ڪتاب جو نالو: تحفة الڪرام تحفة الڪرام مير علي شير قانع ٺٽوي ڇپائيندڙ پاران سنڌ جي تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي چند ڪتاب مُلڪ جو هر محقق ۽ دانشور انتهائي ڀروسي ۽ فخر جوڳا سمجهي تجويز ڪري سگهي ٿو، تن ۾ چچ نامي کان پوءِ ’تحفة الڪرام‘ سرفهرست آهي. ٺٽي جي نامياري علم دوست ڪٽنب جي روشن چراغ مير علي شير ’قانع‘ جي هن اَملهه تحرير ۾ نه رڳو سنڌ جي ڏيڍ هزار سال ماضيءَ جو تذڪرو ۽ تجزيو ڪيو ويو آهي، پر هن ديس جي شاندار شهرن، وستين ۽ واهڻ منجهه رهائش پذير انهن صاحب نظر خانوادن ۽ علم پرور هستين جي بيمثال ڪمن ۽ زندگي جا تفصيل ڏنا ويا آهن، جن جي مُهابي سنڌ کي ”صوفين جي سرزمين“ سڏرائڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن ڀونءِ جي سرَي مُلتان، اُچ، ۽ سيت پور کان وٺي بکر، سيوستان، ونگي، ولهار، مٽياري، نيرون ڪوٽ، بٺوري، ڪڪرالي ۽ ٺٽي سميت شايد ئي اهڙو ڪو خطو هجي، جنهن جي ڪا ذڪر جوڳي علمي ۽ ديني شخصيت هن ڪتاب جو حصو بڻجي مصنف جي دل سندي دفتر تي اُڪريل نظر نه اچي. اڄ کان تقريبن سوا ٻه سؤ سال اڳ جڏهن رابطي ۽ سفر جون سهولتون تمام گهٽ هيون ۽ علم جي حصول جي بنيادي ذريعن (Primary Sources) يعني خانقاهن، مدرسن، درگاهن، آستانن ۽ اوطاقن تائين رسڻ لاءِ هر قلم جي صاحب کي پنهنجي سرووڙڻو ۽ وڃڻو پوندو هئو. تڏهن مير علي شير ’قانع‘ جي نه رڳو قلم پر قدمن به اجهاڳ سفر طئه ڪيا آهن. هُن پنهنجي ساده پر سحر انگيز اسلوب ذريعي سنڌ جي علمي ماحول جي جنهن مُحبت، تدبر ۽ خلوص سان منظر نگاري ڪئي آهي، تنهن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه جا عالم نهايت ئي ادب ۽ احرام سان مڃتا جا گلاب آڇين ٿا. صاحبِ ڪتاب جي انهيءَ علمي پورهيي جي قدرداني ڪندي، سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪتر نبي بخش خان بلوچ جنهن مستقل مزاجيءَ سان ڪتاب جي مسودي تي نُور نچوئيو ۽ مترجم جي راهنمائي ڪندي ڪتاب جي اکر اکر تي پنهنجي ننڊ آرام جي قرباني ڏني آهي، سا پڻ ڳڻنيدي زندگيءَ جي نما شام کي پهتل هن ڌرتيءَ دوست جهوني جوڳيءَ جي عقيدت ۾، ڪنڌ خودبخود جهڪڻ لڳي ٿو. ڪتاب جي مطالعي دوران ڪوبه هوشيار پڙهندڙ آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهي ٿو ته هن تحرير جي هر جملي تي ڪنهن انتهائي تجربي ڪار ۽ سمجهدار عالم جي مُهر لڳل آهي. اهو ساڳيو مانُ ۽ مرتبو اسان ڪتاب جي مترجم ۽ سنڌ جي نامياري علمي شخصيت مخدوم امير احمد صاحب کي پڻ ارپي سگهون ٿا، جنهن معياري ۽ مُستند ترجمو ڪرڻ جو جذبو رکندي، ’تحفة الڪرام‘ جا ملڪ ۾ موجود ڪئين مسودا ڀيٽيا ۽ مطالعي هيٺ آندا آهن. ان ڏس ۾ مخدوم صاحب ڪيترائي ڏينهن ته لاهور جي ڪُتبخانن ۾ وڃي نُور نچوئيو آهي. اها وڌاءَ کان ڀريل هڪ صاف سڌي حقيقت آهي ته ڪتاب کي فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ منتقل ڪندي، هُن صاحب مصنف جي اصل مقصد ۽ معنيٰ کي هڪ لمحي لاءِ به فوت ٿيڻ نه ڏنو آهي. ازانسواءِ جتي جتي به اصل بيان ۾ کيس ڪا ڳوڙهائي يا اڻ چٽائي نظر آئي آهي، ته سندس طرفان حاشين، وضاحتن ۽ دُرستين جي روپ ۾ اُها پڙهندڙ لاءِ نهايت آسان ۽ سليس بڻائي ويئي آهي، سچ پچ ته اڄوڪي دور ۾ هن قسم جي اعليٰ درجي جي ڪيل ترجمن تي نظر وجهندي دل بي اختيار ٿڌو ساهه ڀرڻ تي مجبور ٿئي ٿي. هيءَ هڪ ايذائينداڙ حقيقت آهي ته ’تحفة الڪرام‘ جهڙو اهم ڪتاب گذريل پندرهن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب گهر تي مُيسر نه آهي. ڪتاب جو آخري ڇاپو سنڌ جي نامياري شخصيت ۽ شاندار مُنتظم ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي سيڪريٽري شپ دوران 1989ع ۾ پڌرو ٿيڻ کان پوءِ، عوام جي طرفان ٿيندڙ طلب باوجود نئين سر ظاهر نه ٿي سگهيو. پر قدرت جا پنهنجا رنگ آهن، شايد اُنهيءَ ليٽ جو سبب اهو به هجي ته ههڙو خير جو ڪم جو اعزاز هن خاڪسار کي عطا ٿيڻو هو! ڪتاب جو چوٿون ڇاپو پڌرو ڪندي مون کي دلي روحاني مُسرت ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ’تحفة الڪرام‘ اُنهن بنيادي ڪتابن منجهان هڪ آهي، جنهن جو پنجويهه سال اڳ مطالعو ڪندي مون سنڌ جي تاريخ بابت بنيادي سبق حاصل ڪيا هئا. الائي ڇو هيءُ ڪتاب شايع ڪندي مان محسوس ڪريان ٿو ته بورڊ ۾ منهنجي آمد جا ڪي پَلَ سجايا ۽ سَرها ضرور ثابت ٿيا آهن. ڄام شورو، سنڌ انعام الله شيخ 6 رمضان المبارڪ 1425 هجري سيڪريٽري بمطابق سنڌي ادبي بورڊ 21- آڪٽوبر 2004ع پيش لفظ ”سنڌي ادبي بورڊ“ پنهنجي پهرين نشست مؤرخ 20 آڪٽوبر 1951ع ۾ فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي تاريخ جا ٽي مکيه ڪتاب (1) فتحنامہ سنڌ، (2) تاريخ معصومي، (3) تحفة الڪرام (جلد ٽيون) فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا وڃن، انهيءَ لاءِ ته اهل وطن پنهنجي تاريخ کي پنهنجي سنڌي زبان ۾ آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن. بورڊ طرفان انهن ٽنهي ڪتابن جي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب، پرنسيپال اورينٽل ڪاليج حيدرآباد کي سونپيو ويو، ۽ هن اسڪيم جي نگراني ۽ ذمه داري بحيثيت ڊائريڪٽر جي راقم الحروف جي حوالي ڪئي وئي. جناب مخدوم صاحب ۽ بنده هن ڪم کي اهم قومي خدمت سمجهي ان کي جلد از جلد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن موجب ”تاريخ معصومي“ جو ترجمو 1953ع ۾ ڇپيو ۽ ”فتحنامہ سنڌ“ (چچ نامہ) ترجمو 1954ع ۾ شايع ٿيو. اُميد هئي ته ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو سنه 1955ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، مگر جيئن ته هن ڪتاب جي ترجمي جي لاءِ خاص طرح مصنف مير علي شير قانع جي هٿ لکيل قلمي نسخي کي ڏسڻو پيو جو لاهور ۾ مولوي محمد شفيع صاحب وٽ سوگهو هو، انهيءَ ڪري هن ترجمي جي تڪميل ۾البته دير ٿي. بهرحال هينئر ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو ناظرين ڪرام جي آڏو پيش ڪجي ٿو، ۽ جنهن جي اشاعت سان ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سنڌ جي تاريخ بابت پهرين اهم تجويز پوري ٿي. فاضل مترجم مخدوم امير احمد صاحب هيءُ ترجمو بالڪل ڪاميابيءَ سان عام فهم ۽ سليس سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي متن جي صحت خاطر بورڊ طرفان انتظام ڪيو ويو ته صاحب موصوف لاهور ۾ وڃي خود مصنف مرحوم جي دستخط قلمي نسخي تان پڙهڻيون درست ڪري. پڻ مرحوم سرڪار مير نورمحمد خان جي شاهي ڪتبخاني جو هڪ قلمي نسخو جو نوجوان مير نورمحمد خان جي مهربانيءَ سان هٿ ڪيو ويو، سو پڻ فاضل مترجم جي حوالي ڪيو ويو. انهن قلمي نسخن جي آڌار تي مخدوم صاحب هيءُ ترجمو مڪمل ڪيو آهي جو بالڪل مصنف جي متن مطابق آهي. هيءُ ترجمو تحفة الڪرام جي ٽئين جلد جو آهي جنهن جو تعلق خاص سنڌ سان آهي. پهرين ٻن جلدن ۾ عنوانن جو خلاصو فاضل مترجم پنهنجي ديباچي ۾ ڏنو آهي جنهن کي ڏسڻ سان پڙهندڙ کي سڄي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي. هن ترجمي جي سڄي مواد کي سهوليت خاطر ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. پهريون ڀاڱو سنڌ جي تاريخ سان واسطو رکي ٿو جنهن کي مصنف ٻارهن طبقن ۾ ورهايو آهي. ترجمي ۾ هرهڪ ”طبقي“ کي مستقل باب جي صورت ۾ بيهاريو ويو آهي. پهرئين ”طبقي“ وارو پهريون باب ”راءِ گهراڻو“ صفحي 63 کان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻارهين ”طبقي“ وارو ٻارهون باب ”عباسي ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت جو بيان“ صفحي 246 تي پورو ٿئي ٿو. ان بعد مصنف سنڌ جي مشهور شهرن ۽ اتي جي شخصيتن جو ذڪر شروع ڪيو آهي ۽ ان لحاظ سان هن ترجمي ۾ اسان ان مواد کي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو قرار ڏنو آهي جو صفحي 249 کان شروع ٿئي ٿو. مصنف سنڌ جي وسيع حدن کي خيال ۾ رکي سنڌ جي اترين سرحد کان اول اول شهر ملتان ۽ اتي جي بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ اچ، مئو، ماٿيلي جي بيان بعد بکر ۽ سيوستان پرڳڻن جي مشهور شهرن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي: يعني ته اترين سرحد کان شروعات ڪري پوءِ درجي به درجي هيٺ ڏکڻ طرف وارن شهرن جو ذڪر ڪندو آيو آهي. البت هيٺ هلي مصنف کان اها جغرافيائي ترتيب ڪن جاين تي فوت ٿي چڪي آهي. جغرافيائي ترتيب جي لحاظ سان باب 17، 18، 19، 20، 21 ۽ 22 جيڪر 21، 17، 22، 18، 19 ۽ 20 ٿي بيهن ها. ٻـيو ته مصنف انهن مشهور ماڳن ۽ شخصيتن جو بيان محض شهرن يا ماڳن جي نالن هيٺ ڪيو آهي. اسان انهيءَ سڄي مواد کي پڻ اصلي ترتيب موجب مگر بابن جي عنوانن هيٺ رکيو آهي، ۽ انهن بابن جو سلسلو پهرئين ڀاڱي جي آخري باب ٻارهين بعد مسلسل باب تيرهون، چوڏهون- الخ قائم ڪيو آهي. مصنف مير علي شير قانع جي سوانح، محترم سيد حسام الدين راشدي جي تحقيق جو نتيجو آهي جنهن کي هن صاحب ”مڪلي نامہ“ جي مقدمہ طور، رسالي مهراڻ نمبر 2، 1956ع ۾ شايع ڪرايو هو. اندر ترجمي جي متن هيٺ فاضل مترجم ڪافي جاين تي سنڌ جي ٻين مکيه تاريخي ڪتابن مان قيمتي حاشيا ڏنا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ اسان ماڻهن ۽ ماڳن ۽ ڪتاب جي عنوانن جون فهرستون شامل ڪيون آهن. انهيءَ اهتمام سان هن ڪتاب کي سردست ڪافي ڪارآمد بنايو ويو آهي. ان هوندي به اڃا هن ڪتاب ۾ متعدد حوالن ۽ حاشين جي ضرورت آهي ۽ ڪتاب جي مستند ايڊيشن تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ محنت جي گنجائش آهي. اُميد ته تحفة الڪرام جو اصل فارسي متن بورڊ جي هڪ نئين اسڪيم مطابق انهيءَ اهتمام سان شايع ڪيو ويندو. خادم العلم نبي بخش سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ 10-اپريل 1957ع بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمـنِ الرَّحِيْمِ مهاڳ اَلْحَمْدُ لِلّهِ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ وَ الْعَاقِبَةِ لِلْمُتَّقِيْن وَ الصَّلواةِ وَ السَّلاَمِ عَلي سَيِّدِ الاَنْبِيَاءَ وَ الْمُرْسَلِيْنَ وَعَلي آلِه وَ اَصْحَابِه اَجْمَعِيْن: هن کان اڳ مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۽ چچنامي جو سنڌي ترجمو ناظرين ڪرام جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. هيءُ ترجمو به ساڳين انهن اصولن تي ٿيل آهي، جن تي هن کان اڳين ٻن ڪتابن جو ترجمو ٻڌل آهي، تنهن ڪري هتي وڌيڪ تفصيل جي ڪا به ضرورت ڪانه ٿي ڏسجي. فقط هيترو ذڪر سو لازمي آهي، ته ترجمو ڪرڻ وقت تحفـة الڪرام کي فتح نامي (چچنامه)، تاريخ معصوميءَ، بيگ لارنامه، فتوح البلدان بلا ذري ۽ ڪن ٻين تاريخن سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ جتي جتي ڪو اختلاف نظر آيو آهي، ته انهيءَ جو ذڪر حاشيي تي، حوالي سان، ڪيو ويو آهي. سنڌ جي بزرگن جا جيڪي ڪجهه وڌيڪ حالات معلوم ٿي سگهيا آهن، اهي حاشيي تي ڏنا ويا آهن. هن ڪري ڪتاب جي افادي حيثيت گهڻو وڌي ويئي آهي. اڃا به هن ڪتاب تي تحقيق ۽ تفتيش جي گهڻي گهرج آهي. جهڙوڪ مغليه گورنرن جي سلسلي ۾ مصنف مير قانع گهڻي گڙ ٻڙ ڪئي آهي، سومرن ۽ سمن بابت گهڻو ڪجهه لکڻ جي گنجائش آهي، محمد بن قاسم کان پوءِ، بني اميہ خواه بني عباس گهراڻن جا جيڪي گورنر سنڌ ۾ آيا، تن متعلق عربي تاريخن ۾ ڪافي مواد موجود آهي. جن جن عالمن، فاضلن، شاعرن، الله وارن وغيره جو ذڪر تحفـة الڪرام ۾ آهي، تن مان ڪيترن متعلق ٻين تذڪرن ۽ تاريخن مان ڪافي معلومات جو ذخيرو گڏ ٿي سگهي ٿو. علي هذا القياس. مگر انهيءَ ڪم لاءِ ڪافي وقت کپي. في الحال مٿي ڏيکاريل قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي. اميد ته قدردان حضرات وٽ هيءَ محنت قبول پوندي. هاڻي اصل ڪتاب تحفـة الڪرام متعلق ٿورو لکي، قارئين سان انهيءَ جو تعارف ڪرائڻ واجب آهي. جيڪڏهن مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم پير محمد کهڙن (رياست خيرپور) واري جي لکيل تاريخ ”آئينـهء جهان نما“ کان قطع نظر ڪجي (ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب هڪ شخص جي هٿن ۾ آهي، جو ڪتاب ڏيڻ ته پري رهيو پر ڏيکارڻ لاءِ به تيار ناهي) ته پوءِ سنڌ جي تاريخ تي فارسي زبان ۾ لکيل، قديم ڪتابن مان ”تحفـة الڪرام“ بهترين ۽ آخرين ڪتاب آهي. حقيقت ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي تحفـة الڪرام لکي، سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي. جيڪڏهن هيءُ ڪتاب نه هجي ها، ته اڄ سنڌ جي تاريخ جو ڪافي حصو ضايع ٿي ويل هجي ها. هن ڪتاب ۾ نه فقط سنڌ جي بادشاهن جي تاريخ ڏنل آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن بلڪ جهنگن ۽ جبلن ۾، جيڪي درويش، مجذوب، صوفي، خوشنويس، شاعر، سيد، قاضي، عالم ۽ فاضل رهندا هئا، تن مان گهڻن جو ٿورو ڪي گهڻو احوال ڏاڍيءَ محنت سان هٿ ڪري ڪتاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ لاءِ پڙهندڙ کي گوياڪ هڪ شاهراه ڏيکاري اشارو ڪيو ويو آهي ته ”داديم ترا ز گنج مقصود نشان - گر، نرسيم تو شايد برسي“ . هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ لکيل آهي. پهريان ٻه ڀاڱا دنيا جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا باقي ٽيون ڀاڱو سنڌ لاءِ مخصوص آهي. جنهن ۾ مؤلف راءِ گهراڻي کان سنڌ جي تاريخ شروع ڪري، پنهنجي وقت يعني ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احوال تي ختم ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قسمن جي بزرگن جو ذڪر آندو ويو آهي. ڪتاب سنه 1180هه ۾ لکجڻ شروع ٿيو ۽ سنه 1181هه ۾ لکجي پورو ٿيو. ”تحفـة الڪرام“ جي حرفن جو جيڪڏهن ابجد جي حساب موجب تعداد وٺبو، ته 1180 ٿيندو، جو ڪتاب جي شروع واري سال ڏانهن اشارو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو سن 1304هه ۾ بمبئي مان هڪ پڪي جلد ۾ ڇپجي شايع ٿيو هو. اهو ڇاپو هاڻي ناياب آهي. صحت جي لحاظ کان به اهو ڇاپو نهايت غلط ۽ ردي آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا به ڪن ڪن خاص ماڻهن وٽ موجود آهن، مگر اهي به تمام ناقص ۽ غلطين سان ڀريل آهن. مون تي جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان تحفـة الڪرام جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو ۽ مون خدا تي توڪل رکي بسم الله ڪئي، تڏهن ڇاپي نسخي ۾، جو عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ترجمي لاءِ عاريتاً مليو هوم، ايتريون، ته غلطيون ڏسڻ ۾ آيون، جن جو ڪو حد حساب ڪونه هو. بلڪ ڪيتريون عبارتون، ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون. مان سنڌي ادبي بورڊ جو مشڪور آهيان، جن هڪ ٺهراءُ پاس ڪري، هيءُ موقعو ميسر ڪري ڏنو ته مان، بورڊ جي خرچ تي لاهور وڃي، خود مصنف مير قانع جي هٿ اکرين لکيل نسخي تان، جو سنڌين جي بد ذوقيءَ ۽ ناقدريءَ کان وڃي لاهور پهتو آهي، ڇاپي نسخو ڀيٽي اچان. پڻ بورڊ، انهيءَ نسخي جي مالڪ مولوي محمد شفيع، سابق پرنسپال اورينٽل ڪاليج لاهور، سان لکپڙهه هلائي، کيس انهيءَ لاءِ آماده ڪيو ويو، ته هو صاحب، اوتري وقت لاءِ، پنهنجو ڪتاب پنجاب يونيورسٽيءَ جي لئبريرين جي حوالي ڪندو، جيتري وقت لاءِ مون کي انهيءَ ڪتاب جي ڏسڻ جي ضرورت هوندي. انهيءَ سڄي معاملي طئي ٿيڻ کان پوءِ، مون لاهور وڃي، اتي 21 ڏينهن رهي، ڇاپي نسخي کي قلمي نسخي سان ڀيٽيو ۽ ڀيٽڻ تي ٻنهي نسخن ۾ تمام گهڻو فرق ڏسڻ ۾ آيو، جو سمورو قلمبند ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان موجوده ترجمو خود مصنف جي دستخطي نسخي جو ترجمو آهي. ترجمو پوري ڪرڻ کان پوءِ اسان کي مرحوم مير نور محمد خان حيدرآباديءَ جي ڪتبخاني مان، عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت تحفـة الڪرام جو خطي نسخو مليو، هي نسخو 12 محرم 1233هه ۾ مير مراد علي خان جي حڪم سان لکيو ويو هو. اگرچہ هن ۾ به صحت جو التزام تمام گهٽ آهي، تاهم ٻين نسخن جي مقابلي ۾ چڱو آهي. هيءُ نسخو مصنف واري نسخي کان ڪن جاين ۾ مختلف آهي. اسان کي جيڪڏهن ڪنهن اختلاف ۾ ٿورو گهڻو وزن ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته حاشي ۾ نسخي ”ن“ جي عنوان سان اسان اهو اختلاف لکي ڇڏيو آهي. مصنف جي دستخطي نسخي مان هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي، ته هن اگرچہ تحفـة الڪرام، سن 1181هه ۾ پورو ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪتاب جا قلمي نسخا به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا هئا. پر تنهن هوندي به جڏهن جڏهن کيس ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿيندي ويئي، ته اها پنهنجي قلمي نسخي ۾ درج ڪندو ٿي ويو، ۽ جيڪي ڳالهيون اڳتي هلي سندس ئي تحقيق موجب غلط ثابت ٿيون آهن، تن کي ڊاهي ٿي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي اصلاح ۽ محواثبات جو سلسلو سندس وفات سن (1203هه) تائين جاري رهيو. شايد اهوئي سبب آهي، جو تحفـة الڪرام جا، جيڪي به ڇاپي يا خطي نسخا اسان جي نظر مان گذريا آهن، تن ۾ يڪساني ۽ هڪ جهڙائي بلڪل ڪانه آهي. اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ته مصنف ”تحفـة الڪرام“ ٽن ڀاڱن يا جـُـلدن ۾ لکيو. هيءُ ترجمو، فقط ڪتاب جي ٽئين جلد جو آهي، جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي. مناسب آهي، ته ناظرين کي پڻ تحفـة الڪرام جي پهرين ٻن جلدن جي باغ جو سرسري سير ڪرايون، ته جيئن هو سڄي ڪتاب جي اهميت ۽ گوناگونيءَ جو اندازو ڪري سگهن ۽ ڏسن، ته ناخلف سنڌين جي غفلت کان، اسان جي بزرگن جون ڪهڙيون نه عجيب و غريب محنتون ضايع ٿي ويون يا ڌارين جي هٿن ۾ پهچي ويون. پهريون جلد: هن جلد ۾ هڪ مقدمو ۽ ٽي دفتر آهن. مقدمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي هر هڪ حصي جو نالو ”ذڪر“ (بيان) رکيو ويو آهي. ”ذڪر“ ۾ مخلوقات جي ابتدا ۽ ٻئي ”ذڪر“ ۾ جنن جي پيدائش جو بيان آهي. ٽن دفترن مان پهرئين دفتر جا ٽي ڀاڱا آهن. هر هڪ ڀاڱي کي ”طبقي“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. پهرئين طبقي ۾ بيبين جو بيان آهي. ٻئي طبقي ۾ اسلام کان اڳ ٿي گذريل بادشاهن جو ۽ ٽئين طبقي ۾ انهيءَ وقت جي حڪيمن، زاهدن ۽ مشهور شاعرن جو ذڪر آهي. ٻئي دفتر کي پنجن حـصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ کي ”مجلس“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرينءَ ”مجلس“ ۾ حضور پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي پيدائش جي ابتدا، ٻيءَ ”مجلس“ ۾ سندن حالات، ٽينءَ ”مجلس“ ۾ خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جو احوال، چوٿينءَ ”مجلس“ ۾ امامن پاڪن جو ذڪر ۽ پنجينءَ ”مجلس“ ۾ اهل بيت ڪرام جي مشهور مشهور هستين جو بيان آهي. ٽيون دفتر ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيل آهي. هر هڪ ڀاڱي تي ”طَّبقي“ جو نالو رکيو ويو آهي. انهن مان پهرين طبقي کي وري ٽي ڀاڱا ڪري هر هڪ ڀاڱي کي ”مقصد“ سڏيو ويو آهي. پهرين ”مقصد“ ۾ بني اميه گهراڻي جي خليفن جو بيان آهي. ٻئي ”مقصد“ ۾ ٽي مقالا آهن. پهريون مقالو خاص بني اميه گهراڻي جي انهن اميرن جي بيان ۾ آهي، جيڪي عراق عرب ۽ عراق عجم جي حڪومت تي سرفراز هئا. ٻئي مقالي ۾ بني اميه جي خراسان وارن اميرن ۽ ٽئين ۾ بني اميه گهراڻي جي ڪن مکيه ماڻهن جو احوال آهي. ٽئين ”مقصد“ ۾ خاص انهن ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي، جن بني اميه جي حڪومت واري دور ۾ بغاوتون ڪيون. ٻيو طبقو پنجن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ حصي کي ”مذڪور“ لقب ڏنو ويو آهي. پهرئين ”مذڪور“ ۾ عباسي خليفن جو ذڪر آهي. ٻئي ۾ انهن عباسي شخصيتن جو بيان آهي، جن مصر ۾ خلافت جو لقب لڌو. ٽئين ۾ عباسين جي اميرن، وزيرن ۽ سندن نامي گرامي ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي. چوٿين ۾، جن ماڻهن عباسي دور ۾ بغاوتون ڪيون، تن جو بيان “ پنجين ۾ قرمطين جو ذڪر آهي. ٽئين طبقي جا حصا ڪيا ويا آهن. هر هڪ حـصي جو نالو رکيو ويو آهي ”اساس“ . پهرين ”اساس“ ۾ انهن مسلمان بادشاهن جو احوال آهي، جيڪي بني عباس گهراڻي جي خلافت وقت دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي بادشاهه هئا. اهڙن يارهن گهراڻن جو احوال ڏنو ويو آهي. پهريون طاهري گهراڻو، ٻيو صفاري گهراڻو، ٽيون ساماني گهراڻو، چوٿون غزنوي گهراڻو، پنجون غوري گهراڻو، ڇهون آل بويه يعني ديلمي گهراڻو، ستون سلجوقي گهراڻو، اٺون خوارزمشاهي گهراڻو، نائون اتابڪ گهراڻو، ڏهون اسماعيلي گهراڻو ۽ يارهون ڪرمان جو فراختائي گهراڻو. ٻئي اساس ۾ فقط انهن شاهي گهراڻن جو احوال آهي، جن روم تي حڪومت ڪئي. اهڙا اُٺ گهراڻا ٻڌايا ويا آهن: پهريون قيصر گهراڻو، ٻيو سلجوقي گهراڻو، ٽيون دانشمندي گهراڻو، چوٿون سليقي بادشاهن جو گهراڻو، پنجون منڪو چڪي اميرن جو گهراڻو، ڇهون قرامان گهراڻو، ستون ذوالقدر گهراڻو، ۽ اٺون عثماني بادشاهن جو گهراڻو. ٽئين اساس ۾ حرمين شريفين - زادهما الله شرفا و تعظيما - جي شريفين جو ذڪر آهي. چوٿين اساس ۾ ترڪستان جي خانن يعني چنگيزخان ۽ سندس اولاد جو بيان آهي. پنجين اساس ۾، ابوسعيد خان بهادر کان پوءِ، جيڪي ايران ۾ ننڍڙا بادشاهه ٿيا، تن جو احوال آهي ۽ اهڙا پنج گهراڻا هئا. ڇهين اساس ۾ قراقرونيلو گهراڻي جي بادشاهن جو احوال ڏنو ويو آهي. ستين اساس ۾ دياربڪر (روسي ترڪستان) جي اقاقونيلو بادشاهن جو ذڪر آهي. اٺين اساس ۾ ايران جي صفوي گهراڻي جو ۽ نائين اساس ۾ خاص صاحب قرآن امير تيمور گورگان ۽ سندس اولاد جو احوال آهي، جن ايران ۽ توران تي حڪومت هلائي. ٻيو جلد: هن جلد ۾ ڪل ست مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي. ستن مقالن ۾ ستن ئي ولايتن جو ترتيب وار ذڪر، انهن جي مختصر جاگرافي ۽ اتي جي بادشاهن، اميرن، وزيرن، خداوارن ولين، عالمن، ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جو احوال ڏنل آهي. خاتمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حـصي کي ”نمود“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرئين نمود ۾ مشهور ۽ مکيه مکيه شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏيکاريل آهي. ٻئي نمود ۾ انهن ملڪن جو مختصر بيان آهي جيڪي ستن ولايتن جي احاطي کان ٻاهر آهن. هن فهرست مان صاف ظاهر ٿيو، ته هيءُ جو بمبئي واري ڇاپي ۾ فقط احمدآباد، گجرات ۽ اتي جي حاڪمن ۽ بزرگن جو ٿورو بيان ڏيئي، انهيءَ کي تحفـة الڪرام جو پهريون جلد سڏيو ويو آهي، انهيءَ سان تحفـة الڪرام جي حقيقي پهرئين جلد جو ڪو به واسطو ڪونه آهي. حقيقت ۾ پهريون جلد هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جو فلسڪيپ پيپر کان به وڏيءَ سائيز تي، نهايت گنجان ۽ گهاٽن اکرن ۾ 320 صفحن تي شامل آهي. اسان لاهور ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪتاب جي پهرئين ۽ پوئين صفحي جي عڪسي ڪاپي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي لئبريرين، روٽو گراف مشين تي اهڙي عڪسي تصوير وٺي موڪلڻ جو وعدو به ڪيو مگر افسوس جو هن صاحب اهو وعدو پورو نه ڪيو. آخر ۾ ناظرين حـضرات کان صرف هيءَ استدعا آهي، ته جيڪڏهن کين منهنجي هيءَ ناچيز محنت پسند اچي، ته مون عيبدار کي پنهنجي خير جي دعا کان نه وسارين. وآخردعوانا ان الحمد لله رب العالمين. مخدوم امير احمد، عفي عنه پرنسيپال، اورينٽل ڪاليج، حيدرآباد، سنڌ 14- نومبر 1955ع مصنف مير علي شير قانع جي سوانح حيات (از - سيد حسام الدين راشدي) خانداني پس منظر مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو آهي: مير علي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪر الله ثاني، بن سيد ظهير الدين والاسلام المعروف بہ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪر الله شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن امير سيد نسيم الدين محمد المعروف بہ مير ميرڪ شاهه، بن امير سيد عطاءُ الله جمال الدين محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي* الشيرازي. مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفـة الڪرام“ جي ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعرء“ ۾، پنهنجي سوانح جي ضمن ۾ ڪيو آهي. ”تحفـة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين، خاندان جي سنڌي افراد جو احوال لکيو اٿس. پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ تاريخ ”حبيب السير“ ، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن. مناسب آهي، ته مير صاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن جي مختصر احوالن سان شروع ڪئي وڃي، تاڪ پڙهندڙ مير صاحب جي حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي پس منظر ذهن نشين ڪن. (1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد عبدالرحمان، بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين يحييٰ محمد الحسيني) تفسير، حديث، ۽ فن انشا جو جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو. ”حبيب السير“ جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پڙهڻ جي لائق آهي. ”بصفت اصالت ووفور جلالت ونباهت شان، وقدم دودمان موصوف و معروف بود، وبوفور زهد و تقويٰ و دينداري و غايت ديانت و پرهيزگاري، از اڪثر علما و سادات بني آدم ممتاز و مستثنيٰ مينمود. زبان گهر افشانش مفسر حقايق صحف آسماني، وبيان بلاغت نشانش مبين دقايق کتب سبحاني، باطن خجسة ميامنش مظهر آثار ولايت و رشاد، وخاطر فرخند. مآثرش مهبط انوار هدايت و ارشاد، و بي شائبه مدح گستري آن مهر شرعيت پروري، در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيہ ونظير نداشت.“ * سيد صاحب، سلطان ابوسعيد جي زماني (855-872هه) ۾، شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ بادشاهه جي تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو مدرسهء گوهرشاد آغا ۾ وعظ فرمائيندو هو. اهڙيءَ طرح، هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلاد جي مجلس منعقد ڪري، حضور جن جي سيرت پاڪ اهڙي دلنشين پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو، جو سامعين جي تاثر جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئيv . سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل ڪئي: (1) ”شرح درج الدرر“ (بر ”سير سنيہ خير البشر“ ) (2) ”ڪتاب مزارات هرات.“ پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي ته: ”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت و بلاغت عبارت آن نسخه بر السنہ وافواه خلايق مذڪور.“ سيد صاحب جو انتقال، سلطان بايقرا جي دور ۾، 17 جمادي الاخرvv سن803هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ جاگيرون مقرر ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو نالو کنيو آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان الدين محمد. (2) سيد الحڪما و المدققين امير صدر الدين محمد شيرازي ( ”ابوالمعالي“ ڪنيت، ”صدر العلما“ ۽ ”صدر الحقيقة“ لقب): سندس والد جو نالو امير غياث الدين منصور هو، جنهن لاءِ حبيب السير جي مصنف جو قول آهي ته: ”در سلڪ سادات عالي نسب مملڪت فارس انتظام داشت، ومرجع اشراف داعيان بوده، پيوستہ نقش خير خواهي بر الواح خواطر آدميان مي نگاشت.“ امير صدر الدين، مولانا قوام الدين گلباريءَ وٽ علوم جي تحصيل ڪئي*. جنهن کان پوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو ”مدرسهء منصوريه“ ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسلو شروع ڪيائين. ”حبيب السير“ ۾ آهي ته: ”صفت بالا عزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و اقدام مينمود، و بجودت طبع و دقت ذهن از جميع علماي متبحرين و فضلاي متاخرين ممتاز و مستشنيٰ بود.“ v انهيءَ مدرسي ۾ هزارن طالبعلمن، ۽ ذوق رکندڙ سون ٻين صاحبن، علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخرو ئي حاصل ڪئي. ”مجالس المؤمنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ قول آهي، ته ”حديث جو جيد عالم ۽ حافظ هو. علوم حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا جي عظيم ترين حڪما جي درجي تائين پهتل هو. جن بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض پرايائين، سي سڀ پنهنجي دور جا بينظير عالم هئا، جن جي استادن جا سلسلا بوعلي سينا، ملا قطب الدين، علامه شيرازي، سلطان المحققين خواجه نصير الدين طوسيءَ، ۽ امامِ غزاليءَ، امام فخرالدين رازيءَ ۽ علامه شيخ جمال الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا ٿي.“vv مولانا جلال الدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي درميان علمي نـُـڪتن تي اختلاف ٿيدا رهندا هئا، ليڪن منهن سامهون بحث ڪرڻ جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري. البت اختلافي مسئلن تي، هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا، جن مان ”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور آهن.vvv اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان ڪڏهن مناظرو ڪونه ڪيو. ”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب، سندس تصنيف ڪيل لکيا آهن: (1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“ ، (2) ”حاشيه شرح شمسيه“ ، (3) ”حاشيه مطالع“ ۽ (4) ”حاشيه تجريد“ مير قانع انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو به ذڪر ڪيو آهي:* (5) ”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول-ابن حاجب‘“، (6) ”حاشيه بر ڪشاف“ (7) ”رساله در حل مغالطه“ ، (8) ”رساله در علم فلاحت“ ، (9) ”رساله در علم معرفت قوس قزح“ ، ۽ (10) ”تعليقات بر فقہ شامي“ . سيد صاحب جو تولد 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو، ۽ 12 رمضان 903هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪر جي ترڪمانن هٿان شهادت نصيب ٿي.v (3) خاتم الحڪما امير غياث الدين ثاني: هيءُ بزرگ امير صدر الدين جو صاحبزادو هو. سنه900هه ۾ سندس ولادت ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل علوم ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو ذڪر ڪندي، صاحب ”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس تعريف ڪري ٿو: ”آنجناب حالا بوفور علم و دانش در اطراف واکناف عالم بغايت مشهور است، و ماهرتش در فنون حکمي و رياضي ضرب المثل جمهور علماي نزديک و دور“ vv سيد صاحب جي رياض دانيءَ ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي، نور الله شوستري لکي ٿو، ته ’ارسطو ۽ افلاطون بلڪ سڄي دنيا جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن سندس دور ۾ هجن ها، ته هوند سندس معتقد ۽ نيازمند بڻجي وڃن ها!‘ ”ارسطو و افلاطون بلکه حکماي دهر و قرون اگر در زمان آن قبلـهء اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات در سلک مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندي“ vvv ”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽ واقف هو. نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن مبالغو سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي مصنف جي راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ لاءِ ڪافي وزندار آهي. سيد صاحب ڪجهه وقت مصر ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند مرتبو ماڻيو. عراق کان جڏهن مجتهد الزمان شيخ علي بن عبدالعالي مصر آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون، عدم تقليد جي مسئلي تي شيخ ۽ سيد صاحب جو مناظرو ٿيو. بادشاهه ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهن ڪري سيد صاحب ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعفا ڏئي شيراز هليو آيو. ”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد واري مدرسه منصوريه ۾ درس ۾ مشغول هو، ۽ بقول مصنف: ”به افاده قيام مي نمايد، وگوش و هوش طلبه علوم را از نتائج درياي طبع نقاد خود مي آرايد.“ 48 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال ڪيو. ”حبيب السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، البته مير قانع ”مجالس المؤمنين“ تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن*، جيڪي نورالله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو، ته ’انهن کان سواءِ به سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪتاب ڪيترا آهن، جيڪي سندس نگاهه تائين پهچي نه سگهيا.‘ v مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي، سندن هيٺيون شعر مثال طور ”مجالس المؤمنين“ ۾ نقل ٿيل آهي: هر کجا بي هنري هست بدومي بخشند، بـيـشـتــر زانــکه ز ايـــام تــمـنـــا دارد. مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير شرف الدين علي، (2) مير صدر الدين محمد. (4) السيد الاجل امير جمال الدين عطا الله (بن سيد فـضل الله المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو ڀائٽيو ۽ مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو. ”حبيب السير“ جو صاحب، حسب دستور هن بزرگ جي تعريف ۽ توصيف ۾ به رطب اللسان نظر اچي ٿو. هڪ جاءِ تي چوي ٿو: ”آنحضرت، مانند عم بزرگوار خويش امير سيد اصيل الدين، در علم حديث بي نظير آفاق گشة اند، ودر ساير اقسام علوم دينيہ و انواع فنون يقينہ از محدثان باستحقاق در گذشة اند. “ ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو، سا پڻ سندس ئي عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي: ”سدهء سنيہ اش، ملاذ طوايف اکابر و اشراف انام است، و عتبہ عليہ اش مجمع اعاظم اولاد امجاد خير الانام، لوح ضمير مهز تنويرش مـُـطرح اشعہء انوار اسرار کتب الاهي وصحيفهء خاطر عالي ماثرش مهبط لوامع حقايق اخبار حضرت رسالت پناهي، کنجينهء سينه اش بجواهر زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات درّر مخزن باطن صيا خجسة مخزون، نير شمايل بنواز مشارق جمال خجسة ما ابش طالع و شعشہء آثار فضائل مرتضوي از مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال معضلات موافق تاويل.“ زبانش مظهر اسرار تحقيق ز توضيح بيانش گشة روشن جـمــال ديــن مــزيــن ز اهـتـمـامــــش ضميرش مظهر انوار توفيق بر اهل علم هر مشکل زهر فن عـلـــوم شـــرح واضـــح از کـلامـش* سيد صاحب جو مشغلو، پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس هو. مدرسہء سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبذ ۾، جنهن ۾ پوءِ سلطان حسين بايقرا دفن ٿيو، سندس مدرسو هو. ڪجهه سالن بعد وري خانقاهه اخلاصيه ۾ درس ڏيندو رهيو. هفتي ۾ هڪ دفعو، پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جي مسند تي، جامع مسجد هرات ۾ وعظ “ نصيحت جي به مجلس ڪندو هو. صاحب ”حبيب السير“ (880-941هه) جو قول آهي، ته ’هن وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ جي مجلس به بند ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت اطاعت ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذري ٿو.‘ ”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادت و اعتقاد و ملازمت آنحضرت را بر ذمه همت واجب ميداند، و در ترفيہ حال و فراغ بال خدام عالي، مقامش طريقہ اشفاق مبذول ميدارند، بر آنچہ ميتوانند.“ ”حبيب السير “ جي مصنف سندس هڪ تصنيف- ”روضة الاحباب في سيرة النبي والال و الاصحاب “ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو، ته سڄي آفاق ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي: ”در اقطء آفاق اشتهار تمام دارد، و بي شائبـة شبته عقل در اک نظير آن کتاب افادت مآب را در آئينـہء خيال امر محال مي شمارد. “ ”تحفـة الڪرام “ ۾ سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به ذڪر آهي: ”تحفـة الاحبار “ ۽ ”رياض السير “ * سندس انتقال جو سال معلوم ٿي نه سگهيو، جنهن وقت ”حبيب السير “ تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.v (5) امير نسيم الدين محمد معروف به ميرڪ شاهه: مير جمال الدين جو فرزند رشيد، ۽ پنهنجي والد محترم جهڙو ئي علم ۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح کيس درڪ هو، ”حبيب السير “ جو قول آهي ته: “ در تڪميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهء زمانه اند. “ پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي مدرسہء سلطانيه ۾ درس ڏيندو هو، ۽ هزارين طالب علم وٽانئس فيضياب ۽ بهره مند ٿي ويا.vv (6) سيد عرب شاهه، (7) سيد نعمت الله، (8) سيد وجهه الدين: سيد عرب شاهه، امير نسيم الدين جو فرزند، ۽ ان جو فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو صاحبزادو سيد وجهه الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي بزرگن وانگر علوم جي نشر و اشاعت ۾ زندگي بسر ڪندا رهيا. (9) قاضي سيد شڪر الله شيرازي (ولد سيد وجهه الدين): اهو بزرگ ترين انسان هرات کان قنڌار آيو، ۽ اتان سيد شاهه مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان سنگتي ٿي، سال 927هه ۾ ٺٽي پهتو. اهي چارئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا، جن نه فقط ٺٽي جي شهر کي، بلڪ سموريءَ سنڌ کي پنهنجي عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري ڇڏيو. اڄ صديون گذري ويون، ليڪن سندس مقابر اڄ به موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن.* سيد شڪر الله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اهائي اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو هڪ در شاهوار، سنڌ جو لافاني مورخ، بيمثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر، مير علي شير ”قانع “ هو. سيد صاحب جا مراسم شاهه بيگ ارغون جي گهراڻي سان غالباً هرات ۾ پيدا ٿيا، ۽ جڏهن بايقرا جي وفات بعد هرات جي محفل درهم برهم ٿي، ۽ شيبانيءَ شاهه اسماعيل صفويءَ ۽ بابر جي معرڪه آرائين ملڪ جو اهو حصو تيغ زني ڪندي ڪندي تاراج ۽ تهه و بالا ڪري ڇڏيو، تڏهن انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ قنڌار آيو، ۽ جڏهن سنڌ شاهه بيگ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي مستقل بـُـود و باش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، تڏهن سيد صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگتين ۽ پنهنجي فرزند ارجمند سيد مير ظهير الدين سان گڏجي، ارغونن جي دار السلطنت ٺٽي ۾ اچي قيام پذير ٿيو. شاهه بيگ ته چند مهينن بعد گذاري ويو، ليڪن سندن جانشين شاهه حسين جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد صاحب سان رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني عظمت ۽ بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون شيخ الاسلام بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا سندس سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ مناسب ۽ لائق هو، بلڪ جيڪڏهن ائين چئجي، ته سيد صاحب جي ذات سبب انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان وڌيو، ته بيجا نه ٿيندو، ليڪن منصب ۽ ان جي فرائض جون پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون، تنهن ڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب علحدگي اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي*. سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو ان وقت انهن انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد صاحب پنهنجي فرزند سيد مير ظهير الدين ولاسلام ”معروف به جادم“ جي شادي انهن انصارن مان ڪرائي، جنهن مان گويا ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو نسل نروار ٿيو. انصارن جي انهي قبيلي جو اڳتي هلي نسل ختم ٿي ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪر الاهي ساداتن جي نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي. سيد ظهير الدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو، ته ”درس تدريس سندس ظاهري مشغلو هو، ليڪن باطني طرح فقيري ۽ سلوڪ سان لئون لڳل هئيس“ . ”ظاهرش بتقويٰ و تشرع و تدريس، و باطن بسلوڪ راه فقر وسبيل سنت اجداد مصروف بود.“ v سيد ظهير الدين ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪر الله ثاني ۽ ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير قانع، سيد ظهير الدين جي وڏي فرزند سيد شڪر الله ثانيءَ جي اولاد مان آهي. جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان شجرهء نسب ۾ ڄاڻائي آيا آهيون. مير علي شير ”قانع “ ولادت: مير عزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد شڪر الله ثانيءَ، کي ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخر الدين، سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير ضياءُ الدين ”ضيا“ ، ۽ مير علي شير ”قانع“ . مير علي شير 1140هه ۾ اکيون کوليون. ”خلق انسانا من السلالہ“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو. اهو زمانو، ميان نور محمد جي حڪومت جو هو، کيس پنهنجي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي پورا ڏهه ورهيه ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو. هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات کان پوءِ، ڪثير التعداد شاهزادن جي باهمي خون خرابيءَ ۽ هڪ ٻئي سان جنگ و جدل منتشر ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري مرڪزي حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه بچيو هو، ۽ هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، مختلف خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي. سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سؤ سالن کان دهليءَ جي مغليه مرڪز سان هو، تنهن ڪري هتي جون حالتون به ٻارهين صديءَ جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون. سنڌ تي دهليءَ کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي روزانه تبديلين سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار، جنهن جي آڌار تي سنڌ سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا هئا، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان، جنهن کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان هئي، بلڪ پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ سنڌ تي تسلط حاصل هو. آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀلئون ڀل حـصو ورتو. مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظامي ابتريءَ جو فائدو وٺندي، سڀ کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو پاسو مرڪز کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، جنهن کان پوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين، ميان نور محمد، لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري، ملڪي آزاديءَ واري خواب کي تعبير بخشيو. مير علي شير يارنهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن 1151هه ۾ ميان نور محمد اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن کان پوءِ مغلن جو براه راست تعلق سنڌ سان قطع ٿي ويو. آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتي آفت سان سابقو پيو، ۽ هندستان جي مغل سلطنت تي، ته گويا ڪاري قيام ٽٽي پئي. محمد شاهه بادشاهه، جنهن کي تاريخ ۾ عام طور ”رنگيلي “ جي مناسب ۽ موزون عرف سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شاهه جهان واري تخت طائوس تي جلوه گر هو. ايران جو نودولت، جابر ۽ قهار حڪمران نادر شاهه وڏو ڪٽڪ ڪاهي اچي دهليءَ ۾ پهتو. بادشاهه بي طاقت، رياستون سڀ جداجدا، لشڪر حفاظت لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت، نه بادشاهه ۾ نه ملڪ ۾، دهليءَ کي نادر شاهه نه فقط لـُـٽيو ۽ ڦـُـريو، بلڪ اهڙي خونريزي ڪيائين، جو انساني نسل قطع ٿيڻ تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي دلسوزيءَ مان ڏانهس لکي موڪليو: ”کسي نماند که او را به تيغ ناز کشي، مگر که زنده کني خلق را و باز کشي! “ جنهن کان پوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حملي آور کي رحم آيو، ۽ باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري، تلوار مياڻ ۾ وڌائين. دهليءَ کان موٽندي، نادرشاهه سنڌ ۾ به آيو. دهليءَ جي خبرن پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به لرزه براندام هئي. نادرشاهه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾ لٿو، تڏهن سموريءَ سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿئي. “ ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ “ . ”نادري حڪم “ ، اهي ۽ ٻيون اهڙيون عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ دهشت انگيز دور ڏانهن حافظي جا ورق ورائن ٿيون. ”ياد باد زماني که قيامت است “ ، به ڪنهن شاعر انهيءَ دور جي تاريخ لاءِ چيو. نادر شاهه جو مقصد لـُـٽ ڦـُـر ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو هو، انساني خون مان، ته دهليءَ واري ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان نور محمد عمرڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اُتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو، ويهه لک رپيا سالياني جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتبخانو به کنيو ويو، ۽ سندس ٻه نورِ نظر به يرغمال طور وٺيو ويو.* تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کان پوءِ، سنڌ کي وري جو هي نئون طوق ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي سخت ذهني اذيت پهچائي، ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي ويون. نادر جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻاهرئين شاعر چيو: ”بـيـک گــردش چـرخ نيـلـوفـــري، نه نادر بـجــا مـانـد ئــي نادري! “ سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو: ”فتـنه نـادر چـو برون شد زميـان، راحـــت آمــد به هـمــه عالـميــان، خوش خبر هاتف فرمود ز غيــب: ”مـحــو شـد آفـت نـادر زجهان“. 116هه اها تاريخ آخوند عبدالقادر ٺٽويءَ چئي. اڌارام ٺٽويءَ فرمايو: ”شــاه شــاة نـــادرِ ايـــران ديـــــار، داشــت بـاغِ دولـتـش خـــرم بــــهـار، تـاکـه از حڪـم قـضا پيک اجـل، نــيــز بگرفــتـش عـــنــــانِ اخـــتـيـار، بهـر تـاريخ وفاتـش عقـل گفــــت: ”رخت بست از تخت هستي شهريار “ . اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ مير علي شير زندگيءَ جو سفر شروع ڪري ٻارهن منزلن تائين پهتو هو. تعليم: ٺـٽو، جنهن کي سنڌ جا مؤرخ تمدني بلندي، ثقافتي برتريءَ ۽ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن، سو باوجود دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا تائين سابقه صدين وارين پنهنجي علمي روايتن کي زندهه رکيو ٿي آيو. سوين دار العلوم، اڪيچار ڪتب خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني خواهه دنيوي علوم جي نشر و اشاعت لاءِ رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا. مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ، 1111هه (1699ع) ۾، هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته ’شهر ۾ چار سؤ دار العلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن‘ . انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد ڪانه لکي اٿائين، البت ضمني طرح، جن چند استادن جو ذڪر ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ زماني جي جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا. ميان نعمت* ۽ ميان محمد صادقv، ميان عبدالجميلvv جا فرزند ۽ پنهنجي دور جا جيد عالم ۽ ديني دنيوي علومن ۾ ڪامل هئا. ٻنهي بزرگن جو مشغلو درس تدريس هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن جي مدرسي ۾ پڙهيو. ”مقالات الشعرا “ ۾ هڪ هنڌ پاڻ فرمائي ٿو ته: ”فقير بخدمت هر دو صاحبان نسبت تلميذي دارد “ .vvv محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته: ”فقير که کمين تلامذهء ايشان است “ .* ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’شرح ملا‘‘ تائين تعليم ورتائينv. ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو ”مقالات الشعرا “ جي تصنيف واري سال تائين نهايت عمدگيءَ سان جاري هو: ”اکنون (1174هه) مدرسہ علمي بوجودِ فايض الجود ايشان گرم است “ vv انهن ٻنهي استادن کان سواءِ مير علي شير، آخوند محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو آهي، لکي ٿو ته: ”فقير، ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه در خوش باشي صد قدم درپيش داشته، اين قليل البضاعت از قصاعد ”عرفي “ و عروض سيفي و چند سبق بخدمت ايشان استماع نموده. “ vvv اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو: گويا مير صاحب 16 ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال ڪيو، ۽ وٽس عرفيءَ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14 ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين. آخوند ابو الحسن ”بي تڪلف “ ٺٽوي به فارسيءَ ۾ سندس استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته: ”بسيار طباع و پراستعداد است. در مڪتب وي جمعي از هندو و مسلمن بهره بردند، فقير در پارسي شاگرد خدمت ايشانست “ vvvv مولوي مرزا جعفر شيرازي سير و تفريح لاءِ ٺٽي ۾ آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال، وٽ ڪجهه عرصو رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي جوهر ۽ بيحد و حساب قابليت سبب سندس گهرو دوست ٿي ويو. مير علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه پرايو. پاڻ لکي ٿو ته: ”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و ازدست و دل شان ممنون ابد است “ * شعر و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾ منهمڪ هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته: ”بفيض صحبت بزرگان في الجمله آشنا بسفيد و سياه گشت، هرچند درخود لياقت آن نمي بيند که در جنب عزيزان جاداشته باشد، اما چون کهان را با مهان آميزش قديم است، باري بوسيلـهء توسل بزرگان اگر در نعال آن صدر نشينان مقيم شود، جا دارد. “ ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کان پوءِ فرمائي ٿو ته: ”در فريب بايام امتياز که نير عمر باختتام سير بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش برفلک تبيين وقوع يافته، سر سوداي سخن در پيچيده “ .* انهيءَ عمر ۾ اٺ هزار شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن موجود هئا، ليڪن خبر نه آهي ڪهڙن سببن ڪري اهو سڄو ديوان درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو. گويا 1152هه ۾، جڏهن سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي، شعر چوڻ شروع ڪيائين، 1153هه تائين اٺ هزار شعر چئي ديوان، جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو هئائين، لوڙهي 54-1155هه جا سال خاموش رهيو، تان جو 1155هه ۾ وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق جاڳيو. انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير صاحب لکي ٿو، ته ’مظفر علي خان، نادري زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ سندس ڏنل زمين ”مرد مک در آب “ ، ”نمک در آب “ ٺٽي جي شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽ تقريباً سڀني شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.‘ مير صاحب انهيءَ زماني ۾ طفل مڪتب هو، ليڪن کيس شوق جاڳيو ۽ ساڳيءَ زمين ۾ استادن جي مقابلي ۾ هن به غزل تيار ڪيو، جنهن مان لکي ٿو، ته هيٺيون هڪ شعر کيس ياد رهجي ويو: يا صاف مشربان چه زني لاف سر کشي، صد بار ديده ايم ترا اي فلک در آب.v 1155هه ۾ مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل “ vv جهڙي استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ بزرگ جي فيض ۽ صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾ وري جولان جاڳيوvvv ۽ سندس شاگردي اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع ڪيائين، مير ڪامل سندس تخلص ”مظهري “ رکيو، جنهن مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو. مير صاحب ڪجهه وقت تائين ”مظهري “ تخلص قائم رکيو، ليڪن ان کان پوءِ ”قانع “ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست رهيو. ملازمت: سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي، 1167هه ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ ميان مرادياب تخت نشين ٿيو، ميان صاحب جي وفات بعد تخت وتاج جي لالـچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي ابتدا ڪئي. ميان مراد ياب چار سال به پورا نه ڪيا، جو معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو، ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام شاهه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت نشين ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر جو هي شعر مشهور آهي: ”گـلان وچــان جو گـل کليوسي، ڪجهه کـُـليا هي ڪجهه کـُـلسي. “ * ميان غلام شاهه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾ ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪ سرحدي علائقا به ڪيترا حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جر بندر ورتائين، سبز ڪوٽ ۽ اُچ، بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين، ۽ ڪراچيءَ جو بندر، قلات جي خان کان واپس ڪيائين، حيدرآباد جو شهر، آباد ڪيائين، ۽ 1182هه ۾ حيدرآباد جو (پڪو) قلعو تعمير ڪرائي، ان ۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندن ئي زماني، 1171هه ۾ ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽ رسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو، ليڪن افسوس جو سورهن سالن جي حڪمرانيءَ بعد 1186هه ۾ لقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب هن انتقال ڪيو، جنهن بعد ڪلهوڙن جي حڪومت جو شيرازو روز بروز درهم برهم ٿيندو ويو. انهيءَ روشن دماغ بادشاهه، مير علي شير کي پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ پاڻ وٽ رکيو، ۽ مير صاحب ”شاهه نامه “ جي طرز تي فارسي نظم ۾، ۽ ٻي مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي. سندس تقرر تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيوv، ۽ مير صاحب ٺٽي کان خداآباد هليو ويو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب ميان غلام شاهه جي دربار سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو، ليڪن جنهن صورت ۾ مير صاحب پنهنجون ٻئي تصنيفون مڪمل ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري خيال آهي، ته شايد چند سال يا ڪجهه عرصو مير صاحب، ميان غلام شاهه جي دربار ۾ رهي، وري ٺٽي واپس موٽي آيو. 1180هه، ۾ مير صاحب ”تحفـة الڪرام “ لکڻ شروع ڪيو. ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي، ابتدا ۾ لکي ٿو ته: ”ذڪر ايشان در طبقـهء علحده ميگردد، و بنا بر مزيد فائده و اداي حقوق نمڪ ذڪر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميڪند. “ v ”اداي حقوق نمڪ “ جي اشاري مان ظاهر آهي، ته 1180هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي، ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق نمڪ نباهڻ سبب سنه 1180هه ۾ به کيس اهو خيال هو، ته هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻئي ڪتاب ضرور ختم ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازم ٿيڻ کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سـَـندُن مان ملي ٿي، جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۽ مزروعه زمينن جي سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا رهيا. مير صاحب جو معاش: قديم خانداني دستاويزن مان v معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب جو سمورو خاندان شروع ايامن کان وٺي، سندن زماني تائين خوشحال ۽ فارغ البال رهيو، ۽ کانئس پوءِ به حسب دستور اهو گهراڻو جاگيرون تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو. مير سيد شڪر الله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب جي گهر کي هن جي طرفان به بطور ’سيورغال‘ وظيفو، ۽ ساڪري پرڳڻي ۾ ڪجهه زمين مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ طرح ترخاني دور جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق ٿيل آهي، بلڪ ان تي پنهنجي طرفان به وقت بوقت اضافا ڪندا رهيا آهن، مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان (مرقومه 1007هه) مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته جوڻ پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حـصو بڻي، تڏهن هن گهراڻي جا سڀئي وظيفا، تنخواهون ۽ زمينون بحال ڪيون ويون. 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو، ته جهانگير، سيد ظهير الدين ثاني خلف سيد شڪر الله ثانيءَ لاءِ ٻه سؤ خرار سارين جا بطور وظيفي جي ساليانو منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽـُـڪر هڱوري ۽ ٽڪر هالي جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو. ڪجهه وقت بعد بجاءِ سارين جي، ٽڪر هڱوري جي جاگير مان ٻاويهه هزار دام* بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه ۾ سيد شڪر الله فوت ٿيو. 1039هه ۽ 1040هه جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اها تنخواهه شاهجهان، سيد صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن خاندان وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اهي تنخواهون به تقسيم ٿينديون مختلف شخصن جي نالي تي بحال ٿينديون رهيون. 1138هه، جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو، ته پنجاهه هزار دامv اهو خاندان سالياني تنخواهه کڻندو هو. 1144هه ۾ خان خانان معظم خــان هــڪ سـنـد جــاري ڪئي، جنهن بنهه تي مير علي شير ”قانع“ جي والد سيد عزت الله کي 540 بيگا زمين ملي. ميان نور محمد، 1155هه ۾، سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پرڳڻي تي ستر خرار سارين جي سند ڪڍي ڏنيvv. سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو. جنهن بعد سندس پٽ عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو، ۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ وٽ آيو، ۽ ان کان پوءِ مير علي شير جي والده جي نالي تي بحال ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کان پوءِ، مير علي شير ۽ سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا “ انهيءَ حصي تي متصرف ٿيا. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته، مير صاحب ۽ مير ضياءُ الدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان فقط اهي ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين ڀاءُ سيد فخر الدين کي جدا پنهنجي ناناڻڪي حـصي مان هڪ سو بيگا زمين تصرف ۾ آئي. ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن مطابق مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا. انهن جي آمدنيءَ تي هن هيٺينءَ طرح پنهجي پٽن جون تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فخر الدين ۽ سيد يار محمد 14-78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياءُ الدين 72 رپيا. ڪلهوڙن بعد ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن خاندان جي جاگيرن، تنخواهن، وظيفن ۽ ٻين انعامن اڪرامن کي جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان وٺي ٽالپرن جي ابتدائي دور تائين، ڪي اهڙا فرمان به ملن ٿا، جن ۾ روزانه وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي. ميان غلام شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان نورمحمد کان وٺي سيد عزت الله جو روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت نشينيءَ بعد مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو. 1188هه ۾ ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبي به ساڳيو روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ پرواني مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان عبدالنبيءَ، مير علي شير جي پٽ مير غلام علي ”مائل “ جو ٻارنهن رپيا درماهو وظيفو جاري ڪيو هو. 1197هه ۾، فاتح سنڌ علي خان، فاتح سنڌ، مير علي شير جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 42 رپيا ”بمد اجارهء مير بحري(؟) “ عنايت ڪرڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي نالي هلندو ٿي آيو. 1198هه ۾ مير فتح علي خان هڪ فرمان ڪڍيو، جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئي وئي، ته جنهن صورت م حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ جو اڌ ملڪ آهي، تنهن ڪري اها سرڪار کيس مقرر ٿيل وظيفن جو آئيندي اڌ ڏيندي، ۽ باقي اڌ مير سهراب، مير ٺاري ۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي. ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي ستر رپيا بطور وظيفي جي مير علي شير ۽ مير ضياءُ الدين کي ملندا هئا، سي مير فتح علي خان جي دور ۾ ٻنهي ڀائرن جدا جدا ڪرائي پنهنجن نالن تي پروانا ورتا، چنانچه 70 رپين مان 42 رپيا مير علي شير ورتا، ۽ باقي مير ضياءُ الدين وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير نور محمد خان جي زماني ۾ انهيءَ ساڳئي وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي مير صابر علي ولد مير غلام علي ”مائل “ کي 6-5-7 رپين جي صورت ۾ درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير محمد خان اڍائي آنن جو اضافو ڪري پورا ساڍا ست رپيا درماهي ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ڪوري ضرب مان ڦيرائي سورتي ضرب يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو ڪيو. اها آهي مير صاحب ۽ اُن جي خاندان جي معاشي پهلوءَ جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان مختلف سـَـنـَـدن جي ذريعي يڪجا ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. اگرچ مٿيان انگ اکر مير صاحب جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن، تاهم اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا، ته مير صاحب جو خاندان فارغ البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر بسر نهايت ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو. سڀني حڪمرانن انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا ڏنائون، جاگيرون جاري ڪيائون، درماها ۽ روزينا عطا ڪيائون، ۽ وقت بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽ پهراڻيون ملنديون ٿي رهيون، سي ان کان علاوه هيون*. مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر: مير قانع، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان نور محمد جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، ليڪن نادر جي اچڻ ، سندس لـُـٽ ڦر، ۽ آخر ۾ افغانستان جو باجگذار بنائي وڃڻ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني، گويا سنڌ جي زيردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو، ۽ فرق فقط هي ٿيو، ته دهليءَ جي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي براه راست حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کان پوءِ اندروني طرح سنڌ آزاد رهندي به افغانستان جي ڍل - ڀرو صوبو ٿي وئي، ۽ بجاءِ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا. ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين، سنڌ جي حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، ليڪن هن جي اکين بند ڪرڻ بعد، تخت وتاج جي سلسلي ۾، رفتي رفتي آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاهه جي دور ۾ (1170-1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي. مير علي شير تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو وقت سٺو بسر ڪيو، ليڪن 1186هه کان پوءِ، جا حڪمران خاندان ۾ خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم ٿي، تنهن 1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج ڪيو. انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت و تاج ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي، ۽ ڪيترن شهزادن جا ڪنڌ ڪپيا ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا ڪونڌر ڪسندا ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت ماڻي، محمد خان چند مهينا مسند جو مزو ورتو، غلام نبيءَ ڏيڍ سال کن تخت نشيني ڪئي، عبدالنبيءَ تقريباً ساڍا ٽي سال واڳ ورتي، صادق عليءَ چند مهينا، ۽ ان کان پوءِ ٻيهر عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽ پنجن سالن ۾ اهڙو ڪشت وخون ڪيائين، جو سنڌ جي بدنصيبيءَ ۽ برباديءَ تي نه فقط پنهنجن رت رنو، بلڪ ڌارين جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا. ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت بازو هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا. مير بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان ميان سرفراز جي چرچ تي بنا سبب قتل ڪيا ويا، ميان غلام نبيءَ پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شاهزادا ڪهرايا، محمد سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻيا. انهيءَ دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺئين نادر تاريخ چئي: * ”دشتڪ“ شيراز جي هڪ انهيءَ محلي جو نالو هو، جنهن ۾ اهي بزرگ رهندا هئا. هن وقت شهر جي انهيءَ حـصي کي ”لب آب“ سڏيو وڃي ٿو. * ”حبيب السير“ ج 3، جز3، ص 335، ”مجالس المؤمنين“ ، مجلس پنجم، ص 226 . v ”حبيب السير“ ج 3، جز3، ص 335، ”هفت اقليم“ ، ص 261، مطبوعه بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي، ڪلڪته. vv ”مجالس المؤمنين“ ۾ ربيع الاول لکيل آهي. ص 226 * ”مجالس المؤمنين“ جي صاحب لکيو آهي، ته مير صاحب شرعي علومن جي تعليم پنهنجي والد ” پنهنجي سؤٽ مير نظام الدين احمد وٽ ورتي. عربي علوم ” ادب جي تعليم پنهنجي ٻئي سؤٽ مير حبيب الله وٽان حاصل ڪيائين. صفحو 350 v ”حبيب السير“ ، ج 3، جز4، ص 110-111 vv ”مقالات الشعر“ ، ص 208، ”مجالس المؤمنين“ ص 350 vvv مقالات ص 209 * اها فهرست مير صاحب ”مجالس المؤمنين“ کان نقل ڪئي آهي (ڏسو ”مجالس المؤمنين“ ، ص350) v ”شرح اثبات واجب“ از- امير غياث الدين منـصور ثاني (رجال ”حبيب السير“ ، ص241)، ”مجالس المؤمنين“ ص 350 vv ”حبيب السير“ ج 3، جز 4، ص111 vvv ”مقالات الشعرا“ ، ص209، ”مجالس المؤمنين“ ، ص 350 * ”ڪتاب صحة الکلام“ (در رد ”حجة الاسلام“ - امام غزالي)، (2) ”هزار بيت“ ، (3) ”محاکات“، اول - ثاني - ثالث، (4) ”شرح برکتاب اثبات واجب“ ، (5) ”ڪتاب تعديل الميزان بر منطق“ (خلاصه ”منطق شفا“ )، (6) ”معيار الافکار“ (خلاصه ”تعديل الميزان“ )، (7) ”کتاب لوامع و معارج“ (علم هيئت) (8) ”تحفہ شاهي“ (17 ورهين جي ڄمار ۾ لکيائين)، (9) ”تجريد در حکمت“ (جامع مسائل حڪمت طبعي و الاهي)، (10) ”رساله در معرفت قبله“ ، (11) ”کتاب معالم الشفا“ (طب)، (12) ”شافيه“ ، (13) ”سفويه هيئت“ ، (14) ”حاشيه برالاهيات شفا“ ، (15) ”حاشيہ بر شرح حکمت العين“ ، (16) ”رساله در باب خلافت فرزند خود“ ، (17) ”رد بر حاشيہ شمسيه علامه دواني“ ، (18) ”رد بر حاشيہ محمد“ (19) ”خلاصته التلخيص“ (اختصار رساله تلخيص و معاني و بيان) (20) ”رد برحاشيہ تهذيب“ ، (21) ”رد انموذج“ (22) ”رساله تحقيق جهات“ ، (23) ”رد بر رسالـهء زوراء“ ، (24) ”رساله مشارف در اثبات واجب کتاب اخلاق منصوري“ ، (25) ”حاشيہ بر اوائل کشاف تفسير سورة الانسان“ ، (26) ”مقامات العارفين“ (تصوف و اخلاق - پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)، (27) ”رساله قانون السلطنت دين“ ، (28) ”شرح کتاب هياکل انوار“، ۽ (29) ”حاشيہ بر اشارات“ . مير علي شير وڌيڪ هيٺين ٻن ڪتابن جا نالا ٻڌا: (30) ”کتاب رياضي الرضوان“ ، (31) ”کتاب اساس در علم هندسه“ ( ”مقالات الشعرا“ ص211، ۽ ”مجالس المؤمنين“ ، ص 351) v ”مجالس المؤمنين“ ، ص 351 * ”حبيب السير“ ، ج 3، جز3، ص 348 * ”تحفـة الڪرام“ ، ج 2، ص71، ”مجالس المؤمنين“ ، ص 222 v ”حبيب السير“ جي مصنف جو نالو غياث الدين بن همام الدين محمد خوندير هو، هو 880هه جي قريب هرات ۾ ڄائو، ۽ 941هه ۾ گجرات ۾ فوت ٿيو، نظام الدين اولياءَ جي مقبري جي ايوان ۾ امير خسروءَ جي قريب دفن ٿيو، ”حبيب السير “ 930هه ۾ ختم ڪيائين. vv ”مجالس المؤمنين“ ، ص222. * ”تحفـة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو، ته ”سيد شڪر الله پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي هئي، ته جيڪڏهن تنهنجي اولاد کي ڪا مشڪل پوي، ته منهنجي انهن ٽنهي سنگتين ڏانهن کين رجوع ڪرڻ گهرجي،“ انهيءَ وصيت مطابق اڃا تائين عمل ٿيندو اچي ٿو. چنانچه، محمد حسين ۽ سيد ظهير الدين ثاني بن سيد شڪر الله ثانيءَ جو اولاد سيد منبه ڏانهن رجوع ڪن ٿا، ۽ سيد نظام الدين جو اولاد سيد ڪمال سان متوسل آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سيد عبدالرحمان جو اولاد سيد عبد الله ڏانهن رجوع ڪري ٿو. “ (تحفـة الڪرام، ج2 ص195) * سيد صاحب کان پوءِ شاهه حسين، حـضرت قاضي محمد اچيءَ کي بکر مان گهرائي انهيءَ عهدي تي رکيو، ۽ ان کان پوءِ اهو منصب قاضي صاحب جي ئي خاندان ۾ پشت به پشت هلندو آيو، جنهن جو سلسلو انگريزن جي ابتدائي زماني تائين قائم رهيو. قاضي علي محمد صاحب ٺٽوي انهيءَ گهراڻي جو هن وقت يادگار آهي. v ”تحفـة الڪرام“ ، ج 3، ص195 * نادر شاهه، 11 محرم 1153هه جو، لاڙڪاڻي مان ڪوچ ڪري، ايران هليو ويو. * هي بزرگ، مخدوم ضياءُ الدين جو ڏهٽو هو، ويهن ورهين جي ڄمار ۾ تعليم جي تڪميل ڪري، درس ڏيڻ شروع ڪيائين. مير صاحب لکيو آهي، ته سندس مدرسو ايڏو مشهور ۽ عظيم الشان هو، جو شهر ۾ ان جو ٻيو ثاني ڪونه هو. ’منقول‘ ۾ پنهنجي ناني ضياءُ الدين ۽ ’معقول‘ ۾ مولانا محمد صادق جو شاگر هو. 1179هه ۾ حج تي اسهيو، جتي 18 ذي القعد تي انتقال ڪيائين. (تحفـة الڪرام، ص225، مقالات الشعرا ص295) v ميان نعمت الله جو وڏو ڀاءُ هو، عالم باعمل ۽ نهايت ئي پاڪ باطن ۽ صاف سيرت بزرگ هو. حرمين ۾ هڪ سال رهي، حديث جي سند ورتائين. جوناڳڙهه ۾ به ڪجهه عرصو رهيو. ٻيو دفعو به جوناڳڙهه ٿي ويو، جو واٽ تي ڪڇ ۾ انتقال ڪيائين (تحفـة الڪرام، ص226، مقالات الشعرا ص132) vv ميان رحمت الله جو فرزند ۽ مخدوم علي احمد المعروف به قمري (برادر مخدوم آدم) جي اولاد مان هو، صاحب نسبت ۽ وڏيءَ ڪڻيءَ وارو بزرگ هو. 1154هه ۾ انتقال ڪيائين. (تحفـة الڪرام، ص226، مقالات الشعرا ص75) vvv مقالات الشعرا، ص75 * مقالات الشعرا، ص143 v مقالات الشعرا، ص295 vv مقالات الشعرا، ص75. vvv مقالات الشعرا، ص135: مير صاحب لکي ٿو، ته (هيءُ بزرگ) نهايت باوقار ۽ پر تمڪين شخص هو، طبعيت جو خوش باش ۽ نهايت ئي رنگين مزاج هو، خوراڪ پوشاڪ جو به شوقين هو. مير عبدالقدوس شيرازي سندس دوست هو. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. شهر خواه حاڪمن ۾ سندس وڏي عزت هئي (تحفـة الڪرام، ص244). ”مقالات الشعرا“ ۾ مير صاحب سندس تاريخ گوئيءَ ۾ مثال به ڏنا آهن. vvvv ”مقالات الشعرا“ (ص58): آخوند صاحب ڳچ عرصي تائين جهانگارن باجارن جي ساداتن وٽ رهيو. تاريخ گوئيءَ ۽ شعر و سخن جو به شوق هوس. مير فخرالدين شيرازي برادر مير علي شير ”قانع“ کي جڏهن علي اڪبر نالي پٽ ڄائو، تڏهن هيٺيون قطعه تاريخ لکيائين: بهار همايون بعالم رسـيـد گـل گـلـشـن بـاغ آل رسـول بـــفــــر هـــمـــايـــون وفــرخـنــده نـــام صنوبر به بستان احمد چميد در روشن از درج شاهه شهيد بــروز سـعـيــد از عـــدم ســر کـشيد چگويم وفاتش که نايد بعد نيازم بدرگاه حق صبح و شام بسال تولد شريفش فتاد در انداخت ناگاه هاتف ندا نجيب ونقيب و حسيب وسعيد که نامش علي اکبر آيد پديد چو فکرم بخاطرز احصي البعيد ”گل اندر گلستان حيدر د ميد“ (1146هه) * مرزا محمد جعفر جي علم و فضل جي شهرت ٻڌي، ميان مرادياب بن ميان نورمحمد کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو. ”قانع“ ، ”مقالات الشعرا“ (ص72) تي لکي ٿو ته ’ڪجهه عرصي بعد اهو درجو حاصل ڪيائين، جنهن کان مٿي تصور ڪرڻ ناممڪن آهي.‘ صاحبزادو ميان مراد ياب جڏهن هندستان ويو، اُن وقت ميان نور محمد کيس پنهنجي درٻار ۾ مقرر ڪيو، جتي صاحبزادي کان به وڌيڪ سندس قدر ۽ منزلت ٿي. محمد مراياب جڏهن تخت تي ويٺو (1167هه)، تڏهن کيس ٻيهر پاڻ وٽ رکيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪن سبب ڪري معزول ٿي عراق جي زيارتن تي وڃڻ لاءِ ڪڪرالي بندر تي پهتو، اتان کيس ڪڪرالي جي ڄام جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو، جنهن ڪري ڪراچيءَ بندر تان سوار ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، ليڪن رواني ٿيڻ کان اڳ سندس انتقال ٿيو. مير علي شير هيٺئين تاريخ چئي: ز روي تعميه تاريخش افتاد: ”غريب از دام دنيا گشته آزاد“ 1212-45 =1167هه جفر ” تڪثير ۾ به ڪامل “ عامل هو. ”جفر جامع“ نالي ڪتاب ميان نورمحمد لاءِ لکڻ شروع ڪيائين، ليڪن ميان صاحب جي انتقال سبب ڪتاب پورو ڪري نه سگهيو. * مقالات الشعرا، ص214 v مقالات الشعرا، ص66 vv مير حيدر الدين ابو تراب ”ڪامل“ بن مير رضي الدين ”فدائي“ ، بن مير ابولامڪارم ”شهود“ ، بن مير ابو البقا امير خان، بن مير ابو القاسم ”نمڪين“ ، جيد عالم، بلند پايه شاعر ۽ درويش صفت انسان هو. سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ جدا جدا ديوان مرتب ڪيائين. محمد پناهه ”رجا“ ، مير ابو البقا بهرور علي ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ دور جا شاعر سندس شاگرد هئا، 1164هه ۾ انتقال ڪيائين. (ڏسو مقالات الشعرا، تحفـة الڪرام، ۽ تذڪره اميرخاني) vvv مقالات الشعرا، ص 214، ص252 ۽ 254 * مقالات الشعرا، ص214 v مقالات الشعرا، ص215 v تحفـة الڪرام، ص102 v جناب قاضي علي محمد صاحب ٺٽويءَ وٽ فرمانن ۽ سـَـنـَـدن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو ٺٽي جي ڪنهن بزرگ انگريزن جي آمد کان پوءِ مرتب ڪيو آهي، ٺٽي جي مختلف خاندانن جي سلسلي ۾ منجهس شاهي فرمان هن لاءِ نقل ڪيا ويا آهن، ته اهو مجموعو انگريزن کي ڏيکاري، انهن سـَـنـَـدن کي سندن دور حڪومت ۾ به جاري ڪرائجي. * چاليهه دام هڪ رپئي ۾ ٿيندا هئا، ٻاويهه هزار دامن جا 550 رپيا ٿيا. v ساڍا ٻارنهن سؤ رپيا. vv 5 رپيا في خرار هو. مجموعي قيمت 350 رپيا ٿي. * اها خوشحالي، عزت ۽ آبرو، انگريزي دور تائين رهندي آئي. چوڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾، مير علي شير جو پوٽو مير صابر علي شاهه ثاني زندهه هو، جنهن کي نه فقط شهر ۾ عزت هئي، بلڪ انگريز سرڪار وٽ به کيس هر طرح جي آبرو حاصل هئي. چنانچه انگريزن هندستان جي مکيه ماڻهن متعلق جيڪو اٺن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو آهي، ان ۾ سيد صاحب جو به فوٽو ڏنو ويو آهي. از گل باغ عباسي پنج کم* ٽالپر اميرن جي شهادت جو سلسلو به ساڳئي وقت جاري رهيو. مير بجار کي ڌوڪو ڏئي شهيد ڪرايو ويوv، مير عبدالله ۽ مير فتح خان به ساڳيءَ طرح 1197هه ۾ نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرايا ويا. ٽالپرن جي بيگناهه خونن نه فقط بلوچ قوم کي بغاوت تي آماده ڪيو، بلڪ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي انهيءَ ظالم حڪمران جي خلاف باهه ٻري وئي. چنانچه 1198هه ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪومن جو معرڪو ٿيو، جنهن ۾ حاڪم کي شڪست ۽ محڪومن کي فتح نصيب ٿي، سنڌ جي واڳ ٽالپرن جي هٿن ۾ آئي، ۽ ڪلهوڙا هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. ميان عبدالنبيءَ خانه جنگيءَ سبب افغان حڪومت کان مدد ورتي. اُن حڪومت جو ظالم ترين سردار، مدد خان افغان، سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن 1194هه ۾ هتي پهچي، سموريءَ سنڌ کي تهه و بالا، ناس ۽ نابود ڪري ڇڏيو. انهيءَ مدد خان جي ڪاهه سنڌين کي ايترو متاثر ڪيو، جو ڪيترا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين انهيءَ دور جي يادگار طور موجود آهن: ”گهوڙا ڙي گهوڙا!“ گهل ڙي گهل!“ ”مدد ته پٺيان ڪونه اٿئي!“ فارسي گو شاعرن چيو: ”اي داد، از ظالم بيداديءَ منجوس“ - سنه 1194هه ”چنان هول در ملڪ سند اوفتاد که هولِ قيامت بداده زياد“ ڪنهن شاعر انهيءَ ظالم جي وڃڻ جي تاريخ ڪڍي: ”بشر بود رفت“ - 1194هه سنڌ ۾ ايتري لـُـٽ ڦـُـر ٿي، انهيءَ حد تائين خوف رهيو، ۽ ايترا گهر، خاندانيون ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا، جو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي خون آشامين ۽ تيمور جي عالم سوزين ۽ هلاڪت آفرينين جي ياد تازي ٿي وئي. سنڌ انهيءَ قسم جي تباهي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي، دهليءَ تي نادر ۽ بغداد تي هلاڪوءَ به اهڙي بربادي ڪانه آندي، جهڙي ميان عبدالنبـيءَ، مدد خان جي ذريعي سنڌ تي آندي. اهوئي زمانو هو، جڏهن عماد الملڪ، غازي الدين نظامv، سنڌ ۾ آيو، ۽ تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر اکين سان ڏسي ايتريقدر متاثر ٿيو، جو اهڙوئي دردناڪ مرثيو چيائين، جهڙو حضرت سعديءَ بغداد جي برباديءَ تي چيو هو: ”در سند چه فنه و بلاشد چون سند که مامن جهان بود هر خانه بخاک شد برابر هر تاجوري برهنه برگشت تا ناموران به بند افتند مادر ز پسر، پسر ز مادر منعم پيء مشت آرد يک سير گل رويان راز خارِ صحرا هر پرده نشين ڪنج عصمت زرها به نثار حفظ جان رفت رفت از همه هرچه در گره بود يڪ ظلم نه شد ڪه شد دو صد ظلم بــــر اهــــل زمـيــن عــجــب بــلاقـءـي گوئي که قيامتي بپا شد اي آه! چه گويمت چها شد هر صاحب دولتي گدا شد هر ماه سري برهنه پا شد سر رشتـهء صبر دل رها شد سر از تن و تن از سر جدا شد سر گردان هم چو آسيا شد خونِِ کفِِ پاي خود حنا شد بر برقعه و معجر و ردا شد جانها بر آبرو فدا شد زين گونه فلڪ گره ڪشا شد يڪ کار نه شد ڪه ڪارها شد يــڪ مــرتــبــه نـــازل از ســمــا شــد دل خون شد زين ستمگري چند بي ستري طرفه آه! صد آه! از امت مصطفيٰ چه ظلمي امروز پس از هزار و صد سال جـستــم چـــو ”نظام “ سـال تـاريـــخ هر چند ڪه جمله از قضا شد بر سيد ها و پارسا شد امروز بر آل مصطفيٰ شد احوال عراق رونما شد از هــاتــف غـــــيــبـــي ام نــدا شــد ڪاي بنده اهل بيت بشنو ”... ڪه سند ڪربلا شد“ اهو سچو ملڪي ۽ سياسي پس منظر آهي انهيءَ مـُـني صديءَ جو، جنهن ۾ مير علي شير اکيون کوليون، پليو، پروان چڙهيو، تعليم حاصل ڪري، علم جي انتهائي اوج تي پهتو، شعر و سخن جو شغل ڪندو رهيو، ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو اوڇڻ ۽ اوڍڻ بڻائي، زندگي بسر ڪندو رهيو. سواءِ انهن چند سالن جي، جيڪي هن ميان غلام شاهه وٽ تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي گذاريا. باقي سڄي زندگي آزاديءَ سان بسر ڪندو رهيو. انهيءَ بادشاهه گرديءَ ۾ ڪنهن کي طاقت هئي، جو درباري ملازمت جو بار سر تي کڻي، سازشن ۽ منصوبن ۾ حـصو وٺي ۽ خون خرابيءَ قتل ۽ غارتگريءَ کي اکئين ڏسندو رهي! مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بيپناه صلاحيت جو هن مان اندازو ٿئي ٿو، ته انهيءَ سموري دور جي سڀني بلائن، آفتن ۽ اندوهناڪين جي هوندي به سندس سڪون قلب ضايع ۽ اطمينان دل غارت نه ٿيو. هن بزرگ دنيا جهان جي جهڳڙن، ملڪي تباهين ۽ هلاڪت خيزين کي ڏسندي به، سڀني ڳالهين کي پس پشت وجهي، اکين کي بند ڪري، ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي، تصنيف ۽ تاليف جاري رکي، ۽ پنهنجي خالص علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي برباد نه ڪيو، ۽ 12 ورهين جي زندگيءَ کان وٺي جهان ڇڏڻ واري سال کان هڪ سال اڳ تائين، برابر دماغ ۽ قلم هلائيندو آيو، ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان ادبي ذخيرو سنڌ جي آئيندي نسلن لاءِ ڏيئي ويو. سير و سفر: مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي هئي، تنهن ڪري ڀانئجي ٿو، ته هن پنهنجو وقت دنيا جي ٻين مشغلن ۾ ڪونه وڃايو، ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي، تصنيف تاليف ڪندو رهيو. سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽ ڀڄ جو سفر درپيش آيو. ”تحفة الڪرام“ (ج 2، ص33) ۽ ”مقالات الشعرا“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته 1160هه ۾ هو سورت ۾ ويو، جتي مير سعد الله سورتيءَ ۽ ان جي فرزند مير عبدالولي ”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ سفر ۾ چند ٻين اهل علم بزرگن سان به سندس صحبتون ۽ رهاڻيون ٿيون. جهڙوڪ: ”رضائي“ شاعر سورت کان لاهري بندر تائين ساڻس ٻيڙيءَ ۾ گڏيو آيو (”مقالات الشعرا“، ص109): محمد اڪرم اصل ٺٽي جو شاعر هو، ليڪن سندس زندگي دهلي، دکن ۽ سورت ۾ مختلف سرڪاري منصبن تي گذري، مير صاحب جڏهن سورت کان وطن واپس ٿيو، ان وقت محمد اڪرم به ساڻس گڏيو آيو، واٽ تي ٻيڙو ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون طوفان جي گرداب ۾ ڦاٿو، ۽ اهڙي نااميديءَ جي حالت ٿي، جو مير صاحب ان کي ”حادثـهء عظيم“تصور ڪندي لکي ٿو: ”ڪ خلاصي از آن تهلڪه، محض بفضل حقيقي صورت بست“. انهيءَ مصيبت ۾ محمد اڪرم هيٺيون شعر حسب حال چيو: در ميان آب و آتش همچو گل کــشــتيء امــيــد مـــا دارد شـــنــا گر نه فضل حق نمايــد رهـبـري نيست مخلص از چنين جوش بلا (مقالات الشعرا، 34) ”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي. اهو بزرگ به انهيءَ زماني ۾ سورت منجهه مقيم هو. ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي به مير صاحب انهيءَ سفر جي دوران ۾ ئي ڏٺو، ۽ اتي ئي سندس ملاقات محمد عاقل ”ابله“ جهوناڳڙهيءَ سان ٿي، جيڪو صاحب شاعر ۽ ٺٽي جي ميان ابوالقاسم جو شاگرد هو. (مقالات الشعرا، 26) اهڙيءَ طرح، غالباً ساڳئي سفر ۾، جڏهن سيد صاحب ڀڄ ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر ”هوشيار“ صفاهانيءَ سان ٿي، جيڪو پوءِ ٺٽي به آيو، ۽ اتان وري هندستان هليو ويو. (مقالات الشعرا، ص311) بندر سورت کان موٽندي سيد صاحب سان گڏ ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلدر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٿي آيو. (مقالات الشعرا، ص265) گجرات سان، انهيءَ سفر کان پوءِ، مير صاحب جي ڪافي دلچسپي پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جيڪي به خاص واقعات انهيءَ طرف ٿيندا هئا، انهن تي مير صاحب تاريخي قطعا ۽ شعر تصنيف ڪندو هو. نور الدين محمد، معروف بہ مومن خان، 1170هه گجرات تي قابض ٿيو، ته مير صاحب تاريخ چئي: چو شد نواب مومن خان بگجرات ز کــفــر کـافــران گـرديــد خالي* 1195هه ۾ بندر سورت جي حاڪم نواب صفدر محمد خان جو پٽ وقار محمد خان فوت ٿيو. مير صاحب هيٺئين طرح سندس تاريخ ڪڍي: ” فَلا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلاَهُمْ يَحْزَنُوْنَ “ ** مطالعي جو شوق: مير صاحب جو دور جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، ايتري قدر علمي ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار به هو. هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا. هر هڪ گهراڻو ۽ هر هڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ’ائڪڊميءَ‘ جو ڪم ڏيندي هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ جدا جدا ڪتبخانا هوندا هئا. گهرن ۽ اوطاقن ۾، رستن تي، دڪانن ۽ بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتون، صحبتون، مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات ڏينهن ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم (متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)، مخدوم ضياءُ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع، ۽ آخوند ابوالحسن جهڙا يگانهء روزگار عالم، ۽ مير ”محسن“ (متوفي 1163هه)، غلام علي ”مداح“ ، بالچند ”آزاد“، شيوڪ رام ”عطارد“، شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“، غلام علي ”مومن“، محمد پناه ”رجا“، مير ابو البقا ”بهرور علي“ ۽ مير ابو تراب ”ڪامل“ جهڙا نغزگو شاعر ٺٽي جي شهر ۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو ”غزالي“ ۽ ”دواني“، ”سعدي“ ۽ انوري“ هو. اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحب تصانيف ۽ صاحب دواوين هئا، انهن مان هر هڪ کي جدا جدا ڪتبخانو هوندو هو، جنهن مان نه فقط پاڻ فائدو وٺندا هئا، بلڪ دوست احباب به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا هئا، انهن مان هر هڪ بزرگ جي اوطاق ”دار المصنفين“ ۽ ”ندوة المصنفين“ هوندي هئي، ۽ هر هڪ استاد ۽ عالم جو مدرسو، ”دار العلوم ديوبند“ ۽ ”ندوة العلوم“ هو. مير علي شير کي اهڙا معاصر مليا، انهيءَ قسم جا همعصر شاعر مليا، ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو. هن علمي صحبتن ۽ ادبي مجلسن جو پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن مدرسن ۾ هن علم پرايو، ۽ انهن دار العلومن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن تي قدرت ڪامله حاصل ڪئي، ۽ انهن ڪتبخانن جي هر هڪ ڪتاب جي هن ورق گرداني ڪئي، ۽ ڪتابن جي هر هڪ جلد مان هن مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو، ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا ڏٺا، بلڪ خود سندس پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم الشان هو، ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي فهرست ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي*. مير صاحب جي مطالعي جي شوق، ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن جي فراوانيءَ ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ناياب ۽ نادر الوجود آهن. تاريخ فرشته، طبقات اڪبري، منتخب التواريخ، ده ساله عالمگيري، آئين اڪبري، روضة الصفا، حبيب السير، مراة احمدي، مراة سڪندري، خزانـهء عامره، يد بيضا، تذڪره واله داخستاني، هفت اقليم ابن رازي، ڪلمات الشعرا، مجالس المؤمنين، وغيره، تاريخون ۽ تذڪرا، تصنيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي پيش نظر هئا. ايراني خواه هندستاني شاعرن مان ڪيترن جا ديوان مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تقريباً سڀني مصنفن جون تصنيفون به سندس پيش نظر هيون. تاريخ معصومي، طاهري، بيگلر نامه، ترخان نامه، تذڪرة المراد، آداب المريدين، حديقة الاوليا، کان سواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري سنڌين جون سڀئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾ رهيون هيون. ”طومار سلاسل گزيده“ تيار ڪرڻ وقت، طريقت جي بزرگن جون گهڻو ڪري سڀئي ملفوظاتيون، ۽ سلسله طريقت جون اسناد ڏٺيون هئائين. ملفوظات مخدوم جهانيان، منهاج العباد. شيخ سعد الدين، تحفـة البرر - شيخ مجدد الدين بغدادي، بحر الدقائق شافعي، کتاب استعداد الاخرة، به انهيءَ ڪتاب جي ماخذن مان آهن. پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري سڀئي تصنيفيون پڙهيون هئائين. جيئن، ته امير غياث الدين منصور جا تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان گذريا هئا.”طبقات ابن سعد“ جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب، جيڪو اڄ ڇپئي کان پوءِ به ايتري قدر نادر الوجود آهي، جو اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀئي ڪتبخانا ان کان محروم آهن، اڄ کان ٻه سؤ ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير صاحب جي مطالع مان گذريو. جيئن پاڻ هڪ هنڌ (مقالات الشعرا، ص212) فرمائي ٿو ته: ”25 ربيع الاول 1169هه جو، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ کان، ’طبقات ابن سعد‘ جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ مستعار ورتم“. مير صاحب جو علمي ورثو تصانيف: مير علي شير جي زندگيءَ جو مقصد فقط تاليف هو. جيئن اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون. هن 12 ورهين جي ڄمار ۾ قلم ۽ ڪاغذ کنيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو ڪونه ٿو پوي، ته هن ڪيترا ڪتاب لکيا، ليڪن ”مقالات الشعرا “ ، ”فهرست ڪتبخانه ٺٽه “ (برٽش ميوزم O.R.2073) ۽ ”تحفـة الڪرام “ (مملوڪ خان بهادر مولوي محمد شفيع، لاهور) مان جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعداد 42 آهي، ڪيترا ڪتاب اهڙا به هئا، جن جا مسودا نامڪمل رهجي ويا. جيئن پاڻ فرمائي ٿو: ”اکثر مسودات بهرجاکه ماند ند، ماند ند “ . (مقالات الشعرا، ص214) 1174هه ۾ ”مقالات الشعرا “ تصنيف ڪيائين. ان ۾ لکي ٿو ته: ”الي الحال اگر بجمع شعر مي پرادخت تاسي (30) هزار بيت کم و بيش رسيده مي بود “ . گويا مٿئين سال تائين جيڪي هن شعر چيو، سو به گڏ ڪونه ڪيائين، جن جو تعداد ڪم و بيش ٽيهه هزار ٿئي ها. اهڙيءَ طرح، 1174هه کان وٺي 1202هه تائين، 28 سال پوءِ به اهو سلسلو جاري رکيائين. خبر نه آهي، ته ان مان ڪيترو ضايع ٿيو ۽ ڪيترو بچيو. بهرحال جن ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آهن، يا ڪتاب دستياب ٿيل آهن، انهن جو ذڪر سال تصنيف جي ترتيب سان هيٺ ڪجي ٿو. (1) ”ديوان علي شير “ (1152هه): ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ هي ديوان مرتب ڪيائين، جنهن کي نامعلوم سببن ڪري درياهه ۾ لوڙهي، ايندڙ ٻه سال، 53-1154هه، شعر چوڻ ڇڏي ڏنائين، هن ۾ نالو تخلص طور استعمال ڪندو رهيو. (2) ”مثنوي شمهء از قدر حق “ (1165هه): مثنويءَ جو نالو تاريخي آهي. سال تصنيف 1165هه ان مان برآمد ٿئي ٿو. انهيءَ مثنويءَ جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ڀانئجي ٿو، ته مثنويءَ ۾ ڪو قصو بيان ڪيل آهي. ”مقالات الشعرا “ ۾ نمونتاً چند شعر ڏنا ويا آهن، جن مان مٿيون قياس ٿئي ٿو: - در تعريف برد کان نشستن آن جوهري پسر - پسر چون دکاندار شد در ديار چو خورشيد اندر حمل بسته بار کفش بر ترازو چو گشتي فرو قمــر در ترازو مکان يــافـت گو - قطعات لعل امانت فقرا را جوهري پسر درستون مخفي ساخته - ستون گشته کان بدخشان سپس برو رشک بروي بسي کان سپس چـو در راسـتـي بــوده پا استوار شـــده زادگــان خـــورش درکــنـــار (3) ”مثنوي قضا و قدر “ . (1167هه): ”گل از بهار قضا “ مان اهو سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو. ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ”مقالات الشعرا “ ۾ هيٺيان اقتباس ڏنل آهن: - در صفت کشمير - خور انـــدر سبزه زارش شپره وار نيارست آنکه بيند روي انــــوار گر آيد بالمثل مہ در زمـينــــش کند گلچين غلط با ياسميــنــش ببوي بوي شبويـــــش زهــــر باد گل خورشيد گيرد غنچگي يـــاد گهي تقرير وصــــــفِ زعفران زار لــب از خنــــده نيابد راه گـــفتـار زبس سـَـروش بازادي علم شـــد ثمر در نخلهايــش وقف هم شـد طلاي آفتاب آنجا است پر غش زبش دربـــوتـهء گــــل ديده آتــــش تونگر گردد آن کــــــــو بار دارد گلــــستــــــانـــش گـــل دينار دارد - در صفت خوبرويان چين - ز روي گلر خانش چشم خورشيد زبس گستاخ بين افتاد جوشيد ز گفـــتارِ مـــلاحت ريــــز خــوبان بگيرد عندليب آتش قـــــّد امان ز فــــر جبــہء شـــان حــســن آداب نمايد همچو در مينار مــيء ناب مہ نو تا به ابرو يـافـت نســـبــت همي بالد بخود از فـــرط بهجت مگــر دست قضا از صنع ايــــــزد لطافت جمله اندر ســـــاعدش زد ز روي بيت صدرِ شان توان يافت معاني راکه انــدر دل همان يافت نهد از پشت بر ديوار چــون مست توان دريافت نقش اوچہ چيز است گـــهــــي نــــظــــاره خوبــــيء هر ماه تــــماشــــــــائي بــــــــــر آرد الله الله - صفت هند و نغمه نوازان هند - بپا کوبـــيء رقـــــاصــــان مــہ وش فتد نظاره را نـــــــعــــل اندر آتش صلاي باده نوشي اندر و عـــــام بود خورشيد آنـحـــّا صورت جام مدام اندر وي از صافيء مهتاب مہ نوهر شب آفــزايد مـــــــيء ناب مگو اختر که رخشانند هـر شـــام خم گردون شراب انداخت در جام بــــهــــار نـــــــشـــهء ســــرشـــار دار سرود آنـــــــــــجا عجب بازار دارد هر آنکو بسته آهنگ حجاز ست لجام توسنش از تــــار ســــاز ست دف خورشيد اندر دست زهـــرش بپيش مطربش کمتر ز مـــــهـــرش بهر محفل که نـــا و نــــوش دارد هــــوس برسير پــــا بــــردوش دارد - در و صف مصر و تعريف عمارتهايش - وزد بــــــادش اگ از جــــانـــب آب حباب از ياسمين گيرد فـــزون تاب هـــوايش گـــــر بـــروي هـــجـــر آيد زشاخ خشک مرجان گل بـــــــــر آيد بدوش مشرق انـــدر وقــــت تعمير فلک مي ريخت آهـــــک از تباشير ازان خـورشيد بر کــــف رعشه داد که خواهد دستي از بــــــامش بر آرد کـه گچکاري از خورشيد تـــابان سـتـــــاند پنـــجه رازش دســـــتگردان بهر خشت عمارتهاش خــــورشيد بـــــــراي اقتباسِ نـــــــــور قــــّوســـيد کمان طاقش از قوسِ قزح ساخت رواقـش را چو بــــنہـا منشـرح ســـاخت بود مهتاب آنجا آهـکِ کــــــــرم سفيده صبح از خاکش کــــشـد شرم - رسيدن از خشکي بدريا و صفت آن - دگر راه شتابيدن چــــو طـــي شــــد بجمله احتيـــاجِ کشــــتيء شــــــد بلي کشتي گدايان را ضرور است که فاقه را قـــّدو راة عبور اسـت مسافر را برطب و يابس است راه ز خشکي باز دريا گشت دلخواه غبارِ مانـــــــدگي بست ابر در دل کنارِ بحر ماندم پاي در گـــــــل چه بحر آن کز کمالِ پاڪيء رنگ نهنگ حـْـــرک رازد قافيه تنــــگ (4) ”نو آئين خيالات“ - (1169هه): انهيءَ نالي مان سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو. اهو ڪتاب نثر ۾ آهي. ڪوبه نسخو موجود نه آهي، جنهن ڪري معلوم نه ٿي سگهيو، ته ڪتاب ڪهڙي موضوع تي هو؟ (5) ”مثنوي قصهء کامروپ“ - (1169هه): هيءَ مثنوي به گم آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ لکي ٿو، ته تخميناً ٽي هزار بيت منجهس آهن، ۽ 1169 هه ۾ تصنيف ڪيائين. ”مقالات الشعرا“ ۾ انهيءَ مثنويءَ جا هيٺيان اقتباس ڏنل آهن. جن مان نوعيت ۽ انداز معلوم ڪري سگهجي ٿو: تا قدم از ارض رضاعت کشيد قبضهء قدرش چو کــمان گيرشـــد بخت بلندش نـــه شمارد يــــــکي باز وي قدرت چو فشردي به تيـغ پايهء قدرش بعلييـــــن رســـــيــد ناوک دستش بفلـــک تير شـــد بلکه کند سهو که جم بود وکـي زهــــرهء رســتــم بــزدي زيــغ زيـــغ - در صفت چترمن مصور - کز قلم موچو کشد مشکل باغ آب گهر در صدفش داشت جا غنچهء تصوير وي از بوي فرح بر لب تصويرش حرف نشاط گــر بــمــثـــل در کـشود شکل آب لاله ز شنـــــــجرف بــر آرد ايــاغ تـــا ورق ســـبزه نمـــايد اطــــــلا رايحهء خلد برين راســــت شرح گل کند از گوشهء صحنِ بساط نـقــــطهء ســهـــوِ قـلـمش دان حباب - صفت صيد گاه مينو شان - آهکش از پرتو مه بيش تـــــاب خشت پزانش پــيء حســـن نـــظر مخمل سبزه په هجومي که آب بر لب هر جـدولش از مـوج آب بلـبـلـش از نغمه سـرائــي فـرح فاختهء زاهـــــد مـــشــــــرب دران حـاجيء قمــــري ز پيء طوف سرو پير عصا در کـــف زنبق بنـــام موي دماغش ز بــس آشفته بود از گل شب بوش گـــل آفــتـــاب بــاد صــبــا داشـــت درو زرگــــري در گچش آميخته رنــگ سحاب بســـته نــمودنـــــــــد خـــمـــير گهر راه نمـــــي يافــــت ببالين خواب نقش نشاط ابــــــــدي داشـت تاب از پي سيپارهء گـــــل بـسته شـــرح داشـــت بلب آيهء کـــوکــــــــــو روان خــــــواسته احـــــــــرام ز بال تذرو داشت بصحن چــــمن آنجا خــرام بينيء وا کرده سخــــن مي نـمود گريه همي خواست کد بــــــوي آب ســکه همي زد قــّـــــرزِ جـــــعـــفري - در شکستن جهازات بطوفان - يــــوســف مـه رفـتـه تہ قعر چاه فتنه بپسا خواسته در رنگ بــاد آتــشــــي افروخت منقل حبــــاب ماهيء مــوج از اثرِ بـــــرق بــــــاد جامه به تن چــــاک زده نــاخــــدا در کـــفِ مـــلاح ز بــادي چنـــــان ديدهء گرداب زبس کــــــور بــــــود خورد شد آن جمله کشتي بر آب مردم خشکي همه آبــــــي شـدنــد يونـــس شـــب حـوت گرفته پناه جوش زده بحر کــــه طوفان فتاد سوخته هر خاروو خسي را بر آب سينهء خـــود را بشـــــــــــر بر نهاد رفته زســــــکـــان سکون حــّمله را پنـــــبهء حـــــلاج شـــده بــــادبـــــان در طـــــلـــبِ مـــردم پرشود بـــود در نفسي هـــمــــچو سفالِ حباب درچة آن بــــحـــــر شتـــابي شدنـد - در صفت جنگ - صور صرافيل دميده چـــــونائي بسکه بپا گشت دم گــــــاو دُم درکف پــــر قـــــّرگـه تبيره زنان بحر ستيز آنگه، طوفان گرفت تير فلک ريخت برنگِ خدنگ ازدرِ شمشير چو پر وار شــــــد مغز پراگنده شد از عطسه تيغ گشـت بپا تاکـــه طــــريدِ ستيز هر طرفي خاست تـــرنگا ترنگ شور چقا چـــــاق نهنگ خدنگ بسته بخون بـــود يلان را مـــگـــــر معز هز بران بچکيده زنـــــائي گاو زمين و فلک انداخت سم خون يلان بسته چو بيره زنان پنجهء خورشيد ببــــحران گرفت گاهشگان پا زده در نيم لنگ هر طرف از زخم بهم غار شد در ســــــر پيکار کنان بيدريغ جان به برِ رستم شد ريز ريــز پنجهء خورشيد شده بر خدنــگ ريخت همي مغز دماغِ پلنــگ لاله صفت کــــرده سپر در ســپـــــر - صفت مبارزت نانک چند جوهري - تيغ بکف نانک چند جوهري تابزدي از سر غصـه طـــريــد داشـــتـــه تــيغش عــمــل کــهـربـــا بود چو الماس پيء جان جري لعل ز فيروز همي شد پديد بهــر خـسـيــســان بــجـــان در بــلا - صفت رزم دهنتر طبيب - دهنتر آنجا که فشر دي قدم شربتِ مرگ از کـــفِ او مـــوجــزن تيغش مي جسته زکف دم بدم بــــــوده پـــيء نوش عـــدو در زمــن - صفت جنگ رس رنگ کلا ونت - کرده چورس رنگ سوي رزم راه گوش مخالف ز طريدش بخست کـــرده بقانون شجـــــاعــــان نبرد گــرز گران در کــفـش از پــــردلــي جسته ز چنگش اجـــل آنــــجا پناه تيغ دو دستي بزدي همچو مست از سر مردان چو اجـل ريخت گرد زمــزمــه خــوان بـــود بــنــقـشِ يلي - صفت نبرد چترمن مصور - چتر من آنگه که شدي رزم جو در کـفِ اومـانده عدو نقــش وار صفـحهء صـحرا زکـفـش رنگ بست پاي عدو بود گو انــدر فرو بلـکه چــو تــصويــر بديــوار يار بـسکه سـرانِ سـپه، اندر شـکـسـت - در فتح شاه و هزيمت دشمن - شير علم ديده چو روباه شد بود ز جان سير بلا خواه شد پرچمِ اقبال شه از بادِ فتح ترجمه مي بست باسناد فتح (6) ”ديوان قال غم“ - (1171هه): ديوان جو اهو تاريخي نالو آهي. منجهس غزل، قصيدا، مخمس، ترجيع بند، وغيره سڀئي اصنافِ سخن موجود هئا. نوَ هزار شعرن جو هي مجموعو به زماني جي دستبرد تباهه ڪري ڇڏيو. (7) ”ساقي نامه“ - (1174هه): ”ساقي نامه“ جو انداز هي آهي: بـيـا سـاقيا زان ميء ناب ده که در آتشم از خمار شراب شب و روز در فکر آنم که کي گروهي که رفتند زين تيره خاک وضو را بآب عنب مي کنم همي بينم از دور محراب جام باين قائم الليل دارم شروع موذن چو گلبانگ حيّ در زند در اخلاص مي چار قل بر زبان مناجاتيان تا نيابنـد راه مغني نـواي که مستي دهد چـــو در کــاســـہ سـر نداريم آب بلب تشنگان يکدمي آب ده باتش ز آتش توان داد آب شود جان اين مرده دل باز حي ندانم چه کردند باجانِِ پاک نماز سرِِ شام و شب مي کنم که پيشش صراحي است اندر قيام که در سجده افتم ز بعدِ رکوع صراحي در جامِ مي در زند چو مينا دهم روح گريه کنان بکوي خرابات بردم پناه رهي زن که ذوقِ الستي دهد لبم تـــر نــمـائـــي ز مـوجِِ رباب (8) ”واقعات حـضرت شاهه“- (1174هه): هن جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ آيو آهي، جنهن ڪري ڀانئجي ٿو، ته 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. هن مثنويءَ ۾ هڪ هزار شعر هئا. نسخو ڪوبه موجود نه آهي. نالي ۽ هيٺين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءَ مثنوي ڪربلا جي واقعات ۾ آهي، ۽ منجهس مختلف بحرن ۾ شعر چيا ويا آهن. مگر هلال که يک کشتي است طوفاني دونيمہ گشتــہء دل روزگار روزِِ عزا زبس گريست محبانه زين مصيبتِِ خون پر از ستاره نباشد بچشم اندهناک مگر که مهر بروي سما نمود طلوع دمِِ آبي نبوده جز دمِِ تيغ لباسِ چرخ زان گرديد نيلي بـر انــدام خـــور از آن رعــــشه افــتـــــاد تنور فتنہ ز بس جوش کرده عماني يکي بزير زمين شد دگر بروي سما فتاد ناخنه در چشم ارزقِِ گردون ز ناوک غم گشتـہ مشبک اين افلاک درين معامله چشمه مسيح شد نگران مگر از آسمان باريد اين ميغ کزين جورِِ زمانه خورد سيلي که روزي کــــربــــلا مـــي بـــاشـــدش يــــاد (9) ”چهار منزلہ“ - (1174هه): مصنف هن مثنويءَ جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيو آهي، جنهنڪري مثنوي 1174هه يا ان کان اڳ جي تصنيف ڀانئجي ٿي. هڪ هزار شعرن جي هيءَ مثنوي به گم ٿي وئي. هيٺين اقتباسن مان اندازو ٿي سگهي ٿو: - در صفت حلقه بيني - بروي راســــــت بينش حلقه ديـــده کدامي بي ادب پيچيده بر راست تامل کرده تا من خــــوب ديــــدم ســـرش گــردِ دِهــانِ يــار الــــحـــق دکانِ حيرتم بر خويش چيده که شکل حلقہء بينيش پيداست بروي راست بيني سر کشيدم طلـوعِ آفـتـابـسـت ايــن ز مـشـرق - درشڪايت زمانه - مرا از بي زري شد آنچه حاصل نديده عـشر آن قــــــارون تة گـــــل مر او را کرده زر مــــــردود ايزد منم از بــــي زري در مردمــــان بد بسي از دوستان در بي زري ام همين راننــد انـــــدر زرگـــــــــري ام همه اخوان بحقِ اخ نـــــــــــويسند شــــــــــدم قــِا بــينــوا اخ اخ نمايند کليم الله بفرض آيــد اگر بــــــاز ازين قارون سرشتان نيستش ســــاز کساني که چنين کـــــالا کشيدند مـگر از خــــــانـــــهء خــــــالا کشــيديد (10) ”تزويج نامهء حسن و عشق“ - (1174هه): هي ڪتاب به 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. نه نسخو موجود آهي نه اقتباس، جنهن مان ڪتاب جي مضامين جو اندازو ڪري سگهجي، البته پاڻ لکي ٿو، ته هن ۾ مقفيٰ ۽ مسجع نثر لکيو ويو آهي. عنوان مان معلوم ٿئي ٿو، ته حسن ۽ عشق جي ميلاپ ۽ معاملات تي ادبي طور طريقي ۾ خيال آرائي ڪئي وئي هوندي. (11) ”اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ“ - (1174هه): هي هڪ جدا مجموعو، ڄاڻايل سال تائين مرتب ڪيو هئائين، جنهن ۾ تاريخي قطعا ۽ صنايع جا اشعار، هڪ هزار جي تعداد ۾ هئا. اهو نسخو به گم آهي. (12) ”بوستان بهار“ - (1184هه)، معروف به ”مڪلي نامه“: ”بوستان بهار تازهء دل“ مان سال برآمد ٿئي ٿو. مڪليءَ جي منظرن ۽ مقبرن تي هن ۾ نظم ۽ مقفيٰ نثر ۾ شاعرانه خيال آرائي ڪئي وئي آهي. هن جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ ۾ مصنف جي خط ۾ محفوظ آهن. (13) ”مقالات الشعرا“ - (1174هه): مصنف لکي ٿو، ته 1169هه ۾، ”جڏهن هو ”مثنوي ڪامروپ“ لکي رهيو هو، ان وقت کيس هن بيش بها تذڪري لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ سال هن لکڻ شروع ڪيو،“ پنجن سالن جي ديده ريزيءَ ۽ محنت بعد 1174هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين. نالي مان اختتام جو سال نڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ان مان 5 عدد گهٽ ڪبا، ته تصنيف جي شروعات جو سال 1169هه معلوم ٿيندو. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي انهيءَ کان اڳ ڪوبه تذڪرو ڪونه هو. اهوئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ معلوم ڪري سگهجي ٿي. مير صاحب سنڌين کان سواءِ، هن ۾ انهن شاعرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي النسل نه هئا، بلڪ ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا، يا سفر ڪندي سنڌ مان اچي لانگهائو ٿيا. هن تذڪري لکڻ ڪري، مير صاحب جو سنڌ تي اهو احسان عظيم آهي، جنهن جي بار کان سنڌي قيامت تائين آجا نٿا ٿي سگهن. مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، ۽ هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ به (ADD21، 589) آهي، جيڪو 1246هه ۾ مير مراد علي خان لکرايو. انهن ٻنهي نسخن جا نقل مون وٽ آهن، انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به نسخو موجود نه آهي. (14) ”تاريخ عباسيه“ - (1175هه): ميان غلام شاهه 1175هه ۾ مير صاحبن کي ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ڪيو. معلوم نه آهي، ته ميرصاحب ڪهڙن سبب ڪري ان کي مڪمل نه ڪيو؟ ليڪن ٺٽي جي ڪتبخانن جي فهرست برٽش ميوزم ۾ (O.R.2073) آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪتاب جو گهڻو حـصو لکجي چڪو هو. فهرست نگار لکي ٿو ته: ” ’تاريخ عباسيه‘ اعني در بيان ميان صاحبان ڪلهوره از ابتداي آمدن شان در سند، مع تحقيقات نسب او شان، و تقرر زمينداري آن فرقه در سند، و بدست رسيدن بانها حکومت سند، و احوال و واقعات آن ايام، سيد علي شير قانع مرحوم در نظم و نثر تاليف و تصنيف کرده، و مسوده ناتمام از هر دو در کتبخانه موجود - نسخه نظم قريب بيست هزار ابيات. “ (15) ”تاريخ عباسيه“ - (1175هه): مٿئين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن جو نامڪمل نسخو به مير صاحب جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، ۽ ان ۾ ويهه هزار اشعار هئا. ڀانئجي ٿو، ته دستور مطابق اها تاريخ ”شاه نامه “ جي طرز تي ساڳئي ئي بحر ۾ لکي وئي هوندي. افسوس آهي جو هنن ٻنهي ڪتابن جا نسخا تلف ٿي ويا، ورنه انهيءَ دور جي تاريخ تي اهي ٻئي تاريخون مستند ماخذ جو ڪم ڏين ها. جنهن صورت ۾ مير صاحب انهيءَ دور جي تاريخ تي جدا ڪتاب لکي رهيو هو، تنهنڪري ”تحفـة الڪرام “ ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر نهايت سرسري محض هن طرح ڪيو اٿس ته: ”ذکر شان در طبقه علحده ميگردد، و بنابر مزيد فائده و اداي حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميکند “ (16) ”تحفـة الڪرام “ - (1181هه): ”مقالات الشعرا “ کان پوءِ مير صاحب هي ٻيو ڪتاب معرڪي جو لکي، سنڌ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ اهلِ علم ماڻهن تي عظيم احسان ڪيو. ڪتاب ٽن جلدن ۾ هيٺينءَ طرح ورهايل آهي: جلد پهريون: انبيا، حڪما، بادشاهه ۽ خلفاءِ اسلام جي حالات ۽ تاريخ ۾. چنانچه ٻئي جلد جي ابتدا ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”از تاليف مجلد اول تحفـة الکرام مشعر حالات خلاصه موجودات انبيا و اوصيا و حکما و خلفا وسلاطين فراغت يافته. “ مطبوعه نسخي ۾ جيڪو پهريون جلد آهي، سو حقيقت ۾ ”تحفـة الڪرام“ جو پهريون جلد نه آهي، بلڪ تاريخ ”مراة احمدي “ جي ٻئي جلد جا 86 صفحا ”تحفـة الڪرام “ جي عنوان سان ڪنهن ڇپائي ڇڏيا آهن. ”مراة احمدي “ 1357هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو، جنهن جي ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي علحده ڪري، غالباً ساڳيءَ پريس وارن، ان تي ”تحفـة الڪرام “ جو نالو لکي، بقيه ٻن جلدن سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي جلد کي ستن اقليمن ۾ ورهائي، ۽ هر هڪ اقليم جو تاريخي احوال ڏيئي، ۽ ان جي هرهڪ شهر جي بيان ڪرڻ بعد، انهيءَ شهر جي مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب اگرچه لکيو آهي، ته هن متقدمين ۽ متاخرين جون تصنيفون ڏسي، پڙهي ۽ پوءِ اهو جلد مرتب ڪيو آهي، ليڪن پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته امين رازيءَ جي ”هفت اقليم “ کي هن بنياد بڻايو آهي، ۽ مضمونن کان سواءِ ترتيب به ساڳي رکي اٿائين. اهڙيءَ طرح ٻئي نمبر ۾ ”حبيب السير “ ۽ ”مجالس المؤمنين “ تي هن مدار رکيو آهي، چنانچه پنهنجي بزرگن جي حالات جي سلسلي ۾، بنا حوالي جي سموري عبارت لفظ بلفظ ”مجالس المؤمنين “ جي نقل ڪري ويو آهي. جيڪو طريقو تقريباً سڀني متوسطين خواه متاخرين جو هو. مطبوعه نسخي ۾ ٻيو جلد سنه 1304هه ۾ غالباً بمبئي مان شايع ڪيو ويو آهي. ٽيون جلد حقيقت ۾ ”تحفة الڪرام “ جو نهايت قيمتي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا ’انسائيڪلو پيڊيا‘ جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جلد جي ابتدا ۾، سنڌ جي تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني تائين بيان ڪئي وئي آهي، ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي شهرن جو احوال، ۽ ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو آهي، آخر ۾ ٺٽي ۽ ان جي مشاهيرن جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب تاريخ جي سلسلي ۾ ”چچ نامه “ ، ”معصومي “ ، ”طاهري “ ، ”بيگلرنامه “ ۽ ”ترخان نامه “ کي ماخذ بڻايو آهي، البت مشاهيرن جو تذڪرو، ۽ سنڌ جي قديم شهرن جي تاريخ تي هن جيڪا تحقيق ۽ تلاش ڪئي آهي، اها قابل داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت ۾ محنت ۽ زحمت برداشت ڪرڻ ۾ مير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان پوڻا ٻه سؤ ورهيه اڳ مير صاحب اهو مواد گڏ نه ڪري وڃي ها، ته هوند مشاهيرن جي تذڪري ۽ شهرن جي تاريخ جا سڀئي پهلو اڄ اسان جي اکين کان پوشيده، بلڪ سڄي ثقافتي ۽ علمي تاريخ گم هجي ها. مطبوعه نسخي جو ٽيون جلد مطبع ناصريءَ دهليءَ ۾ ڇپيو آهي، ۽ تقريباً انهيءَ ئي سال جو ڇپيل آهي، جنهن سال ۾ ٻيو جلد شايع ٿيو. مير صاحب 1181هه ۾ ”تحفـة الڪرام “ جو ٽيون جلد ختم ڪري، هيٺيون اختتامي قطعو لکيو: شکر خدا که تذکرهء ”تحفـة الکرام“ هر جلد اوست روضهء اخبار دلکشا ”قانع“ اگرچہ نيست سزا وار ذکر خير باشد کنند اهل دلش ياد بعد مرگ سال تماميت چو نمود از خرد سوال شکرِ خدا که يافته تزئين انتخاب سال تماميت چو نمودم زدل سوال اندر سہ جلد يافته تزئين اختتام نظاره کيش مفت شود ديده شاد کام ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام يعني که يادگار نکو ماند مستهام اينک چه ”منتخب “ ز دل آمد مراپيام -1181هه اين ”تحفـة الکرام “ بآئين انتخاب هاتف زده ندا که ”نو آئين انتخاب“ -1181هه مصنف جو پنهنجو دستخطي نسخو، لاهور جي خان بهادر مولوي محمد شفيع صاحب وٽ آهي، ۽ برٽش ميوزم ۾ جيڪي ٻه نسخا مصنف جي پنهنجي خط جا آهن، انهن جي فوٽو گراف ڪاپي مون وٽ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مصنف 1188هه تائين اضافا ڪندو رهيو آهي. (17) ”اعلان غم “ - (1192هه): هن ڪتاب جو نالو ايليٽ واري فهرست ۾ ملي ٿو، ۽ لاهور واري تحفـة الڪرام جي سر ورق تي به مير صاحب جي تصنيفات ۾ هن جو نالو موجود آهي. فهرست نگار تفصيل هن طرح ڏنو آهي: 356 صفحا، في صفحو 34 سٽون، 11732 شعر، تاليف 1192هه، بخط مصنف. هن مثنويءَ ۾ نبين جي مصيبتن ۽ شهيدانِ ڪربلا جي تڪليفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ڪو به نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي. (18) ”زبدة المناقب “ - (1192هه): هن ۾ خلفاءِ راشدين، ۽ حـضرات اثنا عشر جا مناقب آهن. ايليٽ جي فهرست نگار هن طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 362، فص صفحو 17 ۽ 20 سٽون، 1200 شعر، تصنيف 1192هه - بخط مصنف. لاهور واري نسخي جي سر ورق تي به هن ڪتاب جو نالو موجود آهي. (19) ”مختارنامه “ - (1194هه): مختيار ثقفيءَ جي حالات ۾ مير صاحب هيءَ مثنوي لکي. فهرست نگار هيٺئين طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 208، في صفحو سٽون 34-36، جملي اشعار 7 هزار، سن تاليف 1194هه. جنهن نسخي جو ذڪر ايليٽ جي فهرست نگار ڪيو آهي، اهو ئي ساڳيو نسخو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. پهريون شعر هي آهي: بـــنـــامِ جـــهـانــداور کــردگـار که بر قدرت اوست مختار کار آخري شعر اختتام جي تاريخ جو آهي. (20) ”نصاب البلغا “ - (1198هه): مير صاحب، ”قاموس “ جي طرز تي، هي ڪتاب نهايت عجيب و غريب ۽ انتهائي محنت ۽ تحقيق سان لکيو آهي. هيٺين چند عنوانن مان ڪتاب جي مواد جو اندازو ڪري سگجهي ٿو: (1) علم طب و متعلقات او، (2) اسماع اعضا، (3) اسباب غذا، (4) ذکر آب و زمين، (5) اجناس غله، (6) اقسام سبزي و بقول، (7) موسم کاشت، (8) ذکر لحوم، (9) ذکر شير و متعلقاتش، (10) عطريات و عقاقير، (11) طعام، (12) اقسام فواکه، (13) آلات و ادوات طبخ، (14) اقسام پلاء، (15) اصناف قليہ، (16) برياني وغيران، (17) اقسام آش، (18) اقسام کشک، (19) اقسام آچار (20) اقسام خاکينه، (21) اقسام حلويات و ماليده، (22) الوان نان، (23) اوقات طعام خوردن، (24) حيوانات پوستينه، (25) چرم دوزي و آلات آن، (26) لباس پشميني، (27) لباس نفيس پشمينه، (28) آلات ندف، (29) آلات جولاهي، (30) الوان اقمشه و اجناس آن، (31) صباغي و الوان آن، (32) اقسام کسوات، (33) پاپوشها، (34) اقسام متفرق جامها، (35) آلات درزي و کشيده کاري، (36) در عمارات، (37) درودگري، (38) الوان عمارت زمستاني وتابستان، (39) لوازم خانه، (40) حيوان خانه داري، (41) تجملات خانه از فروش و مراکق،ّ (42) دربيان طيور، (43) لوازم شهريت، (44) لوازم ترتيب شهر، (45) اهل حرفت (46) تجارت وبيع و شراع، (47) اسباب حڪومت و متعلقات آن، (48) مناصب و القاب عهده داران، (49) تسجيل و دفاتر، (50) ضوابط و قواعد در اسماء اصطلاحات، (51) الفاظ متعارفه، (52) تاهل وتناکح وتوالد، (53) آرايش عروس، (54) دامادي و صحبت، (55) لوازم مولود، (56) ابتداي حمل، (57) لوازم طفل (58) باز يهاي اطفال، (59) تعليم و تعلم اطفال، (60) اصطلاحات علوم، (61) شعر و شاعري، (62) آداب دبيري، (63) علم لغت، (64) قواعد مساحت، (65) ضوابط علم نجوم، (66) اسماي منازل ماه، (67) تقشيم منازل بر بروج، (68) سال عربي، (69) عدد ايام سال فارسي، (70) ماههاي بحساب شمس، (71) ماههاي سندي و نامهاي فارسي، (72) لوازمات سواري، (73) اسلحه حرب، (74) جانوران شکاري، (75) حيوانات (76) طيور خوردني وغيره آن، (77) تشرب و اقسام آن، (78) اوقات تشرب، (79) تغني و اوقات آن، (80) نغما اهل فرس، (81) بيان سي لحن، (82) نام سراينده و سازها، (83) نغمات اهل هند، (84) سياحت و سير، (85) صفت جبال، (86) لوازم بخار و مراکب، (87) جانوران آبي و اقسام ماهي، (88) حشرات موزي وغيرهم، (89) اشجار و نباتات، (90) اوقات و جهات و اماکنه. ڪتاب 185 صفحن جو آهي، باريڪ شڪسته خط اٿس، آخر ۾ مصنف لکيو آهي: ”کاتبه و مولفه روز خميس چهاردهم رجب 1198هه “ . ڪتاب جي مٿين عنوانن مان مير صاحب جي همه گير معلومات، تحقيق ۽ تجسس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مٿين عنوانن هيٺ نه فقط عنوانن سان متعلق معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، بلڪ انهيءَ سلسلي جي سموري لغت به ڏني وئي آهي ۽ محاورا به ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ خود سنڌيءَ جي ڪيترن متروڪ لفظن جو پتو پوي ٿو. انهيءَ ڪتاب جو واحد نسخو حـضرت مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي*. (21) ”مثنوي ختم السلوک“ - (1199هه): ”ختم السلوک“ مان سال تصنيف نڪري ٿو. هيءَ مثنوي تصوف جي سلسلي جي آهي. 286 صفحا، هر صفحي ۾ 15 شعر - مثنويءَ جو پهريون شعر آهي: من که باشم تا زنم دم از ثنا جون بلا احـصيٰ محمد زد ندا آخري شعر، جنهن مان سال تصنيف به برآمد ٿئي ٿو، هي آهي: هاتف اينجا ديد خوش کارم چو... سال وي گفتا بود ”ختم السلوک“ 1199هه انهيءَ مثنويءَ جو واحد نسخو، جيڪو مير مرحوم جي پنهنجي خط ۾ آهي. هن وقت ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. مير صاحب مثنويءَ جي پهرين ٽن صفحن ۾ مثنويءَ جي مضامين جي فهرسقِ ڏني آهي، جنهن کي اسان هت هيٺ نقل ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙ مثنويءَ جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ڪري سگهن. مقدمه دربيانِ علم قيام. مقاله دربيانِ معرفت حق سبحانه: در آنکه صحت عقل و رويت آيہء سبب معرفت است نه علت معرفت، اقوال شيخ در معني معرفت، معني معرفت، درخلاف نفس، معرفت نفس که علم بان علم بحق است، اقوال شيخ، کيفيتها ارتباط نفس بمعرفت الاهي، معرفت روح، وصف روح اعظم، دربيان آنکه آدم مظهر روح کلي ست. مقاله دربيانِ توحيد باري: اقوال شيخ، توحيد ايماني، توحيد علمي، توحيد حالي، اقوال شيخ، توحيد الاهي. مقاله دربيانِ تصوف: وجهه تسميه، تلقين، لقب صوفي، معني صوفي و متصوف، اقوال شيخ در وصف صوفي و متصوف. مقاله دربيانِ فقر: فقر و غنا، جواب و سوال ابن عطار و جنيد، اقوال شيخ، تقسيم محققان فقر. مقاله دربيانِ توبه: معني توبه و اقسام آن و خـصوصيہ، اختلاف اقوال شيخ در وصف و صحت آن، احوال و مقامات و ارکان توبه، چهار مقام توبه، پنج ارکان توبه، نتائج توبه و درجات آن. مقاله دربيانِ توکل: مواضع اطلاق توکل، اقسام رزق، علو توکل و متوکلان. مقاله دربيانِ صبر: انواع متعلق صبر، انواع صبر اقوال شيخ. مقاله در بيانِ شکر: مواضع شکر، اختلاف شيخ، معني شکر، انواع شکر، تبيين و قسم نعمت، و دو قسم شاکران. مقاله دربيانِ رضا: حقيقت رضا و قسمين آن، اقسام راضيان. مقاله دربيانِ حال و مقام: فرق بين الحال و المقام، اختلاف در دوام حال. مقاله در خوف و رجا: بيان قسمين خوف و و صف هر يک، وصف رجا و ارتباط آن بخوف. مقاله دربيانِ جمع و تفرقه، تفضيل جمع بر تفرقه. مقاله در سکر و المحو: تبين مقامات واحدين، اختلاف در فضل سکر و محو. مقاله في الغنا و البقا: تبين اقوال دران. مقاله در بيان غيب و شهود. مقاله در بيانِِ تجلي. مقاله دربيانِ محبت: اقوال شيخ. مقاله در بيانِ سماع و مايتعلق بہ: اباحت سماع شعر، اباحت اصوات، فوايد چند مخصوصه، اقوال شيخ، مراتب اهل سماع، في الوجد والوجود، اختلاف شيخ، در رقص و پاکوبي، خرق خرقه، آداب سماع. مقاله درلبس خرقه. مقاله دربيانِ اختلاف احوال مردمان وعد اقسام آن تبين مشتبهان. مقاله در بيانِ اهل ولايت. خاتمه متضمن تاريخ اختتام. ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا، ۽ هڪ خاتمو آهي. (22) ”طومار سلاسل گزيده“ - (1202هه): هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشاهير تصوف جي طريقت جا سلسلا بيان ڪيا ويا آهن. تاليف جو سال مٿئين نالي مان برآمد ٿئي ٿو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب ازحد ڪارآمد آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي سڳورن جي طريقت ۽ بيعت جو ڪهڙو سلسلو هو؟ مير صاحب هي ڪتاب وفات کان هڪ سال اڳ لکيو. جيئن هيٺ اچي ٿو. ڪتاب جو واحد نسخو، مصنف جي خط ۽ مهر سان، سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود آهي. (23) ”شجرهء اطهر اهلبيت“ -(1202هه): نالي مان تاليف جو سال نڪري ٿو. مير مرحوم مٿئين ڪتاب وانگر، هي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ تي وڏو احسان ڪيو، ليڪن افسوس آهي، جو ان جو نسخو تلف ٿي ويو، ۽ اڄ تائين دستياب ٿي نه سگهيو. ”معيار سالڪان طريقت“ جي ديباچي ۾ مير صاحب لکي ٿو: ”در سال دويم و فوازده صد هجري که آفتاب عمر برلب بام، و سبق حيات قريب باختتام، شصت و سه سال از عمر درفت، و امراض چند طبعيت را تفت، اول شجرهء اهل بيت سند وغيره بقدر دريافت نوشته، ثانياً طوماري در ذکر اسمء سلاسل گزيده طريقت بنگاشت: تاريخ اول ’شجرهء اطهر اهلبيت‘ ، و تاريخ ثاني ’طومار سلاسل گزيده‘ دست داده“ .* (24) ”معيار سالڪان طريقت“ -(1202هه): مصنف ”تحفـة الڪرام“ ۾ سنڌ جي سرسري تاريخ بعد، سنڌ جي بزرگن، مشاهيرن، صوفياءِ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو آهي. مصنف ان ۾ اصحاب تذڪره جي سال تولد، سال وفات يا سندن زماني جو تعين نه ڪيو آهي، جنهن جو کٽڪو معلوم ٿئي ٿو، ته مصنف کي به هو، ۽ اها ڪمي ۽ ڪوتاهي پاڻ به محسوس ٿي ڪيائين، جنهن ڪري وفات کان سال اڳ، هن مٿيون تذڪرو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي پنج سؤ بزرگن جو احوال بقيد سال يا بقيد زمانه لکي، ”تحفـة الڪرام“ جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيائين. مصنف ديباچي ۾ لکي ٿو: ”بالجمله عقده خاطر آن ماند، که مشائخ زمان بقيد و مکان و انتساب سلاسل و اصحاب ببيان آرد، اين رساله موجز حاوي آن مقصد شده، و تاريخش در اسم ’معيار سالڪان طريقت‘ مبراهن..... آنکه صريح وي بتحرير سال وفات معلوم نشد بهم عصران الحاقش کرده، و اگر در حقيقت مابين زيادتي و کمي ده بيست سال بوده باشد..... مقـصد آنکه گويند فلاني در زمانه فلان..... بوده، يا بفلاني صحبت کرده....“ جن جو نه سال معلوم ٿيو ۽ نه زمانو، انهن کي مصنف آخر ۾ آندو آهي. ڪتاب جو اختتام هيٺئين قطعي تي ٿئي ٿو: در مرز دل چو تخم ولانيک کشته شد آن رشته بسته گل بسرِِ گل ازان نهال بوده ولاي اهل ولايت مراد من بشد عروج عرش صفاسير اين سوار بالفعل آنچه گشت زقوتِِ ظهور آن در آتش مجاهدهء جمع اين کتاب تاريخ اين رساله براي عيار طبع خوش رشتـهء زريشـهء... رشته شد کز دست آبيار کرامات گشته شد جز ذ کرشان هر آنچه بلب بود شسته شد زان ره که ذکر هر ولي اينجا فرشته شد روز ازل بطينت طبعم سرشته شد بسيار روزگار روانم برشته شد ”معيار سالکان طريقت“ نوشته شد 1202هه خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط نسخو برٽش ميوزم (ADD.21،589) ۾ موجود آهي، جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان ’مئڪروفلم‘ نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي. مير صاحب مرحوم جي علمي انهماڪ ۽ ذوق جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ڏسجي ٿو، ته ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، جيتوڻيڪ مختلف بيمارين ڪري سندس صحت بيڪار ۽ بدن ضعيف ٿي چڪو هو، ان وقت به قلم هٿ مان نه ڇڏيائين، ۽ وفات کان هڪ ورهيه اڳ به، هڪ ئي سال ۾، مٿيان ٽي نهايت ئي قيمتي ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيائين. (25) ”روضته الانبيا“ : هن ڪتاب جي تصنيف جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. ٺٽي جي فهرست نگار، اهو ڪتاب به مير صاحب جي تصنيفات ۾ ڏيکاريو آهي. مير ”مائل“ جيڪا فهرست ”تحفـة الڪرام“ جي سر ورق تي لکي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪتاب نظم ۾ هو. ڪتاب جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي. (26) ”زينت الاخلاق“ : هن ڪتاب جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي. ڪتاب منظوم، ۽ نصائح ۾ آهي. (27) ”غوثيه“ : هن جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي. سلوڪ ۽ معرفت تي منظوم ڪتاب آهي. (28) ”قصاب نامه“ : هي به نظم ۾ آهي، مير ”مائل“ ان جو نالو لکيو آهي. (29) ”ميزان الافڪار“ : منظوم، سلوڪ ۽ معرفت ۾، مير ”مائل“ هن جو نالو فهرست ۾ ڏنو آهي. (30) ”تهذيب طباع“ : سلوڪ ۾ ڪتاب آهي. مير ”مائل“ جي فهرست ۾ ان جو نالو آيل آهي. (31) ”سرفراز نامه“ : پند و نصائح ۾ آهي. نالي جي مناسبت سبب خيال ٿئي ٿو، ته شايد هي ڪتاب مير صاحب، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي معنون ڪيو آهي، ۽ غالباً نظم ۾ آهي. (32) ”حديقة البلغا“ : مير ”مائل“ هن ڪتاب جي موضوع متعلق ڪجهه ڪونه لکيو آهي، نالي مان اندازو ٿئي ٿو، ته هي ڪتاب علمي آهي. (33) ”مثنوي ڪان جواهر“ : مير ”مائل“ هن جو به تفصيل ڪونه ڏنو آهي. (34) ”ميزان فارسي“ : ڀانئجي ٿو، ته صرف و نحو جي سلسلي جي تصنيف آهي. (35) ”رساله معما مع شرح“ : نظم و نثر. (36) ”لـُـب تاريخ ڪلهوره“ : مير ”مائل“ جي فهرست مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي ڪتاب به نثر ۾، ڪلهوڙن جي تاريخ تي آهي. گويا هي ٽيون ڪتاب انهيءَ موضوع تي آهي، جنهن جو پڻ نسخو تلف ٿي ويو. (37) ”بياض محڪ الشعرا“ : مير صاحب، قديم دستور مطابق، هن ڪتاب ۾، مقتدمين کان وٺي پنهنجي زماني تائين جي فارسي گو شاعرن جي هم طرح غزلن جو انتخاب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب جو خيال کيس ”محسن“ ٺٽويءَ جي انتخاب کي ڏسي آيو. خبر نه آهي، ته ڪتاب جي ڪيتري ضخامت هئي. ادبي بورڊ ۾ ٽي نامڪمل نسخا مير صاحب جي هٿ اکرين موجود آهن، جيڪي انهيءَ طرز تي آهن. ڪن ۾ غزلن جو انتخاب آهي، ۽ ڪن ۾ فقط اشارن جو. اهي بياض ”محڪ“ جا مختلف جزا آهن، يا ”محڪ الشعرا“ نالي ڪو ٻيو مڪمل ڪتاب هو. ان جي خبر ڪانه ٿي پئجي سگهي. (38) ”ديوان اشعار “ : مير صاحب جو ڪو به مڪمل ديوان ڪونه ٿو ملي. مير ”مائل “ جنهن ديوان جو حوالو پنهنجي فهرست ۾ ڏنو آهي، اهو غالباً ضايع ٿي ويو. (39) ”قصائد و منقبت “ : جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو “ آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾، مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيرهه لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ قصيدو ”لاميه “ 265 شعرن جو آهي، چند رباعيون به آهن، ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي. (40-41) مير ”مائل “ جي فهرست ۾، ٻن ٻين ڪتابن جا نالا به آهن، جيڪي سمجهه ۾ نٿا اچن. (42) ”انشاي قانع “ : سنڌي ادبي بورڊ ۾ مير صاحب جي انشا جو هڪ نامڪمل مجموعو، سندس پنهنجي خط ۾، موجود آهي. مجموعي جا جملي 32 صفحا آهن، صفحي جي سائيز ڪرائون آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ خوب عبارت آرائي ڪيل آهي، ۽ جابجا موزون شعر به ڪتب آندل آهن. چند شعر نمونتاً هيٺ ڏجن ٿا: بسيار صبح شد که نسيمي نمي وزد گربرتنِِ من زبان شود هرمو نشد که از سرما هجر دست بر دارد زتيع شوق تو هر عضو بسمل افتاد است زمانه دشمن و من بيزبان وقت زبون زديده دوري و از دل نمي روي بيرون قلم شکته تر است از زبان نميدانم زبان کس نتواند جهات شکرش را شکوه نقصان داشته فصل از ميان انداختم جنون بصف شکني عقل در صف آرائي سوادش نور بخش ديدهء حور عـــبــاراتــش چـو آبِِ زندگـــانــي ما شرمسار مانده ز قـفـصيرهاي خويش گر عظيم است از فرودستان گناه خواستم تا شرح شوقِ صحبتت سازم بيان ضـرورت اســـت و گــــرنــــه خــدائي ميداند اي گل مگر تو پاي صبا را شکسته اي يک شکر تو از هزار نتوانم کرد بهر ديار که رفتيم آسمان پيدا است مرا سفر برفيقان کاهل افتاد است اگرنه رحم کني کارمشکل افتاد است خدا بکس ننمايد وصال هجر آميز که شرح غم بکدامي زبان کنم تقرير اگر بهر نفسي صد چومن کند تقدير نرخ ارزان بود کالا در دکان انداختم دل کرانه طلب درميان تماشائي بياضش از فروغ صدق پر نور دور پيدا جواهر از معاني لطف توخود نمي نگرد خوب و زشت ما از بزرگان عفو کردن اعظم است ناشکيبا دلم رفت از کفم تاب وتوان که ترک صحبت ايشان نه اختيار من است طريقت جو سلسلو: مير صاحب جو خاندان مائل به تشيعت هو، چنانچه انهيءَ سبب ڪري نور الله شوستريءَ سندس ايراني بزرگن کي پنهنجي ڪتاب ”مجالس المؤمنين“ ۾ جاءِ ڏني. مير صاحب جي ”مختار نامه “ ، ”اعلان غم “ ، ”زبدة المناقب “ ، ۽ منقبتن خواه سلامن جي ڪثرت تعداد مان پڻ اهوئي اندازو ٿئي ٿو، ته سندس پنهنجي طبعيت به تشيعت ڏانهن مائل هئي، ۽ پاڻ کي جابجا خادم اهلبيت لکندو رهي ٿو، ليڪن ساڳئي وقت، سندس وسيع المشربيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو ڪيترن جاين تي، هن قسم جا اشعار تصنيف ڪري، پاڻ کي ٽن يارن سان به سرخرو ڪيو اٿائين: چو رافضي نکنم سرد دل به بغض کسي ز چهار يار درين دهر گرم محفل ماست نقـّود عجـب بما نشد ار صـاف رافضي که دل زگرد کينـهء اصحاب شسته ايم نه فقط ايترو، بلڪ سندس والد خواه سندس پنهنجي بيعت، طريقه نقشبنديءَ ۾ ٿيل هئي، چنانچه ”طومار سلاسل گزيده “ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والد جو سلسلو هن طرح ڏنو اٿائين: ’مير علي شير مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد پنهنجي والد حاجي غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ محمد اسماعيل جو، اهو مريد حضرت قيوم زمان محمد صبغة الله جو، ۽ اهو مريد خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثانيءَ جو. ’سندس والد مير عزت الله، مخدوم آدم (عرف مخدوم آدو) جي ڏهٽي ميان محمد * جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم (المتوفي 1138هه) نقشبنديءَ جو مريد هو، اهو مريد شيخ سيف الدين (برادر محمد معصوم) جو، ۽ اهو مريد پنهنجي ڀاءَ خواجه محمد معصوم ولد مجدد الف ثانيءَ جو.‘ اهڙيءَ طرح مير صاحب جي ناناڻڪي آڪهه مان، سيد رحمت الله عرف سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو، اهڙيءَ طرح مير صاحب جا ٻه ٻيا عزيز، سيد محمد ناصر ۽ سيد عبدالله (ولدان سيد نعمت الله شڪر الاهي) به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کان بيعت ڪيل هئا. اهڙيءَ طرح طريقت جي سلسلي جو تعلق، انهيءَ خاندان جو نقشبندين سان هو. مير صاحب جي والد، عزت الله، 1161هه ۾ انتقال ڪيو. مير صاحب جي عمر ان وقت ايڪيهن ورهين جي هئي. پاڻ هيٺئين تاريخ انهيءَ حادثي تي تصنيف ڪيائين: خــرد گفت تـــاريــخ ســـالِ وفـــات ”که پيوست با رحمتِ ايزدي“ - 1161هه بعد ۾ کيس معلوم ٿيو، ته منشي چتر ڀوڄ، قاضي محمد امين جي تاريخ وفات ”برحمت ايزدي پيوست“ (1160هه) مان ڪڍي آهي، ۽ کيس خيال ٿيو، ته معاصر مٿس سرقي جو الزام نه ڌرين، تنهن ڪري سندس قول مطابق ’منعم غيبيءَ‘ کيس هي نعم البدل عطا فرمايو: ”لله العزة وللرسل وللمؤمنين“ - 1161هه اولاد: مير صاحب کي 1160هه تائين، نرينو اولاد ڪونه هو. 1160هه ۾ پاڻ سورت ويو، جتي سندس ملاقات علامه سعد الله سورتيءَ سان ٿي. اهو بزرگ جيد عالم ۽ معقولات ۾ بي نظير هو، کيس ٻه پٽ هئا. مير عبد العلي ۽ مير عبدالولي. انهن ٽنهي نالن ۾ هيءَ رمز رکيل هئي، جو جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏ ڪبا ته ”علي ولي الله“ جو فقرو ٺهندو. مير صاحب کي اها ترڪيب نهايت پسند آئي، ۽ ارادو ڪيائين، ته جيڪڏهن مٿس به الله فضل ڪيو، ۽ کيس اولاد ٿيو، ته نالا انهيءَ ترتيب سان رکندو. انهيءَ واقعي جو ذڪر پاڻ به ”تحفـة الرڪرام “ (ج 2، ص23) ۾ ڪيو اٿائين، ۽ ” تحفـة الطاهرين “ جو مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي، جيڪو پڻ ان وقت سورت ۾ مقيم هو، ان سان به اهو خيال ظاهر ڪيائين، جنهن صاحب انهيءَ واقعي کي هيٺينءَ طرح نظم ڪيو: علي شير ”قانع “ حسيني که او يکي روز مي گفت با من به راز يکي را بخوانم غلامِِ علي که از اسم شان سال ميلاد شان ’علي ولي الله‘ از هر دو اسم بخاموش ماندم ازين گفتگو بدل گفتم آخر اگر عمر هست بسه سال آن هر دو پور گزين ولادت موافق باعداد نام تو اي ”اعـظما “ زيــن شگفتي مدار بود زبدهء آل خير البشر که ايزد ببخشد مرا دو پسر غلامِ ولي الله نامِِ دگر به پيشِِ سخن گرشود جلوه گر برآمد بوضع خوش و خوبتر که اين از کرامات باشد مگر شوم تجربه را يکي منتظر که ”قانع “ ازان داد سابق خبر خدا يش عطا کرد بازيب وفر کــه ايــن گـفـته ز الـهـام دارد اثــر* الغرض انهيءَ ارادي ۽ عزم کان پوءِ، کيس سڀ کان پهريون پٽ 1161هه ۾ تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام علي v رکيائين. نالي مان تولد جو سال برآمد ٿئي ٿو. 1163هه ۾ کيس ٻيو فرزند ڄائو، جنهن تي ”غلام ولي الله“ نالو رکيائين، جنهن مان به ڄم جو سال نڪري ٿو. مير صاحب جي آس پوري ٿي، اميد بر آئي. نه فقط تولد جا سال نالن مان نڪتا، بلڪ حسب خواهش نالي جي آخري جزن ملائڻ سان ”علي ولي الله“ جو فقرو به ٺهي ويو. مير صاحب کي ٽيون پٽ 1171هه ۾ ٿيو، جنهن جو نالو ”مير امير علي “ رکيائين. ميان غلام محمد ٺٽويءَ تاريخ ڪڍي ”در چمن جاه شگفته گلي “ - 1171هه، ۽ ميان محمد پناه ”رجا “ هيءَ تاريخ مجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني “ - 1171هه. مير صاحب جي خاندان جي هاڻوڪي جانشين مير حسن علي شاهه بن مير صابر علي ”صابر “ بن مير حسين علي ”ضيا “ بن مير صابر علي ”سائل “ بن مير غلام علي ”مائل “ وٽان جيڪو مون کي شجرو مليو، ان ۾ چوٿين پٽ جو نالو ”سيد ڪاظم “ لکيو ويو آهي، جنهن جي تصديق ٻئي ڪنهن ذريعي سان ڪانه ٿي. ازان سواءِ ٽئين پٽ جو نالو ”غلام حسين “ لکيل آهي، جنهن کي اسان مير امير علي جو عرف سمجهون ٿا. شاگرد: مير صاحب پنهنجي شاگردن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. ”مقالات الشعرا “ ۾ فقط ٻن شاگردن جو نالو کنيو اٿائين. هڪ پرسرام ”مشتري “ ، جنهن لاءِ لکي ٿو، ته ”پرسرام مشتري ڀاٽيو، ولد دوارڪاداس ابن سجان سنگ (اهي ٻئي صاحب مير ڪمال الدين احمد خان وٽ مير منشي هئا) مير محمود صابر جو هنديءَ ۾ شاگرد هو، فارسيءَ ۾ ”مشتري “ ۽ هنديءَ ۾ ”بيربل “ تخلص ڪندو هو، ۽ فارسيءَ ۾ مير قانع کان اصلاح وٺندو هو ( ”مقالات الشعرا“، ص29) اهو ذڪر ”مقالات “ ۾ آهي ۽ مير صاحب لکيو آهي ته ”درين وقت نامبرده مشق سخن مي کند “ . جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”مقالات “ جي تاليف (1169 تا 1174هه) وقت، ”مشتريءَ “ سندس شاگردي ڪئي. مير صاحب جو ٻيو شاگرد هو شيخ حسن بخش ”اظهر “ جيڪو اصل هندو هو، ۽ پوءِ پنهنجي والد جهوڙيمل سميت مسلمان ٿيو، ۽ سندس والد عبدالسلام نالو رکرايو. فارسي شعر جي اصلاح، اهو نوجوان به مير صاحب کان وٺندو هو. (مقالات الشعرا “ ، 40) مير ”مائل “ ، ”مجمع البلغا “ نالي جيڪو سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو لکيو هو، ان ۾ مير صاحب جي شاگردن جو مفصل احوال هن لکيو هوندو، ليڪن افسوس، جو اهو تذڪرو تلف ٿي ويل ٿو ڀانئجي، جنهن ڪري مير صاحب جي شاعرانه فيض جو اهو باب به تذڪري سان گڏ گم ٿي ويو. وفات: مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان چند سال، مختلف بيمارين ۽ جسماني نقاهت ۾ گذاريا، جنهن جو اشارو ”معيار سالڪان طريقت “ جي ديباچي ۾ ڪيو اٿائين. 1202هه ۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه هئي، بيماريءَ ۽ ڪمزوري هوندي به هو پنهنجي علمي مشغلي، شعر و سخن ۽ تصنيف تاليف ۾ مصروف رهيو، ۽ انهيءَ هڪ سال ۾ هن ٽي ڪتاب تيار ڪيا، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون. ايندڙ سال يعني 1203هه ۾، سندس انتقال 64 ورهين جي عمر ۾ ٿيو. افسوس آهي جو ايڏي عظيم المرتبت اديب، مورخ ۽ شاعر جي انتقال جي تاريخ ۽ مهينو ڪنهن محفوظ ڪونه ڪيو، ۽ نه سندس مزار تي ئي ڪنهن ڪتبو هنيو. تاڪ شڪر الاهي ساداتن جي قبرستان ۾، سنڌ جي انهيءَ محسن اعظم جي آخري آرام گاهه تي، اڄ ڪو عقيدت ڪيش پهچي، عقيده جي گلن ۽ محبت جي سلامن جي ورکا ڪري سگهي. آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليه الرضوان“مان انتقال جو سال برآمد ڪيو، ۽ مير مرحوم جي فرزند رشيد مير غلام علي مائل ”ابشره بالجنہ النعيم ابدا“ وفات جي سال لاءِ تجويز ڪيو. اهو زمانو، ٽالپرن جي پهرييءَ چوياريءَ جي فرمانروائيءَ جو هو، جنهن جو پڳدار مير فتح علي خان هو، ۽ ٻيا ٽي ڀائر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سندس شريڪ ڪار هئا، ۽ کين حڪومت هلائيندي ڇهه ورهيه ٿيا هئا. شڪر الاهي خاندان: انهيءَ خاندان جي بزرگن جهڙيءَ طرح ايران ۾ علم جو چراغ روشن رکيو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ به انهيءَ ڏئي کي اجهامڻ ڪونه ڏنو، ۽ خاندان جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم و چراغ، تيل وجهندو ۽ وٽ سوريندو رهيو. ڪم و بيش ساڍا ٽي سؤ ورهيه، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، انهيءَ خاندان جي روحاني ۽ علمي ضو فشانين مان منور ٿيندي رهي، جيڪو فرد پيدا ٿيڻ سو پنهنجي زماني جو فرد فزيد ثابت ٿيو. ڪن روحاني تعليم پکيڙي، ڪن دنيوي علومن جي اشاعت ڪئي، ۽ ڪن شعر و ادب ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو وطيرو بنايو. ”تحفـة الڪرام “ ۾، مير صاحب پنهنجي خاندان جو جيڪو اجمالي ذڪر ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪيترن بزرگن، نه فقط طريقت ۽ سلوڪ جا سجادا آراسته ڪيا، بلڪ خود مير صاحب کان اڳ ڪيترا اهڙا بزرگ به ٿيا، جن شعر و سخن، ادب خواه مذهبي علومن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. سيد شاهه ولي بن سيد ابو القاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪر الله ثاني، جيد عالم ۽ بيمثل انشا پرداز هو، مخدوم رحمت الله جو شاگرد ۽ ”تحفـة المجالس “ جو مصنف هو. انهيءَ بزرگ جو فرزند، مير سراج الدين ابوالقاسم، صاحب طرز شاعر ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ خاص مقام جو مالڪ هو. اهڙيءَ طرح سيد نظام الدين ثاني، بن سيد نور محمد ثاني بن سيد نظام الدين بن سيد شڪر الله ثاني، انهيءَ درجي جو صاحبِ ڪمال بزرگ هو، جنهن کي هتان گهرائي عالمگير بادشاهه ان وقت جي چونڊ علمائن جو جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ ”فتاويٰ عالمگيري “ مرتب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ ڪيو، جنهن لاءِ هر لحاظ سان سيد صاحب پاڻ کي اهل ثابت ڪيو. مير علي شير جي خود پنهنجي گهر، ڪيئي اديب، مصنف ۽ شيرين بيان شاعر پيدا ڪيا: سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا “ ، ميرٺاري خان جي درٻار جو ’ملڪ الشعرا‘ هو، ڪيترن ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير رانجهه “ جو مصنف هو. مير مرحوم جو ڀائٽيو مير عظيم الدين ”عظيم “ ، مير فتح علي خان جي درٻاري شاعرن جو سردار ۽ پنهنجي دور جو عظيم الشان شاعر هو، ديوان، ”مثنوي هير رانجهه “ ۽ ”فتح نامه “ سندس يادگار آهن. مير صاحب جو پنهنجو پٽ مير غلام علي ”مائل “ ، مير ڪرم علي خان جي درٻار جو شاعر ۽ وڏي فضل و ڪمال ۽ اوج اقبال جو صاحب هو. مير ”مائل “ کان پوءِ به سندس ٽي پيڙهيون شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون، يعني مير ”مائل “ جو پٽ مير صابر علي ”سائل “ ، ان جو پٽ مير حسين علي شاهه ”ضيا “ ۽ ان جو پٽ مير صابر علي ”صابر “ پنهنجي پنهنجي دور ۽ زماني جا ناليرا شاعر هئا. پوئين بزرگ کي تقريباً چاليهه ورهيه کن لاڏاڻي ڪـِـئي ٿيا، ۽ انهيءَ بزرگ تي نه فقط شاعريءَ جو سلسلو ختم ٿيو، بلڪ خاندان جي ٽن حدن وارين علمي ۽ ادبي روايتن ۽ ورثي جا به دروازا بند ٿي ويا. تلڪ الايام ندا ولهابين الناس * اهو نهايت ئي نادر تعميه آهي. مٿئين مصرع جا عدد 1191هه آهن. v مير بجار وزير اعظم هو، سندس شهادت جي تاريخ هن ريت آهي: از افسوس گفتا هاتفم ”مير شد از جمدر هندو شهيد“ 1 + 1193 - 1194هه ”بمحفل شهدا جلوه کرد مير بجار“ - 1194هه v مير شهاب الدين (خان بهادر، وزير الممالڪم عماد الملڪ عماد الدوله، نصرت جنگ، غازي الدين خان ثالث)، بن امير الامرا حافظ محمد پناه (عماد الملڪ، فيروز جنگ غازي الدين خان ثاني)، ابن مير قمر الدين (خان بهادر، نظام الملڪ آصف جاه اول، بانيء سلطني آصفيه - سندس تخلص ”نظام“ هو) 1195هه ۾ سنڌ آيو ۽ ڇاهتر سالن جي عمر ۾، 1215هه جو، انتقال ڪيائين. * نواب مومن خان جا عدد 846 ٿيا، ان ۾ گجرات جا 624 ملاقـءبا، ته 1470 ٿيندا، ڪفر جا 300 عدد وضع ڪبا، ته سال 1170هه برآمد ٿيندو. (مقالات الشعرا، ص154) ** مقالات الشعرا، ص287. * ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون، ايليٽ جي فائلن ۾، برٽش ميوزم ۾ موجود آهن. ميرصاحب جي ڪتبخاني جا ڪيترا ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ محفوظ آهن. * مٿين فهرست حضرت مولانا صاحب جن مرتب ڪري عزيزم آغا بدرالدين خان جي ذريعي مون ڏانهن موڪلي، جنهن لاءِ ٻنهي صاحبن جو سپاس گذار آهيان. * ديباچو ”معيار سالڪان“ - برٽش ميوزم. * پير محمد زمان لنواريءَ وارو به ساڳئي ميان محمد جو مريد ۽ مير عزت الله جو پير ڀائي هو. * بياض حسام الدين، ”تحفـة الڪرام“ نسخه لاهور (سر ورق بخط مير ”مائل“ ) v مير غلام علي ”مائل“ تي اسان جو مضمون ”مهراڻ“ (بهار - 1955) ۾ ڏسڻ گهرجي. بِسْمِ الله الرَّحْمــنِ الرَّحِيْمِ ڀاڱو پهريون ديباچو (مصنف طرفان) انهيءَ بيمثال، يگاني، سڀني ثنائن کان بلند ۽ مٿاهين جي تعريف کان پوءِ، جنهن هن نادان، واقف حـضرات جي خوشه چين کي”تحفة الڪرام“ جي ٻن جلدن جي تاليف ڪرڻ جي توفيق ڏني، پڻ انهيءَ ڪارن خواه ڳاڙهن (ساريءَ دنيا) ڏانهن موڪليل سردار جي نعت کان پوءِ، جنهن پنهنجي غلاميءَ جي فيض سان اڳين برگزيدن بزرگن جي احوالن جو ڳولائو بڻايو. واقف حضرات کي معلوم ٿو ڪرائجي، ته اڳئين خواه پوين جي ڪنهن به ڪتاب ۾، سنڌ جو ۽ خصوصاً ٺٽي جو، پورو ذڪر نظر نه آيو، حالانڪ حقيقت ۾ هيءَ مردم خيز زمين علم ۽ معرفت وارن سان سينگاريل آهي. انهيءَ ڪري، هن ڪوشش ۾ لڳس، ته مختلف ڪتابن مان گهربل مواد هٿ ڪري، تنهن سان ڪجهه معتبر خبرون ملائي، هڪ خلاصو جلد ]تيار ڪري[، دوستن جي محفل ۾ تحفي طور پيش ڪجي، من خير جي دعا سان ياد ڪن، ۽ اصلاح جي نظر کان پهلوتهي نه فرمائين! اگرچه، گهڻي وقت گذرڻ ۽ هن ميدان ۾ ڪنهن جي قدم نه رکڻ ڪري، مقصود کي پوريءَ طرح رسڻ ڏکيو آهي، تاهم نشانيءَ لاءِ خرار مان هڪ لپ ئي ڪافي آهي، جيڪي هٿ آيو سو آيو، ۽ هن کان پوءِ جيڪو زياده ڪندو، سو احسان جو لائق ٿيندو. ”قانع“ اين تازه راه دور دراز، هر کہ گردد دليل مقصداو، عاجزيءَ ۽ نياز پوري سان، جيڪو هن ڪم ۾ ڪجهه به ڏيندو ڏس، ميکند طي بگام عجز و نياز. باد در دامن نبي يد او! ٿو وٺان واٽ هيءَ ڊگهي اڄ مان، شل نبي پاڪ ٿيندو يار سندس! _______ مقدمو ولايت (سنڌ) جي تعريف ۽ سندس خـصوصيتن جي بيان ۾ ”سنڌ“ تي اهو نالو ’حام‘ بن نوح عليہ السلام جي پٽ، ’هند‘ جي ڀاءُ ’سند‘ جي نالي پٺيان پيل آهي. هيءُ سڄيءَ زمين جي ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم (ولايت) سندس اتر کان، ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگهي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجينءَ ولايت ۾ مشترڪ آهي. جيئن اڳتي تفصيل سان ايندو. پر هن جو گهڻو ڀاڱو ٻيءَ ولايت جي خط هيٺ آهي، تنهن ڪري مڪي مطهره ۽ مديني منوره جي پاڪ زمين سان هن زمين جو حقيقي قرب ثابت آهي. چون ٿا، ته آڳاٽي سمي ۾ سنڌ جي پسگردائيءَ جي ڪنهن جبل ۾ اُٺ گم ٿيو هو، جو ٽن ڏينهن کان پوءِ وڃي حجاز کان نڪتو ]2[ جنهن زماني ۾ محمد بن قاسم سنڌ جي جهاد تي آيو هو، تڏهن ]بغداد کان[ قاصد ستن ڏينهن ۾ ايندا ۽ واپس ويندا هئا. ظاهر ۾ ٿو ڏسجي، ته حادثن جي صدمن، جبلن ۽ سمنڊن جي گهاٽائيءَ سبب، اهو رستو بند ۽ گم ٿي ويو آهي.مڪران جو جبل سندس اولهه طرف، ۽ ڪيڪانان جو جبل ان جي حدن ۾ داخل آهي. فليس جو بيابان، جو ويهه فرسنگ (60 ميل) ڊگهو، ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ ڏکيائيءَ ڪري مشهور آهي، سو منجهس آهي، ۽ جو بحر محيط وٽ، جنهن کي بحر عمان به چوندا آهن، انتها ڪري ٿو. سنڌوندي، جا ڪشمير جي جبلن مان نڪري ٿي، ۽ ڪابل جي جبلن وٽان ٻي ندي به ساڻس ملي ٿي ۽ ملتان وٽ سيحون نديءَ سان ملي، اٽڪ سان شامل ٿي، سمنڊ ۾ پوي ٿي، تنهن جو پاڻي نهايت صاف ۽ روشن آهي، جو اونهاري ۾ نهايت ٿڌو هوندو آهي. سنڌ جي زبان ۾ ان کي ”مهراڻ“ چوندا آهن. مرزا حيدر، ”رشيديءَ“ لکيو آهي، ته ’ڏکڻ وارن جبلن مان جيڪو پاڻي ڏکڻ ڏانهن وهي ٿو، جهڙوڪ: نيلاب (نيلم)، بياس، چناب، لاهور ۽ سلطانپور واري ندي ۽ باجواره ندي، اُهو سمورو هندي سمنڊ ۾ پوي ٿو، ۽ سندس نالو ”سنڌو“ ندي آهي‘ . اڄ ڪالهه سنڌ جي درياءَ جو هيٺيون حـصو، جو هندستان جو لنگهه آهي، تنهن کي هن ملڪ ۾ هر جڳهه جدا جدا نالا ڏنل آهن، ۽ پنجاب تائين ڪيترا نالا اٿس. هن ملڪ جي زمين، آب هوا جي عمدگيءَ ۽ صبح ۽ شام جي لطف کان مشهور آهي. پنجاب جي طرف وارو مٿيون حصو گرميءَ، ۽ سمنڊ کي ويجهو ڀاڱو، اگرچ لٿي پٿي گرم آهي، ٿڌاڻ ۾ مخصوص آهي. سنڌ جي زمين مردم خيز آهي، ۽ سندس رهاڪو، ’مسڪينيءَ‘ ۽ لياقت ۾ ممتاز آهن. هتان علم ۽ يقين، فقيريءَ ۽ معرفت جا صاحب گهڻا پيدا ٿيندا رهن ٿا، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو. انشاءَ الله تعاليٰ. پراڻي زماني کان، سنڌ جي رهاڪن ۾ ڪي رسمون مشهور آهن، جي اگرچه جهالت جون عادتون آهن، تاهم جيئن ته عجيب آهن، تنهن ڪري انهن جو ذڪر ڪجي ٿو. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪنهن وڏي گناهه جي تهمت رکي ويندي آهي، تڏهن هو پاڻ کي پاڪدامن ثابت ڪرڻ لاءِ، وڏيءَ باهه مان ”سمندر“ (1) وانگيان پاڪ، ۽ حضرت خليل وانگيان بنا ڪنهن کٽڪي جي لنگهي ڏيکاريندو آهي. جيئن عنقريب ’مارئيءَ‘ ۽ ’سسئيءَ‘ جي احوال ۾ ايندو. گرم ڪوڏر جو هٿ ۾ کڻڻ جو رواج اڃا تائين جاهلن ۾ هلندو اچي، جنهن جو ڪجهه بيان ’مارئيءَ‘ جي ذڪر ۾ ايندو. اهو هن طرح ڪندا آهن، جو تهمتيءَ جي هٿ تي، وڻ جو سائو پن ڪچي ڌاڳي سان ٻڌي، پوءِ ڪوڏر گرم ڪري، ان جي مٿان رکندا آهن، ۽ هو ٻٽي وکون آهستگيءَ سان کڻندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته پن يا ڪچي ڌاڳي کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، پر جڏهن ڪوڏر زمين تي اڇلائي وئي آهي، تڏهن مٽيءَ کي ڀوڳڙين جي واريءَ وانگيان جوش ۾ آندو اٿس. يقيناً سچ جي برڪت آهي، نه ته اهڙيءَ باهه کان هٿ ڇو نٿو سڙي؟ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ معتبر ماڻهوءَ کان ٻڌو ويو ته ”هڪ زال، ٻيءَ زال جو ڪنگڻن جو جوڙو چورائي، انڪاري ٿي ويئي. جڏهن ڪوڏر کڻڻ جو وقت آيو، تڏهن اها مڪريل عورت، اهو ڪنگڻن جو جوڙو هڪ ڪپاهه سان ڀريل ڇليءَ ۾ وجهي، ائين ظاهر ڪندي ميدان ۾ آئي، ڄڻ ته ان وقت هوءَ انهيءَ ڪم (ڪتڻ) ۾ رڌل هئي. اچڻ سان اها ڇلي، فريادڻ عورت جي هٿ ۾ ڏنائين، ته ’مان جيستائين امتحان ڏيئي پورو ڪريان، تيستائين تون هيءَ جهلي بيهه‘ . پوءِ چيائين، هن ڳالهه جي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ، ته ’مون فلاڻيءَ جي ڪنگڻن جو جوڙو لڌو هو، مگر وري انهيءَ کي ڏنو اٿم، ڪوڏر کڻان ٿي‘ . ائين ڪرڻ سان هن کي ڪوبه ايذاءُ ڪونه آيو. جڏهن ته حق حق آهي، تنهن ڪري فريادڻ عورت غصي ۾ اچي، اها زنبيل کڻي زمين تي اڇلي، ۽ انهيءَ مڪريل عورت جي مڪر جو پڙدو ڦاٽي پيو.“ هڪ ڊگهي ڪاٺي اونهي پاڻيءَ ۾ کوڙي، تهمتيءَ کي چوندا آهن، ته ڪاٺيءَ کي وٺي، ٽٻي هڻي، پاڻيءَ جي تري ۾ وڃي ]3[ ويهي. هوڏانهن هڪ تير ڇوڙيندا آهن، ۽ هڪڙو ماڻهو وڃي اهو تير کڻي ايندو آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪاٺيءَ کي چوريندا آهن. جيڪڏهن تهمتي بيڏوهي هوندو آهي، ته انهيءَ وقت تائين ويٺو هوندو آهي، ۽ اشاري تي نڪري ايندو آهي، نه ته پاڻيءَ جي تر ۾ هرگز ويهي نه سگهندو آهي. هن ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪيتريون اٽڪلون، ۽ جنتر منتر جادوءَ طور چالو آهن. مثلاً: ٻئي جي مهيءَ مان مکڻ چورائي، پنهنجي مهيءَ ۾ آڻڻ. هڪ معتبر ڳالهه ڪئي ته ” آءٌ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ زال وٽ مهمان هئس، جنهن کي هڪ ڳئون جي کير جي مهي هئي. مکڻ ڪڍڻ جي وقت، باهه جي بهاني سان پاڙي واريءَ جي گهر ويئي، پاڙي واريءَ جي اڳيان مهيءَ جو وڏو ٿانو، مکڻ ڪڍڻ لاءِ رکيل هو. هيءَ زال اٽڪل ڪري موٽي آئي، ۽ پنهنجي هڪ ڳئونءَ جي کير جي مهيءَ مان ڏهوڻو مکڻ ڪڍيائين.“ ڪن جابلو ماڻهن ۾، جن کي ”مانسنگهه“ چوندا آهن، ”ڦڻيءَ“ جو علم(1) مشهور آهي. ڦڻيءَ جي تازن ليڪن مان هو جيڪي چاهيندا آهن، سو معلوم ڪندا آهن، جو صحيح واقعي جي موافق ظاهر ٿيندو آهي. ڳالهه ٿا ڪن، ته ”جابلو ماڻهن جو هڪ ٽولو، دشمن جي ڊپ کان لڏي ڪنهن جاءِ ڏانهن وڃي رهيو هو. ٿوري پنڌ کان پوءِ، هڪ ’مانسنگهه‘ ، ڦڻي ڏسي چيو، ته ’اسان جي پٺيان، حملي ڪرڻ لاءِ، هڪ فوج پهچي رهي آهي، ۽ حيلي کان سواءِ ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو.‘ پوءِ چيائين ته ’جيڪو پاڻي مـَـشـَـڪن ۾ هجيوَ، سو سڀ زمين تي هاري، انهيءَ جي وچان لنگهي وڃو‘ . اتفاقاً، دشمن جي فوج ۾ ٻيو ’مانسنگهه‘ ، ڦڻيءَ جي رستي هنن جي حالت معلوم ڪرڻ لڳو ۽ ڏٺائين، ته هو ’درياء‘ ٽپي ويا آهن، جنهن ڪري هو مايوس ٿي موٽي ويا، ۽ هي حيلو هنن جي آزاديءَ جو وسيلو ٿيو.“ هيءَ ته ٿوري ڳالهه آهي، پر هيءَ قوم، ڦڻيءَ جي رستي گهڻيون خبرون ڏيندي آهي. ٻه ٽي هٿ هڪ ٻئي ۾ گڏي، زمين تي کوليندا آهن، انهيءَ جي وسيلي ڳجهيون ڳالهيون معلوم ڪندا آهن. جگر کائيندڙ زالون (ڏائڻيون) هونديون آهن، جي پڻ غيب جي ڳالهين کان واقفيت رکنديون آهن. جيئن ’مرزا باقيءَ‘ جي احوال ۾ ظاهر ٿيندو. ”جوڳڻ“ جو علم، جو اڪثر زالن ۾ ظاهر ٿيندو آهي، راجا ڏاهر جي قصي ۾ ان جي سچائي ظاهر ٿيندي. ”ورتيه“ نالي هڪ قوم آهي، جيڪي گداگرن جي صورت ۾ ڦرندا وتندا آهن. هي دل جون ۽ گذريل ڳالهيون ٻڌائي، ماڻهن کي ٺڳيندا آهن، ۽ ايندڙ ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جيڪي گهٽ واقع ٿينديون آهن. پير سڃاڻڻ جي فن ۾، ڪي ماڻهو اهڙا ته ماهر آهن، جيڪي صرف پير جي نشان مان مرد، عورت، پنهنجي يا پرائي جو فرق معلوم ڪندا آهن، ۽ جبل خواه ميدان ۾ پير نه وڃائيندا آهن، بلڪ گهڻو ڪري پاڻيءَ مان به نشان سڌو ڪڍي ويندا آهن. ڪڇ جي سر زمين ۾ هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪي تتر جي آواز مان چڱائي يا برائي معلوم ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح، ٻين پکين ۽ حيوانن جي خاص جاين تان نڪرڻ مان به برائيءَ ۽ ڀلائيءَ جي خبر ڏيندا آهن. هڪ شخص ڳالهه ڪئي، ته ”هڪ جماعت سان گڏيو ٿي ويس، ته اوچتو هڪ ماڻهوءَ چيو، ته ’توهان ڀلي پويان اچو، آءٌ تڪڙو ٿو وڃان، ڇاڪاڻ ته پکين جي آواز مان، گهر ۾ مهمانن جي اچڻ جي خبر پوي ٿي، ۽ فلاڻو عزيز هن وقت فوت ٿي ويو آهي‘ آخر ائين ئي هو، جيئن هن چيو هو.“ (اهڙيءَ ريت) هن ولايت جا ڪي عجائب، ايندڙ بيان جي ضمن ۾ پنهنجين جاين تي مذڪور ٿيندا. خاتمي ۾ جبل جا عجائبات بيان ٿيندا. جيئن، ته وڏن ڪتابن ۾ فقط نالن ۽ واقعات جي بيان تي اڪتفا ٿيل آهي، تنهن ڪري هتي ڪجهه مشهور حالات جو مختصر طور اضافو ڪجي ٿو، ته جيئن انهيءَ احوال جي مقابلي ۾، هڪ خاص [4] طرز معلوم ٿئي. مخفي نه رهي، ته اڳيان سنڌي ماڻهو جيئن ته فارسي زبان کان ناواقف هئا، تنهن ڪري ملڪ ۽ بادشاهن جي احوال ۾، ڪو به ڪتاب وجود ۾ ڪونه آيو. مگر سال 613 هجري ۾، اُچ جو ويٺل، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، هن ”ماٿريءَ“ ڊوڙي (هي خيال رکي)، بکر ۽ الور جي شهر ۾ اچي پهتو، ۽ اچي عرب جي پسمانده خاندانن جي بزرگن کي ڏٺائين ۽ پڇا ڪيائين، ته جيئن کيس اسلام جي فتح جو سچو پچو احوال معلوم ٿي سگهي. نيٺ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي کي وڃي هٿ ڪيائين، جنهن بزرگ وٽ عربي زبان ۾ هڪ مسودو ڏٺائين، جو سندس وڏن سنڌ ۽ سنڌ جي فتح جي واقعن جي تفصيل متعلق لکيو هو، ۽ انهيءَ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مير محمد معصوم بکريءَ، ۽ تنهن کان پوءِ مير محمد طاهر نيسانيءَ، اڪبر ۽ جهانگير جي زماني ۾ تصنيفون ڪيون. ساڳيءَ طرح ”ارغون نامو“، ”ترخان نامو“ ۽ ”بيگلر نامو“ پڻ لکيا ويا. ان کان پوءِ جا حالات، ڪنهن به بيان ڪونه ڪيا آهن. هنن ڪاغذن جو ڪارو ڪندڙ (مصنف)، الله تعاليٰ جي تائيد ۽ توفيق سان پنهنجي وقت تائين (موجود ٿيل) متفرق ڪتابن مان چونڊ ڪرڻ جي وسيلي ]نئين سر هن ميدان تي[ وک وک کڻي ٿو، ۽ ڪن تازن احوالن جي تحقيق بابت ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو. اميد ته عام خواهه خاص ماڻهن کي ]سندس اهو سفر[ پسند پوندو. ”رب يسر وتمم بالخير“ (اي موليٰ آسان ڪر، ۽ خير سان پورو ڪر!) _______ ]باب پهريون[ راءِ گهراڻو ڄاڻڻ گهرجي ته مٿي لکيل موجب، جڏهن سنڌ جو ملڪ، ”سنڌ“ جي نالي پٺيان سڏيو، ۽ ان ڏانهن منسوب ٿيو، ته هن جو اولاد، هڪ ٻئي پويان انهيءَ ملڪ ۾ حڪومت ڪندو رهيو، ۽ انهن مان ڳاڻيٽي کان ٻاهر قومون پيدا ٿيون، جن جو ڪتابن ۾ بيان ڪونه ٿيو آهي. مثلاً: ’نبيہ‘ (1)، ’تاڪ‘ ۽ ’موميد‘ (2) قومون، واري واري سان حڪومت ڪنديون رهيون. انهن جو تفصيل پڻ معلوم نه ٿي سگهيو. تنهن ڪري، پوئين ۾ پوئين طبقي ”’راءِ‘ گهراڻي“ جي بيان کان شروع ٿو ڪجي، تنهن کان پوءِ ٻين قومن جو بيان ڪيو ويندو. هنن جو تختگاهه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون، اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، ڏکڻ کان سورت بندر ۽ اُتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان تائين هيون. جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي ابتدا پڪيءَ طرح معلوم نه آهي، تنهنڪري جيڪي نالا معلوم ٿيا آهن، انهن جي ٿوري بيان تي اڪتفا ڪجي ٿي. ”راءِ ديوائج“ عاليشان بادشاهه هو. مٿين حدن ۾، سندس حڪومت مستقل طور هلندڙ هئي. هندستان جا سڀ بادشاهه، سندس مخلص ۽ خيرخواه هئا. ڄاڻو ڪامورن جي هٿ هيٺ ساري ملڪ ۾ ڪاروبار دل گهرئي نموني ٿي هليو. سندس مرڻ تي، هن جو پٽ ”راءِ سيهرس“، تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو، ۽ پيءُ واري رستي تي گهڻو وقت عيش ۽ آرام ۾ زندگي گذاري، تخت کان تختي (غسل ڏيارڻ جو تختو) ڏانهن روانو ٿيو (مري ويو). کانئس پوءِ، سندس ناليري فرزند ”راءِ ساهيسيءَ“ حڪومت جي گاديءَ ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي مرادون ماڻي، ڪيترو عرصو گذاريو ۽ وڏن واريون رسمون چڱيءَ طرح جاري رکيون. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ ”راءِ سيهرس ’ٻيو‘ “ جاءِ نشين ٿيو. هن تي نيمروز جي بادشاهه ڪاهه ڪئي. انهيءَ خبر ٻڌڻ شرط، هن ڪيچ جي حدن وٽ سندس سامهون ٿي]5[، لڙائيءَ جو ميدان سينگاريو. صبح کان منجهند تائين جنگ جي باهه ڀڙڪندي رهي. اوچتو سندس نڙيءَ ۾ تير وڃي لڳو ۽ ساهه ڏنائين. نيمروز جو بادشاهه، سندس لشڪرگاه لٽي پوئتي موٽي ويو. سيهرس جي لشڪر گڏ ٿي، سندس پٽ ساهيسيءَ کي تخت تي وهاريو. ”راءِ ساهيسي ’ٻيو‘“، وڏن کان به وڌيڪ وڻندڙ عادتن جو مالڪ هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهيءَ جي حدن جو بندوبست ڪري، تختگاه ۾ آرام سان رهڻ لڳو ۽ ڍل جي عيوض رعيت کي ڇهن قلعن: اُچ، ماٿيلو، سيورائي، مؤ، الور ۽ سيوستان جي زمين، مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڏنائين. چون ٿا، ته هن وٽ ”رام“ نالي هڪ سيڪريٽري، ۽ ”ٻڌيمن“ نالي هڪ وزير هو. هڪ ڏينهن ”سيلائج“ نالي هڪ مشهور برهمڻ جو پٽ، ”چچ“ نالي، رام سيڪريٽريءَ وٽ لنگهي آيو. سندس صحبت کان سيڪريٽري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس وزير تائين پهچايائين. اتفاقاً، چچ جي خاص ملازم بنجڻ کان ٿورو وقت پوءِ، وزير بيمار ٿي پيو، ۽ هوڏانهن، ٻاهران آيل ڪن خطن جي پڙهڻ لاءِ، راءِ جو سڏ ٿيو، جيئن ته (وزير) انشاء جي فن ۾ چچ جي ڪامل مهارت ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري هن کي پنهنجي پاران موڪليائين. راجا محلات ۾ اندر هو، ۽ چچ کي اندر سڏيائين. راجا جي زال، راڻي ”سوهنديءَ“ پڙدي ۾ وڃڻ گهريو، پر ساهسيءَ چيو، ته برهمڻ کان ڪهڙو پڙدو آهي؟ (1) ۽ برهمڻ (چچ) جي اندر اچڻ کان پوءِ، ساهسي هن جي فصاحت بلاغت کان ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس جوابن لکڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ جڏهن راجا وٽ سندس انشاء پردازيءَ ۾ ڪمال ثابت ٿيو، تڏهن حڪم ڪيائين، ته ”اڄ کان پوءِ پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو کيس ڏنو وڃي، جيئن محلات ۾ اندر اچي ضروري سوال جواب ڪندو رهي. “ انهيءَ وچ ۾ راڻيءَ جي دل چچ ڏانهن مائل ٿي، وڃي بي اختياريءَ جي حد کي پهتي، وصال لاءِ ڪيترائي پيغام موڪليائين، پر چچ نه قبوليا. نيٺ چچ جو ڪاروبار ترقي ڪري ويو، ۽ ننڍا وڏا، سندس احسان ۽ قابليت جا ممنون ٿي پيا. اتفاقاً، بخت جي ياوريءَ سان، راءِ ساهسي موت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو، ته ”راءِ جو حال اجهو اهو آهي، کيس ڪو به فرزند ڪونه آهي، ضرور سندس مائٽ ملڪ جا وارث ٿيندا، جي توکي ۽ مون کي ڪين ڇڏيندا، ]تنهن ڪري ارادو اٿم[ ته ڪو حيلو هلايان، جيئن راجائي توکي ملي وڃي.“ چچ جي قبول ڪرڻ تي، راڻيءَ اميرن کي پيغام موڪليو، ته ”راءِ ساهيسيءَ کي ڪجهه افاقو ٿيو آهي، ليڪن ٻاهر نڪرڻ جي طاقت ڪانه اٿس. هوڏانهن ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، جو ملڪن جو سوال جواب مهمل رهندو ٿو اچي. تنهن ڪري هن وقت حڪم ڪيو اٿس، ۽ پنهنجي مهر چچ جي حوالي ڪئي اٿس، ته سندس پاران تخت تي ويهي، نائب جي حيثيت ۾، ملڪ جو ڪاروبار هلائي. توهان سڀ حاضر ٿيو.“ حڪم جي تابعداري ڪري، سڀني اميرن ۽ مکيه ماڻهن حاضر ٿي چچ جو سلام ڪيو، ۽ ]سندس اڳيان[ گوڏا کوڙيا. جلد ئي ساهيسي ]6[ گذاري ويو. راڻيءَ پهريائين، ته اهو بندوبست ڪيو، جو سندس مڙس جي وفات جي خبر ڪنهن کي به ڪن ڪانه پيئي. پوءِ ]راءِ جي[ انهن ويجهن عزيزن کي، جيڪي ملڪ جا دعويدار هئا، هڪ هڪ ڪري وصيت جي بهاني سان گهرائي قيد ڪيائين، تنهن کان پوءِ مسڪين مائٽن کي گهرائي چيائين ته ”ملڪ جي دعويدار سردارن کي، توهان لاءِ قيد ڪيو اٿم، توهان مان هر هڪ کي گهرجي، ته قيدخاني ۾ وڃي، جنهن کي پنهنجو حريف سمجهي، انهيءَ کي ڪـُـهي ڇڏي، ۽ وڃي سندس گهر تـَـڙ ۽ عهدي تي متصرف ٿي، چچ جي تابعداري قبول ڪري، جيئن کيس سموريون مرادون حاصل ٿين.“ سـُـڃن مائٽن، هن کي غنيمت سمجهي، هڪدم ائين ڪيو. تنهن کان پوءِ هر هڪ کي گهرائي، نوازي، چچ جي حوالي ڪيائين، ۽ مڙس جو لاش ٻاهر ڪڍي ساڙيائين. هنن مٿين پنجن راجائن جي حڪومت جو عرصو، هڪ سؤ ستٽيهه سال لکيو اٿن. تنهن کان پوءِ برهمڻن جي حڪومت شروع ٿي. ______ ]باب ٻيو [ برهمڻ (حاڪمن) جو طبقو انهن مان پهريون، ”چچ بن سيلائج هو. چچ جنهن وقت مٿئين نموني سان ملڪ جو پهريون وارث ٿيو، تڏهن راڻيءَ جي چوڻ موجب خزانن جو دروازو کولي، عام خاص ماڻهن کي احسان جي دام ۾ ڦاسايائين، اتي راڻيءَ، هن جو ڪم خاطريءَ جهڙو ڏسي، مکيه برهمڻن ۽ اميرن کي سڏي چيو، ته ”مون کي چچ تي حلال ڪريو“ (1)، جنهن تي هنن دستور موجب هن کي چچ جي نڪاح ۾ آندو. هيءَ خبر ٻڌي، ساهسيءَ ]راءِ[ جو هڪ عزيز، ”راڻو مهرت“چيتوري(2)، بيشمار لشڪر وٺي اچي جيسلمير(3) وٽ پهتو، ۽ چچ ڏانهن خط لکيائين، ته ”برهمڻن جو حڪومت ۽ بادشاهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ توکي پاڻ تي رحم ڪري، حڪومت تان دستبردار ٿيڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان، توکي تنهنجي اڳئين عهدي تي قائم رکيو ويندو.“ چچ مونـجهو ٿي راڻيءَ وٽ ويو، ۽ وڃي چيائينس ته ”طاقتور دشمن اچي پهتو آهي، هاڻي ڪهڙي صلاح آهي؟“ راڻي چيو، ”جنگ جي صلاح مرد ڄاڻندا آهن. جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي ويهي رهين، ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي مون کي ڏين، ته آءٌ وڃي ٿي دشمن کي منهن ڏيان.“ ]هيءُ ٻڌي[ چچ شرمندو ۽ متاثر ٿيو، تنهن تي راڻيءَ دلداري ڏيئي چيس، ته ”خزانو تنهنجي هٿ ۾ آهي، فتحمند ٿيڻ لاءِ نئين سر لشڪر جون دليون وٺ“. چچ هڪدم لشڪر تيار ڪرڻ کي لڳي ويو، ۽ بيشمار پئسو خرچ ڪري تيار ٿيو. ايتري ۾ راڻو مهرت اچي ’اروڙ‘ جي پسگردائيءَ ۾ پهتو. جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون، تڏهن راڻي مهرت اڳتي وڌي اچي چيس، ته ”لڙائي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي، پوءِ ]ٻي[ دنيا ناحق ڇو برباد ٿئي؟ اچ ته ٻئي پاڻ ۾ زور آزمايون“. چچ جواب ڏنو ته ”مان برهمڻ ماڻهو آهيان، سوار ٿي جنگ ڪرڻ ڪانه اچيم، ]گهوڙي تان[ لهه ته مقابلو ڪريون“. راڻي مهرت گهوڙي کي ڇڏي ڏنو. ]هوڏانهن[ چچ پنهنجي سـَـيس کي چيو، ته ”آهستي آهستي، گهوڙو مون وٽ پهچائج“. راڻو مهرت هن ٺڳيءَ کان ناواقف هو، سو گهوڙو ڇڏي، اچي سامهون ٿيو. چچ ڦڙتائيءَ سان گهوڙي تي چڙهي، هڪ ئي ڌڪ سان دشمن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. راڻي جو لشڪر شڪست کائي، ڦرجي پوئتي موٽيو، ۽ چچ فتحمند ٿي اروڙ ڏانهن آيو. هيءُ واقعو هجرت نبوي عليه الصلواة والسلام جي پهرئين سال جي لڳ ڀڳ آهي. قصو ڪوتاه، راڻي مهرت تي فتح پائڻ کان پوءِ، چچ، ٻڌيمن وزير سان صلاح ڪري، پنهنجي ڀاءُ چندر کي نائب طور اروڙ ۾ وهاري، پاڻ ]ملڪ جي[ حدن مقرر ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو. سيوستان جي حاڪم ”متي“، سندس ]7[ اطاعت قبول ڪئي. برهمڻ آباد جي حاڪم ”اگهم“ لوهاڻي، سندس اڳيان سرتسليم خم ڪيو(1). ’سويس‘ عرف ’سيويءَ‘ جي قلعي جي حاڪم، ”ڪبي بن ڪاڪي“ چني(1)، جنهن جي تختگاه جو نالو ”ڪاڪا راج“ هو، تنهن پڻ سويس قوم سميت تابعداري اختيار ڪئي. آخر چاليهه سال ڪاميابيءَ سان پورا ڪري گذاري ويو. کانئس پوءِ هن جو ڀاءُ، ”چندر بن سيلائج“ سندس قائم مقام ٿيو. سيوستان جي حاڪم متيءَ، قنوج جي راجا وٽ وڃي چيو، ته ”چچ مري ويو آهي ۽ سندس ڀاءُ سندس جانشين ٿيو آهي. جيڪڏهن توهان توجهه ڪندا، ته ملڪ آسانيءَ سان هٿ اچي ويندو.“ ]اهو ٻڌي[ هن پنهنجو ڀاءُ ”بسايس“ ساڻس گڏي روانو ڪيو. چندر هن خبر ٻڌڻ سان، دشمن جي مقابلي لاءِ ضروري تياري ڪئي. بسايس ۽ متو ڪجهه وقت ملڪ ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙيا، اروڙ تي حملو ڪري حيلا هلايائون، پر آخرڪار چارو نه ڏسي، صلح ڪري موٽي ويا (2) چندر جي ڪاروبار تقويت ورتي. هو ست سال حڪومت هلائي، اٺين سال گذاري ويو. انهيءَ کان پوءِ سندس ڀائـٽيو، چچ جو پٽ ”ڏاهر“ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ”ڏهرسين“ کي، پنهجي پاران برهمڻ آباد موڪليائين، جو وڃي اتي رهيو(3). هڪ ڏينهن نجومين کان طالع بابت پڇا ڪيائين، جن چيس ”ته تنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي طالع ۾ ڪابه نحوست ڪانه آهي، البت توهان جي ڀيڻ جي ويڏي، اهڙي ماڻهوءَ سان پڙهبي، جو اروڙ ۽ ملڪ جو وارث ٿيندو“. تنهن ڪري هن، ملڪ جي کسجي وڃڻ جي خوف کان، حيلو ڪري، ڀيڻ پنهنجي نڪاح ۾ آندي، پر مباشرت (همبستري) کان پاسو ڪندو رهيو. سندس ڀاءُ ڏهرسين، هيءَ خبر ٻڌي ڪاوڙجي حملو ڪيو، پر اوچتو اروڙ ۾ پهچڻ تي ڦرڙين جي بيماريءَ وگهي گذاري ويو. ڏاهر هن کي ساڙي برهمڻ آباد ويو، ۽ سندس زال، جا اگهم لوهاڻي جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. هڪ سال اتي رهي، ڏهرسين جي پٽ چچ کي مقرر ڪري اروڙ ۾ آيو(1)، ۽ اروڙ جو قلعو، جو هن جي پيءُ چچ اڌورو ڇڏيو هو، تنهن جي تعمير ڪرايائين، ۽ ]پنهنجو اهڙو[ دستور العمل بنائي ڇڏيائين، جو سياري جا چار مهينا برهمن آباد ۾ گذاريندو هو، ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو(2). اهڙيءَ طرح اٺ سال گذاريائين، ۽ آهستي آهستي ملڪ جو ڪاروبار دل گهرئي نموني تي ضابطي هيٺ آيو. انهيءَ کان پوءِ مشرقي حدن جو سير ڪري، ڪشمير جي حد تي سرحد جي نشانن واسطي، سرو جا ٻه وڻ وهاري موٽي آيو(3). علافي عربن جي ]ڏاهر سان[ ملڻ جو احوال خبرن جي راوين هن طرح بيان ڪيو آهي، ته ”عبدالملڪ بن مروان“ جي خلافت جي زماني ۾، جڏهن ”حجاج“ ٻنهي عراقن(4) جي حڪومت حاصل ڪري، سنڌ ۽ هند ۾ اک وڌي، ۽ ”سعيد“ کي مڪران موڪليو، تڏهن هن (سعيد) اچي ”سفهوي بن لام“ حماميءَ کي قتل ڪيو، جنهن تي ”بني اسامہ“ (1) قبيلي جي عربن مان ”عبدالله بن عبدالرحيم“ ۽ ”محمد بن معاويه“ پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ’سعيد، سفهويءَ(2) کي، جو اسان جي ڪٽنب ۽ طرف جو هو، ناحق ڪـُـٺو آهي]8[، تنهنڪري اتفاق ڪري انهيءَ جي پاڙ پٽڻ گهرجي‘ . انهيءَ فيصلي تي بغاوت ڪري، سعيد کي ماري مڪران تي متصرف ٿيا، پر ٿوري وقت کان پوءِ ڊڄي خراسان ڀڄي ويا. جڏهن ”مجاعہ بن سعر“ ، خراسان فتح ڪرڻ لاءِ ڪرمان آيو، ۽ ”عبدالرحمان بن اشعث “ کي ]اڳڀرو[ روانو ڪيائين، تڏهن علافي هن کي رستي ۾ ڪـُـهي، سنڌ ڏانهن ڀڄي ويا، ۽ اچي ڏاهر وٽ پهتا. ڏاهر هنن کي، حڪومت جي ڪاروبار لاءِ غنيمت سمجهي، پاڻ وٽ رکيو. مٿيان علافي، ”محمد بن قاسم“ جي اچڻ ۽ سنڌ فتح ٿيڻ تائين اتي هئا، ۽ آخر امان نامون حاصل ڪري، اچي محمد بن قاسم سان مليا(3). قصو مختصر - هندستان جي ڪن بادشاهن، ڏاهر جي استقلال جي خبر ٻڌي، پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ’ڏاهر جي هن طرف رخ ڪرڻ کان اڳ ۾، لشڪر وٺي ڏانهس وڃڻ گهرجي، ممڪن آهي، ته سندس ملڪ پڻ هٿ اچي وڃي‘ . نيٺ راجائن جي صلاح سان، قنوج جو والي راجا ”رنمل“ لشڪر وٺي، ڏاهر تي ڪاهي ويو، ۽ وڃي اروڙ وٽ پهتو، راجا ڏاهر دشمن جي مقابلي کان عاجز ٿي، ٻڌيمن وزير سان صلاح ڪئي، هن چيس ته ”جنگ جو فن، عرب چڱيءَ طرح ڄاڻن، تنهن ڪري اهو بار انهن تي رک“. ڏاهر سوار ٿي اچي محمد علافيءَ کان مدد گهري. علافيءَ وراڻيو، ته ”تون دلجاءِ ڪري لشڪر ٻاهر ڪڍي، هڪ فرسنگ (ٽي ميل) ]جي مفاصلي[ ۾ هڪ اونهي کاهي کوٽي، انهيءَ کي ڪکن سان ڍڪڻ جو حڪم ڪر. جيئن آءٌ جيڪو به ويچار ڪريان، تنهن جو نتيجو مدعا موجب نڪري“. نيٺ جڏهن راجا ڏاهر اهڙيءَ طرح ]ڪم[ تيار ڪيو، تڏهن محمد علافيءَ سنڌين ۽ عربن مان پنج سؤ چونڊ ماڻهو پاڻ سان وٺي، راجا رنمل جي لشڪر تي راتاهو ڏنو. سپاهي، بيخبريءَ جي حالت ۾ ننڊ مان جاڳي، ]پهريائين ته[ پاڻ ۾ جنبي ويا، ۽ پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪيائون. اتي پرهه ڦٽڻ وقت، محمد علافيءَ کين ڏيکاري ڏيئي، ڀڄڻ جو نمونو اختيار ڪيو. هنن سمجهيو، ته اسان تي هيءَ مصيبت، هن ٿورڙيءَ جماعت آندي آهي، سو وٺي سندن پويان پيا ۽ وڃي کاهيءَ ۾ ڪريا. هاڻي ڏاهر پنهنجي فوج سميت سوار ٿي، ڪٺلن جي علاوه اسي هزار مرد ۽ پنجاهه هاٿي قيد ڪري، ٻڌيمن وزير جي صلاح تي مڙني کي آزاد ڪري ڇڏيو(1). جنهن صورت ۾، هيءَ فتح ٻڌيمن جي صحيح رهنمائيءَ ڪري ٿي هئي، تنهن ڪري ڏاهر مٿس ڏاڍي نوازش ڪري، سندس استدعا موجب، ”تنڪہ“ (1) جي هڪ طرف تي سندس نالي چٽڻ جو حڪم ڏنو. هن فتح کان پوءِ، ڏاهر جو ڪم تمام زور وٺي ويو، ۽ کيس سڀني آس پاس جي بادشاهن تي غلبو حاصل ٿيو. انهيءَ غرور ۾ سندس سرڪشي ۽ هٺ وڌندو رهيو، ۽ پنجويهه سال ٻيا به سرڪشيءَ سان حڪومت هلايائين، جنهن جو نتيجو حڪومت جي زوال جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جو بيان ٻين سببن سميت مذڪور ٿيندو. سرانديپ جي ٻانهين جي قيد ٿيڻ جو احوال چون ٿا، ته سرانديپ جي بادشاه، ”يواقيت“ جي ٻيٽ(2) مان، خليفي ۽ حجاج لاءِ ڪي حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، گهڻن قيمتي جواهرن ۽ عجيب ]9[ جنسن سان گڏ، ]پنهنجن[ اعتماد جوڳن ماڻهن هٿان اٺن ٻيڙين ۾ چاڙهي روانا ڪيا هئا. اتفاقاً عربي سمنڊ ۾ طوفان لڳڻ ڪري، اهي ٻيڙيون اچي ديول بندر کان نڪتيون. ديول جي رهاڪو ’نڪامره‘ قوم جي چورن، انهن سڀني کي گرفتار ڪيو. سرانديپ جي بادشاهه جي خاص ماڻهن، کين ڏاڍو سمجهايو، ته هي مسلمانن جي خليفي جون سوکڙيون آهن، مگر هنن قبول نه ڪيو، ۽ چيائون، ته ”توهان جو ڪو واهرو آهي، ته پاڻ کي وري خريد ڪريو“. انهيءَ ٽولي ۾ ڪي مسلمان پاڪدامن عورتون پڻ، حج ۽ دارالخلافت ۽ حجاج جي زيارت ڪرڻ جي خيال سان، اچي مليون هيون، تن مان ’هڪ بني عزيز‘ قبيلي جي عورت، ٽي دفعا بلند آواز چيو: ”اغثني يا حجاج“ (اي حجاج منهنجي واهر ڪر!) هيءَ ڳالهه وڃي حجاج کي ٻڌايائون: جڏهن ٻڌائين ته انهيءَ عورت ٽي دفعا”اغثني“ پڪاريو آهي، تڏهن جواب ۾ ”لبيڪ“ چئي، تدارڪ جي پويان پيو(1). بديل(2) جي شهادت جي ڪيفيت حجاج بن يوسف، مسلمان قيدين جي تدارڪ واسطي، ]هڪ پاسي[ خليفي کي عرض ڪيو، ]ٻئي پاسي[ هڪ قاصد ڏاهر ڏانهن موڪلي، کيس دڙڪو کڙڪو ڪيو.خليفي غفلت ڪئي، ۽ ڏاهر چيو، ته ”مون کي ڪابه خبر ڪانهي، انهن کي چور کڻي ويا هوندا، جي منهنجي حڪم ۾ پڻ ناهن، وڃي توهان پاڻ سمجهو“. هن جواب پهچڻ تي، حجاج دوباره خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪري، اجازت وٺي، ”عبدالله سليمي“ کي مڪران تي مقرر ڪيو، ۽ ”بديل“ کي مڪران پهچي، ٽي هزار ماڻهو وٺي، سنڌ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. بديل نيرون ڪوٽ ۾ پهچي، ديول جي طرف وڌيو. ڏاهر هيءَ خبر ٻڌڻ سان ”جيسيہ“ نالي پنهنجي پٽ کي، گهڻو لشڪر ساڻ ڏيئي، ديول موڪليو. صبح کان شام تائين سخت لڙائي هلي، جنهن ۾ خوب حملن کان پوءِ بديل شهيد ٿي ويو، ۽ گهڻا مسلمان قيد ٿيا (3). چون ٿا، ته نيرون ڪوٽ جي حاڪم، جنهن جو نالو ”سمني“ هو(1)، تنهن کي اچي خوف ورايو، ته ’مان عربن جي لشڪر جي رستي تي آهيان. اڄ هنن (سنڌين) عربن سان دشمنيءَ جو رستو کوليو آهي، متان مان مفت وچ ۾ پامال ٿي وڃان‘ .، سو ڇا ڪيائين، جو اعتماد جوڳا ماڻهو حجاج ڏانهن موڪلي، اطاعت قبول ڪري، امان نامو وٺي ڇڏيائين. ]بديل جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ[ عامر بن عبد الله، حجاج کي چيو، ته ”هيءَ مهم منهنجي حوالي ڪر ته مان سنڌ ۽ هندستان وڃان“ . ]حجاج[ وراڻيو ته ”هيءَ سوڀ تنهنجي نصيب ۾ ڪانه آهي، مون نجومين کان معلوم ڪيو آهي، ته سنڌ ۽ هندستان، ’محمد قاسم‘ (2) جي هٿان فتح ٿيندا“ . مطلب ته جنهن صورت ۾ ڪافرن جي حڪومت جي ستاري جو زوال، ۽ هن سر زمين تي ”دين محمديءَ“ جي سج اڀرڻ جو وقت اچي چڪو هو، تنهنڪري پهرئين واقعي کان سواءِ، وري هيءُ واقعو به ”محمد قاسم“ جي اچڻ جو سبب ٿيو، جنهن جو بيان عنقريب ابتدا کان ڪيو ويندو. هتي جيسيہ جي نالي جي مناسقبت سان سندس ڄمڻ جي عجيب ڪيفيت جو بيان ڪجي ٿو. چون ٿا، ته هڪ ڏينهن، راجا ڏاهر شڪار ڪري رهيو هو، ته اوچتو جهنگ مان هڪ شينهن ٻاهر نڪتو. اگرچ ماڻهو ]سندس مارڻ لاءِ[ ڊوڙيا، پر ڏاهر سڀني کي منع ڪري پاڻ شينهن ]10[ جي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو. سندس زال، جنهن کي جيسيہ ڏهن مهينن جو پيٽ ۾ هو، ۽ ساڻس ڏاڍي محبت هيس، هيءَ خبر ٻڌي، بي اختيار دانهن ڪري، زمين تي ڪري پيئي. آخر ڏاهر شينهن کي ماري، صحيح سلامت موٽي اچي زال کي مئل ڏٺو، ۽ هن جو ٻار پيٽ ۾ چـُـري رهيو هو. سندس حڪم تي هن (عورت) جو پيٽ ڦاڙي، ٻار کي ٻاهر ڪڍيائون ۽ سندس هيءُ نالو (جيسيہ) رکيائون، جنهن جي معنيٰ آهي ’شينهن جو شڪار ڪندڙ‘ (1) بيشڪ! هو وڏي ٿيڻ کان پوءِ بهادريءَ ۾ اهڙو ئي ثابت ٿيو، جهڙو نالو هئس. اسلام جي لشڪر جو سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اچڻ صحيح روايتن ۾آيو آهي، ته امير المؤمنين ”عمر بن الخطاب“ رضي الله تعاليٰ عنہ جي زماني ۾، جڏهن ”عثمان بن ابي العاص“ (2) ثقفي، بحرين تي مقرر ٿي اچي عمان پهتو، تڏهن لشڪر جا ڪي جهاز تيار ڪري، پنهنجي ڀاءُ ”مغيره بن ابي العاص“ سان گڏ، ديول تي چاڙهي موڪليائين. انهن ڏينهن ۾ چچ جي پاران سندس ڀاءُ ”سامہ بن سيلائج“ (3) اُتي حڪومت ڪري رهيو هو. هو اسلامي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. آخر گهڻيءَ خون خرابيءَ کان پوءِ مغيره بن ابي العاص شهيد ٿي ويو، ۽ گهڻي جماعت قتل ۽ قيد ٿي. ”ابو موسيٰ اشعري“ رضي الله تعاليٰ عنہ، جو مڪران جو حاڪم هو، تنهن هيءُ حال خليفي کي عرض ڪري، تدارڪ لاءِ قدم کڻڻ چاهيو، پر کيس اوڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪئي ويئي. امير المؤمنين ”عثمان“ ]بن عفان[ رضي الله تعاليٰ عنه جي خلافت ۾، ”عبدالله بن عامر بن ربيعہ“ مڪران جو حاڪم ٿيو، جنهن کي حڪم ٿيو، ته اعتماد جوڳا ماڻهو سنڌ ڏانهن موڪلي، احوال کان واقف ڪري. اُنهيءَ ”حکيم بن جبلہ“ کي موڪليو، جنهن احوال معلوم ڪري، وڃي خبر ٻڌائي، ته ”پاڻي ميرو، ميوو کٽو ۽ قاتل، زمين پٿريلي، ۽ مٽي ڪلراٺي آهي“ (1). خليفي پڇيو، ته ”اتي جا ماڻهو وفادريءَ ۾ ڪيئن ڏٺئي؟“ جواب ڏنائين ته ”غدار آهن“ ، تنهنڪري انهيءَ پاسي لشڪر موڪلڻ بند ڪيو ويو. امير المؤمنين ”علي“ رضي الله تعاليٰ عنہ جي خلافت جي وقت ۾هڪ لشڪر مڪران کان لنگهي، ڪاميابيءَ ۽ فتحمنديءَ سان وڃي ’ڪوه پايہ‘ ۽ ’ڪيڪا نان‘ وٽ پهتو، جا سنڌ جي حد آهي. ويهه هزار جابلو ماڻهو سندن جنگ لاءِ دڳ جهلي بيٺا. اسلام جو لشڪر تڪبير هڻي اڳتي وڌيو. تڪبير جي غلغلي کان، ڪن ڊڄي اچي امان ورتي، ۽ باقي ڀڄي ويا، انهيءَ وقت کان وٺي، جنگ جي ڏينهن ۾، انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز ٻڌجڻ ۾ايندو آهي، ايتري ۾ خليفي جي رحلت جي خبر پهتي، ۽ اڳتي وڃڻ ملتوي ڪري، اهو لشڪر مڪران موٽي آيو. جڏهن امير ”معاويہ“ رضي الله تعاليٰ عنہ مستقل خليفو ٿيو، تڏهن ”عبدالله بن سوار“ کي چار هزار ماڻهو ساڻ ڏيئي، سنڌ تي مقرر ڪيائين. تقديراً، هو ڪيڪانان جبل ۾پهچي، ڪافرن ]11[ هٿان شهيد ٿيو. ]اسلامي لشڪر[ شڪست کاڌي ۽ باقي بچيل ]ماڻهو[ موٽي اچي مڪران پهتا. انهيءَ وقت، امير معاويي جي طرفان ”زياد“ ٻنهي عراقن جو حاڪم هو، جنهن ڏانهن لکيائين ته ”’راشد بن عمرو‘ (1) کي سنڌ ڏانهن روانو ڪر“. هن وڃي جبل جي دامن تي قبضو ڪيو، ۽ اڳين پوئين ڍل وصول ڪيائين. اهڙيءَ طرح پوري انتظام ۽ بندوبست سان، ڪيڪانان کان اڳتي وڌي، ’منذر‘ جبل ۽ ’بهروج‘ وٽ اچي پهتو. اتي جبل جا اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهو گڏ ٿي، گهـَـٽَ جهلي بيٺا، ۽ صبح کان ظهر جي نماز تائين، سخت لڙائي ڪيائون. راشد شهيد ٿي ويو ۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي. انهيءَ ]شڪست[ جي تدارڪ لاءِ ”سنان بن سلمہ“ (2) انهيءَ مهم تي مقرر ٿيو. هو ڪيڪانان فتح ڪري اچي ’بودهيہ‘ تائين پهـتو، جتي ٺڳيءَ سـان شهيد ٿيو. تنهن کان پوءِ ”منذر بن جارود بن بشر“ هن ملڪ جو حاڪم ٿيو، جو ’پورالي‘ (3) جي حد ۾ بيمار ٿي گذاري ويو، ايتري ۾ امير معاويہ وفات ڪئي ۽”مروان“ جي تخت نشينيءَ واري وقت ۾، ڪو به ماڻهو هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ مقرر ڪونه ٿيو(1). آخر جڏهن ”عبدالملڪ“ جو وارو آيو، ۽ هن ٻنهي عراقن جي گورنري ”حجاج“ کي ڏني، تڏهن حجاج، مڪران ڏانهن ”سعيد“ ]بن اسلم ڪلابي[ کي موڪليو، جو تقديراً علافين هٿان شهيد ٿي ويو. جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، حجاج علافين کان وير وٺڻ لاءِ ”مجاعہ“ کي ڪرمان روانو ڪيو، جنهن هڪ سال ڪرمان ۾ رهي، جان الله تعاليٰ جي حوالي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ خليفو عبدالملڪ گذاري ويو، ۽ ’وليد‘ سندس جانشين ٿيو. حجاج سنڌ، هند ۽ علافين جي ڪم سرانجام ڪرڻ لاءِ ’محمد بن هارون‘ کي مڪران موڪليو. محمد، علافين مان هڪڙي کي ماري، پنجن مهينن اندر، مڪران ۽ آس پاس جي ڪن ملڪن کي دل گهرئي نموني سان ضابطي هيٺ آندو. انهيءَ کان پوءِ، ’بديل‘ جي شهادت جو واقعو، جو گذري چڪو، سو حجاج جي اڳئين پوئين انتقام وٺڻ جو باعث ٿي، ’محمد بن قاسم‘ ثقفيءَ جي اچڻ جو سبب ٿيو. محمد بن ثقفيءَ جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ اتي جيڪي فتحون ٿيون تن جو بيان بديل جي شهادت جي واقعي کان پوءِ، حجاج بن يوسف خليفي کي عرض ڪيو ته ”سنڌ ۾ سرڪش ماڻهو هن نموني پيش آيا آهن، تن جي تنبيهه لاءِ حڪم اشرف جاري ٿئي، جيئن اڳين پوين مسلمان قيدين جي آزاديءَ جو تدارڪ ڪري، انهن ڪافرن کي سندن سرڪشيءَ جي واجبي سزا ڏني وڃي، ۽ ملڪ پنهنجي هٿ ڪيو وڃي“. خليفي چيو، ته ”ملڪ تمام پري ۽ ٿوريءَ پيدائش وارو آهي: انهيءَ لاءِ خرچ گهڻو گهرجي، ڪيترائي لشڪر ويندا ۽ تلف ٿيندا، تنهن ڪري انهيءَ پاسي کان تغافل اختيار ڪرڻ گهرجي“. حجاج دوباره عرض ڪيو، ته ”انشاءَ الله تعاليٰ، دين محمديءَ جي تائيد ۽ اعانت سان، ڪافر جلد مطيع ٿي پوندا، ۽ مسلمان قيدي، جن کي ڊگهو عرصو گذري ويو آهي، آزاد ٿيندا ۽ هن لشڪرڪشيءَ تي جيڪو خرچ ٿيندو، تنهن کان ٻيڻي ٽيڻي ]12[ لاءِ مان جوابدار آهيان.“ خليفي لاچار اجازت ڏني، جنهن تي حجاج جو سؤٽ ۽ نياڻو، محمد بن قاسم ]بن محمد[ بن عقيل ثقفي، سترهن ورهن جي عمر ۾، مقرر ٿيو، شام ۽ عراق جا ڇهه هزار چونڊ رئيس زادا(1) ساڻس گڏ روانا ڪيائون. هو شيراز ۾ پهچي تدارڪ لاءِ سوچڻ لڳو. هوڏانهن، حجاج پنج منجنيقون ۽ ٻيو قلع - ڪشائيءَ جو سامان، ٻيڙين ۾ رکي ابن مـُـغيره ۽ خريم(2) هٿان، هڪ چونڊ جماعت سميت موڪلي ڏنو، جيئن ديول جي ڪناري تي وڃي کيس ملي. قصو مختصر، محمد بن قاسم اڳيون پويون لشڪر، جنهن ۾ جملي ڇهه هزار گهوڙيسوار، ڇهه هزار اُٺ سوار ۽ ٽي هزار بختي اٺ هئا، ساڻ وٺي مڪران روانو ٿيو، ۽ حجاج جي اشاري موجب ”محمد بن هارون“ پڻ، طبعيت جي هيڻائيءَ هوندي به، ساڻس همراهه ٿيو. جڏهن ’ارمن‘ ٻيلي ۾ پهتا، تڏهن محمد بن هارون(1) قضا الاهيءَ سان گذاري ويو، ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾،”جيسيہ“ ولد ڏاهر نيرون جي قلعي ۾ هو، جنهن محمد بن قاسم جي اچڻ جي خبر پيءُ کي لکي. ڏاهر علافين کان صلاح پڇي، جن کيس ٻڌايو، ته”حجاج جو سؤٽ، زبردست لشڪر سان پهچي رهيو آهي، خبردار! انهيءَ کي سامهون نه ٿج.“ خير، آخر محمد بن قاسم ارمن ٻيلو فتح ڪري، ديول ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ابن مغيره(2) ۽ خريم پڻ پنهنجي جماعت سميت، ديول جي ڪناري تي پهچي، اچي ساڻس رفيق ٿيا. محمد بن قاسم ديول جي آس پاس خندق کوٽائي ويٺو، ۽ پنهنجي اچڻ جو احوال حجاج کي لکيائين. چون ٿا، ته ]انهن ڏينهن ۾[ احوال ستن ڏينهن ۾ پهچندو هو: حجاج تکا ڊوڙندڙ ماڻهو، هڪ ٻئي جي ڪڍ اهڙيءَ طرح ڊوڙائيندو هو، جو سنڌ کان بغداد تائين ]مفاصلو[ ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، هڪ ٻئي کي روزانو خبرون پهچائيندا رهندا هئا. چون ٿا، ته ديول جي قلعي ۾، هڪ چاليهه گز اوچو بتخانو هو، انهيءَ جي مٿان، چاليهه گز بلند هڪ گنبذ ٺهيل هو، ۽ گنبذ جي مٿان هڪ چئن ريشمي بيرقن وارو جهنڊو لڳل هو. ]محمد بن قاسم جي پهچڻ تي[ ڪافرن ڪنهن به خوف خطري کان سواءِ، ثابت قدم رهي، جنگ جو نغارو وڄايو. اهڙيءَ طرح ڪي ڏينهن(1) گذريا، ته هڪ برهمڻ قلعي مان نڪري اچي امانُ گهري، ۽ محمد بن قاسم وٽ حاضر ٿي چيو، ته ”مون کي پنهنجن ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي، ته هي ملڪ اسلام جو زيردست ٿيندو، ۽ انهيءَ جو وقت هي آهي. اهو به يقين اٿم، ته انهيءَ جو فتح ڪندڙ تون ئي آهين، تنهن ڪري تنهنجي رهنمائي ڪرڻ آيو آهيان. اڳين، هن بتخاني جي جهنڊي ۾ هڪ طلسم ٻڌو آهي، جيستائين اهو نه ڀڄندو، تيستائين هيءُ قلعو هرگز فتح نه ٿيندو. پهريائين انهيءَ جي ڀڃڻ جي تدبير ڪر“. محمد بن قاسم انهيءَ تي ويچار ڪرڻ لڳو. ”جـَـعونہ“(2) منجنيقيءَ چيو، ته ”جيڪڏهن مون کي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندا، ته مان شـرط ٿـو ڏيـان، ته ضرور ٽن ڌڪن سان جهنڊي ۽ ]13[ گنبذ جو ڪم لاهي ڇڏيندس، نه ته منهنجو هٿ ڪپي ڇڏجو. مـحمد بن قاسـم، حـجاج کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، هن کي منجنيق هلائڻ جو حڪم ڪيو. قدرت الاهيءَ سان جيئن چيو هئائين، تيئن، ٽن ڌڪن سان ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. هاڻي اسلامي لشڪر، صفون سنواري قلعي تي حملو ڪيو. ڪافرن مجبور ۽ لاچار ٿي امان گهري. محمد بن قاسم فرمايو، ته ”سـپاهين کي امانَ ڪانهـي.“ ]اهو ٻڌي[ قـلـعي جو سردار ”جاهين ٻڌ“ (3) قلعي جي ڀت تان ٽپو ڏيئي ڀــڄي ويو، ۽ قلعي وارن لاچـار ٿـي در کـوليا. ٽي ڏينهن لڙاقـءي جاري رهي، تنهن کان پوءِ مسلمان قيدين کي ٻاهر ڪڍيائون، گهڻو مال ۽ بي انداز خزانا غنيمت ۾ هٿ آيا. بتخانو، جنهن کي ديول سڏيندا هئا، ڀڃي، اتي مسجد جو بنياد رکيائون. ”گيلو“ (1) نالي هڪ ڪافر، مسلمان قيدين جو محافظ هو. قيدين جي آزاد ڪرڻ تي معلوم ٿيو، ته هن سندن دلداري ڏيڻ ۾، ڏاڍيون سهڻيون ڪوششون ورتيون هيون، ۽ کين آزاديءَ ۽ اسلام جي فتح جي خوشخبريءَ سان خوش ڪندو رهندو هو. محمد بن قاسم کيس گهرائي، اسلام پيش ڪيو، ۽ هو هڪدم مسلمان ٿيو، جنهن تي هن کي ڏاڍي عزت ۽ نوازش سان سرفراز ڪري، ”حميد بن وداع“ (2) نجديءَ سان، اُتي جي حڪومت ۾ شريڪ بنايائين. پوءِ ديول جو دل گهريو بندوبست ڪري، منجنيقون ٻيڙين ۾ وجهي، ’ساڪوره‘ نديءَ جي رستي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانيون ڪري، پاڻ خشڪيءَ جي رستي اوڏانهن روانو ٿيو. چون ٿا، ته ڏاهر جو پٽ جيسيہ، اڳي ئي نيرون ۾ موجود هو. ديول جي فتح جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ، ڏاهر هن کي گهرائي، برهمڻ آباد ۾ وهاريو، ۽ سمني(3) نالي ”ديول“ جو اڳيون حاڪم، جو حجاج کان امان نامو وٺي ڏن-ڀرو ٿيو هو. جيئن بديل جي شهادت ]جي بيان[ ۾ ذڪر ٿي چڪو، ”ڏاهر وٽ هو. محمد بن قاسم آهستگيءَ سان، ستن ڏينهن جي عرصي ۾، اچي نيرون جي پسگردائيءَ ۾ پهتو. ]اچي ڏٺائين[ ته قلعي وارن ماڻهن، دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. اسلام جو لشڪر، آبڪلاڻيءَ جي موسم نه هجڻ ڪري، پاڻي نه ملڻ کان ڏاڍو تنگ ٿيو. محمد بن قاسم الله پاڪ جي درگاه ۾ مناجات ڪئي، هڪدم دل گهريو مينهن اچي لٿو، ۽ انهيءَ زمين جا چشما ۽ حوض سڀ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. اڃا گاهه جي تنگي باقي هئي، ته خوش قسمتيءَ سان، سمني (پروهت) به پنجن ڏينهن کان پوءِ اچي نيرون ۾ پهتو. اعتماد جوڳن ماڻهن کي، امان جي پرواني سان، محمد بن قاسم جي خدمت ۾ موڪلي، چيائين ته ”اطاعت گذار بندو آهيان، ۽ منهنجي نه هجڻ ڪري، قلعي وارن جيڪو در بند ڪري قصور ڪيو آهي، تنهن جي معافي ٿو گهران. جيڪڏهن ڪرم فرمائي، گناهه معاف ڪندا ۽ اهڙو يقين ڏياريندا، ته پوءِ اچي قدمبوسي ڪندس.“ محمد بن قاسم هن جي قاصدن کي واجبي ترغيب ڏيئي فرمايو، ته ”قلعي وارن جن دروازا بند ڪيا هئا، تن کي سزا ڏيڻ لازمي هئي، پر جنهن صورت ۾ انهن جي سفارش ٿو ڪرين، تنهن ڪري معاف ڪيوسين، اچي ملاقات ڪر ]14[ ۽ دروازا کول“. سمني (پروهت) قلعي جو دروازو کولي، ڪـُـنجيون هٿ ۾ کڻي، لائق تحفن سان اچي قدمبوسي ڪئي ۽ انعام لهي، سڀ ضروري شيون پهچايون. تنهن کان پوءِ، اسلامي لشڪر قلعي ۾ داخل ٿي، بتخانو ڀڃي، مسجد ۽ مناري جو بنياد رکي، بانگو ۽ امام مقرر ڪري، اتي جي نگرانيءَ لاءِ هڪ نائب (گورنر) متعين ڪري، سمنيءَ کي پاڻ سان وٺي، اڳتي روانو ٿيو. جڏهن نيرون کان ٽيهن ڪوهن(1) جي پنڌ تي، ”موج“ نالي هڪ جڳهه ۾ پهتا، تڏهن سمنيءَ سيوستان (سيوهڻ) جي حاڪم ”بجهرا بن چندر“ ڏانهن خط موڪليو(2) ته ”اسان ناسڪ (پوڄاري) ماڻهو آهيون، اسان جي پر ۾ خونريزي ناجائز آهي. تون محلات ۾ ويٺو آهين، هيءُ عرب جو لشڪر زور آور آهي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي ساڻس مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. توکي پنهنجي رعيت جي حال تي رحم کائي، تابعداري قبول ڪري، ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم قول جو پڪو آهي، ائين ڪرڻ ۾ ئي فائدو آهي“. ’بجهرا‘ تابعداري قبول نه ڪئي، ۽ لڙائيءَ تي تيار ٿيو، جنهن ڪري اسلام جو لشڪر اتان يلغار ڪري، اچي سيوستان جي قلعي وٽ پهتو. لڙائيءَ کي هڪ هفتو مس گذريو، ته بجهرا عاجز ٿي،”ٻوڌيه(1) بن ڪاڪہ بن ڪوتڪ“ ڏانهن ڀڄي ويو، جو ’سيسم‘ جي قلعي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم، سيوستان جي قلعي ۾ لنگهه، قلعو پنهنجي قبضي ۾ آندو، ۽ جن ماڻهن کي سمني وٺي آيو هو، تن تي نوازشون ڪري، سيسم ڏانهن رخ رکيو. ’ٻوڌيه‘ ۽ ’بجهرا‘ جا ماڻهو لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ڪافرن ’ٻوڌيه‘ چني(2) جي پيءُ ’ڪاڪي‘ کي وڃي چيو، ته ”اسان کي اجازت ڏي ته اسلام جي لشڪر تي راتاهو ڏيون.