ڪتاب جو نالو: نئين مصر جا پراڻا ورق نئين مصر جا پراڻا ورق اِي - بي اِيسٽوِڪ مير رستم خان، خيرپور عمر 81 سال، انگريزن جو خيرخواهه پر انهيءَ هوندي به قيدي ڇپائيندڙ پاران هن ڪتاب جو مصنف مسٽر اِي.بي اِسٽوڪ 1843ع ۾ انگريزن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ اپر سنڌ ۾ سياسي ايجنٽ مقرر هو. ليڪن سندس لکت مان خبر پوي ٿي، ته هو سنڌ واسين ۽ ٽالپرن جو خيرخواهه هو. سنڌي، بلوچي ۽ فارسي ٻوليون چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. هن اپر سنڌ ۾ رهي سنڌي ماڻهن ۽ برطرف ٿيل ٽالپر حڪمرانن جو احوال روزنامچه جي صورت ۾ قلمبند ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ’نئين مصر جا پراڻا ورق‘ جو عنوان سان 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب اصل انگريزيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن کي نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ سنڌي ويس پهرائي عام سنڌي پاڙهن جي خدمت ۾ پيش ڪيو، هيءُ ٽيون ڇاپو آهي، هن جو ٻيون ڇاپو 1978ع ۾ ڇپيو ويو هو. هيءُ ڪتاب سنه 1843ع ۾ انگريزن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ وارين حالتن جو سرسري جائزو آهي. اميد ٿي ڪجي، قارئين حضرات هن ڪتاب کي پڙهي سٺو لاڀ حاصل ڪندا. ڄام شورو، سنڌ انعام الله شيخ خميس 29- صفرالمظفر 1427هه سيڪريٽري بمطابق 30- مارچ 2006ع سنڌي ادبي بورڊ تعارف چارلس نيپئر 1843ع ۾، سنڌ جي ميرن سان اڳرائي ڪري، مٿن حملو ڪري، ملڪ فتح ڪيو. تنهن کان اڳ ئي خدا ترس ماڻهن جي دلين ۾ هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ نيپئر جي ارادن بابت شڪ شبها پيدا ٿيا هئا ۽ هنن هندستان ۽ ولايت جي اخبارن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. نيپئر جي سياسي ڪمشنر ميجر آئوٽرام جي شروع کان ئي ميرن سان همدردي هئي ۽ هو کيس جارحانه ڪاروائي ڪرڻ کان روڪيندو ايندو هو. ساڳئي وقت، بمبئي ٽائيمس جو ايڊيٽر، مسٽر بيوسٽ به دل کولي پنهنجي اخبار ۾ گورنر جنرل نيپئر جي ڪارواين تي نڪته چيني ڪندو رهندو هو. لڙائيءَ کان پوءِ بيوسٽ صاحب لنڊن جي “ٽائيمس” اخبار جو هندستاني - خاطو به هو. اهڙيءَ طرح، لنڊن جي اخبارن کي به صحيح خبرون پهچنديون هيون ۽ اهي انهن خبرن کي وقت بوقت مشهوري ڏينديون هيون. لڙائيءَ کان پوءِ آئوٽرام بمبئيءَ موٽي ويو ۽ گورنر سان مليو ۽ کيس نيپئر جي زيادتين کان واقف ڪيائين ۽ اهو به ظاهر ٿيو ته نيپئر پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ گورنر جنرل کي ڪيترين حقيقتن کان غافل رکيو هو يا انهن کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو هو. نيپئر ڏاڍو غصي وارو آدمي هو. ڪراڙي کي جڏهن انهن ڪارواين جي خبر پيئي ته باهه ٿي ويو! هوڏانهن اخبار به باهه ٻاري ڏني. 1845ع ۾، چارلس نيپئر جي ڀاءُ وليم ”سنڌ جي فتح“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن فاتح سنڌ جي، حد کان وڌيڪ تعريف ڪئي ۽ ميجر آئوٽرام تي حملا ڪيا. آئوٽرام ان جو جواب پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي فتح بابت ٽيڪا ٽپڻي“. Conquest of Sindh -- a Commentary. ۾ ڏنو، جنهن ۾ هن سمورين حقيقتن بابت نيپئر جي حرڪتن کي بي نقاب ڪيو. انهيءَ جو جواب وري رچرڊ نيپئر ڏنو. پوءِ ته عام بحث شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي حمايتين بهرو ورتو. جنرل جان جيڪب ان معاملي ۾ آئوٽرام جو طرف ورتو. هوڏانهن نيپئر جي ڄاٽي ۽ اي - وي - سي مانٽگو مئڪمرڊي وري چارلس نيپئر جي وڪالت شروع ڪري ڏني. چارلس نيپئر جي ٻئي ڀائٽي ۽ اي - ڊي - سي، وليم نيپئر، جو سندس ڄاٽو به هو، پڻ خاصيءَ سرجوشيءَ کان ڪم ورتو. حيدرآباد جو ڪلڪٽر رئٿبورن به هن جي مدد ڪندو هو ۽ Omega جي نالي سان پنهنجا ليک ڇپائيندو هو. انهيءَ جا مضمون Karrachee Advertiser ۾ ڇپيا هئا، جو هفتي ۾ ٻه دفعا شايع ٿيندو هو ۽ شايد حيدرآباد يا ڪنهن ٻئي ضلعي جي ليٿو پريس ۾ ڇپبو هو. پر اهي همراهه چارلس نيپئر جا نادان دوست ثابت ٿيا ۽ سندس شهرت کي ڪافي نقصان پهچايائون. هوڏانهن ولايت ۾ Edinburgh Review ۽ Examiner Times پڻ انهيءَ ويڙهه ۾ خاص بهرو ورتو. انهن سڀني اخبارن جا فوٽو اسٽيٽ نقل، ضروري آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لاءِ حاصل ڪرڻ کپن، جو اهي اخبارون ۽ رسالا ان وقت جي تاريخ جو سرچشمو آهن. ڪئپٽن ڊبليو. جي. ايسٽ وڪ، جيڪو شايد Dry leaves جي مصنف جو ڀاءُ هو، تنهن اهو سوال ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل ڪورٽ ۾ اٿاريو. تان جو معاملو وڃي برطانيا جي پارليامينٽ ۾ پهتو. 1894ع ۾، اچانڪ Dry leaves From Young Egypt شايع ٿيو، جنهن ۾ 1839ع ۾ سنڌ ۾ جيڪي حالتون هيون، تن جي چٽي تصوير ڏني وئي ۽ ڏيکاريو ويو ته ڪيئن نه ڪوڙين تهمتن جي بنياد تي ميرن سان ڏٺي وائٺي ارهه زورائي ڪئي ويئي هئي. دراصل، انهيءَ ڪتاب جو مصنف E.B.Eastwick هو، ليڪن اهو ساڳيو ماڻهو نه هو، جنهن لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل ڪمپنيءَ ۾ تقريرون ڪيون هيون ۽ شايد مصنف جو ڪو ڀاءُ يا ويجهو عزيز هو. 1851ع ۾ انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ظاهر ٿيو، جنهن ۾ مزيد معلومات ڏني وئي هئي. ڪتاب جو برطانيا ۾ چڱو اثر ٿيو ۽ ميرن لاءِ همدردي پيدا ٿي، جيتوڻيڪ ان جو ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. انهيءَ وقت تائين سنڌ تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا هئا، تن ۾ تعصب کان ڪم ورتو ويو هو، سواءِ ڊاڪٽر برنس جي ڪتاب A Visit to the Court of Sindh جي. ايسٽوڪ صاحب سفارتي عملي جو رڪن هو ۽ سنڌي، بلوچي ۽ فارسي زبانن کان چڱيءَ طرح واقف هو. هن ۾ سنڌين ۽ ميرن سان همدردي هئي. شايد Cap. Browne سان، جو اپر سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ هو، هن جي اڻبڻت هئي. هن کي اپر سنڌ ڏانهن 1839ع ۾ ڪرنل پاٽنجر، جيڪو ڪڇ ۾ ايجنٽ هو، موڪليو هو. رچرڊ برٽن پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌين تي ڇوهه انهيءَ ڪري ڇنڊيا آهن، جو هو اڃا سنڌ ۾ نئون آيو هو ۽ چارلس نيپئر کي خوش ڪرڻ ٿي چاهيائين. هونءَ به هن جي مشرق جي ماڻهن سان همدردي گهٽ هئي. ڪن ماڻهن کي گمان آهي ته هي ڪتاب ميرن يا سندن ڪن وڪيلن، مسٽر ايسٽ وڪ جا کيسا ڀري، کانئس لکرايو هو. پر مون کي پنهنجي مطالعي مان اهڙي ڪا ڳالهه معلوم ڪانه ٿي آهي. جي واقعي ائين هجي ها ته چارلس نيپئر جا حواري ضرور پنهنجن ڪتابن ۽ ليکن ۾ ان ڳالهه ڏي اشارو ڪن ها. مان ان ڳالهه جو ذڪر اڳي ئي ڪري چڪو آهيان ته اهڙا گهڻائي مرد مولا جا ان وقت هئا، جن سچ جو هوڪو پئي ڏنو. جن به ڌارين ماڻهن سنڌ ۽ سنڌين کي ويجهو ڏٺو آهي ۽ انهن سان گڏ گهاريو اٿن، تن سنڌين ۽ انهن جي ڪردار ۽ سادگيءَ جي تعريف ڪئي آهي. حيدرآباد، سنڌ. محمد حنيف صديقي نئين مصر جا پراڻا ورق مصنف: هڪ اڳيون پوليٽيڪل عملدار ”... ۽ ڪيئن نه اهي راڪاس پنهنجن ٻارن کي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. پهريائين ته هو هڪ قسم جو اوڊالسڪيز نالي عرق، زالن کي ڏيئي ٻار ڪيرائي ڇڏيندا هئا. پر جيڪڏهن اهو طريقو ڪامياب نه ويندو هو، ته پوءِ هـُـو ٻار کي ڄمڻ کان پوءِ پنهنجن هٿن سان ٽڪر ٽڪر ڪري ماري ڇڏيندا هئا. نه ته گهڻو ڪري ٻارن کي طـُـول يا گـَـديءَ هيٺان رکي پوءِ بيفڪريءَ سان انهيءَ تي چڙهي ويهندا هئا، ۽ کائيندا پيئندا ۽ تماڪ جا دونهان ڪڍندا رهندا هئا. انهيءَ ظالماڻي ڪم تي هو هڪٻئي سان چرچا ۽ گهٻا به ڪندا رهندا هئا، ۽ ٻار سندن هيٺان دٻجي مري ويندا هئا“. (”سنڌ جي فتح“ حصو ٻيو. ص 348.) ”تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا بيان ڏنل آهن، جن جي پٺڀرائي ڪرڻ يا جن کي غلط ثابت ڪرڻ، ڪابه اهميت نٿو رکي. ماڻهن جي ڪيل چڱائيءَ نيٺ به چڱائي پيدا ڪئي آهي، بشرطيڪ انهيءَ جو دارومدار سچ تي هجي. پر جڏهن ڪنهن فرد جو ڪردار خطري ۾ اچيو وڃي ته پوءِ هڪ ڏاهو ليکڪ مٿس لڳل بهتانن تي غور ۽ ويچار ڪندو ۽ انهيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح وجود ۾ آيو آهي. اهو بهتان ڪهڙي طريقي ايجاد ٿيل آهي ۽ پڻ ڪيئن هـُـلايو ويو آهي، انهيءَ تي به هـُـو پنهنجو خيال ڊوڙائيندو. پر انهيءَ ڪم لاءِ کيس هڪ اهڙي ڏکئي دؤر مان گذرڻو پوندو، جنهن ۾ کيس تمام ٿورا وَجـَـهه انهيءَ کي ڪوڙو يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ملندا.“ -- ”گريٽن جون تصنيفات“ جلد 2، ص 242. نئين مصر جا پراڻا ورق انتساب ليفٽيننٽ ڪرنل جيمس آئوٽرام سـِـي - بـِـي. جي نالي تي- سندس اوچي ۽ بلند ڪردار، سندس بي لوث خدمت ۽ مستقل مزاجي، ”سندس عوامي خدمت ۾ اڻٿڪ چاهه جي مدنظر واقعن جا هي مختصر نقش جن ۾ هـُـن مشهور ڪردار ادا ڪيو آهي“ پڻ انهن ماڻهن لاءِ، جن سان انصاف ٿيڻ لاءِ هـُـن گهڻوئي پاڻ پتوڙيو مصنف نهايت احسانمنديءَ ۽ دلي محبت سان هي ڪتاب کيس منسوب ڪري ٿو. --- مصنف پهرئين ڇاپي جو ديباچو هن ياداشتنامي جي پهرين سٽ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو، ته مون انهيءَ کي انهيءَ وقت کان ٽي سال اڳ لکڻ شروع ڪيو، جڏهن سنڌ جي ميرن جا وڪيل پنهنجي ملڪ لاءِ انصاف وٺڻ جي سڀني ڪوشش ۾ ناڪام ويا. مون انهيءَ اميد سان ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو، ته خيرپور جي ميرن سان جيڪو اڻسهائيندڙ سختيءَ جو وَرتاءُ ڪيو ويو آهي، اهو ثابت ڪريان ته ٿيڻ کپندو هو. جيئن ته اڳرائي اسان جي طرفان ٿيل هئي، ان ڪري اسان کي کين اهڙيءَ طرح ستائڻ نه کپندو هو، پوءِ ڀل ته انهن جي اسان ڏانهن دشمني ثابت به ٿي هجي ۽ پڻ ”بلو بڪ“ ۾ جيڪي لکيل آهي، انهيءَ کان به وڌيڪ سندن خلاف ثابتي ملي هجي. جڏهن مون ڏٺو ته انهن سان ڪوبه انصاف نٿو ٿي سگهي، تڏهن مون پنهنجو قلم اڇلائي ڇڏيو. پر جيئن ته بنگال جي خراب آبهوا جي ڪري ۽ پڻ دل جي ڏک سبب مير صوبدار خان، سندس ماءُ ۽ وڏي پٽ جي مرتيي جي خبر پيئي آهي، جي اسان جا پڪا دوست ۽ ساٿي هئا، انڪري آءٌ ڀانئيان ٿو ته مون لاءِ هيءُ هڪ سونهري موقعو آهي ته باقي جيڪي وڃي بچيا آهن ۽ قيد ۾ آهن، تن لاءِ عوام ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪريان ۽ سندن باري ۾ڪو عوامي رايو پيدا ڪرائي وٺان. سو،مون ڄڻڪ انهيءَ چٽيءَ روشنيءَ ۾، جا انهيءَ معاملي تي ڪرنل آئوٽرام ۽ سـُـليوان اڳيئي وجهي ڇڏي آهي، فقط هڪ ڪمزور ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ جو اضافو ڪيو آهي. هن لکڻيءَ جي ڪري جيڪڏهن آءٌ ڪـِـريل ميرن جي اڳوڻن دوستن جو رايو سندن فائدي ۾ آڻي سگهيس ته پوءِ آءٌ سمجهندس ته منهنجو مطلب پورو ٿي ويو. --------------- ٻئي ڇاپي جو ديباچو اهو مرحوم لارڊ جيفري، جو نقادن جو ليويٿان آهي، ۽ جنهن جي وفات تي گهڻو ڏک ظاهر ڪيو ويو هو، تنهن هن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ مون کي هڪ خط لکي منهنجي جهڙيءَ تهڙيءَ لکڻيءَ جي ساراهه ڪئي ۽ چيائين ته، ”ميرن کي ختم ڪرڻ جي پاليسي يا انهن سان انصاف ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ضروري هئي، پر هاڻي اسان کي انهيءَ سڄي معاملي کي پنهنجو ڪيل ڪرتوت سمجهي قبول ڪرڻو پوندو. جنهن نموني ۾ تو واقعات، فردن ۽ ڪردارن جو نقشو چٽيو آهي، اهو تمام دلچسپ ۽ دل لڀائيندڙ آهي. پر مون کي تنهنجو هر هر سوال ڪرڻ جو نمونو البت ڪونه ٿو وڻي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو ڪڏهوڪو پورو ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ ڪن چڱن ماڻهن اسان جي انهيءَ ڪردار تي پنهنجو راضپو نه ڏيکاريو آهي.“ ان ڪري اهو قاعدو ٿي ويو آهي ته اسان جا داناء ماڻهو، اسان کي ڪالونين مان پهچندڙ (اتي جي ماڻهن تي ٿوپيل) مصيبت ۽ بي انصافيءَ جي خبرن تي ڪوبه غور نٿا ڪن. چڱا چوکا ماڻهو، جي هن ملڪ ۾ ماڻهن جي آزاديءَ جي ٿوري به ڀڃڪڙيءَ تي اٿيو کڙا ٿين، سي اسان جي طرفان ڪيل ظلم ۽ بي انصافيءَ جو ڪوبه خيال نٿا ڪن. ڪرنل ڊڪسن جو ’مارواڙ‘ ۾ چوڻ آهي ته، ”هاڻوڪو راجا مانسنگهه اهڙن موقعن تي فقط ’ٺيڪ‘ ’ٺيڪ‘ چوندو هو.“ فقط ’ٺيڪ‘ ’ٺيڪ‘ چوندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته ائين، بلڪل سچ وغيره وغيره. (پر رعيت تي ٿيل ظلم جو ڪوبه خيال نه ڪندو آهي). حقيقت هيئن آهي ته انگريز عوام کي سچ ۽ ڪوڙ جو ڪو پتو ئي نٿو پئجي سگهي. سنڌ جو مثال وٺو، انهيءَ تي هڪ طرف اسان کي سر چارلس نيپئر جو بيان ملي ٿو ۽ ٻئي طرف ميجر آئوٽرام جو. ٻنهي جو بيان هڪٻئي جي ابتڙ آهي. دنيا جي نظرن ۾ اهي ٻئي ڄڻا سنڌ جي معاملي ۾ ڀـَـڙ سمجهيا وڃن ٿا، جن کي انهيءَ ملڪ جي پوري ڄاڻ هئي. ٻنهي جو بيان هڪٻئي سان اختلاف ٿو رکي. انڪري انهيءَ تي ڪهڙو فيصلو ٿي سگهي ٿو؟ آهي ڪو اهڙو ماڻهو جو ويهي شاهديون پڙهي؟ شاهديون وري اهڙيون ته ڊگهيون، جو جن جو فرض آهي ته اهي پڙهي ڏسن، سي به ڪونه ٿا پڙهن. فرض ڪريو ته اهي پڙهن به کڻي پر انهن ۾ اهڙا ڪهڙا ماڻهو آهن جو انهن کي پڙهي پوءِ ڪو قدر ڪندا. جيڪڏهن انهيءَ شهادت يا ثابتيءَ کي مڃيو به وڃي، تڏهن به ڇا، اسان جو عوام اهڙو آزاد آهي جو ان تي ڪجهه ڪري سگهي! ڇا اهو سچ آهي ته انهيءَ معاملي تي وڌيڪ پڇا انهيءَ ڪري ڪانه ڪئي ويئي آهي، جو انهيءَ تي ٻطرفو مواد موجود آهي، پر جيئن ته انهيءَ تي به متضاد يا هڪٻئي جي اُبتڙ بيان موجود هئا، ان ڪري ته پاڻ وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪرڻ کپندي هئي. هتي ٻارهن کن اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن مان ڪي تمام وڏي رتبي تي پهتل آهن. پڻ اُهي انهن ماڻهن مان آهن، جن جي اخلاق تي ڪنهن به قسم جو شڪ نٿو ڪري سگهجي. انهن جو به اهو چوڻ آهي ته، ”ميرن سان بلڪل زور آوري ڪئي ويئي آهي ۽ کانئن سندن ملڪ ڪوڙين ۽ بي بنياد شاهدين تي کسيو ويو آهي.“ سچيءَ ڳالهه جي لاءِ شروعات ۾ هميشه گهٽ شاهدي ميسر ٿيندي آهي، پر دال ۾ مڙيئي ڪجهه ڪارنهن آهي. هيترن سارن ماڻهن کي ٺڳي نٿو سگهجي. هڪ، ٻه يا ٽي ماڻهو ڪمزور ڪيس پيش ڪري سگهن ٿا پر ڊزن کن ماڻهو انهيءَ معاملي بابت مشڪل ڪا غلطي ڪن، جيڪي هنن ٻڌو يا ڏٺو هو. جڏهن اسين چئون ٿا ته مير رستم خان سان زيادتي ٿي آهي، تڏهن اسان نٿا چاهيون ته سر وليم نيپئر جي افواهي ۽ ٻڌل ڳالهين کي سچ سمجهي سندس ڳالهه تي اعتبار ڪريون. اسان کي سڄي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان انهيءَ ڪيل زيادتيءَ کي پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي ۽ ڪنن سان ٻڌو آهي. اوهان کي ثابتيءَ لاءِ ٻيو وڌيڪ ڇا کپي. سڀاڻي، جيڪڏهن ”هائوس آف ڪامنس“ انهيءَ معاملي تي جاچ پڙتال لاءِ ڪا ڪميٽي مقرر ڪري ته پوءِ اسان جو فرض آهي ته اسين انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪريون ته انگريزن، سنڌ جي ميرن تي تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون آهن. اهڙا ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻار آهن، جي اڃا تائين (آءٌ اهو نٿو چوڻ گهران ته اهي ڪهڙيءَ نه اوچائيءَ تان ڪـِـري هيٺ ڌوڙ ۾ وڃي پيا آهن) اسان جي هٿان جيلن ۾ پيا آهن، ۽ پڻ ملڪ بدر آهن، سندن خلاف اختيار ڪيل بي انصافي، جيئن ته پڌري آهي، ان ڪري ڪوبه ماڻهو انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ جاکوڙ نٿو ڪري. اسان انومان ڪڍندي جيڪي زيادتيون سندن خلاف ڪيون آهن، انهن جي ثابتي هاڻوڪن دستاويزن مان ملي ٿي، جي اسان کي مير علي مراد جي خلاف مليا آهن. ڇا انهيءَ ۾ خدا جو هٿ نٿو ڏسڻ ۾ اچي! ڇا انهيءَ شهزادي اسان جي مفاد تي ڌاڙو نه هنيو آهي! آئون نٿو سمجهان، ته اسين ڪڏهن به انهن بدنصيب اميرن جي بيگناهيءَ بابت ڪو فيصلو ڏيئي سگهنداسين. اسان جو جيستائين پنهنجو مطلب ڦاٿل هو، تيسين اسان سندن مٿان،هڪ نه ٻيو بهتان پئي مڙهيو. پر جڏهن اسان جي حقن جي مير علي مراد جي هٿان تلافي ٿي آهي، تڏهن اسان اهي حقيقتون پيش ڪيون آهن، جن مان ٽالپرن جي بيڏوهي هجڻ جي ۽ پڻ اسان جي مٿن مڙهيل زيادتين جي خبر پوي ٿي. انهن زيادتين بابت پڙهندڙ لاءِ هن ڪتاب جي پوئين باب ۾ گهڻو ڪي ڏنل آهي، پر ان هوندي به کيس يقين ٿيڻ گهرجي ته جيڪا به پٽاڙ ڪئي ويئي آهي، اها سچ ته هڪ ڊٺل خاڪي وانگر آهي. مون جيڪو بي انصافيءَ جو نقشو چـِـٽيو آهي، انهيءَ تي ماڻهو منهنجي خلاف ٿيندا، پر مون کي ڪابه پرواهه نه آهي. مون تي هڪ فرض عائد ٿي ويو هو، جو مون بنا ڪنهن دشمنيءَ يا بغض جي ادا ڪيو آهي. جتي به مون ڪنهن جو ڏوهه ڏٺو آهي، اتي پڄت آهر گهٽ نالا ڏنا اٿم. پر ڪن حالتن ۾ نالن ڏيڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو نه هو. مون جيڪي به لکيو آهي، اهو ايمان جي سلامتيءَ سان سچ لکيو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته هن آزاد ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو هڪ سچ چوندڙ ماڻهوءَ سان دشمنيءَ نه وجهندو. هاڻوڪي ڇاپي جي باري ۾ ڪرنل آئوٽرام، ڪرنل ڊڪنز، هزهائينس نظام علي محمد خان جي وزير شجاع الملڪ ۽ ٻين انگريز ۽ هندستاني ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، جن هن ۾ دلچسپي ورتي. آءٌ مسٽر گرانٽ، ڪلڪتي جي مشهور آرٽسٽ جو به ازحد ٿورائتو آهيان، جنهن ميرن جي تصويرن ٺاهڻ ۾ نهايت ايمانداريءَ ۽ جذبي کان ڪم وٺي تمام سٺيون ڪڍي ڏنيون. هڪ ننڍڙي ڳالهه: هڪ اڻڄاڻ دوست مون کي صلاح ڏني آهي ته آءٌ هن ڪتاب جو نالو بدلائي ڇڏيان. انهيءَ ڏس ۾ آءٌ قبول ٿو ڪريان ته مون پنهنجي ڏنل خاڪن کي اهڙو ته نالو ڏنو آهي، جو عام پڙهندڙ سمجهي نه سگهندو، پر هاڻي انهيءَ کي بدلائي نٿو سگهجي. ٻيو اعتراض مون تي اهو آندو ويو آهي، ته مون اوڀر جي ماڻهن جا نالا عجب نموني ۾ ڏنا آهن، انهيءَ لاءِ هڪ مختصر جواب ڏيڻ ڪافي ٿيندو. آءٌ ڀانئيان ٿو ته اهڙو ڪوبه ماڻهو ڪونه آهي، جو مشرق (اوڀر) جي نالن کي هڪڙي نموني ۾ لکي سگهي. انهيءَ لاءِ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جن جي سڳوري نالي جو مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندو، جنهن لاءِ انگريزن طرفان هيٺيان نالا استعمال ڪيا ويا آهن: (1) مـَـحوَند (اولڊ بيلڊ) Mahound (2) مـَـحومٽ (پريڊڪس) Mahomet (3) مــَـحومد (اورمي) Mahomed (4) مـَـحومد (ڊَو) Mohmmad (5) مـُـحامد (نيپئر) Mohamed (6) موحمد (مـِـل ۽ سيل) Mohammad (7) موحامد (لين) Mohammad (8) مـُـحمد (جانسن) Muhammad انڪري ظاهر آهي ته هرڪو انگريز جڏهن به مشرق جي نالن کي لکندو، ته پوءِ ڀل هو انهيءَ ٻولين کان واقف هجي پر ان هوندي به هو انهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ جدا جدا نموني ۾ اُچاريندو. انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته پوءِ هو ڀل وڃي ڊي- هر بيلاٽ جي آتم ڪهاڻين واري ڊڪشنري ڏسي، ڇاڪاڻ ته کيس پڪ ٿيندي ته جيسين اڳيون آزمودو نه هوندو،تيسين کيس صحيح حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا. ٻولين جي نقطهء نگاهه کان انگريزي هڪ اهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ هڪجهڙائي بلڪل گهٽ آهي. اهو ڏسي عجب ٿو لڳي ته ڪيئن نه يـُـو، اي لاءِ، آءِ، اِي لاءِ، او، يو لاءِ ۽ ڪهڙو به اکر ڪنهن ٻئي هڪ جهڙي اکر لاءِ استعمال ٿيندا رهن ٿا. آءِ جو ئي مثال وٺو. انهيءَ کي جدا جدا اُچارن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ: (1) پـِـڪ ۾ آءِ i (2) مـَـائن ۾ آءِ اي ie (3) رسيو ۾ اِي آءِ ei (4) ايڪئل ۾ اِي e (5) مـِـيٽ ۾ اِي اِي ee (6) ميٽ ۾ اِي اي ea (7) ائجس ۾ اي اِي ae (8) پيپل ۾ اِي. او eo (9) اوئسوفيگس ۾ او. اي oe (10) ڪـِـي ۾ اِي. واءِ ey (11) ليفٽيننٽ ۾ آءِ. اي. يو ieu (12) گوريلا ۾ يـُـو. اِي ue (13) گـِـٽار ۾ يـُـو. آءِ ui اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر لاثام، انگريزن جي حرف علت واري سرشتي کي رد ڪندي، ٻڌايو آهي ته انگريزي زبان ۾ ڌارين لفظن کي اُچارڻ جو ڪوبه مقرر اصول ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪجهڙائي فقط يافثي ٻولين ۽ پڻ سنسڪرت ۾ ڏٺي ويئي آهي. سنسڪرت زبان ۾ هر هڪ اکر لاءِ هڪ آواز آهي ۽ فقط هڪڙو. حرف علت سرشتو به انهيءَ جو سولو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي تمام آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. اسان وٽ ڇهه حرف علت آهن: آئـُـو آ a a اِيئـُـو اِي i x يـُـو اُو u u چار حرف علت جا گڏيل آواز آهن: آئو ۽ اِيئـُـو = اِي e اَئو ۽ يـُـو = او o آ ۽ ايئو = آئي ai آ ۽ يـُـو = آئو au اهي نشان هندستاني ٻولين جي آوازن کي اُچارڻ لاءِ ڪافي آهن، ۽ پڻ عربي فارسيءَ جو به ساڳيو حال آهي، انڪري ڇو نه انهن کي اسين پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪم آڻيون. Consonant يا حرف صحيح جي باري ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته اسين ڪيئن انهن کي صحيح طور اچاري سگهون ٿا، جڏهن ته يوروپي ٻولين ۾ سندن لاءِ ڪوبه برابر لفظ ڪونه آهي. مثال طور عربيءَ جو ’ح‘ اسان جي (H) ايڇ کان وڌيڪ زوردار مخرج رکي ٿو. انڪري اسان انهيءَ لاءِ (H) جي هيٺان نقطو ڏيئي ان جي برابر بيهاريو آهي. انهيءَ طرح عربيءَ جي ’ع‘ لاءِ جيئن ته ڪوبه اکر انگريزي زبان ۾ ڪونهي، انڪري اسان يـُـو کي اضافت جي نشاني ڳنڍي ’ع‘ لاءِ هڪ نئون اکر ٺاهيو آهي. جهڙو عذر کي Uzr ڪري لکندا آهيون، پر اهو ته پاڻ وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪريو وجهي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ ته U (يـُـو) جي مٿان اڌ دم وانگر پيو لڳي، ۽ ٻيو ته اهو ’ع‘ جي علامت حذف جو به ڪم ڏيو وڃي. انهن نشانن استعمال ڪرڻ سان هڪ اکر جون گهڻيئي معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون، انڪري بهتر آهي ته نشانن جي بدران ڇو نه اصل اکر ڪم آڻجي. جاجهه ۾ پوڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ اها ڏاڍي تڪليف ٿي ڏئي. انگريزي پڙهندڙ جيڪڏهن پاڻ وندرائڻ لاءِ هندستاني سفرنامي تي ڪو واهيات ڪتاب، جنهن کي هـُـو ڏسڻ به پسند نه ڪندو هجي (جهڙوڪ: هاڻي سندس هٿ ۾ آهي) کڻندو ته پوءِ هـُـن کي اهڙن ڏنگن - ڦڏن ڪرهت آميز اکرن ۽ جملن تي ڪاوڙ لڳندي، جي هـُـن کي بلڪل نرالا ۽ ڌاريا لڳندا. آهي ته اهو هڪ ڳنڀير معاملو، جنهن تي ويچار ڪرڻ لازمي آهي پر جيڪڏهن اسان کي هڪ دفعو انهن لفظن کي چڱيءَ طرح استعمال ڪرڻ جو ڍنگ اچي ويو ته پوءِ اها سڄي تڪليف دور ٿي ويندي ۽ جيڪي غلطيون ڪيون وڃن ٿيون، اهي به پوءِ ڪونه ٿينديون. ڪي اهڙا به رستا آهن، جي نقشي ۾ ته ڪونه ڏنل آهن، پر ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي کاتي ۾ مذڪور آهن. ڪي وري هـُـتي ڪونه آهن، نه نقشي ۾ وري ظاهر ظهور بيٺا آهن. ڪوبه ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي اڳڪٿي نٿو ڪري سگهي ته هن سجاڳيءَ جي دؤر ۾ ڪو اهڙو وقت اچي وڃي، جڏهن اسين ڪيترن هنڌن تي هڪ عالمي ٻولي استعمال ڪريون. اهڙيءَ حالت ۾ پوءِ هڪ فرينچ ريگنبرگ کي ريستبون ۽ انگريز ميونچين کي ميونچ چوڻ کان گسائيندو ۽ هڪ ائنگلو انڊين سولائيءَ سان گنگا جو لفظ اُچاري ويندو. ساڳيءَ طرح قاهره جي بدران هڪ گندو ۽ اڻسهائيندڙ لفظ ’ڪيرو‘ استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو به بند ٿي ويندو. منهنجي خواهش آهي ۽ پڻ اميد اٿم ته اهو طريقو جلد از جلد رائج ٿي ويندو. - مصنف باب پهريون ديسا - ابوجبل جو ديدار - اُتي جا تاثرات - ڪاٺياواڙ ڏانهن رستو- منڌ يگرا جو بت کان سواءِ مندر - راج ڪوٽ - ڪالا ڊگلاولا جا فرض - چوماسي جو گڏ ٿيڻ - سنڌ ڏانهن خشڪي رستو - ڀڄ - ڪڇ جو راءُ - لکپت بندر - رڻ لتاڙڻ - سنڌين جي هلت - سنڌوءَ ۾ ٻوڏ - ننگر ٺٽو. مون پنهنجو سفر سال 1839ع ۾ شروع ڪيو هو، جنهن وڃي مون کي سنڌوءَ جي تاريخي ۽ ڪي قدر لـُـڙاٽيل پاڻيءَ تائين پهچايو. پر ترسو، اهو اڪيلو سفر اهڙو ته اڙانگو هو، جو آءٌ چاهيندو هوس ته ڪو حالڀائي ملي، ته ويهي ساڻس اورجي، سو پڙهندڙ اچ، ته ويهي اوريون. اهو هڪ تمام وڻندڙ دورو هو، جو ڪنهن ڀاڳ واري کي به مشڪل ملي. نقشي ڏانهن ته نظر ڪر، ديسا (1) کان وٺي هالار تائين جيڪا به ايراضي آهي انهيءَ کي ڏِس. رڳو واري ئي واري لڳي پيئي آهي. ڪٿي ڪٿي ان کي ٻٻر ۽ اَڪ جو غريباڻو لباس پيل آهي، ڪن ڪن هنڌن تي وري اهو پاڻ کي آڻيو سائي جهالر سان پرگهٽ ڪري، پر اهو هڪ ڇڊي پوشاڪ تائين محدود آهي. بياس کان وٺي سنڌوءَ تائين، آءٌ نٿو ڀانئيان ته ڪا ٻي نهر هوندي. اعتبار ڪريو ته رڳا ڪـِـنا کوهه آهن. آسٽريليا (2) جو رهاڪو به هتي جي رهندڙ ماڻهوءَ کان چڱي حالت ۾ آهي. اوهان جي ڌرتي به ڪـِـني ته اوهان جا ماڻهو به اهڙا ئي خراب. اهوئي ڪافي آهي جو اهي Avrxbo' ves آهن. منهنجي ڄاڻ ۾ ٻي ڪابه قوم اهڙي واهيات نه هوندي، ڇاڪاڻ ته اهي اهڙائي نيچ ۽ ڪنجوس آهن. جهڙي اٿن واري، جنهن کي اهي لتاڙيندا رهن ٿا ۽ ان سان گڏ وري زُود رنج ۽ چيڙاڪ به آهن. سچ ته قومن جي ڪاهه ۽ ملڪ گيريءَ جو هتي ڪوبه اثر نه ٿيو آهي. محمد بن قاسم جي وقت کان وٺي ڪن ٿورن انهيءَ ملڪ تي حملو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته رڻ جي ڦورن ۽ سنڌو ڊيلٽا جي مهاڻن مان ڪي به پراپت نٿو ٿئي. سو اچو ته انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪريو ته ديسا جهڙي بکئي ملڪ ۾ پيادي پلٽڻ ڇا لاءِ رکي ويئي آهي، ۽ نه وري آءٌ اتي فوجي ڇانوڻي رکڻ جي ضرورت ٿو سمجهان. پر جيئن ته گهڻا ڪم بي سبب ڪيا ويندا آهن، ان ڪري هن تي بحث ڪرڻ اجايو ٿيندو ۽ اهوئي ڪافي آهي ته انهن کي به بي سبب ڪمن جي دائري ۾ شمار ڪيو وڃي. ننگرپارڪر جي ڦورن ۽ سندن پاڙيسري رڻ جي ڌاڙيلن کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ گهوڙيسوارن جو جٿو رکڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي پويان واريءَ ۾ ڊوڙڻ اسان جي سپاهين کي کلڻهارڪو ڪريو وجهي. ديسا ۾ اسان جون ٻه پلٽڻون آهن، جن مان هڪ يورپي آهي، جا سخت گرميءَ ۾ ماندي هوندي به هر وقت چست رهي ٿي ته متان سندس لانڍيون هڪ نه ٻي رات ڀيلن جي هٿان ٻـُـهارجي وڃن. ديسا کي گرم ۽ خشڪ چوڻ سراسر سچ آهي، جيڪا حقيقت ۾ هڪ تمام غيرآباد جاءِ آهي. جيتوڻيڪ اهو شهر 24 - 15 ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڪوسي ڪمربند کان ٻاهر آهي پر ان هوندي به منجهس تـِـر جيترو فرق نه آهي. اسان جو يار، سج به لاهي پاهي اهڙي طرح اچيو انهيءَ برپٽ مٿان بيهي جو انهيءَ تاوَ کان بچڻ لاءِ ململ جي ڪپڙي کي ويڙهي سيڙهي، اڇي ٽوپيءَ جي چوڌاريءَ ٻڌڻو پوندو آهي. مٿي سان ته ٿي اهڙي ويڌن، پر پيرن جو به ڪو چڱو حال ڪونهي، جو اُهي به هر هڪ وک ۾ ڇهه انچ ٺيٺ واريءَ ۾ ٽنبجيو وڃن، جنهن جي گرمائش رت جي دوري کي جوکائتي رفتار ۾ وجهيو ڇڏي. افسوس آهي، انهن لاءِ، جن جا نيڻ انگلينڊ جي سرسبز ميدانن ۾ ٿڌين هـِـيرن تي هريل آهن. انهيءَ هوندي به شڪار جي چاهنا رکندڙن لاءِ هيءَ مزي جهڙي جاءِ آهي. ڏڦو هجي، بڙڇي ۽ پڻ موتمار ناليءَ واري رائفل، هتي ڪڏهن به سستي نٿي رهي. شڪار جي پٺيان وڃڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ۽ سچ پڇو ته جي شڪار نه ڪندؤ، ته پاڻ شڪار ٿي ويندؤ. مون پاڻ اسپتال جي چوڌاريءَ شينهن جو پيرو ڏٺو هو. ڪئمپ کان ٿورن ميلن جي پنڌ تي هڪ جاءِ آهي، جتي هڪ ناميارو هندستاني کيڏاري، پنهنجي مرضيءَ جي اُبتڙ هڪ مشهور کيڏ کيڏي رهيو هو، جنهن ۾ هـُـن پنهنجي منڍي کڻي واگهه جي وات ۾ وڌي (1). پهريائين ته هو پوئتي هٽيو پر پوءِ واگهه اڳتي وڌي، سندس منڍيءَ کي اهڙي طرح چڪ پائي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جهڙي طرح ٻار ليار جو داڻو کائيندو آهي. پر سندس دوست جي هڪ گولي لڳڻ ڪري واگهه جي موتمار ڄاڙي بند ٿيڻ کان رهجي ويئي. اهڙن ڇوٽڪارن يا ٻين عجيب ڪرشمن لاءِ مون کي ڪي ڪينهي چوڻو، ڇاڪاڻ ته آئون اتي اڃا رهيو ئي ٿورو وقت هوس، ته سٺن اکرن ۾ لکيل هڪ خوشخبري ڏيندڙ، ننڍي پني جو ٽڪر اچي پهتو. جنهن ۾ منهنجي دوست صوبيدار غلام علي جي اکرن ۾ مون کي ”ڪاري ڪوٽ“ (1) جي اعزاز ملڻ جو مضمون لکيل هو. انهيءَ کان پوءِ آءٌ ”ڪالاڊگلاولا“ ٿي ويس. انهن ڏينهن ماڻهو انهيءَ اعزاز لاءِ سڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته ”صحت جو جام“ (2) واري رٿا، جنهن کي سياسي ماڻهن لاءِ ڦٽڪار سان تشبيهه ڏجي، اڃا وجود ۾ نه آئي هئي. منزل مقصود لاءِ اڳتي وڌڻ کان اڳ مون پڪو پرن ڪيو ته ابو جبل جو ديدار ڪجي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ضمير مون کي انهيءَ عجوبي کي ڏسڻ کان سواءِ، خيرباد چوڻ تي سخت تاڪيد ڪيو هو، جو پريان پئي ڏٺو ۽ هو به ويجهڙائيءَ ۾، انهيءَ کان سواءِ منهنجو اصول ”هلندي ڀلي“ ۾ هو. سفر ۾ آخر آهي ڇا، جو هيترين جوکن تڪليفن هوندي به منجهائن راحت نٿي ملي. مون کي ياد آهي ته سفر ۾ ماڻهو پاڻ کي بيمار، چيڙاڪ، گرميءَ جو ماريل ۽ گهڻو ڪري بي آرام محسوس ڪندو آهي پر جڏهن سفر پورو ٿي ويندو آهي ته پوءِ دل پيئي ان کي ياد ڪندي آهي. جيڪي به وڻندڙ شيون ڏسبيون آهن، سي هزار دفعا وڌيڪ وڻندڙ ٿيو پون ۽ پڻ اڻوڻندڙ لوڏا ۽ ڌوڏا، جي رستي تي نصيب ٿيندا آهن، بلڪل وسريو وڃن. منهنجو ابو جبل واري سفر جو به اهوئي حال هو، جنهن ۾ مون کي نه چڱو کاڌو ئي مليو ۽ نه وري ڪو رهڻ جو سٺو بندوبست هو پر ان هوندي به آئون انهيءَ کي خوش ذوقيءَ سان ياد ڪندو آهيان. ابـُـو، اراولي جبلن جي قطار جو هڪ جدا ٿيل جبل آهي جو راجپوتانا جي مٿانهين پٽ کي انهيلوارا جي ميدانن کان جدا ٿو ڪري ۽ سندس بيهڪ ديسا کان اتر - اوڀر طرف چاليهه ميلن جي مفاصلي تي ٿيندي. اهو پنهنجي ڀر وارن جبلن مٿان ائين اڀو ٿيو بيهي، جيئن هڪ ڊگهي قد وارو اڳواڻ پنهنجي پوئلڳن آڏو بيهندو آهي. مون کي انهيءَ کي ڏسڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳو، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ چاليهه ميل سولائيءَ سان لتاڙجي سگهجن ٿا. اوهان وٽ جيڪڏهن پنهنجو گهوڙو نه آهي ته ٻئي کان اڌارو وٺي سگهو ٿا پر انهيءَ ۾ اوهان جي پڪائي به ڪانه هلندي، ڇاڪاڻ ته اوهان کي به ساڳيءَ طرح سواري اڌاري ڏيڻي پوندي. جيئن ته اهڙا سوال هر وقت ٿيندا رهن ٿا ۽ پڻ ضرورت جي مدنظر، ڪيترائي حرفتي ۽ پراڻا آزمودگار ماڻهو پنهنجي جند ڇڏائڻ خاطر ٽـُـٽل هـَـنو ۽ جڏو گهوڙو ڌاريندا آهن. جيئن ته شروعات کان وٺي مون کي هڪ ننڍي خچر تي چاڙهيو ويو، جنهن کي پستي ڪتي وانگر پوين پيرن تي بيهڻ جي عادت هئي، ان ڪري مون هڪ گهوڙو ڏسي ان جي سئس کان پڇا ڪئي ته ڇا تنهنجو مالڪ انهيءَ ٽٽونءَ تي چڙهندو آهي؟ جواب ڏنائين ته ”نه، اهو هميشه ڌارين ماڻهن کي اجرت تي سواري ڪرڻ لاءِ ڏيندو آهي.“ ديسا ڪئمپ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي مون بياس نديءَ کي اُڪري پار ڪيو، جا ان وقت (مارچ جي وچ ڌاري) گهڻو ڪري سڪي پيئي هئي. سندس ڪنڌيءَ وارا ٻيلا جهنگلي جانورن سان ڀريا پيا آهن، خاص ڪري شينهن ۽ واگهه هتي گڏ رهن، جيتوڻيڪ اهي هاڻي اڻلڀ جانورن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. اهي جهنگ جا بادشاهه شايد انهيءَ پراڻي اصول تي راضي ٿي ويا آهن ته ”ورهائي کائجي“ پر ڪڏهن به گڏ ڪونه ڏٺا ويا آهن. جبلن جي پاڙ تائين باقي رستو واريءَ جي ميدان منجهانِ ٿي ويو، جو تڏي وانگر اَڪ ۽ ڪانڊيري جي ٻوٽن مان شوَ جي وار جيان گهاٽو ۽ سينگاريل هو. هڪ هنڌ شينهن جي چنبي جي تازي نشان کي، جو ماپ ۾ ننڍي پليٽ جي برابر هو، ڏسڻ سان آءٌ سمجهي ويس ته انهيءَ ٻيلي جي سوڙهي ۽ گهاٽي ماٿر ۾ اسان جا رفيق ڪير هئا. ابوجبل جي پاڙ کان چئن ميلن جي فاصلي تي ڀيلن جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي انادرا ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. هي اهو هنڌ آهي جتي مسافر ٿورو ڊاٻو ڪري کير پيئندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي کير پيئڻ جي مرضي نه به هجي، پر ان هوندي به ان جي ضرورت محسوس ڪبي آهي، ڇاڪاڻ ته اڃا اڌورو ڪشالو رهيل هوندو آهي. ”ابو درويش“، جيئن اهو ماڻهن ۾ مشهور آهي، ان جي چوٽيءَ تي چڙهڻ ڪو سڻائو ڪم ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اها اُڀي کڙٻڙ ۽ پگهر ڪڍندڙ آهي. ماڻهو ان جي چوٽيءَ تائين پهچي سـَـنت ته ٿيو وڃي پر ان تائين پهچڻ خاطر ڪيترائي اچرج جهڙا مڪروهه ۽ ڪفرائتا گفتا استعمال ڪرڻ لاءِ مائل ٿي ويندو آهي. چار هزار فوٽ مٿي! ۽ اها اُڀي چڙهائي. ڪيئن نه اهو فاصلو ساڳئي مفاصلي جي سڌي سنواٽي پنڌ کان مختلف آهي. مان انادرا کان دل جي سادگيءَ سان پيرين پيادو هليس، جيتوڻيڪ هن هنڌن تي سواري ڪم آڻبي آهي. مون هڪ پڳي يا پيري، ديسا مان پاڻ سان گڏ آندو هو، جو اڳيان انهيءَ ڳوٺ جي ڀيل سان گڏيو پئي ويو ۽ رستي تي وندرائڻ لاءِ، هن هڪڙي راجا جي ڏند ڪٿا پئي ٻڌائي، جنهن پهاڙ ۾ رهندڙ هڪ غريب جي ڌيءُ سان شادي رچائي هئي، جنهن جو ڏاج انهيءَ ڪنيا جي ڪنوارپ کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هو. پيچرو ٻيلي جي وچان هو، جنهن ۾ تمام ڊگها وڻ هئا، جن جي هيٺيان سامڀرن جهڙا گجراتي نسل جي ڍڳن جا ڪيترائي ڌڻ پئي چـِـنا. اسان انهن جي ڦوڪ ۽ رنڀ جو آواز، ٿورو پرڀرو ۽ هر هر سڄو وقت پئي ٻڌو. اسان جي ويجهو پوڻ تي اهي جهنگلي ڍڳا سڀ گڏجي هڪ ٿي ويا ۽ فوجي چوڻيءَ موجب قطارجي ويا. اهڙيءَ طرح جو اسان سمجهيو ته ضرور ڪا شرارت ڪندا پر ائين ڪرڻ انهن لاءِ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اها جوءِ واگهن (1) سان ڀريل هئي. آخر اسان مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ جيتوڻيڪ آئون هن کان اڳ ڪيترائي اڙانگا هنڌ چڙهيل هوس پر مون کي ياد آهي ته هن جهڙي ڏکي چڙهائي ڪا ورلي هجي. اُنهيءَ تي نه ته ڪا لاهي هئي ۽ نه وري هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ جي ڪا جاءِ، ۽ ائين به ڪونهي ته ڪو ٿورڙي چڙهڻ کان پوءِ سمجهجي ته اجهو ٿو فاصلو پورو ٿئي، بلڪل نه. اهو ڪم تمام ڏکيو ڪشالو آهي، جنهن ۾ هر هڪ قدم تي ٻه ريڙهيون آهن. پهريون قدم تنهنجي ساڄي گوڏي کان آڻي ذري گهٽ تنهنجي کاڏيءَ تائين پهچائي ته ٻيو وري کاٻي ٽنگ کي گهلي آڻي ساڄيءَ جي ويجهو ڪري. آخر آءٌ ٿڪجي پيس ۽ کڻي پاڻ کي هڪ چـُـر ۾ اڇلايم، جتي مون کي گهاٽي ننڊ اچي ويئي. آءٌ ڀانئيان ٿو ته انهيءَ وچ ۾ ڀيل ڳوٺاڻن کي شايد محسوس ٿيو هجي ته مون کي هاڻي سندن خدمت جي ضرورت ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ جاڳيس تڏهن ڏٺم ته انهن جو هڪ ٽولو منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو. انهن وٽ هڪ نيٽ جي ٺهيل ڪرسي هئي، جنهن تي هنن مون کي چڙهڻ لاءِ عرض ڪيو ته جيئن باقي چڙهائي سندن ڪلهن جي مدد سان پوري ڪئي وڃي. ان هوندي به آءٌ پنهنجي مڙسيءَ تي رڙهي ذري گهٽ وڃي چوٽيءَ تائين پهتس، پر پوءِ ڏيئي- وٺي بيٺس ۽ آڻ مڃڻي پيئي جو نيٺ انهن مهذب وحشين جي خاص ورجائي منٿ ڪرڻ تي مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻو پيو. جيڪڏهن اوهان کي چرچي خاطر کلڻو هجي ته پوءِ ڪنهن کي نيرن ڏيڻ کان سواءِ، تنگ پتلون ۾ ابوءَ تي چاڙهيو. قصو ڪوتاهه، جڏهن جبل جي چوٽيءَ تي پهتس، تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته ڪڍيل ڪشالي جو مون کي پورو پورو عيوضو مليو آهي. پري پري تائين ويڪرا ميدان ۽ پهاڙ جون عجيب چوٽيون، جن کي طرح طرح جا اڻلڀ گل ۽ ٻوٽا، جهڳٽن وانگر تاج پهرايو بيٺا هئا، چوڌاريءَ پئي ڏٺا. بيڊولي مورتن ۽ قديم سينگار سان سجايل، سفيد رنگ جي مندر، ۽ پڻ شفاف پاڻيءَ واري ماٺيڻي ڍنڍ به پئي ڏٺي، جنهن جي مٿان ڪيتريون ئي ڪلنگيون، جن کي هندن جي ڏند ڪٿا ۾ پاڪائي بخشيل آهي، مستيءَ ۾ پئي لـُـڏيون. اهي نظارا فقط لاڀ پرائڻ خاطر آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي بيان ڪرڻ کان زبان قاصر آهي. آئون ويهي رهيس ۽ اُس پئي کاڌم، ڇاڪاڻ ته سج ايترو شوخ نه هو، پر وڻندڙ هو ۽ وايو منڊل سانتيڪو. البت سج کي انهن راجائن ۽ شهزادن جي ڪارنامن تي ويهي هنجون هارڻ کپنديون هيون، جن پنهنجي نالي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اُهي خواب پئي لڌا ته هو سدائين ڪامياب رهندا. پر هاڻي کين پڏائڻ لاءِ، هڪ ڌارئين ۽ جداگانه قوم جي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي، جو ويهي سندن ڪارناما پڙهي. اُهي هڪ اصلي نامور پيڙهيءَ جي راجپوتن مان آهن، جن جي هتي مسلمانن کان اڳ هاڪ هئي. پر راجپوتن، مسلمانن کان به وڌيڪ هڪ نالو آهي (1) ۽ اسين اميد ٿا ڪريون ته ٿوري وقت ۾ هتي جا رهندڙ قبيلا انهن جي اثر هيٺ اچي نالو ڪڍندا. اَبـُـو، ايامن کان وٺي هندن لاءِ ياترا جو هڪ هنڌ آهي. کيس قدرت جي ڏنل نعمتن جي نيڻ ٺار نظارن جي سهڻائي، ضروريءَ طور مذهبي جنون رکندڙ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇـِـڪ ڪئي هوندي، جي تمام اوائلي دؤر کان جبلن تي ٻليدان ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا. اهڙيءَ طـرح انهن هـر ڪنـهـن ڍنڍ يـا پاڻيءَ جي وهڪري کي مذهبي پاڪائيءَ جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. قدرت جي عجيب لقاءَ ۾ خدا جي هجڻ جو وڏو دليل آهي، جنهن جي تصديق لاءِ وحي ٿيل آواز جي ڪابه ضرورت نه آهي. هندو پراڻن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ مذڪور آهي ته رشين منين ۽ سنتن هن چوٽيءَ کي پنهنجي رهڻ جو هنڌ ٺاهيو هو. ان ڪري ئي سندس اُڀي ۾ اُڀي چوٽيءَ کي ”گروسڪر“ يا ”گروءَ جي ڪلنگي“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته هتي اندرا، رودرا، برهما ۽ وشنو، سورما کتري ذات پئي پيدا ڪيو. پر نيٺ سندن اپوترتا جي ڪري پرسرام (1) اچي سندن پاڙون پٽيون. جيڪي مندر ابوجبل کي سجايو بيٺا آهن، سي جين مذهب وارن جا آهن ۽ ويجهڙائيءَ جا ٺهيل آهن، جن کي ٻه يا ٽي صديون مس گذريون هونديون. اُهي گهڻو ڪري اڇي سنگ مرمر جا ٺهيل آهن، جن تي زيورن جيان ڪئين مورتون اُڪريل آهن ۽ قْڻ مٿانئن اڻلڀ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. مٿن جڙاء جو اهڙو ته نفيس ڪم ٿيل آهي جو نٿو ڀانئجي ته ڪي ٻيا هندستاني سهڻا پگوڊا، هنن جي برابري ڪري سگهن. (1) ديسا جو شهر گجرات جي پالنپور رياست ۾ آهي ۽ ريلوي اسٽيشن آهي. (2) آسٽريليا جو گهڻو برپٽ آهي، جتي کاڌو ۽ پاڻي مشڪل سان ملي ٿو. (1) هيءُ ڪرتب اصل ۾ هندستان جو آهي پر هاڻي يورپ ۾ به رائج آهي. انهيءَ ڪرتب جي پوري تصوير لاءِ ڏسو ”جنگ“ جو 29- جولاءِ 1964ع وارو پرچو (آج کي تصوير). (1) ڪارو ڪوٽ يا ڪالاڊگلا جي اعزاز کي اڄوڪن تمغن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. (2) شراب جو پيالو ڪنهن ماڻهوءَ جي صحت ڏانهن منسوب ڪري پيئبو آهي. (1) واگهه، شينهن جو قسم آهي- هن کي انگريزيءَ ۾ ٽائيگر سڏبو آهي. (1) هتي لکندڙ جي مراد انگريزن سان آهي! (1) “پرسرام” وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار ۽ رشي جمدگني جو پٽ هو. چون ٿا ته جمدگني کي هڪ ڳئون هئي، جنهن کان جيڪي گهربو هو سو ملندو هو. راجا ڪرت ويريه کي جمدگني جي ڍڳي وڻي ويئي، جا هو ڪـَـهرائي هليو ويو. انڪري پرسرام کي ڪاوڙ لڳي ۽ راجا کي ماري ڳئون آڻي پيءُ کي ڏنائين. پر سندس غير حاضريءَ ۾هڪ ڏينهن راجڪمار جمدگني کي ماري هليا ويا، انهيءَ تي پرسرام پڪو پرن ڪيو ته ڪوبه کتري ٻچو زندهه نه ڇڏيندس. پراڻن ۾ مذڪور آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين جو ڪـَـل ناس ڪيو هو. انهن خاصيتن هوندي به اُهي هڪ اهڙي هنڌ تي ٺهيل آهن جو هاڻي انهن کي جهنگلي ڀيل يا رولاڪ جوڳي لتاڙيندا رهن ٿا، جيتوڻيڪ انهن لاءِ به اُتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. چوڏهين صديءَ ۾ اَبوءَ جي اوڀر ۾ چندراوتيءَ جي نالي هڪ شهر هو، جنهن ۾ پئوڙا راجپوت رهندا هئا ۽ ان جو فاصلو ابوءَ کان چوڏهن ميلن جي پنڌ تي هو. ان وقت انهن پوتر پهاڙن تي پهچڻ ايترو اڻائو نه هو ۽ نه وري اُتي آمدرفت جي ايتري گهٽتائي هئي. ذڪر ڪيل ڍنڍ کي ”نـَـڪـِـي تلا ِّ“ ڪري ڪوٺين ۽ اُها سمنڊ جي مٿاڇري کان 3800 فوٽن جي اوچائيءَ تي آهي. چون ٿا ته ڪنهن ويراڳيءَ ان کي ڏوئيءَ (2) سان کوٽي ٻاهر ڪڍيو هو، جو انهيءَ چڱي ڪم خاطر اُتي ڪـِـلو کوڙي ويٺو هو. اها ڍنڍ هڪ ميل ڊگهي ۽ ان جو چوٿون حصو ويڪري آهي ۽ ڪن هنڌن تي ڪيترائي وال اونهي آهي. انهيءَ ساڳئي مٿاڇري تي اٽڪل اڌ ميل جي پنڌ تي الهندي پاسي جين مندر آهن، ۽ اتر ڏانهن وري گروسڪر جي چوٽي آهي، جا اٽڪل ڇهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي آهي. ضميمي 1 - ۾ ڏنل اقتباسات، جيڪي هڪ دوست جي رجسٽر تان ورتل آهن، انهيءَ وقت جي آبهوا جي فطرت ڏيکارين ٿا جڏهن ديسا جي چوڌاريءَ ميدانن ۾ بلڪل اڻسهائيندڙ گرمي هوندي آهي. منهنجي آڏو اهڙي سهڻي ايڪانت هوندي به آءٌ انهيءَ خيالن کان رهي نه سگهيس ته ڪهڙو نه افسوس آهي جو اسان جي يورپي پلٽڻ کي گرم مهينا ديسا جي ساڙيندڙ اُس ۾ پچايو وڃي ٿو، جڏهن ته ٿوريءَ موڙيءَ سان انهن لاءِ هن جبلن جي عدن (1) ۾ آرام ڏيندڙ جايون ٺاهي سگهجن ٿيون. جيئن فرينچن پاڻ کي الجزائر جي رستن ۾ موکيو هو، تيئن جيڪر اسان جي فوج ٿوري هنر ۽ محنت کان ڪم وٺي ته بنان دير انهن چاڙهين کي آسانيءَ سان چڙهڻ جهڙو ڪري وجهي ۽ پاڻ کي اهڙي آبهوا تائين پهچائي، جا سندن ملڪ جي آبهوا کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. سياري جي ٿڌن مهينن ۾ يورپي فوجن کي آڻي ميدانن ۾ ڪڍجي ۽ انهن کي پريڊ وغيره جي ڪم ۾ لڳايو وڃي. پر جيئن ئي مارچ شروع ٿئي، تيئن کين پنهنجي محنت سان ٺاهيل رستي جي ذريعي وڃي جبلن جي اتاهينءَ تائين پهچائجي ۽ اهو رستو پوءِ قيمتي ورثي وانگر قائم مقام فوج کي بدلي ڪري ڏنو وڃي. ابوءَ کي جيترو وڌ ۾ وڌ ٿي سگهيو، ٿورڙي وقت ۾ جيڪو منهنجي زيارت لاءِ محدود هو، ڏٺم، ۽ پوءِ هيٺ لهڻ شروع ڪري ڏنم. ديسا پهچڻ تي مون کي مسافريءَ تي اڳتي وڌڻ لاءِ تياريءَ ۾ فقط هڪ ڏينهن لڳو. مون 18- تاريخ ديسا کي خيرباد چوندي، شام جو اچي پٽن(2) ۾ منزل ڪئي جو ديسا کان ارڙهن ميلن جي پنڌ تي آهي. منهنجو گس اهڙي ملڪ مان ٿي ويو، جو انهيءَ ڌڪار آميز جاين کان بچيل هو جن کي مسافرن جو بنگلو ڪري سڏيو ٿو وڃي. اهي بنگلا اهڙي موقعي تي ٺاهيا وڃن ٿا، جو ويجهڙائيءَ جي دز ۽ مکيون اچيو اتي گڏ ٿين. انهن جون ڀتيون جـَـهڪي اڇي رنگ جون هونديون آهن پر جيئن ته نويڪلائيءَ ۾ هوندا آهن، ان ڪري انهن ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي آهي. انهن جي ابتڙ هندستاني چٽيل مندر ۽ مسافر خانا آهن، جي گهاٽي وڻڪار ۾ هوندي به قدرتي نظارن سان ڀريا پيا آهن. مون پٽن ۾ هڪ اهڙي مسافرخاني ۾ منزل ڪئي هئي، جو بڙ جي وڻن جي هڪ عاليشان جهڳٽي هيٺان هو ۽ اهي بڙ جا وڻ ڀولڙن سان ڀريا پيا هئا، جن جي ناٽ نخرن مون کي لاڳيتو پئي وندرايو. موقعي جي تلاش ۾ هوندي جڏهن انهن ڏٺو، ته ڀر وارين ٻنين ۾ ڪو ڪونهي، تڏهن انهن جو ٽولو هڪٻئي پٺيان لهي وڃي واڙيءَ ۾ پيو ۽ جلديءَ ۾ سنگ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. پر هڪڙو ڀولـُـو ٻاهر بيهاري ويا. اوچتو هاريءَ کي خبر پئجي ويئي ۽ جيسين اهو موقعي تائين پهچي ئي پهچي تنهن کان اڳ، منهنجا يار (ڀولڙا) سلامتيءَ سان اچي پنهنجي ماڳ پهتا ۽ ڦرلٽ (ڪيل ان) کي ڪٽنب جي وڏن ڀاتين ۾ هڪجيترن حصن ۾ ورهائڻ لڳا. پٽن کان واڌوان تائين، جو ڪاٺياواڙ ۾ آهي، هڪ سؤ پنجاهه ميلن جو فاصلو آهي، پر انهيءَ سفر ۾ نڪو مون مشاهدو ڏٺو ۽ نڪا وري اهڙي دلچسپيءَ جي ڳالهه، جا هتي بيان ڪجي. پٽن کان ٻيءَ منزل تي مون پوڄارين جو هڪ وڏو ٽولو ڏٺو، جو ڌاماجي گائڪواڙ جي ٺهرايل مندر ڏانهن وڃي رهيو هو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو بت رکيل نه آهي. پر اهو ديويءَ(1) لاءِ آهي پوتر، ڇاڪاڻ ته جيڪو ميڙ اتي اچي گڏ ٿيو هو، تنهن پرارٿنائن رستي، ماتا جي ڪلور کي ٽارڻ لاءِ پئي ايلاز منٿون ڪيون. اتي جي برهمڻن مون کي مندر جي ويجهو هڪ سائي پاڻيءَ جو دٻو ڏيکاريو، جو سندن چوڻ موجب سال ۾ ٻه دفعا (ماتا) ديويءَ جي ظاهر ٿيڻ سان ڳاڙهو ٿي ويندو هو. اهو هڪ معدني چشمو ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ منجهس پاڻي ننهن - سوسڙو هو. جيئن جيئن آءٌ ڪاٺياواڙ جي ويجهو پوندو ويس، تيئن ملڪ وڌيڪ غيرآباد هو ۽ هرهڪ ڳوٺ جي چوڌاريءَ هڏن جو ڍير ڏسڻ ۾ آيو. سچ پڇو ته خشڪ سالي اهڙي ته خطرناڪ هئي جو انهيءَ ملڪ جو چوپايومال يا ته ناس ٿي ويو يا وري سرحد پار لوڌجي ويو هو. ملڪ ۾ تمام سخت ڏڪر هو. مائٽ پنهنجا ٻار وڪري لاءِ آڇي رهيا هئا، ۽ شڪ ناهي ته ڪيئن ٻار ڳاڻيٽي کان سواءِ، بنا سنڀال جي مري ويا هئا. اهڙيون مصيبت ڀريل مندون ڪاٺياواڙ ۽ پاڙيسري ملڪ ڪڇ ۾ هر هر اينديون رهن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن کي روڪڻ جا اپاءَ وٺي سگهجن ٿا پر جيڪڏهن سرڪار انهيءَ ڏانهن ٿورو ڌيان ڏي ته. اسين انهيءَ علائقي مان هر سال ڇهه لک اسي هزار اڳاڙيون ٿا پر انهيءَ رقم جو ڪوبه حصو پبلڪ ڪمن ۾ خرچ نٿو ڪيو وڃي. وڏي ۾ وڏي ضرورت جا هينئر آهي، اها هيءَ آهي ته جيڪي به نهرون آهن، انهن تي بند ٻڌا وڃن، جيئن انهن کي ٿوري مينهن پوڻ سبب سڪي وڃڻ يا پاڻي گهٽجي وڃڻ کان روڪي سگهجي. اهو صحيح آهي ته اهڙا ڪم مهانگا ٿين ٿا پر اهو به صحيح آهي ته اهڙن ڪمن تي صرف ڪيل موڙي، ٿورن سالن اندر وياج سميت موٽيو ملي. اهڙن بندن جي فائديمند هجڻ جو مون کي صاف طور پرکڻ جو پورو پورو آزمودو آهي. راجڪوٽ(1) ۾ منهنجي رهڻ جي وقت، جڏهن ڏڪار چوٽ تي هو، تڏهن هڪ نهايت تکو طوفان گجندو آيو ۽ ٿورن ڪلاڪن ۾ نهر جو پيٽ، جنهن ۾ ٿورو اڳ ٻار پئي کيڏيا، اونهي ۽ نه اڪرڻ جهڙي خطرناڪ پاڻيءَ جي وهڪري سان ڀرجي ويو. اهو پاڻي جيڪر روڪي وجهجي ها ته وڏو مـُـلهه ڪري ها، پر جهڙي تيزيءَ سان اها نهر ڀرجي ويئي، اهڙي جلد اها لهي ويئي ۽ اسان کي انهيءَ ساڳئي ڏوجهري ۾ ڇڏي ويئي، جنهن ۾ اڳ هئاسين. مصيبت وڌائڻ ۾ ملڪ جي واپارين جو به هٿ آهي، جي سڪار وقت اَن خريد ڪري زمين جي هيٺان تهخانن ۾ وڃيو گڏ ڪن. پوءِ اهي صبر ۽ تحمل سان پنهنجو گڏ ڪيل ان رکيو پيا واجهائين ۽ پڻ دعا ڪن ته ڪو خراب سال اچي. جيئن ئي اهو اچيو نازل ٿئي، تيئن اهي بدڪار، يوسف(2) ان جو اگهه چوٽ چاڙهيو ڇڏين، جنهنڪري غريب ماڻهو نااُميد ٿيو پون ۽ هٻڇي واڻيو پنهنجي ديس ڀاين جي تباهيءَ تي وڃي مچندو. انهن واڻين مان هڪڙي مردود، ڪنهن غريب خاندان کي ٿورو ان وڏي اگهه تي پهچايو هو، جي آهستي آهستي سندس وڏا قرضي ٿي پيا. هن پوءِ انهيءَ گهراڻي جي هڪ عورت جي عزت جي قيمت تي پنهنجي قرض تان هٿ کڻڻ جي آڇ ڪئي ۽ پڻ وقت جو ناجائز فائدو وٺندي، انهيءَ رٿا جي پورائيءَ لاءِ زور رکيو، پر وريس ڪي به ڪين. راجڪوٽ ۾ منهنجي پهچڻ کان پوءِ جڏهن اهو معاملو عدالت تائين ويو، تڏهن انهيءَ مـُـردار جا ناپاڪ ارادا، ڪن سببن ڪري، پاڻيءَ ۾ ملي ويا ۽ اهو قرض اڳاڙي نه سگهيو. آءٌ 23- مارچ تي راجڪوٽ پهتس. هتي هڪ ننڍي ڇانوڻي آهي ۽ پوليٽيڪل ايجنسي به آهي، جا آءٌ حيران آهيان ته ڪيئن ٿي اتي جي پندرنهن لک ماڻهن جي انصاف جو انتظام ڪري! جيتوڻيڪ اها بنا ڪنهن شڪ جي انصاف جو سرچشمو آهي پر جيڪو انصاف هتي ٿو پلئه پوي، اهو هن وڏي ۽ ويڪري صوبي جي ڪنڊن تائين پهچڻ ۾ ڇڊو ٿيو وڃي. سچ ته اسان جو ڪاٺياواڙ ۾ ديواني عملو پنهنجي فرض جي بجاآوريءَ لاءِ بلڪل اڻپورو آهي. ٽي يورپي صاحب، ڪيترو به کڻي جوش ايمانداري ۽ سخت محنت کان ڪم وٺن تڏهن به ٿورو ڳوهيل اٽو، ڪيترو به ڳوهجي، ڪٿي ٿو جـَـجهـَـن کي پورو پوي. ڪيڏي به پربت جيڏي ڪوشش ڪن، پر اهو ممڪن نه آهي ته سڄي علائقي جو بار، جو مٿن مڙهيو ويو آهي، کڻي سگهن. ڪاٺياواڙ جو ملڪ ٻن سوَن ننڍين رياستن کان به وڌيڪ حصن ۾ ورهايل آهي جنهن مان هر هڪ جو عيوضي يا وڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ جي عدالت ۾ هوندو آهي، جو گهڻو ڪري گهڻ ڳالهائو هوندو آهي ۽ پاڻ کي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي برابر جي پهرئين درجي جي يورپي طاقت جي ڪارڪنن کان گهٽ نه سمجهندو آهي. منهنجو مطلب آهي، ته آهي انهن جهڙو دولابي. انهيءَ ڪـُـت خلق مان هرهڪ عيوضي پاڻ کي سالياني طور مقرر ڪيل تعداد ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي آڏو اهنج پيش ڪرڻ لاءِ ٻڌل ٿو سمجهي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ هو سمجهندو ته سندس نوڪري ختم ٿي. بدقسمتيءَ سان کٽين(1) کي پنهنجي پاڙيسرين خلاف دانهن ڪرڻ جا سبب آهن. اهي ڏوهه ۽ زبردستيون، جي ايتريون ته رائج آهن جو انهن جي گهٽ ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي. جيئن ته آءٌ ڏڪر جي وقت پهتو هوس، ان ڪري اهو ضروري نه هو ته ڪو ڌنڌو بيهي ويو هوندو، ويتر تڪرار وڌي ويا، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ فقط ٿوري ڪوشش ڪرڻي پوندي هئي. جيڪي به مهينا انهيءَ عهدي تي هوس، مون ٽن سون ڪيسن بابت پڇا ڪئي ۽ انهيءَ ۾ مون کي ڏهه ڪلاڪ روزانو ڪم ڪرڻو پوندو هو. جيڪي ماڻهو سرڪاري عملي ۾ مقرريءَ جا شوقين هوندا آهن، انهن کي اها غلط فهمي نه هئڻ گهرجي ته مون کي ڪو ڪم جي برابر اجورو مليو هوندو. اها ته ٿي پري جي ڳالهه، اٽلو جيڪي الائونس مون کي ريجمنيٽ ۾ هجڻ سان ملندا هئا، اهي به مقرر ڪيل عددن کان گهٽايا ويا، ڇاڪاڻ ته مون پنهنجو ڪمپني الائونس به وڃايو هو ۽ ان جي بدران مون کي پندرهن رپيا في مهينو ديواني پگهار ملندو هو. وڌيڪ چٽي مون کي وري انهيءَ ڊگهي سفر جي خرچ جي برداشت ڪرڻي پئي ۽ آئون تسليم ٿو ڪريان ته منهنجو ”ڪارو ڪوٽ“ مون کي ڪي قدر مهانگو پيو. مون کي ان ڪري ڪو ڏک نه ٿيو ۽ پاڻ عجب لڳو، جڏهن مون مـَـئي مهيني جي پڇاڙيءَ جي هڪ صبح جو پنهنجو نالو جنرل رجسٽر ۾ ڏٺو، جنهن ۾ منهنجون خدمتون بنگال سرڪار جي حوالي ڪيون ويون هيون. پوءِ خدا حافظ، اي آفيم کائيندڙ ۽ ننڍڙين نياڻين کي قربان ڪندڙ راجپوتن جا ملڪ ۽ پڻ موڪلاڻي آهي محنت جي ڊگهن ڪلاڪن ۾ ٿورڙي معاوضي کي. هاڻي پارسين جي چوڻيءَ موجب ڏسجي ته، ”سڀاڻي جو سج ڇا ٿو ڏيکاري“. مون راجڪوٽ کي 5- جون تي ڇڏيو ۽ جوڙيا ڏانهن پنڌ پيس، جو هڪ ننڍڙو سامونڊي بندر آهي ۽ نوانگر جي ڄام جي مـِـلڪ آهي. اهو ڄام هڪ راجپوت حاڪم آهي، جو پنهنجي پيئڻ جي خفت، بنان ڊپ ۽ دلير گهوڙيسواريءَ جي ڪري مشهور آهي. هن اسان جي بهترين سوئر - مار شڪارين سان، ڏڦي سان شڪار ڪرڻ تي بازي لڳائي هئي. جيڪا رات آئي اها طوفان واري هئي ۽ آسمان جي چوماسي جي گڏ ٿيندڙ ڪڪرن سان ڪومايل. پر ان هوندي به بکايل رعيت انهيءَ جو به، ان کان وڌيڪ آڌر ڀاءُ ڪيو، جيڪو سدا بهار انگلنڊ جا ماڻهو کليل ڏينهن ۾ سج جي تڙڪي جو ڪندا آهن. قلعي جي شهر پناهه تي مون ڪي پراڻيون انگلنڊ جون ٺهيل جهازي توبون ڏٺيون ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن مون کي آڻي ڀـُـڄ ۾ پهچايو، جو ڪڇ جو مرڪزي شهر آهي. آءٌ انجار کان ٿيندو آيو هوس، جو ڏسڻ ۾ ته موچارڙو شهر آهي پر ٻين ديسي شهرن وانگر هتي به ٻاهتر کان وڌيڪ ڍوهيون هيون، جي هڪٻئي کان جدا ۽ ظاهر پئي ڏسڻ ۾ آيون. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ڀـُـڄ ۾ مون کي راءَ سان ملاقات جو شرف مليو، جنهن کي پنهنجي ملڪ جي انتظام رکڻ جي وڏي قابليت هئي. پر ان کان به وڏي قابليت منجهس هئي اسان جي سرڪار کي پنهنجو ڪري ان کان رعايتون وٺڻ جي ۽ اسان جي موڪليل پوليٽيڪل ايجنٽن جي دل وٺي، پنهنجي متعلق سٺي راءِ قائم ڪرائڻ جي. هو انگريزي چڱي ڳالهائي ڄاڻي ۽ ساڻس ڳالهائڻ مان مون اهو پروڙي ورتو ته کيس پنهنجي ملڪ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ وصول ٿيندڙ ڍل ۽ محصول جي پوري پوري خبر هئي. هن مون کي پنهنجو محلات به ڏيکاريو، جو اڳي سندس چاچي راءَ پرمل جي گناهه سان ڀريل رنگ رلين جو ماڳ هو. اهو شخص هاڻي ٽڪريءَ تي هڪ قلعي ۾ نظر بند آهي ۽ جيتوڻيڪ دنيا کيس وساري ڇڏيو آهي پر پاڻ دنيا کي به ڪونه وساريو آهيس. اسان جي هندستاني سلطنت جي پهاڙي علائقن جي اڳين راجائن شهزادن ۽ حاڪمن، جيڪي هينئر ڏک ۽ عذاب جي ماني کائي رهيا آهن (جيتوڻيڪ انهن مان ڪي اهائي لهڻن، پر ان هوندي به اها ڪا گهٽ ڪـَـڙي ڪانهي!) جو جيڪڏهن احوال ورتو وڃي ته اسان جي انگريزي دنيا عجب ۾ پئجي وڃي. جيڪڏهن اهڙو رجسٽر رکجي ته پوءِ اهڙا ڪئين نالا ڏسڻ ۾ ايندا، جن لاءِ جنم ٽيپ جي خطرناڪ سزا جي لکڻ جو به ضرور نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي انهيءَ کان به وڌيڪ سزا جا مستحق آهن(1) اسان کي خبر آهي ته ڪيترن کي تمام وڏا معاوضا ڏنا ويا آهن ۽ ڪن جي رتبي ۾ به گهٽتائي اچي ويئي آهي، پر ان هوندي به اهي نهايت موثر لفظن ۾ هڪ سنڌي امير جو ڏنل جواب ورجائي چوندا آهن،..... مير صاحب، ان وقت ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”هاءِ صاحب، منهنجي ملڪ جي وڻ جي ڇانوَ به هتي جي ديس نيڪاليءَ جي محلات کان بهتر آهي“ (2). ڀـُـڄ ۾ مون کي سر هينري پاٽنجر (جو ان وقت ڪرنل هو) جو خط مليو، جنهن مون کي رڻ جي رستي سنڌ ڏانهن وڃڻ کان جهليو هو، ڇاڪاڻ جو سندس چوڻ هو ته چوماسي جي مـُـند ۾ اهو رستو ڪم نه آندو ويندو آهي. پر جيئن ته هوا سڌو ڪناري ڏانهن پئي لڳي ۽ سامونڊي رستو بند ٿي چڪو هو، ان ڪري مون لاءِ ٻي ڪا به واهه ڪانه هئي. آخر مون 19 - تاريخ ڀـُـڄ ڇڏيو ۽ 23 - تاريخ لکپت بندر تي پهتس. هن بندر جي ويهن ميلن اندر رستو اُجڙيل هو. ٻنهي طرفن کان سـُـڃا ٽـَـڪـَـر هئا، جن ۾ نه هئي ساوڪ ۽ نه وري پاڻي. لکپت خود اڌ - ويران هو، جهڙو سڙي ويل شهر! سندس قلعو البت وڏو آهي، جو مرحوم فتح محمد ڪڇ جي وزير ٺهرايو هو. هـُـن سخي ۽ لائق شخص جي وفات کان پوءِ هن شهر جو تڪڙو زوال آيو ۽ هاڻي منجهس انهيءَ آباديءَ جو ٽيون حصو وڃي بچيو آهي، جا مرحوم فتح محمد جي ڏينهن ۾ هئي. اُتي منهنجي منزل وقت ڪالرا بيماريءَ ڪلور ڪري ڇڏيا هئا. اُتي ميري پاڻيءَ جو هڪ چشمو هو، اُن تي به رات ڏينهن ماڻهن جي پيهه لڳي پئي هئي. آخر انهيءَ جي مٿان هڪ چوڪيدار رکيو ويو ته جيئن تازي آيل ماڻهوءَ کي سندس وارو ملي. مون اُتي ٻن عورتن جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٻڌي، انهيءَ مان ماڻهن جي بيحاليءَ جو پتو پوي ٿو. ”ڪهڙي خبر آهي، ڀاڳي؟“ هڪڙي عورت انهن مان ٻيءَ کان پڇيو. ”ساڳيو حال آهي، ادي!“ اهو هو سوال جو جواب. ”پاڻ سان اڃا بيماريءَ جي مصيبت ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ جو وَيل آهي.“ ڏينهن جي وقت ته موتمار گرمي هئي پر رات وري اڻسهائيندڙ ۽ شوخ هوا ٿي آندي، جا سوساٽ ڪندي تنبوءَ کان پئي گذري، شايد اها پڇا ڪرڻ لاءِ ته هيترين سارين مصيبتن کان پوءِ به هن غمگين علائقي ۾ ڪو سلامت بچيو آهي ڇا؟ مون واريءَ منزل جي هيءَ جاءِ بلڪل خراب هئي،پر انهيءَ کان به وڌيڪ خراب هو منهنجو ايندڙ سفر. 24 - تاريخ صبح جو آئون جهاز ۾ چڙهيس ۽ ساڳي ڏينهن ڇهين بجي شام جو اچي سنڌ جي رڻ ۾ پهتس. ”ڌٻڻ جي نرم واري، نه آهي سمنڊ ۽ نه آهي وري چڱي سڪل زمين.“ جيستائين نظر پئي پيئي تيستائين هڪ ويڪري بي انت، ڀوري رنگ جي پوٺي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ٿي ڏٺو. اهو ميدان سمنڊ جي مٿاڇري سان اهڙو ته سنوت ۾ هو، جو جيڪي ٻڌو هوم، سو ڏٺم، يعني وير چڙهڻ وقت اهو سڄو علائقو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي ويو. ڀانئجي پيو ته ڄڻ: ”اُها سربونين ڌٻڻ (1)، جا دمياتا ۽ پراڻي جبل ڪاسبس جي وچ ۾ آهي، جتي سڄيون ساريون فوجون گم ٿي وييون“. مون کي اها خبر هئي ته ٿورا ڏينهن اڳ ستن ماڻهن رڻ کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي پڄاڻي آندي هئي. ان ڪري مون کي پنهنجي ٻيڙيءَ کي پوئتي هٽندو ڏسي نا اُميدي ٿيڻ لڳي. منهنجي اٽالي ۾ چار گهوڙيسوار، ٻارنهن اُٺ ۽ خدمتگارن جو معمولي تعداد هو. سفر جا پهريان ٻه ميل سخت ٿڪائيندڙ هئا، ڇاڪاڻ ته چڪڻ ايڏي ته اونهي هئي، جو اسان کي انهيءَ مان اُٺن کي ڪڍڻ ۾ وڏي تڪليف ٿي. ايتري ۾ سج به لهي ويو ۽ نيٺ اسان پاڻ کي وڃي سخت واريءَ تائين پهچايو، جنهن جي مٿان اسان لاءِ هڪ ڳاڙهو چنڊ پئي چمڪيو. سهائي رات هئڻ ڪري اسان پنهنجي کٻي پاسي سمنڊ پئي ڏٺو، جو اسان کي هيسائڻ لاءِ زور شور سان پئي اٿليو ۽ پٿليو. سامهون هڪ وڏو نرم مٽيءَ جو لس ميدان هو، جنهن کي ٿورن ڪلاڪن جو مينهن هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ بدلائي ٿي سگهيو، جا اسان جي سڄي ٽولي کي جيڪر وڪوڙي وڃي ها. اتي سائڻ قدرت پهريون دفعو مون کي پنهنجي جادوگريءَ جي هڪ حرفت ڏيکاري ۽ اها هئي رڃ. جيتوڻيڪ مون کي انهيءَ قسم جي فريب جي خبر هئي پر ان هوندي به مون جڏهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن بلڪل ٺڳجي ويس. جيئن ته پري کان ڪي گهر ۽ انهن جي چوڌاريءَ ٿورو جهنگ پئي ڏٺو، ان ڪري مون کي پڪ ٿي ته اهو لاهه جو ڳوٺ آهي، پر جڏهن ويجهو پهتاسين، مون وارو ڏٺل ڳوٺ، اُٺ جي هڏن جي ڍير کان سواءِ، ٻيو ڪي ڪين هو. آخر جڏهن اسين اچي لاهه ۾ پهتاسين، تڏهن اتي ڪوبه ماڻهو اسان کي ڏسڻ ۾ نه آيو، فقط ڪي اجڙيل وڻ هئا ۽ ننڍڙيون ٽڪريون هيون، جي لاڻي سان ڍڪيون پيون هيون. اهو ڳوٺ ڪوٽڙو کان، جتي اسان اچي لنگر هنيو هو، ارڙهن ميلن جي پنڌ تي هو. سر گانڊا پهچڻ کان اڳ، جو پڃاري شاخ تي هڪ ڏتڙيل ڳوٺ آهي، سج ڪاپار تي اچي ويو هو ۽ سخت ساڙيندڙ هو. ڪوٽڙو کان گانڊا تائين ٽيهن ميلن کان مٿي فاصلو آهي پر انهيءَ وچ ۾ سواءِ لاهه جي، جتي ٿورو ٻاڙو پاڻي ملي ٿو، پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو ملڻ به محال آهي. سر گانڊا ۾ ته گهوڙيسوار فوج جي هڪ جٿي کي به پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ ناممڪن نه، پر ڏاڍو ڏکيو ڪم ضرور آهي. ان ڪري ڪڇ جي رستي سنڌ پهچڻ، خاص ڪري فوج جي لاءِ ته بلڪل محال آهي. ڇاڪاڻ ته اهو رستو هڪ ننڍڙي ٽولي لاءِ به خوف ۽ خطري کان خالي نه آهي. منهنجي انهيءَ رستي اڪري وڃڻ کان پوءِ جيڪا رات آئي، ان ۾ معمول کان وڌيڪ وِير چوٽ تي چڙهيل هئي ۽ ساڳئي وقت سخت مينهن پوڻ ڪري لاهه تائين سڄو رستو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. مون سر گانڊا ۾ فقط شام تائين منزل ڪئي ۽ اتي جڏهن منهنجن اوٺين،جيڪي سنڌي هئا، اڳتي وڌڻ کان نابري واري، تڏهن آءٌ پنهنجو سامان سڙو ۽ نوڪر چاڪر اتي ڇڏي، ٻه گهوڙيسوار همراهه ڪري ٺٽي ڏانهن پنڌ پيس. سج لٿي مهل اسان پڃاري، جا هڪ لوڻاٽيل کاري آهي، اچي اُڪرياسين ۽ جڏهن مون سنڌين کان پڇيو ته ايندڙ ڳوٺ ڪيترو پري آهي؟ تڏهن جواب مليو ته چار ڪوهه يعني اٺ ميل آهي. اهي جرمن ميل وڃي ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته جيئن اڳتي وڌون تيئن وڃي فاصلو وڌندو. سڄي رات سواري ڪندي گذري، ان هوندي به صبح جو کڻي پڇون ته ڪيترو پري آهي اهو ڳوٺ؟ ته جواب ملي ”چار ڪوهه“. سج جي گرمي شدت تي هئي ۽ اسان کي کائڻ لاءِ به ڪي ڪين هو، نه وري ڪو گهر گهاٽ ٿي ڏٺو ۽ جيڪي سنڌي اسان کي رستي تي مليا، تن اسان سان ڳالهايو ئي ڪونه. رات پئي، ته ٿڪجي ٽٽي اچي لاڏيءَ جي ڳوٺڙي ۾ پهتاسين، جو اسان جي سفر واري رستي تي سرگانڊا کان گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ميلن جي پنڌ تي هو. جيئن ته هن کان اڳي ڪوبه يورپي هن علائقي ۾ نه ڏٺو ويو هو، ان ڪري انهيءَ ڳوٺ جو هرڪو ماڻهو فرنگين کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. ويچار ڪريو ته اها ڪيترو نه ڪـَـڪِ ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو ڇٽيهه ڪلاڪ بک ۾ پاهه ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي چؤطرف گهوريندڙ ٻوٿن جي گهيري ۾ ڏسي، ۽ ننڍڙن ٻارن کي هڪٻئي کي سڏ ڪندو ٻڌي ته اچي ”ڪافر“ ڏس. ٿوري وقت کان پوءِ ڳوٺ جو وڏيرو اچي پر گهٽ ٿيو، جنهن فارسيءَ ۾ پئي ڳالهايو. مون کيس کاڌي پيتي هٿ ڪرڻ جي خيال کان پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن چيو ته، ”اسان وٽان سيڌو پاڌو ڪونه ملندو.“ مون جڏهن ڏٺو ته نرميءَ سان نٿو سمجهي، تڏهن کيس دڙڪو ڏيئي چيم ته انهيءَ بابت آءٌ ميرن سان شڪايت ڪندس. انهيءَ تي هو پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيو ۽ چيائين ته، ”آءٌ سيد آهيان. ڳوٺ جو آءٌ ڌڻي آهيان، مير ناهي! اوهان کي ڪي ڪين ملندو.“ انهيءَ گفتي کان پوءِ هو هليو ويو ۽ جيئن ته اسان کي انهيءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪرڻو هو، ان ڪري اسان کي ٿورڙن چانورن تي گذر ڪرڻو پيو، جي هڪ سوار پاڻ سان آندا هئا. اهي ايترا ته ٿورا هئا جو جڏهن اسان ٽن ڄڻن پاڻ ۾ ورهايا، تڏهن هرهڪ کي ٻه - ٽي گرهه مس نصيب ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو اسان منزل پـَـٽي رستي تي بهادر پور کان اچي لنگهياسين، جو لاڏيءَ کان ٻارنهن ميلن جي پنڌ تي هو. اُتان پوءِ چوڏهن ميل طئي ڪري سعدپور پهتاسين، جتي درياءَ جي ڪناري تي پهچي، ڪنڌي ڏيندا ڇهه ميل پنڌ ڪري وڃي انهيءَ پتڻ تي پهتاسين، جو ٺٽي جي آمهون سامهون هو. کاڌي جي اڻاٺ ۽ سج جي ساڙيندڙ گرمي، انهيءَ وقت اسان کي ايڏو ته ٿڪايو هو، جو مون درياءَ جو ڏيک، يعني اها قديم ندي جنهن جو مون کي عجيب تصور هوندو هو، شوق جي هڪ چڻنگ به مون ۾ اُڀاري نه سگهي. منهنجي لاءِ ان ۾ ڪا وندر جي شيءِ هجي، سا ڳالهه ته پري ٿي، اٽلو مون تپرس وچان پنهنجي اڳيان بازيليون کائي ڌوڪي ايندڙ ۽ گهمرا کائيندڙ، ٻه ميل کن ويڪرو پاڻي ڏٺو ۽ ان جي ڀر ۾ لوساٽيل واريءَ جو ميدان. نڪا هئي اتي ٻيڙي ۽ نه وري هو ڪو ٻيو ساهوارو! جيئن ته اسين انهيءَ ملڪ جا اڻسونهان هئاسين ۽ ٻيو ته اسين ۽ گهوڙا ٿڪ سبب ورچيل هئاسين، ان جي ڪري سچ پڇو ته اسان جي حالت رحم جوڳي هئي. ڪئمپ جي اختياريءَ وارن کي ڀانئجي ٿو ته ڪنهن چڱي فرشتي اها مـَـت ڏني جو انهن هڪ تڪڙو قاصد درياءَ جي رستي حيدرآباد ڏياري موڪليو هو. نيٺ هڪ ٻيڙي لهرن مٿان لڏندي لمندي اچي اسان وٽ پهتي ۽ ٿورين گهڙين ۾ اسان لهرون لتاڙي درياءَ جي ٻيءَ ڀر ننگر ٺٽي جي رستي تي وڃي پهتاسين. (2) ڏوئيءَ مان مراد آهي ڍنڍ جي شڪل، جا ڏوئيءَ جهڙي آهي. (1) عدن: يعني جنات عدن، عدن جي مشهور باغن ڏانهن اشارو آهي جي عاد قوم جا ٺاهيل هئا ۽ عرب دنيا ۾ مشهور هئا. انهن مان جنت الفردوس جو نالو قابل ذڪر آهي. (2) پٽن - انهيلوارا جي پٽن ڏانهن اشارو آهي، جو گجرات ۾ آهي. (1) ديويءَ مان مراد ماتا ديوي آهي. سنڌ ۾ ماتا جي بيماريءَ وقت لولي ڏياري ديويءَ کي راضي ڪيو ويندو آهي ته جيئن خير سان گذري. (1) راجڪوٽ، ڪاٺياواڙ جو مرڪزي شهر آهي ۽ هالار ۾ واقع آهي. ڪاٺياواڙ جا چار حصا آهن جهالاوار، هالار، گوهلواڙ ۽ سورٺ، جنهن کي سوراشٽر به ڪري سڏبو آهي. (2) يوسف: حضرت يوسف عليه السلام ڏانهن اشارو آهي - پر بدڪار اکر واڻين لاءِ استعمال ڪيل آهي، جي نفعي جي لالچ ۾ ماڻهن جي حياتيءَ سان کيڏندا آهن. يوسف انهيءَ ڪري آندل آهي جو هو هڪ مشهور هورڊر هو ۽ هن سـُـڪار جي وقت ۾ مصر ۾ ان جا انبار جمع ڪرائي ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته فرعون جي خواب موجب، ست سال ڏڪار کي منهن ڏيڻو هو. (1) کٽي يا ڪاٺي قوم، جنهن جي ڪري ڪاٺياواڙ تي اهو نالو پيل آهي، اصل ۾ اناطوليه يا ايشيا مائنر جا رهاڪو آهن، جن اتان هجرت ڪري ڏکڻ سنڌ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جا علائقا وسايا. لاڙ ۾ کٽين جا اڃا تائين ڪئين ڪٽنب آهن، جي بدين، ماتلي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ رهن ٿا. (1) هندستان ۾ اهو رواج هو ته جڏهن به ڪنهن راجا يا امير کي تخت تان لاهي سندس ڪنهن مائٽ کي تخت تي ويهاربو هو ته پوءِ هو پنهنجي اڳئين جانشين کي جنم ٽيپ جي سزا ڏيئي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو يا ته کيس زهر ڏياري مارائي ڇڏيندو هو. (2) مير نصير خان شهداداڻي ڏانهن اشارو آهي. (1) هيءَ هڪ وڏي ڌٻڻ آهي، جا مصر ملڪ جي اتر - اوڀر ڪنڊ ۾ آهي. هن ساڳي ڌٻڻ ۾ فرعون جو لشڪر حضرت موسيٰ ۽ يهودين جي پويان پوندي غرق ٿي ويو هو. مون رڻ کي انهيءَ مند ۾ اُڪرڻ جي تڪليفن کي بيان ڪرڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ڪيو آهي. انهيءَ جي تصديق لاءِ آئون سر هينري پاٽنجر جي خط جا اقتباسات پيش ٿو ڪريان، جو هن 8- جون 1839ع ۾ انهيءَ ساڳئي مضمون تي مون کي لکيو هو. ”لکپت بندر جي ٻيءَ ڀـَـرَ جو سير ڪرڻ بابت آئون توکي چتاءُ ڏيان ٿو ته خطرناڪ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته رڻ پاڻي سان ڀرجيو وڃي ۽ جيڪي به درياءَ جون شاخون ۽ واهه آهن، سي ڪـَـنن تار ٿيو وڃن، ان ڪري آئون نٿو ڀانئيان ته اتي ڪو اُٺَ هلي سگهندا. اتان فقط ٻه رستا آهن: هڪ ته اهو آهي جنهن تان اسان گذريل سيپٽمبر ۾ سفر ڪيو هو ۽ ٻيو، جيڪو ٺٽي وٽان ٿو لنگهي. آهن ٻئي اڙانگا، پر آئون پوئين رستي کي پسند ڪندس، ڇاڪاڻ ته ان تي آمدرفت به گهڻي آهي ۽ جدا جدا پتڻن تي ٻيڙيون وغيره ملنديون آهن. لکپت کان پهرين منزل، درياءَ سوڌي جيڪا اُتي آهي، پنجاهه ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندي، جا يڪساهيءَ پوري ڪرڻ گهرجي. اميرن وٽان به ٻه - چار گهوڙيسوار ضرور تو سان اچي ملن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن جي مدد کان سواءِ - جيڪي رستي جا سونهان، سيڌو پاڌو ۽ ٻيڙيون وغيره هٿ ڪندا آهن، سفر ڪرڻ ناممڪن آهي.“ باب ٻيو پهريون تاثر - سليمان جو فيصلو - ننگر ٺٽو - حيدرآباد ڏانهن سفر - شڪار گاهه - سيوهڻ - منڇر جي ڍنڍ - نارو درياء- سکر بکر - سکر جو طواف - الور جو سير – درياء جو الور کان وهڪرو ڦيرائي روهڙيءَ وٽان وهڻ جي تاريخ - روهڙيءَ جو وار مبارڪ - بلوچن جون آکاڻيون - کوسا بلوچ جڏهن ڪو به ماڻهو ڪنهن نئين ديس ۾ وڃي ٿو ته مٿس ڪي اثر ضرور ويهندا آهن. جيڪڏهن چارلس ڊڪنس هتي هجي ها، ته ان تي جيڪي اثر ويهن ها، اهي ستت ئي پڌرا ٿي پون ها ۽ هيل تائين سڄي دنيا پئي سنڌ بابت ڊڪنس جا تاثرات پڙهي ها، ڇاڪاڻ ته جيسين ڪو موڳو ليکڪ ويهي سنڌ جي طبعي حالت ۽ ان جي ختم ٿي ويل مڇين تي ڪو باب لکي، تنهن کان اڳ هو ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري، ايڏي وٺي ڊيگهه ڪري ها، جو اوهان کي سڄا سارا ٽي جلد ڀري ڏئي ها، ۽ معمولي ڳالهين کي اهڙو رنگين بنائي ها، جهڙو شيشي جا ننڍڙا ٽڪر رنگين دوربينيءَ ۾ ڏسبا آهن. منهنجو پهريون تاثر اهو هو ته سنڌين کي چئن ماڻهن جي آواز جيڏو آواز آهي. اُهي اهڙو ته وڏي سڏ ڳالهائيندا آهن، جو مون سمجهيو ته وڙهي پيا آهن. پر پوءِ مون سمجهي ورتو ته اهو سندن فطرت ۾ آهي. ٺٽي کي خيرباد چوڻ کان پوءِ هڪڙي خيرپور جي مير سان منهنجو تعارف ڪرايو ويو، جنهن جي آواز جي ڀيٽ ۾ سندس ملڪ جي ماڻهن جو ڳالهائڻ، ڄڻڪ ڪـنَ جي سـُـسِ پـُـسَ هئي. سفر ۾ هلندي مون انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڻ کان پري رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو ٽري. پر هڪ دفعي هن موقعو ڏسي تپ ۾ مون کان طبعيت بابت اهڙي ته زور سان پڇيو جو آءٌ ٻڏي ويس ۽ گهڻيءَ دير کان پوءِ مس سامت ۾ آيس. اوهان انهيءَ تي چوندا ته ان جو مطلب ته سنڌ بابت منهنجو پهريون تاثر نڪي چڱو هو، نه خراب. جهڙيءَ طرح وڏا آواز منهنجن ڪنن کي تڪليف ڏيئي رهيا هئا، اهڙيءَ طرح ٺيٺ واريءَ جي درياءَ وري منهنجي اکين کي پئي ساڙيو، جا سنڌو نديءَ جي ٻيءَ ڀر سان لاڳيتو اسان جي ٻيڙيءَ جي پٺ وٺندي ٿي آئي ۽ جيئن ئي اسين هيٺ لٿاسين، تيئن اسان جي آڌر ڀاءَ لاءِ تيار بيٺي هئي (1). اهو آزار صبح جو اٺين بجي شروع ٿيو ۽ شام تائين هلندو رهيو ۽ پوءِ مس مس وڃي ان جي ٺاپر ٿي. شام جو وري واريءَ جو طوفان استعيفا ڏئي، ماڻهن کي ستائڻ جو ڪم کڻيو بيشمار مڇرن ۽ واريءَ جي مکين کي ڏئي، جن جي ڏنگ کان بچڻ محال آهي. سنڌين وٽ انهيءَ لاءِ هڪ عجيب ڳالهه آهي. چون ٿا ته جڏهن حضرت سليمان (نبي عليه السلام) جنن، ماڻهن ۽ جانورن تي حڪومت ڪندو هو، تڏهن مڇرن اچي هوا جي خلاف فرياد ڪيو ته اها ڌڪار سبب، کين پنهنجي جائز ڌنڌي جي پيرويءَ کان روڪي ٿي. حضرت سليمان نهايت هوشياريءَ سان ڪن ڏيئي سندن فرياد ٻڌو ۽ چيائين ته سندن پڻ اهائي خواهش آهي ته ساڻن انصاف ٿئي. پر انصاف جي اها تقاضا آهي ته ٻنهي ڌرين کي ٻڌو وڃي. سندس حڪم ٿيو ته مدعا اليه کي عدالت ۾ سڏيو وڃي ۽ جيئن ئي هوا اندر ڌوڪي آئي، تيئن ويچارا فريادي ڪک - پن ٿي ويا ۽ سندن ڪيس اتي جو اتي رهجي ويو. ٺٽو، درياءَ جي ڪپ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي پر اتان ڪي به ڪين ٿي ڏٺو. ڪو وقت هو جو سنڌو درياءَ انهيءَ قديم شهر جي ڀرسان وهندو هو، جنهن غورابن جي آمدرفت ۽ واپار مان حاصل ٿيل ناڻو پئي سندس درن تائين پهچايو. پر چئي نٿو سگهجي ته اسان جي انگريز حڪومت وانگر، هن کي ڳري محصول تي، جو اتي اڳاڙيو ويندو هو، ڪاوڙ لڳي (2) يا خالي پور وچان هن ڳچ وقت کان وٺي انهيءَ شهر کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس غربت، بيماري ۽ گندگيءَ جي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اها هئي ٺٽي جي حالت، جڏهن مون انهيءَ کي ڏٺو هو، جيتوڻيڪ اُتي قبن ۽ گنبذن جي ڊگهين قطارن ۽ پڻ اسان جي ريجمينٽ جي اُڀين بارڪن پري کان ان ۾ آباديءَ ۽ آسودگيءَ جو ڏيکاءُ پئي ڏنو. آخر مون ڏٺو ته اهي سڀ اڏاوتون مئلن مٿان قبا هئا، جن مان هڪڙا پراڻي وضع جا هئا ۽ والاريل هئا ۽ ٻيا وري نوان هئا، جي ويجهڙائيءَ ۾ ڪم آڻڻ لاءِ تيار ڪيا پئي ويا. منهنجي اُتي جولاءِ مهيني جي اڳياڙيءَ ڌاري پهچڻ کان وٺي نومبر جي وچ تائين، انگريز ريجمينٽ جي سورنهن سؤ ماڻهن مان پنجاهه کن به جيئرا ڪونه بچيا هئا، جي ڊيوٽيءَ جي لائق هجن. ٺٽي جا سنڌي رهاڪو، مڙيئي پنجن هزارن کان مٿي هئا، پر منجهن ڪوبه رتبي وارو يا چڱو پڙهيل ڪونه هو. اُتي هڪڙي سيد جو مون سان تعارف ڪرايو ويو- جنهن لاءِ ٻڌم هوم ته فارسي ٿو ڳالهائي، پر ڏٺم ته سندس ڄاڻ انهيءَ ٻوليءَ ۾ ”بسيار“ (يعني ”تمام گهڻي“) لفظن کان وڌيڪ نه هئي، جو هـُـن جدا جدا سـُـرن ۾ هر هر پئي آلاپيو. قبن ۾ اسان لاءِ ڪي قدر دلچسپيءَ جو سامان هو. اُهي سرن سان چڱيءَ طرح ٺهيل آهن ۽ سندن مهاڙيون تمام سهڻي رنگين ۽ لـَـسي ڪاشيءَ سان سجايل آهن. سچ پڇو ته جيئرا، مئلن کان وڌيڪ خراب حالت ۾ رهن ٿا. شهر جا گهر گهڻو ڪري مٽيءَ جا ٺهيل آهن ۽ سندن ڇـِـتيون سنهيون سڌيون آهن. جيئن ته رات جو سڀڪو وڃيو مٿي ڇت تي سمهي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن اڻوڻندڙ نظارا پيا پسبا آهن. هڪڙي ڏينهن صبح جو اُٿڻ سان اکيون مهٽي جيئن مون ايجنسيءَ جي ڪٽهڙي ڏانهن پئي نهاريو، تيئن منهنجي نظر وڃي هڪ سفيد روپ تي پيئي جا منهنجي هيٺان گهر جي ڇت تي آهستي آهستي گهمي رهي هئي. جيئن ته آئون اهڙي قسم جي ڀوت ڏسڻ تي هريل نه هوس، ان ڪري مون دليل دلائل سان پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخر انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اها هڪ سـِـنڌڻ عورت هئي، جنهن کي پنهنجي چمڙيءَ کان سواءِ، جا سنڌ جهڙي ملڪ لاءِ نهايت مفيد آهي، ٻيو ڪوبه لباس پيل نه هو (1). جيئن ئي آءٌ انهيءَ نتيجي تي پهتس، تيئن مون تي کنگهه جي دوري غلبو ڪري ورتو، جو وڃي انهيءَ ملوڪ سـِـنڌڻ جي ڪنن تي پيو ۽ هوءَ اک ڇنڀ ۾ نظرن کان غائب ٿي ويئي. انهيءَ جـُـوءِ جي پهلوانن مان مون کي هڪ ڏوهاري ڏيکاريو ويو، جو هڪ پڃري ۾ بند هو (2). صفا اگهاڙو هو ۽ جيئن ته سالن کان وٺي کيس انهيءَ حالت ۾ رکيو ويو هو، ان ڪري جهنگلي جانورن جيان، سندس عقل جو ڏِيو ڪڏهوڪو وسامي چڪو هو. اهو هڪ هيبتناڪ نـِـماءُ هو ڇاڪاڻ ته عقل کانسواءِ ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ درجي جو جانور آهي. سندس ڳالهه هيئن آهي ته ڄائي ڄم سيد ٿي ڪري هـُـن ملڪيت هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيو هو ۽ جڏهن ڏوهاري ثابت ٿيو، تڏهن ميرن کيس عمر قيد جي سزا ڏني هئي. ميرن جو چوڻ آهي ته اسين نبي (سڳوري) جي اولاد کي قتل نٿا ڪري سگهون (1) . ٺٽي ۾ آءٌ فقط ڪي ٿورا ڏينهن رهيس ۽ ايتري تائين جيترو اُتي جي اُڪيچار پريشانين مون کي رهڻ ڏنو ۽ پڻ انهيءَ بخار مان مون کي ڇوٽڪارو مليو، جيڪو مون کي رڻ جي سفر ۾ وائکي رهڻ سبب ٿيو هو. 11 - جولاءِ تي مون پنهنجا پير درياءَ جي غير مهذب ڪناري تي ڇنڊيا ۽ وڃي وڏي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيس، جنهن کي ڪکن جي ٿلهي ڇت پيل هئي. اها ٻيڙي ڇهن هفتن تائين اتر سنڌ ڏانهن. منهنجي ڊگهي ۽ ڏکئي سفر جي لاءِ منهنجو رهائشگاهه هئي. ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾، جا هن کان وڏي هئي، مون پنهنجا گهوڙا ۽ نوڪر وغيره چاڙهيا، جي منهنجي پهچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ اچي ٺٽي پهتا هئا. منهنجي گهوڙن واري ٻيڙي اها ساڳي هئي، جنهن ۾ سر اليگزينڊر برنز پنهنجي پهرين مهم اتر طرف درياءَ جي رستي سر ڪئي هئي. انهيءَ ٻيڙيءَ کي پنهنجي لاءِ نه چونڊڻ ڪري مون پوءِ پڇتايو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ منهنجي ٻيڙيءَ جي بنسبت سفر چڱيءَ طرح پئي گذريو. پڳهه ڇوڙڻ وقت، واءُ اڻائو هو ۽ ايرين (2) جي چوڻ موجب جيئن اتي سڪندر جي ٻيڙيءَ جي چوگرد لهرون اٿلندڙ پٿلندڙ ۽ منڌل هيون، تيئن اسان لاءِ به منجهن ڪا مروت ڪانه هئي. قصو ڪوتاهه، جيئن ته مون واري ٻيڙي اتر سنڌ جي هئي، ان ڪري پاڻيءَ جي مٿاڇري کان هيٺ پئي لڳي، خاص ڪري انهن لهرن کان، جي اتي پئي هيٺ مٿي ٿيون. نتيجو اهو نڪتو جو منجهس پاڻي ڀرجڻ لڳو ۽ ٽنڊيل ۽ سندس ماڻهو، جي پنجابي هئا ۽ جن کي انهيءَ سڌائيءَ ۾ اهڙي حادثي جو ڪوبه گمان ڪونه هو، وائڙا ٿي ويا. آخر ناکئن ٻيڙيءَ کي وهڪري مان ڦيرائي ٻاهر ڪڍيو ۽ هڪ منٽ ۾ اسان اچي زور سان ڪناري تي ڦهڪو ڪيو. ساڳئي وقت هوا اسان جي ڪکائين ڇت کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي اسان جي سڙهه ۽ ڪمان کي پاڻ سان کنيو ويئي. سکانُ به ڀڄي پيو ۽ ممڪن هو ته اسان جي ٻيڙي اونڌي ٿئي، پر اسان واري ٽنڊيل وٺي ڪناري تي ٽپ ڏنو. انهيءَ هنڌ تي چار فوٽ پاڻي مس هوندو. هن اتي ٻئي هڪ ماڻهوءَ جي مدد سان ٿوڻي کوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. آئون عجب ۾ هوس ته ٽنڊيل جي انهيءَ ڪوشش مان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿي پهچي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اسين سڪيءَ کان اٽڪل اڌ ميل پري، ذري گهٽ درياءَ جي وچ ۾ هئاسين. آخر هن چاڙهو ڪونه ڏيکاريو، جو رسو ٽٽي پيو ۽ اسين ڌڪجي وڃي ٻئي ڪپر تي پهتاسين. اسان وارو ٽنڊيل ۽ سندس ساٿي چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ رهجي ويا ۽ آئون خاطريءَ سان ٿو چوان ته جيڪڏهن هو اتي ڊگهيون لٺيون کوڙي بچاءُ نه وٺن ها ته تيز وهڪري سبب سندن پير ڪونه ڄمي سگهن ٿا. جڏهن هي سڀڪجهه ٿي رهيو هو، تڏهن مون واري ٻي ٻيڙي اسان جي مصيبت کان بيخبر ۽ بيپرواهه، اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويئي. اسان سمجهيو ته اسان جا ٻه ماڻهو ضايع ٿي ويا، ان ڪري اسان سڄي رات انهيءَ خفي ۽ ڏک ۾ گذاريو. پر ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اسان درياءَ اُڪري ٺٽي وياسين، تڏهن اهي ماڻهو اچي اسان سان مليا ۽ ٻڌايائون ته هڪ ٻيءَ ٻيڙيءَ وارن اچي کين انهيءَ مصيبت مان بچايو. اسان پنهنجي ٿيل نقصان جي مرمت ڪئي ۽ وري نئين سر هلڻ لاءِ تيار ٿياسين. انهيءَ سفر ۾ اسان کي مسٽر اسڪاٽ کان ڪافي مدد ملي، جو هندستاني بحريه ٽولي مان هو ۽ کيس آمريڪا ۾ ڇوهي پاڻي ۽ ندين جي سفر جو تجربو هو، پر سندس چوڻ هو ته ٻوڏ وقت، سنڌو درياءَ انهيءَ سڀن وهڪرن کان خراب ٿيو پوي، جي هـُـن ائٽلانٽڪ جي ٻيءَ ڀر ڏٺا هئا (1). انهيءَ همت ڏياريندڙ خاطريءَ کان پوءِ، سڻائو واءُ ڏسي اسان وري سڙهه کوليا، ۽ گذريل حادثي واري جاءِ کان گذرندي، اهڙي ملڪ ۾ اچي گهڙياسين، جنهن کي گهاٽي جهنگ جو لباس پيل هو. حقيقت ۾ هتان جي شڪار گاهه يا حيدرآباد جي ميرن جي شڪار جون جـُـويون شروع ٿي ٿيون. اهي شڪار گاهه ٻن سببن ڪري رکيا ويندا آهن. هڪ ته شڪار جي حفاظت ٿئي ۽ ٻيو ته سڄي ملڪ کي سٺو عمارتي ڪاٺ ميسر ٿئي، جو ٻيڙين ۽ گهرن ٺاهڻ، ٻارڻ ۽ ٻئي ڪم ۾ ايندو آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي ٻيلا جهازراني لاءِ وڏو اٽڪاءُ آهن. جيئن ته مهاڻا ٻيڙين جو وهڪري جي خلاف رسو ڇڪي هلڻ تي هريل آهن، ان ڪري اڻائو واءُ ڏسي، خلاصي تانگهي پاڻيءَ ۾ لهي پوندا آهن ۽ ٻيڙيءَ سان گڏ وڌندا رهندا آهن. افسوس آهي جو مير انهيءَ اهنج کي نه سمجهي سگهيا آهن. انهن شڪار گاهن لاءِ به اسان جي پاليسي کل جهڙي هئي، ڇاڪاڻ ته اسان نه فقط بنا قيمت جي انهن ٻيلن مان حاصل ڪاٺ مان پنهنجون ايجنسيون ۽ ڇانوڻيون ٺاهيون، پر پنهنجي مرضيءَ موجب پارسي واپارين کي ڪيترائي قيمتي وڻ مفت ۾ ڏياري ڇڏيا ۽ ڌڻين کي هڪ رپيو به نه ڏياريو. اسان پوءِ انهن سڀني وڻن تي انهيءَ عذر سان قبضو ڪري ورتو ته اهي وڻ واپار جي لاءِ نقصانڪار آهن، ۽ مذاق طور ضد ڪيو ته اُهي ماڻهو يعني ”ٽالپر“ حڪومت ڪرڻ جا لائق نه آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي پنهنجي وندر جو ته گهڻو خيال ٿا ڪن، پر پنهنجي دشمن کي آرام پهچائڻ جو منجهن ڪوبه سليقو نه آهي. نه فقط ايترو پر عقليه (1) جو چوڻ آهي ته مير، شڪار گاهه جي ڀر ۾ سڄا سارا ڳوٺ ناس ڪريو ڇڏين، ڇو ته ڪڪڙن جون ٻانگون سندن شڪار ڦٽايو وجهن. دوست عقليه! جيئن ته تنهنجو سنڌ ۾ ڪڏهن به رهڻ نه ٿيو آهي، ان ڪري توکي اُتي جي ماحول جي ڪابه خبر نه آهي. سنڌو نديءَ جي ڪناري تي جيڪي ڳوٺ آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري ڪي ٿوريون مٽيءَ جون ٺهيل جهوپڙيون هونديون آهن، جن جي ڇت هوندي آهي کجيءَ جي پنن جي. جيڪڏهن مير ڪرم علي خان اهڙيون ڪي ٿوريون جهوپڙيون پنهنجي ملڪيت جي هڪ حصي مان ڊهرائي ٻئي هنڌ وڃي اڏرايون ته انهيءَ ۾ ڪا اربع خطا ڪا نه ٿي پيئي. انهيءَ کان وڌيڪ زبردستي ته هڪ آئرش ۽ پڻ انگريز لارڊ ڪندو آهي، جو پنهنجي ڌڪاريل هاريءَ کي ڪنهن به وقت بنا ڪنهن معاوضي جي، زمين تان هڪاليو ڪڍي، ته وڃي پـِـني کائي. 13- جولاءِ 1834ع تي اهي شڪار گاهه ميرن جي مـِـلڪ هئا ۽ جيئن ئي اسين اچي سندن ڀر مان لانگهائو ٿياسين، تيئن انهن ٻيلن پنهنجي گهاٽين سائين ٽارين سان منهنجا نيڻ ئي ٺاري ڇڏيا. ان وقت هوا تازي ۽ هلڪي هئي ۽ اسين وهڪري جي اُبتڙ تمام تکا گذرندا وياسين، پر جيتريقدر ٿي سگهيو اوترو درياءَ جي وچ سير کان پاسو ڪندا وياسين. انهيءَ ساڳئي ڏيهاڙي اسين جهرڪن پهتاسين، جو منهنجي خيال موجب سنڌ ۾ ڇانوڻيءَ لاءِ سٺي جڳهه آهي. سندس بيهڪ حيدرآباد ۽ ٺٽي شهرن جي وچ ۾ آهي ۽ هڪ اهڙي مٿاهين پٽ تي ٺهيل آهي، جنهن جي ڀر ۾ درياءَ وهي ٿو ۽ چوڌاريءَ ساوڪ به آهي. آخر 14 - تاريخ: مون کي حيدرآباد ڪڍيائون، جتي مون ست ڏينهن منزل ڪئي. اُتي 19- تاريخ تائين ساندهه مينهن پئي وٺو، جا سنڌ جهڙي ملڪ لاءِ هڪ غير معمولي ڳالهه آهي. نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي گهر ۽ پڻ قلعي جي ديوار جو ڪجهه حصو ڪـِـري پيو. اهو واقعو ٺيڪ انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن اميرن تيرهن فقرن واري عهدنامي تي صحيحون پئي ڪيون، ان ڪري سندن خيال موجب اهو خراب سنئوڻ هو. ٿرماميٽر هڪ سؤ ڊگرين تان ڪـِـري وڃي ڇاهتر ڊگرين کي پهتو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي ويو، ڇاڪاڻ ته ٿڌڪار جي ٿوري وقفي کان پوءِ وري سخت گرميءَ اچي منهن ڪڍيو. حيدرآباد ۾ مون سپاهين جون ٻه ڪمپنيون ڏٺيون ۽ ٿورن بيقاعدي سوارن جو جـَـٿو، جي ايجنسيءَ جا چوڪيدار هئا. تپ جي هڪ تکي اُلر مون کي سڄي هفتي لاءِ وڃي هنڌ ڀيڙو ڪيو ۽ مون کي انهيءَ تڪليف جو اتساهه ڏيئي ڇڏيائين، جو مون کي ان کان پوءِ ڀوڳڻو هو. 22 - تاريخ: آءٌ وري وڃي ٻيڙيءَ تي چڙهيس. مون کي انهيءَ وقت تائين سنڌي ناکئن جي ڪردار جي چڱيءَ طور سکيا ملي چڪي هئي، جي آءٌ دعويٰ سان ٿو چوان ته نه فقط آزمودگار روسيءَ کي ٺڳي وڃن، پر زوريءَ پئسا کسي وٺندڙ يهوديءَ کان به گوءِ کڻي وڃن. منهنجو ٽنڊيل موسيٰ هڪ ڳنڀير ۽ ماٺيڻو شخص هو. هن پنهنجو ڳالهائڻ اتفاقي ڳالهين تائين محدود رکيو، جن جو موضوع سياڻپ، خدا جي وڏائي ۽ مهرباني هئي. پر هن بنا ڪنهن سبب جي بخشيش يعني انعام يا سوکڙيءَ طور پئسا ڏيڻ جي طريقن تي به پئي ڳالهايو. انهيءَ ڏينهن اسان جي سفر جي رفتار هيڻي هئي، جو ڏهه ميل ڪري مس وڃي پير جي ڳوٺ تائين پهتا هئاسين. شام جو ٽي ناکئا ڀڄي ويا. اها موسيٰ لاءِ هڪ مصيبت هئي. مون کان ڪجهه رپين جي پيشگي جي گهر ڪيائين، ته جيئن نوان ماڻهو هٿ ڪري سگهي. مون کيس پنج رپيا ڏيئي خبردار ڪيو ته مسافريءَ جي ختم ٿيڻ تي اهي پئسا ڪاٽي وٺندس، جنهن تي هن ڪوبه جواب نه ڏنو. 23 - تاريخ: اسان کي وڃي مازندا پهچايائون، جو چاليهن ميلن تي هو. بعد ۾ مون ڏٺو ته انهيءَ ساڳئي فاصلي کي ميجر بي. جي ڪمان هيٺ اسان جي پيادل فوج جي ٻيڙي پنجويهن ڏينهن ۾ طئي ڪيو هو. اسان درياءَ جي وچ سير کان پاسو ڪندا وياسين، ڇاڪاڻ ته اها اوڀاري سفر لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي. انهيءَ ڪري اسان درياءَ جي تانگهي پاڻيءَ مان سفر ڪيو. ڪن هنڌن درياءَ جي لڳ چڱي وڻڪار هئي، پر ڪٿي ته رڳي ٻوٽا هئا، جن مان ڪاري تتر جي مٺڙي ڌتاريندڙ ٻوليءَ جو آواز پئي آيو. جتي جتي مهاڻن جا ڳوٺ هئا، اتي اسان کين ڊگهيءَ قطار ۾ ماٽين تي ترندي، پـَـلي مارڻ ۾ مشغول ڏٺو. پـَـلو، مڇيءَ جو هڪ قسم آهي جو شبيهه ۽ سواد ۾ سالمن جهڙو آهي. اهي (مهاڻا) هڪ ڊگهي ڇڙهه کي پاڻيءَ ۾ هيٺ ٽنبيندا آهن، جنهن کي پڇڙيءَ ۾ ڳوٿريءَ وانگر هڪ ڄار هوندي آهي. جڏهن مڇي اچيو ڄار ۾ ڦاسي تڏهن مهاڻو ڇڙهه کي لوڏو ڏيئي مٿي ڇڪي، مڇي ڪڍي وٺندو آهي. مون کي هڪ وڏي مڇيءَ بابت خبر آهي جا مهاڻي کي ڄار سوڌو هيٺ کنيو ٿي ويئي، نيٺ سندس رڙين تي ويجهڙائيءَ جي مهاڻن رسي کيس بچايو. تليڳو ٻوليءَ ۾ مهاڻي کي ”پليوادو“ سڏبو آهي، جو آءٌ ڀانئيان ٿو ته سنڌي اکر ”پلي - وارو“ سان لاڳاپو ٿو ڏيکاري (1). 24 - تاريخ: اسين وڃي سن پهتاسين، جو چڱيرڙو شهر آهي. سندس چمڪندڙ اڇي مسجد پري کان چڱو ڏيکاءُ پئي ڏنو. سن ۾ اسان جو پهچڻ هڪ وڏيءَ لهر جي اثر هيٺ ٿيو هو. اسان جي ٻيڙيءَ جو رسو ٽٽي پيو، ان ڪري البت ڪجهه دير به ٿي ويئي. خلاصين جي جماعت ۾ مون کي وهم ڏسڻ ۾ آيو، جو هو ڪانگ کي ٻيڙي تي ويهڻ ڪونه ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سندن خيال موجب هڪ بد سئوڻ آهي. هتان سيوستان جا جبل پهريون دفعو ڏسبا آهن. جيئن ته انهيءَ جي آڏو جيڪو ميدان آهي سو جبل جي پاڙ تائين آهي، ان ڪري اهي وڌيڪ اُڀا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر سندن اوچائي ٻارهن سؤ فوٽن کان ورلي وڌيڪ هوندي. گانئچي ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کان گذرندي اسان سيوهڻ کان ويهه ميلن جي پنڌ تي وڃي لنگر هنيو. اسين جيڪر سيوهڻ تائين پهچي وڃون ها، پر مٽيءَ جو هڪ طوفان سوساٽ ڪندو اسان کي وڪوڙي ويو. گجگوڙ ۽ کـِـنوڻ جا به چمڪاٽ هئا ۽ مينهن اسان کي ڇٽڪار سان ڀـِـڄائي ڀـَـت ڪري ڇڏيو. اسان هوا جي رخ وارو ڪنارو ڇڏي ٻيڙيءَ کي اُونهي پاڻيءَ ۾ڪاهي وياسين. هوا جي سامهون جيڪي ٽڪر هئا سي کڙٻڙ وارا، اُڀا ۽ گنجا هئا. اهي هالار جبل جي هڪ شاخ آهن. هتي درياءَ جي اونهائي سٺ ڦيدم يا هڪ سؤ ويهه گز هئي ۽ پاڻيءَ جو رنگ ميرو ۽ اونداهو هو. هن جاءِ تي ٻئي ڪناري جي اُڀي هئڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب، اکيون عجيب طرح ٺڳجيو وڃن. درياءَ جو ٻيو ڪنارو اهڙو ته ويجهو پيو ڏسجي جو ڀانئجي ته هڪ ئي ٽپ سان وڃي ٻيءَ ڀر پهچجي، جيتوڻيڪ اهو فاصلو ٻن سـَـون والن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه ٿيندو. مون ڪيترائي درياهي گهڙيال ڏٺا، جن کي هتي ماڻهو ٻـُـلهڻ ڪري ڪوٺين. اهي متارا ۽ لـَـسا جانور آهن، جن جي ڊيگهه چار فوٽ کن ٿيندي ۽ کين تمام ڊگهيون ڄاڙيون آهن، جن ۾ اڇا ۽ تکا ڏند ٿين ٿا. انهن جانورن جي شڪل مون کي ڊالفن مڇيءَ جو نقش ياد ڏياريو، ڇاڪاڻ ته جي کين ڊگهي سنهي سونڊ نه هجي ته پوءِ ٻيئي جانور هڪجهڙا آهن. اهي واڳن جو کاڄ آهن، پر پنهنجي ڀيري هيءُ به پـَـلي کي هڙپ ڪيو وڃن، جو سنڌوءَ جو سالمن آهي. هتي پلو جام ٿئي پر ٻي سوادي مڇي گهٽ آهي. درياءَ ۾ لـُـڌڙا ۽ ڪـُـميون به جام آهن. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته آءٌ پنهنجي خدمتگار جعفر کان درياءَ ۾ترڻ سکي رهيو هوس. جعفر به ڪو گهٽ ٻٽاڪي ڪونه هو ۽ پنهنجي هنر جو ڪرتب ڏيکاري پاڻ پڏائي رهيو هو. اوچتو هن هڪ تـِـکي رڙ ڪئي ۽ سندس مٿو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي هڪڙي هنڌ اهڙي طرح بيهي رهيو، جهڙوڪ لنگر لڳي ويس. مون ڀانئيو ته ڪنهن واڳوءَ جي وات ۾ اچي ويو آهي، پر اها هڪ بدمعاش ڪـُـمي هئي جنهن شايد سندس الٽيبازي کان ڪـَـڪ ٿي کيس پير جي آڱوٺي وٽان چڪ پاتو هو. مون کي سنڌو درياءَ تي هفتن رهڻ جو موقعو مليو ۽ پڻ سالن جا سال. ڪيترا ڏينهن لاڳيتو مٿس مسافري ڪئي هئم، پر مون ڪڏهن به منجهس واڳون ڪونه ڏٺو ۽ نه وري ڪو اهڙو حادثو ڪنهن کان ٻڌم. جيئن ته درياءَ ۾ اهڙي قسم جو ڪوبه ڊپ نه آهي، ان ڪري درياءَ جي ٻي پار تارو ماڻهوءَ هٿان خط پٽ موڪلڻ جو هتي عام رواج آهي. اهو ماڻهو (يعني قاصد) ڪاغذ وجهندو آهي پٽڪي جي ور ۾ ۽ پوءِ ڪپڙا لاهي، سيڻا ساڻ ڪري، پاڻيءَ ۾ گهڙي پوندو آهي. کـَـلي رکندو آهي ڇاتيءَ جي هيٺان ۽ پوءِ ان تي ترندو وڃي منزل مقصود تي پهچندو آهي. اهو هڪ مزيدار آزمودو آهي ڇاڪاڻ ته اهو قاصد پنهنجي فرض جي پوئيواري ۾ پاڻيءَ جي هرهڪ ڇوليءَ سان گڏ، هيٺ - مٿي ٿيندو وڃي پنهنجي ماڳ پهچندو آهي. 26 - تاريخ: اسين سيوهڻ کان ميل پنڌ تي وڃي پهتاسين، جتي ٻيڙي جي ناکئن ڊاٻو ڪرڻ ۽ اتي جي درويش لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ تي زور رکيو. جيئن ته اتي سخت گرمي هئي، ان ڪري آءٌ ٻيڙي تان ڪونه لٿس. مون کي سڪندر جي ٺاهيل پراڻن کنڊرن ۾ ڪي ڪين ڏسڻ ۾ آيو. ايرين جيڪو سنڌ بابت بيان ڏنو آهي، انهيءَ جو ڪوبه منجهه نٿو نڪري، ڇاڪاڻ ته مقدونيا جي پاڳل (1) شخص جي وقت وارو وهڪرو، درياءَ ڪڏهوڪو بدلائي ڇڏيو آهي. سيوهڻ وٽ اسان درياءَ جي هڪ شاخ اڙل جي رستي، ٿورن ميلن جي مسافري کان پوءِ منڇر وڃي پهتاسين. هن ڍنڍ ۾ نارو يا نانگ ور (ور وڪڙن جي ڪري ائين سڏبو آهي) اچيو پوي جو درياءَ جي هڪ شاخ آهي. اسان انهيءَ ناري جي رستي پنهنجو سفر جاري رکيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ موسم ۾ درياءَ جي وهڪري مان سفر ڪرڻ ڏاڍو اڻائو ڪم هو. 27 - تاريخ: اسان چڱو سفر ڪيو، منڇر جي آرپار گهٽ ۾ گهٽ ويهه ميل ڪري وياسين. ڏينهن جو اهڙي ته سخت گرمي هئي جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. شام جو ڪجهه هوا گـُـهلي ۽ فقط ڪي ٿورا مهاڻا وڃي ٻيڙين ۾ رهيا. مون، انهن مان ڪن کي ٻيڙي هلائڻ لاءِ چيو ۽ کين ڪجهه پئسا ڏنا، جي کين تمام گهڻا لڳا. ڇاڪاڻ ته اهي اڌ -اگهاڙا ۽ بکيا آهن، انهن جهڙي پوئتي پيل قوم مون ٻي ڪانه ڏٺي آهي: اهي صفا اگهاڙا هئا ۽ سندن بدن تي هڪ سنهي چولي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هو: سندن مهانڊا اهڙا هئا جهڙيون لڪڙ جي مٺئي ته گهڙيل شڪليون. اهڙن سـُـونهن مان برائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي به نصيب نٿو ٿئي ۽ ٿيو به ائين. اسان وڃي هڪ اهڙي جهنگ ۾ ڦاٿاسين، جتي وڏو گاهه ۽ ناڙي جام هئي. ناکئن ٻيڙيءَ کي سوگهو ڪري بيهاريو. مون ٽنڊيل کي ٻڌايو ته هوا جو ٿورو جهوٽو لنگر ٽوڙي ڇڏيندو، پر موسيٰ کي هو پنهنجو ضد، سو ڪونه ٻڌايائين. رسا ٻڌي مس سوگها ڪيا هئائون ته سخت طوفان وڏي گوڙ ۽ گهمسان ۾ وڄ جي چمڪاٽ سان گڏ اچي وارد ٿيو. اسان جي ٻيڙي به گهمرا کائيندي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڦرندي وتي. اوندهه به اهڙي هئي جو ڪي ڪين ٿي ڏسڻ ۾ آيو، پر ڪنهن ڪنهن وقت کنوڻ جي چمڪاٽ تي پاڻي پئي نظر آيو. ڍنڍ جو پاڻي هونئن ته ڏاڍو ماٺيڻو هوندو آهي پر ان وقت اهڙي جوش ۽ آواز سان اٿلڻ پٿلڻ لڳو، جهڙوڪر ڏائڻ جو ڪـُـنو! اسان هر هر وڃيو ٿي ناڙيءَ ۾ ڦاٿاسين. اهڙيءَ طرح جو ٻيڙي ذري گهٽ ٿي اونڌي ٿي. مون وارا پنجابي، معمول مطابق الله کان دعا گهرڻ لاءِ گوڏن ڀر ويهي ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا ۽ هر هر ڌڻيءَ کي پئي سڏ ڪيائون، جيڪو فقط ان وقت کين ياد آيو هو. مون وري انهيءَ جي ابتڙ کين گهٽ وڌ ڳالهايو. آخر انهن مان هڪڙي اچي سـُـکان کي جهليو. ٻيڙيءَ جي ڇت هوا ۾ ايڏو ته ڦڙڪي جو اسان سمجهيو ته اجها ٿي اونڌي ٿئي. سچ پڇو ته اهڙي حالت ۾ ان وقت ٻيڙيءَ وارن لاءِ ڪناري تي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. خير، ڍنڍ ۾ ڪي ڪلاڪ پئي ٽلڪياسين. آخر هوا بيهي ويئي. صبح جو جان کڻي اک پٽيان ته ڏٺم ته ڪيان نالي ڳوٺ وٽ پهتا هئاسين ۽ اسان جي همراه گهوڙن واري ٻيڙي به گڏ بيٺي هئي. 28 - تاريخ: اسان جي ٻيڙيءَ کي چئن ڊونڊين گهلي منڇر ڍنڍ مان ٻاهر ڪڍيو. انهيءَ نڀاڳي هنڌان ٻاهر نڪرڻ تي آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ پٺ ورائي هيءُ فارسي پهاڪو اچاريم: ”اي خدا چون منڇر داشتي، چرا دوزخ ساختي!“ يعني ته اي خدا جيڪڏهن منڇر تو وٽ آهي ته پوءِ دوزخ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ بيجا لفظ استعمال ڪرڻ جي عادت ٿيو پوي. هي پهاڪو جيتوڻيڪ فارسيءَ ۾ آهي پر ان ۾ انگريزي لچائيءَ جي به ڪافي سڻڀائي آهي. منڇر سان هي پهاڪو بلڪل ٺهڪيو ڦهڪيو اچي. ڇاڪاڻ ته سندس پاڻي بيٺل آهي ۽ ان مان ڪـِـني اُٻ نڪرندي رهي ٿي. سياري ۾ ته ڪي ڪي هنڌ سڪل نظر ايندا آهن. منڇر جون وڏيون ايراضيون گاهه ۽ ڪکن سان ڀريل هونديون آهن، جن ۾ مڇرن جو وڏو تعداد پيو پلبو آهي. قديم نيل جي ڪينئن وانگر هتي به اُگري هوا ۽ ڪـِـني گپ ۾ ڪيترائي زهريلا جيت پيدا ٿين ٿا. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڍنڍ جي ڊيگهه پنجويهه ميل ۽ ويڪر پندرنهن ميل آهي. سندس الهندو ڪنارو مڙيئي سائو آهي پر آهي اُها به سـُـڃ جي ساوڪ. پري کان اُڀا ۽ وڏا جبل پيا ڏسجن ۽ وڻن جي جهڳٽن ۾ مسجد پنهنجي اڇي چلڪندڙ مناري سان پيئي ڏسبي آهي. منڇر جو ٻيو ڪنارو سنئون سڌو آهي پر آهي گندو. ڍنڍ ۾ مڇي ۽ آڙي جام ٿئي. اهي پنهنجا آنا اونهي پاڻيءَ ۾ ڪنول جي ويڪرن پـَـنن تي لاهين. مون انهن مان ٽن بيضن جو معائنو ڪيو، جي ڪڪڙ جي مـُـني آني جيترا ٿيندا ۽ سندن رنگ گهاٽو خاڪي هو. رات جو اسان ناري (شاخ) ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيو، جو انهيءَ ڍنڍ کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي آهي. اها هڪ عجيب رات هئي - اُهي ماڻهو جيڪي انگلينڊ جي ٿڌي ۽ صاف ملڪ ۾ آرام سان رهن ٿا ۽ فقط پردي چورڻ جي به تڪليف نٿا ڪري سگهن يا تڙ تڪڙ ۾ مڇردانيءَ واري بستري ۾ وڃيو داخل ٿين، تن کي آئون عرض ڪندس ته ڪجهه انهيءَ ڳالهه تي غور ڪن ته هندستانين سان ڪهڙي ويڌن ٿي ٿئي. بروس جو چوڻ آهي ته افريڪا ۾ ڪي اهڙا هنڌ به آهن، جتي اهڙي ته سخت گرمي آهي، جو ماڻهو بنا ڪپڙن جي، چـُـرڻ پرڻ کان سواءِ، پگهر ۾ شل ٿيو وڃي. سچ پڇو ته اسان جو به اهڙو ئي حال هو. سڄي رات پکي جي هوا ۾ رهندي گهـُـٽ کان ته جان بچي پر ننڊ پوءِ به ڪانه آئي، جو رات جا چارئي پهر ڏيڏرن جي ڪڪر ۽ بيشمار مڇرن جي ڀون ڀون ٻڌندي گذري ويا. هتي وري ٻيءَ نئينءَ بيماريءَ اچي منهن ڪڍيو. اها هئي ڪـُـت. مڇر هڪ ڊگهو ۽ ڏٻرو وچڙندڙ جيو آهي جو هڪڙي طرف پنهنجي ڀون ڀون سان ۽ ٻئي طرف ڏنگ سان بيزار ڪندو رهي ٿو. پر ڪـُـتِ هڪ کـِـل جهڙو ننڍڙو پسون آهي، جو پنهنجي مزي ۾ لامارا ڏيندو اوهان کي عذاب ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي. 29 - تاريخ: هن ڏينهن تي اسان سورنهن ميل پنڌ ڪري ڳوٺ غلام حيدر وٽ پهتاسين. جيئن ته اڪيلائيءَ جو وقت هو، ان ڪري سڄو ملڪ هڪ ڍنڍ مثل ڏسڻ ۾ پئي آيو. ملڪ سڄو هڪجهڙو هو پر ڪٿي ڪٿي ٻٻر ۽ ڪانهه جا جهنگ هئا ۽ ڪن هنڌن تي وري پوکيل ٽڪر به پئي ڏٺا. 30 - تاريخ: ويهه ميل پري بهاولپور پهتاسين جو وٿاڻن، مٽيءَ، ٻارن ۽ ڪتن سان ڀريل ڳوٺ هو. ناري جي ڀر ۾ ٻين ڳوٺن جيان هتي به تازي پيل مينهن جا آثار پئي ڏٺا، جنهن ۾ ڪيتريون جهوپڙيون ڪـِـري پـَـٽ پيئون هيون. اُتي ماڻهو گهڻو ڪري پيهن تي سمهن، جي چئن ٿوڻين تي هوندا آهن. انهن تي چڙهڻ لاءِ ڪافي آزمودو درڪار هوندو آهي، خاص ڪري عورتن لاءِ. ويچار ڪريو ته هڪ ٿوڻيءَ تي مڙس پيو چڙهي ته ٻيءَ تي وري سندس ڪنوار. اندازو ڪريو ته ڪهڙو نه مزيدار ۽ رومانوي هوندو اهو نظارو! هيڏانهن اسان جو وري اهو حال هو جو هڪ ته مصيبت جي گرمي ۽ مڇرن جي آزار ۽ ٻيو وري ٻيڙيءَ جي ننڍي ڪئبن به هئي مکين ۽ گند سان ڀريل، انهيءَ کي مفلسيءَ جو ڪمال کڻي چئجي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو ناکئن کي تڪڙو هلائڻ ۽ پنهنجي ڦڦڙن کي ورزش ڏيڻ لاءِ ڪا نئين ايجاد ڪندو آهي، ۽ انهن کي انجام ۽ ڌڙ دلاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو. اهي جهنگلي به موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي سوالن يا گهـُـرن ۾ وڌندا ويندا آهن. ڪنهن مهل سوايو اٽو، ڪنهن مهل مڇي ته ڪنهن مهل وري ٻڪريءَ جي به گهر ڪندا آهن. هن ملڪ ۾ سدائين هڪڙوئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي- ڏي ۽ ڏي! جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڳوٺ جي ڀر ۾ لنگر هڻندا ته هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو فقير مٿي چڙهي ايندو ۽ اچي رسول جي نالي تي اوهان کي سوال ڪندو ۽ چوندو ته، ”جيڪي مون کي ڏنوَ اهو ڄڻڪ خدا جي واٽ ۾ ڏنوَ.“ جيڪڏهن اوهان کيس ڪجهه ڏنو ته اهو به منهن ۾ گهنڊ وجهي ناراضگيءَ ۾ اوهان کان وٺندو، پر جي اوهان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ جيڪي به بددعائون وٽس هونديون، اهي اوهان تي وسائڻ شروع ڪندو. 31 - تاريخ: هن ڏينهن تي اسان ڪيترن ئي ڳوٺن، جهڙوڪ سونمياڻي، کنڀاريا وغيره جي پاسي مان لنگهياسين، ٽيهه ميل مٿي جمڀوسيا جو ڳوٺ آهي جو مڙيئي چڱيرڙو پئي ڏٺو. اها هڪڙي ئي جاءِ آهي جتي مون عورتن کي ڌارين ماڻهن سان ڳالهائيندي ڏٺو، پر جن سان ڳالهايئون پئي، اهي شايد واقف هئا. انهيءَ جاءِ تي جيئن ئي مون پنهنجو منهن ڪئبن مان ڪڍيو تيئن منهنجي نظر وڃي هڪ موهڻي مورت تي پيئي، جا پنهنجو گـَـهڙو پاڻيءَ سان ڀري رهي هئي. سندس منهن موڪرو هو ۽ اکيون هرڻيءَ جي اکين جهڙيون هيون. سچ پڇو ته سندس شڪل مئڊونا (1) جهڙي هئي. هـُـن وڏيءَ اڪير سان مون فرنگيءَ ڏي نهاريو. ان وقت مون کي پنهنجو دوست پوسٽن ياد پيو، ته جي اهو هجي ها ته سندس خاڪو ڪڍي وٺي ها. 11 - آگسٽ: اسان ڏهه ميل مٿي خيرپور ۽ فتحپور وياسين، جتي تمام سهڻا ڳوٺ هئا. هتي جو پـَـٽُ سڪل هو ۽ آبهوا به چڱيرڙي هئي. ڇاڪاڻ ته هي خـِـطو انهيءَ زهريلي ماحول کان آجو هو، جو ناري جو لڳ ڍنڍ کان چاليهن ميلن تائين محسوس ڪبو آهي. هتي اسين 26- ن- 1، اسڪارٽنگ اسٽورس سان ملياسين، جن کي ٺٽي کان هن جاءِ تائين پهچڻ ۾هڪ مهينو ۽ اَٺ ڏينهن لڳي ويا هئا. اسان هڪ سنڌيءَ کي کير آڻڻ لاءِ ڪجهه پئسن جي آڇ ڪئي، پر هـُـن نه ورتا ۽ سير چانورن تي کير ڏيڻ قبول ڪيائين. ٻئي وري ڪڪڙين جي بدلي، اسان کان ٻاٽليءَ جي گهـُـر ڪئي. هتي ڪڪڙيون ڏاڍيون سستيون آهن، ڇاڪاڻ ته هرهڪ جي قيمت چئن پئسن کان مٿي نه آهي، جا پنجن فارڊنگس جي برابر آهي. ڪڻڪ رپئي ۾ اَٺ پاٽيون وڪامي ٿي، جا چاليهه پئسن جي تور ۾ سورهن سيرن جي برابر آهي. 2 - تاريخ: باٽا ۽ پالو ڳوٺ کان لنگهندي ٿرلي پهتاسين، جتي اسان نوان همراهه هٿ ڪيا ۽ پوءِ راڌڻ کان گذرندي ميراتو باريجو ڳوٺ وٽ لنگر هنيوسين. ٿرلي هڪ سهڻو ڳوٺ آهي. ڪن سنڌين اسان کان پڇيو ته اوهان ٻيڙيءَ ۾ توب آندي آهي ڇا؟ پر ڪيترا وري دوا داروءَ لاءِ آيا. هتي هڪڙو ناکئو ٽنڊيل جي ڦٽڪار سبب ڀڄي ويو. انهيءَ تي ٽنڊيل موسيٰ وري به پيشگيءَ لاءِ هٿ ڊگهيريو ۽ چيائين ته خدا ٿو ڄاڻي ته مون وٽ پئسو ڪونهي. ساڳئي ڪار هئي جمعدار سان، جنهن وٽ مون لاءِ سر اليگزينڊر بورنس جو سفارشي خط هو. انهن ماڻهن مان هرهڪ وٽ سيوهڻ ۾مون ڳوٿري ڏٺي هئي، جنهن ۾ ڪي سوين رپيا هئا. پر هنن سمجهيو ته مون کي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه آهي. منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي پهرين سياحن هتي جي ماڻهن کي گهڻي پئسي ڏيڻ ۾ وڏي غلطي ڪئي آهي، انهيءَ ڪري هاڻي کين اهو يقين ٿي ويو آهي ته هرڪو فرنگي هڪ ننڍو پلوٽس (1) آهي. 3 - تاريخ: اسان ويهه ميل نديءَ ۾ اڳتي وڌي وياسين، پر انهيءَ ۾ هئا رڳي ور وڪڙ. نقشي ۾ درياءَ جو وهڪرو سنئون ۽ سڌيءَ ليڪ ۾ سڏبو آهي، جو ويجهو ۽ سولو سمجهبو آهي. ڪمپاس سان ماپ ڪرڻ ۾ انهيءَ وهڪري جي ماپ وڃيو اَسي ميل بيهي، ويهه ميل ڳنڍيوس ورن وڪڙن جا، تڏهن به وڃي ٿيا سؤ ميل، پر حقيقت ۾ اهو سڄو مفاصلو ڪنهن به حالت ۾ ٻن سوَن ميلن کان گهٽ نه ٿيندو. وڏي خرابي وري منجهس هيءَ آهي جو هونئن هوا چڱي پيئي لڳندي، پر وڪڙن وٽ اوچتو ٻـُـوسٽ ٿيو وڃي، جنهنڪري ڪيتري به محنت ڪجي يا ٻيڙيءَ کي تيز هلائڻ جي ڪوشش ڪجي، تڏهن به ڏسبو ته اصل ماڳ کان انهيءَ فاصلي جي چوٿين پتي به مٿي ڪانه هوندي. اسين هاڻي ٻن ڳوٺن وٽان اچي لنگهياسين، جن کي ڄٽاليا ڪري سڏيو وڃي ٿو. انهن مان هڪڙي ڳوٺ ۾ مير نور محمد جي گهوڙن جو طنبيلو هو، جنهن ۾ ويهن کان مٿي گهوڙا نه هئا. 4 - تاريخ: ويهه ميل ناري ۾ ڪري وياسين. ڪنارن تي مهاڻن جا ڳوٺ پئي ڏٺا، جن کي مياڻي سڏجي ٿو. سنڌو درياءَ تي جيڪڏهن واپار زور وٺي وڃي ته پوءِ اهي ڳوٺ ناکئن جو چڱو انداز مهيا ڪري ڏيندا. باقرو نالي هڪ وڏي ڳوٺ وٽ اسان کي ٻنهي پاسن وڏي ايراضيءَ ۾ وونئڻن جو فصل ڏسڻ ۾ آيو ۽ هر هنڌ هـُـرلا (نار) پئي هليا. گرمي البت گهٽ ٿي ويئي هئي. 5 - تاريخ: پندرنهن ميل ڪري، مهرپور ۽ مـَـڏ وٽان گذر ٿيو. مـَـڏ لاڙڪاڻي جي سڌائيءَ ۾ آهي. مهرپور ۾ سومر نالي هيڊ خلاصي پنهنجي همراهن سميت ٻيڙي ڇڏي هليو ويو ۽ منهنجي دڙڪن ۽ دهمانن جي ڪابه پرواهه نه ڪيائين. 6 - تاريخ: ڏهه ميل سفر ڪري خاليجو وٽ پهتاسين، جو هڪ صاف ڳوٺ هو. منجهس مينهن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جا گهڻيئي ڌڻ هئا. اهو ڳوٺ خوشحال ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هتي جيئن آءٌ ناري جي ڪناري تي پسار ڪندي پنهنجي سفر متعلق سوچي رهيو هوس، تيئن هڪ قاصد شڪارپور مان اچي پهتو ۽ هڪ خط آڻي مون کي ڏنائين. 7 - تاريخ: ناري ۾ ڏهه ميل وڌيڪ ڪري وياسين. رستي تي ڪيترن ئي ڳوٺن وٽان اسان جو لنگهڻ ٿيو. هن ڏينهن موسيٰ جا ماڻهو ڀڄي ويا ۽ رات جو فقط چار يا پنج ميل کن مـَـس سفر ڪيوسين. هتي وهڪرو اونهو ۽ تيز هو جنهن مان ثابت ٿي ٿيو ته درياءُ يا تازي پاڻيءَ جو سمنڊ (جيئن سنڌي کيس سڏين) ويجهو آهي. اسان جي ٻيڙي به ٻين ٻيڙين وانگر بار جي گهڻي هئڻ ڪري انهن سان قطار ۾ بيهي رهي. مسٽر ووڊ جيڪا ٻيڙيءَ مون لاءِ تجويز ڪئي هئي، اها ڇڏي وڃي گهوڙن واريءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيس، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ٻيڙي جي ناکئن پنهنجي بيجا هلت سبب مون کي ڪـَـڪ ڪري وڌو هو. هتي اسان لاڙڪاڻي واهه ۾ گهڙياسين ۽ هڪ وڏي ڳوٺ مديجي وٽان گذرندي، سهراباڻين جي ڳوٺ ۾ اچي لنگر هنيوسين. هتي به سخت گرمي هئي. 9 - تاريخ: ٻه ميل ڪري مڪانه واهه جي منهن وٽ پهتاسين، جتي اڻائي واءَ اسان کي سڄو ڏينهن بيهاري ڇڏيو. انهيءَ واهه جي منهن وٽ پاڻي اهڙو ته ڇوهو هو، جو وهڪري کي چيريندي وڃي ٿي ڪناري کي لڳو. اهڙو خوفائتو وهڪرو مون شايد ڪونه ڏٺو هجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ وڻن جا ٿـُـڙ، ٻوٽا ۽ مئل چوپايو مال لڙهندا نظر پئي آيا. اُتي هڪ ڳوٺ آهي جنهن کي غلام حسين جو ڳوٺ ڪري ڪوٺين، جتان مون هڪ قاصد سکر ڏي موڪليو. هن جاءِ تي مون ٻيڙيءَ وارن ۾ وري ٻيو وهم ڏٺو، جنهن موجب هو سفر ۾ ڪڍيل ڏينهن جو تعداد نه ڳڻيندا آهن. اُهي ڪڏهن به پورا ڏينهن ڪونه ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ ته سندن خيال آهي ته جي ائين ڪبو ته پوءِ يا ته ڪو نقصان رسندو يا سفر ڊگهو ٿي ويندو. 10 - تاريخ: رات وچ ۾ مون واري ٻيڙي به اچي پهتي ۽ صبح ٿيندي ئي جيئن اُن تيز وهڪري کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن اُها ڌڪجي واپس اچي پهتي. اسان ان ڪري ٻيڙيءَ، تان لهي انهيءَ کي گهلڻ شروع ڪيو، جيئن وهڪري جي تيزيءَ کان پري رهي ۽ انهيءَ کي پار ڪري سگهجي. اسان ته اُڪري ماٺيڻي پاڻيءَ، ۾ وياسين، پر ڪي ٻيڙيون انهيءَ وهڪري يا لهر جي ٿورن والن اندر وڃي تري کي لڳيون پر پوءِ ڇڪي تاڻي انهن کي به ٻاهر ڪڍيو ويو. جيئن ئي اسين اڀين ۽ گجيءَ سان ڀريل لهرن ڀيڙا ٿياسين، تيئن ناکئن وٺي نعرا هڻڻ شروع ڪيا. جتي جتي خوفائتو هنڌ ٿي آيو اتي ”دم بهاوالحق“ جو نعرو هڻي پئي اڪرياسين. مون کي به درويش حـَـقَ جي مهربانيءَ جو احساس ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن اسان لاءِ ايترو ئي ڪيو جيترو سينٽ جارج (1) يا ڪو ٻيو بزرگ ڪري ها. سچ ته مون اهڙو ڇوهو وهڪرو يا اهڙيون وڏيون ڇوليون ڪٿي به ڪونه ڏٺيون. اسان سالياني، ساوتري ۽ جالي کان گذرندي سعيد آباد پهتاسين، جتان بکر جو سڄو قلعو چٽو ڏسڻ ۾ پئي آيو. 11 - تاريخ: هن تاريخ جي صبح جو آئون اچي سکر منجهه لٿس. جتي قسمت جي بدنصيبيءَ سبب 10- نومبر تائين گرمي ۾ رجهندو رهيس. مون ڏٺو ته اسان جا سياسي آفيسر درياءَ جي ڪپ سان کجين جي جهڳٽي اندر ٺهيل تنبن ۾ رهندا هئا، جن جي ٻنهي پاسن ننڍڙن ۽ ٺوڙهن ٽڪرن جي قطار هئي. انهن ٽڪرين جي مٿان ڪچري جا ڍڳ لڳا پيا هئا، جو گهڻو ڪري ويران ٿيل قبن، قبرن ۽ مسجدن جو ڀنجو هو، جو کنڊرن وانگر پئي ڏٺو. انهيءَ قطار جي ڏاکڻينءَ ڪـُـنڊ وٽ هڪ اُڀي ديوار هئي، جنهن تي سهڻيون ۽ رنگين سـِـرون لڳل هيون، انهيءَ مان ٻه ڏيڍيون ٻاهر نڪتل هيون، ٻڌڻ ۾ آيو ته اهو اصل ۾ هڪ مغل شهزادي جو قبو هو. ڀنجو کي پاسي ڪري جيئن مٿي پهتس، تيئن مون کي خيال ٿيو ته هيٺ تنبن ۾ رهڻ جي بدران جيڪر هتي جاءِ ٺاهي وجهجي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تنبوءَ ۾ روزانو ٿرماميٽر 105 ڊگرين کان هيٺ نه ٿي ڏٺو ۽ پڻ تپ جي حملي مون کي خبردار ڪيو ته اَجهي خاطر ڪا چڱي جاءِ ڳولجي. سڀ ڪنهن پئي چيو ته اهو ڪـِـن جو ميڙ صاف ٿيڻ مشڪل آهي، پر دل ۾ اهي به خوش هئا ته اهو صاف ٿئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ هنڌان ڪـِـنـِـي ڌپ پئي ايندي هئي، جا Araby the blest جي بلڪل ابتڙ هئي (1) . ناکئن ۽ ٻين رولاڪ ماڻهن هٿان مون انهيءَ ويرانيءَ جو ڪجهه حصو صاف ڪرايو ۽ پوءِ ٻنهي ڏيڍين جي وچ ۾ ڇت ڏيئي، ان کي پنهنجي رهڻ جي لائق بنايو. آئون ٽي سال سنڌ ۾ رهيس ۽ انهيءَ عرصي ۾مون ڏٺو ته ڪونه ڪو ماڻهو منجهس رهندو آيو ۽ اڄ به انهيءَ ۾ ماڻهو رهن ٿا. سکر ۾ جيتوڻيڪ سخت گرمي آهي پر ان هوندي به اها دلچسپ جاءِ آهي. ٿوري غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌو درياءَ جي هن موڙ وٽ ٽي شهر آباد ٿيا آهن. بکر جو ٻيٽ، جنهن جي چوڌاريءَ اونهو ۽ ڇوهو پاڻي آهي، سو ايشيا جي ماڻهن جي نظر ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي، جنهن تي مشڪل سان قبضو ٿي سگهي ٿو. جيئن ته انهيءَ ٻيٽ تي قلعو ٺهيل آهي، ان ڪري سندس مشهوري وڌي ويئي آهي ۽ پوءِ کيس ”سنڌ جي ڪـُـنجي“ ڪري سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ مشهوريءَ جي ڪري سندس ٻنهي پاسن کان سکر ۽ روهڙيءَ جا شهر ٺهي ويا آهن. واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ مون کي انهن مسجدن ۽ ويران ٿيل جاين جي ڏسڻ جو شوق ٿيندو هو، جي انهن شهرن جي چوڌاريءَ ڏٺيون ٿي ويون. مون انهن پراڻن دفترن مان قديم دؤر جي معلومات گڏ ڪرڻ چاهي، پر وريو ڪي ڪين. سچ پڇو ته نه فقط سکر ۾ پر سڄي سنڌ ۾ قديم دؤر تي تحقيقات ڪندڙ لاءِ تمام گهٽ مواد آهي ۽ فقط يادگار اهڙا هوندا، جي تاريخ- نويسن جي ڪتب اچي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هن ملڪ مان قديم سنڌوءَ جو پاڻي وهي ٿو ۽ پڻ انهيءَ کي هندستان تي ڪاهه ڪندڙ هرهڪ غنيم جي فوجن لتاڙيو آهي پر ان هوندي به اتان ڪو جهونو ڪتاب يا ڪتبو نٿو ملي جو هن ملڪ جي قديم تاريخ تان پردو لاهي انهيءَ کي صاف ڪري بيهاري. نه فقط ايترو پر سنڌ جي ڪيترن شهرن جي بيهڪ ۽ انهن جو موقعو به اڃا زير بحث آهي. پري ڇو ٿا وڃو، الور يا برهمڻ آباد کي ئي وٺو، سندن اوج کي اڃا اٺ صديون ئي ڪونه گذريون آهن، پر اتي جي رهاڪن بابت ڪوبه مواد نٿو ملي. هاڻي فقط هڪ ڏند ڪٿا پئي ٻـُـڌجي ته جتي هينئر ڀنجو ۽ سـِـرن جا دڙا آهن اتي ڪنهن وقت هزارين ماڻهو رهندا هئا ۽ اهو هڪ وڏيءَ سلطنت جو مرڪزي شهر هو. چچنامي ۽ معصومنامي ۾ سڪندر جي ڪاهه کان وٺي خليفن جي جرنيلن جي سوڀ تائين ڪو به مواد نٿو ملي. فقط بادشاهن جا ڪي نالا ۽ ٻاراڻيون ڏند ڪٿائون آهن. ان ڪري وقت جي بدلجڻ يا حالتن جي مٽاسٽا جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي. انهيءَ ڪري سنڌ يا سنڌ سان لاڳو ملڪن جي قديم جاگرافيءَ تي سوچڻ بيڪار آهي ۽ فقط پنهنجن ٺاهيل ڌُڪن تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو. الور بابت، جو ڪنهن وقت سنڌ جي هندو راجائن جو تختگاهه هو، ڪجهه معلومات گڏ ڪري سگهجي ٿي ته ڪهڙي وقت سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو انهيءَ قديم شهر وٽان بدلائي، وري انهيءَ هنڌ تان وهڻ لڳو جو هاڻي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ آهي. خواجه خضر عليه (1) جي ننڍڙي ٻيٽ ۾ روهڙيءَ جي بلڪل آمهون سامهون هڪ مسجد آهي، جا ڏسڻ ۾ ئي پراڻي ٿي اچي ۽ انهيءَ عمارت ۾ هيٺيون ڪتبو لکيل آهي، جو مون کي پنهنجي هڪڙي مهم ۾ ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ جي هي معنيٰ آهي: اوهان جي ڄاڻ لاءِ هيءُ لکجي ٿو ته جڏهن هيءَ درگاه ٺهي، تڏهن خضر جو پاڻي سندس چوڌاريءَ هو. درگاهه جي ٺهڻ بابت خضر هيءَ سهڻي مصرع لکي، جا خدا جي گهر مان پڙهي سگهجي ٿي- اها آهي: ”341 هجري“. جيڪڏهن هيءَ تاريخ 341 هجري صحيح آهي ته پوءِ مسجد 952 عيسويءَ ۾ ٺهي هوندي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته اها مسلمانن جي حملي کان اڍائي سؤ سال پوءِ ٺاهي ويئي آهي. انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي به آهي ته اها اڳيئي سوچيل سمجهيل آهي، ڇاڪاڻ ته اکرن ۾ ڏنل تاريخ انگن اکرن سان بلڪل ٺهڪيو ڦهڪيو اچي. هر هڪ عربي لفظ کي هڪ خاص انگ جي برابر سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري جڏهن به ڪو ڪتاب لکبو آهي يا قبو ٺهرايو ويندو آهي، ته انهيءَ کي ڪو لقب يا نالو ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ استعمال ڪيل اکرن مان انهيءَ قبي جي ٺهڻ يا ڪتاب جي لکجڻ جي تاريخ نڪريو اچي. اهو ساڳيو طريقو جيڪڏهن يورپ ۾ استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ جيڪر ماڻهو گهڻيءَ مٿا- ڪٽ کان بچي وڃي، ڇاڪاڻ ته پوءِ فقط ديول جي نالي وٺڻ سان ئي سندس ٺهڻ جو سال معلوم ٿي ويندو. ساڳيءَ ريت، ڪوبه ماڻهو ڪنهن نظم پڙهڻ مهل انهيءَ جي مرتب ٿيڻ جو وقت سولائيءَ سان ٻڌائي سگهي ها. هن ڪتبي جي تائيد روايتن مان پڻ ملي ٿي. چون ٿا ته روهڙيءَ جي انهيءَ حصي ۾، جنهن کي هاڻي باجي محلو ڪري سڏيو وڃي ٿو- باجي نالي هڪ ريڍار جهوپڙي ٺاهي اچي ويٺو هو. هڪ رات جو کيس ويجهڙائيءَ ۾ روشني ڏسڻ ۾ آئي. هن سمجهيو ته اها باهه ڪنهن مسافر ٻاري آهي، ان ڪري هن پنهنجي زال کي ٽانڊي آڻڻ لاءِ اوڏانهن موڪليو. پر جيئن ئي اها مائي روشنائيءَ جي ويجهو ويئي ته اها روشنائي غائب ٿي ويئي. زال اچي مڙس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، پر مڙس اعتبار ئي ڪونه ڪيو ۽ پاڻ انهيءَ روشنيءَ کي ڏسڻ ويو. نيٺ جڏهن کيس اها پڪ ٿي ته اهو قدرتي مشاهدو آهي، تڏهن انهيءَ کان متاثر ٿي هو اتي اوتارو ٺاهي پاڻ فقير بنجي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ درياءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ۽ الور جي ديوارن کي ڇڏي، اچي باجي جي تڪيي جي چوڌاريءَ وهڻ لڳو، جنهن کي هاڻي ”خواجه خضر“ جو ٻيٽ ڪري سڏيو وڃي ٿو. چچنامي ۾ وري ٻي آکاڻي آهي، جنهن ۾ روايت آهي ته الور جي راجا کي، اُتي رهندڙ هڪ سوداگر جي سهڻيءَ ڌيءَ کي هٿ ڪرڻ جي خواهش ٿي. ڏکايل پيءُ راجا جي مرضيءَ جي مخالفت نه ڪري سگهيو ۽ کانئس اٺن ڏينهن جي مهلت گهريائين. اهي اٺ ڏينهن روزي ۽ نماز ۾ گذاري ڪرامت سبب پنهنجي ڌيءَ ۽ ملڪيت سان اچي خضر جي ٻيٽ ۾ پهتو ۽ درياءُ به الور جي شهر جي ڀرسان وهڻ ڇڏي ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح اهو شهر پنهنجن حاڪمن جي ظلم سبب اُجڙ ٿي ويو. سچ ڇا به هجي پر اها حقيقت آهي ته انهن ڪتبن بابت اسان جي اعتقاد کي پڪي ڪرڻ ۾ ڏند ڪٿائن جو وڏو هٿ آهي. سکر ۽ روهڙيءَ جا قبا گهڻو ڪري اڪبر جي دؤر جا آهن، پر انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن، جن جي قدامت مٿئين ڪتبي ۾ ڏنل تاريخ ۾ وڃيو پهچي. بکر جي ٻيٽ جي سامهون ستين جو ٻيٽ آهي، جنهن کي ستن ستين جو ٻيٽ به ڪري ڪوٺبو آهي. (خبر نه آهي ته اهي ستيون آيون ڪٿان؟) هيٺيون ڪتبو ان ٻيٽ تان مليو:- ”سيد الدين، جو هڪ وڏ- گهراڻي ۾ ڄائو هو ۽ ڏاهپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، انهيءَ جو روح جڏهن هن مٽيءَ جي گهر مان نڪري ويو، تڏهن هـُـن جنت کي وڃي پنهنجو گهر بنايو. ”مون جڏهن سندس وفات جي تاريخ دريافت ڪئي تڏهن دل جواب ڏنو ته اهو منهنجي دل جو مالڪ مير وڃي جنت ڀيڙو ٿيو“. مٿين اکرن مان جيڪا تاريخ ملي ٿي، اها 384 هه آهي،جا هڪ تمام قديم تاريخ آهي. مون انهيءَ تي وري وري سوچيو ۽ ڀانيم ته ڪو جهونو سنڌي منهنجي غلطيءَ کان متاثر ٿي ضرور مون کي ٽوڪيندو، پر ڏٺم ته ڳالهه مڙيئي هڪ آهي. منهنجي منشيءَ، جو مسلمان آهي ۽ پڻ منهنجي ٿڪل هندو خزانچيءَ، جو ذري جو حساب به هوشياريءَ سان ڪندو آهي، ٻنهيءَ انهيءَ جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪئي، انهيءَ ڪري اسين انومان ڪڍي سگهون ٿا ته اهو ضرور سچ هوندو. هونئن به اهو قبو پراڻو پيو لڳي. اهوئي سبب آهي جو اسان انهيءَ تاريخ ۾ اعتبار ٿا ڪريون. اهو ٻيٽ جي اڀرندي ڪنڊ تي ٺهيل آهي ۽ تمام خسته حالت ۾ آهي. خواجه خضر جي مسجد جي ڪتبي ۾ ڏيکاريل سن مان ظاهر آهي ته سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو الور کان روهڙيءَ ڏانهن 341 هه ڌاري ڦيرايو هوندو. درياءَ جي وهڪري بدلائڻ سبب الور جي ماڻهن روهڙيءَ ڏانهن لڏڻ شروع ڪري ڏنو ۽ انهيءَ لڏپلاڻ ۾ سيدن جو خاندان به هو. اهوئي سبب آهي جو انهن مان هڪڙي سيد جي قبي تي جيڪا تاريخ ڏنل آهي، اها خواجه خضر جي مسجد ۾ ڏنل تاريخ کان پنجاهه سال پوءِ جي آهي. سکر يا روهڙيءَ کي اٺ صديون پراڻي سمجهڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڏسجي پيو ته ڪئين صديون اڳ هي شهر اوج ۽ شاهوڪاريءَ تي رسيل هئا. انهيءَ ڳالهه جي تصديق انهن انيڪ قيمتي عمارتن مان ٿئي ٿي، جي اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ ۽ ان کان اڳ ٺاهيون ويئون هيون ۽ پڻ سيدن جي انهن ديرن مان پتو پوي ٿو، جن تمام ڏورانهن ملڪن مان هجرت ڪري هتي بود و باش اختيار ڪئي هئي. اڪبر سن 1572ع ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي ۽ جيتوڻيڪ سندس ٺهرايل عمارتن کي ٽي سؤ سال گذري چڪا آهن، پر ان هوندي به اهي درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي ٽڪريءَ مٿان اهڙو ته ڏيکاءُ ٿيون ڏين، جو ڄڻ ته ويجهڙائيءَ جون ٺهيل آهن. روهڙيءَ جي جامع مسجد تي ڏنل ڪتبو، مثال طور، هيٺ ڏجي ٿو: ”وقت جو خسرو، دين پناهه، اڪبر، جيڪو تاج ٿو پائي ۽ ملڪن کي زير ٿو ڪري، اهو شاهه جنهن جون فوجون ايتريون آهن، جيترا آسمان ۾ تارا ۽ جنهن جو تخت آسمان وانگر بلند آهي، اهو قانون جو رکوالو ۽ وقت جو اڳواڻ آهي، جنهن جا نوڪر (شان ۽ دٻدٻي ۾) قيصر ۽ شهنشاهن جي برابر آهن. ”اي شاهه، تنهنجو ادنيٰ ۾ ادنيٰ نوڪر، جو جمشيد جهڙو تخت ڌڻي ۽ امير آهي.“ اهو دل جي سوجهري وارو ۽ سمنڊ جيان سخي، آزاد خياليءَ جو ٿنڀو ۽ نفع بخش هستي فتح خان آهي، جنهن جي رت ڳاڙيندڙ ترار خدائي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ بي انصافيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي، ۽ انهيءَ اميد ۾ هيءَ مسجد ٺهرائي،ته خدا کيس جنت ۾ چڱي جاءِ ڏيندو. ”اها ڪعبي (جي مسجد) وانگر دل جو ڏڍ ۽ عدن جي باغ جيان دل کي فرحت ڏيندڙ آهي. خدا ڪري ته هيءَ وقت جي اثر کان محفوظ رهي، سدائين قائم ۽ دائم رهي. مون پنهنجي دل کان اهڙي لفظ جو سوال ڪيو، جو سندس تاريخ سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ته يڪدم هي جملو تري آيو: ’خان هي مسجد ٺهرائي ۽ دنيا مان موڪلائي ويو‘“. ٻيو مثال وري هڪ ننڍي گنبذ واريءَ عمارت مان ملي ٿو، جو هاڻي سکر ۾ اسان جي ايجنسيءَ جو هڪ حصو آهي. اها به اڪبري دؤر جي آهي، پر ڏيکاءُ اهڙو اٿس ڄڻڪ هاڻي ٺهي آهي. انهيءَ تي هي ڪتبو لکيل آهي: ”شاهه وڏي جي خلافت جي دؤر ۾، دين کي روشن ڪندڙ، عزت ماب بادشاهن جي بادشاهه محمد اڪبر شاهه، جو ڪافرن جو ڪـُـهندڙ آهي. شل خدا سندس حڪومت قائم رکي.“ ”هيءَ عمارت امير مير معصوم ولد سيد صفا بکريءَ چڱن ڪمن لاءِ ٺهرائي ته جيئن مسلمانن کي فائدو پهچي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو انهيءَ تي قبو اڏائيندو ته پوءِ خدا، رسول، ملائڪن ۽ مومنن جي لعنت مٿس رهندي- فقط 1008 هجري“. انهيءَ عمارت جي آمهون سامهون وري هڪ ٻي عمارت آهي، جنهن تي هيٺين مصرع لکيل آهي: ”اها سهڻي جاءِ، جا فردوس جي باغ جهڙي آهي، جنهن جي مهاڙي بهشت جي هٻڪاريل خوشبوءِ سان ڀرپور آهي. سڀاڳي جاءِ، ڀل ته مسافر توکي سلام ڪرڻ وقت تنهنجي تاريخ کان واقف ٿين. اي دل جا عدن- 1006 هجري“. انهن عمارتن جي ڀيٽ ۾ جيڪي قبا ٽڪريءَ تي ايجنسيءَ جي مٿان پيا ڏسجن، سي ڀانئجي ٿو ته تمام گهڻا قديم آهن. انهن کنڊرن ۾ڪنهن به هندو مندر جا نشان ڏسڻ ۾ نه آيا. اتي ته ٺهيو پر الور ۾، جتي ڪنهن وقت هندو گهراڻي جو راڄ هو، اتي پڻ هندو عمارت سازيءَ جو ڪوبه نمونو نٿي ڏٺو. اتي ڪي گول برج آهن، جي تمام قديم ڏسڻ ۾ ٿي آيا. انهن تي نقش ۽ چٽساليءَ جو عمدو ڪم ٿيل آهي، پر ان هوندي به اهي مسلمانن جا قبا پيا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته هڪ ته انهن ۾ تربتون آهن ۽ ٻيو ته انهن جو اندريون حصو ڪعبي ڏانهن مڙيل آهي. جتي چون ٿا ته راجا جو ڪوٽ ۽ محلات هئا، اتي هاڻي سڃ ۽ مٽيءَ جا ڍير آهن، جن جي صحيح سڃاڻپ نٿي ڪري سگهجي. مير رستم خان، خيرپور جي واليءَ هڪ هنڌ کوٽائي ڪرائي هئي. اتي اڃا به ڀت جو ڪجهه حصو کليل آهي. اها ڀت گهڻي ويڪري آهي. منهنجو خيال آهي ته اُها ويهه فوٽ موڪري آهي. ويچاري مير کي پنهنجي محنت جو ڪوبه اجورو نه مليو ۽ پڻ ڪن وهمن سبب کيس کوٽائي بند ڪرائڻي پئي. الور روهڙيءَ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي آهي. اوڏانهن وڃڻ جو رستو هڪ پـُـل مٿان وڃي ٿو، جنهن کي اروڙ واري ٻنڌ ڪوٺين ٿا. ڪي ان کي تمام پراڻو سمجهن ٿا، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها ٻه صديون پراڻي آهي ۽ منهنجي به راءِ اها آهي ته اها ٻنڌ يا پل انهيءَ عرصي کان وڌيڪ پراڻي ٿي نٿي سگهي. ظاهر آهي ته اها پل درياءَ جي سڄي وهڪري تي نه ٺاهي ويئي آهي، پر هڪ شاخ تي ٺاهي ويئي آهي، جا درياءَ جي الور ڇڏڻ کان پوءِ درياءَ جي پراڻي ڀڏي ۾ الور جي لڳ وهندڙ هجي. سڀ کان وچ واري ڪمان جي اوچائي فقط چوڏهن فوٽ آهي ۽ سڄي پل جي ڊيگهه ڇهه سؤ فوٽن کان مٿي نه ٿيندي. منهنجي خيال موجب ته اها پل مير معصوم يا وقت جي ٻئي ڪنهن نيڪ امير جي ٺهرايل ٿي ڏسجي. پل اُڪرڻ کان پوءِ اوهان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهچندا، جنهن ۾ سٺ ماڻهو رهن ٿا. انهن مان ٻه حصا مسلمان ۽ ٽيون حصو هندو آهن. جيئن ته امير کانئن ڪابه ڍل وصول ڪونه ڪن، ان ڪري هي پنهنجي پيدائش گنج شڪر شاهه جي پوئلڳن يا مريدن کي وڪڻندا آهن. هن ڳوٺ کان وٺي ويرانيءَ تائين کنڊرن جي قطار آهي، جا انهيءَ جي اتر - اوڀر طرف گهڻي تائين پکڙيل آهي. انهن کنڊرن ۾ ڪوبه ڪتبو وغيره نه مليو آهي ۽ نه وري منجهن ڪا ٻي اهڙي عمدي شيءِ آهي. اُتي جي نظاريدار کنڊرن مان عالمگير جي مسجد ۽ ٻن سيدن شڪر گنج شاهه ۽ خليفي قطب الدين شاهه جا قبا آهن. شڪر گنج شاهه جو قبو هڪ مشهور زيارت آهي، جتي مهيني ۾ ٻه دفعا ويجهڙائيءَ جا ماڻهو زيارت ڪرڻ ويندا آهن. انهيءَ تي ڪابه وڏي عمارت وغيره نه آهي، پر اها هڪ سادي ۽ سفيد تربت آهي، جنهن جي ڪناري تي زنگي گل جهڙا گل ٻوٽا اُڪريل آهن. مون اتي ڪجهه شيون ٽنگيل ڏٺيون، جن ۾ شراب جي بوتل جا ٻوچ به هئا، جي عقيدتمندن کان اڻڄاڻائيءَ ۾ ٽنگيا ٿا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته جڏهن مون کين ٻڌايو ته اهي اصل ۾ شراب جي شيشن جا آهن، تڏهن اهي مجاور کي بـُـرا لڳا. هن اهي يڪدم ٻاهر اڇلايا ۽ مون کي ٻڌايائين ته اهو سندس زال جو ڏوهه آهي، جنهن اهي اُتي ٽنگيا هئا. الور ۾ مون کي ٻن پٿرن کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هٿ آيو. اهي درياهه جي پراڻي ڀڏي ۾ پيل هئا ۽ انهن تي لکيل هو ته اهي مير معصوم درياءَ جي وهڪري جي نشان قائم ڪرڻ لاءِ اتي لڳايا آهن. هي نيڪ سيد ڪيترن ئي عمارتن جو معمار آهي، جي روهڙيءَ جي ڀر ۾ آهن. سندس تربت سکر ڇانوڻيءَ ۾ آهي، جنهن جي ڀر ۾ هڪ نوي فوٽ ڊگهو منارو آهي، جو هن پاڻ ٺهرايو هو ۽ جنهن تان ڪيترن ميلن ۾ سڄو ملڪ پيو ڏسجي. سندس پوين مان جيڪو پاڻ کي سندس وارث پيو سڏائي، تنهن ساڳئي قبرستان ۾ پنهنجي لاءِ، مرڻ کان اڳ، هڪ قبر ٺهرائي ڇڏي آهي. روهڙيءَ ۾ دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته اتي پيغمبر اسلام جو وار مبارڪ آهي جو جواهرن سان سجايل سونيءَ نڙي ۾ آهي. مجاور مون کي انهيءَ بابت هيٺيون بيان ڪري ٻڌايو: ”952 هجريءَ ۾ وار مبارڪ جو مجاور، مخدوم ميان عبدالباقي صديقي، استنبول (قسطنطنيه) مان سکر پهتو، ۽ انهن سڀاڳن نشانن (يادگارن) بابت اهڙيون ته ثابتيون پيش ڪيائين جو بزرگ ۽ ڀلارا ماڻهو مٿس اعتبار ڪري تبرڪات جي زيارت ڪرڻ لڳا. انهن ۾ شاهه حيدر حقاني ۽ مخدوم عبدالمالڪ جا نالا قابل ذڪر آهن. کانئس پوءِ حاجي محمد عبدالستار صديقي مجاور ٿيو ۽ اهو عهدو هـُـن اسي سال ماڻيو. هن کان پوءِ شاهه حافظ محمد اسحاق مجاور ٿيو ۽ پوءِ حاجي محمد جا ٻه پٽ حافظ محمد رضا ۽ حافظ محمد مراد. هاڻي اهو عهدو حافظ محمد اسحاق جي پيڙهيءَ ۾ هلندو اچي“. سکر ۾ آءٌ ٽڪيو ئي ٿورا ڏينهن هوس، ان هوندي به مون اتي جي رهندڙ ڦورو قبيلن کي پرکڻ شروع ڪيو. منهنجي اتي پهچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ رحمان بڙديءَ نالي هڪ مشهور ڦورو پنجاهه رپيا مهيني تي اچي اسان وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو. هو قد جو ڊگهو ۽ ڳنڀير مڙس هو، پر هئس هڪ ٻانهن، ڇاڪاڻ ته کيس سيکت ڏيڻ لاءِ سنڌي حڪومت سندس ٻي ٻانهن وڍائي ڇڏي هئي. پر رحمان تي انهيءَ سزا جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، پاڻ پنهنجي ڌنڌي ۾ وڌيڪ چاهه ورتائين. جيئن ئي سندس ٻانهن چڱي ڀلي ٿي، تيئن وڃي پنهنجي ڪميت گهوڙي تي چڙهيو ۽ سندس سڀ کان پهريون ڪارنامو هو اسان جي منشيءَ تي حملو ڪرڻ، جنهن ۾ هـن غـُـريب کي ماري وڍي ڪيرائي ڇڏيائين. سندس خيال هو ته منشي مري ويو آهي ۽ هئو به ائين. پنج خطرناڪ زخم رسايا هئائينس، جنهن مان ڪو مشڪل بچي ها! پر اسان جو منشي به ته واڻيو هو، ان ڪري ڌڪ جهلي ويو. انهيءَ ۽ ٻين اهڙن ظلمن جي ڪري رحمان ايڏو ته بدنام ٿيو، جو کيس پڪڙڻ لاءِ مٿس انعام رکيو ويو. ڪجهه وقت اڳ بڙدي قبيلي جو رئيس شير محمد خان سلام ڪرڻ خاطر اسان جي هڪ سياسي آفيسر وٽ لنگهي آيو. ڳالهين ڪندي رحمان جو ذڪر هليو، جنهن تي آفيسر دلي خواهش ڏيکاري ته انهيءَ بدمعاش کي جهليو وڃي. رئيس جي همراهن مان هڪ سٺي پوشاڪ واري ٻروچ- جنهن انهيءَ بحث ۾ چڱو حصو ورتو هو، جي اها راءِ هئي ته رحمان جهلجي. پر وري ڪنڌ ڌوڻي ڳنڀير ٿي چيائين ته، ”افسوس، اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته رحمان اهڙو حرامزادو آهي، جو کيس جهلي نٿو سگهجي“. اهڙيءَ طرح سوچ ويچار کان پو”، اها ميٽنگ برخواست ٿي ۽ اسان کي تيسين خبر ڪانه پيئي، جيسين رحمان اچي اسان وٽ نوڪر بيٺو. تڏهن اسان سڃاتو ته رحمان اهو ساڳيو ٻروچ هو، جنهن خود پنهنجيءَ گرفتاريءَ لاءِ اشتياق پئي ڏيکاريو. لارڊ برليهه وانگر رحمان جو ڪنڌ ڌوڻڻ به اهڙو هو، جو انهيءَ حرڪت سندس ٻروچ ساٿين کي پوءِ ضرور کلايو هوندو، پر ٻروچ ٻين ماڻهن وانگر جانور ڪونه آهن. اخلاقي طور ڳنڀير ۽ سخت آهن ۽ ڪٿي به ڪا خوشي يا عجب جي ڳالهه ڏسندا ته جيڪو کين احساس ٿيندو، انهيءَ جو اظهار فقط ٻن لفظن ّ”واهه واهه“ کان وڌيڪ نه ڪندا. عجيب ڳالهين ٻڌڻ جو کين ڏاڍو شوق هوندو آهي، پوءِ اهي ڀل ڪيتريون به ڪوڙيون هجن، پر جيڪڏهن ٻڌائبو اٿن ته اهي ڪنهن جن يا درويش جون ٻڌايل آهن، ته پوءِ شڪ ڪونه ڪن. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ مون کي قسمت جي باري ۾- جنهن جي کيس پنهنجي سر ڄاڻ هئي، هڪ آکاڻي هن ريت ٻڌائي: ”پيارو خان نالي هڪ ننڍيءَ عمر جو جمالي ٻروچ هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تلوار هلائڻ ۾ ورلي ڪو سندس مقابلو ڪري سگهندو. انهيءَ پهلوان جو ڪنهن سبب ڪري مڪران وڃڻ ٿيو. سندس مرشد کيس اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو هو ۽ چيائينس ته جي ويندين ته وري نه موٽندين. پيارو انهيءَ نصيحت تي کليو، پر ايترو واعدو ڪيائين ته هروڀرو پاڻ کي مصيبت ۾ ڪونه وجهندو. وطن واپس موٽڻ مهل هو جيئن کجين جي وڻن جي هڪ جهڳٽي مان لنگهي رهيو هو، تيئن هن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مٿي جو کڻي ڏسي ته هڪ ماڻهو رس ڪڍڻ لاءِ کجيءَ جي وڻ جي چوٽ تي چڙهي ويو آهي. پر هڪ نانگ به وڃي کيس ويجهي پهتو آهي ۽ ذري گهٽ ان کي ڏنگڻ تي آهي. پياري پنهنجي بندوق کڻي اُڀي ڪئي، پر مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جي بدن جو ڪجهه حصو نانگ جي بلڪل آمهون سامهون هو، ان ڪري گمان هو ته ماڻهوءَ کي ڌڪ لڳي. اهو ماڻهو، جو پاڻ بچائڻ لاءِ وڻ جي ڏار کي چهٽيو پيو هو، تنهن وٺي دانهون ڪيون، جنهن تي پياري چشت رکي اهڙي ته پوري نشاني تي ڌڪ هنيو، جو گولي وڃي نانگ جي منڍيءَ کي لڳي ۽ اهو بروقت مري ويو. وڻ تي چڙهيل ماڻهو تڪڙو تڪڙو هيٺ لٿو ته جيئن هن چڱي مڙس جو ٿورو مڃي، پر سندس حيرت جي حد نه رهي، جڏهن هن پياري کي اُتي مئل ڏٺو! بندوق جي گولي لڳڻ سبب نانگ جي ڄاڙيءَ جو ڪجهه حصو، جنهن ۾ زهريلو ڏند هو، منڍيءَ مان جدا ٿيڻ کان پوءِ اچي پياري جي مـُـنهن تي ڪريو ۽ زخم ڪري وڌائين. انهيءَ ۾ اهڙو ته موتمار زهر هو، جو جيستائين اهو مڪراني وڻ تان لهي ئي لهي، تنهن کان اڳ قسمت جو ماريل (پيارو) وفات ڪري ويو.“ مون پنهنجي منشيءَ کي چيو ته اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي! تنهن تي هن وراڻيو ته صاحب، سندس قسمت ايتري هئي، وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي! ٻروچن کي عجيب ڳالهين ٻڌڻ لاءِ ڏاڍو چاهه ٿو ڏسجي ۽ انهيءَ ۾ هو اسان ڇسن فرنگين جي ابتڙ - جي هر ڪنهن ڳالهه تي ويهي ضد ڪندا آهيون - تاريخ، وقت يا عدد جو ڪوبه خيال ڪونه ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ هي مثال ڪافي آهي. اسان جي ايجنسي ٺاهڻ ۾ ڪي مزور سرون کڻي رهيا هئا، انهن ۾ هڪڙو پوڙهو رند قبيلي جو ٻروچ به هو. انهيءَ ٻروچ کي اسان جي هڪ سياسي آفيسر روڪي، افغانستان مٿان اسان جي حملي بابت رايو پڇيو. پوڙهي ڪنڌ لوڏي چيو ته، ”منهنجي خيال ۾ اوهان جي فوج ڪڏهن به ڪانه موٽندي- هن کان اڳ ست لک ماڻهو هندستان مان ڪابل ويا هئا، پر رڳا هڏا ڇڏي آيا ۽ اوهان جو به ساڳيو حشر ٿيندو.“ اسان جي آفيسر جڏهن کانئس ٻيو سوال ڪيو ته، ڀلا اسان ڪيترا ماڻهو موڪليا آهن؟ تڏهن جواب ڏنائين ته ٽي لک. اهو آهي حساب ڪتاب ۾ ٻروچن جي ڄاڻ جو هڪ مثال. ٻئي موقعي تي مون هڪ بيرگ نالي بگٽي رئيس (ابوبڪر) کان سندس عمر بابت پڇيو، ته هن بي ڌڙڪ چئي ڏنو: 120 سال. کيس ڏسڻ سان معلوم پئي ٿيو ته سندس عمر وڌ ۾ وڌ 70 سال هوندي، ڇاڪاڻ ته اڃا سندس وار ڀورا ۽ اک ڪـَـڪـِـڙي هئي. ٻروچن کي انهن آفيسرن لاءِ ڏاڍي حب هوندي آهي، جي منجهن ٿوري به دلچسپي ڏيکاريندا آهن. ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪريو اسان جي ڪئمپ جي ڪاروائي پيا ڏسندا آهن. جيڪي به اسان وٽ وهيو ۽ واپريو، سو کين سڀ نئون پئي لڳو ۽ پڻ جدا جدا قبيلن ۽ ذاتين جي ڪئمپ ۾ هجڻ به کين وندرايو پئي. انهيءَ نسبت هڪ ٻروچ پنهنجي ماڻهن کي هيئن ٻڌايو ته، ”فرنگين جي فوج ۾ ڪيترن ئي قسمن جا شيطان آهن. انهن مان هڪڙا ڪارا بت پرست آهن، ٻيا رنگ جا اڇا آهن، پر وٽن ڪو مذهب ڪونهي ۽ ٽيان وري چڱا مسلمان آهن، جي اسان وانگر نماز پڙهن“. انهيءَ مان سندس مراد هيءَ هئي ته پهريان هندو، ٻيا يوروپي ۽ ٽيان مسلمان هئا. ٻروچن بابت اسان کي روزانه خبرون ملنديون هيون ته اهي ماڻهن تي اوچتو حملا ڪري نه فقط ڦريندا آهن پر قتل به ڪريو ڇڏين، انهيءَ ڪري اسان کي سندن لاءِ ڪو چڱو خيال ڪونه هو. پر رحمان کان سواءِ اسان کي سکر ۾ جيڪي ٻيا ٻروچ نظر آيا، تن سندن نسل بابت مڙيئي اسان تي چڱو اثر ڇڏيو. سکر جي ڀر وارا قبيلا پنهنجو ٻروچڪو ڪردار وڃائي چڪا هئا، جهڙوڪ کوسا، جنهن جي لفظي معنيٰ ئي آهي ڌاڙيل. (1) اهي اڃا به پنهنجو خوفناڪ ڏيل کنيو پيا هلن ۽ ترار جي استعمال ڪرڻ کي به ڪونه وساريو اٿن پر هاڻي منجهن ٺاپر اچي ويئي آهي. جيڪڏهن وڙهن به کڻي تڏهن به پنهنجي اُٺن يا ڳوٺن جي حفاظت لاءِ وڙهن، نه ته اصل ڪونه وڙهن. قادر بخش نالي سندن رئيس هڪ سهڻو جوان آهي، جنهن جو آواز هلڪو ۽ عادتون وڻندڙ آهن. منجهانئس جنگ ڪرڻ جي صلاحيت نڪري چڪي هئي، ان ڪري پنهنجي خوشيءَ سان اسان سان عهدنامو ڪيائين، جنهن موجب هـُـن پنهنجي راڄ مان اسان کي گهوڙيسوارن جو جٿو ڏيڻ قبول ڪيو، جنهن کي اسان سکر ۽ شڪارپور جي وچ ۾ ٽپال ورهائڻ ۾ لڳايو ۽ پڻ کانئن انهيءَ ضلعي ۾ سوار - پوليس جو ڪم به ورتو. اهي ماڻهو اسان لاءِ بيحد ڪمائتا ثابت ٿيا، ۽ سچ ته اهو آهي، ته جيڪي کين ملي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ لهڻن. کين ڏسي ٻين ڏيهي ماڻهن ۾ به ٺاپر اچي ويئي آهي ۽ اهي به چڱيءَ چال جي ضمانت تي نوڪري ڪرڻ ۽ چڱي پگهار لاءِ اسان ڏانهن پيا واجهائين. اهڙيءَ طرح، ۽ ساڳين سببن ڪري، اسان پوليس جي هڪ جماعت ٺاهي ورتي، جا نه فقط رستن تي عام ماڻهن جي اچ وڃ جي حفاظت ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي، پر ان ڪري انهيءَ ايراضيءَ ۾ پراڻي دؤر ۾ جيڪي خون خرابا ٿيندا هئا، انهن جي بند ٿي وڃڻ جي به اميد ٿي ۽ اهڙيءَ ريت سڄي علائقي تي صلح ۽ سانت جي برڪت نازل ٿي. اهي اميدون ڪيئن اجڙ ٿيون، انهيءَ لاءِ ايندڙ باب ۾ ڪافي ذخيرو موجود آهي. --------------- (1) لکندڙ جو مطلب آهي ته واري اچي اکين ۾ پئي جيئن ڪر عموما درياءَ جي ڪپ تي ٿيندو آهي. (2) انگريز پاڻ ته ميرن کي ڪوبه محصول ڪونه ڏيندا هئا پر سندن مرضي اها هئي ته برٽش انڊيا جي ٻين واپارين کان محصول نه ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته هنن انهيءَ محصول کي پاڻ هضم ڪرڻ ٿي چاهيو. (1) شايد ٺٽي ۾ ان وقت رات جو اگهاڙي سمهڻ ۾ ڪوبه عيب نه سمجهيو ويندو هو. (2) ميرن جي دؤر ۾ عمر قيد جي سزا واري کي سڄي عمر هڪ پڃري ۾ رکيو ويندو هو. (1) مير جيئن ته شيعا هئا، ان ڪري سيدن جو ڏاڍو خيال ڪندا هئا. (2) ايرين، يوناني ليکڪ آهي، جنهن سڪندر جي ڪاهه ۾ سنڌوءَ مان سندس دريائيءَ سفر جو بيان ڏنو آهي. (1) اهوئي سبب آهي جو انگريزن مٿس Mighty Indus (زور آور سنڌو) نالو رکيو آهي. (1) عقليه شايد مصنف جو دوست يا واقفڪار هو. (1) اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جو دراوڙي ٻولي ۽ تهذيب سان گهڻو لاڳاپو رهيو آهي. (1) ايرين ”مقدونيا جو چريو“ لفظ شايد سڪندر لاءِ استعمال ڪيا آهن. (1) مئڊونا: ماءِ - ڊونا مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي منهنجي معزز خاتون. هي لفظ ڪرستان بيبي مريم لاءِ استعمال ڪندا آهن. (1) پلوٽس: هڪ گرهه جو نالو آهي، جو نيپچون کان به پري آهي. پلوٽس حقيقت ۾ شاهوڪاريءَ جي ديوتا کي سڏبو آهي. (1) سينٽ جارج: ڪرستانن جو وڏو سنت ٿي گذريو آهي، جنهن کي ايڊورڊ ٽئين آرڊر آف گارڊ ڏيئي انگلينڊ جو وڏو پادري بنايو هو. (1) Araby the blest جي معنيٰ آهي عرب جي وڻندڙ هـِـير. (1) خواجه خضر: هن کي پهتل هستين جي قطار ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پر جيئن ته هن آب حيات پيتو آهي، ان ڪري هي قيامت تائين جيئرو رهندو. سنڌين جي خيال موجب بکر وٽ خواجه خضر عليه جو آستان آهي، جنهن جي خاطر درياءَ جو پلو اوڀارو روهڙيءَ تائين ويندو آهي. (1) کوسا: حقيقت ۾ڪازخ آهن ۽ توراني نسل جا آهن، کين بلوچستان ۾ اڄ تائين کوسغ سڏيو وڃي ٿو جو ڪازخ يا ڪوزخ جو بگڙيل نمونو آهي. مصنف شايد ڪازڪ کي قزاق سان تشبيهه ڏني آهي، جنهن جو مطلب آهي چور يا ڌاڙيل. - مترجم باب ٽيون سنڌ ۽ افغانستان جي قبضي ڪرڻ تي تبصرو فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”جيڪڏهن هرڻ جي شڪار تي وڃو ته شينهن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو“. اسان جا دوست جيڪي افغانستان فتح ڪرڻ ويا هئا، تن ڀانئجي ٿو ته بدقسمتيءَ سبب اهو پهاڪو ابتو پڙهيو هو، يعني اهي ويا ته هئا شينهن جي شڪار تي پر تياري ڪئي هئائون هرڻ جي شڪار جي. ٿوري ۾ ائين چئجي ته جيڪي ڪجهه اسان جي فوجن تي ٿي گذريو، تنهن اسان جي دشمنن ۾ حقارت پيدا ڪري ڇڏي. اهو آهي افغانستان جي جنگ ۾ اسان جي تباهيءَ جو پهريون سبب. ٻيو سبب وري هيءُ ته اسان جي لشڪر کي سٺو مهندار ڪو نه مليو، جنهن ۾ لياقت، مستقل مزاجي ۽ فيصلي جو مادو هجي. جيڪڏهن سر هينري پاٽنجر يا سر چارلس نيپئر اسان جو ڪابل ۾ ايلچي هجي ها ته پوءِ اسان کي هي ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها. اسان جي تباهيءَ ۽ بيعزتيءَ جو ٽيون ڪارڻ اهو هو جيڪو مون هينئر بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان جي فوج جي واڳ سنڀاليندڙ ڪو وڏو جنرل هجي ها ته پوءِ هو پاڻ کي شاهه شجاع الملڪ (1) وانگر ڪميڻو ثابت نه ڪري ها ۽ برطانيا جي لشڪر کي اهڙي ماڻهوءَ جي چنيسري (2) فوج جو حصو نه بڻائي ها، جو حقيقت ۾ اسان جي تباهيءَ جون سازشون ڪري رهيو هو. ساڳيءَ ريت هو اسان جي سپاهين کي اهڙي هنڌ نه وڃي ڇڏي ها جتي هو نه پاڻ کي دشمن جي حملي کان بچائي سگهيا ۽ نه وري ڪو واپس ئي موٽي ٿي سگهيا. هاڻي اچو ته انهن ٽنهي سببن کي توريون ۽ تڪيون ۽ ڏسون ته اهي ئي سبب هئا يا ڪي ٻيا، ۽ اهي سبب انهيءَ نتيجي لاءِ ڪافي هئا، جنهن نه فقط اسان جي فوجن تي تباهي آندي پر ان سان گڏ اسان جي نالي کي، جو ان وقت تائين بيداغ هو، ٻوڙي ڇڏيو. ڪوبه ماڻهو اهو نٿو چئي سگهي ته اسان واري فوج، جنهن فيبروري 1839ع ۾ سنڌوءَ کي اُڪري پار ڪيو هو، سا تعداد، انتظام يا هٿيار جي خيال کان اڻپوري هئي. انهيءَ فوج ۾ شاهه شجاع جي سڄي ملڪ تي قبضي ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، پر ڏک جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ جو سنڌو درياءَ کان وٺي بالاحصار تائين ڪنهن به طاقتور فوج سان مقابلو ڪو نه ٿيو. رستي ۾ انهن جو فقط بولان ۽ کوجڪ جي ڌاڙيلن سان ٽـَـڪر ٿيو ۽ غزنيءَ جي قلعي هيٺان جن سان جنگ ٿي اهي به هڪ بي ترتيب ميڙ کان وڌيڪ نه هئا. انگريزن جي نالي جو ڏهڪاءُ خراسان بلڪ سڄي ملڪ تائين پکڙجي ويو هو. دوست محمد ۽ محراب خان جو لشڪر به هيسجي ويو، ۽ ٻروچن جون تکيون تراريون به مياڻن کان ٻاهر نه نڪتيون- فقط انهيءَ وقت جلوو ٿي ڏيکاريئون، جڏهن ڪو اڪيلو يا بي هٿيار ڀٽڪندڙ ماڻهو ٿي ملين. اهڙين حالتن ۾ قديم چوڻي سچي آهي ته جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو دل ٻڌي بيهي ته ڪيترن کي ئي ڊوڙائي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت ڏهن دليرن کي ڏسڻ سان هزار دشمن ڀڄيو وڃن. هڪ انگريز نوجوان، جنهن کي اسان جي ڪن خونريز جنگين ڏسڻ جو آزمودو هو، تنهن دعويٰ سان چيو ته، ”مون کي هڪ نائڪ ۽ ٽي سپاهي ڏيو، ته سڄي بلوچستان ۾ ڪٿي به گهڙي ٿو پوان. حرام ڪو مقابلو ڪري!“ هڪ ٻئي آفيسر، جو ان وقت پنهنجي هڪ هزار سپاهين کي شڪست ڏانهن گهلي رهيو هو، تنهن به اهائي ٻٽاڪ هنئي ته اهي ڪميڻا ٻروچ ٿا اسان جو مقابلو ڪري سگهن! اهڙن خيالن تي هلندي اهڙو ته بيوقوفيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ ۽ بيپرواهيءَ جو رويو اختيار ڪيو، جنهن نيٺ اسان جي تباهي آڻي اسان جو اکيون کولي ڇڏيون. اعتبار ڪندؤ ته جتي قلعا هئا، اتي اسان جي فوج ٿورو پري ميدان ۾ وڃي خيما کوڙيا، سو به اهڙيءَ طرح، جو دشمن آسانيءَ سان مٿن حملو ڪري سگهي! نه فقط ايترو، پر دشمن جيڪڏهن ٿوريءَ همت کان ڪم وٺي ها ته کين سندن خزاني ۽ رسد کان به جدا ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي رپين جا ڍير ۽ چانديءَ جون سـِـرون گهڻو ڪري فقط ويهن سپاهين جي سنڀال ۾ ڏنيون وينديون هيون. ازانسواءِ، انهن لنگهن (لڪن) تي، جيڪي خراسان جون ڪنجيون تصور ڪيون وينديون هيون، ڪڏهن به حفاظتي دستو نه رکيو ويو ۽ سنڌو درياءَ کان قنڌار تائين جيڪي به چؤنڪيون هيون، انهن تي هڪڙو ڏيهي آفيسر ۽ ٽيهه سپاهي موزون پهريدار سمجهيا ٿي ويا. اهو ساڳيو حال هو قلات جو، جنهن جي فتح ۾ اسان چڱا ماڻهو وڃايا هئا، ان کي ائين ئي نڌڻڪو ڇڏيو ويو. جيتوڻيڪ اسان جي ايجنٽ تي ڪي بدناميءَ جو تهمتون به مڙهيل آهن، ان هوندي به سندس ڪم اهڙا ته جڏا هئا، جي تازي فتح ڪيل بروهين کي قلات تي حملي ڪرڻ لاءِ اُڪسائڻ لاءِ ڪافي هئا. دشمن جي گيدي هجڻ جو اسان تي اهڙو ته اثر ويهي ويو هو، جو هڪڙو جرنيل، جنهن کي سندس هوشياريءَ کان وڌيڪ سٺيءَ بخت ياوريءَ ڪابل تائين ڪاميابيءَ سان پهچايو هو، سو جڏهن سنڌ واپس آيو، تڏهن سڀ کان پهريون قدم سندس اهو هو، جو هـُـن انهيءَ فوج جي آفيسر لڏي ۾ اڌڙڪ ڪتر آڻي ڇڏي. سڄيءَ اتر سنڌ ۾، ڪوبه انجنيئر نه ڇڏيو ويو هو، ۽ جنهن به خسيس بهاني تي موڪل جي درخواست ٿي ڪئي، اها کيس بيڌڙڪ ملي ٿي ويئي. انهيءَ جوش ۽ همٿ جي سهاري، منهنجي بهادر دوست والپول ڪليرڪ چاليهن گهوڙيسوارن“ ڪن پيدل سپاهين جي مدد سان مـَـري ٽڪرين(1) ۾ اُٺن جي هڪ ڊگهيءَ قطار جي نگهباني ڪئي هئي. هي اهي اڙانگا هنڌ هئا، جتي پوءِ سڄيءَ ريجمينٽ کي گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ به اندر گهڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي. انهيءَ ساڳئي جذبي هيٺ اسان جرنيل ڇهن هزارن ماڻهن سان ڪاجڪ جي قلعي وٽ گـِـهلاڙو ڪيو پيو هو، ۽ ڏيهي پيادل فوج مان سوين سپاهي جدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انهيءَ وقت قلعي جي سنڀال ميدانن جو هڪ بهادر قبيلو (ڪاجڪ) ڪري رهيو هو، جنهن ڪئين دفعا جبل جي مري ٻروچن سان ٽڪر کاڌو هو، ۽ عزت سان سوڀارو ٿيو هو. اتي هڪ قديم چوڻي آهي ته ”مرَي مي نامزد باڪوه و ڪاجڪ باميدان“ يعني مري پنهنجي جبلن تي فخر ٿو ڪري ته ڪاجڪ وري ميدانن تي. ساڳيءَ ريت، اسان اُرهه زورائي ڪري نه فقط اترين لڪن جي سنڀاليندڙن جا پئسا کائي وياسين، پر ان سان گڏ سياري جي موسم اچڻ سان اسان پنهنجي فوج جو ڳپل حصو ڪابل مان گهرائي ورتو ۽ باقي جيڪي اتي رهيا، انهن کي اهڙي هنڌ ڇڏيو ويو، جو کين سولائيءَ سان رسد کان الڳ ڪري ٿي سگهياسين. آخر ۾ اهو چوڻ به ضروري ٿيندو ته انهيءَ ساڳئي جوش ۽ جذبي جو نتيجو هو، جو اسان جي وڌندڙ فوجي چونڪين کي فقط زالن ۽ ٻارن سان ڀريو ويو هو. هڪ معتبر اختياريءَ واري، هڪ پوليٽيڪل آفيسر کي لکيو هو ته، ”باقي حياتيءَ جا ڏينهن آرام سان ’شال‘ جي سرسبز ماٿرين ۾ گذاريا“. جيڪڏهن انهن لفظن کي واقعن سان ڀيٽيو وڃي ته پوءِ انهيءَ جو ساڳيو مفهوم نٿو بيهي- ڇاڪاڻ ته اسان جي ’شال‘ واري درويش کي ڪاڪڙن جو هڪ جٿو اهڙو ته اچي ڀـِـتو هو، جو انهيءَ کان پاڻ ڏاڍي مشڪلاتن سان بچايائين. ڪاڪڙن پنهنجي حملي جي هڪ ڪـُـتي جي ٻليدان سان شروعات ڪئي هئي ۽ اها انهيءَ خوشفهميءَ ۾ ته ڪاڪو ڊيمن يا ارنيس (1) کين فرنگين کان بدلي وٺڻ جو موقعو ڏيندو. کـِـل ته وري انهيءَ ڳالهه تي ٿي اچي جو اسان جي ’شال‘ واري دوست لکيل انجام ڪيو هو ته انهن ساڳين ڪاڪڙن سان، ڪاهان جي گهيري هيٺ آيل قلعي تي ڪاهي ويندو، پر هاڻي انهن ساڳين ماڻهن جا خنجر سندس ڪنڌ ڪپڻ پٺيان آهن. ٿورو اڳ مون کي بالان ڏانهن ڪنهن به مددگار فوج يا جنگي سامان موڪلڻ کان منع ڪئي ويئي هئي، ان جي بدران هڪ براڊ ووڊ پياني جي گهر ڪئي ويئي هئي، پر اسين ڀانئيون ٿا، ته اهو ساز هاڻي سڀر کان نڪري چڪو هوندو ۽ اُهو ڪنهن سرڪش ڪاڪڙ يا بوز ٻروچ جي گهرو سامان ۾ داخل ٿي ويو هوندو. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته اهڙو بيڪار سرشتو ڪڏهن به ڪنهن هوشيار ۽ برجستي اعليٰ آفيسر جي هوندي نه هلي ها. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه اهي ته سر وليم ميڪناٽ ۾ڪابل جي انتظام هلائڻ جي ڄاڻ هوندي به ڪن خاصيتن جي ڪمي هئي. پر جيئن ته سندس اختياريءَ جو ڪابل ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻاهران ڪوبه مظاهرو نه ٿيل هو، ان ڪري کيس نه ته اعليٰ اختياريءَ وارو تسليم ٿي ڪيو ويو ۽ نه وري کيس سنڌوءَ جو گورنر مڃيو ٿي ويو. ڪوئيٽا ۽ قنڌار جا پوليٽيڪل آفيسر نالي ماتر ته ٺهيو، پر درحقيقت کانئس خودمختيار هئا ۽ اتر سنڌ جي ايجنٽ به سندس اختياري مڃڻ کان صاف نابري واري. ٻئي طرف وري جيڪي فوجي عملدار هئا، اهي پاڻ وڌيڪ هوڏي ۽ نافرمان هئا. ملڪي يا ديواني اختياريءَ لاءِ کين ايڏو ته چاهه هو، جو نه فقط ڪنهن ڏنل صلاح کي ٿڏي ڇڏيندا هئا، پر پاڻ ان جي ابتڙ ڪم ڪندا هئا. انهيءَ خرابيءَ جو ٻيو نمبر سبب وري هي هو، جو هن مهم جو ڪو منهن مٿو ڪونه هو. هر هڪ چونڪيءَ کي پنهنجو پنهنجو فوجي ۽ ديواني رئيس هو. سنڌو ايراضيءَ واري فوج (انگلينڊ جي) جابلو قبائلين جي ميڙ مثل هئي، جنهن جو هر هڪ اڳواڻ اصل مقصد جي ابتڙ پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. تنهن وقت جنرل ناٽ قنڌار جي سدا- رُڌل پوليٽيڪل ايجنٽ جي خلاف خط لکي ڦاٽي پيو هو، اهڙيءَ طرح اتر سنڌ جا ريزيڊنٽ ۽ جنرل، ٻيئي پنهنجي اختلافن کي گولين جي رستي طئي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن خيال موجب ترت فيصلي جو اهوئي واحد طريقو هو. ساڳئي وقت شيلٽن جي هـَـٺَ ۽ مغز جي خرابي کيس ڪابل جي ملڪي اختياريءَ سان بغاوت ڪرڻ تي آماده ڪرڻ واري هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ان وقت مياڻيءَ جي پوڙهي سورهيه (1) جي جادوءَ جي ڏنڊي جي ضرورت هئي، جو انهن جهڳڙالو عناصرن کي زير ڪري (کين ڳنڍي) منجهن اتفاق پيدا ڪري سگهي ها. پر اهڙو ڪوبه لائق ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو ۽ انهيءَ وڳوڙ ۾ زير ٿيل ماڻهو به ڪنڌ مٿي کڻڻ لڳا. مرين جي ترار اڳ ۾ ئي ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته فرنگي اهڙا ڪونه آهن، جن کي شڪست نه ڏئي سگهجي. انهن جو مثال وٺندي بروهين ۽ ڪاڪڙن به پوءِ بغاوت ڪئي ۽ اهو نمونو ڏورانهين ڏيهه ڪابل تائين پکڙجي ويو. وري اسان جي بيوقوف فوج جي انڌي چريائپ ته ڏسو، جو سندن خيال هو ته ڪابل پنهنجي ٻچن جي ٽمندڙ رت کي ڏسندي به هڪ ڌاريي دشمن کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائيندو. عجب جي ڳالهه آهي ته اهو خيال اسان جي سياستدانن جي دل ۾ ڪڏهن ڪونه ويٺو ته شاهه جهڙو ماڻهو، جيڪو هڪ پراڻو جابر، ظالم، مغرور ۽ وهمي آهي ۽ جنهن پاڻ کي هميشه ”همايونِ ما“ يعني ”اسان جو برڪت ڀريو وجود“ جي لقب سان مشهور ڪيو آهي، سو ڪيئن ٿو ڌارين جي هڪ غير جوابدار جٿي کي پنهنجي تخت جي ويجهو ڇڏي. برطانيا جي ڪئمپ سندس لاءِ دائمي داغ هو، ڄڻڪ سندس پاسي ۾ ڪنڊو ۽ پڻ سندس رعيت لاءِ به خواريءَ جو باعث هئي. هرهڪ بندوق جي ٺڪاءَ ۽ جهنڊن جي ڦڙڪڻ سان کيس اهو خيال ٿيندو هو ته اهي ڌاريا ئي آهن، جن کيس تخت تي ويهاريو آهي. جيستائين اهي اتي ڪئمپ وجهيو ويٺا هوندا، تيسين کيس ڪنهن جي حياتيءَ يا موت تي ڪوبه اختيار نه رهندو ۽ کيس فقط اهوئي ڪرڻو پوندو، جيڪي هو چاهيندا. ڇا انهيءَ ۾ عجب نه آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي به پاسي ۾ نٿو سهي سگهي، سو ڪيئن ٿو هڪ ڌاريي وزير يا صلاحڪار جي حڪمن جي تعميل ڪري! مون کي شروعات کان ئي اهو محسوس ٿيو ته ڪابل ۾ اسان جي فوجي ڪئمپ جو لڳڻ اسان جي هڪ عظيم غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪندي اسين شاهه ۽ سندس رعيت جي وچ ۾ اچي ٿي وياسين. جبار خان هڪ دفعي شجاع الملڪ کي ڪهڙي نه عمدي ٽوڪ هنئي، جا اسان جي ايلچيءَ لاءِ تازيءَ کي اشاري مثل هئي. اهي لفظ هي هئا ته، ”جيڪڏهن توکي بادشاهي ڪرڻي آهي ته پوءِ انگريزن جو هتي ڪهڙو ضرور ۽ جيڪڏهن انگريزن کي حڪومت ڪرڻي آهي ته پوءِ تنهنجو هجڻ بيڪار آهي“. پر انهيءَ وقت جي حالتن جي مدنظر ڪابل جي فوجي چونڪيءَ جو ڇا چئجي! اها اسان جي ملڪي حدن کان گهڻو پري ۽ ڏورانهين هنڌ، اهڙن پهاڙن جي رستي جدا ٿيل هئي، جن کي اڪري نٿو سگهجي. ٻيو ته اسان جي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ اٿاهه ملڪ هو جنهن جي رهندڙ ماڻهن تي ڪو ڀروسو ڪونه هو، ۽ پڻ اهڙو ڏکيو ملڪ اسان کي ان کان جدا ڪري رهيو هو، جنهن ۾ غلزئي جهڙا جنگجو قبيلا رهندا هئا. اُتي قنڌار مان به ڪا مدد پهچي نٿي سگهي. مون وارو پوڙهو منشي، جنهن اڳ ۾ دوست محمد ۽ اڪرم خان وٽ نوڪري ڪئي هئي، مون کي هر وقت چوندو رهيو ته، ”صاحب، اوهان جا ماڻهو ڪابلين کي نٿا سڃاڻن، جڏهن به صلح جون ڳالهيون هلندڙ هجن تڏهن سمجهو ته ضرور ڪو بلوو شروع ٿيڻ وارو آهي. ڪابل ۾ ايتريون تراريون آهن جو اوهان جي سڀني سنگينن کي پوريون پئجي سگهن ٿيون“. اسان جي صحيح پاليسي هيءَ هئڻ کپندي هئي ته شاهه کي بالاحصار (1) ۾ سندس فوج سان ويهاري، اسان کي واپس قنڌار وڃڻ گهرجي ها ۽ شاهه کي جيئن وڻي ها تيئن پيو ڪري ها. قنڌار ۾ پنهنجن فوجن کي ڌيان ۾ رکي، قلات ۾ پهريدار فوجون رکون ها ۽ بولان ۽ ڪوجڪ کي مضبوط ڪري ويٺا موقعي جي انتظار ڪريون ها. ڪابل ۾ هـُـل بکيڙو ضرور ٿئي ها پر اهو ممڪن آهي ته شاهه کي ايترا پوئلڳ ملي وڃن ها، جن جي مدد سان اُتي پيرن پختن ڪرڻ ۾ کيس ڪا ايڏي تڪليف نه ٿئي ها. ساڳئي وقت اسان جي قنڌار موٽي وڃڻ ڪري شاهه ۽ سندس رعيت جي وچ ۾ جيڪو رنجش جو سبب هو، اهو به ختم ٿي وڃي ها، ۽ وڏيءَ هوشياري ۽ چوڪسيءَ کان ڪم وٺي، انهن اڳواڻن کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ها، جن مان کيس بغاوت جو خطرو هو. هڪ معتبر ماڻهوءَ جو چوڻ آهي ته، ”بين الاقوامي اٿ - ويهه جا جٿي ڪٿي مڃيل قاعدا، جن جو سڌريل ملڪن ۾ وڏو لحاظ ڪيو وڃي ٿو، سي جهنگلي قومن سان لاڳو ڪري نٿا سگهجن“. اها وڏي سياڻپ ڀري چوڻي آهي، جنهن ۾ قديم اسپين جو چسڪو ۽ عيسائي - ڪئٿولڪ مذهب جو خمير به مليل ٿو ڏسجي. اها ساڳي چوڻي اسان جي حڪومت جي قاعدن ۽ قانونن سان لاڳو ڪري سگهجي ٿي. انگريزي حڪومت، جا ٺوٺ انصاف، رحم ۽ اعتدال جي خاصيتن جي زيورن سان آراسته آهي، ان جو وجود هڪ افغان بادشاهه جي ڇٽ لاءِ بلڪل بيڪار ثابت ٿيندو. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه اُلڪو نه آهي ته شاهه پنهنجي بادشاهيءَ تي قائم رهندو يا کيس ٿڏي ڪڍيو ويندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جو اسان تي ڪوبه اثر نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان جو قنڌار تي طاقتور فوج سان قبضو هجي ها، ته پوءِ ڪابل تي سڌو زئي حڪومت ڪن يا بارڪزئي، اسان جو مٿن تمام گهڻو اثر رهي ها ۽ اسين پنهنجي مرضيءَ موجب انهن کي پنهنجن شرطن تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري سگهون ٿا. نه فقط ايترو پر اسان آهستي آهستي قنڌار ۽ ان جي آسپاس جي ملڪ مان چڱيرڙو محصول به اڳاڙي سگهون ٿا. نتيجو اهو نڪري ها، جو هندستان جو وچ - ايشيا سان جيڪو واپار هلندڙ آهي، اهو به هن واحد محفوظ رستي جي ڪري ڏاڍو فروغ وٺي وڃي ها. پر اسان جي قسمت ۾ خراسان تي حڪومت ڪرڻ لکيل ئي ڪانه هئي. جيڪڏهن افغانستان ۾ اسان جون ڪي واضح غلطيون هيون ته سنڌ ۾ به اهي گهٽ ڪونه هيون. پر جيئن ته سنڌ اسان جي هندستاني سرحدن جي ويجهو هئي ۽ اهو ملڪ به اهڙو ڏکيو ڪونه هو، ان ڪري انهن غلطين جو اثر ايڏو تباهه ڪن ثابت نه ٿيو. هاڻي اچو ته سڀ کان پهريائين ميرپور جي اميرن سان ٿيل پهرينءَ ڏيتي ليتيءَ جو جائزو وٺون ۽ انهيءَ تفصيل (صورتحال) تي غور ڪريون جيڪو ”بلو بڪ“ (Blue - Book) ۾ نٿو ڏٺو وڃي ۽ انهيءَ کي اسان جي بدنصيب ميرن جي خلاف ٿيل ڪيس ۾ بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. خيرپور جا مير، شاهه (افغانستان) جي فائدي ۾ ڪونه هئا، ڇاڪاڻ ته سندن ٻه هزار سورما ۽ ڪيترا معزز ماڻهو افغانن سان مقابلي ڪندي مارجي ويا هئا. اها جنگ فقط انهيءَ مقصد سان لڳي هئي ته جيئن کانئن اهڙو ساليانو ڏنڊ اڳاڙجي، جو هي ڏيئي نه سگهن. انگريزن سان به گـَـهري ٿيڻ جو سندن لاءِ ڪو سبب ڪونه هو ۽ رنجيت سنگهه ته سندن جاني دشمن هو. انهيءَ ٽياڪڙ ناتي جو وڏي ۾ وڏو سبب هيءُ هو، ته مير مبارڪ، خيرپور جي ٻئي نمبر رئيس کان ستن لکن رپين جي مدد طلب ڪئي ته جيئن شاهه ڪابل تي حملي ڪرڻ جو ثمر مهيا ٿي ملي. سنڌ ۾ فقط هڪڙو هنڌ آهي جو گهٽ ۾ گهٽ سنڌين جي خيال ۾ فوجي نقطهء نگاهه کان مضبوط آهي، اهو آهي بکر جو قلعو، جنهن لاءِ اسان وڏي مير رستم خان کي لکيو ته اهو اسان جي حوالي ڪري ڇڏي (1). هن محترم پير مرد کي شروعات کان وٺي- جيئن اسان جي سفارت سنڌ ۾ داخل ٿي هئي- برطانيا سان دوستي رکڻ جو تمام گهڻو شوق هو. هن نه فقط اهو مضبوط قلعو ستت ئي اسان جي حوالي ڪيو پر پنهنجي غريبي حال سارو (۽ هئو به صحيح معنيٰ ۾ غريب) اسان جي فوج جي واڌاري ۾ وڏيون سهوليتون ڏنيون هيون. سندس ملڪ ۾ اڳتي وڌڻ وقت اسان جي فوجن سان ڦرون ۽ ٻيون زيادتون به ٿيون هيون. پر جن اهو ملڪ ڏٺو آهي، سي ڄاڻن ٿا ته انهيءَ جـُـوءِ ۾ بڙدي ۽ مزاري ٻروچن جا ٽولا پيا هلندا آهن، جي خيرپور جي مير کي مڃين ئي ڪونه ۽ انهيءَ ۾ به شڪ آهي ته سندس ڪا عزت ڪندا هجن! ڪن اڻڄاڻ ماڻهن جي راءِ هئي ته جبلي ٻروچن، ميرن جي چرچ تي اسان سان کنئوس ڪئي هئي. انهيءَ ڏس ۾ مير نصير خان تي هي الزام هو ته هن بيبرگ بگٽيءَ کي اسان تي حملي ڪرڻ جي بڇ ڪئي هئي. (پر ڏٺو ويندو ته ائين صحيح نه آهي.) ڇاڪاڻ ته ٿورا سال اڳ سندن زيادتين جي ڪري خيرپور جي ميرن جي فوج انهن ٽڪرين تي حملو ڪري ڏنو هو، جتي مري ۽ بگٽي رهندا هئا، پر وريو ڪي ڪين. اٽلو انهيءَ فوج انهن بهادر جبلين جي هٿان وڏي نقصان سان شڪست کاڌي هئي. منهنجي پنهنجي وقت ۾ حيدرآباد جي هڪ وزير جو مائٽ شڪارپور ۾ بڙدي ڌاڙيلن هٿان مارجي ويو هو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ميرن کي انهن ڌاڙن ۽ خونن کي- جيڪي اسان جي فوج کي اتر طرف پيشقدميءَ ۾ واقع آيا هئا- روڪڻ لاءِ ڪابه طاقت نه هئي ۽ انهن کان اهڙيءَ طرح عاجز هئا، جهڙيءَ طرح اسان پنهنجن صوبن ۾ ٺڳن کان بيزار آهيون. اسان کي انهيءَ ڪري خيرپور جي ميرن خلاف شڪايت ڪرڻ جو ڪوبه جواز نٿو ملي، خاص ڪري مير رستم خان خلاف - جو شروع ۾ اتر سنڌ والارڻ ۾ اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ان ڪري اسان کي نه فقط کيس راضي رکڻ کپندو هو، پر سندس ساراهه ۾ ڳڻ ڳائڻ کپندا هئا. هاڻي اچو ته ڏسون ته اسان ساڻس ڪهڙا پير ڀريا. سڀ کان پهريائين صورتحال هڪ اهڙي حادثي جي ڪري پيدا ٿي جو جيتوڻيڪ اسان کي معمولي ٿي لڳو، پر جيڪڏهن اسين پنهنجي ڪردار جي اڻڄاڻائي- جيڪا اسان هڪ اڻسڌريل دربار ۾ ظاهر ڪئي هئي- تي سوچ ڪنداسين ته پوءِ انهيءَ ڳالهه کي ڪي قدر وزن ڏيڻو پوندو. مير مبارڪ، جنهن سان اسان تمام خراب نموني ۾ هلت ڪئي هئي، بيمار ٿي پيو. هڪڙو انگريز ڊاڪٽر خيرپور موڪليو ويو، جنهن وڃي مريض کي ڏٺو ۽ دوا به ڏنائينس، پر هو جلدي مري ويو. ظاهر آهي ته هو قدرتي سبب ڪري مري ويو هو پر ڏيهي ماڻهن انهيءَ اتفاق کي ضرور شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هوندو. جيڪا ڪاروائيءَ انهيءَ واقعي کان پوءِ وجود ۾ آئي، سا انهيءَ شڪ کي لئه- مٽي ڪرڻ لاءِ هئي ڇا؟ اسان جو ايجنٽ، جو ميرن سان تمام گهرو ٿي ويو هو، تنهن کي اتان برخواست ڪيو ويو. سندس جاءِ تي جيڪو مقرر ڪيو ويو، تنهن پهچڻ شرط هڪ اهڙو ڪم ڪيو، جنهن کي غير معمولي، سخت ۽ ناروا هلت چئي سگهجي ٿو. هن روهڙيءَ جي سنڌي ڪاردار کي پاڻ وٽ هڪدم حاضر ٿيڻ لاءِ نياپو موڪليو، انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو ته هو ميرن جو ماتحت آفيسر آهي، پر جيڪڏهن اسان جي ايجنٽ کي کيس گهرائڻو هجي ته هو انهيءَ باري ۾ميرن کان اجازت وٺي. ان تي هڪ آفيسر کي ڪن سپاهين سان گڏ هڪدم موڪليو ويو، جنهن وڃي انهيءَ بدقسمت شخص کي آڻي اسان جي سفير جي آڏو حاضر ڪيو. ”هن کي سڄو ڏينهن بکيو رکي، اُس ۾ بيهاري ڇڏيو“- اهو هو اسان جي انگريز سفير جو ان بدنصيب شخص لاءِ نادري فرمان! حڪم جي تعميل ٿي ويئي ۽ اهو بدقسمت مسڪين پنهنجي ڪمزوريءَ تي افسوس ڪرڻ لڳو. هن کان پوءِ ٻيو قدم جيڪو کنيو ويو، اهو پهرئين کان به وڌيڪ نازيبا هو. مير صاحب جو وزير هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ شخص هو ۽ مير کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، اهو هئو به اهڙي اثر وارو، جو هڪ دفعي مير رستم جي وڏي پٽ جڏهن کيس گهٽ وڌ ڳالهايو هو، تڏهن مير صاحب کيس گهرائي ڏک وچان چيو هو ته، ”اهي لفظ توکي نه پر مون کي چيا ويا آهن. جيڪڏهن منهنجو پٽ توکي ڌمڪائي ٿو ته ائين سمجهه ته مون کي ڌمڪائي ٿو.“ هاڻي اهڙي ماڻهوءَ کي، جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو عهدو رکندڙ هو، جڏهن اسان جي ايجنٽ وٽ آيو، تڏهن کيس ڪرسيءَ جي به آڇ نه ڪئي ويئي، بلڪ کيس پـَـٽ تي ويهاريو ويو. هوڏانهن انگلنڊ جو وري اهو حال آهي جو شل ڪو واڻيو واپاري اتي پهچي. کيس بادشاهه جي اڳيان ڪرسي وجهي ڏيندا. اهو ساڳيو وزير، فتح محمد غوري هو، جنهن اسان جي سنڌ ۾ موڪليل پهرينءَ سفارت جو آڌرڀاءَ ڪيو هو، پر جيڪڏهن هو چاهي ها ته اسان کي به اها ساڳي نوڙت ڪرائي سگهيو ٿي، جهڙي کانئس ڪرائي ويئي. ڪوٺيءَ مان نڪرڻ وقت هـُـن اچرج وچان اهو ڏوراپو دهرايو ته، ”پاڻ وري ڪو جبرئيل ملائڪ آهي ڇا؟ جيڪڏهن عهدي جو کيس خيال نه هو، تڏهن به منهنجي عمر جو ته خيال ڪري ها. آءٌ عمر ۾ سندس ڏاڏي جي برابر هوس.“ انهن حالتن جي مدنظر گمان ڪرڻ صحيح ٿيندو ته اهڙو ورتاءُ انهيءَ وزير کي اسان جو دشمن ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. اهڙا ٻيا به گهڻائي مثال آهن (جن کي دهرائڻ جو ڪوبه ضرور نه آهي)، جيئن ته اسان جو پوليٽيڪل ايجنٽ پنهنجي چوڌاريءَ چالاڪ هندو ليکڪن ۽ منشين جو ميڙ ويهاريو ويٺو هوندو هو، ان ڪري معزز مسلمانن جي ٿوري به گهٽتائي، خيرپور جي رئيس ۽ ايجنٽ جي وچ ۾ دشمني وڌائڻ لاءِ ڪافي هئي. اسان پنهنجي ايجنٽ جي ميرن مٿان چڙهت جي انهيءَ سبب کي نظرانداز ڪري نٿا سگهون ۽ نه وري انهيءَ ارادي جي حقيقت کي لڪائي ٿا سگهون، جنهن جي ماتحت اسان جو ايجنٽ اها هلت هلي رهيو هو. جڏهن کيس خبر پيئي ته مير رستم ۽ مير نصير خان هڪڙي طرف ۽ مير علي مراد ٻئي طرف پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن، تڏهن فاتحانه لهجي ۾ چوڻ لڳو ته، ”هاڻي بـُـل ڏنو اٿن.“ انهيءَ وقت کان وٺي هن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ته جيئن اهي گهرو لڙايون زور وٺن. پر مير نصير خان، جنهن شروعات ۾ اسان کي سٺو رخ ڏيکاريو هو ۽ پڻ ڪيترن مددگار فوجي جـَـٿن کي کاڌ خوراڪ پهچائي هئي، وڏو لائق شخص هو، هن اسان جي راهه ۾ رڪاوٽن پيدا ڪرڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو. هن مير صاحب ۽ اسان جي ايجنٽ جي وڏي منشيءَ جي وچ ۾ لکپڙهه جو وڏو سلسلو هليو. اسان پوءِ انهيءَ منشيءَ کي بدعنوانين سبب سزا ڏني ۽ پڻ ٻين خرابين جي ڪري جيل موڪليو. ماڻهن ۾ چوپچو هئي ته هن ڏيجيءَ واري مير جو پاسو بنا مطلب جي ڪونه کنيو هوندو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته انهيءَ معاملي تي ڪجهه روشني وجهجي. مير رستم، جيڪو اول انگريزن جو پڪو دوست هو، سو آخرڪار سندن ناروا هلت ڪري دشمن ٿي پيو. اسان جي طرفان کيس زور ڪيو ويو ته هو پنهنجي پراڻي دوست کي وزارت تان لاهي ڇڏي. هن اِتي محسوس ڪيو ته هاڻي انگريزن طرفان مٿس هڪ لوهي پاڃاري وڌي ويئي آهي، ان ڪري کيس نجات لاءِ فقط هڪڙي واهه ٿي سجهي ته انهيءَ کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي. هڪڙي نوجوان (سندس ننڍو ڀاءُ مير علي مراد، جو اسان سان شامل هو) کان سواءِ، جنهن پنهنجي قوم جي برباديءَ تي پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو هو، ٻيا سڀئي ننڍا وڏا مير ساڻس شامل حال رهيا. مير رستم انگريزن جو پنهنجي ملڪ ۾ بنا شڪ ۽ خاطريءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو هو ته هو سندس قدر ڪندا پر هن هلت منجهس اسان لاءِ ڌڪار جو مادو تيز ڪري ڇڏيو. جڏهن اسان جي قنڌار ۽ غزنيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي پهرين خبر خيرپور پهتي، تڏهن سندس درٻارين سندس خذمتن کي ساراهي کيس پڏائڻ شروع ڪيو ته هن انگريزن جي شروع ۾ هيڏي مدد ڪئي هئي، سي ضرور هاڻي سندس قدر ڪندا. عموما= اهو چيو پئي ويو ته ٻيئي ديرا يعني اسماعيل خان يا غازي خان يا گهٽ ۾ گهٽ انهن مان ڪو هڪ سندس حوالي ڪيو ويندو، پر ان وقت مير رستم جي نااميديءَ جي ڇا حالت هوندي، جڏهن انگريزن هن کي سندس خذمتن جي عيوض رئيس يا وڏي مير جي رتبي تان لاهي، سندس جاءِ تي سندس ننڍي ڀاءُ کي ويهاريو ۽ سندس وزير کي پهرين بيعزتو ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس سندس ويجهو اچڻ به نه ڏنو ويو. سندس اڇا وار ۽ احترام واري عمر، جا هونئن کيس ماڻهن وٽ عزت وارو ڪري ها، حڪومت ڪرڻ جي خيال کان ڪمزوريءَ ۽ نااهليءَ جو باعث تصور ڪئي ويئي. شروعات ۾ هن اسان جي ايجنٽ کي راضي رکڻ لاءِ چڱا حيلا هلايا پر وريو ڪي ڪين. هن پنهنجن دوستن ڏانهن، جن مان آءٌ به هڪ هوس، ڪئين نياپا موڪليا ته انهيءَ معاملي ۾ دخل ڏيئي ڪجهه ڪريون، پر اسان جي عرضداشتن ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. البت انهيءَ سخت گرميءَ يا هلت جو قدرتي اثر خودبخود ظاهر ٿيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سر چارلس نيپئر جي انهيءَ دوري تي پهچڻ کان گهڻو اڳ، خيرپور ۾ انگريزن بابت جيڪو احساس هو، اهو نفرت کان گهٽ نه هو. جڏهن ڪئپٽن ڪينيڊي کي انهيءَ جاءِ جو پوليٽيڪل انچارج مقرر ڪيو ويو، تڏهن فقط هوئي اسان ۽ ميرن جي وچ ۾ واحد وسيلو هو. ان وقت سنڌي ميرن جو اسان ڏانهن ارادو يا مزاج ڪي قدر ظاهر ٿي پيو. انهيءَ عملدار جي خيرپور ۾ پهچڻ جي ٻئي يا ٽئي ڏينهن مٿس گولي هلائي ويئي، ان ڪري کيس ايترو ڪجهه ڪرڻوئي ڪونه پيو جو هڪ ليکڪ جو ڌيان ڇڪائي. چيف پوليٽيڪل آفيسر پاڻ سان جنرل ۽ وڏو محافظ جٿو وٺي ميرن سان ملڻ آيو ۽ اهو اهڙيءَ ٺٺ ٺانگر سان، ڄڻ ته ڪو تخت ڌڻي يا شهزادو آيو آهي، پر انهيءَ تي گوليون هلايون ويون، جنهنڪري سندس ڪيترا نوڪر زخمي ٿي پيا. جيتوڻيڪ اهو ميرن جو همت ڀريو قدم هو، پر انهيءَ وقت انهيءَ ۾ الاهي وڌاءُ ڪيو ويو هو. چيو ٿي ويو ته جنرل کي اهڙيءَ ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو هو، جنهن ۾ سوئا لڳل هئا ۽ اهڙيءَ طرح ٻيون به عجيب خبرون پئي ٻڌيون. عجيب اتفاق هيئن ٿيو، جو جنهن وقت انهيءَ ظلم ۽ زبردستيءَ جا افواهه چوٽ چڙهيل هئا، ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ آءٌ خيرپور، سوئرن جي شڪار تي وڃي نڪتس ۽ جنرل انگلنڊ کي به ساڻ کنيم. اسان ٻئي ٻئي بنا ڪنهن محافظ جي هڪ يا ٻه ڏينهن شڪار تي رهياسين ۽ پڻ ميرن سان ملاقات ڪئيسون. پر اسان کي ته منجهن بي مروتيءَ جو پاڇو به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. سنڌ ۾ جنهن وقت ڪرنل آئوٽرام کي موڪليو ويو، تنهن وقت تائين ان ملڪ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽجي چڪو هو، باقي وڃي رهيو هو خون جو لابارو، تنهن لاءِ فصل بلڪل تيار بيٺو هو. اسان ميرن کي نه فقط ڇيڙيو ۽ اڻسوهائيندڙ تڪليفون ڏنيون، پر بيعزتيءَ جا مٿن انبار ڦٽا ڪيا. بيبرگ ڏانهن لکيل خط، ڏسڻ سان ئي جڙتو پئي لڳو. انگريزن سان جنگ ڪرڻ ۾ ميرن کي جيڪا هو مدد ڏيئي سگهيو ٿي، سا تڇ برابر هئي. وڌ ۾ وڌ هو هڪ سؤ سوار ڏيئي سگهيو ٿي پر هو ڪنهن به لالـچ جي آڌار تي پنهنجي قبيلي کي شڪارپور کان اڳتي نه آڻي سگهي ها. پر اهو ته سوچڻ ئي اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪهڙي آڌار تي ميرن کي مدد ڪري سگهيو ٿي، جن سندس رهائش وارين ٽڪرين تي حملا به ڪيا هئا ۽ سندن عملدارن اسان کي پڻ سندس پوئلڳن جي ٽولن کي جهلڻ ۾ مدد ڪئي هئي. هاڻي اوهان کي ميرن جي حڪومت جي نموني تي هڪ گفتگو ٻڌائجي ٿي. هن نڪتي تي خاص ڪري انهن ماڻهن طرفان تمام گهڻو غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي، جن کي انهيءَ معاملي تي ڳالهائڻ جو ڪو جواز ڪونهي. جن ماڻهن انهيءَ مضمون تي اجائي لٻاڙ هنئي آهي، انهن هن ملڪ کي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو، جيتوڻيڪ سندن بيانن مان ظاهر ٿو ٿئي ته هن ملڪ جي کين پوري خبر آهي. نه انهن ڪڏهن ڪنهن ڏيهي ماڻهوءَ سان ڳالهايو آهي ۽ نه وري ڪو اهي سندن ٻوليءَ ۽ عادتن کان واقف آهن. انهن جي ڏنل راءِ جي برخلاف آءٌ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي تصديق پيش ٿو ڪريان، جنهن جي ميرن ۽ سندن آفيسرن، سيدن، بزرگن ۽ عبادت گذار عالمن، صرافن ۽ وڏن واپارين سان واقفيت هئي ۽ هو پنهنجي ڊيوٽيءَ تي يا شڪار جي سلسلي ۾ سدائين سندن ملڪ کي لتاڙيندو رهيو ٿي، ۽ جتي به کيس موقعو ملندو هو، اتي ڪنهن نه ڪنهن سنڌيءَ يا ٻروچ ڪڙميءَ يا سندس وڏيري سان ڪچهري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، نه فقط ايترو پر جيئن ته کيس سدائين رعيت جي سک جو ڪم سونپيل هو، ان ڪري هو هميشه ڪاريگرن ۽ جدا جدا پيشي جي مزورن ۽ پڻ هڪ وڏي جيل جو انچارج هئڻ ڪري، اتي جي نيچ ۾ نيچ ڏوهاريءَ جي ڄاڻ رکندو هو. انهيءَ کي ڳنڍجي وري هيئن ته مون کي ڪنهن به قسم جي ترجمي ڪرڻ واري جي ڪا ضرورت ڪانه هئي (جو مون سان ٿيندڙ ڳالهه کي هيڏانهن هوڏانهن موڙي ها يا اهڙو رنگ ڏئي ها جو کيس وڻندو هجي) ۽ آءٌ انهن سان روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ جدا جدا مضمونن تي ڳالهائيندو رهيس پر آءٌ سچ ٿو چوان ته مون ڪڏهن به ڪنهن مير جي خلاف ڪا شڪايت ڪانه ٻڌي، البت ڪيترن معزز انگريزن بابت گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون پئي ويون. چيو ٿي ويو ته مير مبارڪ لالچي هو، ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ اچي ويندو هو، جو کيس ٻڌائيندو هو ته هـُـن کي ڌاتن مان سون ٺاهڻ جو علم آهي. علي مراد لاءِ وري اهو هـُـلايل هو ته هو ظالم ۽ خرچائو آهي. پر منهنجي ڄاڻ ۾ انهيءَ خاندان جي ڪنهن به فرد تي ڪنهن به ڏوهه جو اڃا تائين ڪو الزام نه مڙهيو ويو آهي. هڪڙي ڏوهه جي آءٌ ساک نٿو ڏيان پر ان ۾ جيڪا انهيءَ ڏوهاريءَ کي سزا ملي هئي، سا ٻين ميرن جي ڪردار جي چڱي ساک ٿي ڏئي- بنسبت انهيءَ ڏوهه جي جنهن جي ڪندڙ کي چڱيءَ طرح بڇڙو ڪيو ويو هو. قصو هيئن آهي ته پندرنهن سال اڳ خيرپور جي قاضيءَ جي ڌيءُ، ٻروچن جي گهرن ۾ وڃي انهن جي زالن کي قرآن پڙهائيندي هئي ۽ پڻ مذهبي ڪمن جي تلقين ڪندي هئي. ٻروچاڻيون گهڻو ڪري سڀ پڙهي ڄاڻن ۽ ڪيتريون ته انهن مان عربي ۽ فارسي صورتخطيءَ ۾ لکيو به وڃن. اها نينگر ننڍي عمر واري ۽ تمام سهڻي هئي. جڏهن اها مير محمد خان جي حرم ۾ ويئي، تڏهن هن کيس ڏسي ورتو ۽ موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪيئن کيس ٺاهجي. آخر کيس ڌتارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر پوءِ اها ڳالهه ڇوڪريءَ جي پيءُ کان ڳجهي نه رهي سگهي. هـُـو، انهن ملڪن جي انصاف جي صاف اصولن جي ماتحت ڏوهاريءَ جي گهر گهڙي ويو ۽ کيس وڍي ڪيرائي وڌائين. اهڙا ته هـُـن کي خطرناڪ زخم رسايائين جو کيس پڪ ٿي ته مري ويو آهي. اهو رئيس نيٺ چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ ميرن تي زور رکيائين ته قاضيءَ کي سزا ڏني وڃي، پر هنن سندس فرياد ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ چيائونس ته سندس ڏوهه جي کيس جوڳي سزا ملي آهي ۽ هو ساڻس ڪنهن به قسم جو رستو نه رکندا. انهيءَ رئيس کي نيٺ خيرپور ڇڏڻي پئي ۽ وري ڪڏهن به اتي واپس ڪونه آيو. انصاف جي انتظام ۾ رحم جو مادو، ميرن جي وڏي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته هو رتوڇاڻ کان ڏاڍو لهرائيندا هئا. رحمان ۽ ٻين خطرناڪ بدمعاشن جي حالت ۾ به هنن حڪم ڪيو ته سندن بازو ڪپيا وڃن. گويا اها سندن ڏنل سزا جي حد هئي. ان هوندي به سندن ملڪ ۾ امن امان هو. رڳو سندن ملڪ جي سرحدن تي شڪارپور جي ويجهو جهنگ ۾ ڪٽپر ۽ بڙدي قبيلن جا ڪٺور ڌاڙيل ڦـُـرلٽون ڪندا هئا ۽ پڻ سبزل ڪوٽ جي ڀر ۾ وحشي مزارين جي ڪري ڌاڙا ۽ خون ته ڄڻ معمولي واقعا سمجهيا ويندا هئا. پر انهن جبلي ٻروچن تي اميرن جو ڪو وس ڪونه هو، پر ان هوندي به سندن عام رعيت امن پسند ۽ سکي هئي. جيڪڏهن اسين سندن حالت کي پنهنجي والاريل صوبن جي رعايا سان ڀيٽينداسين ته اها انهن کان لک دفعا سٺي هئي. ميرن تائين هر وقت رسائي ٿي سگهندي هئي ۽ ڪهڙو به ماڻهو- پوءِ اهو کڻي گهٽ ذات جو هندو ڇونه هجي- ڪيڏيءَ مهل به انهن سان ملي سگهيو ٿي. هندن ۾ مڙيئي ناراضپو پئي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته کين گهٽ ورسايو ويندو هو، پر سندن حالت انگلنڊ ۾ پنجاهه سال اڳ ”ڊسينٽرس“ کان خراب ڪانه هئي ۽ نه وري سندن ناراضپي کي هڪ منت لاءِ به انهيءَ ناراضگيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جا اڄ به آئرلينڊ ۾ موجود آهي. واهن جي چڱي حالت، ڪمند، جوار ۽ ٻئي اناج جي ڀلي فصل ۽ ڪيترين پن - چڪين جي نارن مان ظاهر ٿي ٿيو ته جيڪا ڍل اتي اڳاڙي ويندي هئي، سا ايتري ڪانه هئي، جا آبادگارن کي ڏکي لڳي. انعامي زمينون، ۽ پڻ اهي، جن تي نالي ماتر ڍل ورتي ويندي هئي، جام پئي ڏٺيون. سياست ۾ به سندن اٿ ويهه جو طريقو فراخ دليءَ ۽ تحمل جي اصولن مطابق هو، جنهن ۾ شاهه شجاع، شاهه نواز ۽ ٻين پناهه وٺندڙن شهزادن جو مثال ڪافي ٿيندو. پنجاب جي حاڪم جي هلت جي ابتڙ، هنن ڪڏهن به شاهه شجاع ڏانهن مهمان نوازيءَ جي اصول کي ظاهر ظهور ڪونه ٽوڙيو. قلات جو اڳيون خان، سالن جا سال سندن سخاوت تي پئي هليو. انگريزن ڏانهن پڻ هو صاف دل، سخي ۽ مهربان رهيا. جيڪي به ڊاڪٽر (انگريز) سندن ديرن يا ٻارن جو علاج ڪرڻ ويندا هئا، انهن کي هو تحفن سان ڀري موڪليندا هئا. انهن مان هڪڙي ڊاڪٽر، جنهن جي مون کي پوري ڄاڻ آهي، ٿورن مهينن ۾ ٻن هزارن کان به مٿي پائونڊ گڏ ڪري ورتا. ٻئي هڪ ڊاڪٽر کي، جنهن مير نصير خان جي ديري تي حاضري ڏني هئي، هڪ تلوار ملي، جنهن لاءِ مون کيس هڪ سؤ گنيون ڏيڻيون ڪيون پر وٺڻ کان انڪار ڪيائين. هڪ دفعي، مير نصير خان جي ننڍي پٽ سان شڪار ڪندي، مون سندس هڪ جامڪيدار بندوق جي ساراهه ڪئي، جنهن تي سونا چٽ ۽ لعل جو ڳـَـهڻو لڳل هو. اوڏيءَ مهل ته هن ڪجهه ڪونه چيو، پر جڏهن آءٌ گهر پهتس ته ڏٺم ته هو هنر جو اهو سهڻو نمونو منهنجي گهر ڇڏي ويو هو. مون البت انهيءَ کي واپس ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته قاعدي موجب اسان کي ڏيهي ماڻهن کان سوغات وٺڻ جي منع ٿيل هئي. پر مون تي انهيءَ مهربانيءَ جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو مون ضروري سمجهيو ته موٽ ۾ ڪجهه پيش ڪجي، ان ڪري مون هڪ گهوڙو، جنهن لاءِ مون ويجهڙائيءَ ۾ ڇهه سؤ رپيا ڏنا هئا، سو ڏانهس موڪليو. اها سوکڙي پراڻيءَ چوڻيءَ موجب نيٺ وڃي نڀاڳي ثابت ٿي. انهيءَ رئيس اهو گهوڙو هڪڙي آفيسر کي وڪڻي ڇڏيو ۽ هن وري اهو ميجر مئڪمرڊو، سر چارلس نيپئر جي خانگي سيڪريٽريءَ کي ڏيئي ڇڏيو، جنهن جي هيٺان اهو مياڻيءَ جي جنگ ۾ مارجي ويو. ميرن جي ساراهه ۾ ايتري چوڻ کان پوءِ ۽ سندن انتظام تي ڳالهائڻ کان پوءِ، مون تي ضرور اعتراض ڪيو ويندو ته مون هڪ نيم وحشي حڪومت کي ساراهيو آهي ۽ انهيءَ نعمت جو تمام ٿورو ذڪر ڪيو آهي، جا اسان حڪومت جي بدلجڻ ڪري، تهذيب جي نموني ۾ اتي جي ماڻهن لاءِ آندي آهي. انصاف لاءِ کڻي ائين چئجي ته هاڻي سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي، ماڻهن جي حياتيءَ ۽ ملڪيت جي سلامتي آهي، واپار جي سنڀال ڪئي ويئي آهي، ٻاهرينءَ ڪاهه جو ڊپ سدائين لاءِ ختم ڪيو ويو آهي، غلاميءَ کي مٽايو ويو آهي ۽ سڀني قومن کي قانون هيٺ آندو ويو آهي (1). انهيءَ ڳالهه کان انڪار ئي نٿو ڪري سگهجي ته اهي نتيجا اسان جي والارڻ جي ڪري ئي پيدا ٿيا يا ٿي سگهي ٿو ته اهي قدرتي طور اسان جي حڪومت کان پوءِ پاڻ عمل ۾ آيا هجن. انهن جي ابتڙ، اسان کي غلط نموني ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميرن جي حڪومت ۾ فصل تباهه ٿي ويندا هئا، زمين بيڪار پيئي هوندي هئي. مارشل لا لڳايو ويندو هو، رعايا جي هرهڪ طبقي ۾ ناراضپو هو! ساڳيءَ ريت، جيڪو محصول مير بنان محنت جي اڳاڙيندا هئا، انهيءَ جو ڏهون حصو به اسين وصول نٿا ڪري سگهون. مون کي انهن ڳالهين جي سچائيءَ بابت ڪي چوڻو ڪينهي، پر بحث جي خاطر کڻي مڃجي ته اسان جي سنڌ والارڻ ۾ اتي جي ماڻهن جي چڱائي هئي. تڏهن به سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ جيڪو سلوڪ ۽ طريقو اسان اختيار ڪيو هو، انهيءَ ۾ اسين ڪيتريقدر حق بجانب هئاسين، اهو اوهان پاڻ سوچي سگهو ٿا. ڇا اهو وڌيڪ آبروءَ وارو ۽ همدرداڻو طريقو نه هو، جو اسان ثالث بنجي ميرن کي ٺاهيون ها. بنسبت انهيءَ جي، جو انهن جي گهرو جهيڙن مان فائدو وٺي، ڇيڻا ڀور ڪري، کين ويڙهائي هڪٻئي جو دشمن ڪيوسين؟ اهو اسان لاءِ فخر جو باعث نه ٿئي ها جو مير رستم خان جو مڙهه پنهنجي وطن ۾ ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ پورجي ها! پر افسوس آهي ته هو پرديس ۾ جلاوطن رهندي ۽ فرنگين جي سندس ملڪ ۾ پهرين قدم رکڻ واري گهڙيءَ کي ساريندي ۽ مٿن ڦٽڪار ڪندي، مري ويو! انهيءَ سوال جو جواب ايندڙ نسل جا ماڻهو ڏيندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته کين انصاف پلئه پوي. پر جن هت ڪوڙي ڦڏي ۾ گهڻو ڪجهه سٺو آهي، تن لاءِ بدقسمتيءَ سببان ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي. خير، انهن خيالن مون کي پنهنجي روزنامچي جي چٽڪن لکڻ کان ڪافي پري ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اچو ته وري سکر ۽ شڪارپور جي تپندڙ واريءَ ڏي موٽ کائون ۽ انهيءَ برپٽ مان ڪجهه وڌيڪ پراڻا ورق گڏ ڪريون. --------------- (1) شاهه شجاع: افغانستان جي بادشاهه ڏانهن اشارو آهي. (2) چنيسري: اها فوج هئي جا عثماني ترڪن، ڪرستانن جي ننڍڙن ٻارن کي ڀرتي ڪرڻ سان ٺاهي هئي. انهيءَ ۾ اٽڪل 55 هزار ڇوڪرا هر سال ڀرتي ڪيا ويندا هئا ۽ انهن کي سکيا ڏيئي سپاهي بنايو ويندو هو. (1) مري ٽڪريون: اتر بلوچستان جي ڪڇيءَ واري علائقي ۾ واقع آهن. انهن کي قديم وقت کان وٺي مري قبيلن جو گهر تصور ڪيو ويندو هو. (1) ڪاڪو ڊيمن يا ارنيس: يونانين ۾ بدروح لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. (1) مياڻي جي پوڙهي سورهيه مان مصنف جي مراد شايد سر چارلس نيپئر ڏانهن اشارو آهي - مترجم (1) بالاحصار جو مضبوط ڪوٽ ڪابل شهر جي ٻاهران هڪ سهڻي ۽ سرسبز ٽڪري تي اڏيل آهي. (1) بکر جو قلعو انگريزن مير رستم کان پهريائين اڌارو وٺي پوءِ ڦٻائي ورتو هو. (1) اهي سڀ ڳالهيون مصنف انگريزن جي سنڌ والارڻ کان پوءِ سندن نظام حڪومت جي چڱاين تي بيان ڪيون آهن. - مترجم باب چوٿون 1839ع جي پوري ٿيڻ وقت سنڌ جون حالتون - ايراني قيدي- رنجيت سنگهه لاءِ سوکڙيون - فوجي ۽ سياسي ماڻهن ۾ نا اتفاقي - سکر جي چوطرف قبن جي بيعزتي ڪرڻ جو الزام - قلات جو شاهنواز خان - عاميل جو فوجي رسالو - الف خان ترين اسان جي فوجن جنهن ڏکيائيءَ سان ڪڇيءَ مان فوج ڪشي ڪئي هئي، انهيءَ کي ڇهه مهينا گذري ويا آهن. جنهن تڪليف ۽ بنا سوچ ويچار جي اها پيشقدمي ٿي هئي، انهيءَ جو پتو انهن خطن مان ملي ٿو، جي انهن جي پويان ساقه فوج کي مليا هئا (1). هڪڙي آفيسر نوشهري مان هيٺينءَ ريت لکي موڪليو: ”قاصدن جا ٽي جوڙا خـَـطن جي ٽڪرن جو هڪ بنڊل مون وٽ کڻي آيا ۽ چيائون ته اهي شڪارپور مان موڪليا ويا آهن. رستي تي ڌاڙيلن مٿن حملو ڪري اهي خط لـُـٽي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪښري ڇڏيا. اهي تمام ٿورن خطن جا پرزا مون وٽ انهيءَ ڪري کڻي آيا ته جيئن سندن ڳالهه تي اعتبار ڪيو وڃي. اهو ملڪ دهشتناڪ بدانتظاميءَ ۽ وڳوڙ ۾ مبتلا آهي. اهڙو ڪو ڏينهن ورلي گذرندو هوندو، جڏهن اسان جي ماڻهن تي حملو نٿو ڪيو وڃي. ٽپالي سوارن جي ته ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو، ويچارن ڏاڍو سـَـٺو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دفعيدار ۽ ڪئپٽن ائنڊرسن جا ٽي سوار هن جاءِ ۽ مهائيسر جي وچ ۾ مارجي ويا هئا، زخمي ٿيلن جو ته وڏو تعداد آهي. سومري وٽ اسان جي وڌندڙ فوج تي بلوچن جي هڪ جماعت اَسـُـر جي وقت حملو ڪري ڏنو. پر توبخاني جي گهوڙيسوارن تلوارن ساڻ مٿس وار ڪري، ڇهه ٻروچ ڪيرائي وڌا. سڀئي اُٺ، جن جو جملي تعداد پنجويهه هو، چراگاهن تان چوري ٿي ويا آهن، پر اڃا تائين انهن کي ڳولي نه سگهيو آهيان. اسين صبح جو دادر ڪوچ ڪنداسين. اسان کي مشڪل سان اتي کائڻ لاءِ ڪجهه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ ته رَسد جـو سامـان اسـان جـي اڳـيـان ويـنـدڙ فـوج ختم ڪري ڇڏيو هو. اسان وٽ فقط ڇهن يا ستن ڏينهن جو سامان آهي ۽ سواري به ايتري ئي مقدار لاءِ موجود آهي. انهيءَ هوندي به اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪري انهن سڀني اُٺن کي ڪم آڻجي، جيڪي رستي ۾ ملي وڃن. اسان کي انهيءَ جي ڪابه پڪ ڪانهي ته لـَـڪن جي ٻئي طرف اسان کي وڃڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اوهان کي اُٺ لـَـڏڻا آهن ته انهن کي اصل خالي نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي اناج جي ڏاڍي ضرورت آهي، اناج، اناج، اناج! توڙ تائين پاڻ کي اهوئي گهرجي. انهيءَ جي سنڀال لاءِ طاقتور نگهبانن جي پڻ ضرورت آهي. ڪرنل ڊيني جي پيادل فوج ۽ ان سان گڏ شاهه جي گهوڙيسوار فوج، سامان جي حفاظت لاءِ ٻنهي جو هجڻ ضروري آهي. مون کي هـِـن جي، توڙ تائين پهچڻ جي اميد ته ڪانهي، پر ڪوشش ڪرڻ مون تي فرض آهي، آئوٽرام جنرل ولشاير سان گڏ آهي. ته ضرور انهيءَ ڏکوئيندڙ واقعي جو احوال ٻڌو هوندو. مون کي اميد آهي ته هو هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿي ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته صحيح معنيٰ ۾ اڻلڀ ماڻهو آهي. قلم تازو: ”اُٺ موڪليو ۽ اناج. وري دهرايان ٿو ته اناج ۽ اُٺ.“ ٻئي وري لکيو ته، درياءُ تمام گهڻي زور شور سان اسان ڏانهن ڌوڪيندو آيو ۽ ٻيڙين جي ٻڌل پل کي پاڻ سان کنيو ويو. انهيءَ ڪري اناج جو تمام گهڻو ذخيرو، جو بيپرواهيءَ سان ڪناري تي ڇڏيو ويو هو، سڄو تباهه ٿي ويو. انهيءَ وڳوڙ کي ختم ڪرڻ جو فرض جنهن ماڻهوءَ تي عائد ڪيو ويو هو، تنهن کي مشڪلات سان مقابلو ڪرڻو پيو، سو سندس پنهنجي بيان مان ظاهر آهي جو هيئن آهي: ”انهيءَ کان وڌيڪ خراب ٻي ڪابه اهڙي مهم منهنجي خيال ۾ ڪانه ٿي اچي، جنهن ۾ ايتريءَ تنگ نظريءَ ۽ بيوقوفيءَ کان ڪم ورتو ويو هجي. شڪارپور ۽ ان جي چوگرد ملڪ بدانتظاميءَ جي چوٽ تي وڃي پهتو آهي. هرڪو ماڻهو اسان جي ڪنڌ ڪپڻ لاءِ منتظر ويٺو آهي ۽ اسان کي فقط ٿوري پيادل فوج آهي، جا رَسد جي گدامن ۽ خزاني جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيل آهي. پر ساڳي وقت انهن کان حفاظتي جٿي ۽ پڻ فوجي ڪارواين جاري رکڻ جي اڏن جي سنڀال جو ڪم ورتو وڃي ٿو. سچ پڇو ته انهيءَ معاملي ۾ عقل ۽ فراست جي گهٽتائيءَ تي روئڻ ٿو اچي. خون ۽ ڌاڙن جا واقعا هر روز پيا ٿين. مان پنهنجي جوابداريءَ تي فوجون ڀرتي ڪري رهيو آهيان، يعني ته بلوچن جي بي قائدي پلٽڻ. اها انهيءَ لاءِ ته چور ئي چورن سان وڙهي سگهن ٿا. ڏيهي اختياريءَ وارن کي به خبردار ڪيو اٿم ته ڪوشش وٺن، جنهن تي انهن به پنهنجي رولاڪن کي گهرائي ورتو آهي. مون وٽ خزاني ۾ ذري گهٽ هڪ ڪروڙ رپيا پيا آهن ۽ انهن جي سنڀال ڪا گهٽ جوابداري ڪانهي. مون وٽ نڪو آهي ڪلارڪ ڪڙو ۽ نه وري ڪو ٻيو عملو، جنهن کان ڪم وٺجي. 1839ع جي اڳياڙيءَ ۾ اتر سنڌ جي اهڙي حالت هئي ۽ انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ تائين به حالتن ۾ ڪو سڌارو ڪونه آيو. اهو صحيح آهي ته خطن جو هاڻي ٽڪر ٽڪر ٿي اچڻ بند ٿي ويو آهي ۽ سڄا سارا خط منزل مقصود تائين اچي ٿا سگهن. ڀانڊي جهڙيون ايڪڙ - ٻيڪڙ جايون، جن کي ريزيڊنسي ڪري سڏيو وڃي ٿو، ظاهر ٿيڻ لڳيون. سکر ۾ فوج جو وڏو تعداد موجود هو ۽ اڻٿڪ پارسي (ايراني) بيئرر، سوڍا پاڻيءَ ۽ سوئر جي سڪل گوشت ۽ لوڻ مرچ سان پرگهٽ ٿيا. پر ڪئمپ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي ڪوبه سلامت ڪونه هو. انهن فسادي قبيلن لاءِ، جي درياءَ ۽ لڪن جي وچ ۾ رهندڙ هئا، ڪي اهڙا اپاءَ نه ورتا ويا، جن موجب يا ته کين راضي رکي سگهجي ها يا موچڙي جي ڊپ ۾ رکجي ها. ان ڪري اهي بلڪل ڇرواڳ ٿي ويا هئا.“ سکر پهچڻ سان پهرئين مهيني ۾ مون تي فارسي خطن جي ترجمي ڪرڻ ۽ انهن جي جوابن لکڻ جو ڪم رکيو ويو هو. جيئن ته فقط آءٌ ئي هڪ اهڙو آفيسر هوس، جنهن کي اها ٻولي ايندي هئي، ان ڪري مون لاءِ انهيءَ ڊيوٽيءَ ۾ چڱو موچارو ڪم جو انبار هو. خطن کي ترجمي ڪرڻ سان ۽ پڻ ڏيهي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڪري، جيڪي اتي وهيو واپرايو ٿي، تنهن بابت مون چڱي معلومات حاصل ڪري ورتي پر منهنجي بالا عملدار ڪنهن سياسي مضمون تي مون سان ڪا ڳالهه ڪانه ڪئي. مون کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته منهنجي سنڌ ۾ پهريون دفعو قدم رکڻ جي ڏينهن کان وٺي، ڪرنل آئوٽرام جي ريزيڊنسيءَ جي چارج وٺڻ تائين، ڪوبه اهڙو دستاويز منهنجي هٿ نه چڙهيو ۽ نه وري ٻيءَ طرح سان ڪا خبر پئي ته اسان جي حڪومت جي سنڌ بابت ڪهڙي راءِ ۽ خواهش هئي. جدا جدا ڪمن تي، جي اسان جي وسيع سلطنت جي جدا جدا حصن ۾ سياسي آفيسر پکڙيل هئا، تن جي موڪليل خبرن جو سرڪيولر فقط هڪڙي ماڻهو کان سواءِ نڪو ڪو مون کي ڏيکاريو ويو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي نائب کي. انهيءَ طريقي جو بيڪار ثابت ٿيڻ انهيءَ مان ظاهر آهي جو جيئن ته اسان کي جدا جدا هنڌن تي هڪٻئي کان پري رکيو ويو هو، ان ڪري اسان مان هرڪو پنهنجي خيال موجب آزاد ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ٻئي جي ڪمن جي اڻڄاڻائيءَ سبب اسان ڪن اهڙين رٿائن کي بلڪل ٿڏي ڇڏيو، جن کي حقيقت ۾ ترقي ڏيارڻ کپندي هئي. اسان جي اکين جي اڳيان منصوبا ۽ سازشون ٿينديون رهيون، پر جيئن ته چريائيءَ سبب انهن جي معلومات اسان کان پوشيده رکي ٿي وئي، ان جي اسان کي ڪابه خبر ڪانه پئي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان ۾ ئي ڪيترا سازشي ايجنٽ ۽ قاصد موجود هئا، پر اسين انهن کي سمجهي ۽ سڃاڻي نه سگهياسين. ڪيترن ئي ماڻهن تي پڪڙ پڇاڙ ڪئي ويئي پر اهڙي مردار نموني ۾، جو وٽانئن ڪاغذ جو ٽڪر به ڪونه ملي سگهيو. وري انهن جو اظهار (بيان) به اهڙن منشين جي معرفت ورتو ٿي ويو، جي ڪنهن به حالت ۾ سچ ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ان ڪري جيڪي به انڪوائريون ٿيون، سي سڀ بيسود ثابت ٿيون. انهن جاسوسن مان سڀ کان پهريائين جنهن کي اسان جهليو، اهو هڪ ايراني هو، جو شاهه جو ويجهو عزيز هو ۽ ميرن ۽ قلات جي خان ڏانهن شاهه جو قاصد ٻڌايو ٿي ويو. اهو هڪ چڱي مهانڊي وارو اڌيڙ عمر جو شخص هو، جنهن جي ڪاري ڏاڙهي چيلهه تائين وڃي ٿي پهتي، پر طبعيت جو ٿڌو ٿي ڏٺو. نظربنديءَ جي وقت هو پاڻ کي شربت پيئڻ ۽ پنهنجي نوڪرن کي چهبڪ هڻڻ جي شغل سان وندرائيندو رهيو. هڪڙي ننڍڙي غلام کي ته هن خاص ڪري اهڙي مزي سان چهبڪ هنيا، جو نيٺ ڪڪ ٿي اسان کي دست اندازي ڪرڻي پيئي ۽ کيس جهليوسون ته جيسين هو اسان جي قيد ۾ آهي، تيسين انهيءَ شغل کان باز رهي. سيپٽمبر جي وچ ڌاري درياء لهڻ شروع ڪري ڏنو. 14- تاريخ تي هڪ سهڻي ٻيڙي مهاراجا ڏانهن لاهور تحفي طور موڪلي ويئي. اها اصل ۾ رنجيت سنگهه ڏانهن موڪلڻي هئي، پر جيئن ته هو ديهانت ڪري ويو هو، ان ڪري اها سندس جانشين کڙڪ سنگهه ڏانهن رواني ڪئي ويئي. ليفٽيننٽ سـِـنڪلير، جنهن جي چارج ۾ اها ٻيڙي ڏني ويئي هئي، تنهن جو هڪ وڏي جشن سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ انهيءَ جي بدلي ۾ڪيتريون ئي قيمتي سوکڙيون ڏنيون وييون. انهن مان سرڪار کيس هڪ جواهردار خنجر ۽ هڪ سهڻي گهوڙي کي پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت ڏني. مون وارو بالا عملدار ان وقت انگريزي فوج جي انهن آفيسرن خلاف بيان قلمبند ڪري رهيو هو، جن سنڌي قبن جي بيعزتي ڪئي هئي ۽ انهن کي گهرن ٺاهڻ لاءِ ڊاهي ميدان ڪيو هو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪنهن مرهيات بزرگن، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي پنهنجي پورجڻ لاءِ اهي سهڻا هنڌ ڳولي هٿ ڪيا هئا. پر جيڪڏهن هر ڪنهن مـُـڙدي کي اهڙيءَ طرح مانَ ۽ شان سان پورجي ها ته پوءِ جيئرن لاءِ، کڏن، ڪنڊن ۽ پڻ بيماريءَ سان ڀريل ڌٻڻن ۽ بيڊولي ٽڪرين جي چوٽين کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين بچي سگهي ها. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ڪم ڏيهي ماڻهن جي دلين کي رنجايو اُهي، ڇاڪاڻ ته قبن کي برباد ڪرڻ وقت ٺٺوليءَ ۽ ڌڪار آميز ٽرڙائيءَ کان ڪم ورتو ويو هو. جنهن وقت اسان جا ماڻهو لاش کي کوٽي ڪـَـفن سوڌو ٻاهر ڪڍي پاڻيءَ ۾ اڇلائي رهيا هئا، ان وقت هيءَ ٽوڪ سندن وات تي هئي: ”اوهان سنڌين جو وڏو، هاڻي وَڃيوَ ٿو مـَـڪي!“ ممڪن آهي ته ڪنهن کي انهيءَ جو ايڏو خيال نه ٿئي ها، پر جيئن ته اسان جي سياسي ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن ۾ اڻبڻت هئي، ان ڪري انهيءَ ڳالهه کي اهميت ملي ويئي. اسان جا فوجي آفيسر جيئن ته جدا جدا علائقن جا رهاڪو هئا، ان ڪري سندن اهو ڪارنامو باهه تي تيل وجهڻ مثل ثابت ٿيو. بنگالين ۽ بمبئيءَ وارن جو مثال وٺو. ٻنهي قومن ۾ ايڏو ته حسد هو جو جڏهن ٻنهي ڌرين جا گارڊ سپاهي اچي هڪٻئي کي ڊيوٽيءَ کان آجو ڪندا هئا، تڏهن ذري گهٽ وڃي ٺونشن تائين پهچندا هئا، جيڪڏهن آفت جيڏي ڪـُـوئي (هي ائنگلو انڊين بنگالي)، ڌڪار ۽ ڪاوڙ وچان ميزن، ڪرسين ۽ ٻئي سامان کي، جي گارڊ روم ۾ پيل هئا، ڳڻڻ کان انڪار ٿي ڪيو ۽ سندس جاءِ تي ايندڙ، ساڙ سان ڀريل بمبئيءَ جي بدڪ (1) انهيءَ بيعزتيءَ تي پاڻ کي ڦوڪي ڦوڪي دهل بنائي ٿي ڇڏيو. پر حسد کي سدائين بيجا قرار نٿو ڏيئي سگهجي. جيستائين جدا جدا علائقن جون فوجون اسان وٽ موجود آهن، تيسين اها حسد جي باهه گهٽ نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ حسد جي آڙ ۾ ڪونه ڪو مطلب ضرور هوندو آهي. 26 - سيپٽمبر 1839ع تي قلات جي مير شاهنواز خان کان هڪ خط آيو، جنهن ۾ هن برطانيا سرڪار کان پنهنجي بچاءَ ۽ ٻين فائدن جي گـهـُـر ڪئي- جي هروڀرو ڳنڍي ڇڏبا آهن. جنهن وقت آءٌ ايجنٽ جو جواب ڏيئي رهيو هوس، ان وقت اسان کي شاهه شجاع اچي ياد پيو. جيئن ته اهو جواب فائديمند هو، ان ڪري خان اسان جي ڪئمپ ۾ لنگهي آيو. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ فتح خان به آيو هو. اهي ٻيئي ڏسڻ ۾ ڪوجها پئي لڳا پر منجهن سچائي ۽ صاف دلي گهڻي پئي ڏٺي. سندس پيءُ سهراب خان هٿان مارجي ويو هو. سندس حفاظت ڪرڻ جي خيال کان قرآن (شريف) موڪليو ويو، پر هـُـن سـُـنهن کڻڻ جي بدران انهيءَ جو بدلو خون ۾ ڏنو. مون کي حڪم ٿيو ته آءٌ خانيءَ بابت انهن ڇوڪرن جي حقن ۽ پڻ جدا جدا قبيلن جي بيهڪ ۽ طاقت جو جائزو وٺي هڪ رپورٽ ٺاهيان. شاهنواز، انهيءَ ڪم ۾ مون کي مدد ڪرڻ لاءِ فارسي ڪاغذن جو هڪ وڏو بنڊل آڻي ڏنو. انهيءَ ۾ ايترا ته ڪاغذ هئا جو سڄو هفتو مون کي روزانو ڇهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پيو. جڏهن رپورٽ ٺهي تيار ٿي تڏهن مون واري صاحب انهيءَ رپورٽ کي قلم جي هڪڙي ئي نوڪ سان پنهنجو پورهيو اپنائي ڇڏيو ۽ وڏيءَ دل سان رپورٽ جي چڱاين ۽ اوڻاين کي پنهنجي ذمي کنيو. انهيءَ وچ ۾ مير علي مراد جو ايجنٽ (عام مختيار) به اچي پهتو ۽ درياءَ جي اڀرندي ڪپ تي ڪن ضلعن جي دعويٰ ڪئي، جي سندس ڀائٽي مير نصير خان جي هٿ ۾ هئا. ايجنٽ کي مون ڏانهن موڪليو ويو ته جيئن سندس بيان ورتو وڃي. مون کي اهو ٻڌي اچرج ٿيو ته حسن علي (يعني ايجنٽ) دهليءَ جو رهاڪو هو ۽ اسان جي هيڊ منشيءَ جو ڳوٺائي ۽ دوست هو. انهيءَ مطابقت جي ڪري مير کي مڙيئي فائدو پيو. وري عجب جي ڳالهه هي به آهي ته هي به انهيءَ وقت اچي ڏيجيءَ ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن دهليءَ جي ريزيڊنٽ کي اُتر سنڌ ۾ مکيه سياسي عملدار ڪري مقرر ڪيو ويو هو. مون ڏٺو ته حسن علي تمام سٺين عادتن، فهميدي ڳالهائڻ ۽ دل وٺندڙ دانائيءَ جو صاحب هو. 12 - آڪٽوبر تي، گهوڙيسوارن جي هڪ جماعت، جنهن کي ”بوچي جـَـٿو“ ڪري سڏيو ٿي ويو، پنهنجي مهندار ليفٽيننٽ عاميل سان اچي پهتي. ٺهي نه ٺهي وٽ رينگٽ کي، جي اصول تي انهن ماڻهن کي بلوچ جـَـٿو ڪري سڏيو ٿي ويو پر انهيءَ ۾ هئا رڳي افغان، پٺاڻ ۽ ڪاهير، بلوچ منجهن هڪڙوئي ڪونه هو. انهن مان ڪي چڱيءَ شڪل جا ٿي ڏٺا، پر برن حالن ۾ ڪـڇي ٽٽـُـنِ تي سوار هئا. اهو به ظاهر ٿي ٿيو ته ڄڻ سڄو سال واري کائڻ تي گذران ڪيو اٿن. سندن پگهار اڻ پورو هو. انهيءَ جـُـوءِ ۾ جتي هي مقرر ٿيل هئا، برپٽ هئڻ ڪري گاهه پٺو به گهٽ ۽ مهانگو هو، پر ان هوندي به کين جبلي ڌاڙيلن پٺيان گهوڙا ڊوڙائڻا پوندا هئا (مطلب اهو آهي ته اهي ڌاڙيل جيڪي پنهنجي گهوڙن جي تيزيءَ تي فخر ڪندا هئا). انهن گهوڙيسوارن ۾، ليفٽيننٽ عاميل جو اردلي، ننڍيءَ عمر جو هڪ افغان ڇوڪرو هو، جنهن جو نالو غلام حسين هو. اهڙو سهڻو مهانڊو مون پنهنجيءَ عمر ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. سندس اکيون هرڻيءَ جهڙيون هيون ۽ وارن جون ڊگهيون چڳون اهڙيون ته ڪاريون هيون جهڙي رات! سندس گلابي ڳلن - جن ۾ لالاڻ مليل هئي- سچ پچ مون کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو ۽ آءٌ سوچڻ لڳس ته، ”ائين ته ڪونهي ته اهو سهڻو ڇوڪرو مرداني ويس ۾ ڪا عورت آهي!“ اها سڀني کي خبر آهي، ته هي نوجوان ڇوڪرو بهادر آهي، جو ميدان توڙي جبلن ۾، جهنگلي سوئرن کي پويان پيو هو، ۽ پنهنجي بهادر مالڪ سان اهڙن هنڌن تي ويو هو، جتي ڪيترن ئي دلير سوارن وڃڻ کان انڪار ڪيو هو. مون کي انهيءَ افغان ڇوڪري جي سونهن بابت جيڪي شڪ شبها هئا، اهي سڀ ستت ئي دور ٿي ويا، ۽ خاطري ٿي، ته هو جيئن پنهنجي پوشاڪ ۽ هٿيارن مان ٿي لڳو، تيئن سچ پچ هڪ سهڻو ڳڀرو هو، ۽ منهنجو مٿس عورت هجڻ جو شڪ اجايو هو. بعد ۾، جڏهن مون سندس پيءَ الف خان ترين - جيڪو اتر سنڌ ۾ هڪ بهادر ۽ جانٺو تلوار باز هو- ڏٺو، تڏهن مون کي انهيءَ ڇوڪري جي سونهن تي ڪوبه عجب نه لڳو. جهڙو هو پٽ ننڍيءَ عمر ۾، اهڙوئي هو سندس پيءُ وڏيءَ عمر ۾! الف خان ترين قد ۾ اٽڪل ڇهه فوٽ ڊگهو هو ۽ سندس بدن جي بيهڪ ٺاهوڪي هئي، سندس ڪارن وارن جون گهاٽيون چڳون ڪلهن ٿي پئي پيون. سندس اکيون وڏيون ۽ ڪاريون ۽ چمڪندڙ هيون ۽ سندس نڪ هوبهو يوناني نڪ جهڙو هو، سندس ڏند وري موتين جهڙا اڇا هئا، مطلب ته قدرت سندس بدن جو هر هڪ عضوو سنگ مرمر جي سهڻي بت وانگر عمديءَ ڪاريگريءَ سان گهڙي بنايو هو. الف خان انهن زميندارن مان هو، جي سڀ کان پهريائين پنهنجي مرضيءَ سان اچي اسان سان شامل ٿيا هئا. هن پنهنجا ٻه پٽ بلوچ جٿي ۾ گهوڙيسوار ڪري ڏنا هئا. اسان جي اسٽور ۽ اٺن تي قبضي ڪرڻ لاءِ جيڪي حملا ٿيندا هئا: تن ۾ انهن ٻنهي نوجوان ڇوڪرن اسان سان دشمن خلاف پاڻ چڱو موکيو. --------------- باب پنجون جهنگلي سوئرن جو درياءُ اُڪرڻ - پوليٽيڪل ايجنٽ جو سکر ڇڏڻ - اُٺ سوار - ايجنسي جي چارج وٺڻ تي هدايتون - حريف سيد - بهاولپور جو وڪيل - فرسٽ گرينڊير جي ڪن سپاهين خلاف دانهن ته هنن کيس ڦريو آهي - انهن جو بلوو - ڏيهي آفيسرن جو اثر - پئنچائت - هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون 10- آڪٽوبر: اڄ صبح جو درياءَ تي غير معمولي هنگامو ٿي ڏٺو ۽ ٻيڙيون تڪڙيون تڪڙيون هڪڙي طرف وڌي رهيون هيون. هر هر بندوق جا ٺڪاءَ پئي ٿيا، جن مان ائين سمجهيو پئي ويو ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪا وڏي جنگ ٿيڻ واري هئي. اڃا پڇا ڪيم ته ڏٺم ته ڇهه سوئر پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا هئا، ٽن کي درياء جي وچ ۾ بندوق هڻي ڪيرايو ويو، پر باقي ٽي بهادريءَ سان تـَـري وڃي پار پهتا. پاڻيءَ جو وهڪرو ڏاڍو تکو هو ۽ ٻيو ته درياء جي ويڪر به گهڻي هئي، ان هوندي به هو پاڻيءَ مان نڪري ٻيءَ ڀر جهنگ ۾ غائب ٿي ويا. واگهـَـن لاءِ به ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته اهي به اهڙيءَ ريت تـَـريو وڃن. اهي دهشتناڪ درندا، هاڻي سنڌ ۾ البت گهٽ آهن، پر ائين به ڪونه آهي ته اهي آهن ئي ڪونه. انهن مان هڪڙو سکر ۾ ۽ ٻيو لعل شهباز (قلندر) جي مزار تي سيوهڻ ۾ آهي. چيو وڃي ٿو، ته اهي ٻيئي ننڍيءَ عمر ۾ مير مبارڪ هٿ ڪيا هئا. هتي ڪيترن هنڌن تي، خاص ڪري بڙديڪا ۽ امير جي شڪار گاهن ۾ جهنگ به گهاٽو آهي ۽ سندن شڪار جهڙوڪ هرڻ، سوئر ۽ پڻ چوپايو مال به جام آهي. پر پوءِ به خبر نه آهي ته اهي هتي ڇو گهٽ آهن؟ 20 - آڪٽوبر: اڄ پوليٽيڪل ايجنٽ سکر ڇڏيو ۽ ڪچي جي انسپيڪشن لاءِ دؤري تي هليو ويو. ساڳئي ڏينهن اَٺن اُٺ سوارن يا فارسي چوڻيءَ موجب شتر سوارن جو دستو اچي پهتو. هر هڪ اُٺ ٻه ماڻهو کڻندو آهي، جن مان هڪ چڱيءَ طرح هٿيارن سان ڍڪيل هوندو آهي، ۽ ٻيو البت گهٽ، ڇاڪاڻ ته اهو اوٺيءَ جو ڪم ڏيندو آهي. اُٺ گهڻو ڪري هاڪڙي نسل جا آهن، جي ڏينهن ۾ تيزيءَ سان پنجاهه کان سؤ ميلن تائين پنڌ ڪيو وڃن. ظاهري ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اهڙا جٿا سنڌ ۾ ٽپال کڻڻ لاءِ، يا ڌاڙيلن جي پٺيان پوڻ لاءِ، جيڪر ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿين، پر ائين ڪونه آهي. ڪالرا بيماريءَ ماڻهن کي اُگهي ورتو ۽ اُٺ به بنان سنڀال ۽ پڻ ناروا هلت سبب مري ويا. انهن سڀني سوارن سنڌو درياهه کي اُڪرڻ کان نابري واري، ان ڪري مون کي ڳچ پنڌ تائين ساڻن گڏ وڃڻو پيو ۽ آخر دڙڪن ۽ دلاسن سان انهن کي اُڪاري پار ڪيم. منهنجي بالا عملدار، هدايتن ڏيڻ لاءِ مون کي پاڻ وٽ گهرايو، ڇاڪاڻ ته سندس غير حاضريءَ ۾ مون کي ئي سکر جو انچارج ٿي رهڻو هو. مون دل ۾ سمجهيو ته مون کي تمام سهڻي صلاح ملندي ۽ پڻ ڪجهه رٿون منهنجي آڏو اينديون. پر منهنجي نااميديءَ ۽ حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن هن مون کي چيو ته، ”مون توکي انهيءَ لاءِ گهرايو آهي ته توکي چٽيءَ طرح سمجهايان ته جيڪا ٽپال اوٺي کڻي اچن، اها سنڀالي رکجانءِ، ۽ باغ جي پيدائش جو خاص خيال ڪجانءِ. هيءَ ڳالهه ڌيان سان ٻڌ: مون کي باغ جي پيدائش، خاص ڪري، ساوا مٽر، روزانو موڪليندو ڪر.“ انهيءَ ڳري اظهار کان پوءِ خزاني جون ڳوٿريون منهنجي اڳيان ڳڻيون ويون ۽ ٿوري وقت لاءِ مون کي انهن جاين جو مالڪ بنايو ويو، جي نه فقط هڪٻئي کان پري ٺهيل هيون، پر صفائيءَ جي لحاظ کان به اڻوڻندڙ هيون. نه فقط ايترو پر مون کي انهن گاڏڙ منشين ۽ چونڊيل ڏوهارين جي جماعت جو به رکوالو بنايو ويو، جي باغ جي ڪم ۾ لڳل هئا ۽ منهنجي حڪم تي ڪهڙو به ڪم ڪري سگهيا ٿي. ايجنسي جي سنڀال هيٺ ٻه سيد هئا، جن مان هڪ کي برف جهڙي اڇي سونهاري هئي، پر ان هوندي به اک ڪڪڙي هئس ۽ اڃا جانٺو پئي ڏٺو. ستر سال جي ڄمار اُڪري چڪو هو. سندس نالو هو عبدالرحمان، يعني ”رحم واري جو پٽ“ ۽ هو انهيءَ زمين جو مالڪ هو، جنهن تي ايجنسي ٺهيل هئي. ٻيو وري اڌ وهيءَ ۾ هو ۽ ڏاڙهيءَ کي خوب رنگ ڪيو هئائين. سندس بدني بناوت مان ظاهر ٿي ٿيو ته مڙس مڙيئي وهيو گهڻو آهي. سندس نالو عباس علي هو ۽ هـُـن پنهنجو شجرو مير معصوم بکريءَ جهڙي ماڻهوءَ سان ٿي ملايو، جو اڪبر جي دربار جو نالي وارو امير هو. ٻنهي سيدن جي وچ ۾ ڪا وڏي عداوت هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻنهي مان ڪو مون سان ملڻ ايندو هو، تڏهن ٻئي جا عيب بيان ڪري ويهي جانا ڀريندو هو. هڪ ڏينهن وڏيءَ عمر وارو سيد، (يعني عبدالرحمان) عباس عليءَ جي عيب جوئي ڪندي، مون کي يقين ڏياري رهيو هو ته عباس علي اصل ۾ هڪ غلام جو پٽ هو ۽ سيد ڪونه هو. ايتري ڳالهيون ڪندي عباس علي، جنهن سڄي واردات تنبوءَ جي در تي بيٺي ٻـُـڌي، سو اندر گهڙي آيو. ان وقت مون خيال ڪيو ته مون وارو پوڙهو دوست پنهنجي چيل گفتن تي پشيمان ٿي شرم ۾ ٻڏي ويندو، پر ڏٺم ته مٿس ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، ۽ پاڻ بردبار ٿي، سانتيڪي نموني ۾، هن آيل سيد جو آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ چيائينس ته تنهنجي اچڻ کان ٿورو اڳ ’مان صاحب وٽ تنهنجي ساراهه ڪري رهيو هئس.‘ ڳالهه کي ڦيري ڏيڻ يا بدلائڻ ۾ ايراني پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڇاڪاڻ ته سندس جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته مشڪل سان جند ڇڏائي سگهي ها. ٿورن ڏينهن کان پوءِ بهاولپور جو هڪ وڪيل مون سان ملڻ آيو. هو هڪ ايماندار ۽ لائق شخص هو، جنهن سان ويجهڙائيءَ ۾ اسان جي سپاهين ناروا سلوڪ اختيار ڪيو هو. ڏاڍو ڳنڀير معاملو هو. ڀانئجي ٿو ته فرسٽ گرينڊير جي ڪن سپاهين، جي خانگي ڊريس ۾ هئا، کيس ڇانوڻيءَ جي ٻاهران روڪي، ڦر ڪئي هئي. هن پنهنجو فرياد وڃي شڪارپور جي ڪمانڊنگ آفيسر وٽ داخل ڪيو، جنهن حڪم ڪيو ته سڄي ريجمينٽ کي پريڊ ڪرائي وڃي ته جيئن وڪيل ڏوهارين کي سڃاڻي سگهي. ظاهر آهي ته انهيءَ مان عام ناراضگيءَ جو انديشو هو. جڏهن وڪيل لائيٽ ڪمپنيءَ جي ويجهو آيو، تڏهن انهيءَ آفيسر حڪم ڏنو ته سامهون مارچ ڪندي منهن ساڄي طرف ڪريو ۽ وڪيل کي چيائين ته هاڻي ڏسي سڃاڻ. سڃاتل شخص هڪ صوبيدار هو، جنهن کي نه فقط بهادر جو لقب ڏنل هو پر ساڳئي وقت آرڊر آف ميرٽ به مليل هو. کيس گرفتار ڪري ڪوارٽر گارڊ ۾ کڻي بند ڪيائون ۽ پڻ انهن سپاهين کي به ٻڌائون، جن پريڊ جي ميدان ۾ گڙٻڙ ڪئي هئي. ريجمينٽ جي ڳچ حصي احتجاج طور قيدين جي چوگرد جمع ٿي، اعلان ڪيو ته جيسين انهن کي آزاد نه ڪيو ويندو، تيسين اسين ڊيوٽيءَ تي نه چڙهنداسون. جيڪي به يورپي آفيسر کين سمجهائڻ ويا، تن کي مار ڏيئي بيعزتو ڪيائون. حالتون ڏاڍيون نازڪ ڏسڻ ۾ پئي آيون، ڇاڪاڻ ته اها هڪڙي ئي ريجمنيٽ هئي، جا اسٽيشن تي موجود هئي. ساڳئي وقت ملڪ جون حالتون به ان وقت ناسازگار هيون ۽ چوڌاريءَ دشمن به هئا، ان ڪري ٿي سگهيو ٿي ته ڳنڀير نتيجا نڪرن، پر ڪمانڊنگ آفيسر جي قوت ارادي وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. آخر انهن ماڻهن آڻ مڃي ۽ وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهيا. ذڪر ڪيل صوبيدار کي سکر بدلي ڪيو ويو، جتي کيس ڪورٽ مارشل ڪري، نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو ويو. ڏيهي آفيسرن جو سپاهين تي اثر ثابت ڪرڻ لاءِ انهيءَ بلوي جو مثال ڏيڻ ڪافي هو ۽ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪو جوش سپاهين پنهنجي صوبيدار ميجر جي گرفتاريءَ جي موقعي تي ڏيکاريو هو، سو يورپي آفيسر جي بيعزت ٿيڻ تي شايد ڪونه ڏيکارين ها. ڏيهي آفيسرن جو سپاهين تي اثر هئڻ اسان لاءِ خوشقسمتيءَ جو باعث آهي، ڇاڪاڻ ته انتظام کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ اسان جي حڪومت جي فائدي ۾ پڻ انهيءَ اثر کي بي دريغ استعمال ڪيو ويندو هو. اسان جي ڪنهن بيجا قدم کڻڻ جي ڪري جيڪڏهن ڏيهي آفيسرن ۾ ناراضگي ٿي پوي ۽ اها ناراضگي انهن کي اسان جي خلاف گڏجي محاذ قائم ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهي ته پوءِ نتيجن کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪرڻ بيڪار ثابت ٿيندو. پر فرض ڪريو ته جيڪڏهن اسين سندن دل رنجائي به ٿا وجهون، تڏهن به هو، اميد آهي ته اسان کي ڇڏي ٻين جو پاسو ڪونه وڃي وٺندا. انهيءَ جو سبب هي آهي جو انهن مان ڪيترا اسان جي نوڪري ڪري اچي پوڙها ٿيا آهن ۽ ڪيترائي پنهنجي پئرن جي عهدن تي آهن. سندن پگهار به تمام سٺا آهن ۽ هندستان جي هزارها ڪئمپن ۾ جتي ڪئين ڪمي، ڪاسبي ۽ انهن کان علاوه ڪئمپ جي پٺيان هلندڙ ماڻهو آهن، اهي سڀ ڄڻ ته هڪ جدا فرقو ٺاهيو بيٺا آهن- اتي به هنن کي طاقتور تصور ڪندي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هاڻي اچو ته ڏسون ته راڻيءَ جي ڪنهن آفيسر کي جيڪڏهن هندستان جو ڪمانڊر ان چيف بنايو وڃي، ته پوءِ ڪهڙي حالت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اهي گهڻو ڪري انتظام جا ماهر ۽ قوت ارادي ۾ ڏاڍا هوندا آهن. ساڳئي وقت کين ڏيهي ماڻهن لاءِ دل ۾ ڪو ڊپ جو احساس به نه هوندو آهي ۽ باوجود ان جي جو هو انگريز سپاهين جي هڪدم ۽ بيڌڙڪ حڪم جي تعميل ٿي هريل به هوندا آهن. فرض ڪريو ته اهڙو ماڻهو اچي ٿو ڪي سڌارا ڪري ۽ سچ پڇو ته سڌارن جي آهي به ڏاڍي ضرورت، (خاص ڪري بنگالي فوج ۾ سپاهين جي سامان ۾ گهٽتائي ڪرڻ) ساڳيءَ ريت جن ڪمن ڪرڻ جي ڪري اوچ ذات وارن بنگالين کي اعتراض آهي، انهيءَ کان پڻ فوج جي سپاهين کي باز رکڻ جي سڌارن جي به ضرورت آهي. منهنجو انهيءَ ڪري چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسين مٿين ڳالهين تي زور رکنداسين، ته پوءِ انهيءَ حالت ۾ اسان جي ڏيهي فوجن جي وفاداريءَ ۾ ڪجهه گهٽتائي اچڻ جو انديشو به آهي ۽ اهو مٿئين ڏنل مثال مان ثابت ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ ريجمينٽ جي عزت جو سوال پيدا ٿيو وڃي، ان ڪري سڀ سپاهي هڪ ٿيو وڃن. فوجي انتظام ۾ ڦير گهير آڻڻ وقت ڏاڍيءَ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي، انهيءَ هوشياريءَ سان، جنهن جي وسيلي اسان اوڀر جي ملڪن تي حڪومت ڪئي آهي. ڦير گهير آڻڻ وقت هڪ برجستي ۽ قابل صوبيدار کان به صلاح وٺڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ چوڻ موجب، آءٌ ڀانئيان ٿو ته صحيح قدم کڻي، پنهنجي سر انهيءَ رٿ تي چڱي صلاح ڏيئي چڪو آهيان. اسان جي انهيءَ فوجي رڳڙي کان ٿورو پوءِ وري خانگي ماڻهن جو هڪ چڱو خاصو گوڙ ٿي پيو، جنهن کي انهيءَ افسوسناڪ حادثي جي پويان هڪ رونشو کڻي سڏجي. هڪ صبح جو جهڳڙالو ماڻهن جو هڪ ميڙ، جنهن ۾ عورتون ۽ مرد هئا، هڪٻئي سان وڙهندا، وڏا واڪا ڪندا، ايجنسيءَ جي باغ ۾ گهڙي آيا. انهيءَ گوڙ ۾ ڪئين ماڻهو هئا ۽ ظاهر آهي ته سڀيئي اوچ ذات جا ڪونه هئا. سندن جوش ۽ خروش مان ائين ٿي ڏٺو ته ڄڻڪ اڌ ڊزن خون ضرور ٿيا هوندا. مون پنهنجي منشيءَ کي موڪليو ته وڃي خبر وٺي اچ ته گوڙ ڇا جو آهي؟ پوڙهو لڏندو لمندو ۽ نـِـرڙ تان پگهر اگهندو اچي وارد ٿيو ۽ چيائين ته صاحب تنهنجو ڌوٻي (جيڪو هڪ نيچ عورت جو پٽ آهي) هڪ ٻئي ڌوٻيءَ جي زال کڻي ويو آهي. معاملو انهيءَ ريت هو ته مون وارو ڌوٻي هڪ قداور ۽ سهڻو جوان هو ۽ انهيءَ ڌوٻڻ سان عشق ڪندو هو. ڌوٻڻ جيتوڻيڪ شادي شده هئي، پر مڙس ويو هوس ڏيساور، ان ڪري سهري سان رهندي هئي. مون واريءَ گجيءَ ۾ گتل (ڌوٻي) جو نالو هو ‘ٻڌو’، تنهن ڇا ڪيو جو انهيءَ ڌوٻڻ کي ڌتاري ڌتاري سندس مڙس جي يادگيري هـُـن جي دل تان ميساري ڇڏيائين ۽ کيس ڀڄائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڌوٻڻ جو سهرو جڏهن ان کي وٺڻ ويو، تڏهن انهيءَ سهڻيءَ ونيءَ پاڻ مٿس بهتان رکيو ته هو مٿس بـُـري نظر رکي ٿو. نتيجو اهو نڪتو جو ٻنهي ڌرين جا ماڻهو ۽ پڻ ٻيا ڌوٻي، جي اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، سي پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا ۽ هڪٻئي کي ڌڪ هڻڻ لڳا. مون وارو منشي جيسين ڪهِ وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري، تيسين ٻئي ڌريون هڪٻئي کي ڏيئي وٺي بيٺيون هيون. انهيءَ منجهيل معاملي کي سـُـلجهائڻ لاءِ مون اتي حاضر ڌوٻين جي امينن جي جماعت مقرر ڪئي. انهن فيصلو ڏنو، (جو اهڙين حالتن ۾ بنا اپيل جي هوندو آهي) ته ‘ٻڌُو’ ڀلي انهيءَ ونيءَ کي پاڻ وٽ رکي. ٻي ڌر ٻه سؤ رپيا ڏنڊ ڀري ڏئي، ۽ انهن ٻن سـَـون رپين مان سڄيءَ جاتيءَ کي رات جي ماني کارائي وڃي ۽ جيڪي بچي سو انهيءَ عورت کي ڏنو وڃي. مون هڪڙي پوڙهي سيد عبدالرحمان کان سنڌي سکڻ شروع ڪئي، جو مون کي انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون بيان ڪري ٻڌائيندو هو. اهي آکاڻيون هونئن آئون فارسي ٻوليءَ ۾ سمجهي نه سگهندو هوس. سندس چوڻ هو ته سندس سانڀر ۾ سکر هڪ ڳتيل شهر هو ۽ افغانن جي هٿ ۾ هو، جتان هو دريا ِّ جي ٻيءَ ڀر، ڦـُـرلٽ ڪندا هئا. انهيءَ شهر کي هاڻي خيرپور جي ٽالپر ميرن ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي هـَـٿ هيٺ آندو آهي. هن شهر کي مير رستم خان فتح ڪيو هو، جو ان وقت ويهن سالن جو جوشيلو ۽ بهادر جوان هو. هـُـن سکر کي فتح ڪرڻ جي اجازت پنهنجي پيءُ مير سهراب خان کان ورتي هئي ۽ ان مهم کي ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو هئائين. سوڀ نصيب ٿيڻ کان پوءِ هـُـن ٽن ڏينهن لاءِ شهر کي لـُـٽڻ جو حڪم ڏنو. ڦرلٽ جي ڪري انهيءَ شهر کي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ لڳو، جو اڄ تائين وري نه سڌريو آهي. پر افسوس! انهيءَ سيد هڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو ته، ”مير، هاڻي اُهو مير نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ڀنگ جي شوق ۽ پڻ پوڙهيءَ عمر، کيس آلسي ڪري وڌو آهي.“ ڀنگ، جنگ ۽ رنگ جو هاڻي خيرپور جي دربار ۾ زور آهي. پر سندس پيءُ سهراب خان انهيءَ خاندان جو نامور فرد هو. پـُـٽن مان ڪوبه سندس جهڙو نه ٿيو. صاحب! آءٌ اُتي حاضر هوس. وري جڏهن حيدرآباد جي ميرن جي ٻيءَ پيڙهيءَ کيس جنگ ڪرڻ جي ڌمڪي مـُـڪي هئي. سهراب خان حيدرآباد جي ميرن جي ماڻهوءَ کي پنهنجو مٿو اگهاڙو ڪري ڏيکاريو ۽ چيائينس ته وڃي ٻڌاءِ پنهنجي مالڪن کي ته، ”جيڪڏهن اهي توکي هن جهڙو نشان ڏيکارين ته پوءِ کين جنگ ڪرڻ جي ڌمڪي سونهي ٿي. مون هي ملڪ پنهنجي مڙسيءَ ۽ تلوار جي زور تي هٿ ڪيو آهي ۽ نه انهن وانگر، جن ڪانئرن جيان پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملڪ هٿ ڪيو آهي!“ --------------- (1) ساقه فوج: پڇڙيءَ واري فوج کي سڏيو وڃي ٿو يا مددي فوج ڏانهن اشارو آهي. (1) انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيل بنگالي سپاهين کي مصنف ‘ڪـُـوئي’ ۽ بمبئي جي سپاهين کي ‘بدڪ’ سڏيو آهي. اها چٿر شايد سندن بدني بناوت جي خيال کان مٿن ڪئي ويئي آهي - مترجم باب ڇهون ڏياري - شڪارپور- جئت سنگهه هندو صراف - محمد حسين داروغو - عظيم خان بارڪزئي - ابراهيم شاهه - جگن ۽ جانيديرو - عاميل جي شڪست - ليفٽيننٽ والپول ڪليرڪ - بگٽي قيدي - يارو خان کوسو - سانولو بڙدي - قلات جو دشمن جي هٿ چڙهڻ - اسان جي فوجي جٿن جي واپسي - خطرناڪ بيماري - باز جي شڪار جون پارٽيون - آرٿر ڪونولي - سيد زين العابدين - ڪمال خان ڪهيري - بجر خان - سندس مشهور گهوڙيءَ جو وڪرو 5 - نومبر: جيئن ته انهيءَ ڏينهن تي ڏياري هئي، ان ڪري سڄو درياء ڏِيـَـن سان پئي جهرڪيو. اهو نظارو اهڙو ته دلفريب هو، جو آءٌ ڳچ تائين پنهنجيءَ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ان کي ڏسندو رهيس، مسجدون ۽ ڊٺل قبا، سندن ڀر ۾ درياءَ جو ويڪرو وهڪرو، جو پنهنجي شان شوڪت سان وهي رهيو هو، ۽ ناريل جي وڻڻ جا جهڳٽا، ۽ پڻ درياء جي وچ ۾ هڪ ننڍي ٻيٽ تي بکر جو قلعو - اهي سڀ گڏجي هڪ تمام سهڻو نظارو ٺاهي بيٺا هئا. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪو نه ڪو پوڄاري، لڪشمي ديويءَ جي پوڄا ڪري رهيو هو ۽ ڪي وري رونشي خاطر هندو سوڻ موجب ٻيڙيون هلائي قسمت آزمائي ڪري رهيا هئا. اهو هن ريت جو ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون ٺاهي انهن کي بتين سان سجائي، پاڻيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪا ٻيڙي ترندي پري تائين نڪري ويندي هئي ته سمجهبو هو ته جنهن انهيءَ کي ڌڪيو هو، اهو خوش نصيب آهي ۽ سندس مستقبل روشن رهندو. پر جي ڪا ٻيڙي وهڪري جي ڪنهن ڪـُـن ۾ ٻڏي ويئي ته پوءِ انهيءَ جي قسمت به لهرن ۽ لوڏن ۾ ڀانئبي. گرمي گهٽجي ويئي هئي ۽ آءٌ به هاڻي سکر جي موسم تي هري ويو هوس. ’منهنجو مزاج انهن جي مزاج ۾ بدلجي ويو هو. جنهن ۾ اها خوبي هئي ته ڏک ۽ تڪليف جو احساس ئي نٿو ٿئي.‘ هتي مون کي حڪم مليو ته آءٌ شڪارپور وڃي بمبئي وارن فوجي دستن سان ملان. مون پاڻ سان رستي ڏيکارڻ ڪاڻ هڪ کوسو سوار گڏ کنيو ۽ 11 - تاريخ: صبح جو روانو ٿيس. رستو ڪيترن ئي ڳوٺن، جهڙوڪ: نظيرآباد، جعفرآباد، سهرا مان ٿي لنگهيو، جتي ڪيترن هنڌن تي مون کي تمام گهڻي پوک ڏسڻ ۾ آئي. جڏهن کوسن جي ڳوٺ جي ڀر ۾ پهتاسين، تڏهن مون کي لاچار انهن جي وڏيري رحيم خان ۽ ان جي پٽ قادر بخش سان ملڻو پيو. هن مون کي پنهنجي هڪ مائٽ سان ملايو، جنهن جو نالو جمال خان هو، ۽ ڏاڍو ڦڙت ۽ بهادر تلوار باز هو. هڪ دفعي جڏهن اسان جي پوليٽيڪل آفيسر کانئس دير سان اچڻ بابت سبب پڇيو، تڏهن هن يڪدم جواب ڏنو ته، ”اجهو هي سبب آهي دير سان اچڻ جو!“ ائين ڪندي هن هڪ هڙ، جا سندس هٿن ۾ هئي، کڻي کولي. جان ڏسون ته انهيءَ ۾ رت ڀريل هڪ ٻروچ ڌاڙيل جي منڍي هئي، جا هو تازي وڍي آيو هو. مون کي شڪارپور تائين پهچڻ ۾ سج لهي ويو ۽ اتي ڏٺم ته ايجنسيءَ جو به ڪو چڱو حال ڪونه هو. اها شهر کان ٿورو پرڀرو هئي ۽ فقط ٻه ڳالهيون منجهس چڱيون هيون: هڪڙو کجين جو جهڳٽو ۽ ٻيو سائي ڇٻر، جا ايجنسيءَ جي چوڌاري پئي ڏٺي. پر سندس ڊٺل ديوارن جي ٻاهران هڪ سنئين سڌي پوٺي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هو، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ديويءَ جي وڻن جا جهڳٽا پئي ڏٺا. ڀت جي اندر هڪ وڏي جاءِ جي ڍانچي کان سواءِ، جا اڃا ٺهڻ واري هئي، بيقائدي گهوڙيسوارن جا تنبو ۽ ٻروچ قيدين لاءِ ڪي خسته جهوپڙيون هيون. وچ ۾ منهنجي رهائش لاءِ بنگلو هو، جنهن جا ڪمرا ڪجهه مٿاڇري پـَـٽ تي ٺهيل هئا. جيئن ته انهيءَ جڏيءَ جاءِ جون ڀـِـتيون مٽيءَ جون هيون، ان ڪري انهيءَ ۾ جدا جدا رنگن روپن ۽ ماپن ۾ ماڪوڙين جا ولر ويٺل هئا. انهن مان هڪڙو نمونو وڏي ڪاريءَ ماڪوڙيءَ جو هو، جا پنهنجن ڊگهن چمٽن سان پهرين چهنڊڙيءَ ۾ انساني بدن مان رت ڪڍي سگهي ٿي. ٻيو نمونو ننڍين ڳاڙهين ماڪوڙين جو هو، جي گهڻي تعداد ۾ پاڻ کي اوهان جي وارن ۾ لڪائڻ ۾ خوشي محسوس ڪنديون يا وڃي اوهان جي ٽوپيءَ ۾ ويهي رهنديون. ٽيون نمونو وري ننڍڙين ڪارين ماڪوڙين جو آهي، جي پنهنجي وت کان ٻاهر شرارت ڪرڻ تي هريل هونديون آهن. پر اڇي ماڪوڙيءَ جي ته پچار ئي ڇڏيو، جي وس پڄين ته سڄي مخلوقات کي مٽيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا ڪري ڇڏين. انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءَ ڪونهي ته اوڀر جي ملڪن ۾ رهندڙ مـاڻهن کي ايـذاء ڏيڻ ۾ ماڪوڙين جو هڪ خاص درجو رکيل آهي. پر سنڌ ۾ ته آهي ئي ماڪوڙين جو راڄ! سڄي زمين انهن سان ڀري پيئي آهي. جيڪڏهن اڇي ماڪوڙي، ماڻهوءَ جي کاڄ ۾ شمار ڪئي وڃي ها ته پوءِ هندستان ۾ ڪڏهن به ڏڪار نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته هنن جي کوٽ ئي ڪانهي. هوا جي خيال کان مون ڏٺو ته منهنجي بدلي ڪنهن چڱي هنڌ ڪانه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته هتي هوا گرم ۽ مٽيءَ سان ڀريل هئي ۽ راتيون به سخت تڪليف ڏيندڙ هيون. پر جيئن ته مون کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو هو، ان ڪري انهيءَ مسئلي تي سوچڻ جو وقت ئي نٿي مليو. منهنجي شڪارپور پهچڻ کان هڪ ڏهاڙو پوءِ، سڄو ڏينهن ڏيهي اختياريءَ وارن، ۽ پڻ منشين مـَـڙهن ۽ ٻين ماڻهن سان، جي ايجنسيءَ سان لاڳاپو رکندڙ هئا، ملڻ ڪرڻ ۾ گذري ويو. اسان کي مليل هدايتن موجب انهن سان تمام سٺي نموني ۾ پيش اچڻو هو. سڀ کان پهرين جئت سنگهه آيو، جو هڪ شاهوڪار واپاري ۽ مهاڄڻ به هو. هي اهو ماڻهو هو جنهن انگريزن کي ڪوٺڻ ۾ اڳرائي ڪئي هئي ۽ کين افغانستان جي حملن ۾ مدد ڪئي هئي. پر اهڙن ٻين ماڻهن وانگر اسان سان لاڳاپي رکڻ جي ڪري کيس نقصان به سهڻو پيو. جنهن وقت هو مون وٽ آيو هو، ان وقت کيس تمام قيمتي پوشاڪ پيل هئي ۽ ڏسڻ ۾ به ٺٺ وارو مڙس ٿي لڳو. ساڳئي وقت شڪل جو سهڻو، عادتن جو سلڇڻو، هوشيار ۽ سياڻو ٿي ڏٺو. سندس ڀائيوار چترو مل کي صفا ۽ سادا ڪپڙا پيل هئا ۽ هو به اهڙو ئي رُکو ۽ اڻوڻندڙ هو. جيڪي ڪجهه اتي ڳالهايو هئائين، انهيءَ مان ظاهر ٿي ٿيو ته هن سڄي عمر، لومبارڊ گهٽيءَ ۾ ڊيسڪ جي پويان، رڳو وياج ويهي ڳڻيو آهي. ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته جئت سنگهه شڪارپور جي ڏيهي گورنرن جي ڪا ڪاڻ ڪانه ٿي ڪڍي. انهن مان برجداس خيرپور جي وڪيل مون کي ڏاڍو راضي رکيو. هو هڪ کلمک، ڪاري ڏاڙهيءَ وارو سنڌي هو، جو جيڪر ڪوپٽينهرسٽ جي پادريءَ سان چڱي ٺونشي بازي ڪري ها. حيدرآباد جي ايلچين جو ته نمونو ئي اور هو. ابراهيم شاهه کي ڏسڻ سان آءٌ سمجهي ويس ته هو ايراني نسل جو آهي. جيڪڏهن مٿس اعتبار ڪيو وڃي ته پوءِ سندس خيال موجب امير هن لاءِ ديوتا هئا، جن لاءِ هو نه فقط ماڻهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار هو پر جنن ۽ ڀوتن سان به هٿين پوڻ لاءِ تيار هو، پوءِ اهي ڀل اڇا هجن يا ڪارا. سندس خاندان ميرن جي طفيل پئي پليو. جڏهن هو پهرين آيا هئا، تڏهن بي يارو مددگار ۽ ڌاريا ليکيا ٿي ويا. پر هاڻي حڪومت جي وڏن عهدن تي رهڻ ڪري، اهي شاهوڪار ٿي ويا هئا ۽ سندن ڪافي عزت پيدا ٿي چڪي هئي. ابراهيم شاهه سدائين مون کي چوندو رهندو هو ته جنگ وقت ميدان ۾ فقط سندس خاندان ئي سؤ گهوڙيسوار آڻي سگهيو ٿي ۽ انهن ۾ هر هڪ اهڙو بهادر هو جهڙو پاڻ. سچ پڇو ته صحيح معنيٰ ۾ هـُـو هئو جنگي گهوڙيسوار. هـُـو هڪ قداور سهڻو جوان هو، جنهن کي مون ڪئين دفعا گهوڙي تي، تکيءَ رفتار ۾ نيزي کي ڦيرائيندي ڦيرائيندي، ان کي وري اڇلائي، جهٽيندي ڏٺو هو ۽ ان سان گڏ انهيءَ جي نوڪ سان نارنگيءَ کي پڻ کڻندي ڏٺو هو. پر جڏهن مياڻيءَ جي ميدان ۾ نازڪ وقت آيو، تڏهن سڄي خاندان مان فقط هڪڙي ميرن جو ساٿ ڏنو، جو هو ابراهيم شاهه جو وڏو ڀاءُ زين العابدين، جنهن جو نالو هڪ وفادار انسان جي حيثيت ۾ هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. ”ڇاڪاڻ ته بيوفائن جي ٽولي ۾ هڪڙو ئي وفادار نڪتو.“ حيدرآباد جو ٻيو گورنر تقي شاهه هو، جو پڻ ابراهيم شاهه جو ڀاءُ ۽ عمر ۾ کانئس وڏو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ هو انهيءَ جهڙو ئي فضيلت وارو، پر ٿور ڳالهائو ۽ ڪي قدر ميسڻو ٿي ڏٺو. ٻڌو ٿي ويو ته هو نه فقط ڪنجوس پر مکي چوس هو ۽ ان سان گڏ مذهبي معاملات ۾ به ڪٽر مسلمان هو. ڪنهن به ڌارئي ماڻهوءَ سان تيسين ماني نه کائيندو، جيسين اهو پڇي پڪ نه ڪري ته انهيءَ مانيءَ ۾ پيل گيهه مسلمان کان ورتل هو يا ڪنهن ٻئي کان. محمد حسين داروغي جو ذڪر به بيواجب نه ٿيندو. سندس عهدو انگريزي شهرن جي پوليس مئجسٽريٽ جي عهدي جي برابر هو. هي هڪ اهڙو عهدو آهي، جنهن ۾ انسان جي نرمدليءَ جو احساس آهستي آهستي دل تان ميسارجيو وڃي. پر هي مڙس اهڙو ڪونه هو. آءٌ خاطريءَ سان چوان ته هــُـو نه فقط هڪ رحمدل ماڻهو هو، پر ان سان گڏ واعدي جو به سچو هو: جيتوڻيڪ سندس لقب داروغو هو، جنهن جي بدقسمتيءَ سان معنيٰ آهي ”ڪوڙ“ (1). داروغي کي ڪتن کان ڪراهت ايندي هئي ۽ انهن کان ڏاڍو پري ڀڄندو هو. اهو انهيءَ ڪري جو سندس مذهب ۾ ڪتي جي ذات ئي پليت ڪري ليکبي آهي ۽ ٻيو وري سندس سٿڻ به هلڪي ڪپڙي جي هئي، ان ڪري منجهس ڪتي جي چڪ کان بچڻ جو تمام گهٽ آسرو هو. هو ان ڪري اسان جي ايجنسيءَ ۾ ڊڄندي ڊڄندي ايندو هو ۽ خاص ڪري انهيءَ وقت ايندي ته ڏاڍو لهرائيندو هو، جڏهن ڪا منڊم ڪنهن ڪتي سان ويٺي هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪتن کي گوشت جي ٽڪر لاءِ مسلمان جي ران ۾ چڪ وجهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. جڏهن به هـُـو اسان وٽ ايندو هو، تڏهن پري کان هڪل ڪري چوندو هو ته، ”خدا جي واسطي مون کان پري ڪيوس. ڪمال آ- منڊم صاحبه جي ڪتي کان سواءِ سري ئي نٿي!“ وڏن ماڻهن کان پوءِ وري عام خلق جو اچڻ ٿيو، جن سڀني جي پٺيان مسخري جهڙو منشي هو. اهو اهڙو ته خوشامدي ٿي ڏٺو، جو منهنجي هر جملي ختم ڪرڻ تي ڏاڍي اطمينان سان ڪنڌ لوڏي چوندو رهيو ته، ”صحيح آهي، اي شڪر شيرين“ (يعني مٺي کنڊ!) مون کي جنهن ماڻهوءَ وڌيڪ متاثر ڪيو، اهو هو عظيم خان بارڪزئي، جو دوست محمد جو ذاتڀائي ۽ عاميل جي گهوڙيسوار فوج جو رسالدار. هن جو نمبر الف خان ترين کان پوءِ ٻئين نمبر تي هو. هن کان پوءِ ڏاڍا دلچسپ واقعا ٿيڻ وارا هئا. 19- نومبر تي اسان کي خبر پئي ته عاميل جي بلوچ گهوڙيسوار فوج کي شڪست پهتي آهي، جنهن ۾ 25 ماڻهو مارجي ويا. کيس شاهپور ۾ مقرر ڪيو ويو هو، جا مري ۽ بگٽي ٽڪرين جي رستي تي پهرين اسٽيشن هئي ۽ اهو ملڪ اسان جي قبضي ڪرڻ کان اڳ جکراڻي ڌاڙيلن جو رهائشگاهه هو. انهيءَ هنڌ تي هن ڪيترا دفعا ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن تي حملو ڪري کين سيکت ڏني هئي. هڪ ڏينهن صبح جو هـُـل ٿيو ته اُٺ چوري ٿي ويا. انهيءَ تي عاميل اسي سوارن سان ڌاڙيلن جي پٺيان پيو، جن ۾ ڏهه پوني جا گهوڙيسوار هئا ۽ انهن تي ئي عاميل جو پورو پورو ڀروسو هو. ڌاڙيلن جي پويان پوندي، هڪ اهڙي جبل جي اوٽ وٽ پهتا، جتي بجر خان ڊومڪي، جکراڻي ٻروچن جي هڪ ٽولي سان حملي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺل ڏسڻ ۾ آيو. عاميل جي فوج انهن کي ڏسڻ سان وٺي پنهنجا گهوڙا ڊوڙايا، پر اهو به اچي پٺيان پين. نتيجو اهو نڪتو جو بجر خان جي ماڻهن، عاميل جي فوج جو چوٿون حصو ماري وڌو، اها حالت ڏسي عاميل جي هڪڙي ڏيهي اردليءَ وڃي سندس گهوڙي جي لغام ۾ هٿ وڌو ۽ سندس گهوڙي جو منهن ڦيرايو. پر اهي ڏهه پوني جا سوار سندس حفاظت ۾ گڏ رهندا آيا ۽ ٻروچ سوارن وانگر ڪونه ٿي ڀڳا. ”اهو اڇي گهوڙي تي ڪير سوار هو؟“ بجر خان پڇيو. جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته اهو فرنگي آفيسر هو، تڏهن وراڻيائين ته، ”چڱو جو مون کي خبر ڪانه هئي، نه ته سندس اهو اڇو گهوڙو، تيز هوندي به کيس بچائي نه سگهي ها.“ انهيءَ نقصان جي خبر پوڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن ليفٽيننٽ والپول ڪليرڪ 130 سوارن جي جٿي سان اچي پهتو ۽ چار ڏينهن پوءِ بنگال جي بيقاعدي فوج جا ٻه رسالا به پهچي ويا. ڪليرڪ صحيح معنيٰ ۾ هڪ سپاهي هو. نه ته کيس، نه وري سندن ماڻهن مان ڪنهن کي وڌيڪ يا اجايو سامان هو. سندن گهرجون هڪدم پوريون ڪيون ويون ۽ اهي هڪ ڏينهن جي آرام کان پوءِ بنا ڪنهن دير جي هر انهيءَ مهم جي لاءِ تيار ٿي ويا، جنهن تي کين موڪليو وڃي. لاڙ مان اتر سنڌ ڏانهن ايندي ڪليرڪ جي رسالي مان هڪ تمام سٺو گهوڙو، رات جو منزل وقت چوري ٿي ويو. هي واقعو اهڙي هنڌ تي ٿيو، جتي ڪنهن به بني بشر جو نشان نه ٿي ڏٺو. جڏهن صبح جو چوريءَ جي خبر پيئي، تڏهن ڪليرڪ پنهنجي ماڻهن سان پيرو کڻندو ڪيترا ميل ٻاهر نڪري ويو ۽ نيٺ هڪ نالي وٽ اچي پيرو گم ٿي ويو. پر نالي تي ٿورو مٿڀرو پنڌ ڪرڻ سان وري پيرن جا نشان ملي ويا، جتان آخر ڪار 15 ميل کن پنڌ ڪندي هو اچي هڪ ڳوٺ جي ڀر ۾ پهتا. ڪليرڪ ڳوٺ جي ماڻهن ڏانهن نياپو ڏياري موڪليو ته جيڪڏهن اڌ ڪلاڪ اندر گهوڙو واپس نه ڪيو ويو ته پوءِ هو ڳوٺ تي حملو ڪندو. اوهان کي اچرج ٿيندو ته سندس نياپي جو اهڙو اثر ٿيو، جو اهو گهوڙو کيس هڪدم واپس ڪيو ويو ۽ هو اچي پنهنجي رسالي سان مليو. پر رسالي جي ماڻهن مان ڪوبه ماڻهو سندس پيري کڻڻ جي فن ۾ قابليت يا ان جي سٺي نتيجي تي خوش ڪونه ٿيو. 21- تاريخ تي چار بگٽي ڌاڙيل، جي اسان جي قيد ۾ هئا، ڀڄي ويا. مون انهيءَ تي مير رستم خان جي وڪيل کي گذارش ڪئي، جنهن انهن کي اهڙي هنڌ جهلائي ورتو، جتي هو ذري گهٽ وڃي ٽڪرين تائين پهتا هئا، ڪهڙا نه بدبخت چئبا! مون کي سچ ته مٿن رحم اچي ويو. اهي جيتوڻيڪ هيبتاڪ هئا پر انهيءَ سڄي وبال جو ڪارڻ بک ۽ سندن جهالت هئي. انهن جو فقط هڪڙو ترجمان يارو خان کوسو هو، جو پڻ هڪ بدنام ڌاڙيل هو ۽ پنهنجي قبيلي جي ٻين فردن وانگر اسان وٽ اچي نوڪريءَ ۾ گهڙيو هو. سندس قد ڇهن فوٽن کان مٿڀرو هو ۽ بدن ۾ به جانٺـو هو. سندس ويڪرو سينو ۽ لـڱ، گهاٽن ۽ ڪـارن وارن سـان ڀريل هـئا. صـاحب جي روبرو هو پاڻ کي تمام عاجزيءَ سان پيش ڪندو هو ۽ هـُـنَ پنهنجي رنڀ جهڙي آواز کي گهٽائڻ ۾ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي، پر ان هوندي به سندس آواز رڇ جي جهڪي آواز وانگر پيو لڳندو هو. مڊ سمر نائيٽ ڊريم جي بـُـلي باٽم جيان(1) مون کي ٻڌايو ويو ته هن ڪيترا دفعا دشمن کي پنهنجي خطرناڪ ٻانهن ۾ جـَـڪڙي گهو گهو ڏيئي پورو ڪيو هو. ڀانئجي ٿو هن دشمن کي تلوار سان ختم ڪرڻ جي بدران هي نمونو پسند ڪيو هوندو. سندس اهڙو ته نالو هو جو جڏهن به ڌاڙن ۾شامل ٿيندو هو، تڏهن ٽوليءَ جي سردار جي حيثيت ۾ ڦر جي مال مان ڇهون حصو وصول ڪندو هو. هو اهڙو ته بهادر ۽ هوشيار هو، جو ڪڇيءَ جي رڻ مان پنهنجي ٽوليءَ کي رات جو نهايت هوشياريءَ سان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائيندو هو. پر هاڻي يارو سڀڪجهه وساري ويٺو آهي ۽ روز اچيو ايجنسيءَ جي حاضري ڀري. هو پاڻ کي اهڙو ته ڳنڀير ۽ معصوم ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڄڻ ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪجهه ڪيو ئي ڪونهي. اهو صحيح آهي ته هن هاڻي ڌاڙا هڻڻ ڇڏي ڏنا آهن، پر جيڪي اڃا ٻارڻ ٻاريو بيٺا هئا، تن جي جهلائڻ ۾هـُـن ڪا مدد ڪانه ڪئي آهي. شڪارپور جي چوڌاريءَ جهنگ ۾ ٻروچ ڌاڙيلن جي هئڻ ڪري سخت خطرو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته اُتان هر روز هڪ نه ٻئي ظلم ۽ زبردستيءَ جي خبر پيئي ايندي هئي. انهن مان هڪڙو دين محمد بڙدي هو: جنهن کي ’دينو بڙدي‘ ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اُهو به ٺـُـپ اُترادي ريڍار هو. سندس ڀاءُ سانولي جو نالو ته کانئس به وڌيڪ مشهور هو، پر قسمت، جا روزانو سندس نالو ٻـُـڌي ٻـُـڌي ڪـَـڪ ٿي پيئي هئي، ان ڪري اُن سندس ڪارنامن کي هڪدم ختم ڪري ڇڏيو. منهنجي شڪارپور پهچڻ کان ٿورو اڳ ايجنسيءَ ۾ خبر پيئي ته سانولي پنهنجي هڪ ڌاڙي مان واندو ٿي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي منزل ڪئي آهي، جو اٽڪل ڏهن يا پندرهن ميلن جي پنڌ تي آهي. يڪدم بيقاعدي سوارن جو هڪ جـَـٿو سندس پٺيان موڪليو ويو، جي سندس گهوڙي تي سوار ٿيڻ کان اڳ وڃي مٿس ڪڙڪيا. جيڪڏهن هو گهوڙي تي چڙهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، ته پوءِ وٺ ڏيڻ جو ئي ڪونه هو. پر جڏهن هن ڏٺو ته ٻي ڪا واهه ڪانهي، تڏهن تلوار ڪڍي جنگ ڪيائين. نيٺ سندس ترار واري ٻانهن زخمجي پيئي ۽ اسان جا ماڻهو مٿس زور پئجي ويا ۽ کيس ٻڌي سوگهو ڪري ڪئمپ ۾ آندائون. سچ پڇو ته هن جهڙي هيبتناڪ شڪل جو ماڻهو کانئس اڳ ڪونه ڏٺو ويو هو. سندس اڌ منهن، ڪارن ۽ گهاٽن وارن ۾ لڪل هو ۽ سندس نرڙ به شيطان جي پيشانيءَ جهڙو ننڍو ۽ سوڙهو هو،ساڳئي وقت ڀـِـرن جي هيٺان سندس ڪارين اکين جي چمڪاٽ مان جهنگ جي مرونءَ جي هيبت پئي بکي. کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ڊنب اچي گڏ ٿيا، جن مان ڪيترائي سندس ظلم جو شڪار ٿيل هئا. انهن مان ڪي اهڙا به هئا جن جا مـِـٽ ۽ مائٽ، سندس يا سندس ٽوليءَ جي ڌاڙيلن جي تلوارن جو بک ٿيا هئا. هن کي پهريائين اهو وهم ئي ڪونه هو ته ڪو کيس ماريو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن ڀانيو ته عيوضو ڏيئي هو پنهنجي جند ڇڏائي ويندو. ”جي مون کي آزاد ڪندين ته پنج اُٺ ڏيندوسانءِ“، هن پوليٽيڪل آفيسر کي آڇ ڪئي. جيئن ته کيس ڪو جواب نه مليو، ان ڪري هو پنهنجو واڪ وڌائيندو ويو: ”ڏهه اُٺ ڏيندوسانءِ“ ....... ”ويهه اُٺ ڀلا، پر جند ڇڏ“ ...... ”جي اڃا به راضي نه ٿئين ته اُها ٻروچاڻي آڻي ڏيان“، جيڪا مون پوئينءَ ڦرلٽ ۾ هٿ ڪئي هئي“. پر جواب مليس ئي ڪونه ٿي، ان ڪري مڙس مڙيئي ڪجهه دلگير ٿي پيو. هڪڙي ڊگهي نوڙي آندي ويئي، جا سندس ڳچيءَ ۾ کڻي ٻڌائون. ماڻهو اچي پاڻ ۾ اٽڪيا، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري هر ڪنهن جي خواهش هئي ته کيس مان ڦاسيءَ تي لٽڪايان. ”هن منهنجو پيءُ ماريو آهي“، انهن مان هڪڙي رڙ ڪئي. ٻئي وري اڳتي وڌي چيو ته، ”اها نوڙي مون کي ڏيو، هن منهنجو ڀاءُ ماريو آهي.“ جيئن ئي اها نوڙي سندس نـِـڙيءَ ۾ وڌي ويئي، تيئن هو سـُـسي ويو ۽ هٻڪندڙ آواز ۾ ليلائڻ لڳو ته، ”سائين! ائين نه ڪر“. خير، جنهن وڻ جي هيٺان هـُـن پنهنجيءَ خونيءَ زندگيءَ جو پويون ساهه کنيو، انهيءَ تي ”سانولي جو وڻ“ نالو پئجي ويو. جيترو وقت آئون سنڌ ۾ هوس، مٿس اهوئي نالو ٻڌندو آيس ته ڀانئيان ٿو ته اهو نالو مٿس ڪئين سال رهندو. ڀاڻس کي ڦاسيءَ ڏيڻ جي ڪري، ’دينوءَ‘ بدلي خاطر پنهنجين ڪـُـڌين ڪارواين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. سانولي جي موت کان پوءِ هن ٿورن مهينن اندر ڏهه خون ڪري ڇڏيا. کيس پڪڙڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون ۽ جڏهن اسين عاجز ٿي پياسين، تڏهن هو نه ڄاڻ ڪهڙي سبب ڪري، ملتان جي سرحد تي وڃي مزاري ٻروچن سان مليو ۽ انهن سان گڏ رهڻ لڳو. 23 - نومبر تي اسان کي قلات واري سوڀ جي خبر پهتي. محراب خان جي موت، سندس قلعي جو اسان جي هٿ ۾ اچڻ ۽ سندس بهادر ماڻهن جو اسان جي هٿان قتل ٿيڻ - اهي خبرون وڄ وانگر اُتر سنڌ جي فسادي رهاڪن ۾ پکڙجي ويون. اميرن جا وزير اسان جي انهيءَ سوڀ تي اسان کي مبارڪباد ڏيڻ آيا پر سندن مـُـنهنَ ڊپ وچان هيڊا ٿيا پيا هئا. جيتوڻيڪ ظاهري طور ته هنن انهيءَ واقعي سان ڪوبه واسطو نٿي ڏيکاريو. ڪن ماڻهن جو سوال هو ته محراب خان کي اهڙيءَ طرح مارڻ ڪيتريقدر صحيح هو؟ انهيءَ جي جواب ۾ هي چوڻ ڪافي ٿيندو، ته هن اسان جي فوجن جي ڪڇي ۽ بولان مان لنگهڻ وقت، جابلو قبيلن کي حملي ڪرڻ لاءِ اُڀاريو هو. مون پاڻ ڪيترائي اهڙا خط ترجمو ڪيا هئا، جي حيدرآباد واري مير نصير خان جا لکيل چيا ٿي ويا. انهن مان سازش کي سنگهي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر اوٿس جي ناسڪي جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته انهن خطن جي ٻولي، چٽيءَ طرح ظاهر هئي. پر انهن جي سچي هجڻ تي البت شڪ پئي ٿيو. جيتريقدر منهنجي يادگيري آهي، انهن تي سندس سيل مـُـهر ٿيل هئي، جنهن تي هي مشهور سجع لکيل هو: ”گلِ گلشنِ محمود محراب“ يعني محمود محراب جي باغ جو گل. اهڙو مرتبو محراب کي سونهيو ٿي يا نه، انهيءَ تي ڪوبه بحث ڪونه ڪرڻو آهي. پر ڏٺو ويندو ته انهيءَ واقعي کان اڳ جيڪا ڌاڙن ۽ ڦـُـرن جي بازار گرم هئي، ان کي قائم رکڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. 25 - تاريخ اسان جا بمبئيءَ وارا فوجي دستا شڪارپور پهتا. جيتوڻيڪ اهي سوڀ ڪري موٽيا هئا، پر انهن ۾ ڦونڊ يا وڏائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. موت جو فرشتو سندن قطارن ۾ ڪاهي پيو هو، ڇاڪاڻ ته منجهن ڪالرا جي آفت اچي منهن ڪڍيو هو. انهيءَ بيماريءَ جو سڀ کان پهريون شڪار ڊاڪٽر فوريس ٿيو هو، جو هر دلعزيز هو. ڊاڪٽر جي موت کان پوءِ اها بيماري سخت تيزيءَ سان وڌي ويئي. چئن منزلن جي پنڌ تي لشڪر وارا جانيديري اچي پهتا هئا، جتي اهڙي ته اچي حالت ٿي هـُـين، جو مئلن کي پورڻ به ناممڪن ٿي پيو هونِ. جهنگ ۽ رستن تي لاشا پکڙيا پيا هئا. 26 - تاريخ تي 4 ڊريگون ۽ گهوڙن جو توبخانو شڪارپور ۾ داخل ٿيو. آءٌ سندن استقبال خاطر ڪجهه ٻاهر نڪري ساڻن مليس، سڀني تي اُداسي ڇانيل هئي. پوليٽيڪل ايجنٽ به پاڻ کي پالڪيءَ ۾ کڻايو پئي آيو ۽ ماڻهو تڪڙا تڪڙا اچي رهيا هئا. بيقاعدي گهوڙيسوارن جي ڌوڙ جي ڪڪر کان پوءِ نيٺ وڃي رستو صاف ٿيو. اهو پريو مڙس به بيمار هو. مون انهيءَ رات 4 ڊريگون جي ميس ۾ سر ڪائٿ جئڪسن سان ماني کاڌي. ان وقت سڀ ڪنهن تي هراس ڇانئيل نظر پئي آيو. سندن ريجمينٽ جو آگل مرڻ ڪنڌيءَ تي هو. هو هڪ رلڻو ملڻو نوجوان سپاهي هو، جنهن کي ماڻهو ڏاڍو ڀانئيندا هئا. مون گهوڙي تي چڙهي شهر جي ڪئمپ جو جائزو ورتو. ڏٺم ته ڪيترائي يورپي نشي ۾ ٽمٽار ميدان ۾ ليٽيا پيا هئا. ايجنسيءَ جي آمهون سامهون ۽ پڻ ڀت جي ٻاهران ٻه وڏيون کڏون کوٽجي رهيون هيون، مون ٿورو ترسي انهن کي جاچي ڏٺو. چار ڏينهن پوءِ آءٌ جڏهن انهن هنڌن تي ويس، تڏهن ڏٺم ته اهي ٻئي کڏون تازي مٽيءَ سان لٽيون ويئون هيون ۽ مٿن ڪي ٻوٽا به کوڙيا ويا هئا. اِتي مون هڪ گدڙ کي اچي ٽاهه ڏنو، جو ان وقت ڪنهن شيءِ کي کرڙي رهيو هو. جاچي ڏٺم ته اها هڪ ماڻهوءَ جي منڍي هئي ۽ جيئن ته ان جا چپ هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا هئا، ان ڪري سندس سٺن ڏندن جي ٻٽيهي نظر اچي رهي هئي. جنهن مسڪين جو اهو مٿو هو، سو ڏسڻ ۾ نوجوان پئي آيو. کڏا ڏٽي ڀريا ويا هئا. هڪڙي ۾ ڊريگون جا تيرهن سپاهي ۽ ٻئي ۾ به اوترائي توبخاني جا ماڻهو پوريا ويا هئا. اها نهايت خطرناڪ رات هئي. اسان ايجنسيءَ ۾ هڪٻئي جي ويجهو اهڙيءَ طرح رهايا ويا هئاسين، جو جيڪي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا، تن مان ڀانپي ٿي وياسين ته ڇا ٿي رهيو هو. انهيءَ رات گهٽ ۾ گهٽ ٻه سؤ ماڻهو مري ويا هئا. صبح جو مون کي حڪم ٿيو ته آءٌ انهيءَ رستي تان، جو بيماريءَ سان ڀريل هو، ڪڇيءَ وڃان. سچ پڇو ته انهيءَ وڳوڙ جو مون تي به ڪي قدر اثر ٿي ويو هو. اسان واري ننڍڙي ڊاڪٽر، جو ڀوت وانگر پيلو ٿي پيو هو، مون کي آفيم جي عرق جو اهڙو ته وزن پياري ڇڏيو، جو آئون ذري گهٽ چريو ٿي ويو هوس. فجر جو منهنجي سواريءَ وارو اُٺ آندو ويو ۽ آءٌ وڃي مٿس چڙهيس. جيئن ته ٻن منزلن تائين مون کي هڪ ساٿي ملي ويو هو، ان ڪري آءٌ ڪجهه خوش ٿيس. نيٺ اسين پنڌ پياسين. مون واري ساٿيءَ کي انهيءَ روڳ اچي ورتو، جو گهڻو ڪري ڪيترن انهن ماڻهن کي ٿيندو آهي، جي پهريون يا ٻيو دفعو ڪنهن منڌل ملڪ جو سير يا سفر ڪندا آهن. هن خيال ڪيو ته فاصلي گهٽائڻ خاطر رستي کي وچان ٿا ڪـَـٽيون. پوءِ جيئن سدائين ٿيندو آهي، انهيءَ غلط صلاح جو نتيجو اهو نڪتو جو رستو ئي ڀلجي وياسين. سج ڪاپار تي هو ۽ اسان کي پنهنجي غلطيءَ جي سزا ڏيئي رهيو هو. آخر اسان وڃي جانيديري پهتاسين. جيئن جيئن اسين رستي تان لنگهندا وياسين تيئن، تيئن اسان کي چؤطرف لاشا پکڙيل نظر آيا. مون هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺو جو پورچوگيز هو. صاف سٿرن ڪپڙن ۾، يعني ته ڪڙتو، پتلون پيل هئس ۽ ٽوپلو به مٿي ۾ هئس، منهن ڀر اونڌو پيل هو. مون کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هو ڪو مري ويو هو. آئون ان ڪري وٽس پهتس ۽ ڀانيم ته گهوڙي تان لهي کيس کڻان، جيئن جهڪيس تيئن ڏسان، ته سندس هيٺان رت جو دُٻو پيل هو. سندس بدن به سيٽجي سخت ٿي ويو هو ۽ مکين جو ڄڻڪ هڪ ڪڪر سندس چوڌاريءَ پئي ڦريو. منهنجي نوڪرن مون کي ٻڌايو ته هنن اهي پنج لاشا دفن ڪيا آهن، جن کي گدڙن کوٽي ٻاهر ڪڍيو هو. انهيءَ سفر جو اوهان پاڻ اندازو ڪري سگهو ٿا. رات جو منزل به اهڙي هنڌ ٿي، جتي هڪ ڏينهن اڳ سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ وري انهيءَ بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ دوا درمل جو به کين ڪو آسرو ڪونه هو. انهن ڳالهين سچ ته بک ئي ماري ڇڏي. ٻئي ڏينهن آءٌ روجهاڻ ويس. جتي به ساڳيو ئي نظارو نظر آيو. هتي مون کي خبر پيئي ته جنرل ولشاير، جو برشوري جي رستي هتان لنگهڻو هو ۽ جنهن سان ملڻ لاءِ مون کي حڪم مليو هو، تنهن انهيءَ رستي کان اچڻ جو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته منهنجي اتي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، ان ڪري آءٌ خير ۽ خوشيءَ سان واپس شڪارپور اچي پهتس. 17 - تاريخ: توبخانو ۽ پايونيئرس قلات کان شڪارپور پهتا. سندن ڪئمپ مال غنيمت سان ڀريل هئي ۽ اتي هر ڪنهن قسم جو قيمتي مال پئي وڪاڻو. مان انهن مان ڪابه نادر شيءِ حاصل ڪري نه سگهيس. 21 - تاريخ: آءٌ ابراهيم شاهه سان گڏ بازن جي شڪار تي ويس. اهي ننڍيءَ جنس جا باز هئا ۽ ڪجهه تـِـتر ماريائون به، پر ملڪ ڀريو پيو هو ننڍن ننڍن وڻن سان، ان ڪري سواري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو پکين پنهنجي مـُـنهن پئي مزا ڪيا. انهيءَ هوندي به بنا ڪنهن شيءِ ڏسڻ جي داروغي جي ڊوڙ پئي پيئي، ۽ پڻ وڏي آواز ۾ هڪلون ڪرڻ لڳو، ڄڻڪ جانورن جو شڪار هو. انهن رڙين تي پهريائين ته آءٌ ڏاڍو جوش ۾ اچي ويس، جو مون ڀانيو ته ڪو چڱو شڪار هٿ لڳو هو. پر پوءِ سوچ ڪيم ته اهڙن موقعن تي اجايو گوڙ ڪرڻ ايرانين جي پـَـر آهي، ان ڪري ماٺ ٿي ويس. انهيءَ وقت هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن ۾ سرڪار کي انهن ماڻهن جي غفلت ڪري نقصان سهڻو پوندو آهي، جن جي هٿ ۾ سرڪاري ڪم ڏنا ويندا آهن. جيئن ته اهو هڪ تمام معمولي واقعو هو، ان ڪري آئون انهيءَ کي بيان ٿو ڪريان، نه ته ڳـَـرن ۽ ڳنڀير معاملن کي منهن ڏيڻ جو ته نمونو ئي اور آهي. مون کي حڪم پهتو ته خزاني جي لاءِ ڪي صندوقون ٺهرايان. انهيءَ ڪم لاءِ مضبوط ڪاٺ جي ضرورت هئي. ڪاٺ ته گهڻوئي هو، پر جنهن جي مون کي گهرج هئي، اهو اتر سنڌ ۾ ملڻ مشڪل هو. هڪ ڏينهن جيئن آءٌ شهر جو سير ڪري رهيو هوس، تيئن هڪ گمنام گهٽيءَ ۾ مون کي ڪاٺ جو وڏو انداز ڏسڻ ۾ آيو. اهو سـِـنجهـِـيءَ جو ڪاٺ هو، جو نه فقط مهانگو هوندو آهي، پر ان سان گڏ اهو به فائدو اٿس جو اُڏهي لڳيس ئي ڪونه. مون جڏهن پڇا ڪئي ته معلوم ٿيو ته اهو ڪاٺ قنڌار واري منشيءَ جو هو. پر آءٌ اڃا گهر مـَـس پهتو هوس، جو ڪي ماڻهو مون وٽ لنگهي آيا ۽ چيائون ته اهو ڪاٺ سرڪار جي طرفان سنڌو درياهه تي پل ٻڌڻ لاءِ خريد ڪيو ويو آهي. سچ پڇو ته اهو ڪاٺ انهيءَ ماڳ تي عجيب نموني پهتو هو ۽ اهو چوڻ اجايو ٿيندو ته انهيءَ کي پوءِ ايجنسيءَ جي احاطي ۾ آندو ويو، ۽ جتان پوءِ اهو اُٺن تي چڱيءَ طرح ڀريل صندوقن جي شڪل ۾ ٻاهر آندو ويو. اهڙو ٻيو به هڪ واقعو ٿيو، جو سنڌي ماڻهن جي بلند ڪردار جي ثابتي آهي. مان اهو هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان. افغان مهم جي پيشروئن آفيسرن مان هڪڙي آفيسر ڪڇيءَ ۾ هڪ سنڌيءَ سيد کي فوج جي واڌ ۾ رسد پهچائڻ لاءِ ست هزار رپيا ڏنا. انهيءَ وقت حالت اها هئي جو اسان جي ڪيل خرچ جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونه هو، ان ڪري وڏين رقمن سان گڏ اهي ڏنل پئسا نظر انداز ٿي ويا. جنهن آفيسر اهي ڏنا هئا، سو فوجن سميت واپس روانو ٿي ويو هو ۽ انهن پئسن بابت ڪوبه اطلاع وغيره پنهنجي جانشين وٽ ڪونه ڇڏي ويو. ڏينهن، هفتا ۽ مهينا گذرندا ويا، ايتريقدر جو سڄي ڏيتي ليتي وسري ويئي. هڪ ڏينهن صبح جو شڪارپور جي پوليٽيڪل آفيسر گشت ڪندي انهيءَ سيد جي ڳوٺ وٽ اچي منزل ڪئي. سندس حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته اهو سيد پئسن سان ڀريل ڳوٿرين سان اچي سندس سامهون بيٺو ۽ چيائين ته، ”هي سرڪار جون آهن.“ پوءِ سڄو احوال ڪري ٻڌايائين ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ اهي پئسا کيس مليا هئا، پر جيئن ته سونپيل ڪم نه ڪري سگهيو آهي، ان ڪري واپس ڪري رهيو آهي. شڪارپور جي آبهوا هاڻي وڻندڙ ٿي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته مينهن پوڻ ڪري ٿڌڪار وڌي ويئي هئي. اهوئي سبب هو جو گهوڙي تي چڙهڻ يا پنڌ ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿي. آفيسر (ڪڏهن ڪڏهن ڪا انگريز عورت) لنگهن تي ٺهيل اسٽيشن ڏانهن ويندي، سدائين اتان پيا لنگهندا هئا ۽ گهڻو ڪري منزل ڪندي ايجنسيءَ ۾ اچي رهندا هئا. مسافرن جي بنگلن جو اڃا رواج ڪونه ٿيو هو، ان ڪري اسان کي نوان چهرا ڏسي خوشي ٿيندي هئي. اهو چوڻ به اجايو ٿيندو ته جيئن ته ان وقت ٽيبل الائونس ڪونه ٿي مليو، انڪري مهمان نوازي ۽ ڪفايت شعاري پاڻ ۾ ڪو نه ٿي ٺهيا، يعني ته مهماني جهلڻ ۾ بخل ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڏس ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ پاڻ اعليٰ مثال قائم ڪريو ويٺو هو. جيڪو به ٿي آيو تنهن جو آڌرڀاءُ پئي ٿيو. سندس پنهنجو عملو، جنهن ۾ ٻارهن يا چوڏهن اسسٽنٽ هئا، سدائين ساڻس گڏ کاڌو کائيندا هئا. انهيءَ خرچ ۾ مڙس جو اڌ پگهار ختم ٿي ويندو هو. سندس ٽيبل تي سال ۾ چوڏهن هزار بير جون بوتلون کوليون وينديون هيون، جا پنهنجي سـِـر هڪ وڏي رقم هئي. وري ان ۾ شراب، سوڍا ۽ ٻيون مشروبات ڳنڍيو. کاڌي جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ جيڪڏهن ڪا اَنَ - کائو رڍ ڪم آندي وڃي ته پوءِ ليکوئي لـَـٿو. جيڪڏهن ايڏي خرچ تي ٿڌي دماغ سان غور ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته گهٽ ۾ گهٽ چار هزار رپيا مهمانن جي بلي ٿي ويا. هڪڙي اسسٽنٽ جو مثال وٺو، جنهن جو پگهار انهيءَ رقم جي اٺين پتي مـَـس آهي. انهيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو هوندو. اهو مهماني البت گهٽ شاندار نموني ۾ ڪندو، پر مهمان کي خوش ڪرڻ لاءِ خاطر تواضع ڏاڍي ڪندو. اهڙن سخاوت جي ڪوڏين مان ٺٽي جي ليفٽيننٽ ڊبليو جو نالو وٺڻ ضروري سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس مهمانيءَ سبب مان ٿورائتو آهيان. مان ڀانئيان ٿو ته هو ڪڏهن به مهمان کان سواءِ واندو ڪونه هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وٽس ايڪڙ ٻيڪڙ مهمان هوندو، پر ڪڏهن ته وري لانڍ لٿي پئي هوندي هئي. ميزبان جو رويو به وڻندڙ هوندو هو، ان ڪري گڏجي کائڻ اسان جي عادت ٿي ويئي. ڪوبه اڪيلو يا پاسيرو وڃي ماني ڪونه کائيندو هو. انهيءَ طريقي کي اوهان سٺو چئو يا خراب، پر انهيءَ ۾ مون تمام سٺي واقفيت پيدا ڪري وڌي، نه فقط ايترو پر ڪيترن سان دوستي به ٿي ويئي، جا اڃا تائين آهي. 3 - جنوري 1840ع تي ڪئپٽن آرٿر ڪونولي مون وٽ آيو ۽ ڏهه ڏينهن ترسي پيو. اهو جيتوڻيڪ هڪ تمام ننڍو عرصو هو، پر سندس سٺي سڀاءَ ڪري، منهنجي ساڻس دل ٻـَـجهي ويئي. هو وڏيءَ دل وارو مڙس هو، جنهن کي دنيا جي تڪليفن جو ڪو ڊپ ڪونه ٿيندو هو، پر منجهس اهو کٽڪو ضرور ڏسبو هو، جو هر سياڻي ماڻهوءَ ۾ هوندو آهي. اسان جي گڏجاڻي به نرالي نموني جي هئي. داروغو مون وٽ لنگهي آيو ۽ چيائين ته هڪ روسي جاسوس شهر ۾ اچي ويو آهي. آئون جاسوس بابت گهڻو خيال ڪونه ڪندو آهيان ۽ انهيءَ کي بيوقوفي تصور ڪندو هوس. پر پڪ ڪرڻ جي خيال کان پڇا ڪيم ته هڪ عجيب صاحب جو نالو ٻڌڻ ۾ آيم. اهو هو ڪونولي، جنهن جي نالي ٻڌڻ سان داروغو ۽ سندس روسي جاسوس وارو خيال منهنجي دماغ مان نڪري ويو. مون جڏهن کيس اچرج ۾ ڏٺو، تڏهن اهو سڄو احوال بيان ڪري ٻڌايومانس. داروغي حقيقت ۾ ڪونولي جي يوناني نوڪر کي روسي سمجهيو هو ۽ اهڙيءَ طرح ڪونولي کي به هن سان گڏي ويو. ڳالهه هيئن هئي جو ڪونولي اهڙي نموني ۾ سفر ڪري رهيو هو، جو اسان جي سنڌي هيري کي انهيءَ اطلاع ڏيڻ تي خوشي هئڻ کپندي هئي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ سان تمام ٿورو سامان کڻي هلندو هو. سندس تنبو اهڙو جو ماڻهو منجهس اُڀو ٿي بيهي ڪونه سگهندو هو، ۽ اهڙو هلڪو هوندو هو جو مينهن پوڻ وقت ڪنهن ٿـُـلهي ماڻهوءَ لاءِ جـُـبي جو ڪم ڏيئي سگهيو ٿي. ٻيو وٽس ٻن چمڙي جي ٿيلهن کان سواءِ ڪي ڪين هو. انهن ٿيلهن ۾سندس ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان پيل هو. آئون حيرت ۾ آهيان ته لـَـڪن مان لنگهڻ وقت هو ٿڌ ۾ ڄمي وڃڻ کان ڪيئن بچي ويو آهي! هن مون کي پنهنجي سفر جو، جيڪو انگلنڊ کان شروع ٿيو هو، سڄو احوال ٻڌايو، جو ڏاڍو دلچسپ هو. وائنا ۾ هن شهزادي مئٽرنش سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کيس هڪ تمام سهڻي دوربين ڏني هئي. اُتي کيس حڪم مليو ته ايراني سفير سان ملي، کيس چوي ته انگلنڊ نه وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس آجيان نه ڪئي ويندي. اتان پوءِ هو قسطنطنيه ويو، جتي کيس جنيوا جي سفير ڪوڪـُـون هلڻ جي دعوت ڏني. هـُـن اها آڇ قبول ڪري، اهڙو مراسلو سرڪار کي لکيو، پر کيس اجازت ڪانه ملي. اتان هو آرمينيا مان ٿيندو، بغداد ويو ۽ پوءِ اتان ايراني نار جي رستي بمبئي وڃي پهتو. رستي تي موت کان ذري گهٽ بچي ويو هو. هڪ دفعي دجله تي سفر ڪندي ڪن عربن کانئس تماڪ جي گهر ڪئي. پر جيئن ته وٽس تماڪ ڪونه هو، ان ڪري اُهي کيس بندوق هڻڻ خاطر دجلا ۾ گهڙي پيا ۽ ڳچ پنڌ تائين سندس ٻيڙيءَ جي پـُـٺ ورتائون. ٻيڙي هئي وچ وهڪري ۾ ۽ هئي به کانئن پري، ان ڪري سندس بچاءُ ٿي ويو. جيئن ته ڪونولي مون وٽ رهيو پيو هو، ان ڪري مون ساڻس لـَـڪن واري معاملي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس رايو هو ته خيوا جي روسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ هن پاڻ کي مخصوص ڪري ڇڏيو هو، پر قدرت کي اهو ڪم ڪنهن ٻئي جي هٿان ڪرائڻو هو. قدرت جو رنگ ڏسو، جيڪو ماڻهو ٻين کي آجي ڪرائڻ خاطر آتو هو، سو پاڻ وڃي قيدخاني ڀيڙو ٿيو، ۽ کيس اهڙي ته سزا ملي جو موت ئي اچي سندس جند ڇڏائي. مون کيس ٻڌايو ته منهنجي به اها مرضي آهي ته مون کي اسان جي فوج جي واڌ واريءَ ڪنهن چونڪيءَ تي رکيو وڃي، يا ته وري ڪابل يا هرات موڪليو وڃي، ۽ پڻ مون اها به راءِ ظاهر ڪئي ته آئون ساڻس سندس خيوا واري سفر ۾ گڏ رهڻ گهران ٿو. انهيءَ تي هن ڪابل واري سفير کي لکيو، پر هن جواب ڏنو ته جيئن ته آءٌ انهيءَ ملڪ ۽ جوءِ کان گهڻو پري هوس، ان ڪري منهنجي لاءِ اوڏانهين وقت تي پهچڻ ناممڪن هو. آخر اسين دِلي دوستن جيان هڪٻئي کان جدا ٿياسين ۽ هن مون کي پنهنجي سفر نامي جا سڀ جلد ڏيئي ڇڏيا، جنهن ۾ باميان واريءَ جنگ تائين سارو احوال لکيل هو. 9 - ڊسمبر تي تقي شاهه جو وڏو ڀاءُ زين العابدين شاهه مون سان ملڻ آيو. هڪ ته بدن ۾ هو ڏٻرو ۽ پيلو، ٻيو وري هو گدلو. سچ پڇو ته هو هڪ سنڌي معزز شخص جي بدران ايراني پئي لڳو. هن جيڪا منهنجي لنڊي خوشامد ڪئي، سا حقيقت ۾ سندس وت کان ٻاهر هئي. هو جڏهن پنهنجي هڪ عزيز جو دينوءَ جي هٿان ٿيل خون بيان ڪري رهيو هو، ان وقت ساڃهه کان نڪري ويو ۽ وٺي خيرپور جي وزير فتح محمد کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين. ڄڻڪ انهيءَ ڪڌي ڪم لاءِ هن ئي کيس هـُـشي ڏني هئي. ڳالهين ڪندي جڏهن به وزير جو ذڪر ٿي آيو، تڏهن هو کيس ”قرمساخ“ ۽ ٻين فارسي گندن نالن سان ياد ڪري رهيو هو. انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي ماتا جي بيماريءَ اچي قيدين ۾ منهن ڪڍيو، جنهن ۾ ستتئي چار بگٽي مري ويا. چار ڏينهن کان پوءِ ڪهيرين جو چڱو مڙس ڪمال خان اچي مون سان مليو. هيءُ قبيلو شيخن جو آهي، جي اڳي ڦلجي ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رهندا هئا. اُتي بجر خان جي مهنداريءَ هيٺ ڊومبڪي مٿن سدائين حملا ڪندا رهندا هئا. هنن به مڙس ٿي کين منهن ڏنو. پر نيٺ کانئن زمينون کسي، کين شڪارپور جي پسگردائيءَ ڏانهن ڌڪيو ويو هو. اُهي قلات جي خان ۽ حيدرآباد جي ميرن وٽ دانهين ٿي ويا پر ورين ڪي ڪين. جڏهن اسين انهيءَ ملڪ ۾ ظاهر ٿياسين، تڏهن هو اسان ڏانهن مدد لاءِ وڌيا ۽ اسان به کين آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ساڻن انجام ڪيو ته جن زمينن تان کين هڪاليو ويو هو، انهن تي کين آباد ڪيو ويندو. عاميل جي گهوڙيسوار فوج ۾ هنن جا چڱا ماڻهو هئا، جن مان ٻه سندس اعتبار جوڳا سپاهي هئا، انهن جا نالا هئا اعتبار خان ۽ عبدالله خان. اعتبار خان بدن جو ڏٽو مٽو، ڳاڙهي منهن وارو، ظالم نموني جو ماڻهو هو. سندس سيني تي پستول جي گولين جا ڪيترائي نشان هئا. سندس ڏاڙهي چاپهين هئي، پٽڪو ڳاڙهو ۽ ساڳئي رنگ جي اجرڪ پيل هئس، ڏسڻ ۾ ئي ڌاڙيل پئي لڳو. سندس ڪم به وري اهڙائي هئا. هن بنا ڪنهن هٻڪ جي گهوڙي تان لهي، پنهنجي هڪ مرڻينگ دشمن جو ڪنڌ وڍي، اهڙيءَ طرح هٿ ۾ کنيو، جهڙيءَ طرح هڪ انگريز پنهنجو ڪريل دستانو کڻندو آهي. هڪ دفعي جيئن هو عاميل سان ڪنهن مهم ۾ وڃي رهيو هو، تيئن هڪ مري ٻروچ کي بندوق جو فائر وڃي زمين تي ڪيرايو. جيسين عاميل وچ ۾ پوي ئي پوي، تنهن کان اڳ هن اڳتي وڌي انهيءَ ڪريل ٻروچ جو ڪنڌ لاهي وڌو. ان کان پوءِ انهيءَ منڍيءَ کي وارن کان جهلي مٿي ڪري ڏيکاريائين ۽ نهايت اطمينان سان چيائين ته، ”آءٌ هن کي چڱي طرح سڃاڻان، هي فيض الله آهي ۽ اسين ڪنهن وقت پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئاسين.“ انهن ڪهيرين مان ٻيو وري عبدالله خان هو، جو نهايت سهڻو جوان هو. سندس وارن جون ڪڪيون چڳون ڪلهن تي پئي پيون ۽ اکيون به ڀوري رنگ جون هيس. جيئن ته هو اڳي بهادر ڌاڙيلن جي ٽولين ۾ شامل رهيو هو، ان ڪري سندن لڪڻ وارين جاين کان واقف هو. مري ۽ بگٽي ٽڪرين ۾، هو اسان جو اعتبار جوڳو سونهون هو. هن مون کي پاڻهي ٻڌايو ته نفشڪ جي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ، هو جنگ جي ميدان ۾ ويا هئا ۽ اتي جيڪي به مري ڪـِـريل ڏٺائون، تن سڀني جا ڪنڌ ڪپي آيا هئا. پاڻ ٻڌايائون ته هنن انهيءَ خير جي ڪم ۾ ٿلهي ليکي هڪ سؤ ٽيٽيهن ٻروچن جون سسيون وڍي ڌڙ کان ڌار ڪيون هيون. اهڙن ڪمن تي هو فخر ڪندا هئا ۽ جڏهن به ڪو اهڙو واقعو بيان ڪري ٻڌائيندا هئا، تڏهن ڄڻڪ نقش چٽي ڇڏيندا هئا، خاص ڪري اهڙن ماڻهن بابت، جن سان سندن عداوت هوندي هئي. هاڻي وري هيبت خان مريءَ بابت ٻڌو، ته جڏهن کيس اسان جي ٿيل فائرن ڪيرائي وڌو، تڏهن اعتبار خان انهيءَ مرڻينگ جوڌي جي ويجهو وڃي چيو ته، ”هيبت خان مون کي سڃاڻين؟ اڳئين دفعي پاڻ جڏهن ڦلجيءَ جي دروازي وٽ گڏيا هئاسين، تڏهن تنهنجو پير منهنجي ڀاءُ جي مٿان رکيل هو ۽ جيڪي ڪي تو هن سان ڪيو هو، آئون ساڳي ڪار اڄ توسان ڪرڻ وارو آهيان.“ اعتبار ۽ عبدالله اسان لاءِ ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته سندن ڪري ئي جابلو ٻروچن خلاف اسان جون ڪيل ڪاروايون بلڪل ڪامياب ثابت ٿيون. ميجر بلامور جي ڪمان هيٺ جيڪا فوج بگٽي ٽڪري ۾ گهڙي ويئي هئي، تنهن وڃي انهن جي لٺ سردار بيبرگ کي جهليو، ۽ سندس قبيلي کي هڪ کان وڌيڪ شڪستون ڏيئي، انهيءَ ڊاڙ کي، جا اتي ماڻهن ۾ رائج هئي ته، ”خدا بيبرگ جي ديري ۾ ڪي ڪين ڪندو“، سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. اسان جون فوجون ڪاهان به وڃي پهتيون،جو مرين جو قلعو هو. انهن يا ته اسان جي اتي اوچتي پهچڻ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري، اسان جو مقابلو ڪونه ڪيو. پر سڀ کان وڏي ڪاميابي هئي قلات جو هٿ اچڻ، ۽ محراب خان جو موت، جنهن قبائلين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. بجر کي وري اسان جي گهوڙيسوار فوج جي جٿي اچي ورائي ورتو (جنهن رستي تي سڀ گاهه داڻو کپائي ڇڏيو) ان ڪري هن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي نيٺ آڻ مڃي ۽ شاهپور جي سيد جي معرفت پنهنجو ارادو ليفٽيننٽ پوسٽنس تي ظاهر ڪيو. سندس پيش پوڻ جو فقط هڪڙو شرط هو ته سندس جان بخشي ڪئي وڃي. 20 - جنوريءَ تي ناميارو بجر خان ۽ سندس 48 ڊومبڪي ۽ جکراڻي سردار، بيبرگ سان گڏ اسان جي هٿ ۾ اچي چڪا هئا. برپٽ جي ڌاڙيلن کي تباهه ڪرڻ جو هيءُ هڪ سونهري موقعو هو، ۽ انهيءَ وچڙندڙ بيماريءَ واري هنڌ کي هڪڙي ئي ڌڪ سان صاف ڪري ڇڏجي ها. اسان وٽ انهيءَ لاءِ ٻه طريقا موجود هئا- رحم ۽ سختي. اسان انهن ٻنهي طريقن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻيون ها، پر اسان جي سياسي گهورڙين هن ۾ هڪ ڏک جهڙي غلطي ڪري وڌي. هنن اهي ٻئي دوائون اهڙي ته اڍنگي نموني ۾ ملايون، جو ٻنهي جو اثر زائل ٿي ويو. اهو جٿو اهڙن مشهور رهزنن جو هو، جن جي نالي وٺڻ سان ماڻهن ۾ اهڙو ته هراس ڇانئجي ويندو هو، جهڙو اسان جي خوشحال ملڪ ۾ رابن هوڊ يا راب راءِ جي نالي وٺڻ سان ٿيندو هو. هنن کان سواءِ ٻين ڌاڙيلن يا چورن کي، جي اڃا ڇيڪ پئي ڦريا، اسان سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي. اسين گهڻو ڪجهه ڪري سگهياسين ٿي، يعني ته کين سدائين لاءِ پنهنجي دشمنن جي قطار مان غائب ڪري ٿي سگهياسين، يا کين پنهنجي ڀيت تي آڻي پاڻ سان ملائي به سگهياسين ٿي. آءٌ ڀانئيان ٿو ته جيڪڏهن ڪو سـِـک گورنر هجي ها، ته هڙن ئي کي بنان ڪنهن دير يا ويچار جي ٽنگي ڇڏي ها. مون کي پڪ آهي ته اسان جا انگريزي هيرو، جهڙوڪ وويلنسٽائين يا ڪرامويل، جن کي ڪارلائيل پوڄڻ جي حد تائين ساراهيو آهي، اهڙن سان ساڳي ڪار ڪن ها. ساڳيءَ طرح آئون اهو به يقين سان ٿو چوان ته آئوٽرام يا ڪو ٻيو جرنيل، بجر يا بيبرگ کي انگريز حڪومت جو دوست بنائي وجهي ها ۽ سندن معرفت انهن وحشي قبيلن تي حڪمراني ڪري ها، جي کين پنهنجو سردار سڏيندا هئا. انهن مان ڪابه رٿ ڪم نه آندي ويئي، پر هڪ تمام ننڍڙي تجويز، جا ڏسڻ ۾ سادي هئي، سا ڏاڍي ڪارائتي ثابت ٿي. اها هيءَ هئي جو بيبرگ ۽ بجر کان سواءِ ٻئي سڄي ٽولي کي زنجيرن ۾ جڪڙي، عام ڏوهارين وانگر هلايو ويو، سندن بيعزتي ڪري کين گهليو ويو ۽ کين ڪاوڙ ۾ وجهي پوءِ ڇڏيو ويو ته جيئن اهي مٿن اسان جي طرفان ٿيل زيادتين جون (پوريون پوريون) ڪسرون ڪڍن. اها هڪ عظيم غلطي هئي، جنهن کان انڪار ئي نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڪار ڪرڻ بدران جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته انهن کي ايماندار ماڻهو بنائي سگهياسين ٿي. جاني پٽ قنبر جو مثال وٺو. هو پنهنجي سرگرم ڪارنامن ۽ بيخوف بهادريءَ ۽ پڻ بي رحم ۽ ظالمانه حرڪتن جي ڪري مشهور هو. هو جکراڻين جو سردار هو، جي اصل ۾ جکرا سنڌي آهن، پر پوءِ بهادريءَ جي ڪمن سبب پاڻ کي ٻروچن ۾ شمار ڪرائيندا آهن. سندس باري ۾ مون گهڻوئي ٻڌو هو، اهڙي ماڻهوءَ کي سندس شڪل ۽ شبيهه جي ڪري وڏي گوڙ مان به سولائيءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو. قد ۾ کانئس ٻيا به ڊگها هئا، ۽ پڻ بدن ۾ وڌيڪ جانٺا ٿي ڏٺا، پر انهن سڀني ۾ هي مڙس مڙيئي ڪاٽڪو پئي لڳو. سندس وڏيون ۽ چمڪندڙ اکيون ۽ ان سان گڏ بي آرام طبعيت ظاهر ٿي ڪيو ته هو اتي پاڻ مرادو ڪونه آيو هو. سندس قبيلو بجر جو پوئلڳ هو، جي کيس پنهنجي سردارن دريا خان ۽ ترڪ علي کان به وڌيڪ مان ڏيندا هئا. جانيءَ پاڻ کي فقط سندن خواهش موجب آڻي فرنگين جي حوالي ڪيو هو، پر فرنگين لاءِ جيڪا ڌڪار هئي، ان کي هو لڪائي نه سگهيو. جيڪا ترار وٽس هئي اها هٿيي تائين رت ۾ رڱيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترن ئي کانچن وٽ ماڻهوءَ جا وار چنبڙيا پيا هئا. جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو ته اها ڪهڙيءَ طرح سان استعمال ڪئي ويئي هئي. هن انهيءَ کي لڪايو ته نٿي، پر پاڻ ٽهڪ ڏيئي ڏيکاريائين ٿي ۽ پڻ سڄي واردات بيان ڪري ئي ٻڌايائين، ته اهو رت ۽ وار ڪيئن لڳا آهن. هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ گهوڙيسوار جٿي، جيڪو جانيءَ جي پويان ويو هو، جي هڪ سپاهيءَ جو گهوڙو برپٽ ۾ مري ويو. چئن ماڻهن کي انهيءَ جي هني ۽ ٻئي سامان آڻڻ لاءِ موڪليو ويو. جاني، جنهن جو مشڪي گهوڙو پنهنجي تيز رفتاريءَ جي ڪري مشهور هو، سو ٻروچن جي هڪ ننڍي ٽولي سان، مٿان اچي ڪڙڪيو. اسان جا سپاهي وٺي ڀڳا ۽ انهيءَ ڀاڄ ۾ ٽي ڄڻا ڪٽجي پيا ۽ چوٿون مڙيئي نڪري ويو، پر سندس گهوڙي جي پوئين حصي ۾ ٿيل گهائن، سوار جي ڊيڄڙي جي پوري تصديق ٿي ڪئي. اهڙو ته خطرناڪ هو جاني! پر ساڻس ڇا ٿيڻو هو، هاڻي انهيءَ بابت ٻڌو. سندس هٿ اسان جي ماڻهن جي رت سان رڱيل هئا، انڪري حڪم ٿيو ته کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. مون کي حڪم پهتو، ته کيس لوهه ۾ جڪڙي رستن ٺاهڻ جي انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي، جو شڪار ۾ قيد ٿيل معمولي ڏوهارين کان ورتو ويندو هو. مون کيس گهرائي اهو فيصلو ٻڌايو، چڱو ٿيو جو جيڪي سندس ڀر ۾ بيٺا هئا، تن سندس ترار ڦري کيس اڳتي وڌڻ کان روڪيو، نه ته آئون ڀانئيان ٿو ته مون کي هڪ يا ٻه اڻوڻندڙ ڌڪ وهائي ڪڍي ها! (جيتوڻيڪ اهو سندس لاءِ غير واجبي ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته فيصلو منهنجو ٿيل ڪونه هو) هن وحشي جانور جيان پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر مٿان ئي مٿان کڄي ويو ۽ وڃي زنجيرن ۾ جڪڙيو. جانيءَ کي روزانو ڪم تي نيو ويندو هو، پر حوالدار جي هر روز اها دانهن هئي ته هو ڪم نٿو ڪري. هڪ قيديءَ ڊپ وچان هڪ ڪپڙي جو ٽڪر وڇائي ڇڏيو، جنهن تي انسپيڪٽر وانگر وڃي ويهندو هو ۽ ٻيا سندس اڳيان ڪم پيا ڪندا هئا. مون انهيءَ نافرمان کي گهرائي سمجهايو (جيتوڻيڪ دل ۾ آءٌ سندس هٺ ڌرميءَ کي ساراهيندو رهيس). مون کيس ٻڌايو ته ڪم نه ڪرڻ جي حالت ۾ سندس سزا ۾ گهٽتائي اچڻ مشڪل آهي. ”ڦاهي ڏي مون کي.“ اهو هو سندس جواب، (۽ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته) ”جيئن وڻيئي تيئن مارائي ڇڏ، پر آءٌ پنهنجو هٿ اوهان جي غلاميءَ واري پورهيي ۾ڪونه وجهندس.“ آءٌ ڏاڍي مشڪلات ۾ پئجي ويس. منهنجي ان وقت اها حالت هئي، جهڙي اليور ٽوسٽ جي. اهڙي ڏوهاريءَ لاءِ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ کپندو هو، جو آءٌ خوشيءَ سان اختيار ڪريان ها. نيٺ اهو ئي رستو اختيار ڪيو ويو پر ڏاڍيءَ دير سان. جانيءَ کي گهڻو عرصو قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، مون کي خط پهتو، جنهن جي پٺيان هي اکر رهڙيل هئا، ”جانيءَ کي آزاد ڪري ڇڏ، جيڏانهن وڻيس تيڏانهن وڃي.“ اهي اکر تمام سولائيءَ سان لکيا ويا هئا، پر ڏسڻ ۾ ايندو ته انهيءَ هر هڪ اکر جي بدران هڪڙي ماڻهوءَ جي حياتي زيان ٿي. سندس زنجير لاهي، کيس تنبيهه ڪئي ويئي ۽ پوءِ کيس ڇڏيو ويو. اڃا ٽي ڏينهن ئي ڪونه گذريا، جو هن اسان جو هڪ دفعيدار ۽ اَٺ سوار ماري وڌا. اهي هئا، سندس صبر جا پهريان ڦل. پر سندس پنهنجي به اچي پوري ٿي هئي، ۽ کيس اهو موت نصيب ٿيو، جنهن جي هو بلڪل لائق هو. هو سازشي به مشهور هو ۽ بلوچ خان نالي هڪ لاهري سردار جي زال سان کريل هو، هڪ دفعي جيئن هو انهيءَ سهڻيءَ بدڪار عورت سان ملڻ ويو، تيئن سندس مڙس کي خبر پئجي ويئي. جانيءَ وٽ ان وقت هٿيار ٻڌل هو، ان ڪري ساڻس مقابلو ڪرڻ سڻائو ڪم نه هو. آخر معاملو آهستگيءَ سان سلجهايو ويو. گهر جا دروازا مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويا، ۽ ڇت کي اڏايو ويو. ٻاهران پٿرن جي اهڙي ته وسڪار ڪئي ويئي، جو انهيءَ ڏوهاريءَ جوڙي جي ننڊ موت ۾ بدلجي ويئي. جانيءَ سان جيڪو سلوڪ ٿيو، ان جو مون کي ڪوبه ڏک ڪونهي، پر سندس ساٿي سان ٿيل عقوبت مون کي البت تڪليف ڏني. جاني بيشڪ ظالم ۽ بيرحم لفنگو هو ۽ کيس پنهنجي ڪيل ڏوهن جي پوري سزا ملي، پر بجر وارن جو خاندان کانئس بلڪل مختلف هو. جيتوڻيڪ هو ظالم ۽ رت هارڻ ۾ بيپرواهه هو، پر سندس طريقو رلڻو ملڻو هو. هو لاغرض رڳو ماحول جي ڪري ٿيا هئا، جنهن ۾ سندن جنم ٿيو هو، ان هوندي به هو چڱي نسل جا ٿي ڏٺا ۽ منجهن گهڻيئي چڱا گـُـڻ به هئا. بجر پنهنجي مـُـنهن ۾ رڄ چڱو مڙس ٿي ڏٺو، ۽ ساڳيو نمونو هو سندس ڀاءُ مندو خان، پـُـٽ وزير خان ۽ پڻ سندس ڪٽنب جي ٻين ماڻهن جو. جيڪڏهن انهن سان چڱو ورتاءُ ڪجي ها ته آءٌ ڀانئيان ٿو ته هو ڪڏهن به اسان کي دوکو نه ڏين ها. پر اهڙن ماڻهن کي هٿڪڙيون وجهڻ، سندن هٿيارن ۽ گهوڙن کي وڪڻڻ ۽ پوءِ وري انهن کي آزاد ڪري ڇڏڻ چريائي نه هئي ته ٻيو وري ڇا هو. جيڪي منهنجي وس هو سو مون پنهنجي منهن ڪيو، يعني ته کين هٿڪڙين لڳڻ کان ڪجهه وقت بچايم، جڏهن اهو معاملو اختياريءَ وارن تائين پهتو، تڏهن انهن کين هڪدم زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ مون کي نيٺ تعميل ڪرڻو پيو.ڪجهه وقت اڳ بجر کي ٽي هزار رپيا ماهوار پگهار واري نوڪري آڇي ويئي هئي، پر هاڻي ته ڳالهه ئي اور ٿي ويئي هئي. هڪ ڏينهن بجر مون کي ٻڌايو ته صاحب ”قسمت من چنين است.“ (منهنجي قسمت ئي اهڙي آهي). بيبرگ بجر جهڙو ماٺيڻو ڪونه هو. کيس جڏهن پٽس عصمت خان کي گهرائڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو، تڏهن هن هڪدم نابري واري ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي اظهار ۾ وٺي واڪا ڪرڻ لڳو. بجر هڪ عجب جهڙو پير مرد هو ۽ مون کي ساڻس ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. جڏهن به ڪو موقعو ملندو هو، آءٌ ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، ڇاڪاڻ ته سندس عجيب جواب مون کي ڏاڍو وندرائيندا هئا. مون هن جهڙو جوان- خيال پوڙهو ڪڏهن ڪونه ڏٺو ۽ مون کي پڪ آهي ته ڪنهن پريءَ کيس آب حيات جو چـُـڪو پياريو ٿو ڏسجي. هو ڏسڻ ۾ چاليهن ورهين کان (ڄمار ۾) وڌيڪ ڪونه ٿي لڳو. سندس وار ڊگها ۽ گهاٽا، خاڪي رنگ جا هئا ۽ سندس ڀوريون اکيون هيرن وانگر پئي چمڪيون. 8 - فيبروري تي ڊومبڪي قيدين جا هٿيار ۽ گهوڙا وڪرو ڪيا ويا. بجر ۽ دريا خان جي گهوڙن کان سواءِ، ٻيا سڀ پاڻ سان هلڪا گهوڙا شڪارپور وٺي آيا هئا. انهن مان گهڻا ته غريباڻن ٽـَـٽـُـنِ تي چڙهيل هئا، جي تکا ۽ مضبوط ته هئا، پر قد جا ننڍا ۽ ڪمزور ٿي ڏٺا. انهن جا سوار مٿن چڙهي ڪنهن به حالت ۾ اسان جي گهوڙيسوارن جي برابري ڪري ئي نٿي سگهيا. سندن هٿيار پراڻيون جامڪيدار بندوقون، گينڊي جي کـَـلن جون ٺهيل ڍالون ۽ ويڪريون پر تـِـکيون تراريون هيون. تلوار بازيءَ ۾ ٻروچ ڪي اڻڄاڻ ڪونه آهن. عالم آشڪار آهي ته اهي هڪ ئي ڌڪ سان سان رڍ کي ٻه ٽڪر ڪريو ڇڏين.بجر خان ۽ جکراڻي سردارن جون گهوڙيون قداور، بدن جون ڳريون، ۽ زبرا وهٽ هئا. بجر جي گهوڙي 210 رپين ۾ ۽ جکراڻي سردار جي 400 رپين ۾ وڪرو ٿيون. بجر واريءَ گهوڙيءَ کي بمبئيءَ موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته هڪ ماٺيڻو جانور هو. پر ٻيءَ گهوڙيءَ جي پچار ئي ڇڏيو. اهڙو شوخ ۽ ڏنگو جانور مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺو. اها گهوڙي پهرين هڪ آفيسر خريد ڪئي پر انهيءَ جي خوبين کي پرکڻ لاءِ هو کيس سر پٽ ڊوڙائڻ لاءِ دل جهلي نه سگهيو. ڪجهه ڏينهن کيس تتن تاري ڪئي ويئي يعني ته اَلياڻ وڌو ويو، مالش ڪري پـُـٺي ٺپري ويئي، پر وريو ڪي به ڪين. انهيءَ هوندي به ناسوٽيون ڦاڙي ڦونگارا هڻڻ، آرس ڀڃڻ ۽ ڦونڊجڻ مان ظاهر ٿي ٿيو ته هوءَ پاڻ جهڙوئي ڪو وحشي سوار طلبي رهي هئي، ڀانئجي ٿو ته هوءَ چئي رهي هئي ته جنهن کي پنهنجي ڪنڌ جو خير گهرجي، سو مون کان ڀڄي پري ٿئي. آخر الف خان ترين، جنهن کي هڪ ڏنگي وهٽ جي اڳيئي ضرورت هئي، تنهن چيو ته آئون ٿو آزمايانس. ڏيتي ليتي ٿي ويئي ۽ دريا خان جي گهوڙيءَ نيٺ وڃي پنهنجي پٺيءَ تي سچو سوار محسوس ڪيو. پر ان هوندي به الف خان کي مٿس چڙهڻ لاءِ حرفت ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻو پيو. هو انهيءَ کي هڪ سوڙهي گهـَـٽ ۾، جو ٻن ديوارن جي وچ ۾ هو، وٺي ويو، جتي هوءَ پوئتي مـُـڙي نه سگهي ۽ پوءِ لانگ ورائي مٿس چڙهي ويٺو، پر گهوڙيءَ کيس پنهنجيءَ ڪاميابيءَ تي خوش ٿيڻ ڏنوئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته جيئن ئي هن پنهنجي پـُـٺي تي بار محسوس ڪيو. تيئن وٺي ٽپ ڏنائين ۽ ڪاوڙ ۾ پوين ٽنگن سان ڪڏائڻ لڳي. ٻن - ٽن ٽپن کان پوءِ اهڙي ته گوهي ڏنائين،جو اهو جانٺو جوان اڇلجي مٿي ڀر وڃي پري ڪـِـريو، مڙس پيو ته رهڙجي پر وري اٿي بيٺو ۽ وڃي مٿس چڙهيو. هن ڀيري گهوڙيءَ سمجهيو ته انهيءَ سوار هاڻي شايد سندس مادو پرکي ورتو آهي، ان ڪري هوءَ سانت سان بيٺي رهي. سچ پڇو ته الف خان هڪ تمام عمدو سوار هو ۽ انهيءَ چريائيءَ جي ريچڪن تي پنهنجي فتح ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ چوندو هو ته جکراڻين جو غرور هاڻي منهنجي لانگ جي هيٺان آهي. جڏهن دريا خان کي آزاد ڪيو ويو، تڏهن هن کي مجبورن اها گهوڙي واپس ڏيڻي پئي ۽ جيڪي پئسا هن انهيءَ جي خريداريءَ تي ڏنا هئا، سي سرڪار طرفان کيس واپس ڏنا ويا. --------------- (1) مصنف غلطيءَ مان شايد داروغي کي دروغ لفظ مان نڪتل سمجهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪوڙ. (1) مڊ سمر نائيٽ ڊريم شيڪسپيئر جو ڊرامو آهي، جنهن ۾ بلي باٽم جو ڪردار هڪ زبردست پهلوان ۽ پڻ هڪ ظالم جهڙو ڏيکاريل آهي. باب ستون سرتاف جي جنگ ۽ والپول ڪليرڪ جو موت- عاميل جي ڪلپرس جي پٺيان پوڻ ۾ ناڪاميابي - ڪڇيءَ جو نائب محمد شريف، انهيءَ علائقي جي بدانتظامي - سنڌي الف بي - شڪي خط انگلينڊ جي ماڻهن کي مئي جو مهينو ڏاڍو وڻندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ نالي ۾ هڪ قسم جي جادوگري سمايل آهي، يعني ته انهيءَ مهيني ۾ چمڪندڙ ساوڪ سان ڀريل ميدان پيا پسبا آهن ۽ ٻارن کي ڪو سلپ ۽ هوٿارن پٽيندو ڏٺو ويندو آهي، جن ۾ اڇا ۽ ڳاڙها گل پنهنجي خوشبوءِ سان انهن کي وندرائيندا رهندا آهن. منهنجي دل اهو نٿي چاهيو ته رڳو پنکي جو چيچاٽ هجي ۽ هڪ اڇي پٽڪي وارو پير مرد انهيءَ کي ڇڪيندو رهي، ۽ نه وري مون کي اها اونداهي ڪوٺي ٿي وڻي پر ٿرماميٽر جي انگن ۾ ڦيرگهير مون کي تنبيهه ڪري رهي هئي ته سنڌ وارو مئي مهينو، انهيءَ ٽڙندڙ ۽ خوشيءَ سان ڀريل مئي کان بلڪل نرالو آهي، جو انگلينڊ ۾ محسوس ڪبو آهي. آئون ان وقت 96 ڊگرين جي گرميءَ ۾ هوندي پگهر ۾ ٻـُـڏو پيو هوس ته هڪ قداور آفيسر اندر گهڙي آيو، ۽ اچي مون سان هٿ ملايائين. ”ڪليرڪ“. مون کيس چيو ته، ”ڪهڙي ڪم توکي هن سخت گرميءَ ۾ هتي آندو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي مٿي کي پگهرائي وجهي، پوءِ ڀل ته اهو لوهه جو ٺهيل هجي ۽ مٿس سخت پٿر جو تهه چڙهيل هجي؟“ هن وراڻيو، ”مون کي مري ٽڪرين ۾ حفاظتي فوج سان وڃڻ جو حڪم مليو آهي، جيتوڻيڪ آئون ٽن ڏينهن کان وٺي چاق به ڪونه آهيان ۽ نڪو ڪو وري منهنجو وارو آهي، پر مون کي چوڻ ڪي ڪين آهي ۽ حڪم جي پوئواري ڪرڻي آهي.“ هن مون کان رستي جا سونهان گهريا، جي مون کيس ڏنا ۽ هو موڪلائي هليو ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جيئن آئون بستري تي بيمار پيو هوس ۽ سوڙن جي تـَـهن ۾ پئي ڏڪيس، تيئن پردا کليا ۽ مون کي بد خبر ٻڌائي ويئي ته ڪليرڪ پنهنجي سڄي جٿي سوڌو مارجي ويو آهي ۽ هڪ به ماڻهو منجهانئن کسڪي نه سگهيو آهي. حقيقت به ائين ئي هئي. اها بهادر دل، جنهن تمام بلند آواز سان ڌڌڪو ٿي ڪيو، اها هاڻي موت ۾ ٿڌي ٿي ويئي هئي. گهڻو وقت پوءِ مون انهيءَ معرڪي جو احوال عبدالله ۽ ٻين کان ٻڌو، جي اتي حاضر هئا. انهن ٻڌايو ته ڪليرڪ ڪن ٻروچن کي چيو هو ته، ’مان ڪاهان پيو وڃان، جي دودي مريءَ کي مون سان مقابلو ڪرڻو هجي ته ڀل اچي‘. اهو هڪ سخت نياپو هو، پر مون کي ٻڌائڻ واري ماڻهوءَ جي سچائيءَ ۾ شڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪليرڪ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هئس ته هو ڪڏهن به ٻٽاڪ نه هڻندو هو. بهرحال، مرين اسان جي لشڪر جي ٽوليءَ جي ڪاهان مان موٽندي معمول وانگر، اُٺن جي قطار اڳيان بيهاري رستو روڪي وڌو. ڪليرڪ ڏٺو ته پٺيان آهي جبل ۽ اڳيان هٿياربند ماڻهو، ان ڪري هن پنهنجي آخري ماني نهايت اطمينان سان کاڌي، جهڙوڪ دشمن اتي هوئي ڪونه! پر پوءِ موت لاءِ اٿي بيٺو. هو پنهنجي ماڻهن کي هڪ اڀيءَ چڙهائيءَ تي وٺي ويو، جنهن کي سرتاف (1) سڏيو وڃي ٿو (ڀانئجي ٿو ته هو سير آب هجي، جنهن جو مطلب آهي چشمي جو پاڻي) جتان هن ڪيترائي دفعا ٻروچن جي حملن کي پسپا ڪيو. پر آخر انهن جي هڪ جماعت اڃا به وڌيڪ اتانهينءَ تان اچي، سندن پٺيان حملو ڪيو. سخت مقابلي کان پوءِ هو وڃي زمين تي ڪريو ۽ سندس ڪنڌ هڪ اهڙي قسم جي چاقوءَ سان ڪپيو ويو، جو گهڻو ڪري سڀ ٻروچ چيلهه سان ٻڌي هلندا آهن. اهي چاقو ياته اهڙي شريفاڻي ڪم ۾ استعمال ڪندا آهن، يا وري کاڌي جي شيءِ وڍڻ وغيره ۾ ڪم آڻيندا آهن. سندس ڪمان هيٺ هڪ سؤ سٺ ماڻهو هئا، جي گهڻو ڪري سڀ بيقاعدي سوار هئا، جن مان ٽيهن ۽ چاليهن جي وچ ۾ جان بچائي وٺي ڀڳا، پر انهن ۾ به ڇهن - ستن کان سواءِ ٻيا سڀ زخمي ٿي پيا هئا. مهينن پڄاڻان هڪ سنڌي منهنجي دوست جون چاٻيون ۽ سندس سامان جون ٻيون معمولي شيون کڻي آيو، ۽ پڻ سندس رت سان ڀريل پتلونون به آڻي ڏنيون، جي هڪ جبل جي چـُـر ۾ ڏٺيون وييون هيون. سنڌو درياهه اُڪرڻ جي وقت کان وٺي هي اسان جو پهريون ئي نقصان هو، ۽ ان سان گڏ شڪست پڻ. انهيءَ جو تمام وڏو اثر ٿيو، ڇاڪاڻ ته مرين جو مـَـن وڌي ويو ۽ ان ڪري ڪوبه جٿو خطري کان سواءِ ٽڪرين ۾ گهڙي نٿي سگهيو. جن سپاهين کي انهيءَ پاسي نوڪري ڪرڻ جو حڪم ٿي مليو، تن سمجهيو ٿي ته ڄڻڪ کين موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويو آهي. جڏهن به هو ٽڪا نالي ٽڪرين ڏانهن ويندا هئا، تڏهن پنهنجي بچت جا پئسا يا ته ڪنهن دوست کي ڏيئي ويندا هئا، يا خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا هئا ته جيئن اهي سندن ٻارن ٻچن کي موڪليا وڃن. ساڳئي وقت سرتاف وانگر هڪ ٻيو به حادثو ٿيو. ڪلپر بگٽين جو ڌاڙيل قبيلو، جو مرين جي جـُـوءِ جي اوڀر وارين ٽڪرين ۾ رهندو هو، تن لاءِ خبر پيئي ته اهي حملو ڪرڻ وارا آهن. عاميل اها خبر ٻڌندي ئي اَسي گهوڙن جي جـَـٿي سان، جن جي مهنداري هو خود ۽ ليفٽيننٽ وارڊان ڪري رهيو هو، انهن جي ڳولا ۾ نڪتو. يارو کوسو به پاڻ سان کنيائون، جو جــُـوءِ ڏيکارڻ ۾ سندن سونهون ٿيو. سڄي رات سواري ڪندي گذري ۽ صبح ٿيو، پر دشمن جو ڪٿي به پتو نٿي پيو. رڳو هڪ بي انت واريءَ جو بيابان هو ۽ پنڌ به نٿي کٽو، جو گهڻو ڪري سٺي آبهوا ۾ جلد پورو ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو سمجهندو آهي ته هو اڳتي وڌي رهيو آهي. ٿوري پنڌ کان پوءِ، اهو بيابان تپي باهه ٿي ويو ۽ منجهانئس هلڻ ناممڪن ٿي پيو. اکين تي ڌنڌ چڙهي وئي، ۽ ڪـَـنَ گرميءَ ۾ ڳاڙها ٿي ويا. اُتي جي ڌاڙيلن کان ٻئي جي مجال آهي، جو اهڙيءَ آزمائش ۾ بچي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن کي ننڍيءَ وهيءَ کان وٺي اهڙي بيابان جي اڪيلائيءَ ۾ نپايو ويو آهي ۽ انهن کي ٿـَـڪ ۽ اُڃ تي هيرايو ويو آهي. سڀني ماڻهن ۾ٻروچ ئي گهڻو وقت پاڻيءَ پيئڻ کان سواءِ جٽاءُ ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن کين پري ڪنهن ڌاڙي تي وڃڻو هوندو آهي ته پوءِ فقط هڪ دفعو پاڻي پيئندا ۽ سڄي ڏينهن جي گرميءَ ۾ وري پاڻي نه گهرندا. حقيقت ۾ اهي هڪ تمام سخت تربيت يا نظام تي هيرايا وڃن ٿا، ايتريقدر جو جن کي ساڻن چٽاڀيٽي ڪرڻي پوي ٿي، تن کي به اها ساڳي ڪار سهڻي آهي. پر ڪوبه يورپي ماڻهو پنهنجي طبعيت کي ايترو بدلائي نٿو سگهي،جو سختين سـَـهڻ ۾ انهن جهڙو ٿي پوي. سندن نقشو هيئن چٽجي ٿو: مٿي ٽپڻ اگهاڙي هوندي اٿن ۽ ان جي چوڌاريءَ ڪپهه جو ٺهيل ڪو ڪپڙو ويڙهيل هوندو آهي، چڙهندا آهن ڪاٺ جي اڻ گهڙيل ۽ سخت پاکڙي تي، گهوڙا هوندا اٿن ڊَڊا، جن جو پنڌ آهي ڊوگـَـڻ، پر اهي آهن اهڙا ڇـُـوها جو کين پڄڻ مشڪل آهي. اها آهي ٻروچن جي چڙهڻي ۽ سندن پنڌ، جنهن ۾ اهي پنجاهه يا سٺ ۽ ڪنهن مهل ته ستر ميل بنا ڪنهن ڊاٻي جي ڪريو وڃن. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ننڍڙو جٿو سر جي. ڪين جي فوج سان ملڻ ٿي ويو، تڏهن منجهانئن فقط شڪارپور ۽ برشوريءَ جي وچ ۾ اڌ جيترا ماڻهو ضايع ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن سونهون کين هڪ تمام ڊگهيءَ منزل تي وٺي ويو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن، انهن ڪمبختن کي رستي تي آرام خاطر منزل ڇو نه ڪرائي؟ تڏهن وراڻيائين ته، ”آءٌ کين ڪيئن چوان ته منزل ڪريو، ڇاڪاڻ ته مون وارو گهوڙو اڃا تائين ٿڪو ڪونه هو. ان ڪري مون ٻين بابت به ساڳي ڳالهه سمجهي.“ پر سج اڀرندي ئي عاميل جي فوج کي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه رهي. جتي ڪٿي پاڻيءَ لاءِ دانهن ٿيڻ لڳي. ڪيترا رستو وڃائي ويٺا، ڪيترا پويان رهجي ويا، جتي اهي سخت تڪليف سان مئا هوندا. يلغار ڪرڻ جو ته خيال ئي ختم ٿي ويو، رڳو اها مرضي هئي ته واپس ڪنهن سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچجي. انهيءَ کان ته ڪوبه انڪار ڪونهي ته سڄي جماعت يارو سونهي جي رحم ۽ ڪرم تي هئي. جيڪڏهن هو ڀڄي وڃي ها يا کين ڪلاڪ - ٻه برپٽ ۾ رلائي ها، ته پوءِ انهيءَ جماعت جو هرهڪ ماڻهو پساهه ڇڏي وڃي ها. پر ڀانئجي ٿو ته يارو پنهنجي پراڻن دوستن، بگٽين سان فريب نٿي ڪري سگهيو ۽ نه وري پنهنجو ماهيانو پگهار، جو کيس اسان جي سرڪار وٽان ملندڙ هو، تنهن کي وڃائڻ ٿي گهريائين. نيٺ هو عاميل کي هڪ لـُـڙاٽيل پاڻيءَ واري دُٻي تي وٺي ويو، جنهن جي، فقط برپٽ جي ڌاڙيلن کي ئي خبر هوندي آهي، ۽ انهيءَ پاڻي جي واپرائڻ ڪري ئي اهي پنهنجي ماڳ اچي پهتا. ڏسڻ ۾ اهو پاڻي ڪارو ڪٺ لڳو پيو هو، ۽ منجهانئس گندي باس به پئي آئي، پر سڀئي ماڻهو توڙي سندن گهوڙا ڌو وڃي منجهس پيا ۽ هرڪو ٻئي سان ان جي قيمتي ڍُڪ لاءِ وڙهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح انهن ڌاڙيلن کي جهلڻ جي ڪوشش ناڪام ويئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شڪارپور کان ٿوري پنڌ تي ٽي گهوڙا ۽ سندن سوار مئل ڏٺا ويا، جي سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا، اهي هئا اسان جي ناڪاميءَ جا يادگار! ٻيا جيڪي پنهنجن هـَـنن تان ڪري پيا هئا، تن لاءِ ڳولا ڪئي ويئي، پر اهي به اڌ بيهوش مليا، جهڙيءَ طرح گهڻو ڪري ٿيندو آهي. سڀني وٺي ياروءَ خلاف آواز اٿاريو. جنهن ڪري کيس ٻڌي شڪارپور موڪليو ويو. سڀني جي اها گهر هئي ته کيس ڦاهي ڏني وڃي ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو ته هن جي خلاف بيان وٺان. مون کي انهيءَ حڪم جي پوئواريءَ ۾ خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجي سر سندس لاءِ ڪوبه بغض يا ڪينو ڪونه هو. ڇا انهيءَ ۾ اسان جي زيادتي نه آهي جو اسان انهن ماڻهن تي، جي نوڪريءَ ۾ گهڙن ٿا، اهو آسرو ٿا رکون ته اهي پنهنجن ڀائرن سان ڊوهه ڪري يا ته موت جي منهن ۾ ڏين يا آڻي اسان جو قيدي بنائين. ڏنل شاهدين مان اهو ثابت ڪونه ٿي سگهيو ته ڪو هن اسان جي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي رستي کان بي رستي ڪيو هو. جيڪي کيس حڪم ڪيا ٿي ويا، سي هن بلڪل ڪونه ٿي سمجهيا. ساڳئي وقت هو انهن ماڻهن مان ڪونه هو، جن ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جي خبر ڏني هئي ۽ ڪيتري به ڪوشش ڪجي ها پر انهن کي هٿ ڪرڻ مشڪل هو. هن پاڻ ٻڌايو ته اڃا ٻه ڀاڱي ٽيون حصو پنڌ ڪيو هوسين ته واپس ورڻ جو حڪم مليو، ان ڪري ڌاڙيلن تائين پهچي نه سگهياسين. ياروءَ کي نيٺ ڇڏيو ويو ۽ هوءَ پوءِ چڱي ڪم آيو. 1840ع واري گرميءَ جي موسم پنهنجي اوج تي هئي ۽ اسان جي سنڌوءَ جي پريان حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هو. اڳيون سال اسان جي ڪابل واري مهم ۾ ڪامياب گذريو. شاهه وڃي پنهنجن وڏن جي تخت تي ويٺو. قنڌار جا رئيس ۽ سندس ڀاءُ دوست محمد، جو هڪ جبرو مڙس هو، اُهي ڀڄي ويا. قلات جي محراب خان اسان جي دشمنيءَ جي پڇتاءَ ۾ پنهنجو رت ڏنو. باقي رهيا ڦورو ٻروچ، تن جي سردارن پنهنجي مرضيءَ سان اسان جي آڻ مڃي. اُهي، هاڻي اسان جا قيدي هئا. اسان هڪ تمام وسيع ملڪ هٿ ڪيو هو، پر انهيءَ کي قبضي ۾ رکڻ ڏکيو ڪم هو. اسين جيڪڏهن چاهيون ها ته ان کي عقل ۽ چالاڪيءَ سان هٿ ۾ رکندا اچون ٿا، پر انهيءَ بابت اسان بلڪل اونڌو قدم کنيو. سياست جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پوءِ اسين وري اهڙيءَ طرح لٿاسين، جو ثابت ٿي ويو ته اسين پاڻ کي آهستگيءَ سان ڪيتريقدر ڪيرائي سگهياسين ٿي. سڀ کان پهرين اسان پنهنجي فوج تمام جلدي گهرائي ورتي ۽ باقي جيڪي منجهن رهيا هئا، تن کي به فراخدليءَ سان موڪل ڏني ويئي. افغان ۽ ٻروچ اسان جي مـُـٺ جيترن ماڻهن کي ڳڻڻ لڳا ۽ کين ٿورڙن ماڻهن جي زيردستي ڪرڻ ۾ شرم پئي آيو. سرتاف واري تباهي به انهيءَ ڪري آئي ۽ اهو ثابت ٿي ويو ته فوجي جٿا ٽڪرين جي قبيلن سان پورا نٿي پئجي سگهيا. ڇاڪاڻ ته ڪليرڪ واري جماعت پوريءَ طرح تباهه ڪئي ويئي هئي. اهڙن ڪمن لاءِ ريجمينٽ جي ضرورت هئي. جيسين اسان پنهنجا سکر ۽ شڪارپور وارا ڊيپو نه ڇڏيون، تيسين اهي اچن ڪٿان؟ انهيءَ دوران اسان جو سياسي مـُـک لڙائيءَ جي ماڳ کان سوين ميل پري هو، اهو ته شملي جون ٿڌيون هوائون کائي رهيو هو. جتان هو جوو (Jove) (1) وانگر اولمپس جي برفاني چوٽين تان اسان جي غريباڻي دنيا جي حڪمت تي حڪومت هلائي رهيو هو. ايجنسيءِ جو اسسٽنٽ، جو پويان ڪم ڪار لاءِ ڇڏيو ويو هو، تنهن وري هرهڪ معاملو پنهنجي غير حاضر بالادست کي رجوع ٿي ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو رڳو ان جي اچڻ ۾ هفتا لڳي ٿي ويا. هن سان ويڌن هيءَ هئي جو انهيءَ ٻوليءَ کان بلڪل اڻڄاڻ هو، ان ڪري کيس هڪ فريبي ۽ ساڳئي وقت لالچي منشيءَ تي اعتبار ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو هڪ برجستو عملدار هو، ۽ منجهس قدرت جون ڏنل سڀيئي سهڻيون قابليتون هيون، پر سندس سڄي هلت چلت يا انتظام، ٺاهه نه ڪرڻ واري اصول تي هو. ساڳئي وقت اهو ماڻهو، جو ڏينهن ۾ هڪ ڊزن کان ٻن ڊزن بير جي بوتلن کي ڳڙڪائي وڃي، سو ڪٿي ٿو ضروري ۽ غير ضروري ڪاغذن جي مقرر ڪيل تعداد کان وڌيڪ ڪاغذن کي پوريءَ طرح جانچي سگهي! اهڙين حالتن ۾ ڪنهن هاتف جي ضرورت ڪانه هئي، جو اچي ٻڌائي ته اجهو ٿي مصيبت اچي! لـَـوڊي ٽيهن سپاهين سان قلات وڃي نڪتو ۽ اتان مددي فوج موڪلڻ لاءِ لکيائين. ڪاهان به ان وقت گهيري هيٺ هو. مون بمبئيءَ جي سيڪريٽريٽ ڏانهن خطن جي هڪ لانڍ کڻي شروع ڪئي، جنهن ۾ جيترو ٿي سگهيو، مون پنهنجون غلطيون ۽ انهن جا علاج به لکي موڪليا. اسان جي وڏي ۾ وڏي غلطي اها هئي جو اسان هڪ غدار ۽ ملحد کي ڪڇي (علائقي) جو گورنر مقرر ڪيو هو. انگريزن جي حڪومت انصاف جو بهترين نمونو آهي ۽ انهيءَ ۾ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. سڀئي ماڻهو انهيءَ مطابق هڪجهڙا آهن ۽ سڀئي هڪجيتري عزت جا حقدار آهن. سڀني جا حق به هڪجهڙا آهن، جنهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن عهدي لاءِ ناقابل قرار نٿو ڏيئي سگهجي. پر انهيءَ اصول تي ڪيتريقدر عمل ڪيو ٿي ويو، انهيءَ لاءِ هن هڪڙي مثال مان ئي سڄي ڳالهه پڌري ٿيو پوي. اسان هڪ نئون ملڪ هٿ ڪيو آهي، يعني ته ڪڇيءَ وارو علائقو، جو اسان شاهه جي نالي ۾ ورتو هو پر حقيقت ۾ ورتو پاڻ لاءِ هوسين. اسان جو اهو به اصول رهيو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جو اضافو نه ماريو ويندو. هاڻي انهيءَ لاءِ هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي چونڊيو ويو، جو انهيءَ عهدي لاءِ ذري جو به حقدار نه هو ۽ دلي طور هو به اسان جو مخالف. کيس ڪڇيءَ جي گورنر مقرر ڪرڻ وقت ڪنهن به اها پڇا ڪئي ته محمد شريف آخر هو ڪير؟ جيڪڏهن ڪو ائين سوال ڪري ها ته سچ جو هيءُ جواب هجي ها، محمد شريف اهو هو، جو قلات جي محراب خان پاران خاران ۽ داجل جو گورنر هو، ۽ اهي علائقا هـُـن رنجيت سنگهه کي وڪڻي ڇڏيا هئا. کانئس ماڻهن کي ڪو ڊپ ڪونه هو پر ويتر نفرت هئي. هو ڪنهن جو به زيردست رهي سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ سڀني سان فريب ڪرڻ جي عادت هئي. کيس پگهار وغيره جي ڪابه پرواهه نه هئي، ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن مٿان کيس گورنر مقرر ڪيو ٿي ويو، تن کي ڦـُـري چـَـٽ ڪري ڇڏيندو هو، اهڙيءَ طرح جو وٽن پائي به ڪانه بچندي هئي، پوءِ ڀلي کڻي سندس پگهار گهٽ هجي يا وڌيڪ. ماڻهن ۾ اهڙو اثر وڌو هئائين، جو هو منجهس ڏاڍو اعتبار ڪندا هئا. هي اُهو ماڻهو هو جنهن کي ڪنهن وڏيءَ غلطيءَ ڪري ڪڇيءَ جو وائيسراءِ مقرر ڪيو ويو.کيس ڪنهن به يورپي آفيسر جي ضابطي هيٺ رهڻ جي زحمت به نه ڏني ويئي ۽ اهڙو ته ڇيڪ ڇڏيو ويو، جو ڏاڍي سولائيءَ سان پنهنجين چالبازين جو ڄار پکيڙيندو رهي. هن پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن سان هڪ اهڙيءَ بغاوت جو بنياد وڌو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شاهنواز کي قلات مان نيڪالي ملي، لـَـوڊي مارجي ويو ۽ ڪڇي ۾ لـُـٽ مار ٿي. هـُـن سڀ کان پهريون موقعو تاڙي اچي ايجنسيءَ جي حاضري ڀري ۽ منهنجي ملاقات به ساڻس اتي ئي ٿي هئي. ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ قداور مڙس هو، سندس ڏاڙهي گهاٽي ۽ ڪاري هئي، پر جڏهن به ڪنهن جي منهن ۾ جانچي ٿي ڏٺائين، تڏهن سندس نظر ۾ شرارت جو مليل جذبو محسوس پئي ٿيو. سندس ڳالهائڻ جو طريقو نهايت معتدل هو، ان ڪري هـُـن ٿوري عرصي اندر هيڊڪوارٽر ۾ سٺو اثر پيدا ڪري ورتو. سندس ۽ وڏي منشيءَ تربانيه شاهه جي وچ ۾ جيڪا ڊگهي لکپڙهه هلي، تنهن مان ثابت ٿي ٿيو ته اهي ٻئي هڪڙي ئي ٻيڙيءَ جا سوار هئا، ۽ پوءِ ٻئي ساڳي ٻيڙيءَ وگهي ٻـَـڏي مئا. مڄاڻ ته هن چڱي مڙس جي سفارش تي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري اسان پهريون قدم هيءُ کنيو جو جيڪي به جاگيرون اڳين حڪومتن خدمت جي صلي ۾ ماڻهن کي ڏنيون هيون، سي کانئن ڦري ورتيون. اهو سال وري هجي به ڏڪار جو، ان ڪري اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته ماڻهن تي انهيءَ جو ڪهڙو اثر ويٺو هوندو. جن ماڻهن جون زمينون کسيون ويون، انهن ۾ شاهنواز جو سالو ڪمال خان الياتزئي، رحيم خان مينگل، جنهن جو پيءُ قلات جي گهيري وقت مارجي ويو هو، عيسيٰ خان مينگل، عطا خان ۽ ٻيا سردار به هئا، جي طاقتور هئڻ سان گڏ بروهين تي وڏو اثر رکندا هئا. انهن مان ڪيترا درخواست ڪرڻ لاءِ سکر ڏانهن ويندي، شڪارپور مان گذريا هئا، ته جيئن سندن حق کين واپس ملن. مون کي انهن جي اچڻ جي ڄاڻ هئي ۽ سندن منشا جي به خبر هئي، ان ڪري مون سندس حقن جي پٺڀرائيءَ ۾ هڪ زوردار خط لکيو ۽ سفارش ڪئي ته کين سندن حق واپس ڏياريا وڃن. هنن کي ڪيترا ڏينهن ترسائي پوءِ کين باريابي جو شرف ڏنو ويو، پر سندن عرضداشت بنا ڪنهن مروت يا همدرديءَ سان غور ڪرڻ جي رد ڪئي ويئي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته محمد شريف جو ڪو هن ۾ هٿ نه هو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ ۾ هو انهن سردارن جي هڪ چڱي جماعت کي اسان جي خلاف ڪري سگهو ٿي. جيڪڏهن اهوئي سندس مقصد هو ته پوءِ اهو کيس حاصل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو پنهنجون زمينون، جي ويجهڙائيءَ ۾ سندن هٿن ۾ هيون، حاصل نه ڪري سگهيا، ان ڪري نااميد ۽ ملول ٿي ٽڪرين ڏانهن واپس موٽيا ۽ ڪيترن هزارن ماڻهن سان گڏجي اسان جي خلاف بغاوت ڪرڻ لڳا. پر اسان جي پاليسي انهيءَ ڳالهه تائين محدود ڪانه هئي، ته فقط بغاوت جي باهه دکائي وڃي، پر ان سان گڏ اسان وري انهيءَ لاءِ ٻارڻ به پيدا ڪري ڏنو. سنڌوءَ جي پراڙ انهيءَ علائقي ۾ ڍل جنس ۾ ورتي ويندي هئي ۽ محمد شريف انهيءَ گڏ ڪيل اناج جون وڏيون گنديون گڏ ڪري گنداوا، ڪوٽڙو ۽ دادر ۾ انهيءَ ڪري رکايون ته جيئن حملي ڪندڙ بروهين کي هٿ ڪرڻ ۾ سوليون لڳن. انهن جي سنڀال جو ڪوبه بندوبست ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته حفاظتي فوج عدم موجود هئي. انهيءَ لاءِ دادر جو مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اتي سپاهين جو هڪ ننڍڙو جـَـٿو هو. جنهن وقت اهي معاملا پئي ٿيا، ان وقت پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيو ڇا پئي؟ آءٌ فقط پنهنجي بابت ئي چئي سگهان ٿو ته ان وقت، منهنجي حالت رحم جوڳي هئي. اهڙي حالت هئي منهنجي، جهڙي هڪ شطرنج ڏسندڙ ماڻهوءَ جي هجي، جنهن جي اڳيان غلط راند کيڏي وڃي. يعني ته اهو سارين کي غلط ۽ صحيح نموني ۾ چـُـرندو ڏسي، پر چئي ڪجهه نه سگهي. اسان جا فرائض پڻ اهڙا ڏکيا ۽ سخت هئا جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بالادست کي تاڪيدي خط لکڻ کان وڌيڪ اسان وٽ وقت ئي نٿي رهيو. هڪ وڏو خزانو. قيدين سان ڀريل جيل ۽ پوسٽ آفيس - جنهن جي معرفت روزانو سوين خطن ۽ پارسلن جي وار ڦير ٿيندي هئي، ڪٿي ٿو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو پهه پچائڻ ڏئي. اتر سنڌ جي ڳوٺن (ديهن) ۽ ان جي مالڪن جي فهرست ٺاهڻ ۽ انهن کان ٿيندڙ وصولي، شڪارپور جي بزار ۾ وڪرو ٿيندڙ جنس جون قيمتون ۽ ساڳئي وقت سنڌي زبان جي لغت ٺاهڻ جو ڪم به مون کي سونپيل هو، جنهن ۾ چئن کان وٺي پنجن هزارن تائين لفظ هئا ۽ هر ڪنهن لفظ تي ڪئين منشي ويهي بحث ڪندا هئا. لغت جي تيار ڪرڻ ۾ مون کي سنڌي ٻوليءَ جون خاصيتون سکڻيون پيون، جنهن ۾ فقط اوائلي اُچار لکيل آهن. ان ڪري سمجهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته فقط حرف صحيح ظاهر هوندا هئا، جن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق جيئن وڻيو ٿي تيئن پڙهيو ٿي ويو. مثال طور لفظ پري (پرين - معشوق) پري (ڏور) وانگر لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ فقط ’پ ۽ ر‘ استعمال ٿيل آهن. اهڙيءَ طرز تي لکت جو نتيجو اهو ئي نڪتو، جو خود سنڌ جا رهاڪو به وڏيءَ مغز ماريءَ کان پوءِ سمجهي سگهندا هئا، نه ته گهڻو ڪري هڪ جي ٻي پڙهڻ ۾ايندي هئي. ان هوندي به ڏاڍيون غلطيون ڪندا هئا، مثال طور هڪ سوداگر کي ڪنهن دوست راجپوتانا مان هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هـُـن کيس ٻڌايو ته سندس پـُـٽ ڪيڏانهن ويو آهي. جيئن ته هو اهو خط جلدي نه پڙهي سگهيو، ان ڪري هڪ ٻئي واقف کي سڏي کانئس مدد گهريائين. جنهن وڃي اهو مطلب ڪڍيو ته سندس پـُـٽ گذاري ويو آهي. ويچاري مصيبت جي ماريل پيءُ وٺي وارن ۾ ڌوڙ وسائي ۽ ڏک ۾ دانهون ڪوڪون ڪرڻ شروع ڪيون. انهيءَ تي هڪ وڏو گوڙ اچي گڏ ٿيو. هـُـن رڙ ڪئي ته هاءِ اهو منهنجو اڪيلو پٽ هو. هڪ راهگير کان رهيو نه ٿيو، ان ڇا ڪيو جو خط کانئس وٺي پڙهيائين. خط ڏسڻ کان پوءِ هن جي وات مان ”ڦش“ نڪتو. ”هتي ته موت جو لکيل ئي ڪونهي! تنهنجي پـُـٽ نئين شادي ڪئي آهي ۽ خوش ويٺو آهي.“ ”هاڻي آءٌ ڇا ڪريان“، پيءُ وراڻيو. ”مون سان ته جـُـٺ ٿي، هاڻي کـِـلان ڪِ روئان!“ ٻئي هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿا ڪن ته هن خط لکندڙ کان وڃي خط لکايو. اها چٺي جڏهن وڃي واسطيدار ماڻهوءَ کي پهتي، تڏهن ڪو به ماڻهو اها پڙهي نه سگهيو. ان ڪري خط واپس اچي ڌڻيءَ کي پهتو. کيس ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ کڻي ويو لکندڙ وٽ ته تو هي ڇا لکيو آهي،جو ڪوبه اهو پڙهي نٿو سگهي. ليکڪ هڪدم جواب ڏنو ته آءٌ پاڻ ڪونه ٿو پڙهي سگهان، ڇاڪاڻ ته تو مون کي پيسا ڏنا هئا لکائڻ جا ۽ نه وري پڙهي ٻڌائڻ لا”! هتي به ساڳي جوملر (1) واري ڪار ٿي ڏٺي ۽ اهو همراهه به ڪو سندس اولاد مان ٿي ڏٺو. اهڙن ملڪن ۾، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڪو چٽيءَ طرح سان لکندو هجي،خاص ڪري شڪارپور ۾ اهڙو ماڻهو ملي، ته سمجهجو ته اهو پنهنجي پيءُ جو پـُـٽ آهي! مارڪيٽ ۾ روزانو نرخن ۾ ٿيندڙ مٽاسٽا کي معلوم ڪرڻ اسان لاءِ وڏي اهميت رکندڙ هو. ان ڪري انهيءَ ڏکيائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ مون کي لاڳيتو ڪم ڪرڻو پوندو هو. آخر آءٌ ايتريقدر سمجهي ويس جو نيٺ پنهنجي اڪائونٽنٽ کي به سڌارڻ ۾ڪامياب ٿي ويو هوس. انهيءَ مان هڪڙو فائدو هيءُ ٿيو جو جتي ڪمپنيءَ کي قنڌار وارن بلن ۾ نقصان پوندو هو، ته اُتي انهيءَ کي هڪ رپيو في صدي شڪارپور مان فائدو ٿيڻ لڳو. اهو جيتوڻيڪ ٿورو پيو لڳي، پر ان هوندي به انهيءَ مان هزارين رپيا حاصل ٿيندا هئا. --------------- (1) سرتاف - بلوچي سرد - آب جو بگڙيل نمونو آهي، جنهن جو مطلب آهي ٿڌو پاڻي. (1) جپيٽر ديوتا کي سڏيندا هئا- هيءُ يونان جو مکيه ديوتا هو. (1) Joe Miller: جومـِِـلـَـر، هڪ مسخري کي چئبو آهي. باب اٺون سرهند جو پير - ڪراڙيءَ عورت جي ڳالهه - اڻسهائيندڙ مهمان - شال ۾ بلوو ۽ ان تي تبصرو - عبدالله ڪهيريءَ جي رپورٽ درويش آهن ڪهڙي ڪم جا! مئلن مان ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ پر اوڀر وارن ملڪن ۾ درويش جيئرا به آهن، ته مئل به. اُهي جن ۾ ڪا روحانيت آهي، سي وڏي ڪم جا آهن. ويچار ڪريو ته هڪ سوداگر آهي، جنهن کي ڏورانهين ۽ خطرناڪ ملڪ ڏانهن سفر تي وڃڻو آهي. کيس هڪ ڌيءُ آهي، جنهن کي هو پاڻ سان وٺي وڃي نٿو سگهي ۽ پٺيان اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو ڊپ اٿس، ته پوءِ ڇا ڪندو جو وڃي ڪنهن پير يا درويش جي ڳولا ڪندو ۽ پنهنجي ڌيءُ انهيءَ کي سونپي ڏيندو. انهيءَ ڪم مان واندو ٿي، هو بيفڪرو سفر تي روانو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته کيس هاڻي پڪ ٿي ته ڪوبه ماڻهو انهيءَ پير جي پاڪن ۾ وڃي ڪونه سگهندو، ان ڪري سندس ڌيءُ امن ۾ رهندي. اهڙيءَ طرح خزانو به ڪنهن نه ڪنهن پير وٽ ڇڏبو آهي، ته جيئن ان کي ڪو هٿ نه لائي. اڀرندي وارن درويشن جو مرتبو اهڙو آهي، جهڙوڪ اولهه وارن ملڪن ۾ ڊيلفي، ۽ اولمپيا جو يونانين وٽ، ۽ ڪليسا ۽ مڙهين جو اسان جي ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن وٽ هو. اهي هڪ قسم جا صراف آهن، جي وياج ته ڪونه ڏين پر مـُـور کي هٿ لائين ئي ڪونه! هڪڙي ڏينهن صبح جو فارسيءَ جو هڪ سهڻو ڪتاب مون وٽ آندو ويو، جنهن جي آڻيندڙ ٻڌايو ته اهو سرهند جي پير موڪليو آهي ۽ پڻ خواهش ڏيکاري آهيس ته مون سان ملي. مون کيس موٽ ۾ سلام ۽ نياز موڪليا. ستت، هو مون وٽ لنگهي آيو. سندس نالو فدا محي الدين هو ۽ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو، جو رسول ڪريم جي چئن يارن مان پهريون نمبر هو. سندس اُٿ - ويهه جو طريقو شانائتو هو، جنهن ۾اجائي وڏ ماڻهپائي ڪانه هئي، ۽ اهڙو نمونو اسان جي يورپ ۾ ڏٺو ويندو آهي. هو هندستان ۾ رهيو هو، ان ڪري اجائي وڌاءَ کان سواءِ، اسان جي حڪومت جي ڍنگ جي ساراهه ڪرڻ لڳو. هــُـن مون سان سنڌين ۽ افغانن جي تاريخ تي تمام سٺي نموني ۾ بحث ڪيو. اهو سوچڻ ته مسلمان ليڊر ڪڏهن به سچا ٿي نٿا سگهن، سراسر نالائقي آهي. ٿوري سوجهري وارا ماڻهو ڪنهن ڪنهن وقت روشن دماغ ماڻهن کان به وڌيڪ ڪارائتا ثابت ٿيا آهن. اهڙن پيرن مان هڪڙو پير، جو اسلام جي اصولن جو پابند هو، سنڌ تي اسان جي حملي ڪرڻ کان ٿورا سال اڳ حيدرآباد جي ميرن سان ملڻ آيو هو. سندس اڳيان ڪي اهڙا ڪم ڪيا ويا، جي قرآني تعليم جي خلاف هئا. هـُـن اوڏيءَ مهل اهو ڪمرو ڇڏيو، ۽ ٽپڙ ٻڌي پنهنجي ملڪ راهي ٿيو. ميرن کيس ڪيترائي نياپا موڪليا ۽ سوکڙيون پاکڙيون روانيون ڪيون پر وريو ڪي ڪين. جواب ۾ وراڻيائين ته، ”وڃي پنهنجي ڌڻين کي چؤ ته آئون ڪڏهن به اوهان جي گهر ۾ داخل نه ٿيندس،پوءِ ڀل ته اوهان موٽي اچڻ تي سڄو خزانو خرچ ڪري وجهو.“ انهيءَ پير جي وڃڻ کان ڪجهه دير پوءِ هڪ پوڙهي عورت غمناڪ نموني ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ڪندي، وار پٽيندي آئي ۽ فرياد ڪرڻ لڳي ته ساڻس انصاف ٿئي. مون انهيءَ ۾ پنهنجي ڏاڍي گهٽتائي محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي رڙين ۾ مون تي به تهمتون پئي هنيون. چڱو ٿيو جو اهو سڳورو ماڻهو مون وٽان هليو ويو، نه ته کيس مڙيئي ڪجهه خيال ٿئي ها. بهرحال، انهيءَ پوڙهيءَ کي مون چيڙايو ڪيئن، سو ته آئون سمجهي نٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ مون ڪڏهن به انهيءَ چنڊيءَ کي ڪونه ڏٺو هو. هندستان ۾ جن ماڻهن کي فرياد ٻڌڻ تي معمور ڪيو ويندو آهي، تن کي خبر آهي ته فرياد ٻڌڻ وقت انهيءَ کي پوريءَ طور سمجهڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي. هن خطي ۾ اهو رواج آهي ته ڏوهاري پاڻهي پاڻ اچي حاضر ٿئي ۽ اچي سڄي حقيقت ظاهر ڪري، ڇاڪاڻ ته مدعيءَ کي پاڻ سان ٿيل ظلم جي تفصيل ظاهر ڪرڻ کان منع ٿيل آهي. آخر مون کي خبر پئي ته هڪ واڍو، جو اسان جي نوڪريءَ ۾ هو، تنهن انهيءَ پوڙهيءَ جو وڻ وڍي وڌو آهي. مائيءَ جي اها دعويٰ هئي ته اهو وڻ کيس اکين کان به مٺو هو. ڏينهن جو اس ۾ اهو وڻ سندس اجهو هو،پر رات جو به انهيءَ جي هيٺان سمهندي هئي. مون کي واڍي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ کيس هڪدم گهرائي ورتم. جڏهن سختيءَ سان مٿس دهمان ٻڌم، تڏهن وٺي کليو ۽ چيائين ته ”سائين پاڻ هلي سڄيءَ حقيقت کان واقف ٿيو. مون انهيءَ پوڙهيءَ کي پئسا ڏنا هئا ۽ شام جو جڏهن وڃي سندس دادلي کي ڏٺم، تڏهن اهو وڻ جي بدران هڪ سڪل بنڊ نظر آيو، جنهن مان ساوڪ ڪڏهوڪر ختم ٿي چڪي هئي. مائيءَ انهيءَ کي فقط فرنگيءَ کان پئسن ڪڍڻ جي مشين ڪري استعمال ڪيو هو. اها هچا حقيقت ۾ اسان جي ڇاڙتن کان گهٽ ستائيندڙ هئي، جي اسان لاءِ هڪ قسم جي وچڙندڙ بيماريءَ مثل هئا. ڪنهن يورپي شراب پيئندڙ ڪلارڪ جي مون وٽ سفارش ڪريو، پوءِ ويهي مزا ڏسو. مثال طور هڪ پوليٽيڪل جي ڀاءُ مون کي لکيو ته، ”مسٽر فلاڻو پنهنجي نوڪريءَ تي چڙهي چارج وٺڻ خاطر فلاڻي تاريخ شڪارپور مان لنگهندو. ان ڪري کيس کاڌو، رهائش ۽ پڻ سفر جون ضرورتون مهيا ڪري ڏجن.“ جڏهن اهو ماڻهو پهتو تڏهن اچي مون وٽ ويٺو. آءٌ سندس ظاهري ڏيک ۽ اٿ ويهه کان ڏاڍو متاثر ٿيس، ڇاڪاڻ ته هن جي چال چلت ۽ ڳالهائڻ جو نمونو سندس مرتبي کان گهڻو وڌيڪ پئي لڳو، مون سندس ٽپڙ گهرائي ورتا ۽ کيس هڪ جدا تنبو ڏياريو، ساڳئي وقت مون سندس تعارف هڪ رسالدار سان ڪرايو، جو گهوڙيسوارن جي جٿي جو مهندار هو. هو ويجهڙائيءَ ۾ڪئمپ لڳايو ويٺو هو ۽ سندس ماڻهن مان ڪي انهيءَ نئين آيل ماڻهوءَ سان حفاظتي طور صبح جو گڏ وڃڻا هئا. رات جو مڙيئي چڱو گوڙ ٿي ويو ۽ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا. مون پڇا لاءِ ٻه- ٽي ماڻهو موڪليا ته ڇا جو گوڙ آهي. صبح جو رسالدار ڳنڀير مون وٽ آيو، ۽ چيائين ته صاحب! راتوڪو ماڻهو عادتن جو کوٽو هو. تنبوءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ هن ڪجهه ڪلاڪ شراب پيئڻ ۾ صرف ڪيا ۽ انهيءَ کانپوءِ اگهاڙي تلوار کڻي، رونشي خاطر وٺي ٿو نوڪرن جي پٺيان پوي. آخر تنبوءَ جي نوڙيءَ ۾ سندس پير اٽڪجڻ ڪري هو ڪري پيو، جنهن تي ڪن گهوڙيسوارن کيس جهلي تلوار کسي ورتي. مون رات جو واقعو لکي سندس ئي هٿان، سندس بالادست ڏانهن ڏياري موڪليو. مون واري دوست ڀانئيو ته هو کيس سڌارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو پر مهيني کن جي آزمائش کان پوءِ ڪڪ ٿي کيس واپس ڪري ڇڏيائين. اهو انهيءَ ڪري، جو هن هڪ ڏيهي خزانچيءَ جي ٻانهن ۾ چڪ وڌو هو، جنهن تي سندس هٿ - پير ٻڌي کيس سکر موڪليو ويو. انهيءَ موقعي تي انهيءَ ڪاردار به سندس ڪو خيال نه ڪيو ۽ هو ڏک ۽ پيڙا ۾ ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳو. جولاءِ جي ساڙيندڙ گرمي اچي چڪي هئي. آءٌ هڪ پکي جي هيٺان سمهندو هوس، جو اصل منهنجي نڪ جي مٿان ٿورن انچن تي پئي لڙڪيو ۽ جڏهن به پکي ڇڪيندڙ کي ٿورو به گهيرٽ يا ننڊ ايندي هئي، ته آءٌ اٿي کڙو ٿيندو هوس، ڇاڪاڻ ته پکو بند ٿي ويندو هو. هڪ رات آءٌ اهڙي بي آرام ننڊ مان جيئن اٿيس، تيئن ٿاٻڙجي وڃي انهيءَ ڏيهي نوڪر جي مٿان ڪريس،جو منهنجي ڀر ۾ ليٽيو پيو هو. ”ڪا هوا آهي ملڪ ۾؟“ منهنجي وات مان نااميديءَ ۾ اهي اکر نڪتا. ”مون وٽ ته ڪانه آهي، جو اوهان کي ڏيان.“ هن جواب ڏنو. آءٌ نيٺ باغ ڏانهن وٺي ڀڳس ته من ڪا اتي هوا لڳي، پر مڙيئي ٿيو ڀلو! جيڪي به انگريز آَفيسر مون سان رهيا پيا هئا، تن مان هڪڙو سائي فصل ۾ کاڏي کوڙبو اونڌو ٿيو پيو هو، ته جيئن ڪا ٿڌڪار لڳي. ٻئي وري وڻن جي هيٺان جهوتون پئي ڏنيون. اسان مان ڪنهن به، باقي رهيل رات جي ننڊ ڪانه ڪئي. هوا اهڙي ته ڳؤري هئي جا ڀانءِ ته چاقوءَ سان وڍيل هجي ۽ اهي ٽڪر باهه جي شعلن جا ٺهيل ٿي ڏٺا. جنهن جٿي کي شڪارپور ڏانهن وڌڻ جو حڪم مليل هو، اهو ويهن ميلن جي پنڌ کانپوءِ ٻن راتين اندر ڇڙو ڇڙ ٿي ويو. ڪن ماڻهن کڻي پاڻ کي واهن ۾ ڪيرايو. ڪي چريا ٿي پيا ته ڪيترا وري تپجي پيا. عين انهيءَ وقت اسان کي جبلي ٻروچن ۽ بروهين سان خراب هلت هلڻ جو نتيجو مليو. جون جي 24- تاريخ ڪاڪڙن سيل ڪوٽ تي حملو ڪيو، جن کي البت شڪست ڏني ويئي ۽ سندن سٺ ماڻهو ضايع ٿيا. ويهن سپاهين جي هڪ جماعت ۽ سندن حوالدار جي - لـَـوڊي، جي منشي غلام حسين جي حفاظت ۾ هئا، هڙئي مستونگ وٽ مارجي ويا. مون کي قلات مان ليفٽيننٽ لوڊي ۽ پڻ شاهنواز ۽ فتح خان کان خط پهتا، ته اهي قبيلا، جن جون زمينون کسيون ويون هيون، تن پنهنجن سردارن جي هٿ هيٺ اسان جي برخلاف هٿيار کنيا آهن. ساڳئي وقت هـُـنن پنهنجيءَ پارٽيءَ جي ماڻهن ۾ بداعتمادي ظاهر ڪئي ۽ لکيو هو ته، ”جي امدادي فوجون نه پهتيون ته، پوءِ قلات هڪدم دشمن جي هٿ چڙهي ويندو“. مون کي پنهنجي منهن ڏاڍو ڏک ٿيو، پر انهيءَ خبر تي مون کي اچرج ڪونه ٿيو. ان وقت اهو صاف ظاهر ٿي چڪو هو، ته شاهنواز انهيءَ ناراضپي کي، جو سندس خلاف ماڻهن ۾ تڪڙو وڌي رهيو هو، منهن ڏيئي نه سگهندو. شروعات کان وٺي منهنجو اهو خيال هو، ته اسان شاهنواز کي کڙي ڪرڻ ۾ صحيح ڪم ڪيو آهي، ۽ اڃا به منهنجو اهوئي خيال آهي. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ۾ اسان کي ڪيترن ئي خرابين کي منهن ڏيڻو پيو. قلات جي هٿ اچڻ ۽ محراب خان جي موت کان پوءِ ڇا اهو هڪ بهادريءَ جو قدم نه هو جو سندس پٽ کي تخت تي ويهاريو وڃي ها! فارس (1) ۾ وري هيئن به هو جو هڪ بي انصاف جج جي کل لاهي انهيءَ سان سندس جانشين جي ڪرسي آراسته ڪئي ويندي هئي. مون کي اعتبار ئي نٿو اچي جو هڪ پٽ پنهنجي پيءُ کي شوٽ ڪرڻ کان پوءِ وفادار ۽ ثابت قدم رهي سگهي ٿو. سڀئي شهزادا ڪو اسان واري پاڪدامن ميري وانگر ته ڪونه آهن، جا ٻاراڻي خوشيءَ سان انهيءَ محلات ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي هئي، جتان سندس پيءُ جيمس ٻئي کي ڪڍيو ويو هو(2) . نصير خان مان ڪڏهن به اها اميد نٿي رکي سگهجي، ته ڪو هـُـن انهيءَ تلوار کي وساري ڇڏيو هوندو، جنهن کيس يتيم ڪيو هو. اها ڳالهه اعتبار ۾ ئي ڪانه ٿي اچي ته هيترين خونزير جنگين کان پوءِ هو اسان کي پنهنجو دشمن نٿو سمجهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان سندس ملڪ ڇڏيو هو ته ان وقت هـُـن اسان کي مشڪندڙ منهن سان الوداع چيو هو. اسان جي اها غلطي ڪانه هئي، جو اسان شاهنواز کي تخت تي ويهاري، پوءِ کيس مدد ڪرڻ کان بلڪل نابري واري هئي. ٿي سگهي ٿو ته کيس مدد ڏيڻ ۾ اسان کي ڳرو خرچ ڪرڻو پوي ها، ان ڪري اسين نٽائي وياسين. اسان جي جيڪڏهن اها مرضي هئي ته پوءِ شاهنواز کي پنهنجي منهن حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏيون ها، ته جيئن وڻيس ها تيئن پنهنجي ماڻهن مٿان حڪومت ڪري ۽ اسان سندس معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ ڇڏي ڏيون ها. پر اسان نه فقط سندس ملڪ جو هڪ علائقو يعني ڪڇي کانئس کـَـسي ورتو، پر ان سان گڏ ريزيڊنٽ ۽ ڪي سپاهي به سندس تختگاهه ۾ ڇڏيا. ائين ڪرڻ سان اسان مٿس دوستيءَ جي گلا جو ڍنگر به مڙهيو. جنهن مان کيس ڪوبه فائدو نٿي ٿي سگهيو. شاهنواز لاءِ اسان هڪ ٻي به مصيبت کڙي ڪئي، جو سندس گهر ۾ سندس لاءِ دشمن پيدا ڪري وڌا. اهو هيئن جو اسان سندس سالي ڪمال خان التازئي جون زمينون ضبط ڪري ورتيون. ورهاست جي خيال کان نواز جو قلات جي تخت تي اهڙو حق هو، جهڙو نصير خان جو. ٻنهي جا پيئر انهن لاءِ اهڙيءَ طرح دعويدار هئا، جهڙا هاڻي سندن پٽ آهن. نواز جي پيءُ کي محراب خان ظلم ۽ دغابازيءَ سان قتل ڪيو هو. ساڳئي وقت نواز کي شاهه شجاع جي حمايت به حاصل هئي، جو سنڌ ملڪ جو حاڪم اعليٰ تصور ڪيو ويندو هو. شجاع کي جڏهن ديس نيڪالي ملي هئي، تڏهن جي اميرن سندسن طرف ورتو هو ۽ شهزادن جيان هـُـن جي خاطر تواضع ڪئي هئي. ڇا به هجي، جڏهن برطانيا سرڪار کيس قلات جو خان مقرر ڪيو هو، تڏهن منجهانئس هٿ ڪڍي، کيس مصيبت ۾ ڇڏڻ ڪميڻپ جي حد هئي. اوڀر وارن ملڪن ۾ جنهن ڳالهه اسان جي طاقت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، سا هيءَ آهي ته انگريز سچو دوست ٿي نٿو سگهي. اها ڳالهه به مشهور آهي ته وٽانئن هڪ بهادر دشمن، هڪ فرمانبردار دوست کان وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. لارڊ ايلنبرو انهيءَ ڳالهه کي ڀانپي ورتو هو، ان ڪري بهاول خان تي نوازش ڪري گهڻو ڪي حاصل ڪيو ويو هو، جو شايد ويهن خونزير صوبن مان به ڪين ملي ها. اسان جي هندستاني سلطنت کي اهڙيءَ طرح هلائڻو هو، جهڙيءَ طرح اسان انهيءَ کي حاصل ڪيو هو. ٺيڪ اهڙيءَ طرح جيئن روم جي حڪومت دنيا تي بادشاهي ڪرڻ جي حرفت ڳولي ڪڍي هئي. انهيءَ سرشتي موجب فقط انهن کي مدد ڪري مٿن چاڙهيو ويندو هو، جي سندن طرف هئا، پوءِ ڀل ته عام ماڻهو انهن جي خلاف هجن. پر بهاول خان کان سواءِ اهي آهن ڪٿي جي ٿورا سال اڳ اسان جي دوستيءَ جو دم ڀريندا هئا. ڪٿي آهي شاهنواز خان؟ ڪٿي آهن مير رستم ۽ صوبدار ۽ پڻ اهي رئيس آهن ڪٿي، جن اسان لاءِ پنهنجن قبيلن خلاف تلوارون ڪڍيون هيون. اهي گهڻو ڪري سڀ مارجي ويا آهن، ۽ ديس بدر آهن ۽ سندن جاءِ تي اهي ماڻهو اچي ويا آهن، جي اسان جي خلاف هئا. جڏهن هرڪو مسلمان ائين چوڻ تي مجبور ٿي وڃي ته فرنگي جي دوست ٿيڻ بدران سندس سوئر ٿيڻ(1) وڌيڪ بهتر آهي، ته اهڙي نالي کان گمنامي ڀلي. ويچاري لوڊي مون کي لکيو هو، ته هو ۽ سندس ساٿي نيٺ مارجي ويندا پر ساڳئي وقت هن اهو به پرن ڪيو هو ته هو پنهنجي جاءِ تان هٽڻ بدران مارجي وڃڻ وڌيڪ پسند ڪندو. مون سکر جي ايجنٽ کي خط لکي عرض ڪيو ته گنداوا لـَـڪ ڏانهن هڪ ريجمينٽ جلد موڪلي، پر جواب مليو ته فوجن جي نقل حرڪت ۾ اسان جي سملي واري بالادست جي حڪم کان سواءِ، ڪنهن کي به ڪو اختيار نه آهي. مون کيس وري لکيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪيل عرض جي برگيڊير انچارج کي سفارش ڪئي ويندي، ته پوءِ انهيءَ معاملي جي جوابداري آءٌ پنهنجي سـِـر تي کڻڻ لاءِ تيار آهيان، پر انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه مليو. وقت وري اهڙو اچي ويو هو جو- پهريائين ته اسان کي نـِـرڙ جي مٿان وارن ڏيڻ تي تيار هو پر پوءِ گوهي ڏيئي کسڪي ويو ۽ ڀڄڻ ويل اسان کي پنهنجي چوٽي آڇي سگهيو، جنهن کي جهلڻ جي اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ساڳئي وقت عبدالله ڪهيري، جو ٽڪرين جي مهم ۾ اسان جو سونهون هو، سو مون سان ملڻ آيو. کيس ڪاهان جي خبر هئي، هن ٻڌايو ته مري رستي تي لهري ۽ نفشڪ وٽ مورچا ٺاهي رهيا هئا. سندن طاقت بابت ٻڌايائين ته، ”اوهان جا پنج سؤ ماڻهو به کين پڄي ڪونه سگهندا. البت هڪ هزار ماڻهو شايد سوڀارا ٿين، پر ان لاءِ کين وڙهڻو پوندو.“ هن انهن جا نالا به ورتا جي اتي جمع ٿيل هئا ته جيئن اسان جون فوجون ڪاهان نه ڇڏائي سگهن. آءٌ هڪدم عبدالله کي ٻئي پوليٽيڪل آفيسر وٽ وٺي ويس ۽ چيومانس ته جيڪي مون کي ڏسيو هيئه سو کيس بيان ڪري ٻڌاءِ. پر اتي جيڪي به ويٺل هئا تن انهيءَ ڳالهه کي ڪابه اهميت نه ڏني، پاڻ کل ڪرڻ لڳا ته، ”مري ٿا سڄيءَ ريجمينٽ سان وڙهي سگهن!“ 24- جولاءِ تي گوڙ ۽ کـِـنوڻ سان ڏاڍو مينهن وٺو، جنهن مڙيئي ڪجهه ٿڌڪار آندي. آگسٽ جي شروعات ۾ آءٌ سکر ويو هوس. مون ڏٺو ته برگيڊير ايس. موت کي ويجهو وڃي پهتو هو. کيس مغز ۾ پاڻيءَ جي بيماري هئي، ۽ ڦوڦينڊا وغيره هئس، جنهن جي ڪري کيس ٽيڪ ڏيئي سمهاريو ٿي ويو. ”جيڪڏهن آءٌ ٿورو ٺيڪ ٿيس ته ڪراچيءَ يا سملي هليو ويندس. ڪيئن ٿو ڀانئين ڪهڙو ڊاڪٽر منهنجي لاءِ ٺيڪ ٿيندو؟“ هـُـن پڇيو. ”شايد ڪراچيءَ جو ڊاڪٽر“ مون وراڻيو. جڏهن اسان اهو ڪمرو ڇڏيو تڏهن ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته سڀاڻي صبح کان اڳ هو مري ويندو ۽ ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن شام جو آءٌ هـُـن جي ڪفن دفن ۾ شامل ٿيس. اها هڪ غمگين شام هئي. جتي کيس دفن ڪيو ٿي ويو، اتي ڪيتريون ئي قبرون هيون، پر گدڙن لاشن ڪڍڻ خاطر انهن ۾ وڏا ڏرڙ ڪري ڇڏيا هئا. فائر ڪرڻ وارن به ڪنهن عجيب غلطيءَ سبب مـُـڙدي جي مٿان نه، پر پري کان فائر ڪيا هئا. ختمو وري هڪ آفيسر تڪڙ ۾ اهڙي لـَـهجي ۾ پڙهيو، جو فرسٽ ڪارنئين(1) جو عمدو باب، بيٺلن مان ڪنهن جو روح نه جاڳائي سگهيو. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته، ”شل منهنجو موت پنهنجي وطن ۾ پئي ۽ نه هنن ڪافرن ۾، جن کي (حضرت) عيسيٰ جي ڏنل واعدي جي خبر ڪانهي.“ 12- آگسٽ تي آءٌ شڪارپور پهتس. ڪليبارن جي فوج، جنهن ۾ فرسٽ گرينڊيز جا اڍائي سؤ سوار هئا، سيڪنڊ گرينڊيز جي هلڪي ڪمپني ۽ ڪجهه توبخانو ڪاهان ويندي اتان اچي لانگهائو ٿيا. اصل ۾ اها تجويز هئي ته يورپين جون ٻه ڪمپنيون، ۽ سيڪنڊ گرينڊيز جو ساڄو بازو، ساڻس گڏ موڪليو ويندو. ”هاڻي متان ڇڏيو انهن کي“ مون ايجنسيءَ جي ڏاڪن تان بيهي چيو ته، ”پر اوهان کي سخت جنگ ڪرڻي پوندي.“ انهيءَ تي هـُـنن وراڻيو ته، ”ٻروچ هاڻي بيهندا ئي ڪونه.“ مون سرڪاري طور هڪ درخواست ڪئي ته مون کي به محاذ تي موڪليو وڃي، پر اها نامنظور ٿي ۽ مون کي جواب مليو ته جتي آهيان اتي منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي. مون کي ڏاڍو کٽڪو هو، ته ڪيئن نه دشمن جي طاقت کي گهٽ سمجهيو ٿي ويو، آفيسر ۾ هڪ آئرش هو، جو قد جو تمام ڊگهو هو، ڇهه فوٽ پنج انچ قد هئس. سندس ويڪرو بدن هرڪيولس جهڙوئي هو. طبعيت جو به مڙيئي تـِـکو ٿي ڏٺو. کيس ڪجهه اُٺ کپندا هئا. مون ڏانهس شڪارپور جو داروغو ڏياري موڪليو ته کانئس سندس گهرجن بابت پڇا ڳاڇا ڪري. ڏسان ته اهو ننڍڙو فارسي (ايراني) ڏڪندو اچي. ”واهه صاحب واهه“، هن چيو، ”توهان ته مون کي عفريت ڏانهن موڪليو آهي، جو ماڻهو ته ڪونهي، ديو آهي. منهنجو عرض آهي ته اوهان پاڻ وڃي کيس اٺ وٺي ڏيو ۽ مون کي اُن گجندڙ شينهن جي ويجهي وڃڻ کان بچايو.“ 14- تاريخ مون کي لوڊي وٽان هڪ خط پهتو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته قلات چڱيرڙي مقابلي کان پوءِ دشمن جي هٿ چڙهي ويو. ”ٿورن سون سپاهين سان.“ هن ٻڌايو ته، ”خان ۽ سندس ڀاءُ سڀني حملن کي ناڪام بنائي ڇڏين ها پر ساڻن سندن پنهنجي پارٽيءَ جو ماڻهن دغا ڪئي“. شاهنواز ڏاڍي بهادري ڏيکاري ۽ هڪڙي حملي آور کي پنهنجن هٿن سان ماري وڌائين. مون کي هاڻي حڪم ٿيو ته آءٌ دادر وڃان ۽ هرهڪ اسٽيشن تي، جا رستي تي آئي ٿي، مسافرن لاءِ هڪڙو گهر ٺهرايان. ساڳئي وقت مون تي اهو به ڪم رکيل هو ته جيڪي به کوهه رستي تي هئا، انهن کي صفا ڪرائي ڇڏيان ته جيئن اسان جي سپاهين کي اڳتي وڌڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پاڻيءَ جي تڪليف نه ٿئي. مون جيڪي ڪمي هٿ ڪيا هئا، انهن کي ڪي ڏينهن مهلت ڏنيم ته جيئن سفر لاءِ پنهنجو بندوبست ۽ تياري ڪري وٺن. آءٌ انهيءَ وچ ۾ پير سرهنديءَ جي گهر، حبيب ڪوٽ گهمڻ ويس. مون ڏٺو ته پير صاحب هڪ تمام آسودي ۽ آسائش واري گهر ۾ رهيو پيو هو، جنهن کي پاسي ۾ باغ به هو، جو سنڌ جهڙي ملڪ لاءِ تمام دل لڀائيندڙ شيءِ آهي. هن مون کي رات جي ماني، چانديءَ جي ڍانڪن ۾ کارائي. مون کي اتي پشاور جا ڊگها چانور پسند آيا، جي عام چانورن کان ٽيڻا ٿيندا آهن. اهي چانور رنجيت سنگهه کي اهڙا ته وڻندا هئا جو هو پشاور جي ڍل جو ڪجهه حصو، انهيءَ جنس ۾ وٺندو هو ۽ تحفن ۾ به اهي چانور ڏياري موڪليندو هو. مانيءَ کان پوءِ هڪ سٺي آواز واري ماڻهوءَ ڏاڍي سوز سان شاهنامي مان رستم ۽ سهراب جي ويڙهه جو احوال پڙهيو. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه وقت اسان باغ ۾ پسار ڪيو ۽ آءٌ اڌ رات ڌاري شڪارپور واپس پهچي ويس. ان وقت ٺـُـپ اوندهه هئي. اسين جيئن دروازي هيٺان لانگهائو ٿياسين، تيئن منهنجو نـِـرڙ وڃي ڪاٺ کي لڳو ۽ مون کي اُٺ جي پـٺيءَ تي سمهاري وڌائين، پر خوش قسمتيءَ سان ڪـِـريس ڪونه. ساڳئي وقت منهنجي جاڪي ٽوپيءَ، جنهن ۾ چڱيءَ طرح سان ڪپهه ڀريل هئي، منهنجي کوپڙيءَ کي ڀڄڻ کان بچائي ورتو. ٻئي ڏينهن حيدرآباد جي وزير ابراهيم شاهه مون کي ناچ ڏسڻ جي دعوت ڏني، جا قاضين واري باغ ۾ ٿيڻي هئي. سنڌي ناچڻيون هندستان جي ناچ وارين کان گهڻو گهٽ آهن. انهن مان هڪڙي مهتاب نالي سان ڏاڍي موچاري هئي، پر انهيءَ هوندي به دل جي کسجي وڃڻ جو ڪو به ڊپ نه هو. 29- آگسٽ تي مون رات جو شڪارپور کي ڇڏيو ۽ صبح جو پنجين بجي هڪ هنڌ پهتس، جنهن کي جانيديرو سڏيو ٿي ويو. اهو شڪارپور کان چوويهن ميلن جي پنڌ تي هو ۽ اتي هڪ ننڍڙو ڦٽل ڪوٽ به هو، جنهن جي چوڌاريءَ انهيءَ موسم ۾، ڪيترن ميلن ۾ جوئر جو فصل بيٺو هو. دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو فصل ايڏي قد جو نه ٿيندو آهي. آءٌ اُٺ تي چڙهيل هوس پر ان هوندي به اها پوک ڪيترا فوٽ مٿي بيٺي هئي. منهنجو خيال آهي ته ڪيترن هنڌن تي اها زمين کان ويهن فوٽن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪانه هئي. هيڏي ساري ايراضي ۽ اها به ڊگهي فصل سان ڍڪيل، ڌاڙيلن جي لـِـڪڻ لاءِ هڪ عمدي جاءِ هئي، جنهن لاءِ مون کي گهڻا ڏينهن اڳ ثابتي ملي چڪي هئي. جانيديري ۾ فقط هڪ وڻ هو، جو تمام ڊگهو هو ۽ ڏسڻ ۾ چوڌاريءَ ساوڪ واري پوٺي جي ابتڙ فخر سان اوچو ڳاٽ جهليو بيٺو هو. انهيءَ اڪيلي وڻ تي ڪئين پکي اچي پناهه وٺندا هئا. مون ٻه فئر ڪيا، جن ۾ چوراسي جهرڪيون ماري وڌيم. اُتي ڪنهن ڪنهن وقت تي سموم يا بيابان مان سخت طوفان ايندو هو. بيقاعدي گهوڙيسوارن جي مهندار مون کي ٻڌايو ته: هڪ دفعي هن کي ٻه ڏينهن ماني ڪانه ملي هئي، ڇاڪاڻ ته واءُ گهـَـرن جون ڇتيون اُڏائي ويو هو، ۽ ان ۾ ايتري ته ڌوڙ هئي جو ڪجهه به پچائڻ ڏکيو هو. ڪو وقت هو ته سنڌو درياءَ مان ڪيترا واهه جانيديري کان گذرندا، بيابان تائين ويندا هئا ۽ پوک به هن کان وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. ساڳئي وقت، هتي ڪيترائي ڳوٺ به هوندا هئا، پر هاڻي ته انهن جا نالا به ياد ڪونه آهن. ڪوٽ جي چوڌاريءَ هڪ ننڍڙو شهر به ٻڌل هو پر هاڻي انهيءَ جي جاءِ تي قبرون ۽ قبن سان ڀريل مقام آهي. آءٌ آندل ماڻهن کي مسافرن لاءِ هڪ گهر ٺاهڻ جو ڪم سونپي، ٻئي ڏينهن يارهن ميل پنڌ ڪري خانڳڙهه ويس. اُتي هڪ قلعو به هو جنهن ۾ لارڊ ڪـُـئين جي فوج جي کوسي قبيلي جي ماڻهن مان ڪن اسان جي سامان جي ڦـُـر ڪئي هئي. ڪـِـن سنڌين جو چوڻ هو ته اها ڦـُـر جکراڻين ڪئي هئي ۽ کوسا بيقصور هئا. ڇا به هجي پر اها پڪ آهي ته ففٿ بي - اين- آءِ هتي حملو ڪيو هو. انهن وٽ توبخانو به هو، پر توبون هلڪيون هيون ۽ انهن کي چڱيءَ طرح ڪم نه آندو ويو هو. چون ٿا ته پهريون فئر گـُـسي ويو، جنهن تي هنن ٺٺوليءَ ۾ وٺي هـَـڪلون ڪيون. انهيءَ وچ ۾ جيڪي ڪوٽ اندر هئا، تن ڪو اجايو وقت ڪونه ٿي وڃايو. جامڪيدار بندوق مان آيل هڪ گوليءَ، حملي ڪندڙ ريجمينٽ جو صوبيدار ميجر ماري وڌو ۽ ٻيا به ڪجهه ماڻهو مئا ۽ ڦٽيا. انهيءَ پلٽڻ جا ٻه جوان آفيسر، جن اڳي ڪڏهن به توب جو گولو ڇـُـٽندي ڪونه ڏٺو هو، تن ڏاڍيءَ بهادريءَ سان وٺي قلعي جي در ڏانهن لـُـوهه ڪئي، ۽ ڪوشش ڪئي ته انهيءَ ڪاٺ کي، جو قلعي جو دروازو بند ڪيو بيٺو هو، ڌڪ هڻن. انهن مان هڪڙو زخمجي پيو پر ڪوشش ڪامياب ويئي. چون ٿا ته جڏهن فوج اندر گهڙي، تڏهن هڪ سؤ ٽيهه ماڻهو سنگينن رستي مارجي ويا ۽ باقي رهيلن کي قيد ڪري شڪارپور موڪليو ويو، جتان پوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويو. جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ کوسا ڦـُـر جا ڏوهاري هئا، ته پوءِ کين سزا به عبرتناڪ ملي، ڇاڪاڻ ته اها جاءِ بلڪل تباهه ڪئي ويئي هئي، ۽ اسان کي جيڪي کنڊر نظر آيا، سي انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. مون پنهنجي سرن ۽ گاري(1) واري کاتي کي ڪم تي لڳائي، هڪ دفعو وري اُسهڻ جي تياري ڪئي. اها تياري ڪا نون ميدانن ۾ چراگاهن لاءِ ڪانه هئي، پر اڻ ڏٺل بيابان ۽ چراگاهن لاءِ هئي، جي ڪٿي ڏٺا ٿي ته ڪٿي وري بلڪل هئا ئي ڪونه. هلندي اسان کي پري کان ڪي هرڻ ڏسڻ ۾ آيا. اهو پهريون مثال هو جو مون سنڌو نديءَ جي اولهه ۾ هرڻ ڏٺا. هندستان ۾ ته هنن جو ليکوئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اتي تمام گهڻا آهن. راجڪوٽ ۾ صبح جو سواريءَ مهل ڪئمپ مان نڪرندي سندن پٺيان پوڻ مون لاءِ هڪ دلپسند وندر هئي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو جو اهي ڊڄڻا جانور منهنجي گهوڙي جي آڏو وري رستو پار ڪندا هئا. جيڪڏهن اهي سڌا ڊوڙن ها ته پوءِ اکين کان غائب ٿي وڃن ها، پر انهيءَ ٽـَـل جي ڪري آئون ڪيترا دفعا وڃي کين ويجهو پيو هوس. پر هاڻي اها جـُـوءِ اهڙي فائديمند ورزش جي ڏانوَ جي ئي ڪانه هئي، ان ڪري مون انهن ڊڄڻن جانورن کي ڇڏيو ته ڀـَـل بنا کؤنس جي ڦـُـٽي وڃن. --------------- (1) فارس: ايران جي ڏاکڻي علائقي کي سڏبو آهي. (2) ميري: انگلينڊ جي راڻي ڏانهن اشارو آهي، جا پنهنجي پيءُ کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي. (1) سوئر ٿيڻ معنيٰ ته سندن کاڄ، يعني ته سندس هٿان مارجي وڃڻ. (1) ڪارنئين: يوناني آرڊر جو هڪ قسم جو ختمي جو ڪتاب. روح کي بخشڻ لاءِ مرڻ وقت جيڪو خطبو پڙهبو آهي. هي انهيءَ ڏانهن اشارو آهي. (1) يعني ته رازن ۽ مزورن کي. باب نائون نفشڪ جي جنگ - ڪليبارن جي فوج جو پوئتي هٽڻ - ڀاڳ ڏانهن واڌ - ملڪ جي تشويشناڪ حالت - لهڙي - گنداوا جو ساڙڻ - شڪارپور ڏانهن واپسي منهنجو رستو هاڻي دادر ڏانهن هو، پر مون کي مجبورن جاني ديري واپس اچڻو پيو، ته جيئن پنهنجي منزل کي پهچي سگهان. اڃا منهنجو تنبو کتو ئي ڪونه هو ته مون وارو منشي مون وٽ آيو، پر منهن اهڙو هوس جهڙو انهيءَ ماڻهوءَ جو، جنهن وزير اعظم جي دروازي وارو پردو، اڌ رات جو اچي کوليو هو. چيائين ته صاحب ٻاهران عجيب خبرون پيون پهچن. چيو پيو وڃي ته توبن جو آواز ڪالهه سڄو ڏينهن پئي ٻڌو، ڇوته ڪليبارن صاحب ٽڪرين ۾ مرين سان جنگ ڪئي هئي، ائين به چون ٿا ته ڪمپنيءَ جو ستارو هاڻي لهندو پيو وڃي. مون چيومانس ته منشي! توکي انهن ڪهڙي خاڪ کارائي آهي، جا هاڻ پيو اوڳارين! ڪٿان ٿو توبن جو آواز اچي. مرين جون ٽڪريون سوين ميل پري آهن. اهو به ممڪن نه آهي ته ايڏي فاصلي تي ٿيل ڪالهوڪيءِ جنگ جو احوال اڄ پئجي سگهي. اهي تنهنجي ڏاڙهي ڏسي پيا کلندا هوندا! ائين چئي مون منشيءَ کي دفعي ڪيو ۽ ساڻس گڏ جنگ متعلق سڀني خيالن کي به وساري ڇڏيم. منشيءَ کي ٽاري ٻاهر نڪتس، ته جيئن پنهنجي ڪارنامي يعني ته مسافرن جي بنگلن تي ٿيل ڪم جو اُڪلاءُ ڏسان. ”آهستي اُڪلاءُ“ اهو اٿئي سنڌين جو متو. مون ڏٺو ته منهنجي هڪ ڏينهن جي غير حاضريءَ ۾ ڪوبه ڪم نه ٿيو هو. وڏي مستريءَ يا رازي کي صبح جو پتو پيو ته ڪي مزور پيشگي وٺي ڀڄي ويا هئا، ان تي هن باقي رهيل مزورن کي وٺي گاريون ڏنيون. جنهن تي ڊگهو تڪرار ٿي پيو ۽ هرڪو پنهنجو منهن جهلي ويهي رهيو. اهڙيءَ ريت، هڪ ڏينهن جو ڪم ضايع ٿيو. منهنجي سمجهائڻ تي مزورن مس مس ڪم ڪرڻ تي دل ٻڌي ۽ آءٌ به ڏينهن - ٻه رهي پيس ته جيئن مٿن نظرداري ڪريان ۽ کين همت به ڏياريندو رهان. آخر آءٌ کين ڪم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيس پر سندن ڪم ڪرڻ جي رفتار اهڙي هئي جو مون کي به لـڄ پئي آئي، ڇو جو هڪڙو ته تمام آهستي آهستي ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ ٻيو ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني هر هر اٿي ٿي ويا. پر ان هوندي به شڪر آهي جو ڪم شروع ٿيو. ٻئي ڏينهن خبر پهتي ته اسان جي فوجن کي نفشڪ وٽ شڪست پهتي. مون اها خراب خبر شڪارپور پهچائي ۽ جواب ۾ حڪم مليا ته آئون ميجر ڪليبارن کي لکان، جنهن ۾ کيس اها صلاح ڏيان ته لهري يا ڦلجي وٽ ڪنهن جبل جي آڙ ۾ ترسي پوي، جيسين کيس اتان آجو ڪيو وڃي، يا مددي فوج پهچائي وڃي. پر هن جي خيال ۾ سندس فوج بيهڻ جهڙي حالت ۾ ئي ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته هنن چئن مان ٽي توبون ۽ پڻ چار سؤ اٺ سامان سميت وڃايا هئا. ازانسواءِ وٽن ڪوبه تنبو وغيره نه هو. ۽ سپاهين جو ٽيون حصو زخمي پيو هو، انڪري سندس خيال هو ته جيترو جلد ٿي سگهي شڪارپور واپس پهچجي. عجيب لقاءَ هو. ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا فوج ڏاڍي ٽيڙيءَ ۾ انهيءَ اميد مان وڌي هئي ته ڪاهان وڃي، پنهنجي ڀائرن کي ڇڏائيندي، اڄ سا شڪست کائي موٽي هئي. فوج جي اهڙي ته حالت هئي، جو اتر سنڌ ۾ اسان جي رهيي کهيي اثر کي به ختم ڪرڻ واري هئي. انڪري پوليٽيڪل اختياريءَ وارن اهو ضروري سمجهيو ته ميجر ڪليبارن جي شڪست کي جيترو ٿي سگهي اوترو لڪايو وڃي، جيئن سندس فوج ساهي پٽي، وري انهيءَ ساڳيءَ سطح تي اچي وڃي، جنهن تي اها اڳ هئي. ڇوته شڪست کائي پوئتي موٽڻ ڪري لهڙيءَ کان وٺي شڪارپور تائين هڪ وسيع علائقو بلوچي ڌاڙيلن جي حملن ۽ ڦر لاءِ هر وقت کليو رهي سگهيو ٿي. آءٌ اڃا انهيءَ تٿا پٿا ۾ هوس، ته ڪهڙو رستو اختيار ڪجي، ۽ ڪهڙو وڌيڪ ٺيڪ رهندو، ته ايتري ۾ ڪي رولو سپاهي جانيديري پهچڻ لڳا. اهي گهڻو ڪري رستي جا ماريل هئا ۽ کين ڏسڻ سان ئي شڪست جا اُهڃاڻ نظر پئي آيا. ٿوري وقت کان پوءِ سڄي فوج به اچي ڦهڪو ڪيو. افسوس، ڪهڙي نه شان ۽ شوڪت سان اُهي وڌيا هئا. پر هاڻي سندن حالت انهيءَ جي بلڪل ابتڙ هئي. فقط هڪڙو تنبو وڃي رهيو هو، جنهن ۾ اسان سڀني گڏجي ويهي ماني کاڌي. آفيسرن جو ٽيون حصو مارجي ويو هو ۽ جيڪي باقي بچيا هئا، سي گهڻو ڪري ڦٽيل هئا. اتي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سا پوءِ ٿيل واقعن بابت هئي ۽ هئي سادي سودي، جهڙوڪ: لهڙي ڇڏڻ وقت کين ڪو وهم گمان ئي ڪونه هو ته اڳتي سندن مقابلو ٿيندو. پهرين ٽن يا چئن منزلن ۾ دشمن جو نانءُ نشان ئي ڪونه هو، پر پوءِ ڪن ٻروچن پاڻ پـَـسايو. جيئن ته رستو جبلن جي وچان اڻانگو هو، ان ڪري اُٺ ڀٽڪڻ لڳا. ڪي مري پيا ته ڪي وري ڳري بار هئڻ ڪري ڪنجهڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ اچي گڙٻڙ ٿي ۽ دشمن وڏي انداز ۾ اچي پرگهٽ ٿيو. انهن اسان جي ماڻهن کي نه فقط هيسايو پر اسان جي فوج جي اڳتي واڌ ۾ سخت رخنو وجهڻ لڳا. ڪيتريون ئي جهڙپون لڳيون، جن مان هڪڙيءَ ۾ پونا گهوڙيسوارن جي ڪمانڊنگ آفيسر تلوار هٿ ۾ کڻي مقابلو ڪيو ۽ ٻه سگهارا ٻروچ ماري وڌائين. انهيءَ هوندي به دشمن طاقتور ثابت ٿيا ۽ اسان جو ڪجهه لڏو ڦري کڻي ويا. آگسٽ جي پوياڙي هئي پر ان هوندي به اهڙي ته گرمي هئي، جو ڪيترا ماڻهو ڏينهن گرم لڳڻ جي ڪري مري ويا. انهن ۾ گرينڊير وارو اهو ديو جهڙو آفيسر به هو، جنهن کان شڪارپور جو داروغو ڊنو هو. کيس لشڪر جي پڇاڙيءَ واري حصي کي آڻڻ جي ذميواري سونپيل هئي. رستو اهڙو ته ڏکيو هو، جو توب کڙي ڪرڻ ۾ منجهند جو ٽي لڳي ويا. اها انهيءَ ڏينهن جي جاکوڙ هئي، جنهن ان طاقتور ماڻهوءَ جي پڄاڻي آندي. ڏٻرا بچي ويا پر اهو ڌڱ مڙس، جو ٻانهن جي ڌڪ سان ڏاند ڪيرائي وجهي ها، اک ڇنڀ ۾ مري ويو ۽ اهو پتو نه پئجي سگهيو ته موت مٿانئس ڪيئن ۽ ڪهڙو وار ڪيو. ٻئي ڏينهن جي سفر، فوج کي هڪ اوکيءَ ۽ اجڙيل ٽڪريءَ وٽ آڻي ڪڍيو. رستو ڀڳو پيو هو ۽ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي دشمن جي فوج پئي ڏٺي. انهيءَ ماڳ جي پٺيان ٿورن ميلن جي پنڌ تي ڪاهان هو. هي اهڙو هنڌ هو، جتي پاڻي ملڻ محال هو، انڪري منزل ناممڪن ٿي پئي. حملي ڪرڻ جي نيت سان پٺتي ورڻ جو خيال به اجايو هو، ڇاڪاڻ ته دشمن مٿان ويٺو هو. وڏين توڙي ننڍين توبن کي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تائين رستي کي دشمن کان صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻو هو، پر گولا پوري هنڌ تي نٿي لڳا. اهو حال ڏسي حملي ڪندڙ پارٽيءَ جا چاليهه ماڻهو گهوڙن تان لهي پيا ۽ مٿي چڙهڻ شروع ڪيائون. جامڪيدار بندوق اسان جي هلڪي بندوق کان وڌيڪ موتمار آهي، ڇاڪاڻ ته اها پري کان مارو ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪي انهيءَ کي ڪم آڻيندا آهن، تن کي نشاني وٺڻ جي اسان جي سپاهين کان وڌيڪ مهارت حاصل هئي. ڪيترائي سپاهي مارجي ويا. سندن آفيسر، جو انهيءَ مهم جو مهندار هو، زخمجي پيو پر ان هوندي به رڙهندو ويو مٿي. اهو آفيسر ۽ سندس خانگي ماڻهو وڃي چوٽ تي پهتا. پر فوج جو جٿو اڃا پنڌ تي ٽڪريءَ جي وچ تي هو، ته مرين مٿن ائين ٿي لوهه ڪئي، جيئن نئين جو پاڻي هيٺ وهندو آهي ۽ جيڪي منهن ۾ ايندو اٿس تنهن کي پاڻ سان کنيو ويندو آهي. حملي ڪندڙ سڄيءَ جماعت ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيا سڀ مري ويا. هي جوان وري اهو هو جنهن ڳپل ڏينهن اڳ هڪڙي حملي ۾ دشمن جا ٻه ماڻهو ماري وڌا هئا، پر اڄ سندس وارو هو رت ڳاڙڻ جو. کيس ترار جي ڌڪ سان وڍيو ويو هو ۽ جيڪڏهن سندس ديسي اي - ڊي - سي (1) ٻيو ڌڪ روڪي، حملي ڪندڙ کي بندوق هڻي ماري نه وجهي ها، ته پوءِ هي همراهه به پورو ٿيو پيو هجي ها. پر ان هوندي به ڪو خطرو ٽري ڪونه ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيئن هي ريجمينٽ جي ماڳ تائين، جو ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ هو، پهچڻ لاءِ وٺي ڊوڙيو، تيئن هڪ همٿ ڀريو ٻروچ اچي ٿو پٺيان پويس، نيٺ آڻي پاڻ کي توبن جي ڀر ۾ پهچايائين ۽ اتي بيهوش ٿي ڪري پيو. هڪ توب- مار کيس مئل سمجهي مٿانئس چڙهي بيٺو ۽ توب جا فئر ڪرڻ لڳو. حملي ڪندڙ انهيءَ پارٽيءَ جا ويهه ماڻهو به ڪو نه بچيا، ان تي ٻروچن ڇا ڪيو جو هڪ هٿ ۾ وڏو پهڻ ۽ ٻئي ۾ تلوار کڻي توبن جي منهن تائين حملو ڪري وڌي آيا. جيئن ته هنن پهرين اسان جي ماڻهن تي پٿرن جي وسڪار ڪئي، انڪري اهي وائڙا ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته حملي ڪرڻ جو اهو طريقو عجيب هو ۽ اسان جي سپاهين لاءِ اهڙو ته ڏکيو ثابت ٿيو، جو بيان نٿو ڪري سگهجي. مرين جي هڪڙي نامور سردار جنگ هلندي اهڙي وقت پنهنجي ڍال هڪ توب جي منهن تي رکي، جنهن وقت اها ڇٽڻ تي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو توب جي گولي سان گڏ هو پاڻ به اُڏامي وڃي پري ڪريو. ٻين ٻروچن وري لوهه ڪري اسان جي سپاهين کان بندوقون ڦريون ۽ ڪن ته کڻي پاڻ کي سنگينن مٿان ڦٽو ڪيو. سچ پڇو ته اهي چرين وانگر وڙهيا ٿي، يا ائين کڻي چئجي ته جهنگلي جانور جيان- ان وقت اسان جي فوج لاءِ ايڏو ته خطرو هو، جو ميجر ڪليبارن پنهنجن هٿن سان اهو لکيو هو ته جيڪڏهن آخري وقت ۾ توبن رستي گوليبازي نه ڪجي ها ته جيڪر سڄي ريجمينٽ تباهه ٿي وڃي ها. جڏهن دشمن موٽ کاڌي تڏهن فقط اهو خيال پئي اسان جي دماغ ۾ ڦريو ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد پوئتي هٽڻ جي ڪجي. پر اسان جا ماڻهو اُڃ جي ڪري مري رهيا هئا. رستي جي سونهين ٻڌايو ته ويجهڙائيءَ ۾ پاڻي ملندو، پر اهو رڳو ڪوڙ هو. ڪهڙي خيال کان هنن گشا هنيا هئا، انهيءَ جو گمان ئي نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي به دشمن جي ور چڙهن ها، ته هو کين به جيئرو ڪين ڇڏين ها. ان هوندي به هڪ پارٽيءَ کي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ موڪليو ويو هو، پر انهن تي ٻروچن حملو ڪري سڀني کي ماري وڌو، فقط هڪ سونهون بچيو. اعتبار خان نالي سونهون ميجر ڪليبارن جي اڇي گهوڙي تي چڙهي وٺي ٿو ڀڄي ۽ ائين ڪندي پنهنجي جان بچايائين. سندس چوڻ هو ته پاڻي هٿ ڪرڻ واري جماعت سان گڏ وڃڻ کان اڳ هن پهرئين مقابلي کان پوءِ جيڪا ماٺ هئي، تنهن جو پورو پورو فائدو ورتو. جنگ جي ميدان تي جيڪي ٻروچ ڪـِـريا پيا هئا، تن جا هن وڃي ڪنڌ ڪپيا. انهن ۾ هڪڙو نالي وارو سردار هيبت خان به هو جنهن سان سندس پراڻي عداوت هئي. ان بدنصيب ڪـِـريل ماڻهن جا ڪپڙا به ٻـَـري رهيا هئا، جن ٽانڊن وانگر سندن بدن کي پئي ڏنڀيو. ميجر ڪليبارن جڏهن ڏٺو ته پاڻيءَ جي ڳولا لاءِ موڪليل پارٽي واپس نه پهتي آهي، تڏهن هن حڪم ڪيو ته اڳئين واري منزل تي واپس هلجي. لهريءَ تائين سڄي رستي تي مرين ڪيترائي ڏينهن اسان جي فوجن جي پٺ ورتي. جيڪي جنگ مان ڇڙو ڇڙ ٿي ڀڳا هئا،سي سڀ مارجي ويا ۽ باقي رهيل سامان به دشمن جي هٿ چڙهي ويو. جانيديري ۾ به ڪي اهي کؤنس کان بچيل ڪونه هئا. جيئن ئي اسان ماني کائي رهيا هئاسين تيئن هڪ سپاهي اندر ڌوڪي آيو. سندس هٿ ڪپيل هو. جيئن ئي هو ڪئمپ کان ٻاهر ٿورو پنڌ نڪري ويو هو، تيئن ئي ٻه - ٽي ٻروچ گهوڙيسوار اچي مٿانئس ڪڙڪيا. هي انهن کي ڏسي وٺي ڀڳو ۽ پنهنجي ٻانهن جيئن سـِـر بچائڻ لاءِ مٿي کنيائين، تيئن هڪڙي سوار سندس هٿ ٻن ٽڪرن ۾ وڍي ڇڏيو. تلوار جي تيز هئڻ ۽ انهيءَ جي پوري سـَـنڌ تي پوڻ ۾ ڪوبه شڪ نٿو ڏسجي. اهو ويچارو غريب ڏاڍي سور ۾ هو ۽ اسين سڀ ٻاهر ڀڳاسين ته ڏسون ته ٻروچن جو ڇا ٿيو. ڪجهه سوار جوئر جي پوک ۾، جا اسان جي چوڌاري هئي، ڳولا لاءِ نڪتا پر واپس موٽي آيا ۽ اهي ماڻهو کين هٿ لڳائي ڪونه. ماڻهو ويچارو کلندڙ جانور آهي ۽ جيتوڻيڪ ويجهڙائيءَ ۾ اسان جي فوج تي تباهي آيل هئي، پر ان هوندي به اسان ريجمينٽ جي ڊاڪٽر تي ڏاڍا کلياسين. هن جڏهن ڏٺو ته توبخاني جا ڪجهه ماڻهو مارجي ويا هئا، تڏهن هن ڏاڍي بهادريءَ سان توبخاني ۾ گهڙي، هڪ توب هلائڻ شروع ڪئي. هن پهرين ته ڏاڍي بهادريءَ سان حملي ڪندڙ کي فائر ڪري ڪيرائي وڌو، پر توب کي ڇوڙڻ واري ڌمڪ، وري ساڳي هنڌ نه رکي سگهيو. اهو ڏاڍو قيمتي وقت هو، ڇاڪاڻ ته ٻروچ ٻيو حملو ڪري ذري گهٽ اچي توب وٽ پهتا هئا. ڊاڪٽر ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڌمڪ چـُـري ئي ڪونه. ”هيٺ مٿي ڪرينس“ هڪ آفيسر رَڙ ڪئي، جو ان وقت توب ڇوڙڻ وارو هو. ”آئون انهيءَ کي چوري نٿو سگهان“ ڊاڪٽر وراڻيو. ”جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر“. اڃا ڊاڪٽر پاسو ورايو ڪونه ته هڪ وڏي ٺڪاءُ سان توب وٺي ٿي ڇٽي ۽ جيڪي به ويجهڙائيءَ ۾ هوس تن کي پاڻ سان کنيو ويئي. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪليبارن جي فوج جانيديري کي ڇڏي، شڪارپور پهتي. ڪئمپ جي پويان هلندڙن کي رستي تي بـِـيرَ جو هڪ وڏو انداز مليو، جو ڦلجي ۽ ٻين اسٽيشنن تي انهن اُڃايل روحن لاءِ پئي ويو، جي اتي هئا. پر هنن انهيءَ جو بلڪل ابتڙ ڪم ورتو، يعني ته سڊنيءَ جي اصولن تي هليا ته ”مون کي توکان وڌيڪ ضرورت آهي.“ انهن گهڻو ڪري هر ڪا بوتل هڪ مذهبي ڪرستان وانگر ڏاڍي شوق ۽ شڪراني جي انداز ۾ کولي پيتي. چڱو جو مون وٽ بير ڪونه هو، نه ته اهو به ڪونه بچي ها. اهڙيءَ طرح ڪاهان کي بچائڻ لاءِ اسان جون ڪوششون ناڪام وييون. ميجر ڪليبارن تي انڪوائريءَ جي ڪورٽ مقرر ڪئي ويئي پر انهن ڪو ٺيڪ فيصلو ڪونه ڏنو. انڪري کين وري پنهنجي فيصلي تي غور ۽ ويچار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر انهن ساڳيو ۽ اٽل فيصلو ٻڌايو، جو منهنجي خيال ۾ بي انصافيءَ تي ٻڌل هو. چڱو ٿيو جو ڪو سياسي ماڻهو فوج سان ڪو نه ويو هو، انڪري آئون پاڻ کي خوش قسمت سمجهڻ لڳس. غريب شيطان يعني ته هڪ پوليٽيڪل ڪٿان اهي مضبوط ڪلها آڻي ها، جن تي انهيءَ بدناميءَ جو بار کڻي سگهي ها. برگيڊير ميجر اي. ڌڪار وچان پنهنجو نڪ موڙي اها رڙ ضرور ڪري ها ته ”لعنت اٿوَ سياستدانو!“ ايجوٽنٽ بي. به اهو آواز ڪئمپ جي چئني ڪـُـنڊن ۾ پکيڙي ڇڏي ها، ۽ هر هنڌ اهو بي سـُـرو ۽ ڀونڪ جهڙو آواز ته- ”لعنت اٿوَ سياستدانو!“ پيو ٻڌجي ها. مون کي هڪڙي درويش جي يادگيري پوي ٿي، جو جڏهن به ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو هو يا بخت ياوري نه ڪندو هوس يا ڪو حادثو ٿيندو هو، تڏهن هو هميشه مذهب جي خلاف پنهنجا ريمارڪس پاس ڪندو رهندو هو. جانيديري ڇڏڻ کان اڳ، رحمان ڌاڙيل اچي اسان کي مليو. کيس هڪ سهڻي لونگي ٻڌل هئي، ۽ هو هاڻي اسان وٽ هڪ ايماندار شخص وانگر نوڪريءَ ۾ بيٺل هو. مون جڏهن وٽس سندس ڪاري گهوڙي ڏٺي، تڏهن ڏينهن - ٻن لاءِ کانئس گهريم. هو پاڻ انهيءَ تي خوش ٿيو ۽ اجازت ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ جڏهن آءٌ ٻاهر ويندو هوس، تڏهن سندس گهوڙيءَ تي چڙهي ويندو هئس. ڏاڍي طاقت واري هئي، اُها پري جي پنڌ لاءِ بلڪل موزون هئي. پر پنڌ ٺيڪ ڪونه هئس، ڇاڪاڻ ته اها ٿوري ٿوري پنڌ تي گهه ڪري بيهي رهندي هئي، ڄڻڪ ڪجهه ٻڌي رهي آهي. هوءَ هڪڙي پاسي ڪنڌ جهلي بيهي رهندي هئي، تيسين ڪانه چـُـرندي هئي، جيسين پنهنجي عادت نه پوري ڪري. رحمان پنهنجي گهوڙي واپس وٺڻ لاءِ ڏاڍو آتو ٿي ڏٺو، ۽ جيئن ته هو وڪڻڻ لاءِ به تيار ڪونه هو انڪري مون اها گهوڙي کيس واپس ڪئي، جنهن تي هو اتان ترت هليو ويو. ٻئي ڏينهن مون ٻڌو ته هن کي ٻين بڙدي ڌاڙيلن سان گڏ ڪنهن ڦر تي وڃڻو هو، جنهن ۾ هنن کي چڱو مال هٿ آيو. اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي سواريءَ کي واپس وٺڻ لاءِ ايڏو ته آتو هو. اهي وهٽ جن تي ڏيهي ماڻهو چڙهندا آهن، يورپي ماڻهن جي ڏانوَ جا ڪونه آهن، ڇاڪاڻ ته هـُـو انهن جا ٻوٿ ۽ پنڌ وڃايو ڇڏين، ۽ کين اجايو گهنڊ ۽ ٻڌو ٽپ سيکاريندا آهن. انهيءَ ڪري انهن جي سواري سڻائي ٿئي ئي ڪانه، جيسين ماڻهو ڪاٺ جي هني تي هريل نه هجي. هڪ دفعي مون کي هڪ افغان جي گهوڙي جي ٽپڻ ۽ ڪڏڻ ڏاڍو مزو ڏنو. مون دل ۾ خيال ڪيو ته آءٌ به انهيءَ جو مزو وٺي ڏسان. سو آئون وڃي مٿس سوار ٿيس. هن مون کي پنهنجي پٺيءَ تي محسوس ڪندي وٺي ڊڪ پاتي. جيتوڻيڪ مون معمول وانگر سندس بشڪون قابو جهليون، پر هڪڙي يا ٻن ٽپن کان پوءِ مون ڏٺو ته مون واري ويهڻ جي جاءِ ڪا گلن جي سيج يا بخمل جي ٺهيل ڪانه هئي. مون ڀانئيو ته گهوڙو بيهاريان پر اهو بيٺو ئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته ان کي به رونشو لڳي ويو. جيئن آءٌ کيس جهلڻ ۾ هئس، تيئن پاڻ وڏا وڏا ٽپ ڏيڻ لڳو. مون ڏٺو ته هاڻي ٿو منهنجو بدن رهڙجي، ڇاڪاڻ ته هنو هو ڏاڍو کهرو ۽ مون کي وري فقط سنهون پاجامو پيل هو. ”خدا توکي غارت ڪري“ مون دل ئي دل ۾ انهيءَ وهٽ کي پٽيو. ”تنهنجي هني تي فقط اهوئي ماڻهو ويهي سگهي ٿو، جو لوهه جو ٺهيل هجي!“ آخر آءٌ گهوڙي تان بنا جوکم جي لهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. جيئن ئي آءٌ روجهاڻ وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو هئس، تيئن مون کي وردان وٽان هڪ خط پهتو، جو ڀاڳ (1) ۾ گهوڙيسوار فوج جو مهندار هو. هن لکيو ته بروهي هڪ وڏي انداز ۾ گنداوا لڪ کان لهي رهيا هئا، جن ۾ هزارين ته سوار هئا، پيادن جو ته انت ئي ڪونه هو. روجهاڻ لفظ کي ٿوريئي ڦيري سان فارسي جي محاوري ۾ ”مرڻيڪ روح“ ۾ بدلائي سگهجي ٿو. اتي آءٌ هڪ ڏينهن رهيس، ڇاڪاڻ ته مون کي کوهه صاف ڪرائڻو هو. انهيءَ کوهه ۾ جيڪو پاڻي موجود هو، تنهن کي پيئڻ لاءِ قبول ڪرڻ تي جيڪر هيرو گيٽ جا چشما ۽ ٽاور کاهي جو بيٺل دٻو، رشڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ها. ايراني نار جي وسيلي جڏهن اسان سندس پاڻي مٿي ڇڪي ورتو، تڏهن منجهس ايتري ته ڌپ هئي، جو ماڻهو ويجهي نٿي وڃي سگهيو. ڀانئجي ٿو ته جيڪي جانورن جا ڍونڍ منجهانئس ڪڍيا ويا هئا، تن انهيءَ ڌپ جو واڌارو ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته صفائي ڪرائڻ کان 24 ڪلاڪ پوءِ مس مس اها ڌپ ويندي رهي ۽ سائو ڄارو، جيڪو انهيءَ جو رنگ به بدلايو بيٺو هو، سو به ختم ٿي ويو. مون روجهاڻ ۾ جمالين جي رئيس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنهن ٻڌايو ته گذريل رات واريءَ جنگ ۾ سندس قبيلي جا تمام گهڻا ماڻهو ڪلپر بگٽين هٿان مارجي ويا، ۽ پاڻ به زخمي تي پيو هو. ٻيءَ رات جو آءٌ برپٽ اڪريس، جو سڄوئي سخت زمين وارو پوٺو هو. جيڪڏهن سونهان ساڻ نه هجن ها ته پوءِ انهيءَ کي پاڻيءَ وانگر طرف معلوم ڪرڻ لاءِ قطب نما سان هر هر ماپڻو پوي ها. روجهاڻ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي هڪ سيد جو مقبرو هو، جو 30 ميلن جي مسافريءَ ۾ مون کي فقط زمين تي هڪڙي نشان وانگر ڏسڻ ۾ آيو. اڃا اڌ پنڌ مس ڪيو هوسين ته اسان کي چڻنگون اڏامندي ڏسڻ ۾ آيون، جن مان ظاهر ٿي ٿيو ته جامڪيدار بندوقون پري ڪونه هيون. منهنجا جمالي سونهان جاچ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ويا، پر پوءِ ستت ئي موٽي آيا ۽ ٻڌايائون ته اهي ٻه افغان مسافر هئا. اسان جڏهن کين ويجهو پهتاسين، تڏهن ڏٺوسين ته انهن پنهنجا اُٺ ويهاري ڇڏيا هئا ۽ مٿن جامڪيدار بندوقون جهليو بيٺا هئا. هن ٻڌايو ته ڪيترائي ٻروچ ڌاڙيل مٿن اچي ڪڙڪيا هئا، پر اسان جي ويجهو هئڻ ڪري اهي حملي کان بچي پيا. انهن پٺاڻن پوءِ اسان جي پارٽيءَ سان شامل ٿيڻ جي اجازت گهري، جا مون کين ڏني ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ اسين برشوري پهتاسين، جو هڪ ويران ڳوٺ هو. سندس نالي مان ظاهر ٿي ٿيو ته اهو ٻن لفظن بر - شوري مان ٺهيل هو، جنهن جي معنيٰ آهي کاري پاڻيءَ تي ٻڌل. ۽ هو به ائين، ڇاڪاڻ ته اتي جو پاڻي نهايت کارو هو. اُتي جي رئيس جو آءٌ ڀانئيان ٿو، ته هيءُ مـَـتو ٿي ڏسڻ ۾ آيو: ”جنت ۾ غلام تي رهڻ کان بهتر آهي ته دوزخ ۾ بادشاهي ڪجي.“ جڏهن مون کوهن بابت پڇا ڪئي، تڏهن مون کي ڪي ڦٽل کڏون ڏيکاريائون، جن ۾ فوٽ جيترو پاڻي مس هو. انهيءَ کوٽڻ سان مورڳو پاڻي ئي غائب ٿي ٿي ويو. مون اتي هڪ بنگلي اَڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ فخر سان ڇانوَ ۾ ويهي ان کي ڏسندو رهيس. مون کي ان وقت سنڌي لباس پيل هو، خاص ڪري منهنجو مٿو هڪ ننڍيءَ ٽوپيءَ سان ڍڪيل هو، جنهن جي چوڌاريءَ ويهه وال ململ جو ڊگهو پٽڪو ويڙهيل هو. ان هوندي به مون محسوس ڪيو ته منهنجو مٿو هڪ گرم ٿانوَ ۾ پيل هو، ڇاڪاڻ ته پگهر هر هڪ پور مان لارون ڪري وهڻ ٿي لڳو. ٻئي ڏينهن مون ڏٺو ته پاڻي تمام ٿورو هو، انڪري مون اُتي ڪـَـمين کي ڪم تي لڳائي، اها جـُـوءِ ڇڏي، جتي هڪ ڪلاڪ جي دير به سالن جي برابر پئي لڳي. اهي اُجڙيل جايون ساوڪ جي پوشاڪ پائي سگهن ٿيون، سو هيئن ته انهن تائين سنڌو درياء مان واهن جي رستي پاڻي پهچايو وڃي. اڳين سالن ۾ ٻه وڏا واهه اُتان وهندا هئا، ميرواهه، جو حيدرآباد جي ميرن جو هو، ۽ مراد واهه، جو خيرپور وارن جي مـِـلڪ هو، پر کاٽي نه کڄڻ ڪري ۽ ملڪ جي حالتن جي مدنظر، اهي آهستي آهستي زبون ٿي ويا ۽ وري نه ٺهي سگهيا. سفر تي وڃڻ کان اڳ انهن واهن بابت مون هڪ خط پنهنجي بالادست کي لکي موڪليو، جنهن انهن جي کاٽيءَ بابت صلاح مشورو ڪري ڪي هدايتون به جاري ڪيون هيون. اُهي ٻروچ جيڪي منهنجو خط کڻي وڃي رهيا هئا، تن مون کان ڀنگ خريد ڪرڻ لاءِ، ڪجهه پئسن جي گهـُـر ڪئي. سندن چوڻ هو ته برپٽ کي منهن ڏيڻ خاطر، دل جي ڏڍ لاءِ کين ڪجهه مقوي شئي جي ضرورت هئي. مون کين ڪجهه روڪڙ ڏني، جنهن تي هنن چيو ته، ”هاڻي اسين سڄو رستو ڳائيندا وينداسين.“ برشوري ڇڏڻ کان پوءِ ٻارهن ميل پنڌ ڪري ميرپور پهتس. اهو سڄو رستو اُجڙ هو. مونکي ماڻهوءَ جي ٻن کوپڙين ۽ ڪجهه زبون ٿيل ڳوٺن کان سواءِ، سڄي رستي تي ڪي ڪين ڏسڻ ۾ آيو. پراڻو ميرپور هڪ وڏو ڳوٺ هو پر هئو گهڻي ڀاڱي ويران. اُتي وڻن جو هڪ گهاٽو جهڳٽو هو، جنهن جي هيٺان مون پنهنجو تنبو کڻي کوڙيو. رات جو ڏاڍي گهـُـٽ ٿي ۽ صبح جو اها خبر ٻڌم ته سوارن جو هڪ جـَـٿو ويجهو اچي رهيو هو. ڪن چيو ته اهي بروهي آهن. ۽ جيڪڏهن اهي هجن ها، ته پوءِ ڀانئجي ٿو ته بلڪل معمولي مقابلو ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته مون وٽ فقط چار سپاهي ۽ چار سوار هئا. پر حقيقت ۾ اهو ڀاڳ جو قاضي هو، جنهن کي اَسي سوارن سان وردان مون ڏانهن ڏياري موڪليو هو ته جيڪي به فوجون مان گڏ ڪري سگهان، اهي گڏ ڪري جلدي ڀاڳ پهچان، ڇاڪاڻ ته بروهين جو هڪ وڏو ڪٽڪ ڪيترن ئي سردارن جي هٿ هيٺ ڀاڳ کي ويجهو پهچي چڪو هو. مون جڏهن پنهنجن ماڻهن تي نظر ڦيرائي، تڏهن ڏٺم ته مون وٽ فقط نوَ ماڻهو هئا. انهيءَ تي مون کان ٽهڪ نڪري ويو. قاضي به توائي پئي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته هن جو خيال هو ته مون وٽ گهٽ ۾گهٽ هڪ سؤ ماڻهو ته ضرور هوندا. حقيقت هيئن آهي ته مون وارو بالادست ڪڏهن به سؤ ماڻهن کان گهٽ حفاظتي جـَـٿي کان سواءِ ٻاهر ڪونه نڪرندو هو ۽ پڻ فوج جو چڱو حصو به پاڻ سان کڻندو هو. مون لاءِ وري سندس اهو خيال هو ته ٻه - چار نائڪ منهنجي حفاظت لاءِ ڪافي هئا. بهرحال، مون وٽ ڪَـمين کي اُجوري ڏيڻ لاءِ ڪجهه هزار رپيا هميشه ساڻ رهندا هئا. سو، مون قاصدن کي پنا ڏيئي بروهين جي انهيءَ حملي جي خبر هڪدم سکر ۽ لاڙڪاڻي ڏياري موڪلي ۽ قاضيءَ سان گڏجي ڀاڳ ڏي وڌيس. اسان رستي تي هڪ ڪلاڪ لاءِ قاسم جي جهوڪ نالي ڳوٺ ۾ ترسياسين، جو ڪاڊرنگٽن جي خيال موجب قاسم لاءِ هڪ چرچو ٿئي ها، پر اهو ٿي ڪونه سگهيو، ڇاڪاڻ ته اتي رسد جو سامان هئوئي ڪونه. ڳوٺ جو مالڪ قاسم خان، جو زميندار به هو، اچي اسان سان مليو. هو ڏسڻ ۾ سهڻو مڙس هو. سندس ڏاڙهي ڪاري ۽ شاندار هئي. ساڻس گڏ محمد خان ابڙو به آيو هو، جو هاري پئي ڏٺو، پر هو ڏاڍي سٺي طبعيت جو ماڻهو، انڪري مون پنهنجو تنبو کيس سونپي ڏنو. آءٌ ڀاڳ ۾ صبح جو ٻين بجي پهتس. انهيءَ وقت تائين اسي گهوڙيسوارن مان جيڪي مون وٽ ميرپور آيا هئا، فقط هڪڙو قاضي وڃي بچيو، باقي ٻيا سڀ هڪ - نه ٻيو بهانو ڏيئي کسڪي ويا. جڏهن شهر جي در وٽ پهتاسين تڏهن قاضيءَ مون کي خبردار ڪيو ته جيئن ته اسين نـِـوا جي وقت پهتا هئاسين، انڪري ٿي سگهيو ٿي ته ڪا گولي نه اچي ٺڪاءُ ڪري. ڇاڪاڻ ته قلعي جي حفاظتي فوج بروهين جي تاڙ ۾ ويٺي هئي. هن مون کي عرض ڪيو ته بندوق جي نشاني کان مڙيئي پري رهجي، جيسين سج ڪـَـني ڪڍي يا روشني ٿئي، پر جيئن ئي اسين مٿي دروازي ڏانهن وڌياسين، تيئن ڊپ ۾ قاضيءَ جا ڏند ٺڙڪڻ لڳا. مون دروازي وٽ پهچي، انهيءَ کي زور سان کڙڪايو. ڏٺم ته ٻن- ٽن بندوقن جون ناليون اچي منهنجي مٿي جي سنوت ۾ بيٺيون، ۽ مون کي هڪل ڪئي ويئي ته ڏهه قدم دروازي کان پري ٿي بيهه، نه ته اهي بندوقون اِجهي ٿيون ڇٽن. ايتري ۾ ماڻهن جو منڍيون دروازي جي مٿان، تڪڙو تڪڙو اندر ٻاهر ٿيڻ لڳيون، جنهن تي مون کين دڙڪو ڏيئي چيو ته هاڻي اها بيوقوفي ڇڏيو ۽ دروازو کوليو. جيئن ئي آءٌ اندر گهڙيس، تيئن سڌو وردان جي گهر ويس ۽ کيس ننڊ مان اُٿاري صورت حال بابت گفتگو ڪيم. هن ٻڌايو ته وٽس نوي (90) سوار هئا، جي گهڻو ڪري بيقاعدي فوج جا هئا، ۽ نوان رنگروٽ هئا. دادر ۾ جتي اسان جا پنج سؤ ماڻهو ۽ ڪيتريون ئي توبون هيون، پر اتان فقط هڪڙو ماڻهو آيو، جنهن کي ڀاڳ ۾ موجود ڪـَـٽيل توبن جي سنڀال جو ڪم ڏنو ويو. هڪڙي توب جي ٽرائي وٺندي هن شهر جي ويران پاسي انهيءَ جو منهن ڦيرائي وٺي ڇوڙيو. اهو ويرانو ٻه سؤ وال کن پري هو پر ڌڪ لڳو ئي ڪو نه. اها توب ڪا پويان ڌڪ هڻندڙ هئي، سو جيئن ئي پويان ڌڪ هنيائين، تيئن وڃي ديوار کي لڳي ۽ ان کي پنهنجي مٿان ڪيرائي وڌائين. اها توب اڃا به انهيءَ ديوار جي هيٺان پئي آهي. هن جي راءِ هئي ته شهر کي بچائڻ ناممڪن هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جا هزارين رهاڪو اسان جي خلاف هئا، ۽ جي خلاف نه به هجن، تڏهن به کين اسان جي مٿا ڪـُـٽ سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي ۽ اهو به قلات جي نوجوان خان خلاف، جو ان وقت بولان جي لـَـڪ تان هيٺ لهي رهيو هو. ساڳئي وقت ڪمال خان به ٽن - چئن هزار سوارن سان گنداوا جو لڪ لهي چڪو هو. ڀاڳو شهر جي ڀـِـت ڪيترن هنڌن وٽ ڏهن فوٽن کان به گهٽ هئي. ازانسواءِ پاڻي هٿ ڪرڻ خاطر شهر کان ٻاهر به ضرور وڃڻو ٿي پيو. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڏي خرابي هئي محمد شريف جي، جو پنهنجي شرارتي ذهن جي ڪري مشهور هو. هو شهر ۾ موجود هو، ۽ بروهين سان به ملت ۾ هو. اهي خبرون ٻڌي مون صلاح ڏني ته شهر جي چڱن مڙسن کي گهرايو وڃي، ۽ کانئن پڇجي ته انهن جي ڪهڙي ڪهڙي راءِ آهي. راڄ جي چڱن مڙسن، جن ۾ غلام نبي مغيري ۽ حيدرخان ابڙو وغيره شامل هئا، تن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان کي فوجون آهن ته پوءِ ڀلي مقابلو ڪريو، نه ته چڱو اهو آهي ته نوجوان خان سان صلح ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته طاقت کان سواءِ جيڪڏهن اوهان منهن ڏنو ته پوءِ اسان جون زمينون به ويران ٿي وينديون، ۽ اسان جي جان به جوکي ۾ رهندي. اهي ماڻهو حقيقت ۾ اسان جي فائدي ۾ هئا. پر انهن کي اسان جي ڪمزوريءَ جي پوري پوري خبر هئي. کين محمد شريف جي ڪرتوتن جي به ڄاڻ هئي، جو بروهين جي اچڻ تي هڪدم دروازا کولي ڇڏي ها، ۽ دوستن جيان سندن آڌرڀاءُ ڪري ها. جيئن ته اسان جا ڀاڳ ۾ اَنَ جا انبار پيل هئا، انڪري اسان جو مقصد هو ته شهر جو بچاءُ ٿئي. انڪري آخر اها صلاح ٿي ته آءٌ پنهنجا سپاهي وردان وٽ ڇڏي ڦلجيءَ وڃان، ۽ اتان مددي فوج ڏياري موڪليان. پوءِ انهيءَ ڪم ۾ ڪاميابي ٿئي يا نه، پر ٻن ڏينهن ۾ واپس ڀاڳ پهچي وڃان. آءٌ ان وقت ڏاڍو ٿڪل هوس پر ان هوندي به هڪ مـَـهري اُٺ تي چڙهي ڦلجيءَ ڏي پنڌ پيس. برپٽ جا ارڙهن ميل لنگهندي، ڇڇر تي اچي پهتس. هي ڳوٺ لـَـهري نديءَ تي ٻڌل هو، جنهن جي چوڌاريءَ جوئر جي فصل بيٺو هو. آءٌ پوءِ وزيره ويس جو بجرخان نالي هڪ مشهور ڊومڪي سردار جو ڳوٺ هو. ان وقت آءٌ اتفاق سان بجر خان جي اُٺ تي چڙهيل هوس، جيڪو گهڻو اڳي، سندس پيش پوڻ وقت کانئس ڦـُـريو ويو هو. اهو هڪ عجيب وقت هو. آڌيءَ رات جو بجر جي قبيلي جي ماڻهن ۾ هڪ اڪيلو ٿڪل ٽٽل ۽ ويڳاڻو شخص هوس. منهنجي پهچڻ سان بجر جو پٽ وزير خان ۽ سندس ڀاءُ مبارڪ خان ٻاهر نڪري آيا، ۽ سندن پٺيان ڊزن - ٻه ٻيا به ٻروچ هئا. انهن نڪرڻ سان ئي پنهنجو اُٺ سڃاڻي ورتو، ۽ ان کي سندس نالو وٺي سڏ ڪيائون. مون کي هڪدم سڃاڻي ورتائون، ڇاڪاڻ ته شڪارپور مان گذرندي مون ڪيترا دفعا کين مانيءَ جي دعوت ڏني هئي. هنن هڪدم گهـَـٽو ۽ ڪجهه شيخون گهرايون ۽ اسان سڀني گڏجي کاڌو کاڌو. گهـَـٽي کي هتي دنبو سڏيو وڃي ٿو، ۽ آهي به ڏاڍو متارو! سندس پــُـڇ اچرج جهڙو ٿلهو هوندو آهي. اتي اسان نفشڪ جي جنگ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن مون کي ٻڌايو ته انهيءَ جـُـوءِ جا سڀيئي ٻروچ مرين جي مدد لاءِ ويا هئا ۽ جنگ ۾ حصو ورتو هئائون. مون پڇيومان ته انهيءَ ۾ گهڻا ماڻهو مئا هوندا، تڏهن جواب ڏنائون ته، ٻه سؤ اوهان جا ماڻهو ۽ اسي ٻروچ. اڌ ڪلاڪ يا ٿورو وڌيڪ آرام ڪرڻ کان پوءِ مون وري پنهنجو سفر شروع ڪيو. مبارڪ خان، ڦلجيءَ تائين رستي جا ڇهه ئي ميل، جي گهڻو ڪري جهنگ هو، مون سان گڏ هو. ڦلجي هڪ تمام سهڻو ڳوٺ هو ۽ بگٽي - مري ٽڪرين جي پاڙ ۾ هو. پهرين اهو ڳوٺ ڪهيرين وٽ هو پر پوءِ کين بجر خان اتان ڪڍي ڇڏيو هو. جيئن ته ڪهيرين اسان جي اچڻ وقت سڀني کان پهرين اسان جي ملازمت اختيار ڪئي هئي، انڪري سندس خدمتن جي صلي ۾کين ڦلجي ۽ ان جو آسپاس وارو علائقو ڏنو ويو هو. ڀاڳ کان ڦلجيءَ تائين ڊگهي سفر ۾ معاملن کي سمجهي، تاڙي ويس ته اسان کي نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي. معاملا ڏاڍا مشڪل هئا، ۽ سکر جي اختياريءَ وارن کي انهيءَ طوفان جي- جيڪو تمام ويجهو اچي پهتو هو- ڪا به خبر ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته کين مون وارا خط پهتا ئي ڪونه هئا. بروهين ڪڇيءَ تي ٻه - طرفو حملو ڪيو. هڪ طرف کان ڪمال خان التازئي ٽن - چئن هزارن ماڻهن سان گڏ گنداوا پهچي ويو هو، اتي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني هئائين. ٻئي پاسي وري نصير خان پنجن - ڇهن هزار سوارن سان دادر جي ويجهو پهچي چڪو هو. ڪمال خان جيڪڏهن چاهي ها ته ٻن - ٽن منزلن ۾ ڀاڳ تائين پهچي وڃي ها. اتي اسان جي حفاظتي فوج ڪانه هئي ۽ ٻيو ته اسان جو مقرر ڪيل نائب محمد شريف بروهين سان اڳيئي ملت ۾ هو، انڪري شهر تي آسانيءَ سان سندن قبضو ٿي وڃي ها. ڀاڳ هٿ اچڻ کان پوءِ ڪمال خان جو ان جي گودامن تي قبضو ٿي وڃي ها، جنهن جي وسيلي هو دادر کي ٻن باهين جي وچ ۾ وجهي سگهيو ٿي. ساڳئي وقت هو ڪاجڪ جي ماڻهن، مرين ۽ بگٽي ٻروچن سان رابطو قائم ڪري سگهي ها. انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونه آهي ته ڪو دادر نه وٺي سگهي ها. ائين ڪرڻ سان هو اسان جي فوجي جٿن کي ڪٽي سگهيا ٿي. اسان جون فوجون جيڪر نصير خان جي حملي کي منهن ڏيئي وڃن ها پر ڀاڳ هٿان نڪري وڃڻ کان پوءِ ۽ دشمن کي توبن هٿ اچڻ کان پوءِ سندن مقابلو نه ڪري سگهن ها. انڪري بهتر طريقو هي هو ته آءٌ ڪافي طاقتور فوج جمع ڪري ڀاڳ پهچان ۽ پيادل فوج کي اتي ڇڏي، جيڪي به سوار جمع ٿي سگهن، تن سان بروهين جي ڪئمپ طرف گنداوا ڏانهن ڪوچ ڪريان. مون کي پنهنجي دوست بالادست وٽان ڪي به اهڙيون هدايتون ڪونه هيون، پر ڇا اهڙي نازڪ وقت ۾ انهن لاءِ ترسڻ ضروري هو؟ ائين ڪرڻ سان دير ٿي وڃي ها ۽ بروهي تيسين ڀاڳ کي ڦـُـري چٽ ڪري ڇڏين ها. مون کي حيدر خان ابڙي، امام بخش رند، غلام نبي مغيري ۽ احمد خان مغازي جهڙن زميندارن جي مدد جو آسرو هو، جي نه فقط ڪي سوين سوار پيدا ڪري سگهيا ٿي، پر ساڳئي وقت اسان کي دشمن جي نقل و حرڪت جي به خبر پهچائي سگهيا ٿي. سندن وفاداريءَ جي بهترين ضمانت سندن زمينون هيون، جي فصل سان ڀريون بيٺيون هيون، انڪري جيڪڏهن اسان سان ساٿ نه ڏين ها ته بروهين جو اٿاهه لشڪر سندن زمينون تباهه ڪري ڇڏي ها. اسان سڀئي طريقا استعمال ڪري، هزار سپاهي جمع ڪري وڃون ها، جي ڪمال خان کي ڊوڙائي وڃي ٽڪرين تائين ڇڏين ها، پر ائين ڪونه ٿي سگهيو. ۽ نتيجو اهو نڪتو جو رسد جو سڄو مال ساڙيو ويو. منهنجي ڦلجيءَ پهچڻ کان هڪدم پوءِ، ٻه سؤ سوار ۽ سؤ پيدل لهري کان پهچي ويا هئا. انهن ٻڌايو ته ريجمينٽ جو هڪڙو بازو ٻن توبن ۽ ڪجهه سوارن سان دادر ڏانهن وڌي رهيو هو، پر ڀاڳ جي رستي کان نه، ڇاڪاڻ ته کين انهيءَ خطري جي ڪابه خبر ڪانه هئي. مون ارادو ڪيو ته آءٌ پاڻ لهري وڃي ڪمانڊنگ آفيسر تي زور آڻيان ته هو ڀاڳ ڏانهن ڪوچ ڪري. اتي پهچڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته اسان کي پنهنجي رٿن کي عملي جامي پهرائڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو. دادر کي مدد پهچائڻ کان اڳ اهو ضروري هو ته گنداوا جي بروهين خلاف ڪو موثر قدم کڻجي، ڇاڪاڻ ته دادر تي نصير خان جي حملي کان وٺي ان وقت تائين 18 ڏينهن گذري چڪا هئا. لهريءَ وڃڻ کان اڳ مون بجر خان ۽ بيبرگ سان ملاقات ڪئي، جن کي ان وقت آزاد ڪرڻ خاطر ڦلجي آندو ويو هو. پر ان هوندي به مٿن چوڪسي رکيل هئي. ملاقات مڙيئي چڱو وقت هلي، ۽ انهيءَ ۾ حاضر معاملن تي بحث مباحثو ٿيو، بيبرگ گهڻو وقت نظر بند رهڻ ڪري ڏاڍو خفي پئي لڳو ۽ پنهنجي آڻ مڃڻ واري ڏينهن کي پٽي رهيو هو. بجر ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ سهڻو ۽ فهميدو پئي لڳو. هن فقط هيئن چيو ته، ”صاحب! جيڪڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پيش پوان ها، ته هو مون سان ٻيءَ طرح پيش اچي ها ۽ مون کي انگريز سرڪار جو دوست بنائي وجهي ها!“ پيادل فوجي آفيسرن ۾ منهنجو پنهنجو هڪ مائٽ به هو، جو ڪاجڪ جي گهيري ۾ شامل هو. ڳالهين ڪندي اسان ڪاجڪ جي ڪوٽ جو به ذڪر ڇيڙيو، جنهن تي هن چيو ته، ”اوهان کي ڏاڍي ڏکي جنگ ڪرڻي پوندي“. اتي مون کان کـِـل نڪري ويئي. انهيءَ تي هن دعويٰ ڪئي ته، ”اوهان جون فوجون اسان جي توبخاني اڳيان بيهنديون ئي ڪونه!“ منهنجو وري اهو چوڻ ته اهي بيهنديون. اهڙيءَ طرح ڳالهين ڪندي اسان هڪٻئي کان موڪلايو. اڃا ٻه مهينا ئي ڪونه گذريا ته خبر پيئي ته اهو نوجوان آفيسر ڪاجڪ تي حملو ڪندي مارجي ويو. اهو حملو ٽي دفعا ڪيو ويو پر هر ڪنهن ڀيري انهيءَ کي ناڪامي ڏسڻي پئي. لهري پهچڻ تي مون اهي به فوجون ڏٺيون، جي گهڻي وقت تائين ڪاهان ۾ گهيري هيٺ آيل هيون. انهن مون کي مرين جي طرز عمل بابت دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون. انهيءَ بهادر قبيلي نه فقط اسان جي حفاظتي فوج کي پوئتي هٽڻ جي اجازت ڏني پر ساڳئي وقت مٿن رحم ۽ مهربانيءَ جي نظر به ڪئي هئي. مثال طور اسان جو هڪ سپاهي جڏهن ساڻو ٿي ڪـِـري پيو، تڏهن هڪ مري سونهون کيس پنهنجي خچر تي چاڙهي هيٺ وٺي آيو. انهن جي سردار دودا خان مريءَ انهيءَ سپاهيءَ هٿان هيءُ يادگار نياپو ڪمانڊنگ آفيسر کي ڏياري موڪليو: ”چئو وڃي پنهنجي صاحب کي، ته مرين جيڪي به ماڻهو ماريا آهن، اهي جنگ ڪندي قتل ڪيا آهن. باقي رهيا زخميل، ڪئمپ جي پويان هلندڙ، ۽ قيدين جو خون، انهن جي جوابداري بگٽين تي آهي. اسان جا هٿ مقابلي نه ڪندڙ ماڻهن جي رت سان ڪڏهن به نه رڱيا ويا آهن.“ ڪوبه تاريخدان مرين کي دلير ۽ فراخ دل مردن جي فهرست ۾ داخل ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. سندن زالون به اهڙيون ئي بهادر آهن. اهي جنگ ۾ زخمين جي سنڀال کان سواءِ، سخت جنگ جي وقت، مڙسن سان گڏجي جنگ ڪنديون آهن. ٻروچن ۾ گهڻو ڪري هڪ زال ڪبي آهي ۽ زالن جي وفاداري پهاڪي طور ياد ڪئي ويندي آهي. اڳين وقتن ۾ جڏهن پٺاڻن جي شڪارپور تي حڪومت هئي. تڏهن اتي جي هڪ پٺاڻ حاڪم جي هڪ مري ٻروچ جي زال سان دل ٿي ويئي، جو سندس نوڪريءَ ۾ هو. حاڪم جڏهن ڏٺو ته هوءَ کيس سنوت نٿي ڏئي، تڏهن هن سندس مڙس کي ملازمت جي سلسلي ۾ ٻاهر موڪلي ڏنو ۽ پاڻ وڃي هن جي گهر ۾ وارد ٿيو. حاڪم جو خيال هو ته جيڪڏهن خوشيءَ سان راضي نه ٿي ته پوءِ ساڻس زوري به ڪبي. سج لٿي کان پوءِ حاڪم غائب ٿي ويو. هڪ رازدار نوڪر کي سندس نيت جي خبر هئي، تنهن وڃي کيس انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڳولي هٿ ڪيو. ڇا ڏسي ته حاڪم هٿين - پيرين ٻڌو پيو هو، ۽ اهڙي ته مار کاڌي هئائين جو مڙس جهلڻ کان سواءِ پيرن ڀر بيهي ڪونه ٿي سگهيو. انهيءَ قصي جي سموري خبر ته ڪانه پئجي سگهي، پر ٻڌڻ ۾ آيو ته اها مائي پنهنجي نامراد عاشق لاءِ پاڻ ئي بس هئي. مائيءَ هن کي ڏاڍي مار ڏيئي رسن سان کڻي ٻڌو ۽ پاڻ وڃي پنهنجي مڙس ڀيڙي ٿي، ۽ وري شڪارپور واپس ڪانه آئي. مون جڏهن پنهنجي راءِ سينئر ملٽري آفيسر جي اڳيان ظاهر ڪئي، تڏهن هن انهيءَ کي معقول سمجهي، ڀاڳ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اسان انهيءَ ساڳيءَ رات پنڌ پياسين ۽ اڌ رات جو اڍائي بجي ڇڇر پهتاسين، جتي اسان منزل ڪئي. هتي مون کي جوئر جي پوک ۾ آسمان جي هيٺان سمهڻ جو موقعو مليو. مون واري جبي مون کي هنڌ جو ڪم ڏنو، پر اتي مڇر ڏاڍا هئا. ولهه تي سمهڻ جي ڪري، ٺنڀجي پيس ۽ جڏهن اٿيس تڏهن هٿ - منهن ڌوئڻ خاطر تنبوءَ ۾ وڃي ٽوال گهريم. تنبوءَ ۾ رهندڙ آفيسر هڪدم ورجايو، ”ٽوال کپيئي دوست! حاضر - ڇوڪرا ٽوال کڻي وٺ جلدي.“ پر مون واري دوست جو نوڪر به ڪلب بالڊرسٽن وانگيان پنهنجي مالڪ جي ٽوال کي ڪٿي ٿو هٿ لائڻ ڏئي. تنهن ڇا ڪيو جو ڪوڙ ڪري ويهي ٽوال ڳولڻ لڳو. نيٺ جڏهن گهڻي دير ٿي، تڏهن هن هڪل ڪري چيس، ”اڙي ٽوال ڏيڻ ۾ ايڏي دير!“ تڏهن جواب ڏنائين ته، ”سائين آهيئي هڪڙو ٽوال ۽ اهو اوهان اڳيئي کنيو ويٺا آهيو.“ ٻئي ڏينهن صبح جو اسان ڀاڳ پهتاسين. مون گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ سؤ ويهه ميل سفر ڪيو هو، انڪري مون چاهيو ٿي ته ڪجهه آرام ڪجي. اسان جو اتي ڏاڍي سٺي وقت پهچڻ ٿيو، ڇاڪاڻ ته بروهي گنداوا کان نڪري ڏکڻ ڪڇي ۾ ڇڙو ڇڙ ٿي ويا هئا ۽ انهن جون ڪي ٽوليون ڀاڳ جي ويجهو ٿورن ميلن اندر ڏسڻ ۾ آيون. محمد شريف، جو ٻه ڏينهن اڳ مون کي اڪيلو ڏسي رُکيءَ طرح پيش آيو هو، سو هاڻي عزت سان اسان جي خوشامد ڪرڻ لڳو. اڃا مون نيرن ئي ڪانه ڪئي هئي، ته پري کان مٽيءَ جو هڪ وڏو ڪڪر اڏامندو نظر آيو. اسان جا چار سوار جانچ پڙتال لاءِ اڳتي وڌي ويا ۽ توبن کي، جي برج جي ويجهو هيون، سنوت ڏيئي تيار ڪيو ويو. برج ۾ ان وقت اسان جي پيادي فوج جا 350 ماڻهو مقيم هئا. پر خبر پئي ته مڙئي خير هو. ٻيو ڪوبه ڪونه هو. الف خان جو پٽ، جيڪو گهوڙيسواري ڪري رهيو هو، سو گهوڙي تان ڪري پيو هو ۽ سندس ٻانهن ڀڄي پيئي هئي. نينگر جي ٻانهن ڇوڪرين جهڙي ڀوري ۽ لسي هئي، پر شابس هجيس، جو ڌڪ دليريءَ سان جهلي ويو. مون صلاح ڏني ته جيسين اسان جي هتي اچڻ جو اطلاع بروهين تائين پهچي، تيسين اسان کي تڪڙو تڪڙو ڪوچ ڪري گنداوا پهچڻ گهرجي. منهنجي صلاح گهڻو ڪري پسند پيئي ۽ مون انهيءَ وقت عاميل ۽ ٻين آفيسرن کي، جي ويجهڙائيءَ ۾ هئا، خط لکيا ته چوويهن ڪلاڪن اندر اچي اسان سان شامل ٿين. ساڳئي وقت اها صلاح به بيٺي ته شهر جا دروازا بند رهن ته جيئن ڪوبه قاصد دشمن ڏانهن نه وڃي سگهي. اسان واري اها رٿ چڱي هئي يا خراب، پر پوري ڪانه ٿي سگهي. اڃا مون اهي بندوبست پئي ڪيا، ته هڪ قاصد منهنجي بالادست وٽان نياپو کڻي اتي اچي پهتو، جنهن ۾ هدايت ڪيل هئي ته آءٌ هڪدم کيس وڃي شڪارپور ۾ ملان. مون لاءِ انهيءَ حڪم جي مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ڪانه هئي، انڪري وري شڪارپور جي رستي تي پنڌ پيس. پر مون کي اهو اطمينان رهيو ته مون مڙسي ڪري ڀاڳ کي بروهين کان بچائي ورتو، نه ته ڏينهن - ٻن ۾ ڀاڳ جي به اها ساڳي حالت ٿئي ها، جيڪا ڪانڌاهه ۽ گنداوا جي ٿي هئي. انهن ٻنهي شهرن کي نه فقط ڦريو ويو، پر کين باهه ڏيئي ساڙي رک ڪيو ويو هو. ----------- (1) اي- ڊي- سي: هميشه گڏ رهندڙ مددگار زيردست کي چئبو آهي. (1) ڀاڳ، ناڙي جي علائقي کي سڏبو آهي. باب ڏهون شاهه پور - عاميل جو همراز تـُرڪ علي - رئيس العلماء سان ملاقات - ڪانڌاهه ۽ ڀاڳ وٽ جهڙپون - دادر تي حملو - ليفٽيننٽ لوڊي جو خون - مير نور محمد جي وفات - گنداوا وٽ نصير خان جي هار - بروهي قيدي - شڪار ڳڙهه ۾ شڪار 11- آڪٽوبر تي مون ڀاڳ ڇڏيو ۽ چاليهه ميل سواري ڪري طاهر جي ڳوٺ پهتس. جتي ٿورا ڪلاڪ آرام ڪري، جسر کان لنگهي شاهپور پهتس، جو ڪهيرين جو وڏو شهر آهي. ڦلجيءَ وانگر هي شهر به ڊومڪين جي هٿ چڙهيو هو، پر پوءِ اسان اهو هٿ ڪري، وري کين واپس ڪيو هو. شاهپور ۾ مون عاميل ۽ ٻين آفيسرن کي ڏٺو، جن اسان جي گنداوا تي رٿيل حملي جي بند ٿي وڃڻ تي افسوس ظاهر ڪيو. عاميل مون کي ساڻس برپٽ ۾ ٿيل واقعن بابت گهڻو ڪي ٻڌايو. اسان وٽ ٻروچن ۾ تـُـرڪ علي جکراڻيءَ کان وڌيڪ ڪوبه سٺي ڪردار وارو رئيس ڪونه هو. هو ڊگهو سنهو پير مرد هو، جنهن کي ڳاڙهي رڱيل ڏاڙهي هئي. گهٽ تهذيب يافته قومن ۾ ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪا قيمت نه آهي، پر ترڪ عليءَ وٽ ته بلڪل ڪانه هئي. هڪ ڏينهن هڪ هندو دڪاندار عاميل کي ڪنهن شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ ورجائي چوڻ سان ڪڪ ڪري رهيو هو. ان تي عاميل، ترڪ عليءَ ڏانهن اشارو ڪري چرچي طور کيس چيو ته، ”هن کي ٽار ته جيئن بـَـڪ بند ڪري“. ترڪ علي هڪدم وڃي انهيءَ بڪواسيءَ کي ڳٿڙ کان جهليو ۽ گهليندو ويس ٻاهر. ان وقت ترڪ عليءَ وٽ کليل چاقو به هٿ ۾ هو، ۽ هيئن چوندو ويو ته، ”اجهو ٿو ماٺ ڪرايانس“. عاميل کي اچي خطرو لڳو ته متان ماري نه وجهيس، سو اٿي کيس سندس چنبي کان بچايائين، جا ڳالهه ترڪ عليءَ کي نه وڻي. شڪارپور ڏانهن ويندي مون سان جکراڻين جو هڪ حفاظتي جـَـٿو به ساڻ هو، جي ترڪ عليءَ جا ماڻهو هئا. هنن سمجهيو ته مان سندن ٻولي ڪونه ڄاڻان، انڪري ڏاڍي فخر سان اهي ٻٽاڪون هڻندا ويا ته ڪيئن هنن لارڊ ڪئننگ جي فوج کي ڦريو هو. ”انهيءَ هوندي به“ انهن مان هڪڙي ورجايو، ”فرنگي ڏاڍا فراخدل آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي کانئن هڪڙي ڏينهن ڦريو وڃي ٿو، اها ساڳي شئي ٻئي ڏينهن پئسا ڏيو خريد ٿا ڪن. کانئن وڌيڪ ٻيا ڪهڙا سٺا گراهڪ ملي سگهن ٿا؟“ نيٺ وري به اچي شڪارپور جي چارج ورتم، جا ڪڇيءَ جي پٺيان پاڻيءَ واري برپٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ سهڻي جاءِ هئي. واپس پهچڻ کان ٿورو وقت پوءِ آئون اتي جي عبدالخالق نالي هڪڙي عالم سان ملڻ ويس. هو ڪڏهن به ڪنهن يورپيءَ سان ملڻ ڪونه وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس اصول هو ته فقط مسلمان وٽ ئي وڃجي. انگريزي پهاڪي وانگر ته جيڪڏهن جبل موسيٰ وٽ نٿو اچي ته پوءِ موسيٰ کي ئي جبل وٽ وڃڻ گهرجي، رسمي طور مون بزرگ وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مون ڏٺو ته رئيس العلماء هڪ سهڻي شبيهه جو پير مرد هو، جنهن جي هر ڳالهه ۾ سچي مذهب جو ذڪر ٿي آيو. هو ڪافرن جي باري ۾ تـِـر جيتري به رعايت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. ٻين ڳالهين سان گڏ هن انهيءَ ڳالهه تي به بحث ڪيو ته مسلمان هڪ ڪرستان سان گڏ ماني کائي ته انهيءَ ۾ ڪو هرج آهي. منهنجو خيال هو ته قرآن ۾ انهيءَ جي ڪابه جـَـهل ڪانه آهي. ان تي هن جواب ڏنو ته توهان پاڻ به ته پنهنجي شريعت تي ڪونه ٿا هلو، مثال طور اوهان کي رت ۽ ڦاهي کاڌل جانور جي کائڻ کان منع ٿيل آهي پر اوهان انهن حڪمن جو ڪوبه خيال ڪونه ٿا ڪريو. جيئن ته اوهان پنهنجي شريعت جا اصول ڀڃيو ويٺا آهيو، انڪري اوهان کي ڪافرن ۾ شمار نه ڪريون ته ٻيو ڇا ۾ ڪريون؟ هن ڪرستانن جي انهيءَ دليل تي به ڳالهايو، ته ڪرستانن جي تعليم اڻ پوري آهي ۽ آخرين نه آهي. هتي هن ملڪ ۾ فقط اهو ماڻهو وڏو عالم سمجهيو وڃي ٿو، جو ڪنهن ٻئي عالم سان مناظرو ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ائين نٿو ڪري سگهي ته پوءِ پٽڪي کي ڳنڍ ڏيئي انهيءَ عالم جو مريد ٿيڻو پوندس. رئيس العلماء جو لقب فقط انهن کي ڏنو ويندو آهي، جن جو نالو هجي ۽ جيڪي مذهبي سختيءَ ۽ ديني علم جي ڄاڻ ۾ ڀـَـڙ هجن. جنهن وقت آءٌ ڪڇي ۾ هوس، ان وقت چڱي موچاري فوج سکر ۾ جمع ٿي چڪي هئي، بروهين جا لشڪر جڏهن گنداوا کان وٺي بولان جي ميدانن ڏانهن لڙي رهيا هئا، ان وقت اسان جا سياسي حاڪم وري حسد وچان پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ۽ ڏاڍي آرام سان ايندڙ موسم لاءَ رٿون رٿي رهيا هئا، ته خان جو ڇا ٿو ٿئي. جنگ جي محاذ تي هڪٻئي پٺيان ڪئين ريجمينٽون موڪليون ويون، پر ان هوندي به سکر واري مهاڳ تي فوجن ۾ڪا گهٽتائي ڪانه آئي ۽ اهو ساڳيو مجموعو رهيو. آخر اسان جي حڪومت وري ڪوريئڙي جي ڄار اُڻڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪي ڏهه - ٻارهن ٽنگ ٿي پيا هئا، جنهن جي ڪري منجهس گهانچا ۽ وٿيون ڏسڻ ۾ آيون. انهيءَ کان پوءِ اسان جي مکيه سياسي ڪوريئڙي ڪجهه ٻـُـڌڻ جي عنايت ڪئي، ۽ پوري شان شوڪت ۽ زهر سان ڀريل رومڙ به ڪئي، پر مکين کي جيڪي ڪجهه ڪرڻو هو اهو انهن ڪيو ۽ پوءِ رمنديون رهيون. انهيءَ وچ ۾ جيڪي ڪمي مون برشوري ۾ ڇڏيا هئا، تن کي بروهي سوارن ڊوڙآئي وڃي برپٽ ۾ ڇڏيو. پر انهن سان به ساڳي جٺ ٿي، ڇاڪاڻ ته راڻيءَ جي چوٿين ريجمنٽ کين شڪست ڏيئي، منجهانئن هڪ سؤ ٽيهه مرد ۽ ٽي عورتون ماري وڌيون. عورتن کي نه مارين ها ته ڏاڍو چڱو هو، پر ڇا ڪجي. اهي رات جو ويس بدلائي پنهنجن مڙسن سان گڏ جنگ ڪنديون ته پوءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏيئي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح ڪانڌاهه ۾ به ائين ئي ٿيو هو. انهن مسڪين زالن کي تلوار جي ڌڪ نه فقط، ڏک ۽ سڃائيءَ کان نجات ڏياري پر ان سان گڏ انهيءَ نظاري ڏسڻ مان به جند ڇڏائي، جنهن ۾ سندن مرد، ڀائر ۽ ٻچا رت ۾ لڙهي رهيا هئا. ساڳئي وقت وردان وري ٻي هڪ ٽوليءَ تي حملو ڪري ان جا چاليهه ڦورو ماري وڌا. وردان پاڻ به پنهنجن هٿن سان ٻه ماڻهو ماري وڌا هئا، جيتوڻيڪ هن ۾ انهن کان وڌيڪ ماڻهن جي مارڻ جي طاقت هئي. هن جو چوڻ هو ته ڪيئن نه جلدي هڪ ماڻهوءَ کي ماري سگهجي ٿو. مثال طور هن ٻڌايو ته هڪڙي پيادي جي پٺيان هن وڃي گهوڙو ڊوڙايو، ۽ ويجهو پهچي تلوار کڻي پٺيان ٽنبيائينس، جا وڃي سندس ڇاتيءَ کان نڪتي. بسم الله چوندي هن هڪ رڙ ڪئي ۽ جيئن ئي وڃي ڪـِـريو تيئن مري ويو. پنهنجي هڪ ڀاءُ کي ائين مرندو ڏسي، ڏڪڻي وٺيو وڃي. بروهين واري جنگ حقيقت ۾ هڪ ڪاسائڪو ڪم هو، ڇاڪاڻ ته اهي پٺاڻن ۽ ٻروچن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته وڙهيائي ڪونه. جيتوڻيڪ انهن جو تعداد هزارن ۾ هو پر ان هوندي به انهن کي اسان جي دادر واري فوجي چونڪيءَ پوئتي هٽائي، فاش شڪست ڏني هئي. انهيءَ جنگ ۾ اسان جا فقط ٻه آفيسر ۽ ويهه سپاهي ڦٽيا، ۽ ٻه يا ٽي سپاهي مئا. بروهين کان ٻيو ته ڪي ڪين پڳو پر فقط اهو ٿيو جو اَنَ جا انبار لـُـٽي انهن کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. چاليهين ريجمينٽ جي اڳتي وڌڻ ڪري ڪمال خان ڀڄي وڃي ٽڪرين ۾ لڪو، پر گنداوا جو شهر ساڙي ڇڏيو هئائين. مون وارو دوست جيڪر ٻڏي مري ها، هن پنهنجو تنبو هڪ اهڙي هنڌ کوڙيو هو، جو ڏسڻ ۾ ساوڪ سان ڀريل سهڻي کڏ هئي. پنڌ ۽ ٿڪ سبب کيس ننڊ کڻي ويئي ۽ خواب ڏسڻ لڳو. ڇا ڏسي ته سدا بهار انگلينڊ ۾ ويٺو آهي، پر هجي ننڍي وهيءَ ۾ ۽ جيئن سمنڊ جي ڪناري تي ڪـُـڏي رهيو هو، تيئن سمنڊ جي وير کيس ويجهي پوندي ويئي. جيئن ڀڄي تيئن سمنڊ پٺيان. سمنڊ جي ڪناري جيڪي عورتون وهنجي رهيون هيون، تن کيس رڙ ڪري چيو ته، ”ڀڄ تکو“، بس ائين پاڻ پتوڙڻ ۾ سندس اک کلي ويئي. جان کڻي ڏسي ته سندس هڪ ٽنگ پاڻيءَ ۾ هئي، ۽ کڏ جي مٿان کلندڙ سپاهين ۽ آفيسرن جو هڪ ٽولو کيس هڪلون ڪري رهيو هو ته، ”ٻڏين ٿو، تـَـري جند ڇڏاءِ“. سڄي ڳالهه جي حقيقت هيئن هئي جو هن پنهنجو تنبو هڪ ننڍڙيءَ نئين ۾ کوڙيو هو ۽ جيئن ته انهيءَ ويل ٽڪرين ۾ مينهن وُٺو هو، ان ڪري کڏو تکي پاڻيءَ جي وهڪري سان ڀرجي ويو هو. جيئن ئي ڪمال خان جا ماڻهو خطري واري ايراضيءَ کان پري نڪري ويا، تيئن ئي اسان جي فوجن دادر ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. دادر پهچڻ وقت اسان جي فوج ٿڪي ٽٽي پيئي هئي، ۽ ساڳئي وقت سوار به وٽن گهٽ هئا. ان هوندي به ڪمال خان جي فوج پوئتي هٽي ويئي هئي. بروهين جو تعداد ان وقت پنج هزار هو ۽ جيئن ئي اسان جون فوجون اڳتي وڌيون، تيئن بروهين انهن تي حملو ڪري، کين ڇڙو ڇڙ ڪرڻ چاهيو. کين انهيءَ مهم تان نيٺ هٿ کڻڻو پيو، ڇاڪاڻ ته سٽار پينل جي ڪن ٿورن فئرن کين پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. هو ميدان ۾ پنهنجو سامان سڙو ڇڏي، پويان هڪ اُڀي ٽڪريءَ تي وڃي گڏ ٿيا. هيءُ وقت سوارن جي جـُـلهه جو هو، ڇاڪاڻ ته دشمن جي فوج اڃا ٽڪرائتي ميدان تائين پهتي ئي ڪانه هئي. پر گهوڙن کي اتي ئي روڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اها پيادي فوج کان گهڻو اڳ نڪري آئي هئي، ۽ منجهن ايڏي سگهه ڪانه هئي، جو يورپين جي مدد کان سواءِ ڪا فيصله ڪن جنگ ڪري سگهن. هيءُ دير لوڊي لاءِ موتمار ثابت ٿي. ڏاڍو غمگين نظارو هو اهو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جي فوج خان جي تنبوءَ جي ويجهو پهتي، تڏهن ڏسن ته لوڊي جو لاش بلڪل اگهاڙو ۽ سقيم حالت ۾ پيل هو، پر هو اڃا گرم ۽ منجهانئس رت ڳڙي رهيو هو. سندس کاٻي ٽنگ اُٺ جي ڪجاوي سان زنجيرن ۾ جڪڙي پيئي هئي، ۽ سندس مٿو تلوار جي ڌڪ لڳڻ ڪري وڍجي، سندس ساڄي ڪلهي جي هيٺان وڃي پيو هو، هڪڙو بنگالي نوڪر زنجيرن سان ويجهڙائيءَ ۾ جڪڙيو پيو هو. ۽ زارو قطار روئي رهيو هو. هن جيڪا ڳالهه ٻڌائي انهيءَ ۾ سندس وفاداريءَ جي پوري پوري ثابتي ملي ٿي. هن ٻڌايو ته ته جڏهن خان مستونگ ويو هو، تڏهن لوڊي به ساڻس گڏ نيو ويو هو، ۽ جيئن ته هنن اهو فيصلو ڪيو ته برطانيا سرڪار سان صلح ڪن، انڪري هڪ قيديءَ کي چيو ويو ته ڪئپٽن بـِـين کي خط لکي، جو هن گهڻي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ لکيو. اهو خط وري هڪڙي ٻئي قيديءَ، جو بروهين جي نظربنديءَ ۾ هو، تنهن جي معرفت چئن گهوڙيسوارن سميت موڪليو ويو. اهي واپس نه موٽيا، پر ڪئپٽن بين وٽان هڪ خط اچي پهتو، جنهن تي سردارن فيصلو ڪيو ته لوڊيءَ کي قتل ڪري، اسان جي فوجن تي حملو ڪيو وڃي. هڪڙي شاهوڪار هندو واپاريءَ سردارن کي لوڊي جي زندگي بخشڻ خاطر ٻه هزار رپيا رشوت طور ڏنا، انڪري هو لوڊي کي مستونگ ۾ ڇڏي اڳتي وڌيا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شڪست کائي وري موٽيا ۽ خان پاڻ سان هڪ سؤ ماڻهو وٺي قلات هليو ويو ۽ لوڊي کي پاڻ سان کنيو ويو. بروهين جي دادر تي حملي ڪرڻ جي ارادي کان پوءِ، لوڊي جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي ويئي ۽ کيس تڪليفون ڏنيون ويئون. اڌ اگهاڙي حالت ۾ کيس ڏينهن جو اٺ تي چاڙهيو ويندو هو ۽ رات جو کليل ميدان تي سمهاريو ويندو هو. کيس تمام ڳرا زنجير پيل هئا ۽ کاڌو اهڙو ته کارايو ويندو هئس، جو هوند ڪتا به نه کائين. اهڙيءَ حالت ۾ کيس بيبي نانيءَ آندو ويو جتي خان جي فوجن ۾ بروهين جا ڪئين جٿا اچي مليا هئا. انهن مان ڪيترن لوڊيءَ کي پٿر هڻي سخت زخمي ڪري وڌو. دادر جي تباهيءَ کان پوءِ جڏهن سردارن ميجر بوسڪاون جي فوجن تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن لوڊي کي گارڊ سميت ڪئمپ ۾ ڇڏيو ويو هو. ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه سوار ويجهو آيا ۽ اچي چيائون ته سڀڪجهه ضايع ٿي ويو. عورتون، جي ان وقت قرآن مجيد مٿي تي کڻي آيون، نيزاريون ڪري رهيون هيون، سي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳيون. ٻيءَ گهڙيءَ هڪڙو گهوڙيسوار اندر ڌوڪيندو آيو ۽ اهڙو ته ترار جو ڌڪ لوڊي کي واهي ڪڍيائين، جنهن اسان جي ڳوٺاڻي کي سڄيءَ تڪليف مان اچي ڇوٽڪارو ڏنو. مٿئين ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو همدرديءَ جو اظهار نه ڪري ته پوءِ آئون انهيءَ تي رشڪ ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهان. سچ پڇو ته ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي اسان جي ماڻهن سان هن يا ڪنهن ٻئي سال اڪيلي طور يا اجتماعي طور ٿيل عقوبتن ۽ ظلم جو خيال ڪونه ٿا ڪن. ۽ انهيءَ کي هڪ معمولي ڳالهه سمجهيو بلڪل بيپرواهيءَ سان ٽاريو ڇڏين. منهنجي خيال ۾ اهي ماڻهو جانورن کان به پوئتي پيل آهن، جن کي انهن ماڻهن جي ڪابه پرواهه نه آهي، جي ملڪ ۽ قوم جي نالي تي ڪيترن ٻڌل ۽ اڻٻڌل تڪليفن سان منهن سامهون ٿين ٿا. ويتر اهڙن ماڻهن جي خلاف ٻڌل ڳالهين جي آڌار تي بهتان بازي ڪئي وڃي ٿي. غريب لوڊي لاءِ آءٌ فقط اهو چوندس ته هو بهادر ۽ سرگرم عملدار هو ۽ اهو بهتان ته هو ڏيهي ماڻهن لاءِ ظالم ثابت ٿيو هو. سو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن انصاف جي نظر سان ڏٺو وڃي ته پوءِ هن پاڻ نرمي ڪرڻ جي غلطي ڪري، پاڻ کي آزار ۾ وڌو هو. مرحوم ڪئپٽن پونٽارڊنٽ مون کي ٻڌايو ته قلات ۾ لوڊي خلاف هلايل ڳالهيون ڪوڙيون هيون. شاهنواز ۽ ٻين بروهين به مون کي انهيءَ جي پڪ ڏني ته هلايل ڳالهيون نسورو ڪوڙ هو. ٿوري ڳالهه جو هڪ اکر ته غريب لوڊي به پنهنجي جان اهڙيءَ طرح وڃائي، جهڙيءَ طرح شاهنواز پنهنجو تخت وڃايو هو. اهو سڀڪجهه اسان جي ڪڇي واري سياسي بدانتظاميءَ جي ڪري ٿيو هو. مون کي رڳو اهو ڏک آهي ته مون پنهنجي پٺيان انهيءَ بدقسمت جوان وٽان پهتل خطن جو انبار ڇڏيو، جنهن مان جيڪر سندس مڪران تي ڪيل ڪامياب حملي ۽ قلات ۾ بهادريءَ سان بچاءُ وٺڻ جو احوال ملي ها. انهيءَ ساڳئي وقت يعني ته 3- ڊسمبر تي حيدرآباد وارو مير نور محمد گذاري ويو. مير نور محمد جو پنهنجي سر ڪهڙو به خيال هجي، پر هن شروعات ۾ اسان سان سچيءَ دل سان ناتو رکيو هو. سندس دربار ۾ جيڪي به سياسي عيوضي اسان جي طرفان موڪليا ويا هئا، تن ۾ ڪوبه اهڙو ڪونه آهي، جو سندس نالو عزت ۽ محبت سان نه ياد ڪندو هجي. وفات وقت اسان جي ريزيڊنٽ يعني ته دلير آئوٽرام کي پاڻ وٽ گهرائي، کيس پنهنجا ٻئي پٽ حوالي ڪيائين، ۽ ننڍڙي مير جي پارت ڪري چيائين ته سندس حفاظت ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اهو هو به حفاظت جي لائق. 13- تاريخ تي انهيءَ فوتي سردار جي شڪارپور ۾ فاتح پڙهي ويئي ۽ آءٌ گورنر جي حڪم مطابق انهيءَ ۾ شريڪ ٿيس. انهيءَ وچ ۾ نصير خان، جيڪو دادر واري معاملي کان پوءِ ٽڪرين ۾ پئي ڀٽڪيو، سو اوچتو هڪ وڏي فوج سان گنداوا جي ميدانن ۾ اچي پرگهٽ ٿيو. سکر واري خاموش جلسي انهيءَ کي پنهنجي سياسي راند ۾ رنڊڪ سمجهي، پڪو ارادو ڪيو ته نوجوان خان جي مڙيئي ڪا ڪن مهٽ ڪجي. سو ڇا ڪيائون جو هڪدم 25 ريجمينٽ جي ڪمانڊنگ آفيسر کي قاصد موڪليائون ته اهو اچي دشمن کي سيکت ڏئي. سکر کان گنداوا هڪ سؤ ٽيهه ميل فاصلو آهي. اهو پنڌ هن قاصد اهڙيءَ طرح ڪيو جو نياپو به پهچايائين، ۽ جنگ ۾ گهوڙي سوار فوج جي ڪمان به سنڀاليائين ۽ ٽئين ڏينهن فتح جي خوشخبري پاڻ سان کنيو آيو. اهو سڀڪجهه ٽن ڏينهن جي اندر ٿيو جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪئپٽن برائون جي اسي ميلن جي سواري، جنهن کي آئرن ڊيوڪ پادريءَ تمام گهڻو ساراهيو آهي، تڇ برابر آهي. ماڻهن کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانه آهي ته ليفٽيننٽ پاٽنجر، جو پندرهين ديسي توبخاني مان هو، پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪئپٽن برائون سان گڏ ويو هو، پر جيئن ته کيس چڱيءَ طرح منهن نه ڏنو ويو، انڪري هو بنا ڪنهن منزل ڪرڻ جي واپس موٽي آيو. اها حد کان وڌيڪ جاکوڙ هئي جنهن کيس بيمار ڪري وڌو ۽ آخر سندس زندگيءَ جو خاتمو آندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ڪيڏانهن نڪري ويندا آهن، انهن جو اهڙو ئي حال ٿيندو آهي. آءٌ ڀانئيان ٿو ته انهيءَ ڏس ۾ بنگالي سپاهين جي روش کي داد ڏيڻو پوندو. انهن کي جڏهن ڪنهن اڻوڻندڙ مهم تي موڪليو ويندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته، ”صاحب اسين وڃون ته ٿا پر پنهنجي مرضيءَ سان ڪونه ٿا وڃون“. چون ٿا ته گنداوا واريءَ جنگ ۾ ئي سؤ بروهي مارجي ويا هئا ۽ هڪ سؤ ٽيهن کي قيد ڪيو ويو هو. انهن ۾ زهري قبيلي جو هڪ نامور سردار بوئر خان ۽ سندس پٽ مراد به هئا. قيدين کي باڪڙ جي قلعي ۾ رکيو ويو هو. جت کين اجازت ڏني ويئي هئي ته هو پنهنجن مائٽن ۽ عزيزن سان لکپڙهه به ڪن ۽ تحفا به وٺي سگهن. انهن بروهين کي موڪليل، پٿر وانگر سخت مائي جي ڍِڳن جو جائزو وٺندي، جي کين سندن زالن ۽ معشوقڙين موڪليا هئا، مون کان هي اکر ”آه درا برا هورم ايليا“. نڪري ويا. اهڙي سخت مٺائي هضم ڪرڻ لاءِ ڀانيان ٿو ته اهو عشق گهرجي جيڪو قيدين ۽ مٺائي موڪليندڙن جي وچ ۾ آهي. ساڳئي وقت اهو به ضروري سمجهيو ويو ته جيڪي خط قيدين ڏانهن موڪليا ٿي ويا، سي کين پڙهي ٻڌايا وڃن. اهو ڪم وري مون کي سونپيو ويو ۽ منهنجي هفتيوار ڊيوٽيءَ ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جيئن ته مون کي بروهين جي لکپڙهه جو تجربو ٿي ويو هو، انڪري آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته اهي سڀ خط سچائيءَ ۽ معصوميت سان ڀريل هئا. انهن خطن ۾ ڏاڏي ۽ ناني کان وٺي پوٽي ۽ ڏوهٽي تائين سڀني جو ذڪر ٿيل هو، ۽ انهن جي خير و عافيت جو مفصل بيان ڏنل هوندو هو. سلام دعا کان پوءِ اهي به لکيل هوندو هو ته جيئن ته پئسي ڏوڪڙ جي گهٽتائي آهي، ان ڪري هي مائو يا سڪل ميوو موڪلجي ٿو. بروهين ۾، خاص ڪري امير گهراڻي وارن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اهي حلب کان آيا هئا ۽ اهو سندن شبيهه مان ظاهر ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهو افغانن ۽ ٻروچن کان بلڪل مختلف آهن. اهي قد جا ننڍا ۽ هلڪيءَ هاٺيءَ جا ماڻهو آهن، ۽ پڻ دماغي قوت ۽ جنگي طاقت ۾ به انهن ٻنهي قومن کان گهڻو پوئتي پيل آهن. ڪم جي گهٽ هئڻ ڪري مون کي شڪارڳڙهه ۾ شڪار ڪرڻ جو موقعو مليو، پر هندستاني شڪارين جي نظر ۾ اها سکت هئي. مون به پاڻ کي کڻي سندن حوالي ڪيو، ڇاڪاڻ ته شڪار ڪرڻ جي رسمن جي مون کي ڪا خبر ڪانه هئي. مون کي هڪ اهڙي هنڌ بيهاريائون، جتي ٻه رستا اچي ٿي پاڻ ۾ مليا ۽ ٻيو سڄو ملڪ جهنگ لڳو پيو هو. ٻئي پاسي کان وري تڙ وارا اڳتي وڌندا آيا. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ وڏو بگهڙ منهنجي اڳيان نڪري ويو. اهو اهڙو ته بد فضيلت نڪتو، جو پنهنجي اچڻ جو کڙڪو به نه ڪيائين، انڪري جيسين آءٌ کيس نشانو بنايان، تيسين هو ڀڄي ويو. ٻئي دفعي وري هڪ متارو بدمعاش سوئر ٻاهر نڪتو، جو ڪمند کائي رهيو هو. ان وقت قسمت ياوري ڪئي، مغز وارو ڌڪ هنيومانس، جو پار ٿي ويس، ان هوندي به هو گهڻو پنڌ ڊوڙي پري وڃي ڪـِـريو. ڏيهي ماڻهو خوشامد ڪرڻ ۾ به انگريز لارڊ جي شڪارين کان گهٽ نه آهن. اوهان جنهن به وقت فئر ڪندؤ ته هو سڀ گڏجي وٺي رڙيون ڪندا، ”لڳو لڳو.“ پوءِ گوليون ڀلي وڃي وڻ جي ٿڙ سان لڳن، يا ڪنهن واهه جي ڪنڌيءَ تي پون، پر ان هوندي به هو هـُـل ڪري چوندا ته، ”واهه جو ڌڪ لڳو!“ شڪارپور جي ويجهو واگهه ٿئي ئي ڪونه، پر ان جي اتر ۾ بڙديڪا جي جهنگ ۾ گهڻي ئي ڏٺا ويا آهن. هن ضلعي ۾ ڪئپٽن هـَـل، جو مشهور شڪاري هو، واگهه جو ٻڌي ٻئي آفيسر سان گڏجي ان جي پويان پيو. ٻنهي انجام ڪيو ته انهيءَ واگهه کي مڙس ٿي منهن ڏبو، جيتوڻيڪ اهڙي واعدي جي هـَـل جهڙي ماڻهوءَ وٽان ڪابه ضرورت نه هئي، ڇاڪاڻ ته هن اڳيئي واگهه ماريا هئا. جڏهن هو جهنگ ۾ گهڙيا، تڏهن کين ڪراهت جهڙي وڏي ساهه کڻڻ واري مرونءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو- جهڙو ديو جو سهڪڻ! سندس ساٿيءَ جا ته اوساڻ ئي خطا ٿي ويا پر کيس ڀڄڻ جي تياريءَ ۾ ڏسي هـَـل پاڻ وڌيڪ خبردار ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌيو. جهڪندو ۽ ٻوٽن کي بندوق سان پري ڪندو، جان کڻي ڏسي ته تمام وڏي قد جو واگهه، ٽپ ڏيڻ جي فاصلي تي بيٺو آهي. سندس گجگوڙ ۽ پڇ کي ٺڪاءُ ڏيئي لوڏڻ مان ظاهر پئي ٿيو ته واگهه جو رت تتل هو. هـَـل هڪدم پنهنجي ساٿيءَ کي هڪل ڪئي ته، ”تون ڌڪ جهل، ته پهريون ڌڪ آءٌ ٿو هڻانس.“ پر خبردار ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته همراهه اڳيئي پنهنجي ڌڪ کي ٻئي ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري، اها ڪوشش ڪري رهيو هو، ته واگهه کان جيترو پري رهي سگهي اوترو چڱو. اهڙي موقعي تي تمام ٿورا ماڻهو دل ٻڌي سگهن ٿا، پر هـَـل جون رڳون لوهه جون ٺهيل هيون، سو سندس دوست جي ڊپ جو مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو. هن ڏاڍي آرام سان واگهه تي گولي هلائي، ۽ زخمي ڪري وڌائينس، پر ان هوندي به هن اهڙو ته ڇال ڏنو جو ذري گهٽ اچي مٿانئس پوي ها. پر پوءِ جهنگ ۾ غائب ٿي ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ علي مراد وڃي ان کي ڳولي ڪڍيو ۽ ماري وڌائينس، پر ان کان اڳ هن هڪ تڙ واري کي ماري وڌو هو ۽ ڪيترن ٻين کي به زخمي ڪري ڇڏيو هو. گهوڙن کي ورزش ڏيڻ جي خيال کان اسان وٺي گدڙن جي پويان گهوڙا ڊوڙايا، جي شڪارپور جي ويجهو تمام گهڻي انداز ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اسان انهن جي پويان ڪتا به بڇيا، پر هتي مٽي ايڏي آهي جو هڪ يا ٻن وکن کڻڻ تي جيڪا ڊسڙ اڏامي ٿي، ان ۾ ننڍڙي فوج هوند خوشيءَ سان ڍڪجي وڃي! ايڏيءَ ڌوڙ ڪري، هڪ دفعي ٻه آفيسر مختلف طرفن کان گهوڙا ڊوڙائيندي، هڪٻئي سان ٽڪرجي پيا ۽ هڪٻئي مٿان اٿلندا پٿلندا وڃي زمين تي پيا. ٻنهي کي ڏاڍا ڌڪ آيا، ۽ هڪڙو ته نيٺ فوت ٿي ويو. پهرين هو ايترو ته چڱو ڀلو ٿيو هو، جو ميز تي ويهي سگهندو هو. پر سندس اٿ ويهه جون عادتون نه سڌريون ۽ ٿورو شراب کيس پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيندو هو. کيس حڪم ڏنو ويو ته خزاني جي سنڀال ۾ گارڊ جي حيثيت ۾ سکر وڃي. رستي ۾ کيس هڪ ڪاٺير مليو، جنهن جا هٿ پير ٻڌي مون ڏانهن موڪليائين ۽ هڪ خط به ڏياري موڪليائين، جنهن ۾ لکيل هو ته اهو مشهور ڌاڙيل دينو هو. ٻن ڏينهن کانپوءِ مون ٻڌو ته هو سکر ۾ چريائيءَ جي ڪري وار پٽيندو مري ويو. سندس بيماريءَ جو سبب بلاشڪ اهو ڌڪ هو، جو کيس گهوڙي سواريءَ ۾ رسيو. --------------- باب يارهون 1841ع جي شروعات ۾ سنڌ ۽ خراسان جي حالت - مير رستم سان ملاقات - ڪاجڪ جي فتح - روهڙيءَ ۾ وڳوڙ - جنرل وينچورا- رڌڻي ۾ هڪ عجيب مهمان - سنڌوءَ جو چڙهڻ - صـمد خان - پوليٽيڪل ايجنٽ جو موت - درياءَ ۾ لهوارو سفر سنڌوءَ واريءَ مهم وقت برطانيا جي سلطنت اوڀر ۾ ايڏي وڌي ويئي هئي، جو انهيءَ کي گڏي هڪڙي حڪومت ڪرڻ جو آئون ڀانيان ٿو ته اسان جي بهترين سياسي دماغن ۽ فوجي جرنيلن کي سوچڻ ۾ ئي پنجاهه سال لڳي وڃن ها. اسان جي طاقت اهڙيون ته تکيون ٻرانگهون هڻڻ لڳي، جو اسين وڃي وچ ايشيا تائين پهتاسين ۽ اها بيشڪ فخر جي ڳالهه هئي. ماڻهو ڇا به چون، پر انگريزن جي طاقت ايڏي ته وڌي ويئي هئي، جو روسين جو هڪ قيدي جـَـٿو، جنهن لاءِ روس جي فوجن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو هو، تنهن کي به آخر وڃي اسان جي ماڻهن ڇڏايو. اهو به عالم آشڪار آهي ته اسان جي عيوضين سان هرات، بخارا، ڪوڪن ۽ خيوا وغيره ۾ به ماڻهو نهايت عزت ۽ احترام سان ملندا هئا. اسان جي سلطنت جون حدون جيڪڏهن چين، ترڪي ۽ روسي سلطنت کان گهٽ آهن ته انهيءَ جو اهو مطلب ڪونه آهي ته اسان کي ملڪ وڌائڻ جي طاقت ڪانهي.پر فرق رڳو هي آهي جو ملڪ وڌائڻ ۾ اسان نهايت تحمل ۽ مستقل مزاجيءَ کان ڪم ورتو آهي. اهڙي ڪاميابيءَ جي منزل تي ڪـِري پوڻ جو سبب اهو نه هو ته ڪو اسان کي پنهنجي هٿ ڪيل حڪومت کي هلائڻ جو ڍنگ ڪونه هو، يا اتي جا رهندڙ قبيلا پنهنجي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻئي جي حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهيا. ائين به ڪونه هو ته ڪو گرميءَ سرديءَ جي ڪري، دشمن جي ڀيٽ ۾ اسان کي وڌيڪ نقصان ٿي پهتو. پر حقيقت هيءَ آهي ته سنڌوءَ جي پراڙ ڏانهن اسان جا مهندار ناقابل هئا. 1840ع جي پڇاڙيءَ تائين اسان جي مري ٽڪرين واري شڪست، شال ۽ قلات جي گهيرن وغيره ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اسان لاوا (1) تي پنڌ ڪري رهيا هئاسين. ان وقت اسان جا سياسي ماڻهو ڄڻڪ لاوا جو مٿيون تهه لاهي، اسان کي ان جي اندرئين تتل مادي کان بيخبر ڪري رهيا هئا. ڪابل وارو عيوضي، جو پنهنجي جاءِ مان اڳيئي ڪڪ ويٺو هو، قنڌار يا غزنيءَ واپس موٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جيسين شاهه شجاع جي ڪابل ۾ حڪومت هئي، تيسين کيس هر وقت هرات فتح ڪرڻ جي هرکر لڳي پيئي هئي. ڪابل جي تاج ۾ هڪ ٻئي هيري جـَـڙڻ لاءِ هڪ فوج تيار ڪئي ويئي پر نيٺ منجهي پيا ته پهرين لاهور جو شهر وٺجي يا هرات جو. فارسي چوڻيءَ موجب اسان جي ڪابلي عيوضيءَ جي هٿ ۾ هڪ وڏي ڇاهين اڳيئي هئي، جا هو ٻن هٿن ۾ جهليو بيٺو هو، پر ٻي ڏسي سندس وات پاڻي ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح هڪٻئي کان وڏا هنداڻا ڏسي، منجهي پيو ته ڪهڙو پهرين هٿ ڪجي. قسمت مهربان هئڻ ڪري هن پنهنجي چريائيءَ جي تجويزن کي رد ڪيو ۽ اهڙي نموني هڪ ٻيءَ تباهيءَ مان جند ڇٽي، جنهن سال 1841ع جي پڄاڻي آندي. جيڪڏهن اسان جي سک دربار سان ناسازي ٿي پوي ها، ته پوءِ تباهين جو هڪ ڊگهو وهڪرو شروع ٿي وڃي ها، ۽ ڪٿي ٿئي ها ان جي پڄاڻي، سو چئي نٿو سگهجي. ڪابل سان يا ڪابل ۾ گهڙيل چريائيءَ وارين رٿن سان منهنجو ڇا وڃي؟ منهنجو ڪم هو اُتر سنڌ سان، جتي پڻ بدانتظاميءَ سببان غلطيون ٿيل هيون، پر فرق رڳو اهو هو جو ڪابل جي ڀيٽ ۾ هتي مدد ويجهي هئي. اهوئي سبب آهي جو بچاءُ ٿي ويو، نه ته اسان کي به ساڳيءَ مصيبت کي منهن ڏيڻو پوي ها. ڪابل هڪڙو ته هو در جي پويان، ۽ ٻيو مٿس پيل هو خيبر جهڙو تالو، انڪري موقعي تي مدد نه پهچي سگهي. اتر سنڌ ۾ اسان بيبرگ، بجر ۽ ٻين بلوچ سردارن سان اڻسوهائيندڙ دشمني ونڊي، پوءِ ساڻن صلح به ڪيو ۽ کين ڇڏي به ڏنو، ڪيڏي نه عظيم غلطي هئي اُها! فيصلو ڪيو ويو، ته شاهنواز جي ديس نيڪالي ۽ لوڊيءَ جو خون درگذر ڪجي، ۽ اسان واري پراڻي دشمن يعني ته قلات جي محراب خان جي پٽ سان صلح ڪجي. اهو سوچيل طريقو مون کي تمام مخفي نموني ۾ ٻڌايو ويو هو، پر ان جي سڀ ڪنهن کي خبر هئي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو. جيئن ته ميرن کي ٻاهرئين حملي کان پنهنجي ملڪ جي بچاءَ جو ڪوبه ذريعو ڪونه هو، انڪري هنن اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ڇيڪ ڇڏي ڏنو. نتيجو اهو نڪتو جو هنن پاڻ کي سياست جي مـَـلهه ۾ ڪيرائي وڌو، ۽ اسان سندن ڪمزوريءَ جو ناجائز فائدو وٺي، اهو ارادو ڪيو ته کين دل تي ٿـُـڏا هڻون، ۽ پوءِ کين ٻـَـڌي سوگهو ڪريون. جيئن ته اسان ٻين طاقتور دشمنن جو گهڻو ڪي سـَـٺو هو، انڪري انهيءَ جو بدلو هنن کان ٿي ورتوسين. خيرپور جي دربار ان وقت ٽن ڌرين ۾ ورهايل هئي: (1) مير رستم جا پٽ (ٽئين پٽ علي مردان کان سواءِ) ۽ مير نصير خان، جو مير مبارڪ جو پٽ ۽ وارث هو. هيءَ پارٽي پهريون نمبر طاقت رکندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته منجهس تمام گهڻا ماڻهو شامل هئا. انهيءَ پارٽيءَ جي پٺڀرائي رياست جو وزير فتح محمد خان ڪري رهيو هو. (2) مير رستم جي ننڍي ڀاءُ علي مراد خان ۽ سندس پوئلڳن جي وري ٻي پارٽي هئي ۽ (3) ٽين پارٽي رستم جي ٽئين پٽ علي مراد جي هئي، جنهن ۾ مهابت خان مري، ڪمال خان جلباڻي ۽ ٻيا ڪئين سردار هئا. خيرپور وارو پوليٽيڪل ايجنٽ مير علي مراد خان جي طرف هو، جنهن جو مخفي صلاحڪار علي حسن شيخ، اسان جي ريزيڊنسي جي هيڊ منشيءَ تربانياساها جو گهاٽو دوست هو. اهوئي سبب هو جو هن امام بخش نالي پنهنجو عيوضي اسان جي ڪئمپ ۾ رکيو هو. مير رستم خان ايترو ته پوڙهو، جو مير علي مراد خان جو پيءُ پئي لڳو ۽ کيس سڄي خاندان جو رئيس تصور ڪيو ٿي ويو. اهو پهريون شخص هو جو اسان جي ايلچيءَ سان مليو هو، ۽ ان سان عهدنامو ڪيو هئائين. هاڻي منهنجو فقط اهو سوال آهي ته ڇا اهو اسان لاءِ ٺيڪ هو، ته ڇيڻا ڀور ڪري ميرن کي پاڻ ۾ ويڙهايون ۽ هڪ ننڍيءَ عمر جي امير جو پاسو کڻون، جيڪو جيڪر مير رستم خان کي پنهنجو بابو تصور ڪري ها! ٻڍڙي مير کي ٻه ڳالهيون ڌيان ۾ هيون: هڪ ته ملڪ کي پنهنجي اولاد ۾ اهڙيءَ طرح ورهائي، جو سندس مـُـئي کان پوءِ اهي پاڻ ۾ نه وڙهن، اهو هن انهيءَ ڪري ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو هاڻي مرڻ ڪنڌيءَ تي هو ۽ ٻيو ته علي مراد خان کان ڪي ضلعا کسي پنهنجي ڀائٽيي نصير خان کي به ڏياري. اسان وارو پوليٽيڪل ايجنٽ، جو ان وقت سکر ڇڏڻ ۾ هو، سو مير رستم خان جي ٻنهي رٿن کي ٿڏي ڇڏڻ جو عهد ڪري چڪو هو، ته جيئن سندس ڪابه تجويز ڪامياب نه وڃي. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻيو معاملو به زير ويچار هو ته رستم خـان کان پوءِ رئيس ڪـير ٿينـدو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ مير رستم خان جو وڏو پٽ ۽ علي مراد خان ٻه اميدوار هئا. انهيءَ جو ڪوبه فيصلو نه ٿيو پر نمونو اهڙو هو جو ٿوري خيال سان معلوم ٿي ٿيو ته ڪهڙيءَ ڌر جو پاسو وٺجي. پر آءٌ فقط ايترو چوندس ته مير علي مراد خان جي دعويٰ غلط هئي ۽ اسان کي انهيءَ ۾ دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبه حق نه هو، ڇاڪاڻ ته هو نه ته مير رستم خان جي پٺ مان هو ۽ نه وري سندس وارث هو. انهيءَ معاملي کي سلجهائڻ جو بهترين طريقو هي هو ته اهو معاملو ٻروچ سردارن جي عام جرڳي اڳيان رکيو وڃي ها ۽ ووٽ رستي فيصلو ڪيو وڃي ها. جنرل ۽ پوليٽيڪل ايجنٽن لاءِ اهو ضروري هو، ته هو سکر جو شهر ڇڏين، ڇاڪاڻ ته سڀڪو انهيءَ مان بيزار پئي لڳو ۽ جنگ جي محاذ کان پري ويهي، جنگ بابت پور پچائڻ ته هيئن ٿيندو هيئن نه ٿيندو، غلط ڳالهه هئي. مون واري بالا عملدار وڃڻ کان اڳ مون کي گهرائي سکر جي چارج ڏني ۽ ساڳئي وقت هن هڪ آفيسر کي خيرپور موڪليو، جنهن جي معرفت اسان جون سڀ لکپڙهون ۽ نياپا اچڻ وڃڻ لڳا. شڪارپور ڇڏڻ وقت هڪ پٺاڻ، جو آرٿر ڪونولي سان سفر تي گڏ هو، مون سان ملڻ آيو. هن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ پاڻ انگريزن جي حڪومت مان راضي هو، پر ان ۾ ڪي اهڙيون خاميون هيون، جن جي ڪري اها ماڻهن ۾مقبول ڪانه هئي. ٻين ڳالهين سان گڏ هن هي جملو وڏي سڏ زور ڏيئي چيو، ”زن افغان چيز مي کند“ افغانن جون زالون سچيون آهن. مون کي انهيءَ تي هي پهاڪو ياد اچي ويو: ڪابل جي عورتن کي پنهنجو ڪري ئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سندن محبت ته هٿ ڪرڻ ڏاڍي تڪڙي آهي، تنهنڪري اها جٽاءُ ڪري ئي ڪانه ٿي. اها سندس ملڪ جي عورتن جي خرابي هئي، جنهن نيٺ کيس ماٺ ڪرايو. ڀانئجي ٿو ته هو ڪو عورتن جو ستايل هو، انڪري کيس انهيءَ فرياد ڪرڻ جو پورو پورو حق هو. سکر پهچڻ سان ڏٺم ته سڀيئي شيون هيٺ مٿي ٿيون پيون هيون، ڇاڪاڻ ته چار هزار ماڻهو ڪوچ ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا ۽ ڏاڍو گوڙ لڳو پيو هو. اُٺن جي رنڀن سان گڏ نوڪرن جي ٻاڪار لڳي پئي هئي، جي بنا ڪنهن مطلب جي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. ايجنٽ جو عملو اهڙو ٿي ڏٺو، ڄڻڪ ڪنهن ملڪ جو حاڪم هجي، ڪيترا سؤ اُٺ ته رڳو بـِـير، شراب ۽ ٻئي سامان سڙي جي ڍوئڻ ۾ لڳا پيا هئا. سڀني ۾ وڏو تنبو ٻن ٿنڀن تي ٺهيل هو، ۽ ان کي شيشي جا در هئا. عملي ۾ پنج يا ڇهه پوليٽيڪل اسسٽنٽ (نائب)، ست يورپي ۽ ڏيهي ماڻهن جي پلٽڻ، جنهن ۾ ڪلارڪ، ريزيڊنٽ جو حفاظتي جٿو، ڏيهي نيزي بازن جو رسالو، انهن سڀني تي چونڪي ڏيئي رهيو هو. رسد جي سامان ۾ ڇا ڇا هو، تنهن جو ڪهڙو ويهي حساب ڪجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي پويان ڇڏيو ويو هو، انهيءَ مان سڄي مال جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ايجنسيءَ جي اسٽور ۾ پويان ڇڏيل سامان ۾ ٻارهن سؤ ڊزن بير جا ۽ هڪ سؤ ويهه ڊزن شئمپين جا هئا! جڏهن فوج جو ميڙ ڪوچ ڪري ويو ۽ ماحول صاف ٿيو، تڏهن سڄو ميدان هر ڪنهن قسم جي ڪچري سان ڀريل نظر آيو، جنهن ۾ بوتلن جا ٽڪرا، ڪـَـک ۽ هر نموني جو ڪـِـن پکڙيل پئي ڏٺو. ان وقت مون محسوس ڪيو ته آءٌ ايجنسيءَ جو اڪيلو حاڪم هوس. پهرين ته آءٌ وڏي ٺٺ سان رعب ۾ ويهي رهيس ۽ پاڻ کي پاشا جيان هڪ تمام وڏو ماڻهو تصور ڪيم پر نيٺ هوش ۾ آيس، ڇاڪاڻ هڪڙو ماڻهو اوچتو اندر گهڙي آيو. هو ڏسڻ ۾ ٿڪل ٿي لڳو ۽ ڪپڙا به ميرا پيل هيس. اچڻ سان مون کي چيائين ته وٽس پنجاهه هزار رپيا آهن، جي پنهنجي دوست ڌرمچند کي بنارس موڪلڻ ٿو چاهي. ائين چئي هن پئسا کڻي منهنجي اڳيان ڍڳ ڪيا، ۽ آءٌ به ذري گهٽ خزانچيءَ کي اشارو ڪرڻ وارو هئس ته رپيا ڳڻي وٺي، پر ان وقت ڳالهه ئي ٻي هئي، ڇاڪاڻ ته خزانچي سڀ هليا ويا هئا ۽ مون کي ئي اهي پئسا ڳڻي وٺڻا هئا. پنجاهه هزار ڪا وڏي رقم ڪانهي، پر انهيءَ کي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ وٺي سنڀالي رکڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. گال بلاس جي ساٿيءَ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو مال کپائڻو هجي، ته پوءِ منهنجي پٺ ۾ ايتري طاقت آهي جو نوح جو ٻيڙو به کڻي وڃان. پر جڏهن ماڻهو اهو محسوس ڪندو هجي ته هو هڪ جيئري جاڳندي خزاني جي پيٽي آهي، ته پوءِ اهو مذاقيه احساس بلڪل ختم ٿيو وڃي. مون کي پاڻ انڪري صدمو پهتو، جڏهن مون ڏٺو ته مون کي گوڏن ڀر ويهي پنجاهه کان وڌيڪ چانديءَ جون ڳوٿريون ڳڻڻيون هيون. جيئن ته رپين کي هندو واپارين ڳڻي وري ڳڻيو هو، انڪري سندن ڪـِـنين ۽ سڻڀين آڱرين جي ڪري مٿن مـَـر چڙهي ويئي هئي. اڃا اهو اڻوڻندڙ ڪم مون ڪري بس ئي ڪونه ڪيو هو ته مون کي ياد ڏياريو ويو ته خط ۽ پارسل ڏسي ورهائڻا هئا، جن جا ڊزن کن وڏا بنڊل منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. انهن مان هر هڪ حڪم کي رجسٽر ۾ داخل ڪرڻو هو، جنهن ۾ مون کي هڪڙي کوسي سوار چڱي مدد ڪئي، نه ته آءٌ ورچي پوان ها! ٽپالي حقيقت ۾ پاڻ به ورتو پيو هو، ڇاڪاڻ جو ٽپال ايتري ته هئي جو ذري گهٽ گهوڙي جي چيلهه ٿي ڀڳي، ان هوندي به هن هڪ ٻيو بنڊل به کڻي مٿس رکيو، جنهن تي فارسيءَ، سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکيل هو ته، ”هي ڪوارٽر ماسٽر جنرل لاءِ آهي. هن کي خبرداريءَ سان کنيو وڃي.“ ڏينهن جي پورهيي کي خيرباد چئي جيئن وڃي سـُـتس، تيئن اڌ رات جو به ننڊ ۾ اهو آواز پئي ٻڌم ته ’صاحب صاحب! وڏي صاحب وٽان ٽپال آئي آهي.‘ اهو آواز ٻڌي اُٿي کڙو ٿيندو هوس، ۽ اهڙيءَ طرح منهنجا ڏينهن ۽ راتيون گذرندا هئا. پهرين ته پنجن ماڻهن جيترو ڪم ڪندي آءٌ ٿڪجي پوندو هوس، پر پوءِ اها ڳالهه طبعيت تي پئجي ويئي هئي. جڏهن مون واري بالا عملدار کي شال روانو ڪيو ويو، تڏهن ميرن ڀانئيو ته خيرپور ۾ سندن اعتبار جوڳو ماڻهو مقرر ڪيو ويندو، يعني ته اهي مون کي يا پوسٽن کي انهيءَ جاءِ تي ڏسي ڏاڍو خوش ٿين ها. ڪئپٽن ڪي. جي باري ۾ کين ڪابه خبر ڪانه هئي، ۽ انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته ڪو هو سندس مقرر ٿيڻ ۾ ناراض ڪونه هئا. انهيءَ ڏس ۾ تنبوءَ ۾ گوليءَ جو ٺڪاءُ ڪرائڻ هڪ چتاءُ هو، ته سندس ضرورت ڪانهي. ائين چوڻ غلط ٿيندو ته انهيءَ واقعي ۾ ڪو ميرن جو هٿ ڪونه هو، پر ساڳئي وقت اسان کي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته جيڪو ميرن سان عهدنامو ٿيل هو ان ۾ اهو شرط هوئي ڪونه ته ڪو اسان جو آفيسر سندن گهر جي در تي ويهاريو ويندو. جيڪڏهن مير رستم خان انهيءَ گورنر جنرل وٽ اعتراض به ڪري ها ته اهو به هوند قبول نه پوي ها. سچ پچ ته اسان ڏيهي ميرن سان پنهنجي وهنوار ۾ اهي سڀ قاعدا قانون، آداب ۽ اصول وساري ڇڏيا هئا، جي اسان يورپ جي دربارن سان روا رکيا هئا. جيئن ته اسين پاڻ به ڪنهن قاعدي ۽ قانون تي ڪونه ٿا هلون. انڪري اسان کي به ميرن جي انهيءَ کنيل قدم کي درگذر ڪرڻو پوندو. پوڙهي مير کي تمام گهڻو چيڙايو ويو هو، ان ڪري هن ڀانئيو ته ڪو حال ڀائي کيس ملي، جنهن سان انهن زيادتين جو ويهي ذڪر ڪري. انهيءَ ڪري هن مون کي دعوت ڏياري موڪلي ته آءٌ ٻه- ٽي ڏينهن وڃي وٽس رهان. نصير خان جي ننڍي ڀاءُ ولي محمد جي شادي ويجهو هئي ۽ هن پڻ گذارش ڪئي ته آءٌ اتي وڃان. انڪري موڪل وٺي خيرپور وڃي پهتس. مير علي مراد کان سواءِ ٻيا سڀئي سردار اچي گڏ ٿيا هئا. مون ڏٺو ته اهو شهر (جيڪڏهن انهيءَ کي شهر سڏجي ته) شڪارپور جي ڀيٽ ۾ به هڪ بيڪار جاءِ هئي. جن جاين ۾ مير رهيا پيا هئا، اهڙيون هيون جو جيڪڏهن اهي کانئن کسي وٺجن تڏهن به منجهن ڪو فائدو ڪونه هو. شاديءَ ۾ جيڪي وهيو واپريو، انهيءَ جو ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. اتي ناچ به ڏٺم، جو فضل محمد خان ڏيکاريو هو. انهيءَ کان پوءِ ميزبان مون کي هڪ اُڀيءَ ۽ ڪمزور ڏاڪڻ تان مٿي ماڙي تي وٺي ويو ته جيئن آتشبازيءَ جو نظارو ڏسان. آتشبازيءَ ۾ هوائين کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي ڪانه هئي. گهوٽ کي ايڏي ته ڪا مصري ڏني هئائون ۽ شربت پياريو هئائونس جو هو ڪـُـميءَ وانگر نڪمو ٿي پٺيءَ ڀر پيو هو. انهيءَ شاديءَ ۾ شفاف مادي مان ٺهيل رنگ برنگي ڪپڙا، جن جي وچ ۾ مون کي ويهاريو ويو هو، عام طور کليل واڪ ۾ نيلام ڪيا ويا، ۽ انهن مان حاصل ڪيل پئسا، ڪمپنيءَ جي خزاني ۾ داخل ڪيا ويا. ساڳئي وقت انهيءَ لکڻ جو به ضرور ڪونهي ته سنڌي ڏاڍي وڏي سڏ منهنجي ساراهه ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته مون ٻن سوئرن کي شڪار ڳڙهه ۾ بندوق جي ٻن ڌَڪن سان پورو ڪري ڇڏيو هو. مون واري توبچيءَ کي اچي شوق ٿيو ته انگريزي پائوڊر واري بندوق کي استعمال ڪري. جيئن بندوق ڇوڙيائين، تيئن بندوق جي پوئتي لڳندڙ ڌَڪ ڪري وڃي ٻوٽن ۾ پٺيءَ پر ڪـِـريو! مير رستم خان خلاف اسان جي پريس تمام سخت ريمارڪس پاس ڪيا هئا، پر سندس ملاقات ۾ جيڪا خاص ڳالهه مون کي ڏسڻ ۾ آئي، اها هيءَ هئي ته جيڪو به ساڻس مليو ٿي، تنهن کي سندس لاءِ نه فقط محبت پر عزت جو جذبو به پيدا ٿيو ٿي. اهو مڃڻو پوندو ته هن کي پنهنجي اولاد ۽ قبيلي جو ڏاڍو خيال هو ۽ هجي به ڇو نه، ڇاڪاڻ ته هن ڌارين جو آڌرڀاءُ ڪري کين پنهنجي ملڪ ۾ سهولتون ڏنيون هيون، جنهن جو بدلو هنن ساڻس ٺڳي، ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ سان ڏنو. ساڻس ڪوبه ڏوهه لاڳو نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هو رحمدل، فهميدو، صلح ۽ ڪـَـس ڪسر کائڻ جهڙو مڙس هو. هو ڏسڻ ۾ ئي هڪ باعزت شخص ٿي لڳو ۽ سندس اکين مان ڪابه اهڙي ڳالهه ظاهر نٿي ٿي ته هو ڪو نشي آور ڀنگ جو عادي هجي. سندس چوڌاريءَ ڪٽنب جا ماڻهو ويٺا هئا، جن ۾ سهراب خان جو ڀاءُ مير زنگي به هو، جو عمر ۾ اَسي کان مٿي چڙهي ويو هو. رستم خان کي تمام گهڻو ڏکويو ويو هو، جنهن جي ڪري هن جوش ڀريل دانهن ڪئي ۽ هن اکرن تي جملو ختم ڪيائين: ”آخر بلوچ هشتم.“ مطلب هوس ته ”مون ڏاڍو سٺو آهي. پر انهيءَ جي به حد ٿيندي آهي. آخر ته آءٌ به ٻروچ آهيان“. هو پهرين مون کي هڪ هال ۾ مليو، جتي سندس پوئلڳن جو هڪ ميڙ ويٺل هو. ساڍا ٽي ڪلاڪ اتي هئس، پر اهو سڄو عرصو رڳو ”خوش چڱا ڀلا“ جي کيڪار پئي هلي. مون کان پڇيائون ته خوش آهين، چڱو ڀلو، متارو، آرام ۾ آهين، صلح ۾ آهين، عافيت ۾ آهين وغيره وغيره. اهڙي ساڳي کيڪار مون کي ٽيونجاهه ڄڻن ٿلهن ٿنڀرن ٻروچن سان ڪرڻي پئي، جي منهنجي چوڌاريءَ ويٺا هئا. مون کي به جواب ۾ وري هر هڪ کان پڇڻو ٿي پيو. جڏهن اهو قصو ختم ٿيو تڏهن وري روزمرهه جي معاملن تي بحث ٿيڻ لڳو ۽ مون به سڄي ميڙ کي قرآن شريف مان ڪجهه پڙهي ٻڌايو، جنهن تي سڀئي ڏاڍا خوش ٿيا. مسلمانن ۾ جتي به وڃبو اتي اهي پنهنجي دين جي ڪتاب کي ڏاڍي ادب سان بيهي مٿي تي رکندا آهن. هوڏانهن اسان جي اها حالت آهي جو اسين پنهنجو پاڪ صحيفو بنا ڪنهن خيال جي هيڏانهن هوڏانهن اڇلايو ڇڏيون. اسان جي پادريءَ جو ٽوپلو پائي چرچ ۾ عبادت وقت وڏي سڏ ڳالهائڻ رڳو ٻاهريون ڏيکاءُ آهي، جنهن ۾ نه ته آهي روح ۽ نه وري جلوو. گوڙ لهڻ کان پوءِ مير رستم خان مون سان ساڻس ٿيل زيادتين جو ويهي ذڪر ڪيو. انهن ۾ پهريون ته هو بکر جو والارڻ، جنهن بابت عهدنامي ۾ پوريءَ طور ڄاڻايو ويو هو ته قلعو به سندس رهندو ۽ درياء جي ٻنهي ڪپن تي قبضو به سندس هوندو. ٻيو ته سندس وزير سان انگريزن جي هلت، جنهن کي هن اسان جي ريزيڊنٽ جي چوڻ تي مجبور ٿي برطرف ڪيو هو، ٽين ۽ آخري شڪايت هيءَ هئي ته علي مراد خان کي سندس ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترجيح ڏني ويئي هئي. ننڍين شڪايتن جو ته ڪاٿو ئي ڪونه هو، جهڙوڪ: ڪاٺ وڍي ان جا پئسا ادا نه ڪرڻ، قاصدن جي لاغرضائي، جي خيرپور ٽپال کڻي ايندا هئا وغيره. آءٌ اهي شڪايتون ٻڌندو ساڻس همدردي ظاهر ڪندو ويس ۽ کيس دلاسو ڏنم ته صبر ڪري، اميد آهي ته حالتون سڌرنديون. گهر ڏانهن واپس ويندي وزير فتح محمد ويهن سوارن سان مون سان گڏ هليو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيائين پر مون کي ايجنٽ جا سخت حڪم هئا، انڪري مون ساڻس ڳالهائڻ يا ٻيءَ طرح لهه وچڙ ۾ اچڻ کان لهرايو. سکر پهچڻ تي ٻڌم ته سبيءَ يا ڪاجڪ تي تباهه ڪن حملو ٿيو هو، جنهن ۾ اسان جي فوجن کي ٽي دفعا ڌڪي پوئتي هٽايو ويو، پر پوءِ دروازو کولي وڌائون. دروازي تي حفاظتي فوج کي وڍي ڳترا ڳترا ڪري وڌائون. اسان جي گهوڙيسوار فوج جو هڪ ماڻهو، جنهن جي ٻانهن ڪپجي پيئي هئي، ۽ ايترو ته رت وهي رهيو هوس جو موت کي ويجهو پهتو هو، پر ان هوندي به پنهنجي سور جو ڪو خيال نه ڪيائين ۽ سڄي طاقت صرف ڪري ليفٽيننٽ ڪريڊ کي هڪل ڪيائين ته دشمن کٻي پاسي آهي، کٻي پاسي ڏسو. مون واري دوست ۽ عزيز، جو گرينڊيرس مان هو، انهيءَ جنگ ۾ اهڙي وقت موتمار زخم کاڌو، جڏهن هو سپاهين کي ميڙي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هو کين پـَـٽن کان جهلي اڳتي ڪري رهيو هو، ته هڪ ڌڪ اچي کيس لڳو ۽ مري ويو. ٿورو وقت اڳ هن پنهنجي تلوار هڪ دشمن کي ماريندي ڀڃي وڌي هئي. اسان جا ٽيونجاهه ماڻهو مئا ۽ زخميا ۽ چار آفيسر ضايع ٿيا. دشمن جا پنجويهه ماڻهو مئا ۽ ٽيانوي زخمي ٿيا. هڪ جنرل جنهن وٽ پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو يورپي ريجمينٽون به هجن، سو ڪيئن ٿو هڪ ڏيهي جٿي کي سبيءَ تي حملو ڪرڻ ڏئي. جڏهن کيس اهو به معلوم آهي ته انهيءَ جي تمام چڱيءَ طرح حفاظت ڪيل هئي. اهو حادثو غور ۽ ويچار لائق آهي. بدقسمتيءَ سان 2- گرينڊيرس جي لائيٽ ڪمپني، جنهن پهرين وڌي حملو ڪيو هو، سا اها ساڳي ڪمپني هئي جنهن کي نفشڪ وٽ بيدرديءَ سان ڪٽيو ويو هو. اسان خيرپور ۾ جيڪا بدظني پيدا ڪئي، انهيءَ روهڙي ۾ هڪ وڏو فساد ڪرائي وڌو، جنهن ۾ رتوڇاڻ به ٿي. جيئن آءٌ معمول موجب درياء تي شام جو سير ڪري رهيو هوس، تيئن مون کي ايجنسيءَ وٽ سکر طرف وڏو گوڙ ڏسڻ ۾ آيو. ٻيڙيون به روهڙيءَ جي طرف کان تمام گهڻي انداز ۾ اچي رهيون هيون. جيئن ئي آءٌ ڪناري تي ويجهو پهتس، تيئن ماڻهن کي پنهنجو نالو وٺندي ۽ زور سان رڙيون ڪندي ٻڌم. جڏهن ٻيڙيءَ تان لٿس، تڏهن ميجر ڪليبارن گهوڙي تي چڙهيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر ساڻس گڏ هئا. اهي روهڙيءَ جي ميلي تي ويل سپاهين تي ٿيل حملي سبب ڏاڍيءَ چڙ ۾ بيٺل هئا. ٻيڙين ۾ زخمي ٿيل سپاهي اچي رهيا هئا ۽ انهن ۾ هڪڙي جي ٻانهن ڪپجي ويئي هئي. ڪليبارن جي مرضي هئي ته توبون هيٺ آڻي شهر تي بمباري ڪري. انهيءَ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏجي. سڀئي ماڻهو گڏجي ڏاڍي زور سان هل ڪري رهيا هئا، انڪري خبر پئجي نه سگهي ته ڪهڙي سبب ڪري، اسان جي ماڻهن تي حملو ڪيو ويو هو. ساڳئي وقت روهڙيءَ جي ڏيهي اختياريءَ وارن جي ٻيڙي به اچي پهتي، جن جو چوڻ هو ته کين به ٻڌو وڃي. ڏاڍيءَ تڪليف کان پوءِ آئون آفيسرن کي ايجنسيءَ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ته جيئن اهو معاملو نرميءَ سان نبيريو وڃي. آخر اهو ظاهر ٿيو ته اسان جا سپاهي ڪي ناچو ڪڃريون وٺي هڪ مسجد ۾ گهڙي ويا هئا، ۽ اتي کين ناچ پئي ڪرايائون. جيڪي ٻروچ اتي موجود هئا، تن کين نياپو ڏياري موڪليو ته عبادت جي جاءِ آهي، خراب نه ڪريو ۽ ٻاهر نڪرو. جيئن ته سپاهين گستاخ جواب ڏياري موڪليو، انڪري ماڻهو اچي هٿين پيا. جيئن ته سنڌين وٽ هٿيار وغيره به هئا، انڪري هنن موقعي جو فائدو وٺي اسان جي ماڻهن کي ڊوڙائي آڻي ٻيڙين تائين ڪڍيو. مون ڪليبارن کي ٻڌايو ته هن معاملي کي فيصل ڪرڻ لاءِ گوليبازيءَ يا بندوقبازيءَ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهڙيءَ طرح نيٺ وڃي انهيءَ سڄي گوڙ کي ماٺ ڪرايم. شاهدن جا بيان جڏهن سرڪار ڏانهن موڪليا ويا، تڏهن اهو فيصلو ٿيو ته ڏوهه سپاهين جو هو ۽ انهن ئي اڳرائي ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح اهو معاملو روهڙي شهر کي تباهه ڪرڻ کان سواءِ فيصل ٿي ويو. انهيءَ دؤر ۾ڪيترن ئي مهمانن ايجنسيءَ ۾ منزل ڪئي هئي، جن مان جنرل وينچورا مون سان ڪجهه ڏينهن اچي رهيو. مشرقي ماڻهن وانگر سندس ڏاڙهي ڪاري ڊگهي ۽ لهريدار هئي. ۽ انهيءَ ڏوهه جي ڏوهاري ڪانه هئي، جنهن سان ڪيتريون ئي کاڏيون ڪئمپ ۾ ڏوهاري هيون، يعني ته اها هلڪي، کٿل ۽ ٻـُـچي ڏاڙهي ڪانه هئي. ڏاڙهيون به اهڙيون ئي مختلف هونديون آهن، جهڙا ماڻهن جا رايا. شڪارپور ۾ مون سان هڪ افغان کي ملايو ويو هو، جنهن جي ڏاڙهي ايڏي ته ڊگهي هئي جو ان کي لتاڙيندو آيو. اها ڏاڙهي هڪڙي پاسي کان مڙيئي کٿل پئي لڳي، ڇاڪاڻ ته مقابلي ڪندي دشمن جو هٿ سندس ڏاڙهيءَ ۾ سوگهو پئجي ويو هو ۽ گهوڙو به هيٺان کسڪي ويو هوس. اهو دشمن کيس ۽ سندس ڏاڙهي ٻنهي کي جيڪر پورو ڪري وجهي ها، پر ڪنهن دوست جو ڀالو وڃي دشمن کي لڳو، انڪري همراه بچي ويو، پر ڏاڙهيءَ جا ڪجهه وار دشمن جي هٿ ۾ رهجي ويا. هڪ مرد لاءِ ٻئي مرد جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهڻ بيعزتي سمجهي وڃي ٿي، پر عورتون انهيءَ مان چڱا وار ڪڍنديون آهن. ڏاڙهيالن کي پاڻ به ائين وڻندو آهي، ته معشوقڙين جون نازڪ آڱريون سندن ڏاڙهيءَ ۾ کانهر ڪنديون رهن، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سندن دلي جذبا پوري جوش سان اڀرندا آهن. پر هيءَ مڙيئي خوشطبعي آهي. مون ڏٺو ته جنرل وينچورا کي افغان مهم جي باري ۾ سڄي خبر هئي ۽ انهن ڏيهي رياستن جو به پتو هو، جن جون حدون سنڌو نديءَ سان لاڳو هيون. هن مون کي گذارش ڪئي ته آءٌ کيس لاهور جي دربار مان ملندڙ 4100 رپيا ايجنسيءَ جي معرفت ڏياريان ۽ هن پنهنجي اخبار نويس يا عيوضيءَ کي لکيو، ته هو پنهنجون رپورٽون منهنجي معرفت کيس موڪلي ڏئي. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن ٽئين ڏينهن مون کي هڪ قسم جو فارسي خبرنامو يا صبح جي اخبار پئي پهچندي هئي. هونئن به ته انگلينڊ جي اخبارن ۾ اهي خبرون پڙهندا هئاسين، ته اڄ راڻي خچرن جي گاڏيءَ تي چڙهي ٻاهر نڪتي، يا شهزادي البرٽ فلاڻي ڏينهن تازي ڪتن سان شڪار ڪيو. انهن جي بدران هنن خبرن ۾ پڙهندو هوس ته مهاراجا صبح جو هوا کائڻ لاءِ هاٿيءَ تي چڙهيو هو ۽ ٻه ڪلاڪ هيرا باغ ۾ گذاريائين، ۽ اهڙيون هزارين ڳالهيون ۽ انهن جا تفصيل. شاهي خاندان تي، پوءِ اهي اولهه ۾هجن يا اوڀر ۾،ڪانه ڪا مڙيئي تنقيد ٿيندي رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو انهن جي اٿ ويهه ۽ عادتن کي ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان جاچيندا رهندا آهن. مٿين ڳالهين سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ٻيون به خبرون وغيره ڏنيون وينديون هيون. پوليٽيڪل (سياسي) ماڻهو، جن کي گهڻو ڪري سڀڪنهن ڪم ۾ واهيو ويندو آهي، تن جي سڀ کان وڌيڪ ڪٺن ڊيوٽي اها آهي ته ڀاڄوڪڙن کي ڳولي هٿ ڪرائين. هاڻي ان وقت جيئن ته هڪ وڏي فوج ميدان ۾ هئي، انڪري اها ڊيوٽي انداز کان وڌي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته فوج، اوٺين جا جٿا، بورچي، خانسامان، ڏوليون کڻندڙ وغيره سڀ هئا. ٻيو ته ڀڄڻ وقت اهي اڪيلا ڪونه ڀڄندا هئا، پر ٻين کي به پاڻ سان کاري ڀڄائيندا هئا. هڪ ڏينهن هڪ سهڻو جوان مون وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو ۽ جيئن ته مون وٽ قاصدن جي هڪ جاءِ خالي هئي ۽ هو به انهيءَ لاءِ موزون ٿي ڏٺو، انڪري مون خوشيءَ سان اها جاءِ کيس ڏياري. ٻه ڏينهن ته ٺيڪ ڪم ڪيائين پر ٽئين ڏينهن اچي استعيفا ڏنائين. مون جڏهن کانئس سبب پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين ته سندس ڀاءُ گذاري ويو آهي ۽ پاڻ به طبعيت ۾ٺيڪ نه آهي، انڪري کيس گهر وڃڻو آهي. ٿوري وقت اندر هن مون کي ڊزن کن ٻيا سبب پڻ ٻڌايا. پٽو اڇلائيندي،اهڙو ته تڪڙو ڀڳو، جو آءٌ سمجهي ويس ته ڳالهه ۾ مڙيئي ڪجهه رولو آهي. پر جيئن ته ڪنهن شيءَ جي گم ٿيڻ جو مون ڪونه ٻڌو هو، انڪري مون هن سامَ پئي کي پاڻ وٽ روڪڻ مناسب نه ڄاتو. سندس اوچتو ڀڄي وڃڻ هڪ قسم جي ڳجهارت هئي، جيڪا تيسين حل ڪانه ٿي، جيسين اسان جي بيقاعدي فوج جي سوارن جو هڪ جٿو اچي پهتو. سندن آفيسر اچي مون سان ڳالهايو ۽ پڇيائين ته غلام محمد نالي ڪو ماڻهو ته ايجنسيءَ تي ڪونه آيو؟ هن جيڪي به اهڃاڻ ڏنا، انهيءَ مان ثابت ٿي ٿيو ته اهو ساڳيو مون وارو قاصد ئي هو. پڇيومانس ته ڇو پيا سندس ڳولا ڪريو؟ چيائون ته، صاحب هن وٽ اسان جي پگهار وغيره جا پئسا هئا، جي هو کڻي ڀڄي ويو آهي. ماڻهن جو خيال هوندو ته سنڌو درياء جو ويڪرو پيٽ اهڙن واقعن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪافي ٿيندو، پر ائين نه هو، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن ڏهن ميلن تي درياء تي پتڻ هو، پر انهن جي ڪابه نظرداري نه ڪئي ويندي هئي، اهي ماڻهو جيڪي پتڻن تي ويهاريا ويا هئا، سي رشوت کائڻ لڳا ۽ نه فقط ڏوهارين کي ڇيڪ ڇڏي ٿي ڏنائون، پر ان سان گڏ غريبان مار به ٿي ڪيائون. هندستان جا ماڻهو رشوت جي معاملي ۾ ايران ۽ ترڪيءَ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهن. هتي رشوت هڪ ڪڙيءَ کان ٻئي ڪڙيءَ تائين زنجيري وانگر ڳنڍيل آهي، جنهن ۾ ننڍي (ملازم) کان وٺي، وڏي ۾ وڏي (آفيسر) تائين سڀ شامل آهن. اهو سلسلو وڃيو يورپي آفيسر تائين پهچي، ۽ اتي ختم ٿيو وڃي. پر افسوس آهي ته اتي به ڪن حالتن ۾ رشوت ورتي وڃي ٿي، جيئن ويجهڙائيءَ جي ڪن واقعن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. اوهان کي عجب لڳندو ته انگريز ڪمشنر سال- ٻه نوڪري ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لنڊن پهچندا هئا، تڏهن سندن رئيس انهيءَ تي رشڪ وچان حسرت ڪندا رهندا هئا. اهو رڳو پاسپورٽ چڪاس ڪندڙ جو ڏوهه ڪونه آهي، پر جيڪي به ڏيهي آفيسر آهن تن لاءِ آءٌ ڊڄي ٿو چوان ته انهن مان ڪنهن جي به اکر تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. ڏيهي ماڻهن جي سچائيءَ بابت گهڻو ڪجهه چئي ويٺو آهيان. اٿ ويهه جي فضيلت ۽ ڳالهه ٻولهه جي خيال کان هندستانين تي جيترو ڀروسو ڪجي ٿورو آهي. پر ٻين معاملن ۾ سچ ٻولڻ جا تمام گهٽ امڪان آهن. ڪوڙ جي معاملي ۾ سنڌي به ڪي پٺتي پيل ڪين آهن، اهي اچرج جهڙي جوش سان ڪوڙ ڳالهائي ويندا. ٻئي پاسي ڏسبو ته ٻروچ ڪي قدر سچار آهن. جيئن ته اهي بهادريءَ ۾ ڀڙ آهن، انڪري اهي ڪوڙ کان پري رهن ٿا. ڪوڙن قصن لاءِ وري ڪنهن ايرانيءَ جي مون ڏانهن سفارش ڪريو (1). مري ٽڪرين ۾ اسان جي تباهيءَ جي وقت هڪ ايراني سکر ۾ اسان وٽ قيد هو. سندس قد پنج فوٽ ٽي انچ هو ۽ سندس عضوا ننڍڙا ۽ هلڪا هئا، جهڙوڪ جيتامڙو. هن جڏهن اهي خبرون ٻڌيون، تڏهن عرض ڪيائين ته هو پوليٽيڪل سان ڳالهائڻ ٿو چاهي. چوڻو وري ڇا هئس! چيائين ته، ”مون کي ڪجهه سوار ڏيو آءٌ پاڻهي ٿو وڃي ٻروچن سان نبران، پر شرط هي آهي ته ٻروچن کي اها خبر نه پوڻ گهرجي، نه ته هو بيهندائي ڪونه.“ انهيءَ جنگي جوڌي کي جڏهن ڇڏيو ٿي ويو، تڏهن هرهڪ چوڪيدار سان وڃي مليو. مون کي پڻ هيئن سر ۾ عرضداشت ڪيائين ته، ”آغا جان، منهنجي زندگيءَ جا مالڪ، تون شل هزار سال جيئين. تنهنجي رحم ۽ مهربانيءَ جي ندي، جا هر وقت منهنجي چوڌاريءَ وهي رهي هئي، تنهن کي خدا شل وڌائي سمنڊ ڪري ۽ توڏانهن واپس موڪلي.“ انهيءَ کان پوءِ هڪ خواهشمند وانگر ڪمري جي چوڌاريءَ نظر ڊوڙائي چيائين ته، ”هو ڪنهن نشانيءَ وٺڻ کان سواءِ واپس نٿو وڃي سگهي،جو هو انهيءَ نشانيءَ کي هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو“. آءٌ به سولو وٺ ڏيڻ جو ڪونه هوس، انڪري هو وڏي ۾ وڏي قيمتي شيءِ کان وٺي ننڍي ۾ ننڍي سوغات تائين گهرندو ويو ۽ آءٌ به انڪار ڪندو ويس. آخر انگريزي پائوڊر جي گهگهيءَ ۽ ڪارتوسن جي پٽي تي ڀنڊي ٻڌي بيهي رهيو. مون کي ڏاڍا ايلاز منٿون ڪيائين، خوشامد ڪيائين، مڪر ڪري رنو، پر وريس ڪي ڪين. آخر جڏهن ڏٺائين ته ڪاميابي گهٽ آهي، تڏهن ڪاوڙ ۾ اچي گاريون ڏيڻ لڳو. ان تي مون حاضريءَ ۾ بيٺل سپاهين کي اشارو ڪيو ته کيس دفعي ڪن ۽ اهڙي طرح هن ڦيڪاريءَ مان جند ڇٽي. آرهڙ جي مند اچڻ شرط اهو وڏو درياء، جنهن جو ڍنڍ مثل وهڪرو هوندو آهي. ڪجهه مهينا اڳ سـُـسي وڃي هڪ واهڙ مثل ٿيو هو، سو وري چڙهڻ لڳو. انهيءَ تي ويچار ڪرڻ ئي اجايو آهي ته پاڻيءَ جي هيءَ شاهه شريان (سنڌو) جي سنڌ ۾ نه هجي ها، ته انهيءَ جو ڪهڙو حال ٿئي ها. لاشڪ اهو هڪ هيبتناڪ برپٽ مثل هجي ها، پر جيڪڏهن ٿوري حرفت کان ڪم ورتو وڃي ته اها ندي گجرات کان وٺي هالار تائين سڄي ملڪ ۾ ساوڪ ۽ زندگيءَ جي لهر ڊوڙائي سگهي ٿي. انهيءَ نديءَ جي مکيه وهڪري جا نشان، ويڪرن ڀڏن جي صورت ۾ اڃا به الور جي اوڀر ۾ پڻ سنڌ ۽ راجپوتانا جي وچ ۾ پيا پسجن، جن جي وسيلي اها وهي وڃي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. لوڻاٽيل رڻ، جيڪو هاڻي سنڌ ۽ ڪڇ، ٻنهي ملڪن جي حد جو نشان آهي، ڪنهن وقت ۾ ڏاڍو آباد هو. منجهس هر قسم جي پوک ٿيندي هئي ۽ ڊگها فصل بيٺا هوندا هئا. ماڻهن کي اڃا به ياد آهي ته انهيءَ اٿاهه وهڪري کي روڪڻ ۾ ڌرتيءَ جو ڌٻڻ ۽ پڻ ماڻهوءَ جو هٿ به شامل هو. اسان جي حڪومت انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو احسان ڪري سگهي ٿي جو انهيءَ آباديءَ جي ذريعي کي وري کوليو وڃي. انهيءَ مهم کي پوري ڪرڻ ۾ ڪو ڳرو خرچ به ڪونه ٿيندو. درياء جي هر سال جي اُٿل پٿل اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ته درياء جي پيٽ کي ڪهڙيءَ نه سولائيءَ سان بدلائي سگهجي ٿو. ڪيترن هنڌن تي ننڍا ننڍا ڪم ڪرايا ويا آهن پر هيءُ انهن سڀني گڏيل ڪمن کان نيٺ گوءِ کڻي ويندو. چين ۾ واهن جي سنڀال ۽ انهن جي تعداد ۽ وهڪري ۾ واڌ آڻڻ لاءِ خاص عملدار مقرر ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ به اهڙيءَ طرح جو ڪم درڪار آهي. ساڳئي وقت جيڪو به نئون واهه ڪنهن ضلعي جي آبادي وڌائڻ ۾ ڪمائتو ٿيندو، اهو درياء ۾ به جهاز راني وڌائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. درياء ۾ پاڻيءَ جو مقدار ايڏو ته گهڻو آهي، جو اونهي پاڻهيءَ ۾ تـِـکي وهڪري جي سامهون ڪوبه ٻيڙو يا غوراب وڌي نٿو سگهي. ڪنارن تي جيئن ته پاڻي تانگهو آهي ۽ ڍنڍ جي شڪل وٺيو بيهي، انڪري انهيءَ وهڪري جو پتو ئي نٿو پئجي سگهي، جتان ٻيڙيون وغيره آساني سان هلي سگهن. جيڪڏهن ايران جو بادشاهه هڪ مهيني اندر درياء جي وهڪري مان ڪئين ناليون ڪڍي، انهيءَ کي اهڙو ڪري سگهيو ٿي، جنهن مان ماڻهو گوڏن پـُـسائڻ کان سواءِ اُڪري وڃي، ته پوءِ اسين جيڪڏهن ڪن سالن جي اُپت مان ڪجهه حصو بچائي، انهيءَ تي خرچ ڪريون ۽ ماڻهن کان به ڪم وٺون، جيڪي ڪنهن حد تائين ونگار به وهندا، ته پوءِ ڇا نٿو ڪري سگهجي. جڏهن به منهنجي درياء جي اُٿل تي نظر پوندي هئي، تڏهن آءٌ مستقبل ۾ سنڌ ۾ ايندڙ اهم ڦيرين گهيرين بابت پـُـورَ پچائيندو رهندو هوس. ايجنسي درياء جي ڪنڌيءَ تي اهڙي طرح ٺهيل هئي، جو ڪوبه ماڻهو دريءَ وٽ ويهي مـَـڇيون ڦاسائي سگهيو ٿي. مون ڪڏهن به اتي ڪا سٺي مڇي ڪانه ڦاسائي، باقي عام مڇيون ته گهڻيون ئي هيون، جن کي اسين ڪئٽفش ڪري چوندا آهيون. اهي چيچاٽ وانگر سنهو آواز ڪنديون آهن، ۽ دسترخوان جي بنهه لائق ڪونه آهن. جيئن ته درياهه جي ڀيٽ ۾ سڀ ڏرڙ ۽ کڏون پاڻيءَ سان ڀرجي وييون هيون، انڪري ڪيترن اڻوڻندڙ جيتن اچي اسان جي رهائش وارو پـَـٽ وسايو. وڇـُـن ۽ سؤپيرين کان سواءِ هڪ اهڙي به بلا اتي اچي نڪتي، جنهن منهنجي بورچي ۽ سندس ساٿين کي ڊيڄاريو. هڪ ڏينهن رات جو کاڌي وقت وڏو گوڙ ٿيو. جمعدار جعفر اچي مون کي چيو ته جلدي بندوق کڻي هلو، هڪ نانگ اندر گهڙي آيو آهي. آءٌ جڏهن پهتس تڏهن ڏسان ته هڪ وڏو ڪاريهر جيڪو ست يا اَٺ فوٽ ڊگهو ۽ ماڻهوءَ جي ٻانهن جيترو ٿلهو هو، سو ڦـَـڻ ڪڍيو مـَـنـَـهه جي ڪامن تي بيٺي لـُـڏيو ۽ لـَـميو. شايد ماني کائڻ لاءِ ناز ۽ نخرا ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي هنڌ هو، جتي نوڪر- چاڪر ويهي ماني کائيندا هئا. مون هڪدم بندوق جي ٻنهي نالين مان فائر ڪيا، جي وڃي سندس پيٽ ۾ لڳا ۽ ٻه اڌ ٿي ڪـِـري پيو ۽ ماني گهرڻ کان بس ڪيائين. جيئن ئي سندس پيٽ ڦاٽو تيئن هڪ ڪـُـوئو، جنهن کي هن ٿورو اڳ ڳڙڪايو هو، نڪري ٻاهر نروار ٿيو. جنرل وينچورا کان پوءِ ٻيو مهمان صمد خان آيو، جو ڪئپٽن ائبٽ سان خيوا کان سينٽ پيٽربرگ ۽ پوءِ انگلينڊ ويو هو. پنهنجي قوم جو هو اڪيلو ماڻهو هو، جنهن يورپ کي ڏٺو هو. هن جيڪي اتي ڏٺو تنهن سندس ڀائرن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو. هڪ خشڪ طبعيت وارو پير مرد هو، جنهن اڊانـِـس (1) وانگر بهادريءَ جي دعويٰ ته ڪانه ٿي ڪئي، پر ٻڌايائين ته هو سڀني آزمائشن مان گذري چڪو هو. هن ٻڌايو ته انگريز عورتون پنهنجي حسن جي جادوءَ سان جيڪر فرشتي کي به سندس معتبريءَ تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو ڇڏين، سو ماڻهو ويچارو ڇا ڪري سگهندو انهن جي اڳيان. پر هن قسم کڻي مون کي يقين ڏياريو ته اولهه جي حورن جي سڀني نازن ۽ نخرن جو هن مڙس ٿي مقابلو ڪيو هو. مون کانئس پڇيو ته هن سڀ کان وڌيڪ ڪهڙو سهڻو مهانڊو ڏٺو، جو واقعي ڏسڻ لائق هجي. جواب ڏنائين ته، ”روس جو شهنشاهه. اهڙو ته سهڻو ماڻهو مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو، سچو بادشاهه هئو ئي اهو، ٻيا سندس اڳيان تـِـڇ برابر هئا.“ انهيءَ بيان کان پوءِ هن مسڪين پنهنجن ڏکن جو ذڪر ڪيو، جي کيس درپيش آيا هئا. هن پنهنجا ٻار ۽ زال هرات ۾ ڇڏيا هئا، ۽ اتي جي گورنر موقعي جو فائدو وٺندي انهن کي ازبيڪن وٽ وڪڻي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته جيسين اهي کيس نه مليا آهن، تيسين هو کين ڳوليندو رهندو. مون دل ۾خيال ڪيو ته يار محمد، جنهن سندس زال ۽ ٻار وڪڻي ڇڏيا هئا، سو سندن پيءُ کي به سستي اگهه وڪڻي ڇڏيندو. جيئن ئي گرم هوا جو زور ٿيو، تيئن منهنجي صحت به ڪـِـري پيئي ۽ تپجي پيس. مون کي پير ۾ ناسور ٿي پيو هو، جنهن جي ڪري ڇهه هفتا پنڌ نٿي ڪري سگهيس، ڇاڪاڻ ته ڦـَـٽ جو سور وڃي هڏي تائين پهتو. هڪڙي ڊاڪٽر منهنجي ٽنگن تي پاري جي رس جي دوا مهٽي هئي، ان ڪري اهي سڄي دهل ٿي پيون هيون. سنڌ ۾ منهنجي رهائش جو ٽيون سال شروع ٿي ويو هو. جيڪي مون سان گڏ ساڳئي وقت انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيا هئا، انهن مان فقط ٿورا وڃي رهيا هئا: ڪجهه ته مري ويا هئا ۽ ٻيا وري بيماريءَ جي موڪل تي ويا هئا. آبهوا جي ناموافقت لاءِ ايترو لکڻ ڪافي ٿيندو ته سنڌ ۾ شال جي پوليٽيڪل عملي ۾ سترهن آفيسرن مان ڏهه مري چڪا هئا- چار ڄڻا طبعيت جي ناسازيءَ سبب پينشن تي لهي ويا هئا، باقي ٽي ڄڻا وڃي هندستان ۾ رهيا هئا. اهو انهيءَ ڪري هو، جو اسان کي گهڻو وقت مجبورن تنبن ۾ رهڻو پوندو هو. منهنجي بالا آفيسر کي منهنجي طبعيت جو ڏاڍو خيال هو، ڇاڪاڻ ته اها وئي پئي پوئتي پوندي. انڪري مون کي لکيائين ته بيماريءَ جي موڪل تي انگلينڊ پيو وڃان، بمبئي گهمڻ جي موڪل وٺي اچي مون سان اتي مـِـل. پڻ اهو به لکيائين ته بمبئي وڃڻ وقت جيڪڏهن ساڻس گڏجي ويندس ته کيس خوشي ٿيندي. افسوس، قسمت جي معاملي ۾ اسين ڪيڏا نه اڻواقف آهيون. جيستائين اهو خط مون تائين پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ خط جو لکندڙ ختم ٿي چڪو هو. اهو پنهنجي حياتيءَ جي ڦوهه ۽ ٽڙندڙ دؤر ۾ گذاري ويو. همت، مردانگيءَ ۽ سهڻين عادتن جو مجسمو هو. سندن مـَـن مستقبل جي رٿن سان ڀرپور هو، پر کيس اها خبر ئي ڪانه هئي ته سندس حياتيءَ جو دفتر اوڏيءَ مهل بند ٿيڻ وارو هو ۽ مٿس مهر لڳڻ واري هئي. مون کي ته ڏاڍو صدمو پهتو. ڪير هوندو جو اهڙي واقعي ٻڌڻ تي ڏک جو اظهار نه ڪري؟ جڏهن هڪ ماڻهو پياري انگلنڊ جي ڏسڻ جي اميد سان ڀرپور هجي ۽ اهڙو خط به لکيو هجيس ۽ پوءِ مري وڃي- ڪهڙي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي اها! اهڙيون ڳالهيون هندستان ۾ عام جام ٿينديون رهن ٿيون، ۽ جيئن ئي ڪو گهڻو وقت هتي رهيو، تيئن اهو احساس دلين مان نڪري ويندو. منهنجي بالادست جي جيون مارگ بابت فقط هي ساراهه ڀريل اکر چوڻا آهن ته هو دماغي توڻي بدني قوتن جو مالڪ هو، ۽ موقعي تي ايڏو ته ڪم ڪندو هو، جو ٿڪبو ئي ڪونه هو. ڏيهي ماڻهن جي چـُـرچ تي هن ڪي غلط ڪم به ڪيا، جي مير رستم خان جي خلاف هئا. ميرن جي خلاف هن جيڪا پاليسي عمل ۾ آندي، انهيءَ جا ڪهڙا به سبب هجن، پر ان جا نتيجا نهايت خراب نڪتا. خراب انهيءَ ڪري ٿو چئجي، جو اهي ماڻهو، جيڪي انگريز حڪومت جي عزت ڪندا هئا، تن ۾ انهن لاءِ نفرت ۽ بيزاري پيدا ٿي. اهڙيءَ طرح سخت ۽ ناروا اپائن جي ڊگهي لانڍ آڻي ٻنهي ڌرين کي خونريز جنگ تي ڇڏيو. انهيءَ جنگ ۾ سوڀ لاشڪ اسان جي ٿي ۽ اسان جو نالو، جيڪو اڳيئي تاريخ ۾ تجليدار هو، تنهن کي هڪ نئون چمڪاٽ مليو، پر پوءِ ڇا؟ ڇا قيصر، ولنگٽن، نيپئر جو شان هڪ اڻسڌريل ۽ ڄٽ، پر ان هوندي به وفادار ۽ سچي دل واريءَ قوم جي خون سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جن پنهنجي رئيس کي قيد ٿيڻ کان ۽ پنهنجي ملڪ کي ڦورن کان بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي! انهيءَ تي ويچار ڪرڻ اجايو آهي. ڪرنل آئوٽرام کي جڏهن اتر سنڌ جي چارج ڏني ويئي هئي، تڏهن بي اعتماديءَ ۽ دشمنيءَ جي باهه، جا ظاهر ظهور پئي ٻري، تنهن کي ٻنجو اچي ويو. خيرپور جا رئيس، جي گهڻو مياڻيون اڇلائي ڇڏڻ ۾ هئا، پر رڳو چڙهت جي خوف ۾ هئا، تن وري انگريزن سان نئين سئين دوستي ڳنڍڻ جا خيال ڪيا. اهو طوفان، جو زور شور سان چالو هو، هاڻي پنهنجي چال وڃائي چڪو هو. ڪابل جي حادثي ڪري اسين ڪمزور ٿي ويا هئاسين پر ان هوندي به سنڌ ۾ اسان جي خلاف هڪ نيزو به اڀو نه ٿيو، جيتوڻيڪ اتي ٿورو وقت اڳ اسان جي وڏي مخالفت هئي. سياسي حساب ڪتاب وارو ڪنهن به حالت ۾ هڪ کٽل مقام جي انجمن کان گهٽ ڪپمني هٿ ۾ ڪونه آهي، پر ان هوندي به سچ ڪو لڪڻ جو ڪونهي. جڏهن به ڪو ماڻهو اکين سان بي انصافي ٿو ڏسي، تڏهن اهو انصاف جي هٿن ۾ هڪ گهنڊ مثل ٿيو وڄي، انڪري آءٌ انهيءَ چوڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان، ته مياڻيءَ جي جنگ اسان کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ٻروچ ڇا نٿي ڪري سگهيا. اهو اسان کي انهيءَ وقت، جڏهن اسان جو جهنڊو ڪابل ۾ ڦاڙي لتاڙيو ويو، سخت ۾ سخت ضرب پهچائي سگهيا ٿي. جيئن سانهر ڦيرائبو اهي، تيئن هو اسان کي جيڪر چيڀاٽي ڇڏين ها. اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن هو ماٺ ۾ هئا، تڏهن اسان کي به لازم هو ته جڏهن اسين طاقتور هئاسين ۽ هو ڪمزور هئا، ته پاڻ جهليون هئا. آءٌ سکر ۾ڪافي وقت رهيو هوس، انڪري ميرن جي دربار ۾ ريزيڊنٽن جي ڦيرگهير سبب، سندن دلي رجحان کان به چڱيءَ طرح واقف ٿي ويو هوس. جيئن ته مون تي هڪ سخت بيماريءَ اچي حملو ڪيو هو، انڪري مون کي سٺي آبهوا بدلائڻ لاءِ مجبورن ٻاهر نڪرڻو پيو. مون پنهنجي چارج ڇڏي، درياء جي وهڪري چڱي مدد ڪئي. انهيءَ ۾ ايڏي ته تيزي آهي، جو اوڀارو وڃڻ وارن جي رفتار کي اهو ست ميل في ڪلاڪ جي حساب سان روڪي سگهي ٿو. ڏسڻ ۾ ايندو ته اها ندي ماڻهوءَ کي اتر سنڌ جي خطي ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿي. سندس ڪم ئي آهي پويان ڌڪڻ، جي اوهان سندس وهڪري کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا ته اها اوهان کي ڦيرائي تمام تکو پري وٺي ويندي. جيئن ئي منهنجي ٻيڙي ڪليبارن جي گهر وٽان لنگهي، تيئن هو دريءَ وٽ نڪري آيو ۽ خدا حافظ چيائين. مون وراڻيو ته، ”آءٌ فقط هڪ مهيني لاءِ ٿو وڃان ۽ وري موٽي ايندس“. جواب ڏنائين ته، ”وري ڪونه موٽندين“ ۽ ائين چئي هن دري بند ڪئي ۽ هليو ويو. سنڌو ندي پنهنجي اوج تي هئي ۽ ڪن جاين تي ايڏي ته گجي هئس، جو ڏائڻ جي ديڳ وانگر ٽهڪي رهي هئي. اها مئڪبيٿ واري ننڍڙي نسل مان نه پر اسڪينڊنيويا جي هڪ پوڙهيءَ ڏائڻ جهڙي وڏي آفت پئي لڳي. انهيءَ هنڌ جتي ڪليبارن جو گهر هو، دريا ِّ ڏاڍو اونهو هو، ۽ منجهس ڪن به هو، جو دريا ِّ ۾ پيل پراڻن کنڊرن سان لڳي، پيو ڦيرا کائيندو هو. جڏهن درياء لهي ويندو هو، تڏهن اها جاءِ ظاهر ظهور پئي پسبي هئي، خواجه خضر واري ڪتبي تصديق ٿي ڪئي ته اهو الور کي ڇڏي، پوءِ هتان اچي وهيو هو. هڪ واڳون چوڪيدار وانگر انهيءَ جاءِ تي روزانو پيو ڏسبو هو. مون پاڻ کيس ڪونه ڏٺو پر آفيسرن مون کي ٻڌايو ته انهن سدائين فئر پئي ڪيا آهن ۽ سندس ڊيگهه، انهن جي چوڻ موجب، ويهن فوٽن کان ڪنهن به حالت ۾گهٽ ڪانه هئي، سکر کان ٽيهن ميلن جي پنڌ تي، آءٌ مددي اسٽيمر جي پاسي کان اچي لنگهيس، جو اتي لنگر هنيو بيٺو هو. مون ڪرنل آئوٽرام کي صلاح ڏني هئي، ته ان کي ديري اسماعيل خان يا جيترو اڳتي وڌي سگهي، اوترو اڳ موڪلجي. مطلب هي هو ته جيئن چڪاس وٺي سگهجي ته منجهس ڪيستائين جهاز راني ڪري سگهجي ٿي، ۽ پڻ ٿي سگهيو ٿي ته ديره جات سان واپار ڪرڻ جا امڪان پيدا ٿي وڃن. پوءِ هن انهيءَ کي موڪليو يا نه، ان جي ڪابه خبر ڪانه پيئي. ڇهينءَ تاريخ آءٌ سيوهڻ وٽان گذريس ۽ ستينءَ تاريخ هڪ ڳوٺ وٽ پهتس. جنهن کي گوتم سڏيو ٿي ويو ۽ اهو هڪ سيد جو ڳوٺ هو. منهنجي وندر ان وقت ٽئڪيٺس جو اتهاس پڙهڻ ۽ پيڻ پکيءَ جو شڪار ڪرڻ هئي، جن تي آءٌ ڪڏهن ڪڏهن پيو فائر ڪندو هوس، جي درياء جي وچ ۾ وڏن ولرن ۾ اونڌا ابتا ٿيا پيا هئا. اٺين تاريخ مون کي هڪ سخت مشڪلات درپيش آئي. هڪڙي هنڌ لهرون اهڙيون ته اُڀيون هيون، جو ٽنڊيل چيو ته جي انهن سان ٽڪر کائبو ته تباهي يقيني آهي. هوا به ڏاڍي تيز ۽ اڻائي هئي، انڪري هن عرض ڪيو ته پڳهه نه ڇوڙيا وڃن، جيسين الله ڪو سڻائو واءُ موڪلي. اسان جي ٻيڙي ان وقت هڪ ننڍي کاريءَ ۾ هئي، جتي پاڻي جي اٿل پٿل ۽ گجگوڙ کان پري به هو، ماٺو به هو. اسان به ٻيڙي ڇڪي کڻي پاسيري ڪئي ۽ ڪجهه وقت آرام به ڪيوسين ۽ رات جي ماني چانور ۽ ٻوڙ کاڌوسين. ان وقت ٽنڊيل راءِ ظاهر ڪئي ته هڪ ماڻهو اها کاري تري وڃي ڏسي ته درياهه ۾ ٺاپر اچي ويئي آهي يا نه. جيئن ئي هن اها ڳالهه ڪئي، تيئن هڪ ماڻهو ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ماڻهوءَ کي بدن تي ڪپڙو هوئي ڪونه ۽ ٻي ڀر پهچڻ لاءِ هڪدم تيار ٿي ويو. اڃا ٽپ ٿي ڏنائين ته مون چيومانس ته سير ويجهي آهي، انڪري خيال ڪجان“، متان ٻڏي نه پوين! اهو ٻڌي هو کليو ۽ کڻي پاڻ کي پاڻيءَ ۾ اڇلايائين، اڃا کاريءَ جي اڌ تي ئي ڪونه پهتو ته پاڻي هن کي ڏاڍيءَ تيزيءَ سان کاري جي منهن ڏانهن وٺي ويو ۽ وڃي ڪن ۾ هنيائينس، جنهن ڦيرائي گهيرائي آڻي درياء ۾ ڪڍيس، اتي ڏٺوسين ته غوطا پيو کائي (هونئن به ته اهي پاڻيءَ جا پونئرا آهن) ۽ ڄاڻ ته ٿي تر کنيائين. مون کي تر جيترو به الڪو ڪونه ٿيو ۽ ٿئي به ڇو؟ ڇاڪاڻ ته آءٌ پاڻ ته تارو ڪونه هوس، جو سندس مدد ڪريان ۽ جي مدد ڪريان به ها ته کيس ڪو فائدو ڪونه پهچي ها. هو ان وقت هڪ اهڙيءَ حالت ۾ هو جا آءٌ جيڪڏهن دنيا جو سڀ کان وڏو تارو هجان ها، تڏهن به کيس انهيءَ مصيبت مان آزاد نه ڪرائي سگهان ها. خوش قسمتيءَ سان مون وٽ هڪ وڏي تنبي هئي، جنهن کي ڪهيون وغيره ٻڌل هيون، جنهن جي رستي حرفتي ماڻهو هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين تري ويندا هئا. اها کڻي مون ٽنڊيل جي هٿ ۾ ڏني ۽ ڌڪو ڏيئي چيومانس ته ڏي ٽـِـپ ۽ وڃي جند ڇڏائينس. منٽ اڳي هو اهڙو ته منهن ڪيو بيٺو هو، ڄڻڪ سڄي دنيا هڪ ٿي ويئي هئي ۽ ان وقت جي سڄي انسانذات به غرق ٿي وڃي ها ته مٿس ان جو ڪوبه اثر نه ٿئي ها. پر مون واري چوڪَ سندس سڄي سستي هڪ پـَـل ۾ دور ڪري ڇڏي. ٻن - ٽن ٻانهن هڻن سان هو ٻڏندڙ ماڻهوءَ تائين پهتو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا انهيءَ تنبي جي رستي صحيح ۽ سالم واپس اچي پهتا. ٻئي ڏينهن به واءَ ڪابه جـَـهڪائي ڪانه ڏيکاري، انڪري اسان قسمت تي ڀاڙي اڳتي وڌياسين. ٻيڙي به تمام وڏي هئي (جيتوڻيڪ درياء جي اڳيان ڪجهه ڪانه هئي) پر درياء جون لهرون کيس وڪوڙي ٿي وييون. ٻيڙيءَ جو پويون حصو ڀڄي پيو، پر ان هوندي به وڏي نقصان کان بچي وياسين. کاري جي ٻئي ڪناري تي ٻن ٻيڙين جا ڍانچا اسان کي ٻـُـڌائي رهيا هئا ته اسان پاڻ کي جوکي ۾ وڌو آهي. مون پوءِ ڏٺو ته هڪ ٻي ٻيڙي، جنهن ۾ ٻه آفيسر حيدرآباد ڏانهن وڃي رهيا هئا، هتي ٽڪرجي ڀڄي پيئي هئي. ٻيڙيءَ کي ٽڪرجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان درياء کي حيدرآباد کان ويهه ميل مٿڀرو ڇڏي، ڦليليءَ ۾ ٻيڙيءَ کي لاهي وڌو ۽ حيدرآباد تائين، انهيءَ جي رستي سفر ڪيوسون. سياري ۾ڦليلي گهڻو ڪري سـُـڪي ويندي آهي پر آبڪلاڻيءَ جي وقت تي اهو هڪ تمام تکو وهڪرو ٿيو پوي، جنهن جي ويڪر هڪ سؤ وال ۽ اونهائي اَٺن کان ڏهن فوٽن تائين ٿيو وڃي. سندس ٻئي ڪپ باغن ۽ ڳوٺن سان سجايل هئا ۽ جنهن ملڪ مان اسان جو لنگهڻ ٿيو، اتي ماڻهو به جام ٿي ڏٺا. جتي ڦليلي اچيو سنڌوءَ سان ملي، اتي هڪ سهڻو شڪارگاهه به هو، جيڪو ان وقت مير نورمحمد جي مِلڪ هو ۽ هو حيدرآباد جي مکيه ميرن مان هو. انهيءَ شڪارگاهه کانپوءِ وري ٻيو شڪارگاهه آيو، جو محمد خان ٺوڙهي جي ملڪيت هئي. سڄي رات طوفان پئي هليو، ۽ آءٌ به پاڻ واريءَ ڍريءَ چال مان ڪڪ ٿي پيو هوس. صبح جو ڪناري تي هڪ سٺي پوشاڪ واي ٻروچ کان سوال تي گهوڙو گهريم ته جيئن ايجنسي تائين انهيءَ تي چڙهي وڃان. ٻروچ هڪدم پنهنجو گهوڙو جهلي منهنجي حوالي ڪيو ۽ جيئن آئون هيٺ لٿس، تيئن مون لاءِ کير کڻي آيو ۽ ڪچهري به ڪيائين. ٻڌايائين ته سندس پگهار فقط ٻارنهن رپيا في مهينو هو،جنهن مان هو ڏاڍيءَ تڪليف سان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو گذر ڪندو هو. هن ٻڌايو ته هو احمد خان واري مغزي قبيلي مان هو، جنهن جا اٽڪل 15 ماڻهو حيدرآباد ۾ هئا. اسان جيئن پاڻ ۾ ڳالهايو تيئن ابراهيم شاهه به اچي پهتو ۽ آءٌ سندس هڪ همراهه جي گهوڙي تي چڙهي، ڏهه ميل سواري ڪري، حيدرآباد جي قلعي وٽان لنگهي منجهند ڌاري وڃي ايجنسيءَ تي پهتس. منهنجو هتي ڪرنل آئوٽرام سان تعارف ڪرايو ويو، ۽ مون ڏٺو ته آءٌ پنهنجي ريزيڊنٽ جي بدلي ۾ ايڏو ته خوش هوس، جيترا مير خوش هئا. نئون ايلچي صاف گو ۽ رحمدل هو. هو پنهنجن نائبن کان ڪابه لـِـڪ ڪانه ڪندو هو پر پنهنجن زيردستن منشين کان ڳالهيون مڙيئي ڳجهيون رکندو هو. جيتوڻيڪ سندس اڻٿڪ محنت سان ڪوبه ماڻهو برابري نٿو ڪري سگهي، پر تنهن هوندي به هو پنهنجن زيردستن جي محنت جو قدر ڪندو هو. جيئن ته سندس پنهنجا ڪارناما مشهور هئا، انڪري هن ٻين جي لياقت کي دٻائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ڪانه ڪئي، اهو انهيءَ ڪري ته هر ڪنهن کي مٿي چڙهڻ جو موقعو ملي. --------------- باب ٻارهون حيدرآباد - اميرن سان ملاقات - حيدرآباد جي اميرن جو ڪردار ۽ سندن مکيه آفيسر - ڪراچيءَ جو رستو - مگر تلاءَ جي زيارت - سنڌ ڇڏڻ وقت ويچار - بمبئي ڏانهن روانگي مون کي حيدرآباد جي دربار سان رابطي رکڻ جي موقعي جي تلاش هئي. پوليٽيڪل ايجنٽ کي ميرن سان ڪنهن معاملي تي ٻئي ڏينهن ڳالهائڻو هو، انڪري هن خواهش ظاهر ڪئي ته آءٌ انهيءَ معاملي کي منهن ڏيان. اهو معاملو اصل ۾ هيئن هو : مير نور محمد وصيت ڪئي هئي ته سندس حصي وارو ملڪ سندس ٻن پٽن شهداد خان ۽ حسن علي خان ۾ هڪجيترن حصن ۾ ورهايو وڃي. پر شهداد خان، جو وڏو پٽ هو ۽ عادتن جو کوٽو به هو، تنهن جي مرضي هئي ته ننڍي ڀاءُ کي سندس جائز حصي کان محروم ڪري. انهيءَ ڪـُـڌي ڪم ۾ کيس ميرزا باقر ۽ اسماعيل شاهه جي ڪٽنب جي پٺڀرائي حاصل آهي، جن جو ڪيترن ئي طاقتور ٻروچ سردارن سان ناتو هو. ٻئي طرف نواب احمد خان لغاري، جو هڪ بهادر ۽ آزمودگار سپاهي هو، تنهن حسن علي خان جو پاسو ورتو. ڪرنل آئوٽرام جو طريقه ڪار شاهاڻو هو ۽ منهنجي اڳئين بالادست کان بلڪل نرالو هو. سندس خيال هو ته ميراڻي ڪٽنب ۾ ٿيل ناسازيءَ کي ختم ڪيو وڃي. اهوئي سبب هو جو هن ٻئي ڏينهن درٻار ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو. اسان پنجين بجي ايجنسيءَ مان نڪتاسين، جا حيدرآباد کان چئن يا پنجن ميلن جي پنڌ تي هئي. ايجنٽ صاحب هڪڙي آفيسر کان، جيڪو ساڻس گڏ ويٺو هو، سوال تي گهوڙو ورتو. اهو گهوڙو چابڪ نه استعمال ڪرڻ ڪري بگڙي چڪو هو. اسان اڃا سؤ وال کن مس وياسين ته هن مستي شروع ڪري ڏني،پر نيٺ هن محسوس ڪيو ته سندس پٺيءَ تي ڪو نئون سوار ويٺل آهي، ڇاڪاڻ ته زوردار تـَـلهڙن لڳڻ ڪري، سندس حس ڀڄي پيو، پر ان هوندي به ٻه- ٽي اٽون واهي ڪڍيائين. آخر سوارن جو جلسو وڌڻ شروع ٿيو. اسان اڃا ٻه ميل کن سواري ڪئي هئي، ته هڪ وڏو ڌوڙ جو ڪڪر اسان جي آجيان لاءِ اڳتي وڌندو آيو، جڏهن اهو صاف ٿيو تڏهن ڏٺوسين ته ڇهه ٻروچ سوار اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ اچي رهيا هئا. فضيلت ڏيکارڻ جو هي هڪ اڻوڻندڙ ڏيکاءُ هو، ۽ سو به انهيءَ وقت، جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ به وڏي انداز ۾ مٽي اڏائيندو رهي. اهو ڪيڏو نه ڏکيو ٿو لڳي. جڏهن اوهان ڪنهن ڏنگي ۽ طاقتور سواريءَ تي چڙهيل هجو، جنهن جي پٺيان ڊزن کن ٿڳڙين سان ڍڪيل ٽٽـُـن جو ولر هجي، ۽ اهي هجن به سندس پڇ کان وال جيتري پنڌ تي. مون کي اهو ظاهر ڪرڻو پوندو ته جيئن ته مون کي وڏن جوتن پائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، انڪري منهنجا پير ته رهيا پاکڙي ۾، پر هڪ جوتو خبر نه آهي ته ڪٿي ڪـِـري پيو. انهيءَ نقصان جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ ۽ پڻ انهيءَ کي ماڻهن کان لڪائڻ لاءِ، مون پاڻ کي کلمک رکڻ جي ڪوشش ڪئي، تان جو منزل واري هنڌ تي اچي پهتاسين. پهرئين سوڻ جو مڙيئي ڪجهه اثر ٿيندو آهي. جيئن ته منهنجو جـُـوتو گم ٿي ويو هو، انڪري درٻار ۾ هلڻ يا ان جي ريتن ۽ رسمن کي منهن ڏيڻ لاءِ آءٌ اڌو گابرو تيار هوس. چڱو جو ميرن اسان جي ايجنٽن کان ٻاهر ئي جوتا لهرائي ڇڏيا، جا رسم انگريز معاشري ۾ ٽوپلي لاهڻ جي برابر آهي. اسان ڪرسين تي ۽ مکيه امير صوفن تي ۽ باقي ٻيا ماڻهو وڃي غاليچن تي ويٺا. ان کان پوءِ اسين جنهن مطلب سان آيا هئاسين، سو پڙهي ٻڌايو ويو. انهيءَ گوڙ ۽ گهمسان کي بيان ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان، جو سؤ کن لوهي ڦڦڙ رکندڙ ٻروچن جي سخت بحث مباحثي درميان ٿيو هو. اهو سڄو لـُـڙ ننڍن ميرن جي حقن بابت ٿيو هو، جنهن ۾ مون انهيءَ معاملي کي سلجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، باوجود ڪوشش جي اهو هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. مون کي سڀني ۾ احمد خان لغاري ڏاڍو پسند آيو، جنهن ڳالهايو ته گهٽ پئي پر ڏسڻ ۾ هڪ معنيٰ ڀريل مڙس هو. نصير خان، جو هاڻي وڏو مير تسليم ڪيو ٿي ويو، سو شهداد خان جي فائدي ۾ هو. آخر ايجنٽ جي دڙڪي داٻ وڃي ڪم ٺاهيو، ۽ فيصلو ٿيو ته ڀائر پاڻ ۾ ٺهي وڃن ۽ هڪٻئي کان قرآن تي لکائي وٺن ته ملڪيت جو معاملو امينن جي فيصلي موجب ڪرايو ويندو. مون کي موڪليو ويو ته آءٌ ننڍي حسن علي خان کي وٺي اچان ۽ ٻئي هڪ آفيسر کي وري شهداد خان ڏانهن موڪليو ويو. ان کان پوءِ ٻنهي کي سڀني جي اڳيان ڀاڪر پارائي پرچايو ويو. مون کي خوشي ٿي جو منهنجو شهداد خان سان واسطو نه پيو، ڇاڪاڻ ته هو نه رڳو بدني بناوٽ ۾ بيڊولو هو، پر طبعيت به ڌڪار جهڙي هئس. انهيءَ جي برعڪس مون وارو مير حسن علي خان هڪ سهڻو جوان هو، جنهن جون ڪاريون گهنڊيدار چڳون ۽ سهڻيون چمڪدار اکيون، انگريزي ناچ گهر ۾ جيڪر غضب ڪري ڇڏين ها. مون حسن علي خان کي سندس چاچي مير صوبدار جي گهر ۾ ڏٺو، جنهن جو وڏو پٽ فتح علي خان مون سان دربار تائين گڏجي آيو هو. اتي ايڏو ته گوڙ ٿي ويو هو، جو اسان کي پنڌ هلڻ جي بدران مٿي کنيو ويو، نه ته جيڪر ڪنهن سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ پيڙجي وڃون ها. اهو معاملو پورو ٿيو، تڏهن شڪارپور جو ذڪر ٿيو ته اهو شهر انهيءَ مددي ڏَن جي بدران انگريزن کي ڏنو وڃي، جنهن جو ميرن سان عهدنامو ٿيل هو. سڀ مير انهيءَ ڳالهه جي خلاف هئا، خاص ڪري مير نصير خان، جنهن چيو ته، ”صاحب ملڪ تان دستبردار ٿيڻ هڪ حاڪم لاءِ وڏي بيعزتي آهي.“ اهو معاملو پوءِ بنا ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي ملتوي ڪيو ويو. 11 بجي صبح جو اسان وري سوار ٿي واپس ايجنسيءَ تي پهتاسين، جتي مون واري بالادست مون کي انهيءَ ڏينهن جي سڄي ڪاروائيءَ تي رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڪيو. جيئن ته اتي ڪيترائي فارسي دستاويز هئا، جن کي ڀيٽڻو ۽ ترجمو ڪرڻو هو، انڪري ڪجهه دير ٿي ويئي، نيٺ ٻئي ڏينهن سڄو ڪم تيار ٿي ويو ۽ گورنر جنرل ڏانهن موڪليو ويو. ڪم جي دَٻَ جو اهو حال هو، جو بيمار هوندي به آءٌ صبح جو ٽين بجي اُٿي وڃي لکڻ تي ويٺس. اڃا ساڍا ٽي مس ٿيا هئا، ته پيرن جي کڙڪي جو آواز ٻڌم، ڪو منهنجي ڪمري ڏانهن اچي رهيو هو. ٿوريءَ دير ۾ دروازو کليو ۽ ڏٺم ته ڪرنل آئوٽرام هو. جو پٽ شاهه محمد خان نمبر پٽ مير حسين علي خان مون کي ڪم ۾ رُڌل ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ چيائين ته: ”آءٌ آيو هوس توکي اُٿارڻ ته ڪم کي لڳ ته جيئن جلدي پورو ٿئي، پر تون ته مون کان اڳ اڳيئي لڳو ويٺو آهين.“ آءٌ ڏهه ڏينهن حيدرآباد ۾ رهيس ۽ شهر جي آبهوا کان لاڀ پرايم، جا ڪڇي ۽ سکر جي آبهوا کان ٿڌي ۽ فرحت ڏيندڙ هئي. ان هوندي به آءٌ نٿو ڀانئيان ته ڪن ٿورن ماڻهن به حيدرآباد جي آبهوا کي ڏکڻ سنڌ ۾ صحت جي خيال کان پسند ڪيو هجي. پر منهنجي لاءِ انهيءَ تپندڙ گرميءَ کان، جتان آءٌ آيو هئس، فرحت ڏيندڙ هئي. شيخ سعديءَ چيو آهي ته، ”جيڪي جنت ۾ آهن، سي دوزخ کي ٿا سمجهن پر جيڪي اعراف کان به ڏورانهان آهن تن لاءِ اعراف به بهشت مثل آهي.“ سامونڊي هير، جنهن جو سيوهڻ تائين اثر آهي، حيدرآباد ۾ چڱـيءَ طـرح مـحـسـوس ڪـئـي وڃـي ٿـي. ايـجنـسي، جا ڪرنل آئوٽرام جــي نامياري دفاع جي ڪري مشهور ٿي ويئي هئي، تنهن هاڻي وڃي هڪ ننڍڙي ڪوٽ جو نمونو ورتو آهي. اها هڪ پيسٽ بورڊ جهڙي ننڍڙي لانڍي هئي، جا درياءَ کان سؤ والن جي فاصلي تي ٺاهي ويئي هئي. ان جي اڳيان اوڀر طرف هڪ ويڪرو ميدان هو، جو حيدرآباد تائين پکڙيل هو. ان جي اولهه ۾ درياء هو ۽ وڻن جا جهڳٽا ۽ باغ سندس ڏکڻ ۾. ان جي اوڀر ۾ هڪ ننڍڙو واڙو به هو، جتي هر ڪنهن قسم جا پالتو هرڻ ڪوٽا پاچا کان وٺي ديوَ جهڙي سانڀر تائين پاليل هئا. انهن جانورن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندڙ هڪ سهڻو هرڻ به هو، جنهن جا سڱ اهڙا تکا هئا جهڙي ڇري. جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ڪنهن کي سڱ هڻي ڪڍي ته جيڪر پلڪ ۾ ماري وجهيس. شهر جي لاءِ مون کي اهو چوڻو آهي ته ڏکڻ سنڌ جي ٻين شهرن کان چڱيرڙو هو ۽ هو به ڳتيل. اتي جيڪي به جايون هيون، سي قلعي کان سواءِ ٻيون سڀ اهڙيون جهڙيون، ٻين هنڌن تي ڏٺيون وييون هيون. گهر گهڻو ڪري مٽيءَ جا ٺهيل هئا، پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته اهي رڳو جهوپڙيون هيون. اهي حقيقت ۾ تمام وڏيون اڏاوتون هيون، جن جون ڀتيون موڪريون هيون ۽ هر ڪا جاءِ ست - اٺ ماڙ هئي، جهڙا ٽمبڪٽو جا محلات! قلعو بيترتيب ڪنڊن وارو پنج ڪنڊو ڪوٽ هو، جنهن جون ڀتيون پڪين سرن سان اڏيل هيون. انهيءَ تي ڪوبه ٻاهريون ڪم يا کاهي وغيره ڪانه هئي پر ڪن هنڌن تي ته غفلت سبب قلعي جي ديوار به ڪمزور ٿي ويئي هئي. قلعي جي اندر فقط ميرن جا ڪٽنب ٿي رهيا ۽ ان جي وچ ۾ هڪ ٺـُـل هو، جنهن لاءِ ٻڌايو ٿي ويو ته انهن ۾ ميرن جو خزانو پوريل هو. خزاني بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي ڳالهه هئي، پر آزمودي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اوڀر جي بادشاهن جي خزاني بابت جيڪي خبرون ٻڌيون آهن، سي گهڻو ڪري نسوريون ڪوڙيون هونديون آهن. ميرن جي عقل جو به ڪمال چئجي جو اڻهوند هوندي به پنهنجيءَ ملڪيت بابت ڪيڏيون نه عجيب خبرون مشهور ڪرايون اٿن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته 1781ع ۾ جڏهن ٽالپرن، ڪلهوڙا گهراڻي جي پڄاڻي آندي، تڏهن کين اڳين بادشاهن جو چڱو خزانو هٿ آيو هو. پر پوءِ جيئن مسٽر ايلفنسٽن ڪابل ۾ لکيو ته، ”افغانستان جي بادشاهه شاهه زمان پنهنجي سلطنت جي ڏاکڻي حصي کي فتح پئي ڪيو، ان وقت هن انهيءَ خزاني تي قبضو ڪري ورتو، ان کان پوءِ هن ميرن کي مجبور ڪيو ته کيس ويهه لک چار هزار پائونڊ ڏن ڀري ڏين. جو ڏانهن رهيل هو.“ هاڻي جيڪڏهن انهيءَ وڏي انداز خزاني جو جيڪڏهن اڌ به ڏنو ويو هجي، تڏهن به معلوم ٿي ويندو، ته ڪهڙيءَ طرح ڪلهوڙن جو گڏ ڪيل خزانو خرچ ٿي ويو هوندو. انهيءَ کان پوءِ ڪوبه خرچ سنڌ جي خزاني تي تاوان طور ڪونه پيو. فقط ٻن موقعن تي انهيءَ مان ڪجهه ڪڍيو ويو هو. هڪ ته 1804ع ۾ شاهه شجاع سترهن لکن جي ڦر ڪئي هئي، ۽ ٻيو دفعو 1809ع ۾ساڳئي بادشاهه وري به ميرن کي ڦريو هو، پر چئي نٿو سگهجي ته منجهانئن ڪيترو ڪڍيائين. ٻئي طرف وري هيءُ حال هو جو اسان جي حملي کان سال اڳ، سنڌ جي اپت پنجاهه لک مس ٿيندي هئي. انهيءَ مان به ويهه لک اُتر سنڌ جا مير اڳاڙيندا هئا ۽ ست لک ميرپور وارو رئيس شير محمد خان کڻندو هو. باقي ٽيهن لکن کي حيدرآباد جي پنجن ميرن ۾ ورهائيندو هو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته هرهڪ مير کي جيڪو حصو ملندو هو، اهو هڪ ٻئي درجي جي انگريز نواب جيترو به ڪو نه هوندو هو ۽ سڀني جي گڏيل اُپت اسان جي هڪ گڙنگ رئيس جهڙوڪ: ڊيوڪ آف سندرلينڊ ۽ بڪلوف يا لارڊ ويسٽ منسٽر جي آمدني جيتري به ڪانه هوندي هئي. انهيءَ رقم مان هزارين خدمتگارن کي ڏنو ويندو هو، شاهاڻو ٺٺ به برقرار رکيو ويندو هو ۽ ماڻهن جي ڀلي جي ڪم تي به خرچ ڪيو ويندو هو. وري منجهن هيءَ ڳالهه به هئي جو ڍل جو 3/2 حصو جنس ۾ ورتو ويندو هو. جڏهن اهي گڏ ڪيل خزانا ورهايا ٿي ويا، تڏهن خبر پئي ته آخر انهن ۾ هو ڇا ڇا؟ ازانسواءِ ٽالپرن ۾ ڪي خرچائو رئيس به هئا، جهڙوڪ مير ڪرم علي خان، جو پنهنجي شان ۽ شوڪت جي ڪري مشهور هو. مير نصير خان ڪنهن وقت ۾ اهڙو ته هٿ ڦاڙ خرچائو هو، جو ڪيترو وقت پنهنجي ڀاءُ مير نور محمد خان جي مدد تي پيو تڳندو هو. اهوئي سبب هو جو هن اسان واريءَ ملاقات جي وقت شهداد خان جو پاسو کنيو هو، نه ته ٻنهي چاچي ۽ ڀائٽيي جي طبيعتن ۾ وڏو فرق هو، ڇاڪاڻ ته چاچو ڀائٽيي وانگر لوڀي ۽ لالچي ڪونه هو، نور محمد خان کي ڪا ملڪيت هئي ۽ نه وري صوبدار خان وٽ ڪو خزانو هو. ميرن جيڪو اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو هو، تنهن جو اسان تي تـِـر جيترو به اثر نه ٿيو، نه وري سندن درٻارين جي اُٿ ويهه اسان کي وڻي. قلعي تائين پهچڻ ۾ اسان کي هڪ ڊگهيءَ سوڙهيءَ ۽ گنديءَ گهٽيءَ مان گذرڻو پيو، جتـي تماشائين جا حشام بيٺا هئا، پر جن اسان جو وڌيڪ ڌيان ڇڪايو اهي هئا ڪارا شيدي، جي تمام گهڻي انداز ۾ ٿي ڏٺا. درٻار يا حاضريءَ واري جاءِ ننڍي هئي ۽ ان ۾ شان يا دٻدٻي جي ٿوري به نشاني نظر نٿي آئي. ميرن جي سهڻي مـَـت ۽ سادين عادتن کين اجائي ڏيک کان پري رکيو ٿي، پر ان هوندي به سندن رهائش جي ڪمرن جي انهيءَ خسيس دالان سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، جتي هو اسان جي ريزيڊنٽن سان اچي ملندا هئا. هڪ دفعي مير نصير خان هڪ انگريز پارٽيءَ کي پنهنجي خانگي جاءِ ڏيکاري، جنهن ۾ ڪيترائي سٺا ڪمرا هئا. انهن مان هڪڙي ڪمري جون اُڀيون ۽ اوچيون ديوارون هيون ۽ اهوئي صحيح معنيٰ ۾ ملاقات جو ڪمرو هئڻ کپندو هو، انهيءَ ڪمري ۾ تمام سهڻا ايراني غاليچا وڇايل هئا ۽ ڀـِـتين تي ايران جي شاهه جون تصويرون ٽنگيل هيون. انهيءَ خاص موقعي تي به ڏاڍي غلط نموني جي سادگي ڏيکاري ويئي هئي. ڪمري جي ڪنڊ ۾ دريءَ وٽ هڪ صوفو پيل هو پر دريءَ جي حالت اها هئي جو مٿس هڪ سادو تختو طاق وانگر ڪري لڳايو ويو هو. انهيءَ آڌرڀاءُ وقت ڪا خاص رسم وغيره ڪانه ٿي ڏٺي. ماڻهو پئي آيا ۽ ويا. ڪي ماٺ ته ڪن وري پنهنجي مرضيءَ موجب پئي ڳالهايو. هاڻي اچو ته ڪن ميرن جي عادتن ۽ اُٿ ويهه تي تبصرو ڪريون. مير نصير خان جوئي مثال وٺو. ٻين کي هڪدم پنهنجي طرف مائل ڪري وجهندو هو. جيتوڻيڪ هو بدن جو ٿلهو مڙس هو پر سندس شڪل سهڻي هئي ۽ ڳالهائڻ جو طريقو صاف ۽ وڻندڙ هو. هن جي اُٿ ويهه مون کي انگريزن جي هڪ تمام وڏي ۽ سٺين خصلتن واري رئيس جي ياد ڏياري ڇڏي. هو ٻروچن کي سندس وڏي مرحوم نور محمد خان کان به وڌيڪ وڻندڙ هو، جنهن کي مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو پر انهيءَ لاءِ ٻڌو هوم ته پئسن تي ڏاڍو چاهه هوس ۽ سندس ظاهري شبيهه به نصير خان جي بلڪل ابتڙ هئي. ڇاڪاڻ ته هن جو منهن سڪل ۽ ڀريل هو، ۽ سندس اکيون صفا اڇيون هيون، جن کي هو هرهر پيو ڇنڀيندو هو. لوئيس آنز ٻئي جي اکين وانگر هن جون اکيون به شڪ ۽ بي اعتماديءَ سان ڀريل هيون. سندس پٽ شهداد خان نس پس پيءُ جهڙو هو ۽ پاڻ وڌيڪ چالاڪ، عياش ۽ نشئي قسم جو جوان ٿي لڳو، جنهن جي عمر 25 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هنن ٻن کان سواءِ سڄي مير خاندان جا ماڻهو يورپين کان به وڌيڪ سهڻا ٿي لڳا. جيڪڏهن ائين اتفاقي جائزو ورتو وڃي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته مير صوبدار، جو پنهجي خاندان جي تباهه حاليءَ ۾ مياڻيءَ کان پوءِ شامل ٿيو هو، ڏسڻ ۾ صاف گو ۽ سياڻو ماڻهو ٿي ڏٺو. سندس عادتون سٺيون هيون ۽ سندس ڳالهائڻ جو طريقو فهميدو هو. ڪلهوڙن کان پوءِ جن ميرن حڪومت ڪئي، انهن ۾ وڏي ۾ وڏي ميرن جي پٽ جو ڪي سال حق غضب ڪيو ويٺو هو. هو 1828ع ۾ تختگاهه مان ڀڄي ويو ۽ ٻروچن جا ڪي جٿا به وڃي ساڻس شامل ٿيا. آخر هو پندرهن هزارن ماڻهن جي هڪ فوج تيار ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ميرن تي زور آندائين ته سندس پيءُ جي حصي جو ملڪ کيس ڏياريو وڃي. انهيءَ تڪرار ۽ پڻ ٻين ڳالهين جي ڪري هو خاندان جي ٻين ماڻهن کان پري گذاريندو هو. جڏهن لارڊ ڪين هتي آيو هو، تڏهن ٻيا مير لاشڪ مٿس حملو ڪن ها، مير صوبدار خان ائين ڪرڻ ۾ بلڪل نابري واري. پوءِ خبر نه آهي ته ڪهڙي خيال کان انگريزن ڏانهن سندس دوستيءَ جي لاڙي کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب ئي نٿو ڏيئي سگهجي. ٻڌڻ ۾ ٿي آيو ته سندس فوجون مياڻيءَ جي ميدان ۾ وڙهيون هيون، پر ڪنهن به انهيءَ جي تصديق نه ڪئي، ته آيا اهي اتي هيون به يا نه، ۽ جي هيون ته سڄيون ساريون فوجون هيون يا ڪو جٿو هو ۽ پڻ ڪيتريقدر انهيءَ جٿي کي صوبدار خان وڙهڻ کان روڪيو هو. ڪي ماڻهو ميرن کي اڻڄاڻ وحشي ڪري سمجهندا آهن، پر ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو رايو غلط آهي ۽ مير تمام وڌيڪ سمجهو هئا. هڪڙي ڀيري اسان جي ريزيڊنٽ ۽ مير نورمحمد خان جي ملاقات وقت، ريزيڊنٽ صاحب اسان جي حڪومت جي ديانتداريءَ ۽ ٻين جي معاملن ۾ دست اندازيءَ ڪرڻ کان پري رهڻ جو ذڪر ڪري رهيو هو. مير نور محمد خان بنان ڪنهن دلچسپيءَ ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ جي خلاف ٻڌندي، ڳالهه بدلائي ڇڏي ۽ چيائين ته ”اوهان يورپي بهادر شاهه جي دؤر ۾ آيا هئو؟“ ريزيڊنٽ جواب ڏنو ته، ”نه، اسان جو پهريون انگريزي ڪارخانو جهانگير جي ڏينهن ۾ سورت ۾ پيو هو.“ پر مير نور محمد خان انهيءَ تي ڪو به تبصرو نه ڪيو. جڏهن منشيءَ کان پڇيو ويو تڏهن هن ٻڌايو ته ميرن وٽ گجرات جي تاريخ جو هڪ قلمي نسخو پيل آهي، جنهن ۾ اڪبر جو گجرات هٿ ڪرڻ کان اڳ جو احوال ملي ٿو. انهيءَ نسخي ۾ اتفاق سان بهادر شاهه جي دغابازيءَ سان ٿيل خون جو به ذڪر ملي ٿو، جو پورچوگيزن ڪرايو هو. نور محمد خان جو مطلب هو ته اها ڳالهه ريزيڊنٽ کي اشاري ۾معلوم ٿي وڃي ته سڀ يورپي اوڀر جي ملڪن سان ٿيندڙ ڏي وٺ جي معاملي ۾، ڪهڙي نه ديانتداري رکن ٿا، جن جي ريزيڊنٽ اجائي لٻاڙ هڻي ڪري رهيو هو. حيدرآباد جا مير، اسان جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، سمجهي ويا هئا ته سندن خاندان جي تباهي يقيني هئي. اها هڪ بيسود منافقي چئبي، جو اسين هاڻي اهو بهانو ڏيون ته اسان جو سندن ملڪ ۾ گهڙڻ جو خاص مطلب سندن ڀلائي هئي. انهيءَ تي انهن ڏاڍو اعتراض ڪيو ته، ”اسان کي نه ته اوهان جا عهدناما ٿا کپن ۽ نه دوستي ئي کپي، اسان کي فقط هڪ ايلچي موڪلڻ جو شرف ڏيو ۽ اهو به جي چڱي سمجهو، ته ڊاڪٽر ڏياري موڪليو.“ پر سندن ڪنهن ٻـُـڌي ئي ڪانه. سندن ڌڪار ۽ ناراضگيءَ هوندي به اسان پڪو ارادو ڪيو هو، ته کين ڪنهن به حالت ۾ دوست بنائجي. سنڌوءَ تي جهاز رانيءَ مان تمام گهڻي اپت جي اميد هئي ۽ دلچسپي رکندڙ ماڻهن جو چوڻ هو ته ان جي زمين به ڀلي آهي. انهن اهو به ٻڌايو هو ته، ”سنڌ هڪ تمام سهڻو ملڪ آهي پر آهي ٻروچن جي ور چڙهيل. حيدرآباد جي ڀرسان زمين نير، تماڪ ۽ ڪمند لاءِ بهترين آهي. ڪراچيءَ وٽ موتي لڀن ٿا، ۽ مڇي مارڻ ۾ به جيڪر ڏاڍي اُپت ٿئي، پر ميرن جي بي توجهيءَ جي ڪري ڪنهن به ڪم ۾ واڌارو نٿو ٿئي. ملڪ جي سڄي ملڪيت ميرن ۽ سندن ٿورن خوشامدين جي هٿ ۾ آهي ۽ ٻئي ڪنهن به طبقي جا ماڻهو شاهوڪاريءَ جي ڪابه نشاني ظاهر نٿا ڪري سگهن. ٻروچ، فوج جي اچ وڃ کي ڌڪار جي نظر سان ڏسن ٿا، ۽ واپارين جي جائز مال کي مال غنيمت سمجهي ڦـُـرين ٿا. هندو، جن جي وسيلي سڄي ملڪ جو واپار هلي ٿو، ۽ ڏي وٺ ٿئي ٿي، تن کي ڌڪاريو وڃي ٿو، ۽ سندن بيعزتي ڪئي وڃي ٿي. ميرن جو ساڻن ورتاءُ به بي انصافيءَ ۽ زيادتيءَ تي مبني آهي. موجوده حڪومت ۾ نه ته ڪو سٺين شين جو واپار هلي سگهي ٿو، نه ته وري ڪا واپارين لاءِ سلامتي آهي.“ اهو هو اُهو غريب ميرن جي خلاف گـِـلا جو ٺـِـڪر، جو لوڀ سان ڀريل حملي آور جي ڪنن تي ڀڳو ويو. پر فرض ڪريو ته اهي سڀ ڳالهيون سچيون به هجن، ته به اسان لاءِ اهو واجب ڪونه هو ته ميرن کان سندس ملڪ کسي وٺون- جيسين اسين اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان جو اصول ئي اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪوٽ ۾ ٿيل ٽـُـنگ کي رَفو نٿو ڪري سگهي، ته کانئس اهو ڪوٽ ڦري پاڻ ڦٻائي وڃون! ڏي وٺ جي معاملي ۾ مير اسان جي ريزيڊنٽ ۽ سندس اسسٽنٽ سان لحاظ ۽ مروت سان پيش ايندا هئا. نه فقط ايترو پرڪنهن ڪنهن وقت هو فراخدليءَ ۽ مردانگيءَ جا ڪم به ڪندا هئا. هڪ دفعي مير نصير خان ايجنسي ۾ هلي آيو ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي هڪ ڪمري ۾ گهڙيو، جتي هڪ عورت ويٺل هئي. مير ان کي ڏسي وڏيءَ نيازمنديءَ سان ٻاهر نڪتو ۽ گهوڙي تي چڙهي واپس حيدرآباد هليو ويو. ٿورڙي ئي وقت اندر قاصد اچي پهتا ۽ خط کڻي آيا، جن ۾ بنا ڪنهن ارادي ڪيل ناشانائتي روش لاءِ معافيءَ جي التجا ٿيل هئي. انهيءَ خط سان گڏ هڪ سؤ سونين مهرن (هڪ سؤ پنجاهه پائونڊ) جي سوغات به موڪلي ويئي. مير صاحب کي هڪ عورت جي ڪمري ۾ سندس مڙس جي غير حاضريءَ ۾ وڃڻ ڪري سخت صدمو پهتو هو. اهو ساڳيو مير هو، جو مياڻيءَ جي موتمار جنگ کان اڳ انگريزن سان ڦٽائڻ جي خلاف هو. ٻروچن کيس گهڻوئي چيو پر هـُـن هڪ به نه مڃي. آخر کيس زنانو وڳو ڏياري موڪليائون. هيءَ چـَـٿر هڪ مڙس لاءِ ڪافي هئي. ”هو سمجهن ٿا ته آءٌ ڊپ جي ڪري جهنڊو نٿو جهليان، پر هو غلطيءَ تي آهن“ ائين چئي هو محلات مان نڪتو ۽ تلوار مياڻ مان ڪڍي وڃي فوجن سان شامل ٿيو. ٽالپرن سنڌ تلوار جي زور تي ورتي هئي ۽ جيئن ته سندن طاقت جو ٻروچ سپاهين جي قـُـوت تي دارو مدار هو، انڪري اهو ضروري هو ته سندن خاطرداري ڪئي وڃي ۽ کين وڏيون رعايتون ڏنيون وڃن. وڏن قبيلن جا سردار گهڻو ڪري آزاد هوندا هئا. شهداد خان اسان جي هڪ آفيسر کي ٻڌايو ته جان خان نالي هڪ ٻروچ رئيس، کيس زهر ڏيڻ جي ٻه دفعا ڪوشش ڪئي هئي پر ڇاڪاڻ ته هو هڪ طاقتور قبيلي جو سردار هو، انڪري هو کيس ڪا سزا ڏيئي نٿي سگهيو. پر اهڙيون حرڪتون ڪي ورلي ٿيون هونديون، ڇاڪاڻ ته ٽالپرن جي سٺ ساله دؤر ۾ ڪوبه اهڙو مثال ڪونه آهي ته انهن مان ڪو به ماريو ويو هجي. هاڻي انهن جي تاريخ کي لاهور جي فقط هڪڙي سال جي اتهاس سان ڀيٽيو، ڏسو ته اتي ڪيڏي نه خونريزي ٿي آهي. پنجاب ۾ خالصا حڪومت جي هڪڙي سال ۾ ايترا ڏوهه ٿيا هئا، جيترا سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي سڄي دؤر ۾ به ڪونه ٿيا هوندا. يورپ ۾ بادشاهن کي تمام سولائيءَ سان تخت تان لاٿو ويندو آهي ۽ سندن درباري يا فوجون، ڏانهن تمام ٿورو دلي رجحان ڏيکاريندا آهن. پر ميرن وٽ ائين ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته تڪليف جي وقت اهي سڀئي ساڻن شامل هئا. فقط اسماعيل شاهه ۽ سندس ڪٽنب ساڻن بيوفائي ڪئي ۽ اهو به انهيءَ ڪري جو اسماعيل شاهه ڌاريو ماڻهو هو، ايراني هو ۽ نادر شاهه جي زماني ۾ اچي سنڌ ۾ رهيو هو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ماڻهن جو ميرن سان اهو ويجهو لاڳاپو خودغرضيءَ ۽ مطلب جي ڪري هو، ڇاڪاڻ ته کين خوف هو ته انگريزن جي اچڻ ڪري کانئن اٿاهه زمينون کسيون وينديون، انڪري ٻروچ، جي سنڌ جي آباديءَ جو ٽيون حصو هئا، ميرن سان شامل رهيا. اهو به سچ آهي ته ميرن کي ٻروچن لاءِ ڏاڍي عزت هئي ۽ اهي سندن حڪومت مان ڏاڍو خوش هئا.پر سنڌين لاءِ ڇا آهي چوڻو! جوکيا، جت، ڪرمتي، ۽ ٻيا، انهن مان ڪهڙا کانئن ناراض هئا؟ ڇا انهن مان ڪنهن به حملي ڪندڙن سان ساٿ ڏيڻ جو لاڙو ڏيکاريو هو؟ بلڪل ڪنهن به نه! ته پوءِ اسان کي انهن خبرن کي سچ سمجهڻ کان اڳ غور ڪرڻ کپندو هو، جي ميرن جي ظلم ۽ بي بندوبستيءَ بابت اسان کي هروڀرو ٻڌايون وينديون هيون. هندن جو مثال وٺو. اهي ته گهٽ ۾ گهٽ ستايل هئا.کانئن سندن پئسا ڦريا ويا هئا، کين ڌڪاريو ٿي ويو ۽ پڻ کين ديس نيڪالي ڏني ويئي هئي. پر سچ پچ ائين هو ته پوءِ هو ميرن جي بادشاهيءَ ۾ ڪڇ، گجرات ۽ راجپوتانا وغيره ڏانهن لڏي ڇو ڪونه ٿي ويا! ۽ پوءِ ائين ڇو هو جو جڏهن اسين شڪارپور ۽ حيدرآباد پهتا هئاسين، تڏهن اتي اسان هندن کي نه فقط شاهوڪار پر ان سان گڏ گهڻي انداز ۾ ڏٺو. اهڙيءَ طرح جهڙو اهي اسان جي حڪومت جي ڪيترن ئي سکين شهرن ۾ موجود هئا. اهو هڪ ويچار جوڳو معاملو آهي، جو آءٌ انگلينڊ جي پبلڪ اڳيان فيصلي لاءِ رکان ٿو. هڪ طرف ديس جا ماڻهو آهن، جن جي پنجاهه سالن جي تاريخ، گهرو جهڳڙن کان پاڪ آهي ۽ ٻن کان سواءِ ٻين سڀني انگريز پوليٽيڪل آفيسرن ان حقيقت جي تصديق به ڪئي آهي. اهي ٻه پوليٽيڪل آفيسر به ڏيهي ٻوليءَ کان اڻ واقف هئا، انڪري هنن ڪنهن هڪ به ڏيهيءَ ماڻهوءَ سان سڌيءَ طرح ڪونه ڳالهايو هو. جڏهن به کين ڳالهائڻو هوندو هو. تڏهن چالاڪ ۽ بي ايمان منشين جي معرفت ڳالهائيندا هئا. اهوئي سبب هو جو اهي ميرن جا مخالف ٿي پيا. ٻئي طرف وري متفرقه ملٽري جا ماڻهو هئا، جن کي صلح ۽ شانتيءَ جو ذرو به خيال ڪونه هو. پر ڪير ٿو ڏسي شاهدين کي. جيڪو ڏاڍو سو گابو! ڇا انگلينڊ انهن لاءِ ڪو حق جو ڪلمو چيو آهي، جي هاڻي وڏيءَ نوڙت سان کيس فرياد ڪري رهيا آهن. انتقام وٺڻ جي به ڪا حد ٿيندي آهي! اهي ويچارا پنهنجي ملڪ ۾ سکيا، خوش ۽ آرام جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا، پر انگلينڊ مٿن زبردستيءَ پنهنجي دوستي ۽ پنهنجا عهدناما مڙهيا. ڇا اها بد باطني نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ 23- تاريخ مون دريائي جهاز جي معرفت حيدرآباد ڇڏي ۽ پنجن ڪلاڪن ۾ هڪ وڏي درياهه جي رستي ٺٽي پهتس. اسان جي چال ڪا هيڻي ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته وهڪرو اسان کي وچ سير ۾ ست ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان کڻي ٿي ويو ۽ اسان جي پنهنجي رفتار به اٺ- نو ميل في ڪلاڪ هئي. هڪ هنڌ اسان جو آگبوٽ وارياسي ڪناري تي وڃي لڳو، پر خوش قسمتيءَ سان اتي وهڪرو تکو ڪونه هو، انڪري بچي وياسين. ان هوندي به ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڄاڻ ٿو آگبوٽ واريءَ ۾ دٻجي وڃي. مون کي اچي ڊپ لڳو ته ايندڙ زماني ۾ جڏهن درياهه پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ويندو، تڏهن ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان ويهه فوٽ هيٺ ماڻهو اچي آگبوٽ جو ڍانچو ڳولي ڪڍندا، جنهن ۾ اسان جا رڳا هڏاوان پڃرا رهندا. آخر هن هيٺ وڃڻ بند ڪيو، پر ان هوندي به انهيءَ کي اتان ڪڍڻ ۾ ويهه منٽ لڳي ويا. جڏهن جهرڪ ڳوٺ جي ويجهو پهتاسين، تڏهن اتي اهڙو ته گهاٽو جهنگ ٿي ڏٺو، جنهن مان نڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو. هن جاءِ تي ريجمنٽ جو هڪ آفيسر سڙي مئو هو. ڪن جو خيال هو ته اهو واقعو ڪنهن خراب نيت جي ڪري ٿيو هو، پر ائين ڪونه هو. اهو هڪ اتفاقي حادثو هو، جو هندستان ۾ گهڻو ڪري ٿيندو رهندو آهي. مون وارو هڪ دوست اهڙي هڪ حادثي جي وقت موجود هو، جنهن ۾ هڪ تڙ وارو سڙي خاڪ ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته ڦاڙهن جي شڪار ڪرڻ خاطر انهن کي جهنگ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ وڏي ايراضيءَ کي باهه ڏني ويئي. باهه وڄ جهڙي تيزيءَ سان پکڙجي ويئي. ويجهڙائيءَ ۾ بيٺل اهو ماڻهو هڪدم ڊوڙي وڃي وڻ تي چڙهيو. باهه چوڌاري وڪوڙي ويئي هئي، ۽ دونهون منجهس ايترو اچي ٿيو جو اهو انڌو ٿي پيو ۽ پاڻ جهلي نه سگهيو ۽ ڪـِـري پيو. اهڙيءَ طرح اهو بدقسمت سڙي مري ويو. ٺٽي وٽ آءٌ لهي پيس ۽ خشڪيءَ رستي ڪراچي وڃڻ جي تياري ڪيم. مون سان ٻه آفيسر به گڏ هئا، جي بيماريءَ جي موڪل تي بمبئيءَ وڃي رهيا هئا. انهن مان هڪڙو ته ايڏو بيمار هو، جو مون ڀانئيو ته رستي تي ئي گذاري ويندو. سندس قد ڇهه فوٽ ۽ چار انچ هو. چڱڀلائيءَ وقت ڇڏيو پر هن وقت جڏهن گهڻو لهي ويو هو ۽ ڏٻرو هو، تڏهن به مون کان کڄي نه سگهيو.کيس ڪڇي جي علائقي ۾ ڪوٽڙو تي رکيو ويو هو ۽ هن جيڪي اتي جي بيماريءَ جو احوال ڏنو، سو ڏاڍو خوفائتو هو. سندس چوڻ هو ته فوجي جٿي ۾ سپاهين جو تعداد 400 هو ۽ مٿن 11 آفيسر مقرر ڪيل هئا. انهن ۾تپ ڪاهي پيو ۽ گرمي پاڻ وڌيڪ، جنهن مصيبت کي وڌايو. گرميءَ جو هيءُ حال هو، جو ٿرماميٽر تنبوءَ ۾ اندر 130 ڊگرين تائين پهچي ٿي ويو. نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو ٿوري وقت ۾ 5 آفيسر، جن جي عمر 25 سالن جي اندر هئي ۽ سپاهين جو اڌ تعداد مري ويو. اتي جيڪو ڊاڪٽر رکيو ويو هو، سو ايترا موت ڏسي ڊڄي ويو ۽ دماغي توازن وڃائي ويٺو. مون وارو دوست، جو غير معمولي قد ۽ بت وارو هو، تنهن کي تپ اهڙو ته ڀيڙيو، جو کيس بچائڻ لاءِ پالڪيءَ تي چاڙهي سکر موڪليو ويو. ٻارهن بئررن مان ٽي بئرر به رستي تي مري ويا. ڪراچي تائين اسان جو پنڌ هيٺين منزل وٽان ٿيو. گجو چوڏهن ميل، گهارو چوڏهن ميل، پپري ٻارهن ميل ۽ جمعدار جي لانڍي تيرهن ميل. ٽئين ڏينهن جي پنڌ ۾، اسان هڪ تباهه ٿيل شهر ڀنڀور جي کنڊرن وٽان لنگهياسين. انهيءَ کان ڇهه ميل اڳڀرو ڪيترائي قبا ۽ ڇڙوڇڙ ڳوٺ ڏٺاسين، جنهن مان ثابت ٿي ٿيو ته ڊيلٽا جو اهو حصو ڪو وقت اڳ ڏاڍو آباد ۽ ڳتيل هو پر هاڻي معاملو انهيءَ جي ابتڙ آهي. جيئن اسين ڪراچيءَ ۾ گهڙياسين، تيئن ڪيترائي ياتري اسان کي هنگلاج کان ايندي مليا. هنگلاج هندو ياترين جي گڏ ٿيڻ جي هڪ مشهور جاءِ آهي. هتي درگا، جيڪا تباهيءَ جي ديوي آهي، ان جي پوڄا ٿيندي آهي ۽ اهو ماڳ هندستان ۾ بت پرستيءَ جي اولهه ۾ آخرين حد آهي. منهنجي سنڌ ڇڏڻ کان اڳ هڪ بهادر آفيسر ڪئپٽن هارٽ، اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ۽ انهيءَ سفر جو هن تمام دلچسپ احوال ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل ۾ ڏنو آهي. مرحوم سر وليم به ويس بدلائي انهيءَ رستي اوڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ٻين يا ٽين منزل تي ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ته هو يورپي آهي. هو هڪ آزمودگار سياح هو، جنهن آفريقا جي موسيلائيڪش ۽ ٻين وحشين جا ملڪ گهميا هئا. پر هتي مڪرانين جي ڏانهس دشمنيءَ جا هن اهڙا ته اهڃاڻ ڏٺا، جو کيس تيزي سان واپس ڀڄي جند ڇڏائڻي پيئي. سر هينري پاٽنجر انهن خطن مان 1809ع ۾هڪ ايراني گهوڙي وڪڻندڙ واپاريءَ جي ويس ۾ سفر ڪيو هو. پر اهو بهادريءَ جو غير معمولي دورو هو. جيتوڻيڪ اهو بهادريءَ، قوت مدافعت ۽ هوشياريءَ سان سرانجام ڏنو ويو هو، پر خبر نٿي پئجي سگهي ته اهو ڪهڙن سببن جي ڪري هڪدم ختم ڪيو ويو. ڪراچي پهچڻ کان پوءِ مون پهرين جـُـلهه مگر تلاءَ(1) ڏسڻ تي ڪئي، جنهن کي واڳن جي ڍنڍ ڪري سڏجي ٿو. اها عجب جهڙي جاءِ ڪراچيءَ کان اٺ ميل پري آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ جن کي بيڊولين شين يا راڪاسن ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي، هڪ دلچسپ جاءِ آهي. وارياسو ۽ اُجڙ رستو، جنهن تي ڪٿي ڪٿي گهاٽو جهنگ به آهي، آڻيو ماڻهوءَ کي گدامڙيءَ جي وڻن جي جهڳٽي وٽ ڇڏي، جنهن جي وچ ۾ انهن راڪاسن جي هيبتناڪ رهائشگاهه آهي. هڪ نئين ماڻهوءَ کي مشڪل سان خبر پئجي سگهندي ته انهيءَ ساوڪ جي هيٺان ننڍڙي کڏ ۾ اهڙا خوفائتا رهاڪو لڪل آهن. ”هيءَ آهي اها کڏ!“ مون ڌڪار وچان رستي جي سونهي کي هڪل ڪري چيو، ”پر ڪٿي آهن واڳون منجهس!“ ان وقت آءٌ اوچي ڳاٽ وڏي مغروريءَ ۾ پسار ڪري رهيو هوس ۽ سڄي قصي کي ڄڻڪ مسخري پئي سمجهيم ته اوچتو منهنجي پيرن ۾ هڪ گـُـهٽيل چيخ يا گوڙ جو آواز ٿيو، جنهن ۾ مون کي فضيلت سان نه پر جانورن وانگر هوا ۾ غير معمولي ٽپ ڏيڻو پيو. مڄاڻ جو منهنجو پير هڪ ننڍڙي واڳونءَ جي مٿان اچي ويو هو، جيڪو هو ته ٽي فوٽ قد ۾ پر ان هوندي به سندس چڪ منهنجي سڄي خوشي زهر ڪري وجهي ها. ايتري ۾ انهيءَ جاءِ جو مشهور ماڻهو يعني مجاور فقير هڪ جادوگر جي شڪـل ۾ اچي پهـتـو، ۽ مـون کان جـوڙو رپيــن جو وٺـي، پنهنجي جادوءَ جي ڏنڊي کڻي اُڀي ڪيائين ۽ مئل کي سڏڻ لڳو. ’آءُ آءُ‘ يعني ته ’اچ اچ‘ جـي هـن ٻـه - ٽـي دفـعـا زور سـان رڙ ڪـئـي. جـنهن تي انهيءَ تلاء جو پاڻي انهن راڪاسن سان جيئرو ٿي ويو. انهن ۾ نــَـو واڳون تمام وڏا هئا ۽ انهن جو قد پندرنهن فوٽ هو، سي ڪناري تائين وڌي آيا. اهو نظارو ڏسي مون کي پراڻيون ڏند ڪٿائون ياد اچي وييون. وڻن جي جهڳٽي ۾ تلاءَ ۽ ان ۾ واڳون! تنهن کان پوءِ ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ جهوپڙي ۽ ان ۾ ڌاڙيل جهڙي ڏيکائي ڏيندڙ هڪ ڊگهو ۽ ڏٻرو ٻروچ فقير! سچ ته هڪ عجيب منظر هو. ان سان عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي جو انهيءَ مداريءَ جو پنهنجي شينهن تي پورو پورو ضابطو هو. لـَـٺ جي اشاري سان هو بيهي رهيا (اهي پهتا به هڪ اڻوڻندڙ جاءِ تائين هئا) ۽ جڏهن هن چيو ته، ’بيهو‘ تڏهن اهي سندس حڪم جي تعميل ۾ پنهنجي کليل ۽ جهٽيندڙ ڄاڙين سان پيٽ ڀر ويهي رهيا. گوشت جا وڏا ٽڪر ڏانهن اڇلايا ويا، جنهن تي اهي هڪٻئي کي اُٿلائڻ پٿلائڻ جي ڪشمڪش ۽ جهيڙي ۾ لڳي ويا ۽ گوشت جي ٽڪرن کي ذريون ذريون ڪري ڇڏيائون. ننڍن واڳن جي وڏن لاءِ ادب ڏيکارڻ مون کي ڏاڍو مزو ڏنو. انهن مان هڪ وڏي واڳونءَ، جنهن جو قد ڏهه فوٽ کن هو، ٻئي پاڻ کان به وڏي واڳونءَ کي پٺيان ايندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ ڊپ وچان ته متان اهو وڏو واڳون کائي نه وجهي، پاسو ڏيئي پري ڀڄي ويو. انهن واڳن واري تلاءَ کان ٿوري پنڌ تي (اڌ ميل کن جي فاصلي تي) هڪ ٻيو تلاءَ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ پاڻي ايڏو ته گرم هو، جو ماڻهو منجهس مس گهڙي سگهي. پر ان هوندي به مون انهيءَ ۾ ننڍڙا واڳون ڏٺا. فقير مون کي ٻڌايو ته اهي جانور نديءَ ۾ گهڻا آهن، جا اتان پندرهن يا ويهن ميلن جي پنڌ تي هئي. انهيءَ تلاءَ جو بادشاهه هڪ واڳون هو، جنهن تي فقير ’مور صاحب‘ جو نالو رکيو هو. اهو ڪڏهن به سڏ تي ڪونه ايندو هو. جيئن ئي آءٌ انهيءَ تلاءَ جي چوڌاري ڦري رهيو هئس، تيئن مون کي اها به جاءِ ڏيکاري ويئي جتي اهو پيو هو. سندس مٿو پاڻيءَ کان ٻاهر هو ۽ اهڙيءَ طرح بيجان پيو هو، جهڙو ڪاٺ جو بنڊ. سچ ته مون کي جيڪڏهن سندس چمڪندڙ خونخوار اکيون ڏسڻ ۾ نه اچن ها، ته آءٌ انهيءَ کي ڪاٺ جو بنڊ ئي سمجهان ها. آبهوا جي خيال کان ڪراچي سنڌ ۾ هڪ تمام سٺي جاءِ آهي ۽ انهيءَ کي بمبئيءَ پاسي جي ٻيءَ ڪنهن به جاءِ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. پر ان هوندي به ڪالرا منجهس ڪلور ڪري ڇڏيا هئا. اسان واري سڄي يورپي ريجمينٽ تباهه ٿي ويئي هئي. حقيقت هيئن آهي جو انهيءَ بيماريءَ جي پهرين نشانين جو ڪوبه خيال نٿي ڪيو ويو ۽ ٻيو ته افسوس هن ڳالهه جو هو جو فوجي جـَـٿن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جن جي صحت گهڻي پيئڻ جي ڪري تباهه ٿي چڪي هئي، انڪري انهن کي اها بيماري جلد کنيو ٿي ويئي. هندستان ۾ يورپي سولجر ايڏو ته شراب ٿا پيئن، جنهن جو ذڪر ئي نٿو ڪري سگهجي. جن ماڻهن کي خدا وڏن عهدن تي سرفراز ڪيو آهي، انهن کي گهرجي ته انهيءَ مسئلي تي غور ڪن ۽ اسان جي معزز فوج جي اخلاق ۾ سڌارو آڻين. اهو سڌارو تڏهن منجهن اچي سگهي ٿو، جڏهن سندن رهائش لاءِ سٺا هنڌ چونڊيا وڃن، تفريح جون جايون ٺاهجن، لئبرريون ۽ اسڪول قائم ڪجن، جن ۾ جسماني ورزش ۽ نيزي بازيءَ جو سامان، پڻ وهنجڻ جون جايون مهيا ڪري ڏجن ته جيئن اهي واندا ٿي نه ويهن. (اهي جايون خود فوجي ئي سياري جي موسم ۾ ٺاهي سگهن ٿا). لائق ماڻهن لاءِ ريجمينٽ ۾ ٽن يا چئن ڪميشنن کولڻ سان اسين انهيءَ خرابيءَ جي پاڙ پٽي سگهون ٿا. اهو ماڻهو ڪهڙيءَ طرح مذهبي خيال رکي سگهي ٿو (جي مذهب تي نٿو هلي ته پوءِ سٺو شهري نٿو ٿي سگهي) جڏهن کيس شادي ڪرڻ کان منع ٿي ڪئي وڃي، انڪري هر ڪنهن سپاهيءَ کي شاديءَ ڪرڻ لاءِ همٿايو وڃي ۽ عورتن يا ٻارن جو تعداد به اسان جي فوجن جي چرپر ۾ ڪابه رنڊڪ ڪونه وجهندو. سروس ۾ ريجمينٽ کي هلڪو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هندستاني مهم ڪا گهڻو وقت ڪانه وٺندي آهي، ان ڪري جڏهن اها ختم ٿي تڏهن فوجين کي ڏيهي سپاهين وانگر سندن گهر واپس ڇڏيو وڃي. نتيجو اهو نڪرندو جو اهو خيال ته، منهنجو ڪير ئي ڪونه آهي، انڪري ڪنهن جي لاءِ جيئرو رهجي، يورپي سپاهين جي دل مان نڪري ويندو. پر اعتراض ڪرڻ وارن جو رايو آهي ته جي سپاهي مري پون ته پوءِ انهن جي بيواهه زالن ۽ يتيم ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ اهي ته پوءِ سرڪار تي بار ٿي پوندا، ڇاڪاڻ ته سڀني رنن زالن يا يتيم ٻارن کي پينشن ڏيڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. اهو به سڀ سچ آهي، پر ڇا اسان کي نوڪرياڻين جي ضرورت نه ٿيندي آهي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنڌو ڪونه آهي، جو کين سيکاريو وڃي، جنهن جي وسيلي اهي پيٽ گذر ڪري سگهن. آءٌ ڀانئيان ٿو ته فوجين جي زالن ۽ ڌيئن کي جيڪڏهن زنانن ڪپڙن ٺاهڻ جو ڪم سيکاريو وڃي ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي. کين تبليغي اسڪولن يا سرڪاري ڪمن، جهڙوڪ اسپتالن ۽ مسافرخانن وغيره ۾ ڪم تي لڳائي سگهجي ٿو. ساڳئي وقت ڪمپنيءَ جي انچـارج آفيسر تي اها ڊيوٽي رکي وڃي ته هر هڪ سپاهيءَ کان سندس پڙهڻ ۽ ڪم ڪار بابت پڇا ڳاڇا ڪري، ۽ کين سٺن ڪتابن جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي هدايت ڪري. اهڙن اپائن اختيار ڪرڻ سان انهن ۾ وڏو سڌارو اچي سگهي ٿو. ماڻهو چوندا ته اهي رڳا وهم آهن، پر انهن جو خيال نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ اهڙا به ماڻهو پيا آهن، جن کي سڌاري جي هر هڪ ڳالهه وهم ئي نظر ايندي آهي. ڪراچيءَ کي بندر جو درجو ڏيڻ اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته اتي لنگر هڻڻ جي جاءِ ڏاڍي خطرناڪ آهي. ان جي کاريءَ ۾ فقط ننڍڙيون ٻيڙيون اچي سگهن ٿيون، جي شهر تائين مس وڃي ٿيون پهچن. پر تيز هوا جي وقت اها به جوکي کان خالي نه آهي. حقيقت ۾ سنڌ کي ڪوبه بندر ڪونه آهي. سنڌوءَ جي حجامڙي شاخ ۾ گهڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ خطرناڪ ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنارو ايترو ته هيٺ تي آهي جو پري کان ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي. ازانسواءِ ڪناري تي ڪابه اهڙي شيءَ نٿي ڏسجي، جا جهاز راني ڪندڙن کي رستو ڏيکاري. ريڇل منهن وٽ البت گدامڙيءَ جي وڻن جو جهنگ آهي. جو ڪڇ جي ناکئن لاءِ جهاز رانيءَ ۾ مدد ڪندو آهي، انهيءَ ۾ به پاڻي ستن - اٺن فئڌمن (1) کان اوچتو لهيو وڃيو ٻن فئڌمن تي بيهي. حجامڙي جي منهن وٽ هڪ روڪ آهي، جنهن جي چوڌاريءَ سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند ٻڌل آهن. جيڪڏهن ٻيڙو هتي اچي لڳي ته ٽڪر ٽڪر ٿي ويندو ۽ خلاصين يا ناکئن جو بچڻ به محال آهي. حجامڙي جي هڪ ڪيف وانگر آهي، جو ڪٿي ته ڪيترا سؤ وال ويڪرو آهي، ۽ ڪٿي ته اهو گهٽجيو هڪ ننڍڙي وهڪري تي وڃيو بيهي. سندس سڀني پاسن کان زمين هيٺانهينءَ تي آهي. وڪر ڳوٺ، جو ڪراچيءَ کان پوءِ مشهوريءَ ۾ ٻئي نمبر تي آهي، هڪ اجڙيل ۽ پٺتي پيل ڳوٺ آهي، جنهن جا گهر مٽيءَ ۽ ڪکن جا ٺهيل آهن. ان هوندي به منجهس ڏاڍو واپار آهي. شهر جي ڀر ۾ درياء جي ويڪر به هڪ سؤ پنجاهه وال هوندي، ۽ ڪناري وٽ به پاڻي چڱو اونهو آهي، انڪري منجهس وڏا وڏا ٻيڙا اچي سگهن ٿا ۽ واپارين جو مال لاٿو ۽ چاڙهيو وڃي ٿو. ڪراچي ڏسڻ لاءِ مون کي تمام گهٽ وقت مليو. مون کي چڱو ڀلو ٿي حيدرآباد يا سکر واپس وڃڻ تائين اتي جي پوليٽيڪل جي ڊيوٽيءَ جي چارج وٺڻ جو ڪم مليل هو. پر تپ جي وري وري اچڻ مون کي خبردار ڪيو ته مون کي اڃا به ڪنهن چڱيرڙي هنڌ جي آبهوا ڏانهن وڃڻ گهرجي. چوڏهينءَ تاريخ تي آئون آڪلنڊ جهاز تي وڃي چڙهيس، جو بمبئيءَ وڃي رهيو هو. انهيءَ جهاز ۾ ڪراچيءَ جي يورپي ريجمينٽ جي سپاهين جون زالون چڙهيل هيون. سمنڊ ڏاڍو چڙهيل هو، ۽ آگبوٺ ايڏو ته پئي اٿليو پٿليو، جو ان تي چڙهڻ يا ان تان لهي ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ جوکي کان خالي نه هو. عورتن کي رسڪڻ جي رستي، جا سندن چيلهه ۾ ٻڌي ٿي ويئي، هيٺ لاٿو ٿي ويو ۽ جيڪو ماڻهو هيٺ ٻيڙيءَ ۾ بيٺو هو، تنهن کين ٽنگن کان جهلي کڻي ٿي ٻيڙيءَ ۾ اڇلايو. جيئن ته وير چڙهيل هئي، انڪري هي ڪم اهڙيءَ طرح ڪيو ٿي ويو، جو مسخريءَ ۾ ناکئن کان هر هر وڏا ٽهڪ ٿي نڪتا. هر هر ۽ ڪنهن وقت اهي خوبصورت جسم اهڙيءَ طرح تيزي سان لاٿا ٿي ويا، جو جيڪي هيٺ ٻيڙيءَ ۾ کين جهلڻ لاءِ بيٺا، تن جي مٿان وڃي ٿي اهي ڪريا. مطلب ته اهو منظر اهڙو هو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ جي بدران انهيءَ جو خيال ئي ڪافي دلچسپ ٿيندو. آخر اسان انهيءَ سڄي بار کي هيٺ لاٿو ۽ توب جي ٺڪاءُ سان بمبئيءَ ڏانهن اسهياسين. اهڙيءَ طرح مون سنڌ کي اڍائين سالن جي جاکوڙ ۽ بيماريءَ کان پوءِ خيرباد چيو. منهنجي طبعيت بگڙي چڪي هئي ۽ حياتيءَ جا بهترين سال گذري چڪا هئا. جيتوڻيڪ مون ڪجهه مهينا ٽڪرين ۾ گذاريا پر گرميءَ جي موسم جي اچڻ ڪري، تپ مون سان گڏ موٽي آيو. آخر آئون هڪ ڊگهي سامونڊي سفر کي آزمائڻ تي مجبور ٿي ويس، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل مون کي فائدو ملندو هو، پر جيئن ته منهنجي طبعيت کي ڪاري زخم لڳي چڪو هو، انڪري اها ٺيڪ ڪانه ٿي. جهاز تي چڙهڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي بيمار رهڻ جي سزا ملي، يعني ته مون کي نوڪري مان خارج ڪيو ويو. ٻين سڀني هنڌن تي ۽ پڻ سنڌ ۾ به جتي پوليٽيڪل آفيسر مقرر ڪيل هئا، قاعدو هو ته جيڪو ماڻهو بيماريءَ سبب ڪم نٿي ڪري سگهيو، تنهن کي انهيءَ ساڳئي عهدي تي رکيو ٿي ويو. انهيءَ بي انصافي خلاف آواز اٿاري سگهجي ٿو، پر ٻيءَ ڌر وٽ به دليل موجود آهن، جن کي جاچڻ سان معلوم ٿيندو ته سندن انهيءَ قدم ۾ نه فقط مصلحت آهي پر اهو انصاف تي به مبني آهي. ٻين لاءِ ڇا چوڻو-- آءٌ پهريون ئي شخص هوس، جنهن سان اهي قاعدا لاڳو ڪيا ويا هئا. جيڪي به پوليٽيڪل آفيسر انهيءَ کان پوءِ بيمار ٿي ٿيا، تن کي سندن ريجمينٽ ڏانهن موڪليو ٿي ويو. ٻه يا ٽي سال ڪنيءَ هوا ۾ رهڻ ۽ سخت پورهيي کان پوءِ اگهائيءَ سبب کين ريجمينٽ جي حوالي ڪرڻ کان بهتر هو ته انهن کي ريجمينٽ ۾ ئي ڇڏيو وڃي ها، پر جيڪڏهن سندن ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي، کين ڪنهن صحتمند جاءِ تي هوا بدلائڻ ۽ ساهي پٽڻ لاءِ موڪلجي ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي! جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو صبح جو اٿڻ سان پنهنجو نالو هيئن لکيل ڏسي ته، ”سندس خدمتون هز ايڪسيلنسي سپهه سالار اعظم جي حوالي ڪيون ويئون آهن“ ته پوءِ ڪهڙو جوش ۽ جذبو وڃي منجهس رهندو؟ حقيقت هيئن آهي جو ان وقت هڪ نئون فرعون پيدا ٿيو هو، جنهن کي پوليٽيڪل موسيٰ جي ڪابه خبر ڪانه هئي. لارڊ ايلنبرو جي هندستان پهچڻ وقت اسان کي ڪابل ۾ تباهي نصيب ٿي. نئين گورنر جنرل کي اهو وهم ويهي ويو ته ننڍا توڙي وڏا پوليٽيڪل آفيسر غلطيءَ تي هئا، انڪري هن هڪدم انهن کي خوفائتا ۽ سيمسن جهڙا ٺونشا هڻڻ شروع ڪيا. اهي ڊان ڪئگزاٽ (1) وارا وسڪارا بدقسمتيءَ سان، ڪنهن ڪنهن وقت بيگناهه گـُـڏن جي قوم تي به ڪامياب ٿي ويا. ننڍڙن پوليٽيڪل آفيسرن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيئي ٿو سگهجي، جن اتر سنڌ ۾ ايلچين يا پوليٽيڪل ايجنٽن جي هٿ هيٺان ڪم ٿي ڪيو. انهن فقط پنهنجن اڳواڻن جي اشاري جي تعميل ٿي ڪئي، ۽ راهه گناهه انهن جي خلاف بيوقوفيءَ جي هڪ رڙ پيدا ڪئي ويئي. جيڪڏهن ڪابه غلطي ٿيندي هئي ته انهيءَ لاءِ اهي عزت ماب بيوقوف نوجوان پوليٽيڪل آفيسرن کي ذميدار ٺهرائيندا هئا. منهنجو عرض آهي ته مهرباني ڪري نوجوانيءَ ۽ پيريءَ جي وچ ۾مون کي فرق ٻڌايو وڃي ۽ اهو به ته نوجوانن ۾ مڙسن جون ڪهڙيون خصلتون ڪونه آهن. مرد جي عمر جي ڪابه خبر نٿي پوي، پر ٻاراڻيءَ وهيءَ مان ڪو چڙهي وڃي مرد ٿيندو آهي ته پوءِ پنهنجي مڙس ماڻهو هئڻ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ، يا مـُـڇن کي وٽي مٿي ڪندو آهي، يا کاڏيءَ جي وارن جو ٻـُـٿ ڇڏيندو آهي يا مورڳوئي کنڊريل ۽ لڙڪيل مـُـڇون رکڻ شروع ڪندو آهي. پر هيڏانهن انهن مهانڊن کي ته ڏسو جي گهنجن ۽ وارن سان کهرا ٿي چڪا آهن. وري انهن جون ڏاڙهيون ته ڏسو، چيلهه تائين وڃي پهتيون آهن، ڇا پوءِ به انهن کي ڇوڪرو سڏيو ٿو وڃي؟ جي ائين آهي ته پوءِ مڙس وري ٻيا ڪهڙا ٿيندا آهن. ڏسڻ ۾ اچي ته وقت جي ڪمائتن ماڻهن جي ميڙ کي ”پوليٽيڪل ڇوڪرا“ سڏڻ خوشفهميءَ جو هڪ چرچو آهي. معاملن تي جيڪڏهن ڳنڀيرتا سان سوچيو وڃي، ته پوءِ اها بيهودي بڪواس، جا پوليٽيڪل آفيسرن جي باري ۾ ڪئي وڃي ٿي، جيڪر بند ٿي وڃي. ريجمينٽ جو آفيسر ڏيهي معاملن ۾ وڌيڪ هوشياري ڏيکاري سندن زبان مان واقف ٿيو وڃي، ۽ ان کان پوءِ ئي کيس ڊپلوميٽڪ ڪور (سياسي جٿي) لاءِ چونڊيو وڃي ٿو. انڪري ظاهر آهي ته پوليٽيڪل آفيسر فوجي ماڻهن کان علحده ڪونه آهن. اهي گهڻو ڪري هوندائي فوجي آهن، جن کي جلدي يا دير سان اوڏانهين واپس موٽڻو پوندو آهي. انهن مان به فقط ڪي ٿورا قسمت وارا هوندا آهن، جن کي هيءَ نوڪري ڏني ويندي آهي ۽ اها به انهيءَ شرط تي ته اهي هندستان ۾ ڏهه يا ٻارنهن سال رهيا هجن. وڏي گريڊ جا ريزيڊنٽ ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ انهن ماڻهن مان کنيا ويندا آهن، جن ويهه يا ٽيهه سال نوڪري ڪئي هجي. انڪري ظاهر آهي ته انهن عهدن تي فقط اهي ماڻهو مقرر ڪيا ويندا آهن، جن جي عمر چاليهن سالن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هوندي آهي. مثال طور منهنجو هڪ دوست، جنهن جي پندرهن سال سـَـروِس هئي ۽ جنهن فرسٽ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ پاڻ چڱو موکيو هو، تنهن جڏهن ريزيڊنسيءَ جي هڪ خالي جاءِ لاءِ درخواست ڪئي هئي، تڏهن کيس جواب مليو ته جيتوڻيڪ سندس خدمتون تعريف جوڳيون آهن، پر ڇاڪاڻ ته هو اڃا جونيئر هو، انڪري کيس اضافو ڏيئي انهيءَ جاءِ تي مقرر ڪرڻ ناممڪن هو! پوليٽيڪل آَفيسر جو ڪم ڏاڍو اوکو آهي ۽ سندس جوابداريون ساڳئي گريڊ جي فوجي آفيسر جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون آهن. فقط جنگ جي وقت جڏهن فوجون پاڻ ۾ دوبدو وڙهي رهيون هجن، ان وقت فوجي آفيسر کانئن گوءِ کنيو وڃن. پوءِ جيڪڏهن اهڙن ماڻهن جي غفلت يا غلطيءَ جي ڪري ڪو نقصان يا بدنامي ٿي ٿئي ته ان کي درگذر ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو ڊپلوميٽڪ ڪور ئي آهي، جنهن مان مالڪوم، ايلفنسٽن، مونرو، ڪلوز، پاٽنجر، آئوٽرام، ۽ لارينس جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا، جن هندستان ۾ انگريزن جو منهن مٿي ڪري ڇڏيو. لارڊ ايلنبرو جو تاريخ 22- مئي جو لکيل هڪ خط جو حصو، جو هن الله آباد مان لکيو هو، پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ آئوٽرام، ڪرنل ٽبلر ۽ ٻين جو سندس هٿان ڊسمس ٿيڻ جو پورو پتو پوي ٿو. هـُـن حاڪم اعليٰ جو چوڻ آهي ته، ”برٽش آفيسر، ۽ پوءِ سندس ڪردار ڪهڙو به هجي، جڏهن کيس ڪنهن ڏيهي حاڪم جي دربار ۾ موڪليو ٿو وڃي ته پوءِ هو پنهنجي ملڪي ماڻهن جي معاشري کان پري رهڻ ڪري هڪ برٽش آفيسر جي منصفانه ۽ ٺوس خاصيتون وڃائي ويهي ۽ جن ماڻهن جي وچ ۾ هو رهي ٿو انهن جي عادتن جو مٿس ڏاڍو اثر ٿو ٿئي.“ عزت ماب لارڊ ايلنبرو جي انهيءَ رمارڪ ۾ عقل کان تمام گهٽ ڪم ورتل ٿو ڏسجي. جيڪڏهن ڪو ساڻس آزمودي تي دليل بازي ڪري ته سندس اهي لفظ غير منطقي ۽ بيوقوفيءَ تي مبني ڏسڻ ۾ ايندا. خبر نه آهي ته ڪهڙي خيال کان هـُـن عزت ماب اهو نڪتو چيو آهي ته ڏيهي دربارن ۾ رهڻ ڪري برٽش ايلچين يا عيوضين ۾ به ساڳيون ڳالهيون ۽ بڇڙايون پيدا ٿيو وڃن، جيڪي ڏيهي ماڻهن ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون! ڇا ائين ته ڪونه آهي ته سندس مطلب موجب جاڙيجن سان رهڻ جي ڪري ماڻهو سوسن ۽ ايماس کي ڪاٽي ننڍو ڪري ڇڏيندو. يا پاڻ کي ڪسمبا پياري پياري بيوقوف بنائي ڇڏيندو يا فرمانبرداري ڏيکارڻ لاءِ سڄا سارا ٻارنهن سال سوپاريءَ جي وڻن ۾ مٿي ڀر اونڌو ٿي بيهندو، يا حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري سندس دل مذهبي درويشن ڏانهن مائل ٿي ويندي، هو گهڻيون زالون رکڻ يا زالن کي پردي ۾ رکڻ کي خراب نه سمجهندو يا انگريزي ماکي، سوئر جي گوشت يا پراڻي ماديرا شراب کان نفرت شروع ڪري ڏيندو. انهيءَ ساڳئي اصول تي آءٌ ڀانئيان ٿو ته پوءِ اهو پوليس وارو به ڏوهي نٿو ٺهرائي سگهجي، جو جيتوڻيڪ پاڻ چورن جهلڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي، پر آهستي آهستي پنهنجو حرص وڌائي، پنهنجي پاڙيسريءَ جو کيسو ڪتري وٺي! تڏهن ڏسبو ته اهي ننڍڙيون ڏيهي دربارون ئي آهن، جي مجبور پوليٽيڪل آفيسرن تي اثر وجهيو ڇڏين، ۽ نه ڌارين ملڪن جون پرڏيهي دربارون. پر اسين انهن کي ڏيهي دربارن جي برابريءَ ۾ آڻيون ڪٿي ٿا. چئبو ته روسي يا فرينچ دربارون اسان جي سفير مٿان ڪوبه اثر ڪونه ٿيون ڪن، اتي اسان جي سفير جي هرڪا ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي. فقط ٿورين ڳالهين ۾ ڪا هـُـو ڦيرگهير ڪندو هوندو، نه ته آهي اهڙي جو اهڙو پر جي آءٌ نٿو ڀلجان ته پوءِ انهن جي به ساڳي حالت آهي اتي، يعني ته انهن کي به پنهنجي ملڪ جي معاشري کان گهڻي وقت لاءِ پري رکيو وڃي ٿو. افسوس اهو آهي ته عزت ماب ايلنبرو انهيءَ ”ڊگهي“ وقت جي ڪابه تشريح نه ڪئي آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٻڌائي ها ته سندس لفظ ”ڊگهو“ ڪهڙيءَ طرح سان سفيرن تي خراب نموني ۾ اثر انداز ٿئي ٿو. ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾ ڏهه سال به ڊگهو وقت شمار ڪيو وڃي ٿو پر ٻئي طرف ڊگهي وئڪيشن فقط ڪي مهينا هوندي آهي. ڪن حڪومتن لاءِ ٽي سال به جٽاءُ ڪرڻ لاءِ گهڻا هوندا آهن، پر ڪن حالتن ۾ پنج سال به ٿورا آهن. ڏينهن جو ئي مثال وٺو ته سنڌ جي گرميءَ ۾ هڪ ڊگهو عرصو بنجيو وڃي پر شملي جي ٿڌي چوٽيءَ تي اهو ننڍو ٿيو پوي. ترڪندڙ ڪاٺ کي هندستاني رٻڙ وانگر ڪنهن هنڌ تي پورو ڪري بيهارڻ ڪو وڏن کان سکي، يعني ته ڳالهين ٺاهڻ ۾ اهي ڪاريگر آهن. اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اتر سنڌ ۾ اسان جا پوليٽيڪل آفيسر ڪنهن به حالت ۾ يورپي ماحول کان پري ڪونه هئا. اسان جون ايجنسيون ڪي درٻارن جي اندر ٺهيل ڪونه هيون. پر علحده فوجي ڇانوڻيون هيون، جهڙوڪ: سکر ۽ شڪارپور. ان هوندي به اسان کي انهن ننڍڙين درٻارن سان وابسته سمجهيو ويو آهي، جن سان ٿيل ظلم، تشدد ۽ بهتان بازيءَ جو اسان کي پورو پورو احساس هو. سچ ته هي آهي جو جنهن ڳالهه لاءِ عزت ماب هندستاني پوليٽيڪل کي پنهنجي ملڪ جي مفاد خلاف ٿو سمجهي، اها ساڳي ڳالهه پڇاڙي ۾ وڃيو انهن لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. دربارن ۾ ڊگهي وقت رهڻ ڪري اهي پاڻ سڀني ڳالهين جي چڱاين ۽ براين کان واقف ٿي انهن جي غلط فهمين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته جيئن ڪي هيبتناڪ نتيجا نه نڪرن. سو انهيءَ ڪري منهنجا سائين، اهي هندستاني ماڻهن کي راضي ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا، نه ته جيڪر سڄو ملڪ اسان جي خلاف ٿي بيهي ۽ اسان کي حقارت ۽ نااميديءَ جي شئي سمجهي ٻاهر نه ڦٽو ڪري ڇڏين. اسان کي اڃا انهيءَ وقت جو انتظار ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان کي هندستان جي ڪروڙين ماڻهن جي احساسن ۽ غلط فهمين کي لتاڙڻ جي سگهه ملي وڃي، جيڪي اسان جي سلطنت ۾ رهن ٿا. خير جيڪي هوندو انهيءَ کي ڏٺو ويندو. منهنجي بدقسمتي ته ڏسو جو مون کي اها خبر ئي ڪانه پيئي ته مون تي ڪهڙي مصيبت اچڻي آهي. نـَـون مهينن تائين مون کي ڪل ئي ڪانه پئي ته ڇا پئي وهيو ۽ واپريو. انهيءَ دؤر ۾ اعتدال اندر رهندي ۽ پگهار جيترو خرچ ڪندي، مون ڏٺو ته مون پنهنجي بچت جا ٻه هزار رپيا کپائي ڇڏيا هئا. پر اها ڪهڙي فضيلت آهي، ڇو ته آءٌ ڪجهه وڌيڪ چوڻ ئي نٿو گهران، جو سندن معاملي تي نئين سر روشني وجهي يا سندن فائدي ۾ هڪ نئين قسم جو دليل ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت بدقسمت ٽالپرن سان ٿيل عهدنامو ٽوڙيو ويو هو، ان وقت آءٌ اُتي هئس ئي ڪونه ۽ نه وري مون ۾ ڪا ايڏي سگهه آهي، جو سرڪاري بلو بڪ جي سڀني غلطين جي ويهي هڪ فهرست ٺاهيان. پر آءٌ فقط انهيءَ چوڻ تي ڪغايت ڪندس ته اتر سنڌ ۾ ميرن سان اسان جي ٿيل ڏي وٺ ۽ هلت، مير علي مراد خان کان سواءِ، ٻين سڀني ميرن کي اسان جي خلاف ڪري ڇڏيو هو. وري وري چوڻ جي ڪري ماڻهو مون تي ڀلي ڦٽڪار وجهن، پر آءٌ انهيءَ چوڻ کان نه گسندس ته جيتوڻيڪ عهدنامي ۾ ٿيل شرط موجب سنڌو درياء جي ٻنهي ڪپن تي ٺهيل قلعن تي مير رستم خان جو حق قبول ڪيو ويو هو، پر ان هوندي به اسان ٺڳي ڪري بکر جي قلعي تي به قبضو ڪري ان کي پنهنجي تصرف ۾ آڻي ڇڏيو. آءٌ اهو به دهرائيندس ته اسان مـَـڪر ڪري انهن کي اهو به ٻڌايو هو ته ڏَن وصول ڪرڻ جا حق اسان شجاع کان خريد ڪري ورتا هئا، ۽ پوءِ مٿن زور رکيو ته 28 لک (ٻه لک اسي هزار پائونڊ) ڀري ڏين. اهو اسان جي منهن تي نٿي پيو، ڇاڪاڻ ته دوست محمد خان انهيءَ وقت ڪابل جو بادشاهه ئي ڪونه هو. جيڪڏهن دوست محمد خان اسان جي چال ۾ اچي وڃي ها، ته اسين ضرور کيس افغانستان جو بادشاهه تسليم ڪريون ها، پر دوست محمد خان به ته ڪڏهن به سنڌ کان ڏَن ڪونه اڳاڙيو هو. بـِـلو بـُـڪ مان اهو به ظاهر آهي ته مير مبارڪ خان تي 28 لکن جو مڙهيل مطالبو، ٽن سالن تائين انهيءَ خيال سان ڊيگهه ۾ رکيو ويو، ته جيئن مقرر ڪيل وقت تي، انهيءَ لاءِ مٿس زور آندو وڃي، جيتوڻيڪ انهيءَ عرصي اندر خيالي قرضي مير مبارڪ خان ۽ خيالي لهڻيدار دوست محمد خان ٻيئي فوت ٿي چڪا هئا. اسان جو پوليٽيڪل ايجنٽ مير رستم خان سان روهڙيءَ جي ڪاردار ۽ فتح محمد بابت ڪهڙيءَ طرح پيش آيو هو؟ اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته بي ايمان ۽ چالاڪ منشين جي لوڌ، سنڌو نديءَ جي هڪ طرف محمد شريف جي، ٻئي طرف مير علي مراد خان جي پٺڀرائي ٿي ڪئي. اچو ته هاڻي انهن واهيات بيانن جي سچائيءَ جو جائزو وٺون جي بـِـلو بـُـڪ ۾ ڏنل آهن. جهڙوڪ صفحي 281 ۾ ڏنل آهي ته فتح محمد خان ننڍي هوندي کان وٺي مير رستم خان جو ٻانهو هو، پر حقيقت ائين ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ وڏي خاندان مان هو ۽ اڌ وهيءَ ۾ بهاولپور کان سنڌ ۾ آيو هو. ازانسواءِ جيڪي به منشي ميرن سان لکپڙهه يا ٻئي وهنوار ۾ لڳايل هئا، سي گهڻو ڪري ميرن هٿان غداريءَ يا رشوت ۾ سزائون کائي چڪا هئا. وري ڪاغذن جو هيءُ حال هو جو هڪ خط مير نصير خان حيدرآباد واري جو هڪ پرڏيهي دربار ڏانهن لکيل ٻڌايو ٿي ويو. جيتوڻيڪ اهو جـُـڙتو هٿناٽ هو، پر اسان انهيءَ کي سورهن آنا سچ سمجهيو، خاص انهيءَ مطلب لاءِ ته اهو ميرن جي خلاف استعمال ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح اسان اهڙا ڪئين ڪاغذ ڏيهي ايجنسين جي معرفت ميرن جي خلاف پيش ڪيا، جن کي ميرن پنهنجو ڪيوئي ڪونه ٿي، پر ان هوندي به اسان انهن آفيسرن جي چوڻ تي، جن کي اها ٻولي ايندي ئي ڪانه هئي، سچ سمجهيو ۽ انهيءَ کي بـِـلو بـُـڪ ۾ درج ڪري ڇڏيو. ٻين ڳالهين کي ڇڏي جيڪڏهن رڳو بيبرگ ڏانهن لکيل خط کي وٺجي، تڏهن به ڏسڻ ۾ ايندو ته اها شروع ۾ ئي هڪ جعلسازي آهي. انهيءَ لاءِ ٽي سبب آهن: هڪ ته ميرن اسان کي بيبرگ جي قبيلي جي ماڻهن کي جهلائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ اهو ثابت ئي ڪونه ٿيو ته منجهن ڪو ٺاهه ٿي ويو هو. ٻيو ته اسان جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ ميرن کي بگٽين هٿان سخت شڪست پهتي هئي، جنهن ۾ سندن هڪ وڏي سردار ٻانهن وڃائي هئي ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا سردار مارجي ويا هئا. ٽيون ته مير جبلي ٻروچن جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ بيبرگ جي بدران بجر خان ڊومڪيءَ کي خط لکن ها، جنهن جو بيبرگ تي به اثر هو ۽ اهو هو به ميرن واري ساڳئي طاقتور قبيلي (رند) جو سردار. اسان کي اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته ميرن سان ٿيل سڀئي عهدناما سندن انڪار ڪرڻ کان پوءِ ٿيل هئا، جنهن ۾ هنن صاف طور چيو هو ته کين انگريزن سان دوستي رکڻ جو ڪوبه خيال ڪونه آهي. هڪ خودمختيار ملڪ ۾ سندن حاڪمن جي خلاف لشڪر وٺي اچڻ، سندن اجازت کان سواءِ ٻيلن مان ڪاٺ وڍڻ، محصول نه ڏيڻ، قلعن ۾ حفاظتي فوجون رکڻ ۽ اناج ۽ چوپايو مال خريد ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون يورپ ۾ جيڪر بين الاقوامي قاعدي جي ڏٺي وائٺي ڀڃڪڙي تصور ڪئي وڃي. پر منهنجي خيال ۾ سنڌ جو معاملو انصاف لاءِ اهڙو ته ڪراهت جهڙو آهي، جو اهو ان کي هڙپ ئي نٿو ڪري سگهي. هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته معاملو هاڻي زير ويچار آهي ئي ڪونه. جيڪي ٿيو سو ٿي چڪو. وڏا مير سڀ مري چڪا آهن، ۽ سندن ملڪيتون يا ته وڪرو ٿي وييون آهن يا ورهائجي وييون آهن. انهيءَ کان سواءِ انگريزي عوام انهيءَ ڳالهه مان راضي آهي. ”ٽائيمس“ راضي آهي، ان ڪري پبلڪ کي به خوش ٿيڻ گهرجي. پر ڇا آءٌ پڇي سگهان ٿو ته هندستاني به راضي آهن؟ ڇا هندستان جي ڪروڙين ماڻهن ۽ انهن مسلمان سردارن کي ”ٽائيمس“ جي لکيي جي پرواهه آهي، ڇا اُهي راضي آهن؟ هندستان جي ڪنهن به شهر مان ڏهه سمجهو ماڻهو ڪڍو ۽ انهن کان سوال پڇو. انهيءَ دير سان ملندڙ انصاف لاءِ اڃا به موقعو آهي. مثال طور، مير صوبدار خان وارو معاملو وٺو. سڀيئي اختياريون وڃي ڏسو، ڪنهن به هڪ اکر سندس خلاف نه لکيو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل هجي ته هي ماڻهو انگريزن جو دوست ڪونه هو. سندن فائدي ۾ وڏا جلد ويهي لکجن، سو هاڻي بيڪار آهي. بـَـلو بـُـڪ ۾ انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ هيئن لکيل آهي: ”جڏهن به مير نصير خان هڪڙو رستو ٿي اختيار ڪيو، تڏهن مير صوبدار خان انهيءَ جي برعڪس ٿي هليو ۽ ڪڏهن به اهڙو ڪم نٿي ڪيائين، جنهن مان انگريز سرڪار کي نقصان پهچي. مير صوبدار هميشه انگريز جو طرفدار ٿي رهيو، پوءِ ٻيءَ سڄيءَ دربار جو ڀلي ڪهڙو به رايو هجي.“ صفحي 526 تي لارڊ ايلنبرو جي خط موجب هيئن ڏيکاريل آهي ته، ”مير صوبدار خان ٻين ميرن سان مجبورن شامل ٿيو هوندو ۽ هو موقعو ڏسي هڪدم انهن کي ڇڏي ويندو.“ خير اهو ماڻهو، جنهن جي سڄي حياتي انگريزن تي مهربانين ڪندي گذري، هاڻي مري ويو آهي، مئو به وري انگريزن جي قيد ۾ آهي. سندس ماءُ ۽ سندس وڏو پٽ، جو هڪ وڏي مرتبي جو جوان هو، اهو به مري ويو آهي ۽ سو به دل ٽـُـٽڻ سبب! سندس فقط هڪ پٽ وڃي رهيو آهي. ڇا اها رحم جي نظر نه چئبي، جو ان سردار کي سندس ملڪ ۾ واپس موڪليو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪڙو ئي شهزادو وڃي رهيو آهي، جو ٽالپر گهراڻي جي پايي وجهندڙ فتح علي خان جي اولاد مان آهي. ڇو نه اهي علائقا کيس واپس ڪيا وڃن، جي سندس پيءُ جي هٿ ۾ هئا. ائين ڪندي اسين ٻروچ قبيلن جي وفاداري حاصل ڪري سگهنداسين، جي مير صوبدار خان کي پنهنجي قوم جو سردار ڪري مڃين ٿا، انهيءَ خاندان جي پير مردن ۽ ڪمزور ماڻهن کي صوبدار خان جي پٽ سان سندن ملڪ واپس موڪليو وڃي، ته جيئن اهي وڃي پنهنجا هڏڙا پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ ۾ پورين. مير محمد خان مان ڀلا ڪهڙو خوف هو، هو هڪ چڱو ۽ آرام پسند ماڻهو آهي. کيس پنهنجي شڪار ۽ وندر کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جو خيال ڪونه هوندو آهي. انهن مسڪين قيدين تي مهرباني ڪري کين پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي، ته وڃي ڪمپنيءَ کي دعا ڪن، جنهن جي جوڙجڪ اسان لاءِ هندستان جي حڪومت مهيا ڪري ڏني آهي. --------------- (1) لاوا: ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ کان پوءِ جيڪو تمام گرم پٽڙو مادو نڪرندو آهي، انهيءَ کي لاوا سڏبو آهي. (1) مصنف جو خيال آهي ايراني ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. (1) اڊانس اهو سهڻو جوان هو، جنهن کي محبت جي ديوي وينس پيار ڪندي هئي. (1) تلاءَ: منگهي پير وارو تلاءَ جنهن ۾ واڳون رهندا آهن. (1) فئڌم - پاڻي ماپڻ جو ايڪو. (1) ڊان ڪئگزاٽ، اسپين جي هڪ مسخري جو نالو آهي، جو انهيءَ نالي هڪ ناول جو مکيه ڪردار آهي. ڊان ڪئگزاٽ خيالات ۾ پهه پچائيندي هڪ جـِـي ٻـِـي ڪري ڇڏيندو هو. باب تيرهون ڪتاب جي خاتمي تي سنڌ پاران اپيل - ميرن تي ڪيل زيادتين جو وڏي صحرا ۾ پڙاڏو - سنڌ سان اسان جي تعلقات جي مختصر تاريخ - انهيءَ جعلسازيءَ جو هاڻي ظاهر ٿيڻ، جنهن جي ڪري مير رستم خان کي تخت تان لاٿو ويو - ميرن سان جنگ ڪرڻ ۾ بي انصافي- مير رستم جون تڪليفون ڏسڻ ۽ سندس موت - سندس وزير فتح محمد جو قيد ٿيڻ - فتح محمد جو وري اسان جي دوست بهاولپور جي خان جي وچ ۾ پوڻ ڪري آزاد ٿيڻ - فتح محمد جو ملتان وٽ سکن کي شڪست ڏيڻ ۽ مولراج باغيءَ جي خلاف پهرين سوڀ- مير رستم خان جي وڏي پٽ محمد حسين کي ديس نيڪالي ۽ تڪليفون - مير شهداد کي پنج سال هڪ معمولي ڏوهاريءَ وانگر قيد ڪرڻ - انهيءَ کان پوءِ مٿس تهمت مڙهيل ڏوهه جو مقدمو هلائڻ ۽ سندس عزت سان بري ٿيڻ- مير نصير خان، مير صوبدار خان ۽ سندس وڏي پٽ مير فتح علي خان جي وفات - ٻين ميرن تي ٿيل زيادتيون - سنڌ جي اپت جي تفصيل کي ڏسندي، سنڌ کي پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ ۾ انگريزن جو نامناسب قدم- هيپ ورٽ ڊِڪسن سچ چيو آهي ته، ”والٽر اسڪاٽ کان پوءِ مئڪاولي تاريخ جي مضمون ۾ ڏاڍو سٺو ليکڪ آهي.“ اهو ساڳيو رمارڪ هڪ ٻئي ممتاز تاريخدان لاءِ به ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪتاب ۾ تمام سهڻائيءَ سان انهن مکيه ڪردارن جو احوال ملي ٿو، جنهن بابت هـُـن ويهي لکيو آهي. جادوءَ جي ڏنڊي سان هـُـن سنڌ جي واريءَ ۽ اتي جي ٺهيل ڪـَـچن ڪوٽن کي ڇـُـهيو آهي، پر هاڻي اتي هڪ نئين مخلوق اچي ويئي آهي. اهي مهربان پراڻا مير ۽ رئيس، جي سدائين اسان جو آڌرڀاءُ ڪندا هئا، مري کپي ويا آهن ۽ سندن جاءِ تي دوزخي ظالمن جي هڪ قوم اچي ويئي آهي، جي پنهنجي ٻارن کي شيطاني دشمنيءَ سبب قتل ڪريو ڇڏين ۽ پنهنجين بيوس زالن کي پتل جي ٺهيل چهبڪ سان سزا ٿا ڏين، ۽ پنهنجيءَ رعيت کي انهيءَ کـُـڙيءَ هيٺان لتاڙيندا رهن ٿا، جا ظلم جي هٿيارن سان سجايل آهي. اسين به هاڻي انهن ڀـُـوتن ۾ سمائحّي ويا آهيون، جي چوڌاري پيا ڏسجن ۽ انهن نظارن کي ياد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، جي اڳي گهڻو ڪري عام جام پسبا هئا. ڇا هيءُ اهو ساڳيو ملڪ نه آهي، جتان اسين اڪيلا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن گهوڙيسوارن سان سفر ڪندا رهندا هئاسين! پر هاڻي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. مياڻيءَ جو هيرو هاڻي انهيءَ جـُـوءِ مان لنگهڻ بيوقوفي ٿو سمجهي، جتان هو گهڻو ڪري پنجاهه سوارن جي حفاظتي جٿي سان گذرندو هو. ڇا هي اُهي رئيس نه آهن، جن سان اسان دائمي دوستيءَ جو سـُـنهن کنيو هو. ڇا هي اُهي ڪونه آهن،جن کان اسان سختيءَ جي وقت، سدائين مدد پئي گهري آهي؟ پر هاڻي ڇا ويهي پنهنجو قيمتي وقت انهن بيسود ڳالهين ۾ لڳائجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو معاملو ئي ڪمزور هو، انڪري ڇو ويهي پٽاڙ ڪجي! اسين اهو اعتبار ئي نٿا ڪري سگهون ته ماٺيڻو، اونهو سوچيندڙ ۽ ڪرستان انگريزي عوام، انهيءَ بيجا سزا تي (جا ميرن کي ڏني ويئي هئي) خوش ٿيندو ۽ حقيقتن کي وساري ڇڏيندو، يا ٿورن سالن جي گذرڻ کانپوءِ جيڪا نسوري بي انصافي، ڦـُـر ۽ قتلام سنڌ جي جنگ ۾ ٿيو آهي، تنهن کي وساري ڇڏيو ويندو. پر سچيءَ دورانديشيءَ اهي حقيقتون آڻي ڪڍيون آهن، جن کي ڪنهن به حالت ۾ پاسيرو نٿو رکي سگهجي. اُهي آسٽرين ماڻهو، جن جو رت هنگريءَ جي ماڻهن جي مٿان ٿيل ظلمن تي ٽهڪي ٿو، تن کي جيڪر هتي اچي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙيون نه زبردستيون ۽ ظلم انگريزن پاران هڪ آزاد قوم جي مٿان ڪيا ويا آهن. ائين ٿي نٿو سگهي ته اهي ماڻهو، جي ٻين جي مصيبتن بابت خبرون ٻڌي تڪليف ۾ اچن، تن کي ڪيئن هن ظلم جو احساس نه ٿيندو! اهو هڪ تمام رحم جوڳو معاملو آهي، جنهن جهڙو تڪليف ڏيندڙ ۽ ڌڪار جو معاملو ڪرستان ڪو مشڪل ٻڌو هوندو. دياڪ يا ٻيا وحشي قبيلا انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙي آهن. ڇا اسين انهن کان به ويل آهيون، جن پنهنجن دوستن سان، جن جي سنڀال جو اسان عهدنامن ۾ ذمو کنيو هو، تن سان ٿيل ظلم ۽ زبردستيءَ تي ڪو اعتراض جو هٿ مٿي کڻون، يا زبان سان ڪجهه چئون؟ انگلنڊ جا مـَـردؤ! اوهان پنهنجي آزاديءَ جو دهل ته وڄايو ٿا، پر انهن مردن جو خيال نٿا ڪريو، جي پنهنجي آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مري ويا آهن. اهي ويچارا ڪنهن وقت اوهان جا دوست هئا. ها، اوهان جا دوست، اوهان جا مهربان، جن جون اوهان تي هر وقت نوازشون ٿينديون رهيون ٿي. اُهي هاڻي هڪ ڏورانهين ڏيهه ۾ جلاوطن آهن ۽ انهن جي مٿان اوهان پگهاردار جيلر مقرر ڪيا آهن. اِهي اُهي ساڳيائي ماڻهو اَٿوَ جن جي مهمانوازيءَ ۽ دوستيءَ جي اوهان کي هر وقت گهرج پوندي هئي. اي انگلينڊ جون عورتون! انهن شهزادن جي مائرن ۽ ڀينرن بابت سوچيو، جن کان سندن سڀ زيور کسي، کين گهر ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ کين اهڙيءَ طرح بي وسيلو بنايو ويو، جو اهي بنان ڪنهن همدرد جي بڙديڪ جي جهنگ ۽ ان جي ڌٻڻن ۾ رُلنديون رهيون. اوهان جيڪڏهن نه ٻڌندؤ ته به ڀؤ ڪونه آهي، پر ائين نه سمجهو ته اوهان جي انهن زيادتين جي ٻين ماڻهن کي خبر ڪانه آهي. ڏورانهين آفريڪا ۾ ۽ پڻ وچ صحرا جي برپٽ ۾ به انهيءَ ظلم جو پڙاڏو آهي. ويجهو ٿي ڪـَـنُ ڏيو ته اوهان کي هڪ تازي آيل مسافر جي تصديق ٻڌايان، جو انهيءَ اجڙيل ديس جو دؤرو ڪري آيو آهي: ”بني وليد قبيلي جي سلطان جي اچڻ تي جيڪا ڳالهه ٻولهه پئي هلي، سا بند ٿي ويئي. اهو سلطان حاج بن موسيٰ ايتانو هو، جو پنهنجي شاهوڪاريءَ ۽ طاقت جي ڪري مشهور آهي. هـُـو غدامش جي ڪيترن ئي با اثر قبيلن جو سردار آهي ۽ جيئن ته وڏيءَ عمر جو ماڻهو آهي، انڪري سندس نظر گهٽجي ويئي آهي. جڏهن منهنجي خبر ٻڌائين تڏهن ٿوري دير ماٺ ۾ رهي مون کي مخاطب ٿي چيائين: ’اي ڪرستان، سنڌ جي خبر اٿيئي؟‘ مون جواب ڏنو ته : ’هائو‘. انهيءَ تي هن پنهنجن ماڻهن ڏانهن منهن ڪري ڪجهه ڳالهايو، جو پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته هـُـن هيئن چيو: ’هيءُ ڪرستان مسلمانن جا سڀ ملڪ ڳڙڪائيندا وڃن.” پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته: ’اوهان انگريزن اوڏانهن وڃي ڇو مسلمانن کي هڙپ ڪيو آهي. ڀانئيان ٿو ته اوهان هتي به ايندؤ ته شڪ نه آهي!‘ مون وراڻيو ته، ”امير بيوقوف هئا ۽ هندستان ۾ انگريزن خلاف سازش ڪئي هئائون، پر سنڌ جي عام مسلمانن کي اهي ساڳيا حق ڏنا ويا آهن، جي انگريزن کي آهن.“ ”اوهان ته ضرور ائين ئي چوندا پر اوهان ڇو ٿا ايڏو پري وڃي ماڻهن جا ملڪ ڦريو.“ هن ورجائي چيو. مون جواب ڏنو ته، ”تـُـرڪن به ته ساڳي ڪار ڪئي آهي، اهي به ته هن برپٽ ۾ آيا آهن.“ ”تڏهن اوهان به ترڪن جهڙائي ظالم ٿيڻ ٿا چاهيو؟“ هن ڪاوڙ مان چيو ۽ پوءِ مون کي تاڪيد ڪيائين ته هاڻي انهيءَ معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهايان، جيڪي به اتي حاضر هئا تن ڀڻڪ به نه ڪڍي ۽ اها تڪليف ڏيندڙ ماٺ ڪجهه وقت تائين جاري رهي. اسان سنڌ کي فتح ڪري خلق ۾ پنهنجي لاءِ ڪهڙي نه سهڻي راءِ قائم ڪئي آهي! انهيءَ ۾ هاڻي ڪوبه شڪ نه آهي ته انهيءَ بدقسمت ملڪ تي ٿيل ظلم ۽ زبردستين جي جڏهن ايتري ڏورانهين برپٽ ۾ به خبر آهي، تڏهن انگريزن جي هندستاني رعيت تي ڪوبه اثر نه ٿيو هوندو؟ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو مثال وٺو جنهن سچ مان ڪوڙ نه ٺاهيو آهي ۽ جو هندستان کي سڃاڻي ٿو. ساڳي وقت هـُـن انهن ماڻهن سان ڀائرن وانگر رستو رکي ڳالهايو آهي. اهڙيءَ ماڻهوءَ جو چوڻ آهي ته انهن جون دليون وڏائيءَ ۽ غرور کان خالي آهن، ۽ ساڻن ٿيل زيادتين کي ڌڪار ۽ بوساٽيل ڪاوڙ جي آڱر سان پٿر جي ڦرهيءَ تي لکيو ويو آهي. بهاولپور جي خان، جنهن کي سنڌ جي فاتح ۽ گورنر جنرل سنڌ جي مال غنيمت مان ڪجهه حصو به ڏياريو هو، تنهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پئسا ڏيئي انگريزن کان آزاد ڪرايو،جنهن کي انگريزن تمام گهڻو ستايو هو. پر اهي آهن رڳو ڳالهيون، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهيءَ معاملي کي چڱيءَ طرح ڏسڻو آهي، ته پوءِ سنڌ جي تاريخ بابت به ڪجهه چوڻو پوندو. سچ جو جيڪڏهن ذرو به ظاهر ڪجي يا حقيقتون ميدان ۾ آڻجن، ته پوءِ اهي انهيءَ ڪوڙي داستان کي ختم ڪري ڇڏينديون، جيڪو وڌاءُ ڪري دنيا کي ٻڌايو ويو آهي. عموما هڪ ڪوڙو دليل اهو ڏنو ويندو آهي ته ٽالپر غاصب هئا، انڪري انگريز کانئن حڪومت کسڻ ۾ حق بجانب آهن، ڇاڪاڻ ته انهن به ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ واري اصول تي هلي زبردستيءَ حڪومت هٿ ڪئي هئي. انهيءَ دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ٽالپرن سنڌ ڪيئن هٿ ڪئي هئي: 1774ع ۾ سنڌ جي حاڪم سرفراز خان ڪلهوڙي، ٽالپرن جي چڱي مڙس ۽ سنڌ جي مشهور رئيس بهرام خان کي سندس پٽ سميت مارائي ڇڏيو. انهيءَ ڪـُـڌي ڪم ڪري ظالم کي نيٺ تخت ڇڏڻو پيو، پر سندس جاءِ نشين غلام نبي ڪلهوڙي انهيءَ واقعي جو ڪوبه خيال نه ڪندي، شهيد ٿيل بلوچ رئيس جي باقي رهيل پٽ کي به قتل ڪرائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو جنگ لڳي جنهن ۾ غلام نبي ڪلهوڙي هارايو ۽ مارجي ويو. فاتح بلوچ بجر خان جيڪڏهن چاهي ها ته ان وقت سنڌ سندس هئي، پر فراخدليءَ کان ڪم وٺندي هـُـن مارجي ويل ظالم جي ڀاءُ عبدالنبي ڪلهوڙي کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو، ۽ سندس اطاعت ڪئي. آزمودي مان ڪلهوڙن پرايوئي ڪونه، انڪري عبدالنبيءَ به بيوقوفي ڪري پنهنجن محسن بجر خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ قهري ڪارنامي ڪري سڄي سنڌ، انهيءَ دغاباز ظالم جي خلاف اٿي کڙي ٿي ۽ کيس سندس حڪومت مان ڊوڙائي ٻاهر ڪڍيو ويو. انهيءَ کان پوءِ سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي ملي، جن کي سنڌ جي سڀني ماڻهن پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو. انهيءَ ڳالهه جي تصديق اسان کي انهن ماڻهن جي بيانن مان ملي ٿي، جن سنڌ جي دؤرو ڪيو هو. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ملڪ ۾ آسودگي ۽ خوشحالي وڌي ويئي هئي. ميجر رينيل جي تصديق آهي ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سندن حاڪمن جي ظلمن سبب ڪيترائي سنڌي گهراڻا لـَـڏي، ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هئا. هاڻي انهيءَ بيان کي ميرن جي صاحبيءَ هيٺ حالتن سان ڀيٽيو. مسٽر هيڊل بمبئي سرڪار کي جيڪا رپورٽ لکي هئي، انهيءَ ۾ ٻڌائي ٿو ته، ”سنڌ جا واپاري چـُـست ۽ چالاڪ آهن ۽ سندن پوري حفاظت ڪئي وڃي ٿي. ڍلون جيتوڻيڪ مٿن ڳريون مڙهيل آهن، پر ايتريون نه جو هڪ پرڏيهي واپاري پنهنجو ملڪ ڇڏي سندن حڪومت ۾ نه رهي سگهي. جيڪڏهن سنڌوءَ جي فرات سان ڀيٽ ڪئي وڃي، تڏهن به ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ، فرات جي واديءَ کان وڌيڪ تهذيب يافته آهي. حڪومت سخت آهي، پر ان هوندي به انهيءَ ۾ سهڻو انتظام آهي ۽ عام ماڻهن جو خيال رکيو وڃي ٿو. ٽالپرن کي پنهنجي مفاد جو برابر وڌيڪ خيال آهي پر ايڏو نه، جو واپار ۽ پوک تباهه ٿي وڃي. سنڌي ماڻهو فهميدا ۽ فرمانبردار آهن ۽ قانون جو احترام ڪيو وڃي ٿو.“ مسٽر ايلفنسٽن جو چوڻ آهي ته، ”ٽالپرن کي شروعات کان وٺي افغانن جي حملن خلاف جدوجهد ڪرڻي پيئي، جن مان هڪڙي مدد خان سڄي ملڪ کي اهڙيءَ طرح اُجڙ ڪري ڇڏيو جو ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ به اڃا نه سڌريو آهي. انهيءَ هوندي به ميرن وڏي ڪاميابيءَ سان دشمن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو، ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي لاءِ ويساهه جو جذبو پيدا ڪيو. حيدرآباد جو شهر به سندن دؤر ۾ وڌيو ۽ ويجهيو، اهڙيءَ طرح جو ٿوري وقت ۾ اهو هڪ ڳتيل ۽ شاهوڪار شهر بنجي ويو. اها هڪ کليل حقيقت آهي ته جنهن وقت افغانستان ۾ قتل ۽ ظلم جي بازار گرم هئي ۽ هندستان ۾ اسان جي پنهنجن علائقن ۾ خونريزي ۽ فساد جاري هئا، ان وقت سنڌ ۾ صلح ۽ سانت هئي. ميرن تي بهتان مڙهيندڙ ماڻهن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته جيڪڏهن مير انصاف پسند ۽ هر دلعزيز نه هجن ها، (جهڙيءَ طرح سمجهيو وڃي ٿو) ته پوءِ هو سٺ سال انهيءَ ملڪ تي ڪيئن حڪومت ڪري سگهن ها. عجب ته وري انهيءَ ڳالهه جو آهي ته انهيءَ سڄي دؤر ۾ سندن خلاف ڪوبه بلوو يا فساد وغيره نه ٿيو، ۽ نه وري هو ڪي پاڻ ۾ ئي وڙهيا. بهتان مڙهيندڙن کي اهو به جواب ڏيڻ گهرجي، ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجن حاڪمن کي ”چاريار“ جو لقب ڇو ڏنو هو؟“ هاڻي اچو ته اسين سنڌ سان پنهنجي ناتي جي تاريخ تي ڪجهه غور ڪريون، جنهن جي شروعات 1807ع ۾ ٿي. هي اهوئي سال هو جنهن ۾ اسان جو هڪ ايلچي بمبئيءَ مان اچي سنڌ جي حاڪمن مير غلام علي ۽ مير ڪرم عليءَ سان مليو هو. اڃا انهن سان عهدنامو مس ٿيو هو، ته بي اعتباريءَ ۽ بي اصولي سبب، جا گهڻو ڪري هر وقت اسان جي ميرن سان تعلقات ۾ رهي آهي، اسان هڪ ٻي سفارت ميرن ڏانهن 1809ع ۾ ڏياري موڪلي، ته اڳ ٿيل عهدنامي کي رد ڪيو وڃي. مسٽر هينڪي سمٿ، جنهن جي سرڪردگيءَ ۾ اها سفارت موڪلي ويئي هئي، تنهن کي هدايتون ڏنيون ويون ته اڳيون عهدنامو ختم ڪيو وڃي، ۽ ميرن کان انجام ورتو وڃي ته هو فرينچن کي سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ نه ڏيندا. ساڳئي وقت انگريزن ۽ سنڌ جي حڪومت جي نظام بابت موزون مرتبا مقرر ڪيا وڃن. اهو ڪهڙو نه عجيب ۽ بدسوڻ فقرو هو! جيڪڏهن هن معاملي کي ڪو اوپٽو ماڻهو پڙهندو ته اهو ضروري آهي، ته هو ٽوڪ خاطر اسان تي چڙ ڪري، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت اسان پنهنجو سفير سنڌ ۾ دوستيءَ ۽ سٺي وهنوار خاطر موڪلي رهيا هئاسين، عين انهيءَ وقت اسان جو ڪابل وارو سفير گورنر جنرل کي اها صلاح ڏيئي رهيو هو ته سنڌ ملڪ کي هٿ ڪيو وڃي، ۽ ان جي اپت جو ڪجهه حصو سندس ازلي دشمن کي ڏيئي، ان کي برطانيا حڪومت جي علائقن سان ملايو وڃي. ڀانئجي ٿو ته اسان جي لائق ڪارڪن شايد انهيءَ خيال کان ته مير اسان جي دشمنن (فرينچن) سان ملت ۾ آهن، يا ساڻن ڪو معاهدو ڪرڻ ۾ آهن، اها صلاح ڏياري موڪلي هئي. لارڊ منٽو وڏي شان ۽ خيرخواهيءَ جي جذبي سان، جا هڪ انگريز حاڪم کي سونهي، اها تجويز رد ڪري ڇڏي. هن نه فقط کين خودمختار حاڪم ڪري مڃيو، پر ان سان گڏ انهيءَ دعويٰ کي باطل قرار ڏنو، جا ميرن خلاف رٿي هئي ته افغان بادشاهه کي ڏيندڙ ڏن هو انگريز کي ڀري ڏين. انهيءَ سفير ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ مڃيائين ته هن جنهن غير سياسي ۽ بيواجب قدم لاءِ صلاح ڏني هئي، اهو غلط خبرن جو نتيجو هو. پر ان هوندي به مير اسان جي باري ۾ جيڪو شڪ پنهنجي دل ۾ رکيو ويٺا هئا، اهو شڪ اسين 1816ع ۾ ڪڇيءَ تي حملي ڪرڻ سان به دور نه ڪري سگهياسين، جيتوڻيڪ اسان انهيءَ تي سن 1819ع ۾ قبضو ڪري ورتو هو. اهو علائقو سنڌ سان لاڳو هو ۽ ڪنهن وقت غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت جو حصو هو. ڪڇيءَ جي فتح کان پوءِ اسان 1820ع ۾ ميرن سان نئين سر عهدنامو ڪيو. جنهن موجب اسان انهن سان سدائين لاءِ صلح ۾ رهڻ جو انجام ڪيو يعني ته اوستائين، جيسين اسان کي پنهنجي دوستن جي ملڪ ڦٻائڻ ۽ کين بند ڪري جيل موڪلڻ جو موقعو ملي. 1828ع ۾ ميرن هڪ اهڙي آفيسر کي پاڻ وٽ دعوت ڏيئي گهرايو، جنهن جي کين سخت ضرورت هئي يعني ته هڪ طبيب. خوشقسمتيءَ سان انهيءَ آَفيسر جي دل ۾ ميرن لاءِ ڪو به بغض وغيره ڪونه هو. پنهنجي سٺي طبعيت ۽ چڱن ڪمن جي ڪري هو ميرن ۾ اسان جي ماڻهن لاءِ چڱو رايو پيدا ڪري سگهيو، نه ته اهي اسان کي ڏاڍو خراب سمجهندا هئا، انهيءَ طبيب جي تصديق انهن سڀني بهتانن کي رد ڪريو ڇڏي، جي اسان ميرن خلاف مڙهي کين تخت تان لاٿو آهي. ”سنڌ جي فتح“ پڙهڻ سان اهو معلوم ٿو ٿئي، ته مير هر وقت ڪنهن نه ڪنهن نشي ۾ ٻڏل هوندا هئا پر هن طبيب جو بيان، جو وٽن مهينن جا مهينا رهيو هو، پڙهڻ سان ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته، ”ميرن ۾ اُهو عيش عشرت بلڪل گهٽ آهي جو ٻين مسلمان بادشاهن ۽ شهزادن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. مير مراد علي خان هڪ دفعي مون کان ڏاڙهونءَ جي استعمال بابت پڇيو جو مون غلطيءَ سان دارون (يعني شراب) سمجهيو. مون کي انڪري انهن سڀني شين جي خاصيتن بابت ٻڌائڻو پيو، جيڪي وقتي قوت يا جوش پيدا ڪندڙ آهن ۽ جڏهن دارون (شراب) بابت ڪجهه چوڻ وارو هوس، تڏهن هن وچ ۾ روڪي مون کي هدايت ڪئي ته هڪ سچي مسلمان اڳيان مذهبي طور منع ٿيل انگور جي رس جو نالو نه وٺان. مون کي خبر پيئي ته مير صاحب جو مطلب ڏاڙهون کائڻ جو هو. اهو جيتوڻيڪ هڪ وڏي ميڙ ۾ ڏيکاءُ جو طريقو ٿي سگهي ٿو پر مير ڪنهن نشي ڏيندڙ شراب يا ٻوٽيءَ کي استعمال ڪرڻ کان هميشه پرهيز ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو نشي جي حالت ۾ سندن اڳيان ايندو هو ته ان جي بيعزتي ڪري کيس ٻاهر ڪڍائي ڇڏيندا هئا. بهادر خان کوکر جو مثال وٺو، جو مير مراد علي خان جي نوڪريءَ ۾ هڪ وڏ- گهراڻو ٻروچ سردار هو. پر ان هوندي به هڪ دفعي شراب پـِـي آيو هو، ان ڪري کيس نوڪريءَ تان گهڻي وقت لاءِ معطل ڪيو ويو. مير، عرق جي صورت ۾ يا اسپرٽ ملايل دوائن جي پيئڻ کان به پرهيز ڪندا هئا. سندن دربار ۾ اوهان کي حـُـقو به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، ۽ نه وري سندن خاندان جي ماڻهن ۾ڪا آفيم وٺڻ جي عادت آهي.“ ميرن جي وزير يعني رازدار صلاحڪار بابت به ساڳيو ليکڪ هيئن ٿو چوي ته، ”هونئن ٻه نواب ولي محمد خان لغاري بابت سندس فهميدي ڳالهائڻ ۽ پنهنجن ٻارن سان پيار ڪرڻ جو مون تي سٺو خيال ويٺل هو، پر هڪ ڏينهن جيئن آءٌ (بيماريءَ سبب) بيهوش پيو هوس، تيئن هن منهنجي بستري جو پاسو نه ڇڏيو. هوش ۾ اچڻ وقت جيڪا پهرين شيءِ مون کي نظر آئي، اهو هو عزت ماب پير مرد، جو گوڏن ڀر ويهي مون لاءِ دعا گهري رهيو هو. اهڙو ته هڏ ڏوکي ماڻهو سڀڪنهن پاڪ صفت ۽ تعليم يافته قوم لاءِ بهترين مثال ٿي سگهي ٿو.“ ڊاڪٽر برنس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، ”مذهب جي معاملي ۾ مير ۽ سندن خاندان جا ماڻهو ڏاڍا پابند هئا، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ انهن مان ڪيترن کي درٻار ۾ نماز پڙهندي ڏٺو هو.“ ڊاڪٽر برنس جي حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ اسان جي سنڌ سان لاڳاپي ۾ ڪا نئين ڦير گهير ڪانه آئي، تان جو 1831ع ۾ سر اليگزينڊر برنس (جو ان وقت هو) سنڌ ۾ وارد ٿيو. کيس انهيءَ مهم ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه لاءِ سوکڙيون وغيره کڻي وڃڻ جو ڪم سونپيو ويو هو، پر حقيقت ۾ کيس مخفي هدايتون هيون ته هو سنڌو نديءَ جي وهڪري بابت جاسوسي ڪري. ميرن ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ملڪ کان پري رکڻ ۾ سدائين هوشياريءَ ۽ احتياط کان ڪم ورتو آهي. جڏهن اسان جي سفير هڪ سنڌي سپاهيءَ کي ٻڌايو ته هو بنا هٿيارن جي آيو آهي، ان هوندي به خبر اٿو ته هـُـن ڪهڙو جواب ڏنو؟ هن چالاڪ نهايت ڦڙتيءَ سان رڙ ڪري چيو: ”بڇڙائي ٿي چڪي. ڇاڪاڻ ته تو اسان جو ملڪ ڏسي ڇڏيو“. اليگزينڊر برنس جيئن ئي درياء ۾ مٿڀرو وڌيو، تيئن هن سنڌيءَ پنهنجي دوست ڏانهن منهن ڪري چيو ته، ”افسوس سنڌ ويئي. جيئن ته انگريزن درياء ڏسي ڇڏيو آهي، انڪري اهي سنڌ کي فتح ڪري ويندا.“ ميرن کي سڄي خبر هئي ته اسان سندن ملڪ ۾ ڇو گهڙيا هئاسين، پر ان هوندي به اسان جي سفير سان چڱيءَ طرح مليا، ۽ جيڪي به کانئن گهريو ٿي ويو، انهيءَ جي هنن ترت منظوري ڏيئي ٿي ڇڏي. خيرپور جو مير رستم خان اسان کي خوش رکڻ ۾ ته حد لنگهي ويو. هن پنهنجو خاص عملدار محمد گوهر اسان جي سفير جي آجيان لاءِ اسـِـي ميل هيٺ تي ڏياري موڪليو، ۽ برطانيا سان پوري نيازمندي ڏيکاري. مير رستم خان جيڪي ماڻهو ڏياري موڪليا هئا، سي پاڻ سان الاهي مال جهڙوڪ: رڍون، اٽو، ميوو، مصالو، کنڊ، گيهه، تماڪ وغيره کڻي آيا، اهو سڀڪجهه اسان جي ماڻهن مزي سان ويهي کاڌو ۽ موج ڪئي. رڍون ڪـُـٺيون وييون، چانور ۽ گيهه ملائي سوادي طعام ٺاهيا ويا. مون کي پڪ آهي ته آءٌ ۽ مون سان گڏ اهي سڀئي ماڻهو، مير رستم خان جي انهيءَ احساس تي سندس ٿورائتا ٿياسين، ڇاڪاڻ ته اها ڪا هڪ ڏينهن جي ڳالهه ته ڪانه هئي. جيسين اسين سنڌ ۾ هئاسين يعني ته سڄا سارا ٽي هفتا - اهو مير جو لنگر پئي هليو.“ ٿوري وقت کان پوءِ مير رستم خان جو وزير فتح محمد غوري اسان جي سفير جي حاضريءَ ۾ رهيو، جو هڪ خوش خلق ۽ سٺين عادتن واور پير مرد هو. ليفٽيننٽ برنس جو چوڻ آهي ته، ”اسان جو تمام سهڻي نموني ۽ دوستيءَ جي ماحول ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو، ۽ وزير صاحب اسان جي پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس مالڪ اسان جي اچڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيو هو. هن جو خيال هو، ته برطانيا سرڪار سان دوستيءَ جو ناتو رکجي، انڪري هو انهن جي عيوضيءَ سان ملڻ لاءِ ڏاڍو آتو هو. هن ٻڌايو ته مير رستم خان پاڻ کي انگريزن جهڙي زبردست قوم سان برابريءَ ۾ ته نٿو آڻي سگهي، پر سندس اها خواهش آهي ته کيس سندن خير خواهن ۾ شمار ڪيو وڃي، ۽ هو هر وقت ۽ هرڪا مدد ڏيڻ لاءِ تيار رهندو.“ ليفٽيننٽ برنس پوءِ مير رستم خان سان وڃي خيرپور ۾ مليو. انهيءَ ملاقات کي وڏي اچرج سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي فتح ۾ انهيءَ ساڳئي امير کي هڪ پوڙهو موالي، نڀاڳو ۽ شرابي ڪري تصور ڪيو ويو آهي. هاڻي پڙهندڙ کي پاڻ انصاف ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ برنس جو ڪجهه لکيل احوال ٿو ڏيان: ”مير جي ڪردار ۽ گفتار ۾ اهڙو ته اعتدال هو، جو آءٌ اعتبار ئي نٿي ڪري سگهيس، ته ڪو هڪ ٻروچ جي دربار ۾ آهيان. هـُـن منهنجي جلدي اُسهڻ تي ڏک ظاهر ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته آءٌ اُتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو رهندس. هن اسان کي پنهنجو سرڪاري غوراب استعمال ڪرڻ لا چيو ۽ پنهنجي وزير جو پٽ ساڻ ڪري ڏنائين،“ پڻ اها به گذارش ڪيائين ته جيستائين اسين خيرپور جي حدن ۾ آهيون، تيسين هڪ ٻروچ سپاهيءَ (سندس) جي مهمان نوازي قبول ڪريون. آءٌ اهو چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان ته جيڪا مهمان نوازي هـُـن سادگيءَ سان اسان کي آڇي هئي، انهيءَ ۾ اٺ يا ڏهه رڍون ۽ سڀڪنهن قسم جو کاڌو، هڪ سؤ پنجاهه ماڻهن لاءِ روزانو ٻه دفعا ٻاهتر رڪيبين ۾ طعام پهچايو ويندو هو. اسهڻ وقت مير ۽ سندس خاندان جي ماڻهن اسان کي ٻه خنجر ۽ ٻه تلوارون پٽن سوڌيون ڏياري موڪليون، جن تي سون جو تهه چڙهيل هو. انهن مان هڪڙي ترار جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ اسي پائونڊ هوندي. ازانسواءِ ڪيترائي ڪپڙا ۽ پڻ ريشم جا وڳا ۽ هڪ ٻٽئون هزار رپين جو به مون کي پيش ڪيو ويو، جو مون نه ورتو. کانئس اهو چئي معافي گهريم ته ”مون کي ڪي ڪين کپي، ۽ آءٌ هر وقت سندس ڪيل مهربانيون ياد ڪندو رهندس.“ برنس جي سفرنامي جي ٽئين جلد کي ورائڻ سان اسان کي مير رستم خان جي شاهاڻي، اخلاقي ۽ لياقت سان ڀريل سڀاءُ جي تصديق ٿي ملي. اهو آفيسر، جو مير رستم خان سان مليو ۽ سندس ڪردار کان چڱيءَ طرح واقف ٿيو، جنهن کي ڪابه لالـچ وغيره ڪانه هئي، هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ جو بيان، انهن ماڻهن جي بغض سان ڀريل تهمتن جي بلڪل ابتڙ نظر ٿو اچي، جي ڪڏهن به سنڌ ۾ ڪونه آيا هئا ۽ نه وري سندن نيت ڪا ميرن ڏانهن صاف هئي. انڪري سندن ارادو به بلڪل ظاهر ظهور پيو ڏسجي. انگريزن کي پنهنجي لڳي پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي هاڻي پڪ ٿي ويئي هئي ته سنڌو نديءَ ۾ جهاز راني ڪري سگهجي ٿي. ميرن جي وري هيءَ عادت هئي جو جيڪي به يورپي وٽن ايندا هئا، انهن کي هيرا ۽ جواهر تحفي طور پيش ڪندا هئا، نتيجو اهو نڪتو جو انگريزن کي پڪ ٿي ته هو شاهوڪار آهن. انهيءَ ڪري هنن ميرن سان گـَـهري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي وقت جيئن ته سندن گاديءَ جو هنڌ هڪ سولي هنڌ تي ٺهيل هو، انڪري هنن ساڻن گهاٽي دوستي رکڻ ضروري سمجهي ته جيئن هو پنهنجي حفاظت ڪندڙن جو خرچ به ڀري ڏين. 1832ع ۽ 1834ع جي عهدنامن جي عمل ۾ اچڻ ڪري اسان سنڌو نديءَ ۾ جهاز راني شروع ڪري ڏني. ميرن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ويئي ته هاڻي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ واپار جو پکي پنهنجي سونهري کنڀڙاٽين سان کين اڻميو ڌن مهيا ڪري ڏيندو. سڄي ملڪ ۾ شاهوڪاري ۽ ان سان گڏ تهذيب پکڙجي ويندي، ۽ مير آرام سان انگريزن جي جهنڊي جي ڇانوَ ۾ موجون ڪندا رهندا. اهي هئا مستقبل جا سونهري خواب، جن جي تعبير لاءِ ميرن کي درياهه مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ تان به هٿ کڻڻو پيو. شڪ ۽ شبهي کي دور ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ عهدنامو ڪيو ته پيڙهيون گذري وڃن، پر ڪابه ڌر ٻيءَ ڌر جي ملڪ يا ملڪيت تي خراب نظر نه وجهندي.“ هيءُ فقرو جيتوڻيڪ زباني طور ٻنهي ڌرين سان لاڳو هو پر ميرن تي خاص طور مڙهيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته ميرن جي فوج فقط ڪن ٿورن هزارن جي بيقاعدي سپاهين تي مشتمل هئي، انڪري سندس هندستان تي حملو ڪري ان کي فتح ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه هو. باقي رهي اسان جي حڪومت - تنهن وٽ پنج لک باقاعدي فوج هئي، انڪري کين سنڌ فتح ڪرڻ جي رات ڏينهن جهوري لڳي پيئي هئي. پر انهيءَ ڳالهه کي هاڻي کڻي ڇڏيو ۽ اچو انهيءَ ٽياڪڙ عهدنامي تي، جو ڪابل جي اڳئين مسلمان بادشاهه، لاهور جي سک حاڪم ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ ٿيو هو. انگريزن کي هندستان تي روس جي حملي جو ڏاڍو ڊپ هو، انڪري هنن ان کي ٽارڻ لاءِ افغانستان ۾ روس جي خلاف رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ اسڪيم کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ اهو ضروري هو ته سنڌ مان لنگهجي ۽ انهيءَ ملڪ مان فوجن جي چرپر جو انتظام ڪجي. افغانستان ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ تي بادشاهه ٿاڦڻ لاءِ به اسان کي پئسن جي ضرورت هئي. اسان پنهنجن دوستن ميرن تي ڪنهن به ڪم لاءِ زور آڻي سگهياسين ٿي، ۽ جڏهن ته اسان کي وٽانئن سڀڪجهه کسڻ جي طاقت هئي. ان ڪري جيڪڏهن اسان کانئن فقط ڪجهه حصو ڦري ورتو ته پوءِ ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي! اسان انهن کان هنن ڳالهين جا مطالبا ڪيا: اسان جي فوج جو بنا ڪنهن اٽڪاءَ جي سنڌ مان لنگهڻ، ايڏي وڏيءَ فوج کي رسد جو سامان مهيا ڪري ڏيڻ، هڪ وڏي روڪڙي رقم ڏيڻ، ساليانو ڏن، فوجي نقطه نگاهه کان اهم جاين جو انگريزن جي حوالي ڪرڻ، سندن دربار ۾ دائمي طور پوليٽيڪل آفيسر هجڻ، انگريزن جي بادشاهي تسليم ڪرڻ، جنهن موجب هنن پنهنجي خودمختياريءَ جا ڪي حق به اسان جي فائدي ۾ ڇڏي ڏنا وغيره وغيره. انهن سڀني ڳالهين جي بدلي ۾ اسان ميرن کي ڏنو ڇا! سندن حفاظت ڪرڻ ۽ انهيءَ ڏن کان کين آجو ڪرڻ، جو هنن کي شاهه شجاع کي ڏيڻو هو. حالانڪ 1809ع ڌاري اها هڪ تسليم ٿيل ڳالهه ٿي ويئي هئي ته افغانن جو سنڌ کان ڏن وٺڻ غير معروج ٿي چڪو هو ۽ اهو به صحيح آهي ته شاهه شجاع فوجون وٺي انهيءَ آڌار تي ميرن کان پئسن جي ڦر ڪئي هئي، ته هو اصل کان وٺي سندس ڏن ڏيندڙ آهن. انهيءَ وقت ميرن کان پئسن حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ هو اسان جي رحم ۽ ڪرم تي هو، ڇاڪاڻ ته ميرن ساڳئي وقت بادشاهه جي صحيح ۽ مهر سان، قرآن پاڪ تي لکيل ٻه دستاويز پڻ پيش ڪيا، جن ۾ کانئن اڳتي لاءِ ڏن نه وٺڻ جو انجام ڪيل هو. اسان جي ايجنٽ جڏهن اهي ڪاغذ ڏٺا، تڏهن منجهي پيو ۽ ڪارپت کي بچائڻ خاطر هن اهي ٻيئي دستاويز دٻائي ڇڏيا. اها هئي اسان جي ديانتداري! برطانيا جي ڪردار جي سچائيءَ ۽ ديانتداريءَ جو پول مير رستم خان سان ڪيل هلت مان ئي پڌرو ٿي پيو. گورنر جنرل بکر جي قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ آتو هو، ڇاڪاڻ ته ان کي فوج جي ڊيپوءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي. انهيءَ ڏس ۾ سر ڊبليو مئڪناگهٽن، سر اليگزينڊر برنس کي هيئن لکيو هو: ”توکي خبر آهي ته گورنر جنرل بکر جي قلعي کي وڏي اهميت ٿو ڏئي ۽ اوهان مير رستم خان کان پڇي ٻڌايو ته اهو قلعو انگريزن کي ڏيڻ ۾ سندس ڪهڙي راءِ آهي ۽ ڪڏهن ٿو اسان کي اجازت ڏئي ته اچي ان کي والاريون. آءٌ هي دستاويز توکي ڏياري ٿو موڪليان، جنهن تي گورنر جنرل جي صحيح ۽ مــُـهر آهي ته اسان کي فقط ٿوري وقت لاءِ انهيءَ قلعي کي والارڻو آهي. جيڪڏهن ضرورت پوي ته اهو کيس ڏيکاريندا.“ سر اليگزينڊر برنس وري جواب ۾ اها صلاح موڪلي ته ”جيئن ئي اهو قلعو اسان کي قرض طور ملي، ته فورن ان تي قبضو ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته عهدنامن ۾ فقط انهن علائقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جي دريا ِّ جي ٻنهي ڪپن تي آهن ۽ جيئن ته ٻيٽن وغيره لاءِ لکيل ڪي ڪينهي، ان ڪري اسين انهيءَ کي ڦٻائڻ ۾ حق بجانب رهنداسين.“ قبول ڪرڻو پوندو ته اهو هڪ بڇڙو ارادو هو، جو هڪ ڪرستان سياستدان جي دماغ ۾ نه اچڻ کپندو هو. ڏسو ته سهي ته هو مير رستم خان جي مهمان نوازيءَ کي، جنهن جي باري ۾ هن گهڻو ڪي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ۽ پڻ انهن تحفن کي، جي هـُـن کيس ڏنا هئا،ڪيئن نه وساري ويٺو! هـِـن ڪتاب ۾ گهٽ جاءِ هئڻ ڪري انهن اڻوڻندڙ ياداشتن تي بحث نٿو ڪري سگهجي، يعني ته اهي ظاهر ظهور اٽڪلون جي اسان سنڌ جي معاملي ۾ استعمال ڪيون هيون. اهو چوڻ ڪافي آهي ته قلعو اسان کي انهيءَ شرط سان حوالي ڪيو ويو، ته اهو واپس ڪيو ويندو. مير جي انهيءَ دوستيءَ جي ننگ نڀائڻ جي ڪري وڏي جوش ۽ جذبي سان شڪر گذاري ڪئي ويئي ۽ پڻ انهيءَ کي موٽائي ڏيڻ جي طريقي ۽ تاريخ ٻڌائڻ کان معافي ورتي ويئي، يعني ته ’جڏهن به اسان کي وڻي تڏهن واپس ڪريون!‘ اسان جي منشا کي فوقيت ڏيڻ خاطر مير رستم خان اهڙي ته ڪوشش ڪئي جو اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سندس ساراهه ۾ هي اکر بـِـلو بـُـڪ ۾ لکيا: ”مون سندس عزت ڀرئي ۽ پاڻمرادو اعلان تي سندس دل ۽ جان سان شڪر گذاري ڪئي. اهڙيءَ وفاداريءَ کان پوءِ کانئس پئسا گهرڻ يا مٿس ٻيو ڪم مڙهڻ غير موزون ٿو لڳي. مون کي، سندس سچي دوست هجڻ ۾ڪوبه شڪ نه آهي. ڪمزوريءَ جي وقت تي آزمائش ۾ هن جيڪا ارادي جي قوت ڏيکاري، تنهن جو جواب ئي ڪونهي.“ 24- ڊسمبر 1838ع تي مير رستم خان سان عهدنامو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏهه فقرا هئا ۽ 11- مارچ 1839ع تي حيدرآباد جي ميرن سان گهڻيءَ ريڙهه پيڙهه کان پوءِ چوڏهن فقرن وارو ٻيو معاهدو پڻ ڪيو ويو. خيرپور جي عهدنامي ۾ هي شرط هئا: 1- ڌرين جي دائمي دوستي. 2- برطانيا حفاظت جو ذمو کنيو. 3- خيرپور جو انگريزن سان زيردست رياست جي حيثيت ۾ ڀائيچارو. 4- پنهنجي مائٽ يا دوست کان سواءِ ڪنهن به ڌارئي ملڪ جي سربراهه سان جهيڙي سان لکپڙهه نه ڪرڻ. 5- ڌارئي ملڪ طئي ڪرڻ ۾ برطانيا کي امين مقرر ڪرڻ. 6- جنگ جي وقت وت سارو فوجون مهيا ڪري ڏيڻ. 7- مير رستم خان جي خلاف سندس خاندان جي ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جي نه ٻڌڻ. 8- سنڌو نديءَ تي واپار جي وڌائڻ ۾ مير رستم خان انگريزن کي مدد ڪندو. 9- عيوضين يا ايلچين جي مٽا سٽا. 10- پنجيتاليهن ڏينهن اندر عهدنامي جي قبوليت ڏيڻ. آءٌ حيدرآباد جي عهدنامي تي وڃڻ يا انهن زيادتين تي بحث ڪرڻ، جي ميرن تي ڪيون ويون هيون، بابت هتي لکڻ ضروري نٿو سمجهان. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو اسان جي خلاف بي انصافيءَ جي فتويٰ ڏئي ته پوءِ اهو ضروري آهي ته اها فتويٰ اسان جي خيرپور سان کنيل قدم تي ئي ڏيندو! سڄي ڪاروائي تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿي ويندو ته اسان جو حيدرآباد وارن ميرن سان ڪهڙو رويو رهيو آهي، پر انهيءَ کي ڇڏي، رڳو خيرپور جي عهدنامي ڏانهن ڏسنداسين، ته اهو اسان کي تنقيد سان گڏ بلو بڪ جي صفحي 108 تي ڏسڻ ۾ ايندو. انهن رمارڪن مان جيڪڏهن مير، فقرو 8 ڏسي وٺن ها ته پوءِ کين سڄيءَ ڳالهه جي خبر پئجي وڃي ها، اسين ساڻن ڇا ڪرڻ وارا هئاسين: ”منهنجو چوڻ آهي ته اسان جي ايجنٽ محصول معاف ڪرائڻ ۾ خوفناڪ قدم کنيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيسين اسين پنهنجو اثر سنڌ ۾ قائم ڪريون، تيسين محصول ڏيڻ ۾ اهو فائدو رهندو، ته مير اسان جي ملڪيت جي حفاظت لاءِ ٻڌل رهندا. محصول معاف هئڻ جي ڪري هو اسان جي ملڪيت جي حفاظت لاءِ جوابدار نه رهندا.“ هاڻي اهو رمارڪ اسان جي سنڌ ڏانهن اختيار ڪيل پاليسيءَ کي پڌرو ڪريو وجهي. اسان کان جيڪو به بيواجبي قدم کڄي سگهيو، سو اسان کنيو ۽ جتي به اسان کي بنان خوف جي ڪنهن شيءَ تي قبضو ڪرڻ جو موقعو مليو، انهيءَ تي اسان قبضو به ٿي ڪيو. تان جو سڄي سنڌ فتح ڪئي ويئي. اهڙن ڪمن کي اسين دوستيءَ جو ناتو ڪري سڏيندا آهيون. هڪ طرف اسان قسم کنيو ۽ چيو ته ميرن جي ملڪ مان ذرو به نه کڻنداسين، ۽ ٻئي طرف وري اسان جو ايجنٽ گورنر جنرل کي صلاح ڏيئي رهيو هو، ته افغانستان تي حملي ڪرڻ بدران پهرين سنڌ ۾ اثر قائم ڪجي ۽ اتي جي حـَـقي حاڪمن کي تڙي ٻاهر ڪڍجي. اهڙيءَ منافقيءَ جي صلاح کان پوءِ ته سر چارلس نيپئر جو سنئون سڌو جرئت وارو حملو بهتر سمجهڻ گهرجي، ۽ انهيءَ پڙدي ڪرڻ واري نظاري کان، اسان کي هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي. ميرن سان اسان جي لهه وچڙ جي وچ واري عرصي تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته راس بيل ۽ ڪئپٽن برائون جي سکر پهچڻ تائين حالتون سازگار هيون ۽ دوستانه ماحول هو. اهي ٻئي ڄڻا پاڻ سان دهليءَ مان سازشي آفيسرن جي لوڌ وٺي آيا هئا، جن مان سٺي ۾ سٺي آفيسر حياتيءَ جو گهڻو حصو جيل ۾ گذاريو هو. انهن اچڻ سان مير رستم خان ۽ ٻين ميرن خلاف بد زباني اختيار ڪئي. فقط مير علي مراد خان جو نالو نٿي ورتائون، جو هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن سان ڪوبه يورپي جيڪر هڪ گهڙي به ڳالهائڻ پسند نه ڪري ها. معاهدي جي فقري 7 جي لکيل ڀڃڪڙي ڪندي نه فقط علي مراد خان جي ڳالهه کي ٻڌو ٿي ويو، پر مير رستم خان خلاف سندس سڀني دعوائن ۾ کيس مدد به ڪئي ويئي. دهليءَ جو هڪ آفيسر، جنهن کي هٿ ناٽ ۽ جعلسازيءَ سبب جيل جي سزا مليل هئي، تنهن کي مير علي مراد خان جو وزير ۽ سندس خفيه صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. پوءِ انهيءَ ڪوڙي سازشيءَ جي ۽ اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي منشيءَ جي، جيڪو پنهنجي بدمعاشين جي ڪري مشهور هو، روزانو لکپڙهه ٿيندي رهي. انهيءَ ٺڳ جو پگهاردار قاصد پوليٽيڪل ايجنٽ جي ڪئمپ سان هر وقت گڏ رهندو آيو، ۽ ان کي گهڻو ڪري سڀني خفيه ڪاغذن جا نقل ڏنا ويا. نه فقط ايترو پر اصلي دستاويز تڳائي، اهي به ظاهر ظهور بنان ڪنهن حياءَ ۽ شرم جي مير علي مراد خان کي وڪيا ويا. هڪ اکر ۾ ته علي مراد خان، جو هميشه اسان کان پري رهندو هو، تنهن کي اسان سندس ظالم ۽ گندي سازش ۾ چاڙهه ڏيئي ڇڏي، مير رستم خان جي چڱائيءَ ۽ دوستيءَ، جنهن کي لارڊ آڪلنڊ بهاولپور جي نواب جي برابر ساراهيو هو، تنهن سان تمام خراب ۽ ڌڪار جوڳو ورتاءُ ڪيو. مير رستم خان پوليٽيڪل ايجنٽ طرفان انهيءَ بيعزتيءَ جو کليل طور اظهار ڪيو ۽ کيس دڙڪو ڏنائين ته هو انهيءَ باري ۾ گورنر جنرل وٽ شڪايت ڪندو. جنهن تي اسان وارو ايجنٽ پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيو ۽ سندس دشمن ٿي پيو. هاڻي جيڪڏهن اهو معاملو هڪ غيرجانبدار ماڻهوءَ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي، ته پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو ته مير، ان وقت ڪهڙي نه ڏکيءِ پوزيشن ۾ اچي چڪو هو. کيس خبر هئي ته هو جيڪي به چوندو يا ڪندو انهيءَ کي تمام غلط نموني ۾ پيش ڪيو ويندو. سندس وزير جي، جنهن کي هو ڀاءُ ڪري سڏيندو هو، سرعام بيعزتي ڪئي ويئي، ۽ جيئن ته اسان جو ايجنٽ به کليل طور سندس دشمن هو، ان ڪري کيس نهايت بيدرديءَ سان سندس اڳيان تڙائي ٻاهر ڪڍيو ويو. ڇا هر انهيءَ شخص کي، جو پاڻ کي انگريز سڏائي ٿو، هڪ پير مرد تي ٿيل ظلم ۽ ستم تي شرم نه ايندو، خاص ڪري جنهن پير مرد لاءِ خود گورنر جنرل ڪئين دفعا ساراهه جا ڍڪ ڀريا هجن! هي ڪهڙي قسم جو دوستاڻو ناتو آهي، جنهن ۾ ڪمزور ڌر کي طاقتور ڌر جي نوڪر جي چريائيءَ جي ريچڪن پوري ڪرڻ ۽ بيعزتي سهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو! انهيءَ ڏس ۾ بـِـلو بـُـڪ ۾ درج ڪيل دستاويزن تي وڃڻ جو ضرور ئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي نڪا ايندي هئي فارسي ۽ نه وري سنڌي ٻولي. هو ميرن سان پنهنجي لکپڙهه هڪ منشيءَ جي معرفت ڪندو هو، جنهن جي بيانن کي سچ سمجهڻ، اسان کي نٿو سونهي. مثال طور: بـِلو بـُـڪ ۾ ڏيکاريل آهي ته مير رستم خان سندس دربار ۾ هڪ انگريز آفيسر جي مقرريءَ سبب ڏاڍو خوش ٿيو آهي. پر حقيقت ائين آهي ئي ڪانه، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي قدم جي بلڪل خلاف هو. وري صفحي 273 تي چيل آهي ته مير رستم خان جي انگريزن ساڻ عهدنامي ڪرڻ وقت فتح محمد سخت مخالفت ڪئي هئي، پر مير رستم خان کيس درگذر ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته فتح محمد ننڍي هوندي کان وٺي سندس غلام رهيو. اهي ٻه بيان مسٽر بيل جي ڏنل اهڙين ٻين غلط حقيقتن جا مثال آهن. جيڪڏهن اوهان کي سچي حقيقت معلوم ڪرڻي آهي، ته پوءِ مسٽر برونيل جي سفرنامي جي صفحي 73 تي ورائي ڏسو، جنهن ۾ انهيءَ ساڳئي فتح محمد بابت مفصل بيان ڏنل آهي. انهيءَ ۾ صاف طور ٻڌايل آهي ته فتح محمد پهريون ئي شخص هو جنهن مير رستم خان جي پاران انگريزن سان لهه وچڙ ۾ اچي، ساڻن عهدنامو ڪيو هو. هاڻي وري اچو ٻئي بيان تي، جنهن کي رد ڪرڻ لاءِ ميجر ايڊورڊس جو ڏنل بيان ڪافي ٿيندو. هو چوي ٿو ته، ”فتح محمد غلام ڪونه هو پر بهاولپور جو وزير هو، ۽ ننڍي هوندي نه پر وڏيءَ عمر ۾ سنڌ ۾ آيو هو.“ مون کي پوري اميد آهي ته اهڙن ذليل ڪوڙن تي ڪو به انگريز اعتبار نه ڪندو، ڇاڪاڻ اهي سڀ ڪم انهن منشين جا هئا جي مير علي مراد خان وٽ پگهاردار نوڪرن جي حيثيت ۾ رهندا هئا ۽ انهن جو ئي مسٽر بيل کي اهڙن بيانن لکائڻ ۾ هٿ هو. نيٺ اهڙو وقت به آيو، جڏهن خيرپور جي ستايل ميرن کي آرام جي وٿي ملي. 31- جولاءِ 1841ع ۾ مسٽر راس بيل مري ويو، ۽ سندس جاءِ تي سنڌ ۾ انگريزي سياست جي نظرداري هڪ چڱي ۽ ڪارگر ماڻهوءَ ميجر آئوٽرام جي حوالي ڪئي ويئي. جيڪڏهن کيس پنهنجي عهدي تي قائم رکيو وڃي ها، ته پوءِ سنڌ جا ميدان ڪڏهن به رت سان نه رڱجن ها، ۽ اهي ٻه واقعا، جنهن ۾ سنڌ جي هزارين ماڻهن جو مياڻيءَ ۽ دٻي وٽ ڪوس ٿيو هو، سي ڪڏهن به عمل ۾ نه اچن ها. 1821ع جي تباهه ڪندڙ سال جي پڇاڙيءَ ۽ 1822ع جي اڳياڙيءَ ۾ جڏهن اسين افغانستان سان جنگ جهيڙي ۾ هئاسين، تڏهن سنڌ جا مير اسان سان سچائيءَ ۽ سٺي نيت سان شامل حال رهيا، ۽ دوستيءَ جي ناتي تي پورا بيٺل هئا. حيدرآباد واري مير نصير خان جي خلاف شڪايت هئي، ته اهو اسان جي شڪارپور ڦٻائڻ جي خلاف هو، پر اتر سنڌ جي ميرن لاءِ ڪجهه به نه چيو ويو، ۽ نه وري ڪا اهڙي شڪايت سياسي ڊائرين ۾ ملي ٿي. ان وقت هڪ نئون ائڪٽر اچي سين تي پرگهٽ ٿيو. 1842ع جي 6- تاريخ تي لارڊ ايلنبرو سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي پهريون خط موڪليو. سندس اچڻ کان اڳ جيڪي خطرناڪ واقعا ٿيا هئا، انهيءَ جو نئين گورنر جنرل جي هندستان جي رياستن جي باري ۾ اختيار ڪيل پاليسيءَ تي ڏاڍو اثر ٿيو، ڇاڪاڻ ته هاڻي مير کيس شڪ ۽ سختيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. هن ميرن سان پنهنجي لکپڙهه ٽن خطن سان شروع ڪئي، جي دڙڪن سان ڀريل هئا ۽ ان کان پوءِ پوليٽيڪل عملي کي گهٽايو ويو، مير رستم خان کي سخت تڪليف ڏني ويئي. هڪڙي اوڦٽو ماڻهوءَ جو، جنهن تي مير جو ڪوبه ضابطو نه هجي، هر وقت دربار ۾ رهڻ ۽ پڻ سندس معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ ڪهڙو نه خراب ڪم آهي. انهيءَ وچ ۾ ڪرنل آئوٽرام انهن خطن جي تحقيقات پئي ڪئي، جي ڪجهه مهينا اڳ حيدرآباد جي مير نصير خان ملتان جي ساوڻ ملڪ کي، ۽ مير رستم خان شير سنگهه کي لکيا هئا. اهي خط لاهور جي ريزيڊنٽ مسٽر ڪليرڪ کي چڪاس لاءِ موڪليا ويا، جنهن انهن جي سچي هجڻ ۾ شڪ ظاهر ڪيو. ميجر آئوٽرام تيسين يعني ته 24- مارچ 1842ع جي رپورٽ ڏياري موڪلي، ته اهي خط سازش جو نتيجو آهن، جي هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن. پڙهندڙن کي نه فقط اچرج ٿيندو پر کين صدمو پهچندو ته اهي خط، جن جي سچي هجڻ ۾ شڪ هو، ۽ جن جي ڪري ميرن کي ستايو ويو هو، سي ڪرنل آئوٽرام کي مير رستم خان جي جاني دشمن مير علي مراد خان جي هٿان مليا هئا. هاڻي ته سڄو معاملو اهڙو ظاهر ٿي بيٺو آهي، جهڙوڪ منجهند جو سج نروار ٿي بيهندو آهي! علي مراد خان انهن خطن ۾ اهڙيءَ طرح جعلسازي ڪئي هئي، جهڙيءَ طرح سليمان شاهه ڪرنل آئوٽرام جي ڪوڙي صحيح ۽ مهر ٺاهي ورتي هئي. هن آفيسر جو چوڻ آهي هو ته، ”مون کي پاڻ ميرن وٽ شڪايت ڪرڻي آهي، ڇو ته منهنجي صحيح ۽ مـُـهر جي پڻ جعلسازي ڪئي ويئي آهي. جنهن موجب ڏيکاريو ويو آهي ته اهي خط منهنجا لکيل آهن، ۽ انهن کي پيش ڪرڻ سان کين زمين ڏني ويندي.“ هاڻي ڪير اهڙين بيهودين خبرن تي اعتبار ڪندو، ته شير سنگهه ڏانهن لکيل خط فتح محمد جو هو، ۽ مير رستم خان ۾ وري ڪنهن جو به شڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪڏهن به اهو خط نه موڪلي ها. روهڙيءَ کان وٺي بهاولپور تائين سڄو علائقو مير رستم خان ۽ مير نصير خان جي قبضي ۾ هو ۽ اهو اعتبار ۾ ئي نٿو اچي ته علي مراد خان، جنهن کي ڪابه اختياري ڪانه هئي، انهن خطن کي وچ ۾ ڪيئن هٿ ڪري ورتو. اهو هڪ عجيب اتفاق آهي، ته جنهن وقت حيدرآباد جي مير نصير خان جو بيبرگ کي لکيل خط پڪڙيو ويو، ٺيڪ ساڳئي وقت حيدرآباد جي اسسٽنٽ رپورٽ ڪئي ته قلات جي نصير خان به ساڳئي معاملي بابت انهيءَ رئيس کي خط لکيو هو. (بـِـلو بـُـڪ صفحو 231- 232). ساڳئي آفيسر رپورٽ ڪئي ته ڪئپٽن پريڊيءَ کي ٻڌايو ويو آهي، ته جيتوڻيڪ اهي خط ميرن ڏانهن منسوب ڪيا ويا آهن، پر مٿن ڪابه مهر وغيره ڪانه آهي. انهن هلڪين رڪاوٽن ۽ متضاد ڳالهين مان وريو ڪي ڪين، ڇاڪاڻ ته گورنر جنرل انهن خطن جي آڌار تي هڪ نئون ۽ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ وارو هو. هاڻي اچو ته انهن خطن جي سچائيءَ تي ڪي حقيقتون پيش ڪريون: (1) اهي خط برطانيا سرڪار کي انهن ماڻهن وٽان مليا، جي ذليل ڪيل لکندڙن جا دشمن هئا. (2) خط ڪي مهينا اڳ وچان ئي جهپيا ويا هئا. انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته ڌرين جي وچ ۾ لکپڙهه بند ٿي چڪي هئي، ۽ اسان هروڀرو انهيءَ کي واءُ ڏيڻ لاءِ اهي خط ظاهر ڪيا. (3) مهرن جي جعلسازي هڪ عام ڌنڌو ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته خود اسان جي ريزيڊنٽ جي به جڙتو صحيح ۽ سيل ٺاهي ويئي هئي، جنهن بابت هـُـن ميرن کي به شڪايت ڪئي هئي. (4) مير نصير خان جي جنهن منشيءِ بابت ٻڌايو ٿي ويو، ته هـُـن اهي خط لکيا آهن، تنهن کان پوءِ غبن ۽ جعلسازيءَ جي ڪري سزا ڏني ويئي، انڪري جيڪڏهن اهي خط هـُـن بيبرگ ڏانهن لکيا هئا، ته پوءِ ميرن کي انهن لاءِ ڪيئن ٿو جوابدار ٺهرايو وڃي؟ (5) جن آفيسرن اهي خط چڪاسيا هئا، انهن مان فقط ٻه ڄڻا اهڙا هئا جي انهيءَ کي پڙهي سگهيا ٿي، ۽ انهن ٻنهي آزموديگار آفيسرن انهن خطن جي سچائيءَ ۾ شڪ ظاهر ڪيو. انهيءَ هوندي به انهن بيڪار بهانن تي گورنر جنرل ارادو ڪيو ته مير رستم خان جي ملڪ جو سرسبز حصو کانئس کسيو وڃي. انهيءَ معاملي ۾ هن سندس اسان تي سموريون مهربانيون وساري ڇڏيون، جنهن جو سندس اڳئين جانشين زوردار لفظن ۾ اعتراف ڪيو آهي. انهيءَ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ لارڊ ايلنبرو 26- آگسٽ 1843ع تي هڪ جنرل آفيسر مقرر ڪيو، جنهن کي فوجي معاملن ۾ وڏو آزمودو حاصل هو. کيس اتر توڙي ڏکڻ سنڌ جي ديواني سياسي فوجي ڪنٽرول جون ديواني، سياسي فوجي ڪنٽرول جون اعليٰ اختياريون ڏيئي ڪرنل آئوٽرام کي سندس زيردست ڪري رکيو ويو. انهيءَ قدم کڻڻ جي ڪري ميرن ۾ جيڪا ناراضگي آئي هوندي، ان جو بيان ئي نٿو ڪري سگهجي. اُهي آفيسر، جن سان هنن جي لهه وچڙ هئي، انهن کي يا ته بلڪل هٽايو ويو يا ته کين رتبي ۾ گهٽائي، سندن جاءِ تي سخت ۽ کهرن فوجين کي رکيو ويو. هنن کي ميرن جي ٻولي، اُٿ- ويهه جي طريقن، تاريخ ۽ وسيلن جي ڪابه خبر ڪانه هئي. فوجين کي ميرن کان نفرت هئي، انڪري اهي کين ستائڻ جي جذبي سان ڀريا پيا هئا. 9- سيپٽمبر 1842ع تي هيءُ فاتح، جنهن کي سندس تاريخي ڀاءُ مارلين سان ڀيٽيو ويو آهي، سنڌ ۾ وارد ٿيو. هو آيو ئي انهيءَ ارادي سان هو ته ڌرين ۾ دشمني هئڻ گهرجي، يا دشمني پيدا ڪئي وڃي. اهو وقت اهڙو هو جو انگريز آفيسر بنا ڪنهن حفاظتي جٿي جي سڄي ملڪ ۾ پيا گهمندا هئا. پر هن بيوقوفي ۽ اجائي وڏائيءَ ۾ ڀرجي پنجاهه سپاهين جي هڪ جماعت سان درياهه جو اوڀارو سير ڪيو. ائين ڪرڻ جو ڀلا ضرور ڪهڙو هو؟ ڀانئيان ٿو ته اهو بحث ڪرڻ اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان پوءِ غلطين، زيادتين ۽ ظلمن جا هڪٻئي مٿان تهه چڙهندا ٿي ويا. جيڪي ماڻهو ڳالهين کي ظاهر ظهور ڏسڻ چاهين ٿا، تن کي آءٌ صلاح ڏيندس ته ”سنڌ جو فاتح“ نالي هڪ ٽوڪبازيءَ جو ڪتاب پڙهن ۽ ان سان گڏ ”سنڌ جي فتح تي هڪ تنقيد“ جا ڪرنل آئوٽرام ڏاڍيءَ سخا سان پيش ڪئي آهي، اها به ڏسن. اسان جو مطلب فقط هي آهي ته اوهان کي هڪ اهڙي رانديگر جي سـِـين ڏيکاريون، جو پڙدي جي پويان آرام سان ويٺو هجي، ۽ ڌڪار يا ٽوڪ وچان مشڪندو، ڌاڳن کي پيو ڇڪي ۽ ڇڏي، جنهن تي سندس بيوس گڏا نچندا رهن. علي مراد خان جيڪو ٺڳيءَ ۽ چالاڪيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تنهن پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ميشرس بيل ۽ برائون کي پنهنجو رانديڪو ڪري ٿي استعمال ڪيو، ته جيئن مير رستم خان جي تباهي ٿئي ۽ سندس نالو وڌي. منشين کي هن دل کولي رشوتون ڏنيون، ۽ پوءِ خوشامد ۽ چالبازين سان خود سندن مٿان به چڱو اثر وڌو. مير علي مراد خان جي سڀ کان وڏي منشا هئي سندس مخالف فتح محمد وزير جي ڪردار ڪشي ڪرڻ. انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جعلسازي ڪري شير سنگهه ۽ بيبرگ جي نالي جڙتو خط ٺاهي ورتا، ۽ اهي اسان جي ايجنٽ جي حوالي ڪيا. جيئن ته انهن مان ڪابه چالبازي ناڪامياب نه ويئي، انڪري هن انهيءَ کان پوءِ تمام ڳرا قدم کڻڻ شروع ڪيا. علي مراد خان ننڍي هوندي کان وٺي هٿ ڦاڙ هو، انڪري هن پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ ڪي ڳوٺ، جهڙوڪ: محمودآباد ۽ ٻٻرلو وغيره گروي ڪيا يا وڪيا هئا. اهي ڳوٺ واپس وٺڻ لاءِ هن گهڻي وقت کان ڪوشش پئي ڪئي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهن جي قبضي لاءِ هن جو پنهنجي ڀاءُ مبارڪ ۽ ڀائيٽي نصير خان سان جهڳڙو هلندو آيو. مير رستم خان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٿيل عهدنامي جي فقري 7- موجب، کيس رسيل اهنج لاءِ مير رستم خان کي دانهن ڪرڻي هئي، جيڪو انهيءَ فقري موجب اتر سنڌ جو مالڪ ۽ مختيار مڃيو ٿي ويو. پر ان هوندي به ڪئپٽن برائون، جو ان وقت سکر جي چارج ۾ هو، فوجون ڪـَـٺيون ڪري خيرپور ڏي وڌيو ته جيئن مير رستم خان تي زور آڻي اُهي ڳوٺ علي مراد خان جي حوالي ڪيا وڃن. خيرپور ۾ جيڪي فوجون ان وقت هيون، اهي علي مراد خان جي فوجن کان تعداد ۾ تمام گهٽ هيون. ان هوندي به انهن نهايت بهادريءَ سان سندن پيشقدميءَ کي روڪيو. نونهار وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي نقصان پهتو. پر فتح حملي آور علي مراد خان کي ئي ٿي. خيال ڪرڻ گهرجي ته ڪئپٽن برائون، وچ ۾ پئي علي مراد خان کان سندس آقا جي خلاف اهڙي سخت قدم کڻڻ بابت ڪا پڇا ڪري ها، پر ائين ڪونه ٿيو. فاتح علي مراد خان زبردستيءَ هڪ عهدنامو لکائي ورتو، جنهن ۾ اهي ڳوٺ، سڄا سارا کيس حوالي ڪيا ويا. انهيءَ سوڀ جي ڪري سندس من ڏاڍو وڌي ويو، ۽ هـُـن وڏي پيماني تي سازش شروع ڪري ڏني. انهيءَ سڄي معاملي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته مير رستم خان جي پيءُ مير سهراب خان جي ڪيل وصيت تي نظر وجهجي. هن بزرگ مرڻ وقت پنهنجو ملڪ حصا ڪري پنهنجن پٽن ۾ ورهايو. انهن مان هڪ حصو مير رستم خان کي، ٻيو مبارڪ کي، ٽيون علي مراد خان کي، ۽ چوٿون رئيس يا مکيه مير کي ڏياريو. رئيس بنائڻ لاءِ هن مير رستم خان ۽ کانئس پوءِ ٻين ٻن پٽن لاءِ عمر جي لحاظ کان وصيت ڪئي هئي. مبارڪ ان وقت مري چڪو هو، ۽ علي مراد خان جي مرضي هئي ته پڳ کيس ٻڌائي ويندي، ان ڪري هن مير رستم خان کي ڊيڄارڻ خاطر اهي رستا استعمال ڪيا ته جيئن هو تخت تان هٿ کڻي. مير رستم خان جو وري خيال هو ته پڳ سندس وڏي پٽ کي ٻڌائي وڃي، جو پنهنجي چاچي جو هم عمر هو ۽ دل جو صاف ۽ وڏيءَ دل جو مالڪ هو. هو پنهنجي سازشي، منافق، بي ايمان ۽ ڌوڪيباز چاچي جي بلڪل ابتڙ هو. مير رستم خان پاڻ به پنهنجن چاچن مير زنگي وغيره جي هوندي پڳ ٻڌي هئي، ۽ ازانسواءِ گورنر جنرل به انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪيو هو ته انهيءَ پير مرد رئيس جي منشا قدرتي هئي، ۽ هرهڪ نقطه نگاهه کان موزون به هئي (بلو بڪ صفحو 480). پر سندس مخالف مير علي مراد خان کي اهو ڪي حـاصـل هو. جـو ميـر رسـتـم خـان کـي ڪـونـه هـو، يـعـنـي ته ايجنسيءَ جا منشي مير علي مراد خان جا پگهاردار يار هئا. سر چارلس نيپئر جڏهن سکر پهتو تڏهن کيس آسانيءَ سان مير علي مراد خان جي چالبازين ۾ جڪڙيو ويو. هن ڪرنل آئوٽرام جي ڏنل صلاح تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ۽ اهڙيون رٿون جوڙيون، جن موجب ڏيجي جي رئيس خلاف سازشون عمل ۾ اينديون ويون. ساڳئي وقت کيس اهو به يقين ٿي ويو هو، ته ميرن کي جنگ لاءِ ڀڙڪائڻ لاءِ مير رستم خان جي بيعزتي ڪرڻ يا کيس جيل ۾ وجهڻ ڪافي هو، ڇاڪاڻ ته هو خاندان جو پوڙهي ۾ پوڙهو شخص هو، ۽ سندس ڏاڍي عزت ڪئي ويندي هئي. نيپئر کي اها به پڪ هئي ته ميرن جيڪڏهن بچاءَ ۾ جنگ ڪئي ته به نقصان ميرن کي ئي رسندو، جنهن ۾ هو يا ته مارجي ويندا يا قيد ٿي ويندا. انڪري انگريز جرنيل علي مراد خان کي ٺڳڻ لاءِ همت افزائيءَ جا خط لکيا، جنهن تي هن مير رستم خان کي پڳ کان محروم ڪرڻ جو پورو ۽ پڪو ارادو ڪيو. هو پاڻ به اهي سڀ ڳالهيون مڃي ٿو (”سنڌ جي فتح ۽ تنقيد“ ص 114). هو جيئن ته انهيءَ ملڪ جي قاعدي قانون ۽ رسمن وغيره کان واقف ڪونه هو، ۽ نه وري کيس ميرن جي شخصي ڪردار جي خبر هئي، انڪري هن ڪن فرضي الزامن تي ۽ هڪ ڪوڙي دغاباز جي ڳالهين تي لڳي انهيءَ پير مرد جي بيعزتي ڪئي، ۽ پوءِ کانئس سڄو ملڪ کسي ورتو. علي مراد خان ٺڳيءَ ۽ ڌوکيبازيءَ جي ڪري مشهور هو، جنهن نه فقط پنهنجي گهر سان دغا ڪئي، پر اسان کي به دوکو ڏنو. اهو سڄو ناٽڪ اهڙيءَ ته آهستگيءَ ۽ عذاب سان کيڏيو ويو، جو ان جي پڄاڻيءَ وارو نظارو ميرن جي تباهيءَ ۽ سندن قيد ٿيڻ ۾ وڃي ختم ٿيو. بيبرگ ۽ شير سنگهه ڏانهن لکيل خطن کي ڪئپٽن برائون جي سند تي صحيح تصور ڪيو ويو، جنهن کي انهيءَ ۾ لکيل عبارت جو هڪ اکر به نٿي آيو. پر ان هوندي به گورنر جنرل تي زور آندو ويو ته انهيءَ ڏوهه جي پاداش ۾ مير رستم خان ۽ مير نصير خان جو ملڪ ڦٻايو وڃي. گورنر جنرل جي اجازت ملڻ کان پوءِ ميرن سان وري نئين سر عهدنامو ڪيو ويو، جنهن موجب روهڙيءَ کان وٺي سبزل ڪوٽ تائين سڄو ملڪ ضبط ڪيو ويو. اسان هاڻي انهيءَ معاملي ۾ وڌيڪ وڃڻ نٿا گهرون، جو هڪ قرضي ۽ لهڻيدار جي وچ ۾ هو ۽ نه وري پوءِ زوريءَ قبضي ڪرڻ خاطر جيڪي غلطيون اسان کان ٿيون، انهن تي بحث ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪرنل آئوٽرام پنهنجي تنقيد ۽ پڻ ڪئپٽن ايسٽ وڪ به پنهنجي تقرير (صفحو 27) ۾ کولي کولي ٻڌايو آهي. اسين انهيءَ قبضي بابت انگريز جرنيل جي کنيل قدم تي ڳالهائڻ مناسب نٿا سمجهون، جنهن ۾ بهاولپور کان وٺي روهڙيءَ تائين سڄو علائقو ڦٻايو ويو هو، پر جيئن ڪرنل آئوٽرام لکيو آهي (صفحو 149) نه کيس اها خبر هئي ته گورنر جنرل جو اصل مقصد فقط اهي ضلعا هٿ ڪرڻا هئا، جي سبزل ۽ ڀنگو ڀاڙا جي وچ ۾ هئا. انهيءَ قدم ۾ لاشڪ ڏاڍ مڙسيءَ سان کليل ظلم ڪيا ويا، پر هڪڙي ڳالهه ظاهر ٿي پيئي، ته گورنر جنرل ۽ سر چارلس نيپئر بلڪل هڪ طرفو قدم کنيو هو، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي معاملي ۾ هرهڪ ڏس ۾ به ساڳيوئي اصول استعمال ڪيو ٿي ويو. انهيءَ ڪم ۾ هنن ميرن خلاف سندن دشمنن کان الزام هڻايا ۽ پڻ اهڙن ماڻهن کان شاهديون ورتيون ويون، جن ميرن کي تباهه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو هو. ڏٺو ويندو ته جيڪي به قدم کنيا ٿي ويا اهي فرضي ڳالهين تي کنيا ٿي ويا، ۽ انهن لاءِ ميرن کان پڇيو به نه ٿي ويو، ته کين ڇا چوڻو آهي؟ ميجر ڪليبارن، ليفٽيننٽ مائيلن ۽ ڪئپٽن برائون جي ڪوڙين ۽ بي بنياد شڪايتن کي، جي هنن خيرپور جي مير نصير خان ۽ پڻ حيدرآباد واري مير نصير خان جي خلاف ڪيون هيون، تن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب آهي. ميجر ڪليبارن نفشڪ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ خبرن جو هڪ کاتو کڻي کوليو، جنهن ۾ هر ڪنهن قسم جون ڪوڙيون ۽ واهيات خبرون ۽ پڻ واهيات افواهه به قبول ڪيا ٿي ويا. مري ٽڪرين ۾کيس رسيل نقصان سندس مغز ڦيرائي وڌو هو، انڪري هو آپي کان ٻاهر نڪري چڪو هو. هو انهن بهادر ٻروچن جي خلاف ٿي پيو هو، ۽ هر هڪ معمولي جهگڙي تي سندس ڊپ وڌي ويندو هو، ته متان انگريزن خلاف عام سازش وجود ۾ نه اچي وڃي. پر انهن واهيات افواهن کي مڃڻ ۾ هو اڪيلو ڪين هو. انهيءَ ڪم ۾ گورنر جنرل ۽ سندس سنڌ جو عيوضي به ساڻن گڏ هئا. سنڌ واري عيوضيءَ ته ان وقت سکر ۾ شينهن وارو يا ائين چئجي ته گڏهه وارو وات ڪري پٽيو، جنهن ۾ اها هرهڪ بدنام ڪندڙ شڪايت جهٽي ٿي ويئي، جا ميرن جي خلاف ڪئي ٿي ويئي. اسان وارو جرنيل پنهنجي انهيءَ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ ظاهر ظهور بهانا ڳولڻ لڳو، ته جيئن ميرن کي زيربار ڪيو وڃي. اهڙي ڪم لاءِ ڪميڻن ۽ ڪـِـريل ماڻهن جي گهٽتائي به ڪانه هئي، جي پنهنجي حاڪمن جي خلاف دانهون نه ڪن، ۽ عجب نه آهي ته اهڙين هٿرادو ٺڳين لاءِ مير علي مراد خان جا ايجنٽ نه ملي سگهن. ايڏي جاکوڙ کان پوءِ ميرن خلاف ڇا مليو؟ انهيءَ لاءِ هڪ بي ريا ماڻهوءَ کي ڇڏيو ته وڃي انهن تهمتن تي به غور ڪري، جي ميرن جي خلاف مڙهيون وييون هيون، ۽ اهي شاهديون به ڏسي، جن جي آڌار تي ميرن کي ڏوهاري ٺهرايو ويو هو. ڏسڻ ۾ ايندو ته اسان بيڪار ۾ ٻاراڻيون ڳالهيون ٺاهي، انهن جي آڌار تي خودمختيار شهزادن تي تهمتون مڙهيون، ۽ اهي شهزادا هئا به ڪير؟ اسان جا دوست ۽ مددگار. ڏنل فهرست ۾ 24 تهمتون هيون، جي ڏکڻ سنڌ جي مير خلاف مڙهيون وييون هيون. انهن ۾ پهرينءَ هيءَ تهمت هئي ته مير نصير خان پنهنجي ملڪ جي بچاءَ خاطر مير شير محمد خان جي خلاف فوجون جمع ڪيون هيون. (جنهن کي سر ڊبليو - نيپئر ميرپور جو شينهن ڪري لکيو آهي). هيءُ قدم عهدنامي جي فقري 4 جي خلاف تصور ڪيو ٿي ويو، جنهن ۾ هيئن ڄاڻايل آهي: ”فقرو 4- برطانيا سرڪار پنهنجي سر تي حيدرآباد جي ميرن جي ملڪ تي سڀني ڌارين حملن جي خلاف بچاءُ جو ذمو کڻي ٿي.“ هتي عهدنامي جي فقري 4- جي خلاف ورزي تصور ڪئي ٿي وڃي ۽ مير شير محمد خان کي ڌاريو بادشاهه سمجهيو ويو. جيتوڻيڪ اهو حقيقت ۾ مير نصير خان جو مائٽ، زيردست ۽ مرتبي ۾ به گهٽ هو. پر انهيءَ خسيس اٽڪل کي ڪري ڇڏيو. فقري 4- ۾ ڄاڻايل آهي ته فقط ٻاهرئين حملي کان ميرن جي حفاظت ڪئي ويندي، پر انهيءَ جو اهو مطلب ته نه آهي ته ميرن کي پنهنجي ملڪ بچائڻ جوبه اختيار ڪونه آهي! ڪنهن به حڪومت کي اهو اختيار نه آهي، ته ڪنهن به ماڻهوءَ کان يا ڪنهن به حڪومت کان پنهنجي بچاءُ جو حق کسي وٺي. هتي ته ڳالهه ئي اور آهي، يعني ته اها حڪومت اسان جي دوست حڪومت هئي. ساڳئي وقت جيڪڏهن انگريز سرڪار کي ميرن جي ملڪ جي بچاءُ جو خيال هجي ها، ته پوءِ هوءَ ڪڏهن به پنهنجا ماڻهو گڏ نه ڪري ها ۽ عقل به ائين ٿو چوي ته هوءَ ڪڏهن به ائين نه ڪري ها. اسان جي حڪومت سندس ملڪ جو بچاءُ نٿي ڪيو، انڪري اسان، ۽ نه هـُـن، عهدنامي جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ٻي تهمت به اهڙي ئي واهيات آهي جهڙي پهرين. ٻارنهن ٻيون تهمتون وري محصول اڳاڙڻ متعلق هيون، جن کي عهدنامي جي 11- نمبر فقري جي خلاف ورزي تصور ڪيو ويو. هيءُ فقرو ئي اهڙو هو، جنهن جو ميرن جي مٿان مڙهڻ جو اسان کي ڪوبه حق ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته وحشي فوج رکڻ کانسواءِ اسان ٻيو ميرن لاءِ ڪي ڪين ڪيو هو، جنهن موجب کانئن محصول وٺڻ جو حق کسي وٺون، جو 1834ع واري تجارتي عهدنامي موجب کين مليل هو. پر انهيءَ کان پوءِ ٻئي فقري ميرن کي انهن سڀني شين تي محصول وٺڻ جو اختيار ڏنو هو، جي سنڌ ۾ آيون ويون ٿي. ڇا، ڪنهن انهن شڪايتن تي غور ۽ ويچار ڪيو ٿي، جن تي انهن تهمتن جو مدار هو ۽ ڇا، انهن ۾ ميرن جو ڏنل سبب ته اهو محصول، اچ- وڃ وقت انهن شين تي ورتو ويو هو، ڪنهن ٻڌايو؟ پر ڇو ويهي انهيءَ سڄي معاملي تي پٽاڙ ڪجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تهمتن جي جاچ پڙتال به ڪجي ها، تڏهن به ڪو ميرن کي انصاف ملي ها ڇا؟ هرگز نه. اسان جا آفيسر چارلس نيپئر جي تلوار ۽ پستول رکندڙ فوجي هئا، تن کي عدالت ۾ انصاف جي ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن کين انصاف جي نظام جي خبر به هجي ها، تڏهن به هو هتي جي ٻولين کان اڻواقف هئا، اهو ئي سبب آهي جو سندن منشين کين آسانيءَ سان خريد به ٿي ڪيو ۽ وڪيو به ٿي. اهي ڪوڙيون تهمتون انهيءَ مقصد سان گهڙيون وييون هيون ته ميرن جي خلاف ڪيس ٺاهي سگهجي ۽ سر چارلس نيپئر جي مير رستم خان خلاف ڪيل حملي کي بجا قرار ڏنو وڃي. 1- ڊسمبر 1842ع جي اعلان موجب هن سڄو زرخيز ملڪ جو روهڙيءَ ۽ سبزل ڪوٽ جي وچ تي هو، ضبط ڪري ورتو، جنهن جي سالياني آمدني ڇهه لک چاليهه هزار هئي. ٽيپو صاحب جي ملڪ جو به ڪجهه حصو اهڙيءَ طرح ضبط ڪيو ويو هو، پر اهو به هڪ خوني جنگ کان پوءِ. پر ان هوندي به سر چارلس راضي نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير رستم خان سندس يار علي مراد خان جي رستي ۾ اٽڪاءُ هو، انڪري اڃا به کيس ڪجهه وڌيڪ ڪرڻو هو. 7- ڊسمبر تي ميرن سان ملاقات ڪرڻ کان سواءِ يا جيڪي کين چوڻو هو، اهو ٻڌڻ کان سواءِ، سر چارلس نيپئر هڪ وڏي فوج سان، انهيءَ ضبط ڪيل ملڪ کي والارڻ جو اعلان ڪيو. جيئن ته اسان کي خبر آهي ته مير ڍل جنس ۾ وٺندا هئا، پر انگريز جرنيل جو چوڻ آهي ته، ”مير نه فقط هن سال جي ڍل پر ايندڙ سال جو محصول به اڳاڙي رهيا آهن.“ انڪري هن ميرن کي هيسائڻ لاءِ هڪدم ٻيو اعلان جاري ڪيو. ساڳئي وقت اڌ چريي ميجر ڪليبارن وٺي هـُـلايو ته هزارين هٿياربندن بهادر ٻروچ رات جو سکر تي حملو ڪرڻ وارا آهن. حقيقت وري هيئن آهي جو اسان جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اتر سنڌ ۾ هڪ فئر به نه ڪيو ويو آهي! 8- تاريخ چارلس نيپئر هڪ نئين نموني جو خط مير شير محمد خان جي باري ۾ گورنر جنرل کي لکيو، جنهن سان اسان جو جون 1841ع ۾ هڪ عهدنامو به ٿيو هو، (بلو بڪ ص 296). پر ڏٺو وڃي ته سر چارلس نيپئر کي انهيءَ عهدنامي جي ڪابه خبر ڪانه هئي، انڪري هن گورنر جنرل کي يقين ڏيارڻ ٿي گهريو، ته جيئن ميرپور واري رئيس سان ڪوبه عهدنامو نه ٿيل آهي، ان ڪري کيس به ڪنهن معاهدي ۾ جڪڙيو وڃي. انهيءَ مير جي ڪردار جي به کيس ڪا خبر ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته ليفٽيننٽ برائون ئي پهريون ماڻهو هو، جنهن کيس پـَـڪ ڏياري ته، ”جيتوڻيڪ سندس خلاف ڪا وزندار تهمت ثابت نه ٿي آهي، ان هوندي به هو اسان جو جاني دشمن آهي.“ 14- ڊسمبر تي جرنيل کي تابعداريءَ جا خط پهتا ۽ ڏوراپو به ڪيو ويو. اهو ڏوراپو جرنيل جي تڙ تڪڙ ۾ درياء پار ڪري سندن ملڪ کي ڦٻائڻ جي ڪوشش متعلق ڪيو ويو هو. انهيءَ ساڳئي وقت خيرپور جي ڀر ۾ انگريزن جي آيل ٽپال روڪي سڀ خط گم ڪيا ويا. سر چارلس نيپئر هڪدم انهيءَ جو ڏوهه مير رستم خان مٿان مڙهيو ۽ کيس ڌمڪين سان ڀريل خط لکي موڪليائين. هاڻي پڙهندڙن کي نيڪ روشن ٿي ويو هوندو ته انگريز جرنيل جو مقصد ڇا هو؟ جيڪڏهن هو ٿورو به سوچ ويچار کان ڪم وٺي ها، ته سڄي ڳالهه جي خبر پئجي وڃي ها. پر هن بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪ بيعزتي ڪندڙ خط مير رستم خان کي لکي موڪليو، جيتوڻيڪ انهيءَ ڦـُـر يا اهڙن ٻين ڪرتوتن لاءِ مير علي مراد خان ئي جوابدار ٿي سگهيو ٿي. جيئن ته رپورٽ ۾ اها ڳالهه سڄي لکيل آهي، انڪري اها سچي ٿي پيئي ۽ افسوس ته وري اهو آهي، جو هن ڪوڙي رپورٽ کي سچ تصور ڪيو ويو. ٽربيونل اڳيان ڏنل بيانن مان ثابت ٿي چڪو هو، ته مير رستم خان بلڪل بيگناهه هو. پر علي مراد خان کي پڪ هئي ته جيڪڏهن انگريزن جي ٽپال سندن ڪئمپ جي ويجهو ڦـُـرائي گم ڪرائي ڇڏيندو، ۽ اهو ڏوهه پنهنجي بدقسمت ڀاءُ تي مڙهيندو، تڏهن به سندس دوست انگريز انهيءَ کي سچ ئي سمجهندا. سچ پڇو ته ماڻهو اهي ڳالهيون ٻڌي نه فقط ڪڪ ٿيو پوي، پر شرم ۽ پشيمانيءَ ۾ ٻڏيو وڃي، ته ڪيئن اهي ماڻهو جي پاڻ کي انگريز سڏائين ٿا، سي اهڙن بدنام ڪوڙن تي اعتبار ڪندا هئا پر سڀني جو سرتاج وري هينئر ٿو اچيو. 20- ڊسمبر تي نيپئر گورنر جنرل کي لکيو ته مير رستم خان پاڻ کي منهنجي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏڻ وارو آهي، ۽ پنهنجي اڻ سهوءَ ڀاءُ جي زيادتين کان تنگ ٿي منهنجي ڪئمپ ۾ پناهه وٺڻ وارو آهي. ”پر مون کي اها ڳالهه نه وڻي“ جنرل وڌيڪ لکيو، ”ڇاڪاڻ ته پوءِ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پوي ها. مون کي پوءِ هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، ته کيس علي مراد خان ڏانهن موڪلجي، ته جيئن هو کيس دستبردار ٿيڻ جي تلقين ڪري، ڇاڪاڻ ته مير رستم خان پاڻ به هاڻي ٽالپرن جي پڳدار ٿي رهڻ کان بيزار ٿي چڪو هو. انڪري مون رستم خان ۽ علي مراد خان کي خط لکيا، هڪ بجي رات جو مون کي علي مراد خان وٽان خبر پيئي ته سندس ڀاءُ وٽس پهچي چڪو آهي. هاڻي علي مراد خان صحيح معنيٰ ۾ ٽالپرن جو رئيس بنجي ويو آهي، ۽ مير رستم خان سندس هٿن ۾ اچي سندس چوڻ تي سڀڪجهه ڪري رهيو آهي.“ انهيءَ خط جي پڄاڻي هنن اکرن ۾ ٿيل آهي: ”آءٌ نٿو ڄاڻان ته جناب اعليٰ جو مير علي مراد خان جي پٽ جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟ پر انهيءَ متعلق ساڻس هينئر ئي انجام ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پڳ جو صحيح وارث، علي مراد خان کانپوءِ سندس ڀائٽيو آهي، جو مير رستم خان جو پٽ آهي. علي مراد خان مون کي پنهنجي پٽ لاءِ ضرور چوندو پر انهيءَ لاءِ آءٌ جناب اعليٰ جي فيصلي جو منتظر آهيان. جيئن ته اڳي ٻڌايو ويو آهي ته مير رستم خان عهدنامي جي منظوري ڏيئي صحيح به ڪئي آهي، پر سندس پٽ اسان جو مخالف هو ۽ هـُـن اسان جي خلاف فوجون جمع ڪيون هيون.“ ڏٺو وڃي ته هن معاملي ۾ هڪ انگريز جرنيل ڪهڙي طرح هڪ دوست جي خلاف منصوبو گهڙي، کيس مجبور ڪيو ته هـُـو پنهنجي مرضيءَ سان ٺهيل ٺڪيل عهدنامي کي قبول ڪري، ساڳئي وقت هن اها به سازش ڪئي ته کيس سندس ڀاءُ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي، ته جيئن هو نه فقط پڳ تان هٿ کڻي پر ان سان گڏ انهن زمينن تان به دستبردار ٿئي، جي پڳدار کي وصيت موجب مليل هيون. بلو بڪ جي صفحي 483 جي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته اهو سر چارلس نيپئر ئي هو، جنهن مير رستم خان سان اها سڄي بي انصافي ڪرائي، جنهن بابت اوهان کي وڌيڪ ٻڌائڻ وارو آهيان. انهيءَ باري ۾ چارلس نيپئر جا پنهنجا اکر هي آهن ته، ”مون کي فقط هڪ طريقو سمجهه ۾ آيو، جنهن مان اسان جي ڪاميابي يقيني نظر آئي: اها هيءَ هئي ته ڪنهن رئيس کي طاقت ۾ آڻي پنهنجي هٿ هيٺ رکون. انڪري مون علي مراد خان کي جناب اعليٰ جي مدد جو آسرو ڏنو، ته پڳ کيس ڏياري ويندي، ۽ اهو عاليجناب (گورنر جنرل) به منظور ڪيو آهي. ٻيو قدم هي هو ته سندس ڀاءُ جي حياتي ۾ کيس طاقت استعمال ڪرڻ جو حق ملي، ۽ انهيءَ ۾ به آءٌ ڪامياب ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته مير رستم خان کي ريجهائي سندس ڀاءُ قبضي ۾ آڻي وڌم.“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته سر چارلس ايتري ۾ به راضي ڪونه ٿيو، ۽ انصاف جي سڀني اصولن کي پري رکي هن اها ڪمينپائي ڪئي، جو گورنر جنرل کي صلاح ڏنائين ته پڳ مير علي مراد خان جي پٽ کي ملي ۽ نه ڪي محمد حسين خان کي جو، انهيءَ جو حقدار هو. سندس چوڻ هو ته محمد حسين خان انگريزن جو مخالف هو، ۽ هن فوجون به جمع ڪيون هيون. انهيءَ ڪوڙي تهمت کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اهو چوڻ ڪافي آهي، ته انگريزن جي فوج ڪڏهن به هن بدقسمت شهزادي جو منهن ئي ڪونه ڏٺو هو! نه فقط ايترو، پر هن ڪڏهن به پنهنجي پيءُ سان گڏجي، جنگ به ڪانه ڪئي هئي. ساڳئي وقت هن انگريزي حڪومت جي ڪنهن به گهٽ ۾ گهٽ درجي جي ملازم خلاف نه ڪڏهن هٿ کنيو آهي، ۽ نه وري ڪڏهن به ڪجهه چيو به آهي! مير رستم خان، جنهن کي انگريز جنرل سندس ڀاءُ علي مراد خان جي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو هو، تنهن جو ڪهڙو حال ٿيو؟ ٿورو اڳتي وڌو ته ٻڌايانوَ، جڏهن ته قبر به اهڙا راز نٿي لڪائي، ته پوءِ هڪ ڪميني ماڻهوءَ جا دوست ڪيئن ٿا اهي سانڍي سگهن! 4- فيبروري 1850ع تي اخبارن ۾ خبر آئي ته مير مراد علي خان جي شرارتن جي ڪري سرڪار جي بدگماني وڌي ويئي آهي. سندس اڳئين وزير شيخ علي حسين (اهو ساڳيو علي حسين آهي، جنهن جي باري ۾ سال اڳ هڪ لکيل چتاءَ، جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هٿ ۾ ڏنو هو)، سندس رازدار پير علي گوهر ۽ ايجنسي جي منشيءَ جوکي رام طرفان علي مراد خان جي خلاف مڙهيل تهمتن جي پڙتال لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي ويئي. انهن شخصن مان هي شخص هاڻي جيل جون هوائون پيو کائي! ڪميشن نيٺ ويٺي، ۽ جيڪا رپورٽ انهن پيش ڪئي، اها جيڪڏهن سچي آهي ته پوءِ علي مراد خان سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو هو. کين سندن ڪيل ڏوهن بابت ڪي ڪين ٻڌايو ويو، تان جو سڄو معاملو پورو ٿي چڪو ۽ کين پنهنجي طرفان صفائيءَ ۾ شاهدن پيش ڪرڻ جي به اجازت ڏني ويئي هئي. سچ پڇو ته نه مقدمو هليو، ۽ نه وري ڪو بچاءُ ورتو ويو. هڪ جڙتو خط ۽ ڪوڙي مهر سندن خلاف صحيح ثابتي تصور ڪئي ويئي، ۽ کين سزا ڏني ويئي. مير علي مراد خان جي خلاف مهر وغيره شاهدين ۾ بلڪل ڪانه ورتي ويئي. هن پنهنجا شاهد آندا، پنهنجي مخالفن جي پاڻ پڇا ڪيائين، پوءِ کيس بري ڪيو ويو. انهيءَ ناپاڪ ويساهه گهاتيءَ تي اڃا به ڪک پيل آهن، پر شاهدين کي ڪٿي ٿو لڪائي سگهجي؟ هاڻي پورو پتو پئجي چڪو آهي ته مير رستم خان سندس ڀاءُ ۽ انگريز جنرل جي ٺاهيل سازشن جو شڪار ٿيو هو. مير رستم خان کي پوءِ ڏيجي جي قلعي ۾ موڪليو ويو، جتي سندس نوڪرن کي بدلي ڪري، سندن جاءِ تي مير علي مراد خان جا ماڻهو رکيا ويا، ۽ اتي کيس مجبور ڪيو ويو ته تخت تان هٿ کڻي. انهيءَ ۾ به هو راضي نه ٿيا، ڇاڪاڻ ته ڏيجي جي رئيس، چارلس نيپئر کي ٻڌايو ته رستم خان نه فقط پڳ تان هٿ کنيو آهي، پر ان سان گڏ انهن زمينن تان به دستبردار ٿيو آهي، جي پڳدار هئڻ ڪري کيس مليل هيون. ساڳئي وقت هن انهيءَ ملڪ جي حصي تان هٿ کنيو، جو مير سهراب خان جي پٽ هئڻ ڪري سندس حصي ۾ آيو هو. ڏٺو وڃي ته مير رستم خان پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن لاءِ به ڪي ڪين ڇڏيو، ته جيئن اهي کانئس پوءِ پيٽ گذر ڪري سگهن ۽ بک نه مرن. اهو سڀڪجهه هن انهيءَ لاءِ ڪيو هو، ته سندس پيارو ۽ فهميدو ڀاءُ خوش رهي. (هڪ وحشي جانور به کانئس وڌيڪ رحمدل هوندو). هائو، هائو، هن سڀڪجهه ڏيئي ڇڏيو. علي مراد خان پنهنجن ڪوڙن ۾ اڳي کان به اڳرو هو، ۽ اسان وارو جرنيل اهو سڀ سچ سمجهي هائوڪار ڪندو ويو. سچ پڇو ته هن انگريزن سان به ٺڳي ڪئي. مياڻيءَ جي موتمار جنگ کان پوءِ، هن ڪئپٽن برائون جي منشيءَ محي الدين کي رشوت ڏيئي ايجنسيءَ مان خفيه ڪاغذ چورايا، ته جيئن نونهار جو عهدنامو ڳولي ڪڍجي. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي طرفان هڪ معاهدو تيار ڪري گورنر جنرل کان منظور ڪرايو، جنهن موجب ڪن ڳوٺن بدران کيس هڪ وڏو ملڪ هٿ چڙهي ويو. جيڪي به انگريز آفيسر سندس لچاين کان واقف هئا، تن کي هـُـن رشوتون ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو، ۽ اهي به ڪـَـچي سون ۾. اهي سڀيئي ڳالهيون سندس اڳيئي سوڀ جي ڪري ئي وجود ۾ آيون. اسين انهن سڀني خرابين ۾ سندس ساٿي رهياسين، ۽ اهوئي سبب آهي جو هو نهايت بيباڪ ٿي پيو هو. نيٺ جڏهن هن اسان کي ٺڳڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس خلاف هڪ طوفان کڙو ٿي پيو. جيسين هن مير رستم خان خلاف لشڪر گڏ ڪري کيس شڪست ڏيئي، کانئس سڀڪجهه ڦري ورتو، يا جيسين هـُـن اسان جي منشين کي رشوت ڏيئي ٽپال جي ڦر ڪري، اهو ڏوهه ڀاڻس مير رستم خان مٿان مڙهيو ۽ کيس قيد ڪري ڏيجيءَ موڪليو، جيسين هـُـن ٻين ميرن کي دڙڪا ڏيئي زبردستي استعيفا لکائي ورتي، تيسين هو ٺيڪ هو پر جڏهن هـُـن ٺڳي ڪري اسان کان ڪجهه ملڪ جو ٽڪر (ضلع) تڳائي ورتو، تڏهن اسان کانئس وير وٺڻ جا سانباها ڪيا.اسان جي وزيرن کي ڇا، اها ڄاڻ ڪانهي ته اهڙيون بدمعاشيون ڪيو ويون آهن، جن جي اسان جي حڪومت کي ثابتي به ملي چڪي آهي، پر ان هوندي به اُهي بي انصافيءَ ۾ منڍڙي هنيو، ماٺ ڪريو ويٺا آهن، ۽ هڪ اکر به ڪونه ٿا چون. ڏٺو وڃي ته اهي نه ته خدا کان ٿا ڊڄن ۽ نه ماڻهن کان. ڇا مسٽر گليڊسٽن اسان کي ٻڌائي سگهندو ته انصاف جي مـِـٽي ڪيئن پليت ٿي آهي؟ ڇو بيگناهه ماڻهن کي نيپلس ۾ قيد ڪيو ويو هو؟ انهي باري ۾ اسان جي سرڪار تي اهڙي ته تنقيد ٿي جو انهن ماڻهن کي، جي آزادي جا ڪوڏيا آهن، تن کي ان لاءِ اڄ تائين ڌڪار آهي. اسان (عوام) کي هرڪو حق آهي ته پنهنجن نمائندن تي زور آڻي، اهو محسوس ڪرايون، ته اهي انهيءَ معاملي ۾ سرڪار کا پڇن ته اها ماڻهن يا حڪومتن جي معاملي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪـَـلور ڪري رهي آهي. سنڌ جو مثال ئي وٺو ته اسان ڪيئن نه هڪ ڪوڙن قسمن کڻندڙ بدمعاش کي راضي رکڻ لاءِ ڪوڙن جو ڀنڊار هٿ ڪيو، ۽ ان کي انهن شهزادن جي خلاف شاهديءَ طور استعمال ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو اسان کانئن سڀڪجهه کسي کين هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، ڊوڙائيندا رهياسين ۽ آخر کين قيد ڪري بند ڪري ڇڏيوسين. کين جيڪڏهن ڪو آرام نصيب ٿيو ته اهو قبر ۾ ئي ٿيو هوندو. اسان کي پڪ آهي ته اسان جو عوام جيتوڻيڪ، هندستان جي رعيت خلاف ڪيل ظلم ۽ زيادتيءَ تي دلي همدردي نٿو رکي، پر ان هوندي به آءٌ ڀانئيان ٿو ته هي معاملو سندن ڌيان ڇڪائي سگهي ٿو ته مـَـنَ ڪو ڌيان ڪن. هاڻي اچو ته انهيءَ ڏکاري ڳالهه جي پڇاڙي ڳوليون. آءٌ ڀانئيان ٿو ته تمام ٿورن ماڻهن آئوٽرام جي ڏنل سچي ۽ دل تي اثر ڪندڙ حقيقتن کي پڙهيو هوندو. عجب آهي ته ڪو هيءَ حقيقت پڙهي ويچار ۾ نه آيو هجي! جنهن معزز شهزادي مون سان ملاقات ڪرڻ ٿي گهري، اهو پنجاسي ورهين جو پير مرد هو، پر ان کي سر چارلس نيپئر مسخريءَ ۾ ’ڪمزور پوڙهو‘ ڪري سڏيو آهي. ڪمزور پوڙهو ته برابر هو، ڇاڪاڻ ته عمر جي لحاظ کان ڪجهه جـُـهڪي ويو هو، پر نه انهيءَ سبب ڪري، جنهن جو سندس ملڪ کسيندڙ ڦوروءَ ۽ سندس ڀاءُ ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻنهي جو چوڻ آهي ته هو گهڻي پيئڻ جي ڪري جهڪي پيو هو، جو بلڪل غلط آهي. ڏکيا ڏينهن مٿس اچي چڪا هئا. ڌاريا، جن کي هن پنهنجو دوست بنائي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏنو هو، انهن هڪ وڏيءَ فوج سان سندس ملڪ فتح ڪري ورتو هو. ماڻهن ۾ اڳيئي اها مـَـقال هئي، ته سندس نيت خراب آهي. ڪنهن به کيس دلاسو يا دلبو نٿي ڏنو ۽ نه وري کيس دلداري ڏيڻ وارو هو. يعني ته اهو ماڻهو جنهن کي چاليهن سالن تائين عزت، احترام ۽ محبت سان خطاب ڪيو ويندو هو، انهيءَ کي هاڻي رعب ۽ دڙڪن سان خطاب ڪيو ٿي ويو. هو ويچارو پاڻ به ائين پيو چوندو هو، ته کيس اچي مٿي ۾ بيعزت ڪيو ويو آهي. هن انهيءَ ماڻهوءَ سان ملاقات ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، جنهن جي هٿ ۾ سندس ۽ سندس ملڪ جي ماڻهن جي قسمت جي واڳ هئي. انهيءَ مطلب سان ته جيڪا وڌيڪ تڪليف کيس وٽانئس رَسڻي هئي، تنهن کي روڪي يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ته کيس معلوم ٿي وڃي ته آخر ساڻس ٿيڻو ڇا آهي؟ ۽ اڃا ڪهڙي مصيبت مٿس مڙهي ويندي؟ سندس ڀاءُ، جنهن تي ۽ جنهن جي سياسي هوشياريءَ تي کيس اعتبار هو ته هو کيس پوريون ۽ سربستيون خبرون ٻڌائيندو، تنهن ساڻس ٺڳي ڪري کيس غلط خبرون ٻڌايون ۽ انگريزن خلاف ڀڙڪايو، ته هو ساڻس دغا ڪرڻ وارا آهن. ويچارو پير مرد سندس ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ انڪري هو هر وقت انگريزن جي باري ۾ شڪ کان ڪم وٺندو آيو. نتيجو اهو نڪتو جو سندس دل جي ڊپ کي اسان وارو جرنيل به دور نه ڪري سگهيو. تان جو سندس ملڪ هضم ڪيو ويو ۽ کيس قيد ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو. اهڙا ماڻهو جن جو مٿي ذڪر ڪيل آهي، يعني ته ڪمزور پوڙها، جن جي پنهنجي خاندان وارا عزت ۽ پرستش ڪندا هئا، تن کي جنرل نيپئر هڪٻئي پٺيان ڌڪ هڻڻ ۾ ڏاڍو مزو محسوس پئي ڪيو. هرڪا بيعزتي، تڪليف ، ڌڪار ۽ ست ستاءَ، روا رکيو ويو. وري ويڌن ته ڏسو جو گورنر جنرل به انهيءَ راءِ سان متفق ٿي ويو، ته مير رستم خان جي پٽ کي به پڳ کان محروم رکيو وڃي. هو انهن سڀني ڪمن کي جائز قرار ڏيندي ٻڌائي ٿو ته، ”مير علي مراد خان کي جيڪڏهن اسان جي مدد سان پڳ ملي وڃي ته پوءِ شڪ نه آهي ته هو هڪ قدرتي ۽ واجبي وراثت جو بنياد وجهندو ۽ پڳ جي معاملي کي ڪا قانوني صورت ڏيندو. آءٌ مير علي مراد کي مير رستم خان جي ڀيٽ ۾ حقي وارث تسليم ٿو ڪريان، پر ساڳئي وقت انهيءَ اصول جو آهيان، ته جهڙيءَ طرح مير علي مراد پاڻ پڳدار بنيو آهي، اهڙيءَ طرح اهو ساڳيو قاعدو سندس پٽ سان به لاڳو ڪيو وڃي“. مير رستم خان جي پٽ محمد حسين خان کي پڳ ۽ وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر وٽ آخر ڪهڙو جواب آهي؟ جڏهن ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته علي مراد خان، محمد حسين خان کي پنهنجي ملڪيت جو انهيءَ شرط تي اڌ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو، ته جيئن هو کيس مير رستم خان ۽ اسان (انگريزن) جي خلاف دوکيبازيءَ ۾ سندس ساٿ ڏيندو. پر هن اشراف شهزادي ڌڪار وچان انهيءَ بدمعاش جي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو. ڇا پٿر به اهڙن ماڻهن خلاف دانهن نه ڪندا. 21- ڊسمبر تي سر چارلس نيپئر لکيو ته، ”اتر ۽ ڏکڻ سنڌ جي سڀني اميرن عهدنامو قبول ڪيو آهي“. 27- ڊسمبر تي جنرل وري هيئن ٿو لکي، ”اڃا جنگ جو ڪوبه اعلان وغيره نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري انهيءَ جي ضرورت آهي“. جيتوڻيڪ عهدنامو قبول ڪيو ويو هو، پر ان هوندي به هن امام ڳڙهه جي قلعي تي حملي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، جو مير محمد خان جي مـِـلڪ هو. مير محمد خان غلام حيدر خان جو پٽ هو، جنهن سان هن ڪابه لکپڙهه وغيره به ڪانه ڪئي هئي. انگريز جنرل پنج دفعا پنهنجو پاڻ کي انهيءَ زور زبردستيءَ متعلق رد ڪد ڪيو آهي. 1- چوي ٿو ته، ”کيس امام ڳڙهه تي حملي ڪرڻ جو هرڪو حق هو. انهيءَ ڪري ته متان مير رستم خان ڀڄي نه وڃي“. ڏٺو وڃي ته هـُـن مير رستم خان جي ڀاڄ کان اڳيئي ان تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو. (پر هيءُ هڪ بهانو ئي آهي). 2- وري چوي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ اهو مير محمد خان جي مـِـلڪ آهي. پر علي مراد خان جي رئيس ٿيڻ کان پوءِ اهو قلعو به سندس ملڪيت ٿي ويو“. (بلو بڪ نمبر 448). هاڻي کانئس سوال ڪجي ته جڏهن مير رستم خان پڳدار رئيس هو، تڏهن به ته اهو مير محمد خان جي ملڪيت ۾ شمار ڪيو ٿي ويو. پر جيڪڏهن اهو قلعو رئيس جي مـِـلڪ هو، تڏهن پوءِ مير رستم خان کان دستاويز لکائڻ وقت ڇو نٿي هيءُ قلعو به لکائي ورتو، جڏهن ته شاهه ڳڙهه ۽ ٻين قلعن جو انهيءَ ۾ ذڪر ٿيل آهي. 3- چوي ٿو ته، ”اتر سنڌ جا سڀيئي قلعا پڳدار جي مـِـلڪ آهن. (سپليمينٽري بلو بڪ 143). انهيءَ باري ۾ جيڪڏهن مير سهراب خان جي وصيت ڏٺي ويندي ته پوءِ هيءَ ڳالهه حقيقتن جي بلڪل ابتڙ ثابت ٿيندي. 4- وري چوي ٿو ته، ”اهو قلعو اصل مير علي مراد جو هو پر ٽي سال اڳ پنهنجي هڪ عزيز کي ڏنو هئائين“. 5- هو چوي ٿو ته، ”هزهائينس مير علي مراد سنڌ جو باقاعدي رئيس هو ۽ انهيءَ قلعي جو مالڪ مير محمد خان سندس خلاف هڪ باغي هو“. (سنڌ جي فتح- هڪ تنقيد ص 250). ساڳئي خط ۾ جنرل هڪ دوست رئيس جي قلعي تي حملي ڪرڻ جو هيءُ بهانو ڏنو آهي، ته مير علي مراد جي وزير مير رستم خان جي پياري دوست فتح محمد غوري کي قيد ڪيو آهي. علي حسين، (جنهن کي هن غلطي سان شيخ علي نصير سڏيو آهي) سندس خيال موجب هڪ وڏو ٺڳ مڙس هو. هي اهو ماڻهو هو جنهن جي هٿن ۾ جنرل، رانديڪي مثل پئي ٺينگ ٽپا ڏنا ۽ ائين ڪندي هن انگريز قوم جي مفاد کي بلڪل قربان ڪري ڇڏيو. اهو سڀڪجهه هن انهيءَ لاءِ ٿي ڪيو ته جيئن سندس مالڪ مير علي مراد جو بخت بيدار ٿئي ۽ هو وڌندو رهي. جيتوڻيڪ اسان وارو جنرل هڪ رانديڪي مثل هو، پر ساڳئي وقت اکين کان سڄو به ته ڪونه هو، جو ڏسي نه سگهي. گورنر جنرل ڏانهن لکيل هڪ ٻئي خط ۾ هـُـن مير رستم خان جي ڀاڄ جو احوال هن ريت ڏنو آهي: ”مير رستم خان ڏاڍو گيدي شخص آهي، ڇاڪاڻ ته هن سدائين اهي پور پئي پچايا آهن ته آءٌ کيس قيد ڪرڻ وارو آهيان. کيس اهو به خيال ويٺل آهي ته اسين (يعني ته آءٌ ۽ سندس ڀاءُ علي مراد) انهيءَ سازش کي جلد پورو ڪرڻ وارا آهيون. ڀانئجي ٿو ته مير علي مراد ئي انهيءَ پير مرد کي ڊيڄاري کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو آهي، ته جيئن پڳ کيس ملي“. مير علي مراد پنهنجي ڀاءُ کي انهيءَ حالت ۾ ڌِڪي ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو. تاريخدان نيپئر امام ڳڙهه جي قلعي جي تباهيءَ واري احوال ۾ سندس ڀاءُ کي ڏاڍن وڏن اکرن ۾، خوشيءَ ۾ نه ماپندي، سڪندر يونانيءَ سان ڀيٽيو آهي. انهيءَ ۾ ڏسجي ٿو ته هن وڏي ٻٽاڪ کان ڪم ورتو آهي. سر چارلس نيپئر ٽن سوَن ماڻهن ۽ ٻين توبن سان هڪ اهڙو ته قلعو تباهه ڪري وڌو، جنهن جون ڀـِـتيون ڪافي مضبوط هيون ۽ جنهن جي اندر بچاءُ لاءِ هڪ به ماڻهو ڪونه هو. ميرن جو وري هي حال هو جو کين جنگ ۾ ڦاسائڻ يا ظاهر ظهور دشمنيءَ لاءِ ڀڙڪائڻ به سولو ڪم ڪونه هو، نه ته هو سولائيءَ سان جنرل ۽ سندس مـُـٺ جيترن سپاهين کي انهيءَ برپٽ جي وچ ۾، جتي پاڻيءَ جو ڍڪ به نٿو ملي، تباهه ڪري ڇڏين ها. انگريزن لاءِ اهو هڪ ڏاڍو نازڪ وقت هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪليبارن جي کـِـل جهڙي جاسوسيءَ جي رپورٽ تي اعتبار به ڪجي، تڏهن به ان وقت، اتي ويجهڙائيءَ ۾ مير رستم خان سان ست هزار ماڻهو ساڻ هئا. حقيقت اها آهي جو ايترا سـَـوَ ماڻهو به ڪونه هئا مير رستم خان وٽ، پر سندس مقصد اهو هو ته سندس خاندان جي ماڻهن جو بچاءَ ٿئي. ڊپ ۾ ڀڄڻ جي ڪري محمد حسين خان جي پوڙهي ماءُ ڪجاوي تان ڪـِـري پيئي ۽ سندس ٻانهن ڀڄي پيئي، ۽ سندس ٻئي ٻانهيون به بر وقت مري وييون. انهن بدقسمت شهزادين کي ڀڄڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ڪانه هئي. سندس زيورن ۽ ڪپڙن جو پوءِ ڪوبه بچاءُ نه ٿي سگهي ها. حيدرآباد جو ئي مثال وٺو، جتي ڪنهن به قسم جو مقابلو نه ڪيو ويو هو، تڏهن به اتي ديوان مٺارام جي چوڻ موجب عورتن کان سندن ڪپڙا لهرايا ويا هئا ۽ اهو ساڳيو ئي حال ٿئي ها مير رستم خان جي گهر وارن جو. خيرپور جي تباهي ۽ ميرن جي ڀاڄ، فتح محمد غوريءَ جو جهلجي قيد ٿيڻ، امام ڳڙهه جو ڊهڻ، مير رستم خان کان زبردستيءَ پڳ تان دستبرداري لکائي وٺڻ ۽ ان سان گڏ انهيءَ سان لاڳو زمينن تان به کيس هٿ کڻائڻ، محمد حسين ۽ ٻين مير رستم خان جي پٽن جو حق غصب ڪرڻ، مير رستم خان کي دڙڪن سان ڀريل اعلان ڏياري موڪلڻ، ۽ مٿانئن ڪوڙ ۽ فريب جون تهمتون مڙهڻ وغيره، انهن سڀني معاملن ۾ انگريز جنرل ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ڪئي. نه فقط ايترو پر مسخري ۽ ٽوڪ خاطر ميرن کي جمع ڪري کين چوندو هو ته عهدنامن تي صحيحون ڪن. اهو سڀ اهڙيءَ طرح سان ڪندو هو، جهڙوڪ اسين هڪ ڪتي کي پاڻ ڏانهن سڏيندا آهيون، پر نيت اسان جي کيس ڦاهي ڏيڻ جي هوندي آهي. حيدرآباد جي ميرن جا ايلچي صوبدار خان ۽ حسين علي خان خيرپور ۾ جنرل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ پهچي چڪا هئا، پر کين ملاقات جو موقعو نه مليو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کين جنرل سان ملڻ جو موقعو ملي ها ته پوءِ جنرل پنهنجي جنگي ارادن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ها. اهو ممڪن ئي نه هو ته جيڪي به شرط اسين کين ٻڌايون ها، انهن کي هو قبول نه ڪن ها، پر صلح کي ٽارڻ لاءِ هڪ نئون منصوبو کوٽي ڪڍيو ويو، ۽ انهيءَ کي تيار ڪرڻ لاءِ ميجر ڪليبارن جي ٻروچن وٽان چڱو خاصو مواد ملي ويو. اهي خط اهڙا ته رڪارڊ ٽوڙ ٺاهيا ويا هئا، جو مير علي مراد به جيڪر نه ٺاهي سگهي ها! ان وقت اهو به ممڪن هو ته مير رستم خان شايد پيش پوي ها ۽ پڳ تان هٿ کڻي ها پر کيس ائين ڪرڻ ئي ڇو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته پوءِ کيس قيد ڪيئن ڪري سگهجي. ساڳئي وقت هڪ اهڙو رئيس، جنهن کي ملڪ جا ماڻهو عزت ۽ پيار سان چاهيندا هئا، ان کي ملڪ ۾ ڇڏي ڏيڻ، انهيءَ ملڪ ۽ دشمن دغاباز لاءِ خراب ثابت ٿئي ها، جو سندس جاءِ تي زبردستيءَ آندو ويو هو. ان وقت حالت ڏاڍي اڻ سهائيندڙ هئي، پر اسان سنڌ جي معاملي ۾ گهڻيئي فائديمند ڳالهيون ٺاهيون هيون، انڪري ڪنهن نئين مڪر کي ڪم ۾ آڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو. مير رستم خان ۽ سندس ڀائيٽي نصير خان کي حڪم ڪيو ويو ته اهي حيدرآباد هليا وڃن، نه ته ساڻن دشمن واري هلت ڪئي ويندي. ساڳئي وقت ڏکڻ سنڌ جي ايلچين کي حڪم ڏنو ويو ته اهي موٽي وڃن ۽ پڻ ميجر آئوٽرام جي ڏنل صلاح کي اسين نٿا چئون ته ڪو واهيات سمجهي بلڪل ڇڏيو ويو، انهيءَ پاڻ هڪ ڪمائتي فهرست جو ڪم ڏنو ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ جي بلڪل ابتڙ قدم کنيا ويا. اهڙيءَ طرح اسان جا هيٺيان ٽي وڏا مطلب پورا ٿي ويا: 1- مير رستم خان کي پنهنجن ڀائرن يعني ته حيدرآباد جي ميرن جو محتاج ڪري اڇليو ويو، ته جيئن شرافت ۽ دلي همدرديءَ سبب اهي کيس تباهيءَ ۽ بيعزتيءَ کان بچائڻ تي مجبور ٿين. اهڙيءَ طرح کين زبردستيءَ بچاءُ لاءِ جنگ ۾ ڌڪيو وڃي ۽ پڻ سندن بلوچ مائٽن کي ڪاوڙ ڏياري ڀڙڪايو وڃي. 2- ائين ڪرڻ سان انگريزن کي ڪافي وقت ملي ويو. ڇاڪاڻ ته عهدنامو اتي جو اتي، موقعي تي صحيح ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ان ۾ ڍر ٿي. نه فقط ايترو پر مير رستم خان جو ڏکڻ سنڌ ڏانهن ڌڪجي وڃڻ ڪري اهو عهدنامو صحيح ئي ڪونه ٿي سگهيو. 3- جنهن وقت ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد جي ميرن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، ان وقت انگريز پنهنجي لشڪر سان شهر تي حملو ڪيو. اهي ڳالهيون حقيقت ۾ هڪ قسم جي مسخري هئي، پر اهو سڀڪجهه انهيءَ لاءِ ڪيو ويو ته جيئن ٻاهريون ماڻهو ائين سمجهي ته ميرن کي اختيار ته پنهنجي ملڪ جو ڪجهه حصو (شاهوڪار حصو) انگريزن کي ڏيئي باقي ملڪ پاڻ وٽ رکي سگهيا ٿي. ڪرنل آئوٽرام جيڪڏهن انهن پناهگيرن کان اڳ حيدرآباد ۾ پهچي وڃي ها، ته پوءِ هو ڏکڻ سنڌ جي ميرن کي ٻڌائي ها ته مير رستم خان جو سندن تختگاهه ۾ اچڻ سندن تباهي آهي. اهوئي سبب هو جو ڪرنل آئوٽرام جنرل کان اجازت طلب ڪئي ته جيئن هو اتي وڃي، ۽ هن عرض ڪيو ته کيس اها موڪل جلد ڏني ته جيئن هو وقت تي وڃي اتي پهچي. پر مير علي مراد ڪو اويسلو ڪونه هو جو اها اجازت پهچڻ ڏي، انڪري هن انهيءَ اجازت نامي کي وچ ۾ ئي روڪي ورتو. اهڙيءَ خواهش جي پوئواريءَ ۾ هن هيءَ آخري رڪاوٽ هٽائي ڇڏي، انگريزي فوج جي حيدرآباد ڏانهن واڌ جي هوندي به مير عهدنامو صحيح ڪيو، پر هاڻي دير ٿي چڪي هئي. مير رستم خان وٽن پهچي ويو هو، ۽ ساڻس ٿيل ظلمن جي سڀني کي خبر پئجي ويئي هئي. اهي ظلم اهڙا ته هئا جيڪر ڌارئين ماڻهو جو رت به جوش ۾ اچي وڃي. بهادر ٻروچ پاڻ جهلي نه سگهيا ۽ هنن وٺي جنگ ۾ جلهه ڪئي، ۽ مارجي ويا. سنڌ سندن رت سان رڱجي ويئي آهي، ۽ سندن هڏا مياڻي ۽ دٻي جي ميدانن تي پکڙيا پيا آهن. سندن گهر هاڻي اجڙ ٿي ويا آهن، پر سچو خدا ضرور هڪ ڏينهن انهن ظلمن جو داد ڪندو. مياڻيءَ جي فاتح جا پنهنجا ئي هي اکر جي هن پنهنجن ڪرتوتن جي خلاف ڏنا آهن ۽ جيڪي لکت ۾ موجود آهن، اوهان کي پڙهي ٿا ٻڌايون. وڌيڪ لکڻ جو ڪو ضرور ڪونهي: ”انگريز، هندستان ۾ اڳرائي ڪندڙ هئا ۽ جيتوڻيڪ اسان جو فرمانروا ڪو غلط ڪم نٿو ڪري پر ان هوندي به سندس وزير اهو ڪن ٿا. ڪنهن به ليکڪ يا ماڻهوءَ کي نيپولين تي ڏوهه مڙهڻ کان اڳ انگريز وزيرن جي گناهن ڏانهن ڏسڻ گهرجي، جن هندستان ۽ آسٽريليا فتح ڪيو هو، ۽ جن ماڻهن اتي ظلم جي بازار گرم ڪري رکي هئي، تن جي هنن حفاظت ڪئي. اسان جي وزيرن جا ڏوهه نيپولين کان به وڌيڪ ۽ خراب هئا. ڇاڪاڻ ته نيپولين اسپين جي بادشاهه جي خرابين جي ڪري لالـچ ۾ اچي ويو هو، نه ته سندس مقصد ڪميڻپائي يا ظلم تي ٻڌل ڪونه هو پر انگريز حڪومت جو خاص مطلب هو پنهنجي واپارين کي شاهوڪار بنائڻ“. ‘شاپو ڪرسي’ جو خوب نالو ڏنو آهي ماڻهن انهيءَ کي. اهڙو گندو ۽ ذليل ظلم ڪڏهن به ڪنهن حڪومت طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ نه ڪيو هوندو. اسان جو هندستان (سنڌ) فتح ڪرڻ جو خاص مقصد هو پئسو ۽ پئسي جي لالـچ، جو چون ٿا ته گذريل سٺ سالن ۾ هڪ ارب (هڪ سؤ ڪروڙ) پائونڊ هندستان مان ڇڪي ڪڍيا ويا آهن! اهوئي سبب آهي جو اسان اتي بي انداز ظلم ۽ زيادتيون روا رکيون ۽ ماڻهن کي ستايو. انهن ڏوڪڙن جو هرهڪ شلنگ رت جي تلاءُ مان چونڊي ڪڍيو ويو آهي ۽ رت اُگهي قاتل جي کيسي ۾ وڌو ويو آهي. اوهان انهيءَ کي ڪيترو به اُگهو يا ڌوئي صاف ڪريو پر رت جو ٽڪو ڪڏهن به انهيءَ تان ڪونه لهندو. اهو رت جو ٽڪو مٿس لڳو ايندو ۽ اسان کي انهيءَ جو بدلو ضرور ملڻو آهي. منهنجو ايمان آهي ته آءٌ ظالم نيپولين کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ظالمن کان وڌيڪ چڱو ٿو سمجهان: هڪ ماڻهو، جو فقط طاقت جو متوالو هوندو آهي، انهيءَ جو اصول هوندو آهي ته فتح ڪيل ملڪن ۾ چڱو پير کڻجي ته جيئن نيڪ نالو قائم ٿئي. پر اهي ماڻهو عالمگير غبن جا گهورا هوندا آهن، انهن جي نيت فقط شاهوڪار ٿيڻ جي هوندي آهي، پوءِ ڀل ته انهيءَ آزادي پوري ڪرڻ ۾ لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن جون خوشيون تباهه ٿي وڃن! هڪڙي کي ته اسين خطاڪار يا مليل فرشتو چئي سگهون ٿا، پر ٻئي کي ”دوزخ ۾ ڄاول شيطان“ کان گهٽ نٿا سڏي سگهون. اهي اکر ڇا انهيءَ سان لاڳو نٿا ٿي سگهن، جو رت جو درياه جهاڳي حيدرآباد جي خزاني تائين پهتو هو. ڇا ”دوزخ جا پيدا ٿيل شيطان“ جو اصطلاح، جو نيپئر ميرن لاءِ استعمال ڪيو آهي، انهن ماڻهن سان لاڳو ٿي سگهي ٿو، جي هميشه صلح جا خواهان هئا ۽ جن جو چوڻ هو ته جنگ جو سنڌ ۾ ڪو جواز ئي ڪونهي، پر هن بنا ڪنهن سبب جي، بي انصافيءَ ۽ بي مروتيءَ سان سندن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. افسوس غريب انسانيت، افسوس! سنڌ جي انهن بد قسمت شهزادن جي مختصر احوال ڏيڻ کان پوءِ ضروري آهي ته اوهان کي سندن خاندان جي زوال ۽ سندن تختگاهه جي تباهيءَ کان پوءِ، انهن تي جيڪي وهيو ۽ واپريو تنهن تي ڪجهه تبصرو ڪري ٻڌايان. مير رستم خان، جو اسي سالن کان به مٿي عمر جو پير مرد هو، ۽ ڪمزوريءَ سبب ڪٻو ٿي ويو هو، تنهن کي پنهنجن سڀني گناهن جي سزا ملي، يعني ته هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏينهن انهن ئي ماڻهن جي قيد ۾ گذاريا، جن جي هن خدمت ڪئي هئي! انهن سندس ساراهه ڪئي ته هن نهايت مستقل مزاجيءَ سان سڀڪجهه سٺو ۽ پنهنجيءَ قسمت تي راضي هو. ڊاڪٽر برٽ، جو پوني ۾ ميرن جي چارج ۾ سول سرجن هو، تنهن هن بابت هي احوال ڏنو آهي: ”اڳ ۾ مير رستم خان، سندس ننڍو پٽ علي بخش ۽ سندس ڀائٽيو مير نصير خان، مارچ 1844ع کان وٺي منهنجي چارج ۾ هئا. انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين مون منجهن ڪڏهن به غير معتدل هجڻ يا شرابخوريءَ جو اهڃاڻ نه ڏٺو آهي، جيتوڻيڪ ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ته اهي انهن ٻنهي ڪمزورين جا عادي آهن. مون انهن جي روزانو ۽ پڻ ڪن خاص وقتن تي تپاس ڪئي آهي ۽ سندن طبعيت کان پوريءَ طرح واقف آهيان. مير رستم خان، جو عمر ۾ اَسي سالن کان به مٿي آهي، ساڳئي حال ۾ آهي. سندس ياداشت ٺيڪ آهي ۽ هو مذهبي رسمن جي پوري ڪرڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي. رهڻي ڪهڻيءَ ۾ هو نهايت پرهيزگار شخص آهي. هو روزانو هڪ دفعو گوشت کائيندو آهي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي يا کير استعمال ڪندو آهي.“ ڪرنل آئوٽرام پڻ انهيءَ ڏس ۾ انهن سڀني پوليٽيڪل آفيسرن جا رايا قلمبند ڪيا آهن، جن جو ميرن سان ڪنهن به طريقي سان واسطو رهيو آهي. اهي سڀيئي انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ميرن تي ”سنڌ جي فتح“ ۾ پيئڻ وغيره بابت جيڪي بهتان مڙهيا ويا آهن، سي ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. انهن تهمتن جو ايڏو ته رد لکت ۾ موجود آهي، جو وڌيڪ لکڻ ناممڪن ٿيو پوي. پر ان هوندي به آءٌ اوهان کي هڪ مثال ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. ميرن جي چارج ۾ ڪئپٽن گارڊن جي خط جو اقتباس ڏجي ٿو جو هن ريت آهي: ”اوهان جي سوالن جي جواب ۾ آءٌ ٻڌائڻ ٿو گهران ته مير نهايت معتدل طبعيت جا ماڻهو آهن. اهي نه فقط شراب پر ٻين نشيدار شين کان به پرهيز ڪن ٿا. ايتريقدر جو ٻـِـيڙي به ڪونه پين، ڇاڪاڻ ته تماڪ جي ڌپ کان کين ڪرهت ٿيندي آهي. شراب يا تماڪ جي استعمال ڪرڻ جي سوال تي مير اسان لاءِ هڪ بهترين نمونو آهن. اسان رڳو پنهنجي اعليٰ تهذيب جو ڍونگ رچائيندا رهون ٿا ۽ انهيءَ اخلاق ۽ ڪردار جي ٺلهي دعويٰ ڪندا رهون ٿا، جو اسان ۾ آهيئي ڪونه.“ آءٌ ڀانئيان ٿو ته هاڻي انهن ماڻهن کي اهو اطمينان ٿي ويو هوندو ته جيڪي بهتان مٿن مڙهيا ويا هئا، سي غلط هئا. هاڻي اهو رئيس آرام سان سـُـتو پيو آهي ۽ کيس اهو سـُـڪون ملي ويو آهي، جو انگريزن کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. جيڪي مير باقي بچيا آهن، سي کيس ياد ڪري افسوس ڪندا رهن ٿا، پر سندن ستائيندڙن کان به ڪو اُجورو ڪونه ٿا گهرن، ۽ نه وري جيڪي کانئن ڦريو ويو آهي، اهو واپس ٿا گهرن. جيڪي ٿيو سو گذريو. هاڻي هو فقط اهو چاهين ٿا ته سندن پياري رئيس جا هڏا کين ڏنا وڃن، ته اهي کڻي پنهنجي ملڪ وڃن، جتي هو ڄائو هو. کين اها اميد آهي ته انگريزن جي هن لاءِ جيڪا ڌڪار آهي سا قبر تائين جٽاءُ نه ڪندي ۽ اهي ان عرض اگهائڻ ۾ڪابه ڪوتاهي نه ڪندا، ڇا ڪرستان حاڪم انهيءَ ٻڍڙيءَ بيواه جو اهو آخرين عرض به قبول نه ڪندا ته جيئن هو پنهنجيءَ مٽيءَ کي پنهنجي مرحوم مڙس جي مٽيءَ سان گڏ پورائي؟ ڇا ڏهن سالن جي جلاوطنيءَ، ۽ غربت ۽ سڃائيءَ کان پوءِ به سندس اهو آخرين عرض نه اگهائبو؟ مير رستم خان پوءِ، ڄمار جي ڪري سندس وزير فتح محمد غوري آهي. سندس باري ۾ اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن نه ساڻس بي انصافيءَ جو ورتاءُ ڪيو ويو ۽ اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر راس بيل ڪهڙي نه ذليل هلت ساڻس ڪئي هئي. جيئن ته هو هر وقت دغاباز علي مراد جي خلاف رهندو آيو، ان ڪري اسان جي سڄي لعنت ملامت مٿس ئي پوڻ لڳي. ڪئپٽن برائون کي مير علي مراد جي وزير سندس خلاف ڪري ڇڏيو ۽ اهي ساڳيا شڪ سر چارلس نيپئر جي دل ۾ به پيدا ٿي ويا. اسان کيس پنهنجي دربارن ۾ ڪڏهن به اچڻ ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ ته اسان ڌرئون اهو اعلان ڪيو هو ته اسين هن کي مير رستم خان جو وزير ئي نٿا ڪري ليکيون. جيتوڻيڪ اها هڪ دوست جي معاملن ۾ دست اندازيءَ برابر هئي، پر اسان انهيءَ تي اڪتفا ڪانه ڪئي. ويچاري وزير تي اها تهمت به مڙهي ويئي ته هن اسان واري ڪڇيءَ جي گورنر محمد شريف کي، قيد مان ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪئي هئي. هي ڏوهه مير رستم خان خلاف مڙهيل ڏوهن ۾ شامل هو ۽ اهوئي سبب آهي جو اسان سندس ملڪ کي تباهه ڪري مٿس قبضي ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهيو. ڪهڙي نه کـِـل جي ڳالهه آهي، جو هڪ طرف ته اسين فتح محمد کي مير رستم خان جو وزير ئي تسليم نٿا ڪريون ۽ ٻئي طرف وري مير رستم خان کي انهيءَ ساڳئي ماڻهو جي ڪردار لاءِ جوابدار پيا سمجهون. فتح محمد پنهنجي حاڪم سان وفادار هو، انڪري هو ساڻس ڀڄي ويو. پوءِ کيس مير رستم خان سان گڏ قيد ڪيو ويو. مير علي مراد کانئس وير وٺڻ خاطر سر چارلس نيپئر کي لکيو ته، جيئن ته شيخ علي حسين فتح محمد کان ڇهه هزار رپيا لهڻي، انڪري کيس سندس ٻانهن ڏني وڃي. اهو سڀڪجهه ڍونگ هو، ڇاڪاڻ ته علي حسين جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيو هو، تڏهن هو هڪ سڃو ماڻهو هو ۽ هڙ ۾ پائي به ڪانه هئس. پر هاڻي ته ڏيجي جو وزير ۽ حڪومت جو صحيح معنيٰ ۾ مالڪ ٿي چڪو آهي. انگريز جنرل هڪدم انهيءَ مسڪين (فتح محمد) کي سندس جاني دشمن جي رحم ڪرم تي ڇڏي، کيس علي مراد جي حوالي ڪيو، جنهن کڻي بند ۾ وڌس. اسي سالن جو هيءُ پير مرد، هڪ معمولي قيديءَ وانگر سڄا سارا ٻارنهن مهينا جيل ۾ پيو هو. آخر ڌڻي تعاليٰ مٿس رحم ڪيو ۽ کيس سندس ستائيندڙ کان نجات ڏياري. بهاولپور جو خان، جنهن جي پيءُ جي دربار ۾ هو وزير رهي چڪو هو، تنهن سر چارلس نيپئر کي لکي موڪليو ته سندس پيءُ جي پراڻي دوست ۽ صلاحڪار جي ٻانهن کيس ڏني وڃي. سر چارلس وري قاصد کي علي مراد ڏانهن راهي ڪيو. علي مراد ڏٺو ته بهاولپور جو خان انگريزن سان ٺهيل آهي، انڪري مٿس ٿوري ڪرڻ جي خيال سان قرض جا ڇهه هزار وٺي، کيس انهيءَ ذليل قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. فتح محمد خان جيئن ئي واپس بهاولپور پهتو، تيئن اتي جي خان کيس ويهه هزار رپيا ڏيئي، هڪ ٻارهن هزارن واري جاگير به عنايت ڪئي. خان کيس وزارت جي عهدي تي مقرر ڪرڻ جو خيال ڪيو، جا جاءِ اڃا اتي خالي پيئي هئي. هڪ ته اَسي سالن جي عمر ۾ تڪليفون، جي هن قيد ۾ سٺيون، تنهن سان گڏ سندس وڏي پٽ جو موت، انهن سڀني گڏجي سندس هوشياريءَ ۽ لياقت کي مڏو ڪري ڇڏيو. هن کي پاڻ به ته ملازمت جو ڪو شوق ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ عهدي لاءِ پاڻ کي وڏيءَ عمر جي ڪري بلڪل ناموزون تصور ٿي ڪيو. هن نيٺ وڃي اهي زمينون وسايون جيڪي کيس ڏنيون وييون ۽ جيڪڏهن ملتان ۾ بلوو نه ٿئي ها، ته اسين انهيءَ لائق شخص جي باري ۾ ڪي ڪين ٻڌون ها. سکن سان ٻي جنگ شروع هئڻ جي ڪري لاهور جي ريزيڊنٽ بهاولپور جي خان کي چوائي موڪليو ته مولراج جي خلاف ليفٽيننٽ ائڊورڊس جي مدد ڪري. بهاولپور جي خان فتح محمد کي هيڏي وڏي عمر هوندي به بهاولپور جي فوج جو سپه سالار اعظم مقرر ڪيو ۽ هن 31- مئي 1848ع تي ستلج نديءَ کي فوجن سميت پار ڪيو. ليفٽيننٽ ايڊورڊس جي فوجن کي جيڪا مدد فتح محمد ڪئي هئي، انهيءَ جي اهميت خود انهيءَ آفيسر جي پنهنجن لفظن مان ملي ٿي: ”فتح محمد غوريءَ جو محاذ تمام خطرناڪ آهي ۽ منهنجي فتح جو دارومدار پڻ سندس سوڀ تي آهي“. 14- جون تي فتح محمد پنج سؤ سپاهين ۽ يارهن توبن سان ليفٽيننٽ ائڊورڊس جي چوڻ موجب گوائين وٽ مورچا ٻڌي ويهي رهيو، جو شجاع آباد کان ٻارنهن ڪوهه پري هو. سندس ڪمان هيٺ جيڪي فوجي هئا، اهي بيقاعدي سپاهي هئا، جن ڪڏهن به توب مان گولا ڇـُـٽندي ڪونه ڏٺا هئا. سک جرنيل رنگرام (مولراج جو سالو) اتر طرف پندرهن ميلن جي پنڌ تي نوَ هزار باقاعدي فوج ۽ ڏهن توبن سان تيار ويٺو هو. اولهه طرف چناب جي پراڙ، دائودپوٽن جي ڪئمپ جي آمهون سامهون ليفٽيننٽ ائڊورڊس ۽ جنرل ڪورٽلينڊٽ ٽي هزار ماڻهن سان مورچا وجهيو ويٺا هئا ۽ وٽن ڏهه توبون هيون. 17- تاريخ سک فوج هيٺ لهي آئي ۽ اهڙي هنڌ اچي بيٺي جو ٻيئي انگريزي فوجون هڪ ٻئي کي مدد نه ڪري سگهن. سکن درياء جي پـَـتڻ تي به قبضو ڪري ورتو. سـِـکن جي انهيءَ چال کي ختم ڪرڻ لاءِ دائودپوٽن پير ابراهيم جي صلاح تي، ڪانيري وٽ اهڙيءَ طرح وڃي مورچا ٻڌا، جو ليفٽيننٽ ائڊورڊس کي درياء اُڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. 18- جون تي جڏهن ليفٽيننٽ ائڊورڊس درياء پار ڪري رهيو هو، تيئن سک فوج، جا مٿانهينءَ تي هئي، فتح محمد جي فوج جي ساڄي بازوءَ تي حملو ڪري ڏنو ۽ زبردست جنگ شروع ٿي ويئي. اها جنگ ڏينهن جي ڳچ حصي تائين هلي ۽ توبن جا ٺڪاء ڇهه ڪلاڪ لاڳيتا هلندا رهيا. بيقاعدي فوج، جنهن هيترو وقت باقاعدي فوج سان جنگ ڪئي، انهيءَ مان فتح محمد جي ثابت قدميءَ جو پتو پوي ٿو. ساڳئي وقت انهن هڪ مضبوط هنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو، يعني اهو جهنگ جنهن جي نه هجڻ سان هـُـو جيڪر ڪيتري به بهادري ڪن ها، پر ان هوندي به تباهه ٿي وڃن ها. 2 بجي فتح محمد کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ هو پنهنجين فوجن کي درياء تان وٺي آيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو جنگ جي جيڪا مصيبت سندس فوجن تي هئي، اها هاڻي ليفٽيننٽ ائڊورڊس جي پٺاڻ فوجن تي پوڻ لڳي. اهي بهادر سپاهي مورڳو جهليا نٿي ٿيا، جو هنن پاڻ کي دشمن جي توبخاني مٿان کڻي اڇلايو. جيئن سکن کي هاڻي مقابلي ۾ دائودپوٽن جي گولن جو خوف ڪونه هو، انڪري هنن پٺاڻن ۾ تباهي مچائي ڏني ۽ اهو به اهڙي وقت، جڏهن هو حملي ڪرڻ کان جهليا نٿي ٿيا. ڏٺو وڃي ته سک ليفٽيننٽ ائڊروڊس جي پٺاڻ فوج کي ختم ڪري ڇڏين ها، پر جنرل ڪورٽلينڊٽ طرفان کيس موڪليل ڪمڪ تمام تڪڙي تڪڙي اچي پهتي. انهيءَ ۾ ڇهه توبون ۽ پيادن جون ٻه ريجمينٽون هيون، جن جي اچڻ ڪري ڏينهن جي قسمت ۾ ڦيرو اچي ويو. سک پيادن جو جيڪو وڏو حصو پٺاڻن جي ويجهو اچي چڪو هو، تنهن کي نئين آيل فوج جي گولن اچي کنيو، جن جي کين ڪابه خبر ڪانه هئي. ساڳئي وقت مددي فوج جي ٻن ريجمينٽن به حملو ڪري ڏنو. پٺاڻ سوارن جي هڪ جٿـي به سندن ساٿ ڏنو. نتيجو اهو نڪتو جو هنن سکن جي ٻن توبن تي وڃي قبضو ڪيو ۽ سک مونجهه ۾ وٺي ڀڳا. سندس مهندار رنگرام اڳيئي ڀڄي چڪو هو. ويتر ليفٽيننٽ ائڊورڊ جي سڄي فوج به وڌي آئي، انڪري اهي ويتر تڪڙا ڀڳا. دائودپوٽن ان وقت پاڻ سنڀالي ورتو ۽ چڱو ڪم ڏنائون ۽ سکن جي ڀڄندڙ فوج کان ٻه توبون ٻيون به کسي ورتائون. اهو اٿوَ ڪانيري جي جنگ جو احوال ۽ جنهن ۾ اهو ساڳيو فتح محمد هو، جنهن کي هڪ انگريز جرنيل جي حڪم تي هڪ جڙتو قرض جي باري ۾ قيد ڪيو ويو هو، مٿس انگريزن جي قيديءَ کي ڀڄائڻ جو ڏوهه مڙهيو ويو هو. ۽ کيس نه فقط سندس عهدي تان لهرايو ويو هو پر ان سان گڏ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ سندس نائب، هـُـن جي بيعزتي به ڪئي هئي. هاڻي انهيءَ ساڳئي ماڻهوءَ فوج جي هڪ خاص حصي جي ڪمان سنڀالي انگريزن جي جاني دشمن مولراج تي پهرين ۽ شاندار فتح حاصل ڪئي. ليفٽيننٽ ائڊورڊس بنا ڪنهن رياء جي فتح محمد جي بهادريءَ جي ساراهه ڪئي آهي، ۽ پاڻ مڃي ٿو ته سندس ئي حڪم موجب دائودپوٽن جي فوج ڇهن ڪلاڪن جي جنگ کان پوءِ پوئتي هٽي هئي، ۽ پنهنجي بيهڪ ساڄي بازو مان ڦيرائي ڏائي بازوءَ تي آندي هئي. هـُـن پوڙهي وزير تي بيوقوفيءَ جو الزام ڌَري ٻڌايو آهي ته جنهن وقت توبن جا گولا سندس مٿان پئي گذريا، ان وقت هو وڻ هيٺان بيپرواهه ٿيو تسبيح جا داڻا سوري رهيو هو. سندس چوڻ آهي ته جوش ۾ هو عمر جي ڪمزوري وساري چڪو هو، ۽ جڏهن هـُـن هڪ نظر انهيءَ ڏڪندڙ پوڙهي تي وڌي، جو ڏانهس اچي رهيو هو، تڏهن هـُـن کيس ائين ڏٺو ڄڻڪ هن کيس سڃاتو ئي ڪونه ٿي. ڏسڻ ۾ ايندو ته هڪ اهڙو ماڻهو جو ريڊزڪي يا ويلنگٽن جي عمر کان وڌيڪ عمر گذاري چڪو هو ۽ جو چار ويهون (اَسـِـي) سالن جون پوريون ڪري چڪو هو ۽ تازو جيل مان نڪري آيو هو، هاڻي اهڙو ماڻهو ڪيئن ٿو هڪ بهترين يورپي آفيسر سان هوشياريءَ ۽ لياقت ۾ پڄي سگهي. جيڪڏهن هو وڻ جي هيٺان بنا ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ويهي رهيو هو، ته انهيءَ ۾ ڀؤ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ليفٽيننٽ ائڊورڊس پاڻ به ته ساڳي ڪار ڪئي هئي. جـُـون جي ساڙيندڙ اُس ۾ جتي وڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ڇانوَ نه هجي ۽ جتي نه پاڻيءَ جو ڍڪ ملي ۽ نه ٿڌي هوا هجي، ته پوءِ اهڙي حالت ۾ وڻ جي هيٺان نه ويهجي ته ڪٿي ويهجي. سـِـک مهندار رنگرام پاڻ به ته بنان ڪنهن ڪم ڪار جي ويٺو هو، جنهن کي اسان جي ڪمانڊرن کان وڌيڪ خبردار ٿيڻ کپندو هو. چون ٿا ته هو نونار جي ڳوٺ جي ڀرسان ٽڪريءَ تي هڪ هاٿيءَ جي مٿان چڙهيو بيٺو هو، ۽ اتان بيٺي جنگ جو تماشو ڏٺائين. جڏهن ته اسان جون فوجون وڌڻ لڳيون، تڏهن هو جنگ جي ميدان کان تمام گهڻو پري وڃي بيهي رهيو. انگريزن جيڪي کيس تڪليفون ڏنيون هيون، انهن جي صـَـلي ۾ ٻين ڏيهي رئيسن وانگر فتح محمد جو ڪم هو ته هو ميدان ڇڏي وڃي يا وڃي دشمن سان ملي. پر فتح محمد ائين ڪونه ڪيو. هو سڄو وقت حملي جي سـَـٽ جهليندو رهيو، ۽ جنگ ڪندو رهيو. ان کان پوءِ هو سڄي بازوءَ تان پاڻ بدلائي کٻي هٿ تي وڃي بيٺو، ۽ دشمن کي تباهه ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏنائين. هڪڙي ماڻهوءَ، جنهن انهيءَ جنگ ۾ اهم حصو ورتو، تنهن جو رايو آهي ته فتح محمد تي ڪنهن به قسم جي تنقيد ڪرڻ جو ڪو جواز ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به ڪنهن خوف کان نه ڊنو آهي. جيڪڏهن هو دشمن کان هٿ ڪيل توبن کي جنگ جي ميدان ۾ نه رکي ها ته پوءِ مٿس ڪڏهن به ڪمزوري وغيره جو الزام نه مڙهيو وڃي ها. سندس دعويٰ هئي ته اهي توبون اسان جي گڏيل فوج جي وڏي حصي سان وابسته هيون، جن ڇهه ڪلاڪ دشمن جو مقابلو ڪيو ۽ ساڳئي وقت سوار فوج به مهيا ڪري ڏني، جنهن دشمن کي ڀڄائڻ ۾ وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. اهڙين توبن کي جنگ جي ميدان ۾ ڇڏڻ کان هن نابري واري، ڇاڪاڻ ته اهي سندن فوج دشمن کان هٿ ڪيون هيون. انهن توبن کي ڇڏي ڏيڻ سان سندس فوجن جي دل شڪني ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته اهي وڏيءَ محنت سان دشمن کان کٽيون ويون هيون. ساڳئي وقت پٺاڻن وٽ ڪوبه ڍور ڍڳو وغيره ڪونه هو، پر فتح محمد وٽ ان وقت ڇهه سؤ ڍڳا هئا، جن کي هن جوٽائي توبون جنگ جي ميدان مان ڪڍارائي ورتيون. ميجر ائڊورڊس ڪتاب جي صفحي 417 تي فتح محمد جي باري ۾ غلط قصو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن کي ”ڀاڄوڪڙ“ جو خطاب ڏنو ويو آهي. انهيءَ قصي جي متن موجب کيس دغاباز ۽ ملڪ دشمن ڪري ثابت ڪرڻو آهي، پر ساڳئي وقت ڪئپٽن ائڊورڊس جو اهو بيان آهي ته فتح محمد جو انگريزن جي طرف کان هجڻ سندن خوش قسمتي آهي، ڇاڪاڻ ته هو انگريزن کان وڌيڪ سنڌ ۽ ان سان لاڳو ملڪن جي حالتن کا پنجاهه سالن کان وٺي واقف هو. فتح محمد انهيءَ غوري خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن هندستان کي شهنشاهه ڏنا هئا، پر جنهن شاخ مان هو آيو هو، تنهن مان ڪوبه وڏي عهدي تي ڪونه هو ۽ سندس پيءُ هڪ اسڪول ماستر هو. فتح محمد پنهنجي اوائلي زندگي هڪ مشهور پير جي مريديءَ ۽ صـِـدق ۾ گذاري، جنهن کي درياء جي ٻنهي ڪــَـپن تي وڏو ملڪ قبضي ۾ هو، پر جيئن ته پير هڪ سخت ۽ جهيڙاڪ ماڻهو هو، انڪري فتح محمد کيس ڇڏي وڃي بهاولپور جي خان وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو، جو هاڻوڪي خان بهاول جو ڏاڏو هو. هي واقعو اٽڪل پنجاهه سال اڳ جو آهي، جڏهن فتح محمد پنجٽيهه سالن جو هوندو. انهيءَ کان پوءِ پير، بهاول خان سان به تڪرار ڪري وڌو، جنهن تي بهاول اُچ تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو. پيرَ ڀڄي خيرپور ۾ پناهه ورتي، ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو بهاول خان ۽ سنڌ جي ميرن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي. فتح محمد ان وقت بهاول خان جي فوج جو مهندار هو پر کيس شڪست ملي ۽ پيرَ کي وري به اُچ جي گادي ڏياري ويئي. کيس فقط شهر جي حڪومت ڏياري ويئي پر سندس زمينون واپس نه مليون ۽ وقت گذرندو ويو. بهاول خان مري ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ سعادت خان تخت تي ويٺو، جنهن جي دؤر ۾ فتح محمد وزارت جي عهدي تي مقرر هو. هڪ ڏينهن خان پنهنجي وزير فتح محمد سان گڏ، ساڳئي اُٺ تي سوار هو، خان اڳيان ۽ فتح محمد پٺيان، جيئن ئي اُٺ هـُـشيو ته سوار لهن، تيئن سعادت خان جي هڪ مائٽ سنجر خان، خان تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو. تلوار جي ڌڪ سان اُٺ کي به ڦٽي وڌو، انڪري اُهو اٿي ڀڳو ۽ فتح محمد هيٺ ڪـِـري پيو. هـُـل ۽ گوڙ ۾ سنجر خان کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيئن ته فتح محمد ڪِـري پوڻ سبب پنهنجي آقا جي مدد نه ڪري سگهيو، انڪري سمجهيو ويو ته هو به انهيءَ سازش ۾ سنجر خان سان شريڪ هو. فتح محمد کي انهيءَ ڪري پنهنجي جان بچائڻ خاطر ڀڄڻو پيو. هو پهرين ملتان هليو ويو، جنهن جو حاڪم مظفر هو. هي اهو مظفر هو، جو رنجيت سنگهه خلاف شهر جي بچاءَ ۾ جنگ ڪندي مارجي ويو هو. بهاولپور جي خان کيس تاڪيدي نياپو ڏياري موڪليو ته فتح محمد کي پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن کي ميجر ائڊورڊ بنا ڪنهن سبب جي فتح محمد جي شرارت قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ هن جو مطلب ستلج ۽ شجاع آباد جي وچ ۾ سڄي ملڪ تي قبضو ڪرڻو هو. ملتانين کي شڪست پهتي ۽ فتح محمد لاهور ڀڄي ويو، جتي رنجيت سنگهه وٽ سندس وڏي مان سان آجيان ڪئي ويئي. مذهبي يا ڪنهن ٻئي خيال کان هن رنجيت سنگهه وٽ نوڪري ڪانه ڪئي ۽ ديره غازي خان جي رستي اتر سنڌ ۾ پهتو، جتي کيس هڪدم وزير اعليٰ جي عهدي تي فائز ڪيو ويو. خيرپور ۾ ٿيل سندس آجيان، مير سهراب ۽ رستم جو سندس لاءِ پيار، ۽ ان جي ابتڙ ميجر ائڊورڊس جو سندس باري ۾ ڏنل بيان، ڪنهن طرح سان نٿو ٺهڪي اچي، پر انهيءَ کان وڌيڪ غير موزون وري اهو قدم هو، جو سڀ کان پوءِ کنيو ويو. بي بنياد شڪ، جن جي ڪري کيس بهاولپور مان ڀڄڻو پيو، سي هاڻي دور ٿي چڪا هئا، ۽ سندس بيگناهي اهڙي ته پڌري ٿي پيئي هئي، جي هاڻوڪي خان سندس آزادي، مير علي مراد کان خريدي، کيس وڏي ۾ وڏو عهدو به ڏيڻو ڪيو. فتح محمد جي معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو آهي ته اتر سنڌ ۾ هيءُ پهريون ئي ماڻهو هو، جنهن انگريزن جي سفير جو آڌرڀاءُ ڪيو هو. برنس جي سفرنامي جي ٽئين جلد ۾ سندس ۽ انهيءَ آفيسر جي ملاقات جو هيءُ بيان ڏنل آهي: ”اسان جي درياء جي ڪپ تي خيرپور جي وزير سان اچرج جهڙي ملاقات ٿي، جنهن کي مير رستم خان اسان ڏانهن موڪليو هو. هـُـن انهيءَ وقت ئي اسان جي انگريز حڪومت سان عهدنامي ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ انهن پاڙيسري رياستن جو ذڪر به ڪيو هو، جن جو وجود انگريزن سان ڪيل عهدنامن جي ڪري موجود هو، جهڙوڪ دائودپوٽن جو رئيس، جيسلمير جو راول ۽ بيڪانير جو راجا. هـُـن اهو پڻ ٻڌايو ته جوتشين جي اڳڪٿي آهي ته انگريز هڪ ڏينهن سڄي هندستان تي قبضو ڪندا ۽ انهيءَ جي اڳڪٿيءَ ۾ ٻنهي جو يعني ته سندس ۽ مير رستم خان جو ايمان هو. جڏهن کانئس اهو پڇيو ويو ته خيرپور جا مير انگريزن سان ڇو عهدنامي ڪرڻ جي خيال ۾ آهن، تڏهن وراڻيائين ته ”انگريزن جو تارو چوٽ تي آهي ۽ سندن بخت بلند آهي.“ مون کي هاڻي وڌيڪ هي چوڻو آهي، ته فتح محمد هاڻي هڪ جاگير تي رهي ٿو، جا بهاولپور جي خان کيس ڏياري آهي ۽ اتي کيس عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. مون کي اها اميد آهي ته ڪانيري جي فتح، جنهن سندس ستائيندڙن جي عزت وڌائي آهي، ان کي خيال ۾ رکي، من ڪو سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي. جن ماڻهن لاءِ هو اها جنگ وڙهيو هو، يعني ته انگلينڊ جا ماڻهو، سي انعام ڏيڻ ۾ آهن ته سست، پر ان هوندي به مون کي اميد آهي ته مـَـن کيس ڪو اجورو ڏيارين. مرتبي جي لحاظ کان خيرپور جي ميرن ۾ ٻيو نمبر مير رستم خان جي وڏي پٽ محمد حسين جو آهي. سندس عمر هاڻي پنجيتاليهه سال ٿيندي. هو جيتوڻيڪ اتر سنڌ ۾ هڪ فوج جو مهندار هو، پر ان هوندي به هن سر چارلس جي دشمنيءَ واريءَ اڳرائيءَ خلاف ڪو قدم نه کنيو هو. هن پنهنجي پيءُ کي اها به صلاح ڏني هئي ته، گهر جي ماڻهن کي خيرپور کان ٻاهر نه موڪليو وڃي ۽ ساڳئي وقت مير رستم خان جي حيدرآباد ڀڄي وڃڻ وقت به هن پنهنجي پيءُ سان گڏ وڃڻ کان بلڪل نابري واري هئي. هن ڪڏهن به پڄندي سارو انگريز جنرل کي ناراض ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو هو. سندس پيءُ ۽ ڀائرن جي قيد ٿي وڃڻ کان پوءِ هو پنهنجي ماءُ، مير رستم خان جي بيواه ۽ خاندان جي ٻين عورتن سان بڙديڪا مان لنگهندي، مـَـرين ۽ مزارين وٽ ڪي ڏينهن ترسيو هو، جن سندس بدقسمتيءَ تي ترس کائي کيس پناهه ڏني هئي. ڪجهه سالن کان پوءِ ملتان هليو ويو، پر اتي جي سـِـک حاڪم به کيس شهر اندر گهڙڻ کان منع ڪئي. پر کيس اها اجازت ڏنائين ته سرحد تي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڀلي وڃي رهي، ۽ اُتيئي هو اڃا تائين رهيو پيو آهي. مير علي مراد تي جيڪا ڪميشن ويٺي هئي، انهيءَ ۾ هو پاڻ لنگهي آيو ۽ گرفتاريءَ جو به خيال نه ڪيائين. اتي اچي اهڙي ته سادگيءَ ۽ دل لـُـڀائيندڙ نموني ۾ شاهدي ڏنائين، جو سڀني ماڻهن جي دل ۾ سندس لاءِ عزت پيدا ٿي ۽ هو سندس ساراهه ڪرڻ لڳا. انگريز گورنمينٽ سندس ڪيل گناهن جي پاداش ۾ کيس پنج سؤ رپيا مهينو پينشن منظور ڪري ڏني، جا هن وٺڻ کان نابري واري ۽ چيائين ته اها رقم سندس ۽ سندس خاندان جي ماڻهن لاءِ بلڪل اڻپوري آهي. ساڳئي وقت هن انهيءَ خيال کان به انڪار ڪيو جو ڪنهن ڏوهه جي مٿس تهمت مڙهي ۽ کيس پوءِ پينشن ڏني وڃي. اها سندس لاءِ بيعزتيءَ جو باعث ٿيندي. اهو اٿوَ محمد حسين - جنهن کي اسان سندس ملڪ مان تـَـڙي ڪڍيو، ۽ هو پنهنجي خاندان جي زالن سان هڪ پناهگير وانگر ڌڪا کائيندو رلندو رهيو. ننڍڙن اميرن، جي مير رستم خان ۽ مبارڪ خان جي اولاد مان هئا، تن کي سر چارلس نيپئر، مير علي مراد جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪـِـيني ۽ ڌڪار سبب مٿن هر ڪنهن قسم جا ظلم ۽ زيادتيون روا رکيون. نتيجو اهو نڪتو جو اهي بک ۽ اُڃ، ٿڌ ۽ اگهاڙپ ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ لڳا. هنن جيڪو سر چارلس نيپئر کي ياداشتنامو موڪليو هو، ته سندن حالت اهڙي ته خراب آهي جو انهيءَ کان سندن لاءِ بهتر آهي ته مري وڃن. علي مراد جو هڪ معمولي نوڪر به سندن حالت جي ڀيٽ ۾ آرام سان آهي ۽ خوشحال گذاري ٿو. انهن مان ڪيترائي ته گذاري ويا آهن ۽ باقي جيڪي رهيا آهن، انهن لاءِ جيڪڏهن انگريز سرڪار وچ ۾ نه پوندي، ته اهي بکن وگهي، انهن ظلمن ۽ زبردستين جو شڪار ٿي مري ويندا. ”هي اهي سؤٽ ۽ ڀائٽيا آهن، جن جو سؤٽ ۽ چاچو حڪومت جو مالڪ هئڻ ڪري آزاد آهي، پر آهي پنهنجن جو ويري.“ حيدرآباد ۾ قيد ٿيل ميرن جي کين گهٽ ڄاڻ آهي، مير نصير خان، صوبدار خان ۽ صوبدار جو وڏو پٽ فتح علي جهان ڇڏي ويا آهن. ميرپور جو شير محمد خان لاهور ۾ آهي ۽ هو سـِـکن واريءَ جنگ جي عرصي ۾ سڄو وقت اتي رهيو. هن اتي پنهنجيءَ تلوار سان اسان جي دشمن جي مدد ڪئي هئي، پر فقط انهيءَ ڪري جو کيس سندس گهر مان تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو هو. غلام عليءَ جو پٽ مير محمد خان ۽ سندس ڀائٽيا يعني ته مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا پٽ اڃا جيئرا آهن. اٺ سال ٿي ويا آهن، جو کين سندن خاندان کان ۽ ويجهن عزيزن کان جدا ڪيو ويو آهي. نور محمد جي وڏي پٽ شهداد خان کي سورت جي قلعي ۾ هڪ معمولي ڏوهاريءَ وانگر قيد ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿس اها تهمت هئي ته هن ڪئپٽن اينس کي قتل ڪيو هو، آخر گورنر جنرل کيس بچاءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. 20- مئي 1848ع تي ڪورٽ منعقد ٿي ۽ ان جي اڳيان مقدمو هلايو ويو ۽ پوءِ کيس عزت سان بـَـري ڪيو ويو. اهو اٿو انگريزن جو انصاف! پنج سال هڪ قيدي شهزادي کي معمولي ڏوهاريءَ وانگر جيل ۾ رکي ۽ پوءِ کيس باعزت بري ڪرڻ جي سزا ڏني ويئي. انهيءَ کان پوءِ کڻي هيءُ ماڻهو سندن جند ڇڏين ها، پر نه. سورت جي ڇـُـٽي پر وري به کيس پنهنجي گهر کان گهڻو پري بنگال جي اڻوڻندڙ ۽ گنديءَ هوا ۾ اڇلايو ويو. ظلم جي به هڪ حد ٿيندي آهي، ۽ هي انگريزي ظلم جو هڪ آخري نمونو هو، جو انهيءَ شهزادي جي خلاف استعمال ڪيو ويو هو. چيو وڃي ٿو ته شهداد خان فقط ڪي مهينا اتي جيئرو رهيو ۽ پوءِ مري ويو. ڪلڪتي ڏانهن ويندي شهداد خان سان هڪ اهڙي انگريز جي ملاقات ٿي، جو تمام وڏي عهدي تي فائز هو، ۽ هن هيءُ بيان سندس باري ۾ ڏنو آهي: ”مير شهداد خان سان منهنجي گفتگو اهڙيءَ طرح ٿي جهڙي هڪ اوپٽو ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. حالتن موجب مون کي ٻه ڪلاڪ اسٽيمر تي رهڻو پيو، ۽ جيئن ته هو مون کي هڪ عزت وارو، خوش پوشاڪ ڏيهي ماڻهو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، انڪري مون ساڻس ملاقات ڪرڻ گهري. مون کيس وڃي سلام ڪيو، جنهن جو هن نهايت فهميدي نموني سان، جو اوڀر جي ملڪ جي عام عادت آهي، سلام جو جواب ڏنو. جيتريقدر مون کي يادگيري آهي ته مون کانئس سندس سفر متعلق پڇيو ۽ پوءِ اسان ٻنهي ٻاڦ جي طاقت ۽ ان تي هلندڙ مشينن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. آخر ۾ هن مون کان پڇا ڪئي ته هينري پاٽنجر ڪڏهن موٽي ايندو؟ هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاٽنجر سندس ۽ سندس خاندان جو دوست آهي، انڪري کيس ساڻس ملاقات ڪرڻ جي وڏي خواهش آهي. هن مون کان سنڌ بابت ۽ پڻ مير علي مراد خان بابت ڪي سوال به ڪيا. جيئن ته آءٌ ڪلڪتي ۾ رهيو هوس، ۽ ميرن کي سوار ٿيندي ڏٺو هوم، انڪري وري ڪلڪتي بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. هن مون کان پڇيو ته سر چارلس نيپئر ڇا ڪري رهيو آهي ۽ سندس باري ۾ چيائين ته هو هڪ بهادر جرنيل آهي. هن اهو خيال ظاهر ڪيو ته سر چارلس نيپئر هڪ سٺو ماڻهو ٿي سگهي ها، جيڪڏهن کيس هتي جي ماحول جي خبر هجي ها، ماڻهن جي ٻوليءَ، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ريتن رسمن کان واقف هجي ها. ساڳئي وقت هن کي اها به خبر ڪانه هئي، ته ميرن جا ڪهڙا حق آهن، نه ته هو ڪڏهن به ساڻن اهڙي هلت نه ڪري ها. هينري پاٽنجر يا ٻين ڄاڻو معزز حضرات وانگر جيڪڏهن کيس ماحول جي خبر هجي ها، ته هو ڪڏهن به سندس خاندان کي نقصان نه پهچائي ها. اهو هو اسان جي گفتگوءَ جو متن. مون کي ياد آهي ته آءٌ انهيءَ مير جي برداشت جي جذبي ۽ سخاوت تي حيران ٿي ويو هوس، ڇاڪاڻ ته هو هڪ اهڙي جرنيل جي ساراهه ڪري رهيو هو، جنهن سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو ته کيس (سر چارلس کي) به انهيءَ رواداريءَ جو احساس ٿيو هجي. شهداد جي انهن لفظن کي نيپئر جي اکرن سان ڀيٽيو ۽ فيصلو ڏيو ته ڪهڙا اکر اسان جي مذهب جي اصولن سان وڌيڪ ملي جـُـلي اچن ٿا. ”پنهنجي دشمن کي پيار ڪريو، انهن کي دعا ڪريو جي اوهان کي پـِـٽين ٿا، ۽ انهن سان چڱائي ڪريو جي اوهان کي ڌڪارين ٿا“. سر چارلس نيپئر کي رڳو انهيءَ ڳالهه تان ڪاوڙ لڳي هئي، جو هنن ميرن کيس ڪيل درخواست ۾ عيسيٰ عليه السلام جن جي نالي تي رحم جي درخواست ڪئي. ڇا، کيس اها خبر نه آهي ته مسلمان عيسيٰ عليه السلام کي هڪ وڏو پيغمبر ڪري ٿا مڃين ۽ کيس روح الله ڪري ڪوٺين ٿا. انهيءَ ۾ ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي، جو هو ڪرستانن کي هڪ اهڙي نالي سان درخواست ڪن ٿا، جنهن کي هو تمام گهڻي عزت ڏين ٿا. هاڻي ٻڌايو ته انهن ٻنهي مان ڪهڙو غير مهذب آهي. اهو جو نجات ڏيندڙ جي نالي تي رحم ٿو طلبي يا اهو جو رحم نٿو ڪري. جيڪو سندس نالي تي رحم جي درخواست رد ٿو ڪري، اهو سمجهو ته عيسيٰ عليه السلام کي ئي ٿو رد ڪري. آخر ۾ انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ هي ٿورا اکر چوڻ ضروري آهن، ته سنڌ جي فتح نه فقط هڪ گناهه هو پر فرينچن جي ٽوڪ واري چوڻيءَ ۾ انهيءَ کان به وڌيڪ خراب يعني ته هڪ سياسي غلطي هئي. حيدرآباد جي قلعي ۾ جيڪڏهن سچ پچ ٻه ڪروڙ رپيا هجن ها، جيئن سر اليگزينڊر برنس پـَـٽ هنيو آهي يا لارڊ ايلنبرو جي چوڻ موجب نئين مصر جي چانديءَ جي چمڪندڙ لارَ ٺاهڻ جي ڪم اچي ها، پوءِ مڙيئي خير هو. ڇاڪاڻ ته زر جي لالـچ ۾ انهن بدقسمت ماڻهن سان ٿيل ظلم جي باري ۾ هرڪو ڪن بند رکي ها. ماڻهن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو آهي، جو حرام جو هٿ ڪيل مال واپس ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قوم غلط نموني ۾ هٿ ڪيل نفعو ڪڏهن به واپس نه ڪيو آهي، پوءِ انهيءَ ۾ ڀل ته ڪهڙي قسم جون زيادتيون ڪيون ويون هجن. ڪرنل آئوٽرام جو مثال ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو. کيس 5 (پنج) لک انعام طور ڏنا ويا، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته کيس اهو احساس هو ته انهن پئسن جي ڪري ئي ميرن جي مٿان تباهي مڙهي ويئي هئي. اهوئي سبب آهي جو هن آخر ۾ هڪ زبردست اپيل ڪري ڇڏي آهي. اها اپيل هڪ خراب ۾ خراب، انساني لوڀ جي جذبي کي ڪيل آهي، ۽ پڻ اسان جي پئسن گڏ ڪرڻ جي حرص کي آهي. پر قسمت سان يا بدقسمتيءَ سان، جيڪو چانديءَ جو چمڪاٽ سٽيو ويو هو، سو گلٽ ۾ بدلجي ويو. اسين پڙهندڙن کي گذارش ڪنداسين ته نيپئر جا اکر پڙهي ۽ پوءِ ان کي انهيءَ سچي فهرست سان ڀيٽين جا اسان ۾ هن گڏ رکي آهي: ”سنڌ جي اُپت سان تعلق رکندڙ سڀني ماڻهن جي اها عام راءِ آهي، ته اها تمام گهڻو وڌي ويندي. سٺي ۾ سٺو ڪليڪٽر سمجهي ٿو ته اها پنج سالن ۾ ڏهه لک پائونڊ ٿي ويندي. ساڳئي وقت اهو به ضروري نه آهي ته ڪو سرڪار جو خرچ وڌندو“. انهيءَ راءِ کي رد ڪرڻ لاءِ سچن انگن اکرن پيش ڪرڻ جي طريقي تي تبصرو ڪرڻ ضروري ٿيندو. ائين ڪرڻ ۾ اسين سمجهون ٿا ته اسين پڙهندڙ کي مصر جي پراڻي چوڻي ياد ڏياري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته اها پڪ آهي ته جنرل جي ڏٻري ڳئونءَ پنهنجي اڳينءَ متاري جائنشين ڳئونءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ مال اوتري جو اوترو رهيو! سنڌ جي ايراضي 45000 چورس ميل ٿيندي ۽ انهيءَ جو پنجون حصو مير علي مراد جي ملڪ آهي. آدمشماريءَ جي به عجيب نموني ڳڻپ ٿي آهي. هاڻي جيڪو نئون مقالو ”ڪلڪتا ريويو“ ۾ ڇپيو آهي، تنهن موجب انگريزن جي هٿ هيٺ سنڌ ۾ 525000 ماڻهو رهن ٿا ۽ ان ۾ جيڪڏهن هڪ ڀاڱي اَٺ مير علي مراد جي رعيت ڳنڍيو (ڇاڪاڻ ته سندس ملڪ ايڏو آباد ڪونهي) ته پوءِ جملي آدمشماري 690000 ٿيندي. انهيءَ موجب هر هڪ چورس ميل ۾ ڳڻپ جي لحاظ کان پندرنهن ماڻهو في چورس ميل ۾ ايندا. آدمشماري تي نظر ڪرڻ سان اسان کي انهيءَ ملڪ جي آباديءَ ۽ ان جي حالت جو پورو پورو اندازو ٿي سگهي ٿو. قسمت سان اسان کي سنڌ جي ماڻهن بابت پهريون دفعو صحيح فهرست ملي آهي، جا اسان پڙهندڙ اڳيان رکون ٿا. جنهن ۾ جدا جدا جنسن جي ورهاست به ڏيکاريل آهي: سنڌ جا مير هڪ اهڙي ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا، جنهن جي ايراضي 45000 چورس ميل هئي، ۽ انهيءَ جي آدمشاري يارنهن لک کن هو. جنهن جو مطلب آهي ته هر چورس ميل تي چوويهه ماڻهو رهندا هئا. هاڻي اهڙو ملڪ، جنهن جي ايتري ڇڊي آبادي هجي، اتي ڇهن لکن کان مٿي محصول حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو. سنڌ جي آدم شماري برٽش انڊيا جي آدمشماري جو هڪ ڀاڱي چورانوي حصو هو، ۽ ساڳئي وقت ان جي ايراضي برٽش انڊيا جي هڪ ڀاڱي ڏهه هئي. اهو ملڪ جيڪر هڪ آباد ڪئليفورينيا ٿي سگهي ها، ۽ سر چارلس نيپئر جي خواب جي تعبير به ٿي وڃي ها. (پر ائين نه ٿي سگهيو). هاڻي اچو ته انهن سڌارن تي بحث ڪريون، جي اسان جي حڪومت وڌيڪ اُپت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيا هئا. ميرن جي وقت ۾ سنڌ، جدا جدا پرڳڻن يا صوبن ۾ ورهائي ويئي هئي، جي وري تپن يا ضلعن ۾ ورهايل هئا. هر هڪ پرڳڻي تي هڪ سزاوال يا وڏو ڪليڪٽر مقرر ڪيل هو، جنهن کي هڪ خزانچي ۽ اٺن - ڏهن گماشتن ۽ سپاهين جي جماعت مدد لاءِ ڏني ويئي هئي. تـَـپي تي وري ڪاردار رکيل هو، جنهن کي پڻ زيردستن جو هڪ ننڍو عملو ڏنل هو، پر اهو هو سزاوال جي زيردست. انهن عملدارن کي چڱو پگهار ڏنو ويندو هو، خاص ڪري سزاوال کي، جي گهڻو ڪري سٺي خاندان مان هئا چڱي لياقت رکندڙ هئا، کين پنج سؤ رپيا پگهار ڏنو ويندو هو، جنهن سان اُهي سنڌ جهڙي هڪ غريب ملڪ ۾ فراغت سان گذاريندا هئا. سال ۾ ٻه دفعا لاباري جي وقت يعني ته بهار ۽ سرءُ جي موسم ۾ هرهڪ مير جو مخفي ماڻهو، عيوضيءَ جي حيثيت ۾ سندس ملڪ ۾ وڃي پهچندو هو، ۽ اتي وڃي سزاوال کان حساب ڪتاب وٺندو هو. جيڪا به غلطي وغيره هوندي هئي اها ٺيڪ ڪندو هو، ۽ ماڻهن جي درخواستن تي به انهيءَ وقت غور ڪري فيصلو ڪيو ويندو هو. هي خاص عيوضي ميرن جو مائٽ هوندو هو ۽ اهو سندس فرض هو ته ڏسي ته ماڻهن تي ظلم ۽ زيادتي ته نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته هاريءَ ناريءَ تي جيڪڏهن ڪنهن هڪ هنڌ تي ظلم ٿيندو هو، ته پوءِ هو انهيءَ امير جو ملڪ ڇڏي وڃي ٻئي جون زمينون وسائيندو هو. انهن عملدارن ۽ پڻ سزاوال ۽ ڪاردارن ۾، حّي نوڪري ۾ هئا، هڪ اڻلڀ خاصيت اها هئي جو هو ماڻهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا. انهن جي روزگار جي ذريعي، انهن جي عادتن ۽ پڻ انهن جي اُٿ ويهه کان به هو واقف هوندا هئا. جيئن ته اهي سڄي عمر اتي رهندا ٿي آيا ۽ اتي جي ٻولي وغيره کان به واقف هئا، انڪري رعيتي ماڻهو ساڻن ڪا ٺڳي يا دولاب نه ڪري سگهندا هئا، جا هو هڪ ڌارئين يا ڌارئي ملڪ جي ماڻهن سان ڪندا آهن. اسين پاڻ کي ڪيڏو به کڻي پڏايون، پر اهو قبول ڪرڻو پوندو ته ميرن جي انهيءَ روينيو آفيسرن جي هٿ هيٺ ماڻهو خوشحال گذاريندا هئا. وڏو فائدو کاتيدار کي اهو هو، جو سڀني فصلن تي ڍل به کانئن جنس ۾ ورتي ويندي هئي. فقط تماڪ، ڪمند ۽ ڀاڄين وغيره تي، جي گهڻو ڪري شاهوڪار ماڻهو پوکيندا هئا، روڪڙ ۾ ڍل ورتي ويندي هئي. انهيءَ کان سواءِ ٻين سڀني زمينن تي سرڪاري حصو جنس ۾ ورتو ويندو هو. جنهن ۾ ڍل جو حصو موسم جي اُپت جي آڌار تي ورتو ويندو هو، ۽ زمين جي ايراضيءَ موجب نه اڳاڙيو ويندو هو. بٽئيءَ وقت هڪ ٿورو حصو ڪاسگيءَ جي نالي سان، وڏن زميندارن کان ورتو ويندو هو. ڏٺو وڃي ته سرسري طور سرڪاري حصو اُپت جو ٻه ڀاڱي پنج يا هڪ ڀاڱي ٻه وڃي بيهندو هو، جو هاڻي اتر- اولهه واري علائقي ۾ زمين جي مقرر ڪيل ڍل جي برابر آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته نيپئر انهيءَ نظام ۾ ڪهڙا سڌارا آندا. سڀ کان پهرين سزاوال، جنهن جي آزمودي ۽ صلاح انگريزن کي ملڪ جي واءُ سواءُ کان واقف ڪيو هو، تنهن جو عهدو گهٽائي کيس ڪاردار بنايو ويو. کين جيڪو پگهار ميرن وٽان ملندو هو، انهيءَ کي گهٽائي پهرين هڪ ڀاڱي پنج ۽ پوءِ هڪ ڀاڱي ڏهه ڪيو ويو، ۽ سندن عهدن تي يورپي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا، جن کي ڪابه تربيت وغيره نه ڏني ويئي هئي. اهي ايتريقدر ته اڻڄاڻ مقرر ڪيا ويا، جو کين فصلن بابت ڪابه خبر ڪانه هئي. اڳين ڪاردارن جو پگهار به گهٽائي اڌ ڪيو ويو هو، ۽ کين ۽ سزاوال کي بنا ڪنهن امتياز جي بي اصول بدمعاش ڪري تصور ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح ٿوري وقت ۾ اشراف ماڻهن کي چونڊي ڪڍيو ويو، ۽ سندن جاءِ تي اهڙا هٻڇي مقرر ڪيا ويا، جن کي فقط ڪمائيءَ جي لڳي پيئي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو اُهي رعيت کي بنان ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي تمام گهڻو ڦرڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ هڪ عالمگير ٺڳيءَ اچي منهن ڪڍيو. ٿيو ائين، ته رستن تي بدمعاش قطارن جون قطارون ٺاهي سرڪاري ماڻهن جي پوشاڪ پهري پاڻ کي سرڪاري نوڪر هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳا. مارشل لا لڳل هو، جنهن جي ڪري فقط تهمت لڳڻ سان ماڻهو سخت عذاب ۾ اچي ويندو هو. سزائون ڏاڍيون ڳريون رکيل هيون، جنهن جي معمولي سزا ڏهن، پندرهن ۽ ويهن هزارن رپين تائين هوندي هئي. ان سان گڏ زنجيرن ۾ جڪڙجي قيد ٿيڻ جي به سزا ڏني ويندي هئي، جنهن جو مدو ستن يا ڏهن سالن کان به مٿي هوندو هو. اهي سزائون بروقت عمل ۾ آنديون وينديون هيون، انڪري ماڻهن جي سخت بي عزتي ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ اپيل وغيره جو به حق ڏنل هو، ۽ اهو به ضروري ڪونه هو، ته سڀني جي اپيل تي غور ڪيو وڃي. ميرن جي دور ۾ روينيو (ڍل) جو حساب ڪتاب هڪ خاص مهيني ۾ پورو ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ته موسم پٺيان موسم گذري ويئي آهي، پر اڃا تائين ڪابه سيٽلمينٽ نه ٿي سگهي آهي. سزائون ڏاڍيون سخت هيون ۽ جيئن ته يورپي حاڪم اڻڄاڻ ۽ بي آزمودگار هئا، انڪري ڪاردار ۽ سندس زبردست، ماڻهن کي ڦرڻ ۾ ڇڙواڳ ٿي پيا. ساڳئي وقت کاتيدارن تي روينيو في به مقرر ڪئي ويئي هئي، جنهن جو مـُـلهه سڀني کان هڪجيترو اڳاڙيو ويندو هو. انهيءَ نئين ڍل مڙهڻ ۾ زمين جي خاصيت، ۽ ان جي ايراضيءَ ۽ پڻ پاڻيءَ جي سهوليت يا موسم وغيره جو ڪوبه خيال نه ڪيو ويندو هو، سڀني کي هڪجيتري ڍل ڏيڻي پوندي هئي. ٿورن ايڪڙن جي زميندار کان به ساڳي ڍل ورتي ويندي هئي، جا دو آبي ۾ سٺي زمين جي هڪ تمام کان وصول ڪئي ويندي هئي. درخواستن ۽ عرضداشتن تي ڪوبه غور وغيره نه ڪيو ويندو هو. ”سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون“ جي اصول تي عمل ڪيو ويندو هو. سنڌ کي نئين حڪومت مان جيڪي ڪجهه هڙ حاصل ٿيو، اهو اسان ڏسي ورتو، هاڻي اچو ته حساب ڪتاب ڪري ڏسون. ڇاڪاڻ ته اسين سر چارلس نيپئر جي ڪيل پيشن گوئي کي داد ڏيئي سگهون ٿا. جنهن چيو هو، ته سنڌ جي اپت پنجن سالن ۾ ڏهن لکن تائين پهچي سگهندي! هن گڏ ڏنل شيڊول مان پڙهندڙ کي پتو پوندو ته انهيءَ حساب تي ڪيتريقدر اعتبار ڪري سگهجي ٿو. هن معاملي ۾ ڏنل بيانن کي حساب ڪتاب ذريعي غلط ثابت ڪري سگهجي ٿو، پر جتي حساب ڪتاب جي ضرورت نه آهي، اتي ٿي سگهي ٿو ته اهي بيان صحيح هجن! سال اُپت خرچ تفاوت 44- 1843 937937 7662979 6725042 45- 1844 2740722 5854206 3113484 46- 1845 2800817 6830984 4030167 47- 1846 2691870 6547272 3855402 48- 1847 3030230 5443559 2413329 49- 1848 2923515 4830504 1906989 50- 1849 2983750 4392420 1408670 23453083 يا 2345308 پائونڊ انهيءَ ۾ باقاعدي فوج جو پگهار ۽ الائونس شامل نه ڪيل آهن، جي سنڌ ۾ پوءِ عام فوجين ۾ ملايا ويا. اسٽيٽيڪل آفيس 11- آگسٽ 1851ع سنڌ کي والارڻ جي وقت کان وٺي ستن سالن اندر اسان هندستاني حڪومت کان اڍائي ملين (25 لک) قرض وٺي انهيءَ جي انگ کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڇا اهو اسين انهيءَ بي انصافي جي بدلي ۾ نه لوڙهي رهيا آهيون، جا اسان سنڌ ملڪ ۽ ان جي اميرن سان روا رکي هئي. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هندستاني حڪومت کي اُپت جي خيال کان ٺاهيو ويندو، پر هتي ته مورڳو 25 لکن جو مٿس بار وڌو ويو آهي. انهيءَ تي جيتوڻيڪ ناراضپو به ڏيکاريو ويو آهي، پر ان هوندي به هڪ ملڪ کي ڦٻائڻ لاءِ سندن اُپت تي ايڏو بار وڌو وڃي ٿو. اسان کي هونئن به سڀڪنهن قسم جون سهوليتون سنڌ ۾ ملنديون هيون، ۽ پڻ سرحد جي معاملي ۾ به اهو فائديمند هو. هاڻي ٻڌايو ته 25 لکن جي اجائي خرچ جي ڪري هندستان جي سڌاري تي ڪيڏو نه اثر پيو هو؟ انهيءَ رقم سان جيڪر نوان واهه کوٽجي وڃن، ۽ نيون ريلون پکڙجي وڃن ها. انهيءَ معاملي تي ڀـَـل ته مئنچيسٽر ۽ لورپول جا واپاري يا ”دڪاندار“ جيئن سر چارلس نيپئر کين سڏيو آهي، سوچين ۽ سمجهن ته هندستان جو تڏهن ڪهڙو حال ٿيندو، جڏهن انهيءَ کي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان ڇڏائي، هڪ غير جوابدار وزارت جي حوالي ڪيو ويندو. اها وزارت به اهڙي، جنهن جو هرهڪ قدم بي انصافيءَ ۽ بي ايمانيءَ تي ٻڌل هوندو ۽ جي هر هڪ ڳالهه کي پنهنجي گندي ۽ لوڀ سان ڀريل بي اصول مطلب لاءِ ٺيڪ سمجهي روا رکندا. --------------- ضميمو -1 ميجر ڊائوننگ جي کليل گهر ۾، جو اُبوءَ ۾ هو- ٿرماميٽر جي انگن اکرن ۾ ڦير گهير، مهينو اپريل 1840ع. تاريخ صبح منجهند 3 بجي شام ريمارڪس منجهند 16 72 76 79 77 صاف آسمان، هلڪو واءُ 17 72 76 79 77 صاف آسمان، واءُ مٿڀرو 18 76 80 83 81 صاف آسمان، واءُ مٿڀرو 19 78 82 85 82 صاف آسمان، تيز هوا 20 80 85 88 86 صاف آسمان، ٺار- هلڪو واءُ 21 82 86 90 88 صاف آسمان، ٺار- هلڪو واءُ 22 82 88 90 87 صاف آسمان، ٺار- هلڪو واءُ 23 82 88 90 87 صاف آسمان، ٺار- هلڪو واءُ 24 80 86 88 86 صاف آسمان، ٺار- هلڪو واءُ 25 81 87 91 86 صاف آسمان، معتدل واءُ 26 80 88 91 88 صاف آسمان، وچولي هوا 27 79 87 89 ساڍا 84 صاف آسمان، تيز هوا ۽ رات جو طوفان 28 78 83 86 82 صاف آسمان، تيز هوا 29 74 82 83 79 صاف آسمان، ٿڌو واءُ 30 73 81 84 81 صاف آسمان، هلڪو واءُ هن فهرست ۽ پڻ اَبو جي نظاري لاءِ، جو ڪتاب جي منڍ ۾ڏنل آهي، آءٌ پنهنجي دوست مسٽر وليم اسٽراچي، جو راجپوتانا ۾ گورنر جي ايجنٽ جو اسسٽنٽ هو، ٿورائتو آهيان. ضميمو -1 ابو ۾ ميجر ڊائوننگ جي لکيل گهر ۾ رکيل ٿرماميٽر جي انگن ۾ ڦير گهير- مهينو مئي 1840ع. تاريخ صبح منجهند 3 بجي شام ريمارڪس 1 76 83 ساڍا 84 85 سخت واءُ- صاف آسمان 2 83 ساڍا 88 91 87 تکيون ۽ گرم هوائون 3 89 89 ساڍا 92 ساڍا 89 نئون چنڊ- گرم هوائون 4 79 86 89 86 اوڀر کان ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا 5 76 83 ساڍا 84 82 گهميل واءُ 6 72 83 86 84 ٿڌو ۽ ڦڙت واءُ- اوڀر ۽ ڏکڻ کان 7 75 82 86 83 چست ٿڌو واءُ 8 24 80 82 80 اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٿڌو واءُ ۽ ٿورو مينهن 9 72 81 24 83 سخت واءُ- رات جو طوفان ۽ مينهن 10 65 85 86 82 5 بجي- چڱيرڙا وسڪارا 11 74 87 89 86 سانتيڪو صبح- 10 بجي هير لڳڻ 12 77 89 89 87 صبح جو گـُـهٽ- شام جو هير 13 80 90 91 88 واري تي اولهه جو واءُ 14 81 89 ساڍا 90 87 واري تي اولهه جو واءُ 15 79 86 -- 78 ٿڌڙو ماحول 16 75 84 85 82 ٿڌڙو ماحول 17 73 84 86 82 وڻندڙ هير 18 73 82 85 82 ٿڌي ۽ وڻندڙ هير 19 71 81 84 81 ڏکڻ اولهه کان سخت ۽ ٿڌي هوا 20 71 80 84 81 ڏکڻ اولهه کان سخت ۽ ٿڌي هوا 21 69 80 83 81 ٿڌي هوا ۽ ڏکڻ اولهه افق تي ڪڪر 22 68 ساڍا 81 ساڍا 84 82 تيز، ڏکڻ اولهه جي هوا 23 69 81 84 81 اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان هري هري ۽ سخت واءُ 24 69 80 85 81 ساڳي پر گهٽ تيز 25 73 82 ساڍا 85 82 صبح سانتيڪو، منجهند جو اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان هوا 26 74 84 86 82 رات جو هلڪو ڌرتيءَ جو ڌٻڻ 27 73 82 86 82 گهڻو واءُ نه 28 73 82 86 83 وڻندڙ ڏکڻ اولهه جي هير 29 78 ساڍا 82 ساڍا 84 82 --- --- 30 75 78 ساڍا 82 80 ڏکڻ جي ٿڌي هوا 31 82 79 ساڍا 82 ساڍا 80 --- --- ضميمو -1 ابو ۾ ٿرماميٽر جو حساب -- جون 1840ع. تاريخ صبح منجهند 3 بجي شام ريمارڪس 1 73 79 ساڍا 82 ---- ڏکڻ جي ٿڌي هوا ۽ جهڙ 2 73 79 83 ---- ساڳيو- پر شام جو گهٽ 3 73 84 ساڍا 86 ---- ڪڏهن ڪڏهن ڏکڻ جو واءُ - گـُـهٽ - جو اولهه کان هوا 4 76 82 84 ---- صبح جو هوا بند - منجهد جو گوڙ - شام ٿڌي 5 78 85 86 ---- ڏينهن جو هوا بند - منجهند جو گوڙ 6 78 ساڍا 86 90 ---- ساڳيو 7 80 89 92 ---- هلڪي اولهه جي هوا - ٿورن ڪلاڪن لاءِ جهڙ 8 83 89 ساڍا 92 ---- ----- ----- 9 81 89 90 ---- اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان تازي هوا 10 80 86 88 ---- گوڙ سان مينهن - جنهن جي ڪري ٿرماميٽر هڪدم ڏهه ڊگريون هيٺ ٿي ويو. 11 75 82 ساڍا 83 ---- ڏينهن جو ماٺ پر ٿڌي هوا - نوين بجي رات جو گوڙ ۽ سڄي رات جو مينهن 12 72 77 83 ---- صبح جو جهڙ - سڄو ڏينهن ٿڌڪار 13 72 77 79 ---- ابو ڇڏي 5 بجي سروهي 14 -- 94 96 ---- پهتس جو ميدانن ۾ آهي -- اتي ٿرماميٽر وڌي وڃي 96 ڊگرين تائين پهتو يعني ته بو کان 17 ڊگريون مٿي منجهند جو اتي هڪ تنبو ۽ کليل جاءِ جي وچ ۾ ڇهه ڊگريون فارن هيٽ جو فرق آهي. 1840ع جي 59 ڏينهن جي حساب ۾ ابوءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ درجه حرارت هڪ ڀاڱي 76 ڊگريون رهيون، ۽ وڌ ۾ وڌ 86 ڊگريون. انهيءَ موجب ٻه ڀاڱي نـَـوَ فرق نڪتو. جيئن ته ان وقت آبهوا گرم هئي، انڪري مٿئين فهرست کان اتي جي آبهوا جو پيمانو نٿو وٺي سگهجي. پر گهڻو ڪري سڀني حالتن ۾ ابوءَ جي هوا ميدانن کان 15 ڊگريون ٿڌي آهي. نڪي تلاءَ تي رکيل ٿرماميٽر جي رجسٽر ۾ داخلائون، جو 1841ع جي اونهاري ۾ اتي رکيو ويو هو. پوياڙيءَ جي چڪاس ٽين يا چئين بجي ورتي ويندي هئي، جو ڏينهن جو وڏي ۾ وڏو درجه حرارت سمجهيو وڃي ٿو. رات جو چڪاس نوين بجي ورتي ويندي هئي. مهينو اپريل 1841ع. تاريخ صبح پوياڙي رات ريمارڪس 8 -- 7. 78 5. 76 ------ 9 72 5. 81 76 لڙاٽيل 10 75 5. 97 74 لڙاٽيل 11 5. 71 5. 78 5. 75 اولهه جي هوا 12 2. 71 3. 77 7. 73 اوڀر جي هوا - جـُـهڙ - ڇٽڪار 11 بجي 13 5. 69 8. 74 8. 70 جهڙاٽيل 14 5. 67 75 5. 72 جهڙاٽيل 15 7. 67 2. 76 5. 72 ------ 16 5. 72 79 76 اوڀر جي هوا جهڙاٽيل 17 71 7. 76 3. 73 ------ 18 --- 7. 75 7. 71 اولهه جي هوا 19 68 5. 75 72 هوا بلڪل نه 20 69 7. 76 3. 73 هوا بلڪل نه رات ڏيڍ 21 76 5. 78 76 گهاٽا ڪڪر، گوڙ ۽ ٿورو مينهن 22 -- 5. 75 7. 72 اوڀر کان واچ 23 5. 71 70 3. 66 طوفاني هوا - گوڙ صبح 0 - 8 24 5. 72 --- 5. 71 ------ 25 5. 69 77 3. 74 ------ 26 71 . 75 اولهه جي تکي هوا 27 5. 68 5. 76 75 اولهه جي تکي هوا 28 --- 7. 74 7. 74 اولهه جي تکي هوا 29 71 3. 74 71 2 بجي اولهه کان ڌوڙ جو طوفان 30 68 ---- 3. 73 اوڀر جو جهڙاٽيل واءُ مئي 1841ع تاريخ سج اڀري پوياڙي رات 1 68 --- 76 2 3. 72 8. 78 8. 77 3 --- 5. 79 ---- تکي اولهه جي هوا 4 71 --- 3. 75 5 -- 79 ---- 6 -- --- ---- 7 -- 78 ---- 8 7. 69 --- ---- 9 5. 74 5. 80 5. 80 10 76 --- ---- 11 -- --- ---- 12 -- 5. 82 ---- تکي اولهه جي هوا 13 75 3. 81 ---- اولهه جي بدلجندڙ هوا 14 -- --- ---- 15 76 6. 81 ---- جهڙاٽيل - ٿوري هوا 16 -- --- ---- 17 -- 85 ---- لڙهاٽيل اولهه جي هوا - ٻين بجي وسڪار 18 77 85 هوا بلڪل نه 19 -- --- ---- 20 75 5. 83 اولهه جو واءُ 21 77 84 22 76 83 اوڀر جو واءُ 23 73 81 ڏکڻ اوڀر کان گهميل واءُ 24 73 --- ---- 25 26 27 5. 71 80 سخت گهميل اوڀر ۽ ڏکڻ جو واءُ 28 29 30 31 77 83 جون 1841ع تاريخ سج اڀري پوياڙي رات ريمارڪس 1 -- --- -- ---- 2 75 5. 82 -- ---- 3 5. 73 83 -- ---- 4 3. 77 5. 83 -- ---- 5 -- --- -- ---- 6 -- --- -- ---- 7 -- --- -- ---- 8 -- --- -- ---- 9 -- --- -- ---- 10 -- --- -- ---- 11 5. 87 -- ---- 12 73 80 -- ---- 13 -- --- -- ---- 14 74 82 -- ---- 15 5. 76 5. 81 -- ---- 16 77 5. 80 -- ---- 17 -- --- -- ---- 18 71 79 -- ---- 19 -- --- -- ---- 20 70 79 -- ---- 21 70 79 -- ---- 22 5. 72 --- -- ---- 23 -- --- -- ---- 24 72 80 -- ---- 25 74 5. 72 -- گهڻي هوا- ڇٽڪار 26 -- --- -- لاڳيتو مينهن ۽ واچ 27 -- --- -- لاڳيتو مينهن ۽ واچ 28 -- 69 -- واچ 29 -- 74 -- جهڙاٽيل 30 -- 5. 76 -- جهڙاٽيل جولاءِ 1841ع تاريخ سج اڀري پوياڙي رات ريمارڪس 1 69 75 -- جهڙاٽيل 2 69 75 -- اولهه جو واءُ- آسمان صاف 3 5. 71 76 -- اولهه جو واءُ- آسمان صاف 4 71 65 -- هي ٽيمپريچر گروسڪر تي ورتو ويو، جا ابو جي اوچي ۾ اوچي چوٽي آهي. 5 -- 5. 75 -- ---- 6 71 76 -- ---- 9 بجي صبح 7 72 77 -- ---- 8 72 --- -- ---- 9 -- --- -- ---- 10 -- --- ساڳئي ڏينهن تي سيرشي پهچڻ تي، جو ميدان ۾ آهي، گهر اندر ٿرماميٽر منجهند جو وڃي 24 ڊگرين کي پهتو. ڏسڻ ۾ ايندو ته ابوءَ تي ۽ انهيءَ هنڌ جي حرارت ۾ 17 ڊگرين جو فرق هو. نوٽ: صبح جو سج اڀرڻ وقت ٿرماميٽر کليل واءُ ۽ گهر کان 6 ڊگريون گهٽ ڏيکاريون. آلي بلب وارو ٿرماميٽر بلب جي ٿرماميٽر کان ڏهه ڊگريون هيٺ تي هو. تان جون جو مهينو شروع ٿيو. انهيءَ کان وٺي جولاءِ جي اٺين تاريخ تائين، لاچار اڌ فرق محسوس ٿي ٿيو. بيروميٽر جي اوچائي ابوءَ جي پاڙ ۽ ان جي چوٽيءَ وٽ هيٺئين موجب ڏٺي ويئي: 8- اپريل: انادورا ڳوٺ وٽ، جو ابوءَ جي پاڙ وٽ آهي، چئن چڪاسن جو تت هيئن هو: 967. 28 بيروم 1. 90 9. 90 9- اپريل: نڪي تلا ِّ وٽ چئن چڪاسن جو تڪ: 237. 24 بيروم 78 78 5- جولاءِ: گروسڪر وٽ اوچي ۾ اوچي چوٽي: 480. 24 بيروم 5. 75 5. 75 4- جولاءِ نڪي تلاءُ وٽ ٽن چڪاسن جو تت: 26.042 بيروم 75.5 75.5 سمنڊ جي سنوت تي بيروميٽر جي اوچائي هيئن هئي: 908. 29 بئر 84 ڊگريون 84 ڊگريون انادورا سمنڊ جي سنوت کان 968 فوٽ، نڪي تلاءَ 3836 فوٽ ۽ گروسڪر 6521 يا 1785 فوٽ مٿي هئا. نڪي تلاءُ اپريل ۾ 15 ڊگريون انادورا کان ٿڌو هو، جو هر ڪنهن 191 فوٽن لاءِ هڪ ڊگري جي گهٽتائي ڏيکاري ٿو. گروسڪر وري نڪي تلاءُ کان ٿڌو آهي، اتي هر ڪنهن 178 فوٽن جي اوچائي لاءِ هڪ ڊگري جي گهٽتائي آهي. اڙيا ۽ اچل ڳڙهه نڪي تلاءُ ۽ گروسڪر جي اوچائي جي اڌ جيترا مٿي آهي ۽ انهن جو درجه حرارت به انهن جي اڌ جيترو آهي. انهيءَ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ستن ميلن جو مفاصلو آهي. --------------- ضميمو - 2 آهي ڪو اهڙو جو هيٺينءَ لکپڙهه کي ڏسي اسان کي ٻڌائي ته اهي هندستاني حاڪم، جن کي اسان کان تڪليف پهتل هجي، يا جي سمجهن ٿا ته ساڻن ظلم ٿيو آهي، سي ڪهڙو رستو اختيار ڪن. اسان سمجهون ٿا ڪوڙيون شاهديون يا هڪ ٻئي ڏانهن بدگماني يا ڪن ٻين سببن، انهن ماڻهن جي فيصلي تي اثر وڌو آهي، جن هندستاني شهزادن جي خلاف تمام سخت فيصلا ڏنا آهن. اسين اهو به گمان ٿا ڪريون، ته جيڪي پاڻ کي هندستاني معاملي ۾ نهايت هوشيار ٿا سمجهن. اهي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ئي آهن. پر اهي به هندستاني شهزادن بابت افسوس جو اظهار ڪندي چون ٿا ته مٿن مڙهيل فرضن جي ڪري هو عام طريقو اختيار نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ ڇا ڪجي. گمان ڪريو ته اهي سڀ آفيسر جيڪي انهيءَ شهزادي جي درٻار ۾ تمام وڏي عرصي لاءِ موڪليل هجن، ۽ اهي سڀيئي سندن حق ۾ هجن، ته پوءِ اهڙن معاملن لاءِ اپيل جي ڪورٽ ڇو نه ٿي مقرر ڪئي وڃي، جا انهن جي معاملن تي وري نئين سر غور ڪري، يا ته وري اهي معاملا پارليامينٽري ڪميٽين کي سپرد ڪيا وڃن، جي اڳيئي گهڻي ڪم سان سٿيون پيئون آهن. حقيقت هيئن آهي جو ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس پاڻ ئي اپيل جي عدالت ٿي سگهن ٿا، ۽ جيترو به انهن تي گهٽ ضابطو رکيو وڃي اوترو چڱو ٿيندو. ”ٽائيمس“ اخبار جي ايڊيٽر جي نالي جناب! اسان توهان جي ۽ انگلنڊ جي پبلڪ جي اطلاع لاءِ هي عرض ٿا ڪريون، ته اسان کي سنڌ جي ميرن هتي موڪليو آهي، ته اسين سندن معاملو اوهان جي اڳيان پيش ڪريون، ته جيئن ان جو ڪو تدارڪ ٿئي. اهي بدنصيب مير، جي هاڻي حڪومت وڃائي ويٺا آهن، تن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هندستان ۾ سندن داد ٿئي، پر اتي وريو ڪي ڪين. انڪري سخت تڪليف ۾ اچي انهن اسان کي اوهان ڏانهن ڏياري موڪليو آهي. هتي پهچڻ کان پوءِ اسان سر رابرٽ پيل، هندستاني معاملن جي بورڊ آف ڪنٽرول ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سان مليا آهيون، پر ڪنهن به اسان جي نه ٻڌي. ايتريقدر جو هنن اسان جي معاملي ۾ پڇا ڳاڇا به ڪانه ڪرائي، ۽ ائين ئي رُکو جواب ڏيئي ڇڏيائون. جيئن ته اسان جا پئسا کپي ويا آهن، انڪري اسين انگلنڊ ۾ وڌيڪ عرصو نٿا رهي سگهون، ۽ واپس پيا وڃون، پر اسان جي خواهش آهي ته اسان جو معاملو اوهان جي اخبار جي معرفت پبلڪ جي اڳيان رکيو وڃي، ته جيئن اهي انهيءَ جي عيب ثواب تي ويچار ڪري سگهن ۽ انهيءَ تي صاف دليءَ ۽ بنا ڪنهن رياء جي فيصلو ڏين.“ انهيءَ خط جو نقل، جو اميرن هندستان جي گورنر جنرل کي لکيو هو. (فارسيءَ تان نقل) هندستاني صوبن جا گورنر جنرل، نواب عاليجناب معلي القاب سر هينري هارڊنج بهادر، شل تنهنجي حڪومت ۽ شاهوڪاريءَ جي باغ جا گل ٽـِـڙندا رهن، شان ۽ دٻدٻو اچي تو وٽ پناهه وٺي، شل خدا توکي سلامت رکي، ۽ پنهنجي لطف جو مينهن اوهان جي مٿان وسائيندو رهي. گهڻن سلامن ۽ نيازن کان پوءِ عرض ٿو ڪجي ته: اوهان جي مبارڪ آمد جي ڪري، اسان کي اميد هئي ته اسان کي پنهنجي حـُـضور ۾ گهرائڻ جو شرف بخشيو ويندو. پر جيئن ته ڪجهه وقت گذري چڪو آهي، ۽ اوهان ياد نه فرمايو آهي، انڪري اسين گذارش ٿا ڪريون، ته اسان کي انهيءَ عنايت کان سرفراز ڪندا، ته اهو اسان جي لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندو. جيتوڻيڪ اسين انگريز سرڪار جا دوست هئاسين، پر جيڪي ظلم لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر اسان تي ڪيا آهن، سي اسين ڀانئيون ٿا ته اوهان کان ڳجها ڪين هوندا. اسان کي تمام وڏي عرصي کان قيد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسان ذهني طرح ڏاڍي تڪليف سـَـٺـي آهي. پر ان هوندي به اسان کي انگريز حڪومت جي مهربانيءَ ۽ نوازش جي قوي اميد آهي. خدا شل توهان کي وڏي ڄمار بخشي. فقط 25- شعبان 1260 هجري مطابق 6- سيپٽمبر 1844ع مهر مير صوبدار مهر مير محمد خان مهر مير محمد نصير خان انهيءَ خط جو ترجمو، جو هندستاني گورنر جنرل جي سيڪريٽري مسٽر ايف ڪوري سنڌ جي قيدي ميرن مٿان رکيل سپرنٽينڊنٽ کي لکيو هو. تنهنجي خط جي جواب ۾ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي، ته توکي اطلاع ٿو ڏيان ته گورنر جنرل ميرن کي بارڪپور ۾ ملاقات ڪرڻ جو شرف بخشڻ جوڪوبه ضرور نٿو سمجهي. ان جو مطلب اهو آهي ته گورنر جنرل صاف لفظن ۾ ٻڌائڻ ٿو گهري، ته هو ڪوبه اهڙو لفظ انهن شهزادن سان نٿو ڳالهائي سگهي، جنهن موجب انهن جي حالت ۾ ڪو فائدو يا ڦير گهير اچي سگهي. ان هوندي به جيڪڏهن هو هروڀرو ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ گورنر جنرل ڪو ڏينهن انهيءَ لاءِ مقرر ڪندو.“ ميرن وٽان گورنر جنرل ڏانهن (فارسيءَ ۾ نقل) هندستاني صوبن جو گورنر جنرل ”نواب عاليجناب معلي القاب سر هينري هارڊنج بهادر شل تنهنجي حڪومت ۽ شاهوڪاريءَ جي باغ جا گل تازا رهن، شان ۽ دٻدٻو اچيو تو وٽ پناهه وٺي، شل خدا توهان کي سلامت رکي، ۽ پنهنجي لطف جو مينهن اوهان جي مٿان وسائيندو رهي. گهڻن سلامن ۽ نيازن جي عرض ته اسين اوهان جي دوستانه رويي جا شڪر گذار آهيون. اسان جي اڳئين خط جي حوالي سان جيڪو اسان حضور جن کي ڪئپٽن گارڊن جي معرفت موڪليو هو. انهيءَ جو موڪليل جواب اسان کي ڪئپٽن گارڊن جي منشيءَ جي معرفت پهتو، جنهن مان پتو پيو ته حضور جن کي ڪوبه اکر نه چوڻو آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪو فائدو پهچي يا اسان جي حالت ۾ ڦير گهير اچي سگهي. اسان سمجهيو ٿي ته حضور جن کي اسان جي انگريز سرڪار سان دوستيءَ جي بدلي ۾ اسان تي ٿيل ظلم ۽ بي انصافيءَ جي پوري خبر هوندي، پر جيئن ته حضور جن کي دخل اندازي ڪرڻ جي سگهه نه آهي، انڪري اسان اوهان کي پاڻ تي ٿيل مصيبتن جي تفصيل کان آگاهه ڪرڻ جي تڪليف ڏيڻ نٿا گهرون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ تمام گهڻي ظلم ۽ تشدد کان ڪم ورتو ويو آهي. اسان لاءِ هاڻي دادرسيءَ جو فقط هي رستو آهي، ته اسان مان ٻن- ٽن ماڻهن کي اجازت ڏني وڃي ته اهي وڃي پنهنجو معاملو ملڪه معظمه، حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين رئيسن جي اڳيان (سندن فيصلي لاءِ) پيش ڪن. جيئن ته اوهان کي سڄو معاملو نيڪ روشن آهي، انڪري اسان کي اميد آهي ته اوهان عرض ڪيل گذارش جي منظوري ڏيڻ فرمائيندا، جيڪڏهن حضور جن اسان جي معاملي تي، جيئن اوهان کي روشناس ڪرايو ويو هو، غور ڪن ها ته جيڪر اسان کي پنهنجو حق پلئه پوي ها، ۽ اسان کي انگلينڊ وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها، جيئن ته اوهان کي اسان جي معاملي جي پوري خبر آهي، انڪري اسان کي اميد هئي ته اسان سان پورو پورو انصاف ٿيندو. پر هاڻي جيئن ته اسان جون زندگيون، ملڪيتون ۽ عزتون انگريزن جي هٿ ۾ آهن، انڪري اسان قوي اميد ٿا ڪريون ته اسان کي لنڊن وڃڻ کان نه روڪيو ويندو. اسان کي پنهنجن پيارن کان پري رکيو ويو آهي، ۽ پڻ اهڙيءَ حالت ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو اسان کي خواب خيال ئي ڪونه هو. اهو سڀ شايد اسان کي انهن خدمتن جي بدلي ۾ مليو آهي، جي اسان وقت بوقت انگريز سرڪار لاءِ سر انجام ڏنيون هيون. اسان سان اهڙي هلت نه ٿيڻ کپندي هئي. اسين اهو ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انگريزن جي قاعدي موجب ڪنهن به ماڻهوءَ کي، پوءِ اهو ڪهڙي به وڏي ڏوهه جو ڏوهاري هجي، کيس ٻڌڻ کان سواءِ سزا نٿي ڏيئي سگهجي. هر ڪنهن کي کليل ڪورٽ ۾ پنهنجي ڪيس پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ ڪورٽ جا معزز ماڻهو (جيوري) انهيءَ کي توري تڪي ڪنهن فيصلي تي پهچن ٿا. انهيءَ کان پوءِ ئي ڏوهي يا بيڏوهي هجڻ جو فيصلو ڏنو وڃي ٿو. جيستائين اسان پنهنجي معاملي جو فيصلو لنڊن کان نه ٻڌو آهي، تيسين سمجهنداسين ته اسان کي انهيءَ جي آزمائڻ جو پورو پورو حق آهي. انڪري اسين گذارش ڪريون ته حضور جن اسان جي ڪيل درخواست تي غور ڪرڻ فرمائين. اجازت ملڻ کان پوءِ اسين پنهنجي پارٽيءَ مان ٻن يا ٽن ماڻهن جا نالا حضور جن کي پيش ڪنداسين، جي اسان جو ڪيس کڻي لنڊن روانا ٿيندا. خدا شل اوهان کي شاد ۽ آباد رکي. تاريخ 26- مهينو رمضان 1260 هجري بمطابق 11- آڪٽوبر 1844ع مهر مير صوبدار خان مهر مير محمد خان مهر مير محمد نصير خان ميرن جون مهرون گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ مسٽر ڪـُـري جي خط جي فارسي ترجمي جو انگريزي ترجمو، جو هن ڪئپٽن ايم- ايف گارڊن کي لکيو هو، جو قيد ٿيل ميرن جي مٿان سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيل هو: ”اوهان جو خط مؤرخ 15- آڪٽوبر ٻين ڪاغذن سان گڏ جي ميرن جي طرفان گورنر جنرل ڏانهن لکيل هئا، ته انهن مان ٻن ڄڻن کي انگلينڊ اُسهڻ جي اجازت ملي، ته جيئن اهي پنهنجا اهنج وڃي مهاراڻيءَ اڳيان پيش ڪن، پهتو. جواب ۾ توکي اطلاع ٿو ڏجي، گورنر ان ڪائونسل، انهيءَ درخواست جي منظوري نٿو ڏيئي سگهي. توکي آگاهه ٿو ڪجي، ته ميرن کي انهن واقعن کان واقف ڪر، جي تمام ويجهڙائيءَ ۾ سرزد ٿيا آهن. دهليءَ جي شهنشاهه ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي معاملي پيش ڪرڻ لاءِ ڪي ماڻهو انگريز سرڪار ڏانهن موڪليا هئا، پر جيئن ته انهن جي منظوري ورتل ڪانه هئي ۽ نه ئي وري اهي ڪنهن صحيح اختياريءَ واري جي معرفت موڪليا ويا هئا، انڪري بورڊ آف ڊائريڪٽرس نه ته انهن کي ملاقات جو شرف بخشيو، ۽ نه وري ڪا انهن جي ڳالهه ٻڌي ويئي.“ --- انهيءَ خط جو نقل، جو سر رابرٽ پيل سنڌ جي ميرن جي موڪليل قاصدن کي جواب ۾ لکيو هو: ”سر رابرٽ پيل آخوند حبيب الله، ديوان ميٺا رام ۽ ديوان ڏيارام کي نياز عرض ٿو ڪري ۽ انهيءَ خط جي پهچ ٿو ڏئي، جو انهن کيس 3- تاريخ لکيو هو. سرڪاري رواج موجب سر رابرٽ پيل انهيءَ خط کي، ارل آف رپن کي موڪليو آهي، جو مهاراڻيءَ جو وزير ۽ هندستاني معاملن جي شعبي جو صدر آهي“. --- هندستان جي معاملن جي بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر جي خط جو نقل، جو هن ميرن جي سفيرن ۽ پڻ خود هڪ مير جي خط جي جواب ۾ لکيو هو: - انڊيا بورڊ، 7- اپريل 1845ع حضرات، هندستاني معاملن جي ڪمشنر جي هدايتن پٽاندر، آءٌ اوهان جي انهيءَ خط جي پهچ ٿو ڏيان، جو اوهان هن بورڊ جي صدر کي 3- تاريخ تي موڪليو هو. انهيءَ ۾ اوهان سنڌ جي ميرن مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان پاران وڪيل بنجي پنهنجي مالڪن طرفان اختيار نامو پيش ڪيو هو، ۽ ان سان گڏ اهو به عرض ڪيو هو، ته جنهن مقصد سان اوهان هن ملڪ ۾ آيا آهيو اهو پيش ڪجي. ڏنل هدايتن مطابق آءٌ اهو مـُـهر ٽـُـٽل لفافو، جنهن ۾ اهي اختيار ناما پيل آهن، اوهان ڏانهن واپس ٿو ڪريان، ۽ اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته هندستاني حڪومت بابت جيڪي به درخواستون انگلينڊ جي اختياريءَ وارن کي موڪلجن، سي دستور طور ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي معرفت موڪليون وڃن. اوهان جو نيازمند جي ايمرسن ٽينيٽ --- انهيءَ خط جو نقل جيڪو ميرن جي عيوضين ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي لکيو هو. ”معزز صدر ۽ نائب صدر، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ايسٽ انڊيا ڪمپني، معزز حضرات! اسين هيٺ صحيح ڪندڙ سنڌ جي ميرن هزهائينيس مير محمد نصير خان، مير مير محمد خان ۽ صوبدار خان پاران انهن جا وڪيل، اوهان جي معرفت عزت ماب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان مسٽر جي ايمرس ٽينيٽ وٽان ڪالهه شام جو پهتل خط، ۽ پڻ ارل آف رپن مهاراڻي جي پاران هندستاني معاملن جي ڪمشنر جي خط، اختيارنامن سان، جي لکپڙهه ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن، عرض ڪريون ٿا ۽ عزت ماب ڪورٽ کي نماڻائيءَ سان گذارش ٿا ڪريون، ته سنڌ جي ميرن جو اهو معاملو نوازش فرمائي مهاراڻيءَ جي حڪومت اڳيان پيش ڪيو وڃي. 19 هارلي گهٽي ڪئوينڊش اسڪوائر 18- اپريل 1845ع اوهان جو نيازمند ۽ فرمانبردار نوڪر آخوند حبيب الله ديوان ميٺارام ديوان ڏيارام --- مٿئين درخواست جي جواب ۾ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان پهتل خط جو نقل: ”ايسٽ انڊيا هائوس، ڪئوينڊش گهٽي 18- اپريل 1845ع مهربان اوهان جو خط جيڪو اوهان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي، سنڌ جي اميرن جي وڪيلن جي حيثيت ۽ اختيارنامن سان گڏ موڪليو هو، ۽ جنهن ۾ سندن پاران عرضداشت ڪرڻ لاءِ اجازت گهري هئي، سو پهتو ۽ ان کي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي آڏو رکيو ويو. انهيءَ جي جواب ۾ مون کي حڪم ٿيل آهي ته اوهان کي ٻڌايان ته ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ڪابه اهڙي درخواست سنڌ جي اڳين ميرن پاران نٿي وٺي سگهي، جيسين اها سنڌ جي حڪومت جي معرفت نه موڪلي وڃي، انڪري آءٌ اوهان جا موڪليل اختيار ناما واپس ٿو ڪريان. اوهان جو نيازمند نوڪر جيمس ميلوِل --- انهيءَ نوٽ جي ڪاپي جا ميرن جي عيوضين طرفان ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي صدر کي پيش ڪئي ويئي هئي: آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، سنڌ جي اڳين اميرن جا وڪيل، پنهنجا نياز ايسٽ انڊيا ڪمپني جي صدر کي عرض رکن ٿا، ۽ انهيءَ موقعي لاءِ عزت جي نگاهه واجهائين ٿا، جڏهن کين ساڻن ملاقات جو شرف بخشيو ويندو“. --- مٿئين نوٽ جو جواب ۽ پڻ ان سان گڏ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان پهتل اطلاع: ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو صدر پنهنجا نياز آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام کي عرض رکي ٿو. سرڪاري طور ڏنل جواب مان کين سمجهڻ گهرجي ته ڊائريڪٽر کين ملاقات جو شرف نٿا بخشي سگهن، جنهن لاءِ سندن درخواست ٿيل آهي. ايسٽ انڊيا هائوس 18- اپريل 1845ع --- انهيءَ خط جي ڪاپي جا سنڌ جي ميرن جي ايلچين ارل آف رپن کي پيش ڪئي: ”آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام سنڌ جي اميرن پاران وڪيلن جي حيثيت ۾ ارل آف رپن کي، انهن خطن جون ڪاپيون موڪلين ٿا، جن جو عزت ماب جي حڪم موجب کين مسٽر ايمرسن ٽينيٽ جواب ڏنو آهي، ۽ پڻ ٻيو خط، جو انهن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي صدر کي لکيو هو، ان جو به مسٽر ميلول کان پهتل جواب عرض رکجي ٿو. انهن وڪيلن کي قوي اميد آهي، ته حضور جن انهن جي ننڍڙين ڳالهين کي، جي ڌارئين هئڻ سبب کين معلوم نه هيون، درگذر ڪندا، ۽ انهيءَ ڪيس تي پورو غور ڪرڻ فرمائيندا، جنهن لاءِ هنن ڏاڍي تڪليف سـَـٺي آهي. 19- هارلي گهٽي 30- اپريل 1845ع --- مٿئين جي جواب ۾ پهتل خط جو نقل. ”انڊيا بورڊ، 30- اپريل 1845ع حضرات: هندستاني معاملن جي ڪمشنرن جي ڏنل هدايتن پٽاندر، آءٌ اوهان کي انهيءَ نوٽ جي رسيد ٿو ڏيان، جو اوهان بورڊ جي صدر کي انهيءَ لکپڙهه جي نقل سان موڪليو هو، جا اوهان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن سان ڪئي هئي. بورڊ جي حڪم موجب اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي، ته جيڪو خط اوهان کي 18- تاريخ مليو آهي، انهيءَ تي بورڊ جي اڳواٽ منظوري مليل هئي. معزز حضرات آءٌ اوهان جو نيازمند جي ايمرسن ٽينيٽ --- ميرن جي ايلچين جو سنڌ جي اميرن پاران هائوس آف ڪامنس کي ڪيل درخواست جو نقل: ”گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جا پارليامينٽ ۾ گل ٿيل ڪامن حضرات ”ميرن جي پاران آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، نماڻائيءَ سان هيءَ عرضداشت پيش ڪن ٿا، ته اوهان جا هي مسڪين عرضدار هڪ ڏورانهين مـُـلڪ کان آيا آهن، جنهن کي ڌڻي سڳوري برطانيا سرڪار جي قبضي ۾ آندو آهي، کين انهيءَ لاءِ موڪليو ويو آهي، ته اهي ميرن سان ٿيل ظلم جو احوال اوهان جي اڳيان رکن ۽ پڻ قوي اميد اٿن ته اوهان وچ ۾ پئي عزت ماب مهاراڻيءَ کان، ميرن کي انصاف وٺي ڏيندا. ۽ انهيءَ قديم قوم جي ماڻهن جي حال تي غور ڪندا، جي خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جي بلنديءَ تان ڪـِـري مصيبت ۽ مفلسيءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي پيا آهن. دنيا جي خلقيندڙ، ڪن قومن کي طاقت ڏني آهي، ته جيئن اها پنهنجي هم جنس انسانذات جي ڀلائيءَ ۾ ڪم آڻين. پر جيڪڏهن انهيءَ طاقت کي غلط نموني ۾ استعمال ڪيو ويندو، يا غريبن ۽ ڪج بختن ڏانهن لاپرواهي ڏيکاري، کين نه ٻـُـڌو ويندو، ته پوءِ رب سائين پاڻ اچي انهيءَ ستايل جي مدد ڪندو آهي، ۽ کيس انهيءَ مصيبت ۽ پيڙا مان اچي جند ڇڏائيندو آهي. ته اوهان جا عرضدار ڏاڍي ادب سان عرض ٿا ڪن، ته بنگال جي آبهوا ميرن جي طبيعت سان موافقت نٿي رکي. بمبئيءَ ۽ پوني مان کين ڪڍڻ وقت انهن انهيءَ باري ۾ ڏاڍو اعتراض ورتو هو، پر ڪنهن به سندن ڪانه ٻڌي، ۽ کين زبردستيءَ ڪلڪتي نيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو قيد ۾ هئڻ ڪري ۽ پڻ ڏک سبب مير نصير خان جو روح، هي خاڪي پڃرو ڇڏي وڃي پنهنجي خالق سان مليو. باقي رهيل مير به بيمار رهن ٿا، ۽ جيڪڏهن اڃا به کين زبردستيءَ، اُتي رهايو ويندو ته پوءِ اهي به جلدي گذاري ويندا، انڪري انهن جو هن معزز هائوس کي عرض آهي ته کين يا ته بمبئيءَ موڪليو وڃي يا پوني ڏانهن موڪلجي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي هنڌن جي آبهوا سندن طبيعت لاءِ موافق ڏسڻ ۾ آئي آهي. ته هز هائينيسز جي ديرن ۽ سندن خاندان کي اجازت ڏني وڃي، ته اهي اچي کين ملن، ۽ انهيءَ لاءِ مير عباس علي، مير محمد علي يا ٻئي ڪنهن ننڍي مير کي انهن معزز عورتن کي ميرن ڏانهن وٺي وڃڻ تي مامور ڪيو وڃي. جيئن ته انهن سامونڊي سفر ڪونه ڪيو آهي، ۽ انهيءَ کان اڻواقف آهن، انڪري کين هڪ اِسٽيمر ڏياريو وڃي، جو کين وڃي ميرن تائين پهچائي. جيڪڏهن انهن مان ڪي سامونڊي سفر اختيار نه ڪن، ته پوءِ کين خشڪيءَ جي رستي موڪليو وڃي، ۽ انهيءَ سفر ۾ پردي جو انتظام ۽ سندن رتبي ۽ سقيم حالت جي مدنظر سندن سنڀال ۽ آرام جو بندوبست ڪيو وڃي. انهن عورتن مٿن ٿيل مصيبت جو داستان هن درخواست جي رستي، جا هنن اسان کي سونپي ڏني هئي، عرض رکون ٿا ته جيئن انهن بدنصيبن جا دوست، انهيءَ کي مهاراڻيءَ جي اڳيان پيش ڪري سگهن.“ --- ”شال مهاراڻيءَ جي شان ۽ شوڪت جو پاڇو پاڪدامن بلقيس جيئن وڌندو رهي انهيءَ واقعي کي گذرئي ٻه سال ٿيندا، جو سر چارلس نيپئر فوج ۽ توبخانو وٺي سنڌ ۾ آيو هو، ۽ اچي اسان جي گهرن کي لـُـٽيائين ۽ جيڪي به قيمتي شيون جهڙوڪ پئسا ڏوڪڙ، زر زيور يا هيرا جواهر هن اتي ڏٺا، سي اسان کان کسي ويو. نه فقط ايترو، اسان جا مرد ماڻهو، يعني ته مير ۽ اسان جا ٻار اسان کان کسي، انهن کي قيدي بنائي، هندستان موڪلي ڇڏيائين. اسان کان هاڻي اها طاقت کسجي ويئي آهي، جا سر چارلس نيپئر جي اچڻ کان اڳ اسان وٽ هئي. انڪري اسين هاڻي بيوس ۽ لاچار ٿي وييون آهيون. اهو ڪهڙو طريقو آهي، جو هو اسان جي گهرن ۾ گهڙي آيو، ۽ اسان جي الهه - تلهه ڦري ويو، ۽ ايترو به نه ڇڏيو اٿس، جنهن مان اسين پنهنجو گذر سفر ڪري سگهون. ٻن سالن کان وٺي اسان کي پنهنجي اصلوڪي شهر ۽ گهر کان پري جهوپڙين ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اسان کي ايترو ته بيوس ۽ لاچار ڪيو ويو آهي، جو اسان کي پورو کاڌو به نٿو ملي. جيڪو ڀـُـتو اسان کي مهيني لاءِ ڏياريو وڃي ٿو، سو هڪ هفتي ۾ ختم ٿيو وڃي. اسان کي جيڪا کاڌي ۽ ڪپڙي جي تنگي آهي، انهيءَ جي خدا کي ئي خبر آهي. ۽ جيئن ته اسان کي ميرن کان پري رکيو ويو آهي، انڪري اسين ڏک ۽ عذاب ۾ آهيون ۽ جيئڻ مان ڪـَـڪ ٿي پيون آهيون. ماڻهو جيڪڏهن خدا جي حڪم سان مري ٿو، تڏهن ان ۾ ڪوبه مهڻو نه آهي، پر هتي ته روزانو نئين موت جي تڪليف ڏسڻي ٿي پوي، جا ڏاڍي بڇڙي شيءِ آهي. جيئن ته تون راڻي آهين ۽ اسين به تو وانگر ڪنهن وقت راڻيون هيونسين، انڪري اميد ڪريون ٿيون ته اسان تي ڪهل آڻي، اسان سان همدرديءَ جو سلوڪ ڪيو وڃي، ۽ اسان کي اهي سڀ شيون واپس ڏياريون وڃن، جي سر چارلس نيپئر اسان کان ڦريون آهن. جيئن ته اسان جون دليون ميرن ۽ پنهنجن پٽن جي جدائيءَ ۾ ڦٽجي چڪيون آهن، انڪري اسين عرض ٿيون ڪريون ته اسان کي انهيءَ آزار کان نجات ڏياري وڃي، نه ته پوءِ اسين پنهنجي حياتي ختم ڪرڻ کي هڪ ثواب جو ڪم سمجهنديونسين. شل خدا توکي وڏي ڄمار ڏئي. 27- شوال 1260 هجري جي حيدرآباد سنڌ ۾ لکيو ويو. ديرن جون صحيحون بيگم مير ڪرم علي خان بيگم مير محمد نصير خان بيگم مير نور محمد خان بيگم مير مير محمد خان بيگم مير صوبدار خان --- ”اوهان جون عرضدارڻيون وڌيڪ هي به عرض ٿيون ڪن ته: جيڪو الائونس ميرن کي ڏياريو وڃي ٿو، سو سندن لاءِ ۽ سندن وفادار نوڪرن لاءِ، جن ديس - نيڪاليءَ ۾ به ساڻن ساٿ ڏنو آهي، بلڪل اڻپورو آهي، انڪري نوازش روءِ انهيءَ تي غور ڪيو وڃي، ۽ سندن رتبي ۽ وڏائيءَ موجب وڌائي ڏنو وڃي،“ پڻ ميرن ۽ سندن ديرن کي سندن ملڪ جي رواج موجب رهڻ لاءِ چڱا گهر مهيا ڪري ڏنا وڃن. جيڪي هيرا ۽ جواهر، ۽ ٻي خانگي ملڪيت، جا ميرن ۽ سندن ديرن کان ڦري ويئي آهي، کين واپس ڏياري وڃي. پڻ سر چارلس نيپئر کي حڪم ڏنو وڃي ته هز هائينيسز جا خانگي ڪاغذ ۽ سامان جون فهرستون، کين واپس ڪيا وڃن ته جيئن اهي انهن کي ڏسي پنهنجي ملڪيت واپس وٺي سگهن. اهي سڀ امير، جيڪي جدا جدا هنڌن، جهڙوڪ پونا، سورت، هزاري باغ ۽ ڪلڪتي وغيره ۾ نظر بند آهن، تن سڀني کي هڪڙي هنڌ گڏ رهايو وڃي. ٻيو ته مير ڪرم علي خان جي گهر جي معزز عورتن کي ڪجهه جاگيرون هيون، جي سر چارلس نيپئر انهن کان کسي ورتيون آهن. جيئن ته ڪيترن ٻروچ سردارن کي سندن جاگيرون واپس ڏنيون ويون آهن، انڪري انهن عزت ماب عورتن کي به، جي هاڻي ٽالپر خاندان جون سردار آهن، سندن اصلوڪيون زمينون سندن جواهرن ۽ خانگي ملڪيت سان گڏ واپس ڪيون وڃن. وڌيڪ ته انهن بدنصيب بيواهن کي، رهڻ لاءِ موزون جايون ڏنيون وڃن، (ڇاڪاڻ ته سندن اصلوڪا گهر سر چارلس نيپئر جي هٿ ۾ آهن) ۽ کين اجازت ڏني وڃي، ته اهي باقي حياتيءَ جا ڏهاڙا سنڌ ۾ گذارين، ۽ کين پنهنجي ملڪ کان پري، ڌارئين هنڌ رهڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ تنهنجا عرضدار هر وقت دعا ڪندا.“ --- درخواست جو نقل ”شل حضور اعليٰ کي هيءُ عرض قبول پوي“ ”عزت ماب مهاراڻي وڪٽوريا، گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جي راڻي، اسين آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، سنڌ جي شهزادين پاران موڪليل ايلچي، حضور اعليٰ کي هيءَ گذارش ٿا ڪريون ته ڌڻي سڳوري بادشاهن کي پنهنجي خلق مٿان وڏائي بخشي آهي، ۽ حڪومت جون واڳون سونپي ڏنيون آهن. روءِ زمين جا تخت سندن حوالي ڪيا آهن، ۽ کين ماڻهن لاءِ انتظام ٺاهيندڙ بنائي موڪليو ويو آهي، ته جيئن اهي خدا جي مخلوق جي سنڀال رکن، ته جيئن هڪ ماڻهوءَ ٻئي ماڻهوءَ تي ظلم ۽ زبردستي نه ڪري. جيئن ته اسان کي برٽش سرڪار هٿان سخت ظلم ۽ بي انصافي نصيب ٿي آهي، انڪري اسان هڪ ڏورانهين ملڪ کان هن شهر ۾ انهيءَ مقصد سان آيل آهيون ته اسان سان ٿيل ظلمن جو تدارڪ ٿئي. اسان هن روشن ضمير تخت ڌياڻيءَ جي ڄاڻ لاءِ هيءُ عرض ڪنداسين ته 1809ع کان 1839ع تائين، سنڌ جي دربار جا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نوڪرن سان جيڪي به عهدناما ٿيا هئا، انهن سڀني جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي، ۽ هزهائينس تي سخت شرط مڙهيا ويا هئا، اهي به ميرن ضرورت جي مدنظر قبول پئي ڪيا آهن. اهڙو ڪوبه مثال ڪونه آهي، جنهن ۾ اسان جا حاڪم ڪنهن به انجام يا عهدنامي کي پاڙڻ کان ٿـڙيا هجن. سر چارلس نيپئر سنڌ ۾ پهچڻ سان، سکر مان هڪ نئون عهدنامو اسان جي حاڪمن ڏانهن ڏياري موڪليو، جو هينئر اسان وٽ موجود آهي. اسين نهايت نئڙت سان عرض ڪنداسين، ته حضور اعليٰ جن (ڪائونسل ۾) انهن عهدنامن تي ڌيان ڏيئي، نظر وجهندا، ۽ ڏسندا ته حقيقت ۾ انهن انجامن جي ڪنهن ڀڃڪڙي ڪئي آهي. سر چارلس نيپئر جي اها دعويٰ آهي، ته کيس ڪي خط مير نصير خان جي مهر ٿيل هٿ لڳا آهن، جي مير نصير خان بيبرگ بگٽي (بلوچ ٽڪريون) ۽ ملتان جي گورنر ديوان وسڻ مل کي لکيا هئا. اهوئي سبب ڏيکاري، هن ميرن تي زيادتيون ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهيو. اسان انهيءَ ڪري نهايت نئڙت سان عرض ڪنداسين، ته اسان مان ئي هڪڙي ديوان ميٺارام کي محمد نصير خان سر چارلس ڏانهن روهڙيءَ ڏياري موڪليو هو، ته انهن ضبط ٿيل خطن بابت پڇا ڳاڇا ڪري. سر چارلس نيپئر ان تي جواب ڏنو ته ’مون کي خطن وغيره جي ڪابه خبر نه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي خبر لارڊ ايلنبرو کي هجي. آءٌ به تو وانگر هڪ موڪليل وڪيل (نائب يا عيوضي) آهيان ۽ جيڪي به وٽانئس هدايتون پهچن ٿيون، تن جي مون کي پوئواري ڪرڻي آهي’. انهيءَ کان پوءِ جڏهن اسان جا حاڪم شهزادا، ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ سان مليا، تڏهن هن به اهوئي ٻڌايو ته کيس ڪابه خبر ڪانه آهي. ۽ اهو معاملو هن سر چارلس نيپئر ڏانهن ڏياري موڪليو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن اهي شهزادا قيد ٿيا، تڏهن هنن ڪئپٽن گارڊن کان انهن خطن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن وراڻيو ته کيس پوري خبر آهي. ته اهي خط گورنر جنرل وٽ هن پاڻ ڏٺا هئا. آخر ۾ جڏهن اهي قيدي شهزادا ڪلڪتي پهتا، تڏهن هنن گارڊن تي زور آندو ته انهن خطن ۾ مهرن بابت پوري پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، جن جي ڪري کين تڪليف پهتي آهي. ‘آءٌ انهيءَ بابت پوري پڇا ڳاڇا ڪندس ۽ اعليٰ مرتبت شهزادن کي ٻڌائيندس‘. ٻن ڏينهن کان پوءِ هن اچي ٻڌايو ته اهي خط لارڊ ايلنبرو انگلنڊ ڏانهن اختياري وارن کي موڪليا آهن. انهيءَ واقعي کان ٿورو پوءِ لارڊ ايلنبرو کي واپس گهرايو ويو، ۽ سندس جاءِ نشين سر هينري هارڊنج اچي ڪلڪتي پهتو. انهيءَ مانَ واري صاحب کي به اسان جي شهزادن خط لکي موڪليو، ته سندن معاملي تي غور ڪيو وڃي، پر هن به هڪ مختصر جواب ڏياري موڪليو، ته جيئن اهو معاملو سندس اختيار کان ٻاهر آهي، انڪري هو سندن ڪابه مدد نٿو ڪري سگهي. جيئن ته اسان جي رئيسن جو هندستان ۾ڪوبه داد نه ٿيو، انڪري هنن اسان کي هن ملڪ ڏانهن ڏياري مـُـڪو آهي، هاڻي جيئن ته لارڊ ايلنبرو به هتي انگلنڊ ۾ آهي، انڪري اسان اها اميد رکنداسين ته کانئس انهن خطن ۽ مهرن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، ۽ اسان جي شهزادن جي بيگناهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ مٿن ٿيل ظلم ۽ ستم پڌرو ٿي پوندو، اسان ارل آف رپن، بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وغيره کي درخواستون ڪيون آهن، پر هنن اسان کي ٻڌڻ کان نابري واري آهي. اسان لاءِ انڪري هاڻي فقط مهاراڻيءَ جي رحم جي آرزو آهي. اسين انهيءَ ڪري عرض ٿا ڪريون ته هيءَ بختاور تخت ڌياڻي انهيءَ معاملي تي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمائيندي ته جيئن اسان کي انصاف پلئه پوي. اسان اوهان جي تخت ۽ بخت جا خير خواهه. شل ڌڻي سائين اوهان کي هن گذارش ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي. اسين آهيون اوهان جا نوڪر لنڊن 19- هارلي گهٽي آخوند حبيب الله 30- مارچ 1845ع ديوان ميٺارام ديوان ڏيارام --------------- ضميمو -3 اسين آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، سنڌ جي ميرن جا عيوضي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي اعلان ٿا ڪريون ته اسان ڪنهن به وقت پنهنجن رئيسن جي خلاف مڙهيل تهمتن جي سچائيءَ ۾ ڪڏهن به پاڻ کي ملوث ڪونه ڪيو آهي. اسان جو نه فقط انهيءَ ڳالهه ۾ اعتبار آهي، پر ان سان گڏ اسان زوردار لفظن ۾ انهيءَ ڳالهه جي تائيد ٿا ڪريون، ته جيڪي خط بيبرگ بگٽيءَ ڏانهن مير نصير خان جا لکيل ٻڌايا وڃن ٿا، سي نسورو هٿناٽ هئا. اسين خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، اهو به ٿا چئون ته مير انهن مڙني مٿن مڙهيل تهمتن کان بيڏوهي آهن. صحيحون آخوند حبيب الله 19- هارلي گهٽي ديوان ميٺارام 15- آگسٽ 1845ع ديوان ڏيارام --------------- ضميمو - 4 انهيءَ بيان جو ترجمو، جو ديوان ميٺارام ميرن جي حڪم جي تعميل ۾ ٺاهيو هو: پهريائين لارڊ منٽو 1809ع ۾ ميرن سان عهدنامو ڪيو ۽ کانئس پوءِ گورنر وليم ڪئوينڊش بينٽنڪ ٻه عهدناما ڪيا، پهريون 1832ع ۾ ۽ ٻيو سر هينري پاٽنجر جي معرفت 1834ع ۾. انهن عهدنامن ۾ لکيل هو ته انگريز سرڪار جو سنڌ ڏانهن دوستيءَ جو رستو، قيامت تائين رهندو، ۽ انگريز حڪومت ميرن جي ملڪ مان هڪ فوٽ زمين جي به خواهش ڪانه ڪندي. انهيءَ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر سنڌ ۾گورنر جنرل پاران ايلچي بنجي آيو، ۽ عرض ڪيائين، ته واپارين کي ۽ واپاري ٻيڙين کي سنڌو درياء مان جهاز راني ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ کانئن ڪوبه محصول وغيره نه اڳاڙيو وڃي. جيئن ته سنڌ جي ميرن کي دوستي انگريزن سان نباهڻي هئي، انڪري هـُـنن انهيءَ گذارش جي اجازت ڏني. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت جي هٿ هيٺ علائقن ۾ سڀني واپارين کي بنا ڪنهن رنڊڪ يا تڪليف جي اچ وڃ جي اجازت ڏني ويئي. پاٽنجر جڏهن ٻيو دفعو اچي پرگهٽ ٿيو، تڏهن اچي چيائين ته انگريز فوجون ڪابل ۽ افغانستان وڃڻ خاطر، سنڌ مان گذرنديون. انهيءَ تي به ميرن اجازت ڏيئي ڇڏي. انگريز فوجون جڏهن سنڌ ۾ پهتيون، تڏهن ميرن کي چيو ويو ته اهي پنهنجن ڪاردارن ڏانهن حڪم جاري ڪن ته اهي انگريز کي ٻيڙيون، ڪاٺ ۽ اٺ وغيره پهچائي ڏين. جيتوڻيڪ اهڙو ڪوبه شرط عهدنامي ۾ ڪونه هو، پر ان هوندي به ميرن انهيءَ دوستيءَ کي پڪو ڪرڻ لاءِ، جا انگريزن ساڻن سڄي عمر لاءِ رٿي هئي، ٻيڙيون، اُٺ، اناج، ڪاٺ ۽ ٻيون ضروري شيون انگريزن کي مهيا ڪري ڏنيون، جي کين خراسان واري مهم لاءِ گهربل هيون. اميرن جي انهيءَ قدم تي، ته انگريزن کي ضروري شيون مهيا ڪري ڏجن، بلوچ قبيلا سخت ناراض ٿي پيا. ساڳئي وقت اميرن انهيءَ ڪم جي ڪري پٺاڻن سان به دشمني ڪري وڌي. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به انهيءَ دائمي دوستيءَ کي پڪو ڪرڻ لاءِ، اميرن بلوچ قبيلن کي حڪم جاري ڪيا ته انگريز فوج جي ڪابه مخالفت نه ڪن، ۽ اهو به اعلان ڪيو هئائون ته جيڪو به انگريز فوج جي واڌ ۾ رڪاوٽ يا هراس وجهندو، انهيءَ کي سخت سزا ڏني ويندي. انهيءَ حڪم جي ڪري بلوچ قبيلا ماٺ ۾ رهيا، ۽ انگريز فوج کي ڪابه تڪليف نه ڏنائون. جڏهن سر جان ڪئن جهرڪن وٽ پهتو، جو حيدرآباد کان ٻارنهن ڪوهه پري آهي، تڏهن هـُـن عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪئپٽن ايسٽ وڪ جي هٿان هڪ ميمورنڊم ڏياري موڪليو. انهيءَ ۾ هن لکي موڪليو ته هن کان پوءِ مير انگريز لشڪر جي رهائش جي سالياني خرچ لاءِ ٽي لک رپيا ڀري ڏين، ۽ انهيءَ کان سواءِ ايڪيهه لک رپيا هڪدم خرچ لاءِ ڀري ڏين، نه ته انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن! اهي شرط زوري قبول ڪرائڻ ميرن سان نسورو ظلم هو. توڙي جو اهي شرط دوستي جي ناتي جي خيال کان ناموزون ۽ بي انصافيءَ جي اصول تي ٻڌل هئا، پر ميرن نيٺ اهي پئسا به ڀري ڏنا، جي آڪلنڊ کانئن گهريا هئا، ۽ اهي پئسا ميرن پنهنجي خانگي خزانن مان ڏنا. جڏهن سر جان ڪئن ڪابل ڏانهن روانو ٿي ويو، تڏهن ميرن رستا ۽ لنگهه کولي ڇڏيا ۽ انگريزن جي اسٽيمرن جي اچ وڃ ۾ ڪابه رنڊڪ نه وڌي. انهيءَ جي شاهدي ليفٽيننٽ پوسٽن ۽ ٻيا ڏيندا، جي ان وقت اُتي موجود هئا. جيڪڏهن مير، انگريزن جي اهڙيءَ طرح مدد نه ڪن ها ته پوءِ انگريزن جي ڪابل واري مهم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿئي ها. اهو سڀڪجهه ميرن انهيءَ لاءِ ئي ڪيو ته کين انگريز حڪومت وٽان انهن خدمتن جو پورو پورو معاوضو ڏنو ويندو، ۽ نه انهيءَ لاءِ ته کين اهڙي مصيبت ۾ وڌو ويندو، جنهن ۾ هو هينئر مبتلا آهن. پر هاڻي وٺو انهيءَ ڳالهه کي ته سر جان ڪـَـئن جي وڃڻ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر 11- مارچ 1839ع تي هڪ ٻيو عهدنامو آڻي ڪڍيو، جنهن تي لارڊ آڪلنڊ جي صحيح ۽ مـُـهر پيل هئي. جهڙيءَ طرح، اڳين عهدنامن ۾لکيو ٿي ويو، اهڙيءَ طرح هن عهدنامي ۾ به ائين مذڪور هو ته هي عهدنامو سڪندر جي ديوار وانگر مضبوط ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين محڪم رهندو! انهيءَ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر چين ڏانهن اسهيو ۽ سندس جاءِ ڪرنل آئوٽرام ورتي، جو حيدرآباد جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. ميرن کي وري به انهيءَ نئين ريزيڊنٽ جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو. ڪرنل آئوٽرام ٿوري وقت کان پوءِ بلوچستان هليو ويو، ۽ سندس جاءِ تي سندس نائب مسٽر ليڪي حيدرآباد جي دربار تي مقرر ڪيو ويو. مسٽر ليڪي کي مير محمد خان اطلاع ڏياري موڪليو ته حيدرآباد جا مير پنهنجي طرفان هڪ عيوضي لنڊن جي دربار ڏانهن موڪلڻ چاهين ٿا، ته جيئن پنهنجا ڏک سور ۽ اهنج ايذاءَ وغيره اُتي پهچائي سگهن. مسٽر ليڪي منشي ساڌو رام جي معرفت، جو پڻ انگريز سرڪار جو هڪ نوڪر آهي، جواب ڏياري موڪليو ته مير پنهنجو عيوضي شايد ڪمپنيءَ جي خلاف شڪايت ڪرڻ لاءِ ٿا موڪلين، انهيءَ تي ڪمپني ناراض ٿي پوندي ۽ انهيءَ تي ميرن سان دشمني ٿي پوندي. ميرن کي انهيءَ تي لاچار پنهنجي عيوضي موڪلڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻو پيو. انهيءَ واقعي کان ٿورو پوءِ مسٽر ليڪي بيمار ٿي پيو ۽ ڪراچيءَ هليو ويو، ۽ سندس جاءِ تي مسٽر مائلن حيدرآباد مقرر ٿي آيو. سن 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر پهرين ڪراچيءَ پهتو ۽ بيماريءَ سبب ڪجهه وقت اتي رهي، پوءِ حيدرآباد هليو آيو. ميرن سندس ڏاڍي شان ۽ مان سان استقبال ڪرڻ جون تياريون ڪيون، ۽ سندس چڙهڻ لاءِ هڪ پالڪي موڪلي، جنهن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل هو. سندس ساٿي آفيسرن لاءِ پڻ سون ۽ چانديءَ سان سجايل اُٺيون موڪليون ويئون، ۽ جيئن اهي مٿن چڙهي اچن. ساڳئي وقت مير عباس علي خان ۽ ٻين مکيه ميرن کي سندن آجيان لاءِ اڳواٽ موڪليو ويو، ته جيئن اهي کين وٺي اچن. اهڙي شان ۽ دٻدٻي جي ٺٺ سان سر چارلس نيپئر ميرن سان ملاقات ڪئي، ۽ واپس ڪئمپ ۾ وڃي، ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيمر تي چڙهي سکر هليو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ ڪئپٽن اسٽينلي، سکر مان حيدرآباد پهتو، ۽ پاڻ سان هڪ نئون عهدنامو خط سميت کڻي آيو. ميرن جڏهن خط ۽ عهدنامو ڏٺو تڏهن حيران ٿي ويا، ۽ احتجاج طور ٻه دفعا سر چارلس نيپئر ڏانهن قاصد ڏياري موڪليائون، ته انهيءَ نئين عهدنامي ۾ ميرن جي تباهي آهي. انهيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا شرط هئا، جن موجب ميرن کي پنهنجي ملڪ جا ڪيترا علائقا انگريزن کي ڏيڻا ٿي پيا. سر چارلس نيپئر ٻڌايو ته کيس ڪابه خبر نه آهي، ڇاڪاڻ ته کيس فقط لارڊ ايلنبرو جا حڪم مڃڻا آهن. هـُـن قاصدن کي وڌيڪ ٻڌايو ته، ”آءٌ فقط اوهان وانگر هڪ وڪيل آهيان، ۽ منهنجو ڪم آهي ٻين جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻ.“ انهيءَ کان پوءِ سر چارلس نيپئر فوج ۽ توبن سان خيرپور تي حملو ڪيو، ۽ صلح جي وقت ۾، مير رستم خان کي پنهنجي موروثي حڪومت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. مير رستم خان کي پنهنجن ٻارن زالن سميت مينهن ۽ سخت واءُ ۾ برپٽ ڏانهن ڀڄي وڃڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ ڪرنل آئوٽرام بمبئيءَ مان سکر پهچي ويو ۽ ڏيجيءَ وٽ وڃي سر چارلس نيپئر سان مليو. انهيءَ کان پوءِ سر چارلس نيپئر امام ڳڙهه جي قلعي ڏانهن وڌيو، جو مير رستم خان جي ڀائٽي مير محمد خان جو رهائشگاهه هو. قلعي کي بلڪل تباهه ڪيو ويو، ۽ ان ۾ رکيل اناج جا انبار لٽيا ويا. اتان پوءِ سر چارلس منزلون ڪندو حيدرآباد ڏانهن وڌيو. ميرن جڏهن سندس واڌ جو ٻڌو، تڏهن ڏانهس قاصد ڏياري موڪليائون، ته اسان پنهنجي مرضيءَ جي خلاف، انهيءَ نئين عهدنامي کي به قبول ڪيو آهي، ته پوءِ تون ڇو فوج ۽ توبن سان حيدرآباد وڌي رهيو آهين؟ مير جيڪي وڪيل سر چارلس نيپئر ڏانهن ڏياري موڪليا هئا، انهن جا نالا ميرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار هئا، ۽ اهي سر چارلس نيپئر کي نوشهري وٽ وڃي مليا، جو حيدرآباد ۽ سکر جي وچ ۾ آهي. اهي ميرن جون مهرون به اتي کڻي ويا، ته جيئن نئين عهدنامن جي قبوليت تي هنيون وڃن. سر چارلس نيپئر کين اهي مهرون هڻڻ نه ڏنيون، ۽ هڪ خط ڏيئي واپس موڪليو، ته جيڪي به اهي شرط شروط هئا، تيئن انهن جي هڪدم تعميل ڪئي وڃي. انهيءَ خط ۾ مذڪور هو ته ميرَ، مير رستم خان کي هڪدم حيدرآباد ۾ گهرائي وٺن، ته جيئن ميجر آئوٽرام اتي پهچي مير رستم خان جو معاملو طئي ڪري، ۽ ساڳئي وقت عهدنامي تي به سيل مهر ڪئي وڃي. خط ۾ اهو به لکيل هو ته سر چارلس نيپئر جي مرضي هئي ته حيدرآباد تي چڙهائي ڪري، پر هاڻي هو انهيءَ کي في الحال مهمل ٿو رکي، پر جيڪڏهن مير رستم خان ميجر آئوٽرام سان نه ملندو، ته پوءِ کيس دشمن سمجهيو ويندو. اهڙيءَ طرح مير رستم خان ۽ سندس ٻه وڪيل 8- فيبروري 1842ع تي اچي حيدرآباد ۾ مليا. جيئن ئي ميجر آئوٽرام اچي اتي پهتو، تيئن هـُـن ميرن ڏانهن نياپو موڪليو ته عهدنامو بحال ڪيو وڃي ۽ جيئن ته ميرن لاءِ ٻيو ڪو بلو ڪونه هو، ۽ اهو عهدنامو هو به بي انصافيءَ تي مبني، پر ان هوندي به ميرن انهيءَ کي قبول ڪيو، ۽ پنهنجيون مهرون ڏياري موڪليون. ٻئي ڏينهن 9- فيبروري تي، ڪرنل آئوٽرام ميرن سان ملاقات ڪئي، جن کيس ٻڌايو ته انگريزن جي لڳاتار واڌ سبب ٻروچ جوش ۾ اچي ويا آهن، ۽ کيس ياد ڏياريائون ته هنن مهرون هڪ ڏينهن اڳيئي ڏياري موڪليون آهن. ميرن انهيءَ تي ڪرنل آئوٽرام کي گذارش ڪئي ته ڪو آفيسر سر چارلس نيپئر ڏانهن موڪلي، ته جيئن هو پنهنجي چڙهائيءَ کي روڪي. ڪرنل آئوٽرام اهو چوڻ ڪري هڪ آفيسر مير نصير خان ڏانهن ڏياري موڪليو، ۽ ميرن انهيءَ کي هڪ تير رفتار اُٺ تي چاڙهي سر چارلس نيپئر ڏانهن روانو ڪيو. اهو آفيسر وڃي انگريز ڪئمپ ۾ پهتو ۽ 12- فيبروري تي اهو ساڳيو اوٺي انهيءَ آفيسر کي واپس وٺي آيو. اهو آفيسر پاڻ سان هڪ خط کڻي آيو، جو منشي ميلارام جو لکيل هو. اهو اوٺي ميرن جي حڪم سان سر چارلس نيپئر جي ڪئمپ ۾ موجود هو، ۽ هن ڏٺو ته خط پهچڻ شرط سر چارلس نيپئر پنهنجي ڪئمپ ٽوڙي حيدرآباد ڏانهن ڪوچ ڪري ڏنو. ميرن اها خبر ڪرنل آئوٽرام کي ڏياري موڪلي، جو ساڳئي ڏينهن يعني ته 12- فيبروري جي 2- بجي منجهند جو ميرن وٽ آيو، ۽ چيائين ته جيڪڏهن اوهان انهيءَ عهدنامي تي مهرون هڻندا ته پوءِ هو کيس پنهنجي طرفان پاڻ هڪ خط لکي ڏيندو. هـُـن اهو به چيو ته جيڪڏهن اهو خط مير پنهنجي ڪنهن به آفيسر جي هٿان سر چارلس کي ڏياري موڪليندا، ته پوءِ هـُـو اتر سنڌ ڏانهن واپس هليو ويندو. ميرن کي لاچار انهيءَ عهدنامي کي مڃڻو پيو ۽ هنن انهيءَ تي صحيحون ڪيون ۽ مهرون به هنيون. انهيءَ وقت مير نصير خان ميجر آئوٽرام کي چيو ته مير رستم خان کي وڏيءَ عمر ۾ ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ وڏي سختي آهي ۽ جيئن ته کانئس سندس سٺيون زمينون (روهڙيءَ کان سبزل ڪوٽ تائين) کسيون وييون آهن، انڪري کيس باقي علائقو واپس ڪيو وڃي. مير نصير خان کيس اهو به ٻڌايو ته سر چارلس نيپئر به انهيءَ معاملي جو فيصلو مٿس ڇڏيو آهي، انڪري انهيءَ جو منصفانه فيصلو ڪيو وڃي. ڪرنل آئوٽرام تنهن تي ٺلهو جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ چيائين ته مير رستم خان جي باري ۾ ڪوبه فيصلو وغيره نٿو ڪري سگهجي. جنهن وقت اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان وقت حيات خان جو هڪ نوڪر حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي پهتو، ۽ ٻڌايائين ته حيات خان جيئن حيدرآباد اچي رهيو هو، تيئن سر چارلس نيپئر کيس پڪڙي قيدي بنائي ڇڏيو آهي. ٻروچن، مير رستم سان ٿيل ظلم، حيات خان جي قيد ٿيڻ ۽ سر چارلس نيپئر جي ڪنهن به ڳالهه تي نه اچڻ سبب نااميد ٿي، اهو ارادو ڪيو ته جيئن ڪرنل آئوٽرام قلعو ڇڏي، تيئن مٿس حملو ڪيو وڃي. ميرن کي جڏهن خبر پيئي تڏهن هنن ٻروچن ڏانهن حڪم ڏياري موڪليو ته هو انهيءَ ارادي کان باز اچن ۽ ڪرنل آئوٽرام کي ڪيترن ئي معزز رئيسن جي همراهيءَ ۾ ڪئمپ تي صحيح ۽ سلامت پهچايو ويو. ڪرنل آئوٽرام پوءِ اهو خط، جنهن جو هن ميرن سان انجام ڪيو هو، ڏياري موڪليو، ته جيئن سر چارلس نيپئر پنهنجي چڙهائي روڪي. اهو خط پوءِ ميرن جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو. قاصد جيڪو خط کڻي ويو هو، تنهن اچي ٻڌايو ته جنرل خط ڏسڻ شرط ڪئمپ ٽوڙي حيدرآباد ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌڻ شروع ڪيو. ميرن انهيءَ تي پنهنجي طرفان به هڪ خط جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جڏهن سندس سڀئي تڪيلف ڏيندڙ شرط مڃيا ويا آهن، ته ان هوندي به هو حيدرآباد ڏانهن وڌي رهيو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ ميرن انهيءَ خط ۾ اهو به پڇيو ته ڇا سندس مطلب جهيڙي ڪرڻ جو آهي ڇا؟ جي ائين آهي ته پوءِ مير شهر خالي ڪري وڃي برپٽ وسائين ۽ پوءِ اتان پنهنجو وڪيل لنڊن موڪلي انصاف حاصل ڪن. انهيءَ گذارش جو به سرچارلس نيپئر ڪو جواب ڪونه ڏنو. سر چارلس نيپئر جي چڙهائي، ۽ حيات خان جي گرفتاريءَ سبب ٻروچن جو هڪ جٿو، جنهن جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي نه هو، حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي جمع ٿيو. ميرن جيتوڻيڪ سر چارلس جي نون شرطن کي به مڃيو، پر ان هوندي به هن پوئتي موٽڻ جي نه ڪئي. ان تي مير ۽ سندن ٻروچ سردار شهر جي ٻاهران اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائون ته ڀل نيپئر اچي اسان کي قتل ڪري ۽ پوءِ وڃي اسان جا گهر لـُـٽي، ڇاڪاڻ ته اسين جيئري کيس اهو ڪم نه ڪرڻ ڏينداسين. مير نصير خان جڏهن ڏٺو ته ٻروچ پاڻ کي تباهه ڪرڻ پٺيان آهن، تڏهن هن ڪرنل آئوٽرام ڏانهن نياپو ڏياري موڪليو، ته هو ٻروچن کي سمجهائڻ وڃي رهيو آهي پر کيس صلاح ٿو ڏئي، ته اسٽيمر تي چڙهي هليو وڃي، نه ته ٿي سگهي ٿو ته ٻروچ سر چارلس نيپئر تي حملي ڪرڻ سان گڏ مٿس به حملو نه ڪري ڏين. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ميرن جي بيعزتيءَ جو باعث ٿيندو. انهيءَ باري ۾ هڪ خط به ڪرنل آئوٽرام کي لکيو ويو هو. اهڙيءَ طرح 15- تاريخ مير نصير خان ٻروچن کي سر چارلس نيپئر تي حملي ڪرڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن هن سر چارلس کي وڪيل ڏياري موڪليا، ته جيئن هو به انهيءَ حملي ڪرڻ کان باز اچي، جو هو حيدرآباد تي ڪرڻ وارو هو. 15- تاريخ منجهند جو ٻروچن جي هڪ جٿي ڪرنل آئوٽرام جي ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو. مير محمد خان، جو ان وقت حيدرآباد جي قلعي ۾ هو، تنهن هڪدم دلاور خدمتگارکي ٻروچن ڏانهن ڏياري موڪليو، ته انهيءَ دنگي فساد کان باز اچن. دلاور تڪڙو تڪڙو اچي اتي پهتو ۽ پاڻ کي وڌندڙ ٻروچن ۽ ايجنسيءَ جي وچ ۾ آڻي، ٻروچن کي هدايت ڪرڻ لڳو. جيئن ئي اهي ايجنسيءَ جي ڀرسان لنگهيا، تيئن اتي جي هڪ چوڪيدار بندوق جي فئر سان هڪ ٻروچ ماري وڌو. دلاور گهڻو ئي سمجهاين پر وريو ڪي ڪين، ۽ ٻيئي ڌريون ٺڪاٺڪيءَ ۾ لڳي ويون. نتيجو اهو نڪتو جو ٻه ٻروچ ۽ هڪ ريزيڊنسي گارڊ مارجي ويا. انهيءَ کان پوءِ آئوٽرام ۽ سندن ساٿي وڃي اسٽيمر تي چڙهيا. ٻروچن ٻن يورپي سپاهين کي قيد ڪيو، جنهن مان هڪڙي کي مير نصير خان وٽ آندو ويو. ميرن هنن کي گوشت ۽ شراب مهيا ڪري ۽ پوءِ کين آزاد ڪري ڇڏيائون. مير محمد خان ته پنهنجي قيديءَ کي هڪ تيز رفتار اٺ تي چاڙهي جهرڪن پهچايو، ۽ پوءِ کيس آزاد ڪري ٻيڙيءَ رستي درياء جي ٻي ڀر موڪليو ويو. انهيءَ کان پوءِ مير نصير خان انگريز ڪئمپ ڏانهن وري به هڪ وڪيل موڪلڻ تي هو پر تنهن وچ ۾ سر نيپئر ٻروچن تي حملو ڪري ڏنو، ۽ توبن جو آواز سڀني کي ٻڌڻ ۾ آيو. دوبدو لڙائي ختم ٿيڻ تائين ڪيترائي ٻروچ مارجي ويا ۽ ٻيا واپس وريا. مير نصير خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته سڀڪجهه سندس مرضيءَ جي خلاف ٿيو هو، تڏهن فقط حيدرآباد جي پسگردائيءَ مان ٻارنهن هزار ٻروچ اچي جمع ٿيا هئا. مير نصير خان انهن سڀني کي وڙهڻ کان منع ڪئي، ۽ کين حڪم ڪيو ته ٽڙي پکڙي وڃن. 18- تاريخ مير نصير خان پنهنجي مرضيءَ سان سر چارلس نيپئر جي ڪئمپ ۾ هليو ويو ۽ اتي تلوار کولي مير، جنرل کي پيش ڪئي. جنرل پنهنجي هٿن سان اها تلوار مير نصير خان کي واپس ڪري وري کيس ٻڌي ڇڏي ۽ کيس دلداري ڏني ته پنجويهه ڏينهن اندر سندن معاملي جو فيصلو ٿيندو ۽ سندن ملڪ کي کيس واپس ڪيو ويندو. ان ملاقات ۾ اهي لفظ ڪرنل آئوٽرام جي روبرو چيا ويا هئا. ٻئي ڏينهن سر چارلس نيپئر ريزيڊنسيءَ ۾ ويو ۽ ميرن مٿان ماڻهو رکيائين. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام بمبئيءَ ڏي اُسهيو ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ منشي علي اڪبر، جنرل وٽان ميرن ڏانهن اهو نياپو آندو ته هو قلعي کي ڏسڻ ٿو گهري. مير نصير خان انهيءَ تي آخوند بچل، ديوان ميٺارام ۽ بهادر خدمتگار کي ڏياري موڪليو ته جيئن اهي جنرل کي پاڻ سان وٺي اچن. سر چارلس نيپئر پوءِ ڪرنل پٽين ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي قلعي ۾ داخل ٿيو، ۽ پاڻ ٻه توبون ۽ پيادل توڙي سوار فوجن جون ٻه ريجمينٽون وٺي آيو. انهيءَ کان پوءِ صاحب ٻين آفيسرن ۽ سپاهين سان گڏ مرحوم ڪرم علي خان جي زنانخاني ۾ هليو ويو، ۽ مرزا خسرو بيگ کي ڳٿر کان جهلي بيعزت ڪيو. تنهن کان پوءِ هن حڪم ڏنو ته جيڪي به پئسو پنجڙ، زيور يا قيمتي شيون وغيره هجن، سي هڪدم کيس آڻي ڏنيون وڃن. اهڙيءَ طرح هنن پندرهن لکن جو مال هٿ ڪيو. مير ڪرم علي خان جي گهر جي ڀاتين جڏهن هيءُ نظارو ڏٺو، تڏهن- صاحب کي عرض ڪيائون ته کين پالڪي گهرائي ڏني وڃي ۽ ٽن جوڙن کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. صاحب اهو عرض رد ڪندي، منشي علي اڪبر سان گڏ زبردستيءَ زنانخاني ۾ گهڙي ويو ۽ اتي وڃي زنانن زيورن، سون ۽ چاندي جي ٿانون ۽ ڪپڙن وغيره جي ڦر شروع ڪري ڏني. ڪن حالتن ۾ ته عورتن جي ٻانهن ۽ پيرن مان به زبردستيءَ زيور لاٿا ويا. اهي بدنصيب عورتون ڊپ ۽ شرم وچان شهر مان ڀڄي نڪتيون ۽ پيرين پنڌ وڃي کٿڙ پهتيون، جو حيدرآباد کان پنج ڪوهه پري آهي... صاحب ۽ ... صاحب، مير نور محمد جي زنانخاني ۾ گهڙي ويا ۽ اتي به ڦر ڪري عورتن کي مجبور ڪيائون ته اهي پيرن پنڌ هوسڙي ڏانهن هليون وڃن. ... صاحب مير فتح علي جي پٽ مير صوبدار کان ٻه قيمتي بازو بند گهريا، جي کيس ڏنا ويا. مير صوبدار جي گهر جي هڪ عورت، ڪجهه رپيا ڪمر پٽي ۾ ٻڌي ڇڏيا هئا. ڀاڄ ۾ ڪي رپيا هيٺ ڪري پيا، جنهن تي کيس يڪدم پڪڙيو ويو ۽ پٽو وڍي پئسا ڪڍيا ويا. پوءِ هر هڪ عورت کي پاسيرو وٺي سندس ٻانهن پيرن، ڪن ۽ نـَـڪ جا زيور لاٿا ويا. قلعي ۾ اندر اچڻ جي منع ڪئي ويئي ۽ مرحوم مير نور محمد ۽ مير نصير خان جي گهر جي عورتن کي ٻن ڏينهن تائين پاڻيءَ کان سواءِ اُڃ ۾ رکيو ويو. مير نصير خان جي ٻن پٽن مير حسين علي ۽ مير عباس علي، جي ٻئي قلعي ۾ قيد هئا، تن پاڻيءَ لاءِ صاحب کي نياپو ڏياري موڪليو، جنهن تي جواب مليو ته، سر چارلس نيپئر جو حڪم آهي ته جنهن کي به پاڻي پيڻو هجي، سو گارڊ جي ڪمانڊنگ آفيسر جي بنگلي تي وڃي ۽ پاڻي پيئي. آخر ڏاڍي جفاڪشيءَ کان پوءِ پنج سؤ ماڻهن لاءِ، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار هئا، هڪ کـُـلي پاڻيءَ جي هٿ ڪئي ويئي، جنهن سان اُهي فقط نـِـڙي آلي ڪري سگهيا، پر رهيا ساڳيءَ اُڃَ ۾. انهيءَ کان ٿورو پوءِ صاحب ۽ سپاهي انهيءَ درن وٽ آيا، جتي عورتون هيون ۽ انهن کي ڪهاڙين سان ڀڃي کوليائون. اندر گهڙڻ سان عورتن کان زيور وغيره جي گهـُـر ڪيائون، جي انهن سڀني لاهي ڏنا. ٻئي ڏينهن صاحب انهيءَ ساڳين ڪمرن ۾ گهڙيو ۽ اَلهه تـَـلهه ٻهاري کڻي ويو. هڪ عورت، جنهن کي ريشم جو جوڙو پيل هو، تنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس قلعي جي دروازي تي جهلي ڪپڙا لهرايا ويا. مير نور محمد خان جي بيوه ڪجهه ڪپڙا هڪ نوڪرياڻيءَ کي وڪري لاءِ ڏنا، ته جيئن کاڌي پيتي جو سامان وٺي اچي. صاحب جي منشيءَ محمد حسين انهيءَ کي جهلي مار ڏني ۽ کانئس ڪپڙا ڦري ورتا. انهيءَ کان پوءِ ٻن عورتن کي آڻي، قلعي جي در وٽ بيهاريائون، ته جيئن اچ وڃ ڪندڙ سڀني عورتن جو جهاڙو ورتو وڃي. ٿورن اکرن ۾ ته جيڪا به ميرن جي ملڪيت هئي، اها سڀ کانئن کسي ويئي. مير صوبدار کي پوءِ ٻاهر ڪڍيو ويو، ۽ کيس انگريز ڪئمپ ۾ قيدي بنايو ويو، ۽ جيڪي تلوارون سندس پٽن کي ڏنيون ويئون هيون، سي کانئن واپس ورتيون ويئون. ميرزا خسرو بيگ جو به گهر ڦريو ويو ۽ کيس قيدي بنائي ڪئمپ ڏانهن نـِـيو ويو. انهيءَ کان پوءِ کيس وري قلعي ۾ آڻي ايڏي ته مار ڏني ويئي جو گهڻي وقت تائين بيهوش ٿي ويو هو. جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن کيس ٻڌي واپس ڪئمپ ۾ آندو ويو ۽ نظر بند رکيو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ ميرن کي بمبئيءَ موڪليو ويو ۽ اتان پوءِ مـَـيسـُـور ڏانهن موڪليو ويو، جتي کين ڏهه مهينا قيد رکيو ويو. کين پوءِ ڪلڪتي وٺي ويا، جتي لارڊ ايلنبرو کين هڪ اُجڙيل جاءِ هزاري باغ ۾ نظر بند رکڻ ٺيڪ سمجهيو. ميرن لارڊ ايلنبرو کي مـَـيسـُـور مان ڪلڪتي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي ايلنبرو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نتيجو اهو نڪتو جو هـُـن مير نصير خان، حسين علي خان ۽ مير نور محمد خان جي پٽن، ۽ مير نصير خان ۽ شاهه محمد خان جي ڀائرن ۽ مير شاهه محمد جي پٽ کي ٻين ميرن کان جدا ڪري، کين هزاري باغ ۾ رکيو ويو ۽ ٻين وڏن ميرن کي هن ٻيءَ اجڙيل جاءِ ۾ رهائڻ جو خيال ڪيو. ايتري ۾ کيس ڊسمس ڪيو ويو، ۽ انڪري هو لنڊن واپس هليو ويو. انهيءَ کان پوءِ بدقسمت مير نصير خان ڏک ۽ نئين مصيبت، جنهن ۾ سندس پٽ کانئس ڦرجي ويو، ۽ رات ۽ ڏينهن هنجون هاريندو رهيو، تان جو موت کيس اچي انهن سورن مان نجات ڏني. لارڊ ايلنبرو جي ڊسمس ٿيڻ کان پوءِ سر هينري هارڊنج گورنر جنرل مقرر ٿيو، ميرن کيس به خط لکيو، جنهن ۾ هنن، رسيل اهنجن کي دور ڪرڻ جي کيس گذارش ڪئي، ۽ پڻ ملاقات جي لاءِ به عرض ڪيو. انهيءَ خط جي جواب ۾ سيڪريٽري (مسٽر ڪـُـوري) ميرن تي نظرداري ڪندڙ ڪئپٽن ڳارڊن کي لکي موڪليو ته گورنر جنرل انهيءَ معاملي ۾ڪي ڪين ٿو ڪري سگهي پر ان هوندي به جي مير هروڀرو ملاقات ڪرڻ ٿا چاهين ته پوءِ گورنر جنرل انهيءَ لاءِ ڪو ڏينهن مقرر ڪندو. اها ملاقات بئرڪپور ۾30- سيپٽمبر 1844ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سر هينري هارڊنج صاف طور کليل اکرن ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ميرن سان بي انصافي ٿي آهي پر ان هوندي به هو سندن ڪا مدد نٿو ڪري سگهي. تنهن کان پوءِ ميرن ٻه دفعا سر هينري هارڊنج کي لکيو، ته جيڪڏهن کيس مدد ڪرڻ جو اختيار نه آهي، ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ميرن مان ڪن کي اجازت ڏني وڃي ته اهي وڃي راڻيءَ وٽ پڪارين. انهيءَ تي گورنر جنرل، مسٽر ڪوري جي معرفت انڪاري جواب ڏياري موڪليو. ٻي ڪابه واهه نه ڏسي ميرن قرض کڻي انگلنڊ ڏانهن هي وڪيل ڏياري موڪليا، جن هندستان لاءِ وزير لارڊ رپن، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ۽ راڻيءَ وغيره سان ملاقات لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا. آخر پئسن جي گهٽتائيءَ سبب هو واپس هندستان وڃي رهيا آهن، جتي وڃڻ کان پوءِ هو پنهنجون دانهون ڪوڪون ڌڻيءَ جي در ڪندا ته جيئن کين انصاف پلئه پوي ۽ رب سائين کين اهو ڏياري، جنهن جي ڏيڻ کان ماڻهن انڪار ڪيو آهي. ڇنڇر 22- آگسٽ تي ديوان مهتا رام لکيو. 16- فيبروريءَ 1843ع جي پوياڙيءَ جو انگريز فوج هالا کان ايڪيهه ميل پنڌ ڪري، ٿڪجي ٽـُـٽي اچي مٽياري جي ڳوٺ وٽ ڪئمپ لڳائي، جا حيدرآباد کان اتر طرف 17 ميلن جي پنڌ تي آهي. برطانيا جي فوج جو تعداد ان وقت 3000 هو، ۽ ان جي ڪمان ميجر جنرل سر چارلس نيپئر جي هٿ هيٺ هئي. مٽياري سنڌو دريا ِّ جي ڪپ کان ميل يا ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي، ۽ ڪرنل آئوٽرام، جو ان وقت ميرن سان لهه وچڙ ۾ هو، سو به پنهنجي اسٽيمر ”پلينيٽ“ تان اچي لٿو، ساڻس گڏ لائيٽ ڪمپنيءَ جو حفاظتي جـَـٿو به هو، جنهن جو تعلق هز مئجسٽي مهاراڻيءَ جي ٻاويهين ريجمينٽ سان هو. هـُـن انهيءَ ڳالهه جي اچي تصديق ڪئي ته ميرن اڳئين صبح جو ڪئمپ تي حملو ڪيو هو، جا سر چارلس نيپئر هالن ۾ اڳيئي ٻڌي هئي. آئوٽرام ٻڌايو ته ريزيڊنسي، جا حيدرآباد کان اتر- اولهه جي طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي هئي، تنهن کي گهوڙيسوار ۽ پيادي فوج جي هڪ وڏي جماعت اچي گهيرو ڪيو هو، ۽ انهيءَ جو مهندار مير شهداد خان نالي هڪ مير هو. انگريز حفاظتي جٿي چار ڪلاڪ نهايت بهادريءَ سان مقابلو ڪيو پر پوءِ بارود کٽڻ جي ڪري، انهن کي درياء ڏانهن پٺتي موٽڻو پيو. ان وقت درياء ۾ ٻه اسٽيمر بيٺا هئا، جنهن تي چڙهي اچي مٽياريءَ پهتا آهيون. ڪرنل آئوٽرام ٻڌايو ته ٻروچ وڏي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ پاڻ کي شڪار ڳڙهه ۾ لڪائي ڇڏيو هئائون، جو مٽياري ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ آهي. خيال ڪيو ٿي ويو ته جيڪڏهن انهيءَ جهنگ کي باهه ڏبي ته دشمن ڌڪجي ٻاهر نڪري ايندو، انڪري ميجر آئوٽرام ٻن سؤ سپاهين کي انهن ٻنهي اسٽيمرن تي انهيءَ ڪم لاءِ موڪليو. جيتوڻيڪ جهنگ جو ڪجهه حصو ساڙيو ويو پر ان هوندي به اها اٽڪل ڪامياب نه ويئي، ڇاڪاڻ ته 17 تاريخ وارو جنگ جو ميدان اڃا ڀرپور هو. ٻروچن رات جي وچ ۾ شڪارڳڙهه خالي ڪري ڇڏيو هو پر اسان شڪارڳڙهه جي بيهڪ کان اڻواقف هئڻ ڪري غلطي ڪري وڌي. 17- تاريخ جو صبح جو فوجن ڪوچ ڪيو، جن ۾ سنڌي گهوڙيسوارن جو جٿو ڪئپٽن جيڪب جي ڪـَـمان هيٺ سڀ کان اڳ ۾ هو. سندن پٺيان ڪئپٽن هينڊرسن جي ڪمان هيٺ سـَـيپرس هئا، جن سان سؤ کن ڪـَـمي سپاهين جو جٿو به ساڻ هو. اهي انهيءَ ڪري گڏ کنيا ويا ته اُهي توبن جي وڌڻ لاءِ رستو صاف ڪندا وڃن. جيئن ته انهيءَ جـُـوءِ ۾ تمام گهڻا واهه کوٽيل هئا، انڪري انهن کي پار ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت درڪار هئي. اهوئي سبب آهي جو اسان جي توبخاني کي اڳتي وڌڻ ۾ دير لڳي. اسان گهڻو ڪري واهه جي ڪپن کي ڪوري، انهيءَ جي مـِـٽي وچ ۾ اڇلائي ٿي، پر ان هوندي به اُٺ توبن کي ڇڪي نه سگهيا. اسان کي ان ڪري واهن ۾ سٺي لاهـِـي ٺاهڻ لاءِ، سڄي رات ڪم ڪرڻو پيو. ساڳئي صبح جو اسان کي مٽياري جي ڀر ۾ ٻن واهن مٿان رستو ٺاهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳي ويو. انهن واهن جي پريان، اسان ڏٺو ته ميرن پنهنجي توبخاني جي سولائيءَ لاءِ سڄو رستو ٺاهي ڇڏيو هو، انڪري اسان جي توبن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿي. ستن ميلن جي واڌ اسان کي آڻي ڦليليءَ وٽ ڪڍيو، جا سنڌو درياء جي هڪ شاخ آهي. پر ان وقت انهيءَ جو پيٽ سـُـڪو پيو هو. ڦليلي جي اُڀرندي ڪپ سان لاڳو ٻن- ٽن ميلن تائين سڌو رستو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي لڳو لڳ ڪيترائي ڳوٺ هئا ۽ پڻ وڻن جا ڪي جهڳٽا به انهن جي وچ ۾ ٿي ڏٺا. انگريز فوج اڃا پهريون ڳوٺ ڇڏي، ٻئي ڳوٺ تائين پهتي ئي ڪانه هئي ته کين پري کان توبن جي ڇـُـٽڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سر چارلس نيپئر انهيءَ تي يڪدم پنهنجي فوج جي اڳئين حصي يعني ته توبخاني کي هڪ واهه ۾ ڇڏي، سنڌي گهوڙيسوار فوج کي ڦليليءَ جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ نون پائونڊن وارا گولا اڇلائيندڙ ٻن توبن کي آجو ڪرائي، جنگ لاءِ تيار ڪرائي بيهاري ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ سنڌي گهوڙيسوار فوج جو هڪ جٿو ڦليليءَ جي پار شڪارڳڙهه جي چوڌاريءَ جاسوسي ڪرڻ خاطر ۽ باقي رهيل گهوڙيسوارن کي دشمن جي جاچ پڙتال رکڻ لاءِ، اڳتي موڪليو ويو. آخر خاطري ٿي ته دشمن ٻئي طرف کان هو. انڪري جنرل وري به اڳتي وڌيو، ۽ هڪ اهڙي ڳوٺ وٽ اچي پهتو، جتي حيدرآباد جو رستو درياهه جي ڪپ کان الڳ ٿي ٿيو. ان وقت جنرل جي ساڄي هٿ تي ڦليليءَ جو سـُـڪل ڀڏو هو، جنهن جو رُخ ڏکڻ طرف هو. سندس ٻئي هٿ تي هڪ ڪـَـچي ديوار هئي، جنهن جي اندر هڪ گهاٽو شڪارڳڙهه هو ۽ سندس سامهون ظاهر ٻهرچي جو ڳوٺ هو، جو ڳوٺن جي انهيءَ سلسلي جو آخري ڳوٺ هو. انهيءَ ڳوٺ کان اڌ ميل جي پنڌ تي وري هڪ ٻيو شڪارڳڙهه هو، جو ڦليليءَ جي ڪپ سان ساندهه ميل کن گڏ هليو ٿي ويو ۽ سندس کاٻي بازو واري فوج ڍڪجي ٿي ويئي. سنڌي گهوڙيسوارن جا ٻه جٿا ڪئپٽن رسيل ۽ ڪئپٽن جيڪب جي هٿ هيٺ اڳتي وڌندا رهيا. جڏهن هو کٻي طرف مڙيا، تڏهن هڪ اهڙي هنڌ وڃي پهتا، جو دشمن جي توبن کان اڌ ميل يا ان کان ڪجهه گهٽ فاصلي تي هو. هتي اچي انهن قطارون ٺاهيون ۽ هتي ئي ٻيو جٿو، جو ڦليليءَ جي ڪناري تي شڪارڳڙهه جي جاچ وٺڻ ويو هو، سو به اچي کين مليو. اهڙيءَ طرح اهي بهادر جـَـٿا دشمن جي توبن جي زد ۾ اچي، دشمن جي چرپر تي نظر رکندا آيا، تان جو سڄي انگريز فوج وڌي آئي. جنرل انهيءَ رستي تان، جو سندس سامهون واري شڪارڳڙهه جي کٻي پاسي کان ٿي گذريو، هزار کن وال اڳتي وڌي آيو. اتي هـُـن ڏٺو ته هو دشمن جي توبخاني جي سڌائيءَ ۾ هو، انڪري سڄي فوج جي اتي پهچڻ تائين هو ماٺ ۾ رهيو. فوج جي پهچڻ ۾ دير انهيءَ ڪري ٿي، جو رستن جي خراب هجڻ، توبن جي واڌ ۾ ڏاڍو اٽڪاءُ ڪري وڌو. جيئن ته توبن کي آڻڻ ۾ چڱو وقت لڳي ويو، ان ڪري جنرل کي دشمن جي صحيح پوزيشن کي جانچڻ لاءِ ڪافي وقت مليو. اسان جي سامهون جيڪو شڪارڳڙهه هو، انهيءَ جون ڀتيون دشمن جي توبخاني جي ماڻهن سان ڀريون پيئون هيون، خاص ڪري انهيءَ جي اڀرندي واريءَ پڇڙيءَ تي ته ڏاڍا سپاهي ويٺل هئا. انهيءَ ماڳ کان دشمن جي ساڄي بازوءَ تائين توبخاني جي فوج جا ٻه ڳتل جهڳٽا ٿي ڏٺا، جي ٻن جهنڊن جي چوڌاريءَ اچي جمع ٿيا هئا، انهن جي پٺيان گهوڙيسوار فوج پئي ڏٺي، جن جي اڳيان ڪيتريون ئي توبون رکيل هيون. انهن توبن مان ڪي توبون اڳيئي سنڌي گهوڙيسوار فوجن تي فئر ڪري رهيون هيون، پر هاڻي انهن پنهنجن توبن جو منهن جنرل ۽ سندس فوجن ڏانهن ڪيو. جيئن ته دشمن جي توبن ۽ جنرل جي فوج جي وچ ۾ وڏو فاصلو هو، ان ڪري ڪيل فئر بيڪار ويا. دشمن جي توبخاني جو ساڄو بازو وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ لڪل هو، جنهن ۾ هڪ ڳوٺ به هو، جنگ جو ميدان به ميرن پاڻ چونڊيو هو، جتي هو هڪ طاقتور فوج سان اڳيئي قبضو ڪيو ويٺا هئا. اسان جو مقابلو جيئن ته هڪ اهڙي دشمن سان ٿيڻو هو، جنهن سان اسان ڪڏهن به زور آزمائي نه ڪئي هئي، ان ڪري اسان کي دشمن جي فوج جي جائزي وٺڻ جو وڏو وقت ملي ويو. خيال ڪيو ٿي ويو ته انهيءَ وقت اَٺ هزار پيادا ۽ ٽي هزار گهوڙيسوار فوج، جنرل جي ڊاٻي واري جاءِ کان ڏٺي ويئي. اهو هنڌ جنگ جي ميدان کان اٽڪل هڪ ميل پري هو، ان ڪري ٻروچن جي سڄيءَ طاقت جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو. انهيءَ جو هيءُ به سبب هو ته اها سڄي جوءِ، ديوارن، شڪارڳڙهه ۽ وڻن جي جهڳٽن سان ڀري پيئي هئي، جنهن جي پٺيان ڦليليءَ جو ڀڏو هو، ان ڪري پورو پتو نه پئجي سگهيو. آخر فوج جي پهچڻ سان جنرل اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ هـُـن اهو رستو اختيار ڪيو، جو شڪارڳڙهه جي ڀـِـت سان گڏ، ٽن سؤ والن جي فاصلي تي گڏوگڏ پئي ويو. اها ڀت ٻروچن سان ڀري پيئي هئي پر جيئن اسين ويجهو پهتاسين، تيئن اهي ڪک پـَـن ٿي ويا. اها ڀـِـت اٽڪل اٺ فوٽ اڀي هئي ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه سوراخ يا لنگهه وغيره ڪونه هو. ان ڪري انهيءَ ڀـِـت دشمن کي اڳرائيءَ ڪرڻ جو ڪوبه فائدو نٿي ڏنو، پر اسان جي توبن جي فئرن کان بچڻ لاءِ اها اجهي طور کين وڏي ڪم آئي. فوج جي اڳياڙي جڏهن سامهون کٻي هٿ تي اچي پهتي، تڏهن کين هدايتون مليون ته اهي پريان بيٺل وڻ جي ڀر ۾ جيڪو رستو آهي، انهيءَ ڏانهن وڌن. جيئن ئي انهن فوجن چڱو ميدان والاري ورتو، تيئن ئي کين ساڄي هٿ تي موڙي قطارن ۾ بيهاريو ويو. توبن کي وري ميجر لائڊ جي ڪمان هيٺ شڪارڳڙهه جي ڀر ۾ پياديءَ فوج جي ساڄي هٿ تي سئبرس سان گڏ بيهاريو ويو. توبخاني ۾ چار نـَـون پائونڊن واريون، ٽي ڇهن پائونڊن واريون، ٻه چوويهن پائونڊن واريون ۽ ٻه ٻارنهن پائونڊن واريون توبون هيون. ساڄي بازوءَ جي پٺيان نـَـوَ- بنگال گهوڙيسوار فوج جا، ٽي سؤ پنجاهه سپاهي رزروِ ۾ رکيا ويا هئا، سنڌي گهوڙيسوار فوج، جنهن جو تعداد پنج سؤ کن هو، اهو ساڳيو هنڌ جهليو بيٺا هئا، جتي کين ڪلاڪ اڳ بيهاريو ويو هو. اهي پيادي فوج جي قطارن کان اٽڪل ٽي سؤ وال اڳيان بيهاريا ويا هئا، جتي اهي بيٺل هئا اتي هڪ واٽر ڪورس جو سرسبز ڀـَـڏو هو، جنهن جي ڪنارن لڳ ڪٿي ڪٿي ڇڙوڇڙ وڻ به بيٺل هئا. اهو ڀـَـڏو سڌو سيد سلطان شاهه جي وسيءَ يا ڪاٺڙي ڏانهن ٿي ويو، جتي انهيءَ دشمن جي ساڄي بازوءَ کي ڍڪيو ٿي، ساڄي کان کاٻي تائين انگريزن جي پيادي فوج هيئن هئي: سڀ کان پهرين هر مئجسٽي راڻيءَ جي ٻاويهه- ريجمينٽ، پوءِ اتر هندستان جي پنجويهه، ٻارنهن ۽ آخر ۾ فرسٽ گرينڊپرس. اتر هندستان جي سڄي طاقت تيرهن سؤ پنجاهه سنگينن تي مشتمل هئي. ڪئپٽن ٽيٽ جي هٿ هيٺ پونا جي سوار فوج هئي، جنهن سان ٻه سؤ گرينڊيرس ۽ ٻه ڇهن پائونڊن واريون توبون هيون. انهن کي پڇڙيءَ ۾ ساقه فوج طور رزرو ۾ رکيو ويو ۽ جنگ ۾ڪم نه آندو ويو. انگريزن جي فوجن جي اڳيان هڪ سوڙهو ميدان هو، جنهن ۾ ننڍڙيون واريءَ جون ڊٻون ۽ لاڻي جا ٻوٽا هئا. اهو ميدان ڦليليءَ تائين اٽڪل (1100) يارهن سؤ والن جي وٿيءَ ۾ هو. انهيءَ ميدان کي اوڀر طرف هڪ ننڍي نالي هئي، جنهن ۾ ساوڪ ۽ پڻ ڪجهه وڻ به هئا. اُتي هڪ واهه هو، جو اُڪرڻ جهڙو ڪونه هو. اولهه طرف به اهو ميدان شڪارڳڙهه جي ڀت سان بنديو پيو هو، جا اتر - اوڀر ڪنڊ کان ڦليليءَ تائين ڏکڻ - اوڀر جي طرف ڇهه سؤ والن تائين پکڙيل هئي. اها ديوار انهيءَ ڳوٺ کان پڻ ست سؤ والن جي فاصلي تي هئي، ۽ اها وٿي اڳتي هلي جنگ جو ميدان ٿيڻو هو. دشمن اهو ميدان سوچي سمجهي هٿ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ڦليليءَ جي ڀڏي کين مورچي جو ڪم ٿي ڏنو. برطانيا جي توبخاني ۽ گهوڙيسوار فوج کي انهيءَ ڪري اجهي نه ملڻ سبب ڏاڍي تڪليف ٿي، جيئن هن بيان جي نتيجي ۾ ڏيکاريل آهي. جيئن ئي اسان جي فوج قطارون ٺاهي بيٺي ۽ جنگي جوڌن کي ميدان ۾ موڪليو ويو، توبن کي به ڌڪي ٻه سؤ وال کن اڳتي ڪيو ويو. يارهين بجي صبح جو دشمن جي توبخاني تي گولي بازي ڪئي ويئي. هر مئجسٽيءَ جي ٻاويهين ريجمينٽ توبخاني کي کٻي هٿ تي ۽ باقي ريجمينٽون پٺيان ويهن قدمن جي فاصلي تي قطارون ڪري بيهاريون ويون. دشمن جي توبن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اسان وري به پنهنجيون توبون ٻه سؤ پنجاهه قدم اڳتي ڪيون. دشمن جي توبن ڪوبه چاڙهو ڪونه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ ته اهي اسان کي ڪوبه زيان نه پهچائي سگهيون، ويتر جو اسان جي توبن مٿن سڌا ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا، تن هڻي کين ٿڌو ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت شڪارڳڙهه ۾ هڪ ڳڙک ظاهر ٿي پيو، جو اسان جي ساڄي بازوءَ جي بلڪل ويجهو هو. ٻاويهين - ريجمينٽ جي ڪئپٽن ٽـِـيو کي انڪري هڪدم دشمن کي ڀڄائڻ لاءِ اوڏانهن موڪليو ويو، ڪئپٽن ٽـِـيو، جيڪو اوڏانهين، هڪ ننڍي جٿي سان ويو هو، تنهن شڪارڳڙهه جي منهن وٽ، جتي جهنگ به هلڪو هو، ٻروچن کي پوئتي هٽايو. ڪئپٽن ٽـِـيو البت پاڻ مارجي ويو، ۽ ڪمپنيءَ کي به ڪجهه نقصان رسيو، پر هو شڪارڳرهه مان دشمن کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٽيون ڊاٻو ڦليلي کان ٽن سؤ والن تي ڪيو ويو هو. انهيءَ وچ ۾ برطانيا جي ڪن توبن شڪارڳرهه جي ٻاهران گولا باري ڪئي، ته ڪن وري دشمن جي توبخاني تي فئر ڪيا. نتيجو اهو نڪتو جو دشمن جو توبخانو بلڪل خاموش ٿي ويو. ۽ پيادي فوج، جا ريجمنٽن سان بلڪل لاڳو بيهاري ويئي هئي، تنهن کي آخري حملي لاءِ تيار رکيو ويو. جڏهن آخري حملي جو حڪم ٿيو تڏهن هر مئجسٽيءَ جي ٻاويهين- ريجمينٽ، جا اسان جي يورپي ريجمينٽ هئي، نهايت سهڻي نموني ۾ اڳتي وڌي. دشمن جي جامڪيدار بندوق مان ڪئين فئر ڪيا ويا، پر هنن انهن کي نهايت بردباريءَ سان برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ جواب ۾ هنن به فئر ڪيا، پر وريو ڪي ڪين، ڇاڪاڻ ته ٻروچ ڦليليءَ جي ڪناري جي آڙ ۾ هئا، انڪري انهن نهايت خبرداريءَ سان چـِـستي وٺي اسان ڏانهن بندوق جا فئر پئي ڪيا. نيٺ اتر هندستان جي پنجويهين- ريجمينٽ جنگ ۾ مشغول ٿي ويئي ۽ ٻارهين- ريجمينٽ ۽ گرينڊير به جـُـنبي پيا. هن طرف دشمن ساڄي بازوءَ کان به وڌيڪ طاقتور هو. اهو انهيءَ سبب ڪري جو ڀڏن ۽ ڳوٺ جي گهرن انهن لاءِ بچاءُ جو وڏو ڪم ٿي ڏنو. اسان جي فوجن جي اڳتي وڌڻ ڪري دشمن پنهنجون توبون خالي ڪري ڇڏي ويا، جن مان ڪيتريون ئي اسان جي قبضي ۾ اچي وييون پر جيئن ئي فاصلو گهٽ ٿيندو ويو، تيئن بهادر ٻروچن کي جنگ ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. انهن ڇا ڪيو جو پنهنجيون جامڪيدار بندوقون کڻي اڇلايون ۽ تراريون کڻي گهڙي پيا جنگ ۾. هنن اهڙيءَ طرح ته بهادريءَ سان حملو ڪيو جو اسان جي فوج کي ڪيترائي دفعا ڌڪي پوئتي ڪري ڇڏيائون. اتر هندستان جي ٻارهين- ريجمينٽ کي هنن ٻه - ٽي دفعا ماري پٺتي هٽايو، پر وري به انهن کي سندن آفيسرن اڳتي آڻي ٿي ڪڍيو. بريونٽ ميجر جئڪسن فوجن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهوڙي تان لهي پيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جان قربان ڪيائين. هو فقط ٻن حوالدارن سان اڳتي وڌيو هو ۽ ٿورو وقت جنگ ڪرڻ کان پوءِ دشمن جي تلوار سان وڍجي مري ويو. پهرين ۽ ٻارهين گرينڊير ريجمينٽ کي ئي دشمن اهڙو منجهايو، جو هو ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ جنگ ۾ ايترو حصو نه وٺي سگهيا. پنجويهين ريجمينٽ جي اڳواڻ ڪمانڊر ميجر تسيدل سپاهين کي همٿائيندي مارجي ويو، جي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ليفٽيننٽ ڪرنل پين فادر ٻاويهين- ريجمنٽ جي اڳواڻ کي به بندوق جي گولي لڳي ۽ هو مارجي ويو. سندس جاءِ ميجر پول وڃي ورتي. اهو اهڙو وقت هو جو يورپ جي بهادر فوج به ٻروچن جي خطرناڪ حملي سبب اڳتي نه وڌي سگهي ۽ هڪ جاءِ تي ڄمي سنگينن جي مدد سان دشمن کي ماريندي رهي. اهڙي طرح اهي پاڻ کي دشمن جي تلوار جي کاڄ ٿيڻ کان بچائيندا رهيا. اهو انهيءَ ڪري جو ٻروچ جنگ لاءِ ڇتا ٿي پيا هئا، ۽ انهن مان ڪيترن جو ڀنگ يا آفيم استعمال ڪيل هو. ليفٽيننٽ مڪمرڊو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جو جڏهن گهوڙو مارجي ويو، تڏهن هـُـن هڪ ٻروچ رئيس سان هٿو هٿ جنگ ڪري کيس ماري وڌو، ۽ سندس سون جي هٿيي واري تلوار تي قبضو ڪري ورتو. ان هوندي به اسان جا بهادر آفيسر ۽ سپاهي ماريا پئي ويا. جنگ جي اهڙي حالت ڏسي سر چارلس نيپئر پنهنجي گهوڙي کي اَڙي هڻي اڳتي وڌايو ۽ ٻاويهين- ريجمينٽ ڏانهن منهن ڪري پنهنجي ٽوپيءَ کي لوڏيندي، انهن بهادر سپاهين جي همٿ افزائي ڪئي. هـُـن پنهنجي بچاءُ جو ڪوبه خيال نه ڪندي اڳتي وڃي اتر هندستان جي پنجويهين- ريجمينٽ کي اڳتي وڌڻ جي هـُـشي ڏني. جنرل جي ان وقت اها منشا هئي ته زبردست حملو ڪري دشمن کي نديءَ (ڦليلي) جي ڀڏي مان ٻاهر ڪڍون پر اها پوري نه ٿي سگهي. سنگينون تمام گهٽ ڪم آنديون ويئون هيون، ۽ جامڪيدار بندوقن ۽ چمڪدڙ ترارين جي جهلڪ به گهٽ ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ننڍڙين توبن ڦليليءَ جي ڪڙ وٽان فائر ڪري، جيڪي به سامهون آين ٿي، تنهن کي سمهاري ٿي ڇڏيو. اها موتمار ڪشمڪش ڪلاڪ کان مٿي جاري رهي، تان جو برطانيا جون فوجون ڦليليءَ جي پيٽ ۾ لهي پيئون پر اوستائين اهو ڦٽيلن ۽ مئلن جي لاشن سان ڏٺيو پيو هو. انهن سڀني ماڻهن جي ٿيلهن ۽ سوٽي ڪپڙن ۾ باهه لڳي ويئي هئي، جا ٿي سگهيو ٿي ته سندن جامڪيدار بندوقن جي چوچڙين جي ڪري لڳي هجي. سندن سڙندڙ ۽ ڦٽيل جسمن سچ ته هڪ دل ڏاريندڙ نظارو پيش ٿي ڪيو. ڪيترن ٻروچن جا لاشا ڦليليءَ جي ڪپ تي مٿي به سندن دشمنن جي لاشن سان گڏ پيل هئا، جنهن مان سندن بهادريءَ جي گونگي شاهدي ٿي ملي. اَمان، نه ته گهري ٿي ويئي ۽ نه ڏني ٿي ويئي. جيڪي زخمي ٿيا هئا، اهي يا ته اسان جي سپاهين هٿان مارجي ويا هئا، يا ته کين سنگينن سان ختم ڪيو ٿي ويو. زخميلن به آڻ نٿي مڃي ۽ آخري دم تائين پنهنجي ترارين سان وڙهندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ اسان جو توبخانو ۽ گهوڙيسوار فوج به ڪا واندي ڪانه بيٺي هئي. سچ پڇو ته اهو سندن ئي ڪردار هو، جنهن جو جنگ جي فيصلي ڪرڻ ۾ وڏو هٿ هو. ميدان جي سوڙهه سبب توبخاني مان فقط چار توبون ڪم آنديون ويون. ڪئپٽن هٿ جي هڪ توب سـَـئــَـپرس جي مدد سان ڀت جو ڪجهه حصو ڪيرائي وڌو ۽ شڪار ڳڙهه تي بمباري ڪري اتي تباهي مچائي ڏني. باقي ٽن توبن وري ڦليليءَ جي ساڄي ڪپ تي ۽ پڻ سامهون مارا ماري ڪئي، جنهن ۾ گول ۽ گريپ شاٽ گولا استعمال ڪيا ويا. سخت جنگ وقت گهوڙيسوار فوج کي حڪم ڏنو ويو ته دشمن جي ساڄي بازوءَ تي حملو ڪري. نائين - بنگال ڪئولري کي اڳيئي اسان جو کٻي بازوءَ جي مدد لاءِ موڪليو ويو هو، جنهن هاڻي فرسٽ گرينڊير فوج جي پٺيان پوزيشن سنڀالي ورتي هئي. حڪم کي غلط سمجهڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پوئين ريجمينٽ، جنهن جو منهن ساڄي طرف هو، تنهن ڪجهه پوئتي موٽ کاڌي پر سندن آفيسرن کين روڪي وري وڃي ساڳئي هنڌ تي بيهاريو. ٻروچ تمام گهڻي انداز ۾ پاسي وارن ڳوٺن، لوڙهن، ڀـَـڏن وغيره مان اچي پرگهٽ ٿيا. ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل نائين - گهوڙيسوار فوج جو اڳواڻ، جيڪو ڪمان ۾ ٻيو نمبر هو، تنهن کي جنرل وٽان اڳتي وڌڻ جو ڪوبه حڪم نه مليو هو. پر هـُـن وقت جي نزاڪت کي پروڙيندي ۽ جيئن مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته ڪئپٽن ٽيوڪر جي فوري عرضداشت تي گهوڙيسوار فوج کي ڪاروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهو وقت ڏاڍو نازڪ هو. نائين - گهوڙيسوار فوج جنهن جي اڳواڻي اهو بهادر آفيسر ڪري رهيو هو، سا اسان جي توبخاني ۽ ڳوٺ جي وچ ۾ وڌي وڃي، دشمن تي ڦليليءَ جي ڀـَـڏي ۾ ڪڙڪي. ٻروچن جو هڪ جٿو، جو انهيءَ ڳوٺ ۾ هو، تنهن نهايت جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو ۽ اسان جي انهيءَ بهادر جٿي کي نقصان پهچايو. ڪئپٽن ٽيوڪر کي ڇهه ڌڪ لڳا ۽ هو وڃي ڪـِـريو، پر ڪئپٽن بيزيٽ، جنهن وڃي سندس جاءِ ورتي، تنهن ڪاميابيءَ سان دشمن تي حملو ڪري ان کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. 3- اسڪئڊرن جي پٺيان 2- اسڪئڊرن فوج هئي، جنهن جي اڳواڻي ڪئپٽن گئرٺ ڪري رهيو هو. تنهن ڳوٺ تي حملي ڪرڻ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل کي ڏاڍي مدد ڏني. انهيءَ وقت پهرين ڪئپٽن ويمس جي هٿ هيٺ هئي، جنهن گرينڊير ۽ ٻارهن- ڏيهي پياده فوج جي وچ ۾ پڙاءُ ڪري ڦليليءَ کي پار ڪيو ۽ ان جي ٻيءَ ڀر وڃي دشمن جي فوج کي ڊوڙائي ڪڍيو. ايجوٽنٽ ڪئپٽن ڪڪسن انهيءَ وقت مارجي ويو، ۽ ٽي ٻيا آفيسر زخمي ٿي پيا. ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل 3- اسڪئڊرن جي ٿورن ماڻهن سان ڳوٺ ۾ دشمن جي ٺاهيل مورچن تي حملو ڪيو، ته کيس پوءِ 2- اسڪئڊرن به مدد ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو، ڳوٺ کي دشمنن جي فوج کان خالي ڪرايو ويو. اسان کي جيڪو نقصان پهتو اهو انهن فئرن مان ٿيو هو، جي ويجهڙائيءَ جي واهن ۽ باغن مان لڪي ڪيا ٿي ويا. سنڌي گهوڙيسوارن جو جـَـٿو ڳوٺ کي ڦري وڃڻ ۾ ناڪامياب ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته رستي ۾ جيڪو واهه هو، اهو دشمن جي فوجن سان ڀريو پيو هو. اهوئي سبب آهي جو انهن کي به اسان جي پيادل فوج ۽ ڳوٺ جي وچ مان ئي لنگهڻو پيو. ائين ڪندي اهي به اچي انهن فوجن سان گڏيا، جي ڦليليءَ جي پيٽ ۾ دشمن سان جنگ جوٽيو بيٺا هئا. مير ته اڳيئي جنگ جو ميدان ڇڏي، حيدرآباد ڀڄي ويا هئا، پر تنهن هوندي به اتي ڪيترائي بهادر ماڻهو ڏٺا ويا، جن نهايت دليريءَ سان مقابلو ڪيو. اسان جي فوجن مان جن سندن پـُـٺ وٺي کين قتل ٿي ڪيو، اهي پاڻ به مارجي ٿي ويا. ڪئپٽن جيڪب جو گهوڙو سندس هيٺان مارجي ويو هو. انڪري هـُـن ليفٽيننٽ فٽز گرالڊ کي دشمن جي پويان وڃڻ جو حڪم ڏنو. ٿورو اڳتي وڃڻ کان پوءِ هن کي ٻروچن جي هڪ وڏي جماعت ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جنگ ۾ حصو نه ورتو هو. انڪري هو واپس موٽي آيو. سنڌي گهوڙيسوار فوج کي ان وقت اسان جي سامان جي حفاظت تي معمور ڪيو ويو ۽ بنگال جي گهوڙيسوارن جي هڪ جٿي وري دشمن جي ڪئمپ تي قبضو ڪري ورتو. پر پوءِ جنرل جي حڪم ملڻ تي ڪئمپ کي باهه ڏيئي خالي ڪيو ويو. انگريزن جي فوج جڏهن هڪ بجي نديءَ (ڦليلي) کي پارڪيو، ان وقت جنگ ختم ٿي چڪي هئي. پر اڃا فئر ختم ڪونه ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته دشمن جا ڪيترائي ماڻهو اڃا هيڏانهن هوڏانهن پئي ڀٽڪيا. جيسين اسان توبون اُڪاري ٻيءَ ڀر ٿياسين، تيسين اهي تڪليف ڏيندا رهيا. جنرل پنهنجي ڪئمپ جنگ واري ميدان ۾ لڳائي ۽ سامان سـَـڙو به وچ ۾ ڇڏيو ويو هو، ۽ سپاهي به اتيئي سمهي پيا. اهڙيءَ طرح اهو ڏينهن ختم ٿيو. ڀانئجي ٿو ته ٻروچن انهيءَ ڏينهن جيڪا بهادري ڏيکاري هئي، سا هنن ڪا ورلي ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏيکاري هجي. يوروپي به بهادريءَ ۽ عزم سان اڳتي وڌندا رهيا. پر سندن سڄي بهادري سندن آفيسرن جي ڪري ئي هئي، جن جرئت جو انهيءَ ڏينهن تي لاثاني مظاهرو ڪيو. سپاهين جي همت افزائيءَ ۾ هنن ڪين گهٽايو ۽ اهوئي سبب آهي، جو هنن نهايت مردانگيءَ سان حملو ڪيو هو. اسان جي فوج جي حملي کي ٻه- ٽي دفعا روڪي پٺتي هٽايو ويو هو، ۽ جيڪڏهن اهڙا آفيسر نه هجن ها، ته پوءِ سپاهين لاءِ ميدان جهلڻ محال هو. توبخاني ۾ گهوڙيسوار فوج به پنهنجي فرض جي پوري ادائگي ڪئي هئي، پر ڇاڪاڻ ته ميدان ٿورو هو، انڪري سندن ڪم سست رهيو. آخر ۾ اهو مڃڻو پوندو ته گهوڙيسوار فوج جي دشمن جي ساڄي بازوءَ تي حملي جنگ جي پڄاڻيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. اسان جو انهيءَ جنگ ۾ قليل فوجن جي استعمال ڪرڻ ڪري وڏو نقصان ٿيو. يعني ته ٻاهٺ مارجي ويا ۽ هڪ سؤ چورانوي زخمي ٿيا، جنهن ۾ اوڻيهه آفيسر هئا. ”ڇهه مئا ۽ تيرهن زخمي ٿيا (1)“. دشمن جا چار سؤ ماڻهو ته فقط ڦليليءَ جي ڀـَـڏي ۾ مئل ڇڏيا، ۽ اوترائي ٻاهر ميدان ۾ شڪار گاهه ۾ مئل پيا هئا، جي اسان جي توبخاني جي فئرن ۽ گهوڙيسوار فوج جي هٿان مارجي ويا هئا. ڪن خاص حالتن کان سواءِ جنهن ۾ امانَ ڏني ٿي ويئي (2) دشمن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويئي، انڪري چئي سگهجي ته جيڪي زخمي ٿي ڀڳا هئا، انهن جو تعداد ڪيترو هو. پر ڀانئجي ٿو ته اهو مئلن جي تعداد کان وڌيڪ هوندو. ٻروچ سندن مارجي ويل ماڻهن جو تعداد تمام وڌيڪ ٻڌائين ٿا، پر اهو اجايو وڌاءُ آهي. ٻروچن جو نقصان انگريزن جي نقصان جي ڇهوڻ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪونه هو، جو حقيقت ۾ هڪ تمام وڏو ڇيهو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن فوجن جي بيهڪ جنگ جي ميدان ۾ نهايت فائديمند پوزيشن تي هئي. ازانسواءِ انهن جي فوج به تمام گهڻي هئي، ساڳئي وقت منظم به هئي. اها ثابتي اسان کي سندن فائرن مان ملي ٿي، جي انهن تڪڙا ۽ نهايت برجسته ڪيا هئا. دشمن جو سڄو توبخانو، جنهن جو تعداد پندرنهن هو، سندن جهنڊو، باروڊ، تنبو ۽ ڪجهه خزانو اسان جي هٿ اچي ويو، جنگ جا پهريان نتيجا نهايت اهم ثابت ٿيا. ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڇهن اميرن اچي پاڻ کي قيد ٿيڻ لاءِ پيش ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ حيدرآباد تي قبضو ڪيو ويو(1) . ڏکڻ سنڌ کي پوءِ برطانيا جي سلطنت جو هڪ علائقو قرار ڏنو ويو. ---------- (1) گهوڙا ته ڏاڍا مارجي ويا هئا ۽ ٻنهي طرفن انهن جو ڏاڍو ڳرو نقصان ٿيو. دشمن جي گهوڙيسوار فوج ڪا گهٽ جنگ ڪانه ڪئي. پر هـُـنن گهوڙن تان لهي گهوڙن کي بچاءُ خاطر اڳيان قطاري بيهاريو ته جيئن گولا ۽ فئر انهن کي لڳن. (2) جيئن ته امانَ ڪانه ٿي ڏني ويئي، انڪري ٻروچن نهايت بيجگريءَ سان مقابلو ٿي ڪيو. انڪري اسان لاءِ به ناممڪن هو ته کين جيئرو ڇڏيون. (1) حيدرآباد تي 21- تاريخ تي ڪرنل آئوٽرام جي وڃڻ کان پوءِ قبضو ڪيو ويو، چون ٿا ته قلعي ۾ ويهن لکن جو خزانو پيل هو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خزاني جو وڏو حصو پاسيرو ڪري رکيل ٿو ڀانئجي. اسان کي جيڪي هٿ آيو سو انهيءَ خزاني جي چوٿين پتي مس هو. ضميمو -5 اسين سنڌ جا مير، ٻروچ آهيون پر انهن ٻروچن مان نه آهيون، جن کي ايران ۾ ڪوچ بلوچ ڪري سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان اصل نسل ۾عرب آهيون ۽ پنهنجو نسبنامو امير حمزه کان شروع ٿا ڪريون، جو هشام بن عبد مناف (عبدالمطلب) جو پـُـٽ هو. ڪـِـن جو چوڻ آهي ته اهو امير حمزه حضرت عليءَ جو پـُـٽ هو. اسلام کي وڌائڻ جي خاطر جڏهن حجاز جي فوجن يوسف(1) جي پـُـٽ جي هٿ هيٺ پنهنجا قدم ڄمائڻ ٿي گهريا، تڏهن انهن رستي تي ڪيچ مڪران کي به زير ڪيو هو، جتي اسان جا وڏا انهيءَ ملڪ جي قبضي ۾ رهيا. ۽ باقي فوجون سنڌ ڏانهن روانيون ٿيون هيون. انهن کي جيڪو اولاد ٿيو، تنهن کي ٻروچ ڪري سڏيو وڃي ٿو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪن هجرت ڪري ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان وارو ملڪ وسايو، جتي چوٽي (يا جبل جي چوٽي) سندن رهائشگاهه بنجي ويو. انهيءَ ساڳئي وقت ميان شاهل محمد ڪلهوڙو، جو پاڻ کي حضرت عباس جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري عباسي سڏائيندو هو، تنهن سنڌ ملڪ ۾ وڃي، پوک لاءِ زمينون هٿ ڪيون. ان وقت سنڌ دهليءَ جي چغتائي (2) بادشاهن جي هٿ هيٺ هئي. اهي زمينون پوءِ آهستي آهستي ڪلهوڙن جي ملڪيت ٿي وييون. ڪلهوڙا مذهب جا شيعا هئا، ۽ جونپور جي سيد ميران شاهه جونپوريءَ جا مريد هئا. اسان جو ڏاڏو مير شهداد خان وڏو، پنهنجي چاچي مير صوبدار کان ناراض ٿي، اچي ڪلهوڙن وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو ۽ سندن مذهبي اصول قبول ڪيائين، يعني ته شيعو مذهب اختيار ڪيائين. جيئن ته هو ٻروچن جو رئيس هو، انڪري ڪيترا ٻروچ ساڻس گڏ سنڌ ۾ اچي رهيا. هي واقعو ٻروچن جو سنڌ ۾ پهريون دفعو بنياد پوڻ جو آهي. مير صوبدار خان وڏي جو خيال هو ته ڇڙي رهڻ جي ڪري ماڻهو خدا جي چڱيءَ طرح عبادت ڪري سگهي ٿو، انڪري هـُـن ڪڏهن به شادي ڪانه ڪئي. پاڪائيءَ ۽ سخاوت ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائٽيو يعني ته مير شهداد خان وڏو قبيلي جو سردار ٿيو. نادر شاهه جي حملي تائين (سنه 1739ع) سنڌ جو گورنر دهليءَ جي دربار جو هڪ امير هوندو هو، پر سندس قتل کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙو انهيءَ علائقي جو صوبيدار ٿيو ۽ احمد شاهه بادشاهه کي پنهنجو ڏن ڏياري موڪليائين. جڏهن نور محمد مري ويو، تڏهن سندس جاءِ سندس پٽ محمد مراد والاري ۽ اهو مسند تي ويٺو. انهيءَ ساڳئي وقت مير شهداد خان وڏو گذاري ويو. کيس هڪ زال مان مير جمندا، مير چاڪر ۽ مير بهرام نالي ٽي پٽ هئا، ۽ ٻيءَ زال مان هڪ پٽ مير خيرو هو. نادر شاهه، سندس هڪ پٽ نالي مير جمندا کي، نور محمد ڪلهوڙي جي پٽن سميت يرغمال طور پاڻ سان وٺي ويو هو، ۽ اهو مشهد ۾ گذاري ويو. مير شهداد خان جي پٽن مان سڀ کان سٺو لائق مير بهرام خان هو، جو پنهنجي پيءُ جو وارث ٿيو ۽ ٻروچن جو رئيس بڻيو. گورنر سنڌ محمد مراد جي زيادتين کان تنگ اچي ڪلهوڙن مير بهرام سان گڏجي سازش ڪئي ۽ محمد مراد کي تخت تان لاهي قيد ڪيائون ۽ سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ ميان عطر خان تخت تي ويهاريائون، پر انهيءَ چونڊ ۾ به اهي ٺڳجي ويا، انڪري کيس تخت تان لاهي جيل ۾ وڌائون ۽ غلام شاهه کي کڻي تخت تي ويهاريائون، جو نور محمد جو ٽيون پٽ هو. اهو حاڪم لائق ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن سڄي ملڪ کي قبضي ۾ آندو ۽ حيدرآباد جو قلعو پڻ اڏايو. سنه 1770ع ۾ سندس موت ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز تخت تي ويٺو. مير بهرام، جو ٻروچن جو رئيس هو، تنهن کي ٻه پٽ هئا. مير بجر خان ۽ مير صوبدار خان. مير بجر خان جي غير حاضريءَ ۾، جو ان وقت گهـَـرو نا اتفاقيءَ سبب حج تي ويل هو، محمد سرفراز سندس پيءُ ۽ ڀاءُ ٻنهي کي مارائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته بهرام خان وڏين خوبين جو مالڪ هو، انڪري ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو سندس اثر ۽ مقبوليت جي ڪري کانئس ڏاڍو ڊڄندو هو. جڏهن ڪلهوڙن جي چڱن مڙسن کي هن واقعي جي خبر پيئي، تڏهن هنن مير فتح خان کي پاڻ سان ملائي، سرفراز کي تخت تان لاهي جيل موڪليو ۽ غلام شاهه جي ٻئي پٽ محمد خان کي تخت تي ويهاريو. پر راڄي ليکي نالي هڪ با اثر ڪلهوڙو هو، تنهن کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هـُـن محمد خان کي تخت تان لاهي جيل ۾ وڌو سندس جاءِ تي غلام نبيءَ کي تخت تي ويهاريو، جو محمد خان جو چوٿون پٽ هو. انهيءَ نازڪ مرحلي وقت مير بجر خان حج تان موٽيو ۽ مسقط، گوادر، ڪيچ ۽ مڪران کان ٿيندو قلات ويو، جتي هـُـن نصير خان بروهيءَ کان فوجي مدد گهري، جيئن هو پنهنجي پيءُ يا ڀاءُ جي ٿيل بيگناهه خون جو بدلو وٺي. مير نصير خان مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو، انڪري مير بجر سنڌ هليو آيو. سنڌ ۾ ڪيترائي ٻروچ، جي ميان غلام نبيءَ جي خلاف هئا، سي اچي ساڻس مليا، ڇاڪاڻ ته اهي راڄي ليکي جي غلام نبيءَ کي تخت تي ويهارڻ جي خلاف هئا. نيٺ جنگ لڳي، جنهن ۾ غلام نبي مارجي ويو. ميان محمد سرفراز جيتوڻيڪ سندس پيءُ يا ڀاءُ کي مارائڻ ۾ وڏو گناهه ڪيو هو، پر جيئن ته مير بجر خان ۽ هو ننڍي هوندي گڏ کيڏيا هئا، ۽ دوست هئا، انڪري هـُـن اهو خيال ظاهر ڪيو ته ميان سرفراز کي جيل مان آزاد ڪري، مانَ ۽ شان سان هاٿيءَ تي چاڙهي، وري اچي تخت تي ويهارجي. پر جيسين بجر خان اهو سخاوت جو ڪم ڪري ئي ڪري، تنهن کان اڳ عبدالنبيءَ، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پنجون پٽ هو، تنهن وجهه وٺي سڀني شاهي قيدين جهڙوڪ: محمد مراد، ميان عطر خان، ميان محمد سرفراز ۽ سندس پٽ ميان نور محمد کي جيل ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ دردناڪ حادثي کانپوءِ مير بجر خان لاچار ٿي نالي ماتر ميان عبدالنبيءَ کي تخت تي ويهاريو، پر حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون. انهن واقعن کان پوءِ عبدالنبيءَ، جنهن پنهنجا هٿ پنهنجي عزيزن جي خون سان اڳيئي رڱيا هئا، هڪ ٻئي ماڻهوءَ جي بيگناهه خون ڪرڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڏس ۾ هـُـن ڪي قاصد، خانگي طور، جوڌپور جي راجا ڏانهن ڏياري موڪليا هئا، ۽ انجام ڪيو هئائين ته هو امرڪوٽ جو قلعو ڏيارڻ لاءِ انهيءَ شرط تي تيار آهي ته هو کيس مير بجر خان جي مارائڻ ۾ مدد ڪندو. جوڌپور جي راجا مير بجر خان کي قتل ڪرڻ خاطر ٻارنهن راجپوت سنڌ ڏياري موڪليا. اهي جڏهن مير بجر خان جي دربار ۾ پهتا، تڏهن پاڻ کي راجا جو سفير ظاهر ڪري کيس چوائي موڪليائون، ته هو جوڌپور جي راجا وٽان آيا آهن ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪا خوشخبري ٻڌائڻ گهرن ٿا. مير بجر خان کي انهن جي سازش جي خبر جيسلمير جي راجا اڳيئي ڏياري موڪلي هئي، پر هن انهيءَ خيال کان ته ماڻهو نه چون ته ڊِنو آهي، کين اڪيلائيءَ ۾ پاڻ وٽ گهرايو. انهيءَ چريائيءَ جي کيس پوري سزا ملي جو سندس بار بار دوستيءَ جي ناتي کي دهرائڻ تي به هنن کيس نه ڇڏيو ۽ ڪـُـهي ڇڏيائون. انهيءَ جي خون کان پوءِ عبدالنبي ڪلهوڙو مير بجر خان جي پٽ مير عبدالله ۽ مير صوبدار جي پٽ مير فتح خان وٽ ويو ۽ کين ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته انهيءَ سازش ۾ سندس ڪوبه هٿ ڪونه آهي. ان کان پوءِ کين زور ڪيائين ته هو ساڻس گڏجي محلات ۾ هلن ۽ سندن مهمان ٿي رهن. حقيقت ۾ هن جي دل ۾ اهو فتور هو ته موقعو ملندي ئي کين قتل ڪري ڇڏجي. مير چاڪر خان جي ٻن پٽن مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان کي انهيءَ منصوبي جي خبر هئي، انڪري هنن پڻ ٻين کي انهيءَ خطري کان خبردار ڪيو، ۽ پاڻ ڪاڙهي تـَـتي جو گهوڙا ڪاهي نڪري ويا. نتيجو اجو نڪتو جو مير عبدالله، مير فتح خان ۽ ميرزا ٽيئي عبدالنبي جي هٿان مارجي ويا. مير فتح علي ۽ سهراب خان کي جڏهن انهيءَ واقعي جي خبر پيئي، تڏهن هن لشڪر گڏ ڪري ڪيتريون ئي خونريز جنگين ڪرڻ کان پوءِ ظالم عبدالنبيءَ کي ملڪ مان تـَـڙي ٻاهر ڪڍيو. اهڙي طرح ڪلهوڙن جي گهراڻي جي حڪومت پوري ٿي. مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان پوءِ بادشاهيءَ تي ويهڻ جون سڀ رسمون ادا ڪيون ۽ دهليءَ جي شاهه تيمور ڏانهن نذرانا ڏياري موڪليا، جنهن وري موٽ ۾ کين بادشاهيءَ جو لقب ڏياري موڪليو. مير فتح علي خان ارڙنهن سال حڪومت ڪئي ۽ وفات ڪرڻ وقت فقط هڪ ئي پٽ نالي مير صوبدار خان ڇڏيائين، جو ان وقت نوي ڏينهن جو هو. مير فتح علي خان کي ٽي ڀائر مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان هئا، جي سندس خاص دوست ۽ صلاحڪار هئا. مير فتح علي خان جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ مير غلام علي تخت تي ويٺو. محمد صادق دائود پوٽي مير صوبدار خان جو طرف وٺي مير غلام علي خان سان جنگ ڪئي. پر مير غلام عليءَ کيس اهڙيءَ ته سيکت ڏني، جو هو هيراوار جي قلعي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويو،پر پوءِ آڻ مڃڻ تي کيس وري سندس ملڪ جو بادشاهه بنايو ويو، ۽ مٿس پندرهن هزار رپين جو ڏَن به مقرر ڪيو ويو. مير غلام علي پوءِ سبزل جو قلعو پنهنجي هٿ هيٺ رکيو ۽ دائود پوٽي کان قرآن پاڪ تي عهدنامو لکائي ورتائين. مير غلام عليءَ، دائود پوٽي رئيس جي پٽ کي به يرغمال طور پاڻ سان وٺي ويو، پر پوءِ کيس عزت ۽ احترام سان پڻس ڏانهن واپس ڪيائين. هن به هڪ پٽ نالي مير مير محمد خان ڇڏيو، جو ان وقت ارڙهن سالن جي عمر جو هو. سندس وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ مير مراد علي خان تخت نشين ٿيو. مير ڪرم علي خان جيتوڻيڪ مير مراد عليءَ کان وڏو هو، پر ان هوندي به هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي حق ۾ تخت تان هٿ کنيو. اهوئي سبب آهي جو مير مراد علي خان کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، ۽ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هو. مير ڪرم علي خان انهيءَ کان پوءِ به اڻٽيهه سال جيئرو رهيو ۽ وفات وقت فقط هڪ ڀاءُ ڇڏيائين، جو تخت ۽ تاج جو اڪيلو وارث هو. اهو هو منهنجو پيءُ، جنهن پاڻ کي خودمختار حاڪم ظاهر ڪيو، ۽ ڪنهن کي به ساليانو ڏَن وغيره نه ڏنائين. سندس حڪومت ۾ سڄي سنڌ، سبزل وارو علائقو ۽ پڻ شڪارپور به شامل هئا. هو هروقت پنهنجي ڀاءُ (مير ڪرم علي خان) جي وقت تي ڏک ڪندو رهندو هو. انڪري کيس دل جي ڀرسان هڪ قسم جو سور محسوس ٿيندو هو. ستن سالن جي آسودگي حڪومت کان پوءِ هن وفات ڪئي، ۽ مون کي، منهنجي ڀاءُ نور محمد خان ۽ سندس ٻن پٽن کي سنڌ جي گڏيل بادشاهي ڏيئي ويو. ---------- حصو -2 سنڌ ۾ويجهڙائيءَ جي واقعن تي تبصرو اسان جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ڪرنل هينري پاٽنجر اسان ڏانهن اهو ساڳيو عهدنامو بحال ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، جو اسان جي عزت ماب پيءُ مير مراد علي خان ۽ گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽڪ جي وچ ۾ ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ عهدنامي ۾ اسان جو نالو ڄاڻايل هو. اهو چوڻ به ضروري ٿيندو ته انهيءَ عهدنامي مطابق اسان جي والد - انگريزن کي ۽ پڻ ڪمپنيءَ جي واپارين کي واپار لاءِ اچ وڃ جون سهوليتون ڏنيون هيون. اهڙيءَ موڪل ڏيارڻ ۾ سچ پڇو ته منهنجو ئي وڏو هٿ هو، ڇاڪاڻ ته مون ئي پنهنجي پيءُ تي اثر وجهي اها اجازت ڏياري هئي. جڏهن ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد جي گورنر جنرل پاران اهڙي اجازت وٺڻ آيو هو، تڏهن منهنجو والد اهڙي موڪل ڏيڻ کان نٽائي رهيو هو، پر منهنجي زور رکڻ تي هـُـن اهڙي اجازت ڏني. اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون نه فقط هن دفعي پنهنجو اثر انگريز سرڪار جي فائدي ۾ استعمال ڪيو هو، پر انهيءَ عهدنامي جي پاس ٿيڻ کان اڳ، جڏهن سر اليگزينڊر برنس، لاهور وڃڻ لاءِ منهنجي پيءُ کي لکيو هو، ته انهيءَ وڻندڙ نديءَ (يعني سنڌوءَ) مان کيس سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. انهيءَ وقت به مون پنهنجي پيءُ کي راضي ڪري کيس اجازت ڏيڻ تي مجبور ڪيو. افسوس آهي انهيءَ ڳالهه جو، ته جيتوڻيڪ مون انگريز سرڪار لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري کين سهوليتون ڏياريون، پر مون کي جنهن نموني ۾ ان جو معاوضو مليو، اهو عالم آشڪار آهي. ڪرنل پاٽنجر عهدنامي کي بحال ڪرڻ لاءِ ٿورا ڏينهن پوءِ اسان سان اچي مليو، ۽ اسان جي والد جي وفات تي ڏک ظاهر ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هو ڪڇ هليو ويو ۽ لارڊ آڪلنڊ جي مهر سان خط اسان ڏانهن ڏياري موڪليائين، جنهن ۾ لکيل هو ته گورنر جنرل اسان کي پنهنجو دوست ٿو تصور ڪري ۽ ڪڏهن به ڪنهن سبب يا عذر جي ڪري اسان جي ملڪ يا حڪومت تي بري نظر نه وجهندو، اهو خط ڏسي اسان جي دل کي يقين ٿيو ته انگريز اسان سان ڪڏهن به نه کؤنسندا، ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جو ذري جيترو شڪ به دل ۾ نه رهيو. انهيءَ يقين سبب اسين اهو محسوس نه ڪري سگهياسين، ته قسمت جي قلم اسان جي نـِـرڙ تي ڇا لکيو آهي. انهيءَ کان پوءِ اسان هڪ ميٽنگ ڪوٺائي ۽ انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪيو ته انگريز حڪومت جو هڪ وڪيل يا سفير اچي اسان جي دربار ۾ رهي. انهيءَ ڏس ۾ اسان سر هينري پاٽنجر کي به لکيو، جنهن جواب ڏنو ته هو اسان وٽ سفير رکڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿو ڪري. پر ان هوندي به هو اسان جي انهيءَ خواهش کي گورنر جنرل جي ڄاڻ لاءِ سندس اڳيان رکندو ۽ انهيءَ جو سربستو احوال ڏياري موڪليندو. انهيءَ کان ٿورو پوءِ ڪرنل اسان سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. اسان وڏيءَ خوشيءَ سان سندس اها عرضداشت قبول ڪئي ۽ پنهنجيءَ درٻار جا امير ڏياري موڪليا، جي کيس عزت ۽ احترام سان وٺي آيا. ملاقات جي هلندي ڪرنل اسان کي چيو ته انگريز فوج کي ڪابل جي مهم تي وڃڻ لاءِ ان کي درياهه ۽ پڻ خشڪيءَ جي رستي لنگهڻ جي اجازت ڏني وڃي. جڏهن انهيءَ ڳالهه جي ميرن ۽ سڀني ٻروچن کي خبر پيئي، تڏهن سڀني گڏجي ان جي مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته انگريز کي ننڍين ننڍين سهوليتن ڏيڻ سان هو پاڻ کي ڪنهن وڏي آزار ۾ وجهي ڇڏيندا. پر جيئن ته اسين دل جا صاف ماڻهو آهيون، ۽ هر ڪنهن کي اهڙوئي سمجهون ٿا، انڪري مون ۽ منهنجي ڀاءُ ڪرنل پاٽنجر جي انهيءَ گذارش کي به قبول ڪيو، ۽ ٻروچن کي به گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ مس مس راضي ڪيوسون. انهيءَ اجازت ڏيڻ وقت اسان ڪرنل پاٽنجر کي اطلاع ڏنو ته اها اجازت اسان وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڏيئي سگهيا آهيون. اجازت ملڻ کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد مان هليو ويو ۽ هن درياء جي ڪپ تي ڪئمپ لڳائي، انگريز فوج کي بمبئيءَ مان ڪابل ڏانهن سنڌ جي رستي وڃڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ اجازت ڏيڻ جي ڪري اسان تي ڏاڍي نڪتچيني ٿي ۽ اسان ماڻهن جا ڪيترائي ڏوراپا سٺا. اهو انهيءَ ڪري، جو اسان اها اجازت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي مرضيءَ جي خلاف ڏني هئي. اسان اها اجازت انهيءَ ڪري ڏني هئي، ته انگريز سرڪار اسان تي ڪنهن به طرف کان ٿيل اڳرائيءَ کان وقت سر مدد ڪندي. پر آزمودي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته جيڪي اسان سوچيو هو، انهيءَ جي بلڪل ابتڙ ٿيو. انگريزن جي فوج جڏهن باري گارا وٽ پهتي، تڏهن اسان کي چيو ويو ته نه فقط رسد جو سامان پهچايون، پر ان سان گڏ اسٽيمرن لاءِ ٻرندڙ ڪاٺ به رسايون. ڪهڙيءَ طرح اهي شيون مون انگريزن کي رسايون، انهيءَ جو هتي ذڪر ڪرڻ فضول آهي. انهيءَ ضرورت وقت آءٌ جيڪو انگريزن سان وهيس، اهڙو ٻيو ڪوبه ڏيهي حاڪم نه وهيو هوندو. انگريزن جي فوج جڏهن حيدرآباد کان چوڏهن ڪوهه پري جهرڪن وٽ ڪئمپ هنئي، تڏهن سر جان ڪئين عهدنامي ۾ ڏنل فقرن جي خلاف ورزي ڪندي، اسان کان فوج جو خرچ ايڪيهه لک رپيا جنس ۾ اڳاڙڻ جي طلب ڪئي، ۽ پڻ ٽي لک ساليانو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. انگريزن وٽ اها ڳالهه عام رهي آهي، ته هو پنهنجي عهدنامن ۾ اهو فقرو ضرور شامل ڪندا آهن، ته اهو ”هڪ پيڙهيءَ کان ٻيءَ پيڙهيءَ تائين قائم رهندو“. پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي عهدنامي جو مـُـدو پنهنجي مرضيءَ ۽ سولائيءَ خاطر وڌائيندا ۽ گهٽائيندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو اسان کي انهيءَ جو نهايت اگرو نتيجو ڀوڳڻو پيو آهي. انهيءَ کان پوءِ هڪ نئون عهدنامو منهنجيءَ صحيح لاءِ موڪليو ويو، جنهن ۾ چوويهه فقرا هئا، انهيءَ کي به مون قبول ڪيو. پر اڃا منهنجيءَ صحيح ۾ استعمال ڪيل مـَـس سـُـڪي ئي ڪانه هئي، ته ميجر جنرل سر چارلس نيپئر پنهنجي فوج سان سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ منهنجي منظوريءَ لاءِ هڪ ٻيو عهدنامو ڏياري موڪليائين. انهيءَ عهدنامي جا شرط نهايت ذليل هئا، ۽ انهن کي قبول ڪرڻ ۾ اسان جي پڄاڻي هئي. انڪري اسان هڪ وڪيل سکر ڏانهن ميجر جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جيئن هو کيس سڄو معاملو وڃي سمجهائي. پر هـُـن ڪا ڳالهه ڪانه ٻڌي ۽ صاف طور تي چيائين ته هو ڳالهيون ڪرڻ ڪونه آيو آهي. هو فقط لارڊ ايلنبرو جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻ آيو آهي، ۽ جيڪڏهن اسان انهيءَ عهدنامي جي شرطن کي قبول نه ڪيو، ته پوءِ هو برباديءَ جي باهه ٻاري ڏيندو. هـُـن پوءِ سکر وٽ ندي اُڪري لاهوريءَ وٽ ڪئمپ هنئي ۽ خيرپور جي رئيس مير رستم خان کان حڪومت تان دستبردار ٿيڻ جي گهـُـر ڪئي. نيپئر کيس اهو به دڙڪو ڏياري موڪليو، ته جيڪڏهن هـُـن ائين نه ڪيو ته پوءِ پاڻ صبح جو خيرپور تي حملو ڪندو. هـُـن پڻ سندس خانگي رهائشگاهه تي فوجين جي حملي جو به ڪو جواب ڪونه ڏنو. مير رستم خان، ويچارو پير مرد، ڪمزور، بي يار ۽ مددگار هو، تنهن ڏٺو ته خبر نه آهي ته ڇا ٿئي، سو خيرپور ڇڏي باجيءَ هليو ويو ۽ اتان نار کان ٿيندو وڃي ڪاٺوڙيءَ کان نڪتو. سندس ڏوهه فقط اهو هو جو انگريزن جي فوجي ٽپال مان هڪ خط گم ٿي ويو هو، ۽ اهو شڪ ڪيو ويو ته ڪنهن بدمعاش اهو چورايو آهي. سر چارلس نيپئر انهيءَ تي مير رستم خان کان انهيءَ چور جي ٻانهن گهـُـري، پر جيئن ته مير رستم خان ڪشف جو علم ڪونه ڄاڻندو هو، انڪري انهيءَ نامعلوم ڏوهاريءَ کي پيش ڪري نه سگهيو. ميجر جنرل انهيءَ تي کيس حڪومت ڪرڻ جي لائق نه سمجهي، کيس سندس حڪومت مان ڊوڙائي ٻاهر ڪيو. مير رستم خان جي منٿن ۽ ايلازن ميجر جنرل تي ڪوبه اثر نه ڪيو. انڪري هـُـن فقط هڪ سهارو ساري حيدرآباد جو رخ رکيو، ته من اتي سندس معاملو طئي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ميجر جنرل پاڻ به ته حيدرآباد ڏي اچي رهيو هو. اسان ميجر جنرل جو دشمنيءَ وارو رويو ڏسي ڪرنل آئوٽرام کي انهيءَ جي تفصيل کان واقف ڪيو. ڪرنل آئوٽرام انهيءَ تي يڪدم خيرپور کان حيدرآباد پهتو ۽ اسان کي اطلاع ڏنائين ته جيسين اسين انهيءَ عهدنامي تي، جيڪو ميجر جنرل اسان کي موڪليو آهي، صحيحون نه ڪنداسين، تيسين اسان جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ويندي. اسان نيٺ ميجر جي اها خواهش به پوري ڪئي. هو اسان وٽ نائين فيبروريءَ تي وري آيو ۽ اسان جون ڳالهيون ٻڌي چيائين،ته هو اسان وٽ هڪ يورپي موڪلي رهيو آهي، جنهن کي هڪ تـِـکي اُٺ تي چاڙهي، سرچارلس ڏانهن موڪلجي، ته جيئن پنهنجين فوجن جي اڳرائيءَ کي روڪي. اسان ائين به ڪيو. پر يارهينءَ فيبروريءَ جو اهي اٺ سوار، جي انهيءَ يورپيءَ سان گڏجي ويا هئا، سي موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته انهيءَ يورپيءَ جي پهچڻ کان پوءِ سر چارلس نيپئر ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ حيدرآباد ڏانهن اچي رهيو هو. اسان اها خبر به ڪرنل آئوٽرام کي پهچائي ڏني، جو هڪدم اچي اسان جي قلعي ۾ مليو، ۽ قسم تي ويساهه ڏنائين، ته سر چارلس نيپئر جي اسان سان ڪابه دشمني ڪانهي ۽ اسان جيڪڏهن انهيءَ عهدنامي تي سيل مهر هڻنداسين ته هو واپس هليو ويندو. مون جڏهن اهو عهدنامو کيس سيل مهر ڪري ڏنو، تڏهن هـُـن چيو ته هاڻي دلجاءِ ڪريو، آءٌ هڪدم هي عهدنامو سر چارلس ڏانهن پنهنجي طرفان هڪ خط سميت ڏياري ٿو موڪليان. مون کي پڪ آهي ته انهيءَ جي ملڻ سان هو هڪدم واپس هليو ويندو. ميجر انهيءَ تي هڪ خط انهيءَ عهدنامي سا گڏي ڏنو، ۽ مون اهو هڪدم هڪ اوٺي سوار جي هٿان سر چارلس ڏانهن ڏياري موڪليو. چوڏهين تاريخ تي اهو اوٺي سوار به واپس آيو ۽ ٻڌايائين ته انهيءَ خط به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. مون انهيءَ تي بنا ڪنهن دير جي اها خبر ڪرنل آئوٽرام کي پهچائي، پر هـُـن انهيءَ تي ڪوبه وڌيڪ خيال ڪونه ڏيکاريو. انهيءَ روش تي ٻروچ بگڙي پيا، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪري ئي هنن انگريزن کي سندن ملڪ مان، ڪابل جي مهم وقت رستو ڏنو هو، منهنجي ڪري هنن انگريزن کي ايڪيهه لک رپيا خرچ طور ۽ ٽي لک رپيا ساليانو به ڏيڻ قبول ڪيو هو، ۽ آخر ۾ جڏهن انگريزن پهرئين، ٻئي ۽ پڻ ٽئين عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪئي، تڏهن به ماٺ ۾ رهيا. پر جڏهن ڏٺائون ته هيترين رعايتن ۽ لحاظ کانپوءِ به انگريز دشمنيءَ تي ڪمرڪشي بيٺو آهي،تڏهن سندن ڪاوڙ دٻجي نه سگهي، ۽ هـُـو چريا ٿي پيا ۽ منهنجي حڪمن جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيائون. کين جڏهن اها خبر پيئي ته سر چارلس نيپئر حيات خان کي قيد ڪيو آهي، تڏهن هنن اهو عهد ڪيو ته انهيءَ جو بدلو ڪرنل آئوٽرام کان ورتو وڃي. جڏهن مون اهو ٻڌو، تڏهن جهان خان ۽ حاجي غلام محمد کي ٻارهن هٿياربند ماڻهن سان ڪرنل آئوٽرام جي همراهه ڏياري موڪليم ته متان بگڙيل ٻروچ مٿس حملو ڪري ڏين، ۽ هو کيس حفاظت سان سندس ماڳ تائين پهچائي اچن. اهڙيءَ طرح کيس تمام سٺي نموني ۾ سندس ڪوارٽرن تائين پهچايو ويو، جيتوڻيڪ ان وقت ميجر سي. واڊنگٽن انگريزي لشڪر جي ڪمانڊنگ انجنير طرفان تيار ڪيل، مياڻيءَ جي جنگ جو نقشو، جيڪا 17- فيبروري 1843ع تي، سنڌ جي ميرن جي بلوچ لشڪر ۽ ميجر جنرل، سر چارلس نيپئر جي ڪمان هيٺ انگريزي لشڪر جي وچ ۾ لڳي. ٻروچن جا ڪي جٿا کانئس وير وٺڻ جي ارادي سان هيڏانهن هوڏانهن پئي وڙڪيا. آخر ۾ جڏهن مون کي اها خبر پيئي ته ٻروچ ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪرڻ وارا آهن، تڏهن مون وقت تي اها خبر ڪرنل آئوٽرام تائين پهچائي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ميجر کي اها خبر وقت سر نه پهچي ها، ته پوءِ کيس جان جو وڏو خطرو هو. انهن مثالن مان ئي منهنجي انگريزن ڏانهن نيڪ نيتي پوريءَ طرح پڌري ٿيل آهي. 14- تاريخ اُٺ سوار واپس آيو ۽ ٻڌايائين ته ميجر جنرل ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه ڪندي، جنگ جي نيت سان حيدرآباد ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌي رهيو آهي. انهيءَ تي ٻروچ، جن جو تعداد چار يا پنج هزار هو، سي سندس حملي کي روڪڻ لاءِ حيدرآباد کان ٻاهر نڪتا. مون جڏهن اهو ٻڌو تڏهن سندن پٺيان ويس، ۽ کين سمجهايم ته انگريز ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندا ۽ ميجر جنرل ڪڏهن به هڪ دوست ملڪ تي اهڙيءَ طرح حملو نه ڪندو. آءٌ به ساڻن گڏ هئس. اسان کي جنگ ڪرڻ جو ڪوبه خيال ڪونه هو، جيڪڏهن منهنجو اهڙو ارادو هجي ها ته پوءِ آءٌ شروعات کان وٺي اهڙو قدم کڻان ها، آخري وقت تائين ڪونه ترسان ها. انهيءَ صورت حال مان پڻ منهنجي بيگناهي ثابت ٿي ٿئي. ٻه راتيون ۽ هڪ ڏينهن جي سمجهائڻ کان پوءِ مس مس ٻروچ انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿيا، ته هو وڙهندا ڪونه. پر جيئن ته انگريزن جون فوجون اڳرائي ڪري وڌي رهيون هيون، انڪري هو ميدان ڪونه ڇڏيندا. هو انهيءَ ڳالهه تي به راضي ٿيا ته سر چارلس نيپئر ڏانهن هڪ وڪيل موڪلي کيس آگاهه ڪجي ته اسين اڃا انگريزن جا دوست آهيون. ٽئين ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جو جنرل جي فوجن اسان جي مٿان توبون ڇوڙي گولن جا وسڪارا ڪري ڏنا. ٻروچن به لاچار جواب ۾ توبون هلايون. اسان جي طرف هزارين ماڻهو مارجي ويا، ۽ ٻيا ٽڙي پکڙي ويا. آءٌ ميدان تي فقط ارڙهن ماڻهن سان وڃي رهيس. پر جڏهن مون ڏٺو ته سڀ ڀڄي ويا آهن ۽ انگريز به ظلم ۽ تشدد تي سندرو ٻڌيو بيٺو آهي، تڏهن آءٌ حيدرآباد هليو ويس. حالتن کي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. منهنجا پنهنجا ماڻهو مون کي ڇينڀي رهيا هئا: انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن آءٌ شروعات کان انگريزن کي سنڌ مان لنگهڻ نه ڏيان ها، ته جيڪر هيءُ ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها، جيڪڏهن مون کي انگريزن سان وڙهڻو هجي ها ته پوءِ آءٌ حيدرآباد ڇڏي جبلن ۾ هليو وڃان ها، ته فوجون گڏ ڪري ساڻن جنگ جوٽيان ها، پر مون کي دل ۾ اهڙو ڪوبه خيال ڪونه هو. اهوئي سبب آهي جو ٻئي ڏينهن آءٌ پاڻ انگريز ڪئمپ ۾ هليو ويس ۽ پنهنجي تلوار جنرل کي پيش ڪئي ۽ چيومانس ته: ”تو مون سان ڇو جنگ ڪئي آهي، جڏهن ته مان تنهنجو سڀڪو چوڻ مڃيندو آيس“. جنرل مون کي تلوار واپس ڪندي کلي چيو ته، ”پريشان نه ٿيءُ. پنجويهن ڏينهن اندر تنهنجو معاملي جو فيصلو ڪيو ويندو“، ۽ وڌيڪ چيائين، ”فوجن کي واپس ڪري ڇڏ ۽ مير رستم خان کي گهرائي وٺ، مون کي ساڻس ملڻو آهي.“ مون فوجن کي هٿيار کولي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو، ۽ مير رستم خان به اچي حيدرآباد پهتو. مون سان گڏ کيس ۽ پڻ مير شهداد خان کي قيد ڪيو ويو. سر چارلس نيپئر ميجر ريڊ ۽ ٻين انگريز حضرات کي انهيءَ بهاني سان قلعي ۾ موڪليو ته هو قلعي جو معائنو ڪندا. سياڻا ماڻهو جڏهن اها خبر ٻڌندا تڏهن اچرج ۾ افسوس وچان ڏندين آڱريون پئجي ويندن. اهي هيون حالتون، جن ۾ اسان کي قيد ڪيو ويو. قلعي کي ڏسڻ جي بهاني تي هن مٿس قبضو ڪري ورتو، ۽ اهڙي ته ڦرلٽ ۽ تباهي مچائي ڏنائون، جو سپاهين جي ٻانهن هيٺان هيرا ۽ جواهر اهڙيءَ طرح ڪـِـرڻ لڳا جهڙا واريءَ جا داڻا. قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ مير محمد خان کي قيد ڪيو ويو، ۽ ٻئي ڏينهن مير صوبدار خان کي ٻاهر آڻي قيد ڪيو ويو. انهيءَ کان پوءِ مير صوبدار خان جي ٻن پٽن مير فتح علي خان ۽ مير محمد خان ۽ منهنجي پٽن مير حسن علي ۽ عباس علي کي قيد ڪري اتي آندو ويو، جتي آءٌ اڳيئي نظر بند هئس. منهنجي پٽن جي اهڙيءَ ته حالت ڪئي هئائون جو نه ته کين شاهاڻو چوغو پيل هو، ۽ نه وري ڪا تلوار ٻڌل هئن. جن گهوڙن تي هو چڙهي آيا هئا، تن کي سونا سنج پيل هئا. اهي کانئن کسيا ويا ۽ سندن اصرار ڪرڻ تي به کين واپس نه ڪيا ويا. جيڪو به سون ۽ قيمتي شيون هٿ آيون، انهن کي بند ڪري بمبئيءَ موڪليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مير حسن علي خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان کي بمبئيءَ موڪليو ويو. اهو ڦـُـر جو مال جو بمبئيءَ ڏانهن موڪليو ويو، تنهن جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن ڪروڙ رپين جي هوندي. اسان تي جيڪي ڪجهه گذريو، انهيءَ جو تفصيل ڏيڻ بيڪار آهي. اسان جا غاليچا،پٿراڻيون، چادرون ۽ پائڻ جا ڪپڙا به اسان کان کسيا ويا. نه فقط ايترو، پر اسان جا ڪتاب، جن سان اسين دل وندرائيندا هئاسون، اهي به اسان کان انگريز ڦري ويا. جيڪي اسان جي قسمت ۾ هو، اهو اسان سـَـٺو. آءٌ انڪري نه ته لارڊ ايلنبرو يا سر چارلس نيپئر جي شڪايت ٿو ڪريان، ۽ نه وري ڪنهن ٻئي انگريز اختياريءَ واري جي خلاف ڪجهه چوڻ ٿو گهران، ڇاڪاڻ ته منهنجي تقدير ۾ اهو لکيل هو، ته جن سان مون دوستي رکي هئي، سي منهنجا دشمن ٿي ويا! سڀ ساراهون الله پاڪ کي ئي آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته پنهنجي ڪٿا ٻڌائڻ ۾ ڏاڍي ڊيگهه ڪري ويو آهيان، ان ڪري اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اسان کي قيد ڪري، پهرين بمبئيءَ موڪليو ويو، پوءِ سامور ۽ اتان پوءِ مير شهداد خان کي اڪيلو سورت ڏانهن موڪليو ويو. سال کن گذرڻ کان پوءِ اسان کي ڪلڪتي ۾ آندو ويو. (جتي اسين هاڻي آهيون). اها هڪ اچرج جهڙي ڳالهه چئبي، ته انهيءَ سڄي عرصي ۾ بمبئيءَ جي گورنر کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو اسان کان اهو پڇڻ ڪونه آيو، ته اسان جو گناهه ڪهڙو آهي، جنهن جي ڪري اسين هي سزا ڀوڳي رهيا آهيون! (حصي پهرئين تي نوٽ) (1) هجرت کان ٻيانوي سال پوءِ (677) بغداد جي خليفن دين اسلام جي جذبي هيٺ ۽ پڻ سنڌ جي بـُـت پرستن کان (اهي لفظ مسلمان عموما هندن لاءِ استعمال ڪندا هئا) بيعزتي جي وير وٺڻ لاءِ هڪ فوج هئي، جا انهيءَ ساڳئي رستي کان سنڌ اندر داخل ٿي جو، مقدونيا جي بهادر، واپس بابل وڃڻ وقت اختيار ڪيو هو. (پاٽنجر ان بلوچستان اينڊ سنڌ). (2) ڪلهوڙن جو خاندان پنهنجو شجرو حضرت عباس جي پيڙهيءَ ۽ شاهي گهراڻي کان شروع ڪري ٿو، جو پيغمبر جو چاچو هو، پر سنڌ ۾ سندن لـَـئي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي ڪري ٿي، جو بلوچستان جو رهاڪو هو. هو پنهنجي چڱيءَ چال ۽ نيڪ زندگيءَ جي ڪري هڪ مشهور مسلمان درويش جو مريد چونڊيو ويو. سندس پويان انهيءَ اعزاز جي ڪري پندرهينءَ صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاري هي ڏاڍيءَ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هئا. 1705ع ۾، اورنگزيب بادشاهه کين جاگير عنايت ڪئي، جنهن جي ڪري سندن مذهبي اثر پاڻ گهڻو وڌي ويو. ساڳئي وقت،جڏهن اورنگزيب کين هڪ فرمان جي ذريعي سندس عيوضيءَ کي ٺٽي جي حڪومت عطا ڪئي، تڏهن ته پاڻ سندن رعب ۽ تاب ماڻهن ۾ پيدا ٿي ويو. (اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ باءِ ڊاڪٽر. جي. برنس. ڪي. ايڇ ص 13) (3) جنهن کي قوم جو گـُـل (يا هيرو) ڪري سڏجي- (ايضا- ص 13) (4) ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته نادرشاهه جي حملي وقت ميان نور محمد اڳيئي، ٺٽي جو گورنر ٿيو ويٺو هو. انهيءَ عهدي تي کيس مغل بادشاهه محمد شاهه به تسليم ڪيو هو. اهڙيءَ ريت، انهيءَ ساڳيءَ سـَـند موجب، نادر شاهه سنڌ جي فتح کان پوءِ، وري به انهيءَ علائقي جي حڪومت سندس حوالي ڪري کيس شاهه قلي خان جو لقب ڏنو هو ۽ سندس سٺي چال متعلق ضمانت ۾ سندس ٽي پـُـٽ (مراد ياب خان، عطر خان ۽ غلام شاهه خان) پاڻ سان وٺي ويو، جن جي باري ۾ مير نصير اڳي ٻڌايو آهي. نادر شاهه جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن ٽنهي ڀائرن کي سندن پيءُ ڏانهن واپس ڪيو ويو. (پاٽنجر ۽ پوسٽنس). انهيءَ جملي جي سمجهاڻيءَ ۾ مير ٻڌايو ته نادر شاهه جي موت کان پوءِ نور محمد ملڪ تي قبضو ڪري ورتو، پر ان هوندي به هو افغانن جو ڏَن - ڀرو ٿي رهيو. (5) مراد ياب خان يا مراد يار خان، جو نادرشاهه جو يرغمال هو. (6) پوسٽنس جي چوڻ موجب مراد ياب خان کان پوءِ غلام شاهه تخت تي ويٺو ۽ ٿوري وقت ۾ عطر خان سندس ڀاءُ کانئس حڪومت کسي پاڻ حاڪم بنجي ويو، پر پوءِ غلام شاهه وري طاقت ۾ اچي ويو ۽ تخت ڌڻي ٿيو. (7) ڪڇ جي راجپوتن کان وير وٺڻ خاطر، جي پنهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا هئا ۽ پڻ، ڪڇ جي ماڻهن جي پنهنجي ملڪ ۾ بهادريءَ سان مدافعت ڪرڻ سبب، هو ايڏو ته ڪاوڙيو، جو هـُـن ڪڇين کي ستائڻ لاءِ حڪم ڏنو، ته درياهه جي ٻيءَ ڀر هڪ بند ٻڌو وڃي،ته جيئن درياهه جو پاڻي ڪڇ ملڪ کي آباد نه ڪري سگهي. اهڙو ظالماڻو حڪم فقط ايشيا جا ظالم حاڪم ئي ڏيئي سگهن ٿا. انهيءَ حڪم جو ڪڇ ملڪ ۽ ان جي آبادي تي اهڙو ته خراب اثر پيو، جو ايندڙ نسلن ۾ به يادگار رهندو. بند ٻڌائڻ کان سواءِ هن درياهه جي پاڻيءَ کي گهٽائڻ ۽ ڇڙوڇڙ ڪرڻ خاطر ڪئين واهه کوٽايا،انهيءَ غرض سان، ته پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪڇ ڏانهن نه وڃي سگهي. نتيجو اهو نڪتو جو ڪڇ جي راجا جي اڌ اپت مارجي ويئي، ۽ ان سان گڏ هن هزارين خاندانن جي اميدن ۽ آسرن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هڪ سرسبز ۽ آباد ملڪ صفا اجڙ ٿيو ويو، ۽ اهو ڪڇ تي اهڙو ته ڪاري زخم ٿي لڳو، جنهن جي اڃا تائين ڪابه تلافي نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ سمنڊ جي وير اچڻ جي ڪري اهو سڄو ملڪ ڌُٻـڻن سان ڀريل هڪ کارو ميدان ٿي ويو آهي ۽ اڃا تائين ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي. -(ڊاڪٽر. جي. برنس. ص. 13). (8) صوبدار خان. (9) ڪئپٽن پوسٽنس ٻڌائي ٿو ميان محمد خان جيئن ته حڪومت هلائي نه سگهيو، انڪري سندس جاءِ سندس ڀائٽيي غلام شاهه خان ورتي. جيئن ته اها چونڊ به ٺيڪ نه نڪتي، ان ڪري سن 1778ع ۾ غلام نبيءَ کي مسند تي ويهاريو ويو. (10) ٻه قاتل. (برنس ۽ پوسٽنس). (11) ۽ مير بهرام جو پوٽو. (12) هيءُ بيان ڪئپٽن پوسٽنس ۽ ڊاڪٽر برنس جي بيان سان نٿو ملي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجر خان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سڀ ٽالپر ڪلهوڙن جي خلاف اٿي کڙا ٿيا هئا. عبدالنبيءَ جي ڀاڄ ۽ وري افغانن جي مدد سان سندس تخت نشين ٿيڻ. سندس هٿان عبدالله خان جو خون ۽ پوءِ سندس آخرين ڀاڄ وغيره. هن پنهنجا پويان ڏينهن گمناميءَ ۾ پورا ڪيا. ”غربت ۽ ڌڪار جي جلاوطني“. (13) وير يا ڪنهن نامعلوم ڌڪار جي باهه وچان انڌو ٿي پيو، جو مير عبدالله خان کي بيعت ڪرڻ جي ٽن ڏينهن کان پوءِ قتل ڪرائي ڇڏيائين. (ڪئپٽن پوسٽنس). (14) ڪئپٽن پوسٽنس جي سند موجب مير فتح علي خان جي ڀائٽيي مير سهراب خان ۽ فتح خان جي پٽ مير تارا، فتح علي خان جي اختياريءَ کي نه مڃيندي لاهري بندر ۽ شاهبندر تي قبضو ڪري ورتو، ۽ تيمور شاهه کي ڏَن موڪلي خودمختيار ٿي ويا. اهڙيءَ طرح، ملڪ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. هرهڪ مٿان هڪ خودمختيار حاڪم ٺهي ويو. ليفٽيننٽ پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته فتح خان ملڪ جا وڏا حصا پنهنجي خاندان جي فردن ۾ ورهايا هئا، جن ۾ مير سهراب خان ۽ مير تارا خان کي چڱو چوکو حصو مليو. جڏهن مير نصير خان کان انهيءَ بابت پڇا ڪئي ويئي، تڏهن هـُـن انهيءَ جي تصديق ڪئي. شاهبندر جي جاگير مير تارا خان کي ڏني ويئي، مير سهراب جي حڪومت جي گادي خيرپور آهي. (15) کيس تيمور شاهه سنڌ ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي اختياري ڏني هئي. ليفٽيننٽ پاٽنجر ۽ ڪابل جي بادشاهه به کيس اهڙي سند ڏيئي، سندس حڪومت تسليم ڪئي هئي. (16) هيءُ هڪ اهڙو خال آهي جو دلچسپيءَ جي مضمون سان ڀريل آهي ۽ انهيءَ جو مڪمل احوال پوسٽنس جي ضخيم ڪتاب ۾ ڏنل آهي. (17) تخت تي ويهڻ سان هـُـن فراخدل شهزادي پنهنجن ننڍن ڀائرن مير غلام علي خان، ۽ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي به انهيءَ اوچي درجي تي فائز ڪري، کين پاڻ سان گڏ حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنايو. انهن چئني پوءِ متفق ٿي اهو فيصلو ڪيو ته چارئي گڏجي، سنڌ تي ”سنڌ جا امير يا رئيس“ جي نالي سان حڪومت ڪندا. هنن پاڻ ۾ اهڙي ته زوردار ۽ اڻ ٽـُـٽندڙ محبت قائم ڪئي، جو کين ”چار يار“ جي مشهور لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي چار دوست. (ڊاڪٽر برنس.) (18) مير غلام علي 1812ع ۾ هرڻ جو شڪار ڪندي هڪ ڦاڙهي جي ٽڪر لڳڻ سبب مري ويو. (پاٽنجر). (19) مير فتح علي خان وفات وقت پنهنجو سڄو ملڪ ميراث ۾ پنهنجن ٽن ڀائرن کي ڏيئي ڇڏيو، (انهيءَ ملڪ کان سواءِ، جو مير سهراب ۽ تارا جي قبضي ۾ هو، جنهن ۾ خيرپور ۽ اُتر سنڌ جا علائقا به اچي ٿي ويا)جي عمر جي لحاظ کان سنڌ جا امير يا رئيس سڏيا ٿي ويا. مير فتح علي خان جي ملڪ مان مـُـنو انهن مان وڏي (غلام علي) کي ۽ سـَـوا باقي رهيل ٻن حصن ۾ هر هڪ کي مليو، مکيه امير (غلام علي) کي وڌيڪ اختياريون مليون. (20) هاڻوڪا سنڌ جا مير يعني ته اهي بهادر ٻروچ، جن جي ڪردار کي سندن اڳين جائنشينن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، تن کي هڪٻئي لاءِ ڏاڍي محبت ۽ الفت هئي. اها ٽالپر خاندان جي وڏي ۾ وڏي خاصيت هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو هو گهڻي وقت تائين طاقت ۾ رهيا. مير نصير خان جو مثال وٺو، جو تمام گهڻين ڌتاريندڙ لالچن هوندي به اعتدال کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. هيءُ رئيس ڪـَـرڙوڍ عمر کي پهچي چڪو آهي، پر ان هوندي به هـُـو ايڏو فراخدل، داناءُ ۽ خوش ذوق ماڻهو آهي، جو ماڻهو کيس دل و جان سا محبت ڪن ٿا. هـُـن کي يورپين جي سنگت ۾مزو ايندو آهي، ۽ کيس چڱي بري پير کڻڻ جي طاقت به آهي، پر ان هوندي به هن ڪڏهن به غلط رستو استعمال نه ڪيو ۽ اها سڄي قوت هـُـن گڏيل حڪومت جي استحڪام کي قائم ڪرڻ ۾ صرف ڪئي آهي. سندس ٻين ٻن ڀائرن لاءِ به مون کي هڪ اهڙي آفيسر کان خبر پهتي آهي، جو سرحد تي مقرر ٿيل هو، ته اهي به اڻ ٽٽندڙ محبت جي ناتي ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. مير محمد خان ۽ صوبدار خان جيتوڻيڪ گهٽ مشهور آهن، پر ان هوندي به هو وڏو اثر رکن ٿا، جنهن کي استعمال ڪرڻ سان هو ڪجهه ڪري سگهيا ٿي. خاص ڪري، مير صوبدار خان، جنهن کي پنهنجي هڪ طاقتور ٻروچ جماعت به آهي، پر هن ڪڏهن به انهيءَ کي غلط نموني ۾ استعمال نه ڪيو آهي. اهي سڀ مثال انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا، جي ڪتاب ۾ ڄاڻايا ويا آهن. -(ڊاڪٽر برنس، اپريل 1839ع مهاڳ ص -9) مير محمد خان مير غلام علي خان جو پٽ مير محمد خان رتبي جي لحاظ کان مکيه ميرن کان پوءِ پهريون نمبر مير آهي. سندس عمر ٽيهه سال کن ٿيندي، ۽ هو هڪ سهڻو شخص آهي، رڳو سـَـهي وانگر ٿـُـلهن چپن جي ڪري خراب پيو لڳي. کيس پنهنجي پيءُ کان وڏي ملڪيت ۽ سياسي اثر ورثي ۾ مليو. هو ڪجهه وقت پنهنجن چاچن سان گڏ مسند تي ويهندو هو ۽ ساڻن گڏ کيس به ٻاهران ايندي،قلعي جي ديوار تان سلامي ملندي هئي. پر جيئن ته هو هڪ معتدل ماٺيڻو شخص هو، انڪري سندس ملڪيت جو ڳچ حصو مير مراد علي ۽ سندس قربدار نوڪر انهيءَ بهاني تي ڦٻائي ورتو، ته هو انهيءَ جي سنڀال نٿو ڪري سگهي. ساڳئي وقت هن انهن سڀني اعزازن ۽ شاهي اهڃاڻ تان به بنان ڪنهن پڇتاءُ جي دستبرداري ظاهر ڪئي. هو هڪ سٺي سڀاءُ جو ماڻهو آهي، جنهن کي حڪومت جي معاملن يا پريڊ وغيره سان ڪابه دلچسپي ڪانهي. کيس سندس زيردست ڏاڍو ڀائيندا آهن، جن مان ڪيترن سندس نوڪريءَ مان چڱو فائدو پرايو آهي، ۽ شاهوڪار ٿي ويا آهن. مير محمد خان کي ڪوبه ڪٽنب وغيره ڪونه آهي. -(ڊاڪٽر برنس، اپريل 1839ع، ص - 57) مير محمد نصير خان مير محمد نصير خان، مير مراد علي خان جو ٻيو پٽ آهي، ۽ سنڌ جي حاڪم خاندان ۾هڪ رلڻو ملڻو هر دلعزيز شخص آهي، سندس عمر پنجويهه سال آهي ۽ سندس شبيهه به سهڻي آهي. سندس منهن مان شاهاڻي شان و شوڪت ۽ وڏائي بکي رهي هئي. سندس شبيهه کي ڏسڻ سان ئي ماڻهو ڀانپي ويندو ته هو شاهاڻو ٻار آهي، ۽ سندس منهن سندس پيءُ يا ڀاءُ جي منهن وانگر ڪنهن به طرح خراب نه ٿيل آهي. اهو تفاوت نه فقط شبيهه ۾ آهي پر ان سا گڏ سندن ڪردار ۾ به ساڳيو فرق آهي. جهڙائي هو آهن سخت، اهڙوئي هي آهي سخي. هن خزاني مان ماڻهن کي ايترو ته فراخدليءَ سان ڏنو آهي، جو ماڻهن ۾ سندس نالو آهي. پوءِ اها سٺي خاصيت هجي يا خراب، پر اهڙي ڪردار کي ايشيا جي ملڪن ۾ وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. - ص 59 هن هڪ ڪتاب به تصنيف ڪيو آهي، جنهن کي ”ديوان جعفري“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اهو ڪتاب سندس پنهنجو ٺاهيل آهي ته پوءِ هن کيرون لهڻيون. مير نصير خان انگريزن ڏانهن هميشه سٺو رجحان رکيو آهي، ۽ نهايت فهميدي نموني ۾ اسان جي حيدرآباد واري ريزيڊنٽ سان پيش ايندو رهيو آهي. آءٌ جڏهن حيدرآباد ۾ اچي رهيس، تڏهن هو هميشه منهنجو خيال رکندو هو. فوجين ۾ به هو ڏاڍو هردلعزيز آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ سڀئي مڙساڻيون عادتون ۽ قوتون موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته ننڍڙن ميرن ۾ سندس جهڙو ڪو پيدا ٿئي، جو ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو مشڪل پيو لڳي. هو قوت ارادي جو پڪو ڪونه ٿو ڏسجي، ۽ نه وري ڪردار جو لوڀي آهي. پر اها اڳڪٿي ڪرڻ به ناممڪن آهي،ته جيڪڏهن هو لوڀ ۾ منهن وجهي به ته پوءِ ڪيتريقدر انهيءَ ۾ ڪامياب ويندو، ڇاڪاڻ ته هو ماڻهن ۾ هردلعزيز آهي، ۽ عوام کيس دل و جان سان پيار ڪري ٿو. مير صوبدار خان ميرن جي ڏنل بيان ۾ اڳيئي ڄاڻايل آهي،ته مير صوبدار خان مير فتح علي خان جو پٽ آهي، يعني ته اهو فتح علي خان جنهن جي صدقي ميرن کي وڏائي نصيب ٿي. مير صوبدار خان پنهنجي پيءُ جي وفات کان ٿورا ڪلاڪ اڳ ڄائو هو، جيڪو مرڻ وقت سنڀال لاءِ پنهنجي ڀائرن کي پارت ڪري ويو هو، هو ڪيترا سال مير ڪرم علي خان جو گود ۾ ورتل پٽ ٿي رهيو. ڪئپٽن پوسٽنس جي خيال موجب هو هڪ صلح پسند انسان هو، جنهن جي تصديق سندس ڏيک ۽ اُٿ ويهه جي عادتن مان ملي ٿي. هو اَپاهج به هو ڇاڪاڻ ته ننڍي وهيءَ کان وٺي هو مرگهيءَ جو مريض آهي. اهوئي سبب آهي جو کيس گهڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي. ڊاڪٽر برنس جي اچڻ کان ڪجهه مهينا اڳ کيس مکيه ميرن (مراد علي خان ۽ ڪرم علي خان) جي حاضريءَ ۾ پٺيان هلندڙ لانڍ ۾هڪ نماڻي درٻاريءَ وانگر ڏٺو ويو. پر ٿورو وقت پوءِ هن ميرن خلاف بغاوت ڪري، ساڻن برابري حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، انهيءَ ڏس ۾ هو اسلام ڪوٽ کسڪي ويو، جو ٿر جي بيابان ۾ آهي، ۽ پنجن- ڇهن ڏينهن اندر ڪيترائي سازشي ۽ سندس پوئلڳ اچي کيس مليا. اهڙي طرح پندرهن هزارن ماڻهن جي فوج سان هن حيدرآباد ڏانهن رخ رکيو. مکيه ميرن کي سندس انهيءَ اُرهه زورائي جي بلڪل خبر نه پئجي سگهي، ان ڪري هنن اوچتي حملي سبب، سياڻپ سان معاملي کي طيء ڪيو، جنهن موجب صوبدارخان کي ملڪ جو ڪجهه حصو ۽ کيس حڪومت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو حق به ڏنو ويو. سندس انهيءَ ترقيءَ تي مکيه ميرن اطمينان ظاهر ڪيو، ۽ سندن خاندان جي ٻين فردن پڻ قبوليت جو اظهار ڪيو. --------------- سنڌ جي تاريخ جو اختصار (جيستائين اها لکي ويئي آهي) (ڪئپٽن پوسٽنس جا سنڌ تي ذاتي راين جا اقتباسات) سنڌ تي برهمڻ جو راڄ، تان جو محمد بن قاسم اچي ان کي فتح ڪيو 711 عيسوي سال سنڌ ۾ بنو اميـ* جي خليفن جي حڪومت 750 ” سنڌ جو محمود غزنويءَ هٿان فتح ٿيڻ 1025 ” سومرن جو طاقت ۾ اچڻ 1054 ” سمن جو سومرن کان حڪومت کسڻ 1351 ” شاهه بيگ ارغون جي فتح 1519 ” سنڌ جو همايون بادشاهه جي هٿ هيٺ اچڻ 1540 ” ترخانن جو طاقت ۾ اچڻ 1555 ” اڪبر جو سنڌ کي پنهنجي حڪومت ۾ ملائڻ 1590 ” سنڌ جي نورمحمد ڪلهوڙي کي صوبيداري(حڪومت) ملڻ 1736 ” نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه 1740 ” سنڌ جو افغانن جي هٿ هيٺ اچڻ 1750 ” ٽالپرن جو ڪلهوڙن کان حڪومت کسڻ 1786 ” انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ 1843 ” ڏٺو ويندو، ته مٿين يارنهن سؤ خاندانن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. --------------- (1) يوسف مان مراد حجاج بن يوسف ثقفي آهي، جنهن پنهنجي سؤٽ محمد بن قاسم ثقفي کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. (2) چغتائي لفظ دهليءَ جي مغل بادشاهن لاءِ استعمال ڪيل آهي.