيات خروج و دخول بود، مي ڪرد، درين باب مقبول دلها بسيارند، والعلم عندالله.“ (3) شهادت بعد سندس والد، تاج خان (تاش بيگ ڪابلي)، ”ڪلان نور“ ۾ سندس خوبصورت مقبرو ٺهرايو، ۽ مٿس پنهنجي هٿ سان ڪتبو لکي لڳايائين، پاڻ به مرحوم فوت ٿيڻ بعد ان ۾ دفن ٿيو. ڏوهٽا: مير ابوالقاسم جي انتقال بعد، بکر ۾، سندس عزيز، ڏوهٽا ۽ پوٽا قيام پذير رهيا، ۽ مير علي شير ”قانع“ جي زماني (1181 هه) تائين به ڪي افراد موجود هئا. ”تحفـه الڪرام“ ۾ مير صاحب لکي ٿو ته: ”بني اعمام ايشان (امير خان) الموسوم به قاسم خانيان، خانداني بوفور لياقت گذشته، بيشتر به ذي منصبداران زيستند.“ (1) انهن مان ڪن جا نالا مير ”قانع“ ڏنا آهن- مير محمد رحيم: نمڪين جو ڏوهٽو هو، کيس هڪ پٽ هو، مير محمد ڪريم، جنهن لاء ”قانع“ لکي ٿو ته: ”بقدم ابا متصف، به اخلاق حسنه گذشته، آثاري نماند.“ (2) مير ابوالنصر: نمڪين جو ڏوهٽو هو، بزرگاڻي وضع قطع سان رهيو، سندس مزار خانداني قبرستان (صفهِّ صفا) ۾ موجود آهي، جنهن تي ڪتبو آهي: ”وفات يافت چو مغفور ....... ميرزا ابوالنصر بتاريخ ..... شهر ذي الحج 1045 هه.“ کيس مير شيرافگن نالي هڪ پٽ هو، جنهن پڻ پنهنجي والد وانگر بزرگاڻي زندگي بسر ڪئي. ان کي هڪ پٽ، مير محمد عابد هو، جيڪو لا ولد فوت ٿيو. مير محمد اسلم: مير نمڪين جو ڏوهٽو، جنهن لاءِ مير ”قانع“ جو قول آهي ته: ”بڪما انسانيت زيست ڪرده....... ان جو پٽ، مير محمد قابل، نيڪ زندگي گذاري لاولد فوت ٿيو. مير محمد نعيم: مير نمڪين جو ڏوهٽو، جنهن لاء ”قانع“ جو قول آهي ته: ”دروقت خود بقدم اسلاف گذشته.“ سندس پٽ، مير محمد صالح عرف مير قلندر، ”قانع“ جي زماني ۾ موجود هو. مير ”قانع“ لکي ٿو ته: ”... اڪنون يادگار تمام خاندان است و بس...“ مير علي شير ”تحفـه الڪرام“ سال 1181 هه ۾ لکي ختم ڪيو، گويا انهيءَ زماني ۾، قاسم خاني ساداتن مان فقط اهو هڪ بزرگ بطور يادگار باقي هو. هلال خان خواجه سراء : هن خواجه سراء جو ذڪر خسروءَ جي گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي. اڪبري دور جو امير ڪبير هو. ابتدا م ”مير توزڪ“ جي عهدي تي فائز ٿيو، جنهن بعد رفته رفته اعليٰ منصب تي وڃي رسيو. آگري جي قريب سندس مستقل جاگير هئي، جنهن جي ”رنگته“ ڳوٺ ۾ هن هڪ مضبوط قلعو ۽ پڪي سراءِ بطور يادگار جي جوڙائي، ان جو نالو ”هلال آباد“ رکيو- اهو ڳوٺ آگري کان چئن ڪوهن جي مفاصلي تي هو. هلال خان خواجه سراء ابتدا ۾ مير ابوالقاسم جو غلام هو، بعد ۾ ترقي ڪري اڪبري اميرن ۾ وڃي شامل ٿيو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”خواجه هلال نام خواجه سرائي ڪه در ابتدا غلام قاسم خان نمڪين بود، وپس در ملازمت جنت مڪاني انسلاڪ يافت“ (1). ”ذخيره“ ۾ سندس ذڪر سعيد خان جي ضمن ۾ (ص 115) به آيو آهي، ۽ جدا به سندس سراغ (ص 429 تي) ڏنو ويو آهي. مصنف سندس ڏاڍي تعريف ڪئي آهي: بيحد خرچائو ۽ ڪشاده دل امير هو، دعوتن کائڻ ۽ کارائڻ جو شوقين هو، ۽ هڪ عاليشان محل تيار ڪرائي هئائين، جنهن ۾ فقط دوستن جون دعوتون ڪندو هو، هڪ دفعي دعوت کارائي، سمورو محل سڄي سامان سميت سعيد خان چغتائي کي ڏيئي ڇڏيائين.(1) علمي يادگار: مير صاحب جي علمي لياقت ڇا هئي، ان لاءِ اسان کي ڪابه مفصل حقيقت دستياب نه ٿي سگهي آهي. ميرڪ يوسف جي تاريخ (”مظهر شاهه جهاني“) مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب عالم، فاضل، اديب، علم دوست ۽ علم پرور هو، هميشـه سندس مجلس ۾ اهل علم ۽ اهل ڪمال رهندا هئا، جن کي پاڻ وظيفا، روزينا ۽ ٻيا انعام اڪرام ڏيندو هو. ميرڪ يوسف هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”بمردم علماء و فضلا ء دوست مي داشت، چنانچه روش مدد معاش درين ملڪ او پيدا ڪرد، ڪه اڪثر علم و اهل افضل اين ديار را در دور عرش آستاني از طرف خود روزيانه ڪرده، و بار برداده، همراه خود برداشته، بخدمت مغفرت پناه ميران صدرجهان رسيده، تجويز هر ڪدامي را فرا خور دانش او، فرامين درست ڪنانيده، خرچي راه داده، بسهوان، مرخص نمود.“ (2) بکر واريءَ عمارت ”صفه صفا“ تي چانڊوڪين راتين ۾ اديبن ۽ عالمن سان مجلس آرائي ڪرڻ جو ذڪر ميرڪ يوسف به ڪيو آهي، ۽ ”ماثر الامرا“ به ان جي تصديق ڪئي آهي: در شبهاي ايام بيض اڪثر در آنجا ميگزرانيد و با اهل فضل مجلس داشته.“ (1) جڏهن سيوهڻ ويو، ته اتي به ساڳيءَ طرح ”صفه صفا“ ٺهرائي، ان تي مجلسون منعقد ڪيائين: ”در شبهاي ايام بيض اڪثر آنجا ميگزرانيد، و خرپزهاي موضع نار را با مردم علما و فضلا و سپاه بزم ميداشت“ (2). سندس خاص ملازمت ۾ به ڪي ئي ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي علم ۽ ادب ۾ برک هئا- مير عطاءُ الله مشهديءَ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، هيءُ سندس خاص ماڻهو هو، ۽ اديب، شاعر ۽ خطاط هو. علم دوستيءَ ۽ ادب پروريءَ جي گڻ کان سواءِ اسان کي اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب پاڻ به نظم خواهه نثر ۾ استاد ۽ ڪامل هو، انشاء ۽ خط ۾ به کيس انتهائي ڪمال حاصل هو- چنانچه ”ذخيرهِ الخوانين“ جو مصنف شيخ فريدي بکري نظم ۽ خط ۾ سندس شاگرد هو. هو پاڻ لکي ٿو ته جنهن وقت مرحوم مير صاحب بکر ۾ منصبدار هو، ان وقت هـُـن نظم ۽ خط ۾ وٽانئس تعليم ورتي: ”در جاگيرداري بکهر تعليم نظم و خط راقم اين مسوده ازان مرحوم ڪرده.“ (3) انهيءَ اشاري کان سواءِ اسان کي ٻئي ڪنهن به تاريخ ۾ مير صاحب جي علم و فضل متعلق ڪجهه ڪونه ٿو ملي. نظم خواهه نثر جو نه ڪو نمونو ڏنل آهي، ۽ نه ڪٿي سندس ڪنهن تصنيف جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اتفاق سان هڪ دفعو انڊيا آفيس جي فارسي مخطوطات جي فهرست (1) ڏسندي، فن انشاء ۾ مير صاحب جي هڪ ضخيم تصنيف جو پتو پئجي ويو، جنهن جو مفصل ذڪر هيٺ ڪريون ٿا: منشئات النمڪين: هيءُ ڪتاب انڊيا آفيس ۾ 1535 نمبر تي موجود آهي. ڪتاب ۾ 412 ورق آهن، هر صفحي تي 23 سٽون آهن. تقطيع 103/4x7 آهي. سرورق طلا ۾ ميناڪاريءَ سان مزين آهي. ڪاتب جو نالو ”ابن موريه، عثمان“ جنهن 14 جمادي الاول 1012 هه (20 آڪٽوبر 1603ع) جي ڪتابت ختم ڪئي. اهو نسخو اصل مصنف جي ذاتي نسخي تان نقل ٿيل آهي، ۽ پهريون دفعو ان جو مقابلو قاضي جعفر ۽ مولانا اسماعيل مفتيءَ 17 جمادي الثاني 1012 هه مطابق 22 نومبر 1603ع تي ڪيو. خط نسخ ۾ ان جي ڪتابت ڪئي ويئي آهي. مير نمڪين ڪتاب 23 شعبان 1006 هه (44 سال اڪبري) (31 مارچ 1598ع) ۾ ختم ڪري، پنهنجي ولي نعمت اڪبر بادشاهه جي نالي تي معنون ڪيو. ڪتاب اٺن بابن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي، ۽ هر هڪ باب جا عنوان هي آهن: (1) در ابتداي صنعت ڪتابت و ذڪر ابتداي مڪاتيب باسماءِ الله تعاليٰ (ٻه فصل). (2) در ترقيم فرامين و مناشير سلاطين عدالت آئين و اَجـُـوبـَـه لطائف تزئين آنحضرات (15 فصل). (3) در تحرير ادعيه و صفاتيه و آئينه و فرديه و صحائف و مڪاتيب (13 فصل). (4) در ترسيم عرائض (سواليه و جوابيه ) (2 فصل). (5) در تسطير صحائف مرشد و مسترشدين و والدين، و اساتيذ و اخوهِ و اخوات و اواد، و در گله مندي و شکايت از عدم مراسله و مايتعلق بها (3 فصل). (6) در تنميق صحائف تياني و تعازي (2 فصل). (7) در تصدير قبالات و تمسڪات و نڪاح و طريق بستن نڪاح و سجلات شرعيه و غيرآن (2 فصل). (8) دربيان ارتسام صحائف قبل الملاقات و بعديه و مطايبا مضحڪه و متفرقات (3 فصل). ”خاتمه- در تنميق مسائل بناي مسلماني و سبب وجوب نماز و نيت آن و آداب و قرات آن و ڪيفيت نماز عيدين و خطبات جمع و عيدين و نماز استسقا و خطبه و ادعيه ِّ ڪسوف و خسوف، الخ.“ ڪتاب جو آغاز هن طرح ٿئي ٿو: ”زيبا ترين نگاري ڪه منشيان فصاحت التما خال چهرهء صحيفه سخن گردنند و خوبترين نقشي که مترسلان بلاغت انتساب زيب رخسار مجموعه انشا ڪنند، الخ.“ مير صاحب اها تصنيف انتقال کان 12 سال اڳ لکي. انڊيا آفيس وارو نسخو تصنيف کان 6 سال پوءِ ۽ مير صاحب جي انتقال کان 6 سال اڳ نقل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ايٿي ”نمڪين“ جي لقب کي محض تخلص سمجهيو آهي، ۽ ان جي معنيٰ the witty يعني ”ظريف“ سمجهي آهي. معلوم ٿئي هو ته ڊاڪٽر مير صاحب جي؟ تحقيق نه ڪئي آهي. مير صاحب جي هڪ تحرير: منهنجي عزيز ۽ فاضل دوست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي هڪ بياض ڏيکاريو، جنهن ۾ مير ابوالقاسم نمڪين جي نالي سان هڪ تحرير درج آهي. بياض جي ڪاتب، ٺٽي جي مشهور شاعر ميان غلام علي ”مداح“، اها تحرير مير صاحب جي ڪنهن مسودي تان نقل ڪئي آهي. ميان ”مداح“ جي بياض جو نالو ”گوهر منظوم“ آهي. تحرير جي عبارت هيٺينءَ طرح آهي: نقل مسوده نواب غفران پناه سيادت ماب ميرابوالقاسم نمڪين ...... صلواهِ الله عليه اعظم اسماءِ عليم حليم- بسم الله الرحمان الرحيم- بعد حمد الذي لا مقصد الاهو- والصلوهِ والسلام عليٰ نبيه الذي لا نبي بعد- اي فرزند عزيز‍ از جاهلان پريشان روزگار، و از ابلهان نادان بدڪردار، اجتاب بايد نمود، ڪه آشنائي و صحبت با ايشان همچون زهر قاتل است، خانه دگر را ابتر و تاريڪ سازد و چراغ عقل را بي نور.- فرد، هم نشين تو، از توبه بايد تا ترا عقل و دانش افزايد و همنشين اهل علم و ارباب دانش و صلاح بايد بود، و بڪسب ڪمال بايد ڪوشيد. - فرد، ڪسب ڪمال ڪن ڪه عزيزي جهان شوي ڪس بي ڪمال هيچ نيزد عزيز من وترڪ تن پرستي و ڪاهلي نموده امر معروف و نهي منڪر بجا بايد آورد، و از اوقات گذشته ضايع ڪرده خود متاسف و متلهف و پشيمان بوده، توبه نصوح بايد ڪرد، ڪه ”التائب من الذنب ڪمن لا ذنب له، و از سر انصاف تامل بايد ڪرد ڪه از مدن برين عالم مقصود چيست ڪه- وَ مـَـا خلقت الجن وَلانس اِلاليعبدون“ اي يعرفون - و از ڪجا آمده شده و باز بڪجا رفتني و به ڪه ڪار افتادنيست، و نيز ببايد دانست ڪه حڪومت ڪار عظيم و خطرست، داد مظلومان داده بزيرستان ترحم بايد ڪرد، ڪه ”ڪلڪم راع و ڪلڪم مسئول عن رعيته“ ...... و بفقراءِ و مساکين نموده، صله ِّ رحم و حق همسايه رانگاه بايد داشت، و حتي الامڪان در خلا و ملا و صحبت و خلوت از ذڪر خداي جل و علا غافل و واهل نبايد بود، ”افحسبتم انما خلقنا ڪم عبثا و انڪم الينا لا ترجعون“. - فرد، نقد عمري ڪه نداري بدلش صرف مڪن جز بسوداي نگاري ڪه ندارد بدلي و همنشين مرگ را درپيش نظر بايد دانست، چراڪه ...... يعني ڪه غدار ناپائدار آدمي را مست لا يعقل مي سازد، و شيطان يعني بوسوسه براه بد مي برد. پس، بالضرورت خود را بابت (؟) بايد گذاشت، ڪه از شر آن مغشني (؟) ثابت مانده بڪار آخرت توان پر داخت، ڪه آن ذڪر برد وام و حضور قلب است.- فرد، امروز روز فرصت، فرادست روز غوغا عاقل ڪسي ڪه سازد امروز ڪار فردا والسلام عليٰ من اتبع الهديٰ! مٿيون قيمتي اقتباس معلوم نه آهي ته ميان غلام علي ”مداح“ مير صاحب جي ڪهڙي مسودي تان نقل ڪيو. انهيءَ اقتباس ۾ جيڪي بزرگاڻيون نصيحتون موجود آهن، سي نه فقط هر هڪ انسان لاءِ مفيد آهن، بلڪ انهن مان خود مير صاحب جي بلند اخلاق ۽ طبعيت جي پاڪ صاف رجحان ۽ فطرت جي ميلان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. (1) ”ماثر الامرا“ ص، 3/75. (2) ”ذخيرهِ الخوانين“ ص. 118 (1) ”ماثر الامرا“ ص. 3/77. (2) ”ذخيرهِ ۽ ۾ آهي ”در قصبه الورسه ڪروهي شهر تبه پدره خريوزه اول چهل آثار، و دوم و سيوم سي و بيست آثار علي العلوم ڪاشته او ميشد“ ص. 119. (3) ”ذخيره“ ۾ ”شهر تپه پدره“ نالو آهي، اروڙ سان متصل هو. (4) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 229. (1) ”ماثرالامرا“ ص. 3/77. ”ذخيره“ به اهوئي تعداد لکيو آهي. (2) ”توزڪ“ بيورج ص. 13. (3) ”ماثر الامرا“، ”ذخيرهِ الخوانين“، بلاخمن. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 253-254. (2) ”ماثرالامرا“ ص. 3/77. (3) ”ذخيره“ ص. 120. (4) ”ماثرالامرا“ ص. 3/33. (5) ”ذخيره“ ص. 120. (1) مير صاحب جي نرينو اولاد، صاحب ”ذخيره“ جي قول مطابق- ”غرض بيست و دو پسر داشت، همه از عالم رحلت کردند.“ ص. 120. ”ذخيره جي تصنيف 1061 هه ۾ ٿي، گويا انهيءَ سال کان اڳ سندس سڀئي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري چڪا هئا. (2) ”ذخيره“ ص. 420. (3) ”ذخيره“ ص. 420. (1) ”تحفته ِ الڪرام“ ص. 3/209. (2) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/209. (1) ”ماثرالامرا“ ص. 2/407. (1) ”ماثرالامرا“ ص. 2/407-408. (2) ”مظهر“ ص. 2/310. (1) ”مظهر“ ص. 2/229. (2) ”مظهر“ ص. 2/267. (3) ص. 120. (1) ”انڊيا آفيس ڪئٽلاگ“- ايٿي ج: 1، ص. 1141/1142. مير ابوالبقا اميرخان مير ابوالبقا، مير نمڪين جو وڏو فرزند هو، جنهن جهانگير ۽ شاهه جهان جي دور ۾ وڏي ترقي ڪري، بلند ترين منصب حاصل ڪيا. ”ماثرالامرا“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”رشيد ترين پسران قاسم خان نمڪين است، بڪار شناسي و معامله داني سر آمد برادران بود، و به ارجمندي و بختياري ممتاز رضوان.“ پيءُ جي دور ۾ پنج صدي منصب تي پهتو. ان کان پوءِ ترقي ڪندي بقول ”ماثرالامرا“ بلند مرتبن تي وڃي فائز ٿيو. جهانگير جي دور ۾ پندرهن سوَن جو منصب ۽ پندرهن سوَن سوارن جي ڪمان حاصل ٿي. شاهه جهان جي زماني ۾ انهيءَ کان به ترقي ڪري مٿانهين منزلن تي رسيو. سيوهڻ ۾ پيءُ جي نيابت: اها سڌ ڪانه آهي ته 1017 هه کان اڳ هو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙن ڪهڙن عهدن تي رهيو. تاريخ جي ورقن ۾ ڳوليندي، پهريون دفعو اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته مٿئين سال ۾ جڏهن مير ابوالقاسم نمڪين ميرزا غازيءَ سان گڏ قنڌار اُسهيو، ان وقت مير ابوالبقا کي پنهنجو نائب مقرر ڪري سيوهڻ ۾ ڇڏي ويو. سميجن سان معرڪا: ”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ته مغل دور ۾ سنڌ جا سميجا نهايت سرڪش هئا. سڄيءَ سنڌ ۾ سندن شاخون پکڙيل هيون. جتي هئا اتي کين ايتري قوت حاصل هئي، جو نه ڇڙو ٻين راڄن ۽ قبيلن کي خاطر ۾ نه آڻيندا هئا، بلڪ مغل حڪومت جي ڪارندن کان وٺي صوبي جي حڪمرانن تائين سڀني لاءِ سندن قوم مٿي جو سور هئي. فرمانبرداري ته خير بلڪ اجارن ۽ ڍلن ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. وقت بوقت حڪومت جا نمائندا، لشڪر وٺي، وڙهي، مقابلا ۽ مجادلا ڪري ئي کانئن سرڪاري رقمن جي وصولي ڪندا هئا. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي مصنف سميجن جي قبيلي ۾ هيٺيان پاڙا شمار ڪيا آهن، جيڪي سيوهڻ جي صوبي ۽ ٺٽي جي صوبي اندر اڪثريت ۾ هئا: بڪيا - اُنڙ - دَل - ساند - جوڻيجا - ٿيٻا - ابڙا - پنهور - ڪوريجا - ڪيبر(؟) - ڪير (ڪيريا) (؟) - بريه (ڀريا) (؟) سميجن مان سنڌ جي ڪيترن اميرن به سڱ ورتا هئا، خود ترخاني حڪمرانن جي گهرن ۾ به سميجون بيبيون هيون. ترخاني دور جي هڪ امير ڪبير شاهه قاسم خان زمان (1) جو تقريباً سمورو خاندان سميجن سان مٽيءَ مائٽيءَ ۾ ڳتيل هو. سيوهڻ جي مغل صوبيدار، عاقل خان، سميجن مان ڪيترا سڱ ورتا. سڱابنديءَ جي انهيءَ پشت پناهيءَ ۾ انهيءَ قبيلي کي وڏي هٿي ڏني هئي. زياده تر اهو به وڏو سبب هو، جنهن جي بناءَ تي هو نه ڇڙو حڪومت لاءِ مٿي جو سور هئا، بلڪ ٻين قبيلن ۽ سڄي راڄ رعيت لاءِ به مستقل آزار بڻيل هئا. لٽ ڦر، ڌاڙا ۽ خون خرابا، سندن رات ڏينهن جو مشغلو هو. جنهن زماني ۾ مير نمڪين قنڌار سنبريو، انهيءَ زماني ۾ صوبي سيوهڻ جي سميجن، لاکن کي ايترو ستايو، جو هو مجبور ٿي جهانگير جي دربار ۾ پهتا، جتان مير نمڪين جي نالي تي فرمان وٺي آيا ته هو سميجن تي چڙهائي ڪري، لاکن جو مال متاع کانئن وصول ڪري، ۽ ٿيل نقصان جو معاوضو کين وٺي ڏئي. بادشاهه لاکن جي فرياد کان ايترو متاثر هو، جو فرمان ۾ هن اهو به لکيو ته جيڪڏهن مير نمڪين سميجن تي لشڪر ڪشيءَ جي همٿ نه ساري سگهيو، ته بادشاهه کي خاص لشڪر هندستان مان موڪلڻو پوندو، جيڪو انهيءَ فتني جو سد باب اچي ڪندو. ”و اگر از عهدهِّ اين خدمت نمي تواند برآمد، بدرگاه والا عرضداشت ڪند، ڪه بجاوي او (نمڪين) دبگري را باين خدمت تعين ڪنيم تا حق مظلوم گرفته و جدا ڪرده حواله مظلوم نمايد.“ (2) مير نمڪين کي ساڳئي وقت اهو به حڪم رسيو ته هو ميرزا غازيءَ سان بطور مددگار جي قنڌار وڃي، جنهنڪري وڃڻ وقت هو پنهنجي پٽ مير ابوالبقا کي نه فقط نيابت ڏيون ويو، بلڪ کيس اهو به تاڪيد ڪيائين ته سڀ کان پهريائين شاهي فرمان جي بجا آوري ڪندي، سميجن جي گوشمالي ڪري. اهو فيصلو بکر ۾ ٿيو انهيءَ سلسلي ۾ مير ابوالبقا ميرزا غازيءَ کي عرض ڪيو ته ”سميجن تي جڏهن سيوهڻ ۾ زور پوي ٿو ته هو ڀڄي وڃي نصرپور ۾ پناهه وٺن ٿا، جتي شاهه قاسم خان زمان ويٺو آهي، ۽ مٽيءَ مائٽيءَ سبب هو سندن جائز ناجائز امداد ڪندو رهي ٿو. هن وقت به ساڳي حالت ٿيندي. جڏهن آءٌ مٿن هتي چڙهائي ڪندس، ته هو ڊڪي وڃي نصرپور پهچندا. نصرپور ڇاڪاڻ ته اوهان جي حد ۾ آهي، تنهنڪري اوهان پڻ مون کي فرمان لکي ڏيو ته جيڪڏهن ضرورت ٿئي ته آءٌ اوهان جي حدن اندر به يلغار ڪري سگهان.“ چنانچه ميرزا غازيءَ انهيءَ وقت ئي انهيءَ قسم جو پروانو مير ابوالبقا کي پنهنجي مهر خاص سان ڪڍي ڏنو. جوڻيجن جي پرڳڻي تي چڙهائي: بکر کان پنهنجي والد ۽ ميرزا غازيءَ کي قنڌار روانو ڪري، مير ابوالبقا جيئن سيوهڻ موٽيو ٿي، تيئن واٽ تي پرڳڻي جوڻيجا جا ڪارپرداز ساڻس مليا، جن شڪايت ڪئي ته پرڳڻي جا سميجا، بڪيا، باغي ٿي پيا آهن ۽ سموري پرڳڻي ۾ شورش برپا ڪري ڇڏي اٿن، سمورو انتظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ سڄي رعيت آزار ۾ آهي. اهو پرڳڻو ان وقت ميرزا غازيءَ جي حوالي هو. مير صاحب کي ميرزا جي طرفان پروانو مليل هو، چنانچه هن انهيءَ وقت پنهنجي لشڪر جو رخ بڪين جي ڳوٺ ڪجره (؟) ڏانهن ڦيرايو. سميجن پنهنجي ڳوٺ کي چوڌاري خندق هڻي، ان ۾ خاربندي ڪري، سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. مير صاحب پهريائين ته خندق کان ٻاهر بيهي مقابلو ڪيو، ليڪن کيس ڪاميابي ڪانه ٿي. سندس ٻه خاص گهوڙا ۽ ڪيترا سپاهي مارجي ويا. مير صاحب آخري وڏيءَ جدوجهد بعد پنهنجي لشڪر کي خاربنديءَ ۽ خندق مان اندر ٽپايو. جنهن بعد تمام سخت لڙائي لڳي، ٻنهي طرفن کان ڪيترائي سپاهي مئا، ۽ وڏيءَ ڪوشش ۽ خونريزيءَ بعد بڪين آڻ مڃي. انهيءَ دور ۾ دستور هو ته آڻ مڃڻ بعد چڱا مڙس ڳچيءَ ۾ پلاند پائي، چڪ ۾ گاهه ڪري، اچي پيش پوندا هئا. چنانچه شڪست کائڻ بعد سميجن جي چڱن مڙسن به انهيءَ صورت ۾ پاڻ کي مير اڳيان اچي پيش ڪيو. مير صاحب، پرڳڻي جو انتظام درست ڪري، ميرزا غازيءَ جي عامل کي پرڳڻي جون واڳون ڏيئي، پاڻ سيوهڻ روانو ٿيو. سيوهڻ جي سميجن تي ڪاهه: سيوهڻ ۾ چند ڏينهن رهي، مير صاحب، شاهي فرمان جي بجاآوريءَ ۾، سميجن جي گوشماليءَ لاءِ ٻاهر نڪتو. سيوهڻ جا سميجا اڳ ئي خبردار ٿي، سيوهڻ جون حدون اُڪري، مختلف شهرن ۾ منتشر ٿي ويا. ڪي جيسلمير هليا ويا، ۽ گهڻن وڃي نصرپور ۾ پناهه ورتي. مير صاحب يلغار ڪندو هالين پهتو، جيڪو ان وقت نصرپور سرڪار جي حد ۾ هو. پهچڻ سان کيس معلوم ٿيو ته اُنڙن جو سردار طالب پنهنجي قبيلي سميت سانڪرو درياءُ ٽپي، نصرپور جي ڀـِـٽـُـن ڏانهن وڃي رهيو آهي. مير صاحب گهوڙي تان لٿو ئي ڪين. سڌو لشڪر وٺي ان جي پٺيان پيو. طالب ڀٽن تائين پهچي ڪونه سگهيو، جو مير وڃي پٺيانئس پهتو. هن فوراً ”صد گرم“ قلعي(1) ۾، جيڪو شاهه قاسم خان زمان جي ڄاٽي شيربيگ جي حوالي هو، اندر گهڙي وڃي پناهه ورتي. مير صاحب محاصرو ڪيو، ليڪن قلعي اندران لشڪر تي بي پناهه تيربازي ٿي، جنهنڪري سندس ڪافي نقصان ٿيو. آخر ٻي صورت نه ڏسي، هـُـن هاٿي قلعي جي دروازي تائين آندا، ۽ هڪ دفعي حملو ڪري هاٿين جي ذريعي قلعي جو دروازو ڀڃائي، سمورو لشڪر اندر داخل ڪيائين. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جو مصنف لکي ٿو ته ڪشت خون ايترو ٿيو، جو ٻارنهن سؤ سميجا پنهنجي طالب سميت گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ قتل ٿيا، ۽ آخر قلعي تي فتح حاصل ڪري، مير صاحب باقي بچيل سميجن کي گرفتار ڪيو. مير صاحب قلعي مان موٽندي، مسابه، وينجره، ڪاتره، ويراون، ۽ جکره(2) جي ڳوٺن ۾ سميجن جون صفايون ڪندي، سيوهڻ جي قلعي وٽان منديجيءَ جو گهيڙ ٽپي، سيوهڻ پهتو. ٻيو حملو: خون ڪرڻ، خون ٿيڻ، مارڻ مارجڻ، شڪست کائي توبهه ڪرڻ ۽ ان بعد وري شورش برپا ڪرڻ، سميجن جو رات ڏينهن جو دستور هو. چنانچه ”صد گرم“ قلعي واريءَ شڪست، مٿن ڪوبه اثر ڪونه ڪيو، ۽ چند ڏينهن وري قبيلي وارن کي گڏ ڪري، هنن خطي پرڳڻي کي اچي تاراج ڪيو. مير صاحب کي رپورٽ پهتي، هن تياري ڪري بظاهر باغبان ڏانهن رخ رکيو، ۽ وچينءَ جي وقت پاٽ ۾ پهچي، هو مهره من (؟) جي گهيڙ تان درياءُ اُڪريو. سانجهيءَ جي نماز وقت سميجن جي ڳوٺن تي پهتو، ليڪن تي ڪاريءَ وارا ڪک هئا! سميجا لڏي پلاڻي روانا ٿي چڪا هئا. مير صاحب اها رات، سڄو ڏينهن ۽ ورندي رات، سندن پٺيان پنڌ ڪيو، ورندي صبح سٺ ڪوهه ڪري ويراون (؟) ڳوٺ ۾ وڃي کين هٿ ڪيائين. انهيءَ ڳوٺ ۾ جيڪو مقابلو ٿيو، ان ۾ پنج سئو سميجا قتل ٿيا، ۽ سوين باندي ٿيا، مال متاع، ڍور ڍڳا بي انداز مير صاحب جي قبضي ۾ آيا. جهانگير آباد: ويراون واري معرڪي مان واندو ٿي، مير صاحب ڪجرن (؟) جي ڳوٺ ۾ پهتو، انهيءَ ڳوٺ ۾ لاکن جو قبيلو آباد هو، جن کي سميجن وقت بوقت حملا ڪري تهس نهس ڪري ڇڏيو هو. مير صاحب لاکن جي خواهش تي، شهر کي قلعو ڪڍرايو ۽ ”جهانگير آباد“ نالو رکي، ان ۾ مضبوط چوڪي ويهاري، پنهنجي والد جي هڪ قديم ملازم، فتح عليءَ، کي قلعيدار مقرر ڪري، پاڻ سيوهڻ هليو آيو. جهانگير آباد تي مير فتحيءَ جي چڙهائي: ”صد گرم“ قلعي ۾، شاهه قاسم خان زمان جي نياڻي، مير علي شير، کي جيڪا شڪست آئي ۽ سميجن جو جيڪو جاني نقصان ٿيو، ان شاهه قاسم کي سخت غصي ۾ آندو. انتقام وٺڻ لاءِ هن تياري ڪري، سميجن ۽ سوڍن جو هڪ هزار لشڪر گڏ ڪري، پنهنجي ٻن پٽن: مير جندائي ۽ مير فتحيءَ، جي ڪمان هيٺ، جهانگير آباد جي قلعي تي ڏياري موڪليو. جهانگير آباد جي قلعي جو هڪ معزز سيد، ابراهيم شاهه افغان، شڪار لاءِ قلعي کان ٻاهر هو. جنهن وقت مير فتحيءَ جو لشڪر اچي قلعي تي پهتو، سيد ابراهيم، فتح علي قلعيدار کي قلعي اندر اطلاع پهچائي، پاڻ قلعي جي خاربنديءَ اندران ٿي بيٺو، قلعي مان قلعي بند لشڪر تير بازي ڪئي ۽ خاربنديءَ منجهان سيد ابراهيم جنگ جوٽي. ٻنهي طرفن کان مقابلو گهڻيءَ دير تائين هليو. ڪافي خونريزي ٿي. آخر مير فتحي قلعي تائين پهچڻ ۾ ناڪامياب ٿيو ۽ پٺتي وريو هليو ويو. سندس لشڪر جا جيڪي سپاهي قتل ٿيا هئا، انهن جا سر وڍي فتح علي قلعيدار مير ابوالبقا ڏانهن سيوهڻ موڪليا. اهو واقعو 1018 هه جي آخر يا 1019 هه جي شروع جو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه قاسم خان زمان، جنهن نصرپور کان اهو لشڪر موڪليو، ان جو انتقال 1019 هه جي رمضان ۾ ٿيو.(1) ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته انهيءَ شڪست کان بعد سميجا بلڪل نابود ٿي ويا ۽ وري هنن شورش ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. لاکن جي برباد ٿيل قبيلي کي موٽائي سندن اصلي ماڳن تي وسايو ويو. جيڪو سندن نقصان ٿيو هو، سو به کين ڀري ڏنو ويو.(2) اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير: مير نمڪين قنڌار ۾ هڪ سال رهي، 1019 هه ۾ وطن واپس ٿي رهيو هو، جو واٽ تي سندس انتقال ٿيو. بادشاهه کي جڏهن اهو اطلاع پهتو، تڏهن شمشير خان اوزبڪ(1) کي هن سيوهڻ تي موڪليو، ۽ مير ابوالبقا کي ساڳئي صوبي جي ڪن حصن جو جاگيردار مقرر ڪيائين. ليڪن مير صاحب شمشير خان جي شرڪت پسند نه ڪئي ۽ پاڻ سڌو بادشاهه جي دربار ڏانهن هليو ويو. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته جڏهن مير صاحب بادشاهه جي خذمت ۾ پهتو، ان وقت بادشاهه سيوهڻ جو سمورو صوبو شمشير جي حوالي ڪري، ۽ سيوهڻ واريءَ جاگير جي بجاءِ مير صاحب کي اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير مرحمت ڪئي. اهو تقرر 1019 هه جي آخر يا 1020 هه جي شروع ۾ ٿيو. جنهن وقت مير صاحب پنهنجي جاگير تي پهتو، ان وقت بکر جو صوبيدار، تاج خان (2) هو. سيويءَ جو علائقو ايامن کان وٺي بکر جي صوبيدار جي ماتحت رهندو هو. مير ابوالقاسم نمڪين بدانتظاميءَ سبب جيڪا سيويءَ تي فوج ڪشي ڪئي هئي، ان کان پوءِ ڪيتري وقت تائين انتظام درست هلندو ٿي آيو. تاج خان جي دور ۾ فوج علي ڪـُـرد جڏهن سيويءَ تي فوجدار مقرر ٿيو، ان وقت فوجي انتظام جي ڪمزوريءَ سبب سيويءَ جي قبيلن شورش برپا ڪئي. فوج علي پنهنجي نالي جي مناسبت جي ساک قائم نه رکي سگهيو ۽ قلعي بند ٿي ويهي رهيو. بادشاهه کي جڏهن انهيءَ واقعي جو اطلاع پهتو، تڏهن هن مير ابوالبقا ڏانهن اوٻاوڙي فرمان موڪليو ته هو پنهنجي فوج وٺي يڪدم سيويءَ پهچي. سيويءَ تي چڙهائي ڪرڻ حقيقت ۾ بکر جي صوبيدار جو ڪم هو، ليڪن بادشاهه ذاتي طرح مير جي دانشمنديءَ، بهادريءَ ۽ فوجي ڪاڪردگيءَ جو معترف هو، تنهنڪري بکر جي صوبيدار کي نظر انداز ڪري، هن اها اهم مهم مير صاحب جي سپرد ڪئي. بکر جي صوبيدار کان فقط فوجي مدد وٺڻ جي اجازت ڏنائين. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير صاحب بکر پهچي تاج خان کان سپاهي ورتا ۽ پڻ پنهنجي قديم سپاهين، عزيزن وغيره کي گڏ ڪري، سڌو سيويءَ ڏانهن راهي ٿيو. مير صاحب جي والد کان سيويءَ جا باغي افغان واقف هئا، مير صاحب جي خود پنهنجي سورهيائيءَ کان به هو نا واقف ڪونه هئا، تنهنڪري سندس پهچڻ شرط افغانن قلعي تا محاصرو کڻي، پاڻ کي اچي مير صاحب جي اڳيان پيش ڪيو. ”جميع افاغنه گلو بسته آمده رو را ديدند، و فوج علي را از قلعه خلاص ساخت“ (1) واقعات جي ترتيب مان معلوم ٿئي ٿو ته اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير مير صاحب وٽ 1020 هه کان 1022 هه تائين رهي، ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪنهن وقت اها سيويءَ جي مهم پيش آئي. 1023 هه ۾ اوٻاوڙي مان مير صاحب جو تبادلو سيوهڻ ٿيو. سيوهڻ جي جاگير: 1021 هه ۾، ميرزا غازيءَ قنڌار ۾ انتقال ڪيو. ميرزا رستم صفوي کانئس پوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو، جنهن کي جهانگير خاص هدايتون ڏيئي موڪليو، ته هو ٺٽي پهچي، ماڻهن جي ۽ خاص طرح ترخان ۽ ارغون گهراڻي جي اميرن جي تاليف قلب ڪري، جيئن رعيت اهو نه سمجهي ته هوءَ اجنبي ۽ ڌاريءَ حڪومت جي ماتحت آئي آهي، ۽ ارغون ترخان اهو محسوس نه ڪن ته سندن خاندان جي عزت ۽ اقتدار ختم ٿي ويو آهي. ميرزا رستم پهريون ڌاريو حڪمران هو، جو سنڌ فتح ٿيڻ کان ايڪيهه سال پوءِ، هندستان جي مغلن جي طرفان سنڌ تي آيو، ۽ اهوئي سبب هو، جو جهانگير کيس اهي هدايتون ڏنيون، جن تي، سنڌ ۾ پهچڻ بعد، هو ٿورو وقت به هلي نه سگهيو، ۽ راڄ رعيت ۽ ارغون ترخان کانئس شاڪي ٿي پيا. چند مهينن ۾ بعد آخر بادشاهه مجبور ٿي کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو،(1) ۽ ٺٽي ۽ بکر جي صوبيدار تاج خان کي موڪلي ڏنو. تاج خان 1023 هه ۾ ٺٽي ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري سيوهڻ جي صوبيدار شمشير کي انهيءَ جاءِ تي آندو ويو. مير ابوالبقا انهيءَ زماني ۾ اوٻاوڙي جي جاگير تي هو. سيوهڻ مان شمشير بيگ جي بدلي ٿيڻ تي، بادشاهه کيس سيوهڻ ڏانهن موڪليو ۽ ساڻس گڏ ميرزا دوست بيگ کي به شريڪ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ميرزا دوست بيگ اڃا سيوهڻ پهتوئي ڪونه، جو کيس ٻيو حڪم مليو، جنهن جي تعميل ۾ کيس ملتان جو خزانو کڻي قنڌار وڃڻو پيو. جيتوڻيڪ هن سيوهڻ پنهنجا ماڻهو موڪلي ڏنا، ليڪن حقيقي قوت ۽ انتظامي اختيار سڀ مير صاحب جي سپرد رهيو. سيوهڻ جا گدرا: سيوهڻ جي ڪن ايراضين گدرن جي پوک نهايت سٺي ٿيندي هئي، ۽ اتي جا گدرا نهايت لذيذ، مٺا ۽ غير معمولي وزن جا ٿيندا هئا. مير نمڪين پنهنجي دور ۾ انهن جي پوک جو خاص اهتمام ڪيو هو، ۽ اهي ملڪان ملڪ سوکڙيءَ طور موڪليندو رهندو هو. بادشاهه ڏانهن به ڪيترا مرتبا موڪليا هئائين، جنهن ولايتي گدرن جي مقابلي ۾ هنن کي هر لحاظ سان پسند ڪيو. جهانگير ته اتان جي گدرن جي مقابلي ۾ هنن کي هر لحاظ سان پسند ڪيو. جهانگير ته اتان جي گدرن تي ايترو اڪن ڇڪن ٿيو، جو آخري اِراضيءَ جا اهي ٽڪرا ئي ”خالصي“ ۾ آڻي ڇڏيائين. مير ابوالبقا جڏهن سيوهڻ آيو، ته هن به گدرن جي ڪاشت ۾ غير معمولي دلچسپي وٺي ان کي وڌايو، پيءُ وانگر پاڻ به استعمال ڪندو هو ۽ هيڏي هوڏي دوستن احبابن ڏانهن به موسم اچڻ تي سوکڙي پاکڙي ڪري موڪليندو هو. هڪ دفعي نارلم(1) ڳوٺ (؟) ۾ گدرن جو فصل نهايت سٺو ٿيو. مير محمد يوسف لکي ٿو ته مير ابوالبقا ٻيڙي ڀرائي ٺٽي جي صوبيدار شمشير خان ۽ مظفر خان معموريءَ ڏانهن، پنهنجي خاص ماڻهوءَ، محبت، ذريعي ڏياري موڪلي. خسائي شوري (؟) جي ڳوٺ وٽ جڏهن ٻيڙي پهتي، ته دائود شوري جي ماڻهن نه فقط ٻيڙي لـُـٽي، بلڪ مير صاحب جي ماڻهوءَ، محبت، کي جيڪو ايلچيءَ طور سوکڙي کڻي وڃي رهيو هو، تنهن کي به قتل ڪري ڇڏيو. مير صاحب کي انهيءَ اطلاع سيخپا ڪري ڇڏيو. شام ڌاري سيوهڻ مان نڪري، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، راتو رات سيوهڻ جي گهيڙ وٽان لهي، خسائي شوري جي ڳوٺ تي وڃي پهتو. دائود شوري سمجهيو ٿي ته آفت اجهو ڪي ايندي، سو اڳئين ڏينهن تي ئي ٽپڙ ٽاڙي کڻي، ٻارن ٻچن سميت ڳوٺ ڇڏي، ٽڪر ٽپندو، سنڌ جي سرحد مان نڪتو هليو ويو. مير صاحب وڃي خالي وٿاڻن تي بيٺو. اندر جي تـَـوَ کان، هن شهر کي باهه ڏياري، هوسڙن ۽ شورن مان جيڪي هٿ آيس تن کي قتل ڪري، مال متاع کنيو، سيوهڻ هليو آيو.(1) بڪيجن جي گوشمالي: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته سيوهڻ جي صوبي ۾ درياءَ جي اندرينءَ ڀر ٽي پرڳڻا هئا: هڪ جوڻيجن جو، ٻيو خطو، ۽ ٽيون پرڳڻو لاکاٽ. جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ ڪوريجا، پنهور، ۽ شيخ آباد هئا، ۽ سميجن جي قبيلي مان بڪيجا، بيان ڪيل ٽن قبيلن کان زياده تعداد ۾ رهندا هئا. بڪيجن جو سڄو قبيلو ڏوهاري هو، خون، ڦر ۽ ڌاڙا هڻڻ سندن رات ڏينهن جي ڪرت هئي، ۽ منجهانئن نه ڇڙو رعيت ڏکويل هئي، بلڪ خود سرڪاري ماڻهو به آزاريل هئا. ماڻهن جو مال ملڪيت ته کائي کپائي ڇڏيندا هئا، پر سرڪاري اجارو به هضم ڪري ويندا هئا. اڳيان جاگيردار جيئن تيئن پنهنجو وقت گذاري ويا، ليڪن مير صاحب اهو برداشت ڪري نه سگهيو، جنهنڪري هن اچڻ سان ئي بڪيجن جي گوشمالي اهڙيءَ طرح ڪري ڇڏي، جو سڄي راڄ تان سندن آزار لهي پيو، ۽ سرڪاري خزانو به هر وقت جي نقصان کان بچي ويو. (1) (1) احوال لاءِ ڏسو ”چنيسر نامه“ جو مقدمو (2) ”مظهر“ ص. 2/305. (1) قلعي جو نالو غالباً ”سيد ڳڙهه“ هو. ڪتاب جي غلطيءَ سبب ”صد گرم“ ۽ ”صيد گر“ لکيو ويو آهي. (2) انهن ڳوٺن جا صحيح نالا معلوم ٿي نه سگهيا، معلوم ٿئي ٿو ته نصرپور جي آسپاس ۾ اهي ڳوٺ ان وقت آباد هئا. (1) شاهه قاسم خان زمان جي قبر تي جيڪو ڪتبو آهي، ان تي سندس وفات جي تاريخ ”14 رمضان 1019 هه روز دوشنبه وقت عصر“ لکيل آهي. ڏسو ”چنيسر نامه“ جو مقدمو. (2) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 306/309. (1) ارسلان بيگ جو نالو، شمشير خان اوزبڪ لقب، 1019 هه سيوهڻ آيو، ميرزا غازيءَ جو انتقال (1021هه) بعد، ميرزا رستم ٺٽي آيو، جنهن جي امداد لاءِ شمشير بيگ سال کن ٺٽي ۾ رهيو. ميرزا رستم 11 محرم 1022هه جو ٺٽي پهتو، ليڪن جلد ئي ڪاروبار کي چڱيءَ طرح نه هلائڻ سبب معزول ٿي ويو، ۽ بکر مان تاش بيگ تاج خان کي ٺٽي بدلي ڪيو ويو. شمشير خان، تاج خان جي اچڻ بعد، موٽي سيوهڻ آيو. ٺٽي ۾ تاج خان 1023 هه ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري شمشير خان وري عارضي طرح ٺٽي ويو. ۽ سيوهڻ مير ابوالبقا کي مليو، جنهن جو ذڪر متن ۾ ڪيو ويو آهي. ٺٽي ۾ شمشير خان اوستائين رهيو، جيسين مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ اچي کانئس چارج ورتي. شمشير خان لاهور ۾ وفات ڪئي. (ڏسو ”ذخيرهِ الخوانين“ ص. 355، ”ماثر الامرا“ ص. 1/77، 1/233 ”مظهر شاهه جهاني“) (2) 1020 هه ۾ بکر آيو، ”تاش بيگ“ نالو ۽ ”تاج خان“ لقب هوس، سيد زادو هو. بکر مان ٺٽي جو صوبيدار ٿي ويو، جتي 1023 هه ۾ انتقال ڪيائين. ڏسو ”تحفـة الڪرام“، ”لب تاريخ سنڌ“، ”ماثرالامرا“ ص. 1/483، ۽ ”ذخيرهِ الخوانين“ 397. (1) ”مظهر“ ص. 2/247. (1) انهيءَ سلسلي ۾ ”ذخيرهِ الخوانين“ جي عبارت هيءَ آهي: ”اما باَنها سلوڪ خوب نڪرد، اڪثر مردم جلاوطن شدند..... اين خبر بمسام عليه جهانگيري رسيد. ميرزا را تغير ڪرده حضور طلبيده، روزي چند بار ندادند، بعده بسعادت ڪورنش مستفيد گرديد.“ ص. 58. (1) ميرڪ يوسف ان ڳوٺ جو نالو ڪٿي ”نار“ ۽ ڪنهن جاءِ تي ”نارلم“ لکيو آهي. ڳوٺ جو جغرافيو هن طرح لکي ٿو: ”اهو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ست ڪوهه پري هو. انهن جا گدرا ۽ هنداڻا خاص طرح مٺا ۽ لذيذ ٿيندا هئا. ڳوٺ نهايت چڱيءَ ۽ پر فضا جاءِ تي آهي. اتي هڪ چشمو به آهي. جنهن ۾ پاڻي هڪ پهاڙ جي ڪاريز مان اچي ٿو. جنهن جبل مان پاڻي اچي ٿو، اهو ڳوٺ کان ٻن ڪوهن جي فاصلي تي آهي، ۽ ٽڪر جي پاڙ ۾ هڪ چشمو آهي، جنهن مان پاڻي اٻڙڪي ٻاهر نڪري ٿو ۽ هڪ ڪسيءَ جي ذريعي اهو پاڻي نار واري چشمي ۾ اچي پوي ٿو. ميرڪ پاڻ به ٻه دفعا انهيءَ پاڻيءَ تي نيل ۽ فاليز پوکين ٿا، جيڪا بياني واريءَ نيل جهڙي سٺي ٿئي ٿي. پاڻيءَ جي پوري انتظام نه هئڻ سبب فقط اڍائي سو کن جريب پوک ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن پاڻيءَ جو انتظام ڪجي ته هوند ويهه هزار جريب آباديءَ هيٺ اچي وڃن. نار ڳوٺ کان مني ڪوهه جي پنڌ تي حضرت آريءَ شينهاڻيءَ جي مزار آهي. اهو بزرگ شينهن تي سواري ڪندو هو، تنهنڪري انهيءَ نسبت سان مشهور ٿيو. انهيءَ ڳوٺ جا گدرا ايتريقدر مشهور آهن، جو جهانگير انهيءَ سبب جي ڪري انهيءَ ڳوٺ کي پنهنجي ‘خالصي‘ ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه وقت شاهي وڪيل ان جي نظر اندازي ڪندا هئا، ۽ ان کان پوءِ ڪو عرصو اهو ڳوٺ نواب آصف جي قبضي ۾ رهيو.“ ص. 2/379. (1) ”مظهر“ ص. 2/258. (1) ”مظهر“ ص. 2/276. باغبان تي چڙهائي:باغبان پرڳڻي جا ٻه حصا ميرزا دوست بيگ جي جاگير ۾ هئا، ۽ باقي سڄي پرڳڻي تي مير صاحب جو قبصو هو. انهن ٻن حصن ۾ دوست بيگ جي طرفان عامل رهندا هئا، جيڪي بندوبست به رکندا هئا ۽ ڍلون وغيره به وصول ڪندا هئا. اهڙي دور ۾، جڏهن ته جيڪي جاگيردار پاڻ حد ۾ ويٺا هوندا هئا، اهي به ڍلون وصول ڪري نه سگهندا هئا ۽ انتظام رکڻ لاءِ کين باربار ڪن قبيلن ۽ قومن تي فوج ڪشي ڪرڻي پوندي هئي، اتي دوست بيگ جهڙي غير حاضر جاگيردار جي ڪارندن کي ڪٿي ٿي ڍل وصول ٿي سگهي ۽ ڪهڙيءَ طرح هو انتظام رکي ٿي سگهيا! ٿوري وقت ۾ ئي حالتون خراب ٿي ويون، خود سر قبيلن ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ۽ نه فقط عام رعيت انهيءَ حد جي چانڊين ۽ ٿيٻن جي آزار کان تائجي پيئي، بلڪ خود جاگيردار جي ڪارندن کي به اچي سر جي لڳي. ميرڪ يوسف لکيو آهي ته آخر دوست بيگ جي عاملن ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي، مير ابوالبقا وٽ داد رسيءَ لاءِ اچي دانهن ڪئي. مير صاحب ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري سيوهڻ مان صبح جو پاڻ نڪتو، ۽ سڄو ڏينهن هلي ٻئي ڏينهن صبح جو اڪبر آباد پهتو. ڏينهن اتي گذاري، وري شام جو سوار ٿيو ۽ ٻئي صبح تي چانڊين کي وڃي وهڻي جبل (؟) وٽ هٿ ڪيائين. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته مير صاحب سندن اهڙي سرزنش ڪئي، جو انهيءَ معرڪي بعد وري چانڊيا اڀري نه سگهيا.(1) انڙن سان مقابلا ۽ مجادلا: ميرڪ يوسف جي تاريخ مان اسان کي پهريون دفعو معلوم ٿئي ٿو ته مغل گورنرن جوسنڌ ۾ گهڻو عرصو هتان جي ئي ماڻهن سان مقابلي ۽ مجادلي ڪندي گذريو. تاريخ ۾ انهن فوج ڪشين جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي قبيلا سخت سرڪش هئا، تنهنڪري سندن سرڪوبي ٿيندي رهندي هئي. جيڪڏهن سرڪاري ڍلون ۽ اجارا نه ڏيندا هئا ته ساڳئي وقت عام رعيت کي به منجهانئن آزار هو. اهي قبيلا سرڪش ڇو ٿيا، ڍلن ڏيڻ کان حڪومت جهڙيءَ قوت کي هنن ڇو ٿي انڪار ڪيو، خون خرابي، چوريءَ چڪاريءَ، ۽ ڌاڙي ڦر جي انهن ۾ ڇو عادت هئي، انهيءَ جا سبب شايد ڪنهن به مؤرخ ڪونه سوچيا، تنهنڪري انهن مان ڪنهن لکيا به ڪونه، ۽ غالب ملڪي مصلحتن کين سوچڻ به ڪونه ڏنو، ۽ انهن ئي مصلحتن ۽ دورانديشين کين تصوير جي ٻئي رخ پيش ڪرڻ جي اجازت ڪانه ڏني. بهرحال جيڪي لکيو ويو آهي، ان مان اسان کي هڪ طرف تصوير اهائي نظر اچي ٿي ته سميجن جي سمورو قبيلو نهايت ئي سرڪش، قاعدي قانون کي بي پرواهه ۽ حڪومت جي خوف کان عاري هو. ۽ انهيءَ ئي ڪري مغلن حڪمرانن مٿن بار بار لشڪر ڪشيون ڪيون، کين قتل و غارت ڪري نيست نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، ليڪن مستقل طرح کين نه راهه راست تي آڻي سگهيا، ۽ نه کين پر امن شهري بڻائي سگهيا. اسان کي ميرڪ يوسف جي تاريخ ۾ ڪيئي اهڙا مثال ملن ٿا، جو انهن قبيلن جي هٿان راڄ وارا تنگ اچي شاهي دربار تائين به دانهين ويا، ۽ اتاهون انهن قبيلن جي سرڪوبيءَ لاءِ فرمان ڪڍائي، جاگيردارن ۽ صوبيدارن وٽ کڻي آيا. جهانگير جي هڪ اهڙي فرمان جو ذڪر گذريل صفحن ۾ اسان پيش ڪري چڪا آهيون. مير ابوالقاسم نمڪين گهڻي ڪوشش ڪئي ته جن قبيلن خلاف انهيءَ قسم جون شڪايتون هجن، تن جي اصلاح ڪري، ۽ ڪنهن حد تائين هو ڪامياب به ٿيو، ليڪن سندس سيوهڻ مان نڪرڻ بعد، ۽ ٻين جاگيردارن جي اچڻ تي، وري اهي ساڳيون حالتون پيدا ٿي ويون ٿي. مير ابوالبقا جي دور به اسان کي انهيءَ قسم جي جدوجهد ۾ گذرندو نظر اچي ٿو. ڪڏهن سختي ڪڏهن نرمي، بهرحال هو رات ڏينهن قبيلن جي ئي پٺيان رهندو هو. ميرڪ يوسف جي سموري تاريخ انهيءَ قسم جي اندروني خلفشار جي آئينيدار آهي. مغل حڪومت جي ڌارين صوبيدارن جي نااهل جاگيردارن ملڪ خواهه ملڪ جي ماڻهن سان ڪابه دلچسپي ڪانه ٿي رکي، جنهنڪري انهيءَ قسم جون بدانتظاميون ٿيون ٿي، جيڪي نه ڇڙو سندن لاءِ خلفشار جو باعث هيون، ليڪن پر امن رعيت لاءِ به وڏي آزار ۽ عقوبت جو سبب ٿيون ٿي. هيترن سارن صوبيدارن جون پيدا ڪيل انتظامي خرابيون، مير نمڪين ۽ ابوالبقا جهڙا همدرد جاگيردار ڪٿي ٿي دور ڪري سگهيا، جڏهن ته سيوهڻ ۾ سندن قيام جو عرصو قليل ۽ پيدا ڪيل خرابين جو سلسلو طويل هو. مير ابوالبقا ملڪي انتظام خاطر هڪ دفعي جهانگير آباد جي ٿاڻي تي پنهنجي هڪ خاص ملازم، جمال، کي مقرر ڪيو، ۽ ساڳئي ٿاڻي جي لاکن وري تپي تي منظور نالي ٻئي هڪ ملازم کي ڏياري موڪليو. پوئين تپي ۾، انهيءَ زماني ۾، انڙن سخت فساد شروع ڪري ڏنو، جنهنڪري منظور کي مٿن لشڪر ڪشي ڪرڻي پيئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته انڙن کي جڏهن کڙڪ پيئي. تڏهن هو ڳوٺ خالي ڪري، لشڪر جي اچڻ واري رستي تي لڪي ويهي رهيا. منظور جيئن بي الڪو آيو پئي، تيئن ئي مٿس اوچتو حملو ڪيائون. منظور انهيءَ اوچتي حملي لاءِ تيار ڪين هو، تنهن هوندي به هن گهڻي ڪوشش ڪئي، ليڪن شڪست کائي، ڪيترا سپاهي مارائي، نقارو عـَـلم کسائي، موٽي اچي جهانگير آباد پهتو. مير ابوالبقا پاڻ ان وقت بيمار هو، تنهنڪري اطلاع پهچڻ تي هن پنهنجي وڏي پٽ، عتيق الله، کي پنهنجن ٻين پٽن ۽ عزيزن سميت لشڪر ڏيئي روانو ڪيو. جهانگير آباد جي قلعي ۾ جڏهن مير عتيق الله اچي منزل انداز ٿيو، ان وقت انڙن جا ماڻهو به معافيءَ جا خواستگار ٿي، ۽ نقارو، علم ۽ هٿ آيل هٿيار کڻي اچي پهتا. هنن هر طرح جو جرمانو ڏيڻ به قبول ڪيو. ليڪن ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير عتيق الله کي تجربو گهٽ، جوش ۽ غصو زياده هو، تيئن صلح جي آڇ کي ٺڪرائي، مقابلي جي تياري شروع ڪري ڏني. سابه ڍنڍ (؟) جي ميدان تي مير عتيق الله مقابلي لاءِ پهتو. سميجن پنهنجو مال، ڍور ڍڳا، ۽ ٻار ٻچا اڳ ئي ڪڍي ميدان خالي ڪري ڇڏيو هو. باقي نوجوانن جو هڪ انبوهه ڪثير ٻن ڪوهن جو فاصلو وچ ۾ ڪري مقابلي لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. مير عتيق الله پنهنجي سؤٽ، مير ڪامل، کي ٻاويهن سوارن جو دستو ڏيئي، اڳواٽ اماڻيو، ۽ پاڻ پويان هلڻ لڳو. اڃا مقابلي واري ميدان تائين پهتائي ڪين، ته واٽ تي ئي سميجن اچي کين ورايو. مقابلو ٿيو، ٻنهي طرفن جا ماڻهو مئا، جيتوڻيڪ سميجن جا مکيه ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ميرزا عيسيٰ ترخان جي سهري، پرئي سميجي، جو پٽ لاکو به هو، ليڪن ٻئي طرف وارن مان مير ڪامل جي ڪمڪ جا ٻاويهه ڄڻا ۽ مير عتيق جي لشڪر جا ڪيئي سپاهي پڻ مارجي ويا، ۽ آخر ۾ مير عتيق الله شڪست کائي، جهانگير آباد اچي رسيو. مير ابوالبقا کي انهيءَ شڪست جي خبر سيوهڻ ۾ پهتي. هو جيتوڻيڪ اڃا بخار ۾مبتلا هو، ليڪن ان هوندي به پاڻ سوار ٿي نڪتو، جتان جهانگير آباد يارنهن ڪوهه پري هو. انهيءَ پهرينءَ منزل تي ئي، سميجا انڙ پنهنجا پريا مڙس وٺي اچي پيش ٿيا. مير صاحب مقابلي جي ضرورت نه سمجهي کين معافي ڏني، ۽ جيڪي مٿن سرڪاري بقايائون يا راڄ مهاڄڻ جون چٽيون چـُـوريون هيون، سي سڀ وصول ڪيون. انهيءَ منزل تي، ڌاريجن ۽ مناهجن جا چڱا مڙس به اچي پيش پيا ۽ آئينده لاءِ قول قرار ڏيئي آجا ٿيا، سندن ٻه سردار، ڌنو ۽ طيب، مير صاحب جي هم رڪابيءَ لاءِ وٽس ئي ترسي پيا. راهوجا، فروجا (؟) ۽ منگواڻا، مير صاحب جي آمد جو ٻڌي، نه فقط مهراڻي ۾ اچي حاضر نه ٿيا، بلڪ هو ملڪ ئي ڇڏي، ٻيءَ حد ۾ هليا ويا، مير صاحب انهن جي پٺيان مهراڻي مان منزل پٽي، روانو ٿيو. ڏينهن جو سخت جهولو لڳي رهيو هو، تنهنڪري وچينءَ جو وينجهڙي ڳوٺ ۾ ترسي پيو. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته انهن جي جهنگ جهر مان لشڪري ٽي هزار ڳئون ضبط ڪري آيا، جيڪي ڏوهاري قبيلن جي ملڪيت هيون، مير صاحب ٽئي هزار ڳئون تههِ تيغ ڪرائي ڇڏيون. ٻئي ڏينهن ٻه پهريءَ جي نماز پڙهي، مير صاحب اتان ڪوچ ڪيو. اها شام ۽ سڄي رات گهوڙن جي پٺيءَ تي پنڌ ڪري صبح جو ڪناهر ڍنڍ (؟) تي پهتو. اها حد هالن جي پرڳڻي جي هئي، ۽ اتي ئي اچي راهوجا ۽ منگواڻا لڪا ويٺا هئا. مير صاحب صبح جي نماز ادا ڪري، مٿن حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻاويهه منگواڻا قتل ٿيا، ۽ ڪيترو مال ملڪيت مير جي قبضي ۾ آيو، جنهن کي هن مظفر خان معموريءَ ڏانهن ٺٽي ڏياري موڪليو، ڇاڪاڻ ته مير صاحب اها يلغار ٺٽي جي حڪومت ۾ ڪئي هئي، تنهنڪري هن کي ائين ئي ڪرڻو هو. ڪناهر ڍنڍ مان مير منزل پٽي، جهانگير آباد پهتو، جتي چند ڏينهن رهي، هن سميجن کان بقايائون به وصول ڪيون ۽ کين پر امن طريقي سان زندگي گذارڻ جي به هدايت ڪئي.(1) نهمر دين جي گوشمالي: نهمردي (نومڙيا) هميشـه کان سيوهڻ جي شهر ۾ اوري پري کان وڻج واپار ڪرڻ ايندا هئا، ۽ دستور مطابق واپار جي محصول طور، کانئن مقرر تعداد ۾ چوپايو مال جاگيردار وصول ڪندو هو. ڪجهه عرصي کان هنن اهو ڌنڌو ڇڏي، لٽ ڦر ۽ چوري ڌاڙي جو مشغلو شروع ڪري ڏنو هو. هڪ دفعي هنن سيوهڻ جي حد مان ايتري قدر لٽ ڦر ڪئي، جو مير صاحب مجبور ٿي، پاڻ سندن گوشماليءَ لاءِ سوار ٿي، پٺيانئن پيو، ۽ کين هٿ ڪري، منجهانئن ڪيترن کي قتل ڪري ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري، سمورو مال ملڪيت هٿ ڪيائين. مال ڀاڳين کي ڏيئي، قيدين کي ساڻ وٺي، مير صاحب جڏهن سيوهڻ پهتو، تڏهن نهمردين جا ارباب به اچي معافي حاصل ڪرڻ لاءِ پهتا. ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته مير صاحب کين معافي ڏيئي، قيدي سڀ آزاد ڪيا، ۽ آئنده لاءِ کانئن چڱيءَ چال سان رهڻ ۽ وري واپار شروع ڪرڻ جو قول قرار ورتو. جنهن کان پوءِ هنن نئين سر واپار وڻج شروع ڪيو ۽ پر امن شهري ٿي پيا. ٺٽي جي صوبي ۾ جاگير: شمشير خان، جيڪو تاج خان جي انتقال بعد ٺٽي جو صوبيدار ٿي ويو هو، تنهن کي، بقول جهانگير، 11 سال جهانگيريءَ (1025 هه) ۾(2) وري سيوهڻ موڪليو ويو، ۽ ٺٽي ۾ مظفر خان معموريءَ کي، جيڪو اتي ئي بخشي هو، صوبيدار ڪري رکيو ويو. جنهن وقت اهو حڪم مليس، ان وقت سندس ڪيتري ئي بقايا، ماڻهن تي رهيل هئي. هن جوڻيجن مان منزل پٽي، خطي پرڳڻي جي رفيعان ڳوٺ (؟) ۾ اچي وصولي شروع ڪئي. جتان نقد نه ٿي مليس، اتان چوپايو مال عيوضي ۾ ٿي ورتائين. اهڙيءَ طرح هن گهڻيءَ حد تائين پنهنجي رقم وصول ڪري ورتي. رفيعان ڳوٺ ۾ ئي شمشير خان جا ماڻهو به اچي پهتا. سميجن ڏانهن سندس ڪافي بقايا هئي، ۽ بدليءَ واريءَ حالت ۾ جيڪڏهن وصول ڪرڻ کان اڳ هن ملڪ ٿي ڇڏيو، ان جو اڳڙڻ ناممڪن هو. تنهنڪري هن اُتان هلي، وري اچي سميجن جي گوٺ ۾ منزل ڪئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اتان کيس ٻه ٽي هزار ڳائو مال بقايا ۾ مليو. انهيءَ وصوليءَ بعد مير صاحب سيوهڻ آيو، جتي شمشير خان جو انتظار ڪرڻ لڳو، ۽ ان جي پهچڻ تي، صوبي جي چارج ڏيئي، پاڻ پنهنجي نئينءَ جاگير ڏانهن روانو ٿيو.(1) سرڪار چاچڪان جي جاگير: اسان کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته مير صاحب کي ٺٽي جي صوبي ۾ ڪهڙا ٽڪرا جاگير طور ڏنا ويا. ميرڪ يوسف انهن جو تفصيل ڪونه ڏنو آهي. هڪ هنڌ اشارتاً هن لکيو آهي ته انهيءَ زماني ۾ چاچڪان پرڳڻي جو بدين وارو علائقو ۽ سرڪار چاڪر هالي جون نيرن ڪوٽ ۽ شال وارو حصو، مير صاحب کي بطور جاگير جي مليل هو. فقط هي ئي ٽڪرا سندس جاگير ۾ هئا، يا انهن سان گڏ ڪي ٻيا به حصا کيس مليل هئا، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. ڪي خاص واقعا: انهيءَ زماني ۾ به مير صاحب جا ٺٽي جي حد اندر ڪن قبيلن سان معرڪا ٿيا، جن جو اجمالي تذڪرو ميرڪ يوسف ڪيو آهي. چاچڪان پرڳڻي جي مندرا قبيلو، ترخانن جي زماني کان ئي، سرڪش رهندو ٿي آيو. مير ابوالبقا پنهنجي جاگير ۾ پهچڻ سان انهن جي اهڙي گوشمالي ڪئي، جو ان کان پوءِ هو نهايت مطيع ۽ فرمانبردار ٿي ويا، ۽ سرڪاري طلبون، جيڪي هميشـه مٿن رهنديون اينديون هيون، سي آئنده لاءِ وقت سر ڏيڻ لڳا.(1) مظفر خان معموريءَ، ٺٽي جي حڪومت ملڻ بعد، سڀ کان پهرين، شال دَلـَـن تي لشڪر ڪشي ڪئي. مظفر خان وڏي شان شوڪت سان اڃا منزل مقصود ڏانهن اچي رهيو هو، جو واٽ تي ئي مناهي دَلَ مٿس حملو ڪيو، ۽ سندس ڪافي سپاهي ماري، پاڻ سلامت نڪتو هليو ويو. مظفر خان معموريءَ سندس پٺ ڪانه ورتي، بلڪ اتي ئي منزل رکي ويهي رهيو، تاڪ آئنده جي مقابلي جي تياري ڪري. مير ابوالبقا ان وقت بدين ۾ پنهنجي جاگير تي هو. مظفر خان معموريءَ جي انهيءَ معرڪي جو حال ٻڌي، راتو رات اچي، اتي رسيو. ٻيءَ رات جو پنهنجا سپاهي ساڻ ڪري مير صاحب سوار ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ سان دارو بند جبل وٽ وڃي سميجن تي ڪڙڪيو. ميرڪ لکي ٿو ته 322 دل انهيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويا، جن جون سسيون کڻي، ٻئي ڏينهن تي اچي، هو مظفر خان وٽ پهتو. دَلن انهيءَ مار کان پوءِ وري دنگو ڪونه ڪيو. انهيءَ معرڪي ۾ مير صاحب جو ڀاءُ مير نورالله به قتل ٿيو. ٻيو دفعو به مير صاحب مناهي دل ۾ حميد شوري جي ماڻهن تي لشڪر ڪشي ڪئي، ۽ اهڙي گوشمالي ڪيائين، جو آخر ٻنهي اربابن پيش پئي معافي ورتي.(1) ڪانگڙي جي مهم: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير صاحب بدين واري جاگير تان ڪانگڙي جي مهم تي هليو ويو. ڪهڙي سال ۾ مير صاحب ويو، مهم جي نوعيت ڇا هئي، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. ليڪن هيٺئين واقعي مان اندازو اهو آهي ته مير صاحب 1024 هه جي آخر يا 1025 هه جي شروع ۾ انهيءَ طرف روانو ٿيو. ڇاڪاڻ ته مظفر خان معموري اڃا ٺٽي ّ۾ ئي هو، جو مير صاحب جي وڃڻ بعد اسماعيل شوري وري شورش ڪئي، جنهن کي مظفر خان جي ڀاءَ، ميرزا احمد، ٺٽي مان اچي زير ڪيو.(2) ملتان جي نيابت: ڪانگڙي جي مهم کان پوءِ مير صاحب ڪاڏي ويو، ڪٿي رهيو، ڇا ڪندو رهيو، ان لاءِ تاريخ جي ڪا گواهي اسان وٽ موجود نه آهي. 1025هه کان وٺي 1036 هه تائين جو دور تاريڪيءَ ۾ آهي. جهانگير جي آخري دور ۾ جڏهن ملتان جو صوبو يمين الدوله جي سپرد ٿيو، ان وقت مير صاحب، يمين الدوله طرفان ملتان جو نائب ٿي پهتو. ”بادشاهه نامه“ جو قول آهي ته کيس اها نيابت جهانگير جي پوئين زماني ۾ ملي.(3) جهانگير، 28 صفر 1037 هه تي وفات ڪئي. قياس آهي ته 1035هه جي آخر يا 1036 هه جي شروع ۾، مير صاحب ملتان آيو هوندو. شاهه جهان 8 جمادي الثاني 1037 هه جي تخت نشين ٿيو، ان وقت نئين بادشاهه جن صوبيدارن يا عهديدارن کي معزول ڪيو يا بدلي نه ڪيو، انهن مان هڪ مير صاحب به هو، ۽ ٻئي سال شاهه جهانيءَ (1037 هه) تائين سندس ملتان جي نيابت تي موجود رهڻ ثابت آهي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير ابوالبقا جنهن وقت ملتان ۾ هو، ان وقت سيوهڻ جو صوبيدار احمد بيگ هو، ٺٽو مرتضيٰ خان حسام الدين جي حوالي هو، ۽ محمد علي بيگ بندري ۽ حڪيم محمد صالح بکر ۾ هئا. انهيءَ زماني ۾، سيوهڻ جو پرڳڻو جوڻيجن جو مير ابوالبقا جي جاگير ۾ هو، ۽ باقي سمورن پرڳڻن تي احمد بيگ قابض هو.(1) ميرڪ يوسف احمد بيگ جي ايام ڪاريءَ ۾ سيوهڻ ۾ مقيم هو. احمد بيگ سيوهڻ جي باشندن تي بي پناهه ظلم ڪيا، جيڪي ميرڪ يوسف پنهنجي اکين سان ڏٺا. سندس اهي ڪارناما ئي ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جهڙيءَ مستند تاريخ جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ٿيا. ميرڪ يوسف سيوهڻ مان نڪري ملتان ڀاءُ وٽ پهتو ۽ خيال هئس ته ڀاءُ سان صلاح مشورو ڪري واقعات کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ لکي، پوءِ شاهي دربار ۾ پهچي، داد رسيءَ لاءِ التجا ڪري. (1) مظهر ص. 2/312. (1) ”مظهر“ ص. 2/315. (2) بقول جهانگير (تزڪ 157)، 15 ربيع الاول 1025 هه سال 11 جلوس جي، شمشير خان سيوهڻ ويو، ۽ مظفر خان معموري ٺٽي تي مقرر ٿيو. امير ابوالبقا 1025 هه ۾ بدين ويو. ”ماثرالامرا“ (2/633) 9 سال (9 صفر 1023هه تا 7 صفر 1024هه) ۾ جيڪو معموريءَ جو تقرر لکيو آهي، سو غلط آهي. (1) ”مظهر“ ص. 2/316. (1) ”مظهر“ ص. 2/251. (1) ”مظهر“ 2/258-260. (2) ”مظهر“ ص. 260. (3) ”بادشاه نامه“ ص. 2/341. (1) (مظهر) ص. 2/341 ٺٽي جي صوبيداري: جنهن وقت مير ابوالبقا ملتان جو نائب هو، تنهن وقت ٺٽي جو صوبيدار مير مرتضيٰ خان حسام الدين بن مير جمال الدين حسين هو. شاهه جهان جي ٻئي سال (1037هه - 1039 هه) ۾ مير مرتضيٰ کان جو اوچتو دل ٽٽڻ (شادي مرگ) سبب انتقال ٿيو. شاهه جهان کي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن هن مير ابوالبقا کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪري، ڏانهس ملتان ۾ فرمان موڪلي ڏنو. جڏهن اهو فرمان ملتان پهتو، ان وقت ميرڪ يوسف ڀاءُ وٽ ملتان ۾ پهچي چڪو هو. ڀاڻس پنهنجي بدليءَ ٿيڻ سبب في الحال کيس ٺٽي وٺيو آيو، ۽ شاهي دربار ۾ وڃڻ نه ڏنائينس.(1) ”ماثر الامرا“ جي مصنف جو قول آهي ته مير صاحب کي، ٺٽي جي صوبيداريءَ ڏيڻ سان گڏ، بادشاهه سندس منصب ۾ پڻ اضافو ڪيو. ان کان اڳ گويا اڍائي هزاري ذات ۽ ٻه هزاري سوار جو کيس منصب حاصل هو، ۽ ٺٽي وڃڻ وقت ٻنهي ۾ پنجن پنجن سوَن جو اضافو ڪري، بادشاهه کيس سه هزاري امير بڻايو. ”خان مزبور باضافهء پانصدي ذات و پانصدي سوار، بمنصب آن صوبه مامور شد.“ (2) ”بادشاهه نامي“ جي مصنف به انهيءَ اضافي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: ”چون بعرض رسيد ڪه مرتضيٰ خان ولد مير جمال الدين حسين خان انجو صوبيدار تته، رخت هستي ازين جهان بربست، امير خان ولد قاسم خان نمڪين را ڪه نيابت يمين الدوله بحڪومت ملتان مي پرداخت، بنظم آن صوبه، و به اضافه پانصدي ذات و پانصدي سوار، بمنصب سه هزاري، دوهزار سوار، سرفراز گردانيده“ (3) شاهه جهان جو ٻيو سال 1 جمادي الثاني 1308 هه جي شروع ٿئي ٿو، ”بادشاهه نامه“ جي مصنف مٿيون ذڪر ٻئي سال جي آخري مهينن وارن واقعن ۾ ڪيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته مير صاحب جو تبادلو ٺٽي طرف 1039 هه جي شروعات ۾ ٿيو هوندو. شاهه جهان سان بدسلوڪي ڪندڙن جو حشر: ”تحفـة الڪرام“ جو مصنف راوي آهي ته شاهه جهان کيس خاص هدايت ڏيئي ٺٽي موڪليو هو، ته هو اتي پهچي انهن سڀني ملازمن، منصبدارن ۽ زميندارن کي سزائون ڏئي، جن شريف خان گورنر ٺٽي جي چئي لڳي، شاهه جهان سان ٺٽي ۾ اچڻ واري موقعي تي بدسلوڪي ڪئي هئي. چنانچه مير ابوالبقا پهچڻ شرط سڀ کان پهريائين انهن ماڻهن جو صفايو ڪيو، جن ۾ ڪڪرالي جو ڄام به هو. ڌاراج جي راڻي ۽ ميان حمل جت کي هن وڏي مان ۽ عزت سان شاهي دربار ڏانهن اماڻيو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي نيڪ مرد شاهه جهان سان سٺو برتاءُ ڪيو هو، ۽ دربار ۾ پهچڻ سان کين وڏا انعام اڪرام مليا.(1) نڪامڙن ۽ ڪيهرن جو استيصال: ميرڪ يوسف جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي رعيت تمام نيڪ، مسڪين ۽ مرنجا مرنج هئي. زور وارا قبيلا سندن شرافت ۽ نيڪيءَ جو ناجائز فائدو وٺي، هميشـه مٿن حملا ڪندا هئا، عام جام ڌاڙا هڻي، سندن مال، ملڪيت ۽ ڍور ڍڳا ڪاهيو هليا ويندا هئا. ڪيهر ۽ نڪامڙا خاص طرح مٿن ترڪتاز ڪندا هئا. ترخاني دور ۾ به سندن اهي ڪاروايون رهنديون هيون، ليڪن ترخان ٻنهي قومن جي سردارن کي مواجب ڏيئي پنهنجي قبضي ۾ رکندا ٿي آيا، جنهنڪري البت رعيت جو بچاءُ هو. اڪبر جڏهن مسند تي قبضو ڪيو، ان وقت هن گورنرن به ترخانن واري پاليسي اختيار ڪئي، ۽ ٻنهي قومن جي سردارن، ڄام هالي ۽ راڻي عمر، کي وظيفا ڏيئي، هموار رکندا ٿي آيا. جهانگير جي آخري دور ۾ ٻنهي قومن وري خود سري اختيار ڪئي، جنهنڪري ٺٽي جي صوبي ۾ سخت هيجان پيدا ٿي ويو. شاهه جهان مير ابوالبقا کي جڏهن ٺٽي موڪليو، ان وقت کيس خاص هدايت لکي موڪليائين ته ڪيهرن جو وڃڻ سان استيصال (بيخ ڪني) ڪري. چنانـچه مير صاحب پهچڻ شرط ڪيهرن جي سردار ڄام هالي جي پوريءَ طرح سرزنش ڪئي. نڪامڙن لاءِ ڪو خاص حڪم ڪونه هو، جنهنڪري مير ابوالبقا انهيءَ قوم ۽ انهن جي سردار، راڻي عمر، کي هٿ ڪونه لاتو، ليڪن ڪيهرن جو حشر ڏسي، اهي به چپ ٿي ويا، ۽ سندس دور ۾ انهن ڪڏهن به ٺٽي جي راڄ ۽ رعيت کي ڪونه ڏکويو. (1) هالن جي بربادي: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مظفر خان معموريءَ جي دور ۾ هالن جو پرڳڻو يارنهن هزار خرار اَنَ سرڪاري جمع بنديءَ ۾ ڏيندو هو، ۽ منجهانئس ويهه لک دام ڍل اڳڙندي هئي: ليڪن ميرزا حسام الدين مرتضيٰ خان جي ڏينهن ۾ انهيءَ پرڳڻي جي سخت بربادي ٿي، ۽ سميجا انڙ، جن جو مٿي بار بار ذڪر ٿي چڪو آهي، انهن جي لٽ ڦر آبادگار رعيت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، امن و امان جي نه هجڻ سبب، ڪڙمي ڪاري، راڄ ۽ رعيت لڏي پلاڻي، پنهنجا وٿاڻ ڇڏي، ٻين صوبن ۾ هليا ويا هئا، جنهنڪري زمينون ويران ۽ ڳوٺ ڀڙڀانگ لڳا پيا هئا، ۽ آمدنيءَ جو انگ لهي اچي صفر تائين پهتو هو. مرتضيٰ خان تنگ ٿي هڪ دفعو پنهنجي پٽ صمصام الدوله کي سندن سرزنش لاءِ چاڙهي موڪليو، ليڪن اهو به ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو، بلڪ مار کائي موٽي آيو. صمصام الدوله لشڪر وٺي هالن کان اڌ ميل تي ”ٺٺي ڳوٺ“ ۾ اچي منزل انداز ٿيو، ۽ چوڌاري خندق هڻائي، خاربندي (لوڙهو) ڪري ويهي رهيو. هالن جي ٿاڻيدار، موسيٰ خان افغان، کي ڪجهه لشڪر ڏيئي، هن انڙن تي موڪليو. انڙن کي جاسوسن ذريعي سڄي قصي جي خبر پئجي ويئي هئي، جنهنڪري هو پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري، پاڻ لشڪر جي رستي تي لڪي ويهي رهيا هئا. لشڪر جيئن بي خبريءَ ۾ سميجن جي ڳوٺن ۾ پهتو، تيئن سميجن جهنگ مان نڪري اچي لشڪر جي پٺيان گهيرو ڪيو، ۽ سرڪاري سپاهين کي ڏڏري رکيائون. جيڪي سپاهي جان بچائي سگهيا، سي ڀڄي اچي صمصام الدوله جي ڪئمپ ۾ پهتا. يوسف سميجو کيبر پرڳڻي جو ارباب هو. ڪنهن ڳالهه تان سرڪاري شقه دار سان اختلاف ٿيس. ڳوٺ مان نڪري، اچي انڙن جو لشڪر تيار ڪري، کيبر ڳوٺ تي ڏينهن ڏٺي جو حملي آور ٿيو. اهو ڳوٺ هالن کان چئن ڪوهن جي پنڌ تي هو. حاجي محمد شقه دار پنهنجي زال کي ماري پاڻ اچي يوسف جي مقابلي ۾ بيٺو، ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو. ارباب يوسف سميجو جيئن وڻيس تيئن شهر کي برباد ڪري هليو ويو. اهو واقعو به صمصام الدوله جي ويٺي ٿيو. صمصام الدوله ٻيو ته ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو، ليڪن هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي سڀني اربابن کي قيد ڪري، سڌو پيءُ وٽ ٺٽي وٺي آيو. مرتضيٰ خان انهن اربابن تي تمام ڳرا ڏنڊ وڌا، جيڪي هو بروقت ڀري نه سگهيا، ۽ شرعي قبالا لکي سردست پنهنجي جان ڇڏايائون. صمصام الدوله جڏهن ٺٽيءَ مان ڪوچ ڪري ٺٽي ويو، ان وقت سميجن انهيءَ ڳوٺ کي به اچي کيبر ڳوٺ وانگر ويران ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مان جيڪي ماڻهو بچي نڪتا، سي اچي هالن ۾ پناهه گزين ٿيا. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اهو ڳوٺ، جنهن وقت مير ابوالبقا ٺٽي آيو، ان وقت به ويران هو ۽ پوءِ به ڪيترو وقت (1044هه) ويران رهيو خالي جايون، برباد ٿيل ڀاڻ، ڦٽل وٿاڻ ڏسي، حيرت ۽ حسرت وٺيو ٿي ويئي! مير ابوالبقا جنهن وقت ٺٽي پهتو، ان وقت انهيءَ ملڪ جي اها حالت هئي. هالن جي آمدني گهٽجي وڃي نالي ماتر رهي هئي، جن اربابن تي مرتضيٰ خان ڏنڊ وڌا هئا، سي وصول نه ٿي سگهيا هئا، ۽ جڏهن اربابن تي زور پيو ٿي، ته هنن پاڻ ڀرڻ بجاءِ غريب رعيت کان وصول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو، جو رهيو کهيو راڄ به لڏپلاڻ ۾ هو. مير ابوالبقا ٺٽي پهچڻ شرط، انهن افسوسناڪ حالتن جو معائنو ڪيو، ۽ ضروري ڪمن مان فراغت حاصل ڪري، سڀ کان پهريائين انهي علائقي طرف توجهه ڏنو. پهرين لشڪر ڪشيءَ ۾ هن ڪيترن سميجن سردارن کي قتل ڪيو، ۽ وينجهڙي (؟) ڳوٺ ۾ وڏو قلعو ٺهرائي، ان کي پنهنجو مرڪز بڻائي، وڌيڪ معرڪن لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. پنهنجي پٽ مير ضياء الدين يوسف کي فوجي دستو ڏيئي، هن درٻيلي پرڳڻي ڏانهن اماڻيو. جيتوڻيڪ اهو پرڳڻو بکر جي حد جو هو، ليڪن جيئن ته سميجا اتي وڃي لڪا هئا، تنهنڪري ضيا ِّ الدين لاءِ اوڏانهن وڃڻ ضروري ٿيو. درٻيلي جا ڪيترا سميجا قتل ٿيا ۽ ڪيترا سميجا گرفتار ٿيا، جن کي هن حڪيم محمد صالح (1) ڏانهن بکر موڪلي ڏنو. مير ابوالبقا ٻيو دستو پنهنجي وچئين پٽ مير ابوالقاسم کي ڏيئي، هاله ڪنڊيءَ جي سميجن تي موڪليو، جنهن پڻ وڃي ساڻس خوب معرڪا ڪيا، ۽ آخر ايترو کين پريشان ڪيائين، جو هنن مجبور ٿي سيوهڻ جي صوبيدار، سيد ديندار خان، کي وچ ۾ آڻي شفاعت حاصل ڪئي. شير خان افغان: مغل دور ۾، سيويءَ جي ولايت گهڻو ڪري بکر جي صوبيدار جي ماتحت رهندي هئي. جنهن وقت ميرزا حسيني (1038 هه جي آخر يا 1039 هه جي شروع ۾) بکر آيو، ان وقت به گندا واه ۽ سيوي سندس ماتحت هئا. شير خان ترين، جيڪو پشنگ جو رهاڪو هو،(1) انهيءَ زماني ۾ اتان هلي اچي، سيويءَ ۾ گنجابي (گندا واه) تي نازل ٿيو ۽ خوب ڦر ڪرڻ لڳو. سيويءَ جو ڇاڪاڻ ته انتظام قابل اطمينان نه هو، تنهنڪري شاهي دربار مان فرمان پهتو ته بکر جو حاڪم، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي صوبيدارن کان مدد وٺي، سيويءَ جو بچاءُ ڪري. اهو حڪم ان وقت پهتو، جڏهن مير ابوالبقا وينجهڙي ڳوٺ ۾ مرڪز ڪيو ويٺو هو، ۽ چوڌاري سميجن تي ترڪتازن ۾ مشغول هو. حڪم پهچڻ تي، مير ابوالقبا ٽي سؤ سوار ۽ ڏيڍ سو برق انداز ۾ تير نداز وينجهڙي جي قلعي ۾ ڇڏيا، جن سميجن جي سرڪوبيءَ واري مهم جاري رکي، ۽ پاڻ فوراً اچي ٺٽي پهتو. شاهي حڪم جي بجا آوريءَ مير صاحب پنهنجي ڀاءُ کي ڪافي فوج ڏيئي، ديندار خان ڏانهن موڪليو، جتان ديندار خان جي لشڪر کي ساڻ ڪري، سيويءَ جي بچاءَ خاطر بکر ويا. اهي واقعا 1039 هه جي وچ ۽ 1040 هه جي شروع جا آهن. ديندار خان انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ هو. شير خان 1040 هه ۾ اهو حملو سيويءَ تي ڪيو، ۽ ميرزا حسين 1040 هه ۾ بکر ڇڏي، دربار ڏانهن ويو.(1) هالن جي قريب ابڙيجن وارو قلعو: وينجهڙي ڳوٺ واري قلعي کان سواءِ مير صاحب هالن جي قريب ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ ٻيو به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن جي ٺهڻ ۽ ان ۾ قلعيدار مقرر ٿيڻ بعد، سميجن جو گهڻو زور گهٽجي ويو. ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ ملڪي انتظام کي درست ڪرڻ لاءِ بادشاهه اڳيان جيڪي تجويزون پيش ڪيون آهن، انهن مان هڪ اها به تجويز آهي ته سنڌ جي فسادن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ خطري جي وقت بر وقت مقابلي ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ فلاڻن فلاڻن هنڌن تي ٿاڻا قائم هجن ۽ انهن ۾ هيتري فوج مقرر ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾، هو ابڙيجن جي قلعي جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پرڳڻي هاله ڪنڊيءَ ۾، جيڪو نصرپور سرڪار ۾ آهي، فساد هميشـه مٿي جو سور ٿي پوندا آهن، تنهنڪري ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا جيڪو قلعو ٺهرايو آهي، ان ۾ ٻه سئو سوار ۽ هڪ سئو برق انداز مستقل طرح مقرر ڪيا وڃن، تاڪه فسادن کي اڀرڻ جو موقعو نه ملي.(1) شڪار: انهيءَ قلعي جي چؤگرد شڪار به انهيءَ زماني ۾ گهڻو هو- ڦاڙها، تتر ۽ بدڪون بڪثرت هيون. مير صاحب کي به شڪار جو تمام گهڻو شوق هو: چنانچه ميرڪ يوسف لکي ٿو ته هڪ دفعي مير صاحب خسائي شوري جي ڳوٺ تي حملو ڪيو، اتان موٽي اچي سن جي گهيڙ کان درياءُ اُڪري، وينجهڙي جي قلعي ۾ اچي مقيم ٿيو، قلعي جي مرمت به ڪرائيندو رهيو ۽ روزانو شڪار به ڪندو رهيو، چنانچه خريف جي ختم ٿيڻ تائين مير صاحب اهو مشغلو جاري رکيو ۽ بيحد و حساب شڪار ڪيائين. خريف جي ختم ٿيڻ بعد، مير ڪامل کي قلعي ۾ رهائي، پاڻ وري پرڳڻي جوڻيجي ڏانهن هليو ويو.(2) جونا ڳڙهه جي نظامت: مير ابوالبقا ٺٽي جي صوبيداريءَ تي 1041هه تائين رهيو، ۽ ”ماثر الامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1041 هه ۾ يوسف محمد تاشڪنديءَ اچي کانئس چارج ورتي.(3) ”بادشاهه نامه“ جي مصنف لکيو آهي ته 22 شوال 1041هه جو مير عبدالرزاق، ”امير خان صوبيدار ٺٽي“ جي پٽ شاهه جهان جي خذمت ۾ اچي نذرانو پيش ڪيو،(1) جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته مٿين تاريخ تائين مير صاحب ٺٽي جو صوبيدار هو، ۽ ان کان پوءِ هن ساڳئي سال جي ڪنهن مهيني ۾ چارج ڇڏي. يوسف ميرڪ جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب ٺٽي مان بدلي ٿي، سڌو جونا ڳڙهه جي نظامت تي ويو. ميرڪ جونا ڳڙهه وڃڻ جو واقعو پهرئين جلد ۾ ”صوبيدارن جي تربيت“ واري باب (باب ٽيون، فصل ٽيون) ۾ مثال طور شاهه جهان کي مخاطب ٿي پيش ڪيو آهي. صوبيدارن جي تغير ۽ تبديل جي سلسلي ۾ ميرڪ جيڪي مشورا پيش ڪيا آهن، سي نهايت دلچسپ آهن، ۽ انهيءَ دور جي نظام حڪومت تي روشني وجهن ٿا. لکي ٿو: 1: صوبيدار کي صوبي مان بدلي ان وقت ڪجي، جنهن وقت خريف جو فصل سائو ٿي وڃي. نئين صوبيدار کي به سائي فصل ۾ ئي پهچي وڃڻ گهرجي، تاڪه هو بيٺل فصل تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري، ڍلون وغيره وصول ڪري سگهي. 2: خريف جي فصل لهي وڃڻ بعد صوبيدار کي بدلي ڪرڻ ۾، ملڪ، صوبيدار خواه سرڪار جو نقصان آهي ڇاڪاڻ ، ته بدليءَ جي خبر ٻڌڻ بعد پراڻو صوبيدار ايندڙ فصل ڪرائڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه وٺندو، ۽ جنهن وقت نئون صوبيدار چارج وٺندو، ان کي پوري خبر ملڪ جي حالتن، زمين جي پوک، ۽ ڪڙمين ڪارين جي ڪانه هوندي- تنهنڪري هو زراعت جو ڪوبه واڌارو ڪري ڪونه سگهندو. جنهنڪري هڪ طرف سرڪاري خزاني کي نقصان رسندو، ته ٻئي طرف صوبيدار جي آمدني گهٽ ٿيندي، ۽ ٽئين طرف ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اها حالت هڪ صوبي ۾ نه بلڪ ٻنهي صوبن ۾ ٿيندي. 3 بدلي ٿيندڙ صوبيدار جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرئين ڏسڻ گهرجي ته سندس صوبي جي آمدني ڪيتري آهي، سندس پنهنجي جاگير مان ڇا ٿو پيدا ٿئي ۽ سندس لاءِ لشڪر ڪيترو آهي، جنهن جو خرچ صوبيدار جي ذمي تي آهي. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، نئون صوبو ۽ جاگير کيس اهڙي ڏجي، جنهن مان سندس ۽ سندس لشڪر جو خرچ پورو ٿي سگهي، جيئن هو پنهنجي نئين صوبي ۾ دلجمعيءَ سان ڪم ڪري سگهي. جيڪڏهن نئين صوبي ۾ جاگير گهٽ پيداوار واري هجي، ته ان حالت ۾ سندس پراڻي جاگير قائم رکي وڃي، جيئن هو خرچ جو پورائو اتان ڪندو رهي. بطور دليل جي، ميرڪ يوسف ٺٽي مان پنهنجي ڀاءُ جي تبادلي جو واقعو بيان ڪندي، لکيو آهي ته: ”چنانچه اين خانه زاد در تغير صوبه تته احوال برادر ابوالبقا را مشاهده نمود ڪه بطرف جونه گره حڪم شد ڪه برود. قريب هزار و پانصد جوان ڪار آمدني ڪه بڪار خوب شهنشاهي بيايند در تته نوڪر داشت، و احوال گراني و ويرانيِّ ملڪ سورتهه رشينده، پانصد جوان در همين تته از وي جدا شدند، و پانصد جوان قديمي دهه ساله و بيست ساله خود را در علوفه ده بيست و دهه سي زياده ڪرده، دو ماهه پيشگي داده همراه ضيا ِّ الدين يوسف پسر ڪلان خود نموده پيش فرستاد، و خود متعاقب به بدين آمد. چون ضيا ِّ الدين يوسف از جو نه گره بطرف اونه (؟) روانه شد، چهار صد و پنجاه جوان ديگر از و فرار نمودهه، به تته آمدند، و پنجاه جوان ڪه ابا عن جد همراهي ڪرده آمده بودند، از جماع خويشان و مردم حصاري قدم ثبات داشته جدا نه شدند، و لشڪري ڪه همراه برادر موميٰ اليه بود، بسبب آن بيدل شد و محنت زور برسر برادر مذڪور آمد. او بود ڪه هنوز باهفصد هشتد جوان خوب ديگر از برادران و خويشان و مردم قديمي خود، روانه ملڪ سورتهه شد، و اين خانه زاد از موضع رحمان ڪه برڪنارهِّ دشت ڪچ واقع است از او رخصت شده بوطن اختياري خود (سيوهن) آمد. و اگر جاگير هاي قديم او ڪه در ملڪ تته داشت، برقرار مي بودند، و اين خدمت بدو حڪم مي شد، بر وجهه احسن در انصرام آن مي ڪوشيد، چرا ڪه لشڪر قديم از و جدا نمي شد و خرچ اوهم بزيادتي نمي ڪشيد، زيراڪ مردم سپاه بسبب جاگيرهاي قديم ز حاصل خاطرها جمع ميداشتند، و اهل و عيال خود را، در آنجا گذشته باندڪ اضافه از وي راضي شده، خدمتهاي خوب بجا مي آوردند. الحال هم اميد وارم ڪه بعنايت الاهي و به اقبال بي زوال شهنشاهي ڪار خوب ڪند.(1) مٿين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته: (1) مير ابوالبقا ٺٽي ۾ بدلي ٿي جونا ڳڙهه ويو. (2) سندس ذاتي لشڪر ٺٽي ۾ 15 سو کن هو، جن جونا ڳڙهه جي ڏڪار جون خبرون ٻڌي، اوڏانهن وڃڻ کان گـُـس گساءُ ڪئي، حالانڪ اهو لشڪر مير صاحب سان جتي ڪٿي گڏ ويندو هو. (3) ٺٽي جي صوبي ۾ جيڪي سندس جاگيرون (غالباً بدين وغيره) هيون سي پڻ تبديل ڪيون ويون، جنهنڪري لشڪر جو اعتماد ٽٽي پيو. جيڪڏهن اهي جاگيرون برقرار رهن ها، ته لشڪر ائين نه ڀڄي ها، ۽ هنن کي وقت سر تنخواهن ملڻ جي خاطري هجي ها. (4) مير ضيا ِّ الدين يوسف مير صاحب سان اوڏانهن ويو ۽ ميرڪ يوسف واٽ تان ڀاءُ کي اماڻي، موٽي سيوهڻ آيو. (5) لشڪر جي ڀڄي وڃڻ سبب، مير صاحب کي پنهنجي ڀائن، عزيزن قديمي تعلقدارن کان سپاهي وٺي، پنهنجو نئون جٿو تيار ڪرڻو پيو. علائقه بير جي تيولداري: جونا ڳڙهه ۾ مير صاحب ڪيترو وقت رهيو، ان جو اطلاع مير يوسف به ڪونه لکيو آهي. مٿئين اقتباس جي پوئين فقري- ”الحال هم اميد وارم ڪه بعنايت الاهي، و به اقبال بي زوال شهنشاهي، ڪار خوب ڪند“- مان معلوم ٿئي ٿو ته ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي تصنيف وقت (1044 هه)، مير صاحب اڃا جونا ڳڙهه هو. شاهه جهان جي نائين سال (45- 1046 هه)، ”ماثر الامرا“ جي ذريعي، اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ته مير ابوالبقا جي سپرد دولت آباد (دکن) جي علائقي بير جي تيولداري ٿي. ”هنگام معاودت شاهزاده از دولت آباد بدار الخلافه به تيولداري سرڪار بير مضاف صوبهء دکن تعين شده، چندي در ڪمڪيان آن ولايت انتظام داشت.... (1) 1041هه جي آخر کان محرم 1044 هه (”مظهر شاهه جهاني“ جي تصنيف جي وقت) تائين جونا ڳڙهه ۾ مير صاحب جو مقيم هجڻ مٿي بيان ڪيل واقعن مان ثابت آهي. ان کان پوءِ هو ڪيترو وقت اتي رهيو، ان جو پتو ڪونه ٿو پوي، تان جو شاهه جهان جي نائين سال (45- 1046 هه) ۾ بير ۾ ويو، ۽ ان کان پوءِ وري 1051 هه ۾ کيس اسان سيوهڻ ۾ ڏسون ٿا.(1) سيوهڻ جي نظامت: چوڏهين سال شاهه جهانيءَ (1051 هه) ۾ مير صاحب کي سيوهڻ جو ناظم مقرر ڪيو ويو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”از تغير قزاق خان، بضبط الڪائي سيوستان رخصت يافت.(2) ”بادشاهه نامه“ 4 ربيع الاول 1051 هه جي واقعات ۾ لکي ٿو ته: ”امير خان ولد قاسم خان نمڪين، بخلعت و اسپ و خدمت ضبط سيوستان از تغير قزاق خان سر برافراخت... (3) ٺٽي جي دوباره حڪومت: مير ابوالبقا هڪ سال سيوهڻ ۾ مس رهيو، جو وري کيس ٺٽي جو گورنر ڪري اوڏانهن موڪليو ويو. 15 سال شاهه جهاني (1052 هه) ۾ شاد خان جو تبادلو ٿيو- ”از تغير شاد خان، بار دگر بصاحب صوبگيء تته اختصاص گرفت.“ (4) ”شاهه جهان نامه“ انهيءَ تغير جي تاريخ 4 ربيع الاول 1052 هه لکي آهي- ”چهارم ربيع الاول امير خان ولد قاسم خان نمڪين، بمرحمت خلعت و صوبه داري تته از تغير شاد خان، ڪه نظم سيوستان بدو مفوض شد، نوازش يافت...(1) ٺٽي جي جامع مسجد: ٺٽي جي شهرة آفاق، جامع مسجد، مير ابوالبقا پنهنجي هن ٻئي دور ۾، بادشاهه جي حڪم تي، ٺهرائڻ شروع ڪئي. مسجد 1054 هه جو ٺهڻ شروع ٿي، ۽ 1057 هه ۾ ختم ٿي. مير صاحب جي زماني جو ڪتبو اڄ به منجهس موجود آهي- نديد چشم فلڪ مسجدي بدين خوبي، ڪه آمدند ملايڪ براي ديدن فيض، بجستم از خرد و عقل سال تعميرش بديده ڪرداشارت ڪه ’هست معدن فيض‘. 1054 هه ٻيو مسجد جي جڙي راس ٿيڻ جو ڪتبو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته 1057 هه ۾ مسجد مڪمل ٿي- چون ز صاحب قران شاهجهان، يـافـت تـرتـيـب مـسـجد اعـليٰ، هاتفم گفت سا اتماش ‘گشت زيبا چو مسجد اقصيٰ’ 1057 هه اهوئي سال مير صاحب جي انتقال جو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب 1052 هه جو ٺٽي ۾ آيو، ۽ 1054 هه ۾ مسجد ٺهرائڻ شروع ڪيائين، تقريباً 4 سال ڪم هليو، ۽ جنهن سال مسجد مڪمل ٿي ، انهيءَ سال مير صاحب جي مستعار زندگي به تڪميل تي پهتي. محڪمه آثار قديمه وارن پنهنجي رپورٽ (نمبر 8- بمبئي، 1879ع) ۾ لکيو آهي ته مسجد تي 9 لک رپيا خرچ ٿيو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي، ۽ ديواريون پڪين سرن سان نهايت ئي مضبوط مسالو ڏيئي جوڙيون ويون آهن. ڇت ۾ ننڍا وڏا جملي 92 گنبذ آهن، جن مان 3 وڏا ۽ مرڪزي آهن. مسجد جي ديوارين ۽ مرڪزي گنبذن تي ميناڪاري سرن جي جوڙجڪ اهڙيءَ خوش مذاقيءَ سان بيهاري ويئي آهي، جو مسجد جي ڇت باغ و بهار جيان پيئي معلوم ٿئي. آثار قديمه جي ماهرن جو متفقه فيصلو آهي ته انهيءَ قسم جي خوبصورت ٽائيلس ۽ سرن جي جوڙجڪ جو دنيا ۾ اهوئي واحد نمونو آهي. ايران به اهڙي نازڪ ٽائيلسن جو مثال پيش ڪري نه ٿو سگهي. مسجد جو رقبو 170 x 3.5 فوٽ آهي. (1) ”مظهر“ ص. 2/342. (2) ”ماثرالامرا“ ص. 1/137. (3) ”بادشاهه نامه“ ص. 1/287. (1) ”تحفـة الڪرام“ ص. 3/94، مير علي شير مير صاحب جي آمد جو سال 1037 هه لکيو آهي. ازان سواءِ ٺٽي جي نوابن واريءَ فهرست ۾ ميرزا عيسيٰ ثانيءَ کان پوءِ کيس شمار ڪيو اٿائين. حالانڪ مٿين مصنفن جو قول ان جي ابتڙ آهي ۽ بلڪل صحيح آهي. ساڳيءَ طرح مير ابوالبقا جو اچڻ مير شير فقط هڪ دفعو ڄاڻايو آهي، حالانڪ هو ٻه دفعا آيو. اهڙيءَ طرح مصنف کان ڪيئي انهيءَ قسم جون غلطيون ٿيون آهن. (1) ”مظهر“ ص. 2/251. (1) حڪيم محمد صالح، محمد علي بندريءَ سان گڏ، بکر جو عامل هو. 1037 هه ۾ بکر نواب آصف جاه کي جاگير طور مليو، ۽ سندس طرفان محمد علي بيگ اصفهاني، جيڪو پهريائين لاهري بندر جو حاڪم هو ۽ ان ڪري بندريءَ جي نسبت سان مشهور هو، بکر ۾ لاهري بندر مان نائب ٿي آيو. ساڳئي وقت حڪيم محمد صالح به آيو. اڳتي هلي، محمد علي بدانتظاميءَ سبب معزول ٿيو، ۽ ان جي جاءِ تي ميرزا حسيني بن فدائي خان 1039 هه ۾ آيو. حڪيم انهيءَ جي دور ۾ ۽ ان کان پوءِ به ڪيترو وقت بکر ۾ رهيو. 1042هه تائين سندس بکر ۾ قيام معلوم ٿئي ٿو (ضميمه ”تاريخ معصومي“ مؤلف محمد بن زنده علي بيگ). ”ذخيرهِ الخوانين“ جي مصنف هڪ دلچسپ واقعو حڪيم محمد صالح جي سلسلي ۾ لکيو آهي: لکي ٿو ته مصنف پاڻ (شيخ فريد بکري) دولت خان لوڌيءَ جي سرڪار ۾ ملازم هو، جڏهن دولت خان جو زوال آيو، ان وقت شيخ فريد بکري به پنهنجي وطن بکر ۾ اچي مقيم ٿيو ۽ ميرزا حسينيءَ کيس پنهنجي ڪم ڪار ۾ رکيو. چونڪه ڪم نهايت ايمانداريءَ سان ڪندو رهيو، تنهنڪري انتظامي يا مالي معاملن ۾ فرق ظاهر ٿيو، جا ڳالهه حڪيم محمد صالح کي ڪانه وڻي. انهيءَ زماني ۾ شير خان ترين سيويءَ تي حملو ڪيو هو، ۽ حڪيم محمد صالح وجهه وٺي، مانسنگ واقع نويس جي ذريعي، دربار مان رپورٽ لکرائي موڪلي ته شيخ فريد هتي رهي، دولت خان لاءِ، جيڪو ان وقت سرونج ۾ هو، افغانن جو لشڪر گڏ ڪري رهيو آهي، ۽ شير خان سيويءَ تي جيڪو حملو ڪيو آهي سو به انهيءَ منصوبي جي هڪ ڪڙي آهي. دربار مان حڪم پهتو ته شيخ فريد کان معتبر ضامن وٺي، کيس دربار ڏانهن اماڻيو وڃي. ميرزا حسينيءَ جي به بدلي ٿي، جنهن تي ٻيئي گڏجي دربار ڏانهن ويا. اتفاق جي ڳالهه، جو دولت خان (خان جهان لوڌي) برهانپور ۾، هنن جي رسڻ کان اڳ، شهيد ٿي پيو (1040 هه: تاريخ آهي ”آه و ناله از افغان بر آمد“- ”آه“ ۽ ”ناله“ جا عدد ”افغان“ جي عدد مان ڪڍبا ته 1040 هه برآمد ٿيندو)، جنهن شيخ فريد ۽ ميرزا حسيني شاهي عتاب کان بچي ويا. (”ذخيرو“ ص. 502.) (1) شير خان افغان ترين قبيلي جو پٺاڻ ۽ قنڌار ۽ بکر جي درميان پشتڪ (پشنگ) ڳوٺ جو رهواسي هو. شاهه عباس صفويءَ جي دور کان کيس قول حاصل هئي. لٽ ڦر ڪرڻ ۽ قافلا لٽڻ سندس ڪم هو. شاهه عباس جي زندگيءَ تائين ان جو تابعدار رهيو، ان کان پو”، شاهه صفيءَ جي دور ۾، هن ان جي تابعداريءَ کان انڪار ڪيو، ۽ حاضر ٿيڻ کان گسائيندو آيو، تاآنڪ جڏهن حالتون ناسازگار ٿيون، تڏهن بکر ۾ اچي، اُتان جي صوبيدار حسينيءَ (برادر باقر خان نجم ثاني) وٽ پناهه گزين ٿيو. ڪجهه وقت بعد بکر مان نڪري گنجابي ويو، جتي خوب وڃي لٽ ڦر ڪري، اُتان جي رهاڪن جا ٻار ٻچا سڀ بند ڪيائين. انهيءَ وقت بکر مان مغل فوج سندس مقابلي لاءِ رواني ٿي. ايتري ۾ گنج عليءَ، قنڌار جي حاڪم، شاهه صفيءَ جي حڪم تي پشتڪ اچي، شير خان جا ٻار ٻچا گرفتار ڪيا، جنهن بعد مجبور ٿي وري اچي مغلن جي دربار ۾ پناهه ورتائين. شيخ فريد بکري سندس دوست هو- هو سندس جوانمرديءَ، زبان دانيءَ ۽ ڪارڪردگي ءَ جي ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. خان بهادر خدا داد خان مؤلف ”تاريخ لب سنڌ“ انهيءَ شير خان جي اولاد مان هو. (احوال ”ذخيرهِ الخوانين“ ص. 502 ۾ ڏسڻ گهرجي). (1) مظهر ص . 2/ 254 (1) “مظهر“ ص. 2/254. (2) ”مظهر“ ص. 2/371. (3) ”مظهر“ ص. 2/310. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 3/424 ”تحفـةِ الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي ته مير صاحب کان ٺٽي جي چارج مظفر خان معموريءَ ورتي، جيڪا ڳالهه غلط آهي. (1) ”بادشاهه نامه“ ص. 1/424. (1) ”مظهر“ ص. 1/90-92. (1) اسان وٽ هڪ پروانچي (نقل پروانن جي مملوڪه قاضي علي محمد ٺٽوي، نمبر 49) جو حوالو آهي، جيڪو مير صاحب 1048 هه ۾ ٺٽي جي مولانا ابوالقاسم ولد مخدوم عثمان صديقي القريشيءَ کي مدد معاش جي سلسلي ۾ ڏنو. بظاهر ته اهو پروانو ٺٽي جي صوبيداريءَ واري زماني جوهجڻ گهرجي. ممڪن آهي مير صاحب انهيءَ زماني ۾ به ٺٽي ۾ هجي. (2) ”ماثر الامرا“ ص. 1/173. (3) ”بادشاهه نامه“ ص. 2/234. (4) ”ماثرالامرا“ ص. 1/173. (1) ”بادشاهه نامه“ ص. 2/303، ”لب تاريخ“ ۾ سال 1054 هه لکيو ويو آهي، جو غلط آهي. مسجد امير خاني: جامع مسجد جي مغربي طرف کان ٻه سؤ قدم اتر طرف هڪ ٻي مسجد گنبذ نما، ”مسجد امير خاني“ جي نالي، ٺٽي ۾ موجود آهي. ”تحفـة الڪرام“ ۾ آهي ته اها مسجد مير ابوالبقا (1) محلي ڀائي خان ۾، چؤنڪ عبدالغني ۽ چؤنڪ ملڪ امان جي وچ تي ٺهرائي. اتي اصل ۾ هندن جو معبد هو، جنهن کي ڊهرائي مير صاحب مريد قانون گو جي گهر سان متصل هئي.(1) اها مسجد اڄ به شڪسته حال ۾ موجود آهي. چئن ديوارين تي هڪ گنبذ آهي، ۽ اوڀر کان هڪ ننڍو دروازو اٿس، جنهن جي اترئينءَ ۽ اولاهينءَ ڪنڊ تي ٻن پٿرن تي ڪتبا لڳل آهن. اندر جي ويڪر 8 قدم ٿيندي. مسجد جي اندران خواه ٻاهران ڪاشيءَ جو ڪم هو، جيڪو هن وقت ڳري ويو آهي، تعمير سرن ۽ پٿرن جي آهي، دروازي جو چؤڪاٺو ڦـِـڪي پٿر جو آهي. مسجد ۾ هيٺينءَ طرح ڪتبا پٿر جي سرن تي اڪريل آهن: 1، دروازي جي ٻاهران، اتر جي بازوءَ تي- اين مسجدي بهشت نشان را بنا نهاد مهرِ سپهر دولت و اقبال امير خان 2، دروازي جي ٻاهران ڏکڻ واري بازوءَ تي- چون ختم بود درهمه اوصاف فيض و لطف سالي تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان 1040 هه مسجد جي اندران به ديوارين تي هر طرف ڪتبا لڳل آهن، جن مان ڪي ڊهي ويا آهن ۽ ڪي موجود آهن. جنوبي ديوار تي هڪ ڪتبو آهي: همي ڪردم طلب سال بنائش خرد گفته ڪه بيت الله ثاني 1039 هه مشرقي ديوار تي ٽي ڪتبا قرآني آيات جا موجود آهن، شمال طرف ٻه ڪتبا ڳري ويا آهن. محراب جي مٿان جو ڪتبو ديوار مان نڪري پيو آهي، جنهن کي محراب وٽ فرش تي رکيو ويو آهي، ان تي طغرائي خط ۾ ڪلمو طيب اڪريل آهي. مسجد جي حالت هن وقت ازحد زبون آهي، ۽ شايد ٽي چار سال مس هلي.(1) مٿين ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد 1039 هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي، ۽ 1040 هه ۾ ختم ٿي. تعمير جي پڄاڻيءَ جو سال ”ختم“ مان برآمد ڪيو ويو آهي، جيڪو نوادرات مان آهي. مير صاحب ملتان جي نيابت مان تبديل ٿي 1037 هه ۾ پهريون دفعو ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، اها مسجد هـُـن اُن زماني ۾ تعمير ڪرائي. امير آباد: مير صاحب ٺٽي جي پهرئينءَ صوبيداريءَ واري زماني ۾ ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن جو نالو ”امير آباد“ رکيائين. ”تحفة الڪرام“ انهيءَ ڳوٺ ٻڌائڻ جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو ته ”... وجهه آن ڪه سابق بران ڪه هنوز به امارت نرسيده بود، روزي ازان گوشواره گذشته، ميان صحرا جماعت شبان خدمت موخوره ڪرده بودند، راضي شده استفسار حال ايشان نمود. معلوم شد ڪه آن زمين خارج جمع و ويران است، و آن مردم آنجا مويشي را مي چرانند، و اوقاف بعسرت مي گذارند. مڪافات احسان را درين ايام ڪه ناظم تته شده، و ضابطه آن زمين گرديد، زمين مذڪور بنام مردم مقرر ڪرده، گفت تا آباد ڪردند، و دهه بستند. حالا جاي عام نشين پرگنات بتوره و بهرام پور، و درک و پليجا است.“ (1) گويا امير آباد جو شهر مير ”قانع“ جي زماني (متوفي 1203 هه) تائين موجود هو، ۽ بٺوري، بهرام، درڪ ۽ پليجن جي ديهن يا پرڳڻن جي عامل جو صدر مقام هو. محلو امير خاني: جامع مسجد جي اوڀارينءَ ديوار سان متصل، اڄ تائين اميرخاني ساداتن جو محلو موجود آهي، جنهن جي اڄ تائين انهيءَ عظيم الشان خانوادي جا پسمانده رهن ٿا. ڀانئجي ٿو ته ابوالبقا اميرخان، جامع مسجد جي تعمير سان گڏ، ان جي ئي لڳو لڳ پنهنجي قيام لاءِ به جايون جوڙايون، جنهن جو نالو اڳتي هلي يا انهيءَ ئي وقت ”محلو امير خاني“ پيو. ”تحفـة الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ محلي ۾، ترخانن جي دور ۾، ميرزا جانيءَ جي امير، سلطان احمد بيگ، جو اولاد رهندو هو. مير شرفو ۽ مير منون جي نالي هو محلو منسوب هيو، انهن کان پوءِ اتي جي امير خاني محلو آباد ٿيو.(2) بکر ۾ جيڪي سادات رهيا، اهي ”قاسم خاني“ جي نالي سان مشهور ٿيا. ابوالبقا امير خان کان پوءِ انهيءَ شاخ جو نالو جيڪا سندس اولاد مان ٺٽي ۾ رهي، اُها ”امير خاني ساداتن“ جي نسبت سان مشهور ٿي. هن وقت انهيءَ محلي جي به ٺٽي جي ٻين محلن وانگر زبون حالت آهي. وفات: مير صاحب تمام ڊگهي عمر ماڻي. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته سؤ سالن کان به مٿي جو عرصو جيئرو رهيو- ”زياده بر صد سال عمر داشته.....“ (1) سندس سموري زندگي صحتمنديءَ ۾ گذري، جيئن ته ”ذخيرهِ الخوانين“ جو مصنف لکي ٿو: ”در قوت دست، و رجوليت، وشنوائي، و بينائي، فتوري واقع نه شده ....“ (2) جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، مير صاحب پويون دفعو ٺٽي ۾ سال 1052 هه ۾ صوبيدار مقرر ٿي آيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ مير صاحب ٺٽي ۾ ئي رهيو، تان جو پنجن ستن سالن بعد اتي ئي 1057 هه ۾ سندس انتقال ٿيو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”در سال بيستم سن 1057 هه پيمانه حياتش به آسود.“ (3) ”بادشاهه نامه“ سندس وفات جي واقعي کي هن طرح بيان ڪيو آهي: ”هزدهم ربيع الاول (1057 هه مطابق سال دهم دور دوم شاهه جهاني) چون بعرض رسيد ڪه امير خان صوبه دار تته رخت هستي ازين جهان بربست، مغل خان پسر زين خان را ڪه از خانه زادان معتمد لائق ترتيب است، و در دکن بخدمت قلعه داري اودگر مي پرداخت، ناظم آن صوبه گر دانيدند، و با اضافه پانصدي ذات بمنصب سه هزاري ذات و دو هزاري سوار بر نواختند.“ (4) ٻئي هنڌ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: ”امير خان سه هزاري، دو هزار سوار، ماه ربيع الاول سال دهم از دور دوم در تته بگذشت“. (1) 18 تاريخ ربيع الاول 1057 هه تي بادشاهه کي اطلاع پهتو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ربيع الاول جي پهرئين ڏهاڪي ۾ مير صاحب انتقال ڪيو، ۽ ستن اٺن ڏينهن بعد قاصد خبر کڻي دربار ۾ پهتو. آخري آرامگاه: ”ماثرالامرا“ جو بيان آهي، ته مير صاحب پنهنجي والد جي پهلوءَ ۾، پنهنجي خانداني قبرستان ”صفهء صفا“ (ستينءَ جو ٿان روهڙي) ۾ دفن ٿيو، ليڪن ”تحفـتهِ الڪرام“ غلطيءَ وچان لکيو آهي ته سندس مزار مڪليءَ جي پهاڙ تي آهي.(2) مسٽر هينري ڪزنس (Cousins) ”تحفـتهِ الڪرام“ جي سند تي پنهنجي ڪتاب “Antiquities of Sindh” ۾ به ساڳيءَ طرح لکيو آهي: ”نواب خليل جي مقبري کان ٿورو پري اوڀر طرف، هڪ شڪسته حال قبرن جي رانئڪ آهي، محراب جو اڌ حصو ڪري پيو آهي، ليڪن ان هوندي به ان جي خوبصورتي، ۽ ڪاشيءَ جي سرن جو نقش و نگار ڪي قدر موجود آهن- اتي ئي امير خان ابوالبقا جي قبر آهي. مقبري جي تعمير جو سال 1627ع (37- 1038 هه) آهي.“ (3) انهيءَ قبرستان کي اسان پاڻ وڃي ڏٺو آهي، حقيقت ۾ انهيءَ ذخيري ۾ امير ابوالبقا امير خان جي قبر ڪانه آهي، سندس پٽ امير عبدالڪريم خان امير خان جي مزار ۽ ٻين امير خانن جون قبرون آهن، جن جو ذڪر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٿيندو. قبرن تي ڪتبا صاف آهن، خبر نه آهي مير علي شير ۽ ڪزنس کان غلطي ڪيئن ٿي آهي. مسٽر ڪزنس انهيءَ قبرستان جي تعمير جو سال 1627ع ڏنو آهي، جيڪو هجري سال 37- 1038هه جي برابر ٿئي ٿو. اسان کي اهو سال ڪنهن به جاءِ تي ڏسڻ ۾ نه آيو. جيڪڏهن واقعي اهو سال مسٽر ڪزنس ڏٺو آهي، ته پوءِ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته امير ابوالبقا پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ مڪليءَ تي اهو قبرستان ٺهرايو، قرين قياس به اهوئي آهي، ڇاڪاڻ ته مير صاحب جو زياده تر قيام ٺٽي ۾ رهيو، موتي فوتيءَ وقت لاش کي روهڙيءَ واري خانداني قبرستان ۾ پهچائڻ البت ڏکيو هو، تنهنڪري هـُـن مڪليءَ تي زمين جو ٽڪرو هٿ ڪري قبرستان تعمير ڪرايو هوندو. سندس زندگيءَ ۾ جيڪي عزيز قريب فوت ٿيا، سي هـُـن تي دفن ڪرايا هوندا، البت سندس پنهنجو مٽيءَ پنوڙو اتي جاءِ لهي نه سگهيو. ”ماثر الامرا“ جي قول مطابق کيس پنهنجي پيءُ جي پهلوءَ ۾ ”صفهء صفا“ تي جاءِ نصيب ٿي، چنانچه اڄ تائين سندس مزار مرڪزي ٿلهي تي تمام چڱيءَ بلڪ اصلوڪيءَ حالت ۾ موجود آهي، ۽ سيرانديءَ جي طرف کان هڪ وڏي پٿر جي پليٽ تي هي ڪتبو اڪريل اٿس: مصدر خلق امير خان ڪه بسي خـَـلقِ عالم بخـُـلق او آسود تا درين رضاي خداي خود مي بود ڪوس رحلت چو زد ز دار فنا رخت آسودگي بخلد ڪشود سال نقلش بگفت هاتف غيب ’هادي دين امير خان آسود‘- 1057 هه خطاب ۽ منصب: مير صاحب ٽن بادشاهن جو زمانو ڏٺو. اڪبر جي زماني ۾ هن کي ڪهڙو سرڪاري عهدو منصب هو، ان جو تفصيل موجود نه آهي. البت ”ماثرالامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جي جيئري ئي هو پنج صدي منصب تي فائز هو. سندس حقيقي ترقي جهانگير ۽ شاهه جهان جي زماني ۾ ٿي. ٻيئي بادشاهه هميشـه مٿس راضي رهيا. جهانگير جي دور ۾ 15 سوَن جو منصب ۽ 15 سوَن جي ڪمان حاصل ٿيس، شاهه جهان جي زماني ۾ جڏهن انتقال ڪيائين ۽ ان وقت، ”بادشاهه نامه“ جي قول مطابق، ‘سه هزاري ذات ۽ دوهزاري سوارن’ جي درجي تي پهتل هو. اهڙيءَ طرح، وقت بوقت ٻيئي بادشاهه سندس منصبن ۾ اضافا ڪندا رهيا، سڄي زندگي عزت ۽ آبروءَ سان بسر ڪيائين ۽ ڪڏهن به ٻنهي بادشاهن جي نازڪ مزاج تي ملال اچڻ نه ڏنائين: جهانگير کيس ”مير خان“ جو خطاب عنايت ڪيو، ۽ شاهه جهان ان تي ”امير خان“ جو اضافو فرمايو. ”ماثر“ لکي ٿو ته: ”اعليٰ حضرت به افزائش الف بخطابش، يڪ لک رپيه ازو پيشڪش گرفته يا ‘امير خان’ نامي فرمود.“ (1) مٿئين فقري مان مير صاحب جي مالي پوزيشن جي به خبر پوي ٿي: هو انهيءَ حد تائين مالدار ۽ سکيو ستابو هو، جو بادشاهه کي هڪ دفعي سان ئي لک رپيا نقد نذر ۾ پيش ڪيائين. فهم و فراست: مير صاحب جي عقلمنديءَ، فراست ۽ فهم جي سڀني سوانح نگارن تعريف ڪئي آهي. مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ ۾ خاص طرح مير صاحب جي انهن وصفن کي ساراهيو آهي: انهيءَ سلسلي م هڪ دلچسپ واقعو به ڏنو اٿائين، ۽ لکي ٿو، ته هڪ دفعي مير صاحب آئينو ڏسي رهيو هو، ۽ ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ان کي جهڪي سلام ڪيائين، جنهن واقعي جو اطلاع خبر رسان فوراً بادشاهه جي حضور ۾ پهچايو. مير صاحب عمر رسيدو هو، جنهنڪري خبر ڏيندڙ حاشيه آرائي ڪندي اهو به لکيو ته مير صاحب جو هاڻي عقل سلامت نه آهي، تنهنڪري مناسب ٿيندو جيڪڏهن کيس عهدي تان رخصت وٺائي وڃي. مير صاحب کي به اهو اطلاع مليو، جنهن تي هن عرض ڪيو ته ’آءٌ آئيني ۾ پاڻ کي سلام ڪونه ڪري رهيو هوس، بلڪ مون کي جڏهن چهري تي اڇا وار ڏسڻ ّ۾ آيا، تڏهن خوشيءَ مان انهن جي آجيان ڪندي، کين سلام ڪيم‘ ڇاڪاڻ ته: ”غلام در ظل عاطفت و سايه ِّ ترتيب حضرت جهان پناه پير شده.“ (1) بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح مير صاحب پنهنجي عقل ۽ فراست جي ڪري، غرض گوين جي چغليءَ کان بچي ويو. شاعري: مير صاحب جي علم ۽ فضل جي تفصيل کان اسان واقف نه آهيون، البت ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب شعر و سخن جو ڄاڻو هو. ”مقالات الشعرا“ جي مصنف انهيءَ سلسلي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي، ۽ سندس هڪ شعر به نموني طور ڏنو اٿس: ”فلڪ بسوختگان بيشتر همي سوزد، ببين زغال ڪ مخصوص بهر سوختن ست.“ اولاد: مير صاحب جي اولاد جو صحيح تعداد معلوم نه ٿي سگهيو، البت ”ماثرالامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي والد وانگر ڪثيرالاولاد هو. شهزادي دارا شڪوه جي تذڪري، ”سڪينـة الاوليا“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب کي چند نياڻيون به هيون، ۽ حضرت ميان مير جي ڀيڻ، بيبي جمال خاتونءَ (وفات 1057 هه)، جي دعا کان پوءِ کيس مسلسل پنج فرزند ڄاوا، عبارت جا لفظ هي آهن: ”نيز ڪهتي هين ڪه امير خان حاڪم ٺٽه ڪي گهر مين در چند لڙڪيان پيدا هوئين، اس لئـي اس ني بيبي جيو (بيبي جمال خاتون- متوفي 27 ربيع الاول 1057 هه) ڪي خدمت مين حاضر هو ڪر لڙڪـي ڪي لئي التماس ڪي، اور بهت منت سماجت ڪي. بيبي جيو ني فرمايا ڪه اس ڪي ”بعد اب لڙڪـي هي هونگـي، چنانچه آپ ڪي فرمان ڪي برڪت سي متواتر تلـي اوپر پانچ لڙڪي پيدا هوئي (1) تاريخ مير صاحب جي ستن فرزندن جا نالا محفوظ رکيا آهن. معلوم نه آهي ته فقط اهي ست پٽ کيس بيبي صاحبا جي دعا سان ٿيا، يا ڪي ٻيا به. بهرحال، اسان کي سندس ستن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جا حالات ملي سگهيا آهن، جن کي هيٺ بيان ڪيو وڃي ٿو: مير عبدالرزاق: شاهه جهان جي زماني ۾ نو صدي (1) منصبدار هو. 26 سال شاهه جهانيءَ (1063 هه) ۾ وفات ڪيائين. ”مقالات“ جي مصنف جو بيان آهي ته هو ”جامع علوم عقلي و نقلي“ هو. زبان ۾ اٽڪ هيس: ڪي اکر زبان تي اچي اٽڪي پوندا هئس، ۽ پوريءَ مخرج سان ادا ڪري ڪونه سگهندو هو، ليڪن کيس لغت تي ايتري قدرت هئي، جو جڏهن ڪو اکر ادا ڪري نه سگهندو هو ته فورا= ان جو متبادل اهڙي تسلسل ۽ روانيءَ سان آڻيندو هو، جو ٻڌندڙ کي محسوس ئي نه ٿيندو هو. صاحب ”مقالات الشعراء“ لکيو آهي ته: ”قوت در ڪه و حافظه لغت و جامعيت علوم برين قياس توان ڪرد...“ (2) مسٽر ڪزنس زبان جي اٽڪ جو قصو مير ابوالبقا ڏانهن منسوب ڪيو آهي، حالانڪ سندس ماخذ ”تحفـة الڪرام“ آهي، جنهن ۾ صفائيءَ سان اُهو مير عبدالرزاق جي نالي درج آهي. مير عبدالرزاق کي، ”مقالات“ جي تصنيف شاعرن جي ذُمري ۾ داخل ڪندي، سندس هيٺيان شعر نموني طور ڏنا آهن: ”مي فروزد جان ما چون دست سوي مي برد، مي فزايد حال ما چون لب بسوي ني برد. مخفيم در جوهر معنيٰ چو معنيٰ در سخن، ديدن من هر ڪه خواهد ڪو بمعني پي برد. دردمندم قطره خوئي خواهم از زلف ڪجت، خواهش مبروص باشد تا ز افعي قي برد. انهيءَ ساڳئي زمين ۾ سندس ڀاءُ مير ابوالمڪارم ”شهود“ به غزل چيو آهي، جنهن جو مطلع آهي: مست نوش لعل او ڪي دست سوي مي برد، نغمه ساز عشق او ڪي دست سوي ني برد. 22 شوال 1041 هه جي واقعات ۾ ”بادشاهه نامه“ جي مصنف لکيو آهي ته عبدالرزاق بادشاهه جي خذمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ جواهر، هڪ هزار مهرون ۽ ٺٽي جا ٺهيل ڪپڙا بطور نذر جي اچي پيش ڪيائين- ”(22 شوال 1041 هه) عبدالرزاق ولد امير خان صوبيدار تته، سعادت زمين بوس دريافته، لختي جواهر و اقمشه آن ديار و هزار مهر نذر ڪه از قبل پدر اورده بود، از نظر مقدس گذرانيد.“ (1) مير عبدالرزاق جو انتقال 26 سال شاهه جهانيءَ (1062 هه) ۾ ٿيو، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون. سندس مزار ”صفهء صفا“ (ستين جي ٿان) تي، سندس ڏاڏي ابوالقاسم ”نمڪين“ ۽ والد ابوالبقا امير خان جي وچ ۾ آهي. ميرزا جي سيرانديءَ کان پٿر جي وڏي پليٽ تي هي ڪتبو اڪريل آهي: ”عبدالرزاق ڪه روحش قرين باد ز ايزد بهزار آفرين سني و شيعه چو درافتاده ديده تيغ شجاعت ز ميان بر ڪشيد همت عاليش عنان گرم تاخت جام شهادت ز قضا نوش يافت ترڪ ازين عالم فاني گرفت مــلـــڪ بقـــا آل حــســيـنــي گــــرفــت“. 1062 هه مير ابوالبقا 1057 هه ۾ فوت ٿيو، پنجن سالن بعد ميرزا عبدالرزاق به هيءُ جهان ڇڏيو. مٿئين ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته سني شيعن جي ڪنهن فساد ۾ هن وڙهندي شهادت حاصل ڪئي، جنهن لاءِ تاريخ اسان کي ڪوبه اطلاع ڪونه ٿي ڏئي. مير ضياء الدين يوسف: مير ابوالبقا جو هيءُ فرزند، شاهه جهان جي آخري دور ۾، هڪ هزاري منصب تي فائز ٿيو، ۽ ڇهه سئو سوارن جي هڪ ڪمان کيس حاصل ٿي. علاوه ازين ”خان“ جو خطاب مليس. ”تحفـة الڪرام“ لکيو آهي ته سيوهڻ جي فوجداريءَ تي به فائز هو.(1) (1) ”مقالات الشعرا“ ص. /165 ۾ مصنف غلطيءَ کان ان کي مير عبدالڪريم امير خان ڏي منسوب ڪيو آهي. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/95. (1) هن مسجد جي مون 23-24 تاريخ جنوري 1955ع تي زيارت ڪئي ۽ ڪتبا به نقل ڪيا. اهي ڪتبا خان بهادر خدا داد خان پنهنجي ”لـُـب تاريخ سنڌ“ ۾ نقل ڪيا آهن. (1) ”تحفـة الڪرام“ ص. 3/95. (2) ايضاً ص. 3/93. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 1/173. (2) ”ذخيره“ ص. 120. (3) ”ماثر الامرا“ ص. 1/73. (4) ”بادشاهه نامه“ ص. 2/641. (1) ايضاً ص. 2/723. (2) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/95. (3) ”ڪزنس“ ص. 117. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 1/173. (1) ”مقالات“ ص. 13 ۽ ”تحفـ*ِ الڪرام“ ص. 3/95. (1) ”سڪينـهِ الاوليا“ اردو ترجمو ص. 102. بيبي صاحبا جو احوال ”سفينـةِ الاوليا“ ۾ پڙهڻ گهرجي. (1) ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته ”هشت صدي و دو صد سوار“ جو منصب هوس- ص. 2/741. (2) ”مقالات“ ص. 172. (1) ”بادشاهه نامه“ جلد اول، حصه اول، ص. 1/424. (1) ”تحفـتهِ الڪرام“ ص. 3/95. شهزادي اورنگزيب کي جنهن زماني ۾ ملتان جي نظامت مليل هئي، انهيءَ زماني مان مير ضياء الدين يوسف سيوهڻ ۾ موجود هو. ان وقت سنڌ جي جوکين ۽ نومڙين ڪجهه شورش برپا ڪئي هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اورنگزيب ملڪ حسين فوجدار کي مقرر ڪيو. شهزادو ٺٽي جا حالات بيان ڪندي، پنهنجي والد کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته: ”... ستا هاله ولد زميندار ڪڪراه، ڪه برهنمونيِ توفيق ملڪ حسين را ديده بود، درين وقت ڪه بجهت اصلاح حال خود روانه ملتان شد، گاهيه مقهور برادر اوڪه در سرحد ڪچهه بسرمي برد، از روي حسد و اغواي زميندار آنجا جمعيت فراهم ڪرده به پرگنهء مذڪور در آمده، مي خواست ڪه دست اندازي نمايد. بندهاي درگاه والا، خصوصاً پسران امير خان، ضياء الدين يوسف و ابوالمڪارم جمعي از سپاه ڪه ملڪ حسين براي احتياط شهر گذاشته بود، باغرابها و توبخانه بقصد دفع آن مخذول شتافتند، و او تاب نياورده، راه ادبار پيش گرفت. بموميٰ اليه تاڪيد نموده شد ڪه در قلعه مادهء فساد آن مقهور اهتمام تمام بڪار برد...“ (1) مير ضياء الدين پنهنجي والد جي زماني ۾ به سندس دست راست هو، ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي ذريعي ان جي تصديق ٿئي ٿي. مير صاحب جي علم و فضل جي تفصيلي ڪيفيت جيتوڻيڪ معلوم نه ٿي ٿئي، ليڪن قريني ۽ قياس جي ذريعي يقين ٿئي ٿو ته خانداني روايات مطابق سندس ۽ ڪمال ۾ به ڪا ڪوتاهي ڪانه هوندي، سندس ٻيا ڀائر به پنهنجي زماني جا يگانا هئا، تنهنڪري اهڙي ماحول ۾، مير صاحب ڪيئن علم ۽ ادب جي ذوق ۽ شوق کان بيگانو رهيو هوندو. ”مظهر شاهه جهاني“ جي ٻاهرئين ورق تي اسان کي هيٺيون نوٽ مليو آهي، جنهن لاءِ اسان جو خيال آهي ته مصنف جي پنهنجي خط ۾ لکيل آهي، جيڪو پڻ مير ضياء الدين جي علمي ذوق ۽ مرتبي تي قدري روشني وجهي ٿو: هو الفياض قد و قفت علي بيد اڪبر بناء الاخ الڪبير ابي البقا الملقب بامير خان سلمه لله تعاليٰ، بل افضلهم بتحقيق ضياء الدين يوسف في شهور ثانيـه و اربعين و الف من الهجرهِ النبوبه عليه افضل الصلواة ... (باقي حاشـِـيءَ ۾ ڪٽجي ويو آهي.) ضياء الدين جي اولاد جي سلسلي ۾ فقط سندس هڪ نياڻيءَ جو پتو پوي ٿو. البت سندس هڪ ڏوهٽي جا ڪجهه حالات ملن ٿا، جنهن جو نالو مير ابوالوفا هو، ۽ اورنگزيب جي آخري زماني ۾ ”داروغهء جاءِ نماز“ جي عهدي تي فائز هو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته: ”ضميمهء خدمات ديگر داشت و به حدت فهم و دوستي ِّ استعداد روشناس بادشاه قدر شناس بود....“ (1) سندس فهم و فراست، علم ۽ فضل جي تعريف ڪندي، ساڳئي مصنف هيٺيون واقعو لکيو آهي: ”چنانچه روزي عرضداشت بادشاهزاده بهادر شاه بخط رمز از نظر گذشت. چون رمز معلوم نمي شد، بادشاه بياض خاص خود بمير مذڪور حواله نمود ڪه ما در سه رمز واضح نوشته گذاشته ايم، آن را به اين سنجيده استنباط مطلب نمايد. مشار اليه بياوري دقت نظر و سر هت فڪر رموز مستورهء مسطوره به استخراج آورده، مضمون عرضداشت را نوشت گذرانيده و درجهء استحسان يافت ......“ (1 عتيق الله: مير عتيق الله جو نالو فقط ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي ذريعي اسان تائين پهتو. جيتوڻيڪ سندس مزار ”ستين جي ٿان“ تي موجود آهي، تاهم اها خبر ڪانه ٿي پئي ته انهيءَ بزرگ جو امير خاني خاندان سان ڪهڙو سلوڪ آهي. ”مظهر شاهه جاني“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ابوالبقا جو اهو وڏو فرزند هو، ۽ هر هنڌ کيس ”پسر ڪلان“ لکيو ويو آهي. مير ابوالبقا جڏهن 1023 هه ۾ سيوهڻ آيو، ان وقت سميجن جي معرڪن ۾ سڀ کان پهريون عتيق الله جو نالو نظر اچي ٿو. مير صاحب جي خذمتگار، منظور، جنهن کي جهانگير آباد جي قلعي تي مقرر ڪيو ويو هو، سميجن انڙن وڙهي، کيس شڪست ڏني. ان وقت مير ابوالبقا پنهنجي پٽ عتيق الله کي سيوهڻ مان روانو ڪيو، تاڪه سميجن کان وڃي انتقام وٺي: مير عتيق الله وٽ سميجا معافيءَ جا خواستگار ٿي آيا، ليڪن کيس انتظام جو ايترو جوش هو، جو هن کين معافي ڪانه ڏني. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته: ”عتيق الله چون غرور جواني در سر داشت، صلح قبول نڪرد.“(2) نتيجو اهو نڪتو، جو سميجن سان مقابلو ڪيائين، ۽ پاڻ شڪست کائي، جهانگيرآباد ۾ پهچي، قلعي بند ٿيو. آخر مير ابوالبقا پاڻ پهچي، سميجن سان حساب ڪتاب چڪايو. مير ابوالبقا کان پوءِ سيوهڻ تي وري شمشير بيگ آيو. انهيءَ جي دور ۾ خانه بدوش نهمردين از حد زور ورتو. ميرڪ لکي ٿو ته انهن جو نه ڪو گهر هو نه گهاٽ، وس چرو ماڻهو هئا، جتي ساوڪ ٿي، اتي وڃي ويٺا، ۽ اتان مال جو چرڳ بس ٿيو، ته وري ڪنهن ٻئي ٽڪري ۾ ويا. اهڙيءَ طرح، سڄو سال گذاريندا هئا، چوري، ڦرلٽ، ڌاڙو سندن ڌنڌو هو، جنهنڪري منجهانئن سيوهڻ جو سمورو ملڪ خائف هو: ”قوم نهمردي ڪه آنها را جا و مقام معين نمي باشد، هرجا درڪو هسار چراگاه خوب است همان جا ساڪن مي شوند، وچون آن چراگاه چريده شد، جي ديگري ڪه چراگاه بسيار است رفته مي نشينند و مواشي خود را مي چرانند، و زراعت جاي نمي ڪنند، و ڪار و پيشه آنها دزدي و تاخت است.“(1) شمشير بيگ، پنهنجي ڪمزوريءَ سبب، بجاءِ ان جي، جو هنن جي گوشمالي ڪري ۽ کين سيکت ڏئي، الٽو انهيءَ قبيلي سان نرميءَ جو برتاءُ ڪرڻ شروع ڪيو. چنانچه انهيءَ قبيلي جي هڪ چڱي مڙس مريد نهمرديءَ کي بوبڪن جي پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ، ٺٽي، جنهن جي ٻه - ٽي هزار آمدني هئي، جاگير طور ڏيئي ڇڏيو. ميرڪ لکي ٿو ته انهيءَ قسم جي ڪمزوري ۽ انهيءَ قسم جي بدعت سڀ کان پهريائين شمشير بيگ شروع ڪئي- ”و اين اول بدعت درين ملڪ پيدا شد ڪه بمردم متمر دان سرڪش حاڪم از روي زبوني جاگير داد.“ -- اها مروت نه هئي، بلڪ پنهنجي ڪمزوريءَ ۽ بزدليءَ کي لڪائڻ لاءِ شمشير خان اهو طريقو ڪڍيو هو، ليڪن ان جو ڪوبه اثر ڪونه نڪتو. نهمردي اڳي کان اڳرا ٿي ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. شمشير خان جي اها روش ڏسي، سميجن به اڀرڻ شروع ڪيو، ۽ سيوهڻ صوبي ۾ هڪ طرف نهمردين ۽ ٻئي طرف سميجن تاراج کڻي ڪيو. شمشير خان پوءِ ته گهڻائي ساڻن مقابلا ڪيا ۽ مجادلا ڪيا، پر ڏُڌي ڪٿي ٿي ٿڻين پوي. الغرض، کيس سخت ڏکيائيون ٿيون. انهيءَ وچ ۾، پاڻ شاهي حڪم تي، بهادر خان اوزبڪ جي مدد ۾ قنڌار هليو ويو، ۽ پٺيان ملڪ پنهنجي هڪ ملازم، عزيز قنبر خواجه، جي سپرد ڪري ويو. انهيءَ جي انتقال بعد، وري قنڌار مان ئي پنهنجو ٻيو عزيز، خوشم بيگ اتڪه، ڏياري موڪليائين. خوشم بيگ اتڪه پهچڻ سان گهريو ته فسادين جو مقابلو ڪري، کين ختم ڪري. بقول ميرڪ يوسف ”مردي ناڪرده ڪار“ يعني اڻ تجربيڪار هو، تنهنڪري سواءِ ڪنهن خاص بندوبست ۽ سنبت جي، ٿورن ماڻهن کي ساڻ ڪري، سڀ کان اول سميجن ۽ انڙن تي چڙهائي ڪيائين. ۽ سيوهڻ مان نڪري درياءَ جي ڀرتي ڪاڪه (ڪاڪ) ڳوٺ ۾ خار بندي ڪري ويهي رهيو. هڪ ڏينهن اوچتو شام جي نماز جي وقت، سميجن مٿن حملو ڪيو، ڪيترا ماڻهو اوزبڪ جا مارجي ويا: ملا راجو، شمشير خان جو ديوان، به قتل ٿي ويو، ۽ سميجا مال متاع ۽ سوين گهوڙا لٽي ڦري هليا ويا. خوشم بيگ باقي بچيل همراهه گڏ ڪري، ڪاڪه جي قلعي ۾ وڃي، قلعي بند ٿي ويهي رهيو. اندر قلعي ۾ خوشم بيگ، ۽ ٻاهران سميجن جي هڪ وڏي ڪٽڪ کڻي محاصرو ڪيو. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير ابوالبقا جو وڏو پٽ، عتيق الله، انهيءَ زماني ۾ هندستان کان بادشاهه جي حڪم تي سندس لاءِ سـَـرهنِ ۽ گڊن جي شڪار ڪرڻ لاءِ سيوهڻ پهتل هو. سيد بايزيد بخاري ان وقت بکر جو حاڪم هو. شاهي حڪم تي هن به پنهنجي پٽ سيد باقر کي سيوهڻ موڪليو هو ته عتيق الله سان گڏجي بادشاهه لاءِ گڊن جو شڪار ڪري. جنهن ڏينهن مٿي ذڪر ڪيل جنگ لڳي، انهيءَ جي شام جو عتيق الله، سيد باقر ۽ ”مظهر شاهه جهاني“ جو مصنف، ميرڪ يوسف، پنهنجي سپاهين سميت اچي ڪاڪه (ڪاڪ) قلعي ۾، خوشم بيگ وٽ پهتا. اهو نئون لاءُ لشڪر ڏسي، سميجا قلعي جو محاصرو کڻي ڀڄي هليا ويا، ۽ ٻئي ڏينهن تي پنهنجا پريا مڙس موڪلي، معافيءَ جا دستگار ٿيا. خوشم بيگ، ميرڪ يوسف وغيره جي صلاح تي سميجن کي معافي ڏني، اڳئين ڏينهن تي ڦريل مال سڀ هنن واپس ڪيو، ۽ جرمانو پڻ ادا ڪيائون. مٿئين ذڪر مان معلوم ٿئي ٿو ته عتيق الله انهيءَ عرصي ۾، هندستان جي شاهي دربار ۾ وڃي پهتو هو، جتان بادشاهه جي لاءِ خاص طرح شڪار ڪرڻ جي خيال سان سيوهڻ ۾ آيو هو. شڪار جي سلسلي ۾ ميرڪ يوسف سيوهڻ سرڪار جي ٻن ڍنڍن جو خاص طرح ذڪر ڪري ٿو. لکي ٿو ته بوبڪن جي پرڳڻي ۾ ٻه چشما آهن: هڪ ڪائي ٻيو نئنگ. انهن ٻنهي کي دفتر ۾ هڪ موضع ڪري لکيو ويندو آهي. انهن چشمن جي چوڌاري نوحاڻي ٻروچ رهن ٿا، ۽ اُهي ئي اُتي زراعت ڪندا آهن. ٻين رعيتن وانگر هـُـو محصول جاگيردار کي ڪونه ڏين ٿا، بلڪ ان جي عيوض هو مقرر ٿيل تعداد رڍن ۽ ٻڪرين جو ڀرين ٿا. اهو طريقو بختيار بيگ ۽ مير نمڪين جو ڏينهن کان شروع آهي، ۽ شمشير خان جي زماني تائين ائين ئي دستور رهيو. نوحاڻي ٻروچ جاگيردار جي لشڪر ڪشيءَ وقت به مدد ڪندا آهن، ۽ هر چڙهائيءَ ۾ سندن وڏو تعداد گڏجي هلندو آهي. مٿين ٻنهي چشمن جي وچ ۾ هڪ ڪوهه مفاصلو آهي، ۽ سيوهڻ کان اهي ٻيئي چشما ڏهه ڪوهه پري ٿيندا. انهن ڍنڍن جي آسپاس وارن جبلن ۾ سـَـرهـَـنِ ۽ گڊن جو شڪار تمام گهڻو آهي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته سندس ڀائٽيو مير عتيق الله جڏهن بادشاهه لاءِ شڪار ڪرڻ سيوهڻ آيو، تڏهن ان سان گڏجي پاڻ به انهيءَ چشمن واريءَ اراضيءَ ۾ خوب شڪار ڪيو هئائين. ”شڪار رنگ وقوج بر پشتهاي ڪوههاي اين چشمها بسيار است. مؤلف بهمراه مرحوم عتيق الله پسر ڪلان برادر ابوالبقا ڪه حضرت جنت مڪاني براي شڪار رنگ فرستاده بودند، درين ڪوهها شڪار رنگ وقوج بسيار ڪرده.“ (1) مير عتيق الله جي سلسلي ۾ مٿي بيان ڪيل واقعن کان سوا”، ميرڪ يوسف ٻيو ڪجهه ڪونه لکيو آهي. ‘ستين جي ٿان’ تي سندس قبر موجود آهي، جنهن جي ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير عتيق الله جي زندگيءَ جي انتها 1037هه ۾ شهادت سان ٿي. سندس قبر مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جي پهلوءَ ۾ اوڀر کان هڪ ڇڏي ٻي آهي، هيٺيان ڪتبا مزار تي اُڪريل آهن: عتيق الله ميرزا ڪز فراقش محبان را جگر ها چاڪ آمد چو درخيل شهيدان شد خرامان فلڪ را ديدهِّ نمناڪ آمد ز روي درد گفتا سال تاريخ ”عتيق الله شهيدِ پاڪ آمد“- 1037 هه اهو ڪتبو سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين پاسي اُڪريل آهي، ساڳئي پٿر جي ٻاهران هيءُ ڪتبو آهي: يڪتاي روزگار عتيق الله آن جواد ڪاندر جهان جو دنبودش ڪسي عديل نگذاشت آسمان..... ازانڪه بود مشتاق ..... او فردوس سلسبيل سال شهادتش چوشتم بصفحه بر از غم بريخت آب ز چشم چو رود نيل لا اِلــٰـه الا الله محمد رسول الله پيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي، جنهن مان شهادت جي تاريخ معلوم ٿئي ٿي: بتاريخ روز پنج شنبه چهارم شهر رجب المرجب سنه 1037هه بدرجه شهادت رسيد. انهيءَ سال ۾ سندس والد مير ابوالبقا، يمين الدوله طرفان، ملتان ۾ نائب هو. شاهه جهان انهيءَ واقعي کان 25 ڏينهن کن اڳ، 8 جمادي الثانيءَ جو، تخت نشين هو. ڀانئجي ٿو ته مير عتيق الله سميجن جي ڪنهن لڙائيءَ ۾ سنڌ اندر شهيد ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهو پورو دور سنڌ جي گورنرن ۽ مغلن جي اميرن جو سنڌ جي قبائلي آميزشن کي منهن ڏيندي گذريو ٿي. شمس الدين خان: شمس الدين جو نالو مير علي شير قانع، لکيو آهي، ان جو احوال ڪنهن به تاريخ ۾ نظر ڪونه آيو. ابوالقاسم: ”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو ته (ص 235) هيءُ به ابوالبقا امير خان جو فرزند هو. ڀانئجي ٿو ته هيءُ ڏاڏي جي وفات کان پوءِ ڄائو، جنهنڪري مٿس ان جو نالو رکيو ويو. هن جي وفات سال 1045 هه ۾ ٿي، سندس قبرستان جي قبر ‘ستين جي ٿان’ ۾ مرڪزي ٿلهي تي آهي، ۽ مٿس هيءُ ڪتبو آهي: (1) لا الــٰـه الا الله محمد رسول الله فغان از گردش گردون بد عهد دريغان زين جهان عمر فرما ڪه از باد اهل نا گاه بشڪست بباغستان جان سروِ دل آرا گل و گلزار اقبال و جواني ابوالقاسم فروغ بخت والا سزد گر در فراق او بگريد بجاي آب خون چشم احبا چو دلها داغ شد از فرقت او نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“- 1045 هه نياڻي: مير ابوالبقا جي هڪ نياڻيءَ جو به ذڪر تاريخ ۾ آيو آهي، جنهن جو عقد شهزادي مراد بخش سان 1066 هه ۾ ٿيو، ليڪن والد جي وفات (1057هه) کان 9 سال پوءِ. شهزادي جي پهرئين شادي شاهنواز خان (1) صفويءَ جي نياڻيءَ سان ٿي هئي، ليڪن شهزادي کي ان مان اولاد ڪونه ٿيو، جنهنڪري بقول ”ماثر الامرا“ .... ”اعليٰ حضرت در سال سيم (1066 هه) آن غفيفه (مير صاحب جي نياڻي) را ڪه شائستگي ازدواج شاهزاده داشت، يڪ لک رپيه از جواهر و ديگر اشيا بطريقه ِّ جهاز عنايت فرموده، به احمد آباد فرستاد، ڪه در عقد نڪاح شاهزاده ڪه دران وقـت صـاحب صوبه آن ولايت بود، در آند.“(1) امير عبدالڪريم ۽ مير ابوالمڪارم: امير عبدالڪريم پنهنجي ڏاڏي ۽ والد وانگر، پنهنجي دور جو نامور امير ٿيو، ان جو ذڪر هن کان پوءِ سان جدا باب ۾ ڪنداسين. اهڙيءَ طرح مير ابوالمڪارم ”شهود“ جو حال به علحدي باب ۾ بيان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هو بزرگ به علم ۽ شعر سخن ۾ پنهنجي زماني جو يگانو هو. امير خاني سادات: مير ابوالقاسم جو اولاد، جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون، کانئس پوءِ، ”قاسم خاني ساداتن“ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس ڏهٽاڻ بکر ۾ مقيم رهيا. جڏهن امير ابوالبقا امير خان جي جدا گاڻي شخصيت قائم ٿي، ۽ ٺٽي ۾ بودو باش اختيار ڪئي ويئي، ان کان پوءِ سندس اولاد ”امير خاني ساداتن“ جي نسبت سان مشهور ٿيو، چنانچه جامع مسجد جي لڳو لڳ اڄ تائين سندس نالي تي ”امير خاني محلو“ موجود آهي. بکر وارا ”قاسم خاني“ گهڻو زمانو ٿيو جو ختم ٿي ويا، ٺٽي جي ”امير خانين“ جون به فقط چند نشانيون موجود آهن، جن جي متعلق جدا نوٽ ڪتاب جي آخر ۾ ايندو. هڪ دستاويز: خوش قسمتيءَ سان، اسان کي مير ابوالبقا امير خان جو هڪ پروانو مليو آهي، جيڪو سندس مـُـهر سان مزين آهي- پروانو 14 شعبان 1054 هه جو جاري ڪيل آهي، جنهن وقت مير صاحب ٺٽي جو گورنر هو.(1) حيدرآباد سنڌ ۾، شاهه محمد مڪئي جي درگاهه مشهور آهي. درگاهه جي متولين جي وچ ۾ انهيءَ زماني ۾ توليت، وظيفن، روزينن ۽ ٻين لوازمن تي تڪرار ٿيو هو، جنهن جي سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ صلح آڻڻ لاءِ مير صاحب هي پروانو چاڪر هالي جي متصدن ڏانهن جاري فرمايو: هن دستاويز مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مغل دور ۾ حيدرآباد جو تعلق چاڪر هالي جي پرڳڻي سان هو. دستاويز جي تصوير شامل آهي، جنهن مان سمورو مطلب معلوم ڪري سگهجي ٿو. مير صاحب جي سجع مـُـهر ۾هن طرح اڪريل آهي: ابوالبقا شده از لطف شاه ”بنده نواز“ (2) ز ”مير خان“ بخطاب ”امير خان“ ممتاز ------------------ (1) ”رقعات عالمگيري“، نجيب اشرف، ص. 1/3. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 1/183. (1 ”ماثر الامرا“ ص. 1/310. (2) ”مظهر“ 2/313. (1) ”مظهر“ ص. 325. (1) ”مظهر“ ص. 2/384. (1) شهزادي جو نالو ميرزا بديع الزمان هو، ‘شاهنواز خان’ خطاب هوس. ميرزا رستم صفوي، جيڪو ميرزا غازيءَ کان پوءِ ٺٽي جو گورنر ٿيو، سندس والد هو. ميرزا شاهنواز خان جي ٻي نياڻي دلرس بانو اورنگزيب جي نڪاح ۾ (1046 هه) آئي. (1) ”ماثرالامرا“ ص. 1/174. (1) اهو دستاويز برادر مڪرم ڊاڪٽر نبي بخش جي معيت ۾، مون 4 جنوري 1955ع جو، درگاهه شاهه مڪئي جي موجوده متوليءَ وٽ ڏٺو. جناب ڊاڪٽر صاحب مهرباني ڪري منهنجي خواهش تي ان جو فوٽو ڪڍرائي مون ڏي موڪليو،جيڪو شڪريي سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو (2) آخري لفظ مهر ۾ ظاهر نه آهي: ”بنده نواز“، ”شاهه شاهه جهان“، يا ”بادشاهه جهان“ ٿي سگهي ٿو، ليڪن زياده موزون ”بنده نواز“ آهي. ميرڪ يوسف مير نمڪين جو غالباً ٻيون نمبر پٽ ۽ سنڌ جو بي مثل مؤرخ، جنهن، تاريخ نويسيءَ جي رنگ ڍنگ ۾، سنڌ اندر سڀ کان پهريون انقلاب آڻي، تاريخ کي بادشاهي قصن ۽ داستانن جي تاڃي پيٽي مان آجو ڪري، سنڌ جي عوامي ۽ ملڪي واقعن ۽ حالتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو، سو ميرڪ يوسف هو. اتفاق سان، سندس تاريخ ”مظهر شاهه جهاني“ مون کي ملي ويئي، جنهن جي ذريعي انهيءَ سنڌ جي گمنام مؤرخ سان چار چشمي ٿي، ۽ معلوم ٿيو ته مير ابوالقاسم ”نمڪين“ کي ميرڪ يوسف جهڙو فرزند ارجمند به هو، جنهن جي دل مغل گورنرن جي سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن تي جلي اٿي، ۽ هـُـن صحيح واقعات شاهه جهان جي گوش گذار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ”مظهر شاهه جهاني“ رکي، تاريخ نويسيءَ لاءِ هـُـن هڪ صحيح مثال پيش ڪيو. سيد صاحب جي سلسلي ۾، تاريخون ۽ تذڪرا ڀانئجي ٿو ته ان ڪري خاموش آهن، جو هـُـن زياده تر وقت سنڌ ۾ گذاريو- پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر ڪنهن به هندستاني صوبي جو حاڪم يا نائب ڪونه ٿيو، جنهنڪري مغليه دور جي تاريخن ۾ تذڪرن ۽ سندس ذڪر اچي ڪونه سگهيو. اهڙيءَ طرح، سندس تاريخ به مشهور ٿي ڪانه سگهي، ۽ نه ان جا ڪي ٻيا نقل ئي ٿيا، جنهن جي ذريعي سنڌ کان ٻاهر سندس تعارف ٿئي يا شناسائي پيدا ٿئي. جيڪڏهن ”مظهر شاهه جهاني“ جا نقل ٿين ها، ته ضرور ان جو ڪو ٻيو به نسخو ڪنهن نه ڪنهن ڪتبخاني ۾ موجود هجي ها.(1) اتفاق ۽ خوش قسمتي آهي، جو اهو ئي واحد نسخو، جيڪو مير صاحب مسودي تان مبيضو ڪيو يا ڪرايو، سو صدين گذرڻ بعد به محفوظ ملي ويو، جنهن ڪري ميرڪ يوسف به هڪ قابل قدر مؤرخ جي حيثيت سان دنيا اندر زندهه رهجي ويو. سندس سوانح ۽ مشغولين تي سندس تاريخ ۾ ئي ٿورا ٿورا احوال ۽ اشارا ملن ٿا، جن کي ترتيب ڏيئي، اسان هيٺ سندس زندگيءَ جو هڪ خاص خاڪو تيار ڪريون ٿا. باجور: ميرڪ يوسف پنهنجي سلسلي ۾ سڀ کان پهريون اطلاع باجور ۾ هجڻ جو ڏئي ٿو: لکي ٿو ته 1016 هه ۾، سندس والد جڏهن باجور جو قلعيدار هو، ان وقت هو به ساڻس گڏ هو، ۽ ساڳئي سال ۾ جڏهن سردار خان جي تبديليءَ بعد سيوهڻ سندس والد جي حوالي ٿيو، ان وقت پيءُ کان الڳ انتظام رکڻ لاءِ پاڻ باجور کان سيوهڻ اچي پهتو.(1) انهيءَ اطلاع مان اسان جو قياس آهي، ته ميرڪ يوسف گهڻو ڪري پيءُ سان گڏ رهندو هو. خسروءَ جي بغاوت وقت، جڏهن مير نمڪين گجرات خورد (پنجاب) ۾ هو، ان وقت ساڻس گڏ مختلف تاريخن جو بيان آهي ته پٽ به هئا، اتان هو جلال آباد ويو، جتان پوءِ بدلي ٿي باجور ۾ قلعيدار ٿي آيو. انهيءَ سموري دور ۾ ڀانئجي ٿو ته ميرڪ ساڻس گڏ هو، ۽ اتان ئي رمضان 1016 هه ۾ سيوهڻ روانو ٿيو. منصب، ۽ سيوهڻ جو قيام: ميرڪ يوسف کي سرڪاري منصب به مليل هو. جنهن جو هن هڪ هنڌ پاڻ ذڪر ڪيو آهي. 1017 هه ۾ مير نمڪين سيوهڻ جي نيابت پنهنجي وڏي پٽ، مير ابوالبقا، کي ڏيئي، پاڻ ميرزا غازيءَ سان گڏ قنڌار هليو ويو، جتان 1018هه (يا شروع 1019 هه) ۾ موٽندي، واٽ تي فوت ٿيو. جهانگير انهيءَ اطلاع پهچڻ تي سيوهڻ جي جاگير شمشير بيگ اوزبڪ کي ڏني، ۽ مير ابوالبقا کي ساڻس شريڪ ڪيو. ميرڪ يوسف اهو سال ڏيڍ سيوهڻ م بسر ڪيو، ۽ شمشير بيگ سان شريڪ ٿي سيوهڻ ۾ رهڻ جڏهن مير ابوالبقا قبول نه ڪيو ۽ پنهنجو قبيلو ساڻ ڪري دربار ڏانهن هليو ويو، ان وقت ميرڪ لکي ٿو ته هـُـن پاڻ به پنهنجو منصب ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ بلڪل ٿوريءَ مدد معاش تي اڪتفا ڪري مستقل طرح سيوهڻ ۾ رهي پيو، گويا هڪ طرح پيءُ جي وفات بعد گوشه نشيني اختيار ڪرڻ پسند ڪيائين-- ”و اين خانه زاد راقم حروف ازان روز ترڪ منصب نموده، بـحـّزوي مدد معاشق قناعت ڪرده، در سهوان منزوي گشت“. (1) کيس منصب ڪهڙو هو، ڪيتري تنخواه هيس، ۽ ”جزوي مدد معاش“ ڇا ورتائين، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن ڪوبه اشارو ڪونه ڪيو اٿس. شمشير بيگ 1019 هه ۾ سيوهڻ آيو، ۽ ڪم و بيش ٽي چار سال سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ رهيو. جڏهن ٺٽي جي گورنر، تاج خان، انتقال ڪيو، ان وقت شمشير بيگ سيوهڻ مان ٺٽي ويو. ۽ مير ابوالبقا جنهن کي انهيءَ عرصي ۾ اوٻاوڙي، گنجابي، ۽ رپڙيءَ جو جاگيردار مقرر ڪيو ويو هو، تنهن کي بدلي ڪري، ميرزا بيگ جي شرڪت ۾ سيوهڻ موٽائي آندو ويو. اِهي واقعات 1019هه کان 1023 هه تائين جا آهن. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ميرڪ يوسف اهو سمورو عرصو سيوهڻ ۾ هو. شمشير خان سان دوستي: شمشير بيگ سان جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ مير ابوالبقا گڏ رهي نه سگهيو، ليڪن ميرڪ يوسف نه فقط سيوهڻ ۾ رهيو، بلڪ شمشير بيگ سان سندس مراسم بلڪ دوستيءَ جو ناتو قائم ٿي ويو جنهن جو هن بار بار اظهار ڪيو آهي، ۽ سيوهڻ اندر سندس پيدا ڪيل انتظام جي پڻ جدا جدا نموني ۾ تعريف ڪئي اٿائين. هڪ جاءِ تي چوي ٿو: ”شمشير خان اوزبڪ نيز اين ملڪ (سهوان) را بغايت آباد ڪرده، لشڪر خوب مستعد ساخت - چنانچه قريب هفصد جوان اوزبڪ ازان قسم داشت ڪه آزان جمله قريب صد ڪس جيغه مرصع بر سر مي نهادند، و به ڪمر خنجر و شمشير طلا مي بستند، و زين نقره در زير ران مي ڪردند، و هر يڪ هفت و هشت اسپ عراقي و ترڪي در طويله خود داشت، و باقي اڪثر دو اسپ عراقي و ترڪي بوده، شمشيرها بمشت نقره مي بستند، و مي گز رانيدند.“ (2) شمشير خان ۽ سندس لشڪر جي مٿينءَ تعريف مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته ميرڪ يوسف جا جذبات، جيڪي آئنده هلي احمد بيگ جي ڪيل مظالمن تي مشتمل ٿيا، سي شمشير خان جي سلسلي ۾ ڪيتريقدر نه ٿڌا ۽ دوستاڻا هئا. ڪيترن جاين تي هن ساڻس دوستيءَ جي به دعوا ڪئي آهي. معلوم ٿئي ٿو ته انهن ئي مراسمن ۽ يگانگت سبب ميرڪ سندس مشيرڪار هو، ۽ وقت بوقت پيدا ٿيندڙ مسئلن متعلق کيس مشورا ڏيندو هو، جيڪي ڪڏهن به شمشير خان رد نه ڪيا، ڇاڪاڻ ته سيوهڻ ميرڪ جو ملڪ هو- هـُـو ماڻهن مان واقف هو، چڱن مٺن جي ڄاڻ سڃاڻ هئس، قومن ۽ قبيلن جي عادتن، خوبين ۽ خصلتن جو چڱيءَ پر ڄاڻو هو، جنهنڪري سندس راءِ هميشـه معقول، مناسب ۽ خير انديشيءَ واري هوندي هئي. سميجن انڙن تي چڙهائي: ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته مظفر خان معموريءَ جڏهن ٺٽي جي حڪومت جي چارج ورتي، ۽ مير ابوالبقا امير خان کي سندس ماتحت ٺٽي جي صوبي ۾ جاگير ملي، ان وقت ٺٽي مان بدلي ٿي شمشير خان ٻيو دفعو (1023 هه ڌاري) اچي سيوهڻ جي حڪومت سنڀالي. ميرڪ يوسف سيوهڻ ۾ موجود هو. مير ابوالبقا جي وڃڻ ڪري، سميجن وري اچي زور ورتو، جنهن جا ميرڪ ٻه مثال ڏنا آهن، جن مان سميجن جي امن سوز حرڪتن جو اندازو ٿئي ٿو: ”درين مرتبه ڪه شمشير خان به سهوان آمد، مردم سميجه اونر سرڪشي ڪردن گرفتند، و چند مرتبه مردم سوداگران را براه خشڪي و تري تاراج نمودند.“ (1) ... مثال ڏيندي لکي ٿو ته هڪ دفعي ڪي سوداگر هڪ هزار اُٺن جو وڳ ڪاهي، ٺٽي کان بکر ڏانهن ٿي ويا. جڏهن هالن وٽ آيا، تڏهن انهن جي گهيڙ کان اُٺن جو درياءُ اُڪري پار وڃڻ مشڪل ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته اهو گهيڙ بيحد ڏکيو ۽ اڻانگو هو. تنهنڪري سوداگرن سميجن کان قول قرار ۽ ساک سـُـنهن وٺي، کين حفاظت لاءِ ساڻ ڪري اهو رستو ورتو، جيڪو سميجن جي ڳوٺن مان ٿي ويو. سوداگرن کي سميجن جي سنهن ساک تي اعتماد هو، ليڪن جڏهن هـُـو پنهنجي ڳوٺن ۾ پهتا، ان وقت هن طوطا چشميءَ کان ڪم وٺي، سندن سمورو قافلو لـُـٽي، اُٺ کسي، کين خالي هٿين پٺتي موٽائي ڪڍيو. ٻئي دفعي، ٺٽي جو هڪ سوداگر قيمتي ڪپڙن جي ٻيڙي ڀرايو ٺٽي آيو ٿي. جڏهن ٻيڙي سميجن جي حد ۾ پهتي، ان وقت هنن نه فقط اها ٻيڙي لٽي، بلڪ غريب سوداگر کي به ماري ڇڏيائون. شمشير بيگ پوئين واقعي کي سخت محسوس ڪيو. هـُـن ڪوشش ڪري ڪجهه مال هٿ ڪري، سوداگر جي وارثن کي ڏنو، ۽ باقي گم ٿيل سامان جي رقم پنهنجي جيب خاص مان کين ڀري ڏني. اهي واقعا ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪيترا واقعا سميجن جي هٿان ٿيا، جنهنڪري شمشير خان سميجن کي زبون ۽ برباد ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري، سيوهڻ مان سميجن جي ڳوٺن ڏانهن نڪتو. ويرائون (؟) جي ڳوٺ وٽ جڏهن شمشير خان اچي نڪتو. لکي ٿو ته: ”اين خانه زاد راقم حروف دران وقت پيش شمشير خان بنا بر دوستي و حاضر بود.“ (1) انهيءَ ڳوٺ جي چوڌاري سميجن جي آبادي هئي. شمشير خان جو خيال هو ته جن سميجن ٻيڙي لٽي آهي، سڀ کان پهرئين انهن تي چڙهائي ڪجي. ميرڪ انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي. سميجا سڀ هڪجهڙا باغي، امن سوز ۽ خوني هئا، تنهنڪري سندس خيال هو ته اتان ئي بسم الله ڪجي. ٻيڙي ڦريندڙن جو ڳوٺ اتان 60 - 70 ڪوهه پري هو. اُتي پهچڻ بعد جيڪڏهن اهي گهربل ماڻهو هٿ نه آيا ته سموري محنت ۽ تڪليف ئي اڪارت ويندي. تنهنڪري سميجن سڀني کي هڪجهڙو ڏوهي سمجهي، سندن صفائي، ميرڪ جو خيال هو ته ويرائون کان ئي شروع ڪجي. ”(راقم حروف) باو (شمشير خان) گفت ڪه اين چنين وقت نخواهي يافت، اشارت بڪن ڪه اين موضع را بتازند از برائي نڪه بواسطه ي سر سميجه ڪه پنجاه شصت ڪروه راه يلغر نمايند، و آن هم در معرض شڪ بدست آيد يا نه، اين جا آن قسم سرها دوسه هزار خواهند بود.“ ميرڪ لکي ٿو ته سيوهڻ جا چند زميندار جيڪي شمشير خان سان گڏ هئا، تن جو تعلق اندر خاني سميجن سان هو، جنهنڪري انهن کي سندس راءِ ڪانه وڻي، ۽ دل ۾ ڪاوڙجي پيا، ليڪن ڪڇي ڪونه سگهيا. شمشير خان جڏهن سيوهڻ کان نڪتو ٿي، ان وقت دني پسا(؟) سميجن جو سردار ۽ طيب نالي ٻيو به سميجن جو سردار، ديريجن ۽ مناهجن طرفان، اچي پيش پيا هئا، جن کان آئنده جا قول قرار وٺي، شمشير خان کين معافي ڏيئي ڇڏي هئي. انهيءَ ڪري مناهجن ۽ دريجن جا سميجا پنهنجا ڳوٺ ڇڏي اچي ويرائون ۾ مقيم ٿيا هئا. شمشير خان کي انهيءَ واعدي جو خيال هو، ۽ هن ويرائون تي حملو ڪرڻ نه ٿي گهريو. ميرڪ لکي ٿو ته سميجن جي اربابن بار بار موقعي جي نزاڪت ڏسي، قول قرار ڏنا ٿي، ليڪن وقت گذرڻ بعد هنن واعدا ڪونه ٿي پاڙيا- جڏهن به کين موقعو مليو ٿي ته هنن عام رعيت کي مارڻ ۽ لٽڻ ۾ڪسر ڪانه ٿي ڇڏي. شمشير خان پنهنجي فوج ميرڪ جي حوالي ڪئي، جنهن سڀ کان پهريون ويرائون تي حملو ڪرايو. انهيءَ حملي ۾ هڪ هزار سميجا قتل ٿيا ۽ ست سئو گرفتار ٿيا، ۽ ٻيو به اڪيچار مال هٿ آيو، جيڪو لشڪر ۾ تقسيم ڪيو ويو: طيب ۽ دني، ٻيئي ارباب پڻ انهيءَ معرڪي ۾مارجي ويا. ٻئي ڏينهن صبح جو انهيءَ هنڌان ڪوچ ڪري، شمشير خان قلعي ‘ونـجهڙي’(؟) ۾ اچي مقيم ٿيو- قلعي جي مرمت به شروع ڪرايائين ۽ روزانو سوارن جو دستو سميجن جي ڳوٺن تي به موڪليندو رهيو، جيڪو موٽندي پنج ڇهه سـِـسيون سميجن جون کنيو ايندو هو. هوسڙا ملاح جيڪي سميجن جي چئي تي سندن لاءِ درياءَ ۾ لٽ مار ڪندا هئا، تن مان پڻ سئو ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سڀني کي درياءَ جي پرينءَ ڀر لاکاٽ جي ڳوٺ ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو.(1) سميجا جيتوڻيڪ زبون ٿي چڪا هئا، ليڪن ميرڪ کي جيئن ته انهيءَ قوم جي ڪرتوتن جو تلخ تجربو هو، تنهنڪري سندس مرضي هئي ته شمشير خان اڃا ڪي ڏينهن قلعي ويجهڙي ۾ گذاري، ليڪن شمشير خان هفتو کن رهي ۽ سميجن جون زمينون ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، ونجهڙي مان ڪوچ ڪري، لاکاٽ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. شمشير خان لاکاٽ جي قلعي جي مرمت ڪرائي، اتي پڻ هڪ هفتو رهيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ سميجن ڪوشش ڪئي ته قيدين جي تاوان ۾ هڪ هزار اٺ ڏيئي، کين آجو ڪرائين، ليڪن شمشير خان قبول نه ڪيو. آخر هنن سيوهڻ جي زميندارن کي وچ ۾ آندو، جنهنڪري مجبور ٿي قيدين کي شمشير خان آزاد ڪيو. ميرڪ لکي ٿو ته شمشير خان: ”مرد ساده خدا ترس بود، رحم بردلش مستولي آمد، روز جمعه بود ڪه تمام بندي سميجه بخشيد، و ازان جا عبور ڪرده بسهوان آمد.“ (2) چانڊين تي چڙهائي: ٻئي دفعي جو ذڪر ڪندي، ميرڪ لکي ٿو ته پرڳڻي ڪاهان، باغبان ۽ اڪبرآباد جي رعيت کي چانڊين ايترو ڦريو لٽيو ۽ ايترا سندن خون ڪيا، جو هو مجبور ٿي، شمشير خان وٽ دانهن کڻي آيا- ”رعيت اين پر گنجات از دست آن بد بختان پيش شمشيرخان مستغاثي شدند.“ شمشير خان رعيت جي ابتڙ حالت ڏسي، چانڊين تي چڙهائي ڪئي. ميرڪ لکي ٿو، ته دوستيءَ سبب ان موقعي تي به پاڻ وٽس موجود هو- ”اين خانه زاد درگاه راقم حروف، درين دفعه نيز بوجهه دوستي همراه مشار اليه بود.“ (ميرڪ يوسف جيئن ته ڪتاب شاهه جهان کي مخاطب ٿي لکيو آهي، تنهنڪري جتي پنهنجو نالو آڻي ٿو، اُتي بادشاهه کي مخاطب سمجهي، پاڻ کي ”اين خانه زاد درگاه“ لکي ٿو.) بهرحال، ميرڪ يوسف کي چانڊين مٿان يڪدم حملو ڪرڻ مناسب ۽ موزون نظر نه آيو. هن شمشير خان کي صلاح ڏني ته پهريائين انهيءَ خانه بدوش ۽ آواره گرد قبيلي کي جاسوس جي ذريعي ٿانيڪو ڪجي، ۽ ان کان پوءِ يلغار ڪري مٿن اوچتو هلي پئجي، ٻيءَ حالت ۾ ممڪن بلڪ يقين آهي ته حملي جو هاواڻو ٻڌي، هـُـو ٽڙي پکڙي منتشر ٿي هيڏي هوڏي هليا ويندا، جنهنڪري سموري تڪليف بي سود ثابت ٿيندي. ميرڪ لکي ٿو ته شمشير خان ايتريقدر غصي ۾ هو،جو هو ترسي نه سگهيو ۽ يڪدم ڪاهي هليو. نتيجو اهوئي نڪتو جنهن جو ميرڪ کي خطرو هو- لشڪر جڏهن چانڊين جي وٿاڻن وٽ پهتو، تڏهن هڪ به چانڊيو هٿ ڪونه آيو، سڀيئي اها جاءِ ڇڏي ڀڄي هليا ويا هئا. شمشير خان چانڊين جي ڪيل جوئر جي پوک وٽ منزل هڻي ويهي رهيو، ۽ لشڪر جي چوڌاري خندق کوٽائي ڇڏيائين. چانڊين رات جو پهاڙ تان لهي اچي لشڪر تي شبخون هنيو، ليڪن کين خاطر خواهه ڪاميابي ڪانه ٿي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ موٽي هليا ويا. صبح جو سوير شمشير خان لشڪر وٺي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو، ۽ پهاڙ جي دامن وٽ پهچي ٻروچن تي تيربازي ڪرايائين. ٻروچ مٿان ٽڪر جي آڙ ۾ ۽ شمشير خان جو لشڪر هيٺ زمين تي- تير بازي خوب ڪئي ويئي، ليڪن هيٺان جا تير، ٽڪر جي بلنديءَ تائين پهچي ڪونه سگهيا. اهو حال ڏسي، ٻروچن دهل وڄائي، لشڪر تي ٽوڪ ٽهول شروع ڪري ڏني. شمشير خان مجبور تي پٺتي موٽيو ۽ ٻروچن جي بيٺل جوئر اچي تلوارن سان ڪپرائڻ شروع ڪيائين. خيال هوس ته پنهنجو مقصد ٿيندو ڏسي، ممڪن آهي ته چانڊيا پهاڙ تان لهي، ميدان ۾ اچي مقابلو ڪن. ليڪن هي سڄو ڏينهن جوئر ڪپيندا رهيا. آخر شام تائين لشڪر ٿڪجي ٽٽي، خوار خراب ٿي، واپس اچي ماڳين رسيو. ٻئي ڏينهن چانڊين کي ٻي مت آئي، ۽ هنن پاڙيسري پـَـرين مڙسن کي ساڻ ڪري اچي معافي ورتي. ميرڪ لکي ٿو ته پوءِ شمشير خان جيسين سيوهڻ ۾ هو، تيسين چانڊين ڪو نقصان ڪونه ڪيو.(1) (1) ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جو، هن ڪتاب شايع ڪندي، ٻيو به هڪ نسخو ”پنجاب يونيورسٽيءَ“ ۾ ملي ويو. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/304. (1) ”مظهر“ ص. 2/310. (2) ”مظهر“ ص. 2/311. (1) مظهر ۽ ص. 2/316. (1) ”مظهر“ ص. 2/317. (1) ”مظهر“ ص. 2/318. (2) ”مظهر“ ص. 2/319. (1) ”مظهر“ ص. 2/320. باريجا بلوچ: باريجا بلوچ رهندا ٽڪر تي هئا، ليڪن سندن زمينون بوبڪن جي پرڳڻي ۾ هيون، دستور هو ته هو ڍل جي عيوض جاگيردار کي اٺن ۽ رڍن جو مقرر تعداد هر سال ڏيندا رهن. ميرڪ لکي ٿو ته ڪجهه عرصي کان هنن انهيءَ مقرر ٿيل تعداد جي ڏيڻ کان ڪيٻايو ٿي، ۽ خطرو هو ته جيڪڏهن مٿن سختي نه ڪبي ته شايد اڳتي هلي هو ڍل ڏيڻ کان صفا نابري واري ويهن. چنانچه شمشير خان مٿن يلغار ڪرڻ جو ارادو ڪري، ميرڪ يوسف سان صلاح ڪئي. ميرڪ صلاح ڏنس ته ڏينهن ڏٺي جو يلغار ڪرڻ موزون نه آهي: هتان خاموشيءَ سان سج لٿي نڪرجي ۽ سڄي رات هلي، صبح جو پهچي، مٿن حملو ڪجي. چنانچه شمشير خان ائين ئي ڪيو. سيوهڻ کان باريجن جا وٿاڻ پنجن پهرن جي پنڌ تي هئا. اڃا سج اڀريو ئي مس هو ته شمشير خان وڃي مٿن ڪڙڪيو. ميرڪ لکيو آهي ته سڀئي موجود باريجا پاڻ ۾ ملي ويا، ڪيترا وڙهندي قتل ٿيا ۽ ڪيترن کي قيد ڪيو ويو. قاسم باريجو، جيڪو انهيءَ قبيلي جو سردار هو، پنهنجي پٽن سميت اهو به قتل ٿي ويو. شمشير خان قيدي وٺي سيوهڻ آيو، ۽ ٻئي ڏينهن تي باريجا ميڙ منٿ وٺي اچي پيش پيا، جنهن تي سندن قيدي ڇڏيا ويا ۽ آئنده لاءِ ڍل جي ادائگين جو کانئن قول قرار ورتو ويو.(1) نهمردين تي ڪاهه: ميرڪ لکي ٿو ته هڪ دفعي حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي مان خبر آئي ته نهمردين جو وڏو ڪٽڪ ڳوٺن تي ڪاهي اچڻ وارو آهي. شمشير خان وٽ ان وقت لشڪر موجود ڪونه هو. سپاهي سڀ موڪلن تي هئا. آخر ستهٺ سوار جيڪي في الفور موجود ٿي سگهيا، تن کي شمشير خان پنهنجي سالي، بادشاهه خواجي، جي ڪمان هيٺ ڳوٺن جي حفاظت لاءِ ڏياري موڪليو. انهيءَ لشڪر راتو رات ‘نار ڳوٺ’ جي قلعي ۾، جيڪو سيوهڻ کان ستن ڪوهن تي هو، منزل ڪئي. صبح جو شمشير خان ڪجهه ٻيا سوار هٿ ڪري پاڻ به روانو ٿيو ۽ ’داديجي واهه‘ جي ڪناري تي پهچي، منزل انداز ٿيو. اتان هن پنهنجي ٻئي هڪ عزيز، شاهه خواجي، کي ويهه سوار ڏيئي، ٻئي طرف موڪليو. ميرڪ يوسف کي ٻئي صبح تي جڏهن شمشير خان جي روانگيءَ جي خبر پيئي، تڏهن هو به گهران هلي، انهيءَ منزل تي اچي، شمشير خان سان ڀيڙو ٿيو. شمشير خان کيس سمورو احوال ٻڌائي، کانئس صلاح ورتي. ميرڪ کيس چيو ته بهتر ٿئي ها جيڪڏهن اوهان پاڻ سپاهين سان گڏجي وڃو ها، ڇاڪاڻ ته اوهان جي موجودگيءَ ۾ ته اوزبڪ نوجوان دل لائي وڙهن ٿا، ليڪن پرپٺ هنن جو چاڙهو ڪونه آهي- ”مؤلف گفت ڪه اگر خود هم سوار مي شدند مناسب بود، چرا ڪه مردم اوزبڪ غائبانه شما جنگ ڪم مي کنند، و در بودن شما کمال سعي در جانبازي مي نمايند“. (1) شمشير خان جي دل سان اهو نقطو آئڙيو، ۽ جيڪي خاصي خيل وٽس موجود هئا، تن سڀني کي ميرڪ يوسف سميت ساڻ ڪري، انهن ڳوٺن ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ خبر آئي ته نهمردين جو هڪ وڏو ڪٽڪ، جنهن ۾ تقريباً ٽي سئو سوار ۽ ست اٺ سئو پيادا هئا ‘ڪجي ڳوٺ’ (؟) تي ڪاهي آيو آهي ۽ سڄو شهر لٽي چار ماڻهو قتل ڪري، مال ڍڳا ڍور ڪاهي، ٽڪر طرف روانا ٿي ويا آهن. اهو ڳوٺ سيوهڻ کا پنجن ڪوهن تي هو. شمشير خان فوراً انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتو: شهر جي تباهي، ماڻهن جي پريشاني ۽ بربادي ڏسي بي انتها ملول ٿيو. جڏهن وڌي مقتولن جي لاشن تي وڃي بيٺو، ته معلوم ٿي ٿيو ته ڄڻ غريبن تي ڪاري قيام اچي ويئي هئي. شاهه خواجي کي به انهيءَ واردات جي خبر پهتي هئي، ۽ هو نهمردين پٺيان روانو ٿي چڪو هو. ميرڪ لکي ٿو ته نهمردي تير بازيءَ جا نهايت ئي هوشيار هئا- ”نهمردي بسيار ست و تير را خوب مي اندازد“ شاهه خواجي سان ٿورا سپاهي هئا، ۽ هو دوبدو تير ۽ تلوار جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو، جنهنڪري مجبوراً هن پري مفاصلي تان بيهي مٿن بندوقون ڇوڙايون، ۽ آهستي آهستي اڳتي وڌندو ٿي ويو: غنيم جڏهن تير بازي ٿي ڪئي، ان وقت شاهه خواجي جا سپاهي اوٽ ۾ ٿي ويا ٿي، ۽ جڏهن نهمردي اڳتي هليا ٿي، ان وقت شاهه خواجي، سپاهين کي اڳتي وڌائي، بندوق بازي ڪرائي ٿي. اهڙيءَ طرح، گهڻي تائين مقابلو هلندو رهيو. شمشير خان کي ‘ڪجيءَ’ ۾ اهو احوال مليو، وٽس هڪ ته سپاهي ٿورا هئا ۽ ٻيو شاهه خواجي ۽ سندس وچ ۾ غنيم جو لشڪر حائل هو، تنهنڪري نه پاڻ سڌو مٿن حملو ڪري سگهيو ٿي، ۽ نه شاهه خواجي تائين پهچي سگهيو ٿي. انهيءَ مشڪل ۾ مبتلا هو، جو کيس اطلاع پهتو ته نار طرفان بادشاهه خواجو مقابلي جي ميدان ۾ پهچي ويو آهي. غنيم جو لشڪر ”مينهن وارو واهه“ جنهن ۾ برسات جي زماني ۾ ٽڪر جو مينهن لهي پوندو هو، وچ ۾ ڪيو ٽڪر ڏي وڌندو ٿي ويو، ۽ اوزبڪ بندوق جي نشاني جيترو فاصلو وچ ۾ رکيو، سندن پٺيان هلندا ٿي ويا. انهيءَ مقابلي ۾، شمشير خان جو خاص معتمد، بيگ محمد قرق اوزبڪ مارجي ويو. رات اچڻ تائين مقابلو جاري رهيو، آخر اوزبڪ، سج لٿي وقت مجبور ٿي پٺتي موٽي هليا آيا، ۽ نهمردي اڳتي وڌي ويا. ميرڪ يوسف مقابلي جو نتيجو ڪونه لکيو آهي، ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته نهمردين چند ڏينهن ۾ شمشير خان جي پيش پيئي ساڻس صلح ڪيو.(1) شمشير خان جو تبادلو: شمشير خان ڪن ڏينهن بعد، شاهي فرمان پهچڻ تي، سيوهڻ ۾ پنهنجي نائب قنبر خواجي کي ڇڏي، پاڻ بهادر خان جي مدد لاءِ قنڌار هليو ويو، جتي هو چار سال رهيو. قنبر خواجي جي فوت ٿيڻ بعد هن اتان ٻيو نائب، خوشم بيگ، موڪلي ڏنو، جيڪو سيوهڻ ۾ اوسيتائين رهيو، جيسين سيوهڻ شمشير بيگ جي جاگير ۾ هو. ميرڪ يوسف شمشير خان جي نائبن سان به پرپٺ هر طرح جو سلوڪ ڪندو رهيو، ۽ صلاح مشوري ۾ شمشير بيگ جي دوستيءَ جو حق نڀائيندو رهيو. انهيءَ زماني ۾، ميرڪ جو ڀائٽيو، مير عتيق الله، بادشاهي حڪم تي سيوهڻ ۾ گـَـڊنِ ۽ سـَـرهنِ جو شڪار ڪرڻ آيو. ميرڪ پاڻ به عتيق الله سان شڪار تي ويو. خوشم بيگ جي انهيءَ دور ۾ سميجن سان لڙائي ٿي، جنهن ۾ پڻ ميرڪ ساڻس شامل رهيو.(1) احمد بيگ: ميرڪ نوشتي مان معلوم ٿئي ٿو ته شمشير بيگ جي تبادلي بعد شير خواني (خواجه باقي جان) کي سيوهڻ مليو، جنهن يار محمد ڪوڪي کي پنهنجو نائب ڪري سيوهڻ تي موڪليو. مهابت خان خانان ان وقت ٺٽي جو صوبيدار هو، جنهن يار محمد کي سيوهڻ ۾ پير کوڙڻ ڪونه ڏنو، ۽ پنهنجو ماڻهو شمس الدين سيوهڻ تي ڏياري موڪليو. شمس الدين کان پوءِ، نوروز بيگ شاهي حڪم تي سيوهڻ جي اچي چارج ورتي. ڪجهه وقت بعد اهو به بدلي ٿيو “ سيف الملوڪ ڪاشغري آيو، ۽ ان کان پوءِ احمد بيگ جاگيردار ٿي آيو، جنهن جي ظلمن ۽ بيدادين کان تنگ اچي، ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه جهاني“ تصنيف ڪئي. احمد بيگ، ابراهيم خان ‘فتح جنگ’ ولد اعتماد الدوله مير غياث جو ڀائٽيو هو. هو شاهه جهان جي پهرئين سال (1037 هه) ۾ سيوهڻ تي مقرر ٿيو. مرتضيٰ خان (حسام الدين)، جيڪو سندس سالو هو، ان وقت ٺٽي جو حاڪم هو، ۽ جيسين احمد بيگ سيوهڻ پهچي، تيسين هن پنهنجا ماڻهو انتظام لاءِ ڏياري موڪليا. انهيءَ ئي زماني ۾ حڪيم محمد صالح بکر جو ديوان ۽ محمد علي بيگ بندري بکر جو حاڪم هو. ۽ اهوئي زمانو هو، جڏهن ميرڪ يوسف جو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان، يمين الدوله طرفان، ملتان ۾ نائب هو. ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته احمد بيگ جي ابتدا ته سيوهڻ لاءِ نهايت خوشگوار هئي: ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ لڳو، اربابن ۽ چڱن مڙسن سان مراسم پورا ڪيائين ۽ رعيت به منجهانئس راضي ٿي، ليڪن ٿوري وقت بعد جڏهن مـُـلڪَ ۽ ماڻهن مان واقف ٿي ويو، ان وقت انتظام ۽ سڄو ڪاروبار پنهنجي ڀاءُ محمد يوسف جي حوالي ڪري، پاڻ پنهنجو وقت حويليءَ ۾ گذارڻ لڳو. مـُـهر واري منڊي به پنهنجي چيچ مان لاهي، ڀاءُ جي سپرد ڪري ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ ته گويا ملڪ جو مالڪ ۽ مختيار ئي يوسف ٿي ويو، جيڪو بقول ميرڪ يوسف انتها درجي جو سفاڪ، ظالم ۽ بي رحم هو، حجاج بن يوسف جهڙو ظالم اظلم به سندس ادنيٰ شاگرد ٿي سونهيو- ”ميرزا يوسف نام برادر همراه داشت ڪه حجاج بن يوسف در ظلم ادنيٰ شاگرد او خواهد بود.“ (1) احمد بيگ ڪڏهن ڪڏهن رات جو حويليءَ مان نڪري ٻاهر اچي ڪچهري ڪندو هو، جنهن ۾ به زياده وقت ويٺو ڀاءُ سان ڳالهائيندو هو: سرڪاري ڪچهري هميشـه يوسف جي گهر ۾ ٿيندي هئي. جيڪي ظلم راڄ ۽ رعيت، اربابن ۽ شريفن تي ٿيندا هئا، انهن جي نه خبر احمد بيگ تائين پهچندي هئي، نه وري مظلوم ئي خوف کان ڪا دانهن ڪوڪ ڪندا هئا. ميرزا يوسف جي طريقه ِّ ۽ مظالمن جو جيڪو تفصيل ميرڪ يوسف ڏنو آهي، سو از حد دلچسپ آهي: ... روزانو ماڻهن کي گهرائي خوامخواه دُرا هڻائيندو هو. ان وقت سراز موجود رهندو هو ته جيئن جيڪو دُرو ڇڄي پوي، هو ان کي ڳنڍي، اُتي جو اُتي سڄو ڪري ڇڏي. ڪنهن کي سئو درا ڪنهن کي ٻه سئو درا هڻائيندو هو. حق ناحق جو پتو ڪونه هو. ... رات جو جڏهن احمد بيگ اچي ڪچهري ڪندو هو، تڏهن ان جي سامهون به ماڻهن سان اها عقوبت پيئي ٿيندي هئي. ... دُرن لڳندي جيڪو ماڻهو مري ويو، اهو چئي پنهنجي ڀاڳن کي. ميرزا يوسف کي ان جي ڪا پرواهه نه هئي، ته ڪير ٿو مري ۽ ڪير ٿو بچي. ... جنهن ماڻهوءَ لاءِ ٻڌندو هو ته مالدار آهي، ان تي ڪـُـوڙو الزام رکي، پاڻ وٽ گهرائي، درا هڻائي، سندس سمورو مال ضبط ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ مرد ته ٺهيو، پر جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ اهڙي خبر پوندي هيس، ته ان کي به گهرائي، ساڳي سزا ڏيئي، سندس ڳهه ٽپڙ ضبط ڪرڻ ۾ شرم يا حياءُ محسوس نه ڪندو هو. ... جتي جتي ۽ جنهن جنهن وٽ معلوم ٿيندو هوس ته اُٺ آهن، اُهي به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ضبط ڪري پنهنجي وَڳ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. ... رستن ۽ درياءَ جي گهيڙن تي سوار ويهاري ڇڏيا هئائين جيڪي ايندڙن ويندڙن کان محصول ۽ چٽيون چوريون وصول ڪندا هئا. ڪوبه ماڻهو راهداريءَ کان سواءِ اچي وڃي نه سگهندو هو، ۽ هر راهداريءَ تي مختلف قسمن جو محصول ورتو ويندو هئو، انهيءَ ڪري ماڻهن جي اچ وڃ، وڻج واپار، ڪم ڪاريون سڀ بند ٿي ويا. ... درياءَ ۾ اوڀارن خواهه لهوارن ٻيڙن لاءِ پڻ راهداري مقرر ڪيائين، ڪابه ٻيڙي، جيڪا سندس حد ۾ داخل ٿئي، سا ضرور ڳري رشوت ڏيئي، راهداري حاصل ڪري. ... سوداگرن جي ٻيڙن سان خاص آزار هو. ڏينهن جا ڏينهن مال سميت ٻيڙيون روڪيون پيون هونديون هيون. سوداگرن کي مجبور ڪندو هو ته مال سندس مقرر ڪيل قيمت تي سيوهڻ جي شهر ۾ وڪڻن. انهيءَ آزار کان سوداگر ميرزا يوسف کي ڳريون رشوتون ڏيئي، پنهنجون ٻيڙيون ڇڏائي ويندا هئا. ... رشوت وٺڻ بعد به سوداگرن جي سامان ۾ جيڪي شيون کيس پسند پونديون هيون، سي گهڻو ڪري مفت ورنه نالي ماتر قيمت تي کانئن ڇڏائيندو هو. ... سوداگرن کان پيسا وصول ڪرڻ بعد، کين، سندن مال ۽ مير بحرن کي اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏيندو هو. انهن ٻيڙن ۾ جيڪي مسافر هوندا هئا، انهن کي روڪي، کانئن جدا رقمون جبراً وصول ڪندو هو. انهن مسافرن مان گهڻو ڪري سڀني کي سندس درا سـَـهڻا پوند هئا. ... چورن جي وڏي پاٿاري ٺاهي هئائين، جن جي ذريعي چوريون ڪرائي، مال حاصل ڪندو هو، انهيءَ ڪري سيوهڻ ۾ سوين چور پيدا ٿي پيا، جيڪي رات ڏينهن پيا لٽ ڦر ڪندا هئا. کين ڪنهن جي پرواهه ڪانه هئي، ۽ ڪنهن جو به مال ملڪيت ۽ عزت سلامت ڪانه هئي. ... بنگال کان جواگير (جواري) گهرايائين، جيڪي سيوهڻ جي شهر ۾ کلم کلا چؤنڪن ۽ گهٽين ۾ ويٺا راند ڪندا هئا، ۽ ماڻهن جا کيسا خالي ڪرائي آخر ۾ کانئن لٽا ڪپڙا به لهرائي وٺندا هئا. چورين ۽ جوا جي پيداوار روزانو وٽس پهچندي رهندي هئي. ... شهر جي شريفن، نيڪن ۽ عابد زاهد ماڻهن کي بي عزت ڪرڻ ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر ۾ هڪ قلعي ٺهرائڻ جو پروگرام رٿيائين، ۽ حڪم ڪيائين ته سيوهڻ جا معزز ماڻهو پاڻ مٿي تي سرون کڻي اچي اهو قلعو ٺاهين، گارو گـچ به پاڻ ٺاهين، ۽ تغاريون به پاڻ مٿن تي کڻن. جيڪي پوڙها يا معذور پاڻ ڪم ڪري نه ٿي سگهيا ۽ پنهنجي جاءِ تي مزدور وٺي ٿي آيا، تن سان سخت بي عزتيءَ سان سلوڪ ڪري، کانئن زوريءَ ڪم ٿي ورتائين. ... قاضي عبدالواحد، جيڪو سامتاڻي شهر جو قاضي، ۽ نهايت ئي معزز ماڻهو هو، ان تي ڪوڙو الزام رکي، کانئس هڪ سئو رپين جو دستاويز لکرائي ورتائين، ۽ اهو دستاويز وري هڪ نهايت ذليل ماڻهوءَ ابراهيم بلوچ، کي وڪڻي ڏنائين. هڪ ڏينهن ٻنهي کي گهرائي، عام ڪچهريءَ ۾ وصوليءَ لاءِ درا هڻائڻ شروع ڪيائين. سندس ماڻهو ابراهيم کي درو هڻي چيو ٿي ته پيسا ڏئي، ۽ ابراهيم وري قاضي صاحب کي چهبڪ هڻي کانئس ساڳي طلب ٿي ڪئي. سيوهڻ جي ماڻهن لاءِ اهو ڏينهن ڪاريءَ قيام جو هو. شريف رنا ٿي، ۽ ذليل کليا ٿي. ... چغلخورن جو هن هڪ وڏو گروهه تيار ڪيو هو، جن جو نالو هـُـن ”حقيقت دان“ رکيو هو. انهيءَ ٽولي جو رات ڏينهن اهو ڪم هو ته جاسوسي ڪندا وتن ۽ خوامخواهه شريفن، غريبن ۽ بيگناهن تي چغليون هڻي، عام دربار ۾ سندن پٽڪا لهرائي، کين خوار خراب ڪن. انهيءَ ٽولي ته سڄي ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو. ... فصل تي، پنهنجا ڇاڙتا موڪلي، بي واجبي داڻبندي ڪرائي، ڍل لاڳو ڪرائيندو هو. جڏهن ڪڙمي ٻنهي سرين فصل ڏيڻ بعد به بي واجبيءَ واري ڍل پوري ڪري ڪونه سگهندا هئا، تڏهن سندن مال ملڪيت ۽ ڍور ڍڳا ضبط ڪيا ويندا هئا. ... هڪ دفعي بيٺل فصل آسماني آفت سبب ناس ٿي ويا، ان هوندي به ميرزا يوسف ڪاردار موڪلي، ماڻهن تي ڍل لاڳو ڪرائي. رعيت تي گذريل بقايا ئي ڪافي چڙهيل هئي، ويتر جو هيءَ نئين مصيبت ڏٺائون سو رات ڏيئي وٺي ڀڳا. صبح جو ميرزا جو لشڪر ڳوٺن ۾ ويو، جنهن سندن مال، ڍڳا ڍور ۽ گهرن جو سمورو سامان وڃي لٽيو. ... انهن مظالمن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سمورو ملڪ برباد ٿي ويو. زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون ۽ شهر ويران ٿي ويا، ۽ ائين معلوم ٿي ٿيو، ڄڻ ملڪ مان ڪو راڪاس گهمي ويو آهي. ... جڏهن احمد بيگ ڪاروبار سندس حوالي ڪيو، ان وقت سڀ کان پهريون ميرزا يوسف اهو حڪم ڪڍيو ته سندن جاگير ۾ سيوهڻ جا جيڪي ڏهه پرڳڻا هئا، انهن ۾ چوپائي مال جي شماري ڪئي وڃي، ۽ هر هڪ ڍور تي سرڪاري نشان هنيو وڃي. ڍورن تي داغ ڏيڻ اهو دستور جهانگير جي زماني کان ئي اڳ سنڌ ۾ معاف ٿيل هو، ليڪن شاهي حڪم ۽ عام دستور کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلائيندي، هن زوريءَ اهو رواج نئين سر جاري ڪيو. ... ساڳئي وقت هن ملڪ جي سڀني عاملن کي، سواءِ ڪنهن قصور يا حساب جي قيد ۾ وجهي ڇڏيو. ۽ جيڪي باراني يا معافيءَ جون زمينون ايامن کان هلنديون ٿي آيون، سي پڻ ضبط ڪري، هن ڍل ۾ آڻي ڇڏيون. ... اهو حال ڏسي، بهاء الدين پنهور جهڙا معزز ارباب راتو رات ڳوٺ ڇڏي هليا ويا. ميرزا يوسف بهاء الدين جي ٻن دشمن پنهورن: ارباب علي ۽ ارباب دادوءَ کي سندس خلاف هوا ڏني، جن 41 ماڻهو وٺي بهاء الدين جي ڳوٺ اڪبر آباد تي حملو ڪيو، ته جيئن سندس مال ملڪيت تي وڃي قبضو ڪن. بهاء الدين اهو ٻڌي، پنهنجن همراهن ۽ ٽڪر جي ماڻهن سميت اچي واردات تي پهتو، ۽ وڏيءَ خونريزيءَ بعد هن سڀني مخالفن کي قتل ڪيو. ميرزا يوسف انهيءَ جي عيوض وري انهيءَ حد جي سڀني بي گناهه ۽ بي واسطي اربابن، مقدمن، پٽوارين، قانون گوين ۽ گماشتن کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو. (1) ”مظهر“ ص. 2/321. (1) مظهر ص. 1/324. (1) ”مظهر“ ص. 2/325. (1) ”مظهر“ ص. 2/327 + ص. 2/374. (1) ”مظهر“ ص. 2/336. ميرڪ يوسف حسرت ۽ غصي مان لکي ٿو، ته انهيءَ قسم جا ڪـِـيس ۽ ڪلور ميرزا يوسف ملڪ ۾ شروع ڪيا، جنهنڪري سيوهڻ جي صوبي ۾ هڪ محشر مچي ويو. مثال هيٺيون شعر- چو خواهد ڪه ويران ڪند عالمي، نهد ملڪ در پنجهء ظالمي- ڏيندي، لکي ٿو ته سڀئي ماڻهو بيزار ٿي ويا، سڀني اکين سان ظلم ٿيندي ڏٺا ۽ سٺا ٿي، ليڪن ٻڌڻ وارو ڪونه هو، دانهن ڪنهن کي ڏين. ملڪ جو ڪو والي وارث هو ڪونه. ميرزا يوسف جهڙي خونيءَ ۽ سفاڪ انهيءَ حد تائين هيبت ويهاري ڇڏي هئي، جو ڪنهن ٻڙڪ ڪانه ٿي ڪڍي. اندر ۾ سڀني کي هورا جهورا هئي، دانهن ڏين ته ڪنهن کي، حال اورين ته ڪنهن سان؟ احمد بيگ، جيڪو بادشاهه طرفان ملڪ جو حقيقي وارث بڻايو ويو هو، سو ته سمورو وقت حرمسراءِ جي ماڻهن سان گذاريندو هو. جيڪڏهن کڻي ٻاهر نڪري ڪچهري ڪندو هو، ته فقط ڀاءُ سان ڳالهائيندو رهندو هو. اتفاقاً جيڪڏهن کڻي ڪنهن سان مخاطب به ٿيندو هو، ته ڪنهن ۾ جرئت هئي، جو کيس حقيقت حال سڻائي! -”هيچ آفريدي نبود ڪه از ترس ميرزا يوسف بيان واقع را با محمد بيگ خان بگويد، ڪه برادر شما اين قسم ظلم و ستم برپا داشته عالم را خراب و ضايع ڪرده.“ (1) ميرڪ يوسف ۽ احمد بيگ: ميرڪ لکيو آهي ته جڏهن حالتون انتهائي مايوس ڪن ۽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪيون، ان وقت هن پاڻ مجبور ٿي، احمد بيگ سان انهيءَ باري ۾ گفتگو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چنانچه هڪ رات جو جڏهن احمد بيگ ڪچهري ڪئي، ان وقت ميرڪ به وڃي اُتي ويٺو، ۽ دوران گفتگوءَ ۾ احمد بيگ کي صاف چئي ڏنائين ته هيءُ ملڪ خدا جو آهي، هي انسان سڀ ان جي مخلوق آهن، خدا ملڪ جي ماڻهن کي حضرت شهنشاهه جي سپرد ڪيو، جنهن توکي پنهنجو نائب ڪري ملڪ ۽ هتان جي انسانن جي سنڀال لاءِ موڪليو. تو پنهنجي واڳ پنهنجي ناعاقبت انديش ۽ ظالم ڀاءُ جي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن سڄي ملڪ جو ستياناس ڪري رکيو آهي. ان جو جواب آخر هڪ ڏينهن توکي ڏيڻو پوندو،- شهنشاهه ۽ خداي ذوالجلال وٽ ڪهڙو جواب ڏيندين؟ ”راقم حروف يڪ شب با احمد بيگ خان صريحه گفت ڪه اين ملڪ خدا ست و خداي بشهنشاهه سپرده، و شهنشاهه ترا نائب خود ڪرده، برين ملڪ فرستاد. و تو اين خلق الله را بدست برادر خود داده خراب و ضايع ساختي، اين معني را درين جهان از تو شهنشاهه خواهد پرسد، وچون متوجهه آنجهان شوي، خالق علي الا طلاق از تو خواهد تحقيق ڪرد.“ (1) ميرڪ لکي ٿو ته سندس اهي الفاظ احمد بيگ جي دل ۾ گهر ڪري ويا، ۽ هو بيحد متاثر ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ميرڪ هڪ نهايت ئي دلچسپ لطيفو لکيو آهي. چوي ٿو ته سندس اُتي وڃڻ کان اڳ ميرزا يوسف جو هڪ چغل خور ڪچهريءَ ۾ آيو هو، جنهن کي ميرزا ڀاءُ جي سامهون پهراڻي پهرائي، مسند جي ڀرسان ويهاري ڇڏيو هو. ميرڪ يوسف جي چوڻ بعد احمد بيگ سڀ کان پهريائين انهيءَ چغل تي غصو هاريو. چغل ڀنگ پي آيو هو، سو ان وقت پنڪين ۾ اهڙو بيخبر هو، جو وات ڦاٽي ويو هوس. احمد بيگ ملازم کي حڪم ڪيو ته يڪدم ڌوڙ کڻي سندس وات ۾ وجهي، چنانچه ڌوڙ جا ٻـُـڪ ڀري، اُن جي وات ۾ وڌا ويا. ان کان پو”، احمد بيگ اهي سڀ قيدي فورا= آزاد ڪري ڇڏيا، جن کي ميرزا يوسف بيگناهه باندي ڪيو هو. مـُـنڊي به انهيءَ وقت ئي ميرزا کان موٽائي پنهنجي چيچ ۾ پائي ڇڏيائين، ۽ قلعي تي سيوهڻ جي ماڻهن جي جيڪا بيگر چالو هئي، سا به ختم ڪيائين. اهڙيءَ طرح، احمد بيگ الوٽ ننڊ مان گويا اوچتو ڇرڪ ڀري اُٿيو هو، ليڪن کيس سجاڳي ان وقت ٿي، جنهن وقت تير ڪمان مان نڪري چڪو هو، يعني ملڪ سڄو درهم برهم ۽ راڄ رعيت سڀ پيڙهجي ويئي هئي- ڏُڌي ڪٿي ٿي ٿڻين پئي! -”اما چه فائده، ڪه ملڪ برهم خورد و رعيت ز راعتهاي خود را گذاشته گريخته رفت.“ ڳوٺ ويران، ٿاڻا ڦٽي ويا، ۽ سڄو راڄ لڏي پلاڻي ٽڙي پکڙي چڪو هو. ميرڪ جو دربار ڏانهن سفر: ميرڪ لکي ٿو ته احمد بيگ جيتوڻيڪ اکيون پٽي چڪو هو، ليڪن حالتن جو سازگار ٿيڻ ناممڪن هو. ميرڪ دل ۾ رٿا ڪئي ته اهو سڀ حال، دربار ۾ پهچي، بادشاهه جي گوش گذار ڪري، کيس سزا ڏياري، ۽ مظلومن جي ٿيل نقصان جي تلافي ڪرائي.هن نيٺ احمد بيگ کان سيوهڻ جي پرڳڻي جوڻيجه ۾ وڃڻ جي اجازت گهري، جيڪو پرڳڻو ان وقت ڀاڻس مير ابوالبقا جي جاگير ۾ هو. احمد بيگ کان موڪلائي، هو جوڻيجن ۾ آيو، جتان پوءِ خاموشيءَ سان نڪري وڃي بکر پهتو. اتان ارادو هوس ته سڌو ملتان وڃي ۽ مير ابوالبقا جيڪو ان وقت ملتان جو نائب هو ان سان ملي، ۽ پوءِ دربار جو رخ ڪري- ”اين خانه زاد راقم حروف پريشاني احوال وطن اختياري ِّ خود ديده، از احمد بيگ خان درين موقع رخصت سير پرگنه جـُـنيجه من اعمال ملڪ سهوان ڪه دران وقت جاگير برادر ابوالبقا بود، گرفته، آنجا رسيده، عازم عتبه بوسي آستان فلڪ نشان گرديد، و بخاطر آورد ڪه احوال اين ملڪ و عمل احمد بيگ خان را در يڪ طوماري نوشته بنطر اقدس اعليٰ گذراند“ (1) ميرڪ لکي ٿو ته ماڻهو ايتريقدر ستايل هئا، ۽ انهيءَ حد تائين بي اعتمادي پيدا ٿي چڪي هئي، جو احمد بيگ هزار ڪوشش ڪئي ته ملڪ ويران ٿيل وري وسائي، ليڪن سندس حڪومت جي وقت ۾ ماڻهو نه مٿس اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار هئا، ۽ نه وري سندس حد ۾ رهي ايڏو جوکو سر تي کڻڻ لاءِ تيار هئا. احمد بيگ سيوهڻ مان نڪري، ڪاهان جي پرڳڻي ۾، سامتاڻي ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. اهو بهاء الدين پنهور جو ڳوٺ هو. ماڻهن کي دم دلاسا ڏيڻ شروع ڪيائين، ليڪن ڪنهن کي به اعتبار ڪونه آيو- ”رعيت را دلاسا، ڪردن گرفت، اما هيچڪس اعتبار برو نمي ڪرد، اگر شخصي شب آمده مي ديد، فردائي آن ميگربخت“ (2) . ميرڪ کي اها خاطري ٿي ويئي ته احمد بيگ جي موجودگيءَ ۾ ملڪ جو وري آباد ٿيڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري هن بلڪل صحيح ارادو ڪيو ته ملڪ جو اهو دردناڪ احوال هڪ ڪتاب جي صورت ۾ لکي، شاهي دربار تائين پهچائي. بکر ۾ پهچڻ: ميرڪ جوڻيجن ۾ ٻٽي ڏينهن ترسي، سڌو سکر پهتو. ان وقت محمد علي بيگ بندري انهن جو حاڪم هو. حڪيم محمد صالح ديوان ۽ مانسگ وقايع نويس هو. ميرڪ ساڻن دلي مقصد ظاهر ڪيو، جنهن تي مخفي طرح هنن احمد بيگ کي انهيءَ معاملي جو اطلاع ڏنو. احمد بيگ نتيجن تي غور ڪري، سخت پريشان ٿيو. ميرڪ جو قول آهي ته: ”احمد بيگ بديدن اين نوشته مضطرب گرديده، شيوة ظلم را بالڪليه از رعيت و ائمه برطرف ڪرد. چنانچه از رعيت در فصل ربيع مذڪور غلهاي ڪهله هارا بخش ڪرده گرفت. و از ائمه آنچه دران فصل ربيع از فرامين مذڪراتي و مسماتي گرفته بود، واپس داد.“ ملتان ۾ رسڻ: احمد بيگ پنهنجو خاص ملازم، مير هاشم، فوراً بکر روانو ڪيو. حڪيم محمد صالح ۽ محمد علي بيگ ۽ مانسنگ ڏانهن خط لکي موڪليائين ۽ خدا جي واسطي ڪنهن به طرح ميرڪ کي دم دلاسا ڏيئي، مير هاشم سان گڏي سيوهڻ واپس ڪيو وڃي. ليڪن مير هاشم جيسين بکر رسيو، ان کان اڳ ئي ميرڪ ملتان روانو ٿي چڪو هو. چنانچه مير هاشم جهڙو ويو هو تهڙو خالي هٿين موٽي سيوهڻ هليو ويو. ملتان ۾ ان وقت ابوالبقا يمين الدوله طرفان نائب هو. ميرڪ جنهن وقت اتي پهتو، ان وقت مير صاحب لاءِ ٺٽي جي صوبيداريءَ جو اچي فرمان پهتو. مير ابوالبقا پاڻ به ٺٽي موٽڻ جي تياري ڪئي ۽ ڀاءُ کي به موٽي هلڻ لاءِ تيار ڪيائين، تاڪه اتان سفر جو سامان درست ڪري، پوءِ دربار ڏانهن وڃي. چنانچه ٻيئي ڀائر 1038 هه ۾ ٺٽي اچي پهتا. ”مظهر تدبير“: ميرڪ جو ارادو اهوئي هو ته ٺٽي مان سفر جي تياري مڪمل ڪري، پوءِ هندستان اُسهي. ليڪن اتفاقاً ٺٽي پهچندي، آب و هوا جي خرابيءَ سبب کيس سخت نزلو ۽ بخار ٿي پيو، جنهنڪري سردست سفر جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيائين. پاڻ لکي ٿو ته انهيءَ بيماريءَ ۾ هن باس باسي هئي ته جڏهن کيس شفا حاصل ٿيندي، ان وقت هو سنڌ جي حالتن تي ”مظهر تدبير“ نالي ڪتاب لکي، اهو بادشاهه جي خذمت ۾ کڻي ويندو. ”بخداي خود نذر بست ڪه چون ازين مرض خلاص يابد، احوال و لايت سند را ڪتاب ڪرده، دست آويز خود ساخته، احرام ڪعبه خلائق هفت اقلبم بر بندد، الحمد الله و المنته ڪه بمقتضي اين بيت: الــٰـهي تو بر نيتم آگهي چو نيت بخير ست خيرم دهي. نسخهء ”مظهر التدبير“ باتمام رسيد، و اميد وارم ڪه امي عادل قوي الاسلام ملجاء الانام امام المشارق المغارب ابوالمظفر شهاب الدين محمد صاحب قران ثاني شاهه جهان بادشاه غازي بنظر رحمت درو نگرد.“ (1) انهيءَ ئي ڪتاب جو ٻيو نالو ”مظهر شاهه جهاني“ آهي، جنهن جو مفصل ذڪر هيٺين صفحن ۾ اچي ٿو. احمد بيگ جو تبادلو: مير يوسف کي شاهي دربار ۾ پهچي احمد بيگ جي شڪايتن ڪرڻ جي حسرت ته دل جو دل ۾ رهجي ويئي. ڪتاب به اڃا هن تيار ڪونه ڪيو، جو بکر جي واقع نويس مانسنگ، سيوهڻ جو سمورو احوال بادشاهه ڏانهن لکي موڪليو. ساڳئي وقت ٺٽي جي واقع نويس، ابوالقاسم طبا طبا، به احمد بيگ جي مظالمن جو داستان شاهي دربار ڏانهن موڪلي ڏنو، جنهن تي فوراً سندس تبادلي جو حڪم اچي پهتو، ۽ سندس جاءِ تي سيوهڻ ۾ ديندار خان جو تقرر ٿيو. مير جو مقصد جيتوڻيڪ پورو ٿيو ۽ سيوهڻ جي ماڻهن کي به ظالم کان نجات ملي، ليڪن ميرڪ ان تي خوش ڪونه ٿيو. احمد بيگ کي سزا به ڪانه ملي. الٽو کيس ملتان جو صوبيدار ڪيو ويو، جيڪو سيوهڻ کان به زياده سائو ستابو صوبو هو. ”سواي تغير اين ملڪ اثر غضب برومتر تب نگرديد، بلڪ اثر رحمت بظهور رسيد ڪه از تغير سهوان، صاحب صوبه ِّ ملتان شد ڪه جاي عمده است.“ ميرڪ، بادشاهه کي مخاطب ٿي، عرض حال ڪري ٿو ته ملتان، هندستان ويندي، چونڪه واٽ تي پوي ٿو، تنهنڪري احمد بيگ جا ستايل، جن شاهي دربار ۾ پهچي داد رسي حاصل ڪرڻ گهري ٿي، سي شاهي دربار تائين رسي ڪونه سگهيا، بلڪ سيوهڻ مان هلي بکر تائين پهچي، اتان واپس وريا ٿي، ڇاڪاڻ ته واٽ تي ملتان ۾ احمد بيگ موجود هو- ”همين معنيٰ را ديده، مردم ستم رسيدگان اين ملڪ ڪه مي خواستند بهمراه او شده بدرگاه فلڪ اشتباه رسيده، طلب حق نمايند، از بکر مايوس گشته بوطن خودها مراجعت نمودند“ (1). ميرڪ لکي ٿو ملتان موڪلڻ جي بجاءِ جيڪڏهن شهنشاهه کيس سزا طور گهرائي، پاڻ وٽ ويهاري ڇڏي ها ۽ فريادين کي گهرائي سندن داستان ٻڌي تحقيق ڪري ها، ته هوند سڀني مظلومن جا حق تري پون ها- ”اگر همين عمل احمد بيگ خان را در زيروپايه ِّ تخت سليماني تحقيق مي فرمودند، و از روي حڪم شرع شريف ستم گر فتيگهاش بمردم مظلوم واپس ميدهانيدند، و خونهاي ناحق ڪه از روي عنف و ظلم ڪرده بود، بامر عدالت عظميٰ اجراي حڪم او ميڪردند، هيچ جاگيردار بعد اليوم در ويراني ِّ اين ملڪ راضي نمي شد، بلڪ جاگيرداران ممالڪ محروسه ديگر نيز از ظلم محترز بوده، را راستي و خوش سلوڪي را پيش مي گرفتند“ (2). ديندار خان: ميرڪ يوسف جا تعلقات جيتوڻيڪ نئين صوبيدار، سيد ديندار خان (3) سان تمام سٺا هئا، ۽ سندس تعريف به ڪري ٿو، ليڪن ساڳئي وقت جيڪي منجهس ڪوتاهيون هيون، ان تي به تنقيد ڪري ٿو، ۽ حق گوئي ڪندي ڪسر ڪانه ٿو ڇڏي. معلوم ٿئي ٿو ته ديندار خان جو دور به انتظامي لحاظ کان اطمينان بخش ڪونه هو. هڪ جاءِ تي ديندار خان جو ذڪر ڪندي، ميرڪ لکي ٿو ته ديندار جي زماني ۾، هڪ ڳوٺ جيڪو سيوهڻ کان ٻن ڪوهن تي ۽ لڪيءَ کان ڪوهه پنڌ تي هو، نهمردين تباهه ڪري ڇڏيو: جوانن کي مقابلو ڪندي ماري ڇڏيائون، پوڙهن لڪي جان ڇڏائي. ٻار ٻچا ۽ ڍور ڍڳا ڪاهي نهمردي پنهنجي پنهنجي وٿاڻن تي هليا ويا. شهر جي برباديءَ سبب باقي رهيل ماڻهو لڏي اچي سيوهڻ ۾ پناهه گزين ٿيا. انهيءَ شهر جي لٽ ڦر ڦٻي وڃڻ بعد، نهمردين جو قدم خود شهر ڏي وڌيو- ”دست تصرف دزدان سميجه و مردم ڪوهي، بقصبه سهوان دراز گرديد، چنانچه مواشي را تاخته مي بردند، و هيز ڪشان وغيره مردم مسافران را مي ڪشتند، و تاراج ميڪردند، بلڪ درميان شهر مواشي و اسپان ر نگاه داشتن مشڪل شد. چنانچه چند مرتبه اسپان سپاهيان ديندار خان را در دزدان سميجه از ميان شهر جبرا و قهرا ڪشيده بردند، و هيچڪس مقاوت آن روسياهان نه نمود، و بواسطه همين شدت ديندار خان گرد شهر سهوان قلع ساخت“. (1) مٿئين حقيقت مان صاف ظاهر آهي ته ديندار خان جو انتظام انهيءَ حد تائين بي حقيقت هو، جو حڪومت جي شهر مان شهرين جا ته خير پر خود سندس پنهنجن سپاهين جا گهوڙا چور زوريءَ ڪاهي ٿي ويا، ته ان جو تدارڪ ٿي ڪونه ٿي سگهيو، ۽ چورن جي دل ايتري وڌيل هئي ۽ سندن خوف انهيءَ حد تائين لٿل هو، جو هو ڏينهن ڏٺي جو به سيوهڻ ۾ ترڪتاز ڪندا وتندا هئا. بهرحال ميرڪ يوسف جتي سندس دينداريءَ، پرهيزگاريءَ ۽ مذهبي شيفتگيءَ جي تعريف ڪري ٿو، اتي بادشاهه جي اڳيان سندن انتظامي ڪوتاهيءَ جا واقعا به سواءِ ڪنهن گهٽ وڌ جي ڪري ڇڏيا اٿس. مٿي جنهن ڳوٺ جي برباديءَ جو ميرڪ ذڪر ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ لکي ٿو ته پاڻ هڪ ڏينهن ديندار خان کي صلاح ڏنائين ته اهو شهر سندس دور ۾ ويران رهڻ نه گهرجي، ۽ ٿي سگهي ته ان کي ضرور آباد ڪيو وڃي. چنانچه ميرڪ جي مشوري تي اهو شهر آباد ٿيو، ماڻهو موٽي آيا ۽ ڳوٺ کي چوڌاري عالم پناهه ڪڍرائي ويئي. اهو ڳوٺ ديندار خان سيد جلال جي سپرد ڪيو، ۽ ان تي پنهنجي پٽ جي نالي پٺيان ”ڪمال پور“ نالو رکيائين. تصانيف: ميرڪ يوسف فارسي ۽ عربيءَ جو نهايت جيد عالم هو. سندس سوانح چونڪه اڃا تائين پردي ۾ آهي، تنهنڪري خبر پئجي نه ٿي سگهي ته هن ڪهڙا ڪتاب مرتب ڪيا. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي پهرئين حصي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ملڪ داريءَ جي فن ۽ حڪمرانيءَ جي رمزن ۽ نقطن جي سلسلي ۾، سندس مطالعو ۽ معلومات انتهائي حيرت انگيز آهي. ڪتاب جي عبارت صاف، زبان شسته ۽ سليس، ۽ ان جو انداز بيان اهڙو دلنشين آهي، جو سندس هڪ هڪ نقطو ۽ هڪ هڪ لفظ دل ۽ دماغ تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. اسان کي سردست سندس هڪ ئي تصنيف، ”مظهر شاهه جهاني“، دستياب ٿي آهي، جنهن جو پڻ اهو واحد نسخو خوش نصيبيءَ سان اڄ تائين سلامت رهجي ويو آهي. ممڪن آهي ته سندس ڪو ٻيو به ڪتاب هجي، جيڪو ڪٿي نظرن کان اڃا تائين اوجهل هجي. (1) ”مظهر ۽ ص. 2/340. (1) ”مظهر“ ص. 2/340. (1) ”مظهر“ ص. 2/341. (2) ”مظهر“ ص. 2/341. (1) ”مظهر“ ص. 2/342. (1) ”مظهر“ ص. 2/354. (2) ”مظهر“ ص. 2/354. (3) ديندار خان لاءِ ميرڪ لکي ٿو ته ”عمل ديندار خان بمردم اشراف و ائمه اين ملڪ و سپاه قديمي بسيار خوب بود، و با اهل صوفيه و جد و ذوق تمام داشت، و عروس بزرگان بيسار ميڪرد. چنانچه هيچ روزي بيش نبود ڪه عرس يڪ بزرگ درخانه ِّ او نبود، و در هر ماه چند عرس خوب ميڪرد. به ترانه و سرود و مطربان بسيار همراه او بودند، از قوال وغيره به تلاوت مصحف نيز شوق بيسار داشت. و اڪثر صائم ميگز رانيد. و در شهر شعبان، خواه زمستان مي بود خواه تابستان در ايام بيض روزه طي نگه ميداشت. و رمضان مي نمود، و در رمضان خرچ ميڪرد، از اطعمه و شيريني و فواڪه بسيار وقت افطار در مجلس مي اورد، و قريب سه صد چار صد ڪس به نماز تراويح پيش او حاضر مي شدند، و ختم قران مجيد را ايستاده مي شنيد، و در شب قدر ختم تمام ميڪرد، و مردم علما ِّ و حفاظ و گوشه نشينان را دران شب خيرات بسيار ميداد، و صباح آن ختم از روي محصف در يڪروز خود مي نمود. و در زمستان جميع سپاه آشنايان را سروپا ميداد، و مردم اشراف را آنقدر پرچه مي فرستاد ڪه تا به سال ديگر ڪفايت اوميشد، و اگر به سفر مي برآمد مردمي ڪه همراه او مي بودند، از اشراف و اڪابر وغير رعيت همه را علحده علحده طعام پخته از دولت خانه خود مي رسانيد، و هر جا مزار بزرگواري بود به زيارت ان مي رفت، و مرمت عمارت آن مزار مي فرمود.“ سندس نالو سيد ڀورو هو، مذهب سان ايتريءَ شيفتگيءَ سبب شاهجهان کيس ‘ديندار خان’ جو موزون ۽ مناسب خطاب ڏنو هو. سيوهڻ جي قيام واري زماني ۾ هن ڪيترين مسجدن ۽ مقبرن جي مرمت ڪرائي ۽ انهن تي ڪتبا هنيا. انهن مان ڪجهه جايون اڄ تائين سلامت آهن، باقي خدا ڄاڻي ڪيتريون مسجدون ۽ مقبرا جن کي هن مرمت ڪرايو هو، مٽجي ويا. حضرت ڇٽي امراڻيءَ جي مزار جو ڪتبو- بــدورِ شــهـنــشـاه شــاه جــهـــان خـديـوي خــرد مـنـد صـاحــب قــران چـو خلد برين روضهء شاه چــهــته بـنـــا ڪـــرد نــواب ديـــنـدار خـان ز سـال بـنـايـش طـلـب داشـتـِنـد ”بهشتي بروي زمين“ گفت عثمان 1042 هه درگاه قلندر جا ڪتبا: ”چون در عهد سلطان فيروز مرحوم روضه قديم حضرت -- مخدوم بنا شده بود، و اين دوسنگ تاريخ نوشته-- نصب ڪرده بودند، آخر چون گنبد ڪلان در عهد مرزا جاني-- ترخان بنا يافته، اين سنگها برهم افتاده بوند، الحال-- ڪه اين فقير سيد بهوره عرف ديندار خان باشد-- در عهد دولت حضرت صاحب قران ثاني صحن-- روضه را ترتيب داده و دو مسجد راست مي ساخت، اين دو سنگ-- هم در ديوار خانقاه بنهاده تا يادگار سلاطين گذشته مي باشد--“. انهيءَ ڪتبي ۾ جن ٻن پٿرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سي فيروز تغلق جا ڪتبا آهن. انهيءَ ساڳئي ڪتبي جي قريب ٻيو ڪتبو آهي: بــدورانِ شـهـاب الديـن جهان شــاهه جـهـان از عـدل او خـو رسـنـدو آباد شـده تـعـمـيـر فـرشِ عـرش مـسـنــد حــســيـنـي صــــاحــبِ شـهـباز آزاد قـبول آمـــد نــيــاز خــانـه ديـــنــدار دران حـضرت ز چــــون طالــــع بود شاد چه گـويـم وصـف آن صحـنِ مـقـدس بجايء ِ خشت انـجـم چيـــــده اسـتـِـاد (هلندڙ) چــــو خواهي سال وي بافهم و دانـش بمـقـطـع قـّيـن ڪـه آمـد سـال بنياد يــڪي قـّاشـد ز فـرش مـسنــدِ شـــاه دگــر بــــاشــد ز ”فـرشِ جنـت آباد“ 1041هه هڪ ٻيو ڪتبو مسجد تي موجود آهي، جنهن کي ”لب تاريخ سنڌ“ جي صاحب نقل ڪيو آهي: بـــدورِ شـــهــنـــشـاه شــاه جــــهـــان چنان... ايوانش چو باغِ بهشـت چــــو مـــــسـجد بنا ڪـرد ديندار خان بـــدرگـاه شـهـباز عـالـي سـرشـت خرد گــــفت ســــالش ڪه بيت العتيق دگـــــر ”مسـجد شيخ بهندا“ نوشت 1043 هه مٿيان ڪتبا 41- 42- 1043 هه جا آهن. فريد مرتضيٰ خان بخاري سيد ديندار جو عزيز هو. ديندار خان کيس ياد ڪري روئيندو هو. ديندار خان جي پٽ جو نالو سيد فريد هو، جنهن سان قطب الاقطاب ميران سيد جلال ولد ميران سيد محمد بخاري گجراتيءَ جي نياڻي پرڻيل هئي. ديندار خان 1055 هه ۾ انتقال ڪيو- (احوال ”ذخيرة الخوانين“ ص. 357، ”ماثرالامرا“ ص. 2/23، ۽ ”مظهر شاهه جهاني“) (1) ”مظهر“ ص. 2/383. ميرڪ جي شعر و سخن سان به دلچسپي معلوم ٿئي ٿي. ”مظهر شاهه جهاني“ ۾، هن ڪٿي ڪٿي پنهنجا شعر نقل ڪيا آهن، جنهن مان اسان اهو قياس ڪري سگهون ٿا: مثلاً ”و خير جليس في الزمان ڪتاب“ جي عربي ضرب المثل جو هيٺيئن طرح شعر ۾ ترجمو ڪري ٿو: همنشين بهه از ڪتـاب مـجو ڪـه مـصاحـب بودگهه و بيگاه بهجت افزاي جان و راحتِ دل هر چه دلخواه تست ازو حاصل ---- اي گرامي ترز خلقان من ندارم ملتجا جز تو چون آيد قيامت يا بود مرگ تنم - انهيءَ شعر ۾ ميرڪ هيٺئين عربي شعر جو ترجمو ڪيو آهي: يا اڪرم الخلق مالي من الوذبه سواڪ عند حلول الحادث العمم هيٺين عربي شعرن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿائين: 1- يا نفس لا تقنطي من ذلته عظمت ان الکبائر في الغفران کاللمم 2- لعل رحمته ربي حين يقسمها تاني عليٰ حسب العصيان في القسم 3- يا رب فاجعل رجائي غير منعکس لديڪ واجعل حسابي غير مخزم 4- والطف بعبدڪ في الدارين ان له صبرا متي تدعه الاهوال ينهزم 5- و اذن لسحب صلواهِ منڪ دائمهِ عليٰ النبي بمنهل و منسجيم 6- و الل و الصحب ثم التابعين لهم اهل التقي والنقي الحلم و الکرم 7- ما رَنحت عذبات البان ريح صبا و اطراب العيس حادي العيس بالنغم اي دل از رحمت مشو نوميد با جرم عظيم چون ڪبائر نزد غفران خد شد چون لمم رحمت رحمن مگر آندم ڪه قسمت مي ڪند بر من آيد درخور جرم و گناه اندر مسم يا رب اميدم مرا واپس مگر دان وار گون در قيامت نزد تو وانگه حساب آسان ڪنم لطف ڪن با بنده در دنيا وهم در آخرت زانڪه صبرش نزد سختيها گريزد از سدم پس درودِ بيڪران باواز ابر رحمتت بر پيمر تا شود ريزان و پاشان اين نعم بعد زان بر آل و اصحاب ڪرام و تابعين اهل علم و حلم و عقل و فضل و تقويٰ و ڪرم تا بجنباند صبا اندر چمن شاخِ درخت تا برانند اشتران را بند گانش بر نغم ------ شاهه جهان جي تعريف ۾ هيٺيان شعر ڪتاب ۾ موجود آهن: معني الملڪ و الدوله شهاب الدين ڪه جودِ او چو ابر نوبهاري عالمي را تازه ميسازد ز انعام و عطا و مرحمت نزديڪ آن آمد ڪه رسم احتياج از عرصه عالم براندازد ڪيخسرو زمان و فريدون روزگار هم شهريار عدل و هم بادشاهِ جود عدلت نظام عالم و حلمت قوام ملڪ جودت پناه سائل و دستت پناه جود زهي ز جود تو بر خلق سايه ز خداي حريم عدل تو دارالامان هر دو سراي --- جهان خسروا زير هفت آسمان طرفدار پنجم توئي بي گمان جهان را بفرمان چندين بلاد ستون در تست ذات العماد هم شب ڪه مه طوف گردون ڪند چراغ ترا روغن افزون ڪند همه روز خورشيد با تاجِ زر بپائين تخت تو بندد ڪمر سپارندهء بادشاهي بتو سرد از جهان هر چه خواي بتو نه بادي ڪند بر پرِ پشه زور نه پيلي نهد پاي برپشت مور سپاس از خداوند گيتي پناه ڪه پيش است زين قصه انصاف شاه بانصاف شه چشم دارم يڪي ڪه بيند درين داستان اندڪي گر افسانه بيند از ڪار دور نه سايه برو گستراند نه نور و گر بيند از در درو موج موج سرائنده را سر برارد باوج نشاط ز تو دارد گهر سفتنم سزاوار تست آفرين گفتنم درين گنج نامه ز رازِ جهان ڪليد بسي گنج ڪردم نهان ڪسي ڪين ڪليدِ زر آرد بدست طلسم بسي گنج داند شڪست --- معين دولت و ملت شهاب الدين شهنشاهي ڪه باشد رايت قدرش فزا از قبه خضرا زمين از عدل او تازه زمان از فيض او خرم رعيت شاد و ملڪ آباد خلق آسوده از غوغا زهي داراي دين پرور ڪه بر منشور اقبالش ڪشيده ڪابتِ حڪم ازل طغراي استعلا هميشـه تا بود دوران هميشـه تا بود گردون بود گردون ترا تابع بود دوران ترا موليٰ ”مظهر شاهه جهاني:“ ميرڪ يوسف جو مقصد انهيءَ ڪتاب جي لکڻ مان اصل ته هو احمد بيگ جي ڪيل مظالمن جي اُپٽار ڪرڻ، ۽ شاهي دربار تائين درد جو داستان پهچائڻ. ليڪن، ان بهاني سان هن ڪتاب جي پوئين حصي ۾ سنڌ جي اندروني تاريخ جو اهڙو مواد آڻي ڇڏيو آهي، جو ٻيءَ حالت ۾ ڪنهن به تاريخ مان ان جو ميسر ٿيڻ ناممڪن هو. مغلن جي دور ۾، سنڌ ۾ ڪيترا صوبا هئا، هر صوبي ۾ ڪهڙا پرڳڻا هئا، هرهڪ پرڳڻي ۾ ڪهڙيون ذاتيون رهنديون هيون، هر قبيلي جون خصلتون ۽ خوبيون خواهه خرابيون ڪهڙيون هيون، پيداوار ڪهڙي هئي، ڍل پيش ڪرڻ يا اڳاڙڻ جو ڪهڙو سرشتو هو، مختلف پرڳڻن جا ڪهڙا ٽڪرا زياده زرخيز هئا، ڪٿي ڪٿي ڪوٽ ۽ ڪهڙا ڪهڙا قلعا هئا، اهي ڪنهن ٺاهيا ۽ ڪهڙين ضرورتن پٽاندر ٺاهيا، مغل گورنرن هتي پهچڻ بعد ڪهڙا ڪم ڪيا، ڪنهن مظالم ڪيا، ڪنهن حسن سلوڪ کان ڪم ورتو، ڪنهن لٽ ڦر ڪئي، ۽ ڪنهن ملڪ وسايو ۽ ورسايو- اهي سڀ اهڙيون حقيقتون آهن، جن جو ذڪر به ٻيءَ ڪنهن تاريخ ّ۾ ڪونه آهي. مصنف ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: پهرئين حصي ۾ ملڪداريءَ ۽ حڪومت هلائڻ جا طور طريقا لکيل آهن، جنهن جو ٿورو اندازو پهرئين حصي جي مضمونن جي عنوانن مان پئجي سگهندو، جي هن طرح آهن: باب اول: هن ۾ ٻه فصل آهن- فصل پهريون: در ترغيب بامارت و سلطنت. فصل ٻيو: در ترهيبي ڪه متعلق بسلطنت است. باب ٻيو- فصل پهريون: در آنچه بادشاهان مردم و امرا را بدقت نظر فهميده بڪنند. باب ٽيون- فصل پهريون: در رعايت ملڪ. فصل ٻيو: در ترتيب خدم و حشم و آداب ايشان. فصل ٽيون: در ترتيب صاحب صوبه. فصل چوٿون: در ترتيب خدم و حشم. باب چوٿون- فصل پهريون: در توڪل. فصل ٻيو: در علوِ همت. فصل ٽيون: در عزم. فصل چوٿون: در جدوجهد. فصل پنجون: در ثبات. فصل ڇهون: در عدالت. فصل ستون: در خيرات و مبرات. فصل اٺون: در شفقت و مرحمت. فصل نائون: در سخاوت و احسان. فصل ڏهون: در انجاح حاجات. فصل يارهون: در مشاورت. فصل ٻارهون: در حذم. فصل تيرهون: در غيرت: فصل چوڏهون: در سياست. فصل پندرهون: در تيقظ و خبرت. فصل سورهون: در فراست. فصل سترهون: در ڪتمان اسرار. فصل ارڙهون: در فرصت و طلب نيڪنامي. فصل اڻويهون: در صحبت اخيار. فصل ويهون: در دفع اشرار. اهو پهريون حصو 456 صفحن ۾ آهي. هر عنوان هيٺ جا بجا، مثال طور، مصنف سنڌ جا واقعا بيان ڪيا آهن، ۽ اکين ڏٺا احوال لکي، انهن جي روشنيءَ ۾ بادشاهه کي سمجهاڻيون ڏنيون اٿس. اخلاق و آداب، خواهه ملڪي سياست جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪتاب اڄ به اهڙو مفيد آهي، جهڙو شاهه جهان جي زماني ۾ هو: ”سياست نامه“ ۽ ”قابوس نامه“ کان وڌ زندهه رهڻ ۽ مطالع ۾ اچڻ جو حقدار آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو 346 صفحن جو آهي، جنهن ۾ خالص سنڌ جو احوال آهي، جنهن جا عنوان هن طرح آهن: باب اول: در بيان احوال ملڪ بکر. باب ٻيون: در بيان ملڪ سيوي. باب ٽيون: در بيان احوال ملڪ تته. باب چهارم: در بيان احوال ملڪ سهوان. انهيءَ باب ۾ هيٺيئن طرح پنج فصل آهن: فصل پهريون: در بيان احوال پر گنجات اين ملڪ ازروي اجمال. فصل ٻيون: در بيان متمردان و مفسدان اين ملڪ. فصل ٽيون: در بيان خرابيءَ رعيت ملڪ سهوان وقوت گرفتن متمردان. فصل چوٿون: در ترتيب ملڪ سهوان ازروي اجمال. فصل پنجون: در تدبير فرونشاندن آتش نمرود و مفسدان ملڪ سهوان. مصنف جيئن ته سيوهڻ جو هو ۽ سيوهڻ ۾ ٿيل ظلمن کانئس ڪتاب لکرايو، تنهنڪري مٿين پنجن فصل ۾ هن تفصيل سان هر معاملي تي لکيو آهي. پهرين ٽن بابن ۾ به جيتوڻيڪ اختصار کان ڪم ورتو اٿس، ليڪن جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، سو بلڪل نئون ۽ از حد قيمتي آهي. سيوهڻ ۾ آيل مغل جاگيردارن جي فهرست پهريون دفعو اسان کي هن ڪتاب جي ذريعي ملي ٿي. سيوهڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته ’مصنفن ڪتاب ۽ تاريخون صرف ڪنين ٻڌيل واقعن تي لکيو آهن، ليڪن هن جيڪي احوال ڏنا آهن، سي سندس اکين ڏٺل ۽ سندس روبرو وقوع پذير آهن‘- ...”احوال ملڪ سهوان ر اڪثر اين خانه زاد بحسن بصر مشاهده نموده، و سبب آباداني و ويرانيِء و را تجربه دانسته، و احوال ممالڪ ديگر بحس سامع درڪ ڪرده، و از بصر تا بسمع فرق بسيار است: بنا بران خواست ڪه صورت احوال اين ملڪ را از معموري و ويراني در لباس عمل هر يڪ از جاگيرداران اين ملڪ نمايد، و نتيجه عمل نيڪ و بد ظاهر گردد و خاطر شان شود.“ (1) مصنف مثال ڏيندي چوي ٿو ته ‘هـُـن ڪتاب انهيءَ سبب ڪري لکيو، جو هيءُ ملڪ لاوارث ٿي ويو هو، ۽ بيداد نگري ٿي رهي هئي’- ...”ڪار ملڪ بجاي رسيد ڪه ملڪ نا پرسان و ملڪ بي دادان و ملڪ بيڪسان شد“. مثلاً: - ’جيڪڏهن جاگيردار ناحق ۽ سو ماڻهو ڪهائي ڇڏي ٿو، يا شهرن جا شهر تاراج ڪري ڇڏي ٿو، ته ڪوبه هٿ روڪڻ وارو ڪونه اٿس، ۽ نه ڪنهن جي پڇا جو کيس ڀؤ آهي.‘ -’جيڪڏهن ڪو مظلوم سوَن ڪوهن جي مسافت جا ڏک ڏاکڙا سهي، دربار تائين پهچي، پنهنجي حق رسيءَ لاءِ فرمان وٺي اچي ٿو، ته هتي ان کي ليکيو به نه ٿو وڃي، بلڪ الٽو انهيءَ غريب سان دشمني ڪئي وڃي ٿي، ۽ چـُـغلن جو مڪو مچي پوي ٿو، ۽ آخر ٿوري عرصي اندر جاگيردر ان کي تهس نهس ڪري ڇڏي ٿو.‘ - جيڪڏهن ڪو جاگيردار رعيت يا معززن کي پائمال ڪري ٿو، ته هتي ڪوبه کيس حق چوڻ وارو ڪونه آهي. قاضي هجي، قانون گوهجي، خواهه ڪو عزت ڀريو ارباب ئي ڇو نه هجي، هر ڪو خوف کان جان بچايو، دفع الوقتي ڪيو ويٺو آهي. ... بلڪه هر ڪس دفع وقت خود ڪرده ميگردد، و بيگفتن نفسي نفسي احوال قيامت را مشاهده ميڪند.“ -’جيڪڏهن ڪو ظالم جاگيردار ڪنهن زميندار تي مهرباني جي نظر ڪري، کيس پنهنجو هٿ ٺوڪيو ٺاهي ٿو، ته اهو وري پنهنجي روءِ سوءِ ملڪ ۾ ٻارڻ ٻاري ڇڏي ٿو.‘ ميرڪ لکي ٿو ته ’شمشير خان جي وڃڻ کان پو”، جاگيردارن ايترا ظلم شروع ڪيا، جو ڪنهن به جاگيردار واقع نويس کي پنهنجي حد ۾ رهائڻ پسند نه ڪيو. ديندار خان جي دور ۾ نعمت الله واقع نويس بکر کان آيو، ۽ سيوهڻ جي قلعي جي بلڪل هيٺان کيس ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو، ۽ ڪنهن ڪڇيو به ڪونه ته ماڻهو مئو يا جانور. مانسنگ واقع نويس پنهنجو گماشتو، عبدالباقي، بکر کان موڪليو، ليڪن چند ڏينهن سيوهڻ ۾ رهڻ بعد بيزار ٿي، ڀڄي هليو ويو. ٻئي دفعي ٺٽي جي بخشيءَ پنهنجي گماشتي کي واقع نويس ڪري موڪليو، ليڪن ديندار خان کيس پير کوڙڻ به ڪونه ڏنا‘. لکي ٿو ته ’جيڪڏهن طمع، لالـچ ۽ ظلم ڪرڻ جي عادت جاگيردارن ۾ نه هجي، ۽ سندن دامن پاڪ صاف هجي، ته پوءِ هو واقع نويس کي رهائڻ کان ڇو ڊڄن‘- ”پس اگر طمع ظلم درميان نباشد، بودن واقع نويس چه نقصان دارد؟“(1) بادشاهه کي مشورو ڏيئي، ۽ آخر کيس مخاطب ٿي، چوي ٿو ته ’جيڪڏهن سنڌ کي ائين هلايو وڃي جيئن هن عرض ڪيو آهي، ته پوءِ جلد آباد ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته هندستان جي ٻين صوبن ۽ خطن کان هر لحاظ سان سنڌ بهتر آهي. رعيت غريب، ماڻهو خدا ترس ۽ راڄ رعيت نيڪدل ۽ جاگيردارن جي ڇڪ ڇٻيڙ سهڻ جهڙي نه آهي.‘ (2) آخر ۾ بادشاهه کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته: ”ڪمترين خانه زادان ميگويد ڪه مقصود از اطناب ڪلام در بيان احوال ملڪ سهوان اينست ڪه تربيت ابن ملڪ را ز روي تدبيري ڪه مفصل شد، نمايند، تا ملڪ رو به آباداني بيارد، و متمردان استيصال يابند، و اهل گردند، و خاطر بواسطه معموري اين ملڪ از جميع ولايت سند جمع شود.“ ڪتاب جو نالو ”مظهر شاهه جهاني“ مصنف پاڻ مقدمي ۾ ڄاڻايو آهي. لکي ٿو ته و نام نهاد اورا ”مظهر شاهه جهاني“- متن ۾ هڪ هنڌ ان جو نالو ”مظهر التدبير“ به لکي ٿو- و لحمدلله و المنـه ڪه بمقتضي اين بيت: الاهي تو بر نيتم آگهي چو نيت بخير است خيرم دهي نسخهء ’مظهر التدبير‘ با اتمام رسيد.(1) ڪتاب جو جيڪو واحد نسخو اسان جي سامهون آهي، ان جو اختتام ڇنڇر 19 - محرم، 1044 هه ۾ ٿيو. آخر ۾ آهي- ”وقدتم الڪتاب بعون الملڪ الوهاب يوم السبت وقت ظهر في تسع عشرين شهر محرم الحرام سن الف و اربع و اربعون من الهجرة النبويه عليه افضل الصلواة و التحيات“. متن ۾ به چند جاين تي مصنف واقعات جي سلسلي ۾ اهوئي سال ڄاڻايو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مصنف 1044 هه جي محرم ۾ ڪتاب شروع ڪري، 19 تاريخ ساڳئي مهيني ختم ڪيو. حيرت آهي چند ڏينهن ۾ مير صاحب 814 صفحن جو ڪتاب (سائيز ساڍا پنج انچ - تيرنهن سٽون صفحو) ختم ڪري، زود نويسيءَ جو لازوال مثال قائم ڪري ڇڏيو. 1038 هه ۾، مصنف ڪتاب لکڻ جو خيال ڪيو، ليڪن ڀانئجي ٿو ته 6 سال کن کيس موقعو ميسر ٿي نه سگهيو، ۽ آخر 1044هه جي پهرين مهيني جي چند ڏينهن ۾، ڇهن سالن جي پراڻي آرزو پوري ڪيائين. ڪتاب جي ٻاهرئين هڪ خالي صفحي تي غالباً مصنف جي ئي هٿ اکرين هڪ عبارت لکيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن پاڻ اهو ڪتاب مير ابوالبقا جي پٽ، يعني پنهنجي ڀائٽي مير ضيا ِّ الدين يوسف، کي 1048 هه سال ۾ ڏنو. عبارت هيءَ آهي: هوالفياض ”قد و قفت علي بيد اڪبر ابناء الاخ الڪبير ابي البقا الملقب با مير خان سلمه الله تعاليٰ بل افضلهم بتحقيق ضيا ِّ الدين يوسف في شهور ثمانيهِ وار بعين و الف من الهجرهِ النبويه عليه افضل الصلواة.......(1) نقطن واري عبارت ڪتاب جي مارجن ۾ ڪٽجي ويئي آهي، ممڪن آهي انهيءَ هنڌ مصنف جي پنهنجي صحيح هجي. وفات: ميرڪ يوسف ڪڏهن وفات ڪئي، ۽ ڪٿي دفن ٿيو، ان جو پتو هن وقت تائين پئجي ڪونه سگهيو آهي. ممڪن آهي ته سيوهڻ سندس مدفن هجي، يا وري سندس وفات ٺٽي ۾ ٿي هجي، جتي 1057هه تائين سندس ڀاءُ امير ابوالبقا صوبيدار هو، ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ مڪليءَ تي مٽيءَ پنوڙو لڌو هجائين، چونڪه قبرستان زبون ٿي ويو آهي، ڪيتريون قبرون زمين دوز ٿي چڪيون آهن، ۽ ڪيترن مقبرن جا ڪتبا ڊهي ويا آهن، تنهنڪري اهو ڄاڻڻ ته سندس مزار ڪهڙي آهي، سرِ دست ناممڪن آهي. عقيدا: ”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ ميرزا يوسف جي مظالمن جو ذڪر ڪندي، ميرڪ يوسف هـُـن لاءِ لکي ٿو ته: ”ظاهرا در مذهب اهل تشيع آزار مردمِ اهل تسنن عبادت خوب است“. انهيءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته امير خاني ساداتن جو سمورو خاندان سني عقيدي جو هو. __________ (1) ”مظهر“ ص. 2/351. (1) ”مظهر“ 2/353. (2) ”مظهر“ 2/394. (1) ص. 2/232. (1) ”مظهر شاهه جهانيءَ“ کي راقم الحروف ايڊٽ ڪيو آهي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي ڇپائي رهيو آهي. اميد ته عنقريب تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوست جي هٿن تائين اهو بيش بها ڪتاب پهچي ويندو. مير عبدالڪريم امير خان سنڌي مير عبدالڪريم، ابوالبقا امير خان جو غالباً ٽيون نمبر پٽ هو. ضياء الدين يوسف ۽ مير عبدالرزاق کانئس وڏا هئا (1). ٻن پيڙهين کان سنڌ ۾ بود و باش اختيار ڪرڻ سبب، مؤرخن مير عبدالڪريم کي ”سنڌيءَ“ جي نسبت سان ياد ڪيو آهي. (2) عالمگير جي ملازمت: مير صاحب جي ابتدائي زندگيءَ جو پتو ڪونه ٿو پوي، تاريخ ۾ سندس نالو عالمگير وٽ ملازم ٿيڻ بعد اچي ٿو. چنانچه ”ماثرالامرا ِّ“ ۾ لکي ٿو ته: ”چون عروج دولت و صعود ثروت در طالع اومودع دست تقدير بود-“ تنهنڪري 25 سال عالمگيري (1093 هه) ۾، جڏهن ته بادشاهه اورنگ آباد ۾ مقيم هو، مير عبدالڪريم سندس حضور ۾ پيش ٿيو، “: ”موميٰ اليه منظور نظر تربيت خسرواني گشت“. سڀ کان پهريائين مير صاحب کي ”داروغهء جانماز“ مقرر ڪيو ويو، ۽ ساڳئي وقت ”امانت هفت چوڪي“ جي خذمت به سندس سپرد ٿي. اهي ٻيئي عهدا اُهي هئا، جيڪي بادشاهه جي خاص ذات سان تعلق رکندڙ هئا، جنهنڪري مير صاحب کي عالمگير جي بلڪل قريب رهڻ جو موقعو ملي ويو. ”ماثر“ لکي ٿو ته انهيءَ قرب ۽ ويجهڙائيءَ سبب مير صاحب جون خذمتون بارگاهه شهنشاهيءَ ۾ مقبول پئجي ويون، “: ”چون پيش آمد و ترقي او مذڪور خاطر بادشاهي بود“. ’داروغهء نقاش خانه‘ جو عهدو به سندس حوالي ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح ٿوري ئي عرصي ۾ ايترو مقبول خاطر ٿي ويو، جو پي در پي ٽي اهم خذمتون حاصل ڪري ورتائين. 28 سال عالمگيريءَ (1096 هه) ۾ کانئس ڪا معمولي غلطي ٿي، جنهنڪري ”جانماز“ جي داروغي کانئس واپس ورتي ويئي، ليڪن چند ڏينهن بعد ”عنايات خسرواني“ جي بدولت، ساڳئي عهدي تي فائز ٿي ويو. (1) حيدرآباد جي سفارت: 29 سال عالمگيريءَ (1096 هه) ۾، شهزادو شاهه عالم بهادر، خان جهان سان گڏ، ابوالحسن والي تلنگانه جي معرڪي لاءِ روانو ٿيو. معمولي مقابلي ۾ ڪشمڪش بعد حيدرآباد تي شاهي لشڪر جو قبضو ٿي ويو. عالمگير انهيءَ غير معمولي فتح جي خبر ٻڌي، مير عبدالڪريم کي منتخب ڪيو ته فاتح شهزادي ۽ ٻين سردارن ڏانهن شاهي خلعتون ۽ انعام اڪرام کڻي وڃي. مير صاحب شاهي تحائف کڻي، منزل مقصود ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن حيدرآباد کان چئن ڪوهن تي سندس قافلو پهتو، ان وقت اوچتو شيخ نظام حيدرآبادي، سپاهين جو وڏو ڪٽڪ وٺي، اچي مٿان ڪڙڪيو. مير صاحب جا ماڻهو مقابلي لاءِ تيار ڪونه هئا، جنهنڪري نظام جو لشڪر کين زير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو: ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪيترا شديد زخمي ٿيا، ۽ شاهي تحائف ۽ ٻيو سمورو سامان فاتح لشڪر لٽيو ڦريو، شهيدن ۽ زخمين کي ميدان جي حوالي ڪيون هليو ويو. انهيءَ اوچتي حملي ۾ عبدالڪريم پاڻ به سخت زخمي ٿي پيو، نظام جي سپاهين کيس انهيءَ حالت ۾ کڻي وڃي ابوالحسن جي پيش ڪيو، جنهن رات جي اونداهيءَ ۾، شاهي لشڪر گاهه وٽ کيس ڦٽو ڪرائي ڇڏيو. محمد مراد حاجب کي مير صاحب جي حالت جي خبر پئجي ويئي، جنهن اتان کڻائي کيس وڃي پنهنجي جاءِ تي رهايو. علاج معالجي بعد، جڏهن مير صاحب هلڻ چلڻ جهڙو ٿيو، ان وقت شهزادي جي حضور ۾ حاضر ٿيو، سوکڙيون ۽ سوغاتون ته ڦرائي ويٺو هو، باقي نياپا سنيها جيڪي مليل هئس، سي شهزادي جي گوش گذار ڪري، سفارت جي فرائض کان سبڪدوش ٿيو. خان جهان انهيءَ وقت شاهي دربار ڏانهن واپس ٿيڻ لاءِ تيار هو. مير صاحب زياده وقت شهزادي وٽ رهڻ جي ضرورت نه سمجهي، خان جهان سان گڏ شاهي دربار ڏي موٽيو. لشڪر جي ڪروڙي گري: گولڪنڊي جي محاصري وقت، شريف خان دکنيءَ کي صوبن مان جزيه وصول ڪرڻ تي مقرر ڪيو ويو، ۽ سندس جاءِ تي، شاهي لشڪر جي ”ڪوڙي گري“ مير عبدالڪريم جي حوالي ڪئي ويئي، ۽ ساڳئي وقت جرماني وصول ڪرڻ جي داروغي به سندس سپرد ٿي. ”ملتفت خان“ جو خطاب: ڪروڙي گريءَ جي سلسلي ۾، مير صاحب پنهنجي حسن خدمتيءَ جا خوب جوهر ڏيکاريا. ”شاهه دين پناهه“ مٿس بيحد راضي ٿيو، ۽ کيس ”ملتفت خان“ (1) جو خطاب عنايت ڪيائين. خواجه حيات خان جي انتقال سبب ”آبدار خاني“ جو عهدو خالي هو، اهو به سندس سپرد ڪيو ويو. اهي سڀ عهدا ۽ لقب کيس 36 سال عالمگيريءَ (1104 هه) کان اڳ مليا. ڇٽيهين سال ۾ ”داروغگي خواصان“ جو عهدو کيس عنايت ٿيو. ”ماثرالامرا“ لکي ٿو ته: ”بخدمت قرب رتبت داروغگيِء خواصان از انتقال انور خان پسر وزير خان شاهجهاني، و از اصل و اضافه به منصب هزاري، سر عزت بر افراخت، در تقرب و مزاج داني محسود اماثل شد.“ (1) - يعني تقرب سبب ايترو مقبول ٿيو، جو سندس منصب به وڌي ”هزاري“ تائين پهتو، ۽ ”داروغهء خواصان“ جو اهم عهدو به کيس مليو. خطاب ۽ القاب: بادشاهه جي مزاج ۾ مير صاحب پنهنجي غير معمولي صلاحيتن سبب پورو دخل حاصل ڪري چڪو هو، عزت ۽ منصب ۾ جلد جلد ترقي ڪندي، ڪٿان جو ڪٿان وڃي پهتو: پهريون ”داروغهء جانماز“ ٿيو، پوء ”امانت هفت چوڪي“ جي خدمت سندس سپرد ٿي، ان بعد، ”نقاش خانه“ جي داروغي حاصل ڪيائين، حيدرآباد جي سفارت تان موٽي اچڻ بعد، کيس لشڪر جي ”ڪروڙي گري“ ملي، ۽ ساڳئي ئي وقت جرماني وصول ڪرڻ جي داروغي به سندس سپرد ٿي، سڀ کان پهريون ”ملتفت خان“ جو لقب کيس مليو، 45 سال عالمگيريءَ (1113هه) ۾، ”خانه زاد خان“ جي خطاب جو مٿس اضافو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ ستت ئي ”مير خان“ جو خطاب مليس، ۽ 48 سال (1116 هه) ۾، جڏهن تورنا جو قلعو فتح ٿيو، ان وقت پنهنجي موروثي خطاب، ”امير خان“، تي وڃي پهتو. انهيءَ خطاب جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ازراه تلطف بادشاهه کيس چيو ته ’تنهنجي والد کي جڏهن اهو خطاب مليو، تڏهن هن هڪ هزار في سال جي مناسبت سان، هڪ لک رپيا بادشاهه جي نذر ڪيا هئا، هاڻي ساڳئي خطاب ملڻ تي تون ڪيترو نذر پيش ٿو ڪرين!‘ مير صاحب دست بسته عرض ڪيو ته: ”هزار هزار جان فداي ذات مقدس باد، جان و مال همه تصديق حضرت است.“ (1) - يعني، ’اوهان جي ذات مقدس مٿان هزارين ساهه صدقو ڪريان، منهنجي جان ۽ منهنجو سڄو مال ملڪيت اوهان تان گهور آهي!‘ بادشاهه سندس ان جو جواب تي ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي ڏينهن مير صاحب ياقوت مستعصميءَ جي هٿ جو لکيل بيش قيمت ڪلام مجيد، عالمگير کي هديه طور پيش ڪيو، بادشاهه اٿي کڙو ٿيو، چمي اکين تي رکيائين، ۽ ازخد خوشيءَ مان فرمايائين ته: ”امير خان تو اهڙي سوکڙي مون کي ڏني، جنهن جي قيمت ۾ ٻيئي جهان به پورا پئجي نه ٿا سگهن.“ (2) ‘واڪن ڪيره’ جي فتح بعد ”ماثرالامرا“ ۾ آهي ته: ”بافزونيِء پانصدي از اصل و اضافه بمنصب سه هزاري ڪامياب دولت گرديد.“ - يعني، ’سندس اصلي منصب ۾ اضافو ڪري سه هزاريءَ جي درجي تي پهچايو ويو‘. مقرب خاص: مير صاحب جو بخت ياور ۽ اقبال بلند نه اصل کان ئي هو، ملازمت ۾ اچڻ سان ئي بادشاهه جي مزاج ۾ دخل حاصل ڪري ورتائين، خاص عهدن جي ڪري شروع کان وٺي بادشاهه جي ويجهو رهڻ لڳو، ليڪن بادشاهه جي آخري زماني ۾ ته سندس تقرب انهيءَ حد تائين وڌي ويو، جو رات ڏينهن ۾ ڪنهن به وقت بادشاهه کان جدا نه ٿيندو هو. ”ماثرالامرا“ تصديق ڪندي لکي ٿو ته: ”در مصاحبت و محرميت فرق نداشت، چه شب و روز به باريابيء حضور تفوق مي اندوخت.“ ”ماثر عالمگيريءَ“ جي حوالي سان ”ماثرالامرا“ ۾ آهي ته، واڪن ڪيري کان ٽن ڪوهن جي فاصلي تي ديوار پور جي مقام وٽ بادشاهه سخت بيمار ٿي پيو، ۽ مرض انهيءَ حد تائين شدت اختيار ڪئي، جو اڪثر بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا، ۽ “: ”از آنجا(ڪه سن به نود رسيده) ياسي تمام بمردم رو آورد، نزديڪ بود ڪه از هول آن حادثه ملڪ بهم برآيد.“ انهيءَ حالت جو بيان ڪندي، امير خان عبدالڪريم جو قول آهي ته ’هڪ ڏينهن بادشاهه اک کولي ۽ انتهائي ضعف هوندي هيٺيان شعر جهونگارڻ لڳو‘: ”بهشتاد و نود چور در رسيدي بسا سختي ڪه از دوران ڪشيدي وز آنجا چون بصد منزل رساني بود مرگي بصورت زندگاني“ امير خان اهي شعر ٻڌي، کيس عرض ڪيو ته ’حضور، شيخ ” نظامي گنجوي“ عليه رحمته انهن شعرن جي تمهيد ۾ هڪ شعر چيو آهي- ”پس آن بهتر ڪه خود را شاد داري دران شادي خدا را ياد داري.“ شهنشاهه فرمايو ته ’وري پڙهه!‘ ٻه ٽي ڀيرا شعر پڙهيو. حڪم ٿيو ته ’ڪاغذ تي لکي ڏي!‘ مير صاحب حڪم جي تعميل ڪئي. اهو ڪاغذ سامهون جهلي، بادشاهه بار بار انهيءَ شعر کي پڙهيو. امير خان جو قول آهي ته ’صحت بخشيندڙ خدا پاڪ، بادشاهه کي قوت ۽ توانائي عطا فرمائي.‘ ٻئي ڏينهن بادشاهه سلامت پاڻ هلي اچي ”ديوان مظالم“ ۾ ويٺو، ۽ مير صاحب کي فرمايائين ته ”تنهنجي ٻڌايل شعر جي اثر مون کي ڪامل صحت بخشي، ۽ مون ۾ فوراً غير معمولي توانائي ۽ قوت اچي ويئي“. ”ماثرالامرا“ اهو واقعو لکندي، هنن الفاظن ۾ مير صاحب جي تعريف ڪئي آهي: ”خان مذڪور بجودت فهم و ادراڪ و شگرفيء حيثيت و بلنديء استعداد (ڪه ازان به قابليت تعبير رود) ممتاز بود.“ (1) عظمت ۽ وقار: بادشاهه جي بي حساب عنايتن، مهربانين، ۽ هر وقت جي نوازشن مير صاحب جو مرتبو آسمان تائين پهچائي ڇڏيو هو. اهي عنايتون ۽ شاهي مرحمتون بنا سبب ڪونه هيون. مير صاحب ۾ پنهنجو به وڏو استعداد هو، ۽ خدا کيس غير معمولي صلاحيتون بخشيون هيون، جن بادشاهه، خاص ڪري عالمگير جهڙي خشڪ مزاج ۽ سنجيده طبعيت واري شهنشاهه، جي دل کي موهي وڌو. امير ۽ وزير، سرڪردا ۽ سردار، بادشاهه جو قرب ڏسي، مير صاحب جو ڏاڍو تواضع ۽ احترام ڪندا هئا، ۽ پاڻ به هميشه ساڻن سٺو هلندو هو. سڄيءَ زندگيءَّ ۾ نه ڪنهن جي مخالفت ڪيائين ۽ نه ڪنهن سان وير وَڍُ وڌائين، جيترو پڳس سڀ سان چڱائي ڪيائين. ”ماثرالامرا“ جي مصنف جو قول آهي ته ’امير خان جي عزت ۽ احترام نه فقط اَمير اُمرا ڪندا هئا، بلڪ شهزادا به جڏهن وٽس ايندا هئا، ته سندن نگاهون ادب مان هميشـه هيٺ هونديون هيون‘، “: ”امير زاد هاي خاندان در جلو او راه مي رفتند.“ - يعني، ’جڏهن نڪري ڪيڏانهن هلندو هو، ته شهزادا به ساڻس گڏجي هلڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا‘. شاهي حڪم مطابق، پالڪيءَ ۾ سواري ڪرڻ جو اعزاز پڻ مير صاحب کي حاصل هو. ”ماثرالامرا“ جي مؤلف مير صاحب جي عظمت، شان ۽ مان جو تصور هنن لفظن ۾ ڪڍي آهي: ”چون مواد پندار و خود آراي آماده داشت، ڪله گوشهء نخوت برسر بي نيازي ڪج مي گذاشت، و با ڪم منصبي از جميع نوئينان بلند مقدار يڪسر و گردن بر خود مي ماليد، اميرزادهاي خاندان درجلو او ره مي رفتند، نگاه درست بجانب ڪسي نمي ڪرد، نقش ڪه عمدهاي دست نگر و منت پذير او بودند. چون حڪم شده بود ڪه سواي ڪسي که پالڪي به او از سرڪار بادشاهي عنايت شده، ديگري از بادشاهزاده و امرا پالڪي سوار در ”گلال باري“ نيامد، پس از چندي جملته الملڪ اسد خان، و او (ڪه دران وقت ملتفت خان بود) به اجازت سوار آمدن فرق افتخار افراختند، بعد ازان بهره مند خان و مخلص خان و روح الله خان مجاز گشتند. ازين جا رتبهء او توان شناخت، ڪه قدر در دل بادشاه جا ڪرده. در ديانت هم قدم مين گذاشت، اهل روزگار بفرمائش او جنس هر ديار بقيمت نصف و ثلث ارسال مي ڪردند، ديده و دانسته نگاه مي داشت، و در پرده قدغن استيعاب حصص ازو مي نمود“. (1) عالمگير جي وفات کان پوءِ: مير صاحب جي قدردان ولي نعمت، بادشاه عالمگير، سنه 1118 هه (1) ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ شهزادن ۾ تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ ايترو ڪشت خون چالو ٿيو، جو مغل سلطنت جي سموري در و ديوار زلزلي ّ۾ اچي ويئي. ٻن سالن ۾ ٻه شهزادا تخت تي ويٺا: پهريون اعظم شاهه ان کان پوءِ ڪام بخش. 1120 هه تائين ٻيئي ختم ٿيا، ۽ چئن پنجن سالن لاءِ شاهه عالم بهادر شاهه سلطنت جو وارث ٿيو. 1124 هه ۾ جهاندار معزالدين ۽ فرخ سير آيا. 1131 هه ۾ هڪ سال اندر چئن شهزادن تخت ماڻيو. اهڙيءَ طرح جنهن سلطنت جو بنياد بابر جي هٿن سان پيو، اڪبر اعظم ان کي سينگاري سنواري بيهاريو، جهانگير ۽ شاهجهان ان کي استوار ڪيو،- عالمگير جي پٽن ان کي نهوڙي نگوسار ڪرڻ شروع ڪيو. مير صاحب لاءِ ڏاڍي مشڪل هئي، ڪنهن جو طرف وٺي، ڪنهن سان وڙهي، ۽ ڪنهن جي لاري لڳي. جيترو وقت شهزادو محمد اعظم گواليار ۾ رهيو، اوترو وقت هو وٽس رهيو. جڏهن بهادر شاهه 1119 هه ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن وٽس اچي شاهي اميرن ۾ داخل ٿيو. بادشاهه تخت تي ويهڻ سان امير امرائن کي انعام اڪرام ڏنا. ”امراي عهد سلف از مخلص و مخالف بافزوني ِّ مناصب ڪام دل افروختند.“ (2) ان وقت مير صاحب به شاهي لطف ۽ ڪرم سان سرفراز ٿيو. ”از اصل و اضافه بمنصب سه هزاري پانصد سوار مورد سرحمت شد.“ مير صاحب کي منصب ته حاصل ٿيو، ليڪن اهو اڳيون شان و شوڪت خود بادشاهيءَ ۾ ڪونه هو ته مير صاحب ۾ ڪٿان ايندو! جيڪي ڏينهن عالمگير وٽ ڏٺا هئائين، سي هن دور ۾ ڪٿان هئا! ”ماثر“ سچ لکيو آهي ته: ”آن قرب و مصاحبت ڪو؟ و آن ناز و تبختر با ڪ؟“ اڪبر آباد جي قلعيداري: دربار جو اهو رنگ، ۽ شاهيءَ جي اها بي بقائي ڏسي، مير صاحب دربار ۾ رهڻ مناسب نه ڄاڻي، اڪبر آباد جي قلعيداري حاصل ڪئي، ۽ اڪبر آباد پهچي، هن تنهان ئي زياده گوشه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ شروع ڪئي. منعم خان خان خانان قديمي دوستيءَ جي بناءَ تي کيس اڪبر آباد جي صوبيداري به وٺي ڏني، ليڪن ٿوري عرصي بعد، اها کانئس واپس ورتي ويئي. فرخ سير جو عهد: محمد فرخ سير جي زماني (24- 1131 هه) ۾، جڏهن سادات بارها جو اقتدار وڌيو، ۽ ان وقت عالمگيري اميرن جي هڪ دفعو وري قدر افزائي شروع ٿي، عنايت خان، حميدالدين خان، محمد نياز خان، وغيره دوباره دربار ۾ اچي پهتا. مير صاحب کي به آگري مان گهرائي، بادشاهه پنهنجي حضور ۾ ’خواص جو داروغو‘ ڪري رکيو، جيسين فرخ سير تخت نشين رهيو، تيسين مير صاحب انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. 1131 هه ۾، سيدن فرخ سير کي معزول ڪري، رفيع الدرجات کي هٿ ٺوڪيو بادشاهه ڪري رکيو، کين اهو به پسند ڪو نه آيو، ۽ ساڳئي سال اندر ٽن ٻين شهزادن کي ٿورن ٿورن ڏينهن لاءِ تخت تي ويهاريائون. اهڙيءَ طرح، پنهنجي اقتدار خاطر هنن تيموري (مغليه) تخت سان انهيءَ قسم جي بازيگري ڪرڻ شروع ڪري ڏني. انهيءَ زماني ۾ مير صاحب نه فقط سڀني بلائن کان محفوظ رهيو، بلڪ ساداتن سان سٺي تعلق هجڻ جو سبب سندس مرتبي ۾ خاص اضافو ٿيندو رهيو. افضل خان صدرالصدور کي سيدن معزول ڪري، مير صاحب کي انهيءَ جاءِ تي آندو، اهڙيءَ طرح جيسين سادات برسر اقتدار رهيا، ۽ جيسين مير جيئرو رهيو، سندس مان مرتبي کي خدا محفوظ رکيو. سيدن ۽ مير صاحب جي تعلق جو ذڪر ڪندي، ”ماثرالامرا“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”قطب الملڪ بمراعات پيشين رتبهء تعظيم و توقير او از دست نميداد، و بر گوشهء مسند خود مي نشاند.“ (1) انتقال: مير صاحب جي وفات ڪڏهن ٿي، ان لاءِ اسان کي ڪوبه اطلاع ملي ڪونه ٿو سگهي. ”ماثرالامرا“ جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب صدرالصدوريءَ جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ ستت ئي انتقال ڪيو. انڊيا آفيس جي ڪئٽلاگر، مسٽر ايٿي، جو به اهوئي خيال آهي، لکي ٿو ته ’1131 هه ۾ يا ان کان ٿورو پوءِ سندس وفات ٿي.‘ (2) ”سفينه خوشگو“ ۾ به مصنف اهوئي لکيو آهي ته مير صاحب جو انتقال محمد شاهي دور جي شروعات (1121 هه) ۾ ٿيو.(3) مسٽر ڪزنس، مڪليءَ واري امير خاني قبرستان ۾، جنهن امير خان جي قبر جو اشارو ڪيو آهي ۽ سندس خيال مطابق اها ميرابوالبقا جي هئي، سا ممڪن آهي ته مير عبدالڪريم امير خان جي هجي، چوديواريءَ جي احاطي اندر هڪ مزار آهي جنهن تي ڪتبو آهي: محرران عملهاي ملڪ نامش را نموده اند بطور مار مغفرت تحرير ز بهر سال وفاتش بسو ز دل همه وقت بخـوان دو مـرقـِبه ايـن لـفـظ”يـا امير امير“ 1026 هه 513x 2= 1026هه گمان آهي ته مسٽر ڪزنس انهيءَ ڪتبي جي لفظ ”امير“ مان ’امير خان‘ جو شگوفو ڪڍي، اهو خيال ڪيو هجي. اسان جو پنهنجو خيال آهي ته مير صاحب گهڻو ڪري دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيو هوندو، پر جيڪڏهن اتان سندس لاش ٺٽي پهچي، مڪليءَ جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ٿيو ته پوءِ سندس قبر اها هجڻ گهرجي، جيڪا هن وقت انهيءَ چوديواريءَ جي ٻاهران ڏکڻ طرف، چند قدمن تي، هڪ مٽيءَ جي مٿاهين ڍير تي آهي، ۽ جنهن جي سيرانديءَ کان لوڙهه تي لکيل آهي: ”هو الڪريم.“ هن وقت فقط خوبصورت مزار موجود آهي، ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته ان تي ڪنهن وقت جدا گنبذ ٺهيل هو. هن وقت قبر جا ڪتبابه موجود ڪونه آهن، جيڪي غالباً اتان کڄي ويل آهن، يا ممڪن آهي ته مٽيءَ جي انهيءَ ڍير ۾ مدفون هجن. علم و فضل ۽ شاعري: مير علي شير ”قانع“، ”مقالات الشعراء“ ۾، مير صاحب کي بحيثيت شاعر جي جاءِ ڏني آهي. ‘ملتفت خان’ سندس لقب هو. انهيءَ نسبت سبب ”ملتفت“ تخلص ڪندو هو. ”مقالات“ ۾ سندس ٻه شعر نموني طور درج آهن: جان ڪرده ام ضيافت تيرِ تو راست گو مفلس ازين زياده به مهمان چه مي ڪند --- همدرد ما ڪسي ست ڪه داغ است بر دلش با ما درين ديار همين لاله آشناست پوئين شعرلاءِ مير علي شير اهو به لکيو آهي ته ”بياض“؟ ۾ مرزا جانيءَ ڏانهن منسوب آهي’. (1) بندرابن داس ”خوشگو“ جي تذڪري، ”سفينه خوشگو“، مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب هڪ مختصر ديوان به مرتب ڪيو هو. ”خوشگو“ پنهنجي تذڪري ۾ مير صاحب ۽ سندس شاعريءَ متعلق ڇا لکيو اهي، ان جو نسخو چونڪه پنهنجي دسترس کان ٻاهر آهي، تنهنڪري معلوم ٿي نه سگهيو. (2) ”ماثر الامرا“ فتح گولڪنڊي جي سلسلي ۾ مير صاحب جون ٻه تاريخون نقل ڪيون آهن. هڪ دفعي بيجاپور جي محاصري وقت عالمگير خندق ۽ دمدمه جو بند ڏسڻ لاءِ تخت روان تي سوار ٿي نڪتو. دمدمه قلعي جي برج جي سامهون هو، جڏهن سواري اتي پهتي، ان وقت برج تان ”چرخ آشوب“ توب ڇٽي، جنهن جو گولو بادشاهه جي مٿان هليو ويو. گوله انداز نشانو بادشاهه تي ورتو هو، ليڪن زندگي هئس جو نشان خطا ويو. مير صاحب داروغهء جي نماز جي حيثيت ۾ ساڻس گڏ هو، جنهن فوراً هيٺيون تاريخي بيت پيش ڪيو: ”فــتح بـيـجـاپور زودي مـيـشـود“. - 1099 هه بادشاهه ان کي نيڪ فال سمجهي، مير صاحب کي فرمايو ته-- ”خدا ڪند ڪه چنين شود“. چنانچه انهيءَ هفتي ۾ قلعو فتح ٿي ويو، ۽ مير صاحب هيٺين تاريخ شاهي حضور ۾ پيش ڪئي- ”فتح قلعه گولڪنده مبارڪ بادا“.- 1099 هه بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس آفرين چيائين. اولاد: سندس اولاد جو تفصيل ڪونه ٿو ملي، ايترو معلوم ٿئي ٿو ته کيس ڪي ئي پٽ هئا، جن مان ڪوبه مشهور نه ٿيو، سڄي زندگي سنڌ ۾ رهي، پيءُ جو اندوختو کائي، پنهنجو وقت پورو ڪري ويا- ”هيچ ڪدام رشدي نه ڪرده، به اندوخته پدر بسر نمودند“.(1) ابوالخير خان: ”ماثر“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جي هڪ پٽ جو نالو ابوالخير هو، جنهن جي قرابت خان دوران خواجه عاصم سان هئي، ۽ سندس سموري زندگي ان وٽ رهندي بسر ٿي، ۽ بادشاهه وٽان ”خان“ جو خطاب به مٿس عطا ٿيو هو. مير سيد اشرف خان: هيءَ به مير صاحب جو فرزند هو. ڪنهن به تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه آهي، ’برٽش ميوزم‘ مان اسان کي ”رقائم ڪرائم“ نالي هڪڙو خطن جو مجموعو مليو، جنهن جي ذريعي معلوم ٿيو ته ڪتاب جو مؤلف، مير سيد اشرف خان، مير عبدالڪريم جو فرزند آهي. ”رقائم ڪرائم“: ’برٽش ميوزم‘ ۾ انهيءَ ڪتاب جا ٻه نسخا (نمبر O.R. 16430- 8912 ADD.). انڊيا آفيس ۾ 4 نسخا (نمبر 1761 - 3021- 1596- 3388) آهن. انڊيا آفيس جو پويون نخسو 24 شوال 1154 هه جو لکيل آهي. (1) ’بوڊين لئبرري‘ ۾ پڻ هڪ نسخو (نمبر 253) موجود آهي. ڪتاب، فلسڪيپ سائيز جي 63 ورقن تي آهي: ’رقم‘ جي عنوان هيٺ 42 خط درج آهن، ’رقع‘ جي عنوان ۾ 120 رقعا آهن، ۽ ‘فرمان’ جي سرخيءَ هيٺ 5 فرمان موجود آهن. آخر ۾ چند متفرق خط آهن، ديباچي ۾ مؤلف مير سيد خان لکيو آهي ته: ”سخن جانست و ديگر گفتگو جانان زمن بشنو اگر هر لحاظه جانِ تازه ميخواهي سخن بشنو ”خاصهء سلاطين خرد پروه، و خسروان بيدار مغز والا شڪوه، سيما ڪلمات سعادت تاثير پاشاهان، خرد ڪامل لوع انسان، فرمانرواي ڪشور دلنوازي ابوالمظفر محي الدين محمد اورنگزيب عالمگير بادشاه غازي، ڪه روحيست در جسم فرد و عياري براي نيڪ و بد، ولهـٰـذا الراجي اليٰ رحمته الغني سيد اشرف خان مير محمد حسين، بعضي رقعات قدسي آيات آن حضرت را ڪه بخان همه دان قبله گاهي امير خان صادر شد بود، بعد رفتن اڪثري ازان بي نقل جابجا و ضايع شدن بسياري از ناقدرداني گروه بي پروا، جمع نموده، رساله ترتيب داد. آن را به مناسبت نام خان مرحوم مير عبدالڪريم ”رقائم ڪرائم“ نام نهاد. جهته خبرت يڪي ازين برابر هزار و برائي هوشياري اندڪي هم بسيار فضل او سبحانه ترتيب فرماي همڪنان خصوصاً خانه زادان آن حضرت خلد مڪان باد- بحرمته النبي الحجازي و آله الا مجاد.“ انهيءَ مجموعي ۾ اهي خط آهن، جيڪي عالمگير مير عبدالڪريم خان ڏانهن لکيا، ازنسواءِ شهزادن ۽ ميرن ڏانهن لکيل خط به مجموعي ۾ موجود آهن. دلچسپ واقعو: امير عبدالڪريم جي حالات کي اسان هيٺئين دلچسپ واقعي تي ختم ڪريون ٿا: هڪ ڏينهن بادشاهه سلامت امير عبدالڪريم کي نياپو ڏنو ته هو ڪامگار خان کي پهچائي. امير خان ڏانهس پيغام موڪليو ته وٽس اچي شاهي نياپو ٻڌي وڃي. ڪامگار خان کي جڏهن قاصد اهو پيغام ڏنو، تڏهن هن پڇيو ته ”ڪهڙو امير خان؟“ پيغامبر چيو ته ”امير خان عبدالڪريم تته“. ڪامگار چٿر مان چيو: ”يعني عبدالڪريم فراش!“ ”بگوئيد ڪه ما بجانهء فراشان نمي آئيم“. ڪامگار خان ‘فراش’ چٿر مان ان ڪري چيو، جو مير صاحب ڪنهن زماني ۾ شاهي جانماز جو داروغو هو. اها ڳالهه جڏهن امير خان بادشاهه سان ڪئي، تڏهن بادشاهه فرمايو ته ”آخر هو جعفر خان جو پٽ آهي، توکي هن وٽ وڃڻ کپندو هو، انهيءَ قسم جو نياپو موڪلڻ مناسب نه هو.“ (1) ڪامگار خان جعفر خان جو باڪمال فرزند، ۽ پنهنجي زماني جو امير ڪبير هو، ڪيترن ئي ممتاز عهدن تي فائز رهيو. نعمت خان عالي سندس شاديءَ تي اُهو مشهور قطعو چيو هو، جنهن جو پهريون شعر هيءُ آهي: ڪتخدا شد بار ديگر خان عالي منزلت باڪمال و عز و تمڪين و وقار و زيب و زين __________ (1) ”ماثرالامرا“ ص. 1/304. (2) ”ماثرالامرا“ ص. 1/303. (1) ”ماثرالامرا“ ص. 1/303. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ مير ابوالبقا جي پٽن م سلطنت خان کي عبدالڪريم خان کان جدا پٽ سمجهيو آهي، ليڪن اها سندس غلطي آهي: ملتفت خان نالي مير ابوالبقا کي ڪوبه پٽ ڪونه هو. (1) ”ماثرالامرا“، ص. 1/306. (1) ”ماثرالامرا“، ص. 1/306. (2) ”ماثرالامرا“، ص. 1/306. (1) ”ماثر“، ص. 1/307. (1) ”ماثرالامرا“، ص. 1/308. (1) وفات 28 ذي القعد 1118 هه (3 مارچ 1707ع) احمد نگر ۾ ڪيائين ۽ عمر 89 ورهيه هئس. (2) ”ماثرالامرا“، ص. 1/309. (1) ”ماثر“ ص. 1/310. (2) ”ڪئٽلاگ انڊيا آفيس“از:ايٿي، ص1/140. (3) خدا بخش لئبرريءَ جي فهرست - ”سفينه خوشگو“ ورق 97، نمبر690. (1) ”مقالات“ ص. 166. (2) فهرست ڪتب خانه بانڪي پور، بحواله ”سفينه خوشگو“ نمبر، ص. 690 ورق 97. (1) ”ماثرالامرا“، ص. 1/309. (1) رصو اصقًص, ي. 357 قِا 378- 140- 141. (1) ريو ايٿي، ص. 357 تا 378- 140- 141. مير ابوالمڪارم شهود ابوالمڪارم نالو، ۽ تخلص ”شهود“، مير ابوالبقا خان جو فرزند هو. ”تحفـ*ِ الڪرام“ جي مصنف کيس ”ولي ڪامل“ لکيو آهي، ۽ سندس سادي ۽ صاف، پاڪيزه ۽ بي عيب زندگيءَ جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ’جيتوڻيڪ پڻس ڪافيءَ کان زياده سرمايو ڇڏيو هو، ليڪن هن پنهنجي لاءِ اميراڻي زندگيءَ تي دوريشاني طور طريقي کي ترجيح ڏني‘ (1). ”مقالات الشعرا“ ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: ”صاحب ڪشف و ڪرامات، واقف عالي مقامات، سراسر شهود، پيوسته بامعبود، مي بود، .......... در عين دولت والد، خود را يحدي شناخته، ڪه براي حوايج ضروري خود به بازار مي رفت، و ڪارهاي خود، بدست خود مي ڪرد---“ (2) هڪ دفعو سندس والد انهيءَ تي ناراض به ٿيو، ليڪن سندس خدمت ۾ عرض ڪيائين ته: ”چرا از دست نمونيء ڪسي عار دارد......“ اقبالمند ۽ امير ڪبير خاموش ٿي ويو. علم و فضل: باطني فضيلتن سان گڏ مير صاحب ظاهري علومن ۾ به يگانه روزگار هو. ”قانع“ جو قول آهي ته: ”در هر چهارده علوم يگانه مي زيست“. (1) ”تحفـة الڪرام“ لکي ٿو ته ”در علوم ظاهري هم جامع بوده.......“ (2) لغت تي کيس خاص طرح عبور هو. هڪ دفعي ٺٽي جي امين الملڪ قاضي ابراهيم مير صاحب جي دعوت ڪئي. شام ٿيندي، ملازمن کي قنديلن روشن ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. قنديلن جي ‘قاف’ کي مير صاحب زبر سان چيو، جنهن تي مير صاحب کيس ٽوڪيندي چيو ته قنديلن جو قاف زير سان آهي.قاضي صاحب کي ڪجهه شڪ ٿيو، لغت ڪڍي ويئي، جنهن ۾ مير صاحب جي تصديق ٿي. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو، رات ڏينهن مطالعي ۾ مشغول رهندو هو، پاڻ چوندو هو ته ‘مون وٽ 5 سؤ جلد مختلف علومن تي موجود آهن، ۽ گهڻي مطالعي سبب سڀئي ازبر ٿي ويا آهن’. (3) تصانيف: مير صاحب، صاحبِ ڪمال شاعر هو. خدا ڄاڻي سندس تصنيفات جو ڪيترو تعداد هو، ”تحفة الڪرام“ جي ذريعي اسان کي ٻن مثنوين جا نالا ملن ٿا: (1) ”پريخانهء سليمان“، “ (2) ”مثنوي بديع الجمال و سيف الملوڪ“ (4) مير صاحب پوئينءَ مثنويءَ جي تڪميل ڪري نه سگهيو، ديوان مرتب ڪيو ويو يا نه، ان جو پتو ڪونه ٿو پوي، ليڪن سندس متفرقه ڪلام سنڌ جي ڪيترن بياضن ۾ ملي ٿو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ديوان ضرور مرتب ٿيو هوندو. اسان کي سندس متفرقه ڪلام جيڪو ملي سگهيو آهي، سو هيٺ درج ڪريون ٿا. متفرق ڪلام: ”مثنوي پريخانهء سليمان“ ۾ انبن جي تعريف ۾ چند شعر لکيا اٿائين، جن کي ”مقالات الشعرا“ نقل ڪيو آهي- ز وصف انبه چون گويم ڪه چونست ڪه از رشڪِ شرابش شهد خون است ز نامِ او چو گيرم لذت قند زبان باڪام لب با لب شود بند به سختي همچو لعل اما شڪر بار به نرمي چون طلائي دست افشار بطفلي چون دل معشوق سنگ است به پيري چون رخ من زرد رنگ است ز شيرين ڪاريش چون خل عسل شد زمرد باز در ياقوت حل شد شرابش بهتر از شير و شڪر هست گهي همرنگ سيم و گاه زرهست بصورت مردم و جايش بر اشجار گليم آرزو را شعله نار هيٺيون چند رباعيون به ”مقالات“ ۾ نقل ٿيل آهن: ترا در دست آئينه مرا در سينه آئينه بيا تا روبرو سازيم آئينه به آئينه ڪرا امشب بخورشيدِ رخش معراج خواهدشد ڪه دارد بردبانِ زلف در هر زينه آئينه ... ... ... مـــا آقـِّـيـنـه حــّهـان نـمــاي ياريـم رخت درگـريـم و زيب اين بازاريم چون سنگ قـِرازديـم درپـله خـويــش بيڪار نشسته ايم وهم درڪاريم ---- هـر چند غبار را عروج ســطح اســت آخر چونگه ڪـني ته پا نطح است جمـيـعـت دنــيـا سـت پريـشـانـــي را چون دوختن جـامـه ڪـه بهر قطعا ابناي زمانه يـڪـسـر از بـنـده و حــر باشند ز مال يڪد گر مــايده خور چون شيشهء سا عتند در دست فلڪ با اين نسود تهي، نگـردد آن پر ---- مير صاحب هڪ رباعي، مولانا لطف الله نيشاپوريءَ جي رنگ ۾ چئي آهي، جنهن جي هر مصرع پنجن شين تي مشتمل آهي: ’گل، زمانه، اسلح، جواهر، عنصر‘- انهيءَ قبيل جا نالا هر مصرع ۾ آيا آهن. مولانا لطف الله جي رباعي آهي: گل داد پري د رع فيروزه بباد دي جوشن لال لاله بر خاڪ افتاد داد آب سخن خنجر مينا امروز يــاقــوت سـنـان آبش نـيلوفر داد مير صاحب چيو آهي: گل داد پـري قـباي يـاقوت بنـار در باده بدرع لالـه شـد لـعل بنگار امروز در آب دُر ڪله زد نسريـن فردا سازد سمن زخاڪ فيروزه ازار مير ”قانع“ لکيو آهي ته ”لطائف الطوائف“ مان کيس معلوم ٿيو ته جڏهن مولانا لطف الله مٿين رباعي چئي، تڏهن معاصر شاعرن کيس ڏاڍو داد ڏنو، ۽ ڏٺو ويو ته کانئس اڳ انهيءَ قسم جي رباعي ڪنهن ڪانه چئي آهي. شاعرن گهڻي ڪوشش ڪئي، ليڪن ڪوبه رباعي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو. هڪ شاعر ”اسمعيءَ“ جيڪو ”سر آمد شعراي نيشاپور، ۽ فاضل استاد وقت“ هو، تنهن پوري هڪ سال تائين زور ڏنو، ليڪن چئي نه سگهيو’.(1) مير ”قانع“ لکيو آهي ته هن پاڻ، ٿوري خيال ڪرڻ سان، چند بيت ۽ هڪ رباعي انهيءَ رنگ ۾ تيار ڪئي. مير صاحب جا متفرق اشعار هيٺين طرح مليا آهن: در حيرتم ڪه گوشه نشينان زير خاڪ دور از رخ، تو چون مڙه برهم نهاد اند ----- مست نوش لعل او ڪي دست سوي مي برد نغمه سازِ عشق او ڪي دست سوي ني برد. (2) -- تـبسـم در لبش چون خنـده گــل فسون درنر گسش چون نشه درمل چـسان پـنـهـان ڪـنـم راز خرابات اشارت مي ڪند مينا ڪه قـل قـل حـــــجــاب روي اوهـــم روي او شــــد نـقـاب غــنــچــه عــيـن چـــهـــره گل ز ڪفـر اسـلام را گـرم است بـازار ڪه زينت نيست اورا غير ڪاڪل شهوداز بسڪ دربستان غزل خواند به بستان نام او خواند نه بلبل.(3) ”آنسي“ تخلص جو هڪ شاعر 1052 هه ۾ فوت ٿيو، مير صاحب جو دوست هو. هيٺيون تاريخي قطعو تصنيف ڪيائين: قدع بشڪست مستان سخن را نفس بگداخت مرغان چمن را ازين پس هر نوا ڪز بلبل آيد بگوش گل همه شيون نمايد شهود از حق به ”انسي“ مغفرت خواه ڪه وقت ست اين اجابت ڪرد الله الا هي از بحار جود يڪ نم ڪه پيش تشنه لب بيش است از يم ز ابر لطف خود برما بباران ڪزان باران شود گلشن بهاران لب ”انسي“ ڪه شد لب تشنه در خواب بڪن زان نم بڪنج گور سيراب پي تاريخ نقل آن سخن سنج گرفتم گوهر چند از گران گنج قلم در خون سالِ غم سرشتم ”بهشتش داد جاي ايزد“ نوشتم.(1) 1053هه ------ عرق فشاند رخت بر زمين گلاب انداخت غلط غلط ڪه بهر قطره آفتاب انداخت ---- جمعيت دنيا ست پريشاني را چون بافتن جامه ڪه بهر قطع است.(1) ------ باز امشب گرميء عشقست مطلوبِ مرا تا نظر برڪيست يا رب چشم محبوب مرا من اگر نيڪم و گر بد نيستم نوميد زو با بدان هم هست چشم نيڪوئي خوب مرا“ تا نگردد گرم آغوش اضطرابي دل بجاست بوي پيراهن نداده سود يعقوب مرا گر نقاب افگند از رو چشم در نظاره دار هست در هر پرده ڪشفي تازه محبوب مرا ڪي ڪشد بال ڪبوتر بار اين نامه ”شهود“ بال عنقا بشڪنـد بنـدي چـو مـڪـتـوب مـرا. (2) وفات: مير صاحب جي وفات ”قانع“ جي قول مطابق، 1073 هه ۾ ٿي، سندس قيام هميشـه سيوهڻ ۾ رهيو، ۽ انتقال به اتي ئي ڪيائين، تنهنڪري جوار حضرت قلندر لال شهباز ۾ دفن ٿيو. انتقال کان چند ساعتون اڳ، هيٺين تاريخ پنهنجي وفات لاءِ چيائين: ڪسي گرز پرسدز تاريخ ما همين گو ”بجنت خدا داد جا“ 1073 هه اها ئي تاريخ سندس مزار جي ڪتبي تي ڪنده ڪئي ويئي. اولاد: ”تحفـة الڪرام“ ۾ سندس ٽن صاحبزادن جا نالا آيا آهن- (1) مير امين الدين خان، (2) مير رضي الدين محمد ”فدائي“، (3) مير حافظ الدين خان. ”مقالات“ ۾ چوٿين صاحبزادي جو نالو آيو آهي- (4) معين الدين حسن خان ”حسين“. (1) ايندڙ صفحن ۾ انهن جو تذڪرو ڏنو وڃي ٿو. (1) ماثرالامرا ص. 3/160. (2) ”تحفـته ِ الڪرام“، ص. 3/96- 208. (1) ”مقالات“، ص. 130. (2) ”تحفـتهِ الڪرام“، ص. 3/208.. (3) ”مقالات“، ص. 132. (4) ”تحفـته ِ الڪرام“، ص. 3/208، ”مقالات“، ص. 131. (1) ”مقالات“. ص. 132. (2) ”مقالات“، ص. 172. (3) قلمي بياض ثنا ِّ الله خان. (1) ”مقالات“ ص. 39. (1) بياض قلمي مملوڪه سنڌي ادبي بورڊ (2) بياض مرتضائي ٺٽوي، ملڪ حسام الدين، ص. 44. عنوان ۾ ’ابوالمفاخر شهود امير خاني‘ لکيل آهي، ابوالمفاخر غالبا= ابوالمڪارم جي بگڙيل صورت آهي. (1) فرامينن واري بياض ۾هڪ سند آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ابوالمڪارم کي ٻيا به ٻه پٽ هئا: هڪ عبدالحڪيم ۽ ٻيو علي اڪبر، اهي ٻيئي 1106 هه تائين حيات هئا. مير امين الدين خان حسين هيءُ مير ابوالمڪارم شهود جو وڏو پٽ هو. خانداني طرح ته امير هو، پر طبعاً به امير هو. جتي رهيو ٺٺ سان رهيو، شان شوڪت، مان ۽ سومان ۾ سخت وضعدار هو. ”تحفة الڪرام“ جي مصنف ”اميري والامقدار“ جي اعزاز سان کيس ياد ڪيو آهي. ٺٽي جي ايالت: مير ”قانع“ ”تحفة الڪرام“ ۾ کيس ٺٽي جي نوابن واري فهرست ۾ داخل ڪندي لکيو آهي ته: ”به ايالت تته زماني قدر اعزاز برافراخته، مقيم جاويد شد“ (1) مير صاحب، سعيد خان (خانه زاد خان) کان پو”، 1114 هه ۾، ٺٽي جو نواب ٿي آيو. مير سيد علي خوش نويس سندس آمد جو سال ”امير امين الدين خان“ مان ڪڍيو.(2) اهو عالمگير جو آخري زمانو هو، جنهن کان پوءِ عالمگير چار سال زنده رهيو. ”تحفـة الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب فقط سال کن ٺٽي ۾ رهيو، ۽ 1115 هه ۾ کانئس ٺٽي جي حڪومت جون واڳون يوسف خان ترڪ اچي ورتيون. مير صاحب جي سياسي زندگيءَ متعلق فقط ايترو معلوم ٿئي ٿو، ان کان اڳ هو ڪٿي ڪٿي رهيو، ۽ ٺٽي کانپوءِ هو ڪاڏي ويو، ان جو تفصيل ملي ڪونه ٿو سگهي. علم و فضل: مير صاحب پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ وڏو صاحب ڪمال بزرگ هو، علم جي چراغ کي پشتها پشت جي خانداني طريقي مطابق پاڻ به روشن رکيو آيو. وٽس عظيم الشان ڪتبخانو هو، ۽ سڄو وقت پيو مطالعو ڪندو هو. اهل علم ۽ اصحاب ڪمال هر وقت وٽس ايندا ويندا هئا، جن سان علمي مجلسون ۽ ادبي مذاڪرا پيو ڪندو هو. ”تحفـة الڪرام“ جي مصنف انهيءَ سلسلي ۾ لکيو آهي ته: ”اغلب اوقات بمطالع ڪتب و صحبت با علما پرداخته“ (1) ”مقالات“ ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: ”اميري با اعتبار وسيدي عالي مقدار بوده، باوجود رتبت امارت، اغلب اوقات بمطالع ڪتب و صحبت با علماً پرداخته“. (2) تصانيف: مير صاحب کي تصنيف جو به شوق هو. اسان کي اهو معلوم ٿي نه سگهيو ته هن ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪتاب لکيا، البت سندس ٻن تصنيفن جا نسخا ڪن ڪتبخانن ۾ اڄ تائين موجود آهن: هڪ ”رشحات الفنون“ ۽ ٻيو ”معلومات الافاق“. رشحات الفنون: ”تحفـة الڪرام“ ۾ آهي ته مير صاحب ”رشحات الفنون“ ۾ چوڏهن علمن تي بحث ڪيو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪتاب ”مطلع العلوم في مجمع الفنون“ جي نموني تي آهي، جنهن ۾ سڀني علومن جي تاريخ تي بحث ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو نسخو ”خدا بخش لئبرري“، پٽنا ۾ آهي، جنهن ۾ 151 ورق آهن، ۽ هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن، نسخي جو خط تعليق آهي، ڪتابت 1673 هه ۾ ٿيل آهي، ڪاتب جو نالو سيد احمد بن سيد حبيب الله آهي. فهرست نگار مصنف جو نالو هن طرح لکيو آهي: ”امين الدين خان بن سيد ابوالمڪارم بن سيد امير خان حسيني الهروري“. (1) برٽش ميوزم ۾، سر هنري اليٽ،مصنف ”تاريخ هند“، جي فائل نمبر (O.R، 2060) ۾، ”رشهات“ جي مضمونن جي فهرست ۽ ڪجهه اقتباس موجود آهن، هيٺ ان جو اختصار ڏجي ٿو، تاڪه پڙهندڙ ڪتاب جي مضمونن مان واقف ٿين. ڪتاب جي ابتدا هن طرح ٿئي ٿي: ”سپاس بيقياس آن معبود مطلق و آن مسجود برحق... ... اما بعد چنين مي گويد، اقل الحنيفه، احقرالعباد امين الدين خان بن سيد ابوالمڪارم بن مرحوم امير خان الحسيني الهروي، ڪه سبب تاليف اين سفينه سڪينه،و باعث فراهم او... است، ڪه اين مجموعه انيقه آنست ڪه چون بعضي احباب و اصحاب فضل را آرزوي تحصيل علوم عقليه و نقليه در سر افتاد، بمقتضاي آن ڪه گفته اند- علم ڪثير آمد و عمرت قصير هر چه ضروري ست ازان شغل گير وآنڪه گفته اند- حفظ ڪن مختصري هر فن گير خوشبوي گل ازهر گلشن چند سطري ورشحهء ازهر علمي از علوم منقوله و معقوله،قصير العبارة ڪثير المنفعته، نگاشته آمد، تا بقدري مفيد طلبان اعزه اجله هر فن باشد، و فارسي خوانان را تسهيل تحصيل شود.“ ڪتاب جو نالو هن طرح لکيو اٿس: ”و موسومه نموده شد آن را به- ’رشحات الفنونو منه العصمته العون‘.“ تاريخ تصنيف بيان ڪندي لکي ٿو: ”و از بدايع صنايع آنڪ همين اسم باندڪ تعميه تاريخ اتمام اين مجموعه مي شود، چنانچه منظوم نموده شده- الله الحمد ڪن عطائي خدا شد مرتب سفينه ز علوم طرفه مجموعه علوم شد ڪه سر جهل ازان شده معدوم ”رشحات الفنون“ بود نامش 1126- 3= 1123هه با مسمي ست اسم اين مرقوم چون سر جهل از و بريده شود 3 سال تاريخ زان شود معلوم ڪتاب جي مضمونن جي فهرست هيءَ آهي: (1) رشحه در علم تفسير. (2) رشحه در علم حديث. (3) رشحه در شعب ايمان. (4) رشحه در بيان عقائد و ڪلام. (5) رشحه در اصول فقهه. (6) رشحه در علم فروع فقهه. (7) رشحه در علم و تصوف. (8) رشحه در علم تعريف حڪمت و منطق واقسام آن. (9) رشحه در علم طب. (10) رشحه در حڪمته علميه. (11) رشحه در علم نحو. (12) رشحه در علم صرف. (13) رشحه در علم معافي. (14) رشحه در علم بيان. (15) رشحه در علم بديع. (16) رشحه در علم تاريخ. فصل: (1) فصل در بيان عقول عراه. (2) فصل در بيان اقسام خوارق. (3) فصل در بيان وجه تفرقه ميان صوفيا و حڪماءِ اشراقين و متڪلمين و حڪماي نشائين. (4) فصل در بيان معقولات عشره. (5) فصل در بيان امزجه. (6) فصل در بيان ارڪان. (7) فصل در بيان اعضا. (8) فصل در بيان اخلاط. (9) فصل در بيان اسباب ستر ضروريه. (10) فصل در بيان حرڪات نفساني. (11) فصل در بيان اقسام نبض. (12) فصل در بيان براز. (13) فصل در بيان بحران. (14) فصل در بيان اصطلاح اطبا و اسماء ادويه و اوراق طلا. (15) فصل در بيان تهذيب و اخلاق. (16) فصل در بيان حڪمت شريفه. (17) فصل در بيان سياست مدينه. (18) فصل در بيان ماهيت خلق. (19) فصل در بيان بعض مناقب اهل صفه. ذڪر: (1) ذڪر نساء عارفان. (2) ذڪر مشائخ هند. (3) ذڪر حڪماء اسلامئين. (4) ذڪر ملوڪ بني اميه. (5) ذڪر بني عباس. (6) ذڪر فرقهء صاريان. (7) ذڪر فرقهء سامانيان. (8) ذڪر فرقهء غزنويان. (9) ذڪر فرقهء غوريان. (10) ذڪر فرقهء آل بويه ڪه ديالمه مي گويند. (11) ذڪر فرقهء سلجوقيان. (12) ذڪر فرقهء خوارزم شاهيان. (13) ذڪر فرقهء اتابڪان. (14) ذڪر فرقهء اسمــٰـعيليه. (15) ذڪر فرقهء قراختائي. (16) ذڪر فرقهء ملوڪ روم- سلاجقهء روم- دانشمنديه- ملوڪ سليقيته - ملوڪ منڪوچڪيه- ملوڪ قرامان- ملوڪ عثمانيه. (17) ذڪر فرقهء شرفاء مدينه. (18) ذڪرفرقهء خاقان ترڪستان. (19) ذڪر فرقهء چنگيز خان. (20) ذڪر فرقهء طوائف الملوڪ. (21) ذڪر فرقهء خاڪان شيبانيه. (22) ذڪر فرقهء ملوڪ شيبانيه. (23) ذڪر فرقهء خاقان ڪاشغر. (24) ذڪر فرقهء ملوڪ الطوائف ڪه بعد از ابو سعيد در ايران حڪومت ڪرده اند- چوبانيان الڪانيان، آل مظفر، ملوڪ ڪرت، ملوڪ سر بداران. (25) ذڪر فرقهء ملوڪ ترڪ قراقونيلو. (26) ذڪر فرقهء ملوڪ آق قرنيلو. (27) ذڪر فرقهء شاهان صفويه. (28) ذڪر فرقهء ملوڪ هند، از عرب سال 44 تا ابراهيم. (29) ذڪر فرقهء دکن،شش طائفه. (30) ذڪر فرقهء ملوڪ گجرات. (31) ذڪر فرقه ء حڪام سنده. (32) ذڪر فرقه ء حڪام ملتان. (33) ذڪر فرقهء ملوڪ بنگاله. (34) ذڪر فرقهء ملوڪ مالوه. (35) ذڪر فرقهء مرزايان خانديش. (36) ذڪر فرقهء فرمانروايان جونپور. (37) ذڪر فرقهء ملوڪ ڪشمير. (38) ذڪر فرقهء خاقان تمڪين مڪان- خسرو صاحب قران، امير تيمور گورگان و اولاد شان- بابر، همايون، اڪبر، جهانگير، شاهجهان، اونگزيب عالمگير- ذڪر برخي از ڪرائم صفات و شرايف اخلاق آن بادشاه دين نوراله مرقده. ڪتاب جو اختتمام عالمگير جي انهيءَ وصيت تي ٿئي ٿو، جيڪا انتقال کان پوءِ سندس سيرانديءَ کان ملي هئي. مٿي ڏنل قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب ”رشحات“ کي سال 1123 هه ۾ لکي ختم ڪيو. ”معلومات الافاق“: هي ڪتاب جغرافيه تي آهي. ”تحفـة الڪرام“ انهيءَ ڪتاب جي حوالي سان هڪ عجيب واقعو لکيو آهي. عالمگير جي آخري دور ۾ سنڌ جي سماواتي پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾، ”برسرِ ڪولاب نيلوفري“، ڪنهن زماني ۾ برهمڻ ۽ چاچڪ قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، هڪ چاچڪ عورت کي ڇهن مهينن جو ڪچو ٻار ڄائو، ٻار اڃا تائين فقط گوشت جو ٽڪرو هو شڪل صورت ڪانه ورتي هئائين، ۽ نه ساهه ئي پيو هئس، ماڻس انهيءَ حالات ۾ ان کي دفن ڪرڻ جي بجاءِ ڪنهن گرم جاءِ تي رکي ڇڏيو. رفتي رفتي ٻار انساني صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي: ڪن، نڪ، هٿ ۽ پير ظاهر ٿيڻ لڳا، تان جو ڏهين مهيني مڪمل ٿي ويو، ۽ منجهس ساهه پيو. ٻار کي عمر ڪوٽ نيئي پاليو ويو، ۽ 15 ورهين جي عمر ۾ اچي مري ويو. (1) سر اليٽ جي فائل (برٽش ميوزم نمبر 1741- O.R.) ۾ ڪتاب جي فهرست هن طرح ڏنل آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي ڪتاب جي مضمونن جو اندازو ٿي ويندو- --- در بيان اسماي بلدان و جزائر. در بيان ذڪر مقدار زمين. در بيان اقاليم سبعه. دربيان احوال ساڪنان اقليم سبعه. --- ذڪر اهل چين- هند- حبشه- روم- عرب- عراق. --- دربيان ذڪر معرفت خارج از اقاليم. دربيان ذڪر تعداد بلدان اقاليم سبعه و ولايت آن و تعداد جبال و بحار، و بحيرات و انهار و آبار، و عيون و جزائر. در بيان ذڪر بلدان اقليم اول تا اقليم هفتم. دربيان ذڪر تعداد ولايات ربع مسڪون. دربيان ذڪر جبال، براري، بحاري، انهار، عيون مشهوره، جزائر ڪه در ربع مسڪون اند. دربيان ذڪر عجائبات بعضي از ولايات جبال و احجار و حيوانات و طيور و اشجار. دربيان ذڪر ڪوه ڪاف، شارستان، جابلستان و جابلسقان ذڪر شمهء از غرائب ديار مغرب. ذڪر شمهء از غرائب ولايت بيجانگر. ذڪر شمهء در بيان صفت ولايت ڪشمير. ذڪر شمهء عجائب و غرائب ولايت خطا. ذڪر شمهء عجائب و غرائب، جبال، احبار، عيون، حيوانات بري، طيور، اشجار، بحارڪبار و حيوانات آن، انبار، آبار، جزائز متفرقه. --- در بيان بعضي از نوادر و غرائب ڪه درنگارستان احمد غفاري آورد، ڪه در ’حبيب السير‘ و از ’جامع التواريخ‘ جلالي ميڪند. در بيان بعضي از ’بدايع وقايع‘ ’در مراهِ العالم‘ ڪه در عهد اعليٰ حضرت خلد مڪاني واقع آورده. در بيان بعضي از غرائب ڪه از ’عجائب البلدان‘ وغيرها منقول شده در بيان بعضي از غرائب ڪه شنيدنيها، ديدنيها، بوئيدنيها خواص خوردنيها، وغيره. در بيان دانستن قيمت جواهر، و علم طب. در بيان شمه از اخلاق و صفات و منبع العزو سعادات عليه افضل التحيات و اڪمل التسليمات. در بيان معجزات آنحضرت - اقسام خوارق- فضيلت صلواة بر سيد الڪائنات فضيلت دعوات ماثوره. -- در بيان القاب متطاب بادشاهي و بادشاهزاد هائي و بيگمات و متصد يان عظام ممالڪ انتظام، و خوانين ذوالاحترام. -- در بيان القاب بادشاهزادهائي، بيگمات، حرمه محل سراي و حرم حريم، از اهل طرف و نغمه، و پاتران، و نرت ڪاران، وغيره. -- در بيان داروغه ديوان خاص، راروغه خواصان، ديوان اعليٰ جملته الملڪ، بخشيان عظام، داروغه داغ، داروغه ِّ گرزداران. -- در بيان سپه سالاران، خانسامان، و بيوتات، صدرالصدور، منصب جليل القدر قضا، افتا، احتساب در بيان مناقب آخته بيگي، داروغهء جيلخانه، توب خانه، مير توزڪ، يساولان، قوربيگي، داروغه قور خانه، قوش بيگي، قراصل بيگي، دارغهء عدالت، داروغهء داڪ، واقع خوان، داروغهء هرڪارها، داروغهء چبوتره ڪوتوالي وغيره، دستور العمل خوشبو خانه. در بيان چودهريان، قانون گويا. در بيان ذڪر خطابهاي متصديان عمده و سپهه سالاران. در بيان ذڪر خطابهاي زمينداران راجپوتيه. در ذڪر ڪيفيت مساحت ممالڪ محروسه. در ذڪر صوبجات. در ذڪر دستور العمل تنخواه منصب ذات وغيره. در ذڪر دستور العمل نابينان. در ذڪر ضابطه داغ سه اسپه، دو اسپه، يڪ اسپه. در ذڪر حساب ماهوار. ڪتاب جو اهو آخري حصو بيحد ڪار آمد آهي. افسوس آهي جو هن وقت تائين ڪتاب جي موجودگيءَ جو پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. سر اليٽ جي ٻئي فائل (برٽش ميوزم نمبر 2060O.R.) ۾ ڪتاب جا ڪي اقتباس موجود آهن، جن مان ڪتاب جي ابتدا هن طرح معلوم ٿئي ٿي: ”آغاز ڪتاب بحمد خدا، يعني ڪريم ڪرم بخش رحمت گستر خليفه پرور، ڪه از آيات ربوبيت او هر ذره ترجمه و نشان و از هر حقيقي بيان و برهان است....... الخ“ ڪتاب جي انتها هن فقري تي ٿئي ٿي-- ”ذڪر در بيان گزلت و گزمده از پارچه وغيره- شانزده بحرين را يڪ بحر و شانزده گره را يڪ روعه ڪه آن گز شاهه جهاني باشد، در بيان گزمده آنڪ هشت ڪروه را يڪ انگشت، و بيست و چهار انگشت را يڪ دست و چهار دست را يڪ دند، و دو هزار دند را يڪ ڪروه، و چهار ڪروهه را يڪ جو-- تم الڪملام والصلواة السلام عليٰ محمد خاتم الانبياء و المرسلين و آله خيرالانام... فقط“ تعليم: مير امين الدين جي تڪميل غالباً ٺٽي ۾ ڪئي. انهيءَ دور ۾ شيخ عبدالواسع جو مدرسو ڏاڍو مشهور ۽ مرجع عام و خاص هو، ۽ مير صاحب به انهيءَ مدرسي ۾ پڙهيو. سندس استاد لاءِ مير ”قانع“ لکيو آهي ته ’يگانهء روزگار عالم ۽ باڪمال صوفي هو، ڪيتريون تصنيفون مختلف علومن تي ڪيائين، ”مخزن الاسرار“ جو شرح قاضي ابراهيم کان زياده بهتر لکيائين.’(1) ”مقالات“ ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: ”صوفي عالم متبحر و در طريق صوفيه يگانهء عصر مي زيست، و صاحب تصانيف غريبه است، شرح ”مخزن الاسرار“ بهتر از قاضي ابراهيم گفته.“ (1) شيخ صاحب کي شعر و سخن جو به ذوق هو، صاحب ”مقالات“ سندس هڪ شعر نموني طور ڏنو آهي- رهي بدوست ز دل گر نيافتي هيهات بسعي چند زني سر بسنگ ڪعبه و دير شاعري: شعر و سخن جو ذوق مير صاحب کي ورثي طور مليل هو، شاعريءَ ۾ پنهنجي دور اندر وڏو نالو پيدا ڪيائين، ليڪن افسوس آهي جو سندس اهو ذخيرو برباد ٿي ويو ۽ فقط چند شعر ”مقالات الشعرا“ ۾ محفوظ رهجي ويا، جيڪي تبرڪ طور پيش ڪجن ٿا: اي دل چه غفلت ست ڪه آهي نمي ڪني يڪ شعله برقِ ظلمت راهي نمي ڪني بر عيبِ خلق ڪرده شب و روز ديده باز بر ڪرده هاي خويش نگاهي نمي ڪني ڪارت هميشـه ڪردني و ناڪردني وبس ڪاري ڪه ڪردنيست تو گاهي نمي ڪني اين راه ڪوي دوست نباشه ڪه ميروي چشمي ڪشا ڪه روي براهي نمي ڪني ---- افسوس ڪه بيدوست همه عمر بر رفت در صرفه ڪار شتر استر و خر رفت حالات همه صرف خز و اطلس و ديبا اوقات همه در طلبِ نقره و زر رفت --- بر تڪيه بادِ نفس اين همه مغرور چشمي ڪه بهم ميزني اين ياد بدر رفت بر بالش راحت نسزد تڪيه ز آنڪ از يڪ مڙه برهم زدنت فيض سحر رفت --- هر دم ڪه ميڪشيم بياد تو ميڪشيم مارا بغير ياد تو يڪ دم نمي رود --- وفات: ”لب تاريخ“ جي مصنف لکيو آهي ته مير صاحب جو انتقال ٺٽي ۾ ٿيو (1). ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جي ايالت کان پوءِ مير صاحب ٺٽي ۾ ئي بود و باش اختيار ڪئي، ۽ علمي ڪمن ۾ مشغول رهيو، ”مقالات“ م ”يد خل لجنته“ 1127 هه تاريخ ڏني ويئي آهي. انهيءَ دور جي مشهور فارسي گو شاعر، ملا عبدالحڪيم ”عطا“، هيٺيون قطعو تصنيف ڪيو: ]داخل گلشن جنت[ شده از فضل الست ]مغفرت داد بشارت ڪه[ برحمت پيوست ]گفت في الجمله[ بتاريخ و فاتش شايان ]جمله[ ”آمن بالعفو امين الدين خان“- 1127 هه (1) مير صاحب جي مزار امير خاني قبرستان ۾، مڪليءَ تي هڪ خاص ٿلهي مٿان موجود آهي. پٿر جو لوڙهو نهايت خوبصورت اُڪير جي ڪم سان آهي، جنهن جي پيرانديءَ کان هيءُ تاريخي ڪتبو آهي: خان با تمڪين امين الدين خان عالي از حسنِ عمل درجات او چون سفر ڪرد از جهانِ بي ثبات سال فوتش ”داخل الجنات او.“- 1127 هه اولاد: ”تحفـة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ جي ذريعي مرحوم جي ٽن صاحبزادن جو حال اسان کي معلوم ٿئي ٿو: (1) مير متين الدين خان اسماعيل، (2) مير محمد گدا، (3) مير محمد عطا. مير متين الدين ڀانئجي ٿو ته سڀني ۾ وڏو هو. اسان کي انهن ٽنهي بزرگن جو جيڪو مختصر حال معلوم ٿيو آهي، اهو هن ريت آهي: مير متين الدين خان: مير متين الدين لاء ”تحفـة الڪرام“ جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي سرڪاري عهدن تي فائز ٿيو، ملڪ جي مکيه بزرگن ۾ سندس شمار ٿيندو هو، ۽ وڏي وقار، تمڪنت ۽ وضعداريءَ سان گذر بسر ڪيائين. ”تحفـة الڪرام“ جي عبارت هن طرح آهي: ”در حيات پدر بخ دمت عمده نامي روزگار و داخل اجلهء اعيان زيسته، در مڪنت و قدرت ميرزاي مثل است.“ (1) (1) ”تحفـتهِ الڪرام“ 3/208. (2) ”مقالات الشعرا“ برٽش ميوزم. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/99. (2) ”مقالات الشعرا“ نسخو برٽش ميوزم (1) ”مراهِ العلوم“، ص. 1، 1925ع. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/161. (1) ”تحفـتهِ الڪرام“ ص. 3/227. (1) ”مقالات“ ص. 165. (1) ”لب تاريخ سنڌ“، مصنف خداداد خان. مصنف مير صاحب جو مدفن پاڻ وڃي ڏٺو ۽ مزار جو ڪتبو به تاريخ ۾ نقل ڪيو اٿس. لکي ٿو ته ‘ميرزا هڪ گنبد آهي.’ اهو گنبد هاڻي زبون ٿي ويو آهي، ۽ فقط هن وقت ٿلهو موجود آهي، جنهن تي 3- 4 قبرون آهن: جن مان پهرين قبر مير صاحب جي آهي. راقم الحروف پاڻ انهيءَ قبرستان جي زيارت پهريون دفعو 9- جنوري 1955ع ۾ ڪئي. اميرخانين جي قبرستان جو نقشو شامل ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان مزار جي جاءِ وقوع جو پتو پئجي ويندو. (1) ”عطا“ جو ديوان اڏوهي کاڌل ۽ سخت مجروح حالت ۾ آهي. مٿئين قطعي ۾، ڏنگين ۾ جيڪي لفظ آهن، سي جناب راشد برهانپوريءَ جو اضافو آهن. خوش قسمتيءَ سبب تاريخ وارا الفاظ سلامت رهجي ويا آهن. (1) ”تحفـتهِ الڪرام“، ص. 3/208. انهيءَ کان زياده سندس زندگيءَ تي روشني ڪانه وڌي ويئي آهي، ”بخدمت عمده نامي“ جي به وضاحت ٿيل ڪانه آهي ته هن جي سپرد ڪهڙيون ملڪي خدمتون ٿيون، يا هو ڪهڙن عهدن تي فائز رهيو. فرمانن جي هڪ بياض (2) ۾ مير صاحب جا مهر لڳل ڪي پروانا نقل ٿيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب زياده وقت ٺٽي ۾ ”ديوان“ جي عهدي تي رهيو. ترتيبوار هيٺينءَ طرح پروانا بياض ۾ موجود آهن: نمبر 17 پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته مير متين الدين خان 1091 هه ۾ ٺٽي جو ديوان هو. هن انهيءَ سال ۾ خواجه محمد افضل ولد خواجه محمد حافظ جي نالي نو هزار ست سو ستهتر دام جو پروانو پرڳڻي ڪاتيار، جوڻ ۽ چاچڪان تي ڪڍيو. نمبر 47 مان معلوم ٿئي ٿو ته 1095 هه ۾ به مير ٺٽي ۾ ساڳئي عهدي تي هو، ۽ هن شيخ عبدالحليم ٺٽويءَ جي نالي هڪ سئو خرار اَن ۽ پندرنهن هزار دام جو پروانو ساڪري پرڳڻي تي ڪڍيو. ساڻس گڏ محمد شريف نالي ڪو بزرگ صدر هو جنهن جي مهر پڻ ان تي لڳل آهي. نمبر 8 مان معلوم ٿئي ٿو ته 1118 هه ۾ به مير صاحب ٺٽي جو ديوان هو، ۽ هن سيد ڪمال الدين جي نالي پنج هزار دام جو پروانو چاڪر هالي جي سرڪار تي جاري ڪيو. 1118 هه کان 1126 هه تائين جي مختلف سالن جا پروانا به بياض ۾ موجود آهن. هن مان اهو قياس ٿئي ٿو ته مير صاحب سڀ کان پهريائين 1091 هه ۾ ٺٽي جو ديوان ٿيو، ۽ 1095 هه تائين يا ڪي سال ان کان پوءِ به ان حيثيت سان رهيو، وري وچان سال ڪنهن ٻئي عهدي تي هو، جتان 1118 هه ۾ موٽي آيو ۽ 1126 هه تائين مسلسل يا وچ ۾ ڪن سالن جي غير حاضريءَ سان ٺٽي جو ديوان رهندو آيو. مثلاً: نمبر 22 پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته 1118 هه ۾ مير صاحب ديوان جو حيثيت ۾ سيد عبدالوهاب مشهديءَ جي لاءِ تنخواه جو اجرا ڪيو، جنهن تي محمد حسين صدر جي به مهر آهي. محمد حسين صدر، معلوم ٿئي ٿو ته 1134 هه تائين، ٺٽي ۾ صدر جي عهدي تي رهيو، انهيءَ سال جي سند تي ساڻس گڏ فضائل علي خان جي، ديوان جي حيثيت ۾، مهر ثبت آهي. نمبر 52 پروانو به 1118 هه جو آهي، جيڪو سيد شڪر الله جي اولاد لاءِ مير متين الدين ڪڍيو، محمد حسين صدر جي ان تي مهر آهي. نمبر 53، پروانو 1119 هه جو آهي، جيڪو مير متين الدين پنهنجي عزيز مير محمد اڪرم ولد مير محي الدين خان (نبيره امير خان) جي نالي 25 هزار دام تنخواه لاءِ ڪڍيو. 1120 هه جو به هڪ پروانو ساڳئي عزيز لاءِ اجرا ٿيل آهي، جنهن مطابق پنج هزار دام انڙپور (لڪيءَ) مان مير محمد اڪرم کي ملڻا ٿيا. پروانو نمبر 17 به 1120 هه جو آهي، جيڪو مير صاحب خواجه امان الله ٺٽويءَ لاءِ ڪڍيو. 1118 هه کان 1120 هه تائين مسلسل پروانا مير صاحب جا نڪتل آهن. ڀانئجي ٿو ته ان کان پوءِ پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ ڪو ٻيو ديوان آيو. 1124 هه جي هڪ پرواني مان، جيڪو سيد مرتضيٰ ولد سيد ڪمال الدين (نمبر 18 واري) جي نالي نڪتل آهي، معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت مير ڪمال الدين نالي ڪو صاحب ديوانيءَ جي عهدي تي فائز هو. 1125 هه ۾ وري معلوم ٿئي ٿو ته مير متين الدين ٺٽوي ساڳئي عهدي تي موٽي آيو، ۽ هن شيخ عبدالشهيد ٺٽويءَ جي نالي پروانو (نمبر 50) جاري ڪيو. 1126 هه جو ٻيو هڪ پروانو آهي، جيڪو سيد مرتضيٰ ولد سيد ڪمال الدين (نمبر 18 واري) جي نالي تي مير صاحب ڪڍيو. مٿين پروانن مان معلوم ٿئي ٿو ته 1091هه کان 1095هه تائين مير صاحب ٺٽي جو ديوان هو، ۽ وري 1118 هه کان 1120 هه تائين رهيو ۽ ٽيون دفعو 1112 هه کان 1126 هه تائين رهيو. 1127 هه ۾ سندس والد وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندس عهدن يا زندگيءَ متعلق ڪابه تاريخي شهادت ملي ڪانه ٿي سگهي. عبدالحڪيم ”عطا“ جو هڪ مدحيو قطعو اسان کي مليو آهي، جيڪو ٺٽي ۾ مير صاحب جي آمد تي چيو ويو آهي: هزار شڪر ڪه آن داعيان نواز آمد بهار فيض بفضلِ بهار باز آمد امير صاحب عزو علامتين الدين ز خاي گلشن جان سرو سرفراز آمد قبيله پرور، اخوان ملاذ، اعوان بخش باوج حشمت و اقبال و احتزاز آمد اميد پير و جوان، مدعاي اهل عطا بيمن مشغلهء دعوت نياز آمد فقير پير دعاگو عطا ز شوق لقا بنذر مدح تو خواهان امتياز آمد با قتباس حضور تو بار خاطر نيست ڪه در ملازمت آمد اگر مجاز آمد مير صاحب جي وفات جو سال ڪنهن مؤرخ ضبط نه ڪيو آهي. خوش قسمتيءَ سبب سندس مزار پنهنجي والد جي پهلوءَ ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتبي مان سندس انتقال جو سال 1177هه معلوم ٿئي ٿو. ڪتبو هيءُ آهي: چو حبِ آل موليٰ، جان خان بود روانش برد حورالعين بجنت بدل سالِ وصالش گفت رضوان نگو ”منزل متين الدين بجنت“. 1177 هه جيڪڏهن 1091 هه ۾ مير صاحب ٺٽي جو ديوان هو، ته ان حالت ۾ 1177هه ۾ سندس عمر سئو يا ان کان مٿي هجڻ کپي. مير صاحب جي وفات وارو زمانو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت (1170هه- 1186 هه) جو هو، پٽس، امين الدين خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور (1111 هه- 1131هه) ۾ انتقال ڪيو. ۽ پاڻ عالمگير جي عهد ۾ پيدا ٿيو، ۽ مغل سلطنت جو زوال اکين اڳيان گذاريائين. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي سنڌ اندر قوت سندس روبرو قائم ٿي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ (1131هه - 1167 هه) سنڌ جو مغليه سلطنت کان آزاد ٿيڻ اکين سان ڏٺائين. نور محمد ڪلهوڙي کان پوءِ مرادياب ڪلهوڙي (1167هه- 1170هه) جو دور ڏسي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي راڄ ۾ راهه رباني وٺي ويو. امـيـن الـديـن خـان جو آخـري زمـانـو، سـنڌ اندر مـغـل حـڪـومت جي زوال جـو زمـانـو هـو. حـّنـهـن وقـت فـوت ٿيـو، ان وقـت ٺٽـي ۾ ٻـن مـغـل گورنرن جو باهمي جدال قتال هو، جنهن ۾ عطر خان (1) شهيد ٿيو ۽ لطف علي خان شهيد ٿيو ۽ لطف علي خان (2) قابض ٿيو. اها ويڙهه به مغليه قوت جي زبون حاليءَ جو دليل هئي. 1127 هه ۾ جڏهن امين الدين خان انتقال ڪيو، ان وقت لطف علي خان به معزول ٿيو ۽ اعظم خان (3) دهليءَ کان آيو، جنهن جي دور ۾ شاهه عنايت (4) جي شهادت جو المناڪ واقعو ظهور ۾ آيو، ۽ سنڌ خوفناڪ ڏڪر ۽ ٻن اڪيچار بلائن ۾ مبتلا ٿي. مير امين الدين خان کي ٻه پٽ هئا: (1) مير محمد غوث (2) مير ابوالمفاخر مير محمد غوث، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور (1131هه- 1167 هه) ۾، بخشي گريءَ جي عهدي تي فائز هو، ۽ بقول مير ”قانع“- ”بحالت بزرگي مستثنيٰ گذشته“. فرمانن واري بياض ۾ جنهن جو ذڪر گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي، هڪ سند آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي 1162هه ۾، هـُـن لاءِ هڪ رپئي ڏهاڙيءَ جو اجرا ڪيو، ميان مرادياب ڪلهوڙي 1167هه ۾ ان کي نئون ڪيو، ۽ 1168 هه ۾ به ساڳئي سند کي نئون ڪري مرادياب ڪلهوڙي هڪ رپئي ڏهاڙي جو اجرا ڪيو. 1182 هه ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ساڳي تنخواه مير محمد غوث جي پٽ مير ڪريم الدين لاءِ جاري ڪئي، جنهن مان يقين ٿيو ٿو ته مير غوث جو انتقال سن 1182هه کان اڳ، بلڪ سن 1181هه کان به اڳ ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته مير علي شير ”تحفة الڪرام“ ۾ جيڪي لکيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ان وقت زندهه نه هو. مير غوث جي مزار مڪليءَ تي پنهنجي پيءُ جي پهلوءَ ۾ موجود آهي، ليڪن ڪتبي وارو پٿر قبر کان ٿڙي ڪيتري زماني کان زمين ۾ پورجي ويل آهي، ۽ تاريخ جون آخري ٻه سٽون ڊهي ويل آهن، جنهنڪري تاريخ جو صحيح تعين ٿي نه ٿو سگهي. ڪتبو هيءُ آهي: مير محمد غوث از دنيا بر فت جنت الماويٰء گشته جاي او ]هاتفم گفتا[ ڪه سالِ رحلتش ]باد درخلد برينل[ ماواي او“ (1) ڪتبي جي سال جا انگ به ڊٺل آهن، معلوم پيو ٿئي ته ڄڻ 1172هه لکيل آهي. مير غوث جي هڪ پٽ مير ڪريم الدين جو نالو مير علي شير ”تحفة الڪرام“ ۾ لکيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو ته ’اڃا تائين (1281 هه) ڪلهوڙن جي دربار ۾ پيءُ واري عهدي تي فائز آهي.‘ (1) انهيءَ مير ڪريم الدين جي نالي مٿي ذڪر ڪيل پروانو، جيڪو 1182هه ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جاري ڪيو هو، تنهن جي تصديق ميان عبدالنبيءَ ڪلهوڙي 1101 هجريءَ ۾ ڪئي، ۽ جڏهن ڪلهوڙا ختم ٿيا ۽ ٽالپر آيا، ته مير فتح علي خان به 1201 هه، ۾ ساڳئيءَ تنخواه کي قائم رکي، انهيءَ ئي سند جي تصديق ڪئي. انهيءَ ئي ساڳئي پرواني مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مير محمد غوث کي ٻيو به پٽ سيد قنبر علي نالي هو، جنهن جو پڻ نالو انهن سـَـندن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيد قنبر علي ڀانئجي ٿو ته 1219 هه کان اڳ فوت ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال سندس وظيفو سيد ڪرم علي ۽ پير وڏن شاهه جي نالي جاري ڪيو ويو، جيڪي ممڪن آهي ته فرزند هجن. سيد ڪريم الدين جي هڪ پٽ، مير متين الدين ناٺيءَ، جو نالو به ٽالپرن جي ڏنل سـَـندن ۾ اچي ٿو، ۽ سندس نالي تي پهريون پروانو 1241 هه ۾ مير ڪرم علي خان جاري ڪيو، جيڪو 1244 هه ۽ 1248 هه تائين تصديق ٿيندو رهيو. مير متين الدين خان جي ٻئي پٽ، مير ابوالمفاخر، لاءِ اسان کي تاريخ جي ذريعي ڪابه معلومات ملي ڪانه ٿي سگهي، مير ”قانع“ فقط سندس نالو لکيو آهي، ۽ سندن مان فقط ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هو 1127 هه ۾ موجود هو. مڪليءَ واري اميرخاني رانئڪ ۾ گهڻيون ئي قبرون ڊٺيون ۽ ڦٽيون پيون آهن، ممڪن آهي ته اهو سيد زادو به ڪنهن زبون ٿيل مزار ۾ مڻ مٽين جا مٿان وجهيون محوِ خواب هجي. مير محمد ’گدا‘: گدا مير امين الدين خان جو ٻيو فرزند هو. سندس اصل نالو ڪلب علي خان هو، ليڪن مشهور محمد گدا جي عرف سان هو: مير ”قانع“ لکيو آهي ته-- ”به بزرگي مفرد، عن قريب گذشته“ (1)، ”مقالات“ ۾ قدري تفصيل کان ڪم ورتو اٿس- ”شيوه بزرگان بهمه باب در ذات سعادت مآب او مضمر، بحس اخلاق و ڪمال بلاغت معروف و موصوف“. (2) ”مقالات“ جي اختتام (1172 هه) ۽ ”تحفـة الڪرام“ جي خاتمي (1181هه) جي وچ ۾ فوت ٿي ويو. ”عن قريب گذشته، مان اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته 1181 هه ۾ يا ان کان هڪ اڌ سال اڳ ۾ انتقال ڪيو هجيس. محمد گدا جي مزار پيءُ جي سيرانديءَ کان امير خاني، قبرستان ۾ موجود آهي، ڪتبي جي تصوير شامل ڪجي ٿي، تاريخ وفات ان تي اُڪريل ڪانه آهي. صاحب ”مقالات“ مير صاحب جا چند شعر نموني طور ڏنا آهن: چون آئينه بيتاب نگهه بود دل ما هر چندا ترا ديد نياسود دل ما --- سگ اصحاب ڪهف يافت نجات چون نيابد نجات ڪلب علي --- پي ياد روي يارچه در دل ڪند ڪسي جائيڪه نيست يارچه محفل ڪند ڪسي همچون حباب برسر بحريم بيقرار بر روي سطح آب چه منزل ڪند ڪسي مير محمد ”عطا“: هيءُ مير امين الدين جو ٽيون فرزند، عالم فاضل، شاعر ۽ صاحب ڪمال بزرگ هو. ”مقالات“ ۾ آهي ته: ”بهمه وجوه شائسته و بر آثار بزرگان سلوڪ بسيار خوش اختلاط، و خليق و متواضع ايست، صحبتهاي امرا ديده و فيض آداب از خدمت والد ماجد و افر اندخته، در سادات امير خاني ممتاز و مشار اليه مي باشد.“ (1) انهيءَ اقتباس مان مير صاحب جي عام اخلاق ۽ عادات جو اندازو ڪري سگهجي ٿو: اميرن جون صحبتون ميسر ٿيون هيس، والد ماجد کان خاص تربيت حاصل ڪئي هئائين، ملڻ جلڻ جو شوقين، ۽ ميل ملاقات ۾ خليق ۽ متواضع هو. مير علي شير ”تحفـة الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته: ”بر قدم آبا بمزيد عزت و افتخار، چهار سال پيش از تحرير ابن اوراق (1181 هه) در گذشته.“ (2) سندس انتقال 1178 هه ۾ ٿيو، جيئن مزار جي ڪتبي تي اُڪريل آهي. سندس مزار مڪليءَ واريءَ رانئڪ تي پنهنجي والد جي ويجهو مرڪزي ٿلهي کان هيٺ، اتر طرف کان آهي. ڪتبو هن طرح آهي: مهيمنا بنبي و علي و هر دو گوهر بعابدين و بباقر بصادق و جعفر بموسيٰ و يرضا و تقي و هم به نقي بعسڪري و بمهدي امام غيب اندر هر آن گناه ڪه ڪرديم از صغير و ڪبير بحق آل محمد ڪه از همه بگذر --- ’يا محمد عطا بنام حسين‘- تاريخ سيوم ماه شعبان 1178 هه مير صاحب تصوف طرف به مائل هو، ۽ شعر سخن سان به ذوق هوس، ”عطا“ تخلص ڪندو هو. ”مقالات“ جي مصنف سندس هيٺيان چند شعر نموني طور ڏنا آهن: محو گشته در خيال يار خويش خود شدم آخر ”عطا“ غم خوار خويش --- اي ”عطا“ اين عطا بما حق ڪرد پردهاي حجاب را شق ڪرد --- چاره ڪار ما چو او نڪند ڪارها هيچ گفتگو نڪند من سپردم بدوست مطلب خويش داغ او را ڪه جز نڪو نڪند --- مير محمد جعفر نالي سندس هڪ عزيز فوت ٿيو، پاڻ سندس تاريخ ڪڍيائين- ’آب ڪوثر بڪام جعفر‘. 1145 هه -- حيات نالي هڪ مائيءَ سان دلبستگي هئس، فوت ٿي ته هيءَ تاريخ چيائين: ’هاي حياتم رفت‘. 1155 هه (1) شاهه عبداللطيف سان دوستي: ”تحفـة الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير محمد ”عطا“ سان، سنڌ جي قومي شاعر ۽ ولي ڪامل شاهه عبداللطيف جي به سنگت هئي، سيد صاحب جڏهن ٺٽي ايندو هو ته مير صاحب جي بالاخاني تي قيام ڪندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر ڪندي مير ”قانع“ لکي ٿو ته حبيب شاهه نالي هڪ مجذوب مير ”عطا“ جي بالاخاني ۾ اچي چادر پائي سمهي پيو، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون برابر ننڊ ۾ هو، شاهه عبداللطيف به انهيءَ زماني ۾ مير صاحب وٽ رهيل هو ۽ ساڳئي ئي بالاخاني تي مقيم هو. جڏهن انهيءَ مجذوب جي انهيءَ ڪيفيت جي کيس خبر پيئي، تڏهن هو پاڻ اٿي آيو، ۽ اها حالت ڏسي فرمايائين ته: ”اي مجذوب، تو اهڙي ننڊ ڪٿان سکي؟“ ”توکي ته ننڊ ۾ اها حالت نصيب آهي، جيڪا اسان کي جاڳ ۾ به ميسر نه ٿي ٿئي.“ (2) شاهه صاحب جا مراسم مخدوم محمد معين ٺٽويءَ سان به هوندا هئا، ڀانئجي ٿو ته مير محمد ”عطا“، ۽ مخدوم معين وغيره سڀ هڪ ئي سنگت جا هئا. مير صاحب کي ٻه پٽ هئا، جن جا نالا ڪونه لکيا ويا آهن. ________ (2) فرمانن، پروانن ۽ اسنادن جو اهو بياض قاضي علي محمد صاحب ٺٽويءَ وٽ آهي. ٺٽي جي هن خاندانن يا افرادن جي نالي فرمان، پروانا ۽ سندون بياض گڏ ڪندڙ کي مليون، انهن جو نقل هن ان بياض ۾ ڪيو آهي. (1) سعد خان عرف نواب عطر خان. سندس نالو غياث الدين هو. 1119 هه ۾ پهريون دفعو ٺٽي جو نواب ٿي آيو: هڪ سال ۾ ٻه ٽي مهينا رهي، بدلي ٿي ويو. ٻيو دفعو 1124 هه ۾ آيو: تجربيڪار نه هو، سمورو ڪم محمد يعقوب ڪشميري هلائيندو هو. 1125 هه ۾ نواب لطف علي خان آيو، ليڪن عطر خان کيس چارج ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي ٻنهي جي وچ ۾ سخت ڪشمڪش ٿي، ۽ ٺٽي ۾ بيحد نقصان ٿيا. آخر انهيءَ ڪشمڪش ۾، 1126 هه ۾، عطر خان قتل ٿي ويو. سندس مزار مڪليءَ تي آهي، جنهن جو ڪتبو هي آهي: ”بتاريخ هفتم سهر محرم، مرحوم غياث الدين عطر خان عرف سعد خان بن سعيد خان، بگل گونه شهادت رحلت نمود 1126هه.“ (2) لطف علي خان رضوي، سيد يوسف بکري رضويءَ جي اولاد مان هو. شعر ۾ ”همت“ تخلص ڪندو هو. شجاعت علي خان جو لقب مٿينءَ لڙائيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ ڪري مليس. ”محسن“ شاعر ٺٽوي ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جا شاعر، سخنور ّ“ اهل ڪمال وٽس رهندا هئا. محسن ”محڪ ڪمال“ سندس نالي معنون ڪئي. شاهه عنايت صوفيءَ جي مخالفت سڀ کان پهريائين سندس زماني ۾ ٿي. 1127 هه ۾ معزول ٿيو، ۽ 1125 هه ۾ فوت ٿيو. ”دخله في الجنات- بلا حساب“ سندس تاريخ آهي. ”لب تاريخ“ جي مصنف لکيو آهي ته ‘لطف علي خان جو ٻيو پٽ مير ذوالفقار علي شاهه ٽالپرن جي دور ۾ ڪاردار هو. ان جو پٽ سيد روشن علي شاهه سندس دوست هو، ۽ ڪراچيءَ جي ڪورٽ ۾ ناظر هو، پوءِ جهرڪن جو ڪاردار ٿيو.’ انهيءَ بزرگ جو پٽ ٺٽي جو مشهور سنڌي شاعر سيد غلام مرتضيٰ ”مرتضائي“ هو. (3) اعظم خان بن صالح خان بن فدائي خان سيد ۽ خان جهان لوڌيءَ جي ڀاءُ جو ڏهٽو هو. 1128 هه ۾ لطف علي خان جي جاءِ تي ٺٽي جو نواب ٿي آيو. مير علي شير ”مقالات“ ۾ لکيو آهي ته سندس دور سنڌ لاءِ نهايت ئي مبارڪ هو.- ”از قضاي قدومش بر اهل ديار غير موافق و شمر انواع ايذا و آزار افتاده“، ڏڪر به پيو ۽ شاهه عنايت جي شهادت به ٿي. 1132 هه ۾ بدلي ٿيو، ۽ نواب خان ”ڪاظم“ سندس جاءِ تي آيو. (4) شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله بن ملا يوسف بن ملا اَجب بن مخدوم صدو لانگاه، جيد عالم، باڪمال صوفي، ۽ پنهنجي رب جو برگزيدو بندو هو. ميرانپور (جهوڪ شريف) ۾ جڏهن سندس منڊل متو، ان وقت اهل دنيا سندس اثر وڌندو ڏسي، سندس مخالف ٿي پيا، ۽ آخر 1130 هه ۾ اعظم خان هٿان سندس شهادت پيش آئي. (1) مزار جي انهيءَ ڪتبي جو فوٽو شامل ڪيو وڃي ٿو. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/208. (1) ”تحفـتهِ الڪرام“ ص. 3/208. (2) ”مقالات“ ص. 256. (1) ”مقالات“ ص. 166. (2) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/208. (1) ”مقالات ص. 166. (2) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/257. مير رضي الدين فدائي مير رضي الدين محمد ”فدائي“ مير ابوالمڪارم شهود جو ٻيو پٽ هو، صاحب ديوان شاعر هو. مير علي شير جو قول آهي ته پنهنجي وقت ۾ ڪامل شاعر هو: ”بمحاسن والا موصوف در شعر ڪامل وقت گذشته، ”فدائي“ تخلص مي فرمود، صاحب ديوان است، از اشعارض ڪمالات ظاهري و باطني بمسامع روزگار ميرسد.“ (1) اڪثر مرصع قصيدا چوندو هو، ”مقالات“ ۾ قصيدي جو هڪ شعر نقل ڪيو ويو آهي- مير قانع جو قول آهي ته اهو قصيدو چئن صنعتن تي مشتمل آهي- غير خاموشي ڪسي از درد ما آگاهه نيت آه را بهر عيادت برر ما راه نيست مون وٽ سيد ”مرتضائي“ (2) ٺٽويءَ جو گڏ ڪيل انتخاب موجود آهن، جنهن ۾ مختلف شاعرن جا هم طرح غزل آهن. انهيءَ ۾ ”مير ‘فدا’ امير خاني سنڌيءَ“ جا به چند غزل موجود آهن. اسان سمجهون ٿا ته مير ”فدائي“ ۽ ”فدا“ هڪ ئي شاعر آهي، تنهنڪري هيٺ اهي غزل نقل ڪجن ٿا: ڪه هست اين قطره چون خون غنچه محروم از چڪيد نها نگه سرشار گردد خيره در چشم رميدنها مگر گفتي خون بر آيد غنچه را از لب گزيدنها ز استادانه و حشتهاي چشم مار مي بينم بپاي آهوي تصوير آموزد رميدنها ”فدا“ از تحط سالِ آبروهاپر عجب نبود ڪه آيد ماهي ِّ تصوير در دام طپبدنها (1) ميان ”رجا“ ٺٽويءَ جي بياض ۾ به اهو غزل نقل ٿيل آهي، مطلع هن طرح آهي: نگهه سرشاد گردد خيره در چشم رميدنها ڪرا بر آفتاب عارض او تابِ ديدنها (2) --- جهان گرديد مجنون تاب روي بي نقابش را سرشڪ ديده ليليٰ ست شبنم آفتابش را زبان خامه شق گردد بروي صفحه از حيرت ز خط چون منتخب تفسير بنويسد ڪتابش را سرم پروانه جوهر باد در بزم شهيدانش ڪه مي بينم زبانِ شعله شمشير عتابش را ز شوخيهائي در آغوش آرد و هر لحظه مي بوسد ڪه محرم ڪرد يا رب اين چنيب درپا رڪابش را فدا از شعر ”ناصر“ مصرء برجسته مي خوانم ندارد حيرت دل تاب حسن بي حجابش (3) ناصر علي سرهنديءَ جو مطلع هن طرح آهي- ندارد حيرت دل تاب حسن بيحجابش را ڪه باشد صافي آئينه شبنم آفتابش را --- در اضطراب است دلِ درد مند ما چون داغ لاله ماند پر آتش سپند ما گفتم بدام حلقه ِّ زلف تو چشم چيست گفتا ڪه آهوي ست شڪار ڪمندما (1) --- همان خوني ڪه بلبل ................ همه از رنگ گل در رشڪ رخسارش چڪيد اينجا ”فدا“ در شعر گفتنها مدد خواه از علي ناصر درِ فيض است منشين از ڪشائش نا اميد اين جا (2) انهيءَ زمين ۾ ناصر عليءَ جو شعر آهي: در فيض است منشين از ڪشاڪش نا اميد اين جا برنگ دانه زيرِ ثقل ميرويد ڪليد اين جا ---- بياض ”رجا“ ۾ هيءَ شعر به آهن- شب ز شو از اشڪ دادم ديده ادراڪ را تا نگاه پاڪ اُفتد آن جمال پاڪ را اي صبا خاڪ ره آن نور چشم ما بيار تا شود ڪحل الجواهر ديده نمناڪ را (1) ---- ڀانئجي ٿو ته مير رضي الدين ”فدا“ تي ناصر علي سرهنديءَ جو وڏو اثر هو، ممڪن آهي ته ساڻس دوستيءَ يا شاگرديءَ جو تعلق هجيس، ٻئي همعصر هئا. ناصر علي مير صاحب کان 13 سال اڳ 1108 هه ۾ فوت ٿيو.(2) انهيءَ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مير رضي الدين پنهنجي بزرگن وانگر هندستان ايندو ويندو هو، ممڪن آهي ته شاهي دربار سان به سندس ڪنهن قسم جي وابستگي هجي. مير صاحب جي وفات 1120 هه ۾ ٿي، مير ”قانع“ هيٺئين تاريخ چئي: بسڪ بفوش همه گفتند هي ”هي رضي الدين“ بود سال وي. 1120 هه (3) کيس هڪ پٽ مير حيدر الدين ابوتراب ”ڪامل“ نالو هو، جيڪو پڻ پيءُ ۽ پنهنجن بزرگن وانگر ناليوارو شاعر ۽ اديب هو، سندس سوانح اسان جدا بيان ڪري رهيا آهيون. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3 (2) مير ”مرتضائي“ افقر رضوي ٺٽوي (1) بياص نمبر 5، ”بياض رجا“، ج: 1. (2) ”بياض رجا“ ج: 1، مملوڪه سنڌي ادبي بورڊ. (3) بياض نمبر 15، ”بياض رجا“ ج: 1. (1) بياض نمبر 33، ”بياض رجا“ ج: 2. (2) بياض نمبر 51. (1) ”بياض رجا“ ج: 1، ص. 6. (2) ناصر علي سرهندي، شيخ محمد معصوم بن حضرت مجدد الف ثانيءَ جو مريد هو. پهريائين سيف خان جي ملازمت ۾هو، ان جي وفات کان پوءِ ذوالفقار خان ولد اسد خان وزير اعظم جي مصاحب ۾ اچي داخل ٿيو، درويش صفت، فقير منش ۽ باڪمال شاعر هو، آخري عمر ۾ دکن کان دهليءَ آيو، جتي 1108 هه ۾فوت ٿيو. سندس مزار سلطان الاوليا، شيخ نظام الدين قدس سره العزيز، جي جوار پربهار ۾آهي. (3) ”مقالات“ ص. 192. مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ مير رضي الدين ”فدائي“ جو اڪيلو فرزند، پنهنجي دور جو بلند پايه اديب ۽ نالي وارو شاعر هو، حيدرالدين نالو، ابوتراب ڪنيت، ۽ ”ڪامل“ تخلص هئس. سندس علم فضل، ادب ۽ ڪمال جي سلسلي ۾ ”مير قانع“ رطب اللسان نظر اچي ٿو. لکي ٿو ته سڄي زندگي تجرد ۾ بسر ڪيائين، ڪيترن وقت جي چڱن وٽانئس ظاهري خواه باطني فيض پرايو، ۽ دنياداريءَ جي معاملن لاءِ سندس دل ۾ ڪڏهن به ڪشش پيدا ڪانه ٿي، ”تحفة الڪرام“ ۾ مير صاحب لکي ٿو ته: ”استاد محقق مجرد زيسته، در ڪلمالات آنجناب ڪتابها بايد، بسا اهل دل صحبتش سرمايه فيوضاة ظاهري و باطني مي دانستند، اغلب بزرگان بقدم ارادت بوي سلوڪ داشتند، هرگز رجوع بدنيا نفرموده و بعمل منطوقه، ’ڪن في الدنيا ڪانڪ غريب او عابري سبيل‘ زيسته“. (1) ”مقالات الشعرا“ ۾ مير ”قانع“ سندس حسن اخلاق ۽ حسن طبعيت تي وڌيڪ روشني وڌي آهي: ”جناب ’ڪامل‘، آن مير بي بظير، سراپا ڪمال و مرجع ارباب ڪمال بوده فقر اختياري برگزيده، حصور و مجردي زيستند، باوجود آنڪه معيشت شان بعسرت ڪلي بود و اڪثر ارباب دول مثل نواب مهابت خان ‘ڪاظم’ وغيره حڪام بسماجتها و ظيفه و نياز عرض مي ڪردند، از هيچ ڪدام قبول نفرموده، همه راه عزلت گزين و گوشه گير از ابناي زمانه مي بودند، و هرڪه از اهل دول وغيره بخدمت شان فائز مي شد، بي بهزه نمي ماند، صحبتش غير قال حال، و قال الله وقال الرسول نبود، اوقات بابرڪات در تحزن دائمي و استغراق بسر مي رفت ، خوارق از ايشان بسيار سرزده است“.(1) سموري زندگي، عسرت ۽ مسڪينيءَ ۾ بسر ڪيائين. نواب مهابت خان ”ڪاظم“ (2) ۽ ٻيا اهل دولت کيس بمنت نذر نياز پيش ڪندا هئا، ليڪن ڪڏهن پاڻ قبول نه ڪيائين، گهڻو ڪري وڏن ماڻهن جي ملڻ جلڻ کان ڪيٻائيندو هو، گوشه نشينيءَ ۾ عافيت سمجهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن زماني جي ماڻهوءَ سان روح ريڌس، ته ان کي خالي نه ڇڏيائين. سندس مجلس هميشه قال الله و قال الرسول جي شغل سان مزين رهندي هئي. هميشه رقت ۽ استغراق مٿس طاري رهندو هو، ۽ ڪيتريون ڪرامتون کانئس سرزد ٿيون. شعر و سخن: مير ”ڪامل“ مختلف زبانن ۾ شعر چيو آهي، سنڌي، هندي، ۽ فارسيءَ ۾ ديوان ڇڏيائين، جيڪي ميان محمد پناهه وٽ تدوين لاءِ هئا. هنديءَ جي ايهام گوئيءَ ۾ کيس خاص ڪمال هو، ڏوهيڙن ۽ ڪتبن ۾ به کيس مهارت هئي، مير علي شير جو بيان آهي ته: ”در ايهام هندي بـي مثل و دهـره و ڪبت و نڪات غريب و صفات عـجـيب و سايهء اقسام از ايشان بسيار بر زبان ها ست“. سنڌي زبان تي جيتوڻيڪ بقول مير ”قانع“ پوري قدرت ڪانه هئس، تاهم بيحد حسين شعر چوندو هو: ”زبان سندهي نه دانستند و دران شعر مي فرمودند، شعر فارسي هم اغلب بر عنوان ايهام سر زد طبعيت گرامي مي شد“. (1) تصانيف: مير ”ڪامل“ پرُگو شاعر هو. مير ”قانع“ جو قول آهي ته هن پنهنجي ڪلام جا ڏهه ضخيم جلد تيار ڪيا، جن کي محمد پناه ”رجا“ جي حوالي ڪيو هئائين، ته هو انهن کي مرتب ڪري- ”دهه ڪتاب بزرگ در مسوات شعر پارسي حسين احتضار به ميان محمد پناهه ”رجا“ ڪه شاگرد و خادم حضرتش بود، براي تدوين سپرد ڪه هنوز از مواد (1172 هه) بياض نرسيده“. ميان محمد پناهه ”رجا“، اهي تدوين ڪيا يا نه، اهي ڪيڏانهن ويا، ان جو اڄ پتو پوڻ مشڪل آهي. ميان ”رجا“ جا ٻه بياض سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهن، جن ۾ مير صاحب جا منتخب اشعار ڏنل آهن. ٻيو متفرق ڪلام به ملي ٿو، ليڪن ڪوبه ديوان اسان کي اڃا تائين ملي ڪونه سگهيو آهي. شاگرد: مير صاحب جهڙي ڪامل استاد وٽ ڪيترن ۽ ڪهڙن علم جي پياسن پنهنجي اڃ لاٿي، ان جو مفصل تذڪرو ڪونه ٿو ملي. ”مقالات“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مان ڪن جا نالا ملن ٿا، جن جو ذڪر اسان هيٺ ڪريون ٿا، البت مير ”قانع“ اختصاراً ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ جو مواد اسان وٽ نامڪمل آهي، ورنه اسان کي صحيح اندازو ٿي سگهي ها ته مير صاحب وٽ ڪهڙن شاعرن فيض حاصل ڪيو. مير علي شير قانع: ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفـة الڪرام“ جو مصنف مير علي شير ”قانع“ سنڌ جو بي مثال مؤرخ ۽ بي بدل شاعر (1140هه - 1203 هه) مير ”ڪامل“ جو شاگرد هو. ”مقالات“ ۾ ڪيترن جاين تي معترف آهي- ”فقيري چندي فيض صحبتش دريافته...“ ص 253 ”قريب نيز در حضور آن استاد ڪامل گاهي فڪر هندي ميڪرد...“ ص 254 ”قريب دو سال ديگر زبان سخن آشنا نه بوده تا به تجديد بفيض خدمت استاد ڪامل عامل مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل مستفيد شده، چند غزل گذراند“. ص 214 محمد پناهه ”رجا“: هيءُ ڪلهوڙن جي دور جو صاحبِ ديوان شاعر هو، مير ”قانع“ سندس لاءِ لکي ٿو ته: ”بـلـطـف طقـع وجـودت فـڪر اقـصاف دارد“. (”مقالات“ ص 108). ”در اشعار خوش تلاش، و در تاريخ يابي نادر الفڪر، مردي نمڪين صحبت آرا مي باشد، با فقرا و اهل الله معقدانه در خور دارد، اڪنون تته در صاحب سخنان غنيمت است (”تحفـة الڪرام“ ص 3/244) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي امير ۽ وزير، سيد مير متاري عرف مير لطف الله جي دامن دولت سان وابسته هو. ساڳئي وقت مير ڪامل جي به خدمت ڪندو هو، بلڪ سندس خادم خاص هو. شعر ۾ مير صاحب سندس استاد هو، مير صاحب پنهنجا ڏهه ديوان تدوين لاءِ ميان ”رجا“ کي ڏنا هئا، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته استاد کي شاگرد تي ڪيڏو ڀروسو هو، ۽ سندس علمي حيثيت جي استاد وٽ ڪيتري قدر قيمت هئي. ميان ”رجا“ جو ديوان مرتب ٿيو هو، ليڪن اهو اڄ ناپيد آهي. ”مقالات“ ۾ ڪجهه انتخاب ۾ ٻين بياضن ۾ ڪجهه متفرق اشعار ملن ٿا. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال هو، جڏهن سندس ولي نعمت مير لطف الله جهان ڇڏيو ته هيٺئين تاريخ چيائين: هر ڪه آمد برسرِ قبرش بتاريخِ وفات ”رحمتِ ايزد بجانِ مير لطف الله“ گفت 1161 هه مير متاري تي سندس ڏاڍو اثر هو، ”مقالات“ ۾ آهي ته: ”بخدمت مير لطف الله عرت مير متاره وزير سند آب و تابي خوب داشته، مدت بمصاحب بسرد برد، و در صحبت آن قدر شناس اهلِ ڪمال ڪارهاي نمايا ڪرده“. (1) ”رجا“ 1197 هه ۾ انتقال ڪيو، اصل باشندو ٺٽي جو هو، سندس جسم خاڪيءَ کي ڪٿان جي مٽي نصيب ٿي، ان جو پتو نه آهي، مير ”قانع“ جي فرزند مير ”مائل“ هيٺئين تاريخ چئي: وا دريـعـا ”رجـا“ وفـات نــمـود هر ڪه بـشـنيـد شد حـزيـن و مـلـول گفت دل سال فوتِ آن مـرحــوم ”هـست مـقـبول برجـنـاب رســول“ 1197 هه مير ابوالبقا بهرور علي: ٺٽي جي عريضي سبزواري خاندان جو هي درخشنده ستارو به استاد ”ڪامل“ جو شاگر هو. مير صاحب جو ڏاڏو، مير عبدالله سلطان ولد مير ابوالمڪارم بن غياث الدين (1) محمد المعروف به سلطان رضائي العريضي سبزواري، شاهه جهان ابتدائي زماني ۾ ٺٽي مقيم ٿيو، کيس 5 پٽ هئا، جن مان ٽئين پٽ مير عبدالرحمان جو فرزند مير ابوالبقا بهرور علي هو. سندس ڏاڏو به شاعر هو ۽ پاڻ به بي مثل شاعر ٿيو.(2) ٺٽي جي سبزواري سادات انهيءَ بزرگ جو يادگار آهن. مير ابوالبقا جي تصنيف، ”تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهرور شاهي“، مشهور آهي. فارسي شعر ۾ هڪ ديوان به يادگار ڇڏيائين. ميرزا صاحب جي زمين ۾ هڪ غزل چيو اٿس، جيڪو بياض مرتضائيءَ ۾ منقول آهي، محفوظ ڪرڻ جي خاطر اسان به نموناً نقل ڪري ڇڏيون ٿا: منت درمان ندارد از طبيبان درد ما سوزش دل مرهمي دارد ز آه سرد ما آتشي سوزان ندارد سرڪشي هر گز بتاب گرمي جور رقيبان يخ شود از گرد ما چون توان پنهان نمود از خلق سوز عشق را آتش دل را گواهي داد رنگ زرد ما اين جواب آنڪ ”صائب“ از دل پر درد گفت صبح بر خورشيدمي لرزد ز آهِ سر د ما (1) هڪ دلچسپ واقعو: مير ”ڪامل“ جي سلسلي ۾، ”قانع“ هڪ دلچسپ قصو نقل ڪيو آهي. لکي ٿو ته حبيب شاهه نالي ڏاهري قبيلي جو هڪ شخص هو، نوجوانيءَ ۾ والدين سندس شادي ڪرائي، پهرين رات ڪنوار سان رهي صبح جو اٿي هليو ويو، ٻارهن سالن تائين غائب هو. جڏهن ايتري عرصي بعد ٺٽي ۾ آيو ته سندس حالت مجذوبن جهڙي هئي- سر پير اگهاڙا، بدن تي لٽو ڪونه، زبان بند، نه ڳالهائڻ نه ٻولهائڻ، شاهه مبين جي مزار تي ويهي رهيو. ماڻهن جي عقيدت وڌي، ٽولن جا ٽولا سندس زيارت لاءِ اچڻ لڳا، کيس ايترو ڪشف هو، جو ماڻهن کي سندن دل جو حال ٻڌائي ڏيندو هو. ”مجذوب جي مير ’ڪامل‘ سان به دوستي هئي، وٽس ايندو ويندو هو، هڪ ڏينهن گڏ ماني ٿي کاڌائون- مڇيءَ جو ٻوڙ هو، مجذوب فقط شوروو ٿي کاڌو، مڇيءَ جي ڳترن کي هٿ نه ٿي لاتائين، ۽ ساڳئي وقت مير صاحب کي به کائڻ نه ٿي ڏنائين. مير صاحب اک وٺي، هڪ ڳترو کڻي ورتو، مجذوب غصي ۾ اچي اهو ڳترو کسي ورتس، ۽ ٻوڙ جي ٿالهي به پٽ تي اڇلائي ڇڏيائين. ٿوريءَ دير بعد ٻليءَ اچي اهي ڳترا کاڌا، ۽ کائڻ شرط مري ويئي، مير صاحب اهو رنگ ڏسي خدا جو شڪر ادا ڪيو.“ انهيءَ مجذوب جو مير محمد ”عطا“ سان به رشتو هو، جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪري چڪا آهيون. نادر شاهه جون فوجون جڏهن شهر ۾ آيون ان وقت مجذوب شهر مان غائب ٿي ويو، ۽ وري ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. (1) فارسي ڪلام: مير ”ڪامل“ جو منتشر ڪلام اسان کي ”مقالات الشعرا“ ۽ ٻين مختلف بياضن ۾ ملي ٿو، افسوس آهي جو سندس شعر جي مسودن جا ڏهه ضخيم ڪتاب گم ٿي ويا- سجودِ اهل دين را نقش بر خاڪ دگر باشد زمينِ پاڪ نبود در طهارت خانه دنيا --- فانوس حجاب ست چراغ سحري را دامن بڪمر برزده بايد سفري را --- پير گشتيم و همان داغ تو گرم است بدل اين نه شمعي ست ڪه از صبح شدن تار شود --- بهندوستان زلفِ يار منصب دار شد ”ڪامل“ هزاران دام در جاگير دلخواهست تنخواهش --- خاطرِ جمع است حفظِ آبروها مرد را راه رفتن نيست آبي را ڪه گوهر مي شود --- ظالمِ خون ريز را درخانه ناني ڪس نديد چون ڪمان در قبضه اش جز استخواني ڪس نديد --- تاڪي به آب تيغ قناعت ڪند ڪسي نديد لشڪر چوشد گرسنه خورد از عدو شڪست --- نگاهش ساغر مل مي توان گفت صراحي گفت، قلقل مي توان گفت شهادت جنت از دوزخ بر آرد چراغ ڪشته را گل مي توان گفت --- قانع بخانه دست بهر خوان مڪش مڪش يڪ ناس بس است منت دونان مڪش مڪش ايما شناس نرگس بيمار يار باش بار درد ساز، منت درمان مڪش مڪش نقش آن خالِ سيه از ديد بيرون ڪي رود آخراي حرف آشنايان نقطه از نون ڪي رود راستي هر جا ڪه باشد ريشه محڪم مي زند از خيالم جلوه آن سرو موزون ڪي رود جبه سائي ڪرده روشن درجهان نامِ نگين رو سياهي جز سجود از بخت واڙون ڪي رود --- درين دار يڪ آيد ويڪ رود خدا باليقين آيد ار شڪ رود خطش سر زد و پر بر آورده شوق چو شاهين ڪه دنبال سبزڪ رود (1) --- چسان رقم ڪنم اين ناز رنگ رنگ ترا چگونه صلح نگارم چگونه جنگ ترا ز آشيان دلم باز ڪي ڪند پرواز ڪه پر برشتهء جان بسته ام خدنگ ترا (2) --- از لعل آبدار تو غرق است مي در آب بي عاقبت به لعل تو ڪم ڪرد پيء درآب درياي اشڪ برد مرا د رڪنار دوست ڪردم چو موج مرحله عشق طي در آب عمر عزيز بيش ز سيل بهار نيست ڪس خانه چون حباب ڪند تابڪي در آب ”ڪامل“ ندارد آئينه ام گردي از ملال دارم بروز خاڪ درِ شاه حيدر آبدا (1) --- بر فروغ مصطفيٰ و آل او پروانه ام شمع ماهِ چارده روشن بود درانه ام --- عشق تقويٰ سوز را پرواي ننگ و نام نيست جز بحرف سوختن اين عشق را آهنگ نيست --- جان من خانهء دل بهر تو جائيست بيا دودرِ ديده بتشريف تو وائيست بيا تا در آغوش مبارڪ بسلامت باشيم شب ماهست بيا، ابن شبِ مائيست بيا --- از برگ گل آزرده شود آن تنِ نازڪ چشم بد ازان دورچه نازڪ بدن است --- هر زمان مان را بڪويت شوق ديدار آورد بلبلان را آرزوي گل بگلزار آورد --- بغمزه گفت گنهگار عشق را چه زا ست ڪرشمه داد گواهي ڪه واجب القتل است --- هماي ڪو مفگن سايه شرف هرگز دران ديار ڪه طوطي ڪم از زغن باشد --- نقد اشڪم را ربود مردمِ چشم بزور ڪرد سرگردم ڪه باج از مردم آبي گرفت --- ندارد مسند دنيا شڪوه بوريائي دين ڪه شير اين نيستان پشم داند شير قالين را --- اي ڪه مي گوئي ڪه رنگ عالم ايجاد بست آنڪه بويِء هر چمن را بي گره برباد بست بيڪسيها ............. شهيد عشق را ميتوان از لاله نخل ماتم فرهاد بست (1) اردو شاعري: مير ”ڪامل“ جو زمانو اهو آهي جڏهن سنڌ ۾ مغل سلطنت جو زوال هو ۽ ڪلهوڙن جي مقامي خاندان اقتدار ۾ اچي چڪو هو. ميان يار محمد (1112 هه - 1131 هه) ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي (1131 - 1160 هه) هڪٻئي پٺيان سنڌ جي مسند تي ويٺا. مغل گورنرن جي آمدرفت، هندستاني شاعرن کي به سنڌ سان روشناس ڪرايو، ۽ ڪيئي اردو گو شاعر مغل حاڪمن سان گڏجي هتي اچي پهتا. هتان جي شاعرن ۽ اديبن سان سندن راهه و رسم ٿي، ۽ انهن جي ڏيٺ ويٺ ڪري سنڌ جي فارسي گو شاعرن به ’ريخته‘ جي نئين زبان ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. محمد سعيد ”راهبر“ (1137- 1143 هه) گواليار کان نواب سيف الله سان گڏجي آيو، مير جعفر علي ”بي نوا“، نواب مهابت خان ”ڪاظم“ جي دور (1132هه- 1135 هه) ۾ ٺٽي وارد ٿيو، سيد فضائل علي خان ”بيقيد“ هتي پاڻ حاڪم ٿي آيو، محسن الدين شيرازي (1173 هه) کانئس اڳ ٺٽي ۾ آيو ۽ مير قانع سان اچي ملاقي ٿيو. عمادالملڪ نواب غازي الدين خان فيروز جنگ، جنهن جي يادگار، دهليءَ م ”عريبڪ ڪاليج“ واري تاريخي عمارت آهي، 1195 هه ۾ ٺٽي آيو. از انسواءِ، انهيءَ دور جا جليل القدر اديب، شاعر ۽ عالم سيد عبدالجليل ”بلگرامي“ ۽ مير غلام علي ”آزاد“ بلگرامي به وقايع نويسيءَ جي سلسلي ۾ (1116هه کان 1145 هه) تائين سنڌ ۾ اچي رهيا. اهي سڀئي بزرگ فارسيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته هندستان اندر خود ان وقت تازو ريخته ۾ شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. ”آبرو“ ”مضمون“، ”ناجي“، مظهر جان جانان، ۽ ”حاتم“ انهيءَ ابتدائي دور جا هندستاني اردو گو شاعر آهن. اردو جي پهرئين صاحب ديوان شاعر ”ولي“ گجراتيءَ به انهيءَ دور ۾ فروغ حاصل ڪيو. سنڌ ۾ ريخته جي شاعريءَ جو به اهوئي پهريون دور آهي، هندستاني شاعرن جي نئينءَ زبان واري شعر سنڌين ۾ به دلچسپي پيدا ڪئي. ”مقالات“ جي ذريعي اسان کي انهيءَ دور ۾ چند اهڙا فارسي گو شاعر ملن ٿا، جن اردو ۾ به تفنن طبع خاطر طبع آزمائي ڪئي- شيخ ”ورو“ نواب سيف الله جي دور (1142هه- 1173 هه) ۾ ٿيو، عبدالسبحان ”فائز“ ٺٽوي (1137هه - 1143 هه) به ساڳئي وقت ۾ موجود هو. مخدوم محمد معين ”بيراگيءَ“ جو به اهوئي زمانو آهي، ۽ مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ به انهيءَ ئي دور جو اديب ۽ شاعر آهي. دهليءَ جي دارالسلطنت ۾ جهڙيءَ طرح ”ولي“ گجراتيءَ جي ديوان پهچي، اردو ۾ شعر چوڻ جو شوق جاڳايو، اهڙيءَ طرح سنڌ جي دارالسلطنت ۾ انهن هندستاني شاعرن اچي، سنڌ جي شاعرن ۾ اردو شاعريءَ جي تحريڪ پيدا ڪئي. (1) مير حيدر الدين ”ڪامل“ نه فقط پاڻ اردو جو باڪمال شاعر ٿيو، بلڪ سندس دوست ۽ شاگرد مير علي شير ”قانع“ ۽ سندس ڀائٽيو مير حفيظ الدين بن مير حافظ الدين به اردو گوئيءَ ۾ڪامل جي حد تائين ڪامياب ٿيا، مير حفيظ الدين جو اردو ڪلام اڳتي ايندو، هت هيٺ مير ”ڪامل“ جو اردو اشعارن جو نمونو ڏيون ٿا. مير ”قانع“ پنهنجي استاد جي اردو گوئيءَ لاءِ لکي ٿو ته: ”هر چند اشعار هندي ايشان عالمگير است، اما فقير آنچه ياد دارد مي نويسد“. (2) اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، جو سنڌ جهڙي درو افتاده خطي جي هڪ شاعر جو هندي (اردو ريخته) ڪلام سندس ئي دور ۾ عالمگير شهرت حاصل ڪري وڃي، جا شهرت ”ولي“ دکنيءَ کي حاصل هئي، اها ئي ساڳي شهرت هن سنڌي شاعر کي به نصيب ٿي- ريختي جي ايهام گوئيءَ ۾ مير صاحب کي خاص ڪمال حاصل هو. مير ”قانع“ جي قول جي - ”در ايهام هندي بي مثل، و دهره و ڪبت و نڪات غريب و صفات عجيب و سائر اقسام از ايشان بزبانها ست“- تصديق ٿئي ٿي، جڏهن سندس ايهامي شعر ڏسون ٿا، جيڪو انهيءَ دور جي ايهام گو دهلوي شاعرن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي: لبون دلبر ڪي ميري قتل پر بيڙا اٺايا هي خدايا خون سون ميري تو اس ڪون سرخرو ڪرنا --- ڪا ناموس ڪا هي سيني مين نام ڪا زخم هي نگينـي مين --- خال رخسار پر اچنبا هي ڪال ڪـي کيت ۾ اُگاهـي تل --- ڪس ڪي چوپر پر اجل ڌارا نهين سارلي تو اسني ڪس مارا نهين --- سويا پڙا هي ڪيا ري نازڪبدن اڪيلا خون جوش دي ٽپڪتا جا من سي اُٺا ديک --- (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/209 (1) ”مقالات“ ص. 253. (2) نواب مهابت خان ‘ڪاظم’ خلف محمد منعم خان، خان خانان (وزير اعظم شاهه عالم) 1132 هه ۾ ٺٽي آيو، ۽ 1135 هه ۾ ٺٽي ۾ فوت ٿيو. ”ماثر الامرا“ جي مصنف شاهنواز خان جو ڏاڏو هو(”ماثر“ 3/714)، شاعر هو، ۽ ”ڪاظم“ تخلص هئس. (1) ”مقالات“ ص. 253. (1) ”مقالات“ ص. 108. (1) هي بزرگ آخوند مير مصنف ”حبيب السير“ جو ڏهٽو هو. (2) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/203. (1) ”بياض مرتضائي“ ص. 33. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/257. (1) هيستائين شعر ”مقالات“ مان نقل ڪيل آهن. (2) هي شعر ”بياض مرتضائي“ ۾ به موجود آهن، ص. 53- 63 (1) هي شعر ”بياض مرتضائي“ ۾ به موجود آهن، ص. 53- 63 (1) هيستائين جا اشعار- ”بياض قانع“ نمبر 1- 2- 3 ۽ ”بياض رجا“ نمبر 1 ۽ 2 تان نقل ڪيا ويا آهن- اهي بياض سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهن. (1) انهيءَ عنوان تي منهنجو مضمون ”سندهه مين اردو“ رساله ”اردو“ ڪراچي، 15 اپريل ۽ 15 آڪٽوبر ۾ پڙهڻ گهرجي. (2) ”مقالات“ ص. 203. عشق اب ڊول هي زليخا ڪا اس سون آگي هـي چاه ۾ يوسف --- گـَـل گـَـل پگل پگل ڪي محبت راه مين پاني هوئي زليخا يوسف ڪي چاه مين --- دوست بخشيگا دوست سب ڪي سب گرچه عاصي هون اس ڪا آسي هون --- ڪه ديا جسڪي داغ ڇاتي هي اسڪي مرهم ڪي بات باقي هي (1) --- زلفان ڪي اگر ساٿ اڙاؤ تو اڙونگا سو بار اگر مار لڙاؤ تو لڙونگا ”ڪامل“ هي غني ٿيڪر (؟) هي هر لاکه لکاوي ڪيون ٿوٿا (؟) ڪهرا ڪهراوي تو ڪهرونگا --- درين هون تيري خال ڪي پرڇائين هري هين يا از تپِ خورشيد رخت چائين هري هين --- زلف انکيان په آن لٽڪي هين دام با دام دو دو اٽڪي هين --- تيريــ واصل مين دوجي تات نهين سب هوا ڦول ايڪ بات نهين --- درد هي دال موه ڀات هي يه مجهي ڪجهه درد دال ڀات نهين --- پهر سجن پاڪ سج چلي هين ڪون بات هي بيچ مين بتانا ڪيا يو جلا کيل مين بوجاتا هون اي شمع رو پتنگ ارلا ڪيا (1) يار جانا ڪي بات جانـي مين به نه جاني ٿو پهر جانا ڪيا دلبري مين سڪچه سو ڪچهه ناهين دل چرانــ مين دل چرانا ڪيا --- شمع ڪهتي جلي جلي بتيان ڪٽنا سر جلا جلانا ڪيا تيغ غمزي ڪي زود ‘ڪامل’ پر جو بهانا، تو پهر بهانا ڪيا --- پياري لڙڪي همين ستانا ڪيا هر گهڙي لڙڪي روس جانا ڪيا --- ڪيون نه وه دل اڙن کٽولي هئي شوق سون جس ني چار پر پائي (1) --- وعده هوئي دروغ جو اس لب سون هم سني به لعل قيمتي ديکو جهوٺا نڪل گيا --- پيو تو ڪهتي هو و ليڪن هو ڪهان ڪيا ڪرون پيا لب ڪون جب پيارا نهين --- خط تيري ڪا شوق اکيان ڪا لکا هرن ڪون سبزي بنا چارا نهين --- وه الف قامت جو ميرا رام هوئي رام ڪي سومجه الف آرام هوئي (2) --- عشق ڪي آگ جگمگاتي هي يه ديا تيل بات باتي هي (1) --- هيٺيون منقبت67 بندن جو آهي،ڪيترو نه صاف ۽ سٺيءَ زبان ۾ آهي: اي شهه دوسرا مين چيرا هون نام تيرا مدام تيرا هون بهوت نديان دکون ڪي تيراهون آ مدد ڪر لهر ني گهيرا هون يا علي مين غلام تيرا هون تج ڪي سب اور تيرا آياهون سب طرف ڇوڙ تيري آياهون سب سيتي توڙ تيري آياهون چاه سين دوڙ تيري آياهون يا علي مين غلام تيرا هون اس جگت ڪي دبير سب ديکي خان و سلطان امير سب ديکي شاه و مير و وزير سب ديکي پير ديکي فقير سب ديکي يا علي مي غلام تيرا هون ذره ڪه مهر سون لگي هي بيت شمع ڪي درس ڪا پتنگ اتيت باغ مون بلبلان ڪا گل هي ميت سڀ ڪون اپني هي ميت اپني ريت يا علي مين غلام تيرا هون يا علي عمر هاست حيرالم دربدر هون بهت پريشانم دي مجهي ساز بخش سامانم رحم ڪن رحم از غلامانم يا علي مين غلام تيرا هون سب امم ڪا امام تون هي تون خواجه خاص و عام تون هي تون حق ڪي گهر مين تمام تون هي تون درو ديوار و بام تون هي تون يا علي مين غلام تيرا هون سب امامون مين پيشوا تون هـي اوليائون ڪا رهنما تون هي انبيا تون هي اصفيان تون هي ثم بالله شهه هداتون هي يا علي مين غلام تيرا هون سب ڪوئي ايڪ امام رکتا هي ايڪ سين ايڪ ڪام رکتا هي بندگي اس ڪي نام رکتا هي سر بسجده سلام رکتا هي يا علي مين غلام تيرا هون تون هي يا شاهِ دين آدهار ميرا يارو غمخوار و غمگسار ميرا نهين دو جگ مين ڪوئي ڪار ميرا تون هي ايڪ سو هزار بار ميرا يا علي مين تيرا غلام هون ديا هي صدق سين مين دل مين قرار بر زبان ڪردم آشڪار اقرار سب سنا مين ڪها نصيري وار تون هي مولا ميرا بـَـهتر بار يا علي مين غلام تيرا هون تون ڪرم پيشه هي ڪريم هي تون مخلصا اپني پر رحيم هـي تون روزي و رزق ڪا قسيم هي تون حق ڪي نعمت هي تون نعيم هي تون يا علي مين غلام تيرا هون لحظه لحظه نفس دن رات جو نفس آنا من مون ”يا هي لات“ جي ڪي برتن مين اوناهي سماعت مو به مو مين ميري ياهي هي بات يا علي مين غلام تيرا هون علي الله مين نصيري وار بنده شاه حيدرِ ڪرار سيس ڪاٽو دگر چڙهائو وار الله الله ڪهون هزاران بار يا علي مين غلام تيرا هون مين نصيري صفت هون شيعه پاڪ سيس ڪٽني ڪا نائي رکتا باڪ ٽڪري ٽڪري ڪر و اگر صد چاڪ ”انت ربي“ ڪهيگي ميري خاڪ يا علي مين غلام تيرا هون تيري اعدا ڪي ڇاتي ڦارونگا سب مين گن گن ڪر پڇاڙونگا جو اڪيلا هي ان ڪو تاڙونگا تيري بد خواه ڪون لتاڙونگا يا علي مين غلام تيرا هون ڪوئي ڦسلاهي ڪوئي کسڪاهـي ڪوئي ڪڌرهي ڪوئي ڪس ڪا هـي ڪوئي اس ڪا هي ڪوئي اس کا هـي ڪوئي جسڪا هي ڪوئي تس ڪا هـي يا علي مين غلام تيرا هون اي خدا ڪي ولي تجهي هي لاج شاهه شاهان علي تجهي هي لاج مصطفيٰ ڪي وصي تجهي هي لاج سب خفي و جلي تجهي هي لاج يا علي مين غلام تيرا هون تون خدا ڪا ولي برحق هي مصطفيٰ ڪا وحي برحق هي تون خفي و جلي بر حق هي مرتبي مين علي برحق هي يا علي مين غلام تيرا هون تجهي بنا ڪون سين ڪهون مين راز ڪون تجه بن اٺاوي ميرا ناز اپني بندي ڪا ڪر قبول نياز ڪر نوازش مجهي غريب نواز يا علي مين غلام تيرا هون. تيري هجرت مين جن ڪرونگا آه جل ڪي ماهي ڪا داغ هوگا ماه اور فلڪ تاز مين هو ويگا سياه آ گدا تين نواز شاهنشاهه يا علي مين غلام تيرا هون باشڪسته فتاده ام در چاهه مين پرا هون مجهي اٺها يا شاه ڪر ميري هال پر ڪرم ڪي نگاه بحق لا الــٰـه الا الله يا علي مين غلام تيرا هون جب تيري دوري مين ڪرونگا پڪار تپينگي آسمان تپينگي بهار اُلينگي بحر اُڇل پڙينگي بجار زود آ زود ديي مجهي ديدار يا علي مين غلام تيرا هون يا علي تون هي شير يزداني شاهه شجعان هڙبر يزداني تج سين روشن سبهي مسلماني تين نه بخشاهي دين تئين پاني يا علي مين غلام تيرا هون يا علي ميري پر تون احسان ڪر يا علي ميرا ساز و سامان ڪر يا علي دل ميري تون شادان ڪر يا علي ميري مشڪل آسان ڪر يا علي مين غلام تيرا هون حـَـب لـَـنا وَلــِـي مقـُـصـُـودي دي مجهي يا امام بهبودي گويمت حمد زانڪه محمودي آري آري تو منبع جودي يا علي مين غلام تيرا هون بولي ٿولي جگت ڪي سهتا هون بندگي ڪي گلي مين رهتا هون نس دنا هون سبب سين ڪهتا هون بيتي ايتي بـي؟ يا هي ڪهتان هون يا علي مين غلام تيرا هون مين تماري مدد سون تو رون ڪوٽ نه ٿڪون از بلا نجاون اوٽ جب ڪمان هاٿه لي چلاون چوٽ ايڪ دو تين ڪون ڪرونگا لوٽ يا علي مين غلام تيرا هون تون بحق هي امام امت ڪا تون هي قاسم تمام خلقت ڪا ابر هي تو دا ڪي رحمت ڪا ڌو مـِـٽا داع ميري زحمت ڪا يا علي مين غلام تيرا هون آب غم سون هواهون مالامال عمرها شد پڙا هون بي پر و بال تم په روشن هي ميرا جمله حال رحم ڪر ڪر پڪردکون سين نڪال يا علي مين غلام تيرا هون يا علي تون ڪرم ڪا دريا هي مين پياسا هون تون پلاتا هي شڪر حق ميري دل دلاسا هي تيري مخلص ڪا بول بالا هي يا علي مين غلام تيرا هون يا علي توه ڪس سين پاون مين تيري پر وار بير جاؤن مين آ تون غم ڪي اڳن بجهاؤن مين مکه تيرا ديکه غم مٽاؤن مين يا علي مين غلام تيرا هون يا علي تون هي ميري سر ڪا تاج ڪال ڪيا هي پرسونڪيا صبا ڪيا آج تون بناويگا ميرا جمله ڪاج هي تيري پر تمام ميري لاج يا علي مين غلام تيرا هون حق ڪي بيشي ڪا شير تون هي تون حق ڪهتا ٿا نصير تون هي تون ڪهتا هون هير ڦري توهي تون لڪي رسنا مين ٽير تون هي تون يا علي مين غلام تيرا هون شهر مين تون هي دشت صحرا تون به زمين تون هي بحر دريا تون حق هي ارض و سما مين مولا تون صورتا تو هي هم به معنيٰ تون يا علي مين غلام تيرا هون تون هي پيرون ڪا پير شاهه نجف جمله جگ ڪا امير شاهه نجف تون هي مجهه دستگير شاهه نجف دور ڪر ميري پير شاهه نجف يا علي مين تيرا غلام هون تجهي سن ڪر ڪريم آيا هون مين تجهي سن رحيم آيا هون دکه سين هو ڪر دونيم آيا هون بنده مسڪين يتيم آيا هون يا علي مين غلام تيرا هون تيري حضرت سين ڪون هي محروم جانتا هون مجهي بهي هي معلوم آ مدد ڪر ميري تو چون قدوم ڪٽ مرا غم نپٽ هوا مغموم يا علي مين غلام تيرا هون ڪن ني حـُـورو قصورو خلد برين ڪن ني دنيا قبولي ڪن ني دين ڪن ني ڪوئي ڪيش ڪن ني ڪوئي آئين مين نه پهچانن اُن نه جانون اين يا علي مين غلام تيرا هون دور منزل نپٽ ڪٺن هي راه نه ڪوئي ساٿي هي نه ڪوئي همراه چاهتا هون تيري ڪرم ڪي نگاه ڪر مدد اپني اس گدا پر شاه يا علي مين غلام تيرا هون ذات تو لعل ڪان سبحاني گوهر پاڪ بحر حقاني مين هون ذره تون مهر درخشاني ڪيا ڪرون مين تيري ثناخواني يا علي مين غلام تيرا هون مين هون اور صبح و شام ناد علي مين هون اور تيري بات تيري گلي سب حڪايت مين تيري بات ڀلي واه وه دل جو تيري ساتهه چلي يا علي مين غلام تيرا هون مين گنهگار هون توبخشنهار مين پڙا هون گرا تهاري ٺار سب ندي لانگ ڪي هوي به ڪناري ڪر ڪرم موهـي بهي اتار ديي پار يا علي مين غلام تيرا هون هي سراپائي ڪام ميرا زشت رها هون دائما به زير ڪنشت جانتا هون مري بري هي ڪشت تون کلاويگا ميوو باغ بهشت يا علي مين غلام تيرا هون ميري سنگ تون هي روز شبها تون ميري گهر بار ڪا اجالا تون ميري تي دين تون هي دنيا تون نهين ڪوئي اور يار اِلا تون هه تيري ساتهه ميري دل ڪي لگن تون ميري من مون جيسي تل بچمن تون ميرا جان تون ميرا تن من تون هي ظاهر ميرا تون هي باطن يا علي مين غلام تيرا هون صد هزاران درود سو تسليم رسد از من به توبصد تعظيم هي تجهي جان يا شفيع ڪريم ڪه تيرا هون دعاگوي قديم يا علي مين غلام تيرا هون تيري پر تن من اپنا وارا مين ڪيا قربان شرير سارا مين يا علي وار وار ڊارا مين ڪب ديکونگا درس تهارا مين يا علي مين غلام تيرا هون شير حق مصطقفيٰ ڪا ڀائي تون خانه دين ڪي روشنائي تون يار تون جان آشنائي تون آشنا يار در خدائي تون يا علي مين غلام تيرا هون از تقيه طبق ڪا ڪانچا هون ورنه مين حرف عشق بانچا هون آپ تين خوب طرز جانچاهون شڪر لله مريد سانچا هون يا علي مين غلام تيرا هون ڪها مين بارها ڪهونگا مين درد مين دک سين دل دونگا مين ڪيتا دوري ڪا دک سهونگا مين ڪان تلڪ هجر مين رهونگا مين يا علي مين غلام تيرا هون تيري فرقت ني موه مارا هي درد دوري ني مار ڊارا هي هر نفس نالي ڪا نقارا هي هر زمان درد ڪا پڪارا هي يا علي مين غلام تيرا هون اي خدا ڪي ولي خدا ڪي نان رک ميري آنکون پر تو اپني بان بس ميريي دل مين آ بسا يه کان دل ترا ڪام انکيان تيرا شان يا علي مين غلام تيرا هون زود آ زود ديد بخش مجهي تيري قربان مين عيد بخش مجهي لي ميرا دل رسيد بخش مجهي شوق اپنا مزيد بخش مجهي يا علي مين غلام تيرا هون مين تيري آل ڪا هون قرباني جن ڪا نائين جگت مين ڪوئي ثاني اول ان ڪي ڪرون ثناخواني تسب کاؤنگا تب پيون پاني يا علي مين غلام تيرا هون اول ان مين حسن جو هي احسن کلون انڪي صفت مين جيون گلشن وارون اس ڪي شڪل اوپر تن من پڙهون مدحش چو بلبلانِ چمن يا علي مين غلام تيرا هون دويم آن شاه دين حسين شهيد نه هوا ويسا ڪوئي جهان مين پديد ڪس چنين شير مرد را ڪم ديد ديد يعني چه بلڪ ڪس نه شنيد يا علي مين غلام تيرا هون ثالث آن نور ديده زين عباد ڪرون مين اس ڪي ياد سين دل شاد ديا جس حق ڪي بندگي ڪا داد بيت ربي ڪون ڦر ڪيا آباد يا علي مين غلام تيرا هون چارم اين باقر امام هـُـدا جس ني بخشا نبي ڪي ڪين ڪون ضيا ڪيا روشن جگت مين نور خدا ميرا سر اس ڪي پائون پر فدا يا علي مين غلام تيرا هون پنجمين شاهه جعفر صادق جانچ ديکها مين سانچ ڪا ناطق سب صفت ڪا سزا هي سب لائق ثمه حقا و جگ مين هي فائق يا علي مين غلام تيرا هون ششمين شاه موسيٰ ڪاظم دين حق ڪا وه ٿا به حق عالم جن ني جگ مين اٺايا سب ظالم دين احمد ڪا ڦر ڪيا قائم يا علي مين غلام تيرا هون هفتم آن شاه دين علي رضا جس ني راضي ڪيا نبي و خدا دين ڪي آئيني ڪون بخشا جلا اس ڪي پگ پر مين سرڪون صدقه ڪيا ياعلي مين غلام تيرا هون هشتمين شاه دين امام تقي پارسا متقي و پاڪ زڪي نور چشمِ محمد عربي اس سين روشن چراغ دين نبي ياعلي مين غلام تيرا هون نهمين شاه دين امام نقي جس ني دين تي ڪيا جگت مون جلي مومنو تين ڪيا بـُـري سي بري سب ڪون دکلايا باغ دين ڪي ڪلي ياعلي مين غلام تيرا هون دهم آن عسڪر امام هدا وو نه ٿا ايڪ دم خدا سون جدا جس ثنا ڪا ڪهون مين اس ڪا سزا وه ميرا شاه مين هون اس ڪا گدا يا علي مين غلام تيرا هون يازدهم امام مهدي دين ڦر ڀي قائم ڪريگا دين متين مجهه دکا يا رب آن دو شاه مبين ڪرد گارا قبول ڪن آمين يا علي مين غلام تيرا هون اي اخ مصطفيٰ شه ڪونين زوج خيرالنسا ابوالحسنين بخش دولت مجهه ڇڙا از دين بحق ميم وفا دو حاؤ عين يا علي مين غلام تيرا هون پير ڪامل علي ولي الله حال ميرا هوا هه غم سون تباه دين و دنيا مين هو مجهي همراه فم فعجل شفيعنا لله ياعلي مين غلام تيرا هون. (1) وفات: جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، مير صاحب جي سموري زندگي تجرد، ۾ گذري، تنهنڪري جسماني اولاد کان قطعي فارغ البال رهيو، البت روحاني اولاد (شاگرد) گهڻو ئي ڇڏيائين، جنهن جو ڪجهه ذڪر مٿين سٽن ۾ اچي چڪو آهي. سندس انتقال 1164 هه ۾ ٿيو، مير ”قانع“ هيٺين تاريخ ڪڍي- ”ان للمتقين جنــٰـت“ (2) 1164 هه (1) هي سڀ شعر ”مقالات“ مان ورتا ويا آهن، ص. 254. (1) هي اشتعار ”قانع“ جي بياض نمبر2، ص. 248، تان ورتل آهن. (1) هي اشعار ”قانع“ جي بياض نمبر 2، ص. 248، تان ورتل آهن. (2) هي سڀ اشعار ”بياض قانع“، نمبر 2، ص. 248 تان نقل ڪيا ويا آهن. اهو بياض سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. (1) ”قانع“ جي بياض نمبر 2، ص. 258 تان ورتل. (1) انهيءَ تتبع تي مابعد جي شاعرن گهڻو چيو آهي، مير صاحب جي دور ۾ ٺٽي اندر فارسيءَ سان گڏ اردو جو جيد شاعر ملا عبدالحڪيم ”عطا“ به هو، جنهن جو ديوان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. (2) ”مقالات“ ص. 354. مير حافظ الدين خان مير حافظ الدين خان مير شهود جو ٽيون فرزند هو، جو پنهنجن بزرگن ۽ ڀائرن وانگر وڏي علم ۽ فضل جو صاحب هو. افسوس آهي جو سندس سوانح جو ڪوبه تفصيل ملي ڪونه ٿو سگهي، البت سندس صاحبزادي مير حفيظ الدين لاءِ ڪجهه مواد ملي ٿو، جنهن کي هيٺ پيش ڪجي ٿو: مير حفيظ الدين: مير حفيظ الدين علي پنهنجي وقت جو باڪمال عالم ۽ بي مثل شاعر هو، ”تحفـة الڪرام“ ۾ مير ”قانع“ لکي ٿو ته: ”درين وقت صاحب ڪمال گزيده، ارباب حال و قال، ڪمالاتش چه در نثر و چه در نظم، بهمگي ايهام ذو معني و سه معني و افزون بران“. (1) بصارت ۽ سماعت ۾ فتور هئس. زندگي هن جي به پنهنجي چاچي مير ”ڪامل“ وانگر تجرد ۾ بسر ٿي، ۽ بقول مير ”قانع“، مير ”ڪامل“ جي سڀني خصوصيتن ۽ خوبين جو حامل هو، طبع عالي قدرت عطا ڪئي هئس، ۽ هندي زبان جي شاعريءَ ۾ ”خسرو“ ثاني هو، پاڻ جن خيالن ۽ معنيٰ کي پنهنجي ڏوهيڙن ۽ ڪبتن يا بيتن ۾ ٻـَـڌندو هو، اهو فقط سندس ئي حصو هو. فارسي شعر به چوندو هو، ليڪن سندس زياده ڪلام هندي (ريخته) زبان ۾ آهي، ايهام گوئيءَ ۾ ايترو ڪمال هئس، جو ٻن ٽن، چئن ۽ پنجن معنائن کان به بعضي مٿي ٻـَـڌي ويندو هو- ”ايهام ڪه از دو سه و چهار و پنج معني هم گاهي گاهي تجاوز دارد“. (1) ايهام گوئيءَ ۾ هي شعر ڪمال جي حد تائين پهتل آهي- اچار هوا اڪٺا، پاپڙ ليني هي مجهي سرڪار بنا تو آڪي سوي سلوني اڇي شاعر جي حيرت انگيز ذهانت ۽ زبان تي پوري قدرت حاصل هجڻ جو انهيءَ شعر مان پتو پوي ٿو ته ٻن مصراعن ۾ آچار، کٽا، پاپڙ، مڇي، سرڪي، تئي، سـَـيـُـن ۽ لوڻي، جملي اٺن کاڌي جي شين کي آندو اٿس، ممڪن آهي ته لکنوءَ جي ضلعي جگت جي استاد شاعرن وٽ به هڪ شعر ۾ ايترن تلازمن جو مثال ملي نه سگهي. مير صاحب جو فارسي شعر ”مقالات“ ۾ فقط هڪ ڏنو ويو آهي- پئي شڪار من آن ترڪتاز مي آيد ز بهر صيد دلم يار بازمي آيد (2) ”تحفة الڪرام“ جي انداز تحرير مان ظاهر آهي ته تصنيف واري زماني (1181هه) تائين، مير صاحب بقيد حيات هو. _______ مير معين الدين خان مير معين الدين خان مير ابوالمڪارم شهود جو چوٿون پٽ هو. سندس مختصر حال فقط ”مقالات“ ۾ ملي ٿو: صاحب حال و قال بزرگ هو، شعر سخن سان به دل جو لڳاءُ هو. هڪ دفعي پنهنجو گهر ٺهرائي رهيو هو ته لوهه جي ڪوڪن جي بجاءِ شهتيرن ۽ پٽين کي رسيءَ سان ٻڌائين ٿي. ماڻهن پڇيس ته ”تون سرنديءَ وارو ٿي، پڪو گهر ڇو نه ٿو ٺاهين، ڪوڪا ۽ لوهه رسن جي بجاءِ استعمال ڇو نه ٿو ڪرين؟“ انهيءَ تي پاڻ پنهنجو هيٺيون شعر پڙهيائين- خــــانــه بـي بـقـــا و فـــانـــي را بـــه ازيـــن ديگري چه آرابه فـــڪر بيت دگـر چرانه ڪـــني ڪــه تــرا جاو دان بڪــار آيــد سندس شعر جو رنگ هي آهي- مرغان غريبيم اسير قفس هجر مارا ز قفس باز به بستان ڪه رساند مير صاحب 1133 هه ۾ انتقال ڪيو، مير علي شير هيٺيئن آيت مان تاريخ ڪڍي: ”ان اڪرمڪم عندالله اتقــٰـڪم“. 1133 هه ٽي امير خاني شاعر ”مقالات الشعرا“ ۾ امير خان گهراڻي جي ٽن ٻين شاعرن جو به ذڪر آيو آهي پر انهن لاءِ معلوم ٿي نه سگهيو ته ڪنهن جا پٽ هئا، ۽ سندن حياتيءَ جو داستان ڇا هو، بهرحال جنهن صورت ۾ هن عظيم المرتبت علمي خاندان سان سندن تعلق آهي، تنهنڪري بطور تڪملي جي اسان کين هنن اوراقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون ٿا. مير ولي اعظم امير خاني: وڏن صلاحيتن ۽ خوبين جو صاحب هو، مير ”قانع“ لکي ٿو ته: ”بجودت طبع، و سرعت فهم موصوف بود، در حاضر جوابي عديلي نه داشت“. مير قانع افسوس ڪيو آهي، جو کيس مير موصوف جو شعر دستياب نه ٿي سگهيو. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس خاص ڪمال هو. هڪ دفعي ملا عبدالرشيد ٺٽوي شاهي دربار مان منصب حاصل ڪري شهر ۾ موٽي آيو، مير صاحب جڏهن ڏٺو ته ملا صاحب منصب تي ڏاڍو مغرور آهي، تڏهن هيٺئين تاريخ چيائين: ”عبدالرشيد رد شد“ انهيءَ فقري جا اعداد 1129 هه ٿين ٿا. عجيب اتفاق هيءُ ٿيو، جو ”مير ڪرامت تخمير“ جنهن وقت اهي الفاظ زبان مان ڪڍيا، ان وقت انهيءَ جاءِ تي ملا صاحب جو روح پرواز ڪري ويو، جنهن ڪري اهوئي فقرو سندس تاريخ وفات بڻجي پيو. هڪ دفعي ”يا ابراهيم انصاف“ جو فقرو زبان مان نڪتو، جنهن مان 1143 هه سال بر آمد ٿيو. مير ”قانع“ اهي مثال ڏيندي لکيو آهي ته: ”الحاصل از مير مسطور چنين ڪارها بسيار منقول است، بر اين قدر اختصار رفت“. (1) معلوم ٿئي ٿو ته ”مقالات“ جي تصنيف (1173 هه) ٿيڻ کان اڳ مير صاحب انتقال ڪري چڪو هو، سندس قيام ٺٽي ۾ هو. مير حبيب الله: مير علي شير مير صاحب کي ”معلم چهارم“ جي خطاب سان ياد ڪيو آهي، ۽ لکي ٿو ته ‘مون ميان ابوالفضل خوشنويس کان ٻڌو ته مير ابوالقاسم نمڪين جي اولاد مان هو، ۽ نواب مهابت خان ”ڪاظم“ (1132هه- 1135 هه) جو مصاحب ۽ رفيق هو’، هيءُ شعر نموني طور نقل ٿيل آهي- چشم مست يار را نازم ڪزو خاطري بي ناوڪِ اندوهه نيست (2) مير باقر خان امير خاني: هيءُ بزرگ به ساڳئي خاندان جو فرد هو، هالن ۾ رهندو هو، جود و سخا ۾ فرد فريد هو، سڄي زندگي عزت ۽ تمڪنت سان بسر ڪيائين، ۽ هالن جي سڄي زمين سندس جاگير هئي- ”آن زمين سر بسته در اقطاعش بوده، بسيار جواد و مخير مي زيست، در مرزائي مثل است“. هندستان اندر ”باقر خاني“ ماني مشهور آهي: مير ”قانع“ لکي ٿو ته اها ماني سندس ايجاد ڪيل آهي، ۽ سندس ئي نالي تي مشهور ٿي. سندس چند شعر ”مقالات“ ۾ ڏنا ويا آهن، جن کي هتي نمونتاً نقل ڪجي ٿو: دارد از قــوس دوســقـِي پرواز نـــاوڪِ آه مــن هــوائـــي نيـست خــُـلـق نـيڪـو ڪـمـنـد خلق بود حاجت تـخـت و بـادشاهي نيـست به ته بال خويـشـتن بـنـشيـن امـن در سـايـه هــمـــائي نـيـست مه تمامي زوري نـقـصـان يــافـت چوشڪست توموميائي نيست (1) ________ سـَـتين جو ٿانُ مير ابوالقاسم “نمڪين” جو قبرستان مير ابوالقاسم جو قبرستان روهڙيءَ جو سول ڪورٽ جي ويجهو، اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ تي، درياءَ جي ڪپ تي هڪ بلند ٽڪريءَ مٿان ٺهيل آهي. اوڀر کان ٻن فرلانگن پنڌ تي لئنسڊائون پل آهي، سامهون اتر کان درياءَ جي ٻيءَ ڀر تي سکر جو شهر آهي، ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روهڙيءَ جو شهر آهي. بکر جي قلعي جون ڊٺل ديواريون به اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان وچ درياءَ ۾ سامهون آهي. جاءِ وقوع جي لحاظ کان هيءُ ٽڪرو پنهنجي دلڪشيءَ جي بي مثل آهي- چارئي طرف کليل، ڪوهن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام، پري پري تائين ڏسي سگهجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀرپور آهي. سکر کان ايندڙ رستو درياءَ جو ڪپ ڏيو، انهيءَ ٽڪريءَ جي پهلوءَ کي ڇهندو، روهڙيءَ ڏانهن وڃي ٿو. تاريخ: انهيءَ ٽڪريءَ کي، انهيءَ قبرستان ٺهڻ کان اڳ ”ستين جو ٿانُ“ سڏيو ويندو هو- يعني ستين جو آستان، جنهن کي فارسيءَ م ”ستياسر“ جي نالي سان لکيو ويو آهي، جيڪو غالباً ”ستين سرتين“ يا ”ستين جو آستان“ جو بگاڙ ٿو ڀانئجي. ”اڪبر نامي“ ۾ ان کي ”کوهه هفت دختر“ لکيو ويو آهي.(1) ”ماثر الامرا“ جو مصنف انهيءَ ٽڪريءَ کي ”کارماتري“ سڏي ٿو.(2) قبرستان: ڀانئجي ٿو ته اها ننڍڙي ٽڪري ڪنهن زماني کان پنهنجي هم جنس ٽڪرن ۽ جبلن کان جدا ٿي اتي رهجي ويئي آهي. مشهور روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي ستين جو آستان هو، ۽ اها جاءِ انهن خدا رسيده معصوم بيبين جي رهائش سبب متبرڪ سمجهي ويندي هئي. مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جڏهن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو، ۽ بکر کي ئي پنهنجي مستقل رهائش لاءِ پسند ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجا يادگار ٺهرائڻ شروع ڪيائين، تڏهن انهيءَ ٽڪري جو ماحول، جاءِ وقوع ۽ چوڌاري جي منظر کيس پسند آيا، ۽ هن انهيءَ ٽڪري جي چوٽيءَ کي صاف ڪرائي، مسطح ڪري، چوڌاري ديوار ڏيئي، سرن جو فرش ٻڌائي، چئن ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺهرائي، ان کي پنهنجي خاندان لاءِ قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن ان کان اڳ جو ان ۾ ڪنهن فوتيءَ کي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آرائيءَ لاءِ ڪتب آندو، ۽ ان جو نالو ”صفهء صفا“ رکيائين. سندس فرزند ميرڪ يوسف لکي ٿو ته: ”پير غلام صفهء چهار گوشه ساخته، و بر هر گوشهء اين صفه مناري برپا داشته، و ”صفهء صفا“ نام نهاد در شبهاي ايام بيض اڪثر در آن جا ميگذرانيد، و با اهل فضل مجلس داشته، خرپزهاي موضع نيه بدره راڪه در چار ڪروهي اين صفه واقع است، بغايت خرپزهاي ولايتي آن خوب مي شوند، صرف مي ڪرد“. (1) ڏکڻ جي سمت ۾ اُتان جي چئن ڪوهن تي سنڌ جو قديم دارالسلطنت، الور آهي. ان زماني ۾ اهو مير صاحب جي جاگير ۾ هو. انهيءَ جي ڪنهن قصبي ۾، جنهن جو نالو ”نيه بدره“ هو، مير صاحب گدرن جا باغ ڪرائيندو هو. گدرن جو پاڻ به شوقين هو، ۽ ويلي تي هڪ مڻ گدرا کائي ويندو هو. دوستن احبابن، عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪريءَ تي گڏ ڪري، مجلسون ڪري، قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيندو هو. ”ماثر الامرا“ لکي ٿو ته ”چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪري جو نظارو ’بي نظير عالم‘ هو“. - ”بر ڪوهچه (ڪه مشر قلعه بکر است) جنوب رو به جانب قصه ِّ لوهري، متصل درياي پنجاب مشهور به ”کار ماتري“ گورخانه خود ساخته ”صفهء صفا“ نام گذاشت، در شبهاي ماهتاب بي نظير عالم است، و همانجا مدفون گشت“. (1) انهيءَ صاف صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير نمڪين جي زندگيءَ تائين قائم رهيون. 1018 هه ۾ مير نمڪين شهيد ٿيو، ۽ پهريون پاڻ اتي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اهو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پهچڻ لاءِ جيڪا ديوار آهي، ان جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت حجرا ٺهيل آهن،جيڪي ڏينهن جي آرام لاءِ ڪتب ايندا هئا. اهڙيءَ طرح، اتر جي طرف کان اوڀر خواه اولهه جي ڪنڊن تي به حجرا آهن، جن جو رخ درياءَ طرف آهي- صبح شام درياءَ جي نظاري ڪرڻ لاءِ نشيمن جو ڪم ڏيندا هئا. موجوده حالت: مسٽر ڪزنس جي ڏنل هڪ تصوير مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قبرستان زبون ٿي چڪو هو، منارا پٽ اچي پيا هئا، قبرون ڊهي ويون هيون، سنگين لوڙهه ۽ ڪتبا منتشر ٿي چڪا هئا، عمارت جي خاص وضع، ٽڪريءَ جي ماحول ۽ چوڌاري جي نظارن محمڪي آثار قديمه (حڪومت هند) جي ڪارپردازن کي متاثر ڪيو، جن ان کي محڪمي جي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري، سموري قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو، منارا ٺاهيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا، فرش ٻڌو ويو، ۽ حد بنديءَ واري ديوار ٻيهر مضبوط ڪئي ويئي، ۽ حجرن کي به گهڻيءَ حد تائين مرمت ڪري، ڪم آڻڻ جهڙو ڪيو ويو. هن وقت تمام مضبوط حالت ۾ آهي، ۽ پاڪستان جي محڪمي آثار قديمه جي قبضي ۾ آهي، ممڪن آهي ته جيئن پوڻا چار سئو ورهيه گذري چڪا آهن، تيئن ايندڙ ڪن صدين تائين اڃا به قائم رهي سگهي. مرڪزي ٿلهو: فرش جي سطح کان 5 فوٽ 4 انچ بلنديءَ تي هڪ ٿلهو آهي، جنهن جو طول 48 فوٽ 6 انچ ۽ عرض 38 فوٽ آهي. ان تي ڏهه قبرون آهن، جن مان هڪ مير ابوالقاسم نمڪين جي آهي. انهيءَ ٿلهي جي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آهن، جيڪي 5 فوٽ کن بلند ٿيندا، ڏکڻ کان انهيءَ ٿلهي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوني جي پلاسٽر جون آهن، باقي سڀ پٿر جون آهن، جن جو سمورو لوڙهو اُڪر جي بهترين ڪم جو شاهڪار آهي. اوڀر کان اولهه طرف قبرن جو تفصيل ۽ ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا، ڪن قبرن جي ڪتبن جا ڪي اکر ڊهي ويا آهن، انهن جاين تي اسان نقطا ڏنا آهن: (1) پٿر جي قبر- چوڌاري چٽساليءَ جي اُڪر ٿيل، سيرانديءَ کان قرآني آيات جو ڪتبو، ۽ پيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو آهي: وفات يافت مرحوم مغفور الواصل الي جوار رحمت حضرت الخالق... مرزا عبد ................... شهر جمادي الاول ............ نالي جو پهريون جزو پڙهڻ ۾ اچي ٿو، ۽ آخري جزو ”العلي“ جهڙو نظر اچي ٿو، ممڪن آهي ته عبدالعلي نالو هجي. (2) هيءَ قبر به پٿر جي آهي، پيرانديءَ کان ڪوبه ڪتبو ڪونه اٿس، سيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو آهي- لا الله الله محمد الرسول الله فغان از گردشِ گردون بدعهد دريغان زين جهان عمر فرسا ڪه از باد اجل نا گاه بشڪست بباغستان جان سروِ دل آرا گل و گلزار اقبال و جواني ابوالقاسم فروغِ بخت والا سزد گر در فراقِ او بگريد بجاي آب، خون چشمِ احبا چو دلها داغ شد از فرقتِ او نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“ - 1045 هه هيءُ نمڪين جو پوٽو، ۽ امير ابوالبقا امير خان جو پٽ هو. (3) پٿر جي قبر - سمورو لوڙهه چٽسالي ۽ قرآني آيات سان مزين، ڪتبو سيرانديءَ کان لڳل: حيف و صد افسوس از عبدالرحيم همچو او ڪم آمده زين آب و گل سال فوتش را چو جستم از خرد گفت از حسرت ”داره داغ دل“ - 1053 هه (4) هيءَ قبر به پٿر جي آهي- ساڳيءَ طرح چٽسالي، آيات قرآني، ۽ سيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي: يڪتاي روزگار عتيق الله آن جواد ڪاندر جهان جود نبودش ڪسي عديل نگذاشت آسمان ...... ازان ڪه بود مشتاق .......... او فردوس سلسبيل سال شهادتش چونوشتم بصفحه بر از غم بريخت آب ز چشم چو رود نيل لا الله الله محمد الرسول الله اهو ڪتبو پٿر جي ٻاهرئين طرف کان آهي، اندريئن پاسي هيءُ ڪتبو آهي: عتيق الله مرزا ڪز فراقش محبان را جگرها چاڪ آمد چو درخيل شهيدان شد خرامان فلڪ را ديده نمناڪ آمد زروي درد گفتا سال تاريخ 4 ”عتيق الله شهيد پاڪ آمد“ 1033 + 4= 1037هه هيءُ ڪتبو پيرانديءَ کان آهي: بتاريخ روز پنجشنبه چهارم شهر رجب المرجب سن 1037 هه بدرجهء شهادت رسيد (5) هن قبر تي ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي، چوني جو پلستر ٿيل آهي، ۽ ڪتبا سڀ ضايع ٿي ويل ڏسجن ٿا. (6) هيءَ قبر مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جي آهي، بهترين اُڪر جو ڪم ٿيل اٿس، قبر جون سموريون ديواريون آيات قرآنيءَ سان مزين آهن، ۽ هيءُ ڪتبو پيرانديءَ کان پٿر جي ٻاهرئين رخ تي اُڪريل آهي- مير ابوالقاسم آن يگانهء عصر ڪه بجز تخم دين و داد نڪشت ملڪ و اقبال در تصرف داشت چون اجل در رسيد جمله بهشت ديده دل ڪشاد برگيريد عبرتِ اي عاقلان پاڪ سرشت هيءُ ڪتبو انهيءَ ئي پٿر تي اندرئين پاسي کان آهي- گر بود بستر از حرير چه سود چون نهد مرگ زير بالش خشت خلفِ خير او ز ”داغ ابي“ - 1018 هه چونڪ تاريخ سال فوت نوشت گفت ملهم مرا بگوش ضمير سال فوتش ڪه ”باد جاش بهشت“ - 1018 هه هيءُ ڪتبو پيرانديءَ کان آهي- خان زمان مير ابوالقاسم آنڪه او لوح وجود از رقم غير ساده ڪرد ...... دود مان ...... گلبنِ حيا ســـالِ وفـات او طـلـب از ”داغ داده“ ڪـرد - 1019 هه (7) پٿر جي ساڳئي قسم جي قبر تي سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين طرف هيءُ ڪتبو آهي- عبدالرزاق ڪه روحشس قرين باد ز ايزد بهزار آفرين سني و شيعه چو در افتاده دير تيغ شجاعت ز ميان در ڪشيد همت عاليش عنان گرم تاخت جام شهادت ز قضا نوش يافت ترڪ ازين عالمِ فاني گرفت ”مـلـڪ بقــا آل حــــســيني گــرفــت“. -1062 هه - مير نمڪين جو پوٽو ۽ امير ابوالبقا امير خان جو پٽ هو.(1) (8) هيءَ مزار امير ابوالبقا امير خان بن ابوالقاسم خان ”نمڪين“ جي آهي، نهايت خوبصورت اُڪر جو ڪم، خط طغرائيءَ سان سڄيءَ مزار تي قرآني آيات، قبر جو ساڳيو اهوئي نمونو آهي، جيڪو سندس والد جي قبر جو آهي، سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين رخ تي هيءُ ڪتبو آهي: مصدرِ خلق امير خان ڪه بسي خلق عالم بخلق او آسود تا درين دهر بود صاحب جاه در رضاي خداي خود مي بود ڪوس رحلت چو زد ز دار فنا رخت آسودگي بخلد ڪشود سال نقلش بگفت هاتفِ غيب ”هــاديء دين امـــيـر خــــان آســـــود“. - 1057 هه (9- 10) نمبر واريون قبرون گهري فيروزي ٽائيلس لڳل آهن، مٿن ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي. (1) ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 2/209. (1) ”مقالات“ ص. 86. (2) ”مقالات“ ص. 16 (1) ”مقالات“ ص. 43. (2) ”مقالات“ ص. 86، (1) ”مقالات“ ص. 49. (1) ”اڪبر نامو“ ص. 3/637. (2) ”ماثر الامرا“ ص. 3/77. (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 229. (1) ”ماثر الامرا“ ص. 3/77. (1) سيد محب الله روهڙيائي ”تحقيق بناءِ امصار سند“ ۾ لکيو آهي ته اها قبر عبدالرزاق ڪاشانيءَ (حاڪم بکر) جي آهي، ليڪن اهو غلط آهي، انهيءَ اطلاع جو ماخذ ميان علي اصغر ٺٽويءَ جو رسالو آهي. صحن جون قبرون: مرڪزي ٿلهي جي اوڀارئين طرف هيٺ فرش تي 67 قبرون آهن، انهن مان جن قبرن تي ڪتبا آهن، انهن محل وقوع شامل ڪيل نقشي مان معلوم ڪري سگهبو، ڪتبا هي آهن. (1) وفات يافت مرحومه مغفوره بي بي ... خانم هفتم تاريخ شهر رمضان سن ... (2) في تاريخ هفتم شهر صفر ”خاتمه بالخير و الظفر“ 1131 هه (؟) (3) تاريخ فوت مرحومه يازدهم شهر محرم الحرام سنه 1070 هه (4) عبدالواحد چو از جهان فنا ڪرد رحلت بسويء ملڪ يقين بهر تاريخ او خرد گفتا ”آمده جـاي او بهـشت برين“. - 1040 هه (5) خدا وند فتاح را بنده ِّ (1) ڪه او بود در راه حق مستقيم چو ڪرده ز دارالفنان انتقال بدارالبقا گشته جنت مقيم پيِء مال فوتش بسوز و گداز سحر گه بجتم ز طبعِ سليم زروي بديهه بگفتا نويس 2 ”چــو حــاتـم جـوان مردو بود و ڪريم“. 1050+ 2= 1052 هه (6) چون بخراميد عبدالحي والا شان مردي ازين دارالفنان نا گاه جانب روضه رضوان چو جستم سال تاريخ وفات ....... جوان .... دانش ”بجنت يافت جاويدان“- 1068 هه (؟) چبوترا: اترئين طرف کان چار چبوترا فرش کان بلنديءَ تي آهن، جن مان هڪ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ تي آهي، ٻه اترئين ڪناري تي هڪٻئي کان ٿوري مفاصلي تي آهن، ۽ چوٿون اتر اولهه جي ڪنڊ تي آهي. انهن چبوترن ۾ قبرون آهن، ۽ ڪنارن جي ڪنڊ تي ننڍا منارا آهن، قبرن جو تفصيل ۽ ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا: (1) اولهه ۽ اتر جي ڪنڊ واري چبوتري ۾ هڪ قبر آهي، ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي، هيٺيون ڪتبو قبر تي موجود آهي- مير اسفند يار موحومي ڪه بهشت از رخش منور شد ناگهان روز جنگ رعنا ماه (1) از شهادت شه مظفر شد جستم از عقل سال او گفتا ”الــحــق آن شــهــيــد اڪــــبر شـــــد“ - 1036 هه قبر جي چوڌاري قرآني آيات آهن. (2) اترئين طرف ڪناري سان جدا چبوترو آهي، جنهن ۾ پڻ هڪ قبر آهي، جنهن تي قرآني آيات خط طغرا ۾ اُڪريل آهن. هيءُ ڪتبو قبر تي موجود آهي- وفات يافت چو مغفور ... ميرزا ابـــوالـنــصــر بـقــِاريـخ ... شـهر ذوالـحـج 1045 هه هي مرحوم مير نمڪين جو ڏهٽو هو. ”تحفـةِ الڪرام“ ۾ سندس ذڪر آيو آهي، اسان به مٿي ان جو ذڪر ڪيو آهي. (3) مٿئين چبوتري سان لڳو لڳ، هن چبوتري م ٻه قبرون آهن- اولهائين قبر تي ڪتبو آهي- وفات يافت مرحومي و مغفوري ميرزا محمد ... ............. بتاريخ شهر ذوالحج نه 1042 هه اوڀارينءَ قبر جو هيءُ ڪتبو آهي: چونڪ مرحوم محمد افضل رفته زين ...... اجل عقل تاريخ وفاتش گفتا ڪــه ءِ بــيــاســود مــحــمـــد افــضــل ۽ - 1086 هه اهي ٻيئي قبرون خوبصورت سنگتراشيءَ جو نمونو آهن، ۽ انهن جي چوڌاري قرآني آيات اُڪريل آهن. (4) اوڀر ۽ اتر واريءَ ڪنڊ تي جيڪو چبوترو آهي، اهو به اولهه اتر واريءَ ڪنڊ تي ٺهيل چبوتري وانگر آهي، ساڳي سائيز، ساڳيو نمونو ۽ ساڳيا چار منارا، منجهس هڪ قبر آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو آهي: مير والانزاد معد الدين (1) آن بهر فن يگانه و ڪامل دل ازين خاڪدان گرفت او را جنتِ عدن ساخت سر منزل سال فوتش چو جستم از دل گفت ”شد بفردوس مير صاحب دل“ 1041= 34- 1075 هه مسجد: مٿين ڪتبن کان سواءِ ٻيا ڪتبا پڙهڻ ۾ نه آيا، گهڻو ڪري ٻين قبرن تي ڪتبا آهن به ڪونه. سرڪاري مرمت وقت يا ان کان اڳ، انهن قبرن جا ڪتبا ضايع ٿي ويا آهن. مغربي ديوار سان لڳ مسجد جون چوديواريون موجود آهن، ڇت ڊهي ويئي آهي، محڪمي آثار قديمه جي طرفان فقط ديوارن کي قائم رکي، انهن جي مرمت ڪئي ويئي آهي. مسجد جو طول 15 فوٽ 6 انچ ۽ عرض 8 فوٽ، مشرق کان ٽي دروازا ونگن سان، ۽ ٽي دروازا مغرب کان آهن، اهڙيءَ طرح اتر ۽ ڏکڻ کان به هڪ هڪ دروازو آهي. حجرا: ڏاکڻيءَ ڏاڪڻ تان چڙهڻ وقت ڏاڪڻ جي ٻنهي پاسن کان قديم حجرا آهن، جن مان سڄي هٿ وارا حجرا مجاورن سان آباد آهن، ۽ کٻي هٿ وارا حجرا بند پيا آهن، اهڙيءَ طرح اترئين طرف کان اولهه اوڀر وارا حجرا به بند پيا آهن، ۽ انهن تائين پهچڻ لاءِ پاسن کان ڏاڪڻيون آهن. هيٺئين مسجد: انهيءَ پهاڙيءَ جي چڙهڻ واريءَ ڏاڪڻ کان ٿورو اولهه تي، هيٺ زمين تي، هڪ مسجد ٺهيل آهي جا پڻ قديم ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان تي ڪوبه ڪتبو وغيره ڪونه آهي، ان کي محڪمي آثار قديمه وارن به پنهنجي قبضي ۾ ڪونه ڪيو آهي، جنهنڪري بلڪل زبون حالت ۾ آهي. ڪتبن جا سال: مٿي جيڪي ڪتبا ڏنا ويا آهن، ترتيبوار انهن جا سال هن طرح آهن،- 1018 هه (ابوالقاسم نمڪين)، 1031 هه (خاتمه بالخير والظفر)، 1036هه (مير اسفند يار)، 1037 هه (عتيق الله)، 1040 هه (عبدالواحد)، 1041 هه (مير معد الدين)، 1042 هه (ميرزا محمد ...)، 1045هه (ميرزا ابوالنصر)، 1045 هه (ابوالقاسم)، 1053 هه (عبدالرحيم)، 1056 هه (فتاح)، 1057هه (مير ابوالبقا امير خان)، 1062 هه (عبدالرزاق)، 1070 هه (مرحومه ...)، 1086 هه (ميرزا محمد افضل). _________ (1) انهيءَ شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته نالو عبدالفتاح هو. (1) ‘رعنا’ معنيٰ ‘راڻو’، سنڌ جي فارسي مؤرخن ‘رانا’ جي بجاءِ ‘رعنا’ لکيو آهي- اتي راڻي ماه جو نالو آهي، جنهن سان جنگ لڳي. (1) مسٽر يزداني انهيءَ نالي کي Ma' du-d-din' ' پڙهيو آهي، جرنل ايشاٽڪ سوسائٽي، بنگال (I902- IX، part 2)، ڪزنس 156. صفهء وفا ”صفهء صفا“ (ستين واري ٿان) جي مقابلي ۾ نموني تي مير نمڪين سيوهڻ ۾ به هڪ پهاڙيءَ تي اهڙي عمارت ٺهرائي هئي، ۽ جڏهن سيوهڻ جو صوبيدار ٿي ويو، ان وقت انهيءَ صفه تي به ساڳئيءَ طرح چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آرائي ڪندو هو، گدرن کائڻ جو شوق ڪندو هو، ۽ ساڳئي نموني عالمن ۽ اديبن سان ادبي ڪچهريون ڪندو هو. مير يوسف ”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ سيوهڻ جا حالات بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”سيوهڻ کان هڪ ڪوهه پنڌ تي، ٺٽي جي رخ ڏانهن هڪ پهاڙ آهي، جنهن جي ڊيگهه ٽي ڪوهه ۽ موڪر اڌ ڪوهه ٿيندي، ان کي سنڌي زبان ۾ ‘يڪ ٿنبي’ سڏين ٿا، ان ۾ هڪ عمارت ٺاهي ويئي آهي، جيڪا ستون تي بيٺل آهي، ان لاءِ مشهور آهي ته اتي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي جلوه گاه آهي. انهيءَ ئي پهاڙ تي، مير نمڪين بکر واري ‘صفه ِّ صفا’ جي نموني تي، هڪ صفحو ٺهرايو، جنهن جو نالو ’صفهء صفا‘ رکيائين.“ - ”بر بالائي اني ڪوهه نيز پير غلام (مير نمڪين) مثل صفه ِّ ڀڪر صفه ساخته، و ”صفهء وفا“ نام نهاده، در شبهاي ايام بيض اڪثر آنجا ميگذرانيد، و خر پزهاي موضع نار را با مردم علما و فضلا و سپاهه بزم ميداشت، تا هال ڪ سن 1044 هه است آن صفه برجاست“. (1) مير نمڪين کي گدرن جو ڏاڍو شوق هو، بکر واري ”صفه ِّ صفا“ تي به راتين جون مجلسون گدرن جي شغل ۾ بسر ڪندو هو، ۽ ساڳيءَ طرح سيوهڻ واري ”صفه ِّ صفا“ واريون محبتون به گدرن جي ذريعي گرم رکندو هو. انهيءَ ٽڪر جي قريب، نار نالي ڳوٺ ۾، اروڙ جي ڳوٺ نيه بدره وانگر گدرن ۽ هنداڻن جا باغ پوکرايا هئائين، جتان جا گدرا ۽ هنداڻا انهن مجلسن ۾ واپرائيندو هو. اها عمارت اڃا تائين موجود آهي، ۽ ان جي تصوير هتي ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ’يڪ ٿنڀي‘ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اميرخاني قبرستان - مڪلي مڪليءَ جي قبرستان ۾ امير خاني ساداتن جو هيءُ قبرستان تمام زبون حالت ۾ آهي. عمارتن جي ساخت ۽ بچيل آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن ماضي نهايت دلڪش ۽ شاندار هو. هن وقت سواءِ چند قبرن جي ٻيون سڀ ڊٺيون پيون آهن، ۽ مزارن جي ٿلها زبون ٿي ويا آهن. قبرستان جون چوديواريون زياده تر زمين دوز ٿي چڪيون آهن. کين ڏسندي، زماني جي نيرنگيءَ ۽ هن جهان جي بي ثباتيءَ جو صحيح نقشو اکين اڳيان اچي ٿو. ان شهر خموشان ۾ ڪي ئي امير، ڪيترا مصنف، ۽ ڪيترا شاعر ابدي ننڊ ستل آهن، ٺٽي جو صوبيدار اتي آهن، شاهه جهان ۽ عالمگير جا صحبتي ۽ منصبدار اتي موجود آهن، صوفي ۽ صاحب نسبت مدفون آهن، ”معلومات الافاق“ جو مصنف به اتي ئي محوِ خواب آهي. ڪڏهن ته انهن بزرگن جي چوڌاري ڪٽڪ غلامن، ملازمن ۽ دوستن احبابن جا هوندا هئا ۽ اڄ ڪوبه ڪونه آهي، جو کڻي انهن قبرن کي هڪ نظر وڃي ڏسي. اسان جا شاندار علمي ماضيءَ جي هيءَ دفن گاهه آهي، جنهن تي هن وقت ڪجهه پٿر، ڪي ڪتبا، ۽ ڪي مٽيءَ جا ڍير موجود آهن، خبر نه آهي سڀاڻي اهي به هوندا يا نه! جان بابا جي مقبري کان سـَـر اُتر هلبو، ته اهو قبرستان فرلانگ پنڌ طي ڪرڻ بعد ايندو، واٽ سموري ويران آهي، ڪنهن وقت ته هزارين قبرون هونديون، ليڪن اڄ زمين صاف آهي. قبرستان تائين پهچڻ کان اڳ، بلڪل ويرانيءَ ۾ هڪ نشيبي ٽڪري ۾ اڪيلي قبر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ توهان جي قدمن هيٺيان ايندي، غور سان نهاريندؤ ته پيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو: هذه المقبرهِ المرحوم خواجه مير ... رضي الدين ............. ابو محمد فاضل العلوم الهروي - سن 1000 هه. معلوم نه آهي ته انهيءَ هراتي بزرگ کي سنڌ جي مٽيءَ ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪشش ڪئي. انهيءَ مزار تي فاتح پڙهي، چند قدم اڳتي وڌندا، ته اوهان کي امير خاني قبرستان نهايت ئي زير و زبر حالت ۾ پنهنجي زبونيءَ ۽ برباديءَ تي مرثيه خوان ليڪن زماني جي بي ثباتيءَ تي خنده ڪنان نظر ايندو. قبرستان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي: مرڪزي قبرستان هڪ چوديواريءَ جي اندر آهي، جنهن جي اولهه کان ئي مسجد هئي، جيڪا هاڻي بلڪل زبون آهي، فقط ڇت جي ڪاشيءَ وارين وڻندڙ سرن مان اندازو ٿئي ٿو ته محراب ۽ ڇت مير ابوالبقا اهڙيءَ خوبصورت ڪاشيءَ جي ٺهرائي هئي، جهڙي شاهه جهاني مسجد ۾ ڪتب آيل آهي. مسجد جي اترئين ۽ ڏاکڻئين پهلوءَ ۾ ٻه حجرا آهن، جن ۾ شايد مستورات جون قبرون آهن، مٿن ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي ۽ نهايت زبون ٿي ويل آهن. مسجد جي ايوان ۾ چؤديواريءَ اندر ڪيئي قبرون آهن، جن مان ٻه قبرون خاص توجهه ڇڪين ٿيون، نقشي مطابق ٽئين نمبر قبر تي پيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي: محرران عملهاي نيڪ نامش را نموده اند بطور مار مغفرت تحرير ز بهر سال و فاتش بسوز دل همه وقت بخوان دو مرتبه اين لفظ يا امير امير اهائي مزار آهي، جنهن لاءِ مسٽر ڪزنس جو چوڻ آهي ته امير خان ابوالبقا جي آهي. قبر نهايت خوبصورت آهي ۽ چوڌاري نفيس خط ۽ آيتن جي اُڪر ٿيل اٿس (تصوير شامل آهي). انهيءَ ئي ساڳئي ميدان ۾ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ کان ٻي مزار آهي جنهن جي پيرانديءَ کان لوڙهي تي هي ڪتبو آهي- (نمبر 8): خبر نه آهي ته اها مزار اميرخانين مان ڪهڙي بزرگ جي آهي. انهيءَ ايوان جا اوڀاريان داخلي دروازا نهايت شاندار ۽ پر عظمت هئا، جيڪي هن وقت ونگن سميت ڪري پيا آهن، فقط ديواريون ڏسندڙ جي اندازي لاءِ اڀيون بيٺيون آهن. انهيءَ داخلي دروازي جي اڳيان قبرستان جو ٻيو طبقو آهي: هڪ ٿلهو آهي جنهن تي امين الدين خان ۽ متين الدين وغيره جون قبرون آهن، ۽ انهيءَ ٿلهي جي سيرانديءَ کان، زمين تي، سندن اولاد جون قبرون آهن. نقشي ۾ نمبر ڏنل آهن، ۽ انهن ئي نمبرن سان هتي ڪتبا ڏجن ٿا: (1) خان با تمڪين امين الدين خان عالي از حسنِ عمل درجات او چون سفر ڪرد از جهان بي ثبات ســــال فـــوتـش ”داخـل الـجنــات او“ - 1137 هه اها مزار پٿر جي ۽ نهايت خوبصورت آهي، سموريءَ مزار تي نقشڪاري ٿيل آهي (تصوير شامل آهي). (2) چو حبِ آل موليٰ جان خان بود روانش برد حـُـورالعين بجنت بدل سالِ وصالش گفت رضوان بگـو ءِ مـنـزل مـقـِيـن الـديـن بجـنـت - 1177 هه مزار پٿر جي نهايت خوبصورت ٺهيل آهي، ۽ لوڙهي جي چوڌاري آيتن جي خوبصورت اُڪر ٿيل اٿس (تصوير شامل آهي). (3) هيءَ قبر ڊٺل آهي، ڪتبي وارو لوڙهو اونڌو پيو آهي، ۽ تاريخ جا ٻه شعر ڊهي ويا آهن (ڪتبي جي تصوير شامل آهي). مير محمد غوث از دنيا برفت جنته الماواي گشته جاي او هاتفم گفتا که سال رحلت باد در خـلــدِ بـــريـــن مــــــاواي او - 1172 هه (4) هيءَ مزار محمد ”گدا“ جي آهي، ڪتبي جا ڪي حصا پڙهي نه ٿا سگهجن (تصوير شامل آهي)، جيڪي پڙهيو ويو آهي، سو هن طرح آهي: لا الــٰـه الا الله محمد رسول الله علي ولي الله وصي رسول الله مهيمنا بنبي و علي و هر دو گوهر بعابدين باقر امام دين جعفر بموسيٰ و برضا و تقي و هم بنقي بعسڪر و بمهدي امام غيب اندر هران گناه ڪه ڪرديم آشڪارونهان بحق آل محمد ”گدا“ همه بگذر پاسن کان ڪتبو پڙهيو نه ويو آهي، ممڪن آهي اتي تاريخ هجي. اهو ڪتبو هڪ پٿر جي ڊگهيءَ سر تي نهايت بدخط اُڪريل آهي ۽ ديوار سان اڀو کتل آهي. (5) هيءُ قبر ڪنهن ننڍي ٻار جي آهي، لوڙهي جي چوڌاري هيءُ ڪتبو اٿس: دريغان ازان گل ڪه نومي شگفت زمانه زبادِ مخالف نهفت خرد سال معصوم حافظ علي ”عطاي علي حافظ“ وي بگفت - 1205 هه ٻيو ڪتبو هيءُ آهي: سال وصل مير ڪو چڪ گفت دل ”دم بدم بادا باو حافظ علي“ - 1206 هـه سيرانديءَ کان جدا پٿر جي سر اُڀي بيٺي آهي، جنهن جا اکر ڊهي ويا آهن ۽ ڪتبو پوريءَ طرح پڙهڻ ۾ نه ٿو اچي، ليڪن ان تي نمبر 4 وارا پهريان ٻه شعر ”هوالحافظ“ جي عنوان هيٺ لکيل آهن. (6) مير محمد عطا جي مزار آهي، جنهن جي سيرانديءَ کان پٿر جي اُڀيءَ سر تي هيٺيون ڪتبو آهي: مهيمنا بنبي و علي و هردو گوهر بعابدين و باقر بصادق و جعفر بموسيٰ و برضا و تقي و هم بنقي بعسڪري و بمهدي امام غيب اندر هران گناه ڪه ڪرديم از صغير و ڪبير بحق آل محمد ڪه از همه بگذر يا محمد ”عطا“ بنام حسين تاريخ سوم ماه شعبان - 1178 هه انهيءَ ٿلهي جي اتر کان چوديواريءَ جوهڪ حجرو ٺهيل آهي، جنهن ۾ پڻ اميرخاني مستورات جون قبرون هيون، جيڪي ڊهي چڪيون آهن. انهيءَ حجري جي اترئين دروازي مان ٻاهر نڪرڻ وقت مرڪزي قبرستان جي احاطي واريءَ ديوار سان لڳو لڳ ساڳئي خاندان جو نئون ۽ ڪجهه پراڻو قبرستان آهي، جيڪو مختلف حصن ۾ ورهايل آهي: قبرون ڪي قديم طرز جون پٿر جي اُڪير ۽ ڪتبن سان آهن، ۽ ڪي چوني جي گچ جون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي. اهڙيءَ طرح اتر کان اهو قبرستان ڦرندو مسجد جي اولهائينءَ ديوار تائين آيو آهي، قبرن جي انهيءَ ذخيري جا چند ڪتبا هي آهن: (9) جدا ٿلهي تي چار قبرون آهن، جن مان هڪ مزار تي هيءُ ڪتبو آهي- ”سيد ڪمال الدين امير اني بتاريخ ديم جمادي الثاني فوت شد“. 1230 هه. (10) انهيءَ ٿلهي کان اولهه تي هڪ قبر آهي، جنهن جو ڪتبو آهي- ”سيد جندل شاهه امير خاني بتاريخ بيست و ششم ذيقعده فوت شد“. سنه 1227 هه. (11) مٿينءَ قبر کان سر اولهه قبرن جو هڪ مجموعو آهي. سر و شم بتاريخ اين نقل در گوش ”بهتيش ڪردند بازيب“ فرمود سنه 1321 هه. (12) ساڳئي مجموعي ۾ هڪ قبر آهي- ”تاريخ وفات سيد ابراهيم شاهه بن غلام حسين شاهه 11 ماهه ذوالحج 1210 هه.“ (13) ساڳئي مجموعي ۾- ”سيد مراد علي شاهه بن اشرف علي شاهه ماه ذوالحج 1257 هه“. (14) گل شاهه جي، ۽ نمبر (15) موليڏني شاهه جي آهي. انهيءَ ساڳئي ٿلهي تي هڪ پٿر اُڪريل آهي، جنهن تي ڪتبو آهي- مطهر بانوي معصومه از تقدير رباني ز داعيء اجل ناگه نداي ارجعي بشنفت پي تاريخ سال ارتحاش عقل از غيبم مطهر بانوي معصومه ...... گفت (؟) (1) مسجد جي ڏکڻ واريءَ ديوار کان پنجاهه فوٽ کن ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ تي، هڪ جدا خوبصورت مزار، مٿي دڙي تي، جنهن جي لوڙهو نهايت خوبصورت آيتن جي اُڪير سان مزين آهي. مزار جو قبو ۽ احاطو وغيره ڊهي ويو آهن. زمين کان قبر 8-9 فوٽ مٿي آهي. سيرانديءَ کان لوڙهي تي ”هوالڪريم“ لکيل آٿس. اسان جو گمان آهي ته امير عبدالڪريم جي مزار اها آهي (والله اعلم). قبرستان ۾ اڃا تائين امير خاني سادات پنهنجا فوتي دفن ڪندا رهن ٿا. هاڻوڪا امير خاني سادات ٺٽي جي شاهه جهاني مسجد جي اوڀر کان لڳو لڳ اڄ تائين امير خاني محلو آباد آهي، ليڪن محلي جي حالت برباد ۽ مڪينن ۽ ڪيفيت سقيم آهي، چند مرد ۽ ڪجهه مستورات اڃا به زنده سلامت آهن. هن وقت خاندان جو سربراه سيد حاجي شاهنواز شاهه آهي، جيڪو ڪنهن وقت تپيدار هو، ۽ هن وقت ماتلي تعلقي ۾ پنهنجي زمينداريءَ تي گذاريندو آهي. انهيءَ بزرگ سان منهنجي ملاقات ٿي: سفيد ريش، عمر 50-55 ورهيه ٿيندس،نهايت سمجهدار ۽ زماني جي ڏانوَ جو ماڻهو آهي. محلي ۾ فقط سندس ئي جاءِ پڪي ٺهيل آهي، باقي جايون سڀ ڪچيون ۽ زير و زبر آهن. سيد صاحب پنهنجو شجرو ٻڌايو، جيڪو امين الدين خان کان شروع ٿئي ٿو: جنهن جاءِ ۾ حاجي شاهنواز شاهه رهي ٿو، اها اصل قديمي آهي، ليڪن حاجي صاحب ان جي مرمت ڪري، ان کي نئون ڪيو آهي- وچ ۾ اڱڻ اٿس ۽ اڱڻ جي چئني طرفن کان ڪاٺيءَ جي ٿنڀن تي ورانڊو، ورانڊي کان اندر تي چوڌاري ڪمرا اٿس. حاجي صاحب جو ڀاءُ سيد موليڏنو شاهه سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. غلام محمد ڇاپائي ٺٽويءَ جي گهران شادي ڪئي هئائين. سندس گهر واري حيات آهي، جنهن وٽ سيد صاحب جو سنڌي ديوان آهي. حاجي صاحب مون کي ٻڌايو ته شاديءَ غميءَ جي ريت رسم گهڻو ڪري قديم دستور مطابق اڃا هلائيندا اچن ٿا: شاديءَ رات ڪنوار کي مغلي ويس پارائيندا آهن- غرارو، پيشواز، ۽ تنگ پائجامو، سڄو وڳو زردوزيءَ جي ڪم سان مزين ٿئي ٿو. شاديءَ واريءَ رات رابيل جي گلن جا کينهون ٺاهي گهوٽ ڪنوار هڪٻئي کي هڻندا آهن. چوٿين ڏينهن تي گلن جي راند، جنهن کي ”ڇڻن“ چئجي ٿو،ڪنوار جي گهر ۾ ٿيندي آهي. موتيءَ جي وقت لاش تان سون ۽ چانديءَ جا گل ٺهرائي نثار ڪيا ويندا هئا. جن کي غريب غربا ڌرتيءَ تان چونڊي کڻندا هئا. فوتيءَ وقت سوناري کي گهرائي اهي گل ٺهرايا ويندا هئا. اها رسم حاجي صاحب جي ڏاڏي ابراهيم شاهه تي اچي ختم ٿي، ابراهيم تي 5 تولا سون ۽ ويهه تولا چاندي گهوري ويئي هئي. ان وقت سون جي قيمت 12 رپيا في تولو هئي، ۽ چئين پنجين آني چانديءَ جو تولو ملندو هو. گل اهڙيءَ طرح هلڪا سنهين تارن مان خاص نموني تي ٺاهيا ويندا هئا، جو سون جي پنجن تولن مان اڌ ڇلي ڀرجي ويندي هئي. موتيءَ جي جيڪا ماني ورهائي ويندي هئي، تنهن کي ”اڪابري“ چيو ويندو هو، ۽ ٿانون سميت ڏبي هئي. عيد جي ڏينهن عيد گاهه تائين، شهر جو قاضي صاحب (شيخ الاسلام محمد اوچيءَ جي اولاد مان)، ۽ شيرازي ساداتن جو پڳدار، ٻئي ڏوليءَ تي هلندا هئا، ۽ امير خاني گهراڻي جو نمائندو گهوڙي تي سوار ٿي هلندو هو، باقي سڀ مخلوق پنڌ عيد گاهه تي جلوس جي صورت ۾ ساڻن گڏ پهچندي هئي. ڍالون، تراريون ۽ ٻيو سپاهگيريءَ جو سامان حاجي صاحب جي والد، سيد گل حسن شاهه تائين گهر ۾ رهيو، جنهن آهستي آهستي ڪري پنهنجي دوست ڄام مراد علي خان جوکئي کي ڏيئي ڇڏيو. حاجي صاحب جا ڪي پٽ پڙهن ٿا ۽ ڪي ننڍا آهن، سندس هڪ نينگر گل حسن شاهه، جي شادي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه جي سجاده نشين، سائين غلام حيدر شاهه جي نياڻيءَ سان ٿيل آهي. حاجي صاحب جي پنهنجي شادي عباسين مان آهي، جيڪي هن وقت عبدالله شاهه اصحابيءَ جا مجاور آهن. حاجي شاهنواز شاهه مون کي ٻڌايو ته مسجد جي داخلي دروازي جي سامهون ڏکڻ کان جيڪو ميدان پيو آهي، اتي ٺٽي جي حاڪمن جو قلعو هوندو هو، (جنهن کي تاريخ ۾ قلعه حاڪم نشين چيو ويو آهي)، ديواريون ڊهي ويون آهن، بنيادن جا نشان اڃا به کوٽائيءَ سان نڪري سگهن ٿا. هن وقت انهيءَ ميدان تي غريبن جا جهوپڙا اڏيل آهن. انهيءَ قلعي جو دروازو اولهه طرف کان کلندو هو، ان جي سامهون به محلي امير خانيءَ جو حصو هو، جيڪو اڄ صفا زمين دوز ٿي ويو آهي ۽ هموار ميدان آهي. قلعي جي ڏاکڻيءَ ديوار سان اگر محلو ۽ دبگران جو محلو هو، جيڪو اڃا انهيءَ نالي سڏجي ٿو. انهيءَ گهراڻي مان ٻيا به ڪي سادات آهن، جن سان منهنجي ملاقات ٿي نه سگهي. (1) - ڪراچي 2 ڊسمبر 1956ع (1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 267. (1) انهيءَ خاندان جي ڪن افرادن جا نالا اسان کي قاضي علي محمد صاحب جي فرمانن واري بياض ۾ ملن ٿا، ڪن جو ذڪر مير متين الدين جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي، باقي انهن نالن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي، جن جو ڪوبه احوال ملي نه سگهيو: (1) محمد شاڪر (نواسه امين الدين خان)- ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سند سال 1156هه، (2) محمد ذاڪر ۽ محمد صابر ولدان محمد شاڪر، ٻنهي جي نالي ميان غلام شاهه جي سند سال 1175هه ۽ هڪ سند ميان سرفراز جي سال 1188هه، (3) محمد اڪرم بن محي الدين خان (نبيره امير خان ابوالبقا)، سند سال 1119هه جي ۽ 1125هه جي، (4) مير علي منصب (غالباً) بن محمد اڪرم، سند سال 1125هه جي، (5) مير محمد صادق، سند سال 1188هه ۽ 1192هه سرفراز ۽ عبدالنبيءَ جي، (6) مير ڪامران، سند سال 1192 هه عبدالنبيءَ جي، (7) سيد سعد الله ، سند سال 1184هه غلام شاهه جي، (8) سيد امام الدين، سند سال 1191هه عبدالنبيءَ جي، (9) سيد باقر علي، سند سال 1192هه عبدالنبيءَ، (10) سيد غفور علي، سند سال 1221 هه ۽ 1248 هه، مير غلام علي ۽ مير ڪرم علي، مراد علي. تعليقات هيءُ ڪتاب 227 صفحي تائين،سال 1954ع کان اڳ تيار ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ، صفحي 236 تائين، نئون اضافو سال 1956ع ۾ ڪيو ويو. گذريل چند سالن ۾ جيڪو نئون مواد ميسر ٿيو، سو تعليقات جي صورت ۾، ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪجي ٿو. ڪراچي - حسام الدين راشدي 4- جولاءِ، 1961ع ٺٽي جي جامع مسجد ۽ اُن جا ڪتبا ڪتاب جي صفحي 87 تي، جامع مسجد جا فقط اهي ٻه ڪتبا درج ڪيا ويا آهن، جن جو تعلق مير ابوالبقا امير خان جي دور سان آهي. ليڪن هيٺ مسجد ۾ جيڪي به ڪتبا آهن اهي سڀ ڏيئي ڇڏيون ٿا، تاڪ پڙهندڙن لاءِ انهيءَ سلسلي ۾ ڪابه تشنگي باقي نه رهي، ۽ ڪتبا پڻ يڪجا ٿي وڃن. ڪاتب مسجد اندر هيٺين ڪاتبن جا ڪتبا موجود آهن: (1) عبدالله (1068هه) ”تحفـة الڪرام“ ۾ خطاطن جي ذمري ۾ مٿئين ڪاتب جو ذڪر موجود آهي،نالو سيد عبدالله حسيني، ۽ لقب ”نازڪ رقم“. (2) شيخ محمد فاضل ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي: ولد شيخ محمد معاصر عهد شاهجهاني خط ثلث ۾ ‘نادره زمان’ هو. شيخ محمد فاضل جي پٽ جو نالو پنهنجي ڏاڏي تي محمد هو. ”تحفـة الڪرام“ جي لکڻيءَ مطابق اهو ‘محمد’ پڻ پنهنجي والد جهڙو بيمثال ڪتاب نويس هو. (3/241 فارسي) (3) عبدالغفور (1057 هه) (4) سيدعلي (1104 هه) سيد علي بن عبدالقدوس مازندراني خط ثلث ۽ خط نسخ خواه ٻين خطن ۾ سيد علي (1) جو نظير هو. مخدوم الياس (2) سندس استاد هو، جنهن جي شاگرديءَ ڪيترا استاد پيدا ڪيا.(1) (5) بنڀو بن حسين (6) طاهر بن حسن سيد حسن، ترخاني دور (962هه - 1021 هه) جو ماهر خوش نويس هو. پٽهنس محمد جامع هفت قلم هو، ۽ پنهنجي فن ۾ تمام مشهور هو. (”تحفـة الڪرام“، 3/241 فارسي) ڪتبا اوڀارئين حصي واري وچيئن دروازي جي اندرئين ڪناري تي، ٽن پاسن کان هيٺيون ڪتبو پٿر جي ٽن ٽڪرن تي نستعليق خط ۾ موجود آهي: ]1[ 1- بـادشـاه زمــانــه، شــــاه جــهان مرتـفع جامع، ڪه گـنـبـدو او سايه 2- خاصـه بـهر خــداي ظــل خــــدا فـر جامـــع، بحـڪم شــاه جهــــان رضــوي انـقـِـســـاب مــيـر،جــلال 3- بست فرشي ڪه، سنگ آن، ز صفا ســــال تــعــمير آن، دبير خرد جامع تته دلڪشان پرداخت (2) سايه برقبه سما پرداخت خانه رحمت خدا پرداخت زبده آل مصطفي پرداخت ڪه وزارت،از و صفا پرداخت رشڪ جام جهان نما پرداخت ”فـرش مطبوع و دلڪشان“ پرداخت (3) 1068 هه مشقه عبدالله اهو شاهه جهان جي بادشاهت جو آخري سال آهي، اورنگزيب رمضان 1068هه ۾ کيس قيد ڪري، پاڻ ساڳئيءَ سال جي پهرين تاريخ ذي القعد جو تخت نشين ٿيو. مٿئين ڪتبي ۾ غالباً عمارت جي فقط انهيءَ حصي ۾ ٻڌايل فرش جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن کي شاهه جهان جي حڪم تي سيد مير جلال رضويءَ (1) (وزير ؟) پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ٻڌايو. جيڪڏهن شاعراڻو مبالغو نه سمجهڻ ۾ اچي ته فرش اهڙو پالش ٿيل هو ڄڻ ان جي چمڪ ‘جام جهان نما’ جو ڪم تي ڏنو. انهيءَ تشبيهه جو مطلب اهو آهي ته فرش جي فالش اندر منهن ڏسڻ ۾ آيو ٿي. اهو فرش يقيناً شاهجهان جي گرفتاريءَ (رمضان 1068 هه) کان اڳ مڪمل ٿيو هوندو، ورنه عالمگير جي تخت نشينيءَ بعد ڪتبي ۾ سابق ۽ معتوب بادشاهه جي نالي ڄاڻائڻ جي ڪنهن کي جرئت ٿي سگهي ٿي! انهيءَ اوڀارئين ڇتائين حصي جي ٻاهرئين دروازي جي مهاڙيءَ تي ٽن طرفن کان خط ثلث ۾ هيءُ ڪتبو آهي: [2] تبارک الذي نزل الفرقان ........... ..... تا ..... انـه کـان غفـورا رحيما. (صدق الله العلي العظيم) شيخ محمد فاضل (1) انهيءَ مهاڙيءَ واري ڪتبي جي کٻي ۽ سڄي پاسي کان زرد پٿر تي هيءُ ڪتبو آهن: [3] ڏاکڻين پاسي کان- چــون صــاحــب قــران حــّهـــان يافت ترتيب مسجدِ اعليٰ [4] اترئين پاسي کان- هــاتفــم گـفـت، سـال اتمامش، ”گشت زيبا چو مسجدِ اقصيٰ“ 1057 هه مشقه عبدالغفور مسجد جي انهيءَ اوڀارئين حصي ۾ اهي ئي چار ڪتبا آهن. * * * اولهائين ڇتائين عمارت جي مهاڙيءَ تي ساڳيءَ طرح ٻاهرئين پاسي کان ثلث خط ۾ قرآني آيات جو ڪتبو آهي. [5] لقد صدق الله رسوله الرؤيا ...... ... تا..... مغفرهِ و اجرا عظيما ڪتبه سيد علي بن سيد عبدالقدوس (1) 1104 هه مشرقي مهاڙيءَ خواه انهيءَ مغربيءَ مهاڙيءَ وارا طويل ڪتبا جيڪي مهاڙيءَ جي ٽن طرفن کي وڪوڙي ويا آهن، پٿر جي مختلف ٽڪرن تي اڪريل آهن، ۽ انهن ٽڪرن کي بعد ۾ چوني جي گچ سان ديوار تي بترتيب هنيو ويو آهي. انهيءَ مغربي ڇتائين حصي ۾ داخل ٿيڻ بعد وچين گنبذ جي هشت پهلو ڪرسيءَ جي چوڌاري ٽن حصن ۾ ثلث خط ۾ هيٺيون ڪتبو آهي، جيڪو ڪاشيءَ جي سرن تي لکيو ويو آهي: [6] سبحان الذي اسرايٰ ... تا ... ......... عذابا عليما. ڪتبه فقير طاهر بن حسن ڪاتب اهو ڪتبو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، هر حصي جا پهريان لفظ هيٺينءَ طرح آهن: (1) سبحان الذي ...... (2) السميع البصير ..... (3) نوح انه کان ....... (2) خاص محراب تي پڻ ڪاشيءَ جي سرن مٿان ٽن پاسن کان هيٺيون ڪتبو خط ثلث ۾ موجود آهي، جنهن جي عبارت هن ريت آهي: [7] آقم الصلواة... تا ... رحوقا. المشقه العبد الفقيـر بنبو بن حــسـين (1) * * * مسجد جي اتر ۽ ڏکڻ کان ڇتاوان ورانڊا ونگن تي هليا ويا، جيڪي ٻنهي پاسن کان مسجد جي اولهائين ۽ اوڀارئين حصي کي پاڻ م ملائين ٿا. اهي ٻيئي ورانڊا حجرن جي نموني تي ڪمرن وانگر ٺهيل آهن ۽ گمان اهو آهي ته انهن مان مڪتب ۽ مسافرخاني جو ڪم ورتو ويندو هو، جيئن انهيءَ دور جو دستور هو. ڏکڻ کان جيڪو سلسلو آهي ان جي درمياني داخلي دروازي کان جڏهن مسجد ۾ اندر قدم رکجي ٿو ته کٻي هٿ کان اولهه طرف ٻئي نمبر ڪمري جي ونگ جي مٿان بلڪل وچ تي زرد پٿر تي هيٺيون ڪتبو نستعليق خط ۾ نظر ايندو: [8] پهرين سٽ: نديده چشم فلڪ، مسجدي، بدين خوبي که آمدند ملايک براي ديدن فيض ٻي سٽ: جستم از خرد و عقل، سال تعميرش بديده، ڪرد اشارت که: هست ’معدنِ فيـض‘ 1054 هه ‘معدن فيض’ مان سال نڪري ٿو. * * * [9] انهن مٿين ڪتبن کانسواءِ مسجد جي وڏي داخلي دروازي جي ٻاهران ونگ جي مٿان هڪ ڪتبو لڳل هو، جيڪو جهونو ٿي وڃڻ سبب لاٿو ويو آهي. هن وقت (1- آگسٽ 1961ع) انهيءَ ڪتبي جي عبارت کي ساڳئي ئي هوبهو خط ۾ سنگمرمر تي اُڪاريو پيو وڃي، ۽ مرمت کانپوءِ اصلي ڪتبي جي بجاءِ اهو نئون ڪتبو نصب ڪيو ويندو. ڪتبي تي ڪلام مجيد جي سوره الجن جي ٻئي رڪوع جو هيٺيون ٽڪرو اڪريل آهي: ”تعليٰ الله وان المساجد لله فلا تد عوا مع الله احدا“ مٿي ڄاڻايل ڪتبن جا سال، ترتيبوار هن ريت آهن: 1054 هه- 1057 هه- 1068 هه- 1104 هه- * * * (1) استاد مير سيد علي هراتي بن محمد باقر پنهنجي دور جو جيد ۽ لاثاني خطاط هو. سندس تاريخ وفات ۾ اختلاف آهي- 951هه -953 هه ۽ 966 هه سال ڏنا ويا آهن. سندس استاد جو نالو مولانا سلطان علي هو. (2) مخدوم الياس بن مخدوم يوسف نستعليق ۽ نسخ جو وڏو ماهر ۽ پنهنجي وقت جو جيد استاد هو. (”تحفـتهِ الڪرام“، 3/241 فارسي). (1) ”تحفـتهِ الڪرام“، 3/200. (2) پٿر جي ٽڪرن تي جيترا شعر اڪريل آهن انهن کي نمبر سان نروار ڪيو ويو آهي نمبر 1- وارا شعر اترئين پاسي کان آهن. نمبر 2- وارا شعر دروازي جي مٿان واري پٿر تي آهن، ۽ نمبر 3- وارا شعر ڏاکڻين طرف کان آهن. نمبر پهرئين ۾ پٿر جون چار سرون، ٻئي نمبر ۾ ڇهه سرون ۽ ٽئين ۾ نمبر ۾ چار سرون ڪتب آيل آهن. (3) شعرن ۾ ڪامائون، عبارت جي مفهوم کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان ڏنيون آهن، ڪتبي ۾ ڪونه آهن. ڪتابت جو نالو چٽو نه آهي مٽجي ويل آهي، قريني مان عبدالله پيو معلوم ٿئي. (1) مير جلال رضويءَ جي مزار مڪليءَ تي، شرفا خان جي جنوب مغرب ۾ آهي، دستوري پٿر جي نقشدار لوح تي هيٺيون ڪتبو اڪريل آهي: (1) چـو سيدِ رضوي، مظهرِ جلال و جمال ســر آمــدِ فـضـلا، پـيـشــواي اهــل ڪـمــال (2) بخلد شد، پي تاريخ گفت، خازن خلد بر اوج جـنـت اعـــليٰ مـقـام مـيــر جلال“. گويا، مير جلال رضوي فرش ٻڌائڻ کان ڪم و بيش ٻه ورهيه پوءِ فوت ٿيو. سندس قبر ۽ ڪتبي جو فوٽو ڏيئي رهيا آهيون. (1) هيءَ آيت سڳوري سوره فرقان ۾ آهي، ۽ هن ريت ٽن حصن ۾ ڪتبي تي ورهايل آهي: 1- تبارڪ الذي نزل الفرقان ........ 2- و اتخذوا من دونه........ 3- تمليٰ عليه بکرة....... (1) سوره الفتح جو آخري رڪوع - ڪتبو هن ريت ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: 1- لقد صدق الله .......... 2- السميع البصير ........ 3- الانجيل کزرع اخرج ..... (2) هيءَ آيت سڳوري سوره بني اسرائيل ۾ آهي. (1) هن ڪتبي جو پهريون حصو جيڪو ”اقم الصلواة“ کان شروع ٿئي ٿو سئو ستن ڪاشيءَ جي سرن تي آهي. ٻيو حصو جيڪو محراب جي مٿان آهي ۽ ’فتهجدبه‘ کان هلي ٿو، تنهن ۾ اٺ سرون آهن، ۽ ٽيون حصو جيڪو محراب جي ڏاکڻين پهلوءَ تي آهي ۽ ’من لدنڪ‘ کان ان جي ابتدا ٿئي ٿي، ان ۾ ست سرون ڪتب آيل آهن. اها آيت سڳوري سوره بني اسرائيل ۾ آهي. 1- اقم الصلواهِ ... 2- فتهجد به .... 3- من لدنک .... مسجد جي مرمت جا سال مير ”مائل“ ٺٽويءَ (1) جي ديوان مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد جي مرمت ٽالپري عهد ۾ مير مراد علي خان (1227 هه) تمام چڱيءَ طرح ڪرائي، جنهن جون تاريخون هيٺينءَ طرح مير ”مائل“ تصنيف ڪيون: (1) ايـن مسـجد شـاهي، آنڪه سالش بد ”مـعـدن فيـض“ پـيــش ازيـن 1054 هه در حــــال، ز فـيـض رشــد تـازه از دولـت مـيـر نيـڪ آ ئــــــيــــن ڪـز نـام عــلي، مـراد يابست دائـم، بـبـقــاي دولـــت و ديـــــن از فــيـض مـــداد، نـازه تـرميم بگرفـت بــڪــام دل، چـو قـِزئين فرمود، سروش غيبم، اين سال: ”اين مـعــدن فيض حـالـيـا بــين“ 1227 هه (2) باز از مسجد و شرف، اين جامع شاهي، گرفت باهزاران، زيب و زينت، تازه تزئين الرشاد گفت طبعم در دعا، تاريخ تر ميمش چنين: ”باد دائم امجد اين جامع، ز ترميم مراد“ 1227 هه (3) شکر حق، ڪز پيروي، سنت ختم الرسل آنڪه واجب ڪرد، تعمير مساجد برعباد رونقِ عباد دوران، مير نام اَور، ڪه او دارد از نام علي، حاصل بدوران بر مراد (1) (4) حسبته الله بڪام آنکه في الليل والنهار دارد از شوقِ دلي شغل عبادت دلنهاد بر مرادِ طبع، بهر اين مسجد حق، ڪز قديم دارد از سعي صفا، با ڪعبته الله اتحاد چون بترميمِ مراد از نو، چو تعمير قديم داد، باصد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد در خوشي، خوش سال ترميمش سروشِ غيب گفت: ”آمده نو، باز اين مسجد، ز ترميمِ مراد“ 1227 هه ديده هر ڪس، بر مرادِ طبعش اين ترميم خير از جزاه الله خيرا، صد نويد ڪام داد تابود ”مائل“، بيادِ حق قلوب المومنين ”ورد شان دايم درين مسجد دعاي ميرباد“ 1227 هه انهيءَ مرمت بعد، انگريزن جي دور ۾ مسجد جي ٻه دفعا مرمت ڪئي ويئي. پهريون دفعو سر بارٽل فريئر 1172 هه (1) 1855ع ۾ ڪرائي، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر جي حڪم سان سال 1311هه 1894ع ۾ ٿي. (2) انهن انگريزي مرمتن کان شايد اڳ، ٺٽي جي ماڻهن هڪ عريضيءَ جي ذريعي خيرپور جي والي مير علي مراد خان ٽالپر (متوفي 1311 هه- 1894ع) کان مرمت لاءِ مالي امداد طلب ڪئي هئي، ليڪن ان جو نتيجو ڀانئجي ٿو، ته حسب مراد نه نڪتو هوندو. ڇاڪاڻ ته مير صاحب مرحوم جي پنهنجي سڄي حياتي شيل شڪار جي پٺيان جهنگ جهر ۾ گذري (3) ، ۽ انهن ڳالهين طرف سندس توجهه ڪو تولو ماسو هوندو هو. اهو عريضو فارسي زبان ۾ وڏن خطابن ۽ القابن سان سنواري ۽ ڏاڍن نيازن ۽ نوڙتن سان سينگاري، ”تڪمله مقالات الشعرا“ جي مؤلف، مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ کان لکرايو ويو هو، جيڪو سندس مڪاتيب جو مجموعي ۾ شامل آهي. (4) 1894ع کان پوءِ مسجد جي مرمت وري هن وقت (1960ع- 1961ع) P.W.D جي ذريعي ٿي رهي آهي. مسجد جي حالت انهيءَ حد تائين زبون ٿي چڪي هئي جو مرمت ۾ جيڪڏهن ٿورو وڌيڪ دير ٿئي ها ته سڄي مسجد وڃي پٽ پوي ها. انهيءَ مرمت لاءِ پيسا، سنڌ سرڪار پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ڍل ۾ في رپئي سان هڪ آنو شامل ڪري گڏ ڪيا ويندا هئا. * * * مسجد جو اوڀاريون ڇتائون حصو، ’امير خاني محلي‘ سان لڳي ٿو. انهيءَ حصي جي ڏکڻ خواه اتر ۾ کليل صحن آهي، ٻنهي صحنن جي ٻاهرينءَ ديوار ۾ هڪ هڪ ننڍو دروازو آهي، جيڪو امير خاني محلي ۾ گهٽيءَ ۾ کلي ٿو ۽ انهن ٻنهي صحنن جي پاسن ۾ ٽي ٽي ڪمرا آهن، جيڪي شايد ڇوڪرين جي درس لاءِ هئا ۽ اهو اوڀاريون سمورو حصو پڻ پنهنجي نوعيت، ساخت ۽ ماحول سبب، معلوم ٿئي ٿو ته مسجد جو زنانو حصو هو. مستورات امير خاني محلي جي گهٽيءَ مان انهن ٻنهي دروازن جي ذريعي کليل صحن ۾ اينديون هيون ۽ ان کان پوءِ ڇتائين حصي ۾ اچي نماز پڙهنديون هيون. صحن جي پاسن ۾ جيڪي ڪمرا آهن اتي نينگرين کي تعليم ڏني ويندي هئي. انهن ٻن ننڍن دروازن کان سواءِ هڪ ٽيون به ننڍو دروازو آهي، جيڪو حجرن جي اترئين صف واري هڪ ڪمري جي ديوار مان اترئينءَ گهٽيءَ ۾ کلي ٿو. اهو دروازو داخلي شاهي دروازي جي بلڪل عين مقابل آهي ۽ فرش کان چار ڏاڪا مٿي آهي. مسجد جي مشرقي حصي جي ٻاهرينءَ ديوار سان لڳ هڪ نامعلوم مزار آهي. امير خاني محلي جي گهٽيءَ مان انهن اوڀارين ننڍن دروازن ڏانهن جيڪو به ايندو، ان کي مسجد جي ديوار سان بلڪل لڳو لڳ اها قبر ڏسڻ ۾ ايندي.اسان جي خيال ۾ اها مزار ٺٽي جي بزرگ پير ڇتي جي آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي ”تحفـةِ الطاهرين“ جي مؤلف لکيو آهي ته ”وي صاحب حال و مظهر ڪمال بود، در وادي مجاهده و رياضت قدمي بلند داشت، و اوقات گران مايه خود را همه وقت صرف طاعات و عبادات الــٰـهي مي نمود. صاحب يمن و خداوند برڪات بود”. (1) انهيءَ بزرگ جو ذڪر محلي ڀائيخان ۾ ٿيل آهي ۽ مؤلف آخر ۾ لکي ٿو ته بزرگ جي مزار غفران منزلت مير متين الدين خان (المتوفي 1177 هه) بن امين الدين خان جي حويليءَ سان بلڪل گڏ آهي، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير متين الدين خان جي حويلي انهيءَ مزار جي ڀرسان هئي، ۽ اهائي مزار پير ڇتي جي ٿي سگهي ٿي. مسجد جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ جي ڪنڊ ۾، مسجد کان چار پنج سئو کن قدم پري، ٺٽي جي جيد عالم صوفي ۽ نقشبندي سلسلي جي اهم شخصيت حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جون جايون هيون، جيڪي اڄ به ساڳين پٽن تي موجود آهن، بلڪ مخدوم صاحب جو ”هجره حضوري (2) ۽ ته ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي. * * * اسان ڪتاب جي صفحي 87 تي لکيو آهي ته مسجد شاهه جهان بادشاهه جي حڪم تي ٺهڻ شروع ٿي. انهيءَ قياس جو بنياد مير جلال واري ڪتبي ۽ 1057 هه واري ڪتبي تي قائم ڪيو ويو هو، ليڪن بعد ۾ اسان جڏهن شاهه جهاني دور جي تاريخن (3) جو مطالعو ڪيو ته انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ اسان کي ڪٿي به اشارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. حالانڪ شاهه جهاني تاريخن ۾ عمارتن جي لاءِ خاص اهتمام سان لکيو ويو آهي. اسان في الوقت هن نتيجي تي پهتا آهيون ته: (1) اها جامع مسجد شاهه جهان جي حڪم يا سندس شوق جي تسڪين خاطر ڪانه ٺهي. (2) مرڪزي خزاني مان انهيءَ مسجد لاءِ هڪ رپيو به خرچ ڪونه ڪيو ويو، ورنه ضرور ذڪر ٿيل هجي ها. (3) ڪتبن ۾ شاهه جهان جو نالو پڙهي، ماڻهن مشهور ڪري ڏنو ته اها مسجد شاهه جهان بادشاهه ٺهرائي. (4) ٺٽي جي جامع مسجد ٺهرائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون عظيم الشان جامع مسجدون اڳ ئي موجود هيون، مثلاً جامع خسرو (دابگرن واري مسجد) ۽ جامع فرخ وغيره. (5) اها مسجد شاهه جهاني تعمير يا مغليه تعمير جو نمونو نه آهي. جي شاهي حڪم سان ٺهي ها ته ضرور ان ۾ شاهه جهاني دور جي عمارت سازيءَ جي جهلڪ موجود هجي ها. (6) اها مسجد ابوالبقا امير خان پنهنجي اڏاوتي شوق جي تسڪين لاءِ، پنهنجي نوآباد محلي جي ڀڪ ۾ ٺهرائي. (7) انهيءَ مسجد جي طرز تعمير خاص آهي، ۽ مختلف تعميري نمونن جو گڏيل مجموعو آهي. امير خانن جون جيڪي تعميريون آهن سي قطعي عمارت سازيءَ جو مخصوص نمونو پيش ڪن ٿيون. مثلاً: صفهء صفا، صفهء وفا، وغيره، هن مسجد تي تعمير ۾ پڻ انهيءَ خاندان جو مخصوص ذوق نمايان آهي. (8) مسجد ۾ ٽائيلس جا اهي ئي خاص رنگ آهن جيڪي صفهء صفا ۾ يا مڪليءَ جي اميرخاني قبرستان واريءَ مسجد تي آهن. (9) انهيءَ مسجد تي جيڪي خرچ ٿيو، سو يقيناً سنڌ جي اپت ۽ سنڌ جي خزاني مان ٿيو هوندو. (10) مسجد جي تعمير وارا سال (54- 1057هه) مير صاحب ٺٽي ۾ موجود هو ۽ اتان جو حاڪم هو. (11) سندس انتقال (1057هه) کان پوءِ مسجد ۾ جيڪو ڪم رهجي ويو، مثلاً فرش وغيره، سو ممڪن آهي ته بادشاهي جي حڪم تي مير جلال پورو ڪرايو هجي. ليڪن اهو سال جنهن ۾ فرش لڳو سو خود بادشاهه جي معزوليءَ ۽ گرفتاريءَ جو سال هو. ان کان اڳ جا چند سال پڻ شاهه جهان جو وقت، عالمگير ۽ دارا جي لڙائين ۽ بغاوتن سبب اطمينان جو نه هو. (12) اسان جي خيال ۾ ڪتبن اندر بادشاهه جا نالا محض شاهي جلال ۽ شخصي حڪومت جي اثر ۽ اقتدار جو نتيجو معلوم ٿين ٿا، جيئن اهڙن دورن جو دستور هو. خود هن جديد دور ۾ به انهيءَ طريقي جو اعادو ٿيندو رهي ٿو. مثلاً: جيڪي عوامي عمارتون ٺهن پيون انهن ۾ پيسا ٻين جا هوندا آهن، ليڪن مصلحتاً بنيادي پٿر تي نالو وقت جي ڪنهن بااقتدار شخص جو اڪريو ويندو آهي، جنهن جي کيسي مان انهيءَ عمارت لاءِ هڪ پائي به نڪتل ڪانه هوندي آهي. * * * ڪتبن ۾ شاهه جهان جي نالي اچڻ کان علاوه جديد دور جي ٻن مصنفن جو پڻ بيان آهي ته اها مسجد شاهه جهان جي حڪم تي ٺهرائي ويئي، ليڪن اهي ٻئي روايتون ڪنهن مستند تاريخي حوالي کان سواءِ بيان ٿيل آهن. ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ خداداد خان مرحوم لکيو آهي ته: ”ازروي تواريخ ثابت است ڪه: حضرت شاهه جهان بادشاه از خزانه شاهي نه لکهه روپيه خاص بجهت تعمير مسجد مبارڪ بلده ٽهٽها ... در سال 1043 هه ... امداد فرموده بودند ... الخ“ (1) انهيءَ مؤلف کان پوءِ هينري ڪزنس (H. Cousens) مسجد جو ذڪر ڪندي هن طرح لکيو آهي: "....... The mosque proper، togegher with the north and south wings، was built by Shah Jahan as a memorial of his visit to Thathah، when having quarrelled with his father Jahangir، he was، for time being، an exile from the court. The eastern end، including the great gate way، was added in the year A.D. 1558 - 59. The total cost is said to have amounted to six lakhs of rupees، the whole of which was forwarded from the royal treasury at Delhi.” (2) انهن ٻنهي مؤلفن مان پهرئين صاحب ”از روئي تواريخ“ (3) لکي آهي، ليڪن نالو ڪنهن به تاريخ جو ڪونه ڏنو اٿائين. اهو مؤلف تاريخ لکڻ ۾ گهڻيءَ حد تائين غير محتاط آهي، خصوصاً آثار قديمه جي سلسلي ۾ سندس بيخبري ڏاڍي افسوس ناڪ آهي. اهڙيءَ طرح ڪزنس صاحب پڻ سند ڪانه ڏني آهي. سندس قول جو مدار غالباً ڪتبن تي ڏسجي ٿو. پيسن جي سلسلي ۾ به “is said” لکيو اٿائين. ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جي ڪنهن بزرگ کيس ٻڌائي ڇڏيو هوندو. جهڙيءَ طرح جهرڪن جي ڊپٽي ڪليڪٽر S.w. Tyndall ، 4 تاريخ مئي 1876ع جو ٺٽي جي آثار قديمه تي جيڪا رپورٽ گورنمينٽ ڏانهن موڪلي آهي، ان جي مواد جو زياده تر مدار ميان حسين علي شاهه بن سيد صابر علي شاهه بن مير مائل، بن مير قانع جي غير تاريخي ۽ شخصي معلومات تي رکيو آهي. حالانڪ جيڪي حقائق هن مرحوم، ڊپٽي صاحب جي گوش گذار فرمايا، تن مان هڪ به اهڙو ڪونه آهي، جنهن جي تصديق خود سندس ڏاڏي مير ”قانع“ جي ڪتابن مان ٿيندي هجي. مٿئين رپورٽ ۾ نوَن لکن جو خرچ ٿيڻ جو ته ذڪر آهي، پر مسجد جي تعمير شاهه جهان ڏانهن منسوب ڪانه ڪئي ويئي آهي. (1) امير خان سنڌي مير عبدالڪريم خان لاءِ راءِ بندرابن داس خوشگو، ”سفينه خوشگو“ (2) ۾ لکي ٿو: ‘-- سيد امير خان عالمگير شاهي از سادات سند بود، فضيلت برڪمال داشته و بسبب حافظهء قوي، در حاضر جوابي و بديهه گوئي بي نظير بود، و دران عهد خيلي قرب و امتياز يافته، از لطيفه هايش ڪه بديهه گفـة، اين ست: - آئينه چيني تحفـة عالمگير ..... آور دند، (؟) (1) قضا را بشڪست. بادشاه اين مصرعه برخواند: از قضا آئينهءَ چيني شڪست سيد امير خان بديهه معروض داشت: خوب شد اسباب خودبيـني شڪـست (2) و در عهد بهادر شاه (19- 124هه) بصوبه داري مستقر الخلافت اڪبر آباد سرفراز بود، دران وقت اڪثر شعرا مثال: ميان علي عظيم خلف ميان ناصر علي، و ميرزا حاتم بيگ مرحوم، و مير ابوالفاي ”وفا“ (3) ، ڪه همشير زادهء خان مذڪور ميشود، و ديگر موزو نان هميشه بخانه وري صحبت گرم ميداشتند و در عهد فرخ سير (24- 1131 هه) صدارت ڪل هندستان با و تفويض يافت. فائدها بغربا و مساڪين رسانيده مرد موفق بود. در اوائل محمد شاهي (1131هه) گذشت. شعر خوب مي فهميه و خوب مي گفت. ديواني مختصري از وشينده اما تخلص معلوم نشد. اين دو بيت را بهتر از دوهزار بيت مي دانم: (1) مير غلام علي ‘مائل’ بن مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي. (1) تاريخ جو مصرعو ڪٽيل آهي. (1) اها مرمت سيد صابر علي شاهه بن مير ”مائل“ ۽ الهه بخش شاڪراڻيءَ جي زير نظر ٿي (لب تاريخ). مرمت لاءِ بمبئي سرڪار اڍائي هزار رپيا ڏنا هئا (جيمس). مرمت جو ڪتبو پتل جي پليٽ تي مسجد ۾ موجود آهي. (2) مرمت لاءِ ويهه هزار پنج سو رپيا گڏ ڪيا ويا هئا، جنهن مان اڍائي هزار بمبئي حڪومت ڏنا، چار هزار مير فيض محمد والي خيرپور کان ورتا ويا، ۽ چوڏنهن هزار سنڌ جي ٻين معززين مان وصول ٿيا (لب تاريخ). اها مرمت ميان رسول بخش مختيار ڪار جي زيرنگرانيءَ ٿي. ميان موصوف فارسيءَ جو شاعر هو، ‘رهي’ تخلص هوس (ڏسو تڪلمو تحت ‘رهي’). انهيءَ مرمت جو ڪتبو انگريزي ۽ سنڌي زبان ۾ جنهن ۾ رقم به ڏيکاريل آهي، في الحال مرمت سبب اصلي جاءِ تان لاهي هيٺ رکيو ويو آهي، (تصوير هتي ڏجي ٿي) ”لب تاريخ“ ۾ آهي ته اهو ڪتبو ڏاکڻئين داخلي دروازي تي لڳل هو. مسٽر جيمس جنهن اها مرمت ڪرائي ۽ جنهن جو نالو ڪتبي ۾ آهي، تنهن مسجد جو ذڪر پنهنجي انهيءَ ليڪچر ۾ ڪيو آهي، جيڪو هن D.J ڪاليج م 19 جولاءِ 1893ع جو ڪيو هو، ۽ ان جو عنوان آهي: Sindh as Field for the Naturalist And Antiquarian - Karachi ع1893. (3) مير صاحب مرحوم وفات به شڪار جي هڪ منزل (ڀيٽون) تي ڪئي. (4) ڏسو بياض ديوان خليل - ملڪ سنڌي ادبي بورڊ. (1) ”تحفـتهِ الطاهرين“ ص. 113. (2) ڏسو ”تڪمله مقالات“ از ابراهيم ”خليل“ ذڪر مخدوم مذڪور (3) شاهه جهان جي دور جون ڇپيل تاريخون اسان جي نظر مان گذريون آهن، اڻ ڇپيل تاريخون سر دست اسان جي دسترس ۾ نه هيون. (1) طبع امرتسر، ص. 88. (2) Antiquities of Sind p p 121. (3) سنڌي ادبي بورڊ ”لب تاريخ“ جو نئون ايڊيشن شايع ڪيو آهي، ليڪن افسوس آهي جو ان جي فاضل ايڊيٽر تاريخي غلطين جي تصحيح نه ڪئي آهي. جنهن ڪري ايڊيشن غير معتبر ٿي پيئي آهي. (1) Archaeological Survey of Westrern India No 8 (Bomب 1879) مسجد جي متعلق مختصر اطلاع، جنهن ۾ شاهه جهان جو ذڪر ڪونه آهي- Archaeological Survey of western India By J S. Burgess Bom 1885 جي 215 صفحي تي پڻ آهي. (2) سال تاليف 1147- 1155 هه. (1) هيءَ عبارت صاف نه آهي، شايد مطلب اهو آهي ته آئينو تحفي طور عالمگير لاءِ آيو. (2) اهو شاعراڻو في البديهه سوال و جواب عالمگير جي نياڻيءَ زيب النساً ۽ سندس هڪ ٻانهيءَ ڏانهن پڻ منسوب آهي- چيو وڃي ٿو ته ٻانهي، شهزاديءَ لاءِ کنيو ٿي آئي. اتفاقاً آئينو هٿ مان ترڪي، فرش تي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو. ٻانهيءَ في البديهه اچي چيو! از قضا...... الخ زيب النسا ِّ ورندي ڏني: خوب شد.... الخ انهيءَ واقعي کي زيب النساء (متوفي 1113 هه) جي نالي عبدالباري آسي مرحوم ”تذکرهِ الخواتين“ ۾ بيان ڪيو آهي. (حصو 2، ص. 222). (3) غالباً ابوالوفا، عام استعمال سبب ابوالفائي ٿي ويو ٿو ڏسجي. فرياد ڪه! پيراهنِ ديوانگي ِّ من چون دامنِ صحرا، خبر از چاڪ ندارد --- من از جميعت آسود گان خاڪ دانستم که غير از خت بهرِ خواب راحت نيست باليني(1) --- اهي ٻئي بيت ”تذڪره هميشـہ بهار“ (2) ۾ امير خان انجام بن نواب امير خان جي نالي منسوب ٿيل آهن، جنهن لاءِ تذڪري جو مؤلف لکي ٿو ته: ”احوال آبائي عظام اين خلاصه بوستان سيادت برتمام عالم روشن است ...... (3) پهرئين شعر سان گڏ، ساڳئي تذڪره نگار ٻئي شعر جو به اضافو ڪيو آهي: گر برسرِ من، داست ڪرم، تاڪ ندارد ميناي دلم، شعله ادراڪ ندارد (1) امير عبدالڪريم امير خان جي سلسلي ۾ مٿي ڏنل فارسي عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته: (1) حافظي، حاضر جوابيءَ، ۽ بديهه گوئي ۾بي نظير هو. (2) شاعريءَ ۾ سندس مختصر ديوان مرتب ٿيل هو. (3) اڪبر آباد جي صوبيداريءَ واري زماني ۾ وٽس هر وقت شعر و سخن جي محفل گرم رهندي هئي، جنهن ۾ ڪيترا شاعر شريڪ ٿيندا هئا جن مان علي عظيم ولد ناصر علي، مرزا حاتم بيگ وغيره، خاص طرح قابل ذڪر هئا. (4) سندس ڀاڻيجو ابوالوفا ”وفا“ پڻ شاعر هو ۽ انهيءَ مجلس ۾ شريڪ رهندو هيو. ڀاڻيجي واري نسبت سواءِ مٿئين ڪتاب جي ٻئي ڪنهن به هنڌ اسان کي ملي ڪانه سگهي آهي. (5) پنهنجي دور ۾ کيس سلطاني قرب سبب وڏو وقار حاصل هو. (6) طبعيت ۽ فطرت جي لحاظ سان وڏو صاحب فضيلت امير هو. ابوالوفا وفا ”سفينه خوشگو“ جي مؤلف مير ابوالوفا (ابوالوفائي) ”وفا“ کي مير عبدالڪريم امير خان جو ڀاڻيجو (همشيره زاد) لکيو آهي، حالانڪ ”ماثرالامرا“ جي قول مطابق ابوالوفا ميرعبدالڪريم امير خان جو ڀاءُ مير ضيا ِّ الدين يوسف جي نياڻيءَ جو فرزند هو. (1) ماثرالامرا جو مؤلف لکي ٿو ته امير عبدالڪريم امير خان سڀني ڀائن ۾ ننڍو هو: ’مير عبدالڪريم ڪوچڪ ترين برادران است.‘ (2) سندس سمورو احوال ڏيئي پوءِ لکي ٿو ته سندس پٽن مان ڪنهن به اوجـَـرُ ڪونه ڪيو، سواءِ هڪ ابوالخير خان جي، جنهن پڻ خان دوران خواجه عاصم (3) سان مٽي مائٽيءَ هجڻ سبب ساڻس گڏ رهڻ ڪري بادشاهه وٽان ”خان“ جو خطاب حاصل ڪيو ۽ مال ملڪيت به گڏ ڪيائين. باقي سڀ پيءُ جي اندوختي تي گذر بسر ڪندا رهيا.(4) ”ماثرالامرا“ جو مؤلف اڳتي هلي چوي ٿو ته پٽن کان زياده مير عبدالڪريم امير خان جي وڏي ڀاءُ مير ضيا ِّ الدين خان جو ڏوهٽو مير ابوالوفا وڌيڪ ناليوارو مڙس ٿيو: ”مير ابوالوفا نبيره ضيا ِّ الدين خان برادر ڪلان امير خان نسبت بپسران او، نامي داشت ..... الخ. (5) “ ٻئي جاءِ تي مير ابوالبقا امير خان جي پٽن جو ذڪر ڪندي، ساڳيو مؤلف لکي ٿو ته: ”ديگر ضياء الدين يوسف ڪه در اواخر عهد فردوس آشياني بمنصب هزاري شش صد سوار فايزگشته، و پستر بخطاب ضيا ِّالدين خان درجه اعزاز پيموده، نبيره اش مير ابوالوفا نامي ڪه درآخر هائي زمان خلد مڪاني، دارو غگي جانماز خانه ضميمه خدمات ديگر داشت ... الخ.“(1) مٿينءَ عبارتن مان ظاهر آهي ته مير ابوالوفا مير ضيا ِّالدين جو ڏوهٽو هو نه ڪه مير عبدالڪريم امير خان جو ڀاڻيجو. ”ماثرالامرا“ جي مؤلف مير ابوالوفاجي ذهن، علم، فهم ۽ فراست جي تعريف ضرور ڪئي آهي، ليڪن سندس شاعر هجڻ لاءِ هن ڪوبه اشارو ڪونه ڪيو آهي. اهو علم فقط ”سفينه خوشگو“ جي ذريعي ٿئي ٿو ته مير شاعرهو ۽ ”وفا“ سندس تخلص هو. ڪامگار خان ڪامگار خان جو ذڪر ڪتاب جي صفحي 153 تي آيو آهي، جعفر خان عمدة الملڪ بن صادق خان مير بخشيءَ پٽ ۽ ممتاز محل(2) بنت ابوالحسن يمين الدوله (3) آصف خان (متوفي 1051 هه) جي ڀيڻ فرزانه بيگم جي پيٽ مان هو. جعفر خان عمدة الملڪ جي پيءُ صادق خان (متوفي 1043 هه) محمد طاهر وصليءَ جو پٽ هو، جيڪو نورجهان جو چاچو يعني ميرزا غياث (متوفي 1031 هه) جو ڀاءُ هو. گويا ڪامگار خان -- جنهن امير خان عبدالڪريم جي سلسلي ۾ ايتري نخوت ۽ ايڏو پندار ڏيکاريو- سو، ايران جي انهيءَ گهراڻي جو پونير هو، جنهن جي چند فردن نهايت بي سرو سامانيءَ (1) جي حالت ۾ وطن مان نڪري، هندستان اچي، هتان جي مغل بادشاهن شهزادن، اميرن ۽ اميرزادن کي، سڱابنديءَ جي وڪڙ ۾ وجهي انهيءَ حد تائين وڪوڙي ڇڏيو (2) ، جو نه فقط هندستاني سياست سندن آڱرين جي اشاري تي نچڻ لڳي، نه ڇڙو هندستان جي پوريءَ حڪومت جي سياه ۽ سفيد جا سچا پچا مالڪ ۽ مختيار انهيءَ گهراڻي جا افراد بڻجي ويا، بلڪ هندي برصغير جي زر خواه زمين جا سڄا سارا ٽي حصا انهيءَ خاندان جي ذاتي ملڪيت ۽ تصرف ۾ (3) اچي ويا. انهيءَ گهراڻي جي دستبردار ۽ تصرف مان سنڌ به بچي ڪانه سگهي هئي. سنڌ جا ڪيترا علائقا انهن جي ذاتي قبضي ۽ جاگير ۾ هئا، ۽ منجهانئن سنڌ تي ڪيترا حاڪم ڪيا ويا، خود ڪامگار خان جو پيءُ جعفر خان عمدهِ الملڪ (متوفي 1080 هه) شاهه جهان جي چوويهين سال ۾ ٺٽي جو گورنر هو. ڪامگار، مٿئين جعفر خان جو ٻيون نمبر پٽ هو. پاڻ جيتوڻيڪ عقل کان عاري ۽ ساده لوح هو، (4) تا هم عالمگير جي دور ۾ سندس لاڏ ۽ لوڏ جو دور دورو هو، ڪيترن سرڪاري عهدن تي رهيو ۽ وقت جي ڪيترن شاعرن سان سندس دوستي هئي، چونڪ عملي ماڻهو ڪونه هو، تنهنڪري زياده تر وقت اهڙين مجلس ۽ محفلن ۾ بسر ڪندو هو. انهيءَ دور جي مشهور فارسي گو شاعر، ”بيدل“ عظيم آباديءَ سان سندس دوستي هئي. نعمت خان عالي سان به راهه و رسم هئس. ”بيدل“ دوستيءَ جو حق ادا ڪندي چيو: آن ڪامگارِ عصر، ڪه درپيش تيغ او خورشيد چون سپر، سرِ خود مي ڪشد بجيب ” جڏهن ڪامگار خان ٻي (1) شادي ڪئي ته نعمت خان عاليءَ مٿس اهو هجويه قصيدو تصنيف ڪيو، جنهن جو پهريون شعر ڪتاب جي متن (153) ۾ آيل آهي. اهو قصيدي جي لحاظ سان وڏي پائي جو آهي، ۽ انهيءَ دور ۾ ڪجهه ڪامگار خان جي حماقتن سبب زياده تر فني لحاظ جي ڪري- ڏاڍو مشهور ۽ معروف ٿي ويو. ڪيترن تذڪره نگارن ان کي نقل ڪيو آهي. مير غلام علي آزاد کي ان جي شرح لکي. (2) مير حسين دوست سنڀليءَ پنهنجي ”تذڪره حسينيءَ“ (3) ۾ ان کي جاءِ ڏني، ۽ سنڌ ۾ مير علي شير قانع پنهنجي بياض ”حديقهء غلبا“ ۾ ان کي نقل ڪيو. صاحب ”ماثر الامرا“ پڻ انهيءَ قصيدي جو مطلع ڏنو آهي. بهرحال، اهو قصيدو دلچسپ ۽ مزيدار هجويه استعارن ۽ علمي اصطلاحن سان ڀرپور آهي، طوالت سبب هتي ڏيئي ڪونه ٿا سگهون، جنهن کي دلچسپي هجي سو ”تذڪره حسينيءَ“ ۾ ان جي شرح ”خزانه عامره“ ۾ ڏسي سگهي ٿو. مير ابوالمڪارم شهود مير ”شهود“ جو فارسي ڪلام ڪتاب جي 155- 159 صفحي تي آيل آهي، ڪجهه وڌيڪ هٿ آيل متفرق ڪلام هتي درج ڪجي ٿو: رباعي: روي تو چو مصحف است مشهود غلط بس ڪلڪ قضا نوشته از مشڪ غلط چشم و دهنت آيه و وقف، ابر و مد مرگان اعراب و خال و خط حرف و نقط. (1) متفرق: باز در جلوه در آمد بمن سروقدي دلبري ماه رخي، تازه گلي سر سبدي نسخه، از قامت و چشم ورخ و زلفِ تو،گرفت باغبان، بهر چمن، داشته عالي سندي ڪو تهي ڪرد شبِ وصل تو، هيهات، مگر خواهم از زلف سياهت، بدرازي مددي عشقم انداز جنون ڪرد، بپا، سلسله نيست اي سرِ زلف! خدارا مددي ڪن مددي (2) --- نامراد عشق، بلند اقبال، در زنجير داشت پيچ و تابِ من، شڪوه جوهر شمشير داشت يا ايامي ڪه از، بيتابيِ مجنون ما حلقه چشمِ غزالان، ناله زنجير داشت حق اگر بندد دري، ره درڪشايد در عوض طفل بي مادر زهر انگشت جوي شير داشت. (1) --- عرق فشاند رخت، بر زمين گلاب انداخت- زمين معطر شد غلط غلط ڪه بهر قطره آفتاب انداخت- جهان منور شد زلوح سينه مان، بهر ميتوان ديدن- چو شمع در فانوس مگر ڪه عيش تو خرشيد در شراب انداخت- ڪه ساعرم زر شد مگر مي دلِ عشاق نسبتي دارد طلوع اين باده؟ مگر به ساغر ما ساقي آفتاب انداخت ڪه جام ڪرثر شد سواد خط تو شيرازه از ڪتاب افگند- ڪه جمله ابتر شد فروغ روي تو خورشيد را بخاڪ انداخت- چو گوئي درميدان چو اوستاد ازل خواست انتخاب ڪند- جمال خوبان را ز حالِ او بجهان طرح انتخاب انداخت- بروي دلبر شد (2) مثنوي پري خانه سليمان (3) ڪيفيت: مير ابوالمڪارم جي مثنوي ‘پري خانه سلمان’ جو ذڪر سندس مذڪور ۾ ڪري آيا آهيون. انهيءَ مثنويءَ جو هڪ خطي نسخو ڪتاب ختم ڪرڻ بعد راقم الحروف جي مطالعي ۾ آيو، جنهن جي ڪيفيت ۽ منجهانئس شعرن جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو: اهو نسخو اول ۽ آخر ۾ ناقص آهي، شروع ۾ تيرنهن ورق يعني ڇويهه صفحا کٽل اٿس ۽ پڇاڙيءَ جا هڪ يا ٻه ورق غائب ڏسجن ٿا. پوئين ورق (2/166) جي آخر ۾ عنوان آهي ”ختم ڪتاب“ جنهن جا چار شعر انهيءَ ساڳئي صفحي تي آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جي انهيءَ آخري عنوان جو ڪم از ڪم هڪ ورق غائب هوندو. ڪتاب جي سائيز 2/1 5x 2/1 8 آهي ۽ سترنهن سٽون هر هڪ صفحي ۾ آهن. عنوان ڳاڙهي مس ۾، ۽ متن ڪاري مس سان لکيل آهي. پيش نظر نسخو چوڏهين ورق کان شروع ٿي 166 ورق تي ختم ٿئي ٿو، چوڏهين ورق جي ٻنهي پاسن تي ڪتاب جي تصنيف ۽ نالي متعلق شعر آهن. پهرئين ورق جي ابتدا هن شعر سان ٿئي ٿي. سخن از سينه ام فواره جو شد بشعرم آسمان تحسين فروشد اڳتي هلي هي شعر اچن ٿا: نـگاريـن مقـٍـنـوي گـفـقــِم سـراسر ز احوال ِ سليمان پيمبر ز نــازِ دلـفـريـب حـسـن بلـقـيـس نوشتم پي، گذار شهاي تلبيس در و هـر بيـت شــمـع جـاودانــــي همه آزاده سروِ بوستاني صـفِ ابيـات روشــن بـــيـن زيـبا چراغان تافته بر روي دريا تـرازو و ئيـســت، از نقـد گران پر بجائي سنگ، لعل و جائي زد در گــزيـده نـازنـيـن، قـامـت سزا وار ميان، از شرم پنهان گشته چون راز سپاس ايزد تعليٰ را ڪه، اين گـنـج بسنجيدم بميزانِ گهر سنج ڪفم، از بار سنجيدن، سبڪ شــد نگاهم، از تبِ ديدن، خنڪ شد سرم، از سنجده بردن، شد سر افـراز ز زانوبند، بندِ زانوم باز نگردد بـــعـد ازيـن زانــو چـو نــامه ني ساقم بدست پا، چو خامه قلم، ڪزدستِ من بودش شڪنجه بپاي سر شدن، ميگشت رنجه بسر پوشيد، چون شــاهان، ڪله را نشد بعد ازين آسيب ره را سقان افـتـاده در عـهـد قـلــمـدان برنگِ نوعروسانِ سبڪ جان نالو ۽ سال تاليف: مثنويءَ جي نالي متعلق هيٺيان شعر چيا ويا آهن: پـرجانـه چو گشت از خـامه اوراق تهي شد شيشه، بنهاديم برطاق چو پـايـان آمد، اين شيرين فسانه بخوان، تاريخ و نامش، زين ترانه پري خواندم ز بس نزدِ سليـمان سزد نامش- ‘پريخوان سليمان’ 1060 هه همان بهتر، گرين صحرا، ڪشم ڪار ڪنم در گلستانِ وحدت، آرام اهڙيءَ طرح مثنويءَ جي نالي مان تصنيف جو سال 1060 هه برآمد ٿئي ٿو. پندرهين ورق کان نئون عنوان ‘نائين مناجات’ جو شروع ٿئي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته گذريل ورقن ۾ حمد ۽ نعت وغيره جي دستوري ۽ رسمي عنوانن کان پوءِ اٺ مناجاتون پڻ اچي چڪيون آهن. (1) ”سفينه ِّ خوشگو“ جي سلسلي ۾ قاضي عبدالودود باريسٽر جو مقالو، مطبوعه رساله ءِ نوائي ادب“، بمبئي، جولاءِ 1957ع، صفحه 8، ۽ مقاله نگار موصوف جو ڪارڊ راقم الحروف ڏانهن لکيل، مؤرخ 16- 8- 58 ”سفينه خوشگو“ جو اهو خطي نسخو جنهن تان مٿيون اقتباس قاضي صاحب ورتو آهي، سو نمبر 695 تي خدا بخش لائبريري پٽنا ۾ محفوظ آهي، ۽ مٿيون ذڪر نسخي جي 97 ورق تي آهي. بانڪيپور جي فهرست جلد VIII جي صفحي 96 تي ”سفينه خوشگو“ جي سلسلي ۾ پڻ امير خان وارو اقتباس موجود آهي. (2) مؤلف ڪشر چند، تاليف 1136 هه. (3) مقاله: فارسي تذکري اور ريخته گو شعرا، از علامه قاضي عبدالودود نوائي ادب، بمبئي، اپريل 1957ع. (1) بقول مؤلف ”گلزار ابراهيم“ عمدهِ الملڪ نواب امير خان انجام عمدهِ الملڪ نواب امير خان عالمگيريءَ جو پٽ هو. سندس خانداني تعلق مير ميران سيد نعمت الله جي گهراڻي سان هو، جنهن جي ايران جي صفوي بادشاهن سان مٽي مائٽي هئي. (”گلزار هند“ ترجمه ”گلزار ابراهيم“، ايڊيشن 1906ع، مولوي عبدالحق صفحو 13) امير خان انجام درباري سازشن سبب 1159 هه ۾ قتل ٿيو. ‘غم عمده’ مان اها تاريخ نڪري ٿي. فارسي تذکري اور ريخته گو شعرا نوائي ادب اپريل 57 بحواله ”تذڪره سفينه هندي“ ڀڳوان داس (تاليف 1200 هه) (1) ڏسو هن ڪتاب (”تذڪره امير خاني“) جو صفحو 119. (2) ”ماثر الامرا“، 1/304. (3) هن جي سوانح لاءِ ڏسو ماثر الامرا1/819. (4) ”ماثر الامرا“ 310. (5) ”ماثرالامرا“ 1/310. (1) ”ماثرالامرا“ 1/173. (2) شاهه جهان محبوب بيگم جنهن جي قبر مٿان تاج محل جهڙي عظيم عمارت جڙي. (3) ولد ميرزا غياث بيگ. يعني نورجهان بيگم جو ڀاءُ، شاهه جهان بادشاهه جو سهرو ۽ مغل مملڪت جو وزير اعظم. (1) ميرزا غياث بيگ نهايت بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ ايران مان نڪتو. افعانستان ۾ جڏهن پهتو ان وقت جنهن سواريءَ تي لڏ کنيون ٿي آيو، اها سواري به چور ڪاهي ويس. واٽ ويندي ڪنهن سوداگر کي رحم پئجي ويو، جنهن کيس پنهنجي قافلي سان گڏي اچي هندستان پهچايو. نورجهان بيگم انهيءَ موقعي تي افغانستان ۾ پيدا ٿي. (2) ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي مقدمي ۾ اسان اهي نسبناما ڏنا آهن. رشتيدارين جي انهيءَ ”ڪاڪ محل“ کي اتي ڏسڻ گهرجي. (3) آصف الدوله ابوالحسن (شاهه جهان جي سهري ۽ وزير سلطنت) خواهه ٻين فردن جو مذڪور هندستان جي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ پڙهڻ گهرجي. (4) ساده لوحبهائي او، زبان زد است، و با ڪمال نظر بعلو خاندان باسيار بر خود مي پيچيد و سر بهيچ ڪس فرونمي آورد- (”ماثر“ 3/160) تذڪرهِ حسينيءَ جو مؤلف لکي ٿو ته: ”به بلاهت مشهور بود“ ص. 216. خز عامره ۾ آهي ته: ”سادگي شهره عالم است“ 334. سندس والده فرزانه بيگ، شاهه جهان جي زال ممتاز محل جي ڀيڻ هئي يعني ڪامگار خانه هڪ بادشاهه (شاهجهان) جي ساليءَ جو پٽ ۽ ٻي بادشاهه (عالمگير) جو ماسات هو. (1) ڪامگار خان اها شادي حيدرآباد جي فتح کان پوءِ اتان جي مفتوح سلطان ابوالحسن تانا شاهه جي مفتوح وزير سيد مظهر جي نياڻيءَ سان ڪئي هئي- (”خزانه عامره“، ص. 336) (2) ”خزانه عامره“، 336 کان 346. (3) ”تذڪره حسيني“ 216. (1) بياض خطي نامعلوم ص. 92. (2) بياض خطي نامعلوم ص. 78. (1) بياض خطي نامعلوم ص. 93. (2) بياض خطي نامعلوم ص. 92. (3) اهو قصو ٻين به ڪيترن شاعرن نظم ڪيو آهي، مثلا= فارسيءَ ۾: (1) نظام معمائي متوفي 921 هه انهيءَ قصي کي نظم ڪيو، ليڪن مثنوي مڪمل ڪري نه سگهيو. (2) فيضي متوفي 1004 هه، خسرو شيرين. جي مقابلي ۾ مثنوي سليمان و بلقيس لکي. (3) احمد خان صوفي آگري واري 1298 هه ۾ انهيءَ قصي کي فارسيءَ ۾ منظوم ڪري پنهنجي پريس، مفيد عام، آگري ۾ ڇاپيو. اردو زبان ۾ انهيءَ قصي کي اعزالدين ملڪ الشعرا ِّ آرڪاٽ (متوفي 1240 هه) 1225 هه ۾ نظم ڪيو. شاهه جهان جي مدح: ڪتاب ۾ شاهه جهان بادشاهه جي مدح ۽ سندس شهزادن جي تعريف خواهه شاهي باغن ۽ عمارتن جي باري ۾ جدا جدا عنوانن هيٺ مدح ۽ ستايش، تعريف ۽ توصيف ڪئي ويئي آهي. انهن عنوانن منجهان ڪجهه شعر نموني لاءِ هيٺ ڏجن ٿا: بادشاهه جي مدح ۾ مير ”شهود“ چوي ٿو: چو بوبڪر، از سرنو، ڪار دين ساخت بدفعِ فسق، چون فاروق، پرداخت چو عثمان، از حـيـامـندي، جـهـانگـيـر بمردي، چون علي، بگرفته شمشير پعدل وجود، هفت اقليم پرور شهاب الدين محمد ابوالمظفر چو نامِ خويشتن شاههِ جهان است جهان را ثانيِء صاحب قرآن است جهانگير و جهاندارو جهان بـخـش ملڪ لشڪر، ظفر خنجر، فـلـڪ رخــش شهزادن جي تعريف جدا عنوان جي تحت آهي، سپهر شاهه داور، چـار خـورشــيـد ڪه بادا هريڪي، بر اوج، جاويد يڪي، داراشڪوه اسڪندرا جلال وليعهدِ شهنشاه باقبال دويم، شاهه شجاع انجم سپــاه اســت چو خور، مشرق زمينش، جايگاهه است سيوم، اورنگزيب، آرايـشِ ديـــن بملڪِ شرعِ سلطاني بتمڪين همه با حڪمت و عدل و شجاعت همه باعفت و فضل و سخاوت همه نـصـرت شـعـار و فتـح پرور همه اقبال مند و بخت ياور بادشاهه جي تعريف ۾ مختلف عنوان ٻڌا اٿس، مثلاً: تلوار جي تعريف، خنجر جي توصيف، بهادريءَ ۽ تلوارزنيءَ جي صفت وغيره وغيره. هڪ عنوان هيٺ چوي ٿو: به هيجا چون به پشتِ زين نشينـد عدو را از پئي ڪشتن گزيند برآرد ازميان شـمشـيـر خـــونـريـــز دم آور آب پرور، آتش انگيز بيڪ ضرب، آن چنان آتش فروزد ڪه هستي برتنِ دشمن بسوزد عمارتن جي تعريف ڪندي چوي ٿو: ]چو[ تعريف عمارت راڪنم ياد شود از آسمانش خشت بنياد بر ... بس ڪه از افــلاڪ افــزود ڪواڪب، ذرهاي روزنش بود زحل ڪاري، ز روزِ سقف و ديوار خورستان، حل شده از دست حل ڪار آزاده، غـيرت ارڙنـگ مـان مرصع همچو سقفِ آسماني امل باطول او، يــڪ خط اقــصــر فلڪ باعرض او، يڪ سطح بي بر ڪنـم چــون ارفــاعـش را تصـور فتد در همتِ شاهي تفڪر مٿين شعرن ۾ ڪي لفظ ۽ محاورا عمارت سازيءَ جي فن جا ڪتب آندا ويا آهن، مثلاً: ازاره- زحل ڪاري- خورستان- بادشاهه جي بزم خاص جي، جدا عنوان هيٺ تعريف ڪئي ويئي آهي. ليڪن افسوس آهي جو انهيءَ بزم جي فردن جا نالا ڪونه ڏنل آهن، ورنه معلوم ٿئي ها ته ڪهڙن مشاهيرن کان مير شهود متاثر هيو. چوي ٿو: سخن از بزم خاصش، چون نوشتم مصور گشت در ديده بهشتم عجب بزم است، يا رب! چشم بددور تجلي در تجلي، نور بر نور گروهي بندگان، پشت و پس شاهه چو هاله صف زده پيرا منِ ماه همه خسـرو مثال و قيصــر آئـــيــن همه خاقان نشان، فغفور تمڪين همه شاهند، اگر در شـوڪـت و شــان ولي، چون ذره، محوِ مهر رخشان همه شيرافگن و عنقا شــڪــارنــد همه در حق گذاري، جان سپارند ز اهلِ دانش و ارباب بينش ز دانايانِ سر آفر ينش همه نعمان فقـاهت، شافـعـي ديـن همه مالڪ نشان و احمد آئين عمادي حق شناسي، رڪنِ اسلام قبولِ فضلشان بر خاص و بر عام انهيءَ عنوان هيٺ مختلف پيراين ۾ بزم خاص جي اميرن ۽ عالمن جي تعريف ڪئي ويئي آهي، جيڪا مصنف جي فني ڄاڻ جو نمونو پيش ڪري ٿي. بادشاهه جي جود و سخا جي تعريف واري عنوان جو اختتام هن شعر تي ڪري ٿو: شبي مفلس بيادش خفت بي ساز چو شد بيدار، شد با نعمت و ناز باغ جي تعريف ۾ ٻيهر عنوان قائم ڪري چوي ٿو: جهان يڪسر ڪنم پاڪ، ازخس و خار چوگيرد رنــگ، از بــاغش، زبــانــم چـمــن از ياســمــيــن و لالــه و گـــل صبا مستانــه در صـحــنــش دويـــده ارم يـڪـرنــگ، از برگِ گـــلِ او ز بس گلهاي او، نورو صفا داشـت شــودتا لالــه ايــن بــــاغ را داغ بصـحــن دلڪـشـاي بــاغ عـقــّهـر ز سوسن، تا ڪدام افسانه بشنفت بــصــد رنـگ و بصـد بو، هر گل او بخدمت، سروش از بس، راست استـاد بباغش گل، زبس نقش چمن بست گلشن دارد بڪف، خواني ز ياقوت مسلسل سنباش مشڪين ڪمنديسـت چنان نرگس، ز مستي رفته از هوش لـبِ سوسن ز بس افسانه خوانــي ســـراسـر سـروهـاي سـر ڪـشـيده چنـاران، ايستـــِاده رســـت بـــرپـا چـنـار سـر بــلـنـد شــاخ در شــاخ بهرتاڪِ زرش، صد خوشه انگور ز بــــس دارد انـــــار لــــعــــل و دُر زاد دهم تا وصفي از باغِ جهاندار (1) سخن گل گل برآيد، از دهانم ڪواڪب بسته، در زنجير سنبل ز مستي لاله را دامن دريده ملڪ، يڪ پر، زبالِ بلبلِ او ز سايه، آفتابي زير پا، داشت بيايد هر سحر خورشيد در باغ ڪشاده بال سيمين طائرِ زر ڪه گل از خنده بسيار بشگفت بصد ساز و نوا، هر بلبلِ او ڪرم ڪرد و خطِ آزاديش داد نگه را، شد نگارين ز ان ڪـَـفِ دست دهد از ريره زر لعل را قوت ڪه هر دل را، در ان زنجير بنديست ڪه درڪف ڪرده جامِ زر، فراموش به بستان شهره شد، با ده زباني بهمتائي شاهان پروريده نيفتد آسمان، صد دست بالا بدوشِ سر وڪف بنهاده گستاخ ڪه از هر خوشه، صد ميخانه معمور ڪند هـر دانــه اش يــڪــخــانــه آبـاد انهيءَ کانپوءِ انبن جي تعريف م اهي 8 شعر چيل آهن، جيڪي مير علي شير ”قانع“ نموني طور ”مقالات الشعرا“ ۾ ڏنا آهن (1). جنهن بعد نيشڪر، ليمي، ترنج، سيب، نارنج وغيره جي تصديق ڪري، باغ جي آب و هوا تي اچي ٿو: چه گويم، از هواي نو نــهــارش ز صبح و شام هر ليل و نهارش ز طبـــعِ دل، هـوايش معتدل تــر صباح و شام از مي صاف دل تر --- خيابان ڪهڪشان، گلها ستـاره ڪه بردستِ خيابان بسته ياره قصورش آنچنان بافر و لور اسـت ڪه قصرِ جنت، ازوي، در قصوراست ز لاش ڪرده، ز آب خضر، تقـرر ز موئي، آب را بسته، بزنجير برنگِ جان قدسي، پاڪ و صافي بلب خشڪان از ويڪ قطره ڪافي. توان خواند از خطوطِ موج هر جـو من الما ڪل شيِء حي- نيڪو نمايد رنگ آب از عڪس گلشـن برنگ صفحهء ابري مـُـلـُـوَنَ سوادي، گر، دران گلشن عيان بــــود خط و ابروي و خالِ گل رخاد بود چو گويم از بتــانِ آن نــڪـو مــرز ڪه هريڪ، در ادا سنجي، بلاطرز بـــتـائي، ڪـــز اداي جـــاودانـــه ڪشد خورشيد شان، بر زلف شانه بتائي، ڪز نگاههِ چشم سرمسـت سرِ نرگس ز خجلت، پيش شان پست بتاني، ڪــزقـد و بــالاي مـــوزون نموده، سرو ها را بيد مجنون بهر قصرو بهر صحن و بهـر بام هزاران سر و بالا صد گل اندام بسر، دستار ڪــج، از ناز بـسـته زواجِ لعبتانِ چين شڪسته ز افسون سازي او جــادو نــگـاهي بشور آورده از مه تا بماهي بروئي و قامت و چشم و زنخـدان سرو سامان گلزار و بهاران چو گل، در خذمتش، برپا، سوارند ز ابرِ رحمتش اميد وارند انهيءَ عنوان جي اختتام تي بادشاهه لاءِ هيٺيان دعائيه شعر چيا ويا آهن: خداوندا! تـو ايــن شــاه جـهــان را خديوِ ثاني صاحب قران را مخلد دار، در شاهي، هــمــيــشــه بود تا آسمان را دور پيشه مثنويءَ جي تصنيف: انهيءَ مدح سرائيءَ بعد، جدا عنوان هيٺ خواب جو قصو لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مصنف کي بيبي بلقيس ۽ حضرت سليمان عليه السلام جي قصي لکڻ جو اشارو ٿئي ٿو، ۽ پاڻ انهيءَ قصي کي شاهه جهان جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو: چو باز آمـد، خـيـال، از عـالمِ نور مرا برجاي خود ديد از ره دو بگفتم: جيست؟ گفتا:خود ڪجاي بگفتم: غرق بحرِ آشناي بگـفـقـِم: تــاچه آوردي؟بيا زود بگفتا: سوز و سازِ صوتِ داؤد بگفتم: از معافي؟هفت هر چـيـز! بگفتم: از سخن گو! گفت: آن نيز! بخود گفتم: ڪه اين دُرهاي شـهـوار ڪشم در گوش يڪ شاهي جهاندار نـداي داد، در گـوشـم، سـروشـي ولي سوئي سروشم دار گوشي گـهـر گـاي، ڪـه داري در گريبان بڪش! در عقدِ بلقيس و سليمان --- اگر دُرهائي تو، بس شاهوار است سليمان نيز شاهِ نامدارت است نڪو زيبد، چنين دُر، باچنان شاه ڪزين خلعت قدِ غير است ڪوتاه قبولم، پرده از روي زبــان، چـيـد بگيسوي سخن چون شانه پيچد سخن را چون گل آب و رنگ دادم گره از غنچهء معني ڪشادم صبا را، صحن اين گـلــزار ڪردم هوا مغزِ سرِ عطار ڪردم بلوح باد، رنگين نقش بـستم ڪه بازارِ گلستان را شڪستم دريـــــن گلزار، از مــه تا بمــاهــي گلِ صد رنگ، چنداني ڪه خواهي سخن را، تا زباني من، بيان ڪرد دهانم قبلهء قدوسيان ڪرد --- سـتـانـم از سـخن امـداد سـامـــان نويسم عهد بلقيس و سليمان ڪنم تسخير، گروحشي است ورطير ڪه در ملڪ سليمان ميڪنم سير حـْنـــان سـازم بافــسـون ديـو منقاد ڪه بنشانم پري در شيشئه باد فـرسـقـِم هد هدِ مضمون،بـخـامه ڪنم موران گويا نقش نامه حضرت دائود جي احوال جي ابتدا هن طرح ٿئي ٿي: چو، دريايء ڪرم، درجوش آيــد اگر گبر است بخشش ڪوش آيد درين صحرا، اگر لعل است ورسنگ بيڪ تاب آفتابش مي دهد رنگ ازيــن مـيخانـه چه مـهـرو چه تابه بدستش از ميء صاف آفتابه غلام و خـَواجه را هــر سـو نــدايء قبولِ عام ميگويد صلاي ِّ گـنـه در پهـلوي طاعت نشسته بڪفر، ايمان اخوت عهد بسته اگـــر هــشيار ور بيهوش ديـدم ببوي اين چمن در جوش ديدم ٻي جاءِ تي آهي: مـحـبت چون شود، آشـوب دلـهــا بخور شيدي، رساند آب گلها مـحبت چون شــو رســوايِ ڪـــار ڪشد گاهي بخلوت، گه به بازار --- چو دريائي محبت، جوش گـيرد دُري با گوهري آغوش گيرد محبت گرچه اول، دردناڪــست ولي آخر، رفوي سينه چاڪست محبت گرچه اول، ناگـوار اســت ولي آخر دوايء درد يار است محبت گــرچه اول، تــلـخ بــاشــد مه عاشق ازو در سلخ باشد ولي، آخر چو گردد، ڪامل البدر شود در رتبهء خود، صاحب القدر رخِ مـحــبـوب را، آئـيـنـه گـــردد حضور افزايء بزمِ سينه گردد بيبي بلقيس جي شهر، سبا جي تعريف ڪندي چوي ٿو: صبا! از ما سلامي، با سبا، گـوي ڪه اينڪ ميڪنم گلگشت آن ڪوي هوايش صاف، دل تر، ازمي ناب شبِ يلدا، برويش خال مهتاب قـّهـرسـو مـوخهء جدول گــره باز روان چون زنداگاني، يڪ جلو تاز ز شهرستان آن مــلـڪ ارم خـيـز هوس درجانِ زاهد، موج انگيز در و بام، از هجومِ حسن شيرين بسي فرهاد، از خون کرده رنگين سماعِ سرو، بـرصوتِ عنادل نار، از شوق، دستان زن مقابل زابنه خيـزيءِ اشـجار پـُر بار زمين و آسمان مشتاق ديدار بگيسو، يڪ چمن خور در ڪمندان برآب، آئينهء زنجير بندان بيڪ چين، صدگره در دل، زمانه بيڪ ابرو، ڪشا صد جان، نشانه بصحن آن چمن، گل گل دميده همه، تا سرحد خوبي، رسيده صـفـي در حـسـن شـاهِ دل خرابي صفي در عاشقي صاحب رواجي چو حسن و عشق، باهم تارپودند چو اطلس، بي تفاوت يڪ نمودند بدوش آغوش هم چون بزرگ رعنا نياز و ناز آن باغ تماشا قدي، افراشته چون شمـع آهي دلي، درڪاهش از جادو نگاهي لبي شيرين تر از آعــَّوش نوميد گلوي تلخ تر از ياسِ جاويد ڪلاهي ڪج شدن، رنگ شڪستن سر رگريدن و از پانشتن سـر زلف مـشــبڪ، دسـتــهء آه قد آهي شڪسته زلف ڪو تاه ز چـشـم شيشهء دل عينڪ اندوز ز آهي ناوڪ تاثير، دل دوز مختلف عنوانن مان چونڊ شعر: بلقيس جي حسن جي تعريف ۾ علحده عنوان قائم ٿيل آهي، جنهن مان چند شعر هت ڏجن ٿا--- ز بلـقـيس، آب و رنگِ نوبهـارم نگارش را به نيرنگي نگارم ڪمند جعد مشڪين، تاب داده بهرتابي، خيال ِ خوب داده ز بـيـمِ دسـت برد آن، پري چهر سپرا نداخت، ماه و تاج، سر مهر چو ديدي، آفتاب از بي درنگي ڪله، از سرگرفتي، چون فرنگي برو، زير ڪمر، از پيش و از پس هما باليدنِ نارنج نورس قد از ديوان خوبي، بود مــطــلـع ڪمر، فضل مميز، در دو مصرع مياني ود هاني، وهم نابي مڪرر لفظ هاي انتخابي اجل را، غنچه اش، دلدوز پيڪان ڪه عمرِ خضر، دارد در گريبان جهان را پس ڪه،چشمش ڪرد خون ريز گريبان ِصد جنگش در آويز اهڙيءَ طرح سڄيءَ سراپا جي وصفن کي بيان ڪري آخر ۾ شاعر چوي ٿو: قــدي چون هـمـتِ شاهان، بـلندي بلندي، بي گزندي، دل پسندي بلقيس جي حسن و جمال ۽ سراپا جو ذڪر مصنف مختلف جاين تي ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ چند باب جدا پڻ قائم ڪيا اٿائين، جن ۾ جسم جو مختلف حصن جي مابين مناظرو قائم ڪيو ويو آهي، مثلاً: مناظره قامت و گيسو، مناظره جبين و رخسار، مناظره خال و ابرو، مناظره چشم و مزگان، مناظره لب و بيني، مناظره دهان و ميان، مناظره زنخدان و غبغب. ’دهان ۽ ميان‘ جي مناظري جا چند شعر هن طرح آهن: ميان از روي حسرت، با دهان گـفت ڪه: اقبال تو، با فتح و ظفر جفت مـن و بو، نـوڪ ريـز يڪ گلوئيم نگار خامه يڪ تار موئيم چــو زاديـم از عــدم، هـر دو برادر بدر نابود بود و نيست مادر چو از يڪ اصل، ما گـشتـم پـيـدا تفاوت چيست، تو آنجا من اينجا؟ ترا پهلوي شـيـريـن جـــايِ دادند؟ مرا با ڪوهڪن مجلس نهادند؟ ميان جو اهو مذڪور ٻڌي دهان وراڻي ٿو ڏئي-- دهان گفتش ڪه: عزت در نسب نيست غنا و فقر موقوفِ حسب نيست بهستي، هر بد و نيڪي،ڪه جا ڪـرد بر استعداد نقشي را بپا ڪرد چــو نـقـشِ مــا، بر اسـتعـداد افـتـاد يڪي شيرين يڪي فرهاد افتاد چــو تخـتم طـالـع انـور پذيرفــت چو خاڪم پاڪي جوهر پذير فت زياقـوتِ درم سـرمـــايـــه دادنـــد ازان بر تخت لعلم پايه دادند توهـم درڪشـورِ خود بادشـاهـي ميان ملڪ تن، صاحب ڪلاهي تـرا قـِخـت سـُريـن، اورنگ دادنـد مرا چون بسته، جاي ِّ تنگ دادند اگر من قــلـعـهء دارم ز گــوهــــر گوهم داري دو برج از نقره تر اگر من دارم از چــاهـه زنــخ لاف تو هم مي لاف از سر چشمهِّ ناف مگر خير الامور اوسط، نخوانـدي ڪ چون مور،از حسد دل تنگ ماندي ميانـه ميروي، درهـمـت انـدام ازان برهر زبان گشتي نڪو نام توگر راضي شوي، از پايه خويش تواني گشت در رتبه، ز من بيش نـشين برڪوهه، بـا اقبال اوتـاد ڪه گردد هفت اقليم از تو آباد ميان جڏهن اهو جواب ٻڌو، تڏهن مطمئن ٿي چوي ٿي: ميان گفتش: ڪه اي! از چشم بددور روانت شادباد و خانه معمور ازين ورطــه من ازدسـتِ بو رُستم زبو، برجاده فطرت نشتم براين نعمت، چه پيش آرم مڪافات جزاڪ الله من خيرالمجازات (1) باغ جو نالو. (1) ڏسو ”مقالات الشعرا“ ص. 350. زنخدان ۽ غبغب جي معرڪه آرائي هيٺيئن ريت هلي ٿي: زخندان گفت غـبعـب را ڪـه: اي يار! چو اســتادان صنع، اي چاه ڪنـدنـد ازان گــلِ يـــافــتـه قـدرت بـلنـدي بگفت: از من نمي شد گر تـهـي چـاه ازين چه تـا گـــــل مــــن ســـرڪــشـيـده بـگـفـت: ايـن گــــفـقــِگو هزل اســـت دانــي مشو با حسن عاريت گرفتار گل پاڪش بيڪسوي فگندند جمال ديگران چون خود پسندي نمي گشتي ز حسن يوسف آگاه نماي چاه يوسف برڪشيده تـو خــضــرو مــن چــون عـيـن زنـدگـانـي بگفتش: ڪو حضرو ڪـو اصل زاتم حبابي رسته از عين الحياتم حضرت سليمان عليه السلام ۽ بيبي بلقيس جو عقد ٿئي ٿو، گهوٽ، ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو: شدي نزديڪ هر دم شور آن طوي ڪه آمد آن نبي در حصن مشڪوي -- -- -- چو باهم گفت وگوئي عقل شد راست شهنشه از پي آغوش برخاست در آمد اندرون ححـّلـه، چــون نــور سواد غير، شد از ديدها دور نبي، دستي بگردن برد، تـنـگـش ڪه افشارد، زخونِ غنچه، رنگش پري، چون بادش از آغوش سر قــِاب شهش در برڪشان، چون باد را آب پري چون گل ز بادِ صـبــح مـايــل شهش چون رنگ، آغوش حمايل همان چون آفتاب، از دست اوگم همين چون ديده اش آغوش مردم هميـن نــارنج افـشارش قـْـيـا پـــي همان چون باغبان، از قحطي دي همين از غنچه برگي مي چڪيدي همان از گل چو خاري ميخليدي شهنشه، نافه را، بشگافتن خـواســت پري چون جوهر فردش، ميان ڪاست شهنشه چون معما، مي ڪـشـودي پري، صد تعميه، برمي فزودي در آخر چون ز نـيـرو بـخـش قوت بفتح سده شد، غالب طبعيت در آمد يڪتني يڪ چشم، چون خور چون غواصان، بخلو تخانئه دُر چنان دادش ز تابِ خويشتن قـوت ڪه شد گوهر صدف ڪاني ز ياقوت ز نيستانچون صدف، بگرفت آبي دُري پرورد، رشڪِ آفتابي روايت آهي، ته بيبي بلقيس جي پـِـنين تي گهڻا وار هئا، حضرت سليمان عليه السلام هڪ حمام تيار ڪرايو، جنهن ۾ وارن کي لاٿو ويو. حمام جي ساخت ۽ ساز و سامان جي تعريف بعد جڏهن وارن لاهڻ واري مائي اچي ٿي، ان وقت جو نظارو مصنف هن طرح بيان ٿو ڪري: بدفع موئي ساق، اين حيله انگيـخت ڪه، باز رنيخ آهڪ را، بر آميخت سپيدو زرد چون آمـيـزشـي يــافــت رواني آب و رنگي از ميان تافت چون آن گرمابه، محڪم يافت تاسيس اشارت ڪرد پيغمبر بلقيس ڪه: يڪدم جانبِ گرمابه بخــرام تو آتش پاره، ز آتش گرم حمام برنگ شعله، برجست آن پـري وش که سازد گرم تر، بازار آتش روان اول بسوئي چامــه ڪــــن شـد برنگ شمع عريان، در لگن شد پـرسـتـاران مـحـرم گــرد او چـمــع بفانوسي دوسه پروانه باشمع ڪـشـاد اول، گــره از غـنـچهء جيب بهاري، خنده زد از پرده غيب يـڪـي ته بـنـدرا برسـيـنـه بربـست چو عڪسي، در ميان آب بنشست بـگــردِ سـاق مــالــيـدنـــد لــــوزه (1) ڪه زر ڪامل عيار آيد ز ڪوزه دمي چون لوزه، مو، بيباڪ بـرداشـت پرستاري ز ساقش پاڪ برداشت انهيءَ عمل بعد بيبي صاحبه کي غسل ڪرايو ويو. روانـــش قــطــره قــطــره آب بـرتن نثارِ سيسم گوهر هائي روشن -- -- -- چو شد پاڪ از خس و خاشاڪ باغش لباب شد ز تر مغزي اياغش برآمد از دل گرمابه باتاب ز آغوشِ صدف چون در خوش آب ز بالا پير هن بگرفت بالا گل از زير سمن رنگين تماشا بسر معجر (1) خيالي شد مرتب ردائي صبح گفتي هشسته برشب يڪي شلوار خور زاري ز زر تار چوگيرد بيشه را آتش بيڪبار ز زيور، موبمو آراست خود را به آئيني، ڪه خود ميخواست خود را لٽا ڪپڙا پهري، ڳهن ڳٺن سان سينگارجي ۽ سنوارجي، بيبي صاحبه پنهنجي جمال جا جلوا آئيني ۾ ڏٺا: چــه آئيـنــه، هــمـــان بي مـــوج دريــــا بنقشِ هرچ در گيتي پذيرا به بيرنگي، زمـانـه نـيـسـت بـيـرنگ دري بر صلح باز و بسته برجنگ چو چشم عاشـقـان حـيـران نـگـاهــي جهانگيري يگانه، بي سپاهي ملاحت چون فگندش عڪس مستور شد آئينه بموجِ چشمه ِّ شور چو تاب آبــرو يــش بـــر جــگــــر زد رگِ ابر از دل آئينه سر زد ز شوخي سايه نقش گل، نمي بسـت نگه شد خيره با آئينه سر مست ز عڪسِ آن بهين (1) خوبان هستي بر هنه گشت آئينه ز مستي آئيني ڏسڻ بعد بلقيس حسن جي نکار ۽ ڪيل سينگار تي مطمئن ٿي حضرت سليمان عليه السلام جي پهلوءَ ۾ ويهڻ هلي ٿي: ڪمالِ حسن، چون در آئينه ديد ز جوش خوشدلي، بر خويش باليد زجا، بر جست، با آرائش تام چو ماهِ چارده خورشيد مه نام خرامان شد چو خورشيد شرف بان چو سروِ شسته، از ابرِ بهاران ڪه تا آمد بحسن آرزو خواه چو دل، جا ڪرد پهلوئي شهنشاه خطي نسخي جون ڪي خاص وصفون: زير نظر نسخي جون هيٺينءَ ريت خصوصيتون آهن: (1) خط نستعليق روان آهي. (2) اهو نسخو، مصنف جي ملڪيت ڏسجي ٿو. حاشيي ۾ ڪن جاين تي نوٽ ٿيل آهن، جيڪي مصنف جي پنهنجي هٿ اکرن جا ٿي سگهن ٿا، مثلاً: ورق (1/23) جي حاشيي تي هيءُ نوٽ آهي: ”در اين داستان، از سهو ڪاتب در تحرير ابيات، تقديم و تاخير است. نظر بارقام بايد خواند“. انهيءَ نوٽ سان گڏ شعرن تي نمبر هڻي سلسلي جي صورت ۽ ترتيب کي نروار ڪيو ويو آهي. ڪن جاين تي نوان عنوان قائم ڪري حاشيي تي پوري باب جو اضافو ڪيو ويو آهي. اهي اضافا نسخي جي ڪتابت ٿيڻ بعد، مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين، ڪيل ڏسجن ٿا. اهڙيءَ طرح نون شعرن جو پڻ جا بجا اضافو ٿيل آهي، مثلاً: ورق 2/53 + 1/54 + 2/54 + 1/78 وغيره. (3) اهو نسخو ٺٽي جي مشهور شاعر محمد محسن سبز پوش (1) جي ملڪيت ۾ رهيو آهي، جنهن جابجا حاشين تي ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ ڪن تلميحن جي تشريح لکي آهي، ڪٿي ڪٿي اعتراض به ڪيا اٿس. ورق (1/32 + 2/61+ 2/111) تي سندس دستخط پڻ آهن. (4) ڏکين لفظن جي معنيٰ زياده تر مير عبدالرشيد ٺٽويءَ جي ”فرهنگ رشيديءَ“ تان ورتل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي عالمن وٽ پنهنجن جي تصنيف ۽ تاليف مقبول ۽ مشهور هئي. (5) بلقيس ۽ سليمان جي قصي جو بنياد، مصنف زياده تر ڪلام مجيد ۾ آيل قصي تي رکيو آهي. شعر ۾ جتي جتي آيتن سڳورين جي تلميح آئي آهي، محسن سبز پوش حاشيي ۾ انهيءَ آيت ڪريمه طرف اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جيئن پڙهندڙن کي قصي جي اصلي ماخذ جو پتو پوندو رهي. مثلاً: ورق (1/99) تي هڪ شعر انهيءَ حالت کي ڏيکاري ٿو جڏهن حضرت سليمان عليه السلام وٽ بيبي بلقيس اچي ٿي، ۽ فرش جي چمڪ کي پاڻي سمجهي پاچا مٿي کڻي هلي ٿي ۽ حضرت سليمان عليه السلام کي معلوم ٿئي ٿو ته برابر بيبي صاحبه جي پـِـنين تي ضرورت کان زياده وار آهن. چو ديد آن فرش را، پنداشت دريا گرفت از ساق، عطفِ جامه، بالا -- -- -- ولي، بر ساق او، موي گران ديد بشاخِ شمعِ، گفتي دود پيچيد پهرئين شعر جي سامهون محسن سبز پوش نوٽ ڪيو آهي: ”اشارتست بڪريمه: فلما راته حسبته لجته و کشفت عن ساقيهاط قال انه صرح ممرد من قوارير(1) ...... آلايـة“ اهڙيءَ طرح جتي ڪٿي قصي جي تلميح ۽ تصديق ۾ ڪلام مجيد جي قول کي ثبت ڪيو ويو آهي. زير نظر نسخو، هٿ جي ٺهيل ميرانجهي خاڪستري پني تي آهي، هنڌان هنڌان جيتن کاڌل ۽ سخت زبون ٿي ويل آهي، نسخي جي ظاهري صورت ۽ حال پڻ ٻڌائي ٿو ته اهو نسخو مصنف جي ئي دور جو ٿي سگهي ٿو. --- (1) لوزه: هر ڪه آن چرب باشد (برهان) لوزه، بادام کي به چئبو آهي. (1) معجر- لٽو- رئو عبدالجليل بلگرامي چوي ٿو: بود بر فرق موئي او معجر بـشبنم خشڪ بو بنفشه ِّ تر ---- معجرش گوهرِ افراوان داشت بود ابر سفيد ، باوان داشت (1) بهين: بهترين. (1) محمد محسن ٺٽي جي سبز پوش خاندان جو مشهور فارسي گو شاعر هو. سندس احوال ”تڪمله مقالات الشعرا“ جي 545 صفحي تي ڏسڻ گهرجي. (1) سيپاره 19 سوره النمل، رڪوع 2، آيت 44. مير رضي الدين “فدائي” مير فدائي جا چند فارسي شعر ڪتاب ۾ (181 - 183) ڏنا ويا آهن، انهن مان هڪ بيت جو پهريون مصرعو نامڪمل رهجي ويو آهي، جنهن کي هيٺينءَ ريت درست ڪري پڙهڻ گهرجي: همان خوني ڪه، بلبل داشت در دل، از بهار او همه از رنگ گل در رشڪ رخسارش، چڪيدا انيجا (1) ابوتراب ڪامل جو ڪلام مير ڪامل جو ريختيءَ ۾ چيل ڪلام ڪتاب ۾ (195 - 210) ڏنو ويو آهي، ليڪن غلطيءَ کان ان کي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪمپوز ڪيو ويو آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو ڪيترا شعر خط بدلجڻ سبب پنهنجو مطلب ۽ مفهوم وڃائي ويٺا آهن. بهرحال هاڻي پڙهندڙن جي پنهنجي وجدان ۽ ذوق تي مدار آهي ته هو شعر کي درست ڪري پڙهن. ان هوندي به چند بيتن جي صحيح پڙهڻي هتي ڏيڻ ضروري آهي. مثلاً: کامل هه غني ٽيکري پر لاکهه لکهاويه کيون ٽوٽا گهڙا بهر تو گهڙاؤ تو گهڙونگا --- درين مون تريه خيال کي پرچائين (2) پڙي هه يا از تپ خورشيد، رخت جائين (3) پڙي هه --- زلف اکهيان په، آن لٽکــــهين دام ............. الخ --- تيريه واصل هين، دو جي تات نهين --- بو جلا کهيل، مين بوجاتا هون ايه شمع رو، پتنگ اڙانا کيا --- پهر سجن ..... الخ. جي مصرع کان وٺي ---- پياريه لڙکه .... الخ. تائين هڪ غزل آهي. --- مير ڪامل جا ڪي نوان فارسي شعر هٿ آيا آهن، جيڪي هيٺ پيش ڪجن ٿا: دا روم، بحيا پوش جامه دلداري ڪه دل گرفت زمن، تکمه گريبان ساخت (1) --- ني و پان، بوسه ميزند بلبش مــن بي برگ و بـينوا چڪنم (2) --- مشفقي چهره آفتابم گشت آسمان نيست، ايـن قــّلاچڪنم (3) --- مفلسي در پيش دارد جاه را ڪم شدن، بيسار سازد ماه را (4) --- صفهء وفا ڪتاب جي (صفحي 227) تي ‘صفهء وفا’ جو اسان ذڪر ڪري چڪا آهيون، انهيءَ کان پوءِ جيڪا معلومات ملي آهي سان هن ريت آهي: سيوهڻ جي اسٽيشن کان لهي ريلوي بند ٽپي بارجارن واري رستي تي هلبو ته، اڌ ميل بعد ’يڪ ٿنبيءَ‘ وارو غار ۽ ان سان گڏ ’صفهء وفا‘ ايندو، جنهن جو نظارو ريلوي اسٽيشن ڇڏڻ سان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ اسان ٻه تصويرون ڏئي رهيا آهيون (1). انهن مان خواه جناب رشدي صاحب جي بيان مان- جنهن پاڻ وڃي اهو مقام ڏٺو آهي- ظاهر ٿئي ٿو ته، يڪ ٿنبيءَ جي بلڪل لڳو لڳ ٽڪريءَ مٿان مذڪوره ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن جي چئني ڪنڊن تي، چار منارا-- ساڳي ’صفه وفا‘ واري نموني تي -- ٺاهيا ويا آهن. اهو ٿلهو ٽڪريءَ جي بلڪل مٿاهين چوٽيءَ تي آهي، ۽ ان جو فرش چوني جي گچ سان لتل ۽ ايڏو ڪشادو آهي جو مٿس تقريباً 3-4 سئو ماڻهو ويهي سگهن ٿا. انهيءَ وسيع ٿلهي جي وچ تي هڪ فوٽ مٿانهون ٻيو نشستگاهه ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ممڪن آهي ته راڳيندڙن جي ٽوليءَ کي اتي ويهاريو ويندو هجي ۽ چوڌاري ٻڌندڙ ويهندا هجن، يا مختصر ۽ مخصوص مجلس وقت خاص احباب انهيءَ نشستگاهه تي ويهي چانڊوڪيءَ جي سهائيءَ رات جا مزا ماڻيندا هجن، يا انهيءَ ٿلهي تي مير ابوالقاسم پنهنجي مخصوص محفلن ۾ شربت پاڻي جو به دور هلائيندو هجي. بهرحال اهي انهيءَ وقت جون ڳالهيون هيون، اڄ ته وڏو ٿلهو خواهه مرڪزي نشستگاهه، ٻيئي ويران پيا آهن، چانڊوڪيون اڄ به اچن ٿيون ليڪن اهي ويران ۽ اداس اداس پيون لڳن، چنڊ اڄ به واجهائيندو هوندو ليڪن ان جون اکيون پڻ انهن صحبتن جي ياد ۾ سڪنديون هونديون. وڏو ٿلهو ٽڪريءَ جي سطح کان 4-5 فوٽ بلند ٿيندو ۽ 6-7 ڏاڪا چڙهڻا پون ٿا. ديوارن کي چوني جو گچ لڳل آهي، انهيءَ ٿلهي سان بلڪل گڏ، يڪ ٿنبيءَ وارو غار آهي، يڪ ٿنبي معنيٰ. هڪ ٿنڀي وارو غار. انهيءَ جو ذڪر مير نمڪين جي فرزند ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ ڪيو آهي، سيوهڻ جي ٽڪر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”چناچه سه ڪروه طول دارد و نيم ڪروه عرض. و در ابتدائي اين ڪوهستان ڪو هيست ڪه بزبان سندهه مشهور به ’يک تنبي‘ شد- و وجهه تسميه اينست ڪه اين ڪه اين ڪوه را تراشيد خانه پريڪ ستون برپا داشته اند، و ميگويند که نظر گاه حضرت امير علي رضي الله تعاليٰ عنه است.“ يعني انهيءَ يڪ ٿنڀيءَ واري غار لاءِ مشهور آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجه جن جو جلوه گاهه آهي، انهيءَ کان پوءِ اڳتي هلي ميرڪ لکي ٿو ته: ”و بر بالائي اين ڪوه نيز صفه پير غلام (يعني سندس والد مير نمڪين) مثل صفه بکهر، صفه ساخته و ‘صفه وفا’ نهاد“. انهيءَ ڪتاب کان (1044 هه) پوءِ انهيءَ مقام جو مذڪور ”تحفـة الڪرام“ (1181 هه) ۾ آيل آهي: ”ديگر جائي يڪ ستون است ڪه صفه بزرگي درڪره بيڪ ستون، با عتقاد مردم قدرتي، متڪون ست. مردم بسر و صفا آنجا روند و بر سقفش نظاره ڪنند. گويند آنجا چار يار اعني: مخدوم جلال جهانيان (1) و شيخ عثمان مروندي (2) ، و شيخ فريد (3) و شيخ بهاوالدين (4)، بمڪاشفات نشسته اند- خطه ِّ نامي و بقهء گرامي است“ (3- 136) انهيءَ ڪتاب کان پوءِ ڪزنس پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو احوال هن ريت ڏنو آهي: "There is a small cave between the town of Sehwen and the bandar، called the "Ek Thamb" or one pillared cave which was visited by Dr. Wilson and is noticed in his “Memoir on the Cave Temples، etc، of Western India" (pp. 45) (5) انهيءَ يڪ ٿنڀيءَ جو موجوده صورت حال هن ريت آهي ته: هڪ گول ٽڪريءَ کي کوٽي ڪمرو ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي وچ ۾ ساڳيءَ ٽڪريءَ مان چوڪور ٿنڀو ڇت جي ٽيڪ لاءِ گهڙيل آهي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ محراب ايترو کوٽي ٺاهيو اٿن، جو منجهس هڪ ماڻهو نماز پڙهي سگهي ٿو، هن وقت هر زيارتي انهيءَ محراب ۾ نماز پڙهڻ ثواب سمجهندو آهي. محراب ۾ گلم جو ٽڪرو مصلي لاءِ وڇايل آهي. ڪمري کي گهرو سائو رنگ ڏنل آهي جنهنڪري اندر انڌيرو پيو لڳي. انهيءَ وچ واري ٿنڀي سبب ئي انهيءَ غار يا غفا جو نالو يڪ ٿنڀي مشهور ٿيو. ليڪن اڄ ڪلهه انهيءَ مجموعي کي، ‘صفه وفا’ جي ڪري ‘يڪ ٿنڀيءَ’ جي بجاءِ ‘چو ٿنڀي’ پيا سڏن. سيوهڻ جي شهر کان ان جو نظارو چٽو ڏسڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ ته بلنديءَ تي آهي ۽ شهر کان جنوب ۾ فقط منو ميل کن پري باجارن ڏانهن ويندڙ رستي جي بنهه پهلوءَ ۾ آهي. متفرق معلومات چمني خانم: مير حبيب الله جو احوال هن ڪتاب جي 215 صفحي تي ڏنو ويو آهي، سندس والده جو نالو، مير علي شير ”مقالات الشعرا“ ۾ چمني خانم لکيو آهي. بيبي پاڻ فارسيءَ جي شاعره هئي، ‘قانع’ لکي ٿو: ”آن معصومه عفت سرشت، بفنون ڪمال دامن حال آراسته داشته“ هي شعر مائيءَ جو چيل آهي: زنيڪان نيڪي و از ظالمان ظلم چو عڪس، از آئينهء هر حال پيداست (1) ميرزا مشرف بيگ: مير ابوالمڪارم ۽ ميرزا مشرف بيگ پاڻ ۾ دوست هئا، هڪ ٻئي ڏانهن منظوم خط و ڪتابت ڪندا هئا، انهيءَ قسم جو منظوم سوال جواب ۽ خط وغيره مير”قانع“ پاڻ ڏٺا هئا، جن جو ذڪر ”مقالات“ ۾ آندو اٿس. ميرزا جي وڌيڪ حال مان کيس واقفيت ڪانه ٿي سگهي، نموني طور فقط چار شعر ”مقالات“ ۾ ڏنا اٿائين.(2) مير غلام نبي امروهي: امروهي حسيني ساداتن مان هو، ڪلهوڙن جي مشهور وزير مير لطف عرف مير متاري جي رفاقت ۾ خدا آباد ۽ سيوهڻ ۾ رهيو،ميان نور محمد ڪلهوڙي طرفان وڪيل ٿي دهليءَ جي مغل دربار ۾ڪجهه وقت رهيو. مير لطف الله جي وفات (1161 هه) بعد جڏهن سنڌ خواهه هند جي دربارن جو رنگ دگرگون ٿي ويو، ان وقت مير غلام نبي نسيم به پنهنجي وطن ڏانهن راهي ٿيو. وري ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي جي دور ۾سنڌ ۾ آيو ۽ اچي ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي ۾ ان وقت مير محمد عطا امير خاني -- جنهن جو ذڪر اسان هن تذڪري (ص 178)۾ ڪري چڪا آهيون-- وڏي اثر رسوخ جو صاحب، ۽ اوطاقي مڙس هو، سندس مهمان خانو آئي وئي سان هر وقت ڀريو رهندو هيو. انهيءَ دور جا چڱا چڱا ۽ ناميارا ماڻهو وٽس اچي رهندا ٽڪندا ۽ مجلسون ڪندا هئا، چنانچه شاهه لطيف به جڏهن ٺٽي ۾ ايندو هو ته وٽس ئي اچي قيام ڪندو هو، مخدوم معين وغيره سڀ هڪ سنگت هئا. مير غلام بني نسيم امروهوي جڏهن ٻيو دفعو ٺٽي آيو، ته مير محمد عطا جي ئي اوطاق ۾ اچي رهيو.انهيءَ سلسلي ۾ ”مقالات“ ڏسڻ گهرجي.(1) مير محمود: تحفـة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته مير محمود بن سيد مير محمد، خبر نه آهي هيو ڪٿان جو، ٺٽي ۾ جڏهن آيو ته قاسم خانين سان مائٽي ڪري، انهن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ يڪجهتيءَ سبب پاڻ به قاسم خاني سڏجڻ لڳو. انهيءَ سيد جو جيڪو اولاد ٿيو تنهن ٺٽي ۾ وڏي عزت حاصل ڪئي. (2) علوي سادات: ٺٽي جي علوي ساداتن جو وڏو خواجه محمد ولد خواجه احمد، شيخ ڄام زندهه پيل جي اولاد سان هو، ۽ پنهنجي وطن (ڄام نينگر) مان لڏي جڏهن جهانگير جي زماني ۾ ٺٽي آيو، ته پهريون قاسم خانين سان مٽي ڪري سندس ئي محلي ۾ ساڻن گڏ اچي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهيءَ محلي مان لڏي، ٻئي محلي ۾ مستقل طرح ٿي ويٺو. پاڻ به تمام وڏو بزرگ ۽ خير و برڪت، عزت ۽ فضيلت جو صاحب هو، کانئس پوءِ، سندس اولاد پڻ مان مرتبي واري ٿي، ٺٽي خواهه ٻاهر جا ڪيترا وڏا ماڻهو خواجه محمد ۽ سندس اولاد جا معتقد هئا.(1) شيخ عبدالعزيز: شيخ محمد اعظم مؤلف ”تذڪره تحفـة طاهرين“ جو پڙڏاڏو شيخ عبدالعزيز، مير ابوالبقا امير خان جو خاص ماڻهو ۽ مقرب هيو. شيخ اصل هالن جو ويٺل هيو، ليڪن انهيءَ تعلق سانگي اتان لڏي اچي ٺٽي رهيو. سندس اولاد پنهنجي پنهنجي دور اندر وڏيءَ عزت ۽ درجي واري ٿي: منجهانئن ڪيترا سرڪاري عهديدار ٿيا ۽ ڪيترن پنهنجو نالو دائمي طرح علمي دنيا ۾ ڇڏيو. منهنجي عزيز شفيق دوست، جناب آغا بدرالدين خان درانيءَ، ”تحفـة الطاهرين“ جي مقدمي ۾ شيخ محمد اعظم جو مفصل احوال ڏنو آهي. ان کان وڌيڪ جيڪا حقيقت مهيا ٿي آهي، سا هن هيٺ ڏني وڃي ٿي. ”تحفـة الڪرام“ جي لکڻيءَ موجب انهيءَ گهراڻي جو شجرو هن ريت ٺهي ٿو: شيخ عبدالعزيز جو احوال ”تحفـة الڪرام“ جي مطبوعه فارسي نسخي جي صفحي 240 تي هجڻ کپندو هو، ليڪن جيئن ته اهو قديم مطبوعه نسخو ناقص ڇپيل آهي، ۽ منجهانئن ڪيتريون عبارتون غائب آهن، تنهنڪري شيخ عبدالعزيز جي گهراڻي جو احوال به حذف ٿي ويو آهي ۽ يقيناً اهوئي سبب آهي جو آغا صاحب موصوف ”تحفـة الڪرام“ مان استفادو ڪري ڪونه سگهيو آهي. ”تحفـة الڪرام“ جي خطي نسخي (1) ۾ انهيءَ گهراڻي جو مذڪور هن ريت آيل آهي: (2) شيخ عبدالسلام: شيخ عبدالعزيز کي ٻه پٽ ٿيا، جن مان هڪ شيخ عبدالسلام وڏي درجي تي پهتو. مغل دربار مان کيس لاهور ۾ شاهي خالصي جي ديوانيءَ جو عهدو مليو. شيخ عبدالرحمان: شيخ عبدالسلام کي پنج پٽ ٿيا، جن مان شيخ عبدالرحمان جامع الڪملات هو، دکن ۾ وڃي نظام الملڪ جو ملازم ٿيو، ۽ انهيءَ ملازمت ۾ پنهنجي عمر ختم ڪيائين. شيخ عبدالعزيز ثاني: شيخ عبدالسلام جو ٻيون پٽ شيخ عبدالعزيز جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو هو، سو پڻ سرڪاري عهديدار بڻيو. عالمگير جي اوائلي زماني ۾ ٺٽي مان هندستان ويو ۽ دو صدي ذات جي منصب تي سرفراز ٿيو، بهادر شاهي دور ۾ (1119هه- 1124 هه) ساڳيو منصب پاڻ کان ڦيرائي پنهنجي هڪ عزيـز شـيـخ مـحمـد حـسـن کـي ڏيـاريـائـيـن. ٻـيـو دفــعــو وري هندستان پهچي پنج صدي منصب حاصل ڪري، سيوستان جو بخشي ٿي آيو. (1) ”بياض رجا“ 1/41. (2) پرچهائين. (3) جهائين. (1) بياض قانع، ص. 117. (2) بياض قانع، ص. 62. (3) بياض قانع، ص. 62. (4) بياض، رجا ص. 1/27. (1) اهي تصويرون حبيب الله صاحب رشدي پاڻ وڃي اتان ڪڍي آيو آهي جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪر گذار آهيان. (1) ولادت سن 707 هه، وفات 785 هه. هيءُ بزرگ پوين ٽن بزرگن جو معاصر ڪونه هو. (2) وفات 673هه. (3) ولادت 584 هه، وفات ۾ اختلاف آهي ميرالاوليا، اخبار الاخبار ۽ سفينـة الاوليا ۾ 664 هه فرشته 660 هه، سيرالاقطاب 690 هه. خزينـة الاصفيا بحواله مخبرالواصلين و تذڪرة العاشقين 670. راحت القلوب جي نوشتي موجب شيخ سيوهڻ ۾ سير و سياحت گهڻي ڪئي آهي. شيخ اوحدالدين ڪرمانيءَ ۽ ٻين بزرگن سان سندس ملاقات اتي سيوهڻ ۾ ٿي. (ڏسو بزم صوفيه). (4) راحت القلوب (وفات 656 هه)، اخبار الاخبار (وفات 661 هه)، سفينـة الاوليا (وفات 666 هه)، مراة الاسرار (وفات 665 هه)، سفينـة الاوليا ۾ پيدائش جو سال 565 هه آهي. (5) The Antiqueties of Sind, 1929. (1) ”مقالات“ ص. 165 مطبوعه. (2) ”مقالات“ مطبوع ص. 762. (1) ”مقالات“ ص. 813 مطبوع. (2) ”تحفـتهِ الڪرام“، 3/310. (1) انهيءَ گهراڻي جو وڌيڪ احوال ”تحفـةِ الڪرام“ (فارسي، ص. 1/321) (سنڌي ص. 520) ۾ پڙهڻ گهرجي. (1) سنڌي ادبي بورڊ ”تحفـتهِ الڪرام“ جوسنڌي ترجمو ڇاپيو آهي، ان جي مترجم جناب مخدوم امير احمد صاحب، پروفيسر مولوي محمد شفيع صاحب جي نسخي تان اها عبارت نقل ڪري داخل ڪئي آهي. (2) خطي نسخي جي آخري صفحن ۾ عنوان ”برخي و جوه از معارف“ هيٺ شيخ محمد زمان ۽ مرزا شاد ڪام جي وچ ۾ شيخ عبدالعزيز جو احوال آيل آهي. (نسخو خطي حسام الدين) شيخ محمد شفيع: فرخ مير جي دور ۾ (24- 1131هه) چهار صدي منصب تي پهتو. شيخ محمد اعظم: ”تحفـة الطاهرين“ جو مؤلف هيو. پنهنجي والد جي وفات بعد نادر شاهي دور ۾ (نادرشاهه 1152 هه جي آخر ۾ سنڌ تي تسلط ڪيو) پيءُ واري منصب تي پهتو. محمد شفيع جا اهي ٻئي پٽ ٺٽي جي ٻئي هڪ سرڪاري منصبدار شيخ ڪاظم خان (1) بن شيخ محمد زمان جا ڏوهٽا هئا. شيخ محمد ڪاظم خان شاهي ديوانيءَ جي عهدي تي سرفراز هيو، ۽ سندس سمورو خاندان پڻ سرڪاري ملازمت ۽ دنيوي عزت آبروءَ سبب ٺٽي جي برک گهراڻن مان هڪ هو. شيخ محمد اعظم (2) کان ٿورو اڳ يا ٿورو پوءِ انتقال ڪري چڪو هو، جنهنڪري ان جو منصب شيخ محمد اعظم کي مليو. مير امين الدين خان ۽ خانپور: ڪتاب جي صفحي 160 تي ڏيکاريو ويو آهي ته مير امين الدين خان، سعيد خان کان پوءِ (1114 هه) ٺٽي جي ايالت تي مقرر ٿيو ۽ سال کان پوءِ يوسف خان ترين جي اچڻ سبب اتان تبديل ٿيو. اهو عالمگير جي حڪومت جو آخري زمانو ۽ ساڳي وقت مغل سلطنت جي پوين پساهن جو دور هو. (3) جيئن هندستان اندر مختلف قوتون اڀري مغلن منجهان جند ڇڏائڻ لاءِ سوچي رهيون هيون، تيئن سنڌ اندر به ڏيڍ سئو ورهين جي تسلط بعد آزاد ٿيڻ جي تحريڪ پيدا ٿي چڪي هئي. هتي انهيءَ جدوجهد جا علمبردار سنڌ جا ڪلهوڙا هئا. عالمگير انهيءَ تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي پوٽي معزالدين بن شاهه عالم کي ملتان جو حاڪم ڪري موڪليو. انهيءَ آزاديءَ واريءَ تحريڪ جو پهريون شهيد ميان آدم شاهه ڪلهوڙو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيو شهيد ميان دين محمد بن ميان نصير محمد ڪلهوڙو هو، جنهن کي معزالدين دوکي سان ملتان وٺي وڃي قتل ڪيو. سندس ڀاءُ ميان يار محمد کانئس پوءِ تحريڪ جو مهندار ٿيو، ڪجهه وقت سنڌ مان نڪري بلوچستان ۽ قلات ۾وڃي رهيو ۽ آخرڪار وري موٽي اچي سنڌ ۾ پهتو. اهو زمانو هو 1113هه ۽ 1114 هه، جو جنهن وقت مير امين الدين خان ٺٽي جي ايالت تي مقرر هيو. معزالدين انهيءَ زماني ۾ پاڻ دوباره ملتان کان ڪهي سنڌ ۾ آيو، ليڪن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي مجبوراً ميان يار محمد سان صلح ڪيائين، ۽ کيس ”خدايار خان“ جو خطاب ڏئي، سندس هڪ حصي جي حڪومت ۽ سيويءَ جي سربراهي سندس سپرد ڪري پاڻ ملتان روانو ٿي ويو. انهيءَ ئي موقعي تي معزالدين سنڌ جي مختلف علائقن تي مختلف نائب مقرر ڪيا، جهڙوڪ: شڪارپور سنجر خان دائود پوٽي جي حوالي ڪئي وئي: سيوهڻ غلام محمد سکاڻيءَ جي سپرد ٿيو: ۽ خانپور جي علائقي جي نيابت مير امين الدين خان کي ملي. اسان جو خيال آهي، ته مير امين الدين خان انهيءَ موقعي تي ٺٽي مان بدلي ڪري خانپور رکيو ويو ۽ اهو سال قريني ۽ قياس مطابق 1114 هه - 1115 هه هجڻ گهرجي.(1) عقائد هن خاندان جي عقيدن ۾ اسان کي هڪٻئي جي ابتڙ روايتون ملن ٿيون، جنهن مان ائين پيو سمجهڻ اچي ته گهراڻي جا ڪي فرد سني هئا ۽ ڪي شيعا. مثلاً: (1) ابوالقاسم نمڪين جو والد پاڻ يا سندس گهراڻو امام موسيٰ رضا روضي جو متولي هو. ظاهر آهي ته انهيءَ درگاهه جو متولي سني ڪونه ٿو ٿي سگهي.(1) (2) مير عبدالرزاق ولد ابوالبقا امير خان ڪنهن سني شيعي جهڳڙي ۽ دنگي فساد ۾ ‘تيغ شجاعت’ هلائيندي موت سان همڪنار ٿيو، (2) جنهن جي تصديق سندس قبر واري ڪتبي مان ٿئي ٿي ۽ ڪتبي ۾ ”آل حسيني“ جي جيڪا نسبت يا اشارو ڪتب آندو ويو آهي، سو پڻ انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي. (3) مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ جي ڪلام مان صاف تشيع جو اظهار ٿي رهيو آهي، منقبت جو انداز هي آهي: مين نصيري صفت هون شيعه پاڪ سيس کڻنئي ڪا نائي رکهتا باڪ (3) (4) خاندان جي قبرن مان ڪيترن تي اهڙا ڪتبا لڳل آهن، جن جي عبارت سندن شيعي هجڻ جي تصديق ڪري ٿي، پڙهندڙن کي انهيءَ قسم جا ڪيترا ڪتبا هن ڪتاب اندر ڏسڻ ۾ ايندا. ليڪن جيڪڏهن هڪ طرف انهيءَ گهراڻي جا ڪي فرد شيعا هوا ته ڪي سني پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مثلاً ميرڪ يوسف جو هڪ قول ملي ٿو جنهن مان ظاهر آهي ته هو ڪٽر سني هيو. (4) اهڙيءَ ابوالمڪارم، ‘شهود’ جي مثنوي ‘پري خانه سليمان’ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير شهود سني هيو. مثلاً: ز عشق ِ اهل بـيتِ پاڪ جـوهــر بخوان خارجي، دامان تن، تر چوياران گزين را، ميڪنم يـــاد زبانِ رافضي، از من، بفرياد ازيـن بـيگانـگــم نيست بـيـمـي ڪه دارم آشنائي مستقيمي نمي گويم علي به، ياڪ صديق ڪه هريڪ هست امامِ اهل تحقيق بود صـديـق ز اصحابِ پـيـمبر علي از خاندانِ پاڪ گوهر ابوبڪر از عـمـر بهتر بــهـرتـاب ز عثمان به عمر، عثمان ز اصحاب همه حق جو بهرڪاري ڪـه بوند همه دين پو، بهنجاري ڪه بودند انهيءَ بعد حضرت امامين زماني جي تعريف ٿيل آهي، جنهن کان پوءِ خاص عنوان حضرت پيران پير دستگير جي تعريف لاءِ قائم ڪري، هن قسم جا شعر چيا ويا آهن: رســولِ حــق ...... آخـــر زمـــــانــــي چو شد در مغرب وحدت نهاني شدي يڪ ڪوڪبِ او را خــليـفه ڪزو مي تافت انوارِ لطيفه از ايـشـان اخـتـري ســـــرمـــايــه نـــور ڪزو شد چارسوئي عشق معمور ادب آمــــوزگــــــارِ مــحـــفـــل قـــدس يگانه محرم خلوت گه انس افسوس آهي جو هن گهراڻي جو پيدا ڪيل علمي ۽ ادبي سرمايو محفوظ نه رهي سگهيو ۽ جيڪي ڪجهه موجود آهي اهو پڻ سامهون ڪونه آهي. تنهنڪري مذهبي اعتقادات جو پورو جائزو وٺڻ محال آهي. فراهم ٿيل مختصر معلومات جي بناء تي في الحال اهوئي قياس آهي ته شخصي طرح هر هڪ جا اعتقاد جدا جدا هئا، خاندان جو خاندان هڪ اعتقاد جو پابند ڪونه هو. ٺٽي جي موجوده امير خاني سادات ڀانئجي ٿو ته سڀئي شيعي عقيدي تي ڪاربند آهن. رقائم ڪرائم ڪتاب جي صفحي 152 تي اسان مٿئين ڪتاب جو جيڪو مذڪور ڪري آيا آهيون، ان جو بنياد برٽش ميوزم جي ٻن نسخن (1) تي هو. تازو پاڪستان جي قومي عجائب گهر ۾ به انهيءَ ڪتاب جا ٻه نسخا خريد ڪيا ويا آهن. هيٺيون تفصيل انهن تي مدار رکي ٿو. نسخو ”الف“: 15 ورق - 6.8 x 9.8 سائيز - سٽون في صفحو. هر سٽ ”4.1 ڊگهي - صاف نستعليق خط- عبارت جي چوڌاري ڪاريءَ مس ۽ سونهري رنگ سان جدول- ڪاتب نظام الدين- ڪتاب ’بروز سه شنبه يازدهم ماه پهاگن سنبت 1917‘. نسخو ”ب“: ورق 61، سائيز 7.7 x 2.5 - سٽون 15 - فقط صفحي A/61 تي 8 سٽون ۽ صفحي B/61 تي 12 سٽون - سٽ جي ڊيگهه = 7.2. خط شڪستو ۽ روان بلڪ بدخط. سمورو ڪتاب زبون ۽ جيتن ٽـُـڪيل. نسخي (الف) ۾ سڀيئي خط ’رقيمه‘ جي سرخ عنوان تحت هلندا رهن ٿا. ۽ نسخي (ب) ۾ هر خط جو عنوان ’مشقه‘ (2) آهي. ڪن ڪن جاين تي ٻه ’مشقه‘ گڏجي هڪ ۾ خلط ملط ٿي ويا آهن. برٽش ميوزم جي ٻنهي نسخن وانگر هنن نسخن ۾ رقعي يا فرمان جو ڪوبه عنوان ڪونه آهي. ازان سواءِ، برٽش ميوزم ۽ هنن نسخن جي عبارتن ۾ پڻ ڪن ڪن جاين تي مطابقت نه آهي. اِهي رقيمه يا مشقه اُهي آهن، جن لاءِ مؤلف جو قول آهي ته: عالمگير بادشاهه مير عبدالڪريم امير خان ڏانهن لکيا آهن. نسخي الف مان چند ضروري ۽ دلچسپ حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون، جن جي ذريعي خود ”رقائم ڪرائم“ جي نوعيت تي به هڪ حد تائين روشني پوندي. ابوالوفا: مير ابوالوفا جو ذڪر - جنهن مذڪور، ڪتاب جي متن خواه هن کان پهرين تعليقات م به اچي چڪو آهي -- ٻن رقيمن ۾ ڪيو ويو آهي. هڪ رقيمه ۾ عالمگير لکي ٿو: ”ابوالوفا پريروز حاضر بود ڪه: درويش ساده دل آمد، و چيزي برايء عيال خواست. فقير را، بمدعا چه ڪار؟ فقير دل بريده و گريبان دريده مي بايد، مردم بايد، مردم فقير! فقير!! مگويند و نميدانند فقير چيست و چه معني دارد؟ بيت: جهان آئينهء وهم است اين طوطي سرشتانش اللهم نبناعن نومه الغافلين، آمين آمين“. ٻئي خط ۾ ابوالوفا جي لاءِ لکي ٿو: ”شب ابوالوفا عرض ڪرد ڪه: اسباب جانماز خانه مستعمل و فرسوده شده، ديگر ڪار خانجات تيار شده باشد، و همين ڪارخانه تيار داشتني مندرس شود از مسلماني بعيد است. بخانِ سامان حڪم رساند ڪه هرچه درڪار باشد باظهار داروغه نيز انجام نمايد. حيف ‍‍‍! حيف! ڪه ما، مير خبردار شديم“ مٿين خطن مان ظهار آهي ته: (الف) مير ابوالوفا کي عالمگير جو ڪافي قرب حاصل هو. بادشاهه جي پوئين زماني ۾ هو مير عبدالڪريم امير خان وانگر شاهي ”جانماز خانه“ (1) سال به متعلق هو (ب). جانماز جو مصلو يا ٻيو سامان پراڻو ۽ ازڪار رفته ٿي ويندو هو، تڏهن به عالمگير جي ذوق کي ضرب ڪانه لڳندي هئي. ايران لاءِ جذبات: مغل دور ۾ غير ملڪي اميرن مان ٻه ڌريون هميشـه برسر اقتدار رهيون- هڪ ايراني جيڪي شيعا هئا ۽ ٻيو توراني ۽ ماوراء النهري، جيڪي ٺيٺ سني هئا. وڏن مغلن جي زماني ۾ ته مذهبي اعتدال قائم رهندو ٿي آيو، ليڪن بعد ۾ جڏهن حڪومت جي استحڪام ۾ ڪمزوري آئي ان وقت ايرانين ۽ تورانين جي مابين زبردست مذهبي ڪشمڪش هلي جنهن خود سلطنت کي به نهوڙي ناس ڪيو. بهرحال، عالمگير پاڻ جنهن صورت ۾ٺيٺ سني هو، تنهنڪري ايرانين لاءِ عقيدن جي فرق سبب کيس ڪوبه قرب ڪونه هو- جنهن جو اظهار هن ’رقائم ڪرائم‘ جي چند خطن ۾، کين ’ايراني غول بياني‘ لکي ڪيو آهي. هڪ خط ۾ لکي ٿو: ”بشاه عالم عريضه ڪند ڪه: از نوشته بي غرض بي مرض معلوم شد ڪه: جشن نوروزيء امسال - ڪه مردم ايراني غول بياباني ميڪنند - بتڪليف ڪرده بودند. عقايد خود بفضل الاهي درست دراند، اين بدعت بتازگي از ڪه آموخته ايد؟ ظاهرا آن عرب ڪه خود سيد ميگويند، مصرعه: بدنام ڪننده نڪو نامي چند تعليم ڪرده باشد. بهرحال چون اين روز از عياد مجوس است و نزد ڪفار هند روز جلوس بڪرما جيت لعين (1) و مبدا تاريخ هندي. بايد ڪه! بعد ازين هر گز اين بدعت بفعل درنيايد، و بر اين طور جهالت اصلا عمل ڪرده نشود. بيت: گفته گفته، من شدم، بسيار گو از شما، يڪ تن نشد، اسرار جو استغفرالله رب من ڪل ذنب واتوب اليه. ٻئي هڪ خط ۾ به اهڙيءَ ريت ايرانين کي ”غول بياباني“ لکي ٿو: ”منعم خان وڪيل شاه عالم بهادر خان را - ڪه ديواني سرڪار هم يافته - امروز برائي رخصت بيارد تا از داعيه نا صواب اڪبر ابتر باميد امداد ايراني غول بياباني، درفراه - قريب قندهار - مستقيم شده باشاره والئي آنجا طرفي نيمرود، و انتظار قضيه مرضيه ما ميڪشد، فرموده آيد. قطعه: نرفت از دلم قول آن ڪاسه گر ڪه ميگفت با ڪاسه پر خطر نـدانم ڪه سنـگ سـپهر جـــفـا مرا پيشتر بشڪند، يا ترا و تدبيرش غير از پسر خود گذاشتن در ڪابل با فواج بزرگ و فرزند زاده محمد معزالدين بهادر را در ملتان باسامان سترگ تا انفصال مقدمه، يعني بعد رفتن اين فاني و صلح نمودن و راضي بودن بر تقيسم ملڪ نيست“. اهي ٻيئي خط - علاوه هن جي ته ايرانين کي منجهن غول بياباني (1) چيو ويو آهي - ڪيتريون سياسي اشاري بازيون پڻ ڪن ٿا، مثلاً: عالمگير جي ٻڍاپڻ، شهزادن جي ڪيفيت، هندن لاءِ سندس جذبات، ملڪ جي تقسيم، حڪومت جي معاملن ۾ ڏڦير ۽ انتشار جا آثار وغيره وغيره. هڪ خط ۾ بدخشان، بلخ، بخارا، خراسان، ۽ هرات جي هٿان نڪري وڃڻ جو مثال ڏيندي، پنهنجي هڪ پٽ کي، شهزادي مراد بخش لاءِ لکي ٿو: ”ليڪن بسبب مراد بخش ..... از دست رفت و محنت و زر ضايع گشت، ازينجاست ڪه گفته اند: از پسر نا خلف دختر بهتر ..... الخ“. داراشڪوه: ٻن خطن ۾ شهزادي داراشڪوه جو ذڪر ملي ٿو. هڪ خط ۾ آهي ته: ”بطريق و صايا گفته شود ڪه بسا نامداران صاحب داعيه با فروختن نيران قتال دولت بحسرت گذاشته و عمر بتلخي داده اند. يڪي ازان جمله داراشڪوه بود، اگر نصايح اعليٰ حضرت ميشنيد چرا روز بد مي ديد؟ حق بطرف او هم بود. حرص آدمي را نمي گذارد ڪه دمي چند بآسايش برآرد“. ٻئي خط ۾ هڪ شهزادي (1) ڏانهن - جنهن هڪ امير فتح الله خان سان بدسلوڪي ڪئي هئي -- عالمگير پنهنجو مثال ڏيندي لکي ٿو: ”بباد شاهزاده عرضداشت ڪند ڪه: بر زبان اقدس رفت ڪه: باوجود سلامت نفس، خان مذڪور را چرا ناخوش کرديد، ما در ايام بادشاهزادگي بامرا همچو سلوڪ ميڪردم ڪه همه راضي بودند. در حضور و غيبت بخوشدلي تعريف و توصيف ميڪردند. بعضي با وصف اقتدار دارا شڪوه، ترڪ رفاقت او ڪرده، ملازمت ما اختيار ڪرده بودند. و جمعي باشاره برادر نا مهربان، حرڪات نا ملايم و حرفهاء بي ادبانه نموده و گفته بتازيانه تحمل و اغماض متنبه شده، از سرِ انصاف اقرار، بصاحب حوصلگي ما ڪردند. و نقش سرداري و بهادريء ما، بر لوح خاطر اشرف اعليٰ حضرت، مرتسم گشته بود. و ڪارهائي دست بسته بزور اين نحيف صورت بسته ......“ (1) ڪاظم الدين خان جو ٻيو ڀاءُ قاسم حسن خان هو، جيڪو ابتدا ۾ روزگار جي سبب سخت تنگدست هو، شيخ محمد اعظم ”تحفـته الطاهرين“ ۾ کانئس روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته ٺٽي جي مشهور بزرگ پير ڇتي جي برڪت سبب هو نه فقط هڪ مهلڪ حادثي کان بچي ويو. بلڪ هندستان پهچي سرڪاري منصب حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيو. (ڏسو ”تحفـتهِ الطاهرين“، 16) (2) شيخ محمد اعظم جو باقي احوال ”تحفـته ِ الطاهرين“ جي مقدمي ۾ پڙهڻ گهرجي. (3) عالمگير جي مرڻ بعد سندس پٽن ۾ تخت لاءِ خونريزي شروع ٿي ۽ مختلف شهزادا تخت ويهندا ۽ قتل ٿيندا ويا. معزالدين پڻ جهاندار جي لقب سان چند ڏينهن لاءِ (1124هه) تخت تي ويهي قتل ٿيو. (1) اهي بيان ”تحفـتهِ الڪرام“ ۾ ڪلهوڙن جي سلسلي ۾ ڏسڻ گهرجن. (1) ”بياض قانع“، 3/43. (2) ڏسو ڪتاب جو صفحو 17. (3) ڏسو منقبت صفحو 238. (4) ڏسو ڪتاب جو صفحو 170 (1) نمبر ADD / 8912 - ADD / 6430. انهن ٻنهي نسخن جا ميڪرو فلم راقم الحروف جي ذخيري ۾ موجود آهن. (2) مغل بادشاهن جي مڪتوب نويسيءَ جا جدا جدا عنوان هئا، مثلاً: (1) فرمان - مشقه يا احڪام - بادشاهه، شهزادي، افسر يا ڪنهن ٻاهرئين حڪمران ڏانهن لکيا ويندا هئا. (2) نشان - اهو خط جيڪو شاهي خاندان جو ڪو رڪن بادشاهه يا پنهنجي خانداني بزرگن کان علاوه ڪنهن ٻئي ڏانهن لکندو هو. (3) عرضداشت - اهو خط جيڪو شهزادو بادشاهه ڏانهن يا ٻيو شخص بادشاهه يا شهزادن ڏانهن لکي. (4) فتحنامه - اهو خط جيڪو صوبيدارن طرفان بادشاهه ڏي ايندو هو. (5) حسب الحڪم - اهو خط جيڪو بادشاهه جي هدايت تي وزير پنهنجي طرفان لکي. (6) احڪام - رمز - اشاره - آهي جملا ۽ عبارتون جيڪي بادشاهه ڪنهن متعلق منشين ڏانهن لکندو هو، ۽ منشي انهن مطابق پورو فرمان تيار ڪندا هئا. (هلندڙ) (7) سند- ڪنهن جي تقرر جو خط - صوبيدارن جي تقرر واري خط کي فرمان چيو ويندو هو. (8) پروانو - ڪنهن محڪمه جو حڪم، جيڪو ماتحت افسر ڏانهن موڪليو ويندو هو. اهو عام طرح ڪنهن مقدمي جي فيصلي يا ڪنهن خاص قانون لاءِ لکيو ويندو هو. (9) دستڪ - هڪ قسم جو پروانو يا راهداري هوندو هو، جيڪو عام طرح تجارتي شين جي کڻي وڃڻ لاءِ جاري ٿيندو هو، يا دربار يا ڇانوڻيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو هو. (10) رقع - عام خط کي چئبو هو. (11) محضر - ڪنهن مقدمي يا واقعي جي تحقيقاتي رپورٽ کي چئبو هو. (1) ڏسو ”ماثر الامرا“ 17311ع. (1) ”رقائم ڪرائم“ جي هڪ ٻي خط ۾ لکيل آهي.... آن هندوئي نجس را هم چشم نمائي نمود .... ورق 104/B. (1) اڪبر خواهه جهانگير جي دور ۾ ايرانين لاءِ اهو جذبو ڪونه هو، جهانگير جي امير ۽ سپـه سالار مهابت خان، خان خانان، لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ايرانين جي صحبت جو ڏاڍو دلدادو هو سندس چوڻ هو ته: ايراني ”خلاصه آفرينش“ آهن. (ماثر الامرا ص. 3/408). (1) خط ۾ ”مهين پور خلافت“ لکيل آهي، خطن ۾ اُهو خطاب شاه عالم لاءِ ڪتب ايندو هو. (مقدمه رقعات عالمگير ص. 20) مثالي شعر: خطن ۾ عالمگير جيڪي مثالي شعر آندا آهن، سي پنهنجي جاءِ تي ته دلچسپ آهن، ليڪن دراصل انهن مان عالمگير جي ذهني عالم ۽ سندس طبعيت جي تيورن جو به پتو لڳي ٿو. لطف آميز نصيحت کان زيادهه، تنبيهه آميز اشعار آهن، ۽ منجهان هڪ قسم جي بيزاري تـُـندي ۽ تلخي پئي ظاهر ٿئي. مثلاً: گفته گفته، شدم، بيسار گو از شما، يڪ تن نشد، اسرار جو. --- داني! ڪه برنگينِ سليمان، چه نقش بود؟ خطي، بزر توشته ڪه: اين نيز بگذرد. --- چون غرض آمد، هنر پوشيده شد، صد حجاب، از دل بسويء ديده شد. --- ديگر چه معلم و ڪـتـــابت بايد چشمي داري و عالمي در نظر است --- گـفـقـِگــو قـّـسـيــار، حـَّامـش شـدم مـسـلــه قـِـسليم ڪردم دم زدم --- هرچه دلرا، فڪر آن ميسوخت، هم هجرِ بود، آخر از بيمهريء گردون، بان، هم ساختيم --- نـخشـبي خـيز با زمانه بساز ورنه خود رانشانه ساختن است --- عــاقــلانِ زمـانـه، مـــيــگويـنــد: عاقلي، با زمانه ساختن است --- بايد نواخت فرق خران را بچوب دست بيرون نهند چون قدمِ پيروي، ز راه --- نصيحتي ڪنمت، بشنوؤ بهانه مگير هر آنچه ناصحِ مشفق بگويدت پندي --- حقوقِ خدمت صد ساله، لعب طفلان است بڪشور يڪ، درو کودکان خداوند ند --- ز دريا ميڪشد، صياد دام، آهسته آهسته --- ڪلوخ انداز را پادش، سنگ است ---- افسوس ڪه عمر رفت و هوشياري نيست دردا ڪه اميدِ خويشتن داري نيست گفتم ڪه: چو بيدار شوم، روز بود هيهات ڪه روز رفت و بيداري نيست --- حـيـف بـر ايــن دانـش و آئــيـن او ڪور شده، ديدهه خردبين او --- راست نايد خواجگي، با بندگي! --- از اختلاط چسپان، بيگانه ڪيء شود خويش هر چند جامه تنگ است، جزو بدن نگردد --- چنار، تا بڪجا! عيب مفلسي پوشد --- عالمگير جي خطن جا مجموعا: عالمگير جي خطن جا ڪيترا مجموعا آهن. جن جو تفصيل ڪتاب ۾ موجود (1) آهي. انهن مان جن مجموعن کي سندس منشين يا ڪن ٻين ماڻهن مرتب ڪيو آهي، اهي هي آهن: (1) آداب عالمگيري - از صادق خان انبالوي (2) احڪام عالمگيري - از عنايت خان (3) ڪلمات طيبات - از عنايت خان انهيءَ قسم جي مجموعن مان مختلف خط چونڊي جيڪي ڪتاب مرتب ڪيا ويا آهن، انهن مان: (1) دستور العمل آگهي، ۽ (2) رمزون اشارات عالمگيري مشهور آهن. سيد نجيب اشرف جو خيال آهي ته ”رقائم ڪرائم“ پڻ انهن پوين ڪتابن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. يعني انهيءَ ۾ جيڪي مڪتوب آهن سي پهرين ٽن مجموعن ۾ پڻ اچي ويا آهن، ۽ انهن مان ئي مرتب ڪيا ويا آهن. ليڪن ”قائم ڪرائم“ جي ديباچي مان انهيءَ قول جي تصديق ڪانه ٿي ٿئي. سيد نجيب اشرف ”رقائم ڪرائم“ جا متعدد نسخا ڏٺا آهن، ۽ سندس قول آهي ته سڀني نسخن ۾ خطن جو برابر اختلاف آهي (1). سندس اشارو غالباً انهيءَ اختلاف ڏانهن آهي، جنهن جو ذڪر اسان شروع ۾ ڪري آيا آهيون. ضياءُ الدين يوسف ۽ مير ابوالمڪارم شهود عالمگير جي نظامت هيٺ ڪتاب جي صفحي 97 تي، عالمگير جي هڪ خط جو اقتباس ڏئي آيا آهيون، جنهن ۾ ٺٽي جو بيان ڪندي، هن مير ابوالبقا امير خان جي مٿين ٻن فرزندن جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ خط جي سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل جي ضرورت محسوس ڪندي، هتي ڪجهه زياده حقيقتون پيش ڪريون ٿا، جيئن اهو عنوان اڌورو رهجي نه وڃي. سنڌ ۽ عالمگير: اورنگزيب عالمگير جڏهن بلخ ۽ بدخشان جي مهم تان موٽي اچي اٽڪ تي لٿو، ان وقت شاهه جهان طرفان کيس 29- صفر 1058 هه (15- مارچ 1648ع) جو، ملتان جي نظامت لاءِ پروانو پهتو ۽ وري ايندڙ سال جي پهرين تاريخ ذوالحج 1059 هه (26 - نومبر 1649ع) جو جڏهن قنڌار جي پهرين مهم کان واپس ٿي لاهور ۾ اچي پهتو، تڏهن سنڌ جو صوبو به سندس اختيار ۽ اقتدار ۾ ڏنو ويو ۽ ساڳي وقت بکر ۽ سيوهڻ جو علائقو پڻ – ’در تيول اَن ڪامگار مرحمت گرديد‘. (2) اورنگزيب انهيءَ وقت کان وٺي قنڌار جي ٻيءَ مهم تان موٽي اچڻ 12 رمضان 1066 هه - 7 آگسٽ 1652ع) تائين انهن ٻنهي صوبن جو صاحب ٿي رهيو. اڳتي هلڻ ۽ عالمگير جي خطن کي پيش ڪرڻ کان پهريون ضروري آهي ته عالمگير جي نظامت واري زماني جو تاريخي جائزو ڏنو وڃي، جو هن طرح آهي: 29 صفر 1058 هه بلخ کان موٽي اچي اٽڪ تي منزل انداز ٿيو 15 مارچ 1648ع ۽ ملتان جي صوبيداريءَ جو پروانو کيس انهيءَ تاريخ تي مليو. 10- ذوالحج 1058 هه شاهه عباس ثانيءَ قنڌار تي حملو ڪيو. 26- ڊسمبر 1648ع 18- محرم 1059 هه قنڌار جي پهرئين مهم لاءِ ملتان کان روانو ٿيو. 22- جنوري 1649ع 12- صفر 1059 هه مغل صوبيدار دولت خان کان ايرانين قنڌار جو 25- فيبروري 1649ع شهر فتح ڪيو. 12 جمادي الاول 1059 هه عالمگير قنڌار پهتو. 25 مئي 1649ع 8- رمضان 1059 هه سامان جي پورت نه هئڻ سبب عالمگير کي قنڌار 26- اڪٽوبر 1649ع کان موٽي اچڻو پيو. 15- ذيقعده 1059 هه قنڌار کان موٽي لاهور پهتو. 10- نومبر 1649ع 1- ذي الحج 1059 هه لاهور ۾ شاهه جهان کيس سنڌ جي صوبيداريءَ جو 26- نومبر 1659ع پروانو ڏنو. عالمگير ساڳئي ڏينهن لاهور کان ملتان روانو ٿيو. 14- ذي الحج 1060 هه قنڌار جي سلسلي ۾ شاهه جهان سان مشورو ڪرڻ 27- نومبر 1650ع ملتان کان دهليءَ هليو. 19- محرم 1061 هه دهليءَ پهتو. 2- جنوري 1651ع 1- ربيع الاول 1061 هه دهليءَ کان ملتان طرف روانو ٿيو. 12- فيبروري 1651ع 12- ربيع الثاني 1061 هه موٽي اچي ملتان پهتو. 24- مارچ 1651ع 16- ربيع الاول 1062 هه قنڌار جي ٻيءَ مهم لاءِ ملتان کان روانو ٿيو. 16- فيبروري 1652ع 3- جمادي الثاني 1062 هه قنڌار پهتو ۽ ٻن مهينن اٺن ڏينهن جي جدوجهد 16- مئي 1652ع بعد، داراشڪوه جي اختلاف سبب، شاهه جهان جي حڪم تي ناڪاميءَ جي حالت ۾ قنڌار کان واپس روانو ٿيو، ۽ کيس حڪم ڏنو ويو ته هو ملتان نه وڃي، بلڪ لاهور رهي، ملتان مان پنهنجا ٻار گهرائي وٺي. 12- رمضان 1062 هه شاهه جهان لاهور ۾ کيس دکن جي صوبيداريءَ جو 7- آگسٽ 1652ع پروانو ڏئي، حڪم ڪيو هو، ته فوراً اوڏاهـين روانو ٿي وڃي. 15- ربيع الاول 1063 هه عالمگير برهانپور پهتو. 3- فيبروري 1653ع مٿئين جائزي مان ظاهر آهي ته (1- ذي الحج 1059 هه کان 12- رمضان 1062 هه تائين) ٻه سال اٺ مهينا ۽ ٻارنهن ڏينهن عالمگير ٺٽي جي صوبيداري ۽ بکر ۽ سيوهڻ جو تيولدار ٿي رهيو. سيوهڻ جي نائب متعلق معلوم ٿي نه سگهيو، ليڪن ٺٽي ّ۾ اهو سمورو عرصو مغل خان بن زين خان ڪوڪو- جيڪو مير ابوالبقا امير خان جي انتقال (ربيع الاول 1057 هه) کان پوءِ ٺٽي تي مقرر ٿي آيو هو - عالمگير جي نيابت ڪندو رهيو. بکر ۾ سندس طرفان خواجه عبداللطيف فوجدار ۽ مير باقر ديوان مقرر هو. انهن ئي ڪارندان ۽ ڪارپردازن جي حوالي، عالمگير سنڌ جا ٽي حصا ڪري، پاڻ ملتان ۾ ويٺو رهيو، ڪجهه عرصي لاءِ دهلي ويو ۽ قنڌار جي مهمن کي به منهن ڏنائين. علاوه ازين، درباري سازشن ۽ برادراڻي ڪشمڪش کي پڻ پنهنجو وقت ڏيندو رهيو. سنڌ اندر انتشار: شاهه جهان جي اولاد ۾ تخت نشينيءَ لاءِ جيڪا ڪشمڪش ۽ عداوت هلندي ٿي آئي، تنهن سندس عمر جي آخري حصي ۾ جيڪا صورتحال اختيار ڪئي، تنهن نه رڳو کيس نهوڙي ناس ڪيو، بلڪ ساڳي وقت مغل سلطنت جي سمورن ڪل پرزن کي به هڪٻئي کان جدا ڪري، سڄيءَ تشڪيل ۽ استحڪام کي تتر بتر ڪري ڇڏيو. جيڪي صوبا محض قوت جي دٻاوَ تي سلطنت اندر شامل ڪيا ويا هئا، انهن ۾ رهائيءَ ۽ آزاديءَ لاءِ ازسرنو جدوجهد ۽ هڪ قسم جي امنگ ۽ آرزو پيدا ٿي پئي- بلخ ۽ بخارا جي ڪشمڪش، قنڌار تي صفوي سلطان جو قبضو ۽ هندي رياستن ۾ بيچيني-- اها سڄي صورتحال، نتيجو، هو مغلن جي پنهنجي گهر و جنگ و جدل ۽ انتشار جي ڪري پيدا ٿيل ڪمزوريءَ جو. تخت تي ويهڻ بعد، جنهن جو سدباب ڪندي، خود عالمگير جي پنهنجي حياتي به رائگان ٿي وئي. سنڌ ۾- جنهن جي طاقتور، اهم ۽ نامور قبيلن، شروع کان ئي مغلن جي تسلط سان پاڻ کي ذهني طرح سان هموار ۽ هم آهنگ ڪري نه سگهيو هو- مرڪز جي انهيءَ ڪمزوريءَ ۽ ڀائرن جي باهمي جنگ و جدل ۽ هڪٻئي خلاف سازش جو فائدو وٺي، ازسرنو پنهنجي هلچل جو آغاز ڪري ڏنو. جنهن جو ثبوت اشارتاً اسان کي عالمگير جي انهن خطن مان ملي ٿو، جيڪي هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شاهه جهان ڏانهن لکيا آهن ۽ جن ۾ هن مخصوص سلطاني زبان ۽ محاوري کي ڪتب آڻيندي، انهن آزادي خواه قبيلن جي جدوجهد کي -- متمردن جي شرارت ۽ راهزنن جو فساد سڏيو آهي- ليڪن کيس اهو معلوم نه هو ته شاهه جهان جي شروع زماني اندر به سنڌ ۾ انهن ”متمردن“ ۽ ”رهزنن“ جي تحريڪ موجود هئي، جن جي ڪشمڪش جو تفصيلي احوال پندرنهن سورنهن سال کانئس اڳ (1044 هه) ’مظهر شاهه جهانيءَ‘ جو مصنف به قلمبند ڪري چڪو هو. عالمگير جو خط: عالمگير جي جنهن خط جو اسان 97 صفحي تي اقتباس ڏئي آيا آهيون، هتي اهو سڄو نقل ڪريون ٿا، ته جيئن خط جي روشنيءَ ۾ چٽي تصوير اسان جي سامهون اچي وڃي. عالمگير پنهنجي والد شاهه جهان بادشاهه ڏانهن لکي ٿو: ”قبلهء عالم و عالميان سلامت! قبل ازين، اين مريد بوسيلهء عرضداشت، بعرض اقدس رسانيده بود ڪه: چون متمردان ’نهمردي‘ و ’جوکيه‘ ڪه در ڪوهستان ولايت تته ميباشند، صوبه دارانِ سابق را اطاعت بواقعي ننموده، پيوسته براه زني و فساد روزگار مي گذارنند. ملڪ حسين باجمعيتي ڪه همراه داشت به تنبيه و تاديبِ آنها رفته است. درين ولا از عرضداشت او و واقعه نويسِ آنجا ظاهر گشت ڪه: موميٰ اليه باهمراهان از سرحد ’تته‘ بده منزل به ’ڪاهره و بيله‘ ڪه گريز گاهِ قبائل ’نهمردي‘ و’جوکيه‘ است، رفته خطبهء دولت و اقبال بنام نامي واسم سامئي آنحضرت بلند آواز ساخت . ودران مڪان ’هارون‘ و ’کهترتل‘ برادر ’ڪانبهودي‘ سرداران ’نهمرد‘ و ‘مريد‘ سرگروه ’جوکيه‘ بقدم انقياد و اطاعت آمده پيشڪش قبول ڪردند. جعفر نهمردي خويش مانسنگهه زميندار پنجور، ڪيچ و مڪران از قبل، او و پسران علي دڪاراني ڪه عمده آن مرز بوم است، و حاجي رونجهه و ڄام جمعه اعيال آن سر زمين، ڪه از عهد حڪام ترخانيه تا حال رجوعي نداشتند، سر انقياد بخط فرمان نهاده. ’بد’ (1) نام نـُـهمردي متعلقه ڪوهستان ولايت قندهار ڪه سر حلقه مفسدانِ آن ضلع است. و از سرحد خود گذشت بقصدِ دست اندازي بجانب ’ڪاهره و بيله’ آمد بود، از وصول لشڪر نصرت اثر بڪوه نگار (2) فرار نمود. بنابران ملڪ حسين و جمعيتي از سپاه را براهبريء زميندار آن حدود، بتاديب او فرستاده. آنها شب درميان، هفتاد ڪروه ايلغار ڪرده برسر بنگاه او رفت، سردار بجنگ پيش آمده باتوابعِ خويش طعمه تيغ خون آشام گرديد، و چهل و چند ڪس بادختر او اسير ڪردند. و سپاه نصرت قرين اسيران و مواشي را گرفته مظفر و منصور بلشڪر گاه مراجعت نمودند، درين اثنا، مان سنگهه مذڪور و ڪلا فرستاده نوشت ڪه: در ’پنجور‘ (1) ڪيچ و مڪران نيز خطبهء جهانباني نبام اعلحضرة خاقاني سامعه افروز گشت. و چون باقبال بي زوال پير و مرشد جهانيان چنين فتحي دست داد، لشڪر منصور ازان نواحي بصوب تته مراجعت نمود. قبله دين و دنيا سلامت! ’ستاهاله‘ (2) ولد زميندار ’ککراله’ ڪه برهنمونيِء توفيق، ملڪ حسين را ديده بود. درين وقت ڪه بجهت اصلاح حال خود روانه ملتان شد. گاهيه (3) مقهور برادر او، ڪه در سرحد ڪڇ بسرميبرد، از روئي حسد و اغوائي زميندار آنجا جمعيت فراهم ڪرده به پرگنه مذڪور در آمده ميخاست دست اندازي نمايد، بند هايء درگاه والا خصوصاً پسران امير خان، ضياء الدين يوسف و ابوالمڪارم و جمعي از سپاه ڪه ملڪ حسين برايء احتياط شهر گذاشته بود. باغرابها و توپ خانه، بقصدِ دفع آن مخذول شتافتند، و او تاب نياورده، راهِ ادبار پيش گرفت. بمومي اليه تاڪيد نموده شد ڪه در قلعِ ماده فسادِ آن مقهور اهتمام تمام بڪار برد“.(4) خط جا نقطا: اهو خط دهليءَ ويندي، عالمگير 14 ذوالحج 1060 هه 19- محرم 1061 هه 28- نومبر 1650ع 2- جنوري 1651ع جي درميان رستي تان بادشاهه ڏانهن لکيو. انهيءَ خط مان ڪيتريون تاريخي حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون. ۽ ڪم و بيش 15 سالن گذرڻ بعد به سنڌ ۾ اسان کي اضطراب ۽ انتشار جون اهي ئي ساڳيون حالتون نظر اچن ٿيون، جن سان يوسف ميرڪ جي تاليف ’مظهر شاهه جهاني’ ڀري پئي آهي. (1) سنڌ ۾ جنهن جدوجهد جو آغاز ارغونن جي دور کان شروع ٿيو هو سو ترخانن کان ٿيندو، اڪبر ۽ جهانگير جي عهد ۾ به قائم رهندو، شاهه جهان جي آخري ايامن تائين اچي پهتو هو. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جا تقريباً سمورا طاقتور قبيلا متحد طور برسر پيڪار هئا. (2) نه فقط مغل دور ۾، بلڪ عالمگير خود قبول ڪري ٿو ته: مغلن کان اڳ به سنڌ جي قبيلن، ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ ڪونه نوايو هو. چنانچه هن ان لاءِ ترخاني عهد جو مثال ڏنو آهي. (3) خط ۾ عالمگير اهو به اشارو ڏنو آهي ته سندس دور کان اڳ سنڌ تي جيڪي مغل صوبيدار آيا، انهن کي پڻ ناڪامي نصيب ٿي هئي. (4) ٿي سگهي ٿو ته شاهه جهان انهيءَ انتشار سبب ئي، ملتان سان گڏ سنڌ جي ولايت به عالمگير جي حوالي ڪئي هجي، تاڪه هو مغل تسلط خلاف جيڪا شورش هلندي آئي هئي- ۽ جنهن کي ختم ڪرڻ ۾ سابق صوبيدار ناڪام ٿي چڪا هئا- ان کي ختم ڪري. (5) نومڙيا، ۽ جوکيا، ٻين قبيلن سان متحد ٿي ملڪ اندر منتشر لڙائي لڙي رهيا هئا. هارون کڙتل، ڪانڀو، نومڙين مان ۽ جوکين مان مريد جوکيو پنهنجي همراهن سان انهيءَ تحريڪ جي مهنداري ڪري رهيا هئا، جن جي جدوجهد جو دائرو سنڌ مان وڌي هڪ طرف ڪيچ مڪران ۽ ٻئي پاسي ڪڇ ڀـڄ تائين پهچي چڪو هو. جعفر نومڙيو، عليءَ جا پٽ: حاجي رونجهو، ڄام جمعو، ٻڍو نهمردي وغيره پڻ ساڳيءَ تحريڪ جا معاون ۽ مددگار هئا. خاص ٺٽي جي علائقي ۾، ڪڪرالي جا ڄام جهڙوڪ: ستابو هالو ۽ گاهي هالو عالمگير جي قول مطابق ”دست اندازي“ ڪري رهيا هئا. (6) ملڪ حسين عالمگير جي طرفان مغل فوجن جو مهندار هو، جنهن ملڪي ماڻهن جي تحريڪ کي زير و زبر ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿي ڪئي. عالمگير جي ٻئي هڪ خط مان جيڪو انهيءَ ئي زماني جو لکيل آهي معلوم ٿئي ٿو ته اڳتي هلي ملڪ حسين جي سلسلي ۾ اختلاف ٿي پيو هو، جنهن جي حقيقت شايد واقع نويسن جي ذريعي بادشاهه تائين پهتي. جنهن تي عالمگير کان باز پرس ٿي، ۽ پنهنجي جواب ۾ لکيو ته: (1) مثلاً: ”مقدمه رقعات عالمگيري“ از سيد نجيب اشرف. (2) هن مجموعي ۾ اهي خط آهن جيڪي عالمگير جي حڪم تي قابل خان ٺٽويءَ لکيا. (1) ”رقعات عالمگيري“ ج: 1 ص. 105. (2) ”مقدمه رقعات“، ص. 70 بحواله ”بادشاه نامه“ محمد وارث مقتول- 1091 هه. (1) ٻڍو نهمردي يا منڌو نهمردي. (2) شايد وڻڪار هجي. لس ٻيلي جي علائقي ۾ وڻڪار جو جبل مشهور آهي. شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ پڻ ان جوذڪر آهي. (1) پنج گر --- پنج ڪور. (2) شايد ستو هالو. (3) گاهي سنڌي نالو. (4) نجيب اشرف - ”مڪاتيب عالمگير“ ص. 2/3. ”قبلهء عالميان سلامت! آنچه از تعديء ملڪ حسين بعرض اقدس رسيده، محض افترا است. درين يڪ سال ڪه صوبهء مسطور تعلق باين مريد داشت، مومي الهي غير از ”متردان و دزدان“ معترض حال احدي از رعايا نگشته. و درين مدت هرگز چيزي ازين مقوله بر اين مريد ظاهر نه نشده. و الا مطابق آنچه از پير و مرشد حقيقي ارشاد يافته او را تاديب نموده، نمي گذاشت ڪه مرتڪب جورو تعدي گردد. غالباً اهل غرض حقيقت را بتفاوت معروض داشته اند (1) انهيءَ خط مان پڻ سنڌ ۾ پيدا ٿيل انتشار جي اهميت سختيءَ، شدت ۽ سنگينيءَ جو پتو پوي ٿو. يعني جن کي مغل سلطنت جي اهلڪارن ’دزد ۽ متمرد’ ٿي سڏيو، انهن جي تحريڪ ايترو ته مضبوط ۽ قوي هئي جو مغلن جو ’لشڪر نصرت اثر’ ملڪ حسين جي سرڪردگيءَ هيٺ سڄي سال اندر به ان کي نه دٻائي سگهيو، ۽ نه سر ڪري سگهيو. ۽ انهن ’دزدن ۽ متمردن’ ملڪ حسين جهڙي جري جوان کي پنهنجو سموري ڪٽڪ سميت انهيءَ حد تائين مصروف ۽ منهمڪ رکيو، جو گهڙيءَ کن لاءِ به هو ٻئي ڪنهن طرف توجهه ڏيڻ جي قابل نه رهيو. ضياء الدين ۽ مير ابوالمڪارم: مٿئين ڏيکاريل خط مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سال (59- 1060 هه) ۾، ڪڪرالي جي ڄامن واريءَ بغاوت کي دفعي ڪرڻ لاءِ، مير ابوالبقا امير خان مرحوم جي ٻنهي پٽن، يعني مير ضياء الدين يوسف ۽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ کي، عالمگير اُهو لشڪر وٺي، رواني ٿيڻ جو حڪم موڪليو،--- جنهن کي ملڪ حسين ٺٽي شهر جي نگهبانيءَ لاءِ ڇڏي ويو هيو--. عالمگير جي انهيءَ فقري مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون: (1) سمورو مغل سپاهه نومڙين ۽ جوکين جو پٺيان، ملڪ حسين ساڻ ڪري ويو هو، باقي فقط ايترو پٺتي ڇڏيو هئائين جيڪو شهر جي نگهبانيءَ لاءِ ضروري هو. مسئلي جي اهميت معلوم ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي. (2) باوجود ايتري اهتمام ڪٽڪ، توبن، تفنگن، غرابن ۽ غورابن جي به، ملڪ حسين سنڌي قبيلن جي پٺيان ناڪام هلندو رهيو. (3) مير ابوالمڪارم ”شهود“ جي وفات جي تاريخ (1073 هه) اسان ڏئي چڪا آهيون، ليڪن مير ضيا ِّالدين جي تاريخ زمانه حيات جو تعين ڪري ڪونه سگهيا آهيون (118). عالمگير جي انهيءَ خط مان ڪم از ڪم ايترو ظاهر ٿئي ٿو ته مير ضياء الدين يوسف، عالمگير جي صوبيداريءَ واري زماني (1062 هه) تائين زندهه هو. اورنگا بندر: ڳالهه جڏهن عالمگير جي ايام جي هلي رهي آهي تڏهن مناسب ائين پيو لڳي ته اورنگا بندر جو مذڪور به آڻي ڇڏيون، جنهن کي عالمگير (60- 1061 هه) جي مابين، سمنڊ مان ٺٽي ڏانهن هيٺ تي ايندڙ شاخ مٿان ٺهرايو هو، جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني تائين آباد هو ۽ ربيع الثاني 1172 هه (ڊسمبر 1758ع) جو جڏهن هـُـن شاهه ڳڙ ۽ شاهه بندر آباد ڪيا، ان وقت اورنگا بندر جي ماڻهن کي وٺي اچي پنهنجي نو آباديءَ ۾ ويهاريو. اهو بندرگاهه درحقيقت عالمگير اندروني وڳوڙ کي سامونڊي رستي سان منهن ڏيڻ لاءِ آباد ڪيو هو، ۽ ساڳي وقت اهو خيال هيس ته تجارتي فائدو پڻ حاصل ڪجي. چنانچه سردست نفعي ڪمائڻ لاءِ هن پنهنجو ذاتي جهاز هلائڻ شروع ڪيو هو، جنهن تي سندس مخالفن بادشاهه جا ڪن ڀريا ۽ کانئس باز پرس ٿي، جنهن جو جواب هن هيٺينءَ طرح پنهنجي هڪ خط ۾ ڏنو آهي: ”حڪم اشرف صادر شد ڪه: آن مريد، حقيقت حال بندري ڪه در تته احداث ڪرده، معروض دارد. قبله جهانيان سلامت حاصل بنادر منحصر در دو چيزاست. عشورِ مال تجار و نول و ڪرايهء جهازات، هر گاه عشور بتصدق فرق مبارک معاف شده باشد و يڪ منزل جهاز اين مريد، ڪه در بندر سورت بود، امسال از آنجا آورده اند، و هنوز سفري نشده. و جهاز باد آورد ڪه. از سرڪار خالصه شريفه گرفته، مڪمل نيست، وراه آمدرفت جهازات بنادر ديگر، و تردد سوداگران اطراف باين بندر وا نگشته، حاصل حقيقت چگونه ظاهر شود. آنچه لازمه آبادانيء بنادر نو آباد است از ساختن قلعه و تعمير فرضه و غير آن از قرار واقع بعمل آمده، انشاء اَلله تعاليٰ عنقريب رونق خواهد گرفت، و بمرور ايام تجاهل خواهد آمد. مطلب اصلي اين مريد از احداث بندر آنست ڪه شايد بعض تحف و نوادر قابل پيشڪش بدست افتد. الاحاصل آن معلوم چه خواهد بود؟“ (1) عالمگير اهو بندر قنڌار جي ٻيءَ مهم تي رواني ٿيڻ (16- ربيع الاول 1062 هه) کان اڳ ٺهرايو. کيس 60- 1061 هه جا ٻه سال مليا جن مان ڪنهن به هڪ سال ۾ ورنگا بندر ٺهيو هوندو. ٺٽي جا تحفا: عالمگير جي خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته عالمگير وقتاً فوقتاً ٺٽي جا تحفا شاهه جهان ڏانهن موڪليندو رهندو هو، جن کي بادشاهه ڏاڍو پسند ٿي ڪيو. مثلاً: هڪ خط ۾ لکي ٿو: ”حڪم اقدس پيرايه ورود يافته، ڪه: چيرهائي چهيت (2) تته ڪه اين مريد فرستاده بود مستحسن افتاد، از همان جنس ديگر نيز مرسول دارد ....... چند تهان چيره درين والا از تته رسيده است، امان چون ڪار بسته مانده بود، سعادت خود دانسته متعاقب ارسال خواهد داشت“. (1) بادشاهه کي ٺٽي جون اهي ڇيٽون ايتريقدر ته پسند آيون جو هن عالمگير ڏانهن خوشنوديءَ جو خط لکي موڪليو، جنهن تي عالمگير خوشيءَ ۾ نه ماپي، ڏانهس لکيو ته: ”از ظهور اين عنايت ڪه محض بنده پروري و بنده نوازي است، ڪلاه شادي برسر آسمان انداخت: برين مڙده گرجان فشانم رواست. ٺٽي جي ٻين ميون سان گڏ- جن جي مؤرخن تعريف ڪئي آهي- انهن جا بي دانه ڏاڙهون، جلال آباد جي مشهور ۽ معروف انارن کان به وڌيڪ سٺا ۽ شيرين هئا. اهڙيءَ طرح بکر ۽ سيوهڻ جا خربوزه جن جي تعريف، مير ابوالقاسم نمڪين جي سلسلي ۾ اچي چڪي آهي، نهايت شيرين بلڪ ڪابل جي خربوزن جي بلڪل ٽڪر جا هئا. عالمگير جي هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه ڏانهن تحفي طور سنڌ جا خربوزه خواهه ڏاڙهون هميشـه ويندا رهندا هئا. عالمگير هڪ خط ۾ لکي ٿو: حڪم جهان مطاع بصد دُر پيوسته ڪه: انار بيدانئه تته - ڪه ڪمترين مريدان بدرگاه سلاطين پناه، ارسال مي دارد- به از انار جلال آباد است، از اين نويد مسرت افزا خوش وقت و مبتهج گشت. خرپوزه بهکر، اگرچه امسال در زبوني، بخرپوزه ڪابل نزديڪ است. اما آنچه بفدوي مير سد، از رويء عقيدت، بحضور سراسر سرور مي فرستد.(1) “ ٺٽي جي ڪپڙن جي صنعت و حرفت، گلن ۽ ميون ۽ انهن جي سبزيءَ ۽ شادابيءَ خواهه بکر ۽ سيوهڻ جي خربوزن جي بهتريءَ ۽ افراط ۾ سنڌ جي باشندن پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر باوجود پريشان حاليءَ ۽ زبون روزگاريءَ جي به وڏا وس پي ڪيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ خود خاندان اميرخانيءَ جو به وڏو هٿ هو. جن پنهنجي ذاتي خوش ذوقيءَ سبب انهيءَ ڏس ۾ هرڪا ڪوشش ڪئي. ڪراچي، - حسام الدين راشدي 19 - آڪٽوبر 1961ع 8 - جمادي الاول 1371 هه اضافو ڪتاب جو هيءَ آخري صفحو ڇپجي رهيو هو، جو مون کي سيد مير محمد بلگراميءَ جو تاليف ٿيل ڪتاب ”تبصره الناظرين“، پنهنجي مشفق دوست سيد وصي احمد بلگراميءَ جي ذريعي ميسر ٿيو. خوش قسمتيءَ سبب ڪتاب ۾ خاندان اميرخانيءَ متعلق ڪجهه وڌيڪ معلومات ملي، جنهن کي هيٺ پيش ڪريان ٿو: شيخ عبدالعزيز ۽ سيوهڻ صفحي 278 - 279 تي شيخ موصوف جو ذڪر ڪندي اسان ڏيکاريو آهي، ته هن پنهنجو سرڪاري منصب پنهنجي هڪ عزيز کي ڏياري، پاڻ هندستان وڃي، پنهنجي لاءِ محمد شاهي دربار مان سيوهڻ جي بخشيگريءَ ۽ وقايع نويسيءَ جي سند وٺي آيو. دراصل سيوهڻ جي بخشيگريءَ خواهه وقايع نويسي انهيءَ زماني ۾ بکر جي وقايع نويسيءَ سميت مير عبدالجليل بلگراميءَ جو فرزند سيد مير محمد جي سر هئي، جيڪو صاحب خانگي ڪاروبار جي سلسلي ۾ مير غلام علي ”آزاد“ کي بلگرامي مان گهرائي (1)، سيوهڻ ۾ کيس پنهنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ 2 تاريخ شوال المڪرم، 1143 هه جو پنهنجو وطن بلگرام هليو ويو هو.(2) سندس انهيءَ عارضي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي شيخ عبدالعزيز دهليءَ پهتو ۽ دربار ۾ رسائي حاصل ڪري، پنهنجي لاءِ سيوهڻ جي بخشيگريءَ ۽ وقايع نويسيءَ جو پروانو حاصل ڪري آيو. سيد مير محمد پنهنجي روزمانچه ”تبصرهِ الناظرين“ ۾ 1143 هه جي وقايع ۾ لکي ٿو ته: ”همدرين سال خدمت بخشيگري و وقايع نويسي سرڪار سيوستان، از تغير راقم الـحروف، به عبدالعزيز نـامي تقـِوي مـقرر گـرديد (1) “. سيد محمد بلگرامي وطن مان ڪم ڪار پورو ڪري سن 1144 هه جي17 تاريخ ربيع الاول جو بلگرام کان دهليءَ آيو، جتي نواب امين الدوله جي ڪوشش سان کيس دوباره سيوهڻ جي وقايع نويسي ۽ بخشيگري ملي، لکي ٿو: ”درين سال (1144 هه) هفتدم ربيع آلاخر مؤلف اين رساله ... از وطن بر آمده ... بحضرة دهلي رسيده ملازمت نواب عالي جناب امين الدوله بهادر دريافته. بوسيله جميله ايشان ... خدمت بخشيگري و وقايع نگاري سرڪار سيوستان بدستور سابق بنام خود بحال ڪرد. و بتاريخ دوم شهر رجب المرجب مجدو سند خدمت نوشته شد- و الحمدالله علي ذالک ...(2) يعني اهو نئون آرڊر 2 تاريخ رجب، 1144 هه جو صادر ٿيو. ۽ سال جا باقي مهينا سيد مير محمد بلگرامي، نواب امين الدوله جي خدمت ۾ بسر ڪري، 1145 هه ۾ 25 تاريخ رمضان جي موٽي اچي سيوهڻ پهتو ۽ شيخ عبدالعزيز کان اچي چارج ڇڏايائين: ”درين سال (1145) راقم الحروف بعد ازان ڪه خدمت بخشگيري و وقايع نگاري سرڪار سيوستان تابع صوبه ملتان (1)، بنام خود از حضور انور بحال و مقرر نمودو مطلب مافي الضمير ميسر پذير گشت، اهلخانه خود را از وطن طبلداشته بتاريخ هفتدهم شهر جمادي الاوليٰ از دارالخافه شاهه جهان آباد، بعزم ولايت سند بر آمده، بعد طي مراحل و قطع منازل، مع مردم وطن و قبايل، بخير و عافيت با حسن احوال با جان و مال بتاريخ بيست و پنجم شهر رمضان المبارڪ روز پنجشنبه بلده سيوستان رسيده سرگرم ڪار بادشاهي گرديد“. پنهنجي رقيب لاءِ لکي ٿو ته:- ”و مخالف ڪه سند خدمت بنام خود حاصل ڪرده بود، حيران و سراسيمه و پشيمان شد و دخل نيافت - و الحمدالله علي ذالک“ (2). مير امين الدين خان عالمگير جي وفات جي تاريخ: ”تبصرهِ الناظرين“ جي مؤلف لکيو آهي ته: عالمگير احمد ننگر مان هندستان وڃڻ جو ارادو ڪري رهيو هو جو بيمار ٿي پيو. احمد ننگر جي شهر جي انهيءَ وقت پاڻ ئي ”ختم السفر“ نالو رکيو هئائين. بيماري وڌندي ويئي ۽ 27 ذي القعد، جمع ڏينهن 1118 هه جو، ڏينهن جي هڪ گهڙيءَ گذرڻ بعد، ٻيانوي ورهين جي عمر ۾ اتي ئي انتقال ڪيائين. مير امين الدين خان امير خانيءَ (1) بادشاهه جي وفات تي تاريخ چئي - ”دخل الجنه“ -- جنهن لاءِ مير سيد محمد ”تبصرهِ الناظرين“ ۾ لکي ٿو: ”اگرچه تاي جنت در ترڪيب عربي هاي هوز اعتبار نمايدند، و پنج عدد شمار ڪنند، و اما العزيز چهار صد گرفته“ (2) مير امين الدين خان جي پنهنجي وصال جي تاريخ، جيئن اسان صفحي 170 تي لکي آيا آهيون، لفظ -- يد خل الجنته -- مان نڪري ٿي. 1127 هه سکر جي فوجداري: صفحي 281 تي اسان لکي آيا آهيون، ته مير موصوف کي ٺٽي مان تبديل ڪري، 14- 1115 هه ڌاري، خانپور جي نيابت ڏني ويئي. ”تبصرة الناظرين“ مان سال 1120 هه جي واقعات تحت معلوم ٿئي ٿو ته: مير انهيءَ سال ۾ بکر سرڪار جو فوجدار هو، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته 14- 1115 هه ڌاري امين الدين خان ٺٽي مان بدلي ٿي بکر جو فوجدار ٿي آيو، ۽ انهيءَ ئي زماني ۾ خانپور جي نيابت به سندس سپرد ٿي. ۽ 1120 هه تائين بکر ۾ انهيءَ عهدي تي برقرار هو. سکر ۾ مسجد: مذڪوره سال جي واقعات مان معلوم ٿئي ٿو ته امير امين الدين، سکر شهر ۾، مٿي ذڪر ڪيل سال ۾، هڪ عاليشان مسجد ٺهرائي، جنهن لاءِ مير محمد بلگرامي لکي ٿو ته: ”و همدرين سال (1120 هه) خان ذيشان امين الدين خان فوجدار سرڪار بهکر -- ڪه از ابناء امير خان تتوي بود -- در عهد فوجداري خود، در قصبه سکر ڪه آنروئي آب از قلعه بهکر است، مسجد عالي عمارت نمود، چنانچه مير صاحب و قبل جاودان تاريخ تعمير چنين فرموده اند“. مير عبدالجليل بلگرامي جيڪو انهيءَ وقت بکر ۽ سيوهڻ ۾ وقايع نويسيءَ ۽ بخشيگريءَ تي فائز هو، مٿي ذڪر ڪيل تاريخ هيٺينءَ ريت چئي: خان ذيشان امين الدين خـان، در رخش نـور نبي گشته عـيـان، سـيــنـه اش مــخزن اســــرار ازل، مـسـجدي ڪـرده بـنـا در سکـر، خـــانـــه ديــن خـود، آبــاد نـمـود، سکهر از نسبت اين مسجد شد، حــبــذا مـسجد فـــرخــنــده بـنــا، از دمِ صـبـح بــر آمــــد پـه پـه، سي سزد، گر پئي جارويش، چرخ، باهـم آغوش مــصلاش شــده است، ذڪر فيضش بزبانها مذڪور. در ڪفش جود علي ڪرده ظهور. شمع فانوس دلش لمعهء طور. پاڪ تر از دل ارباب حضور. سعي او پيش خدا شد مشڪور. بلده طيبهء رب غفور. در و ديوار وي آئينه نور. بر گچِ او چو نظر ڪرد از دور. دسته بندد ز سر ڪاڪل حور. سجده در جبهه ڪند رقص سرور. ســال تاريـخ چنـيـن گـفـت خرد، مــهبطِ نور چو بيت المعـمور (1) 1120 هه امين الدين خان ۽ مير عبدالجليل بلگرامي: جنهن دور ۾ امين الدين خان بکر جو فوجدار هو، اهوئي وقت هو جڏهن بکر ۽ سيوهڻ جي بخشيگري ۽ وقايع نويسيءَ تي علامه مير سيد عبدالجليل بلگرامي دهلي سرڪار مان مقرر ٿي آيو (بکر مان آمد 24 رجب، 1117 هه). مير عبدالجليل ۽ مير امين الدين خان امير خانيءَ جا باهمي تعلقات تمام گهرا ٿي ويا، ۽ پاڻ ۾ يگانگت پيدا ٿي پئي. مير عبدالجليل جي فرزند، سيد مير محمد، پنهنجي والد ڏي لکيو ته بکر مان ڏانهس ڪو مفيد سرمو وٺي موڪلي. مير صاحب ذاتي تعلقات جي بناءِ تي پٽ جو اهو جنسي خط (خان صاحب مهربان فيض رسان) مير امين الدين خان جي حوالي ڪيو، جنهن نه فقط (از راه اخلاص) پنهنجو طرفان نفيس سرمو مير سيد محمد ڏانهن موڪلي ڏنو، بلڪ پنهنجي طرفان هڪ ڪمان (حلقهء ڪمان) به سوکڙيءَ طور ڏانهس ڏياري موڪلي. مير عبدالجليل انهن شين سان گڏ پٽ ڏانهن پنهنجي طرفان ”شرح ملا“ جو هڪ نفيس نسخو پڻ موڪليو. اهي سڀ سوکڙيون فريد نالي مير عبدالجليل جو ملازم کڻي بلگرام روانو ٿيو. مير امين الدين جي سرمي جون خوبيون ۽ خصوصيتون جيڪي بيان ڪيون ويون آهن، سي هي آهن: ماتا جي بيماريءَ سبب اک ۾ پيل ڦـُـلن کي دور ڪري ڇڏيندو هو، اکين جي نور کي اوجر ڏيندو هو، ۽ تقريباً اکين جي سڀني بيمارين لاءِ مفيد هو.(1) آشيانه ادب ڳڙهي ياسين، -- حسام الدين راشدي 20 - ڊسمبر، 1961ع ماخذ هن تذڪري جي سلسلي ۾ منهنجي نظر مان اڪيچار ڪتاب گذريا آهن، ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته هن خاندان لاءِ جتان به مواد ملي ان کي يڪجاءِ ڪريان. ڪيترن ڪتابن جا نالا حاشين ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي خاص ڪتاب هن موضوع تي ڪار آمد ٿيا، انهن جي فهرست هتي ڏيان ٿو: (1) تحفـة الڪرام مير علي شير قانع مطبوعه ۽ قلمي (2) مقالات الشعراء مير علي شير قانع قلمي (3) مظهر شاهه جهاني يوسف ميرڪ قلمي (4) ذخيرة الخوانين شيخ فريدي بکري قلمي (5) اڪبر نامه ابوالفضل مطب وعه، ڪلڪتو (6) طبقات اڪبري خواجه نظام الدين بخشي مطبوعه، ڪلڪتو (7) ماثرالامرا ء شاهنواز خان مطبوعه، ڪلڪتو (8) ماثر رحيمي ملا عبدالباقي نهاوندي مطبوعه، ڪلڪتو (9) منتخب التواريخ ملا عبدالقادر بدايوني مطبوعه، ڪلڪتو (10) منتخب اللباب خافي خان مطبوعه، ڪلڪتو (11) بادشاهه نامه عبدالحميد لاهوري مطبوعه، ڪلڪتو (12) اقبال نامه جهانگيري معتمد خان مطبوعه، ڪلڪتو (13) آئين اڪبري (انگريزي ترجمو)- بلاخمن مطبوعه، ڪلڪتو (14) تزڪ جهانگيري نولڪشور لکنو (15) رقعات عالمگيري مرتب: نجيب اشرف اعظم ڳڙهه (16) انٽي ڪوئيٽيز آف سنڌ مسٽر ڪزنس دهلي (17) ڪيٽلاگ برٽش ميوزم چارلس ريو لنڊن (18) ڪيٽلاگ انڊيا آفيس ايٿي لنڊن (19) ڪيٽلاگ بانڪي پور مراهِ العلوم جلد - 1 (20) اورينٽل ڪاليج ميگزن، مولوي محمد شفيع لاهور، آگسٽ 1937ع (21) لـُـب تاريخ سنڌ خداداد خان امرتسر (22) قديم سنڌ ميرزا قليچ بيگ حيدرآباد (23) سنڌ جا ستارا ميرزا قليچ بيگ حيدرآباد (24) فرامين جو ڪتاب ملڪ قاضي علي محمد قلمي (25) مختلف بياض سنڌي ادبي بورڊ قلمي (26) آرڪيولاجيڪل سروي آف ويسٽرن انڊيا نمبر - 8 بمبئي 1879ع (27) Sindh as a Field for the Naturalist and Antiquarian By H. E. M. James. Karachi 1893. (28) تبصرة الناظرين مير محمد بلگرامي خطي ________ (1) ”رقعات“ 2/10. (1) رقعات 2/12. (2) ڇيٽ جو لٽو- چيرو. (1) رقعات 2/12. (1) رقعات 2/4. (1) ربيع الاول جي نائين تاريخ بروز شنبه 1143هه، مير غلام علي سيوهڻ پهتو: ربيع الاول و شنبه نهم بود ڪه گرديدم بسيوستان دل آسود (تبصره الناظرين، ص. 62) (2) ”تبصره الناظرين“ 162 - 17 جمادي الاخر جو سيوهڻ مان روانو ٿيو هو. (1) ”تبصره الناظرين“ ص. 162- هي ڪتاب مير سيد محمد بلگراميءَ پنهنجي دور جي چشم ديد حالات تي لکيو آهي- هر سال جا واقعات سال جي تحت ڏنا اٿس. ڪتاب 1101 هه کان يعني پنهنجي تولد جي سال کان شروع (ولادت 14 ربيع الاول سه شنبه 1101 هه) ڪيو اٿائين. شفيق محترم سيد وصي احمد بلگراميءَ جو ذاتي نسخو منهنجي پيش نظر آهي جيڪو 1158هه جي ابتدا تائين آهي. پيش نظر نسخو ڪاتب جي اوچتي فوت ٿي وڃڻ سبب پورو نه ٿي سگهيو- اصل ڪتاب غالب گمان آهي ته سيد موصوف پنهنجي انتقال واري سال تي ختم ڪيو هوندو- ڪتاب عالمگير جي آخري 17 سالن کان وٺي محمد شاهي دور تائين جي عجيب و غريب تاريخي، علمي، ادبي ۽ تمدني واقعات ۽ معلومات تي حاوي آهي. (2) تبصره ص. 169. (1) انهيءَ سان ظاهر آهي ته سيوهڻ ۽ بکر جا صوبا، ملتان ۾ مغل گورنر جي نگرانيءَ ۽ ماتحتيءَ هيٺ هئا. (2) ”تبصرهِ الناظرين“ ص. 172. (1) ڏسو صفحو 230. (2) ”تبصرهِ الناظرين“ ص. 53. (1) ”تبصرة الناظرين“ ص. 61 - 62. (1) ”مڪاتب عبدالجليل“ واڌارا غلام محمد لاکو سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشدي صاحب جو ڪتاب”تذڪره امير خاني“ پهريون ڀيرو، سنڌي ادبي بورڊ سال 1961ع ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ سياسي، علمي ۽ ادبي گهراڻي جي ٽن صدين جي سرگرمين جو احاطو ڪيو ويو آهي. امير خاني گهراڻو، مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ اندر متحرڪ رهيو ۽ مختلف حوالن سان پنهنجا اڻ مٽ يادگار قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. راشدي صاحب جي هن علمي پورهيي ذريعي، سنڌ جي اتهاس، علم ۽ تمدن جا ڪيئي باب نروار ٿي بيٺا. علم ۽ تحقيق جي دنيا جو ڪوبه ڇيهه ڪونهي. هر ايندڙ ڏينهن تي ملندڙ نئين ڄاڻ، گذريل وقت ۾ قائم ڪيل راين، نتيجن ۽ دريافتن ۾ واڌارو ڪندي رهي ٿي، يا وري ماضيءَ ۾ طئه ڪيل ڪجهه ڳالهين کي رد ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هي ڪتاب”تذڪره امير خاني“ چاليهن سالن جي به ڪجهه وڌيڪ وقت کان پوءِ ٻيهر ڇپجي رهيو آهي. پهرين اشاعت کان پوءِ، امير خاني ساداتن جي باري ۾ عام طرح سان ۽ خاص ڪري هن خانوادي جي علمي خدمتن بابت ڪجهه وڌيڪ معلومات مهيا ٿي آهي. ان کان سواءِ ڪجهه تصنيفون شايع ٿي منظر تي پڻ آيون آهن. ان پس منظر ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيق ۽ علمي ڪاوش (تذڪره امير خاني) جي پختگي ۽ اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. اسين هيٺ امير خانين جي باري ۾ ٿيل نون مطالعن، واڌارن ۽ اشاعتن کي مختصر طرح سان نروار ڪنداسين. مير ابوالقاسم نمڪين: خاندان جو پهريون فرد جو بيجڪ (سبزوار) سان تعلق رکندڙ هو ۽ ننڍي کنڊ طرف لڏ پلاڻ ڪري آيو. ابتدا ۾ اڪبر جي ڀاءُ ميرزا محمد حڪيم وٽ ڪابل ۾ ملازم هو. بعد ۾ هندستان آيو ۽ اڪبر جي ملازمت اختيار ڪيائين. مختلف ماڳن تي نوڪري ڪيائين. ان ريت بکر ۽ سيوهڻ ۾ به ڳچ عرصو منتظم ٿي رهيو. بکر کي اختياري وطن بنائي اتي رهيو. سن 1018هه يا 1019هه ۾ فوت ٿيو ۽ روهڙيءَ ۾”ستين جو ٿان” نالي قبرستان ۾ دفن ٿيو. هيءُ قبرستان اڄ به سـُـٺي حالت ۾ موجود آهي. 1- منشئات النمڪين: مير صاحب گوناگون سياسي مصروفيات جي باوجود به، اهل علم ۽ اهل قلم انسان ٿي گذريو. هن ڪتاب ۾ خط (انشاء) ڏنل آهن. خطن جو هيءُ مجموعو 1006هه/1598ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ اڪبر بادشاهه جي نالي منسوب ڪيو ويو. راشدي صاحب انڊيا آفيس ۾ موجود هڪ نسخي جي آڌار تي”منشئات النمڪين“ جو تعارف پيش ڪيو آهي. هيءَ ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي. البت موجودهه دور ۾ هن ڪتاب جي هڪ ٻئي نسخي جو پتو پيو آهي، جو علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي لٽن ذخيري (نمبر 27-26/3) ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر مؤمن محي الدين ۽ ڊاڪٽر محمد سليم اختر، خطن جي هن املهه مجموعي توڙي مصنف جي باري ۾، پنهنجا تحقيقي اڀياس شايع ڪيا آهن.(1) 2- جوامع الجواهر: مير ابوالقاسم جي هي ٻي تصنيف آهي، جنهن جو محققن ويجهڙائيءَ ۾ پتو لڳايو آهي. ڪتاب متعلق گهڻي ڄاڻ نه ٿي ملي. پاڻ کي صرف هيءَ خبر آهي، ته هن تصنيف جو تعلق اسلامي فلسفي سان آهي. تحرير جو سال به معلوم ڪونهي. هيءُ ڪتاب مرزا غازي بيگ ترخان (وفات: 1021هه) جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. مير نمڪين جي هن ڪتاب کي، مؤمن محي الدين تلاش ڪيو ۽ علمي دنيا جي ڌيان تي آندو.(1) هن ڪتاب جو واحد قلمي نسخو بوڊلين لئبريريءَ ۾ موجود آهي. تاريخ مظهر شاهجهاني: هيءَ ڪتاب يوسف ميرڪ (ولد مير ابوالقاسم) سن 1044هه/1634ع ۾ تيار ڪيو. هن ڪتاب ذريعي ابوالقاسم نمڪين ۽ سندس پٽ مير ابوالبقا امير خان جي باري ۾ گهڻي معلومات ملي ٿي. راشدي صاحب کي”تذڪره امير خاني“ جي تڪميل ۾ هن ڪتاب گهڻي مدد ڪئي. ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي. پهريون حصو نظام الملڪ جي”سياست نامـه“ جي طرز تي لکيل آهي. جڏهن ته ٻئي حـصي جو تعلق سنڌ جي تاريخ سان آهي. هيءُ حصو سنڌ جي اتهاس جي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. سيد حسام الدين راشدي هن ڪتاب جي ٻئي حـصي کي ايڊٽ ڪري، مفيد تعليقات ۽ طويل مقدمي سان سينگاري”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي نالي سان، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي سال 1962ع ۾ نروار ڪيو. نياز همايوني مرحوم جو سنڌي ترجمو سال 1979ع ۾، ساڳئي اداري پاران ڇپجي ظاهر ٿيو. ڊاڪٽر محمد سليم اختر ان جو انگريزي ترجمو”سنڌ انڊر دي مغلز“ جـي نـالــي ســان تــيــار ڪيو. هيءُ ترجمو ڪراچي ۽ اسلام آباد مان سال 1990ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب کي هن علمي ڪم جي تڪميل واسطي، پير صاحب جي ڪتاب”تذڪره امير خاني< گهڻي رهنمائي ڪئي. رقائم ڪرائم: راشدي صاحب”تذڪره امير خاني“ ۾ اورنگزيب جي مصاحب، مير عبدالڪريم جي خطن جي هن مجموعي جو ذڪر ڪيو آهي. اهي 2خط مير صاحب جي پٽ سيد اشرف خان”رقائم ڪرائم“ جي نالي سان مرتب ڪيا. سال 1961ع تائين هن ڪتاب جا معلوم نسخا هن ريت هئا: * ٻه نسخا- برٽش ميوزم. * چار نسخا - انڊيا آفيس لئبريري. * هڪ نسخو - بوڊين لئبريري(1) * ٻه نسخا - نيشنل ميوزم ڪراچي. پوين ٻن نسخن جي آڌار تي راشدي صاحب، خطن جي هن نادر مجموعي بابت گفتگو ڪئي هئي. بعد ۾ وڌيڪ چئن نسخن جو پتو پيو، جي سڀ هندستان ۾ آهن. تفصيل ڪجهه هن طرح آهي: * خدا بخش لئبريري پٽنا، هيءُ نسخو خراب حالت ۾ آهي. * مولانا آزاد لئبريري، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه، ڪتابت 1120هه/1708ع. * انڊين نيشنل آرڪائيوز نيو دهلي، ڪتابت 1153هه/1740ع. * نيشنل ميوزم دهلي، ڪتابت 1253هه/1837ع. هنن نسخن جو ذڪر جامعه مليه دهليءَ جي شعبي تاريخ جي پروفيسر سيد محمد عزيز الدين حسين ڪيو آهي. پروفيسر عزيز الدين صاحب ٻن نسخن (ٻيو ۽ ٽيون) جي آڌار تي”رقائم ڪرائم“ جو متن تيار ڪيو. ان کان علاوه خطن جو انگريزي زبان ۾ مختصر وچور به ڏنو اٿس. عزيز الدين حسين هن مجموعي ۾ ڪل 137 خطن کي مرتب ڪري پيش ڪيو آهي. سيد اشرف خان پاران سهيڙيل خطن جو هيءُ مجموعو”رقائم ڪرائم“ اداره ادبيات دهلي پاران 1990ع ۾ ڇپيو آهي. مختصر تعارف ۾ پروفيسر صاحب نه ته مير عبدالڪريم بابت ڪجهه لکيو آهي ۽ نه وري سيد اشرف جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي سگهيو آهي. راشدي مرحوم جو خيال هو ته”رقائم ڪرائم“ سن 1154هه ۾ مرتب ڪيو ويو. جڏهن ته علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ موجود نسخو، تصديق ڪري ٿو ته شاهي خطن جو هيءَ مجموعو سن 1120هه ۾ يا ان کان ٿورو اڳ وجود ۾ اچي چڪو هو. مير ابوالمڪارم شهود: مير ابوالبقا امير خان جو پٽ هو. جيتوڻيڪ علم ۽ حلم وارو انسان ٿي گذريو. تاهم سنڌين خلاف پنهنجي ڀاءُ مير ضياءُ الدين يوسف سان گڏ لشڪر ڪشي ڪيائين. مير شهود سيوهڻ ۾ سن 1073هه ۾ فوت ٿيو. هن فارسي زبان ۾ ٻه مثنويون لکيون: 1- مثنوي بديع الجمال وسيف الملوڪ: هيءَ مثنوي مڪمل نه ٿي سگهي. 2- مثنوي پري خانه سليمان: هيءَ مثنوي 1060هه ۾ لکجي پوري ٿي. هن مثنويءَ جو هڪ ناقص نسخو، راشدي صاحب جي مطالعي ۾ رهيو. ان جي بنياد تي پاڻ مير شهود جي شعري سرمايي تي راءِ ڏني اٿن. تازي دور ۾ ڊاڪٽر طاهره صديقي صاحبه پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ هن مثنويءَ تي ادبي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي.(1) مير امين الدين خان حسين: مير ابوالمڪارم شهود جو پٽ ۽ مير ابوالبقا امير خان جو پوٽو هو. امين الدين خان مختلف عهدن تي رهيو، جنهن ۾ ٺٽي جي گورنري به شامل آهي. پاڻ سن 1127هه ۾ فوت ٿيو. سندس قبر اميرخاني گورستان مڪليءَ ۾ آهي. مير صاحب ٻه ڪتاب لکيا: 1- رشحات الفنون: هيءَ ڪتاب 1123هه ۾ مڪمل ٿيو. راشدي مرحوم”تذڪره امير خاني“ ۾، خدا بخش لئبريري پٽنا ۾ موجود هڪ نسخي جو ذڪر ڪيو آهي. راشدي صاحب، برٽش ميوزم ۾ اليٽ جي فائيلن جي مدد سان، هن ڪتاب جي مطالب ۽ عنوانن جو هڪ خاڪو ڏنو آهي. امين الدين خان جو هيءُ ڪتاب هڪ مختصر انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ سورهن علمن تي بحث ڪيو ويو آهي. تازي دور ۾ رشحات جي وڌيڪ چئن قلمي نسخن جو پتو پيو آهي. * ملا فيروز لئبريري بمبئي، ڪتابت 1265هه. * ڪتابخانه دانشڪده ادبيات وعلوم انساني، دانشگاهه تهران، ڪتابت سن 1258هه. * ڪتابخانه مجلس تهران، ڪتابت جو سال لکيل ڪونهي. * ڪتبخانه عارف نوشاهي، اسلام آباد، جنهن تي 1273 هه جي مـُـهر لڳل آهي. (1) هيءُ ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي. البت ڪجهه سال اڳ هڪ ايراني خاتون نادره سليماني، ڪنهن تعليمي مقصد لاءِ ان کي مرتب ڪيو هو. اهوئي سبب آهي جو خانم نادره جي ڪاوش اڃا نه ڇپي آهي.(1) خانم سليمانيءَ جو تعلق دانشگاهه تهران جي مرڪزي ڪتبخاني سان هو. ڊاڪٽر نوشاهي هن ڪتاب کي هڪ عامي تاليف سڏيو آهي. 2- معلومات الآفاق: راشدي صاحب جي خيال ۾ هي ڪتاب جاگرافيءَ تي آهي. جڏهن ته ٻين لکندڙن”معلومات الافاق“ کي به هڪ مختصر انسائيڪلوپيڊيا سڏيو آهي. سيد حسام الدين راشدي مرحوم”تذڪره امير خاني“ ۾، اليٽ جي فائيلن ۾ موجود نوٽس جي آڌار تي، هن ڪتاب جو وچور ڏنو هو. ان دور تائين امين الدين خان جي هن ڪتاب جي ڪنهن به نسخي جو پتو نه پيو هو. امڪان آهي ته مير صاحب هيءُ ڪتاب سن 1118هه ۽ 1127هه جي وچ واري عرصي ۾ لکيو هوندو. تذڪره امير خاني، جي اشاعت کان ڏهه سال پوءِ، خود راشدي صاحب”معلومات الآفاق“ بابت نئين ڄاڻ نروار ڪئي. پنجاب يونيورسٽي لئبريريءَ ۾”معلومات الآفاق“ جو سن 1127هه جو لکيل هڪ نسخو موجود آهي. هيءُ نسخو ٺٽي جي محمد صالح جو ڪتابت ڪيل آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ تصويرون به آهن. ان کان علاوهه هي ڪتاب ٻه ڀيرا مطبع نولڪشور لکنو مان، ترتيب وار 1287هه/1870ع ۽ 1290هه/1873ع ۾ باتصوير ڇپجي چڪو آهي.(2) مسجد امين الدين خان روهڙي: ٺٽي جي صوبيداري کان علاوه، مير امين الدين خان روهڙي، بکر، سکر ۽ خانپور ۾ به مختلف عهدن تي رهيو. هن سن 1120هه ۾ سکر ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي، جنهن جو ذڪر”تذڪره امير خاني“ ۾ اچي ويو آهي. مسجد جا آثار هن وقت موجود نه آهن. ليڪن بعد ۾ خود راشدي صاحب، روهڙي شهر ۾ مسجد امين الدين خان کي ڳولي لڌو. هيءَ مسجد سن 1102هه ۾ تعمير ٿي. راشدي صاحب 28 مارچ 1970ع تي روهڙي ويو. پاڻ مسجد جو معائنو ڪيائين، ڪتبا نوٽ ڪري، مسجد ۽ ڪتبن جا فوٽو ڪڍيائين. تذڪره امير خاني جي اشاعت کان پوءِ، هن خانوادي جي تعميري ڪارنامن جي حوالي سان، هي هڪ اهم دريافت چئي سگهجي ٿي. ان ريت آخري مغل دور ۾ امين الدين خان جي وڌيڪ سرگرم ڪردار جي ڄاڻ ملي ٿي. هيٺ اسين مسجد امين الدين خان جا ڪتبا ڏئي رهيا آهيون، ته جيئن عنوان تي ڪم ڪندڙن لاءِ مواد هڪ جاءِ تي محفوظ ٿي وڃي: مسجد ۾ داخل ٿيڻ واري دروازي جي مٿان وارو ڪتبو: (1) (1) در زمان شاه عالمگير غازي ظل حق (2) خان عاليشان امين الدين حسين حق شناس (3) يافت توفيق بناي جامع عالي، که هست (4) در علو منزلت بالا تر از درک قياس (5) سجده گاه حق پرستان معبد قدوسيان (6) کز فضاي آن، دل مومن کند فيض اقتباس (7) سال تاريخ بنايش را، چو جستم از خرد (8) هاتفم گفتا: بنا شد مسجدي تقوي اساس 1102هه ساڳئي دروازي جي اندران موجود ڪتبو: (2) (1) مائيم اميدوار از رحمت تو (2) اي لطف تو بي نياز از طاعت ما مسجد جي مهاڙيءَ تي موجود ٽي ڪتبا: (3) (1) شاه همـه انبياء مرسل احمد (2) چرخ و مــه و مـهـر و آدم وجن و مـلـک فخر همـه اصفياء اکمل احمد ايـنـهــا هـــمــه آخــــرنــــد و اول احــمـــد (4) افضل الذڪر لا الــه الاالله محمد رسول الله (5) (1) محبوب خدا و خواجه هر دو سرا (2)خاشاک رهش طرهء فرق خورشيد در روز جزا پادشه حمد لوا شد جملهء انبيا بطـفيـلـش پـيـدا.(1) Bibliography (1) Dr. Momin Mohiuddin :”The Chancellery and Persian Epistolography under the Mughuls، Iran Society Calcutta، 1971. (2) Momin Mohiuddin:”Munsha'at Al-Namakin- A unique collection of historical documents”، Journal of Pakistan Historical Society، Karachi، April 1960. (3) Muhammad Saleem Akhtar:”Mir Abu -al- Qasim Namakin- A critique of his career and achievements”، Pakistan Journal of History and Culture”، Islamabad، January - June، 1984. (4) Muhammad Saleem Akhter:”The contribution of Sindh in the development of historical epistolography”، Pakistan Journal of History and Culture، Islamabad، January - June، 1986. (5) Muhammad Saleem Akhter:”Sind under the Mughals” (N.I.H.C.R)، Islamabad and Department of Culture، Government of Sindh، Karachi، 1990. (6) مير علي شير قانع:”تحفة الڪرام“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال 1971ع. (7) سيد اشرف خان حسيني:”رقائم ڪرائم“ مرتب: سيد محمد عزيز الدين حسين، اداره ادبيات دهلي 1990ع. (8) ڊاڪٽر طاهره صديقي:”داستانسرايي فارسي در شبة قاره در دوره تيموريان“، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان، اسلام آباد 1999ع. (9) ڊاڪٽر عارف نوشاهي:”سکهر کي ايک تاريخي مسجد کي باني مير امين الدين هروي تتوي کي فارسي خدمات“ مجله”فکر و نظر“ جولائي - ستمبر، اسلام آباد 2001ع. (10) ساڳيو مضمون، مترجم: محمد پنهل ڏهر، رسالو”مهراڻ“ نمبر 1-2، سال 2002ع. (11) غلام محمد لاکو:”مطالعو سنڌ جو“ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد 1992ع، ۾ شامل ڊاڪٽر محمد سليم اختر جو مقالو. (1) i- دي چانسيلري اينڊ پرشين ايپسٽولوگرافي انڊر دي مغلز، ص173-178، ايران سوسائٽي ڪلڪتو، 1971ع. ii- مير ابوالقاسم نمڪين: اي ڪرائيٽڪ آف هزڪيريئر اينڊ اچيومينٽس، پاڪستان جرنل آف هسٽري اينڊ ڪلچر، اسلام آباد، جنوري - جون 1984ع. (1) دي چانسيلري اينڊ پرشين ايپسٽولوگرافي انڊر دي مغلز، ص 173 (1) بوڊين ڇاپي جي غلطي آهي. درست بوڊلين آهي جيڪو، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني جو نالو آهي. هن ڪتبخاني ۾ مشرقي ٻولين جي ڪتابن جو ججهو قلمي ذخيرو موجود آهي (فتح الله صديقي: ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ جلد: 1، ص4-1053، سيوهڻ، 2005ع). (1) داستانسرايي فارسي در شبـه قاره در دوره تيموريان، ص 70 - 73، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد 1999ع. (1) ڊاڪٽر عارف نوشاهي صاحب، پنهنجي هڪ مقالي ۾ ”رشحات الفنون“ جي قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي (فکر و نظر، جولاءِ - ستمبر 2001ع، اسلام آباد). (1) ڊاڪٽر عارف نوشاهيءَ جو مقالو (حوالو مٿي ڏنل). (2) تحفــتهِ الڪرام، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، حاشيو، ص 346، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1971ع. (1) تحفـتهِ الڪرام، سيد حسام الدين راشدي، حاشيا، ص 349 - 350. امير خاني سادات جا جوڙايل مڪلي سيوهڻ ۽ بکر جا تاريخي يادگار، مقابر ۽ حڪمنامن جون تصويرون ۽ عڪس