“ ڪاڪي چيو، ته ”مون نجومين کان ٻڌو آهي، ته هيءُ ملڪ اسلام جو لشڪر فتح ڪندو، ۽ انهيءَ جو وقت به هيءُ وقت آهي، هيءُ خيال هرگز دل ۾ نه آڻيو“. مگر هو ڪين مڙيا ۽ راتاهي جو خيال ڪيائون. اتفاقاً هو رستو ڀلجي ويا ۽ چئن ٽولين ۾ ورهائجي، ساري رات ]گهوڙا[ ڊوڙايائون، پر صبح جو پاڻ کي اهوئي سيسم جي قلعي جي دروازي تي ڏٺائون. آخر حيران ۽ پريشان ٿي، ’ڪاڪي‘ چني وٽ آيا ۽ اچي حال ٻڌايائون. هن چيو، ته ”مون کي بهادريءَ ۾ پاڻ کان گهٽ نه سمجهو، پر يقين اٿم، ته هنن ماڻهن سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڀلائي ڪانهي“. تنهن کان پوءِ ڪاڪو پاڻ، خدمت ۾ حاضر ٿي نوازش سان سرفراز ٿيو، ۽ پنهنجي تابعدار جماعت کي امان هيٺ آندائين. محمد بن قاسم، ”عبد الملڪ بن قيس“ دقيقيءَ کي هن سان گڏي روانو ڪيو، جيئن جيڪو تابعداري قبول ڪري تنهن کي وٺي اچي، ۽ جيڪو پوئتي پوي تنهن کي سزا ڏئي. الله تعاليٰ کيس مشرڪن تي فتح عطا ڪئي، ۽ باقي رهيل ماڻهو، ’بهلطور‘ ، ’سالوج‘ ۽ ’قندابيل‘ (1) ڏانهن هليا ويا، ۽ اتان وڃي امان نامو وٺي پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي(2)، ملڪ ۾ موٽي آيا(3). ايتري ۾ حجاج جو حڪم پهتو ته ”محمد بن قاسم نيرون جي قلعي ۾ موٽي وڃي ’ڏاهر‘ جي ڪم جو تدارڪ سوچي، ۽ مهراڻ ندي پار ٽپي“. روايت آهي، ته چنا ]15[ قوم (قبيلي)، جا انهيءَ وقت هڪ وڏي جماعت هئي، جدا جدا جاين تان گڏ ٿي، هڪ ماڻهوءَ کي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو اهڙي وقت پهتو، جو سارو لشڪر محمد بن قاسم جي پٺيان نماز پڙهي رهيو هو. هن قيام، قعود، رڪوع، سجدي ۽ ٻي سموريءَ چـُـرپـُـر ۾، امام جي تابعداري ڏسي، وڃي پنهنجي قوم کي چيو، ته ”جتي هزارين ماڻهو، هر حالت ۾ بنا ڪنهن چون چرا ۽ فرق جي، هڪ ماڻهوءَ جا ههڙا تابعدار هجن، تـِـتي جيڪو هنن جي مخالفت ڪندو، سو بدبخت چئبو“. تنهن تي ساري قوم، لائق نذرانا کڻي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿي. هو جنهن وقت پهتا تنهن وقت محمد بن قاسم جي مجلس ۾، دسترخوان وڇايو هئائون. ]محمد بن قاسم[ فرمايو، ته ”هيءَ جماعت ’مرزوق‘ (رزق واري) آهي“، انهيءَ ڪري چنا قوم (قبيلي) کي ”مرزوق“ لقب مليو. بس پوءِ ته انهيءَ ئي وقت تابعداري ۽ ڍل قبول ڪري موٽي ويا. اهوئي سبب آهي جو اسلام جي فقيهن، درياءَ جي هـُـن ڀر واري زمين کي، جا چنن جي تصرف هيٺ هئي، ’عشري‘ لکيو آهي. ساڳيءَ طرح، نيرن ڪوٽ جي زمين، جا پنهنجي خوشيءَ سان تابعداريءَ هيٺ آئي هئي، تنهن تي ٻين زمينن جي مقابلي ۾ انگ ابواب گهٽ آهن(1). قصو ڪوتاه، محمد بن قاسم حجاج جي اشاري موجب موٽي ”راور ۽ جيور قلعن جي حد ۾ پتڻ تي پهچي، اتي جي حاڪم”ماڪو پٽ وسايي“ ڏانهن، اچي حاضر ٿيڻ جو حڪم موڪليو. هن چيو، ته ”جيڪڏهن ائين ئي هليو ايندس، ته ڏاهر جي عتاب هيٺ ايندس، باقي مان فلاڻي وقت، ڪجهه فوج ساڻ وٺي، نڪري فلاڻي هنڌ ايندس. توهان پنهنجي لشڪر کي مون تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڪريو، مان ٿورو جنگ جو نمونو ڪري، آخر عاجز ٿي گرفتار ٿيندس“. نيٺ ماڪو اهڙيءَ طرح سان خدمت ۾ حاضر ٿي، نوازش جو حقدار ٿيو ۽ رستي جو رهبر بڻيو(1). روايت آهي، ته راجا ڏاهر، اسلام جي فوج جي غلبي جي خبر ٻڌي، وڏو لشڪر ساڻ ڪري اچي پـَـرينءَ ڀر بيٺو، ۽ پتڻ ٽپڻ کان روڪڻ لڳو. اسلام جي لشڪر مان هڪ ٽولي، درياءَ لنگهڻ چاهيو، ته ڏاهر پاڻ هڪڙي کي تير هڻي ماري وڌو، تنهن کان پوءِ، ’جاهين‘ ٻڌ کي پنهنجي پاران اتي رهائي، پاڻ وڃي پرڀرو ويٺو. جاهين، پتڻ جي لنگهه کي سخت مضبوط ڪري، هن ڀر ٽپڻ جي ڪم ۾ مشڪلات پيدا ڪري ڇڏي. ايتري ۾”چنديرام“ هالي، جو هن کان اڳ ڪنهن وقت سيوستان جو والي هو، اسلامي لشڪر جي انهن ٿورن سوارن کي، جيڪي سيوستان ۾ هئا، ٻاهر ڪڍي، قلعو پنهنجي ضابطي هيٺ آندو. محمد بن قاسم هيءَ خبر ٻڌي، ”مصعب بن عبدالرحمان(1)“ کي هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار پيادا ڏيئي سيوستان موڪليو. چنديرام جنگ لاءِ ٻاهر نڪتو، ۽ شڪست کائڻ کان پوءِ واپس قلعي ۾ وڃڻ گهريائين، پر اندرين ماڻهن دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري اهو ذليل، اسلامي لشڪر جي ور چڙهيو، ۽ جهنم ۾ پهتو. اسلامي لشڪر قلعي تي نئين سر قبضو ڪري، موٽي اچي محمد بن قاسم سان مليو. هوڏانهن راجا ڏاهر، پنهنجي پٽ جيسيہ کي ]16[، اسلامي لشڪر جي رستي روڪڻ لاءِ، ”ٻيٽ“(2) جي قلعي ڏانهن موڪليو. اهڙيءَ طرح، پنجاهه ڏينهن گذري ويا ۽ اسلامي لشڪر جو حال تنگ ٿيڻ لڳو،جيڪو به گهوڙو گاهه نه ملڻ کا بيمار ٿي ٿيو، تنهن کي ڪـُـهي ٿي کاڌائون. اتي راجا ڏاهر پيغام موڪليو، ته ”توهان جو حال ههڙو ٻڌجي ٿو، جيڪڏهن پاڻ تي رحم ڪندؤ، ته آءٌ توهان جي ڪڍ ڪونه پوندس، بلڪ پاڻ خدمت ڪندس، ته جيئن واپس موٽي وڃو.“ محمد بن قاسم چوائي موڪليس ته ”انشاءَ الله تعاليٰ هي ملڪ اسلامي ملڪ ٿيندو. تون جيستائين تابعداري هيٺ نه ايندين، ۽ هيترن سالن جي ڍل ادا نه ڪندين، تيستائين توکي نه ڇڏينداسون“. چون ٿا، ته حجاج، گهوڙن مري وڃڻ جي خبر ٻڌي، ٻه هزار گهوڙا روانا ڪري، تاڪيد ڪيو ته ”ڏاهر جي مهم ۾ ]وڌيڪ[ دير نه ڪريو ۽ جلد از جلد درياءُ ٽپي، پهريائين سندس ڪم پورو ڪريو“. هن تاڪيد پهچڻ تي، محمد بن قاسم ’جـَـهم‘ (3) جي سرزمين ۾ پهچي، درياءُ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون مهيا ڪيون. انهن کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀري، مضبوط ميخن سان هڪ ٻئي ۾ ڳنڍيائون. اها خبر ٻڌي، ڏاهر پنهنجي پٽ کي لکيو، ته ”ڪيئن به ڪري، ماڪوءَ کي هٿ ڪر، جو ههڙي جـُـرئت ڪري رهيو آهي.“ تنهن تي ماڪوءَ جي ڀاءُ راسل(1)، جو ڏاهر وٽ هو ۽ ڀاءُ سان اڳ ۾ ئي ڦٽل هو، چيو، ته ”ههڙو حڪم مون کي ٿئي، ته مان وڃي ڀاءُ کي هٿ ڪري اچان، ۽ لشڪر جي درياءَ ٽپڻ جي روڪ جو پڻ ذميدار بنجان“. انهيءَ وچ ۾، الله تعاليٰ جي تائيد سان، اسلامي لشڪر ٻيڙين کي تيار ڪري سوار ٿيو، ۽ تير وسائي ڪناري تي بيٺل روڪيندڙن ڪافرن کي هٽائي، هڪ وڏو ٽولو وڃي هـُـن ڀر پهتو، ۽ ڪناري کي دشمن کان صاف ڪري، پاڻ اتي تيستائين بيهي رهيا، جيستائين رهيل لشڪر سلامتيءَ سان ٽپي آيو. روايت آهي، ته ڪافرن جي لشڪر مان ڪي تکا سوار، ساري رات گهوڙا ڊوڙائي، باک ڦٽڻ وقت، خبر ڏيڻ واسطي ڏاهر جي ڪئمپ ۾ پهتا. ڏاهر اڃا ننڊ ۾ هو، ته هنن وڃي دانهن ڪئي. دربان وڃي ڏاهر کي جاڳايو. هو مٺيءَ ننڊ مان پريشان ٿي اٿيو، ۽ ايندڙ کي منهن تي اهڙي سخت چماٽ وهائي ڪڍيائين، جو هو هڪدم مري ويو. پوءِ ته ڏاهر اچي پريشانيءَ ۾ پيو، ۽ خبر نٿي پيس ته ڇا ڪري؟ چون ٿا، ته جڏهن محمد بن قاسم جو سمورو لشڪر درياءَ ٽپي ويو، تڏهن لشڪر ۾ پڙهو ڏياريائين، ته ”هاڻي اسان جي پٺيان درياءُ ۽ اڳيان دشمن آهي، جيڪو به جان قربان ڪرڻ (جنهن جو نتيجو ٻنهي جهانن جي سعادت آهي) واسطي تيار هجي، سو رهي، ۽ جهاد جي عزت حاصل ڪري، پر جنهن ماڻهوءَ کي اڳتي هلي، دشمن سان سامهون ٿيڻ جي طاقت نه هجي، سو موٽي وڃي، ]ڇاڪاڻ ته[ جڏهن ڀڄڻ جو رستو ڪونه آهي، تڏهن ضرور هو يا ڪافرن جي ور چڙهندو، يا پاڻيءَ ۾ ٻڏي مرندو. انهيءَ لـڄ ۽ عار کان جو دين ۽ دنيا جي بدبختيءَ جو باعث آهي، ]17[ بهتر آهي. ته هاڻي اجازت وٺي موٽي وڃي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي سر ڏيڻو آهي، يا سر وٺڻو آهي“ ، ٽي ماڻهو - هڪڙو ماءُ جي نڌڻڪائيءَ جي بهاني سان، ٻيو نياڻيءَ جي يتيميءَ جي فڪر کان ۽ ٽيون قرض ادا ڪرڻ واسطي، پوئتي رهيا، باقي ٻين سڀني جهاد ۽ قربانيءَ لاءِ، سر تريءَ تي رکي چيو، ته اسان کي جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو خيال ڪونهي.“ قصو مختصر، جڏهن محمد بن قاسم لشڪر جو اتفاق ڏٺو، تڏهن اتان ڪوچ ڪري، ’ٻيٽ‘ جي قلعي کان ’راور‘ جي قلعي ڏانهن رخ رکي، انهيءَ جاءِ تي پهتو، جنهن کي ’جيور‘ سڏيائون ٿي. راور ۽ جيور جي وچ ۾ هڪ خليج هئي، جنهن جي لنگهه تي ڏاهر جو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو. ”محرز بن ثابت“ قيسي ٻه هزار لشڪر سان، ۽ ”محمد بن زياد“ العبدي(1) هڪ هزار لشڪر سان، انهيءَ طرف تي مقرر ٿيا، جن سڀني کي تڙي ڪڍيو. اتي ڏاهر، ”محمد بن حارث“ علافيءَ کي سڏي چيو، ته ”مون توهان کي هن ڏينهن لاءِ ئي ٿي نوازيو، هاڻي توکي جاسوسيءَ جو ڪم پنهنجي ذمي وٺي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ محمد بن حارث جواب ڏنو، ته ”بيشڪ، اسان تي توهان جي خدمت لاءِ سر ۽ ڌڙ جي بازي لڳائڻ واجب آهي، پر ٻئي طرف مقابلو مسلمانن سان آهي، جو مفت ۾ مرتد ٿيڻ، دنيا تي دين وڪڻڻ، مسلمانن جو خون گردن ۾ وجهڻ، ۽ مري جهنم ۾ داخل ٿيڻ جي برابر آهي. اسان کي هن تڪليف کان معاف ڪيو وڃي، باقي انهيءَ کان سواءِ، ٻيءَ هر خدمت لاءِ، دل و جان سان حاضر آهيون.“ ڏاهر رنج ٿي کڻي ماٺ ڪئي، ۽ جيسيہ کي زبردست لشڪر ساڻ ڏيئي مقابلي لاءِ موڪليائين. سندس لشڪر، وڏي حصي قتل ٿيڻ کان پوءِ، شڪست کائي پوئتي هٽي ويو. ٻئي ڏينهن ماڪوءَ جي ڀاءُ راسل کي مقرر ڪيائين، جنهن ]محمد بن قاسم ڏانهن[ مخفي پيغام موڪليو، ته ”مون کي پڻ منهنجي ڀاءُ وانگيان، جنگ مان گرفتار ڪري وٺي وڃو“ ، ۽ ائين ٿيو. مطلب، ته ڏهه ڏينهن، هن نموني سان، ڪافرن جون فوجون جنگ ڪرڻ لاءِ ٿي آيون، ۽ شڪست کائي واپس ٿي وريون(2). انهيءَ عرصي ۾، اسلام جي لشڪ غلبو ڪري، ڏاهر کي قلعي ۾ گهيري اندر آندو. يارهين ڏينهن، جو خميس جو ڏينهن ۽ تاريخ ڏهين رمضان 93هه هو، ڏاهر، پنهنجن نجومين جي منع هوندي به، زبردست فوج وٺي، جنهن ۾ ڏهه هزار زره پوش سوار، ٽيهه هزار پيادا ۽ ڪجهه جنگي هاٿي هئا، ٻن سهڻين ڇوڪرين سان گڏ، جن مان هڪڙيءَ کيس پان ٿي ڏنو، ۽ ٻيءَ شراب ٿي پهچايو(1)، پالڪيءَ ۾ چڙهي، مقابلي لاءِ نڪتو. صبح کان شام تائين اهڙي سخت جنگ هلي، جنهن جو بيان نٿو ڪري سگهجي. مسلمانن آتشبازيءَ ۽ تيرن وسائڻ ۾ اهڙي ثابت قدمي ڏيکاري، جنهن کان وڌيڪ تصور ۾ نٿي اچي. پهريائين اسلام جو لشڪر هيٺ مٿي ٿيو، ۽ محمد بن قاسم حيران ٿي خداوند ڪريم جي درگاهه ڏانهن رجوع ٿيو، جنهن تي الله جي فضل مددگاري ڪري فتح جا اسباب پيدا ڪيا. چون ٿا، ته ڏاهر کي هڪ لوهه جو دام- دار چڪرو هو، جو جنهن به سوار تي ٿي اڇلايائين، ته انهيءَ جي مـُـنڍي ڪپي، پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي ورتائين. آخر جڏهن سج ]18[ لهڻ کي قريب ٿيو، ۽ ٻنهي ڌرين جنگ کان آرام ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن مسلمانن جي هڪ ٽوليءَ جي آتشبازيءَ کان، جنگي هاٿي ٽهي وڃي پنهنجي لشڪر ۾ پيا ۽ سندس پريشانيءَ جو سبب ٿيا. ساڳئي وقت ڪافرن جي هڪ جماعت امان وٺڻ لاءِ آئي، ۽ اچي چيائون، ته ”ڏاهر جي فوج بيپرواهه ۽ غافل آهي، توهان ڪجهه فوج اسان سان گڏي رواني ڪريو، ته اسين پويان ڦري، اچي اڳين جي رعب تاب کي ڌڪ هڻون“ . ائين ڪرڻ سان، دشمنن جي لشڪر شڪست کاڌي. هي حال ڏسي محمد بن قاسم لشڪر کي تيرن وسائڻ جو حڪم ڏنو. قادر جي قدرت سان، هڪڙو تير وڃي ڏاهر جي نڙيءَ ۾ لڳو، ۽ ]هو[ مري ويو(1). سندس هاٿيءَ کي پوئتي هٽايائون، ته اوچتو هاٿي گپ ۾ گپي پيو. برهمڻن سندس حال کي ڍڪڻ خاطر، کيس کڻي گپ ۾ پوريو. ڪافرن جي پوري لشڪر شڪست کاڌي ۽ اسلامي لشڪر اهڙيءَ طرح رستا بند ڪيا، جو پکي به اندر وڃي نه سگهيو. برهمڻ ’قيس‘ جي هٿ چڙهيا، ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ، ڏاهر جي ڪسي وڃڻ جو ڏس ڏنائون. انهيءَ وقت، ڏاهر جون ٻه ڌيئر پڻ سپاهين جي هٿ آيون. ]هيڏانهن[ محمد بن قاسم، انهيءَ گمان سان، ته متان ڏاهر لڪي ويو هجي، پنهنجي لشڪر ۾ پڙهو ڏياريو، ته ]ڪافرن[ جي پٺيان نه پون، متان دشمن لڪي حملو ڪري. قيس اهو پڙهو ٻڌي، تڪبير هنئين. اها تڪبير ٻڌي ساري لشڪر تڪبير جو نعرو هنيو. محمد بن قاسم، ڏاهر جي قتل جي خبر معلوم ڪري، ڪجهه بهادر ساڻ وٺي، گپ جي ڪناري تي اچي، برهمڻ جي ڏس تي، سندس پليد جسم ٻاهر ڪڍيو(1)، ۽ سندس سر وڍي، نيزن جي نوڪ تي چاڙهي، ڇوڪرين کي ڏيکاريائون، جن انهيءَ جي تصديق ڪئي. تنهن کان پوءِ حڪم ڏنائين، جنهن تي انهيءَ مهربانيءَ جي شڪر گذاريءَ ۾، ]سپاهي[ ساري رات تسبيح ۽ تهليل ۾ مشغول رهيا(2). جمعي جي ڏينهن ڏاهر جو سر، ڇوڪرين سميت، قلعي جي دروازي تي موڪليائون. قلعي وارن هنن کي ڪوڙو ٺهرايو، پر ڏاهر جي زال لاڏيءَ، قلعي جي ڀت تان، پنهنجي مڙس جو سر ڏسڻ شرط دانهن ڪري، بي اختيار ٿي، پاڻ کي هيٺ اڇلايو(3). تنهن کان پوءِ، قلعي وارن دروازا کوليا ۽ اسلامي فوج اندر وڃي، بتخاني جي وچ ۾ منبر رکي، جمعي- نماز ادا ڪئي، ۽ مال خزانا ۽ دفينا ضابطي هيٺ آڻي، قيس جي حوالي ڪري، ساڳئي سال جي شوال مهيني ۾، جملي حدن جو پورو انتظام ڪري، ڏاهر جو سر، ڇوڪريون، قيدين ۽ غنيمت جي مال سميت، قيس جي هٿان، ٻن سوَن سوارن جي نگرانيءَ ۾ دار الخلافت ڏانهن روانو ڪيو(1). ڏاهر جي بادشاهيءَ جو عرصو ٽيٽيهه سال، ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪمرانيءَ جو عرصو جملي، ٻيانوي سال آهي. روايت آهي، ته ڏاهر جي قتل کان پوءِ، ’ٿرڙيءَ‘ (2) جي آس پاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي، دهلن ۽ شرناين سميت، خدمت ۾ حاضر ٿي، ناچ شروع ڪيو. محمد بن قاسم پڇيو، ته ”هيءُ ڪير آهن ۽ ڇا ٿا ڪن؟“ ٻڌايائون ]19[ ته ”اسان جي رسم آهي، ته جڏهن ڪو بادشاهه فتح ڪندو آهي، ته سندس خوشي هن طرح ڪندا آهيون“ . تنهن کان پوءِ هو پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي واپس ويا. پڻ ”علي بن محمد بن عبدالرحمان“ سليطيءَ جي صلاح سان، ڀاٽيا، لوهاڻا، سهتا، چنڊ، ماڇي، ڪوريجا (قبيلن جا) ماڻهو آيا، ۽ سڀني جا مٿا ۽ پير اگهاڙا هئا. کين امان ڏيئي مٿن ]هيءُ ڪم[ رکيو ويو، ته اسلام جي لشڪر جا ماڻهو، جڏهن به دار الاسلام(3) کان ايندا يا اوڏانهن ويندا، ته هي سندن رهبري ڪندا(3). هاڻي محمد بن قاسم، ڏاهر جي ڀيڻ کي، جنهن کي هـُـن ملڪ جي زوال جي ڊپ کان پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو، حـجاج جي اجازت سان، پنهنجي نڪاح ۾ آڻي(4)، ٻين جڳهين جي فتح ڪرڻ ڏانهن رُخ رکيو. ايتري ۾، سن 94هه جي اوائل ۾، ٻڌڻ ۾ آيو، ته ڏاهر جا پٽ، ’اسڪلنده‘ (1) جي قلعي ۾ جمع ٿي، خود مختياريءَ جو دم هڻي رهيا آهن(2). محمد بن قاسم اوڏانهن روانو ٿيو، ۽ قلعي کي گهيري ۾ آڻي، لڙائي ڪرڻ کان پوءِ، پوريءَ طرح مطيع ڪري، بتخانا ڀڃي، اتي مسجدن جو بنياد رکيائين ۽ اتي جي رهاڪن تي جزيو مقرر ڪيائين. ساڳيءَ طرح برهمڻ آباد پڻ فتح ڪيائين. چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن، محمد بن قاسم ويٺو هو، ته اٽڪل هزار کن برهمڻن جو ٽولو، مٿو، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙيل ڪئمپ ۾ آيا. جاچ تي معلوم ٿيو، ته هنن پنهنجيءَ پر موجب، سردار جي ڏک ۾ ائين ڪيو آهي. مڙني کي سڏي، ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي صلاح تي، کين قديمي دستور موجب ملڪ جي پسگردايءَ مان ماليات وصول ڪرڻ جي ڪم تي ڇڏيائين. هو جڏهن مانوس ٿيا، تڏهن عرض ڪيائون، ته ”اسان بت پرست قوم آهيون ۽ اسان جي ساريءَ قوم جو گذران بتخانن جي مجاوريءَ تي آهي، جنهن صورت ۾ اسان اطاعت قبول ڪري، پاڻ تي جزيو رکيو آهي، تنهن صورت ۾، اسان کي ٻين جاين تي بتخانن جي ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي(1) ، ته خليفي جي اقبال کي دعا ڪندا رهنداسون.“ محمد بن قاسم، حجاج کي اطلاع ڪرڻ ۽ خليفي کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، کين پنهنجي پراڻيءَ پر موجب، رسمون عمل ۾ آڻڻ جي اجازت ڏني. تنهن سان گڏ هيءَ به حڪم ڪيائين، ته ’برهمڻ، ٻين هندن کان امتياز خاطر، پتل جا ننڍا ٿانوَ، گدائيءَ لاءِ ٺهرائين، ۽ هر صبح تي اهي هٿ ۾ کڻي گدائي ڪندي، هر هڪ جي دروازي وٽان لنگهن‘ ، انهيءَ ڪري اها رسم ٿي چڪي آهي، ته برهمڻ پيالو هٿ ۾ کڻي دان وٺڻ لاءِ، سڀني دروازن تي ڦرندا آهن، ۽ فائدو وٺندا آهن. روايت آهي، ته جڏهن حجاج، اسڪلنده ۽ برهمناباد جي قلعن فتح ٿيڻ کان واقف ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم ڏانهن لکيائين، ته ”جنهن صورت ۾، الله جي فضل سان ڏاهر ۽ سندس ملڪ هٿ آيو، تڏهن هاڻي سندس تختگاهه هٿ آڻڻ گهرجي، ۽ ٻيو ته ايتري تي اڪتفا نه ڪري، اڀرندي طرف ڏانهن متوجهه ٿي، هندستان ڏانهن رخ رکڻ گهرجي. محمدي دين جي برڪت، هر هنڌ مسلمانن جي مددگار ٿيندي.“ انهيءَ لکئي تي، محمد بن قاسم اروڙ ]20[ جو ارادو ڪيو. ايتري ۾ خبر پهتي، ته ”فوفي“ نالي ڏاهر جو هڪڙو پٽ، اروڙ ۾ مستقيم ٿيو ويٺو آهي، ۽ ڏاهر جي ڪـُـسي وڃڻ جو انڪار ڪري، چوي ٿو، ته ’هو لشڪر مان گم ٿي هندستان ڏانهن ويو آهي، ۽ عنقريب لشڪر ساڻ وٺي اچي انتقام وٺندو‘ . انهيءَ تي کيس اهڙو يقين آهي، جو جيڪو به سندس آڏو، سندس پيءُ ڏاهر جي ڪـُـسي وڃڻ جو بيان ٿو ڪري، تنهن کي قتل ڪري ٿو ڇڏي. تنهنڪري، سندس سامهون ڪوبه ماڻهو هيءُ حقيقت ظاهر ڪري نٿو سگهي، ۽ سندس ٻه ڀائر، جيسيہ ۽ وڪيو، جيڪي هن گڙٻڙ ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن کي به پاڻ وٽ گهرايو اٿس(1). اها خبر ٻڌي، هڪدم اوڏانهن توجهه ڪري، اروڙ جي قلعي کي گهيرو ڪري، ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي، مڙس جي مري وڃڻ ]جي خبر[ ظاهر ڪرڻ لاءِ، قلعي جي دروازي تي موڪليائين، انهيءَ کي ڪوڙو ٺهرائي، پٿر ۽ ڀتر هڻي چيائيون، ته ”تون گئو - هتيا ڪندڙن سان ٺهي ويئي آهين“ . اتي، محمد بن قاسم گهيري کي سوڙهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اروڙ جي خلق، ٿوري وقت ۾ تنگ ٿي، ٻاهر نڪرڻ جو فڪر ڪرڻ لڳي. فوفيءَ سمجهيو، ته سندس انتظام قائم رهي نه سگهندو، پر جنهن صورت ۾ غلط توهم ۾ مبتلا هو، تنهن ڪري کيس دستبردار ٿيڻ پڻ مشڪل ٿي لڳو. چون ٿا ته اُتي هڪ جادوگرياڻي عورت رهندي هئي، تنهن ڪري ان کي ڏاهر جي احوال ٻڌائڻ لاءِ التجا ڪيائين. جادوگرياڻيءَ، جنهن کي انهن ڏينهن ۾ جوڳڻ سڏيندا هئا، هڪ رات جي مهلت گهري. انهيءَ رات جي گذرڻ کان پوءِ، ٻه سايون ٽاريون، هڪ اکروٽ جي وڻ جي ۽ ٻي مرچ جي وڻ جي، هٿ ۾ ڪري، فوفيءَ وٽ اچي چيائين، ته ”سرانديپ تائين، زمين جي هڪ هڪ گرانٺ جاچي اٿم، ۽ ثابتيءَ لاءِ هي ]ٽاريون[ آنديون اٿم: ڏاهر جيڪڏهن جيئرو هجي ها، ته مون کي ڏسڻ ۾ اچي ها. خبردار! سندس جيئري رهڻ جو خيال دل ۾ نه آڻ ۽ مفت پاڻ کي برباد نه ڪر“ . فوفيءَ، جادوگرياڻيءَ کان ڏاهر جي مرڻ جي پڪ ڪري، راتو واهه قلعي مان نڪري، پنهنجن مٿين ڀائرن ڏانهن (جن کي هن کان اڳ پاڻ گهرايو هئائين ۽ هو اڃا نه پهتا هئا) ڀڄي ويو. صبح جو علافين هيءَ حقيقت محمد بن قاسم کي لکي، پنهنجي لاءِ امان گهري، قلعي وارن کي قلعي جي کولڻ جي هدايت ڪئي(1). محمد بن قاسم فتحمند لشڪر ساڻ شهر ۾ آيو، ۽ تمام گهڻي خلق کي، هڪ مندر جي دروازي تي سجدي ۾ ڪريل ڏسي، پڇا ڪيائين، ته ”هي ڇا ٿا ڪن؟“ معلوم ٿيس، ته بت کي سجدو ٿا ڪن. بتخاني ۾ اندر وڃي ڏٺائين، ته هڪ پوري انسان جي صورت، گهوڙي تي سوار آهي، ترار ڪڍي، ڀانيائين ته هڻي، پر مجاورن دانهن ڪري چيو، ته ”هيءُ ]ماڻهو [جيئرو نه آهي، پر بت آهي“. ]ائين چئي[ هو محمد بن قاسم کان پري هٽي ويا. ]محمد بن قاسم[ بت جي ويجهو وڃي، هن جي هڪ ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي، مجاورن کان پڇيو، ته ”بت کي هڪ ٻانهن ۾ ڪنگڻ ڪونهي، کانئس پڇو، ته ڪاڏي ڪيائين؟“ ]مجاورن[ وراڻيو ته ”بت کي هن جي ڪهڙي خبر!“ . چيائين ته ”توهان به عجيب معبود جي عبادت ڪريو ٿا، جو پنهنجي حال جي به خبر نٿو ٻڌائي!“ هي ٻڌي شرم کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيائون. نقل آهي، ته قيدين مان هڪڙي شخص، سندن ڪهڻ جي حڪم ٿيڻ وقت، چيو ته ”آءٌ هڪڙي شرڪت ڏيکاريندس (عجيب شيءِ ڏيکاريندس)، جا توهان ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي. ليڪن هن شرط سان، ته مون کي ۽ منهنجي تابعدارن کي امان نامو لکي ڏيندا“ . ]مسلمانن [ ڀانئيو ته شايد ڪو دفن ٿيل خزانو ڏيکاريندو، ]21[ سو کيس سندس چوڻ موجب، ٻن سؤ ڄڻن جو ناليوار امان نامو لکي ڏنائون. امان نامو وٺي، هڪدم ڏاڙهي وات ۾ ڪري، مٿي جا وار کنڊيڙي، مٿي کي مروڙي سروڙي پيرن ۾ ڏيئي، ڏاڍو وٺي نچڻ شروع ڪيائين(1) وات مان عجيب آواز ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙي حالت پيدا ڪيائين، جو سڀئي ڏسندڙ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا! جڏهن بس ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم چيو، ته ”آخر هي رانديون ڇاجون؟ جنهن عجيب شيءِ جو وعدو ڪيو اٿئي، سا ڏيکار!“ وراڻيائين ته ”ڇا هيءَ عجيب شي گهٽ آهي؟ بس منهنجي ته عجيب شي اهائي هئي، جا ڪيم!“ ]انهيءَ تي[ محمد بن قاسم کي دوستن چيو، ته ”هي چرچا ٿو ڪري، هن کان عهدنامو واپس وٺڻ گهرجي“ . چيائين ته ”قول قول آهي، جيڪي زبان تي آندو اٿئون، تنهن کان ڪونه ڦرنداسون“ (2). قصو ڪوتاهه، جڏهن ]ملڪ جو[ تختگاهه اروڙ پڻ قبضي ۾ آيو، ۽ ملڪ کان پوريءَ طرح دلجاءِ ٿي، تڏهن عام ماڻهن سان احسان جي هلت وٺي، سڀني کي پنهنجن ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ لڳڻ جي اجازت ڏنائين. ]انهيءَ کان پوءِ[ ”احنف بن قيس بن رواح“ اسديءَ کي اروڙ جي گورنري(1)، ”موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان“ ثقفيءَ(2) کي، قضا ۽ خطابت جو عهدو، ”وداع بن حميد“ نجديءَ کي برهمن آباد جي حڪومت، ”نوبہ بن دارس“ کي راؤر جي قلعي جي نيابت، ”هذيل بن سليمان“ الازديءَ(3) کي گورج(4)، ۽ ”حنظلہ بن اخي بنانہ“ ڪلائيءَ کي دهليلہ هٿ ۾ ڏئي، پاڻ ملتان روانو ٿيو. واٽ تي، ڀاٽيه(1) جو قلعو فتح ڪيائين. ڀاٽيه جي قلعي جو والي، ڏاهر جو سؤٽ ”ڪڪسه بن چندر بن سيلائج“ هو، جو ڏاهر کان ڀڄي وڃي اتي رهيو هو، سو اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. تنهن کان پوءِ سڪہ جو قلعو فتح ڪري، ”عتبہ بن سلمہ“ تميميءَ(2) کي اتي ڇڏي، وڃي ملتان، آس پاس جي قلعن سميت هٿ ڪيائين. ]انهيءَ کان پوءِ[ ”خزيمہ بن عبدالملڪ بن تميم“ (3) کي، برهمپور(4) جي قلعي ۾، ۽ ”داؤد بن نصر بن وليد“ عمانيءَ کي ملتان ۾ مقرر ڪري، پاڻ ديبالپور(5) تي ڪاهي ويو. هن وقت، مٿي ذڪر ڪيل جاين تي، مقرر فوج کان سواءِ اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا، سندس جهنڊي هيٺ حاضر هئا. آخر قنوج ۽ ڪشمير جي سرحد تائين فتح ڪري، سرو جا ٻه وڻ پوکي، ڏاهر جي ملڪ(6) جي حد مقرر ڪري، هر هنڌ اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، موٽي اڌيپور پهتو، ته تقدير اچي سندس حياتيءَ جي پويان پيئي. محمد بن قاسم جي رحلت جي واقعي جي ڪيفيت محمد بن قاسم جي رحلت جي واقعي جي حقيقت هن طرح آهي جڏهن ڏاهر جون ٻه ڌيئر، ’پرمل ديو‘ ۽ ’سورج ديو‘ ، جي پالڪيءَ ۾ ساڻس گڏ هيو(1)، خليفي جي خدمت ۾ پهتيون، تڏهن ]خليفي[ سندن بينظير حسن ڏسي انهن کي پنهنجي لاءِ پسند ڪيو، پر سندن وحشت ۽ بيدلي دفع ڪرڻ خاطر، انهن کي حرم ۾ هوشيار داين جي حوالي ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ، انهن مان هڪڙيءَ کي بستري تي گهرايائين، پر ڇاڪاڻ ته پيءُ جي قتل جو ناسور اڃا چڪي رهيو هئس، سو ]خليفي کي[ چيائين ته ”اسان خليفي جي لائق نه آهيون، ڇو ته محمد بن قاسم اسان کي ٽي راتيون پنهنجي ڪم آندو هو“ . خليفو هي ٻڌي باهه ٿي ويو، ۽ هڪدم پنهنجي هٿ سان حڪم روانو ڪيائين، ته ’محمد بن قاسم کي هن حڪم پهچڻ شرط، پاڻ کي ڪچي چمڙي ۾ بند ڪري، حضور ۾ پهچائڻ گهرجي‘ . هيءُ حڪم محمد بن قاسم کي اڌيپور ۾ پهتو. خدائي تقدير ائين هئي، تنهن ڪري حڪم جي پيروي ڪندي، پاڻ کي چمڙي ۾ بند ڪري روانو ٿيو، ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ رستي ۾ گذاري ويو! تنهن کان پوءِ سندس لاش صندوق ۾ وجهي خليفي وٽ حاضر ڪيائون(2)، جنهن هڪدم انهن ٻنهي ڀينرن کي گهرائي، ]22[ ڏيکاري چيو، ته ”منهنجو حڪم ڏسو!“ ]ٻنهي[ بي اختيار کلي ڏنو ۽ چيائون: ”خليفي جي حڪم جاري هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي، ليڪن ]سندس[ عدل ۽ عقل ۾ تمام خرابي ڏسڻ ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ماڻهو، جيڪو اسان جي پيءُ ۽ ڀاءُ جي برابر هو، رڳو اسان دشمنن جي چوڻ تي، سچ ۽ ڪوڙ جي تحقيق کان سواءِ ضايع ڪري ڇڏيائين! اسان جو مقصد فقط پيءُ جو قصاص وٺڻ هو. ]هن مان[ محمد بن قاسم جي، ڪم عقلي پڻ ظاهر ٿي، ڇو ته کيس گهربو هو، ته حڪم موجب روانو ٿئي ها، ۽ جڏهن باقي هڪڙي منزل وڃي بچي ها، تڏهن پاڻ کي چمڙي ۾ بند ڪري ها، جيئن جيئرو پهچي وڃي ها، ۽ اسان جي سچي شاهديءَ ڏيڻ تي سندس جان بچي پوي ها“ . خليفي پشيمان ٿي، ٻنهي کي ڀت ۾ لنبي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، ۽ ڪن جو چوڻ آهي، ته انهن کي هاٿيءَ جي پيرن ۾ ٻڌي بازار ۾ گهمائي ماري ڇڏيائين. (1) ”سمندر“ نور جي شڪل جو هڪ جانور ٿيندو آهي، جو باهه ۾ رهندو آهي ۽ باهه هن کي اصل نه ساڙيندي آهي. چون ٿا، ته جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي باهه سؤ ورهيه ساندهه ٻرندي آهي، ته اتي سمندر پيدا ٿي پوندو آهي. (1) اصل متن جي فارسي عبارت اجها هن طرح آهي: ”ديگر - ’علم شانہ‘ معروف بعض مردم کوه است، کہ شانرا ’مانسنگہ‘ نامند، از خطوط شانہء تازه هرچہ خواهند دريابند، وراست بواقعہ افتد“. اصل ۾ لفظ ”شانہ“ آهي، ۽ شانہ جي معنيٰ آهي ”ڦڻي“ يعني وارن کي سنوارڻ جي ڦڻي، ڪورڪي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ ڦڻي، جا گهڻو ڪري ڇيتين جي ٺهيل ٿيندي آهي، ۽ انهيءَ ۾ سٽ جون تندون لنگهائي اُڻندا آهن، رڍ يا ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگن جي منڍ ۾ هڪ چپترو هڏو، جو پاسيرين سان ڳنڍيل ٿيندو آهي، وغيره. ڪتاب ۾ غالباً ”شانہ“ مان مراد رڍ يا ٻڪريءَ جي ڦڻي آهي. فارسي زبان جي اصطلاح ۾ پڻ ”شانہ بين“ اهڙي ماڻهوءَ کي چوندا آهن، جو ٻڪر جي تازي ڦڻي ڏسي ان مان ڪنهن ڳالهه بابت اڳڪٿي ڪري سگهي (ڏسو فارسي، انگريزي ڊڪشنري، تاليف اسٽينگاس). مرزا قليچ بيگ پڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ هن عبارت جو ترجمو هن طرح ڪيو آهي: ”اتي جي جابلو ماڻهن کي، اڳڪٿي يا غيب جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هيءُ هنر ايندو هو، ته هڪڙي ڇيلي کي ڪهي، هڪڙي دستي يا اڳين ران ڪڍي، انهيءَ جون ليڪون ۽ نشان ڏسي، غيب جي خبر ڏيندا هئا“ (ڏسو ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، ص 3) (1) نبيسہ - ”ن“ (2) ماميد - ”ن“ (1) ”فتحنامه“ يعني ”چچنامه“ (ص20) ۾ لکيل آهي ته: ”راجا، راڻيءَ کي چيو، ته ’هڪ نامحرم حرم ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري تون پڙدي ۾ وڃ‘ . جنهن تي راڻيءَ سوهنديءَ وراڻيو ته ’ڪيترا رذيل نوڪر اندر اچن ٿا، جيڪڏهن هڪ برهمڻ اندر ايندو، ته منهنجو هن ڏانهن ڪهڙو توجهه ٿيندو، يا مون کي هن کان ڪهڙو شرم رکڻو آهي، جو مان هن کان لڪان‘ !“. (1) يعني چچ سان منهنجو نڪاح پڙهو. (2) ”فتحنامي“ ۾ لکيل آهي: ”تاخبر، مرگ ساهسي راؤ ببرادر، او مهرت ملک شهر چتور رسيده بود... الخ “ (نيٺ ساهيسيءَ جي موت جي خبر، سندس ڀاءُ مهرت، چتور جي بادشاهه کي پهتي، وغيره) معلوم ٿيو ته مهرت، ساهيسيءَ جو ڀاءُ هو. (3) پتو نٿو پوي ته مير ”قانع“ جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ فتحنامي جو مصنف ته جيسلمير جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ڪري، هو ته فقط ايترو ٿو لکي، ته ”تابيک فرسنگيءَ ’ارور‘ لشکرگاه کرد“- ص26 (اروڙ کان هڪ فرسنگ، يعني ٽن ميلن تي اچي ڇانوڻي هنيائين) پڻ فتحنامي ۾، راڻي سوهنديءَ سان، چچ جو نڪاح، مهرت تي فتح پائڻ کان پوءِ ڏيکاريل آهي (ڏسو فتحنامو ص29). (1) فتحنامي مان صاف صاف معلوم ٿو ٿئي، ته سيوهڻ جي حاڪم متي، ۽ برهمناد جي حاڪم اگهم لوهاڻي، چچ جي تابعداري ڪانه ڪئي هئي، بلڪ متو شڪست کائي قنوج ڏانهن ڀڄي ويو هو، ۽ اگهم جنگ هلندي مري ويو، ۽ سندس پٽ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اطاعت ۾ آيو. فتحنامي ۾ هيءُ پڻ لکيل آهي، ته سويس جو قلعو، چچ حملو ڪري فتح ڪيو هو. تنهن کان پوءِ اتي جي حاڪم جي پٽ ”ڪيي “ (نه ’ڪبي‘ - جيئن تحفة الکرام ۾ آهي) اچي پنهنجي پيءُ ۽ ماڻهن لاءِ امان گهري (تفصيل لاءِ ڏسو ”فتحنامو“، ص39-48) (1) فتحنامي ۾ ”ڪيہ بن ڪاڪہ“ آهي. (2) هيءَ ڳالهه فتحنامي ۾ پوري تفصيل سان لکيل آهي. فتحنامي ۾ قنوج جي راجا جو نالو ”سهيرس“، ۽ سندس ڀاءُ جو نالو ”برهاس بن ڪسائس“ لکيو ويو آهي (ڏسو فتحنامو، ص 50-53) (3) فتح نامي جي لکڻ موجب، چندر جي مرڻ کان پوءِ، برهمناد تي پهريائين چندر جي پٽ ”راج“ قبضو ڪيو. هڪ سال کان پوءِ، اهو مري ويو، ۽ سندس مرڻ کان پوءِ ”ڏهرسيه“ بن چچ برهمناد تصرف ۾ آندي، ۽ چچ جي ڌيءَ ”ٻائي“ پڻ ڏهرسيه سان شامل هئي. ڏهرسيه وڏو هو، تنهن ڪري هن برهمڻ آباد تي سڌي حڪومت ٿي ڪئي، نه ڏاهر جي پاران. (ڏسو ”فتحنامو“، ص54-63) (1) مير قانع جو ماخذ خبر ناهي ڪهڙو آهي؟ فتحنامي موجب ته ڏاهر، برهمن آباد کان پوءِ، سيوستان کان ٿي، اروڙ جي قلعي ۾ آيو ۽ تڪميل به انهيءَ قلعي جي ڪرايائين (ڏسو فتحنامو، ص 68) (2) فتحنامي ۾ وڌيڪ لکي ٿو، ته ”ڏاهر گرميءَ جا چار مهينا راؤر ۾ گذاريندو هو“. (ڏسو فتحنامو، ص68-69) (3) فتحنامي ۾ ڏاهر جي سرحد جي سير جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، البت چچ جي ذڪر ۾ لکيو اٿس، ته چچ، ڪشمير جي سرحد تي، ٻه وڻ: هڪ بيد جو ٻيو صنوبر جو، لڳايا هئا (ڏسو فتحنامو، ص38). (4) يعني ”عراق ’عجم‘“ ۽ ”عراق ’عرب‘ “. (1) اصل متن ۾ ”بني اسامہ “ آهي، جو غلط ٿو ڏسجي. (2) اصل ۾ ”سفهوري “ آهي، جو غلط آهي. (3) فتحنامي ۾ علافين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ڪجهه تفصيل سان آهي، پر انهيءَ ۾ عبدالرحمان بن اشعث جي قتل جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي، ۽ نه وري علافين کي ”بني اسامہ “ سڏيو ويو آهي (ڏسو فتحنامو، ص85-88) (1) هن بيان ۾، مير علي شير ”قانع“ ٻن ٽن هنڌن تي غلطيون ڪيون آهن. هڪ ته حملي جو سبب، هندستان جي راجائن جو حسد ۽ خوف بيان ڪيو اٿس، حالانڪ ائين بلڪل نه هو، بلڪ ڏاهر جي ڀيڻ ”ٻائي“، جنهن کي ڏاهر کڻي هروڀرو نڪاح ۾ آندو، سا پهريائين ’رمل‘ (جيسلمير) جي راجا سان مڱجي چڪي هئي. اهو مڱڻو ڏاهر جي وڏي ڀاءُ ڏهرسين ڪرايو هو، ۽ سمورو ڏاج ڏانوڻ تيار ڪري، ڀيڻ جي ٻانهن، ڏاهر ڏانهن، فقط پرڻائي ڏيڻ لاءِ رواني ڪئي هئائين، مگر ڏاهر نجومين ۽ ٻڌيمن وزير جي صلاح تي، ٻائيءَ سان پاڻ پلؤ ٻڌي ويهي رهيو. جنهن تي پهرين ڏهرسين لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيو، پر جڏهن اهو ڪجهه ڪرڻ کان سواءِ مري ويو، تڏهن خود رمل (جيسلمير) جو راجا لشڪر وٺي پاڻ ڪاهي آيو، ٻيو ته ’رمل جي راجا‘ کي مير علي شير ”قنوج جو راجا “ ٻڌائي، سندس نالو راجا ”رنمل “ لکيو آهي. درحقيقت انهيءَ راجا جو نالو، ”سوڀن راءِ“ هو ۽ قوم جو ڀاٽيو هو، ”رمل“، يعني جيسلمير جي ملڪ جو راجا هو (ڏسو فتحنامو، ص54-71). پڻ فتحنامي ۾، رمل جي راجا جي لشڪر جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي، بلڪ فقط ايترو ذڪر آهي ته علافيءَ ڏاهر کي چيو، ته ”تون هڪ فرسنگ (ٽي ميل) زمين ۾ کاهي کوٽائي تيار ٿي بيهه “ (ص 71)، ۽ علافيءَ جاچ ڪئي ته معلوم ٿيس ته هو رات جو نهايت غافل رهن ٿا، پهري ٻهري جو ڪوبه انتظام ڪونه اٿن، تنهن ڪري علافيءَ وٺي مٿن راتاهو ڏنو. هو جيئن ڇرڪ ڀري وٺي اٿيا، تيئن انهيءَ سراسيمگيءَ جي حالت ۾، هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ ۾ لڳي ويا. نتيجو هي ٿيو، جو اسي هزار ماڻهو قيد ٿيا، ۽ پنجاهه هاٿي ۽ بيشمار گهوڙا هٿ آيا - الخ (چچنامو، ص71) (1) فتحنامي ۾ ”تنڪہ “ جي بدران ”مهرسيم “ يعني چانديءَ جو سڪو آهي (فتحنامو، ص72) (2) ”سيلان “ جي ٻيٽ کي، عربي تواريخن ۾، ”جزيره يواقيت “ لکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اتي جي عورتن جو منهن تمام سهڻو ٿيندو آهي. بلاذري چوي ٿو، ته ”وانما سميت هذه الجزيرة جزيرة الياقوت لحسن وجوه نسائها “ (ص424) (1) هيءُ بيان سمورو فتحنامي جي موافق آهي، پر بلاذري ڪن جاين ۾ مخالف آهي. بلاذري جي بيان موجب، اهي عورتون انهن مسلمانن جون ڌيئرون هيون، جي تجارت جي خيال کان سرانديپ ٻيٽ ۾ آيا هئا، ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. سرانديپ جي بادشاه، دوستي ڳنڍڻ خاطر، انهن عورتن کي حجاج ڏانهن روانو ڪيو. ٻيو ته بلاذريءَ جي چوڻ موجب، دانهن ڪندڙ عورت ’بني يربوع‘ قبيلي مان هئي. ٽيون چور، جن ٻيڙيون ڦريون هيون، ديبل جي ’ميد‘ قوم جا هئا (بلاذري، ص423) (2) اصل ۾ ”بذيل “ ’ذ‘ سان لکيل آهي، جو صحيح نه آهي. (3) هيءُ بيان پڻ فتحنامي موافق آهي، مگر انهيءَ ۾ ”عبيد الله بن نبهان اسلمي“ - جنهن کي مير قانع غلطيءَ کان ”عبدالله “ سڏيو آهي. جي شهادت جو ذڪر بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي، جو بديل کان اڳ ۾ شهيد ٿيو هو. هن موقعي تي بلاذري چوي ٿو: ”فاغزي الحجاج عبيد الله بن نبهان الديبل فقتل فکتب الي بديل بن طهفة البجلي و هو بعمان يامره ان يسير الي الديبل “ - ص 423 (پوءِ حجاج عبيد الله بن نبهان کي ديبل تي چاڙهي موڪليو، پر هو قتل ٿي ويو، تنهن کان پوءِ عمان جي حاڪم بديل طهفه بجلي کي ديبل ڏانهن وڃڻ جو حڪم لکيائين.) (1) مير قانع جو اگرچه هيءُ بيان فتحنامي تان ورتل ٿو ڏسجي، مگر کيس ديبل جي واليءَ جي نالي ۾ ڌوڪو لڳو آهي: مير قانع ”سمنيءَ “ کي واليءَ جو نالو سمجهيو آهي، حالانڪ درحقيقت ائين نه آهي، ”سمنيءَ “ جي معنيٰ آهي ’پروهت‘ (Priset). انهيءَ وقت ۾ ٻڌ ڌرم جي پروهتن کي سمني چوندا هئا. نيرون جو والي، هڪ پروهت هو، جنهن جو نالو ”سندر “ هو. فتحنامي جي عبارت هن طرح آهي: ”و والي نيرون سمني بود، سندر نام “ (ص93) (2) عربن جو دستور آهي ته پيءُ ۽ پٽ جو نالو گڏي لکندا آهن، ۽ وچ ۾ ’ابن‘ جو لفظ ڪونه آڻيندا آهن- مثلاً چوندا ”محمد هاشم“ ، مطلب هوندوآهي ”محمد بن هاشم“ ، ساڳئي رواج موجب هتي به ”محمد - قاسم“ جي معنيٰ ”محمد بن قاسم“ سمجهڻ گهرجي. (1) فتحنامي ۾ ”جيسيہ“ جي معنيٰ ’المـُـظفـَـرُ باالاسـَـدِ‘ يا ’شير فيروز‘ لکي ٿو، جنهن جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٿيندي ’شينهن تي فتح لهندڙ‘ ( ”فتحنامو“ ، ص 234). (2) متن ۾ ’عثمان بن عاص‘ آهي، جو غلط آهي. (3) فتحنامي ۾ ’سامہ بن ديوائج‘ لکيل آهي، ۽ کيس چچ جو ڀاءُ ڪونه ڪوٺيو ويو آهي ( ”فتحنامو“ ، ص 73). (1) فتحنامي ۾هيٺيان جملا زياده آهن: ’اَهلـُـهـَـا بـَـطـَـل ان قل الجيش بـِـهـَـا ضـَـاعـُـوا و اِن کـَـثـُـرُوا جـَـاعـُـوا‘ - ص 75 (اُتي جا رهاڪو بهادر آهن، لشڪر ٿورو هوندو ته ضايع ٿي ويندو، ۽ جي گهڻو هوندو ته بک مرندو). (1) فتحنامي جي لکڻ موجب، (ص ص 80-81) عبد الله بن سوار جي شهادت کان پوءِ، ”سنان بن سلمہ “ مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ انهيءَ کي معزول ڪري، ”راشد بن عمرو “ کي مقرر ڪيو ويو. ليڪن ”بلاذري“ ، عبد الله بن سوار ۽ راشد بن عمرو جي وچ ۾ سنان بن سلمہ جي مقرريءَ جو ڪو به ذڪر ڪونه آهي. (2) اصل ۾ ”راشد بن سلمہ “ آهي، پر اهو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص 82 ۽ بلاذري ص 422) (3) اصل ۾ ”بورابي “ لکيل آهي، جو صحيح نه آهي (ڏسو فتحنامو، ص 84). ”پورالي “ مڪران ۾ هڪ نئن (ندي) آهي، جا سون مياڻيءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. (Hedich gates of India، P.303) بلاذريءَ جي چوڻ موجب، منذر بن جارود ”قصدار “ گذاري ويو. (ڏسو بلاذري، ص 422) (1) منذر کان پوءِ، ڇهن مهينن تائين سنڌ جي گورنري، سندس پٽ ”حڪم بن منذر “ جي هٿ ۾ هئي (فتحنامو، ص84) ليڪن بلاذري، حڪم بن منذر جي گورنريءَ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. والله اعلم. (1) هيءَ مير قانع جي کـُـلي غلطي آهي: محمد بن قاسم سان ڇهه هزار ته فقط شام جا چونڊ سوار ساڻ هئا، عراق جا تنهن کان سواءِ. فتحنامي جو مصنف لکي ٿو، ته ”حجاج بنوشت تا شش هزار مرد از فرزندان رؤساي شام، کہ مادر و پدر ايشان درحيات بود و بسيار ساختگي کند، واخيار نامدار، کہ بنام و ننگ در مجادلت و محاربت ايستادگي کنند و با محمد قاسم و فاداري نمايند، بيامدند “ (حجاج جي لکڻ تي، شام جي سردارن جا اهڙا ڇهه هزار فرزند، جن جا پيءُ ماءُ جيئرا هئا ۽ ڪافي تياري ڪئي هئائون، ۽ ناليرا چونڊ ماڻهو، جي پنهنجي ننگ ناموس خاطر بيهي مقابلو ڪن ۽ محمد بن قاسم سان وفاداري ڪن، اچي حاضر ٿيا - ص96). بلاذري (ص424) لکي ٿو، ته ”وضم اليہ سنة آلاف من جند اهل الشام وخلقا من غيرهم“ ( ۽ شام جي لشڪر مان ڇهه هزار ۽ ٻي ڪيتري خلق ساڻس شامل ڪئي ويئي). (2) اصل ۾ ”مغيره ۽ خزيم “ لکيل آهي، جو صحيح نه آهي. (ڏسو فتحنامو ص98) (1) اصل ۾ ”هارون “ آهي، جا مير قانع جي غلطي آهي. اسان مٿي چئي آيا آهيون، ته عربن جو دستور آهي ته پيءَ پٽ جو نالو گڏي هڪ ڪري لکندا آهن، ۽ وچ ۾ ”ابن “ جو لفظ ڪونه لکندا آهن. ساڳيءَ طرح هتي به ”محمد بن هارون “ کي ”محمد هارون “ ڪري لکيائون، جنهن کي ميرقانع پنهنجي سنڌ جي دستور موجب هڪ نالو ڪري ورتو آهي، ۽ خيال ڪيو اٿس ته اصل نالو ”هارون “ آهي، ”محمد “ جو نالو فقط تبرڪ لاءِ اڳيان ڳنڍيو ويو اٿس. سو پاڻ به پهريائين ”محمد هارون “ لکي، پوءِ اڳتي ڇڙو ”هارون“ لکيو اٿس، حالانڪه هتي اصل نالو آهي ”محمد بن هارون“. مير قانع کي جيڪڏهن اختصار ڪرڻو هو ته به ”محمد“ لکي ها، نه ”هارون“. (2) هتي به اصل ۾ ”مغيره“ آهي، جو غلط آهي، جيئن مٿي گذري آيو. (1) ست ڏينهن (ڏسو فتحنامو ص 104) (2) اصل ۾ ”جعوبہ “ آهي، جو غلط آهي. (3) سندس سڄو نالو ”جاهين بن برسايد راوت “ هو. (فتحنامو، ص107). هو شايد ٻڌ ڌرم جو پيرو هو، تنهن ڪري ميرقانع کيس ’ٻڌ‘ سڏيو آهي. ساڳيءَ طرح فتحنامي ۾ به کيس ’ٻڌ‘ سڏيو ويو آهي. (ص107) (1) مير علي شير، ڪبلہ لکيو آهي ۽ فتحنامي ۾ اهو ساڳيو نالو ”قبلہ “ لکيل آهي (ص153). ’قبلہ‘ لاشڪ ته اصل ۾ ’قيلہ‘ آهي، يعني ’گيلہ‘ يا ’گيلو‘ جو نالو سنڌ ۾ مشهور آهي (نبي بخش). (2) اصل ۾ ”حميد بن دارع “ آهي، جو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص 109) (3) مير قانع هتي پڻ ساڳي غلطي ڪئي آهي، جنهن جي وضاحت اسان مٿي ڪري آيا آهيون: يعني ديول جي گورنر جو نالو ”سمني “ لکيو اٿس، حالانڪ ”سمني “ سندس نالو ڪونه هو، سندس نالو ”سندر “ هو. ”سمني “ سندس لقب هو، ڇاڪاڻ ته هو ٻڌ ڌرم جو هڪ پروهت هو. (1) فتحنامي ۾ آهي: ”تا برسيد بموضع کہ آنرا موج گويند از نيرون بسي فرسنگ “ (نيٺ اهڙيءَ جاءِ تي پهتو، جنهن کي موج چوندا هئا، نيرون کان ٽيهه فرسنگ هئي.) فرسنگ ۾ ٽي ميل ٿيندا. ٽيهه فرسنگ معنيٰ نوي ميل. (2) مير قانع جي تقرير مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته سيوستان جي حاڪم بجهرا کي انهيءَ ’سمنيءَ‘ خط لکيو هو، جو محمد بن قاسم سان ساڻ هو، ۽ جو پهريائين ڏاهر جي طرفان نيرون ڪوٽ جو حاڪم هو، پر حقيقت ائين نه آهي، بلڪ خط لکڻ وارو هڪ ٻيو ’سمني‘ هو، جو ’موج‘ جو رهاڪو هو، ۽ رعيت تي سندس ڏاڍو اثر هو. انهيءَ ٻين ’سمنين‘ کي شامل ڪري، خط لکيو هو (ڏسو فتحنامو، ص118) (1) هتي مير قانع سخت غلطيءَ جو شڪار ٿيو آهي، ڇاڪاڻ، ته ”ٻوڌيه “ ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو نه آهي، بلڪ سنڌ جي هڪ حـصي جو نالو آهي، جنهن جي واليءَ جو نالو ’ڪاڪو بن ڪوتڪ‘ هو، ۽ جتان جي سمنيءَ (پروهت) جو نالو ڀڪو (بهکو) هو، اتي جي قلعي جو نالو ’سيسم‘ هو. مير قانع، خبر ناهي ڪهڙي آڌار تي، ’ٻوڌيه‘ کي بادشاهه فرض ڪري، کيس کڻي ڪاڪي جو پٽ فرض ڪيو آهي. هن باري ۾ فتحنامي جي عبارت نهايت واضح آهي: ”بگريخت تابحد بودهيہ رسد و آن وقت ملک بودهيہ کاکہ بن کوتک بود، سمني بهکو و حصار او سيسم بود برلب آب کنبہ “ (هو ڀڄي وڃي ٻوڌيه جي حد ۾ پهتو، انهن ڏينهن ۾ ٻوڌيه جو حاڪم ڪاڪو بن ڪوتڪ هو، سمني ’ڀڪو‘ ۽ اتي جو قلعو ’سيسم‘ هو، جو ڪنبه نديءَ جي ڪناري تي هو. - فتحنامو، ص 120) (2) هتي به مير قانع غلطي ڪئي آهي. اسان مٿي ثابت ڪري آيا آهيون، ته ”ٻوڌيه “ سنڌ جي هڪ حـصي جو نالو آهي، نه ڪنهن ماڻهوءَ جو. (1) اصل ۾ ”قندائيل “ آهي، جو غلط آهي. (ڏسو فتحنامو، ص124) (2) فتحنامي موجب هنن پاڻ تي، هڪ هزار درهم تور چاندي مقرر ڪرائي هئي. (”و رسولان درميان کردند ويکهزار درم سنگ نقره برخود قرار دادند “ - ص124) (3) هيءُ بيان، ڪن ڳالهين ۾ فتحنامي جي بيان کان مختلف آهي. مثلاً: فتحنامي ۾ هيءُ اضافو آهي ته ’جڏهن ڪاڪو پنهنجن اعتماد جوڳن ۽ خاص ماڻهن سان، عرب جي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن واٽ تي کين حنظلہ بن بنانہ مليو، جو محمد بن قاسم جي پاران محافظ طور مقرر ٿيل هو. انهيءَ کين وٺي محمد بن قاسم وٽ آندو‘ . ٻيو ته ’چندر بن سيلائج جو پٽ، ڏاهر جو سؤٽ، بجهرا، ٻين ٺڪرن ۽ رواتن سان گڏ ڪسي ويو، باقي ڪي ٻوڌيه کان مٿي ڀڄي ويا‘ . هتان واضح ٿيو، ته اهي ماڻهو، ’قندابيل‘ ۽ ’سالوج‘ ڏانهن ڪونه ڀڳا هئا، جيئن مير قانع چوي ٿو. بلڪ هو ’بهلطور‘ جي قلعي ڏانهن ڀڳا هئا، جو قندابيل ۽ سالوج جي وچ ۾ هو. (فتحنامو، ص123-124) (1) ڄاڻڻ گهرجي، ته اسلامي قانون مطابق زمين جا ٻه قسم آهن: هڪڙو ’عشري‘ ، جن جي پيدائش مان ڏهون حصو، الله جي حق طور وصول ڪيو ويندو آهي، ٻيون ’خراجي‘ ، جن تان ڍل ورتي ويندي آهي. اسلامي قانون موجب، جيڪا زمين زبردستي فتح ڪري، مسلمانن جي لشڪر ۾ تقسيم ڪئي ويندي، يا جنهن زمين جا مالڪ پنهنجي خوشيءَ سان مسلمان ٿيا هوندا، اها زمين عشري آهي، ۽ جيڪا زمين زبردستيءَ فتح ڪئي ويئي، پر وري ساڳيائي اتي جا رهاڪو اتي رهايا ويا، يا جيڪا زمين صلح سان فتح ٿي، ته اها زمين خراجي آهي. ڍل جو ڪو به مقدار مقرر نه آهي، بلڪه فتح وقت جيڪا ڍل رکي ويئي، سا قائم رهندي. سنڌ جي سرزمين جو چنن وارو حـصو، ته عشري آهي، باقي ٻي ساري زمين خراجي، ۽ علامه شيخ ابو الحسن ڏاهريءَ جي چوڻ موجب، سنڌ جي ڍل، پيدائش جي پنجين پتي آهي (”اراضي السند والهند في زمن ’راجا وير‘ الذي کان قبل نبوة عيسيٰ عليہ السلام کانت خراجية وخراجها الخمس اي ضعف العشر و بعد الاسلام بقيت ايضا خراجية علي خمس“ - انتهي بحوالہ ’فتاوي همايون‘ ). (1( هن قصي ۾ مير قانع، اختصار خاطر ڪي ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن: جيئن ته محمد بن قاسم پتڻ تان ماڪوءَ ڏي ڪهڙو نياپو موڪليو، ۽ ماڪو ڪهڙي بهاني سان پنهنجي قلعي مان ٻاهر نڪتو؟ فتحنامي انهن ٻنهي ڳالهين کي واضح ڪيو آهي. هو لکي ٿو، ته ”محمد بن قاسم، ماڪوءَ ڏانهن پيغام موڪليو هو، ته ’توکي ڪڇ ۽ سورٺ جو ملڪ جاگير ۾ ڏنو ٿو وڃي، ۽ انهن تي تنهنجو قبضو تسليم ڪريون ٿا‘ . ماڪوءَ ڏٺو، ته ڏاهر جو بخت ٿڙيل آهي، ۽ عربن جو ستارو زور، تنهن ڪري موقعو غنيمت ڄاڻي، محمد بن قاسم سان اچي شامل ٿيو. بهانو هيءُ بنايائين، ته هو ساڪري جي راڻي سان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ ٿو وڃي. هوڏانهن محمد بن قاسم سان به ٺهراءُ هئس، جنهن کيس واٽ تان پڪڙائي وڌو“. (ڏسو فتحنامو، ص133-135) (1) اصل ۾ اهڙيءَ طرح آهي، پر صحيح ”محمد بن معصب بن عبدالرحمان الثقفي “ آهي، جيئن ”فتوح البلدان “ ص425 ۾ آهي: ”وبعث محمد بن القاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان الثقفي اليٰ سدوسان “ (۽ محمد بن قاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان ثقفيءَ کي سدوسان ڏانهن موڪليو). (2) اصل ۾ ”بيت “ آهي. (3) يعني موجوده ”جهم-پير “ جي سرزمين. (1) ”ن “ هر جڳهه ”رائيل “ لکيو آهي. (1) اصل ۾ ”محمد زياد العبيدي“ آهي، پر جنهن صورت ۾ هن مان غلطي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، تنهن ڪري اسان وضاحت طور ”محمد بن زياد“ لکيو آهي، پڻ ”العبيدي“ غلط آهي، ۽ صحيح ”العبدي“ آهي. (ڏسو فتحنامو، ص160) (2) فتحنامي مان معلوم ٿو ٿئي، ته ڏاهر جي لشڪر سان لڙائي، صرف چار ڏينهن هلي، ۽ پنجين ڏينهن ڏاهر پاڻ نڪري آيو، ۽ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو (ڏسو ص164-183) (1) خبر ناهي مير قانع جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ فتحنامي ۾، ته شراب جو ذڪر ڪونهي، بلڪ هن جي چوڻ موجب ’هڪڙيءَ پان ٿي ڏنو ۽ ٻيءَ هڪ ٻئي جي پويان تير کڻي ٿي ڏنا‘ - ”و دو نفر کنيزک باوي در عماري بود: يکي تير ها پيء يکديگر بوي مي داد و ديگري تنبول مي داد“ (فتحنامو، ص170) (1) فتحنامي جي لکڻ موجب، ڏاهر کي تير نڙيءَ ۾ نه، پر دل تي لڳو هو، ۽ اهو انهيءَ تير کان مئو ڪونه هو، البته هنيانؤ دورجي ويو هئس، پر پوءِ وري هوشيار ٿي، لهي پيادو ٿي هڪ عرب سان سامهون ٿيو، ۽ بهادر عرب جي تلوار، سندس سرگردن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. (1) فتحنامي ۾، برهمڻن جو قيس جي هٿ چڙهڻ، ڏاهر جي موت جي کيس خبر ٻڌائڻ، ۽ محمد بن قاسم جي پڙهي تي قيس جي تڪبير هڻڻ جو ذڪر بلڪل ڪونه آهي، بلڪ فقط ايترو بيان آهي، ته ڏاهر جي موت بابت، محمد بن قاسم کي تردد هو، ۽ هڪ هڪ کان ڏاهر جي خبر پڇي رهيو هو، ته اوچتو هڪ برهمڻ اچي امان گهري، ۽ ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس فرزندن ۽ تابعدارن کي امان ڏني ويندي، ته هو ڏاهر جو لاشو ڏيکاريندو، جيڪو ڪـُـسي ويو آهي، جنهن تي معتبر ماڻهن وڃي، ڏاهر جو لاشو گپ مان ٻاهر ڪڍيو (فتحنامو، ص184) (2) فتحنامي ۾ فقط ايترو آهي، ته ڏاهر جو سر ڏسي، محمد بن قاسم، الله تعاليٰ جي حمد و ثنا ڪئي، ۽ ٻه رڪعتون نفل جون شڪراني طور پڙهيون (ص185) (3) فتحنامي جي بيان موجب، راڻي لاڏيءَ ۽ ڏاهر جون ٻه ڌيئر، برهمڻ آباد جي قلعي مان گرفتار ٿيون هيون (ڏسو فتحنامو، ص206-207) ۽ صفحي 186 ۾ وري راڻي لاڏيءَ جي گرفتاريءَ جو واقعو سندس زباني لکي ٿو، ته ’راجا ڏاهر، جنگ هلندي پنهنجن زالن مان هر هڪ تي سخت چوبدار مقرر ڪيو هو، ته جيڪڏهن شڪست ٿئي، ته هنن زالن کي ڪـُـهي ڇڏجو، جڏهن ڪافرن کي شڪست ٿي، تڏهن لاڏيءَ پاڻ کي اٺ تان کڻي ميدان جنگ ۾ اڇلايو، ۽ گرفتار ٿي‘ . (1) فتحنامي موجب، ڏاهر جو سر ’صادم بن ابي صادر‘ همدانيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، ۽ ساڻس گڏ بني قيس قبيلي جو ابوقيس ذڪوان بن علوان بڪري، يزيد بن مخالد همداني، زياد بن الحواري العبدي، ۽ ٻيا ماڻهو همراهه ڪري موڪليا ويا هئا. (ص187) (2) فتحنامي (ص217-218) ۾ هيءُ نالو ’ساوندي‘ ڄاڻايل آهي. (3) ’دار الاسلام‘ انهيءَ ملڪ کي چئبو آهي، جتي مسلمانن جي بادشاهي هجي. هتي دار الاسلام مان مراد شام ۽ عراق آهي. (3) فتحنامي ۾ لوهاڻن، ڀاٽين وغيره جو ذڪر ڪونهي، البت مير معصوم تاريخ سنڌ (ص 27) ۾ اهو ذڪر ڪيو آهي، پر انهيءَ ۾ به ڀاٽين جو ذڪر ڪونهي، ۽ انهن جي بدران هالير (شايد ’هاله‘ ) قوم(قبيلي) جو بيان آهي، مير معصوم جو ماخذ ڪهڙو آهي، سو الله ٿو ڄاڻي!؟ (4) فتحنامي مطابق، ڏاهر جي ڀيڻ ”راڻي ٻائي“ ، راؤر جي قلعي ۾ چکيا تي چڙهي هئي (ڏسو فتحنامو، ص 194-195)، محمد بن قاسم ڏاهر جي ٻيءَ زال راڻي لاڏيءَ سان، حجاج نه بلڪ امير المؤمنين کان اجازت وٺي شادي ڪئي هئي (ڏسو ص185) (1) نسخہ ”ن“ - ”اسڪنده“ (2) فتحنامي مان ڏاهر جي صرف ٽن پٽن جو پتو لڳي ٿو: ’جيسيہ‘ ، جو پيءُ سان ميدان جنگ ۾ گڏ هو (ص163-164)، ۽ پيءُ جي مرڻ کان پو، سياڪر وزير جي صلاح سان اچي برهمڻ آباد ۾ رهيو (ص193-194)، جتان پهريائن جيسلمير، پوءِ چتور هليو ويو وغيره (202)، ٻيو ’فوفي‘ ، جو اروڙ جي قلعي ۾ هو، ۽ اتان ڀڄي پنهنجي ڀاءُ جيسيہ وٽ چتور هليو ويو (ص224)، ڏاهر جو ٽيون پٽ ’وڪيو‘ ، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪنهن به ميدان جنگ تي ڪونه آيو آهي. پنهنجي ڀاءُ سان چتور ۾ موجود هو (ص224) - معلوم ٿو ٿئي ته اهو شايد صغير هو، ۽ جنگ ڪرڻ جي قابل نه هو، باقي رهيو اسڪلنده جو قلعو، سو ’ڀاٽيه‘ علاقي جو (جو غالباً رياست بهاولپور وٽ هو) هڪ مکيه ۽ مضبوط قلعو هو، محمد بن قاسم، اهو قلعو اروڙ جي فتح کان پوءِ، ملتان ويندي، رستي ۾ فتح ڪيو هو (636-237) انهن حقيقتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو، ته مير قانع جو هيءُ بيان فقط هڪ وهم آهي. بلاذري (ص428-429) لکي ٿو، ته محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ، سنڌي راجا، جيڪي محمد بن قاسم جي مقابلي ۾ شڪست کائي، هيڏي هوڏي ڀڄي ويا هئا، تن سڀني موٽي اچي پنهنجن ملڪن تي قبضو ڪيو هو، انهن ۾ ڏاهر جو پٽ جيسيہ به هو، جنهن اچي برهمناباد تي قبضو ڪيو. حضرت ”عمر بن عبدالعزيز“ جي ڏينهن ۾، جيسيہ ۽ انهن راجائن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي عربن جهڙا نالا رکايا. ”هشام بن عبد الملڪ“ جي ڏينهن ۾، ’جنيد بن عبد الرحمان‘ مري سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هن ۽ جيسيہ جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ جيسيہ قتل ٿي ويو. جيسيہ جي ڀاءُ چچ بن ڏاهر چاهيو، ته ڀڄي وڃي اهو احوال خليفي کي ٻڌائي، پر جنيد کيس پنهنجي هٿ آڻي قتل ڪري ڇڏيو. جيسيہ سچ پچ مسلمان ٿيو هو، يا رڳو کل بچائڻ ڪاڻ اسلام جو اعلان ڪيو هئائين، تنهن ۾ تاريخ نويسن جو اختلاف آهي. هن بيان مان هي به پتو پيو، ته ڏاهر کي ’چچ‘ نالي چوٿون پٽ به هو. (1) چچنامي (ص212-213) مان واضح ٿو ٿئي، ته جڏهن مسلمانن برهمناباد جو قلعو فتح ڪيو، ۽ لڙائيءَ ۾ اتي جو بتخانو شڪسته ٿي پيو، تڏهن ڊپ کان ماڻهن بت پرستي ڇڏي ڏني، جنهن ڪري برهمڻن جو روزگار بند ٿي ويو، ۽ هنن محمد بن قاسم جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته هو ماڻهن کي هدايت ڪري، ته اصلوڪي دستور موجب برهمڻن کي خير خيرات ڏيندا رهن، ۽ کين بتخاني جي دوباره آباد ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وڃي. انهيءَ ڳالهه جي عام ماڻهن پڻ تائيد ڪئي، جنهن تي محمد بن قاسم، حجاج کان اجازت وٺي، کين ڊٺل بتخاني جي تعمير جي اجازت ڏني، وغيره. هن بيان مان ظاهر آهي ته مير قانع جو اهو لکڻ ته ”رخـصت بدهند تا معبدهاي خودرا بمکانهاي ديگر بنانهيم“ (موڪل ڏيو، ته پنهنجا بتخانا ٻين جاين تي ٺاهيون) - ڀـُـل آهي، جنهن لاءِ ڪو ماخذ ڪونهي. (1) ”سندس ٻه ڀائر -“ کان وٺي ”-گهرايو اٿس“ تائين، سڄو جملو مير قانع پنهنجي طرفان اضافو ڪيو آهي، جنهن لاءِ وٽس ڪابه سند ڪانهي. (ڏسو فتحنامو، ص221) (1) ”صبح جو علافين -“ کان وٺي ”- هدايت ڪئي“ تائين، مير قانع جي پنهنجي ايجاد آهي، جنهن لاءِ ڪابه سند ميسر ٿي نه سگهي آهي. فتحنامي ۾، جو عربن جي سنڌ ۾ فتوحات جو مستند ترين ماخذ آهي، فقط هيترو لکيو آهي ته ”پس مردي از علافيان در ارور بود، کہ بافوفي موافقت کرده بود - بنشتہ در قلم آورد و از گريختن و متواري شدن فوفي اعلام داد و برتير بست و بينداخت کہ فوفي - داهر ترک امارت ارور گرفت و بطرفي متواري شد“ (علافين مان هڪڙي ماڻهوءَ، جو فوفيءَ سان موافقت ڪري اروڙ ۾ ٿي رهيو، تنهن فوفيءَ جي ڀڄي وڃڻ ۽ گم ٿيڻ جو احوال لکي، تير سان ٻڌي ٻاهر اڇلايو ته ’فوفي بن ڏاهر، اروڙ جي حڪومت جي دعويٰ ڇڏي، ڪنهن پاسي لڪي ويو آهي‘ ) ڳالهه فقط ايتري آهي، باقي انهيءَ ڪري هڪڙي علافيءَ کي علافين سان تعبير ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ امان گهرڻ ۽ قلعي جي کولڻ لاءَ ۽ رهبري، اهو سڀ مير قانع جو اضافو آهي. (1) چچنامي ۾ (صفحو 227) فقط هيترو آهي، ته ’انهيءَ ماڻهوءَ امان نامو وٺي، پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ هڻي، ڏاڙهيءَ جا وار کولي، انهن جون چوٽيون پنهنجي پيرن جي آڱرين سان ٻڌي، نچڻ شروع ڪيو، ۽ بيت ڳائڻ لڳو: ”کس نديده است اين عجب کہ مراست، موي ريشم همي کشان تاپاست“ !‘ (2) چچنامي ۾ (228) هن تي اضافو ڪري لکي ٿو، ته ’محمد بن قاسم، انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن سؤن عزيزن قريبن سميت، جيل ۾ رکي، حجاج کي حقيقت حال کان واقف ڪيو. حجاج هڪ طرف ته هيءُ سوال ڪوفي ۽ بصري جي عالمن جي آڏو رکيو، ۽ ٻئي طرف وقت جي خليفي وليد بن عبدالملڪ کي اطلاع ڏنو. عالمن خواه خليفي کان ساڳيو جواب پهتو، ته اهڙا معاملا خود اصحابن سڳورن جي زماني ۾ فيصل ٿي چڪا آهن. ڏسو قرآن شريف جي آيت: ”رجال صدقوا ما عاهد والله عليہ“ . حجاج وٽان انهيءَ حڪم پهچڻ شرط، انهيءَ ماڻهوءَ کي سڀني لاڳاپيدارن سميت آزاد ڪيائين‘ . (1) اروڙ جي گورنري، احنف بن قيس نه، پر سندس اولاد مان هڪ شخص ”رواح بن اسد“ کي ڏني ويئي هئي (ڏسو فتحنامو ص 234-235) (2) اصل ۾ ”طائي بن شيبان“ لکيل آهي، جو غلط آهي، صحيح ” ’طائي بن محمد بن شيبان‘ - الخ“ آهي (ڏسو فتحنامو، ص235 ۽ خود تحفة الڪرام، ص27)، پر ساڳيو فتحنامي جو مصنف، ص9 تي، انهيءَ ساڳئي قاضيءَ جي پڙ پوٽي جو شجره نسب هن طرح لکي ٿو: اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شهاب بن عثمان الثقفي، هتي ”موسيٰ“ کان پوءِ ”بن“ لفظ زائد آهي، ۽ نسخي ”ڪ“ ، ”موسيٰ بن طائي“ جي بدران ”موسيٰ طائي“ لکيو آهي، جو اسان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي. ”طائي“ ، ”موسيٰ“ جي صفت آهي، مگر ڪاتبن غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي کڻي موسيٰ ۽ طائيءَ جي وچ ۾ ”بن“ جو لفظ وڌايو آهي. اڳتي هلي، ٻئي ”طائي“ کان پوءِ وري ”بن موسيٰ“ وڌايل آهي، جنهن متعلق ڪوبه فيصلو ڪري نٿو سگهجي. پڻ ”شيبان“ کي هتي ”شهاب“ سڏيو ويو آهي- صحيح ڪهڙو آهي، سو خدا ٿو ڄاڻي. ”عثمان ثقفيءَ“ مان مراد شايد اهوئي ”عثمان، بن ابي العاص ثقفي“ آهي، جنهن بحرين جي گورنريءَ جي زماني ۾ پنهنجي ڀاءُ مغيره بن ابي العاص کي بحرين جي رستي کان ديبل ڏانهن موڪليو هو. (3) اصل ۾ ”هذيل بن الازدي “ آهي، جو غلط آهي، شايد ڪتابت جي سهوَ کان ”سليمان “ جو لفظ وچ ۾ رهجي ويو ٿو ڏسجي (ڏسو فتحنامو، ص218) (4) هيءَ ”گورج “ شايد ”ڪيرج “ جي بگڙيل صورت آهي، جو گجرات جي ”ڪيره “ ڀاڱي جو معرب ٿو ڀانئجي. پر محمد بن قاسم اهو ڪيرج فتح ڪونه ڪيو هو. هذيل بن سليمان ازديءَ کي فقط ڪڇ جو ڀاڱو هٿ هيٺ ڏنو ويو، جو ڪيرج (ڪيره) جي بادشاهه جي هٿ هيٺ هوندو هو، ۽ مسلمانن انهيءَ کي فتح ڪري ورتو هو. هن باري ۾ فتحنامي جي عبارت نهايت واضح آهي: ”وناحيت قصہ کہ ’دروهر‘ ملک کيرج داشت بهذيل بن سليمان الازدي داد‘ - ص218 ( ۽ ڪڇ وارو پاسو جو ڪيرج جي بادشاهه ’دروهر‘ جي هٿ ۾ هوندو هو، سو هذيل بن سليمان ازديءَ کي ڏنائين.) (1) اصل ۾ ”بابيہ“ آهي، جو غلط آهي، هي ”ڀاٽيه“ غالباً رياست بهاولپور وٽ واقع هو. (2) اصل ۾ ”عتبہ بن تميمي“ آهي، جو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص237). فتحنامي جي ساڳئي صفحي مان هيءُ به واضح ٿئي ٿو، ته محمد بن قاسم، عتبہ کي اسڪلنده جي قلعي جو والي بنايو هو، نه سڪه جو. (3) فتحنامي (ص241) ۾ ”خزيم بن عبدالملک تميمي“ لکيل آهي، نسخي ”ر-م“ ۾ ’بن تميم‘ لکي ٿو - والله اعلم. (4) اصل ۾ ”مهپور “ لکيل آهي، جو ڪاتب جو وهم ٿو ڏسجي. امير محمد بن قاسم، خزيم بن عبدالملڪ کي ”برهمپور “ جي قلعي ۾ مقرر ڪيو هو، جو جهلم جي ڪناري تي هو ۽ جنهن کي ”سوپور “ به سڏيندا هئا (فتحنامو، ص241) (5) اصل ۾ ”ديالپور “آهي، نسخو ”ن“ - ”ديبالپور“. (6) اصل ۾ ”داهر را حد مشخص نموده“ آهي، مگر اسان جي خيال ۾ ڪاتب جي ڀل کان ”داهر“ جي اڳيان ”ملک“ جو اکر وسري ويو ٿو ڏسجي - ٻيءَ صورت ۾ ڪابه معنيٰ نٿي نڪري. (1) اهو غلط آهي ته راجا ڏاهر جون ڌيئر ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ لڙائي جي ميدان ۾ موجود هيون. بلڪ ميدان ۾ ڏاهر سان گڏ ٻه ”ٻانهيون“ هيون، فتحنامي (ص 178-179) ۾ لکيل آهي: ”ودو کنيزک کہ باوي درعماري نشتہ بودند يکي اورا تنبول ميداد و ديگر تير مي داد ”(ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ جيڪي ٻه ٻانهيون ويٺل هيون تن مان هڪ هن کي پان ٿي ڏنو ۽ ٻيء تير ٿي ڏنا). هن کان اڳ صفحي 170 ۾ پڻ چيل آهي ته ”دو نفر کنيزک باوي درعماري بود - يکي تيرها پيءَ يکديگر مي داد و ديگري تنبول مي داد“. اهي ٻانهيون ڏاهر جي قتل ٿيڻ وقت گرفتار ٿيون هيون (فتحنامو، ص207) (2) هن قصي جي بنا فتحنامي جي روايت تي ٻڌل آهي، جا بلڪل غلط ۽ واهيات آهي. عربي تاريخن جي روايت موجب محمد بن قاسم، خليفي وليد جي مرڻ کان پوءِ، سندس ڀاءُ سليمان جي سياسي عداوت جو شڪار ٿيو هو (تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جو فتحنامي جي آخر ۾ محمد بن قاسم جي وفات تي نوٽ) ]باب ٽيون[ بنو اميه گهراڻي جي خليفن جي گورنرن جو طبقو(1) جڏهن محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن مٿي ذڪر ڪيل دستور موجب ”احنف بن قيس بن رواح“ اسدي اروڙ جو گورنر رهيو، ۽ ٻيا ماڻهو پڻ مٿي بيان ڪيل طريقي موجب، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي حڪومت تي قائم رهيا. ٻن سالن کان پوءِ، هندستان جا ماڻهو باغي ٿي ويا، باقي ديبالپور جي سرحد کان وٺي سمنڊ تائين اسلامي گورنرن جي هٿ ۾ رهيو. ٿوري وقت کان پوءِ ”ابو حفص قتيبه بن مسلم“ ، حجاج جي طرفان اچي، جيڪي ماڻهو اسلام جي شرف سان مشرف نه ٿيا هئا، تن تي جزيو رکي، پنهنجا نائب ڇڏي، خراسان هليو ويو. انهيءَ کان پوءِ جلد، ”تميم بن زيد“ پڻ حجاج جي طرف کان آيو. تنهن کان پوءِ، 96هه ۾، خليفي ”سليمان“ طرفان ”عامر بن عبداالله“ کي سنڌ جي گورنري ملي، ۽ 100 هجري ۾ خليفي ”عمر بن عبدالعزيز“ (رضي الله عنه) جي طرفان ”عمرو بن مسلم“ هندستان جي جهاد تي آيو، ۽ هن ملڪ جو ڪجهه حصو فتح ڪري، سنڌ جي ڪن بادشاهن کي مسلمان ڪيائين، جي وري خليفي ”هشام“ جي زماني ۾ مرتد ٿي ويا. جيئن پهرين جـُـلد ۾ بيان ٿي آيو، ”سليمان بن هشام“ (1) مروان جي لشڪر مان ڀڄي، سنڌ ۾ آيو هو ۽ بي فرماني ڪري سنڌ ۾ رهجي پيو هو، جڏهن ”سفاح“ (2) خلافت جي ]تخت [ تي ويٺو، تڏهن وڃي انهيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو(1). ”بني اميه“ خليفن جي گورنرن جي حڪومت جو دور 133هه تائين رهيو. هن طبقي جو سارو عرصو، 93هه جي ابتدا کان وٺي، بيان ٿيل انتها تائين، چاليهه سال آهي. بني اميه خليفن جا گورنر جڏهن هيتري انداز ۾ سنڌ جي حڪومت ڪري چڪا، تڏهن هاڻي ”بنو عباس“ گهراڻي جي گورنرن جو وارو آيو - پر، پهريائين گذريل زماني جا ڪي پويان حالات ]بيان ڪرڻ[ ضروري آهي، جيئن هي نسخو مقصودي حالات مان ننڍن خواهه وڏن احوالن جو جامع هجي. مخفي نه رهي، ته جڏهن سنڌ تي بنو اميه جا گورنر راڄ ڪري رهيا هئا، تڏهن سنڌ جا ڪي بادشاهه، ظاهري ڏيک لاءِ، وقت جي بادشاهه جي اطاعت تي قائم هئا، جن مان ”دلوراءِ“ به هڪڙو هو. هو ”راءِ“ گهراڻي جي نسل مان هو، ۽ ”دلور“ جي شهر ۾ رهندو هو، جو سندس نالي پٺيان سڏيو ٿي ويو، ٻيو ”ڀنڀور راءِ“ ڀنڀور شهر ۾، جنهن کي پاڻ اَڏايو هئائين، انهن ڏينهن ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو، جنهن جو مختصر احوال شروع ڪجي ٿو. سسئي - پنهونءَ جي احوال جو بيان ”تانيه“ نالي هڪ برهمڻ، ”منڌر“ نالي پنهنجي زال سان، سکيو ستابو، ”دلوراءِ“ جي حڪومت ۾، ”ڀانڀر واهه“ (برهمناباد) ۾ رهندو هو. هو ٻئي فرزند جا طالب هئا. ٿوري وقت کان پوءِ، انهن کي هڪ اهڙي ڌيءَ ڄائي، جنهن جي حسن تي چوڏهينءَ جو چنڊ به ريس ڪري رهيو هو. ]23[ اتفاقاً، سندس طالع ۾ ڏسڻ تي معلوم ٿيو، ته هوءَ هڪ مسلمان جي زال ٿيندي. آخرڪار، ڌرم جي عار کان بچڻ خاطر، ڦـَـٽيل دل سان، انهيءَ دُرِ يتيم کي صندوق جي صدف (سپ) ۾ رکي، درياه ۾ لوڙهي ڇڏيائون. اتفاقاً انهيءَ صندوق کي پاڻي ”ڀنڀور“ ڏانهن لوڙهي کڻي آيو. انهيءَ شهر ۾ ”منهيه“ ۽ ڪن جي چوڻ موجب ”لار“ ، نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن کي پنج سؤ شاگرد هئا، پر ٻار ڪونه هو. صندوق جڏهن شاگردن جي اڳيان اچي لنگهي، تڏهين هو اها استاد وٽ کڻي ويا. کولڻ تي، قدرت جي برج مان هڪ چنڊ اڀري پيو. سندس نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي، کڻي پنهنجو ٻار بنايائين. هوءَ جڏهن جوان ٿي، تڏهن سندس محبت جي نشتر سڀ ڪنهن سهڻي جي دل ۾ چـُـڀي وئي، ۽ جنهن به کيس ٿي ڏٺو، سو سندس خريدار ٿي ٿيو. اڪثر ماڻهو سندس عشق ۾ دل ڦرائي ويٺا، ۽ جتي به وهندي هئي، اُتي سندس چوڌاري ڪَتيءَ وانگر حلقو ٻڌندا هئا، ۽ سندس شوق ۾ پکيءَ مثل اڏامندا هئا! انهيءَ زماني ۾، ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا واپار لاءِ هـِـن پاسي ايندا هئا، جن وڃي هن چنڊ جي ٽڪر جي خبر ڪيچ جي حاڪم جي پٽ ”پنهونءَ“ وٽ پهچائي. هو ٻڌڻ سان دل کسائي ويٺو، ۽ قافلي وارن جو ويس پهري ڀنڀور ۾ آيو، جتي سسئيءَ کي ڏسي، دل هٿن مان نڪري ويس. نصيب چڱي هجڻ ڪري، طالب کي پڻ مطلوب جي دل ۾ جاءِ ملي، ۽ وصال جي اميد ۾، هن جي پيءُ جي شاگردي اختيار ڪري، ڌوٻيءَ جو لباس پهريائين. (هن وچ ۾ ڪيئي احوال آهن، جن جي بيان کان طوالت جي خوف کان واڳ ڦيرايون ٿا). قـصو ڪوتاهه - سسئي، پنهونءَ تي گهڻو مفتون ٿي پيئي، ۽ جيئن رسم آهي، ڪهڙيءَ سوناريءَ عورت پنهنجي مطلب خاطر، هنن ٻنهي طالب ۽ مطلوب کي ڦٽائڻ جي فڪر ۾ پئجي، پنهونءَ کي غيرت ڏياري، سسئيءَ کان رنجيدو ڪري وڌو. هوڏانهن سسئي، جا عشق ۾ سچي هئي، تنهن پاڻ کي باهه جي مچ مان خالص سون وانگيان پاڪ ۽ صاف ٻاهر ڪڍي ڏيکاريو، جنهن تي سڀ ماڻهو عبرت کائڻ لڳا. ٿوري وقت کان پوءِ، طالب (عاشق) جي مطلوب (معشوق) سان سهڻي نموني سان شادي ٿي. هوڏانهن، پنهونءَ جي پيءُ هن حال کان واقف ٿي، ٻين پٽن کي چيو، ته ”ڪيئن به ڪري انهيءَ دل ڦرايل کي وٺي اچو“ . هنن اچي پنهونءَ سان ملاقات ڪئي، ۽ مهمان ٿي، رات جي وقت سسئيءَ کي بي خبريءَ جي حالت ۾ ڇڏي، پنهونءَ کي ڪڙي، اٺ تي سوار ڪري، پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا. سسئي پوئينءَ رات جو جاڳي، ته پنهنجي بخت بيدار جو مـُـلڪ ننڊ جي لشڪر هٿان لٽيل ڏسي، بي اختيار، ڪپڙا ڦاڙي، اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي محبوب جي پويان پئجي، شوق جي قدم سان سخت ڏونگر ڏورڻ لڳي. اٽڪل چاليهه ڪوهه پنڌ ڪري چڪي، ته اڃ کان بيتاب ٿي ڪري پيئي، ۽ جيئن ڪو ماڻهو سڪرات جي وقت زمين تي ڇڙيون هڻندو آهي، تيئن زمين تي پير مهٽڻ لڳي. خدا جي قدرت سان، زمين ۾ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ تلاءُ پيدا ٿي پيو، جنهن مان پاڻي پي تازي تواني ٿي. معتبر ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي، ته اهو تلاءُ اڃا تائين پاڻيءَ سان ڀريل رهندو آهي، ۽ کڻي ڪهڙا به ڏڪر جا سال ايندا آهن، پر اهو ڪنهن به وقت خشڪ نه ٿيندو آهي. هن واقعي کان اڳ ۾ سسئيءَ رات جو ميندي لاتي هئي، ۽ دستور موجب جيڪا مينديءَ جي ٽاري هٿ ۾ ڪري ستي هئي، سا سجاڳيءَ کان پوءِ به هٿ ۾ هيس، جا پاڻ سان کڻي نڪتي هئي، سا انهيءَ تلاءَ تي پوکيائين. قدرت سان انهيءَ ٽاريءَ مان سرسبز وڻ ٿيو، جو اڃا تائين ان دل ڦٽيل جي يادگار طور قائم آهي. قصو مختصر- تازي تواني ٿيڻ کان پوءِ سسئيءَ اتان اڳتي ڪاهيو، ]24[ ۽ اٽڪل ڇهه ست ڪوهه ٻيا به جبل جو رستو جالي وئي. تنهن کان پوءِ وري اڃ ۾ مبتلا ٿي. اتفاقاً، هڪڙي ڌنار پريان ڏسي، منجهس لالـچ جي نظر وجهي، ويجهو اچي کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ چاهيو، جنهن تي سسئيءَ ]هڪل ڪري[ چيس ته ”اي بي انصاف! مان اڃ کان بيتاب آهيان ۽ تون منهنجي ڪڍ حيران آهين! توکي پهريائين ته مون کي ڍؤ ڪرائڻ گهرجي.“ ڌنار تڪڙو تڪڙو ڌڻ ۾ ويو ته هن لاءِ ڪجهه کير ڏهي، کڻي اچي. هيڏانهن سسئي، جا يار جي ڏس کان نا اميد ٿي چڪي هئي ۽ پاڻ کي ههڙيءَ مصيبت ۾ مبتلا ٿي ڏٺائين، دل جي درد مان الاهي درگاهه ۾، جوئي بي چارن جو چاره ساز آهي، ٻاڏايو، ۽ انهيءَ غول بيابانيءَ کان پناهه گهري. الله پاڪ جي قدرت سان جبل ڦاٽي پيو، ۽ جيئن لعل پٿر جي وچ ۾ هوندو آهي، تيئن انهيءَ دل ڦٽيل کي به پٿر جي دل ۾ جاءِ ملي، باقي ]عام ماڻهن جي[ عبرت ۽ محبوب کي ڏس ڏيڻ لاءِ، سندس چادر جي چنـُـج ٻاهر رهجي وئي. ڌنار کير کڻي آيو ۽ اچي قدرت الاهيءَ جو تماشو ڏٺائين، ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ رسم موجب قبر جي نشانيءَ لاءِ پٿر جو لوڙهه ٺاهي ڇڏيائين. عشق ۽ محبت جا ڦٽيل هن طرح ڳالهه ڪن ٿا، ته جڏهن پنهونءَ کي ڪڙي، پيءُ وٽ کڻي ويا، تڏهن هو اتي ايترو ته بيقرار ٿيڻ لڳو، جو پڻس کي اچي سندس مرڻ جي ڊپ ورايو، ۽ لاچار ٿي سندس ڀائر وري به ساڻس گڏي ڏنائين، ته ”ڪيئن به ڪري سندس محبوب کي پڻ وٺي اچو“ . موٽندي، سسئيءَ جي قبر وٽ پهچي، تازا نشان ڏسي ]پنهون[ حيران ٿي بيهي رهيو. اندر جي ڇڪ کيس محبوب جو پتو ڏنو. ظاهري ثابتيءَ خاطر احوال جاچڻ لڳو. اوچتو مٿي ذڪر ڪيل ڌنار وقت تي پهچي، سربستو احوال ٻڌايس. ]جنهن تي پنهون[ هڪدم اٺ تان لهي، ڀائرن کي چيو، ته ”ٿورو ترسو ته مان هن لوڙهه جي زيارت ڪري وٺان“ . بس پوءِ ته پاڻ کي لوڙهه جي مٿان ڦٽو ڪري، ڪريم ڪارساز جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، محبوب جي وصال جي درخواست ڪيائين ۽ جنهن صورت ۾ بيوسيلن جي وسيلي جي درگاهه ۾، ڪنهن به اميدوار کي، نااميديءَ جي صورت ڏسڻي ڪانه پوندي آهي، تنهن ڪري قادر باڪمال جي قدرت سان هڪدم جبل ڦاٽي پيو ۽ کيس به جاڙي باداميءَ وانگيان هڪڙيءَ ئي کل ۾ جاءِ ڏنائين. انهيءَ وقت کان وٺي هيءُ عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي، حال ۽ قال جا صاحب هيءُ احوال انهيءَ عاشق ۽ معشوق جي واتان، جن مان هر هڪ درحقيقت عاشق به هو ته معشوق به، سنڌي بيتن ۾ ’حسيني‘ سر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو ڳوليندا ۽ لهندا آهن، مطلب ته انهن ٻن واصلن جي تاثير سان، وجد ۽ سماع وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي. ”مير معصوم“ بکريءَ هن قصي کي ”مثنوي حسن و ناز“ ۾ بيان ڪيو آهي. تنهن کان سواءِ ”قاضي مرتضيٰ“ سورٺيءَ، ساڪن ديهه ]25[ ’ڪتيانه‘ ، محمد شاهه بادشاهه جي زماني ۾ هڪ خاص طرز ۾ ]ان کي[ نظم ڪيو هو. نقل آهي، ته ”اسماعيل“ نالي هڪ ملتان جو رهندڙ درويش، هنن ٻن عشق ۽ عاشقيءَ جي ملڪ جي شهنشاهن جي زيارت لاءِ آيو، ۽ پنهنجي اٺ کي پري ڇڏي، ٻنهي جي ديدار جي لالـچ رکي، ٽي ڏينهن بک تي ويهي رهيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ، هڪ پوڙهي عورت ڪجهه مانيون ۽ ٿورو پاڻي کڻي ظاهر ٿي. ]درويش[ چيو، ته ”جيستائين سسئيءَ ۽ پنهونءَ کي نه ڏسندس، تيستائين هرگز ڪجهه به نه کائيندس“ . ]ٻڍيءَ[ وراڻيو ته ”سسئي آءٌ آهيان، باقي پنهونءَ جي ڏسڻ جي لالـچ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته زماني تي اعتبار ڪونهي، ۽ آءٌ ]اڳيئي[ ڏيرن جي ڏڌل آهيان، هيءُ احوال ]بلڪل[ دردناڪ آهي“ . درويش چيو، ته ”مون کي پڪ ڪيئن ٿئي ته تون سسئي آهين؟ ڇو ته سسئي نوجوان ۽ حسن واري هئي ۽ تون ٻڍي عورت آهين“ . هن هڪدم پاڻ کي انهيءَ اصلوڪيءَ جوانيءَ ۽ جمال ۽ ظاهر ڪري چيو، ته ”ٿورو کاءُ“ . درويش جواب ڏنو ته ”توهان ٻنهي جي ڏسڻ کان سواءِ هرگز ڪابه شي نه کائيندس، اگرچه بک ۾ مري ويندس، ڇاڪاڻ ته مون اهڙو انجام ڪيو آهي“ . آخر، گهڻي مبالغي ۽ قسم قسمات کان پوءِ، سسئي قبر ۾ وڃي پنهونءَ کي چيلهه تائين ٻاهر ڪڍيو، ليڪن هوءَ چنڊ جهڙي پاڻ به ’جواز‘ وانگيان کيس ٻنهي هٿن سان ڀاڪر ۾ وٺي بيٺي، ته متان اڳئين وانگر ڪو کيس ڦري وڃي. مطلب ته انهيءَ طريقي سان ڪيترن صفائيءَ وارن بزرگن هن کي ڏٺو آهي. انهيءَ جاءِ تان اٺ تي سوار ٿي لنگهندڙ لاءِ چڱائي ڪانه ٿيندي آهي، ۽ جيڪو وڃي سندس قبر تي جاڳندو، ته باوجوديڪ اتي هن وقت ويراني آهي، هو غيبي مهمان ٿي رهندو. هيءُ احوال اجماليءَ طور ادا ڪرڻ کان پوءِ، اصلي مقصد ڏانهن رجوع ٿيون ٿا. _______ ]باب چوٿون[ عباسي گهراڻي وارن جي گورنرن جو طبقو(1) جڏهن ’عباسي‘ گهراڻي جو پهريون خليفو ”سفاح“ خلافت جي تخت تي ويٺو، تڏهن سن133 هه ۾ پهرين فوج(1) سنڌ ڏانهن موڪلي، ’بنو اميه‘ جي گورنرن کان سنڌ کسي ورتائين. چئن سالن کان پوءِ، ”ابو جعفر منصور“ عباسيءَ سنڌ ۽ هند تي وري ٻيو لشڪر چاڙهي موڪليو. هارون رشيد جي وقت ۾ فضل برمڪيءَ جو ڀاءُ ”موسيٰ برمڪي“ سنڌ جو گورنر ٿي آيو، ۽ جيڪا به آمدني ٿـَـي ٿي، سا سخا ڪندو ٿي ويو، جنهن ڪري موقوف ڪيو ويو، ۽ سندس جاءِ تي ”علي بن عيسيٰ بن ماهان“ مقرر ٿي آيو. انهيءَ وقت ۾ ’ساڪوره‘ (ساڪرو) جي سرزمين ۾ ’ٿرڙيءَ‘ جو مضبوط قلعو، ’بڪار‘ جو شهر ۽ انهيءَ سر زمين يعني الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون، هڪ وڏي تبع تابع(2) شيخ ابوتراب جي هٿان، جنهن جي مزار ٻين شهيدن (جي مزارن) سان گڏ خدا وارن لاءِ زيارت گاهه آهي ۽ سندس گنبذ تي تعمير جي تاريخ 171هه لکيل آهي، فتح ٿيون هيون، ۽ ڀنڀور جو شهر ۽ ٻيا مٿي بيان ٿيل ڳوٺ ويران ٿي رهيا هئا، ۽ ماڻهو ٻين جاين ڏانهن لڏي رهيا هئا. تنهن کان پوءِ، ”ابوالعباس“ سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ گهڻو عرصو اتي رهيو. مامون جي وقت ۾ هندستان جو ڪجهه حـصو وڌيڪ سندن گورنرن جي هٿ ۾ آيو] 26[. تنهن کان پوءِ، بغداد جي ”آل تميم“ جا ڪي ماڻهو سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿيا. ’سامره‘ جا رهاڪو عرب پڻ وڏي انداز ۾ تميم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا، ۽ سڪونت اختيار ڪيائون. گهڻي عرصي گذرڻ ڪري جيئن ’بني تميم‘ مان بگڙي ”ٿهيم“ ٿي پيو، ساڳيءَ طرح ’سامره‘ وارن مان پڻ هزارن جي تعداد ۾ مستقل قوم (قبيلو) ”سومرا“ تيار ٿي پيئي، جنهن ۾ ڪيئي سرڪش سردار پيدا ٿيا، جن جو بيان اڳتي هلي ٿيندو. نيٺ ”القادر بالله، ابو العباس احمد بن اسحاق بن المقتدر بالله“ جي خلافت ]واري وقت[ ۾، رمضان شريف 416هه جي وچ ڌاري، سلطان محمود غازي، غزنيءَ کان ملتان پهتو، ۽ اچ هٿ ڪري، القادر بالله جي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيائين، مٿي ذڪر ڪيل ابتدا موجب، عباسي خليفن جي گورنرن جي حڪومت جو عرصو جملي ٻه سو ٽياسي سال آهي. مخفي نه رهي، ته ’سومره‘ قوم (قبيلو) درحقيقت ٻه سؤ ورهيه اڳي، سنڌ ملڪ جي ڪجهه حـصي تي غالب هئي، پر جنهن صورت ۾ ڍل ڀريندا هئا، ۽ مسلمان حاڪمن جي اطاعت جو ڳانو پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌيو ايندا هئا، تنهن ڪري انهن جو ذڪر نه ڪيو ويو، بلڪ غزنوين، غورين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن جي گورنرن جي بيان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، سندن حڪومت جي علحدي ذڪر ۾، انهن جا ڪي نالا ۽ احوال ذڪر ڪيا ويندا. ]باب پنجون[ غزنوين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن غورين جي گورنرن جو طبقو پهريائين سلطان ”محمود“ غازيءَ جي وزير عبدالرزاق سنہ 417 هه ۾ بکر جي فتح کان فارغ ٿي، سيوستان ۽ ٺـٽي پهچي، بنو اميہ ۽ بنو عباس جي ماڻهن مان انهيءَ ملڪ ۾ ڪو به ڪونه ڇڏيو(1). صرف اهي چند ماڻهو جيڪي فضيلت ۽ چڱيءَ حالت جا مالڪ ۽ اهل عيال جي پابنديءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا، سي شرعي عهدن ۽ وظيفن تي قائم رهيا. نسب جي ڄاڻن اهڙا ارڙنهن(18) قبيلا ثابت ڪيا آهن، جن مان ”ثقفي“ ، بکر ۽ اروڙ جي قاضين جو قبيلو، موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان آهي. عربي زبان ۾ سنڌ جي فتح جي تذڪري جو پهريون لکندڙ، ”قاضي اسماعيل“ بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي(1) اُنهن مان آهي. سندس ڏاڏي بزرگوار موسيٰ بن يعقوب کي محمد بن قاسم اروڙ جي قلعي فتح ڪرڻ وقت اتي جي قضا ۽ خطابت ]جي عهدي[ تي ڇڏيو هو. ”تميمي“ ۽ ”آل مغيره“ ، جيڪي لهجي جي مـَـٽ سـَـٽ جي ڪري هو ’ٿهيم‘ ۽ هو ’موريه‘ ٿي پيا آهن. ’عباسي‘ ، ’صديقي‘ ، ’فاروقي‘ ۽ ’عثماني‘ آهن، جن جو اولاد اڄ تائين ساريءَ سنڌ ۾ رهي ٿو، ]حضرت[ ”حارث“ جي اولاد مان ’پنهور‘ آهن، ’منگي‘ قوم(قبيلو) ’تميمين‘ جي هڪ شاخ آهي، ”جبريه“ (2) قبيلو، جن مان هالاڻيءَ وارو ’شيخ طائي‘ آهي، ”بني اسد“ قبيلو- جن مان ’شيخ ترهه‘ ، فتحپور ۾ بيان ٿيندو، ”آل عتبه“ جو قبيلو، جن مان ’قاضي برهان‘ ساڳيءَ فتحپور ۾ موجود آهي، ”بنوائيءَ“ جي صوفين جو قبيلو- جن مان ’ريل‘ جا ڪي درويش آهن، ”حاڪم“ جو اولاد، جهانگارن واري ”باجر“ قوم(قبيلي)، ’جريمه‘ انصاريءَ جو اولاد، جن مان ”سپيه“ قوم (قبيلو(سيوستان ]27[ جي مالڪ آهي، ۽ جت ۽ بلوچ ”محمد بن هارون“ مڪرانيءَ(1) جو اولاد آهن، وڌيڪ فائدي لاءِ، جتن ۽ بلوچن جي شجري جو تفصيل مختصر طور ڏجي ٿو. جتن ۽ بلوچن جو شجرو محمد بن هارون مڪراني، جنهن جو ذڪر مڪرانَ جي گورنرن جي سلسلي ۾ ٿي آيو، ۽ جو سنڌ جي فتح وقت محمد بن قاسم سان ارمن ٻيلي (لس ٻيلي) تائين آيو هو، ۽ اتي ئي وفات ڪري دفن ٿيو هو، سو نسب جي عالمن جي فيصلي موجب، جنهن جي جوابداري انهن تي آهي، ”محمد بن امان بن عبدالرحيم بن حمزه بن عبدالمطلب“ جو پٽ هو. ڪنهن وقت امير حمزو رضي الله تعاليٰ عنه شڪار ڪندي وڃي ڏورانهين ملڪ ۾ نڪتو، ۽ رڻ پٽ ۾ اڪيلو رهجي ويو. جنهن صورت ۾ خدا تعاليٰ جون پنهنجن خاص بندن سان مهربانيون هونديون آهن، تنهن ڪري انهيءَ رڻ پٽ ۾ سندس وندر لاءِ هڪ پري پيدا ٿي، ۽ خدا جي حڪم سان سندس لاءِ حلال ٿي. هڪ صحبت کان پوءِ اها وحشت، اڪيلائي ۽ ٿڪ دور ٿي ويا، تڏهن خدا تعاليٰ جي حڪم سان پري نظر کان غائب ٿي ويئي، ۽ امير (حمزو) پنهنجي ملڪ واپس موٽي آيو، مٿينءَ پريءَ کي ”عبدالرحيم“ پٽ پيٽ ۾ ٿيو، ۽ ڄڻيائين. قصو مختصر، ته محمد بن هارون کي ستن زالن مان پنجاه پٽ ڄاوا: 1- عيسيٰ، 2- مهران، 3- حجاز، 4- سهتڪ، 5- بهرام، 6- رستم ۽ 7- جلال، هڪ ماءُ نالي ”حميرا“ مان آهن، 1- مزيد، 2- جمال، 3- راڌو، 4- بهلول، 5-شهاب، 6- نظام، 7-جلال ۽ 8- مريد، هڪ ماءُ نالي ”حميريءَ“ مان، 1- رودين (شايد رائڏنه)، 2- موسيٰ، 3- نوتي، 4- نوح، 5- منده ۽ 6- رضي الدين، ”مريم“ مان، جلال، ”عائشه“ مان، 1-آدم، 2-ڪمال، 3- احمد، 4-حماد، 5-حامد، 6-سعيد ۽ 7- مسعود، مسمات ”مديءَ“ مان، 1- شير، 2- ڪوهه، 3- بلند، 4- ڪدڪ، 5- نور الدين، 6- حسن، 7-حسين، 8- سليمان ۽ 9- ابراهيم، ”فاطمه“ مان، 1- عالم، 2- علي، 3- تيرڪش، 4- بهادر، 5- تيغ زن، 6- مبارڪ، 7- ترڪ، 8- طلحه، 9- عربي، 10- شيراز، 11- تاج الدين ۽ 12- تخت گير، گلستان برگ ”حوا“ مان. جڏهن ته ]محمد بن هارون[ حجاج جي حڪم موجب، جئين مٿي بيان ٿي آيو، مڪران کي صاف ڪري گذريو هو، تنهن ڪري اتان جي زمينداري آس پاس سميت اڌواڌ ڪري، هڪ اڌ جلال کي ۽ ٻيو اڌ سندس ڀائرن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿيو، ۽ گهڻو اولاد ته ٻين قومن سان گڏ (جيڪي ساڻن مليل هيون) انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ لڳو. باقي ’جلال الدين‘ جو اولاد ڀڄي اچي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ پهتو، جن جو اولاد سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي، ۽ بي انداز راڄن ۾ ]ورهايل[ آهي. قوم لوڌه (لـَـڊا) ”لوده“ (لـَـڊا) قوم(قبيلو)، جنهن کي ”لوليان“ (لولا) پڻ سڏيندا آهن، ]انهن جي[ حقيقت هن طرح آهي، ته حـضرت سليمان، جنن جي هڪ ٽوليءَ کي ڪجهه سـُـريتين خريد ڪرڻ لاءَ روم موڪليو هو، رستي ۾ هڪ جن جو ”لوليا“ نالي هڪ ٻانهيءَ سان ميلاپ ٿي ويو، ۽ سندس رحم (ڳهڻ) ۾ نطفو رهجي ويو. حضرت سليمان کي اها خبر پئي، ته اها ٻانهي انهيءَ جن کي بخش ڪيائين، جنهن مان ”لوده“ (لڊي) نالي هڪ مرد پيدا ٿيو. گهڻي وقت گذرڻ ڪري، سندس اولاد عربن ۾ گڏجي ويو، ۽ سنڌ فتح ڪرڻ وقت هتي اچي رهيا، يا انهيءَ کان اڳ اچي هن سرزمين ۾ رهيا هوندا. سمه قوم جي شجري جو بيان (جن جي بيان جي ضمن ۾ سنڌ ملڪ جي مخصوص تاريخ سان لاڳاپو رکندڙ جملي احوال ظاهر ٿيندا). ”سام“ ، جو نسب دانن جي اختلاف جي بنا تي، هڪڙي قول موجب ’عمر بن هشام بن ابولهب‘ جو پٽ آهي، ٻئي قول موجب ’عمر بن عڪرمه بن ابي جهل‘ يا ’عڪرمه بن عصام بن ابوجهل‘ جو پٽ آهي، پر وڌيڪ صحيح قول هيءُ آهي، ته هو ”جمشيد“ جي اولاد هو، جيئن ’جام‘ (ڄام) جو لقب انهيءَ تي دلالت ڪري ٿو، يا مرڳوئي ’سام بن نوح‘ عليه السلام جي اولاد مان هو، تنهن کي چار پٽ هئا: هڪ ”بدها“ ، جنهن جو اولاد، ٻدهه، سومره(1)، سهته، ادا کهيل(2)، اوتار، امره ۽ نهدير، وغيره، جملي سورنهن پٽ هئا، جيڪي ”راٺوڙ“ جي لقب سان مشهور آهن، ٻيو ”سنگا“ ، ٽيون ”همهر“ ، چوٿون ”ڀاڳرت“ ، جنهن کي هڪ پٽ ”ڏيره“ (3) نالي سان ڄائو، ۽ انهيءَ کي ”اجيپار“ نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ ”دسرت“ ڄائو. چون ٿا، ته دسرت کي ٽي زالون هيون: هڪ ڪسيلا (ڪوشليا)، ٻي ڪيليه (ڪيڪئي) ٽئين سميا(4). ”ڪسيلا“ مان ٻه پٽ، ”رام“ ۽ ”لکمڻ“ (لڇمڻ) پيدا ٿيا، ”ڪيليا“ مان هڪ پٽ، ”ڀرت“ نالي، ۽ ”سميا“ مان هڪ پٽ ”چترگن“ نالي ڄائو. سنگا ولد سام پڻ اولاد ڇڏيو. همهر بن سام کي پڻ ’تودر‘ جي نالي ]سان مشهور[ اولاد آهي. دسرت جي پٽ ڀرت جو اولاد ’پرهار‘ ، ’جانسپا‘ ’ڪوريجه‘ ، ۽ ’ناهه‘ جي نالي سان باقي آهي. چـُـترگن ولد دسرت جو اولاد ’چـُـئرا‘ جي نالي سان مشهور آهي. ڀرت جي پٽ لکمڻ (لـڇـمڻ) کي ڪو اولاد ڪونه رهيو. رام بن دسرت هڪ پٽ ”تواڪس“ نالي ڇڏيو، جنهن کي ”اتت“ نالي پٽ ٿيو، انهيءَ کي هڪ پٽ ”تتت“ ، انهيءَ جو پٽ ”نرگنت“ ، نرگنت جو پٽ ”ڪـِـن“ هو، ”ڪن“ جو شهر انهيءَ جي نالي سان مشهور آهي، ڪن جي پٽ کي ’سنبوت راجا‘ جو لقب مليو، سنبوت راجا کي چار پٽ ڄاوا: هڪڙو ”سام“ ، ٻيو ”پرڪرره“ ، جنهن کي ’شاهه‘ پڻ چوندا آهن، ٽيون ”هنرت“ ، جنهن کي ’دکن‘ پڻ چوندا آهن، ۽ چوٿون ”ماده“ . سنبوت راجا جي پٽ سام کي ”جادم“ نالي پٽ پيدا ٿيو، جادم ولد سام بن سنبوت کي چار پٽ ڄاوا. هڪڙو ”هسپت“ ، جنهن جو اولاد ’سند سما‘ آهن، ٻيو ”ڪجپت“ ، جنهن جو اولاد ’چغده‘ آهن، ٽيون ”ڀوڀت“ ، ’ڀٽي‘ قوم(قبيلو) انهيءَ جو اولاد آهي، چوٿون ”چوڙا سما“ ، جنهن جو اولاد، ’سورٺ‘ جي سرزمين واري ڪرنال (گرنار) جي قلعي جو حاڪم ”راءِ ڏياچ“ هو، جنهن جي حشمت خلق ۾ آهي، ۽ جنهن پنهنجو سر الله جي واٽ ۾ وقف ڪيو هو، سندس زال ’سورٺ‘ جي ساڻس عجيب محبت هوندي هئي. انهن زال ۽ مڙس جي ]پاڻ ۾[ عشق ۽ محبت جي تاثير کان، سندس سر ڏيڻ جو موقعو خاص ’سورٺ‘ جي سر ۾ ]ڳائڻ سان[ حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي: هسپت ولد جادم بن سام بن سنبوت راجا کي ”ابدري“ نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي ”نيٿ“ نالي پٽ ڄائو، انهيءَ مان ”نوتيار“ تنهن مان ”اودها“ ، انهيءَ مان ”اودهه“ ]29[، تنهن مان ”لاکيار“ ، انهيءَ مان ”لاکهه“ ]پيدا ٿيو[- لاکي بادشاهي ڪئي هئي، هن ”بوڻهي جاره“ ]قوم[ مان شادي ڪئي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙو ”اودهه“ هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيو، ۽ ”اودهه“ سندس رهڻ جي هنڌ جو لقب آهي، ٻيو ”مهر“ ، جنهن کي چار پٽ هئا، 1- سيته، 2- دتيرهاٿاري، 3- ورها (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه ٿيو)، ۽ 4- ساند (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه هو). چون ٿا، ته مٿئين لاکي پيريءَ ۾ ٻي زال پرڻي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا، 1- انڙ، 2- ڇٽو، جنهن جو اولاد ’بابڙا‘ ، ”دنڪنه“ ۽ ’ڪلا‘ آهن، 3- ڦل لاکهه، مشهور ]قوم[ ”ڦلائي“ انهيءَ جو اولاد آهن، ۽ 4- مناهيه. لاکي جي پٽ انڙ کي ”لاکي“ نالي پٽ ڄائو، جنهن کي ”سمي“ نالي پٽ پيدا ٿيو. سمي بن لاکي بن انڙ بن لاکي کي ٻه پٽ ڄاوا، 1- ڪاڪو ۽ 2- جکرو. ڪاڪو حڪومت جو مالڪ ٿيو- ديهه ”ڪاڪا“ (شايد ڪڪڙ) سندس نالي تي آهي، انهيءَ کي ٻه پٽ ڄاوا، هڪ پلي، ٻيو رائدن (رائڏنه). پليءَ جي اولاد مان ”مسرق“ سمون سردار ٿيو. رائدن ولد ڪاڪي کي نو پٽ ڄاوا، انهن مان ]هڪ[ ”سمه“ آهي، ’سميجا‘ انهيءَ جو اولاد آهن، ]ٻيو ”نوتيار“ ، سڀ ’نوت‘ انهيءَ جو اولاد آهن، ]ٽيون[ ”لاکهه“ ، سندس اولاد آهن: ’لنجار‘ ، مخدوم ”سهار“ (ساهڙ) لنجار عليه الرحمت، جنهن جو بيان مشائخن جي ذڪر ۾ ٿيندو، انهيءَ جي اولاد ۽ پيڙهيءَ مان آهي، ]چوٿون[ ”ابڙو“ ، انهيءَ جو اولاد ’ڏاهرناهيه‘ ۽ ’فل ناهي‘ آهن، ]پنجون[ ”ناهيه“ - ڪن جو چوڻ آهي، ته ناهيه ’رائده‘ جي اولاد مان آهي(1)، ]ڇهون[ ”چنيسر“ پڻ رائدن جي اولاد مان پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي گذريو آهي، ]ستون[ ”مناهيو“ ، ]اٺون[ ”ڪوريو“ ، ’منڌرا‘ (1) قوم(قبيلو) هنن ٽنهي جو اولاد آهي، ]نائون[ ”پلي“ ، جو سردار ٿيو. کيس ٻه پٽ هئا: هڪ ”اودهه“ ، جنهن جي اولاد کي ’بهريه‘ (ڀريا)، ’اودهيجه‘ (اڌيجا)، ۽ ’ڪوريه پوٽا‘ چوندا آهن، پليءَ جو ]ٻيو[ پٽ ”ساند“ نالي پڻ قوم(قبيلي) جو سردار ٿيو. پليءَ جي پٽ ساند کي پڻ ست پٽ هئا: پهريون ”ڪاڪو“ - سندس اولاد ’ڪاڪيجا پوٽا‘ ، ٻيو ”جاڙو“ . سندس اولاد ’جاڙيجا‘ ، ٽيون ”ويرو“ ۽ ڪن جي چوڻ موجب ”نارو“ ، جنهن جو اولاد ”ناريجا“ آهي، پنجون(2) ”هڱورو“، سندس اولاد ’هڱورجا‘ ، ”اوڍيجا“، “ جڪسيا ” ۽ “ دورها ” (ڍورا) آهن، ڇهون ڏيرو، سندس اولاد ”ڏيرا سما“، جي ڪڇ ۾ موجود آهن، ستون ”ڄام هوٿي“. انهيءَ کي پنج پٽ جاوا: هڪڙو ”هالو“، سندس اولاد ’هالار‘ قوم(قبيلو) مشهور آهي، ٻيو ”هڱورو“، جنهن جو اولاد ڍوري هڱوري، جار هڱوري ” ۽ رام دهين ۾ رهن ٿا، ۽ انهن جڳهين کي انهن ئي آباد ڪيو آهي، ”ساهڙ“، سندس اولاد ’ساهڙ سما‘ ديهه ’ساهڙ سمي‘ جا باني ۽ رهندڙ آهن، چوٿون ”چيلاريو“ مشهور ’نهريه‘ قوم(قبيلو) انهيءَ جو اولاد آهي، ۽ پنجون ”ڄام هاپر“. ڄام هاپر کي ٻه پٽ هئا: ”راهوجو“ ۽ ”ڄام جوڻو“. ڄام جوڻي کي ”ڪرراهو“ نالي پٽ پيدا ٿيو. ڪرراهوءَ کي ٽي پٽ ٿيا: پهريون ”ساند“، سندس اولاد ’راهوما‘ ، ’لاکاٽيا‘ ۽ ’جکرا‘ ]آهن[، ٻيو ”سومره“ جنهن کي اولاد ڪونه رهيو، ۽ ٽيون ”لاکو“ ڄام. لاکي ڄام کي ”ڪاهي“ نالي پٽ پيدا ٿيو. انهيءَ کي ]30[ “ لاکي ” نالي پٽ ڄائو، ۽ سندس (ڪاهي جي) مري وڃڻ کان پوءِ، ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو پيءُ وارو نالو ”ڪاهو“ رکيائون. مٿئين ڪاهي جي ڀاءُ لاکي بن ڪاهي کي ٻارنهن پٽ هئا: انهن مان هڪڙو ڄام ”جوڻو“ هو، جنهن جي اولاد مان ’ساموئيءَ‘ جا ويٺل سنڌ جا بادشاهه سما آهن (جن جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿيندو)، ٻيو ”انڙ“، انهيءَ ’بهريه‘ (ڀريا) ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين، ٽيون ”پلي“، هن جو اولاد ’پلي سما‘ ، چوٿون ”ڪاهو“، تنهن جو اولاد ’سوڍياري سما‘ ، پنجون ”اوٺو“، ان جو اولاد ’صاحب سما‘ ، ’اوٺا سما‘ ۽ ’سيکاٽ سما‘ ڇهون ”جيسر“، تنهن جو اولاد ’بهيه پريا‘ ، ستون ”منگر“، هن جو اولاد ڪونه رهيو، اٺون، ”ابڙو“- سندس اولاد قوم(قبيلو) ’ابڙيجا‘ ، نائون ”هڱورو ڪونر“، ڏهون ”سلطان“، انهيءَ جو اولاد سلطان ’اوٿهه (اوٺا)‘ ، يارهون ”رائدن“، ٻارهون ”لاکو“. انهن مان هڱوري ڪونر کي ٽي پٽ پيدا ٿيا: هڪ ”ڏيسر“، ٻيو ”مناهيو“، ٽيون ”مراديو“. ڏيسر کي پنج پٽ هئا: ”ڪاهو“، ”هالو“، ”رڪڻ“، ”هڱورو“، ۽ ”جوڻو“. جوڻي بن لاکو بن ڪاهو مٿئين کي پڻ پنج پٽ هئا: ”کهوريه“، ”تاجيه“، ”ابڙو“، ”بلوچ“ ۽ ”بانبنيه“، بانبنيي (ڀنبو) جي اولاد جو بيان عنقريب تفصيلوار سمن بادشاهن جي طبقي ۾ ٿيندو، جن سنڌ جي بادشاهي ڪئي. مخفي نه رهي، ته مٿئين تفصيل موجب، اڄ تائين، سڄيءَ سنڌ، ]ملڪ[ گجرات تائين، جا اڪثر رهاڪو ’سمي‘ جو اولاد آهن، ۽ سنڌ گهڻو ڪري هنن ماڻهن سان آباد آهن. انهن کان سواءِ بلوچ ۽ جت قومون ۽ ٻيا ڪي مٿي ذڪر ڪيل قبيلا آهن، جي پڻ هن ملڪ جا قديم رهاڪو آهن، ٻيون آيل قومون پويون آهن، پهريون هنن کي شمار ڪري سگهجي ٿو. جنهن صورت ۾ ڊيگهه هن ڪتاب جو مقصد نه آهي، تنهن ڪري ضروري مقدار تي، جو ڪجهه قدر حالات جي تشريح لاءِ ڪافي هو، اڪتفا ۽ اختصار ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي زياده تحقيق ڪرڻي آهي، ته ڀلي ڪري. قصو ڪوتاهه، سلطان ”محمود“ جي گورنرن کان پوءِ، سلطان ”مسعود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”مودود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”مجدود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”قطب الدين” جا ماڻهو، تنهن کان پوءِ سلطان ”آرام شاهه“ جا ماڻهو، جن مان هر هڪ جو بيان جـُـلد پهرئين ۽ ٻئي ۾ مذڪور آهي، سنڌ ]31[ جي پرڳڻي کي قبضي ۾ ڪندا آيا. سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهي چار حصا ٿي وئي. جن مان اُچ ۽ ساريءَ سنڌ تي ”ناصر الدين، قباچه“ جو حڪم جاري ٿيڻ لڳو. انهيءَ وقت سنڌ جي سرزمين تي، انهن جاين تي، جيڪي بيان ٿينديون، سـَـتَ راڻا ملتان جا ڏنَ، ڀروُ هئا: پهريون راڻو ”سهتو“ (ڀؤنر) راٺوڙ، رهندڙ ’ڊڀرو‘ تعلقو درٻيلو(1) ٻيو راڻو ”سنر ولد ڌماچ“، ڪوريجو سمو، رهندڙ ’تونگ‘ جو ’روپاهه‘ جي حدن ۾ هو، ٽيون ”جيسر ولد ججه (ججو)،“ ماڇي سولنگي، رهندڙ ’مانگتارو‘ ، چوٿون ”وڪيو ولد پنهون“ چنو، ساڪن ’سيوئيءَ‘ جو لڪ، پنجون ’چنو ولد ڏهٿہ (ڊيٿو)“، ذات چنو، ساڪن ’بهاگ‘ نئي (ناڙي)، ڇهون (جيو بن ورياه“، ساڪن ’جهم‘ يعني ’هيمہ ڪوٽ‘ ، ۽ ستون ’جسوڌن آگرو‘ ، رهندڙ ’مين ٽڪر‘ تعلقو ’ڀانڀرواهه‘ . مطلب ته جڏهن ’تاج الدين‘ بلدوز جي ماڻهن لاهور فتح ڪيو، تڏهن بادشاهه ناصر الدين قباچه، ملتان ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو ۽ سنہ 623 هجري جي پڇاڙيءَ ۾، ”ملڪ خان“ خلجي ۽ سندس تابعدارن سيوستان جي پرڳڻي تي قبضو ڪيو، ته سلطان ”ايلتمش“ پنهنجي وزير نظام الملڪ ”محمد بن ابي اسعد(2) کي اُچ جي گهيري ڪرڻ لاءِ موڪلي، پاڻ دهليءَ هليو ويو. نظام الملڪ، سنہ 625 هجري ۾، اُچ کي صلح سان فتح ڪري بکر تي ڪاهيو، جنهن تي ناصر الدين ڀڄي پنهنجي حياتيءَ جي ٻيڙي، موت جي ڪـُـن ۾ اڇلائي، ]انهيءَ کان پوءِ[ سلطان شمس الدين سنڌ جو مالڪ ٿيو.(1) سنہ 630 هجري ۾، نور الدين محمود(1) سنڌ جي گورنريءَ تي مقرر ٿيو. سنہ 633 هجري ۾، سلطان ايلتمش گذاري ويو، ۽ ”مسعود شاهه“ ]ملڪ جو[ وارث ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ مغلن جي لشڪر سنڌو ندي ٽپي، اچي اُچ کي گهيرو ڪيو، پر سلطان مسعود جي توجهه ڪرڻ تي، هو خراسان ڀڄي ويا. سلطان مسعود، نور الدين جي جاءِ تي ملڪ ’جلال الدين محمد‘ (2) کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو، ايتري ۾ سلطان مسعود جو چاچو ”ناصر الدين محمود“ تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو، ۽ 649 هجري ۾ لاهور، ملتان، اچ، بکر ۽ ٻي سموري سنڌ فتح ڪري، ملتان، اچ ۽ سارو سنڌ ملڪ ”سنجر“ جي حوالي ڪري، موٽي ويو(3). سنہ 662 هجري ۾ سلطان ”غياث الدين “دهليءَ جي تخت تي ويهي، ملتان، لاهور ۽ سنڌ جو پاسو(1) پنهنجي پٽ سلطان ’محمد‘ کي ڏنو، هو ٽن سالن کان پوءِ، پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ دهليءَ ويندو هو، ۽ هڪ سال کان پوءِ موٽي ايندو هو. سنہ 683 هجري ۾ سلطان محمد (2) چنگيز خان جي لشڪر هٿان ]33[ قتل ٿي ويو، ۽ دستور موجب ]مٿيون ملڪ[ سندس پٽ ”ڪيخسرو“ کي مليو. سنہ 693 هجري ۾، سلطان جلال الدين خلجيءَ لاهور پهچي، ملتان ۽ اُچ پنهنجي پٽ ”ارڪلي خان“ کي ڏيئي ]باقي رهيل[ سنڌ جي حڪومت ”نصرت خان“ جي حوالي ڪئي. سنہ 695 هجري ۾، سلطان ”علاؤ الدين“ پنهنجي ڀاءُ ” الغ خان“ کي ارڪلي خان جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ روانو ڪيو، ۽ نصرت خان کي اڳئين وانگيان ڏهن هزارن فوج سان ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي تي قائم رکيائين(3). سنہ 697 هجري جي اوائل ۾ ”صلديٰ“ (1) مغل سيستان کان اچي سيوستان تي قبضو ڪيو، جنهن کي نصرت خان ڏاڍي شان ۽ شوڪت سان آزاد ڪرايو(2). سلطان علاؤالدين پڇاڙيءَ ۾ غازي ”ملڪ“ کي ڏهه هزار سوار ساڻ ڏيئي، چنگيزخاني مغلن کي دفع ڪرڻ لاءِ ديبالپور موڪليو، ۽ ملتان، اچ ۽ سنڌ جا پرڳڻا کيس جاگير ڏنا. انهيءَ عرصي ۾ ”خسرو خان“، سلطان علاؤالدين کي تخت تان لاهي، تخت جو مالڪ بڻجي ويٺو(3). انهيءَ تي غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر ساڻ وٺي، وڃي خسرو خان کي لاهي، پاڻ ”سلطان غياث الدين“ جي لقب سان، تخت تي ويٺو، انهيءَ وچ واري زماني ۾ سومرا ماڻهو، باغي ٿي، ٺٽي تي قبضو ڪري ويٺا(4). سلطان غياث الدين، ملڪ ”تاج الدين“ کي ملتان، ”خواجه خطير“ کي بکر ۽ ملڪ ”علي شير“ کي سيوستان تي مقرر ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ، جڏهن ڪشلوخان ملتان ۾ بغاوت ڪئي(1)، تڏهن سلطان غياث الدين جو پٽ سلطان ”محمد شاهه“ سنہ 728 هجري ۾ ملتان پهچي، هن تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بکر ۽ سيوستان تي معتبر ماڻهو مقرر ڪري، موٽي ويو، ۽ سنہ 751 هجري ۾ وري ”طغي“ ]نالي هڪ[ غلام جي پويان پوندي، گجرات ۽ ڪڇ مان لنگهي، ٺٽي جي ملڪ ۾ پهتو، جتي ’ٿرڙيءَ‘ جي ديهه ۾ درياء جي ڪناري تي منزل ڪيائين، ]پر پوءِ[ تپ جي عارضي ڪري، اتان ڪوچ ڪري، ’ڪنڊل‘ (2) ۾ پهتو. چڱو ڀلو ٿيڻ کان پوءِ وري ٺٽي پهچي ٺٽي کان چئن ڪوهن تي ڇانوڻي هنيائين، هتي هو بيماريءَ جي وري اٿلڻ ڪري گذاري ويو، ۽ سلطان ”فيروز شاهه“ بادشاهيءَ جو وارث ٿيو. طغي، جو ٺٽي ۾ ويٺو هو، هيءُ ٻڌي، سومرا، جاڙيجا ۽ سما ماڻهو ساڻ وٺي، جنگ لاءِ ڊوڙيو، پر شڪست کاڌائين. سلطان، ساڳئي سال جي پهرين صفر تي، ٺٽي جي آسپاس کان ڪوچ ڪري، ’سانڪري‘ (1) درياء جي ڪناري تي، قلعي ٺهرائڻ جو حڪم ڪيو، ۽ امير ”نصر“ کي هزار سوارن سان اتي ڇڏيائين، جنهن شهر ٻڌايو، ۽ انهيءَ جو نالو ”نصرپور“ رکيائون، ]ساڳئي وقت[ ملڪ ”بهرام“ کي انهيءَ حد جو فوجدار ٿي رهڻ جو حڪم ڪيائين. ”بهرام پور“ انهيءَ ڏانهن منسوب آهي. ]تنهن کان پوءِ[ ملڪ ”علي شير“ ۽ ملڪ ”تاج“ ڪافوريءَ کي سيوستان ۾ ڇڏي پاڻ بکر پهتو، جتي ملڪ ”رڪن الدين“ کي نائب (گورنر) ۽ ملڪ ”عبدالعزيز“ کي ديوان مقرر ڪري، اعتماد جوڳن ماڻهن جي ٽولي(2) ساڻ ڏيئي، قلعي جو نگران ڪري ڇڏيائين، پڻ ملڪ رڪن الدين کي ”اخلاص خان“(3) جي لقب سان نوازي، سنڌ جي ڪاروبار جو مالڪ بڻائي، پاڻ دهليءَ روانو ٿي ويو. وري سنہ 772 هجري ۾، نگر ڪوٽ جو ارادو رکي، ٺٽي پهتو. ٺٽي جو والي ڄام ”خير الدين“ ’آب‘ جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويٺو ۽ لشڪر جو بچاءُ ڪندو رهيو. سلطان، اناج جي قلت ۽ مڇرن جي گهڻائيءَ کان تنگ ٿي، وري ٺٽي موٽي آيو(4). ڄام خير الدين امان وٺي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کي ]سلطان[ ٻين زميندارن سان گڏ دهليءَ وٺي هليو. جڏهن سيوستان جي آسپاس کيس ڄام جي ڀڄي وڃڻ جي ارادي جي خبر پيئي، تڏهن کيس ڳٽ ۽ ٻيڙيون وجهارايائين. ٿوري وقت کان پوءِ، ڄام ”جونه ]بن[ خير الدين“ (1) کي سروپا عنايت ڪري، حڪومت واسطي موڪليائين. سنہ 790 هجري ۾ فيروز شاهه گذاري ويو ۽ تخت جو وارث سلطان ”تغلق شاهه“ ٿيو، تنهن کان پوءِ سلطان ”ابوبڪر“، پوءِ سلطان ”محمد شاه“، پوءِ سلطان ”سڪندر شاه“ (2)، ۽ پوءِ سلطان “ ناصر الدين ” دهليءَ جي تخت تي ويٺو، هن سارنگ خان کي ديبال پور، ملتان ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو. سنہ 800 هجري ۾ امير ”تيمور“ جو پوٽو ميرزا ”پير محمد“ سنڌوندي ٽپي، اچي اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪيو. ملڪ علي، جو سارنگ خان جي پاران اتي هو، تنهن هڪ مهيني تائين لڙائي جاري رکي، ]هوڏانهن[ سارنگ خان، ملڪ ”تاج الدين “ کي چئن هزار (جنگي سپاهين) فوج سان سندس مدد ۾ موڪليو. ]اهو ٻڌي[ مرزا ”پير محمد“، اُچ کي ڇڏي، ]پهريائين[ انهيءَ کي شڪست ڏيئي پوءِ وڃي ملتان کي گهيرو ڪيو. ڇهن مهينن کان پوءِ سارنگ خان خدمت ۾ حاضر ٿي، ملتان حوالي ڪيو. جلد ئي صاحبقران (امير تيمور) پڻ به سنہ 801 هجري ۾ اچي ملتان ۾ منزل ڪئي. هن تاريخ کان سنڌ جي حاڪمن تان دهليءَ جي بادشاهن جو رعب لهي ويو، ۽ سنڌ جي حاڪمن خودمختياريءَ جو جهنڊو کڙو ڪيو، جيئن ]اڳتي[ ذڪر ٿيندو. ]باب ڇهون[ سومرن جو طبقو(1) هن قوم جي ڪن ماڻهن جو غلبو، ]سنڌ جي[ زمين جي ڪجهه حصي تي، درحقيقت هن کان اڳ ۾ پڻ هو،-جيئن ته هنن جي خودمختاريءَ جي ڏينهن سميت، هنن ماڻهن جي ]حڪومت جو[ سمورو عرصو پنج سؤ ۽ پنج سال ]24[ لکيا اٿن. اهو هن ڪري جو بني عباس جي پوئين گورنر آل تميم(1) کان پوءِ، هنن مان گهڻن جو دخل ڏسي، تاريخ دانن جي هڪڙي ٽوليءَ هن قوم جو زمانو ]انهيءَ وقت کان[ ليکيو آهي، پر جنهن صورت ۾ انهيءَ وقت ۾، جيئن بيان ٿي آيو، سنڌ جي گهڻي ڀاڱي جي حڪومت غزنوين ۽ غورين جي هٿن ۾ هئي، تنهن ڪري هن طبقي جو راڄ انهيءَ وقت کان وٺي ليکيو ٿو وڃي، جنهن وقت کان هيءُ ٻئي ڪنهن جي ڀائيواريءَ کان سواءِ متصرف ٿيا. هن قوم جي بنياد بابت ڪا ثابتي ڪانه آهي. جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هي ’سامره‘ جا عرب آهن، جيڪي سنڌ ۾ هجري چوٿينءَ صديءَ ۾ آيا هئا. ڪي چون ٿا، ته ”دلوراءِ“ امراڻيءَ جو ڀاءُ ”ڇٽو“ امراڻي جڏهن ڀاءُ جي ظلم کان تنگ ٿيو، ۽ ڀاءُ جي نحوست کان اروڙه شهر جي ويراني ۽ ڀانڀرا (برهمڻ آباد) جي بربادي پنهنجي اکين سان ڏٺائين، تڏهن بغداد وڃي، خليفي کان، ”سيد علي“ موسويءَ، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي سرڪردگيءَ هيٺ، سامري جا رهاڪو هڪ سؤ عرب سنڌ ۾ وٺي آيو. نيٺ سندس ڀاءُ دلوراءِ، سيد جي تابعداري قبول ڪري، پنهنجي نياڻي سيد جي نڪاح ۾ ڏني، هو سنڌ ۾ رهي پيو ۽ اولاد ڇڏيائين. ’متعلوي‘ (مٽياري) نالي ڳوٺ سندن رهڻ جو هنڌ هو. قصو ڪوتاهه- اڳئين ڪلام جي سلسلي موجب، جڏهن سنہ720 هجري ۾ غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر گڏ ڪري دهلي وٺي وڃي خسرو خان تي غالب ٿيو، ۽ تخت ۽ تاج جو وارث ٿي، ”سلطان غياث الدين تغلق شاهه “جو لقب حاصل ڪري، انهن طرفن ۾ رڌل رهيو، تڏهن سومرن ماڻهن ٿرڙيءَ جي آسپاس مان ماڻهو گڏ ڪري، ”سومرو“ نالي هڪ ماڻهوءَ کي حڪومت جي گاديءَ تي وهاريو. هن، ملڪ جي آسپاس صاف ڪري، ”صاد“ نالي هڪ زميندار، جو خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، جي ڌيءَ نڪاح ۾ آندي، جنهن مان ”ڀونگر“ پٽ پيدا ٿيس. سومري جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، ڀونگر پيءُ جو جانشين ٿيو، سندس پٽ ”دودي“ نصرپور تائين ]ملڪ[ قبضي ۾ ڪيو، انهيءَ ”سنگهار“ نالي هڪ صغير پٽ ڇڏيو، تنهن ڪري دودي جي ڌيءَ ”تاريءَ“ ملڪ جي واڳ پنهنجي هٿ رکي. سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث ٿي، ڪڇ جي پاسي ڪاهي، ’نانڪنيءَ‘ (1) تائين ]ملڪ[ قبضي ۾ آندو، جيئن ته پٽ ڪونه ڇڏيائين، تنهنڪري کانئس پوءِ سندس زال مسمات ’هيمو‘ پنهنجن ڀائرن کي طور ۽ ٿرڙي شهرن تي مقرر ڪيو. ]پر[ ٿوري وقت کان پوءِ، ”دودو“ نالي هڪ سومري، جو واهگه (وڳه) جي قلعي جو حاڪم هو، آسپاس مان پنهنجن ڀائرن کي گڏ ڪري، هيموءَ جي ڀائرن جي پاڙ پٽي ڇڏي. انهيءَ عرصي ۾، ]وڏي[ دودي جي اولاد مان ]هڪ شخص، نالي[ ”دادو پهتو (ڦتو)“ بغاوت ڪري، عجيب لشڪر گڏ ڪيو، ۽ ڪيترو وقت حڪومت ڪندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ ”خيرو“ نالي ]هڪ شخص[ ملڪ جو مالڪ ٿيو. تنهن کان پوءِ. ”ارميل“ حڪومت سنڀالي، پر جنهن صورت ۾ هو ظالم نڪتو، تنهن ڪري سمن ماڻهن بغاوت ڪري کيس ڪـُـهي ڇڏيو، اهو واقعو 753 هجريءَ ۾ ٿيو. هن قوم جي حڪومت جي ابتدا، انتها ۽ سندن نالن جو تعداد ٻيءَ طرح پڻ بيان ٿيل آهي، جيئن ته ”منتخب التواريخ“ لکيل آهي، ته ”جڏهن سلطان محمود غازيءَ جو فرزند سلطان عبدالرشيد تخت تي ويٺو، تڏهن هن جي سادگيءَ ۽ ڪم عقليءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي ماڻهن سرڪشي ۽ بغاوت شروع ڪري ڏني، ۽ سنہ 45 هجري ۾، سومرا قوم جي ماڻهن ٿرڙيءَ ۾ لشڪر گڏ ڪري، ’سومري‘ نالي هڪ شخص کي گاديءَ تي وهاريو، سومرو گهڻو وقت خودمختيار رهيو، ۽ آخر ’صاد‘ نالي هڪ زميندار جي ڌيءَ مان، ’ڀونگر‘ نالي هڪ پٽ ولي عهد ڇڏي، گذاري ويو. ڀونگر بن سومري پندرنهن سال مرادون ماڻي، سنہ461 هجري ۾ عالم بقا ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ’دودو‘ بن ڀونگر چوويهه سال راڄ ڪري، سنہ485 هجري ۾، گذاري ويو. تنهن کان پوءِ سنگهار پندرنهن سال، انهيءَ کان پوءِ ’خفيف‘ ڇٽيهه سال، تنهن کان پوءِ ’عمر‘ چاليه سال، انهيءَ کان پوءِ ’دودو - ثاني‘ چوڏنهن سال، انهيءَ کان پوءِ ’پهٽو‘ (ڦتو) ٽيٽيهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’کهينرو‘ سورنهن سال، پوءِ ’محمد طور‘ پندرنهن سال، پوءِ ’کهينرو‘ (گنرو) ڪجهه سال، تنهن کان پوءِ ’دودو - ثالث‘ چوڏنهن سال، تنهن کان پوءِ ’طائي‘ چوويهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’چنيسر‘ ارڙنهن سال، انهيءَ کان پوءِ ’ڀونگر - ثاني‘ پندرنهن سال، تنهن کان پوءِ ’خفيف - ثاني‘ ارڙنهن سال، تنهن کان پوءِ ’دودو - رابع‘ پنجويهه سال، انهيءَ کان پوءِ، ’عمر - ثاني‘ پنجٽيهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’ڀونگر - ثالث‘ ڏهه سال، تنهن کان پوءِ ’همير‘ ]هڪ ٻئي پويان[ حڪومت جون واڳون وٺندا رهيا، هيءُ (همير) جنهن صورت ۾ ظالم هو، تنهن ڪري سما قوم کيس تخت تان لاهي ڇڏيو“. هن طائفه جي زوال جو سبب ٻيءَ طرح پڻ روايت ٿيل آهي، پهريائين مٿين سردارن کان سواءِ، هن قوم جي ڪن ٻين چڱن مڙسن جو، جي ڪن جڳهن جا مالڪ هئا]35[، ذڪر ڪري، سندن خاتمو، سندن ڪن ناهموار ۽ نامناسب طريقن ۽ نمونن سان گڏ، انهيءَ روايت تي ڪيو ويندو. عمر سومرو ”عمر ڪوٽ“ جو قلعو انهيءَ ڏانهن منسوب آهي، سندس حالات ۾ ٻه عجيب واقعا آهن، جي ذڪر ڪجن ٿا: مارئي جو قصو ”مارئيءَ“ نالي هڪ پاڪدامن ۽ خوبصورت عورت، مارن جي قوم مان ’تلها‘ ]ڳوٺ[ ۾ رهندڙ هئي. سندس ماءُ پيءُ هن جو مڱڻو پهريائين ”پنهونءَ“ نالي هڪ شخص سان ڪيو هو، پر پوءِ ڦري هڪ ٻئي عزيز کي ڏيئي ڇڏيائون. پنهون انهيءَ محبوبه جي هٿان نڪري وڃڻ کان ڦـَـٽيل دل ٿي، ”عمر“ وٽ فريادي ٿي ويو، ۽ وڃي چيائينس ته ”هڪ ههڙي خداداد حسن جي مالڪياڻي عورت، منهنجي مڱيندي، ٻئي سان پرڻائي ويئي آهي، مون ته انهيءَ تان آسرو لاٿو، پر جيڪڏهن توهان هڪوار ڏسندا، ته هوءَ محلات جي لائق آهي“. عمر چمڙا پوش ڪري، هڪ تکي اٺ تي ويهي، مارئيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتو ۽ کيس ڏسڻ سان ]مٿس[ چريو ٿي پيو! جيئن ته سندس طلب جو سنڌائتو تير هن جي دل ۾ چڀي چڪو هو، تنهن ڪري موقعي ملڻ تي کيس اٺ تي وهاري، زبردستيءَ اچي پنهنجي جاءِ تي ڪڍيائين. پوءِ ته ]کيس لالچائڻ لاءِ[ گهڻو ئي سون، چاندي، زيور ۽ عيش آرام جو سامان آڇيائين، مگر هوءَ راضياڻي نه ٿي، بلڪ پنهنجي مڙس جي ياد ۾ هميشه راتيان ڏينهان روڄ راڙو ڪندي، بي خواب رهڻ لڳي ۽ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنائين. پوري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ، بلڪ اڳيئي، عمر هن جي سچائي ۽ پاڪدامني ڏسي، سندس مڙس کي گهرائي، کيس گهڻيئي زر ۽ زيورن سميت ان جي حوالي ڪيو، پر سندس مڙس، عمر جي استعمال ڪرڻ جي شڪ تي، کيس ماريندو ۽ ڏکوئيندو رهيو. ]تنهن کان سواءِ[ قوم جا ماڻهو پڻ کيس طعنو تنڪا هڻندا، ۽ عمر جو نالو بي شرميءَ سان وٺندا ايندا هئا. عمر انهن عيبن کان پاڪدامن هو، تنهن ڪري ڏاڍو ڪاوڙجي مٿن ڪاهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. مارئيءَ کي جڏهن اها خبر پيئي، ته سندس ڪري ئي سندس قوم تي مصيبت اچڻ واري آهي، تڏهن پنهنجي قوم کي تسلي ڏيئي، عمر وٽ لنگهي ويئي ۽ وڃي چيائينس ته ”ڏوهه تنهنجو آهي، جو ڌاريءَ زال کي هيڏو عرصو پنهنجي محل ۾ رکي ڇڏيئي، هاڻي ماڻهو طعنا نه هڻندا، تڏهن ڇا ڪندا؟ ۽ منهنجو مڙس بدگمان ڇونه ٿيندو؟ هينئر هيءُ فساد ]هيڪاري[ اڳئين خطا کان وڌيڪ وري ٻيو گناهه، بلڪ هميشه جي بدناميءَ جي تائيد ٿيندو!“. عمر متاثر ٿي، انهيءَ ارادي کان باز آيو ۽ سندس مڙس کي گهرائي، چيائين، ته ”هن پاڪدامن عورت جو مان ]برابر[ طلبگار هئس، پر جيئن، ته هوءَ راضياڻي نه ٿي ۽ سندس سچائي ثابت ٿي، تنهن ڪري مون کيس پنهنجي نياڻي سڏي، توکي ڏني آهي! انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ لاءِ جيڪڏهن توکي ثابتي صفائي گهرجي، ته اجهو مان حاضر آهيان، جنهن نموني سان تنهنجي دل کي اطمينان ٿئي، سو ]بيشڪ[ چئي ڏي، ۽ ائين ڪر، ته جيئن مون تان ۽ مارئيءَ تان هيءُ ٽڪو ڌوپي وڃيّ!“ اتي مارئيءَ چيو، ته ”هيءُ گناهه مون تي مڙهيو ويو آهي: تنهن ڪري لوهه تپائي منهنجي هٿ تي رکو. ته مان سچ ٿي کڻي وڃان“، ]بس پوءِ ته[ سڀني مٽن مائٽن ۽ شهر جي رهاڪن گڏ ٿي، اهڙو گرم لوهه، جنهن جي گرميءَ کان ڏسندڙ جون اکيون ٿي سڙيون، سندس هٿ تي رکيو، ۽ هن کي ڪوبه ايذاءُ نه آيو، اتي مارئيءَ چيو، ته ”اڃا انهيءَ کان به وڏو امتحان ڏيندس“ ... پوءِ سندس چوڻ تي، باهه جو وڏو مچ ٻاريائون، جنهن مان اها سهڻي عورت ]حضرت ابراهيم[ خليل وانگيان، اهڙيءَ طرح، جو گويا ڪو ماڻهو ماڻهو باغ جو سير ڪري رهيو هجي، ڏاڍي مزي ۽ آهستگيءَ سان، ڪيئي دفعا آئي ويئي. خدا جي قدرت ۽ سچائيءَ جي برڪت سان، سندس جسم جي ڪنهن وار ۽ ڪپڙي ]جي ڪنهن تند[ کي ايذاءُ (تؤ) نه پهتو!، هاڻي مڙس خواهه ماڻهن جي، عمر ۽ مارئيءَ ۾، بدگماني بلڪل دور ٿي ويئي. بيشڪ، مارئيءَ جي سچائيءَ ۽ پاڪدامنيءَ تي به آفرين آهي، پر هزارين آفرينون عمر جي خود، روڪ ۽ لالچ کي دٻائڻ تي آهن، جو ههڙيءَ مفت ۾ هٿ آيل پريءَ کي سندس مرضيءَ کان سواءِ هٿ نه لاتائين! مثال طور هڪ عجيب ڳالهه ياد آئي آهي، ۽ جيئن ته موقعي سان مناسب آهي، تنهن ڪري داخل ڪجي ٿي: ڳالهه: هڪڙو شخص ڪنهن عورت تي عاشق هو، ڪيترو وقت سندس طلب ۾ حيران هو، مگر هوءَ کيس هٿ نٿي آئي. آخر هڪڙي وقت، ڪنهن حيلي بهاني سان، هن کي ڪنهن خالي گهر ۾ آڻي، کڻي دروازو بند ڪيائين. هوءَ پاڪدامن عورت، جا ڊگهي عرصي تائين پاڻ کي بدڪاريءَ کان بچائيندي ٿي رهي، هاڻي لاچار دام ۾ ڦاسي، عاجز ٿي پيئي، ۽ بدڪم لاءِ مرد جي تڪڙ ڏسي، چيائينس، ته ”هاڻي ته توکي دلجاءِ آهي، تنهن ڪري پريشاني ڇڏي، منهنجي هڪڙي سوال جو جواب انصاف سان ڏي، پوءِ جيڪي گهرندي سو تنهنجي مـِـلڪ آهي“. مرد چيو، ته ”چؤ“، تنهن تي عورت چيو، ته ”]چون ٿا ته[ عقل کي چاليهه حـصا ڪري، انهن مان اڻيتاليهه حصا مرد کي ڏنائون، ۽ هڪ حصو عورتن کي، تنهن ڪري انهن کي ’ناقص عقل‘ سڏيندا آهن، اها ڳالهه سچي آهي يا نه؟ ” چيائين، ”هائو“. عورت چيو، ”شهوت جا به چاليهه حـصا چوندا آهن، جن مان اڻيتاليهه حـصا خاص عورت کي ڏنل آهن، ۽ هڪ حـصو مردن کي؟“، مرد وراڻيو، ”بيشڪ“، اتي عورت چيو: “ جڏهن هيءَ ڳالهه قبول ٿو ڪرين، تڏهن مون کي ته عجب آهي، ته تون، جو هڪ مرد آهين، عقل جي انهن اڻيتاليهن حـصن جي باوجود به، شهوت جي هڪ حـصي کان بي اختيار ٿيو آهين، ۽ ان کي روڪي نٿو سگهين، ۽ مان ايتري ٿوري عقل هوندي به هيڏي گهڻي شهوت کي روڪيندي آئي آهيان، تون پاڻ انصاف ڪر! ” جنهن صورت ۾ انهيءَ شير عورت جو ڪلام پاڪدامني ۽ نفس مٿان ضابطو رکڻ تي مبني هو، تنهن ڪري [ان جي[ تاثير جو تير مرد جي دل جي نشان تي پورو لڳو، ۽ هڪدم عورت جي پيرن تي ڪري، گذريل قصور جي معافي گهري، کيس ڇڏي ڏنائين. قصو ڪوتاهه - مارئيءَ ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾ منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب، مخصوص سر ۾ جوڙي، ترانن ۾ ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن. ظاهر پرستن تي ]پڻ[ انهيءَ جي سر، عشق جي صدا، ۽ ولولي مان تاثير ٿيندو آهي. سيد محمد طاهر نسيانيءَ هن قصي کي فارسيءَ ۾ نظم ڪري، ”ناز“ نالو رکيو آهي. ٻي ڳالهه: تميم قوم جي هڪ “ گنگا ” نالي ڇوڪري ]37[ ننڍپڻ ۾ ”عمر“ سان مڱائي هئائون. ائين ٿو ڏسجي، ته هن کي هڪ ڏينهن ڪنهن اهڙي حال ۾ ڏٺائين، جو ننڍپڻ جي ڪري، هن جي حسن جو گل اڃا پوريءَ طرح نه ٽڙيو هو، ۽ کيس نه وڻي، جنهن تي چيائين، ته هن کي ”جنهن سان وڻيوَ، تنهن سان مڱائي ڇڏيو.“ سندس اجازت موجب، هوءَ تميم قوم جي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان مڱائي ويئي، جو ’عمر سومري‘ جو وزير هو. وقت اچڻ تي، گنگا سونهن ۾ بينظير نڪري پيئي ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿي. عمر پڻ هاڪ ٻڌي، ڪنهن بهاني سان کيس ڏسڻ چاهيو. انهيءَ عرصي ۾، شڪار ڪندي، اچي ڪنهن ڌوٻيءَ وٽان لنگهيو، جو ڪپڙا ڌوئي سڪائي رهيو هو. هڪ خوشبودار وڳو ڪنهن وڻ تي ڏسڻ ۾ آيس. ڌوٻيءَ کان پڇڻ تي معلوم ٿيس ته ’اهو وڳو گنگا جو آهي!‘ اهو ٻڌي، هڪدم انهيءَ جي گهر روانو ٿيو. معلوم ٿيس ته مڙس گهر ۾ ڪونه آهي. ]سو ڇا ڪيائين جو[ گز ڪبوتر ڏانهن اڇلي، انهيءَ گز کڻڻ جي بهاني سان، دروازي کان اندر لنگهي، مرضيءَ موجب ديدار جو مطلب پورو ڪري، سندس گهنڊيدار زلفن جي قيد ۾ گرفتار ٿي، پيچ تاب کائيندو، گهر موٽي آيو، ۽ حيلا هلائڻ شروع ڪيائين، وزيرن کان پڻ صلاح پڇيائين. آخر صلاح بيهاري، مٿئين تميميءَ کي گهڻي ۾ گهڻي عزت ڏيڻ لڳو. هن عمر جو پاڻ ڏانهن اڳوڻي کان سؤڻو وڌيڪ توجهه ڏسي، وزيرن کان پڇيو ته ”هن اميد کان وڌيڪ نوازش جو سبب ڪهڙو آهي؟“ چيائونس ته ”عمر توکي پسند ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ تنهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ گهري ٿو“. هو بيوقوف هن ٺڳيءَ تي هٿن مان نڪري، انهيءَ مائٽيءَ جو چاهه رکڻ لڳو! نيٺ هڪ ڏينهن، عمر شراب جي محفل برپا ڪري، کيس نشي ۾ چور بنائي، وزيرن کي پنهنجي ڪم سرانجام ڪرڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي وزيرن تميميءَ کي چيو، ته ”عمر کي پنهنجي ڀيڻ جو سڱ توکي ڏيڻ جو شوق آهي، پر فقط اهو ويچار ٿو ٿئيس ته توئي اڳيئي زال آهي، جنهن جي محبت ۾ گرفتار آهين. جيڪڏهن تون انهيءَ کي ]پاڻ کان[ جدا ڪري، عمر جي حوالي ڪرين. جيئن هو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏيئي ڇڏي، ته هو هڪدم پنهنجي ڀيڻ تنهنجي نڪاح ۾ ڏيندو!“ انهيءَ سادي بي نصيب کي، نشي جي حالت ۾، جنهن ۾ هوش ۽ حواس گم ٿي وڃن ٿا، جيڪي چيائون سو بجا آندائين. جڏهن تميميءَ جي زال ]گنگا[هن جي ڇڏڻ ۽ بخشڻ موجب، عمر جي قبضي ۾ آئي، تڏهن وزيرن جي چوڻ تي، انهيءَ نشي ۾ چور بيهوش کي، ڏاڍيءَ خواريءَ ۽ ذلت سان، غاليچي جي ڪنڊ تان ٽنگ کان گهلي، کڻي ٻاهر اڇلايائون، ۽ چيائونس ته ”تو جڏهن اڳوڻيءَ زال کي، بنا ڪنهن ڏوهه جي، محض دولت جي محبت ۾ بخشي ڇڏيو، ۽ وفا جو طريقو، جو مردانه ڪمن جو خلاصو آهي، بلڪل ڇڏي ڏنو، تڏهن تون سردار جي مائٽيءَ جي لائق ڪيئن ٿيندين؟“ ويچارو، صبح جو جڏهن رات واري نشي کان هوش ۾ آيو، تڏهن انهيءَ ٿيل حادثي کان ڪپڙا ڦاڙي، دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاؤالدين وٽ فريادي ويو، ۽ درٻار مان عمر جي گهرائڻ جو پروانو ڪڍائي موڪليائين. ٿيندي ٿيندي، هيءَ ڳالهه، ٻين سببن سان گڏجي، جي ]اڳتي هلي[ بيان ٿيندا، انهيءَ قوم جي حڪومت جي زوال جو سبب بڻي. اگرچه ڪن ]تاريخ نويسن[ جي لکڻ موجب، هيءُ عمر، سڄيءَ قوم جي سردار ۽ ملڪ جي مالڪ عمر کان ٻيو آهي، پر ڳالهه جو بيان ڏيکاري ٿو ته هيءُ خواهه اڳيون واقعو، خاص عمر سردار سان تعلق رکن ٿا. ”همير“ سومرو پڻ، ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي سرزمين جي ڪنهن حـصي تي، عدل ۽ انصاف سان حاڪم رهي ويو آهي. مٿئين عمر کان سندس اڳي يا پوءِ هجڻ، ۽ سندس وقت جو تعين، ڪتابن مان ثابت نه آهي، پر ڪي چون ٿا، ته هيءُ اهو ساڳيو همير آهي، جو سومرن جو پويون سردار هو. جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ هيءُ عمر کان پوءِ آهي، والله اعلم. مومل ۽ مينڌري جو قصو سندس وقت جي عجائبات مان آهي، جيئن ذڪر ڪجي ٿو. مومل ۽ مينڌري جو قـصو گوجر بادشاهن جي اولاد مان، ”مومل“ نالي هڪ عورت، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي هئي، ۽ شهر جي ڪناري تي هڪ عاليشان ماڙي ٺهرائي هئائين، انهيءَ جي ٻاهران جادوءَ جي زور تي هڪ درياء بنائي، ان جي گهيڙ تي ماڙيءَ جو دروازو پٿر جو ٺهرائي ڇڏيو هئائين. دروازي تي پٿر جي ٻن خوفناڪ شينهن جو ڏيکاءُ ڪري، اندر صفحي ۾ ست پلنگ وجهائي ڇڏيا هئائين، جن تي هڪ جهڙا هنڌ پٿاريل هئا. انهن مان، ڇهه ڪچن ڌاڳن سان واڻيل هئا. هر هڪ پلنگ جي هيٺان اونهي کڏ کوٽيل هئي، تنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو هائين ته ’جيڪو به انهيءَ درياء ۽ شينهن کان لنگهي، پنهنجي دانائيءَ جي زور تي، اچي سڄي پلنگ تي وهندو، تنهن کي هوءَ پنهنجو مڙس ڪري قبول ڪندي!‘ انهيءَ خواهش ۾ ڪيترا ماڻهو ويا، پر پنهنجي مقصد ۾ ناڪامياب ٿي، عدم آباد ڏانهن روانا ٿيا. هڪ ڏينهن، همير سومرو پنهنجن ٽن وزيرن سان گڏ، جن ۾ سندس سالو ۽ وزير ”راڻو مينڌرو“ پڻ هئا، شڪار ڪري رهيو هو، ته کيس هڪڙو سيلاني جوڳي مليو، جنهن مومل جي حسن جي تعريف ڪري، ]کيس[ سندس ديدار جو شوق ڏياريو. همير سومرو، بي اختيار پنهنجا ٽيئي رفيق وٺي، اوڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچي اچي مومل جي محلات جي ٻاهران لٿو. خبر ملڻ تي، مومل هڪ هوشيار ٻانهي موڪلي، ته ايندڙن جو احوال معلوم ڪري، انهن جي وڏي کي دعوت ڏيئي وٺي اچي. پهريائين همير ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. اوچتو ٻانهي اڳ ۾ نڪري ويئي، ۽ هيءُ طلسمي ڇوليون هڻندڙ درياء ڏسي، مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ موٽي آيو، ۽ شرم جو ماريو ڪجهه نه ڪڇيائين! ٻيءَ رات، ٻانهي اچي ٻئي کي وٺي ويئي، جو پڻ ساڳيءَ طرح موٽي آيو. ٽيءَ رات جو، ٽيون ويو ۽ واپس آيو. چوٿين رات راڻو مينڌرو ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. ٻانهيءَ دستور موجب اڳ ۾ هلڻ گهريو، پر هن سندس دامن جهلي، پوئتي هٽائيندي چيس، ته ”ٻانهين کي سردارن کان اڳ ۾ هلڻ نه جڳائي“ پوءِ طلسمي درياء تي پهچي، حيران ٿي بيهي رهيو. آخر نيزو جو هٿ ۾ هئس، سو درياءَ جي اونهائي معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ هنيائين، ۽ معلوم ٿيس ته انهيءَ پاڻيءَ کي ڪا حقيقت ڪا نه هئي، تنهن ڪري هڪدم انهيءَ مان اڳتي لنگهي ويو. ]پوءِ[ دروازي وارن شينهن تي نظر پيس، ته انهن کي پڻ نيزي سان ٺوڪيائين، جڏهن ]ڏٺائين[ ته اهي پڻ رڳو ڏيک هئا، تڏهن ڪاميابيءَ سان ماڙيءَ ۾ اندر لنگهي، صفحي ۾ گهڙيو. ]اتي[ ست هڪ جهڙا پلنگ ڏسي، ويچار ڪيائين، ته وهڻ لاءِ آخر هڪڙو هوندو، متان هن ۾ به ڪا اٽڪل رکيل هجي!؟ سو هرهڪ کي نيزي جي چوڪ ڏيئي، سڄو پلنگ معلوم ڪري، انهيءَ تي پلٿ ماري ويهي رهيو. ٻانهيءَ هن جي احوال ۽ عقلمنديءَ جي ڳالهه وڃي مومل کي ٻڌائي، جا هڪدم ٻاهر نڪري آئي. هو هڪ ئي صحبت ۾ پاڻ ۾ ٺهي ويا، ۽ نڪاح ڪري هڪ ٻئي جا طالب ۽ مطلوب ٿيا. مينڌرو، اها رات عيش عشرت ۾ پوري ڪري، صبح جو همير سومري ۽ ٻين جي خدمت ۾ پهتو، ۽ کين احوال ٻڌايائين. همير ]ٻڌي[ چيو، ته ”جڏهن اها خاص تنهنجي ٿي چڪي، تڏهن توکي گهرجي ته هڪ دفعو ڏسڻ جي اجازت اسان کي به ڏين“. ]انهيءَ تي[ مينڌرو ٻيءَ رات همير کي ڌنار جي پوشاڪ ۾ پاڻ سان وٺي ويو. انهيءَ بي ادبيءَ ڪري، همير، راڻي ]مينڌري[ تي ٿورو رنج ٿي، کيس پاڻ سان شهر ۾ آڻي کڻي نظر بند ڪيو. مينڌرو جيئن ته مومل کي دل ڏيئي چڪو هو، تنهن ڪري چوڪيدارن کي پاڻ سان ٺاهي، راتو رات ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ تکي اٺ تي، جو هڪ رات ۾ پنجن ڏينهن جو اوٽ موٽ جو پنڌ ڪندو هو، سوار ٿي، محبوب جي ديدار مان بهرو حاصل ڪري، موٽي ايندو هو. اتفاقاً، هڪ ڏينهن مومل ڀيڻ جي ملاقات لاءِ ويئي هئي، مينڌرو وڃي واپس موٽي آيو، ۽ شڪ جو شڪار ٿي، ڪاوڙجي، آئينده لاءِ وڃڻ ڇڏي ڏنائين! بيڏوهي مومل، مينڌري جي انهيءَ رنجش کان بيتاب ٿي، ملڪ ڇڏي، مينڌري جي شهر ۾ آئي، ۽ سندس ماڙيءَ جي سامهون ماڙي ٺهرائي، دريون مينڌري جي ماڙيءَ جي درين سامهون ڪرايائين، ]انهيءَ خيال کان[ ته من ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسي، پنهنجي اکين کي منور ڪندي رهي، پر مينڌري ڪاوڙ کان انهيءَ پاسي جون دريون بند ڪرائي ڇڏيون. مومل ٻئي پاسي کان ماڙي ٺهرائي، وري به دريون مينڌري جي ماڙيءَ جي درين سامهون رکايون. اهڙي طرح چؤطرف ماڙيون اڏايائين، پر ديدار کان ناڪامياب رهي. نيٺ، هر طرح مينڌري جو توجهه پاڻ کان هٽيل ڏسي، هڪ درد ڀري دانهن ڪري، ناڪاميءَ جي حالت ۾ ساهه ڏنائين! جيئن ته عاشق جو معشوق جي دل تي پورو اثر هوندو آهي، ۽ هڪ ٻئي سان سندن هڪ قسم جو قلبي اتحاد ۽ عشق ثابت آهي، تنهن ڪري جڏهن ]هيءَ[ خبر وڃي مينڌري کي ٻڌايائون، تڏهن ٻڌڻ سان دانهن ڪري ]ڪري پيو ۽[ ساهه محبوب وٽ رسايائين! هيءُ احوال سنڌي بيتن ۾ مشهور سـُـر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ حال جا صاحب هن مجاز مان حقيقت جو پتو معلوم ڪري، پنهنجو شوق ۽ جذبو وڌائيندا آهن. ملا ”مقيم“ نالي هڪ ماڻهوءَ هيءُ قصو فارسيءَ ۾ نظم ڪري، ان جو نالو ”ترنم عشق “ رکيو آهي. ليلا ۽ چنيسر جو واقعو گذريل زماني جي عجيب واقعن جا داستان لکندڙ، اڳوڻي وقت جي حالات ۾، هن طرح بيان ڪن ٿا، ته صاحب حشمت ۽ ناليري بادشاهه ”کنگهار“ جي ڌيءَ، ”ڪؤنروءَ“ نالي]40[، پنهنجي سؤٽ سان مڱيل هئي. هوءَ حسن ۾ بينظير هئي، تنهنڪري پاڻ جهڙين سان هميشه شوخيءَ ۽ غرور سان هلندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ”چنيسر“ ديولي حسن، دولت، وڏي بادشاهت ۽ طاقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. وقت جي هر هڪ سهڻي سندس وصال لاءِ خواهان هئي. هڪ ڏينهن، ”جمنيءَ“ نالي هڪ سهيلي ڇوڪريءَ، ڪؤنروءَ کي طعنو هڻي چيو، ته ”تنهنجي هن ناز ۽ بيباڪيءَ مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته گويا تنهنجي دماغ ۾ چنيسر جي وصال جو خيال سمايل آهي!“ هيءُ طعنو ڪؤنروءَ جي دل ۾ چـُـڀي ويو: اڻ ڏٺي چنيسر تي دل ڦـُـرائي ويٺي، ۽ وڃي بيحيائيءَ جي حد کي پهتي. سندس ماءُ ”مرکيءَ“ هيءُ حال معلوم ڪري وڃي راڻي کنگهار کي ٻڌايو. چنيسر جو وصال انهيءَ وقت ۾ فخر جهڙي ڳالهه هئي، مگر اهو حيلي کان سواءِ حاصل ٿيڻ وارو نه هو، سو راڻي کنگهار، مرکيءَ کي چيو، ته ”ڪؤنرو پاڻ ناڪاميءَ جي ڳليءَ ۾ دربدر ڦري، تنهن کان چڱو ائين ٿيندو، ته تون چمڙا پوش ڪري، انهيءَ ملڪ جي واپارين جي لباس ۾، کيس پاڻ سان وٺي وڃي ڪا اٽڪل ڪر. ممڪن آهي، ته اهو هٺيلو تنهنجي ڪنهن اٽڪل جي دام ۾ شڪار ٿي پوي“ . هيءُ ٻڌي، مرکي سارو ]ضروري[ سامان ساڻ کڻي، ڌيءَ سميت، پنهنجو ملڪ ”ڍٽ“ ۽ پربت ندي لتاڙي، ٿوري وقت ۾ ’ديول‘ جي سرزمين تي پهچي، چنيسر جي شهر ۾ آئي، ۽ هڪ ماڻهوءَ جي وسيلي، چنيسر جي وزير ’جکري‘ ڏانهن سڱابندي جو پيغام موڪليائين. چنيسر پنهنجي زال ’ليلا‘ کي، جا حسن و ادا ۾ ڪؤنرو کان به ڪثر هئي، دل ڏيو ويٺو هو، سو جواب ڏنائين، ته ”ليلا کان سواءِ ٻي ڪانه گهرجيم. خبردار، ٻيهر اهڙا لفظ زبان تي نه آڻج، ۽ آيل ماڻهوءَ کي موٽائي ڇڏ، متان ليلا ٻڌي ڏک ڀرجي!“ هيءُ جواب ٻڌي، مرکيءَ سوداگريءَ جو سامان وڪڻي ڇڏيو، ۽ هڪ ڏينهن مسافرن وانگيان غريبن جي شڪل ۾ ليلا وٽ حاضر ٿي اچي ليلايائين ته ”مان ۽ منهنجي ڌيءُ، زماني جي حادثن جو شڪار ٿي، وطن کان پري رهجي ويون آهيون، ڪورڪي ڪم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهيون. جيڪڏهن غريب نوازي فرمائي، اسان کي ٻانهيون ڪري رکو، ته اهڙي نوڪري ڏينديونسين جا دنيا کي پسند پوي“ ليلا ٻنهي کي پاڻ وٽ رکيو ۽ سندن ڪم کيس پسند آيو. هلندي هلندي آخر ڪؤنرو، چنيسر جي آرام جي بستري ]41[ وڇائڻ جي ڪم تي مقرر ٿي. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، هڪ رات، ڪؤنروءَ کي پنهنجي بادشاهي ۽ شان شوڪت ياد آيا، تنهن ڪري اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيس. هيءُ حال ڏسي چنيسر پڇا ڪئي، جنهن تي جواب ڏنائين، ته ”جنهن هٿ ۾ ڏيئي جي وٽ کنئي هيم، انهيءَ ئي هٿ سان اک کنهي اٿم، تنهن ڪري اکين مان پاڻي نڪري آيو آهي“. هيءُ ڳالهه ليلا ٻڌي، وڌيڪ زور ڪرڻ لڳي، ۽ گهڻي پڇا کان پوءِ، ڪؤنروءَ چيو، ته سچي ڳالهه هيءَ آهي، ته ’مان اصل ۾ هڪ ملڪ جي مالڪ جي ڌيءَ آهيان، جنهن وٽ ڏئي جي بدران شب - چراغ موتي ٻرندا هئا. هتي ڏئي جي دونهين منهنجو دماغ پريشان ڪيو آهي، سو انهن ڏينهن جي هٿان نڪري وڃڻ تي روئي ڏنم‘ . ” ليلا هن کان ان دعويٰ جي سچائيءَ جو دليل گهريو، هن هڪدم نفيس پٽ ]جا ڪپڙا[ جن جهڙا ليلا اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا، ۽ نوَ لکو هار ڪڍي سندس اڳيان رکيا. ليلا هن قسم جي عجيب شين تي موهجي، انهن جي گهر ڪئي، جنهن تي ڪؤنروءَ ۽ مرکيءَ وراڻيو ته ”هڪ شرط سان ڏينديونسين، ]اهو هي[ ته هڪ رات چنيسر اسان کي بخشين“، جيئن ته زالون گهڻو ڪري ڪم عقل ٿينديون آهن، سو ليلا به شرط قبول ڪري، هڪ رات، نشي جي حالت ۾ چنيسر کي ڪؤنروءَ جي حوالي ڪيو. چـنيسر ساري رات نشي جي بيخبريءَ ۾ گذاري، صبح جو سجاڳ ٿيڻ وقت حيران ٿي پڇيو، ته ”ڪڇ ۾ ڪير آهي؟“ هوڏانهن، ڪؤنروءَ جي ماءُ به سڄي رات ڪؤنرو جي وائٺ وٺندي رهي، ۽ صبح تائين ڌيءَ جي ناڪاميابي ڏسي، پردي جي پويان منڊ پڙهڻ شروع ڪيائين، ته ”ليلا جو به عجيب حال آهي، جو چنيسر جهڙو مڙس هار تي وڪڻي ڇڏيو اٿس! چنيسر کي اها خبر نه پيئي آهي، نه ته ههڙيءَ زال ڏانهن توجهه ڪرڻ مردن جي شان وٽان نه آهي!“. هيءُ ٻڌي، چنيسر ڪؤنروءَ ڏانهن رخ ڪري، کانئس اول کان آخر تائين، ذري پرزي جو احوال معلوم ڪري چيو، ته ”جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ تون دلجاءِ ڪر. آءٌ ٻيهر ليلا جو ناهيان، بلڪ توکي ساهه سنئون گهرندس!“ ليلا هيءُ ٻڌي گهڻائي حيلا هلايا، پر ڪجهه نه وريو. آخر جڏهن دائمي وصال بدران ڪمال جدائيءَ جي ]عذاب ۾[ گرفتار ٿي، تڏهن گهڻي وقت ]ائين[ گهارڻ کان پوءِ، موڪل وٺي، پنهنجن پيڪن جي ڳوٺ وڃي، سدائين جدائيءَ ۾ ڳرندي رهي. هن کان اڳ، جکرو وزير، ليلا جي مائٽن مان هڪ ڇوڪريءَ سان مڱيو هو. ليلا جي واقعي ٿيڻ کان پوءِ، ليلا جي مائٽن ڇوڪري پرڻائي ڏيڻ جي نٿي ڪئي. جنهن صورت ۾ جکري کي انهيءَ سڱ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري حيلا هلائيندو ٿي رهيو، پر ڪامياب نٿي ٿيو. ليلا کيس چوائي موڪليو ته ”جيڪڏهن ڪنهن به نموني چنيسر کي پاڻ سان وٺي اچين، ]42[ ته پوءِ تنهنجي مائٽيءَ جي آءٌ ضامن آهيان“. هيءُ پيغام ٻڌي، جکرو هزارين منٿون ڪري، چنيسر کي پاڻ سان وٺي، ليلا جي ڳوٺ ۾ آيو. ليلا لباس بدلائي، شاديءَ جو پيغام کڻي ايندڙ زالن جهڙا ڪپڙا پهري، منهن تي پردو وجهي، چنيسر جي مجلس ۾ پهتي، ۽ سندس ليلا سان بيوفائيءَ متعلق ڪجهه ڏک ڏوراپا زبانان ڪڍيائين. گفتگو هلندي، هن ڪجهه اهڙو ته ناز و انداز ڏيکاريو، جو چنيسر، انهيءَ ڄاڻڻ کان سواءِ ته هوءَ ڪير آهي، مٿس موهجي پيو! جنهن صورت ۾ چنيسر هيءَ سموري بيرخي ۽ بي توجهي فقط غيرت وچان ڪئي هئي، باقي سندس دل ليلا سان ساڳيءَ طرح ٻڌل هئي، تنهن ڪري هن جي (ليلا جي) وصال واري زماني جا حق ياد ڪري، بيخود ٿي ويو، ۽ شرم لڪائڻ خاطر چيائين، ته ”اي خوش گفتار نينگري! تون پاڻ سهڻين جو نڪ آهين، ليلا جي ڳالهه ڪيتري ڪندينءَ. آخر پاڻ کان ته واقف ڪر، جو دل تو ڏانهن تمام مائل ٿي چڪي آهي!“ هن وراڻيو ته”توجهڙي بيوفا سان ميلاپ، ڪنهن جي دل چاهيندي؟“ چنيسر هن جي گفتگوءَ کان بي اختيار ٿي، سندس منهن تان پردو پري ڪرڻ گهريو. ليلا جا پنهنجي ڪم جو قاصد پاڻ ٿي آئي هئي، تنهن چنيسر جي شوق جي عين گرميءَ وقت کڻي منهن تان پردو لاٿو. چنيسر اهو ڏسڻ سان، ته هوءَ ليلا پاڻ آهي، هڪدم پنهنجي دردناڪ دل مان ٿڌو ساهه کنيو، ۽ انهيءَ گهڙيءَ ساهه ڏنائين. ليلا پڻ هيءُ حال ڏسي، هڪڙي ئي دانهن ڪري بيجان ٿي زمين تي ڪري پيئي! ٻنهي کي رسم موجب باهه جو نذر ڪيائون، ۽ هيءُ عجيب واقعو زماني ۾ يادگار رهيو. حال جي صاحبن هن احوال کي سنڌيءَ جي هڪ سر ۾ ٻڌو آهي، جنهن جي ٻڌڻ کان کين هڪ عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي. ادراڪي بيگ لار، هيءُ واقعو فارسيءَ ۾ نظم ڪيو آهي. لکندڙ ڊيگهه جي خوف کان هيتري بيان تي اڪتفا ڪري ٿو. دلوراءِ ”دلوراءِ“ مٿئين، ’دلور‘ جي مالڪ، دلوراءِ جي اولاد مان، سومرن جي زماني جو هڪ سردار هو، پر بڇڙن افعالن ڪري، سندس زندگيءَ ۾ ننگ ۽ عار جو چـُـٽو سندس پيشانيءَ تي لڳو، ۽ اروڙ جي ويراني ۽ ڀانڀرا جي بربادي، سندس ظلم جي هٿان ۽ سندس ذات بدنهاد جي نحوست کان ٿي، جنهن صورت ۾ ٻئي احوال عبرت جا نشان آهن، تنهن ڪري سندن مختصر بيان ڪيو وڃي ٿو. اروڙ جي ويران ٿيڻ جو واقعو هن بدبخت ظالم جو اهو رستو هو، ته هندستان مان جيڪو به سوداگر ايندو هو، ته لنگهه جي محصول جي انگن ابوابن ۾ سندس اڌ مال ڦري وٺندو هو، ]تنهن کان سواءِ[ سڀڪنهن جي سهڻي زال زور سان کسيندو هو. هڪڙو عزت وارو ۽ ناليرو سوداگر - جو ”سيف الملوڪ“ جي نالي سان مشهور هو، ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته هو اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن وڃي رهيو هو. هن نالائق جي ڪارنامن کان بيخبر، اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ ”بديع الجمال“ نالي هڪ سهڻي زال هئي. انهن ڏينهن مهراڻ جو پاڻي اروڙ شهر جي ويجهو وهندو هو. ]دلوراءِ[ بديع الجمال جي حسن جي خبر ٻڌي، هن جي هٿ آڻڻ جي لالچ رکي، سوداگر کي لنگهه جي ابوابن ادا ڪرڻ جي واسطي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. وڻجاري ويچاري، انهيءَ ظالم کي ٽن ڏينهن جي تسلي ڏيئي، ساري رات الاهي درگاهه ۾ ٻاڏايو. جيئن ته ٻاڏائيندڙن جي دعا جو تير ضرور قبوليت جي نشان تي پورو لڳندو آهي، تنهنڪري کيس خواب ۾ الهام ٿيو، جنهن تي صبح جو، ماڻهن کان لڪ چوريءَ، فرهاد جهڙن ڪاريگر سنگتراشن جي هڪ ٽوليءَ کي وڏي رقم ڏيئي راضي ڪيائين، جن راتو واهه پاڻيءَ کي روڪيندڙ جبل کي وچان ٽڪي، ٻيڙيءَ جو لنگهه تيار ڪري، ٻئي پاسي کان مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو. اگرچه هي ٻئي ڪم انساني طاقت کان ٻاهر هئا، ليڪن خدائي مدد سان، عبرت طور يادگار رهڻ لاءِ، هيءُ سڄو منصوبو هڪ رات ۾ عمل ۾ اچي ويو. ائين به ٿي سگهي ٿو، ته تقدير جا ڪارپرداز هن سڄي ڪم جا باني ٿيا هجن. بهرحال، سوداگر ٻيڙين سميت انهيءَ رستي کان صاف بچي نڪري ويو، ۽ مهراڻ ندي پراڻو رستو ڇڏي، انهيءَ رستي سان وهڻ لڳي، جنهن سان هينئر وهي رهي آهي. صبح جو شهر وارن دلوراءِ کي خبر ٻڌائي. هن گهڻي ڪوشش ڪئي، پر تقدير جي معاملي کي ڦيرائي نه سگهيو. اروڙ شهر جي برباديءَ جي ابتدا اُتان کان آهي. چون ٿا، ته سيف الملوڪ ڪعبي جي سفر کان موٽي، پنهنجي محبوبا بديع الجمال سميت اچي ديري غازي خان ۽ سيتپور جي وچ واري پرڳڻي ۾ رهيو، ۽ اتي گذاري ويو. کيس اتي بديع الجمال مان ٻه پٽ، ”رتو“ ۽ “ چنو ” نالي ڄاوا. هينئر تائين سندس ۽ سندس پٽن جي مزار، مٿئين پرڳڻي ۾، رتي ڪوٽ ۾، جو قديم زماني ۾ هڪ آباد ۽ عاليشان شهر هو ۽ سندس نشان اڃا تائين ظاهر آهن، عام ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي. اها زمين به مٿئين دلوراءِ جي بادشاهيءَ ۾ هئي. شهر ڀانڀرا عرف برهمڻ آباد جي برباديءَ جو واقعو چون ٿا، ته مٿيون دلوراءِ، اروڙ شهر جي ويرانيءَ کان پوءِ انهيءَ شهر ]ڀانڀرا[ ۾ رهڻ لڳو هو. کيس ”ڇـُـٽي“ نالي هڪ ڀاءُ هو، جنهن جو لقب ”امراني“ هو. الله تعاليٰ ان کي ننڍپڻ ۾ اسلام جي توفيق عطا ڪئي، ۽ هن انهيءَ شهر مان نڪري وڃي قرآن شريف ياد ڪيو ۽ اسلام جا عقائد سکيا. شهر ۾ موٽي آيو، ته سندس مائٽن کيس شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، مگر هن قبول نه ڪيو. اتي ڪنهن ماڻهوءَ کيس طعنو هڻي چيو، ته ”هيءُ ترڪ شايد ڪعبي ۾ وڃي ’فلاڻي‘ ناليري عرب جي ڌيءَ سان شادي ڪندو“. حسن اتفاق ڏسو، جو انهيءَ ئي ننڍپڻ جي وقت ۾ کيس حج جو پڪو ارادو ٿيو. اتي پهچي، هڪ عورت کي دڪان تي قرآن ]پاڪ[ جي تلاوت ۾ مشغول ڏٺائين. هيءُ ٻڌڻ واسطي بيهي رهيو. عورت پڇيس ته ”ڇو بيٺو آهين؟“ وراڻيائين، ”قرآن شريف ٻڌڻ لاءِ: جيڪڏهن ڪرم ڪري مون کي قرآن سيکارين ته غلام رهندس“. عورت چيو، ته ”منهنجي استاد ’فلاڻي‘ نينگر آهي، جيڪڏهن تون ڪپڙا بدلائي، ڇوڪرين جي لباس ۾ ٿي اچين، ته آءٌ توکي اتي وٺي هلان“. اهڙيءَ طرح کيس وٺي وڃي انهيءَ نينگر وٽ قرآن ]پاڪ[ جي پڙهڻ ۾ لڳايائين. اها قاري نينگر نجوم جي علم ۾ ڏاڍي ماهر هئي. هڪ ڏينهن ڪا عورت پنهنجي ڌيءَ جي طالع پڇڻ لاءِ وٽس آئي. واندي ٿيڻ کان پوءِ ڇـُـٽي انهيءَ قاري نينگر کي چيو، ته ”جڏهن توکي ٻين جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو، ته ضرور پنهنجي حال جي به توکي واقفيت هوندي!“ ]هيءُ ٻڌي[ قاري نينگر چيو، ته ”چڱو جو ياد ڏياريئي“. ۽ هڪدم پنهنجو طالع ڏسي چيائين، ته ”منهنجي شادي هڪڙي سنڌ جي رهاڪوءَ سان ٿيندي“. ]ڇٽي[ پڇيو، ”ڪڏهن؟“ وراڻيائين، ”عنقريب“. چيائين، ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟“ قاري نينگر حساب ڪري چيو، ته ”اهو ماڻهو تون آهين!“ جڏهن ڇـُـٽي جي حال تان پردو کڄي ويو، تڏهن قاري نينگر چيس ته ”اڄ کان پوءِ هتان نڪري وڃ ۽ ٻيهر نه اچج، هيءُ ڪپڙا لاهي ڇڏ، ۽ منهنجي شاديءَ جي گهر ڪر. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي قسمت ۾ لکجي چڪي آهيان!“. پوءِ ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي احوال ٻڌائي، ٿوري ئي وقت ۾ ڇـُـٽي جي نڪاح ۾ آئي. ڇـُـٽو ڪجهه وقت کان پوءِ وطن وريو، ۽ زال کي به، جنهن جو نالو ”فاطمہ“ هو، پاڻ سان وٺي آيو. دلوراءِ جي شهر ۾ پهچڻ تي، انهيءَ ظالم جو هيءُ دستور ڏسڻ ۾ آيس، ته جيڪا به ڇوڪري نئين پرڻي ٿي، تنهن کي زبردستيءَ گهرائي، پاڻ استعمال ڪري، موٽائي ٿي ڏنائين، ڇـُـٽو هميشه کيس نصيحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هو پنهنجن برن ڪمن کان باز نه آيو. نيٺ هڪ ڏينهن فاطمہ جي تعريف ٻڌائين، ۽ اهڙي وقت، جڏهن ڇـُـٽو ٻاهر هو، ]وجهه وٺي[ هن جي ڏسڻ لاءِ سندس گهر آيو. ڇـُـٽي، دل جي صفائيءَ جي مدد سان هيءُ حال پرپٺ ڏسي ورتو، ۽ هڪدم گهر پهچي زال کي پاڻ سان وٺي، بنا دير شهر کان ٻاهر نڪتو، ۽ پڙهو ڏياريائين، ته ’حاڪم جي نحوست کان، اڄ رات، هيءُ شهر سرنگون ٿي زمين ۾ غرق ٿيندو! جنهن کي به انهيءَ ]ٿوري[ فرصت ۾، هن موت جي دام مان نڪرڻو هجي، ته ڀلي نڪري‘ . سندس ڳالهه تي ڪن ٿورن ماڻهن اعتبار ڪيو. پهرين رات، هڪ پوڙهي، جنهن چرخي تي سٽ ٿي ڪتيو، جي جاڳڻ جي برڪت سان، ۽ ٻيءَ رات هڪ چاڪيءَ جي محابي، شهر تان اها بلا ٽري ويئي. نيٺ ٽينءَ رات، سڄو شهر رهاڪن سميت سرنگون ٿي، عدم جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويو، فقط هڪ منارو عبرت خاطر يادگار رهيو! هن قوم جي رئيسن جي عام روش جو ٿورو بيان چون ٿا، ته هي جاهل، رعيت ۽ ڀائرن کي ڏنڀ ڏيئي چوندا هئا، ته ”هيءُ اسان جا ٻانها آهن!“. پاڻ مٿن تي پڳون ٻڌندا هئا، ۽ ماڻهن کي اڻ اڻيل ٿان مٿي تي ويڙهڻ جو حڪم ڏنو هئائون. هي هٿن ۽ پيرن جا ننهن پاڙان ڪڍرائي ڇڏيندا هئا. چوندا هئا، ته ”سردارن ۽ ٻيءَ قوم ۾ هيترو فرق هجڻ گهرجي!“ هڪ دفعو عورت ٻار ڄڻيندي هئي، ته انهيءَ کي وري ويجهو نه ويندا هئا، بلڪ بيڪار سمجهي ڇڏي ڏيندا هئا، ڪپڙا پڻ پهريون ڌوپ پهري کڻي ڦٽا ڪندا هئا. چون ٿا، ته هڪ داناء عورت کي حمل ٿيو. جنهن صورت ۾ مڙس سان ڏاڍي دل هئس، تنهن ڪري اچي ڳڻتيءَ ورايس، ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ کيس شايد ڦٽو ڪيو ويندو! هوءَ هوشيار هئي، سو نيٺ هڪ حيلو سـُـجهي آيس، ]ڇا ڪيائين[ جو مڙس جون ڦٽي ڪيل چادرون ڌوٻيءَ کي ڏنائين، ]46[ جو چڱيءَ طرح ڌوئي کڻي آيو، ۽ جڏهن سندس مڙس تڙ ڪري چادرن جي گهر ڪئي، تڏهن اهي تازيون تازيون کيس ڏنائين. سادو مڙس، اهي چادرون پهري، سندن خوشبو ۽ ملائمت ڏسي، پڇڻ لڳو، ته ”هيءُ ڪهڙي ڪپڙي جون آهن؟ ڏاڍيون خوشبودار ۽ عجيب نرم ٿيون ڏسجن!“ عورت ٻڌايس، ته ”هي اهي ساڳيون تنهنجون ڦٽي ڪيل چادرون آهن. الله تعاليٰ توهان جو عقل کسيو آهي، جو ههڙي پاڪيزي لباس کان محروم رهجي ويا آهيو!“ مڙس کي هن جي هيءَ معقول ڳالهه آئڙي، ۽ آئيندي لاءِ پنهنجي اڳئين دستور کان دستبردار ٿيو، ٻين پڻ اها ڳالهه پسند ڪئي. داناء عورت ڏٺو، ته سندس اها رٿ راس ٿي آهي، تڏهن ]مڙس کي[ چيائين، ته ”وياپل زال جو پڻ ساڳيو حال آهي!“. جنهن صورت ۾ مڙس هن جي عقلمنديءَ جو قائل ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هن ڳالهه کي پڻ تجربي ڪرڻ کان پوءِ پسند ڪري، ٻين کي ٻڌايائين، ۽ اها رسم رفتي رفتي گهڻن سومرن مان نڪري ويئي. چون ٿا، ته سومرا گهڻو ڪري شراب، پاڏي جي گوشت سان پيئندا هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن سمي جي گهران زوريءَ هڪ ڪونهٽ کڻي (ڪاهي)، پنهنجي ڪتب آندائون. هن (سمي) جي زال، مڙس کي چيو، ته ”اڄ هڪڙو ڪونهٽ کڻي (ڪاهي) ويا، سڀاڻي زال به ڪين ڇڏيندا!“ انهيءَ تي مرد غيرت وچان پنهنجي قوم کي گڏ ڪيو، ۽ سومرن جا ڪي سردار ڪـُـهي، ملڪ، ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي لڏي ويا. سومرا سندن پويان گهڻوئي ڊوڙيا ۽ صلح خواهه جنگ سان کين موٽائڻ چاهيائون، پر ڪجهه نه وريو. ڪڇ ولايت جي سمن جي هٿ اچڻ جي حقيقت مٿين قوم جڏهن وڃي ڪڇ جي سرزمين ۾ رهڻ لڳي، تڏهن ڪڇ جي واليءَ ساڻن ڏاڍي رعايت ۽ همدردي ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ، هنن ماڻهن چيو، ته ”اسان جهڙي هڪ وڏي قوم توهان جي پناهه جي پاڇي ۾ اچي رهڻ لڳي آهي، ڪيستائين توهان کي تڪليف ڏيندا رهنداسون؟ ]اسان جي صلاح آهي ته[ اسان لاءِ ڪو زمين جو ٽڪرو مقرر ڪيو وڃي، جنهن کي پنهنجي ٻج ۽ خرچ سان آباد ڪري، توهان کي ڍل ڏيندا رهون“. ڪڇ جي راجا، مهربانيءَ روءِ، زمين جو هڪ ڪشادو ٽڪر کين عطا ڪري، مٿن هر هڪ فصل ۾ پنج سؤ گاهه جون گاڏيون مقرر ڪيون، جي سما ماڻهو باقاعدي ادا ڪندا رهيا. ٿوري وقت ۾، حاڪم خواهه رعيت جي طور طريقي کان واقف ٿي، پاڻ ۾ ملڪ کسڻ جا پهه پچائڻ شروع ڪيائون. ڪڇ جي قلعي جي دروازي مٿان، بالڪنيءَ تي، هميشه هڪ نجومي برهمڻ ويٺو هوندو هو، جو آئي وئي ]47[ کي سندس احوال معلوم ڪرڻ کان پوءِ موڪل ڏيندو هو. هڪڙي فصل ۾، هيءُ ماڻهو گاهه جون پنج سؤ گاڏيون تيار ڪري، هر هڪ گاڏيءَ ۾ ٻه هٿيار بند ماڻهو سمهاري، هڪڙو ماڻهو ظاهر ظهور گاڏيءَ تي وهاري، شهر ۾ وٺي آيا. چون ٿا ته برهمڻ، گاڏين جي اندر گهڙڻ وقت چيو، ته ”هن گاهه مان ڪچي گوشت جي بوءِ ٿي اچيم!“ دربانن انڪار ڪندي چيو، ته ”گاهه ۾ ڪچي گوشت جو هئڻ ممڪن ئي ناهي“. تنهن هوندي به ڪن ماڻهن احتياطاً گاهه ۾ نيزا چڀايا. ڳالهه ٿا ڪن ته نيزا جڏهن لڪل جوانن جي بدن ۾ چـُـڀي، رت ۾ ڀرجي پيا، تڏهن انهن هڪدم نيزن جي چهنبن کي ڪپڙي سان اهڙو ته صاف ڪري موڪليو، جو ]رت جو[ ڪوبه نشان ڏسڻ ۾ نه آيو! آخر دربانن نجوميءَ کي ڪوڙو ٺهرائي، گاڏين کي ]اندر وڃڻ جي[ موڪل ڏني، سڄو ڏينهن گاڏيون اندر وينديون رهيون. رات جو وجهه وٺي، پنج سؤ هٿيار بند ماڻهن، قلعي جي دروازي تي قبضو ڪري، ٻاهرين کي پڻ، جي سڏ جي انتظار ۾ هئا، اندر سڏي، ڪڇ جي راجي کي لاهي، ]پاڻ[ قلعي ۽ ملڪ جا مالڪ ٿي ويٺا، انهن سمن جو نسل اڄ تائين ننڍي خواهه وڏي ڪڇ جو مالڪ آهي. قصو ڪوتاهه - جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان، مهراڻ جو پاڻي سيوستان جي پاسي کان وهڻ لڳو، ۽ هيءُ زمينون جيڪي هاڻي آباد آهن، سي آباد ٿيڻ لڳيون، تڏهن سومرن جي زمين خشڪيءَ سبب ويران ٿيڻ لڳي. هوڏانهن ڏنڀ جي ظلم ۽ زال جي کسجڻ ڪري، تميمي، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو. دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاؤالدين جي درٻار ۾ دانهن کڻي ويو، جنهن تي ڪن ]تاريخ نويسن[ جي چوڻ موجب سلطان پاڻ، ۽ ڪن جي چوڻ موجب سالار خان نالي سندس سپهه سالار، سومرن تي ڪاهي آيو. سومرا، چارڻ قوم کي، جنهن کي ٻئي قومون وڏي تعظيم ڏينديون هيون، منٿ ڪري، ]پنهنجو[ اهل عيال، ابڙي نالي ايراني سمي ڏانهن ڪڇ موڪلي، پاڻ سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا، ۽ جڏهن بادشاهي لشڪر انهيءَ قوم جي مٿان اچي طوفاني بلا وانگر ڪڙڪيو، تڏهن سخت جنگ ڪيائون. سومرا قوم (قبيلي) جو سردار ”سپڙ“ سومرو، شاهي لشڪر جي غازين جي خونخوار ترار جو لقمو ٿي ويو، ٻين کي محمد طور شهر ۾ رهڻ جي طاقت نه رهي، ۽ لاچار ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهي لشڪر پڻ سندن زالن ۽ ٻارن جي پويان ڪڇ ڏانهن يلغار ڪئي، ۽ جتي به رات رهيا ٿي، اتي دشمن جي راتاهي جي ڀوَ کان لشڪر جي چوڌاري کاهي کوٽيائون ٿي. اڄ انهن کاهين مان گهڻيون، اونها درياء ٿي پيون آهن. ڪڇ پهچڻ تي ابڙي سمي، سومرن جي عيال اطفال مٿان سلطاني لشڪر سان ڪيئي جنگيون ڪيون. نينگرين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو احوال چون ٿا، ته انهيءَ ڀاڄڙ ۾، سومرن جي اولاد مان ڪي پاڪدامن نينگريون، همراهن کان ڇڄي، شاهي فوج جي چنبي ۾ اچي ڦاٿيون، ۽ الله ڏانهن متوجهه ٿيون. جڏهن فوج کين پڪڙڻ لاءِ ويجهي پهتي، تڏهن اهي پاڪدامن نينگريون، بچڻ جو آسرو لاهي، قادر ڪارساز جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، وٺي انهيءَ جبل ڏانهن ڀڳيون، جنهن ۾ لڪل هيون. قضا الاهي، اهو جبل ڦاٽي پيو، ۽ انهن پردي وندين کي، جن ڪڏهن به ڪنهن نامحرم جو منهن نه ڏٺو هو، لشڪر جي هٿ کان بچائي، پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏنائين. سندن چادرن جون ڪنڊون، عبرت ۽ يادگار واسطي، ٻاهر رهجي ويون. اها جاءِ انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين، ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي. قـصو مختصر - سومرا قوم(قبيله) کان پوءِ سما قوم نڪري هن زمين جي وارث ٿي، ۽ جيئن ته سلطاني لشڪر جي آمد سببان ’محمد طور‘ شهر ويران ۽ برباد ٿي ويو هو، تنهن ڪري ساموئي ۽ ٻيا نوان ڳوٺ آباد ڪري، محمد طور شهر کي، جو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو، منحوس سمجهي ڇڏي ڏنائون، هنن نئون طور طريقو اختيار ڪيو، جيئن اڳتي بيان ٿيندو. (1) بني اميه گهراڻي جا گورنـر، جيڪي محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ ۾ آيا، تن جا نالا هـن ريت آهن: 1- يزيد بن ابي ڪبشته السڪسڪي (سليمان بن عبد الملڪ - سن 96 هجري کان 99 هجري - جي ڏينهن ۾)، فقط ارڙهن ڏينهن لاءِ، 2- حبيب بن المهلب بن ابي صفره (سليمان بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)، 3- عمرو بن مسلم الباهلي (عمر بن عبد العزيز - سن 99 هجري کان سن 101 هجري جي ڏينهن ۾)، 4- هلال بن احوز تميم (يزيد بن عبدالملڪ سنه 101 هجري کان 105 هجري - جي ڏينهن ۾)، 5- جنيد بن عبدالرحمان المري (هشام بن عبدالملڪ - سنه 105 هجري کان سنه 125 هجري - جي ڏينهن ۾)، 6- تميم بن زيد العتبي (هشام بن عبدالملڪ - سنه 105 هجري کان سنه125 هجري - جي ڏينهن ۾)، 7- حڪم بن عوانه ڪلبي (هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)، 8- عمرو بن محمد بن القاسم (هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)، 9- يزيد بن عرار (وليد بن هشام - سنه 125هه کان سن 126 هجري - جي ڏينهن ۾)، 10- منصور بن جمهور الڪلبي (بني اميه جي پوئين خليفي مروان الحمار - سن 127 هجري کان سن 132 هجري - جي ڏينهن ۾) (ڊاڪٽر دائود پوٽي جا تاريخ معصوميءَ تي تعليقات، ص266-267، ٿوري ڦير ڦار سان). باقي، مير قانع جو چوڻ ته، ’محمد بن قاسم کان پوءِ ابو حفص قتيبه بن مسلم، حجاج جي طرفان سنڌ تي مقرر ٿي آيو‘ ، بلڪل غلط آهي. ساڳيءَ طرح، تميم بن زيد جو حجاج جي پاران اچڻ پڻ غلطي آهي، ڇاڪاڻ ته تميم بن زيد، هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو. جيئن مٿي ڏيکاريو ويو. هيءُ به ياد رکڻ گهرجي ته حجاج بن يوسف، سن 95 هجري ۾ مري ويو هو، يعني محمد بن قاسم کان هڪ سال اڳ. هيءُ به معلوم هئڻ گهرجي، ته منصور بن جمهور، يعني اميه جي پاران مقرر ٿيل ڪونه هو، بلڪ مروان الحمار جي ڏينهن ۾ عراق کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو هو، ۽ سنڌ جي حاڪم يزيد بن عرار کي شڪست ڏيئي، سنڌ تي قبضو ڪري، ويٺو هو (يعقوبي، ص407) (1) مير قانع، سليمان بن هشام جو ذڪر، پهرئين جلد ۾، بني اميه گهراڻي جي آخري خليفي مروان الحمار جي بيان ۾ ڪيو آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو هي آهي: ”چون ٿا، ته سندس ڏينهن ۾، بڪر بن وائل قبيلي جي هڪ ماڻهو ’ضحاڪ‘ بغاوت ڪئي، ۽ سندس لشڪر جي ڏهن هزارن ماڻهن، سليمان بن هشام کي خليفو مقرر ڪيو. سليمان ستر هزار ماڻهو گڏ ڪيا. سخت لڙائيءَ کان پوءِ مروان فتحياب ٿيو، ۽ ابراهيم بن سليمان ۽ خالد بن هشام مخزوميءَ کي قتل ڪيائين. هن جنگ ۾ ٻنهي طرفن جا ٽيهه هزار ماڻهو ڪم آيا ۽ سليمان جي لشڪر مان ڪيئي ماڻهو قيد ٿيا. مروان آزاد ماڻهن کي ڪهڻ ۽ غلامن کي وڪڻڻ جو حڪم ڪيو. هي حال ڏسي، ڪيترا آزاد ماڻهو به پاڻ کي غلام سڏائي، قتل ٿيڻ جي بدران وڪامڻ تي راضي ٿيا. سليمان ٻئي ڀيري پڻ لشڪر گڏ ڪري لڙائي ڪئي، پر شڪست کائي وڃي ضحاڪ خارجيءَ سان بيعت ڪيائين، ۽ ڪوفو وٺي اچي موصل وٽ پهتو. مروان، ضحاڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. سليمان بن هشام ۽ شيبان خارجي موصل جي پسگردائيءَ ۾ گم ٿي ويا، جتان وري خراسان ڀڄي ويا. شيبان سيستان ۾ وڃي مئو، باقي سليمان بن هشام سنڌ ڏانهن هليو ويو، ۽ ’سفاح‘ جي خلافت تائين اتي رهيو. هو پوءِ وڃي سفاح سان مليو، جنهن وٽ پهريائين، ته مٿس نوازشون ٿيون، پر آخر قتل ٿي ويو ( ”تحفة الڪرام“ دستخط مصنف، مملوڪه پروفيسر محمد شفيع لاهوري، ورق 108). (2) ابو العباس سفاح (136-132هه)، عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو، کيس ’سفاح‘ (خونريز) هن ڪري چوندا هئا، جو نهايت خونريز هو. بني اميه گهراڻي سان ڏاڍيون تعديون ڪيائين. (1) نسخي ”ن“ ۾ وڌيڪ لکيل آهي: ”وهم ابو الخطاب از طرف مروان حمار بسند رسيده“ (مروان حمار جي پاران ابو الخطاب پڻ سنڌ ۾ آيو هو.) (1) بني عباس گهراڻي جا گورنر جيڪي سنڌ ۾ آيا، تن جا نالا هن ريت آهن: 1- ]عبدالرحمان بن ابي مسلم[ مغلس بن السري العبدي (ابو العباس سفاح - 132 هه کان 136 هه- جي ڏينهن ۾) ]هن اچي سنڌ جي حاڪم منصور بن جمهور سان لڙائي ڪئي، پر انهيءَ ۾ مارجي ويو - ”بلاذري“ [، 2- موسيٰ بن ڪعب تميمي (ابو العباس سفاح جي ڏينهن ۾)، 3- عيينه بن موسيٰ بن ڪعب (ابو جعفر منصور - 136 هه کان 158 هه - جي ڏينهن ۾)، 4- هشام بن عمرو التغلبي (منصور جي ڏينهن ۾9)، 5- عمر بن حفص بن عثمان هزار مرد (منصور جي ڏينهن ۾)، 6- بسطام بن عمرو، هشام جو ڀاءُ (منصور جي ڏينهن ۾)، 7- معبد بن الخليل تميمي (منصور جي ڏينهن ۾)، 8- روح بن حاتم المهلبي (مهدي - 158 کان 169هه - جي ڏينهنّ)، 9- ]بسطام بن عمرو - هي روح کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿي آيو هو، پر ٿورن مهينن کان پوءِ خليفي کيس موقوف ڪري سندس جاءِ تي وري روح کي گورنر ڪري موڪليو - ”ابن الاثير“ [، 10- نصر بن محمد بن الاشعت الخزاعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 11- عبدالملڪ بن شهاب المسمعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 12- نصر بن محمد بن الاشعت الخزاعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 13- زبير بن عباس (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 14- مصح بن عمرو التغلبي، جنهن پنهنجي پاران ليث بن طريف کي سنڌ موڪليو (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 15- سالم اليونسي - اسماعيل بن عليءَ جو آزاد ڪيل غلام (هارون الرشيد - 170 هه کان 193هه - جي ڏينهن ۾)، 16- اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي (هارون جي ڏينهن ۾9)، 17- طيفور بن عبد الله بن منصور الحميري (هارون جي ڏينهن ۾)، 18- جابر بن معد الطائي (هارون جي ڏينهن ۾)، 19- سعيد بن مسلم بن قتيبه، جنهن پنهنجي ڀاءُ ڪيثر بن مسلم کي پنهنجي پاران سنڌ ۾ موڪليو (هارون جي ڏينهن ۾)، 20- عيسيٰ بن جعفر بن منصور - هن پنهنجي پاران محمد بن عدي تغلبيءَ کي موڪليو (هارون جي ڏينهن ۾)، 21- عبدالرحمان (هارون جي ڏينهن ۾)، 22- ايوب بن جعفر بن سليمان (هارون جي ڏينهن ۾)، 23- دائود بن يزيد بن حاتم المهلبي - سن 174 هه - هن پنهنجي پاران ڀاءُ المغيره کي موڪليو، 24- بشر بن دائود (امين - 193هه کان 198 هه - جي ڏينهن ۾)، 25- غسان بن عباد(مامون - 198 هه کان 218 هه- جي ڏينهن ۾)، 26- موسيٰ بن يحييٰ بن خالد برمڪي (مامون ۽ معتصم بالله - 218 هه کان 227 هه - جي ڏينهن ۾) - هو سن 221هه ۾ گذاري ويو، 27- عمران بن موسيٰ (معتصم بالله جي ڏينهن ۾)، 28- ايتاخ الترڪي، جنهن پنهنجي پاران عنبسته بن اسحاق ضبيءَ کي سنڌ موڪليو (الوائق بالله - 227 هه کان 222هه- جي ڏينهن ۾) ] ”يعقوبيءُ“ موجب عنبسته کي سڌو سنئون خليفي معتصم مقرر ڪيو هو، ۽ الواثق جي ڏينهن ۾ پڻ هو انهيءَ عهدي تي قائم هو[، 29- هارون بن ابي خالد (متوڪل - 232 هه کان 247هه - جي ڏينهن ۾) - هو سنه 240 هه ۾ وفات ڪري ويو، 30- عمر بن عبدالعزيز هباري (متوڪل جي ڏينهن ۾)، ۽ 31- ابو الصمه (سن255هه ڌاري). (ڊاڪٽر دائود پوٽي جا ”معصوميءَ“ تي تعليقات ٿوري زيادتيءَ سان، جا چورس ڏنگين ۾ ڏنل آهن.) (1) نسخي ”ن“ ۾ هتي زياده آهي: ”بسرکردگي داؤد بن علي“ (داؤد بن عليءَ جي سرداريءَ هيٺ). (2) جن ماڻهن رسول الله صلي الله عليه وسلم کان فيض حاصل ڪيو، تن کي ”صحابي“ چئبو آهي، ۽ جنهن انسان ڪنهن صحابيءَ کان فيض پرايو، تنهن کي ”تابع“ ، ۽ تابع کان فيض وٺندڙ کي ”تبع تابع“ سڏيو ويندو آهي. انهن ٽنهي دورن لاءِ حضور اڪرم عليه الصلوٰة والسلام فرمايو آهي، ”خير القرون قرني ثم الذين يلونهم ثم الذين يلونهم“ (ڀلي ۾ ڀلو زمانو مون وارو آهي، تنهن کان پوءِ جيڪي انهن سان ملندا، تنهن کان پوءِ جيڪي انهن سان ملندا). (1) سلطان محمود جي وزيرن يا سپہ سالارن ۾ ’عبدالرزاق‘ جي نالي سان ڪوبه ڪونه هو. البت، خواجه حسن ميمندريءَ کي عبدالرزاق نالي پٽ هو، جنهن کي امير مودود بن مسعود سيستان تي مقرر ڪيو هو، ۽ جنهن عبدالرشيد بن مسعود کي قيد مان ڇڏائي، غزنيءَ آڻي، علي بن مسعود جي بجاءِ گاديءَ تي وهاريو هو، سلطان مسعود جي پٽن مان پڻ هڪڙي جو نالو عبدالرزاق هو. تنهن کان سواءِ، جيئن سلطان محمود گاديءَ تي ويٺو هو، ته خليفي القادر بالله وٽس پنهنجا ماڻهو موڪلي، کيس خراسان جي حڪومت، جهنڊو، قيمتي سروپاءِ، ڇٽ ۽ ”امين الدولته، امين الملڪ، ابوالقاسم محمود ولي امير المؤمنين“ جو لقب عطا ڪيو هو، تنهن کان پوءِ ته اهڙو ڪو سبب ئي معلوم نٿو ٿئي، ته ڇو سلطان محمود ستن سالن کان پوءِ ڪاوڙجي خليفي جي سڀني ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيو هوندو؟ ”زين الاخبار“ جي بيان موجب سلطان محمود ’سنه396هه ۾‘ جيپال جي پٽ انند پال کي شڪست ڏيئي، هندستان جي رستي کان ملتان آيو هو، ۽ شهر کي ست ڏينهن گهيرو ڪيو هئائين. آخر هن شرط تي صلح ٿيو هو، ته ’ملتان صوبي مان سال ۾ ويهه دفعا هزار هزار درم ڏنا ويندا‘ ۽ سلطان محمود موٽي ويو هو. سلطان محمود وري سنه 401 هه ۾ موٽي آيو ۽ سڄو ملتان فتح ڪري، اتي جي قرمطين کي گرفتار ڪري، ڪن کي قتل ڪيائين، ڪن کي هٿن وڍڻ جي سزا ڏنائين، ۽ ڪن کي قلعن ۾ بند ڪيائين، جي اتي مري ويا، دائود بن نصر کي به انهيءَ سال گرفتار ڪري، غزني آندائين، جتان غورڪ جي قلعي ڏانهن موڪليائين، جتي هو مري ويو. ”فرخيءَ“ جي هڪ قصيدي مان ائين ٿو معلوم ٿئي، ته سلطان محمود جڏهن ’سومناٿ‘ فتح ڪري موٽيو هو، تڏهن ڪڇ جو رڻ لنگهي سنڌ جي تختگاه منصوري ۾ آيو هو، ۽ اتي جو قرمطي حاڪم ”خفيف“ ڀڄي ڪنهن کجين جي جهنگ ۾ لڪو هو، جنهن تي سلطان ڪاوڙجي سندس پويان ماڻهو موڪليا، جن سندس ڇانوڻيءَ کي گهيرو ڪري، سندس ڪيترا ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا: جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ سلطان محمود جي قبضي ۾ هو، ۽ اتي جا حاڪم سندس تابعداري قبول ڪري چڪا هئا، ته پوءِ خفيف جي ڀڄي وڃڻ جو ڪو سبب ئي ڪونه آهي. انهيءَ کان سواءِ هيءَ به حقيقت آهي، ته سلطان، منصوري کان سنڌو نديءَ جو ڪنارو ڏيئي ملتان ويو هو، ۽ کيس بيابان جي خشڪيءَ خواه سنڌ جي جتن کان سخت تڪليف پهتي هئي، ۽ سندس لشڪر جا ڪيترا ماڻهو مري ويا هئا، جنهن ڪري سلطان کي ملتان جي جتن ۽ سنڌو نديءَ جي ڪناري وارن ڀاٽين تي ڏاڍيون خارون هيون، ۽ سنہ 418هه ۾ کين عبرت انگيز سزا ڏنائين. هن مان معلوم ٿو ٿئي، ته سنہ 418 کان اڳ، سلطان هن طرف جو واقف ڪونه هو: شايد انهيءَ ئي سال سنڌ ۽ ملتان جو سارو ملڪ غزنيءَ جي قبضي ۾ آيو هجي (ڊاڪٽر داؤد پوٽي جي ”تاريخ معصومي تي تعليقات“ تان ورتل، ص269، 270، 271) (1) فتحنامي (ص9-10) مان معلوم ٿو ٿئي، ته قاضي اسماعيل بن موسيٰ ثقفيءَ سنڌ جي فتح جو تذڪرو عربيءَ ۾ ڪونه لکيو هو، بلڪ سندس وڏن مان ڪنهن جو لکيل وٽس موجود هو، جنهن جو ترجمو ”علي بن حامد“ ڪوفيءَ فارسيءَ زبان ۾ ڪيو، جو اڄ ڪالهه ”چچنامه“ (فتحنامه) جي نالي سان مشهور آهي. (2) نسخو ”ن“ - ”حسيريه“ . (1) اصل ۾ ”هارون مڪراني“ آهي، جو صحيح نه آهي، جيئن مٿي گذري آيو آهي. (1) نسخو ”ن“ - ’سوره‘ . (2) نخسو ”ن“ - ’اکهيل‘ . (3) نسخو ”ن“ - ’ديٿر‘ . (4) نسخو ”ن“ - ’سيميا‘ . (1) کذا في الاصل - والله اعلم (1) نسخو ”ن“ - ”منده“ . (2) ساند بن پليءَ جي چوٿين پٽ جو نالو، نه ڇپيل نسخي ۾ آهي ۽ نه مصنف جي هٿ اکرين لکيل نسخي ۾. (1) تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي، ته اڳئين زماني ۾ ’ڊڀرو‘ ۽ ’درٻيلو‘ ٻه جدا جدا شيون هيون. ’ڊڀرو‘ شهر جو نالو هو، ۽ ’درٻيلو‘ سنڌ جي هڪ پرڳڻي جو نالو هو. سنڌ جي هن ڀاڱي ۾ اڄ تائين سهته قوم موجود آهي، ۽ سهتن جي راڄ ۽ اثر ڪي تعلقي نوشهري ۾ ڪنڊياري کي گڏي، اڄ تائين ”ساهتي پرڳڻو“ چوندا آهن: ڊڀري جي شهر جو ڪجهه حصو ڪنڊياري تعلقي ۾، ۽ ڪجهه حصو نوشهري تعلقي ۾ آهي. (2) اصل ۾ ’محمد بن اسعد‘ آهي، جو غلط آهي. (1) هن بيان ۾ مير قانع حد کان وڌيڪ اختصار ڪري، قصو سڄو گڙٻڙ ڪري ڇڏيو آهي. تاريخ معصوميءَ جي بيان موجب، آرام شاهه جي ڏينهن ۾ سندس پيءُ سلطان قطب الدين جي حڪومت چئن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪڙو دهليءَ جو تختگاهه - جو جڏهن امير آرام شاهه کي نالائق ڏسي کيس تخت تان لاهي ڇڏيو، تڏهن سلطان شمس الدين جي قبضي ۾ آيو، ٻيو اچ، ملتان ۽ سنڌ - جو ناصرالدين قباچي جي هٿ ۾ رهيو، ٽيون، لکنو جيڪو خلجي بادشاهن جي ور چڙهيو، چوٿون لاهور ۽ ان جي آس پاس، جنهن تي تاج الدين بلدوز جا گورنر حڪومت ڪرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ ناصر الدين قباچي تي چنگيزخان جي هڪ فوج چڙهي پويان آئي جنهن سان مقابلي جي طاقت نه ساري ناصر الدين ملتان جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو، ۽ ماڻهن جي دلين وٺڻ لاءِ ڏاڍي سخا ڪيائين. آخر چنگيزخاني قلعو فتح ڪري نه سگهيا ۽ موٽي ويا. سنہ 623 ۾ ملڪ خان خلجي ۽ سندس ماڻهن اچي سيوهڻ جي پاسي تي قبضو ڪيو. ناصر الدين انهن سان سخت جنگ ڪئي، جنهن ۾ ملڪ خان خلجي مارجي ويو. نيٺ جڏهن ناصر الدين جا ڏينهن کـُـٽا، تڏهين 624 هجري، ]بلڪ 625 هجري - ”تعليقات معصومي“، ڊاڪٽر داؤد پوٽو [۾، سلطان شمس الدين ايلتمش اُچ تي ڪاهيو. ناصر الدين قباچو اتان ڀڄي بکر ۾ آيو. هوڏانهن، سلطان پنهنجو وزير نظام الملڪ محمد بن ابي اسعد اُچ جي گهيري تي ڇڏي دهليءَ موٽي آيو. نظام الملڪ، تاريخ 28 جمادي الاول سن 625 هجريءَ تي، اُچ صلح سان وٺي، بکر تي چڙهائي ڪئي. قباچو ڀڄڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪتو، پر وچ سير ۾ سندس عمر جي ٻيڙي فنا جي درياءَ ۾ غرق ٿي وئي (تاريخ معصومي، ص35-36). طبقات ناصري (ص 144 ۽ 173) جي چوڻ موجب، سلطان ايلتمش دهليءَ موٽي ڪونه ويو، بلڪ پاڻ اُچ تي گهيرو ڪري ويهي رهيو، ۽ پنهنجي وزير نظام الملڪ ۽ ٻين بادشاهن کي ملڪ ناصر الدين قباچي جي بکر چاڙهي موڪليائين. قباچي جو موت ڪيئن ٿيو؟ تنهن بابت پڻ علامه ”قزوينيءَ“، ”لباب الالباب“ جي مقدمي (ص ’ڪ‘ ) ۾، ”جوامع الحڪايات“ جي روايت موجب، هن طرح لکيو آهي، ته ”بکرجي قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ناصر الدين قباچي قلعي ۾ وڃي پنهنجا سمورا خزانا ۽ مال پنهنجي پٽ علاوالدين بهرام شاهه جي هٿان، ايلتمش جي خدمت ۾ موڪلي، معافيءَ لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي ايلتمش کيس پنهنجي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ناصر الدين قباچي ههڙيءَ ذلت جي زندگيءَ کان موت بهتر سمجهي، 19 جمادي الاخر 635 هجري ڇنڇر رات، پاڻ کي بکر جي قلعي تان درياء ۾ اڇلايو“ (تعليقات معصومي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص276-277). هي به ياد رکڻ گهرجي، ته ناصرالدين قباچو سڄي سنڌ جو حاڪم ڪونه هو، سندس هٿ ۾ فقط اپر سنڌ وارو ڀاڱو هو، جنهن جو پايه تخت بکر هو، باقي سنڌ جو هيٺيون ڀاڱو، جنهن جو پايه تخت ديول هو، ملڪ سنان الدين چنيسر جي هٿ ۾ هو، تنهن کي بکر جي فتح ڪرڻ کان پوءِ تابعدار ڪيو ويو، جيئن ”طبقات ناصري“ جو مصنف چوي ٿو، ته ” اهو ملڪ سمنڊ تائين فتح ٿيو ۽ ديول ۽ سنڌ جو والي ملڪ سنان الدين چنيسر اچي شمسي درگاه (شمس الدين ايلتمش) سان مليو“ (طبقات ناصري، ص 123، بحواله تعليقات، ڊاڪٽر دائود پوٽو). (1) مير قانع، نورالدين ’محمود‘ (تاريخ معصوميءَ موجب ’محمد‘ ) جو نالو ”تاريخ معصوميءَ“ تان ورتو آهي، پر هن ماڻهوءَ جو نالو تاريخ جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونه ٿو لڀي، البت ”طبقات ناصريءَ“ جو مصنف (ص232-233 ۾) چوي ٿو: ”جڏهين سلطان شمس الدين اُچ جي قلعي هيٺان اچي ڇانوڻي هنئي، تڏهين 625 هجريءَ ۾ ڪزلڪ خان کي وزير نظام الملڪ محمد جنيديءَ جي خدمت ۾ بکر جي قلعي تي چاڙهي موڪليائين. ٿوري وقت کان پوءِ، اهو قلعو فتح ٿيو ۽ ملڪ ناصر الدين سنڌونديءَ ۾ ٻڏي ويو. هوڏانهن اچ جو قلعو به هٿ آيو. سلطان اچ جو قلعو ۽ شهر سموري آس پاس ۽ پرڳڻي سميت ملڪ ڪزلڪ خان جي حوالي ڪيو. سلطان جي دهليءَ موٽي وڃڻ کان پوءِ، ڪزلڪ خان اُنهيءَ ملڪ تي قبضو ڪري، ان کي آباد ڪيو ۽ ٽڙيل پکڙيل ماڻهو گڏ ڪري، عام خاص ماڻهن سان انصاف سان وقت گذارڻ، سڀني سان عدل ۽ احسان جو طريقو اختيار ڪرڻ، ۽ رعيت جي آرام ۽ آسائش لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ، خاتمو بالخير، ايمان جي سلامتي، ۽ صدقا، احسان، خيراتون ۽ نيڪيون کڻي، 629 هجري ۾، آخرت جي منزل ڏانهن لڏي ويو ” (تعليقات بر تاريخ معصومي“، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص277-278) (2) هيءُ احوال پڻ، مير قانع، تاريخ معصوميءَ تان ورتو آهي. تاريخ معصوميءَ، ”جلال الدين، ’حسن‘“ لکيو آهي، ۽ مير قانع وري ”جلال الدين ’محمد‘“ لکيو آهي، پر ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ جلال الدين ’حسن‘ يا جلال الدين ’محمد‘ جو نالو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. (تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو ص278) (3) تاريخ معصومي (ص38) جي لکڻ موجب سلطان ناصر الدين، ملڪ سنجر کي فقط اُچ ۽ ملتان جي پرڳڻن جي حڪومت ڏني هئي، باقي سيوستان جي پرڳڻي جي حڪومت قتلغ خان جي حوالي ٿي هئي. (1) تاريخ مبارڪ شاهي (ص43) جو مصنف چوي ٿو ته ” ’خان بزرگ‘ ، يعني سلطان غياث الدين جو وڏو پٽ محمد سلطان، جنهن جي ملتان واريءَ جاگير ۾ ’مالم‘ کان وٺي ’جناني‘ تائين ]ملڪ[ داخل هو، ۽ جنهن کي شهادت کان پوءِ ’خان شهيد‘ چوندا آهن. ’جناني‘ ٺٽي کان سٺ ڪوهه اڳتي، درياء جي ڪناري تي آهي، ايتريون جاگيرون الهندي پاسي به هيس“ (بحواله تعليقات معصومي، ”ڊاڪٽر دائود پوٽو“ ص27) (2) اصل متن ۾ سلطان محمود آهي، جو غلط آهي. (3) هتي تحفته الڪرام جي عبارت واضح نه آهي. مير معصوم، ”تاريخ سنڌ“ (ص43) ۾ لکي ٿو، ته سنہ 696 هجري ۾ ]سلطان علاؤ الدين[، ملتان ۽ سنڌ جي مهم بادشاهي جي سڀني ڪمن کان زياده ضروري سمجهي، ڇاڪاڻ ته سلطان جلال الدين جو پٽ ارڪلي خان ملتان ۾ ٿي رهيو، تنهن ڪري پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي چاليهن هزار سپاهين سان تڪڙو تڪڙو روانو ڪيائين. الغ خان ملتان پهچي محاصرو ڪيو. ٽن مهينن کان پوءِ قلعي وارا تنگ ٿي پيا، ۽ ملتان جا رهاڪو ارڪلي خان کان ڦري، هڪڙيءَ رات قلعي مان نڪري وڃي الغ خان سان مليا. ارڪلي خان لاچار ٿي، مخدوم شيخ رڪن الدين کي وچ ۾ آڻي، امان گهري، ملتان مان نڪري ويو ۽ سلطان علاؤالدين، نصرت خان کي ڏهن هزار سوارن سان ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺـٽي جي حڪومت تي مقرر ڪري، حڪم ڪيو ته نصرت خان، ملتان ۽ سنڌ جي ساري ملڪ ۾ گشت ڪري، ۽ جتي ڪو فسادي يا سرڪش ڏسي ته ان جي پاڙ پٽي، هر طرح جي دلجاءِ ڪري، سنڌ جي شهرن ۽ قلعن تي اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، پاڻ ملتان ۾ رهي. (1) اصل ۾ ’صلدائي‘ آهي، جو غلط آهي. (2) هتي پڻ مير قانع، مير معصوم جو پوئلڳ ٿيو آهي، در حقيقت صلديٰ مغل کان سيوستان ظفر خان آزاد ڪرايو هو، نه نصرت خان. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ نصرت خان، الغ خان سان گڏ گجرات جي مهم تي روانو ٿي ويو هو ۽ ظفر خان ملتان جو حاڪم مقرر ٿيو هو (تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص279) (3) مير قانع کان هيءَ زبردست تاريخي غلطي سرزد ٿي آهي. خسرو خان، سلطان علاؤالدين کي تخت تان ڪونه لاٿو هو، بلڪ سلطان علاؤالدين 6 شوال سن717 تي گذاري ويو. سلطان جي پٽن ۾ افعال ڪونه هو ۽ هميشه عيش عشرت ۾ مشغول رهندا هئا. هوڏانهن غازي ملڪ کي سلطان علاؤالدين، پنهنجي حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾، چنگيزخاني مغلن کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڏهن هزار سوارن سان ديبالپور موڪلي ڇڏيو هو. اهو وجهه وٺي خسرو خان شرارت ڪري، سلطان علاؤالدين جي پٽ سلطان قطب الدين جو، سندس خاص ماڻهن هٿان سر وڍارائي، پاڻ گاديءَ تي ويهي، ملڪ تي قبضو ڪيو. هو جنهن صورت ۾ هڪ لوفر قسم جو ماڻهو هو، تنهن ڪري سندس وقت ۾ ڪافرن ۽ لوفرن ڏاڍو زور ورتو ۽ شريف مسلمانن کي تنگ ڪرڻ لڳا (تاريخ معصومي، ص44-45) (4) تاريخ معصومي (ص46) جو مصنف چوي ٿو، ”جنهن وقت سلطان غياث الدين (غازي ملڪ) ملتان کان دهليءَ روانو ٿيو، انهيءَ وقت سومرا بغاوت ڪري ٺٽي تي متصرف ٿيا.“ (1) مير قانع هتي پڻ پنهنجي عادت موجب حد کان وڌيڪ اختصار ڪري ڳالهه منجهائي ڇڏي آهي. حقيقت هن طرح آهي ته سلطان غياث الدين تغلق شاهه سنہ 725 جي ابتدا ۾ وفات ڪري ويو (تاريخ معصومي، ص47). کانئس پوءِ سندس لائق فرزند سلطان محمد شاه بن تغلق شاه گاديءَ تي ويٺو. هن سنہ 727 هجري ۾ ڪشلو خان کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو (تاريخ معصومي، ص47). تنهن کان پوءِ سلطان محمد تغلق پنهنجي ڀاڻيجي بهاؤ الدين تي ڪاوڙجي، سندس جئري (ڏسو صفحو 115 ) (بقيه آندل صفحي 114) کل لهرائي، بهه سان ڀرائي، بهادر ڀوري جي لاش سان گڏ، پنهنجي بادشاهيءَ ۾ چو طرف ڦيرائي - اهي ٻئي بهه سان ڀريل کلون جڏهن سنڌ ۾ پهتيون، تڏهن اتي جي حاڪم ڪشلو خان انهن کي ڏاڍي احترام سان دفن ڪرائي ڇڏيو. هيءَ خبر ٻڌي سلطان محمد تغلق ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ڪشلوخان کي اوچتو برباد ڪرڻ گهريائين. تنهن ڪري ڪشلو خان احتياط طور بغاوت جو اعلان ڪيو (سفرنامه ابن بطوطه، ص318-323). ڪشلو خان بکر کان ملتان اچي، ملتانين ۽ بلوچن کي پاڻ سان ملائي، تياري ڪئي. هوڏانهن سلطان محمد شاه اها خبر ٻڌي سنہ 728 هجري ۾ اچي ملتان تي ڪڙڪيو. ڪشلوخان سامهون ٿيو پر پهرين ئي حملي ۾ سلطاني لشڪر جي مقدمي هٿان مارجي ويو، جن سندس سر وڍي آڻي سلطان اڳيان حاضر ڪيو (تاريخ معصومي، ص47) (2) ڪنڊل گونڊل - جو گرنار کان اتر طرف پندرهن ڪوهن تي ڪاٺياواڙ ۾ هڪ شهر آهي. ضيا برنيءَ جي چوڻ موجب هيءُ ڪونڊل دمريلي جي سومرن واري ٺٽي طرف هڪ ڳوٺ آهي (تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص280) (1) ’سانڪره‘ يا ’سانڪيره‘ سنڌ جي دريا مهراڻ جو هڪ پراڻو پيٽ آهي (آثار قديمه سنڌ، تاليف ڪزنس، ص167) (2) تاريخ معصومي (ص50)، انهيءَ ٽولي جو عدد اسي لکيو آهي. (3) اصل متن ۾ ”اخلاص خواني“ لکيل آهي جو غلط آهي. (4) مير قانع هتي پڻ قصو منجهائي ڇڏيو آهي. هن اجمال جو تفصيل هن طرح آهي، ته سلطان فيروز شاهه سنہ 772 هجري ۾ دهليءَ کان سڌو ننگر ڪوٽ ويو هو. ننگر ڪوٽ فتح ڪري موٽي ٺٽي آيو. ٺٽي جو والي ڄام خير الدين آب جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويٺو ۽ پنهنجي لشڪر جو بچاءُ ڪندو رهيو- هيڏانهن فيروز شاهه اناج جي قلت، گاه جي گهٽتائي، پاڻيءَ جي اٿل ۽ مڇرن جي گهڻائيءَ کان مجبور ٿي، گجرات هليو ويو ۽ برسات جي موسم اتي وڃي گذاريائين: سانوڻ جي موسم گذاري، سلطان فيروزشاهه وري ٺٽي موٽي آيو ۽ ڄام خير الدين ]ٻيو ڪو چارو نه ڏسي[ امان گهري اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. (تاريخ معصومي، ص15) (1) اصل متن ۾ ”ڄام جونه خير الدين“ آهي. پر تاريخ معصومي (ص51) ۾ ”ڄام جونه ڄام خير الدين“ لکيل آهي. (2) تاريخ معصومي (ص56) ۾، سلطان محمد شاهه کان پوءِ ’سلطان علاؤالدين شاهه بن محمد شاهه‘ ، جنهن جو پهريائين ’همايون‘ نالو هو، ”لکيل آهي“، ۽ ’سڪندر شاهه‘ جو ڪو به ذڪر نه آهي، پر تاريخ مبارڪ شاهي (ص155)، ۽ طبقات اڪبري (ج1 ص499) مان معلوم ٿو ٿئي، ته انهيءَ سلطان علاؤالدين کي سڪندر شاهه سڏيندا هئا، تنهن ڪري مير قانع جو لکيل نالو ’سڪندر‘ وڌيڪ صحيح ٿو معلوم ٿئي. (1) سنڌ ۾ ”سومرا“ هڪ قديم قوم (قبيلو) آهي ” جن سنڌ ملڪ تي وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي، پر سندن حڪومت جي تاريخ تي ايڏا ته تاريڪ پردا پيل آهن، جن جو نظير شايد ئي ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ۾ ملي سگهي. اڄ تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، ته سومرا قوم جو نسل ڪٿان ٿو شروع ٿئي؟ ڪي مؤرخ چون ٿا، ته هيءَ قوم اصل عرب قوم آهي، جا حجاج جي ڏينهن ۾ سنڌ فتح ٿيڻ وقت، عراق جي ’سامره‘ (سرمن رائي) شهر مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهي (پهريائين کين سامري سڏيو ويندو هوندو، جو پوءِ بگڙي سومرا ٿي پيو آهي) - هن قول جي تائيد ابن بطوطه جي قول مان ٿئي ٿي، جو هن ’جنائي‘ شهر جي وصف ڪندي لکيو آهي (ج3، ص101-102): ”اسان سنڌونديءَ جي رستي پنڌ ڪري ٻن ڏينهن کان پوءِ جنائي شهر ۾ پهتاسون. هيءُ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي هڪ وڏو سهڻو شهر آهي. هن جون بازاريون وڻندڙ آهن. اتي جي رهاڪن کي ’سامره‘ سڏيو وڃي ٿو. هو قديم زماني کان اتي رهندا اچن ٿا - سنڌ جي فتح جي تاريخ نويسن جي لکڻ موجب، سندن وڏا اتي انهن ڏينهن کان رهن ٿا، جن ڏينهن ۾ حجاج جي (ڀائٽي محمد بن قاسم) هٿان سنڌ فتح ٿي هئي“ . پر تاريخ دانن جو ٻيو طبقو سومرن کي اصل سنڌ جا رهاڪو ۽ هندو راجپوت تسليم ڪري ٿو - جيئن ايليٽ پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف انڊيا“ (ج1 ص484) ۾ لکي ٿو: ”تاريخ طاهري“ جي دستخط نسخي، صفحي 25 تي لکيل آهي ته سومرا اصل هندو هئا- الور رياست جي حڪمران هندو راجپوتن مان، سندن گاديءَ جو هنڌ ڳوٺ محمد طور هو، جو درڪ پرڳڻي ۾ هو“ . ساڳيءَ طرح ايليٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ جي فوٽ نوٽ (ص89) ۾ سومرن بابت ڪافي بحث مباحثي کان بعد گجراتي تاريخن جي حوالن جي بنا تي ثابت ڪيو آهي ته سومرا راجپوت هندو آهن. سومرن جي ريتن رسمن بابت جيڪي تحفة الڪرام يا ٻين تاريخن لکيو آهي - مثلاً : سومرن سردارن جو رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيڻ، انهيءَ لاءِ ته هو سندن غلام ليکيا وڃن، پاڻ کي ٻين کان اتم ڏيکارڻ لاءِ هٿن پيرن جا نهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏڻ، جيڪا به زال هڪ دفعو ٻار ڄڻي تنهن کي وري ويجهو نه وڃڻ، نئون ڪپڙو پائي ميرو ڪري لاهڻ کان پوءِ وري اهو ڪپڙو نه پهرڻ، وغيره - سو ڏيکاري ٿو ته سومرا اصل عرب نه هئا، ڇاڪاڻ ته عربن ۾ ڪڏهن به، جاهليت خواه اسلام جي زماني ۾، اهي رسمون رائج نه هيون - تنهن ڪري اها راءِ وڌيڪ وزندار ٿي ڏسجي ته ”سومرا اصل هندو راجپوت هئا“ - سومرن حاڪمن جا ٺيٺ هندي نالا پڻ انهيءَ راءِ جي تائيد ڪن ٿا - هي ماڻهو جيڪڏهن عرب هجن ها، ته سندن نالا به ضرور عربي هجن ها. سمن خواه سومرن جي قوميت متعلق هڪ ٽين راءِ به ٿي سگهي ٿي، جنهن ڏانهن ڪنهن جو خيال نه ڇڪيو آهي - اها هيءَ آهي ته هيءُ ٻئي قومون ايشيا جي مشهور ”سميرين“ قوم مان آهي، جن کي عربيءَ ۾ ”سامي“ چوندا آهن. پراڻي زماني ۾ هيءَ قوم تمام وڏي ۽ طاقتور قوم هئي، جنهن جو وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو اثر ۽ رسوخ هو: ٿي سگهي ٿو ته انهن جو ڪو ڀاڱو انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ اچي نڪتو هجي، ۽ سنڌ کي پنهنجو گهر بنايو هجي. سومرن جو راڄ ڪڏهن کان شروع ٿئي ٿو، تنهن ۾ پڻ تاريخ نويس مختلف آهن: مير معصوم، سومرن جي حڪومت جو آغاز سلطان عبدالرشيد (444 -441 هجري) جي ڏينهن کان مڃي ٿو، ۽ تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع سومرن جي باقاعدي حڪومت غازي ملڪ عرف سلطان غياث الدين تغلق شاهه (725-720 هجري) جي ڏينهن کان شروع ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت سندن حڪومت جو جملي عرصو پنج سو پنج ورهيه ٻڌائي ٿو، تاريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر نسياني سومرن جي حڪومت جو عرصو ڪل 143 سال ٻڌائي ٿو. اسان جي خيال ۾ سومرن جي حڪومت جي ابتدا متعلق ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جو چوڻ نهايت صحيح ۽ موزون آهي. هو صاحب تاريخ معصوميءَ جي تعليقات (287-286) ۾، سومرن جي حڪومت جي ابتدا خليفي متوڪل عباسيءَ جي وفات (247 هجري) کان شروع ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خليفي جي وفات کان پوءِ عباسي حڪومت جو زوال شروع ٿئي ٿو، تنهن ڪري اها ڪا بعيد ڳالهه ڪانه آهي، جيڪڏهن سومرن عباسي خليفن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي پنهنجي خودمختياريءَ جو بنياد رکيو هجي ۽ آهستي آهستي زور وٺي سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو ڦٻائي ويٺا هجن. سومرن حاڪمن جو تعداد ۽ هرهڪ جي حڪومت جو عرصو پڻ اهڙي ڳجهارت آهي، جنهن جي حل ۾ سنڌ جا تاريخدان ڏاڍا منجهيل ۽ سرگردان آهن - ابو الفضل، ”آئين اڪبري“ (ص559) ۾ چوي ٿو، ته سومرا حاڪم جملي 36 ٿي گذريا آهن، ۽ سندن بادشاهي پنج سؤ ورهيه هلي، مير معصوم فقط نو نالا لکي خاموش ٿي ويو آهي، تحفة الڪرام اڻويهن حاڪمن جا نالا ڏنا آهن. هوڏانهن وري مولوي عبيد الله ”شائق“ سومرن جي وڏن جي شجرن ۽ مولوي عبدالرحيم سومري جي جوڙيل تاريخ ”گلزار سنڌ منظوم“ تان هڪ ننڍڙو ڪتابڙو ”دولت علويه“ (يا سومرن جي حڪومت) نالي ٺاهي شايع ڪيو آهي، تنهن ۾ ايڪيهه نالا ڏنل آهن، مگر تاريخي حيثيت سان ڏسبو، ته سڀني ويهي ڌڪا هنيا آهن. بهر حال، اسان هتي ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جي تاريخ معصوميءَ جي تعليقات ۾ ڏنل سومرن حاڪمن جي فهرست بعينه نقل ڪريون ٿا، ته جيئن پڙهندڙن کي ٿوري گهڻي واقفيت حاصل ٿي سگهي. نمبر تاريخ معصومي تحفة الڪرام دولت علويہ 1. سومرو سومرو (وفات 446-445هه) سومرو (وفات 448 هه) 2. ڀونگر ڀونگر (وفات 461هه) عصام الدين ڀونگر (وفات 466هه) 3. دودو دودو (وفات 485هه) صمصام الدوله دودو (481هه ۾ گوشي نشين ٿي ويو) 4. تاري سنگهار (وفات 500هه) زينب (تاري) (491هه ۾ تخت تان دستبردار ٿي) 5. سنگهار خفيف (وفات 536هه) شهاب الدين سنگهار (وفات 503هه) 6. همون عمر (وفات 576هه) همونءَ جو ڀاءُ فخر الملڪ (هڪ سال حڪومت ڪيائين) 7. ڦـتو دودو (وفات (590 هه) سراج الدين فتح خان (ڦتو - وفات 511هه) 8. خيرو ڦتو (وفات 623 هه) عماد الدين خفيف (وفات 536هه) 9. ارميل گهنرا (وفات 639 هه) جلال الدين عمر (وفات 556هه) 10. ... محمد طور (وفات 654هه) صلاح الدين هجو (وفات 570هه) 11. ... گنهرا (وفات 658هه) غياث الدين دودو (وفات 600هه) 12. ... طائي (وفات 682هه) علاؤالدين خيرو (گهنرو - وفات 619هه) 13. ... چنيسر (وفات 700هه) سيف الدين طائي (وفات 638هه) 14. ... ڀونگر (وفات 715هه) شمس الدين ڀونگر (وفات 678هه) 15. ... خفيف (وفات 733هه) ڪمال الدين چنيسر (هن کي 696هه ۾ تخت تان لاهي ڇڏيائون) 16. ... دودو (وفات 758هه) اسد الملته دودو (وفات 700هه) 17. ... عمر (وفات 793هه) ظهير الدين ڀونگر (وفات 740هه) 18. ... ڀونگر (وفات 803هه) فخر الدين عمر (هيءَ 775هه ۾ گوشي نشين ٿي ويو) 19. ... همير (هن کي سمن تخت تان لاهي ڇڏيو) قمر الدين طاهر (وفات 813هه) 20. ... ... معين الدين ارميل (وفات 822هه) 21. ... ... بهاؤالدين شهمير شاهه عرف حمير (وفات 843هه) (1) بني عباس جو آخري گورنر ”ابو الصمہ“ هو، جو ”ڪنده“ قبيلي جو آزاد ڪيل غلام هو، ۽ هن سنڌ تي زبردستيءَ غلبو ڪيو هو، تنهن کان اڳ ۾ ”عمر بن عبدالعزيز“ هباري سنڌ جو گورنر هو. بلڪ عباسين جي گورنرن جي لسٽ جيڪا اسان مٿي لکي آيا آهيون ان تي غور ڪبو ته انهيءَ ۾ ”آل تميم“ نالي ڪوبه گورنر ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، البت ٻيو نمبر گورنر ”موسيٰ بن ڪعب“ سو تميمي آهي، ۽ انهيءَ کي ”آل تميم“ سڏي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح ستون نمبر گورنر پڻ تميمي آهي. (1) شايد ڪڇ ۾ ڪنهن ڳوٺ جو نالو آهي. ]باب ستون[ سمن ڄامن جو طبقو ]تاريخ نويسن جي[ هڪ جماعت، هن قوم جي نسب کي ”عڪرمہ“ بن عصام(1) بن ابي جهل سان ملائي ٿي جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، پر جيئن مٿي جاڻايو ويو آهي، ته محمد بن قاسم ثقفيءَ جي اچڻ وقت، هن قوم اچي اسلام جي تابعداري قبول ڪئي هئي. اها ڳالهه مير معصوم، چچنامي جي حوالي سان بيان ڪئي آهي. تنهن ڪري هيءُ ]بيان[ صحت کان بلڪل پري ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته عڪرمہ جو اولاد ڪيئن دين اسلام ڇڏي، 92 هجريءَ جي لڳ ڀڳ، هيڏيءَ وڏي قوم جي صورت ۾، ههڙيءَ پرانهينءَ زمين تي اچي گڏ ٿيو هوندو، جڏهن خود عڪرمہ انهيءَ زماني جو همعصر يا انهيءَ زماني کي ويجهو ٿي گذريو هو؟ ۽ سندن نسبت، ”سام“بن عمر بن هشام بن ابولهب ڏانهن ڪرڻ، پڻ ساڳئي دليل جي بنا تي مقبول آهي. تنهنڪري، جنهن ]تاريخ نويس[ چيو آهي، ته هيءُ ”جمشيد“ ڏانهن منسوب آهن ۽ ڄام جو لقب انهيءَ ڏانهن اشارو آهي، تنهن جو چوڻ صحيح سمجهي سگهجي ٿو. هڪڙي بزرگ کان ]هئن به[ روايت آهي، ته هيءُ اصل ۾ سام جو اولاد آهن، جو”سام بن نوح“ جي اولاد مان هو(2)، جيئن ]هن قوم جي[ شجري ۾ لکيل آهي، انهيءَ ڪري کين”سما“ لقب مليل آهي. وڌيڪ علم الله وٽ آهي. ڄام انڙ بن ٻانڀڻيو(1) سومرن جي زور ختم ٿيڻ کان پوءِ، سمن ماڻهن، جي اڳ رعيت جي حالت ۾ کيتيءَ تي گذران ڪندا هئا، گڏ ٿي، هن (ڄام انڙ) کي”ڄام“ جو لقب ڏيئي، پنهنجو سردار ڪيو. اهو 752 هجريءَ ۾ ٿيو. مٿئين ڄام ٿورن ڏينهن ۾ وڏي طاقت پيدا ڪري،”ملـَـڪ رتن“ (2) ۽ ٻين انهن ترڪ آفيسرن سان، جيڪي سيوهڻ ۾ آفيسر هئا، جنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. آخر ٽي سال ۽ ڇهه مهينا حڪومت ڪري، گذاري ويو. ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس وڪيل”ڪاهي بن تماچيءَ“ جي ساڻس دشمني هئي، تنهن ڪري علي شاهه ۽ ملڪ فيرزو کي بکر مان بهرام پور آڻي، کيس قتل ڪرايو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ انڙ جي ماڻهن اچي مـَـلڪ فيروز کي ڪـُـٺو. ڄام جوڻو بن ٻانڀڻيو ڀاءُ کان پوءِ ملڪ جو وارث ٿي، وڏو لشڪر ساڻ وٺي، ٺٽي وٽان درياء ٽپي، اچي بکر جي ڳوٺن ۾ ڦر لٽ ۽ قتلام شروع ڪيائين. ترڪ لاچار ٿي ڇڏي ويا. هيءُ پوءِ ]49[ سنڌ ۾ خودمختيار ٿي رهڻ لڳو. نيٺ سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن”مـَـلڪ تاج ڪافوري“۽”تاتار خان“ کي، ڄام جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ سنڌ موڪليو، پر ڄام جوڻو هن کان اڳيئي فوت ٿي ويو هو(1). سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن يا چوڏنهن سال رهيو(2). شاهي لشڪر، بکر وٺي سيوهڻ ۾ اک وڌي. ڄام تماچي ڄام جوڻي کان پوءِ،”ڄام تماچي”بن ڄام انڙ حڪومت جي تخت تي ويٺو. سلطان (علاؤالدين) جو لشڪر کيس اهل عيال سميت قيد ڪري، دهليءَ وٺي ويو(3). ڄام ٻانڀڻيو (اول) سما قوم ٿرڙيءَ ۾ گذارڻ لڳي ۽ ڄام ٻانڀڻي (اول) بن ڄام انڙ پندرنهن سال مٿن سرداري ڪئي. ڄام خير الدين بن تماچي مير معصوم جي چوڻ موجب: ”ڄام خير الدين“ ولد ڄام تماچي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، بادشاهه جي حڪم سان، دهليءَ کان سنڌ ۾ اچي ]ملڪ تي[ متصرف ٿيو. ]هن جي ڏينهن ۾[ سلطان محمد شاهه، طغي غلام جي پويان پئي، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، ٺٽي جي سرزمين ۾ پهتو ۽ اتي گذاري ويو. سلطان فيروز سندس جانشين ٿي، دهليءَ واپس وريو. ڄام خير الدين”سن”تائين سندس تعاقب ڪري، ٻه ٽي دفعا ڪجهه ٽڪرا کائي واپس موٽي آيو. هن رعيت کي عدل ۽ انصاف سان خوش رکيو. نقل آهي، ته هو هڪ ڏينهن سير تماشي لاءِ نڪتو، ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي، ٿورو وقت بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين، ته”ڪي مظلوم آهن، جي انصاف گهر رهيا آهن!”جاچ مان معلوم ٿيو، ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽ ماڻهو ماريا ويا هئا. هن مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن موڪليو، ۽ قاتلن کان قصاص ورتو. ڄام ٻانڀڻيو (ٻيو) خير الدين کان پوءِ هن جو پٽ ”ڄام ٻانڀڻيو“ (ٻيو) گاديءَ تي ويٺو. ]هن جي ڏينهن ۾[ سلطان فيروز شاهه هڪ دفعو اچي موٽي ويو، ۽ ٻئي دفعي کيس قيد ڪري وٺي ويو(1). ٿوري وقت کان پوءِ سندس حسن خدمتون (چڱيون نوڪريون) ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي موڪليائين. هو پندرنهن سال حڪومت ڪري گذاري ويو. ”ساموئي“ جو شهر هن ٻڌايو هو. ڪي چون ٿا، ته ٻڌايل ڀنڀي بن انڙ جو آهي، پر هن انهيءَ کي وڌايو هو. ڄام تماچي ڄام ڀنڀي کان پوءِ سندس ڀاءُ ”ڄام تماچي“ حڪمران ٿيو، ۽ تيرنهن سال آرام سان گذاري، وفات ڪري ويو. ڄام صلاح الدين انهيءَ ]ڄام تماچي[ کان پوءِ سندس پٽ ڄام ”صلاح الدين“ گاديءَ تي ويٺو. هن، سنڌ جي بندوبست کان پوءِ، ڪڇ تي ڪاهيو ۽ فتح سان موٽي آيو. هو پندرهن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو(1). ”حديقته الاوليا“ جي مصنف، شيخ حماد جماليءَ جي ڪرامتن ۾ لکيو آهي، ته ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ هن جي پٽ صلاح الدين کي قيد ڪري دهليءَ موڪليو هو، جتان هو مٿئين شيخ (حماد) جي دعا سان، قيد و بند مان آزاد ٿي سنڌ ۾ پهتا، ۽ جوڻي کي ڊاهي ملڪ جا وارث ٿيا. پهريائين پيءُ، پوءِ پٽ پنهنجي حڪومت جو وارو ڪاميابيءَ سان وڄايو. ]هن ڳالهه جو[ مٿئين بيان ]50[ سان، جو ”معصوميءَ“ تان ]ورتل[ آهي، پورو اختلاف ظاهر آهي(2)، ۽ علم الله وٽ آهي. ”نوريءَ“ جو قصو ]نوري[ ذات جي گـَـندري ’ڪنجهر‘ ڍنڍ جي مهاڻن جي ڇوڪري ]هئي، جنهن[ ڄام تماچيءَ جي صبر ۽ سڪون تي ڌاڙو هنيو هو. ڄام تماچيءَ جي ساڻس عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾، هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي. ڄام هن جو سڱ، سندس مائٽن کان وٺي، کيس پنهنجي پـَـٽ، راڻي بڻائي، ڪنجهر جي ڪناري تي سندس لاءِ عاليشان ماڙي ٺهرائي. ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي، شيخ حماد جماليءَ جي پيرانديءَ وٽ، هڪ حـُـجري ۾ يادگار طور باقي آهن. ڄام نظام الدين ڄام صلاح الدين کان پوءِ، سندس پٽ ”ڄام نظام الدين“ حڪومت جي تخت تي ويهي، پنهنجن چاچن: سڪندر، ڪرن، بهاؤالدين ۽ آمر کي قيد مان ڪڍي، هر هڪ کي ڌار ڌار پاسن ڏانهن موڪلي، ملڪ جو ڪاروبار هڪڙي منشيءَ جي حوالي ڪري، ]پاڻ[ عيش عشرت کي لڳي ويو. ٻن سالن ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس چاچا کيس غافل ڏسي، لشڪر وٺي شهر ۾ گهڙي پيا. ڄام نظام الدين وٺي ڀڳو. سندس چاچا پٺيانس پيا، پر ڄام نظام الدين گجرات ڏانهن نڪري ويو، ۽ رستي ۾ گذاري ويو. ڄام علي شير شهر جي مکيه ماڻهن، هيءَ بدانتظامي ڏسي، ڄام ”علي شير بن تماچيءَ“ کي گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي، حڪومت جي تخت تي وهاريو. هن ملڪ جو ضابطو ۽ انتظام ٺيڪ ڪري، آرام سان وقت گذارڻ شروع ڪيو، ۽ رات جو ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان چانڊوڪيءَ جي سير تي نڪرندو هو. ڄام تماچيءَ جا پٽ: سڪندر، ڪرن ۽ فتح خان(1)، جي رڻن پٽن ۾ سرگردان رهندا هئا، ڄام علي شير جي هن حال کان واقف ٿي، راتين جو پنڌ ڪري ڏينهن جو جهنگ ۾ لڪي اچي شهر جي ويجهو پهتا، ۽ شهر جي ماڻهن جو هڪ ٽولو پاڻ سان متفق ڪري، چنڊ جي تيرهين تاريخ، جمعي رات، جڏهن ڄام علي شير پنهنجي دستور موجب هڪ ڊونڊڙيءَ ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن کيس جهلي قتل ڪيائون. علي شير جي حڪومت جو زمانو ست سال هو. ڄام ڪرن انهيءَ ]ڄام علي شير[ کان پوءِ ڄام ”ڪرن“ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ شهر جي مکيه ماڻهن کان ناراض هو. اتفاقاً انهن ٽي ڏينهن، يا ٻئي ڏينهن، فتح خان بن سڪندر جي اشاري سان، کيس طهارتخاني جي دروازي تي ڪـُـٺو(1). ڄام فتح خان ]ڄام ڪرن کان[ پوءِ ڄام ”فتح خان“ بن سڪندر پندرنهن سال(2) ]حڪومت هلائي.[ ڄام تغلق تنهن ]ڄام فتح خان[ کان پوءِ ڄام ”تغلق“ بن سڪندر بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو. تغلق آباد جو قلعو عرف ”ڪلان ڪوٽ“ انهيءَ جو اڏايل هو، جو اڻ پورو رهجي ويو(3). ڄام سڪندر ]ڄام تغلق کان[ پوءِ، ڄام”سڪندر بن فتح خان“ (1) حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ تمام ننڍو هو، تنهن ڪري سيوهڻ ۽ بکر جي حاڪمن سندس تابعداري قبول نه ڪئي. ]هن مٿن چڙهائي ڪئي ۽ اڃا[ ٺٽي کان نڪري نصرپور تائين مس پهتو هو، ته ]پويان[ مبارڪ نالي ڄام تغلق جي هڪ دربان، بغاوت ڪري، پاڻ کي”ڄام مبارڪ”جو لقب ڏنو. ٺٽي جي مکيه ماڻهن، ٽن ڏينهن اندر، هن کي ڪڍي، سڪندر کي گهرايو ]51[. سڪندر ڏيڍ سال راڄ ڪري گذاري ويو. ڄام رائڏنو(2) سڪندر جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ڄام”رائڏنو“، جو ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ رهندو هو، ۽ انهن ماڻهن سان لاڳاپو پيدا ڪيو هئائين. لشڪر گڏ ڪري اچي شهر ۾ سهڙيو، ۽ چيائين، ته”حڪومت ڪرڻ لاءِ نه، بلڪ مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان: توهان جنهن کي به تخت تي وهاريندا، پهريائين آءٌ انهيءَ جي بيعت ڪندس“. ]شهر جي[ سربرآوردن کيس ئي حڪومت لاءِ چونڊيو. هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ سڄي سنڌ ملڪ کي، سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڍيءَ تائين، صاف ڪري ڇڏيو. سندس حڪومت کي ساڍا اٺ سال گذريا هئا، ته سندس خاص ماڻهوءَ ڄام سنجر کي اچي بادشاهيءَ جو شوق جاڳيو، ۽ هن (ڄام رائڏنو) کي شراب ۾ زهر ملائي ڏنائين، جنهن ڪري ٽن ڏينهن ۾ گذاري ويو. ڄام سنجر هن ]ڄام رائڏني[ کان پوءِ”ڄام سنجر“ حڪومت جي تخت جو مالڪ ٿيو. چون ٿا، ته هو نهايت سهڻو ۽ خوبصورت هو. هڪ درويش جو ساڻس باطني عشق هو. هڪ ڏينهن ]سنجر[ درويش کي چيو، ته”بادشاهي ڪرڻ گهران ٿو، پوءِ ڀلي ته کڻي رڳا اٺ ڏينهن هجي“. درويش وراڻيو، ته”اٺ سال بادشاهه رهندين!”جڏهن هو درويش جي دعا سان تخت تي ويٺو، تڏهن ماڻهن خود بخود سندس تابعداري اختيار ڪئي. هن جي وقت ۾ خلق ڏاڍو سکيو گذاريو. جمعي ڏينهن فقيرن کي ججهي خيرات ڏيندو هو، شرعيت وارن کي لائق وظيفا ۽ پگهارون ڏنائين. آخر اٺن سالن کان پوءِ گذاري ويو. ڄام نظام الدين ]ڄام سنجر[ کان پوءِ”ڄام نظام الدين“ عرف ”ڄام نندو“ بن بانبهنيه (ڀنڀو) بن انڙ بن صلاح الدين بن تماچي بادشاهيءَ جي تخت تي قابض ٿيو. هو هڪدم ٺٽي کان بکر ويو ۽ اتي هڪ سال ويهي، ملڪ جو پورو پورو بندوبست ڪري، پنهنجي خانه زاد (گهر ڄائي غلام)”دلشاد“ کي اتي ڇڏي، موٽي آيو. هيءُ هو (سما) قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ عادل، شاندار ۽ ڊگهو عرصو حڪومت ڪندڙ ثابت ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ عالم، سيد، صالح ۽ عام ماڻهو بلڪل آرام سان وقت گذاريندا هئا. اسلامي طريقو ايترو ته رائج ٿي چڪو هو، جو ڪوبه ماڻهو نماز ۽ روزي کان خالي نه هو. ملتان جي حاڪم سان دوستيءَ جو رستو مضبوط ڳنڍي ڇڏيو هئائين. ڪنهن به طرف کان ڪوبه فساد پيدا ڪونه ٿيو. هر هفتي ڪـُـڙهه ۾ وڃي، گهوڙن جي پيشانيءَ تي هٿ گـُـهمائي چوندو هو، ته”اي غازيو! آءٌ توهان تي هنان رکڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان مسلمان حاڪم آهن: دعا ڪريو، ته شرعي سبب کان سواءِ ڪٿي به وڃڻو نه پويم، متان مسلمانن جو خون منهنجي گردن ۾ پوي!“ سندس نيڪ بختيءَ ۽ پرهيزگاريءَ متعلق عجيب داستان ۽ اندر جي صفائيءَ بابت روشن نشانيون مشهور آهن. نقل آهي، ته هڪ بزرگ، جو وڌيڪ صحيح قول موجب، ’قاضي عبد الله‘ آهي، جنهن جو مقبرو، شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پويان مشهور آهي، جو لاش از غيبي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، پنهنجي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ تي اچي ظاهر ٿيو، ۽ هڪ بزرگ کي خواب ۾ اشارو ڪيائين، ته ’منهنجي لاش تي جنازي جي نماز اهڙو ماڻهو پڙهائي، جنهن سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي، (هڪ قول موجب) آسمان ڏانهن وضوءَ کان سواءِ نه ڏٺو هجي، ۽ (ٻيءَ روايت موجب) پنهنجي اوگهڙ تي به نظر نه وڌي هجي“. ٻئي جي اوگهڙ ته پري رهي! بهر حال تمام گهڻي ڳولا کان پوءِ به، خود ڄام نظام الدين کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو هٿ نه آيو، تنهن ڪري جنازي جي امامت پاڻ ڪيائين. پڻ ”رساله قطبيه“ ۾ سيد مراد شيرازي رحمت الله عليه جي احوال ۾ لکيل آهي، ته هو (ڄام نظام الدين) هڪ ڏينهن جهنگ مان ٿي لنگهيو، ته هڪ مئل ماڻهوءَ سندس رستو جهلي کيس چيو، ته”هن جاءِ تي مون کي چورن ڦري شهيد ڪيو آهي، مون کي گجرات ۾ يتيم ٻار آهن، تون منهنجو انصاف ڪر!“ اتي بيهي، تحقيقات ڪري، هن (مردي) جو مال موٽائي گجرات موڪليائين، ۽ قاتل کان قصاص ورتائين. هيءُ نقل، مٿي ذڪر ڪيل انهيءَ نقل سان ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ڄام خير الدين جي احوال ۾ بيان ٿي آيو، ۽ علم الله وٽ آهي. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ساموئي ڇڏي، ان جي بدران موجوده ]ٺٽي واريءَ[ سرزمين تي، جيئن پنهنجي جاءِ تي بيان ٿيندو، شهر ٻـَـڌائي، تختگاهه بنايو. سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾، ”شاهه بيگ“ جي لشڪر، قنڌار کان اچي، اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان، درياخان، سيويءَ تائين(1) ڪاهي ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاهه بيگ جي ڀاءُ ابومحمد(1) مرزا کي ڪـُـهي، فتح سان موٽي آهيو. هن جي ڏينهن ۾ شاهه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو. سندس حڪومت جو عرصو ٽيهتر ورهيه هو، ڪن ٽيهٺ ۽ ٽيتاليهه پڻ چيو آهي، پر وڌيڪ صحيح ائين آهي، ته پنجاهه کان گهٽ ۽ ٽيتاليهن کان مٿي آهي، مطابق 914 هجريءَ، جيئن هن قوم جي بادشاهيءَ جي ابتدا کان هن سال (ڄام نظام الدين جي وفات) تائين معلوم ٿو ٿئي. ڄام فيروز کانئس ]ڄام نظام الدين کان[ پوءِ ”ڄام فيروز“ ولد ڄام نظام الدين تخت تي ويٺو. هيءُ ننڍيءَ عمر جو هو، تنهن ڪري ]ڄام نظام الدين جي[ وصيت موجب، سندس استاد ۽ مدار المهام، ڄام نظام الدين جو پٽيلو ”دريا خان“، مقرر ٿيو. ]ڄام[ سنجر جي پوٽي ڄام”صلاح الدين“ لڪ جي دعويٰ ڪئي، پر درياخان ۽ سارنگ خان کيس بيهڻ نه ڏنو، ۽ هو سلطان مظفر گجراتيءَ ڏانهن، جنهن جي نڪاح ۾ سندس سوٽ هئي، ڀڄي ويو. فيروز، پوري خودمختياريءَ ملڻ کان پوءِ، بيخبريءَ جي نشي ۾ چور ٿي، عيش عشرت کي لڳي، دريا خان جي هٿ مان نڪري ويو، ]جنهن تي[ دريا خان پنهنجي جاگير”ڪاهان“ (ڳاهن)(2) ۾ وڃي گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. ڄام صلاح الدين وجهه وٺي، سلطان مظفر جي مدد سان اچي ٺٽي تي قبضو ڪيو. فيروز جي ماءُ(1) ]اهو حال ڏسي[ پٽ کي درياخان وٽ وٺي ويئي ۽ ]اڳين[ اوڻائين کان توبهه ڪري، مدد گهريائين. دريا خان ]ڪجهه[ حيلي ۽ ]ڪجهه[ لڙائيءَ سان ڄام صلاح الدين کي تڙي،ڄام فيروز کي نئين سر خود مختار بڻايو. هيءُ هن دفعي پڻ درياخان سان چڱيءَ طرح نه هليو، بلڪ دولت شاهي ۽ نورگاهي مغلن جي ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي، جي سندس وقت ۾ شاهه بيگ کان ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي، ته هو کيس ڪم ايندا ۽ درياخان جي چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا. پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين، پر بيوقوف ايترو نه ڄاتو، ته اهي ماڻهو سندس مٿان ڪهڙو ڏکيو ڏينهن آڻيندا! مطلب ته جڏهن نفساني خواهشن ۾ گرفتار ٿي، حڪومت هلائڻ کان بيخبر رهيو، تڏهن مير قاسم ڪيبڪيءَ ملڪ جي حالت معلوم ڪري وڃي شاهه بيگ کي پهچائي، ] ۽ سنڌ[ فتح ڪرڻ جي ترغيب ڏني(2)، ۽ سنہ 921 هجريءَ ۾ شاهه بيگ هزار سوار، سيويءَ کان سنڌ ]53[ موڪليا، جن مان هرهڪ، رستم ۽ اسفند يار جي مٽ هو. هنن اچي ڳاهن ۽ باغبان جي ديهن کي ڦريو. مخدوم جعفر بوبڪائيءَ، مرزا عيسيٰ ترخان کان نقل ڪيو آهي، ته شاهه بيگ جي لشڪر، انهيءَ حملي ۾ اهڙا هزار اُٺ هٿ ڪيا، جي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، ٻئي ]سامان[ جو اندازو هن مان لڳائڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ، جنهن صورت ۾ سما قوم جي زوال جو وقت اچي چڪو هو، تنهن ڪري فيروز جي ماءُ، درياخان جي ايڏي هلندي ڏسي، جنهن ۾ پنهنجي پٽ جو فقط نالو ڏسڻ ۾ ٿي آيس، وڃي سنہ 924 هجريءَ ۾ شاهه بيگ کي دعوت ڏني. شاهه بيگ، جو اڳي ئي مير قاسم جي هرکائڻ تي تياري ڪري رهيو هو، سو هاڻي ته پنهنجو بخت مردان موجب ڏسي، انهيءَ پاسي جي بندوبست کان فارغ ٿي، جلد ئي سنہ 926 هجريءَ ۾ ٺٽي تي چڙهي آيو. ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ انهيءَ پنهنجي کڏ کنيل کان ڏاڍو پشيمان ٿيا، پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هٿ جي وڍيءَ جو نڪو آهي ويڄ نه طبيب. دريا خان لشڪر گڏ ڪري، شاهه بيگ کي سامهون ٿيو. ’عاليجان‘ (1) جي ڪناري تي، جو ٺٽي کان هيٺ هڪ واهه آهي، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٽڪريون. سنڌي ماڻهو ۽ سندن گهوڙا، ڪلاهه پوش مغلن جي هيبت کان، پهريئن ئي دفعي ٽاهه کائي ڀڄي ويا. درياخان پاڻ ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان گڏ، خوب هٿ پير هلائي، قتل ٿي ويو. فيروز بدبخت ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي، ’پير آر‘ (پير پٺو) ڏانهن ڀڄي ويو. شاهه بيگ 11 محرم سنہ 927 هجريءَ (2) تي فتح جا نغارا وڄائيندو، ٺٽي ۾ داخل ٿيو. فيروز بدبخت جي حڪومت جو عرصو، ڄام صلاح الدين جي ٿورن ڏينهن سميت، ٻارنهن سال ۽ ڪجهه مهينا آهي. هن واقعي جي تاريخ ”خرابيءَ سنڌ“ (سنہ 927 هجري) لکي اٿن. مٿئين بيان موجب، سمن جي حڪومت جو جملي عرصو پورا هڪ سؤ پنجهتر سال آهي. اگرچ هن کان پوءِ پڻ ڄام فيروز ڪجهه وقت ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندو آيو، پر جنهن صورت ۾ خودمختار حڪومت ڪانه ڪيائين، تنهن ڪري ڄامن جي گهراڻي جي بادشاهي اُتي پوري ٿي. چون ٿا، ته شاهه بيگ جو لشڪر يارهين تاريخ کان ويهينءَ تاريخ تائين شهر کي ڦريندو ۽ قيد ڪندو رهيو. قاضي قاضن جا ٻار ٻچا پڻ قيد ٿي پيا هئا، جنهن تي هو چرين وانگيان پنهنجن وڃايلن کي ڳوليندو ۽ سڀڪنهن ڳليءَ ۽ رستي ۾ ڦرندو ٿي رهيو. آخر مرزا شاهه بيگ جي پيش امام حافظ محمد شريف جي ذريعي، هڪ عريضو پيش ڪري، قيدين کي ڇڏائڻ جو حڪم ورتائين. سمن ڄامن جي ڏينهن جا امير مخفي نه رهي، ته ڄام نظام الدين جي وقت کان اڳ، سمن جا حاڪم خود وحشي هئا، ۽ سندن امير پڻ اهڙائي هئا. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ڪجهه انسانيت پيدا ٿي، ۽ سندس اميرن مان ڪي ٻه ٽي ناليرا ۽ اخلاق جي زيور سان سينگاريل سردار ٿي گذريا آهن، انهن جو مختصر احوال ڏجي ٿو: ڄام نظام الدين جو وزير دلشاد جيئن مٿي گذري آيو، بادشاهيءَ جي شروعات ۾ کيس بکر ۾ ڇڏيو هئائين، ۽ هن نهايت عقلمنديءَ سان انهيءَ پاسي جو جوڳو انتظام ڪري، ڏاڍي بهادري ۽ انسانيت ڏيکاري هئي. اگرچه هيءُ اصل ۾ گهر ڄاول غلام هو، پر سندس بلند جوهر سببان، سڀئي آزاد خواه غلام ماڻهو سندس ساراهه ڪندا هئا. سنہ 912 هجريءَ ۾، ڄام نندي جي پوين ڏينهن ۾، ڪنهن موقعي تي ٺٽي کان ڪاهي وڃي اُچ کي لٽي آيو. سندس فوت ٿيڻ جو واقعو معلوم نه آهي. دريا خان پهريائين”قبوليو“ نالو ]هئس[، ڄام نظام الدين جي وزير”لکدير“ ]54[ يا”لکسير“ جو غلام هو. چون ٿا، ته هو اصل ۾ سيد زادو هو، جو زماني جي حادثن ڪري قيد ٿي پيو، ۽ کيس لکدير خريد ڪيو. وڌيڪ صحيح به اها روايت آهي. هڪ ڏينهن ڄام نظام الدين شڪار ڪندي، رستي جي ڊوڙ ڊڪ کان اڃارو ٿي، ڏينهن جي عين گرميءَ وقت پاڻي گهريو. لکدير جي آبدار قبولئي پاڻيءَ جو پيالو ڀري، انهيءَ لاءِ ته ڄام پاڻي آهستگيءَ سان پيئي، انهيءَ ۾ ٿورا ڪک وجهي ڇڏيا، ۽ ٻڌايو، ته”ڪک انهيءَ لاءِ وڌا اٿم، ته جيئن ڄام ههڙيءَ گرميءَ ۾ پاڻي يڪدم نه پئي، متان ڪو کيس نقصان پهچي!“ ڄام کي سندس هيءَ دانائي ڏاڍي وڻي ۽ هن جي ٻانهن، اُتي جو اُتي لکدير کان وٺي، مٿس”دريا خان“ نالو رکيو، ۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي، تربيت ڪري، کيس بلند درجي تي رسايو. هو جلد ئي وڏو درجو حاصل ڪري، دلشاد وزير ۽ ٻين اميرن کان به اڳتي ٽپي، مدار المهام ۽ امير الامرا ٿيو، ۽”مبارڪ خان“ لقب مليس. ميران سيد محمد جونپوريءَ جي ٺٽي ۾ اچڻ تي، باوجوديڪ ڄام، عالمن جي چرچ تي هن سان اعتقادمنديءَ سان پيش نه آيو هو، مگر هن انهيءَ بزرگوار جي سچيءَ دل سان خدمت ڪري، انهيءَ وقت جي صاحب جي خوشنودي حاصل ڪئي. مطلب ته ڄام کيس پٽ سڏيندو هو ۽ فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو پٽ کيس سپاري ويو هو، جيئن مٿي گذري آيو، سنہ 927 هجريءَ ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. مڪليءَ ۾ دفن ٿيل، ۽ اهل الله جي زيارتگاهه آهي. علاؤ الدين سندس پٽ علاؤالدين پڻ اميرن جي سلسلي ۾ داخل هو. هو شاهه بيگ کي هٿ لڳو، جنهن مٿس نوازشون ڪيون. محمد خان ۽ متن خان دريا خان جا ٻيا ٻه پٽ ]هئا. هنن[ پيءُ جي واقعي کان پوءِ پنهنجي جاگير ۾، جا ٽلٽيءَ ۽ ڪاهان (ڳاهن) وٽ هئي، شان شوڪت پيدا ڪيو، مگر ڪجهه ڪري نه سگهيا. سارنگ خان سارنگ خان پڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن جو ناليرو امير هو. سندس بهادريءَ ۽ عقلمنديءَ جي ذريعي وڏا وڏا ڪم سر انجام ٿيندا هئا. ]باب اٺون[ ارغون گهراڻو ارغونَ، چنگيز خان جو اولاد آهن. هن تفصيل سان: ارغون خان بن اباقا خان ولد هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان. ڪتاب”تذڪره“ جو مصنف لکي ٿو، ته ارغون خان پنهنجي پيءُ اباقا خان جي ڏينهن ۾ خراسان جو بادشاهه هو. پيءُ جي موت کان پوءِ سندس پٽ غازي (غازان) خان، خانيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ الله تعاليٰ سندس دل ۾ اسلام جو نور روشن ڪيو. مصلح الدين،”ڪتاب الابرار“ لکي ٿو، ته ارغون خان بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ، خراسان غازان خان جي حوالي ڪري، پاڻ حضرت سيد الانبيا (محمد صلي الله عليه وسلم) جن جي زيارت جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو هو، ۽ آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي حڪم سان، امير المؤمنين حضرت علي ۽ امام حسين جن کي ڀاڪر پاتو هئائين: انهيءَ ڪري هو سيدن جي احترام ۾ مبالغو ڪندو هو. امام حسين رضي الله عنه جن جي مشهد (شهادت جي جاءِ) واسطي هڪ اهڙو ته ويڪرو ۽ اونهو واهه کڻايو هئائين، جو ٻيڙي دجلي ۽ فرات مان ’ڪربلا‘ هلي ويندي هئي. قاضي غياث الدين هروي، پنهنجي تاريخ ۾ آڻي ٿو، ته سلطان محمود غازان ولد ارغون خان سنہ 694 هجريءَ ۾ تبريز ۾ تخت تي ويٺو ۽ انهيءَ ڏينهن توحيد جو ڪلمو پڙهي، انهيءَ ئي وقت سڀني مغلن کي مسلمان ڪري، سـِـڪي تي ڪلمو طيب ۽ سرڪيولرن تي ”الله اعليٰ“ جو جملو لکايائين. قصو ڪوتاهه،”شاهه بيگ“ لد امير ذوالنون ولد مير حسن مصري، مٿئين ارغون خان جي اولاد مان، جيئن مٿي لکجي آيو، جڏهن ٺٽي تي قبضو ڪري، ]55[ اُٰتي جي لٽ مار، قتل ۽ قيد کان واندو ٿيو، تڏهن ڄام فيروز، جنهن جا پويان قيد ٿي پيا هئا، پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شاهه بيگ انهيءَ تي نوازش ڪري، ’پنهنجو پٽ‘ سڏي، سيوستان تائين ملڪ کيس ڏيئي، لڪيءَ جو جبل، حد مقرر ڪري پوئتي موٽيو، ۽ مير عليڪہ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان فيروز وٽ رهائي، سيوستان جي آسپاس ۾ درياخان جي پٽن جو ڪم پورو ڪري، شال ۽ سيويءَ ڏانهن هليو ويو. سما ماڻهو، جي هن افراتفريءَ واري زماني ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي ڄام صلاح الدين سان ملي، کيس گجرات کان وٺي آيا. هو ڪڇ جي واليءَ راءِ کنگهار جي امداد سان، جو پڻ سمن جي نسل مان هو، ڏهه هزار جاڙيجا ۽ سوڍا ساڻ ڪري، ٺٽي تي ڪاهي آيو. هن خبر ]ٻڌڻ[ ۽ ڄام فيروز جي عرض ڪرڻ تي، ”مرزا شاهه حسن“ ولد شاهه بيگ، ساڳئي سال جي 14 محرم تي ’شال‘ مان نڪري، ويهن ڏينهن اندر سينگاريل فوج سان مدد لاءِ پهچي ويو. جڏهن هڪ ٻئي جي سامهون جنگ جون صفون سينگاريائون، تڏهن صلاح الدين جي طرفان سندس پٽ هيبت خان، جو سلطان مظفر گجراتيءَ جو ناٺي هو، لشڪر جي مقدمي تي هو. هن طرف کان مرزا عيسيٰ ترخان، مير عليڪہ ۽ سلطان قلي بيگلار پيشقدمي ڪري، مٿن حملي آور ٿي، هيبت خان کي گهڻن ڪارگر آدمين سميت قتل ڪري ڇڏيو. صلاح الدين، پٽ جي قتل جي خبر ٻڌي، ڏاڍي ڪاوڙ ۽ جوش مان جنگ ڪرڻ آيو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن مٿس ڪڙڪي، بهادريءَ جو حق بجا آڻي، دشمن جي لشڪر جو انتظام ٽوڙي ڇڏيو، ۽ هڪڙن کي ڪـُـهي ٻين کي ڀڄائي سوڀارو ٿيو. راءِ کنگهار جو ڀاءُ آمر آمراڻي گهڻن ماڻهن سميت ميدان ۾ ڪم آيو. حملي ڪندڙن کي گجرات ڏانهن ڀڄائي، هيءُ ٽن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا. ربيع الثاني مهيني ۾ شاهه بيگ پاڻ باغبان جي آسپاس پهچي، مرزا شاهه حسن کي پاڻ وٽ گهرايو، ۽ ماڇي، جن خودمختياريءَ جو دم ٿي هنيو، تن کي ختم ڪري، سندن قلعي جو بنياد ڪڍي ڇڏيائين. ]ايتري ۾[ مرزا شاهه حسن به پيءُ جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو ۽ حڪم موجب، سيوستان وڃي، قلعي ۾ اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، نئين سر اڏڻ لاءِ کين جڳهون تقسيم ڪري، ذخيري گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، موٽي اچي پيءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شاهه بيگ، ڄام فيروز ڏانهن لکي موڪليو، ته ”دل ۾ گجرات فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، جڏهن اها تمنا پوري ٿيندي، تڏهن سنڌ ملڪ سڄو اصل وانگيان توکي ڏنو ويندو“. ]اهو خط لکي[ پاڻ بکر ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي پهچي قلعي ۾ اندر رهندڙ سيدن کي روهڙيءَ ۾ جايون ڏيئي اروڙ شهر جي سرن مان نئون قلعو ٺهرايائين. ماڻهن چيس”هيءُ الهندي پاسي وارا ٻه ٽڪر بڇڙا ٽڪر آهن (قلعي لاءِ نقصانڪار آهن)(1)، پهريائين انهن جي ڪڍڻ جو خيال ضروري آهي“. چيائين، ته ”جنهن صورت ۾ زبردست دريا قلعي کي چوڌاري گهيرو ڪندڙ آهي، تنهن ڪري هن ٽڪرن جي ڪهڙي ڳڻتي؟ ڇاڪاڻ، ته بادشاهه ههڙي ننڍڙي قلعي جي فتح ڏانهن توجهه ڪونه ڪندا، ۽ ٻين ]جهڙن تهڙن[ کان فتح ڪونه ٿيندو. بهرحال جڏهن پوري سال ۾ قلعي جي عمارت تيار ٿي، تڏهين مير فاضل ڪوڪلتاش، ملڪ محمد ڪوڪہ ]56[ مير محمد ساربان ۽ سلطان محمد مهردار جهڙا ڪي امير انهيءَ ۾ رهائي، بلوچ ذات وارن فسادي ماڻهن، جن آسپاس ۾ فساد جي باهه ٿي ڀڙڪائي، بابت رٿ رٿي، اهڙيون فوجون مقرر ڪيائين، جن هرهنڌ هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت انهيءَ ٽوليءَ کي برباد ڪري ڇڏيو. هن ڪم کان واندو ٿي ]شاهه بيگ[ شال ۽ سيويءَ ڏانهن هليو ويو. هو وري سنہ 28 (928 هجري) ۾ بکر موٽي آيو ۽ پائنده محمد ترخان کي اتي جي حڪومت سپاري، پاڻ گجرات روانو ٿي، اگهم جي ڳوٺ وٽ ڄام فيروز جو انتظار ڪرڻ لڳو. اتفاقاً سنہ 928 هجريءَ جي شعبان مهيني جي 22 تاريخ، مرڻينگ ٿي پيو(1)، ۽ پيش امام حافظ شريف کي سورة ’ياسين‘ پڙهڻ جو حڪم ڏنائين. هو جڏهن آيت ’وَمَالِيَ لآَ اَعْبُدُ الَّذِيْ‘ وٽ پهتو، تڏهن چيائين، ته ”وري پڙهه“. ٻئي ڀيري جڏهن مٿيون حافظ، آيت ’يَا لَيْتَ قَوْمِيْ يَعْلَمُوْنَ بِمَا غَفَرَلِيْ‘ وٽ پهتو، تڏهن ساهه حق تعاليٰ جي حوالي ڪيائين.”شهر شعبان“ سندس تاريخ آهي. مير طاهر سندس وفات هڪڙي قول موجب، قنڌار ۾، ٻئي قول موجب، ملتان ۾ لکي آهي، پر ٻئي ڳالهيون اڻ ٿيڻيون آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن بابر بادشاهه قنڌار کانئس کسي ورتو هو، تڏهن هن سيويءَ ۽ شال ۾ پهچي، اچي سنڌ تي قبضو ڪيو هو ۽ هيترڙي ٿورڙي عرصي ۾ سندس قنڌار ڏانهن موٽي وڃڻ ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي؟ ملتان ۾، ته هن جو وڃڻ ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو، جنهن جي بنا تي سندس موت اتي ٿي سگهي، ۽ جڏهن گجرات جو ارادو هئس ته پوءِ گجرات جو رستو ملتان کان ڪٿان آيو؟ بهرحال سندس لاشو مڪي ]شريف[ کڻي ويا. هيءُ جوانيءَ ۾ خواجه عبد الله جي خدمت ۾ حاضر ٿي، ]علمي[ ڪمالات حاصل ڪري، بلند درجي تي پهتو هو. جڏهن هرات ۾ پيءُ جي خدمت ۾ رهندو هو، تڏهن هميشہ عالمن جي مجلس ۾ وهندو هو، ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا انهن کي پنهنجي جاءِ تي گهرائي، سندس خدمت ڪندو ۽ فائدو پرائيندو هو. سندس تصنيفات مان ڪافيہ جي شرح ۽ ڪن رسالن جا حاشيہ مشهور آهن. مرزا شاهه حسن مير معصوم جي قول موجب، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ نصرپور ۾ تخت تي ويهي، ’خطبہ بابر‘ بابر بادشاهه جي نالي پڙهيائين، ڪي خيرخواهه گهڻوئي ناراض ٿيا پر فرمايائين، ته ”پنهنجي قديمي ولي نعمت بادشاهه جي هوندي. اسان کي سندس سڳورو نالو خطبي مان ڪڍي ڇڏڻ مناسب نه آهي“ . ڄام فيروز، شاهه بيگ جي فوت ٿيڻ جي خبر تي خوش ٿي، فاتحہ خوانيءَ کي نظر انداز ڪري، تابعداريءَ کان منهن موڙيو. مرزا شاهه حسن انهيءَ کان واقف ٿي، سندس پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو، ۽ ڄام فيروز اها خبر ٻڌي، حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي قاضن مفتيءَ کي سوکڙيون ساڻ ڏيئي، قصور معاف ڪرائڻ لاءِ موڪليو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ جنگ جي تياريءَ ۾ مشغول رهيو. مرزا اهو حال معلوم ڪري، ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. ڄام فيروز مقابلي جو ست نه ساري، ماڻڪ وزير ۽ شيخ ابراهيم داماد کي جنگ تي ڇڏي، درياء ٽپي ڀڄي ويو. هنن گهڻيون ئي دنگيون ڇوڙيون ۽ توبچين ۽ تيراندازن سان ڀريل ٻيڙيون رستي تي آڻي روڪ ڪئي، پر مرزا جو لشڪر سڀني کي ]57[ اڳيان هٽائي، سوڀارو ٿي ٺٽي ۾ گهڙيو. نڀاڳو ڄام فيروز ڪڇ ۾ پهچي، لشڪر تيار ڪري، جلد ئي پنجاهه هزار پيادا ۽ سوار ساڻ وٺي، چاچڪن ۽ راحمن وٽ اچي جنگ جو گهورو ٿيو. مرزا شاهه حسن ڪجهه ماڻهو ٺٽي جي نظرداريءَ لاءِ ڇڏي، سندس سامهون ٿيو. جڏهن ٻئي ڌريون دوبدو ٿيون، تڏهن سنڌي ۽ ڪڇي ماڻهو، پڳون مٿن تان لاهي، رسم موجب، چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان مضبوط ٻڌي، گهوڙن تان پيادا ٿي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. سنڌ خواهه هند جي ماڻهن جي اها رسم آهي، ته جڏهن پنهنجي لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن انهيءَ نموني جي جنگ شروع ڪندا آهن. چون ٿا، ته مرزا شاهه حسن اها حالت ڏسي، اميرن کي مبارڪ ڏيئي چيو، ته ”هنن پاڻهي پاڻ کي ٻڌي اسان جي سامهون ڪيو آهي، انشاءَ الله تعاليٰ ائين ئي ٿيندو.“ ]ائين چئي[ هڪدم گهوڙي تان لهي، پيادو ٿي، وضو ڪري، مناجات جي نيت سان ٻه رڪعتون نفل ادا ڪري، موليٰ پاڪ جي درگاهه مان ڪاميابيءَ جو سوال گهريائين ۽ دعا جو تير وڃي قبوليت جي نشان تي لڳو. لشڪر سندس حڪم موجب، پهريائين تير وسائي رهيو هو. جڏهن مرزا مناجات کان فارغ ٿيو، تڏهن گهوڙي تي سوار ٿي حملي جو اشارو ڪيائين. صبح کان وٺي پوئينءَ سانجهي تائين لڙائي جاري رهي، جنهن ۾ اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ڪـُـسي ويا. ڄام فيروز خوار خراب ٿي گجرات ڀڄي ويو، ۽ مرڻ تائين اُتي رهيو. مرزا ٽي ڏينهن انهيءَ سرزمين تي ترسي، غنيمتون، گهوڙا ۽ ٻيو جيڪو اسباب هٿ آيل هئس، سو پنهنجن ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، موٽي اچي پنهنجي شهر ٺٽي ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله ڪنڊي (هالا) جي رستي کان، پهريائين سيوستان پهچي، در ٻيلي جو پرڳڻو مير فرخ کي عطا ڪري، شڪار ڪندي وڃي ٻٻر لوءِ، جو بکر کان ٽن ڪوهن تي آهي، ۾ تشريف فرما ٿيو. رستي ۾ هر هنڌ جي راڄن ۽ رهاڪن کي تابعدار بنائيندو ويو. اٻاوڙي جي حد ۾ سندس لشڪر، ڏهرن ۽ ماڇين کي شڪست ڏيئي، اٻاوڙو هٿ ڪيو. آخر سنہ 930 هجريءَ ۾ ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو رکي(1)، پهريائين هڪ هفتو سيويءَ وڃي، اتي جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪيائين. موٽندي رندن ۽ مگسي بلوچن کي تابعدار ڪندو بکر آيو ۽ ظهير السلطنت بابر بادشاهه سان پڻ اخلاص ۽ مائٽيءَ جو ناتو ڳنڍيائين. تنهن کان پوءِ سنہ 931 هجريءَ ۾ ملتان روانو ٿيو. رستي ۾ ’سيورائي‘ جو قلعو هٿ ڪري برباد ڪرڻ کان پوءِ، ’مئو‘ جي قلعي ڏانهن رخ رکيائين، پر قطب العارفين شيخ روح الله قدس سره جي وچ ۾ پوڻ تي انهيءَ کان درگذر ڪيائين. ملتان جا بهادر رحمو ۽ بنده ڏهر ]به[ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا(2) . لانگاهن جا شهزادا ۽ بلوچ جيڪي سامهون ٿيڻ لاءِ آيا هئا، تن کي شڪست ڏيئي ’اُچ‘ فتح ڪري، قلعو مسمار ڪري ڇڏيائين. ]اتي[ سلطان ’محمود‘ لانگاهه، بلوچن، جتن، رندن، دوداين، ڪوراين ۽ چانڊين جو جملي اسي هزار لشڪر جمع ڪري جنگ ڪرڻ آيو. آخر ]مرزا، لانگاهن سان[ صلح ڪري(1)، گهاري واهه(2) جي حد مقرر ڪري، معتبر ماڻهو اُچ ۾ ڇڏي، دلاور جي قلعي تي چڙهائي ڪئي، ۽ اهو ڪلراٺيءَ زمين جو قلعو، جو مضبوطيءَ ۾ ملڪين مشهور هو، ٿورڙي وقت ۾ فتح ڪيائين. ڳالهه ٿا ڪن، ته مرزا جي لشڪر حڪم موجب، هڪ مهيني جو سمر پاڻ سان کنيو هو. هنن ٽن ڏينهن جي اندر قلعي جي چوڌاري ٽيهه سؤ کوهه کوٽي، تڙ رسائي، پاڻ کي خشڪيءَ جي پريشانيءَ کان آزاد ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن غازي خان قلعي ۾ اندر اچي ڦاٿو ۽ هٿ پير هڻي نيٺ لاچار ٿي پيو. قصو مختصر، ته قلعي وارن مان گهڻن کي قتل ڪري ۽ ڦٽي باقي رهيلن کي قيد ڪري، ڏاڍيون غنيمتون هٿ آڻي، پندرهن ڏينهن اندر بکر موٽي آيو. سنہ 932 هجريءَ ۾ وري ٻيو ڀيرو ملتانين جي بيفرمانيءَ سبب اوڏانهن ڪاهي ويو ۽ پوري سال جي محاصري کان پوءِ، خونريزيءَ ۽ ڦر لٽ بعد شهر فتح ڪري، سلطان محمود لانگاهه جو پٽ ۽ ڌيءَ، مسڪين ترخان جي حوالي ڪيائين، جو ٻنهي کي پنهنجو جگر گوشو ۽ فرزند سمجهڻ لڳو(3). ٻه مهينا ٽڪي، خواجه شمس الدين کي ملتان ۾ رهائي، پاڻ بکر موٽي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ ملتان نذراني طور بابر بادشاهه کي ڏيئي، خواجه شمس الدين کي بکر گهرائي ورتائين. بابر بادشاهه ]وري[ ملتان پنهنجي پٽ ڪامران کي عطا ڪيو. ايتري ۾ ڪڇ جي والي راؤ کنگهار، جو ڄام صلاح الدين جي مدد ۾ اچي شڪست کائي ڀڄي ويو هو، ٺٽي ]جي فتح ڪرڻ[ جو ارادو رکي، هن مضمون جو خط موڪليو، ته”منهنجو ڀاءُ آمر آمراڻي توهان جي هٿان ڪـُـٺو هو، ]هينئر[ هن جا مائٽ ٺٽي ]تي حملو ڪرڻ[ چاهين ٿا، پر خالي ملڪ تي اچڻ جائز نه سمجهي اطلاع ڏنو ويو: جيڪڏهن ٺٽي ولايت جو ڪجهه حصو مقتول جي وارثن کي ڏيندا، ته بهتر، نه ته اسان اچون ٿا“. مرزا جواب ۾ لکي موڪليو، ته”آمر جي خون جو جوش اڃا جهـَـڪو نه ٿيو هوندو، اسان کي توهان وٽ پهچڻو آهي. تون ]هيڏانهن اچڻ جي[ تڪليف نه ڪر“. ڪي چون ٿا، ته مرزا پاڻ ابتدا ڪري هن ڏانهن لکيو هو، ته”تنهنجن ڀائرن جو سمورو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آندو اٿم، ]تڏهن به[ عجب آهي، ته تو جهڙي غافل هن ويجهڙائيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو هديو ۽ تحفو موڪلي، اطاعت ۽ اتحاد، جنهن ۾ حال خواه مستقبل جي بهتري آهي، جي رسم زنده نه رکي! هاڻي ]اسان کي[ گجرات فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته پاڻ کي مفت رستي ۾ پائمال نه ڪراءِ، ۽ تابعداريءَ ڏانهن وک وڌاءِ: ڪڇي گهوڙا، جن جي سواريءَ ڏانهن عرصي کان طبعيت مائل آهي، نذراني طور موڪل، ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار رهه!“ خير ڪيئن به هجي، پر جنهن صورت ۾ راءِ کنگهار کي پنهنجي لشڪر ۽ ماڻهن تي ناز هو، ۽ هو تڪبر جي پيرن تي بيٺو رهيو، تنهن ڪري ]مرزا[ تڪڙو تڪڙو اوڏانهن روانو ٿيو. ڪڇ جي آسپاس رسڻ تي لشڪر ۾ اناج جي ڏاڍي قلت ٿي پيئي، ۽ لشڪر جا ماڻهو تنگدل ٿي پيا. مرزا فوج جا چار دستا مقرر ڪري، حڪم ڪيو، ته هر هڪ دستو جدا جدا طرف کان حملو ڪري، پر هڪ ٻئي کان غافل نه رهجو ۽ اهڙيءَ طرح ظاهر ڪجو، جيئن حريف ٻيءَ فوج جي وجود کان بي گمانو ٿي اچي انهيءَ ]هڪ دستي[ سان ڳنڍجي، پهريون دستو ”سلطان محمود خان“ جي نگرانيءَ هيٺ هو، ٻيو دستو، ”مير فرخ“ ۽ خود ”مرزا شاهه حسن“ جي هٿ هيٺ، ٽيون دستو خاص شاهه حسن تڪدري ۽ چوٿون دستو”مرزا عيسيٰ“ ۽”ميرعليڪہ“]جي زير نظر هو. هوڏانهن[ ”کنگهار“ کي خبر ملي، ته ”مرزا شاهه حسن“ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو وٺي مٿس ڪاهي آيو آهي، سو جنگ لاءِ تيار ٿي ڏهه هزار سوار ۽ بيشمار پيادا ساڻ ڪري، مقابلي لاءِ نڪتو. سلطان محمود واري دستي کي کنگهار جي اچڻ جي خبر پيئي، ته ]هڪدم[ سندس رستو جهلي مرزا کي خبر ڏنائون، ۽ هڪڙو تڪڙو قاصد مير فرخ ڏانهن ڀڄايائون. کنگهار جي لشڪر گهوڙن تان پيادو ٿي، چادرون هڪ ٻئي سان ٻڌي، ڍالون هڪ ٻئي سان ملائي، نيزي بازي شروع ڪئي. هيڏانهن مغلن پنهنجي رسم موجب، تير وسائڻ شروع ڪيا. ٻه ٽي ڪلاڪ لڙائي هلي ]59[ ته خدا پاڪ جي مدد سان اڪيلي سلطان محمود خان جي فوج کان شڪت کاڌائون، ڀڄڻ وقت مير فرخ جي فوج جي ور چڙهيا، جنهن ڪري گهڻا، ته خونخوار ترار جو لقمو ٿي ويا. جڏهن مرزا جي لشڪر کي دل گهري ڪاميابي حاصل ٿي، تڏهن اتي ئي لهي پيا، ۽ صبح جو ڳوٺن ۽ واهڻن جي لٽڻ لاءِ لشڪر روانو ڪري، بيشمار گهوڙا، اسباب، قيدي ۽ چوپايو مال هٿ ڪري، سوڀارا ٿي موٽي ويا. جهرڪ ۽ جهرڪي کوهه جي حقيقت مير طاهر نسياني لکيو آهي، ته سفر کان موٽڻ وقت، مرزا شاهه حسن جهرڪ ۽ جهرڪي کوهه وٽ پهچي”طولا پرس“، جو هڪڙو خدائي ڪرشمو انهيءَ کوهه ۾ مخفي هو، جو احوال ٻڌي، انهيءَ کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو. انهيءَ ]کوهه[ جي ڀرسان هڪڙو ٻيو کوهه کوٽي، نار چاڙهي انهيءَ جو پاڻي ڪڍيائون. کوهه خالي ٿيڻ تي طولا پرس انهيءَ مان اڏامي، وڃي پاڻيءَ سان ڀريل نئين کوهه ۾ پيو. اگرچه ڪيئي دفعا هـُـن ۽ هـِـن کوهه کي پاڻيءَ کان خالي ڪيائون، پر ]طولا پرس[ هـِـن مان هـُـن ۾ ۽ هن مان هـِـن ۾ ويندو رهيو. آخر ٻڌڻ ۾ آيس، ته هيءُ طلسم جو قسم آهي، تنهن ڪري لاچار درگذر ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري مٿئين کوهه کي لٽائي ڇڏيائين، جيئن ته انهيءَ جو احوال عجائبات الاهي کان خالي نه آهي، تنهن ڪري سندس بيان لکجي ٿو. طولا پرس(1) جي ٺهڻ ۽ انهيءَ جي خاصيت جي حقيقت چون ٿا، ته ڪڇ جي راءِ”لاکي بن ڦل“ جي ڏينهن ۾، هڪ نباتات جي خاصيتن جو واقف جوڳي، هڪ اهڙيءَ ٻوٽيءَ جي ڳولا ۾ هو، جنهن کي جيڪڏهن پاڙان پٽي باهه جي مچ ۾ کڻي ڪنهن آدميءَ سان گڏ ڦٽو ڪبو، ته اهو ماڻهو سونو ٿي پوندو، ۽ هن جو جيڪو به عضوو وڍبو، ته انهيءَ جاءِ تي ٻيو نئون عضوو پيدا ٿيندو! اتفاقاً هڪ ڏينهن انهيءَ جوڳيءَ جو هڪڙي ڌڻ وٽان لنگهڻ ٿيو، جنهن جي هڪ ٻڪريءَ جو وات ڳاڙهو هو. انهيءَ ٻڪريءَ جي پويان گـُـهمي، اها ٻوٽي لهي، پاڙان پٽي، ڌنار کي چيائين، ته باهه جي پوڄا جو ارادو اٿم، اُچ ته گڏجي پوڄا ڪريون. تنهن تي ٻنهي ڄڻن گڏجي، ڪکن ڪنڊن جو ڍير ڪري، اها ٻوٽي به انهيءَ ۾ وجهي، باهه ٻاري. ]جوڳي[ ٻڪرار کي چيو، ته”اڳتي وڌ، ته باهه جو طواف ڪريون“. خوش نصيب، ٻڪرار جي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، تنهن جوڳيءَ کي اڳ ۾ ڪيو، پر جوڳيءَ جي روش مان معلوم ٿيس، ته هو کيس باهه ۾ اڇلائيندو، سو اڳرائي ڪري، هن ]جوڳيءَ[ کي باهه ۾ ڌڪو ڏيئي، ڀڄي ويو، جوڳي باهه ۾ سڙي، خدا جي قدرت سان، سونو ماڻهو ٿي پيو! ٻئي ڏينهن، ٻڪرار حالت معلوم ڪرڻ لاءِ انهيءَ رک جي ڍير تي پهچي ڏٺو، ته جوڳيءَ جا سڀ عضوا سونا ٿي پيا هئا. هڪ عضوو ڪپي، باقيءَ کي زمين ۾ دفن ڪري، شهر ڏانهن هليو ويو: ٻئي ڏينهن ٻئي عضوي ڪپڻ لاءِ آيو، ته وڍيل عضوو بحال ۽ سالم ڏٺائين. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن جيڪو عضوو ڪپيندو رهيو، سو وري ]ٻئي ڏينهن[ صحيح سالم ڏسندو رهيو. آخر، جڏهن کيس ڍؤ ٿيو ۽ انهيءَ حالت جي ظاهر ٿيڻ کان سندس دل ۾ خوف پڻ پيدا ٿيو، تڏهن ههڙي عجائب جو حال وڃي”لاکي“ کي سليائين، جو اتي وڃي ’طولا پرس‘ يعني سوني ماڻهوءَ کي پاڻ سان کڻي آيو، ۽ اهڙي طرح ڪپي، ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، ايتري ته دولت گڏ ڪيائين، جو هڪ لک پنجويهه هزار رپيا روزانو فقيرن تي خرچ ڪندو هو، هوڏانهن دنيا جي ڪنهن به ڪم جي ويجهو نه ويندو هو. چون ٿا، ته هن مرڻ وقت الله پاڪ کي سوال ڪيو، ته اها دولت ڪنهن ٻئي کي نصيب نه ٿئي ۽ ]دعا جي[ قبوليت جو اثر ڏسي کڻي کوهه ۾ لڪايائين: جنهن کان پوءِ اهو عجائب مخفي رهندو آيو ۽ انهيءَ طلسم ]60[ جي ڪنجي ڪنهن به ماڻهوءَ کي هٿ ڪانه لڳي. قصو مختصر، ته مرزا شاهه حسن، کنگهار تي فتح پائي ٺٽي موٽي آيو. مرزا جو پـَـٽڻ تي حملو ڪرڻ ۽ ڪاميابيءَ سان موٽڻ مرزا شاهه حسن، ڪڇ تي سوڀارو ٿي نهايت شان ۽ شوڪت سان موٽي اچڻ کان پوءِ، ڪيترو وقت سنڌ ۾ مرادون ماڻيندو رهيو. آخر 942 هجريءَ ۾ همايون بادشاهه دهليءَ کان چتور تي ڪاهيو. چتور جي راجا کي ڇڏائڻ لاءِ سلطان محمود بهادر گجراتيءَ هڪ سخت خط لکيو، جو بادشاهه جي دل تي گران گذريو، ۽ هن يلغار ڪري، مٿئين سلطان جي ملڪ تي ڪاهي کيس شڪست ڏني(1) ۽ مرزا شاهه حسن کي لکيو، ته وفاداريءَ جو طريقو خيال ۾ رکي پاڻ کي سنڌ مان ”پـَٽڻ“ پهچائي، جيئن انهيءَ شڪست کاڌل جي ڀڄڻ جو رستو بند ٿي وڃي. مرزا شاهه حسن انهيءَ لکئي پهچڻ تي، جلدي جلدي لشڪر تيار ڪري، نصرپور کان رائدن پور (راڌن پور) جي رستي اچي پـَـٽڻ پهتو. ۽ پـَـٽڻ جي حاڪم خضر خان کي گهيري ۾ آڻي، آسپاس جو چوپايو ۽ ٻيو اسباب ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو. بکر جو حاڪم سلطان محمود خان لشڪر جي مقدمي تي هو، تنهن جنيد ۽ جوڻي ڌاريجي کي خـضر خان وٽ پـَـٽڻ موڪلي ]چوايو[، ته اچي مرزا جي خذمت ۾ حاضر ٿئي. هن وراڻيو، ته ”سلطان محمود بهادر، ڪرنال(2) ۾ صحيح سلامت ويٺو آهي، آءٌ سندس حڪم کان سواءِ قلعو حوالي ڪيئن ڪندس؟“ ]اهو ٻڌي[ قاصد هن جي ماءُ وٽ ويا. آخر پـَـٽڻ جي آسپاس مان لشڪر جي منزل پـَـٽڻ لاءِ، هڪ لک فيروزشاهيون مرزا شاهه حسن ۽ ٽيهه هزار فيروزشاهيون سلطان محمود خان کي نذرانو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. نذراني وٺڻ کان پوءِ، مرزا پنهنجي اچڻ جي حقيقت، عبد القدوس هٿان، بادشاهه جي خذمت ۾ عرض ڪري، پـَـٽڻ جي آسپاس ۾ پندرنهن ڏينهن ترسي پيو. انهيءَ عرصي ۾ سلطان محمود خان، محمود آباد تائين وڃي ڦر ڪري، گجراتين جو ڏاڍو مال متاع هٿ ڪري آيو. اُتي مير فرخ، مرزا شاهه حسن کي چيو، ته”جيڪڏهن مرزا ]توهان[ کي بادشاهه پنهنجي ڪئمپ ۾ گهرائيندو ته ضرور وڃڻو پوندو، پوءِ ائين ضرور ٿيندو ته ارغون، ترخان خواهه سنڌين جو لشڪر، سلطاني ساز و سامان، عطا ۽ بخشش ڏسي، اسان وٽان ڀڄي ويندو، تنهن ڪري صلاح اها آهي، ته ڪو بهانو پيش ڪري هتان ئي سنڌ موٽي هلجي“. اها صلاح ڪري مرزا قاسم بيگ هٿان عريضي موڪليائون، ته ”مان شاهي حڪم جي تعميل ڪري سمورو لشڪر وٺي هتي آيو هئس، پر هاڻي ٺٽي ۽ بکر جي اميرن وٽان خط پهتا آهن، ته ڪلمتي جتوئي ۽ ٻيا زميندار سنڌ خالي ڏسي، لشڪر گڏ ڪري، ڦرمار ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري لاچار اوڏانهن موٽڻو ٿو پويم“. آخر 945 هجريءَ جي اوائل ۾ راڌڻپور جي رستي کان ٺٽي روانو ٿيو، ۽ واٽ تي جاڙيجن ۽ سوڍن کي ڏاڍو ڦري لٽي اچي ٺٽي پهتو. 946 هجريءَ ۾ مير عليڪہ ارغون کي گجرات ۽ بنگاله جي فتح جي مبارڪباديءَ لاءِ همايون بادشاهه جي حضور ۾، ۽ مير خوش محمد ارغون کي قنڌار جي فتح جي مبارڪ واسطي مرزا ڪامران ڏانهن روانو ڪيائين. مير عليڪ شاهي ڪئمپ مان بنا موڪل نڪري، اچي مرزا شاهه حسن کي چيو، ته ”بادشاهه جي غفلت واريءَ روش مان ائين معلوم ٿيم، ته عنقريب ڪو ڌاريو بادشاهه ]مٿس[ غالب ٿيندو، تنهن ڪري جلد ئي بنا موڪل موٽي آيو آهيان“. ٿورن ئي ڏينهن ۾، انهيءَ موجب، همايون بادشاهه جي ”شير خان“ کان شڪست کائڻ جي خبر آئي. مرزا شاهه حسن، مير عليڪہ جي عقل تي آفرين ڪري، صلاح جي مجلس سڏائي، آخر اُچ کان بکر تائين درياءَ جي ٻنهي ڀرين کي ويران ڪري، اهڙيءَ طرح غير آباد ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. ]61[ همايون بادشاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال شعبان 947 هجريءَ جي آخر ۾ بادشاهي ڪئمپ اُچ ۾ پهتي. بخشو لانگاهه، خان جهان جي لقب، جهنڊي، نغاري ۽ قيمتي سروپا جي عنايت سان سرفراز ٿيڻ هوندي به، پاڻ حاضر ڪونه ٿيو، باقي لشڪر جي خرچ لاءِ اناج جون ڪي ٻيڙيون موڪلي ڏنائين. آخر 28 رمضان المبارڪ تي شاهي تنبو اچي روهڙيءَ جي شهر ۾ کـُـتا، ۽ ٻٻرلوءَ جو ’چار باغ‘ ، جو نظاري ۽ نزاڪت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، همايون بادشاهه جي رهڻ جي جاءِ بنيو. سلطان محمود خان قلعو مضبوط ڪري، ٻيڙيون ڪـَـهرائي پنهنجي طرف ڪري بيهاريون، ۽ بادشاهه جيڪو ڏانهنس حاضريءَ جو حڪم موڪليو هو، تنهن جي جواب ۾ عرض ڪيائين ”ته مان مرزا شاهه حسن جو نوڪر آهيان، جڏهن اهو حڪم ڪندو، تڏهن قلعو حوالي ڪندس“. ساڳئي وقت بادشاهه جي ڪئمپ ۾ خوراڪ جي ڪمي ٻڌي، اَن جا اٽڪل پنج سو خرار موڪلي خدمت بجا آندائين، جا پسند ڪئي ويئي. بادشاهه، امير طاهر صدر ۽ سمندر بيگ کي، ڀلائيءَ جي وڏن وعدن ۽ اڳين حقن جي يادگيريءَ [جي پيغام[ سان، مرزا شاهه حسن ڏانهن موڪليو. مرزا قاصدن جي جوڳي خدمت ڪري، هيءُ اقرار ڪيو، ته هو حضرت بادشاهه جي تشريف فرمائيءَ تي، هاله ڪنڊي (هالا) کان بٺوري تائين، درياءَ جي هن ڀر وارا ڳوٺ حرمسراءِ جي خرچ لاءِ حوالي ڪندو، ۽ عهد اقرار پڪي ڪرڻ کان پوءِ، حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي لشڪر سميت حضور والا سان هم رڪاب رهي، گجرات فتح ڪرڻ کان پوءِ موٽي ايندو. انهيءَ اقرار موجب جناب شيخ ميرڪ بوراني ۽ ميرزا قاسم طغائيءَ کي لائق نذرانا ساڻ ڏيئي، موڪليائين، ۽ هن مضمون جو عريضو پڻ لکيائين، ته ”بکر جي زمين گهٽ پيدائش واري آهي، ۽ چاچڪان جي زمين نهايت سرسبز. جيڪڏهن حضور اوڏانهن تشريف فرما ٿيندا، ته دل و جان سان خدمت بجا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.“ بادشاهه جي خيرخواهن عرض ڪيو، ته”جيڪڏهن سچيءَ دل سان خدمتگاريءَ جو ارادو رکي ٿو، ته پوءِ پنهنجا قلعا ڇو نٿو نذر رکي، ته ]اسان کي به[ ڪا پناهه جي جاءِ ته هٿ ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته شير خان لاهور ۾ مٿان ويٺو آهي، تنهن ڪري مرزا جي هن عريضي ۾ ٺڳي ٿي ڏسجي!“ اهو ٻڌي بادشاهه بکر کي گهيري ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪيو(1). هوڏانهن مرزا شاهه حسن کي به سندس ماڻهن انهن انجامن کان ڦيرائي ڇڏيو. بادشاهه ٻٻرلوءِ جي باغ ۾ ٿي رهيو ۽ ساڻس اٽڪل ٻه لک ماڻهو هئا، جنهن ڪري ڏڪار هن حد کي وڃي پهتو، جو ساهه جي عيوض به ماني نٿي ملي! آخر ڇهن مهينن کان پوءِ وڃي پاٽ ۾ منزل ڪيائين، پر جنهن صورت ۾ اُتي لشڪر به گندگي ٿي پيدا ڪئي، تنهن ڪري وري بکر موٽي آيا. ٿوري وقت کان پوءِ پهرين جمادي الاول 948 هجريءَ تي، بادشاهه يادگار ميرزا کي بکر ۾ ڇڏي پاڻ سيوستان تي چڙهائي ڪئي، بادشاهه جي پهچڻ کان اڳ ۾ مير سلطان قلي بيگ، مير شاهه محمود ارغون، مير محمود ساربان، علي محمد ڪوڪلتاش ۽ مير صفر ارغون قلعي جي آسپاس واريون عمارتون ۽ باغات ويران ڪري پڌر ڪري ڇڏيا. بادشاهه جڏهن قلعي وارن کي سوڙهو ڪيو، تڏهن مرزا شاهه حسن ٺٽي کان ٻاهر اچي، کاهي کوٽائي گهڻيون ٻيڙيون جمع ڪري ويهي رهيو، ۽”مير عليڪہ“ کي سيوستان تي مقرر ڪيائين. هو شاهي ڪئمپ مان لنگهي، بازار واري رستي کان قلعي ۾ گهڙي ويو. بادشاهي لشڪر هڪ پاسي کان کاٽ هڻي، باهه ڏني، پر ڀت ڪرڻ کان اڳ ۾ قلعي وارن ماڻهن انهيءَ کان به وڌيڪ مضبوط نئين ڀت ٺاهي ڇڏي هئي(1) هيءُ حال ڏسي بادشاهه ]هڪ طرف[ قلعي جي مضبوطي ۽ ٻئي طرف قلعي فتح ڪرڻ جي سامان جي اڻاٺ ]62[ سببان ستن مهينن جي گهيري کان پوءِ، جڏهن پاڻي جي اٿل اچي ويئي، مرزا شاهه حسن خوراڪ جي سامان جي اچڻ وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو، لشڪر جو ڪجهه حصو پاسو ڪري هليو ويو ۽ مرزا شاهه حسن، مرزا”يادگار ناصر“ کي پنهنجو ڪري وڌو(2) تڏهن لاچار بکر ڏانهن موٽي ويو، ۽ مرزا يادگار ناصر کي پاڻ سان وٺي، حجاز ڏانهن وڃڻ گهريائين ٿي، ته ايتري ۾ راجا ”مالديو“ وڌپوريءَ بادشاهه کي ]وٽس[ تشريف آوريءَ لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي هو ايڪيهين محرم 949 هجريءَ تي اُچ روانو ٿيو، جتان ساڳئي سال جي 20 ربيع الاول ”مالديو“ ڏانهن روانو ٿي، 14 ربيع الثاني اچي دلاور جي قلعي ۾ منزل ڪيائين. ساڳئي مهيني جي 20 تاريخ بيڪانير ۾ ڪئمپ هڻي، اتان جوڌپور کان ٽيهن ڪوهن ]جي مفاصلي[ تي پهتو، جتي معلوم ٿيو، ته راجا مالديو جي انهيءَ عرض ۾ ٺڳي رٿيل هئي، تنهن ڪري تڪڙا جيسلمير روانا ٿي، پهرين جمادي الاول جيسلمير پهتا. جيسلمير جي راجا پاڻي روڪي ڇڏيو. آخر ساڳئي مهيني جي ڏهين تاريخ عمر ڪوٽ پهتا. ]عمر ڪوٽ جي[ راڻي ”ويرسال“ استقبال ڪري قلعي ۾ اندر جاءِ ڏني. انهي ئي سال جي پنجين رجب آچر رات جلال الدين ”محمد اڪبر“ اُتي ڄائو. هن وچ ۾ مرزا شاهه حسن بکر ۽ سيوستان وڃي، ٻنهي قلعن جي ڀڳ، ٽٽ درست ڪرائي، ]اڳئين کان به[ وڌيڪ مضبوط بنائي، ٺٽي موٽي آيو. بادشاهه، عمر ڪوٽ کي فوجن جو بار سهڻ جهڙونه ڏسي، سنڌ جو ارادو رکي، ٿوري ئي وقت ۾ اچي ’جون‘ جي ڳوٺ ۾ پهتو. جنهن صورت ۾ اها جاءِ باغات، نهرين ۽ ميون جي ڪثرت کان سڄيءَ سنڌ ۾ ممتاز هئي، تنهن ڪري عرصي تائين جون جي ڳوٺ ۾ باغات جي وچ ۾ ڪئمپ رهي. مرزا شاهه حسن به لشڪر وٺي، اچي ٻئي ڪپ تي سامهون ٿي ويٺو. بادشاهه کي معلوم ٿيو، ته بٺوري جي سرزمين ۾ هڪڙو قلعڙو اناج سان ڀريل آهي، سو پنهنجي ڪي اعتماد جوڳا ماڻهو اوڏانهن موڪليائين. هيڏانهن مرزا شاهه حسن روڪڻ لاءِ، مرزا عيسيٰ کي موڪليو، پر انهيءَ ڪجهه به نه ڪيو. آخر سلطان محمود اوڏانهن ويو. ]لڙائي لڳي، جنهن ۾[ بادشاهه جا ڪار جهڙا ماڻهو قتل ٿيا. ٻيءَ طرح به اڪثر ڪري ٻنهي لشڪرن ۾ ]وقت بوقت[ جنگ ۽ جهيڙي جي باهه ڀڙڪندي ٿي رهي. شاهي درگاهه جا ملازم جي ]جدا جدا[ ديهين ۾ وڃي رهيا هئا، تن کي مرزا جي حڪم موجب ارغوني لشڪر پاڻ ۾ صلاح ڪري، هڪڙي ئي وقت ۾ ڪـُـهي، سندن سر مرزا ڏانهن ڏياري موڪليا. چون ٿا، ته اها ڳالهه ٻڌي همايون بادشاهه ارغونين کي پاراتو ڏنو، جنهن جي اثر کان اهي ماڻهو سڀيئي محمد باقي ترخان هٿان قتل ٿيا، جيئن اڳتي هلي بيان ٿيندو. ]هاڻي[ بادشاهه جي دل سنڌ ۾ رهڻ کان ملول ٿي پيئي. ايتري ۾ بيرم خان پڻ گجرات کان اچي، قنڌار جي رستي کان عراق هلڻ جي تحريڪ ڪئي، ۽ مرزا شاهه حسن سان صلح جون ڳالهيون هلايون. مرزا هيءُ موقعو غنيمت سمجهي، لک مثقال روڪڙا ۽ ٻيو سفر جو سامان تيار ڪري، ٽن سون گهوڙن ۽ ٽن سون اٺن سميت(1) خدمت ۾ موڪليو. ]تنهن کان پوءِ[ ’جون‘ جي سامهون هڪ پل ٻڌايائون. پل ۽ صلح جي تاريخ ’صراط مستقيم‘ مان نڪتي(2) بادشاهه 7 ربيع الاخر 950 هجريءَ تي انهيءَ پل تان لنگهيو. چون ٿا، ته عيسيٰ ترخان، ڳجهي خواهه ظاهر، بادشاهه جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي، جنهن تي بادشاهه هن جي حق ۾ ]63[ تمام گهڻي دعا فرمائي هئي، ۽ انهيءَ دعا جي اثر کان، کانئس وڌيڪ وڏن اميرن جي موجود هوندي به، هو ملڪ جو وارث ٿيو. جيئن اڳتي بيان ٿيندو. هوڏانهن مرزا شاهه حسن کي، پنهنجي ولي نعمت سان بي ادبي ڪرڻ جي سزا ۾، سندس نوڪرن هٿان اهو معاملو پيش آيو. قصو ڪوتاهه، هنن ٽن سالن ۾ بادشاهي لشڪر جي اچڻ ڪري سنڌ ملڪ ۾ زبردست ڏڪار پيدا ٿيو هو. عجيب نقل انهيءَ حادثي ۾ مهانگائيءَ سببان هڪ عورت پنهنجن پٽن سميت، ڪجهه بکون ڪڍڻ کان پوءِ، جلاوطني اختيار ڪري بيتاب ٿي وڃي هڪ جهنگ ۾ ڪري، پٽن کي بک ۾ پاهه ٿيندو ڏسي، انهن کي چيائين، ته”توهان کي هن حال ۾ ڏسي نٿي سگهان، تنهن ڪري مون پنهنجو خون توهان کي معاف ڪيو: توهان مون کي ڪـُـهي کائو ۽ منهنجو بچيل گوشت رستي جو سمر بڻايو، مـَنَ ڪنهن سلامتيءَ واريءَ جاءِ تي وڃي پهچو!“ پٽن گهڻو انڪار ڪيو، ۽ زبان تي”حاشا“ ۽ ”ڪلا“ (1) جا الفاظ آندائون، پر ماءُ جي زور تي ائين ڪرڻو پـَـينِ. هڪڙو گوشت جو ٽڪر پچايائون، ايتري ۾ اتفاقاً ڪن ماڻهن جي ڳئون گم ٿي ويئي هئي، سي اچي مٿن ڪڙڪيا ۽ ڳئون جي ڪـُـهڻ ]جي تهمت[ ۾ کين کڻي پڪڙيائون. ويچارن پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ، سڄو احوال ذري پرزي ڪري ٻڌايو ۽ ماءُ جا آنڊا ۽ ٻيون نشانيون ڏيکاريون. اهو ٻڌي انهن ماڻهن پاڻ کين وڌيڪ زور سان کڻي ٻڌو ۽ چيائون، ته”اهو ممڪن ئي ناهي، ته ڪو ماڻهو ’ماءُ‘ ڪـُـهي کائي، توهان ضرور ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڪـُـٺو هوندو!”هنن گهڻو ئي ٻاڏايو، پر ڪو فائدو نه ٿيو. آخر سڄي حقيقت ظاهر ڪرڻ لاءِ، کين وڻ سان ٻڌي چهٻڪ هڻڻ گهريائون، ته ايتري ۾ ماءُ جا آنڊا هڪدم پنهنجي جاءِ تان ڊوڙي وڃي ماريندڙن جي پيرن ۾ وچڙيا، ۽ کيس مارڻ کان روڪي، اڳتي قدم وڌائڻ نه ڇڏيائون. انهن ۾ هڪ پير مرد موجود هو، جنهن چيو، ته”هنن بيشڪ پنهنجي ماءُ کي سندس اجازت سان ڪـُـٺو آهي، جا هاڻي مادري شفقت (مامتا) سببان توهان کي پـُـٽن جي مارڻ کان روڪي ٿي. بيشڪ ”اولادنا اڪبادنا“ (2) جي مصداق هتي ظاهر ٿي آهي. قصو مختصر، انهيءَ افراتفريءَ جي زماني ۾ بخشو لانگاهه ملتان جي آسپاس ’جنپور‘ جي سامهون قلعو ٺاهي، ملتانين کي لڏائي اچي انهيءَ قلعي ۾ وهاريو، ۽ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪري بکر تي ڪاهيو(1)، جنهن ڪري مرزا شاهه حسن، ميرشاهه محمود ارغون کي بکر جي حفاظت لاءِ موڪليو. 955 هجريءَ ۾ مرزا ڪامران ’هزاره‘ کان سنڌ ۾ آيو. مرزا شاهه حسن ’پاٽ‘ کي سندس منزل گاهه مقرر ڪري، پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني(2) ۽ ٽن مهينن کان پوءِ هزار سوارن جي مدد ڏيئي روانو ڪيائينس. ڪامران 958 هجريءَ ۾ وري بکر ۾ آيو، مگر هن دفعي همايون بادشاهه کيس انڌو ڪري ڇڏيو هو(3). مرزا شاهه حسن هن کي ]پهريائين[ شاد ٻيلي (ساڌ ٻيلي) جي ٽڪريءَ تي، جا بکر جي الهندي طرف دريا جي وچ ۾ آهي، رهايو ۽ تنهن کان پوءِ بٺوري جو پـرڳڻو سندس بورچيخاني جي خرچ لاءِ مقرر ڪري، کيس فتح باغ ۾ رهائڻ جو انتظام ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ هو حج تي روانو ٿي ويو. چون ٿا، ته مرزا شاهه حسن پنهنجي نياڻيءَ کي کانئس ]ڇني[ پاڻ وٽ رهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ معصومہ چيو، ته ”ماڻهو مون کي طعنو هڻندا، ته ’اکين واري وقت ۾ ته مڙس وٽ رهين، باقي نابين ٿيڻ کان پوءِ کيس ڇڏي ڏنائين‘ !“ هن واقعي کان پوءِ همايون بادشاهه جي رنج جي اثر کان مرزا جي حالت بگڙڻ لڳي. هن”عربي گاهيءَ”جي پٽن، جي ارغونن ۽ ترخانن کي ايذائڻ ۾ نهايت ظلم ۽ دست درازي ڪندا هئا، جهڙن رذيل ۽ ڪميڻن ماڻهن جي پرورش ڏانهن توجهه ڪري، ارغونن ۽ ترخانن کي رنج ڪري وڌو، ۽ پاڻ فالـج (اڌ رنگ) جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن جو علاج رڳو اهو هو، ته هميشه ٻيڙيءَ ۾ ويهي، ٺٽي کان بکر ۽ بکر کان ٺٽي آمد رفت ڪندو رهي. سنہ 960 هه ٺٽي جي شهر جي اربابي (گورنري) ’عربي گاهي‘ ۽ ’اسماعيل باٺاري‘ کي عطا ٿي. ساڳئي سال جي آخر ۾ ٺٽي جي نگراني ’شنبي‘ ۽ ’رفيق‘ جي حوالي ڪيائين، جي زرخريد غلام هئا. ]اهو حال ڏسي[ ارغون اميرن، محرم 962 هجريءَ جي شروعات ۾ ميرزا ]64[ عيسيٰ ترخان جي تابعداري ڪئي، جو خدا شناس بادشاهه جي دلي دعائن جو نوازيل هو. مرزا شاهه حسن هيءُ ٻڌي پيچ تاب کاڌا ۽ تدارڪ واسطي گهڻائي حيلا هلايا، پر بادشاهي رنجش جو تير نشان تي لڳي چڪو هو، ۽ تدبير جي ڍال انهيءَ کي بي اثر ڪري نه سگهي. آخر سندس حياتيءَ ۾ ئي سلطان محمود خان ۽ ميرزا عيسيٰ سنڌ کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري، لڪيءَ جي جبل کان هيٺ ميرزا عيسيٰ ۽ مٿي سلطان محمود خان جي واسطي مقرر ڪري، هن بابت پاڻ ۾ پڪو عهد نامو ڪيو، ۽ ميرزا شاهه حسن جي حياتيءَ ۾، ڇاڪاڻ ته هو مفلوج ۽ بيڪار هو، سندس ظاهري تابعداري ڪندا آيا. تقديراً مرزا شاهه حسن، ساڳئي سال جي 11 ربيع الاول تي گذاري ويو. ڪي چون ٿا، ته کيس زهر ڏنو هئائون، ۽ اڳ ۾ ڪيل عهدنامي موجب مٿيان خانَ، ٺٽي ۽ بکر جا مالڪ ٿيا. مرزا شاهه حسن لاثاني بهادر هو. ننڍپڻ کان بيماريءَ جي زماني تائين، جيڪي به جنگيون ڪيائين تن ۾ سوڀارو رهيو. هو سنہ 896 هجريءَ ۾ ڄائو هو ۽ 66 سال عمر هيس. منقولي علمن(1) ۾ ڏاڍو ماهر هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو، جنهن ۾ ”سپاهي“ تخلص ڪندو هو. عالمن، فاضلن ۽ سيدن جي عزت ڪماحقہ بجا آڻيندو هو. 34 سال حڪومت ڪيائين. کانئس پوءِ ڪو به اولاد ڪونه رهيو. سندس لاش مڪي شريف کڻي ويا. هن طبقي يعني پي ۽ پٽ جي سنڌ تي حڪومت جو عرصو 36 سال آهي. (1) غلط آهي، بلڪ عڪرمہ پاڻ ابوجهل جو پٽ هو. هو مڪي شريف جي فتح کان پوءِ اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ 62 ورهين جي ڄمار ۾ سنہ 13 هجريءَ ۾ يرموڪ واريءَ مشهور لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويو (”اڪمال في اسماءِ الرجال “ ۽ ”الاصابہ في معرفة الصحابة“ ، وغيره) (2) اسان جي خيال ۾ صحيح قول به اهوئي آهي، باقي ٻيون روايتون سڀ ڌڪا ۽ واهيات آهن. سما به سومرن وانگيان اصل سنڌي هندو هئا. هو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام ۾ داخل ٿيا. پهريائين سومرن جا ٻانهن ٻيلي ۽ سندن بازو هئا، پر پوءِ هنن جي بد اعمالين کان تنگ ٿي، سندن برخلاف بغاوت ڪري، کين تخت تان لاهي، پاڻ حڪومت جا مالڪ بڻيا. يا ته جيئن مٿي سومرن جي بيان ۾ لکي آيا آهيون، سما اصل سمير بن يا سامي قوم مان آهن، ۽ قديم زماني کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. (1) اصل نسخہ ۾ ”پانيہ“ آهي. تاريخ معصومي ۾ ”پانيہ“ جي بدران ”بانبہ“ لکيل آهي. تحفة الڪرام جي مير مراد عليءَ خان واري نسخي ۾ سڀني جاين تي ۽ ممبئي واري ڇاپي ۾ صفحي 31 تي ”بانبينہ“ آهي. ”مبارڪشاهي“ (ص131) ”بانبهنيہ“، ۽ ”تاريخ فيروز شاهي“ مؤلف سراج عفيف ”بانبهينہ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي (”تعليقات معصومي“، ص295) هن لفظ جو تلفظ ”بانبهہ“ يا ”بنبہ“ (ڀنڀو) ڪري ٿو، ۽ سندس چوڻ موجب اهائي صورتخطي درست ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين سنڌ جي ڄامن ۾ اهو نالو انهيءَ تلفظ (ڀنڀو) سان هلندو ٿو اچي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”بانبهنيہ“ پڙهڻي کي ترجيح ڏئي ٿو، جا درحقيقت سنڌي نالي ”ٻانڀڻيہ“ جي فارسي صورتخطي آهي. ”ٻانڀڻيو“ نالو اڃا تائين سماٽ قوم ۾ عام مروج آهي. (2) ابن بطوطہ جو سنڌ ۾ سنہ 734 هجريءَ ۾ آيو هو، سو ڄام انڙ جي هٿان ملڪ رتن جي ڪسڻ جو واقعو هن طرح بيان ڪري ٿو: ”هن شهر (سيوهڻ) ۾، امير و نار (انڙ) سامري ۽ امير قيصر رومي رهندا هئا. ٻئي، سلطان (محمد شاهه تغلق) جي نوڪريءَ ۾ هوندا هئا. هنن وٽ اٽڪل هڪ هزار اٺ سؤ سوار هئا. اتي رتن نالي هڪ هندو ڪافر به رهندو هو، جو حساب ڪتاب ۾ ڏاڍو ڀڙ هو. اهو (رتن) ڪنهن امير سان گڏجي سلطان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هو بادشاهه کي وڻي ويو، جنهن کي ”سنڌ جو سردار“ جو لقب ڏيئي، انهيءَ ملڪ جي گورنري عطا ڪئي، ۽ کيس سيوستان ۽ ان جي آسپاس وارا پرڳڻا جاگير ڏنا، تنهن کان سواءِ، جيڪي درجا وڏن اميرن کي ڏنا ويندا آهن. جهڙوڪ: نغارا، جهنڊا وغيره، سي پڻ کيس عطا ڪيا. هو سنڌ ۾ موٽي آيو ته انڙ، قيصر ۽ ٻين کي، ڪافر کي وڌائڻ ڏکيو لڳو، ۽ هنن سندس قتل جو ٺهراؤ ڪيو. هن جي واپس اچڻ کان پوءِ ٿورا ڏينهن رکي، کيس سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نڪري حال احوال معلوم ڪرڻ جي صلاح ڏنائون، جنهن تي هو ساڻن گڏجي ٻاهر نڪتو. رات ٿيڻ تي وٺي شور ڪيائون، ته هن تي ڪنهن شينهن حملو ڪيو آهي، ۽ انهيءَ گوڙ ۾ ڪافر جي تنبوءَ ۾ وڃي، کيس قتل ڪري، شهر ۾ موٽي آيا ۽ اچي سلطان جي خزاني تي قبضو ڪيائون، جو ٻارنهن لک رپيا هو. ماڻهن ڄام انڙ کي پنهنجو سردار بنايو ۽ سندس نالو ”ڄام فيروز“ رکيائون. هن سمورو مال لشڪر ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو، کان پوءِ هو اچي ڊنو، ڇاڪاڻ، ته هو پنهنجي ڪڙم کان پري هو، انهيءَ ڪري هو پنهنجا مٽ مائٽ، جي ساڻس گڏ هئا، ساڻ وٺي، پنهنجي قوم ڏانهن هليو ويو، باقي پوئتي رهيل ماڻهن ”قيصر“ کي پنهنجو سردار بڻايو. هيءَ خبر سلطان جي غلام ”عماد الملڪ سرتيز“ کي، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو امير الامرا هو، ۽ ملتان ۾ رهندو هو، پيئي، ته هو بحري ۽ بري لشڪر تيار ڪري روانو ٿيو. ملتان ۽ سيوستان جي وچ ۾ ڏهن ڏينهن جو پنڌ آهي. هيڏانهن قيصر به مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتو. لڙائي لڳي جنهن ۾ قيصر بريءَ طرح شڪست کائي وڃي قلعي ۾ بند ٿيو. هن کيس گهيرو ڪري منجنيقون کڙيون ڪيون. آخر چاليهن ڏينهن کان پوءِ هنن تنگ ٿي امان گهري، سرتيز هنن کي امان ڏني، پر جڏهن هو لهي آيا تڏهن سندن مال ضبط ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. هر روز انهن مان ڪن چونڊ ماڻهن کي قتل ڪرائيندو، ۽ ٻين جون کـَـلون لهرائي بهه سان ڀرائي قلعي جي ڀت تي ٽنگائيندو هو، جنهن ڪري قلعي تي گهڻي ڀاڱي کـَـلون ٽنگيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ ڏسندڙ ڊڄي ويندا هئا! انهن جا سر شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرايا هئائين، جيڪي ٽڪريءَ وانگيان ڏسڻ ۾ ٿي آيا. مان هن واقعي کان ٿورو پوءِ شهر جي هڪ وڏي مدرسي ۾ اچي لٿس ۽ رات جو انهيءَ جي ڇت تي سمهندو هئس. جڏهن به جاڳندو هئس ته انهن ٽنگيل کلن تي نظر پوندي هئي، جنهن ڪري دل گهٻرائجي ويندي هئي. آخر مدرسي ۾ رهڻ دل گوارا نه ڪيو ۽ وڃي ٻئي هنڌ رهيس“- (بحواله ”تعليقات معصومي“) ابن بطوطہ، ڄام انڙ کي سامري (سومرو) سڏيو آهي، جا سندس ڀـُـلَ آهي. هو اصل سمو هو، پر سندس سرداريءَ بابت سومرا پڻ متفق هئا، تنهن ڪري ابن بطوطہ کيس سومرو سمجهي ويٺو آهي. ابن بطوطہ سنڌ ۾ سنہ 734 هجريءَ ۾ آيو هو ۽ ملڪ رتن - جي ڪسڻ جو واقعو سندس اچڻ کان ٿورو اڳ ٿي چڪو هو، تنهن ڪري مير قانع جو ڄام انڙ جي تخت نشينيءَ جو سنہ 752 هجريءَ ۾ لکڻ پڻ غلط آهي. (1) ڄام جوڻو خناق جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو هو (تاريخ معصومي، ص63). (2) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص 63) ۾، بغير ڪنهن شڪ جي، سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن سال لکيو آهي. (3) هيءُ بيان پڻ ڪا به تاريخي وقعت نٿو رکي، ڇاڪاڻ ته سلطان علاؤالدين سنہ 715 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ ڄام تماچيءَ جي حڪومت غالباً سنہ 750 هجريءَ کان شروع ٿي هوندي. ساڳيءَ طرح ڄام جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ ملڪ تاج ڪافوري ۽ تاتار خان جو مقرر ٿيڻ پڻ غلط آهي، ڇو ته ڄام جوڻي جي حڪومت ڪنهن به حالت ۾ سنہ 734 هجريءَ کان اڳ ۾ شروع نٿي ٿي سگهي. پوءِ ڪيئن چئي سگهبو، ته سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن وري ڄام جوڻي کي سنڌ مان هڪالي ڪڍڻ لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا؟ مطلب ته سمن جي سچي تاريخ موجود نه هجڻ ڪري، هي مؤرخ رڳو گپوڙا هڻي رهيا آهن. (1) هن متعلق مير قانع جو (ص34 تي) بيان ٻي طرح آهي. اتي لکي ٿو ته ”]سلطان فيروز[ سنہ 772 هجريءَ ۾ نگرڪوٽ جو ارادو رکي، ٺٽي پهتو ۽ ٺٽي جو حاڪم ڄام خير الدين ”آب“ جي قلعي ۾ لشڪر وٺي قلعي بند ٿي ويهي رهيو. سلطان اناج جي قلت ۽ مڇرن جي ڪثرت کان مجبور ٿي، وري ٺٽي موٽي آيو. ڄام خير الدين امانَ وٺي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کي ]سلطان[ ٻين زميندارن سان گڏ دهليءَ وٺي ويو. سيوهڻ وٽ ڄام جي ڀڄي وڃڻ جو ارادو معلوم ٿيس، ته کيس کڻي ڳٽ ۽ ٻيڙيون وجهايائين. ٿوري وقت کان پوءِ خير الدين جي پٽ ڄام جوڻي کي سروپا پهرائي، سنڌ جي حڪومت واسطي روانو ڪيائين“. هن عبارت مان صاف ظاهر آهي، ته سلطان فيروز، ڄام خير الدين کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سندس پٽ جوڻي کي سنڌ تي حاڪم ڪري موڪليائين. گويا ڄام خير الدين دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو. مگر هتي ساڳيو مير قانع انهيءَ بيان جي خلاف لکي رهيو آهي، ته سلطان فيروز، ڄام خير الدين کان پوءِ، سندس پٽ ڀنڀي جي ڏينهن ۾ آيو ۽ کيس گرفتار ڪري وٺي ويو: مٿي لکيائين، ته سلطان، ڄام جوڻي کي حاڪم ڪري موڪليو، ۽ هت ويٺو لکي، ته ڄام ڀنڀي جون حسن خدمتون ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي روانو ڪيائين، ۽ ڄام جوڻي جو سمن حاڪمن جي بيان ۾ مورڳو ذڪر ئي نٿو ڪري، ساڳيو حال مير معصوم جو آهي: اهو به پنهنجي تاريخ جي صفحي 51 ۾ مير قانع جي پهرئين بيان سان همنوا آهي ۽ صفحي 65-66 تي وري ساڳيو ائين لکي رهيو آهي، جيئن مير قانع جو پويون بيان آهي. در حقيقت هي ٻئي مورخ هڪ زبردست ڌوڪي جو شڪار ٿيا آهن، ۽ هڪ واقعي کي ٻه واقعا سمجهي، دهرايو اٿن، ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي خيال موجب، ڄام خير الدين ۽ ڄام ڀنڀي (جنهن کي مير قانع ڄام ”بانبهنيه“ سڏي ٿو ۽ جو غالباً ڄام خير الدين جو وڏو پٽ آهي) جو زمانو ساڳيو آهي. هو ٻئي پيءُ پٽ گڏجي حڪومت ڪندا هوندا. ساڳي طرح ڄام تماچي ۽ ڄام جوڻي جو زمانو به هڪ آهي (تعليقات معصومي، ص 299-300). جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جو اهو خيال صحيح آهي، ته پوءِ مڃڻو پوندو، ته سلطان فيروز شاهه سنڌ ۾ اچڻ وقت ٻنهي پيءُ پٽن کي گرفتار ڪري، دهليءَ وٺي ويو هوندو. پوءِ، ”تاريخ فيروز شاهي“ جي مصنف شمس سراج عفيف جي بيان (253) موجب، ڄام تماچيءَ جي باغي ٿيڻ تي پهريائين ڄام خير الدين کي سنڌ جي موڪل ملي، جنهن ڄام تماچيءَ کي گرفتار ڪري، دهليءَ موڪليو ۽ پاڻ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو، وري جڏهن سنہ 790 هجريءَ ۾ سلطان تغلق شاهه گاديءَ تي ويٺو، تڏهن انهيءَ ڄام ڀنڀي کي سفيد ڇٽ پهرائي ٺٽي روانو ڪيو، پر هو رستي ۾ گذاري ويو. (1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (66) ۾ هن ڄام جي حڪومت جو عرصو يارنهن سال ۽ ڪي مهينا لکيو آهي. ساڳيءَ طرح، نسخي ”ن“ پڻ يارنهن سال لکيو آهي. (2) ”تاريخ فيروز شاهي“ (تاليف سراج عفيف) جو بيان، جيڪو مٿي حاشيي تي ذڪر ٿي آيو، هن روايت جي تائيد ڪري ٿو، البت انهيءَ بيان ۾ ڏيکاريل آهي ته ڄام تماچيءَ کي ڄام خير الدين قيد ڪري دهلي موڪليو هو، نه ڄام جوڻي. (1) ڄام فتح خان، ڄام تماچي جو پٽ نه، پر پوٽو ۽ ڄام سڪندر جو پٽ هو، جيئن تاريخ معصومي (ص82) ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ خود هن ڪتاب ۾ به اڳتي ايندو. شايد هتي پٽ مان مراد اولاد ورتي ويئي آهي، جنهن ۾ پوٽو به اچي وڃي ٿو. (1) تاريخ معصومي (ص82) جي لکڻ موجب، کيس فدائين جي جماعت، شهر جي مکيه ماڻهن جي ترغيب ڏيڻ تي، قتل ڪيو هو. (2) تاريخ معصومي (ص84) موجب، هن ڄام جي حڪومت پندرنهن سال ۽ ڪي مهينا رهي. صاحبقران امير تيمور گورگان جو ڏهٽو مرزا پير محمد، هن ڄام جي ڏينهن ۾ ملتان ۽ اچ تي ڪاهي آيو هو، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي (تاريخ معصومي، ص83-84) (3) هن هر هڪ پرڳڻي ۾ ٿاڻو قائم ڪيو. سندس حڪومت جو عرصو 28 سال هو (تاريخ معصومي، ص85). هن جي ڏينهن ۾ دهليءَ جي شهنشاهت جو زور ٽٽي چڪو هو، تنهن ڪري هن اوڏانهن آسرو پلي گجرات جي بادشاهن سان ناتو ڳنڍيو. هن کان پوءِ جيڪو به سمو حاڪم تخت تي وهندو هو، گجرات جي سلطانن سان تعلقات رکندو ايندو هو (تعليقات معصومي، ص 371-372 بروايت تاريخ فرشتہ). (1) مير معصوم، ڄام سڪندر کي ڄام تغلق جو پٽ لکي ٿو (تاريخ معصومي، ص70) (2) ”طبقات اڪبري“ جي مصنف ۽ ”فرشتہ“ هن ڄام جو بيان بالڪل ڪونه ڪيو آهي. ”آئين اڪبري“ ۾ هن کي سنجر همنام ڳڻيو ويو آهي. ”سنجر“ عرف ”رادهن“. ”ماثر رحيمي“ (ج2، ص221) ڄام رائڏني جو عربي نالو ”ڄام نظام الدين“ لکيو آهي. جيڪڏهن ڄام رائڏني جي ميدان ۾ اچڻ جو سال 858 هجريءَ (تاريخ معصومي، ص85) صحيح آهي، ۽ جيڪڏهن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي تخت نشينيءَ جو سال 866 هجريءَ (تاريخ معصومي، ص88) پڻ درست آهي، ته پوءِ ڄام رائڏني جي ميدان ۾ اچڻ ۽ ڄام نظام الدين جي تخت تي ويهڻ ۾ فقط اٺ سال رهن ٿا، ۽ ڄام سنجر جي حڪومت جو عرصو به اٺ سال آهي، جيئن هيٺ اچي ٿو. تنهن ڪري اسان کي ڄام رائڏنو ۽ سنجر هڪڙو ئي تسليم ڪرڻو پوندو. اهو اندازو تڏهن صحيح ٿيندو، جڏهن ڄام نظام الدين جي وفات سنہ 914 هجريءَ ۾ مڃبي. جيئن ”تحفة الڪرام“ (ج3، ص43) ۽ ”تاريخ طاهري“ (ص70) وغيره ۾ لکيل آهي. ڇاڪاڻ ته مير قانع، تحفة الڪرام (ج3، ص53) ۾ سندس حڪومت جي عرصي بابت لکي ٿو ته ”وڌيڪ صحيح ائين آهي ته پنجاهه کان گهٽ ۽ چاليهن کان مٿي آهي“، مير معصوم پڻ تاريخ معصومي (ص89) ۾ هن جي حڪومت جي مدت 48 ورهيه لکي آهي: پر جيڪڏهن هن جي وفات جو سال 923 هجريءَ آهي. جيئن تاريخ معصومي (ص134) مان معلوم ٿو ٿئي، ته پوءِ اسان کي ڄام رائڏنو ۽ ڄام سنجر جدا جدا تسليم ڪري، هنن ٽنهي سمن بادشاهن جي بادشاهيءَ جا سال هن طرح مقرر ڪرڻا پوندا: ڄام رائڏنو 858-866 هجري (اٽڪل اٺ سال)، ڄام سنجر 866-874 هجري (اٽڪل اٺ سال)، ۽ ڄام نظام الدين 874-923 هجري (اٽڪل اڻونجاهه سال) - (ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”تعليقات معصومي“، ص301 ۽ ص303 تان ورتل) (1) تاريخ معصوميءَ ۾ لکيل آهي، ته ڄام نظام الدين جو لشڪر مغلن جي لشڪر کي ”جلوگير“ جي ڳوٺ وٽ پهتو. سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ مارجي ويو. مغل شڪست کائي قنڌار هليا ويا، ۽ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا (ص90-91). ’جلوگير‘ بولان جي دري ۾ بي بي نانيءَ جي ڀرسان هڪ جاءِ جو نالو آهي (معصومي تي ڊاڪٽر دائود پوٽي جا تعليقات، ص301) (1) مير معصوم پڻ پنهنجي تاريخ (ص112) ۾ شاهه بيگ جي ڀاءُ جو نالو ”ابو محمد مرزا“ لکيو آهي، پر طبقات اڪبري (ج3، ص517) ۾ سندس نالو ”سلطان محمد“ لکيل آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هن جو نالو ’سلطان محمد‘ ۽ ڪنيت ’ابومحمد‘ هجي! (2) ’ڪاهان‘ ”ڳاها“ سيوهڻ کان اتر - الهندي طرف اٽڪل ڏهن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ ڳوٺ آهي. (1) تاريخ طاهري (ص72) جي لکڻ موجب: ڄام فيروز جي والده جو نالو ”مدينہ ماڇاڻي“ هو. (2) تاريخ معصومي (ص110) مان معلوم ٿئي ٿو، ته مرزا شاهه بيگ، سنہ 921 هجريءَ ۾، پنهنجو لشڪر ازخود ڪنهن جي به هرکائڻ کان سواءِ سنڌين جي طاقت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ هو، ته ڪنهن نه ڪنهن وقت ضرور بابر بادشاهه کيس قنڌار کان بيدخل ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري هو پنهنجي لاءِ ڪا ٻي جاءِ پناهه ڳولي رهيو هو. آخر سنہ 924 هجريءَ ۾ مير قاسم ڪيبڪيءَ جي هرکائڻ ۽ بقول مير قانع، ڄام فيروز جي والده کي دعوت ڏيڻ تي، پوري تياري ڪري سنڌ تي چڙهائي ڪيائين ۽ محرم سنہ 926 هجريءَ ۾ اچي ٺٽي پهتو. (1) تاريخ معصومي (ص113) هن واهه جو نالو ’خان واهه‘ لکيو آهي. ساڳيءَ طرح تاريخ طاهري (ص72، 73) ۾ پڻ ”خان واهه“ نالو لکيل آهي. وڌيڪ ٻڌايل آهي، ته اهو واهه، درياخان، ساڪري ۾ پرڳڻي ۽ شهر جي آسپاس ۽ جبل جي دامن واريءَ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کوٽايو هو. (2) تاريخ معصومي (ص114) ۾، 11 محرم ’926 هجري‘ لکيل آهي. (1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص 124) ۾ لکي ٿو ته ”شاهه بيگ بمرزا شاهه حسن گفت که اين دو کوه که برطرف جنوبي واقع است بدسر کوبي اند اين قلعه را“ (شاهه بيگ مرزا شاهه حسن کي چيو، ته هي ڏکڻ وارا ٻه جبل هن قلعي لاءِ بڇڙا تباهه ڪندڙ آهن). (1) مرزا شاهه بيگ جي وفات جي سال ۾ اختلاف آهي. مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص127) ۾ سنہ 928 هجريءَ لکيو آهي، مير قانع پڻ مير معصوم جي تقليد ڪندي ساڳيو سال ڏنو آهي، پر ”طبقات اڪبري“ (ج3، ص520) ۽ تاريخ فرشتہ (ج2، ص621) جا مصنف سندس وفات جو سال 930 هجري لکن ٿا. ارسڪن، بيل ۽ برني الياس پڻ هن پوئين قول کي اختيار ڪيو آهي. اسان جي خيال ۾ ميرمعصوم جو ڏنل سال وڌيڪ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته مرزا شاهه بيگ جي حڪومت جو جملي عرصو 15 سال هو (تعليقات معصومي، ص389) ۽ سندس والد امير ذوالنون جي شهادت سنہ 913 هجريءَ ۾ ٿي هئي (تاريخ معصومي، ص99). انهيءَ حساب سان مرزا شاهه بيگ جي وفات جو سال 928 هجري ٿيڻ گهرجي. هن خيال جي تائيد ”بيگلار نامه “ (ترجمو سنڌي، ص11) مان پڻ ٿئي ٿي، جنهن ۾ لکيل آهي، ته نواب مرزا شاهه بيگ هڪ سال سنڌ تي حڪومت هلائڻ بعد وفات ڪئي. (1) طبقات اڪبري (ج3، ص540) مان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو هن ڪري ڪيو هو، جو بابر بادشاهه سنہ 930 هجريءَ ۾ پنجاب تي قبضو ڪري، دهليءَ ڏانهن ويندي، ملتان ۽ ان جو آسپاس مرزا شاهه حسن کي عطا ڪري، اهڙو پروانو ڏانهس ڏياري موڪليو هو (بحواله تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو (2) هتي مصنف جي دستخطي نسخي ۾ اصل متن جي عبارت هن طرح آهي: ”رحمو و هنده وهزار شجاعان آمده ملازمت کردند “ - جا صريح غلط آهي. اسان جي خيال ۾، مير قانع، تاريخ معصوميءَ (ص151-152) جي عبارت ”بنده دهراز شجعان ملتان “ جي پڙهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي ”بنده و هزار شجعان “ پڙهيو آهي، تنهن کان پوءِ پنهنجي عادت موجب اختيار جي خيال کان ٻه جدا جدا واقعا هڪ هنڌ گڏي لکيا آهن، ۽ اهڙو ته خلل پيدا ڪيو آهي جو سندس عبارت سمجهه کان ٻاهر ٿي پيئي آهي. حقيقت هن طرح آهي، ته جڏهن مرزا شاهه حسن مئو ۾ منزل انداز ٿيو، تڏهن اُتي جي شيخ روح الله، ”رحمو ڏهر “ جي گناهه معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ۽ سلطان محمود خان جي مرضيءَ سان سندس گناهه معاف ٿيو هو، ۽ ”لار“ جي منزل تي ”بنده ڏهر “ - جنهن کي مير معصوم ”از شجعان مردم ملتان “ يعني ملتان جو هڪ بهادر، سڏيو آهي، اچي حاضر ٿيو (تفصيل لاءِ ڏسو: تاريخ معصومي، ص152). تاريخ معصوميءَ جي روشنيءَ ۾ تحفة الڪرام جي عبارت هن طرح هجڻ گهربي هئي: ”رحمو و بنده دهر از شجاعان ملتان آمده ملازمت کردند “ - اسان انهيءَ موجب درستي ڪري ترجمو ڪيو آهي - والله اعلم (1) هن صلح جي حقيقت مير معصوم (تاريخ معصومي، ص153-155) هن طرح ڏني آهي ته ”مرزا شاهه حسن جي ڪاهه جو ٻڌي، ملتان جو حاڪم سلطان محمود لانگاهه اسي هزار پيادن ۽ سوارن جو لشڪر تيار ڪري ملتان کان نڪتو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن گهاري واهه تي لهي، سندس انتظار ڪرڻ لڳو، ته انهيءَ وچ ۾ پاڻ ۾ ناسازيءَ سببان سلطان محمود جي ناٺيءَ شيخ شجاع بخاريءَ کيس زهر ڏياري مارائي ڇڏيو. هيءُ راز گهڻوئي لڪايو ويو، پر آخر ظاهر ٿي پيو ۽ لانگاهن جي لشڪر ۾ ڏاڍو تفرقو پئجي ويو. نيٺ صلح کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، مخدوم زاده شيخ بهاؤالدين کي وچ ۾ آڻي صلح ڪيائون. (2) متن ۾ لفظ ”آب کهاره “ آهي، جنهن جو ترجمو اسان ”گهارو واهه “ ڪيو آهي. (3) مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”مسڪين ترخان، سلطان محمود جي نياڻي شرعيت جي قانون موجب، پنهنجي نڪاح ۾ آندي، ۽ سندس پٽ کي پنهنجو فرزند بنايو“. (1) ”طولا پرس“، ]طولا (طلا=) سون ﷺ پرس (پرش=) ماڻهو[: سونو ماڻهو. (1) تاريخ معصوميءَ (ص162) لکيو آهي، ته ”سلطان بهادر نيٺ وڃي قلعي ۾ بند ٿي ويٺو“. ۽ هيٺان پـَـٽڻ جي قلعيدار خضر خان جي جواب مان معلوم ٿو ٿئي، ته سلطان بهادر، همايون بادشاهه کان شڪست کائي وڃي گرنار جي ڪوٽ ۾ قلعي بند ٿي ويٺو هو. (2) ’ڪرنال‘ يعني ’گرنار‘ : گرنار جو ڪوٽ، رياست جهونا ڳڙهه (ڪاٺياواڙ) ۾ مشهور آهي، خصوصاً ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي قصي ته هن کي دائمي شهرت بخشي ڇڏي آهي. (1) تاريخ معصوميءَ (169) جي بيان موجب، پهريائين بادشاهه هيءَ آڇ قبول ڪري مرزا شاهه حسن جي مدعا موافق پروانو لکڻ جو حڪم ڪيو هو، پر پوءِ اميرن وزيرن جي برغلائڻ تي، جيئن هتي پڻ لکيل آهي - انهيءَ کان ڦري بکر جي قلعي کي گهيري ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو. (1) تاريخ معصوميءَ (ص273) ۾ لکيل آهي، ته ”قلعي وارن هڪدم ٻي ڀت ڪڍي ڇڏي“. (2) تاريخ معصوميءَ (ص174) ۾ لکيل آهي، ته ”انهن ئي ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن، يادگار ناصر مرزا ڏانهن امير قلي مهردار موڪلي، دوستيءَ جو سلسلو چوري، ظاهر ڪيو ته ’مان ٻڍو ٿيو آهيان، ۽ فرزند ڪونه اٿم، پنهنجي نياڻي اوهان سان مڱايان ٿو، ۽ جيئن ته منهنجي حياتيءَ مان باقي ڪي ڏينهن رهيا آهن، تنهن ڪري هيءَ ملڪ، جنهن جو مون سان تعلق آهي، سو توهان جي ملڪيت آهي ۽ توهان کي گهڻائي خزانا ڏيان ٿو ۽ گجرات جو ملڪ پڻ گڏجي فتح ڪيو ويندو. مطلب ته يادگار ناصر مرزا، مرزا شاهه حسن جي واعدن تي ٺڳجي، محمد همايون بادشاهه جي مخالفت تي تيار ٿي ويو“. وري (ص177 تي) لکيل آهي ته ”جيئن ته اهي واعدا ڪوڙا هئا، تنهن ڪري انهن مان هڪ به پورو نه ٿيو.“ (1) همايون نامي (ص 63) ۾ اُٺن جو انداز هڪ هزار لکيل آهي، پر ڪهڙي قسم جا اٺ؟ اهي اٺ اهڙي قسم جا هئا، جن جي ستن بلڪ ستر پيڙهين به شهر، ماڻهو ۽ بار نه ڏٺو هو! جنهن صورت ۾ لشڪر ۾ گهوڙن جي قلت هئي، تنهن ڪري گهڻا ماڻهو اٺن تي (ص64) سوار هئا، باقي بچيل اٺن تي بار کنيو ويو. جيڪو به مٿن سوار ٿي ٿيو، ته سوار ٿيڻ سان هن کي زمين تي ڪيرائي، جهنگ جو رستو ٿي ورتائون. با رکڻندڙ اٺن مان جنهن تي بار ٿي ٻڌائون، سو رڳو گهوڙي جي سنب جي آواز ٻڌڻ سان ڪـُـڏي ڪـُـڏي بار زمين تي اڇلائي پاڻ جهنگ ۾ لنگهي ٿي ويو. پر جيڪڏهن ڪنهن اٺ تي بار محڪم ٻڌو ويو هو ۽ هن جي ڪيتري به ڪڏڻ تي اهو بار نٿي ڪريو، ته هو بار سميت جهنگ جو رستو وٺي ڀڄي ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قنڌار ڏانهن ويندي ويندي اٽڪل ٻه سو اٺ ڀڄي ويا هوندا (بحواله تعليقات معصومي، ص317) (2) تاريخ معصومي (ص180) مان معلوم ٿو ٿئي، ته اها تاريخ بادشاهه همايون پاڻ ڪڍي هئي. (1) هي لفظ اصل عربي آهن ۽ فارسي زبان ۾ ”هرگز نه “ ”ڪڏهن به نه “ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن. (2) معنيٰ: ”اسان جو اولاد، اسان جو جگر آهن“. (1) هيءُ واقعو جمعي رات 14 جمادي الثاني 950 هجريءَ ۾ ٿيو (تفصيل لاءِ تاريخ معصومي ص180-181) (2) تاريخ معصومي (ص18) مان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا شاهه حسن جي نياڻي ”چوچڪ بيگم “ جي نسبت مرزا ڪامران سان هن کان چار سال اڳ 951 هجريءَ جي شروعات ۾ ٿي چڪي هئي، جڏهن مرزا ڪامران ڪابل جو حاڪم هو ۽ همايون بادشاهه ڀائرن جي بيوفائيءَ کان تنگ ٿي، مدد وٺڻ لاءِ عراق روانو ٿي ويو هو. 955 هجريءَ ۾ مرزا ڪامران، همايون بادشاهه کان شڪست کائي ڪابل مان ڀڄي سنڌ ۾ آيو هو ۽ اچي مرزا شاهه حسن جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. (3) تاريخ معصومي (ص182) جي بيان موجب، مرزا ڪامران کي همايون بادشاهه انڌو ڪونه ڪرايو هو، پر هندستان جي گڪر (گاهڪواڙ) قوم، جن وٽ مرزا ڪامران ڪابل کان ڀڄي اچي پناهه ورتي هئي، اهو معلوم ڪري، ته مرزا جا بادشاهه بابت خراب خيال آهن، کيس اٽڪل سان پڪڙي سندس اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون هيون. (1) منقولي يا نفلي علم انهن علمن کي چيو وڃي ٿو، جن جو تعلق روايت ۽ نقل سان آهي. جهڙوڪ: علم ادب، صرف و نحو، فقہ، وغيره، انهن جي مقابلي ۾ وري معقولي يا عقلي علم آهن، جن جو تعلق عقل ۽ فهم سان آهي. جهڙوڪ: منطق ۽ فلسفو وغيره. ]باب نائون[ ترخان گهراڻو جيئن پهرئين جـُـلد ۾ بيان ٿيل آهي، حـضرت صاحبقران امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ هڪ دفعي شڪار ڪندي رستو ڀـُـلجي ويو. سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي، جنهن ڪري همراهن سميت مرڻ لاءِ تيار ٿيو، ته اوچتو ٻه ٽي ڪارا گهر ڏسڻ ۾ آينِ. جڏهن ويجهو پهتا ۽ ڏئن جي روشنائيءَ ذريعي تنبن جي درن وٽ آيا، تڏهن اهي ماڻهو کين چور سمجهي، وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، پر نيٺ سڃاڻي گهر ۾ اندر وٺي ويا ۽ زمين تي وهاري، باهه ٻاري، پنهنجي طاقت کان مٿي خدمت ڪري کين راضي ڪيائون. صاحبقران 34 ورهين جي عمر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ته وهڻ سان انهن ماڻهن کي گهرائي، مٿن ڏاڍيون نوازشون ڪري، کين ”تَـرخان“ يعني ’نوڪريءَ کان معافي ڏنل‘ جو خطاب ڏنائين. ترخان قوم انهن جي اولاد آهي. ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس وڏا ڪنهن لڙائيءَ ۾ رتو رت ٿي آيا هئا، تنهن ڪري انهن کي ”ترخون“ (1) لقب مليو، جو رفتي رفتي ”ترخان“ ٿي پيو. مرزا عيسيٰ ترخان ”مرزا عيسيٰ“ ولد مرزا محمد بن مرزا عبدالعلي ترخان پهرين جمادي الاول 962 هجريءَ تي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هن سپاهين خواهه رعيت کي سهڻي نموني سان راضي رکيو. ڪيبڪ، فرخ ۽ تيمور جهڙا ارغوني امير، باوجوديڪ پاڻ کيس حڪومت لاءِ چونڊيو هئائون، اڪثر شراب پي نشي جي حالت ۾ سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ رڪيب مان پير سندس گلم تي اچي ڪڍندا هئا. اهڙو ڪو به ڏينهن ڪونه گذرندو هو، جنهن ۾ هن جي دروازي کي نيزن ۽ ڪهاڙين سان ڪٽي، مرزا (شاه حسن) جي ڇڏيل خزاني مان حـصو نه گهرندا هئا، مگر هو دانائيءَ سان همدردي ڪري کين چوندو هو، ته ”خزانو توهان جي ملڪيت آهي، پر اسان ڌارئي ملڪ ۾ آهيون ۽ ]اسان کي[ خزانو ضرور گهرجي، جو ڏکئي وقت ڪم اچي: جيڪڏهن توهان کڻي ويندا، ته شراب ۽ معشوقن تي صرف ڪري ڇڏيندا“. ]هوڏانهن[ حڪم ڪندو هو، ته هر هڪ ارغون جنهن محلي ۾ رهندو هو، انهيءَ محلي مان کيس سڏ ٿيندو هو، انهيءَ حيلي سان پاڻ کي انهن جي شر کان بچائيندو ايندو هو. نيٺ هوريان هوريان سندس پٽن: مرزا محمد باقي، مرزا محمد صالح، جان بابا ۽ غالب(1). ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ هر هڪ ملا بهبود، شبرنگ خان(2)، ملا صالح، فتح خان ۽ ٻين ڪمائتن ماڻهن جي سرداريءَ هيٺ اهڙو، ته منظم ۽ تيار ٿيو، جو ارغون ]خود[ ريسون ]65[ ڪرڻ لڳا. هاڻي مرزا پنهنجي حويليءَ جي چوڌاري هڪ ننڍڙو قلعو اڏايو ۽ پٽن کي پنهنجي ڀرسان رهايائين. نيٺ سندس پٽن ميان محمد باقي ۽ محمد صالح ۾ مخالفت پيدا ٿي پئي. مرزا صالح وڏو بهادر هو ۽ مريد ڪوڪہ بن مراد ڪوڪہ وغيره جهڙا مرزا ڪامران جا ڪوڪا ]وٽس رهندا هئا[، تنهن ڪري نهايت شان شوڪت پيدا ڪري، پيءُ کي بيدخل بنائي وهاري ڇڏيو هئائين. هن مرزا باقيءَ کي جلا وطن کري ڪڇ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن مرز جان باب، سميجن جي جهنگ ۾ ڀٽڪندو رهيو. مرزا باقي ناواقفيت سببان ڪڇ ۾ پهريائين ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون. نقل - مير طاهر، مرزا مظفر ولد مرزا محمد باقي ترخان جي واتان نقل ڪيو آهي، ته ڪجهه بکن ڪڍڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن مرزا ساٿين کي چيو، ته ”سخت بک لڳي اٿم، ڪا شيءَ پيدا ڪريو“. سنگتين کي ڪا به شيءَ هٿ ڪانه لڳي، مگر قاضي خميسو ٿورا ڪتي جا اوباريل ڪچا چانور کڻي آيو، جن تي مٿان ڪتي قيءِ پڻ ڪئي هئي. مرزا فرمايو، ته ”ڳالهه نه ڪر، هڪدم ڌوئي وڃي پچاءِ ته ڪم اچن“. پچائڻ کان پوءِ پهريائين پاڻ کاڌائين. ٿوري وقت کان پوءِ سندس ساٿين ٻڪري چورائي ڪباب ڪئي، ٻڪريءَ جي مالڪ پتو ڪڍي، کين چورن وانگيان پڪڙي، وڃي راڻي کنگهار وٽ حاضر ڪيو. ڇاڪاڻ ته سڀڪنهن ڏک کان پوءِ سک آهي، سو هن ذريعي سان راڻو کنگهار سندس واقف ٿي پرداخت ڪرڻ لڳو. صاحب سمي نالي ]هڪ[ جاڙيجي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ کيس ڏنو، جنهن مان مرزا مظفر پيدا ٿيو. مرزا محمد باقيءَ جي مرزا محمد صالح سان جنگ ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن مرزا محمد باقي ڪڇ ۾ ]رهي[، لشڪر تيار ڪيو ۽ صاحب سمي پڻ سندس مدد ۾ هڪ راجپوتن جو لشڪر سنباهيو، تڏهن هو ]اتان روانو ٿي[ اچي ’بدين‘ جي پاسي پهتو. مرزا صالح، مغلن، ٺٽي ۽ ٻين راڄن جو لشڪر پاڻ سان وٺي، کيس سامهون ٿيو. ٻه ٽي ڏينهن لشڪر جي مقدمن ۾ ڪجهه جهڙپون ٿيون ۽ آخرڪار جنگ جون صفون ٻڌيون. راجپوت گهڻوئي سر ڏيڻ جو فيصلو ڪري، بهادري ڏيکاري، گهوڙن تان لهي چادرون هڪ ٻئي سان ٻڌي، ]ميدان ۾[ ثابت قدم رهيا، پر مغلن تيرن ۽ تفنگن سان مٿن زمين تنگ ڪري، کين ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هو جنهن واٽ کان آيا هئا، انهي ئي واٽ سان واپس ويا. مرزا صالح سوڀارو ٿي، ٺٽي موٽي آيو. مرزا باقي زال ۽ ٻار ٻچا ڪڇ موڪلي، پاڻ بکر وڃي سلطان محمود کان مدد گهري. سلطان محمود چيس، ته ”اسان ۽ مرزا عيسيٰ جو هڪ ٻئي تي ڪاهه نه ڪرڻ جو عهدنامو آهي. تون هت رهي پؤ ۽ ڏس ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي؟“. هوڏانهن سلطان محمود خان، مرزا صالح سان صلاحڪار ٿي، مرزا باقيءَ کي قيد ڪري هندستان موڪلڻ ٿي گهريو(1). ايتري ۾ انهيءَ دربدر ٿيندڙ لاءِ هڪ غيبي لطيفو ظاهر ٿي پيو. نقل - چون ٿا، ته مرزا باقيءَ جي همراهن مان هڪ هندو، شام جي وقت، روهڙيءَ جي ٻاهران دريا جي ڪناري تان ٿي ويو، ته هڪڙيون ٻه مهاڻيون ڏائڻيون قضا حاجت لاءِ ويٺل ڏٺائين. انهن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو، ته ”سلطان محمود خان، مرزا باقيءَ کي ٻـَـڌي، اڪبر بادشاهه ڏانهن موڪلڻ گهري ٿو، مگر تقدير ۾ هن جو اوڏانهن وڃڻ لکيل ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالهه ٻپهريءَ وقت مريد نالي هڪ بلوچ، مرزا صالح کي ڪاتي هڻي ڪڍي آهي: ٽن ڏينهن کان پوءِ هن جو رت ڀريل چولو اچي مرزا باقيءَ کي ملندو.“ اتفاقاً کيس (مرزا باقيءَ کي) به مرزا صالح جي موت جي خبر ساڳئي انهيءَ نموني تي ملي. ڳالهه ٿا ڪن، ته مريد بلوچ پنهنجن مائٽن ۽ پيءُ، جن کي مرزا صالح قيد ڪري ڪـُـٺو هو، جي وير وٺڻ لاءِ دم هنيو هو، ته ”جيستائين پيءُ جو وير نه وٺندس، تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندس.“ انهيءَ ارادي سان ڪاتي هٿ ۾ کڻي شهر ۾ آيو ۽ چرين وانگيان گهٽين ۽ سيرن ۾ ڦرندو چوندو ٿي رهيو، ته ”هان! ڪاتي! تو ۾ ڪم اٿم، ڪندينءَ يا نه؟ هان، اي دل، دلير ٿيءُ!“ ٻارن کيس چريو سمجهي سندس پويان اهي حرف وري وري ٿي چيا ۽ ننڍن خواهه وڏن انهيءَ کي بڪوات ٿي سمجهيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ]جڏهن[ مرزا صالح سوار ٿي پنهنجي محلات ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن هيءَ ڪاتي ڪاغذ ۾ ويڙهي، فريادين وانگيان ”فرياد! فرياد!“ ڪندو، سندس اڳيان آيو. خدمتگار گهڻوئي ڪاغذ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا، پر هن چيو، ته ”آءٌ پاڻ ڏيندس، زباني احوال پڻ عرض ڪندس.“ جنهن تي مرزا کيس پاڻ وٽ سڏايو. هو پهچندو ويو، ۽ ڪاتي سندس پيٽ ۾ ٽنبيندو ويو. آخر کيس (مرزا صالح کي) اتي جو اتي ٺاري ڇڏيائين. پوءِ ته هن (مريد خان) کي به ذرا ذرا ڪري ڇڏيائون. قصو ڪوتاهه، مرزا محمد باقيءَ جي ڀيڻ، جا هميشہ پيءُ ۽ ڀاءُ کان چوريءَ، پيسا، انهن دٻن ۾، جيڪي هندو تيل خريد ڪرڻ لاءِ انهيءَ پاسي موڪليندا هئا، وجهي موڪليندي رهندي هئي، تنهن رت ڀريل پيراهن پڻ ڀاءُ کي پهچايو. هاڻي مرزا عيسيٰ، سلطان محمود خان کي، هن (مرزا باقي) جي ٺٽي موڪلڻ لاءِ لکيو ۽ هن جي ٺٽي پهچڻ تي مرزا عيسيٰ کيس پنهنجو ولي عهد بنائي، پوين ڏينهن ۾ سلطان محمود خان کان هن جي لاءِ نئون عهدنامو وٺڻ گهريو. فرنگين جي قتل عام جي حقيقت جڏهن مرزا عيسيٰ اهو ارادو رکي ٺٽي کان نڪتو، تڏهن سلطان محمود خان اچي پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ پيو، ته متان هن اچڻ ۾ مرزا عيسيٰ جو ڪو ٻيو مقصد هجي. در حقيقت مرزا عيسيٰ جو اندروني مقصد درٻيلي پرڳڻي کي پڻ سيوستان ۾ داخل ڪرڻ جو هو. هو سيوستان کان اڳتي وڌيو، ته سلطان محمود خان تدارڪ جو ويچار ڪري، سامهون ٿيڻ لاءِ ڊوڙيو. ايتري ۾ فرنگي ’گوا‘ بندر کان ’لاهري‘ بندر تي آيا. ملڪ کي مالڪ کان خالي ڏسي، شهر ۾ گهڙي پيا ۽ جمعي جي ڏينهن نماز وقت جامع مسجد فرخ ۽ ٻين جاين تي ڏاڍي خونريزي ڪيائون. بازار امير بيگ ۽ جامع فرخ جي ڀر وارو شهيدن جو گنج خواه ٻين متفرق جاين تي جيڪي شهيدن جون مزارون آهن، سي انهيءَ واقعي جون ]نشانيون[ آهن. مرزا عيسيٰ هيءَ خبر ٻڌي ملڪ جون حدون محمود خان جي حوالي ڪري، ٺٽي روانو ٿيو(1). ڪي چون ٿا، ته فرنگين کي هن پاڻ واهر لاءِ گهرايو هو ۽ هنن هتي پهچي، کيس نه ڏسي ائين ڪيو هو. بهرحال فرنگي، مرزا عيسيٰ جي اچڻ جو ٻڌي، ٺٽي جي شهر کي ڦري، گهٽين ۽ سيرن ۾ بارود وجهي باهه ڏيئي، بچي نڪري ويا. مرزا عيسيٰ اچي پنهنجي حويليءَ واري قلعي کي وڌيڪ محڪم ڪيو ۽ شهر جي چوڌاري شهر پناهه ٺهرائي. جنهن صورت ۾ لاهري بندر واري کاريءَ کان لاهري بندر جي دِڪي تائين، کاريءَ مان نڪرندڙ ’نارقي‘ واهه(1) ڪشادو ۽ اونهو هو، جنهن مان وڏا ٻيڙا کاريءَ کان دڪي تائين بيڌڙڪ پهچي سگهيا ٿي، تنهن ڪري ڄاڻن جي صلاح سان ]انهيءَ واهه کي[ وڏن پٿرن سان ڀرڻ جو حڪم ڪيائين، جيئن ڪوبه ڌاريو، رهبر کان سواءِ، اوچتو اندر نه اچي سگهي. دڪي ۽ بندر جي وچ ۾ بندر جي سردار جي رهڻ لاءِ هڪ ننڍڙو مضبوط قلعو ٺهرايائين. آخر ارڙنهن سال حڪومت ڪري سنہ 980 (هجريءَ) ۾ گذاري ويو. هو هن گهراڻي ۾ سنجيدگيءَ، مضبوط ويچار ۽ سهڻن وصفن ۾ ممتاز ۽ نرالو هو. ننڍي درجي هوندي به وڏن وڏن ارغوني اميرن کان بهادريءَ ۽ جوانمرديءَ ۾ گوءِ کڻي ويو هو. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي. مرزا محمد باقي مرزا عيسيٰ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ارغون سردار، جي مرزا عيسيٰ جي حڪومت تي پشيمان ٿيا هئا، مرزا محمد باقيءَ جي گاديءَ تي وهڻ جا مخالف ٿي بيٺا. هن حڪمت عمليءَ سان هڪڙي ارغوني ٽولي کي احسان جي واعدن ۽ وڏين مهربانين ]جي انجامن[ جي وسيلي پنهنجو ڪيو، ۽ ٻين کي خزاني ورهائي ڏيڻ جي اميد سان ٺڳيو. اهڙي طرح ارغون سردار ٻن حصن ۾ ورهائجي، پنهنجي صلاح مشوري ۾ هن (مرزا باقي) جي روڪڻ جو ڪو به واضح رستو پيدا ڪري نه سگهيا. نيٺ مرزا پنهنجي مراد موجب، حڪومت جي تخت تي ويهي، فساد جي پاڙ پٽڻ جو فڪر ڪرڻ لڳو. جنهن صورت ۾ ارغون سردار گذريل مرزا (مرزا عيسيٰ) جي ڏينهن کان هن نوجوان رئيس تي غالب پيل هئا، تنهن ڪري هيءُ اٽڪل سان پنهنجو انتظام ڪري رهيو هو، ۽ جلد ئي ڳجهو توڙي ظاهر هڪ لشڪر گڏ ڪري، ٺـَـڳـِـي رٿي، ارغون سردارن کي خزاني ورهائي ڏيڻ جي بهاني سان مٿي ماڙيءَ تي گهرايائين. هوڏانهن هڪ هڪ صندوق ۾ ٻه ٻه هٿيار بند مرد ٺاهي وهاري، هڪ ٻئي دستي کي وقت جي انتظار ۾ ڇڏي، چيائين، ته ”توهان سردار هميشہ خزاني جي طلب ڪندا ٿا اچو. ]اگرچ[ مان ۽ منهنجو پيءُ اهو خزانو ضرورت جي وقت لاءِ سنڀاليندا ٿي آياسون، پر جنهن صورت ۾ توهان انهيءَ کان دست بردار نٿا ٿيو، تنهن ڪري لاچار توهان جي حوالي ڪريان ٿو. مگر خيال ٿو ٿئيم، ته متان توهان جو پاڻ ۾ تقسيم تي تڪرار ٿي پوي، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو، ته مان لهي وڃي هيٺ ويهان، ۽ هيءُ خزانو توهان ڀلي پاڻ ۾ تقسيم ڪري کڻو“. اهو فيصلو ڪري پاڻ لهي اچي ڪم جو بندوبست ڪيائين. ]مٿي[ هڪدم هٿيار بند مردن صندوقن ۽ ڪنڊن ڪڙڇن مان نڪري انهن سڀني کي تلوار جو کاڄ بنائي ڇڏيو، ۽ پاڻ هيٺ ننڍن وڏن کي پورو ڪرايائين، بلڪ سندن حويلين تي لشڪر موڪلي ]منجهائن[ ڪوبه چـُـرندڙ ڪونه ڇڏيائين، حتيٰ ڪه ٻارن کي پيٽن مان ڪڍي، گاهه وانگيان ڪاٽيائون! ڪي ٿورڙا ساهه بچائي هيڏي هوڏي نڪري ويا. انهيءَ کان پوءِ مرزا محمد باقي خود مختيار ٿي ”انا ولا غيري“ جو نغارو وڄائڻ لڳو. مرزا جان بابا جي شورش مرزا جان بابا، جو پيءُ جي ڏينهن ۾ مرزا صالح جي هٿان دربدر ٿي، سميجن سان مائٽي ڪري وڃي اُتي رهيو هو، تنهن کي سلطان محمود، پڻس جي فاتحہ خوانيءَ جي موقعي تي پاڻ سان وٺي، ٺٽي پهتو. هن، تعزيت جي رسمن بجا آڻڻ کان پوءِ سلطان محمود خان جي ذريعي، پيءُ جي ورثي ۽ ملڪ جي حـصي جي گهـُـر ڪئي. مرزا محمد باقي جو ڪاروبار نهايت منظم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سلطان محمود خان کي چيائين، ته ”بابي جي وقت کان وٺي توهان ۽ اسان جي وچ ۾ پڪو عهدنامو ٿيل آهي، توهان جهڙي طرح منهنجي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ دخل نه ڏنو هو، ساڳي طرح اڄ پڻ وچ ۾ نه اچو. مال ملڪيت ورهائڻ واپاري ٻچن کي ئي سونهي ٿو، حڪومت خدائي ڏات آهي. جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ راضي ٿي مون وٽ رهي پوندو، ته آخر ڀاءُ آهي، سندس خدمت چڱيءَ طرح ڪندس، باقي کيس علحدو پرڳڻو ڏيئي، پنهنجي ڪـُـک ۾ ڪان ڪونه هڻندس. مون ملڪ لاءِ ڪيترا نه ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن!“ سلطان محمود خان هيءُ ٻڌي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو ۽ موٽڻ جي موڪل ورتائين. جان بابا، انهيءَ ڊپ کان، ته متان سندس ڀاءُ کيس مارائي ڇڏي، موٽي وڃي سميجن وٽ رهيو، ۽ شاهه قاسم، علي شير ۽ انهن جهڙا ٻيا باقي بچيل ارغون، جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، گڏ ڪري، ڀروسي جهڙو لشڪر ٺاهي، ٺٽي تي ڪاهيائين. هوڏانهن محمد باقيءَ سپاهين ۽ خاصخيلين ]68[ کي چيو، ته ”ڏينهن اڄوڪو آهي، جيڪڏهن کٽيوسون، ته ملڪ اسان جي ملڪيت آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اڳيان ڏجها ڏٺل آهن ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ ٻي ڪا جاءِ ڪانه آهي“. بس پوءِ ته مڪليءَ جي مقام ۽ شهر جي وچ تي زبردست لڙائي لڳي. ملا بهبود، جنهن کي مرزا باقي پنهنجين محلاتن مان هڪڙيءَ ۾ رهايو هو، قتل ٿي ويو. مرزا محمد باقيءَ جي لشڪر زبردست حملا ڪري، جان بابا کي شڪست ڏني. جان بابا، ڪڪرالي جي حاڪم ڏيسر وٽ مدد لاءِ ويو، پر خالي هٿـئين موٽي، وڃي پنهنجن مائٽن سميجن وٽ پهتو. ٻئي ڀيري وري هڪ وڏو ڪٽڪ سنباهي، مرزا باقيءَ تي ڪاهيائين. هوڏانهن مرزا باقي پڻ کيس سامهون ٿيڻ لاءِ ندي ڏيئي روانو ٿيو. شاهه قاسم ارغون جي راتاهي جو بيان(1) جڏهن مرزا محمد باقي، خان بابا جي سامهون پهتو، تڏهن سندن فوج اڳينءَ فتح جي غرور ۾ جابجا دلجاءِ سان ڪئمپ لڳائي ويهي رهي. خود مرزا جنگ ڪرڻ کان سواءِ ڀاءَ جي ڪم پوري ڪرڻ جون رٿون رٿي رهيو هو، ته اوچتو هڪ رات شاهه قاسم ارغون وڏو لشڪر وٺي راتاهو هنيو. مرزا جو لشڪر، جو غافل سـُـتو پيو هو، ڀڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويو شاهه قاسم، جو پنهنجي وقت اندر بهادريءَ ۾ بي نظير ۽ مشهور هو، تنهن پاڻ مرزا باقيءَ جي ٻيڙيءَ تي پهچي ڀائرن جو انتقام وٺڻ چاهيو. مرزا باقي پنهنجي حرم سان ڪوٺيءَ ۾ اندر ننڊ ۾ محو هو. هو (شاهه قاسم) دروزاي تي پهتو، ته سندس (مرزا باقيءَ جي) گهر واريءَ کڻي ٻنهي هٿن سان دروازو بند ڪيو. مرزا باقي ساهه جي خوف کان، ٻئي دروازي مان نڪري، وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو، ۽ هن مردن جي مٽ شير عورت شمع جي ٿالهي کڻي، شاهه قاسم جي منهن تي اهڙي ته زور سان هنئي، جو مرندي گهڙيءَ تائين انهيءَ جو نشان باقي هئس. آخر شاهه قاسم اونداهيءَ ۾ انهيءَ عورت کي مرزا باقي سمجهي ڪـُـهي ڇڏيو، ۽ سڄي لشڪر کي ڦري لٽي خوار خراب ڪيو. هوڏانهن مرزا باقيءَ جي درياءَ ۾ ڪرڻ وقت، خليل خدمتگار، جو پڻ ساهه جي خوف کان پاڻيءَ ۾ لڪو ويٺو هو، کيس سڃاڻي، مراديي ميربحر سان ڳالهه ڪري، ڊونڊي وٺي آيو، جنهن تي چڙهي هو ڪناري تي پهتو. نغارو هٿ نه لڳن، سو علي پوٽن جي ڳوٺ مان دهل گهرائي، ڇڙوڇڙ ٿيل لشڪر کي گڏ ڪرڻ لاءِ وڄايائون. دشمن مرزا جي خير سلامتيءَ ۽ لشڪر جي وري گڏ ٿيڻ جي خبر ٻڌي پوئتي هٽي ويا، ۽ هيءُ سندن تعاقب ڪري، کين پوريءَ طرح ڀڄائي، ڪاميابيءَ سان ٺٽي موٽي آيا. خليل هن خدمت جي بدلي ۾ لشڪر ۽ نوڪرن جو سردار ۽ خاص مهردار مقرر ٿيو ۽ مراديي کي درياءَ جي سرداري عطا ٿي. قصو ڪوتاهه - جڏهن مرزا محمد باقي جان بابا کي شڪست ڏئي(1) آرام سان ٿي ويٺو، تڏهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ غالب(2) کي پڻ فنا جو دڳ وٺائي، ڀائرن جي نگرانيءَ ۽ ڌڙڪ کان سواءِ، ظلم ۽ ناحق شروع ڪري، بزرگن جي حياتين وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. انهن مان شيخ ڀرڪي لنگ، جنهن جي تعريف اڳتي بيان ٿيندي، کي ڳجهه ڳوهه ۾ قتل ڪرائي، شيخ ميرڪ عبدالوهاب پورائي(3)، جو اُتي جو پير هو ۽ آيو ويو، سندس سخا جي دستر خوان تان فيضياب ٿيندو رهندو هو، لاءِ ]صرف[ انهيءَ وهم تي، ته هن کي ٻاهرين ماڻهن جي معرفت حڪومت حاصل ڪرڻ جي خواهش آهي، ]قتل جو[ حڪم ڏنائين، جنهن تي قاضي خميسي، عيد جي ڏينهن عيدگاهه کان موٽندي، کيس سندس سواريءَ تي قتل ڪري ڇڏيو. باوجوديڪ مٿئين شيخ سندس تخت نشينيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ خليفي سيد عبدالوهاب عباسيءَ کي، جنهن جا عام ماڻهو معتقد هئا، خليل مهردار جي هٿان ”ولدار الاخرة ]و ابقيٰ[“ (بيشڪ آخرت جو گهر ڏاڍو چڱو ۽ جٽادار آهي) ]69[ ڏانهن روانو ڪيائين. چون ٿا، ته قتل ٿيندڙ خليفي جي پٽ صادق نالي پيءُ جي قتل ٿيڻ تي ]غصي ۾ اچي[ خليل کي ترار هڻي، سندس نڪ صفا ڪپي ڇڏيو، ۽ هو جيستائين جيئرو هو تيستائين ميڻ جو نڪ تيار ڪري ]نڪ جي جاءِ تي لڳائي[، عيب ڍڪڻ لاءِ اکين تي، اکين اٿيل ماڻهوءَ وانگيان، ڦڪي رنگ جو ڪپڙو وجهون وتـندو هو. انهيءَ (صادق) کي به پيءُ وارو رستو وٺارائي ڇڏيائون. ]هن جو[ ٻيو پٽ محمد هاشم نالي گهوڙي ۽ هٿيارن سوڌو وڃي درياءَ ۾ پيو، ۽ سندس ڪو به پتو نه مليو. هن (مرزا باقي) بزرگن جي خانه خرابيءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ شهر جي ننڍن خواهه وڏن کي شهر کان ٻاهر رهائي، چيائين، ته ”اسان جي حڪومت جا بدخواهه اسان جي شهر ۾ نه رهڻ گهرجن“. سيد علي شيرازيءَ جي فرزند جناب سيد جلال کي، جو سندس ڀاءَ مرزا صالح جو ناٺي هو- پڻ شهر ۾ رهڻ نه ڏنائين. ڪنهن ٻاهران آيل کي جيڪڏهن ملاقات جو لائق سمجهندو هو، ته گهرائي، ظاهر ۾ سندس ڏاڍي آجيان ڪري، مرادئي ميربحر کي، کيس ٻيڙيءَ تي چاڙهي درياءَ جي سير ڪرائڻ جو حڪم ڪندو هو. جنهن تي هو کيس نهايت پر تڪلف ٻيڙيءَ ۾ وهاري، سندس حياتيءَ جي ٻيڙي وڃي اجل جي ڪن ۾ اڇليندو هو. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ ڪيو ويندو هو، ته جيئن ڪو ماڻهو ملڪ جي حالت جي خبر ٻاهر نه کڻي وڃي، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي ملاقات جو لائق نه ڏسندو هو، تنهن جو ڪم ٻاهران ئي ٻاهران پورو ڪري ڇڏيندا هئا. جنهن وٽ ڪا به شيءَ ڏسندو هو، ته انهيءَ کان زوريءَ کسي وٺندو هو. اناج قلعي ۾ اندر گڏ ڪندو ويندو هو. اگرچه اناج پيو سڙندو ۽ ضايع ٿيندو هو، ته به ڪم نه آڻيندو هو. سڄو ملڪ خالصو(1) ڪري فصل لهڻ وقت اناج تي ڪاراوا مقرر ڪندو هو. هڪ ڏينهن سندس وڪيلن کيس عرض ڪيو، ته ”قلعي ۾ اناج رکڻ جي جاءِ ڪانه رهي آهي، ۽ پراڻي ان مٿان نئين اناج ڀرڻ ڪري گهڻو حصو سڙي وڃي ٿو: جيڪڏهن اجازت ملي، ته ڪجهه حصو تقاويءَ طور ڏنو وڃي، جيئن فصل تيار ٿيڻ وقت انهيءَ مان پورو فائدو حاصل ٿئي“. چيائين، ”انهيءَ جو جواب رات وٺجو“. رات جو سندس چوڻ تي ڪي مانيون مٽيءَ جون ٺاهي، انهيءَ سڙيل اناج جي مانين سان گڏ رکي، انهن ماڻهن کي دسترخوان تي گهرايائين. مٿين ماڻهن دسترخوان جو اهو حال ڏسي سڙيل اناج جي مانين ڏانهن هٿ وڌايو. ]مرزا باقي[ چيو ”مٽيءَ جون مانيون ڇو نه ٿا کائو؟“ هنن وراڻيو ”مٽيءَ جون مانيون ماڻهو ڪيئن کائيندؤ!“ تنهن تي ]مرزا[ چيو: ”جڏهن وقت تي ههڙو اَن به ڪم اچي سگهي ٿو، تڏهن مون کي انهيءَ جي اڇلائڻ جي تڪليف ڇو ٿا ڏيو؟ شايد همايون ]بادشاهه[ جي اچڻ وارو وقت توهان کان وسري ويو آهي!“ جنهن ڪاموري تي ڪاوڙبو هو، ته انهيءَ کي بازيون بازيون ڪري خونچن ۾ رکي سندس گهر موڪليندو هو. اهڙي طرح، سندس ظلم جي هٿ دنيا ۾ ڇا نه ڪيو هو؟ ٿوري وقت کان پوءِ معلوم ٿيس، ته مجاهد خان نالي هڪ امير، جلال الدين اڪبر بادشاهه جي طرفان بکر تي ڪاهيو آهي. جهٽ پنهنجي نياڻي سيد جلال شيرازيءَ هٿان انهيءَ بادشاهه جي ٻانهپ ۾ ڏياري موڪليائين، جيئن انهيءَ حيلي سان پاڻ کي بچائي سگهي. اتفاقاً بادشاهه انهيءَ سان هڪ صحبت ڪري، فرمايو، ته ”هيءَ باقي خونيءَ جي ڌيءُ آهي، هن کي حرم کان ٻاهر رهايو“. ارغون جيڪي دربدر ٿي وڃي اُتي رهيا هئا، تن خانداني ننگ جو خيال رکي، سفارشون ڪرائي، کيس موٽائي پيءُ ڏانهن موڪليو. مرزا باقي سندن ڏاڍو ٿورائتو ٿيو، ۽ کين پاڻ وٽ گهرائي عزت تعظيم ڏنائين. ]هوڏانهن[ مجاهد خان، سلطان محمود خان کي گهيري ۾ آڻي، فوج جو هڪ دستو بکر کان سيوستان موڪليو. ]هيڏانهن[ مرزا محمد باقي پنهنجي ]وڏي[ پٽ پائنده مرزا کي سندس پٽ جاني بيگ ۽ شمس ڪشميريءَ سان گڏي، سيوستان تي مقرر ڪيو. مرزا ]70[ جاني بيگ ننڍيءَ عمر هوندي به وڏن جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ انهيءَ پاسي جو جوڳي حفاظت ڪئي. هو ]مرزا باقي[ پنهنجي ]ٻئي[ پٽ شاهه رخ کي علي شير ڪوڪہ سان گڏي نصرپور ۾ وهاري، ٽئين پٽ مظفر ترخان کي علي خان ڪوڪہ سان گڏ بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو ڏيئي، مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سلطان ساربان کي نيرون ڪوٽ وارو پاسو حوالي ڪري، پاڻ ٺٽي ۾ ويهي رهيو، ۽ بندرن تي اعتماد جوڳا ماڻهو وهاري، سمجهدار جاسوس مقرر ڪري، اهڙو انتظام رکيائين جو اميرن، پٽن ۽ رعيت جي روش جو حال احوال کيس هر هفتي پهچندو رهندو هو. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ايلچي اڪبر بادشاهه جو نشان ۽ ڪي جوڙا ڪبوترن جا کڻي وٽس آيو، تنهن تي وزيرن کي چيائين، ته ”ڪبوترن جي جوڙن موڪلڻ مان مراد آهي، ته هـُـن مون کان هنن جي داڻي جي تنخواهه جي گهر ڪئي آهي“. ٿوري وقت کان پوءِ ايلچيءَ کي عزت ۽ احترام سان موڪل ڏيئي، ڪوڻيءَ جي ٻج ۽ موٺن جي پاڙن جهڙا ڪي پاڻهي پيدا ٿيندڙ ڏٿ، ڳوٿرين ۾ وجهي، موڪلي، ڏاڍيءَ عاجزيءَ ۽ نياز سان عرض ڪيائين، ته ”حـضرت اعليٰ ڪبوترن جا چند جوڙا عنايت فرمائي، مون جهڙي ضعيف جهرڪيءَ کي شهباز جو مرتبو عطا ڪيو آهي، پر هاڻي مان انهن جي داڻي جي ڳڻتيءَ ۾ حيران آهيان، ڇاڪاڻ، ته هن زمين ۾ جيڪي پيدا ٿئي ٿو، سو انهن جي داڻي جي لائق نه آهي، جيئن نظر انور جي گذارش هيٺ ايندو، تنهن ڪري ]توهان جي[ بنده نوازيءَ مان اهائي اميد آهي، ته هن کان پوءِ حـضور اعليٰ خاص توجهه فرمائي، هن غيرآباد ڪنڊ ڏانهن ڪنهن قوت گذران جهڙيءَ شيءِ جي نوازش فرمائيندا!“ مير محمد طاهر، پنهنجي تاريخ ۾ مولانا جمال الدين کان، جو مرزا جي مقربن مان هو، نقل ڪيو آهي، ته ”هڪ ڏينهن روزنامچو منهنجي نظر تي چڙهيو، ]جنهن ۾ ڏٺم[ ته مولانا مير، مرزا جو بخل ڏسي، گهوڙن جي لڏ مان سڄي نڪرندڙ اَن جي عيوض سئسن تي سڀ ڪنهن فصل ۾ ڪي خرار ان مقرر ڪيو هو. هن خدمت جي عيوض مرزا جي مٿس خاص مهرباني ٿي ۽ ڪن هزارن توبچين ۽ توبخاني جو سردار بنجي ’آتش خان‘ جو لقب لڌائين.“ مطلب ته سندس برن ڪمن جون کنڌيون آهن، ٻڌندڙن کي ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايون! ]هو ملڪ جي[ حدن جو بندوبست رکي، آرام سان پنهنجي آڏو ملڪ جي آمدنيءَ ۽ خرچ جو دفتر رکي، ويهي رهيو. ڪو به ڏينهن ڏاڙهيءَ پٽڻ، نڪ ۽ ڪن ڪپڻ ۽ هاٿين جي پيرن ۾ ٻڌي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمائڻ جي سزائن کان خالي نه هوندو هو، جنهن ڪري ماڻهن جا هٿ آسمان ڏانهن کڄڻ لڳا ۽ ڦٽيل دليون خدا کي ٻاڏائڻ لڳيون. اوچتو سندس پٽ شاهه رخ جي موت جي خبر آئي، تنهن تي محل جي زالن جي سٿڻن ۾ ٻليون وجهارائي، سندن ببا وڍارائي ڇڏيائين ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌارائي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمايائين، چي: ”هنن منهنجو پٽ مون کان جدا ڪيو هو!“ نيٺ سڙي سڙي سندس جاءِ تي ]شاهه[ قاسم ارغون کي نصرپور موڪليائين(1). آخر دلين جو دونهون آسمان تي وڃي تهه ڄمائي بيٺو ۽ اجل جي تيرن جي بارش مٿس وسڻ لڳي، ته هن کي ساهه جي خوف ورتو. پاڻيءَ ۽ مانيءَ تي سندس خاص معتمد ملڪ احمد جي مهر ٿيندي هئي. هن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جنهن صورت ۾ تقدير پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي ۽ هڪ جهان جو خون سندس حياتيءَ جي شريان ۾ نشتر جيئن لڳي چڪو هو، تنهن ڪري هڪ رات، بي اختيار پلنگ تان اٿي، شمع وسائي، پنهنجي خاص ترار مياڻ مان ڪڍي، سندس چهنب پيٽ تي ۽ قبضو دريءَ جي طاق تي رکي، اهڙو ته زور ڏنائين جو ڦٽيلن جي دعا جي تير جي مدد سان ]71[ سندس پٺيءَ کان ظاهر ظهور نڪري آئي. پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪري، آنڊا هٿ ۾ جهلي، ديوانخاني ۾ ٻٽي قدم هلي ڪري پيو، ۽ گذاري ويو. هن جي نامعلوم موت ]جي سلسلي[ ۾ ڪي ئي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو تهمت هيٺ اچي گرفتار ٿيا. هيءَ پڻ سندس ظلم جي نشاني آهي، جو موت کان پوءِ به انهيءَ کان نه رهيو. اهو ]واقعو[ سنہ 993 هجريءَ ۾ ٿيو. سندس قبر مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي مشهور معروف رانئڪ ۾ آهي. سندس حڪومت جو عرصو 13 سال هو. اميرن صلاح ڪري سندس وڏي پٽ پائنده بيگ کي حڪومت لاءِ چونڊيو، پر هو پاڻ جنهن صورت ۾ چرٻٽ هو ۽ سندس پٽ جاني بيگ هڪ عقلمند جوان هو، تنهن ڪري انهيءَ کي قانوني صلاحڪار مقرر ڪري، ملڪ جو ڪاروبار سندس نگرانيءَ هيٺ تجويز ڪرڻ کان پوءِ، ٻنهي کي سيوستان کان گهرايائون. هيڏانهن مرزا ظفر خان به هڪ ڏينهن ۾ بدين کان اچي پهتو، اميرن کيس شهر کان ٻاهر ترسايو، جيستائين ٽئين ڏينهن پائنده بيگ ۽ جاني بيگ به اچي پهتا. مرزا جاني بيگ مرزا جاني بيگ جڏهن خليل مهردار، خسرو چرڪس، ملڪ محمد فراخي، شمس الدين سلطان، ملڪ جمال الدين ۽ ٻين اميرن جي فيصلي موجب، پيءَ جي زندگيءَ ۾ ئي حڪومت جي ڪاروبار جي ٻڌ ڇوڙ جو مالڪ ٿيو، تڏهن سياسي طور، خودڪشي ڪندڙ مرزا جي خون جي تهمتين کي دربار ۾ گهرائي، دريائي آبدار کي ٽوئن ۾ ويڙهي ساڙايائين، توشا خاني جي سنڀاليندڙ جي بدن ۾ ڪرٽ وجهي، مٿي کان پيرن تائين ٻه ٽڪرا ڪرائي، هر هڪ اڌ کي ذرا ذرا ڪرائي، بازار ۽ گهٽين ۾ اڇلارايائين، ڪن هندن کي سنگسار ڪرائي، ملڪ احمد کي بازار ۾ وهاري، پيرن کان مٿي تائين کـُـل لهرائي، سندس جسم ٻوٽيون ڪرائي، ڪتن آڏو ڦٽو ڪرايائين. آفرين آهي ملڪ احمد جي بهادريءَ تي، سندس کل پير جي ننهن کان لاهي، مٿي جي کل سوڌو وات تائين آندائون، پر هن اف به ڪانه ڪئي ۽ نه پنهنجي جاءِ تان چـُـريو! مرزا مظفر، جو شهر کان ٻاهر عاليجان ]جي ڪپ[ تي لٿو پيو هو، سو انهيءَ سياست کان ڊڄي پنهنجي وڪيل علي خان کي، جنهن تخت نشينيءَ لاءِ گهوڙي جي ڇمڪي (قمچي) ساڻ آندي هئي، پاڻ سان وٺي، اهڙو تڪڙو بدين هليو ويو، جو سندس ڪيترو سامان ۽ گهر جو فرش فروش اُتي ئي رهجي ويا. هو بدين وڃي ڪاهه ڪرڻ جي تياريءَ کي لڳي ويو. مرزا جاني بيگ جي پنهنجي چاچي مظفر ترخان تي ڪاهه(1) مرزا جاني بيگ ٻڌو، ته سندس چاچو بدين ۾ ڪاهه ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي، تڏهن اميرن کي چيائين ته اسان کان جيستائين هيءُ فساد بند نه ٿيندو، تيستائين حڪومت هلائڻ مشڪل آهي. آخر انهيءَ مهم جو تدارڪ سوچي روانو ٿيو. هوڏانهن مرزا مظفر، علي خان ڪوڪہ سان گڏ جنگ جي صلاح ڪري وڌيڪ ڪم صبحاڻي، تي ڇڏيو هو، ته رات جي پيٽ ۾ مرزا جاني بيگ بدين جي مغلن کي لکي موڪليو، ته ”جيڪڏهن مرزا مظفر ڪامياب ٿيندو، ته ضرور پنهنجن مائٽن، ڪڇي راجپوتن کي توهان سڀني تي ترجيح ڏيندو ۽ انهن جي رهڻ ڪري توهان جي زندگي زهر ٿيندي. هيءُ وقت ]توهان جي[ خدمت ڪرڻ جو آهي، ]باقي پوءِ[ انشاءَ الله تعاليٰ اسان جي طرفان توهان جون سڀ اميدون پوريون ٿينديون. جيڪڏهن ]هن وقت[ هن کان ڇنڻ چڱو نٿا سمجهو، ته صبحاڻي جنگ جي وقت پنهنجن خاص ماڻهن سميت پاسو ڪري وڃجو“ . اهڙي طرح پڪن انجامن سان ]72[ انهن ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪيائين. ٻئي ڏينهن جنگ جي نوبت وڳي ۽ ٻنهي طرفن کان لڙائيءَ جي باهه جون ڄـِـڀيون بلند ٿيڻ لڳيون، تڏهن مرزا جاني بيگ جي لشڪر، مرزا مظفر جي ماڻهن کي، جي اڪثر ڪڇ جا راجپوت هئا، اچي تلوار جي هٿئون هٿ لڙائيءَ ۾ سوڙهو ڪيو. مرزا مظفر بدين جي مغلن کي لڙائيءَ تي ڏاڍو همٿايو، پر ڪارگر نه ٿيو. آخر [پنهنجي] لشڪر جو نفاق ۽ مرزا جاني بيگ جي فوج جو غلبو ڏسي پنهنجي ماڻهن کي چيائين ته ”جنگ ۾ مشغول رهجو، ته مان پنهنجي والده ۽ تعلقدارن کي پنهنجي سامان سميت اڳڀرو ڪري ٿو اچان“ . ]ائين چئي[ پاڻ تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃي ڪڇ جي راهه ورتائين. مرزا جاني بيگ جي چوڻ تي سندس خواه سندس همراهن جو سمورو سامان، جو ماڻهن جي گهرن ۾ رهيل هو، پڻ وهٽن تي لڏي سندس پويان موڪليائون، ۽ پاڻ قلعي ۾ داخل ٿي مغلن تي مهرباني جو هٿ رکي، انجام کان وڌيڪ نوازشن سان نوازي، سندن جاگيرون وڌايائين، ۽ رعيت جي، مرزا جي زماني وارن اڳوڻن، ڦٽن تي نوازشن جي مرهم رکيائين. مرزا مظفر وڃي ڪڇ جي والي بهاري راءِ وٽ پناهه ورتي. مرزا جاني بيگ سوڀ ڪري، ٺٽي موٽي اچي مرزا باقيءَ جو سمورو گڏ ڪيل خزانو، لشڪر، اميرن کي بخشي، سارو حقدارن تي خرچ ڪيو، جنهن ڪري مرزا باقي جي زماني وارا ماڻهن جا ڦٽ ميٽجڻ لڳا ۽ سندس سخا ۽ احسان جي هير کان ماڻهو ائين ٽڙڻ لڳا، جيئن باغ بهار جي هير کان ٽڙندو آهي. عرب ڪوڪہ، يعقوب علي ڪوڪہ، رستام بيگ جهڙن پنهنجن ڪن خاصخيلين کي نهايت وڏن درجن سان نوازيائين. ملا گدا علي ولد مهتر علي کي ڀائي خان جو لقب ڏيئي پنهنجو وزير بنايائين. چون ٿا، ته ٺٽي ۾ هن کان اڳ ضربخاني جو رواج ڪو نه هو، اڪثر فرنگي مهر واري اشرفي، تنگي ۽ ڊگهي لاري مروج هئي، مگر مرزا عيسيٰ ٽامي جو پيسو ايجاد ڪيو هو، جنهن کي ”عيسائي“ سڏيندا هئا. جاني بيگ انهيءَ کي گهٽائي ”ميري“ نالو ڏنو. ان جي ماڻ ۾ پڻ ڪمي ڪيائين. هن مان داناءَ ماڻهن بدفال ورتي ۽ ائين ئي ٿيو. صادق محمد خان جو اچڻ جڏهن مرزا باقيءَ جي موت، مرزا پائنده بيگ جي تخت تي وهڻ ۽ سندس پٽ مرزا جاني بيگ جي مدارالهاميءَ جي خبر، هندستان جي مالڪ جلال الدين محمد اڪبر جي حضور ۾ عرض ڪئي ويئي، تڏهن هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن جو مضمون هيءُ هو: ”جنهن صورت ۾ پراڻي زماني کان اسان جو خطبو پڙهڻ لازمي ٿا سمجهو، تنهن ڪري بهتر آهي، ته اڄ کان پوءِ سڪو، لائق تحفا ۽ سوکڙيون موڪلڻ پڻ شامل ڪري پنهنجو نالو غلامن ۾ داخل ڪرايو“ . انهيءَ فرمان جي پويان صادق محمد خان زبردست فوج سان هن علائقي تي مقرر ٿيو. مرزا جاني بيگ جواب ۾ لکيو، ته ”اسان قديم کان غلام آهيون، جيئن خطبي کي پنهنجي فخر جي چهري جي رونق سمجهون ٿا، تيئن سـِـڪو پڻ پنهنجي سرفرازيءَ جو سرمايو سمجهنداسون، باقي رهيو نذرانو، سو پڻ غلامن جي لاءِ اعتماد جو سامان آهي، پر ڪيترن سالن کان ملڪ ڏيي کان خالي هو، نوازش فرمائي ٿوري مهلت ڏيندا، ته جيئن هڪ غلام کي جڳائي، لائق تحفا هٿ ڪري، پنهنجي ڀاءُ مرزا شاهه رخ جي هٿان حضور ۾ پهچائيندس“ .(1) ايتري ۾ صادق محمد خان اچي سيوستان جي قلعي کي وچڙيو. بلبل خان، کهوريو راءِ وغيره جيڪي ماڻهو قلعي ۾ رهندڙ هئا، تن اهڙي ته جنگ ڪئي جو ايندڙ ڪڪ ٿي، صفن جي لڙائي ڪامياب ٿيندي نه ڏسي، شهر جي گهرن جي پويان کاٽ هڻڻ جو حڪم ڪيو، ۽ ڀانيائين ٿي، ته اندرين ماڻهن کي ڪابه خبر ناهي، پر اندرين رڳو ڳالهه ٻڌڻ تي ]اڳينءَ ڀت[ کان به وڌيڪ مضبوط نئين ڀت کڻي ڇڏي. جنهن ڏينهن ]73[ صادق محمد خان کاٽ ۾ باهه ڏياري ۽ ٻاهرين ڀت اچي پٽ پيئي، ته انهيءَ کان به قوي نئين ڀت ظاهر ٿي. هن قلعي وارن جي عقل تي آفرين ڪري، قلعو فتح ڪرڻ طاقت کان ٻاهر سمجهيو ۽ جڏهن مرزا جاني بيگ انهيءَ پاسي آيو، تڏهن ته پوريءَ طرح مايوس ٿي تڪڙو تڪڙو پوئتي موٽيو، ۽ تعاقب جي خوف کان بکر وڃي ساهه کنيائين(2). مرزا جاني بيگ، مرزا شاهه رخ کي لائق تحفا ڏيئي ]شهنشاهه اڪبر[ جي حضور ۾ موڪلي، دلجاءِ ڪري غافل ٿي ويهي رهيو. نواب خان جو اچڻ حضور جلال الدين محمد اڪبر، صادق خان جي واپس اچڻ کان ڪاوڙجي، سنہ 999 هجريءَ ۾ عبد الرحيم خان خانان ولد بيرم خان کي مقرر فرمايو(1). مرزا جاني بيگ هيءَ خبر ٻڌي خشڪي خواهه دريائي لشڪر وٺي اچي نصرپور تعلقي جي بوهري ڳوٺ ۾ اونهي کاهي کوٽائي، هڪڙو ننڍڙو مضبوط قلعو ٺهرائي ويٺو. رستم بيگ کي ٻي فوج ساڻ ڏيئي سيوستان موڪليائين، ته وڃي اهو قلعو مضبوط ڪري، ۽ قلعي کان ٻاهريان گهر ڊاهي ميدان ڪرائي. اگرچه هيءُ سڀڪجهه ڪيائين، پر لڪيءَ جو جبل، جو شهنشاهه جي فوج جو لڪ هو، تنهن ڏانهن ڪو توجهه ڪو نه ڪيائين، بيشڪ! جڏهن زوال ايندو آهي تڏهن هوش حواس پراگنده ۽ عقل خطا ٿي ويندو آهي. مرزا خان خانان لڪيءَ جي جبل وٽ پهچي، انهيءَ وڪڙ واريءَ جاءِ کي، جتان هڪڙو سوار به سخت مشڪل سان ٿي لنگهي سگهيو، ۽ جيڪڏهن انهيءَ کي ٿورو مضبوط ڪن ها، ته هڪڙو ماڻهو رڳو پٿرن ۽ ڀترن سان به هزارن جو مقابلو ڪري ها، ڏسي، عجب کائي، چيو، ته ”جڏهن دشمنن ههڙو گهـَـٽ اسان لاءِ کليو ڇڏيو آهي، تڏهن انشاءَ الله سندس ڪم جلد پورو ٿيندو“. پهريائين سيوستان جو قلعو فتح ڪرڻ گهريائين، پر پوءِ اهو خيال ڪري، ته جيستائين ملڪ جو مالڪ جو تختگاهه هٿ نه آيو آهي، تيستائين هن مٽيءَ جي ڍير مان ڇا ورندو؟ پهريائين ملڪ جي مالڪ ۽ تختگاهه کي تابع ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين، پوءِ هڪ دستو سيوستان جي قلعي کي گهيري ڪرڻ تي مقرر ڪري، انهيءَ وڪڙ واريءَ جاءِ مان ساري لشڪر سوڌو ٽپي، مرزا جاني بيگ تي ڪاهيائين. مرزا جاني بيگ انهيءَ لڪ ٽپڻ تي ڏاڍو افسوس کاڌو، پر ڪم هٿ کان نڪري چڪو هو، ]افسوس مان[ ڪهڙو فائدو؟ مرزا خان خانان ڪامياب ٿي ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍي شان شوڪت سان اچي مرزا جاني بيگ جي قلعڙي جي سامهون ڇانوڻي هنئي. چون ٿا، ته جڏهن خان خانان هن ڏکي مهم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو هو، تڏهن هو صادق خان جي ]ناڪامياب ٿي[ موٽي اچڻ ڪري، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو هو، ۽ جتي به ڪو اهل الله ٿي ڏٺائين، تنهن کان پنهنجي فتح لاءِ دعا جي درخواست ٿي ڪيائين، هڪ بزرگ کان نقل آهي، ته ڪنهن اهل الله کيس ٻڌايو، ته ويجهڙائي ۾ جناب ڪرامت ماب شيخن جو شيخ مخدوم نوح هالا ڪنڊي (هالائي) عليه الرحمته، هالا ڪنڊي (هالن) ۾ گذاري ويو آهي، جيڪڏهن انهيءَ جي فاتح خوانيءَ لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته توهان ڪامياب ٿيندا، پر جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو، ته پوءِ اهو اڳرو ٿيندو. الله پاڪ جي تائيد جو اتفاق ڏسو، جو جاني بيگ ايتري ويجهڙائيءَ هوندي به انهيءَ رحماني بخشش جي خزانن جي ڪـُـنجي (مخدوم نوح) جي فاتح خوانيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا پهتوئي ڪين هو، ته (خان خانان) وچان گوءِ کڻي ويو. جنگ جي ڪيفيت جڏهن ٻئي لشڪر اچي هڪ ٻئي جي پاسي ۾ لٿا، تڏهن ڪيترا مهينا سندن وچ ۾ خشڪي خواهه پاڻيءَ تي اهڙي ته سخت لڙائي هلندي رهي، جنهن کان شينهن جو پتو پاڻي ٿي ٿيو، ]47[ ۽ ٻنهي طرفن کان ڪارائتا ماڻهو ڪم ايندا (قتل ٿيندا) ٿي رهيا. آخر فيصلا ڪـُـن لڙائيءَ جي ]هڪ ٻئي کي[ دعوت ڏنائون. ٻنهي طرفن کان لشڪر تمام گهڻو هو، تنهن ڪري امتياز خاطر هندستانين پٽڪن ۾ تير چڀايا هئا، ۽ سنڌين وونڻن جون سايون ٽاريون لڳايون هيون. آخر اهڙي جنگ لڳي، جنهن جي ڪميت ۽ ڪيفيت جي اندازي لڳائڻ کان عقل جي تارازي عاجز آهي. هٿئون هٿ لڙائي شروع ٿي، ته مرزا جاني بيگ جو پاسو تمام چڙهندو ڏسڻ ۾ آيو. خان خانان پنهنجي لشڪر جي شڪست ڏسي، الله پاڪ جي حضور ۽ شهنشاهه جي اقبال جي امداد ڏانهن رجوع ڪيو، ۽ الله پاڪ ۽ شهنشاهي بخت جي تائيد سان، مرزا (جاني بيگ) جي لشڪر جي عين غلبي وقت، هڪ مست هاٿي لشڪر جي اڳيان ٽهي فوج کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو، تنهن سان گڏ وري سندس سامهون سخت واءُ گهلڻ لڳو، جنهن ڪري اوچتو ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ عين غلبي جي حالت ۾ مغلوب ٿي وٺي ڀڳا، ۽ آيت ڪريمہ ”يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ“ (1) جي مصداق ظاهر ٿي. پندرهن ماڻهن کان سواءِ، مرزا جاني بيگ اڳيان ڪو ڪونه رهيو. مرزا سـِـر سـَـٽ ۾ ڏيئي بيهي رهيو، پر شاهه قاسم ارغون نهايت زور سان کيس اتان ڪڍي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. مرزا جي فوج هن پريشانيءَ ۾ گهڻي تلف ٿي ويئي. ٻپهريءَ جي قريب مرزا انڙپور پهتو، جنهن صورت ۾ ڪو به بيلدار هٿ ڪونه آيو ۽ زمين وارياسي هئي، تنهن ڪري تڏا هڪ ٻئي سان سبي، واريءَ سان ڀري، سانجهي تائين ماڻهوءَ جي قد جيتري پناهه کڙي ڪيائون. هوڏانهن خان خانان پڻ تعاقب ڪري، ڊوڙي اچي خندق هڻي ويٺو ۽ رسد جي آمد رفت جو رستو بند ڪري ڇڏيائين. جاني بيگ پيءُ کي لکيو، جو شهر کي لڏائي، ويران ڪري، وڃي ڪلان ڪوٽ جي قلعي(1) ۾ ويٺو، جنهن جي ههڙي ڏينهن لاءِ مرمت ڪرائي ويئي هئي. ساڳيءَ طرح هر هڪ ڳوٺ ۽ ديهه جي ويران ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، پاڻ ٿورو لشڪر گڏ ڪري، سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. چون ٿا، ته هڪڙو مهينو ٺٽي ۾ ڏاڍي بربادي رهي. هيڏي ساري عاليشان شهر کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. ماڻهن جو پوريل مال ڦورو کوٽي کڻي ٿي ويا. اٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو اڌ ورتو ٿي ويو. خان خانان هي حال ڏسي چؤطرف صوبيدار موڪليا، جن نيرون ڪوٽ جو قلعو محمد امان ترخان ۽ قاسم علي وڪيل کان ڇڏايو. ٻئي طرف شاهه بيگ خان، ابو القاسم ارغون جي هٿان شاهه ڪرهه (ساڪرو) کسيو، تنهن کان سواءِ چاچڪان جو پرڳڻو پڻ اُتي جي ماڻهن کي امان ڏيئي ضابطي هيٺ آندائون. هيڏانهن وري مرزا جاني بيگ جو پيءُ پائنده بيگ ۽ پٽ ابو الفتح عمر ۽ ملڪ جو سرمايو برباد ڪيو (مري ويا). مرزا جاني بيگ هيءُ سڀ ڳالهيون ٻڌي، باوجوديڪ خان خانان جي لشڪر، مورچا سندس قلعي سان ويجها ڪري، ڳالهه هن حد کي پهچائي هئي، جو ٻنهي طرفن جا سپاهي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ هڪ ٻئي تي پٿر ۽ لٺيون اڇلائيندا هئا- مردانگيءَ جو ڪو به دقيقو پوئتي نه ڇڏيو ۽ ساڳيءَ طرح جانبازيءَ واري قدم تي قائم رهندو آيو. ]باب ڏهون[ مغل سلطنت ۽ ان جا گورنر صلح ۽ ملڪ فتح ٿيڻ جي حقيقت خان خانان ڏٺو، ته جاني بيگ ۾ جيستائين جان آهي تيستائين، هو پنهنجي ننگ ۽ ناموس کان پوئتي نه پوندو، ۽ سندس سرويچي خبر ناهي، ته کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاري؟ تنهن ڪري بهتر آهي، ته کيس پڪن وعدن جي دام ۾ ڦاسائي صلح جي رستي تي آڻجي. اهو خيال ڪري، هڪ هوش وارو ايلچي، مرزا جاني بيگ ڏانهن موڪلي پيغام ڏنائينس ته ”توهان ۽ اسان اصل ۾ هڪ گهراڻي يعني صاحبقران جا غلام آهيون، ۽ هڪ ئي گهراڻي جا ٻانها آهيون، ]75[ جيڪڏهن آسماني تقديرن کان هڪ ٻئي کان درو ٿياسون، ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. هنن جنگين ۾ تو جهڙي بي نظير بهادر جي هٿن ۽ دل جيڪا بهادري ڏيکاري آهي، سا زماني ۾ يادگار رهندي، ليڪن معلوم هجڻ گهرجي، ته ٻئي طرف هندستان جي چئني طرفن جي مالڪ شهنشاهه جو لازوال اقبال آهي، جنهن جي بندگي وقت جي بهادرن ۽ رستمن جي نام و ننگ جو سرمايو آهي. جنهن حڪومت هن درگاهه ]جي چائنٺ تي[ سر نه رکيو، تنهن تي انيڪ مصيبتون آيون. هن کان وڌيڪ، خلق جي خونريزيءَ جي ڪوشش ڪرڻ، پنهنجي پياري ساهه، کان هٿ ڌوئڻو آهي، ۽ جيڪڏهن زمين و زمان جي وارث (شهنشاهه اڪبر)، جو وقت جو اولو الامر(1) آهي، جي بيفرمانيءَ جي آوه ۾ پياري جان هڄي ويئي، ته پوءِ عزت ۽ ناموس، شان ۽ شوڪت، جي سڀ انهيءَ مقصد جا مقدما آهن، ڪٿي رهندا؟ توهان جي وقار ۽ اعتماد لاءِ آءٌ ضامن آهيان، تنهن ڪري بهتر آهي، ته هٿان ويل ڪم کي وري هٿ آڻيو“ . چون ٿا مرزا جاني بيگ جو جيڪو ٿورو لشڪر وڃي بچيو هو، تنهن جي تنگي ۽ تڪليف جي هن وقت حد ٿي چڪي هئي، ۽ سڀئي مئلن جي ماتم ۾ ڪپڙا نير ۾ رڱي، ماتم جا ڪپڙا پهري، سر تريءَ تي رکيو ويٺا هئا. خود مرزا پڻ پيءُ، لشڪر ۽ ملڪ جي برباد ٿيڻ جي غم ۾ ڇا ٻڌايان ته ڪهڙي حال ۾ ويٺو هو؟ پر جڏهن ايلچي آيو، تڏهن ڏيکاءُ لاءِ اهڙو، ته ٺاهه ٺوهه ظاهر ڪيائين، جو خان خانان کي پڻ ٻڌي تعجب ٿيو. آخرڪار سوال جواب کان پوءِ محمد علي ڪابليءَ کي ايلچي سان گڏي خان خانان ڏانهن موڪليائين. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ مرزا جي لشڪر جي ڪجهه حـصي، ڳجهه ڳوهه ۾ خان خانان ڏانهن امان طلبيءَ جون عريضيون لکيون هيون. بهرحال پڪن انجامن وٺڻ کان پوءِ، اهو فيصلو ٿيو، ته هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙين پاکڙين جو رستو کليل رهڻ ڏجي، سپاهي پڻ هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ ۽ آمد رفت جو رستو رکي، دلين مٿان دشمنيءَ جي ڪـَـٽ لاهين، ۽ مرزا پنهنجن ماڻهن کي هر هنڌان گهرائي، قلعن جون ڪنجون حوالي ڪري، جيئن خان خانان جا ماڻهو وڃي ]انهن تي[ قبضو ڪن، تنهن کان پوءِ ٻنهي اميرن جي ملاقات انهيءَ واهه تي ٿئي، جو ٺٽي علائقي جو وچ آهي. چون ٿا، ته مٿين شرطن پوري ٿيڻ کان پوءِ، پهريائين مرزا، پويان خان خانان، ٺٽي روانا ٿيا. فيصلي موجب، واهه وٽ، ڪن جي چوڻ موجب، سواريءَ جي حالت ۾ هٿ ملايائون، ۽ ڪن جي چوڻ موجب، پيادا ٿي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پاتائون، ۽ ٿوري ويهڻ کان پوءِ وري سوار ٿيا. مرزا حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ تغلق آباد ]ويو[، ۽ خان خانان رعيت جي دلجوئي ڪرڻ لاءِ ٺٽي ۾ ويٺو. مٿين صلح جو واقعو سنہ 1000 هجريءَ ۾ ٿيو. مرزا جاني جي والد مرزا پائنده بيگ جي حياتيءَ جو عرصو، تخت نشينيءَ کان وٺي هن واقعي تائين، ست سال هو ۽ مرزا جاني پيءُ کان پوءِ ]صرف[ يارنهن ڏينهن خود مختيار رهيو، انهيءَ کان پوءِ ملڪ هٿان نڪري ويو، جيئن بيان ٿيو. هن طبقي جي سموري حڪومت 38 سال رهي، تنهن کان پوءِ (مغل) اميرن جي سلسلي ۾ شامل ٿي ويا. رعيت جي دلداري ۽ ملڪ جي پوريءَ طرح بندوبست ڪرڻ کان پوءِ، خان خانان جي دل ۾ ٿورو سمنڊ جي سير ڪرڻ جو خيال جاڳيو، تنهن ڪري مرزا جانيءَ کي پاڻ سان ]76[ وٺي وڃي لاهري بندر جي کاريءَ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو. اتي سندس دل ۾ وهم پيدا ٿيو، ته ’مون ڪهڙو نه برو ڪم ڪيو آهي جو پاڻ کي دشمن جي هٿان ههڙي جاءِ تي آندو اٿم!‘ مرزا دانائيءَ سان سندس تغير جو اثر معلوم ڪري، چيو، ته ”خان کي دلجاءِ ڪرڻ گهرجي، اسان ماڻهو ٺڳي ڪرڻ وارن مان نه آهيون“. خان خانان اُتان جلدي موٽي آيو. چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن خان خانان، مرزا کي چيو، ته ”ڏٺئي، توکي ڪيئن نه حيلي سان هٿ ڪيم؟“ مرزا وراڻيو، ته ”بيشڪ، پنهنجي حيلي جا پاڻ اقراري ٿيا آهيو، الحمد الله جو اسان جي طرفان ڪو حيلو ڪو نه ٿيو“. نقل آهي، ته خان خانان چوندو هو، ”مرزا جي جواب کان جهڙو شرمندو ٿيس، تهڙي شرمندگي ڪڏهن ڪانه ٿيم“. خان خانان جو مرزا جاني بيگ کي ساڻ وٺي شهنشاهه جي حـضور ۾ وڃڻ خان خانان جڏهن ڏٺو، ته مرزا پنهنجي سفر جي تياري ڪئي آهي، ۽ پاڻ به ملڪ جي ]ڪاروبار جي[ دلجاءِ ڪيائين، تڏهن بادشاهي حڪم موجب، دولت خان لوڌيءَ کي ٺٽي جي حڪومت تي ڇڏي پاڻ حضور ڏانهن روانو ٿيو، اگرچ مرزا، خان خانان سان چڱيءَ طرح گهرو ٿي ويو هو، تڏهن به هميشہ ڳڻتي هوندي هيس، ته ]اڪبر بادشاهه[ جي حـضور مان ڇا پيش ايندو؟ پر بلند بخت جي اتفاق سان جڏهن آستان بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائين، تڏهن دنيا جي شهنشاهه مٿس مهربانيءَ جو پاڇو ڪري، ٽن جاين: سيوستان، ضربخاني ۽ لاهري بندر کان سواءِ سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو. هو پاڻ حـضور ۾ رهڻ لڳو. هوڏانهن لوڌي خان کي حڪم ٿيو، ته سڀني اميرن جي دستور موجب، مرزا جي حرم کي پڻ نوروز جي ڏينهن درگاهه ۾ حاضر ڪري. مرزا تي اگرچ ڏاڍيون نوازشون ٿيون هيون، تاهم هيءُ حڪم ٻڌي مـُـنجهي پيو. خان خانان کيس دلاسو ڏيئي چيو، ته ”هي اسان اميرن جو فخر آهي“. مرزا وراڻيو، ته ”اسان اڄ تائين هيءَ رسم نه ڏٺي آهي. اسان هڪدم ڪيئن ههڙي، مستورات جي دور دراز پنڌ تان اچڻ جي، بدناموسي برداشت ڪري سگهنداسون؟ شايد پاڻ کي مارڻو پوندو!“ تنهن تي خان خانان حـضور ۾ عرض ڪيو، ته ”نوروز ويجهو اچي پيو آهي ۽ مرزا جي قبائل اچڻ لاءِ ڊگهو عرصو گهرجي، جيڪڏهن هن ڀيري ملتوي ڪيو وڃي، ته مناسب آهي“ . بادشاهه ڪمال مهرباني فرمائي انهيءَ خيال کي درگذر ڪيو، ۽ حڪم ٿيو، ته مرزا جاني بيگ ملڪي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ ڏانهن وڪيل موڪلي. جنهن تي شاهه قاسم ارغون، خسرو خان چرڪس، ڀائيخان، عرب ڪوڪہ ۽ جمال الدين ديوان، مرزا غازي بيگ، جو اڃا ننڍو هو، جي خذمت ۾ روانا ٿيا، ۽ حرمن کي به بکر کان واپس موٽائي، ٺٽي پهچي اچي ملڪ جي ڪاروبار کي لڳا. مرزا جاني سنہ 1008 هجريءَ تائين اٺ ورهيه شهنشاهه زمين و زمن جي خذمت ۾ رهي، نمايان ڪم ڏيکاري، گذاري ويو. بادشاهه جي حڪم موجب، خواجہ محمد قوربيگ سندس لاش ٺٽي کڻائي اچي مڪليءَ تي مشهور رانئڪ ۾ دفن ڪرايو. مرزا غازي بيگ بادشاهي حڪم موجب، مرزا غازي بيگ پيءُ کان پوءِ خودمختيار ٿي تخت تي ويٺو. اميرن جو کيس ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو سو، سندس ڪا به عزت نٿي ڪيائون. سندس ڀاءُ مرزا ابو الفتح جي زندگيءَ ۾، هڪ ڏينهن هيءُ سڀ سوار هئا ۽ هن ]78[ (ابو الفتح) جي تعظيم خاطر هن کي پوئتي ڇڏي ڏنو هئائون. انهيءَ ننڍپڻ جي وقت چيو هئائين ته ”جيڪڏهن مون کي حڪومت ملي، ته هنن بد باطن ٻه اکيائي ڪندڙن سان ڇا نه ڪندس!“ جيئن ته الاهيءَ تقدير موجب، مرزا ابو الفتح اڳڀرو وفات ڪري ويو هو، جهڙيءَ طرح بيان ٿي آيو، ۽ هن وقت هي ملڪ جو والي ٿي ويٺو، تنهن ڪري پنهنجي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو ۽ هو پڻ ظاهر داري ڪرڻ لڳا. يعقوب علي ڪوڪو منڊو، استاديءَ واري وقت ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندو هئس، ۽ مرزا جنهن به ماڻهوءَ کي سروپاءِ بخشيندو هو، ته پرپٺ انهيءَ کان کسي، هزارين حيلا هلائي، انهيءَ کي ]مس مس[ انعام جي ڏهين پتي ڏيندو هو. پهريائين ٻين جي عبرت واسطي انهيءَ جي جاگير ملا يعقوب کي، جو ننڍي هوندي سندس مڪتب جو پيش امام هو، ڏنائين. ظاهر ۾ پيءُ جي وڪيلن تي مهرباني ۽ انهن جي خاطرداري ڪندو آيو، پر ]اندروني طور[ پنهنجن خاص ماڻهن تي هٿ رکڻ لڳو. عرب ڪوڪہ ۽ ڀائيخان هن کي خيال ۾ ئي نه آڻيندا هئا، نادانن ائين نٿي ڄاتو، ته ”بزرگي به عقل است نه بسال“ (بزرگي عقل تي آهي نه عمر تي). پوءِ ته انهيءَ بلدن فطرت صغير پنهنجي حالت کي روز بروز تقويت ڏيئي، پهريائين شهبازيءَ کي، جو ڪتن ۽ ڪبوترن جي سنڀال ڪندو هو، نوازي، شهباز خان جو خطاب عطا ڪري، مدار المهام بنايو. پر جيئن سمجهيو هئائين تيئن نه ٿيو، تنهن تي احمد بيگ کي عام مختيار بنائي، مولي نالي هڪ هندو نوڪر کي ’دولتراءِ‘ جو لقب ڏيئي، ماليات ان جي حوالي ڪيائين. احمد بيگ اڳين سڀني وڪيلن کي نظر انداز ڪري، ڏاڍي دور انديشيءَ سان ملڪ جي آمدني مان، جنهن تي اميرن ۽ وڏن ماڻهن قبضو ڪري، مرزا کي هڪ هڪ ويلي جو محتاج بنائي ڇڏيو هو، لکين رپيا وڌيڪ پيدا ڪيا. هاڻي جڏهن مرزا کي دل گهريو وڪيل ملي ويو، تڏهن هن رعيت ۽ سپاهين تي رعايت جو هٿ رکي، سڀني جا مواجب ۽ پگهارون وڌائين کين راضي ڪيو، ۽ خود پرست اميرن کي دل تان وساري بيڪار ڪري ڇڏيو. سندس جاگيرون هوريان هوريان وٺي، خالصه ڪري ان جي عيوض کي نقدي مواجب مقرر ڪري ڏنا. قصو مختصر، ته ننڍي ڄمار هوندي به پنهنجو ڪاروبار بلند درجي تي پهچائي، ٿورن ئي ڏينهن ۾ جيئن گهرجي تيئن خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. احمد بيگ کي ’احمد سلطان‘ جو لقب بخشيائين. ابو القاسم سلطان جو باغي ٿيڻ مرزا جي ڪاروبار مٿئين نموني سان استقلال ورتو، ته پهريائين محمد علي سلطان ڪابلي، جنهن جو پٽ محمد معين پنهنجي مامي نالي سيور علي(1) سميت، ]مرزا غازي جي[ پيءُ وارن ڏينهن ۾، مرزا غازيءَ جي ڪچهريءَ ۾ شطرنج بازيءَ تان ڪاوڙجي، نديم ڪوڪہ ۽ قاسم علي ڪوڪي کي ڦـَـٽي،ڪچهريءَ مان نڪري ويو هو، ۽ ٻئي ڄڻا پنهنجي حويليءَ جي در تي قتل ٿيا هئا، سو ]فقط[ هڪ مست هاٿيءَ ڪاڻ، جنهن جي گهرائڻ لاءِ مرزا پنهنجو خاص ماڻهو جهنگلي شاهه موڪليو هو، بغاوت جو دم هڻي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺو. مرزا هي ٻڌي چيو، ته ”هيءُ سارو ڪم خسرو خان چرڪس جو آهي، پهريائين انهيءَ کي هٿ آڻڻ گهرجي“ . هو مرزا عيسيٰ خان جو دلي دوست هو، تنهن کيس خبر ڏيئي، واقف ڪيو. اتي مرزا غازيءَ سمجهيو، ته خسرو خان کان به مرزي عيسيٰ جو ڪم ]پورو ڪرڻ[ مقدم آهي، جنهن تي هو ڀڄي وڃي پنهنجن ناناڻن سميجن ۾ ويٺو، ۽ چوڻ لڳو، ته ”ٺٽي ۾ اڄ سڀاڻ فساد ٿيندو، جنهن ۾ اسان به ڪانه ڪا ڪنڊ هٿ ڪنداسون“ . مرزا غازيءَ جو بخت زور هو، نه ته مرزا باقيءَ جو پٽ مظفر ڪڇ ۾، ۽ مرزا عيسيٰ ترخان سميجن ۾ ڪي گهٽ نه هئا. ايتري ۾ ]78[ ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم خان ارغون، جو ڊگهي عرصي کان نصرپور جي پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ بهادريءَ ۾ سندس مثال ڏنو ويندو هو، مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾، سوڍن کي ڪڍي، ڪيترا ڏينهن عمر ڪوٽ جي قلعي تي متصرف رهيو هو، ۽ آخر سندس پيءُ کيس پنهنجي صوبي ۾ موٽائي آيو هو، سو، باوجوديڪ سندس ڀيڻ مرزا جانيءَ جي گهر ۾ هئي، ۽ پنهنجي ڌيءَ پنهنجي ڀاڻيجي مرزا ابو الفتح سان مڱائي هئائين، جا هن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ مرزا غازيءَ جي نالي ڪئي هئائين، چوڻ لڳو، ته ”مرزا غازي ڪير آهي، جو منهنجي هوندي سندس ملڪ تي نوان نوازيل ماڻهو اقتدار ڄمائين!“ ]ائين چئي[ اول انهن واپارين کي ڦريائين، جي ٺٽي کان اوڏانهن وڃي رهيا هئا. مرزا جي انهيءَ باري ۾ لکڻ تي جواب ڏنائين ته ”توهان ۽ اسان جي وچ ۾ هيءُ ’بارگاهه واهه‘ حد آهي، توهان کي پنهنجين حدن جو فڪر ڪرڻ گهرجي، ۽ هيڏانهن جي نيڪيءَ بديءَ جو نالو نه کڻو. ٻيءَ صورت ۾، اسان پنهنجي حد ’عاليجان‘ جي ڪناري تي ڪنداسون“ . اهو خط لکي، اهڙوته فساد برپا ڪيائين جو خشڪي خواهه پاڻيءَ جون اچڻ وڃڻ جون سموريون واٽون بند ٿي ويون. هن واقعي تي اڳوڻا ترخان ۽ ارغون امير خوش ٿيڻ لڳا، ته خود سر مرزا اجهو ٿو برباد ٿئي. هوڏانهن بزرگ فطرت مرزا، ظاهر ۾ انهن تي نوازشون ڪري کانئن مدد جو طلبگار ٿيو، ۽ باطن ۾ پنهنجن نون نوازيلن کي نئين انتظام سان نوازڻ لڳو، ته جيئن منافقن کان باخبر رهي، ڪو اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جو دشمن جي برباديءَ جو سبب ٿئي. مرزا غازيءَ جو ابو القاسم سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرڻ مرزا، دشمن جي بيخ ڪنيءَ کي ملڪ جي پائداريءَ جو سبب سمجهي، لشڪر وٺي ٺٽي کان نصرپور تي ڪاهيو. رستي ۾ دشمنن جي راتاهي جي خوف کان هر هنڌ کاهيون کوٽيندا، ]رهندا[ اچي ڪاتيار ۾ پهتا. اتي کاهي کوٽي، ڇانوڻي هنيائون. ابو القاسم سلطان، ڪي چالاڪ جوان ساڻ وٺي، اچي پيادو کاهيءَ ٻاهران بيهي آواز ڏنو، ته ”فلاڻو (ابو القاسم) دعا سلام چئي پڇي ٿو، ته ’توهان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟‘ ابو القاسم اهڙو هيڻو ناهي جو توهان جي ڪاهه کان ڊڄي، راتاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. دلجاءِ ڪري صفن جي جنگ جي تياري ڪريو“ . هيڏانهن جواب ڏنو ويو، ته ”هو پنهنجي سر ۽ ساهه جو دشمن ٿي بيٺو آهي، جيسين اهي برباد نه ڪندو تيسين ]آرام سان[ نه رهندو“ . قصو ڪوتاهه، مرزا اتان نڪري، ساڪري جي سامهون منزل ڪري، مورچا قائم ڪيا. چون ٿا ته، ابو القاسم جوانيءَ جي مستيءَ ۽ هٺ ۾ ڀرجي قلعي جي ڀت تي چڙهي، سپاهين کي پئي چيو، ته ”مرزا جانيءَ جي والده پنهنجي پيءُ کي ڏيندس، محمد باقي ۽ سڀني ترخانن جون ڌيئرون اوهان کي ورهائي ڏيندس، هن جي نوڪرن جون جاگيرون پڻ توهان کي عطا ڪندس!“ پر غافل کي اها خبر نٿي پيئي، ته تقدير کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاريندي، ۽ کيس نمڪ حراميءَ جو ڇا نتيجو ملندو؟ صلح جي حقيقت ابو القاسم سلطان جي والد شاهه قاسم، دور انديشيءَ ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي، دل ۾ چيو، ته ”سندس پٽ هيءُ ڪم برو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي مربيءَ سان فساد هميشہ جي خواريءَ جو سبب آهي، خصوصاً اهڙي ملڪ جي مالڪ سان جو روءِ زمين جي بادشاهه جو مقرر ڪيل آهي، مخالفت ]79[ ڪرڻ، پنهنجي بدبختيءَ جي نشاني آهي. بهتر ائين ٿيندو، ته مرزا جي خدمت ۾ پٽ جي جان بخشي ۽ گناهن جي معافيءَ جي درخواست ڪري، هن ]قصور[ جو تدارڪ ڪيو وڃي“ . ڀائيخان، انهيءَ خيال کان، ته هن فساد بند ٿيڻ کان پوءِ مرزا جي دربار ۾ سندس عزت نه رهندي، صلح کان روڪيندو ٿي آيو. مرزا جي فدائين کيس (مرزا کي) اها ڳالهه دل تي وهاري، ڪاري نالي نوڪر جي هٿان ڀائيخان کي زهر ڏياريو(1). هو بيمار ٿيڻ کان پوءِ موڪل وٺي ٺٽي روانو ٿيو، ۽ گهر ۾ پهچڻ سان گذاري ويو. انهيءَ روڪ دفع ٿيڻ کان پوءِ، ابو القاسم سلطان پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ مقيم سلطان جي معرفت مرزا جي خذمت ۾ حاضر ٿي، ٿوري وقت کان پوءِ موڪل وٺي موٽي ويو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڏينهن آمد رفت ڪندو رهيو. بو القاسم سلطان کي انڌي ڪرڻ جي حقيقت چون ٿا، ته ابو القاسم سلطان ڏاڍو سخي ۽ مـُـخير هو، پر ريل جي درويشن جو چوپايو مال ڦريو هئائين، سو اُهي هڪ ڏينهن ڏاڍا رنج ٿي گڏجي ويهي چوڻ لڳا ته ”انهيءَ بدلي وٺڻ لاءِ غيب جي بٿيءَ مان تير ڪڍي، هن ظالم کي هڻڻ گهرجي.“ تنهن تي هڪڙي چيو، ”احسان ۽ سخا ڪرڻ ڪري سندس سڀ عضوا ]خدائي[ حفاظت جي زرهه ۾ محفوظ آهن، مگر سندس اکيون انهيءَ کان خالي آهن، جيڪو انهن کي نشان بنائي سگهي، ته ڀلي ڪري.“ اتفاقاً انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ هوڏانهن اهو واقعو ٿيو، ۽ هيڏانهن مرزا پنهنجن خاص ماڻهن کي چيو، ته ”ابو القاسم تي اعتبار ڪونه اٿم، ۽ سندس جان بخشيءَ جو قسم کڻي چڪو آهيان، تنهن ڪري کيس اکين جي نور کان محروم ڪري بيخوف ٿيڻ گهرجي“ . اهو ٺهراءُ ڪري، هڪڙي ڏينهن ڊونڊيءَ جو سير مقرر ڪري، انهيءَ واهه مان لنگهي، جو سندس (ابو القاسم) جي ديري جي سامهون هو، درياءَ جي ڪناري تي ساوڪ ۾ وزيرن سان مجلس قائم ڪيائين، ۽ فيصلو ٿيو، ته سڀڪو هٿيارن ۽ ماڻهن کان سواءِ حاضر ٿئي. اتي ويهي، ابوالقاسم سلطان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته ” ’چنيسر نامہ‘ پاڻ سان کنيو اچج، ته هن تفريح گاهه ۾ انهيءَ شغل ۾ مشغول ]رهون[.“ هو ڏاڍي شوق سان اهو ڪتاب کڻي، جو سندس نالي تي تصنيف ٿيو هو، دستوري شان شوڪت سان سوار ٿيو. اڌ واٽ ۾ کيس محمد علي سلطان ڪابليءَ جو خط مليو، جهن ۾ کيس خبردار ڪيل هو، پر ڇاڪاڻ ته تقدير سندس ڪم پورو ڪري چڪي هئي، تنهن ڪري اهو خط بنا پڙهڻ جي کڻي کيسي ۾ وڌائين. مرزا جي دربار ۾ لهڻ کان پوءِ دربان کيس ٻڌايو، ته ”مرزا ڪن ٿورن وزيرن سان هن ڀر سير ڪري رهيو آهي، توهان اڪيلا تشريف وٺي وڃو.“ هو غرور ۽ تڪبر وچان سڀ ماڻهو ديوان خاني ۾ ڇڏي، فقط هڪ ماڻهوءَ سان وڃي ڊونڊيءَ ۾ چڙهيو، جنهن ۾ مرزا جا ڪي ماڻهو ويٺل هئا. جنهن وقت وچ واهه ۾ پهتا، تڏهن بابا علي دل جو نهايت قداور ۽ سـَـگهو مڙس هو، تنهن ٽپو ڏيئي کڻي سندس ٻئي هٿ پٺيان محڪم ڪري جهليا. پوءِ ته هڪڙي سندس پڳ لاٿي ۽ ٻئي ترار ۽ جمدر کسيا، ۽ مضبوط ٻڌي مرزا ڏانهن خبر موڪليائون. حڪم ٿيو، ته ”اتي ئي سيخون تپائي، سرائيءَ وانگيان سندس اکين ۾ گهمايو“ ، جنهن کان هن جا ٻئي تارا واسدانيءَ وانگيان جهانجهرا ٿي پيا. بس پوءِ ته کيس پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي، سندس ديري جي لـُـٽڻ تي ماڻهو ڇڏيائون. سندس رفيق، جي سڀ بهادريءَ جي دعوا ڪندڙ هئا، نهايت برباديءَ سان لـُـٽجي ويا. سندس عزيز جعفر علي ارغون ڪجهه ڌڪ هنيا، پر گرفتار ٿي پيو، ۽ ٻيا ماڻهو امان وٺڻ لاءِ وڃي مرزا جي ماڻهن جي چادرن ۾ لڪا. ديري کي ڦـُـري لـُـٽي، لشڪر ساڪري وڃي سندس سمورو مال ]80[ هٿ ڪيو، پر هن جي تعلقدارن کي ڪو به ايذاءُ نه ڏنو. تنهن کان پوءِ ابوالقاسم ۽ جعفر عليءَ کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي، عرب ڪوڪي جي نوڪر دريا خان هٿان، ٺٽي موڪليائون. محمد علي سلطان ڪابليءَ لاءِ حڪم ٿيو، ته ”توبچي بندوقن جي قنداقن سان سندس ڪلهن جا هڏا چٿين“ ، ۽ مٿس پٽهنس جي هاٿيءَ نه ڏيڻ جي تهمت رکي، کيس آتش خان جي حوالي ڪيو ويو. مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ ]شهنشاهه اڪبر جي[ حـضور ۾ ڀڄي ويو. هاڻي مرزا ]غازي[ دلجاءِ ڪري اچي ٺٽي ۾ ويٺو. چون ٿا، ته اڪبر بادشاهه جي دربار جو ايلچي بابا طالب، هنن ڏينهن ۾ مرزا جي وٺڻ لاءِ آيو هو ۽ اهي سڀ واقعا سندس اکين آڏو ٿيا هئا. اگرچ مرزا جي حضور ۾ پهچائڻ لاءِ هر روز تاڪيد ٿي رهيو هئس، پر ملڪ ۾ هيءُ فساد ڏسي ڍُڪندو ٿي رهيو. کيس زبردستيءَ کڻي وڃڻ جيترو هن کي زور به ڪونه هو. آخر پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪ جو پورو پورو انتظام ڪري، رعيت ۽ سپاهين کي عطائن ۽ انصاف سان پنهنجو گرويده بنايائين. راتين جو چمڙا پوش ڪري، شهر ۾ چڪر ڏيئي رعيت جو پورو پورو احوال معلوم ڪرڻ، سندس دستور هو. ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي، مرزا جي ڪنهن جاگيردار کي سندس حدن اندر ڪـُـهي فساد کڙو ڪيو، جنهن جي وير وٺڻ لاءِ مرزا مٿس حملو ڪيو. بخت جي زور هجڻ ڪري، ڄام هالي جو هڪ مائٽ ڄام داُد سندس لشڪر جو سونهون ٿي پيو، ۽ دشمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيائين، جنهن ڪري اهو ملڪ مرزا جي هٿ ۾ آيو. ڄام داؤد ملازمت جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا کي ڏيئي، انهيءَ ملڪ جي زمينداريءَ جي درخواست ڪئي. هن جي حسن خدمتيءَ جي مدنظر تي ]اها درخواست[ قبول پيئي، ۽ مٿئين ملڪ کي ٽي حـصا ڪري، هڪ حـصو ڄام داؤد کي ڏيئي، باقي ٻه حـصا خالصه ڪري ڇڏيائون. ڄامن جي هيءُ مائٽي مرزا غازيءَ جي خصوصيت آهي، ڇاڪاڻ ته اڳيان ارغون ۽ ترخان انهيءَ لاءِ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري ويا، پر ڪجهه نه وريو. قصو ڪوتاهه - هاڻي خبر پهتي، ته ]اڪبر جي[ حـضور مان مرزا جي آڻڻ لاءِ، نواب سعيد خان مقرر ٿيو آهي. هيءُ خبر ٻڌي، اميرن کي گڏ ڪري چيائين ته ”جيڪڏهن زر ۽ خزانو هجيم ها، ته هڪ دفعو وري به بابي وانگيان زور آزمايان ها، ٻيءَ صورت ۾، پوءِ صلح پري ڪونه هو، جيئن اسان جو رعب تاب زائل نه ٿئي ها، ۽ پهريائين لـَـڪيءَ جي جبل وٽ آمد رفت جو رستو بند ڪري، هڪ مضبوط ننڍڙو قلعو ٺاهيون ها. پر خزاني جو هٿ اچڻ ڏکيو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته نواب سعيد خان، جو لشڪر ۽ طاقت ۾ خانخانان کان وڌيڪ ٿو ٻڌجي، جي اچڻ کان اڳ حـضور ڏانهن روانا ٿيون“. اهو فيصلو ڪري، خسرو خان چرڪس، عرب ڪوڪہ ۽ آله قلي ديوان کي اعتماد جوڳي لشڪر سان ٺٽي ۾ ڇڏي، احمد بيگ سلطان، لطف الله سلطان، خواجہ امير بيگ بخشي ۽ خسرو خان جي پٽ ڀائيخان کي ٻين مقربن سميت پاڻ سان رکي، فتح باغ ۾ ويهي، حـضور ڏانهن روانگيءَ جي تياري ڪرڻ لڳو. مرزا ابوالقاسم سلطان جو قيد مان ڀڄڻ ۽ وري گرفتار ٿيڻ جو واقعو جنهن وقت ابو القاسم سلطان، عرب ڪوڪہ جي حويليءَ ۾ هن جي خدمتگار دريا خان جي نگرانيءَ هيٺ قيد ۾ ٿي رهيو، تڏهن ساڻس ايتري، ته رعايت روا رکي ٿي ويئي جو کاڌي پيتي کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن زال يا لاسڙياٽ ڇوڪريءَ جي گهر ٿي ڪيائين، ته به کيس ڪنهن نٿي روڪيو. ]هن انهيءَ آزاديءَ جو غلط فائدو وٺي مرزا[ غازيءَ جي نڪري وڃڻ کان پوءِ، پنهنجي ڀيڻ سان صلاح ڪئي، جنهن کاڌي جي خونچي ۾ سندس لاءِ هڪ ڪمند ]81[ موڪلي، هوڏانهن واهه تي ٻيڙي تيار رکي، ٻئي ڪپ تي ٻه اُٺ بيهاري ڇڏيا. آخر هڪ رات، اکين جي نور نه هوندي به، انهيءَ وڏيءَ حوليءَ مان، جنهن کي بادگير کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ جو ٻيو ڪو به رستو نه هو، چؤڪيدار جي ننڊ پوڻ کان پوءِ اٿي، اڪيلو ئي اڪيلو سمهڻ واري کٽ سڌي بادگير هيٺان ڀت سان رکي، بادگير مان مٿي چڙهي ويو، ۽ ٽه طبقي حويلي لتاڙي، هڪ سوڙهيءَ دريءَ مان، ڪمند محڪم ٻڌي، ايڏي تڪليف سان، جو سندس بدن جي اڪثر کل لهي وئي هئي، پاڻ کي زمين تي پهچايائين، ۽ ٻيءَ حويليءَ مان جعفر عليءَ کي پاڻ سان وٺي، ٻيڙين تي واهه ٽپي، اُٺن تي چڙهي، کڻي شورن جي ڪوهستاني قوم وارو رستو ورتائين. صبح جو چؤڪيدار کي خبر پيئي، تن هر طرف سوار خواهه پيادا ماڻهو ڊوڙايا. مرزا غازي فتح باغ ۾ اهو واقعو ٻڌي، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ته متان اهو رستم ڪو لشڪر وٺي راتاهو ڏئي. دريا خان خانه خرابيءَ جي خوف کان هر گهاٽ ۽ گهيڙ تي انهن جو ڏس پڇندو رهيو. آخر ساموئيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻڌائين، ته اتان صبح جو ڪن سفيد پوش ماڻهن سان ڀريل ٻيڙي لنگهي هئي، تنهن کان پوءِ معلوم ٿيس، ته چار ماڻهو ٻن اُٺن تي، جي ڪالهه هتي پئي چريا، سوار ٿي ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري جبل جو رستو وٺي ويا، سو انهيءَ ڏَسَ تي ڊوڙي وڃي کين پهتو. پيادا جهنگ ۾ لڪي ويا، باقي ٻئي اُٺ سوار: ابوالقاسم ۽ ٻيو جعفر علي، دريا خان جي اکين چڱيءَ طرح سڃاتا. پوءِ ته هڪدم پرواني وانگيان اڪيلوئي اڪيلو وڃي جعفر عليءَ تي ڪڙڪيو. هن به گهوڙي جي ٻوٿ تي ڌڪ هنيو. هڪ ٻئي سان ٻه ٽي دفعا ڌڪا ڌڪي ڪرڻ کان پوءِ، آخر ٻـيا پيادا ٿيا، ۽ ڪجهه مارڪٽ کان پوءِ نيٺ جعفر علي قتل ٿي ويو. ابوالقاسم سلطان اُٺ تان لهي ٿورا پٿر پاڻ وٽ گڏ ڪري هڻڻ لڳو. دريا خان چيس ته ”جيستائين منهنجو ٽڙيل پکڙيل لشڪر گڏ ٿئي، تيستائين اتي ويٺو رهج، چرندين ته ڪنڌ لاهي ڇڏيندو سانءِ!“ چوڻ ڪاڻ ته اهي الفاظ چئي ويو، پر ساڻس ڪو به همراهه ڪونه هو، تنهن ڪري ماڻهن جي ڳولا ۾ اتان کان پوئتي موٽي آيو، ۽ اهو وقت ابوالقاسم سلطان کي اتي ڇڏي ڏنائين. درياخان ويجهڙائيءَ واري هڪ ڳوٺ جو وڏيرو ۽ هڪ ٻيو ڳوٺاڻو هٿ ڪري، پاڻ سان رفيق ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته بيخود ٿي ماڻهن جي ڳولا ۾ ڊوڙندو ٿي وتيو، تنهن ڪري اها جنگ واري جاءِ ڀلجي ويو، ۽ ان جي پتي ڪڍڻ کان عاجز ٿي بيهي رهيو. هو وڏيرو ڪارائتو ماڻهو هو، تنهن چيو، ته ”جتي ماڻهو قتل ٿيو هوندو اتي ضرور ڪانو پهتا هوندا، تنهن ڪري جاچڻ گهرجي، ته ڪانو ڪا جاءِ ڏيکارين ٿا يا نه؟“ . آخر انهيءَ پتي تي جاءِ هٿ ڪري، جعفر عليءَ جو سر وڍي نيزي تي چاڙهي، ابو القاسم، جنهن کي ٻڌي اُٺ تي ڪڙيو هئائون، جي سامهون رکي، شهر ۾ کڻي آيا، ۽ سڄو شهر ڦيرائي وڃي کيس قيد ڪيائون. نقل آهي، ته جعفر عليءَ جي ڪـُـتي ڏاڍي وفاداري ڏيکاري. جيڪي ٻه ڏينهن سندس مالڪ جو سر بازار ۾ لڙڪيل هو، ته انهيءَ کان جدا نه ٿيو، ۽ دفن ڪرڻ کان پوءِ به ڪيترو وقت ماڻهو هن کي قبر تي ڏسندا رهيا. مرزا غازيءَ، ابوالقاسم سلطان جي لڀڻ جي خبر ٻڌي عرب ڪوڪہ جي لاءِ گهوڙو ۽ سروپا، ۽ دريا خان لاءِ سروپا ۽ مواجب جي اضافي ]جو حڪم[ موڪليو. مرزا غازي بيگ جو حضور ۾ پهچي سرفرازي حاصل ڪرڻ مرزا، ابوالقاسم جي ڪم جي دلجاءِ ڪري، فتح باغ کان اڳتي روانو ٿيو. بکر جي شهر ۾ نواب سعيد خان سان ملاقات ڪري کيس نياز واريءَ زبان سان دير جا سبب ٻڌايائين. مٿئين نواب، سندس حال تي ڏاڍو توجهه ڏنو، ۽ پنهنجي پٽ مرزا ]82[ سعد الله کي چيائين ته ”هن جوان جي پيشانيءَ ۾ بخت جا نشان ظاهر آهن، ۽ توکي هن جو ڀاءُ بنايان ٿو، تنهن ڪري هڪ ٻئي سان ظاهري خواهه معنوي برادري قائم ڪريو، جيئن دلگير نه ٿئي.“ هو ٻئي گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان گڏ پولو راند يا شڪار ۾ مشغول رهندا هئا. آخر مقرر منزلن طئي ڪرڻ کان پوءِ، 1013 هجريءَ ۾ دار الخلافت آگري ۾ اعليٰ حضرت جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، پيءُ واري منصب سان سربلند ٿي سنڌ جو پرڳڻو جاگير طور وٺي، حضور ۾ رهڻ لڳو. ٿورن مهينن گذرڻ کان پوءِ، تقديراً بادشاهه جو قضيو ٿي پيو، ۽ جهانگير جي حڪومت جو ستارو سلطنت جي مٿان چمڪيو. انهيءَ حالت ۾ ڪن بدخواهن جي صلاح تي، مرزا مخفي طور آگري کان ٺٽي ڀڄي آيو. مرزا جي ٺٽي ۾ پهچڻ تي، نور الدين محمد جهانگير بادشاهه جي طلب جو فرمان به اچي پهتو، تنهن سان گڏ مودي خان کي موقوف ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي ملڪ جو امين ۽ سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ضربخاني جي نگرانيءَ ۽ انتظام جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ گهرائڻ تي هڪدم اعليٰ حـضرت جي بساط بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽ انهن حاسدن جي مرضيءَ جي برخلاف، جن پر پٺ سندس باري ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون هيون، اڳئين کان به وڌيڪ سرفراز ٿيو. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ بادشاهه کي شهزادي خسروءَ جي مهم درپيش هئي، ۽ ان جي دفع ڪرڻ لاءِ اميرن سان صلاح ڪري رهيو هو. مرزا حـضور ۾ پهتو، ته اميرن کي چيائين ته ”غازي مرزا کان پڇڻ گهرجي، ته هن باري ۾ سندس راءِ ڪهڙي آهي؟“ اميرن وراڻيو، ته ”هو نوجوان ناتجربيڪار آهي، بادشاهي معاملات جي کيس ڪهڙي خبر؟“ بادشاهه فرمايو، ته ”آخر ملڪ جي واليءَ جو پٽ آهي، سندس راءِ ڪنهن به حالت ۾ غلط نه هوندي.“ بس پوءِ ته مرزا کي سڏڻ لاءِ ماڻهو پهچي ويو. زمين بوسيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بادشاهه فرمايو، ته ”غازي مرزا، هن مهم ۾ تون ڇا ٿو چوين؟“ وراڻيائين، ”جيڪا راءِ، عاليءَ جي تقاضا هوندي، اهائي صحيح هوندي.“ فرمايائين، ”آخر ڪجهه ته ٻڌاءِ تنهنجي دل ۾ ڇاٿو اچي؟“ عرض ڪيائين ته ”دين ۽ دنيا جا قبلا، جڏهن هن ڪمترين غلام کي هن خصوصيت سان مخصوص فرمايو ٿا، تڏهن جيڪي منهنجي دل ۾ آهي، سو انهيءَ وقت عرض ڪندس، جڏهن هڪڙو پير مبارڪ رڪيب ۾ وجهندا“ ظاهرن بادشاهه جي راءِ پڻ پنهنجي سر وڃڻ تي هئي. هن جو مقصد معلوم ڪري، اميرن کي فرمايائين ته ” آخر شهزادو آهي، جيڪي چوي ٿو، اسان جي صلاح به اهائي آهي“ ۽ انهيءَ روانگيءَ جي ڪري، خسروءَ جو تدارڪ عنقريب دل گهرئي نموني تي ٿي ويو. خسرو خان جي شورش جي حقيقت جڏهن مرزا غازي بيگ حضور ڏانهن ٿي ويو، تڏهن احمد بيگ سلطان کي ٺٽي ۾ رهائڻ ٿي چاهيائين، ۽ خسروخان چرڪس کي، جنهن کان اطمينان ڪونه هئس، پاڻ سان گڏ وٺي ٿي ويو. خسرو خان کيس اتي ڇڏي وڃڻ لاءِ ماڻهو سفارشي آندا. هوڏانهن احمد بيگ سلطان پڻ چيو، ته ”ملڪي ماڻهو خسرو خان سان ٺهيل آهن، تنهن ڪري منهنجي هت رهڻ جو ڪو به وزن نه ٿيندو“، تنهن ڪري هن دفعي کيس پاڻ سان وٺي، جڏهن حـضور ۾ حاضر ٿي نوازشن سان سرفراز ٿيو، تڏهن حـضور جي حڪم سان هن کي وري ٺـٽي موڪلي، خسرو خان کي فوجداري ]معاملات[ کان سواءِ ماليات ۾ دخل نه ڪرڻ بابت لکيائين. احمد بيگ سلطان جي اچڻ کان پوءِ، خسرو خان، قطب عالم شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي اولاد شيخ ڪالي، جو سندس ناٺي هو، ۽ قاسم چرڪس سان صلاح ڪري، فيصلو ڪيو، ته هڪ دفعو احمد بيگ کي بيحرمت ڪري ]83[ سندس مالڪ ڏانهن موڪلڻ گهرجي، جيئن وري ٻيهر حڪومت جي خواهش نه ڪري! اهو فيصلو ڪري، ارغون جماعت کي گهرائي چيائين ته ”صبحاڻي (سڀاڻي) جيئن مرزا احمد بيگ، مرزا غازيءَ جي والده بيگم جو سلام ڪري ديوان عام ۾ ويهي، تيئن توهان سندس بيعزتي ڪجو.“ صبح جو احمد بيگ اهو معاملو معلوم ڪري، جيڪي ماڻهو ساڻ آندا هئائين تن سان تڪڙو تڪڙو پنهنجي حويليءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ اتان شاهه ابوالقاسم ارغون جي مدد سان، جو نصرپور کان اچي پهتو هو، عمر ڪوٽ جي رستي، حضور ڏانهن روانو ٿيو. ارغونن جو ٽولو خسرو خان جي چوڻ تي گهڻوئي سندس پٺيان پيو، پر هو حقيقي حافظ جي حفاظت ۾ سندس شر کان محفوظ رهي، وڃي حـضور ۾ حاضر ٿيو. مرزا جو پهريون دفعو قنڌار ۾ وڃڻ سنہ 1015 هجريءَ ۾ شاهه بيگ خان جي ملازم حيدر جي نمڪ حراميءَ ڪري خراسان جو لشڪر، قنڌار تي ڪاهي، پورو سال شاهه بيگ خان تي گهيرو ڪري ويٺو. دار الخلافت مان مرزا قره خان، جنهن کي انهيءَ صوبي جي سرداري عطا ٿي هئي، ]هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ[ مقرر ٿيو. مرزا (غازي) پڻ انهيءَ سان شامل ڪيو ويو. بخت جي تائيد ڏسو، جو قره خان رستي ۾ گذاري ويو. هن جي وڪيلن سندس ڇڏيل سامان ۽ لشڪر سندس پٽ وٽ پهچائڻ چاهيو، جو بکر ۾ رهندو هو. مرزا، لشڪر جي بخشيءَ (خزانـچي يا سيڪريٽري) کي چيو، ته ”قره خان جي موت ڪري هن مهم کي دير ڪرائڻ، ۽ سندس لشڪر کي سندس پٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ بادشاهه جي خيرخواهي ڪانه آهي. اسان سڀ بادشاهه جا ملازم آهيون، سندس بخت اسان جو سردار آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته جنهن صورت ۾ منهنجو لشڪر ۽ خزانو منهنجي ملڪ ۽ جاگيرن مان اڃا مون وٽ نه پهتو آهي، توهان هي ]سڀڪجهه[ منهنجي حوالي ڪريو، ته الله تي توڪل رکي هن مهم کي منهن ڏيان.“ بادشاهي امير هن باري ۾ ويچار ڪرڻ لڳا، ته هوڏانهن مرزا ڪوچ جو نعارو وڄائي، ٻاهر نڪتو. لاچار سڀيئي هن جي مخالفت نافرمانيءَ جو سبب سمجهي، سندس پويان لڳا. حسن اتفاق ۽ بخت جي تائيد اهڙي ٿي، جو هي اڃا قنڌار کان ٻه ٽي منزلون پري پهتائي ڪين، ته خراسان جو لشڪر واپس ڀڄي ويو، ۽ ”فتحنامو“ مرزا جي نالي لکيو ويو. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ قنڌار ۽ انهيءَ جي آسپاس اناج تمام مهانگو ٿي ويو هو، جنهن ڪري مرزا جا گهڻا ماڻهو زيان ٿيا ۽ ڪيئي سوار پيادا ٿيا. مرزا پنهنجي تنگيءَ جو احوال حضور ۾ عرض ڪيو، جتان بکر موٽي وڃي پنهنجو تدارڪ سوچڻ، ۽ هن کان بعد سندس لاءِ جيڪو ٻيو حڪم صادر ٿئي، تنهن جي تعميل ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. مرزا حڪم موجب، اتي پهچي تياريءَ کي لڳي ويو، ته هيڏانهن سندس بخت جي بدخواهه حاسدن، بادشاهه کي عرض ڪيو، ته ”مرزا وري پنهنجي ملڪ مان موٽي حضور جي قدمبوسيءَ لاءِ حاضر ڪونه ٿيندو.“ انهيءَ خبر کان متاثر ٿي، بادشاهه سندس گهرائڻ جو فرمان موڪليو. جيئن ته هي اڳيئي تيار ۽ منتظر ويٺو هو، تنهن ڪري فرمان پهچڻ شرط حضور ڏانهن روانو ٿيو، ۽ جنهن وقت بادشاهه ڪابل کان لاهور وڃي رهيو هو، تنهن وقت قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، چغلن جو منهن ڪارو ڪيائين، ۽ شاهي نوازشن، عهدي ۽ جاگير جي ترقي ۽ قنڌار جي بالاستقلال سرداريءَ سان سرفراز ٿيو. مرزا غازيءَ جو ٻئي دفعي قنڌار ڏانهن (مغل) سردار جي حيثيت ۾ روانو ٿيڻ جڏهن مرزا سنڌ تي سيوستان ۽ ملتان جي ڪجهه حصي جي اضافي سان گڏ قنڌار جي سرداريءَ سان سرفراز ٿي، لاهور کان ملتان ]84[ پهتو، تڏهن پهريائين، ڪنهن ٻئي کي پنهنجي پاران نائب مقرر ڪري اوڏانهن (قنڌار) موڪلڻ گهريائين. اول محمد امان ترخان کي هاٿي، جهنڊي ۽ ٻين نوازشن سان سرفراز ڪري ]موڪلڻ جي[ صلاح ڪيائين، پر هن بدبخت چيو، ته ”ننڍڙو پٽ ساڻ اٿم، انهيءَ کي ٺٽي پهچائڻ جو موقعو ڏيوم، پوءِ جيڪو حڪم فرمائيندا انهيءَ تي تعميل ڪندس“، تنهن ڪري هن جي موقوف ٿيڻ تي احمد بيگ سلطان هن نعمت سان سرفراز ٿي، ’اعتماد خان‘ جو لقب وٺي، اچي قنڌار پهتو، ۽ ملڪ جو ڌارئي لشڪر جي اچڻ ڪري دربدر ٿي ويو هو، تنهن کي اڳي کان اڳرو آباد ڪيائين. مرزا به ملتان کان بکر اچي، پنهنجي وڏيءَ والده کي ملڪ جي ڪامورن سميت گهرائي، ملڪ جي ڪاروبار جو انتظام درست ڪري، هر هڪ ملازم ۽ لاڳاپيدار کي درجي آهر نوازي، ڪن کي موڪل ڏيئي ۽ ڪن کي پنهنجي همرڪاب رکي، سيويءَ ۽ گنجابه(1) جي رستي کان قنڌار ويو. اتي وڃي، سرخرو خان جي پٽ ڀائيخان ۽ لطف الله کي افغانن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ راءِ کهورئي جي پٽ راءِ ماڻڪچند کي مٿئين حيدر فساديءَ جي مٿان مقرر ڪيائين، جن هرهڪ جي ]دماغ مان[ وڏائيءَ جو واءُ ڪڍي سندس پاڙ پٽي ڇڏي. مير عبد الله سلطان کي ’مير خان‘ جي لقب سان سرفراز ڪري، ايران جي واليءَ شاهه عباس ڏانهن ايلچي ڪري موڪليائين، جنهن لائق تحفا ساڻ کڻي وڃي پاڻ ۾ جيڪو جهڳڙو هو تنهن کي بند ڪيو. پوءِ آرام سان حڪومت جي گاديءَ تي ويهي مرادون ماڻڻ لڳو. چون ٿا، ته مرزا ٺٽي، سيوهڻ ۽ ملتان جي ڪجهه حـصي جي جاگير ۽ پوري قنڌار هوندي به، گهڻيءَ سخا ۽ عطا سببان، هميشہ سڃائيءَ ۽ بي خرچيءَ جي حالت ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن خرچ جي وڪيل کيس چيو، ته ”ڇهه مهينا گذري ويا آهن، جو توهان آمد ۽ خرچ جا ڪاغذ معائنو نه فرمايا آهن. خرچ آمدنيءَ کان زياده ٿي ويو آهي. مهرباني فرمائي ڪا گهڙي متوجهه ٿي، ٻه ٽي پرت مطالع ڪريو“ . ]ڇا ڪيائين جو[ ڪاغذ وٺي ڦاڙي، چوڻ لڳو: ”منهنجي والد بزرگوار وٽ جيڪي هو سو سڀ خرچي، منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڇڏيو هئائين، تڏهن به رازق مطلق مون کي شهنشاهي دولت جي دروازي تي خصوصيت عطا فرمائي آهي، جا بخت جي تائيد سان روز بروز واڌاري ۾ آهي. الحمد لله، رزق کان خالي ناهيان. جهڙيءَ طرح هيءُ سڄي عمر گذري آهي، باقي پڻ گذري ويندي، تنهن ڪري مون کي هن ڳڻتيءَ ۾ نه وجهو.“ ٻئي دفعي وڪيلن عرض ڪيو، ته ”ٺٽي ۾ خسرو خان سموري ماليات تي متصرف آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو وڃي اتي جي مالي ڪاروبار جو مطالعو ڪري اچي ٻڌائي، ته اها ڳالهه مصلحت کان ٻاهر نه ٿيندي“. هن موجب راءِ کهوري جي ناٺيءَ سائين ڏني کي ”هندو خان“ جو خطاب عطا ڪري، خزانچي بنائي ٺٽي موڪليائين. هن خسروخان جو سمورو غبن ظاهر ڪري اچي پيش ڪيو، جنهن تي مرزا مجلس وارن کي حڪم ڪيو، ته سندس پٽ ڀائيخان کي تڪليفون ڏيندا رهن. خسرو خان جي غلبي جو احوال چون ٿا، ته جڏهن خسرو خان کي ٺٽي ۾ استقلال حاصل ٿيو، تڏهن پنهنجن ڏهٽن کي ملڪ جون واڳون ڏيئي، مرزا غازيءَ کي ملڪ جو مالڪ نٿي سمجهائين. انهن مان سندس ڏهٽو محمد بيگ ولد رستم بيگ، نيرون ڪوٽ جو حاڪم، گهڻو ڪري ارغونن ۽ ترخانن تي ظلم ڪندو هو، ۽ جيڪو به ايندو هو، ته هٿ ]85[ جي بدران پير ڊگهو ڪري ڏيندو هو، ۽ سندس پٽ ڀائيخان جي پٽ فتح الله ، مرشد خان کي، جنهن کي مرزا سندس پيءُ ڀائيخان کان وڌيڪ عزت ڏيندو هو، سندس جاگير تان گهرائي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنو. شيخ ڪالي جي پٽ شيخ عبدالباقيءَ هندن جي هڪ وڏيءَ مجلس ۾ هڪ کٽيءَ کي اشارو ڪيو، جنهن تي هن ڀريءَ مجلس مان هڪ عورت کنئي، پر هندن، جي هزارن جي تعداد ۾ هئا، بلوو ڪري هن کان کسي ورتي. مطلب، ته ماليات جي غبن کان سواءِ، اهي مٿيون ڳالهيون سڀ مرزا جي گوش گذار ڪيون ويون، جنهن تي مرزا کي ڏاڍو غصو آهيو، ۽ هڪ ڏينهن کـُـليءَ مجلس ۾ چيائين ته ”خدا گهريو، ته خسرو خان کي لڪڙي هٿ ۾ ڏيئي ٻانهين جو دربان بنائيندس، ۽ لطف الله ، ڀائيخان جي پٽ فتح الله کي ڪؤنرو هٿ ۾ ڏيندس، ته پيءُ ۽ ڏاڏي جي روبرو پنهنجن نوڪرن جا هٿ ڌئاري، ۽ محمد بيگ کي گهنڊڻيون چيلهه ۾ ٻڌي، شاطرن (ڪنجڪين) وانگيان، گهٽ ۾ گهٽ غلام جي رڪيب سان ڊوڙائيندس!“ پر کيس تقدير جي خبر ڪانه هئي، ته پنهنجي هن تمنا کان اڳ پاڻ ڪٿي وڃي پهچندو؟ قصو مختصر، ته خسرو خان کي ڏهٽن، پوٽن، مال ملڪيت ۽ ننڍن وڏن چرڪسن سميت وٺي اچڻ لاءِ، راءِ کهورئي جي ناٺي راءِ سائين ڏني کي، جنهن کي هندوخان جو لقب مليل هو، سردار مقرر ڪري، سندس سالي راءِ ماڻڪچند ۽ شهباز سان گڏ ٺٽي تي مقرر ڪيائين. هندو خان جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيل واقعن جو بيان هندوخان مٿين سردارن سان گڏ نصرپور جي حد ۾ پهچي، پهرين ٻاهرين معاملن کي سڌو ڪري پوءِ ملڪ ۾ اندر قدم رکڻ چاهيو، ته ايتري ۾ خسرو خان جي اشاري تي مقيم سلطان ڀائرن هم صلاح ٿي کڻي سڀني کي نصرپور جي قلعي ۾ بند ڪيو. ابو القاسم سلطان، جو خسرو خان جي سفارش تي مرزا جي اجازت سان آزاد ٿيو هو، ڀائرن ۽ مددگارن کي قلعي ۾ بند ٿيلن جون واهون بند ڪري، رسد جو رستو روڪڻ جي ترغيب ڏني. هوڏانهن ماڻڪچند کي کـُـٽيءَ کنيو، سو ميرڪ محمد سلطان بن قاسم علي سلطان کي پاڻ سان کڻي، مقيم سلطان کي تسلي ڏيئي، هندوخان سان متفق ڪرڻ لاءِ سندس گهر لنگهي ويو، ڳالهين ۾ نه ٺهڻ ڪري، هو مجلس کان اٿيو، ته ٻاهر هڪ ارغون کيس قتل ڪري ڇڏيو. مٿئين ميرڪ حملو ڪرڻ گهريو، پر اهو به ڪـُـسي ويو. اها خبر ٻڌي، ماڻڪچند جو پٽ راءِ سنگهه هيئن چئي ٻاهر نڪتو، ته ”انتقام وٺڻ کان اڳ پيءُ جو لاش نه ساڙيندس“، ۽ زوردار حملو ڪري، شاهه قاسم ارغون جي ناٺيءَ شير بيگ کي چونڊ ماڻهن سميت قتل ڪري، سندس هاٿي ۽ ٻيو سامان حڪما حڪميءَ پڪڙي کين لادعويٰ ڪري اچي پيءُ جو لاش ساڙيائين، تنهن کان پوءِ، سوڀ جو نغارو وڄائيندو مرزا جي حـضور ڏانهن روانو ٿيو. هندوخان ۽ سندس ڀاءُ نارائڻداس، جنهن کي شجاعت خان(1) جو لقب مليل هو، هن جي پيءُ جي پرچاڻي تي اچي، کيس گهڻوئي پرچائي پوئتي موٽڻ جا زور ڀريا، پر هن هڪ نه ٻڌي. مرزا سندس هيءُ جرات ڏسي کيس پڻس کان به وڏو درجو ڏنو. هيڏانهن هندو خان پنهنجي مٿين ساٿين سميت ٺٽي پهچي، خسرو خان کي بيدخل ڪيو. خسرو خان ڳجهه ڳوهه ۾ گهڻوئي زميندارن کي برغلايو، پر مرزا جي بخت جي برڪت سان سندس ڪوشش بارآور نه ٿي. ]86[ هندوخان جي خودمختيار ٿيڻ کان پوءِ، خسرو خان پٽن سميت هاله ڪنڊي (هالا) جي ڳوٺ ۾ پهچي، قنڌار وڃڻ ٿي گهريو، ته ايتري ۾ مرزا غازيءَ جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي. مرزا غازي بيگ جو فوت ٿيڻ معتبرن کان روايت آهي، ته مرزا جڏهن قنڌار ۾ انهيءَ بند مرتبي کي پهتو، ۽ سندس بخت روزبروز ترقي ڪندو ٿي رهيو، تڏهن سندس عزيزن مان ڪي سندس بخت جا بدخواهه هن اقبال جي ٻوٽي کي فنا جي جهولي سان پاڙان پٽڻ (کيس مارڻ) لاءِ آماده ٿيا. نيٺ سنہ 1021 هجري ۾ عبداللطيف نالي هڪ خانه زاد غلام جي هٿان، هڪ قول موجب، گهٽو ۽ ٻئي قول موجب، زهر ڏياريائون. سندس تاريخ متعلق هڪ شاعر چيو آهي: ”زدستِ غلام گل برون رته، دريغ!“ (ضايع ٿيو غلام هٿان هاءِ هاءِ گل!). سندس لاش ٺٽي آڻي پڻس جي ڀرسان هڪ قبي ۾ دفن ڪيائون. شعر عمدو چوندو هو. ”وقاري“ تخلص هوندو هئس. ’طالب آملي‘ پهريائين وٽس ملازم هو. ’ملا مرشد يزجردي‘ (1) ۽ ’شمس‘ پڻ مدتن جون مدتون هن وٽ رهيا. چون ٿا، ته ’وقاري‘ تخلص سان قنڌار ۾ هڪ ٻيو شاعر به پيدا ٿيو، جنهن کي ڳري رقم، گهوڙو ۽ سروپاءِ ڏائي اهو تخلص بند ڪرايائين. ترخان گهراڻي جي حڪومت خير سان هتي ختم ٿي، مگر جهانگير جي پوين ڏينهن ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ٿورا ڏينهن هن ملڪ جي حڪومت سان سرفراز ٿيو هو. نقل آهي، ته مرزا ۽ سندس پيءُ موسيقي (راڳ جي علم)، خاص طرح ’ٽوڙي‘ راڳڻيءَ جا وڏا ماهر هئا. سيد لطف الله شيرازيءَ جي پٽ مير عبدالولي جي زبانان نقل ڪندا آهن، ته جيڪو ماڻهو هن پيءُ ۽ پٽ جي قبي ۾ ڪنهن ڪم لاءِ مٿين راڳڻي ڳائيندو، ته ٿورن ڏينهن ۾ سندس ڪم ضرور پورو ٿيندو. جنهن صورت ۾ اولاد ڪونه هئس، ۽ هندوخان کي وري خسرو خان ختم ڪري بي اعتداليءَ جو رستو وٺي بڇڙا پير کڻڻ لڳو، تنهنڪري جهانگير بادشاهه ٺٽي جو ملڪ پڻ ٻين ملڪن وانگيان سندس حضور مان مقرر ٿيندڙ اميرن جي حوالي ڪيو، جيئن ارغوني ۽ ترخاني ڏينهن جي ڪن اميرن جي احوال بيان ڪرڻ کان پوءِ ذڪر ٿيندو (انشاءَ الله تعاليٰ) ارغوني ۽ ترخاني ڏينهن جا امير اگرچه هنن ٻنهي گهراڻن، جن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ۽ گهڻن لاڳاپن سببان درحقيقت هڪڙو گهراڻو شمار ڪرڻ گهرجي، جا امير گهڻا آهن، پر لکندڙ انهن مان ڪن ٿورن جو، جي نهايت مشهور آهن، مختصر طور بيان لکي ٿو: سلطان محمود خان سلطان محمود خان بن مير فاضل ڪوڪلتاش بن عادل خواجہ اصفهاني، سندس وڏا اصفهان جي حسن ضلع جي خورسکان ڳوٺ ۾ رهندا هئا. انهيءَ پاسي جا ماڻهو سرڪش هئا، تنهن ڪري صاحبقران امير تيمور گورگان مٿن ڪاهه ڪرڻ لاءِ هڪ فوج موڪلي هئي. عادل خواجہ جو پيءُ احمد خواجہ، ذوالنون جي پيءُ حسن مصريءَ کي هٿ لڳو، جنهن کيس پنهنجو پٽيلو بنايو. احمد خواجہ ٽينءَ پيڙهيءَ کان پوءِ ملڪ محمد خان سان ملي ٿو، جو اصفهان جي شهر ۾ نهايت سخي مشهور هو، ۽ ارڙهين پيڙهيءَ ۾ عدي بن حاتم جو اولاد آهي. سلطان محمود خان جي والده ’شال‘ مستنگ جي ڪاسي پٺاڻن مان هئي. هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ خوب حملا ڏيکاريا، تنهن ڪري شاهه بيگ کي پسند اچي ويو. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ڪنهن به امير بکر جي نگرانيءَ جو ذمو نٿي کنيو. هن قبول ڪري اتي جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪئي، ۽ اڪثر لڙاين ۾ شاهه بيگ ۽ ]87[ شاهه حسن سان گڏجي ڏاڍا ڪم ڏيکاريا. مرزا شاهه حسن کان پوءِ، جيئن مٿي گذري آيو، بکر جي ملڪ جو بالاستقلال وارث ٿيو. سنہ 965 هجريءَ(1) ۾ شاهه طهما سپ صفويءَ وٽان ’خانيءَ‘ جو خطاب، علم، نغارو، تمن - طوغ(2)، ڪپڙا ۽ ٻيون ڪيتريون نوازشون عطا ٿيس. ٻروچن جي انتقال ڪري وڃڻ سببان ملا محب علي سنڌي سندس لاءِ اڪبري دربار مان اُچ، ڀٽي ۽ ]ججو[ واهڻ جي پرڳڻن جي حڪومت جو پروانو کڻي آيو(1). 979 هجريءَ ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ دوباره نوازشون کڻي آيو، ۽ هتان وري مير ابو المڪارم هديا ۽ نذرانا کڻي مٿئين ايلچيءَ سان گڏجي ويو. حق بردي بيگ ٽيون ڀيرو به ’خان خاني‘ جو خطاب ۽ قسمين قسمين انعام کڻي آيو. سنہ 981 هجريءَ ۾ مبارڪ خان کان ماٿيلي جو قلعو ورتائين. انهيءَ ئي سال اعتماد خان، اڪبر بادشاهه لاءِ سندس نياڻيءَ جو سڱ گهرڻ لاءِ قيمتي وڳو، ڪمربند، ۽ جڙاؤدار تلوار، هني ۽ لغام سوڌو گهوڙو، ۽ چار هاٿي پاڻ سان وٺي آيو. هن انهيءَ ئي سال پنهنجي نياڻي خاص ماڻهن هٿان رواني ڪئي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ حڪومت جي زوال جا سبب پيدا ٿيا، جن جو بيان ڊگهو آهي. محب علي خان ۽ مجاهد خان، سندس ئي نمڪ حرام ماڻهن جي مدد سان، کيس قلعي ۾ سوڙهو ڪيو. باوجوديڪ، سندس نياڻي پهچڻ کان پوءِ شاهي فرمان، قسمين قسمين نوازشن سان پهتو، پر مٿيان خان انهيءَ تي عمل پيرا نه ٿيا. اتفاقاً کيس استسقا (جلندر) جي بيماري ٿي پئي، جا ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. آخر سندس پاڪ روح جسم جي قيد خاني مان ٻاهر نڪري ويو. اهو واقعو سنہ 982 هجريءَ ۾ ٿيو. ”در بهشت آسود“ هن جي تاريخ آهي(2). امير شاهه قاسم بيگلار امير شاهه قاسم بيگلار(1) بن ابرڪ بيگ بن چوچڪ بيگ، فريد بيگ بيگلار جو ڀائيٽو، بيگلار گهراڻي مان، جو حضرت علي رضي الله عنه جي اولاد جي سلسلي ۾ داخل آهي. اصل سمرقند جو هو. بيگلار جو ڏاڏو سيد علاؤ الدين علي خواجہ ولد سيد نظام الدين ملڪ بن سيد بهاؤ الدين عمر بن سيد علي بن سيد احمد بن سيد عبد الله بن سيد جعفر بن سيد عبد الله بن سيد نظام الدين اعليٰ، جو ترمذ کان سمرقند ۾ آيو، جنهن جي اچڻ تي ملڪ الشعر سوزنيءَ چيو هو: سـمـرقـند يثرب شـد و مـکـہ ترمذ ز مــکــہ بــيــثـــرب خـــرامــيـد سـيـد ]سمرقند يثرب ۽ مڪو ٿيو ترمذ ٽليوواه! مڪي کان يثرب ڏي سيد[ بن سيد ابو القاسم بن سيد زين العابدين بن سيد شمس الدين محمد بن شرف الدين حسين، پنهنجي زماني جي سيدن جو سردار ۽ جعفر الحجة (امام جعفر صادق جهڙي حجت رکندڙ)، بن سلطان العارفين (عارفن جو بادشاهه) پنهنجي وقت ۾ سيدن جو سردار عبد الله الاعراج بن سيد حسين الاصغر بن امام زين العابدين، زماني جي حادثن کان ترڪستان ۾ آيو، ۽ انهيءَ ملڪ ۾ سندس اولاد ترڪن سان ملي جلي ويو، جنهن ڪري بيگلار جو ارغونن سان تعلق پيدا ٿيو. مير شاهه قاسم، شاهه حسن جي ڏينهن ۾ سمرقند کان سنڌ ۾ پهچي ڏاڍيون نوازشون لڌيون. جهيجن جا پرڳڻا جاگير ۾ مليس، عمر ڪوٽ جي راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان 947 هجريءَ ۾ ابوالقاسم پٽ ]88[ پيدا ٿيس. هو ويجهڙائيءَ ۾، همايون بادشاهه واريءَ پهرينءَ جنگ ۾ گذاري ويو آهي، جا 952 هجريءَ(2) ۾ لڳي هئي. سندس قبر تورڪيءَ جي ڳوٺ ۾ آهي. ابو القاسم خان زمان مير ابو القاسم خان زمان ولد شاهه قاسم بيگلار، پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ، راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ، سان پٽپن ۾ رهڻ لڳو. اتفاقاً انهيءَ ديهه تي جوڻيجن حملو ڪيو، ۽ هن جنگ ۾ کيس منهن تي زخم رسيو، ۽ انهيءَ حالت ۾ هن کي شاهه حسن وٽ وٺي آيا، جنهن سندس تربيت جي ڏاڍي ڪوشش ورتي، ۽ گاجيءَ جو ڳوٺ انعام ڏنو، سندس اقبال جو ستارو روزبروز ترقي ڪندو رهيو. شاهه حسن کان پوءِ مرزا عيسيٰ وٽ ]رهڻ لڳو[. انهيءَ کان بعد، ارغونن جي قتل جي واقعي کان پوءِ مرزا باقيءَ کان ڀڄي وڃي جان بابا سان مليو، ۽ انهيءَ وٽ جيڪي ڪارناما ڏيکاريائين، تن مان ڪي ٿورا بيگلارنامي ۾ لکيل آهن. آخر مرزا باقيءَ وٽ موٽي آيو. هن کان پوءِ مرزا جانيءَ وٽ رهي، چونڊ اميرن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو. جڏهن خان خانان مرزا جاني بيگ کي حضور ۾ وٺي ويو، ته هي ساڻس گڏ هو. پهرين ملاقات ۾ اڪبر بادشاهه پڇيو، ته ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ هو جواب ڏيڻ ۾ هو، ته جاني بيگ جواب ڏيندي چيو، ته ”ٻاونجاهه سال.“ بادشاهه پڇيو، ”ولادت ڪٿي ٿي؟“ هن پاڻ جواب ڏنو، ته ”عمر ڪوٽ ۾“. بادشاهه ]ٻڌي[ فرمايو، ته ”منهنجو ۽ سيد جو ڄمڻ جو هڪڙو هنڌ آهي.“ بادشاهه، مرزا جاني بيگ کي نوازيو، ته امير خسرو خان ۽ خان زمان هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ”بادشاهه اسان تي سروپاءِ جي نوازش نه ڪئي، ته پوءِ ڪهڙو منهن وٺي سنڌ ڏانهن وينداسون؟“ اُها گفتگو ٿي رهي هئي، ته ٻنهي اميرن کي بادشاهه سڏايو. هي ويا، ته بادشاهه اندر هو، ۽ ٻاهر ٻه گهوڙا هڪ نيلو ۽ ٻيو شبرنگ (مشڪي) بيٺا هئا. خان زمان، خسرو خان کي چيو، ته ”ڪيئن ٿو ڀانئين، جيڪڏهن هي ٻئي گهوڙا اسان کي عطا ٿين!“ جيئن ته اها خوشطبعيءَ جي ڳالهه هئي، تنهن ڪري هن وراڻيو، ته ”ها، توکي ته گهوڙي کان سواءِ هڪ هاٿي به عنايت ٿيندو“، گويا ٻنهي اميرن جي ڳالهه ٻولهه تقدير ]جي فيصلي[ مطابق هئي. ٻئي گهوڙا ٻنهي کي ڏنائون، ۽ خان زمان جي گهر پهچڻ تي هڪ هاٿي پڻ سندس لاءِ آيو، ۽ ٻئي مرزا غازيءَ جي خدمت ۾ سنڌ ۾ مقرر ٿيا. سندس نشانين مان مرگ منارو، جو گهوڙي تي ٺاهيو هئائين، اڃا تائين باقي آهي. چون ٿا، ته انهيءَ گهوڙي ۾ عجيب وصفون هيون. هڪ ڀيري جنگ هلندي سندس ٻه جاني رفيق زمين تي ڪري پيا، هڪڙو مئل هو ۽ ٻيو زخمي. مئل کي گهوڙي جي پٺيءَ تي ۽ زخميل کي پنهنجي پٺيءَ تي ٻڌي، ٽي ڏينهن ڀاڄڙ جي جنگ ۾ انهيءَ تي سوار هو. گهوڙو انهيءَ بار، ٽن ڏينهن جي بک، جنهن ۾ پاڻي ۽ گاهه ڏنو ڪونه هئائين، ۽ سخت زخمن کائڻ جي باوجود به تيستائين اصلي نه ڪريو، جيستائين مالڪ کي ڪنهن ]محفوظ[ هنڌ نه پهچايائين. هو جڏهن ]سلامتيءَ واري[ جاءِ تي پهتو، تڏهن هڪدم ساهه ڏنائين. ’مرگ‘ جي معنيٰ هرڻ آهي. سندس ٻيو نشان سانکره جي ڪناري تي، شاهڪره (ساڪري) جو قلعو آهي، جنهن جو هن وقت فقط نالو وڃي رهيو آهي. مير ابو القاسم سلطان مير ابو القاسم ولد خان زمان مٿيون، جنهن جو ڪجهه احوال اڳئي ذڪر ٿي چڪو، نهايت بهادر ۽ سخا هجڻ سان گڏ، شعرگوئي ۽ شعر فهميءَ ۾ سندس وقت ۾ سندس جهڙن همعصرن مان ساڻس ڪوبه مٽ ڪونه هو. ”بيگلر“ تخلص ڪندو هو. سندس ولادت 969 هجريءَ ۾ ٿي هئي. اد راڪي بيگلار، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، ]89[ ”چنيسر نامہ“ سندس نالي ]منسوب[ ڪيو. هي جيڪي جو ”منتخب التواريخ“ جي مصنف ۽ مير طاهر اهو ڪتاب سندس تصنيف ڪيو آهي، انهيءَ تحقيق ۾ انهن غلطي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته لکندڙ (مير قانع) اهو نسخو پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ انهيءَ جو مصنف اهوئي ادراڪي بيگلار آهي، ۽ هي سندس ممدوح (آهي). مقيم سلطان مقيم سلطان ولد خان زمان، ابوالقاسم سلطان جو ڀاءُ پڻ ارغون ۽ بيگلار قوم ۾ نهايت شاندار ٿي گذريو آهي. مسڪين ترخان مسڪين ترخان، شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ شان مان ۽ عزت وارن اميرن مان هڪڙو هو. مرزا شاهه حسن وٽ سندس مقرب ۽ معزز هجڻ جو اهوئي دليل ڪافي آهي، ته هن (مرزا) جڏهن ملتان ورتو هو، تڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جو پٽ ۽ نياڻي خاص هن جي فرزنديءَ ۾ ڏنا هئائين. فرخ ارغون مرزا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي نامي گرامي اميرن مان نهايت بهادر ۽ مشهور بزرگ هو. سندس نشاني عاليشان ]مسجد[ جامع فرخ يادگار آهي، جنهن جي شاهه جهان جي ڏينهن ۾ دوباره تعمير ٿي. ٻن تازن ٽڪرن کان سواءِ، هاڻوڪي عمارت پڻ اڳوڻي ساڳي صورت تي ظاهر آهي(1). مير يونس ارغون پهريائين همايون بادشاهه ۽ محمد زمان مرزا جي ملازمت ۾ هو، تنهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن جي اميرن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. پڇاڙيءَ ۾ سلطان محمود خان سان وڃي مليو ۽ آخر گوشہ نشيني اختيار ڪيائين. سنہ 985 هجريءَ ۾ گذاري ويو. پنهنجي وفات کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي تاريخ، ’رستم از قيد اين و آن اي دل‘ (هـِـن ۽ هـُـن جي قيد کان اي دل ٿيس آزاد مان!) معلوم ڪئي هئائين. شاهه حسن تڪدري مرزا شاهه حسن جي تڪدري اميرن جي لسٽ ۾ داخل هو. طبع جي تيزي، ذهن جي عمدگي، سهڻي اخلاقن ۽ وڻندڙ ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو وقت جي علماءِ جو سردار ۽ تاريخ جي فن ۾ خاص ڪمال جو مالڪ هو. ”روضة السلاطين“ سندس تصنيف آهي. مير عليڪ ارغون شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي اميرن مان ڪمال بهادري ۽ نهايت دانائيءَ ۾ مشهور هو. جيئن ته همايون بادشاهه جي اوج وارن ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن هن کي ڪنهن موقعي تي موڪليو هو، جتان هو جيئن بيان ٿي چڪو بنا اجازت هليو آيو، ۽ اچي چيائين ته ”بادشاهه جو اهڙو نمونو ڏٺو اٿم، جو عنقريب ڪو ماڻهو سندس برخلاف بغاوت ڪندو“، حالانڪه (انهيءَ وقت) هيءَ صورت ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪانه هئي. اتفاقاً ٿوري ئي وقت ۾ (هو جبل) جيڏو بادشاهه شيرخان جي هٿان دربدر ٿيو. غضنفر بيگ ارغون مرزا باقيءَ هن کي ٺٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، ۽ هو ڪڇ جي سرزمين ۾ رلندو ٿي وتيو. آخر مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ خسرو خان جي سفارش سان واپس اچي مقرب بڻيو، ۽ خان خانان واريءَ جنگ ۾ سيوهڻ جي آس پاس مردانا ڪارناما ڏيکاري قتل ٿي ويو. مرزا بيگ عادل خان ترخان ڀائرن جي دشمنيءَ ڪري مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ وڃي اڪبري دربار ۾ داخل ٿي، جهانگير جي ڏينهن ۾ قنڌار جو حاڪم ٿيو، پر جنهن صورت ۾ قزلباش لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهي، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ وڃي، جيئن بيان ٿي آيو، سوڀارو ۽ سندس قائم مقام ٿيو. هو نڪته سنج ۽ صاحب طبع هو. مير طاهر، ”تاريخ طاهري“ سندس لاءِ تصنيف ڪئي هئي. ملا بهبود مرزا عيسيٰ جي خاصخيلين مان هو. مرزا باقي کيس محلات ]جي ٻانهين مان[ هڪ ڏني، جنهن مان مير علي نالي پٽ ڄائس. پاڻ مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ جان بابا سان جنگ ڪندي سخت حملن ڪرڻ کان پوءِ ڪم آيو، ۽ سندس پٽ پاڻ کي ارغون گهراڻي مان سمجهي، مرايم علي سلطان جي لقب سان سڏجڻ لڳو. قاضي خميسو اصل ۾ هڪ رول ماڻهو]90[ هو. قاضيءَ جو لقب، ”برعڪس نهند نام زندگي ڪافور“ (کڳي کي يقين شاهه اڄ ڪلهه چون ٿا) جي قسم مان آهي. شايد هن جو بنياد قاضي گهراڻي مان هجي. مرزا باقيءَ جي دربدريءَ واري وقت ۾، سندس رفاقت ۽ بخت جي ياوريءَ جي برڪت سان نالائق هوندي به، مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ سندس ڀاءَ مرزا صالح جون جاگيرون هٿ ڪري، ساري ملڪ جو وڪيل مطلق ۽ مدار المهام ٿيو. سندس اوج هن حد کي پهتو، جو هزارين گهوڙن ۽ نوڪرن سان نڪرندو هو. سندس انسانيت اجها هن نقل مان ظاهر ٿئي ٿي: چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن سيد علي شيرازي ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني اڪثر عالمن، مکيه ماڻهن ۽ وڏيرن سان گڏ ڪنهن ضروري ڪم جي فيصلي لاءِ وٽس ويا. هن حقارت طور چيو، ته ”اچو اي ملؤ!“ هن جماعت ۾ قاضي نعمت الله ڏاڍو تيز طبع هو، تنهن هٿن مان نڪري پڇيو، ته ”قاضي صاحب، ملا جي معنيٰ ڇا آهي؟“ جيئن ته هو معقوليت جي علم کان نهايت بي بهره هو، تنهن ڪري انهيءَ سوال جي جواب ۾ آڱر سان هڪ گول ليڪو ڪڍي، چيائين ته ”هي ڪهڙي شڪل آهي؟“ سڀني وقت جي فيلسوفن ۽ ڪماليت جي صاحبن هيءَ لا يعني شڪل ڏسي، حيرت ۾ پئجي چيو، ته ”اسان کي هن عجيب و غريب شڪل جو پتو نه ٿو پوي، توهان پاڻ اٿي (اسان کي) سيکاريو“. وراڻيائين، ”هيءَ شڪل اهڙي نه آهي جو هيڏيءَ بزرگيءَ هوندي انهيءَ ۾ منجهي پو!“ وري ٻيو هڪڙو ور وڪڙ ليڪو ڪڍي، چيائين ته چڱو هيءَ (هـُـن کان) وڌيڪ آسان آهي، انهيءَ جو جواب ڏيو. هنن جواب ڏنو، ته ”هيئت، حڪمت، هندسہ، ڪيميا، سيميا، توحيد ۽ تسخير جا مسئلا گهڻائي پڙهياسون، پر ههڙي شڪل ڪٿي به نظر ڪانه آئي؟ توهان، جو عقل جي وڻ جي ٽاري آهيو، جي رشن دل کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به خيال ۾ نٿي اچي سگهي“. چيائين ”اي نادانو! باوجود هيڏي همه دانيءَ جي دعويٰ جي، هن صورت ۾ اچي ايڏا سخت منجهيا آهيو، جا هڪ هاريءَ جي ڍڳي جي پيشاب جي صورت آهي“ بزرگ ههڙي صحبت ڏسي، پنهنجي مطلب ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ئي اٿي کڙا ٿيا. جڏهن ڏٺائين ته بزرگن کي ڏاڍو ڏکويو اٿم تڏهين معافي وٺي، جنهن ڪم لاءِ تشريف آندي هئائون، سو ڪم پورو ڪري ڏنائين. هيءَ سڀ حاڪم جي بدتميزي آهي، جو ههڙي بيوقوف کي مدار المهام ڪيو اٿس. تنهن کان پوءِ ضرورت هوندي به انهن بزرگن مان ڪو به وٽس ڪونه ويو. خواجہ خليل پهرين ته ڳڻ ۾ ڪونه هو، پر جيئن مٿي گذري آيو، مرزا باقيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي خدمت جي بدلي ۾ وڏي عهدي تي سرفراز ٿي مهردار ٿيو. پنهنجي سر سٺو ماڻهو هو. سندس رانئڪ مڪليءَ تي مشهور آهي. چون ٿا، ته هن رائنڪ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ، وصيت ڪيائين ته ”جنهن صورت ۾ هن جي تعمير حڪومت جي ڏينهن ۾ ٿي آهي، ۽ متان ڪنهن مزدور سان ناحق ٿيل هجي، تنهن ڪري انهيءَ ۾ دفن نه ڪجو“، انهيءَ ڪري کيس انهيءَ کان ٻاهر اڱڻ ۾ هڪ عليحده گنبذ ۾ دفن ڪيائيون. خسروخان چرڪس چنگيز خان جي اولاد مان چرڪس خان ڏانهن منسوب آهي، جو قبچاق جي پـَـٽ تي حڪومت ڪندو هو. ابتدا ۾ ملا جاني بندري وٽ هو، جنهن کان مرزا عيسيٰ وٺي ڪؤنرو کڻندڙ بنايو، ۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي کيس عنقريب ]ڪن[ پرڳڻن جي عملداري عطا ڪيائين. مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ترقي ڪري، مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ وڏي اعتماد وارو امير ٿي پيو. جهڙس توفيق ۽ خير جو صاحب ٻيو ڪو هن سر زمين تي پيدا ڪونه ٿيو. جيتريون سندس نشانيون ]91[ باقي آهن، ڪنهن به امير يا بادشاهه کي انهن جي ڏهين حـصي جي به توفيق ڪانه ٿي. ٺٽي، مڪلي، ۽ شهر جي گرد و نواح ۾ ٽي سؤ سٺ مسجدون، رائنڪون، پليون، کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين، جن مان هرهڪ تي ڪافي رقم خرچ ٿي هوندي. هن سڄي توفيق جو سبب هي هو، ته هڪ ڏينهن پنهنجي حويليءَ جي ڀت تي چڙهيو، ۽ سندس نظر اوچتو پاڙيسريءَ جي زال تي وڃي پئي، جا غسل ڪري رهي هئي. هن اها اک ڪڍي ڇڏڻ گهري، پر عالمن کيس منع ڪئي. پوءِ اهي سڀ خيراتون، انهيءَ جي ڪفارت ۾ ڪيائين. ڪنهن ڪشف جي صاحب، کيس فوت ٿيڻ کان پوءِ خواب ۾ ڏسي، احوال پڇيو، جواب ڏنائين ته ”دنيا ۾ جيڪي ثواب جا ڪم ڪيا هيم، سي سڀ نانءُ نيڪيءَ جي باعث ٿيڻ (رياءُ) سببان منهنجي ڪم ڪونه آيا، مگر هڪ ڏينهن لکڻ ۾ مشغول هئس ته هڪڙي مک مس چوسڻ لاءِ اچي هڪ حرف تي ويٺي، جنهن تي مان پنهنجي اختيار سان مک جي اٿڻ تائين قلم کي لکڻ کان جهليو، انهيءَ جانور جي دل خوش ڪرڻ جي بدلي ۾ مون کي بخشيائون“. هو هڪ نامور ترخاني امير هو، ۽ جيئن ذڪر ٿي آيو، غازي بيگ جي نگرانيءَ واسطي ڪن ٻين سردارن سان ]دهليءَ کان[ ٺٽي آيو هو. مرزا جاني بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا غازي ]اڪبر جي[ حضور ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪيترو عرصو خود مختيار رهي حڪومت هلايائين. سندس ]حڪومت جي[ ڏينهن ۾ چرڪس ماڻهن ۽ سندس ڏوهٽن ڏاڍيون اراڏيون ڪيون، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ جي دل تان ڪري پيو، ۽ هن سندس موقوفيءَ جو حڪم ڪري، سندس جاءِ تي هندوخان رکيو، پر جئين ته جلد ئي مرزا غازي گذاري ويو ۽ سندس ڪو اولاد ڪونه رهيو، هيڏانهن هن جي ارڏائي بادشاهه جي حـضور ۾ عرض ڪئي ويئي، تنهن ڪري ملڪ تيموري (مغل) اميرن جي قبضي ۾ آيو. هڪڙي روايت موجب، هو ٺٽي کان لاهري بندر ڏانهن وڃي اتان ايران هليو ويو، ۽ ٻئي قول موجب، هتي گذاري ويو. سندس سجع خسرو دهلويءَ جي هيءَ مصرع هوندي هئي: ”خسرو از تو پناهه مي طلبد“. ڀائيخان لطف الله نالي مٿئين خسرو خان جو پٽ ]بادشاهه جي[ حضور، خواهه قنڌار ۾ غازي بيگ سان گڏ هو. قنڌار مان پٺاڻن جي تڙڻ ۾ نمايان ڪم ڏيکاريائين. سندس پٽ فتح الله ڏاڏي جي حڪومت ۾ مرادون ماڻي، چاچڪان جي پرڳڻن ۾ خود مختيار ٿي رهيو. هاڻي قطب الاقطاب شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جا پوٽا، شيخ ڪالي خان جو اولاد، مٿئين خسرو خان جا ڏهٽا، جيڪي قريشي قبيلي سان مشهور آهن، سندس حويليءَ ۾ رهن ٿا، جا فقط زمين وڃي رهي آهي. مـُـلا محمد علي مرزا جاني بيگ جو وزير ۽ مغل گهر جو ناٺي هو. ٺٽي ۾ هڪڙو محلو سندس نالي تي مشهور آهي. سندس پٽ: محمد قاسم، شاهه جهاني وزير جعفر خان جي خدمت ۾ منشي هوندو هو. کيس ٻه پٽ محمد مقيم ۽ محمد عارف نالي ٿيا. محمد مقيم پيءُ کان پوءِ، ساڳيءَ سرڪار جو منشي ٿيو، ۽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش وٽ منشي هوندو هو. ٻنهي جو اولاد دهلي لڏي ويو، ۽ ٺٽي ۾ سندس ڏوهٽا، جن جو بيان اڳتي ايندو، اڃا تائين موجود آهن. مـُـلا گدا علي ’ڀائيخان‘ ملا گدا علي ’ڀائيخان‘ ولد مهتر عسل، مرزا جاني بيگ جي اميرن مان هو ۽ مرزا غازي بيگ سان گڏ زهر کائي گذاري ويو. ڀائيخان جو محلو سندس نالي تي مشهور آهي. محمد امان ترخان جاني بيگ جي اميرن مان هو. عام طور کيس ”ملک امان“ چوندا هئا. ”چوڪ ملڪمان“ الف جي تخفيف سان سندس نالو مشهور آهي. امير بيگ باقي رهيل ارغونن مان آهي. ]92[ مرزا جانيءَ جي لشڪر جو بخشيل هو، ۽ ساڻس گڏ ]شهنشاهه جي[ حـضور ۾ پڻ ويو هو. امير بيگ جي بازار انهيءَ ڏانهن منسوب آهي. مير احمد بيگ مزنگ مرزا جانيءَ جو خاص ماڻهو هو. مرزا غازيءَ کيس ’سلطان‘ جو لقب عطا ڪري وڪيل ڪل بڻايو ۽ جڏهن قنڌار جو صوبو مليس، تڏهن امان خان مٿئين جي عذر پيش ڪرڻ ڪري انهيءَ جي تجويز رد ڪري، هن ]احمد بيگ[ کي ’اعتماد خان‘ جو لقب ڏيئي، پنهنجي پاران اڳ ۾ موڪليو هئائين. سندس پٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو، ٺٽي ۾ مشهور و معروف هوندا هئا. پير پٺي جي درگاهه جي ڏاڪڻ، جا کٽي جي لقب سان مشهور آهي، مير شرفوءَ جو يادگار آهي. سندس اولاد مان مير منون ۽ مير چتن ٺٽي جا ناليرا بزرگ هئا. هڪڙو وڏو محلو سندس رهڻ جي جاءِ هو، جتي هاڻي امير خاني رهن ٿا، ۽ هن جي گهراڻي مان، انهيءَ اولاد کان سواءِ، جن جو ذڪر اڳتي ايندو، ڪوبه ڪونه رهيو آهي. (1) ”ترخون“ (تر = ڀريل + خون = رت) = رت ۾ ڀريل. (1) بيگلارنامي (ص 13) موجب مرزا عيسيٰ جي چوٿين پٽ جو نالو”مرزا ابراهيم“ هو. پنجون پٽ به هئس، ”مرزا جوهر“، پر هو ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو هو، مرزا ابراهيم به پيءُ جي جيئري گذاري ويو هو (ترجمو سنڌي ”بيگلار نامہ“) (2) نسخو ”ن“: نيرنگ خان (1) مير قانع جو هي بيان مير معصوم جي بيان جي صريح مخالف آهي. مير معصوم، ته پنهنجي تاريخ (ص208) ۾ لکي ٿو: ”مرزا محمد باقي هندستان وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان محمود، هن خيال کان ته متان هندستان مان ڪو لشڪر وٺي اچي، ۽ جنهن صورت ۾ انهي لشڪر کي بکر وٽان ئي لنگهڻو پوندو، تنهن ڪري سندس حڪومت جي انتظام ۾ خلل پوندو، کيس هندستان وڃڻ نه ڏنو“. (1) مير قانع پنهنجي عادت موجب اختصار جي ڪوشش ڪندي، مرزا عيسيٰ خان ۽ سلطان محمود خان بکريءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل واقعات کي پاڻ ۾ گڏي، منجهائي ڇڏيو آهي. اصل حقيقت، جا تاريخ معصومي (ص 207-210) مان معلوم ٿئي ٿي، هن طرح آهي، ته مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ترخان سنہ 962 هجريءَ ۾ تخت تي ويٺو. هڪ سال کان پوءِ يعني سنہ 963 هجريءَ ۾ ارغوني سردارن جي برغلائڻ تي وڏو لشڪر وٺي، اچي بکر جي سامهون لٿو. پندرنهن ڏينهن لڙائي جاري رهي، ته فرنگين وارو ٺٽي کي ڦرڻ جو واقعو ٿي پيو، جنهن ڪري مرزا عيسيٰ گهيرو ڇڏي تمام تڪڙو ٺٽي موٽي ويو. ٻيو دفعو وري سنہ 70-971 هجريءَ ۾ مرزا ۽ ارغونن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي، جنهن ڪري ڪي ارغون سردار ڀڄي سلطان محمود خان وٽ آيا، جن سان گڏجي سلطان محمود خان جي ماڻهن وڃي سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو ڪيو، مگر ڪجهه ڪري نه سگهيا. آخر سانوڻ جي موسم ۾ مرزا عيسيٰ اچي کين اتان ڀڄائي ڪڍيو. رفيان وٽ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سلطان محمود خان جا چڱا چڱا ماڻهو قتل ٿي ويا. مرزا عيسيٰ اچي درٻيلي وٽ ديرو دمائي ويٺو. نيٺ شيخ عبدالوهاب ۽ ماه بيگم جي وچ ۾ پوڻ تي ٺهراءُ ٿيو. (1) اصل متن ۾ ”نالـہء نار“ لکيل آهي، مگر تاريخ طاهري (ص157) ۾ لکيل آهي، ته هن واهه کي ٺٽي جا ماڻهو ”نارقي“ سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته تاريخ طاهري، تحفة الڪرام کان آڳاٽي ۽ انهي جو هڪ ماخذ آهي، تنهن ڪري اسان انهي تي اعتماد ڪري ترجمي ۾ ”نارقي واهه“ لکيو آهي. (1) هن راتاهي جو بيان، مير معصوم پنهنجي تاريخ سنڌ (ص212) ۾ هن طرح ڏنو آهي: ”نيٺ جان بابا ترخان سميجن ۽ سوڍن جا راڄ گڏ ڪري، مرزا محمد باقيءَ تي راتاهو هنيو. مرزا محمد باقيءَ ٻيڙيءَ جي پاڇل تان پاڻ کڻي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ اتان وڃي هڪ ڊونديءَ تي چڙهيو. سميجا ٻيڙيءَ ۾ گهڙي آيا ۽ رائجہ بيگم (مرزا محمد باقيءَ جي بيگم) کي قتل ڪري ڇڏيائون“. پر هن باب ۾ مير علي شير قانع جو بيان وڌيڪ صحيح آهي. هيءُ راتاهو شاهه قاسم ارغون هنيو هو، جنهن کي ’خان زمان‘ جي لقب سان سڏيندا هئا. هيءُ واقعو سن جي ڀرسان لاکن جي ڳوٺ ۾ ٿيو هو، جتي مرزا محمد باقي ڇانوڻي هنيو ويٺو هو. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”بيگلار نامو“، سنڌي ترجمو، ص67-74) (1) جان بابا جي قتل جو واقعو تاريخ معصوميءَ (ص213) ۾ هن طرح بيان ٿيل آهي: ”مرزا جان بابا“ يادگار مسڪين پهرئين ئي حملي ۾ ڪڪرالي ڏانهن نڪري ويا، جو سمنڊ جي ڪناري تي ڄام مهر (ڄام ڏيسر) جي رهڻ جو هنڌ هو ... مرزا محمد باقي ٺٽي جي هڪڙي وڏي پير، سيد علي ]شيرازيءَ[ کي وچ ۾ آڻي، مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي صلح سان هٿ ڪري، قتل ڪري ڇڏيو،“: بيگلار نامي (ص 78، 79) به تقريباً ساڳي طرح لکيو آهي. ياد رکڻ گهرجي، ته جنهن جنگ ۾ جان بابا ”يادگار مسڪين شڪست کائي ڪڪرالي ڀڄي ويا هئا، انهيءَ جنگ جو بيان مير قانع ڪونه ڪيو آهي. اها جنگ ماهه بيگم، جنهن کي بيگلار ناميءَ جو مصنف حاجي بيگم سڏي ٿو، جي سرڪردگيءَ هيٺ 977 هجريءَ ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي لڳي هئي، جنهن ۾ ماهه بيگم قيد ٿي پيئي، جان بابا ۽ يادگار مسڪين ڪڪرالي ڀڄي ويا ۽ مرزا محمد باقيءَ جي فتح ٿي. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: بيگلار نامہ، سنڌي ترجمو، 76-79، ۽ تاريخ معصومي“ ص 212-213) (2) مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا غالب جو ذڪر تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونه ٿو ملي، البت جيئن مٿي صفحي جي حاشئي ۾ بيگلار نامي جي حوالي سان ڏيکاري آيا آهيون، مرزا عيسيٰ کي ابراهيم ۽ جوهر نالي ٻه پٽ هئا، پر اهي پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويا، مرزا صالح به، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، پيءُ جي جيئري مارجي ويو هو، تنهن ڪري مرزا عيسيٰ کان پوءِ فقط سندس ٻه پٽ مرزا باقي ۽ جان بابا بچيا هئا. والله اعلم (3) هن بزرگ جو نالو تاريخ معصومي (ص114-215) ۾ ميرڪ عبد الرحمان لکيل آهي ۽ سندس شهادت جو سبب هن طرح ٻڌايل آهي: 992 هجريءَ ۾ سلطان خواجہ جو ڀاءُ شاهه خواجہ حج کان موٽڻ وقت هرمز جي رستي کان ٺٽي آيو ۽ اچي شيخ عبدالرحمان ولد شيخ ميرڪ جي گهر لٿو. ميرڪ عبدالرحمان کان جيترو ٿي سگهيو اوترو شاهه خواجہ جي مهمانيءَ ۽ خوش آمديد ۾ مبالغو ڪيائين. شاهه خواجہ، عالم پناهه جي دربار ۾ پهچڻ کان پوءِ مٿئين ميرڪ ڏانهن نوازش ڀريا خط موڪليا ۽ اهائي ڳالهه هن بزرگ زادي جي شهادت جو باعث ٿي“ . (1) خالصو : خلاصو يا نجو. پراڻي اصطلاح ۾ ’جاگير‘ جي ضد طور استعمال ٿيندو آهي. ”هيءُ پرڳڻو خالصو آهي“ ، معنيٰ ’خلاصو ملڪ جي واليءَ جي هٿ هيٺ آهي ۽ ڪنهن جي به جاگير ناهي‘. هتان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا محمد باقيءَ سڀني جاگيردارن کان جاگيرون کسي پنهنجي هٿ ۾ رکيون هيون. (1) نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي جو ههڙي ظالم جي، جنهن جي ظالم هجڻ تي ميرقانع ۽ مير معصوم ٻئي متفق آهن، بيگلارنامي جو مصنف ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. لکي ٿو: ”مرزا محمد باقي داناءُ، عاقبت انديش ۽ انصاف وارو حاڪم هو. هو هلندڙ حالتن مان ايندڙ حالتون جاچي سگهندو هو. ملڪ جي انتظام رکڻ ۾ بي نظير هو. هن جي حڪومت ۾ ماڻهن امن امان ۽ آسودگيءَ ۾ گذاريو. ڪوبه ڌاريو ماڻهو هن جي ڏينهن ۾ سنڌ تي ڪاهي نه آيو هو. فقيرن ۽ درويشن ۾ گهڻو ويساهه هوندو هئس. ساداتن ۽ عالمن جي گهڻي عزت رکندو هو. مذهبي اڳواڻن ۽ طالب علمن کي طرحين طرحين انعام ۽ بخششون ڏيندو هو. رعيت کي ڪا به گذران ۽ پيسي جي تنگي ڪا نه هئي. لشڪر کي پگهار ۽ کاڌو خوراڪ باقاعدي ملندو هو. ملڪ جي پوک ۽ آباديءَ تي خاص طرح ڌيان ڏيندو هو. سمجهه ۽ گهڻيءَ سجاڳيءَ سان هو پنهنجو ملڪ هلائيندو هو“ . (بيگلار نامہ، ترجمو سنڌي، ص14) (1) بيگلار نامي (ص133-135) موجب، مظفر ترخان کي بدين ۾ شڪست، شاهه قاسم ارغون عرف خان زمان ڏني هئي، وڌيڪ تفصيل اتي ڏسڻ گهرجي. (1) هي ”شاهه رخ“ شايد مرزا پائنده بيگ جو پٽ ۽ جاني بيگ جو ڀاءُ ٿو ڏسجي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪٿي به ڪونه آيو آهي. مٿي جنهن ”شاهه رخ“ جو ذڪر صفحي 66 تي ٿي آيو آهي، سو مرزا باقيءَ جو پٽ هو ۽ اهو مرزا محمد باقيءَ جي ڏينهن ۾ گذاري ويو هو، جيئن بيان ٿي چڪو. (2) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص248-249) ۾ لکي ٿو، ته: ”سيوهڻ کي گهيرو جاري هو، ته مرزا جاني بيگ بـَـري ۽ بحري فوج وٺي سيوهڻ کان ڇهن ڪوهن جي پنڌ تي اچي مهراڻ جي ڪپ تي لٿو. محمد صادق خان گهيرو ڇڏي مرزا جاني بيگ ڏانهن متوجهه ٿيو. لڪي جبل جي برابر اچڻ تي مرزا جاني بيگ جي غرابن محمد صادق خان جي لشڪر جي سامهون اچي توبون ۽ گولا ڇوڙڻ شروع ڪيا. ڪيترا ڏينهن ڌريون هڪ ٻئي جي مٽو مٽ رهي لڙائي جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، ته ايتري ۾ بادشاهه جو فرمان پهتو، ته ”مرزا جاني، درگاهه ۾ لائق تحفا پيش ڪري، عاجزي، نياز ۽ سچائي ظاهر ڪئي آهي“ . تنهن ڪري محمد صادق خان بکر موٽي آيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ عالم پناهه جي درگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو. خبر نٿي پئجي سگهي، ته مير معصوم، جو اڪبري دربار جو هڪ امير هو، نمڪ جو حق ادا ڪندي، هن طرح هڪڙي اڪبري نواب جي پيشانيءَ تان شڪست جو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يا مير قانع ٺٽوي هجڻ ڪري ويهي خواهه مخواهه ٺٽي جي نواب جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ۽ کيس ٻڏايو آهي. بيگلار نامي جو مصنف، مير قانع جي تائيد ڪري ٿو (ص137). (1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص250) ۾ اڪبر بادشاهه جي ڪاوڙجڻ جو ٻيو سبب ٻڌايو آهي، اهو هي آهي، ته جڏهن بادشاهه لاهور ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن مرزا جاني بيگ، مرزا شاهه حسن جي نقش قدم تي هلي، فرمانبرداريءَ جا شرط پوريءَ طرح بجا نه آندا هئا، ۽ خود مختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، تنهن ڪري بادشاهه نواب خان خانان کي ٺٽي جي ملڪ فتح ڪرڻ ۽ ٻروچن کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ مقرر فرمايو. (1) سڄي آيت: ”يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ وَأُمِّهِ وَأَبِيهِ وَصَاحِبَتِهِ وَبَنِيهِ لِكُلِّ امْرِئٍ مِنْهُمْ يَوْمَئِذٍ شَأْنٌ يُغْنِيهِ“ (اهو ڏينهن اهڙو، ته سخت هوندو جو آدمي پنهنجي ڀاءُ، ماءُ، پيءُ، زال ۽ پٽن کان بيزار هوندا، هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو). (سورة عبس: 34 تا 37) (1) هي ڪوٽ ڄام تغلق اڏايو هو، هن کي تغلق آباد به چوندا هئا. (ڏسو ڄام تغلق جي بيان ۾) (1) قرآن شريف جي آيت: أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ وَأُوْلِي الْأَمْرِ مِنْكُمْ (تابعداري ڪريو الله جي، رسول الله جي، ۽ پنهنجن حاڪمن جي) (1) نسخو ”ن“ : ”سيوم علي“ (1) اصل متن ۾ ”در ’فلونيا‘ زهرش واردند“ لکيل آهي. ’فلونيا‘ جي معنيٰ سمجهڻ کان اسان قاصر آهيون، تنهن ڪري ترجمي ۾ نٿا لکون، مطلب صاف آهي. (1) نسخو ”ن“ : ”کنجاره“ (1) نسخو ”ن“ : ”شجاعت راؤ“ (1) نسخو ”ن“ : ”يزد جردي“ (1) نسخو ”ن“ : خمس وسبعين وتسعماة، يعني سنہ 975 هجري. (2) ”تمن، طوغ“ (تمن = ڏهه هزار ماڻهو، طوغ = جهنڊو) = اهڙو جهنڊو، جو ڏهن هزارن ماڻهن جي سرداريءَ جي نشاني هجي. (1) هتي اصل متن جي عبارت منجهيل آهي، لکيل آهي، ته ”ملا محب علي سندي براي وي از درگاهه اکبري تفويض رياست حدود اوچه و آهن وبتي از انتقال بلوچان آورده“ . خود مصنف جي هٿ اکر لکيل نسخي ۾ به عبارت ائين آهي. تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو، ص 266) ۾ لکيل آهي، ته ”سنہ 965 هجريءَ ۾ ملا محب علي، درگاهه عالم پناهه ۾ ايلچي ٿي ويو، ۽ بلوچن جي انتقال ڪري وڃڻ سبب اُچ، ججو واهڻ ۽ ڀٽي واهڻ، سلطان محمود جي جاگير مقرر ٿيا.“ اسان تاريخ معصوميءَ جي روايت تي اعتماد ڪري، پنهنجي ترجمي ۾ ’آهن‘ کي ’واهڻ‘ سان بدلايو آهي، ۽ ’]ججو[ واهڻ‘ ڪري لکيو آهي. (2) سلطان محمود خان جي مفصل احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ڏسو تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو، ص 259، 281) (1) ”بيگلار“ معنيٰ شهزادو، ”بيگلار بيگي“ معنيٰ شهزادن جو شهزادو. (2) نسخو ”ن“ : 950 هجري. (1) هتي اصل متن جي عبارت ۾ خلل آهي. متن جي عبارت هن طرح آهي: ”وبناي حال شعر دو قطع اساس زمان قريب هم ازان قرار صورت ظهور دارد“ . اسان جي خيال ۾ ’شعر‘ لفظ ڪاتب جي غلطي آهي، سندس جاءِ تي ”باستشناءِ“ لفظ هوندو. اسان پنهنجي ترجمي جو بنياد انهيءَ درستيءَ تي رکيو آهي. والله اعلم بالصواب. ]باب يارهون[ تيموري (مغل) شهنشاهن جي اميرن جو طبقو مرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ (جا سنہ 1021 هجريءَ ۾ ٿي)، جڏهن خسرو خان بي پرواهي ڏيکاري ۽ هندوخان سندس هٿان لاچار ٿي پري ڀڄي ويو، تڏهن مير عبدالرزاق هي احوال حـضور ۾ عرض ڪيو، جتان حڪم ٿيو، ته ڪنهن ٻئي امير جي اچڻ تائين هو خسرو خان کي بيدخل ڪري، پاڻ اهي حدون پنهنجي قبضي ۾ آڻي، تنهن ڪري خسرو خان عاقبت انديشي ڪري، جيئن مٿي بيان ٿي چڪو، ملڪ مان هٿ ڪڍي ويو. مرزا رستم مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا بن بهرام مرزا بن شاهه اسماعيل صفوي، جو پهريائين قنڌار جي آسپاس ۾ راور جي سرزمين جو حاڪم هو، اوزبڪن جي خراسان تي غلبي ڪرڻ کان پوءِ، مقابلي جي طاقت نه ساري، سنہ 1002 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خذمت ۾ پهتو هو ۽ هميشہ ملتان جو گورنر رهندو ٿي آيو، ]سو هاڻي[ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو. ”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي، ته جهانگير بادشاهه هن کي پنجهزاري ]عهدي[ سان سر بلند فرمائي، ٺٽي جي حڪومت ۽ نگراني عطا ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي، ٺٽي جي آباديءَ جي قديمي دستور ۽ هلي چليءَ موجب جمعبندي ڪري، ]جملي پيدائش[ کيس جاگير ۾ ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تنهن کان سواءِ ٻه لک رپيا نقد، انعام ۽ مدد خرچ طور حوالي ٿيس. جيئن، ته حـضور ظل الاهي (الله جي پاڇي) کي هن صوبي جي آباديءَ جو ڏاڍو خيال هو، تنهن ڪري ]اهو ملڪ[ مٿئين مرزا کي سپاري اتي جي رهاڪن ۽ رعيت جي دلجوئيءَ ۽ مخلوق جي آرام بابت تاڪيد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ترخاني گورنرن جي ڀڃ ڊاهه واري وقت ۾ ]هي ملڪ[ اعتدال کان نڪري ويو هو. حـضور اعليٰ جي دل ۾ اهوئي خيال هو، ته هو انصاف ۽ عدالت جا شرط جوڳي نموني بجا آڻيندو. هن جي هن سر زمين تي اچڻ کان پوءِ معاملو ابتڙ ظاهر ٿيو. لاچار ٿوري عرصي کان پوءِ کيس موقوف ڪري، ملڪ راجا ’سنگهه سن‘ جي حوالي ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو، ته هو (مرزا رستم) جيستائين فريادين کي راضي نه ڪندو، تيسين کيس درٻار ۾ حاضريءَ جي اجازت نه ملندي. ]آخر[ ٻن سالن کان پوءِ اها بندش لاهي، سروپا سان نوازي، پهريائين الله آباد جي صوبي ۽ پوءِ پٽنه ۽ بهار ]جي حڪومت[ سان سرفراز فرمايائونس. پڇاڙيءَ جو شاهجهان جي ڏينهن ۾ گوشي نشيني اختيار ڪري آگري ۾ رهڻ لڳو، ۽ نيٺ گذاري ويو. هي شعر عمدو چوندو هو، جنهن ۾ ”فدا“ (1) تخلص ڪندو هو. سندس ڀاءُ مرزا مظفر حسين پڻ قنڌار جو والي هو، ۽ اوزبڪن جي غلبي کان پوءِ سنہ 1003 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ داخل ٿي سنبل ]جو پرڳڻو[ ]94[ جاگير ۾ ورتائين. هن کان پڻ عمدا شعر روايت ٿيل آهن. مرزا رستم جو پٽ مرزا مراد، شاهجهاني اميرن مان هو ۽ ’التفاتخان‘ لقب هئس. هو پڻ تيز طبع هو ۽ برجستا شعر چيل اٿس. مرزا مصطفيٰ خان قصو ڪوتاهه - مرزا رستم کان پوءِ مرزا مصطفيٰ خان نالي هڪ امير ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. مرزا بايزيد بخاري هن (مصطفيٰ خان) جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مرزا (1) بايزيد ابن سيد مبارڪ خان ولد لال خان ولد سيد حبيب ولد سيد يعقوب ولد سيد صالح ولد سيد موسيٰ ولد سيد ابراهيم ولد سيد اسماعيل ولد سيد يحييٰ ولد سيد محمود ولد سيد رڪن الدين ولد سيد عبدالله ولد حـضرت مخدوم جهانيان بخاري جهانگيري، جلوس جي پندرهين سال، مطابق سنہ 1028 هجريءَ ۾ دوهزاري منصب حاصل ڪري، ٻه هزار پنج سؤ سوارن سان ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. هو هن کان اڳ بکر جو فوجدار هو. نواب شريف الملڪ انهيءَ کان پوءِ نواب شريف الملڪ عرف شريف خان يڪ - چشم ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. هن جي وقت ۾ جلوس جهانگيري جي ايڪيهين سال، مطابق سنہ 1035 هجريءَ، ۾ شاهزادو شاهجهان پيءُ کان ناراض ٿي، ڪي ٿورا خاص ماڻهو ساڻ وٺي، عراق عجم ]ڏانهن وڃڻ[ جي ارادي سان ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ ڪجهه وقت رهڻ جو ارادو هئس، پر شريف الملڪ جنگ ڇيڙي وڌي. ڪئين دفعا ٻنهي پاسن کان توبون ۽ تفنگ ڇوڙيا ويا. شهزادي به ٽي ڀيرا شهر جي اوڀر ڏکڻ ۽ اتر کان حملا ڪري شڪست کاڌي، هڪ ڀيري مڪليءَ جي پل جي ڀرسان پير بدر جي ويجهو سخت لڙائي لڳي، جنهن جي مـُـئلن جا هڏا انهيءَ زمين ۾ اڄ تائين ڏسبا آهن. چون ٿا، ته هڪ ڀيري شاهزادي جي بيگم، جا حامله هئي، ڪجهه ڏاڙهن جي فرمائش ڪئي، جنهن تي شاهزادي خاص پنهنجي هٿ سان هن باري ۾ خط لکيو. هن جواب ڏنو، ته ”آءٌ پاڻهي ٿو بيگم ڏانهن موڪليان“، ۽ هڪدم هڪ فرنگي توب انداز کي وٺي، بيگم جي رهڻ واري تنبوءَ ۾ گولو اڇلائڻ جو حڪم ڏيئي چيائين، ته ”هتي اجهو ههڙا ڏاڙهون ٿيندا آهن“. گولي جي صدمي کان بيگم جو حمل، جنهن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا، خطا ٿي پيو. ڪي چون ٿا، ته شريف الملڪ پاڻ دوربينيءَ ۾ ڏسي، شاهزادي کي نشان بنائڻ جي خيال کان توب کي باهه ڏني هئي، پر اتفاقاً شاهزادو هڪدم اک ڇنڀ ۾ جاءِ مٽائي ويو هو، ۽ نشان خالي ويو. هڪدم ڪاوڙ ۾ جنهن اک سان نشان ٻڌو هئائين، تنهن جو، هٿ هڻي، دوڏو ڪڍي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ وقت کان ڪاڻو ٿيو. جيڪڏهن اها روايت سچي آهي، ته گوياڪ سندس بري ڪم جو نتيجو کيس سندس هٿان مليو. قصو مختصر، ته انهيءَ جي بدلي ۾ شهزادي جي تخت تي ويهڻ سان کيس شاهي سزا ملي، ۽ سندس شامت کان ٻيا عهديدار رفيق پڻ تهمت هيٺ آيا. مرزا عيسيٰ خان مرزا عيسيٰ وڏي جي پٽ جان بابا جو فرزند هو. مرزا غازيءَ جي تخت نشينيءَ جي ابتدا ۾ ابوالقاسم سلطان سان شورش ۾ رفيق هو، ۽ مرزا کان ڇڄي وڃي سميجن ۾ موقعي جو منتظر رهيو. ابو القاسم جي گرفتار ۽ انڌي ڪرڻ کان پوءِ، ساهه جي ڊپ کان، ]شهنشاهه اڪبر[ جي حـضور ڏانهن ڀڄي ويو، جتي ملازمن جي لسٽ ۾ داخل ٿي قسمين قسمين خدمتون ادا ڪيائين. آخر سنہ 1037 هجري ]مطابق[ آخري سال جهانگيري جي ابتدا ۾، جهانگير ]طرفان[ چار هزار سوارن جي عهدي سان ٺٽي جي حڪومت مليس، ۽ جلد ئي ڪرنال جي نگرانيءَ تي مقرر ٿيو. شاهجهاني دور تائين انهيءَ طرح خوشيءَ سان وقت گذاريندو رهيو. سندس رانئڪ مڪليءَ ۾ هر ملڪ جي تماشائين جو تماشاگاهه آهي. چون ٿا، ته ]رانئڪ لاءِ[ پٿر پاڻ انهيءَ پاسي کان موڪليا هئائين ۽ ارڙهن سالن ۾ تيار ٿي. ان جو خرچ نورائي ديهه جي آمدنيءَ مان ٿيو، جا سندن وڏن جي قبرن جي خرچ لاءِ انعام هئي. چون ٿا، ته رانئڪ جي تعمير هلندي مرزا وفات ڪري ويو، ۽ سندس ڪامورن کڻي ڪم بند ڪيو، ورنه مرزا جي دل ۾ خيال هو، ته وڏي نشيمن جي سامهون چئني پاسن کان جوڳا نشيمن هڪ ٻئي جي جواب ۾ تيار ڪيا وڃن. نواب امير خان خير ڳالهه کـُـٽائڻي - انهيءَ کان پوءِ نواب امير خان مير ’ابوالبقا‘ ولد نواب قاسم خان ’نمڪين‘ هروي بن ملا مير سبزواري ]آيو[. شاهه جهان کي جنهن صورت ۾ مٿئين شريف خان جي همراهن تي ڪاوڙ هئي، ۽ ڪڪرالي جي ڄام جي گستاخي، جو سندس لشڪر جي بازار تي حملو ڪيو هئائين، نڪامره ذات جي ڌاراجن جي راڻي ۽ مٿئين راڻي جي جاگير جي اٺن جي سنڀاليندڙ حمل جت جون سهڻيون خدمتون ]به ياد هيس[، تنهن ڪري مٿئين نواب کي شهر تي مقرر ڪري موڪليائين. هو سنہ 1037 هجريءَ جي آخر ۾ روانو ٿي ٺٽي جي شهر ۾ پهتو. ٺٽي تي مقرر ٿيل اڪثر عهديدارن کي موقوف ڪري وٺ هيٺ آڻي، ڪڪرالي جي ڄام کي شاهي سزا ڏنائين. حمل جت ۽ ڌاراجن جو راڻو، حـضور ۾ پهچي سرفراز ٿيا. اميرپور سندس آباد ڪيل آهي ۽ سندس نالي تي سڏجي ٿي. تنهن جو سبب هي آهي جو هو امير ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو سوار ٿي انهيءَ پاسي کان اچي لنگهيو هو، ڌنارن برپٽ ۾ سندس ڏاڍي خذمت ڪئي هئي، جنهن تي راضي ٿي سندن حال احوال پڇيو هئائين، ۽ کيس معلوم ٿيو هو، ته اها زمين ويران آهي ۽ اتي جا ماڻهو مال چاريندا آهن ۽ سندن وقت ڏکيائيءَ ۾ گذرندو آهي. هاڻي جڏهن ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، تڏهن انهيءَ احسان جي بدلي ڏيڻ لاءِ، انهيءَ زمين جي ڪڇ ڪرائي، مٿين ماڻهن جي نالي ڪيائين، جي سندس حڪم موجب آباد ڪري ڳوٺ ٻڌي ويٺا، هاڻي ]اهو ڳوٺ[ بٺوري، بهرام پور، درڪ، ۽ پليچار جو هيڊڪوارٽر آهي. مطلب، ته مٿيون امير هڪ عاليشان امير هو. الله تعاليٰ سندس اولاد ۾ برڪت وڌي آهي. امير خاني ماڻهو(1) اهي آهن، جي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي عزت ۽ علم ۽ دانائيءَ جي ڪمال ۾ مشهور آهن. سندس ]امير خان[ جي دانائيءَ بابت عجيب نقل مشهور آهن. نقل آهي، ته هڪ ڏينهن آئيني ۾ منهن ڏسي پنهنجي عڪس تي ’سلام عليڪ‘ چيائين. حاسدن هن کي دماغ جو خلل سمجهي اچي بادشاهه کي عرض ڪيو. جڏهن کيس خبر پيئي تڏهن عرض ڪيائين، ته ”مون پنهنجي عڪس تي سلام هن ڪري ڪيو هو، جو پنهنجي سونهاريءَ ۾ ٿورا اڇا وار ڏسڻ ۾ آيم، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾، ته حـضور اعليٰ جي تربيت جي پاڇي ۾ ٻڍو غلام ٿيو آهيان، پنهنجي سونهاريءَ جي تعظيم بجا آندم“. سندس هي عرض حـضور کي پسند آيو. هن عقلمنديءَ ڪري سونهاريءَ جون اهي چڳون بلڪل ڇڏي ڏنيون هيون، جيڪي سندس خيال موجب مڇن کي تاب ڏيئي رهيون هيون. سندس نشانن مان چوڪ عبدالغني ۽ ملڪ مان جي وچ ۾، محلي ڀائيخان ۾، هڪ مسجد، جا هندن جي مڙهي ڊاهي ]ٺاهي ويئي هئي[، يادگار آهي. سندس رانئڪ مڪليءَ جي مقام ۾ آهي. سندس اولاد گهڻو ڪري بزرگ ٿيندا آيا آهن، جيئن ته ضياءُ الدين سيوستان جو فوجدار، ]95[ شمس الدين ۽ ملتفت خان، پنهنجي وقت جو محقق ۽ ولي مير ابو المڪارم تخلص ”مشهود“، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، پڻ سندس اولاد مان آهي، (پڻ) عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع مير عبدالرزاق پنهنجي وقت جي عجائبات مان هو. چون ٿا، ته هو ڪن لفظن اچارڻ ۾ هڪڙ هو. پنهنجي صحيح تدبير سان انهيءَ کي بلڪل لڪائي ڇڏيو هئائين. ڇاڪاڻ، ته جن اکرن جي اچارڻ ۾ هٽڪ ٿيندي هيس، اهي اکر ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيا هئائين. ]ڪمال وري اهو جو[ هر زبان ۾ انهيءَ موجب ڳالهائيندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت هڪ ٻوليءَ ۾ بند ٿيندو هو، ته يڪدم ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪندو هو، سندس سمجهه جي قوت، ٻوليءَ تي ضابطو ۽ علمن جي جامعيت جو اندازو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو. مثال: واصل بن عطا وڏو فصيح هو، پر ’السع‘ هو، السع انهيءَ کي چوندا آهن، جيڪو ”را“ جي اکر کي اچاري نه سگهي، تنهن ڪري هو اهو تڪلف ڪندو هو، جو ”ر“ جو اکر ڪلام ۾ مطلق نه آڻيندو هو. هڪ ڏينهن کانئس پڇيائون، ته ’نيزو اڇلائي گهوڙي تي چڙهه‘ کي عربيءَ ۾ ڪيئن چيو ويندو؟ ”مطلب هو، ته هو چوندو: ”اطرح رمحک وارکب فرسک“، پر هن في البديهه چئي ڏنو: ”الق قناتک و اعل جوادک“. نواب مظفر خان جهانگيري بهرحال، امير خان کان پوءِ نواب مظفر خان جهانگيري عرف مير عبدالرزاق معموري، جو مٿي لکڻ موجب لوڌي خان کان پوءِ ترخان گهراڻي کان ورتل پرڳڻن جو امين هو ۽ خسرو خان کان پوءِ امانت سان گڏ ٺٽي جو ضابطو پڻ سندس هٿ ۾ هو، سو بالاستقلال ناظم مقرر ٿيو. ٺٽي جي گودري بازار واري جامع مسجد سندس نشانين مان آهي، جا امين هجڻ واري زماني ۾ ٺهرائي هئائين، ۽ ’خضري مسجد‘ جي نالي سان مشهور آهي. چون ٿا، ته اها پهريائين هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ’نهال درياءَ‘ چوندا هئا، مٿئين نواب سنہ 1017 هجريءَ ۾ اها ڀڃي جامع مسجد ٺهرائي. سيد ابراهيم تنهن کان پوءِ مٿي ذڪر ٿيل مير بايزيد بخاريءَ جي پٽ سيد ابراهيم کي حڪومت ملي. نواب مغل خان پوءِ سنہ 1057هجريءَ مطابق سنہ 21 جلوس شاهجهانيءَ ۾ نواب مغل خان ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿي آيو. ڇهه سال مرادون ماڻيائين. سندس حڪومت جي عرصي ۾ سنہ 1059 مطابق سنہ 23 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ملڪ شهزادي اورنگزيب جي حوالي ٿيو. بکر ۽ سيوستان جو علائقو شرطي زمينداريءَ طور عنايت ٿيو، تنهن کان اڳ ملتان جو صوبو انهيءَ شاهي تاج جي هيري کي تنخواه ۾ جاگير مليو هو، تنهن ڪري قاعدي موجب صوبي جا گورنر سندس نائب بنجي ساڻس واسطا رکڻ لڳا. نواب ظفر خان انهيءَ کان پوءِ سنہ 1063 هجريءَ مطابق سنہ 37 جلوسيءَ ۾، نواب ظفر خان ٺٽي جو نائب مقرر ٿيو. هو ڇهه سال رهيو، ۽ صاحبقران ثاني ]شاهجهان[ جي ڏينهن جو آخري حاڪم هي هو. ’مشڪين باغ‘ ، جنهن جو فقط نالو وڃي رهيو آهي، هن ٺهرايو هو. هن جي ڏينهن ۾ شاهجهاني جلوس جي اوڻٽيهين سال مطابق سنہ 1065هه، ۾ داراشڪوه جو پٽ سپهر شڪوه، هفت هزاري عهدي سان ٺٽي جو سردار مقرر ٿي آيو. شهر جو اڳيون ناظم سندس نائب مقرر ٿيو. قباد خان جڏهن صاحبقرآن ثاني (شاهجهان) جي فرزند گرامي، بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو وارو آيو، تڏهن سنہ 1069 هجريءَ ۾ قبادخان آيو. اتفاقاً سندس ڏينهن ۾ هن ملڪ جي رهاڪن تي سخت ڏڪار ۽ وبا جي مصيبت آئي، تنهن سان گڏ شهزادو محمد دارا شڪوه به اچي وارد ٿيو، جنهن جي لشڪر جي اچڻ ڪري هيڪاري نئين مصيبت پيدا ٿي. مشهور آهي، ته ٺٽي ڏانهن اچڻ وقت، دارا شڪوه ]96[ دل ۾ سمجهي رهيو هو، ته اُتي جو قلعو رهڻ جي لائق هوندو، ]سو قلعو[ ڏسڻ سان چاهيائين، ته ”هيءُ ڪنهن جي حويلي آهي؟“ جڏهن ٻڌائين، ته دار الحڪومت ۽ قلعي جو شاهي محلات اهو آهي، تڏهن ڪاوڙجي ٻاهر نڪري انهيءَ کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنائين. حڪم موجب شهر جي گهاٽ کي باهه ڏنائون. ’سوخـة گهاٽ‘ نالو اتان پيو. نواب لشڪر خان خير- قباد خان کان پوءِ، سنہ 1071 هجريءَ مطابق سنہ 3 جلوس عالمگيريءَ ۾، نواب لشڪر خان ٺٽي آيو، ۽ چار سال رهيو. نواب غضنفر خان پوءِ نواب غضنفر خان(1) سنہ 1075 هجريءَ مطابق سنہ 7 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ ٽي سال رهي گذاري ويو. نواب سيد عزت خان عرف عزت پير پوءِ نواب عزت خان عرف عزت پير، جو بکر جو فوجدار هو، سنہ 1078 هجريءَ مطابق 10 جلوس عالمگيريءَ ۾، ٺٽي جي نوابيءَ جي عزت لڌي ۽ پورا ٻه سال گذاريائين. نواب ابونصرت خان ان کان پوءِ عالمگير بادشاهه جو مامون نواب ابو نصرت خان، جو هڪ ديندار ۽ پرهيزگار امير هو ۽ شعر گوئيءَ ۾ پڻ مهارت هيس، سنہ 1080 هجريءَ مطابق(2) سنہ 12 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٻه سال گذاريائين. نواب سعادت خان انهيءَ جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1082 هجريءَ مطابق سنہ 14 جلوسيءَ ۾ نواب سعادت خان کي ٺٽي جي صوبيداري ملي. نواب سيد عزت خان اٽڪل ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ، وري نواب سيد عزت خان ٻيو دفعو سنہ 1084 هجريءَ مطابق 16 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ڇهه سال حڪومت هلايائين. نواب خانه زاد خان انهيءَ کان پوءِ، سنہ 1090 هجريءَ مطابق سنہ 22 جلوسيءَ ۾، نواب خانه زاد خان ٺٽي جي ڪاروبار جو ناظم ٿي آيو، ۽ اٽڪل پنج ورهيه گذاريائين، هن کي شعر ۾ چڱو ملڪو هو، سند شعر ڪتابن ۾ موجود آهن. نواب سردار خان هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1095 هجريءَ مطابق سنہ 27 جلوسيءَ ۾، نواب سردار خان ملڪ جي سرداري ماڻڻ لڳو. هو پورا ٽي سال رهيو. تقديراً سندس ڏينهن ۾ نهايت سخت وبا ۽ ڏڪار منهن ڪڍيو، ۽ انهيءَ وقت جي موت ۽ لڏ پلاڻ ڪري جيڪي هنڌ ويران ٿيا، سي وري ڪين وسيا. نواب مريد خان هن جي موقوف ٿيڻ بعد، 1099 هجريءَ مطابق سنہ 30 جلوسيءَ ۾ نواب مريد خان، جو اصل ۾ نومسلم راجا زادو هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. چون ٿا، ته ساڻس ڪيترائي هزار راجپوت ساڻ هئا. شهر جي گهاٽ وٽ پهچڻ تي جڏهن معلوم ٿيس، ته شاهي محلات جي قلعي تائين پهچڻ ۾ ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جي بازار مان ضرور لنگهڻو پوندو، تڏهن ڪجهه هنن جي پاس خاطريءَ ۽ ڪجهه پنهنجي اصليت جي اثر کان ٺٽي جي قاضيءَ، قاضي حسين ڏانهن پيغام موڪليائين، ته ”مون سان راجپوت قوم جي هندن جي وڏي جماعت ساڻ آهي، تنهن ڪري ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جا دڪان رستي تان کڻائي ڇڏيو، متان هنن ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ تڪليف پيدا ڪن“. جيئن ته شرع پرور بادشاهه جو قانون ههڙن ماڻهن جي مجبور ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ کان بيپرواهه هو، تنهن ڪري قاضي صاحب راتو رات قاصاين کي بازار جي ٻنهي پاسن، ]97[ دستور موجب، اڳيئين کان اڳرن دڪانن سينگارڻ جو تاڪيد ڪيو. مٿيون ناظم، دين پرور شهنشاهه جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لاچار اڳين حاڪمن وانگيان انهيءَ رستي تان لنگهي ويو ۽ ٻه سال ٺٽي ۾ مقرر رهيو. جنهن صورت ۾ سندس لشڪر کان مسلمانن کي ڏاڍي تڪليف ٿي پهتي، تنهن ڪري مکيه ماڻهن جي عرض ڪرڻ تي هن نموني جو شاهي فرمان آيو، ته ”سندس ’هيٺيان ٻه نقطا مٿان ڪري (مريد = مرتد) کي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ کان موقوف ڪريو.“ موقوف ٿيڻ کان پوءِ اکين جي ديد جهڪي هجڻ جي بيماريءَ سببان تغلق آباد عرف ڪلان ڪوٽ جي آبهوا طبع جي موافق ڏسي، ڪجهه وقت اتي ويٺو رهيو، ۽ بادشاهه پڻ سندس دلجوئيءَ خاطر ڪا به روڪ ڪانه ڪئي. قلعي جي ٿوري تعمير ۽ تغلق آباد جي ڪجهه آبادي انهيءَ جي ڪرايل آهي. نيٺ جڏهن ٻيو ناظم ٺٽي ۾ ويهي دخيلڪار ٿيو، تڏهن هن کي حـضور ۾ گهرايو ويو. نواب زبردست خان نواب مريد خان جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ سنہ 1101 هجريءَ مطابق 33 جلوسي، ٺٽي ۾ آيو، پر انهن ئي ڏينهن ۾ گذاري ويو(1) نواب ابونصرت خان انهيءَ کان پوءِ ساڳئي سال ۾ نواب ابو نصرت خان ٻيو دفعو آيو، ٻه سال ۽ ڪي مهينا گذاريائين. نواب حفظ الله خان هن جي موقوف ٿي هلئي وڃڻ کان پوءِ، شاهجهان بادشاهه جي وزير سعد الله خان جو پٽ نواق حفظ الله خان، سنہ 1103 هجريءَ مطابق سنہ 35 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو حاڪم ٿي آيو. هي هڪڙو سخي ۽ صاحب توفيق امير هو. پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي عرس جي موقعي تي هزار ماڻهن لاءِ شاهاڻو دسترخوان پکيڙيندو هو، ۽ اول توڙي آخر ۾ پاڻ ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي هٿ ڌئاريندو هو، جنهن وقت شاهزادو محمد معز الدين، ميان دين محمد (ڪلهوڙي) سرائيءَ کي پڪڙي آيو هو، تڏهن هن کي سيوستان واري درياءَ تي پـُـل ٻڌڻ جو حڪم ٿيو هو. جڏهن ڏٺائين، ته شيخ عبدالغني ٺٽي واري کان سندس حڪم موجب دل گهرئي نموني تي ڪم نٿو ٿي سگهي، تڏهن پاڻ بنفس نفيس بندوبست ڪيائين، ۽ سج جي گرميءَ جي جهڙپ کان سندس طبعيت کي تڪليف پهتي، جنهن جي سستيءَ کان سنہ 1112 هجريءَ ۾ سيوستان ۾ گذاري ويو. مير غلام علي آزاد،”يدبيضا“ سندس تاريخ، قرآن شريف جي هن آيت مان ڪڍي آهي: فَلَهُمْ جَنَّاتُ الْمَاْوي نُزُلاً بِمَا كَانُوْ يَعْلَمُوْنَ (سندس عملن جي انعام ۾ کين رهڻ لاءِ جنتون ڏنيون ويون آهن). ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، انهيءَ جو ٺهرايل آهي. هن جي اڻ پوري رهڻ جو سبب هي هو، ته سوانح نگار(1) ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ عرض پيش ڪيو، ته ”مقصد شهر پناهه ]ٺهرائڻ[ هو، پر هي پنهنجي حويليءَ لاءِ قلعو ٺهرائي رهيو آهي“، تنهنڪري انهيءَ جي خرچ جي مجرائي ڪانه ملي ۽ ڪم جتي هو اُتي رهجي ويو. باقي حـصو، مرزا باقي ترخان جي ڏينهن وارو، قائم رهندو آيو. ڪماليت ۽ بلاغت جي صاحب هجڻ ڪري شعر ڏاڍو لطيف چوندو هو. سعيد خان عرف خانه زاد خان سعيد خاني چنگيزخاني، سنہ 1113 هجريءَ مطابق سنہ 45 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو ناظم مقرر ٿيو. پاڻ سيوستان ۾ ويهي پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي موڪليائين. مير امين الدين خان حسين پوءِ مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابو المڪارم، تخلص ”مشهود“، بن مير ابو البقاء عرف امير خان، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، سنہ 1114 هجريءَ مطابق سنہ 46 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جي حڪومت سان سرفراز ٿيو. ]98[ هو هڪ عاليقدر امير هو. گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت ۾ مشغول رهندو هو. چوڏهن علمن جي بيان ۾ ڪتاب ”رشحات الفنون“ ۽ ڪتاب ”معلومة الافاق“ سندس تصنيفات مان مشهور آهن. ”معلومة الافاق“مان ٻه نقل هتي لکجن ٿا: نقل - عالمگير جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي جي سماواتي پرڳڻي ۾ نيلوفري ڍنڍ تي، جتي اڪثر برهمڻ، هندو ۽ چاچڪ رهندا آهن، هڪ چاچڪياڻي عورت کي ڇهين مهيني جو ڪچو ٻار ڄائو، جنهن کي انساني عضون مان ڪوبه عضوو ظاهر ڪونه هو. کيس چـُـرندو پـُـرندو ڏسي پيءُ ماءُ کي سندس پورڻ تي دل نه ٿي، ۽ سندس نگرانيءَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. نيٺ رفتي رفتي انساني عضون، جهڙوڪ: اکيون، ڪن، نڪ، چپ، منهن، هٿ ۽ پير وغيره، جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. جيئن ٻار ڄمڻ جي پوري مدت گذري، تيئن هو به صحيح سالم عضون وارو ٻار بنجي پيو ۽ کير ڌائڪ ٻار وانگيان ماءُ جي ببن مان کير ڌائڻ لڳو. سندس پيءُ ماءُ کيس عمرڪوٽ وڃي پاليو. هو ڳالهائيندڙ ۽ اباڻي فن جو ماهر ٿي پيو، ۽ پندرهن سالن تائين جيئرو هو. مثال - مادي شينهڻ جڏهن ٻچو ڄڻيندي آهي، جو ڄمڻ وقت فقط هڪ گوشت جو ٽڪرو هوندو آهي، ۽ منجهس ڪابه چـُـرپـُر يا حس ڪانه هوندي آهي. هو ٽن ڏينهن تائين انهيءَ حالت ۾ هوندو آهي ۽ شينهڻ هن جي نظرداري ڪندي آهي. تنهن کان پوءِ سندس پيءُ ايندو آهي، جو هن کي لاڳيتيون ڦوڪون ڏيندو آهي ۽ هو چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ ۽ شڪل وٺڻ لڳندو آهي. پوءِ سندس ماءُ اچي کيس کير پياريندي آهي، ۽ هو صورت وٺڻ کان پوءِ ستن ڏينهن گذرڻ کان بعد اکيون کوليندو آهي، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ وقت گذران هٿ ڪرڻ سکندو آهي (عجائب الحيوانات، بحوالہ ”عين الحيات منتخب حيات الحيوان“). نقل - عالمگير جي ڏينهن ۾، شهر ۾ هڪ حاملا عورت کي سور ڇهه ڏينهن هليا، پر ڇوٽڪارو ڪونه ٿيو. تنهن کان پوءِ (سور لهي ويا) ۽ اهو خيال بلڪل دفع ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، قادر ڪارساز جي قدرت سان، انهيءَ عورت جي ران جي پاڙ ۾ ڦرڙي پيدا ٿي، جا وڏي ٿي ڦاٽي، ۽ انهيءَ مان هڪ ڇوڪري پيدا ٿي. زخم مرهمن رکڻ سان ميٽجي ويو، ۽ ڇوڪري ستين سال گذاري ويئي. تمثيل - عنايت خان نالي هڪ ٺٽي ۾ رهندڙ پٺاڻ جي زال ويم جي سورن ۾ گذاري وئي. اٽڪل ٽن سالن جي عرصي کان پوءِ، پاڙي جون زالون ڪنهن زيارت جي موقعي تي مڪليءَ جي مقام ۾ ويون. سندن ٻار راند روند ۾ مشغول هئا، ته انهن جي شور ۽ غل تي قبر مان هڪڙو ننڍڙو ٻار منهن ٻاهر ڪڍي، وري اندر هليو ويو. ٻارن هيءُ نئين ڳالهه ڏسي دهشت زده ٿي وڃي پنهنجن مائرن سان ڳالهه ڪئي، جن اچي ڏٺو، ته مٿئين پٺاڻ جي زال جي قبر ۾ انساني شڪل جو هڪ ٻار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. وڃي هن کي ٻڌايائون، اچي جاچ ڪيائين، ته معلوم ٿيس ته اها عورت قبر ۾ صحيح سالم ستي پئي آهي، سندس بـُـبـُـن ۾ کير موجود آهي، ۽ هي ٻار جو انهيءَ مان پيدا ٿيو آهي، سو سندس بـُبُن مان کير ڌائي رهيو آهي. آخر هزارين حيلن سان اهو پٽ مئل ماءُ کان ڇني، گهر وٺي آيا، پر جيئن، ته سندس تربيت جو ڪجهه عرصو قبر ۾ گذري چڪو هو، تنهن ڪري هو فقط هيوليٰ (مادي صورت) رهيو ۽ ڳالهائي يا ٻڌي نٿي سگهيو. هو وڏي عمر ماڻي طبعي موت ۾ گذاري ويو. ڪتاب جي لکندڙ اهو ماڻهو ڏٺو هو ۽ هن جو احوال سندس عزيزن کان ٻڌو هو. سندس وفات تي هن وقت تائين اٽڪل ٿورا ڏينهن گذريا هوندا. نواب يوسف خان ]ترمذي[ قصو ڪوتاهه - هن کان پوءِ، سنہ 1115 هجريءَ مطابق سنہ 47 هجري جلوسيءَ ۾، نواب يوسف خان ]ترمذي[ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، ۽ هڪ سال کان پوءِ موقوف ٿيو. نواب احمد يار خان پوءِ نواب احمد يار خان - اصل برلاس قوم جو (ماڻهو)، سندس وڏا لاهور جي علائقي خوشاب ۾ رهندا هئا، سندس پيءُ الله يارخان لاهور ۽ ملتان جو گورنر ۽ اٽڪل چاليهه سال غزنين جو فوجدار هو، جيئن ٻئي جلد ۾ مذڪور آهي. مطلب ته مٿيون ]نواب[سنہ 1116 هجريءَ مطابق سنہ 48 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٽي سال حڪومت ڪيائين. هي ]اڃا[ عهدي تي برقرار هو، ته عالمگير بادشاهه سنہ 1118 هجريءَ ۾ 26 ذوالقعد تي گذاري ويو ۽ سندس وڏو پٽ بهادرشاهه پهرين محرم سنہ 1119 هجريءَ تي تخت نشين ٿيو. شاهي محلات جي قلعي جي اڀرندي دروازي جي سامهون عاليجان ]واهه[ واري پـُـل سندس نشاني آهي. نواب سعيد خان بهادر پوءِ، مٿئين سعيد خان جو پٽ نواب سعيد خان بهادر عرف عطر خان سنہ 1119 هجريءَ ۾ بهادر شاهه جي حڪم سان ٺٽي آيو، ۽ هڪ سال ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ موقوف ٿيو. نواب مهين خان سنہ 1121 هجريءَ ۾ نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو. نواب شاڪر خان پوءِ، سنہ 1123 هجريءَ ۾، ٺٽي جي حڪومت نواب شاڪر خان کي ملي. نواب مهين خان انهيءَ ئي سال نواب مهين خان ٻيو دفعو آيو. هن جي ڏينهن ۾ بهادرشاهه سنہ 1124 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ سندس پٽ معز الدين جهاندار شاهه گاديءَ تي ويٺو. نواب خواجہ محمد خليل خان ساڳئي ئي سال نواب خواجہ محمد خليل خان ناظم ٿي آيو. انهيءَ ئي سال نون مهينن جي عرصي اندر جهاندار شاهه کي لاهي، بارهه جي سيدن جي مدد سان فرخ سير گاديءَ تي ويٺو. نواب عطر خان ]فرخ سير جي گاديءَ تي ويهڻ سان[ مٿئين سعيد خان جي پٽ سعيد خان (جنهن جو ذڪر پڻ مٿي ٿي آيو آهي) جو پٽ عطرخان ٺٽي آيو. هي ننڍي عمر جو ناتجربيڪار هو، سندس ڪاروبار سمورو محمد يعقوب ڪشميريءَ جي هٿ ۾ هو، تنهنڪري ٿوري وقت ۾ سندس انتظام بگڙي ويو، ۽ مير لطف علي خان سان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) کيس ڊگهي لڙائي ڪرڻي پيئي. جنهن صورت ۾ مٿئين مير جي حـضور ۾ ڏاڍي رسائي هئي، تنهن ڪري ظاهري شان و شوڪت ۽ موروثي بهادريءَ هوندي به، پوري سال جي گهيري، مورچن جي جنگ ۽ گهڻين اٽڪلن ويڙهائڻ کان پوءِ جنگ جي صف ۾ سوڀارو ٿيندي ٿيندي اوچتو قتل ٿي ويو. مير لطف علي خان مير محمد شفيع نالي، جنت آشيان عارفن جي اڳواڻ، مير محمد يوسف رضوي بکري (جنهن جو بيان اڳتي ايندو)، جي اولاد مان هو. مٿئين عطر خان کان ملڪ کسي خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. هو هڪ سال گهيري ۾ رهي، ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ پنهنجي پوري رسائي ڪري، هن ]عطرخان[ کي جنگ جي صف ۾ قتل ڪري، بالاستقلال حاڪم بڻجي ويٺو. هن جي حڪومت جي ابتدا سنہ 1125 هجريءَ کان پوءِ آهي. سنہ 1127 هجريءَ ۾ عطرخان جي قتل کان پوءِ ]99[ ’شجاعت علي خان‘ لقب مليس. هڪ سال وڌيڪ حڪومت هلايائين. هن کان اڳي يا هن کان پوءِ وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيندو آيو، ۽ ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذاريائين. ساڻس بهادري ۽ عزت ۾ سندس مٽ ٺٽي ۾ ڪي ٿورا پيدا ٿيا، ڪوبه حاڪم سندس سامهون مـُـڇن کي وَٽ نه ڏيندو هو. نهايت قابل ماڻهو هو، نثر ۽ نظم جو عمدو ملڪو هئس، ”همت“ تخلص ڪندو هو. آخر سنہ 1145 هجريءَ جي پوري ٿيڻ تي گذاري ويو. مير محمد حسن شاعر، سندس تاريخ ’اَدْخَله في الجَناتِ‘ مان ڪڍي آهي. سندس فرزند رشيد مير غضنفر علي ۽ مير ذوالفقار علي حد درجي جي بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريل آهن. مير غضنفر علي 1183 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ مير ذوالفقار علي وڏن جو يادگار باقي آهي. الله تعاليٰ مٿئين خان جي اولاد ۾ ايتري، ته برڪت وڌي آهي، جو سندس پوٽن خواهه ڏهٽن مان مردن ۽ عورتن جو تعداد پنجاهه کان مٿي آهي، شل الله تعاليٰ اهلبيت جي گهراڻي ۾ اهڙي برڪت وجهندو رهي. نواب اعظم خان نواب اعظم خان ولد صالح بن فدائي خان، خان جهان بهادر عرف مير بابا ڪوڪلتاش جو پوٽو. خافي سيدن مان هو. هو مير لطف علي خان جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، 1128 هجريءَ مطابق سنہ 5 فرخسيريءَ ۾، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. پهريائين ٿوري وقت لاءِ سندس پاران خواجہ محمد خليل آيو، ۽ پوءِ پنهنجي سر اچي پهتو، ۽ اٽڪل چار ورهيه حڪومت هلايائين. اتفاقاً، سندس اچڻ، ملڪي ماڻهن لاءِ قسمين قسمين آزارن جو باعث ٿيو، جهڙوڪ: ڏڪار، ۽ حق کي سڃاڻندڙ، شرعيت جي بنياد رکندڙ حقيقت جي سمنڊ جي دريتيم طريقت جي رمزن جي عارف ۽ عليم، خدا آگاهه مرشدن جي مرشد، شيخ عنايت الله صوفيءَ جي شهادت جو واقعو. چون ٿا، ته اهو الله وارو، بٺوري پرڳڻي ۾ غازياهه (شايد غازي واهه) جي ڪناري تي، جهوڪ عرف ميرانپور جي ڳوٺ ۾، خدا پرست صوفين جي جماعت سان، الله جي يادگيريءَ ۾ مشغول هو، ته بلڙيءَ جي سيدن جي اڻبڻت (ڇاڪاڻ، ته سندس خاندان جا فقير هن نئين سلسلي جي ترقي ڏسي انهن کان ڇڄي هنن سان ملي رهيا هئا) ۽ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جهڙن زميندارن جي چرچ تي (ڇاڪاڻ، ته انهن جي زمين ۾ فقير اثر ۽ رسوخ پيدا ڪندا ٿي رهيا) مٿئين ناظم، حـضور ۾ عرض ڪري، خدا يار خان عباسي (ميان يار محمد ڪلهوڙي) ۽ ٻين راڄن جي نالي امداد جو فرمان جاري ڪرائي، بي انداز لشڪر وٺي مٿن حملو ڪيو. پورن چئن مهينن جي گهيري ۽ فقيرن جي راتاهي جي ڌڪ سهڻ کان پوءِ، جنهن ۾ ٻاهرين جي بربادي اچي قريب پهتي هئي، آخر هڪڙي فقير غلطي ڪري اسم ذات (الله) جو نعرو هنيو، ۽ ٻيا به انهيءَ نعري ۾ ساڻس گڏجي پيا، جنهن ڪري پنهنجا پراوا ظاهر ٿي پيا، ۽ گهڻا ترار جو لقمو بڻايا ويا، ]تاهم[ اندرين تي فتح حاصل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر هئي، تنهن ڪري ٺڳي ڪري انهن کي صلح سان وٺي، نائين صفر 1130 هجريءَ تي، جيڪي ڪرڻو هئس ڪري، ٺٽي ]100[ موٽي آيو، ۽ لشڪر جي خرچ جي عيوض واپارين تي پائو وجهڻ شروع ڪيائين. مخدوم رحمت الله طالب علم، جو وقت جو محقق ۽ پير هو، سوکيس منع ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏٺائين، ته باز نٿو اچي، تڏهن انهيءَ لاءِ، ته من سندس اک کلي، هو شهر کان ٻاهر نڪري ويو، پر جنهن صورت ۾ مٿئين ناظم جي حق شناسيءَ جون اکيون لالـــچ جي ڪري بند ٿي چـُـڪيون هيون، تنهن ڪري انهيءَ ظاهري ۽ باطني علمن جي جامع (مخدوم) کي شهر جي ٻاهران آڻي، زنجيرن ۽ ڳـَـٽن ۾ ٻڌرائي، ڪيترو وقت قيد رکيائين جنهن ڪري اڪثر خدا وارا ۽ عام خلق مٿس ناراض ٿيا. نواب مهابت خان قصو ڪوتاهه، جڏهن فرخ سير رفيع الدرجات بن رفيع الشان ۽ رفيع الدوله، جنهن جو شاهجهان ]ثاني[ لقب هو، جي خلافت جي ستاري غائب ٿيڻ کان پوءِ، 1131 هجريءَ ۾، محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي شهنشاهيت جو سج حڪومت جي آسمان تي هميشہ لاءِ اڀريو (تخت تي ويٺو)، تڏهن شاهه عالم بهادر بادشاهه جي وزير اعظم محمد منعم خان، خان خانان جو پٽ نواب مهابت خان، سنہ 1132 هجريءَ مطابق سنہ 2 جلوسيءَ ۾ ٺٽي تي مقرر ٿيو. هو وڏيءَ عزت وارو امير، ڪم آزار، غريب پرور ۽ سير سلوڪ کان واقف هو. هميشہ فقيري ۽ ڪمال جي صاحبن سان صحبت رکندو هو، شاعرن سان پڻ چٽا ڀيٽي هوندي هيس. شعر جي واديءَ ۾ استادن طرح ڊڪ ڊوڙ ڪندو هو، ۽ ”ڪاظم“ تخلص هوندو هئس. خدا ]پاڪ[ جي مرضيءَ سنہ 1135 هجريءَ ۾ هن سر زمين ۾ گذاري ويو، ۽ سندس لاش لاهور جي رستي کان کڻي ويا. سلطان محمود خان کانئس پوءِ سندس صغير پٽ سلطان محمود خان جانشين ٿيو. جيئن ته ڪامورا اڪثر ماليات کائي ٿي ويا، تنهن ڪري فوتي نواب جي بيگم پٽ جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو هو. سنہ 36 (1136 هجري) ۾ اچي هڪ سال رهيو. پر شاهي محلات واري قلعي ۾ اندر جاءِ نه مليس. نيٺ ٻئي سال نواب سيف الله خان ناظم مقرر ٿيو، ۽ سندس پاران هالا ڪنڊي (هالا) واري سانوريہ قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءَ عبد السميع خان نائب ٿي ٺٽي آيو. ]هاڻي[ سلطان محمود خان موقوف ٿي موٽي هليو ويو، پر رضي محمد خان ]اڃا به[ حڪومت جي آسري ۾ ڪي ڏينهن ترسي پيو، ۽ تڪليف هيٺ آيو. هو نواب سيف الله جي اچڻ کان پوءِ دل شڪستو ٿي نڪري ويو. چون ٿا، ته مٿئين نواب کيس نوڪريءَ جي تڪليف ڏني، پر هو پنهنجي ڪم جي رونق نه ڏسي موٽي هليو ويو. سندس رفيقن مان مرزا عبدالغفار، آقا عبدالڪريم، مرزا محمد حسين ۽ آقا محمد صادق، جن مان هر هڪ نامي گرامي هو، هتي رهجي پيا ۽ ڪافي ترقي ڪري پنهنجي کـُـٽيءَ گذاري ويا. نواب سيف الله خان اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (باڊي گارڊ) هو، ۽ مهيني ذو الحج سنہ 1137 هجريءَ ۾ ٺٽي آيو. هو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ڏينهن ۾ ٺٽي، جيڪا رونق ورتي، سا وري خدا نصيب ڪري. ساڻس گڏ وڏا وڏا بزرگ هئا، ۽ هو بزرگن سان سندس مرتبي لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. ]101[ هو ’امر‘ ۽ ’نهي‘ ۾ تمام گهڻي ڪوشش وٺندو هو، سڀني نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين. چون ٿا، ته هڪڙي لاقيد (بيدين) ماڻهوءَ سندس حـضور ۾ وڃي عرض ڪيو، ته ”نواب! اسان جي معشوقہ کي ڇو اسان کان ڇنو اٿؤ، جنهن کان سواءِ اسان بيقرار آهيون؟“ هن جي مراد ڀـَـنگ هئي. جواب ۾ فرمايائين، ته ”اوهان جي معشوقہ پينانگ ۽ رول ٿي پيئي هئي، تنهن ڪري کيس پردي ۾ وهاريو اٿم“. مطلب ته ڏاڍو خوش اخلاق ۽ پاڪباز حاڪم هو، جهڙس ڪي ٿورا لڀندا. اتفاقاً سنہ 1143 هجريءَ ۾ ڇن جي مرض ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ تي ٻنهي امامن (؟) جي سامهون دفن ڪيائون. ”دست وي با دامن آلِ عباست“ (آل نبي جي دامن ۾ آهه هن جو هٿ)، تاريخ طور سندس قبر تي چٽيل آهي. سندس پٽ صادق علي خان کانئس پوءِ ڪجهه وقت شهر ۾ رهيو. نواب دلير دل خان تنهن کان پوءِ، سنہ 1143 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ نواب دلير دل خان، جو هڪ عاليشان امير هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. ٻه سال نهايت انسانيت ۽ امن امان سان گذاريائين. ايتري ۾ ٺٽي جو صوبو اميرخان کي انعام مليو، ۽ اجاري تي ڏنو ويو. نواب همت دلير خان مٿئين دلير خان جي پٽ، نواب همت دلير خان، اهو خيال ڪري، ته متان ڪو ٻيو وڃي سندس پيءُ کان حساب ڪتاب جي طلب ڪري، امير خان کان مقرر ]رقم[ جو مقاطعو ٻڌي، سنہ 1145 هجريءَ ۾ ٺٽي پهتو. اگرچه جاگير مان ڦري اجاري جي صورت ۾ اچڻ ڪري وڏو فرق پيدا ٿي ويو، تاهم هن بختاور اٽڪل چار سال چڱيءَ طرح گذاريا. نواب صادق علي خان نيٺ هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مٿئين نواب سيف الله جو پٽ نواب صادق علي خان، 1149 هجريءَ مطابق 19 جلوسيءَ ۾، امير خان کان ]ملڪ[ اجاري تي وٺي اچي ٺٽي ۾ لٿو. پهريون سال جيئن تيئن ڪري پورو ڪيائين، ۽ ٻئي سال ۾ نقصان ڀرڻو پيس. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي عباسيءَ جي وڪيل، حـضور وٽ انتظام ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري صادق علي خان اجاري ۾ کوٽ ڏسي، ملڪ مٿئين خدايار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله جي حوالي ڪيو، انهيءَ وقت کان، هندستاني حاڪمن جي حڪومت ٺٽي تان لهي ويئي، ۽ هميشہ لاءِ عباسي (ڪلهوڙ) گهراڻو بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿيو. جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي حڪومت سمن ۽ ترخانن جي حڪومت کان وڌيڪ، ۽ ارغونن جي شان و شوڪت سان همسر آهي، تنهن ڪري سندن ذڪر نرالي طبقي ۾ ڪجي ٿو ۽ وڌيڪ فائدي ۽ نمڪ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، هن سلسلي جي بنياد ۽ سندن وڏن جو اجمالي ذڪر پڻ بيان ڪجي ٿو. ]باب ٻارهون[ عباسي (ڪلهوڙا) خاندان جي حڪومت جو بيان واقفڪار ماڻهن کي معلوم هجڻ گهرجي، ته نسبدان فرقي جي ڄاڻن ماڻهن جي فيصلي موجب، هي بزرگ ٽولو، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي حـضرت ”عباس رضي الله عنه“ سان ملي ٿو. هن گهراڻي جو هڪ وڏو ميان ’اوڍاڻو‘ ڪيچ مڪران ۾ پيرطريقت هو، ۽ گهڻا ماڻهو سندس معتقد هئا. هن گهڻو اولاد ڇڏيو، جي سڀ ’اوڍاڻي‘ لقب سان سڏجن ٿا. انهيءَ ميان اوڍاڻي جي پنجينءَ پيڙهيءَ ۾، ’ٿل‘ (1) نالي هڪ بزرگ کاهر ٻيلي ۾ اچي رهيو، ۽ ]102[ ]اهو ملڪ[ گوجر قوم (قبيلي) کان کسي ورتائين. هن کان پوءِ، سندس پٽ ’بهيل‘ نالي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو. برلس(2) جو قلعو ۽ فوتين جا قـُـبا اڃا تائين سندس نالي جا يادگار آهن. ’چنيہ‘ نالي هن جو پٽ ڀائرن جي فساد کان، پنهنجن گهڻن پوئلڳن سميت، اچي کنڀايت جي پرڳڻن ۾ اوڍيجا قوم ۾ رهيو. هن ديبال ڪانگڙي تعلقي جي سمي زميندار ’ڏهره پلال‘ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان ’محمد‘ نالي پٽ پيدا ٿيس، جو وقت جي حاڪمن جو ڏاڏو آهي. هو انهن ستن راڻن جي مدد ۽ رفاقت سان، جن جو ذڪر غزنوي ۽ غوري سلطانن جي گورنرن جي بيان ۾ ٿي آيو آهي، ملتان اچي، ملڪ جي حاڪم وٽ رسائي پيدا ڪري، سڀني جو سردار ٿيو، ۽ هرهڪ کان ڌيءُ جو سڱ وٺي ’ڄام‘ جو لقب حاصل ڪري، بخت جي ڏاڪڻ تي ترقي ڪندو، وڃي وڏي درجي کي پهتو. کيس ٻارنهن زالن مان ارڙنهن پٽ ڄاوا، جن مان هرهڪ کي گهڻو اولاد پيدا ٿيو. انهن مان ’دائود‘ نالي هڪڙو پٽ، راڻي ’چني‘ ولد دهتي (ڏيٿي)، جنهن جو بيان اڳي ٿي آيو، جي ڏوهٽيءَ مسمات ’چوليہ‘ مان پيدا ٿيس، ۽ دائود پوٽا انهيءَ جو اولاد آهن، ۽ ڪاڇي جي جبل طرف ڀاج ۾ رهندڙ لاشاري قوم ]مسمات[ ’لاشار‘ مان ]پيدا ٿي[. قصو ڪوتاهه - ڄام چنيہ ڪيترو وقت روهڙي پرڳڻي جي ڀرالو ]پريان لوءِ[ تعلقي ۾ چنيہ ٻيلي ۾ رهي، آخر سانکره (ساڪري) جي ڪناري تي کنڀايت ۾ گذاري ويو، ۽ اتي دفن ٿيو. مير چاڪر بلوچ ۽ آري(1) ڌاڻي سندس پڦين جا پٽ هئا. هن کان پوءِ گهڻي عرصي تائين زماني جي انقلاب سببان سندس اولاد مان ڪوبه ناليرو ماڻهو پيدا ڪونه ٿيو. آخر نائين پيڙهيءَ کان پوءِ آدم شاهه ولد ميان کچن (گـَـجن) بن صاحب بن ميان خان بن طاهر بن ميان راڻو بن ميان شاهه محمد عرف شاهم بن ميان ابراهيم بن ميان محمد بن ڄام چينہ، شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئيءَ جي واسطي سان، حقيقت جي ڪامل مظهر (ظاهر ٿيڻ جي جاءِ)، دائمي معرفت جي بنياد رکندڙ، مير سيد محمد عرف ميران محمد مهدي جونپوري، جنهن جو بيان ٻئي جلد ۾ آيو آهي، ]جي فيض مان[ ارشاد جي گادي روشن ڪري، سري جي سير ڪرڻ کان پوءِ، تعلقي چانڊوڪيءَ جي هٽڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، ۽ کٻڙ ابڙو پنهنجن پوئلڳن سميت ڊبي ڳوٺ مان لڏي، اچي سندس مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ نواب خان خانان، ميان آدم شاهه وٽ دعا گهرڻ آيو، ۽ نذراني پيش ڪرڻ جو عرض ڪيائين، جنهن تي مٿئين کٻــڙ ابڙي، درخواست ڪري، چانڊين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ چانڊوڪي واري زمين جي زمينداري کيس وٺي ڏني. هن جي وقت جي مرشد لال عيسن سان، جو شيخ الشيوخ (مرشدن جي مرشد) شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو. تلهار ۾ محققاڻي ملاقات ٿي هئي. ڏينهن گذرڻ ڪري جيئن مريد گهڻا ٿيا، تيئن زمين جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر زميندارن جي چرچ تي هو ملتان جي حاڪم جي هٿان شهيد ٿيو. سندس وصيت موجب، ملتان جي حاڪم جي ڪوٽوال آقا شاهه محمد، جنهن کي انهيءَ خدا واري جي جيل واري وقت ۾ ڪافي فيض نصيب ٿيو هو، کيس سکر آڻي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو، ۽ اتان ان شهيد جي رهڻ واري ڳوٺ ۾ وڃي هن جي ٻن صغير فرزندن ]103[ ابراهيم ۽ دائود ۽ سندن پوئلڳن کي، جي انهيءَ وچ ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، گڏ ڪري اتي رهڻ لڳو. شاهه محمد اصل ڪهيري بلوچ قوم مان سيويءَ جي دري جي ويجهو، چتربار جي سرزمين جو رهاڪو هو. ميان الياس هن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ميان الياس بن داؤد بن آدم شاهه، ملڪ جي گاديءَ جو وارث ٿي، مريدن جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ آب داڻي جا ڏينهن پورا ڪري گذاري ويو. سندس قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ڊبي ڳوٺ ۾ آهي. ميان شاهل محمد ان کان پوءِ، سندس ڀاءُ شاهه علي عرف شاهل محمد ملڪ جي گاديءَ تي ويٺو. سندس فقير اڳئين کان وڌيا، ۽ پوکي راهيءَ جي وڌائڻ کي لڳي ويا. لاڙڪاڻي جو ]گهاڙ[ واهه سندس کوٽايل آهي. واهه جي ٻنهي ڪپن واري زمين سانگي ۽ ابڙا قوم کان کسي پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي، پاڻ حبيباڻي(1) ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. ڄام صديق ۽ جلال خان جهڙن ابڙن سردارن مريديءَ جا حق وساري ٻين زميندارن سان ملي، کيس گهڻين لڙاين کان پوءِ بکر جي حاڪم هٿان قتل ڪرايو. سندس مزار گهاڙي پر ڳڻي ۾ چانڊوڪيءَ جي آس پاس مرنده ڳوٺ (تعلقي قنبر) ۾ آهي. ميان نصير محمد هن کان پوءِ مٿئين ميان الياس جو پٽ ميان نصير محمد سنہ 1068 هجري ۾ وڏن جي گاديءَ تي ويٺو. هي مرشديءَ ۾ پنهنجن وڏن کان به لنگهي ويو، ۽ وقت جا ماڻهو سندس جماعت تي حسد ڪرڻ لڳا. نيٺ ملڪي ماڻهن تڪرار ڪري، بکر جي مغلن کي اُٿاريو، جنهن ڪري هو لاچار (ٿي) ٿر ڏانهن هليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، پوک پلاهه، جا انسان جي قوت گذران لاءِ ضروري آهي، جي ذريعن نه هجڻ ڪري، موٽي اچي پنهورن جي حد ۾ رهڻ لڳو. پنهورن جو سردار مير پنهوار، بکر جي حاڪم سان صلاحو ٿي، هڪ زبردست لشڪر، جنهن ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني پڻ هو، وٺي آيو. ٿوريءَ ٺڪاٺڪيءَ کان پوءِ، مرزا خان کيس صلح سان گهرائي پنهنجي چاچي محبت خان هٿان عالمگير جي درٻار ۾ ڏياري موڪليو. هوڏانهن هـُـتي هو ڳپل عرصو جيل ۾ رهيو، هيڏانهن باقي بچيلن فقيرن تي ڪيئي دفعا حملا ڪيا ويا. نيٺ گهڻي عرصي کان پوءِ خود بخود جيل مان آزاد ٿي، پنهنجي وطن وري آيو. هاڻي سندس دولت ۽ پيريءَ ۾ خدا تعاليٰ کيس ڏاڍي ترقي بخشي، ۽ سندس ڏينهن ۾ ڪو به فساد پيدا ڪونه ٿيو. هو پنهورن جي زمين ۾ اهڙي هنڌ، جنهن جي هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي هو، گهاري نالي شهر ٻڌي ويٺو، ۽ ]پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ[ هٽڙي فوجي فقير ۽ ڪاڇو عنايت شاهه فقير کي ڏنائين. هي فقير اڳي ڇڙا ڇڙمل هوندا هئا، سي هاڻي زالون پرڻجي ٻارن ٻچن وارا ٿيا، ۽ ملڪ ۽ زمين وڌائڻ جو سٽون سٽڻ لڳا. مير يعقوب خان نالي بکر جي حاڪم سان هڪ ڀيري جنگ ڪري سوڀارا ٿيا. اهڙي طرح ڪيئي دفعا حاڪمن سان چڪريون لڳن ۽ ڪاميابي هنن جي پاسي ٿيندي رهي. سيوستان جي مغلن کان لاکاٽ جو پرڳڻو اجاري تي هٿ ڪيائون. هوڏانهن فريد ڀاڳت جي ڪوششن سان مڪن موري تي قبضو ڪيائون. ساهتي پرڳڻو پڻ سندس تصرف هيٺ آيو، ته فيروز ويراڙ ]هڪ فقير[ انهيءَ سرزمين ۾ نوشهره نالي هڪ شهر ٻڌايو. هاڻي سرائين (ڪلهوڙن) جا ديرا گهڻن هنڌن تي ٿي پيا. آخر ]104[ زماني جي دستور موجب، (ميان نصير محمد) پنجٽيهه يا ڇٽيهه سال مرادون ماڻڻ کان پوءِ، هميشہ واري جهان ڏانهن لڏي ويو، ۽ گهاريءَ ۾ ڳاڙهي دڙي تي دفن ٿيو. چون ٿا، ته اڳئين سمي ۾ انهيءَ زمين ۾ ٻه نيڪ ڀائر پوکي راهي ڪري پنهنجو وقت گذاريندا هئا. هڪڙو ڇڙو ۽ ٻيو ٻارن ٻچن وارو هو. هڪ دفعي سندن کيتيءَ ۾ ڏاڍي برڪت ڏٺي ويئي. ]سبب ڇا هو،[ ته ڇڙي ڀاءُ، انهيءَ مدنظر تي، ته سندس ڀاءُ جو خرچ گهڻو آهي، پنهنجي ٻار مان ان کڻي ڀاءُ جي کوڙ ۾ ٿي هاريو، ۽ ٻارن ٻچن واري، انهيءَ خيال سان، ته سندس ڀاءُ اڃا دنيا جو مزو نه ورتو آهي، پنهنجو ان سندس کوڙيءَ ۾ ٿي اڇلايو، ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي حال کان ناواقف هئا. ڪيترو به ان کڻي ٿي ويا، ته به سچيءَ نيت جي برڪت سان، اوتروئي پوئتي ٿي رهيو. آخر اَن ڍوئڻ کان ٿڪجي پيا، ۽ پيل ان کي اُتي کڻي ڦٽو ڪيائون. الله تعاليٰ جي قدرت سان اُتي ڳاڙهو دڙو پيدا ٿي پيو، جو اڃا تائين بيٺو آهي. ميان دين محمد ڳالهه کٽائڻي، ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي کان پوءِ، سندس پٽ ميان دين محمد ڪلهوڙي ملڪ جي گاديءَ جو وارث ٿيو. سندس عزت وڌڻ لڳي، ته اصلوڪي دستور موجب، حاڪم ۽ زميندار سندس مخالفت تي ڪمر ڪشي بيٺا. مير پنهوار، جنهن جو شهر فتحپور سرائين جي قبضي ۾ هو، سو ]بادشاهه جي[ حضور ۾ دانهين ويو، ۽ مرزا خان پنيءَ جي نالي حڪم ڪڍايائين. هن ٻه ٽي دفعا حملا ڪيا، پر ڪجهه ڪري نه سگهيو. هن جي بدلي وٺڻ لاءِ حضور وٽان امير شيخ جهان آيو، ۽ مير پهنوار جي ڏس تي فقيرن تي حملو ڪيائين. فيروز ويراڙ ديري قلعي مان نڪري سندس سامهون ٿيو، ۽ ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ راتاهو هڻي ڏاڍو پريشان ڪيائينس. هوڏانهن، گهاري جي لشڪر به پهچي پهرين سان گڏجي، نئين سر ڪاهيو، جنهن ۾ مٿيون امير، فقيرن جي ترار جو شڪار ٿي ويو، ۽ بکر جي حاڪم الله يارخان ڀڄي جند ڇڏائي. ٻيو دفعو قنبرخان بروهيءَ لشڪر وٺي سرائين تي اوچتو حملو ڪيو، جنهن ۾ سوڀارو ٿيو، ۽ سرائن جي هٿ پير مارڻ کان پوءِ، سرائين جي سردار ميرڻ شاهه سان صلح ڪري موٽي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ پنهورن وري تحرڪ ورتو، جنهن تي سرائين جي فوج گهرام(1) کان مرکهه پور ۽ ٻي ڪيتري زمين کسي ورتي. آخرڪار پنهوار عاجز ٿي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيا. هاڻي باقي سيوي ۽ شڪارپور جي حاڪم پني جو پٺاڻن سان تڪرار رهيو، ۽ ٻه ٽي دفعا پاڻ ۾ جهڙپون ٿيون. نيٺ شيخ جهان جي قتل ۽ الله يارخان جي شڪست جو ٻڌي، شاهزادي محمد معز الدين ]پنهنجي سر[ لاهور کان سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. ميان دين محمد ڪلهوڙي هيءَ خبر ٻڌي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد ڪلهوڙي کي کمل ۽ قاسم وڪيلن سان گڏي بکر موڪليو، جن شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿي، هن کي پاڻ کان راضي ڪيو. شهزادو موٽي ويو، پر سرائين جي نصيب ۾، جو مصيبت لکيل هئي، سو بهارشاهه (شاهه بهاري) جي وڏي ڀاءُ مقصودي کي نادانيءَ کان اچي ڪڏ کنيو، ته شاهزادو اسان جي طاقت ڏسڻ کان سواءِ موٽيو ٿو وڃي، هڪ دفعو کيس پنهنجي طاقت ڏيکارڻ گهرجي، تنهن تي پنهنجي سردار کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ، زبردست فوج سان سوار ٿي وڃي ماٿيلي ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن جي ڦـُـر (ڪيائين) ۽ اُچ جي رهاڪن جو ڪوس (پڻ) ڪيائين، جنهن صورت ۾ کٽي اچي چڪي هئي، تنهن ڪري شاهزادو هيءُ خبر ٻڌڻ شرط، جيئن سمنڊ جوش ۾ ايندو آهي، ]105[ تيئن نهايت ڪاوڙ ۾ ڀرجي موٽي آيو. ميان دين محمد ڪلهوڙو مصيبت ايندي ڏسي پاسو ڪري ويو، ۽ شاهي فوج سيوستان ۾ ويهي، گهاري ۽ ان جي ]آسپاس وارن[ ڳوٺن کي ڦـُـري صاف ڪري، ڇڏيو. سيوستان ۾ ڇهه مهينا رهڻ کان پوءِ، آخر ميان دين محمد ڪلهوڙي صلح ڪري اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هن جي اچڻ کان پوءِ، پوين جي آڻڻ لاءِ هڪ زبردست فوج مقرر ڪئي ويئي. کوڙ جي سر زمين ۾ گاج نئن جي ڪناري تي، ميان يار محمد ڪلهوڙي شاهي فوج سان جنگ ڪرڻ واسطي مقابلي جو نغارو وڄايو، ۽ ڌرين ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان رت جون نديون وهيون. هـُـن پاسي کان راجا ڪجسنگ ڀٽي ۽ سورجمل اڌيپوري، ۽ هـِـن طرف کان تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختاور فقير اوٺوال، هر هڪ گهڻن ماڻهن سان ڪم آيو (ڪسي ويو)، ۽ شڪست مغلن کي آئي. انهيءَ کان پوءِ شاهزادو، ميان دين محمد ڪلهوڙي کي پاڻ سان وٺي موٽي ويو، ۽ ملتان پهچي کيس حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪيائين (مارائي ڇڏيائين). ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات هليو ويو. پهرين ته بروهي لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيا، ۽ سخت لڙائيءَ کان پوءِ، جنهن ۾ محراب خان هن طرف جي ڄاڻ کان سواءِ قتل ٿي ويو، ٻه فرزند: ميان نور محمد ۽ محمد خان ضمانت طور وٺي، صلح ڪري پاڻ وٽ جاءِ ڏنائون. اهو واقعو 1111 هجريءَ ۾ ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي قلات ۾ ٻه سال پريشانيءَ جي حالت ۾ گذاريا. اڪثر سرائي سردار پڻ پاسڙو وٺي ويهي رهيا، ۽ سندس ملڪ جي گهڻي ڀاڱي تي مرزا خان جي پٽ بختاور خان ]جي ماڻهن[ پٺاڻن قبضو ڪري ورتو. ٻن سالن کان پوءِ سنہ 1113 هجريءَ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي، مريدن کان بيعت وٺي التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾ کڻي، پنهنجي موروثي زمين ڏانهن رخ رکيو. پهريائين زيدي کان لنگهي، منزل ڪندا، منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ سانوه ڳوٺن ۾ پهتا، جن کي زالون ساڻ هيون، سي اُتي رهجي پيا، پاڻ اڳتي وڌي پهريائين قيصر پنهور کان سامتاڻي وٺي، پوءِ ڳاهن ۾ اچي ڇانوڻي هنيائين. تنهن کان پوءِ، پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي سرائي سردارن سان گڏ اڳتي موڪليائين، جنهن وڃي مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري، فتحپور جو قلعو ڇڏايو. هن فتح کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙو پاڻ به اچي سرائين سان مليو. التماس خان بروهي بخت جي ههڙي ياوري ڏسي چيو، ته ”توهان جو خداوند تعاليٰ مددگار ڪافي آهي، منهنجي ضرورت ڪانه آهي“ . ]ائين چئي[ هو موٽي ويو. هاڻي ٽڙي پکڙي ويل سرائي هر طرف کان اچي گڏ ٿيا، ۽ هيءُ گچيرو فتح ڪري، پنهورن جي گادي شڪارپور جو نالو ڦيرائي ’خداآباد‘ نالو رکي، انهيءَ ۾ رهڻ لڳو، ۽ هيڏي هوڏي فوجون موڪلي گهاري ۽ ڪدياره، لشڪر جي مدد سان آزاد ڪرائي، لاڙڪاڻو بختاور خان جي ڀاءَ الله بخش جي هٿ مان ڇڏايائين. بختاور خان لاچار ٿي ملتان جي شهزادي معز الدين جي خدمت ۾ عريضو موڪليو، ته ”دين محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ وري ههڙي شورش مچائي آهي، هي وقت واهر ڪرڻ جو آهي“. اگرچ هن شهزادي کي پنهنجي مطلب لاءِ گهرايو هو، ليڪن ” مَنْ حَفَرَ بِيْرًا لاَخِيْهِ وَقَعَ فِيهِ “ (کر کڏ کڻي ٻئي جي ڪاڻ ڪري پاڻ) جي مقتضا موجب، نتيجو ابتو نڪتو. اتفاقاً جڏهن شاهزادي سڌو سندس ملڪ جي رستي سان ]106[ رخ ڪيو، تڏهن ملڪ جي برباديءَ جي خوف کان عرض ڪيائين، ته ”هن رستي کان نه اچڻ گهرجي“. شهزادي کي هي مختلف عريضا ڏسي انهيءَ ۾ خلل ڏسڻ ۾ آيو، ۽ انهيءَ پاسي روانو ٿيو. هن کي کٽي کنئي بيٺي هئي، تنهنڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ سخت مقابلي ڪرڻ کان پوءِ قتل ٿي ويو. ايتري ۾ هن طرف جي وڪيلن حاضر ٿي ]بادشاهزادي جي[ دل تي پنهنجي غلاميءَ ۽ اخلاص جو خاطرخواهه اثر وهاريو. شهزادي، بختاور خان کي قتل ڪري ڪجهه وقت اچي بکر ۾ رهيو. سيويءَ جو ديرو بختاور خان جي انتقال ڪرڻ کان پوءِ غازي خان دودائيءَ کي عطا ٿيو، پر هن کان جوڳو انتظام نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري ڦيرائي بختاور خان جي ڀاءُ الله بخش خان کي ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان نهارن کي مليو، پر ڪو به پورو انتظام رکي نه سگهيو، ۽ نيٺ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي وڪيلن جي حوالي ٿيو، ته وڃي پنهنجي مؤڪل (اصيل) کي پهچائين! تنهن سان گڏ هي به حڪم ٿيو، ته ”هن سرفرازيءَ جي عيوض ميان يار محمد ڪلهوڙو حـضور ۾ حاضر ٿي دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪري“. طلب موجب ميان يار محمد درٻيلي ۾ پهتو، ته خواجہ حسين خان گهڻين نوازشن سان هن حڪم جي منسوخيءَ جو فرمان کڻي آيو، ۽ ديري جي نگراني سندس حوالي ڪيائين. اتان کان شاهي غلامن جي لسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا ٿي، ۽ ’خدايار خان‘ جو خطاب سندن طرهء امتياز بڻيو. شاهزادي، خانپور، مير امين الدين خان کي، شڪارپور، سنجرخان، مبارڪ خان ۽ هوت خان دائود پوٽن کي، ۽ سيوستان غلام محمد سکهانيءَ کي ڏيئي، بکر کان ملتان روانو ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، غازي خان جي پٽ شاهه محمد جي مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ ديري ۾ آيو، ۽ سخت لڙاين کان پوءِ به سندس معاملو جتي جو تـِـتي رهيو. آخر هتان مير شهداد خان ٽالپر وڃي پنهنجي سهڻيءَ تدبير سان شاهه محمد جو ڪم پورو ڪيو. هن خدمت اڳئين غلاميءَ سان گڏجي سوَن جي مٿان سهاڳي جو ڪم ڏنو، ]۽ شهزادي[ درجي ۾ اضافي ۽ نئين سر انعامن جي نوازش ڪئي. مير شهداد خان کي پڻ پٽ باران جي زمين جاگير ۾ عنايت ٿي. هنن واقعن کان پوءِ جيڪي شهزادا قلات ۾ هئا، سي پڻ اچي خيريت سان خداآباد پهتا. سيويءَ جي ديري تي پهريائين صاحبزادو مير محمد ۽ پوءِ محمد دائود خان رهيا. هڪ دفعي رحيم خان پرانک ۽ دولت خان پني فساد مچايو، جنهن جي سزا ملين. ٿوري وقت کان پوءِ دائود پوٽا پڻ، سخت لڙاين کان بعد شڪست کائي، هميشہ لاءِ پيش پيا. هي سڀ معاملا نون سالن ۾ گذريا، باقي ٻيا نو سال عيش آرام ۾ گذريا، ۽ جهوڪ جي جنگ کان سواءِ ٻي ڪا به حرڪت پيدا ڪانه ٿي. مدد جي خدمت جي عيوض سماواتي ۽ چاچڪن جا ڪي ڳوٺ، جهڙوڪ: لڪڙي ۽ ڏنڊو، حجام، دورنگ، رجب، ويسر، پاچاته(1)، تهورو، ديهه سائينڏنو(2) ۽ جهوڪ جي آسپاس دٻي(3) جي ڪجهه زمين جو حـصو، کيس جاگير مليو. نواب شاڪرخان جي وڃڻ کان پوءِ - جنهن جو سبب تاريخن ۾ مفصل بيان ٿيل آهي، روپاه جو پرڳڻو پڻ اجاري تي هٿ ۾ آيس. آخر ارڙهن سالن جي مرادن ماڻڻ کان پوءِ، 15 ذو القعد سنہ 1131 هجريءَ ۾، سومر يا اڱاري ڏينهن، ٻئي جهان جو عام رستو وٺي روانو ٿيو. ميان نور محمد الملقب به خدايار خان هن کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ’خدايار خان‘ جي لقب سان، پيءُ جو ملڪ قبضي ڪيو، صاحبزادو دائود خان ٽي سال مخالف رهيو، پر پوءِ نيٺ اچي ڀائپيءَ جو ناتو رکيائين. حڪومت جي چوٿين سال، مطابق ]107[ سنہ 1135 هجريءَ ۾، دائود پوٽا لڙائي لاءِ اٿيا، ۽ ملا جيئندو ابڙو، جو بکر تعلقي جي جتوئي پرڳڻي ۾ ڪن زرخريد ديهن جو سنڀاليندڙ هو، تنهن سان جهڳڙو ڪيائون. شڪارپور ۽ خانپور جي سرزمين، جا ]آس پاس جي[ ديهن سميت مير عبدالواسع خان جي جاگير هئي، هنن انهيءَ ۾ پڻ دخل ڪري مٿئين خان کي ڪوبه جواب ڪونه ٿي ڏنو، تنهن ڪري ٺاري خدمتگار کي حـضور ۾ موڪلي، ]مٿئينءَ[ جاگير کي پنهنجي حوالي ڪرڻ جي گـُـهر ڪري، هنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ متوجهه ٿيو، ۽ ڪجهه لڙاين کان پوءِ کين شڪارپور جي قلعي ۾ گهيرو ڪري آڻ مڃرايائينِ. قـصو مختصر، ته ملڪ کي چار حـصا ڪري ٻه حصا جاگير جي مالڪ کي ۽ هڪ حـصو دائود پوٽن کي ڏيئي، چوٿون حـصو پنهنجي هٿ ۾ رکي، ضمانت وٺي، موٽي آيو. هيءَ قوم بار بار عهد شڪني ڪري ملڪ ۽ زمين کان دربدر ٿي ويئي. رفتي رفتي خدايار خان سنہ 1139 هجريءَ ۾ شڪارپور ۾ منزل ڪري، دائود پوٽن جي بيخ ڪنيءَ لاءِ لشڪر روانو ڪيو، جنهن وڃي ’دبلي‘ (1) جي قلعي ۾ کين گهـُـٽيو. آخر سيدن جي منٿ ڪرڻ تي کين امان ملي، ۽ فساد جو خيال بلڪل دل مان ڪڍي ڇڏيائون. هن وقت ’نهاران‘ جي زمين، جا انهيءَ بدانتظاميءَ واري زماني ۾ دائود پوٽن کي هٿ آئي هئي، سا پوريءَ طرح مالڪن کي موٽي ملي ۽ هو دربدر ٿي وڃي ڏوراهين ملڪ ۾ پيا ۽ وڃي ملتان جي پرڳڻن، جهڙوڪ: ’پهلي‘ ملڪ امام الدين جويه(2) ۽ فريد خان لکهديره، تاين(3)، بهاولپور، هانسي(1) سمي جو ملڪ، افغانن جي سرحدن جي ويجهڙائيءَ واري زمين، بابا فريد جو پٽن ۽ صير - ۾ رهيا. نيٺ ٻن سالن کان پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي، نوڪريءَ جي التجا ڪيائون، جنهن تي لائق گذران عطا ڪري کين بکر تعلقي واري زمين ۾، جا سرائين کي تازي هٿ آيل هئي، جاگيرون ۽ گهر ڏيئي رهايو ويو. ساڳيءَ طرح ملتان جي آسپاس جا مشهور زميندار شيخ حميد ۽ شيخ عثمان روتڪ پڻ ٻارين ٻچين اچي ملازمت ۾ داخل ٿيا. سنہ 1143 هجريءَ ۾ مراد ڪليري، عرف گنجو، سيويءَ تي مقرر ٿيو ۽ گنجاوه جي زميندار قيصر مگسي، محال شورن جي سردار، ميرو گواري رند، محال سنيءَ جي سائيس گهرام لاشاريءَ جي اولاد، محال ڪڇيءَ جي مالڪ ميرو بلدي، محال ڀاڳ ناڙيءَ جي زميندارن، هر هڪ مهيان(2) اميري ۽ لهپا(3) ماڇيءَ، ڍاڍر جي مالڪن، بازوئي قوم جي ڪالا خان ۽ ٻين ڪوهستان جي بلوچ زميندارن ۽ ڪنکانيءَ جي محالدار بهار خان امراڻيءَ کي، جو هر هڪ هزارين لشڪر جو سردار هو، ماري مات ڪري قلات جي خان عبد الله بروهيءَ سان، جو پاڻ کي ’ڪوهستان جو شهباز‘ سڏائيندو هو، وڃي هٿ ڳنڍيائين. آخر سنہ 1143 هجريءَ ۾ پنهنجي سر چڙهائي ڪري، گهيري ۽ جنگ سان ڪرته(4) جو قلعو مبارڪ خان کان ورتائين، ۽ لشڪر اڳتي وڌي اسماعيل خان بروهيءَ کي شڪست ڏيئي، ڪاڪر(5) بروهيءَ کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو. هن واقعي کان پوءِ مير عبدالله خان پنهنجون ٻه نياڻيون صاحبزادن کي ڏيئي صلح ڪيو. اتفاقاً سال 1144 هجريءَ ۾ بروهين جي هڪ قوم عهد شڪني ڪري فريدآباد جي ڀر واري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنهن تي ]ميان[ پاڻ پنهنجي سر انتقام وٺڻ خاطر وڃي لاڙڪاڻي ]108[ ۾ منزل انداز ٿيو، ۽ نامور سردارن کي امير عبدالله خان سان جنگ ڪرڻ واسطي موڪليائين. جذ پهر(1) ۾، جتي مير عبدالله خان اڳرائي ڪري آيو هو، ٻنهي ڌرين جو ٽڪر ٿيو. هو ]مير عبدالله[ رستم جهڙي جنگ کان پوءِ، مارجي ويو، ۽ آئيندي لاءِ بروهين جو زور ٽـُـٽي پيو. سنہ 1145 هجريءَ ۾ صاحبزادي محمد مراد ياب خان چونڊ سردارن سان گڏجي، ’ڪهيارو‘ ۽ ’نرڪار‘ وڃي، مير عبدالله خان جي سوٽ مراد عليءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سنہ 1146 هجريءَ ۾، صاحبزادو خداداد خان هنن ماڻهن مان شادي ڪري مراد مند ٿيو. هن کان پوءِ نادرشاهه بادشاهه جي اچڻ جا سبب پيدا ٿيا، ۽ اوڏانهن وڪيل اچڻ وڃڻ لڳا. سنہ 1149 هجريءَ ۾ بکر جو ملڪ هٿ آيو. سيوستان انهيءَ کان اڳ هٿ اچي چڪو هو. سنہ 1150 هجريءَ ۾ ٺٽو پڻ، جيئن مٿي بيان ٿيو، قبضي ۾ آيو، ۽ اتي جي نائبيءَ جو شرف شيخ غلام محمد کي نصيب ٿيو. انهيءَ سال نادرشاهه قنڌار فتح ڪري سنڌ جي رستي هندستان ڏانهن وڃڻ بابت لکيو، تنهن ڪري سرحدن مضبوط ڪرڻ خاطر ]پاڻ[ لاڙڪاڻي وڃي، صاحبزادي محمد مراد ياب کي ٺٽي روانو ڪيائين. هو سنہ 1151 هجريءَ جي ذوالقعد مهيني جي آخر ۾ ٺٽي پهتو، ته ڌاراجا جو حاڪم راڻو اجمال ۽ ڪڪرالي جو ڄام ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳا، ۽ سامونڊي آرماڙ مٺي درياءَ ۾ وٺي آيا، جنهنڪري پاڻيءَ توڙي خشڪيءَ تي ڪيئي جنگيون، توڙي چڪريون لڳيون. سندن جهازن، ٺٽي جي گهاٽ وٽ پهچي نصرپور تائين ٻنهي ڪپن تي ڦرلٽ ڪئي. آخر جڏهن هن پاسي کان توبون آڻي ڪناري تي بيهاري ڇوڙيائون، تڏهن شڪست کائي موٽي ويا، پر سرائين جي فوج پيڇو ڪري ٻنهي کي زبردستيءَ آڻ مڃائي. تنهن کان پوءِ نادري تفرقو پيدا ٿيو. محمد مراد ياب خان شوال جي ابتدا ۾ ٺٽي مان وڃي پيءُ سان مليو. خدايار خان عمرڪوٽ پهچي اهل و عيال کي تلهار روانو ڪيو، ۽ جنهن رات جي صبح جو پاڻ کي پڻ نڪرڻ جو ارادو هئس، انهيءَ جي صبح جو بادشاهه پنهنجي سر اچي ناگهاني آفت وانگيان عمر ڪوٽ جي ٻاهران ڪڙڪيو. هاڻي جڏهن ڪم هٿان نڪري چڪو هو، تڏهن لاچار خدايار خان گنهگارن وانگيان اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيو. بادشاهه کيس پاڻ سان وٺي اچي لاڙڪاڻي منزل انداز ٿيو، ۽ هڪ ڪروڙ رپيا وٺي، ملڪ وري بخشي، سيوي پٺاڻن ۽ شڪارپور دائود پوٽن کي ڏيئي، عزت افزائيءَ لاءِ ’شاهه قلي خان‘ جو لقب عطا ڪري، صاحبزاده محمد مراد ياب خان ۽ غلام شاهه کي ضمانت ۾ وٺي، 11 محرم سنہ 1153 هجري ۾، لاڙڪاڻي کان واپس موٽي ويو. ذوالقعد مهيني جي پڇاڙيءَ ۾، جنهن ڏينهن بادشاهه عمرڪوٽ پهتو هو، انهيءَ وقت مغل فوجون سڄيءَ سنڌ ۾ گهڙي پيون هيون. انهن مان صالح خان بيات ۽ شاهه وردي خان کرت، شيخ شڪر الله ۽ مستي خان جويه کي اگهم جي ڳوٺ مان، جو ٺٽي کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي آهي، وٺي شهر ۾ آندو، ۽ شاهي حڪم موجب پاڻ سان وٺي ويا. تنهن کان پوءِ حڪم موجب شهر جا مکيه ماڻهو، آقا محمد ڪريم اصفهانيءَ سان گڏ، ]109[ بادشاهه جي قدم بوسيءَ تي اچي نوازش سان سرفراز ٿي موٽيا. پوءِ آقا محمد ڪريم رعيت جو وڪيل مقرر ٿيو، ۽ سلطان سامٽيو، شاهه قليءَ جي پاران ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. هن شورا قوم کي ماري مات ڪيو، جي نادري بدانتظاميءَ ]واري وقت[ مغرور ٿي، کنڊ جي سرزمين، جا ]پرڳڻن جي[ دل آهي، منافي، ڪنرو، آريسر ۽ ڪهير تعلقي چاڪر هاله ۾، هوندي ۽ لڌي شوري جي سرڪردگيءَ هيٺ، ارڏايون ڪري رهيا هئا. تنهن کان پوءِ جلد ئي ونگي تعلقي چاچڪان جي اربابن، ارباب تماچي، طوغاچي، ٺاري، سيلي، ڪاهي، ۽ آسو سومرن تي، جي ڍل ڏيڻ تي تيار نٿي ٿيا، ڪاهي کين نابود ڪيائين. 1155 هجريءَ ۾، مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي (سردارن جو سردار) انهن شاهي جهازن جي آڻڻ لاءِ جيڪي سورت بندر ۾ تيار ٿي رهيا هئا، ڪراچي بندر جي رستي، آيو. نواب شاهه قلي خان سندس ملاقات لاءِ ٺٽي آيو، ۽ اڍائي مهينا ٺٽي رهي واپس وريو. 1156 هجريءَ ۾ سردار طهماسپ قلي خان، جلائر، دائودپوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ آيو. هيڏانهن شاهه قلي خان (ميان نور محمد ڪلهوڙو) وقت جي مصلحتن خاطر پاسو ڪري ويو، تنهن ڪري سنڌ ۾ نئين سر بدانتظامي پيدا ٿي. جنهن صورت ۾ ٺٽي جو ناظم سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله، شاهه قلي خان جي گهرائڻ تي ٺٽو خالي ڪري ڇڏي هليا ويا هئا، ۽ هوڏانهن مظفر علي خان، سردار سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو هو، تنهن ڪري ڪيترا ڏينهن شاهي وڪيل رضا بيگ، هندستاني حڪومت جي باقي رهيل سردار فاضل بيگ، ڌاراجي جي راڻي ۽ ارباب ساجن راتيه(1) جي مدد سان ٺٽي جي نگراني ڪندو رهيو. نيٺ جڏهن شاهه قلي خان سردار جلائر جي ملاقات لاءِ اچي پوره ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجي ٽئين پٽ عطرخان کي ضمانت ۾ ڏيئي موٽي ويو، تڏهن سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله وري ٺٽي موٽي آيا. 1157 هجريءَ ۾ شيخ شڪر الله، ڪڪرالي جي حاڪم ڄام هوتيءَ کي نابود ڪري، سندس جاءِ تي ڄام موهر کي مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ سال 1158 هجريءَ ۾، شاهه قلي خان پاڻ ڪانجيءَ جي قلعي تي ڪاهي ان کي زبردستيءَ سان فتح ڪيو. 1159 هجريءَ ۾ انهن ڪڇي ڪافرن کي، جن ڪانجي جي قلعي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ بدين جي ڳوٺن ۽ ٻين هنڌن تي اچي شورش پيدا ڪئي هئي، سيکت ڏيڻ لاءِ، بهارشاهه فقير (شاهه بهاري) ۽ ٻين جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو ويو. هاڻي سلطان فقير نيڪناميءَ سان گذاري وڃي مڪلي ٽڪريءَ تي آرامي ٿيو، ۽ سندس پٽ مسو فقير سندس جانشين ٿيو. 1160 هجريءَ ۾ نادر شاهه قتل ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڌاراچي جي راڻي جي چرچ تي سؤ جابلو ويڙهاڪ ماڻهو ٺٽي جي پسگردائيءَ کي ڦـُـرڻ لاءِ آيا. مسوفقير ۽ شيخ شڪر الله، بولي خان جاکري سان گڏ، کين سامهون ٿيڻ لاءِ، وڏي درجي واري پير (شايد پير پٺو) جي مزار وٽ اچي منزل ڪئي، پر جنهن صورت ۾ لشڪر قبرن مٿان لنگهيو هو، تنهن ڪري ان بي ادبيءَ جي سزا ۾ ٽئين ڏينهن مقابلي ڪرڻ وقت هزارن، سون کان زبردست شڪست کاڌي. راڻي جي انهيءَ اڳرائي ڪري، صاحبزادو محمد خداداد خان وڏو لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي آيو. مٿئين ڏوهه ۾ مسو فقير نظامت (گورنري) کان موقوف ٿيو، ۽ بلاول فقير نائچ ]گورنر[ مقرر ٿي، راڻي جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو. راڻو پاڻ سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ قلعو ڪن غلامن جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي ويو. انهن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن بي انداز لشڪر سان جنگ جوٽي ڏني. ]110[ آخر قلعو جنهن صورت ۾ نهايت اهم هو، تنهنڪري هڪ جڙتو دستاويز جي ذريعي فتح ڪيو ويو. قلعو هٿ ڪري صاحبزادو موٽي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ شيخ شڪر الله، راڻي کي بجار جوکئي جي معرفت صلح جي ڳالهين ڪرڻ لاءِ آرماڙ مان هيٺ لاهي قتل ڪرايو. سنہ 1161 هجريءَ ۾، احمد شاهه بادشاهه درانيءَ هندستان جي بادشاهه سان نادر شاهه جي وقت واريون سرحدون مقرر ڪري، سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ’شاهنواز خان‘ جي خطاب سان نوازيو. سنہ 1162 هجريءَ ۾، صاحبزاده غلام شاهه ۽ عطر خان ايران کان موٽي آيا. سنہ 1163 هجريءَ ۾، گل محمد خراساني ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. انهيءَ ئي سال مراد ياب خان جي مسقط ۾ اچڻ ۽ سندس ساٿي شيخ غلام محمد جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي، ۽ شيخ شڪر الله کي صاحبزادي کي وٺي اچڻ لاءِ آرماڙ وٺي رواني ٿيڻ جو حڪم ٿيو. سنہ 1164 هجريءَ ۾، جهاز مسقط بندر ڏانهن روانا ٿيا، ۽ شيخ شڪر الله جي حياتيءَ جو جهاز موت جي سمنڊ ۾ غرق ٿيو. صاحبزادو محمد مراد ياب خان پيءُ جي ديدار کان فيضياب ٿيو، ته کيس سڄو دفتر حوالي ڪري خداآباد ۾ وهاري، شاهنواز خان پاڻ اچي نئين ٻڌايل شهر محمد آباد ۾ رهيو. صاحبزادو محمد خداداد خان، جو ڀاءُ جي وڏي سفر ڪري وليعهديءَ جو پڳدار ٿيو هو، تنهن جي ڀاءُ جي اچڻ ۽ وليعهدي کسجي وڃڻ ڪري دماغ خراب ٿي پيو، ۽ هندستان هليو ويو. هيڏانهن محمد مراد ياب خان حڪومت جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلائي سگهيو، تنهن ڪري دفتر کانئس کسيو ويو. سنہ 1166 هجريءَ ۾، سردار جهان خان جي اچڻ جو ٻڌي ٿوري ڳڻتي پيدا ٿي، پر جلد ئي دفع ٿي ويئي. ساڳئي ئي سال جي آخر ۾ خود بادشاهه جي هن طرف کان ٿيندو هندستان وڃڻ جو گرماگرم هل ٿيو، ۽ محرم سنہ 1167 هجريءَ جي چوٿين تاريخ، بادشاهه جي آمد جي پڪي خبر ٻڌي، ]شاهنواز خان[ محمد آباد کان تلهار هليو ويو، ۽ رستي مان تابعداري ظاهر ڪرڻ ۽ شاهي فوج جي رستي بدلائڻ بابت عرض ڪرڻ واسطي، گدومل کي وڪيل ڪري، شهنشاهه جي ڪئمپ ۾ پهتو، پر بادشاهه جي مزاج تي ڪاوڙ غالب هجڻ ڪري ٽن ڏينهن تائين حاضري ڪانه ٿيس. آخر جڏهن نوشهري جي سرزمين تي ڇانوڻي لڳي، تڏهن مٿئين وڪيل جي مراد پوري ٿي پر اتفاقاً، ايتري ۾ ملڪ جو والي، جيسلمير جي سامهون ڪو رهره جي گهاٽ وٽ، خناق جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، بادشاهن جي بادشاهه جي سڏ کي لبيڪ چئي ساڳئي سال جي ٻارهينءَ صفر تي هميشہ واري جهان ڏانهن روانو ٿي ويو. سڀني اميرن اتفاق ڪري صاحبزادي محمد مراد ياب خان ڪلهوڙي کي، جو انهيءَ ڊپ کان، ته متان اڳي وانگيان کيس ضمانت ۾ وڃڻو پوي، پيءُ جي خدمت مان ڀڄي ويو هو، گهرائي، ساڳئي مهيني جي 16 تاريخ تي حڪومت جي تخت تي وهاريو. هيءُ خبر ٻڌي، بادشاهه ڪن دشمنن جي برغلائڻ تي پنهنجين پهرين ڳالهين کان ڦري ويو، جنهن ڪري محمد اسماعيل خان پني اچي محمد آباد تائين پهتو. هن ٻه ٽي غير مشهور سردار سيد شاهه محمد جي هٿ هيٺ ٺٽي موڪليا، ۽ هڪ دستي ڊڪي وڃي ٿر جي ويجهو ديهه ٺارو هڱورجي کي لـُـٽيو. اسماعيل خان جي ماڻهن جي پويان، گل محمد خان خزانه آفيسر جي پاران صالح خان نالي هڪ ماڻهو، ڍل وصول ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽي پهتو. ]پر[ انهيءَ کان اڳ ۾ محمد بيگ شاملو، ٺٽي جي بيٺل ماڻهن کي ڪوٺڻ لاءِ آيو هو، ۽ آقا محمد صالح کي ٺٽي جو نائب ناظم (گورنر) مقرر ڪري، ٺٽي جا مکيه ماڻهو ساڻ وٺي، ڪئمپ ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. پويان ايندڙ ماڻهن آقا محمد صالح کي بيدخل ڪري ڇڏيو. جيئن ته محمد بيگ ]ٺٽي جي[ مکيه ماڻهن کي رستي مان موٽي وڃڻ جي موڪل ڏيئي ]اڪيلو[ اچي ڪئمپ ۾ حاضر ٿيو، ۽ ڍل جي وصوليءَ لاءِ نائب مقرر ڪرڻ ڪري عتاب هيٺ آيو، تنهن ڪري ڍل جي وصوليءَ جو پروانو قاضي محمد محفوظ جي نالي جاري ٿيو، ۽ بيٺل ماڻهن کي وري گهرايو ويو. هيڏانهن قاضي صاحب جو فرزند رشيد، صالح خان سان ديوانيءَ جي حوالي جي وٺڻ تي تڪرار ٻڌيو ويٺو هو، ته هوڏانهن مرحوم ]ميان نور محمد[ جي وڪيل، سرائي سردارن جو رضانامو، يرغمال (ضمانت) طور محمد عطر خان جي ٻانهن، ۽ سنڌ جي دستوري نذراني کان وڌيڪ نذراني ڏيڻ جي آڇ پيش ڪري، محمد مراد ياب خان جي نالي تي سنڌ جي حڪومت جو پروانو، ۽ ’سربلند خان‘ جو لقب حاصل ڪري، اچي پنهنجي مؤڪل (اصيل) کي اطلاع ڏنو. هيءُ خبر ٻڌي ٺٽي جا مکيه ماڻهو نئين واليءَ کي ڏسڻ لاءِ رستي مان ئي عمرڪوٽ روانا ٿيا، ۽ محمد مراد ياب خان ملڪ ڏانهن توجهه ڪري ٺٽي جي گورنري شيخ ظفر الله جي نالي تي مقرر فرمائي. اهڙيءَ طرح سنڌ نئين سر، آيت سڳوريءَ ”اِنَّ الْمُلُوْك اِذَا دَخَلُوْا قَرْيَة اَفْسَدُ وْهَا“ (بيشڪ بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ قدم رکندا آهن، ته انهيءَ کي ويران ڪندا آهن) جي مصداق کان آزاد ٿي. محمد مراد ملقب به نواب سربلند خان(1) نواب سربلند خان جي عمر ڪوٽ جي قريب پهچڻ تي، ديوان گدومل به حڪومت جو پروانو ۽ سروپاءِ کڻي اچي حاضريءَ جو شرف حاصل ڪيو. حڪم ملڻ تي ڪامورن اتان اچي نصرپور جي سامهون ]نواب جي[ ڪئمپ لاءِ هڪ زمين تيار ڪئي. ]نواب جي[ انهيءَ زمين تي تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ، ٿورن ئي ڏينهن ۾، ’مراد آباد‘ نالي هڪ وڻندڙ شهر تيار ٿي ويو. ساڳئي ئي سال جي پـڇاڙيءَ ۾، ڪڪرالي جي ڄام جي مهم ڏانهن توجهه ڪري، مناسب لڙاين ۽ صائب تدبيرن سان، سندس شان و شوڪت ڀڃي، کيس ڪوداريه کان ديري ڏانهن ڀڄائي، خورد(2) اوڇه، لنجاري، ميران ۽ ڪجي جي زمين هٿ ڪيائين. ڪجي کي ڇانوڻي مقرر ڪري، هر هڪ جاءِ محڪم قلعا ٺهرائي، انهن کي مضبوط ڪيائين. هن کان پوءِ ٻه سال ٻيا به ملڪ آرام سان هلايائين. چوٿين سال روش بدلائي اهڙو نمونو اختيار ڪيائين، جو ملڪ جي زوال جو ڪارڻ بڻيو. سرائي سردارن ۽ عام رعيت کي ايذايائين. جنهن صورت ۾ بادشاهي ماڻهن جي تسلط ۽ زبردستيءَ کان تنگ ٿي پيو هو، تنهن ڪري ملڪ کي صاف ٻهاري، ڪنهن ٻئي پاسي نڪري وڃڻ جو پڪو خيال ڪيائين، انهيءَ ڪري خزانو مسقط بندر ڏانهن روانو ڪندو رهندو هو. ڪڪرالي جي ڄام جو ملڪ سندس رستي ۾ روڪ هو، تنهن ڪري سال جي پڇاڙيءَ ۾ ڄام کي وچان ڪڍي ڇڏڻ ۽ سندس ملڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي هٿ آڻڻ لاءِ، لشڪر مقرر ڪيائين. سرائي سردارن، جن ڄام سان صلح ڪرڻ وقت قرآن کنيو هو، تن کي اها ڳالهه نه وڻي. جنهن صورت ۾ سڀئي ڪڪ ٿي پيا هئا، تنهن ڪري پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪري، ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جي بيعت ڪري، 13 ذوالحج سنہ 1170 هجريءَ جي رات، پنهنجو انتظام پڪو ڪري، صبح جو سندس حويليءَ تي ڪاهي، کيس سندس پٽن سميت قيد ڪيائون. ميان غلام شاهه خان تيرهين ذوالحج سنہ 1170 هجريءَ جي صبح ]112[ جو، حڪومت جي گاديءَ تي ويهي، ڌَڪيل حاڪم جي ظلم هٿان ڦٽيل ماڻهن جي دلين تي مهربانين جي ملم رکي، ساڻن همدردي ڪئي. عنقريب، نئين سال جي پهرين ڏهن ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، جڏهن انهيءَ منحوس شهر کي چؤڌاري پاڻي وڪوڙي ويو، اتان لڏي، پيءُ واري محمد آباد جي ڀرسان ’الهه آباد‘ نالي نئون شهر ٻڌائي، وڃي اُتي رهيو. سڀني اميرن سندس حڪم آڏو سر جهڪايو، مگر محمد مراد ياب خان جي سڳي ڀاءُ احمد يار خان، جو خداآباد ۾ ٿي رهيو، تابعداري قبول نه ڪئي. هوڏانهن بهادر شاهه جو پٽ مقصودو فقير، پيءُ کي هن ڪم ۾ ڀـُـليل سمجهي، ڪنهن ٻي ارادي جي انتظار ۾ ويهي رهيو، پر نيٺ تسلي ڏيارڻ کان پوءِ، ٻاهريون ٻنو رکي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ايتري ۾ عطر خان جو ضمانت طور ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ موجود هو، تنهن محمد مراد ياب خان جي موقوفيءَ جي خبر ٻڌي، فرياد ڪري، ملڪ ]جو پروانو[ پنهنجي نالي ورتو. هيڏانهن وري احمد يار خان سندس واسطي لشڪر تيار ڪيو. سرائي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي چوڻ لڳا، ته ”جنهن صورت ۾ عطر خان کي حڪومت بادشاهه جي پاران ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسان کي ضرور هن جي تابعداري (ڪرڻي پوندي)“. غلام شاهه وقت جي مصلحت ڳڻي، ساڳئي ئي سال جي 25 صفر تي، ساري لشڪر سميت ٿر ڏانهن نڪري ويو. ٿورين منزلن کان پوءِ مقصودو، عطر خان جي خطن پهچڻ تي، محمد مراد ياب کي آزاد ڪرائي، اڪثر سرائي سردارن سان گڏجي، اوڏانهن (عطر خان ڏانهن) روانو ٿيو، ۽ غلام شاهه پنهنجن خاصخيلين: راڄي ليکي، ۽ ڪن ٿورن فدائين سان اڳتي هليو ويو. محمد عطر خان ملڪ خالي ڏسي، ڇالاءِ ته احمد يار خان سندس لاءِ اڳي ئي انتظام ڪري ڇڏيو هو، اچي نوشهري ۾ لٿو. ربيع الثاني جي شروع ۾ محمد مراد به اچي پهتو. کيس ۽ سرائي سردارن کي اهائي اميد هئي، ته عطر خان هيءُ ڪم پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪيو آهي، پر جيئن جو حڪومت جو ڪاروبار ڏاڍو خود مطلبي آهي، سو عطرخان ڀاءُ جي اچڻ جو ٻڌي، ملاقات کان سواءِ ئي کيس خداباد ۾ رهائڻ جو حڪم ڪيو. اگرچ هن حرڪت جي ڪري هو سڀني جي نظرن مان ڪري پيو، مگر جنهن صورت ۾ هو بادشاهه جي پاران مقرر ڪيل هو، تنهن ڪري لاچار ساڻس ٺهي هلندا ٿي آيا. هاڻي شاهي محصل (ڍل اڳاڙيندڙ ماڻهو) سندس ڏاڍي بيعزتي ڪرڻ لڳا. هو پنهنجي مفلسيءَ ۽ ڍل جي سخت تقاضا کان مجبور ٿي، ملڪ تي ڏاڍو ظلم ڪرڻ لڳو. نيٺ مظلومن جي صبح واري دانهن ۽ ستايلن جي دعا وڃي آسمان تي پهتي، ۽ غلام شاهه ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ڪاميابيءَ جي پڪي اميد رکي، اڌيپور کان بهاولپور موٽي آيو، جتي ٽي مهينا رهي پورو انتظام ڪري، پنهنجي اکين جي ٺار صاحبزادي سرفرازخان کي اهل و عيال سان اتي ئي ڇڏي، پاڻ رمضان جي وچ ڌاري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. محمد عطر خان اڳتي وڌي سندس سامهون ٿيو، ۽ روهڙيءَ جي ٻاهران امرڪس واهه جي ڪناري تي، رمضان ]مهيني[ جي پوئينءَ تاريخ لڙائي ڪيائون. غلام شاهه وٽ لشڪر ٿورو هو، پر تڏهن به بخت جي تائيد سان تيرن ۽ تفنگن جي ٿوري ڌڪا ڌڪيءَ کان پوءِ، واهه ٽپي هٿئون هٿ جي لڙائيءَ ۾ فتحمند ٿيو. عطر خان، احمد يارخان ۽ مقصودو شڪست فاش کائي، ناڪاميءَ جو منهن ڏسي، ڀڄي ويا. ]غلام شاهه[ ڪامياب ٿي بنا تڪليف جي اچي سينگاريل سنواريل ڪئمپ ۾ لٿو. اهو ڏينهن ۽ ٻيو ڏينهن، جو عيد سعيد جو ڏينهن هو، ]اتي ترسي[ سرائي سردارن جي رنجش مهربانيءَ سان دور ڪري، پاڻ سان همرڪاب بڻائي، روهڙيءَ کان سيوستان پهچي، محمد مرادياب خان مرحوم، جو انهيءَ قريبي عرصي ۾ ]113[ گذاري ويو هو. جي پوين سان واجبي همدردي ڪري، شوال سنہ 1171 هجريءَ جي آخر ۾ اچي الهه آباد ۾ منزل انداز ٿيو. صاحبزادي پڻ سڀني پوئتي رهيلن سان گڏ عنقريب ديدار جو شرف حاصل ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اتان محمد آباد ويا، ۽ باقي سال خير سان گذريو. سال 1172 هجريءَ ۾ وري ڏڦير، جو اڪثر ڪري بختاورن جي حال جي ڪسوٽي آهي، جا اسباب پيدا ٿيا. هن طرح، ته محمد عطر خان ۽ احمديارخان مٿينءَ شڪست کان پوءِ قلات هليا ويا، جتي محمد نصير خان، ميان غلام شاهه سان اخلاص هجڻ سبب کين پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. آخر هن(محمد نصير خان) جي بيفرمانيءَ ڪري، مٿس شاهي فوج چڙهائي ڪئي. بادشاهه جي فتحمند ٿيڻ کان پوءِ، هنن (عطر خان ۽ احمد يارخان) ڪئمپ ۾ پهچي ڪن وسيلن جي ذريعي (سنڌ) ملڪ جي حڪومت جو پروانو نئين سر حاصل ڪيو. احمد يارخان حضور ۾ رهجي پيو، ۽ عطرخان عطائي خان نالي هڪ امير کي مدد ۾ وٺي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هيڏانهن ميان غلام شاهه وقت جي مصلحت خاطر، ربيع الثاني سنہ 1172 هجريءَ ۾ ديري ڏانهن روانو ٿي وڃي ڪجي پهتو. اورنگا بندر ٽپي ڪجي تي ’شاهه ڪرهه‘ نالو رکي (ان کي) رهائشگاهه بنايائين. شاهه ڪري (ساڪره) جي آمهون سامهون ’شاهه بندر‘ نالي هڪ بندر ٻڌائي، حويلي ۽ مضبوط قلعو ٺهرائي، اهل و عيال حريفن جي ٻانهن سميت پنهنجي ناليري فرزند محمد سرفراز خان وٽ ڇڏي، ڀاءُ جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو. جنهن صورت ۾ هوڏانهن محمد عطر خان پٺاڻ هٿان ملڪ ويران ڪرائيندو، مقصودي کي لشڪر جو مقدمو بنائي، مقابلي لاءِ اچي رهيو هو، تنهن ڪري ٿورن ڏينهن جي عرصي ۾ سندس استقبال ڪري، وڃي کيس چاچڪن جي سرزمين تي پهتا. پهريائين لڙائيءَ جي ڳالهه ٻولهه هلي، پر آخر مخالف انهيءَ جو ست نه ساري صـُـلح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ ملڪ کي ٽي حـصا ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. شاهه ڪري (ساڪره) کان نصرپور تائين، ٺٽي جي آسپاس سميت، ميان غلام شاهه جي حـصي ۾ آيو، ۽ ٺٽو (باقي) سموريءَ سنڌ سميت ڀائرن کي مليو. انهيءَ ڪري، ميان غلام شاهه ساڪره تشريف فرما ٿيو، ۽ عطرخان وڃي نوشهري رهيو. رمضان ]شريف[ تائين ]ڪم[ انهيءَ نموني سان هليو، پر جيئن ته ميان غلام شاهه جي نصيب ۾ سڄي حڪومت لکيل هئي، سو ڀائرن ۾ اچي ڦيٽو پيو، ۽ بادشاهه کي به معلوم ٿيو، ته عطرخان کان ملڪ جو ڪاروبار هلي ڪين سگهندو. احمديارخان پنهنجو پٽ ضمانت طور ڏيئي، حڪومت جو پروانو پنهنجي نالي وٺي، سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ميان غلام شاهه هن حقيقت کان واقف ٿي، رمضان سنہ 1173 هجريءَ ۾، ڪاميابيءَ جو پڪو خيال دم ۾ پيدا ڪري سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. عطرخان هيڏانهن غلام شاهه جي چرپر ۽ هوڏانهن احمديارخان کي ]ايندو ڏسي[، حواس باخته ٿي نوشهري کان ڀڄي ويو. ميان غلام شاهه خان، رمضان جي عيد ڏينهن، نصرپور جي پريان هيءَ خبر ٻڌي اڳتي وڌيو، احمديارخان اوڏانهن ئي رهيو. ]اهڙيءَ طرح[ سمورو ملڪ ميان غلام شاهه کي هٿ آيو. هن کان اڳ محمد عطر خان جي ڏينهن ۾ ٺٽي کي قسمين قسمين ايذاءَ پهتا هئا. جهڙوڪ: جوکيه قوم جو مولا ٺٽي محلي کي ڦرڻ. هنن ڏينهن ڏٺي جو، دلجاءِ سان انهيءَ محلي جا گهر ڀڃي، اطمينان سان ڦر ڪئي هئي. ]تنهن کان سواءِ[ حاڪم جي بي بندوبستيءَ ڪري پٺاڻن هٿان ]114[ اهڙو ته ظلم ٿيو هو، جنهن کان وڌيڪ خيال ۾ ئي نٿو اچي سگهي. قصو مختصر، ته ساڳئي سال جي شوال مهيني جي ٻيءَ تاريخ عطر خان جو خط پهتو، ته ”مان ملڪ مان وڃان ٿو، هاڻي توهان ڄاڻو ۽ منهنجو ڀاءُ ڄاڻي“. ميان غلام شاهه اڳتي وڌي ڀاءُ جا رهيل ساٿي هٿ ڪري، لاڙڪاڻي تائين ڪاهي، سڀيئي مرادون ماڻيون. کوسا سردار، جن هن بي بندوبستيءَ وارن ڏينهن ۾ خداآباد کي بريءَ طرح ڦريو هو، سي سڀيئي خونخوار ترار جو لقمو ٿيا، سندن ڳوٺن ۾ سزا طور لشڪر مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ سيوهڻ ڏانهن واڳون واريائين. فتحمند لشڪر، کوسنہ ماڻهن جي ڳوٺن جي وچ واري جويه قلعي ۽ نلي لڪ(1) تي ڪاهه ڪري، ]دشمن کي[ قيد ۽ قتل ڪري، ڪاميابيءَ سان موٽي آيو. ايتري ۾ خبر پهتي، ته محمد عطرخان ۽ مقصودو، داؤد پوٽه سردارن: خـصوصاً بهادر خان، جي مدد سان، وري دشمنيءَ جو نغارو وڄائي، لڙائيءَ ۽ حملي لاءِ تيار ٿيا آهن، تنهن ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي سوڀارو لشڪر ساڻ ڪري وڃي اوٻاوڙي تائين پهتو، جتي ڪيترن ناليرن سردارن ۽ خود بهادر خان کي لڙائيءَ جي ميدان ۾ ڪـُـهي، دشمن کي شڪست فاش ڏيئي، فتح سان موٽي آيو. هاڻي جڏهن دشمنن خواهه ملڪ جي فتح جي طرف کان پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن تاريخ 25 محرم الحرام سنہ 1173 هجريءَ تي نئين وسايل شهر شاهپور ۾ سوڀاري ڇانوڻي هڻي، صاحبزادي کي متعلقين سميت ساڪره کان پاڻ وٽ گهرايائين. هن کان اڳ محمد قائم ڪوڪلتاش، يعني دايو، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو هو، جنهن وڃي اتي جي غريب رهاڪن کي موقوف ٿيل حاڪم جي ڪامورن جي ظلم زوريءَ ۽ پٺاڻن جي بيحد زبردستيءَ کان ڇڏايو. انهيءَ ئي سال ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر کي، جنهن ميان غلام شاهه جي ساڪري ۾ رهڻ ۽ سنڌ جي فتح جي ارادي ڪرڻ وارن ڏينهن ۾، سچائيءَ جي دستور جي برخلاف هلت هلي هئي، محمد صديق ڏيسر ۽ ٻين اميرن ملڪ مان تڙي ڪڍيو، تاريخ 7 ماهه صفر المظفر سنہ 1174 هجريءَ تي کيس آباد جي قلعي مان ڪڍي، ڪڇ(1) ڏانهن رلايو. سندس پٽ هر دور جي، جيڪو ديري ۾ تشريف آڻڻ کان وٺي همرڪاب ٿي رهيو، سو ]ساڳيءَ طرح[ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لڳو. 1175 هجريءَ ۾ بادشاهه جي حـضور مان کيس (غلام شاهه کي) ’شاهه وردي خان‘ جو خطاب، هڪ هاٿي ۽ ٻيون ڪيتريون نوازشون عطا ٿيون. انهيءَ ئي سال دائود پوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ خانپور تائين ڪاهي ويو. پر اُچ جي سيدن جي سفارش تي انهن جي خطائن کي در گذر ڪري، موٽي آيو. سنہ 1176 هجريءَ ۾، تاريخ 9 ربيع الثاني، ڪڇ جي ڪافرن کي سڌي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ رستي ۾ ’سندريءَ‘ جو قلعو فتح ڪيائين. جاڙي جبل تي اٽڪل ڇهه هزار ڪافر ترار جو کاڄ ٿيا. اتان سوڀارو ٿي، اڳتي وک وڌائي، يلغار ڪري وڃي ڀڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتو. ]رستي ۾[ ڪيئي ڳوٺ ۽ واهڻ ڦريا، لٽيا ۽ تابعدار ٿيا. بستا بندر ۽ لکپت بندر جا قلعا پڻ فتح ٿيا. آخر ڪڇ جي راءِ جي نيزاريءَ ۽ صلح جي دروازي کڙڪائڻ تي، ڪاميابيءَ سان موٽي اچي مٿئين سال جي 2 رجب تي شاهپور پهتو. سنہ 1178 هجريءَ ۾، دوباره ڪڇ تي ڪاهڻ جو اتفاق ٿيو. رستي ۾ مورو جو قلعو زبردستيءَ فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل انداز ٿيا. ڪڇ جي راءِ وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن تي صلح ڪري پوئتي واڳون ورايائون. ڪڇ کان موٽي اچڻ تي گهڻي مٽيءَ ۽ واءُ جي ڪري پراڻي شاهپور کان نئين شاهپور لڏي آيا، ۽ بادشاهه جي درگاهه مان اڳئين لقب سان گڏ ’صمصام الدوله‘ جو خطاب پڻ عطا ٿيو. هاڻي عطرخان جا مقصودي فقير جهڙا ساٿي گذاري ويا، تنهن ڪري پشيمان ۽ ناڪامياب ٿي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ قسمين قسمين عنايتن سان سرفراز ٿي همرڪاب رهڻ لڳو. خدا پاڪ جي فضل سان ڏينهون ڏينهن سندس ملڪ وڌندو ۽ بخت بالا ٿيندو ٿو رهي. سنہ 1181 هجريءَ ۾، بادشاهه جي حـضور مان ديرن جي حڪومت سندس نگرانيءَ ۾ ڏني ويئي، ۽ ساڳئي ئي سال جي ربيع الاول مهيني جي شروع ۾ اوڏانهن روانو ٿي، ٽن مهينن جي عرصي ۾ انهيءَ ساريءَ سرزمين کي فسادين کان صاف ڪري، اتي جي سردارن کان ضمانت وٺي، سوڀارو ٿي، 17 رجب تي شاهپور موٽي آيو. اتفاقاً، انهيءَ ملڪ ۾ مقرر ٿيل لشڪر جو اتي جي ٻين رهاڪن، خـصوصاً نصرت نالي اتي جي هڪ ناليري سردار، سان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ڪري پوري هڪ سال تائين لڙائي ٿيندي رهي. انهيءَ عرصي ۾ سردار جهان خان، بادشاهه جي حـضور مان اهو ملڪ پنهنجي نالي تي ڪرائي، هن طرف جي ناظمن کي بيدخل ڪري موٽائي ڇڏيو. وري الله پاڪ جي امداد ۽ بخت جي ياوريءَ سان سنہ 1183 هجريءَ ۾ ديري غازي خان جو قبضو مٿين سردارن کان ڇڏائي ميان غلام شاهه جي انتظام هيٺ ڏنو ويو، جنهن تي نئين سر انتظام قائم ڪرڻ لاءِ اوڏانهن چڙهي ويو ۽ ڪاميابيءَ سان واپس وريو. ديري غازي خان سان گڏ ملتان جي حڪومت پڻ اتي جي حاڪم جي مدد سان ميان غلام شاهه جي نالي ٿي. جيئن ته هن کان اڳ، مهيني ذو القعد سنہ 1182 هجريءَ ۾، نيرن ڪوٽ، جو هڪ مضبوط جبل آهي، جي سرزمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري حيدرآباد جو مضبوط قلعو سنہ 1182 هجريءَ ۾ جڙي راس ٿيو، ۽ مٿس ”حيدرآباد“ نالو رکيو ويو. سندس سامهون ٽڪر جي مٿان شهر ]اڏائي[ رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايائون. ذو الحج مهيني ۾ ديري کان موٽڻ تي اچي انهيءَ قلعي ۾ رهيا. (سنہ 1184 هجريءَ ۾ ڪن سببن جي بنا تي ديري غازي خان جي حڪومت کان موقوفيءَ جو حڪم ٿيو، ۽ اڳوڻي دستور موجب سردار جهان خان قبضي هيٺ آندو)(1) جنهن صورت ۾ ]هن ڪتاب جي[ لکڻ واري وقت تائين ايترا حالات ڏٺا ويا آهن، تنهن ڪري ]هاڻي[ قلم جي واڳ هن شاندار حڪومت لاءِ دعا ڏانهن ورائي ويئي. شال ڌڻي تعاليٰ، پيغمبر ۽ سندس سڳوري آل جي مهابي هن سڳوري گهراڻي کي هميشہ عزت ۽ اقبال سان اميدن ۽ مرادن جي ميدان ۾ نامور رکي!(2) جنهن صورت ۾ مٿين بيانن ۾ ٺٽي جي حاڪمن جا نالا ۽ احوال پابنديءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ۽ گل محمد خراساني کان پوءِ، محمد قائم ڪوڪلتاش کان سواءِ، ٻيو ڪو به مسلمان ناظم مقرر ڪونه ٿيو، تنهن ڪري ملڪ جي حاڪم جي ذڪر تي اڪتفا ڪئي ويئي. هاڻي محمدي دين جي برڪت سان، محرم سنہ 1184 هجريءَ ۾ حبيب فقير نائچ ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو آهي، شال، الله تعاليٰ پنهنجي احسان ۽ ڪمال ڪرم سان مسلمانن جي هن شهر کي اسلام وارن جي گورنريءَ سان مشرف رکندو اچي. **** (1) نسخو ”ن“ : ”فدائي“ (1) نسخو ”ن“ : ”مير“ (1) نسخو ”ن“ : ”سادات“ (1) نسخو ”ن“ : ”مظفر خان“ (2) اصل ۾ ”در سال هزار و هشتاد و دو هجري“ لکيل آهي، مگر هي غلط آهي، صحيح ”در سال هزار و هشتاد“ آهي، ’و دو‘ جو لفظ ڪاتب جي غلطيءَ کان اضافو ٿي ويو آهي. (1) نسخو ”ن“ : ”هڪ شاعر چيو آهي: ’سـبـوي زنــدگـيء خــان زبــردست، قضا بيـن از کـجا آورد بـشــکـســـت‘ ! (زبردست خان جي جئڻ جو گهڙو، قضا ڏس ڪٿان جو ڪٿي نئي ڀڳو!) (1) مغل بادشاهن جي ڏينهن ۾ سوانح نگاري هڪ عهدو هوندو هو، جنهن جو ڪم هوندو هو ملڪ جي صحيح حالات کان شهنشاهه کي واقف ڪرڻ. (1) نسخو ”ن“ : ”مثل“ (2) نسخو ”ن“ : ”برپس“ (1) نسخو ”ن“ : ”ارسري“ (1) نسخو ”ن“ : ”جليپاڻي“ (1) ”گهرام“ شايد ڪنهن پرڳڻي جو نالو ٿو ڏسجي، اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن پنهور زميندار جو نالو هجي. نسخي ”ن“ ۾ ”از کدام ديسي“ (گدام ڏيسيءَ کان) آهي. (1) متن ۾ ”پاچهاته“ (شايد ’پاڇاٽـو‘ ) لکيل آهي.. (2) نسخو ”ن“ : ”سارمنه“ (3) نسخو ”ن“ : ”دهہ“ (1) نسخو ”ن“ : ”ديلي“ (2) نسخو ”ن“ : ”چوبه“ (3) سڀني نسخن ۾ ائين آهي. (1) نسخو ”ن“ : ”هانس“ (2) نسخو ”ن“ : ”مهتان“ (3) نسخو ”ن“ : ”سرولها“ (4) نسخو ”ن“ : ”ڪرنه“ (5) نسخو ”ن“ : ”ڪاڪري“ (1) نسخو ”ن“ : ”چند بهر“ (1) نسخو ”ن“ : ”رانسه“ (1) هيءُ عنوان بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ موجود آهي، باقي مصنف جي هٿ سان لکيل نسخي ۾ موجود ڪونه آهي. (2) نسخو ”ن“ : ”خورق“ (1) نسخو ”ن“ : ”تلعه ’چويه‘ و لک ’تلي‘ “ . (1) نسخو ”ن“ : ”کنج“ (1) هتي ڏنگين ۾ آندل سموري عبارت مصنف جي هٿ اکرين لکيل نسخي جي حاشيي تي موجود آهي. اڃا ٻه ٻه سٽون وڌيڪ لکيل آهن، جيڪي پني ۾ ڪيڙي جي گهڻن سوراخن ڪري پڙهڻ ۾ نه اچي سگهيون. نسخي ”ن“ ۾ هتي ڪجهه زياده لکيل آهي، جنهن جو ترجمو هتي ڏجي ٿو: ”هن ئي سال ۾ ڪڇ جي راءِ پنهنجي رضا خوشيءَ سان، ايسوجيءَ نالي پنهنجي پيءُ جي هڪ سؤٽ جي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو. شاديءَ وقت ٻنهي طرفن کان ڏاڍا تڪلف بجا آندا ويا ۽ بستا بندر ۽ لکپت بندر جو قبضو واپس ڏنو ويو. هلندڙ سال يعني سنہ 1185 هجريءَ جي عجيب واقعن مان هڪ واقعو هيءُ به آهي، ته وند جي سرزمين ۾ اٽڪل هڪ جريب ۾ گوشت جي ٽڪرن جو مينهن وسيو، جنهن ۾ هر هڪ ٽڪرو ڪچيءَ سر کان به وڏو هو. ٻه ٽي ٽڪر ميان غلام شاهه جي ملاحظي لاءِ کڻي آيا. سور جي گوشت جهڙا ٿي ڏٺا، ڪتن کي ڏنائون، پر انهن نه کاڌا“. (2) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنہ 1186 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي تاريخ هيٺ ڏنل بيت مان نڪري ٿي، جو ”تحفة الڪرام“ جي بمبئي ڇاپي واري نسخي جي حاشيي تي ڏنل آهي. غلام شاه کة بوده غلام ’شاه نجف‘ مقام کرده ارم همدمي بشاة نجف 1186 هجري ]ڀاڱو ٻيو[ ]سنڌ جا مشهور شهر ۽ اتي جون شخصيتون[ مخفي نه رهي، ته جڏهن سنڌ جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي طبقن جي حالات لکڻ کان فراغت حاصل ٿي، تڏهن پنهنجي شرط پوري ڪرڻ خاطر ڪن شهرن ۽ ڳوٺن جو بيان، اُتي جي بزرگن جي ذڪر سميت، نهايت لازمي آهي. جنهن صورت ۾ هيءُ ٿوريءَ معلومات وارو (مصنف) اڪثر جاين جي ڏسڻ کان سواءِ غائبانه، رڳو ڪتابن مان چونڊ ڪري، يا فقط زبانن کان ٻڌي، هن سلسلي جي تحريڪ ڪري ٿو، باوجود يڪ وس پـُـڄندي، روايتن جي صحت ۾ ڪو به قصور ڪو نه ڪيو اٿس، تاهم جيڪڏهن بشري تقاضا موجب، جنهن سان سهو ۽ نيسان لازمي آهي، ]ڪا غلطي ۽ ڪوتاهي ٿي ويئي هجي ۽[ ڪنهن پياري کي وڌيڪ تحقيق جي توفيق ٿئي، ته انهيءَ کي اصلاح لاءِ عرض آهي، ۽ اهو ]قدم[ ضرور ذڪر خير ۾ داخل ٿي ويندو. ڳالهين جي حقيقت کي الله تعاليٰ ئي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، ۽ اهو ئي منهنجي لاءِ ڪافي ۽ مددگار آهي. ]باب تيرهون[ ]ملتان، اُچ، مئو، ماٿيلو، سيتپور، ۽ اُتي جا بزرگ[ لڪل نه رهي، ته جنهن صورت ۾ ملتان جو شهر جناب شيخ الشيوخ بهاءُالدين ملتانيءَ جو دفنگاهه آهي، ۽ سڄي سنڌ اول کان انهيءَ درگاهه جي ارادي ۾ ٻڌل، تنهن کان سواءِ، جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، ته گهڻو ڪري سنڌ جا ماڻهو اُتي جي حاڪم سان جوابدار هئا، ۽ ملتان جو خلاصو ذڪر ستن ولايتن ]مان ڪنهن به ولايت[ ۾ نه ڏنو ويو (1) حالانڪه ڪنهن به شيءِ جو ذڪر هن جي ذڪر نه ڪرڻ کان وڌيڪ چڱو آهي - تنهنڪري، ابتدا هن متبرڪ سرزمين جي ذڪر سان ٿي ڪجي، ته جيئن ]هن ڪتاب ۾[ سنڌ جا حالات اچي وڃن. ملتان هن جي ڊگهائي ڦاڪ "قزله" (142) ۽ ويڪرائي ڦاڪ "الطم" (80) آهي. هي ٽئين ولايت ۾ داخل آهي، جنهن جو تختگاهه "اردن" آهي. (تمام) قديم شهر آهي. سندس اڏاوت جي ابتدا ڪنهن کي به معلوم ناهي. هن هدايت وارن جي آرامگاهه جي قدامت جا سڀيئي قائل آهن. محمد بن قاسم ثقفيءَ جي اچڻ کان اڳ هتي خود مختيار بادشاهه رهندا هئا، جن جو تعلق سنڌ جي راجائن سان هوندو هو. اسلامي فتوحات کي ٿورو وقت ئي ڪين گذريو، ته هيءُ شهر ملحدن (قرمطين) جي ور چڙهيو. ملحدن کان سلطان محمود (غزنوي) غازيءَ ڇڏايو. غزنوين جي دور ختم ٿيڻ کان پوءِ ]هي شهر[ دوباره ملحدن جي قبضي ۾ آيو، جن کان سلطان معز الدين محمد سام (غوريءَ) کي هٿ آيو. ] تنهن کان پوءِ[ سنہ 847 هجريءَ تائين دهليءَ جي بادشاهن جي قبضي ۾ رهيو. مٿئين سال ۾، جڏهن هندستان ۾ طوائف الملوڪي شروع ٿي ۽ ]ملتان[ مغلن جي حملن ڪري حاڪم کان خالي رهيو، تڏهن انهيءَ سرزمين جي اڪثر زميندارن جيڪي شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني ]رحمة الله عليہ[ جي سلسله عاليه جا مريد هئا، تن شيخ يوسف قريشيءَ کي، جو شيخ عليہ الرحمة جي درگاهه جو سنڀاليندڙ هو، بادشاهه بنائي، اُچ ۽ ٻين جاين جي مـُـنبرن تي سندس نالي خطبو پڙهيو. هو ملڪ جي ڪاروبار جي انتظام ۾ واجبي ڪوشش وٺڻ لڳو. ]ايتري ۾[ لانگاهن جي راڄ جو سردار راءِ سيهره،(1) جنهن کي رپڙيءَ(2) جو ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس هٿ ۾ هئا ۽ پيءُ ڏاڏي کان هن سلسلي جو مريد هو، سو شيخ کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏيئي، سندس پاڙ کوٽڻ لڳو ۽ آخر پنهنجي پير کي ٺڳيءَ سان شهيد ڪري، ملڪ جو مالڪ ٿي پاڻ کي سلطان قطب الدين جو لقب ڏنائين.(3) "سنڌي پيرڪش" جو پهاڪو دنيا ۾ انهيءَ واقعي جي ڪري ]مشهور[ رهيو. قصو ڪوتاهه شيخ جي حڪومت ٻه سال ۽ قطب الدين جي سورنهن سال ]رهي[. تنهن کان پوءِ سلطان حسين بن قطب الدين لانگاهه 34 سال پوءِ سلطان محمود بن فيروز خان لانگاهه 27 سال ۽ ڪي مهينا. انهيءَ کان پوءِ سلطان حسين بن سلطان محمود حڪومت ڪئي. ٿورن سالن کان پوءِ مرزا شاهه حسن ارغون، جيئن مٿي بيان ٿي آيو ملتان فتح ڪري حـضرت بابر بادشاهه کي نذراني طور پيش ڪيو، ]ملتان[ دوباره دهليءَ سان متعلق ٿي، هن شهنشاهت جي گورنرن جو تختگاهه رهندو آيو ۽ نادر شاهه جي لاهور کان وٺي هن اورئين پاسي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ واري وقت تائين، گهڻو ڪري شاهزادن جي جاگير ۽ ناليرن اميرن جي ]117[ حڪومت جي گادي رهندو آيو. انهيءَ کان پوءِ، هن وقت تائين، احمد شاهه دراني (ابدالي) جي حڪم هيٺ آهي. معلومة الافاق ۾ لکيل آهي، ته عالمگير (اورنگزيب) جي ڏينهن ۾ ملتان جي آسپاس نهارن جي زمين ۾ هڪ اونهو کوهه کوٽي رهيا هئا، ته اوچتو کوهه جي تري ۾ بيلدارن کي هڪ ڌڪ سان ٿوري خون سان مليل مٽي ڏسڻ ۾ آئي. جاچ ڪرڻ تي گپ مان هڪ ٿڃ پياڪ ٻار نڪري آيو. انهيءَ ٻار کي دائيءَ جي حوالي ڪيائون ۽ هو کير تي وڏو ٿيو. جڏهن ڳالهائڻ جيڏو ۽ سمجهه وارو ٿيو تڏهن ڪلمو شريف ۽ قرآن مجيد پڙهڻ لڳو. پوءِ حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. هن شهر جا بزرگ ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. تبرڪاً ڪن ٿورن جي نالن تي اڪتفا ڪجي ٿي. جعفر، لقب المؤيد من السماءِ (آسمان کان تائيد ڪيل). ]جعفر[ ولد محمد بن عبدالله بن محمد بن عمر بن علي. سيدن مان پهريائين انهيءَ سڳوري هن سرزمين تي تشريف فرما ٿي سڪونت اختيار ڪئي. چون ٿا، ته هن پنجاهه پٽ ڇڏيا، جيڪي هندستان، ڪرمان ۽ ايران ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان عبدالحميد اُچ تي حڪومت ڪئي. الشيخ الڪبير بهاءُ الحق والد شيخ بهاءُ الدين زڪريا ]شيخ بهاءُ الدين زڪريا[ بن شيخ ابو محمد شيخ ابراهيم بن شيخ عبدالله بن شيخ شهاب الدين بن شيخ زڪريا بن شيخ نورالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ وجد الدين بن شيخ مسعود بن شيخ رضي الدين بن القاسم بن الجعفر بن ابي بڪر رضي الله عنہ. ڪن ]تاريخ نويسن[ شيخ جو نسب هيٺين طرح لکيو آهي: شيخ بهاءُ الدين زڪريا بن محمد غوث بن ابي بڪر بن سلطان جلال الدين بن سلطان علي قاضي بن سلطان محمد بن سلطان حسين بن سلطان عبدالله بن سلطان طرفه بن سلطان جذيمه يعني عبدالله بن امير عاصم بن عبدالرحيم بن عبدالرحمان بن عياض بن اسد بن عبدالعزيٰ بن قصي بن ڪلاب. پهرين لکئي موجب شيخ اسماعيل ثاني شيخ صديقي گهراڻي مان آهي، ٻئي موجب اسدي ]آهي[. والله اعلم. هو ظاهري خواهه باطني علمن ۾ ڪامل هو. شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو هڪ اڪمل مريد ۽ وڏي ۾ وڏو خليفو هو. شيخ جي رخصت سان اچي ملتان ۾ رهيو هو. اُتي جو شيخ الاسلام ٿي گذاريائين. سنڌ جا اڪثر ماڻهو انهيءَ دروازي جا مريد آهن. پهريون پير، جنهن سنڌ ۾ ارشاد جو سلسلو جاري ڪيو، سو اهو آهي. سندس روشن ڪرامتون ۽ خوارق عادات منجهند جي سج وانگيان ظاهر آهن. هو سنہ 360 هجري(1) ۾ گذاري ويو، ۽ ملتان جي قديم قلعي ۾ آرامي آهي. شيخ فخرالدين عراقي ۽ ڪتاب ڪنزالرموز، زادالمسافرين ۽ نزهته الارواح جو مصنف امير حسيني، سندس ڪامل مريدن مان آهن. ]شيخ صدرالدين محمد[: شيخ صدرالدين محمد، مٿئين شيخ جو فرزند رشيد ۽ جانشين، پيءُ جي وفات کان پوءِ ارڙنهن سال مريدن ۽ طالبن جي تڪميل ۾ مشغول رهيو. هن جون پڻ سندس والد بزرگوار وانگر ڪيئي ڪرامتون مشهور آهن. ]شيخ رڪن الدين[: شيخ رڪن الدين مٿئين شيخ صدرالدين جو فرزند ارجمند ۽ خليفو آهي. 52 سال پيءُ ۽ ڏاڏي بزرگوار جي مصلي تي ويهي، طالبن کي مقصد جو رستو ڏيندو رهيو. ]شيخ اسماعيل شهيد[: انهيءَ کان پوءِ سندس فرزند رشيد شيخ اسماعيل شهيد قائم مقام بڻجي علم خواهه سلوڪ جي طالبن جي رهنمائيءَ ۾ عمر گذاري، ۽ شيخ الاسلام جي موروثي ]عهدي[ سان ممتاز ٿيو. ]شيخ صدر الدين ثاني[: تنهن کان پوءِ شيخ صدر الدين ثاني ولد شيخ اسماعيل شهيد، پيءُ ڏاڏي جي دستور موجب قائم مقام، سجادهه نشين، وڏن جي مزارن سڳورين جو متولي ۽ ملتان جو شيخ الاسلام ٿي رهيو. ]شيخ رڪن الدين ثاني[: پوءِ شيخ صدر الدين ثانيءَ جي فرزند شيخ رڪن الدين ثاني، جو وڏن وانگيان بلند مقامات جو صاحب ]هو[. سجادهه نشينيءَ ۽ شيخ الاسلاميءَ ۾ پنهنجا برڪت ڀريا ڏينهن پورا ڪيا. ]شيخ اسماعيل ثاني[: انهيءَ کان پوءِ شيخ اسماعيل ثاني ولد شيخ رڪن الدين ثاني وڏن جي نموني تي زندگي گذاري. ]شيخ يوسف[: تنهن کان پوءِ شيخ اسماعيل ثانيءَ جو فرزند شيخ يوسف وڏن جي دستور موجب ملتان جو شيخ الاسلام ]118[ ٿيو، ۽ جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هو سنہ 847 هجريءَ ۾ بادشاهه ٿي، ٻن سالن کان پوءِ شهيد ٿيو. ]شيخ شهر الله[: پوءِ شيخ شهرالله وڏن جو جانشين ٿيو. ]شيخ بهاءُ الدين[: تنهن کان پوءِ هن جو پٽ شيخ بهاءُ الدين گادي نشين ٿيو. هن جي تعريف حد ۽ انداز کان ٻاهر آهي. سنڌ جا اڪثر مشائخ خواهه عوام هن جا مريد آهن. هن جي اولاد مان ڪيئي بزرگوار سنڌ جي سير وسياحت ۽ رشد ۽ ارشاد ۾ مشغول رهي، ازلي گهر ] ۽ آيت سڳوري[ ” وَلاَتَدْرِيْ نَفْسٌ بِاَيِّ اَرْضِ لَمُوْتُ“ (ڪنهن به جاندار کي معلوم نه آهي، ته هن جا پساهه ڪهڙيءَ زمين ۾ پورا ٿيندا) جي مصداق موجب، سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آرامي آهن. گهڻن جو بيان خاص جاين جي موقعي مناسب ٿيندو(انشاءَ الله تعاليٰ). ]شيخ محمد غوث[: مٿئين شيخ بهاءُ الدين جي اولاد مان وڏن جو جانشين، گهراڻي جو رئيس، خلق ۾ مشهور ۽ عام خاص ماڻهن جو مرشد هو. هو تمام متبرڪ هو ۽ تازو گذاري ويو آهي. هاڻي ڀاونشاهه نالي سندس ڀائيٽو وڏن بزرگن جو مسند نشين آهي. لکندڙ جي دل جي خواهش اهائي هئي، ته هن سلسلي عاليه جا سجادهه نشين جيڪي مٿئين شهر ۾ اڄ تائين ٿي گذريا آهن، تن سڀني جو ذڪر پنهنجي پنهنجي وقت ]جي احوال سميت[ ترتيب وار ڪيو وڃي، پر معلومات جي فراهم نه ٿيڻ ڪري، اها آرزو پوري ٿي نه سگهي. جيڪڏهن حياتيءَ وفا ڪئي پوءِ ڪريم ڪارساز جي ڪرم ۾ اميد آهي، ته اها تمنا پڻ پوري ٿيندي. انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن ڪنهن سعادتمند کي هن سعادت جي توفيق حاصل ٿئي، ته کيس مؤلف جي پاران اجازت آهي، بلڪ "ذڪر حق چـُـون ذڪر اهل الله نيست". (ذڪر اهل الله جو ٻيو ٿيو نه ذڪر) جي حقيقت موجب، پاڻ ثواب پڙ پوندس - و الله ولي التوفيق ( الله پاڪ توفيق جو مالڪ آهي). ]شيخ عمادالدين اسماعيل[: شيخ عمادالدين اسماعيل ولد شيخ صدرالدين بن شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني، هڪ ڪامل ولي ۽ وڏو پرهيزگار، هن سرزمين تي فيض واري زندگي گذاري ويو آهي. ]شاهه گرديز[: شاهه گرديز مشهور معروف سيد پڻ ملتان ۾ تشريف فرما ٿيو هو. هو قديم زماني جو پير ۽ شيخ بهاءُالدين ملتانيءَ جو همعصر هو. هو ملتان ۾ رهيو، اتي ئي گذاري ويو، ۽ دفن ٿيو. نقل آهي، ته ڪيتري عرصي تائين هو قبر مان پنهنجن مريدن کي هٿ ڏيندو هو. هن وقت به اها واٽ ڇڏيل آهي، جتان هٿ ٻاهر ڪڍندو هو. ]شيخ موسيٰ[: شيخ موسيٰ، لقب "پاڪ شهيد"، شيخ سيد حامد گنج بخش جو اولاد، سيد عبدالقادر ثانيءَ ولد شيخ محمد غوث، جنهن جو بيان اُچ جي ذڪر وقت ٿيندو، جو پوٽو، طريقت جي رازن کان واقف، حقيقت جي واديءَ جو سالڪ، ]پنهنجن[ وڏن وانگيان بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. سندس اولاد اُتي موجود آهي. فضلي: وقت جي وڏن عالمن مان هو. ناصرالدين قباچي جي خدمت ۾ رهندو هو. ڪماليت جي فن جو جامع هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر گوئي به ڪندو هو. مخدوم حسام الدين: وقت جو وڏي ۾ وڏو ۽ انهيءَ ملڪ جو ڪامل ۾ ڪامل ]بزرگ[ آهي. شرعيت جي بجاآوريءَ جو ڏاڍو اهتمام ڪندو هو. مير عبدالقادر "حديقة الاوليا" ۾ لکيو آهي، ته "شيخ، سفر ۾ هلندي جنهن ڳوٺ وٽان لنگهندو هو، ته ٻاهران ئي اُتي جي رهاڪن جي هلت چلت متعلق پڇا ڪندو هو. جيڪڏهن هو شرعيت جي زيور سان سينگاريل هوندا هئا، ته اندر گهڙندو هو، نه ته ٻاهران ئي ٻاهران هليو ويندو هو". سندس وقت گهڻو ڪري عبادت ۽ طالبن کي فيض ڏيڻ ۾ گذرندو هو. سندس مزار حسام پور جي ڳوٺ ۾ آهي، جو سندس نالي پويان سڏجي ٿو. سعيد قريشي: شهزادي مراد بخش بن عالمگير بادشاهه جو ملازم هو. شاعريءَ ۾ مهارت جو علم بردار هو. مـَـالاَ يـُـدرَکُ کـُـلـُـہ لاَ يـُـتـرکُ کـُـلہ(1) (جا شيءِ سڄي هٿ نه ڪري سگهبي آهي، ته سڄي ڇڏي نه ڏبي آهي) موجب، هن ٿورڙيءَ حالات تي اڪتفا ڪئي ويئي، جا خرار مان هڪ لپ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪو پيارو وڌائيندو، ته احسان جو لائق ٿيندو. (اُچ) مشهور معروف ۽ عزت واري جڳهه ۽ قديم زماني کان ملتان جي تابع آهي. هن جي سرزمين انهن ڇهن جاين مان آهي، جن جي قلعن کي مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم راءِ ساهسي بن سيهرس رعيت کي ڍل جي بدران ڏنو هو، ۽ هو اُچيون ٿي پيون هيون. گهڻي وقت گذرڻ ڪري، اهي جايون ڊهي ]ويون آهن[. هاڻي انهن ستن جاين مان ٽي جايون: يعني اُچ گيلاني، اُچ مخدوم جلال جهانيان، ۽ اُچ مغليه هڪ ٻئي جي ڀرسان آباد آهن. نالي جو سبب اهو آهي، جو سندن زمين مٿانهين آهي. هي خدا وارن جي مرجع ۽ اهل الله جو آرامگاهه آهي. عبدالحميد: اُتي جي رهاڪن مان ]سيد[ جعفر، لقب "المويد من السماءَ" - جنهن جو ذڪر ملتان ۾ گذري آيو، جي پٽ ]سيد[ عبدالحميد جي بزرگي تعريف جي محتاج نه آهي. ڪجهه وقت اهو هدايت وارو هن سرزمين تي حڪومت ڪندو رهيو. ]شيخ صفي الدين ڪبير[: ٻيو شيخ صفي الدين ڪبير گاذروني، هن برڪت ڀرئي ٽڪر ۾ الله وارن جو مرجع ۽ هدايت وارن جو زيارتگاهه آهي. شيخ صفي الدين صغير، جو مخدوم شيخ محمد غوث گيلاني جو همعصر آهي (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) سو سندس اولاد مان آهي. هن جو اولاد اڃا تائين باقي آهي. تنهن کان سواءِ ٻيا ٻه عزت وارا ۽ هدايت جا علمبردار خاندان پنهنجي وقت ۾ ممتاز آهن. ]مخدوم شيخ محمد غوث[: مخدوم شيخ محمد غوث بن سيد شاهه مير بن سيد علي بن سيد مسعود بن سيد احمد بن سيد صفي الدين بن سيد سيف الدين عبدالوهاب بن سيد السادات غوث الثقلين قطب رباني محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلاني قدس الله سره. ]هو[ معقولي خواهه منقولي علمن جو جامع، فروع ۽ اصول جو ماهر، الله جو عارف ۽ هندستان جو هڪ ڪامل مرشد آهي، جو اُچ گيلاني ۾ اچي رهيو ۽ ڪافرن خواهه فاسقن جي هڪ وڏيءَ جماعت کي اسلام جي شرف سان مشرف ڪيائين. هيءُ شيخ صفي الدين ڪبير گاذ رونيءَ، جنهن جي تربت اُچ ۾ خدا وارن جي زيارتگاهه آهي، جي اولاد مان صفي الدين صغير جي نياڻيءَ سان شادي ڪري، هميشہ لاءِ اُتي رهيو پيو. هن ملتان جي زميندارن لانگاهن مان پڻ شادي ڪئي. هن بزرگ کي چار پٽ پيدا ٿيا. ]مخدوم شيخ عبدالقادر[: هن کي عبدالقادر ثانيءَ جو لقب مليل آهي، ولد شيخ ]محمد غوث[ بن سيد شاهه مير بن سيد علي بن سيد مسعود بن سيد احمد بن صفي الدين. ]119[ دار شڪوه "سفينته الاوليا" ۾ شيخ عبدالحق قادري دهلويءَ کان نقل ڪيو آهي، ته شيخ "اخبار الاخيار" ۾ چيو آهي، ته "شيخ عبدالقادر ثاني ولايت ۾ حـضرت غوث الثقلين جو حقيقي وارث آهي". سندس اولاد ۾ ولايت، عزت ۽ شرافت موروثي طور هلندي اچي ٿي. سندس مدفن، انهيءَ برڪت ڀري سرزمين تي سندس والد جي قبي ۾، الله پاڪ جي رحمت جي نور جو خزانو آهي. سندس اولاد مان ڪي وڃي ملتان ۾ رهيا ۽ ٻيا اڄ تائين برڪت ڀري اُچ ۾ هدايت جي گادي جاري رکيو اچن ٿا. ]سيد عبدالرزاق[: کانئس پوءِ سندس سڳورو فرزند سيد عبدالرزاق، جنهن کي هدايت جي دولت مان بهرو عطا ٿيل هو، ڏاڏي بزرگوار جو گادي نشين رهيو. ]شيخ حامد بخش[: انهيءَ کان پوءِ اُن جو پٽ سيد شيخ حامد بخش، وڏن جي بزرگيءَ سان موصوف ۽ ڏاڏي بزرگوار جي اولاد جو سرگروهه. ۽ گادي نشين ٿيو. ]سيد شمس الدين[: پوءِ سيد شمس الدين يقين، هدايت ۽ عرفان جي نور سان ]منور ٿي[ عزت جي گاديءَ تي ويٺو. ]سيد عبدالقادر ثالث[: انهيءَ کان پوءِ وري سيد عبدالقادر ثالث وڏن وارن، گـُـڻن سان سينگارجي سجادهه نشين ٿيو. ]شيخ زين العابدين[: ]خدا جي[ بندن جي سونهن ۽ اهل ارشاد جو سينگار شيخ زين العابدين، مٿئين مخدوم جي اولاد مان، مرزا شاهه حسن ارغون جو همعصر هو. ]شيخ ابراهيم[: خدا جو خليل، شيخ ابراهيم، مٿئين مخدوم جو وڏي ۾ وڏو خليفو ۽ شيخ زين العابدين جو همعصر، ڪرامتن ۾ نهايت مشهور آهي. ]شيخ ممن ۽ سندس پٽ شيخ شڪر الله[: شيخ ممن، قادري، ۽ سندس پٽ شيخ شڪر الله عرف شيخ ڀنڀو قادري، پيڙهيءَ ۾ جناب حـضرت غوث الثقلين سان ملن ٿا. سيد باقر "جواهر الاوليا" ۾ هن پيءُ ۽ پٽ متعلق عجيب روايتون لکيون آهن. ]سيد حامد گنج بخش[: هاڻي سيد گنج بخش ولد سيد عبدالقادر خامس، مٿئين مخدوم محمد غوث جي اولاد مان، عجيب شان ۽ بزرگيءَ جي نشان سان، پنهنجي ڏاڏي بزرگوار جي خلافت جي گاديءَ تي ويٺل آهي. هن مخدوم (شيخ محمد غوث) جي اولاد جي پوري احوال نامعلوم هئڻ ڪري، هنن نالن تي اڪتفا ڪئي ويئي. جيڪڏهن الله تعاليٰ جي امداد سان هن سلسلهء عاليہ جي سچي احوال کان واقفيت ٿي، ته هن ڪتاب ۾ وڌائي ويندي. انهيءَ عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن بختاور کي هن سعادت جي توفيق عطا ٿي، ته واهه نصيب. ]سيد جلال بخاري[: سيد جلال بخاري جنهن کي "سيد جلال سرخ" جو لقب مليل آهي، سو شيخ بهاءُالدين ملتانيءَ جو مريد ۽ يار آهي. هو ]پاڻ ۾[. چار يار آهن. شيخ بهاءُالدين، شيخ فريد الدين، سيد عثمان مروندي (قلندر لعل شهباز) ۽ سيد جلال سرخ. سيد جلال هڪ ڪامل ولي آهي. هو ٻن پٽن: سيد علي ۽ سيد جعفر سان گڏ ملتان کان بکر آيو هو، جتي کيس حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم، سيد بدرالدين، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي ٻن نياڻين سان هڪ ٻئي پويان شادي ڪرڻ جو خواب ۾ حڪم ڪيو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي طرفان خواب ۾ سيد کي پڻ اهڙو ارشاد ٿيو. نيٺ سيد جلال هن مائٽيءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ، ڀائرن جي تڪرار ۽ حسد کان مجبور ٿي اُچ روانو ٿيو، جتي کيس فرزند پيدا ٿيا. سيد جلال وڏي کي سيد علي، سيد جعفر، سيد محمد غوث ۽ سيد احمد ڪبير نالي چار پٽ هئا. سيد احمد ڪبير کي ٻه پٽ ڄاوا: هڪ مخدوم سيد جلال جهانيان ۽ ٻيو سيد راجو قتال. ٻئي وڏن ولين ۾ شمار ٿين ٿا. مخدوم جهانيان جي ظاهري خواهه باطني تربيت اگرچ سندس والد فرمائي هئي، پر تنهن هوندي به هو شيخ رڪن الدين جو مريد ٿيو هو. کيس مخدوم جهانيان انهيءَ ڪري چون ٿا، جو عيد جي ڏينهن شيخ بهاءُالدين جي روضي تي وڃي عيد جي خرچي گهريائين. آواز ٿيو، ته "خدا تعاليٰ توکي "مخدوم جهانيان" (سڀني جهان وارن جو مخدوم) بنايو آهي، تنهنجي عيد جي خرچي اها ڪافي آهي!" شيخ صدرالدين جي روضي تي ويو، ته اتان به اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيس. ٻاهر نڪتو ته کيس هر هڪ ماڻهو "مخدوم جهانيان" سڏڻ لڳو. هن بزرگوار جون ڪرامتون ۽ خوارق ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مڪي ۾ رهڻ واري وقت ۾ امام عبدالله يافعيءَ سان محبت ونڊيندو هو. پنهنجي ڪتاب "خزانهء جلالي" ۾ امام عبدالله يافعيءَ جا گهڻا ملفوظات لکيا اٿس. مڪي ]شريف[ کان موٽڻ وقت، رستي ۾ ]120[ شيخ نصيرالدين چراغ دهلويءَ کان چشتي خلافت جو خرقو ڍڪي، اُچ ۾ پهتو. "تاريخ محمدي" ۾ لکيل آهي، ته هن نبوي حرم شريف جي محدثن جي سردار، شيخ الاسلام، شيخ عفيف الدين عبدالله العطري کان خلافت جي ٽوپي ۽ تبرڪ جو خرقو پهريو هو، ۽ ٻه سال سندس صحبت ۾ رهي ڪتاب عوارف ۽ ٻيا سلوڪ جا ڪتاب سندس خدمت ۾ پڙهيا. ] آخر ۾[ شيخ عفيف الدين فرمايو، ته توهان جي ڪئنچي هلائڻ (مريد ڪرڻ) گاذرون ]وڃڻ[ تي موقوف آهي. گاذرون پهچڻ تي شيخ الاسلام امين الدين جي ڀاءُ، شيخ امام الدين کيس ٻڌايو، ته "مون کي شيخ امين الدين رحلت ڪرڻ وقت وصيت ڪئي هئي، ته "سيد جلال الدين اُچ ۽ ملتان کان ملاقات جو ارادو رکيو ٿي آيو، پر ]رستي ۾[ کيس شيطان برغلائي وڌو، ته امين الدين گذاري ويو آهي. هو جڏهن اچي، ته کيس منهنجي سلامن ڏيڻ کان پوءِ، منهنجو مـُـصلو ۽ ڪئنچي سندس حوالي ڪري، کيس ]مريدن ڪرڻ جي[ اجازت ڏج". اتان اها نعمت حاصل ڪري موٽي آيو ۽ اچي شيخ رڪن الدين کان برڪت جو خرقو حاصل ڪيائين. سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ سيوستان ۽ ان جي آسپاس لاءِ شيخ الاسلامي جي عهدي ۽ خانقاهه محمد جي سند سان سرفراز ٿيو، پر ٿوري وقت کان پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڇڏي گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. سلطان فيروز جي ڏينهن ۾(1) ! سنہ 785 هجريءَ ۾ گذاري ويا. سندس روضو مبارڪ اُچ ۾ الله وارن جي مرجع آهي. ]شيخ برهان الدين قطب العالم[: شيخ برهان الدين قطب العالم، مخدوم جهانيان جو فرزند ۽ جانشين آهي، جيئن گجرات جي بيان ۾ ذڪر ٿي چڪو(2). چون ٿا، ته هڪ رات سيد برهان الدين تهجد لاءِ اٿيو، رات اونداهي هئي تنهنڪري سندس پير هڪ ڪاٺي تي لڳي ڦٽجي پيو، فرمايائين، ته هيءُ پٿر آهي يا لوهه آهي يا ڪاٺي آهي؟ صبح ٿيڻ تي ماڻهن انهيءَ کي روشنائيءَ ۾ ڏٺو، ته ]جئن[ زبان مبارڪ مان نڪتو هو، انهيءَ ڪاٺيءَ جو، ٽڪرو پٿر، ٽڪرو لوهه ۽ هڪ ٽڪرو ڪاٺيءَ جي اصلوڪي صورت ۾ هو. دارا شڪوه "سفينه الاوليا" ۾ لکيو آهي، ته اڄ به (جو سال 1049هجري آهي). اها ڪاٺي مٿين ٽنهي حالتن ۾ احمد آباد گجرات ۾ سندس اولاد وٽ موجود آهي. سندس وفات سنہ 856 هجريءَ ] ۾ ٿي[. سندس عمر جو عرصو 68 سال ]هو[ . سندس قبر احمد آباد گجرات جي پسگردائيءَ ۾ بٽوهه جي ڳوٺ ۾ آهي. ]سلطان محمود ناصرالدين[: سلطان محمود ناصرالدين ولد مخدوم جهانيان ڏاڍي هدايت ۽ مريدن جي مشڪلات پوريءَ طرح حل ڪرڻ ۾ زندگي گذاري. ]سيد فيض الله[: سيد فيض الله ولد سلطان محمود ناصر الدين رڳو فيض الاهيءَ ۽ سلوڪ جي واقفيت ۾ محو هو. ]سيد اسماعيل[: مٿئين سيد فيض الله جو پٽ سيد اسماعيل وڏن جي رستي جو چڱيءَ طرح واقف هو. ]سيد راجو[: سيد راجو ولد سيد اسماعيل هدايت جي رستي جو سالڪ ٿي گذريو آهي. ]سيد ابراهيم[: سيد ابراهيم ولد سيد راجو الله جي رستي جو خليل پيدا ٿيو. ]سيد قطب الدين[: سيد ابراهيم جو فرزند سيد قطب الدين هدايت ۽ ارشاد جي آسمان جو قطب هو. ]سيد فضل الله[: سيد فضل الله ولد سيد قطب الدين نسورو فضل خدا هو. ]سيد عثمان[: سيد عثمان ولد سيد داؤد بن سيد شڪر الله بن سيد حاجي حميد بن سيد راجو بن سيد نظام الدين بن سيد ابراهيم بن سيد راجو بن سيد اسماعيل بن سيد فيض الله بن سيد محمود ناصر الدين بن سيد جلال جهانيان، معرفت وارن جي لسٽ ۾ داخل ٿيل ۽ وڏيءَ هدايت وارو هو. ]سيد باقر بن سيد عثمان[: مٿئين سيد عثمان جو فرزند سيد باقر، شيخ ڀنڀو قادري، جنهن جو بيان ٿي آيو، جي گهراڻي مان رسالي "باقر الاتوار" جو مصنف آهي. پڻ انهيءَ اُچ جي شهر ۾ اعتڪاف ۾ ويٺي، حـضرت رسول الله کان ٻڌو هو، ته "يا ولدي من قراءُ اللهم انک تعلم ذنو بنا الخ بعد کل صلواة احد عشر مرة قضي الله تعاليٰ لہ کل حاجة من الدنيا والاخرة" (اي منهنجا فرزند! جيڪو به هر هڪ نماز کان پوءِ يارنهن دفعا اللهم انک تعلم ذنو بنا الخ پڙهندو، ته الله تعاليٰ هن جي دنيا خواهه آخرت جي سڀڪا ضرورت پوري ڪندو) ۽ جيڪي مصطفيٰ ]صلي الله عليہ وسلم[ جي حـضور مان ٻڌائين سو 25 رمضان سنہ 1070 هجريءَ ۾ "جواهر الاولياءِ" ۾ لکيائين. ]سيد محمد مراد ۽ سيد ورايو[: سيد باقر جا ڀائر سيد مراد ۽ سيد ورايو، مٿئين سيد عثمان جا پٽ، چڱي حالت جا صاحب ٿي گذريا آهن. ]سيد جلال[: سيد جلال، لقب "جليل الله "، بن سيد داؤد بخاري، سيد باقر، سيد مراد ۽ سيد ورائي جو چاچو، پنهنجي ڏاڏي سان همنام هجڻ جي برڪت سان حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي. ]شيخ ابو طالب[: شيخ ابو طالب هن جو مريد آهي، جنهن معرفت منجهان وڏو حصو هٿ ڪيو هو ]121[ . ]سيد نو بهار شاهه[: مخدوم جهانيان جي اولاد مان ڏاڏي بزرگوار جو گادي نشين ]هو[. ۽ ڏاڍي هدايت ۽ امتياز سان گذاري ويو. ]سيد نو ناصرالدين[: هاڻي سيد نو ناصرالدين انهيءَ محفل جي شمع، نيڪ وڏن جو جانشين ۽ مريدن جي مرجع آهي، جو امتياز سان زندگي گذاري رهيو آهي. ]سيد راجو قتال[: سيد راجو قتال بن سيد احمد ڪبير بن سيد جلال وڏو بخاري عجيب و غريب حال ۽ ڪمال جو مالڪ هو. هن جي شان ۾ جيڪي به لکيو وڃي سو ٿورو آهي. هن جي صحبت مان ڪيترائي طالبِ، فيض جا صاحب ٿيا. جن مان هڪ سنڌ جو بلوچ "عارف" آهي، جو جهڙو نالو عارف اٿس اهڙو ئي عارف آهي. قاضي نورالله شوستري "مجالس المؤمنين" ۾ هن کي حال جي صاحبن جي لسٽ ۾ لکيو آهي. مير عبدالرشيد پنهنجي منتخب ۾ هن جو شعر "گي" بمعني ابلق (گهوڙي) جانور لاءِ شاهد طور آندو آهي. ]سيد راجو[: سيد راجو بن سيد حامد الحسين البخاري هڪ فاضل، عالي همت ۽ ڪرامت جو صاحب سيد هو. جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سندس وڏا بخارا کان هندستان آيا هئا. هن بلوچن جي هڪ جماعت کي مريد بڻايو هو. ڪنهن وقت همايون بادشاهه کي ڏسڻ لاءِ روانو ٿيو. بادشاهه کي خبر پئي، ته سيد جي استقبال جو پڪو ارادو ڪيائين، ]پر[ سيد جي پهچڻ تي مخدوم الملڪ ملا عبد الله لاهوريءَ بادشاهه کي چيو، ته "]هي[ سيد رافضي بدعتي آهي، هن جو استقبال دين جي بيعزتي آهي!" ]مطلب ته[ ايترو چيائين جو بادشاهه پنهنجي سر استقبال ڪرڻ جو ارادو ڇڏي، پنهنجي پاران شهزادي جلال الدين اڪبر کي بيرم خان سان گڏي استقبال واسطي موڪليو، ۽ پاڻ معافي گهريائين. تقديراً انهيءَ ڏينهن لاهور جي حاڪم مير حاجي سيستاني، ملا عبدالله کي قيد ڪيو. عبدالله پنهنجي حق ۾ آزاديءَ جي دعا گهرڻ لاءِ سلطان پور ۾ رهندڙ شيخ عزيز الله عباسي ملتانيءَ ڏانهن لکيو ۽ شيخ دعا خواهيءَ ۾ لڳي ويو. رات جو سرور ڪائنات کي خواب ۾ ڏٺائين، ته سيد راجو گوڏي شريف تي ويٺو آهي. شيخ عرض ڪيو، ته "ملا ]عبدالله[ حضور جو مداحي آهي، سندس آزادي ڏانهن توجهه فرمايو". آنحضرت صلي الله عليہ وسلم سيد ڏانهن ڏسي فرمايو، ته "منهنجو پٽ ملا جي هٿان رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهي". شيخ، ملا ڏانهن حقيقت لکي موڪلي، جنهن تي هن توبهه استغفار ڪري سيد کي راضي ڪيو. ]شيخ جمن[: شيخ جمن بن سيد زين العابدين بن سيد راجو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، پنهنجي وقت جو وڏو فاضل هو. قاضي نور الله شوستريءَ جي ساڻس خط و ڪتابت هوندي هئي. قاضيءَ جا ڪجهه سوال سيد جي جوابن سميت قاضيءَ جي ڪتاب مجالس المؤمنين ۾ لکيل آهن. مخفي نه رهي، ته هتي بيان ٿيل سيد راجو ۽ مٿي بيان ٿيل سيد راجا جي وچ ۾ تمام گهڻي عرصي جي دوري آهي. هيءُ سيد راجو، شايد مٿئين سيد راجي جي اولاد مان آهي. و الله اعلم بالصواب. ]سيد علي اڪبر[: سيد راجو قتال جي اولاد مان سيد علي اڪبر بن سيد حامد قتال، "فوائد البخاري" جو مصنف ۽ "جواهر الاوليا" جي راوين مان هڪڙو آهي. ]شاهه عيسيٰ عبدالوهاب[: مخدوم جهانيان جي اولاد مان ]آهي[ . اُچ ۾ سندس تربت الله وارن جي زيارتگاهه آهي. ]سيد شاهه چراغ[: مٿئين شاهه عيسيٰ جو سجادهه نشين سيد شاهه چراغ، ميان نور محمد ]ڪلهوڙي[ جو همعصر هو. هو دائود پوٽن کي ڇڏائڻ لاءِ آيو هو ۽ وڏو مان] پاتو هئائين. نهايت وڏيءَ بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو آهي. ]سيد اسماعيل بخاري[: سيد اسماعيل بخاري اُچ جو رهاڪو هو. "جواهر الاوليا" جي مصنف مير محمد باقر هن کان روايتون ڪيون آهن. هو انهن ماڻهن مان آهي، جن کي مٿئين مير (باقر) پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي حضور ۾ ڏٺو ]هو[ مير عبدالرزاق جو والد ۽ سيد عبداللطيف سيوستاني (جيڪو راقم الحروف جي ناني سيد عبداللطيف عرف سيد مهتي جو ڏاڏو ٿئي، ۽ ]سندس ذڪر[ پنهنجي جاءِ تي ٿيندو) جو ڏاڏو ]آهي[. ڪتاب ۾ هن خاندان جي سجادهه نشين بزرگن جو بيان، ترتيب وار ڪرڻ جو ارادو هو، پر هن وقت جيترو ٿورو گهڻو ميسر ٿي سگهيو، اوترو بنا ترتيب جي داخل ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ و تقدس جي بي انتها احسان ۾ اميد آهي، ته اها تمنا حاصل ٿيندي، يا ٻيو ڪو توفيق جو صاحب هن سهڻي بيان جي سلسلي جي تحقيق ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. ]شيخ يحيٰ اچي[: شيخ يحيٰ اُچي ڪرامت ۽ تقويٰ جو صاحب، مخدوم جهانيان جو جانشين، نهايت بزرگيءَ ۽ ڪمال ارشاد جي حالت ۾ زندگي گذاري ويو. ]شيخ فياضي[: ڪمال جو صاحب، فيض وارو ۽ مخدوم جهانيان جي نور مان فيض پرائيندڙ مريد ۽ باڪمال طالبن مان هو. ]شيخ فضل الله[: شيخ فضل الله بن ضياءُ الدين عباسي مخدوم جهانيان جو مريد، معرفت ۽ يقين جي لسٽ ۾ داخل هو. ]شيخ حماد قريشي[: مخدوم جهانيان جو مريد ۽ ارشاد ۽ يقين جي صاحبن وٽ مشهور هو. ]شيخ جمال[: شيخ جمال درويش اُچي مخدوم جهانيان سيد جلال جو مريد ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. ]شيخ اسماعيل، قاضي ابوالخير ۽ قاضي عبدالرحمان[: شيخ اسماعيل حالي، قاضي ابو الخير ۽ قاضي عبدالرحمان اُچ جا بزرگ ۽ مرزا شاهه حسن جا همعصر هئا. جيئن ته انهن ئي مٿي ذڪر ڪيلن شيخ زين العابدين ۽ شيخ ابراهيم سان گڏجي سفارش ڪئي، جنهن تي مرزا اُچ جي ]ماڻهن کي[ قتل کان معافي ڏني. ]شيخ شجاع بخاري[: شيخ شجاع بخاري ملتان جي حاڪم حسين لانگاهه جو ناٺي هو. ]ميان سڄڻ صديقي[: ميان سڄڻ صديقي پرهيزگار ۽ متقي عارفن جي جماعت ۾ داخل آهي. فرزند سندس ]122[ مخدوم بهاءُالدين فضيلت ۾ مشهور ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجي وقت ۾ معروف هو. هو پنهنجي پراڻي وطن اُچ ۾ گذاري ويو. سندس پٽ محمد عثمان جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ايندو. ]سيد نصيرالدين قادري[: سيد نصيرالدين قادري سيد عثمان بن سيد دائود (جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو) جو مريد آهي. ڏاڍو صالح، پرهيزگار ۽ الله وارن جي سلسلي ۾ داخل هو. ]شيخ جمال[: اُچ جو رهاڪو شيخ جمال ڪورڪي ڌنڌي سان گڏ، حقيقت جي ڪارخاني جو مالڪ هو. ]شيخ محمد بن بايزيد[:شيخ محمد بن بايزيد، ساڪن اُچ، پڻ اُتي جي مشهور ماڻهن مان آهي. ]محمد علي بن شيخ عبدالواسع[: محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي پڻ هڪ باڪمال انسان هو. اُچ جي بخاري سيدن جو شجرو سندس نظم ڪيل آهي. ديرو غازي خان ديرو غازي خان هڪ آباد ملڪ آهي. منجهس اٽڪل هڪ لک 25 هزار کوهه آهن، جن تي آبادي ٿيندي آهي. هميشہ عظيم الشان خانن جي هجڻ ڪري ملڪين مشهور رهيو آهي. اڄ ڪلهه دوباره ميان غلام شاهه (ڪلهوڙي) جي حوالي ٿيو آهي، ] پر[ ڪن سببن جي بنا تي شاهي درٻار مان ميان محمد نواز خان جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي. ]هيٺيان ماڻهو[ اُتي جي ناليرن ولين مان آهن: ]پير منبه[: پير منبه پنهنجي وقت ۾ الله وارن جي پوري پوري مرجع هو. ]شيخ فريد[: شيخ فريد پنهنجي وقت جو يگانو ۽ تجريد ۽ تفريد جي صاحبن ۾ ممتاز هو. انهن ٻنهي بزرگن جي مزار نيڪن جي زيارت گاهه آهي. مئو مئو جو قلعو هڪ ناليرو قلعو، انهن قلعن مان آهي، جن کي مٿي ڪرائڻ واسطي راءِ ساهسي بن سيهرس، رعيت کي ڍل جي عيوض مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڪيو هو. ]هيٺيان ماڻهو[ اُتي جي بزرگن مان آهن. ]شيخ روح الله[: شيخ روح الله ولد قطب المحققين، شيخ بزرگ حماد قريشي، مخدوم جهانيان جو مريد (جنهن جو بيان مٿي گذري آيو) وڏو ولي، خدائي رستي جي ڄاڻن جو اڳواڻ آهي. سندس مزار مٿئين قلعي ۾ خلق الله جي زيارتگاهه آهي. ماٿيلو ماٿيلو مٿي ذڪر ٿيل ڇهن قلعن مان آهي. ]سلطان نول غوري[: سلطان نول غوري جي درگاه، جيڪا الله وارن جي زيارتگاهه ۽ خدا ترسن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي، انهيءَ (ماٿيلي) ۾ آهي. اُتي جي رهاڪن مان ]سيد شجاع بخاري[ وڻندڙ زندگي ۽ شاندار حالت جو مالڪ آهي. سيتپور ناهرن جو ملڪ آهي. اُتي جي ماڻهن مان سيد خواجه ڪلان، مسڪين مودودي، مولانا عبدالله مفتي، مير يار محمد صدر سان ملاقات ٿي. هر هڪ وقت جو بزرگ ۽ فضيلت ۽ چڱي حالت جو مالڪ آهي. هو خان ناهر جا همعصر هئا. جڏهن بکر جي حاڪم سلطان محمود خان مٿئين خان کي سوڙهو ڪيو تڏهن اهي ئي سندس سفارش جو ذريعو ٿيا هئا. ]شيخ بايزيد، شيخ حمزو ۽ سيد داؤد[: تنهن کان سواءِ شيخ بايزيد، شيخ حمزه ۽ سيد داؤد بخاري آهن. مير باقر "جواهر الوليا" ۾ انهن کان روايتون آنديون آهن. ]مولانا يار محمد[: مولانا يار محمد عرف "ياري" پڻ اُتي آراميل آهي. ]سيد راجن شاهه بخاري[: سيد راجن شاهه بخاري سيد جلال عليہ الرحمة جي اولاد مان آهي. سندس درگاهه نيڪن جي زيارتگاهه آهي. ]سيد سلطان شاهه ۽ راجن شاهه[: مٿئين راجن شاهه جي اولاد مان سيد سلطان شاهه عرف سلطان علي ۽ راجن شاهه انهيءَ سرزمين تي نهايت بزرگيءَ ۽ امتياز سان گذاري ويا آهن، اڪثر زمين سندن موروثي ملڪيت آهي. ]سيد امام الدين[: هاڻي سندس پوٽو سيد امام الدين جانشين ]123[ آهي. ]سيد خير شاهه[: سيد خير شاهه، حشمت ۽ عزت جو صاحب، باقي آهي. * * * ]باب چوڏهون[ ]بکر جو شهر ۽ بکر پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اُتي جا رهاڪو[ سندس پراڻو نالو "فرشتہ" آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هي شهر موجود ڪو نه هو. اروڙ جي ويران ٿيڻ کان پوءِ اُتي جا رهاڪو ايڏانهن (بکر ڏانهن) ۽ ٻين جاين ڏانهن لڏي ويا. نيٺ بکر جو ڳوٺ اروڙ بڻجي پيو. ]نالي جو سبب[: چون ٿا، ته جڏهن سيد محمد مڪي بکره (باک ڦٽڻ) جي وقت اتي داخل ٿيو تڏهن چيائين: "جعل الله بکر تي في البقعة المبارکة" (1) - (الله تعاليٰ منهنجو صبح مبارڪ جاءِ ڪرايو آهي)، تنهن کان پوءِ ماڻهن جي زبان تي انهيءَ جڳهه جو نالو "بـُـکره" چڙهي ويو، جو آهستي آهستي بدلجي "بکر" ٿي پيو. ڪن جو چوڻ آهي، ته مٿئين سيد کان نوڪرن پڇيو، ته "منزل ڪٿي ڪئي ويندي؟" فرمايائين، ته "جتي باک ڦٽڻ وقت بقر (ڍڳي) جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو." وقت گذرڻ تي لهجي بدلجڻ ڪري انهيءَ (بقر) مان "بکر" ٿي پيو. بهرحال اهو پراڻو شهر آهي، روهڙي ۽ سکر انهيءَ کان نوان آهن. هيءَ مبارڪ سرزمين يقين وارن جي ملجا ۽ عارفن جو سرچشمو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ ٺٽي ۽ بکر جهڙي صفائي ۽ نزاڪت واري ۽ مردم خيز زمين پيدا ڪا نه ٿي آهي. اڳين ڏينهن ۾ ٻٻرلوءِ جو چار باغ، جنهن کي سلطان محمود خان، همايون بادشاهه جي منزل ڪرڻ کان ڪجهه وقت پوءِ، بيرم خان جي اچڻ جي خبر ٻڌي، پٽارائي ڇڏيو، دنيا جي هڪ نادر چيز هئي، جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه هڪ وڏي رقم حرمين شريفين ڏانهن نذر موڪلي هئي، جا اتفاقاً واپس موٽي آئي، جنهن مان مير معصوم بادشاهه جي حڪم موجب، اتي خوبصورت جايون ۽ مشهور يادگار منارو تيار ڪرايو. اُتي جي قلعي کي شاهه بيگ اروڙ جي سرن مان ٺهرائي، قلعي ۾ اندر رهندڙ سيدن کي ٻاهر روهڙيءَ ۾ رهايو. پوءِ نادر شاهه بادشاهه اهو قلعو ويران ڪري ڇڏيو. اهو (بکر) تفريح گاهن ۽ دل وڻندڙ باغن سان سينگاريل آهي، ۽ سڳوري آثار، يعني وار مبارڪ، جو صحيح روايتن موجب انهن اڍائن وارن مان آهي، جيڪي حـضرت محمد صلي الله عليہ وسلم کان مؤمنن جي زيارت لاءِ يادگار رهجي ويا آهن، جي وجود جي برڪت سان، خاص عزت لڌي اٿس. اُتي جا اڪثر ماڻهو ٺٽي جي ماڻهن وانگيان سير ۽ صفائي پسند ڪندڙ، نازڪ مزاج ۽ لياقت جي ڳولا ۾ مشهور آهن. گرميءَ جي ڏينهن ۾، جا پاڻيءَ جي چڙهڻ ۽ ميون پچڻ جي موسم آهي، ننڍا توڙي وڏا، سردار توڙي نوڪر، زالون خواهه مرد، باغن ۾ خلوتن ۽ محفلن ۾ ڏينهن گذاريندا آهن، مطلب ته جاءِ ڏسڻ وٽان، ۽ هن جي سرسبز باغ جو گل سنگهڻ جي لائق آهي. انهيءَ ۾ گهڻن ئي ولين جون مزارون آهن. ]سيد علاءُالدين[: سيد علاءُالدين بن سيد شهاب الدين بن سيد موسيٰ بن سيد علاءُالدين بن سيد محمد مڪي پنهنجي وقت جو بزرگ هو. سيد فيض الله ولد سلطان ناصر الدين محمود بن سيد جلال جهانيان سندس ڏهٽو هو. سيد محمود بن سيد فخرالدين بن سيد علاءُالدين بن سيد ابراهيم ثاني بن سيد قاسم، جو سيد محمد مڪيءَ جو چاچو هو، ]اهو[ قاسم بن سيد ابوالمڪارم زيد بن سيد حمزه بن سيد جعفر بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقيل بن ابي عقيل بن اسماعيل بن جعفر ثاني بن علي زڪي بن محمد تقي (شال مٿس تعريفون ۽ سلام نازل هجن)، جو فرزند آهي. سيد نظام الدين ولد سيد فضل الله بن سيد قطب الدين بن سيد ابراهيم بن سيد راجو بن سيد اسماعيل بن سيد فيض الله، جيڪو مخدوم جلال جهانيان جو پوٽو هو، اهو (سيد نظام الدين) سيد محمود مٿئين جو ڏهٽو آهي. هن جي تعريف جي قلم کي طاقت نه آهي. سيد مبارڪ خان بن سيد بايزيد بن سيد محمود بن سيد فخرالدين بن سيد علاءُالدين بن سيد ابراهيم ثاني بن سيد قاسم، سيد محمد مڪي جو چاچو، پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ مرادمند ٿي گذريو آهي. سيد حاجي حميد نظام الدين ولد سيد راجو، مٿئين ذڪر ٿيل سيد نظام الدين بخاريءَ جو نانو هو. ]سيد محمد مڪي[: سلطان العارفين سيد محمد شجاع جو فرزند رشيد سيد محمد مڪي آهي. سيد محمد شجاع مشهد مقدس ۾ رهندو هو، اتان حرمين شريفين جي زيارت تي آيو. سير ڪندي مرشدن جي مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي جو مريد ٿي، فائدو پرائي، فرزنديءَ جو تعلق حاصل ڪيائين (شيخ جو ناٺي بڻيو). شيخ جي معصوم نياڻيءَ مان سيد محمد مڪي، مڪي (شريف) ۾ پيدا ٿيو. هن بزرگوار مشهد ۾ موٽي وڃڻ کان پوءِ جلد ئي فاني جهان کان موڪلايو. کيس امام علي موسيٰ رضا جي قبي ۾ جاءِ ملي. سيد محمد مڪي فرشتہ يعني بکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪري گذاري ويو. سندس مزار خاص بادشاهي قلعي ۾ ]124[ آهي. بکر جي سيدن جي سرداري ڏانهس منسوب هئي. هو پهريون سيد آهي، جو اُتي آيو. سندس اولاد مان ڪيئي بزرگوار پيدا ٿيا آهن. ]سيد حيدر حقاني(1)[: سيد حيدر، لقب "حقاني"، سندس درگاهه شهر ۾ اندر آئي وئي لاءِ اجابت جي جاءِ آهي، سندس اولاد بابت اڳتي بيان ٿيندو. ]مير ميران رضوي[: مير ميران رضوي روشن ڪرامتن جو صاحب، روهڙيءَ جي وچ ۾ آرامي آهي. سندس پوٽا اڳتي بيان ٿيندا. ]سعيد خان[: سعيد خان، لقب "ڦرڪائي"(2)، اصل مغل، شهر ۾ اندر سندس تـُـربت ضرورتمندن جي زيارتگاهه آهي. سندس اولاد گهڻو ٿيو پر هاڻي ڪو ڪونه رهيو آهي. ]شاهه حاجي دريائي[: چون ٿا، ته اڳئين زماني ۾ هڪڙي نابين قلندر، مڇيءَ جي شڪار لاءِ درياء ۾ ڪـُـنڍي اڇلائي هئي، ٻاهر ڪڍيائين، ته اها هڪ صندوق ۾ چنبڙيل ڏٺائين. انهيءَ کي هٿ لڳائڻ سان هو اکين وارو ٿي پيو، هن ۾ هڪ بزرگ جو لاش ڏسڻ ۾ آيس. خواب ۾ معلوم ٿيس، ته هن جو نالو شاهه حاجي آهي ۽ عرب کان پنهنجي مرشد شاهه بهاءُالدين جي پاڙي ۾ آرامي ٿيڻ لاءِ، الله جي قدرت سان، اِتي پهتو آهي. هاڻي ٻئي قبرون درياءَ جي ڪناري تي، هڪ ٻئي جي ويجهو، ضرورتمندن لاءِ قبوليت جي جاءِ آهن. ]شاهه مقصود[: شاهه مقصود، لقب "موجود"، امرڪس واهه جي پـَـرينءَ ڀر جبل تي آراميل آهي، سڀ ڪنهن آچر ڏينهن اُتي خلق جو مجمع، ۽ هر سال جي چوڏهينءَ تي هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. چون ٿا، ته انهيءَ رات ميلي ۾ غيبي بازايون تيار ٿينديون آهن. هڪ شخص پنهنجي ترار ڪنهن دڪان تي ڳهه رکي هئي، صبح جو ڳوليائين، پر هٿ نه آيس. آخر حقيقت کان واقف ٿي، سال جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ۽ ٻئي ]سال جي[ چوڏهينءَ تي اهو دڪان لهي، پنهنجي ترار واپس ورتائين. ]حاجي غيب[: سندس ڀاءُ حاجي غيب ]پڻ[ اتي آراميل آهي. ]صالح شامي ۽ پٽ پير خيرالدين[ ٻيو صالح شامي ۽ پٽ پير خير الدين عرف خيرو آهي. انهن مان هر هڪ جي زيارت مان حاجتمند بيحد فائدو پرائين ٿا. ]شيخ نوح بکري[: مرشدن جو مرشد شيخ نوح بکري، سنڌ جو هڪ وڏو ولي ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڪامل مريد آهي، هو فرشتہ يعني پراڻي بکر ۾ رهندو هو. نقل آهي، ته جڏهن غوث العالم شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي خدمت ۾ مريد ٿي، ملتان ڏانهن ]وڃڻ جي[ موڪل ورتي، تڏهن شيخ کيس فرمايو، ته اسان جي مريدن مان هڪ هدايت وارو مريد سنڌ جي فرشتہ شهر ۾ آهي، انهيءَ کي ضرور ڏسڻو اٿئي، ڇاڪاڻ ته هن ڏيو، وٽ ۽ تيل پنهنجو آندو هو، صرف چواتيءَ جي ضرورت هيس. اتفاقاً شيخ بهاءُالدين زڪريا جي فرشتہ ۾ پهچڻ کان اڳ، شيخ نوح، حياتيءَ جي ٻيڙي اجل جي طوفان مان جنت جي جوديءَ ڏانهن ڪڍي ويو هو (وفات ڪري ويو هو). ]سيد بدرالدين[: سيد بدرالدين عرف سيد بدر بن سيد صدر الدين خطيب، اعتماد جوڳين متواتر روايتن سان سندس پيڙهي امام علي نقيءَ سان ملي ٿي. هو ذات جي بزرگي ۽ سهڻين صفتن سان موصوف هو. يقين، معرفت ۽ ديني حقيقتن ۾ پنهنجي ڏينهن ۾ ممتاز رهي چڪو آهي. سندس اولاد خاندان جي سرداريءَ ۽ نسب جي بزرگيءَ ۾ روهڙيءَ ۾ مشهور آهي. ]125[ . جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هن حـضرت رسالت مآب صلي الله عليہ وسلم جي ارشاد موجب، پنهنجي نياڻي سيد جلال بخاري وڏي، جنهن کي "جلال سرخ" جي لقب سان ياد ڪندا هئا، کي ڏني هئي. ]مير ابوالغيث[: هڪ بکر جو مکيه ماڻهو ۽ دينداري ۽ پرهيزگاريءَ جي صفت سان موصوف هو. جڏهن امير تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد جا ماڻهو بکر وٺڻ لاءِ آيا، تڏهن هو پنهنجي ڏاڏي عليہ السلام جي حضور ۾ آبرو جي التجا ڪري، مرزا جي ڏسڻ لاءِ روانو ٿيو. انهيءَ رات مرزا کي حضور اڪرم عليہ الصلواة والسلام جي درٻار مان، خواب ۾، سندس اولاد سان عزت ۽ احترام جي روش اختيار ڪرڻ جو حڪم ٿيو. نائين ڏينهن کان پوءِ، جڏهن مير مذڪور مرزا جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن هن جي ڏسڻ سان، تواضع خاطر، اٿي بيهي رهيو، ۽ شفقت سان ڀاڪر ۾ وٺي، ڏاڍي مهرباني فرمائي پنهنجي پاسي ۾ ويهاري، خواب جو احوال بيان ڪيائين. موڪلائڻ وقت اروڙ جو پرڳڻو انعام ڏنائينس. ]مير ابوالبقا[: مير ابوالبقا، بکر جو هڪ نهايت سڳورو سيد، فقيريءَ ۽ خاص حالت جو مالڪ هو. همايون بادشاهه جڏهن مٿي بيان ڪيل فساد سببان هتي آيو هو، تڏهن سيد جي زيارت لاءِ سندس گهر تشريف فرما ٿي، ]ساڻس[ بزرگاڻي صحبت ڪئي هئائين. بکر جي چوڪيدارن کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن رستي ويندي تير وسائي، ]کيس[ شهيد ڪيائين. همايون بادشاهه کي هن جي فوت ٿيڻ ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو. ]شاهه قطب الدين محمد[: شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب، خراسان جو هڪ نهايت جليل القدر ۽ بزرگ سيد هو. ترڪماني فساد کان پوءِ اچي بکر ۾ رهيو هو. جمع ڏينهن ]عام[ خلق کي واعظ سان محظوظ فرمائيندو هو. تمام متقي ۽ شرعيت جو پابند رهي حياتي گذاريائين. مرزا شاهه حسن ارغون، بکر جي شيخ الاسلاميءَ ]جو عهدو[ کيس ڏنو هو. ڪيترو وقت انهيءَ عهدي تي قائم رهي، آخر سنہ 977هه ۾ ماڻهن کي "ڪـَـفـَـي بـِـالمـَـوتِ وَاعـِـظا (1) "جو سڏ سڻائي ويو. سندس تاريخ "واعظ" مان معلوم ڪئي اٿن. ]شاهه جهانگير هاشمي[: شاهه جهانگير هاشمي، مٿئين شاهه طيب جي اولاد مان، هڪ ]فصيح[ بليغ شاعر هو ۽ سندس شعر دنيا ۾ مشهور آهي. مرزا شاهه حسن جي حڪومت جي ابتدا ۾، خراسان کان سنڌ ۾ اچي بکر ۾ رهڻ لڳو هو. "تحفة الاحرار" جي جواب ۾ "مظهر الآقـٍار" سندس طبع جو نتيجو آهي. سنہ 946 هجري ۾ حجاز جي سفر تي نڪتو ۽ ڪيچ مڪران جي رستي ۾ شهادت کي رسيو. ]سيد ناصر الدين[: سيد ناصر الدين ولد سيد نظام الدين بکري، اڪثر راڳ ٻڌڻ ۾ مشغول رهندو هو، ۽ سوندري (سونڊي) جي سر سان ڏاڍو چاهه هوندو هئس. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ، جنازي کڻڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪيائون پر کڻي نه سگهيا. ]نيٺ[ سندس پٽ سيد رڪن الدين کي پيءُ جي وصيت ياد آئي، جنهن موجب هڪ شرنائي وٺي آيا، جنهن اچي هيڏانهن سوندرو سـ]ـر شروع ڪيو، ته هوڏانهن جنازو قدر الاهيءَ سان هوا ۾ روانو ٿيو ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جو هٿ انهيءَ تائين ڪو نه پهچي سگهيو، آخر اچي پنهنجي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ تي لٿو. ]سيد رڪن الدين[: سيد رڪن الدين پيءُ جي وفات کان پوءِ " اَلْوَلَدُ سِرٌّ لاَبِيْهِ "(1) جي مقولي موجب هر طرح نيڪي، بزرگي، قال خواهه حال ۾ ممتاز رهي زندگي گذاري ويو. ]سيد صفائي[: سيد صفائي بن سيد مرتضي الترمذي، جو ]ماءُ جي طرفان[ سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال (جنهن جو ذڪر ٻئي جلد ۾ ٿي آيو)، ڏانهن منسوب آهي. بکر جي ]معصومي[ سيدن جي شجري ۾ سندس پيڙهيون هن طرح لکيل آهن: مير معصوم بن مير مرتضيٰ بن مير تقي بن خوارزم شاهه بن شير قلندر بن حسين بن علاءُالدين بن محمد بن حسن بن علي بن جعفر بن محمد بن هارون بن محمد بن جعفر بن محمد بن احمد بن هاشم بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام. هو علم ۽ عمل جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جي فاضلن جو سردار هو. شاهه قطب جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سلطان محمود خان وٽان بکر جي شيخ الاسلاميءَ ]جو عهدو[ مليس. ]مهينه[ ذوالقعد ]126[ سنہ 991 هجري ۾ گذاري ويو. ]مير معصوم[: مٿئين سيد صفائيءَ جو فرزند مير معصوم پهريائين سلطان محمود خان وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ وڏي مرتبي کي پهتو. خان خانان سان گڏجي سنڌ جي فتح ڪرڻ واريءَ مهم ۾ نمايان ڪم ڪيائين. بکر جي آسپاس ۾ عاليشان عمارتون (جيئن مٿي بيان ٿي آيو) سندس يادگار آهن. قنڌار جي جبل تي، اڪبر بادشاهه جي زير نگين آيل ملڪن جي نالن تي مشتمل هڪ ڪـُـتبو، وڏي خرچ سان، سندس اهتمام هيٺ، پٿر تي نقش ڪرائين. هو هڪ ديوان جو مالڪ آهي ۽ "نامي" تخلص ]ڪندو هو.[ سندس تصنيفات مان سنڌ جي حالت ۾ "تاريخ معصومي"(2) "طب نامي"، سسئي ۽ پنهون جي قصي متعلق "ناز و نياز" نالي هڪ مثنوي دنيا جي صفحي تي يادگار آهن. ]مير بزرگ[: مٿئين مير معصوم جو فرزند، مير بزرگ پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هنن بزرگوارن جو اولاد نانءَ نيڪيءَ سان زندهه آهي(جئن سکر جي بيان ۾ لکيو ويندو). ]مير قاسم خان[: مير قاسم خان "نمڪين" هروي بن ملامير سبزواري، ملامير امام موسيٰ رضا جي درگاهه جو متولي هو، اوزبڪن جي فساد وارن ڏينهن ۾ هرات جي پسگردائيءَ واري ڳوٺ بيجڪ مان لڏي قنڌار جي آسپاس ]پهچي[ گذاري ويو. سندس پٽ مير قاسم لاهور ۾ اڪبر بادشاهه جي نوڪري اختيار ڪري "چهار هزاريءَ" جو عهدو هٿ ڪري، اقتدار وارو امير ليکجڻ ۾ آيو. بکر ۾ رهي ڪري چڱا آثار ڇڏيائين. آخر قنڌار جي لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو ۽ کيس روهڙيءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيائون. ]امير خان[: سندس پٽ امير خان، جنهن جو بيان ٿي آيو(1) ، عزت ۾ پيءُ کان چڙهي ويو، سندس اولاد ٺٽي جي بيان ۾ ذڪر ٿيندي. ]مولانا عالم بکري[: مولانا عالم بکري ظاهري خواهه باطني علمن جو عالم هو. سندس پٽ درويش يحيٰ ريل جي درويشن ۽ مشائخن ۾ مذڪور ٿيندو. ]قاضي معروف[: قاضي معروف پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ بکر جي شهر جو قاضي هو. نهايت عالم، فاضل، صالح، متقي، نازڪ طبع ۽ خوش مزاج هو. ڄام سنجر سمي کي وڃي ٻڌايائون، ته هو مدعي ۽ مدعا عليہ کان ڪجهه اجورو وٺي ٿو. گهرائي پڇيائينس، ته چيائين، "هائو، ]بلڪه[ اڪثر دل ۾ ايندو اٿم، ته شاهدن کان پڻ ٿورو گهڻو وٺجي، پر دعويٰ جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هو نڪري وڃن ٿا". ڄام هن حرف کان ڏاڍو خوش ٿيو. ڄام کي خوش ڏسي چيائين، ته "سڄو ڏينهن خلق جي دعوائن ۾ مشغول رهان ٿو، جنهنڪري منهنجو وڏو عيال اڪثر بک ۾ گذاري ٿو، هيءَ حالت ڪيتري قدر جائز آهي؟" معلوم ٿو ٿئي، ته هن کان اڳ ملازمن جون پگهارون تمام ٿوريون ۽ وجـهه معاش اڻپورو هو. ڄام هن خواهه ٻين جون مناسب پگهارون مقرر ڪيون. ]قاضي ابوالخير[: قاضي ابوالخير قاضي قاضن سيوستاني، جنهن جو بيان ٿيندو، جي ڏاڏن مان هو. نهايت ]چڱي[ حالت ۽ فضيلت جو صاحب هو. بکر ۾ رهندو هو ۽ اُتي ئي گذاري ويو. ]مير غياث الدين محمد[: مير غياث الدين محمد عرف سلطان رضائي العريضي سبزواري، "حبيب السير" جي مصنف خواند مير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو، شاهه بيگ ارغون جو مقرب هو، ]127[ .هن سان گڏجي سنڌ ۾ اچي، بکر ۾ رهجي پيو. ]مير ابوالمڪارم[: سندس پٽ مير ابوالمڪارم مير عبدالله سلطان (جنهن جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ايندو)، جو والد آهي. پهريائين مرزا شاهه حسن ارغون ۽ پوءِ سلطان محمود خان جي اميرن ۾ داخل ٿيو. سلطان محمود خان هن کي عراق عجم جي بادشاهه اسماعيل صفويءَ ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو هو، جتان قسمين قسمين نوازشون ۽ "سلطاني" جو خطاب وٺي موٽي آيو. چڱن اخلاقن سان موصوف ۽ نهايت فضيلت ۽ بلاغت ۾ مشهور رهي حياتي گذاريائين. ]ملا اسحاق بکري[: ملا اسحاق بکري نهايت فضيلت وارو، ۽ سلطان محمود خان جو ملازم هو. آخر ۾ مرزا جاني بيگ خان جي فرزند مرزا غازي "وقاريءَ" جو استاد مقرر ٿيو هو. ]مولانا يار محمد[: مولانا يار محمد، عرف مولانا ياري، اصل هرات جو هو. نهايت فصيح بليغ ۽ انشا جي فن ۾ وقت جو بينظير رهي، حياتي گذاريائين. سلطان محمود خان کيس همايون بادشاهه جي درگاهه ۾ ايلچي ڪري موڪليو هو، پر جنهن صورت ۾ دل گهريو ڪم نه ڪيو هئائين، تنهنڪري حجاب کان موٽڻ، وقت سيتپور ۾ ٽڪي پيو ۽ گذاري ويو، جيئن لکيو ويو آهي. سندس شعر اڪثر ڪري خوشطبعيءَ جي نموني ۾ مشهور آهن. ]سيد يعقوب خان[: سيد يعقوب خان رضوي، مٿي ذڪر ٿي آيل مير ميران جي اولاد مان، عالمگير جي ڏينهن ۾ بکر جي حڪومت تي سرفراز ٿيو. ]سيد صادق علي خان[: هن کان پوءِ سندس پٽ سيد صادق علي خان کي پيءُ جي جاءِ تي اها حڪومت ملي. ]مير جعفر[: سيد صادق علي جي پٽن مان مير مرتضيٰ گذاري ويو ۽ مير جعفر، لقب يعقوب خان، اڄ تائين وڏن واري جاءِ نهايت بزرگيءَ ۽ سرداريءَ سان آباد رکندو ٿو اچي. ]مير سعيد خان رضوي[: مير سعيد خان رضوي مٿي بيان ٿيل مير حيدر جي اولاد مان آهي، ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار جي اولاد جي سرداري ۽ وڏي مرتبي کي پهچي، ]پنهنجن[ ڀائرن ۾ ممتاز رهي گذاري ويو. ]مير غلام شاهه مرتضيٰ[: سندس پٽ مير غلام شاهه نالي، بزرگي، دولت، انسانيت ۽ نيڪ سهڻين عادتن ۾ پنهنجي قوت ۾ مشهور رهي ويو آهي. طاقت ۽ پـُـڄنديءَ ۾ وڏن کان اڳڀرو قدم کنيو هئائين. فاني جهان کان ويجهڙائيءَ ۾ موڪلائي ويو آهي. ]مير محمد سعيد[: هاڻي سندس پٽن مان مير محمد سعيد پيءُ جو قائم مقام آهي. ]سيد امين شاهه[: مٿي ذڪر ڪيل سيد حيدر جو پوٽو، نهايت بزرگ ۽ ناليرو پيدا ٿيو. ]سيد امين شاهه جو اولاد[: سندس پٽ سيد محمد تقي، مير امير علي ۽ مير محمد طاهر، بزرگيءَ ۽ وڏن وارين صفتن ۾ ناميارا هئا. ]مير وارث علي[: انهن مان مير امير عليءَ جو پٽ مير وارث علي سهڻين وصفن سان موصوف ۽ حيات آهي. ]سيد حاجي نور محمد[: مٿئين شاهه حيدر جي اولاد مان، سيد حاجي نور محمد سهڻين وصفن سان حياتي گذاري ويو. ]حاجي سيد عبدالڪريم[: سندس فرزند رشيد سيد حاجي عبدالڪريم نهايت بزرگ آهي، ۽ هاڻي تازو طبابت جي فن ۾ نواب شاهه وردي خان عرف ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، واليء سنڌ، جو ملازم ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس ناليري فرزند ميان سرفراز سان تعلق رکي ٿو. ]مير جان شاهه رضوي[: مير حيدر شاهه جي اولاد مان مير جان شاهه رضوي تمام لائق ۽ حق جي واٽ جو طالب آهي. شاهه عنايت الله صوفيءَ جي خدمت مان ارشاد ]جو رستو[ پرائي انهيءَ خاندان ]128[ جو خليفو ٿي، معرفت جو جهنڊو کڻي، پنهنجي اصلي شهر ڏانهن موٽي آيو. "مير" تخلص ڪندو هو. محققاڻن شعرن سان ڀريل هڪ ديوان جو مالڪ آهي. پنهنجي طلب ۽ مرشد تائين پهچڻ ۾ سندس سخت ڊڪ ڊوڙ متعلق، هڪ مثنوي حقيقتن سان ڀريل يادگار ڇڏي ويو آهي. ]مير قلندر علي[: سندس فرزند مير قلندر علي ڪيئي دفعا شاهه پور ۾ ڏٺو ويو آهي. هو فقيريءَ کان واقف ۽ سلوڪ جي رستي تي قائم آهي. ]مير حسين قلي رضوي[: مير حسين قلي رضوي مير ان شاهه جو اولاد ۽ عمر شاهه، جنهن جو پٽ فتح خان نالي هاڻي وڏن جي جاءِ روشن رکندو ٿو اچي، جو ڀائيٽو آهي. مظفر شاهه فقير ]مير قانع[ جو دوست ۽ سلوڪ وارو هو. ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ محمد آباد ۾ ڏٺو هوم، حڪيم عبدالهاديءَ وٽ دوا لاءِ آيو هو. فالج جي سخت بيماري هيس، آخر انهيءَ بيماريءَ ۾ وطن ويو ۽ گذاري ويو. مرد سالڪ، فقيريءَ جي رستي جو واقف ۽ سلسلي جو صاحب هو. ]مير اسدالله [: مير اسد الله ولد مير لطف الله بن مير محمد هاشم اصفهاني، مير هاشم نواب خدا يار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ملازمن مان بلند مرتبي ۾ مشهور هو. هو خدا آباد ۾ گذاري ويو. سندس پوٽو مير مٿيون روهڙيءَ ۾ چڱيءَ حالت ۾ زندهه آهي. ]مير محمد اڪرم[: مير محمد اڪرم حڪيم، نواب خدا يار خان (ميان نور محمد ڪلهوڙي) جو نوڪر ۽ روهڙيءَ جو رهاڪو هو. وقت ڏاڍي آرام ۽ عزت سان گذاريائين. ڪي ڏينهن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پاران بکر جو ناظم ]به[ ٿيو هو. ]مير سراج الدين ۽ سندس ڀائر[: سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ مير سراج الدين، مير تاج الدين، مير معين الدين ۽ مير نور الدين، جيستائين جيئرا هئا، تيستائين انساني ڪمالات ۽ ذاتي بزرگيءَ سان حياتي گذاريندا رهيا. تقديراً چئن ئي بزرگوارن کان ڪو به اولاد يادگار ڪو نه رهيو. مير محمد اڪرم جو ڀاءُ مير محمد افضل نالي، جو ملتان ۾ رهندو هو، سو اچي ڀاءُ جي پونئيرن کي پاڻ سان وٺي ويو، هن وقت انهيءَ شراب مان ڪا به ڦڙي ۽ انهيءَ گل مان ڪا به بوءِ باقي ڪا نه رهي آهي. ]مير افضل شاهه[: بزرگيءَ ۽ تقويٰ جو صاحب مير افضل شاه، غازي پوٽي ]جي لقب سان[ مشهور، غازي ترار جي اولاد مان هن وقت زندهه آهي. ]قاضي محمد فاضل(1) [: قاضي محمد فاضل بکر جي قضا جي عهدي تي پهريائين نائب جي حيثيت ۾، پوءِ خودمختيار جي حيثيت ۾ ]رهيو[. فاضلن جي لسٽ ۾ داخل ]هو[ . ]قاضي عبدالرحمان[: هاڻي سندس پٽ قاضي عبدالرحمان قضا جي گاديءَ تي ويٺل آهي ۽ ] چڱي[ حالت کان خالي نه آهي. ]ملا نور محمد[: ]پنهنجي[ وقت ۾ ناميارو ٿي گذريو آهي. سندس اولاد ٺٽي جي بيان ۾ مذڪور ٿيندو. ]مخدوم محمد رضا[: آثار (وار) مبارڪ جو متولي، اهل الله فقير ۽ متبحر عالم آهي. ]مخدوم روح الله [ عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع، فروع خواهه اصول جو ماهر، پنهنجي وقت ۾ بينظير ۽ بزرگيءَ ۽ دينداريءَ ۾ ناميارو هو. فقير (مصنف) سنہ 1166 هجريءَ ۾ انهيءَ حـضرت کي محمد آباد ۾ ڏٺو هو، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عرض ڪرڻ تي دعا ڪرڻ لاءِ آيو هو. سندس خدمت جي موقعي ملڻ تي معلوم ٿيو، ته جملي ڪمالات کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن شعر جي واديءَ ۾ پڻ قدم رکندو آهي. پاڻ ٻڌايائين ٿي، ته نادر شاهه جي تخت نشينيءَ وقت سندس تاريخ "اَلـخـيرُ فـِـِيمـَـا وَقـَـعَ" (2) لڌي هئائين. ]129[ مون ٻڌي چيو، ته "لاَ خـَـيرُ فـِـيمـَـا وَقـَـعَ"(3) . مان (مير علي شير) ٿو چوان، ته اتفاق ڏسو! جڏهن انهيءَ ساڳئي بادشاهه جي قتل جو حادثو پيش آيو، تڏهن سندس تاريخ "اَلـَـخـَـيرُ فـِـيمـَـا هـُــوَ وَاقـِـعُ"(1) لڌائين، پر جنهن صورت ۾ انهيءَ بادشاهه کان پوءِ ڏاڍا فساد پيدا ٿيا هئا ۽ سچ پچ ته بادشاهن ۾ سندس وجود هن پرڳڻي لاءِ چڱو هو، تنهنڪري مون چيو، ته "لاَ خــَـيرَ فـِـيمـَـا هـُـوَ وَاقـِـعُ"(2). سندس طبع جو لطف هتان سمجهي سگهجي ٿو. سندس وفات کان پوءِ اولاد ڪو نه رهيو. سندس ڀاءُ محمد معصوم حال حيات ۽ چڱيءَ حالت جو مالڪ آهي. مذڪور مخدوم جو ڀاءُ محمد افضل پڻ شاعريءَ ۾ چڱيءَ طبيعت جو صاحب هو. سندس چوٿون ڀاءُ محمد غوث پڻ سلوڪ جي رستي تي هلي گذاري ويو. ]ميان الله بخش[: سندس (محمد غوث جو) پٽ ميان الله بخش، طالب علم ۽ فقيريءَ کان واقف هن وقت حيات آهي. ]آخوند ملا موسيٰ[: آخوند ملا موسيٰ پرهيزگاريءَ ۽ دينداريءَ جي زيور سان سينگاريل ۽ اُتي جي اڳوڻن بزرگن مان آهي. ]حافظ مير خليفو[: حافظ مير خليفو قادري نهايت بزرگيءَ جي حالت وارو ٿي گذريو آهي. ]محمد هاشم[: هاڻي سندس پٽ محمد هاشم جيئرو آهي. ]حڪيم عبدالرؤف[: حڪيم عبدالرؤف لياقت وارو مرد، ڪمال جو صاحب ۽ مير عبدالجليل بلگراميءَ جي سنگتين مان آهي. نواب خدا يار خان ڪلهوڙي جي سرڪار ۾ وڏو عهدو هوندو هئس. حڪمت ۾ بينظير ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ ماهر هو. "ابو النغم" نالي هڪ مڪمل ڪتاب، انهيءَ علم ۾ لکيو هئائين. ]شيخ ڪرم الله[: هاڻي سندس فرزند رشيد شيخ ڪرم الله نواب شاهه وردي خان (غلام شاهه) جي سرڪار ۾ ملازم آهي، ۽ پيءُ وانگيان ناليرو آهي. ]شيخ محمد رضا[: شيخ محمد رضا اصل ٺٽي جو آهي، پر بکر ۾ رهندو هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جو لائق طالب علم هو. عالمگير جي ڏينهن کان وٺي محمد شاهه بادشاهه تائين بکر ۾ خود مختيار يا نائب جي حيثيت ۾ چڱن چڱن عهدن تي رهيو. سندس عزيز ٺٽي ۾، ۽ اولاد بکر ۾ موجود آهن. نانءَ نيڪيءَ وارو مڙس هو، ۽ سنہ 1140 هجريءَ ۾ گذاري ويو. مؤلف ]ڪتاب[ لکڻ وقت سندس تاريخ هن طرح معلوم ڪئي آهي: "محمد رضا دادهه جان در جنان شد". (محمد رضا جان ڏئي ويو جنت ۾). شعر عمدو چوندو هو. ]شيخ ڦـُـتو ۽ شيخ متو[: سندس پٽ شيخ ڦتو ۽ شيخ متو پڻ اُتي جي مشهور معروف ماڻهن ۾ داخل هئا ۽ اولاد ڇڏي ويا آهن. سکر روهڙيءَ واري درياءَ جي پرئين ڪناري تي وڻندڙ شهر آهي. اصل بکر جو تعلقو آهي، پر نادري زماني کان شڪارپور سان ڳنڍيل آهي. صفائيءَ واري سرزمين ۽ الله وارن جي کاڻ آهي. اُتي جي بزرگن مان ]هيٺيان بزرگ آهن[: ]شاهه خير الله (1) [: پيران پير عليہ الرحمة جي اولاد مان ]آهي[ سندس درگاهه هر قسم جي خلق لاءِ زيارتگاهه ۽ خدا وارن جي دعا لاءِ قبوليت جي جاءِ آهي. ]ميرڪ بايزيد[: ميرڪ بايزيد ولد ميرڪ ابو سعيد بن مير علي شاهه سبز واري عرب شاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ جو ڏوهٽو آهي. هن جو پٽ ميرڪ بايزيد ۽ سندس ڀاءُ ميرڪ شيخ محمود علمي خواهه عملي ڪمالات جا جامع هئا. ]پهريائين[ ٻئي ڀائر سبز وار کان اچي قنڌار ۾ رهڻ لڳا، جتان پوءِ شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا. مٿيون ميرڪ بکر ۽ سکر جي شيخ الاسلاميءَ ]جي عهدي[ تي مقرر ٿي سکر ۾ رهڻ لڳو، سندس ڀاءُ، جيئن ]130[ اڳتي ذڪر ٿيندو، ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ]ميرڪ عبدالباقي[: سندس رحلت کان پوءِ سندس پٽ ميرڪ عبدالباقي ڏاڍي ڪماليت سان حياتي گذاري. ننڍا خواهه وڏا هن ڏانهن رجوع هوندا هئا. سندس درگاهه سکر جي ٻاهران عام خلق جي زيارتگاهه آهي. ]ميرڪ محمد اول[: کانئس پوءِ ميرڪ محمد اول باقي رهيو، جنهن حياتيءَ جا ڏينهن ڪماليت جي صاحبن وانگيان مکيه ۽ مشهور ماڻهن جي نموني تي گذاريا، ۽ مير تقي الدين ۽ مير محمد افضل نالي ٻه پٽ ڇڏي ويو. ]مير تقي الدين ۽ سندس پٽ[: مير تقي الدين کي پنج پٽ: مير نواب، مير غياث الدين محمد، مير رضي الدين محمد، مير عزالدين محمد، ۽ مير محمد ڪاظم عرف مرزا ڄاوا. هر هڪ بزرگيءَ جي شان ۽ شرافت جي قدم ۾ پنهنجي وقت ۾ ممتاز هو. ]مير غياث الدين محمد ۽ سندس پٽ[: مير غياث الدين محمد ٻه ناليرا پٽ، سڀني ڀائرن جا سر تاج، ڇڏيا: هڪڙو مير قوام الدين، ٻيو مير عرب شاهه، جو هاڻي بزرگن جي صورت ۾ بزرگيءَ ۽ شان جو علمبردار آهي. ]مير غلام عبدالقادر[: مير رضي الدين محمد بن مير تقي الدين محمد جو غلام عبدالقادر نالي فرزند رشيد هن سلسلي جي باغ جي گلن جو سردار آهي. ]مير عاقل شاهه[: سيد زئي نالي سيدن مان، هتي جو رهاڪو، نهايت نامور ۽ سهڻين وصفن جو مالڪ هو، ليڪن گذاري ويو. ]مير اڪبر شاهه[: سندس اولاد مان هن وقت مير اڪبر شاهه انهيءَ سلسلي جو وڏو ۽ صاحب توفيق آهي. ]مير محمد حسين[: مير محمد حسين مٿئين مير عاقل شاهه جو ڀاءُ هو. ]مير محمد محسن شاهه ۽ چراغ شاهه[: کانئس پوءِ سندس فرزند مير محمد محسن شاهه نالي رهيو. هاڻي مير محمد محسن جو فرزند مير چراغ شاهه انهيءَ خاندان جو روشن چراغ آهي. ]مير محمد زڪريا[: مير محمد زڪريا ولد مير محمد بزرگ ولد مير معصوم بکري، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، ڏاڍي ظاهري توڙي باطني بزرگيءَ سان زندگي گذاريائين. مٿي ذڪر ڪيل جناب شاهه خير الدين شاهه سان عقيدتمندي هئڻ ڪري اچي سکر ۾ رهيو. ]سيد محمد[: کانئس پوءِ سندس ٻه ناليرا پٽ: هڪ سيد محمد ٻيو سيد علي شير پوئتان رهيا. سيد محمد وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ]مير عزيز الله ۽ مير لطف الله[: هو (سيد محمد) ٻه پٽ ڇڏي ويو: ]هڪ[ مير عزيز الله ]ٻيو[ مير لطف الله. مير عزيز الله بزرگيءَ جي ملڪ جو بادشاهه ٿي گذريو آهي. ]مير ڪرم شاهه ۽ مير گلاب شاهه[: اهو (مير عزيز الله) ٻه پٽ ڇڏي ويو: مير ڪرم شاهه ۽ مير گلاب شاهه، جي هن وقت وڏن جي نشاني آهن. ]مير عزت علي ۽ مير احسان علي[: سيد محمد جو پٽ مير لطف الله ٻه پٽ: مير عزت علي ۽ مير احسان علي، ڇڏي ويو. اهي ٻئي بزرگزادا حيات ٻڌجن ٿا. ]مير علي شير[: مٿئين مير زڪريا جو فرزند مير علي شير وڏن جي وصفن سان موصوف رهي ڪري، ٽي پٽ هر هڪ مير اسدالله، مير عنايت الله ۽ مير بزرگ ڇڏي ويو. ]مير شهباز علي[: انهن مان: مير بزرگ هڪ پٽ مير شهباز علي، "علي شير" جي لقب سان ڇڏيو. جو هاڻي جيئرو ٻڌجي ٿو. ]مير اسد الله [: مٿئين مير اسدالله جو ڏوهٽو مير اسدالله هڪ لائق جوان آهي. ميان محمد مراد ياب خان جي مراد آباد ۾ کيس ڏٺو هوم. شاعراڻي طبع هئس. تخلص جي خواهش ڏيکاريائين، تنهنڪري نالي جي موافقت تي "ساقي" تخلص ۽ انهيءَ مناسبت تي "اسدالله ساقي ڪؤثر" سجع ]ڪڍي ڏنم[. قبول فرمايائين. هن وقت جيئرو ٻڌجي ٿو. ]مير محمد يعقوب حڪيم[: اصل سکر وارن ميرڪن جو ڏوهٽو آهي. ]131[ محمد شاهه بادشاهه جي حڪومت جي اوائل ۾ ملتان کان سکر آيو. پراڻيءَ مائٽيءَ جي ڪري ميرڪ سيد تقي الدين کيس پنهنجي فرزنديءَ ۾ قبول ڪيو(ناٺي بنايو). اٽڪل ٽيهه سال هتي طبابت ۾ گذاريائين. مون کيس مراد آباد ۾ ڏٺو هو، ۽ بزرگن جي وضع ۾ ڏسڻ ۾ آيو. اروڙ هڪ پراڻو شهر راءِ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو. مهراڻ جي ڪناري تي آباد هو ۽ منجهس قسمين قسمين باغ هئا، جنهنڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ممتاز هو. ]آخر[ زماني جي گذرڻ ڪري، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، دلوراءِ جي ظلم کان، پاڻي ڇڏي ويو ۽ ]شهر[ ويران ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ بکر جي پرڳڻن ۾ داخل آهي. ]قاضي اسماعيل[: قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي، موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان آهي، جنهن کي محمد بن قاسم انهيءَ شهر جو قاضي ۽ خطيب مقرر ڪيو هو. سندس اولاد پشت به پشت اهو عهدو ماڻيندو آيو. قاضي اسماعيل سنہ 600 هجري ۾ هڪ ناليرو بزرگ هو. اُچ جي رهندڙ علي بن حامد ڪوفي انهيءَ "تذڪره" جو، جيڪو وٽس سنڌ جي حالات متعلق عربي زبان ۾ سندس وڏن کان رهندو ٿي آيو، ]فارسيءَ ۾[ ترجمو ڪري هڪ وڏو رسالو تيار ڪيو. ]شيخ محمود قطب[: سهڻين وصفن وارو، عرفان جي آسمان جو قطب ۽ مخدوم جلال الدين جهانيان جو مريد آهي. سندس مزار انهيءَ سرزمين ۾ عام خاص ماڻهن جي مشهور زيارتگاهه آهي. ]ڇٽو امراڻي[: اروڙ جي راجائن مان پوئين راجا دلوراءِ جي ڀاءَ آمر جو پٽ آهي. جيئن اروڙ ۽ ڀانڀرا جي ويرانيءَ ]جي قصي ۾[ بيان ٿي آيو، هو اُتان لڏي اچي سيوستان ۾ رهيو ۽ ]اُتي ئي[ دفن ٿيو. اڄ تائين خدا وارن جو زيارتگاهه آهي. ]قاضي ستابو[: اڳئن زماني جي نامورن مان وڏيءَ بزرگيءَ سان موصوف هو. اروڙ جي قضا ۽ بکر جو احتساب سندس حوالي هوندو هو. سيوي سندس قديمي نالو سويس ]آهي[، اُتي جي رهندڙ قوم اڳئين زماني ۾ "سويس" جي لقب سان ملقب هئي. سندس گاديءَ جي هنڌ جو نالو ڪاڪاراج هو. گهڻن ڏينهن گذرڻ ڪري سندس لقب سيوي ٿي پيو ۽ بکر جي حڪومت ۾ داخل ٿي ويئي. خراسان جي حد تي هڪ نهايت اهم لـَـڪڀ آهي. اتي گهڻائي عجائبات آهن. انهن مان هڪڙو قطب جي طرف هڪ گنبذ آهي، جو ظاهري اکين سان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهو هڪ طلسم آهي جو اڳين ٺاهيو آهي. گنبذ جو نالو "مارو کري"(1) آهي. جڏهن ڪو به ماڻهو اُتي وڃي ٿو تڏهن ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هڪ دفعي سلطان محمود خان بکر وارو ٻه ٽي هزار ماڻهو گڏ ڪري هٿ هٿ ۾ ڏيئي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، پر گنبذ ڪو نه لڌائون ۽ نه ڪا ]ٻي[ شيءِ ڏسڻ ۾ آين. چون ٿا، ته اُتي خزانو دفن ٿيل آهي. آڳاٽي سمي ۾ ڪنهن درويش کي اتان ڪجهه هٿ آيو هو. پوءِ ته گهڻائي ماڻهو انهيءَ اميد سان ويا آهن پر ناڪام ٿي موٽي آيا آهن. ]سيوي جو[ قلعو هڪ جبلڙي جي دامن ۾ واقع آهي. سندس سڀئي پٿر گول آهن. زمين ڪيتري به کوٽيندا آهن، پر اهڙا ئي پٿر نڪرندا آهن. سيويءَ جي آسپاس "چتر" نالي هڪ زمين آهي، جتي وونئڻ جا ٿڏا ٻير جي وڻ جيڏا ٿين ٿا. ]ماڻهو[ مٿي چڙهي انهيءَ مان ڪپهه چونڊيندا آهن. هرهڪ وڻ ۾ گرانٺ جيڏا اٽڪل ٻه سؤ نانگ ٿيندا آهن. ڪپهه چونڊڻ وقت وڻ کي ]132[ ڇنڊيندا آهن، ته نانگ پري ٿي وڃن، جنهن کي نانگ کائيندو (ڏنگيندو) آهي، تنهن جي زخم کي پاڪي هڻي ڪو ماڻهو وات سان چوسي، سندس زهر ڪڍي وٺندو آهي. هن تدبير کان سواءِ نانگ جو ڏنگيل ماڻهو مري ويندو آهي. سيويءَ جي هيٺان هڪ واهڙ وهندو هو، جنهن مان جيڪو به پاڻي پيئندو هو، سو بيمار ٿيندو هو. گوياڪ هن جو لنگهه گوگرد جي کاڻ وٽان هو ۽ گهڻو ڪري انهيءَ بيماريءَ ۾ ماڻهو مري ويندا هئا. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ هڪ ڇر آئي، جنهن گوگرد جي چشمن کي ڍڪي يا ڪڍي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ اها بيماري گهٽجي ويئي آهي. اهو پاڻي هڪڙيءَ زمين ۾، جنهن کي سرواه(1) چون ٿا، گڏ ٿي کيتيءَ جي ڪم اچي ٿو ۽ بچتو پاڻي منڇر جي ڍنڍ ۾، جيڪا سيوستان جي ويجهو آهي، وڃي پوي ٿو. اڳئين وقت ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي پڻ مٿئين قسم جا گهڻا نانگ رهندا هئا، جن جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو هو، تنهن ڪري اُتي جا ماڻهو سٿڻون (شلوارون) ڪشاديون ۽ ڊگهيون پهريندا هئا(2). سيويءَ جي پٽ ۾ ڪيئي قلعا (جڙيل هئا) ۽ ڏاڍي آبادي هئي، جيڪي ويران ٿي ويا. بظاهر سيسم جو قلعو، جنهن ۾، اسلام جي فتح کان پوءِ، سيوستان جو والي بجهراءِ ڀڄي وڃي پناهه وٺي ويٺو هو، ۽ جنهن کي محمد بن قاسم جي فوج وڃي فتح ڪيو هو، بهلطور، سالوج ۽ قندائيل جا قلعا، جن ۾ سيسم مان ڀڄي ويلن وڃي پناهه ورتي هئي ۽ آخر امان وٺي اچي حاضر ٿيا هئا، انهن مان آهن. اُتي جي هوا جهولو آهي. سيوي، بکر، سيوستان ۽ سيتپور جي وچ ۾ بارڪان نالي هڪ زمين هئي، جتي جا گهوڙا عراقي گهوڙن کان گهٽ نه ٿيندا هئا. ٻهاڻ ماءُ کان ڇڄندو هو، ته ان جي ٿان تي پٿريون هاريندا هئا. هڪ سال تائين انهن پٿرين تي ڦرندو هو، جنهنڪري هن جا سنب پٿر جهڙا ٿي ويندا هئا ۽ نعلن جي ضرورت ڪا نه رهندي هئي. چتر جي ڳوٺ ۾ هڪڙا ماڻهو رهندا هئا، جن کي ڪهيري سيد چوندا هئا. سندن نالي جو سبب هيءُ هو، ته ڪهير هڪ وڻ جو نالو آهي ۽ سندن وڏن مان هڪڙي انهيءَ تي چڙهي کيس چابڪ هڻي گهوڙي وانگر هلايو هو. گنجابه جي قريب جبل جي دامن هڪ هال وانگيان اڳتي وڌي ويئي آهي(1) ۽ اتي هڪ لوهه جو پڃرو لڙڪيل آهي. چون ٿا، ته انهيءَ ۾ هڪ ڇٽ(2) رکيل آهي. ڪو به ماڻهو انهيءَ کي پهچي نٿو سگهي. جيڪڏهن جبل جي مٿان(3) رسو لڙڪائي ڪو آدمي موڪلڻ گهرن ٿا، ته هـو اتــان هٽي ٿو وڃــي ۽ هيٺان وڃــڻ چاهين ٿــا، ته ]وڃي نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته [انهيءَ جبل جي چوٽي لسي ۽ هڪ ٽڪر(4) آهي. سيويءَ کان پري گنجابي، پاٽ ۽ درياءَ جي ڪناري تائين، سڄو وچ رڻ پٽ(1) آهي. قنڌار جو رستو ]انهيءَ[ پٽ مان آهي. هن جي ڊيگهه درياءَ کان وٺي سيويءَ تائين سـَـؤ ڪوهه ۽ ويڪر سٺ ڪوهه آهي. انهيءَ زمين جي گهڻي ڀاڱي ۾ اونهاري جا چار مهينا جهولو لڳندو آهي. مخفي نه رهي، ته جنهن صورت ۾ هن زمين ۽ جبل ۾ ڪو به قابل ذڪر ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو، تنهنڪري انهيءَ جبل کان منهن موڙي تعلقي بکر جي جدا جدا جاين ۾ رهندڙ بزرگن جو واقفيت آهر بيان ڪجي ٿو. اڃا تحقيق جو رستو بند نه آهي، جيڪي به هن کان پوءِ معلوم ٿيندو ويندو سو ڪتاب ۾ داخل ڪرڻو آهي. دوستن کي به عرض آهي، ته جيڪڏهن کين وڌيڪ تحقيقات ٿئي، ته هنن ورقن ۾ داخل ڪرڻ سان ضرور احسان جا مستحق ۽ "عـِـندَ ذِڪرِ الصـَـالـِـحـِـينِ تـَـنزلِ الرَحمةُ"(2) جي ثوابن جا وڌيڪ حقدار ٿي سگهندا. الله پاڪ تي ڀروسو آهي ۽ اهو ئي مون کي ڪافي آهي. بڪار بکر تعلقي ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ روهڙيءَ جي سيدن جا ڀائر سيد رهن ٿا، انهن جو وڏو سيد مير هو. ]سيد مير[: سيد مير نهايت بزرگيءَ ۽ برگزيدائيءَ ۾ ناميارو هو. ]سيد شاهه مردان[: سندس پٽ سيد شاهه مردان کي گهڻو اولاد ٿيو ۽ زميندارن جي طور، طريقي تي رهي ڏاڍي نالي سان گذاري ويو. ]مير علي شير[: سندس اولاد مان مير علي شير نشان وارو ٿيو. ]سيد لطف علي[: هاڻي سندس ڀائيٽو سيد لطف علي ]133[ دٻدٻي ۽ راڄ جو صاحب آهي، ۽ زميندارن جي نموني گذاري رهيو آهي. ]سيد مير[: سيد علي شير ولد شاهه مردان جي ڀائيٽن مان سيد مير پڻ هڪ ٻيو طاقت وارو ماڻهو پيدا ٿيو آهي. قديم وقت کان هنن سؤٽن ۾ لڙائي جهڳڙو هلندو اچي ۽ ٻنهي گهراڻن مان ڪنهن جي به شاديءَ يا غميءَ جهڙين برادريءَ جي رسمن کان سواءِ ڪڏهن به پاڻ ۾ سلوڪ ڪو نه رکندا آهن. ٻئي پاسا ٻن راڄن ۾ ورهايل آهن ۽ انهن ۾ گهڻا ئي مرد موجود آهن. گهوٽو (گهوٽڪي) بکر کان اٽڪل ويهن ڪوهن تي هڪ ڳوٺ آهي. اُتي جي بزرگن مان هي آهن: موسن شاهه: جنهن فقيريءَ ۽ زمينداريءَ ۾ ناموس سان زندگي گذاري، انهيءَ پاسي ۾ خدائي حڪمن ]جي تبليغ[ ۽ سنت نبويءَ جي اشاعت ۾ عجيب نالو ڇڏي ويو. احمد شاهه دراني جڏهن انهيءَ پرڳڻي ۾ پهتو، تڏهن سندس زيارت تي ويو هو. جو دم جيئرو هو، ته ننڍا وڏا سندس معتقد هوندا هئا. ]صالح شاهه[: سندس پٽ صالح شاهه ]پنهنجي[ وقت جو معزز، پيءُ جو جانشين ۽ سچن مريدن جو مرشد آهي. کهڙا روهڙيءَ کان اٽڪل ويهه ڪوهه اورتي(1) هڪ ڳوٺ آهي. ]قاضي عبدالرحمان[: هو امر - نهيءَ جو ڏاڍو پابند هو. دين جي فيصلن ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو. سنت طريقي جي جاري ڪرڻ ۾ تمام مبالغو ڪندو هو. هڪ وڏي جماعت سندس اشاري تي هلندي هئي. آخر هڪ هدايت واريءَ جماعت سان، اسلام جي حمايت ۾، مسجد اندر نماز پڙهندي شهيد ٿيو ۽ دفن ڪيو ويو.(1) ]قاضي محمدي ۽ قاضي احمدي[: سندس پٽ قاضي محمدي ۽ قاضي احمدي پيءُ جي دستور موجب، دينداريءَ جي رسمن کي زندهه رکڻ تي قائم رهيا. هن وقت قاضي احمدي حيات آهي (1) ]عبدالرؤف منشي[: ڪن جي چوڻ موجب هتان جو هو ۽ ڪن جي چوڻ موجب هڱورجن جو. بهرحال سهتن جي قوم (قبيلي) جو ٿو ٻڌجي. انشاء جي فن ۾ ]پنهنجي[ وقت جو بينظير هو. پهريائين خانپور ۽ سيريءَ جي حاڪم بختيار خان ۽ پوءِ نواب خدا يار خان جي سرڪار جو ملازم ٿي، منشين جو سرگروه ۽ وزيرن جي لسٽ ۾ داخل رهي ڪري گذاري ويو. سندس انشاء ڪيترن جلدن ۾ رائج ۽ اڄ ڪالهه جي منشين جو دستور العمل آهي. ]عبدالله منشي[: سندس وفات ڪرڻ تي سندس پوٽو ميان عبدالله منشي نواب جي نوڪريءَ ۾ سندس قائم مقام ٿيو ۽ مرادياب خان (ڪلهوڙي) جي ڏينهن ۾ گذاري ويو. ]محمد حفيظ[: هاڻي مٿئين ميان عبدالرؤف جو ڀاءُ محمد حفيظ، هڪ لائق ماڻهو ۽ ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جو ملازم آهي. شڪارپور روهڙيءَ جي قريب پهريائين داؤد پوٽن جي اڏايل ۽ هاڻي خود مختيار گاديءَ جو هنڌ آهي. ]سيد محمد تقي بخاري[: هتان جي ماڻهن مان سيد محمد تقي بخاري، ]پنهنجي[ وقت جو صاحب رهي ويو آهي. عام خاص ماڻهن جو منجهس اعتقاد هوندو هو. ]سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد[: سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد اُتي مشهور آهن. ]حاجي فقير الله[: ٻاهران آيل آهي پر گهڻي وقت کان هـِـتي عام ماڻهن جو ڏانهس رجوع آهي، پيريءَ مريديءَ ۽ تعليم جي سلسلي کي نهايت جي حد تائين پهچائي ڇڏيو اٿس. بيشڪ! حال جو صاحب ۽ چڱيءَ فضيلت جو مالڪ آهي. اُتي جا حاڪم سندس خدمت ۾ مريديءَ جو رستو رکن ٿا. ]134[. بادشاهه کي سڃاڻي ٿو ۽ امر انهيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪري ٿو، ماڻهو ڏانهس ڏاڍا رجوع آهن(1). ڀـِـرالوءِ روهڙيءَ کان اٽڪل اُٺ ڪوهه اورتي هڪ ڳوٺ آهي. ]سيد صالح شاهه[: اُتي جي ماڻهن مان سيد محمد صالح وقت جو پير ٿي گذريو آهي، سندس تربت ماڻهن جي مرجع آهي ۽ سندس زيارت ڪري عام خاص ماڻهن جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون. ]سيد حيات شاهه[: مٿئين صالح شاهه جي اولادت مان سيد حيات شاهه، يقين جو صاحب رهي، زندگي گذاري ويو. ]سيد ولايت شاهه[: هاڻي سيد حيات شاهه جو پوٽو سيد ولايت شاهه انهيءَ جڳهه ۾ ناليرو آهي. ڪنگري يا بادشاهپور ڀرالي (پريالي) کان چئن ڪوهن تي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. ]عبدالڪريم[: عبدالڪريم نالي هڪ ماڻهو اُتي پير ٿي گذريو آهي. ] عبدالعزيز[: هاڻي عبدالعزيز نالي سندس پٽ چڱي حالت سان جبرو آهي. هالاڻي پراڻو ڳوٺ آهي. ]شيخ طائي[: جبريہ قوم مان آهي. سندس مزار الله وارن جي زيارت گاهه ۽ سندس زيارت هر خواهش جي پوري ٿيڻ جو باعث آهي. ]شيخ ڪبير[: شيخ ڪبير پڻ اُتي جي بزرگن مان آهي. سندس آرام گاهه حاجتمندن جي مرجع آهي. ڀيلاڻي هالاڻيءَ جي سامهون آهي. ]پيرولي[: هڪ پير انهيءَ سرزمين ۾ آرامي آهي. دين جا بزرگ ۽ يقين جا صاحب سندس معتقد آهن. ]ميان عبد الله [: آگري قوم جو هڪ ڪامل فقير اُتي جو رهاڪو آهي. هن وقت جيئرو ٻڌجي ٿو. فتحپور اصل پنهورن جو شهر هو. ]شيخ ترهو[: شيخ ترهو اُتي جو آهي. هو وقت جو ڪامل ۽ زماني جو پير آهي. سندس پيڙهي بني اسد قبيلي سان ملي ٿي. سندس مزار مشهور تبرڪ ۽ ]دل جي[ حـضور جي جاءِ آهي. ]قاضي برهان[: مشهور عارف آل عقبه ڏانهس منسوب آهي. سندس مزار ڦلجي ۽ ڪڪڙ جي وچ ۾ آهي. هن بزرگ جي زيارت کان ايندي ويندي جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون. ڊڀرو (درٻيلو) هڪ مشهور ڳوٺ آهي. ]مخدوم عثمان[: مخدون عثمان اُتي جو آهي. ]هن جي[ خدا وارن جي مرجع درگاهه گهڻي حضور ۾ مشهور آهي. هن کي رسول اطهر ]صلي الله عليہ وسلم[ جي جناب جو قاضي سڏيندا آهن ۽ حاجتن پوري ڪرڻ لاءِ عام و خاص ماڻهو هن کان دعا گهري دل جو مطلب گهرندا آهن. * * * (1) يعني اصل فارسي ۾ لکيل "تحفة الڪرام" جي جلد ٻئي ۾، جتي مصنف ستن اقليمن يا ولايتن جو ذڪر ڪيو آهي. (1) نسخو "ن" سپهر (2) نسخو "ن": رهري (3) شيخ يوسف قريشيءَ جي شهيد ٿيڻ ۽ راءِ سهره جي ملتان جي حڪومت تي قبضي ڪرڻ جو مفصل بيان تاريخ معصومي سنڌيءَ (ص 177 - 179) ۾ ڏسڻ گهرجي. (1) نسخو "ن": ششصد و شش سنہ 606 هجري (1) اصل متن ۾ "من لا يدر ڪالڪل" لکيل آهي، جو غلط آهي. (1) هتي اصل متن جو پنو ڦاٽي ويو آهي. (2) برهان الدين قطب العالم جو بيان تحفة الڪرام، مطبوعہ بمبئي، ج1 ص 16 - 17 تي هن طرح ٿيل آهي، جو ناظرين جي ضيافت طبع لاءِ هتي نقل ڪجي ٿو: سيد برهان الدين ابو محمد عبد الله عرف قطب عالم بن سيد ناصرالدين محمود بن سيد الاقطاب مخدوم جهانيان بخاري جن جو عالي سلسله حـضرت امام عسڪريءَ جي ڀاءُ سيد جعفر مثنيٰ تائين پهچي ٿو، تاريخ 14 رجب سنہ 790هه سومر رات دنيا ۾ قدم رکيو. پاڻ ڏهن سالن جي ڄمار جا ٿيا، ته سندن والد بزرگوار جو انتقال ٿيو، جنهن ڪري سندن سڳو چاچو شاهه راجو قتال سندن سنڀاليندڙ ۽ مربي بڻيو، ۽ ٻن سالن ۾ کيس هدايت جي مرتبي تي پهچائي فرمايائين ته "جنهن صورت ۾ گجرات جي رهاڪن جي هدايت توهان جي حوالي آهي، تنهنڪري توهان اوڏانهن وڃو." ]تنهن کان پوءِ[ غلاف باش، ترار وغيره. تبرڪات، جيڪي سندس ولادت کان به اڳ سندس نالي ٿيل هئا، سي سندس حوالي ڪري کين رخـصت ڏنائين. پاڻ پنهنجي والده سڳوري، بيبي هاجره، جنهن جو لقب بيبي سعادت خاتون هو، سان گڏ سنہ 802 هجريءَ ۾ اچي پٽن جي شهر ۾ پهتو. سيد راجي جي اشاري موجب حـضرت شيخ فريد شڪر گنج جي پوٽي شيخ رڪن، "ڪان شڪر" جي صلاح سان، انهيءَ وقت اتي رهي، ظاهري خواهه باطني ڪمن ۾ مشغول ٿيو. روايت ڪري ٿو، ته سلطان مظفر، قطبن جي سردار، مخدوم جهانيان جو مريد هو - تنهن جڏهن ٻڌو ته سيد الاقطاب جو پوٽو اچي رهيو آهي، تڏهن استقبال جي رسم بجا آندائين. پاڻ انهيءَ شهر ۾ مولانا علي شير وٽان علم جي تحصيل به ڪيائين. جڏهن سلطان احمد، احمد آباد جو شهر ٻڌارايو تڏهن حـضرت قطب عالم کي پٽن جي شهر کان احمد آباد ۾ تشريف فرمائڻ لاءِ عرض ڪيائين، جنهنڪري پاڻ اُتان لڏي احمد آباد تشريف فرما ٿيا. سلطان احمد کي شعر ۾ ملڪو هو، تنهن سندس تعريف ۾ هڪ قصيدو تيار ڪري درٻاري شاعرن وانگيان سندس خدمت ۾ حاضر ٿي پڙهيو. قصيدي جو مطلع هيءُ آهي: "قطب زمان مايان برهان بس ست مارا برهان او هميشہ جون نامش آشڪارا" پوري ڪرڻ کان پوءِ، عرض ڪيائين، ته دعا جي انعام جو اميدوار آهيان. پاڻ فرمايائين، ته توهان جي خاندان کي ڏاڏي مخدوم جهانيان دعا ڪئي آهي. سلطان عرض ڪيو، ته پاڻ اسان جي ڏاڏي سلطان مظفر جي اولاد کي بادشاهيءَ جي دعا ڪئي اٿس، توهان شهر جي آباديءَ لاءِ دعا فرمايو. چون ٿا، ته بادشاهه جي عرض ڪرڻ کان پوءِ، حـضرت قطب جي زبان مان هيءُ لفظ نڪتا ته "احمد آباد ابدالا باد انشاءَ الله الرؤف بالعباد" (جيڪڏهن ٻانهن تي ٻاجهه ڪرڻ واري الله چاهيو، ته احمد آباد سدائين قائم رهندو). پاڻ پراڻي اساول ۾ سابرمتيءَ جي ڪناري تي سڪونت اختيار ڪيائين. اُتي هڪڙي مسجد به تيار ٿي. نور آباد ۾ سندس سڪونت جون نشانيون اڃا تائين ظاهر آهن. ٿوري وقت کان پوءِ "بڻوه" ۾ وڃي رهيو. اها جاءِ سندس خرچ لاءِ بادشاهه مقرر ڪئي هئي. سندس ڪرامتون هن ملڪ جي عام خاص ماڻهن ۾ مشهور آهن. انهن مان هڪ "لوهه لڪڙ پٿر" جو قصو به آهي. هڪ ڪنڊياري ڪاٺي، گهر جي اڱڻ ۾ پيئي هئي. هڪ رات جيئن تهجد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ اٿيو، ته اتفاقاً سندس پير وڃي انهيءَ ڪاٺيءَ تي لڳو ۽ ڦٽجي خون آلود ٿي پيو. سندس زبان مبارڪ مان هي لفظ نڪتا: "کيا لوها هي که لکڙي هي که پتهر هي؟" (ڇا هي لوهه آهي يا ڪاٺي آهي يا پٿر آهي؟) ڏينهن ٿيڻ تي ڏٺو ويو ته انهي ڪاٺيءَ ۾ ٽيئي صفتون موجود هيون. واقف ٿيڻ کان پوءِ هڪ خادم کي، اها هڪ ڪنڊ ۾ دفن ڪرڻ لاءِ فرمايائين. هيءُ به فرمايائين، ته جيڪو هن کي ٻاهر ڪڍندو تنهن کي اولاد ڪو نه ٿيندو. ڪجهه مدت تائين ائين رهي. پر حـضرت جي وفات کان پوءِ، مريدن مان هڪ شخص چيو، ته مون کي بي اولادي هجڻ قبول آهي. ائين چئي کڻي اها ٻاهر ڪڍيائين ۽ ماڻهو انهيءَ جي زيارت کان مشرف ٿيا. اڄ تائين به انهيءَ جو اڌ باقي آهي، ٻيو اڌ حـضرت عرش آشياني (شايد عالمگير) ڪپرائي دارالخلافت ڏانهن کڻائي ويو. زندگيءَ جا اٺهٺ سال، چار مهينا ۽ چوويهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ 8 ذوالحج سنہ 850 ۾ هميشہ واري جهان ڏانهن لاڏاڻو ڪيائين. ڪنهن عالم سندس تاريخ "مطلع يوم التروية" مان ڪڍي آهي. سندس آرامگاهه بڻوه جي ديهه ۾ قبي، درگاهه ۽ مضبوط مسجد سميت اڄ تائين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن لاءِ زيارتگاهه آهي. حويلي پرڳڻي جي مٿين ديهه ۽ ديهه پالري ۽ ديهه سيخري حـضرت سجاده نشين، صاحبزادن ۽ عرسن جي خرچ لاءِ ۽ حويلي پرڳڻي جي ديهه کمور قطبي سيدن جي مدد معاش لاءِ اڳئين فرمان موجب مقرر ٿيل آهن. حـضرت قطب کي ٻارنهن پٽ ۽ سترنهن نياڻيون هيون. مير قانع جي ٻنهي بيانن ۾ هيٺين ڳالهين ۾ اختلاف آهي: هڪ نه هتي سيد برهان الدين کي مخدوم جهانيان جو فرزند سڏيو ويو آهي، جلد پهرئين جي ڏنل بيان ۾، جيڪو اسان حاشيه تي نقل ڪيو آهي، سيد برهان الدين کي سيد ناصرالدين محمود جو پٽ ۽ مخدوم جهانيان جو پوٽو لکي ٿو. ٻيو، ته پهرين جلد ۾ سيد راجو قتال کي سيد برهان الدين جو سڳو چاچو سڏي ٿو. حالانڪه هتي سيد راجو قتال کي مخدوم جهانيان جو ڀاءُ لکي رهيو آهي، جو پهرئين جلد ۾ ڏنل سيد برهان الدين جي نسب جي آڌار تي سندس پيءُ جو چاچو ٿئي ٿو، نه سندس سڳو چاچو. البت جيڪڏهن سيد برهان الدين کي مخدوم جهانيان جو فرزند تسليم ڪبو، ته پوءِ سيد راجو قتال سندس سڳو چاچو ٿيندو. بهرحال ڳالهه هيءَ آهي، ته خود مير قانع کي هن خاندان جي سلسلـهء نسب جي پوري خبر ڪانهي، تنهنڪري ويچارو آٿڙي رهيو آهي، ڪڏهن ڪيئن ٿو لکي ۽ ڪڏهن ڪيئن؟ مير قانع هتي توڙي پهرئين جلد ۾ سيد برهان الدين جي وفات سنہ 850 هجريءَ ۾ لکي ٿو پر وري جلد 2، صفحي 30 تي سندس وفات سنہ 856 هجريءَ ۾ لکي ٿو. جلد پهرئين ۾ چوي ٿو، ته سندس سنڀال ۽ تربيت سيد راجي قتال ڪئي، ته جلد ٻئي، (صفحي 30) ٿو لکي ته "هو پنهنجي پيءُ جو مريد ۽ خليفو آهي". والله اعلم بالصواب. (1) اصل ۾ "في بقعة المبارکہ" آهي، جو گرامر جي لحاظ کان غلط آهي. (1) سيد حيدر حقانيءَ جي مزار ۽ قبو روهڙيءَ ۾ حيدر شاهه حقانيءَ جي نالي سان مشهور آهي. تعجب آهي، ته مير قانع هن کي بکر جي بزرگن ۾ ڪيئن ڳڻيو آهي؟ پر اڳتي هلي معلوم ٿو ٿئي، ته جنهن صورت ۾ اهي سڀ پيارا بکر جي پيدائش آهن، پوءِ ڪي روهڙيءَ ۾ وڃي رهيا، اُتي وفات ڪيائون ۽ دفن ٿيا، تنهنڪري پيدائش جي لحاظ کان کين بکري شمار ڪري، بکر ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. (2) نسخہ "ن": "بهکرائي" (بکرائي). (1) "موت نصيحت ڪندڙ ڪافي آهي". (1) پٽ پيءُ جو راز آهي. (2) تاريخ معصوميءَ جو سنڌي ترجمو ڇپجي شايع ٿي چڪو آهي، مير معصوم ۽ سندس خاندان جا وڌيڪ حالات اتي ڏسڻ گهرجن. (1) نواب امير خان جو بيان صفحي 138 تي آيو آهي. (1) نسخو ”ن“ : ”افضل“ (2) ”جيڪي ٿيو، تنهن ۾ چڱائي آهي“ . (3) ”جيڪي ٿيو، تنهن ۾ ڪا به چڱائي ڪا نه آهي“ . (1) ”جيڪي ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ ڀلائي آهي“ . (2) ”جيڪي ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ ڪا به ڀلائي ڪانهي.“ (1) شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين ولد سيد احمد بغدادي سنہ 911 هه ۾ بغداد ۾ ڄائو. سندس نسب پنجن واسطن سان سيد عبدالقادر جيلاني، جنهن کي عام طور پيران پير چوندا آهن - سان ملي ٿو. اوائل عمر ۾ بغداد کان مڪي آيو ۽ برابر چوڏهن ورهيه حرمين ۾ رهي علم پڙهندو رهيو. علم کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سير و سياحت جي ارادي سان، سنڌ ڏانهن نڪري آيو ۽ اچي مخدوم نوح عليه الرحمته جي صحبت ۾ رهيو، جتان گهڻو ئي فيض ۽ هدايت پرايائين. پوءِ سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي عبادت الاهي ۾ مشغول ٿيو، جتي ڪيترائي ماڻهو اچي سندس مريد ٿيا. مير محمد معصوم جو پوٽو، مير محمد زڪريا پڻ سندس معتقد ۽ مريد هو. ڪتاب "دليل الذاڪرين" ۽ پير روضي ڌڻي سيد محمد راشد جي ملفوظات ۾ سندس ڪجهه مناقب مذڪور آهن. شاهه خير الدين پوين ڏينهن ۾ رهڻ واريءَ ٽڪريءَ تان لهي اچي پراڻي سکر ۾ انهيءَ هنڌ رهيو هو، جتي سندس مقبرو آهي. اتي ترخان خاندان جي مغلن جا گهر هئا، جي هنن شاهه صاحب کي نذراني طور ڏيئي ڇڏيا. سکر ۾ فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين سندس خدمت ڪندا هئا. شاهه صاحب سکر ۾ ئي 27 رمضان المبارڪ سنہ 1027 هه ۾ لاولد هن فاني دنيا مان آخرت جو سفر اختيار ڪري ويو. سندس وفات جي تاريخ هيٺئين قطعي جي پوئينءَ مصرع مان ملي ٿي. شـاهه خيــر الـدين مـہ برج شرف، مـقـبل درگـاهه ايـزد سـرمـدي سال تاريخ و صالش عقل گفت: "مرشد کامل طريق احمدي". 1027هه (ماخوذ از هفته وار آزاد ڪراچي مؤرخ 20 اپريل سنہ 1953ع). (1) ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب پنهنجي ايڊٽ ڪيل تاريخ معصوميءَ جي نسخي ۾ هن گنبذ جو نالو "مارو کهير" لکيو آهي، ۽ حاشيي تي ڏنو اٿس، ته نسخي "م" ۾ "مارو کيري" ۾ نسخي "ح"، "ر" "س" ۾ "ماروکري" آهي. (1) اها سر واهه جي زمين پنجاهه ڪوهه پري هئي (ڏسو "تاريخ معصومي" ص 129) (2) مير معصوم هتي "ازپارچہء لک" (لاک جي ڪپڙي جون) جا لفظ وڌايا آهن ("تاريخ معصومي"، ص 129). (1) مير قانع جي عبارت هن جاءِ تي نهايت منجهيل آهي. هو لکي ٿو ته "وقريب گنجابه در دامن کوه ايواني پيش رفتہ" مگر "تاريخ معصومي" (ص 130) ۾ هن طرح آهي: "و در يکي از کوه هاي گنجابه دامن او در رنگ ايوان پيش رفتہ" - اسان ترجمو معصوميءَ جي عبارت خيال ۾ رکي ڪيو آهي. (2) هتي تاريخ معصومي (ص 130) ۾ "چيزي" (ڪا شيءِ) لکيل آهي، ۽ مير قانع وري "چتري" (ڇٽ) لکيو آهي. والله اعلم. (3) هت پڻ غالباً ڪاتب جي سهو کان تحفة الڪرام ۾ "از پاي کوه" لکيل آهي، جو صحيح نه آهي. تاريخ معصوميءَ ۾ "بالا ي کوه" لکيل آهي. اسان جو ترجمو انهيءَ تي مبني آهي. (4) تحفة الڪرام ۾ "يکتاره" لکيل آهي، جنهن جي ڪا به معنيٰ ڪا نه ٿي نڪري. بلڪ صحيح "يکپاره" آهي، جيئن معصوميءَ (ص 130) ۾ لکيل آهي. اسان ترجمو پڻ انهيءَ موجب ڪيو آهي. (1) هتي پڻ تاريخ معصومي (ص 130) جو بيان وڌيڪ صاف آهي. لکيل آهي، ته "سيويءَ ۽ گنجابيءَ جي زمين هن طرح آهي، ته سيتپور جي جبل ۽ درياءَ جي ڪناري کان ڇڪجي وڃي ڪن، سيوي، گنجابي ۽ پاٽ سان لڳي آهي. اتان کان اڌ گول ٺاهي موٽي اچي درياءَ جي ڪناري تي پهتي آهي. وچ ۾ سمورو رڻ پٽ آهي". (2) صالحن جي ذڪر ڪرڻ وقت رحمت نازل ٿئي ٿي. (1) يعني ٺٽي جي پاسي. (1) قاضي عبدالرحمان، جنهن کي اڄ ڪالهه مخدوم عبدالرحمان شهيد جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، تنهن جي حسب نسب جو سلسلو حـضرت رسول ڪريم ﷺ جي چاچي سڳوري حـضرت عباس سان ملي ٿو. هن طرح: مخدوم عبدالرحمان شهيد بن مخدوم محمد بن مخدوم محمد عاقل بن مخدوم عبدالخالق بن مخدوم يحيٰ بن مخدوم جمال الدين بن مخدوم اسدالله بن مخدوم احمد بن مخدوم محمد بن سيدنا (نالو اُڏيهي کائي ويئي، پڙهڻ ۾ نه آيو) بن سيدنا عبيدالله بن جمال الدين محمد بن عبدالله بن سيد ابراهيم شهيد بن اسحاق بن معرف بن محمد بن عبدالله بن محمد بن علي بن سيدنا عبدالله بن سيدنا عباس عم النبي عليه الصلواة والسلام. هن خاندان جو وڏو بزرگ سيدنا ابراهيم شهيد، خليفي معتصم بالله عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينهن ۾ بغداد کان دين جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي حيدرآباد، جنهن کي اڳي نيرون ڪوٽ سڏيندا هئا، جي ويجهو ”ڪلور“ نالي هڪ ٽڪريءَ تي رهيو، جتي سنہ 248هه ۾ وفات ڪيائين. سندس اولاد مان هڪ بزرگ، مخدوم اسدالله نالي اڪبر جي زماني ۾ سنڌ جو قاضي القضاة مقرر ٿيو. هن سنڌ جو دورو ڪندي رياست خيرپور جي حدن ۾ پپريءَ جي ڳوٺ ۾ سنہ 966هه ۾ وفات ڪئي. هن جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند مخدوم جمال الدين پـپـريءَ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم يحيٰ پڻ اتي وفات ڪئي. انهن بزرگن جي مسجد ۽ مزارون پپريءَ جي ڳوٺ ۾ اڃا تائين قائم ۽ عام توڙي خواص لاءِ زيارتگاهه آهن. مخدوم يحيٰ جو فرزند مخدوم عبدالخالق پپريءَ مان لڏي اچي کهڙن جي شهر ۾ ويٺو، جتي سندس اولاد اڃا تائين موجود آهي. مخدوم عبدالرحمان شهيد انهيءَ عبدالخالق جو پڙ پوٽو هو. هن ظاهري خواهه باطني علمن جي تڪميل پنهنجي والد بزرگوار مخدوم محمد عليه الرحمة وٽان ڪئي، ۽ کانئس پوءِ سندس مسند تي ويهي اسلام جي تبليغ ۽ شرڪ ۽ بدعت جي پاڙ پٽڻ ۾ مشغول رهيو. "تذڪرة مخاديم کهڙا" جي مصنف، مخدوم عبدالرحمان جي مذهبي صلاحيت ۽ شرعيت تي استقامت جا ڪيئي واقعا ذڪر ڪيا آهن. هو هڪ وڏو عالم، بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب ولي الله هو. تذڪري جي صاحب سندس ڪرامتن جا ڪيئي واقعا لکيا آهن. هو سنہ 1145هه ۾ 222 ڄڻن سان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. "ڪانوا غازين ۽ هئي هئي ستون سنده فتاد" مان سندس شهادت جي تاريخ نڪري ٿي. مخدوم شهيد جي شهادت جو قصو وڏو آهي. مخدوم غلام محمد بگائي، جنهن جا مولود ۽ معجزا اڄ به عام طرح ڳائي روحاني سرور حاصل ڪيو ويندو آهي، تنهن هيءُ قصو سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو آهي. جو "ميان غلام محمد بگائيءَ جي سنڌي" جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور آهي. (1) مخدوم عبدالرحمان جي شهادت وقت سندس وڏي فرزند ميان محمديءَ جي عمر ٻه سال هئي ۽ ننڍي فرزند ميان احمديءَ جي عمر هڪ سال هئي. ”تاريخ آئينهء جهان نما“ جو مصنف، مخدوم محمدي جي باري ۾ لکي ٿو، ته هن کي ظاهري خواهه باطني علم سندس والد بزرگوار جي توجهه سان حاصل ٿيو هو. هو اويسي سلسلي جو هڪ وڏو شيخ ۽ مادرزاد ولي الله هو. هن پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف ياد ڪيو هو. سندس تعليم لاءِ سنڌ جي مشهور معروف علامہ مخدوم ابوالمعالي نوشهرائيءَ کي تڪليف ڏني ويئي، پر هن جيڪو به ڪتاب کولي انهيءَ جو مشڪل ۾ مشڪل مقام ڪڍي مخدوم محمديءَ جي آڏو رکي کيس پاڙهڻ جي ٿي ڪئي، ته هن في البديهه انهيءَ جي اهڙي ته ڪافي ۽ شافي تقرير ٿي ڪئي، جو مخدوم ابوالمعالي حيران رهجي ٿي ويو. آخر قرآن، حديث، تفسير وغيره نقلي خواهه عقلي علمن جي ڪتابن مان اهڙا اهڙا مشڪل مسئلا، جن جي حل ڪرڻ ۾ انهن ڪتابن جا شارح خود حيران هئا، سي به مخدوم محمديءَ کان پڇيائين مگر هن انهن مقامن جون به اهڙيون ته جامع ۽ مانع تقريرون ٻڌايون، جو مخدوم ابوالمعالي جي زبان مان بي اختيار نڪتو ته "هن صاحبزادي کي ته خضري تعليم ۽ انهيءَ جي امداد سان لدني علم عطا ٿيل آهي. اسان جي رهڻ جو ڪو به ضرور نه آهي". ائين چئي پاڻ رخصت وٺي نوشهري روانو ٿي ويو. ”آئينهء جهان نما و تذڪره مخاديم کهڙا“ ۾ مخدوم محمديءَ جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ نڪتہ آفرينيءَ جا ڪيئي مثال مذڪور آهن. جيئن ته هڪ دفعي پاڻ اندر حويليءَ ۾ هئا، ته هڪ دوست، جو سندس ملاقات لاءِ آيو هو، تنهن کيس لکيو ته "حـضرتا! آفتاب گرم مي شود رخصت فرمايند". پاڻ جواب ۾ لکيائون "تجنيس گرم (کرم) مطلوب است مبادا به تقليب آن (مرگ) تاسف ـ خورند". سنڌ جا زندهه جاويد ولي ۽ شاعر شاهه عبداللطيف (ڀٽائي) مخدوم محمديءَ جا همعصر هئا. تذڪره مخاديم کهڙا جو مصنف لکي ٿو، ته هڪ دفعي شاهه ڀٽائي جن سير ڪندا اچي کهڙن کان نڪتا ۽ اچي شهر جي ٻاهران ميان چنيہ جي کوهه تي لٿا (ميان چنيہ ذات جو اڄڻ مخدوم محمديءَ جي والد ميان عبدالرحمان شهيد جو خليفو هو. سندس اولاد اڃا تائين کهڙن جي شهرن ۾ موجود آهي.) مخدوم صاحب کي خبر پيئي، ته هڪ آدميءَ هٿان دعوت چوائي موڪليائين. شاهه صاحب جن جواب ۾ هيءُ بيت چوائي موڪليو: "اڄ نه آيس آءٌ صبح ايندس سپرين، توتي جنهن جو نانءُ کڻي بار کـُـهين جو" - ٻئي ڏينهن صبوح جو شاهه صاحب جن مخدوم وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ پورو هفتو مخدوم صاحب جا مهمان رهيا. ڏاڍيون صحبتون ڪيائون ۽ حال ونڊيائون. تنهن کان پوءِ شاهه صاحب جن مخدوم صاحب کي دعائون ڪندا رخـصتياب ٿي ويا. مخدوم محمدي نهايت بارعب، شرعيت جو جان نثار ۽ صاحب استغنا بزرگ هو. تذڪره مخاديم کهڙا ۾ هن بزرگ جا ڪيئي مناقب لکيل آهن. آخر هن بزرگوار سنہ 1174 هجري ۾ وفات فرمائي. سندس وفات جي تاريخ هيٺئين قطعي مان نڪري ٿي: بـهــشتم از ربــيــع الاول او رفت ز تاريخش بمن هاتف چنين گفت. دوشنبه چونکه باز آمد ز حانوت مـقـام روح پـاکــش جـاي لاهـــوت. (آئينهء جهان نما و تذڪره مخاديم کهڙا تان ورتل) مخدوم احمدي خدائي، پنهنجي بزرگ ڀاءُ مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ سنہ 1174هه ۾ شرعيت جي مسند تي ويٺو ۽ شرعيت جي ترويج، سنت پيغمبريءَ جي احياء، شرڪ ۽ بدعت جي بيخ ڪنيءَ جو ڪم نهايت شان شوڪت ۽ رعب تاب سان جاري رکيائين. کيس ظاهري خواهه باطني فيض سيد پير موسيٰ شاهه گهوٽڪيءَ واري کان حاصل ٿيو، جنهن مخدوم عبدالرحمان شهيد کان فيض پرايو هو. مخدوم احمدي قادري طريقي ۾ هڪ مرشد ڪامل ٿي گذريو آهي. سنڌ جا بيشمار باشندا سندس فيض جي چشمهء شيرين مان سيراب ٿيندا رهيا. سلطان احمد شاهه ابدالي هن بزرگ جو نهايت معتقد هو ۽ هندستان ڏانهن ويندي، سندس خدمت ۾ دعا خواهيءَ لاءِ حاضر ٿيو هو، ۽ فقيرن جي خرچ ۽ لنگر لاءِ ڳڙهي ياسين تعلقي ضلعي سکر جون ديهون: مرزانپور، نئون آباد، وڪڙ، جرم وغيره جاگير طور عطا ڪيون هئائين، جي اڃا تائين مخدوم صاحب جي پوين جي هٿ ۾ آهن. راشدي پيرن جو مورث اعليٰ حضرت پير محمد راشد صاحب هن مخدوم صاحب جو شاگرد هو. سنہ 1200 هجريءَ جي اخير ۾ سلطان غازي تيمور شاهه پنجاب تي حملو ڪيو، جنهن ڪري شاهي لشڪر جي آمد رفت سنڌ مان ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ ۾ سخت قحط جي حالت پيدا ٿي ويئي. اها حالت ڏسي مخدوم صاحب کڻي انهيءَ مسجد شريف جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جنهن ۾ سندس والد بزرگوار مخدوم عبد الرحمان شهيد ٿيو هو. هن مسجد تي پهريائين، ڪچي ڇت پيل هئي، مخدوم احمديءَ ملتان کان ڪاريگر گهرائي، پهريائين ته جر تائين بنياد کوٽائي، چوني گچ ۾ خبث الحديد ملائي، انهيءَ سان نهايت مضبوط طريقي تي بنياد ڀرايا ۽ پوءِ ٽن قبن سان نهايت مضبوط مسجد ٺهرائي. ساڳيءَ طرح پنهنجي والد بزرگوار مخدوم عبد الرحمان شهيد جي مزار تي هڪ عاليشان قبو پڻ اڏايائين. مسجد ۽ قبو سنہ 1201 هجريءَ ۾ ٺهي تيار ٿيا. انهن جي تعمير جي تاريخ هيٺيئن قطعي مان نڪري ٿي: داني که چيست قبه چون مشعل فروزان، نـور خــدا مـجـسـم بـر تـربـت شهيدان، تاريخ سال تعمير از غيب دوش جستم، عرش خدا هويدا هاتف بگفت اينسان. 1201 هجري (تذڪره مخاديم کهڙا تان ورتل) اها مسجد شريف ۽ قبو اڄ تائين (1373 هجري) موجود آهن ۽ ٻارهين صديءَ جي تعميري قابليت جو هڪ عجيب و غريب نمونو آهن. مغل شهنشاهن جي شاهي عمارتن سان ڪلهو هڻن ٿا. انهيءَ مسجد ۽ قبي جي ڪم جي بهاني سان مخدوم احمدي کڻي ديڳيون چاڙهيون ۽ ننڍو خواهه وڏو، جوان خواهه ٻڍو، عورت خواهه مرد، جيڪو به ٿي آيو، تنهن کي ماني ۽ وقت جي رواج موجب، روز ڏيندو ٿي رهيو. باوجوديڪ آمدنيءَ جو ڪو ظاهري ذريعو ڪونه هئس، تڏهن به غيبي امداد اهڙي ٿي، جو مخدوم صاحب جو خرچ ڪڏهن ڪونه کٽو. جڏهن قبو ۽ مسجد ٺهي تيار ٿيا، تڏهن بادشاهه تيمور شاهه کي ماڻهن جي تڪليف بابت لکي، سور سات وغيره جي سڀني تڪليفن کان آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيائين. بادشاهه اهو عرض اگهائي معافيءَ جو پروانو جاري ڪيو، جو ”آئينـهء جهان نما“ ۽ ”تذڪره مخاديم کهڙا“ ۾ جنسي نقل ٿيل آهي. مخدوم احمديءَ جي ڏينهن ۾ بغداد شريف کان حـضرت پيران پير رحمت الله عليہ جي اولاد مان ٻه ڀائر: محمد شاهه ۽ احمد شاهه جي نالي سان سنڌ ۾ آيا، پر ميان غلام شاهه کين رهڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته هو، ترڪي جي سلطان جا جاسوس آهن ۽ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ آيا آهن. ميان غلام شاهه جي وفات کان پوءِ اهي ٻئي پير وري آيا ۽ سڌا اچي مخدوم صاحب جا مهمان ٿيا. مخدوم ميان احمديءَ، کين پورو سال پاڻ وٽ رهائي، پوءِ گنبٽ ۽ راڻيپور جا زميندار گهرائي کانئن جايون وٺي، وڏي پير ميان محمد شاهه کي گنبٽ ۾ ۽ ننڍي پير ميان احمد شاهه کي راڻيپور ۾ وهاريو. اڄ تائين ٻنهي پيرن جو خاندان گنبٽ ۽ راڻيپور ۾ موجود آهي.مخدوم احمدي سنہ 1203 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي وقت جي فصيح بليغ شاعرن گهڻا ئي مرثيا چيا، جي ”تذڪره مخاديم کهڙا“ ۽ ”آئينهء جهان نما“ ۾ مذڪور آهن. سندس تاريخ وفات ”احمدي را مقام شد جنات“ ۽ ”کان وليا ملجاءِ الضعفاءِ“ مان نڪري ٿي، (تاريخ آئينه جهان نما ۽ تذڪره مخاديم کهڙا تان ورتل.) مخدوم ميان احمديءَ کي هڪ فرزند مخدوم محمد عاقل نالي هو، جو پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم، ولي ڪامل ۽ شرعيت جو پورو پورو پابند هو. هيءُ سنڌ جي مشهور معروف ولي الله ، مخدوم محمد اسماعيل پريالوءَ واري جو نياڻو هو. کهڙن جا هاڻوڪا مخدوم سڀ سندس اولاد آهن. (1) حاجي فقير الله بن عبدالرحمان علوي اصل جلال آباد جي لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ روقاس ۾ پيدا ٿيو. هن جي نسب جو سلسلو حضرت عليءَ سان امام محمد بن حنفيہ جي وساطت سان ملي ٿو. حاجي صاحب ظاهري خواهه باطني علوم جو ماهر هو. شاهه محمد مسعود پشاوري ۽ حاجي محمد سعيد لاهوريءَ کان چئن ئي طريقن ۾ اجازت هيس. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان به حديث جي سند ۽ طريقت جي اجازت ورتي هئائين. هو باوجود يڪ وحدت الوجود جي عقيدي جي بانيءَ شيخ محي الدين ابن عربيءَ جو حامي ۽ مخدوم محمد معين جهڙي همه اوست جي نعري بلند ڪرڻ واري بزرگ جو يارِ غار هو، پر تڏهن به پاڻ وحدت الشهود يعني همه از اوست جو قائل هو. سنڌ جي حاڪمن مان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پٽ ميان سرفراز سندس مريد ۽ معتقد هو. ساڳيءَ طرح بلوچستان جي رياست قلات جو والي مير نصير خان بروهي به سندس مريدن جي زمري ۾ داخل هو. احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي ڪاهيو، ته اهو به حاجي صاحب جي فيض ۽ فياضيءَ جون خبرون ٻڌي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ سکر ضلعي اندر ڪيتريون ديهون لنگر جي خرچ لاءِ عطا ڪيائين، جي اڄ تائين پٽيداريءَ جي صورت ۾ سندس اولاد جي نالي داخل آهن ۽ انهن جي ڍل جي پيدائش مان کين حـصو ملندو آهي. حاجي صاحب هڪ وڏو عالم ۽ قادر الڪلام شاعر به هو. سندس تصنيفات مان هي ڪتاب مشهور آهن: 1 - قطب الارشاد (هيءُ ڪتاب ڪنهن مريد ڪوئٽيا مان ڇپائي شايع ڪيو آهي)، 2 -طريق الارشاد، 3 - جواهر الاوراد، 4 - تڪميل المؤمنين والاولاد، 5 - فتوحات عيبيہ شرح عقائد صوفيہ، 6 - فتح الجميل في مدارج التڪميل، 7 - فتوحات الاهي، 8 -براهين النجات من مصائب الدنيا والعرصات، 9 - منتخب الاصول، 10 - وثيقة الاکابر، 11 - قصيده مبروره. انهن سڀني تصنيفات کان علاوه حاجي صاحب جو زندهه جاويد ڪارنامو آهي سندس مڪتوبات، جنهن کي سندس اولاد جي هڪ فرد فريد سيد مير علي نواز علوي ڇپارائي شايع ڪيو آهي. هي ڀلارو بزرگ 3 صفر سنہ 1135 هه ۾ شڪارپور جي شهر ۾ رحلت فرمائي ويو. سندس شاگرد مير محمد وفا لکوي هڪ قطعهء تاريخ لکيو جو سندس گنبذ تي لکيل آهي: ولـي غــوث خـــدا حــاجــي فـقـيـــر الله ، شــده بخلــد مــربــع نــشين الـي الابد، و فامه و شب تاريخ وقت سال وصال، بگو سويم صفر و نصف ليلة الاحد. سندس روضو شڪارپور ۾ هاٿيدر جي اندران عام و خاص ماڻهن جو زيارتگاهه آهي. ]باب پندرهون[ ]سيوستان ۽ دشت باران پرڳڻن جا ڳوٺ ۽ اُتي جا بزرگ[ سيوستان هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجين ولايت ۾ آهي، سندس لام قب نه (157) ۽ منڍ الول (67) آهي. هڪ قديمي شهر سنڌ جي اولاد سهوارن جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو مٿي بيان ڪيل ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاهه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کان پوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاهه بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاهه حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو. جڏهن سنڌ جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه جي دربار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاهه ٿيو. نواب خدا يار خان جي حڪومت جي ڏينهن کان وري اصلوڪي دستور موجب باقي سنڌ ۾ داخل آهي. سندس جبل تي واهي جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترائي مريض انهيءَ مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا آهن. سدائين ساڳيءَ طرح ڀريل ]رهي ٿو[ ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانهي. مقرر ڏينهن تي هندو اُتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. ٻي ] 135[ هڪ ٿنڀي جاءِ آهي، جا جبل ۾ هڪ وڏي صفحي هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي. ماڻهن جي اعتقاد موجب هيءَ قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير ۽ صفائيءَ لاءِ اُتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چڙهي نظارو ڏسندا آهن. چون ٿا، ته چئن يارن يعني: مخدوم جلال جهانيان، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاءُالدين اتي ويهي مڪاشفا ڪيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽ سڳورو مڪان آهي. شيخ عثمان مروندي(1): عرف مخدوم لعل شهباز بن سيد ڪبير الدين محمد بن سيد صدر الدين، امام جعفر صادق عليہ السلام جي فرزند امام اسماعيل جي اولاد، مٿين چئن يارن مان هڪ آهي، جن گڏجي سير سفر ڪيو هو. سنہ 662 هجريءَ ۾ جڏهن ملتان پهتو، تڏهن دهليءَ جي بادشاهه سلطان غياث الدين جي فرزند سلطان محمد، جو هڪ عابد زاهد نوجوان هو، عالمن صالحن ۽ شاعرن سان صحبت هوندي هئس، شيخ بهاءُالدين زڪريا ۽ شيخ فريد شڪر گنج سندس مقرب هئا، امير خسرو ۽ امير حسن دهلوي سندس ملازمت ۾ داخل هئا، تنهن کيس ]اتي ئي[ رهڻ جي تڪليف ڏني، پر قبول نه ڪيائين. شاهه شمس بو علي قلندر جي خدمت ۾ پهتو، ته انهيءَ چيس، ته هندستان ۾ ] اڳ ئي[ ٽي سؤ قلندر موجود آهن ] تنهنڪري[ بهتر آهي، ته توهان وري سنڌ ڏانهن تشريف فرما ٿي وڃو. انهيءَ اشاري تي سيوستان اچي رهڻ گهريائين. اتفاقاً جنهن زمين ۾ هاڻي آراميل آهي، انهيءَ زمين تي فاحشه عورتون رهنديون هيون. شيخ جي اچڻ تي ]اهو اثر ٿيو جو[ جيڪو به انهن زالن وٽ آيو سو ]مٿن[ قادر نه ٿيو. صبح جو سڀني عورتن شيخ جي اچڻ جي خبر ٻڌي اچي توبهه ڪئي. تنهن کان پوءِ شيخ کي زمين جي هڪ ٽڪر کي آباد ڪرڻ جو خيال ٿيو. انهيءَ خيال کان احاطي ڪڍڻ لاءِ هڪ مزور وٺي آيو ۽ پاڻ لٺ هٿ ۾ کڻي بيهي رهيو. زمين جو مالڪ اچي منع ڪرڻ لڳو، پاڻ کيس لٺ هنيائين ۽ هو مري ويو، جنهن تي کيس دفن ڪري ڇڏيائون. ميت جا وارث باز پرس ڪرڻ لاءِ شور ڪري آيا، تنهن تي فرمايائون ته: ”مون ته ڪتو ماريو آهي، اجهو زمين ۾ پوريو پيو آهي.“ ٻاهر ڪڍيائون، ته سچ پچ ڪتو نڪري آيو. ڄاتائون، ته فقير ڪرامت جو ڌڻي آهي، جنهن ڪري معتقد ٿي پيا ۽ زمين سندس حوالي ڪيائون. سندس ٻيون ڪانيون ۽ ڪرامتون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن ۽ هن مختصر ]ڪتاب[ ۾ ڪيتريون ماپنديون؟ سندس وفات سنہ 673 هجريءَ ۾ ٿي. هو ڇڙو ۽ پرهيزگار ]رهي[ گذاري ويو. سندس اڳيان متولي جيڪي گذريا آهن، تن جي تحقيق کان مجبور ٿي تبرڪ طور ڪن ٿورن جو بيان ڪجي ٿو. مخفي نه رهي، ته هن درگاهه جي سنڀال قديم الايام کان شيخن جي حوالي آهي، جا اڄ تائين پشت به پشت، لاڳيتي ]سندن هٿ ۾[ رهندي اچي. سيدن جو به هن ڳالهه سان تعلق سندن مائٽيءَ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. شيخ مکڻ: قديمي شيخن مان درگاهه جو متولي ۽ ڪنجي بردار هو. مٿس پير جي ڏاڍي مهرباني هئي. چون ٿا، ته سادات، جي شيخن جا ڏوهٽا آهن، تن جڏهن سجادهه جي هٿ ڪرڻ کان پوءِ درگاهه جي ڪنجيءَ جي لالــچ رکي ۽ هنن مقابلي جو ست نه ساري ڪـُـنجي ڏيئي ڇڏي، تڏهن سيدن ڪيتري به ڪوشش ڪئي پر در نه کليو. لوهار کي ڪلف ڀڃڻ لاءِ وٺي آيا، ته ڌڪ هڻڻ سان سندس هٿ سـَـڪي پيو. هن عجيب ڳالهه ڏسڻ تي سيد ]پنهنجي[ ڪئي تي پشيمان ٿيا ۽ ڪـُـنجي شيخن جي حوالي ]136[ ڪيائون. هن کان پوءِ ڪـُـنجيءَ ۾ سيدن جي ڪا به دست اندازي ڪانه آهي ۽ ٻه گاديون ٿي پيون آهن، جيئن معلومات آهر بيان ٿيندو. مير صلاح الدين. اصل لڪعلوي (لڪيءَ) جي سيدن سڳورن مان آهي. پنهنجي ذاتي صلاحيت جي وسيلي، دين خواهه دنيا جي سڌاري ۾ ڪوشش ڪري، نالو ڪڍيائين ۽ درگاهه جي سجادهه نشينيءَ جي دولت نصيب ٿيس. سندس وجود پنهنجي پير جي نظر فيض اثر جي برڪت سان مريدن ۽ متعلقن جي هر طرح جي سڌاري جو باعث ٿيو. ڀڳي ٺوڙهي ٽڪر تي هڪ قلعڙو سندس يادگار آهي. ]سيد پير شاهه[: سندس فرزند رشيد سيد پير شاهه پيءُ جي قائم مقامي ۽ درگاهي جي سجادهه نشينيءَ سان سرفراز ٿيو. هو رياضت جو صاحب هو. سڄي رات عبادت ڪندو هو. سياري خواهه اونهاري ۾ نفل جي سڀڪنهن ٻارهين رڪعت کان پوءِ نئون غسل فرمائيندو هو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏاڍيءَ سڪ سان سندس زيارت جي درخواست ڪئي پر هن قبول نه ڪئي. نيٺ هو سندس خدمت ۾ آيو، تنهن تي ٻين سيدن ۽ خادمن کيس ڏاڍي تڪليف سان ٻاهر ڪڍيو. ڏسڻ سان چيائين، ته هن کان پوءِ دنيا ۾ رهڻ چڱائي نه آهي ۽ جلد ئي گذاري ويو. ]سيد نور شاهه[: تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ سيد نور شاهه سجادهه نشين ٿيو. هن جو ظاهري نمونو ابدالن جهڙو بي جوابداراڻو ۽ رنداڻو هو، پر حقيقت کان ايڏو، ته بهرو مليل هئس جو جيڪي به سندس زبان مان نڪرندو هو، سو تقدير سان ٺهڪي ايندو هو. پير جي مٿس حد کان وڌيڪ مهرباني هئي. هفتي ۾ هڪ دفعو ٻاهر نڪرندو هو ۽ پيئڻ جو سامان ساڻ هوندو هئس. سندس وڏا خرچ ڏسي ماڻهو منجهس ڪيميا جو شڪ ڪندا هئا. ]سيد حيدر شاهه[: کانئس پوءِ سندس ڀاءُ حيدر شاهه جاءِ نشين ٿيو، جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي هدايت واري پٽ نذر شاهه کي گاديءَ تي وهاريو. ]نذر شاهه[: هن کي حال توڙي قال مان وڏو نصيب مليل هو. هيءُ پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. ]اسد شاهه[: تنهن کان سندس ڀاءُ اسد شاهه پيءُ جي درگاهه معليٰ جو سجادهه نشين ٿيو، هاڻي سيد حيدر شاهه گذاري ويو. سيد نهال شاهه: کاٻڙوٺي جي سيدن مان آهي، جو سيوهڻ سان تعلق رکندڙ هڪ ڳوٺ آهي. اصلي متولي شيخن کان زبردستي مخدوم عليہ الرحمة درگاهه جي سجادهه نشينيءَ جو مالڪ ٿيو. پير جي گهڻي فيض سببان مٿي ذڪر ڪيل لڪعلوي سيدن جي اولاد جي سجادهه نشينن کان وڌي ويو ۽ درگاهه جي دروازي جي ٻاهران تخت تي وهڻ جي خصوصيت عطا ٿيس. اها رسم سندس جاءِ نشينن ۾ هلي اچي. ]مير خضر شاهه[: سندس گذرڻ کان پوءِ مير خضر شاهه پير جي خاص توجهه سان سجادهه نشين ٿيو. ]سيد موج دريا[: انهيءَ کان پوءِ سيد موج دريا ولد ساجو شاهه گادي نشين ٿيو. هن بزرگ جي وفات تازي ٻڌجي ٿي. مخفي نه رهي، ته جڏهن حضرت مخدوم جي بيان جي مناسبت تي ڪن سجادهه نشينن جو بيان ٿي چڪو تڏهن پهريائين انهيءَ سرزمين تي رهندڙ بزرگانِ دين جو ذڪر ڪري ٻين سيدن جي ٿوري حالات لکي ويندي. ]قاضي ابو سعيد[: ولد قاضي زين الدين بکري نهايت فضيلت ۽ حاضر جوابيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ يگانو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ نامي گرامي ٿي گذريو آهي. ]قاضي قاضن[: قاضي ابو سعيد جو پٽ قاضي قاضن ]پنهنجي[ وقت جو ]137[ سرگروهه ٿيو. هو قسمين قسمين فضيلتن سان سينگاريل هو. قرآن جو حافظ ۽ قرات جو علم چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. فقہ، تفسير، حديث، تصوف، تعويذات ۽ انشاء پردازيءَ ۾ ڪافي دسترس هيس، سلوڪ جي رستي ۾ ڏاڍيون رياضتون ڪيون هئائين. حرمين شريفين جي زيارت ڪري ڏاڍو سير سفر ڪيو هئائين. آخر سيد محمد مهدي جونپوريءَ جي مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو، جنهن ڪري ظاهر جا علماءِ مٿس طعن ڪندا هئا. مرزا شاهه حسن کان بکر جي قضا ]جو عهدو[ وٺي وڃي پنهنجي ڏاڏي جي اباڻي جاءِ تي پهتو. وڏي عمر ۾ انهيءَ کان استعيفيٰ ڏيئي پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر الله جي حوالي ڪيائين ۽ سنہ 958 هجريءَ ۾ گذاري ويو. ] قاضي نصر الله[: قاضي قاضن جو ڀاءُ قاضي نصر الله ظاهري خواهه معنوي ڪماليتن سان سينگاريل هو. وڏن جو طريقو پوريءَ طرح روشن رکندو آيو. قسمت جي ڏينهن پوري ٿيڻ کان پوءِ عزت ۽ ناموريءَ سان گذاري ويو. ]شيخ محمود[: وڏي ