ڪتاب جو نالو: دينيات دينيات تاريخ فلسفو لوڪ ادب ناول شخصيات لغات ٻاراڻو ادب سفرناما شاعري مضمون لطيفيات تصوف تنقيد ڪهاڻيون ناٽڪ رسالا سياسيات علميات سائنس لسانيات انگريزي ادب اڙدو ۽ فارسي ادب ٻين پبلشرن جا ڪتاب هن ڪتاب جي فهرست ڇپائيندڙ پاران ناشر نوٽ مهاڳ سنڌو تهذيب، ان جو اُسرڻ ۽ ڦهلجڻ سنڌو تهذيب، عروج ۽ زوال (باب 1 ۽ 2 جو ضميمو) سنڌ جي قديم روايتي تاريخ سنڌ، ايران جي هخامنشي بادشاهن جي هٿ هيٺ سڪندر اعظم جي ڪاهه سنڌ، موريا گهراڻي وارن ۽ بئڪٽريا وارن يونانين جي زماني ۾ سنڌ سٿين ۽ پارٿين لوڪن جي هٿ هيٺ سنڌ، عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين دوران سنڌ جو ٻڌ ڌرم وارو راءِ گهراڻو چچ جو قبضو سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو زوال سنڌي ادبي بورڊ بابت بورڊ جي تاريخ بورڊ جو آئين خبرنامو بورڊ جا چيئرمين بورڊ جا سيڪريٽري بورڊ جا ميمبر بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ بورڊ جو آئين خبرنامو بورڊ جا چيئرمين بورڊ جا سيڪريٽري بورڊ جا ميمبر بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ خبرنامو بورڊ جا چيئرمين بورڊ جا سيڪريٽري بورڊ جا ميمبر بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ بورڊ جي ويب ٽيم Your browser does not support inline frames or is currently configured not to display inline frames. سيڪشن؛ تاريخ ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) باب: 1 صفحو :1 ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ڇپائيندڙ پاران تاريخ جو علم ٻين مضمونن کان وڌيڪ دلچسپ ۽ تڪراري مضمون آهي، ڇو ته تاريخ سماج جوتجزيو ڪندي، اُن ۾ دلچسپ تضاد ڪري پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ حوالي سان تاريخ جي مضمون ۾ تضاد ئي اهو واحد عنصر آهي، جيڪو تحقيق ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪري ٿو، جنهن سان تاريخ جو مضمون وڌيڪ دلچسپ بڻجي ٿو. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ کان هڪ سال بعد، يعني 1952ع ۾ بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ انهيءَ رٿا هيٺ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيا جي اوريل ڪاليج جي فيلو مسٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ جي پهرين ٻن جلدن تي ڪم ڪرڻ جي اڇ ڏني وئي، جيڪا هن صاحب وڏي خوشي سان قبول ڪئي. مسٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ جي پهرين ٻن جلدن تي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڏني وئي، جيڪا هن صاحب وڏي خوشيءَ سان قبول ڪئي. مسٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ وڏي جاکوڙ ۽ اڻٿڪ محنت سان سنڌ جي تاريخ بابت پهريون جلد 1964ع ۾ ۽ ٻيو جلد 1973ع ۾ لکي بورڊ جي حوالي ڪيو. بورڊ پهرئين جلد جو سنڌي ترجمو 1982ع ۾ ۽ ٻيو جلد 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن وقت جلد ٻئي جو هيءُ نئون ڪمپيوٽرائزڊ ڇاپو جون 2005ع ۾ ڇپائي اوهان جي هٿن تائين رسايو پيو وڃي. هن جلد ۾ ڪل 11 باب شامل آهن. جن مان هر باب ۾ سنڌ جي تاريخ بابت ڪافي ڇنڊيل ڇڻيل مواد ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ سنڌ جي نامياري دانشور ۽ تعليم کاتي جي موجوده وزير محترمه ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ جناب غلام رباني آگري طرفان ايڇ ٽي لئمبرڪ جي حياتيءَ جو احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب تاريخ جي شاگردن ۽ استادن سميت تاريخ سان خاص دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ هڪ سوکڙي جي حيثيت رکي ٿو. ادارو اهڙي سوکڙي پڙهندڙن کي آڇيندي نهايت خوشي محسوس ڪري ٿو. ڄام شورو، سنڌ انعام الله شيخ ڇنڇر 10 جمادي الاول 1426 هجري سيڪريٽري بمطابق سنڌي ادبي بورڊ 18 – جون 2005ع ناشر جو نوٽ سنڌ سرڪار سن 1951ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي وٺائڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو. بورڊ متعدد اشاعتي رٿون تيار ڪيون، جن ۾ هڪ رٿ سنڌ جي مستند ۽ جامع تاريخ شايع ڪرڻ بابت آهي. هي ڪتاب مذڪوره رٿ هيٺ شايع ڪيو ويو آهي. انهيءَ رٿ جو مقصد، تاريخي دور کان اڳ واري زماني کان وٺي سن 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ تائين، سنڌ جي صحيح تاريخ نون جلدن ۾ لکائڻ ۽ شايع ڪرڻ آهي. اميد آهي ته خدا جي فضل و ڪرم سان، سنڌ جي سڄي تاريخ ٽن ٻولين يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ هيٺينءَ ترتيب موجب شايع ٿي ويندي: جلد – 1 ملڪ جي جاگرافيءَ ۽ آب و هوا جي خاصيتن جو مڪمل بيان ۽ انهن خاصيتن جو سنڌ جي سرزمين جي تاريخ تي جيڪو اثر پيو آهي، تنهن جو ذڪر، سنڌو ندي جي وهڪرن بدلائڻ جو بيان، ان کان سواءِ، مبصرن طرفان مختلف وقتن تي سنڌ جي تمدن جي مرڪزن، آباديءَ جي تشڪيل ۽ مقامي ٻولين بابت لکيل احوال. جلد – 2 سنڌو ماٿري جي تهذيب، ايران جا قبضي ۾ آندل علائقا، سڪندر اعظم جي ڪاهه، سٿين لوڪ ۽ سندن جانشين، ٻڌ ڌرم جو دور،برهمڻ گهراڻو ۽ ان جو زوال. جلد – 3 عربن جو دور، طلوع اسلام جي احوال سميت جلد – 4 غزنوي، غوري گهراڻا ۽ انهن جا جانشين، سومرا جلد – 5 سما جلد – 6 ارغون، ترخان ۽ مغل جلد – 7 ڪلهوڙا ۽ دائود پوٽا جلد – 8 ٽالپر جلد – 9 انگريزن جو دور، سنڌ جي (بمبئيءَ کان) علحدگي ۽ پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ بورڊ انهن نون جلدن لکڻ جو ڪم جدا جدا عالمن جي حوالي ڪيو هو، پهرين ٻن جلدن جو ڪم ”سر چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ“ ۽ ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“ ڪتابن جي مصنف ڊاڪٽر ايڇ. ٽي لئمبرڪ جي سپرد ڪيو ويو هو. لئمبرڪ جو لکيل پهريون جلد (انگريزيءَ ۾) سن 1964ع ۾ شايع ڪيو ويو ۽ ٻيو جلد (انگريزيءَ ۾ ) سن 1973ع ۾ شايع ٿيو. بورڊ سندس پهرين جلد جو سنڌي ترجمو سن 1982ع ۾ شايع ڪيو ۽ هاڻي سندس ٻئي جلد جو هي سنڌي ترجمو شايع ڪري رهيو آهي. باقي رهيل جلدن منجهان ٽيون جلد انگريزي ۾ ڇپجي ويو آهي. پنجون جلد انگريزيءَ ۾ لکجي مليو آهي، هاڻي ان جي ڇپائي ڪرڻي آهي. چوٿين ۽ ڇهين جلد جي تياريءَ لاءِ تحقيقات ۽ مواد سهيڙڻ جو ڪم جاري آهي. ستون جلد مرحوم مولانا غلام رسول مهر اردوءَ ۾ لکي ڏنو هو، جو سن 1958ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو سنڌي ترجمو سن 1963ع ۾ شايع ٿيو هو. نائنون جلد اڃان رهيل آهي. اهو به هڪ عالم کي ڏنو ويو هو، پر هن ڪو نه لکي ڏنو. هينئر ٻئي عالم جي سپرد ڪيو ويندو. مهاڳ هن جلد ۾، جنهن دور جو ذڪر ڪيل آهي، سو اٽڪل ٽن هزار سالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تاريخ کان اڳ وارو اهو زمانو پڻ شامل آهي، جنهن لاءِ اسان وٽ فقط آثار قديمه جو مواد موجود آهي. جيسين تاريخي دور واري حصي جو تعلق آهي. ته ان جي به ٻارهن سوَن سالن کان مٿڀري عرصي جا مواد جا ذريعا، صدين جون صديون جيڪڏهن بنهه گم ناهن ته به تقريباً معدوم آهن. انهي زماني جو پٿر يا ٽامي جون تختيون، جيڪي پنجاب ۽ هندستان جي اڪثر علائقن ۾ ملن ٿيون، ۽ جن تي اڪريل مواد تاريخي معلومات سان ڀريل آهي، سنڌ ۾ بلڪل ناپيد آهن، وري هن ملڪ ۾ پراڻي زماني جا سڪا به تمام ٿورا لڌا آهن. مغربي دنيا جي همعصر ليکڪن طرفان انهي اونداهي دور تي وقت بوقت روشني وڌي ويئي آهي، سا جيتوڻيڪ تيز آهي، پر اها مختصر چمڪاٽن تائين محدود آهي، ۽ وچ وچ ۾ ڊگهن وقفن پوڻ ڪري، درمياني زمانن جي اونداهي ۽گمنامي نسبتاً هيڪاري نمايان ۽ نروار ٿي بيهي ٿي، جن لاءِ عام طور مقامي يا ٻين هندستاني ذريعن مان ڪو به خاص مواد ڪو نه ٿو ملي. اهڙي صورت ۾، مسلمانن جي فتح کان اڳ واري دور بابت سنڌ جي سلسليوار تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪندڙ ليکڪ جي هٿن ۾، واقعات جي تسلسل جو ڌاڳو، هلندي هلندي، گهڻن ئي موقعن تي، ٽٽي پوي ٿو، ۽ هو پنهنجي موضوع جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ وچ وچ ۾ رونما ٿيندڙ مختلف واقعن کان ڪم وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿو. اميد آهي ته اڳتي هلي وڌيڪ تازو مواد دستياب ٿي ويندو، ۽ اهو اهڙن گهڻن ئي خالن کي پُر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جيڪي هن مقالي ۾ نمايان نظر ايندا. آءٌ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو احسان مڃڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، جنهن هن مسودي ۾گهڻن ئي هنڌن تي اصلاح واسطي مون کي مفيد مشورا، معلومات ۽ تجويزون ڏنيون. -ايڇ. ٽي. ايل . (1) سنڌو تهذيب – ان جو اُسرڻ ۽ ڦهلجڻ سنڌ جي تاريخ جي آغاز جو نقطو عظيم ”سنڌو تهذيب“ جي ظهور کي سمجهڻ گهرجي، جيڪو مسيح کان اڳي اڍائي ۽ ٽن هزار سالن جي وچ ڌاري ٿيو. جيتوڻيڪ ائين چوڻ سان اسين هڪ اهڙي قديم دور ۾ داخل ٿي وڃون ٿا، جيڪو اسان جي موجوده تاريخي ڄاڻ جي ڪنهن پڪي پختي سال کان به گهٽ ۾ گهٽ ويهه صديون قديم آهي، پر ان جي باوجود اسان انهن ”سنڌو ڪوڪن“ ۽ سندن زندگيءَ جي طور طريقن بابت، سنڌ ۾ کانئن پوءِ وارد ٿيل سندن گهڻن ئي جائنشينن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ڄاڻ حاصل آهي، جيڪي تاريخي دور جي نسبتاً ويجهڙائي واري دور اندر هتي آيا. سنڌو تهذيب جي پهرئين مشاهدي سان، اسان کي هڪدم اعليٰ طريقي سان منظم ۽ ترقيءَ جي اوج تي پهتل هڪ `اهڙي رياست اڀريل نظر اچي ٿي، جنهن جو بنياد دريائي ميدانن ۾ تعمير ٿيل هڪ عظيم (1) شهر تي رکيل آهي، ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ڄڻ ان رياست جو پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ ان کان اڳي گذري ويل معاشري جي ترقي يافته منزلن سان ڪنهن قسم جو ڪو لاڳيتو تعلق ئي ڪو نه هو! تهذيب جي انهيءَ منزل جي پهرين ڄاڻ اسان کي الهندي پاسي ڪاڇي واري لاهه ۽ ڀر واري ڪوهستان جي مختلف نوعيت وارن علائقن مان حاصل ٿئي ٿي. اتي، ۽ ڏورانهين بلوچستان ۾، ماڻهو پڪن ڳوٺن ۾ سڪونت پذير هئا، جن جي زندگي جو ڍنگ بنيادي طور ”ڪنجهي واري دور“ جي ٻين بيشمار دهقاني گروهن جهڙو هوندو، جيڪي الهندي ايشيا کنڊ جي مٿانهن پٽن تي ڇڙوڇڙ حالت ۾ پکڙيل هئا. سنڌو درياءَ جي سيلابي ميدان واري پاسي ۾ واقع پٽي تي انهن ماڻهن جي جماعت جو قبضو هو. جيڪي ”آمري لوڪن“ جي نالي سان مشهور آهن، جن جو اهو نالو هڪ ميٽائين دڙي تي بيٺل ساڳئي نالي واري ڳوٺ مان ورتو ويو آهي. جتان سنڌو ندي اڄ به وهندي نظر اچي ٿي، ۽ جتي انهن جي ثقافت جي نشانن کي سڀ کان اڳ ۾ لڌو ويو هو. انهيءَ ڳوٺ، آمريءَ، تي بعد ۾ انهن ماڻهن قبضو ڪيو، جن کي ”سنڌو لوڪ“ جي زمري ۾ رکي سگهجي ٿو، يا جن کي، آثار قديمه جي دستوري علمي اصطلاح مطابق، ”هڙاپا لوڪ“ به سڏجي ٿو. آمري لوڪن جي بستين جو خود سيلابي ميدان ۾ ڪو به اهڃاڻ نه مليو آهي ۽ عام طرح سان ائين سمجهيو ويو آهي ته اهو وسيع ۽ عريض علائقو انهيءَ زماني ۾ قديم نسل جي شڪاري قبيلن يا خانه بدوش مال چاريندڙ لوڪن سان آباد هو. ”ڪوٽ ڏيجيءَ“ جي سرزمين ٻين هڪڙن اهڙن قديم لوڪن جي موجودگيءَ جو ثبوت پيش ڪري ٿي، جيڪي سيلابي ميدان جي ڇيڙي وٽ ڪافي گهڻي عرصي کان وٺي هڪ هنڌ ٽڪاءَ واري اجتماعي زندگي گذاري رهيا هئا ۽ جن کي پڻ آخرڪار سنڌو لوڪن اتان اچي ڀڄايو ۽ سندن جاءِ والاري. هڪ زياده قديم تمدن واري راڄ جي اها بستي، جيڪا سيلابي ميدان جي پار اڀرندي ڇيڙي تي، يعني روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي گول دائري جي ٻاهران دريائي سيلابن جي لٽاشي ميدان جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ وانگر بيٺل آهي، آمريءَ وارن جي بستيءَ کان به وڌيڪ اهميت جي حامل آهي. جيڪڏهن اهي لوڪ به اصل ۾ الهندي واري جابلو ملڪ (2) کان لڏي اتي آيا هئا، ته پوءِ، پوري اعتماد سان فرض ڪري سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن به، آمري لوڪن وانگر، بلڪه انهن کان به وڌيڪ، پنهنجي اصلوڪي جابلو وطن کي خيرباد چئي، پاڻ کي، آئينده جي گذر اوقات جي معاملي ۾، پوريءَ طرح سنڌو درياءَ جي رحم و ڪرم تي آڻي ڇڏيو هو. هاڻي کين هڪ اٿاهه درياءَ ۽ ان جي شاخن جو سيلابي ويڪرو ميدان، انهن ٽاڪرو پٽن جي حفاظت ۾ بيٺل سندن پراڻي ماحول کان جدا ڪري رهيو هو، جيڪي هنن کي اتان جي چشمن، تيز وهي ويندڙ پاڻيءَ جي نهرن يا بارش جي ڦاٿل پاڻيءَ تي ڇڊو پکڙيل گاهه ۽ مختصر فصل فراهم ڪندا هئا. هنن اهي پنهنجي جابلو ماحول جون سڀ شيون بظاهر لئيءَ جي وڻن سان ڀريل اهڙن گهاٽن ۽دور تائين پکڙيل جهنگن سان ڍڪيل پٽ سان بدلايون هيون، جنهن ۾ کين ڪٿي کهروگاهه ۽ سر، ته ڪٿي سڌا سنوان، ويران ۽ ساوڪ کان خالي زمين جا ٽڪرا مليا هوندا، جن جا ٿورا گهڻا حصا مندائتن مينهن جي تيز يا ماٺي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا هوندا يا جن کي درياءَ جي اڻ – کٽ موجي مزاج مطابق ان جو پاڻي ڪڏهن ته کائي ڳاري ڇڏيندو هوندو ته ڪڏهن انهن جي مٿان لٽ چڙهي ويندو هوندو يا وري اهي پاڻيءَ جي چڙهڻ ڪري خشڪ ۽ سڪل رهجي ويندا هوندا. درياءَ جي موافق اٿل کان پوءِ دور دور تائين پکڙيل انهن علائقن ۾ اهڙا ته سرسبز ۽ گهاٽا فصل پوکجي سگهبا هوندا، جيڪي انهن ماڻهن جي جابلو ابن ڏاڏن جي تصور کان به ٻاهر هوندا. پر جيڪڏهن ٻئي سال جي اٿل انهيءَ پٽ تي وٽن نه پهتي هوندي، ته پوءِ هنن لاءِ اهو پٽ ڇڏي، اڳتي وڌي اتي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه هو، جتي اها اُٿل پهچي سگهي هوندي ۽ ان سان اتي جي زمين آباديءَ لائق ٿي هوندي، جنهن کان پوءِ هو اتان جي پيداوار ۽ ٻيو سامان گذاري جو ساڻ کڻي، موٽي پنهنجي پڪي شهر طرف هليا ويندا هوندا. عام طرح هنن حالتن ۾ مال چارڻ جون سهولتون هنن لاءِ وڌيڪ پائدار هونديون. ڪوٽ ڏيجيءَ جي اوائلي آبادڪارن کي، هڪ طرف جتي پنهنجي اصلوڪي جابلو ماحول کي خيرباد چئي، پنهنجي زندگي جي ڍنگ کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو هوندو، اتي اسان کي ائين سمجهڻ لاءِ ڪي ثبوت نه مليا آهن ته ان جي نتيجي ۾ اهي ماڻهو پنهنجي پوئتي جبلن ۾ رهجي ويل ماڻهن جي ڀيٽ ۾، سنڌو لوڪن جي تهذيب جي مٿڀريءَ منزل جي وڌيڪ ويجهو پهتا هوندا، جن پوءِ کين اچي انهن نين دريائي بستين تان هٽائي ڪڍيو هو، ڇو ته سندن هيلتائين مليل آثارن مان ڪنهن به قسم جي لکت، شهري تمدن يا واپار لاءِ ٺاهيل مال جو اڃا تائين ڪو به ثبوت برآمد نه ٿيو آهي ۽ اهي ئي ٽي ڳالهيون هيون، جي اڄ سندن ”تهذيب“ کان بهتر ”سنڌو تهذيب“ جون مکيه علامتون سمجهيون وڃن ٿيون. سنڌو تهذيب جي سلسلي ۾ ترقيءَ جو انتهائي فيصله ڪن اڳتي قدم سيلابي ميدان کان ڪجهه پرڀرو هڪ شهر جي اڏاوت هو. هن باري ۾ اسين اهو انومان ڪڍي سگهون ٿا ته سنڌو لوڪن آمري ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جي آڳاٽن رهاڪن کي، جيڪي بظاهر ڪچي کي آباد ڪرڻ ۾ ئي مطمئن رهندا هئا پر جيڪي پڻ پنهنجون رهڻ جون ڇڙوڇڙ جايون سيلاب جي پهچ کان ڪجهه پرڀرو پهاڙي علائقي ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي ماٿر تي رکندا هئا، سندن پٽن تان ڌڪي ڪڍڻ جي فيصلي ڪرڻ کان گهڻو اڳي پوريءَ ڪاميابيءَ سان اهو شهر بنديءَ جو قدم کڻي ڇڏيو هو. انهي انومان جي روشني ۾، جيڪب آباد کان ڪي ارڙهن ميل اتر الهندي ۾ واقع ”جڏير جو دڙو“ نالي سنڌو لوڪن جي بستيءَ کي خاص اهميت حاصل آهي. اها جاءِ بلڪل کليل پٽ جي وچ ۾ بيٺل آهي. پر اهو ميدان ڪڇيءَ جو آهي، ۽ اهو انهن ٽڪرين جي ماٿر تان، جيڪي ان کي ٽن طرفن کان وڪوڙي بيٺيون آهن، بارش جي پاڻيءَ ذريعي آيل رائي واريءَ مٽيءَ جوٺهيل آهي، ۽ نه سنڌو ندي جي سيلابي ميدان جي لٽاشي مٽيءَ مان. معلوم ائين پيو ٿئي ته انهيءَ هنڌ تي اها بستي، سنڌو ندي جي انتهائي اترينءَ شاخ جي سيلابي يا ٽڪرن تان لهندڙ نين جي وهندڙ پاڻي مان فائدي وٺڻ لاءِ قائم ڪئي ويئي هئي. سنڌو ندي جي اها انتهائي اترين شاخ ٿورو ئي پري، ڏکڻ الهندي رخ ۾ وهندي هئي. ان کي بگٽي ٽڪرين ۾ وسندڙ برسات کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن لهري ۽ ڇتر نين ذريعي برساتي پاڻي ملي ويندو هو. اهڙي طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جڏير جي دڙي جون حالتون اهڙيون ئي هونديون، جهڙيون سنڌو لوڪن کي سنڌوءَ جي سيلابي ميدان ۾ مستقل طور آباد ٿيڻ کان اڳي، سندن عبوري يا تجرباتي منزل ۾ پيش آيون هونديون. ٻئي طرف، هن هنڌ جي وقوع واري جاءِ اهڙيءَ نوعيت جي آهي، جو جيڪو ڪم ”موهن جي دڙي“ يا ”چنهو دڙي“ جي حالت ۾ نه ٿي پئي سگهيو، يعني انهن دڙن جي انتهائي هيٺانهين سطح تائين کوٽائي نه ٿي سگهي آهي، جتي (3) خالص زمين تائين وڃي پهچجي. سو هتي ڪري سگهجي ٿو. مڪمل کوٽائي ٿيڻ تائين اسين اهو نٿا چئي سگهون ته هتي پڻ، سنڌو لوڪن پاڻ کي کانئن اڳ آباد لوڪن جي مٿان وڃي مسلط ڪيو هو، جهڙيءَ طرح آمريءَ ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ وٽ ڪيو هئائون يا جڏير جو دڙو خود سندن ئي هڪ اصلوڪي ڪوشش هئي. جيڪڏهن پوئين صورت آهي، ته پوءِ اسان کي هيءَ توقع رکڻ گهرجي ته اڳتي هلي ڪا اهڙي شهادت نڪري پوي، جنهن مان ان جي تاريخ جو اندازو لڳائي سگهون، جنهن جو پوءِ اسين سيلابي ميدان ۾ واقع سنڌو تهذيب جي ٻين آبادين سان به اطلاق ٿي سگهي. موهن جي دڙي ۾ هن وقت تائين ڪيل کوٽائيءَ مان سڀ کان وڌيڪ آڳاٽين والاريل سطحن جي اونهائيءَ جا آثار ميدان (4) جي موجوده مٿاڇري کان 39 فوٽ هيٺ آهن. هاڻي جيڪڏهن اسين سنڌوءَ جي سڄي سيلابي ميدان جي ڌرتيءَ جي تهن جي قدرتي واڌ جي عام طور تسليم ڪيل پيماني، يعني هر صديءَ کان پوءِ ستن انچن جي واڌ، کي هن سلسلي ۾ ڌيان ۾ آڻيون ٿا ته، اسين 4700 سال قبل مسيح واري زماني تائين وڃي نڪرون ٿا، جنهن جو ناممڪن هئڻ صاف ظاهر آهي. جنهن وقت اهو حساب لڳايو ويو هو، ان وقت هيءَ ڳالهه فرض ڪئي ويئي هئي ته موهن جي دڙي جي ٽيهن فوٽن جي گهرائي واري آبادي اٽڪل 3000 سال ق. م آڳاٽي آهي، جيڪو سال هاڻي به امڪان جي حد کان گهڻو وڌيڪ آڳاٽو نظر ايندو. پر آبي انجنير، جن سطح جي واڌ جي رفتار جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ مختلف تفصيلن کان ڪم ورتو هو، سو هن ڳالهه کي بار بار ورجائين ٿا ته جيڪڏهن سندن انهيءَ ڪٿيل انگ کي، جيڪو ملڪ جي وسيع علائقي جي سراسري سطحي اوچائي جو انگ آهي، درياءَ جي ڪنڌي واريءَ زمين جي تهن ۾ ايندڙ واڌ سان ڀيٽيو ويندو ته اها واڌ هڪ سئو (5) سالن پٺيان گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوٽ تائين وڃي رسندي. اسان کي هن يقين ڪرڻ لاءِ ڪافي سبب آهن ته سنڌو درياءَ هن شهر جي سڄي زندگي جي مدت تائين ان جي ڪافي ويجهڙائي ۾ وهي رهيو هو، ۽ اسان کي اهو به معلوم آهي ته درياءُ هڪ ڀيرو وري 1740ع يا ان کان ڪجهه اڳڀرو هن شهر جي ويجهڙائي ۾ وهڻ لڳو آهي. انهيءَ ڪري هي اندازو معقول لڳي ٿو ته موهن جي دڙي جي بلڪل ويجهڙائي وارو ميدان سراسري طور هڪ صديءَ ۾ 9 يا 10 انچن تائين مٿي چڙهيو هوندو. اهو ڪاٿو شهر جي وسڻ جي انتهائي اوائلي تاريخ متعلق سال 3200 ۽ 2700 ق. م جي درمياني حصي طرف اشارو ڪري ٿو. هن سلسلي ۾ هيءَ راءِ پڻ ڏني وئي آهي ته سنڌو لوڪن طرفان ڪوٽ ڏيجيءَ ۽ آمريءَ جو والارجڻ، سڄي سنڌو ماٿريءَ تي سندن قبضي ڄمائڻ جي ڪوشش جي آخري منزل هئي. اهو به ممڪن آهي ته جڏير جو دڙو سندن طرفان ڪنهن ٻئي وڌيڪ اوائلي تمدن جي مٿان مڙهيل شهر ثابت ٿي پوي. پر جيسين اسان کي ڪو اعتماد لائق مواد ملي، جنهن جي ذريعي اسين هنن جي طرفان سنڌو ماٿريءَ جي هيٺانهين علائقي ۾ قائم ڪيل مختلف آبادين جي تاريخن جو ڪو تعين ڪري سگهون، تيسين هيءُ خيال معقول نظر اچي ٿو ته هنن جي دور جو آغاز خود موهن جي دڙي جي قيام سان ئي ٿيو. هيءُ خيال، ته اهي لوڪ سنڌو نديءَ جي وهڪري کي ڪنهن طرح سان ڦيرائي يا روڪي سگهندا هئا، محض هڪ وهم آهي. اسين انهيءَ ڳالهه جو اندازو کانئن اٽڪل چار هزار سال اڳتي جي حالتن کي خيال ۾ رکي، چڱي طرح لڳائي سگهون ٿا. اسان جي پنهنجي جديد زماني، يعني 46 – 1845ع ۾، اپر سنڌ جي هڪ خاص علائقي ۾ ٻوڏ جي امڪان کي روڪڻ لاءِ ڇنڊڻ ذريعي پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ جي رٿا جو نتيجو، جيڪا انگريز انجنيرن طرفان پوريءَ طور رٿيل ۽ عمل ۾ آندل هئي، فورن مڪمل ۽ شرمناڪ ناڪاميءَ (6) جي صورت ۾ نڪتو هو. ۽ ان کان پوءِ به ڪيترن ئي موقعن تي هن مست درياءَ سائنسي طريقي سان رٿيل بچاءَ بندن جي ڊگهي سلسلي کي ڀڃي ڀوري ۽ ڊاهي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن سوين نه، ته درجنن جا درجن ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا اٿس ۽ انهن جي فصلن کي لوڙهي کڻي ويو آهي، مٿس دارومدار رکندڙ واهن ۾ گهارا وجهي، انهن جا منهن ريٽ سان بند ڪري ڇڏيا اٿس، وڏن شهرن کي کانئس وقت بوقت ٻوڏ جو خطرو پئي رهيو آهي ۽ ان دائمي پنهنجي انهيءَ پوشيده طاقت جو دڙڪو قائم پئي رکيو آهي، جنهن کي شايد جديد سائنس به پنهنجي سڀني فني ڪاريگرين ۽ ذريعن سان هميشه لاءِ زير نه ڪري سگهي. يعني ان ۾ اها طاقت آهي، جنهن سان هو پنهنجو وهڪرو اوچتو ۽ هميشه لاءِ ڦيرائي سگهي ٿو، ۽ ويهين صديءَ جي شاندار بئريجن ۽ واهن کي انساني آبادين کان خالي ٿيل ويرانن (7) ۾ پاڻي جي وهڪري کان گهڻو پري خشڪ حالت ۾ ڇڏي، پنهنجيءَ موج ۾ ٻئي ڪنهن طرف منهن موڙي نڪري وڃي سگهي ٿو. سنڌو لوڪن کي جنهن ڳالهه جو فن حاصل هو. بلڪه اسان کي هتي اهو چوڻ گهرجي ته جنهن معاملي ۾ سندن قسمت چڱي هئي- سو اهو هو ته هنن پنهنجي شهر ٻڌڻ لاءِ جيڪا سرزمين منتخب ڪئي هئي، سا انتهائي حد تائين موزون هئي، يعني اهو هنڌ سنڌو درياءَ يا ان جي ڪنهن وڏيءَ شاخ جي ايتريقدر قريب هو، جو آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ اهو پاڻي جي وڏي مقدار مان پورو پورو فائدو وٺي پئي سگهيو، پر اهو ٻوڏ جي خطري کان يا ان جي حملي کان وري به محفوظ رهندو هو، ڇو ته اهو بهرحال درياءَ جي ايڏو ويجهو نه هو، جو ان جي مخصوص نموني سيرن مٽائڻ سبب ان جي پائيندڙ جي خطري ۾ رهي، ۽ دراصل اهو درياءَ جي ڪنهن اهڙيءَ شاخ جي ٻيءَ ڪنڌي تي هو، جتي درياءُ بنيادي طور پنهنجو پيٽ آساني سان ڦيرائي به نه پئي سگهيو (8). اهڙن طبعي اسبابن ڪري هن شهر ڪيئي لاها چاڙها به ڏٺا، جن جي نوعيت کي اسين شايد ڪن اتفاقي شهادتن ۽ ثبوتن ذريعي سمجهي سگهون، پر خود سنڌو درياءَ طرفان گذريل پنجن هزار سالن جي مدت جي دوران انهيءَ سرزمين کي هڪ ڀيرو به پائيندڙ جو خطرو درپيش نه آيو هو. انهن ماڻهن جي ٻئي شهر واري هنڌ ”هڙاپا“ طرف ٿوريءَ دير لاءِ توجهه ڦيرائيندي، اسان کي اهو صاف نظر اچي ٿو ته ان جو ان هنڌ تي بنياد ۽ تعمير انساني اعتماد ۽ همت جو اهڙو نمايان ڪارنامو نه هو، جهڙو موهن جي دڙي کي وسائڻ جو هو. راوي ندي سندن اهڙي خطرناڪ پاڙيسرڻ ڪا نه هئي، جهڙو سنڌو درياءَ جو هيٺيون (سنڌ وارو) حصو هو، ۽ هڙاپا وارا سنڌو لوڪ انهيءَ راويءَ جي ڪناري کي آباد ڪرڻ وارا پهريان ماڻهو به نه هئا. اسان وٽ هن وقت هن حقيقت جي تصديق ڪرڻ جا ذريعا ڪينهن ته موهن جي دڙي جا انتهائي هيٺيان تهه، جيڪي شايد هميشه لاءِ غرقاب ٿي چڪا آهن. سنڌو تهذيب وارا آهن يا اهي پنهنجي سيني ۾ اڃا به ڪنهن قديم ۽ آڳاٽي تهذيب کي دفن ڪيون پيا آهن. پر معقول ۽ مناسب اندازو اهو ئي آهي ته اهي سنڌو لوڪ ئي هئا، جن سڀني کان اڳ ۾ اهڙي کليل ۽ خوفائتي هنڌ تي پنهنجي پهرين مستقل آبادي اچي تعمير ڪئي هئي. اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته اوائل ۾ اهو هنڌ هڪ اهڙي معموليءَ مٿانهينءَ وارو پٽ هوندو، جيڪو يا ته درياءَ جي ڪنهن اڳوڻي ڇڏيل ڪنڌيءَ جي ڪنهن سڌي اڀريل دڙي جو حصو هو يا تيز هوائن ذريعي اڏامي آيل دريائي مٽيءَ جي گڏ ٿيڻ واري قدرتي عمل ذريعي ٺهي پيو هوندو، ۽ پوءِ برساتن پوڻ سان مستحڪم ۽ سنئون پٽ بڻجي پيو هوندو، ۽ ان تي هنن کي زمين جو هڪ اهڙو کليل ميدان ملي ويو هوندو، جيڪو رواجي ٻوڏين ۾ آسپاس جي پٽ کان مٿڀري هئڻ ڪري ٻڏڻ کان بچيل رهندو هوندو. هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ”لوهم جي دڙي“، چنهو دڙي ۽ سيلابي ميدان ۾ وسايل سنڌو لوڪن جي ٻين آبادين جي خاص هنڌن جي چونڊ ساڳين ئي سهولتن جي آڌار تي ڪئي وئي هوندي. اهي سڀ هنڌ گهڻو ڪري سنڌو درياءَ جي ڪنهن پختيءَ ۽ موسمي چاڙهه واريءَ شاخ جي پسگردائيءَ ۾ هوندا. مطلب ته ٻئي ڪنهن واضح ثبوت جي عدم موجودگيءَ ۾ اسين جيڪڏهن هن اندازي ڪرڻ تي مجبور آهيون ته اهي ماڻهو پنهنجي تهذيب جا بنيادي عنصر پنهنجي اوائلي وطن کان، جيڪو اولهه طرف ڪنهن هنڌ هوندو، هيٺ سنڌو ماٿريءَ ڏانهن پاڻ سان کڻي آيا، ته ان حالت ۾ اسان کي هيءَ اميد رکڻ گهرجي ته آئينده ڪنهن وقت ايران يا ڪن ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ ٿيندڙ کوجنا مان اڃا به شايد اسان کي انهن ماڻهن جي اصلي بيخ ۽ بنياد جو ڪو وڌيڪ ڀروسي جهڙو سراغ ملي وڃي. ان اوائلي دور جي هيٺانهين حصي تي يا ان جي هامون (9) شاخ تي رهندي، وڏي درياءَ ۽ پوک لاءِ تمام گهڻي مقدار ۾ ايندڙ موسمياتي پاڻيءَ کي ورائڻ ۽ ٻڌڻ، توڙي اڏاوت جي مقصدن لاءِ پڪين سرن جو استعمال جو تجربو حاصل ٿي پئي سگهيو. انهن ڳالهين ۾، سنڌو لوڪ، جيستائين اسان کي انهن بابت سنڌوءَ جي سيلابي ميدان ۾ کوٽيل دڙن مان حاصل ٿيل اهڃاڻن مان معلوم ٿي سگهيو آهي، فني بلوغت ۽ رٿابنديءَ جي ڀروسي جوڳيءَ سطح تي پهتل هئا، جنهن مان اهو انومان ٿئي ٿو ته سندن اهڙن مهذب خيالن ۽ عادتن جي نشونما اڳيئي ڪنهن ٻئي هنڌ تي ٿي چڪي هئي. زندگي جو اهو رنگ ڍنگ، جنهن ۾ شهري ماڻهو هڪ وڏي درياءَ تي ٿيندڙ وسيع پيماني واري کيتي واڙيءَ ۾ مصروف هئا ۽ لکت جي هڪ مخصوص طريقي سان حساب ڪتاب رکندا هئا، چار هزار سال قبل مسيح جي پوئين اڌ حصي (10) ۾ ميسوپوٽيميا جي ڏاکڻئينءَ ماٿريءَ ۾ رائج هو. خوشحاليءَ ۽ نظم و ضبط جون عجيب غريب ڳالهيون ”اُر“ مان آيل افواهن ۽ مسافرن جي ذريعي پهتل ڪهاڻين ۽ قصن معرفت چوڌاري مٿانهن پٽن جي رهاڪن ۾ ڦهلجي ويون هونديون، ۽ انهن ڳالهين نيٺ انهن رهاڪن مان ڪن گروهن کي تقليد ڪرڻ جو جذبو اڀاريو هوندو، جيڪي پنهنجن ٻين همساين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لائق ۽ مهم جُو هوندا. انهن ماڻهن وري پنهنجن فنن ۽ لياقتن کي منظم ڪري ڪمال تي پهچايو هوندو ۽ پوءِ انهن هڪ اهڙيءَ سرزمين جي ڳولا ڪئي هوندي، جتي کين سندن هنرن ۽ لياقتن کان ڪم وٺڻ جا پورا پورا موقعا ميسر هجن. بهرحال، ائين پيو نظر اچي ته سنڌو لوڪن فقط منظم شهري زندگيءَ جي هڪڙي خيال کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ ٻئي هنڌان اڌاري نه ورتي هئي، ڇاڪاڻ ته انهن جو تمدن پنهنجي انفرادي مادي خصوصيتن جي لحاظ کان، ان ”ٻن درياهن واري ملڪ“ (*) ۾ مروج ڪنهن به دستور يا رواج جو يا ته بلڪل نه يا تمام ٿورو مقروض هو. سنڌو لوڪن طرفان سندن اڏاوتي ڪمن ۾ پڪين سرن جي تمام گهڻي مقدار جو استعمال، سندن تمدن جو هڪ اهڙو رخ آهي، جيڪو کين ميسو پوٽيميا جي ”اروڪ“ ۽ اتان جي بعد وارن اوائلي لوڪن کان الڳ ۽ نمايان ڪري بيهاري ٿو. موهن جي دڙي ۾ اها تعميري حرفت پنهنجي انتهائي ترقي يافته صورت ۾ موجود آهي، هتان جي دريائي ميدانن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ”سنڌو“ آباديون آهن، جن ۾ گهرن جي اڏاوت ۾ اُس ۾ سڪايل مٽيءَ جي (ڪچي) سر جو گهڻي قدر استعمال ڪيل آهي ۽ پڪي سر زياده تر فقط انهن مقصدن خاطر مخصوص ڪيل آهي، جن ۾ انهن جو استعمال بلڪل اڻٽر هوندو هو. مثلاً نالين جي نظام ۾، سرن جي بٺن لاءِ گهربل ٻارڻ پڪ ئي پڪ مقامي طور حاصل ٿيندڙ جهنگ جون ڪاٺيون هوندو، تنهنڪري انهي فرق مان هي نتيجو نڪري ٿو ته ڪن خاص آبادين جي پسگردائيءَ ۾ جهنگ جون ڪاٺيون ٻين آبادين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي سگهنديون هونديون ۽ انهي ڳالهه جو، پنهنجي ليکي، دارومدار انهن مخصوص آبادين وارن علائقن ۾ اُٿل جي پاڻيءَ جي زور ۽ باقاعدگيءَ تي رهيو هوندو. جتي ڪو شهر سنڌو درياءَ يا ان جي شاخن منجهان ڪنهن وڏيءَ شاخ يا اٿل جي پاڻيءَ جي ڪنهن واهڙ يا ڇنڊڻ جي ويجهڙائيءَ ۾ اڏيل هوندو، اتي ٻارڻ لاءِ جهنگ جي ڪاٺين جي فراهمي وري وري نئين ۽تازي ٿيندي رهندي هوندي. معلوم ٿئي ٿو ته موهن جي دڙي جي ويجهڙائي ۾ اها شيءِ اڻ کٽ مقدار ۾ موجود هئي. شهري زندگيءَ جو هڪ ٻيو رخ، جنهن ۾ سنڌو لوڪ ساڳئي زماني جي ڪنهن به ٻيءَ تهذيب ۽ کانئن پوءِ ايندڙ گهڻين ئي تهذيبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ترقي يافته هئا، سو هو سندن شهري رٿابنديءَ جو فن. اهڙي طرح موهن جي دڙي جي کوٽائي مان هن وقت تائين ظاهر ٿيل انتهائي اوائلي ۽ هيٺانهين سطح پنهنجن وڏن رستن ۽ ننڍين ڳلين جي مستطيلي شڪل ۽ صورت جو ڪامل مظهر آهي ۽ اهو نمونو هيلتائين اسان کي ائٽلانٽڪ پار جي قديم لوڪن جي آباد ڪيل شهرن جي کنڊرن ۾ ئي ملي سگهيو آهي. ان کان اڃا به وڌيڪ حيرت انگيز ۽، هن وقت تائين حاصل ٿيل ڄاڻ موجب، قديم دنيا ۾ لاثاني ۽ بينظير ڳالهه انهن لوڪن جي انتهائي ڪاريگريءَ سان تيار ڪيل پاڻيءَ جي نيڪال واري جوڙجڪ هئي، جيڪا نه فقط خود انهيءَ عظيم شهر ۾، پر ٻين اهڙين آبادين ۾ پڻ موجود هئي، جن کي شهر جو نالو به نه ٿو ڏيئي سگهجي. انهن نالين جو بنيادي ۽ اصل مقصد، بارش جي پاڻيءَ يا گهرن جي ڪني پاڻيءَ کي ڳلين جي نالين تائين پهچائڻ نه، بلڪه وهنجڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي وڏي مقدار کي ڪاريگري ۽ خوبيءَ سان نيڪال ڪرڻ هو. عملي طور موهن جي دڙي جي هر هڪ گهر (11) ۾ پنهنجو انفرادي غسلخانو موجود هو، جيڪو گهٽيءَ واري عام ناليءَ سان ڳنڍيل هوندو هو، هن باري ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پوڄا پاٺ جي رسمن جي ادائگيءَ لاءِ ”اشنان“ يا غسل خانگي نموني سان ڪيو ويندو هو، ڪوٽ جي دڙي وارو ”وڏو کليل تلاءُ“ شايد ڪنهن خاص رسم جي ادائگيءَ يا رعايت حاصل ٿيل خاص طبقي جي ماڻهن لاءِ مخصوص ٿيل هو، مذهبي نقطي نگاهه کان وهنجڻ جي اها اهميت سڌي طرح سان پوءِ جي هندو مذهب طرف اشارو ڪري رهي آهي. سنڌو لوڪن ۾ مذهب سان واسطو رکندڙ مسئلا ڪنهن حد تائين ڪنهن خاص نسل جي ماڻهن سان وابسته نظر اچن ٿا. انهيءَ پوئينءَ ڳالهه لاءِ ثبوت، موهن جي دڙي جي انهيءَ سطح مان، جنهن کي انهيءَ نسل جي تهذيب طور شناخت ڪيو ويو آهي، لڌل انساني لاشن جي هڏانون پڃرن جي پيمائش ۽ گهڙيل بتن ۽ ڍاليل مجسمن جي نوعيت مان حاصل ڪيا ويا آهن. افسوس آهي ته هن وقت تائين موهن جي دڙي يا سنڌ ۾ موجود ٻين آثارن مان ڪو مُردن جو دفينو هٿ نه لڳو آهي. انهي معاملي ۾، ”هڙاپا جي دڙي“ مان هڪ مخلوط نسل جي لاشن جي گهڻ لڌي ويئي آهي، جن مان ٿلهي ليکي هڪڙن جي انهيءَ نسل سان مشابهت ملي ٿي، جنهن کي آثار قديمه جي ماهرن طرفان ”پروٽو – آسٽريلائڊ“ (Proto- Australoid) سڏيو وڃي ٿو، ۽ ٻين جي مشابهت انهيءَ نسل سان ڏٺي وئي آهي، جنهن کي ”ڀونوچ سمنڊ وارن علائقن ۾ آباد گروهه“ (Mediterranean group) چيو وڃي ٿو. موهن جي دڙي جي آخري دور وارين مٿانهين سطحن مان هڏن جي پڃرن جي صورت ۾ جيڪا شهادت ملي آهي، سا سڄي ”آخري ڪوس“ جي مقتولن جي لاشن جي آهي. انهن جي وڏي اڪثريت به پروٽو – آسٽريلائڊ ۽ ”ميڊيٽرينين“ نسلن سان واسطو رکي ٿي ۽ ڪجهه ٿورا نمونا ”منگولين“ ۽ ”آلپائين“ نسلن جا به انهن سان شامل مليا آهن. موهن جي دڙي جي کوٽاين مان لڌل مجسمن جي ٻن انتهائي نمايان ۽ حيرت انگيز نمونن کي، هڪ نچڻي ڇوڪريءَ جي پتل واري ننڍڙي بت ۽ ساڳيءَ شهرت واري گهاٽي ڏاڙهيءَ واري مرد جي ڇاتي تائين اڌ مجسمي کي، جنهن کي بدن تي محرابدار چٽن سان سينگاريل چوغو پيل آهي. شايد مخلوط انساني آبادي جي ٻن انتهائي نمونن طور فرض ڪري سگهجي ٿو. نچڻي ڇوڪري ظاهر ظهور پروٽو آسٽريلائڊ نسل جي خصوصيت رکي ٿي ۽ ذري گهٽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ئي ماڻهو سنڌوءَ جي سيلابي ميدان جا قديم النسل رهاڪو هئا، جن ۾ شڪاري، مهاڻا ۽ خانه بدوش مال چاريندڙ قبيلا شامل هئا، ۽ جن لاءِ اسين سمجهون ٿا ته اهي بعد ۾ مسلط ٿيل سماجي جوڙجڪ (12) ۾ دٻجي ۽ مغلوب ٿي ويا هئا. جيڪڏهن چوغي پاتل نيم مجسمو ڪنهن ديوتا جي نمائندگي ڪري ٿو، جيئن ڊاڪٽر مئڪي جو خيال آهي، ته پوءِ هيءُ اندازو معقول ٿيندو ته انهيءَ مجسمي جي صورت ۽ شڪل سماج جي ڪنهن انتهائي اوچي طبقي جي ماڻهن منجهان ڪنهن هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي صورت سان مشابهه ٺاهي وئي هوندي، جيڪو مجسمه ساز فنڪار جو چڱيءَ طرح ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو مجسمو ان زماني جي ذري گهٽ ڪنهن سچي پچي زنده شخص جي حليي سان ٺهڪي اچي ٿو. ان جي شبيهه مان ”آرمينائڊ“ (Armenoid)نسل جو اندازو ٿئي ٿو، جنهن کي علم الانسان جا گهڻا ماهر آلپائين نسل ۽ ميڊيٽرينين نسل جي انڊو – ايراني شاخ جي وچ تي هڪ مستحڪم ۽ مستقل نوعيت جو مخلوط نسل شمار ڪن ٿا. پوئين نالي جي نسل وارا انهيءَ قوم جي نمائندگي ڪن ٿا، جنهن سڄي مغربي ايشيائي علائقي ۾ انتهائي قديم ۽ اوائلي زراعتي ماڻهن جون آباديون قائم ڪيون هيون، ۽ ان قوم يا نسل کي ئي سنڌو تهذيب ۾ بنيادي نوعيت جو تشڪيلي عنصر سمجهڻ گهرجي. ڪن ٻين مستند عالمن جو خيال آهي ته اهو رعبدار نيم مجسمو پنهنجي ”سرد مزاج تحڪمانه“ صورت سان سنڌو لوڪن جي پروهت بادشاهه جي شبيهه جو نمونو آهي (13). پٿر جو ٺهيل هڪ ٻيو مٿو، ڪن ٿورن تفاوتن کان سواءِ، انهيءَ نيم مجسمي سان حيرت انگيز مشابهت رکي ٿو. مثلن ان جي ساڳيءَ نوعيت جي خط ورتل ڏاڙهي، مٿي جي وارن تي ويڙهيل پٽي، جيڪي ويڙهي سيڙهي ڪياڙيءَ وٽ گول مُچي جي صورت ۾ ڄمائي بيهاريا ويا آهن، ۽ مڇن ڪوڙيل مٿيون چپ. اها پٽي ”پروهت- بادشاهه“ جي مٿي واريءَ ويڪريءَ پٽيءَ يا مُڪٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ سنهي سڳي کان وڌيڪ معلوم نه ٿي ٿئي، ۽ ٻيو ته هن جي چهري تي نه فقط رحمدلي جا آثار ظاهر آهن، پر اهو وڻندڙ حد تائين خوش مزاج پڻ ڏيکارجي ٿو. انهيءَ مٿي کي پٿر مان ٽڪڻ ۽ ٺاهڻ ۾، ان جي ڪَنَ جي وضح قطع کي صحيح نموني سان نمايان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيل آهي، جهڙي طرح پروهت – بادشاهه جي مشهور نيم مجسمي جي حالت ۾ ڪيل آهي، پر ان جي باوجود ان جي منهن جي ڳلن وارين هڏين جي ٽڪ جو ڪم گهڻو بهتر ٿيل آهي. درحقيقت پهرئين نيم مجسمي ۾ باقاعدگي جو جيڪو عنصر موجود آهي، سو هن راءِ کي تقويت ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اهو ڪنهن ديوتا جي نه، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن مقدس هستي يا ڪنهن اهڙي بادشاهه جي نمائندگي ضرور ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي بادشاهيءَ لاءِ خدائي حق جو قائل هو. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي (14) جي جاين مان هن وقت (1968ع) تائين ڪنهن به هڪ جاءِ کي يقيني حد تائين مندر يا عبادتگاهه طور شناخت نه ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود اتان سنڌو لوڪن جي پوڄا پاٺ جي مختلف شين جي موجودگيءَ جا ڪافي ثبوت ملي چڪا آهن، جيڪي شيون ڪجهه حد تائين انساني آباديءَ جي مختلف عنصرن سان مطابقت رکن ٿيون. موهن جي دڙي جي مهرن وارن ”تعويذن“ تي ٻن چيتن سان وڙهندي جنهن هيرو يا نيم- ديوتا جي شبيهه ڏيکاريل آهي، سو سميريا واري ”گلميش“ سان قريبي مشابهت رکي ٿو. سڱ واري چيتي تي حملو ڪندڙ هڪ نيم انسان ۽ نيم ڍڳي جهڙي مخلوق ساڳيءَ طرح سان سميريا واري ”اينڪيدو“ جي يادگيري ڏياري ٿي. ممڪن آهي ته انساني منهن جي ٺڪر مان ٺاهيل هڪ نقاب تي پڻ ساڳئي ديوتا جي شبيهه ٺاهيل هجي، جنهن جي کاڏيءَ هيٺان ڏاڙهي ۽ مٿي تي سڱ ٺهيل آهن، جيڪي (سڱ) بدقسمتي سان هن وقت ڀڄي (15) ڀُري ويا آهن. انهن نمونن مان هيءَ راءِ قائم ٿئي ٿي ته انهن ٻنهي تهذيبن (سميري ۽ سنڌو) جي ڪن عقيدن ۾ ڪنهن زماني ۾ اشتراڪ هو، جيڪو ڪنهن اهڙي اوائلي دور کان وٺي هلندو آيو هو، جنهن ۾ انهن جي ابن ڏاڏن جو مغربي ايشيا جي ڪنهن علائقي ۾، علي الترتيب سنڌو نديءَ ۽ ”جاڙن درياهن“ جي ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ کان اڳ ۾، هڪٻئي سان تعلق رهيو هو. ديوي ماتا جي پوڄا سڄي الهندي ايشيا ۾ دور دور تائين عام جام هئي ۽ سنڌو تهذيب جي مختلف آبادين ۽ بستين مان ٺڪر مان ٺهيل بلڪل اگهاڙيءَ عورت جا جيڪي ننڍا مجسما لڌا ويا آهن، سي شايد انهيءَ ئي ديوي جي نمائندگي ڪن ٿا. پر هن خيال لاءِ ڪو به سبب ڪونهي ته اهو مذهب الهندي طرف کان سنڌو ماٿريءَ ۾ درآمد ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ذري گهٽ سـڄي هندستان جي اڻسڌريل قومن ۾ اڄ تائين عام آهي، تنهن ڪري ان کي مقامي ئي فرض ڪرڻ گهرجي، ان جي برعڪس اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ”ٻاهر“ جي مٿانهن پٽن کان هتي وارد ٿيل ”نئين“ قوم ۽ هتان جي ميدانن ۾ اصل رهندڙ قديم النسل قوم جي درميان، سندن پهرئين تصادم کان گهڻو اڳي، سندن مشترڪه پوڄا جي اها هڪ شيءِ موجود هئي. مٿينءَ ڳالهه کان علاوه، گهڻن ئي قسمن جا اهڙا علامتي نشان پڻ آهن، جيڪي پهرينءَ ئي نظر سان مذهب سان وابسته معلوم ٿين ٿا. سر مارٽيمر وهيلر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ”اهڙا علامتي نشان عام طور مذهب جي صحيح نوعيت ۽ اهميت اسان جي ذهن ۾ آڻي نه ٿا سگهن، انهن مان گهڻن ئي نشانن کي، هندستان جي ٻين هنڌن وانگر موهن جي دڙي ۾ پڻ روحاني خواهه غير روحاني معنيٰ ۽ مفهوم هوندو: اهي ڪڙمي طبقي جي زندگيءَ جون خوفائتيون ”مذهبي“ علامتون سچ پچ ان جي بلند تر فڪر جا علامتي نشان سمجهي سگهجن ٿا“. مهرن وارن ”تعويذن“ تي، جيڪي سنڌو تهذيب جو ايترو اهم حصو آهن، پپل جي وڻ سميت، بظاهر، وڻن جي پوڄا پاٺ جا نظارا ڏيکاريل آهن، ڪن ٻين تي مقدس جانورن جون ته ڪن تي وري ٻٽن جانورن جون شڪليون آهن، جن سان ڪن حالتن ۾ انساني شڪليون ملايون ويون آهن، جيڪي آثار قديمه جي عالمن جي راءِ مطابق، شايد ”ٻن بنيادي طور علحيده جانورن جي پوڄا وارن مذهبن جي ميلاپ جي نشاندهي ڪن ٿيون، ۽ ٻئي طرف شايد ”آدمزاد ديو پوڄا“ طرف سندن ”ترقيءَ“ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون (16)“. ٽن مهرن تي، بهرحال، هڪ اهڙي ديوتا جي شبيهه ڏيکاريل آهي، جنهن کي واضح طور شو ديوتا سان سندس ”پسو پتيءَ“ يعني جانورن جي آقا هئڻ جي حيثيت ۾ شناخت ڪري سگهجي ٿو. ٻن حالتن ۾ انهيءَ شبيهه کي ٽي شڪليون آهن (17). ان ۾ بعد واري هندو مذهب سان سنئون سڌو رابطو نظر اچي رهيو آهي. گول شڪلين وارين مهرن تي اُڪريل ٿوهي واري ڍڳي جي شڪل جي اڪثر حالتن ۾ موجودگي، اسان کي شو ديوتا جي انهيءَ جانور سان وابستگي ۽ هن جي ”قدرت جي پيدائشي قوت جي مجسم حيثيت“ جي يادگيري ڏياري ٿي. موهن جي دڙي وارن ماڻهن ۾ انسان جي تناسلي عضون جي وڏي پيماني تي ٿيندڙ پوڄا ۾، جيڪا هندستان ۾ عام طور ٿيندڙ ”لنگم“ جي پوڄا سان مشابهت رکي ٿي، ٻنهي تهذيبن جي رابطي جو هڪ ٻيو ثبوت ملي ٿو. وهنجڻ جي رسم جي اهميت جو ذڪر اڳيئي ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌو ماٿري جي رهاڪن جي روزانه زندگيءَ ۾ پڪ ئي پڪ پاڻ کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ جي مذهبي رسم هوندي. مطلب ته سنڌو لوڪن ۾ مذهب جي نوعيت، جيستائين ان جو قديم آثارن مان اندازو ٿي سگهي ٿو، وڏي حد تائين غير آريائي مفهوم ۾ ”هندستاني“ آهي. انهن ماڻهن وٽ ڳئون مقدس ڪانه هئي، ان جي شبيهه هڪ هنڌ به نه ڏٺي وئي آهي، حالانڪه ڍڳو هر هنڌ موجود آهي. هن ڳالهه جو امڪان آهي ته وڻن، جانورن ۽ تناسلي عضون جي پرستش وارا وڌيڪ اڻ گهڙيا مذهب سنڌو واديءَ جي اصلوڪن قديم نسل قومن وٽ موجود هئا، ۽ انهن مذهبن جون پاڙون هنن ۾ اهڙيون ته پختيون کتل ڏسجن ٿيون، جو اسين جنهن به ”ٻاهرينءَ“ قوم کي سنڌو يا هڙاپا واريءَ قوم جي نالي سان شناخت ڪري رهيا آهيون، تنهن جي طرفان انهي ملڪ ۾ آندل عقيدا ۽ رسمون انهن اوائلي مذهبن کي پوريءَ طرح سان اُکيڙي نه سگهيا. پوئين نالي وارن لوڪن پنهنجي نئين ماحول ۾ مقامي عقيدن جي قوت کي يقينن محسوس ڪيو هوندو، ۽ انهي احساس اچڻ کان پوءِ انهن عقيدن کي اڌاري طور پنهنجي ڪرڻ جي حد تائين ڪجهه اڳتي قدم کڻڻو پيو هوندن. ”سنڌو زماني“ جي گهڻي حصي ۾ پروهت طبقي کي، جنهن کي اسان جي خيال موجب تمام گهڻو اثر ۽ رسوخ حاصل هو، مقامي پوڄا پاٺ جي مذهبن سان ڪا همدردي نه هئڻ جي باوجود، آخرڪار، انهن جي ڪن فلسفيانه عنصرن کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪرڻو پيو هوندو، ۽ جيسين ممڪن ٿي سگهيو هوندو، هنن اهڙن عنصرن کي پنهنجي اعليٰ تر تمدن سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو هوندو. سنڌ جي آب و هوا ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور آهي، جيڪا عام طور هڪٻئي سان اختلاف رکندڙ مذهبن جي سرحدن جي نشانن کي آهستي آهستي جهڪو ڪيو ڇڏي. جديد دور ۾ گهڻن ئي سنڌي مسلمانن ۽ هندن ۾ صوفياني روحانيت ميلاپ جو ذريعو بڻيل هئي. انهي کان به وڌيڪ اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته جتي به ”دريا پنٿي“ سنڌو درياءَ کي اڏيرو لال جي شڪل ۾ پوڄيندا هئا، اتي مسلمان وري درياءَ جي روح جو خواجه خضر جي نالي سان احترام ڪندا هئا. ڪن ٻين مزارن تي پڻ هندو ۽ مسلمان ٻيئي مشترڪه طور ايندا ويندا رهندا هئا، ۽ دوستانه رقابت ۽ مقابلي طور انهيءَ ساڳيءَ مزار لاءِ ڪنهن خاص ديوتا يا ڪنهن خاص پير (18) جي جاءِ هئڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي هئي. سنڌو لوڪن جي انتهائي مخصوص ۽ انفرادي نوعيت جي قديم آثارن- مهرن وارن ”تعويذن“ جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن تي ديوتائن، بلائن ۽ جانورن جون شبيهون اڪريل آهن. انهن مان اڪثر مهرن تي تصوري اکرن ۾ مختصر ڪتبا نقش ٿيل آهن، انهيءَ لکت جو راز اڃا تائين معلوم ٿي نه سگهيو آهي، بظاهر اها لکت تصوري لکت هئڻ سان گڏ آوازي حرفن ۽ شايد توصيفي اکرن جي ٺهيل آهي. ان ۾ ڪجهه قدر مصر جي تصويري تحرير وارو رسمي اسلوب ۽ چٽائي موجود آهي، ۽ ائين پيو نظر اچي ته هن وقت تائين ان جا جيڪي انتهائي قديم نمونا لڌا ويا آهن، تن جي دور کان گهڻو اڳ ۾ هن تحرير پختگي ۽ بلوغت حاصل ڪري ورتي هئي. اهو نتيجو هن حقيقت مان ڪڍي سگهجي ٿو، جو انتهائي قديم ۽ آخري دور وارين مهرن ۾ استعمال ٿيل اکرن جي درميان ڪوبه ڦيرڦار نظر نه ٿو اچي، ۽ صاف طرح سان جدا نظر ايندڙ علامتن جو تعداد- اٽڪل. 250- انهن علامتن جي عدد کان گهڻو گهٽ آهي، جيڪي سُميريا جي اوائلي ”گهراڻي“ (19) واري زماني جي لکڻيءَ ۾ استعمال ٿيل آهن.اَٺن يا وڌيڪ صدين جي مدت دوران تحرير جي نموني ۾ ڪنهن قسم جي ردوبدل ۽ واڌ جو نه هئڻ، نمايان طور محفوظ يا ساڪت سنڌو تمدن جي ٻين عام حالتن سان پڻ ٺهڪي اچي ٿو. اهي نشان جڏهن ٺڪر جي ٿانون تي خوبصورت چٽن طور ليڪيل نظر اچن ٿا، تڏهن انهن جي ڪا معنيٰ معلوم نه ٿئي ٿي؛ ۽ جيڪي ٽامي جي برتنن تي اڪريل آهن، سي به اهڙائي رسمي آهن، جهڙا مهرن تي نڪتل نشان. اسان کي ٻن ٻولين ۾ لکيل ڪنهن اهڙيءَ تحرير جي دستياب ٿيڻ کان نااميد ٿيڻ نه گهرجي، جيڪا ممڪن آهي ته سمير ۾ مٽيءَ جي ڪنهن اهڙيءَ تختيءَ تي اڪريل هجي، جنهن تي سنڌو لوڪن جي لکت اتان جي قديم مخروطي اکرن سان گڏ اُڪريل هجي؛ پر جيئن ته سنڌو لوڪن جي هن وقت تائين هٿ آيل ڊگهي ۾ ڊگهي تحرير ۾ ويهن کان به گهٽ علامتون آهن، تنهنڪري امڪان اهو آهي ته اهڙي خوش قسمتيءَ جي نتيجي ۾ به انهن ماڻهن متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ شايد ڪو خاص اضافو نه ٿي سگهي. بهرحال، انهيءَ وسيلي هن باري ۾ شايد ڪو فيصلو ٿي پوي ته موجوده وقت ۾ جيڪو هيءُ انومان ڪڍيو پيو وڃي ته اها ٻولي مرڪزي هندستان جي ”مندا“ (Munda) سٿ جي ٻولين سان ملندڙ هئي، سو انومان صحيح آهي يا غلط، ٿي سگهي ٿو ته اُن مان اسان کي سنڌو لوڪن جي ڪن ديوتائن يا ماڻهن جا انفرادي نالا به معلوم ٿي وڃن. پر اسين اهڙن ذريعن مان انهن ماڻهن ۽ سندن تاريخ بابت ڪا گهڻي معلومات حاصل ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکي سگهون.ممڪن آهي ته هنن پنهنجن عبادتگاهن جو حساب ڪتاب رکيو هجي يا بادشاهن جون فهرستون ۽ روزنامچا لکيا هجن؛ اهو به امڪان آهي ته هنن سُمير ۾ رهندڙ پنهنجن گماشتن ڏانهن واپاري نوعيت جا پيغام موڪليا هجن. اسان کي هن ڳالهه جي اڳيئي پڪ ٿي چڪي آهي ته مهر واري تعويذ تي جيڪا تصويري تحرير آهي، تنهن جو واسطو ان تي اُڪريل جانور سان ڪونهي. هن ڳالهه جو امڪان وڌيڪ آهي ته انهيءَ لکت جو اشارو ڪنهن اهڙي واپاري برادريءَ جي هڪ فرد ڏانهن هجي، جنهن (برادريءَ) اهو خاص جانور پنهنجي مخصوص نشان طور اختيار ڪيو هو. وري هيئن به ٿي سگهي ٿوته اهو جانور انهيءَ ماڻهوءَ جي فطري خصوصيت جي علامت ظاهر ڪندو هجي، جنهن جو نالو مهر تي اڪريل آهي. سڀني چورس مهرن جي پٺئين پاسي ڌاڳي پوئڻ لاءِ سوراخن جو هڪ سڌو ۽ مٿي اڀريل بُونبو به ٺهيل آهي، ۽ جيئن ته اهي تمام وڏي تعداد ۾ لڌيون آهن؛ ان ڪري هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌو لوڪن جي وڏي اڪثريت دائما انهن کي پاڻ وٽ رکندي هوندي (20). جديد دور جي سنڌي ڳوٺاڻي جي پنهنجي ڏوري ۾ تعويذ ٻڌڻ واري رواج کي – جيڪو (تعويذ) ڌاتوءَ مان ٺهيل سڌيءَ سنئينءَ شڪل جو هڪ پورو کوکو هوندو آهي، ۽ جنهن جي ماپ ذري گهٽ سنڌو لوڪن جي مهر جيتري هوندي آهي، ۽ جنهن ۾ عام طرح سان تعويذ ٻڌڻ واري ماڻهوءَ جي مرشد جي لکيل ڪا مقدس تحرير پيل هوندي آهي- وسيع معنيٰ ۾ موهن جي دڙي وارن ۾ موجود انهيءَ عام رواج جو متوازي سمجهي سگهجي ٿو. سنڌو لوڪن جي پنهنجي علائقي ۾ شهر پناهن کان سواءِ وسايل آبادين جي تعداد مان معلوم ٿئي ٿو ته اتان جي قديم نسل وارا ماڻهو سندن حڪومت ڏانهن مڪمل طور فرمانبردار ۽ اطاعت پذير هئا، اسين هن ڳالهه جو فيصلو نه ٿا ڪري سگهون ته انهن جي فرمانبرداريءَ جي اها ڪيفيت نئين آيل لوڪن جي تسلطي هٿيارن پنوهارن جي قوت جي آزمائش ۽ تجربي جي نتيجي ۾ پيدا ٿي، يا اها اُنهن برتر هنرن جي مالڪن لاءِ، جيڪي عام زندگيءَ جي نظم ۽ ضبط ۽ خوشحاليءَ جا ضامن هئا، ادب ۽ احترام طور هنن ۾ ازخود پنهنجي ڪمتر حيثيت جي احساس طور پيدا ٿي هئي. اناج جي ڳاهه ڪرڻ لاءِ ٻيلپ ۾ رکيل هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي رهائش لاءِ سادي قسم جا وڏا وڏا بارڪ، يا بار ڍوئڻ وارن جي رهائش لاءِ جهوپڙين جون ڊگهيون قطارون،سنڌو لوڪن جي زندگيءَ جو هڪ مخصوص انگ هو، ۽ اهڙيون ئي جايون هڙاپا ۾ ۽ موهن جي دڙي ۾ ملن ٿيون (21). ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ سنڌو لوڪن جي آمد کان اڳ واريءَ زمين جي جنهن سڙيل تهه جي مٿان وري سنڌو لوڪن اچي اڏاوت ڪئي، تنهن مان انهيءَ زماني ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ جي هٿان مظلومانه انداز ۾ برباد ٿيڻ جو ثبوت ملي رهيو آهي. پر ان جي معنيٰ ٻيءَ صورت ۾ به نڪري سگهي ٿي، ۽ يقيناً ان مان ڪي به عام نتيجا ڪڍڻ نه گهرجن. گهٽ ۾ گهٽ هن ڳالهه جو امڪان ضرور آهي ته اوائلي مقامي ماڻهو هٿيارن پنوهارن جي معاملي ۾ ڪافي حد تائين نقصان هيٺ هئا، سنڌو لوڪن وٽ پتل جون ننڍيون تراريون، ڪهاڙيون ۽ خنجر هئا، سندن تيرن ۽ نيزن جا منهن پڻ ساڳئي ڌاتوءَ جا ٺهيل هئا. ڏنڊو شايد سندن دلپسند هٿيار هو. انهن جا مٿا مختلف قسمن جي پٿر توڙي ٽامي مان جدا جدا شڪلين جا ٺهيل هوندا هئا. هيءَ ڳالهه خاص طور قابل ذڪر آهي ته تيز ڌار وارن هٿيارن ۽ اوزارن جي وڏيءَ اڪثريت وارن هٿيارن جا ڦر، جيڪي هن وقت تائين لڌا ويا آهن، نه ڪن ڳنن تي چاڙهيا ويا آهن. ۽ نه انهن ۾ ڳن لڳائڻ لاءِ ڪو پاهو ٺهيل آهي، پر اهي بلڪل چٿيل ۽ سڌا سنوان آهن. انهن کي پٿر جي دور وارن اوزارن وانگر ڪاٺ جي چيريل ٻه-ڇانگي جي وچ ۾ ٻڌو ويندو هو. هنن جي چاقوءَ ۽ نيزن جا ڦر ايڏا ته سنها ڏٺا ويا آهن، جوماڻهو ائين سمجهي ٿو ته ڳن جي ڪاٺيءَ کي ڊگهو ڪري، ڦر جي نوڪ طرف اڌ کان به وڌيڪ اڳتي پهچايو ويندو هو ته جيئن ان کي ڪم اچڻ مهل سهارو ملي. ساڳئي سبب ڪري ڪهاڙين جي ڳنن واري ڪاٺيءَ کي پڻ ڪافي گهرائيءَ تائين چير ڏنو ويندو هوندو، جتي ان جون ٻيئي ڦاڪون ڦر کي چهٽي بيهنديون هونديون. پتل جي ٻه- مُنهين ترار کي اڌ کان هيٺ ٿلهو بنايو ويندو هو، پر ائين عام طور نه ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي ڌاتن جي ڪاريگرن نچڻي ڇوڪريءَ جي مشهور مجسمي ٺاهڻ لاءِ ڌاتوءَ کي ڳاري قالب ۾ وجهڻ جو طريقو استعمال ڪيو هوندو، پر ان جي باوجود هنن ڪپڻ وارن اوزارن ٺاهڻ لاءِ اهو يا بند قالب ۾ ڳريل ڌاتو پلٽڻ جو طريقو پوريءَ طرح اختيار نه ڪيو ٿوڀانئجي. هن ڳالهه ۾ شڪ نه آهي ته هو انهيءَ قسم جي اوزار کان باخبر هئا، ڇاڪاڻ ته ڳن لاءِ پاهي واريءَ ڪهاڙيءَ جو مٽيءَ جو ٺهيل هڪ نمونو موهن جي دڙي جي هيٺئين سطح مان دستياب ٿيو آهي، پر اتان جا ڌاتو گر پوءِ به ڪهاڙيءَ ۽ ڇيڻيءَ جا سڌي سادي نموني جا ڦر ٺاهيندا رهيا، جن جو اڳيئي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪي ايران (22) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڌاتوءَ جي اوزارن جي انتهائي اوائلي زماني واريءَ ساخت جي خصوصيت جا حامل هئا. شهر مان لڌل اوزارن مان ڳن لاءِ پاهي وارن اوزارن جو فقط هڪ ئي نمونو-جن ۾ هڪ خوبصورت ڪهاڙي ۽ ٻي ڇيڻي آهي. . . . . ويجهي زماني سان واسطو رکي ٿو، ۽ هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اهو اوزار گهڻو ڪري سُمير سان مال جي بدلي مال جي ڏي وٺ ڪرڻ جي دوران اتان کان آيل آهي. مٽيءَ جي ڪهاڙيءَ جي جنهن نموني جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سو شايد ميسوپوٽيميا کان آيل ڪنهن اوائلي مسافر يا اتان کان ٿي آيل ڪنهن سنڌو منش جي هدايتن مطابق، سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جي ارادي سان ٺاهيو ويو هوندو. ائين پيو معلوم ٿئي ته موهن جي دڙي جي ڌاتو گرن جي جبلتي قدامت پسندي يا سست رفتاري انهيءَ اوزار جي عام اختيار ٿيڻ جي راهه ۾رڪاوٽ بني هوندي. هن باري۾ معقول حد تائين اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو لوڪن کي سندن سوين سالن جي حڪومت جي آخر تائين ڪنهن مضبوط ۽ طاقتور دشمن سان جنگ ڪرڻي نه پيئي، پر موهن جي دڙي جي زندگيءَ جي انهيءَ دور ۾ جڏهن شهر جو نظام پوريءَ طرح قائم ٿي چڪو هو، ڪو اهڙو واقعو رونما ٿيو، جنهن جو انهيءَ ئي معاملي تي شايد سڌو اثر پيو هجي. ائين پيو معلوم ٿئي ته شهر جي الهندي واري آباد علائقي تي حڪومت طرفان ڪوٽ ٺهرائڻ لاءِ قبضو ڪيو ويو هو. ان لاءِ گهربل اوچائي حاصل ڪرڻ لاءِ، انهيءَ علائقي جي مٿان مٽيءَ ۽ ڪچين سرن جو ويهه فوٽ اوچو وڏو دڙو ٺاهيو ويو هو. ائين به ظاهر آهي ته انهيءَ هٿرادو دڙي کي چوطرف مضبوط ڪرڻ لاءِ پوءِ پڪين سرن جي ديوار کڙي ڪئي ويئي ۽ ان جي ٻن ڪنڊن تي ساڳي ئي سامان مان مضبوط برج تعمير ڪيا ويا. انهن مان ڏکڻ- اوڀر وارن برجن جي مٿان، جن جو منهن اصلي شهر طرف هو، مضبوطيءَ سان ٺاهيل مورچا بنايا ويا، ۽ انهيءَ هنڌ ٺڪر جي ڳوڙهن جو ڪافي وڏو ذخيرو (23) مليو آهي، جيڪي شايد کانڀاڻين ذريعي دشمن تي اڇلائڻ لاءِ هئا. هي اندازو بجاطور ڪري سگهجي ٿوته شروعات ۾اهڙا وڌيڪ برج ٻاهرئين فصيل جي چوطرف ورڇيل هئا. سر مارٽيمر وهيلر انهن برجن منجهان سڀني کان قديم برج جي هڪ عجيب و غريب ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، اها آهي سربنديءَ جي ڪم ۾ متوازي بيهاريل ڪاٺ جي شهتيرن جو استعمال، جيڪي وقت گذرڻ سان کاڄي ويا ۽ نتيجي ۾ سرن جي ڀتين جوڪجهه حصو ڊهي پيو، جنهن کي بعد ۾ وري به سرن سان مرمت ڪري ٺيڪ ڪيو ويو. اها غلطي بعد وارن برجن ۾ نه ڪئي ويئي؛ ۽ کوٽائي ڪندڙ هي اندازو ڪري ٿو ته اها غلطي انهن رازن کان ٿي هوندي، جيڪي ڪچين سرن يا مٽيءَ جي ڀتين کي اهڙيءَ طرح پشتين ڏيڻ تي هريل هوندا ۽ هنن اها ڳالهه محسوس نه ڪئي ته پڪين سرن جي تعميرات لاءِ انهيءَ ڳالهه جي ضرورت نه هوندي آهي. ڪوٽ جي مٿئين ٿلهي تي ٺهيل اناج کي محفوظ رکڻ واري گدام جي ٻاهرينءَ اوچي ديوار جي اڏاوت ۾، جيڪا عملي طور ڪوٽ جي فصيل جو هڪ حصو هئي، ساڳيءَ طرح ڪاٺ استعمال ڪيو ويو هو. ”ذري گهٽ ائين پيو نظر اچي ته اهو دڙو ۽ ان تي اڏيل عمارتون بعد ۾ ٻاهران آيل ڪنهن نئين حڪومت جو ڪم آهي،جيڪا پڪين سرن جي اڏاوت ڪرڻ بدران ڪچين سرن جي اڏاوت جي روايتن تي هريل هئي“ (24). ڪوٽ جي دائري اندر هن وقت تائين جن به عمارتن جي کوٽائي ڪئي ويئي آهي، سي سڀ سرڪاري قسم جون عمارتون آهن. انهن ۾ هڪ وڏو وهنجڻ جو تلاءُ، جنهن جي چوڌاري خانگي حمامن سان ننڍن ڪمرن جو پيچده ڄار ڦهليل آهي، محل يا پروهتن جو ادارو، عظيم الشان اناج جو گدام ۽ راڄ جي اجتماع جو وڏو ڪمرو (هال) شامل آهن. سوال آهي ته ڇا، ڪوٽ جي بنيادن پوڻ کان اڳي شهر ۾ اهڙن ادارن جو وجود قائم هو؟ ”هيٺئين شهر“ ۾ کوٽيل ڪي وڏيون عمارتون ممڪن آهي ته مندر هجن، پر اتي سرڪاري عمارتن جو ڪو اهڙو نشان نظر نه ٿو اچي، جيڪي ڪوٽ وارين عمارتن سان مشابهت رکندڙ هجن. شايد ڪنهن اڳئين وقت ۾ انهيءَ ساڳئي حصي ۾ انهيءَ قسم جون جايون هجن، جن جي مٿان بعد ۾ مضوعي دڙو کڙو ڪيو ويو هجي؛ مثلاً اوائلي زماني جون ڪي اهڙيون سرڪاري جايون هجن، جيڪي بعد ۾ دائمي طور وڌندڙ شهر يا نئين حڪومت جي ضرورتن لاءِ ناڪافي سمجهيون وييون هجن ۽ ان ڪري انهن کي ڊاهي، انهن بدران وڌيڪ شانائتي نموني جون نيون جايون اڏيون وييون هيون، جن جا نشان اسين ڪوٽ جي دائري ۾ ڏسي سگهيا آهيون. هن وقت تائين جيڪا به ان سلسلي ۾ اسان کي شهادت ملي چڪي آهي، سا اهو ڏيکاري ٿي ته ڪوٽ جي تعمير سان گڏ يا ان کان پوءِ عام ماڻهن جي مادي زندگيءَ جي طريقي ۾ ڪا نمايان تبديلي ڪا نه آئي هئي. ان جي بجاءِ، ائين ٿي سگهي ٿو ته ڪوٽ جي اڏاوت هڪ نئين گهراڻي جي حڪومت جي آغاز جي علامت ظاهر ڪندي هجي، يا ان طرح موهن جي دڙي ۽ ٻين ”سنڌو لوڪن“ جي شهرن جي باهمي تعلقات ۾ آيل ڪنهن تبديليءَ جو اهو نتيجو هجي. هن وقت تائين اهڙيون شهادتون ڪافي مقدار ۾ نه ملي سگهيون آهن، جن جي ذريعي انهن ماڻهن جو مکيه شهرن جي بنيادن پوڻ جي وقت جو تعين ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪن شهرن کي سڃاڻي سگهجي ٿو ته اهي ويجهي زماني جا ٺهيل آهن. هڪ وقت اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته هڙاپا موهن جي دڙي کان اڳي جو آهي، پر جڏهن کان وٺي پوئين شهر جي آباديءَ جي آخري ۽ سڀ کان وڌيڪ هيٺانهين تهه جي پوري اونهائي معلوم ڪئي ويئي آهي- حالانڪ انهن تهن جي پوري دريافت ناقابل عمل رهي آهي- تڏهن کان وٺي هيءَ راءِ قائم ٿيڻ لڳي آهي ته ٻنهي شهرن ۾ موهن جي دڙي وارو شهر وڌيڪ آڳاٽو آهي. بهرحال، هن ڳالهه جو امڪان نظر اچي ٿو ته سرڪاري عمارتن واري حصي جي مخصوص تنظيم ۽ رٿابندي، جيڪو هيٺئين شهر کان مٿينءَ سطح تي اڏيل هو، شايد هڙاپا (25) ۾ شروع ٿي ۽ موهن جي دڙي ڏانهن درآمد ڪئي ويئي، ۽ بعد ۾ اها فقط ڪن ننڍن شهرن لاءِ نموني طور اختيار ڪئي ويئي. اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهڙا شهر شايد ضلعي هيڊ ڪوارٽر هئا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها رٿابندي عام طرح سان (نئين؟) حڪمران طبقي جي پاليسيءَ جي عڪاسي ڪر ي رهي هئي، جن پنهنجي وقار کي مادي شين جي وسيلي سان وڌائڻ پئي چاهيو. اهائي تنظيم ۽ رٿابندي سنڌو لوڪن جي عظيم ڏاکڻي ”صوبي“ جي ٻن شهرن، ”ڪالي بنگن“ ۽ ”لوٿل“ (26) ۾ نظر اچي ٿي، جنهن (صوبي) جو خاڪو گذريل ڏهن سالن جي کوجنائن جي نتيجي ۾ تشڪيل ٿيو آهي. انهيءَ صوبي جي شناخت ۽ سنڌو تمدن جي جمنا جي واديءَ تائين واڌ سان، جيئن اُکلنا جي آثار قديمه ۾ ڏٺو ويو آهي، منهنجيءَ راءِ موجب هن پراڻي نظريي جي ترديد نه ٿي آهي ته سنڌو ”رياست“ تي، ان جي قيام ۽ وجود جي وڏي عرصي تائين، گهڻو ڪري ٻن گادين وارن شهرن (هڙاپا ۽ موهن جي دڙي) مان، جيڪي هڪٻئي کان چارسؤ ميل (27) پري هئا، حڪومت ڪئي ويندي هئي. ٻنهي گاديءَ وارن شهرن جي وچ ۾ پاڻيءَ رستي سڌو رابطو قائم هو، ۽ اسان کي اها حقيقت معلوم آهي ته سنڌو لوڪ ٻيڙيون ڪم آڻيندا هئا، جن جي بناوت ۽ شڪل صورت انهن کان مختلف نه هئي، جيڪي هن زماني ۾ درياءَ تي هلن ٿيون. ظاهري طور ساڳئي قسم جي رياست لاءِ ٻن دارالحڪومتن رکڻ جوا صلي سبب انهيءَ قوم طرفان آباد ڪيل سنڌو واديءَ جي وڏي ديگهه نه، بلڪ انهيءَ واديءَ جي پنجاب جي ميدان ۽ سنڌ جي ميدان ۾ قدرتي تقسيم ۽ انهن جي وچ واري علائقي ۾ ڪنهن هنڌ هڪڙي مرڪزي دارالحڪومت جي قيام لاءِ ناموزونيت هو. اهو درمياني پٽو نه فقط تمام دٻيل ۽ سوڙهو آهي، پر ساڳئي وقت اهو درياهن ۾ ايندڙ خطرناڪ تبديلين ۽ تباهه ڪن سيلابن جي سدائين زد ۾ پڻ رهي ٿو. اسين هيءُ اندازو بخوبي ڪري سگهون ٿا ته بهاولپور ۽ بيڪانير وارن علائقن ۾ قائم ٿيل شمالي آباديون، روپر ۽ اکلنا سميت، هڙاپا جون زيردست هيون، ۽ جادم جو دڙو ۽ بلوچستان وارين ٻين آبادين سميت سنڌ واريون سڀ آباديون موهن جي دڙي جون زيردست هيون. اسان کي هيءَ حقيقت شايد ڪڏهن به معلوم ٿي نه سگهي ته انهن ٻنهي وڏن شهرن جي وچ ۾ سندن مشترڪه وجود جي دوران سچ پچ ڪهڙا ناتا ۽ واسطا قائم هئا. جيتر يقدر اسان جو واسطو سنڌ سان آهي، اسين پوري اعتماد سان دعوا ڪري سگهون ٿا ته موهن جي دڙي ۽ ان جي ماتحت شهرن کي خود مختيار حيثيت حاصل هئي. هن رياست جي ”اقتصاديات“، جيڪڏهن اسين اُنهيءَ دؤر جي معاشي حالت متعلق اهو لفظ استعمال کڻي ڪريون. بنيادي طور زرعي نوعيت جي هوندي، ۽ اها گهڻو ڪري اڳيئي ترقي ڪري پنهنجي گذاري واريءَ سطح کان وڌي انهيءَ منزل تائين پهتي هوندي، جڏهن زرعي پيداوار پاسي وارين ايراضين جي ڪن اهڙين شين سان مال بدلي مال جي بنياد تي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي هوندي، جيڪي سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود نه هونديون ۽ جيڪي سنڌو لوڪن جي تمدن واريءَ انهيءَ منزل ۾ اڳي ئي سندن ضرورت جي شين جي حيثيت اختيار ڪري چڪيون هونديون، جتي هو پنهنجي سابق سر زمين ۾ ترقي ڪري پهتا هوندا. کين الهندي واري سڄي جابلو ملڪ جا معدني ذريعا ۽ وسيلا، (مثال طور) لسٻيلي ۾ ٽامي ۽ شيهي جي ذخيرن جا هنڌ ۽ انهن مخصوص جماعتن جا نالا يقيناً چڱيءَ طرح معلوم هوندا، جيڪي انهن شين ۽ ٻين اهڙين ضرورت وارين شين مثلاً چيروليءَ ۽ ميٽ جي واپار ڪرڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار هونديون، ۽ انهيءَ حالت ۾ هيءُ تصور ڪرڻ به آسان آهي ته اهڙيءَ روانگيءَ ۽ آمدنيءَ جي واپار جي ڏي وٺ ۾، مقدار ۽ مفاصلي جي لحاظ کان، بتدريج واڌارو ايندو رهيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ميدانن ۾ وٽن گهڻو ڪجهه موجود هو، جيڪو اهي ٻين کي ڏيئي ٿي سگهيا- مثال طور اتي عمارتي ڪاٺ گهڻو هو. وري مختلف قسمن جا کنور ۽ مصالحا، تيل، رنگ ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ ويڳر جون شيون ۽ اناج وٽن جام هئا، وٽن لوڻ به هو، ۽ حيواني پيداوار ۾ عاج، ڪوڏ ۽ سنڱ به هئا، تنهن کان سواءِ وٽن مختلف قسمن جا زراعتي ريشا پڻ جام هئا ۽ انهن ۾ خاص طرح ڪپهه سڀ کان وڌيڪ اهم هئي. ”سنڌو“ سلطنت ۾ ڪپهه جيڪو ڪردار ادا ڪيو، تنهن بابت اڃا تائين ڪو قطعي فيصلو ٿي نه سگهيو آهي. اسان کي اها پڪ هئڻ گهرجي ته انهيءَ شيءَ جو وڏي پيماني تي گهريلو استعمال ٿيندو هو. موهن جي دڙي مان گهڻي تعداد ۾ لڌل چڪراوان تڪلا انهي قسم جا آهن، جيڪي، ڊاڪٽر مئڪي جي چوڻ مطابق، صاف ظاهر ڪن ٿا ته اهي فقط ڪپهه جي ڌاڳي وٽڻ لاءِ استعمال ٿي پئي سگهيا، ۽ خوش قسمتيءَ سان انهيءَ شيءَ جو هڪ اڻيل ٽڪرو اتي لڌو به آهي، جنهن ۾ هيرن جواهرن جوخاصو تعداد ويڙهيل هو. ان کان علاوه، نيم مجسمن ۽ پتلين جي جسمن تي جيڪي چٽن وارا چوغا نڪتل نظر اچن ٿا،تن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن سنهي ۽ هلڪي ڪپڙي جا ٺهيل هوندا. هن باري ۾ ڪو ثبوت نه ملي سگهيو آهي ته ”سنڌو“ ملڪ جي ڪپڙن ۾ پشم يا سڻي استعمال ڪئي ويندي هئي، جيڪي ٻيئي شيون انهيءَ دؤر جي سُمير سلطنت ۾ بنيادي ۽ وڏي اهميت واريون هيون. ۽ ان جي ابتڙ، اسان کي هن باري ۾ به ڪو علم ڪونهي ته ”سنڌو“ ايراضيءَ کان ٻاهر، ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين، ڪپهه جو ڪو استعمال ڪيو ويندو هو يا اهو ٻوٽو اتي ٻاهر ڪٿي پوکيو به ويندو هو. انهيءَ ٻوٽي جي سنڌو لوڪن طرفان ٿيندڙ پوک جي حقيقت مان ڪجهه اهم نتيجا نڪرن ٿا (28). هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ هيءَ ڳالهه سمجهائي ويئي هئي ته هيٺينءَ ”سنڌو“ واديءَ ۾ خريف واري فصل جي پوک، جنهن ۾ ڪپهه پڻ هڪ جنس هئي، ربيع جي فصل جي ڀيٽ ۾ (جنهن مان ماڻهن جي خوراڪ جو وڏو مقدار حاصل ٿيندو هو)، ڇو گهڻي ڀاڱي وڌيڪ خطري واري هوندي هئي، ۽ انهيءَ فصل جي ڪاشت ۾ ڇا لاءِ وڌيڪ محنت ۽ مشقت جي ضرورت پوندي هوندي. هن باري ۾ اڃا تائين ڪوبه اهڙو ثبوت نه مليو آهي ته سنڌو لوڪن طرفان استعمال ٿيندڙ گُڏ ڪرڻ جي کرپي ڪاٺيءَ کان علاوه ڪنهن ٻيءَ شيءَ جي ٺهيل هئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جو اوزار فقط اهڙي کيت ۾ اثرائتي نموني ۾ هلائي سگهبو هوندو، جيڪو اڳيئي آلو ٿي، نرم بنجي چڪو هوندو. سنڌ ۾ ڪيل جديد تجربا ٻڌائين ٿا ته پوک ڪرڻ جا ٻيا طريقا ۽ رستا، جهڙوڪ هر ڏيڻ (جيڪڏهن انهن ماڻهن کي هر جي استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ هئي) (29) ۽کرپيءَ سان گُڏ ڪڍڻ پڻ، ريجيل زمين ۾ ئي اختيار ٿي سگهيا ٿي.فقط ان هڪ ڳالهه ئي ان زماني جي سنڌو درياءَ جي سيلابي ميدان ۾ خريف واري فصل جي پوک کي ڪن خاص هنڌن لاءِ انتهائي مخصوص نوعيت جي مهم جي صورت ڏيئي ٿي ڇڏي. فقط ڪن اهڙن زمين جي ٽڪرن ۾، جيڪي دريائي پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ سيلابي ڇنڊڻين جي لحاظ کان خاص طور موافق هنڌن تي بيٺل هوندا. اهڙن فصلن جي ڪاشت مفيد ۽ ڦُلدائڪ ثابت ٿي سگهي هوندي؛ هنن جي انهن تقربياً ”ٻاراڻن“ اوزارن سان ٻنين ٻارن کي حد کان زيادهه پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ کان محفوظ رکڻ ۽ آبپاشيءَ تي ضابطي رکڻ لاءِ بندن ٻڌڻ جو ڪم فقط ان صورت ۾ اثرائتو ثابت ٿي سگهيو ٿي، جتي اهو سڄو ڪم تمام ننڍي پيماني تي ٿيندڙ هجي ها. وري خريف واري فصل ۾ ڪپهه اهڙي جنس آهي، جيڪا پچڻ ۾ ٻين سڀني جنسن کان وڌيڪ وقت وٺي ٿي. ان ڳالهه مان هن حقيقت جي وضاحت به ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ 1900ع کان اڳي، جڏهن آبپاشي فقط سيلابي واهن ۽ نارن جي پاڻيءَ جي مدد سان ڪئي ويندي هئي، تڏهن ڪپهه تمام ٿوري پيماني تي پوکي ويندي هئي ۽ ان ۾ به ڪا حقيقي ڪاميابي ڪانه ٿيندي هئي. اهو ته فقط سدا وهندڙ جمڙائو واهه جي کلڻ جو نتيجو هو، جو ويهينءَ جي سنڌ ۾ انهيءَ فصيل اهميت حاصل ڪئي. سدا وهندڙ واهن ذريعي آبپاشي مارچ جهڙي آڳاٽي مهيني ۾ ٻج ڇٽڻ کي ممڪن بنائي ٿي، ته جيئن ڪپهه جو آخري چونڊو سياري جي پارن کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي سگهي. پر جن هنڌان تي پوک جو دارومدار درياءَ جي موسمي چاڙهه تي رهي ٿو، اتي ٻج ڇٽڻ جو ڪم عام طور تي جون يا سوير کان سوير مئي کان اڳ ۾شروع ٿي نٿو سگهي، ۽ هن ڳالهه جو امڪان رهي ٿو ته فصل جص (30) چونڊي لاءِ پچي راس ٿيڻ کان اڳي ئي ان کي ڪو نقصو پهچي وڃي. هڪ پاسي جتي درياءَ جي ڪپن وارن ڪچي جي ع علائقن ۾ سالياني اُٿل جو پهريون ئي پاڻي پهچي وڃي ٿو، اتي انهن ايراضين کي بعد ۾ وڌيل پاڻيءَ جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻ نهايت ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو. پوءِ، جيڪڏهن اسين اهو اندازو لڳايون ته سنڌو لوڪ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪپهه پوکڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، ته ان صورت ۾ اسان کي هيءَ ڳالهه به تسيم ڪرڻي پوندي ته انهيءَ زماني ۾ هن علائقي جي آبهوا اسان جي پنهنجي زماني جي آبهوا جي ڀيٽ ۾ وونئڻ جي ٻوٽن جي اوسر لاءِ وڌيڪ موافق هئي. پهرئين جلد ۾ هن شهادت ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو هو ته ڏکڻ اولهه واريون چوماسي جون هوائون موجوده دؤر جي مقابلي ۾ ان وقت (ٿر جي ريگستان ۾) وڌيڪ زورائتيون لڳنديون هيون، ۽ هيءَ ڳالهه سمجهائي ويئي هئي ته جيڪڏهن اها ڳالهه تسليم ڪجي ته هڙاپائي دور ۾ اهي حالتون موجود هيون، ته پوءِ اسان کي هيءَ ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته انهيءَ علائقي جي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه حصي (31) مٿان جديد دور جي ڀيٽ ۾ برسات وڌيڪ مقدار ۾، ۽ باقاعدگيءَ سان پوندي هوندي. جيڪڏهن ائين هو، ته سنڌو واديءَ ۾ ڪپهه جي فصلن جي پوکجڻ ۽ اسرڻ جي راهه ۾حائل دشوارين جو، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، اثر تمام گهڻي قدر گهٽ هجي ها، حالانڪ پوک لاءِ ڪم ايندڙ اوزارن ۾ ڪا گهڻي خوبي ۽ خصلت ڪانه هئي. بهرحال، هڪ ٻيو امڪان پڻ آهي، جيڪو اسان جي غور لائق آهي، جنهن ۾آبهوا جي مختلف حالات بابت ڪي اندازا ۽ انومان شامل ناهن. اهو امڪان هي آهي ته سنڌو لوڪ ڪپهه جي پوک جو وڏو حصو پنهنجي سلطنت جي ڏاکڻين صوبي (هاڻوڪي گجرات) جي ڪاريءَ مٽي واريءَ زمين تي ڪندا هئا، جتي جديد زماني ۾ به، يعني گهٽ ۾ گهٽ گذريل صديءَ ۾ پڻ اها جنس فقط چوماسي جي برساتن تي وسيع علائقن ۾ ڪاميابيءَ سان پوکي ويئي آهي. جيڪڏهن سوٽي ڌاڳي ۽ سوٽي ڪپڙي جي ڏيساورن ڏانهن روانگي ”سنڌو“ لوڪن جي اقتصاديات جو هڪ اهم جز هو، ته پوءِ ماڻهو هيءُ به اندازو ڪري سگهي ٿو ته اهو ڏورانهون ڏاکڻون علائقو انهيءَ ريشي جي پيداوار تي هڪ هٽيءَ واري ضابطي حاصل ڪرڻ جي مکيه مقصد لاءِ سندن حڪمرانيءَ هيٺ آندو ويو هو. پر اڄ ڏينهن تائين اسان کي هن معاملي ۾ ڪابه پڪي ثابتي نه ملي آهي ته سنڌو لوڪ ڪنهن به صورت ۾ ڪپهه جو روانگي واپار ڪندا هئا، ۽ نه وري اهڙن ملڪن ۾ ڪپهه جي ڪپڙي جي استعمال جي رواج جوثبوت مليو آهي، جن سان انهن جا تجارتي تعلقات قائم هئا. حقيقت هيءَ آهي ته اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته سمر ۽ ”ار“ جي ٽئين گهراڻي جي تحت، سال 2100 کان 2000 قبل مسيح تائين، جتي اوني ڪپڙن جو عام ۽ وڏي پيماني تي رواج هو، اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻن زرعي ريشن مان پڻ ڪپڙو اڻجي رهيو هو، جيڪي ريشا ڪاشتڪارن طرفان انهيءَ ملڪ ۾ پوکيا ويندا هئا. انهن مان هڪ ريشو سڻي معلوم ٿئي ٿو. جنهن مان انتهائي نفيس قسم جو ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو. ٻئي وڌيڪ عام قسم جي ريشي (جيڪو بظاهر سڻيءَ جو ڪونه هو) مان گهڻو ڪري مڇيءَ مارڻ لاءِ رسا، يا ڄار ٺاهڻ کان علاوه هڪ اهڙو ڌاڳو به ٺاهيو ويندو هو، جيڪو ڪپڙي جي ڪن مخصوص قسمن ۾ پيٽي طور ڪم آندو ويندو هو، ۽ وڌيڪ عاميانه ڪپڙو سڄو انهيءَ ڌاڳي مان ٺاهيو ويندو هو. ”اُر“ وارو اهو دور، گجرات مٿان سنڌو لوڪن جي حڪمرانيءَ جي وڌيڪ آڳاٽي دور سان بظاهر ٺهڪي اچي ٿو. انهيءَ باري ۾ راءِ ڏيڻ تي دل هرکي ٿي ته ”سُمر“ وارن جو اهو عام فائدي وارو سٽ، جيڪو ”گو“ (gu) جي نالي سان سڏبو هو، سو انهيءَ ڪپهه جو ڌاڳو هو، جيڪا هڪ وقفي کان پوءِ، جنهن جي دوران ۾ ان کي ”سنڌو“ ملڪ کان درآمد ڪيو ويو هو، ميسوپوٽيميا ۾ پوکي ويئي هئي، ۽ پوءِ انهيءَ سرزمين جي وطني ٻوٽي جي شڪل اختيار ڪري ويئي هئي. پر درحقيقت، اسيريا ۾ ڪپهه کي هڪ ٻيو نالو ڏنو ويو هو، جڏهن اها اٽڪل تيرهن سؤ سال پوءِ بظاهر پهرن ڀيرو سيناچريب (Sennacharib) طرفان انهيءَ ملڪ ۾ متعارف ڪرائي ويئي. وري، اسان کي ٽئين گهراڻي وارن جي اُر تحريرن مان معلوم ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو سنڌو ۽ آسپاس وارن ملڪن کان دراصل ڪهڙيون ڪهڙيون شيون درآمد ڪندا هئا (بشرطيڪ انهن شين کي اسين سندن سميرين نالن سان پوريءَ طرح سڃاڻي سگهيا هجون)، ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن شين مان ڪپهه هڪ جنس ناهي، جن جو انهن تحريرن ۾ ذڪر ڪيل آهي (32). سُمر ۽ سنڌو سلطنت جي اوج واري دور ۾ هليل سڌي واپار جي تفصيلن تي غور ايندڙ باب ۾ ڪيو ويندو، پر هتي اسين انهن ڳالهين جي جاچنا ڪنداسون، جيڪي وڌيڪ آڳاٽي دور جي متعلق ٻنهي ملڪن ۾ ظاهر ٿيون آهن. پروفيسر گارڊن چائيلڊ ٻڌائي ٿو ته سميريا جي آڳاٽي گهراڻي واري زماني ۾، جيڪو سنه 2850 ق- م ۽ 2380 ق- م جي درمياني پنج سؤ سالن جي وچ وارو ليکيو وڃي ٿو، انهيءَ ملڪ جو واپار ڪيڏي نه وسيع پيماني تي هلندو هو. مثال طور کوٽائين مان انهن جي طرفان سچن موتين جي تمام گهڻي استعمال جون ثابتيون مليون آهن، جيڪي هنن کي جيهون درياهه (Oxus) واري علائقي مان ئي حاصل ٿيندا هوندا. هاڻي اها شيءِ ساڳئي وقت تي سنڌو وارن شهرن ۽ مصر، ٻنهي هنڌن تي به ڪم آندي ويندي هئي. تنهنڪري، گارڊن چائيلڊ چوي ٿو ، ”سال 2500 قبل مسيح ڌاري اسان کي دجله کان وٺي سنڌوءَ ۽ جيهون تائين، ۽ فرات جي الهندي ۾ ويندي نيل (33) درياءَ تائين ڦهليل واپار جي هڪ وڏي سرشتي جو حقيقي ثبوت ملي چڪو آهي.“ ساڳيءَ طرح موهن جي دڙي ۾ هڪٻئي جي پٺيان آيل کوٽائي ڪندڙن اتان لڌل ڌاتن، ٻين غير مقامي شين ۽ نيم- قيمتي پٿرن جي اصلوڪن ملڪن معلوم ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ پئي ڪئي آهي، ان مان واپاري تعلقات جو جيڪو نقشو اڀري نڪتو آهي، محض پنهنجي وسعت جي لحاظ کان حيرت انگيز آهي. موهن جي دڙي کان قطب نما جي مکيه رخن کان نهارڻ سان نظر ايندو ته ماڻهن کي سچن موتين حاصل ڪرڻ لاءِ اتر طرف بدخشان تائين ۽ زمردن لاءِ شايد ترڪستان ۾ وڃڻو پوندو هوندو، ڪشمير مان کين ديودار جو ڪاٺ ۽ ڪي ٻيون شيون ملنديون هونديون، اوڀر طرف،کين شيهو اجمير جي ويجهڙائيءَ ۾ ملندو هوندو، ۽ راجسٿان مان عام طرح کين ٽامو ۽ گهٽ درجي وارن قيمتي پٿرن جا مختلف قسم دستياب ٿيندا هوندا. ڏکڻ طرف، سپين ۽ نادن جا ٽڪرا ۽ موتي ڪاٺياواڙ ۾ ملي پئي سگهيا، پر زمرد لاءِ دکن تائين وڃڻ ضروري هو ۽ اڃا به وڌيڪ ناياب پٿرن لاءِ نيلگري ٽڪرين تائين وڃڻو پوندو هو، جيتوڻيڪ اهو پٿر ڪشمير مان پڻ دستياب ٿي سگهندو هون. آخر ۾ الهندي طرف ٽامي، چيروليءَ ۽ سنگمرمر جهڙي پٿر ۽ سنگ جراحت لاءِ بلوچستان وڃڻ ضروري هو، جو اهي سڀ شيون اتي موجود هيون، سون، چاندي، قلعي ۽ فيروزن لاءِ ايران ۽ هيرن (34) لاءِ ايراني نار جي ٻيٽن ڏانهن وڃڻو پوندو هون. انهن انتهائي قيمتي شين جي جواب ۾ سنڌ مان ڪهڙيون شيون ڏيساور موڪليون وينديون هيون؟ ٿي سگهي ٿو ته سنڌو ملڪ سٽ ۽ سوٽي ڪپڙي لاءِ اڀرندي ۽ ڏکڻ وارن ملڪن ۾ تمام گهڻي ۽ فوري کيپ جون واپاري منڊيون موجود هيون- توڙي کڻي سُمر ۾ انهي شيءَ جي گهرج نه به هئي، جتان کان وري نفيس ڪپڙن جي اناطوليه ڏانهن برآمد ٿيندي هئي- جيڪي بظاهر سميريا جي پيداوار هئا- اهو سڄو واپار انهن جي ”ٽئين گهراڻي“ جي بادشاهيءَ کان پوءِ آيل دؤر ۾، ڌاتن جي بدلي ۾ هلندڙ هو، جنهن جو آغاز شايد گهڻو (35) آڳاٽو ٿي چڪو هو. هڪ ڳالهه يقيني نظر اچي ٿي ته سنڌو لوڪن جي سلطنت انهيءَ دؤر جي قديم دنيا ۾ ٻين سڀني سلطنتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع هئي. سنڌو ترائي ۽ ان سان لاڳو اتر اوڀر وارن ميدانن جي پکيڙ، جتي انهن ماڻهن جي آبادين ۽ شهرن کي سڀ کان پهرين سڃاتو ويو، ڊيگهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست سؤ ميل ۽ ويڪر ۾ هڪ سؤ پنجاهه ميل آهي. البت اسان کي اهو معلوم ناهي ته هنن سنڌو لوڪن يا ”هڙاپا لوڪن“ کي سندن آباديون ايڏي علائقي ۾ ڦهلائڻ ۾ ڪيترو زمانو لڳو. پر اها ايراضي ذري گهٽ اوتري وڏي آهي، جيتري بعد واري اسيريا سميت، سُمر ۽ اڪاد جي گڏيل ايراضي آهي، ۽ ”مينس“ جي اترئين ۽ ڏاکڻين مصر جي گڏيل ايراضيءَ کان وڌيڪ وڏي آهي. ان جو سبب، سندن گذاري جي موجود ذريعن تي وڌندڙ آدمشماريءَ جو دٻاءُ نه هوندو، جنهن انهن کي پنهنجي آباديءَ کي ماپائڻ لاءِ ايڏي وڏيءَ ايراضيءِ تي قبضي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هوندو. اسين هن سلسلي ۾ هي اندازو بخوبي لڳائي سگهون ٿا ته سندن سرزمينن ۾، سندن مقابلي ۾ ان طويل دؤر ۾ سندن اهڙا ڪي رقيب ڪين آيا، جن ۾ هنن جي حڪمراني ڪرڻ جي حق کي للڪارڻ جي قوت هجي؛ ۽ اها صورتحال ميسوپوٽيميا جي حالت کان بلڪل مختلف هئي، جتي هڪٻئي سان وڙهندڙ ۽ جنگيون جوٽيندڙ شهري رياستون ۽ طاقتور وحشي پاڙيسري هر وقت موجود هئا. ڇا، هي سنڌو لوڪ اهڙا اڻ-ڍاپندڙ سامراجي هئا؟ يا ائين هو، جو انهن ۾ هڪٻئي سان مقابلو ڪندڙ ۽ اهڙا نت نوان پيدا ٿيندڙ، گهراڻا هئا، جيڪي پنهنجي حڪمرانيءَ جي خواهش کي انفرادي طور پوري ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کان جدا ٿيندا ٿي رهيا، ۽ دور هئڻ جي باوجود پاڻ وٽ پنهنجي عام تمدن جون اصلوڪيون صفتون ۽ خوبيون ساڳيءَ حالت ۾ برقرار رکندا آيا؟ انهيءَ سلطنت جي ڏکڻ ۾ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي طرف ڏانهن عظيم توسيع، انهيءَ دؤر ۾ ٿيل معلوم ٿئي ٿي، جڏهن موهن جو دڙو ۽ سنڌ پنجاب جي ميدانن ۾ قائم ٿيل ٻيون آباديون اڃا تائين خوب وسندڙ هيون. جيڪڏهن هڙاپا وارن يا سنڌو لوڪن کي گهگر- هاڪڙا علائقي ۾ نه، ته سنڌو واديءَ جي سرزمين ۾ حيرت انگيز طور انتهائي ٿوري تعداد ۾ تصور ڪيو وڃي، ته پوءِ اسين انهن جي انهيءَ نموني سان سوين ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع ملڪن ۾ پهچڻ ۽ وڌيڪ آبادين جي وسائڻ کي ڇا سمجهون؟ هن وقت ان جي سبب متعلق صرف اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ هيءَ سمجهاڻي به اهڙي ئي معتبر ٿي سگهي ٿي، جهڙي ڪا ٻي، ته هنن کي سندن هن خواهش اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪيو هوندو ته کين سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود قدرتي شين جي وسيلن کان مختلف ۽ وڌيڪ قسمن جي شين جو قبضو ملي ۽ ان سان گڏ انهيءَ طرف جي تجارتي مرڪزن تي پڻ کين دسترس حاصل ٿئي، جيڪي هنن جي انهيءَ قبضي کان اڳي ئي وڌندڙ ۽ ويجهندڙ سامونڊي واپار جا مرڪز هوندا هئا. سنڌو لوڪن ۽ ڏکڻ ميسوپوٽيما ۾ واقع اُر جي ماڻهن جي درميان واپاري تعلقات جي موجودگيءَ جي حقيقي صورت انتهائي اوائلي شهادت، اُر جي شهري- رياست وارن آڳاٽن بادشاهن جي شاهي قبرستان مان، جيڪي 2700 سال ق. م کان به اڳي اتي حڪومت ڪندا هئا، هڪ اهڙي مڻڪي جي دستيابيءَ جي صورت ۾ ملي آهي، جيڪو مخصوص ”سنڌو“ ساخت جو آهي. انهيءَ مان هروڀرو سنئين سڌي تعلق هئڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، پر هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ”سنڌو“ لوڪ (جيڪي انهيءَ زماني تائين شايد سنڌو نديءَ جي ميدان ۾ اڃا آباد نه ٿيا هئا؟) ۽ سميريا جا ماڻهو انهيءَ وقت هڪ ٽينءَ قوم سان واپار ڪري رهيا هئا. پروفيسر پگٽ جو رايو آهي ته سنڌو لوڪن جو سمير وارن سان واپار ڏکڻ بلوچستان ۾ واقع ”ڪُلي“ لوڪن سان ناتن هئڻ جي ڪري وڌيو، جن جا سمر وارن سان قديم گهراڻن واري دور ۾ پنهنجا سڌا تعلقات قائم ٿيل هئا. ڪُلي تمدن جي هڪ مخصوص پيداوار مقامي پٿر مان ٽڪي ٺاهيل هڪ اهڙو ٿانءُ هو، جنهن جي ظاهري شڪل ٽوڪريءَ جي اڻت سان مشابهه هوندي هئي. اهڙا برتن يا ساڳئي قسم جون صدوقون، سوسا، اُر ۽ ميسوپوٽيميا جي ڪن ٻين هنڌن مان مليون آهن، ۽ موهن جي دڙي جي مٿانهين توڙي هيٺانهين سطحن مان پڻ دستاب ٿيون آهن، جنهن مان انهن ٻنهي ملڪن جي درميان انهيءَ خاص چيز (37) جي واپار جي ڊگهي سلسلي جو نتيجو نڪري ٿو. هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته ”سنڌو“ ساخت جون ميسوپوٽيميا ۾ سڃاتل گهڻيون ئي شيون- چٽن واريون مهرون، مخصوص قسم جي جڙاءَ واريون شيون، ٿوهي واري ڍڳي جون رسمي طور ڪونر جي اڳيان بيٺل شبيهون- ديالا نديءَ جي واڌيءَ وارن ميدانن ۾ قائم ٿيل آبادين مان لڌيون ويون آهن، جيڪا (38) سُمر جي اتر ۾، آڪاد جي بادشاهيءَ ۾ دجا جي هڪ شاخ هئي. هن مان اهو انومان نڪري ٿو ته ”سنڌو“ واپار جو چڱو خاصو حصو زميني رستي سان ٿيندڙ هو، جنهن ۾ شايد اتر-الهندي ايران جا شهر، حصار ۽ سيالڪ، پڻ اچي ٿي ويا، جن هنڌن تي سنڌو لوڪن جي نمونن جي ٺهيل شين جا ڪيترائي قديم آثار دستياب ٿيا آهن. هڪ مخصوص شڪل واريون پتل جون ميخون، جيڪي ايران جي انهن ”وحشي“ قومن جي هڪ خاص ڪاريگريءَ جون شيون هيون، جيڪي موهن جي دڙي ۽ چانهو دڙي مان لڌيون ويون آهن، سي اتان جي انهن ٿورين ٺاهيل شين ۾ شامل آهن، جن لاءِ اسان کي معلوم آهي ته ”سنڌو“ لوڪ (39) انهن کي ڏيساور کان درآمد ڪندا هئا. ترڪستان جي شهر انائو مان مٽيءَ جي ٺهيل گاڏيءَ جو هڪ نمونو لڌو ويو آهي، جيڪو هڙاپا ۽ چانهو دڙي وارين گاڏين جو هوبهو نمونو هو-جيڪا ڳالهه انهن جي قريبي تعلقات ڏانهن اشارو ڪري ٿي؛ هيءُ ڳالهه اهميت جي ٿي سگهي ٿي ته انائو مان مليل ٽامي جي شين ۽ موهن جي دڙي مان لڌل ڪن ٽامي وارين چيزن جي تجربي مان ظاهر ٿيو ته ٻنهي حالتن ۾ ڌاتوءَ ۾ مليل سينکئي جو فيصد حصو ساڳيوئي هو (40). ائين پيو معلوم ٿئي ته سنڌو لوڪن پنهنجي گهڻين ئي پسگردائيءَ وارين آبادين کي مال جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ سهولت وارن مرڪزن طور منتخب ڪيو هو، خواهه انهن ۾ ڪهڙي به مال جي ڏي وٺ عمل ۾ ايندي هئي. امڪان آهي ته علي مراد الهندي طرف کيرٿر جبلن جي قطار مٿان ويندڙ مکيه شاهراهه تي هڪ قلع بند ڪاروانسراءِ هو. ڪوٽلا نهنگ خان (روپار) لورالائي ۾ دبر ڪوٽ، جهالاوان ۾ ميهي ۽ مڪران ۾ ستڪاگين دوڙ، سڀ ئي بظاهر انهن شاهراهن جي اهڙن مرڪزي نقطن تي بيٺل آهن، جن تان واپار هلندڙ هو. هن باري ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي ته ”سنڌو“ (41) واري زماني ۾ ستڪاگين دوڙ تائين سمنڊ رستي پهچي سگهبو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو شهر سمر ۽ ڪُليءَ جي درميان واپار هلائڻ لاءِ بندر طور ئي وجود ۾ آيو هجي؛ پر ان جون پيچيده قلعبنديون سنڌو لوڪن جهڙيون آهن، ۽ اها تبديلي شايد انهيءَ دور جي نشاندهي ڪري ٿي، جڏهن اها جاءِ موهن جي دڙي ۽ اُر جي درميان زمين کان ويندڙ تجارتي شاهراهه جي درجي کان ڦري، سامونڊي واپار جي شاهراهه جي حيثيت اختيار ڪري رهي هئي، جو ان تي انهيءَ تبديليءَ جي دوران قبضو ڪيو ويو. نوٽ (1) موهن جو دڙو: معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ”سلطنت“ جا ٻه گاديءَ وارا شهر هئا، جن مان ٻيو هڙاپا هو؛ پر هن ڪتاب جو بنيادي طور واسطو سنڌوءَ جي هيٺئين حصي واري صوبي سان آهي، جنهن تي موهن جي دڙي مان حڪومت ڪئي ويندي هئي. (1- الف) آمريءَ لاءِ، حوالو جي- ايم- ڪئسل ”فوئليس ڊي آمري“، پئرس 1964ع. (2) حوالو، هن سلسلي جو پهريون (سنڌ- هڪ عام واقفيت) صفحا 97-98، نوٽ 72-اي. (3)، ڊاڪٽر اي- مئڪي، ”آڳاٽيون سنڌو تهذيبون“، ليوزئڪ ائنڊ ڪمپني، ٻيو ڇاپو (1948ع) صفحا 122، 149، 155. (4) سر مارٽيمر وهيلر، ”سنڌو ماٿريءَ ۽ ان جي پريان جون تهذيبون“، ٿامس ائنڊ هنڊسن (1966) ص 70. (5) سر ڪلاڊ انگليس، ”دريائن ۽ واهن جي هلت ۽ ضابطو“ (پونا 1949ع) ص 172. (6) ايڇ-ٽي- لئمبرڪ، ”سر چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ“، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس (1952ع) صفحا 316- 318 (7) گذريل ڪجهه سالن کان هيءَ خيال ڪيو پيو وڃي ته سنڌو نديءَ کي، جي هاڻي چڱيءَ طرح سان قبضي ۾ ڪيو ويو آهي، ته آئينده لاءِ فقط ان جي پاڻيءَ جي ورڇ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ ذيلي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ دائمي طور نظرداري رکڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو خيال سنڌ ۾ ملازمت ڪندڙ فني عملي جو پڻ آهي. ان هوندي به انهيءَ خيال کي سنڌو نديءَ تي مستند عالم، سرڪلاڊ انگليس، جي رڪارڊ ڪيل قطعي چتاءَ جي روشنيءَ ۾ خطرناڪ حد تائين خوش فهمي ۽ دلجمعي سمجهڻ گهرجي (بحواله ”دريائن ۾ واهن جي چال ۽ ضابطو“ صفحا 204 کان 207). (8) سنڌو نديءَ جي چال متعلق اسان جي جمع ٿيل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ اسين هن اندازي ڪرڻ ۾ حق بجانب ٿينداسون ته نديءَ ويجهڙائيءَ ۾ ئي پنهنجو اهو وهڪرو قائم ڪيو هو، جڏهن ان جي آسپاس ۾ اهو شهر وسايو ويو هو. (9) انهيءَ علائقي جو سر ٽي-ايڇ- هولڊچ طرفان سندس ڪتاب ”دي انڊين بارڊر لئنڊ“، ميٿيون (1901ع)، ص 9-107 ۾ تمام سٺي نموني ۾ بيان ڪيو ويوآهي، جي – پي –ٽيٽ ”دي فرنٽيئرس آف بلوچستان“، ودربي، لنڊن، 1909ع، ص 112-118، ايڇ- ڊبليو بيليو ”فرام دي انڊس ٽو دي ٽائيگرس“، ٽروبنر،لنڊن 1874ع، ص 241، 7-245. (10) وي- گارڊن چائيلڊ ”نيو لائيٽ آن دي موسٽ اينشنٽ ايسٽ“، روٽليج ائنڊ ڪيگان پال، چوٿون ڇاپو (1958ع)، باب 7، ”دي اربن ريووليوشن اِن ميسوپوٽيميا“، خاص طرح ص 9- 128. (11) اي- مئڪي، ص 31 جي سامهون. (12) شايد اها نوجوان عورت، جنهن جي کوپري چنهو دڙي مان ملي هئي، ساڳئي قسم جي نسل سان واسطو رکندڙ هئي. مئڪي ص 4-153 تائين. (13) پي- بي – شيليءَ جو نظم ”اوزيمانڊياس“. (14) وهيلر، ص 25. (15) مئڪي ص 67، تصوير XVI، شڪليون 4- اي، 4- بي، تصوير نمبر XVII، شڪل 5، ايس پگٽ ”پري- هسٽارڪ انڊيا“، پينگئن جو ڇاپيل ڪتاب، (1950ع) ص 183، تصوير 22، نمبر 6. (16) ايم- وهيلر، ”دي انڊس سو ليزيشن“، ڪيمبرج (1953ع)، ص 4- 83. (17) مئڪي، تصوير XVII، شڪل 9. (18) آر- برٽن، ”سنڌ ائنڊ دي ريسز دئٽ انهئبٽ دي لوئر وئلي آف دي انڊس“ ڊبليو- ايڇ- ائلين، (1851ع)، ص 3-172 ۽ 198. (19) مئڪي، ص 11، پگٽ، ص 179. (20) مئڪي، ص 125. (21) ايس- پگٽ، سامهون صفحي70- 179 جي ۽ شڪل 19، صفحو 160. (22) سُمر ۽ آڪاد جا انهيءَ زماني جا حڪمران پنهنجن ويڙهو ماڻهن کي مٿي تي پائڻ وارن لوهن ٽوپن سان مصلح ڪندا هئا، ۽ انهن جا حملي ڪرڻ جا هٿيار سنڌو لوڪن کان وڌيڪ سٺا ۽ اثرائتا هئا. سر ايل- وولي ”دي ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“، ارنيسٽ بين، ٻيو ڇاپو (1963ع)، ص 9- 88؛ تصوير 7، ص 64؛ تصوير 13، ص 96 جي سامهون. (23) سر ايم- وهيلر ”سِو ليزيشنس آف دي انڊس وئلي ائنڊ بيانڊ“ (1966ع)، ص 6-15 ۽ تصويرون 5-6. (24) ايم- وهيلر ”دي انڊس سِو ليزيشن“ (1953ع) ص 28 . (25) سر- ايم- وهيلر ”سِو ليزيشنس آف دي انڊس وئلي ائنڊ بيانڊ“، ص 57. سنڌو تمدن واري زماني کان آڳاٽي دور جي تمدن جا آثار ”ڪوٽ جي دفاعي فصيل هيٺان“ لڌا ويا هئا. (26) ايضاً، ص 3-30. (27) هيءَ ڳالهه غير امڪاني معلوم نه ٿي ٿئي ته ڪاٺياواڙ ۽ گجرات واري انهيءَ ڏاکڻين صوبي لاءِ شايد ڪو ٽيون گاديءَ وارو شهر به هو؛ جيڪڏهن ائين هو ته ان صورت ۾ لوٿل ٻين سڀني کان انهيءَ مرتبي لاءِ وڌيڪ لائق معلوم ٿئي ٿو، حالانڪ ان کي اڃا تائين انهيءَ حيثيت ۾ نه سڃاتو ويو آهي. (28) مئڪي، ص 82-105. هن حقيقت کي، ته ڪپهه جو هڪ خود رو جهنگلي ٻوٽو- ”گوسيپيم اسٽاڪ سائي“- (Gossypium Stocksii) سنڌ ۾ ملي ٿو، هاڻي هن مسئلي سان ڪا وابستگي نه ٿي ڏني وڃي ته ڪپڙي اُڻڻ لاءِ آڳاٽي زماني ۾ ڪپهه استعمال ڪئي ويندي هئي؛ هن باري ۾ نباتيات جي ماهرن جي راءِ بلڪل واضح آهي ته ڪپهه جي پوکيل ڪنهن به قسم جي جنس انهيءَ جهنگلي ٻوٽي مان حاصل ٿيل ناهي. ”گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ“، 1907ع، ص 33، سي- ايف- سر جارج واٽ ”دي وائيلڊ ائنڊ ڪلٽيويٽيڊ ڪاٽن پلانٽس آف دي ورلڊ“ (لانگمئنس 1907ع)، ص 60-59، 63، 4- 73. (29) اهڙي اوزار جي موجودگيءَ بابت سنڌو وارن شهرن جي آثارن مان ڪابه سٺي شهادت اڃا دستياب ڪانه ٿي آهي. جن شين جي متعلق مئڪي ائين سمجهيو هو ته اهي هرن جون چونيون هونديون، سي اهڙا ته بي ڍنگا ۽ ڳرا آهن، جو اهي گُڏ ڪڍڻ يا هر ڏيڻ وارا اوزار ٿي ئي نه ٿا سگهن. (مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 132 جي سامهون؛ سي- ايف- وهيلر ”دي انڊس سِو ليزيشن“ 1953ع، ص 57). العبيد ۽ ڪم آندل سخت پٿر مان ٺهيل چونين تي غور ڪريو ته اهي ڪهڙي نه سهڻي نموني سان ٺاهيون ويون آهن (وولي، حوالي ڏنل ڪتاب جي ص 25 جي سامهون ڏنل شڪل 2). (30) ”گزيٽيئر آف سنڌ“ ص 7- 226، 3- 232. (31) ”سنڌ- اي جنرل انٽروڊڪشن“ ص 8، 80- 79. (32) سُمر ۾ اُڻيل ڪپڙن لاءِ، حوالو ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس III“ (ار جي ٽئين گهراڻي جا ڪاروباري دستاويز) ڇاپو ليئون لنگرين، ٽيڪسٽس 23، 1503- 1504 وغيره کان 1780 تائين. سي ايف- آر-ڪئمپبيل ٿامپسن جي ”اي ڊڪشنري آف اسيرين باٽني“ 1949ع، ص 113. سينا چيرب جي اعلان لاءِ حوالو، ڪنگ، ”ڪيونيفارم ٽيڪسٽس فرام بائبيلونين ٽئبليٽس“ وغيره، XXVI، VII 56 ۽ ”پروسيڊنگس آف دي سوسائٽي آف بليڪل آرڪيئالاجي“، 1909ع، ص 341؛ سميريا جي (شايد) سنڌ مان درآمدات لاءِ حوالو يو- اي- ٽي III ٽيڪسٽس. 430، 818، 1368، 1498 وغيره. (33) گورڊن چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 17 جي سامهون. (34) ايس-پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب جي صفحن 5-174 جي سامهون. سي ايف گورڊن چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 177 جي سامهون. سون پڻ شايد ڏکڻ هندستان کان حاصل ڪيو ويندو هوندو. (35) گورڊن چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 169 جي سامهون. (36) وولي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 112 جي سامهون، مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 146 جي سامهون. (37) پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 7- 116، 8-207 ۽ شڪل 10 (ص 111) جي سامهون. (38) گورڊن چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 70-169. جي سامهون. (39) پگٽ، ص 210. (40) پگٽ، حوالي ڏنل ڪتاب جو ص 209؛ گورڊن چائيلڊ جي حوالي ڏنل ڪتاب جي ص 177 جي سامهون. (41) پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 118 جي سامهون؛ ڊيلس ”هڙاپن آئوٽ پوسٽس اَن دي مڪران ڪوسٽ“، جي ”ائنٽي ڪئٽي، XXXVI (1962)، جو صفحو 86. (*)ميسوپوٽيميا، جديد عراق. - مترجم (2) سنڌو تهذيب- عروج ۽ زوال سنڌو لوڪن ۽ ميسوپوٽيميا جي ماڻهن جي درميان عظيم بادشاهه سارگن جي دور تائين، جيڪو سال 2380 ق. م ڌاري سمر ۽ اڪاد، ٻنهي جو حڪمران هو، تجارتي تعلقات گهاٽا ۽ باقاعده طور قائم ٿي چڪا هئا، ۽ هُن کان پوءِ سندس جائنشينن جي زماني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ تائين ساڳيءَ طرح هلندا رهيا. قديم آثارن جون اڪثر شيون، جيڪي هيلتائين ”ٻن دريائن واري“ ملڪ مان لڌيون آهن، ۽ جيڪي سنڌو تهذيب سان واسطو رکي سگهن ٿيون، اُر، ڪِش ۽ تل اَسمار جي آثار قديمه جي انهيءَ مٿي ذڪر ڪيل دور وارن تهن مان مليون آهن. انهن شين ۾ اڪريل مهرون به شامل آهن، جن تي ”سنڌو“ دور جي مخصوص جانورن جون شبيهون نڪتل آهن، ۽ انهن منجهان ڪن مهرن تي ته سنڌو لوڪن جي ”خط“ ۾ ڪي لکتون به ڏنل آهن. سُمر ۾ تل اَسمار وٽ، سارگن بادشاهه جي دور وارن ذخيرن ۾ سنڌو لوڪن جي مخصوص طريقي سان ٺهيل ڪيئي شيون مليون آهن، جهڙوڪ نقش ڪيل موتين جا داڻا يا مڻڪا، هڏن تي مخصوص گلڪاري، ۽ ”مُٺئي وارا ٺڪر“ جا برتن. انهن سڀني شين مان انتهائي حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءَ، جيڪا لڌي آهي، سا آهي نرم چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل مهر، جنهن جي پُٺ تي کهري ڪپڙي جو نشان يا ٺپو صاف لڳل هو. هيءَ حقيقت پڻ اهميت واري آهي ته ڪي مهرون، جن تي سنڌو لوڪن جي مخصوص علامتي نشانن جا ڇاپا لڳل آهن، تن جي صورت نول وانگر گول ۽ ڊگهي آهي- مُهرن جو اهو نمونو خاص ميسوپوٽيميا وارن وٽ رائج هو، ۽ ٻئي طرف وري خاص ”سنڌو“ شڪل جي هڪ مهر تي سميريا وارن جي مخصوص مخروطي (1) اکرن ۾ ڪجهه تحرير موجود آهي. اسان کي يقين رکڻ گهرجي ته اهي شيون سميريا جي ڪاريگرن سنڌو لوڪن جي ڪن اهڙن واپارين جي آرڊر تي ٺاهيون هونديون، جيڪي هڪ باقاعده طور ڪم ڪندڙ درآمدي- برآمدي اداري جي گماشتن ۽ منتظمين جي حيثيت ۾ انهيءَ ملڪ ۾ مقرر ٿيل هئا. انهيءَ حقيقت جي ثبوت جو دارومدار ته اهو سمورو واپار ان دور ۾ سمنڊ رستي ۽ ٻن سر زمينن جي وچ ۾ سڌيءَ روءِ هلندڙ هو، گهڻي ڀاڱي هڪ اهڙي ملڪ جي سڃاڻپ آهي، جنهن کي ”سنڌو سلطنت“ جي هڪ سامونڊي ساحلي صوبي جي حيثيت سان قبولي سگهجي ٿو، جنهن جو سميريا جي قديم تحريرن ۾ ”ميلوها“ جي نالي سان بار بار ذڪر ٿيل آهي. هن سلسلي ۾، ان دؤر جو هڪ اهڙو ڪتبو موجود آهي، جنهن ۾ سارگن بادشاهه وڏي فخر سان اعلان ڪري ٿو ته ”ميلوها، مڪن ۽ دلمن کان آيل يا اوڏانهن وڃڻ وارا سامونڊي جهاز سندس گاديءَ واري شهر اگيد جي ٻاهران واقع بندرگاهه ۾ لنگر انداز آهن“ پهرين نگاهه ۾ ئي انهيءَ بيان مان جيڪو هڪ ئي صحيح نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، سو اهو آهي ته اهي ڏورانهان ملڪ هئا. اهي تفصيل، جن مان انهن کي اعتماد جي حد تائين شناخت ڪري سگهجي ٿو، سي سارگن جي زماني کان بعد وارن سالن جي وڏي تعداد ۾ هٿ آيل تحريرن ۾ موجود آهن؛ تنهنڪري انهيءَ سڄي مسئلي تي هن قياس جي آڌار تي تاريخوار سلسلي سان وڏيءَ آسانيءَ سان غور ڪري سگهجي ٿو ته ميلوها هيٺين سنڌو لوڪن يعني سنڌ سان تعلق رکي ٿو. (2) مٿي ذڪر ڪيل سارگن بادشاهه جي دور واريءَ تحرير مان اهو واضح نٿو ٿئي ته مذڪوره جهاز ميسوپوٽيميا جا هئا يا ميلوها ۽ ٻين ملڪن جا هئا. امڪان اهو آهي ته سمنڊ رستي واپار جي شروعات سمر کان ٿي. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو ئي قديم دنيا جا سڀني کان آڳاٽا سامونڊي ملاح معلوم ٿين ٿا. ايريڊو (Eridu) نالي شهر جيڪو سميريا جي سڀني شهرن کان وڌيڪ قديم سمجهيو وڃي ٿو، تنهن جي هڪ قبر مان، جيڪا ويجهي عبيد دور جي يعني اٽڪل 4000 ق. م جي آهي، هڪ بادباني ٻيڙيءَ جو نمونو هٿ آيو آهي، جيڪو ڪافي ترقي يافته ۽ مضبوط صورت جو ۽ وڏن سمنڊن جي هلڻ لائق آهي. ان کان علاوه اُر دور جي قريبي سالن جون تحريرون ملاحن ۽ جهازن جي بيانن ۽ حوالن سان ڀريون پيئون آهن، انهن ۾ سڙهه جي ڪپڙي جو ذڪر آهي، ايتري قدر جو اسان کي ملاحن (3) جي جماعتن جا نالا به معلوم ٿيا آهن. گُنٽي وحشين جي حملي جي نتيجي ۾ سارگن گهراڻي جي بادشاهيءَ جي خاتمي کان ڪجهه سال پوءِ، انهن جي ليگاش صوبي جي هڪ گورنر، جنهن جو نالو گُڊيا هو، قيمتي سامان آڻڻ لاءِ پنهنجا جهاز ڏورانهن ملڪن ڏانهن موڪليا، ته جيئن انهيءَ سامان سان ايني نُو جي تباهه ٿيل مندر کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي. اسان کي هن ڳالهه لاءِ شڪر گذار هئڻ گهرجي، جو گُڊيا کي پنهنجي شان ۽ وقار رکڻ جو ڏاڍو خيال هو ۽ هن فيصلو ڪيو هو ته ايندڙ زماني جي ماڻهن کي سندس ڪارنامن کي نظر انداز ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه ملي. هن پنهنجي پٺيان ڪيئي پنهنجا بت ڇڏيا، جن تي تحريرون اڪريل هيون ۽ انهن کان علاوه هن ڪيئي ڊگهيون تحريرون ڇڏيون، جن ۾ هن پنهنجين ڪارگذارين جا تفصيلوار بيان ڏنا آهن. اهڙين تحريرن منجهان هڪ گول ۽ ڊگهي پيلپائي تي اڪريل تحرير ۾ ديوتا ايني نُو کي هيئن اعلان ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته سندس (بحال ٿيل) مندر جي نالي جو پڙاڏو ”آسمان جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي تائين ٻڌڻ ۾ ايندو، ۽ ماگان ۽ ميلوها (4) کان به پوڄارين کي اچڻ تي مجبور ڪندو.“ اهڙيءَ طرح، اسان کي وري به اهوئي قياس ڪرڻو پوي ٿو ته اهي ملڪ ليگاش جي رهاڪوءَ لاءِ، انهيءَ وقت جي معلوم دنيا جي انتهائي ڏورانهن ملڪن منجهان هئا، ٽن ٻين سرزمينن جو ذڪر به ان تحرير ۾ ڪيل آهي، جن جا نالا ڪيماش، گوبن ۽ دلمُنُ آهن. ڪيماش سان، جيڪو ٽامي ۽ بظاهر سون جو پڻ برآمدي هنڌ هو، سو اتر الهندي اسيريا ۾ واقع ڪردستان جو شهر هو، ۽ ان سان اسان جو هتي ڪو واسطو ڪونهي. هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته مال جا گهڻي کان گهڻا نمونا ميلوها کان ايندا هئا؛ Cornelian يا Porphyry ، سون جو ٻورو، ”اوشو“ نالي مشهور ڪاٺ سميت ڪاٺ جا ٻيا سڀ قسم ۽ سچا موتي اتان ايندا هئا. ماگان نالي ملڪ پڻ عمارتي ڪاٺ مهيا ڪندو هو۽ اهو قيمتي پٿر پڻ اتان آيو هو، جنهن مان خود گڊيا جو پنهنجو مجسمو اڪيري ٺاهيو ويو هو، ۽ گؤبن مان ڪاٺ جي هڪ ٻي جنس ايندي هئي، جيڪا پڻ اڪر جي ڪم لاءِ موزون هوندي هئي. گڊيا اسان کي ٻڌائي ٿو ته ميلوها ۽ ٻين ملڪن کان حاصل ڪيل ڪاٺ جهازن تي چاڙهيو ويندو هو ۽ ان طرح ليگاش (5) پهچندو هو. ڪاٺ کي جهازن ذريعي آڻڻ جي ذڪر مان شايد هن کان سواءِ ٻيو مطلب نه هجي ته اهڙيءَ طرح سان ڀريل جهاز، ميلوها، ماگان ۽ گؤبن مان ڀرجي دلمُن جي رستي ميسوپوٽيميا پهچندا هئا، جيڪو بندر شايد بحرين هو، جيڪو پاڻ عمارتي ڪاٺ جو ذريعو ڪونه هو. سميريا جي هڪ اشلوڪ ۾، جيڪو ڪريمر نقل ڪيو آهي، جن شين لاءِ ميلوها مشهور هو، سي هيون ”قيمتي ڪاٺ جا قسم ۽ خلاصي“، ۽ ماگان (ماڪان) ”طاقتور ٽامون ۽ قيمتي پٿر“ برآمد ڪندو هو ۽ ”سامونڊي- زمين“ وري ”آبنوس....... جيڪو بادشاهن جو زيور آهي“، برآمد ڪندي هئي. ٻين تحريرن ۾ ڄاڻايل آهي ته ميلوها کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، تن ۾ سون، عاج ۽ عاج مان ٺهيل يا عاج جي گلڪاريءَ واريون شيون- جهڙوڪ عاج مان تراشيل ”ميلوها پکي“، ڦڻيون، آئينا، دٻليون ۽ سرايون شامل هيون. اسان کي هڪ قيمتي پٿر مان تراشيل هڪ ڀولڙي، ڪنهن اَملهه ڪاٺ مان ٺاهيل پيالي ۽ هڪ ٻئي قيمتي ڪاٺ مان گهڙي ٺاهيل مناري بابت پڻ ٻڌايو ويو آهي. هيءَ ڳالهه ذري گهٽ يقيني آهي ته ”اوشو“ ڪاٺ شيشم جو ڪاٺ ئي آهي، جنهن بابت اسان کي معلوم آهي ته اهو پهرين (6) صديءَ جي دوران هندستان کان جهازن ۾ چاڙهي ايراني نار وارن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو. شيشم جو وڻ ڪر- مان جي ڪن حصن، مڪران ۽ جهالاوان ۽ ان کان به مٿي وڌيڪ اتر ۾ مقامي طور پوکبو آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ ان جي اپر سنڌ ۾ اڄڪلهه جي موجودگيءَ کي، گذريل ٻن يا ٽن صدين کان وٺي باقاعده طور پوکڻ جو نتيجو سمجهيو وڃي ٿو، ان جي باوجود ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اهو وڻ شايد سنڌ جي انهيءَ حصي جي قدرتي خودرو وڻن مان هڪ هجي، جيئن اهو الهندي پنجاب جي خودرو وڻن ۾ يقيني طور شامل هو. ڊاڪٽر ميلووان ماگان يا ماڪان واري ملڪ جي نشاندهي فارس ۽ ڪرمان ۾، ۽ ميلوها جي انهن ايراضين جي هڪدم اڀرندي پاسي يعني مڪران ۾ ڪري ٿو. هن جو دليل اهو آهي ته ٽامون، جنهن لاءِ ماڪان يا ”کاڻين جو ملڪ“ مشهور هو، سو زاگروس جبلن مان ڪڍيو ويندو هو. پر ليمئنس ٻڌايو آهي ته ڏکڻ ميسوپوٽيميا ۾ سارگن بادشاهن جي دور کان پوءِ وارن قديم عجائبات ۾ جيڪو ٽامون ڪم آندل آهي، اهڙي ساخت ڏيکاري ٿو، جيڪا اومان جي قديم کاڻين مان نڪتل ٽامي جي ساخت سان مطابقت رکي ٿي؛ ۽ هو پروفيسر ايلرس جي هن راءِ کي پسند ڪري ٿو ته جنهن ملڪ کي سميريا وارا ماڪان نالي سان سڃاڻندا هئا، سو ايراني نار جي سوڙهي سمنڊ جي ايراني يا عربي ڪناري مان ڪنهن به هڪ طرف هو ۽ ان جو نالو جديد ”مڪران“ جي نالي ۾ اڄ به موجود آهي. مون کي مئلوون جي راءِ کان هيءَ سڃاڻپ وڌيڪ امڪاني نظر اچي ٿي. ٻئي طرف وري ”پيريپلس“ ان کي ٽيڪو ڏيندڙ ثابتي مهيا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪتاب جو مصنف جنهن ڏيساور کي ”اومان“ طور سڃاڻندو هو، سو نار (7) جي ايران واري ڪناري تي واقع هو. ان کان علاوه، انهيءَ انتظام جو هڪ آخري هلڪو نشان سنه 1960ع تائين هن ڳالهه ۾ باقي رهندو آيو ته مڪران جو شهر گوادر انهيءَ سال کان اڳي عربستان رياست مسقط جي ماتحت هو. پوءِ انهيءَ قياس مان ته ماگان يا ماڪان نالي وارو ملڪ مڪران هو، هيءُ يقيني نتيجو نڪري ٿو ته ميلوها نالي وارو ملڪ سنڌ ئي هو، جنهن ۾ شايد لس ٻيلو به شامل هو. هيءَ ڳالهه يقين جي حد تائين نه ٿي ڪري سگهجي ته سميريا جا ماڻهو جيڪي شيون ميلوها کان گهرائيندا هئا، سي سڀ جون سڀ ڪي سنڌ جي قدرتي پيداوار هيون. ممڪن آهي ته اوشو يا سيسو ۽ ٻين قسمن جو ڪاٺ هماليه جي دامن وارن جبلن کان سنڌو نديءَ رستي هيٺ موڪليو ويندو هوندو، ۽ سون ۽ شايد عاج به، ٻاهران گهرائي، وري ٻيهر روانو ڪيو ويندو هوندو. هڪڙيءَ تحرير مطابق، هڪ ٻي شيءَ، جيڪا ميلوها کان گهرائي ويندي هئي، سا هئي ”سامونڊي-- ڪاٺ“. آءٌ نٿو سمجهان ته هن باري ۾ ڪو گهڻو شڪ ٿي سگهندو ته ان جو مطلب Mangrove سان آهي. سنڌ ۾ ان جا جيڪي نمونا ”تمر“ ۽ ”چؤري“ (8) جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا، تن مان سخت ڪاٺ ملندو آهي، ۽ اهو ٻيڙين جي ”گوڏن“ ۽ تاڪين ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي. مئنگروو جا جهنگ سنڌو نديءَ جي ڪيٽيءَ وارين سامونڊي کارين ۽ ڪراچي بندر ۾ عام ڦهليل آهن ۽ اهڙيءَ ئي گهڻائيءَ سان لس ٻيلي جي ڪناري تي مياڻي هوڙ ۽ ڪلمت هوڙ ۾ ڦهليا پيا آهن. جيڪڏهن ماگان جي معنيٰ مڪران ۽ ميلوها جو مطلب سنڌ ۽ لسٻيلو آهي، ته پوءِ ”سامونڊي ملڪ“ جتان سميريا وارا آبنوس جو ڪاٺ حاصل ڪندا هئا، ڪهڙو ملڪ آهي؟ منهنجو خيال آهي ته اهو ”سنڌو سلطنت“ جو ڏاکڻون صوبو يعني گجرات هو. آبنوس جو ڪاٺ گازا (بڙوچ، جيڪو ”سنڌو دور“ واري لڌل قديم سيهگام شهر جي ويجهو آهي) کان پهرين صدي عيسويءَ ۾ ايراني نار رستي جهازن وسيلي موڪليو ويندو هو. انهيءَ سر زمين ۽ ان جي پاسي وارن ٻين هندستان جي صوبن ۾ جيڪا مقامي جنس پوکي ويندي آهي، سا ”ڊيئوس پائيروس ميلان آڪسيلان (Diospyros Melanoxylon) آهي، جنهن مان ڪارو منڊل: آبنوس (9) جي نالي وارو آرائشي ڪاٺ ملندو آهي. اهو ڏاڍو چمڪندو آهي ۽ ان کي سميريا وارن جي اشلوڪ ۾ بادشاهن جو زيور“ جو سڏيو ويو آهي، تنهن جو اهو بلڪل لائق آهي. باقي رهيل ڏورانهون ملڪ، جنهن سان گُڊيا واپار ڪندو هو، يعني گؤبن سو شايد جديد ڪڇ يا سوراشٽر ٿي سگهي ٿي. سُمير وارن جي ايراني نار جي ڏکڻ وارن ملڪن سان هليل واپار جي سلسلي ۾ دلمن نالي هڪ ملڪ جو ذڪر اڳيئي اچي چڪو آهي. اسان وٽ انهيءَ ملڪ جي جهازن بابت هڪ ڪتبي ۾ جنهن لاءِ خيال آهي ته اهو 2450 سال قبل مسيح جو آهي، بلڪل واٰضح حوالو موجود آهي. سمير يا جي شهري- رياست ليگاش جي گورنر آرنان شي، جنهن جو سارگن گهراڻي جي بادشاهن جي زماني کان اڳي ڏاڍو زور هو، پٿر جي هڪ تختيءَ تي هيءَ ڳالهه اڪيرائي ڇڏي ته دلمن جا جهاز دور دراز ملڪن کان ڏانهنس عمارتي ڪاٺ کڻي پهچائيندا آهن- هن جي دعويٰ هئي ته اهو ڪاٺ ڏانهنس موڪليل ڏن هو. اٽڪل ٽي صديون پوءِ، اُر (10) جي ٽئين گهراڻي جي بانيءَ اُر- ناموءَ طرفان نصب ڪرايل هڪ شاهي ڪتبي ۾ ماگان جي جهازن جو حوالو ڏنل آهي. بادشاهه جي طرفان ماگان ڏانهن جهازن جي ”بحاليءَ“ جي اصلي معنيٰ واضح ناهي، پر اسان کي سميريا جي انهيءَ دور جي گهڻين ئي تحريرن مان اهو ضرور معلوم آهي ته اها صدي، جنهن جي دوران ۾ اُر ۾ ٽئين گهراڻي جي بادشاهن جي حڪومت قائم هئي، ان ۾ ماگان ۽ ميلوها نالي وارن ملڪن سان سندن تمام گهڻو ۽ تکو واپار هلندڙ هو. هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته جنهن اشلوڪ ۾ دلمن تي برڪتن نازل ڪرڻ جي التجا ڪيل آهي، جنهن جو حوالو اسان اڳيئي ڏيئي چڪا آهيون، تنهن ۾ ميلوها نالي واري ملڪ کي التجا ڪيل آهي ته اهو انهيءَ ملڪ لاءِ پنهنجي ”سيسو“ ڪاٺ کان علاوه ”خلاصي“ موڪلي؛ ساڳيءَ طرح ”ار جي عبادتگاهه“ وٽان به خلاصين سان گڏ اناج، ترن جي تيل ۽ شاندار پوشاڪن جي گهر ڪئي ويئي آهي. سامونڊي سفر جي لائق ٻيڙي متعلق جيڪا پهرين پڪي ثابتي سنڌو تهذيب جي زير اقتدار ڪنهن علائقي مان ظاهر ٿي آهي، سا لوٿل مان هٿ لڳي، جيڪو شهر هاڻي ڪئمبي جي نار کان پري هٽيل آهي، ۽ جيڪو انهيءَ ملڪ ۾ آهي، جنهن لاءِ مون اهو رايو پيش ڪيو آهي ته انهيءَ ملڪ کي سميريا وارا ”سمنڊ وارو ملڪ“ جي نالي سان سڃاڻندا هئا. انهيءَ هنڌ تي هڪ وڏي گودي يا تانگهي پاڻيءَ واري کاري هئي، جنهن جو ڪنارو بٺن ۾ پڪل سرن سان ٺهيل هو ۽ جنهن جي ڊيگهه 710 فوٽ ۽ ويڪر 120 فوٽ هئي. انهيءَ ۾ جهاز فقط وڏيءَ وير مهل هڪ اهڙي رستي کان داخل ٿي سگهندا هئا، جيڪو ان جي اڀرندي طرف ٽيويهه فوٽ ويڪرو هو، ۽ جتي ”پاڻيءَ کي روڪڻ واري ڀت وڃي چائنٺ جي اڳيان ڏنل ٻنوڙي جهڙي ٿي آهي ۽ جيڪا وير جي هر حالت دوران گوديءَ ۾ پاڻيءَ جي موزون سطح کي روڪي سگهي ٿي.“ پاڻيءَ جي سطح کي هڪ دروازي ۽ ڇنڊڻ جي ذريعي وڌيڪ هيٺ به ڪري سگهبو هو. ظاهر آهي ته جهازن ۾ مال چاڙهڻ يا انهن مان مال لاهڻ جو ڪم گوديءَ جي الهندي پاسي ٺهيل هڪ وڏي ٿلهي يا گهاٽ تان ڪيو ويندو هو. انهيءَ هنڌ تي ٺهيل لنگر ۽ بنيادن جا نشان ڏيکارين ٿا ته اتي ڪي ”گدام“ هئا يا اهڙو ڪو اجهو هو، جنهن جي هيٺان مال رکيو ويندو هو. سامونڊي سرگرمين جي وڌيڪ ثابتي، لوٿل ۾ لڌل سامونڊي جانورن ۽ ٻيڙين جي تصويرن جي صورت ۾ به ملي آهي، جيڪي لنگرن،برتنن جي ٽڪرن ۽ بادباني ڪشتيءَ جي ڳاڙهيءَ مٽيءَ مان ٺاهيل هڪ نموني تي رنگ ۽ روغن سان نڪتل آهن. معلوم ٿئي ٿو ته بندر جي گودي شهر جي زندگيءَ جي ٻئي دور ۾ تعمير ڪئي ويئي هئي ۽ اها چوٿين دور تائين استعمال ۾ ايندي رهي (12). اهو سڄو دور اٽڪل روءِ 2100 سال قبل مسيح کان وٺي 1800 ق. م تائين، يعني ته سمر جي تاريخ جي لحاظ کان ٽئين گهراڻي جي سڄي دور ۾ ۽ ان کان پوءِ آيل لارسا گهراڻي جي زماني تائين، هليل معلوم ٿئي ٿو. جيئن اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي، انهيءَ صديءَ جنهن ۾ اُر جي ٽئين گهراڻي ڏکڻ ميسوپوٽيميا تي حڪمراني ڪئي، انهيءَ ملڪ ۽ سنڌو سلطنت جي درميان واپاري سرگرمين جو عروج ڏٺو. ميلوها جي پيداوار جو انهيءَ دور جي ڪاروباري تحريرن ۾ بار بار ذڪر ڪيل آهي- ۽ اهو ذڪر نه فقط ڪچي مال جي شين جو آهي، پر انهن چيزن جو به آهي، جيڪي انهن مان ٺاهيون وينديون هيون. معلوم ٿئي ٿو ته عاج مان تراشيل ”ميلوها پکي“ انهيءَ ملڪ ۾ ڏاڍا مقبول هئا ۽ اندازو اهو آهي ته اهي پکي گهڻو ڪري مور هئا. اسان کي عاج جي هڪ جهنگلي ٻڪريءَ ۽ انساني شبيهه وارين پتلين، مرد خواهه عورت، ٻنهي جنسن بابت پڻ ٻڌايو ويو آهي؛ ۽ هڪ ڀولڙي جي بوتي جو ڏس پڻ مليو آهي، جيڪو ڪنهن ٻيءَ شيءَ مان ٺهيل هو. انهن تحريرن ۾ نه فقط انتهائي قيمتي ”سيسو“ ڪاٺ جا حوالا موجود آهن، پر ساڳئي وقت ميلوها ٽامي، ميلوها آبنوس جو پڻ ذڪر ٿيل آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو ملڪ انهن شين جو پڻ واپار ڪندو هو (13). ان جي ابتڙ، آئسين- لارسا دور، جيڪو سال 1800 ق-م کان وٺي سال 2000 ق. م تائين هليو، تنهن جي متعلق هن وقت تائين مليل اٺن سون کان به وڌيڪ ڪاروباري تحريرن مان ڪنهن هڪ ۾ به ميلوها يا ان جي مال جو ڪو سڌو سنئون حوالو نه ٿو ملي. فقط هڪ تختيءَ ۾، جنهن جو لارسا گهراڻي جي ٽئين بادشاهه، سومو- آئيلو، جي زماني سان تعلق آهي، اهڙين قيمتي شين جي فهرست لکيل آهي، جيڪي شايد اتان جون هجن. اهي شيون دلمن ڏانهن ڪيل هڪ سامونڊي سفرتان واپسيءَ ۾ آنديون ويون هيون (14) ۽ ننگال جي مندر ۾ ديويءَ جي آستان تي نذراني طور پيش ڪيون ويون هيون. انهيءَ ۽ ساڳئي قسم جي ٻين شهادتن مان، جن جي نوعيت گهڻي قدر منفي آهي، هيءُ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته جتي سارگن بادشاهن جي زماني ۾ واپاري جهاز سمر ۽ سنڌو سلطنت جي سامونڊي ڪنارن وارن ملڪن جي درميان يڪو سفر ڪندا رهندا هئا، اتي ٽئين گهراڻي جي دور جا سميريا وارا واپاري جنهن انتهائي دور دراز ملڪ جو باقاعدي سفر ڪندا هئا، سو ماگان هو؛ ان کان پوءِ آئيسن- لارسا دور ۾ اهي وري دلمن کان وڌيڪ پري ڪونه ويندا هئا. ائين پيو نظر اچي ته انهيءَ شهر ترقي ڪري، هڪ اهڙي تجارتي مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي هئي، جو ”سنڌو“ ديس جا واپاري، ماگان وارا ۽ سميريا جا تاجر، جيڪي آئلڪ دلمن (يا جديد اصطلاح ۾ دلمن ورڪي) جي نالي سان مشهور هئا، انهن ملڪن جي ٺهيل مال جي ڏي وٺ لاءِ اُتي وڃي گڏ ٿيندا هئا. ائين پيو ڀانئجي ته انهن ڏروانهين ڪاروباري سرگرمين لاءِ ئي هڪ خاص قسم جي مهر جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو، جيڪا گول شڪل جي هئي، اهي مهرون هاڻي ”ايراني نار واريون مهرون“ سڏجڻ لڳيون آهن. سميريا جي هڪ تختيءَ تي، جنهن تي هڪ لارسا واري واپاريءَ طرفان هڪ معاهدو لکيل آهي، جنهن موجب هن کي ڪنهن ڏوراهينءَ منزل ڏانهن سمنڊ رستي ڪڻڪ، تر ۽ پشم برآمد ڪرڻي هئي، انهن مهرن منجهان هڪ اهڙي مهر جو ٺپو لڳل آهي، جيڪا ذري گهٽ انهيءَ ساڳئي قسم جي مهر آهي، جنهن جو هڪ نمونو لوٿل مان مليو آهي. پر، انهن گول مهرن جو تمام گهڻو تعداد بحرين ۽ فيلڪا نالي هڪ ٻيٽ مان دستياب ٿيو آهي، جيڪو ٻيٽ (ايراني) نار (15) جي منهن وٽ بيٺل هو. دلمن جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ ۽ ان جي وسيع علائقن ۾ ڦهليل واپار تي فخر ۽ ناز جي احساس جو اظهار انهيءَ اشلوڪ ۾ ڪيل آهي، جنهن جو ذڪر اڳيئي ڪيل آهي. واپار جي انهيءَ طريقي مان سمر کي پڻ فائدو ٿيندڙ نظر اچي ٿو. دراصل ووليءَ جو اهو قول آهي ته رِم- سن جي زماني وارو اُر، جيتوڻيڪ تڏهن سمر جي حڪمران گهراڻي جي گاديءَ وارو هنڌ نه رهيو هو، پر ان جي باوجود اهو ”انهي دور واري شهر کان درحقيقت وڌيڪ وڏو ۽ شايد وڌيڪ آسودو هو، جيترو اهو اُر- نامو واري دؤر ۾ هو“، جنهن جو اهي ٽي صديون اڳي گاديءَ وارو شهر ٿي رهيو هو (16). پر سال 1783 ق- م ڌاري، رِ- م- سن جي ڊگهي حڪومت جو بابل جي بادشاهه حمو رابيءَ جي هٿان زبردست خونريزيءَ سان اوچتو خاتمو آندو ويو، جنهن هن کي شڪست ڏيئي قيدي بنايو، سڄو سُمر پنهنجي ماتحت آندو ۽ اُر کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت کان وٺي، ڪيترين ئي صدين تائين، ميسوپوٽيميا جي ڪنهن به تحرير يا ڪتبي ۾، ايراني نار رستي واپار جو ڪو به ذڪر نه ٿو ملي. بابل وارن جو پنهنجو واپار اڳيئي ڪن ٻين ملڪن سان ٿيندڙ هو، جنهن ڪري انهن ڪنهن زماني جي سُمر وارين انتهائي طاقتور شهري- رياستن جي آسودگيءَ ۽ خوشحاليءَ جي بحاليءَ کي پاڻ لاءِ خطرناڪ سمجهيو هوندو. ۽ ايراني نار جي اورئين پاسي وارن ملڪن سان اُر وارن جي سابق تجارتي تعلقات جو ڇا ٿيو؟ لوٿل ۾ مليل شهادت مان جيڪو هي اندازو ٿئي ٿو ته اتان جي عظيم سامونڊي گوديءَ جو استعمال 1800 سال ق. م کان جلدي پوءِ ختم ٿي ويو، (ايراني) نار کان اورئين پاسي وارن ملڪن جي واپار جي اهڙي تباهيءَ ۾ تفرقي واري نظريي سان خوب ٺهڪي اچي ٿو. اُر کان سواءِ دلمن بيڪار نظر ايندو هوندو. بهر حال لوٿل محض هڪ سامونڊي بندر کان علاوه ٻيو به ڪجهه هو. ان کي پنهنجون صنعتون هيون، خصوصاً مڻڪن ٺاهڻ جون --- اتان جو اهو ڪارخانو سنڌ ۾ چنهو دڙو جي هڪ ٻئي اهڙي ڪارخاني جي ياد تازي ڪري ٿو- ۽ اهو شهر ذري گهٽ يقين جي حد تائين ضلعي يا صوبي جو مرڪزي شهر هو، ڇاڪاڻ ته شهر جي نقشي ۾ ”ڪوٽ“ جي رٿا ۽ نشان پڻ شامل آهن. اها جاءِ سنڌو لوڪن طرفان فتح ٿيل ڪانه هئي، بلڪ هنن ان جو پاڻ بنياد وڌو هو، ۽ اتي موهن جي دڙي کان، انتهائي سهنجي رستي جي حساب سان، (وچ وارن انتهائي دشوار گذار بيابانن کان پاسو ڪندي،) شايد پنج سؤ ميل پري، اسان کي سنڌو تهذيب جي هڪ مخصوص شهر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتان جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. ساڳين ئي سڌين گهٽين سان اهائي مستطيلي جوڙجڪ؛ معياري ڊيگهه ۽ ويڪر واريون سرن جون جايون، پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالين جو ڄار، مقرر نموني جا اوزار ۽ هٿيار، مهرن وارا ”تعويذ“ جن تي ڏٺل وائٺل ”سنڌو“ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اڪريل آهن، مخصوص شڪل شبيهه ۽ چٽن وارا ٺڪر جا ٿانءِ؛ ۽ ”مٿئين شهر“ ۾ هڪ اهڙي جاءِ، جيڪا اناج جي ذخيري ڪرڻ لاءِ گدام وانگر لڳي ٿي، وغيره، مطلب ته اتي ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه ڏٺي ويئي آهي، جيڪا سنڌ يا پنجاب جي شين جي نمونن سان مطابقت نه رکندڙ هجي (17). اهائي تمدني ۽ فني يڪسانيت آهي، جنهن کي گهڻي وقت کان وٺي، سنڌو تهذيب کي ٻين کان نمايان ۽ جدا ڪندڙ انتهائي لاجواب خصوصيت طور تسليم ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود جڏهن به ان جو ڪو نئون مثال سنڌو ماٿريءَ جي ”بادشاهي شهر“ کان دور ۽ اڃا به وڌيڪ دور واقع ڪنهن علائقي مان ملندو، تڏهن اهو وري نئين سر آثار قديم جي ڳولائن لاءِ حيران ۽ متعجب ڪرڻ جو سامان مهيا ڪندو. ٺڪر جي ٿانون جي ساڳي شڪل ۽ صورت ۽ مٿن نڪتل ساڳين چٽن ۽ تصويرن جو بار بار ۽ باقاعدگيءَ سان ايڏيءَ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڦهليل شهرن مان لڀڻ، ماڻهنءَ جي دل ۾ الهندي يورپ ۾ ”سامائين“ برتنن جي وسيع ايراضيءَ ۾ دريافت جو خيال پيدا ڪري ٿو، پر ان مان هي نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته سنڌوءَ جا ٺڪر وارا ٿانو خود سنڌو سلطنت ۾ شامل ٿيل علائقن ۾ تقسيم ڪرڻ جي غرض سان ڪو وڏي پيماني تي ٺاهيا ويندا هئا. مئڪي چوي ٿو ته ٺڪر جي ٿانون جي جنس کي خيال ۾ آڻيندي، معلوم پيو ٿئي ته ”موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ماڻهن ۾ تخليقي قوت جي انتهائي حد تائين ڪوتاهي ۽ ڪمي هئي“ (18). پر حقيقت ۾ انهن وٽ تخليقي قوت جي شايد ايتريقدر ڪمي ڪانه هئي، جيتري اها دٻائي ويندي هئي يا ڄاڻي ٻجهي ان جي حوصله شڪني ڪئي ويندي هئي، يعني ائين کڻي چئجي ته سنڌو لوڪن جي ماتحت ايراضين مان هر ايراضيءَ ۾، انهيءَ ”صنعت“ جي فن ۽ مهارت جي نظم ۽ ضبط جو ڪو مرڪزي ادارو باقاعدگيءَ سان ڪم هلائيندو هو- ۽ سڄيءَ ”سلطنت“ ۾ هڪ مرڪز تان ٺڪر جي ٿانون جي تقسيم نه، بلڪ تربيت يافته ڪاريگرن جي تقسيم ٿيندي هئي، اهائي حالت ٽامي ۽ پتل جي اوزارن جي آهي. انهن اوزارن جا هر شهر ۾، جتان به اهي لڌا آهن، ساڳئي قسم ۽ ماپ جا نمونا ڪم ۾ آندل ڏٺا ويا آهن، ۽ هر هنڌ انهن جي هڪ ئي مقرر نمونن جي حدبندي رائج ملي آهي. اوزارن جي ٺاهڻ جي فن ۾ انهيءَ حيرت انگيز ۽ عجيب هڪجهڙائي جا به ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. ان کان علاوه عام استعمال ۾ ايندڙ سڀني قديم شين جي ساخت ۾ (مهرن وارن ”تعويذن“ کان علاوه) فني ۽ حرفتي مهارت، پروفيسر پگٽ جي قول موجب، ڪڏهن به ”ماهرانه يڪرنگي“ کان مٿي نٿي پهچي. اهڙيءَ يڪسانيت جو سبب هن قياس ڪرڻ سان نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته ”سنڌو سلطنت“ جي دور ۾ سندن هرهڪ هنر ۽ فن جو نظام انهيءَ فن سان وابسته جماعت هلائيندي هئي. ترڪيب ۽ فني طريقي ۾، زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان، جمود ۽ قدامت پسنديءَ کي، عام طرح سان ”سنڌو“ وارن ملڪن جي هنرن لاءِ مخصوص سمجهيو ويو آهي – اهو هن طرح جو انهيءَ تهذيب جي زندگيءَ جي سڄي دؤر ۾، جيڪو هن وقت تائين ڪيل کوٽائين مان ظاهر ٿيو آهي، ان جي ڪاريگرين ۽ هنرن ۾ ڪو به قابل قدر واڌارو يا سڌارو ڪونه ٿيو. گذريل چند سالن کان وٺي انهيءَ نظريي سان ڪجهه قدر اختلاف ڪيو ويو آهي، پر اهو انهن خصوصيتن جي وڏيءَ اڪثريت متعلق صحيح آهي، جيڪي انتهائي حد تائين ذاتي ۽ خصوصي طرح سنڌو لوڪن جون آهن. چنانچه ڌاتن مان ٺهيل اوزارن توڙي ”سنڌو“ تحرير جي سلسلي ۾ نهايت آڳاٽن ۽ ويجهي کان ويجهي دؤر وارن نمونن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي. سر جان مارشل جو بيان آهي ته سندس طرفان موهن جي دڙي ۾ ڪيل تهن جي ورڇ ان جي اڏاوتي آثارن جي دؤرن سان واسطو رکي ٿي، ۽ نه مختلف تهن مان لڌل ”قديم شين“ جي نوعيت تي، ڇاڪاڻ ته ”عام طور انهن قديم دؤر جي ننڍين کان ننڍين ۽ وڏين کان وڏين شين جي..... صورت ۽ نموني ۾ اهڙو ته مختصر ۽ ٿورڙو فرق ظاهر آهي، جو دڙي جي هڪ تهه مان لڌل شين کي ٻئي تهه مان لڌل شين کان جدا ۽ مُيز ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.“ انهيءَ باري ۾ وڌيڪ تبصرو ڪندي هن لکيو آهي ته ”جيڪڏهن موهن جي دڙي جي آباديءَ جو عرصو ڊگهو هجي ها، ته پوءِ جيڪا يڪسانيت هتي ڏٺي ويئي آهي، سا هوند ممڪن نه رهي ها“- هن جيتري کوٽائي پاڻ ڪئي هئي، تنهن جو هن اهو اندازو لڳايو هو ته ان وڌ ۾ وڌ پنج سؤ سالن جي عرصي جي نمائندگي ڪئي ٿي-پر ”جنهن منزل تي هيءَ تهذيب اسان جي اڳيان ظاهر ٿئي ٿي، ان منزل تي اها اسان کي اڳي ئي پوريءَ طرح سان پنهنجي بلوغت کي پهتل نظر اچي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري اسين هيءَ اندازو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته اها پنهنجي اوسر جو هڪ وڏو دور ان منزل کان اڳ ئي گذاري چڪي هئي (19).“ بهرحال هيءَ ڳالهه به ڪنهن ثابت ٿيل حد تائين پختي ڪانهي ته ڪن خاص حالتن ۾، هنرن ۽ ڪاريگرين جي طريقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڊگهي عرصي تائين ڪا تبديلي رونما نه ٿي ٿئي ته اها ڪا غير معمولي يا غير فطري ڳالهه آهي. سر ليئو نارڊو وليءَ ”تل اشناالالخ“ مان لڌل ٺڪر جي ٿانون ۾، هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي دوران ساڳيءَ هڪ حيرت انگيز يڪسانيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي (20). اسين ان باري ۾ ڪهڙي به راءِ رکون، ته آيا هنرن ۽ ڪاريگرين جي معيار ۾ ترقي ۽ واڌارو ڊگهي ۽ لاڳيتي انساني تهذيب جي عرصي جي هڪ قدرتي ۽ لازمي وصف آهي يا نه، بهرحال اسان کي اهو به جڳائي ٿو ته اسين سر مارٽيمر وهيلر جي هن بيان کي به خيال ۾ رکون ته ”سنڌو لوڪن جي تمدن جي هن نام نهاد يڪسانيت کي وڌائي بيان ڪيو ويو آهي ۽ اها يڪسانيت جيتريقدر قديم دور جي ڪاريگرن جي جبلتي ۽ فطري قدامت پسنديءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. اوتريقدر اهو نتيجو اسان جي پنهنجي تحقيق ۽ تطبيق جي ناقص ۽ فرسوده. طريقن جي ڪري پڻ اخذ ڪيل ٿو ڀانئجي.“ ان جي باوجود، سر مارٽيمر پاڻ به اها شاهدي ڏئي ٿو ته خصوصاً سنڌو لوڪن جي ٺڪر جي ٿانون جي ساخت ۾ ”سنڌو تهذيب جي پوين دورن ۾ فني معيار جو تنزل ظاهر ظهور ڏسي سگهجي ٿو.“ مئڪي خود به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو هو ته ٺڪر جي ٿانون جي چٽساليءَ جو، پوين دورن جي ڀيٽ ۾، اوائلي دورن ۾ وڌيڪ عام رواج هو (21). جيسين مهرن جو واسطو آهي، ته واٽس هڙاپا جي انتهائي هيٺانهين سطحن مان مليل هڪ اهڙيءَ ننڍڙيءَ سهڻيءَ مهر ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي، جيڪا مخصوص قسم جي اوچي معيار جي جڙيل هئي، ٻئي طرف مئڪي موهن جي دڙي مان لڌل ٽامي جي تختين جو خاص طرح بيان ڪيو آهي، جي ان جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ آهن ۽ اهي ڪاريگريءَ جي ڪنهن خاص معيار جون معلوم نه ٿي ٿيون. مطلب ته جيڪي به ٿوريون گهڻيون فن ۽ ڪاريگريءَ جون تبديليون نظر آيون آهن. سي اڪثر حالتن ۾ بهتريءَ بدران خرابيءَ ڏانهن لاڙو رکندڙ ڏٺيون ويون آهن. باقي جيستائين ميسوپوٽيميا وارن جي ساڳين مثالن جو معاملو آهي، ته انهيءَ سلسلي ۾ به ووليءَ سُمر جي ڌاتو گرن جي فن ۾ آيل ”افسوسناڪ ابتري“ ڏانهن ئي ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪا انهن ۾ اوائلي گهراڻي جي دور وارن اعليٰ درجي جي پتل جي پلٽيل اوزارن جي ڀيٽ ۾ اڪيڊيا واري زماني جي ٺاٺارن جي هٿان، بي ڍنگي طريقي سان مترڪن سان ڪٽيل سٽيل شين جي صورت ۾ آيل هئي. سُميريا جي ٻين قديم دور وارين شين ۾ به هو انهن جي ”عقل ۽ ڪاريگريءَ ۾ آهستي آهستي آيل تنزل“ جي نشاندهي ڪري ٿو. هن جي انهيءَ سلسلي ۾ اهائي راءِ آهي ته انهن جي ”ڪاريگريءَ جي ڄميل ۽ بيٺل طور طريقن سندن فن جي اصليت کي درجي بدر جي ختم ڪري ڇڏيو.“ (22). اهي ڳالهيون اسان کي وري ڦيرائي انهيءَ ئي اصلوڪي خيال تي پهچائين ٿيون ته سنڌو لوڪن جون مکيه صنعتي ۽ ڪاريگريءَ جون شيون هڪ سخت ۽ اڏول جماعتي نظام جي تحت هيون، ڇاڪاڻ ته اسان جو اهو خيال هن عام تصور سان پوريءَ طرح ٺهڪي اچي ٿو ته سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ زندگيءَ جو نظام صدين تائين ڪن اهڙن حڪمرانن جي ضابطي هيٺ هلندڙ هو، جن جو سڄو اختيار ڪُلي تسليم ٿيل مذهبي قاعدن ۽ دستورن تحت هلندڙ هو؛ پروفيسر پگٽ جي لفظن ۾ ”ان جي پنهنجي روزمره جي ننڍين ننڍين ڳالهين کي به صدين تائين جيئن جو تيئن محفوظ رکڻ ۽ ان جي اهڙيءَ حيرت انگيز دستورپسنديءَ مان......... يقيناً هڪ اهڙي سماجي نظام جي نشاندهي ٿئي ٿي. جنهن ۾ ”مندر“ جي ناقابل تبديل روايتن کي وقت جي حڪمران جي ذاتي آرزوئن ۽ خواهشن کان وڌيڪ وڏي اهميت حاصل هئي (23).“ اهڙيءَ طرح، جاين جي بار بار نئين سر ٺهڻ جي صورت ۾ به گهٽين جي اصلوڪين حدن جي باريڪيءَ سان ڪيل حفاظت؛ دستياب ٿيل بيشمار وٽن ۾ ڪوڙن وٽن جي ڪُلي عدم موجودگي (جن سچن ۽ تزُ وٽن جي آڌار تي انهيءَ زماني جي مروج تور ۽ ماپ جي اڪائيءَ ۽ ٻيڻ واڌو ڏهائيءَ جو نظام اخذ ڪيو ويو آهي)؛ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ محنت ۽ سچائي سان بنايل نظام کي صاف ڪرڻ جو معياري انتظام اهي سڀ ڳالهيون هڪ خبردار ۽ قابل شهري انتظاميه جي نشاندهي ڪن ٿيون. ساڳيءَ طرح سان اناج جا وڏا وڏا گدام ۽ (هڙاپا ۾) انهن سان گڏ اناج کي ڪٽي سٽي صاف ڪرڻ جا ٿلها، ۽ ساڳئي وقت مزورن جي رهڻ لاءِ ٺهيل جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن جون ”ڊگهيون قطارون“، ملڪ جي زراعتي معيشت تي رياست جي ضابطي جو ثبوت پيش ڪري رهيون آهن. ۽ انهيءَ حڪومت جي نوعيت جو عڪس موهن جي دڙي واري ڪوٽ تي تعمير ٿيل عمارتن مان پڻ ملي ٿو، ۽ انهيءَ نوعيت جي تصديق، هڙاپا جي ساڳئي قسم جي ڪوٽ جي ڀت سان جلوسن ڏسڻ لاءِ ٺهيل ٿلهن مان پڻ ٿئي ٿي. ڇا اهي ”بلند جايون“ ڪنهن اهڙي ”قومي“ سرپرست ديوتا جون ته نه هيون، جنهن جي نمائندگي وقت جي پروهت- راجا يا پروهتن جي پشت مان پيدا ٿيل وارثن طرفان ڪئي ويندي هئي؛ جن جو انتظامي اوزار هڪ اهڙي باضابطه دفتري حڪومت هئي، جنهن جو بنيادي پاليسيءَ اصول هيءُ هو ته اهائي ”بهتر ڄاڻي ٿي“ ته سنڌو- ديس ۽ ان جي ماتحت علائقن ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي ڀلائي ڇا ۾ هئي؟ اهو سخت ۽ اڏول نظام پنهنجي پوري جوڀن ۾ ڪيترو وقت هليو، سو ڪنهن به طرح سان واضح ڪونهي. جيئن ته اسين موهن جي دڙي ۽ چنهو دڙي جي هيٺانهن طبقن ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجودگيءَ سبب انهن گاديءَ وارن مکيه شهرن جي انتهائي اوائلي ۽ ابتدائي آبادين وارن حصن تائين نه ٿا پهچي سگهون ۽ جڏير جي دڙي ۽ نوهتو جي ڀرسان ڳاڙهي ڀڙي جي شهادتن جو به اڃا انتظار ئي ڪرڻو پوي ٿو، ان ڪري اسان کي نسبتاً ”ٻاهر ڀرين“ شهادتن تي ئي غور ڪرڻو پوي ٿو، جيڪي سردست اسان وٽ موجود آهن، پوءِ انهن جو اصل حقيقتن جي سڃاڻپ جي سلسلي ۾ في الحال قدر ۽ قيمت ڇا به هجي. سنڌو لوڪن جو لوٿل تي قبضو شايد ٽن صدين تائين هليو، جنهن کان پوءِ انهن جو ضابطو ختم ٿي ويل، يا ڪنهن ٻئي تمدن واريءَ اهڙيءَ قوم جي وڌندڙ اثر جي دٻاءَ کان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ هاڪو ٿيندي نظر اچي ٿو، جيڪا شايد انهيءَ علائقي جي اصلوڪن رهاڪن تي ئي مشتمل هئي ۽ جنهن پنهنجن پهرين حڪمرانن جي تمدن جون ڪجهه روايتون پنهنجي لاءِ انتظامي سهوليت طور کڻي اختيار ڪيون هيون. سنڌو لوڪن جي حڪمراني دؤر کان بعد واري دؤر سان واسطو رکندڙ هتان جي اَرضي تهه مان لڌل شين جي ريڊيو- ڪاربان چڪاس مان ان دؤر جو اهڙو سال مليو آهي، جيڪو اُر جي تباهيءَ واري سال کان ڪو گهڻو پوءِ جو نه آهي. راجستان جي ”ڪالي بنگن“ آثارن مان لڌل شين جي ساڳئي طريقي سان ڪيل چڪاس مان مليل سال پڻ ٻڌائين ٿا ته سنڌو لوڪ انهيءَ جاءِ کي به انهيءَ ئي دؤر ۾ ترڪ ڪري ويا هئا، جيتوڻيڪ اها سر زمين ان زماني ۾، سامونڊي واپار جي ماٺائيءَ جي خطرناڪ اثر هيٺ به اڃا آيل ڪانه هئي. هن جاءِ تي پڻ سنڌو لوڪن جي حڪومت جو دؤر ٽن سؤ سالن تائين هليل نظر اچي ٿو (24). اهڙيءَ طرح هيءُ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ”سنڌو سلطنت“ پنهنجي طاقت جي چوٽيءَ واري نڪتي تي سال 2150 قبل مسيح ڌاري پهتي هئي ۽ سال 1750 ق. م کان اڳي ئي انهيءَ نڪتي تان هٽڻ ۽ هيٺ لهڻ لڳي هئي. جڏهن اسين گاديءَ واري شهر، موهن جي دڙي،طرف ڌيان ڪريون ٿا، تڏهن ائين پيو معلوم ٿئي ته جنهن زماني ۾ اُر اڃا ترقيءَ جي اوج تي هو، تڏهن سنڌو تهذيب جي هيءُ شاهه شهر، اڳي ئي زوال پذير ٿي چڪو هو؛ نه فقط آباديءَ وارو سڀني کان مٿيون تهه، بلڪه ان سان لڳو لڳ هيٺيون تهه به، جيڪي ٻيئي تهه وقت جي لحاظ کان هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي جي نمائندگي ڪن ٿا، ان جي تنزل جا بيشمار ثبوت ظاهر ڪري رهيا آهن. اتفاق سان موهن جي دڙي ۾ ريڊيو ڪاربن طريقي سان اڳ ۾ ئي جسمي شين جي تحقيقات ڪئي ويئي- مثلاً سڙيل ڪڻڪ جي داڻن جي- جيڪي پوئين زماني واري آباديءَ جي سطح مان هٿ آيا هئا، ۽ انهن جي چڪاس مان ڪڻڪ جي داڻن جي عمر بابت اهڙا سال مليا، جيڪي رِ م سن (25) جي زوال وارن سالن سان ٺهڪي بيهن ٿا. جيتوڻيڪ اڪيلي هن تجربي تي اهڙي نتيجي لاءِ ڀروسو ڪرڻ اعتبار جوڳي ڳالهه ڪونهي، ان جي باوجود هن خيال لاءِ معقول سبب ملي ٿو ته موهن جو دڙو سُميريا جي اُر واري دور کان پوءِ به قائم هو. پر انهيءَ زماني ۾ سنڌوءَ جو اهو شهر ابتريءَ واري دور ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ پنهنجي وجود کي جيئن تيئن ڪري محض گهلي رهيو هو. ان جي انهيءَ دور جي جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، اسان کي ڪجهه پٺتي نهاري، هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته هن شهر جي زندگيءَ تي طبعي حالات، خصوصاً سنڌو نديءَ جي چال چلت جو، ان کان اڳين دورن ۾ ڪهڙيءَ طرح اثر انداز ٿيڻ جو امڪان هو. موهن جي دڙي جي پوئين دور کان اڳ جي صدين- ڇهن يا ڪجهه وڌيڪ؟- جي عرصي ۾، جنهن ۾ موهن جي دڙي جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهو شهر آسپاس واري ميدان کان درجي بدرجي اتانهون ٿيندو رهيو هو. کوٽائي ڪندڙن جي مختلف جماعتن منجهان سڀني کان اوائلي کوٽائي ڪندڙن آباديءَ وارن مختلف تهن جي چاليهن فوٽن هيٺ تائين بلڪل سڌي سنئين کوٽائي ڪئي؛ ۽ هيءَ ڳالهه حيرت انگيز معلوم ٿيندي ته ڊاڪٽر مئڪي طرفان چاليهن فوٽن جي اونهائيءَ وارن تهن جو وقت جي لحاظ کان پهريون اندازو فقط ٽي صديون هو، ۽ هن شهر جي هن اوچائيءَ طرف اهڙيءَ تيز رفتاريءَ سان واڌ لاءِ ٻوڏين ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کي بنيادي سبب طور شمار ڪونه ٿي ڪيو. هن جي طرفان انهيءَ باري ۾ اصرار ڪيو ويو ته پڪين سرن سان، اهڙيءَ آب و هوا ۾، جهڙي سنڌ جي اترئين حصي ۾ ملي ٿي، ڪنهن قسم جي ڊگهيءَ عمر کي منسوب ڪرڻ غلطي آهي- ”جن ماڻهن ٿوري ئي مينهن پوڻ کان پوءِ، پڪين سرن کي ڪلر جي اثر کان ڀڄندي ڀرندي ڏٺو آهي، سي انهيءَ ڳالهه کي فوري طور محسوس ڪندا ته هن حالت ۾ پاڻي ۽ گهم ڪيڏو وڏو نقصان ڪري سگهن ٿا.“ ان کان سواءِ ”گهرن مان گند ڪچري جي ڦٽي ڪرڻ، ڀتين ۽ ڇتين تان پاڻيءَ سان گپ چِڪ جي ڳري هيٺ لهڻ،....... ۽ هوا جي ذريعي دريائي چيڪي مٽيءَ جي ذرن جي جمع ٿيڻ ڪري، شهر جي آباديءَ واري سڄي دور ۾ ان جي سطح ۾ مستقل طور آهستي آهستي واڌ ايندي رهي، ۽ انهيءَ سبب جي ڪري جڏهن به گهرن جي فرش ۽ ٻاهرين گهٽين جي سطحن ۾ آيل فرق تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي ٿيو، تڏهن ڀتين، فرش ۽ ڇتين جي سطح کي مٿي ڪرڻ ضروري ٿي ٿي پيو.“ سر ليئونارڊ وولي ڏاڍيءَ وضاحت سان ڏيکاري ٿو ته ڪيئن نه اُر شهر ۾ به جاين جون سطحون، سيلاب جي سبب کان اثر پذير ٿيڻ کان سواءِ ئي، مستقل طور ساڳئي اهڙي ئي طريقي سان مٿي چڙهنديون ٿي رهيون (26). موهن جي دڙي جي پسگردائيءَ واري سيلابي ميدان جي سطح سنڌونديءَ جي پاڻيءَ سان گڏ ايندڙ ريٽ جي مخصوص عمل جي ڪري پڻ درجي بدرجي مٿي چڙهندي رهي هوندي،جيتوڻيڪ ميداني علائقي جي سطح جي چاڙهه جي رفتار، شهر جي سطح ۾ ايندڙ واڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر گهٽ هوندي. اسان کي معلوم ناهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌو نديءَ جو وهڪرو ڪهڙو هو، ۽ نه وري اها خبر آهي ته اها هڪ ئي شاخ جي صورت ۾ سمنڊ ۾ وڃي ڇڙندي هئي يا موهن جي دڙي کان ڪجهه مٿڀرو اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان کان سواءِ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن جي دور ۾ ستلج ندي هاڪڙا- نارا ۾ وڃي پوندي هئي، ۽ نه سنڌو نديءَ ۾. جيسين سنڌو نديءَ جو واسطو آهي ته انهيءَ نديءَ گذريل ٻن هزار سالن جي دوران سنڌ مان جيڪي پيٽ ڦيرايا آهن، تن جي ثابتين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان حصي جي دوران قائم رهي، جنهن کان پوءِ ست صديون اها ندي هڪ ئي يڪي وهڪري جي صورت ۾ وهي، سمنڊ ۾ ڇڙڻ کان ٿورو اڳي، وڃي هڪ ننڍڙي ڪيٽي ٺاهيندي (27) هئي. اهو ممڪن آهي ته سنڌو ندي پنهنجي هيٺانهين حصي ۾، اڳي پڻ تمام گهڻيءَ مدت جي دوران هڪ ئي وهڪري رستي يا ورهائجي ٻن شاخن ۾ وهڻ جو نمونو واري وٽيءَ سان اختيار ڪندي رهي آهي. سنڌو لوڪن لاءِ هڪ ئي اهڙيءَ نديءَ جي اٿل واريءَ حد اندر شهر جو بنياد ٻڌڻ جي ڀيٽ ۾، جيڪا پنهنجي پاڻيءَ جي سڄي مقدار ۽ ريٽ کي کڻي سڄيءَ سنڌ مان گذري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، درياءَ جي ٻن وڏين شاخن مان ڪهڙيءَ به هڪ جي ويجهڙائيءَ ۾ بنياد وجهڻ گهٽ خطري وارو هو؛ ۽ جڏهن سنڌو ندي هڪ ئي وهڪري جي صورت ۾ موهن جي دڙي جي پاسي کان وهندڙ هجي ها، يا جڏهن اها پنهنجي پاڻي ۽ ريٽ جو سمورو يا گهڻو مقدار انهيءَ هڪ شاخ وچان ڌڪي سمنڊ تائين پهچائيندڙ هجي ها، جنهن جي قريب اهو شهر ٻڌل هو، ته پوءِ ڪيئي سال لنگهي سگهيا ٿي، جو پاڻيءَ جي ڪا تمام وڏي اٿل ٿي سگهي ها ۽ ان جي نتيجي ۾ گهڻي مقدار ۾ ريٽ جي جمع ٿيڻ جي توقع ڪري سگهجي ها. سر ڪلاڊ انگليز، جيڪو سنڌو نديءَ جي معاملات جي متعلق اعليٰ ترين اختياري آهي، انهيءَ سيلابي ميدان جي تمام وڏي ۽ دور تائين ڦهليل علائقي ۾ درياءَ جي انهيءَ عمل ذريعي سطح ۾ ايندڙ سراسري چاڙهه جو تخمينو هڪ صديءَ پٺيان ست انچ لڳايو آهي؛ پر سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ شاخ (يڪي هڪ وهڪري واريءَ) جي آسپاس ۽ ويجهڙائيءَ واري ميدان جي صورت ۾ اها سراسري ”هڪ سؤ سالن ۾ هڪ فوٽ جيتري“ هجي ها. بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، هن انهيءَ تخميني لڳائڻ ۾ ستلج نديءَ جي اهڙي ريٽ جي جمع ٿيڻ جي رفتار کي ڌيان ۾ رکيو آهي. اسان کي هن هنڌ سرجان مارشل جي هن راءِ کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ”جنهن رفتار سان درياءَ جو ريٽ ڄمندو ۽ گڏ ٿيندو رهيو، اهو (موجوده رفتار جي بنياد تي) ڪافي وڌيڪ ٿي سگهيو ٿي، ڇو ته سنڌو ندي هڪ سست رفتار سان وهندڙ درياءُ آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جي پيٽ ۾ ريٽ وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان گڏ ٿيندو (28) رهي ٿو.“ يقيناً، جيڪڏهن ڊاڪٽر ڊيل جي کوٽاين دوران جيڪي 64- 1965ع ۾ موهن جي دڙي ۾ ڪيون ويون، شهر جي آباديءَ واريءَ سطح جي گند ڪچري جا ذرا پرزا ايتري قدر گهڻيءَ اونهائيءَ مان ٻاهر ڪڍيا ويا، جيڪا موهن جي دڙي جي پسگردائيءَ واري ميدان جي مٿاڇري کان اوڻيتاليهه فوٽ هيٺ هئي، ته پوءِ ماڻهوءَ کي هي نتيجو ڪڍڻو پوندو ته يا درياءَ جي ريٽ جي جمع ٿيڻ جي رفتار انتهائي تيز هئي، يا انهيءَ سرزمين تي ماڻهن جي آبادي انهيءَ زماني کان گهڻو اڳي ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ عام طرح سان سنڌو ماٿريءَ واريءَ تهذيب جي ظهور ۾ اچڻ متعلق عقيدو رکيو وڃي ٿو. هن هنڌ تي سر جان مارشل طرفان ڏنل هڪ ٻيءَ راءِ کي جاءِ ڏيڻ موزون ٿيندي...... ” مجموعي طور انهيءَ سڄي مسئلي تي غور ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب درياءَ جي ڪپنَ تي انهيءَ زماني کان ڪيئي صديون اڳ وجود ۾ اچي چڪي هوندي، جڏهن اها پوءِ اسان جي ڄاڻ ۾ آئي آهي- ڪيترو اڳي، تنهن بابت ماڻهو فقط اندازو ئي ڪري سگهي ٿو؛ پر ائين چوڻ معقول ۽ مناسب ٿيندو ته اهڙي نتيجي جي ظهور پذير ٿيڻ لاءِ هڪ هزار سال به تمام گهٽ عرصو شمار ڪري سگهجي ٿو (29).“ ڊاڪٽر ڊيل جي تحقيقات کان اڳ، ميدان جي مٿاڇري کان هيٺ، اونهي ۾ اونها هنڌ، جن تي کليل کوٽاين ذريعي آباديءَ جا آثار ظاهر ٿيا هئا، سي سنه 1932ع ۾ چوويهه فوٽ ۽ سنه 1950ع ۾ ڇويهه فوٽ هيٺ هئا. ٻنهي حالتن ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجودگيءَ وڌيڪ هيٺ کوٽاين ڪرڻ جو رستو روڪي ڇڏيو. انهن هنڌن تي آباديءَ جون اهڙيون سطحون انهيءَ ٿلهي ۽ اڻ ٽٽل پٽي کان گهڻو هيٺ موجود هيون، جيڪي مارشل ۽ مئڪي طرفان ”اوائلي دور“ جي نالي سان سڏيون ويون آهن، انهيءَ انتهائي نقطي کان، جتان سڃاڻپ ۾ اچي سگهندڙ شيون، جهڙوڪ ڪچيون سرون، هٿ آيون آهن، هيٺئين مفاصلي کي حساب ۾ آڻڻ سان، انهن سطحن جي قدامت کي 2400-2500 ق-م کان وڌيڪ دور نه ٿو رکي سگهجي، اسين، البت اهو فرض ڪري نٿا سگهون ته اهي نقطا انهيءَ زماني جي آسپاس واري ٻاهرئين ميدان جي عام سطح سان مطابقت رکن ٿا. جيڪڏهن ائين هجي ها، ته چوئيتاليهن صدين جي دوران مٿاڇري جي ڇويهن فوٽن تائين مٿي چڙهڻ واري عمل سراسري رفتار ست انچ في صديءَ جي حساب سان ٿي هوندي. ممڪن آهي ته اها رفتار ڪجهه وڌيڪ تڪڙي هجي. هيٺئين شهر ۾ ”ڊي- ڪي“ دڙو، جتي اهي تحقيقي ڪارروايون ڪيون ويون هيون- سنڌو لوڪن جي آباديءَ جي اوچي کان اوچي سطح، انهيءَ نقطي کان، جتي سنه 1932ع ۾ ڪيل کوٽاين ۾ ماڻهو پهتا هئا، اٽڪل ڇائيتاليهه فوٽ مٿي بيٺل آهي. انهيءَ هنڌ جي آسپاس ڪيل کوٽاين ۾ ٻن هنڌن تي ”مئڪي“ کي ڊٺل جاين ۽ ڀتين جون وڏي مقدار ۾ نشانيون نظر آيون، جن کي هُن انهيءَ پڪي پختي شهر جي زندگيءَ جي ٻن مختلف دورن ۾ آيل غير معمولي ٻوڏ جي اثرات سان تعبير ڪيو. اڏاوتن جي اها ڊاهه ڊوهه- مئڪي انهن ٻنهي سطحن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇڏيل ريٽ جي موجودگيءَ جو بيان نه ڪيو آهي- ڏهن فوٽن جي عمق واري مفاصلي ٿي موجود ٻن مختلف مٿاڇرن تي ٿيل آهي. انهن ٻنهي سطحن جي ”درمياني“ وقفي کي، جيڪو ٿلهي ليکي ٽن دورن تي مشتمل آهي، موهن جي دڙي جو ”انتهائي ترقيءَ ۽ نهايت خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ وارو دور“ چئجي ٿو. (30). ميسوپوٽيميا واريءَ هن شهادت مان، ته اهو دور ”اُر“ واري ٽئين گهراڻي جي ابتدا ۽ ”لارسا“ دور جي اختتام جي وچ تي آيو هو، جنهن جو اسان اڳيئي ذڪر ڪري آيا آهيون، اهو نتيجو اخذ ڪرڻ صحيح معلوم ٿئي ٿو. اسين جيڪڏهن انهيءَ دور کان 2050 کان 1850 ق.م تائين ٻن صدين جو عرصو فرض ڪري وٺنداسون ته اسين اصل حقيقت جي گهڻو قريب نه ته ان کان گهڻو پري به نٿا ٿي سگهون، ۽ انهيءَ دور ۾ جاين جون سطحون هڪ سؤ سالن جي پٺيان اٽڪل پنجن فوٽن جي حساب سان مٿي چڙهيون هونديون. مئڪي کي شهر جي اندرين حد ۾ پنهنجي ڪيل کوٽاين مان جيڪي شهادتون هٿ آيون، تن کي هن پسگردائيءَ واري ميدان ۾ جدا جدا هنڌن تي کوٽيل کاهين مان دستياب ٿيل شين سان ملائي نتيجن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جاين مان ٻن ۾، جن مان هڪ جاءِ ”ڊي- ڪي دڙي“ جي اترينءَ ڪنڊ جي بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ هئي، ۽ ٻي جاءِ ”اسٽوپا“ دڙي جي ڏاکڻينءَ ڪنڊ وٽ هئي، هن کي ڳريل ۽ ڀُريل سرن جي ٻن تهن جي وچ ۾ وارياسي مٽيءَ جو هڪ تهه نظر آيو، ۽ سرن واري تهه جي هيٺئين طرف وري کيس سخت مٽيءَ جو هڪ تهه مليو. انهن جي آڌار تي هو هنن نتيجن تي پهچي ٿو ته مٽيءَ جو مٿانهون ۽ تراکڙو تهه انهيءَ ساڳئي سيلاب جي نتيجي ۾ پاڻيءَ مان آٺرجي ڄميو آهي، جيڪو شهر جي اوج واري زماني ۾ آيو هو ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل جاين جا ٽڪرا ٽوٽا زمين تي وڇائي هليو ويو هو، ۽ هيٺانهون ۽ وڌيڪ اونهو چيڪي مٽيءَ وارو سخت تهه شهر جي انهيءَ دور کان اڳ ۾ آيل ڪنهن اوائلي سيلاب جي تباهيءَ جي نشاندهي (31) ڪري ٿو. آٺر جي هيٺ ويٺل انهن ٻن جدا جدا تهن کي، مئڪي جي ارضي سطح جي ماپ جي بنيادي انگ سان ڀيٽيندي، ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ٻن تهن مان پهريون تهه ميدان جي موجوده سطح کان ڪي ڏهه فوٽ مٿي آهي، ۽ هيٺيون تهه انهيءَ سطح جي لڳ ڀڳ سنوت تي واقع آهي. وري، ٻاهرين ميدان جي انهن ٻنهي متبادل تهن جون سطحون ان جي موجوده سطح کان هيٺ ترتيبوار هڪ کان ٽن فوٽن، ۽ ڇهن ۽ ستن فوٽن جي درميان موجود ڏٺيون ويون. جيڪڏهن انتهائي محتاط حساب لڳايو وڃي ته ميدان جومٿاڇرو سراسري طور هڪ صديءَ جي پويان ست انچ مٿي چڙهيو آهي، ته پوءِ ائين نظر ايندو ته مئڪي وارين کاهين ۾ جن سيلابن وارياسي مٽيءَ جا اهي تهه ٺاهيا هوندا، سي، ڪن مناسب صدين جي وڇوٽيءَ سان، خود عيسوي سن جي شروع کان پوءِ ئي آيا هوندا. مئڪي، شهر جي مٿي چڙهندڙ سطحن ۽ ٻاهر ميدان جي قدرتي چاڙهه جي وچ ۾ نسبتي تعلق ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾، هن ڳالهه جو خيال ئي نه رکيو آهي ته موهن جي دڙي جي اوج واري زماني ۽ ان جي آخري دورن ۾ ڪيتريقدر نه وڏي ناموافقت هوندي. بهرحال، هو پاڻ ئي اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته ”جيئن ته شهر کان ٻاهرئين ميدان جي سطح شهر جي گهٽين جي سطح کان ڪافي حد تائين هيٺ هوندي، ان ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ جو، سواءِ ڪنهن وڏيءَ ٻوڏ جي، گهٽين ۾ اندر داخل ٿيڻ مشڪل هوندو. پر سيلابن جو عمارتن تي، سم جي صورت ۾، جيڪو خطرناڪ اثر ٿي رهيو هو، تنهن جو ثبوت اسان جي کوٽاين مان مليل ڀڳل ٽٽل سرن جا هيٺ ڄميل تهه آهن. شهر جي تاريخ جي وچولي ٽئين دور وارين ڀتين کي پاڻيءَ مان آٺر- جي هيٺ ويٺل مٽيءَ کان پڻ زبردست نقصان پهتو آهي، ۽ انهيءَ دور جو اختتام پاڻيءَ جي سيمي سبب دڙي جي حد کان زيادهه آلي ٿي وڃڻ ڪري آيو. اها حقيقت هن مان ثابت آهي ته شهر جي رستن جي پاسن کان ٺهيل ٿلهن جهڙيون هلڪيون اڏاوتون به ويهي رهيون آهن.“ هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته کوٽائي ڪندڙ طرفان ”دريائي ريٽ جي انهن ٽن ٿلهن تهن بابت، جيڪي کيس ”ڊي- ڪي“ دڙي جي مرڪزي حصي ۾ جدا جدا سطحن تي مليا“ هڪ لفظ به نه چيو ويو آهي. اهڙو هڪ ئي مثال، جيڪو مون کي نظر اچي ٿو ، ۽ جيڪو مئڪي کي شهر جي ”آباديءَ واريءَ حصي جي اندر“ کوٽائي ڪندي سامهون آيو، سو هڪ تمام اوائلي تهه ۾ هو، جيڪو سندس سطحي ماپ بنيادي انگ کان پنجٽيهه فوٽ هيٺ، ۽ ٻاهرئين سيلابي ميدان جي جديد سطح کان چوڏهن فوٽ هيٺ هو. هو چوي ٿو ته ” انهيءَ بنيادي سطح کان هيٺ سخت مٽيءَ جي تهه ۾ ڪٿي ڪٿي خاڪي رنگ جي واريءَ جي موجودگي ان دور ۾ اتي سيلاب اچڻ جو واضح ثبوت (33) آهي.“ انهيءَ سخت مٽيءَ جي تهه مان ڪو ڀروسي جوڳو مطلب ڪڍڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. عمارتن جي سطح سان ان جي نسبتي تعلق مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو تهه شهر جي تاريخ جي اوائلي زماني ۾ ڄميو آهي، پر خود ان جي پنهنجي ڪافي گهڻي ٿولهه- ڏهن فوٽن کان مٿڀري- ڏيکاري ٿي ته اهو هنڌ، جيڪو شهر جي آباد علائقي جي آخري ڇيڙي کان گهڻو پري ڪونهي، طويل زماني تائين بار بار سيلابن جي زد ۾ ايندو رهيو آهي. بهر حال، جيڪڏهن مئڪي ”ڊي ڪي دڙي“ وارين سندس کوٽائين مان مليل شهادتن جي مطلب ڪڍڻ ۾ صحيح آهي ته پوءِ اسان کي هيءَ نتيجو ڪڍڻو پوي ٿو ته موهن جي دڙي جي تاريخ جي وچولي دور ۾ ٻن يا ٽن صدين جي وقفي سان اٽڪل ٽي غير معمولي ٻوڏون آيون هيون. انهن جهڙيون ٻوڌون غير معمولي اسبابن جي نتيجي ۾ اينديون آهن، جهڙوڪ هماليا جبلن جي مٿانهين چوٽين وٽ جبل جي ڪن وڏين ڇپن يا برف جي وڏين ڇپن، جن سنڌو نديءَ يا ان جي معاون (34) درياهن جي بالائي حصن ۾ پاڻيءَ جي وڏي مقدار کي هيٺ وهي اچڻ کان ڪنهن وڏيءَ مدت تائين روڪي رکيو هو، تن جي اوچتو ٽٽڻ سبب پاڻيءَ جي اٿاهه مقدار جو انهن رڪاوٽن مان آزاد ٿي هيٺئين طرف وڏيءَ طاقت ۽ وڏي زور سان وهي اچڻ. پر هن ڳالهه جو پوءِ به گهڻو امڪان ڪونهي ته خود اهڙيون تباهڪن اٿلون به، جيڪي اهڙن غير معمولي واقعن جي رونما ٿيڻ سان پيدا ٿين ٿيون، پاڻيءَ جو ايڏو مقدار کڻي اينديون هونديون، جو اهو موهن جي دڙي جي ايڏين اوچين گهٽين تائين اندر بار بار داخل ٿي ويندو هوندو. پر هيءَ حقيقت ناقابل ترديد آهي ته شهر جي ٻاهرين حصن وارين عمارتن جي ڀتين جي چوڌاري رڳو پنجن فوٽن تائين ٻوڏ جو پاڻي به لڳاتار ڪجهه هفتا جيڪڏهن بيهي ٿي سگهيو، ته پوءِ اهو نه فقط انهن ڀتين کي ڳاري، ڪيرائي سگهيو ٿي، پر سيمون ڪري ڪافي ڪجهه اندر ڀرو به پنهنجو اثر پيدا ڪري سگهيو ٿي. گهڻي قدر خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ طرح ئي درياهه جو سيلابي پاڻي شهر جي اتانهين سطحن ۾ وڏي پيماني تي جاين کي ڪيرائڻ ۽ انهن جي ملبي جي جمع ٿيڻ جو سبب بڻيو. ان کان ڪجهه گهٽ پيماني جي تباهي مٿي بيان ڪيل واقعن کان گهٽ ڊرامائي واقعن جي نتيجي ۾ به ٿي سگهي هوندي، جهڙوڪ هماليه جبلن جي علائقي ۾ پاڇاٽي موسم ۾ برف جو تيزيءَ سان ڳرڻ ۽ ساڳئي وقت تي جبلن کان هيٺ ميداني علائقي ۾ زوردار برساتن جو شروع ٿيڻ، ۽ شهر جي طويل حد تي تاريخ جي مختلف دورن ۾، ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ، اهڙي نموني سان آيل پاڻيءَ جي ججهي مقدار واريون غير متوقع ٻوڏون ۽ انهن جي ڇر ۽ سيمي جا مضر اثرات. هن ڳالهه جو اڳي ئي ذڪر ڪيو ويو آهي ته موهن جي دڙي وارو ڪوٽ، شهر جي الهندي علائقي ۾ ڪچين سرن ۽ چيڪي مٽيءَ جي تمام وڏي ٿلهي تي مصنوعي طور ٺاهيل اٽڪل ويهن فوٽن جي اوچي دڙي تي اڏيو ويو هو. سر جان مارشل انهيءَ حقيقت مان اهو اندازو لڳايو ته انهيءَ ڳالهه جو مقصد سرڪاري عمارتن کي ”سيلابن“ سبب ٿيندڙ ان نقصان کان محفوظ ڪرڻ هو. ساڳيو ئي مقصد، ننڍي پيماني تي ۽ ساڳئي سامان مان ٺهيل انهن پڪن بنيادن يا انهن هيٺانهن ۽ ننڍن ٿلهن جو نظر اچي ٿو، جن جي مٿان شهر جي مختلف حصن ۽ آباديءَ جي ايراضين ۾ گهرن جون جايون جوڙيون وينديون هيون. مئڪي اهڙن ٿلهن منجهان هڪ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو شهر جي اوائلي دور جو آهي، جنهن ۾ بعد ۾ اضافو به ڪيل آهي؛ اهو ”ڪچين سرن جي ڳري ڀري، گڏجي هڪ ٿي وڃڻ سان هڪ يڪو پڪو مواد نظر اچي رهيو هو (35).“ هڪ ٻئي اهڙي اوائلي مثال بابت هو چوي ٿو ته ”هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ شبهو نظر نه ٿو اچي ته اهو ڀراءُ ان وقت ڪيل آهي، جڏهن انهيءَ عمارت کي ٻوڏ جي اثر کان بچائڻ جي ارادي سان ڄاڻي واڻي مٿي ڪرڻو پيو هوندو.“ مارشل ته هيءَ به دعويٰ ڪري ٿو ته ”سواءِ ڪن تمام ننڍين جاين جي...... سڀني ۾ فرش جي هڪ حصي کي ٿلهي جي صورت ۾ ايترو مٿي ۽ مضبوط ڪيو ويو هو، جو اهو جاءِ کي انهن ٻوڏين جي اثر کان محفوظ رکي سگهي، جيڪي انهيءَ دور ۾ سال بسال شهر لاءِ خطرو بنجڻ لڳيون هيون.“ مئڪي هن کان وڌيڪ محتاط هو. پوئين دور جو بيان ڪندي، هو لکي ٿو، ”ڪنهن سبب ڪري، جيڪو غير معمولي ٻوڏين سان واسطو رکندڙ معلوم ٿئي ٿو، بعد جي دور واريون گهڻيون جايون، اهڙن ٿلهن جي مٿان ٺاهيون ويون آهن، جيڪي انهن جاين جي هيٺان اوائلي جاين جي ڪوٺين ۽ ڪمرن کي ڪچين سرن، چيڪي مٽيءَ يا ڪن حالتن ۾ سرن پچائڻ جي بٺن مان ڍوئي آندل سروٽن وغيره سان ڀري ٺاهيا ويا هئا...... آءٌ هن خيال جو آهيان ته ٻوڏين ۾ موهن جي دڙي جون گهڻيون جايون ڌرتيءَ جي هيٺ ويهي رهڻ ڪري ڪريون آهن .....گهڻيون جايون...... خاص ٿلهن جي مٿان به ٺهيل ناهن، ۽ اهي انهن اوائلي هيٺ ويهي رهيل جاين جي مٿان تعمير ڪيل معلوم ٿين ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح اهي سم سبب اڳوڻين هيٺ ويهي رهيل جاين جو واضح ثبوت پيش ڪن ٿيون (36).“ هڪ ٻئي هنڌ تي هو چوي ٿو ته ”هن ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته پڪيءَ سر مان ٺهيل جاءِ ۽ سروٽن جا ٽڪرا پاڻيءَ کي چهڻ جا اثرائتا مُئل ڪڪر آهن، جن ۾ پاڻيءَ جي سطح کان گهڻو مٿي تائين پاڻيءَ جي آلاڻ پهچي ويندي آهي....“ هو ڊي.ڪي ايراضيءَ ۽ پاسي واريءَ سرزمين جي ڪن ٻين حصن ۾ مليل ٿلهن جو حوالو ڏيندي، چوي ٿو، ”اڪثر حالتن ۾ گهم ۽ آلاڻ ڪچين سرن کي اهڙيءَ طرح ملائي ڇڏيو آهي، جو اهو سڄو مواد مٽيءَ جي هڪ وڏي ڇپ نظر اچي ٿي..... انهن مان اڪثر ٿلها شهر جي وچولي زماني جي ٻئي دور ۾ پهرئين وڏي سيلاب کان پوءِ، جنهن جي اسان کي ثابتي ملي آهي، ٺاهيا ويا هئا، ۽ ڪي وري ٻئي دور جي پوئين حصي ۾ آيل ٻئي سيلاب کان پوءِ ٺاهيا ويا هئا. جيتوڻيڪ اهڙي چيڪيءَ مٽيءَ جي ٺهيل پڪي ٿلهي جو هيٺيون حصو ڪجهه وقت تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل به رهي ها، تڏهن به ان مٿان ٺهيل جاين کي پاڻيءَ جي چهجي مٿي چڙهڻ واري عمل کان پڪين سرن يا انهن جي ٽڪر ٽوٽن مان ٺهيل ٿلهن کان گهٽ نقصان پهچڻ جو خطرو هو (37).“ چنانچه کوٽائيءَ جو ڪم ڪندڙ پهرينءَ جماعت جا ماڻهو هن باري ۾ ٻه- چتا ٿي پيا ته انهن ٿلهن جو مقصد جاين کي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي اوچائيءَ واريءَ سطح کان مٿي ڪرڻ هو، يا ٻوڏ جي پاڻيءَ جي سيمي واري عمل جي ذريعي آلاڻ جي مٿي پهچڻ واريءَ آخري سطح کان به مٿي ڪرڻ هو. سيلابي ميدان جي سطح ۽ شهر جي آباديءَ واري سطح جي درميان، جيئن ته وڌندڙ نامطابقت آهي، ان ڪري هاڻي اها ڳالهه بلڪل واٰضح آهي ته شهر جي جاين کي پاڻيءَ جي سيمي جي نتيجي ۾ پهچندڙ تباهي ئي اصلي ۽ حقيقي خطرو هو. ممڪن آهي ته شهر جي ڪن اهڙن حصن ۾، جيڪي ان جي آخري ڇيڙي کان پري هئا (۽ ان طرح سان پاڻيءَ جي سيمي کان، توڻي آسپاس واري پاڻيءَ کان، جيڪو ٻاهر کليل پٽن تي، هفتن تائين ٽن يا چئن فوٽن تائين موجود ٿي رهيو، محفوظ هئا)، ڪڏهن ڪڏهن ڪن ٻين سببن ڪري به جايون اهڙن ٿلهن تي ٺاهيون وينديون هجن. انهيءَ باري ۾ ڪوٽ واري دڙي جو مثال اڳي ئي ڏنو ويو آهي؛ سرڪاري عمارتن کي دشمنن يا حمله آور ڌاڙيلن جي زد کان محفوظ رکڻ يا شان وشوڪت لاءِ پڻ اهڙي طريقي سان مٿانهينءَ سطح تي ٺاهيو ويندو هو؛ جيڪڏهن ڪو پروهت- راجا هو، ته ان جو محل به اهڙيءَ طرح اوچائي تي اڏجي سگهيو ٿي، جو اهو سڄي شهر جي مٿان ڪر کنيو بيٺو هجي! شهر جي وڌيڪ شاهوڪار ۽ خوشحال رهاڪن لاءِ سندن جاين کي مٿانهينءَ تي جوڙائڻ لاءِ جيڪي ٻيا مقصد ٿي پئي سگهيا، تن مان هڪ انهيءَ ڳتيل شهر ۾ اونهاري جي موسم وارين ٻوساٽيندڙ راتين ۾ وڌيڪ تازي ۽ بهتر هوا حاصل ڪرڻ جو مقصد به ٿي سگهيو هوندو. ساڳيءَ طرح اهو به ممڪن هو ته شاهوڪار گهراڻا سندن پاسن ۾ رهندڙ گهٽ ذاتين وارن همساين جو، انهن جي گهرن اندر نهارڻ ناپسند ڪري، پنهنجين جاين کي مٿڀرو جوڙائيندا هوندا. اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهڙيءَ گرم موسم ۾، جاين جون ڇتيون عام طرح سان اوچيون ۽ سڌيون سنيون هونديون، جيئن اهي اڄ به ان پاسي جي عام رهائشي جاين ۾ ڏسجن ٿيون. ساڳيءَ طرح، ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ هن ڳالهه جو ٿيندڙ تجربو، ته سنڌوندي جڏهن شديد سيلابي ڪيفيت ۾ اچي، انسانن جي هٿان پاڻيءَ روڪ لاءِ ٺاهيل بندن کي ڀڃي ڀوري، ٻاهر نڪري اچي ٿي، تڏهن ڪهڙي حالت ٿئي ٿي- جيتوڻيڪ اهڙا موقعا هن زماني ۾ دير دير سان ۽ فقط تڏهن رونما ٿين ٿا، جڏهن اها ندي پنهنجي گذريل دور واريون ”قدرتي حالتون“ پيدا ڪري ٿي- اسان کي انهن اثرن جي اندازي لڳائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جيڪي موهن جي دڙي جي زندگيءَ تي ٻوڏين جي حالت ۾ پيدا ٿيندا هوندا. اڄ به ان صورتحال ۾ اهو پاڻي ملڪ جي سڄي علائقي ۾ ٽن يا چئن فوٽن جي اونهائيءَ ۾ ڦهلجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ هيٺانهين سطحن مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ رستا ڪڍي وهي ٿو، ۽ انهيءَ عمل دوران اهو اهڙن دڙن کي چئن ئي پاسن کان وڪوڙي وڃي ٿو، جن جي چوٽين تي قديم وقت کان وٺي اڪثر ڳوٺ آباد آهن. اهو پاڻي، فقط اهڙين کڏن کوٻن کان سواءِ، جن کان ٻاهر نڪرڻ جو ان لاءِ ڪو رستو ڪونهي، انهيءَ وقت تائين اڳتي وهندو رهي ٿو. جيستائين بخارن جي صورت ۾ اڏامي، سُڪي، ختم نه ٿي وڃي، يا زمين ۾ جذب نه ٿي وڃي، يا جڏهن سرءُ جي موسم ۾ درياءَ جي پاڻيءَ جي سطح هيٺ لهي ٿي، تڏهن اهو موٽي وڃي ان سان ملي ٿو. ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رستي ۾ بيٺل شهر يا ڳوٺ گهڻو ڪري اٿل واري پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو ئي ٻڌل هوندا آهن، پر پاڻي انهن دڙن مان سيمو نڪري، انهن ۾ ڪافي اندر تائين پهچي وڃي ٿو، ۽ جاين کي ان مان پڌري پٽ نقصان رسندو رهي ٿو. اهي دڙا گهڻين حالتن ۾ انهن ئي جاين جي ڀنجوءَ ۽ ملبي جي ٻين شين تي ڊهندا ۽ ٺهندا ۽ وڌندا رهن ٿا، جيڪي انهيءَ طرح مند مند ٿي آيل ٻوڏين ۾ ڊهي زمين سان هڪ ٿينديون رهن ٿيون. اسان کي بار بار اهوئي عمل سنڌ ۾ اڄ به پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳي ٿو- يعني اٿل جو پاڻي دڙي جي چوڌاري ڇوليون ماريندو رهي ٿو، ۽ سيمون ڪري مٿي تائين پهچي وڃي ٿو، دڙي جي ٻاهرئين گهير واريون جايون ڦهڪو ڪري ڪرڻ لڳن ٿيون، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ شهر جي ڳتيل آباديءَ واري وچين حصي ۾ به ڪريل ڀتين جا حصا زمين دوز ٿيڻ لڳن ٿا. ۽ آخر ۾ جڏهن پاڻي لهي وڃي ٿو، تڏهن وري ساڳين هنڌن تي جاين جي ٻيهر تعمير ڪرڻي پوي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته ٻوڏ جو پاڻي جڏهن ڳوٺ واري دڙي کي گهيرو ڪري بيهي ٿو، تڏهن ڳوٺاڻا پنهنجا گهرگهاٽ ڇڏي به وڃن ٿا، پر جيڪڏهن سندن اناج جا ذخيرا دڙي تي صحيح سلامت آهن، ۽ جيڪڏهن سندن وهٽن ۽ مال لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ ڪو گاهه جو ٽڪر به بچيل موجود آهي يا سندن سڪي گاهه ۽ داڻي جو ڪجهه ذخيرو محفوظ آهي، (توڻي کڻي انهن کي گاهه واريءَ زمين تائين گوڏي جيڏو پاڻي جهاڳي به وڃڻو پوي ٿو يا ٻيڙيءَ ۾ ويهي اتي پهچڻو پوي ٿو)، تڏهن به اهي مضبوطيءَ سان ڄميا، اتي پنهنجن گهرن ۾ ويٺا رهندا آهن. پر جيڪڏهن نقصان شديد ٿيو هوندو ۽ ڳوٺاڻن کي خوراڪ جي قلت هوندي، ته پوءِ اهي عارضي طور ڳوٺ ڇڏي به وڃي سگهن ٿا، ۽ پاڻيءَ جي سڪي وڃڻ تائين هو ڀرپاسي ۾ ڪنهن پوٺي تي ڇانوڻي هڻي وقت گذاري پورو ڪن ٿا، جيسين وري ٻيهر واپس اچي، پنهنجي ڳوٺ کي آباد ڪن. هنن جي اها ”جلاوطني“ فقط ڪن هفتن جي مس ٿيندي آهي؛ ۽ جيڪڏهن انهن وٽ ايندڙ ربيع موسم لاءِ ٻج لاءِ ڪافي مقدار ۾ اناج موجود آهي، ته پوءِ هو انهن ئي زمينن تي تمام ڀلن فصلن پوکڻ ۽ لڻڻ جون اميدون رکيو ويٺا هوندا آهن، جن تان ٿورو ئي وقت اڳي کين لڏڻو پيو هو. سنڌ جي ميدانن ۾ موجود آباديءَ وارين جاين جي سطحن جي جيئن پوءِ تيئن مٿي چڙهڻ لاءِ ذميدار قدرتي سببن ۾ فقط ٻوڏ جو پاڻي ئي اڪيلو سبب ڪونهي. انهيءَ ملڪ ۾ سال جي وڏي حصي جي دوران خشڪ ساليءَ جون جيڪي حالتون قائم رهن ٿيون، تن ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون پڻ هڪ وڏو اثرائتو ذريعو آهن، جن سان ملڪ جي ظاهري شڪل ۽ صورت بدلجندي رهي ٿي، جو اهي هوائون مٽيءَ، واريءَ ۽ دريائي ريٽ کي هڪڙي هنڌان کڻي ڪيئي ميل پري اچي اڇلائين ٿيون. اهڙيءَ خشڪ موسم ۾ رستن تي جانورن جي کرن يا گاڏين جي ڦيٿن- خاص طور بيل گاڏين جي هل هلان- سنڌ جي نامياريءَ دز ۽ ڌوڙ کي اٿاري، ان جا ڪڪرن جا ڪڪر اڏائي ٿي؛ ان کان وڌيڪ وزندار ۽ ڳريريون شيون، واريءَ جون آنڌيون ۽ مٽيءَ جا طوفان، جيڪي اونهاري جي موسم جي پيشبنديءَ طور لڳندا آهن، هڪ کان ٻئي هنڌ آڻيو سٽين ٿا. اهي شيون اهڙي هنڌ پهچي هيٺ ڪرن ٿيون، جتي ڪا رنڊڪ هوا جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڪت هوا جا جهول پيدا ٿين ٿا، جيڪي انهن وزندار شين کي اتي جو اتي هيٺ ڪرڻ ۽ بنان ڪنهن روڪ رنڊڪ جي، جمع ٿيندي رهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ڳوٺاڻن کي، ٿورن ئي مهينن لاءِ ترڪ ڪيل سندن ڳوٺ، انهن جي موٽي اچڻ تائين، مٽيءَ ۽ دز جي انبارن هيٺان سڄو نه ته اڌو گابرو دٻيل ملي سگهي ٿو. مئڪي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا، موهن جي دڙي جي رهائشي سطحن جي جيئن پوءِ تيئن مٿي چڙهڻ جي مختلف اسبابن ۾ هوائن جي ذريعي ائين کڄي آيل ۽ اتي اچي گڏ ٿيندڙ مٽيءَ ۽ دز جو هڪ اهم وسيلي طور حوالو ڏئي ٿو (38). جن ماڻهن اپر سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ايندڙ اهڙين تبديلين جو مشاهدو ڪيو هوندو، سي هن ڳالهه کي هڪدم تسليم ڪندا ته موهن جي دڙي وارين صدين ۾ پڻ انهيءَ شهر کي نه فقط ڪيئي ٻوڏين جو مقابلو ڪرڻو پيو هوندو،پر هن ڳالهه جو به بلڪل امڪان آهي ته انهيءَ شهر کي مڪمل يا جزوي طور، نه فقط ٻوڏين جي اچڻ ڪري، بلڪ سنڌو نديءَ جي بلڪل ابتي جنون جي نتيجي ۾ به خالي ٿيڻو پيو هوندو، يعني ته جڏهن شهر جي معقول ويجهڙائيءَ اندر سنڌو ندي گهربل ڪارائتي سيلاب جو پاڻي پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيندي هوندي، جنهن تي رواجي طرح شهر جي آباديءَ لاءِ ٿيندڙ پوک جو دارومدار هوندو هو. هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته اهڙيءَ صورتحال کي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن منهن ڪڍندي هئي، منهن ڏيڻ لاءِ اناج جو وڏو گدام احتياط طور قائم ڪيو ويو هو. تنهنڪري، هڪ پاسي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي پوسل سيمي کان ڪرندڙ جاين جو ڊهڻ ۽ انهن جو ملبو ۽ ٻئي طرف عارضي طور خالي ٿيل شهر تي هوائن ذريعي اڏامي ايندڙ ريٽ ۽ واريءَ جو حملو- انهن ٻنهي مان هڪ عمل يا ٻنهي گڏجي، ماڻهن کي ڪافي مقدار ۾ وقت بوقت نئين سر اڏاوتن ڪرڻ لاءِ مجبور پئي ڪيو هوندو. هاڻي اسين انهيءَ منزل تي پهتا آهيون، جتي اسين انهيءَ نمايان تبديليءَ جي اهميت تي غور ڪري سگهون ٿا، جيڪا موهن جي دڙي جي زندگيءَ جي آخري دور کي انهن سڀني ڳالهين کان جدا ڪري ٿي، جيڪي اتي اڳي واقع ٿي چڪيون هيون. شهر جي کوٽائي ڪندڙ پهرين جماعت جا اڳواڻ، سر جان مارشل ۽ ڊاڪٽر مئڪي، ٻيئي هن راءِ جا هئا ته شهر جي زندگيءَ جو اهو پويون ڌنڌلڪو دور اهڙي وقت تي نئين سر آباد ڪاريءَ جي صورت ۾ شروع ٿيو، جڏهن اهو ڪافي گهڻي عرصي لاءِ ان کان اڳ مڪمل يا جزوي طور خالي ڪيو ويو هو. مئڪي جي راءِ موجب، موهن جو دڙو انهن ٻن قيامت خيز سيلابن منجهان ٻئي سيلاب جي دوران، جن جو اڳيئي ذڪر ٿي چڪو آهي، خالي ڪيو ويو هو؛ تباهه ٿيل ايراضيءَ جي مٽيءَ ۾ مليل ڪلر جو غير معمولي حد تائين گهڻو حصو انهيءَ نظريي کي هٿي ڏئي ٿو ته اهو علائقو ڪجهه وقت لاءِ غير آباد ۽ قدرتي عناصر جي رحم و ڪرم تي نڌڻڪو پيو رهيو (39). پر اُها جاءِ وري ٻيهر آباد ڪئي ويئي؛ ۽ سا به ”سنڌو“ لوڪن طرفان؛ پر نئون شهر پراڻي جي ڀيٽ ۾ نمايان طور سادو ۽ گهٽ درجي وارو هو. عمارتن جو معيار بي ڍنگو بڻجي چڪو آهي، جو گهرن جون جايون گهڻو ڪري انهن سرن مان ٺهيل معلوم ٿين ٿيون، جيڪي اڳين اوچاين تان ڊاهي ڊوهي آنديون ويئون آهن؛ ۽ اهي کڏون، جن مان مٽي ڪڍي ويئي آهي، سي ڄڻ ته ڪنهن بم جي اثر کان وجود ۾ آيل کڏن وانگر سڄيءَ ايراضيءَ ۾ وات ڦاڙيو بيٺيون آهن (40). اهي کڏون پنهنجي ليکي وري انهيءَ ايراضيءَ جي قابل استعمال حدن کي سوڙهو ڪن ٿيون، جنهن تي نئين اڏاوت ٿي سگهي، ۽ انهيءَ ڪري جايون هڪٻئي جي مٿان چڙهيون بيٺيون آهن. خوشحاليءَ واري دور جون وڏيون ۽ عاليشان عمارتون بنان سوچ سمجهه جي ننڍين ننڍين ڪوٺڙين ۾ورهايون ويئون آهن، ۽ گهٽين جي مقرر ٿيل انهن حدن ۾ ناجائز حد دخليون ٿيل آهن، جن کي گذريل ڪيترين ئي صدين جي دوران سختيءَ سان برقرار رکيو ويو هو. اٻهرائيءَ ۾ ٺهيل بي ڍنگن دڪانن جون وڏن رستن جي پاسن کان قطارون ٺهيون بيٺيون آهن، ۽ تعميري رٿائن جي معيارن ۾ آيل ابتريءَ جو هڪ وڌيڪ نمايان مثال اهو آهي ته ڪنڀارن جون آويون، جيڪي اڳين ڏينهن ۾ شهر جي اندرين حدن اندر ڪڏهن به برداشت نه ڪيون وڃن ها، هاڻي هتي هُتي قائم ٿيل ڏسجن ٿيون، ۽ حد ته اها آهي، جو انهن مان هڪ آوي ته رستي جي بلڪل وچ تي بيٺي آهي (41). صاف ظاهر آهي ته شهري انتظاميه جو سخت ضابطو، جيڪو شهر جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي طويل عرصي جو هڪ نمايان نشان هو، سو ان جي پوئين دور جي ابتريءَ سان گڏوگڏ غائب ٿي چڪو آهي. هيءَ موهن جو دڙو اهو ساڳيو هڪ عظيم قوم جي گاديءَ جو شهر ۽ هڪ تجارتي سلطنت جو دارالحڪومت باقي نه رهيو آهي، ۽ نه وري هاڻي اهو پروهت- راجا جي رهڻ وارو مرڪزي شهر ئي رهيو آهي. هاڻي اتي ڪاريگرن، قوت گذر ڪڍندڙ ڪڙمين ڪاسبين ۽ مزورن جو مجمعو اچي گڏ ٿيو آهي، جيڪي انهيءَ سر زمين تي هڪٻئي سان اٽڪيا پيا آهن، جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون اتي ٺهن ٿيون، سي هاڻي ڏيساور لاءِ نه، پر شايد شين جي ڏي وٺ جي بنياد تي داخلي کپت لاءِ ٺاهيون وڃن ٿيون. بنان ڪنهن شڪ جي، اهو تنزل گذريل دور جي پڇاڙيءَ ڌاري ئي شروع ٿي چڪو هو، جڏهن شهر جو سامونڊي واپار ختم ٿي چڪو هو، جنهن کان هڪدم پوءِ ”سلطنت“ جي حدن اندر واقع تجارتي مرڪزن ۽ واپار وارن شاهراهن تي رهندڙ رعيتي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بي آراميءَ ۽ مقامي بدانتظاميءَ جي نتيجي ۾ قاعدي ۽ قانون جي ضابطي ۾ ڪجهه هلڪائي ۽ ڍلائي اچي ويئي. يقيناً، انهيءَ طاقتور واپاري قوم جي ماڻهن کي، جيڪي صدين کان وٺي موهن جي دڙي جي عظمت ۽ دولت سان سڃاتا ويندا هئا، جڏهن اهو مسئلو طئي ڪرڻو پيو هوندو ته انهيءَ شهر ۾ وري ٻيهر آباد ٿجي يا نه، جنهن کي اهڙيءَ برباديءَ ۽ تباهيءَ مان گذرڻو پيو هو، پنهنجي دل ۽ من کان خوب پڇڻو پيو هوندو ۽ گهڻيءَ دير تائين شش و پنج ۾ گذارڻو پيو هوندو. هنن ضرور پاڻ کان اهڙا سوال پُڇيا هوندا ته اتي رهي وري ٻيهر واپار کي وڌائي سگهبو يا وڌيڪ عقلمنديءَ جو طريقو اهو ٿيندو ته پنهنجا نقصان هميشه لاءِ برداشت ڪري ڪنهن ٻئي طرف ڏانهن- شايد هڙاپا ۽ اترئين صوبي ڏانهن- لڏي هليو وڃجي-، جيڪي ان وقت تائين سرسبز ۽ شاداب هئا. شايد هنن کي درياءَ جي آئينده جي ٻوڏين جي پڌرن خطرن آخرڪار فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجي؛ هيءَ ڳالهه ڪا ناممڪن ناهي ته اهو فيصلو هنن انهن موقعن مان ڪنهن هڪ تي ڪيو هجي، جڏهن سنڌو درياءُ ڪنهن دؤر ۾ لاڳيتا ڪي سال ڦوڪجي هٿان لهندو هو، ۽ پاڻيءَ جو تباهڪن مقدار ساڻ آڻيندو هو. جيئن مئڪي هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ”هر سال“ (هنن ٻن لفظن تي مصنف طرفان زور ڏنل آهي) شهر جي چوڌاري ٻن يا وڌيڪ فوٽن جيتري وڏي پاڻيءَ کان وڌيڪ بيهڻ سان ئي شهر جي شاهوڪار ۽ خوشحال طبقي جي لڏڻ پلاڻ لازمي بنجي ويندي هوندي...... ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾، ٻيڙين جي مدد کان سواءِ، هنن لاءِ مال اسباب جو آڻڻ نيڻ ناممڪن بنجي ويندو هوندو.“ ظاهر آهي ته لاڳيتن اهڙن موقعن تي بريءَ طرح ستايل ”واپاري برادري“ جا ماڻهو وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيا هوندا، ۽ نيٺ هڪ ڀيري ٻاهر نڪري پوڻ کان پوءِ هو وري واپس نه آيا هجن، ان کان پوءِ هنن جو ڪهڙو حشر ٿيو، تنهن جي اسان کي ڪا خبر ڪانهي. امڪان آهي ته ”عام ماڻهو“، جن ڪنهن عرصي کان پوءِ ٻيهر اچي شهر آباد ڪيو، تن ۾سنڌو لوڪن جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو به شامل هجن؛ شايد اهي ”لوهم جي دڙي“ ۽ ”جهڪڙ“ جا رهاڪو هئا، ۽ ڪي شايد”چانهو دڙي“ کان آيل ٻوڏ جا ستايل پناهگير هئا. هن ڳالهه ۾ شڪ جو امڪان ڪونهي ته ”چانهو دڙي“ جي شهر جي ماڻهن کي هڪ ٻئي پٺيان آيل ٻوڏين جي ڪري اتان نڪرڻو پيو هو، جن ان شهر ۾ سندن رهائشي علائقي جي ڪجهه حصي کي زمين دوز ڪري ڇڏيو هو ۽ سڄي شهر کي آباديءَ جي ناقابل بنائي ڇڏيو هو، بهر حال اسين هن باري ۾ خاطريءَ سان ڪجهه نٿا چئي سگهون ته اتي اهي سيلاب به انهيءَ وقت ئي آيا هئا، جڏهن موهن جي دڙي واري اها ”خاص“ ٻوڏ آئي هئي، جنهن ”تاجر برادريءَ“ جي ماڻهن کي دائمي طور ۽ ”عام ماڻهن“ کي عارضي طور اتان لڏڻ لاءِ مجبور ڪيو هو (43). ڪنهن عام طبعي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي سوال کان قطع نظر، ٻاهرين ضلعن ۾ وڌندڙ بي آرامي ۽ عدم سلامتي، گاديءَ واري شهر جي ڪمزور ٿي ويل مرڪزي اختياريءَ جو پڻ سڌو سنئون نتيجو سمجهي سگهجي ٿي. بهرحال هن ڳالهه جي مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي ته انهيءَ شديد سيلاب جو، جنهن جي ڪري موهن جي دڙي يا ڪنهن ٻئي شهر کي عارضي طور ڇڏڻو پيو هو، انهيءَ جي آسپاس جي زرعي پيداوار تي به ڪو خاص نقصانڪار اثر پئجي سگهيو هوندو. هن ڳالهه جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي ته سنڌو ۾ ايندڙ سخت ٻوڏين جا ذيلي اثر عام طور فائديمند ٿيندا آهن، انهن جي نتيجي ۾ سيلابي پوک جي لائق ايراضيون وڌي وينديون آهن. انهيءَ ڪري، خاص طرح ”موهن جي دڙي“ جي شهر جي آخري دؤر ۾ ان جي آدمشماري ان جي اوج واري زماني جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته به اوتري ئي نظر اچي ٿي. ابتري ۽ تنزل فقط صنعت ۽ حرفت جي معيار ۾ آيل هو. ساڳئي وقت آسپاس جي ”ستايلن“ کي ڪششن ڪرڻ لاءِ، وري به انهيءَ شهر ۾ گذر سفر جا، توڙي پناهه ۽ نسبتي طور سلامتيءَ جا ڪافي ذريعا موجود نظر آيا هوندا. پروفيسر پگٽ انهيءَ وقت ڌاري ڪُلي (Kulli) ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن جي درميان لاڳاپن ۾ وڌيڪ ويجهڙائيءَ اچڻ جي ثبوتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، ۽ ساڳئي ئي دؤر ۾ هو بلوچستان ۾ ڪن ٻين هنڌن جا اهڙا مثال پيش ڪري ٿو، جن ۾ ٻين ”ثقافتن“ جي پراڻن ۽ قديم دؤر جي قائم ٿيل ڳوٺن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو آهي، ۽ انهن جي باشندن کي ماري- ڪٽي ختم ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جي مٿان وري نيون آباديون قائم ڪيل آهن. بهرحال ائين پيو ڀانئجي ته اسان کي انهيءَ دؤر يا انهن دؤرن کي وڌيڪ باريڪيءَ سان طئي ڪرڻ لاءِ، جڏهن اها بربادي ۽ تباهي آئي هئي (44). وڌيڪ ثابتين هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال انهيءَ وچ ۾ ”سنڌ جي شاهه شهر“ ۾ ”پرلئي کان اڳ جي سرڇائي“ اڃا به وڌيڪ ٽن يا زياده نسلن تائين گهلبي رهي. ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ مون اها راءِ ڏني هئي ته موهن جي دڙي جي آخري پڄاڻي شايد ڪنهن اهڙيءَ قدرتي آفت جي نتيجي ۾ آئي هوندي، جنهن اتان جي باشندن کي گذر سفر جي ذريعن کان محروم ڪيو هوندو؛ مثال طور سنڌو دياءَ جي پيٽ ۾ آيل ڪو وڏو ڦيرو. درياءَ جيئن وڌيڪ ڊگهي عرصي لاءِ پنهنجو دستوري وهڪرو قائم رکيو هوندو، جنهن مان شهر جي پسگردائيءَ ۽ ويجهڙائيءَ وارو علائقو رواجي طرح چڱي خاصيءَ باقاعدگيءَ سان، ۽ ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ايندڙ پاڻيءَ جي اٿل مان آباد ٿيندو رهندو هو- ۽ اهڙين تقريباً لاڳيتين هڪجهڙائين حالتن جي مدت اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ستن کان وٺي اٺ صديون سمجهڻ گهرجي- تيئن ان جي لَٽ ۽ ريٽ جي تهه بَتهه ڄمڻ ڪري درياءَ جي تري مٿي کڄي اچڻ، ۽ ان کان پوءِ ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جو هيٺانهين سطح اختيار ڪري ٻئي منهن سان وهڻ لاءِ زبردست ڦيرو کائڻ- ان جا امڪان اوڏائي وڌي ويا هوندا. اهڙيءَ طرح انهيءَ زماني ڌاري هن ڳالهه جو هڪ زبردست طبعي امڪان صاف ظاهر نظر پئي آيو هوندو ته درياءَ جي پيٽ ۾ جلد ڦيرو اچڻ وارو آهي. سنڌو ماٿريءَ وچان گذريل ٻن هزار سالن جي عرصي دوران سنڌو درياءَ جي سڄي تاريخ اهڙن رخن بدلائڻ جي ڊگهي تاريخ رهي آهي، جن جي نتيجي ۾ متاثر علائقن جي ڪيفيت آسودگيءَ ۽ نيم-ريگستاني حالتن جي درميان ڦرندي گهرندي رهي آهي (45). مون کي يقين آهي ته هيءَ واقعو اهڙن ئي واقعن مان هڪ هو. درياءَ جي پيٽ ۾ هيءَ وڏو ڦيرو ان جي شهر کان اصلوڪي اڀرندي پاسي واري رخ ۾ آيو، ۽ درياءَ اتان کان هٽي موهن جي دڙي کان ٽيهارو ميل پري اوڀر طرف وهڻ شروع ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح ان اهي زمينون، جن کي هو اڳي سائو ۽ آباد ڪندو آيو هو، خشڪ ساليءَ جي حالت ۾ فقط وقتي بارش جي رحم وڪرم تي تيزيءَ سان ويران ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنيون. ممڪن آهي ته انهيءَ تبديليءَ مڪمل ٿيڻ ۾ ڪي سال ورتا هجن، ۽ شهر جي رهاڪن کي شروع ۾ سندن مڪمل نااميديءَ جي صورتحال جو احساس نه ٿيو هجي، پر هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته جيڪڏهن اڳي نه، ته عين انهيءَ ابتريءَ جي وقت، موهن جي دڙي جي ڪمزوريءَ الهندي طرف وارن ”وحشين“ کي ان تي حملي ڪرڻ لاءِ هرکائڻ جو ڪم ڏنو. هنن جا پهريان حملا ”ڌڪ هنيو ۽ ڀڳو“ جهڙا هوندا. پگٽ پوئين دور جي هڪ اهڙي قبرستان جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو امڪان آهي ته انهن حمله آورن جو ئي هڪ قبرستان هجي. آباديءَ جي پوئين زماني وارين سطحن جي کوٽاين مان، انهن علامتن کان علاوه، ننڍيون تراريون ۽ پاهي واريون سهڻيون ڪهاڙيون پڻ مليون آهن، جيڪي سنڌو ديس ۾ ناياب هيون، پر اتر ايران ۽ ان کان به ڪجهه پرڀرو اولهه طرف عام هيون (46). شهر جي رهاڪن کي بهرحال جلد ئي احساس ٿيو هوندو ته دشمن وڌيڪ تعداد ۾ وري ڄاڻ ٿو موٽي، هيءَ ڳالهه خاص طور تي توجه جي قابل آهي ته انهيءَ وقت ڌاري ماڻهن پنهنجيون قيمتي شيون زمين ۾ دفن ڪرڻ شروع ڪيو هيون. شهر جي کوٽائي ڪندڙ پهرين ماهرن کي ان جي آخري آباديءَ وارين مٿانهين سطحن مان قيمتي هيرن، جواهرن ۽ سون جا ڪيئي دفينا هٿ آيا هئا. وڌندڙ بي دليءَ ۽ همت هارڻ جي ڪري ماڻهن جلد ئي محسوس ڪري ورتو هوندو ته ڀرپور هٿياربند وحشين جو هاڻي هو گهڻي وقت تائين مقابلو نه ڪري سگهندا. انساني هڏن جي پڃرن جا ڍڳ، جن تي ڌڪن ۽ گهائن جا نشان صاف نظر اچن ٿا، موهن جي دڙي جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي هنڌ تي ڪٺا ملن ٿا، ۽ انهن مان اڪثر شهر جي بلڪل آباديءَ وارين سطحن مان دستياب ٿيا آهن. اهي شهر جي انتهائي پوئين دور ۾ ان تي ٿيل حملن ۾ ماريل هوندا، ۽ ممڪن آهي ته انهن مان ڪي اهي به هجن، جيڪي شهر ۾ ٿيل ”آخري ڪوس“ ۾ قتل ٿيا هجن. جيئن منهنجو رايو آهي، جيڪڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو بدلايو هو، ۽ شهر جي ويجهڙائي ۾ ڪٿي پوکي راهي ڪرڻ ذري گهٽ ناقابل- عمل ٿي ويئي هئي، ته آباديءَ جو وڏو حصو گذر اوقات جي تلاش ۾ اڳيئي اتان لڏي هليو ويو هوندو. اهڙا ڪي ٿورا ئي ماڻهو هوندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن بحاليءَ جي اميد ۽ آسري ۾ پنهنجن گهرن گهاٽن کي چنبڙيا پيا هوندا، ۽ اهي ئي هئا، جيڪي نيٺ وڃي ترار جو قوت بڻيا. فاتح قوم جي ماڻهن جو موهن جي دڙي ۾ آباد ٿي ويهڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، حالانڪ اهي جُهڪڙ، لوهم دڙي ۽ چانهو دڙي جي ويران سرزمينن ۾ آباد ٿي ويٺا هئا. سنڌو تهذيب جي هن شاهه شهر کي هنن طرفان ائين نظر انداز ڪرڻ جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته هنن کي سابق دارالحڪومت واري شهر جي آسپاس پوکيءَ راهيءَ جا ڪي آثار نظر نه آيا هوندا،جيتوڻيڪ انهن ماڻهن لاءِ هيءُ اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته انهن جي زندگيءَ جي طرز نيم- خانه بدوشيءَ واري هئي، ۽ اهي فقط پنهنجي مال جي ڌڻن مان ٿيندڙ اپت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي ڪڏهن ڪڏهن زراعت ڪندا هئا. انهن حمله آور ماڻهن جي دور جا، جن کي اسان ”جهُڪڙ وارن لوڪن“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا، جيڪي قديم اوزار مليا آهن، انهن جو گهڻي کان گهڻو تعداد ۽ گهڻي کان گهڻا مختلف نمونا چانهو دڙي مان دستياب ٿيا آهن، ۽ اهي بلوچستان جي پري پري تائين منتشر ٿيل هنڌن مان هٿ آيل شين سان به مماثلت رکن ٿا؛ انهن هنڌن ۾ شاهي- ٽمپ وارو ڪُجائو قبرستان ۽ اتر ايران جي سرزمين پڻ شامل آهن؛ انهن جي مليل نشانن ۾ ڪي مهرون به آهن، جي ايشيا مائنر مان هٿ آيل شين جي ياد تازي ڪن ٿيون (47). جيستائين مون کي معلوم آهي، هيءَ راءِ ڪڏهن به ڪنهن عالم طرفان ڪانه ڏني ويئي آهي ته اهي ”وحشي لوڪ“ رگ ويد وارا آريا هئا، پر انهيءَ ”نظريي“ جو ذڪر ضرور ڪرڻ گهرجي، جنهن مطابق ائين ”مڃيو“ وڃي ٿو ته اهي آريا ئي هئا، جن سنڌو تهذيب کي موتمار ڌڪ هنيو هو. گهڻو وقت ٿيو ته اها راءِ پيش ڪئي ويئي هئي ته ويدن جي اشلوڪن ۾ ”دَسيُوز“ جي جن شهر پناهه وارن شهرن جو اِندر يا اگني ديوتائن هٿان تباهه و برباد ٿيڻ جو بار بار ذڪر ٿيل آهي، سي ضرور سنڌو لوڪن جا شهر هوندا؛ ٻئي طرف رگ ويد ۾ذڪر ڪيل مال وند ۽ تاجر ”پڻي“ لوڪن کي سنڌو لوڪن سان شناخت ڪرڻ جي راءِ اول ئي سنه 1926ع (48) ۾ ڏني ويئي هئي. پروفيسر بَرو، سنه 1963ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ رگ ويد جي اشلوڪن مان ٻه ٽڪرا نقل ڪيا، تن مان پهريون ٽڪرو جڏهن بعد واري دور ۾ لکيل هڪ ”برهمڻ“ نظم جي اشلوڪ سان گڏي پڙهجي ٿو، تڏهن اهو هن نظريي جي يقيناً تائيد ڪري ٿو ته آريا حمله آورن سچن پچن ننڍن توڙي وڏن شهرن کي ناس ڪيو هو، جيڪي سنڌو لوڪن کان علاوه ٻين ڪن ماڻهن جا نه پئي ٿي سگهيا. ٻيو هڪ ٽڪرو به، جنهن ۾ هڪ ”تباهه ٿيل“ شهر جي نالي، ۽ ان جي زير ڪرڻ ۽ شهرين جي عام ڪوس ڪرڻ جو حوالو ڏنو ويو آهي، انهيءَ راءِ جي تائيد ڪري ٿو (49). ان جي باوجود آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ موهن جي دڙي کي ۽ ان جي آخري آباديءَ وارين سطحن مان گهڻن لاشن جي دريافت کي حوالي طور پيش ڪرڻ کي صحيح نٿو سمجهان. اهو نظريو هڙاپا ۽ ٻين اترين شهرن (50) جي سلسلي ۾ خواهه ڪيتريقدر به ظاهري طور معقول ۽ ممڪن نظر ايندو هجي، پر سنڌوءَ جي هيٺانهين علائقي وارن شهرن سان انهيءَ نظريي کي وابسته ڪرڻ ۾ ڪيترائي سنگين اعتراض موجود آهن. رگ ويد اندر ملندڙ داخلي شهادت مان ائين پيو معلوم ٿئي ته ان جي اشلوڪن جو وڏو خاصو ڪُروکيشتر جي ”پاڪ“ سر زمين تي، ستلج ۽ جمنا ندين جي درميان واقع سرسوتي نديءَ جي آسپاس جوڙيو ويو هو. پنجاب فتح ڪيو ويو هو، ان جا درياءَ مشهور معروف هئا، نه فقط اتان جي قديم نسل لوڪن سان جنگيون جهيڙا ٿيا هئا. بلڪ خود آرين جي درميان قبائلي لڙائي پڻ ٿي گذري هئي. اهي ۽ اشلوڪن ۾ ذڪر ٿيل ڪي مخصوص ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته اهي اشلوڪ هندستان جي سر زمين ۾ آرين جي پهرئين ڀيري قدم رکڻ کان گهڻا ئي سال- شايد هڪ ٻه صديون- پوءِ مرتب ڪيا ويا هئا، پر انهن ۾ ڪوبه اهڙو ثبوت ڪونهي ته حمله آور ڪي سمنڊ تي به پهتا هئا، انهن ۾ ڪم آيل لفظ ”سموندر“ بظاهر سنڌونديءَ ۽ (51) پنجند وارن درياهن جي ملڻ واري هنڌ کان هڪدم هيٺ ان جي اٿل سان تعلق رکي ٿو. هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته چيتو، جيڪو سنڌوءَ جي هيٺئين علائقي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل جانور هو، تنهن جو رگ ويد ۾ ڪٿي به ذڪر آيل ڪونهي، ۽ مڇيءَ مارڻ کي جنهن کي سنڌ ۾ وڏي اهميت حاصل هئي، بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي (52). انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه انتهائي حد تائين غير امڪاني نظر اچي ٿي ته جنهن زماني ۾ رگ ويد مڪمل ڪيو ويو هو، جيڪو آرين جي پنجاب ۾ وارد ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻه صديون پوءِ لکيو ويو هوندو، تڏهن سنڌ جو ملڪ ڪو آرين جي قبضي ۾ هو، يا اهي اڃا انهيءَ ملڪ اندر داخل ئي ٿيا هئا. اشلوڪن جي مرتب ٿيڻ کان گهڻو اڳي، ”الهندي وارا وحشي“ چانهو دڙي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا، ۽ اهي ماڻهو، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، واضح طور بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. پروفيسر پگٽ ڏيکاري ٿو ته هن باري ۾اعتبار ڪرڻ لاءِ دليل آهن ته نئين آيل قوم وارن ”سنڌو“ جي ڪاريگرن جي پاڻ وٽ جبري ڀرتي ڪئي هئي؛ ۽ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن مان ڪي ٻيا عناصر، خاص طور آبادگار پڻ، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهجي پيا هوندا، جتي هو پنهنجن هنن ”وحشي“ آقائن لاءِ سهولت سان فصل پوکي ۽ ٻي ڪارڪرت ڪري پئي سگهيا. انهيءَ دوران، ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيل موهن جي دڙي ۾ ريٽ ۽ مٽيءَ چڙهڻ جوعمل شروع ٿي چڪو هو- اهو ساڳيو عمل، جنهن سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن ۾ عمارتن ۽ شهرن جي ڦٽل نشانن تي ساڳئي قسم جي خاڪي ۽ ميٽوڙي رنگ جي مٽيءَ جي چادر چاڙهي ڇڏي هئي. ڪنهن خيالي ڍنڍ جي مٽيءَ ۾ ڍڪجي ۽ جڪڙجي وڃڻ جو عمل نه، بلڪ ڌوڙين ۽ مٽيءَ جي آنڌين جي ڪُلهن تي سوار ٿي ايندڙ دَزَ ۽ واريءَ ۾ درجي بدرجي وڪوڙجي ٻوساٽجڻ، ۽ انهيءَ طرح سان ٺهيل دڙن جي مٿان پوندڙ برسات ڄمي پڪي ٿي وڃڻ جوعمل (53). ساڳئي ئي طريقي سان، هڪ هزار کان به وڌيڪ سالن کان پوءِ، اُر شهر جي نئين سر آبادڪاريءَ جو خاتمو واقع ٿيو هو. فرات نديءَ اهو پيٽ بدلائي ڇڏيو، جنهن تي اُر شهر جي زندگيءَ جو هميشه انحصار رهندو آيو هو- ”جڏهن نديءَ پنهنجو پيٽ بدلايو...... تڏهن ان جي پراڻي تري جي مٿي چڙهي خشڪ ٿيڻ جو نتيجو هيءَ ٿيو، ته پاڻيءَ تي ٿيندڙ آمدورفت جو خاتمو ٿي ويو...... ۽ ساڳئي وقت زراعت به ختم ٿي ويئي. انهيءَ بدنصيب فاقه ڪش شهر کي ان کان پوءِ وجود ۾ رهڻ جو ڪوبه سبب ڪونه هو..... گهرن جون جايون ڀڄي ڀُري ڪري پيئون، هوائون پوءِ خشڪ ٿيل ۽ ويران ميدانن مان لنگهندي پاڻ سان ريتيءَ جا گهاٽا ڪڪر کڻي اينديون رهيون، جن کي اهي ڊٺل جاين جي باقي بيٺل ڀتين جي پٺيان سٿينديون ۽ گڏ ڪنديون رهيون، ۽ جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ عظيم شهر هو، سو نيٺ ويران پٽ جي ڇاتيءَ مان اڀرندڙ، سروٽن سان سٿيل دڙن جو سنسان ۽ ويران بَرپٽَ بنجي ويو (54).“ نوٽ (1) ايس- پگٽ ”پري- هسٽارڪ انڊيا“، ص 208 سر ايم- وهيلر ”دي انڊس سِوليزيشن“، (ٽيون ڇاپو 1968ع) ص 117. (2) ماگان ۽ ميلوها نالن وارن ملڪن کي، جن جو ذڪر سال 1500 ق-م وارن بابلي تحريرن ۾ملي ٿو، اسيريا جي تهذيب جي عالمن طرفان عام طور، قديم مصر ۽ ايٿوپيا سان ٿوري گهڻي مشابهت رکندڙ سمجهيو ويو آهي، ۽ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي اها راءِ ڏني ويئي آهي ته اهي ٻيا نالا انهن ملڪن کي هن ڪري ڏنا ويا هئا، جو اهي انهن ساڳين قيمتي شين، خاص طور تي عاج، جا ذريعا هئا، جهڙيءَ طرح سابق زمانن ۾ مٿين نالن وارا مشرقي ملڪ انهن شين جو ذريعو هئا، جن سان واپاري ناتا ڪيئي صديون اڳي ختم ٿي ويا هئا. دِلمُن يا تِلمُن، جيڪو گهڻو ڪري بحرين سمجهيو وڃي ٿو، واپار جي آفريڪي رستي تي واقع هڪ بحري بندرگاهه هو، جهڙيءَ طرح اهو اڳئين دور ۾ هندستان واري بحري شاهراهه جو هڪ بندر ٿي گذريو هو. پروفيسر ڪريمر نالن جي ردوبدل جي انهيءَ نظريي سان اختلاف ڪيو آهي، ۽ سندس چوڻ موجب ميلوها، سُميريا خواهه بابل جي پوئين دور دوران ايٿوپيا ئي هو. انهيءَ سلسلي ۾ ”اگيد (ديويءَ) جي پاراتي“ ۾ ميلوها جي رهاڪن کي جو ”ڪارا ميلوهائي“ جي لفظن سان پڪاريو ويو آهي، تنهن جو هو حوالو ڏئي ٿو ۽ هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته انهيءَ دور کان گهڻو پوءِ واري زماني جي ”ايسرهيڊن“ ڪتبي ۾ ”ڪارا ميلوهائيءَ“ جو جيڪو اصطلاح ڪم آندل آهي، تنهن جو اشارو واضح طور ”ايٿوپيا وارن“ ڏانهن آهي پر ڪريمر جي راءِ تي پڻ اعتراض جو دروازو کليل آهي، ۽ اهو اعتراض هي آهي ته هن ڳالهه لاءِ ڪوبه ثبوت موجود ڪونهي ته سال 2500 ق- م ڌاري ايٿوپيا جي ڪا اهڙي تهذيب وجود ۾ هئي، جنهن پنهنجا جهاز (شپس آف ماگان، بحواله ايضاً) ايراني نار ۾ موڪليا هجن. ميلوها جي رهاڪن جي ڪاري چمڙيءَ جي حوالي مان هي نتيجو بخوبي ڪڍي سگهجي ٿو ته انهن جو ملڪ سنڌو نديءَ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ واقع هو؛ ڇاڪاڻ ته ”پيري پلس آف دي ايري ٿرين سي“ جو مصنف حضرت عيسيٰ کان پوءِ پهرين صديءَ ۾ لکندي، دعويٰ سان چوي ٿو ته ”سنڌ جا ماڻهو ڊگهي قد وارا ۽ ”رنگ جا ڪارا هئا“ (”رنگ جا ڪارا“ لفظن تي زور ايڇ- ٽي- لئمبرڪ طرفان). ”ائنٽي ڪئٽي 37“ (1963ع)، ڪريمر ايس- اين ”دلمن- ڪئسٽ فار پئراڊائيز“، ص 112 نوٽ 2. ”جرنل آف دي امريڪن اوريئينٽل سوسائٽي“ جلد 74 (1954ع)، او پينهئم اي- ايل ”دي سي فيئرنگ مرچنٽس آف اُر“ ص 16، ”پيري پلس“، ايڊ- مئڪ ڪرنڊل، پئرا 41. (3) ”ائنٽي ڪئُٽي 32“ (1958ع)، آر- ڊي- بارنيٽ، ”اَرلي شپنگ اِن دي نيئر ايسٽ“ ص 221 ۽ تصرير 21- بي، سامهون ص 256؛ گارڊن چائيلڊ، ”نيولائيٽ آن دي موسٽ اينشنٽ ايسٽ“، ص 115، ۽ خاڪو صفحي 231-233؛ ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس“، ج 3، ڇاپو ليئون ليگرين، ٽيڪسٽس 1053، 1054، 1459، 1680. (4) ايرا مارس پرائيس، ”دي گريٽ سلنڊر اِنسڪرپشنس آف گڊيا“، 1927ع، ص 13 (سلنڊر اي 90). (5) ايضاً صفحا 64- 63، 71 (اسٽئچوز بي ۽ ڊي). (6) ”ائنٽي ڪئٽيز 37“، ايس-اين- ڪريمر. ”جرنل آف دي امريڪن اوريئينٽل سوسائٽي“، ج 74، اي- ايل اوپينهئم. ”بليٽن آف دي اسڪول آف اوريئينٽل ائنڊ افريڪن اسٽيڊيز“، ج 19 (1957ع) ”سيسو ائٽ سُوسا“ از اِليا جَرشيوِ چ صفحا. 320- 317؛ ”پرسي پوليس آف ايري ٿرين سي“، ايڊ- وليم ونسينٽ، ڀاڱو پهريون ص 94، ڀاڱو 2، ص 342. (7) ”ايران“، ج III (1965ع) ”دي مڪئنڪس آف اينشنٽ ٽريڊ ان ويسٽرن ايشيا“........ وغيره، از ايم- اي- ايل- ميلو وان صفحا 7-1، ليمئنس ”جرنل آف دي ايڪانامڪ اينڊ سو شل هسٽري آف دي اوريئينٽ“ جلد III، ص 27؛ وولي ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“، ٻيو ڇاپو 1955ع، ص 116، ”پيري پلس“ وغيره ايڊ- ونسينٽ (1805ع) ڀاڱو 2، ص 341. (8) جي- واٽ ”دي ڪمرشل پراڊڪٽس آف انڊيا“، لنڊن 1908ع، ص 293 (”ائويسينيا آفيس آئنلس“ ۽ سيرپئوپس ڪئنڊولين). (9) ”پيري پلس“، ونسينٽ 1908ع، ص 94؛ جي . واٽ، سامهون ص 498 (مٿيون حوالو). (10) ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس، I “ (رايل انسڪرپشنس) ايڊ-سي- ايس گئڊ ۽ ليئون ليگرين ص 11 (ٽيڪسٽ 50). (11) ”ائنٽي ڪئٽي، 37“، ايس- اين- ڪريمر، ص 113. (12) ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“، فيبروري 25، 1961ع، ص 302- ”نيولائيٽ“ وغيره، از سري- ايس- آر- راءُ، لوٿل جي متعلق. (13) ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس، III“، ”بزنيس ڊاڪيومينٽس آف دي ٿرڊ ڊاءِ نيسٽي اُر“، ايڊ ليئون ليگرين، مثلاً ٽيڪسٽس 818، 368، 828. (14) ”اُر ايڪس ڪئويشنس V“، ”ليٽرس ائنڊ ڊاڪيومينٽس آف دي اولڊ بائبيلونين پيريڊ“، ايڊ- ايڇ- ايڇ- فگيولا ۽ ڊبليو- ايف- جي – مارٽن، ٽيڪسٽ 292. (15) ”ائنٽي ڪئٽي 37“ (1958ع) جي- ببي ائنڊ آدرس، ص 6-243؛ وهيلر ص 6-115 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب). (16) وولي ص 4- 193 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب). (17) وهيلر ص 5- 64 (مٿيون حوالو). (18) اي- مئڪي ”ارلي اِنڊس سوليزيشنس“، ٻيو ڇاپو (لنڊن، 1948ع) ص 120. ايس- پگٽ، سامهون صفحي 201- 200 جي؛ بي ائنڊ آر ائلچين ”دي برٿ آف انڊين سوليزيشن“ (1968ع) ص 134. (19) سر جان مارشل ”موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“ ج 1، صفحا 10، 103. (20) سي ايل- وولي، الالخ ”رپورٽس آف دي ريسرچ ڪاميٽي آف دي سو سائٽي آف ائنٽي ڪئيريز آف لنڊن“، نمبر 18، صفحا 10، 304، 8- 377. (21) وهيلر، ص 94. (مٿي ڄاڻايل ڪتاب). مئڪي، ص 114. (مٿي ڄاڻايل ڪتاب). (22) ايم. ايس. واٽس، ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ هڙاپا“ I، ص 324. ايل وولي، ص 116 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب). وولي، ”دي سميرينس“، ص 42، 44. (23) پگٽ، ص 151 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب). (24) وهيلر، حوالو ڏنل ص 151. (25) وهيلر بحواله ايضاً. (26) اي. مئڪي ”فردر ايڪس ڪئويشنس ائٽ موهن جو دڙو“، دهلي 1938ع، ج I صفحا 8-7. ايل وولي، ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“، ص 8-177. (27) ڊي. اي. هومز ”ڊي ريسينٽ هسٽري آف دي انڊس“، جاگرافيڪل جرنل 134 ڀاڱي 3 ۾ (سيپٽمبر 1968) ص 382- 367. (28) سر ڪلاڊ انگليز ”دي بهيوير ائنڊ ڪنٽرول آف ر-ورس ائنڊ ڪئنالس“ وغيره، گورنمينٽ آف انڊيا ريسرچ پبليڪيشن نمبر13، پونا 1949ع، ج 1 ص 172؛ مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 7. (29) مارشل، ص 103. (30) مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ وغيره ص xiv 2، 101، 8- 107. (31) اهڙين گهڻين ئي کاهين جو بيان مئڪي طرفان ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ ص 1 کان 5 ۾ ڏنو ويو آهي. انهن منجهان ڇهن جي جاءِ وقوع صاف ظاهر نظر اچي ٿي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ٻن کاهين جا تفصيل هن طرح آهن: (الف) ڊي. ڪي دڙي جي اترينءَ ڪنڊ کان اٽڪل 40 فوٽ، مئڪي ص 2، کاهيءَ جو هڪ حصو تصوير viii، ايڇ- 2 ۾ نظر اچي ٿو. ان هنڌ تي ميدان جي مٿاڇري جي سطح سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل 159 فوٽ مٿي آهي. (ب) ”ايل“ دڙي ۽...... اسٽوپا دڙي جي ڏاکڻين لاهيءَ جي درميان: مئڪي، ص 3. سلاميءَ ۾ دوباره داخل ٿيندڙ رستي طور بيٺل آهي، جنهن جي ڪري دڙي واري ڪوٽ کي ذري گهٽ ٻن اڌن ۾ ورهائي بيٺي آهي. سلاميءَ جو مٿاڇرو هن هنڌ تي سمنڊ جي سطح کان اٽڪل روءِ 6-155 آهي ۽ اها آسپاس واري ميدان جي سراسري اوچائي آهي. (32) مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ ص 2. ايس.پگٽ،نوٽس وغيره ”ائنشنٽ انڊيا“ نمبر 4 (48- 1947ع) ۾ مئڪي جي کوٽائي ۽ سندس طرفان ڏنل ارضي تهن جي خاڪي جي حوالن سان لکي ٿو، ”(تعميراتي سطحن جي) هڪٻئي جي اڳيان پٺيان اچڻ جي حالت ۾ هڪ اهم ڳالهه، مختلف سطحن تي دريائي ريٽ جي ٽن جدا جدا ٿلهن تهن جي موجودگي آهي“ (ص 27 ڏسو خاڪو ص 28 تي). فقط هڪ کان سواءِ، ريٽ جي انهن ٽنهي تهن منجهان ڪوبه شهر جي آباديءَ واري علائقي ۾ ڪونه هو، پر اهي تهه ٻاهرئين طرف کوٽيل کاهين ۾ موجود هئا. ڏسو اڳيون نوٽ ۽ ضميمو. (33) مئڪي، ساڳيو ڪتاب ص 44. (34) سن 1929ع واري وڏي ٻوڏ، شيئاڪ نديءَ تي واقع اهڙي ئي برفاني بند جي ٽٽڻ جو نتيجو هئي. (35) مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 125. مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 42، 43. (36) مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 21. مئڪي ۽ مارشل، ص 265. (37) مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 2، 170، 171. (38) مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 8، 66. (39) مئڪي ۽ مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 265. (40) مئڪي ”فردر ائڪس ڪئويشنس“، ص xiii، ص 6 (فٽ نوٽ)، تصوير xx. (41) مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 6. (42) مئڪي، اڳي ڏنل حوالو. (43) مئڪي، ”چانهو دڙو ائڪس ڪئويشنس“ (نيو هئوين، ڪنيڪٽيڪٽ 1943ع) ص 18، 59، 63. (44) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص 4- 192، 5- 214. (45) هن تاريخ جي جلد I جو حوالو؛ ”سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن“ ص 5-34. سي ايف: ڊي. اي. هومز، ”دي ريسينٽ هسٽري آف دي انڊس“ جاگرافيڪل جرنل، سيپٽمبر 1968ع ص 375 ۾ ”ائنٽي ڪئٽي 19“ (1945ع)، ڊوروٿي مئڪي، ”اينشنٽ رور بيڊس ائنڊ ڊيڊ سٽيز“. (46) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص 229- 228. (47) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص 226- 223. (48) راما پرساد چندا: ”دي انڊس وئلي ان دي ويدڪ پيريڊ“، آرڪيئالاجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر 31 (1926ع) ص 4 جي ميمايرس ۾، ۽ ”سروائيول آف دي پري هسٽارڪ سويليزيشن آف دي انڊس وئلي.“، ايم. اي. ايس. آءِ، نمبر 41 (1929ع)- رنگ آچاريه جي ”ويدڪ انڊيا“، ڀاڱو I ص 147، 181- 169 ۾ ”هسٽري آف دي پري- مسلمان انڊيا“. (49) ٽي. برو، ”جرنل آف انڊين هسٽري، اپريل 1963ع، ص 5-163 ۾ ”لفظ ”آرما“ جي اهميت بابت“ ۾. (50) ايضاً 20- 161 ٻن سوترن ۾ سرسوتي ۽ دريشاوتي ندين جي ڪنارن سان برباد ۽ ويران آبادين جو ذڪر آيو آهي. (51) مئڪڊونيل ائنڊ ڪيٿ، ”ويلڪ انڊيڪس آف نيمس ائنڊ سبجيڪٽس“ ص 432؛ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا- I“ ص 79. ان جي ابتڙ، ڏسو راما پرساد چندا ايم. اي. ايس. آءِ، نمبر 31 (1926ع)، ص 5- 2 ۾. (52) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ص 101. (53) ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، ”دي انڊس فلڊ، پلين ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“، جاگرافيڪل جرنل، ڊسمبر 1967ع، ص 491- 490 ۾. (54) سر ايل. وولي، ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“ ص 248. (باب 1 ۽ 2 ضميمو) موهن جي دڙي ۾ ٻوڏون ٻوڏن ۽ سنڌو لوڪن جي شهر موهن جي دڙي تي انهن جي اثرن بابت ثابتين ۽ شهادتن، جيئن اهي کوٽائي ڪندڙ پهرين ماهرن کي نظر آيون هيون، ۽ جهڙيءَ طرح انهن شهادتن جي تشريح انهن ماهرن طرفان ڪئي ويئي هئي، تن جو هن ڪتاب جي ٻئي باب ۾ جائزو ورتو ويو آهي. انهن کان سواءِ ٻين سمجهاڻين ۽ تشريحن، ۽ ٻين اهڙن تفصيلن جي موجودگيءَ جا پڻ، جن بابت رايا موجود آهن، مختصر طور حوالا ڏنا ويا آهن. جيئن ته انهيءَ موضوع جي تشريح ۽ تفصيل متعلق راءِ جو اختلاف پيدا ٿي پيو آهي، ان ڪري آءٌ انهن پوئين تفصيلن ۽ ثابتين جو، جن جي آڌار تي اهي تشريحون ڪيون ويئون آهن، مختصر طور جائزو وٺڻ مناسب سمجهان ٿو، ته جيئن اهو ڏيکاري سگهجي ته غلطي ٿيڻ جو ڪيئن ۽ ڇو امڪان پيدا ٿيو آهي. سرجان مارشل ۽ ڊاڪٽر مئڪي جو تعلق آثار قديمه جي ماهرن جي ”فلنڊرس پيٽري“ اسڪول سان سمجهڻ گهرجي، جيڪو مصر ۾ تشڪيل ڏنو ويو هو، ۽ جيڪو گهڻو ڪري انهيءَ ملڪ فلسطين، ميسوپوٽيميا ۽ هندستان جي برصغير ۾ ڪم ڪندو رهيو. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي پوئين حصي جي دوران ۽ ان کان پوءِ ”پِٽ رِوَرس“ اسڪول ۾ سکيا ورتل آثار قديمه جا ماهر، جن کي برطانيه ۽ الهندي يورپ ۾ تحقيق جو تجربو حاصل ٿيو، اهي ”سنڌو تهذيب“ جي مرڪزن جي نئين سر تفتيش ڪري ۽ انهيءَ ميدان ۾ سندن پيشرو ماهرن طرفان ڪيل ڪم جو جائزو وٺي سگهيا. انهن ماهرن جي اڳواڻن کي مارشل ۽ مئڪي جي طرفان اختيار ڪيل کوٽائيءَ واري طريقي ۽ دڙي جي ارضي طبقات واريءَ تقسيم کي تقربياً رد ڪرڻو پيو، ۽ انهن جي نڪته چينيءَ جو گهڻو حصو، بيشڪ، حق بجانب ۽ مفيد هو. پرڪن حالتن ۾ اهي حد کان گهڻو ٻاهر ٽپي ويا، ۽ اهو ثابت ڪيائون ته نڪته چيني ڪندڙن پنهنجن پيشروئن جي مذمت ڪرڻ جي اٻهرائيءَ ۾ هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهيو ئي ڪونه ته انهيءَ ”ناقابل اعتبار“ طريقي کي، جنهن کي تقريباً رد ڪري رهيا هئا، عملي طور ڪيئن لاڳو ڪيو ويو هو (1). سن 1948ع ۾، پروفيسر اسٽوئرٽ پگٽ پنهنجي هڪ مضمون ۾، جنهن جو بنيادي واسطو موهن جي دڙي مان اڳي لڌل ڪن مخصوص قديم شين جي اهميت ۽ تشريح سان هو، مئڪي جي طرفان متعلقه ايراضيءَ- ڊي ڪي دڙي ۾- ڪيل کوٽائيءَ جي رڪارڊ بابت ٽي شڪايتون ڪيون: 1- هن دڙي جي انهيءَ حصي بابت ارضي طبقات جو خاڪو نه ڏنو هو. 2- هُن لڌل شين کي مٽيءَ يا ملبي جي انهيءَ قدرتي سطح سان منسوب ڪرڻ بدران، جنهن ۾ اهي مليون هيون، بنان ڪنهن دليل جي متعين ڪيل هڪ خيالي بنيادي سطح جي نسبت سان کوٽائيءَ جي تهن جا دؤر مقرر ڪيا ۽ انهن کي انهن متعلقه دؤرن سان وابسته ڪيو هو. تعميراتي دؤرن لاءِ هن جي طرفان ڪم آندل صطلاح ”ڏاڍا منجهائيندڙ“ هئا، ۽ ارضي طبقات متعلق هن جو سڄو بيان ”پيچيده ۽ ڪن صورتن ۾ متضاد هو“ (2). انهيءَ ڪري پگٽ پنهنجي طرفان ”ٻيهر تيار ڪيل“ هڪ نقشو پيش ڪيو، جيڪو حالانڪ بلڪل پنهنجي ذاتي اندازي طور هن تيار ڪيو هو، پر اهو، سندس دعويٰ موجب، ”کوٽائي ڪندڙ کي ڊي- ڪي دڙي جي مرڪزي حصي ۾ لڌل شين ۽ طبقن جي امڪاني مُدتي سلسلي جو آسان بصري صورت ۾ هڪ خاڪو پيش ڪري رهيو هو.“ چنانچه هو پنهنجي خاڪي ڏانهن هن طرح ڌيان ڇڪائي ٿو: ”انهيءَ سلسلي جو هڪ اهم پهلو ، مختلف سطحن تي دريائي ريٽ جي ٽن ٿلهن تهن جي موجودگي آهي..... ۽ انهن ٽنهي کي مئڪي طرفان ڏنل تفصيلن جي آڌار تي خاڪي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.“ هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته مئڪي کي ڊي- ڪي دڙي جي اونهي کوٽائيءَ ۾ دريائي ريٽ جو فقط هڪ تهه مليو هو؛ ريٽ جا ٻيا ٻه تهه، جن جو هن ذڪر ڪيو آهي، سچ پچ ته کيس شهر جي آباديءَ واري علائقي کان ٻاهر سيلابي ميدان ۾ کوٽيل کاهين ۾ نظر آيا هئا، جيتوڻيڪ هن انهن ٻن تهن کي – منهنجي راءِ موجب غلط طور- دڙي جي اندر مليل تعميراتي ملبي جي ٻن سطحن سان، جن کي هن سيلاب سبب پيدا ٿيل سيمي جو نتيجو سمجهيو هو، هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو (3). ان کان پوءِ پگٽ، مکيه تعميراتي دورن لاءِ مئڪي طرفان ڏنل اصطلاحن جو حوالو ڏيئي، چوي ٿو ته ”هن حقيقت کي مئڪي طرفان بظاهر اهم نه سمجهيو ويو هو ته ٻوڏين جو ريٽ هرحالت ۾ ترتيب وار انهن مکيه دورن جي نسبت سان موجود ناهي.“ پر درحقيقت ٻوڏ جي ريٽ ڊي- ڪي دڙي ۾ ڪيل اونهيءَ کوٽائيءَ ۾ مکيه دورن جي مٿان پيل مليو ئي نه هو، جيتوڻيڪ اهو مجموعي طور اوائلي دور ۾ موجود آهي، جيڪو کوٽائيءَ جي وڌيڪ هيٺانهين سطحن مان ظاهر ٿيو هو. باقي جيسين ناموافقت جو تعلق آهي، ان سلسلي ۾ ته مئڪي صاف لفظن ۾، نين شهادتن (ٻوڏين طرف منسوب ڪيل تعميراتي ملبي) جي روشنيءَ ۾، مارشل طرفان ارضي طبقات جي ڏنل خاڪي جي ترميم جو پاڻ خواهشمند آهي؛ چنانچه هن جو پنهنجو چوڻ آهي ته ”نام نهاد قريبي ٽئين دؤر کي درمياني دؤر جو انتهائي بالائي تهه سمجهڻ گهرجي..... جنهن جو خاتمو شهر کي ڪنهن وڏي سيلاب جي موقعي تي مڪمل طور خالي ڪرڻ ذريعي آيو...... اهو قريبي ٻيو دؤر ئي آهي، جيڪو آخري دؤر جي حقيقي آغاز جي نشاندهي ڪري ٿو.“ ساڳيءَ طرح، ”درمياني ٽئين دؤر کي حقيقي طرح اوائلي زماني جو آخري دؤر سمجهڻ گهرجي. انهيءَ دؤر جو انت اوائلي ٻن ٻوڏين مان، جن جو اسان وٽ ثبوت موجود آهي، وڌيڪ اوائلي زماني واريءَ ٻوڏ آندو.... (4)“ انهن هيٺانهين سطحن بابت پگٽ جي ”نئين سر ٺاهيل“ نقشي ۾ هيئن چيو ويو آهي؛ ”ڊي-ڪي واري ايراضيءَ جي کوٽاين ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجود مٿاڇري سبب ڌرتيءَ جو اهو هيٺانهون تهه کوٽجي نه سگهيو، جتي ابتدائي زماني ۾ شهر جا بنياد وڌا ويا هوندا، پر اتي دريائي ريٽ جو پٽو ڏٺو ويو آهي، جنهن جي مٿان پوريءَ طرح سان شناخت نه ٿي سگهندڙ سطحون مليون آهن، جيڪي خود ڪنهن اوائلي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان هيٺ ويٺل ريٽ سان ڍڪيل هيون. انهن جي مٿان اڃا به ٻه ٻيون تعميراتي سطحون موجود هيون، جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ريٽ جي ٻئي تهه جي مٿان پهرئين اوائلي ۽ درمياني ٽئين دورن جون هيون (5)“. هتي پڻ، پگٽ جو ”نئين سر ٺاهيل“ نقشو مئڪي جي تحقيقات جي بلڪل غلط تشريح ڪري رهيو آهي؛ ۽ جيئن ته خود مئڪي جي پنهنجي تيار ڪيل ارضي طبقات جي خاڪي ۾ ڊي- ڪي دڙي ۾ ڪيل اونهين کوٽاين ۽ سيلابي ميدان ۾ کوٽيل کاهين ۾ کيس واقعي قليل شين ۽ اشارن کي پورين جاين تي رکي ڏيکارڻ ۽ انهن کاهين جي اندازاً صحيح جاءِ متعين ڪرڻ، ۽ هن جي طرفان اوائلي طبقي بابت ڏنل حوالن جي مطابق سڄي علائقي جي ارضي طبقات کي واضح ڪري ڏيکارڻ ۾ ڪا وڏي دشواري ڪانهي، ان ڪري مون اهي سڀ ڳالهيون هتي پنهنجي طرفان ترتيب ڏنل نئين ارضي خاڪي ۾ ڪڍيون آهن، ۽ ساڳئي وقت ان ۾ مون پروفيسر پگٽ جي ”ٻيهر ٺاهيل“ خاڪي کي به تقابلي ڀيٽ جي خيال کان شامل ڪيو آهي، ۽ ان باري ۾ وڌيڪ غلط فهمين کي روڪڻ لاءِ آءٌ انهيءَ خاڪي سان هيءُ وضاحتي نوٽ پڻ شامل ڪري رهيو آهيان. خاڪي جي ساڄي پاسي کان ڊي- ڪي دڙي جي هڪ حصي جو سيلابي ميدان جي جديد سطح کان مٿين خواهه هيٺين تهن جو نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ مئڪي طرفان ڊي- ڪي ايراضيءَ جي ”جي- سيڪشن“ مان، جتي هن پنهنجي اونهي کوٽائي ڪئي هئي، لڌل ڪن شين جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. سمنڊ جي مٿاڇري کان 178.8 فوٽ مٿي بنيادي سطح، جنهن کي هن هيٺ سڌائيءَ ۾ ڪيل کوٽاين جي حوالن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو هو، خاڪي ۾ ساڄي طرف سڌيءَ ليڪ ذريعي ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا بنيادي سطح کان هيٺ ڪيل کوٽائين جي گهرائي فوٽن ۾ ڏيکاري ٿي. مئڪي پنهنجي سڄي مسودي ۾ ائين ڪيو آهي. دڙي جي متعلق تيار ڪيل منهنجي خاڪي ۾دورن ۽ زمانن جي ذريعي ارضي طبقات جو تقرر بلڪل ائين ٿيل آهي، جيئن مئڪي جي ”انٽروڊڪشن ٽو فردر ايڪس ڪئويشن“ جي صفحن XIV کان XV تائين ڏنل آهي ۽ جنهن ۾ سندس رمارڪن جي نتيجي ۾ جيڪي ترميمون ٿيڻيون آهن، سي پڻ شامل ڪيل آهن، يعني نام نهاد قريبي ٽيون دؤر......... ”درمياني دؤر (درمياني پهرئين) واري انتهائي بالائي طبقي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو“، جنهن سان گڏ ”درمياني ٽيون دؤر...... اوائلي زماني (اوائلي پهرئين زماني) جو آخري دؤر“ پڻ موجود آهي. مون پسگردائيءَ واري ميدان جي سال 31-1927ع واري ”سراسري“ سطح پڻ سمنڊ جي مٿاڇري کان 157 فوٽ مٿي (يعني دڙي جي بنيادي سطح کان 21.8 فوٽ هيٺ) ڪڍي آهي. انهيءَ سطح کي سڌيءَ ليڪ ذريعي خاڪي جي ڏائي طرف ڇڪي وڌايو اٿم، جتي فوري طور سڃاڻپ ۾ ايندڙ مئڪي جي ڇهن کاهين جا ڀاڱا وغيره، سندس تحرير ۾ بيان ڪيل ٻين تفصيلن جي حوالي سان هڪٻئي جي پاسي ۾ ڏيکاريا ويا آهن. انهن جي مٿان وري مون موهن جي دڙي جو هڪ ننڍو خاڪو پڻ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ مون دڙن جي حدن بابت 160 فوٽن واري لائين اختيار ڪئي آهي، ته جيئن کاهين جي وقوع واري جاءِ آسانيءَ سان ڏسي سگهجي. ڊي- ڪي دڙي جي حصي ۽ آسپاس واري سيلابي ميدان ۾ کاهين جي حصن جي درميان مون پروفيسر پگٽ وارو ”نئين سر تيار ڪيل“ نقشو شامل ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح اهو هن جي ”ائنشنٽ انڊيا“ نمبر 4 نالي 1948ع واري مضمون ۾ شامل ڪيل شڪل نمبر 2 ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن مان مون فقط ٽاچنين ۽ ڪهاڙيءَ جي شڪلين کي خارج ڪري ڇڏيو آهي، پر ان ۾ مون مٿاڇري جي هيٺان لاءِ اختيار ڪيل فوٽن جو پيمانو بحال رکيو آهي. مون هن جو ”مٿاڇرو“ (o=) مئڪي جي طرفان ڊي- ڪي دڙي ۾ قريبي دؤر 1- اي لاءِ اختيار ڪيل اوچي ۾ اوچي مٿاڇري يعني بنيادي سطح کان 86 مٿي (ڏسو فردر ايڪس ڪئويشنس جو صفحو XIV) سان مطابقت رکندڙ تسليم ڪيو آهي. ڊي- ڪي ايراضيءَ ۾ اڏاوتي ملبي واريون عام سطحون، جن کي مئڪي ٻوڏين جي اثرن سان (سيمي) سان منسوب ڪيو آهي، تن کي ٿورو هيٺڀرو يعني ترتيبوار درمياني ٻئي ۽ قريبي ٻئي دؤرن کي اڳي داخل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪتاب ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ جي صفحن XIV، 2، 8، 101، 8-107 ۽ ”مارشل جلد- 1“ ۾ صفحي نمبر 265 ۽ جلد- 2 جي تصوير LXII جي سندس رمارڪن جي بظاهر ۽ واٰضح تشريح اهائي آهي. دڙي جي اندر مئڪي جي اونهي کوٽائيءَ جي ارضي طبقات جي ورڇ کي پڻ، سندس ڪتاب ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ جي صفحن 44-42 تي ڏنل تفصيلن جي حوالي سان شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾، هن جي طرفان ڊي- ڪي دڙي ۾ ڪيل تفتيش جي بيان ۾ جنهن سيلابي ريٽ جي هڪ ئي مثال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو آءٌ ڳولي سگهيو آهيان ۽ جيڪو تفتيش دوران واقعي هن جي سامهون آيو هو ۽ جنهن کي هن انهيءَ حيثيت سان سڃاتو هو، سو پڻ شامل ڪيو ويو آهي 35 فوٽن کان (يعني آغاز واري سطح کان هيٺ) هيٺ سخت مٽيءَ جو تهه، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي خاڪي رنگ جي واريءَ جا خانا نظر اچن ٿا، ٻوڏ جي اچڻ جو بلڪل واضح ثبوت آهي.“ سن 1931ع ۽ 1932ع جي دوران انتهائي گهري کوٽائيءَ ۾ جن آخري هنڌن تي کوٽائي ڪندڙ پهتا هئا، سي به ڏيکاريل آهن، ۽ فوري طور حوالو وٺڻ ۽ سهوليت لاءِ مون سن 1950ع ۾ وهيلر، ۽ 5- 1964ع جي دوران جي. ايف. ڊيلس سندن طرفان ڪيل کوٽاين ۾ جن سطحن تي پهتا هئا، تن جو پڻ مون اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ ته اهي پڻ ڊي- ڪي دڙي جي وچان کوٽيون ويئون هيون. مئڪي کي کاهين ۾ يا ”آسپاس واري ميدان“ ۾ جيڪي مختلف شين جا ذخيرا نظر آيا هئا، تن جي تهن جو خاڪو، هن جو ڪتاب ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ جي 6-2 صفحن ۾ سندس طرفان ڏنل تفصيلن مطابق ڪڍيو ويو آهي ۽ انهن مان ٻن تهن جو، جن کي مون 1 ۽ 2 ڏنو آهي، خاڪو هن جي طرفان ڏنل انهن خاڪن سان بلڪل ملي بيٺو آهي،جيڪي هن انهيءَ ڪتاب جي تصوير VIII جي شڪلين نمبر 8- H ۽ 2- H ۾شامل ڪيا آهن. مون کي يقين آهي ته هنن، ۽ مئڪي جي طرفان بيان ڪيل ٻين تفصيلن ۽ سطحن، ۽ پگٽ جي ”نئين سر ٺاهيل“ خاڪي جي تفصيلن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل منهنجي خاڪي ۾ صحيح طور هڪ ئي هنڌ ڏيکاريو ويو آهي. يقيناً سمنڊ جي مٿاڇري کان مٿي فوٽن کي مئڪي جي بنيادي سطح کان هيٺ وارن فوٽن سان ۽ پڻ پگٽ جي بنيادي سطح کان هيٺ وارن فوٽن سان (ڊي- ڪي دڙي جي حصي ۾) لاڳو ڪري، ان جو تقابلي مطالعو آسان بنايو ويو آهي. جيڪڏهن آءٌ ڪا وڏي غلطي نه ڪري رهيو آهيان، ته پوءِ پگٽ جي ”سيلابي ريٽ وارن تهن“ سان مئڪي جي اکين سان ڏٺل ملبي جي سطحن ۽ ”سخت مٽيءَ جي ذخيري، جنهن ۾ خاڪي رنگ جي واريءَ جا خانا آهن“، جن کي هن آيل سيلاب جي يقيني ثبوت طور تسليم ڪيو آهي، تن جي ڪابه مطابقت ڪانهي. پگٽ جو ”ٽيون نمبر سيلابي ريٽ“ لوڻ سان مليل ملبي جي انهن تهن کان مٿي بيٺل آهي، جنهن کي مئڪي ”درمياني دؤر“ جي پڇاڙيءَ ڌاري آيل ٻوڏ سان منسوب ڪيو آهي؛ ٻئي طرف ”نئين سر نقشو تيار ڪندڙ“ جو ”ٻيو نمبر سيلابي ريٽ“ انهن اوائلي ملبن کان مٿي بيٺل آهي، ۽ هن جو ”پهريون نمبر سيلابي ريٽ“ انهن ملبن کان هيٺ آهي، جن کي مئڪي انهيءَ ٻوڏ جو نتيجو ڄاڻايو آهي، جنهن جي اچڻ سان دڙي جي اوائلي قديم زماني جو اختتام ٿيو. وري پگٽ جي طرفان هن جي ٽيهن فوٽن واري مٿاڇري کان مٿي ڄاڻايل ”ريٽ“ جو اهڃاڻ، ”سخت مٽيءَ جي تهه کان، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ خاڪي رنگ جي واريءَ جا خانا آهن“، ڪيئي فوٽ مٿي آهي، جنهن کان مٿئين مٿاڇري بابت مئڪي چوي ٿو ته اهو ڊي- ڪي دڙي ۾ بنيادي سطح کان پنجٽيهه فوٽ هيٺ بيٺل هو. ٻئي طرف کان، پگٽ جي ”سيلابي ريٽ نمبر پهرئين“، ۽ سندس بنيادي ”ريٽ“، جا مٿاڇرا مئڪي جي کاهي نمبر -2 وارن وارياسي مٽيءَ جي ٻن تهن سان قريبي موافقت رکن ٿا.مئڪي جي ٻيو نمبر کاهي، ڊي-ڪي دڙي جي اترينءَ ڪنڊ کان چاليهه ميل پري ميدان ۾ کوٽي ويئي هئي. هاڻي جيڪڏهن انهن تفصيلن ۽ مشابهتن کي صحيح طور مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ منهنجي هتي ڏنل خاڪي ۾ پيش ڪيل سڀني خاڪن جي تقابلي صورتحال جو پوريءَ طور مطالعو ڪيو وڃي، ته گهڻي قدر ان ئي نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته پگٽ جي طرفان ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي جي ڪم کي شايد غلطيءَ وچان، وڏيءَ افسوسناڪ حد تائين غلط نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ۽ اها غلطي مئڪي سان ڪيل بي انصافيءَ کان اڃا به اڳتي وڃي ٿي. پروفيسر پگٽ واري خاڪي جي اشاعت کان وٺي ويهن سالن تائين، انهيءَ موضوع تي ٻين لکندڙن طرفان ائين قبول ڪيو ويو آهي، ڄڻ ته اهو ”هيٺئين شهر“ جي ارضي طبقات جو انتهائي حد تائين معتبر نقشو آهي- اها هڪ اهڙي غير عملي روش هئي، جنهن جي ڪري خود مئڪي جي انهن بيانن ۽ نقشن جي، جيڪي سندس کوٽاين سان وابسته هئا، ٻيهر جاچنا ڪرڻ جي تڪليف کان عالمن پاڻ کي ڇٽل پئي سمجهيو. چنانچه، اسان کي ”انڊس سو ليزيشن“ جي ٽئين ڇاپي (1968ع) ۾ سر مارٽيمر وهيلر کي ”سيلابي ريٽ جي گهرائيءَ وارن ذخيرن بابت، جهڙا مئڪي طرفان وڌيڪ اوچائي وارين سطحن تي، جن تائين هو داخل ٿي سگهيو هو، ڏٺا ويا هئا“، لکندو نظر اچي ٿو، ان سان هن هيءُ حاشيو پڻ ڳنڍيو آهي ته ”ڏسو ”ائنشنٽ انڊيا نمبر 4“ (1948ع) صفحي 27 ايف ايف ۾ پگٽ طرفان مئڪي جي دعويٰ سان بيان ڪيل ”ارضي طبقات جي نظريي تي ڪيل بحث“. اهڙيءَ طرح وهيلر ص 119 تي لکيو آهي؛ تنهن کان سواءِ هن اڳتي پگٽ جي ”نئين سر ٺاهيل نقشي“ بابت صفحي 55 تي ڏنل فٽ نوٽ ۾ به حوالو ڏنو هو. وري صفحي 127 تي وهيلر لکي ٿو، ”مکيه کوٽائي ڪندڙن جي رڪارڊن مان اهو پيو نظر اچي ته انهن پنهنجا مشاهدا اهڙي ناڪافي ۽ منجهائيندڙ نموني ۾ لکيا آهن، جو موهن جي دڙي جا ٽي مکيه دؤر ٽن وڏين ٻوڏين جي دورن سان ڳنڍي ملايا ويا آهن.“ ان کان پوءِ وري هڪ فٽ نوٽ ۾ لکيو اٿائين ته اهڙيءَ پيشڪش جو بنياد ”جيسين ثبوت اجازت ڏين ٿا، تيسين انهن کي ڳنڍي پگٽ جي طرفان ائنشنٽ انڊيا نمبر 4 (1948ع) ص 28 تي رکيو ويو آهي.“ وهيلر جي انهيءَ ڇاپي جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ مسٽر آر- ايل – ريڪس پگٽ جي ”دريائي ريٽ جي ٿلهن تهن“ جي هن طرح سند (مصنوعي) ڏني هئي ته ”انهن کي موهن جي دڙي بابت اونهي بيٺل پاڻيءَ جي ٻوڏ واري نظريي جي ارتقا ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.“ ريڪس سندس 1965ع واري مضمون ”موهن جي دڙي واريون ٻوڏون“ ۾ پنهنجي اڳي لکيل مضمون ”دي اينڊ آف دي ائنشنٽ سٽيز آف دي انڊس“، جو حوالو ڏيندي لکي ٿو...... ”(پگٽ طرفان) اوائلي کوٽائي جي ارضي طبقات کي وري ٻيهر ٺاهڻ جي هڪ ئي اها قابل قدر ڪوشش ڪيل آهي.“ انهيءَ سلسلي ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم دليل ”ٻيهر تيار ڪيل ارضي طبقات ۾“ جدا جدا ريٽ وارن تهن جي تمام گهڻي ٿولهه هو....... ”ظاهر هو ته مارشل جي ريٽ وارا ٽيهه فوٽ سيلابي ميدان جي هاڻوڪي سطح جي هيٺان هئا، پر اهو واضح نه هو ته پگٽ جي ارضي طبقات جي ٻيهر ٺاهيل صورت انهيءَ ساڳئي ايراضيءَ جي نسبت سان هئي يا نه. جيڪڏهن آثار قديمه جا ثبوت صحيح هئا، ته پوءِ ريٽ جو اهو سڄو ذخيرو ان وقت گڏ ٿيو، جڏهن شهر اڃا آباد هو.“ پر بعد ۾ جڏهن مسٽر ريڪس کي خود موهن جي دڙي جي مشاهدي ڪرڻ جو ڪجهه موقعو مليو، تڏهن هن ڏٺو ته ”(ڪو عجب ڪونه هو) جو ٻوڏين دوران هيٺ ويٺل مٽيءَ ۽ ريٽ جي تجزئي مان عام ٻوڏ وارين سطحن جي نشاندهي نٿي ٿئي، جهڙيءَ طرح پگٽ جي نئين ٺاهيل ارضي طبقات واري خاڪي ۾ بيجا اعتماد سان ڏنل هئي“ (7). درحقيقت جنهن شيءَ کي هن بيٺل پاڻيءَ جي ٻوڏ ۾ هيٺ گڏ ٿيل مٽي ۽ ريٽ سمجهيو هو، سا ڦٽل نشانن جي ذري گهٽ هر هنڌ، سيلابي ميدان جي موجوده سطح کان اڻٽيهه فوٽ مٿي موجود هئي. هن انهيءَ ريٽ کي هڪ ڍنڍ اندر بند ٿيل سنڌو نديءَ جي پاڻي مان هيٺ ويٺل مٽي سمجهيو، جنهن جو ٻاهريون مٿاڇرو اڃا به ڪجهه مٿڀرو هو. اهڙي ڍنڍ موجود ڪرڻ لاءِ هن درياءَ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ڪنهن اهڙي فرضي گڙٻڙ جو تصور کڻي ڪيو، جنهن درياءَ جي پاڻيءَ کي سمنڊ سان ملڻ ۾ رڪاوٽ وڌي هئي. هن سمجهيو ته درياءَ جي پاڻيءَ جي انهيءَ بندش جي ڪري پاڻيءَ جو زور آهستي آهستي پٺئين طرف ٿيندو رهيو ۽ ان جي رفتار ۾ اها سستي اڳيان آيل آڏ مان سيمي ۽ پاڻيءَ جي سج جي گرميءَ سبب ٻاڦ ٿي مٿي اڏامڻ ڪري آئي. آخرڪار موهن جي دڙي کي گپ ۾ ڦاسي ٻوساٽجڻ جي منزل تائين پهچايو ويو آهي، پر ان کانپوءِ وري جيئن تيئن ڪري ٻوڏ کان اڳي واريون حالتون بحال ڪيون ويئون آهن ۽ انهيءَ قدرتي آڏ جا سڀ آثار گم ڪيا ويا آهن. پگٽ جي انهيءَ نظريي ۽ انهن ثبوتن ۽ تفصيلن کي، جن تي ان جو بنياد رکيو ويو هو، موجوده مصنف 1967ع ۾ هڪ مضمون ۾ چئلينج ڪيو هو، جيڪو انهيءَ سال جي ڊسمبر مهيني واري جاگرافيڪل جرنل ۾ ”انڊس فلڊ پلين ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“ جي عنوان هيٺ لکيو ويو هو. هن سلسلي ۾ پڙهندڙ کي معقول دليلن ڏسڻ لاءِ انهيءَ مضمون جي مطالعي جي سفارش ڪجي ٿي.سڀ کان اول جيڪڏهن ڪو ايڏيءَ وڏيءَ ماپ وارو قدرتي بند، جيڪو هن کي پنهنجن مقصدن لاءِ فرض ڪرڻو پيو هو، اڄ کان 4000 سال اڳي وجود ۾ اچي ها، ته ان جا هن وقت به صاف نشان ظاهر ڏسڻ ۾ اچن ها؛ پر اهڙو ڪوبه نشان ڪٿي به موجود ڪونهي. ٻيو ته موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي ايڏين سارين سطحن تي قدرتي ريٽ جا آثار سيلابي ميدان جي موجوده سطح کان مٿي جنهن ذريعي رهجي ويا آهن، سو ذريعو هوائون آهن. سنڌ ۾ هوائن جي ذريعي کڄي آيل مٽيءَ، ريٽ ۽ واريءَ جو تشڪيلي اثر انهيءَ ملڪ جو انتهائي حيرت انگيز خاصو آهي. يقيناً انهن شين جي، جن کي مبينه طور بيٺل پاڻيءَ جي ”ريٽ واري مٽي“ سمجهيو ويو آهي، پوريءَ طور چڪاس ڪندڙ ڪنهن ارضياتي ماهر جي طرفان جاچنا ٿيڻ ۽ ان مان معنيٰ ڪڍڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ ئي انهن کي هوائن جي وسيلي سان گڏ ٿيل مٽيءَ بدران ڪنهن ڍنڍ جي تري جي گپ طور تسليم ڪري سگهبو. انهيءَ وچ ۾ پگٽ ۽ ريڪس جي نظريي کي سر مارٽيمر وهيلر طرفان وڏي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل ٿي آهي. هو سن 1968ع ۾ لکي ٿو، ”هيءَ ڳالهه ڪافي سمجهڻ گهرجي ته موهن جي دڙي ۾ آيل ڊگهي عرصي واريون ٻوڏون ظاهر ظهور نظر اچن ٿيون، ۽ انهن جا انسانيءَ زندگيءَ تي پيل اثر پڻ ظاهر ظهور سمجهه ۾ اچن ٿا......شهرين کي بار بار تمام سخت حالتن سان منهن ڏيڻو ٿي پيو. انهيءَ ڍنڍ جو پاڻي وري وري مٿن حملو ڪري آيو هو ۽ جيئن پوءِ تيئن ماٿريءَ ۽ ان کان به اڳي وڌندو رهيو هو. آخرڪار اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته اهو شهر پاڻيءَ جي وچ ۾ گهيريل اپٻيٽ ٿي ويو هو، جنهن جون جايون زمين ۾ ڦاٿل سمنڊ اندر اوچن بنيادن تي بيٺل هئڻ ڪري محفوظ هيون، ۽ پوءِ- ڪيترو پوءِ، سو ڪير ٿو چئي سگهي؟- ڍنڍ وري زمين جي پٺتي هٽڻ واريءَ ڪنهن حرڪت جي نتيجي ۾ يا بند ۾ پيل گهارن سبب، ان جي وچ ۾ بيٺل ٻيٽ گند ۽ ريٽ جي ظاهر ٿيڻ ڪري وڏو ٿيندو رهيو. انهن ڳالهين ماڻهن جي زندگيءَ تي بي همتيءَ وارو جيڪو اثر وڌو هوندو ۽ سندن رهائش جي شهري معيارن کي خراب ڪيو هوندو، تنهن جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو (9).“ پر جيڪي ڳالهيون آسانيءَ سان نٿيون سمجهي سگهجن. سي وري به هي آهن: 1- موهن جي دڙي جي ماڻهن وري وري گپ ۽ پاڻيءَ جي اهڙن اڻ روڪجي سگهندڙ حملن (سي به درياءَ جي هيٺئين پاسي کان ٿيندڙ) جو اتي رهي مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو هو؟ 2- اهڙي بَري سمنڊ اندر اوچن بنيادن تي پنهنجن چوڌاري گپ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل جاين ۾ رهندي،سندن گذر سفر جو ذريعو ڪهڙو هو؟ 3- جيڪڏهن ٻيءَ طرح، اهي ماڻهو ڍنڍ جي وچ ۾ اچي ويل انهيءَ شهر کي ان وقت خالي ڪري ويا، جڏهن شهر جو خاصو وڏو حصو ڍنڍ جي گپ ۾ ڦاسي چڪو هو، ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن هنن کي پاڻيءَ جي لهي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ شهر کي ٻيهر اچي آباد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو؟ پروفيسر پگٽ جي ڊي- ڪي دڙي جي تهه بنديءَ واري نظريي جو تعارف ڪرائيندي، جنهن مختلف معاملن ۾ ايڏو مونجهارو پيدا ڪري وڌو آهي، مون هن جي طرفان مئڪي جي رڪارڊ رکڻ واري طريقي جي نڪته چينيءَ جو مختصر طور حوالو ڏنو، جنهن مجبور ٿي، ان لاءِ ابتدائي سطح بنياد طور اختيار ڪئي آهي.سر مارٽيمر وهيلر انهيءَ طريقي کي ”بيحد نامعقول“ سڏڻ تي ٻين سڀني کان وڌيڪ زور ڏنو آهي: ”هيءَ ڳالهه وري چوڻي پوي ٿي ته سنڌو ماٿريءَ واريءَ تهذيب جي تهه بنديءَ تي مقامي حالات نه، بلڪ ذري گهٽ 300 ميل پري واقع، سامونڊي سطح اثر انداز ٿي (10) هئي!“ هن هنڌ تي، موهن جي دڙي بابت ابتدائي سطح واري نظريي کي متعارف ڪرائيندڙ سرجان مارشل جو رايو به ڪجهه ٻڌڻ گهرجي، هو چوي ٿو ته ”پڙهندڙ کي ائين هرگز نه سمجهڻ گهرجي ته ستن ئي مختلف طبقن يا انهن مان هڪ سطح جا مٿاڇرا سڄي علائقي ۾ هڪ- ڪرا ۽ يڪسان آهن. ان جي بلڪل مرڪزي حصي ۾ به انهيءَ دؤر جي عمارتن يا عمارتن جي جهڳٽن جي سطحن ۾ غير مطابقت موجود آهي، ۽ اهي هڪٻئي سان برابري نه ٿيون رکن...... ان ڪري پڙهندڙ کي هيءَ حقيقت صاف نظر ايندي ته جيتوڻيڪ ابتدائي سطح کان هيٺئين طرف واري هڪ تهه جي اونهائي کڻي ڪيتري به هوندي- ۽ اها گهڻين حالتن ۾ وڌيڪ ئي هوندي آهي، ۽ ان جي طويل يا مختصر عمر جي نشاندهي به ڪندي آهي- پر اها هميشه ائين نه به ڪندي آهي (11).“ هن جي توڙي مئڪي جي لکڻين مان اهڙا گهڻا ئي ٽڪرا ڪڍي ڏيکاري سگهجن ٿا، جن مان اهو ثابت ڪري سگهبو ته هنن پنهنجي ابتدائي سطح واري نظريي کي اجائي نموني ۾۽ هوڏ سان لاڳو نه ڪيو آهي، پر هنن ٻين استثنائي حالتن کي به ڌيان ۾ رکيو آهي، ۽ اهڙن اسبابن تي غور ڪيو آهي، جيڪي ”ابتدائي سطح واري نظريي“ کان مختلف آهن. ان طرح مئڪي لکي ٿو، ”مختلف دورن جي جدا جدا سطحن جي انتهائي مفيد چڪاس ۽ تحقيق کوهن جي سربنديءَ جي چڪاس ذريعي ٿي سگهي ٿي، جن جي ٻاهرين ڀتين تي انهن سطحن جا نشان اڄ به بلڪل صاف بيٺل آهن، جتان کان پوءِ انهن کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اوچو ڪيو ويو آهي (12).“ آخر ۾ سنڌ جي سيلابي ميدانن وارن قديم، ڦٽل نشانن جي سلسلي ۾ هڪ لفظ چوڻو آهي، (جيڪو مستقل مسئلو بنيل رهي ٿو،) يعني ”زير زمين پاڻيءَ جي اوچي سطح“، جنهن جي ڪري موهن جي دڙي ۽ چنهون دڙي ۾ گهڻي اونهي کوٽائي نه ٿي ڪري سگهجي، پر هر ڪنهن کي اها اميد رکڻ گهرجي ته جديد دؤر جي روزانو وڌندڙ فني سهوليتن جي نتيجي ۾آخرڪار انهيءَ دشواريءَ تي حاوي پئجي وڃبو. پر جيسين اهو وقت اچي، جيڪو شايد گهڻن سالن تائين اڃا نه اچي. تيسين ٻين اهڙن ڦٽل نشانن جي تحقيقات ۾ ڪهڙي پاليسي اختيار ڪجي؟ اڳتي هلي، اها اميد رکڻ گهرجي، ته شايد سنڌو ماٿريءَ جي انهن آبادين جي تحقيق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي، جن جي متعلق هندستان جي آثار قديمه جي سابق ڊئريڪٽر کي 1946ع واري سال ۾ کوٽائي ڪرڻ جي تجويز ڏني ويئي هئي، يعني اپر سنڌ ۾ ٿر ۽ هاڪڙا ۽ لوئر سنڌ ۾ ڳاڙهو ڀڙو ۽ نوهتڪو- (هتي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته آر-ايل- ريڪس ”ڏکڻ سنڌ جي ميدانن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان واسطو رکندڙن دڙن جي ”مڪمل عدم موجودگي“ جو بيان ڪيو آهي، جنهن کي هن تڏهوڪي تعميراتي فن جي عدم ترقيءَ جي ثابتيءَ طور پيش ڪيو آهي. پر ڳاڙهو ڀڙو ان جي ترديد ڪري ٿو. ان جي وقوع واري جاءِ زيرين هاڪڙا- نارا وٽ آهي، جتي زمين جو مٿاڇرو سمنڊ جي سطح کان فقط پنجويهه فوٽ مس آهي. زير زمين پاڻيءَ جو مٿاڇرو انهيءَ هنڌ تي به گهڻو ڪري اوچو هوندو) (13). مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته چنهون دڙي وٽ ڊاڪٽر مئڪي واريءَ سنڌو لوڪن جي ٽن طبقن جي ترتيب کي ابتي ڪرڻ ۾ فائدو ڪهڙو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته قديم ترين آباديءَ جي اصلوڪي زمين انتهائي هيٺانهين سطح واري پٽي تي وري به پهچڻ ناممڪن آهي. آثار قديمه ۾ دلچسپي رکندڙ ڪوبه عقلمند عام ماڻهو هن ڳالهه تي اعتراض نه ڪندو، جيڪڏهن آثار قديمه سان واسطو رکندڙ هڪ فني مقصد لاءِ نمبر شماريءَ جو هڪڙو سلسلو استعمال ڪيل آهي ۽ ٻئي فني مقصد لاءِ ان جي ابتڙ سلسلو ڪم آندل آهي، بشرطيڪ اهي ٻيئي سلسلا عملي طور قابل استعمال هجن. پر هڪ اهڙي طريقي جي متعلق ماڻهو ڇا سمجهي، جنهن کي ”منطقي“ ۽ عالمي استعمال لائق چيو ويو آهي، ۽ جيڪو موهن جي دڙي ۽ چنهون دڙي جهڙن اهم آثارن جي سلسلي ۾محض زير زمين پاڻيءَ جي مٿانهين سطح جي ڪري ناقابل عمل ثابت ٿيو آهي؟ ڳڻپ ۽ شمار ڪرڻ جا اهي ٻيئي طريقا سنڌ جي سيلابي ميدان جي خصوصي حالات ۾، سندن مختلف مقصدن لاءِ هڪ ئي وقت ”منطقي ۽ قابل عمل ناهن“، جيئن دعويٰ ڪئي ويئي آهي (14). هڪ اُئين آهي، ته ٻيو ائين ناهي. جنهن ”مطابقت“ جو هن هنڌ دليل ڏنو ويو آهي، سا مطابقت تجربي ۽ عام فهم سان آهي. يقيناً، اهڙين حالتن ۾ مٿان کان هيٺ ويندڙ آباديءَ جي هڪٻئي جي پٺيان قائم ٿيل پٽن کي شمار ڪرڻ لاءِ، ”اڳتي ويندڙ انگن“ واري طريقي اختيار ڪرڻ جي حق ۾ وڏو وزني دليل موجود آهي، يعني آخرين آباديءَ واري پٽي کي نمبر هڪ ڏيڻ گهرجي. انهيءَ طريقي جو ظاهر فائدو اهو آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ اونهائيءَ ۾ کوٽائي ڪرڻ ممڪن بڻجي پوي، ته پوءِ هر اوائلي دؤر واري آباديءَ جي پٽي جي عدد ۾ هڪ جو اضافو ڪري سگهبو- حالانڪ بلڪل پهرينءَ آباديءَ واري نوهر زمين تي کڻي نه به پهچي سگهجي. بيشڪ، اهو آثار قديمه جي ماهرن جي غالب راءِ جي انتهائي طاقتور وهڪري جي ابتڙ وڃڻ جي برابر آهي، پر ان هوندي به مون کي آباديءَ جي انتهائي اوائلي دؤر واري پٽي کي پهريون نمبر ڏيڻ ۾ خوبي نظر نٿي اچي. عام حالتن ۾ اسين حضرت عيسيٰ مسيح جي ڄمڻ کان اڳ وارين صدين جي شمار ڪرڻ لاءِ ابتڙ انگن استعمال ڪرڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون، يعني ته پهرين صدي ق. م وارو زمانو، ٻي ٽين وغيره صدين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پوئتي نه، بلڪ اڳتي اسان جي زماني کي ويجهو آهي. خود آرڪ پشپ اُوشر (Archbishop usher) جنهن سترهين صدي عيسويءَ ۾ هن دنيا جي تخليق لاءِ (آثار قديمه وارن جي ڏسيل انتهائي اوائلي نوهر سطح جي ماپ وانگر) ابتدائي زماني جي سال جو حساب ڪيو هو، تنهن به صحيح شمار ڪرڻ لاءِ انهيءَ سال کي ”400 قبل مسيح“ حساب ڪري بيهاريو، ۽ نه ”تخليق جو سن پهريون“، درحقيقت آثار قديمه جي ماهرن کي قبل از تاريخ واري زماني جي ثقافتي دؤرن کي، سالن ۽ سن جي مختلف سالن جي عدد سان ملائڻو پوندو آهي، ان ڪري جيئن جيئن اُهي وڌيڪ اوائلي دور ۾ هوندا آهن، تيئن تيئن انهيءَ صديءَ يا عيسوي سن کان اڳئين هڪ هزار سال جو ”عدد“ وڏو هوندو آهي. پوءِ ڀلا آثار قديمه جا ماهر ثقافتي ۽ تهذيبي دورن جو شمار ائين ڇو نه ڪن؟ يعني آباديءَ جي مختلف پٽن ۽ طبقن کي جيئن جيئن اهي کوٽائيءَ جي دوران ظاهر ٿيندا وڃن، هڪ – ٻه کان مٿان شروع ڪري هيٺئين طرف ويندي، وڌيڪ وڏو انگ ڏيندا وڃن؟ آءٌ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه سوچي نٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ واري سيلابي ميدان جي ڏاکڻين ۽ زيرين علائقي جي حالتن لاءِ اهو ئي طريقو موزون ۽ مناسب آهي. ايڇ. ٽي. ايل (نوٽ: هن ضميمي جو بنياد انهيءَ ليڪچر تي بيهاريل آهي، جيڪو 4 ڊسمبر 1968ع تي يونيورسٽي آف ڪئمبرج ۾ ڏنو ويو.) نوٽ (1) بحواله آر. اي. ايم. وهيلر ”آرڪيئالاجي فرام دي ارٿ“ (1954) ص 22- 14، 56-51، 8-127. (2) اسٽوئرٽ پگٽ ”ائنشنٽ انڊيا“ ۾ نمبر 4 (48- 1947) ص 40-26. (3) بحواله ايضاً، باب 2، ص 9-38. (4) مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“، ص XIV . (5) پگٽ، ” ائنشنٽ انڊيا“ ۾ نمبر 4، ص 29. (6) ”ائنٽي ڪئٽي XXXIX“، ص 203- 196. ”امريڪن ائنٿراپالاجسٽ“، جلد 66، 1964ع، ص 299- 284. (7) ”ائنٽي ڪئٽي XXXIX“، ص 7- 196. (8) ”جاگرافيڪل جرنل“، جلد 133، ص 495- 483. (9) سر مارٽيمر وهيلر، ”دي انڊس سوليزيشن“ ٽيون ڇاپو 1968ع، صفحا 29- 128. (10) آر. اي. ايم وهيلر، ”آرڪيئالاجي فرام دي ارٿ“ (1954ع) ص 53. (11) سر جان مارشل، ”موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“، جلد-1 صفحو 10. (12) اي. مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس ائٽ موهن جو دڙو“، ج- 1، ص XV. (13) آر. ايل. رائيڪس، ”ائنٽي XXXIX“ ۾، ص 196. ”جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، ج- VII (1946ع) ص 60- 59. (14) آر. اي. ايم وهيلر، ”آرڪيئالاجي فرام دي ارٿ“، ص 56. (3) سنڌ جي قديم روايتي تاريخ موهن جي دڙي جي زوال ۽ سنڌو رياست جي تباهيءَ کان پوءِ هڪ اهڙو اونداهو دؤر آيو، جنهن بابت اسان کي ذري گهٽ ڪا معلومات ڪانهي. سنڌو لوڪن جي ادارن، انهن شهرن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان پوءِ، جن جي مٿان انهن جو سڄو آڌار رهندو آيو هو، گهڻي حد تائين ڌڪ نه جهليو هوندو، ۽ انهن ماڻهن جي ثقافت جو فقط هڪ ئي عنصر، جيڪو بعد واري زماني تائين به باقي رهندو آيو، انهن جو مذهب هو- سو به انهن رسمن ۽ رواجن جي صورت ۾، جيڪي خود ”سنڌو تهذيب“ جي اڀرڻ کان اڳ سنڌو ماٿريءَ ۾ مروج هيون. هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته سنڌ ڪافي عرصي تائين انهن وحشي لوڪن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي، جن ان تي سڀ کان اول مغرب کان حملو ڪيو هو، ۽ ويدن وارا آريا لوڪ، جڏهن نيٺ وڃي هن ملڪ سان لاڳاپو قائم ڪري سگهيا، سي هتي اهو اثر قائم نه ڪري سگهيا، جنهن جي زور تي انهن اتر هندستان جي باقي ٻئي حصي ۾ پنهنجا قدم ڄمايا هئا. سنڌ جي باري ۾ روايتون سنسڪرت، فارسي ۽ پالي ٻولين جي ادب ۾ موجود ملن ٿيون، ۽ اهي هن ملڪ جي تاريخ جي پهرئين پهرئين پڪي تاريخ کان اڳ واري دؤر جي سياسي حالت جي هڪ جهلڪ ڏيکارين ٿيون. ممڪن آهي ته انهيءَ روايتي مواد مان ڪجهه حصي جو تعلق بعد جي زماني سان هجي، پر انهيءَ نڪتي کي طئي ڪرڻ لاءِ تفصيلن جي ايتري ته اڻاٺ آهي، جو هن منزل تي انهيءَ موضوع تي رڳو مجموعي طور تي بحث ڪرڻ بهتر ٿيندو. سڀ کان اڳ ۾ اسان کي هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته سنڌ بابت مهاڀارت ۾ ڇا چيل آهي. ڪورون ۽ پانڊون جي عظيم جنگ کي قديم دؤر جي هڪ تاريخي واقعي جي حيثيت ۾ تسليم ڪرڻ گهرجي، حالانڪ ان جو داستان ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن ۽ فرضي ڪهاڻين سان گڏجي سڏجي اسان تائين پهتو آهي ۽ ان کي گهڻو پوءِ جي زماني جي نظرين ۽ خيالن سان ٺهڪائڻ لاءِ منجهس ڪيترن ئي تفصيلن جو اضافو ڪيو ويو آهي. جيئن ڏاڍي صحيح نموني سان چيو ويو آهي، ”هندستان جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ رهندڙ ڪيترين ئي پري پري جي رهندڙ قومن ۽ اتر اولهه جي بعد وارن حمله آور ماڻهن، بلڪل ساڳئي نموني ۾ مهاڀارت جي تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ ڪانه ڪا شانائتي جڳهه پيدا ڪري ورتي آهي، جهڙيءَ طرح مغربي يورپ جا شاهي گهراڻا پنهنجو اصل ۽ نسل هروڀرو به يونان جي ٽراءِ وارن بانڪن بهادرن سان وڃي ملائيندا هئا (1)“. اسين اهائي ڳالهه هلندڙ دؤر ۾ بلوچن جي ذهن تي ڇانيل قبائلي، فخر جي جذبي ۾ ڏسي سگهون ٿا. انهيءَ نسل وارن جو عقيدو آهي ته قبائلي وڏائيءَ ۽ خاندانيءَ جو ثبوت سندن هڪ روايتي نظم ۾ بيان ڪيل قبيلن جي نالن جي فهرست ۾ موجود آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ گهڻو به ڪونهي ۽ جنهن جو نالو ”دپترِ شعر“ آهي. ڪوبه بلوچ انهيءَ نظم کي پڙهندي يقيني طور پنهنجي قبيلي جو نالو ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڳنڍي ڇڏيندو، ۽ ائين ڪندي، هو پراڻي زماني کان وٺي ان ۾ شامل ٿيل ڪنهن قبيلي جي نالي کي ان مان ڇڏي ڏيڻ ۾ به ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندو. هاڻي، جئدرٿ، جيڪو سنڌو ۽ سؤ وير لوڪن جو بادشاهه هو، سو مهاڀارت واريءَ لڙائيءَ ۾ ڪورون جي طرف کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ۽ ساڪَ ۽ يَوان لوڪ، جيڪي اتر الهندي کان تازو آيل حمله آور هئا، ۽ هندستان جي انتهائي ڏاکڻين علائقي جا قبيلا به ساڻن ئي گڏ صف آرا هئا. ٻئي ڪنهن داخلي ثبوت نه هئڻ جي صورت ۾، اسين بخوبي اهو اندازو ڪري سگهون ٿا ته ”سنڌو سؤوير“ نالو پڻ ڪافي پوءِ واري زماني ۾ ان لڙائيءَ ۾شامل ٿيل قومن ۽ قبيلن جي اصلوڪيءَ فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو، جهڙيءَ طرح ان ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا به شامل ڪيا ويا هوندا. پر جئدرٿ ۽ سندس قبيلا ڪورون جي پاسي جنگ ۾ صف آرا ٿيل فوجي دستن مان رڳو هڪ دستو ڪين هئا. اهي انهيءَ داستان جي شروعاتي واقعن ۾- يعني پانڊون جي زال دروپديءَ جي اغوا جي سلسلي ۾- نهايت نمايان ۽ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهو واقعو هڪ طرح سان هن داستان جي مکيه موضوع جو مهاڳ آهي، ۽ اهو ان داستان جي انهي اصلوڪن تاريخي واقعن مان هڪ نظر اچي ٿو، جن جي ياد نه رڳو قائم رکي ويئي آهي بلڪ اڄ سوڌو اهي ملهائبا اچن ٿا. ايڏيءَ وڏي اهميت وارو اهو واقعو، جيڪو سنڌ جي بادشاهه لاءِ ڪنهن خاص عزت جو باعث به نه هو، جيڪڏهن پوءِ ڪنهن دور ۾ ان مهان نظم ۾ داخل ڪيل هجي ها، ته ان کي اهڙي هر طرح جي ۽ هر طرفي مقبوليت ڪانه ملي سگهي ها. انهيءَ طرح جي ڪا ڪوڙي ڳالهه گهڙڻ هڪ ڳالهه آهي، ۽ رڳو کترين جي ذات ۾ ڪنهن قبيلي کي داخل ڪرڻ لاءِ ان کي لڙائيءَ جي ميدان ۾ بيٺل قبيلن جي قطار ۾ شامل ڪري ڇڏڻ ٻي ڳالهه آهي- فقط انهيءَ لاءِ ته اهو قبيلو مهاڀاري جنگ ۾ پاڻ کي ائين خواهمخواهه شامل ڪيل ڏسي، پاڻ تي فخر ڪري سگهي. اهو داستان مختصر لفظن ۾ هن طرح آهي. سنڌو لوڪن جي بادشاهه جئدرٿ، جنهن کي سؤوير راجا پڻ سڏيو ويو آهي، دروپديءَ کي سندس سؤمبر (ڪٽيا؟) ۾ ڏسي ورتو، ۽ بعد ۾ جڏهن پانڊو شڪار ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويا هئا، تڏهن هو موقعو وٺي، دروپديءَ کي اڪيلو ڏسي، سندس جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ کيس کڻي ويو. پانڊون هن کي اڌ رستي ۾ وڃي جهليو ۽ اتي جيڪا لڙائي لڳي، تنهن ۾ جئدرٿ هارايو، ۽ اتان ڀڄي ويو، پر پوءِ هو پڪڙجي پيو، جنهن کان پوءِ هن جي فقط هن شرط تي جان بخشي ڪئي ويئي، جڏهن هن پاڻ کي سڀني جي سامهون ذليل ڪيو ۽ کلئي عام جيئدان گهريائين. جڏهن مهاڀاري جنگ شروع ٿي، تڏهن هو پنهنجي جهنڊي هيٺان جمع ڪيل فوج جي وڏي تعداد سان دُريو ڌن سان وڃي مليو، جنهن جهنڊي جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو ٺهيل جهنگلي سوئر جو بت هن جي پنهنجي قبيلي يا فوج جي نشان طور بيٺل هو. جئدرٿ ۽ دروپديءَ جي وچ ۾ ٿيل گفتگوءَ ۾ ڪيئي دلچسپ نڪتا موجود آهن. جئدرٿ پاڻ سان گڏ تِري گرٿ ۽ ڪُلندا جي راجائن کي ساڻ وٺي، دروپديءَ وٽ اچي ٿو، ۽ انهن کان سواءِ هن سان ٻارهن سؤ وير شهزادا ساڻ آهن، جي هن جا جهنڊا کڻي هن سان گڏ اچن ٿا. جئه درٿ انهن جو دروپديءَ سان تعارف ڪرائي ٿو. هوءَ پڇي ٿي، ”ڇا، تون سئويه، سيوي، سنڌو ۽ ٻين خوشحال ملڪن تي، جن کي تو پنهنجي محڪوميءَ ۾ آندو آهي، مکيه حڪمران جي حيثيت ۾، انصاف سان راڄ ڪرين ٿو؟ (2)“ جڏهن هو دروپديءَ کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تڏهن هوءَ کيس پانڊون جي انتقام کان ڊيڄاري ٿي، پر هن تي ڪو اثر نه ٿوٿئي. ”تون اسان کي هاڻي انهن ڌمڪين سان ڊيڄاري نه ٿي سگهين. اسين پڻ، او ڪرشنا! (درو پديءَ جو ٻيو نالو) پيدائشي طور اعليٰ ذات وارن سترهن قبيلن مان آهيون، ۽ اسين پڻ ڇهن شاهي خوبين سان نوازيل آهيون. انهيءَ ڪري اسين پانڊون کي پاڻ نيچ سمجهي، کانئن نفرت ڪريون ٿا.“ سيوي، سؤوير ۽ سنڌو قبيلن جي بهادرن کي جئدرٿ جي فوج ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، انهيءَ لڙائي ۾ وڙهندي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا انهيءَ مهل ڇڙي، جڏهن پانڊون هنن کي اچي رستي ۾ جهليو، ۽ هن لاءِ چيو ويو آهي ته هن جي رٿ جي چوڌاري ”پنج سؤ جابلو بهادرن“ جو محافظ دستو موجود هو. اهڙيءَ طرح اسين جئدرٿ کي هڪ اهڙي طاقتور بادشاهه طور ڏسون ٿا، جنهن فتوحات جي ذريعي پنهنجي علائقي کي وڌايو هو. هن جو پنهنجي لاءِ آرين جي اعليٰ ترين ذات جي شاهي گهراڻي جي اصل نسل جي دعويٰ ڪرڻ جو مقصد شايد اهو هو، جو هن دروپديءَ جي دماغ مان اهو خيال ڪڍڻ پئي چاهيو ته سنڌو ماٿريءَ جي هيٺئين علائقي جو راجا، جيڪو ڪُروکيشتر کان ايڏي پراهين علائقي جو حڪمران هو، سو ضرور ڪنهن نيچ قوم جو ماڻهو هوندو. مهاڀارت ۾ هڪ ٻئي هنڌ ذڪر آهي ته نَڪول پانڊُو کي اڳ ۾ سبي ۽ تري گرٿ قبيلن کي (جيڪي دروپدي هرنا- پارو ۾ جئه درٿ جا ساٿي نظر اچن ٿا) فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو، ۽ هن ”سڄو الهندو علائقو فتح ڪري ڇڏيو هو جيڪو سڄو مليڇن ]اڻ آرين (3) [ سان ڀريو پيو هو. بؤڌيان جي ڌرم سوتر جي مطابق، سؤويرن جي ملڪ کي آرين جي اصلي بادشاهيءَ جي حدن کان ٻاهر، ناپاڪ علائقو سمجهيو ويندو هو: جيڪي آريا اوڏانهن ويندا هئا، تن کي واپس (4) اچڻ تي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي هئي. هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو ته هي سبي لوڪ پوري معقول نموني ۾ سڪندر جي زماني وارا ”سبوئي“ سمجهي سگهجن ٿا، ۽ ممڪن آهي ته اهو نالو رگ ويد جي ”شِواس“ مان نڪتل هجي. وري تري گرٿ قبيلن جو ذڪر پاڻڻيءَ به ڪيو آهي، جيڪو چوٿين صدي قبل مسيح واري زماني ۾ ٿي گذريو آهي. مطلب ته هن خيال ڪرڻ لاءِ معقول دليل موجود آهي ته جئدرٿ متعلق اسان کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو ويو آهي، سو سنڌ جي گم ٿيل تاريخ جي هڪ قديم ورق جو ڪافي حد تائين سچو بيان آهي. ساڳئي نظم ۾ اسان کي هڪٻئي هنڌ تي ان جي تاريخ جي هڪ بعد واري ورق جي مختصر جهلڪ اتي ڏيکاري ويئي آهي، جتي پيو ويو آهي ته سؤوير لوڪن تي هڪ يوناني حڪمران ”يَوان ڌِپ“ حڪومت ڪري رهيو آهي، جنهن کي جفاڪش پانڊو پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا. اهو حوالو ضرور انهن اِنڊو-بَئڪٽرين شهزادن مان هڪ ڏانهن آهي، جيڪي سنه 200 ق-م ۽ 50 ق-م جي درمياني عرصي ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ اچي نڪتا هئا. جئدرٿ سنڌ جو بادشاهه ڪيئن بڻيو، تنهن جو بيان اسان کي سنڌ جي روايتي تاريخ ۾ ملي ٿو، جنهن کي ”مجمع التواريخ“ ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنسڪرت جي قصي جو جيڪو نقل ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ اهڙن ڪيترن ئي واقعن جو حوالو ڏنو ويو آهي، جن جو مهاڀارت ۾ ذڪر آهي، ۽ اهي واقعا روايت جي اصلوڪي سرچشمي مان اخذ ٿيل سمجهي سگهجن ٿا. ٻڌايو ويو آهي ته جت ۽ ميد لوڪن جي سردارن اهو ويچار ڪري ته اهي هڪٻئي جي پاسي ۾ صلح سانت سان فقط انهيءَ صورت ۾ رهي سگهندا، جڏهن اهي ڪنهن وڌيڪ طاقتور ۽ اعليٰ اختياريءَ جي ماتحت ٿيندا، پنهنجي طرفان راجا داجوشن (دريوڌن) ولد ڌرت (ڌرتراشتر) ڏانهن هڪ وفد موڪلي ڏنو ته اهو هن کي چوي ته هو سندن مٿان ڪو بادشاهه مقرر ڪري. ”شهنشاهه داجوشن پنهنجي ڀيڻ، داسل (دهسل) کي، جا جئندرت (جئندرت) نالي هڪ طاقتور راجا جي زال هئي، نامزد ڪيو ته هوءَ جتن ۽ ميدن تي وڃي حڪومت هلائي. داسل اوڏانهن ويئي ۽ انهيءَ ملڪ ۽ اتان جي شهرن تي قبضو ڪيائين...... پر انهيءَ سڄي ملڪ ۾، جيڪو هونئن ڪيڏيءَ به عظمت، خوشحاليءَ ۽ شان و شوڪت وارو هو، هڪ به برهمڻ يا عقل ۽ حڪمت جو مالڪ ڪونه هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ان ڳالهه ۾ سندس مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن سڄي هندستان مان 30000 برهمڻ گڏ ڪيا ۽ انهن کي سڄي ساز سامان ۽ ڀائرن ڀاتين سميت پنهنجي ڀيڻ ڏانهن موڪليو (5).“ ائين هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي قديم دور جي تاريخ جي هڪ معتبر روايت اسان ڏانهن منتقل ڪري ٿي،-- يعني هيءَ ته هن ملڪ تي آريا لوڪن گهڻيءَ دير کان پوءِ پنهنجو تسلط قائم ڪيو هو ۽ ٻيو ته ان کان به وڌيڪ دير سان هيءُ ملڪ برهمڻڪي مذهب سان متعارف ٿيو هو. ٻيون دلچسپيءَ جون ڳالهيون هي آهن ته جنهن شهر کي انهيءَ راڻيءَ گاديءَ جو شهر بڻايو هو، تنهن جو نالو اسڪلند هو- انهيءَ شهر جو نالو اسان کي پوءِ وارن دورن ۾ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو- ۽ جتن ۽ ميدن کي سندن پنهنجن گورنرن جي تحت رهڻ لاءِ الڳ الڳ علائقا ڏنا ويا. داسل ۽ جئدرٿ جي راڄ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ٿورو وقت هليو. يعني ڪجهه ويهه سال کن، ”جنهن کان پوءِ ڀرت گهراڻي جي قبضي مان ملڪ نڪري ويو.“ ڀرت نالي جو هن هنڌ استعمال آرين جي انهيءَ شاهي گهراڻي جي حوالي سان بلڪل قدرتي آهي، جنهن کي سنڌ تي راڄ ڪرڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو؛ انهيءَ نالي جو سنڌ متعلق ٻڌ ڌرم وارن جي روايتن ۾شايد هن ئي ڏند ڪٿا جي پڙاڏي طور اڳتي ذڪر اچي ٿو. ٻڌ ڌرم وارن جي ادب جو تاريخي واقعن سان ڪو گهڻو تعلق ڪونهي، ۽ اهو ادب محض اتفاق سان ملڪ جي سياسي حالات تي ڪجهه روشني وجهي ٿو. اهڙوئي هڪ روشنيءَ جو ڪرڻو سنڌو ماٿريءَ تي پڻ پوي ٿو. ”ڊگهنيڪايا“ جي طويل بيان ۾ ڪن قديم اشلوڪن جو حوالو ڏنو ويو آهي، جن ۾ آريائي هندستان جي علائقي جي ستن مکيه پرڳڻن جي هڪ فهرست ڏنل آهي. جنهن ۾ هرهڪ پرڳڻي جي گاديءَ جو نالو به ٻڌايو ويو آهي.ان کان پوءِ انهن مان هر هڪ جي راجا جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهو سڄو بيان انهيءَ دور سان واسطو رکي ٿو، جڏهن اڃا ٻڌڌرم جو ظهور ڪونه ٿيو هو. سؤوير لوڪن جو ملڪ انهن ستن بادشاهين مان هڪ هو. ان جي گاديءَ وارو شهر رورُڪ هو ۽ ان جو راجا ڀرت هو (6). انهيءَ راجا، ۽ ٻين ڇهن راجائن کي، جن جا انفرادي طور نالا پڻ ڏنا ويا آهن، گڏي مجموعي طور ”ست ڀرت“ سڏيو ويو آهي. وري ”جاٽَڪن“ جي ڪتاب آٺين ۾، جيڪي ٻُڌ جي اڳين جنمن جون ڪهاڻيون آهن، اهو لکيل آهي ته ڀرت نالي هڪ راجا سؤوير نالي بادشاهيءَ تي رورُوَ ۾ حڪومت ڪندو هو. ”هو ڏهن شاهاڻين خوبين تي عمل ڪندو هو؛ هن مقبوليت جي چئن خصلتن سان ماڻهن جون دليون جيتي ورتيون هيون، عام ماڻهن سان ماءُ ۽ پيءُ جهڙو ورتاءُ ڪندو هو، ۽ غريبن، مسافرن، فقيرن ۽ ٻين لائق ماڻهن کي وڏيون وڏيون پاکريون ۽ دان ڏيندو هو. هن جي پٽ راڻي، سَمُدوجِيه سياڻي هئي ۽ علم جو ڀنڊار هئي (7)“. بنان ڪنهن شڪ شبهي جي، رورُوَ، رورُڪ نالي جي هڪ بدليل صورت آهي، پر هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ به سبب آهي ته انهيءَ دؤر ۾ رورُڪ نالي ٻه بادشاهي شهر موجود هئا، جن کي ٻڌن جي روايتن ۾ مُنجهايو ويو آهي. روايت مطابق انهيءَ نالي واري شهر جي رهاڪن طرفان ٻڌ ڌرم وارن جي هڪ مبلغ سان غلط روش اختيار ڪرڻ جي سزا طور اهو شهر واريءَ ۾ دٻجي ويو هو. هن باري ۾ تاريخدانن وٽ ڪو شڪ ڪونهي ته اها ڪهاڻي ترڪستان واري رورُڪ سان واسطو رکي ٿي، پر انهيءَ ڪهاڻيءَ جي ابتدائي لفظن ۾، ديويا وَدَن ۾، توڙي ٿٻيٽ واريءَ 8) روايت ۾، سؤوير لوڪن واري رورُڪ ڏانهن اشارو ڪيل ڀانئجي ٿو.”ٻڌ راجڳڙهه ۾ آهي. ان زماني ۾ جمبود وِپا (اتر هندستان) ۾ ٻه وڏا شهر پاتلي پتر ۽ رورُڪ نالي هئا. جڏهن رورُڪ اڀري ٿو، تڏهن پاتلي پتر ڪري ٿو، ۽ جڏهن پاتلي پتر اؤج ۾ اچي ٿو، تڏهن رورُڪ جو زوال اچي ٿو.“ ٻنهي شهرن جي درميان واپار هلندڙ آهي، ۽ رورُڪ جو بادشاهه، راجا رُد راين، مگڌ جي راجا بمبيسر سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍي ٿو، جيڪو هن ڏانهن ٻوڌ ٻاوا موڪلي ڏئي ٿو ۽ رد راين پنهنجو ڌرم ڦيرائي ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ٿو. اهو ڪو ضروري ناهي ته انهيءَ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي به معلوم ڪجي، جيڪا ٻئي هر تفصيل ۾ واضح طور مرڪزي ايشيا (9) واري رورڪ سان تعلق رکي ٿي. پر ان ۾ تجارتي تعلقات ۽ راجا جي مگڌ جي بادشاهه بمبيسر سان دوستيءَ جي ڳالهه وري سؤوير لوڪن واري رورڪ ڏانهن اشارو ڪري ٿي. ايران (10) جي روايتي تاريخ ۾ سنڌ جي باري ۾ ڏنل حوالن تي نظر وجهڻ کان اڳ ۾، اهو چڱو آهي ته روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي انهيءَ اٿاهه مواد ۽ ٻين ذريعن مان معلوم ڪيل تاريخي حقيقتن جي درميان موجود غلطين ڏانهن ڌيان ڇڪايو وڃي. جن کي فردوسيءَ طرفان حيرت انگيز چمڪيلو لباس پهرايو ويو آهي. ساساني دؤر جي ايرانين عظيم سائرس يا دارا هستاپس جي متعلق ڪي حقيقي روايتون پاڻ وٽ محفوظ نه رکيون هيون. پر اڳتي هلي، جڏهن اهي سرياني ذريعن مان ايران جي انهن ٻن انتهائي پرُ- شڪوه بادشاهن جي وجود متعلق باخبر ٿيا، تڏهن هنن جا پنهنجي ملڪ جي تاريخ بابت نظريا اڳيئي پڪا ٿي چڪا هئا، ۽ سندن هر هڪ روايتي بادشاهه جي نسل جي سلسلي ۽ ڪارنامن کي وٽن عام طور تسليم ڪيو ٿي ويو. باقي رڳو کين ان سلسلي ۾ ايترو ئي ڪرڻو هو، جو جتي به ممڪن ٿي پئي سگهيو، اتي ڪنهن روايتي بادشاهه کي ڪنهن نه ڪنهن تاريخي طور سڃاتل بادشاهه سان ملائي ڇڏڻو هو. جهڙيءَ طرح ڪاسيرس جونالو وٽن ڪيڪائوس سان ٺهڪي پئي آيو، تهڙي نموني ۾ سائرس وري ڪيخسرو ٿي پيو- حالانڪ پوئين نالي وارو بادشاهه درحقيقت انڊو- ايراني روايت وارو ڪَؤهُسرو هو، انهن کان پوءِ وري آرتاڪسيريس لانگيمانس ضرور بهمن هوندو، جيڪو اردشير دراز دست (11) جي نالي سان وٽن ائين ئي ساڳئي نموني مشهور ٿي ويو. اهوئي بهمن آهي، جنهن کي تاريخ جي روايت ۾ سنڌ کي (12) ”شهنشاهيت“ سان شامل ڪرڻ جو فخر بخشيو ويو آهي، حالانڪ اهو ڪارنامو سچ پچ دارا هستاپس جو هو. اهڙيءَ طرح اسان کي مجمع التواريخ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بهمن پنهنجي ڏاڏي گستاسپ جي زندگيءَ ۾ ”هندستان ڏانهن فوج سان حملو ڪيو ۽ انهيءَ ملڪ جو هڪ حصو قبضي ۾ آندو..... بهمن هندن ۽ ترڪن جي حدن جي وچ ۾ هڪ شهر جو بنياد وڌو، جنهن کي هن ڪندابيل جو نالو ڏنو، ۽ هڪٻئي هنڌ تي، جنهن کي اتان جا ماڻهو ”ٻُڌ“ سڏين ٿا. هن هڪ شهر جو بنياد وڌو، جنهن کي هن بهمن آباد جو نالو ڏنو.“ عرب حاشيه نويس وڌيڪ لکي ٿو ته ”هڪ بيان موجب اهو منصوريه آهي، پر وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي (13).“ ساڳئي ڪتاب ۾، ان کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”اتر الهندي هندستان جي هڪ حڪمران ”ڪفند بادشاهه“ سنڌ کي ٻيهر فتح ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليو ته جيئن اهو ”مِهر ايراني“ نالي بادشاهه جي نمائندي کي انهن جاين مان هڪالي ڪڍي، جيڪي بهمن فتح ڪيون هيون، ۽ پوءِ آتشڪدن جي جاءِ تي بتن جي پوڄا لاءِ مندر جوڙائي.“ چيو وڃي ٿو ته اهو ڪارنامو هندستان تي سڪندر جي ڪاهه کان اڳي سرانجام ڏنو ويو هو. سنڌو ماٿريءَ مان، مقدوني (يوناني) ڪاهه کان ڪجهه وقت اڳي ايراني اقتدار جي پست پئجي وڃڻ جو واقعو حقيقت جي بنياد تي بيٺل نظر پيو اچي؛ پر جيئن ته اها روايت تاريخي ذريعن مان حاصل ٿيل مستند معلومات ۾ ڪو اضافو نه ٿي ڪري، انهيءَ ڪري انهيءَ موضوع جو ان وقت تائين ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي، جيسين اهي ذريعا اسان جي جائزي هيٺ اچن. نوٽ (1) ڪئمبرج، ”هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 307. (2) ”مهاڀارت“ ترجمو پي- سي-راءُ، ج 2، ص 2-560. (3) ايضاً، ج II ص 32؛ ج V ص 48؛ سنڌو سؤوير لوڪن کي پڻ سندن رسمن رواجن جي خيال کان ”مليڇ“ سڏيو ويو آهي. ايضاً ج VI ص 101. (4) ”ڌرم سوتر I“ 30-32، بحواله بي- سي- لا، ”قديم هندستان ۾ قبيلا“، ص 344 (5) ايليٽ، ”هسٽري آف انڊيا“، ص 104. ايم- ريناڊ ”فرئگمينٽس عربيز ايٽ پرسنس اِنڊيٽس رليٽفس اي لي اِنڊي“، ص 25. (6) ”ٻڌ مذهب وارن جا مقدس ڪتاب“، ج 3 ”ٻڌ جا گفتا“ (ترجمو: ٽي- ڊبليو- رائيز ڊيوڊس ۽ سي- ايف رائيز ڊيوڊس) ص 270-269. (7)”جاٽڪ“ (ترجمو: ايڇ.ٽي. فرانسز ۽ آر. اي. نيل) ڪتاب viii نمبر 242 ص 280. (8) ”اُدرينه ڪونگ وان رورُڪ“ ترجمو: جوهانس نوبيل (ويسباڊن 1955ع) ص 49. (9) سي.ايف. هيوبر، ”ايٽوڊس ڊي لٽريچر بوڌيڪ“؛ بليٽن ڊي لي ”ايڪول فرئنسيز ڊي ايڪسٽريم او ري اينٽ“، ٽوم وي، ص 15-12 ۽ص 340-235. (10) پڙهندڙ کي اهڙين ڏندڪٿائن تي بحث جي تڪليف کان بچايو وڃي ٿو، جن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ”مهراڻ“ جمشيد طرفان کوٽايو ويو هو. (11) ”شاهنامو“- ترجمو: اي. جي ۽ اي. ڊبليو وارنر، ج v، ص 82-281. (12) ”شاهنامي ۾“ بهمن جي پيءُ اسفنديار، ايراني سلطنت جو شان و شوڪت گستاسپ جي بادشاهيءَ دوران بحال ڪري ٿو، جنهن کي سنڌ جا بادشاهه ڏن ڏيندا هئا. (13) ”مجمع التواريخ“ وارو بيان، ”هندي ٻوليءَ جي ڪتاب“مان ورتو ويو هو، جنهن جو انهن ساڳين ڏينهن ۾ ترجمو ڪيو ويو هو، جڏهن فردوسي ”شاهنامي“ لکڻ ۾، مصروف هو، گرديزي پنهنجي ”زين الاخبار“ ۾، جيڪو ڪجهه وقت بعد ۾ لکيو ويو هو، ذري گهٽ ساڳين لفظن ۾ اهو قصو بيان ڪري ٿو. (14) ڊاڪٽر وان لوهوزين دي لي وو، ڪي. پي. جيسوال جي پيروي ڪندي، انهيءَ اعتقاد جو اظهار ڪري ٿو ته ”ڪفند“ دراصل ڪَجَلُ ڪد فائيسز جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن اٽڪل 25 ق. م کان 35ع ڌاري بادشاهي ڪئي. (4) سنڌ ، ايران جي هخامنشي بادشاهن جي هٿ هيٺ سنڌ جي تاريخ ۾، سڀ کان پهريون سال، جيڪو خاطريءَ سان، ويجهي ۾ ويجهين حدن اندر، مقرر ڪري سگهجي ٿو، سو دارا هستاپس جي حڪمرانيءَ دوران، سنڌ جو ايران جي شهنشاهت سان لاڳو ٿيڻ وارو سال آهي. انهيءَ بادشاهه جي فتوحات ۾ هيءَ پهرين فتح هئي، جيڪا کيس يا ته سال 519 يا 518 ق.م ۾ حاصل ٿيل معلوم ٿئي ٿي. هن جي پيشروئن کي هندستان جي سرزمين تي گنڌارا ۾ قدم رکڻ جو اڳيئي موقعو ملي ويو هو، جنهن جو ذڪر انهيءَ بيستون ڪتبي ۾ موجود آهي، جيڪو دارا سال 520 ق. م ۾ انهن نون (9) بغاوتن کي هڪ ئي سال اندر چٿي ڇڏڻ واري واقعي جي ياد تازي رکڻ لاءِ لڳارايو هو، جن ڪيمبائسز جي مرڻ کان فوراً پوءِ هن جي ملڪ ۾ منهن ڪڍيو هو. ان ڪتبي ۾ فقط انهن پرڳڻن جا نالا ڏنل آهن، جيڪي هن جي شهنشاهت ۾ ان وقت شامل هئا، جڏهن اها کيس ايڏيءَ بدنظميءَ جي حالت ۾ ملي هئي. تاريخ جي ڪن عالمن جي راءِ ۾، ”ٿتاگُش (1)“ پرڳڻو، جيڪو پڻ بيستون ڪتبي جي فهرست ۾ داخل آهي، پنجاب جي اتر اولهه ۾ واقع هو، ۽ ان لاءِ وٽن رڳو هيءُ دليل آهي ته هيروڊوٽس طرفان جيڪو ان لاءِ لفظ Eattayvsai استعمال ڪيل آهي، ان جو ترجمو ”سوين ڳئون“ معلوم ٿئي ٿو. پر اڪثر عالم ان پرڳڻي کي غِلزئي يا هزارا وارو علائقو ليکين ٿا. انهيءَ پرڳڻي جي نالي جي ڳالهه، بهرحال، ڪيئن به هجي، پر ايرانين طرفان سنڌو نديءَ جي هيٺئين علائقي ڏانهن پيشقدميءَ لاءِ گنڌارا کي ئي مرڪز طور استعمال ڪيو ويو هو، ۽ اهو سڄو نئون علائقو گهڻو ڪري سال 518 ق-م ڌاري ايران جي ضابطي هيٺ آيو هو. هيروڊوٽس جي چوڻ موجب، هندستانين کي اسڪائلاڪس جي انهيءَ مشهور دريائي سفر کان پوءِ (2) تسلط هيٺ آندو ويو هو، جنهن ۾ هو سنڌو نديءَ رستي سمنڊ تائين پهچي، ايران ۽ عربستان جي ڪنارن کان مصر وڃي پهتو هو؛ پر هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته اهو سفر گهڻو ڪري سنڌوءَ جي هيٺئين علائقي جي فتح سان گڏوگڏ يا ان کان پوءِ اختيار ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو بيان درست آهي ته اسڪائلاڪس کي سنڌو نديءَ رستي سمنڊ تائين پهچڻ ۾ تيرهن مهينا لڳي ويا هئا، ته پوءِ هي قياس ڪري سگهجي ٿو ته هن کي زمين تي گڏوگڏ پيشقدمي ڪندڙ بري فوجي دستن جي مدد ۽ پناهه بلڪل انهيءَ نموني ئي ميسر هوندي، جهڙيءَ طرح بعد ۾ سڪندر جي فتح وقت ٿيو هو. دارا ان دريائي- واڌو- بحري مهم لاءِ سنڌو نديءَ مان ايران تائين جهازرانيءَ جي امڪانن معلوم، ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. اسڪائلاڪس کي جيڪو ڪاريه علائقي جي شهر ڪارياندا جو رهاڪو هو، انهيءَ مهم جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو هو. هو گنڌارا نالي جي ملڪ جي ڪاسپاپيروس نالي واري هڪ هنڌ وٽان ٻيڙن ۾ سوار ٿيو- جيڪو هنڌ شايد ڪابل درياءَ جي هيٺئين وهڪري تي ڪٿي واقع هو، ڇاڪاڻ ته هيروڊوٽس ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجا ٻيڙا (4) اڀرندي طرف ڏانهن هاڪاري ويو هو. اڍائي سالن کان پوءِ اسڪائلاڪس مصر پهتو. اسان کي اهو معلوم ناهي ته انهيءَ کان پوءِ سمنڊ رستي باقاعدي طور ايران ۽ ان جي انهن ماتحت علائقن جي وچ ۾ آمد و رفت جو سلسلو قائم ٿيو يا نه، پر ”هندو“، يعني سنڌونديءَ جي هيٺين ماٿري ايراني حڪومت جو هڪ ماتحت علائقو ضرور بڻجي ويو؛ ان جو ذڪر هڪ اهڙي ڪتبي ۾ موجود آهي، جنهن جي لکجڻ جو سال 515 ق- م کان به ڪجهه اڳي جو آهي. اهو ”شاهي قلعو“، جنهن جو انهيءَ دور جو يوناني جاگرافيدان، هيڪٽيئس، ذڪر ڪندي چوي ٿو ته اهو سنڌو درياءَ جي ڀرسان اوپيائي لوڪن جي ملڪ ۾ واقع هو، سو گهڻو ڪري نئين فتح ڪيل سرحدي صوبي ۾ رکيل ايراني فوجي ڇانوڻي هو. هيڪٽيئس اهو به ٻڌائي ٿو ته اوپيائي لوڪن جي ملڪ جي پريان هڪ ريگستان ”ويندي هندستانين (6) جي ملڪ تائين“ ڦهليل هو. انهيءَ مان اندازو ڪجي ٿو ته هن کي معلوم هو ته سنڌو ماٿريءَ جي پريان اڃا به ٻيو ”هندستان“ موجود هو. پر معلوم ٿئي ٿو ته ايرانين انهيءَ ڏس ۾ ڪا خاص کوج ڪانه لڳائي هئي. هيروڊوٽس چوي ٿو ته ”هندستان“ جو اڀرندو حصو ريگستان آهي، ۽ هن کي گنگا واري ماٿريءَ (7) جي ڄاڻ بلڪل ڪانه هئي. سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايراني سلطنت جي آخري حد ضرور ريگستان جي ڪناري تائين ڦهليل هوندي، پر هن ڳالهه جو امڪان آهي ته سنڌو نديءَ جي اڀرندي طرف پنجاب جو خاصو حصو به ايران جو ڏن- ڀرو هو- ۽ اهو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي سبب ڪري نه ٿو چئي سگهجي، ته گهٽ ۾ گهٽ هن ڪري ته ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جو ”هندستان“ جي آمدني ۽ آدمشماري شهنشاهت جي ٻين سڀني ماتحت علائقن جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر وڌيڪ هئي. هيروڊوٽس چوي ٿو ته هندستاني سون جي ٻوريءَ جا ٽي سؤ ۽ سٺ ”ٽئلينٽ“ ڏن طور ڏيندا هئا، جيڪي ذري گهٽ ڏهن لکن پائونڊن (يعني تڏهوڪن هڪ کان ٻن ڪروڙ رپين) جي برابر ٿين ٿا. اها رقم، شهنشاهت جي ايشيائي صوبن تي مڙهيل ڍل جي مجموعي رقم جو ذري گهٽ ٽيون حصو هئي، جنهن مان هن ”هندو“ علائقي يا ڪم از ڪم ”هندستانين“ جي ماتحت علائقي جي وسيع ڦهليل زراعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ساڳيو مصنف پوري يقين سان چوي ٿو ته هنن علائقن جي آدمشماري ٻين سڀني ملڪن کان، جن جي هن کي ڄاڻ هئي، گهڻي وڌيڪ هئي (8). دارا سن 486 ق. م ۾ گذاري ويو ۽ ”نقش رستم“ ۾ هن جي قبر تي لڳل پٿر جي بتن ۾ ٽن هندستاني قومن جا نمائندا نظر اچن ٿا. هنن جي بدن تي پوشاڪ طور فقط هڪ ڌوتي ۽ هڪ قسم جو پٽڪو نظر اچن ٿا، ۽ سندن ڪلهي وٽان وريل پٽي ۾ هڪ ڊگهي ويڪري ترار لٽڪيل نظر اچي ٿي. دارا جي وارث خسروءَ جي بادشاهيءَ ۾، جڏهن هن يونان تي حملي لاءِ هڪ زبردست لشڪر ڪٺو ڪيو هو، کيس هن ننين ”هندو“ يعني ”سنڌو“ صوبي پيادن ۽ گهوڙيسوارن تي مشتمل هڪ فوجي دستو فراهم ڪيو هو. هيروڊوٽس ٻڌائي ٿو ته انهيءَ دستي ۾ موجود پيادل سپاهين کي جيڪي ڪپڙا پيل هئا، سي سوٽي هئا ۽ وٽن بيد جا تير ۽ بيد جون ڪمانون هيون، جن مان تيرن جي منهن ۾ لوهه لڳل هو. انهن سپاهين کي هڪ ايراني ڪمانڊر نالي ”فرناز ٿريس“ پٽ ”آرتي بيتس“ جي قيادت هيٺ رکيو ويو هو. گهوڙيسوار فوج کان علاوهه وٽن رٿ به هئا، جن کي گهوڙا ۽ جهنگلي گڏهه ڇڪي رهيا هئا (9). پرسيپولس مان لڌل هڪ پٿر جي تختيءَ تي لکيل آهي ته خسروءَ ”اهر مزد جي رضا“ سان ڪن هندستاني ديوتائن جا مندر ڊهرائي ڇڏيا، ۽ حڪم جاري ڪيو ته ”ديوتائن جي پوڄا نه ڪئي ويندي (10)“. ”مجمع التواريخ“ ۾ لکيل هڪ روايت مطابق، جنهن جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي، شهنشاهت جي زوال واري دور ۾ ”هندن“ جي طرفان زبردست مخالفانه رد عمل ظاهر ٿيو هو، ۽ هندستانين ايرانين جي تعمير ڪرايل آتشڪدن جي جاءِ تي وري پنهنجن ديوتائن جي پوڄا وارا مندر ٺهرايا هئا. اهو بهرحال معلوم نٿو ٿئي ته يونان ۾ خسروءَ جي شرمناڪ شڪست، يا بعد ۾ سندس قتل ٿيڻ کان پوءِ، هندستان واري ماتحت علائقي تي سندس جانشينن جي گرفت اوتري ئي مضبوط بيٺي رهي يا ڍري ٿي ويئي. انهيءَ صورتحال جو بيان هڪ يوناني حڪيم، نالي ڪتيسياس، جيڪو ايراني درٻار ۾ مقيم هو، خسروءَ جي مرڻ کان اٽڪل ستر سال پوءِ لکيو هو. انهيءَ ڪتاب جا، جنهن جو نالو ”انڊيڪا“ آهي، ڪي ٿورا ورق بچيل آهن. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڪتيسياس پاڻ ڪڏهن به هندستان نه ويو هو، پر هن جي بيان جو دارومدار شهنشاهه جي درٻار ۾ حاضريءَ لاءِ ايندڙ هندستانين انهيءَ صوبي ڏانهن ڊيوٽي پوري ڪري واپس ايندڙ ايراني ڪامورن، ۽ ٻنهي ملڪن جي درميان سفر ڪندڙ مسافرن ۽ واپارين جي بيانن ۽ ڳالهين تي هو. اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته انهيءَ ڪتاب جا جيڪي ورق اسان تائين پهتا آهن، تن ۾ گهڻو ڪري فقط ”مسافرن جون ڳالهيون“ لکيل آهن، جيڪي هندستان ۾ ايرانين جي انتظامي طور ۽ طريقي جهڙن مسئلن تي ڪا روشني نٿيون وجهن. ان جي باوجود، جيئن هن ڪتاب جي پهرئين جلد(11) ۾ چيو ويو آهي، انهن مان سنڌو ماٿريءَ واري ملڪ جي ڪيترين خصوصيتن جو اندازو لڳي سگهي ٿو. ڪپهه ڏانهن جيڪو واضح اشارو ان ۾ ڪيل آهي، تنهن کي انهيءَ صوبي جي حيرت انگيز دولت جي سلسلي ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. انهيءَ زماني ۾ به، جڏهن هخامنشي شهنشاهت ڀڄي ڀري، پنهنجي پوري زوال طرف وڌي رهي هئي، تڏهن به هندستان ان ڏانهن پنهنجي وفاداريءَ ۾ ثابت قدم رهندو آيو. دارا ڪودومنس، سڪندر جي مقابلي ۾ جڏهن آخري مورچو سنڀاليو، تڏهن هن هندستان مان فوجون گهرايون هيون، ۽ هن جو اهو حڪم مڃيو ويو هو. هن ڏانهن پوري وقت تي ماڻهو ۽ هاٿي موڪليا ويا، جن اربيلا (12) واريءَ تباهڪن جنگ جي موقعي تي پهچي، هن سان ساٿ ڏنو. هيءَ ڳالهه ممڪن نظر اچي ٿي ته انهيءَ دور ۾هندستاني علائقي جي اترئين حصي جي سرحد هٽي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي اچي بيٺي هئي، ڇاڪاڻ ته ان موقعي تي شهنشاهه دارا ڏانهن جيڪي هاٿي موڪليا ويا هئا، سي سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ وارن هندستانين فراهم ڪيا هئا، اهو به امڪان آهي ته انهن ڏينهن ۾ علائقي جو سڄو انتظام ٻيهر مقامي شهزادن ۽ سردارن جي هٿن ۾ اچي ويو هو، جنهن ڪري انهن جي ايران ڏانهن ماتحتيءَ ۽ نيازمنديءَ جو دارومدار ان عظيم شهنشاهه لاءِ سندن شخصي وفاداريءَ تي ئي وڃي بيٺو هو. ”انڊيڪا“ ۾ ان علائقي جي ڪنهن به ايراني گورنر جو ڪو ذڪر ڪونهي، ۽ نه وري ائين ٿو نظر اچي ته چار سال (13) پوءِ جڏهن سڪندر سنڌو ماٿريءَ جي مهم تي پهتو هو، تڏهن ئي هن کي ڪو ايراني حاڪم يا ڪامورو اتي مليو هو، يا هن ڪنهن اهڙي ڪاموري بابت ڪا ڳالهه ئي ٻڌي هئي. هندستان جي اترئين پاسي ڪهڙيون به تبديليون آيون هجن، پر هيءَ ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جو سڄو علائقو، ويندي رڻ جي ڪناري تائين، هخامنشي شهنشاهن جي بالادستي انهيءَ وقت تائين تسليم ڪندو رهيو، جيسين انهن جي بادشاهي ختم نه ٿي. بدقسمتيءَ سان ان دور جا هن سر زمين اندر ڪي به يادگار، ڪتبا يا سڪا اهڙا نه لڌا آهن، جيڪي انهيءَ ڳالهه تي ڪا روشني وجهن. انهن شين هيڪيٽيئس ۽ ڪيسياس جي ڪتابن جي اڪثر اوراقن جي عدم موجودگيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ذري گهٽ ٻن صدين جو اهو ڊگهو عرصو پورو هڪ اونداهو خال پيش ڪري ٿي. البت ايترو سو نظر اچي ٿوته سنڌ ايرانين جي بادشاهيءَ واري دور کان پوءِ پوريءِ خوشحاليءَ جي حالت ۾ هئي، ڇو ته اسان وٽ خود سڪندر جو اهو بيان موجود آهي ته اتر سنڌ ۾ موسيڪانس واري سرزمين (14) ”هندستان“ جو سڀ کان وڌيڪ خوشحال ۽ آسودو حصو هئي. نوٽ (1) پروفيسر اي. هرٽزفيلڊ، ”ميمايرس آف دي آرڪئالاجيڪل سروي آف انڊيا“، نمبر 34. (2) هيروڊوٽس IV 44. (3) هڪيٽيئس، ايڊٽ ڪيل سي- ملر، ٽڪرو نمبر 179. (4) هيرو ڊوٽس IV 44. (5) همدان ۾ لڌل، ايم. اي. ايس. آءِ، نمبر 34، ص 2. (6) هڪيٽيئس، ٽڪرو نمبر 175. (7) هيرو ڊوٽس III، 98؛ IV، 40. (8) هيرو ڊوٽس III، 94. (9) هيرو ڊوٽس VII، 86. (10) ايڇ. آر. چوڌري، ”پوليٽيڪل هسٽري آف ناردرن انڊيا“، ص 242. (11) ”سنڌ، اي. جنرل انٽروڊڪشن“، صفحا 2-101. (12) ”ايريئن ائناباسس III“ 8. 6-3. (13) اسٽرابو جي مطابق، پئروپامي سيڊائي، اراچوٽي، ۽ گيدرويني نالن وارا ملڪ سنڌو درياءَ تائين ڦهليل هئا؛ انهيءَ مان هيءَ معنيٰ ڪڍي ويئي آهي ته ايرانين طرفان سنڌو ماٿريءَ جي جن ٽڪرن تي قبضو ڪيو ويو هو، تن کي انهن ٽن ڏن ڀريندڙ رياستن ۾ ورڇيو ويو هو. اسٽرابو XV- ii، 9. (14) ايريئن، ائناباسس VI، سي. ايف. اسٽرابو XV، I. 34. (5) سڪندر اعظم جي ڪاهه سال 331 ق. م جي سرءُ واريءَ موسم ۾ سڪندر اعظم جي خلاف اربيلا واريءَ جنگ ۾ جن هندستاني فوجن، ايران جي ٻين شاهي فوجن سان گڏجي، لڙائي ڪئي هئي، سي خاص طرح بئڪٽريا ۽ آرڪيسيا جي سپاهين سان گڏ ميدان ۾ وڙهيون هيون، ۽ اهي انهن ئي صوبن جي وائيسرائن جي ڪمان هيٺ هيون. انهن ۾ ”جابلو هندستاني“ ۽ ڪي ”پندرهن هاٿي“ به شامل هئا، ”جيڪي انهن هندستانين موڪليا هئا، جيڪي سنڌوءَ جي هن طرف رهندڙ هئا“- يعني ان جي ساڄي ڪپ تي (1). انهيءَ صورتحال مان هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته هندستان ۾ ايراني حڪومت جو اصلوڪو نظام خواهه ڪهڙو به هو، پر ان وقت انهن جو ”شاهن جي شاهه“ سان جيڪو به تاتو ۽ واسطو هو، تنهن جو دارومدار اتان جي مقامي شهزادن ۽ سندن قبيلن جي شخصي وفاداريءَ تي هو. دارا پنهنجي شڪست کان پوءِ اٽڪل ڇهن مهينن کان پوءِ ڪنهن به وارث ڇڏڻ کان سواءِ قتل ٿي ويو، ۽ چيو وڃي ٿو ته مرندي دم هن پنهنجي طرفان انهيءَ خوشيءَ ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو هو ته ايران جي شهنشاهت وري به سڪندر جي هٿن ۾ وڃي رهي آهي، جنهن جو هو لائق هو. ان کان پوءِ ٽن سالن جي دوران هو مقدوني سورمو پوري نظم ۽ ضبط سان هڪ کان پوءِ ٻئي صوبي ڏانهن پيشقدمي ڪندو رهيو ۽ اتان جي ماڻهن جي وفاداريءَ جا وعدا حاصل ڪندو يا انهن کي مجبور ڪري پنهنجي آڻ مڃائيندو رهيو. هو سال 329 ق. م ۾ قنڌار وڃي پهتو، جتان سنڌو ماٿري ويجهي ئي هئي. پر هو ڦيرو کائي بئڪٽريا کي آڻ مڃائڻ لاءِ هليو ويو. هن سال 327 ق. م جي اپريل مهيني کان پوءِ ئي هندوڪش پار ڪري هندستان جو رستو ورتو، ۽ سنڌونديءَ جي الهندي وارين جابلو قومن تي ضابطي آڻڻ ۾ هن کي سڄو سارو سال اتي گذارڻو پيو. هن جي لشڪر نيٺ وڃي مارچ سن 326 ق. م ۾ ”اوهند“ وٽان سنڌو ندي پار ڪئي، ۽ ٽئڪسلا وٽ پهچڻ تي هنن کي مقامي بادشاهه امڀيءَ وٽان دوستاني آجيان ملي، جيڪو اڳيئي سڪندر جي خدمت ۾ پهاڙن ۾ حاضر ٿي چڪو هو. هن جي پاڙيسريءَ راجا پورس، جيڪو هائداسپس (جهلم) ۽ اڪيسائينس (چناب) جي وچ واري علائقي جو حاڪم هو، تنهن سڪندر جي سڏ تي سندس حضور ۾ حاضر ٿي، ڏن پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، سڪندر جي مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ۾ نڪري آيو. هن کي هائداسپس جي جنگ ۾ شڪست کائڻي پيئي؛ پر پوءِ سڪندر پنهنجي فراخدلانه روش سان هن کي پنهنجو دوست بڻائي ڇڏيو، ۽ هن جي علائقي ۾ ڪن پاڙيسري ايراضين (3) جو اضافو ڪيو. ان کان پوءِ فاتح اتر پنجاب جي ميدانن مان فوج وٺي اڳتي وڌيو؛ هن جي آخري منزل مگڌ جي بادشاهي ۽ ان کان اڳتي ”مشرقي سمنڊ“ (4) هو، پر بياس نديءَ جي ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ هن جي لشڪر اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سڪندر کي لاچار پٺتي موٽڻو پيو، جنهن کان پوءِ هن کي هخامنشي سلطنت جي ٻاهرين پسگردائيءَ وارن صوبن کي پنهنجي قبضي ۽ ضابطي ۾ آڻڻ جو ڪم پورو ڪرڻو پيو. ان لاءِ هن پنجاب جي ندين ۽ سنڌو نديءَ کان پنهنجن ماڻهن ۽ سازو سامان جي نقل و حمل لاءِ ڪم وٺڻ جو خيال ڪيو، ۽ ان رستي سان پنهنجي پوئتي موٽ ۾ هن پهريائين مغربي سمنڊ تائين پهچڻ جو فيصلو ڪيو (5). هن جيڪي ٻيڙيون سنڌو نديءَ کي پار ڪرڻ لاءِ ڪم آنديون هيون، سي اڳيئي کولي، خشڪيءَ رستي جهلم تائين پهچايون ويئون هيون، ۽ اتي اهي ٻيڙيون ٻيهر ڳنڍي جوڙي راس ڪيون ويون هيون، ۽ اتي (6) ٻيون نيون ٻيڙيون ٺهرائي انهن جي مجموعي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو. سال 326 ق. م جي آڪٽوبر مهيني ۾، هن جو سڄو آرماڙ سڙهه کولي روانو ٿيو،۽ ان سان گڏوگڏ ڪناري سان سندس فوج جا زبردست دستا پڻ ٻيڙين جي رفتار پٽاندر اڳتي وڌندا رهيا. جلدئي واٽ تي انهن کي وڌيڪ لڙايون ڪرڻيون پيون. معلوم ٿئي ٿو ته ڏکڻ پنجاب جا قبيلا خود مختيار ۽ آزاد هئا، جن ۾ شاهي يا جمهوري طرز جون حڪومتون هيون. اتان جا قبيلا مالي (ملاوا) ۽ آڪسي درڪي (شودر ڪاس) بهر صورت منظم هئا، ۽ انهن سڪندر (7) جي آڻ مڃڻ بدران، پاڻ ۾ اتحاد ڪري، هن جو مقابلو ڪرڻ چاهيو. مالي لوڪن جا اتحادي ۽ساٿي جيسين انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ پهچن ئي پهچن، تنهن کان اڳيئي انهن تي حملو ڪري کين شڪست ڏني ويئي، جنهن ڪري ٻيئي قبيلا گڏجي پيش پيا. ”آڪسي درڪي“ لوڪن مان شهرن جا اڳواڻ توڙي صوبن جا گورنر، ڏيڍ سؤ ٻين انتهائي معزز شخصيتن سان گڏجي آيا، ۽ انهن کي ڳالهيون ڪري عهدنامي ڪرڻ جا مڪمل اختيار حاصل هئا...... انهن اچي چيو ته هنن پنهنجا ايلچي اڳواٽ نه موڪلڻ جي جيڪا غلطي ڪئي هئي، سا معافيءَ لائق هئي، انهيءَ ڪري، جو هو ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ آزاد ۽ خودمختيار رهڻ جي خواهش ۾ فوقيت رکندڙ هئا ۽ هو پنهنجي آزاديءَ کي انهيءَ زماني کان وٺي، جڏهن ڊيونيسس هندستان ۾آيو هو، سڪندر جي اچڻ تائين محفوظ رکي سگهيا هئا (8).“ ائين معلوم ٿو ٿئي ته مالي لوڪ چناب ۽ راوي ندين جي دو آبي ۾، ۽ آڪسي درڪي لوڪ راوي ۽ بياس ندين جي وچ واري علائقي ۾آباد هئا. اسٽرابو جي چوڻ موجب، ايراني حڪمران آڪسي درڪي لوڪن مان پگهار دار (9) فوجي سپاهي پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪندا هئا، جنهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهي لوڪ ايراني سلطنت جي محڪوم رعيت نه هئا، ورنه مٿن جو فوجي خدمت لازمي هجي ها. ايريئن ٻين به ڪن ”خود مختار“ قبيلن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي مٿين نالن وارن ٻن قبيلن کان هيٺڀرو، غالباً سنڌو نديءَ جي ڏائي ڪپ واري علائقي ۾، آباد هئا: هڪڙا آئبستيني جيڪي انهيءَ نديءَ ۽ پنجند جي وچ ۾آباد هئا، ۽ ٻيا سڪيٿريني ۽ اوسڊيني هئا. ائين ٿي سگهي ٿوته انهيءَ ايراضيءَ ۾ ايراني صوبي جي سرحد، جتي پنجاب سنڌ سان ملي ٿو، خود سنڌو ندي هئي؛ انهيءَ حالت ۾ انهن قبيلن کي پنهنجي آزاديءَ ۽ خودمختاريءَ لاءِ مضبوط دليل ۽ دعوائون هيون (10). اسان کي سوگدي لوڪن جي نظام متعلق ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، جيڪي خود مختيار قبيلن جي علائقي کان سنڌونديءَ جي ڪناري سان هيٺڀرو آباد هئا، پر انهن جي گاديءَ واري شهر کي ايريئن (11) طرفان ”شاهي گاديءَ جو شهر“ سڏيو ويو آهي. اهو ممڪن پيو نظر اچي ته اهو شهر ميوسيڪانس جي بادشاهيءَ جي صوبائي گاديءَ جو شهر هو. ائين ٻڌايل ڪونهي ته سڪندر سوگدي لوڪن سان به اهڙي ئي نموني ڳالهيون ٻولهيون ڪيون، ڄڻ اهي به ڪن آزاد ۽ خود مختيار لوڪن منجهان هئا. هن انهيءَ شهر جي چوڌاري قلعو ٺهرايو ۽ پوءِ اتي جهازن جي بيهڻ جو دڪو پڻ تعمير ڪرايو، جو هن اها توقع پئي رکي ته ميوسيڪانس پاڻ، يا گهٽ ۾ گهٽ سندس ايلچي، اتي اچي سندس اڳيان پيش پوندا. پر جيئن ته انهيءَ هندستاني شهزادي ڪابه اهڙي علامت ظاهر نه ڪئي ته کيس ڪو سندس سرحد تي سڪندر جي موجودگيءَ جو پتو به آهي، تنهن ڪري بادشاهه نهايت تيز رفتاريءَ سان، لهوارو، درياءَ جي رستي هن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وڃي مٿس ڪڙڪيو. سڪندر اڳيئي سنڌ کي، دريائن جي سنگم کان وٺي ويندي سمنڊ تائين، پنهنجي شهنشاهت جي هڪ ئي ماتحت صوبي جي حيثيت ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ هن پنهنجي طرفان پيٿان ولد اگينور کي ان جو وائسراءِ به مقرر ڪري ڇڏيو هو. ميوسيڪانس، سنڌو نديءَ جي هيٺانهين علائقي جي حڪمرانن ۾، سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ حاڪم هو، ۽ هن جا اتر سنڌ وارا علائقا سڄيءَ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ساوا ۽ آسودا هئا. پاتل، جيڪا ميوسيڪانس جي علائقن جي پاسي ۾ ڏکڻ طرف سندس پاڙيسري سرزمين هئي، سا بظاهر خودمختيار هئي. ڊيئوڊورس سائڪيولس جي قول تي اعتبار ڪندي، مصنف جو چوڻ آهي، ۽ اها ڳالهه ڊيوڊورس سائيڪيولس به قبول ڪئي آهي، ته انهيءَ رياست جي سياسي جوڙجڪ اسپارٽا جهڙي هئي، ”ڇاڪاڻ ته انهن وٽ جنگ جي حالت ۾ قيادت ٻن جدا جدا گهراڻن جي موروثي بادشاهن وٽ هوندي هئي، البت سردارن جي هڪ جماعت سڄيءَ رياست تي اعليٰ ترين اختياريءَ سان حڪومت هلائيندي هئي.“ ايريئن، بهرحال پاتل وارن جي فقط هڪ بادشاهه جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ڪَرٽيُوس هن جو نالو موئيرِس (12) ٻڌائي ٿو. سنڌ جي باقي ٻين ٻن سردارن، آڪسيڪانس ۽ سامبس جي حيثيت بابت وضاحت نه ٿي ملي. ايريئن طرفان آڪسيڪانَس کي گورنر (13) ٻڌايو ويو آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ سامبَس لاءِ چيو ويو آهي ته هن جي ميوسيڪانس سان لڙائي هلندڙ هئي، پر ممڪن آهي ته هو هڪ فقط هڪڙو ماتحت سردار هو، جنهن پنهنجي وڏي حاڪم جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. جيتوڻيڪ اهو يقين ناهي ته انهن جا علائقا سچ پچ ڪهڙي هنڌ تي واقع هئا، ان هوندي به اسين هن اندازي ڪرڻ ۾ غلطي نه ڪنداسون ته اهي اولهه سنڌ ۾ سنڌو نديءَ کان ڪجهه مفاصلي تي هئا- آڪسيڪانَس اتر ۾ ۽ سامبَس ڏکڻ ۾ هو (15). سنڌ جي انتهائي ڏکڻ مغربي ڇيڙي واري علائقي تي هڪ بلڪل آزاد قبيلي، آربيتيءَ جو قبضو هو. ميوسيڪانس فاتح جي حملي کي روڪڻ ۾ عين موقعي تي پهچي ويو. هو پاڻ سان اهڙيون سوکڙيون پاکڙيون کڻائي آيو، جيڪي هندستانين وٽ وڏي ۾ وڏي قدر ۽ قيمت واريون سمجهيون وينديون هيون، ۽ هن جا سڀ ساٿي ساڻس گڏ سندس ڇانوڻيءَ ۾ موجود هئا. هو بادشاهه وٽ حاضر ٿيو ۽ پوريءَ طرح آڻ مڃيائين، ۽ پاڻ پنهنجيءَ قوم سميت هن جي آڏو پيش پيو، ۽ ساڳئي وقت پنهنجي غلطي قبول ڪيائين – جنهن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڪندر جي مهرباني ۽ ڪرم نوازي حاصل ڪرڻ جو هر ڪنهن لاءِ اهو ئي هڪ انتهائي اثرائتو رستو هو. جيتوڻيڪ بادشاهه هونئن به خوشامد جو تمام گهڻو اثر قبول ڪندو هو، پر نئين شهنشاهت ۾ ميوسيڪانس کي جو ائين هڪدم ماتحت حڪمران جي حيثيت ۾ پڪو ڪيو ويو، تنهن جو سبب حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل پاليسيءَ جي ضرورتن جي تقاضا به هئي. سنڌو ماٿريءَ جي انهيءَ سڀ کان زياده آسودي صوبي جي خوشحالي ۽ ان جو امن ان جي انتظام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڦيرگهير آڻڻ سان ئي برقرار رهي ٿي سگهيو. اها به هڪ ضروري ڳالهه هئي ته هڪ يوناني فوج جو دستو فوراً گاديءَ واري شهر جي ڪوٽ ۾ مورچو سنڀالي، محڪم ٿي ويهي، ۽ ان ڪم جي سربراهي ڪريٽيرس جي سپرد ڪئي ويئي. اهو ملڪ ۽ ان جو شاهه شهر بادشاهه کي ڏاڍا پسند پيا، ڇو ته هن کي انهن جي اهميت جو پورو احساس هو. هن جو خيال هو ته اتي سندس نصب ڪيل فوج آسپاس جي قبيلن کي پوريءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهندي. يونان کان هتي آيل هي ٻاهريان ماڻهو ان ملڪ جي سماجي صورتحال ۽ تنظيمن کي ڏسي، ڏاڍا متاثر ٿيا. هتان جا ماڻهو پنهنجين عادتن ۾ وچٿرا ۽ سڀاءَ جا حليم، صحتمند ۽ وڏيون ڄمارون ماڻيندڙ هئا. انهن وٽ ڪي مخصوص رسمون ۽ رواج هئا، جن يونانين کي اسپارٽا جي ياد تازي ڪرائي- هو ”لئسيڊيمونين وانگر ڪن موقعن تي عام دعوت ۾ گڏجي کاڌو کائين ٿا.“ اهڙن موقعن تي سندن کاڌو اهو هوندو هو، جيڪو هو گڏ جي شڪار ڪندي هٿ ڪندا هئا. هيءُ ملڪ قدامت پسند ۽ متعصب هندو مذهب کان پري هو. وري هن ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ٻانهپ جو رواج ڪونه هو، ان جي باوجود هو ڇا ڪندا هئا جو پنهنجن نوجوانن کي سندن ڦوهه جوڀن ۾ جهلي، سڄي راڄ جي جبري ملازمت ۾ رکي ڇڏيندا هئا- تقربياً اهڙيءَ طرح جيئن اسپارٽا وارا ڪمين کي نوڪريءَ ۾ رکندا هئا. هتان جي رياست فقط ڪن گنڀير قسم جي ڏوهن جي حالت ۾ قدم کڻندي هئي، باقي عام طرح سان امن امان رکڻ ۽ هڪٻئي سان ڏي-وٺ جي معاملن جو نبيرو اتان جي عوام جي هٿن ۾ هوندو هو. انهن ڳالهين مان هيءُ معقول اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اتي مقامي حڪومت جو پئنچايتي طريقو رائج هو، جنهن جو انتظام نهايت سٺو هلندڙ هو، ۽ هرڪوئي ان جو احترام ڪندو هو. هيءَ اتان جي هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ اسان جي ڌيان تي آندي ويئي آهي ته اتان جا ماڻهو فقط طبي علم کي سنجيده مطالعي جي لائق سمجهندا هئا، ”ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو جنگي هنرن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جي گهڻي مطالعي کي ائين سمجهن ٿا ڄڻ هو ڪو گناهه جو ڪم ڪري رهيا هجن“. ائين به ٻڌايو ويو آهي ته هو سون ۽ چانديءَ کان به نفرت ڪندا هئا (15). ائين نظر اچي رهيو آهي ته سڪندر اڳيئي سنڌ ۾ ميوسيڪانس جي ملڪي طاقت جي خلاف توازن برقرار رکڻ لاءِ، سردار سامبَس کي ”جابلو هندستانين“ يعني اولهه سنڌ جي ٽڪرين ۾رهندڙ قبيلن جو وائيسراءِ مقرر ڪيو هو. اهو سردار اڳي ئي ميوسيڪانَس سان جنگ ۾ يا هن جي خلاف بغاوت ۾ مصروف هو، ۽ شايد سڪندر جي آڏو پنهنجي فرمانبرداريءَ يا حمايت جي اظهار ڪرڻ لاءِ سندس خدمت ۾ ان وقت وڃي حاضر ٿيو هو، جڏهن ميوسيڪانس اڃا بادشاهه کان ڪناره ڪشي ڪري رهيو هو. پر سامبس کي هاڻي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ لڳي، جو سندس انهيءَ رقيب ۽ دشمن کي معافي ڏيئي، هن تي ايڏي نوازش ڪئي ويئي هئي، ۽ ان چڙ ۾ هو فرار ٿي ويو. بالائي سنڌ جي ٻئي ماتحت حڪمران آڪسيڪانَس، پوءِ به جڏهن بادشاهه سندس مقابلي لاءِ پيشقدمي ڪئي، آڻ نه مڃي. انهيءَ سردار کي ڪُئنٽسَ ڪَرٽيئس، اِسٽرابو ۽ ڊيوڊورس، ٽنهي، پورٽيڪانس جي نالي سان سڏيو آهي، ۽ ڪَرٽيئس هن جي ماڻهن کي پرائيسٽي (Praesti) سڏيو آهي. انهن جو ملڪ گهڻو ڪري اهوئي ”پراسيان“ هو، جنهن کي ميگئسٿنيز سنڌونديءَ جو ٺاهيل هڪ وڏو ٻيٽ سڏي ٿو. جيئن ته انهيءَ وقت جڏهن آڪسيڪانس (يا پورٽيڪانس) يورپي حمله آور جي خلاف جنگ جو ميدان گرم ڪرڻ چاهيو، سياري جي موسم هئي، ۽ سندس علائقي وچان لنگهندڙ درياءَ جي شاخ ۾ پاڻي سڪي ويو هو، جو سڪندر جا جهاز ان ۾ هلي نه پئي سگهيا؛ انڪري سڪندر زمين جي رستي کان هن تي ڪاهه ڪئي. ان کان پوءِ ڇا ٿيو، تنهن بابت ايريئن ۽ ڪُئنٽس ڪرٽيئس جي لکيل بيانن ۾ فرق آهي. ايريئن چوي ٿو ته ”بادشاهه پنهنجي پهرينءَ ئي يلغار ۾ هن جي سڀ کان وڏن ٻن شهرن تي حملو ڪري قبضو ڪيو، جن مان هڪ شهر ۾ اهو سردار پاڻ به قيدي بنايو ويو“. ڪرٽيئس جي بيان موجب، پورٽيڪانس پنهنجن ملڪي ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد سان پاڻ کي هڪ مضبوط قلعي جي شهر پناهه اندر بند ڪري، دشمن جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. سڪندر ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ پورٽيڪانس جي ان شهر تي قبضو ڪيو. انهيءَ مهم جڏهن قلعي جي ٻاهرين مورچن تي قبضو ٿي ويو، تڏهن پورٽيڪانس پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين پناهگاهه ۾ هليو ويو هو، ۽ اتان کان هن پنهنجا ايلچي ٻاهر موڪليا ته اهي وڃي فاتح سان صلح جون ڳالهيون هلائين ۽ هن جا شرط معلوم ڪن، جن تي هو شهر سندس حوالي ڪري. پر حمله آورن جي پيشقدمي ايتري ته زوردار هئي، جو جيستائين اهي ايلچي بادشاهه تائين پڄن ئي پڄن، تنهن کان اڳيئي ”قلعي جا ٻه برج ڏاڍي خوفناڪ آواز سان ڊهي اچي پٽ تي ڪريا، ۽ مقدوني فوج تباهه ٿيل شهر جي وچان شاهي ڪوٽ تائين ڌوڪيندي ويئي، ۽ اندرئين ڪوٽ تي قبضو ڪري، پورٽيڪانس کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پڇاڙيءَ تائين پنهنجن ٿورن ساٿين سان گڏجي ان جو مقابلو ڪندو رهيو.“ جيڪڏهن اسين هي بيان قبول ڪريون، ته پوءِ ائين پيو معلوم ٿئي ته سڪندر پاڻ سان گڏ قلعن جي دروازن کي ڀڃڻ واريون ڪلون ويو هو ۽ انداز وڪري سگهجي ٿو ته رهي ڪلون انهن هاٿين کڻي اتي پهچايون هونديون، جيڪي ميوسيڪانس بادشاهه کي تحفي طور پيش ڪيا هئا. مؤرخ ايريئن انهيءَ سردار جي گرفتاريءَ کان پوءِ سندس انجام متعلق ڪجهه به نٿو ٻڌائي ته هن جو پوءِ ڇا ٿيو يا سندس فتح ٿيل علائقن جو ڪهڙيءَ طرح فيصلو ڪيو ويو. هو فقط ايترو چوي ٿو ته اتان جيڪو لٽ ڦر جو مال هٿ آيو، سو فوج ۾ ورهايو ويو، ۽ اتان جا هٿ آيل فقط هاٿي عام مقصدن لاءِ مخصوص رکيا ويا. ڪرٽيئس ٻي هڪ خاص ڳالهه اها ٻڌائي آهي ته اتان جي سڀني قيدين کي فروخت ڪيو ويو، يعني ته انهن جي عيوض پيسا وٺي کين ڇڏيو ويو (16). ان کان پوءِ سڪندر هارايل سردار جي علائقن مان اڳتي ڌوڪيندو، فرار ٿيل سامبَس جي سرحدن طرف وڌيو؛ رستي تي شهرن پٺيان شهر، مقابلي کان سواءِ پيش پوندا ويا- ”سڀني هندستانين جون دليون سڪندر ۽ سندس فوجن جي ڪامياب يلغارن کان خوف ۽ هراس وچان ايتريقدر ڪمزور ۽ نستيون ٿي ويون هيون.“ دراصل اها نستائي گمراهه ڪندڙ هئي، جلد ئي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙي خفيه طاقت موجود هئي، جيڪا ڌارين جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي دلين ۾اٽل ارادو پيدا ڪري پئي سگهي، اها قوت برهمڻن جو اثر هو. اها حقيقت ان وقت ظاهر ڪانه ٿي، جڏهن سڪندر سامبَس جي دارالحڪومت سِنديمَن جي دورازن وٽ اچي پهتو: دروازا کوليا ويا، ۽ سردار جي ڪٽنب جا ڀاتي پنهنجي هٿن ۾ هن جا خزانا کڻي، اچي ٻاهر بيٺا، ”جن جي قيمت جو هنن حساب لڳائي ڇڏيو هو“، ۽ تن سان گڏ هن جا هاٿي به ڪاهي آيا. هنن ائين به اچي چيو ته سامبس مخالفت يا بغاوت جي خيال سان فرار ڪونه ٿي ويو آهي، پر هن خوف ۾ اچي ائين ڪيو آهي؛ هن کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته سندس دشمن، ميوسيڪانس، جي بادشاهه وٽ سرخرو ئي ٿي آهي، تڏهن ان ۾ هن کي پنهنجي لاءِ نهايت ئي خراب نتيجو ڏسڻ ۾آيو (17). اها ڳالهه واجبي ۽ معقول به هئي، پر انهيءَ وچ ۾ ڇا ٿيو، جو سامبَس جي علائقي ۾ برهمڻن جو هڪ شهر ظاهر ظهور حمله آور جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي بيهي رهيو. سڪندر فوراً انهي شهر تي هڪ ڀرپور حملو ڪيو، ۽ ان جي سڀني برهمڻن کي مارائي ڇڏيو، جو انهن کي ئي هن سندس خلاف انهيءَ اٿاريل بغاوت جو سبب سمجهيو. بلڪل ساڳئي وقت، ميوسيڪانس طرفان پڻ اهڙي ئي نموني جي بغاوت جو علم بلند ڪيو ويو، ۽ اهو به برهمڻن جي اثر جو نتيجو هو. پر اهو سمجهڻ آسان ناهي ته انهيءَ سردار بهرحال ذاتي ناموريءَ ۽ عزت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيءَ ڪهڙي شيءِ جي حاصل ڪرڻ جي اميد ٿي رکي- جيتوڻيڪ انهن مذهبي ماڻهن هن کي اهڙيون خاطريون ضرور ڏنيون هونديون ته، مغرب (18) جي ناپاڪ وحشين جي مقابلي ۾، خدا جي مرضيءَ سان، سندس ڪاميابي يقيني هئي، پر اهي سڀ ڳالهيون اجايون هيون. سڪندر پنهنجي نئين مقرر ڪيل وائيسراءِ، پيٿان، کي ”ڪافي لشڪر ڏيئي“ ميوسيڪانَس جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو، ۽ پاڻ پنهنجو باقي لشڪر سان وٺي، هن جي بادشاهيءَ جي پسگردائيءَ وارن ”شهرن“ تي تيز رفتاريءَ سان ڪاهي ويو. ايريئن انهن شهرن لاءِ چوي ٿو ته اهي ان سردار جي قبضي ۾ ڏنا ويا هئا، جنهن جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته بادشاهه اهي علائقا هن کي سندس پنهنجن علائقن کان علاوه ڏنا هئا، ۽ انهن تي اصل ۾ آڪيسڪانَس جو راڄ هو. انهن شهرن تي هڪ جي پٺيان ٻئي تي قبضو ڪيو ويو، ۽ جيڪي شهر ملڪ تي سڌي ضابطي هلائڻ جي مقصد لاءِ نون انتظامن ۾ ٺهڪي پئي سگهيا، تن جي قلعن کي ٻيهر مضبوط ڪري، انهن ۾ فوج رهائي ويئي، باقي ٻين کي ڊاهي پٽ ڪري، اتان جي رهاڪن کي غلام بنايو ويو. جيسين بادشاهه انهن سڀني علائقن ۾ بغاوتن کي دٻائي، درياهه جي ڪناري تي قائم ڪيل پنهنجي مکيه ڇانوڻيءَ ۾ واپس پهتو، تيسين خود ميوسيڪانَس کي پيٿان قيد ڪري ورتو هو. ايريئن چوي ٿو ته ”بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي وٺي نيئي سندس ملڪ ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي، ۽ ساڻس گڏ جن به برهمڻن کيس بغاوت تي اڀاريو هو، تن سڀني کي پڻ لٽڪايو وڃي (19).“ پلو ٽارچ ٻڌائي ٿو ته برهمڻن هٿان ”مقدونين (20) کي بيشمار ٻيون تڪليفون به سهڻيون پيون،“ بادشاهه جي طرفان هن اوچيءَ ذات جي خلاف ايتري سختي ٿيندڙ ڏسي، جنهن کي قديم زمانن جي رواج موجب ڪوبه هٿ نه لائيندو هو، عام ماڻهن جي دلين ۾ زبردست ڏهڪاءُ پيدا ٿيو هوندو، ۽ ان کان پوءِ جيسين هو ملڪ ۾ پاڻ پنهنجي سر موجود رهيو، تيسين وري هن جي اختيار ۽ اقتدار خلاف ڪنهن به طرف کان ڪا مخالفت يا مزاحمت ڪانه ڪئي ويئي. سنڌ جي ڏاکڻين علائقن جو حاڪم، جنهن کي ڪَرٽيئس، موئيرس سڏيو ويو آهي، سو هاڻي اچي حاضر ٿيو ۽ بادشاهه جي اڳيان پاڻ اچي پيش پيو، کيس هن خاطريءَ سان واپس موڪليو ويو ته هو پنهنجا علائقا جيئن جو تيئن پاڻ وٽ رکي سگهيو ٿي، پر ساڳئي وقت اهو حڪم مليس ته هو پنهنجي گاديءَ واري شهر پاتل ۾ موجود رهي، شاهي فوج جي اچڻ وقت ان جي آجيان جو سامان مهيا ڪري، بادشاهه موقعو وٺي انهيءَ سردار کان سنڌو نديءَ جي منهن بابت معلومات حاصل ڪئي هئي، ۽ کيس معلوم ٿيو ته اهو درياءُ پنهنجي آخري ڇيڙي وٽ نيل درياءَ کان به وڏي ڪيٽي ٺاهي ٿو. هاڻي هن کي خيال ٿيو ته آئيندي لاءِ هو پنهنجي ملڪ ۽ اوستائين فتح ڪيل علائقن جي وچ ۾ شاهي مواصلات ۽ واپار جي رستن بابت جاگرافيائي صورتحال جو جائزو وٺي، ان مسئلي جو قابل عمل حل تلاش ڪري. هن اندازو ڪيو ته ان کان پوءِ وڌيڪ ملڪ گيريءَ جي مهم هن لاءِ ممڪن يا مناسب ڪانه هئي. ساڳئي وقت هن کي پنهنجين فوجن ۽ پنهنجي نالي جي ڏهڪاءَ ۾ وڏو اعتماد هو ته انهن ٻنهي ڳالهين جي آڌار تي، سندس رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ پوئتي سندس مقرر ڪيل گورنر، سندس مفتوح علائقن کي مضبوطيءَ سان پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهندا. چنانچه، جڏهن سندس ڇانوڻي اڃا ميوسيڪانس جي علائقي ۾ ئي هئي، تڏهن هن پنهنجي فوج نئين سر تنظيم ڪئي ته جيئن سندن واپسي آسان ۽ سلامتيءَ واري ٿي سگهي. ڪَرٽيرس جي قيادت ۾ ٽي برگيڊون، هاٿي ۽ ڪجهه تيرانداز دستا ڏنا ويا، ۽ زخمي ۽ بيمارپڻ سندس حوالي ڪيا ويا، ۽ کيس حڪم ڏنو ويو ته هو آرڪوشيا ۽زرنگين جي علائقن يعني ڪڇي، ساراوان ۽ سيستان جي وچان نڪري، ڪرمانيا جي علائقي ۾ وڃي داخل ٿئي. وڌيڪ انهيءَ باري ۾ڪا معلومات ڪانهي ته ڪرٽيرس اوڏانهن ويندي، مُولا لڪ وارو رستو اختيار ڪيو، يا بولان لڪ مان لنگهي اڳتي وڌيو هو. ٻنهي حالتن ۾ هن کي بيشمار انتظامي دشواريون سامهون آيون هونديون. ان کان علاوه اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن اتر سنڌ مان انهيءَ وقت ڪوچ ڪيو هو، جڏهن اونهاري جي موسم پنهنجي چوٽ تي هوندي. پاتلين جي علائقي ڏانهن فوج جي پيشقدميءَ جو طريقو ۽ انتظام بلڪل اهو ساڳيو قائم رکيو ويو، جيڪو اڳي اختيار ڪيو ويو هو. سڪندر چونڊ فوجي دستا ساڻ ڪري درياءَ جي رستي اڳتي وڌيو، فوج جو وڏو حصو هيفاسشان جي قيادت ۾ سنڌونديءَ جي هڪ ڪناري تي هن سان گڏوگڏ متوازي رخ ۾ هلندو رهيو، ۽ پيٿان کي وڌيڪ تيز رفتار ۽ ننڍن فوجي دستن سان درياءَ جي ٻئي ڪناري کان گڏ وڌڻ لاءِ چيو ويو. ان طريقي سان سندس انهن بري فوجي دستن کي وڌيڪ وسيع علائقا پنهنجن پيرن هيٺ آڻي، انهن شهرن جي آبادڪاريءَ جو ڪم مڪمل ڪرڻو هو، جن ۾ سندس حڪمن هيٺ باغين جي خلاف هلايل مهم جي دوران، ويجهڙائي ۾ ئي قلعن کي مضبوط بنايو ويو هو؛ انهيءَ انتظامي ڄمت جي ڪم کي سرانجام ڪرڻ کان پوءِ، انهن فوجي دستن کي مکيه لشڪر سان پاتل ۾ اچي گڏجڻو هو. جيڪڏهن اسان جو هي اندازو صحيح آهي ته آڪسيڪانَس ۽ سامبَس جا علائقا جديد دور جي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ دادو ضلعي جي اترئين حصي سان مجموعي طور ٺهڪن ٿا، ته پوءِ امڪان اهو آهي ته هيفاسشان جي پيشقدمي سنڌونديءَ جي ڏائي ڪناري سان ريگستان جي لڳو لڳ ٿي هوندي. اهو زمانو سال 325 ق. م جي جون مهيني جي پڇاڙيءَ يا جولاءِ جي شروعات وارو هو، درياءَ چڙهڻ لڳو هو. ائين پيو نظر اچي ته پهرين ٽن ڏينهن تائين آرماڙ جي پيشقدمي ننڍين ننڍين منزلن جي صورت ۾ ٿيندي رهي، ته جيئن هيفاسشان کي ان سان گڏ وڌڻ جو موقعو ملي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻنهي فوجن جي درميان رابطو برقرار رهي، درياءَ جي مٿئين طرف آبڪلاڻيءَ واريءَ موسم ۾ ائين ڪرڻ ناقابل عمل ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڪنارن سان ٿوري ٿوري مفاصلي کان پوءِ درياءَ جي ڪپن کان ٻاهر اٿليل پاڻيءَ چوڌاري ڦهليل هجي ها؛ پر اسان کي هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ سبب آهن ته ميوسيڪانس جي گاديءَ واري شهر ۽ پاتل جي وچ وارو علائقو جيڪڏهن مشرقي ريگستان جي بلڪل ڪناري سان نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ واقع هو. هن منزل تي هيءَ خبر آئي ته پاتل جي حڪمران فوراً پنهنجي رعيت کي سڄي شهر کي خالي ڪري، اتان نڪري وڃڻ تي آماده ڪيو آهي. سڪندر اهو ٻڌي درياءَ جي رستي پنهنجي رفتار کي تيز ڪيو. جڏهن هو پاتل پهتو، تڏهن هن سڄي ملڪ ۽ ان جي آسپاس واري علائقي کي بلڪل ويران ۽ ڀڙڀانگ حالت ۾ ڏٺو، زمين کي هر ڏيندڙ هاري به زمنيون ڇڏي نڪري ويا هئا. بادشاهه پنهنجون انتهائي تيز رفتار ۽ هلڪيون فوجون ماڻهن جي پٺيان ڊوڙايون، انهن مان ڪن کي پڪڙيو ويو، ۽ کين فوراً ٻين سندن ڳوٺاين ۽ هموطنين ڏانهن هن پيغام سان موڪليو ويو ته اهي ڪنهن به مداخلت جي ڊپ ڊاءَ کان سواءِ پنهنجا شهر اچي وسائين ۽ ٻنيون آباد ڪن (21). اهڙيءَ طرح انهن مان ڪيئي واپس آيا ۽ اچي پنهنجا ماڳ وسائي ويٺا، پر معلوم ٿئي ٿو ته سندن سردار پوئتي موٽڻ جي نه ڪئي، ڪَرٽيئس جي چوڻ موجب، هيءُ شخص، جنهن کي هو موئيرس جي نالي سان سڏي ٿو، پنهنجيءَ سلامتيءَ لاءِ جبلن ڏانهن ڀڄي ويو هو. هن کي ڊپ هو ته متان سندس رعايا مان ڪي ماڻهو سڪندر جي سامهون ٿين ۽ ان لاءِ کيس ذميدار سمجهيو وڃي. انهيءَ ڪري، هو سامبَس جو مثال وٺي، گم ٿي ويو. ۽ واقعي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ واقعو اهڙو رونما به ٿيو، جنهن لاءِ هن کي ان قسم جو انديشو هو. ”مقامي وحشين“ جي ڪن ٽولن، پاتل جي قريب خشڪ علائقي ۾ کوهن کوٽڻ لاءِ موڪليل سڪندر جي ڪن ماڻهن تي حملو ڪيو ۽ ڪجهه يوناني ماري وڌا، بهرحال انهن کي بعد جي مقابلي ۾ زبردست نقصان سهڻو پيو ۽ هو ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهه طرفان پهرئين ڪارڪن فوجي دستي ۾ ماڻهن جو اضافو ڪيو ويو ۽ کوهن جي تعمير مڪمل ڪرائي ويئي جيڪا هن مقامي ماڻهن جي سک لاءِ ۽ هنن جي وفادارين حاصل ڪرڻ لاءِ، خاص حڪم جاري ڪري، شروع ڪرائي هئي (22). پاتل جي ويجهو ڪيٽيءَ جو سرو هو، جتان نڪرندڙ درياءَ جي ٻنهي ٻانهن کي سمنڊ تائين ”سنڌو“ چوندا هئا. اتي، سڪندر پنهنجي فوج لاءِ بندر ۽ ٻيڙن جي بيهڻ جي گودي ٺهرائي ته جيئن سندس بحري ٻيڙي لاءِ اهو هڪ اڏي جو ڪم ڏئي. جيئن ئي اهو ڪم چڱيءَ حد تائين هلي چڪو، تيئن هن درياهه جي ٻنهي ٻانهن جي لهواري پڙتال شروع ڪئي. پهريائين هو ساڄيءَ ٻانهن سان اڳتي وڌيو. هن پاڻ سان ڪافي تعداد ۾ ٻيڙا اڳتي نيا- جيڪي سڀ انتهائي تيز رفتار ٻيڙا هئا- ”جن ۾ ڪي ونجهن جي ڏيڍ قطار وارا هئا، ۽ گهڻا ٽيهن ونجهن وارا وڏا ٻيڙا به شامل هئا“. ساڳئي وقت هڪ هزار گهوڙ يسوار ۽ اٺ هزار پيادل فوج کي، جنهن ۾ هلڪن ۽ ڳرن هٿيارن سان مسلح سپاهي هئا، ليئوناٽس جي ڪمان هيٺ حڪم ڏنو ويو ته اهي پاتل جي ”ٻيٽ“ وچان، سامونڊي ٻيڙي سان متوازي رخ ۾ سڪيءَ سان هلندا اچن. بدقسمتيءَ سان، سڪندر جي هن سڄي اٽالي جي تياريءَ ۽ پيشقدميءَ کي ڏسندي، ان سڄي علائقي جا درياءَ جي پاسن وارا رهاڪو پنهنجا ماڳ ڇڏي هليا ويا هئا، انڪري آرماڙ کي مقامي ڄاڻو ناکئن جي مدد کان سواءِ اڳتي وڌڻو پيو. سڪندر جي تڪليفن ۾ ٻيو اضافو هيءُ ٿيو، جو ٻئي ڏينهن تي آرماڙ کي هڪ سخت طوفان جو مقابلو ڪرڻو پيو، جيڪو درياءَ جي مخالف رخ ۾ لڳي رهيو هو، ۽ انهيءَ سبب درياءَ ۾ ايڏا ته وڏا لهرين جا لوڏا اٿيا جو ڪيئي ٻيڙا ڌڪجي پيا ۽ انهن مان ڪن جهازن جي حالت ته اهڙي خراب ٿي ويئي، جو جڏهن انهن کي ٻاهر ڪناري تي آندو ويو ته انهن جو تقريباً تختو تختي کان ڌار ٿي ويو ۽ اهي ڪنهن ڪم جا ڪونه رهيا(23). ايريئن ٻڌائي ٿو ته بادشاهه اُتي ٻين جهازن ٺهرائڻ جا حڪم جاري ڪيا. هنن حالتن ۾ ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته فوراً مڪاني ماڻهن جون ٻيڙيون زوريءَ فوج جي استعمال لاءِ قبضي ۾ وٺي ها، پر کيس ان ۾ مصلحت ڏسڻ ۾ نه آئي. ان جي بدران هن پنهنجون انتهائي تيز رفتار ۽ متحرڪ فوجون ملڪ جي اندروني حصن ڏانهن موڪلي، ڪجهه هندستانين کي پڪڙي هٿ ڪيو، ۽ پنهنجي آئيندي سفر لاءِ انهن کي زوريءَ پنهنجي ٻيڙي جو سونهون بنايو. بادشاهه جي سفر جو هيءَ پويون حصو چوماسي هوائن جي عين مخالف سمت ۾ شروع ٿيو، ۽ جتي درياءَ جو پيٽ گهڻي ۾ گهڻو وڌيل هو، (ايريئن چوي ٿو ته اهو وڌ ۾وڌ ڦهلاءَ واري حالت ۾ ٻه سؤ اسٽيڊس ويڪرو هو، پر اهو وڌاءُ معلوم ٿئي ٿو). اتي وير ايتريقدر ته زوردار هئي، جو ٻيڙن جا ونجهه ڏاڍي مشڪل سان پاڻيءَ ۾هلي پئي سگهيا (24)، ان حالت ۾ هنن کي سونهان هڪڙي واهڙ يا درياهه جي ننڍيءَ شاخ ۾ اندر پناهه لاءِ وٺي ويا. اتي پرڏيهي ماڻهن کي سامونڊي وير جو عمل ڏسي، ڏاڍي حيرت لڳي، ڇو ته اها صورتحال اهڙي هئي، جنهن مان خاص طور اهي ماڻهو اڻواقف هئا، جن جو سامونڊي سفر جو سڄو سارو تجربو ڀونوچ سمنڊ تائين محدود هو. وير لٿي، ته جهاز ٻاهر سُڪيءَ تي ڦاسي بيهي رهيا، پر اوچتو ئي اوچتو ۽ بلڪل غير متوقع طور وري پاڻيءَ جو اهڙو چاڙهه واپس وريو، جو ڪيئي ٻيڙا ان جي ڇوهه ۾ لڙهي هڪٻئي سان ٽڪرائجي پيا، ۽ انهن کي ڪافي نقصان رسيو. سڪندر جيئن تيئن ڪري ڌڪيل ٻيڙن جي مرمت ڪرائي، ۽ پوءِ پنهنجن ماڻهن جي هڪ جماعت کي ٻن ٻيڙين ۾ ويهاري درياءَ جي هيٺانهين ڏس ۾ موڪليو ته جيئن اهي انهيءَ ٻيٽ جي کوج لڳائين، جنهن لاءِ سندس هندستاني سونهان چئي رهيا هئا ته آرماڙ کي سمنڊ ڏانهن رواني ڪرڻ کان اڳي انهيءَ هنڌ لنگرانداز ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ٻيٽ جو نالو ڪِلّوٽا هو؛ جائزي وٺندڙ جماعت واپس اچي ٻڌايو ته اهو هڪ وڏو ٻيٽ هو، جنهن ۾ مٺو پاڻي موجود هو ۽ اتي جهازن کي لنگرانداز ڪرڻ لاءِ سٺي جاءِ موجود هئي، تنهنڪري بادشاهه حڪم ڏنو ته آرماڙ کي اوڏانهن نيو وڃي. هو پاڻ بهترين ٻيڙين ۾ درياءَ جي لهواري طرف وڌيڪ اڳتي ويو ته جيئن پاڻ ڏسي سگهي ته نديءَ جو منهن سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جو آسان رستو ڏئي ٿو يا نه. رستي تي ٻي ڪابه دشواري هن کي سامهون ڪانه آئي، ۽ هو ايترو پري نڪري ويا، جو کين دور سمنڊ ۾ هڪ ٻيو ٻيٽ بيٺل نظر آيو. ٻئي ڏينهن تي سڪندر انهيءَ ٻيٽ تي قدم رکيو، ۽ اتي پهچي هن قربانيون ڏنيون، ۽ وري پوءِ سمنڊ طرف هڪ مختصر سفر ڪري، ڪجهه ٻاهر پهچي، مهاساگر جي ديوتا پوسيڊان کي راضي ڪرڻ لاءِ وهڙا قربان ڪيا، ۽ پڻ سونن پيالن مان ديوتائن جي نالي ۾ شراب جونذرانو هاري، بعد ۾ اتي برتن شڪراني جي علامت طور سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيا. هن خدا جي حضور ۾ پاڻ دعا ڪئي ته هو انهيءَ ڊگهي سامونڊي سفر ۾ سندس آرماڙ تي نوازش جي نظر ڪري، جيڪو هن نيارڪَس جي ڪمان هيٺ پنهنجي سامونڊي آرماڙ لاءِ سنڌونديءَ کان وٺي دجله ۽ فرات تائين پهچڻ لاءِ رٿيو هو. پاتل واپس اچڻ تي هن ڏٺو ته قلعي کي چڱيءَ طرح مرمت ڪري مضبوط ڪيو ويو هو، جيئن هن حڪم ڏنو هو. ائين نه سمجهڻ گهرجي ته اهي مضبوط قلعا، جيڪي هن هر هنڌ ٺهرايا ٿي، جتي به هن پنهنجون فوجون ٿي ڇڏيون، سي ڪي پيچيده ۽ وڏيون اڏاوتون هيون. اڪثر حالتن ۾ اهي رڳو گنب جي مٽيءَ جون يا ڊاٺل جاين جي مٽيءَ مان ٺاهيل ڪچين سرن جون ڀتيون هيون، جيڪي انهن هنڌن تي اڳيئي موجود ڪوٽن جي ديوارين کي مٿي ڪرڻ يا انهن کي پشتيون ڏيڻ لاءِ ٺاهيون ٿي ويون.”سامونڊي يا دريائي بندر ۽ گوديون“ ۽ ”آرماڙ جا اڏا“ پڻ گهڻي ڀاڱي سڌيون سنيون ۽ ساديون گهرج ساريون جايون هونديون، جيڪي جهازن جي لنگرانداز ٿيڻ ۽ انهن جي مرمت جي ڪم لاءِ ٺاهيون وينديون هيون. فقط اهو ڪوٽ ڪنهن لاءِ هاڻي هيفاسشان کي پاتل جي بچاءَ لاءِ ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، تنهن جو خاڪو هڪ جٽادار اڏاوت جي خيال کان وڏي پيماني تي رٿيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته سڪندر جو ارادو اتان نيارڪَس جي ڪمان هيٺ سامونڊي سفر لائق جهازن جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ آرماڙ جي خاصي حصي کي اتي موجود رکڻ جو هو. زيرين سنڌوءَ جي ماتحت رياستن جي پنجاب سان آمدرفت قدرتي طور پاڻيءَ ذريعي ئي ٿيڻي هئي. انهيءَ عرصي دوران بادشاهه سمنڊ ڏانهن ويندڙ دريائي رستن جي کوج وري شروع ڪئي، ۽ سنڌونديءَ جي ڏائي هٿ واريءَ شاخ ۾ ٻيڙيءَ ذريعي سفر ڪيو. هن ڀيري کين، مغربي شاخ واري سفر جي ڀيٽ ۾، ڪا به تڪليف يا رڪاوٽ پيش ڪانه آئي. کليل سمنڊ تائين پهچڻ کان اڳي هو هڪ ڍنڍ يا نار ۾ داخل ٿيا، ۽ اتي سڪندر پنهنجي آرماڙ جي وڏي حصي کي لنگرانداز ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ۽ هو پاڻ ٻيڙين ۾ درياءَ جي اصلي منهن جي آسپاس جائزو وٺندو رهيو. هن ڳالهه کان مطمئن ٿي ته درياءَ جي اڳئين پرتال ڪيل شاخ جي ڀيٽ ۾ هن شاخ مان جهازراني وڌيڪ آسان آهي، هو ٻيڙيءَ مان لهي، ڪناري تي آيو ۽ (جيڪڏهن ايريئن جي بيان تي اعتبار ٿو ڪجي ته)، اتان ڪجهه گهوڙيسوار فوج پاڻ سان وٺي، سامونڊي ڪنارو ڏيئي، ٽن ڏينهن جي مسافريءَ جيترو مفاصلو طئي ڪري موٽي آيو، ته ”جيئن اهو ڏسي سگهي ته هيءُ ملڪ سمنڊ جي ڪناري ڪناري ٿيندڙ سفر لاءِ ڪيتريقدر موزون هو، ۽ ٻيو ته اتي موزون هنڌن تي کوهن کوٽڻ جو پڻ بندوبست ڪري سگهي، ته جيئن خلاصين کي گهرج سارو پيئڻ لاءِ پاڻي ميسر ٿي سگهي“. پوءِ هو پاڻيءَ رستي موٽي واپس آيو، ۽ فوج جي ڪجهه حصي کي هن سامونڊي ڪناري ڏانهن وڃڻ ۽ کوهن کوٽڻ جي ڪم کي پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پاڻ ٻيهر انهيءَ ”ڍنڍ“ وٽ پهچي، اتي هڪ ٻئي دڪي ۽ جهازن جي گوديءَ جي تعمير جي ڪمن جي نظرداري ڪرڻ لاءِ لهي پيو. اتي هن هڪ فوجي دستو پڻ ويهاريو ۽ اسلحخانو پڻ ٺهرايو، جنهن ۾ نيارڪس جي آرماڙ لاءِ هُن چئن مهينن جي خوراڪ گڏ ڪري رکڻ جو انتظام ڪيو. سڪندر جو هن باري ۾ هيءَ پختو ارادو ته ڪوبه اهڙو ڪم يا اهڙي ڳالهه جيڪا نيارڪس جي سامونڊي سفر جي ڪاميابيءَ ۾ مددگار ٿي سگهي سا اڻ پوري نه ڇڏي وڃي، نه فقط انهن وڏين تيارين مان پر، جيئن اسين اڳتي هلي ڏسنداسين، پوين منزلن ۾ به هن جي لاءِ سامان ۽ اسباب مهيا ڪرڻ جي سندس ڀرپور ڪوششن ۾ پڻ ظاهر ٿئي ٿو. هن کي اها اميد هئي ته انهيءَ فوج جي پيشقدميءَ جو، جيڪا هو پاڻ مڪران جي رستي خشڪيءَ سان وٺي وڃڻ وارو هو، اهڙيءَ باقاعدگيءَ سان انتظام ڪري سگهبو، جو ٿوري گهڻي وقفي کان پوءِ بحري ٻيڙي سان ان جو رابطو قائم رهي سگهندو. اهڙي گڏيل پيشقدميءَ وسيلي هن کي شهنشاهت جي انتهائي مشرقي صوبن ۽ ان جي مرڪز جي درميان رابطن ۽ آمد رفت جو بهترين انتظام ڪهڙي طريقي سان ممڪن ٿي سگهيو ٿي. درحقيقت، حالات ان جي ابتڙ ئي واقع ٿيا، ۽ نيارڪس جو بحري ٻيڙو ڪنهن به موقعي تي، بري فوج سان پنهنجو ناتو قائم ڪري نه سگهيو. سڪندر پاتل کان سيپٽمبر مهيني جي آخر ڌاري سفر شروع ڪيو. هو انهيءَ آزاد قبيلي ”آربيتي“ (26) واري ملڪ منجهان، سواءِ ڪنهن مخالفت يا مقابلي جي، لنگهي، اڳتي وڌيو. ان قبيلي جو سنڌ جي اُن مغربي ڪوهستان تي قبضو هو، پر هو اتان ڀڄي وڃي ”رڻ“ ۾ لڪا هئا، جنهن جو مطلب شايد وڌيڪ ڏورانهين ٽڪرين جي ايراضيءَ سان هو. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجي لشڪر کي حب (27) نديءَ تي ترسايو، جتان هو هڪ مضبوط فوجي دستي کي ساڻ ڪري، ”ڏائي هٿ واري طرف“ راس مونزي جي اترئين پاسي، سامونڊي ساحل تائين پيشقدمي ڪري، پهتو. ائين ڪرڻ لاءِ هن جا ٻه مقصد هئا: هڪ پنهنجي آرماڙ جي خلاصين لاءِ کوهه کوٽائڻ، ۽ ٻيو اوريتائي لوڪن جي ملڪ تي هڪ پاسي کان پيشقدمي ڪرڻ، جيڪي حب نديءَ جي ٻئي ڪپ تي رهندا هئا، جيڪو هن وقت ”لس ٻيلي“ جي نالي سان مشهور آهي. پر اهو قبيلو، جيڪو ”گهڻي وقت کان وٺي آزاد رهيو هو“، انهن مثالن مان به ڪو فائدو نه وٺي سگهيو، جيڪي اتر سنڌ جي سندن پاڙيسرين سڪندر سان پنهنجي روش جي سلسلي ۾ قائم ڪيا هئا، مطلب ته ان قبيلي بادشاهه جي آجيان ڪرڻ کان پاڻ کي پوئتي رکيو ۽ هن لاءِ پنهنجي دوستانه لاڙي جو مظاهرو نه ڪيو. هيفاسشان کي حب جي ڪناري تي بيهاريل لشڪر جي مکيه حصي جي نگرانيءَ لاءِ ڇڏيو ويو، جيڪو شايد لؤنگ لوهراڻيءَ جي پسگردائيءَ ۾ هو، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ائين رڳو سڪندر جي رٿيل يلغار کان اوريتائي لوڪن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو ويو هو. سڪندر جي پيشقدمي تمام تيز ۽ فيصله ڪن هئي، هن حب نديءَ جي اولهه ۾ واقع ويران جابلو علائقي جا ويهه ميل هڪ رات ۾ پورا ڪيا، ۽ پوءِ اتان هو، پنهنجي فوج کي وسيع محاذ ۾ ڦهلائي، اترئين ميدان وچان طوفان وانگر ڪاهي ويو، ۽ انهيءَ دوران جيڪو به مقابلي لاءِ سامهون آيو، تنهن کي سندس گهوڙيسوار فوج ترار جو لقمو بڻائيندي رهي، ۽ ان جي پٺيان ايندڙ پيادل فوج باقي بچيل ماڻهن کي قيدي بڻائيندي آئي. جڏهن سڪندر ”پاڻيءَ جي هڪ ننڍڙي تلاءَ“ وٽ ڇانوڻي هنئين، تڏهن هيفاسشان به وڌي اچي ساڻس مليو، ممڪن آهي ته اهو ”پاڻيءَ جو ننڍڙو تلاءُ“ سرنده ڍنڍ هجي (28). ان کان پوءِ لشڪر اڳتي پيشقدمي ڪندي، اچي، اوريتائي لوڪن جي وڏي کان وڏي ڳوٺ، رهامپڪيا، وٽ پهتو. بادشاهه تي انهيءَ پسگردائيءَ جو ڏاڍو سٺو اثر پيو، ۽ هن اتي هڪ شهر جي بنياد وجهڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان پوءِ ٻيو قدم انهيءَ قبيلي جي سردارن سان ترار رستي يا ٻئي ڪنهن طريقي سان ٺاهه تي اچڻ هو. انهن سردارن، پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي هڪ وڏي لشڪر سان گڏ، گدروسي لوڪن جي حمايت سان، هڪ جبل جي لڪ اڳيان وڃي ڇانوڻي هنئين هئي، جتان انهيءَ پوئين نالي واري قبيلي جي ايراضيءَ ۾ داخلا جو رستو هو. ان لڪ کي جهلي بيهڻ مان سندن مقصد بادشاهه جو رستو روڪڻ هو (29)، پر هنن جي همت عين ان وقت صفا ٽٽي پيئي، جڏهن هو سچ پچ فوج سان مٿن حملو ڪري آيو، اوريتائي سردار وٽس لنگهي آيا، ۽ پنهنجو ملڪ هن کي پيش ڪرڻ جي آڇ ڪيائون. ڪُئنٽس جي چوڻ موجب، ”انهيءَ قبيلي جي حڪومت جمهوري نوعيت جي هئي، جنهن ڪري هنن جي پيش پوڻ واري فيصلي جي سندن هڪ عوامي مجلس کي تصديق ڪرڻي هئي (30). سڪندر هنن سان رحمدليءَ سان پيش آيو ۽ سردارن کي هدايت ڪيائين ته هو پنهنجن ماڻهن کي سندن گهرن ڏانهن واپس موڪلين، ڇاڪاڻ ته هاڻي کين ڪنهن به ڳالهه جو ڊپ ڪونه هو. هن ائپولوفينس کي انهيءَ ملڪ لاءِ پنهنجو وائيسراءِ مقرر ڪيو ۽ لِيوناٽس کي اتان جي فوجي دستن جي ڪمانڊر طور اتي ڇڏيو، جيڪي دستا سڀني ارگيانن، جن ۾ ڪجهه تير انداز ۽ گهوڙيسوار هئا، ۽ باقي يوناني پگهاردار گهوڙي سوارن ۽ پياده سپاهين تي مشتمل هئا.“ ليوناٽس کي انهيءَ وقت تائين اتي ترسڻو هو، جيسين بحري آرماڙ اتان مٽي وڃي، ۽ تنهن وچ ۾ هن کي اتي هڪڙو نئون شهر آباد ڪرڻو هو، جنهن لاءِ پهريائين ان ملڪ جي نالي پٺيان ”اورا“ جو نالو تجويز ڪيو ويو هو. ۽ ائين سڀني ڳالهين جو اطمينان بخش نموني ٺيڪ ٺاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ليوناٽس کي اتان اڳتي وڌي، بادشاهه جي ڪئمپ ۾ وڃي شامل ٿيڻو هو (31). سڪندر هاڻي هيفاسشان ۽ لشڪر جي وڏي حصي کي ساڻ ڪري، گڊروسيا طرف پيشقدمي ڪئي. اسان کي انهيءَ ويران ملڪ وچان سڪندر ۽ سندس فوج جي تڪليفن سان ڀريل سفر جي قصي کي هتي بيان ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ڪرمانيا جي پتورا نالي هنڌ تي سندن طويل قيام جي دوران هن جي آسپاس وارن ماتحت صوبن جا ڪيترائي وائسراءِ سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا، ۽ انهيءَ هنڌ ڪرٽيس به، منزلون ڪندو، اچي مکيه لشڪر سان مليو، هو پاڻ سان هاٿين ۽ ٻيءَ ماتحت فوج کي سيستان کان لُط نالي ريگستان مان صحيح سلامت ڪڍي آيو هو. هڪ ايراني امير کي به ساڻ وٺي آيو، جنهن کي هن بغاوت ڦهلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو. ڪيترن ئي نون مشرقي صوبن کان خبرون پڻ آيون، جن مان صاف نظر اچي رهيو هو ته نئين سر هٿ آيل علائقن ۾ شاهي اقتدار جي صورتحال ڪيتريقدر نازڪ هئي.سڄو دارومدار شاهي وائيسرائن ۽ ڪمانڊرن جي شخصي خوبين ۽ خصلتن تي هو، ۽ انهيءَ ۾ هنن مان ڪيترا ناڪام ثابت ٿيا هئا. انهن مان هڪ ائپولوفينس هو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڪندر ”دريافت“ ڪري ورتو ته هن سندس هدايتن تي ڪو ڌيان نه ڏنو هو. اسان جو اندازو اهو آهي ته ليوناٽس ئي هن تي چغلي هنئين هوندي. بادشاهه هن کي عهدي تان لاهڻ جو حڪم ڏنو، ۽ هن جي جاءِ تي هڪٻئي ماڻهوءَ، ٿوئاس، (32) کي مقرر ڪيو. جيسين نئين انتظام کي ڪنهن عملي صورت ۾ آندو وڃي، تنهن کان اڳيئي اوريتائي لوڪ بغاوت ڪري اٿي کڙا ٿيا. ليوناٽس موقعي جو مڙس ماڻهو هو، ۽ هن دوبدو جنگ ۾ انهيءَ قبيلي کي وڏيءَ خونريزيءَ سان شڪست ڏني، ۽ سندس پنهنجي طرف جو بنهه ڪو ٿورو نقصان ٿيو. البت ائپولوفينس انهن مان هڪ هو، جيڪي هن جنگ ۾ مارجي ويا (33). انهيءَ کان پوءِ جلدئي نيارڪس سامونڊي آرماڙ وٺي ڪوڪالا نالي هڪ بندر تي اچي پهتو، جيڪو اڌ رستي تي هڪ اهڙو شهر هو، جنهن ۾ سڪندر جي حڪم هيٺ جهازن ۾ تازو کاڌو پيتو ڀرڻ لاءِ اناج جو ذخيرو ڪيو ويو هو. ملڪ جي وڳوڙي حالتن سبب نيارڪس انهيءَ ڇانوڻيءَ جي چوڌاري، جيڪا هن ڪناري تي هنئين هئي، هڪ ديوار کڻائي ڇڏي. اتي رهي هو پنهنجن ڪمزور ۽ ڌڪيل جهازن جي مرمت ڪري پئي سگهيو، ۽ ساڳئي وقت هن پنهنجي لشڪر جي ڪن ماڻهن جي جاءِ تي، جيڪي ڊگهي سامونڊي سفر جي تڪليفن کان بددل ۽ نراس ٿي چڪا هئا، ليوناٽس جي فوج مان ڪي ماڻهو بدلائي کنيا. انهيءَ نئينءَ تنظيم کان پوءِ نيارڪس اولهه طرف ٻيڙو هاڪاري روانو ٿيو، پر هو جيئن ته سڪندر کان گهڻو پٺتي رهجي ويو هو، مکيه لشڪر سان وري ڪجهه قدر رابطو فقط تڏهن قائم ڪري سگهيو، جڏهن اهو ڪرمانيه ۾ خيمه زن هو. اسين اهو اندازو ڪري سگهون ٿا ته ليوناٽس انهيءَ وقت تائين اوريتائي لوڪن جي ملڪ ۾ رهيو، جيسين نئون مقرر ٿيل وائيسراءِ، سِبِرٽيَس (ڇاڪاڻ ته ائپولوفينس جي جاءِ تي مقرر ڪيل وائيسراءِ، ٿوئاس، مري چڪو هو). پنهنجي عهدي تي پوريءَ ريت ڄمي ۽ کپي نه ويٺو. ان کان پوءِ هن جنرل جو وري ”سوسا“ ۾ ذڪر ٻڌجي ٿو، جتي هو انهن عملدارن مان هڪ هو، جن کي خاص طور ”اورا“ (34) ۾ سرانجام ڏنل سٺين خدمتن جي صلي ۾ سونو تاج پهرايو ويو هو. انهيءَ کان پوءِ، ٿورن ئي مهينن گذرڻ بعد سڪندر جو موت واقع ٿيو. هن باري ۾ فقط اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته هو جيڪڏهن جيئرو رهي ها، ته پنهنجن دوردراز علائقن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ به اهڙي ئي مهارت ۽ قابليت جو مظاهرو ڪري ها جهڙو هن هڪ فاتح جي حيثيت ۾ ڪيو هو. ٻٽيهن سالن جي ڄمار ۾، وڌيڪ ڪاميابين حاصل ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جي ڪافي وڏيءَ مدت ڏانهن اميدن ڀرين نظرن سان ڏسڻ هڪ بلڪل قدرتي امر هو. ڇا، سڪندر ان کان پوءِ عربستان، آفريڪا يا مغربي يورپ جي ملڪن ڏانهن وڌيڪ فتحن ڪرڻ لاءِ سامونڊي سفر اختيار ڪري ها، جيئن سندس قديم دور جي اڪثر سوانح نگارن قياس آرائي (35) ڪئي آهي، جڏهن ته هن لاءِ هيڏيءَ ساريءَ محنت ۽ تڪليف سان فتح ڪيل نئينءَ شهنشاهت جي وڏن وڏن صوبن جي هٿان مرڳو کسجي وڃڻ جو خطرو موجود هو؟ هو انهيءَ خطري جي حقيقت کان پوريءَ طرح آگاهه هو، ۽ کيس اها به پوريءَ طرح ڄاڻ هئي ته حالتون اهڙو رخ اختيار ڪري ٿي سگهيون، جو خطري واريءَ جاءِ تي سندس شخصي موجودگيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به شيءَ انهن کي روڪي ڪانه ٿي سگهي. پر في الحال هن جي صحيح جاءِ يا اصلي ڪم سندس فتح ڪيل علائقن جي عين مرڪز ۽ دل وٽ هو، جتي رهي، هو اختيار ۽ اقتدار جون سڀ واڳون پنهنجن هٿن ۾ مضبوطيءَ سان جهلي ۽ سنڀالي پئي سگهيو. هن جي زندگيءَ جي آخري چند مهينن جي دوران سندس پاليسي هيءَ ٿي معلوم ٿي ته هو پنهنجي نئين رعايا کي تسلي ڏئي ته سندس دل ۾ هنن لاءِ ڪيڏي نه شفقت ڀريل هئي ۽ هنن جي سک ڏک جو هن کي ڪيترو نه اونو هو. ان لاءِ هن پنهنجن انهن صوبائي گورنرن کي مثالي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون. جن جي لاءِ اها شڪايت ٻڌبي هئي ته اهي رعيت سان ظلم ۽ ڏاڍائي وارو ورتاءُ ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪيترن ئي گورنرن هن خيال کان به پنهنجي خود خياليءَ مطابق عمل ڪرڻ شروع ڪيو هو ته سڪندر پنهنجي طويل مشرقي مهم کان پوءِ وري ڪڏهن اوڏانهن موٽندو ئي ڪونه. هيڏانهن سڪندر پاڻ به اهڙين هر قسم جي تهمتن تي يقين ڪرڻ ۽ ننڍن کان ننڍن ڏوهن لاءِ به نهايت سخت سزائن ڏيڻ ڏانهن مائل هوندو هو. ايرين چوي ٿو ته ”هن جي شاهي حڪومت هيٺ، اها اجازت ڪانه هئي ته حاڪم محڪومن سان ناجائز ۽ ناروا سلوڪ اختيار ڪن“ (36). جيتوڻيڪ اها مشرقي پاڻ- ڏاڍن بادشاهن جي ئي روايتي پاليسي هوندي آهي، جيڪي پنهنجي رعايا جي وفاداريءَ جو ڏاڍو خيال رکندا آهن؛ پر اسان کي معلوم آهي ته سڪندر ارسطوءَ جو ئي هڪ شاگرد هو. هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ هن جا ڪهڙا مقصد ۽ ڪهڙا ارادا هئا، ان جي ثابت ڪرڻ لاءِ هن کي واقعي وقت گهربل هو، پر ائين ڪرڻ جي وقت هن کي مهلت ڪانه ڏني. سڪندر جي هندستان ۾ پاليسي اها هئي ته انهن حڪمرانن کي سندن علائقن ڻ بحال رکيو وڃي، جن سندس بالادستيءَ کي تسليم ڪيو هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ کي هن جي اعتماد جي لائق ثابت ڪيو هو. اهڙين حڪمرانن جي زمري ۾ ٽئڪسلا جو راجا، ۽ پورس اچي ٿي ويا، ۽ سڪندر سچ پچ ته پورس جي حڪومت هيٺ ايترو علائقو ڏنو هو، جيڪو پورس جي اصلوڪي علائقي جيترو ئي هو. جتي جتي مخالف حڪمرانن سان ڪم ٿي پيو يا جيڪي آڻ مڃڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا، ۽ انهن ملڪن ۾، جتي قبائلي يا جمهوري طرز جون حڪومتون قائم هيون، اتي هن پنهنجن آفيسرن کي پنهنجو وائيسراءِ مقرر ٿي ڪيو، ۽ انهن جي هٿ هيٺ باقاعدي فوج جا دستا پڻ ڏيئي ٿي ڇڏيا، ۽ ڪن ٻين هنڌن تي وري انهن فوجي دستن کان علاوه پنهنجا وفادار ماڻهو نو آبادڪارن جي صورت ۾ پڻ آباد ڪري ويهاريا ٿي. اهڙيءَ طرح سڪندر وارو هندستان، جيڪو ڪجهه ماتحت گورنرن جي صوبن تي، ته ڪجهه وفادار ۽ ڏَن ڀريندڙ رياستن تي مشتمل هو، سو جزوي طور هُن جي سڌيءَ ۽ ڪجهه قدر اڻسڌيءَ حڪمرانيءَ هيٺ هو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بادشاهه سڄي ملڪ تي خود هندستاني راجائن جي معرفت حڪومت هلائڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ها، جيڪو ايراني شهنشاهت طرز حڪومت جو بنياد رهيو هو. سڪندر جي پاليسيءَ جو هڪ اهڙو مثال به موجود آهي، جنهن ۾ هو انهن ٻنهي طريقن کي اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيو هو. جڏهن هُن جو اتر هندستان يعني اڀرندي ۽ ڏکڻ پنجاب وارو وائيسراءِ، نالي فليپسَ، يوناني ڀاڙيتو فوجين جي هٿان قتل ٿي ويو، تڏهن سڪندر ٽئڪسلا جي راجا، ۽ پنهنجي آفيسر، نالي يوُڊامس، کي حڪم موڪليو ته اهي ٻيئي پاڻ ۾ گڏجي انهيءَ اترئين ماتحت علائقي جي حڪومت سنڀالين. بظاهر، اهو انتظام نئين وائيسراءِ جي مقرر ٿيڻ تائين ٿيڻ گهربو هو؛ پر هن باري ۾ يقين ڪرڻ لاءِ بنياد موجود آهي ته اهو هڪ تجربو هو، جيڪو ڪامياب ٿيڻ جي حالت ۾ بادشاهه جي ٻين هندستاني علائقن سان پڻ لاڳو ٿي سگهيو ٿي. عملي صورت ۾ اهڙي حڪومت ٻِٽي سرشتي واري هجي ها، جنهن ۾ مقدوني فوجي جنرل، مسلح فوجن تي قبضي هئڻ سميت، ”خاص اختيارن“ سان واسطو رکي ها، ۽ ”منتقل ڪيل اختيار“ مثلاً شهري انتظام جي هلائڻ لاءِ عام قسم جا اختيار پاسي واريءَ رياست جي ڪنهن راجا جي هٿ ۾ هجن ها، جنهن کي اهو انتظام هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ نه، بلڪ هڪ صوبائي گورنر طور، هلائڻو پوي ها. سڪندر جي مرڻ کان پوءِ شهنشاهت جي ورهاڱي ۽ نئين سر ڪيل تنظيم ۾، راجا پورس کي اڳي کان به وڌيڪ وسيع علائقو هلائڻ لاءِ ڏنو ويو ، جنهن ۾ غالباً سنڌ جو ڪجهه حصو پڻ شامل هو؛ ۽ اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته اهڙي قسم جي نئين سر عمل ۾ آندل تنظيم لاءِ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته اها ته محض انهن فيصلن جي هڪ توثيقي صورت هئي، جيڪي خود سڪندر پنهنجي جيئري پاڻ ڪيا هئا (38). نوٽ (1) ايرين، ايناباسسز، III ، 8. (2) ايرين، سامهون حوالو IV؛ 22 V: 8. (3) ڪيو- ڪَرٽيئس روفس، ”هسٽري آف الگيزينڊر دي گريٽ“ VII، 13؛ ايرين V- 29-19. (4) ايرين V، 26. (5) ايرين V، 29. (6) ايرين V، 8؛ VI- 1. (7) ڊيئوڊورس سائڪيولس، ”ببليوٿيڪا هسٽوريڪا“، ڪتاب XVII، 98. (8) ايرين VI 14. (9) اسٽرابو، XV 601. (10) ونسينٽ سمٿ، ”سڪندر اعظم طرفان فتح ڪيل پنجاب جي خود مختيار قبيلن جي حيثيت“، آڪٽوبر 1903ع واري جي. آر. اي. ايس. (11) (ايرين VI ، 15) هيءَ ڳالهه اعتبار لائق آهي ته اها ”شاهي دارالحڪومت“ انهيءَ ”شاهي قلعي“ سان واسطو رکندي هجي جيڪو اوپيئائي لوڪن جي ملڪ ۾ هو، جنهن جو هيڪاتائيس ذڪر ڪيو آهي (ٽڪرو نمبر 175، بحواله ”ڪئمبرج جي هسٽري آف انڊيا“، جلد I صفحو 336، نوٽ). ”سوگدي“، جن کي ڊيئوڊورس ”سودرائي“ سڏي ٿو، گهڻو ڪري سنسڪرت ادب وارا سؤ وير لوڪ آهن (ڊيئوڊورس XVII، 102) ڏسو ٽلرن، ”دي گريڪس ان انڊيا ائنڊ بئڪٽريا“، ص 171. (12) ڊيئوڊورس XVII، 104؛ ڪرٽيئس، IX، 8. (13) ايرين، VI، 16. (14) ايرين جي لفظن جو مطلب (هتي ڪجهه يوناني لفظ آهن)- -”پوءِ هو سامبس جي مقابلي لاءِ پٺتي موٽيو“ (چينوڪ) جي بدران ”پوءِ هو (جواب ۾) سامبس جي مقابلي لاءِ وڌيو“ (مئڪ ڪرنڊل) ٿي سگهي ٿو. حوالو ڪرٽيئس IX، 8. (15) اسٽرابو XV، (i)، 34. (16) ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8. (17) سامبس جي خلاف ڪيل ڪاررواين لاءِ ڪرٽيئس جي بيان جي ڀيٽ ۾ ايرين جو بيان وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي. (18) پلوٽارج مطابق، سڪندر انهن برهمڻن مان هڪ کان پڇيو ته هنن وٽ سباس (اصل ۾ ائين آهي) کي بغاوت تي آماده ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ جواب مليس: ”ڇاڪاڻ ته مون چاهيو ٿي ته يا ته هو عزت سان رهي، يا مري وڃي، جيئن هڪ ڪانئر جو حشر ٿيڻ کپي.“ پلو ٽارچ جون ”زندگيون“ ترجمو: جي ائنڊ ڊبليو. لينگ هارن، ايڊيشن 1875ع؛ جلد II، ص 751. (19) ڪيو- ڪرٽيئس چوي ٿو ته ميوسيڪانس کي، جنهن کي هو ميوسيڪاني قبيلي جو سردار سڏي ٿو، صليب تي چاڙهيو ويو هو. ڪرٽيئس IX، 8. (20) پلو ٽارچ، بلمقابل حوالو ڏنل ص 751. (21) ايرين VI، 17. (22) ڪرٽيئس IX، 8. (23) اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته اهي جهاز اُهي هئا، جيڪي سنڌوءَ کان هائداسپس ڏانهن نيندي، کوليا ويا هئا، ۽ پوءِ اتي پهچي وري جوڙيا ويا هئا،ا يرين V، 8-12. (24) ايرين VI، 15. ڪرٽيئس سفر جي انهيءَ حصي جو ڏاڍو تفصيلوار بيان ڏنو آهي. ڪرٽيئس، X 1-9. (25) ايرين، VI، 20. (26) نيارڪس جي مطابق (ايرين انڊيڪا، XXII، 10) اَربيسي هندستاني قومن مان انتهائي اولاهين علائقي جا رهاڪو هئا. (27) هولڊچ ۽ ڪننگهام، ڪُئنٽس جي ڪَرٽيئس انهيءَ بيان کي کنيو آهي ته لشڪر پاتل کان آربيسي درياهه تائين نو منزلون ڪيون، ۽ انهيءَ مان مفاصلي جي امڪاني ڪاٿي ڪندي، هو انهيءَ نديءَ کي ”پورالي“ سان شناخت ڪن ٿا. سر اي- اسٽين ايرين جي بيان کي انهيءَ علائقي جي سرزمين سان ڀيٽي فيصله ڪن طريقي سان ڏيکاري ٿوته آربيسي ندي حب ندي هئي—جيئن گهڻو اڳي هينري ڪائپرٽ طرفان ثابت ڪيو ويو هو. ڪرٽيئس، IX، 10؛ سر ٽي- هولڊچ، ”دي گيٽس آف انڊيا“، مئڪملن 1910، ص 149؛ اسٽين، ”جاگرافيڪل جرنل“ CII، نومبر- ڊسمبر 1943 ص 193 تي؛ ڪائپرٽ، ”ائٽلس ائنٽيڪس“، خاڪو، II ۾. (28) اسٽين، لوڪ حوالو ڏنل. (29) اسٽين ڏيکاري ٿو ته اهو جهائو لڪُ هوندو، جيڪو ڪولوا علائقي ڏانهن ويندڙ پيچرو آهي. (30) لائبر هڪ پاپوليس، ڪنسيليو هئبيٽو ڊائڊيٽ سي“ ڪيو- ڪرٽيئس IX، 10، 3. (31) سر ڊبليو- ٽارن چوي ٿو ته سڪندر لڪ جي منهن وٽان اوريتائي لوڪن جي ملڪ ڏانهن واپس وريو ته جيئن انهن انتظامن جي نگراني ڪري سگهي. اها ڳالهه ايرين جي مسودي ۾ صاف ناهي، پر بظاهر ائين ممڪن آهي. جيئن هو هيفاسشن لاءِ ترسيو ته جيئن هن جي گڊروسي لوڪن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ هو انهن ماڻهن سميت وٽن پهچي سگهي، جيڪي پٺتي رهجي ويا هئا؛ ان مان ان اسان کي اهو اندازو ڪرڻ گهرجي ته شايد انهيءَ عملدار کي شهر جي امڪاني سرزمين کان سٺ ميل اندر سمنڊ جي ساحل تي آرماڙ لاءِ انتظامن ڪرڻ واسطي موڪليو ويو هو. ايرين، VI، 3-22. سي ايف، سر ڊبليو. ٽارن، ”اليگزينڊر دي گريٽ“، جلد II، صفحو 251، نوٽ 6؛ پڻ ص 252. (32) شايد اهو آفيسر، جنهن کي هن سامونڊي ڪناري جي جائزي وٺڻ لاءِ موڪليو هو، جنهن جو ذڪر ايرين ڪيو آهي، (VI- 23). (33) ايرين، انڊيڪا، باب XXIII. (34) سبرٽيس کي گڊروسي لوڪن جي مٿان گورنر مقرر ڪيو ويو هو. ايرين VI ، 27؛ VII 5. (35) ايرين، VII. i ؛ ڪرٽيئس X، 3؛ ڊيئوڊورس XVIII. 4. پلوٽارچ بلمقابل حوالي ڏنل ڪتاب جا صفحا 3- 952. (36) ايرين، VII, 27 ,VI، 4. (37) شايد اهي علائقا هندستان واري هخامنشي شهنشاهت جي علائقن ۾ شامل ئي نه هئا؛ هڪ نئين فتح ڪيل علائقي طور، جنهن ۾ ڪيئي قومون آباد هيون، مقدوني آفيسر کي وائيسراءِ طور مقرر ڪرڻ قدرتي امر هو. (38) ڊيئوڊورس XVIII، 203؛ ڪيو- ڪرٽيئس، X 4010: ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، جلد 1، صفحا 9- 427. (6) سنڌ، موريه گهراڻي وارن ۽ بئڪٽريا وارن يونانين جي زماني ۾ سڪندر جي واپس ويندڙ فوج جي گهوڙن جي سنبن جي اٿاريل دز اڃا ويٺي ئي مس هئي، ته پاتل ۾ بغاوت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا (1). نيارڪس کي مجبور ٿي، بحري آرماڙ سان گڏ پنهنجي روانگي تڙ تڪڙ ۾ ڪرڻي پيئي، ڇاڪاڻ ته هيڏي ڊگهي سامونڊي سفر جي دوران، اڻڄاتل سمنڊن مان آرماڙ کي سلامتيءَ سان منزل مقصود تائين پهچائڻ جي ذميداري اڳيئي ڪافي ڳري هئي، جو هو ان جي مٿان وري ان سفر تي رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ دشمن سان بيهي مقابلي ڪرڻ جو جوکم به سر تي کڻي ها. بدانتظاميءَ ۽ فساد کي دٻائڻ جي ذميداري انهيءَ علائقي جي وائيسراءِ پيٿان جي ڪلهن تي هئي، جيڪو اڳيئي ميوسيڪانس جي خلاف مهم جي دوران پنهنجي ڪامياب قيادت کي مڃائي، ۽ پنهنجي لياقت ثابت ڪري چڪو هو. هن موقعي تي هن ڪهڙو قدم کنيو، تنهن جو بيان ڪٿي به نه ٿو ملي. پر مقدونين جي غير ملڪي اقتدار جي ظاهري فوجي قوت کي ان وقت زبردست ڌڪ لڳو، جڏهن سندن ڏکڻ- اوڀر پنجاب واري ساٿي گورنر، فليپس، کي خود سندس يوناني فوجن قتل ڪري ڇڏيو. اهو ڪم دراصل يونانين ۽ مقدونين جي درميان حسد جي جذبي جو نتيجو هو. اسان کي اهو به معلوم آهي ته نون شهرن ۾ آباد ڪيل يوناني آباد ڪار ۽ ڪجهه فوجي، جيڪي اتي ڇڏيا ويا هئا، سي پنهنجي وطن ۽ گهرن کان دور رهجي وڃڻ ڪري ناراض هئا ۽ وطن وڃڻ لاءِ آتا هئا (2). اسين مٿي معلوم ڪري چڪا آهيون ته سڪندر پنهنجي اترئين صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ ٽئڪسلا جي راجا ۽ يوناني گورنر نالي يوڊامس کي حڪم موڪليو هو ته اهي گڏجي اتان جو انتظام سنڀالين. مقدوني پرڏيهي آبادڪار ۽ فوجي سپاهي ٿريشيا رياست جي رهاڪو يوناني آفيسر کي وري به پنهنجو آفيسر تسليم ڪري پئي سگهيا، پر ان سان گڏ هڪ هندستاني حڪمران جي اختيار ۾ ساڳئي وقت تي ڪيل اضافي کي هنن پنهنجين دلين ۾ پنهنجي مستقبل جي سلامتيءَ لاءِ ضرور هڪ برو اهڃاڻ شمار ڪيو هوندو. هندستان ۾ شهنشاهي طاقت، جنهن کي اڳيئي اهڙيءَ طرح وڏو ڌڪ لڳي چڪو هو، ان ۾ سڪندر جي موت جي خبر اچڻ سان زلزلو اچي ويو ۽ اها اتي جو اتي پرزا پرزا ٿيڻ لڳي. شخصي وفاداريءَ جي مشترڪه رسين جي اهڙيءَ طرح سان ٽٽي پوڻ جي نتيجي ۾ شهري گورنرن ۽ فوجي جنرلن جي دلين ۾ ذاتي آرزوئن ۽ خواهشن کي پنهنجي راهه وٺڻ جي آزادي ملي ويئي. سال 323 ق-م ۾ سڪندر جي جنرلن طرفان شهنشاهت جو بابل ۾ جيڪو ورهاڱو ڪيو ويو، تنهن ۾ هندستاني صوبن جي ورڇ ۾ ڪابه تبديلي نه آندي ويئي. سنڌ تي پيٿان جي حڪمراني جاري رهي. پر ٻن سالن کان پوءِ تِري پاراد يِسَس وٽ جيڪا ٻيهر ورڇ ڪئي ويئي، تنهن ۾ پيٿان کي هندستان جي الهندي سرحد واري علائقي تي رکيو ويو، ۽ باقي سڄو علائقو، جنهن ۾ گهڻو ڪري سنڌو ماٿريءَ جو هيٺانهون حصو به شامل هو، ٻئي وڏي علائقي سميت، راجا پورس جي تحويل ۾ ڏنو ويو (3). حڪومت جي اهڙيءَ بنيادي تنظيمي تبديلي جي اهميت کي هزگز ڪوئي نظر انداز نٿي ڪري سگهيو. هن کان پوءِ ميداني علائقي ۾، جتي پوريءَ طور منظم ٿيل راڄ ۽ قبيلا آباد هئا، سڌو سنئون فوجي راڄ ناقابل عمل هو. انهن صوبن کي آئينده لاءِ سلطنت ۾ شامل ڪري رکڻ جي هڪ ئي اميد قابل عمل هئي ۽ اها هيءَ هئي ته هندستاني لوڪن ۾ نئين اڀرندڙ بيداريءَ کي کليل نموني ۾ تسليم ڪيو وڃي ۽ ان جي ظاهر ظهور همت افزائي ڪئي وڃي.ٽئڪسلا جو راجا ۽ راجا پورس پنهنجي پنهنجي علائقن ۾، جن جو ڪجهه حصو کين پرڏيهي ماڻهن طرفان مليل تحفو هو، مڪمل خود مختياري ماڻي پئي سگهيا، ۽ فقط ائنٽي پيٽر جي تحت قائم ٿيل شاهي مجلس جي براءِ نام بالادستي تسليم ڪرڻ جي معمولي قيمت تي هو ڪنهن به موقعي تي انهن کان هٿيارن ۽ فوجن جي صورت ۾ امداد يا مشورو گهري پئي سگهيا. شايد ٽئڪسلا جي بادشاهه جو مفاد انهيءَ ۾ هو ته انهن شرطن تي سندس اهڙو تعلق مقدوني اقتدار سان قائم رهندو اچي. گنڌارا، بهرحال ٽئڪسلا جي راجا کان کسي پيٿان جي حوالي ڪيو ويو. پر راجا پورس جا سنڌو ماٿريءَ جي اڀرندي وارا نوان علائقا، انهيءَ هندستان سان لاڳو هئا، جنهن ۾ سڪندر اڃا داخل ئي ڪونه ٿيو هو، ۽ اها ئي سرزمين هئي، جتان يقيني طور، مغرب وارن جي تسلط کان نجات جي ابتدا ٿيڻي هئي. چندر گپت موريه گنگا نديءَ تي قائم ٿيل مگڌ بادشاهيءَ جي نند راجا جو جنرل هو، ۽ هن پنهنجي آقا جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. سندس اها ڪوشش ناڪام ثابت ٿي، انهيءَ هنڌ، معلوم ٿئي ٿو ته هن جي ملاقات سڪندر سان ٿي، جنهن هن کان علاوه پورس ۽ فيگيلاس کان پڻ اڀرندي پاسي وارن ملڪن بابت معلومات حاصل ڪئي. هن کي ٻڌايو ويو ته ان پاسي جي پراسائي ۽ گانگردائي علائقن جو حاڪم هڪ بيڪار غاصب هو، جنهن پنهنجي حقي اصلوڪي حڪمران کي، ان جي بداخلاق راڻيءَ جي مرضيءَ سان، قتل ڪري، هُن جي تخت تي قبضو ڪيو هو. راجا چيو ته اهڙي غاصب کي آسانيءَ سان شڪست ڏيئي سگهبي، جو سندس رعيت هن کان متنفر هئي (4). ٿي سگهي ٿو ته سڪندر بياس نديءَ جي ڪپ تي لڳايل پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ پنهنجي لشڪر کان گنگا نديءَ جي هيٺانهين علائقي جي مهم بابت جيڪو دل کي خوش ڪندڙ بيان ڏنو هو، سو راجا جي ٻڌايل هنن ڳالهين کان متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هجي. ڀانئجي ٿو ته چندرگپت، ڪجهه سالن کان پوءِ، گهڻو ڪري پورس سان ايڪو ڪري، نند راجا کي شڪست ڏيئي، هن جي بادشاهيءَ تي قبضو ڪري ويهي رهيو هو. ”مُدرا زڪشاسا“ نالي هڪ ڊرامي ۾ ان ڳالهه جو جيڪو بيان ڪيل آهي، تنهن موجب چندرگپت کي هشُي ڏيندڙ، چانڪيه، هن جي مکيه اتحاديءَ، پرواتڪا، کي قتل ڪيو هو، جيڪو پنجاب جي نيم پهاڙي علائقي جو حڪمران هو (5). گمان غالب آهي ته اهو پرواتڪا خود پورس هو؛ پر يوناني بيان ۾ چيو ويو آهي ته پورس کي يُوڊامَس دغا ڪري قتل ڪيو هو، جنهن کي سڪندر، پورس سان گڏ، ڏکڻ پنجاب جو وائيسراءِ مقرر ڪيو هو. يُوڊامسَ جو نالو، بهرحال شهنشاهت جي بابل واريءَ نئين تنظيم توڙي بعد ۾ تري پاراد يِسَسِ واري ورهاڱي وقت ڪٿي به ڪنهن بيان ۾ نظر نه ٿو اچي، پر ائين پيو نظر اچي ته هو به اتر هندستان ۾ متعين ڪيل قابض فوج جو ڪمانڊر رهندو آيو. سال 321 ق- م تائين، پيٿان ڏاکڻي علائقي جو حاڪم ۽ اتان جو پاڻ فوجي اعليٰ ڪمانڊر رهندو آيو (6). پر تري پاراد يِسَسِ واريءَ نئين تنظيم هيٺ، هن کي گنڌارا جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو شهر جيئن ته فِليپَس جي صوبي جو هڪ حصو ٿي رهيو هو، ان ڪري اهو عارضي طور ٽئڪسلا واري راجا جي ماتحت رکيو ويو هو، جيڪو پنهنجي اصلوڪيءَ بادشاهيءَ تي برقرار رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته مگڌ جي خلاف مهم ۾ پورس ۽ چندرگپت سان گڏ يوڊيمَس پڻ حصو ورتو هجي، ۽ شايد نند کي جزوي طور يورپي لوڪن جي هٿان شڪست ملي هجي، جن ڀاڙيتو فوجين جي حيثيت ۾ حملي ۾شرڪت ڪئي هجي. جيڪڏهن ائين هو، ته پوءِ جيڪي واقعا بعد ۾ پيش آيا، سي شايد مال غنيمت جي ورڇ تي اختلافن جو نتيجو هئا. يوڊيمس جي هٿان، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويوآهي، پورس قتل ٿي ويو؛ ان کان پوءِ سندس جنگي هاٿين تي قبضو ڪري، جيڪي به فوجون هٿ ڪري سگهيو، انهن کي ساڻ کڻي، يوڊيمس انهيءَ جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، جيڪا ”اڀرندي وارن صوبن“ جا ماتحت حڪمران گڏجي، پنهنجي ساٿيءَ، ميديا جي حاڪم، خلاف وڙهي رهيا هئا، جنهن شهنشاهت جي مرڪزي نظام کان بغاوت ڪري، پنهنجي خود مختاريءَ جي دعوا ڪئي هئي. يوڊيمس، جنگ جي ميدان ڏانهن ويندي، پيٿان جي صوبي گنڌارا مان لنگهيو، ۽ هو ٻيئي ضرور هڪٻئي سان گڏيا هوندا. ان کان جلد ئي پوءِ پيٿان به ايران ۾ هلندڙ جنگ ۾ حصي وٺڻ لاءِ پنهنجي رياست جي حڪمرانيءَ جون واڳون ڦٽيون ڪري، هليو ويو. هن جي پٺيان ڪي به سندس جانشين مقرر نه ڪيا ويا، هندستان ۾شهنشاهت جي هنن حالتن کي ڏسندي، هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مقدونين لاءِ اتي وڌيڪ وقت پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ ناممڪن نه، ته بيحد ڏکيو ضرور نظر آيو هوندو. هو اڃا سلطنت جي جانشينيءَ جي مسئلي کي ئي حل ڪري نه سگهيا هئا، ۽ ان مسئلي تي پنهنجين خانه جنگين ۾ ئي پورا هئا. يوناني ۽ مقدوني نو آبادڪارن منجهان ڪي وري به اتر اولهه هندستان خصوصاً نيڪائيه ۽ بيوسيفَلا نالي شهرن ۾، ان وقت رهيا پيا هئا، جڏهن چندرگپت قدم وڌائي، پنهنجا اختيار سنڌو ماٿريءَ تائين قائم ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته انهن هن جو ڪجهه مقابلو ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه تحرير ۾ آيل آهي ته انهن جا ڪيترا عملدار چندرگپت جي هٿان مارجي ويا هئا (7). اهو معلوم ناهي ته سنڌ چندرگپت جي هٿ هيٺ ڪڏهن آئي. هن صوبي جو وڏو حصو پورس کي منتقل ڪري ڏنو ويو هو. جڏهن پيٿان کي گنڌارا تي قابض بنايو ويو هو، اها ڳالهه عين ممڪن معلوم ٿئي ٿي ته پورس جي مرڻ تي چندرگپت هڪ اهڙي صوبي جي مٿان بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي هجي، جيڪو پرڏيهي فاتحن طرفان سندس حليف ۽ ساٿي جي حوالي ٿيل هو. ائين، حالتن جي سازگار هئڻ سبب، ۽ مغرب جي مداخلت کان سواءِ، هن کي پنهنجي اقتدار ۽ طاقت کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيئي سال ملي ويا، ۽ جڏهن انهيءَ طرف کان نيٺ مداخلت جو خطرو پيدا ٿيو. تڏهن هو ان کي منهن ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار هو. سال 305 ق- م ڌاري، نڪيٽور سيليوڪس، پاڻ کي بابل ۾ مستحڪم ۽ اعليٰ طاقت جي مالڪ بنائڻ ۽ هندستاني سرحد تائين واقع ملڪن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ، سڪندر واريءَ هندستان جي فتح کي تازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چندر گپت انهيءَ ڪاهه کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو. سيليوڪس سنڌوندي پار ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪا وڏي جنگ لڳي. ممڪن آهي ته هندستاني راجا جنگ ڪرڻ لاءِ سهوليت واري هنڌ تي قبضو ڪري ورتو هجي، جنهن سيليوڪس کي مفيد شرطن جي آڌار تي اتحاد جي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو؛ اهو پڻ امڪان آهي ته عين انهيءَ موقعي تي هن کي شام کان امداد لاءِ سڏ ٿيو هجي، جنهن کيس پنهنجين فوجن کي فوراً (8) جنگ جي ميدان کان علحده ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هجي. سيليوڪس سڪندر جي سلطنت جي وڃايل ڪنهن علائقي تي ٻيهر قبضي ڪرڻ جي بدران، چندرگپت کي گنڌارا ۽ آرڪوسيا ۽ گيڊروسيا جي مغربي حصن جي مٿان بالادستيءَ جا حق سپرد ڪري هليو ويو. اهو سرحدي علائقو جلال آباد کان ڪوئيٽا، قلات ۽ عربي سمنڊ (9) ڏانهن پورالي نديءَ کان ڪڍيل سرحد تائين پکڙيل هو. ممڪن آهي ته انهيءَ علائقي ۾اڳي ئي هندستاني داخل ٿي چڪا هئا، ۽ عملي لحاظ کان اهو سندن قبضي ۾ هو، جنهن ڪري ٻنهي شهنشاهتن جي سرحد اڳي ئي ائين واضح ٿي چڪي هئي. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ سرحدي صورتحال ۾ ٻي ڪا ڦيرگهير آيل نه ٿي معلوم ٿئي، ۽ ٻنهي ملڪن جي درميان ڪيترن نسلن تائين تعلقات خوشگوار رهيا. سيليوڪس کي سندس طرفان ڏنل علائقي جي بدلي ۾ پنج سو جنگي هاٿي مليا، ۽ صلح جي ٺاهه ۾ ٻنهي شاهي گهراڻن ۾ دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ سان گڏ مائٽاڻا لاڳاپا پڻ استوار ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ لس ٻيلي کي عهد نامي جي ذريعي ايران جي شهنشاهت کان جدا ڪري، هندستان جي شهنشاهت ۾ شامل ڪيو ويو. هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اهي ٻيئي مگڌ بادشاهيءَ جون ڏن ڀريندڙ ماتحت رياستون بڻجي ويون؛ ۽ سندن حڪمران اتان جا مقامي ماڻهو هئا ۽ اندروني انتظام انهن جي پنهنجي هٿ ۾ رهندو آيو، جيتوڻيڪ اهو به امڪان آهي ته چندر گپت پنهنجي طرفان انهن ايراضين تي پنهنجا شاهي وائسراءِ به مقرر ڪيا هجن. اسين اهو به اندازو ڪري سگهون ٿا ته سنڌو نديءَ جي الهندي طرف وارا هي علائقا ۽ ٻيون اهڙيون ايراضيون هن جي پوٽي اَشوڪ جي هٿ ۾ گپتا شهنشاهت جون ”سرحدي رياستون“ هيون. بهرحال هيءَ ڳالهه غيرامڪاني آهي ته ٻڌ مذهب کي انهن ملڪن ۾ ان شاهي مبلغ جي زماني کان اڳي جو اثر ۽ رسوخ حاصل ٿيو هوندو. جيتوڻيڪ اسان کي ائين نه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ ڪنهن ”اشوڪا ٽوپ“ جي موجودگيءَ متعلق هوئان چوانگ جي ڏنل ڪنهن حوالي جو مطلب هروڀرو اهو آهي ته انهيءَ ”اسٽوپا“ جو بنياد (10) ان شاهي مبلغ پنهنجي هٿ سان ئي وڌو هو، پر ايتري حقيقت تسليم ٿيل آهي ته اهڙن ٺُهلن تعمير ڪرڻ جي پهرين تحريڪ ان جي طرفان ئي ٿي هئي. هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ کي به ٻُڌ جي انهن يادگارن مان حصو مليو، جيڪي شهنشاهه اشوڪ پنهنجي سڄيءَ سلطنت ۾ ورڇي ڇڏيا هئا؛ ۽ هوئان چوانگ اها روايت به تحرير ۾ آندي آهي ته اشوڪ طرفان مختلف صوبن ڏانهن جيڪي تبليغي جماعتون روانيون ڪيون ويون هيون، تن جو مکيه انتظام سنڀاليندڙ، اُپ گپت، سنڌ ۾ ڪافي ڊگهي مُدت گذاري هئي، جنهن جي دوران هو اتان جي ماڻهن کي ”قانون جي سمجهاڻي ڏيندو رهيو، سندن عقيدو مضبوط ڪندو رهيو ۽ سندن رهنمائي ڪندو رهيو.“ ۽ پنهنجي تبليغ جي سلسلي ۾ هن جتي به وڃي قيام ڪيو، اتي هن مڙهيون ۽ ٺُلهه تعمير ڪرايا. اندازو لڳايو ويو آهي ته هن صوبي تي اشوڪ جو اتر الهندي علائقي وارو وائيسراءِ حڪومت ڪندو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٽئڪسلا ۾ هو. موريا خاندان جي سلطنت اشوڪ جي مرڻ کان پوءِ ڊهڻ لڳي، هن کان پوءِ سندس گهراڻي ۾ وارثن جون ٻه شاخون وجود ۾آيون، جن مان هڪ اتر الهندي واري علائقي ۾ ۽ ٻي مگڌ ۾ هئي. تاريخي شهادتن مطابق، هن جي جائنشينن مان گهڻن جو ن عمريون مختصر ٿيون، جيڪا ڳالهه بذات خود ڪنهن گهراڻي جي ڪمزوريءَ ۽ ضعف جي علامت آهي. اشوڪ کان ٽيهارو سال ۽ سيليوڪس نيڪٽور جي مهم کان پوري هڪ صدي پوءِ، آئنٽيوڪس اعظم مختصر عرصي لاءِ ڪابل جي ماٿريءَ ۾ اچي نڪتو. هن مقامي بادشاهه کي آڻ مڃرائي، جنهن جو نالو ”سوفا گاسينس“ يا سوڀا ڳاسينهه هو، ۽ جيڪو موريا گهراڻي سان وابسته معلوم ٿئي ٿو؛ هن انهيءَ بادشاهه کان رسد جو سامان ۽ ڪجهه جنگي هاٿي حاصل ڪيا، جن کي ساڻ وٺي، هو هڪدم مغرب موٽيو ۽ هندستاني حڪمران کان مٿس مڙهيل جنگي تاوان وصول ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٺيان پنهنجو هڪ نمائندو ڇڏي ويو. (11). ٻي صدي قبل مسيح واري دور ۾، هندستان جي اتر-الهندي واري علائقي جا ڪجهه حصا بئڪٽريا جي يوناني شهزادن جي قبضي ۾ اچي ويا. هنن جي فتوحات جي ثابتي ڪمزور آهي، جيڪا قديم زماني جي ليکڪن جي تحريرن، ڪجهه سنسڪرت جي ذريعن ۽ انهن جي سڪن جي هڪ هنڌان مليل ذخيرن يا علائقي جي مختلف ڀاڱن مان لڌل سڪن جي ڇڙوڇڙ مثالن تي مشتمل آهي. جيستائين سنڌ جو واسطو آهي، ته ان جي انهن يوناني شهزادن جي فتوحات ۽ قبضي جي سڄي شهادت آرٽيميٽا واري ائپولوڊورس جي هڪ هن بيان تائين محدود آهي، جنهن جو اسٽرابو حوالو ڏنو آهي، ته جيڪي يوناني سيليوڪس جي گهراڻي جا بئڪٽريا ۾ جانشين ٿيا، تن ”نه فقط پاتلين تي، پر ان سان گڏ ڪناري واري ٻئي سڄي علائقي تي پڻ قبضو ڪيو، جنهن کي سارائوسٽس ۽ سِگارڊَس جي بادشاهي سڏيو ويندو هو.“ ڊيمِيٽرس ۽ مينئنڊر، جيڪي يَوٿيڊيمس جا پٽ هئا، تن ئي، آئپولوڊورس جي قول مطابق، اهي ۽ ٻيون فتوحات حاصل ڪيون هيون، ۽ انهن فتوحات ۾ هنن ايڏين قومن کي پنهنجو ماتحت بنايو، جيترين کي خود سڪندر به پنهنجيءَ ڪاهه ۾ مات نه ڪري سگهيو هو (12). ”پيريپلس آف دي ايريٿرين سي“ جي ليکڪ، انهن واقعن کان ٻن صدين کان به وڌيڪ عرصو پوءِ، پنهنجي ڪتاب ۾ لکندي، ٻين ڳالهين کان علاوه اهو به ذڪر ڪيو آهي ته مينئنڊر ۽ هڪ ٻئي مشهور يوناني شهزادي، ائپولوڊوٽس جا سڪا انهيءَ دور ۾ بيري گازا (بڙوچ) ۾ اڃا تائين هلي چلي رهيا هئا (13). سر ڊبليو- ٽارن پنهنجي ڪتاب ”دي گريڪس ان بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“ ۾ بئڪٽريا جي يونانين طرفان سنڌ تي ڪيل قبضي جي ڳالهه کي هڪ حقيقت طور تسليم ڪندي، هيءَ راءِ پيش ڪئي آهي ته سنڌ جي فتح يوٿيڊيمس جي پٽ ڊيميٽريس، اتر- الهندي هندستان تي قبضي ڪرڻ دوران حاصل ڪئي هئي، ۽ اها هڪ نهايت وڏي پيماني تي رٿيل سڄي هندستان تي قبضي ڪرڻ جي مهم جو هڪ حصو هئي. اهو موقعو ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن سال 184 ق.م ڌاري موريا گهراڻي جي سلطنت جو نيٺ وڃي خاتمو ٿيو، ۽ مگڌ جي تخت تي سَنگهه قبيلي جي هڪ غاصب قبضو ڪيو. ٽارن جو نظريو هي آهي ته ڊيميٽريس، سيليوڪس گهراڻي جي شاهي خاندان جي هڪ عورت جي نسل مان پيدا ٿيو، ۽ امڪان آهي ته موريا گهراڻي جي پوين بادشاهن جي نسن ۾ اهو رت انهيءَ شهزاديءَ جي ذريعي پهتو، جنهن لاءِ اندازو آهي ته انهيءَ جي ٻانهن چندرگپت جي پٽ بندوسَر کي سيليوڪس نڪيٽور سان طئي ٿيل عهدنامي جي پوئواريءَ ۾ ڏني ويئي هئي. اهڙي ڏاڏاڻي رشتي ڊيميٽريس کي شايد موريا گهراڻي وارن جي بادشاهيءَ ۾ شامل سابق پرڳڻن کي هن اميد تي واپس حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هوندو ته کيس هڪ پرڏيهي حمله آور جي بدران هڪ جائز وارث جي حيثيت ۾ شايد قبول ڪيو ويندو. ٽارن هي دليل به پيش ڪري ٿو ته هو ٻڌ ڌرم وارن جي غالب اڪثريت وارن پرڳڻن جي ماڻهن جي راءِ کي، سَنگهه قبيلي جي راجا پُشيامتر جي هٿان، جنهن مگڌ (14) جي تحت تي غاصبانه قبضو ڄمايو هو، برهمڻي ظلم ۽ زيادتيءَ جي شڪار بنجڻ جو خوف ڏيئي، پنهنجي حق ۾ ڦيرائڻ جي اميد پڻ ڪري پئي سگهيو. ٽارن جي نظريي مطابق، ڊيميٽريس گنڌارا ۾ پير پختاڪرڻ کان پوءِ ٻه طرفي پيشقدمي شروع ڪئي؛ هو پاڻ پنهنجي هڪ هم قوم نالي ائپولوڊوٽس کي پنهنجي هٿ هيٺ نائب سپه سالار مقرر ڪري، ساڻس گڏجي سنڌونديءَ جي وهڪري سان ڏاکڻي علائقي طرف وڌيو، ۽ ٻئي طرف هن هڪ ٻيو لشڪر مينيئينڊر (الف-14) نالي هڪ سپه سالار جي اڳواڻيءَ ۾، جيڪو شاهي گهراڻي جو ماڻهو نه هو، مگڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. اسان کي سنڌ جي انهيءَ دور وارين حالتن بابت ڪابه خبر ڪانهي؛ بهرحال، هيءَ ڳالهه تقريباً ناممڪن ٿي لڳي ته سَنگهه قبيلي وارا انهي ملڪ ۾ ايترو جلد ڪو پنهنجو اثر قائم ڪري سگهيا هوندا. انهيءَ ڪري اسين سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته انهيءَ وقت سنڌ تي ڪن مقامي راجائن جي حڪمراني قائم هئي، جيڪي گهڻو ڪري ٻڌ ڌرم جا عقيدتمند هئا. سنڌ ملڪ جا انهيءَ دور وارا مکيه لوڪ سؤ وير- سنڌو هئا، جيڪي آهستي آهستي سنڌوماٿريءَ وچان هيٺ لهندا آيا هئا ۽ ان وقت دريائي ڪيٽيءَ ۽ ان جي اڀرندي طرف واري علائقي ۾ گهڻي قدر وڃي گڏ ٿيا هئا، ۽ انهن جي اتر طرف اڀير لوڪ رهيل هئا. پوئين نالي واري انهيءَ قبيلي لاءِ خيال آهي ته سڪندر جي وفات کان هڪدم پوءِ پيدا ٿيل افراتفريءَ واري زماني ۾ الهندي طرف کان هندستان ۾ داخل ٿيو هو. ٽارن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته اهڙيءَ طرح، ڊيميٽريس جي پيشقدميءَ کيس سڀ کان اڳ ۾ هڪ اهڙيءَ قوم جي آڏو آندو، جنهن جو يونانين سان اڳيئي هندستاني سرحد کان ٻاهر ڪنهن علائقي ۾ رابطو قائم ٿي چڪو هو، جنهن ڪري ان ساڻس هروڀرو ڪو غيردوستانه رويو اختيار نه ڪيو هوندو (15). سر ڊبليو- ٽارن، سنڌو نديءَ جي هيٺئين حصي واري ملڪ تي ٿيل انهيءَ ڪاهه واري پنهنجي نظريي جي حمايت ۾ جنهن واقعي جو حوالو پيش ڪيو آهي، سو آهي مهاڀارت ۾ ذڪر ڪيل سؤوير ملڪ ۾ واقع دَتامتر نالي هڪ شهر، ۽ ان سان گڏوگڏ يَوانه ڌپه نالي جو حوالو، جنهن جو ترجمو ٿيندو ”يوناني حڪمران.“ ان کان علاوه، ناسِڪ جي هڪ غار ۾ پٿر تي اڪريل ڪتبي ۾ يَوانه علائقي جي ماڻهن طرفان پيش ڪيل مذهبي سوکڙين پاکڙين جو جيڪو ذڪر ڪيل آهي، تنهن ۾ پڻ اتر طرف تامِتي نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي. انهن ڳالهين مان ٽارن اهو اندازو ڪري ٿو ته هڪ جاءِ جي انهن ٻنهي نالن جو اشارو فاتح ڊيميٽريس طرفان آباد ڪيل شهر ”سنڌ ۾ واقع ڊيميٽر ياس“ ڏانهن آهي، ۽ اهو گهڻو ڪري پاتل جي سر زمين تي قائم ٿيل هو- يعني ٿوري ۾ کڻي چئجي ته اهو شهر سڪندر اعظم جي ٺهرايل دريائي- بند جي نئين سر جوڙايل صورت هو (16). ٽارن جي نظريي مطابق، ڊيميٽريس اهڙيءَ طرح سنڌ جي حالات کي درست ڪرڻ کان پوءِ، بئڪٽريا ڏانهن واپس هليو ويو، ۽ پنهنجي وڌيڪ رٿائن جي مڪمل ڪرڻ جو ڪم پنهنجي نائب سپهه سالار ائپولوڊوٽس جي حوالي ڪري ويو جيڪو ڊيميٽريس جي نالي ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوڏانهن ڪاهي ويو. مشهور جاگرافيدان، ٽالمي، انهن علائقن ۾ هڪ ٻئي شهر نالي ٿيئوفلا جو سراغ ڳولي ڪڍي ٿو، ۽ ان لاءِ ٽارن اندازو ڏيکاريو آهي ته اُهو شهر آئپولوڊوٽس طرفان آباد ڪيو ويو هوندو، ۽ ان تي ڊيميٽريس جي راڻيءَ يا ماءُ جي نالي کي عزت خاطر اهو نالو رکيو ويو هوندو. ”پير يپلس“ ۾آندل هن ذڪر مان ته ائپولوڊوٽس ۽ مينئنڊر جا سڪا سال 50 قبل مسيح ۾ انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ جي سفر دوران بيري گازا ۾ هلي رهيا هئا، ٽارن اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته اهو شهر- بڙوچ- پڻ ائپولوڊوٽس جي حڪومت ماتحت اچي چڪو هو. هو اها راءِ ڏئي ٿو ته اهو ساڳيو شهزادو ان کان پوءِ گجرات کان اتر طرف اجين ڏانهن وڌيو ۽ هن اهو قدم، گنگا جي ماٿريءَ ڏانهن ڊيميٽريس طرفان رواني ڪيل ٻيءَ مهم جي اڳواڻ، مينئنڊر،سان وڃي ملڻ ۽ ان کان پوءِ گڏجي چندرگپت جي پراڻيءَ شهنشاهت کي پوريءَ طرح فتح ڪرڻ جي ڪم مڪمل ڪرڻ جي رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ کنيو هو. پر سمجهيو وڃي ٿو ته انهيءَ رٿا کي جلد ئي ترڪ ڪيو ويو، ۽ خيال آهي ته ائپولوڊوٽس، سنڌ ۽ ٻين ڏاکڻن صوبن جو انتظام پنهنجن فوجي وائيسرائن جي هٿن ۾ ڏيئي، آخر ۾ ٽڪسيلا ڏانهن موٽي ويو (17). ڊاڪٽر اي- ڪي- نارائڻ پنهنجي هڪ تازي ڪتاب ”دي انڊو- گريڪس“ ۾ انهيءَ سڄيءَ شهادت جي مڪمل جاچنا ڪئي آهي، جنهن تي سر وليم ٽارن سنڌو ماٿريءَ جي ڏاکڻي علائقي ۽ آسپاس وارن صوبن جي بئڪٽرين يونانين جي هٿان فتح ٿيڻ واري سڄي نظريي جو بنياد رکيو آهي، ۽ هو--گهٽ ۾ گهٽ هن مصنف جي راءِ ۾ پوري اطمينان بخش طريقي سان--ثابت ڪري ٿو ته انهيءَ جو سڄو دارومدار اڃا به اِسٽرابو جي طرفان ڏنل حوالي واري ائپولوڊورس جي اختياريءَ تي آهي، جيڪو ”پارٿيڪا“ جو مصنف هو؛ ڊاڪٽر نارائڻ اهو به ثابت ڪيو آهي ته اِسٽرابو خود ائپولوڊورس جي ڪن خاص بيانن کي ناقابل اعتماد سمجهندو هو (18). هو مزيد پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪري ٿو ته مهاڀارت واري سؤ وير ملڪ جي دَتامتر نالي واري شهر کي يوناني حڪمران ڊيميٽريس سان ڳنڍڻ لاءِ ڪو معقول سبب ڪونهي؛ اهو ته يوناني حڪمران (يوانه ڌپه) جو، جنهن جو انهيءَ تحرير ۾ حوالو ڏنل آهي، نالو به ڪونه هو، بلڪ اهو سؤوير لوڪن جي بادشاهه سُمترا جو هڪ خطاب هو. وري، ناسڪ واري ڪتبي ۾ ذڪر ڪيل شهر، دَتامتيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته اهو اتر طرف واقع هو، حالانڪ سنڌ (سؤوير) هميشه کان قديم هندستان جي مغربي حصي ۾ واقع سمجهي ويئي آهي. ٻئي طرف، جيتريقدر ٽالميءَ واري شهر، ٿيئوفلا، جو واسطو آهي، ته ان لاءِ اهڙي ڪا به شهادت موجود ڪانهي ته ڊيميٽريس جي زال يا ماءُ جو ڪو اهڙو نالو هو، ۽ اها ڳالهه به، ته انهيءَ فرضي فتح کان ڪي ٻه صديون پوءِ واري دور ۾ بڙوچ ۾ ائپولوڊوٽس جا سڪا ڪاروباري ڏي وٺ ۾ هلي رهيا هئا، هن ڳالهه جي ثابتي ناهي ته ائپولوڊوٽس ڪنهن وقت اتي بادشاهي ڪئي هئي. انهيءَ ڳالهه جي اهميت گهڻو ڪري اها ٿي سگهي ته انهن سڪن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو—جهڙيءَ طرح آسٽريا جي ارڙهين صديءَ واريءَ راڻي ميريا ٿِريسا جي سڪن کي ويهين صديءَ جي آئبيسينيا ۾اڄ به قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ته- ۽ انهن سڪن جو هڪ واپاري شهر ۾ تجارتي سرگرمين ۽ ڏي وٺ جي دوران اچي پهچڻ بلڪل امڪاني امر آهي. ان کان سواءِ نارائڻ ٻڌائي ٿو ته ائپولوڊوٽس جي سڪن جا مهاراشٽر ۽ اُجين (19) جي سُڪه قبيلي جي نائب حڪمرانن طرفان نقل- ويندي انهن تي اڪريل يوناني لفظن تائين—ڪرايا ويا هئا. ٻئي طرف، ڊيميٽريس، ائپولوڊوٽس يا بئڪٽريا جي ٻئي ڪنهن به يوناني حڪمران جا ڪي به سڪا سنڌ يا گجرات ۾ نه لڌا ويا آهن. اهي سڪا جنهن انتهائي ڏاکڻي علائقي ۾ لڌا ويا آهن، سو پنجاب جي ديري غازي خان ضلعي ۾ واقع آمر ڪوٽ آهي. جيئن ته انهن هندي- يوناني حڪمرانن جي موجودگيءَ ۽ وجود متعلق سڪن جي شهادت کان سواءِ اسان وٽ ٻي ڪا خاص ثابتي ڪانهي، انهيءَ ڪري ائين پيو معلوم ٿئي ته انهن جي بادشاهين جي پکيڙ جي اندازن جو سڄو دارومدار انهن جي سڪن جي ذخيرن ملڻ وارن هنڌن تي رکيو ويو هوندو. سنڌ ۽ گجرات جي سمورن علائقن مان جيئن ته اهڙا سڪا ڪٿي به دستياب نه ٿيا آهن، ان ڪري انهن شين جي عدم موجودگي جيتوڻيڪ پنهنجي ليکي قطعي ۽ فيصله ڪن ثابتي ڪانهي، ائپولوڊورس جي انهن بيانن ۾ شڪ ظاهر ڪرڻ جو سٺو سبب مهيا ڪري ٿي ته انهن ملڪن کي بئڪٽريا وارن يونانين ڪو سچ پچ فتح ڪيو به هو (20). نارائڻ هيءُ به دليل ڏئي ٿو ته جسٽن طرفان جنهن ڊيميٽريس جو ”هندستانين جي بادشاهه“ طور ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ جنهن بئڪٽريا ۾ يوڪريٽائيڊس سان جنگ ڪئي هئي (۽ جنهن کي، انهيءَ ڪري ٽارن واري سنڌ جي فاتح طور شناخت ڪرڻ گهرجي)، سو يوٿيڊيمس جو پٽ ڊيميٽريس نه، بلڪ وڌيڪ امڪاني طور ائنٽي ماڪس پهرئين جو پٽ هو، ۽ اهڙيءَ طرح هو هڪ ٻئي شاهي گهراڻي جو فرد هو، جنهن انهيءَ زماني کان ويهه سال پوءِ حڪومت ڪئي هئي. نارائڻ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته مينئنڊر انهيءَ ٻئي ڊيميٽريس جو پٽ هو، جنهن شايد گنڌارا جي هڪ حصي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي لاءِ هندستانين جي بادشاهه جو خطاب اختيار ڪيو هو،-- هن جو سڪو ئي سڀني کان وڌيڪ پراڻو سڪو هو، جنهن تي هڪ ئي وقت کروشتي ۽ يوناني ٻولين ۾ لفظ اڪريل هئا-- ۽ ائپولوڊوٽس مينئنڊر جو ننڍو پٽ هو. مينئنڊر جي حڪومت ۽ فتوحات جي وسعت بابت هنن ٻين سڀني ڳالهين کان وڌيڪ سٺي ثابتي موجود آهي. هن جي سڪن جي ڪافي ذخيرن جي دستياب ٿيڻ جي آڌار تي، ائين پيو معلوم ٿئي ته پاروپاميسادائي (ڪابل ماٿري) ۽ گنڌارا هن جي بادشاهيءَ ۾ شامل هئا، جيڪي هن جي پيشروئن فتح ڪيا هئا؛ انهن فتوحات ۾اتر اڀرندو آرڪوسيا کان ويندي سنڌونديءَ تائين، هزارا ۽ سوات ماٿريءَ جا پٽ شامل هئا. معلوم ٿئي ٿو ته آخري نالي واري علائقي تي هن جي پاران هڪ هندستاني راجا، وڪرمامتر، حڪومت هلائيندو هو (22). اتر هندستان جي ”وچينءَ بادشاهيءَ“ تي مينئنڊر جي ڪاهه جو هندستان جي گهڻن ئي همعصر ليکڪن ذڪر ڪيو آهي. ”يُگه پُران“ مطابق يونانين، پنڪلا ۽ مَٿورا جي حاڪمن سان گڏجي، انهيءَ ڪاهه ۾ حصو ورتو هو؛ هنن پاتلي پُتر تائين پيشقدمي ڪئي ۽ ان کي ناس ڪيو، پر پوءِ هو پاڻ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ڇتيءَ جنگ کان پوءِ ”يوناني ”مڌيه ديس“ ۾ رهي نه سگهيا“. پتنجلي پنهنجي ڪتاب ”مهاڀاسيه“ ۾ جيڪو انهن واقعن کان ڪو گهڻو پوءِ نه لکيو ويو هو، اتفاقي طور گرامر جي مثالن ۾ اهڙين ٻن جاين جو ذڪر ڪري ٿو، جن تي يونانين پنهنجي مهم جي دوران گهيرو ڪيو هو. ڪاليداس چوي ٿو ته انهن کي پُشيامتر جي پوٽي انهيءَ وقت شڪست ڏني، جڏهن هو پاڻ اڃا راج سنگهاسن تي براجمان هو (23). نارائڻ هن ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته مينئندر جا سڪا راوي درياه جي اڀرندي واري علائقي ۾ عام طور تي دستياب ڪين ٿيا آهن، جيتوڻيڪ هن جا ۽ ڪن ٻين يوناني حڪمرانن جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سڪا گنگا نديءَ جي ماٿريءَ ۾ به ڏٺا ويا آهن. انهن سڪن جي موجودگيءَ مان سندن پيسن جي مقبوليت، ۽ نه انهن جي بادشاهيءَ جي سرحدن جي وسعت، جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٽارن فقط هڪ سڪي جي لڀي پوڻ جي زور تي اهو اندازو ڪري ورتو ته مَٿورا مينئنڊر جي بادشاهيءَ جو هڪ حصو هو، پر نارائڻ کي پَنڪلا، تريگارتا ۽ راجنيا نالن وارن قبيلن جي سڪن ۾، جيڪي انهيءَ پسگردائيءَ وارن علائقن تي قابض هئا- اهڙا سڪا، جن تي ڪوبه يوناني اثر نظر نه ٿو اچي- انهن قبيلن جي طاقتور ۽ خود مختيار هئڻ جي يقين ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڀروسي جهڙا بلڪ خاطريءَ وارا بنياد ملن ٿا (24). ٽارن پڻ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته مينئنڊر شايد پنهنجي بادشاهي يوڪريٽائيڊس جي گوشه نشيني اختيار ڪرڻ ۽ قتل ٿيڻ کان پوءِ، جنهن بئڪٽريا تي قبضو ڪيو هو ۽ جيڪو پوءِ گنڌارا تي به ڪاهي آيو هو، شايد سنڌ تائين وڌائي آيو هجي. پر اها سڄي ڳالهه هڪ اندازي کان وڌيڪ نظر نٿي اچي. اهڙيءَ طرح اسين هن نتيجي ڪڍڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته انهيءَ صديءَ دوران، جڏهن بئڪٽريائي يونانين جو گنڌارا ۾ هندستان جي سرزمين تي قدم ڄميل هو، سنڌ گهڻو ڪري انهن جي اثرائتي قبضي هيٺ ڪانه آيل هئي. ائپولوڊورس جي بيانن جو، جيڪڏهن اهي بلڪل بي بنياد ناهن، واسطو شايد ڪنهن عارضي ڪاهه يا اهڙي حملي سان هجي، جهڙو مينئنڊر بظاهرڪن هندستاني اتحادين سان پاتلي پتر جي خلاف ڪيو هو، اها مهم ٻڌ ڌرم جي معتقدن جي هڪ علائقي مان هڪ برهمڻ غاصب جي خلاف سر ڪئي ويئي هئي. پر سنڌ ۾، موريا گهراڻي جي سلطنت جي زوال سبب، اتان جي حڪومت جي خلاف ڪو وڏو انقلاب يا ٻڌ عقيدي جي خلاف ڪو رد عمل رونما ڪونه ٿيو هوندو؛ پر فقط سابق گورنرن طرفان، جيڪي گهڻو ڪري سؤوير قبيلي جا سردار هئا، پنهنجي لاءِ آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جي رتبي حاصل ڪرڻ جون ڪي ڪوششون ضرور عمل ۾ آيون هونديون. نوٽ (1) اسٽرابو، XV. 5.2. (2) ايرين، V. 27. ڪوئينسَ ڏانهن منسوب ڪيل تقرير ۾ شايد فوجين طرفان اختيار ڪيل رويي جو صحيح بيان ٿيل آهي. (3) سر ڊبليو، ٽارن، ”اليگزينڊر دي گريٽ“، جلد II، ص 3-312، نوٽ-- 6. ڊيئوڊورس، XVIII، 39، V-A. سمٿ هن راءِ جو هو ته سنڌو ماٿريءَ جو علائقو پورس جي حصي ۾اچڻ بدران، ٽئڪسلا جي بادشاهه جي حصي ۾ آيو هوندو. ”اَرلي هسٽري آف انڊيا“ – ٻيو ڇاپو، ص 108- نوٽ. (4) پلو ٽارچ ”لائيوز“، ترجمو لينگ هارن، 1875ع جو ڇاپو، ص 750. ڪرٽيئس، IX. 2؛ ڊيئوڊورس، XCIII. (5)”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج I، صفحا 2-1 47. (6)ڊيئوڊورس، XIX، 8014. سي.ايف. ٽارن، ”اليگزينڊر“، II، ص 310. (7) جسٽن، ”هسٽوريئو فلپيڪائي“ XV- 4. (8) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، صفحا 2- 431. (9) ٽارن ”دي گريڪس اِن بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“، ص 100 ۽ نوٽ 4. (10) مثال طور سن- ٽو، اي- تيئن، پي-او- چيهه-لُو، ۽ پي- تو- شيهه- لُو ۾، بحواله ٽي- واٽرس، ”آن يوئان چوانگ“، ح II، ص 252، 258، سي. ايف. ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، I، ص 501. (11) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، I، صفحا 442، 412. (12) اسٽرابو. XI، 1011. (13) ”پيريپلس آف دي ايري ٿريئين سي“، 47. (14) ڊبليو. ٽارن، ”دي گريڪس ان بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“، ص 152، ۽ نوٽ- 3، ص 174، نوٽ- 3، صفحا 7- 175. (A-14) ٽارن، حوالو ڏنل ڪتاب صفحا 2- 141. (15) ٽارن، حوالو ڏنل ڪتاب جا صفحا 2- 171. (16) ٽارن ص 142، پتنجلي جي ”مهاڀاسيه“ ۽ ڪرماديشور جي ”وياڪڻه“ ۾ سؤوير ديش ۾ دتامتري نالي هڪ شهر جو ذڪر آيل آهي (ڊي.آر. ڀنڊارڪر، ”انڊين اَئنٽي ڪُئري“ ۾ 1911). (17) ٽارن، صفحا 5- 162. (18) اي. ڪي. نارائڻ، ”دي انڊو- گريڪس“ (او. يو. پي. 1957ع) ص 35. (19) نارائڻ، حوالو ڏنل ڪتاب، صفحا 42- 39، 67. (20) نارائڻ، صفحا 92، 125. (21) نارائڻ، صفحا 122، 181. (22) نارائڻ، ص 78. (23) نارائڻ جي راءِ موجب، هن باري ۾ ڪو ٿوروئي شڪ ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ مهم جي قيادت مينئنڊر ڪئي هئي، جنهن سڀني يوناني بادشاهن ۾ اڪيلي سر هندستان ۾ هڪ عظيم فاتح جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو ڇڏيو. مسٽر امريندراناٿ لهريءَ جو اهو نظريو ته اها ڪاهه ڊيميٽريس انهيءَ وقت ڪئي هئي، جڏهن سال 184 ق.م. ۾ ڪمزور بادشاهه برهادرٿ موريا اڃا پاتلي پتر جي تخت تي موجود هو، ٻين ڳالهين کان علاوه، ڪاليداس جي شهادت کي رد ڪري ٿو؛ ڇو ته اهو خيال پيش نه ڪيو ويو آهي ته اها ”فتح“ هڪ ڪامياب مختصر چڙهائيءَ کان وڌيڪ هئي. (”انڊين هسٽاريڪل ڪوارٽرلي“XXXIII نمبر 1 مارچ 1957ع، ص 40. سي. ايف. نارائڻ، صفحا 3- 82). (24) نارائڻ، صفحا 88، 91. (7) سنڌ سٿين ۽ پارٿين لوڪن جي هٿ هيٺ سال 160 ق.م کان اڳي، منگوليا کان ڌڪي ڪڍيل مرڪزي ايشيائي قبيلي جي هڪ وڏي غول جي الهندي طرف ڏانهن لڏپلاڻ، سنڌو ماٿريءَ جي اتر ۽ اولهه ۾ واقع ملڪن ۾ هڪٻئي جي پٺيان زبردست اٿل پٿل آندي، جنهن جي نتيجي ۾ يونانين جي قائم ڪيل بادشاهين جو خاتمو اچي ويو ۽ خود سنڌوماٿريءَ ۾ نين حڪمران قومن جو وجود عمل ۾ آيو. انهن لڏ پلاڻن جي انتهائي اوائلي منزلن بابت شهادت چيني واقع نگارن ۽ صحيفه نويسن وٽان حاصل ٿئي ٿي ۽ ان جو بنياد انهيءَ دور جي سرڪاري رڪارڊن تي رکيل آهي؛ پوئين زماني ۾ ٿيل لڏ پلاڻ لاءِ اسين جزوي طور قديم ليکڪن، ۽ ڪجهه قدر سڪن جي شهادت ۽ ڪتبن تي دارو مدار رکون ٿا. سنڌ ۾انهيءَ دور جي سڪن يا ڪتبن جي دريافتن جي اڄ ڏينهن تائين غير موجودگي، هن ملڪ ۾ رونما ٿيل واقعن بابت اسان جي ڄاڻ ۾ مسيح کان هڪ صدي بعد جي اڌ تائين هڪ خال ڇڏي ٿي- ان وقت تائين جڏهن ان جي تڏهوڪين حالتن جو قديم زماني جي هڪ ليکڪ طرفان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح موريا گهراڻي جي زوال کان پوءِ سنڌ جنهن گمناميءَ جي پردي پٺيان هلي ويئي، ۽ جڏهن بالائي پنجاب ۾ يوناني بادشاهتون اڃا خوب وڌي ويجهي رهيون هيون، تنهن جو سلسلو اڃا به وڌيڪ ڏيڍ صديءَ تائين وڌي ويو، جنهن عرصي ۾ يوناني طاقت جو زوال رونما ٿيو ۽ انهن جي جاءِ تي سندن فاتحن جي طاقت کي عروج حاصل ٿيو. اسين فقط ڪن ٻين هنڌن تي پيدا ٿيل حالات جي مطالعي مان، ۽ ان مان ڪي نتيجا اخذ ڪري، اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سنڌ ۾ اهي حالتون ڪيئن پيدا ٿيون، جيئن اهي اسان کي سن 50ع ڌاري نظر اچن ٿيون. سن 139 ق. م کان ٿورو ئي وقت پوءِ، سَڪارائولي ۽ ايسياني نالي ڪي سٿين قبيلا، جيڪي گهڻي زماني کان وٺي جيحون درياءَ (1) جي ڪنارن تي آباد رهندا آيا هئا، يوُچيهه نالي هڪ وڌيڪ طاقتور قبيلي جي دٻاءُ هيٺ اچي، پنهنجو قديم وطن ڇڏي، بئڪٽريا طرف وڌيا. هن انهيءَ ملڪ جو ڪجهه حصو يوڪريڊائيٽس جي پونيرن کان کسي ورتو، پر معلوم ٿئي ٿو ته هنن جو اهو قبضو عارضي هو، ۽ انهن جو وڏو تعداد اتان کان وري الهندي طرف ڌوڪيندو، اڳتي وڌندو ويو، جتي هنن جو پارٿين لوڪن سان ٽڪراءُ ٿيو، جيڪي انهيءَ وقت اڀرندي ايران جا مالڪ هئا. ان کان پوءِ هڪ طويل جدوجهد شروع ٿي، جنهن ۾ سٿين لوڪن کي سندن هم نسل ماڻهن کان مدد حاصل ٿي، جيڪي انهن کان چار صديون اڳي ڪنهن هنڌان لڏي اچي سيستان ۾آباد ٿيا هئا. انهن جي مقابلي ۾ نه ته فرئاتُس ثاني، ۽ نه آرتابانس پهرئين جي ڪا دال ڳري سگهي، پر پوءِ انهن کي عظيم مٿر يڊيٽس ٻئي جي ڏينهن ۾ يا ته ماري مڃايو ويو، يا انهن کي سيستان مان لوڌي ٻاهر ڪڍيو ويو. جيڪڏهن اسٽرابو جي ڳالهه تي يقين ڪجي ته قصو هيءُ ٿو وڃي بيهي ته مِٿريڊيٽس ٻئي خود انهن قبيلن جي ملڪ ۾ اندر پهچي، اتي وڃي انهن سان جنگيون ڪيون، جتان اهي اصل ۾ آيا هئا (2). پر جيڪڏهن پارٿي لوڪن سڄي بئڪٽريا يا ان جو ڪو حصو سٿين لوڪن کان سچ پچ واپس فتح ڪيو، ته هنن جي ان ڪاميابيءَ ٿوري ئي عرصي تائين جٽاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ ته سن 100 ق. م ڌاري انهيءَ سڄي ملڪ تي ”يوچي“ (3) لوڪ ڇانئجي ويا. معلوم ٿئي ٿو ته انهن ”يوچي“ لوڪن بئڪٽريا وارن کي شڪست ڏني هئي، يا ممڪن آهي ته هنن پنهنجي انهن يوناني آقائن کي ويهارو سال اڳي اتان ڀڄائي ڪڍيو هو؛ پر پوءِ هو پاڻ مطمئن ٿي آڪسس جي اتر واري علائقي ۾ رهي پيا هئا، ۽ بئڪٽريا جي ننڍن ننڍن سردارن کي ملڪ جي انتظام هلائڻ ۽ سندن ڏن ڀرڻ لاءِ آزاد ڇڏي ڏنو هئائون. ان کان پوءِ وري خود ”يوچي“ لوڪن جو وارو آيو، ۽ هنن کي ”وُو-سُن“ جي بادشاهه، هُوڻ لوڪن جي مدد سان حملو ڪري، آڪسس درياءَ جي ٻئي ڪپ واري علائقي ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو ، جن پوءِ سڄي بئڪٽريا تي قبضو ڄمايو ۽ ملڪ کي پنهنجي پنهنجي مکيه قبيلن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. چيني وقائع نگارن جي مطابق، سٿين لوڪن جي ”سائي“، يا ”ساڪه““ نالي هڪ قبيلي، جنهن کي ”يوچي“ لوڪن جي ڪنهن اوائلي حملي جي نتيجي ۾ جيحون درياءَ جي پرئين ڪپ واري ملڪ کان ڀڄڻو پيو هو، تنهن الهندي رخ ۾ ڀڄڻ بدران (جنهن رخ ۾ سڪارائلي ۽ اَيسياني قبيلن ڀاڄ کاڌي هئي، جيئن هن کان اڳي ذڪر اچي چڪو آهي)، ڏکڻ جو رخ اختيار ڪيو، ۽ انهن جو بادشاهه ”ڪي پن“ جو حڪمران بنيو، جيڪو گهڻو ڪري گلگت يا اتر الهندي ڪشمير سان نسبت رکي ٿو. وچ ۾ حائل علائقي جون دشواريون اٿاهه آهن، ۽ راپسن هن راءِ جو هو ته ساڪ قوم جا گهڻا ماڻهو پنهنجي بادشاهه سان گڏجي ڪِي پن تائين نه اچي سگهيا هوندا. پر ڊاڪٽر نارائڻ، چيني ليڪکن جي تحريرن جي متعلقه ٽڪرن جي ٻيهر جاچنا ڪرڻ کان پوءِ پڪيءَ راءِ جو آهي ته اها ”سائي“ لوڪن جي قبائلي لڏ پلاڻ هئي، جنهن جو سلسلو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو؛ ۽ هن ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هيءَ ئي اها قوم هئي، جنهن اتر کان داخل ٿي، هندستان ۾ پهرين ساڪه بادشاهي قائم ڪئي (5). عام طرح، هن ڳالهه تي يقين ڪيو ويو آهي ته سيستان جي سٿين لوڪن کي، مٿريڊيٽس اعظم جي بادشاهيءَ دوران شڪست ڏيئي اڀرندي طرف ڀڄايو ويو، ۽ هنن پاڻ لاءِ ممڪن کليل آسان راهه اختيار ڪري قنڌار ۽ بولان يا مولا لڪن جي رستي کان سنڌونديءَ جي ڏاکڻيءَ ماٿريءَ ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. ۽ اَڀيريا يا اتر سنڌ تي قبضو ڪري، پاتلين ۽ نيٺ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي پنهنجو تسلط ۽ اختيار قائم ڪيو. ان کان پوءِ يوناني جاگرافيدانن وٽ اهو سڄو ملڪ انڊو- سٿيا جي نالي سان ۽ هندستاني ادب ۾ ساڪ-دِوپه (ساڪه لوڪن جو درياهي ملڪ) جي نالي سان مشهور ٿيو. ڊاڪٽر نارائڻ جي هن اصرار تي، ته ”ساڪه“ نالو سٿين لوڪن جي فقط هڪ قبيلي، ”سائي“ سان واسطو رکي ٿو، هيءَ ڳالهه ذهن ۾رکڻ گهرجي ته دارا هائستاپس جي زماني کان وٺي اهو نالو مجموعي طور سٿين لوڪن جي متعلق استعمال ٿيندو رهيو هو، جيتوڻيڪ ڪنهن خاص ضرورت وقت (7)، انهيءَ نالي سان هڪ نه ٻيو امتيازي فقرو به ڳنڍيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح، دارا جي قبر تي لڳل ڪتبي جي مطابق هن جي سلطنت ۾ جيڪي ملڪ هئا، تن ۾ ٻه ساڪه صوبا- ساڪه هئوماورگه ۽ ساڪه تگار کنڊ- پڻ شامل هئا. ڊاڪٽر ٿامس جي انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي ويئي آهي ته پوئين نالي واري صوبي کي هيلمند درياءَ واريءَ ماٿريءَ جي انهيءَ ڀاڱي سان شناخت ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سٿين لوڪ دارا جي بادشاهيءَ کان گهڻو اڳي آباد هئا، پر گهٽ ۾ گهٽ هيءَ حقيقت آهي ته اهو ئي علائقو هو، جيڪو قبل مسيح کان ٻه صديون اڳي (8) واري دور جي پڇاڙيءَ ڌاري ساڪَستان جي نالي سان مشهور ٿيو، جڏهن سٿين لوڪن جو وڏو تعداد اتي وڃي وارد ٿيو هو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سٿين لوڪن جي هڪ مشهور ۽ معروف قبيلي تي، جيڪو ”يوچي“ جي دٻاءَ کان اولهه طرف ڀڳو هو، ”ساڪرائُلي“ نالو پيل هو. هندستان ۾ ايران وانگر ساڪه نالو عام طور سٿين لوڪن تي مجموعي طور پيل هو، ۽ نه انهن ماڻهن تي، جيڪي فقط ”سائي“ قبيلي سان وابسته هئا؛ اسان کي خاطري هئڻ گهرجي ته هندستانين ساڪه- دِوپه نالو سنڌو نديءَ جي هيٺئين حصي واري ملڪ کي ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ انهن سٿين لوڪن جي قبيلن آباد ڪيو هو، جيڪي گهڻو ڪري ساڪستان کان اتي پهتا هئا. پر هندستان جي پهرين ساڪه بادشاهي، جنهن جي متعلق اسان وٽ سڪن ۽ ڪتبن جي صورت ۾ پڪي ثابتي موجود آهي، اها هئي، جنهن جو بنياد انهن جي اڳواڻ ”ميئوز“، يوناني بادشاهين جا ڪجهه علائقا فتح ڪري، اتر الهندي پنجاب ۾ قائم ڪيو هو. هن جي نالي وارن لڌل سڪن ۾، جيڪي يوناني حڪمرانن جي سڪن جو قريبي نقل هئا، ڪيترن ئي قسمن جا مختلف شڪل ۽ صورت وارا سڪا شامل هئا؛ انهن ۾ ائپولوڊوٽس جا مخصوص چورسا سڪا به شامل هئا، جنهن کي گهڻي زماني تائين هندستان جي نسبت سان انهيءَ نالي وارو پهريون يوناني شهزادو، ۽ مينئنڊر جو همعصر سمجهيو ويندو هو. پر انهن يوناني نمونن جي سڪن تان نقل ڪيل ”ميئوز“ جي سڪن ۾ هڪ اهڙو سڪو به لڌو ويو آهي، جنهن جي مٿان ائپولوڊوٽس جي مهر هنئين ويئي آهي، جنهن مان عارضي طور يوناني اقتدار جي بحال ٿيڻ جي نشاندهي ٿئي ٿي، ۽ نارائڻ جي هن راءِ جي يقيني طور حمايت ٿئي ٿي ته انهيءَ نالي وارو فقط هڪ يوناني بادشاهه ٿي گذريو آهي، ۽ نه ٻه، ۽ انهيءَ بادشاهه مينئنڊر جي وفات کان ڪجهه سال بعد ۾ حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي هئي (9). اها ڳالهه اسان کي ٻن لاڳاپيل مسئلن تي آڻي بيهاري ٿي: هڪ ته ”ميئوز“ طرفان گنڌارا کي فتح ڪرڻ ۽ ان تي حڪومت ڪرڻ جو سال ڪهڙو مقرر ڪجي، ۽ ٻيو ته هو هندستان ۾ ڪهڙي ملڪ کان ۽ ڪهڙي رستي کان داخل ٿيو هو؟ انهن ٻن سوالن منجهان پهريائين پوئين سوال جو حل ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي. راپسن ۽ ٽارن جو نظريو اهو هو ته ”ميئوز“ انهن سٿين لوڪن منجهان هو، جيڪي سيستان کان لڏي اتر سنڌ ۾آيا هئا ۽ هن سنڌو ماٿريءَ جي وچان اتر واري رخ ۾ پيشقدمي ڪئي. ٽارن طرفان ته ”ميئوز“ جي هڪ اهڙي سڪي جي آڌار تي، جنهن ۾ پوسيڊان کي درياهه جي ديوتا تي غالب ايندي ڏيکاريو ويو آهي، اهو رايو ڏنو ويو ته انهيءَ مهم جي دوران سنڌونديءَ تي وڙهيل دريائي جنگ فيصله ڪن ثابت ٿي هوندي، پر جيئن ته اها ئي شبيهه آئنٽي ماڪس ٿيئوز جي هڪ سڪي تي به موجود آهي، انڪري ممڪن آهي ته ”ميئوز“ طرفان اختيار ڪيل ٻين يوناني شبيهن ۽ علامتن وانگر، هن کي به ڪا خاص اهميت نه هجي (10). ڊاڪٽر لوهوزين ڊي ليوو طرفان هيءُ دليل پيش ڪيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ”ميئوز“ نالو سٿين قوم وارن جو آهي، ان هوندي به ممڪن آهي ته اهو بادشاهه پارٿين نسل جو هجي؛ هن جو خيال آهي ته هن جا سڪا رانجينوبالا جي مشهور و معروف ساڪه حڪمرانن جي سڪن بدران (جيڪي اسٽريٽو پهرئين ۽ ٻئي (11) جي سڪن تان نقل ڪيل هئا)، مشرقي پارٿيا جي همعصر حڪمرانن جي ضربخانن ۾ ٺهيل سڪن سان وڌيڪ مشابهت ۽ قربت رکن ٿا، جيڪي دراصل گنڌارا جي يونانين جي ڍاليل سڪن جي نمونن تي ٺهيل هئا. ”ميئوز“ پنهنجن پوين سالن وارن سڪن ۾ پاڻ کي ”بادشاهن جو وڏو بادشاهه“ سڏي ٿو، جيڪو بلڪل واضح طور هخامنشي گهراڻي وارن کان ورثي ۾ آيل پارٿي خطاب هو؛ ۽ اها ڳالهه شايد هن خيال کي تقويت ڏئي ٿي ته جيڪڏهن هو واقعي پارٿي نسل جو نه هو، ته هو انهن سٿين لوڪن منجهان هڪ ضرور هو ، جيڪي سيستان ۾ رهندي، پارٿيا وارن جا محڪوم هئا. اهو ساڳيو خطاب سنه 88 ق-م ۾ مٿريڊيٽس ثانيءَ جي وفات کان پوءِ، اڀرندي ايران ۾ وونونِس به استعمال ڪيو هو، جيڪو شايد آرڪوسيا ۾، ۽ ممڪن آهي ته سيستان ۾ پڻ، هن جو ڪڏهن وائسراءِ رهيو هو، ۽ جيڪو شايد لڏي آيل سٿين لوڪن کي ابتدا ۾ شڪست ڏيئي، کانئن مٿريڊيٽس ثانيءَ جي آڻ مڃائڻ لاءِ ذميدار هو. گهڻو پوءِ جڏهن هن پاڻ خود مختيار حيثيت حاصل ڪئي هئي، تڏهن هو ڪافي پوڙهو ٿي ويل هو، جيئن سندس سڪن تي اڪريل هن جي مٿي ۽ منهن جي شڪل مان اندازو ڪجي ٿو؛ ۽ هن سان گڏ سندس ڀائرن مان ڪن سڪن تي اِسپاليرائيسز ۽ ڪن تي اسپاليرس پڻ نظر اچن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ميئوز ”بادشاهن جي وڏي بادشاهه“ جو خطاب وونونس جي مرڻ کان پوءِ اختيار ڪيو هجي، حالانڪ اسپاليرائيسز، جيڪو پنهنجي علائقي ۾ وونونَس جو جانشين ۽ وارث هو، قدرتي طور ساڳيو ئي خطاب استعمال ڪندو هو. آخر ۾ اسان کي هن حقيقت جي اهميت تي غور ڪرڻو آهي ته ”آزس-پهريون“ جيڪو اسپاليرائيسز جو پٽ يا ڀائٽيو هو، ”ميئوز“ جي مرڻ کان پوءِ ٽئڪسلا ۾ سندس تخت تي ويٺو هو. هن ڳالهه جي سڀ کان وڌيڪ سڌي سادي سمجهاڻي اها نظر ايندي ته ميئوز کي مشرقي ايران جي پارٿين وائيسراءِ وونونِس هٿان سٿين لوڪن جي وڏي تعداد سان سيستان مان نيڪالي ملي هئي؛ ۽ هو ڀٽڪندو رُلندو، سنڌوماٿريءَ ۾ اچي نڪتو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ گنڌارا جي يوناني بادشاهيءَ جي ڪجهه حصي تي قبضي ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، انهيءَ وچ ۾ وونونَس پنهنجي سابق گورنري رياست ۾آزاد ۽ خودمختيار بڻجي ويو هو، ان کان پوءِ ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي علائقن جي حڪمرانن جي حيثيت ۾ پارٿي لوڪن جو شاهي خطاب غصب ڪري، پنهنجي لاءِ اختيار ڪيو؛ ۽ ميئوز جي مرڻ کان پوءِ وونونس جو ڀائٽيو هن جي پويان هن جي تخت تي ويهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ اهڙيءَ طرح هو مشرقي پارٿيا جي ”حقدار“ گهراڻي لاءِ سندن اوائلي فتح ڪيل علائقا واپس وٺڻ ۾ڪامياب ٿيو (12). ڊاڪٽر نارائڻ، جيڪو ”ميئوز“ جي انهن سيانحي حالات متعلق پيش ڪيل انهيءَ نظريي کان اختلاف ڪري ٿو، سو البت سٿين ۽ پارٿين لوڪن جي سيستان ۾رلي ملي وڃڻ تي زور ڏيندي، هيءَ راءِ پيش ڪري ٿو ته اهي گڏجي هڪ قوم بڻجي پيا، ۽ هندستان ۾ ”پهلوا“ جي نالي سان مشهور ٿيا، پر هو پاڻ کي ٻنهي نالن، ”ساڪه“ ۽ ”پهلوا“ سان سڏائيندا هئا ۽ انهن ”آزس“ پهرئين جي قيادت ۾ پهريائين ”ميئوز“ جي گنڌارا علائقي تي قبضو ڪري، پوءِ ڪابل ماٿريءَ ۽ بالائي آرڪوسيا کي پنهنجي تسلط هيٺ آندو، جنهن ايراضيءَ ۾ هو شايد ڪُرم ماٿريءَ جي رستي کان داخل ٿيا هئا- ۽ هنن هندستان ۾ يوناني قبضن کي آخري طور ائين ختم ڪري ڇڏيو (13). نارائڻ جي راءِ آهي ته ”ميئوز“ سٿين قوم جي ”سائي“ قبيلي جو بادشاهه هو، جيڪو قبيلو، چيني مورخن جي چوڻ موجب، وچ ايشيا جي بالائي ايلي پَٽَ کان ڏاکڻو رستو وٺي، ڪِي پِن پهتو- جيڪو علائقو شايد اتر اولهه ڪشمير هو. هو ٻڌائي ٿو ته چيني مورخ هيءَ ڳالهه ڪن ٿا ته سنه 102 ق-م چينائين فرغانه ۾ ”مي- ڪوئه“ نالي ڪنهن بادشاهه تي حملو ڪيو هو، جيڪو علائقو انهيءَ ”ڏاکڻي رستي“ جي ويجهڙائيءَ ۾ هوندو، ۽ هو انهيءَ ڳالهه جي آڌار تي دليل ڏئي ٿو ته نالي جي اها مشابهت ثابت ڪري ٿي ته ”ميئوز“ ساڪه قبيلي مان هو (14). هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو ته هن وقت تائين جيڪي ”ساڪه“ قبيلي وارن جا ڪتبا مليا آهن تن مان سڀ کان وڌيڪ اوائلي ڪتبا هزاره ۽ گلگت ۾ دريافت ٿيا آهن، جتي ائين سمجهڻ گهرجي ته، اڳتي وڌي، انهن لوڪن، ٽئڪسلا فتح ڪرڻ کان اول پنهنجي طاقت مضبوط ڪئي هوندي (15) . هو هن ڳالهه لاءِ به سمجهاڻي نٿو ڏئي ته ”ميئوز“ پنهنجي لاءِ پارٿي لوڪن وارو خطاب ”بادشاهن جو وڏو بادشاهه“ ڇو اختيار ڪيو، يا گنڌارا واري ساڪه قبيلي جي بادشاهي آخر ۾ پهلوا قوم واري بادشاهه ”آزس“ ڏانهن ڇو منتقل ٿي، پر انهن لاءِ سبب ڏيڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي، جيتوڻيڪ حقائق ۽ حالتون وڌيڪ پراڻي انهيءَ نظريي سان ٺهڪنديون نظر اچن ٿيون ته ”ميئوز“ هندستان ۾ اڀرندي ايران کان داخل ٿيو هو. هيءَ حقيقت به ڌيان لائق آهي ته ٽامي جي تختيءَ تي اڪريل ڪتبي ۾، جنهن ۾ هڪ وڏي بادشاهه ”موگا“ جو ذڪر ڪيل آهي، ۽ جنهن کي ”ميئوز“ سان شناخت ڪيو وڃي ٿو، جيڪو مهينو اڪريل آهي، سو پارٿين مهينو آهي. انهيءَ ڪري راپسن هيءُ دليل پيش ڪري ٿو ته جنهن سن جي ذريعي- سال 78- ان جي زماني جو تعين ڪيو ويو آهي، سو به شايد پارٿين سال هو، ۽ هن جي راءِ آهي ته هنن جو اهو سن شايد سال 150 ق-م کان وٺي شمار ٿيڻ لڳو هو، جڏهن پارٿي لوڪن سيستان ۽ اڀرندي ايران تي پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي هئي، اهڙيءَ طرح ”ميئوز“ گنڌارا ۾ پنهنجي بادشاهي سال 72 ق-م کان اڳ ۾ شروع ڪئي هوندي، جيڪا ڳالهه انهيءَ دور ۽ بعد واري زماني جي سڪن مان ملندڙ ثابتين سان پوريءَ طرح ٺهڪي اچي ٿي (16). انهيءَ سن جي شروعات لاءِ نارائڻ به ساڳئي سال کي مقرر ڪري ٿو، پر جيئن ته هو ”ميئوز“ کي”سائي“ يا ”ساڪه“ سمجهي ٿو، انڪري هي انهيءَ سن جي شروعات لاءِ ٻيا رايا پيش ڪري ٿو- هو هن نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته اهو ”ياوانه“ سن هو،جيڪو هندستان جي وڏي کان وڏي يوناني بادشاهه مينئنڊر طرفان رائج ڪيو ويو هو، ۽ ان جي شروعات به هن بادشاهيءِ جي ابتدا کان شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ اهو سن ”ميئوز“ پنهنجي لاءِ پڻ اختيار ڪيو، جڏهن هن هزاره ۽ سوات ماٿري فتح ڪئي، جيڪي هن کان اڳي مينئنڊر جي بادشاهيءَ ۾ شامل علائقا هئا. هو ”ميئوز“ جي بادشاهيءَ جي ابتدا 100 کان 75 سال قبل مسيح ۾ مقرر ڪري ٿو. نارائڻ انهيءَ سن لاءِ بعد جي شروعات متعلق ”لوهئيزن ڊي ليئو“ جي پيش ڪيل نظريي کي رد ڪري ٿو، ۽ ان لاءِ هن وٽ معقول سبب آهن (17). راپسن اندازو لڳايو آهي ته سنڌ کي انهيءَ زماني ۾، جڏهن ان تي سيستان کان آيل سٿين لوڪن قبضو ڪيو هو، آرڪوسيا جو وائيسراءِ پنهنجن علائقن جو هڪ حصو شمار ڪندو ٿي رهيو (18). هن ڳالهه جو يقيناً امڪان آهي ته وونونس، هڪ خود مختيار حڪمران بنجڻ تي، انهيءَ صوبي جي مٿان بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي هجي، خصوصاً جيڪڏهن نارائڻ جو اهو نظريو قبول ٿو ڪجي ته اوڀر ايران جا سٿين ۽ پارٿين لوڪ اهڙيءَ طرح سان هڪٻئي سان رليل مليل هئا، جو اهي مجموعي طور هڪ ئي قوم- پهلوا- بڻجي ويا هئا، اتر هندستان ۾ پڻ، جتي (نارائڻ جي نظريي مطابق) ساڪه لوڪ، جن ”ميئوز“ جي سرڪردگيءَ ۾ گنڌارا فتح ڪيو هو، هڪ الڳ قبيلو هئا، ۽ انهن جو پارٿيا سان ڪو اڳ جو واسطو ڪونه هو، ساڪه ”ميئوز“ جي نالي جي هڪ پهلوا خود مختيار بادشاهه ”آزشش“ جي نالي سان رودبدل جي ڪري ساڪه لوڪن جي حڪمران طبقي جي اهميت ۽ درجي تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو هو. پهلوا گهراڻي جي گونڊو فرنس بادشاهه جي راڄ ۾ پَتيڪا کي، جيڪو ”ميئوز“ جي ڏينهن جي وائيسراءِ لياڪا ڪسولڪا جو پٽ هو، وڏي وائيسراءِ جي عهدي تي فائز ڏٺو وڃي ٿو. انهيءَ دور ۾ مٿورا ساڪه قبيلي جي هڪ ٻئي وڏي وائيسراءِ، رانجوبولا، جي حڪومت هيٺ هو. اهي گورنر (يا وائيسراءِ) پنهنجا جدا سڪا پاڻ ٺهرائيندا هئا، ۽ هڪڙي فقط ”بادشاهه“ جي خطاب کان سواءِ، شاهي گهراڻي جون ٻيون سڀ رعايتون ۽ حق ماڻيندا هئا (19). پهرين صدي قبل مسيح جي دوران اتر ۽ اتر الهندي هندستان ۾ ساڪه لوڪن کي جيڪو تسلط حاصل هو، تنهن جو عڪس جين ڌرم وارن جي هڪ روايت مان ملي ٿو، جيڪا انهن جي اجين فتح ڪرڻ بابت آهي، ۽ ممڪن آهي ته انهيءَ روايت جو ڪو تاريخي بنياد هجي. چيو وڃي ٿو ته ڪالڪه، درويش، اُجين جي راجا، گرداڀيل جي هٿان بيعزت ٿي، ساڪه لوڪن جي ملڪن ڏانهن هليو ويو، ۽ اتان جي ڪن سردارن کي اجين جي بادشاهيءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيائين. هو انهيءَ گهراڻي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر ڪجهه سال پوءِ، گرداڀيل جي پٽ، مشهور معروف، وڪرمادتيه، ساڪه لوڪن تي حملو ڪري، کين مالوا مان تڙي ڪڍيو، وڪرمي سال انهيءَ فتح جي سال 88 ق-م کان وٺي، شروع ٿيل چيو وڃي ٿو (20). هيءَ ڳالهه خاص طور قابل ذڪر آهي ته ڪالڪه واٰٰضح طور ذڪر ڪري ٿو ته ساڪه لوڪن جي بادشاهه جو لقب ”ساهنساهي“، يعني ”بادشاهن جو بادشاهه“ هو؛ ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو واقعو ”ميئوز“ جي زماني ۾ ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي معلوم آهي ته ساڪه لوڪن جو اهوئي هڪ بادشاهه هو، جيڪو اهو لقب استعمال ڪندو هو. ٻئي طرف، اتر پنجاب انهيءَ زماني ۾، جنهن ۾ انهيءَ واقعي جي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، مشڪل ڪو ”ساڪه لوڪن جي وطن“ جي نالي سان مشهور هوندو؛ نه وري ”ميئوز“، جنهن جي ٻنهي پاسن کان دشمن بادشاهتون قائم هيون، ايڏيءَ ڏورانهينءَ مهم لاءِ ماڻهو بچائي، اوڏانهن موڪلي سگهي ها. اسين هيءَ ڳالهه وڌيڪ آسانيءَ سان تصور ۾ آڻي سگهون ٿا ته ڪالڪه انهيءَ ڪم لاءِ انهن سٿين سردارن ڏانهن رجوع ڪيو هوندو، جيڪي ساڪه- دوپه يعني سنڌ يا ڪاٺياواڙ ۾آباد ٿيل هئا. عيسوي سن جي شروعات ڌاري، ”يوچي“ لوڪن جي ”ڪُشن“ نالي هڪ قبيلي، پاڻ کي بئڪٽريا ۾ انتهائي طاقتور بنايو، ۽ جيتوڻيڪ هندستان ۾ پهلوا گهراڻي جي طاقت گونڊوفرنس جي تحت پنهنجي عروج کي وڃي پهتي هئي، ان جي باوجود سندس بادشاهيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انهيءَ گهراڻي جو تنزل ۽ طاقت جو خاتمو شروع ٿيڻ لڳو هو. پهرين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري ڪُشن لوڪ گنڌارا ۾ حد دخل ٿي رهيا هئا، ۽ ڪن پهلوا گورنرن لاءِ سندن بالا حاڪم جي وفاداري جيئن پوءِ تيئن محض رسمي ۽ نالي ماتر بنجي رهي هئي، جيئن گونڊوفرنس ۽ پاڪورس جي سڪن ۾ سندن عورتن هيٺان نالن سان گڏ وڏن وڏن خطابن ۽ لقبن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو (21). سنڌ ذري گهٽ يقيني طور گونڊوفرنس جي بادشاهيءَ ۾ شامل صوبن منجهان هڪ هو؛ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هن ڳالهه جو پورو ثبوت موجود آهي ته هن جي بادشاهيءَ کان ٿوروئي پوءِ سنڌ جا حاڪم پهلوا هئا. سال 50ع دوران سنڌ ۾ جيڪي حالتون موجود هيون، تن جو هڪ يوناني ڪتاب ”ايريٿرين (22) سمنڊ وارو پيريپلس“ ۾ بيان موجود آهي، جنهن جو ليکڪ گهڻو ڪري ڪو اهڙو واپاري هو، جنهن ٻين اهڙن واپارين جي هدايت لاءِ اهو لکيو هوندو، جيڪي مشرقي ملڪن سان واپار ڪرڻ جو خيال رکندا هوندا. هو چوي ٿو ته انهيءَ ملڪ تي پارٿين شهزادن جو قبضو هو، جيڪي سدائين هڪٻئي جي پڪڙ پڇاڙ ۾ لڳا پيا هوندا هئا. انهيءَ دور ۾ سنڌ کي ڪافي تجارتي اهميت حاصل هئي. باربريڪومن بندر سنڌونديءَ جي مکيه شاخ جي منهن تي بيٺل هو، جيڪا ڪيٽيءَ جي عين وچ مان گذرندڙ شاخ هئي سمنڊ رستي آيل واپار جو مال اتي پهچڻ کان پوءِ دريائي ٻيڙن ۾ چاڙهيو ويندو هو، جيڪي اهو درياءَ جي اوڀاري طرف دارالحڪومت ”مين نگر“ ڏانهن پهچائيندا هئا، جتي پارٿين شهزادو يا گورنر رهندو هو. اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو ”مين نگر“ نالو ساڪه هو. ڪنهن به يوناني شهر، حتيٰ ڪه پاتل، جو به ذڪر ڪونهي. هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر باربريڪون هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ جي پار ڪرڻ کان پوءِ پهرين پهرين هندستاني ڪناري جي انهيءَ بندر تي پهچبو هو. انهيءَ بندر تي واپاري مال جو مقدار البت ايترو گهڻو ڪونه لهندو چڙهندو هو، جيترو بيري گازا (بڙوچ) تي چڙهندو لهندو هو، جيڪو بندر مغربي ملڪن جي واپارين جو آخري منزل مقصود هوندو هو، پر ان هوندي به هن بندر جي آمدني ۽ روانگي واپار جي چيزن جي فهرست ڪافي وڏي آهي. چانديءَ جي برتنن، پکراجن، مرجان، لوبان شيشي ۽ شراب جهڙين عياشيءَ وارين شين جي آمدني واپار مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي حڪمرانن ۽ شاهي گهراڻن جي اميرن جي زندگيءَ جو معيار اوچو هو؛ باقي ٻين لاءِ سادو سودو ڪپڙو ئي ڪافي مهانگي شيءَ هئي. جيستائين روانگي واپار جو واسطو آهي، ته ان ۾ اسان کي مختلف قسمن جا مصالحا، رنگ، ڪپهه جو سامان ۽ نير سنڌ جي مقامي پيداوار طور سڃاڻپ ۾ اچن ٿا. پر جن پشمي کلن کي ”چين کان آيل“ چيو ويو آهي، سي يقيناً گهٽ ۾ گهٽ هماليائي علائقن کان آيل هونديون، ۽ ريشمي ڌاڳو گهڻو ڪري بئڪٽريا جي رستي خود چين کان ايندو هوندو. وچ ايشيا گهڻو ڪري فهرست ۾ شامل ڪيل زمرد ۽ ساوا پٿر- شايد مرجان- مهيا ڪندي هوندي (23). خوشحاليءَ جو ضامن، اهو واپار، جيڪو دور دراز علائقن تائين ڦهليل هو، گهڻو ڪري انهي دور کان اڳيئي ترقيءَ جي عروج تي پهچي چڪو هو، جڏهن ساڪه ۽ پهلوا لوڪ سنڌو ماٿريءَ جا حڪمران بنيا. سڪندر جي مهم يا نيارڪس جي سامونڊي سفر جي بيانن ۾ ڪوبه اهڙو ذڪر آيل ڪونهي، جنهن مان اندازو ٿئي ته سنڌ کي ڪو اهڙو سامونڊي واپار هو، پر اهو اشارو ڏنل آهي ته سڪندر کي انهيءَ واپار کي ترقي ڏيڻ جو ارادو هو. اسين ڏسي آيا آهيون ته بئڪٽريا جي يونانين هٿان سنڌ کي فتح ڪرڻ بابت ڪوبه ثبوت موجود ڪونهي. ٻئي طرف، پيريپلس جي ليکڪ طرفان بيان ڪيل هن حقيقت مان ته ائپولوڊوٽس ۽ مينئنڊر جا سڪا اڃا تائين بيري گازا ۾ هلي چلي رهيا هئا، هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته يوناني شهزادن اتر پنجاب وارين پنهنجين بادشاهين مان ويٺي، سمنڊ رستي، مغربي ملڪن سان واپار ڪيو هو؛ انهيءَ واپار جو وڏو حصو سنڌ سان ۽ سنڌ منجهان ٿيندو هوندو. ”مِلنِدا- پانهو“ ۾ سؤوير کي هڪ وڏو سامونڊي بندر سڏيو ويو آهي، ۽ ٽارن اسان جو ڌيان انهيءَ ساڳئي زماني ۾ دجله نديءَ تي واقعي سيليوسيئا ۾ اوچتو آيل خوشحاليءَ ڏانهن ڇڪايو آهي (24). خود سنڌ جي داخلي آسودگيءَ جي حالت، باوجود ان جي سياسي عدم استحڪام جي، پيريپلس جي هڪ بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿي: ”اهو هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ اناج ۽ چانور پيدا ٿين ٿا، ۽ ترن جو تيل، مکڻ، ململيون ۽ ڪورا ڪپڙا ٺاهيا وڃن ٿا. اهي ڪپڙا هندستاني ڪپهه مان ٺهن ٿا. اتي چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ آهن. مڪاني ماڻهن جو قد ۽ بت وڏو، ۽ رنگ ڪارو آهي. ضلعي جي گاديءَ وارو شهر مين نگر آهي، جتان وڏي مقدار ۾ سوٽي ڪپڙو بيري گازا ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. ملڪ جي انهيءَ حصي ۾ اڄ ڏينهن تائين سڪندر جي ڪاهه جا يادگار، قديم مندر، ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه محفوظ رکيا ويا آهن (25).“ نوٽ (1) اِسٽرابو، XI. 8-2. (2) اسٽرابو، XI. 9-2. (3) اي- ڪي- نارائڻ، ”دي انڊو- گريڪس“ (او- يو- پي 1957ع) ص 41-140. (4) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 563، 567. (5) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب ص 133. 142. (6) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ص 532، 564. (7) هيرو ڊوٽس، ڪتاب VII، 64. (8) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 564 ۽ فوٽ نوٽ. (9) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب، ص 145. (10) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ 1، ص 564؛ ڊبليو- ٽارن، ”دي گريڪس اِن بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“ ص 322؛ نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب ص 48. (11) وان لوهوزيئن ڊي لي وو، ”دي سٿين پيرئڊ“ (لنڊن 1949ع) ص 340- 337؛ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج 1، تصوير 9، V ۽ تصوير 27 VII. (12) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 9-568. (13) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب، ص 138، 141 ۽ 164. (14) ايضاً ص 142. (15) ايضاً 144. (16) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 570. (17) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب جي ص 143 جو فٽ نوٽ، ۽ ص 144: حوالي ڏنل ڪتاب ”دي سٿين پيرئڊ“ ص 4- 33. (18) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 569 فٽ نوٽ. (19) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 6-575. (20) ”دي سٿين پيرئڊ“، ص 1- 330؛ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ 1، ص 168، 532. (21) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ 1، ص 580. (22) انهيءَ ڪتاب جي امڪاني سال لاءِ ڏسو ٽارن جو حوالي ڏنل ڪتاب ص 148 نوٽ 4. (23) ”پيريپلس“، دفعات 38- 39. (24) ”مِلندا پانهو“، ٽرينڪنر ڇاپو، ص 359. هيءَ ڳالهه غيرامڪاني ڪانهي ته هيءُ ملڪ انجيل واري اوفير سان مشابهت رکندڙ هجي. ڪننگهام، ”ائنشنٽ جاگرافي آف انڊيا“، ص 569- 571. ٽارن – حوالي ڏنل ڪتاب، ص 261. (25) ”پير يپلس“، ڇاپو مئڪ ڪِر نڊل، سيڪشن 41. (8) سنڌ، عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين دوران عيسوي سن جي پهرينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾، اتر الهندي هندستان مٿان پارٿين لوڪن جي بادشاهيءَ جو ڪُشن لوڪن جي هٿان انت آيو. اهي ماڻهو وچ ايشيائي غول ”يوچي“ جي پنجن قبيلن منجهان هڪ قبيلو هئا، جن اٽڪل ٻه صديون اڳي ساڪه لوڪن کي بئڪٽريا مان هڪالي ڪڍيو هو. ڪُشن لوڪن جي سردار، ڪجولا ڪَدفائيسز پاڻ کي سڄي ”يوچي قوم“ جي مٿان اعليٰ ترين طاقت جو مالڪ بنايو، ۽ هن سنه 50ع ڌاري ڪابل ماٿريءَ تي قبضو ڪيو. هن جي پُٽ، وما، ٽئڪسلا ۽ ان جا ملحق علائقا پنهنجي سلطنت ۾ ملايا. وما جو جانشين ڪنَشِڪ شايد سنه 78ع ۾ ڪشن گهراڻي جي تخت تي ويٺو، ۽ ٿورن ئي سالن ۾ هن پاڻ کي اتر سنڌ جو بالا حڪمران بنائي ڇڏيو. بهاولپور جي قريب سُئي وِهار ۾ لڳل هڪ ڪتبي ۾ هن پاڻ کي ”ڪنشڪا، بادشاهن جو وڏو بادشاهه، ۽ ديوتائن جو پٽ“ سڏيو آهي. انهيءَ ڪتبي جي تاريخ، مقدوني مهيني ڊائسيوس جو اٺاويهون ڏينهن آهي، جيڪو هن جي راڄ جي يارهين سال ۾ آهي (1). ڪَنشِڪَ ڪشمير، گنگا ماٿريءَ ۽ اتر ۽ اولهه هندستان جي وڏي علائقي کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿئي ٿو ته هن پارٿين لوڪن سان هڪ طويل ڪامياب جنگ ڪئي، ۽ ابتدائي شڪست کائڻ کان پوءِ، آخرڪار هن چين کان ڪاشغر، يارقند ۽ خُطن جا صوبا کسي ورتا. ڪنشڪ، پُرش پور کي پنهنجي دارالحڪومت جو شهر بنايو، جيڪو پشاور جي ويجهو هو، ۽ هن پنهنجي وسيع سلطنت تي وائيسرائن جي ذريعي اتان ويٺي حڪومت هلائي. معلوم ٿئي ٿو ته جن شخصن کي هُن هندستاني صوبن جي حڪمراني ڏني، انهن ۾ڪيئي پهلوا ۽ ساڪه قومن جا سردار شامل پڻ هئا، جن مان ڪن پارٿيا جي عظيم بادشاهه کي پنهنجو بالادست حڪمران تسليم ڪيو هو ۽ ڪي مڪمل طور خود مختيار هئا. هن ڳالهه جو امڪان آهي ته ڪَنشِڪَ، هندستاني فتوحات ڪرڻ لاءِ انهن سردارن کي وڏيءَ حد تائين استعمال ڪيو، اعليٰ درجي واري گورنر کي ”مهاکشترپا“ ۽ گهٽ درجي واري گورنر کي ”کشترپا“ جو خطاب مليل هوندو هو. اهي نالا ۽ لقب هنن کي پارٿين لوڪن کان ورثي ۾ مليا هئا (2). ڪَنِشڪ اٽڪل ٽيويهن سالن جي بادشاهيءَ کان پوءِ عيسوي سن جي ٻي صديءَ جي شروعات ڌاري گذاري ويو. هن جي جانشينن مان سڀني کان وڌيڪ مشهور هووُيشڪ ۽ واسوديو ٿي گذريا آهن. انهي ٻنهي مان پوئين نالي وارو ڪَنشِڪَ جي تخت تي ويهڻ کان اٺانوين سال به بادشاهي ڪري رهيو هو. ڪتبن جي شهادت مان هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ڪجهه بنياد ملي ٿو ته ڪَنشِڪَ کان هڪدم پوءِ سندس جانشين واشسَڪ هو، ۽ هن ڪي چار يا پنج سال حڪومت ڪئي؛ اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته واشسڪ جي پٽَ، جنهن کي ڪَنشِڪَ ٻيو پڻ سڏيو ويو آهي، ڪجهه سالن تائين هووُيشڪ سان گڏجي، مشترڪه طور، بادشاهي ڪئي هئي. هڪ ڪتبي ۾، جيڪو انهيءَ گهراڻي جي ايڪيتاليهين سال جو آهي، انهيءَ ٻئي ڪنشڪ کي ”مهاراجا ديوپُتر“ جي خطاب سان سڏيو ويو آهي، جيڪو خطاب ڪُشن گهراڻي جي بادشاهن طرفان عام طور اختيار ڪيو ويندو هو، ٻئي طرف، هُو ويشڪ ۽ واسوديو جي سڪن جي گهڻي مقدار، ۽ واشسڪ ۽ ڪَنشِڪَ ٻئي جي سڪن جي مڪمل عدم موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته پوين ٻن نالن وارا حڪومت ۾ محض ثانوي حيثيت ۾ (3) زيردستن طور شريڪ ڪيا ويا هئا. ڪتبن ۽ ٻين ثبوتن ۽ شهادتن مان ظاهر آهي ته هُوويشڪ ڪابل، ڪشمير ۽ جمنا جي ڪناري واري مٿرا تي بادشاهي ڪندو هو. انهيءَ مڃڻ لاءِ ڪجهه سبب آهن ته آخر ۾ هو مالوا جو قبضو وڃائي ويٺو هو؛ ٻئي طرف اتر سنڌ تقريباً وڌيڪ ٻن صدين لاءِ ڪُشن سلطنت جو حصو رهي. موهن جي دڙي جي کوٽائي جي بانيءَ، آر-ڊي- بئنرجيءَ، اتان جي ڪيترين ئي ٻڌڌرم جي عمارتن مان هُوويشڪ جي جانشين واسوديو جي سڪن جو وڏو تعداد لڌو، جيڪي ٽامي جي مشهور معروف نموني جا ٿلها سڪا هئا، ۽ انهن تي شو ۽ سندس ڍڳي جي شبيهه اڪريل هئي. کوٽائيءَ جي ساڳئي تهه ۾ ڀتين تي نڪتل تصويرن جا ڪي ٽڪرا ڏٺا ويا، جن تي برهمي ۽ ڪروشٿي ٻولين جي ڪتبن جا ڪي اکر لکيل هئا، اهي تصويرون مخصوص نموني جي ڪُشن طرز جي عڪاسي ڪري رهيون هيون، ۽ اهڙيون ئي ٻيون تصويرون سر آريل اسٽين کي خُطن جي علائقي مان مليون هيون. انهن جي دور بابت، بهرحال شڪ آهي. موهن جي دڙي جي ٻڌ ڌرم وارين سطحن مان وڌيڪ تعداد ۾ لڌل ٻين سڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي سڪا اهڙي نموني جا هئا، جيڪي بظاهر ان علائقي لاءِ مخصوص هئا- اهي ڌاتوءَ کي پلٽي ٺاهيا ويا هئا، ۽ نه ڌڪ ذريعي مهر جو ڇاپو هڻي، انهن جي شڪل مستطيل هئي ۽ انهن تي هڪ اهڙي شبيهه ٺهيل هئي، جيڪا صليب، ترشول يا ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ علامت سان وابسته ٿي سگهي ٿي، پر انهن تي ڪي به اکر لکيل ڪين هئا. انهن سڪن تي نظر ايندڙ شاهي شبيهه تي پيل لباس جي شهادت جي آڌار تي معلوم ٿئي ٿو ته اهي بعد واري انهيءَ زماني سان وابسته آهن، جڏهن ڪُشن گهراڻي جا هندستاني علائقا پنجاب جي سرحدن کان مشڪل ڪي ٻاهر هئا. ان جي باوجود اتان لڌل هڪ ٻئي نموني جي سڪي جي هڪ طرف باهه جو قربانگاهه ۽ ٻئي طرف ماڻهوءَ جي شبيهه نڪتل آهي. اهي علامتون، نه فقط ڪدارا ڪشن لوڪن ۽ ساسانين جي سڪن تي نڪتل آهن، پر ساڳئي وقت اهي شبيهون هيفٿالائيٽ لوڪن يا اڇي چمڙيءَ وارن هُوڻ لوڪن پڻ اختيار ڪيون هيون، ۽ ساڳئي نموني جي ڪن ٻين سڪن کي، جيڪي ٻين هنڌن تان لڌا ويا آهن، وڏي اعتماد ۽ يقين سان عيسوي سن جي چوٿين يا پنجين صديءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي (A 3). اپر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي کان ڪجهه ميل اولهه طرف، جُهڪڙ وٽ، هڪ قديم آثار جي ”قريبي“ زماني سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ ساڳيءَ نوعيت ۽ ساڳيءَ شهادت وارا سڪا لڌا ويا آهن. اتي واسو ديو جا سڪا پڻ لڌا ويا هئا، پر انهن سڪن کان وڌيڪ تعداد ۾ اهي مخصوص شڪل ۽ صورت جا سڪا مليا، جيڪي موهن جي دڙي واري ”اسٽوپا“ جي قريب ڪُشن گهراڻي جي زوال واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. ان کان سواءِ، هنن سڪن جهڙا ڪي سڪا ”يا ته ٺڪر جي انهن مهرن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا انهن سان گڏ مليا، جن تي گپتا دور جي اکرن ۾ ڪجهه تحرير ٿيل هو، جيڪي شايد پنجين عيسوي صديءَ جي زماني کان گهڻيءَ قدامت جا ناهن (4).“ جهڪڙ وارين کوٽاين مان مليل چيزن جي شهادتن جي وڌيڪ جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، هيءَ ڳالهه بهتر ٿيندي ته انهيءَ دور ۾ زيرين سنڌ ۾ ظاهر ٿيل واقعن ۽ حالتن تي، جيتريقدر به انهن جو سراغ ملي سگهي، غور ڪرڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه ذري گهٽ اڻٽر هئي ته شاهي نسل جا ماڻهو، جيڪي هيڏي وسيع سلطنت جي دور دراز صوبن جي نائبي اختيارن هلائڻ لاءِ مقرر ڪيا ٿي ويا، اهي مرڪزي اقتدار سان فقط ان وقت تائين وفادار رهي ٿي سگهيا، جيسين ان مرڪزي اقتدار جو مالڪ غير معمولي صلاحيتن جو ڪو شخص هجي. معلوم ٿئي ٿو ته ساڪه گورنرن جون خود مختياريءَ ڏانهن مائل حڪومتون ۽ پهرين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ دوران، ڪُشن گهراڻي جي طاقت ۾ اچڻ کان اڳي، اُجين ۽ مٿورا جي علائقن جي عظيم ساڪه گورنرن جون هر عملي صورت ۾ خود مختيار حڪمرانيون هندو نشاته ثانيه (5) جي قوت اڳيان نيٺ مغلوب ٿي ويون، پر ڪنشڪ جي مرڻ کان پوءِ، ٻي عيسوي صديءَ ۾ ساڪه سردارن ڪنهن طرح هڪ دفعو ٻيهر پڻ اولهه هندستان ۾شاهي مرتبو حاصل ڪري ورتو. اهي، بهرحال، کشترپا جهڙن اصلوڪن نائبي خطابن تي ئي راضي ۽ قانع رهندا آيا. منجهانئن ”مغربي والين“ جي نالي واري گهراڻي جو باني چيستنه هو، جنهن جي متعلق جاگرافيدان ٽالمي لکيو آهي ته هو مالوا (6) ۾ اجين جو حڪمران هو. هن جي باري ۾ جيڪو اوائلي کان اوائلي سال معلوم اهي، سو 130 عيسوي سن آهي، جڏهن سندس پوٽو رودارد من هن جي بادشاهيءَ جي انتظام هلائڻ ۾ ساڻس شريڪ هو. اهو روداردمن مغربي والين ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور ٿيو. جهوناڳڙهه ۾ سندس لڳل ڪتبي جي مطابق، جنهن تي سال 72 لڳل آهي (جيڪو سنه 150ع جي برابر آهي)، هن جي بادشاهي اتر ڪونڪن، گجرات، مالوا، وچ ۽ ڏکڻ- اولهه راجپوتانا، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ سنڌ ۽ سؤويرا تي پکڙيل هئي. هن مشرقي پنجاب جي يوڌيه حاڪمن ۽ آنڌرا جي بادشاهه سان جنگ جوٽي، انهيءَ پوئين نالي واري بادشاهه کان ئي هن ڪاٺياواڙ ۽ اتر ڪونڪن (7) کٽيو هو. ڪتبي تي هن جي زيرين سنڌ جي فتح جو ذڪر ڪونهي، پر عين ممڪن آهي ته ان فتح جو سهرو به هن جي سر تي هو، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا شهادت موجود ڪانهي ته اهو صوبو کانئس اڳ ڪو چيستنه جي علائقن ۾ شامل هو. بلڪ هيءَ ڳالهه زياده امڪاني معلوم ٿئي ٿي ته اهو صوبو رودرادمن جي اقتدار کان اڳ مقامي ساڪه يا پهلوا گورنرن جي هٿ هيٺ هو، جيڪي ڪنشڪ جي پوين سان نالي ماتر وفاداريءَ جو دم ڀريندا رهندا هئا. رودرادمن هڪ باشعور حڪمران هو، ۽ پنهنجي وزارتي ڪائونسل جي صلاح سان حڪومت ڪندو هو. هن ڪاٺياواڙ ۾ مشهور سُد رسن تلاءَ جي نئين سر تعمير لاءِ رقم پنهنجي خانگي خرچ وارن پئسن مان ڏني، ڇاڪاڻ ته هن جي وزيرن جي ڪائونسل انهيءَ ڪم کي فائديمند نه پئي سمجهيو ۽ انهيءَ ڪري سرڪاري خزاني مان انهيءَ خرچ جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. جهوناڳڙهه واري ڪتبي ۾ هن جي متعلق لکيل آهي ته ”هن کي سڀني جاتين طرفان سندن حفاظت ڪندڙ جي حيثيت ۾ چونڊيو ويو هو“؛ ۽ هڪڙي ٻئي بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته هن قسم کنيم هو، جيڪو هو پنهنجي سڄي عمر پاڙيندو رهيو ته هو جنگ کان سواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي قتل نه ڪندو. اهو معلوم ناهي ته لوئر سنڌ ڪيتري زماني تائين اُجين جي مغربي کشترپائن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي. ايران جي ساساني گهراڻي جي بانيءَ، اردشير باباگن، جي متعلق، جنهن سن 226 کان وٺي 241 تائين بادشاهي ڪئي، فرشتي لکيو آهي ته هو لشڪر وٺي، اتر اولهه هندستان تي ڪاهي ويو ۽ اتان جي حاڪمن کان ڏنَ ورتائين (8).اٽڪل چاليهه سال پوءِ، بهرام ثانيءَ سيستان واري ساڪه کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان کان پوءِ هو سنڌو ماٿريءَ طرف ڌوڪي ويو. هڪ ڪتبي ۾ ڄاڻايل آهي ته اتر هندستان جا ساڪه سردار بهرام جي ڏن ڀريندڙن منجهان هئا. جيتوڻيڪ هن کي پوءِ اهڙن ڏورانهن علائقن جي فتوحات کان، شهنشاهه سائرس جي وڌندڙ خطري کان پنهنجي مغربي سرحدن کي بچائڻ لاءِ واپس موٽڻو پيو؛ ان هوندي به اهو امڪان آهي ته سنڌ چوٿين صدي عيسويءَ جي ذري گهٽ اڌ تائين ايران جي بالادستيءَ هيٺ هلندي رهي. انهيءَ صديءَ جي آغاز ۾ شاهه هرمزد ٻئي ڪابل واري ڪشن حڪمران جي ڌيءَ سان شادي ڪئي؛ ۽ پرسيپولس ۾ لڳل پهلوي ٻوليءَ جي هڪ ڪتبي ۾، جنهن جو سال سندس پٽ شاپور ٻئي جي ابتدائي سالن وارو آهي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ هڪ معصوم ٻار هو، سيستان جي ساساني نائب کي ”هند، ساڪسٿان ۽، تخارستان جي وزيرن جو وزير، ساڪنساهه، چيو ويو آهي“ (10). هن باري ۾ پڻ ڪجهه ثابتي موجود آهي ته اڀيرلوڪ پڻ، جيڪي ڏاکڻينءَ سنڌو ماٿريءَ جي اڀرندي طرف جا رهاڪو هئا، ساسانين جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪندا هئا. سنه 360ع ۾ جڏهن شاپور ثانيءَ دجله تي واقعي آميده بندر جو گهيرو ڪيو، تڏهن کيس هندستاني هاٿين ۽ ڪُشن فوجن جي مدد حاصل هئي، جيڪي پنهنجي گرومبيتَس (11) نالي بادشاهه جي قيادت ۽ حڪم هيٺ هئا، گرومبيتس جي اهڙيءَ ڏورانهينءَ مهم ۾ موجودگي تڏهن سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن اسين اها صورتحال خيال ۾ رکون ته هو ايران جي بادشاهه جو تابعدار بڻجي چڪو هو (12). هيءُ حقيقت پڻ اهميت رکي ٿي ته اٽڪل سنه 295ع ۽ 340ع جي درميان، ”مهاکشترپا“ جو لقب اُجين ۾ متروڪ رهيو، اتان جا حڪمران فقط ”کشترپا“ (13) جي خطاب تي ئي قانع رهيا. ان اوچي خطاب کي رودراسين ٽئين طرفان وري پنهنجي لاءِ اختيار ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت ۾ هو ڏاکڻي سنڌو ماٿريءَ ۽ آسپاس واري ملڪ تي ساساني بادشاهه جي بالادستيءَ واريءَ دعويٰ کي تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪونه هو. ٻئي طرف، هن باري ۾ سندس هڪ سڪي کان وڌيڪ، جيڪو ”سڌيرن جي ڌڙي“ مان لڌو آهي، ٻي ڪا به شهادت موجود ڪانهي ته ڪو رودراسين سنڌ کي پنهنجي بادشاهيءَ هيٺ آندو به هو (14). لڳ ڀڳ انهيءَ دور ۾، جڏهن ايراني طاقت جو اتر هندستان ۾ زوال اچي رهيو هو. پاتلي پتر وارو گپتا گهراڻو گنگا جي ماٿريءَ ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائي رهيو هو، ۽ چوٿين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري اهو هندستان جو شهنشاهي گهراڻو بڻجي چڪو هو. انهيءَ صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ چندرگپت ٻئي ڦيرو کائي، مهاکشترپا رودراسين تي حملو ڪيو، ۽ کيس تخت تان لاهي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هن جو علائقو پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. دهليءَ واري مشهور معروف لوهي ٿنڀ تي اڪريل چندرگپت جي بيان مطابق،” هن سنڌوءَ جا ست منهن پارڪيا“ ۽ وهليڪا نالي هڪ قوم کي شڪست ڏني، جيڪا بظاهر پنجاب جي هڪ حصي تي قابض هئي (15) گپتا گهراڻي سنڌو ماٿريءَ کي پنهنجي علائقن ۾ شامل ڪيو نٿو ڏسجي، پر ممڪن آهي ته هنن ڪجهه سالن تائين اتان جي حڪمرانن کان ڏن وصول ڪيو هجي. پنجين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾، اتر الهندي هندستان ۾ايراني اثر وري بحال ٿيل نظر اچي ٿو. اها ڳالهه جهڪڙ مان لڌل ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل شڪلين مان نظر اچي ٿي، ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي ڀرسان ساساني بادشاهن جا سڪا پڻ دريافت ڪيا ويا آهن. هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته اهي سونا سِڪا اهڙيءَ طرز جا آهن، جن جهڙا ٻئي ڪنهن به هنڌ نه لڌا آهن. انهن سڪن تي جيڪا بادشاهي شبيهه موجود آهي، تنهن جي پٽڪي تي چنڊ ۽ تارو لڳل آهي، جيڪا ڊزائين سڀ کان اول يزد جرڊ پهرئين جي سڪن تي نظر آئي آهي، جنهن 397ع کان وٺي سنه 417ع تائين بادشاهي ڪئي. هيءَ ڳالهه امڪان جي حد اندر آهي ته شايد اهي سڪا خاص طرح سان سنڌ ۾ هلڻ لاءِ شاهي ضربخاني طرفان ٺاهيا ويا هجن (16).ا يراني روايت مطابق، سنڌ جي علائقي تان دراصل اتان جو هندستاني راجا بهرام پنجين جي حق ۾ پاڻ دستبردار ٿيو هو، جنهن سنه 420 کان 440 تائين ايران جي حڪومت هلائي، ۽ جيڪو بهرام گور جي نالي سان وڌيڪ مشهور آهي. بهرام گور ايران جي عظيم ترين قومي هيرن مان هڪ آهي ۽ هن جي حاڪماڻي زندگيءَ کي انهيءَ رومانوي ڪهاڻيءَ جي ڄار مان صاف ٻاهر ڪڍڻ آسان ناهي، جيڪا هن جي نالي جي چوڌاري اُڻي ويئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا بهترين ڪهاڻي معلوم آهي، سا ذري گهٽ ڪشمير جي راجا جئه پِد جي باري ۾ ”راج ترنگنيءَ“ ۾ بيان ڪيل آکاڻيءَ جهڙي آهي؛ هو اڪيلائي ۾ ويس بدلائي هندستان جو سفر اختيار ڪري ٿو. اڪيلي سر هو هڪ اهڙي شينهن کي ماري ٿو، جيڪو آسپاس جي ملڪ کي ويران ڪري رهيو هو، ۽ اهڙيءَ طرح اتان جو بادشاهه مٿس مهربان ٿئي ٿو. هن جي اصليت محض اتفاقي طور ظاهر ٿي پوي ٿي، جنهن تي بادشاهه خوش ٿي، کيس ڌيءُ جو سڱ ڏئي ٿو (17). مسلمان تاريخ نويس لکن ٿا ته هو هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري هندستان جي سرحدن جي ويجهو وڃي پهتو ۽ اتان جي بادشاهه (شايد سنڌو ماٿريءَ جي حڪمران) کي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ سان، هڪ اهڙي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جنهن جي تحت ديبل ۽ مڪران جا صوبا هن جي حوالي ڪيا ويا، جن کي هن ڪرمان جي ولايت (18) ۾ شامل ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻن صوبن جي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ اهي خصوصي سڪا رائج ڪيا ويا هجن، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. هندستان واريءَ مهم لاءِ چيو ويو آهي ته اها بهرام طرفان ”ترڪن“- شايد اڇي چمڙيءَ وارن هُوڻ لوڪن طرفان ايران تي ڪيل پهرئين حملي- جي خلاف ڪامياب جنگ کان پوءِ شروع ٿي هئي. سفيد ”هوڻ لوڪن سڀ کان پهريائين پنجين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ هندستان ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي اتان به ساڳيءَ طرح سڪندر گپت ڀڄائي ڪڍيو. سال 465ع ڌاري، انهن جي هڪ وڌيڪ طاقتور لهر ڪابل ۽ گنڌارا جي ڪشن بادشاهين جي مٿان چڙهي ويئي، ۽ ٿورن ئي سالن ۾ انهن سڪندر گپت، جي طاقت کي ٽوڙي رکيو. اتر اڀرندي ايران ۾ پڻ واقعات جي ساڳيءَ نوعيت جي ڌارا ظاهر ٿي، جتي سنه 484ع ۾ شاه فيروز جي شڪست ۽ موت سان سڄو مقابلو ختم ٿي ويو ۽ دشمن جي آڏو اڳتي وڌڻ جو رستو کلي پيو. ان کان پوءِ حملي جو مکيه سيلاب هندستان ۾ ڌوڪي پيو، ۽ انهي صديءَ جي اختتام کان اڳي ئي هُوڻ لوڪن جي هڪ سردار، نلي تورومَن، مالوا جي بادشاهه جي حيثيت ۾ پنهنجا قدم ڄمايا، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪ هندستاني بادشاهه جا طور طريقا ۽ لقب اختيار ڪيا. اهو معلوم ناهي ته تورومن، يا سندس پٽ مهرا گُل، جنهن جي دارالحڪومت پنجاب جي شهر جديد سيالڪوٽ ۾ هئي، جنهن کي ان وقت سڪالا سڏيو ويندو هو، سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان لاڳو ڪيو يا ان کي پنهنجي هڪ باجگذار رياست بڻايو. جن دليلن جي آڌار تي راپسن، هورنل، ڪننگهام ۽ ٻين اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌ تي هُوڻ لوڪن قبضو ڪيو هو، تن کي مسٽر بي- ڊي- ميرچندانيءَ طرفان نهايت ئي قابليت سان رد ڪيو ويو آهي (-A18). پر، ائين نظر اچي رهيو آهي ته هُن ڳاڙهيءَ مٽيءَ جي انهن عجيب وغريب مهرن تي غور نه ڪيو آهي، جيڪي جهڪڙ مان لڌيون آهن، جن تي هڪ مرد جو ڇاتيءَ تائين بدن ڏيکاريل آهي، ۽ انهن مهرن جي سفيد هُوڻ لوڪن جي تصديق شده سڪن سان وڏيءَ حد تائين مشابهت آهي. انهن جي مشابهت ”نرڙ تي ڪنڊ ٺاهيندڙ پٽڪي، ڇاتيءَ جي پَٺن جي مخصوص وڪڙن، ساڄي هٿ طرف منهن ڪري ڏيکاريل ڇاتي، ۽ ڏاڙهيءَ کان صاف صورت“ ۾ نظر اچي ٿي. ان کان علاوه، ڳاڙهيءَ مٽيءَ جي ٻين مهرن تي، جيڪي اتي پيل ٻين اهڙن سڪن سان گڏ لڌيون وييون آهن، جن کي چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي، ”سري- ڪَر پَري- هَرسَيا“ جا لفظ اڪريل آهن، يعني ”هرا (سوا) کوپڙيون پائيندڙ جون“، ۽ انهن لفظن سان اسان کي اها ڳالهه ياد ڏياري وڃي ٿي ته مهرا گُل شِوا جو پوڄاري هو (19). اها ڳالهه بهرحال، هن ڳالهه جي قطعي ۽ يقيني شهادت ڪانهي ته اڇن هُوڻ لوڪن کي اپر سنڌ جي مٿان بالادستي حاصل هئي يا اهي ان تي حڪومت ڪندا هئا، پر پنجين صديءَ جي آخري حصي يا ڇهين صدي عيسويءَ جي شروع واريءَ انهيءَ طوائف الملوڪيءَ واري دور ۾ سنڌ جي ٻين بادشاهن جي موجودگيءَ متعلق به ڪي شهادتون موجود ڪينهن، انڪري ان دور ۾ سنڌ تي هُوڻ لوڪن جي بالادستيءَ جي امڪان کي قطعي طور رد نٿو ڪري سگهجي. هُوڻ لوڪن جي ٻين شاخن ۽ انهن سان متعلقه قبيلن، جيڪي هندستان جي حملي ۾ هنن سان گڏجي آيا هئا، تن پڻ ڇهين صديءَ عيسويءَ جي دوران بادشاهين جا بنياد رکيا.اهڙيءَ طرح ميترڪه قبيلي وارن اڀرندي ڪاٺياواڙ جي هڪ هنڌ، نالي وَلڀيءَ ۾ وڃي پنهنجا قدم ڄمايا، ۽ گُرجرن ڏکڻ الهندي راجپوتانا ۾ هڪ ڪافي وسيع بادشاهيءَ جو بنياد وڌو. پاريهر ۽ راجپوتن جا ٻيا مشهور قبيلا هُوڻ ۽ ٻين غير ملڪي سردارن ۽ سندن انهن پوئلڳن جو نسل آهن، جيڪي پاڻ کي مڪاني امير گهراڻن جي حيثيت ۾ آباد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ کين آهستي آهستي هندو قوم کشترين طور پنهنجي دامن ۾ سميٽي ورتو. هيءَ ڳالهه غير امڪاني ناهي ته هنن وحشي لوڪن جي ڪنهن قبيلي يا ڪن قبيلن، جيڪي سماجي طور رتبي ۾ هيٺڀرا هئا، ان دور ۾پاڻ کي خودمختيار حاڪمن طور سنڌ جي مٿان مسلط ڪري ورتو هو. اهڙيءَ طرح ڇهين صدي عيسوي اتر الهندي هندستان ۾ زبردست افراتفريءَ جو زمانو هو، ۽ ساڳئي وقت ايراني شهنشاهت جي طاقت پنهنجي عروج تي پهچي رهي هئي. مڪاني رڪارڊن نه هئڻ جي ڪري، ايران جي قومي تاريخ نويسن (20). جي انهن ڳالهين کي چڱو خاصو وزن ڏيڻ گهرجي، ته نوشيروان، جنهن سن 531ع کان 578ع تائين بادشاهي ڪئي، ڏاکڻيءَ سنڌو ماٿريءَ کي هڪ دفعو ٻيهر ساسانين جي حڪومت ۾ آندو. ”شاهنامي“ جي مطابق، جنهن جو بنياد انهن تاريخن تي آهي شاهه بذات خود هندستان آيو هو. ”هن جي حڪم تي سڀ ماڻهو سندس حضور ۾ آيا، اهي پاڻ کي پيش ڪرڻ لاءِ آيا ۽ سنڌوءَ جي ڪپ سان ٻن ميلن ۾ رڳو گهوڙا، هاٿي، ڪيمخاب ۽ سڪا نظر پئي آيا. وڏا ماڻهو دل جي ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ سان شاهه جي اڳيان آيا، جنهن هنن کان حال دريافت ڪيو ۽ انهن سان سندن مرتبي مطابق هلت ڪئي.“ ٻائو ”ڪوسماس انڊيڪو پليوسٽس“ انهيءَ صديءَ جي وچ ڌاري لکي ٿو ته هن جي وقت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪيٽيءَ جو ساڄو پاسو ايران جو هو. هيءَ ڳالهه غيرامڪاني ناهي ته سنڌ جي راءِ گهراڻي پنهنجي شروعات نوشيروان جي باجگذارن طور ڪئي. ريورٽي هن راءِ جو آهي ته جيتوڻيڪ اهي سڌيءَ طرح سان ايرانين جي ضابطي هيٺ نه هئا، ان جي باوجود هو شاهه جي بالادستيءَ کي تسليم ڪندا هئا ۽ کيس نالي ماتر ڏن ڏيندا هئا (21). ڇهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سنڌ کي اتر اڀرندي طرف کان به شايد هيسائڻ ۽ دٻائڻ شروع ڪيو ويو هوندو. عظيم هرشا جي پيءُ، جنهن جو نالو پرڀاڪر ورڌن هو، ۽ جيڪو ٿانيشور جو راجا هو، پنهنجن پاڙيسرين مان گهڻن سان ئي ڪامياب جنگيون جوٽيون هيون، ۽ هرشا جي ڀَٽَ، بانا، سندس شان بيان ڪندي چيو آهي ته ”هو سنڌو ملڪ جي بادشاهه لاءِ ساڙيندڙ بخار وانگر هو (22).“ هيءَ حقيقت قبول ڪرڻي پوي ٿي ته تاريخ عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين جي دوران،سنڌ جي معاملن تي ڪا مختصر روشني وجهي ٿي. هيءُ صوبو ايران جي حڪمرانن ۽ انهن طاقتن جي درميان، جيڪي وقت بوقت هندستان جي اتر الهندي ملڪ تي مسلط هيون، هميشه اختلاف ۽ دشمنيءَ جو باعث رهيو. انهن غير يقيني ۽ ڦرندڙ گهرندڙ حالتن ۽ انقلابن جي درميان انهيءَ ملڪ جي استحڪام جو هڪ عنصر ٻڌڌرم معلوم ٿئي ٿو. ڪَنشِڪَ پنهنجو مذهب بدلائي ٻڌڌرم اختيار ڪيو هو، ۽ ساڪه گورنر به ان مذهب لاءِ دشمنيءَ جا جذبا نه رکندا هئا، جيتوڻيڪ انهن پاڻ برهمڻي مذهب ڏانهن لاڙو ٿي رکيو. جُهڪڙ جي کوٽاين مان مليل شهادتن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هوُڻ حمله آور شوا (23) جا پوڄاري بڻجي پيا هئا، پر هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ٿي نٿو سگهي ته انهيءَ سڄي ڊگهي زماني ۾ سنڌ جا عام ماڻهو مجموعي طور ٻڌڌرم جي پيروي ڪندڙ هئا. سنڌ ۾ جيڪي ”اسٽوپا“ (دڙا) موجود آهن، تن مان اڪثر پهرينءَ ۽ پنجينءَ صديءَ جي درميان تعمير ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح گنجي ٽڪر جي ڏکڻ طرف، ”سڌيرن جي دڙي“ مان، ديوتائن جي ڀيٽا لاءِ آندل ٻين شين سان گڏ، ڪَنشِڪَ جو هڪ سڪو پڻ لڌو ويو آهي؛ اهو ”اسٽوپا“ (دڙو) اٽڪل پهرين صدي عيسويءَ واري دور ۾ٺهيل سمجهيو وڃي ٿو (24)؛ باقي موهن جي دڙي واري اسٽوپا کي ٻي صدي عيسويءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي. تعمير جي طرز متعلق شهادت جي بنياد تي ميرپور خاص ۽ ٺلُ مير رڪن وارا اسٽوپا هڪٻئي جا همعصر، پر ڪجهه قدر بعد واري دور جا آهن. سنڌ جي ٻڌ ڌرم واريءَ دور جي عمارتسازيءَ جي هڪ خصوصيت، چٽساليءَ وارين خوبصورت سرن جو باقاعدي استعمال هو، جن تي آويءَ ۾ پچائڻ کان اڳ ۾، ڪچيءَ حالت ۾ چٽ ڪڍيا ويندا هئا. ساڳيوئي طريقو پشاور جي قريب ڳڙهي- جمال ۽ پنجاب ۾ شور ڪوٽ وٽان لڌل آثارقديمه ۾ اختيار ڪيل ڏٺو ويو آهي. انهن چٽسالين مان گهڻين جي گنڌارا جي انڊو- يوناني ڪم سان قريبي هڪجهڙائي ڏسجي ٿي. ميرپورخاص ۽ مير رڪن وارن ٺلن جا ٿنڀ خاص طور ان جا مثال آهن ميرپور خاص واري اسٽوپا مان لڌل مجسمن ۾ ٻڌ جي پوشاڪ جو طريقو واضح طور گنڌارا واري طريقي جهڙو آهي، جنهن ۾ ٻڌ جا ٻيئي ڪلها ڌوتيءَ جي مٿان پاتل چوغي سان ڍڪيل ڏيکاريا ويا آهن (25). سنڌ ۾ جيڪي به اسٽوپا گهڻي کان گهڻا محفوظ رهيل آهن، تن تي اڪريل شبيهن جي وڏي تعداد مان اها نشاندهي ٿي رهي آهي ته اهي ٻڌ مذهب جي مَهاينه مڪتب سان واسطو رکندا هئا، جيڪو ڪَنشِڪَ طرفان پسند ڪيو ويو هو (26). ٻئي طرف، اسان کي يوئان چوانگ جي بيان مان معلوم آهي ته ستين صديءَ عيسويءَ ڌاري، هماينه مڪتب کي سڀني جي مٿان بالادستي حاصل هئي. هو چوي ٿو ته سنڌ ۾ سوين مڙهيون هيون، جن ۾اٽڪل ڏهه هزار پوڄاري رهندا هئا. اسٽوپائن جي متعلق هو چوي ٿو ته راجا اشوڪ اهي انهن هنڌن تي تعمير ڪرايا هئا، جتي جتي ٻڌ جا پاڪ نشان مليا هئا (27). هن جو اشارو شايد اشوڪ طرفان ٻڌ جي مقدس يادگارن جي نئين سر ڪيل ورڇ ڏانهن آهي، جيڪا هن انهيءَ ”عظيم معلم جي جسماني موجودگيءَ“ کي پنهنجي سلطنت جي گهڻي کان گهڻو پري ۽ انتهائي دور دراز علائقن ۾ ڦهلائڻ لاءِ ڪئي هئي. ميرپور خاص واري اسٽوپا مان لڌل تمام باريڪ دٻليءَ ۾ شايد ڪا اهڙي ننڍڙي شيءَ رکيل هوندي، ۽ اهو ممڪن آهي ته اصل ۾ اها اشوڪ جي زماني ۾ تعمير ٿيل اسٽوپا ۾ رکي ويئي هوندي، ۽ ان کان پوءِ وري انهيءَ جاءِ تي ٻيهر ٺاهيل انهيءَ اسٽوپا ۾ محفوظ ڪئي ويئي هوندي، جيڪو اڄ تائين موجود آهي *. اهو به ممڪن آهي ته سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل انهيءَ دٻليءَ جي ڀرسان لڌل شيشيءَ اندر محفوظ ڪيل رک، شايد آرهت اُپارگپت جي هجي، جنهن، يوئان چوانگ جي لکڻيءَ مطابق، اشوڪ جي هدايتن هيٺ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم کي ڦهلائڻ لاءِ ڏاڍي گهڻي محنت ڪئي هئي (28). پوڄا پاٺ ۾ ڪم ايندڙ تختين تي، جيڪي ميرپورخاص واري اسٽوپا ۾ رکيل هيون، اهڙا اکر اڪريل آهن، جيڪي ڇهين صدي عيسويءَ ۽ ان کان پوءِ وارن سالن دوران ڪم آندا ويندا هئا، ۽ هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته انهن تي موجود ٻڌ جي اڪثر مورتين کي هندستاني طرز جا ڪپڙا پارايل آهن، ۽ انهن ۾ هڪ ڪلهو چوغي سان ڍڪيل ڏيکاريل آهي (29). ميرپور خاص جي اسٽوپا مان هڪ اهڙي مورتي لڌي ويئي، جنهن لاءِ خيال هو ته ان اسٽوپا جي معمار يا ان جي تعمير لاءِ گهربل رقم چندي ۾ ڏيندڙ ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪئي ٿي. انهيءَ مورتيءَ کي چيلهه وٽ ڌوتي ٻڌل آهي، ڳچيءَ * افسوس، جو سنڌ جي قديم تاريخ جو هيءُ شاندار نشان اڄ بلڪل ڊهي پٽ سان پٽ ٿي ويو آهي. ۾ هڪ هار پيل آهي، ۽ مٿي تي هڪ اهڙي پيچيده چيز رکيل آهي، جيڪا شايد وگ (Wig) يا نقلي وارن جو ٽوپ هجي. انهيءَ مورتيءَ کي روغن لڳل هو؛ ان جي ڪڻڪ- رنگي چهري ۾، اکيون، ڀرون ۽ مڇون ڪاريون هيون. ان ۾ ماڻهو هڪ هٿ ۾ هڪ ننڍو ڪنول گل جهلي بيٺو آهي ۽ ٻيو هٿ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ڌوتيءَ جي هڪ وڪڙ مٿان رکيو بيٺو آهي، جنهن کان شايد (پيسن رکڻ لاءِ) ٻٽونءَ جو ڪم ورتو ويندو هو (30). هن جي چهري جو ڊول ۽ پوشاڪ خاص طرح سان ”هندستاني“ آهن. جيڪڏهن اهو اندازو درست آهي ته اها مورتي اسٽوپا جي تعمير لاءِ ذميوار شخص جي آهي، ته پوءِ اها سنڌ جي انتهائي اوائلي دور جي هڪ عام ماڻهوءَ جي شبيهه جي نمائندگي ڪرڻ سبب خاص طور دلچسپيءَ واري شيءَ آهي؛ اها ٻيءَ يا ٽين صدي عيسويءَ جي دور جي هڪ ممتاز واپاريءَ جي مورت ٿي سگهي ٿي. نوٽ (1) ”انڊين ائنٽي ڪئري“، ج X 1881)، ص 326 ۾ ترجمو هورنل. (2) پنڊت ڀڳوان لعل اندراجي، جي-آر- اي- ايس 1890ع، ص 639 ۾. (3) اين- اين- گهوش، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٽيون ڇاپو، الهه آباد، 1951ع ص 243. (A-3) سال 23- 1922 لاءِ آرڪيئالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ساليانه رپورٽ، ص 4-102 (آر- ڊي- بئنرجيءَ جو مضمون)؛ سر جان مارشل،”موهن جو دڙو ۽ دي انڊس سوليزيشن“، ج 1، ص 3- 122، 9- 127 (مضمون از اين- جي-مجمدار) (4) اين- جي- مجمدار، ”ميمائرس آف دي آرڪيئالاجيڪل سروي آف انڊيا“، نمبر 48، ص 7 ۾. (5) وان لوهوزيئن لي وو، ”دي سٿين پيرئڊ“ ص 336. (6) ٽالمي VII- (i). 36. (7) اي- پي- انڊ- VIII. ص 42 ايف- ايف. (8) ايليٽ، ”هسٽري آف انڊيا“، VI، ص 557. (9) راءِ چوڌاري، ”دي پوليٽيڪل هسٽري آف ناردرن انڊيا“، ڇاپو پنجون 1950ع ص 510. (10) هورمسداس جا ڪجهه سڪا هندستاني اثر جون نشانيون ظاهر ڪن ٿا: مٿن شوا ۽ سندس ڍڳي جون شبيهون نڪتل آهن ۽ ممڪن آهي ته اهي سڪا ايراني سلطنت جي هندستاني صوبي ۾ هلڻ لاءِ خاص طور جاري ڪيا ويا هجن. رالنسن، ”دي سيونٿ گريٽ اوريئينٽل مانرڪي“، ص 141، نوٽ. (11) ونسينٽ سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو، ص 255. (12) هيءَ ڳالهه خاص طور اهميت واري آهي ته ساساني دور جا سڪا وڏي تعداد ۾ ٽئڪسلا مان لڌا ويا آهن. جي. مارشل: ”اي گائيڊ ٽهُ ٽئڪسلا“ ص 17، نوٽ. (13) راءِ چوڌاري، ”پوليٽيڪل هسٽري آف ائنشنٽ انڊيا“، ص 510. (14) ڪزنس، ”ائنٽي ڪوئٽيز آف سنڌ“، ص 4- 183. (15) ”ستن مهينن“ جي معنيٰ شايد ”پنجاب جا ست معاون درياءَ“ هجي. اين- اين-گهوش، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ص 7-275. (16) ڪزنس، ص 183. (17) ”راج ترنگني“، ترجمو ايم- اي- اسٽين، ج 1، ص 163- 159 (بُڪ- V، ص 462- 419). (18) ”فارس نامه“ ص 82؛ طبري 1/868، بلوچ نبي بخش خان طرفان ”دي پوليٽيڪل انفلوئنس آف پرشيا ان پري- اسلامڪ ٽائيمس“ ۾ حوالو ڏنل- جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، ج VIII، نمبر 2، ص 5- 74. (A-18) بي- ڊي- ميرچنداڻي، ”جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي“، 5-1964ع، ص 85-61 ۾ ”سنڌ ائنڊ دي وائيٽ هَنس.“ (19) مجمدار، حوالو ڏنل ص 9-8. (20) انهيءَ جملي ۾ طبري ۽ المسعودي شامل آهن: بحواله طبري 894-1؛ مسعودي مروج، 200II/.، بلوچ نبي بخش خان جي-ايس- ايڇ-ايس ج VIII نمبر 2، ص 5- 74 ۾ حوالي طور ڏنو. (21) جي- اي- ايس- بي 1902ع، ص 56. (22) بانا، ”هَرش چَريتا“، ترجمو: اي-بي-ڪائوويل ائنڊ ايف- ڊبليو- ٿامس (اوريئينٽل ٽرانسليشن فنڊ) ص 101. (23) مجمدار، حوالو ڏنل ص 9. (24) ڪزنس،حوالو ڏنل ص 105. (25) ايضاً، ص 89، 97، 108- تصويرون XIX ۽ XXIV کان XXXI. (26) ايضاً، ص 106. (27) ساءِ- يو- ڪي، ترجمو: بيل ج II، ص 272. (28) ساءِ- يو- ڪي، اڳ ۾ حوالو ڏنل، ڪزنس حوالو ڏنل ڪتاب ص 88، 94. (29) ڪزنس، حوالو ڏنل ڪتاب، ص 3-92. (30) ايضاً، ص 95. (9) سنڌ جو ٻڌ ڌرم وارو راءِ گهراڻو سنڌ جي ٻڌ ڌرم واري راءِ گهراڻي جا راجائون هن ملڪ جي حڪمرانن جي انهيءَ اوائلي گهراڻي سان واسطو رکن ٿا، جن جو خود ملڪي تذڪرن ۾ بيان موجود آهي، ۽ سندن نالا ٻيو ڪٿي به موجود ڪينهن. جيڪڏهن اسين ”تحفته الڪرام“ ۾ ذڪر ڪيل سڀني ڳالهين تي جيئن جو تيئن يقين ڪريون، ته ان صورت ۾ اسان کي انهيءَ گهراڻي جي شهزادن مان پهرئين لاءِ اهو سمجهڻو پوندو ته هن پنجين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ انهن مان آخري شهزادو اسلامي سن جي پهرئين سال کان ٿوروئي اڳي يا انهيءَ ئي سال يعني 622ع ۾ فوت ٿي ويو. پر اسان کي ان باري ۾ جيڪا تمام ٿوري آزاد شهادت ملي سگهي آهي، سا البت ان طرف نشاندهي ڪري ٿي ته راءِ گهراڻي جا بادشاهه انهيءَ تاريخ کان پوءِ به ويهه سال سنڌ اندر طاقت جا مالڪ هئا. انهن حڪمرانن جي متعلق هن وقت تائين ڪي به ڪتبا دريافت ڪين ٿيا آهن، جن جي ذريعي اسين قديم تذڪرن ۾ لکيل مختصر ۽ ناقابل يقين تحريرن جي تصديق ڪري سگهون. راءِ گهراڻو روايت جي سرحدن کان ٻاهر نڪري تاريخ جي سرحدن اندر مشڪل سان ئي داخل ٿئي ٿو. هن گهراڻي جي سڀ کان پهرئين شهزادي جو لکيت ۾آيل نالو ڏيوائج يا ڏيواجي آهي، جنهن لاءِ هودي والا اها راءِ پيش ڪري ٿو ته انهيءَ نالي مان مقصد شايد ديودتيه آهي. ”تحفته الڪرام“ (1) ۾ ان جي چئن جانشينن جو ذڪر آهي، حالانڪ ”چچ نامو“ فقط ٽي جائنشين ٻڌائي ٿو. جيئن ته انهيءَ گهراڻي جي فقط پوين ٻن حڪمرانن کان سواءِ باقي ٻين جي زماني جي واقعات جو ڪو واضح بيان لکيل ڪونهي، انڪري انهيءَ اختلافي نڪتي کي مذڪور گهراڻي جي فقط بادشاهيءَ جي مدت جي سلسلي ۾ ئي ڪا اهميت آهي.”تحفته الڪرام“ مطابق، اها مدت 137 سال هئي ۽ انهيءَ تذڪري ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جي وسعت، ”چچ نامي“ ۾ ٻڌايل پکيڙ کان وڌيڪ علائقي ۾ ڦهليل ڄاڻائي ويئي آهي. پوئين نالي واري ڪتاب ۾ اهي سرحدون هن طرح ڏيکاريون ويون آهن: اوڀر طرف ڪشمير جي حدن تائين، الهندي طرف مڪران تائين، ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري ۽ ديبل تائين، اتر طرف ڪردان ۽ ڪيڪنان جبلن تائين. ”تحفته الڪرام“ ”اڀرندي“ سرحد کي قنوج ۽ ڪشمير جي سرحدن سان گڏ هلندي ڏيکاري ٿو. الهنديءَ سرحد کي مڪران ۽ اومان جي سمنڊ واري ڪناري يعني ديبل جي بندر تائين وڌيل ڏيکاريو ويو آهي. ڏکڻ طرف هن بادشاهيءَ جي سرحد کي سورت (سؤراشٽر) تائين ۽ اتر طرف ”قنڌار، سيستان، سليمان ۽ ڪيڪنان جبلن جي ٽڪرين تائين“ وڌيل ڄاڻايو ويو آهي. مکيه ڏسڻيون يا طرف هن حالت ۾ ڏاڍي ڍلي ڍالي نموني سان ڪم آندل آهن: جيئن ڪشمير دراصل سنڌ جي اتر اوڀر ۾ آهي پر اهو سر اوڀر ۾ ڄاڻايو ويو آهي؛ قنوچ واقعي سنڌ جي اڀرندي طرف هو، پر انهن ٻنهي علائقن جي درميان سڄو راجپوتانا بيٺل هو. باقي جيسين اتر جو سوال آهي (جيڪو دراصل اتر اولهه آهي)، ته ان لاءِ هودي والا جو خيال آهي ته ڪيڪنان گهڻو ڪري قصدار، (2) جي بگڙيل شڪل آهي، ۽ ڪيڪنان واقعي انهيءَ پسگردائيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي واقع هو؛ پر هن سمجهڻ لاءِ چڱا سبب موجود آهن ته ڪيڪنان جديد لورالائي واري علائقي ۾ هو. سورت يا سوراشٽر جي بندر متعلق ڏنل حوالي جو مطلب مختلف نمونن سان ڪڍي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ انهيءَ باري ۾ پوءِ به وڏي شڪ جي گنجائش آهي. هڪ مخصوص قسم جي سڪن لاءِ، جيڪي ٿلهي ليکي انڊو- ساساني سڏيا وڃن ٿا، ۽ جن جي رائج ٿيڻ جي تاريخ گهڻو ڪري ستين صديءَ عيسويءَ ۾ آهي، ڪننگهام ۽ ٻين سمجهيو هو ته اهي راءِ گهراڻي جي راجائن طرفان جاري ڪرايا ويا هئا. انهن سڪن جي سبتي طرف ڪنهن حڪمران جو ڇاتيءَ تائين بت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، باقي ابتي طرف مختلف سڪن تي مختلف نشان يا علامتون نظر اچن ٿيون: ڪن تي آتشدان آهي، جنهن جي چوطرف خادم بيٺل آهن، ته ڪن تي ڪنهن ديوتا جي اڌ ڇاتيءَ تائين مورت ڏنل آهي، جيڪا ڪن سڪن تي سورج ديوتا جي ته ڪن تي ڪنهن ديويءَ جي آهي. هڪ خاص ڳالهه هيءَ آهي ته انهن مان ڪن سڪن تي جيڪي ڪجهه لکيل آهي، سو ٽن جدا جدا لکڻين ۾ آهي: هندستاني ناگري، ساساني پهلوي ۽ ڪُشن يوناني- ڪن سڪن تي پويون ٻه لکڻيون آهن، پرناگريءَ ۾ ڪجهه به لکيل ڪونهي. انهن ٻن حڪمرانن جا نالا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ٻن يا ٽن تي سري واسوديو، ۽ هڪ تي ”شاهي تگين“؛ ٻيو به هڪ اهڙو سڪو مليو آهي، جيڪو خسرو پرويز طرفان جاري ڪيل سڪن سان قريبي مشابهت رکي ٿو، پر ان تي ڪنهن به بادشاهه جو نالو اڪريل ڪونهي. تذڪرن ۾شامل ٿيل حڪمرانن جي فهرست ۾ راءِ گهراڻي جي ڪنهن به حڪمران جو نالو اهڙو نظر نٿو اچي، جنهن کي واسوديو يا شاهي تگين جهڙن نالن سان ڪا مشابهت هجي حالانڪ اهو ممڪن آهي ته اهي حڪمران هڪ کان وڌيڪ نالي يا خطاب سان مشهور هجن. انهيءَ اندازي جي خلاف وڌيڪ طاقتور اعتراض هن حقيقت ۾ آهي ته انهن مان ڪو هڪ به سڪو انهن علائقن مان دستياب ڪونه ٿيو آهي، جيڪي راءِ گهراڻي وارن جي بادشاهيءَ ۾ شامل هئا. سڪن تي اڪريل اکرن مان اهي اکر جن جو واسطو انهن ملڪن جي نالن سان هوندو آهي، جن لاءِ اهي سڪا جاري ٿيل هوندا آهن، تن کي جن به ڄاڻن ۽ ماهرن جانچي جوچي ڏٺو آهي، تن جي راءِ ۾ انهن سڪن تي نظر ايندڙ نالا زابلستان (واسوديو) ۽ خراسان (شاهي تگين) آهن؛ ۽ هيءُ جو ڪن عالمن انهن تي ”بهمن“، ”ملتان“، ”توڪان“، ۽ ”سپردالاڪشان“ نالا به پڙهيا آهن، انهن متعلق اها به حقيقت آهي ته اهي مختلف تحريرن ۾ ٻين ٻين لفظن جي بگڙيل صورتن ۾ سڃاتا ويا آهن ۽ انهن جون پڙهڻيون ٻين ڪيترن عالمن جي نظر ۾ بلڪل ٻيون آهن. انهيءَ سڄي سوال تي مسٽر بي. ڊي. ميرچنداڻيءَ طرفان انتهائي قابليت سان بحث ڪيو ويو آهي، هن سان گڏ، اسان کي آر. بي. وائٽ هيڊ جي راءِ کي پڻ تسليم ڪرڻ گهرجي ته ”اهي سڪا ساساني نسل جي بادشاهن طرفان جاري ڪرايا ويا هئا، پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ نه، بلڪ زابلستان، ايران ۽ هندستان جي وچ ۾ واقع ٻين ملڪن ۾.“ ڪننگهام طرفان بلڪل ڪمزور بنيادن جي آڌار تي هيءَ دعوا ڪئي ويئي آهي ته راءِ گهراڻي جا پهريان ٻه حڪمران، جن جا نالا قديم تذڪرن مطابق ڏيواجي ۽ سِهَرسَ هئا، اڇي ”هُوڻ“ قبيلي جي اڳواڻن، تورامن ۽ مهراگلُ، سان مطابقت رکن ٿا، جن بابت اسين ڏسي آيا آهيون ته اهي سن 490ع ۽ سن 540ع جي وچ وارن سالن ۾ اتر هندستان جي ڪن حصن تي حڪومت ڪندا هئا. ڪننگهام، مٿي ذڪر ڪيل مخصوص قسم جي سڪن تي اڪريل لکيتن جي خود پنهنجي تشريحن ۽ معنائن جي بنياد تي وڌيڪ دليلبازي ڪندي، دعويٰ ڪري ٿو ته شاهي تگين، واسوديو ۽ ٽيون اهو گمنام حڪمران، جن اهي سڪا رائج ڪرايا، سنڌ جي راءِ گهراڻي جا آخري ٽي حڪمران هئا، ۽ اهي مهراگل جا جائنشين ۽ اولاد هئا. هڪ طرف ته اسين انهيءَ دليل کي، وائيٽ هيڊ وانگر، رد ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون، جنهن تي اهو نظريو بيٺل آهي؛ ٻئي طرف اسان کي وائيٽ هيڊ جي هن راءِ سان اتفاق ڪرڻو پوي ٿو ته ٻي حقيقت کڻي ڪهڙي به هجي پر هن ڳالهه جو وڏو امڪان موجود آهي ته سنڌ جي راءِ گهراڻي جا بادشاهه ”هُوڻ“ نسل جا هئا، مسٽر ميرچنداڻيءَ جي هن نظريي ۾ ڪو گهڻو وزن نظر ڪونه ٿو اچي ته راءِ گهراڻي وارا زياده امڪان آهي ته موريا خاندان جي اولاد مان هئا. (3). جيئن اڳئين باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ڇهين صدي عيسوي ۽ خصوصاً ان جو پويون اڌ، جنهن جي دوران سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي بادشاهي هلي رهي هوندي، هندستان جي تاريخ جو هڪ اهڙو دور آهي، جنهن بابت نسبتاً تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. ملڪ ۾ ڪابه مرڪزي اعليٰ طاقت موجود ڪانه هئي، ۽ ”هُوڻ“ لوڪن جي وقت بوقت ٿيندڙ حملن چوڌاري اهڙي افراتفري پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ ڪيترين ئي ننڍين ننڍين آزاد ۽ خود مختيار رياستن جو اڀرڻ ناگزير هو. گُرجر لوڪ، جيڪي اڳ ۾ حمله آور هئا ۽ شايد ”اڇن هُوڻ” لوڪن جا قريبي رفيق ۽ ساٿي هئا، تن راجپوتانا ۾ هڪ چڱيءَ خاصيءَ بادشاهيءَ جو بنياد قائم ڪيو هو، ۽ اهي درحقيقت سنڌ جي راءِ گهراڻي جي بادشاهن جا اڀرندي سرحد سان لڳو لڳ ويجهي ۾ ويجها پاڙيسري هوندا. اهو به امڪان آهي ته خود راءِ گهراڻي وارا به ساڳئي ئي نسل جا ماڻهو هئا. اسان کي اهو به معلوم آهي ته ڪاٺياواڙ ۾، وَلڀي نالي هڪ بادشاهيءَ جا مالڪ ذري گهٽ يقيني طور ”پرڏيهي نسل“ جا هئا، جن سڄي ڇهين صدي عيسويءَ جي دوران اتي راڄ ڪيو. انهيءَ حقيقت جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه قريب قريب ناممڪن معلوم ٿئي ٿي ته سنڌ جي بادشاهيءَ ۾ سورت ته ڇڏيو، سوراشٽر جو ڪو حصو به شامل هو (4). جيسين الهندي طرف جو تعلق آهي، ان سڄي دور ۾ ايراني سلطنت جو ڪو ذڪر ئي ڪٿي نظر نٿو اچي ۽ اها ڳالهه به ان دور جي صورتحال سان مطابقت رکندڙ آهي؛ ڇو ته نوشيروان جي مرڻ کان پوءِ، ائين پيو معلوم ٿئي ته ايراني سلطنت جي مشرقي صوبن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو ۽ خاص طرح مڪران ته عربن جي ڪاهه تائين عملي طور خود مختيار ۽ بلڪل آزاد رهندو آيو هو. ”تحفته الڪرام“ ۾ ذڪر ڪيل پنجن بادشاهن جي راڄن مان ڪنهن هڪ جي مدت جو به بيان نه ڪيو ويو آهي، ۽ انهن مان هر بادشاهه بابت ٻڌايل ڳالهيون مبهم ۽ غير واضح آهن ۽ گهڻي حد تائين انهن جي رڳو روايتي مدح سرائيءَ ۽ قصيده گوئيءَ جو ڪم ڏين ٿيون. ڏيواجيءَ ”هند جي اڪثر حڪمرانن سان عهدناما ڪيا“ ۽ سندس مطلق حڪمرانيءَ هيٺ سڀ علائقا ايتريقدر ته پرامن هئا، جو قافلا مڪمل سلامتيءَ سان هڪ کان ٻئي هنڌ ڏانهن سفر ڪندا هئا. هن جو پٽ، سهرس ۽ سندس پوٽو، سهاسي، پڻ خوشحال ۽ ڪامياب حڪمران هئا. ”چچ نامي“ جي مطابق، انهن مان پوئين نالي واري راجا جي پٽ ئي، جنهن جو نالو پڻ سهرس هو، پنهنجي حڪومت جو انتظام، اختيارت جي تفويض جي اصول تحت، رکڻ جو دستور قائم ڪيو. هن جي بادشاهيءَ جي پکيڙ ۽ ٻيءَ صورتحال تي غور ڪندي (جيڪڏهن اسين قديم تذڪرن ۾ تحرير ڪيل ڳالهين کي عمومي طور قبول ڪريون)، اهو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته اهو انتظام ڏاڍي سٺي نموني ۾ بيهاريو ويو هو ۽ هلي رهيو هو. دارالحڪومت وارو صوبو، جنهن تي خود سهرس پنهنجي گاديءَ واري شهر الور مان حڪومت ڪندو هو، سو گهڻو ڪري اڄوڪي اپر سنڌ ۽ گهڻو ڪري ديراجات جي ڏاکڻي حصي، ۽ ڪڇيءَ سميت بلوچستان جي ڀرپاسي وارن علائقن تي مشتمل هو. اهڙي طرح ان صوبي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، ۽ ان ٻن ٻن گورنري صوبن کي، جن جي گاديءَ جا شهر هڪ پاسي سنڌ ۾ برهمڻ آباد ۽ سيوهڻ ۽ ٻئي پاسي پنجاب ۾ اسڪالند ۽ ملتان هئا، تقريباً ٻن ساهميءَ جي پڙن وانگر هڪٻئي جي نسبت ۾ (5) پوريءَ برابريءَ جي وزن ۾ بيهاريو ٿي. برهمڻ آباد جو صوبو سنڌو نديءَ جي اوڀر واريءَ مرڪزي سنڌ، سڄي لوئر سنڌ ۽ شايد ڪڇ تي مشتمل هو، ۽ سيوهڻ (سيوستان) واري صوبي ۾ لڳ ڀڳ جديد لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا، ۽ ممڪن آهي ته لسٻيلو پڻ شامل هئا. اَسڪالند صوبي ۾ شايد بهاولپور رياست ۽ ان جي آسي پاسي وارا پنجاب جا ضلعا، ۽ ملتان صوبي ۾ اهو سڄو علائقو شامل معلوم ٿئي ٿو، جيڪو وڃي مٿي لوڻاٺين پهاڙين (سالٽ رينج) سان لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ صوبي جي سرحد ڪشمير سان مليل هئي. صوبن جا گورنر، ڪن حالتن ۾ خود راءِ جا ويجها عزيز هئا؛ انهيءَ سرشتي ۾ هڪ هيءُ نقص آهي ته شاهي نسل جي گورنرن ۽ ماتحت حڪمرانن کي، غير شاهي نسل سان وابسته گورنرن جي ڀيٽ ۾، هڪ ڪمزور بادشاهه مان فائدي وٺڻ ۽ پنهنجي لاءِ آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جي اعلان ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحريص ۽ لالچ ميسر هوندي آهي. اها ئي ڳالهه ايراني شهنشاهت ۾ بار بار واقع ٿيندڙ افراتفريءَ جو سبب هوندي هئي، ۽ تذڪرن مطابق، هڪ ماتحت گورنر جي اهڙيءَ نوعيت جي لالچ ئي راءِ سهرس کي هڪ اهڙي مقابلي ۾ڦاسائي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو سندس موت جي صورت ۾ نڪتو. اسين اڳتي هلي، اهو ڏسنداسون ته هڪ ٻيو ڪتاب پڻ اهو قصو ڏئي ٿو، يا ممڪن آهي ته اهو حيرت انگيز طور بلڪل ساڳيءَ نوعيت جو پر واضح طور ٻيءَ طرح جو قصو هجي، ڇو ته انهيءَ ۾ راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومتن جا اهڙا سال ڏنل آهن، جيڪي تذڪرن ۾ آيل تفصيل کان بلڪل مختلف آهن. اچو ته پهريائين انهن تذڪرن ۾ بيان ٿيل ڪهاڻي ٻڌون: ”اوچتو ئي اوچتو نمروز جي بادشاهه جي لشڪر هن جي ملڪ تي ڪاهه ڪئي، ۽ هو وڌي، اچي مڪران ۾داخل ٿيو. جڏهن اها خبر سهرس بادشاهه وٽ پهتي، تڏهن هو الور جي قلعي مان پنهنجو مکيه لشڪر ساڻ ڪري، وڌيڪ وقت وڃائڻ کان سواءِ دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جلدئي هو وڃي جنگ ۾ شريڪ ٿيو، ۽ ٻنهي طرفن کان ڪيئي بهادر ماڻهو ۽ آزمايل جنگي جوڌا مارجي ويا، تڏهن ايرانين پنهنجي خلقڻهار ۾ مڪمل اعتماد ڪري، پنهنجي مخالف تي هڪ ڀرپور حملو ڪيو. راءِ سهرس جو لشڪر ٽڙي پکڙي ويو، ۽ دشمن ان تي غالب پئجي ويو، ۽ ان کان پوءِ سڄي لشڪر وٺي ڀاڄ کاڌي. لاءِ سهرس مضبوطيءَ سان ڄميو رهيو ۽ پنهنجي نالي ۽ ناموس خاطر وڙهندو رهيو، تان جو هو قتل ٿي ويو. فارس جو بادشاهه موٽي نمروز ويو ۽ سهرس جو پٽ، راءِ سهاسي، پنهنجي پيءُ جي تخت تي ويٺو.“ نمروز نالو سَجستان کي ڏنل آهي- روايتي طور اهو علائقو ڪيخسرو طرفان عظيم رستم کي سندس گذاري لاءِ عطا ڪيو ويو هو، جنهن کي ايران جي تاريخ ۾ مڪران (7) جو فاتح سڏيو ويو آهي- ۽ ان جو ”بادشاهه“ جو ايراني شهنشاهت جو ڪو ماتحت حڪمران هوندو، جنهن پنهنجي خودمختياريءَ اعلان ڪيو هو. اها ڳالهه پهرينءَ ئي نظر ۾ هيءُ خيال پيدا ڪري ٿي ته اهو واقعو يا ته ”هورمزد چوٿين، يا اٽڪل سنه 579ع ۽ 592ع جي وچ ڌاري خسرو پرويز جي بادشاهيءَ جي اوائلي حصي جي دوران ٿيو هو. ايران کي انهيءَ عرصي ۾ خارجي جنگين ۽ داخلي طور بهرام چُوبِن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو هو، جنهن نيٺ سنه 591ع ۾ سچ پچ تخت تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي وقت ۾ سيستان صوبي جي هڪ باغي گورنر لاءِ اها فطري ڳالهه هئي ته هو سرحد سان لڳ مڪران صوبي تي، جيڪو پڻ شاهه جي گرفت کان ترڪي نڪتو هو، قبضي ڪرڻ ذريعي، پنهنجي اقتدار ۽ نئين حاصل ڪيل طاقت کي مستحڪم ڪرڻ جو اهو موقعو غنيمت ڄاڻي، ان مان پورو پورو فائدو وٺي. اها ڳالهه سهرس لاءِ پڻ قدرتي ڳالهه هئي ته هو پاڻ، جيڪو هڪ مغرور ۽ جنگجو شخصيت جو مالڪ هو، انهيءَ انعام کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ به ڪوشش ڪري. سنڌ جي حڪمران گهراڻي جي شان ۽ وقار ۾، بهرحال، هن شڪست جي نتيجي ۾ ڪا ڪمي نه ٿي آيل معلوم ٿئي، ۽ سهاسي پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل ساڳيءَ ۽ سڄيءَ ساريءَ بادشاهيءَ جو جائنشين بڻيو. ”تحفته الڪرام“ جي مطابق، ”سهرس جو لشڪر هڪ هنڌ اچي هڪ منظم فوج وانگر جمع ٿيو ۽ انهن سندس پٽ سهاسيءَ کي تخت تي ويهاريو (8).“ سهرس جي انهيءَ مهم بابت ”چچ نامي“ ۾ ڏنل تفصيلن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هو سنڌ جي فوج جو فقط هڪ حصو ساڻ وٺي، اٻهرائيءَ ۾ اڳتي وڌيو هو، ۽ هن انومان ڪڍڻ لاءِ بنياد آهن ته هن جو پٽ لشڪر جو باقي حصو هن جي پٺڀرائيءَ ۽ مدد لاءِ پٺيان وٺي ويو هو. ان مان هيءَ حقيقت پڻ واضح ٿي بيهندي ته آخر ڇو ”نمروز جي بادشاهه“ نه فقط پنهنجي فتح کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪو وڌيڪ اقدام نه ڪيو، پر ساڳئي وقت هو اڳتي وڌڻ بدران پنهنجي ملڪ طرف موٽي هليو ويو! راءِ سهاسي ٻئي جو بادشاهيءَ وارو زمانو، تذڪرن جي مطابق، پرامن ۽ آسودگي وارو هو. ”هن ملڪ ۾ پنهنجي اختياريءَ کي محسوس ڪرايو، ۽ هن جي پيءُ جي طرفان جيڪي چار شهزادا مقرر ڪيا ويا هئا، اهي هن جي تابعداريءَ ۾ رهيا ۽ هن جي اختياريءَ کي قبول ڪيائون. انهن، هن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي جذبي جو خوب مظاهرو ڪيو، پنهنجي دولت هن جي استعمال لاءِ سندس تصرف ۾ ڏني ۽ هن جي هر طرح ايمانداريءَ ۽ پوريءَ قوت سان پٺڀرائي ڪئي. اهڙيءَ طرح سڄو ملڪ راءِ سهاسيءَ جي طاقت سبب وڌيڪ سلامتي ۽ تحفظ محسوس ڪرڻ لڳو، ۽ ماڻهو هن جي عدل ۽ انصاف واريءَ حڪومت ۾ نهايت خوش زندگي گذارڻ لڳا“. اها ڳالهه ”چچ نامي“ ۾ درج آهي، ۽ جيسين ”تحفته الڪرام“ جو تعلق آهي، سو وڌيڪ ائين به چوي ٿو ته ”هن پنهنجي رعايا جون ڍلون ۽ محصول هن شرط تي معاف ڪيا ته هو اُچ، ماتيلا، سيئو راءِ، مائو يا مڏ، الور ۽ سيوستان جي ڇهن قلعن جي اوسارين جي مرمت ڪري ڏين (10)“. هن سلسلي ۾، اُچ جي نالي سان (جنهن مان مطلب بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، اچ شريف آهي)، ٿي سگهي ٿو ته حيرت ٿئي، پر ان مان گهٽ ۾ گهٽ اهو ثابت ٿئي ٿو ته قديم صوبائي دارالحڪومت اسڪالند کي اهو شهر نه سمجهڻ گهرجي. ماٿيلو ۽ سيئوراءِ، ويندي مغل دور تائين، اهميت وارا شهر رهندا آيا، انهن جا ڦٽل نشان اڄ ڏينهن تائين ترتيبوار گهوٽڪيءَ ۽ سبزلڪوٽ جي ڪجهه ميلن جي اندر ڏسي سگهجن ٿا (11). قديم دور جي مائو قلعي کي، نوشهرو فيروز تعلقي ۾ مائو مبارڪ جي نالي سان مشهور ٿيل قديم دڙي ۾شناخت ڪري سگهجي ٿو. قلعن جي متعلق لکيل انهيءَ بيان ۾، جيڪو ائين رواجي نموني ۾ اتي آيو آهي، هن ڳالهه جو اشارو موجود سمجهي سگهجي ٿو ته سهاسيءَ جو ملڪ، بهرحال، اهڙو سلامتيءَ وارو ڪونه هو، جهڙو ان لاءِ ٻئي ڪنهن هنڌ چيو ويو آهي؛ شايد ايتري تائين به، جو سندس ملتان وارو گورنر، هن جي وفاداريءَ جي ذميواريءَ کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي گلي مان لاهي اڇلائي سگهيو هو، ۽ سندس اترئين سرحد سسي ويئي هئي، درحقيقت اها ڳالهه اسان کي سنڌ جي بادشاهيءَ متعلق جيڪو احوال هڪ غير جانبدار مبصر، ٻڌڌرم جي عالم ۽ استاد، يوئان چانگ، ٻڌايو آهي، جيڪو سن 641ع ڌاري هتي آيو هو، ان سان ٺهڪي اچي ٿي. هن جاءِ تي اسان کي سنن جي ترتيب جو مسئلو درپيش اچي ٿو، ۽ آئنده پڻ اهو موجود رهندو، جنهن کي واٰضح ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪيترين اهڙين ڳالهين جو ذڪر اڳواٽ ڪرڻو پوندو، جيڪي قديم وقائع نگارن بعد ۾ آيل گهراڻي جي متعلق بيان ڪيون آهن. تخت جي غاصب، چچ برهمڻ، لاءِ چيو ويو آهي ته هن هجري سن جي پهرئين سال-يعني 622ع ۾- سنڌ اندر پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو. اها ڳالهه يقيني آهي ته هن جو گهراڻو سن 92هه يا 93 هه ۾ ختم ٿي ويو. اسان وٽ انهيءَ حقيقت لاءِ ٻي به ثابتي موجود آهي. ٻئي طرف، ان گهراڻي جي ٽنهي راڄن جي سالن جو جوڙ نوي جي بدران ”تحفته الڪرام“ ۾ ايڪاسي ڄاڻايل آهي. ايليٽ ڏيکاريو آهي ته چچ جي تخت نشينيءَ جي سال کي، تذڪري ۾ ڪنهن گهڻيءَ هيٺ مٿانهينءَ جي ڪرڻ کان سواءِ سن 1 هه کان ڦيرائي سن 10 هه ڪرڻ ممڪن آهي (12). پر انهيءَ طرح سنن جي حاصل ڪيل تطبيق سنڌ متعلق يوئان چانگ جي ڏنل بيان جي پيدا ڪيل دشواريءَ کي هٽائي نٿي سگهي. ايليٽ جي حساب سان، هن جو سنڌ وارو سفر انهيءَ وقت شروع ٿيو هوندو، جڏهن چچ کي تخت تي ويٺي اٽڪل نَوَ سال گذري چڪا هوندا؛ پر اهو ياتري جيڪو احوال اسان کي ڏئي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت راءِ گهراڻو اڃا اقتدار ۾ هو. هو چوي ٿو ته بادشاهه ”سيئو-تو-لو“ جاتيءَ جو هو، جنهن جي تشريح سواءِ لفظ ”سودر“ جي ٻي ڪا ٿيڻ ممڪن نٿي نظر اچي؛ اهو ساڳيو لفظ، وچ هندستان ۾ ”مو-تي-پائو-لو“ جي بادشاهه لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو آسماني جسمن جي پوڄا ڪندو هو، ۽ کيس ٻڌ جي تعليمات ۾ ويساهه ڪونه هو. ڪيترن ئي موقعن تي يوئان چانگ هندستان جي بادشاهن جو حوالو ڏيندي، انهن کي ”کشتري“ (تچ-تي-لي) سڏي ٿو؛ ٻين کي هو نسلي نالن، جهڙوڪ ساڪه، ترڪ ۽ ٻين اهڙن نالن سان منسوب ڪري ٿو. هو هندومت ۾ برهمڻن جي درجي بابت پوري ڄاڻ رکندو هو؛ انهن کي هو ”پو-لو-مين (13)“ چوي ٿو. هو اُجين جي بادشاهه متعلق واقعي چوي به ٿو ته هو انهيءَ جاتيءَ جو هو. انهيءَ ڪري اها ڳالهه ناقابل فهم آهي ته هو سنڌ جي بادشاهه کي ”سودر“ لکي ڇڏي، جڏهن ته اهو بادشاهه سچ پچ برهمڻ هو. هن ڳالهه ۾ مصنف طرفان غير معمولي غفلت کي فرض ڪرڻ کان سواءِ—جيڪا نقل نويسن جي رواجي بي احتياطيءَ کان مٿي آهي- اسان کي اهو ئي فيصلو ڪرڻو پوي ٿو ته سنه 641ع ۾ سنڌ جو بادشاهه چچ کان علاوه ڪو ٻيو ئي هو (14). ياتريءَ کي ٻڌ ڌرم ڏانهن هندستان جي بادشاهن جي رويي جو ڏاڍو، ۽ خاص طور، فڪر هو؛ هو چوي ٿو ته سنڌ جي بادشاهه کي ٻڌ جي قانون لاءِ تمام گهڻو احترام هو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو مطلب ائين ٿي سگهي ٿو ته بادشاهه پاڻ ته انهيءَ مذهب جو ڪو نه هو، ۽ هو فقط ان لاءِ عزت جو جذبو رکندڙ هو؛ پر اسان کي ان باري ۾ يقين هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن بادشاهه برهمڻ هجي ها، ته يوئان چانگ انهيءَ حقيقت جو بيان ضرور ڪري ها. اسين ڏسون ٿا ته هو ”ڪيئا-مو-ليئو-پو“ (ڪماروپا) ۽ ”آئو-چي-يين-نا“ (اُجين) جي برهمڻ بادشاهن جي رويي کي بطور خاص واضح ڪرڻ لاءِ تيار ۽ هردم هوشيار رهي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته شاهي گهراڻن جا برهمڻ هن جي مذهب جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا. چنانچه، اسان کي هاڻي انهيءَ اندازي جي آڌار تي اڳتي وڌڻ گهرجي ته ياتري جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، اتان جو بادشاه راءِ گهراڻي جو هڪ فرد هو. اسان کي اها توقع رکڻ گهرجي ته هن کي کشتري فرقي جو ٻڌايو وڃي ها، جهڙيءَ طرح پاسي وارين بادشاهين- گجرات ۽ وَلڀي (15)- جي حڪمرانن لاءِ چيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ر اءِ گهراڻي جا راجائون حمله آور لوڪن جي ڪنهن گهٽ درجي واري نسل جا هئا، ۽ جيئن ته هو گهڻو پوءِ، روايتي طور مشهور ٿيل ”مليڇ“ ملڪ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري سگهيا هئا، انهيءَ ڪري انهن کي کشتري فرقي ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. انهيءَ بادشاهه جي ملڪ جي ورڇ، جيئن يوئان چانگ طرفان اها ٻڌائي ويئي آهي، گهڻي ڀاڱي راءِ سهرس جي بادشاهيءَ جي مرڪزي، ڏاکڻي ۽ اڀرندي علائقي جي تنظيم ۽ ورڇ سان ٺهڪي اچي ٿي، جهڙيءَ طرح ان جو تذڪرن ۾ بيان ڏنل آهي، پر ملتان صوبي لاءِ ياتري طرفان پڪ سان چيو ويو آهي ته اهو سندس ياترا جي وقت ”چيهه- ڪا“ نالي هڪ رياست جو باجگذار صوبو هو، جيڪا رياست انهيءَ دور ۾ اتر پنجاب ۾ واقع هئي (16). بظاهر يوئان چانگ جو ”سِن-تُو“، جنهن جو گهيرو ست هزار ”لي“ هو، تذڪرن واري دارالحڪومتي صوبي سان مطابقت رکي ٿو، حالانڪ گاديءَ واري شهر جو نالو، ”پي-چين-پو-پُو-لو“ اڄ تائين هڪ اهڙو ڳجهارت آهي، جنهن جو ڪو حل ئي ڪونه ٿيو آهي (17). ”اي- ٽينن-پو-ٽچي-لو“ نالي ملڪ، جنهن جو گهيرو ساڳيءَ طرح پنج هزار ”لي“ هو، برهمڻ آباد صوبي سان ٺهڪي اچي ٿو- جيڪو سنڌو نديءَ سان لڳو لڳ سمنڊ جي ساحل تائين ڦهليل هو. ممڪن آهي ته ”پي-ٽو-شيهه-لو“ ۽ ”اي-فان- ٽو“ يا ”او-فان-چا“، جن مان پهرئين جو گهيرو ٽي هزار لي ۽ پوئين جو 2500 هو، گڏجي سيوستان صوبي جي تشڪيل ڪري رهيا هئا. ”لئنگ-ڪا-لو“ نالي سان سڏيل يوئان چانگ واري ملڪ ۾، هن جي انهيءَ جي وچان ڪيل سفر جي ڊيگهه کي خيال ۾ رکندي، ائين ٿو سمجهجي ته مڪران جو چڱو خاصو حصو شامل هوندو، ۽ جيئن ته هو انهيءَ ملڪ جو بيان ڏيندي، ان کي خود مختيار قبيلن جي رهڻ وارو ملڪ سڏي ٿو، ان ڪري معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ ملڪ جا سنڌ توڙي ايران سان ڪي به اثرائتا سياسي لاڳاپا ڪين هوندا. اسان کي معلوم آهي ته سنه 641ع ۾، شاهه يزد چرد پنهنجي سلطنت کي عربن جي حملن کان بچائڻ لاءِ، آخري هٿ پير هڻڻ جي ارادي سان مختلف صوبن مان اڃا به فوج ۾ ڀرتي ڪري رهيو هو؛ پر هن ياتريءَ ايران جي باري ۾ جيڪو ٿورو بيان ڏنو آهي، تنهن ۾ هن اهڙي بحران بابت ڪو هڪ لفظ به نه لکيو آهي، جنهنڪري هن جو اهو بيان سنئون سڌو ٻئي ڪنهن کان ٻڌل ڳالهين تي مشتمل آهي. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ساساني حڪمران شاهه هو رمزد جي بادشاهيءَ دوران آيل عام افراتفريءَ کان پوءِ مڪران واري ماتحت صوبي جو قبضو ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيا هئا؛ يا ته انهن اهڙي ڪا ڪوشش ئي نه ڪئي هئي، جنهن ڪري اتان جا ماڻهو پنهنجي سابق اعليٰ حڪمران جي قسمت کان بي نياز ۽ بيپرواهه بڻجي ويا (18). ياتري سنڌ جي ماڻهن کي سخت ۽ سڀاءَ جا ڪٺور سڏي ٿو، جيڪي پنهنجا تڪرار وڙهي نبيرڻ ڏانهن مائل هئا. هو ذري گهٽ هڪ ئي ساهيءَ ۾ چوي ٿو ته اهي ايماندار ۽ سڌا هئا، ۽ انهن ۾ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ پرپٺ غيبت جي عادت هئي. هو اتان جي عام ماڻهن ۾ ”ٻڌ جي قانون لاءِ دلي احترام“ جو ذڪر ڪري ٿو، پر ان جي معنيٰ شايد ٻڌ ڌرم جي مقدس آستانن، تبرڪات ۽ پاڪ جاين لاءِ سندن وهمي عقيدي کان وڌيڪ ٻي ڪا ڪانه هئي، مڙهيون هتي بيشمار هيون، ”سن-تو“ ۾ سوين، ۽ ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ ۾ اَسي- پر ”سِن-تُو“ جا ٻاوا عام طور سست ۽ بدباطن هئا. ٻئي طرف هتي ڪيئي ڏاها ۽ نيڪ ماڻهو هئا، جيڪي علم جا پياسي هئا، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو جبلن ۽ جهنگن جي تنهائيءَ ۾ هليا ويندا هئا. سنڌو نديءَ جي ڪپن سان رهندڙ ڌنار ماڻهو، جيڪي ڪچي ۾ ۽ درياه جي شاخن تي رهندا هئا، جن جو تعداد بيشمار هو، سي قديم نسل جا ۽ ويڙهو هئا. يوئان چانگ حساب لڳايو ته انهن ماڻهن جا لکين ڪٽنب اهڙا هئا، جن جو خاص ڪم جان وٺڻ يعني جاندارن کي مارڻ هو. انهن ماڻهن ۾ طبقاتي فرق يا درجي بندي ڪانه هئي، نه چوپائي مال جي انفرادي ملڪيت جو وٽن ڪو رواج هو. چوپائي مال جا ڌڻن جا ڌڻ ميدانن ۾ گور چرندا رهندا هئا. مرد توڙي عورتون پنهنجا وار وڍي ننڍا ڪندا هئا، ۽ ٻڌ ٻِڪشن وارا ڪپڙا ڍڪيندا هئا، حالانڪ اهي مذهبي اصولن ۽ عقيدن کان بلڪل بيخبر هئا. هڪ طرف جتي ملڪي آباديءَ جي وڏي اڪثريت، ڪم از ڪم نالي ماترئي، ٻڌ ڌرم جي پوئلڳ هئي، اتي يوئان چانگ اهو به ٻڌائي ٿو ته ”سِن-تُو“ ۾ هندو ديوتائن جي پوڄا پاٺ لاءِ اٽڪل ٽيهه مندر موجود هئا؛ هو انهن جي پوڄارين لاءِ پنهنجي نفرت جي دستوري اظهار ڪرڻ کان نٿو مڙي (19). ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ جو ڏاکڻو راڄ اڪثر صورتن ۾ ”سن-تو“ جي ڏکڻ واري ملڪ جهڙو هو، پر ان جي ڪن مخصوص ڳالهين ياتريءَ جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪايو. مثلاً اتان جا گهر خوبصورت ۽ نفيس عمارت سازيءَ جي نموني جا هئا، جيڪا ڳالهه انهن ۾ اڪريل پٿر جي استعمال جي شاهدي ڏئي ٿي، ۽ اهي ”قيمتي شين سان پر“ هئا. انهيءَ مان ان جي سامونڊي واپار جو خيال پيدا ٿئي ٿو، پر هن جي لکڻين ۾ ڪٿي به ڪنهن اهڙي سامونڊي بندر جو ذڪر ڪونهي، جيئن هن اڀرندي هندستان ۾ ”تان-مو-لي-تي“ بندر جي موجود هئڻ جو ذڪر ڪيو آهي (20). مون پنهنجي پهرئين جلد ۾ هن راءِ ڏيڻ جي جرئت ڪئي آهي ته جنهن هنڌ کي يوئان چانگ ”کائي-ٽسي-چي-فا-لو“ ملڪ جو دارالحڪومت وارو شهر چوي ٿو، سو پنهنجي مشهور معروف مهيشور مندر سميت، گهڻو ڪري اهو ساڳيو شهر هوندو، جيڪو عربن کي ديبل جي نالي سان معلوم هو؛ پر اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته قديم تذڪرن مطابق، ڏاکڻي صوبي جي گاديءَ وارو شهر خود برهمڻ آباد هو، جنهن ۾ اهڙي ئي مندر جي موجودگي بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿي. ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ وري ”پي-ٽو-شيهه-لو“ نالي واري الهندي صوبي ۾، يوئان چوانگ اها ڳالهه ڏٺي ته ٻنهي صوبن ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائجي رهي هئي، تنهن ۾ مرڪزي هندستان واري ٻوليءَ کان ڪافي گهڻو اختلاف ۽ فرق نظر اچي رهيو هو. مندرن ۾ پوڄا لاءِ ايندڙ پوڄارين جو وڏو تعداد پڻ هندو فرقي جو هو، جيڪي پنهنجي بت تي رک يا چيڪي مٽي مليندا هئا؛ ممڪن آهي ته اهي گجرات کان آيل جين ڌرم جا ڊگمبر هجن. يوئان-چوانگ طرفان سنڌ جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويئي آهي، سا هن جي هر وقت پنهنجي مذهبي مهم سان وابسته هجڻ ۽ هردم هن جي انهيءَ ڌن ۾ مگن رهڻ سبب، غير معتبر ۽ محدود آهي. هن جي لکڻين مان اسين هن ملڪ جي سخت ۽ ڪٺور طبع رهاڪن ۾ هڪ فوجي ۽ ويڙهو قوم جو وجود ته محسوس ڪري سگهون ٿا، پر اسان کي انهن جي رسمن ۽ رواجن، ادارن ۽ تنظيمن، انتظامي مشينريءَ يا مواصلات متعلق ڪو به اهڙو سراغ نٿو ملي، جن جي آڌار تي ايتري وسيع ملڪ تي اتان جو ملڪي نظام قائم هو ۽ هلي چلي رهيو هو. هاڻي اسين هڪ اهڙي واقعي تي اچون ٿا، جنهن ۾انهن سڀني ڳالهين جي عملي طور آزمائش ٿي ويئي. مون اڳيئي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي هڪڙي بادشاهه مڪران کي ڌارين جي حملي کان بچائڻ لاءِ اوڏانهن پيشقدمي ڪئي هئي، ۽ ان جنگ ۾ هن کي شڪست کائڻي پيئي هئي. ان واقعي جي ڳالهه ٻن روايتن جي صورت ۾ موجود آهي. اسين تذڪرن واريءَ روايت جو جائزو اڳيئي وٺي چڪا آهيون، جنهن ۾ مقابلو ڪندڙ سهرس ثاني ۽ ”نمروز“ جو بادشاهه آهن، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اسان هيءَ راءِ ڏني آهي ته سن579ع کان پوءِ آيل دور بلڪل اهڙي حالت پيدا ڪئي، جنهن ۾ اهو واقعو ائين ئي ٿيو هوندو، جيئن ان جو بيان ڪيو ويو آهي. ٻي روايت اسلام جي اوائلي دور جي تاريخ مان نڪري ٿي، ۽ ان جي وقوع ٿيڻ سان يعني سن 644ع (مطابق 23 هجري سال) بابت ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي. عربن، سن 21هه (مطابق 642) ۾ نهوند جي ميدان ۾ شاهه يزدجرد تي آخري فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ خليفي (حضرت) عمر (رضه) جي هدايتن هيٺ، ايراني شهنشاهت جي ماتحت صوبن کي پنهنجي مفتوح علائقي سان ملائڻ جو ڪم شروع ڪيو. انهن صوبن کي، شڪست کاڌل شهنشاهه، جيڪو پنهنجي سر جي بچاءَ لاءِ پاڻ ڀڄندو لڪندو ٿي رهيو، پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو، ۽ انهن کي مرڪز وٽان ان سلسلي ۾ ڪابه رهنمائي ۽ هدايت ڪانه ملي رهي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهن مان هر هڪ صوبي کي هڪ هڪ ڪري فتح ڪيو ويو، ۽ انهن مان سڀ کان پويون صوبو مڪران هو، جنهن عربن جي اطاعت قبول ڪئي. اسان کي مورخ يفائي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهو صوبو هڪ مَلِڪ جي حڪومت ۾ هو، جنهن جو نالو سعد هو، جنهن سنڌ جي مَلِڪ کان مدد طلب ڪئي، ڇاڪاڻ ته ”مڪران جي حڪومت جو سنڌ جي مٿان انحصار هو.“ ”.... اهو مَلِڪ، جنهن بيشمار هاٿين سميت لاتعداد لشڪر گڏ ڪيو هو، پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ فوج وٺي، ملڪ سعد جي مدد لاءِ نڪتو. جيئن ئي انهن تيارين جي خبر ڪرمان پهتي، ته عبدالله بن عبدالله انهيءَ ملڪ ۾ پنهنجي پٺيان هڪ نائب ڇڏي، جيڪا به فوج موجود هئي، تنهن کي وٺي، ٻين عرب سردارن ۽ سپهه سالارن جي مدد لاءِ نڪري پيو، جيڪي اڳيئي مڪران موڪليا ويا هئا.“ عبدالله، انهن اڳين فوجن سان گڏجڻ کان پوءِ سنڌ جي حڪمران جي لشڪر تي رات جو حملو ڪيو، جنهن ۾ کيس مڪمل ڪاميابي نصيب ٿي. اهو بادشاهه مارجي ويو، سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ڀڄي ويو ۽ اٿاهه مال غنيمت عربن جي هٿ آيو، چيو وڃي ٿو ته عبدالله مال غنيمت جو پنجون حصو خليفي عمر رضه ڏانهن موڪليو ۽ کانئس پڪڙيل هاٿين جي نيڪال ڪرڻ متعلق هدايتون گهريون: اهي کائڻ لائق نه هئا، ۽ خود جيئري رهڻ لاءِ تمام وڏو قوت گهري رهيا هئا: ان کان علاوه انهن تي سواري ڪرڻ جهڙا ڪي لغام به وٽن ڪين هئا. هن خليفي کان سنڌ ۾ اڳتي يلغار ڪرڻ جي اجازت پڻ گهري. خليفي عمر رضه کي جيئن ته مڪران جي آبهوا ۽ طبعي حالت متعلق ڪي خوش ڪندڙ خبرون نه مليون هيون، ۽ ان سان گڏ کيس اهو به ٻڌايو ويو هو ته مڪران کان پري جيڪو ملڪ (سنڌ) هو، سو وري انهيءَ کان به وڌيڪ خراب ۽ ڏکيو هو، ان ڪري هن عبدالله کي اهو حڪم موڪليو ته هو اتان کان اڳتي پيشقدمي نه ڪري. باقي هاٿي ”مڪاني مَلڪن“ کي فروخت ڪري ڇڏڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو، جن انهن جي واپار مان ڪافي رقم ڪمائي. اهو بيان ”تاريخ گُزيده“ مان ورتل آهي، جنهن جي مصنف کي ريناڊ هڪ محتاط ليکڪ شمار ڪيو آهي ۽ جنهن جي تصديق حسن بن محمد شيرازيءَ طرفان ”منتخب التواريخ“ ۽ ڪجهه تفصيلن جي فرق سان ”حبيب السير (21)“ ۾ پڻ ڪئي ويئي آهي. سپهه سالارن جا نالا هر هڪ ڪتاب ۾ مختلف آهن، جيڪا ڳالهه، بهرحال، ڪا غير فطري ڪانهي، ڇاڪاڻ ته انهن جنگين ۾ مختلف ننڍا ننڍا لشڪر جدا جدا هنڌن تي مصروف هئا. انهيءَ جنگ کي، جيڪا سنه 23هه ۾ ٿي، هڪ ٻيءَ تاريخي سند ۾ ”نديءَ واري جنگ“ سڏيو ويو آهي- ندي مان مراد شايد مڪران جي مشڪيل نهر هجي. ان ۾ سنڌ جي حاڪم جو نالو مَلِڪ رَسَل ٻڌايو ويو آهي، پر هو اها ڳالهه نه ٿو ڪري ته هو ڪو مارجي ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته ”چچ نامي“ وارو نالو، سهرس شايد ”سري رسل“ جي بگڙيل صورت هجي. ”منتخب التواريخ“ وارو سنڌ جي حڪمران کي هڪ خطاب ڏئي ٿو، ۽ چوي ٿو ته ”سنڌ جي ٻوليءَ ۾ هو پنهنجي مَلِڪ کي، بلڪل انهيءَ نموني سان ”زبنيل“ چون ٿا، جهڙيءَ طرح عجم جي مَلِڪ کي ڪسريٰ ۽ روم جي مَلِڪ کي قيصر جو لقب ڏنو وڃي ٿو.“ ”مجمل التاريخ“ ۾ وري اهو چيل آهي ته ”ڪابل ۽ سنڌ جي بادشاهن کي ”رتبيل“ چيو ويندو آهي.“ انهيءَ نالي جي عربي اکرن کي، هڪ کان ٻيءَ ٻوليءَ جي حرف ۾ جدا جدا صورت ملي سگهي ٿي. ايليٽ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته ”رنبل“ نالي واري ڪابل جي حڪمران، مڪران واريءَ جنگ کان اٽڪل پنجاهه سال پوءِ، اسلامي لشڪرن جو جيڪو ڪامياب ۽ جگري مقابلو ڪيو هو، ان سبب هن جي شخصيت کي جيڪا عام شهرت ملي، تنهن هن کي پوءِ جي وقائع نگارن لاءِ ”هند جي سرحدن تي لڙيل مذهبي جنگين جي ڪيترين ئي عربي ڪهاڻين ۾ هڪ سورمي يا مرڪزي شخصيت طور پيش ڪرڻ جو جواز موجود ڪري ڏنو“ (22). سنڌ جا حڪمران اهو خطاب استعمال ڪندا هئا يا نه، تنهن کان قطع نظر، هڪ هيءَ ڳالهه صاف نظر اچي رهي آهي ته هن هنڌ اسان جو واسطو راءِ گهراڻي جي هڪ بادشاهه سان آهي. اهو بادشاهه گهٽ ۾ گهٽ چچ ڪونه هو. اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي باقي رهجي وڃي ٿو ته ڇا سنڌ جا ٻه حڪمران مڪران جي مهم دوران—جن مان پهريون سيستان جي ماتحت حاڪم جي طرفان انهيءَ صوبي (مڪران) تي قبضي ڪرڻ جي حق تي اختلاف ڪندي، ۽ ٻيو عربن جي خلاف خود مڪران جي گورنر جي واهر ڪرڻ لاءِ ويندي- مارجي ويا هئا، يا ٻيئي روايتون هڪ ۽ ساڳئي واقعي سان واسطو رکن ٿيون. ونسينٽ سمٿ پنهنجي ڪتاب ”دي ارلي هسٽري آف انڊيا“ ۾ پوئينءَ يعني ”عرب روايت کي ترجيح ڏئي ٿو، ۽ هيءَ ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت قائم هئي، ۽ اهو گهراڻو هڪ ٻيءَ، پر تاريخ جي صفحن تي نه آيل، شڪست ۾ ختم ٿي ويو. هو چوي ٿو ته ”ياتري طرفان سودرا فرقي جي ٻڌ ڌرم واري جنهن بادشاهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو سهرس راءِ پٽ ديواجي هوندو، جنهن جو وارث سندس پٽ سهاسي هو. سهرس راءِ جي بادشاهيءَ جي دوران هر دم فتحياب عرب لشڪر، جيڪي ان وقت پنهنجي پهرئين جوش و خروش ۾ هئا، مڪران (بلوچستان) ۾ داخل ٿيا، ۽ سهرس راءِ هنن جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ کيس شڪست ملي ۽ هو پاڻ مارجي ويو. حمله آورن جو مڪران تي سن 644ع جي آخر ۾ دائمي قبضو ٿي ويو، ۽ اٽڪل ٻه سال پوءِ، سهاسي، جيڪو پاڻ به ڌارئي دشمن جو مقابلو ڪندو رهيو، پنهنجي پيءُ وانگر انهن جي هٿان مارجي ويو.“ اهو پويون خيال هڪ بيان جي غلط فهميءَ تي مبني نظر اچي ٿو، جيڪو ميجر ريورٽيءَ طرفان هڪ مختلف موضوع تي لکيل مضمون ۾ غلطيءَ وچان اچي ويو آهي (23). هيءَ بدنصيبيءَ جي ڳالهه چئبي، جو اسان کي راءِ سهاسي ٻئي جي راڄ جي مدت متعلق ڪنهن به قسم جي ڪا خبر مليل نه آهي، ان هوندي به ”چچ نامي“ ۾ ڏنل بيان تي شڪ ڪرڻ جو اسان وٽ ڪافي سبب ڪونهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو پنهنجي بستري ۾ ستي پنهنجي قدرتي موت مئو هو (24). سنڌ کي خليفي عمر رضه جي طرفان پنهنجين فوجن کي مشرق طرف اڳتي وڌڻ کان منع سبب سک جي ساهه کڻڻ جي جيڪا فرصت ملي سگهي هئي، تنهن ۾ اسلامي شهنشاهت اندر اڀرندڙ داخلي جنگين ۽ اختلافن سبب ڪافي وڌيڪ عرصي جو اضافو اچي ويو. ٿي سگهي ٿو ته عربيءَ ٻوليءَ جي قديم ۽ بلڪل اوائلي دور جي ڪتابن منجهان هڪ ڪتاب ”فتوح البلدان“ ۾ ان جي ليکڪ البلاذريءَ ”نديءَ واري جنگ“ جي ذڪر کي هن ڪري نظر انداز ڪيو هجي. جو جيتوڻيڪ ان جنگ ۾ مسلمانن جي فتح ٿي هئي، پر ان جي باوجود ان ۾ اسلامي فوجن کي پٺتي هٽڻو پيو هو، ۽ اهي اڳتي وڌي نه سگهيون هيون. انهيءَ مورخ جي مطابق مڪران جي فتح جو واقعو وبهارو کن سال پوءِ معاويه جي حڪومت ۾ رونما ٿيو هو (25). انهيءَ وچ ۾ مسلمانن جي دٻاءَ جو رخ قلات ۽ ان کان مٿي اتر واري ملڪ طرف ٿي ويو، ۽ اوڏانهن اهو وڌندو رهيو ٻئي طرف، البلاذري اسلام ۽ سنڌ جي درميان پهرين مقابلن جو وقت، ديبل تي سمنڊ رستي ڪيل ڪاهه جي صورت ۾، هجري سن جي پندرهين يا سورهين سال ۾ ڏيکاري ٿو؛ پر هو انهن بيانن جي سلسلي ۾ انهيءَ زماني جي سنڌ جي بادشاهه بابت ڪجهه به نٿو چوي. ”چچ نامي“ ۾، بهر حال، انهيءَ واقعي کي چچ جي حڪومت واري دور ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ۽ هن جي طرفان سنڌ جي تخت کي ڦٻائڻ واري واقعي کي هجري سن جي ٻئي سال (يا ٿي سگهي ٿو ته هجري سن جي ڏهين سال) سان منسوب ڪيو ويو آهي. صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي انهيءَ دور جي واقعن متعلق لکندڙ لاءِ مختلف تاريخي سندن جي بيشمار اختلافن ۽ تضادن ۾ مطابقت آڻڻ ناممڪن آهي. توڻي کڻي اسين ”چچ نامي“ جي سالن کي، جيئن انهن ۾ ايليٽ طرفان ترميم ڪئي ويئي آهي، بنيادي طور صحيح قبول ڪريون. تڏهن به اسان کي اها ڳالهه مجبور ٿي تسليم ڪرڻي پوندي ته يوئان چوانگ غلط فهميءَ وچان برهمڻ چچ کي سودر سمجهيو هو- ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ جڏهن اهو ياتري دوري تي آيل هو، اهو چچ ئي سنڌ جو حڪمران هوندو، جنهن پس منظر ۾ ۽ جنهن تفصيل سان اها ڳالهه لکي ويئي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته نالن جي اها تبديلي، ڪنهن نقل نويس جي غلطيءَ ڪري، سڌي سنئين نموني هڪ ذات جي بدران ٻيءَ ذات جي لکجي وڃڻ جهڙي غلطي نٿي ٿي سگهي. اسان کي عرب تاريخ نويس جي مزيد انهيءَ بيان کي به رد ڪرڻو پوندو، جنهن موجب سنڌ جي هڪ راجا سن 643ع ڌاري مڪران ۾ وڃي شڪست کاڌي، ۽ اتي مارجي ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ چچ ئي راجا هوندو ۽ هو ڪنهن به اهڙي جنگ ۾ ملوث ڪونه ٿيو هو. انهيءَ ڳالهه کي هن طرح سمجهڻ سان البت انهن تضادن ۾ مطابقت آڻي سگهجي ٿي ته اها سڄي ڳالهه سنڌي داستانن مان کنئي ويئي هئي، ۽ ان ۾ رنگ ڀري هڪ اهڙيءَ عرب فتح طور پيش ڪيو ويو ، جيڪا خيالي هئي ۽ ڪڏهن وقوع پذير ٿي ئي نه هئي. مسٽر بي.ڊي.ميرچنداڻي انهن دشوارين کي خيال ۾ ئي نٿو آڻي، ڇاڪاڻ ته هن جي راءِ ۾ ”سِن-تُو“ نالي ملڪ، جنهن ۾ يوئان چوانگ آيو هو ۽ جنهن جو هن ان جي ماتحت ۽ مفتوح علائقن سميت بيان ڏنو آهي، سو راءِ گهراڻي وارن جي ملڪ سنڌ کان بلڪل هڪ مختلف ملڪ هو، هن کي يقين آهي ته اهو پويون ملڪ ئي ان زماني ۾ برهمڻ چچ جي حڪمرانيءَ هيٺ هو، جڏهن ياتري ”سِن-تُو“ ۾ ويو هو، جنهن جو راجا سودر فرقي جو هو. يوئان چوانگ طرفان ان ملڪ جي ”جابلو لوڻ“ (سينڌي لوڻ) جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن جي روشنيءَ ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته اهو ”سِن-تُو“ نالي ملڪ ضرور پنجاب ۾ هوندو؛ پر هڪ اها ڳالهه ان کي ”چچ نامي“ واريءَ سنڌ بادشاهيءَ کان جدا ٻئي ملڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، جنهن جي ملتان پرڳڻي لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ان جي سرحد لوڻ وارين ٽڪرين کان به پرتي ڪشمير سان لڳندي هئي. جيڪڏهن ”سِن- تُو“ نالي وارو ملڪ ديره جات سان ٿلهي ليکي به مطابقت رکي ها ۽، جيئن مسٽر ميرچنداڻيءَ راءِ ڏني آهي، جيڪڏهن ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ لس ٻيلو هجي ها، ته پوءِ اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل ٿي پوي ٿي ته ياتري”سِن-تُو“ کان سڌيءَ طرح، يعني ”چچ نامي“ واريءَ سنڌ بادشاهيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي، جهڙوڪ سيوستان صوبي جي ٻڌيه يا وري ”آ-فين-تئو“ ۽ ”پي-تو-شيهه-لو“ وچان، جن کي مسٽر ميرچنداڻيءَ ڪڇي ۽ جهالان وارا ماتحت صوبا سمجهي ٿو، گذرڻ کان سواءِ اتي ڪيئن پهتو! ڇاڪاڻ ته ياتري ”لينگ-تئن-ڪا-لو“ جي ڏورانهين ملڪ کان موٽڻ تي، جيڪڏهن هو ”اي-تئين-پو-ٽچي لو“ کان ٿيندو ويو هو، فقط انهن نالن وارن ٻن پرڳڻن وچان ئي لنگهيو هو. وري، ياتري لکي ٿو ته آخري نالي وارو صوبو نه فقط ”سمنڊ جي ويجهو هو“، پر ”سنڌو نديءَ تي“ پڻ آباد هو، ۽ لس ٻيلو ائين (سنڌونديءَ تي آباد) ناهي. آخر ۾، جيڪڏهن ائين سمجهه جي ته”سِن-تُو“ ٻڌ ڌرم واري راءِ گهراڻي جي سنڌ بادشاهيءَ کان بلڪل ٻيو ملڪ هو، ته پوءِ ڇا، اها ڳالهه عجيب و غريب معلوم نه ٿيندي، ته يوئان چوانگ پنهنجي ياترا جي سفر ۾ ٻڌ ڌرم جي مڙهين ۽ ٺُلهن سان ڀريل آخري نالي واري انهيءَ ملڪ کي ائين ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو، جنهن جون اهي ئي مڙهيون ۽ ٺُلهه، جيڪي سندس ياترا جي زماني ۾آباد ۽ انسانن سان ڀريل هئا، اڄ به، جيڪڏهن اسين چاهيون ته، اسان جي ڏسڻ لاءِ موجود بيٺا آهن؟ توڻي کڻي اهو ملڪ انهيءَ زماني ۾ هڪ برهمڻ حڪمران جي ماتحت هو، پر اهو (چچ) تعصبي نه هو، ۽ سنڌ جا امير امراءَ ۽ عام رعايا ۽ ماڻهو ته ٻڌ ڌرم جا عقيد تمند هئا (26). ائين پيو نظر اچي ته مسٽر ميرچنداڻيءَ جو ٻن علحده ۽ مختلف بادشاهين جو هيءَ نظريو انهيءَ دور جي تاريخي واقعن جا جيڪي سن ۽ خصوصاً راءِ جي تخت تي چچ جي غاصبانه قبضي جو جيڪو سال چچ نامي ۾ ڏنل آهي، ان تي بِنهه اکيون پوري اعتبار ڪرڻ جو سڌو سنئون نتيجو آهي. آءٌ ايندڙ بابن ۾ خود ”چچ نامي“ جي اندروني شهادت مان اهو ڏيکارڻ جو ارادو رکان ٿو ته انهيءَ ”تذڪري“ جو، هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت ۾، قدر ۽ درجو محدود آهي، ۽ تفصيلن جي سلسلي ۾ ته اهو بنهه ناممڪن ڳالهين سان ڀريو پيو آهي. انهن ناممڪن ڳالهين جو مجموعي اثر تمام گهڻو ٿو ٿئي؛ اسين هن اندازي ڪرڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته يوئان چوانگ جي سنڌ جي ياترا وقت راءِ سهاسي ٻيو اتان جو بادشاهه هو، هو عربن سان جنگ ڪندي سن 643ع ۾ مارجي ويو. هن لاءِ مڪران جي ”مَلڪ“ جي مدد لاءِ وڃڻ جو سبب لس ٻيلي ۾ سندس پنهنجي ئي علائقي جو بچاءُ ڪرڻ هوندو (27). ڇاڪاڻ ته اها غير امڪاني ڳالهه ناهي ته اهو سنڌ جي سيستان صوبي جو ئي هڪ ڀاڱو هو. ان کان اڳ، انهن ڏينهن ۾ جڏهن ايران جي حڪومت ”هڪ عورت جي هٿن ۾ هئي“، سنڌ جي حڪمران جي ڪرمان ڏانهن فاتحانه مهم-اها زبردست پيشقدمي، جيڪا ”چچ نامو“ چچ ڏانهن منسوب ڪري ٿو، عين ممڪن آهي ته راءِ سهرس يا سندس پيءُ طرفان اختيار ڪئي ويئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه هن واقعي جي روشنيءَ ۾ ائين هجي، جو ”تاريخ-گزيده“ ٻڌائي ٿي ته مڪران جي سرڪار سنڌ جي ماتحت هئي. ٻئي طرف يوئان چوانگ جڏهن ”يينگ-ڪا-لو“ (لس ٻيلي ۽ مڪران) وچان لنگهيو هو، تڏهن کيس اهڙي ڪنهن تعلق جي ڄاڻ نه هئي، ۽ ممڪن آهي ته اهو تعلق هونئن ڪافي حد تائين ختم ٿي ويو هجي، پر وقت پئي اهو وري ائين نئين سر تازو ٿي پيو هجي. انهيءَ جي آڌار تي اسان کي ”چچ نامي“ ۾ بيان ڪيل چچ جي بادشاهيءَ جي سال ۽ ان جي متعدد واقعن جي سالن کي رد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه ملندو. ايندڙ باب ۾ اسين ڏسنداسين ته عين ممڪن ڳالهه هيءَ آهي ته انهن برهمڻن جن اها معلومات مهيا ٿي ڪئي، جنهن جي بنياد تي ان قديم تحرير، يعني ”چچ نامي“ جو اهو حصو ائين بيهاريو ويو، تن جو مقصد هن کي سندس ٻڌ ڌرم وارن پيشروئن جي ڀيٽ ۾ هڪ عظيم بادشاهه طور پيش ڪرڻ هو ۽ ان ئي خيال کان هنن سندس بادشاهيءَ جي مدت کي اصلي مدت کان ذري گهٽ ٻيڻو ڪري ٻڌايو هو. ائين پيو معلوم ٿئي ته عرب تاريخ نويس چچ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه ٻڌو، تنهن هن کي ڪافي موهي وڌو هو، ۽ هن انهيءَ برهمڻ کي هڪ ”شاهاڻي ڪافر“ جي ڪردار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ.، هن جي داستان ۾، خود پنهنجي عرب قوم جي ذوق جي معيار مطابق، ڪافي گهڻيءَ رومانوي رنگ آميزيءَ کان ڪم ورتو آهي. نوٽ (1) ”جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بينگال“، جلد XVI ص 80. (2) ايس. ايس. هوديوالا، ”اسٽڊيز ان انڊو- مسلم هسٽري“، ص 1-80؛ سي. ايف. ريورٽي، ”نوٽس آن افغانستان“، ص 4-563. (3) بي.ڊي. ميرچنداڻي، ”سنڌ ائنڊ دي وائيٽ هَنس“، جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي، 5-1964ع ۾، ص 85-61؛ سي. ايف. راپسن، ”انڊين ڪوائنس“، ص 1-30؛ ڪننگهام ”ليٽر انڊو- سٿينس، وائيٽ هنس، آر ايفٿيلائٽس“، نيومسمئٽڪ ڪرانيڪل ۾ 1894ع، ص 93-243 تائين، سي. وي. وئديه ”هسٽري آف مڊي ويئل انڊيا“، ج-ا ص 19؛ ۽ ميرچنداڻيءَ طرفان ڏنل حوالن واريون ٻيون سندون. (4) گُرجرن لاءِ ڏسو ونسيٽ سمٿ جو مضمون، جي. آر. اي. ايس 1909، ص 6-53، 287-248 ۾، ولڀي لاءِ سمٿ جي ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو ص 6-295. (5) ”چچ نامو“، ترجمو مرزا قليچ بيگ، ڪراچي، 1900ع، ص 11. هن ڪتاب جو اصلي نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو. اهو ڪتاب، جيڪو سنڌ جي عرب فاتح محمد بن قاسم جي ساٿين مان هڪ جي پوئين وٽ الور ۾ سانڍيل هو، سو نامعلوم سال ۾ لکيل هڪ عربي مخطوطي مان علي بن محمد ڪوفيءَ طرفان سنه 613 هه ۾ فارسيءَ ۾ ڪيل ترجمو هو. تفصيلن لاءِ بهتر آهي ته مرزا جي انگريزي ترجمي کي يو-ايم دائود پوٽي جي فارسيءَ ۾ لکيل جديد تنقيدي ڇاپي، ۽ مخدوم امير احمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ترجمي سان جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1954ع ۾ ڇاپيو ويو آهي، چڪاسي ڏسڻ گهرجي. (6) ”تحفته الڪرام“ جي مطابق اها جنگ ڪيچ وٽ لڙي ويئي هئي، جي. ايس. بي، جلد IXV، ص 79. (7) فردوسي، ”شاهنامه“، ترجمو وارنر، ج IV، ص 3-241، 297. (8) جي-اي-ايس-بي XVI، ص 79. (9) سر ايس-ايليٽ ”هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 139. (10) جي-اي-ايس-بي، ج XIV. (11) ايڇ-ريورٽي، ”دي مهران آف سنڌ ائنڊ اٽس ٽربيوٽريز“، ص 488، نوٽ 566. (12) ايليٽ، ص 4-413. (13) بحواله يوئان چوانگ جو ڪوسلا، ولڀي، ڪپيسا، ۽ گرجرا بابت بيان (جيولين، وائي ڊي هيائوئين ٿسانگ، ص 185، 370، 392، 409). برهمڻ کي ”پو-لو-مين“ لکيو ويو آهي، ايضاً، ص 391، سي ايف؛ پڻ ڏسو ص 451. ”مو-تي-پائو-لو“ (ماتي پور) جي بادشاهه کي ”سيو-تي-او-لو“ (سودرا) چيو ويو آهي. ايضاً، ص 1-420. (14) ايم-ريناڊ ته بنان ڪنهن رک رکاءَ جي چيو آهي ته ”هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته....... سودر هو-“ ”ميمائير سر ايل اندي“، ص 153. (15) جيولين، حوالو ڏنل ڪتاب ص 409، 370. (16) ٽي-واٽرس، ”آن يوئان چوانگس ٽرئولس ان انڊيا“، (لنڊن 1905ع). واٽرس جي اعتراضن جي باوجود هن ڳالهه ۾ ڪوشڪ ٿي نٿو سگهي ته ”مائو-لو-سان-پو-لو“ ملتان هو. (17) واٽرس، مٿي ڏنل حوالي واري ڪتاب جو ج 2، ص 3-252؛ سي- ايف ڪننگهام، ”اينشنٽ جاگرافي آف انڊيا“، ص 249؛ 259 هيگ، ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 34. (18) واٽرس، مٿي ڏنل حوالي واري ڪتاب، ج 2، ص 8-257. يوئان چوانگ بهرحال چوي ٿو ته اهو ملڪ ايران جي ماتحت هو. (19) واٽرس، حوالي ڏنل ڪتاب، ج 2، ص 3- 252. (20) جيولين، حوالي ڏنل ڪتاب، ص 450. (21) ريورٽي، ”نوٽس آن افغانستان“، ص 9-568، ريناڊ، ”ميمائير سر ايل اندي“، ص 171. (22) ايليٽ، ج 2، ص 9-416؛ ريورٽي، ”نوٽس آن افغانستان“، ص 568. (23) ونسينٽ سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو، ص 9-328؛ ريورٽي، ”دي انوينشن آف چيس“ (شطرنج جي ايجاد) جي-اي-ايس-بي (1902ع) ص 9-48، 52. (24) ڊاڪٽر ايڇ-سي-ري راءِ ڏئي ٿو ته راءِ گهراڻو سنه 643ع ۾ ختم ٿي ويو، جنهن مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته مڪران واريءَ لڙائي ۾ راءِ سهاسي ٻيو مارجي ويو هو، ۽ اهو ئي موقعو چچ جي تخت غصب ڪرڻ جو هو. پر انهيءَ لاءِ ڪابه سَنَد موجود ڪانهي.ري، ”ڊنائيسٽڪ هسٽري آف ناردرن انڊيا“ ج 1، ص 45. (25) البلاذري چوي ٿو ته اهو صوبو صِنعان پٽ سَلمه طرفان فتح ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ تي قبضو به ان ڪيو هو، جنهن کي معاويه جي ماٽيجي ڀاءُ، فارس جي مشهور وائيسراءِ، زياد، سرحدي لشڪر جو مهندار مقرر ڪيو هو. پر هو لکي ٿو ته ابن الڪلبي انهيءَ فتح جو سهرو حڪم بن جلال العابديءَ جي مٿي تي رکي ٿو. ”هسٽورينس آف سنڌ“، چ 1 (ايليٽ ائنڊ ڊاسن، ايڊن) سوسيل گپتا، ڪلڪته 1955ع، ص 18. (26) بي-ڊي-ميرچنداڻيءَ ”هيوئن ٽسيانگ جي سن-ٽو بادشاهيءَ جي سڃاڻپ“، جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي، ج 40-39، 5-1964ع. ايضاً ”ان هيوئن تسيانگس ٽرئولس ان بلوچستان“ جرنل آف انڊين هسٽري، XLV، ڀاڱو 2، نمبر 134، آگسٽ 1967ع؛ ڏسو چچنامه (قليچ بيگ) ص 11-10. (27) يوئان چوانگ طرفان ”پي-تو-شيهه-لو“ جي متعلق ڏنل بيان لس ٻيلي سان ٺهڪي ٿو اچي. (10) چچ جو قبضو سنڌ جي راءِ گهراڻي پنهنجي جاءِ برهمڻ حڪمرانن کي ڪهڙيءَ طرح ڏني، تنهن جي متعلق اسان وٽ فقط هڪ (1) ئي بيان آهي. انهيءَ بيان جي رومانوي دلچسپيءَ- هڪ نوجوان خوبصورت پنڊت جي ڪهاڻي، جنهن قسمت جي چڪر مان خوب فائدو ورتو ۽ هڪ طاقتور بادشاهه بڻجي ويٺو- هن جي نالي کي هڪ اهڙي ڪتاب جي اصلوڪي نالي جي جاءِ ڏني آهي، جنهن جو تعلق هندستان ۾ مسلمانن جي فتوحات سان آهي. ”فتوحات جو ڪتاب“ ڦري ”چچ جو ڪتاب“ بڻيو آهي. ان جي باوجود هن حڪمران جو نالو تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪو نه ٿو ملي. ”ڪشميري تذڪري“ ۾ هڪ مقامي غاصب جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جو نالو ”ججا“ آهي، ۽ جنهن اٽڪل ٽن سالن تائين پنهنجي ڀيڻيوئي، جئه پدا جو تخت والاريو، پر انهيءَ لکت ۾ سنڌ جي همسايه بادشاهيءَ جي واقعن جو ڪوبه حوالو نٿو ملي (2). هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ”ججا“ انهيءَ نالي جي صحيح صورت آهي، جنهن کي مسلم مصنف اسان تائين ”چچ“ (3) جي صورت ۾ پهچايو آهي، ۽ جنهن لاءِ اسين سمجهون ٿا ته اهو هن جي سڪي تي اڪريل هوندو. پر سنڌ جي برهمڻ بادشاهن جو ڪو به سڪو هن وقت تائين دريافت نه ٿيو آهي. انهيءَ ڪري اسان ”چچ نامي“ جي انهيءَ حصي جي صداقت يا عدم صداقت جو اندازو، انهيءَ معلومات سان جيڪا اسان کي پاڙيسري ملڪن جي حالات ۽ واقعات، ۽ خاص طرح بلوچستان ۾ عربن جي ڪاررواين متعلق، حاصل آهي، خود ان جي اندروني شهادتن کي ڀيٽڻ بعد لڳائي سگهون ٿا. جيئن اسان ڏٺو آهي، راءِ سهاسي ٻيو پنهنجي پيءُ جي مرڻ تي ان جي پوريءَ بادشاهيءَ جو وارث بڻيو، ۽ هن جي بادشاهيءَ جو زمانو امن امان وارو رهيو. هن جي بادشاهيءَ جي امڪاني مدت متعلق سڄي گهراڻي جي حڪومت جي دور کي خيال ۾ آڻڻ سان ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو؛ انهيءَ ڪري ان گهٽ اهميت وارو سوال تيسين پاسيرو رکي، پهريائين ان وڏيءَ اهميت جي مسئلي کي نبيرڻ ضروري ۽ مناسب ٿو لڳي. راءِ وٽ رام نالي هڪ برهمڻ وزير هوندو هو، جيڪو ائين پيو معلوم ٿئي ته هن جي پاران مڪمل اختيارات جو مالڪ هو. انهيءَ اعليٰ درجي واري امير وٽ هڪڙي ڏينهن هڪ نوجوان برهمڻ اچي حاضر ٿيو.هو الور جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ هڪ برهمڻ خاندان جو فرد هو. هن جو پيءُ سيلاج ۽ ڀاءُ چندر هڪڙي مندر جا خدمتگار هئا، ۽ هيءُ، يعني چچ. ذڪر ڪيل وڏي وزير وٽ نوڪريءَ لاءِ ويو هو. اتفاق سان هن کي پهرينءَ ئي ملاقات ۾ پنهنجي قابليتن جي مظاهري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن رام جي اڳيان پاڻ کي ڏاڍيءَ خوبيءَ سان موکيو، جنهن تي هن کي هڪدم نوڪريءَ ۾ رکيو ويو. ٿورو ئي عرصو پوءِ، وزير هڪ اهڙي موقعي تي غير موجود هو، جڏهن راءِ کي هن جي خدمات جي تڪڙي ضرورت هئي ۽ انهيءَ موقعي تي چچ هن جي نمائندگي نهايت ڪاميابيءَ سان ڪئي. تنهن تي راجا خود نوجوان چچ جي نوڪري نائب وزير جي حيثيت ۾ پڪي ڪئي، رام پنهنجيون ڳريون ذميداريون اهڙن قابل هٿن ۾ سونپڻ ۾ پاڻ راضي ٿيو، ۽ هن نيٺ پوڙهي وزير جي مرڻ تي، چچ بلڪل قدرتي طور هن جي جتيءَ ۾ وڃي پير وڌو. انهيءَ اهم ۽ مکيه عهدي تي پهچي، هن پنهنجي شهرت اڃا به وڌائي؛ ”هو عام رعايا سان شرافت، نهٺائيءَ ۽ رحمدليءَ سان پيش ايندو هو، تان جو ٿوري ئي عرصي ۾ هن جو سڄي بادشاهيءَ تي مضبوط قبضو ٿي ويو ۽ هن جو حڪم هر ڪوئي مڃڻ لڳو“. چچ جي زندگيءَ ۾ انهيءَ وقت ڦيرو آيو، جڏهن راءِ سهاسيءَ هن کي پنهنجي راڻيءَ، سُهنديءَ جي موجودگيءَ ۾ ملاقات جو شرف بخشيو، جيڪا هن نوجوان خوبصورت برهمڻ تي عاشق ٿي پيئي. شاهي جوڙو بي اولاد هو ۽ سهاسي مڪمل طور پنهنجي زال جي اثر هيٺ هو، جيڪا بظاهر زوردار ارادي ۽ اوڏي ئي زور دار جذبي ۽ جوش جي مالڪ هئي. ان کان پوءِ واقعات انساني فطرت تي مبني دنيا جي ٻين به سوين عشقي افسانن جي طرز تي هڪٻئي جي پٺيان رونما ٿيا. راڻيءَ هڪ حرفتي دلالڻ جي ذريعي چچ ڏانهن پيغام روانو ڪيو؛ چچ هن کي اهڙو جواب موڪليو، جنهن ۾اهڙن جذبن جو اظهار هو، جيڪي سندس صورتحال جي مطابق هئا؛ هن لاءِ پنهنجي آقا جي زال سان سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جو خيال ئي نفرت لائق هو-ڇاڪاڻ ته هو هڪ وفادار نوڪر، هڪ هوشيار ماڻهو ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ برهمڻ هو: ”آءٌ اهو شرمناڪ ۽ نفرت جوڳو ڪم ڪري پاڻ کي داغ نه لائيندس. تون ڪڏهن به مون مان اهو مقصد حاصل نه ڪري سگهندينءَ“. پر هن جيڪي ڪجهه چيو ۽ بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي جيڪي به محسوس ڪيو، تنهن جو سڄو اثر عشق ۽ محبت جي سڪايل راڻيءَ جي هن منٿ ڪرڻ تي هاڪار ۾ ختم ٿي ويو، ته هو جنهن وقت راجا جي حاضريءَ ۾ اچي، تڏهن کيس پاڻ سان ملاقات جي اجازت ڏئي. ان کان پوءِ مخفي ملاقاتون شروع ٿي ويون، ۽ چچ جا سڀ مضبوط ارادا پاڻي ٿي ويا. سهاسي پنهنجي راڻيءَ توڻي وزير جي وفاداريءَ ۾ يقين رکندو هو، ان ڪري هو ٻيءَ هر ڳالهه ڏانهن انڌو هو؛ چچ ۽راڻي پنهنجي ليکي هوشياريءَ سان هلي رهيا هئا، ۽ جيتوڻيڪ هڪ درٻاريءَ کي شڪ پئجي چڪو هو ۽ هن راجا کي اهڙو اشارو به ڏنو ته معاملو ڪجهه گڙٻڙ آهي، پر هو ڪنهن تي به ڪن ڌرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. چچ وزير جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ اڳي کان به وڌيڪ محنت سان ڪم ڪندو رهيو، ۽ جيئن ته هن کي بادشاهه جي مڪمل پٺڀرائي ۽ پورو پورو اعتماد حاصل هو. ان ڪري سنڌ ۽ ان جي ماتحت علائقن تي هن کي مڪمل ۽ مطلق اختيار حاصل رهيو. اتفاق سان سهاسي بيمار ٿي پيو، ۽ راڻيءَ کي ڏاڍو فڪر اچي لڳو. هن چچ جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ته جيئن ته بادشاهه بي اولاد آهي، ان ڪري هن جي مرڻ تي تخت و تاج سندس ويجهن عزيزن مان ڪنهن نه ڪنهن کي ورثي ۾ ملندو ۽ اهي سڀ راڻيءَ جا بدخواهه هئا. هو راڻيءَ کي پنهنجي ملڪيت کان محروم ڪندا ۽ شايد هن کي زندهه به نه ڇڏين. ٻئي طرف، جيڪڏهن چچ هن سان گڏجي مضبوطيءَ ۽ همت سان ان بحران جي وقت ۾ ڪم ڪندو، ته ان صورت ۾ هو نه فقط کيس بچائي سگهندو، پر ان سان گڏ تخت ۽ تاج تي به سندس پنهنجو قبضو ٿي سگهندو. چچ کي اهو خيال آيو هوندو ته جيڪڏهن سهاسيءَ جي مائٽن مان ڪو هن جو جائنشين بڻيو، ته ان صورت ۾ راڻيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال خود سندس لاءِ پيدا ٿيندي. پوءِ ته هنن گڏجي، جيئن راجا ڪمزور ٿيندو ويو، هن جي حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ ۽ ان تي قبضي ڪرڻ جي سازش سٽي. منصوبو سڄو سُهنديءَ جو سٽيل هو، ۽ چچ محض هن جي چوڻ تي عمل ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته قديم لکت ۾ بيان ڪيل اهي طريقا، جن تي هنن عمل ڪيو، دل مان گهڙيل افسانا هجن، پر منصوبي جا ڪجهه عنصر نمايان طور امڪاني نظر اچن ٿا، راجا جي موت کي راز ۾ رکيو ويو—سندس علاج ڪندڙ طبيبن کي محل ۾ نظربند ڪري ويهاريو ويو- ۽ راڻيءَ ۽ وزير پنهنجي اعتبار جوڳن ملازمن ۽ ساٿين سان گڏجي راجا جي انتهائي بااثر مائٽن کي دوکي سان محل اندر گهرائي قيد ڪيو، ۽ پوءِ اهو اعلان ڪيو ته راءِ سهاسي صحتياب ٿي رهيو هو، پر هن کي پنهنجي خلاف سازش جو سراغ مليو هو، جنهن مطابق سندس اهي مائٽ کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽي رهيا هئا! ان کان پوءِ انهن سڀني کي، راجا جي فرضي حڪمن هيٺ، هڪدم قتل ڪرايو ويو- ۽ جيئن ته گهڻي وقت کان وٺي چچ جي قول کي خود سندس آقا جو چيو ڪري سمجهيو ويندو هو، چچ جي اهڙي بيان کي عام طور سچ سمجهي قبوليو ويو، ۽ پوءِ هن ڏوهه جي سازش ۾سڀني شريڪ ماڻهن کي وڏا وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن غلط فهميءَ ۾ڪم ڪيو هو، ۽ اهي پڻ، جيڪي ڄاڻي ٻجهي چچ جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. پوءِ سڄيءَ بادشاهيءَ جي سڀني وڏن وڏن جاگيردارن ۽ نوابن کي ڪوٺايو ويو ۽ کين اهو اطلاع ڏنو ويو ته راءِ سهاسي کي اڃا به صحتياب ٿيڻ جي اميد آهي، پر هن انهيءَ وچ ۾ چچ کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي، راڻيءَ وري، انهيءَ موقعي تي گهڻن ئي بااثر نوابن ۽ دوستن تي فراخدلانه انعامن ۽ اڪرامن جي بارش ڪري، ڳالهه کي بهتر بنايو، ۽ انهن ماڻهن کي جاگيرون عطا ڪيون، جنهنڪري انهن سڀني وفاداريءَ ۽ فرمانبردايءَ جو حلف کنيو. ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه جي موت جو اعلان ڪيو ويو. اسان کي اهو اندازو ڪرڻ گهرجي ته هن جي لاش کي خفيه طور اڳيئي ساڙيو ويو هوندو-ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آبهوا انهيءَ معاملي ۾ دير مدار جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگهي. اهو نظر نه ٿو اچي ته سازشين راجا جي لاش جي ڪوڙي ۽ جعلي جلوس جو انتظام ڪيو يا پاڻ کي ايتريقدر طاقتور سمجهيو، جو اها پرواهه نه هين ته ماڻهو ان باري ۾ ڇا سمجهندا. سندن خيال ۾ هڪ ئي ڳالهه هئي، جنهن جي پورائيءَ ۾ هو هر طرح جي اهتمام ۾ لڳا رهيا، پوءِ ماڻهو ڀلي ته جيئن وڻين تيئن وڃي سمجهن. تخت ۽ تاج کي ڦٻائڻ جي سلسلي جو اهو پهريون مرحلو اهڙيءَ طرح ڪاميابيءَ سان سر ڪيو ويو. انهيءَ نقطي تائين ڪهاڻيءَ جو قدر، سچي پچي تاريخ جي عڪس طور، ان جي امڪاني ۽ غيرامڪاني هئڻ جي متعلق اسان جي پنهنجي ذاتي خيالن کان وڌيڪ مضبوط ٻئي ڪنهن معيار ۽ پيماني سان نه ٿو ماپي سگهي. ليڊي مئڪبيٿ وانگر مضبوط قوت ارادي رکندڙ ڪيترن ئي هندستاني راڻين جون اهڙيون حوصله مند ڳالهيون مشهور آهن، جن پردي جي پٺيان رهندي واقعات کي پنهنجي مرضيءَ موجب پئي موڙيو ۽ مرتب ڪيو آهي. ڪيترن موقعن تي برهمڻ وزيرن به پنهنجي راجائن کي، جن جي خدمت ۽ وفاداريءَ جو اهي دم ڀرڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، تخت تان لاهي، سندن جاءِ پاڻ والاري آهي (4) ٿي سگهي ٿو ته ٻئي ڪنهن برهمڻ جو اهڙو ساڳيو مثال نه هجي، جنهن عين اهڙيءَ طرح رت جي درياهه مان لنگهي، تخت تي ناجائز طور قبضو ڪيو هجي جيئن چچ ڪيو، پر چچ هڪ ڀيرو پنهنجي ضمير جي خلاف عمل ڪري، ۽ زورآور سُهنديءَ جي تسلط هيٺ اچڻ کان پوءِ، حالات جي وهڪري ۾ اڳتي وڌندو رهيو. هو ان سلسلي ۾ پاڻ کي ائين چئي سمجهائي پئي سگهيو ته ٻين برهمڻن کي به، جيڪي ٻين هنڌن تي هندستان ۾ تخت تي قابض ٿي ٿيا، پنهنجي اعليٰ جاتيءَ جي مخصوص روايتن کي ترڪ ڪري، کشتري فرقي وانگر هلڻو چلڻو ۽ عمل ڪرڻو ٿي پيو. اسان کي انهيءَ زماني جي سنڌ جي سماج متعلق تمام ٿوري ڄاڻ حاصل آهي؛ پر بعد جي زماني جي تاريخ، جنهن تي اسين آڌار رکي سگهون ٿا، ڏيکاري ٿي ته هتان جا ماڻهو مجموعي طور شاهي خانداني انقلابن ڏانهن حيرت انگيز طور بي نياز ۽ بي پرواهه رهيا آهن، ۽ سندن رتبي ۽ رسوخ وارا ماڻهو گهڻو ڪري اڀرندڙ سج جي پوڄا ڏانهن مائل رهندا آيا آهن. چچ اڳيئي ثابت ڪري چڪو هو ته هو حڪومت ڪري سگهڻ جو اهل هو؛ هاڻي هن اهو به ڏيکاريو ته هو ملڪ جي وڏ گهراڻن نوابن ۽ خاندانن تي اعتماد ڪرڻ ۽ سندن شان ۽ شوڪت کي گهٽائڻ بدران، ان ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ تيار هو. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته بادشاهي مرڪز واري سنڌ صوبي ۾ ماڻهو چچ جي حڪومت کي تسليم ڪري چڪا هئا، ۽ سابق حڪمران گهراڻي مان ڪي اهڙا شخص به بچيل ڪين هئا، جيڪي هن سان بادشاهي اقتدار جي سلسلي ۾ رقابت ڪري سگهن. جيستائين چئن ماتحت صوبن جو تعلق آهي، اتي الور واريءَ مرڪزي حڪومت جي اختيار ۽ اقتدار جو سڄو دارو مدار بادشاهه ۽ گورنرن جي مخصوص ذات ۽ شخصيت ۽ انهن جي درميان قائم ٿيل باهمي ذاتي تعلق جي نوعيت تي رهندو هوندو. راءِ جي وزير جي حيثيت ۾، چيو وڃي ٿو ته چچ جو انهن تي پورو پورو ضابطو قائم رهندو آيو هو؛ پر، بادشاهه جي نائب جي حيثيت ۾ هڪ مشڪوڪ نوعيت جي محلاتي سازش کان پوءِ، هو انهن جي وفاداري ۽ فرمانبرداري ترار جي زور کان سواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان ايترو جلد ۽ ايتريءَ آسانيءَ سان حاصل ڪرڻ جي اميد نه پئي رکي سگهيو. انهيءَ وچ ۾، هن کي جو ڪجهه حاصل ٿي چڪو هو، تنهن جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻاهرئين حمله آور سان کيس مقابلو ڪرڻو پيو. اها حقيقت ته ملڪ تي سندس قابض ٿيڻ کان ٿوروئي پوءِ ان قسم جو مقابلو کيس ڪرڻو پيو، هڪ دستوري ۽ فطري ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي؛ پر ان مقابلي متعلق تذڪري ۾ جيڪي تفصيل بيان ڪيل آهن، تن مان گهڻا تڻا نهايت غير امڪاني معلوم ٿين ٿا. مختصر طور، چيو ويو آهي ته ”جتور“ جو بادشاهه راءِ سهاسيءَ جو ڀاءُ هو- پر اسان کي انهيءَ لفظ مان سؤٽ جو مطلب وٺڻ گهرجي- جنهن کي راءِ سهاسيءَ جي موت جي خبر ڇهن مهينن کان پوءِ پهتي؛ هن جائز وارث هئڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جي پنهنجي لاءِ دعويٰ ڪئي، ۽ هڪ وڏي لشڪر سان ان تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ هن چچ کان سندس آڏو پيش پوڻ جو مطالبو ڪندي، کيس سندس اڳوڻي وزارتي عهدي تي بحال رکڻ جي آڇ ڪئي. هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ”جتور“ مان مطلب ”جئپور“ آهي،۽ نه ”چتور“، پر ٻنهي صورتن ۾ انهيءَ علائقي جي صحيح سڃاڻپ جي راهه ۾ هڪجهڙي مشڪلات درپيش آهي. اهي ٻيئي جايون راجپوتانا جي اڀرندي طرف آهن ۽ ساڳئي وقت انهن علائقن ۽ سنڌ جي وچ ۾ عظيم گرجرا بادشاهيءَ حائل هئي. انهن جا سردار گهڻو ڪري ان بادشاهي جي پاريهر حڪمران جا باجگذار ۽ شايد کشتري نسل جا هئا. هيءَ ڳالهه انتهائي غيرامڪاني معلوم ٿئي ٿي ته اهڙي اعليٰ مرتبي وارا امير سنڌ جي گهٽ خاندان وارن راءِ بادشاهن سان شاديءَ ۽ سڱابنديءَ ذريعي تعلق رکندا هجن؛ ۽ هيءَ ڳالهه ويتر وڌيڪ غير امڪاني نظر اچي رهي آهي ته انهن جو بالاحاڪم پنهنجي سرحد وچان کين لشڪر سميت لنگهي سنڌ جي بادشاهي فتح ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ها. هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته جيڪڏهن اسين انهيءَ ملڪ کي سنڌ جي پاڙيسري ملڪ طور تسليم ڪرڻ ۾ صحيح آهيون، جيڪو هن وقت جيسلمير جي نالي سان مشهور آهي، ته پوءِ اها ڪوشش رمل جي سردار طرفان شايد سندس بالاحاڪم گرجرا قوم جي بادشاهه سان طئي ڪيل انتظام ۽ سندس اڳواٽ منظوريءَ سان ڪئي ويئي هوندي (4/اي). ”تذڪري“ ڏانهن واپس ورندي، اسان کي جيڪي ٻيا مناظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي تاريخي رومان جي بهترين روايت مطابق آهن، پر ان جي باوجود هيءَ ڳالهه تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته اهي واقعا انهن ڳالهين سان پوريءَ طرح ٺهڪن ٿا، جيڪي هن کان اڳ ۾ اچي چڪيون آهن. چچ پنهنجي محبوبه کان صلاح پڇي ٿو، سُهندي مٿس کلي ٿي ۽ چوي ٿي، ”آءٌ ته پردي ۾ رهندڙ هڪ عورت آهيان.جيڪڏهن مون کي ٻاهر نڪري وڙهڻو آهي، ته پوءِ منهنجا ڪپڙا پاءِ ۽ تون هتي ويهه، ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته آءٌ ٻاهر وڃي جنگ ڪريان..... جڏهن هيءَ بادشاهي تنهنجي قسمت ۾ آئي آهي، ته پوءِ توکي منهنجي مشوري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ پنهنجي ڪمر ڪشي هڪ گجندڙ شير وانگر ڪڏندو ٻاهر نڪر...... پنهنجي دشمن جي صفن ۾ اندر گهڙي، انهن کي منجهائي ڇڏ، ۽ هڪ مرد وانگر اڳتي وڌ.“ اهڙيءَ طرح، شرمسار ٿي، چچ پنهنجو لشڪر گڏ ڪيو، ۽ ان جي مهنداري پاڻ ڪئي، اهڙي قبضي جو هڪ دلچسپ خواه امڪاني واقعو هيءُ آهي ته هاڻي هن مخالف ڌر جي نمايان ۽ اهم شخصيتن کي قيد مان آزاد ڪيو، جيڪي سابق حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ کان وٺي جيل ۾ رهيا هئا، ۽ هن کين انعامن ۽ اڪرامن سان نوازي ۽ ڪجهه وعدا وعيد ڏيئي، سندن وفاداري ڳنهي ورتي. انهيءَ ڳالهه مان گهٽ ۾ گهٽ هي اندازو ضرور ٿئي ٿو ته ملڪ تي ڪاهه ڪري ايندڙ کي اتان جي تخت تي جيڪا دعويٰ هئي، سا خود چچ جي دعويٰ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وزنائتي ڪانه هئي. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ زبردست جنگ ٿي، ۽ جيئن ته ڪنهن هڪ ڌر کي ٻئي جي مٿان نمايان فتح حاصل ٿيندي نه پئي معلوم ٿي، ان ڪري ”مهارت بادشاهه“ صلح جي شرطن طئي ڪرڻ لاءِ صلح مشورو ڪيو ۽ اها تجويز پيش ڪئي ته هو ۽ چچ دوبدو مقابلي ذريعي پنهنجون دعوائون طئي ڪن. چچ اها ڳالهه قبول ڪئي، پر هن هڪ شرط تي ته، جيئن ته هو هڪ برهمڻ هو ۽ شهسوار نه هو، ان ڪري هو ٻيئي پيادل مقابلو ڪن. اها ڳالهه مهارت قبول ڪئي؛ پر حرفتي چچ پنهنجي سئيس جي هٿان پنهنجو گهوڙو پنهنجي پٺيان گهرايو، ۽ جيئن ئي هو مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو، تيئن آخري گهڙيءَ ۾ ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ ان کي ڪڏائيندو اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي مخالف کي ترار سان ڌڪ هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ سنڌ جي لشڪر هڪدم نئين سر حملو ڪري دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو، ۽ چچ فاتح بڻجي الور واپس آيو. اهو واقعو اسان کي افضل خان سان شيواجيءَ جي دغابازيءَ واري مقابلي وارو واقعو ياد ڏياري رهيو آهي. چچ هاڻي برهمڻڪو لباس لاهي اڇليو، ۽ ”تذڪري“ مطابق، هن کان پوءِ هن جي سڄي زندگي هڪ انهيءَ اصول جي آڌار تي قائم رهي ته بادشاهه لاءِ سڀ ڪجهه مباح آهي. هن راڻيءَ سُهندي سان شادي ڪئي؛ ۽ جيتوڻيڪ اها ڳالهه مملڪتي معاملات جي سلسلي ۾، ۽ سندن ٻنهي جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي نقطي نگاهه کان اڻٽر ۽ رواجي معلوم ٿئي ٿي، ان هوندي به، ان زماني جي سخت سماجي روايتن کي خيال ۾ رکندي، هڪ برهمڻ جو هڪ رن زال سان ميل خيال ۾ اچي نٿو سگهي (5). وري، اسان کي هيءَ ڳالهه معلوم ڪري به، جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته به اوڏي ئي حيرت لڳي ٿي ته هن پنهنجي ڀاءُ چندر کي ”جيڪو سڀني تياڳي انسانن جو تاج“ هو، پنهنجو مندر ڇڏي، سندس ئي ماتحت الور جي نائبي قبول ڪرڻ لاءِ به آماده ڪيو. ان کان علاوه، چچ طرفان پنهنجي ڀاءُ کي هن باري ۾ مطمئن ڪرڻ لاءِ ته اهو سندس فرض هو، جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن، سي هندو عقيدي جو پڌري پٽ هڪ فضول، بي سروپا ۽ غلط تعبير آهن. دراصل، جيئن جيئن قصو اڳتي وڌندو وڃي ٿو، تيئن تيئن تفصيلات ۾ جيڪي غير امڪاني ڳالهيون نظر اچن ٿيون، سي وڌنديون وڃن ٿيون. چچ جو ٻيو قدم پنهنجي بادشاهيءَ جي ماتحت صوبن ۽ ڏورانهن پرڳڻن کي پوريءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ هو. هن لاءِ، جنهن کي سهاسيءَ جي وزيريءَ واري زماني ۾بادشاهيءَ جون سڀ انتظامي ڳالهيون آڱرين تي ياد هيون، ۽ جيڪو بادشاهيءَ جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ تي مڪمل ضابطو رکندو هو، هاڻي ٻڌايو ٿو وڃي ته هن کي پنهنجي بادشاهيءَ جي اڳوڻين سرحدن بابت پنهنجي وزير ٻُڌيمان سان صلاح مشوري جي ضرورت پيئي. ان مان هڪ امڪاني نتيجو اهو نڪري ٿو ته ان کان اڳ ۾ جيڪي به چيو ويو آهي؛ تنهن جي باوجود سهاسي ٻئي جي وزير جي حيثيت ۾ چچ طرفان جنهن بادشاهيءَ تي حڪومت هلائي ويندي هئي، سا ذري گهٽ انهن ئي سرحدن تي مشتمل هئي، جنهن جو ذڪر يوئان چوانگ ڪيو آهي، ۽ سهاسي پهرئين جي زماني ۾ بادشاهي گهڻي قدر وڌيڪ وسيع به هئي. ان جي باوجود، چچ انهيءَ بادشاهيءَ جي اڳوڻين حدن کان به بلڪل بي خبر ته ڪونه هوندو. هن مرحلي تي ”تذڪري“ ۾ بادشاهه ۽ وزير جي واتان جيڪي تقريرون ڪرايون ويئون آهن، سي محض رومانوي طرز ۾ لفظن جي اٿل پٿل آهن. چچ طرفان سنڌ جي بادشاهيءَ جي ٻاهرين صوبن ۽ علائقن کي دوباره حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي مهمون هلايون ويئون، تن کي ڪافي حد تائين تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. سڀ کان اڳ ۾ هن انهيءَ صوبي تي ڪاهه ڪئي، جيڪو بياس نديءَ جي ڪناري هو، ۽ هن ان جي ڏاکڻي ڪپ تي بيٺل قلعي ”بابيا“ تي حملو ڪيو، جنهن جي گورنر، نالي چَتيرا يا چَتر، هن سان جنگ ڪئي ۽ ان ۾ شڪست کاڌي. چَتر ڀڄي، وڃي قلعي اندر پناهه ورتي، ۽ جڏهن ان جي گهيري کي ڪجهه عرصو گذري ويو، تڏهن هو راتو رات قلعي مان ڪنهن طرح سان ڀڄي ويو، ۽ اسڪلند نالي صوبي جي گاديءَ واري شهر ڏانهن وڃي نڪتو. چچ هن جي پٺيان ويو، ۽ پنهنجي هڪ حاشيه بردار سان، جيڪو انهيءَ هنڌ موجود هو، ان باري ۾ خط و ڪتابت ڪيائين، جنهن ۾ هن کيس وعدو ڏنو ته جيڪڏهن هو چَتر کي قتل ڪندو ته کيس قلعي ۽ صوبي جو گورنر بنايو ويندو. انهيءَ سازش جي ڪاميابيءَ سان تڪميل ڪئي ويئي، ۽ شهر جا معزز چچ جي اڳيان پيش پيا، ۽ انهن نئين گورنر جي اطاعت ڪرڻ جو اقرار ڪيو. بادشاهه هاڻي ملتان ڏانهن پيشقدمي ڪئي، جيڪو هڪ وڏي پرڳڻي جي گاديءَ جو شهر هو، جنهن تي باجيراءِ نالي هڪ حڪمران حڪومت ڪندو هو، ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو راءِ سهاسيءَ جو ويجهو مائٽ هو. پهرين جنگ ”سِڪا“ نالي هڪ شهر تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي. جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”اڀرندي طرف ملتان جي سامهون“ هو. چچ بياس ندي پار ڪري ويو، ۽ دشمنن، باجيراءِ جي پٽ سيهوال ۽ سندس سؤٽ اَجئه سين کي، جنگي فن ۾ شڪست ڏيئي، ملتان طرف ڀڄائي ڪڍيو. انهيءَ وچ ۾ چچ ”سِڪا“ قلعي تي حملو ڪيو، ۽ سنڌ جي هڪ اهم ۽ وڏ گهراڻي نواب کي انهيءَ شهر جي چارج وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو. پوءِ هن راوي نديءَ کي پار ڪيو، جيڪا انهيءَ زماني ۾ ملتان جي ڏکڻ کان وهندي هئي، ۽ هن اتي راجا باجيراءِ جي مکيه لشڪر سان سخت جنگ ڪئي، جنهن کي پڻ آخر ۾ قلعه بند شهر ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ هڪ دلچسپ واقعو ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته باجيراءِ ڪشمير جي بادشاهه کي هڪ خط موڪليو، جنهن ۾هن کيس الور جي نئين بادشاهه، سيلاج برهمڻ جي پٽ چچ، جي خطرناڪ حد تائين وڌندڙ طاقت کان باخبر ڪيو ۽ مٿس زور ڀريو ته هو پنهنجي مفاد خاطر ملتان جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر ڏياري موڪلي. پر ڪشمير جو بادشاهه، باجيراءِ جي پيغام پهچڻ کان ٿورو وقت اڳي ئي مري ويو هو، ۽ سندس جائنشين هڪ نابالغ ڇوڪرو هو، ۽ هن جي بادشاهيءَ ۾ ان وقت زبردست گڙٻڙ هلي رهي هئي، مطلب ته ڪشمير انهيءَ موقعي تي ڪابه امداد ڏيئي نه پئي سگهيو ۽ باجيراءِ کي دشمن سان صلح ڪرڻ ۽ سندس هڪ شرط منظور ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو، جنهن مطابق هو، پنهنجي دوستن ۽ پوئلڳن سان گڏ، محفوظ پهري هيٺ، ملڪ ڇڏي، ڪشمير ڏانهن هليو ويو. چچ پنهنجي راجپوت سردارن منجهان هڪ کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو. اسان کي ”ڪشميري تذڪري“ جو مطالعو ڪندي هن واقعي سان مطابقت رکندڙ ڪوبه واقعو نظر نٿو اچي. معلوم ٿئي ٿو ته چچ ڪشمير جي ”ڪارڪوٽا“ خاندان جي پهرئين بادشاهه دُرلڀ ورڌن پرجن دتيه جو همعصر هو، جنهن سنه 626ع کان وٺي سنه 662ع تائين اتي راڄ ڪيو—هي اهوئي بادشاهه آهي، جنهن ياتري يوئان چوانگ جو پنهنجي بادشاهيءَ جو اوائلي حصي (7) جي دوران وڏيءَ مهمان نوازيءَ سان استقبال ڪيو هو. هو هڪ ڏاڍو طاقتور بادشاهه هو، جنهن جا قدم ميداني علائقي ۾ پختا ٿي ويا هئا، پر، ياتريءَ جي بيان مطابق، اتر پنجاب جو وڏو حصو ”چيهه-ڪا“ نالي هڪ خود مختيار ۽ آزاد بادشاهيءَ تي مشتمل هو، ۽ اها بادشاهي ڪشمير جي علائقن ملتان جي درميان حائل هئي. گهٽ ۾ گهٽ سن 641ع ۾، ملتان چيهه- ڪا بادشاهيءَ جو هڪ ماتحت صوبو هو، ۽ ائين ٿي سگهي ٿو ته باجيراءِ طرفان امداد لاءِ موڪليل درخواست دراصل ”چيهه-ڪا“ جي حڪمران ڏانهن ڪئي ويئي هجي، جيڪو انهيءَ رياست جو بالا حاڪم هو، ۽ اهائي رياست انهيءَ دور ۾جائنشينيءَ ۽ وراثت جي مسئلي جي دشوارين ۾ مبتلا هئي. چيو ويو آهي ته ملتان کان چچ ٽڪرين جو دامن وٺندو، رستي تي ڪنهن به مقابلي کان سواءِ ڪشمير جي سرحدن تائين پيشقدمي ڪندو هليو ويو. ظاهر آهي ته ان ۾ هو اهڙي ملڪ وچان گذريو هوندو، جيڪو جيهه-ڪا رياست جو هڪ حصو هوندو، جيتوڻيڪ تذڪري مان اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو سڄو علائقو سنڌ جي بادشاهيءَ ۾ ملتان (8) واري پرڳڻي جو هڪ حصو ئي هو! هن کي، بهرحال، ڪنهن به مخالفت جو منهن ڏسڻو نه پيو- برهمپور، ڪَروڙ ۽ اشهر جي گورنرن هڪٻئي جي پٺيان سندس آڻ مڃي- ۽ هن سرحدي علائقن ۾ پهچي، پاڙيسري سردارن تي رعب ڄمائي هنن کان امن قائم رکڻ جا اقرار ورتا. مشترڪه سرحدن مقرر ڪرڻ لاءِ ڪشمير جي بادشاهه جي نمائندن سان ڪنهن ملاقات ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ٿيل ڪونهي، جيتوڻيڪ چچ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو انهيءَ هنڌ تي پوري هڪ مهيني تائين ڇانوڻي لڳائي ويٺو هو. اها جاءِ چَڪلهار قلعي جي پاسي ۾ هئي، جيڪا ”ڪيهه“ يا ”ڪنڀ“ نالي جاءِ اوچائيءَ ۾ وڌيڪ مٿي هئي، اتي ”پنج ماهيت“ نالي هڪ نديءَ جي ڪناري تي- شايد اها جهلم ندي هئي- هن اهڙي طريقي سان ٻه وڻ پوکيا (جن مان هڪ اڇو چِيل ۽ ٻيو ديال جو هو) جو انهن جون شاخون هڪٻئي سان اچي ڳنڍجي بيٺيون. بظاهر اهي ٻيئي وڻ ٻنهي ملڪن جي علامت طور پوکيا ويا هئا. انهيءَ بيان ۾ استعمال ڪيل هيءَ رنگ آميزي اسان جي شڪ کي وڌائي رهي آهي ته اتر طرف چچ جي مهم جو ذري گهٽ سڄو بيان افسانو آهي، جيڪو هڪ طرح جو ”ڊگه وجيه“ آهي، جنهن جو مقصد محض هن جي ناموس ۽ شهرت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن جي طرفان سندس بادشاهيءَ جي ڏاکڻن علائقن ۾ ڪيل ڪارروايون البت وڌيڪ مضبوط ۽ پختن بنيادن تي بيٺل معلوم ٿين ٿيون. هو هڪ سال تائين الور ۾ قيام ڪرڻ کان پوءِ ”مهراڻ کي ”ديهايت“ نالي هڪ ڳوٺ وٽان پار ڪري، جيڪو سما ۽ الور جي درميان سرحدي ڳوٺ هو“، ٻُڌيه ۽ سيوستان طرف ويو. ٻُڌيه جي سردار جي نالي کي جدا جدا نموني لکيو ويو آهي، ۽ هوديوالا اها راءِ ڏيئي ٿو ته ”باگهو“ لقب يا ذات جي نالي جي اصلي شڪل شايد ”ڀڪو“ هجي، جنهن مان اهو انومان نڪري ٿو ته هو شايد ٻڌ ڌرم جو ٻائو هو (9) هن جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”ڪڪراج“ هو، جتان جي رهاڪن کي ”سيوي“ سڏيو ويندو هو. چچ حملو ڪري سيوُين جو قلعو قبضي ۾آندو- ڪن جي طرفان انهيءَ کي جديد ”سبي“ سمجهيو ويو آهي، حالانڪ ان ”سيوين“ جي شهر جو اتر طرف ايتري وڏي مفاصلي تي هئڻ غير امڪاني نظر اچي (10) ٿو،-- ۽ سردار جي پٽ پنهنجي پيءُ جي پاران آڻ مڃي. معلوم ٿئي ٿو ته هنن کي سندن سابق عهدن ۽ اختيارن تي اتي ئي قائم رکيو ويو. ائين پيو نظر اچي ته سيوستان ۾پڻ واقعن جي ڌارا ذري ۾ گهٽ ساڳيوئي رخ اختيار ڪيو؛ اتان جي ”مَتا“ نالي گورنر پهريائين مقابلو ڪيو، پر شڪست کائڻ تي هن پاڻ کي چچ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو. بادشاهه فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي، ”مَتا“ کي سندس اڳوڻي عهدي تي بحال ڪيو، پر ساڳئي وقت پنهنجن معتمدن منجهان هڪڙي کي شاهي مفادن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هن جي مٿان نظرداريءَ لاءِ مقرر ڪيائين. هاڻي، فقط برهمڻ آباد جو پرڳڻو هو، جنهن سان معاملو طئي ڪرڻ باقي رهيل هو. چچ جڏهن اڃا سيوستان جي پرڳڻي ۾ ئي هو، ته هن ”شهزادي“ اَگهم لوهاڻي کي آڻ مڃڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي ماڻهن هڪ قاصد کي رستي ۾ جهلي ورتو. جيڪو آگهم وٽان هڪ خط سيوستان جي ”متا“ ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو، جنهن ۾ اها رٿ پيش ڪيل هئي. ته هو ٻيئي گڏجي چچ جو مقابلو ڪن؛ ان لاءِ هن ”متا“ کي برهمڻ آباد جي علائقن ۾ پناهه ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي. پر ”متا“ آخرڪار هند جي طرف وڃڻ ۽ رمل جي بادشاهه ڀٽيءَ وٽ پناهه حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني (11). ”تذڪري“ ۾ هاڻي هڪڙو خط داخل ڪيو ٿو وڃي، جنهن ۾چچ آگهم لوهاڻي ڏانهن احتجاج موڪليو آهي شهزادي کي چتاءُ ڏنو ٿو وڃي ته هو پنهنجي اعليٰ خاندان ۽ نسل تي غرور نه ڪري، برهمڻ بادشاهه وڏيءَ دلير نه خوش فهميءَ سان کيس ٻڌائي ٿو ته خود هن جي پنهنجي ڪاميابي به محض خدائي مهربانيءَ جو نتيجو هئي. ”انهيءَ واحد خدا، لاشريڪ، بي مثال، دنيا جي خالق، مون کي سيلاج (سندس پيءُ) جي دعائن جي نتيجي ۾ بادشاهي ڏني آهي.“ ”اسان کي وڏي لطف ۽ ڪرم سان ٻنهي جهانن جي نعمتن سان نوازيو ويو آهي.“ هن هنڌ، چچ پاڻ کي هڪ خدا ۾ عقيدو رکندڙ ظاهر ڪري ٿو: جيتوڻيڪ اسان کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته هن ملتان ۾ هڪ بت جي اڳيان سجدو ڪيو ۽ قرباني پيش ڪئي. ”تذڪري“ جو مسلمان مصنف چچ جي زندگيءَ کان ايڏو ته متاثر معلوم ٿئي ٿو، جو ڪن وقتن تي هن کان اها ڳالهه بلڪل وسري وڃي ٿي ته هو هڪ ڪافر هو، هن سان غيرشعوري طور هڪ مسلمان جو نقطي نگاهه منسوب ڪري ڇڏي ٿو. هيءُ خط دراصل انهيءَ خط سان بلڪل قريبي مشابهت رکي ٿو، جيڪو محمد بن قاسم ديبل جي فتح کان پوءِ سنڌ جي راءِ ڏاهر ڏانهن هن جي هوڏ ۽ ڌڪار جي روش جي جواب ۾ موڪليو هو، جيڪا هو پوءِ به محمد بن قاسم جي سلسلي ۾ ڏيکاري رهيو هو. چچ هاڻي برهمڻ آباد طرف وڌيو، آگهم جي فوج کي شڪست ڏنائين ۽ ان کي ڀڄي قلعي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيائين؛ پر چچ لاءِ اهو قلعو اڏول ثابت ٿيو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي سال تائين بي نتيجي جنگ گهلبي رهي، ۽ اهو سڄو مقابلو وڏي ڀاڱي هڪ ٻوڌ ٻائي جي اثر جي سڌي نتيجي ۾پيش ٿي رهيو هو، جنهن لاءِ شهزادي توڙي سندس ماڻهن کي وڏو احترام هو. آگهم پاڻ گهيري ۾ مارجي ويو ۽ سندس پٽ سربند هن جو جائنشين مقرر ٿيو. ائين پيو معلوم ٿئي ته آخرڪار انهيءَ ٻائي، ٻُڌگوئي يا ٻڌراکو، کي نيٺ پڪ ٿي ويئي ته چچ کي نيٺ به ڪاميابي حاصل ٿيندي، ۽ پوءِ سربند چچ سان صلح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو صلح ”قبيلن جي سردارن جي وچ ۾ پوڻ سان ٿي سگهيو.“ صلح جا شرط بيحد نرم ۽ فائدي وارا هئا،۽ انهن هيٺ سربند کي چچ جي حڪومت ۾ اتان جي گورنر جي حيثيت ۾ قائم رکيو ويو. پهريائين ته بادشاهه ٻائي ٻڌراکو کان هن ڳالهه جي انتقام وٺڻ جو ارادو ڪيو، جو هن جي ڪري ئي قلعي جي گهيري ۽ جنگ ۾ ايتري ڊيگهه ٿي هئي. ”تذڪري“ ۾ ڄاڻايل آهي ته چچ ڪيئن هن وٽ ”نئو وهار“ نالي سندس مڙهيءَ ۾ ملڻ لاءِ پنهنجي محافظ دستي سان گڏ ويو، جن کي هدايت مليل هئي ته اهي طئي ٿيل اشاري ملڻ سان ٻائي کي هڪدم قتل ڪري ڇڏين. ٻائي ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءِ جي مظاهري ڪرڻ بدران، شاهي برهمڻ جو ڪو گهڻو آدرڀاءُ ڪونه ڪيو. چچ ظاهري نمونو ڪيو ته هو کيس سربند سان گڏي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ چاهي ٿو، پر ٻائي کيس رکائيءَ سان جواب ڏنو ته سندس مول مقصد ”ٻڌ جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻيءَ دنيا ۾ ڇوٽڪاري جي سامان حاصل ڪرڻ سان آهي.“ هن دنيائي معاملن ۾ چچ جي اختياريءَ کي فقط هن حد تائين تسليم ڪيو، جو سندس چوڻ تي هن شهر جي آباديءَ جي قريب اچي رهڻ منظور ڪيو؛ ساڳئي وقت هن ”ٻڌ جي پوکيل ٻنين“ لاءِ فڪر منديءَ جو اظهار ڪيو،جنهن مان سندس مقصد مڙهيءَ جي ملڪيت ۾ آيل زمينداري ملڪيتن سان هو. هن ڳالهين ڳالهين ۾ چچ جي واتان ٻڌ ڌرم جي خوبين جي تسليميءَ جا فقرا چوارايا، جنهن کان پوءِ چچ پاڻ ٻڌ راکوءَ کان پڇيو ته هو (چچ) ٻڌ ڌرم جي خدمت جي سعادت ڪهڙيءَ طرح حاصل ڪري ٿي سگهيو. ٻائي هن کي جواب هڪدم جواب ڏنو ته کيس ”نئو وهار“ مڙهيءَ جي نئينءَ اڏاوت جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو تمام قديم زماني جو هو، ۽ ڊهي رهيو هو. ظاهري طور چچ خوشيءَ سان ائين ڪرڻ قبول ڪيو ۽ هن کان موڪلائي روانو ٿي ويو. جڏهن کانئس هن جي وزير پڇيو ته توهان پنهنجي خيالن ۾ اهو ڦيرو ڪيئن آندو، ته هن اهو ڪمزور سبب ڏنو ته کيس مڙهيءَ ۾ هڪ خوفناڪ سايو نظر آيو. هن ڪهاڻيءَ جي لفظن مان اصلي مطلب ڪڍندي، اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته برهمڻ آباد جو صوبو سنڌ اندر ٻڌ ڌرم وارن جو مکيه ۽ مضبوط ڳڙهه هو، ۽ چچ اهو محسوس ڪيو ته هو اتي ڦهليل مذهب جي فائدي ۾ رهڻ سان ئي ملڪ تي قبضو قائم رکي سگندو. ٻوڌ اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي تعاون ۽ حمايت کان سواءِ هو اتان جي ”سخت ۽ ڪٺور فطرت“ رکندڙ جتن ۽ لوهاڻي قبيلي جي ماڻهن تي انهن سخت قاعدن ۽ قانونن کي مسلط ڪرڻ جي اميد ڪري نه پئي سگهيو، جن جو ”تذڪري“ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً مٿن سواريءَ لاءِ هني استعمال ڪرڻ جي منع، مٿي تي پٽڪي ٻڌڻ جي منع ۽ اوچن ڪپڙن پائڻ جي منع عائد ڪرڻ، ۽ ٻئي طرف هنن تي اهو لازم ڪري ڇڏڻ ته هو برهمڻ آباد جي حاڪم لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون مهيا ڪن، جيڏانهن وڃن اوڏانهن ڪتا ساڻ رکن، ۽ پنهنجي حاڪمن لاءِ جاسوسن ۽ سونهن جو ڪم ڏين وغيره. هن ڳالهه جو به امڪان نظر اچي ٿو ته اهي اڻ سڌريل ماڻهو، جيڪي بظاهر اُهي ساڳيائي ماڻهو هئا، جن يوئان چوانگ جي قول مطابق ”جان وٺڻ کي پنهنجو ڌنڌو بڻايو هو“، گهڻي زماني کان وٺي ملڪ لاءِ هڪ وڏي شامت بڻيا ٿي رهيا، ۽ چچ پهريون حڪمران هو، جنهن انهيءَ مسئلي کي اثرائتي طريقي سان هٿ ڳنڍيا. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اها ڳالهه هن حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ته هو انهيءَ صوبي جي ماڻهن کان سندس حڪومت کي تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيو. پر ”تذڪري“ ۾ آيل ڳالهين جي متعلق انهيءَ وقت اسان جو شڪ وري جاڳي ٿو پوي، جڏهن اسين چچ طرفان پنهنجي اقتدار کي پختي ڪرڻ لاءِ کنيل ٻين قدمن بابت احوال پڙهون ٿا. هن لاءِ چيو ويو آهي ته هن آگهم جي بيوه سان شادي ڪئي، جيڪا ڪافي وڏيءَ عمر جي عورت هوندي ۽ ان کان علاوه هوءَ گهٽ درجي جي ذات سان واسطو رکندڙ هئي. اسين هن ڳالهه کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون ته جيڪڏهن بادشاهه کي انهيءَ گهراڻي سان سڱابنديءَ رستي مٽي مائٽي قائم ڪرڻ جي ضروت محسوس ٿي ئي هئي، ته هو ان صورت ۾ يقيناً ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪنوار بنائڻ تي اصرار ڪري ها. مفتوح دشمنن جي بيواهن ۽ ڌيئرن سان شادي ڪرڻ جو رواج هندو راجائن جي بدران مسلمان فاتحن جو دستور رهيو آهي. انهيءَ کان به وڌيڪ ناقابل فهم اها جوابي مِٽي معلوم ٿئي ٿي، جنهن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اها مٽي چچ جي همت افزائيءَ سبب ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڀائٽئي دهسيه جي ڌيءَ جو سڱ اگم جي پٽ سربند کي ڏنو، جيڪو هاڻي سندس ماٽيلو پٽ بنجي چڪو هو. اهو دِهسيه چچ جي ڀاءُ چندر جو پٽ هو (14) (اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هو سندس وڏو ڀاءُ هو)، جيڪو جيتوڻيڪ الور جي گورنر جي عهدي تي فائز ڪيل هو، پر ان هوندي به هو اڃا تائين هڪ پوڄاريءَ ۽ تياڳيءَ جي زندگي گذاريندو ايندو هو. هو، گهٽ ۾ گهٽ، هڪ برهمڻ هو، ۽ انهيءَ صورت ۾ اها ڳالهه سمجهه کان بالاتر آهي ته هن پنهنجي پوٽيءَ لاءِ اهڙي رشتي جي منظوري ڏني هوندي. جيئن هوديوالا چوي ٿو ته هڪ برهمڻ شهزادي کان اهڙي ”سماجي ڏوهه“ ڪرڻ جي ڪنهن صورت ۾ اميد ڪري ئي نٿي سگهجي، جنهن ۾ هن کي پنهنجي گهراڻي جي ڪنهن ڇوڪريءَ کي هڪ لوهاڻي سان شادي ڪرائڻي پوي (15). هڪ طرف جتي اسين اهڙين بي معنيٰ ۽ منجهائيندڙ تفصيلن تي اعتبار نه ڪرڻ ۽ چچ جي اترين علائقن وارين مهمن جي وسعت ۾ شڪ جي اظهار ڪرڻ لاءِ آماده آهيون، اتي هن جي انهيءَ زماني تائين ڪيل بادشاهيءَ جي بيان کي ٿلهي ليکي سچو سمجهي سگهون ٿا. ان جو مطلب هي آهي ته هڪ غاصب کي، پنهنجي لاءِ حڪومت هلائڻ جي حق کي ثابت ڪري ڏيکارڻو هو، ۽ ائين ڪري ڏيکارڻ ۾ هن کي ٻن يا ٽن سالن جي سخت محنت ڪرڻ ۽ ڪشالن ڪڍڻ جي تڪليف برداشت ڪرڻي هئي. هن کي دارالحڪومت ۽ ان جي پسگردائيءَ وارو علائقو طاقت، دوکي ۽ سندس سابق آقا جي عقلمند بيوه جي اثر ۽ رسوخ سان ملي ويو. هن پنهنجي انهن اوائلي فائدن کي، اٿندي ئي، ڌارئي حمله آور جي خلاف پنهنجي ڪامياب بچاءَ ڪرڻ سان مستحڪم بنائي ڇڏيو. ٻاهرين چئن ماتحت صوبن منجهان ڪنهن هڪ به هن کي تيسين قبول نه ڪيو، جيسين انهن هن جي ترار جو زور نه ڏٺو، پر جڏهن هڪ دفعو هنن آڻ مڃي، تڏهن هن انهن کان ڪڏهن به انتقام نه ورتو. هو ته سيوستان واري ”متا“ جي طرفان سندس فراخدليءَ جي جواب ۾ برائي ڪرڻ کان پوءِ به، آگهم جي پٽ تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار هو. عملي طور هن جو اتان جي اڳ-موجود مفادن تي هڪ ئي حملو، جتن ۽ لوهاڻن کي دٻائڻ وارو، هو. جيڪو مفاد-عامه جي مقصدن لاءِ ڪيل نظر اچي ٿو: ٻئي طرف ”چچ نامي“ ۾ مختلف هنڌن تي ذڪر ڪيل ڪيترين ئي ڳالهين مان اسين اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته هن ملڪ کي سٺي حڪومت ڏيڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي (16). هڪ اهو حڪمران، جيڪو محض پنهنجي جدوجهد سان ئي اقتدار حاصل ڪندو آهي، سو گهڻو ڪري خارجي فتوحات جي ذريعي پنهنجي گهراڻي کي شان مان ۽ شهرت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هاڻي ”تذڪري“ ۾چچ کي بلڪل اهڙي ئي مهم لاءِ هڪ نئين رستي تي گامزن ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. گذريل باب ۾ اها ڳالهه ضروري سمجهي ويئي هئي ته ”چچ نامي“ ۾ ذڪر ڪيل واقعن جو اڳواٽ اندازو لڳايو وڃي ۽ هن امڪان ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪايو وڃي ته هيءَ خارجي فتوحات واري مهم دراصل چچ کان اڳ سنڌ جي ڪنهن تخت نشين طرفان شروع ڪئي ويئي هئي، ۽ ٻيو ته ”تذڪري“ ۾ چچ جي حڪومت جي سالن جو ڏنل سڄو ئي سلسلو غلط آهي. هن جاءِ تي هاڻي اهو ضروري بڻجي پوي ٿو ته انهن ڳالهين جي تفصيل سان جاچنا ڪجي، جيئن اهي اسان کي ”چچ نامو“ ٻڌائي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته هجري سنه جو ٻيو سال يا عيسوي سن جو 24- 623ع سال هو، جڏهن بادشاهه مڪران واري مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن انهيءَ لاءِ ان وقت موقعو مناسب سمجهيو، جڏهن ايران جي حڪومت جون واڳون خسرو پرويز جي مرڻ بعد هڪ عورت جي هٿن ۾ آيون. هاڻي، خسرو پرويز جي ٻن ڌيئرن مان پهرينءَ ملڪه پُرن دُخت ايران تي چند مهينن لاءِ حڪومت ڪرڻ واسطي دراصل سن 629ع يا 630ع کان اڳ ۾ تخت تي ڪانه ويٺي، ۽ سندس ڀيڻ، آزرمي دُخت هن کان به ٻه سال پوءِ تخت تي ويٺي. عرب تاريخ نويسن ٻنهي جي بادشاهين کي هجري سنه جي تيرهين ۽ چوڏهين سال ۾ رکيو. ”تحفته الڪرام“ جي مصنف طرفان ٻڌايو ويو آهي ته جتور جي مهارت تي چچ جي فتح ۽ هن جو سنڌ جي تخت تي براجمان ٿيڻ هجري سن جي پهرئين سال جا واقعا آهن. چچ جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ جيڪو هڪ ٻيو واقعو رونما ٿيندي ٻڌايو ويو آهي. سو ديبل جي بندر تي عربن جي ڪاهه آهي. بلاذريءَ جي مطابق، اهو واقعو هجري سن جي پندرهين يا سورهين سال ڌاري وقوع پذير ٿيو؛ ”چچ نامو“ اسان کي ٻڌائي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ چچ کي سنڌ جو بادشاهه بڻئي پنجٽيهه سال ٿيا هئا (18). سرهينري ايليٽ انهن اڻ ٺهڪندڙ ڳالهين کي چچ جي مهم جي سال لاءِ ”ٻئي“ جي بدران ”ڏهين“ (هجري سال) ۽ ٻئي بيان ۾ ”پنجٽيهن“ سالن جي بدران ”ٽن کان پنجن سالن“ پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر چچ جي راڄ جا سال جيئن ايليٽ جي تحقيق موجب ملن ٿا، انهن مطابق چچ سنڌ جي تخت تي سن 10هه ۾ ويهي ها، مڪران ڏانهن هن جي مهم جو آغاز سال 14هه (19) ۾ ٿئي ها. اهڙيءَ طرح سنه 15 هه ۾ ديبل بندر تي ڪيل عربن جي ڪاهه هن جي بادشاهيءَ جي پنجين سال ۾ ٿئي ها. اهڙيءَ طرح چچ ۽ سندس پونيرن جي بادشاهيءَ جو سڄو ميعاد، جيئن اهو ”تحفته الڪرام“ ۾ ڏنو ويو آهي، اسان کي هجري سن جي سال 93 تي آڻي بيهاري ٿو، جنهن ۾ اهو گهراڻو چچ جي پٽ ڏاهر جي شڪست ۽ موت سان يقيني طور خاتمي تي پهتو. هيءَ ڳالهه توجهه جي لائق آهي ته ايليٽ، جڏهن سالن جو هيءُ سلسلو ٺاهي ٿو، تڏهن هو عربن جي ديبل بندر تي ڪاهه لاءِ البلاذريءَ طرفان ڏنل سال کي شمار ۾ آڻي ٿو، پر هو سال 23-22 هجريءَ جي دوران مڪران ۾ رونما ٿيل واقعن جي اهميت کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو، جڏهن ”سنڌ جي بادشاهه“ لاءِ چيو ويو آهي ته هو عربن خلاف جنگ ڪندي اتي مارجي ويو هو (20). ان جي باوجود، ايليٽ جي حساب موجب اهو واقعو چچ جي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال ۾ رونما ٿئي ها، جيڪا ”تذڪري“ مطابق چاليهن سالن تائين هلي هئي!. هاڻي، اسان کي چچ جي مڪران واريءَ مهم ۾ سندس طرفان اختيار ڪيل رستي معلوم ڪرڻ لاءِ ”چچ نامي“ ڏانهن واپس هلڻ گهرجي، خواهه ان جي بيان ڪيل حقيقتن ۾ اسان کي ڪيترا به شڪ ڏسڻ ۾ اچن. هو سڀ کان اول ارمن بيل يا ارميل ڏانهن ڪاهي ويو، جيڪو عام طور جديد لس ٻيلي کي سمجهيو ويندو آهي. ”اهو شهر انهيءَ زماني ۾ ٻڌ ڌرم جي هڪ سامانيءَ جي هٿن ۾ هو، جيڪو راءِ سهرس، هند (سنڌ؟) جي بادشاهه، جي نائين جو جائنشين ۽ وارث هو، انهن کي سنڌ جي راءِ گهراڻي وارن سندن وفاداريءَ ۽ مڃتا سبب ان اوچي رتبي تي چاڙهيو هو. وقت گذرڻ سان، هن سامانيءَ فرمانبرداريءَ جو طوق ڳچيءَ مان لاهي ڇڏيو هو ۽ بادشاهه جو مخالف بنجي ويو هو.“ انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته راءِ گهراڻي جي زماني ۾ لس ٻيلو سنڌ جو ماتحت علائقو هو. انهيءَ سامانيءَ بهرحال چچ کي پنهنجو بالاحاڪم تسليم ڪيو ۽ ائين هن کي سندس عهدي تي پڪو ڪيو ويو، جيڪو هڪ صوبائي گورنرن جي عهدي کان وڌيڪ اوچو نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ بادشاهه مڪران ڏانهن ويو ۽ هن ”ڪنازبُر“ تي قبضو ڪيو ۽ قلعي جي نئين سر تعمير ڪرڻ ۽ ان ۾، هندستاني رسم موجب، صبح ۽ شام جو دهل ۽ موسيقي وڄائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان کان پوءِ اڳتي هلي، هو هڪ نديءَ جي ڪناري تي پهتو، جيڪا مڪران کي ڪرمان کان جدا ڪري ٿي—شايد اها ”دشت“ نهر هئي. هن اتي ٻنهي علائقن جي سرحد جي نشاندهيءَ نديءَ جي ڪناري تي کجور جي وڻن جي جهڳٽي پوکڻ سان بلڪل انهي ساڳئي نموني ۾ ڪئي، جيئن ڪشمير سان پنهنجي علائقي جي سرحد جي نشاندهي ڪئي هئائين. پوءِ هو ارمن بيل ڏانهن واپس موٽيو ۽ توران يعني (جهالاوان) جي رستي طرف ڦيرو ڪيائين، ۽ ”هن کي سامهون ٿيڻ جي ڪنهن کي به همت ڪانه ٿي، تان جو هو ڪندابيل اچي پهتو.... ماٿريءَ رستي جيڪا انهيءَ شهر جي پسگردائيءَ ۾ هڪ کليل ميدان ۾اچي پيئي ٿي. چچ اوچتو شهر تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪئي، پر ماڻهو اڳيئي قلعي اندر پناهه وٺي چڪا هئا.“ هو پوءِ سبي، سني يا سمني نالي هڪ نديءَ جي ڪناري تي ڇانوڻي هڻي ويهي رهيو، تان جو قلعي اندر ماڻهن جو سامان کٽي ويو ۽ هو مجبور ٿي سندس پيش پيا. هيءَ ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته انهن جيڪا سالياني خراج ڏيڻ قبول ڪئي، سا هڪ سو پهاڙي گهوڙن تي مشتمل هئي. هن ڳالهه ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته هن هنڌ تي اسان جو واسطو اتر ڪڇيءَ سان آهي، ۽ ڪندابيل اڄ جو گنداوه ئي آهي (22). ”تذڪري“ جي لکت موجب اها مهم راءِ چچ جي آخري هئي. هو پنهنجي بادشاهيءَ جي باقي سڄي دور ۾ الور ۾ مقيم رهيو، جيڪو مجموعي طور چاليهه سال هليو. ”چچ نامو“ سندس دور ۾ باقي جنهن اهم واقعي جو ذڪر ڪري ٿو، سو ديبل تي عربن جي ڪاهه آهي، جنهن جو حوالو مون گذريل باب ۾ ڏنو آهي. البلاذري جي ”فتوح البلدان“ مان ائين پيو معلوم ٿئي ته اها ڪاهه سمنڊ رستي هندستان جي ڪناري تي واقع آبادين تي، بحرين ۽ اومان جي گورنر عثمان ثقفيءَ جي چوڻ تي، انهن مختلف ننڍين ڪاهن مان هڪ هئي، جيڪي هجري سن 15 ڌاري هڪٻئي پٺيان ڪيو ن هيون. اهي ڪارروايون خليفي عمر (رضه) جي پاليسيءَ جي خلاف هيون، جنهن عثمان کي سندس حڪمن کان سواءِ اهڙن قدمن کڻڻ تي سختيءَ سان تنبيهه ڪئي. ديبل تي ان ڪاهه متعلق اسان کي فقط ايترو ٻڌايو ويو آهي ته عثمان جي ڀاءُ حَڪم، جيڪو بحرين جو حاڪم هو، ”پنهنجي ڀاءُ مغيره کي ديبل جي اپسمنڊ ڏانهن موڪليو، جنهن اُتي پهچي، دشمن سان مقابلو ڪيو، ۽ ان کي شڪست ڏني.“ ديبل يا سنڌ جي حاڪم جي نالي جي نشاندهي نه ڪئي ويئي آهي. خليفي عمر (رضه) جي بلڪل اها معقول ۽ مناسب راءِ هئي ته جيئن ته طاقتور ايراني شهنشاهت کي ڪيرائڻ جو ڪم اڃا سر نه ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري اسلام جي قوت کي ائين ضايع ڪرڻ نه گهرجي؛ ان کان علاوه اهڙين مهمن جي نتيجي ۾ اسلام جي ناموس ڪانه ٿي وڌي سگهي. ”چچ نامي“ ۾ ان کان مختلف ۽ ڪجهه وڌيڪ مفصل بيان ڏنل آهي: پر جتي ان ۾ ٻڌايل آهي ته مغيرا جنگ ۾ مارجي ويو هو، اتي ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته مغيرا جي باري ۾ ناقابل ترديد شهادت موجود آهي ته هو ڪيترا سال پوءِ به بصري جي ويجهڙائيءَ ۾ زنده ۽ سلامت موجود هو (23). پر هيءَ ڳالهه هرگز ناممڪن ناهي ته عربن کي شڪست ڏيئي ڀڄايو ويو هو. انهيءَ مهم جو مول مقصد، ٿي سگهي ٿو ته لٽ-مار هجي، ڇاڪاڻ ته ان موقعي تي ان ڳالهه جو ذڪر ٿيل آهي ته ديبل جا ماڻهو اڪثر ڪري واپاري طبقي جا هئا. چچ راءِ جي پاران ديبل جي حاڪم جو نالو سماه پٽ ڏيوائج ٻڌايو ويو آهي. خليفي پنهنجي تازي مقرر ڪيل عراق جي حاڪم کي لکي موڪليو ته هو کيس پنهنجين سرحدن جي حالات متعلق وقت بوقت خبرچار موڪليندو رهي: انهيءَ عملدار، ابو موسيٰ، هن ناڪامياب مهم جي خبر ٻڌڻ سان خليفي کي لکي موڪليو ته ”هند ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙو بادشاهه آهي، جيڪو ڏاڍو مغرور ۽ آڪڙ وارو آهي، ۽ هو گستاخيءَ سان هلڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو آهي“. هن اهو به مشورو ڏنو، حالانڪ خليفي کي اهڙيءَ صلاح جي ڪا ضرورت ڪانه هئي، ته هو ”هند بابت ڪوبه وڌيڪ خيال“ نه ڪري. جيئن ته هيءَ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته انهيءَ مهم جو سال 15هه هو، ان ڪري منهنجي راءِ مطابق اهو ”مغرور“ بادشاهه ڪنهن به طرح چچ ٿي نٿو سگهي. اهو گهڻو ڪري راءِ سهرس هو، جيڪو ”ربنيل“ جي شاندار خطاب جو مالڪ هو يا نه (جنهن کي ريورٽي ”رن-ٿيل“(يعني، جنگجو) ڪري پڙهي ٿو)، پر هن کي، بهرحال، سنڌ جي حاڪم ”مَلڪ راسل“ سان شناخت ڪرڻ گهرجي جيڪو اٽڪل ست سال پوءِ مڪران ۾ ”درياهه واريءَ جنگ“ ۾ مارجي ويو هو. اهڙيءَ طرح، اسان کي جيڪو مفروضو مڃڻو پوندو، پوءِ اهو ڪيترو به شڪ گاڏڙ ڇو نه هجي. سو هيءَ ئي ٿي سگهي ٿو ته چچ جي غاصبانه قبضي وارو واقعو سچ پچ پهرئين هجري سال ڌاري نه، بلڪ ستين صدي عيسويءَ جي ذري گهٽ وچ ڌاري رونما ٿيو هو، هن جي بادشاهيءَ جي مدت انهيءَ کان گهٽ، ۽ هن جون اولهه واريون فتوحات يقيناً، ۽ اتر واريون امڪاني حد اندر، انهيءَ کان گهٽ وسيع هونديون، جيتريون ”تذڪري“ ۾ بيان ڪيل آهن، هو خوش نصيب هو، جو هُن هڪ اهڙي دور ۾ پنهنجي گهراڻي کي قائم ڪيو هو. جنهن ۾ اسلام اندر خانه جنگين ۽ قبائلي جنگين جو سلسلو ڇڙي پيو هو. جنهن وقت عرب سپهه سالار انفرادي طور جهالاوان ۽ جهالاوان کان ڪابل تائين ۽ ان کان پري جابلو علائقي کي مطيع ڪرڻ ۾ مصروف هئا، تنهن دور ۾ سنڌ ۽ هندستان انهن جي حملن کان محفوظ رهيا. هيءُ سوال وري به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ته عرب وقائع نگار چچ جي قامت کي سندس ٻوڌ پيشروئن جي ڀيٽ ۾ ايڏو ڇو وڌائي پيش ڪيو؟ منهنجو خيال آهي ته هن کي چچ جي حڪومت واري زماني جي متعلق سڄي معلومات برهمڻن ذر يعن مان ملي هوندي. علي ڪوفي چچ جي پٽ ڏاهر جي بادشاهيءَ واري دور جي واقعن متعلق لکندي، گهڻن هنڌن تي چوي ٿو ته انهن لاءِ سندس سَنَد الور ۽ ٻين هنڌن جا برهمڻ هئا. ڏاهر جي ٻوڌي آفيسرن هڪ کان وڌيڪ موقعن تي، ويساهه گهاتيءَ کان ڪم وٺندي، ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه ڏياري،حمله آورن جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ته، سندن فوج جي مقابلي ۾، انهن ٻاهرين جي ڪاميابي هر طرح يقيني هئي. ٻئي طرف ڏاهر، هندو جاتيءَ جي محافظ ۽ سورمي طور جنگ ۾ مارجي، پنهنجين سابق غلطين جي سزا ڀوڳي چڪو هو. عرب لوڪ انهن بادشاهن جي جرئت جو احترام ڪندا هئا. جن کي اهي شڪست ڏيندا هئا، هو انهن جي ملڪن جي شان وشوڪت، سندن قلعه بند شهرن جي فصيلن جي مضبوطيءَ، ۽ انهيءَ رياست جي استحڪام جي حالت، ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جي ڪاميابين جي قصن بيان ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان خود سندن شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ٿيندو هو، ۽ سندن اجيت طاقت جو ناموس وڌندو هو. سنڌ جا برهمڻ پڻ، جيتوڻيڪ ”شهيد ٿيل“ ڏاهر کي هڪ ڊگهو شاهي شجرو عطا نه پئي ڪري سگهيا، ان هوندي به اهي گهٽ ۾ گهٽ سندس پيءُ کي، جيڪو انهي گهراڻي جو باني هو، هڪ جنگي جوان، بهادر ۽ ڪامياب بادشاهه جي حيثيت ۾ پيش ڪري پئي سگهيا. هو کيس اهڙيءَ طرح پيش ڪري پئي سگهيا، ڄڻ محمد بن قاسم جي فوج جو جتي به پير پهتو ٿي، اتي اڳي ئي چچ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي چڪو هو: عرب فاتح پنهنجي لشڪر سان ڪشمير جي پهاڙي علائقي ۾ پهچي ٿو، ته اتي هن کي اهي وڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سنڌ جي عظيم راءِ چچ پنهنجن هٿن سان پوکيا هئا؛ مڪران کي اڳي ئي چچ فتح ڪري پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري چڪو هو، جتي هن جا ٻوڌي پيشرو ناڪامياب ٿيا هئا؛ چچ جي ئي هڪ ماتحت فوجي سردار خود عربن کي ان وقت شڪست ڏيئي ڀڄايو هو، جڏهن انهن ديبل کي لٽڻ لاءِ حملو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سان اها ڪهاڻي ائين بنائي ويئي هوندي، تان جو ان تي نه فقط فاتحن بلڪ مفتوح قوم جي ماڻهن پڻ اعتبار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. علي ڪوفيءَ اسان جي لاءِ پنهنجي محفوظ ڪيل تذڪري ۾، سنڌ جي فتح کان اڳ تمهيد طور هندو تاريخ جو بيان لکندي، چچ جي اها غير معمولي تصوير پيش ڪئي، ۽ ان کان علاوه ان ۾ اهڙين خوبين ۽ صفتن جو اضافو ڪيو، جو پڙهندڙن جي نظرن ۾ هن جي قدوقامت کي اهي اڄ به غير معمولي حد تائين بلند ڪيو بيٺيون آهن. هن ڳالهه جو هروڀرو اهو مطلب ڪونهي ته چچ دراصل ڪو معمولي ۽ غير معروف بادشاهه هو، بلڪ حقيقت اها هوندي ته هو، پنهنجي جاءِ تي، عرب دنيا ۾ هونئن ئي پنهنجي شهرت سبب ڪافي نمايان صورت ۾ ڄاتل سڃاتل هوندو. عربستان ۽ هندستان جي الهندي ڪناري جي درميان صدين کان وٺي واپار هلندڙ هو. البيرونيءَ هندستان جي بت پرستيءَ جي موضوع تي بحث ڪندي، روشنيءَ جو هڪ حيرت انگيز ڪرڻو اڇلايو آهي: ”جڏهن سال 53هه جي اونهاري واريءَ موسم ۾ سِلسِلي فتح ٿي، ۽ جڏهن فاتحن هن ڏانهن (خليفي معاويي ڏانهن) سون ٺهيل بت موڪليا، جن کي هيرن جواهرن سال جڙيل تاجن سان سينگاريو ۽ خوبصورت بنايو ويو هو. تڏهن هن انهن کي سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو، ته جيئن اهي اتان جي مقامي شهزادن کي فروخت ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ ته هن انهن کي هيترن ڪي هيترن دينارن جي قيمت واريون شيون سمجهي، وڪڻڻ ئي بهتر سمجهيو، ۽ ان لاءِ هن کي سندس ضمير انهن جي بت پرستيءَ جي نفرت جوڳين شين هجڻ ڪري ذري برابر به ڪا ملامت ڪانه ڪئي، دراصل هن انهيءَ سڄي معاملي کي ديني نقطي نگاهه کان نه پر فقط هڪ سياسي معاملي (25) طور ڏسڻ مناسب سمجهيو. سسِليءَ جي اها فتح هڪ رواجي عارضي حملي کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندي، ڇاڪاڻ ته مسلمانن طرفان انهيءَ ٻيٽ تي مستقل قبضو نائين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ المامون جي خلافت کان اڳي ڪونه ڪيو ويو هو. پر انهيءَ معمولي ترميم کان سواءِ اسان کي ٻيءَ سڄيءَ ڪهاڻيءَ کي سچو سمجهڻ گهرجي، جنهن کي البيرونيءَ پنهنجي زير بحث موضوع لاءِ هڪ انتهائي تز مثال طور پيش ڪرڻ مناسب ٿي سمجهيو. هڪ ڀيرو وري به اسان کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن موقعي تي وري به هڪ معتبر مسلمان مصنف اسان کي انهن ”ڪافر شهزادن“ يا شهزادي جي نالي مهيا ڪرڻ جي معاملي ۾ مايوس ڪرڻ مناسب سمجهيو. پر اسان کي معقول حد تائين اها پڪ سمجهڻ گهرجي ته ان موقعي تي، يعني سال 670ع ۾ چچ ئي سنڌ جي تخت تي ويٺل هو. هن جي جاءِ تي واقعي، هڪ عجيب تصوير ذهن جي سامهون اچي ٿي، اهي مورتيون جيڪي مسلمانن طرفان عيسائي ديولين مان حاصل ڪيون ويون هيون، تن کي ئي شايد نئين صورت ڏيئي، هندو ديوتائن ۽ ديوين جي بتن جي حيثيت ۾ ديبل واري مندر ۾ نصب ڪيو ويو هو، جتي اهي ٿوري مدت کان پوءِ وري ٻيو ڀيرو اسلام جو مال غنيمت بڻيون. نوٽ (1) هن سڄي باب جو بنياد انهيءَ ڪري ”چچ نامي“ تي رکيل آهي. پڙهندڙن جي سهولت لاءِ مرزا قليچ بيگ جي انگريزي ترجمي (ڪراچي، 1900ع) جا حوالا ڏنا ويا آهن. ڪن حالتن ۾ نالن ۽ ڪن ٻين تفصيلن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌيءَ ۾ لکيل ان جي تنقيدي اشاعت مان درستيون ڪيو ويون آهن. (سنڌي ادبي بورڊ ، 1954ع) (2) ”راج ترنگني“، ترجمو ايم. اي. اسٽين، IV، 410. (3) ايس. ايس. هودي والا، ”اسٽڊيز ان مسلم هسٽريءَ، ص 80. (4) شري هرشا جي وزير، ارجن اهڙيءَ طرح قنوج جي تخت تي پنهنجي آقا جي موت تي غاصبانه قبضو ڪيو. سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو،ص 326.(4-اي) جيئن ته راول نالي جو وري ٻيو ڀيرو به ذڪر اچڻو آهي، ان ڪري مناسب آهي ته شروع ۾ئي چئي ڇڏجي ته خود اهو نالو به شڪي آهي، ۽ ان جي حوالي سان بيان ڪيل ملڪ جي نالي ۽ ان جي جاءِ وقوع جي شناخت پڻ مشڪوڪ آهي. (5) هودي والا، حوالو ڏنل ڪتاب جو ص 83. (6) قليچ بيگ، ص 4- 23. (7) ”راج ترنگني“، ترجمو ايم. اي. اسٽين، ج 1، ص 136؛ ”لائيف آف هيو ئين تسانگ“، ايدٽ ڪيل، بيل، ص 68. (8) ”چچ نامي“ ۾ بعد ۾ هڪ صوبي، تاڪيه، جي نالي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو بظاهر جتور (چتور) ۽ ڪشمير جي وچ ۾ هوندو، ۽ ان ڪري اهو اتر- اوڀر پنجاب-يوئان چوانگ جي ”چيهه- ڪا“ سان ٺهڪي سگهي ٿو. قليچ بيگ ص 160، مخدوم امير احمد، ص 295. (9) هودي والا،ص 84. ريورٽيءَ ڀنڊار ڪر ڀاگوءَ جو پٽ ڪوٽل ٻڌايو آهي. (10) ريورٽيءَ ”نوٽس آن افغانستان“، ص 564. (11) هودي والا، ص 84، قليچ بيگ ص 32 سي ايف. ”چچ نامي“ جو سنڌي ترجمو از: مخدوم امير احمد،ص 56 ۽ فٽ نوٽ. (12) قليچ بيگ، ص 88. (13) هودي والا، ص 84. (14) قليچ بيگ، ص 42. (15) هودي والا، ص 83. (16) مثلاً سندس ڀاءُ چندر کي الور جي حاڪم مقرر ڪرڻ وقت ڏنل سندس هدايتون- قليچ بيگ ص 24. (17) اسڪائيز، ”هسٽري آف پرشيا“، ج 1، ص 489. (18) قليچ بيگ، ص 57. (19) ايليٽ،ص 1، ص 4-412؛ ڏسو قليچ بيگ ۾ نوٽ ص 8-38. (20) ايليٽ مڪران ۾ لڳل جنگ جو بيان، پنهنجي ضميمي ”دي ائڊوانس آف دي عربس ٽوورڊس سنڌ“ (عربن جي سنڌ ڏانهن پيشقدمي) (جلد پهريون، ص 8-417)، ”تاريخ- گُزيده“ جي اختياريءَ تي ڪري ٿو، جنهن جو حوالو ريناڊ پنهنجي ”ميمائر سور ايل انڊي“ ۾ (ص 171 تي) ڏنو آهي. ڏسو ”منتخب التواريخ“. (21) ريورٽيءَ جو خيال آهي ته اهو اورمارا (هورمارا) هو، (”مهراڻ“، ص 231، نوٽ 182). جيئن ته ارميل ديبل کان صرف چئن ڏينهن جي سفر جيتري مفاصلي تي هو، الاسطخريءَ جي بقول، انهيءَ جي اورمارا هئڻ جو امڪان ڪونهي (ايضاً، ص 212). (22) ڏسو ايليٽ ج 1، ص 6-385 ايليٽ سمجهي ٿو ته سيني ندي، سبيءَ جي علائقي جي هئي، يعني ناڙي، جيڪا گنداوه جي ويجهڙائيءَ ۾ وهي ٿي. ريورٽيءَ جو خيال اهو آهي ته ڪنديل، زهريءَ جي ڀرسان، جهالاوان ۾ هو. (”نوٽس آن افغانستان“، ص 566). (23) ”اسلامڪ ڪلچر“ اپريل سنه 1945ع ۾، ”اي پيپ ان ٽو دي فرسٽ عرب ايڪسپڊيشنس ٽو انڊيا انڊر دي ڪمپينينس آف دي پرافٽ“ از: ايم. اسحاق. اسلامڪ ڪلچر، جولاءِ 1946ع ۾ ”دي پراببل ڊيٽ آف دي فرسٽ عرب ايڪسپڊيشنس ٽو انڊيا“ از: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. (24) مثلاً قليچ بيگ ص 115، 141، 156، 163. (25) البيرونيءَ جو ”انڊيا“ ايڊٽ ڪيل اي. سچائو، ج 1، ص 124. (11) سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو زوال ”تذڪري“ مطابق (1)، چچ کي سندس راڻي سُهنديءَ مان ٻه پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو ڏهرسيه ۽ ٻئي جو ڏاهر هو، ۽ هن کي ٻائيءَ نالي هڪ ڌيءَ به هئي، جيڪا ائين پيو معلوم ٿئي ته سندس ٻيءَ زال مان هئي (2). چچ جي مرڻ تي، جيڪو عام طور سن 671ع ڌاري ٿيل سمجهيو ويندو آهي، تخت ۽ تاج جو ورثو انهن ٻنهي پٽن مان ڪنهن به هڪ کي نه مليو، بلڪ اهو هن جي ڀاءُ چندر کي مليو، جيڪو، اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، الور جي حاڪم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. مشرق جي بادشاهين ۾ اها روايت، جنهن جي ذريعي پٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڀاءُ وارث بڻبو آهي، انهيءَ حالت ۾ موزون هوندي آهي، جڏهن پٽ صغير هوندو آهي، يا ٻئي ڪنهن نموني ۾ حڪومت هلائڻ جي لائق نه هوندو آهي، ۽ انهيءَ روايت تي سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپر گهراڻن ۾ عام طور عمل ڪيو ويندو هو. هيءَ حقيقت ”تذڪري“ مان واضح آهي ته چچ جي ٻنهي پٽن مان هڪ به نابالغ ڪونه هو؛ انهن ٻنهي کي سندن چاچي، تخت تي ويهڻ کان ٿوروئي پوءِ، سخت خطرن جي حالت ۾ اهم فرض سونپيا هئا؛ پر اسان کي ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي، جنهن مان اندازو ٿئي ته انهن مان ڪنهن هڪ به تخت لاءِ دعويٰ ڪئي هجي. اها ڳالهه يقيناً عجيب معلوم ٿيندي، خصوصًا ان ڪري، جو چندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو اڃا به پنهنجو گهڻو وقت مذهبي معاملن ۾ صرف ڪندو ٿي رهيو. ”تذڪري“ جي تحرير مان شايد اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چندر لاءِ شاهي اختيار جي اهميت، خاص ڪري هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي گهڻي ڀاڱي اڃا ٻڌ ڌرم ڇانيل هو، فقط ايتري هئي، جو ان وسيلي هو اتي پنهنجي ايماني عقيدي، يعني برهمڻڪي مذهب، کي پکيڙي سگهيو ٿي. سنڌ جي تخت تي هڪ اهڙي وارث جي جاءِ نشينيءَ، جيڪو هڪ حڪمران هئڻ بدارن پروهت جي حيثيت ۾ وڌيڪ مشهور هو، خواهشمند دلين ۾ اهڙن جذبن کي جاڳايو، جيڪي چچ جي زوردار بادشاهيءَ ۾ نيم جان۽ نستيءَ حالت ۾ هئا، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته سيوستان جي سابق گورنر ”متا“، جنهن کي چچ شڪست ڏيئي معاف ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن ڀڄي وڃي قنوج جي راجا وٽ پناهه ورتي هئي، تنهن انهيءَ راجا کي اها تجويز پيش ڪئي ته سنڌ جي فتح آسانيءَ سان ٿي سگهندي. متا هن کي چيو ته ”چندر هڪ گياني ڌياني ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجو سڄو وقت ٻين گيانين سان گڏ مندر ۾ پنهنجي مذهب جي تعليم جي مطالعي ۾ صرف ڪري ٿو. هن کي سندس بادشاهيءَ تان لاهي هيٺ ڪرڻ ڏاڍو سولو ڪم ٿيندو. جيڪڏهن اعليٰ حضرت هن جي ملڪ تي قبضو ڪري ۽ اهو منهنجي حوالي ڪري ته آءٌ انهن علائقن لاءِ خدمت ۾ ڏن پيش ڪندس،۽ اهو حضور جن ڏانهن باقاعدگيءَ سان شاهي خزاني ۾ داخل ڪرڻ لاءِ موڪليندو رهندس.“ قنوج جو بادشاهه، جنهن جو نالو ساهيرس پٽ راسل چيو وڃي ٿو، ۽ جيڪو ٻيءَ طرح تاريخ (3) ۾ بلڪل اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل آهي- انهيءَ تجويز سان اتفاق ڪري ٿو، ۽ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هن انهيءَ ڪم لاءِ ڪشمير جي بادشاهه جي مدد پڻ حاصل ڪري ورتي. ڪشمير جي راجا لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ”عظيم چچ جي ڌيءَ جي طرفان سندس ڏوهٽو هو“، ۽ هو ڪشمير سان گڏ رمل تي پڻ بادشاهي ڪندو هو. ڪشميري تذڪري ۾ هن واقعي بابت ڪجهه به لکيل ڪونهي، ۽ اهڙيءَ طرح اهو تفصيل محض هڪ من گهڙت ڳالهه آهي. درحقيقت، ٻنهي اتحادين جي سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ واري ڳالهه ڪنهن به طرح سان عقل ۾ نٿي ويهي؛ ڇاڪاڻ ته هنن لاءِ چيو ويو آهي ته هنن سنڌ جي سرحدي قلعي ديوپور تي قبضو ڄمايو، ۽ ان کان پوءِ هو باقاعدگيءَ سان هڪ جاءِ کان پوءِ ٻي وٺندا وڃن ٿا، - انهن سڀني جا نالا سڃاڻپ کان ٻاهر آهن- ۽ پوءِ اهي هڪ مهيني تائين سنڌ جي سرزمين تي قيام ڪيو ويٺا رهن ٿا. ان جي باوجود، هن بيان جي مطابق، چندر کي سندس خطري جو احساس بلڪل آخري وقت تي ٿيو. پوءِ ته هن آڻ مڃڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، ۽ مضبوط ارادي کان ڪم وٺندي، ڏهرسيه کي برهمڻ آباد جي چارج وٺڻ لاءِ موڪلي ڏنو، ۽ هو پاڻ سڀ کان ننڍي راجڪمار ڏاهر سان الور جي بچاءَ لاءِ اتي ترسي پيو. حمله آورن الور کي گهيرو ڪيو، پر سخت مقابلي کي ڏسي ۽ ڪاميابيءَ جو ڪو موقعو نه سمجهي، هنن پنهنجو مقصد حرفت سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي- جيڪڏهن ڏاهر کي پڪڙي سگهجي، ته هوند سڄو مقابلو ختم ٿي وڃي! اهڙيءَ طرح ساهرس بادشاهه پيغام موڪلي ڏنو ته هو ۽ سندس اتحادي صلح ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪن شرطن تي خالي ڪري وڃڻ چاهين ٿا، ان ڪري هنن ڏاهر کي حفاظت ۽ امان جي ضمانت تحت دعوت ڏني ته هو سندن ڇانوڻيءَ ۾ اچي ساڻن شرط شروط طئي ڪري. ڏاهر اها قبول ڪئ، پر هو هٿيار بند سپاهين جي هڪ وڏيءَ جماعت جي همراهيءَ ۾ ٻاهر نڪتو ۽ انهيءَ صورت سان هو انهن ماڻهن جي سازش کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي کيس دغابازيءَ سان پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي خواهش ڪري رهيا هئا. هاڻي، انهيءَ هنڌ پهچي، ڪهاڻيءَ ۾ راسل بادشاهه جو نالو سندس پٽ ساهرس جي نالي جي بدران اڳتي آندو وڃي ٿو. ڏاهر جي ترار بازن انهيءَ بزرگ شخصيت کي سوڙهو گُهٽي، پنهنجي رحم ڪرم جو محتاج بنايو، جنهنڪري هو انهيءَ ملڪ کي ترڪ ڪرڻ، ديوپور جي سرحدي قلعي کي واپس ڪرڻ ۽ قيدين کي آزاد ڪرڻ جي مطالبن کي منظور ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو. شرطن جي تعميل ڪرڻ جي ضمانت طور يرغمال ڏنا ويا، ۽ اهڙيءَ طرح صلح جو عهدنامو ڪيو ويو. ٺاهه جي ڳالهين جي هن معاملي ۾ ٻنهي ڌرين طرفان اختيار ڪيل اٽڪل بازيون اهڙيون ته ظاهر ظهور غيرامڪاني آهن، جو ڪاهه جي سڄي ڪهاڻي، جنهن لاءِ ٻي ڪا به شهادت موجود ڪانهي، شڪ جو شڪار بڻجي وڃي ٿي. ٻئي طرف، اها ڳالهه ڪا غيرامڪاني ڪانهي ته چچ جي مرڻ تي پاڙيسري بادشاهين طرفان سنڌ ۾ بدامني پيدا ڪرڻ ۽ ان جي امن امان ۾ خلل وجهڻ لاءِ اهڙي ئي قسم جي ڪوشش ڪئي ويئي هوندي. چيو وڃي ٿو ته چندر جي بادشاهيءَ ستن سالن تائين جٽاءُ ڪيو، ۽ هن جي مرڻ پڄاڻان، ڏاهر الور ۾ سندس تخت تي ويٺو (4). اهو به چيو وڃي ٿو ته چندر جي هڪ پٽ نالي راج پاڻ کي برهمڻ آباد ۾ آباد ڪيو، پر جلد ئي هن ڏهرسيه لاءِ اها جاءِ خالي ڪئي. هن ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي ته چچ جي انهيءَ وڏي پٽ پنهنجي ريٽجڻ کي، توڻي عارضي وقت لاءِ ائين چپ چاپ کڻي تسليم ڪيو هوندو، خصوصاً هن ڪري، جو اها ڳالهه انهيءَ اصول سان ٽڪر کائي رهي هئي، جنهن موجب خود هن جي مٿان چندر کي ٽِپايو ويو هو. ڏهرسيه پنهنجي زندگيءَ جي باقي بچيل مدت ۾ برهمڻ آباد ۽ ان جي ماتحت صوبن تي هڪ جدا بادشاهيءَ طور حڪومت هلائيندو رهيو، جيڪا شان و شوڪت ۾ الور کان ڪنهن طرح به گهٽ ڪانه هئي. چيو وڃي ٿو ته هن سابق گورنرن جي لوهاڻي خاندان مان آگهم جي ڌيءَ سان شادي رچائي، پنهنجي پيءُ جي رشتي کي نئين سر تازو ۽ پختو ڪيو. ”تذڪرو“ هاڻي ڏهرسيه ۽ ڏاهر جي ڀيڻ ٻائيءَ جي ڪهاڻيءَ کي پيش ڪري ٿو، ۽ انهيءَ عورت سان گڏ برباديءَ جي ديوي اسٽيج تي نمودار ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڏاهر جو زوال، جيڪو ان وقت اڃا ڪافي پري هو، هن جي انهيءَ ئي ڀيڻ ڏانهن اختيار ڪيل روش جو سڌو نتيجو شمار ٿئي ٿو. اها ڳالهه خواه ڪيتري قدر به حيرتناڪ ۽ غير تاريخي نوعيت جي هجي، پر اسين ان کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌي نٿا سگهون. ان ۾ اسان کي سنڌ جي برهمڻن طرفان مسلم فتح جي اڻٽر هئڻ لاءِ پنهنجي ۽ ٻين جي تسليءَ خاطر پيش ڪيل هڪ قسم جي وضاحت ۽ سمجهاڻيءَ جي نوعيت نظر اچي سگهي ٿي-ڄڻ ائين چئي رهيا هجن ته سڄو سارو ڏوهه ستارن جو نه، بلڪ خود انهن جو پنهنجو به هو. اها ڳالهه مختصر طور هيئن آهي. چچ جي ڌيءَ ٻائي، پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏهرسيه جي حفاظت هيٺ، برهمڻ آباد ۾ رهندي هئي. ”تذڪري“ جي تحرير مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هوءَ ڏهرسيه جي تخت تي ويهڻ واري وقت کان پنج سال پوءِ ئي شاديءَ جي لائق عمر کي پهتي هئي، جنهن مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته هوءَ چچ جي دنيوي زندگيءَ جي بلڪل آخري وقت ۾ ڄائي هوندي. هن جي سڱ جي ”رمل جي بادشاهه سوڀن راءِ ڀاٽيه“ گهر ڪئي، جيڪو اسان کي پاڙيسري بادشاهيءَ جو، جنهن کي اسين اڄ جيسلمير جي نالي سان سڃاڻون ٿا، حڪمران سمجهڻ گهرجي. ڏهرسيه کي اها ڳالهه ڏاڍي پسند آئي ۽ هن انهيءَ سڱ جو خيرمقدم ڪيو، عظيم الشان ڏاج تيار ڪيو ۽ ٻائيءَ کي موزون حفاظتي دستي سان ڏاهر ڏانهن الور ڏياري موڪليو، ڇاڪاڻ ته ”ڀاٽيه“ جي بادشاهه اهو شرط وڌو هو ته ٻائيءَ جي شاديءَ جي ڏاج طور هڪ سرحدي قلعو کيس ڏنو وڃي. آخري انتظامن ٿيڻ تائين، ڏاهر کي هڪ مشهور ۽ معروف جوتشيءَ سان پنهنجي بادشاهيءَ جي معاملات جي متعلق مشوري ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويئي، ۽ هو انهيءَ جوتشيءَ کان پڇي ويٺو ته گرهه ٻائيءَ جي قسمت متعلق ڪهڙي اڳڪٿي ڪن ٿا. جوتشيءَ جواب ڏنو ته سندس حساب ڏيکاري ٿو ته شهزادي الور جي قلعي جي چوديواريءَ کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندي ۽ هن سان انهيءَ بادشاهه کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي شادي ڪرڻي نه آهي، جنهن جو هندستان-يعني- سنڌ- جي بادشاهيءَ تي قبضو هجي. انهيءَ ڳالهه ڏاهر کي فڪر مند ڪري ڇڏيو ۽ هن پنهنجي پيءُ جي وزير ٻڌيمان سان مشورو ڪيو. انهيءَ شخص تسليم ڪيو ته ڪنهن بادشاهه لاءِ اها ڳالهه ته ناممڪن هئي، جو هو پنهنجي موروثي ملڪ کان محروم ٿيڻ تي خاموشيءَ سان راضي ٿي ويهي رهي، ۽ جيئن ته گرهه غلط ٿي نٿا سگهن- هو ۽ ڏاهر جوتشيءَ جي اڳڪٿيءَ ۾ مڪمل عقيدو رکندا هئا- ان ڪري سنڌ ملڪ جي بادشاهيءَ جي هٿان نڪري وڃڻ کي فقط ان صورت ۾ٽاري سگهجي ٿو ته ڏاهر بادشاهه پاڻ پنهنجي ڀيڻ سان ظاهري شاديءَ جو ڍونگ رچائي. ڏاهر اها پيشنگوئي پنهنجن خاص معتقد درٻارين کي ٻڌائي ۽ انهن دشوارين جي به نشاندهي ڪئي، ۽ جيڪي هرطرف کان، خواه هو ڪهڙي به رخ ۾ ڦري رهيو هو، سامهون نظر اچي رهيون هيون. ”پاڻ کي پنهنجي بادشاهيءَ کان محروم ڪرڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي؛“ ۽ ٻئي طرف، ”وزير ٻڌيمان جنهن ڳالهه کي مصلحت آميز سمجهي ٿو، تنهن ۾ اسان جي برهمڻ خاندان لاءِ بدناموسيءَ جي ڳالهه آهي“-ٻيا بادشاهه کين ذات نيات مان ڪڍي ڇڏين ها. بهرحال، حرفتي وزير هن ڳالهه جو عملي مظاهرو ڪيو ته ڪيئن نه دنيا وارن لاءِ انتهائي حيرت انگيز عجوبو پڻ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪنهن به دلچسپيءَ جو باعث نه ٿو رهي؛ ۽ هن دليل پيش ڪيو ته جيڪڏهن ڏاهر پنهنجي ڀيڻ سان ڪنهن ٻئي کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني ته هن جا بااثر امير ۽ رئيس سندن وفاداريون انهيءَ شخص ڏانهن منتقل ڪندا، جنهن جي قسمت ۾ لکيل هو ته اهو اڳي يا پوءِ سنڌ جي تخت جو مالڪ ٿيندو. ڏاهر وري پنهنجو اهو ٻه-طرفو مشڪل اميرن کي سمجهايو ۽ انهن سڀني يڪراءِ ٿي، سندس انهيءَ ڪم ۾ هن جي حمايت ڪرڻ قبول ڪئي، جيڪو هن جي خيال ۾، بادشاهيءَ کي سندس پنهنجن هٿن ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ضروري هو. چنانچه راجا ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ ٻائي جي شادي ڪئي ويئي؛ هنن جو پلو پلو سان باقاعدي طور ٻڌو ويو ۽ ٻنهي کي تخت تي گڏ ويهاريو ويو. باقي ٻيءَ ڳالهه لاءِ، ڏاهر پنهنجي ترار گهوٽ طور هن جي پاسي ۾ڇڏي ويو. ڏاهر پنهنجي وڏي ڀاءُ سان صلاح مشورو نه ڪيو هو، ۽ هاڻي هن دير سان پنهنجي ڪارستانيءَ لاءِ هن کي سمجهاڻي ۽ سبب ڏنا ۽ راڄنيتي ضرورت کي پنهنجي طر فان مذهب ۽ رسم رواج جي ڀڃڪڙيءَ لاءِ سبب طور پيش ڪيو. پر ڏهرسيه انهن خوش ڪن دليلن سان متاثر ڪونه ٿيڻو هو، ۽ ان کان پوءِ ”چچ نامو“ ٻنهي ڀائرن جي تڪرار کان پوءِ اختيار ڪيل حڪمت عملين جو تفصيل سان بيان ڪري ٿو. ڏهرسيه مڪاري ڪري پنهنجي طرفان ڏاهر کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، ۽ انهيءَ باري ۾ سڀني انديشن ۽ شڪن کي رفع ڪرڻ خاطر، الور ۾ اڪيلو داخل ٿيو. سياڻي ٻڌيمان جي صلاح کان سواءِ، ڏاهر پڪ ئي پڪ ڏهرسيه سان گڏجي، سندس ڇانوڻيءَ تائين وڃي ها. ۽ سچ پچ به ڏهرسيه سان گڏجي، هڪ ئي هاٿيءَ تي هن جي پٺيان ويهي، قلعي کان ٻاهر وڃي رهيو هو، جڏهن کيس آخري وقت تي هن ڳالهه تي آماده ڪيو ويو ته هو هڪدم قلعي جي صدر دروازي جي چوڪٽ کي چنبڙي پوي ۽ پاڻ کي هاٿيءَ کان جدا ڪري وٺي. دروازو ڏهرسيه جي پٺيان بند ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح ڏاهر صحيح سلامت الور ۾ رهجي ويو. ڏهرسيه ٿوروئي عرصو پوءِ، ڏاڍيءَ سهوليت سان، بخار ۾ مبتلا ٿي، وقتائتو مري ويو، ۽ ڏاهر کي سنڌ جي بادشاهيءَ جو واحد مالڪ بنائي ڇڏي ويو. انهيءَ واقعي جي هڪ جدا روايت ”تاريخ معصوميءَ“ ۾ تحرير ٿيل آهي، جنهن موجب ڏهرسيه کي سندس ماءُ ۽ ڪن اميرن جي دليلن انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪري وڌو ته هو ڏاهر جي ٻائي سان ٿيل نالي ماتر شاديءَ کي کڻي تسليم ڪري، ۽ ٻنهي ڀائرن جي درميان راضي نامو ڪيو ويو. انهيءَ بيان ۾ هي پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهرسيه ان ملاقات کان جلد ئي پوءِ قدرتي سببن کان مري ويو (5). اسين هن ڳالهه کي، بنان ڪنهن خوف ۽ خطري جي، هڪ تاريخي حقيقت طور تسليم ڪري سگهون ٿا ته چندر جي مرڻ کان پوءِ، سنڌ ڪجهه عرصي تائين ٻن آزاد ۽ خود مختيار رياستن جي حيثيت ۾ ورهايل رهجي ويئي، جن تي چچ جي ٻن پٽن جي بادشاهي قائم هئي؛ ننڍي ڀاءُ جي وڏائيءَ ۽ ڏيکاءَ تي وڏي ڀاءُ کي سخت ناراضگي هئي، وڏي ڀاءُ جي مرڻ تي، جيڪو بظاهر وارثن ڇڏڻ کان سواءِ ڪونه مئو هو، سڄي بادشاهي بنان ڪنهن تڪرار ۽ جنگ جي خاموشيءَ سان سڌي ڏاهر جي هٿن ۾ هلي ويئي. ”چچ نامي“ ۾ ڏهرسيه ڏانهن جيڪي ڳالهيون منسوب ڪيل آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ڏاهر کي ڪڏهن به خود مختيار تسليم نه ڪيو هو. جڏهن کيس الور ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويئي، تڏهن هو ڏاهر ڏانهن پيغام موڪلي ٿو، ”آءٌ توسان جنگ ڪرڻ نه آيو آهيان. هيءُ قلعو منهنجي پيءُ جي گاديءَ وارو شهر هو، ۽ هن کان پوءِ اهو مون ڏانهن آيوآهي. تو کي ان جو قبضو محض منهنجي نمائندي جي حيثيت ۾ مليو هو، ۽ هيءَ بادشاهي منهنجي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ٻه تاج گڏ نه رهيا آهن.“ (6) ”چچ نامي“ ۾ ڏهرسيه لاءِ چيو ويو آهي ته هن ٽيهه سال حڪومت ڪئي، پر اها ڳالهه ٻائي واريءَ سڄي ڳالهه کي سالن جي سلسلي جي نقطي نگاهه کان ناممڪن بنائي ڇڏيندي. جيڪڏهن اسين ”تذڪري“ ۾ ڏنل واقعن جي سلسلي کي قطعي طور رد نه ڪنداسون، ته اهي ٽيهه سال گهٽجي وڃي وڌ ۾ وڌ ست يا اٺ سال رهندا؛ جيڪڏهن سالن جي سلسلي ۾ اهو حساب اختيار به ڪيو وڃي، ته به اڳتي هلي سڄيءَ سنڌ تي ڏاهر جي بادشاهيءَ جي سالن جي حساب ڪڍڻ جي دشواريءَ کان پاڻ بچائي نه ٿا سگهون. مجموعي طور، هن مفروضي جي آڌار تي هلڻ وڌيڪ بهتر اچي ٿو ته ڏهرسيه سال 685ع ۾ يا ان جي لڳ ڀڳ ڪنهن ويجهڙي سال ۾ مري ويو هو. ڏاهر هاڻي پنهنجي مئل ڀاءُ جي خزاني ۽ برهمڻ آباد وارن علائقن تي قبضو ڄمايو، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته هن ان جي پٽ، چچ، کي پيءُ جو جائز وارث ۽ جائنشين تسليم ڪيو هو. هن ڳالهه جو ڪافي امڪان آهي ته هن جي طرفان اهڙو وعدو ڪيو ويو هو، پر ڏاهر جي مرڻ کان پوءِ جڏهن اسان کي ٻيو ڀيرو انهيءَ نوجوان شهزادي جي متعلق اطلاع ملي ٿو، تڏهن اسين هن کي ڀاٽيه ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاريندي ڏسون ٿا. هاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ شاديءَ جو بيان اچي ٿو، جيڪا اعتبار جي حدن کان بلڪل ٻاهر آهي، ۽ انهيءَ شاديءَ ۾ ڏاهر پنهنجي ڀاءُ جي بيوهه کي زال بڻائي ٿو، جيڪا آگهم لوهاڻي جي ڌيءَ، ۽ اهڙيءَ طرح سندس پيءُ چچ جي ماٽيلي ڌيءَ هئي؛ ۽ ممڪن آهي ته ننڍي چچ جي ماءُ پڻ هجي. انهي معاملي ۾ بس ايتروئي چئي سگهجي ٿو ته جڏهن وڏي چچ سياسي سببن جي آڌار تي اهڙين سڱابندين ڪرڻ جي ذريعي پنهنجي سڀني فرقيوارانه تعصبات کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو، ته پوءِ سندس پٽ به جيڪڏهن ائين ڪري ته ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه ڪانه ٿي ٿي سگهي. هن کان پوءِ ڏاهر پنهنجو اڪثر وقت الور جي بدران برهمڻ آباد ۾ گذارڻ لڳو؛ هو اونهاري جا چار مهينا راوڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو، جيڪو چچ اڌورو تعمير ٿيل ڇڏي مري ويو هو، ۽ جنهن کي ڏهرسيه تڪميل تي پهچايو هو (8) ۽ جنهن جي ”آب وهوا صحت بخش ۽ پاڻي مٺو“ هئڻ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو ڏکڻ- اوڀر سنڌ ۾ گهڻو ڪري پراڻ جي ڪناري تي ٺهيل هو. هو سيارو خود برهمڻ آباد ۾، ۽ بهار الور ۾ گذاريندو هو. انهيءَ طريقي سان، چيو وڃي ٿو ته سڄا سارا اٺ سال گذري ويا ۽ ڏاهر سنڌ جي بادشاهه جي حيثيت ۾ پنهنجا پير پختا ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان کان پوءِ اتر طرف کان اڃا به هڪ ٻي ڪاهه ٿي. ”چچ نامو“ ٻڌائي ٿو ته اهو رمل جو بادشاهه هو، جنهن ڏاهر جي وڌندڙ طاقت کان حسد محسوس ڪندي، هن جي ملڪ فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”تحفته الڪرام“ مطابق، اهو قنوج جو بادشاهه رائومل راءِ هو. هن ڳالهه جي صاف ڪرڻ لاءِ ڪو به اشارو ڪونه ٿو ملي ته رمل جو هيءَ بادشاهه ”رمل جو بادشاهه سوڀان راءِ ڀاٽيه“ ئي هو، جيڪو ٻائيءَ جي ٻانهن جو ناڪام اميدوار هو، يا ان سان واسطو رکندڙ ڪو ٻيو بادشاهه هو؛ نه وري اهو پتو ٿو پوي ته رائومل راءِ قنوج جي ساهرس جو وارث ۽ جائنشين هو، جيڪو چندر جي بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ ۾ناڪام ٿيو هو. هيءَ ڳالهه يقيناً حيرت انگيز آهي ته ملڪ جي فتح ڪرڻ لاءِ اها ڪوشش، فقط انهيءَ وقت ۾ ڪئي ويئي. جڏهن ڏاهر سڄيءَ بادشاهيءَ جي مٿان پنهنجي اقتدار کي مستحڪم ڪري ڇڏيو هو؛ ان جو موزون موقعو ته ظاهري طور انهيءَ زماني ۾ هو، جڏهن ڏاهر ۽ ڏهرسيه هڪٻئي سان دست و گربيان هئا ۽ پاڙيسري حڪمرانن کي مداخلت ڪرڻ لاءِ ٻائيءَ جي شاديءَ واري بدناموسيءَ جي ڳالهه هڪ بهانو مهيا ڪري ها. جيتوڻيڪ ڏاهر جي بادشاهيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته اها مضبوط بنيادن تي قائم ٿي چڪي هئي، پر معلوم ٿئي ٿو ته هو بحرانن سبب همت هاري ويٺو هو؛ هو پنهنجي وزير کان مشورو گهري ٿو، جيڪو هڪ فصيح ۽ بليغ تقرير ۾ طريقي ڪار جا ٻه مختلف رستا ٻڌائي ٿو؛ ان هوندي به ڏاهر آخر ۾ فقط اهو اعلان ڪري ٿو ته بيعزتيءَ تي موت کي ترجيح ڏيندو، پر هو اڃا به اها ڳالهه نٿو سمجهي سگهي ته ڇا ڪجي. وزير ٻڌيمان نهايت هوشياريءَ سان هن کي هڪ ٻئي صلاحڪار ڏانهن موڪلي ٿو. اهو صلاحڪار علافي قبيلي جو هڪ عرب هو، جيڪو عبدالرحمان نالي هڪ شخص کي مڪران ۾ هڪ جهڳڙي ۾ قتل ڪرڻ ۽ خليفي جي طرفان جلاوطن ٿيڻ ڪري، سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو هو ۽ پنهنجن پنجن سون پوئلڳن سميت ڏاهر جي نوڪريءَ ۾ اچي شامل ٿيو هو. ٻڌيمان جي هن صلاح تي ته ”عرب قوم کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو جنگ جو فن نه ٿو ڄاڻي“، ڏاهر هاڻي علافي سردار کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيو ته ”هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن کيس انهيءَ مهربانيءَ ۽ پناهه لاءِ، جيڪا کيس سنڌ ۾ ملي هئي، عيوضو ادا ڪرڻ گهرجي.“ علافي پنهنجي بهادريءَ ۽ جرئت ڏيکارڻ جي اهڙي موقعي تي خوش ٿيو، ۽ هن کي يقين هو ته هو ڪامياب ٿيندو. هن بادشاهه کان پنهنجن ماڻهن کان علاوه محض ڪجهه وڌيڪ سنڌي گهوڙيسوارن جي جٿي جي طلب ڪئي، ته جيئن هو دشمن جي ڇانوڻيءَ جي جاسوسي ڪري سگهي، ڏاهر کي پنهنجي مکيه لشڪر سميت الور کان هڪ ميل جي مفاصلي تي محفوظ مورچي ۾ رهي انتظار ڪرڻو هو. عرب سردار ڏٺو ته رمل جا جانباز، جيڪي ڪنهن به مخالفت کان سواءِ سنڌ ۾ ايترو اندر گهڙي آيا هئا، پنهنجي لاءِ ڪو باقاعدي حفاظتي دستو نٿا رکن، انڪري هن پنهنجي گهوڙيسوار فوج جي مدد سان انهن تي شبِ خون هنيو. اهو حملو مڪمل طور ڪامياب ٿيو، ۽ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جنگ ۾ هلاڪ ڪيلن کان علاوه، ”اسي هزار بهادر انسان ۽ پنجاهه هاٿي پڪڙيا ويا.“ ڏاهر بظاهر سڀني قيدين کي قتل ڪرائڻ جي حق ۾ هو، پر سندس وزير هن کي چيو ته بادشاهه جو اهو فرض آهي ته فتح حاصل ٿيڻ کان پوءِ هو رحمدليءَ جو مظاهرو ڪري. ڏاهر ان فراخدلانه طريقي سان هلڻ ۾ اطمينان محسوس ڪري، پنهنجي سياڻي وزير کي چيو ته ”گهر جيڪي گهرڻو هجيئي.“ ٻڌيمان هن کي چيو ته هو بي اولاد هو، ۽ کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر هو ته هو مرڻ کان پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ وساريو نه وڃي، جنهن جي هن ايڏي ڊگهي عرصي تائين خدمت ڪئي هئي. جيڪڏهن سندس نالو ملڪ جي سڪي جي پٺئين پاسي اهڙيءَ طرح سان اڪيري سگهجي، جهڙيءَ طرح ان جي سبتي پاسي تي خود بادشاهه جو نالو اڪيريل رهي ٿو، ته هو هميشه لاءِ ياد رهندو. ڏاهر خوش ٿي، هن جو اهو عرض اگهايو. انهيءَ ڳالهه جو پتو نه ٿو پوي ته عرب سردار کي ايڏيءَ فتح جي انتظام ڪرڻ جي صلي ۾ ڪهڙو انعام مليو. ”چچ نامي“ جي مطابق، ڏاهر جي ڏينهن ۾، جڏهن هو سڄيءَ سنڌ جو واحد مالڪ هو، انهن واقعن کان اڳ ۾، جن جي نتيجي ۾ سنڌ تي سڌيءَ طرح عربن حملو ڪيو، اهو واقعو وڏي ۾ وڏو ٿي گذريو هو. هڪ دفعو وري به اسان لاءِ هن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، جڏهن انهيءَ واقعي کي، ان جي مخصوص غير امڪاني تفصيلن جي لباس کان ڌار ڪري، ڏسون ٿا ته اهو واقعي حقيقتن جي ڪنهن ٺوس بنياد تي بيٺل به آهي يا نه! ممڪن آهي ته اهو قصو ڏاهر کي هڪ بزدل انسان جي حيثيت ۾ ڏيکارڻ ۽ عرب سردار جي شان و شوڪت کي وڌائي ڏيکارڻ جي ٻٽي مقصد سان گهڙيو ويو هجي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ اتفاق سان ڏاهر جي ملازمت ۾ اچي بيٺو هو. وري، سياڻي وزير ٻڌيمان کي، جيڪو هڪ رومانوي افسانن جو مخصوص اداڪار آهي، اسٽيج تي آخري ڀيرو نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. اهو فرض ڪندي ته رمل جي بادشاهه طرفان سنڌ تي ڪاهه سچ پچ ڪئي ويئي هئي، ۽ اهو به تسليم ڪندي ته علافيءَ ان کي شڪست ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ته پوءِ انهيءَ واقعي جو سال سن 85هه مطابق سن 704 ع مقرر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي سال هو، جنهن ۾ علافي قبيلي وارا ڪندابيل کي ڇڏي آيا هئا ۽ سنڌ جي بادشاهه ڏاهر جي ملازمت ۾ اچي شامل ٿيا هئا. اها ڳالهه ”چچ نامي“ ۾ ڏنل عربن جي انهن ڪارنامن مان صاف ظاهر آهي، جيڪي هنن مڪران ۾ سرانجام ڏنا هئا، جن لاءِ وقائع نگار کي معلومات جا انهيءَ کان گهڻا بهتر ذريعا حاصل هئا، جيڪي هن کي انهيءَ زماني جي سنڌ جي ٻين واقعن متعلق ميسر (11) هئا. اٽڪل روءِ مقرر ڪيل انهيءَ امڪاني سال کان وٺي، پٺتي حساب ڪندي، اهو نظر ايندو ته ڏاهر جي ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ هن جي پرامن بادشاهيءَ جو زمانو ”چچ نامي“ ۾ ڄاڻايل اٺن سالن جي بدران ارڙهن سال هوندو. فقط ڪي ڇهه يا ست سال پوءِ اهو واقعو رونما ٿيو، جنهن ڏاهر تي خليفي جي ڪاوڙ کي نازل ڪيو، ۽ سنڌ جي خلاف اسلام جي ترار کي مياڻ کان ٻاهر آندو. ڪجهه سامونڊي لٽيرن، جن سان انهيءَ زماني خواه ان کان پوءِ ڪيترين ئي صدين تائين ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ سنڌ جا سامونڊي ڪنارا ڀريا پيا هوندا هئا، ۽ جيڪي پنهنجين سرگرمين لاءِ ڪنهن طرح ديبل بندر به استعمال ڪندا هئا، ڪجهه جهازن تي قبضو ڪيو، جيڪي خليفي لاءِ قيمتي مال کڻي وڃي رهيا هئا. انهيءَ واقعي جي متعلق ”چچ نامي“ جي روايت اها آهي ته اهو قيمتي سامان سلون جي راجا طرفان خليفي ڏانهن موڪليل سوکڙين پاکڙين تي مشتمل هو، جنهن ۾ موتي، هيرا جواهر ۽ ڪجهه حبشي غلام شامل هئا. جهاز تي ڪجهه مسلمان عورتون به سوار هيون، جيڪي ڪعبي جي زيارت ڪرڻ ۽ خليفي جي دارالحڪومت کي ڏسڻ لاءِ سفر ڪري رهيون هيون. انهن کي پڻ قزاقن طرفان عوض جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ ديبل ۾ روڪيو ويو. جيڪڏهن عرب خلاصي ۽ جهاز ران انهيءَ دور ۾ سلون سان سامونڊي سفر ڪري رهيا هئا، جيئن بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته اها ڪا غيرامڪاني ڳالهه ناهي ته اتان جو بادشاهه اسلام جي طاقت جون ڳالهيون ٻڌڻ سان ايتريقدر متاثر ٿيو هجي، جو هن خليفي ڏانهن تحفا تحائف موڪليا هجن. جهازن تي مسلم عورتن جي موجودگيءَ جو هن مفروضي کان سواءِ ڪو جواز موجود ڪونهي ته سلون جي سامونڊي بندرن يا هندستان جي مغربي ڪناري تي ڪي عرب واپاري آباد ٿيل هئا. اسان کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انهن جهازن تي ڪجهه واپاري پڻ سوار هئا، جن کي به ديبل تي روڪيو ويو. پر اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اهي مسلمان هئا يا سلون جا رعيتي هئا. ”تاريخ معصوميءَ“ جي مطابق اهي جهاز ڪن شامي واپارين جا هئا، ۽ انهن کي خليفي عبدالملڪ طرفان ڪنيزن ۽ هندستان ۾ٺهندڙ قيمتي ڪپڙن خريد ڪرڻ لاءِ، اوڏانهن موڪليو ويو هو. اهي جهاز انهيءَ سامان سان ڀرجي، موٽ تي ديبل بندر وٽ اچي لنگرانداز ٿيا، جتي انهن تي سامونڊي لٽيرن حملو ڪري، مٿن قبضو ڪيو. اهو بيان مجموعي طور تي انهيءَ بيان کان وڌيڪ امڪاني معلوم ٿئي ٿو، جيڪو ”چچ نامي“ ۾ ڏنل آهي. جهازن جي خلاصين مان ڪن پاڻ کي قيد ٿيڻ کان بچائي ورتو، ۽ اهي لڪندا ڀڄندا، خليفي جي مشرق واري گورنر، حجاج، وٽ وڃي پهتا. جڏهن هن کي اها خبر ٻڌائي ويئي ته ڪجهه مسلمان عورتن قيد ٿيڻ وقت هن جو نالو کڻي،کيس مدد لاءِ پڪاريو هو، تڏهن هو رڙ ڪري اٿيو ۽ چيائين ته ”اجهو آيس!“ ڄڻڪ هو انهن عورتن جا آواز انهيءَ مهل ٻڌي رهيو هو. هن فوراً هڪ خط ڏاهر ڏانهن لکايو، جنهن ۾ هن کان تحڪمانه انداز ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هو عورتن کي هڪدم آزاد ڪري، ۽ جيڪي تحفا تحائف خليفي ڏانهن موڪليا ويا هئا. سي به هڪدم واپس ڪرڻ جو انتظام ڪري. قاصد کي پهريائين مڪران جي ڪمانڊر محمد هارون ڏانهن موڪليو ويو، جنهن لاءِ هدايت هئي ته هو ان قاصد کي هڪ آفيسر ساڻ ڏيئي، ڏاهر ڏانهن عورتن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ خاطر اڳتي موڪلي. ڏاهر خط ملڻ سان پنهنجي مٿان ڪنهن به ذميداريءَ کي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ جواب ۾ چيائين ته اهي سامونڊي لٽيرا سندس قبضي ۾ ڪين هئا؛ انهيءَ ڪري اهو ان باري ۾ ڪجهه ڪرڻ کان قاصر هو. ان کان پوءِ حجاج سڄو معاملو خليفي وٽ پيش ڪيو ۽ ڪجهه تڪليف سان مس مس هن کي سنڌ جي خلاف جهاد جي اعلان ڪرڻ تي آماده ڪيو. مسلمانن هٿان سنڌ جي فتح ٿيڻ جو بيان هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڏنو ويندو، پر اهو موزون آهي ته هن هنڌ تي اسين انهن واقعن جي نشاندهي ڪريون، جيڪي هندو راڄ جي آخري ڏينهن ۾ حڪومتي ڪاروبار ۽ اتان جي ماڻهن جي حالت تي ڪجهه روشني وجهن ٿا. جيتوڻيڪ بُذيل جي زير قيادت ديبل تي هن مهم جي پهرين ڪاهه، مڪاني سنڌي فوج تي ابتدائي سوڀ پائڻ کان پوءِ ڏاهر جي پٽ جئسيه هٿان شڪست کائي، پوئتي موٽي چڪي هئي، تنهن هوندي به نيرون جي ٻوڌي حاڪم کي جنهن جي شهر کي پڻ مسلمان فوجن کان خطرو محسوس ٿي رهيو هو، اها خاطري ٿي چڪي هئي ته ان کان پوءِ عربن طرفان هڪ ٻي وڌيڪ طاقتور مهم سنڌ جي خلاف موڪلي ويندي، انهيءَ ڪري هن حجاج سان هڪ خفيه ٺاهه ڪري، خود پنهنجي ۽ پنهنجي شهر لاءِ پناهه جي ضمانت وٺي ڇڏي، ۽ عربن جي آڻ مڃڻ لاءِ، ويندي انهن کي ڏن ادا ڪرڻ تائين، پاڻ کي ذميدار بنائي ڇڏيو. ڏاهر لاءِ سمجهجي ٿو ته هو ائين سمجهي ويهي رهيو هو ته هن ان طرف کان وڌيڪ جارحيت جي خلاف ڪافي ڪجهه اقدام ڪري ڇڏيا هئا (ٿي سگهي ٿو ته جئسيه هٿان بذيل جي پهرينءَ ڀاڄ تي، ان سلسلي ۾، هو ضرورت کان زيادهه مطمئن ٿي چڪو هو)، جنهن ڪري هن ديبل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ يا ڏکڻ اولهه سنڌ ۾ فوجن جي جوڳي انتظام لاءِ مزيد ڪجهه به نه ڪيو. اندازو اهو آهي ته محمد بن قاسم جي لشڪر جي پيشقدميءَ کان باخبر به هو. پر هن ايڏي وڏي لشڪر جي حملي کان ديبل کي پنهنجي بچاءَ پاڻ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، ۽ انهيءَ قلعي جي حاڪم، جئهن پٽ برسيات راوت، ڏانهن مدد طور فقط اٺ ۽ گهوڙا موڪلي ڏنا. ”چچ نامي“ مطابق انهيءَ قلعي جي برهمڻ، جيڪو گهيري جي شروع ٿيڻ جي پهرين ئي ڏينهن ۾ حمله آور ڪمانڊر جي ڇانوڻيءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو هو، ۽ جنهن هن کي ٻڌايو هو ته قلعي تي قبضو ڪيئن ڪيو وڃي، تنهن پنهنجي انهيءَ روش جي وضاحت هن طرح ڪئي ته ستارن مان صاف طرح سنڌ تي اسلام جي غلبي ۽ قبضي جي پيشنگوئي ٿي چڪي هئي. بعد ۾ اسين ڏسون ٿا ته ٻُڌيه جو حاڪم ڪاڪا ڪوتڪ به سنڌ جي جوتشين جي انهيءَ اڳڪٿيءَ کان باخبر هو؛ ايتريءَ قدر، جو هن عرب فوج تي فقط شبِ خون هڻڻ تي رضامندو به تمام گهڻي شش و پنج کان پوءِ ڏيکاريو هو. پوءِ جيئن ئي هن جو اهو شب خون ناڪامياب ٿيو، تيئن ئي هن هڪدم آڻ کڻي مڃي، ۽ ان لاءِ هن سبب اهوئي گرهن جو اڳواٽ ٿيل فيصلو ڏنو. موڪاهه پٽ بسايي نالي هڪ ٻئي سردار به وفاداري بدلائڻ لاءِ اهو ساڳيو سبب پيش ڪيو. اسين هن باري ۾شڪ نه ٿا ڪري سگهون ته اهو خيال تيزيءَ سان سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويو هو ۽ ان ماڻهن کي جنهن خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، تنهن جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سنڌوءَ جي الهندي ڪپ وارن سنڌ جي ماڻهن کي سندن بادشاهه قسمت جي چڪر ۾ ڦاٿل ۽ بي يارو مددگار نظر اچي رهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هنن انهن جي مدد لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڏاهر پاڻ به جوتشين سان مشورو ڪيو هو، جيڪي هنن معاملن ۾ رواجي طرح شاهي ناراضگيءَ ۽ غضب جي نتيجن کان آجا ۽ بي فڪر هوندا هئا؛ ۽ هنن، سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي، کيس چئي ڏنو ته اسلامي لشڪر جي نصيب ۾ فتح لکيل آهي، ۽ هن کان پوءِ نيرون سندن قبضي ۾ ايندو. نيرون جو حاڪم، جنهن لاءِ اسان اڳيئي معلوم ڪري آيا آهيون ته هو حجاج سان معاهدو ڪري، غدار بنجي چڪو هو، سو انهيءَ وقت ڏاهر جي درٻار ۾ موجود هو. جيتوڻيڪ بادشاهه کي هن ۾ سڌي سنئين شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب نظر نه ايندو هوندو، ان جي باوجود هن کي اهڙين حالتن اندر هن جي مدد ۽ پٺڀرائيءَ لاءِ وڌيڪ لشڪر ڏيڻ کان سواءِ واپس اوڏانهن موڪلڻ، بظاهر تباهيءَ کي دعوت ڏيڻ جي برابر هو (13)؛ پر ڏاهر ائين ئي ڪيو ۽ انهيءَ حاڪم اتي پهچڻ شرط قلعو عربن جي قبضي ۾ ڏيئي ڇڏيو، ۽ پاڻ حجاج سان ڪيل ٺاهه جي پوئواري ڪرڻ ۾ لڳي ويو. جيڪو خط ڏاهر ديبل جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم ڏانهن موڪليو، سو بظاهر حالات سان پوريءَ طرح مطابقت رکي ٿو، جيتوڻيڪ اسين سمجهون ٿا ته اهو يقيناً ”تذڪري“ جي ليکڪ جي ذهن جي ايجاد آهي. بادشاهه پنهنجي عظيم سامونڊي بندر ديبل جي عظمت کي گهٽائي، ان کي واپارين ۽ هنر مندن جو شهر سڏي، چوي ٿو ته ان جي فتح هن (محمد بن قاسم) کي ڪو خاص شان وشوڪت عطا نه ٿي ڪري، انهيءَ ڪري هن لاءِ بهتر ائين ئي ٿيندو ته هو انهيءَ ڳالهه تي پوريءَ طرح سوچ ويچار ڪري ته جيڪڏهن هو، يعني ڏاهر، انهي موقعي تي به پنهنجي مشهور پٽ جئسيه کي سندس مقابلي لاءِ موڪلڻ ۾مصلحت سمجهي ها، ته جنگ جو نتيجو ڪهڙو نه مختلف نڪري ها! اهڙيءَ طرح جي ڊاڙ ۽ لٻاڙ جو انهيءَ ڌمڪيءَ سان اختتام ٿئي ٿو ته جيڪڏهن عرب جنرل اڳتي وڌي ايندو، ته هن جو انجام به بذيل جهڙوئي ٿيندو. پر سنڌ جي بادشاهه سنڌوءَ جي اولهه وارن قلعن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو- لشڪر کي گهربل انداز ۽ قوائد سان ميدان ۾ بيهارڻ جي ڳالهه ته هن کي ياد به ڪانه هئي! هنن حالتن ۾ اسين سيوستان جي عقلمند ۽ نيڪ خصلت ٻوڌين کي قلعي جي گورنر، ڏاهر جي سؤٽ بڇيرا، کي بنان لڙائي جي پيش پوڻ جي صلاح ڏيڻ لاءِ مشڪل سان ڪو ڏوهه ڏيئي سگهون ٿا، هنن پهريائين ته پنهنجي حاڪم کي پنهنجي مذهب جي انهيءَ عقيدي جو واسطو ڏنو، جنهن موجب رتو ڇاڻ ڪرڻ چڱو ڪم ڪونه هو؛ پر جڏهن انهن هن کي ضد ڪندي ڏٺو، تڏهن کيس صاف لفظن ۾ چتاءُ ڏنائون ته هو پاڻ سڌيءَ طرح مسلمانن سان عهدنامو ڪندا، جيڪي ”پنهنجي وعدي کي پاڙڻ جي شهرت رکندڙ آهن“، ۽ انهيءَ طرح سندن جانيون ۽ مال ملڪيت نقصان کان بچي سگهندا. معلوم ٿئي ٿو ته شهر ۾ انهن جي ئي اڪثريت هئي، ۽ جيئن ئي گهيرو شروع ٿيو، تيئن ئي انهن حمله آور فوج ڏانهن پيغام موڪلي ڏنو ته بڇيرا وٽ مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. اها حالت ڏسي، قلعي جو حاڪم فرار ٿي ويو، ۽ ٻوڌي شهرين سان اهائي روش اختيار ڪئي ويئي، جنهن جي انهن توقع رکي، عهدنامو ڪيو هو. مغربي سنڌ جي جنگجو چنا قبيلي جي ڦري وڃڻ جو سبب اهو معلوم ٿي رهيو آهي، جو انهن جي ڪنهن به قيادت ڪانه ڪئي. ”تحفته الڪرام“ مطابق، هن مسلم ڇانوڻيءَ ڏانهن پنهنجو جاسوس جائزي وٺڻ لاءِ موڪليو، ۽ چيو وڃي ٿو ته هن واپس اچي جڏهن کين مسلمانن جي نماز ۾ ڏنل اتحاد ۽ نظم و ضبط جو بيان ٻڌايو ، تڏهن اهي ايتريقدر ته متاثر ٿيا، جو هنن پنهنجي قسمت مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو (14). ڪاڪا ڪوتڪ، ٻڌيه جو حاڪم، جنهن لاءِ اسين اڳيئي چئي آيا آهيون ته هن جڏهن حالات مان ستارن جي پيشنگوئيءَ کي سچو ثابت ٿيندي ڏٺو، تڏهن هو پيش پيو، تنهن کي محمد بن قاسم پنهنجي قرب ۾ ايترو ته ٻڌي ڇڏيو، جو هو مسلمانن جي حق ۾ هڪ نهايت ئي جاندار ڪارڪن ثابت ٿيو ۽ هن سنڌ جي ٻين ڪيترن عاملن ۽ حاڪمن کي آڻ مڃڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ عربن کان انهن کي سلامتيءَ جي ضمانت وٺي ڏنائين، ۽ جيڪي مقابلي ڪرڻ تي آماده ٿيا ٿي، تن جي خلاف هو پاڻ عرب فوج جي رهنمائي ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا ته سنڌ جي سڄي الهندي علائقي ۾ ڏاهر جي رعايا جو هر طبقو هن کي ڇڏيندو ويو؛ جيڪڏهن بادشاهه فقط همت ڪري عربن جي پيشقدميءَ کي روڪڻ ۽ سندن مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪو لشڪر اوڏانهن موڪلي ها، ته شايد گهڻائي حاڪم ۽ سردار هن سان پوريءَ طرح وفادار رهن ها. نيرون جي ”ساماني“ حاڪم کي، هڪ اهڙي وقت تي دشمن سان معاهدي ڪرڻ لاءِ جڏهن ڏاهر، هڪ بادشاهه جي شان مطابق، دشمن کي ديس مان ڌڪي ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پٽ کي روانو ڪري رهيو هو، واقعي غدار قرار ڏيئي سگهجي ٿو؛ باقي ٻيا سردار ۽ حڪم پنهنجي بچاءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ دليل پيش ڪرڻ جهڙا هئا ته انهن سان سندن بادشاهه پهرين بيوفائي ڪئي ۽ هنن کي بيواهو ڇڏي ڏنائين. انهن جي روش کي قابل معافي سمجهڻ لاءِ سندن حق ۾ هن ڳالهه تي به ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي سڄي الهندي علائقي جون سرحدون انهيءَ ملڪ سان لڳي رهيون هيون. جنهن تي مسلمانن جي بالادستيءَ قائم ٿي چڪي هئي. بهر حال، سنڌ جي اولاهين حصي تي مسلمانن طرفان ڪيل قبضي ڇڏائڻ جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهوءَ ڪوشش ضرور ڪئي. چندا رام هالو، جنهن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته هو سيوستان جو سابق گورنر ٿي رهيو هو، تنهن ”انهيءَ علائقي جي ڪجهه ٺاڪرن ۽ مقامي عملدارن کي انهيءَ بغاوت ۾ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو، جيڪا قلعي جي قبضي حاصل ڪرڻ ۽ ضلعي ۾ مقيم عرب فوج کي هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، پر هن کي محمد بن قاسم طرفان موڪليل هڪ فوج طرفان شڪست ڏني ويئي، ۽ ائين پيو ڀانئجي ته هو انهيءَ معرڪي ۾ مارجي ويو. شهر جا رهاڪو هن سان ڪنهن به تعلق هئڻ جي دعويٰ کان انڪاري ٿيا، ۽ چيائون ته هو ڌاڙيلن جو هڪ سرغنو هو، جنهن اچانڪ انهيءَ جاءِ تي قبضو ڪيو هو، ۽ ان ڳالهه تي سپه سالار جي ماتحت سردار، محمد مصعب، هنن کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ رحمدليءَ ماڻهن جي راءِ کي عربن جي حق ۾ موڙي ڇڏيو. ۽ پوءِ شهر جي سلامتي ۽ بچاءُ لاءِ نون انتظامن ڪرڻ کان پوءِ محمد بن مصعب آسپاس جي علائقن مان عربن جي مکيه لشڪر ۾ امدادي دستي طور چئن هزار جنگجو ۽ ويڙهو ماڻهن جو هڪ وڏو لشڪر سندن جهنڊي هيٺ خدمت ڪرڻ لاءِ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهيءَ واقعي کان اڳ ديبل کان آيل ماڻهن جي هڪ جماعت طرفان، جيڪا هاڻي مسلمانن جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهي هئي، محمد بن قاسم کي چيو ويو هو ته مهراڻ جي اڀرندي طرف واقع ”ٻيٽ“ ضلعي جو هڪ بااثر سردار، راسيل ولد بسايو، سندن تقليد ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ جو مشورو ڏيئي رهيو هو. جلدئي پوءِ راسيل پاڻ مسلمانن جي سالار اعليٰ کي پيغام موڪليا، جن ۾ هن پنهنجي وفاداريءَ جو اظهار ڪيو، پر ان کان پوءِ جيڪي ڳالهيون رونما ٿيون، تن مان ائين پيو ڀانئجي ته هو پنهنجي طرفان عربن کي وفاداريءَ جو قطعي وعدي ڏيڻ جي معاملي کي انهيءَ وقت تائين ملتوي ڪندو رهيو، جيسين کيس اسلام جي فتحمند ٿيڻ جي خاطري نه ٿئي. هن جي ڀاءُ، موڪاه بسايي پڻ، جنهن جا هن سان تعلقات خوشگوار نه هئا، محمد بن قاسم کي پنهنجي طرف متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جيئن ته سندس انهيءَ ڪوشش کي چڱيءَ نظر سان ڏٺو ويو، انڪري هن پنهنجي ڀاءُ راسيل کان گوءِ کٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ جيئن ئي کيس سپه سالار طرفان اهو پڪو وعدو مليو ته جيڪڏهن هو مسلمانن جي طرفدار هئڻ جو کليو اعلان ڪندو ته کيس انهيءَ علائقي جي حڪمران جي حيثيت ۾ مستقل طور مقرر ڪيو ويندو، تڏهن هن هڪ اهڙو منصوبو گهڙيو، جنهن لاءِ هن سمجهيو ته اهو هن کي سندس قوم جي ماڻهن ۾ بدنام ٿيڻ کان بچائيندو. اهو منصوبو هيءُ هو ته هو عربن جو اوچتو ۽ اتفاقي طور قيدي بڻجي ويندو. انهيءَ منصوبي جي متعلق هن جو خط، بظاهر حادثاتي طور عربن جي ور چڙهڻو هو. چچنامي مطابق، هن محمد بن قاسم کي پنهنجي انهيءَ منصوبي جو اطلاع جنهن خط ۾ پهچايو، تنهن ۾ هن پنهنجي حقير ۽ نفرت جوڳن مقصدن کي صاف صاف بيان ڪيو. سپه سالار، يقيناً هن لاءِ پنهنجي دل ۾ نفرت محسوس ڪئي هوندي، پر موڪاه جنهن انتظام ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، سو هن عملي صورت ۾ ڪرڻ منظور ڪيو. ڏاهر کي درحقيقت انهيءَ باري ۾ خبردار ڪيو ويو هو ته موڪاه هن سان غداري ڪرڻ وارو آهي، پر وقت نڪري چڪو هو ۽ هو سندس خلاف قدم کڻي نه سگهيو. موڪاه کي، منصوبي مطابق، پڪڙيو ويو ۽ محمد بن قاسم طرفان هن کي ”ٻيٽ“ ضلعي جو موروثي راڻو تسليم ڪيو ويو، ۽ ساڻس نهايت امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. واقعن جي تحريري بيان مطابق، اهو پهريون مثال هو، جنهن عربن طرفان ڪنهن کي اهڙو اعليٰ اعزاز عطا ڪيو ويو هو. پر هن کي جيڪو علائقو اهڙيءَ طرح قبضي ۾ ڏنو ويو، سو مهراڻ جي اڀرندي ڪناري تي واقع هو ۽ مسلمان فاتحن جي زيردست هئڻ جي حيثيت ۾ موڪاه جو پهريون فرض، انهن کي درياءَ پار ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ڪٺيون ڪري ڏيڻ هو. محمد بن قاسم، انهيءَ وچ ۾ ڏاهر ڏانهن پنهنجو ايلچي موڪلي ڏنو هو، جنهن سان گڏ هن راجا جي سابق رعايا مان هڪ اهڙو ماڻهو پڻ مترجم طور موڪليو، جيڪو ديبل جو رهاڪوهو، ۽ انهيءَ وقت مذهب بدلائي مسلمان ٿي چڪو هو.راجا کي هن ٻن ڳالهين مان هڪ تجويز تي عمل ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي ته يا ته هو پاڻ لشڪر سميت درياءُ پار ڪري، الهندي ڪناري تي اچي، ساڻن لڙائي ڪري، يا ته هو عرب فوج کي ساڳيءَ طرح، بنان ڪنهن مقابلي جي، درياءُ پار ڪرڻ ۽ سندن مرضيءَ مطابق منتخب ڪيل لڙائيءَ جي ميدان تائين اچڻ جي اجازت ڏئي. ڏاهر پنهنجي وزير، ٻڌيمان، جي جانشين سان صلاح ڪئي، جنهن جو نالو سياڪر هو. هن کيس ياد ڏياريو ته هن انهيءَ موقعي کان اڳ سندس انهيءَ صلاح کي نظر انداز ڪيو هو، جنهن ۾ کيس چيو ويو هو ته هو درياءَ جي الهندي ڪناري تي عربن جي قبضي ڪرڻ کان اڳ پنهنجي لشڪر کي اتي پهچائي، پر هاڻي موزون رستو اهو ئي هو ته هنن کي درياءَ پار ڪرڻ ڏنو وڃي، ملڪي ماڻهن ۽ مالي وسيلن تي مشتمل ملڪ جي مکيه طاقت سنڌ جي اڀرندي حصي ۾ هئي، ۽ ان کي عربن جي خلاف چڱيءَ طرح استعمال ڪري سگهبو، جڏهن ته مهراڻ انهن جي پٺ ۾ هوندو، جيڪو انهن جي نئين ۽ تازي فوجي مدد ۽ رسد جي سامان پهچڻ جي رستي ۾ موثر رڪاوٽ ثابت ٿي پئي سگهي. محمد علافيءَ، جنهن سان ڏاهر ان کان پوءِ مشورو ڪيو، هن کي انهيءَ رستي اختيار ڪرڻ خلاف صلاح ڏني. اسلامي لشڪر هڪ دفعو سنڌ جي اڀرندي علائقي ۾ پنهنجا پير ڄمائيندو ته پوءِ اهي انهيءَ علائقي تي قبضو قائم رکندا ۽ بادشاهه جا گهڻا ماڻهو انهن جي پيش پوندا. مهراڻ کي دفاعي لائين طور قبضي ۾ رکيو وڃي ۽ ان تي ٻيڙين رستي پهرو لڳايو وڃي، ۽ الهندي طرف وارين قومن ۽ قبيلن کي حڪم ڏنو وڃي ته اهي عربن جي پٺيان ڇاپه مار جنگ جاري رکن ۽ انهن جي رسد ۽ فوج جي پٺيان رهجي ويل انهن جي ماڻهن کي مکيه لشڪر سان ملڻ کان روڪيو وڃي. ڏاهر اهو فيصلو ڪيو ته هن معاملي ۾ سندس وقار لاءِ بهترين رستو اهو ٿيندو ته هو پاڻ کي بي پرواهه، ظاهر ڪري، ۽ انڪري هن عرب سپهه سالار کي اطلاع ڪيو ته درياءَ پار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي انتخاب جو معاملو هو خود سندس مرضيءَ تي ڇڏي ٿو. هاڻي هن کي موڪاه بسايي جي دغابازيءَ جي خبر به پيئي. جنهن تي هن پنهنجي پٽ، جئه سيهه کي هڪ طاقتور لشڪر سان مسلمانن جي آڏو محاذ قائم ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو. انهيءَ وقت عربن کي رسد جي سامان جي ڪمي محسوس ٿي رهي هئي، ۽ هنن جا گهڻائي گهوڙا بيماريءَ وگهي مري چڪا هئا، جنهن صورتحال ڏاهر کي اها همت ڏياري، جو هن مسلمان سپهه سالار کي سندس مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ جو طعنو ڏياري موڪليو. ائين پيو ڏسجي ته هن هڪ ڀيرو وري سڀني احتياطن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي زبردست طاقت ۾ مڪمل اعتماد جي مظاهري ڪرڻ لاءِ سڄو پنهنجو وقت شيل شڪار ۽ عام تفريحن ۽ وندر ۾ وڃائي ڇڏيو. پر ان جو نتيجو اهڙو نڪتو، جو هن جي اهڙيءَ هلت سندس ئي ماڻهن جي اعتماد ۾ رخنو وڌو، انهيءَ صورتحال کي ڏسي، ڀندوبر ساماني، جيڪو هن جي وزيرن مان هڪ نظر اچي ٿو، هن جي اڳيان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ڏاهر پنهنجي دستور مطابق، سامانيءَ کان صلاح گهري، جنهن هن کي چيو ته هاڻي هن لاءِ ٽي رستا کليل هئا: هڪ ته هو پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين ۽ ٻارن ٻچن کي ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڏئي، ۽ پوءِ دشمن سان پوريءَ طاقت سان جنگ جوٽي، يا هو پنهنجي لشڪر کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصي کي عربن جي پيشقدميءَ کي روڪڻ تي مجبور ڪري، باقي ٻيو حصو ساڻ وٺي، پنهنجي بادشاهيءَ جي انتهائي دشوار گذار علائقي ڏانهن هليو وڃي، يا وري هو جاسم جي شهزادي جي علائقن ڏانهن هليو وڃي، جيڪو کيس مدد ڪندو. ڏاهر اعلان ڪيو ته هو اهڙي موقعي تي پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ ۽ ساڻن بيوفائي ڪرڻ جهڙو شرمساريءَ جو ڪم نه ڪري سگهندو، ۽ نه وري هو ڪنهن ٻئي راجا وٽ وڃي کانئس پناهه ۽ امداد وٺڻ جهڙي بي غيرتي برداشت ڪري سگهندو؛ پر هو سامهون ٿي وڙهندو ۽ عزت سان فتح حاصل ڪندو يا جنگ جي ميدان ۾ دشمن جو مقابلو ڪندي عزت ڀريو موت قبول ڪندو. ان جي باوجود، هنن پاڻ کي اهڙي موقعي تي به عقلمنديءَ ۽ حڪمت عملي سان قدم کڻڻ جو نااهل ثابت ڪيو. هن هيءَ ڳالهه ٻڌي ته موڪاه بسايو عرب لشڪر جي درياه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي پٽ جئه سيهه کي بيت جي قلعي جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو، ۽ کيس اها هدايت ڪئي ته هو موڪاه جي پيءُ بسائي، يا انهي خاندان جي ڪنهن ٻئي ڀاتيءَ جي ڳالهه ۾ اعتماد نه رکي. پر راسيل، جنهن جا پنهنجي ڀاءُ موڪاه سان تعلقات ڪشيده هئا، ۽ جنهن کي سندس ثابت ٿيل وفاداريءَ جي آڌار تي آزاديءَ سان ڏاهر وٽ اچڻ وڃڻ جي اجازت هئي، تڙتڪڙ ۾ اچي هنن وٽ حاضر ٿيو ۽ کيس استدعا ڪيائين ته بيت واري قلعي جي لشڪر جي اڳواڻي هن کي ڏني وڃي. اها اڄ ڪيتري قدر به اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙي ڳالهه معلوم ٿئي،پر ڏاهر واقعي راسيل کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي اتان واپس گهرائي ورتو. راسيل محمد بن قاسم کي ٻيڙين جي پل ٺاهڻ ۽ فوج سميت درياه پار ڪري اچڻ کان روڪي نه سگهيو، جنهن تي ڏاهر وري پنهنجي پٽ جئه سيهه کي عربن جي مقابلي ڪرڻ ۽ کين روڪڻ لاءِ موڪليو، جڏهن انهن جا پير درياه جي اڀرندي ڪپ تي مضبوطيءَ سان ڄمي چڪا هئا. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌين کي ڪافي دشوار حالات ۾ وڙهڻو پيو، سندن سڄو لشڪر مارجي ويو ۽ خود جئه سيهه اتفاق سان جان بچائي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. راسيل هاڻي محمد بن قاسم اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري پيش پوڻ ۽ آڻ مڃڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ جيڪڏهن اسين ”چچ نامه“ تي يقين ڪريون، ته هن عرب سردار کي هن ڳالهه لاءِ آماده ڪيو ته هو سندس حالت ۾ به اهو ساڳيوئي انتظام ڪري، جهڙو هن سندس ڀاءُ موڪاه جي پت رکڻ لاءِ ڪيو هو. چنانچه، رٿيل تجويز مطابق، گرفتار ٿي، راسيل جڏهن عرب سپه سالار وٽ آيو ته کيس به هن جو قرب حاصل ٿي ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ سان تعاون ڪري، پنهنجي مقامي ڄاڻ ۽ معلومات جو فائدو عربن کي ڏنو، پر هن پنهنجي انهيءَ غداريءَ ۽ دغابازيءَ جي جنهن انعام حاصل ڪرڻ جي توقع رکي هئي، تنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هو زنده رهي نه سگهيو. ڏاهر لاءِ هاڻي پنهنجي انهيءَ قول کي پاڻي ڏيڻ جو وقت پهتو هو ته هو پنهنجي تاج کي بچائڻ لاءِ مردانه وار ميدان ۾ اچي، پنهنجي جان جي بازي لڳائيندو. پر اهڙيءَ بحراني ڪيفيت ۾ به، هن کي اهو عام فهم ڪونه هو ته هو وٽس باقي بچيل فوجن کي گڏ ڪري، پوريءَ قوت سان حملي ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري پر هن هڪئي پٺيان نسبتاً ننڍيون ننڍيون فوجون حملي لاءِ موڪليون، جيڪي يقيني موت جي منهن ۾ هليون ويون. هن جو وزير سياڪر لاچار راجا کي اهڙي اشاري ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو ته هو جنگ جي بلڪل ابتدائي اصولن جي ابتڙ عمل ڪري رهيو هو، جنهن تي نيٺ راجا پنهنجي سڄي لشڪر جي مهنداري ڪندي جنگ جي ميدان ۾ نڪري آيو. ”چچ نامي“ ۾ انهيءَ جنگ جو وڏي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌ جي قسمت جو فيصلو ڪيو. معلوم ٿئي ٿو ته ڏاهر جو لشڪر پوريءَ طرح هٿياربند هو ۽ ان جوتعداد به عربن جي فوج کان وڌيڪ هو. جن ٺڪرن وٽ فوج جي وڏن دستن جي قيادت هئي، سا بنان ڪنهن شڪ شبهي جي، راجپوت امير هئا، پر عام سپاهين جي متعلق اسان کي فقط اهو ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي اڀرندي ڪپ وارن جتن جو اتنهائي طاقتور لشڪر ميدان ۾ موجود هو. شايد گهوڙيسوار جيڪي ”سڀ لوهه ۾ ويڙهيل هئا.“ ۽ جن مان ڪن پنهنجا وار کولي ڇڏيا هئا، ۽ ڪن ٻين انهن کي ويڙهي، ٻڌي ڇڏيو هو،سي پڪ ئي پڪ راجپوت هئا. هاڻي، سنڌ جي جنگي جوڌن، جڏهن نيٺ پنهنجي راجا کي سندن قيادت پاڻ ڪندي ڏٺو. تڏهن سندن همتون ايتر يقدر ته وڌي ويون جنهن جي اميد رکڻ جو سندن راجا کي هن جي پنهنجي سابق غفلت ۽ بي دليءَ جي ڪري ڪو حق ئي ڪونه هو. پهرئين ڏينهن جي ويڙهه مجموعي طور عربن جي ئي فائدي ۾ ويئي، پر اها فقط ننڍن ننڍن فوجي دستن جي لڙائي هئي. ۽ اها ڪنهن به طرح سان فيصله ڪن ڪانه هئي. ٻئي ڏينهن تي، ڪي مٺ ڀر سنڌي واقعي پنهنجي بادشاهه جو طرف ڇڏي، وڃي عربن سان مليا، ۽ اعلان ڪيائون ته اسين اسلام قبول ڪريون ٿا، جنهن جي ڪري هنن کي ڏاهري فوج تي پٺ کان حملي جي رهنمائي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي، ان جي نتيجي ۾ ڪجهه گڙٻڙ پيدا ٿي، پر انهيءَ ڪري عام سطح تي سنڌي فوج جي ڪا هار ڪانه ٿي، ۽ نه ئي ڪي ٻيا ماڻهو پنهنجون قطارون ڇڏي، دشمن سان ئي وڃي مليا. ڏاهر بذات خود جنگ جي صورتحال کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو، ان موقعي تي هن جنهن جرئت ۽ قيادت جي خوبين جو مظاهرو ڪيو، سي جيڪڏهن واقعي انهيءَ آخري گهڙيءَ کان اڳ ۾ نمايان ٿين ها، ته هوند سنڌ بچي وڃي ها. جنگ هلندي، هڪ موقعو اهڙو به آيو، جڏهن سنڌي لشڪر پنهنجي بادشاهه جي مثال جي تقليد ڪندي، جنهن ۾ هن هڪ اهڙي عرب بهادر کي قتل ڪري وڌو، جيڪو هن جي مقابلي ۾ وڌي ميدان ۾آيو هو، اسلامي لشڪر جون صفون ذري گهٽ ٽوڙي وڌيون هيون، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ فقط محمد بن قاسم جون شخصي ڪوششون ئي عرب سپاهين جي قطارن ۾ نظم و ضبط بحال رکي سگهيون. اهو ڄو ڏينهن سنڌي زبردست نقصان برداشت ڪندا، مضبوط ارادي ۽ پختي عزم ۽ جرئت سان وڙهندا ئي رهيا، تان جو شام ڌاري شاهي گهراڻي جي گهوڙيسوارن کان علاوه باقي ڪي ٿورا ئي وڃي بچيا. ڏاهر انهيءَ مهل سپاهين جي هڪ دستي جي حملي جي رهنمائي ڪري رهيو هو، جڏهن سندس هاٿيءَ جي هوديءَ کي هڪ آتشين تير لڳڻ ڪري باهه وٺي ويئي، هن جو هاٿي ضابطي کان نڪري ويو، ۽ باهه جي تيزي کان بچڻ لاءِ پاسي واري پاڻيءَ ۾ ڌوڪي پيو، ۽ ائين ڪندي پنهنجن سوارن کي اونڌو ڪري ڪيترائي ڇڏيائين، هن صورتحال جو مقابلو ڪندي، سنڌ جو بادشاهه مارجي ويو، ۽ سندس باقي بچيل لشڪر جلدئي ٽڙي پکڙي ويو. سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو راءِ ڏاهر جي شڪست ۽ موت سان خاتمو اچي ويو، جيتوڻيڪ سندس پٽ جئه سيهه پوءِ به جدوجهد قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ حمله آورن طرفان سڄيءَ بادشاهيءَ تي قبضي ڪرڻ تائين پوريءَ همت ۽ استقلال سان ويڙهه هلندي رهي. ظاهر آهي ته سنڌ جي اڀرندي ڪناري وارن ماڻهن کي عام طور پنهنجن برهمڻ راجائن سان لڳاءُ هو، انهيءَ ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهن جي حڪومت بي قياس ۽ ظالم نه هئي. چچ بادشاهه بڻجڻ کان اڳ ۾ هڪ ڪامياب منتظم هو، ۽ هن جي تخت جي استحڪام جو وڏو سبب اهي اقدامات ئي هوندا، جيڪي پوءِ هن پنهنجي رعايا جي حفاظت ۽ ڀلائيءَ خاطر کنيا. ڏاهر کي سندس پيءُ جي عقلمند وزير جي مهنداريءَ ۾ حڪومت جو هڪ مضبوط ۽ ڀروسي جوڳو نظام ورثي ۾ مليو هو ۽ اسين سمجهون ٿا ته ان جا ڪي ايترا رقيب ۽ دشمن به باقي ڪونه هئا. اسان کي تاريخ مان سنڌ جي ڪن اهڙن ناراض ٿيل اميرن جي ڪا خبر ڪانه ٿي ملي، جيڪي اتر اوڀر جي پاسي کان، چندر ۽ ڏاهر جي بادشاهين ۾ سنڌ تي ڪاهي ايندڙ ڪن بادشاهن سان وڃي مليا هجن. اهو سچ آهي ته ڏاهر جو نالو حماقت جو هم معنيٰ لفظ بڻجي ويو آهي، ۽ هو سندس سياسي معامله بازيءَ ۾ ظاهر ڪيل پنهنجي عدم مهارت جي ڪري انهيءَ جي لائق به آهي؛ پر ان جي باوجود هن احساس کي لڪائڻ مشڪل آهي ته هن ۾ هڪ بادشاهه جي حيثيت ۾ضرور ڪي خوبيون به هونديون، جن جو قديم وقائع نگارن ڪو ذڪر نه ڪيو آهي. اسان کي هن ۾ فقط هڪ ئي جيڪا خوبي نظر اچي ٿي، سا طبعي خطري جي منهن ۾ هن جي طرفان ظاهر ڪيل پنهنجي جسماني جرئت ۽ همت جي آهي. سنڌ جي برهمڻن کي هڪ واقعو ياد هو ته هن ڪيئن نه پنهنجي نوجوانيءَ جي زماني ۾ پيرين پنڌ ۽ اڪيلو هڪ شينهن کي ماريو هو، جڏهن هن جا سڀ پوئلڳ ڀڄي ويا هئا. ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ٽيهن سالن جي گذرڻ سان به هن جي جوانمرديءَ ۽ همت ۾ ڪا ڪمي آيل ڪانه هئي. جيڪڏهن هو انهيءَ جي اڌ جيتري به اخلاقي جرئت ۽ همت جو مالڪ هجي ها، ته هن جي گهراڻي ۽ ملڪ جو زوال بخوبي ٽري سگهي ها. نوٽ (1) هن باب جو بنياد به، گذريل باب وانگر، سڄو سارو ”چچ نامي“ تي رکيل آهي. ترجمو قليچ بيگ. (2) ٻائي ڏاهر ۽ ڏهر سيهه جي سڳي ڀيڻ نه هئي، سا ڳالهه ڏاهر جي طرفان بعد ۾ چيل هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن ان کي ”جاٽن جي ڌي“ جي بري لقب سان ياد ڪيو هو- قليچ بيگ ص 48. (3) قليچ بيگ- ص 40 اسان کي قديم لکت ۾ هڪ اڳئين موقعي تي ٻڌايو ويو هو ته آگهم لوهاڻي تي جڏهن چچ حملو ڪيو هو، تڏهن هن انهيءَ نالي واري بادشاهه کي مدد لاءِ پڪاريو هو؛ پر بظاهر ان جو ڪو نتيجو ڪونه نڪتو هو (قليچ بيگ، ص 23). پڻ ڏسو ايليٽ، ج -1، ص 153. نوٽ. (4) پر هيٺ ڏسو حقيقت هيءَ آهي ته ڏهر سيهه کي، جيڪو چچ جو وڏو شهزادو هو، رهائش لاءِ برهمڻ آباد شهر وڌيڪ پسند هو ۽ هن ڏاهر کي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي ته هو سندس پاران الور تي قابض رهي. (5) قليچ بيگ ۾حوالو ڏنل، ص 54. (6) قليچ بيگ ص 50. اها جاءِ ڪٿي هئي، سا ڳالهه غير يقيني آهي. (7) قليچ بيگ ص 156. (8) قليچ بيگ ص 43. (9) ”ارڙهن“ وڌيڪ امڪاني معلوم ٿئي ٿو، جيئن هن کان پوءِ نظر ايندو. (10) بعد ۾ ڏاهر هن کي ”مائٽ“ سڏي ٿو. ”چچ نامي“ اسان کي ٻڌايو آهي ته ”ڪشمير ۽ رامل جو بادشاهه“، جنهن چندر جي بادشاهيءَ ۾ سنڌ تي ڪيل ڪاهه ۾ حصو ورتو هو، سو چچ اعظم جو سندس ڌيءَ جي رشتي سان ڏوهٽو هو-حالانڪ اها ڳالهه، جيئن هن کان اڳ ۾ ئي چيو ويو آهي، ناقابل يقين آهي. قليچ بيگ صفحا 40. 55. مخدوم امير احمد ص 94. (11) قليچ بيگ 69. (12) قليچ بيگ ص 70 (فوٽ نوٽ). (13) هڪ ٻيءَ روايت مطابق، ڏاهر جو پٽ جئه سيهه ان وقت نيرون ۾ هو، جڏهن ديبل جي فتح جي خبر بادشاهه کي پهتي، جنهن کيس درياهه کي پار ڪري برهمڻ آباد ڏانهن وڃڻ ۽ نيرون جي ٻوڌ گورنر، سامانيءَ کي، انهيءَ قلعي جي چارج ۾ ڇڏي، کيس ان جي بچاءَ ڪرڻ جي هدايت ڏيئي وڃڻ جو حڪم ڏنو. قليچ بيگ ص 86. (14) ”چچ نامي“ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته چنا قوم وارن اشڀا نالي هڪ قلع بند شهر جي شڪست کان پوءِ، جنهن جي بيهڪ واري هنڌ جو ڪو يقين ڪونهي. آڻ مڃي. محمد بن قاسم هنن کي عام معافي ڏني. (15) چيو وڃي ٿو ته بادشاهه ڏاڍي ٺاٺ سان هڪ جنگي هاٿيءَ تي سوار هو، ۽ هن جي پٺيان سندس هودي ۾ ٻه ڪنواريون ٻانهيون خدمت لاءِ موجود هيون، انهن ٻنهي مان هر هڪ جو فرض راجا کي سندس ڪمان لاءِ تير ڏيڻ ۽ کيس تازي تواني ڪرڻ لاءِ پاڻ پهچائڻ هو، جيڪڏهن اها ڳالهه عرب وقائع نگار طرفان داستان کي رنگين بنائڻ لاءِ سندس دماغي اختراع ناهي. ته پوءِ اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي بادشاهه لاءِ عام حالتن ۾، اهڙي ڏيک ويک سان جنگ جي ميدان ۾ اچڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. لئمبرڪ جي حياتيءَ جو احوال غلام رباني آگرو ايڇ. ٽي. لئمبرڪ سنه 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ آنجهاني، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ جا پهريان ٻه جلد لکڻ جو ڪم سونپيو هو. انهيءَ سبب سان، لئمبرڪ جو بورڊ سان پورا پنجويهه ورهيه تعلق رهيو. تن ڏينهن ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس مان رٽاير ڪرڻ بعد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي اوريل ڪاليج ۾ فيلو مقرر ٿيو هو، جتي هو پنهنجي واندڪائي جو وقت، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ تصنيف ۾ صرف ڪندو هو. هن بورڊ جي آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ اطلاع ڏنائين ته سنڌ تي منهنجو اهم ڪتاب ”سر چارلس نيپئر ۽ سنڌ“ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي. جنهن زماني ۾ لئمبرڪ سنڌ ۾آءِ. سي. ايس. آفيسر هوندو هو، تنهن زماني ۾ به هو هتان جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمه ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو. هونئن ته پاڻ انهن انگريز عملدارن مان هو، جن کي صحيح معنيٰ ۾ ”برطانوي بادشاهت جا معمار“ ڪوٺيو ويو آهي، پر ڪن نفسياتي سببن جي ڪري کيس سنڌ لاءِ محبت هئي، سندس خاندان جي تاريخ ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي هئي. تڏهن لئمبرڪ جي ڪن وڏن سنڌ ۾ نوڪريون ڪيون هيون. سندس نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر هو. خود لئمبرڪ پاڻ به 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي اهم انتظامي عهدن تي فائز رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو ته ڳالهه سمجهه ۾اچي ويندي ته لئمبرڪ کي ڇا جي ڪري سنڌ سان محبت هئي. مرحوم آغا عبدالنبي، جيڪو 1940ع جي ڏهاڪيءَ واريءَ حُر تحريڪ دوران، لئمبرڪ جي هٿ هيٺ، نائب ائڊمنسٽريٽر هو، سو سندس قابليت ۽ دورانديشيءَ جون نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌائيندو هو. مون آغا صاحب کي ڪيترائي دفعا صلاح ڏني ته سنڌ جي انهيءَ اهم تاريخي دور جي واقعن بابت پنهنجون يادگيريون قلمبند ڪري، پر ڪن نامعلوم سببن ڪري، هو ان ڳالهه تي آماده ٿي نه سگهيو. سنڌ ۾ نوڪري ڪندي لئمبرڪ سنڌي زبان تي به چڱي مهارت حاصل ڪئي هئي، جنهن جي ڪري به سنڌ ۽ ان جي رهاڪن کي سمجهڻ ۾ کيس آساني ٿي هوندي. هڪڙي ڀيري مرحوم ميران محمد شاهه مون کي چيو ته ”لئمبرڪ کي بورڊ جي آفيس مان انگريزيءَ بدران سنڌيءَ ۾ خط پٽ ڇو نٿو لکين؟ مون شاهه صاحب کان پڇيو ته ”لئمبرڪ سنڌي ڄاڻيءَ؟“ انهيءَ تي ٻڌايائين ته حرن جي تحريڪ واري زماني ۾کيس ڪن ماڻهن مان دشمنيءَ جو انديشو هو، تنهن ڪري لئمبرڪ سان وڃي مليو هو، جيڪو ان وقت مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو. بقول شاهه صاحب، لئمبرڪ سندس ڳالهه ٻڌي، ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ڪڙڪو ڪري چيو هو: ”شاهه صاحب! جيڪڏهن هو توهان سان ڪا گڙٻڙ ڪندا ته مان سندن ڄڻ ٻچو چٽ ڪري ڇڏيندس!“ شاهه صاحب جي ڳالهه ٻڌي، حالي منهنجي دل ٿي ته لئمبرڪ کي سنڌيءَ ۾ خط لکان، پر مسئلي تي دوباره ويچار ڪرڻ کان پوءِ، مون خيال لاهي ڇڏيو ۽ ساڻس انگريزيءَ ۾ ئي خط و ڪتاب ڪندو رهيس. لئمبرڪ بلوچي زبان به رواني ۽ فصاحت سان ڳالهائيندو هو. جيڪب آباد ضلعي جي زميندار نواب خان کوسي مون کي ان سلسلي ۾ هڪ واقعو ٻڌايو. چيائين ته ”جنهن زماني ۾ لئمبرڪ صاحب جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو، تنهن زماني ۾ هيڪر منهنجي دعوت تي شڪار تي آيو. لئمبرڪ صاحب سٺو توبچي هو. سندس ڌڪ ورلي گسندو هو.“ نواب خان چيو ته ”شڪار ڪري اسان پوئتي موٽياسين. اهو رمضان جو مهينو هو. مون روزي کولڻ لاءِ کارڪون ساڻ کنيون هيون، جي کائيندو، ککڙيون اڇلائيندو، لئمبرڪ صاحب سان ڪچهري ڪندو ٿي آيس. هو اٺ تي چڙهيل هو ۽ مان گهوڙي تي هئس. لئمبرڪ صاحب ڪنهن مهل ککڙيءَ جو کڙڪو ٻڌي ڀانيو ته مان ٻير کائي رهيو هوس، سو ٺيٺ بلوچيءَ ۾ چيائين: نواب خان ٿئو کنران ورغئي ڇي؟ نواب خان چيو ته ”جيڪب آباد ضلعي جا عام بلوچ به سنڌي زبان جي اثر ڪري، ٻير کي بلوچيءَ ۾ ٻير ڪوٺيندا آهن، پر، لئمبرڪ جو اهو ڪمال هو، جو بلوچي ڳالهائيندي، هن ٻير لاءِ ٺيٺ بلوچي لفظ ”کنران“ استعمال ڪيو. لئمبرڪ جي بورڊ سان خط و ڪتابت جا فائيل جاچڻ سان مون کي معلوم ٿيو ته هن بورڊ ڏانهن پنهنجن ٻنهي ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ سو اسي خط لکيا آهن. انهن خطن ۾ هو ڪتاب جي ڇپائيءَ بابت تفصيل سان هدايتون ڏيندو هو، ۽ هر هڪ هدايت جي تعميل بابت فوراً جواب جي تقاضا ڪندو هو. جيڪڏهن اسان جي طرفان سندس خط جي جواب موڪلڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي، ته بي صبرو ٿي پوندو هو ۽ صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت ۾ سنڌي وزيرن ڏانهن شڪايتون لکي موڪليندو هو. ٻه ڀيرا مرحوم محمدايوب کهڙي (تڏهوڪي بورڊ جي صدر ۽ مرڪزي وزير دفاع) کي ۽ هڪ ڀيرو مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي (تڏهوڪي مرڪزي وزير قدرتي وسائل) کي دانهن ڏني هئائين. حقيقت اها آهي ته لئمبرڪ سان گڏجي ڪم ڪرڻ سولي ڳالهه نه هئي. مون کي ۽ سنڌ يونيورسٽي پريس جي مئنيجر مسٽر صديقيءَ کي ئي سور سجهن ٿا ته سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ اسان کي ڪيڏي نه محنت ڪرڻي پيئي هئي! ويتر مشڪل مسئلو اهو هو ته هن پنهنجن ڪتابن ۾ يوناني، لاطيني ۽ سنسڪرت جا ڪي لفظ استعمال ڪيا هئا، جن جي ڇپائي لاءِ سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ (جتي سندس ٻئي ڪتاب ڇپجي رهيا هئا) ڪو به انتظام ڪونه هو. بهرحال، جڏهن اسان سور سهي، سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم سهڻي نموني ۾ پورو ڪيو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل جي سچائيءَ سان اسان کي دعائون ڏنائين. خوشقسمتيءَ سان سندس ٻنهي ڪتابن جي سڄيءَ دنيا ۾ ساراهه ٿي، سو کيس ڏاڍي خوشي ٿي. 26- جولائي 1977ع تي هڪ خط ۾ لکي موڪليائين: ”توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته ڪئمبرج ۾آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ايف. آر. آلچن، جنهن پنهنجي زال سان گڏ (جيڪا پڻ آثار قديمه جي ماهر آهي) تازو روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ پٿر جي دور ۽ ان کان پوءِ آثارن تي تحقيق ڪئي آهي، ”ائنٽي ڪئريز“ نالي رسالي ۾ منهنجي ڪتاب ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ تي تبصرو ڪيو آهي. هن منهنجي راين تي تفصيل سان راءِ زني ڪندي انهن کي ساراهيو آهي ۽ آخر ۾ چيو آهي، ته سنڌ جي تهذيب جو مطالعو ڪندڙ شاگردن لاءِ هي باب لازمي قرار ڏنا وڃن. ”منهنجي خيال ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ان ڳالهه تي فخر ڪرڻ گهرجي، ته سندن ڇپايل ڪتاب جي هڪ مشهور ماهر، هڪ معروف علمي رسالي ۾، اهڙن لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي.“ ڊاڪٽر آلچن جي انهيءَ تحسين تي خوشي محسوس ڪرڻ لاءِ لئمبرڪ کي هڪ خاص سبب پڻ هو، جنهن کي سمجهڻ لاءِ ڳالهه جو پس منظر ڄاڻڻ ضروري آهي، جو هيئن آهي: لئمبرڪ، سنڌ جي تاريخ جي پهرئين جلد ۾، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب يعني موهن جي دڙي واريءَ تهذيب جي زوال تي بحث ڪيو آهي ۽ ان باري ۾ پنهنجو نظريو پيش ڪيو آهي. پر انهيءَ جلد شايع ٿيڻ بعد، هن پنهنجي ٻئي جلد جي ڇپائي ڪيترائي ورهيه روڪائي ڇڏي توڙي جو ان جو سمورو مسودو اسان وٽ ڇپائيءَ لاءِ تيار رکيو هو. سندس پهريون جلد سنه 1964ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ٻيو جلد نون سالن کان پوءِ سنه 1973ع ۾ شايع ٿيو. مئي 1966ع ۾ آثار قديمه جي هڪ آمريڪي ماهر ڊاڪٽر جي. ايف.ڊيلز ”سائنٽيفڪ آمريڪن“ نالي هڪ رسالي ۾ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جي زوال بابت هڪ نئون نظريو پيش ڪيو. پر لئمبرڪ جي ڪتاب جو حوالو ئي ڪونه ڏنائين. لئمبرڪ ڊيلز جي ڏنل نظريي تي تنقيد ڪئي، پر اها ”سائنٽيفڪ آمريڪن“ رسالي نه ڇپي. انهيءَ تي لئمبرڪ، سر ڪلاڊي انگلس ڏانهن خط لکيو، جيڪو دريائن ۽خاص ڪري سنڌو درياءَ جو مشهور ڄاڻو ۽ ڊائريڪٽر آف هئڊرالڪس هو. هن ڊيلز واري نظريي تي لئمبرڪ جي تنقيد کي صحيح قرار ڏنو. حقيقت ۾ ڊيلز پنهنجو نظريو آر. ايڇ. ريڪس نالي هڪ شخص کان ورتو هو، جنهن پاڻ کي دريائن جي علم جو ماهر پئي ڪوٺايو. سر ڪلاڊي انگلس پڇا ڳاڇا تي لئمبرڪ کي اهو به ٻڌايو ته مون ريڪس نالي ڪنهن به ماهر جو نالو نه ٻڌو آهي. (ريڪس وري پنهنجي مضمون ۾ سر انگلس جي مستند ڪتاب جو ذڪر ڪونه ڪيو هو.) ان سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيقات ڪندي لئمبرڪ کي خبر پئي ته سنڌو تهذيب جي دنيا ڀر مشهور عالم، سر مارٽيمر وهيلر پڻ ريڪس جي نظريي جي ڀرپور تائيد ڪئي آهي. نه رڳو ايترو، پر لئمبرڪ کي ويتر عجب لڳو. جڏهن خبر پيس ته وي. سي. رابرٽسن، جنهن سندس لکيل سنڌ جي تاريخ جي پهرئين جلد ٿي ”جاگرافيڪل جنرل“ ۾ تبصرو ڪيو هو، تنهن پڻ سندس نظريي جي ڀيٽ ۾ ريڪس جي نظريي کي قبول ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت، اوائلي پٿر واري دور جي هڪ مشهور ماهر ايم.آر. شانيءَ، دهليءَ مان نڪرندڙ اخبار اسٽيٽسمن جي 7-فيبروري 1967ع واري پرچي ۾ و ڏو مضمون لکيو، جنهن ۾ ريڪس ۽ ڊيلز جي نظريي جي حمايت ڪيائين. ڊيلز، ريڪس، سر مارٽيمر وهيلر ۽ شانيءَ مان ڪنهن به لئمبرڪ جي سنڌو ماٿريءَ واري نظريي کي رد ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. نه رڳو ايترو پر هنن پنهنجن مضمونن ۾ لئمبرڪ جي ڪتاب ماڳهين ڪو ذڪرئي ڪو نه ڪيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ لئمبرڪ مناسب سمجهيو ته ريڪس جي ڪتاب جي ڇپجڻ تائين، جنهن جو مقدمو سر مارٽيمر وهيلر لکيو هو، پنهنجي لکيل سنڌ جي تاريخ جي ٻئي جلد جي ڇپائي روڪائي ڇڏي ته جيئن ريڪس ۽ وهيلر جي خيالن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي نظريي کي موثر نموني ۾ پيش ڪري سگهي ۽ هن ائين ئي ڪيو. چنانچه، جڏهن سندس ٻيو جلد ”سنڌ-اسلامي فتح کان اڳ“ شايع ٿيو ۽ ڊاڪٽر آلچن جهڙي آثار قديمه جي هڪ مشهور ماهر، سنڌو تهذيب جي زوال بابت سندس خيالن جي پٺڀرائي ڪئي، تڏهن لئمبرڪ کي بجا طور خوشي ٿي ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي مبارڪباد ڏنائين. لئمبرڪ ذميدار ۽ ايماندار مصنف هو، تنهنڪري سنڌو تهذيب جهڙي اهم موضوع بابت ڪن نتيجن تي پهچڻ واسطي هن ڪافي سوچ ويچار ڪئي، ورنه ڪنهن عام مصنف وانگر هو به پنهنجي ڪتاب جي تڪڙيءَ ڇپائيءَ لاءِ اٻهرائي ڪري ها. مون کي ياد آهي ته جڏهن سندس لکيل سنڌ جي تاريخ جو پهريون جلد شايع ٿيڻ لاءِ تيار هو ۽ مون جلد پوش لاءِ کيس پنهنجي تصوير موڪلڻ واسطي خط لکيو هو، تڏهن هن ترت جواب ڏنو هو: ”مون کي پنهنجي ڪابه مناسب تصوير نٿي ملي ۽ آءٌ ڪنهن نئين تصوير ڪڍائڻ جي ڪري ڪتاب جي اشاعت ۾ دير پوڻ نه ڏيندس.“ سال 1968ع ۾ سندس گهر واري گذاري ويئي، هن سندس وڏو ساٿ ڏنو هو ۽ ڪتابن لکڻ ۾ مدد ڪندي هئس. مسودن کي ٽائيپ ڪرڻ جو سمورو ڪم ته هوءَ ئي ڪندي هئي. سندس وفات کان پوءِ لئمبرڪ مون کي خط لکيو ته: ”زال جي وفات ڪري مون کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ٿي..... مان ٽائيپ سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان“. 1973ع ۾ خود سندس صحت ۾ به ڪمزوريءَ جاآثار نظر اچڻ لڳا.ا نهن ڏينهن ۾ سندس هڪ ڪامياب آپريشن به ٿيو هو، پر هاڻي پنهنجي صحت برقرار رکڻ جي لاءِ کيس وڏي خبرداري ڪرڻي ٿي پئي. 1974ع ۾ مون کائونس پڇيو ته ”سنڌ صدين کان سيمينار“ ۾ پاڻ شريڪ ٿيندو يا نه؟ تڏهن هن جواب ۾ ”ٿڌي موسم“ جو عذر ڏنو. پر اصل ڳالهه اها نه هئي. تنهنڪري مون کيس ياد ڏياريو ته سنڌ ۾ فيبروريءَ جو مهينو (جنهن ۾ پهريائين مذڪور سيمينار رٿيل هو)ٿڌو نه هوندو آهي، بلڪ فيبروريءَ جي پڇاڙيءَ کان ته بهار جي مند شروع ٿيندي آهي. تڏهن فوراً جواب ۾ لکيائين: ”مون پنهنجي خط مورخه 17- سيپٽمبر ۾ ٿڌيءَ مند جو جيڪو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان مان منهنجي مراد اهو عام تاثر آهي، جيڪو هن ملڪ جي رهاڪن کي پاڪستان ۾ نومبر کان وٺي مارچ تائين مند جي موسم متعلق ذهن تي ويٺل هوندو آهي. ”گذريل ٻن سالن کان منهنجي صحت هينئر گهڻو بهتر آهي، جن دوران مون کي سنڌ ۾ اچڻ لاءِ ڪيتريون ئي، دعوتون مليل هيون. خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان ته سنڌ سيمينار ۾ شريڪ ٿي سگهندس يا نه. ان ڳالهه جو دارو مدار ڪن معاملن تي منحصر آهي. ڏسجي ته اهي ڪهڙي صورت اختيار ڪن ٿا.“ سندس خط مورخه 1- آڪٽوبر 1974ع مان مٿيون حوالو چٽيءَ طرح ٻڌائي ٿو ته حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ سندس صحت ڏينهون ڏينهن ڪري رهي هئي. جيستائين کيس سنڌ مان ملندڙ دعوتن جو تعلق آهي ته، اها ويچار جوڳي ڳالهه آهي ته لئمبرڪ جهڙو ماڻهو ست سمنڊ پار ڪري، سنڌ ۾ رڳو دعوتون کائڻ ٿي آيو؟ اها به ويچار جوڳي ڳالهه آهي ته اهي دعوتون کيس ڪٿان مليون هيون، ڪنهن ڏنيون هيون؟ اصل معاملو ته ڪو ٻيو هو جنهن جي ڪجهه کڻڪ اتفاقي طور ڪن تي پئجي ويندي هئي. تن ڏينهن ۾گرم گرم افواهه به گهڻائي ڦهليل هئا، جن ۾ هڪڙو اهو به هو ته سندس ڪتاب “THE TERRORIST” جي فلم ٺاهڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون. خود لئمبرڪ جي هڪ خط ۾ اهڙو اعتراف هو. مون کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڏاڍو هو پر ڪٿان مليو ڪونه ٿي. سو، مون لئمبرڪ کي رڳو ايترو لکيو ته هت اوهان جي ڪتاب جو چوٻول آهي، پر ڪتاب ملي ئي ڪونه ٿو. خط ملڻ تي، ڪتاب جي ڪاپي موڪلڻ جي بدران، هو مورڳو چڙي پيو ۽ لکيائين ته ”اتي دڪانن تي وڪري لاءِ ڪتاب مهيا ڪرڻ واسطي ڪو مان ٻڌل آهيان ڇا!“ 1976ع ۾آءٌ سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرو وائيس چانسيلر جي عهدي تي مقرر ٿيس. تنهنڪري منهنجو ساڻس ڪو به رابطو نه رهيو. پر ٻن سالن کان پوءِ اتي اوچتو هڪڙي ڏينهن مون کي سندس خط اچي مليو، جيڪو پاڻ 13- مئي1978ع تي لکيو هئائين. انهيءَ خط لکڻ لاءِ کيس هڪ خاص سبب هو. ڳالهه هن ريت آهي: يونيورسٽيءَ ۾وڃڻ کان اڳ مون بورڊ کان لئمبرڪ لاءِ ڪجهه رقم منظور ڪرائي هئي. دراصل لئمبرڪ جيتريءَ رقم جي عيوض تاريخ جا ٻئي جلد بورڊ کي لکي ڏنا هئا؛ سا ته کيس بروقت ملي چڪي هئي؛ پر سندس پهرئين جلد جو پهريون ڇاپو وڪامي ويو ۽ بزار ۾ ڪتاب جي گهر کي خيال ۾ رکي، بورڊ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي تياري ڪئي، تڏهن لئمبرڪ مطالبو ڪيو ته کيس پڻ معاوضي جي رقم وڌائي ڏني وڃي، ڇو ته سندس چوڻ هو ته بورڊ جو ڪتاب تي پئسا ڪمائي رهيو آهي ته ڪجهه نفعو کيس به ملڻ گهرجي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيل هو، ان موجب بورڊ سندس معاوضو وڌائڻ لاءِ هرگز پابند نه هو ۽ کيس معاهدي موجب، نفعي يا نقصان ۾ بورڊ سان ڀائيوار ٿيڻ جو به ڪو حق ڪونه هو. طئي ٿيل رقم بروقت کيس ملي چڪي هئي، ليڪن بورڊ سوچيو ته لئمبرڪ جهڙو عالم جيڪڏهن گهر ڪري، ته سندس چيو موٽائڻ نه گهرجي. چنانچه بورڊ کيس ٻن هزارن رپين جي وڌيڪ رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کيس اهڙي فيصلي کان آگاهه ڪيو. ستت ان کان پوءِ منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ مقرري ٿي ۽ مان اوڏانهن هليو ويس. پٺيان جي مون کي خبر ڪانه رهي. بورڊ لئمبرڪ لاءِ پئسا ته منظور ڪيا پر مشڪلات اها هئي ته لئمبرڪ کي پئسا انگلنڊ جي سڪي يعني پائونڊن جي صورت ۾ گهربا هئا. پاڪستاني رپيا سندس لاءِ بيڪار هئا. سرڪاري طرح پائونڊن جو حاصل ڪرڻ ايڏو ته پيچيده ۽ ڏکيو ڪم هو، جو بورڊ جي ڪافي ڪوششن جي باوجود پائونڊ منظور ٿي ملن، سا ڳالهه ڏکي ٿي لڳي. مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن لئمبرڪ کي سندس ٻنهي جلدن جي ڇپائيءَ متعلق خط و ڪتابت تي ٽپال جو خرچ پائونڊن ۾ ادا ڪرڻو هو، تڏهن به بورڊ کي ساڳي صورتحال درپيش آئي هئي. پر، مون ،مڙيئي معاملي کي نڀايو هو. جڏهن هرهنڌان مون کي پائونڊن ملڻ ۾ ناڪامي ٿي هئي ۽ مرحوم ممتاز حسين جو ڪنهن زماني ۾ مرڪزي حڪومت جو مالي سيڪريٽري ۽ ان وقت نيشنل بئنڪ جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر هو ۽ بورڊ تي مهربان هو، سو به اها مشڪلات دور ڪري نه سگهيو هو، تڏهن مون وڃي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کي عرض ڪيو هو. مون کي خبر هئي ته علامه صاحب جا ڪجهه پئسا لنڊن جي بئنڪ ۾ رکيل هئا. علامه صاحب مون کان رپيا وٺي بنا دير مون کي پائونڊن جو چيڪ ڏنو هو، جو مون لئمبرڪ کي موڪلي، پنهنجي ۽ بورڊ جي ڪارپت بچائي ورتي هئي. لئمبرڪ پئسن جو انتظار ڪيو، پر اڳتي هلي هن ڏٺو ته بورڊ وٽان پئسا به ڪونه پهتا ۽ خط پٽ جو جواب به ليٽ سيٽ ملي ٿو، سو، مجبور ٿي مون ڏانهن يونيورسٽيءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل خط لکيائين. سندس خط جو لهجو ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ هو. شايد پيريءَ ۾ هو مالي تنگدستيءَ جو شڪار هو. خط جي آخر ۾، دل کي ڇهندڙ لفظن ۾ لکيو هئائين: ”پيارا رباني،ٻيلي، منهنجي واهر ڪر.“ خط پڙهي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر يونيورسٽيءَ ۾ ويٺي، مان ڪجهه به ڪري نٿي سگهيس، سواءِ ان جي ته سنڌي ادبي بورڊ جي اختياريءَ وارن کي ان معاملي ۾ تڪڙي قدم کڻڻ جي لاءِ منٿ ڪريان. مون ائين ڪيو ۽ لئمبرڪ ڏانهن فوراً محبت ڀريو جوابي خط لکيو. 1979ع جي آخر ۾ جڏهن آءٌ يونيورسٽي ڇڏي بورڊ ۾پنهنجي اصلوڪي عهدي تي موٽي آيس، تڏهن مون لئمبرڪ جو فائيل ڏسي، کيس خط لکيو، پر وٽانئس ڪو به جواب ڪونه مليو. لئمبرڪ مان اهڙي توقع نه هئي! مون کي شڪ پيو ته ڪا ڳالهه آهي. مون سمجهيو ته بيمار آهي، تنهنڪر ي لنڊن ۾ پنهنجي هڪ دوست کي خط لکيم ته ان باري ۾ خبر لهي ڏي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جو جواب آيو ته کيس به وٽانئس ڪو جواب ڪو نه ٿو ملي. مان منجهي پيس. آخرڪار بورڊ جي ڪتابن جي هڪ خريدار کي لکيم ته تون لئمبرڪ کي ڪجهه نه ڪجهه رقم پهچائي ڏي. پر لنڊن مان ان باري ۾ وڌيڪ ڪو اطلاع مون تائين پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ ”ڊان“ اخبار ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙه جو تعزيتي مضمون ڇپيو ته سنڌ جو تاريخ نويس، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ هي جهان ڇڏي ويو . چوڻي آهي ته ”ماڻهو جيستائين ياد آهي، تيستائين موت کيس نٿو ماري.“ لئمبرڪ به پنهنجي ڪتابن جي ڪري ڪو زمانو ياد رهندو. هڪ اديب جي حيثيت ۾ هو بااصول ۽ ايماندار هو. هڪ ڀيري پنهنجي لکيل پهرئين جلد ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ۾ ڏنل هڪ نقشو پنهنجي هڪ مضمون ۾ڏيڻ لاءِ اسان کان اجازت گهريائين، جيڪو ڪنهن آمريڪي رسالي لاءِ لکيو هئائين. انهيءَ تي اسان کانئس پڇيو ته ”اهڙيءَ معمولي ڳالهه جي لاءِ به اسان جي اجازت وٺڻ ضروري هئي ڇا؟“ جواب ۾لکيائين: ”پر ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا ته سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهن.“ لئمبرڪ جيڪي ڪتاب لکيا آهن، سي مشرق ۽ مغرب جي مشهور ناشرن شايع ڪيا آهن. انهن کي سنڌ جي تاريخ جا شاگرد آسانيءَ سان حاصل ڪري پڙهي سگهن ٿا، پر ڪتابن کان سواءِ، هن ڪيترائي مضمون پڻ لکيا هئا، جيڪي پراڻن علمي رسالن ۾ ڇپيل آهن. اهي رسالا هاڻي اڻلڀ آهن. تازو ڊاڪٽر حميده کهڙه جي صدارت هيٺ ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ٻيهر قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ لئمبرڪ پاڻ به صدر هو. هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي گهرجي ته لئمبرڪ جا سڀئي مضمون گڏ ڪري، هڪ ئي جلد ۾ ٻيهر شايع ڪري، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي هڪ زماني جي صدر لاءِ، احترام ۽ عقيدت جو شانائتي نموني ۾ اظهار ڪري. ڊاڪٽر حميده کهڙو ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ڊگهيءَ بيماريءَ کان پوءِ 78 ورهين جي عمر ۾ 31-آگسٽ 1982ع تي هي جهان ڇڏي ويو. سندس وفات سان، سنڌ پنهنجو هڪ مورخ ۽ اهڙو دوست وڃايو آهي، جنهن سڄي حياتي ساڻس توڙ نڀايو. لئمبرڪ سنڌ جي هاڻوڪن وڏن تاريخ نويسن مان هڪ هو. سنڌ جي تاريخ جو ڪوبه طالب العلم يا مصنف کيس نظر انداز ڪري نٿو سگهي. سنڌ جي مطالعي بابت سندس خدمتن جي اعتراف طور ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي موقعي تي کيس 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني ويئي هئي. مون پهريون ڀيرو لئمبرڪ سان 1956ع ۾ ملاقات ڪئي هئي. هو انگلنڊ ۾ آڪسفورڊ شهر جي ٻاهران بوئر جي ٽڪريءَ تي رهندو هو. ان وقت مان پنهنجي والد سان گڏجي انگلنڊ وئي هئس. بابا مرحوم مون کي پنهنجي پراڻن دوستن سان ملائڻ وٺي هليو هو، جن ۾ سرپئٽرڪ ڪاڊيل به شامل هو، جيڪو سنڌ ۾ ڪمشنر رهي چڪو هو، ۽ جنهن سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ واري موقف جي پٺڀرائي ڪئي هئي. ۽ ان وقت آڪسفورڊ ۾ رهندو هو. بابا جو ٻيو دوست لئمبرڪ هو. پاڻ ان وقت آڪسفورڊ جي اوريل ڪاليج جو خزانچي هو. مون کي مسٽر ۽ مسز لئمبرڪ جي مهمان نوازي ۽ سنڌ سان محبت واريون دلچسپ ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون. ان کان پوءِ آءٌ، سندس گهر ويندي رهيس ۽ درحقيقت سندس ئي حوصلي افزائيءَ جي بنياد تي ئي مون سنڌ جي جديد تاريخ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هو مون جهڙن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي گهڻن ئي شاگردن کي همٿائيندو هو. جيڪي به شاگرد آڪسفورڊ ۾ سندس گهر ويندا هئا، تن لاءِ هو مدد جو هڪ مستقل وسيلو هو. تاريخي کوجنا جي ميدان ۾، سندس بي مثل خذمتن جي تسليميءَ طور آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ 1971ع ۾ کيس ادب ۾ اعزازي ڊاڪٽوريٽ ڏني، جنهن جي پروقار تقريب مشهور عمارت شيلڊن ۾ منعقد ٿي. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ هڪ اهڙي خاندان منجهان هو، جنهن ۾ هندستان ۾ملازمت ڪرڻ جي روايت هئي. لئمبرڪ پاڻ آڪسفورڊ جي اوريل ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ جديد تاريخ ۾ سڀني کان سٺي پوزيشن حاصل ڪئي. 1927ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو ۽ آءِ. سي .ايس جي کليل چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ پهريون نمبر آيو. آءِ. سي. ايس جي بمبئي ڪيڊر ۾ شامل ٿيو، ۽ پنهنجيءَ سروس جا ايندڙ ويهه ئي ورهيه گهڻو ڪري سنڌ ۾ گذاريائين. کيس سنڌ ۽ سنڌ واسي وڻي ويا. هن سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن ۽ سماجيات جو گهڻو مطالعو ڪيو. هن سنڌ جي ماڻهن کي ويجهڙو ٿي ڏٺو- انهن ۾ سڀ شامل هئا، امير به، غريب به. هن جي دوستن ۾ بلوچ سردار، وڏا زميندار ۽ وارياسي ۽ جابلو علائقن جا ناميارا ماڻهو ڳڻي سگهجن ٿا. هن تاريخ کان اڳ جي زماني وارا ڪجهه هنڌ ڳولي لڌا ۽ بلوچي لوڪ موسيقي ۽ رزميه شاعريءَ متعلق پڻ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيائين. سنڌ جي تاريخ جي ڪن نازڪ دورن ۾ لئمبرڪ گهڻن ئي اهم عهدن تي هو. 1933ع ۾ سنڌ ائڊمنسٽر يٽو ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هو. هن ڪميٽيءَ جي مسلمان ميمبرن ۾ سر عبدالله هارون ۽ منهنجو والد شامل هئا، جن کي 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ تحت بمبئي کان ڌار ٿيندڙ خود مختيار سنڌ صوبي جي سموري انتظامي جوڙجڪ تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي. ان کان پوءِ ٻي مهاڀاريءَ لڙائيءَ واري نازڪ زماني ۾ حرن جي ڪاررواين ۾ ملوث ٿيو، جن جي مٿان سموريءَ اوڀارينءَ سنڌ تي مڙهيل مارشل لا جو پوش چاڙهيو ويو هو. لئمبرڪ جو ورتاءَ، هڪ سلطاني منتظم کان وڌيڪ انسان دوست ۽ عالم وارو هو. جنهن جي خبر، حر تحريڪ کي ناول جي انداز ۾ سندس لکيل ڪتاب “The Terrorist” منجهان پوي ٿي، جنهن ۾چاليهن واري ڏهاڪي جي حر تحريڪ جو احوال قلمبند ٿيل آهي. لئمبرڪ 1947ع ۾ ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي آڪسفورڊ واپس پهتو. اتي اوريل ڪاليج ۾ هندستاني تاريخ ۾ کيس سينئر ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. هن انهيءَ عهدي تي 1971ع تائين ڪم ڪيو. جڏهن رٽائر ڪيائين ته کيس ايمريٽس فيلو بنايو ويو. 1971ع ۾ کيس اعزازي ڊاڪٽو ريٽ ۽ 1978ع ۾ رچرڊ برٽن ميموريل ميڊل ڏنو ويو. جيڪي اعزاز کيس ڏنا ويا،سي تاريخ ۾ سندس ورتل حصي جي شايان شان هئا. سندس لکيل ڪتابن ۾ سر چارلس نيپيئر ائنڊ سنڌ (1952ع)، جان جيڪب آف جيڪب آباد (1960) ۽ دي ٽيررسٽ (1972) جهڙا شاهڪار شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس سنڌ جي تاريخ جي ٻن جلد لکڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. هن سنڌ جي تاريخ جو پهريون جلد 1964ع ۽ ٻيو جلد 1973ع ۾ لکيا. اهي ٻئي ڪتاب وڏي علمي معيار وارا آهن. سنڌ ۾ رهائش دوران هو سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو معزز ميمبر ۽ مصنف هو، جنهن ڪيترائي قابل قدر تحقيقي ڪم شايع ڪيا. لئمبرڪ سنڌ مان واپس ٿيڻ کان پوءِ 1948ع ۾ شادي ڪئي. سندس گهر واري گئبريلي، وڻندڙ سڀاءَ واري عورت هئي، جا وقت کان اڳ 1968ع ۾ گذاري وئي. کيس ٻه پٽ رچرڊ ۽ وليم ٿيا. ڊاڪٽر لئمبرڪ جو موت، مون لاءِ هڪ دوست ۽ رهبر جو موت آهي ۽ سنڌ لاءِ هڪ محسن ۽ مورخ جو موت آهي.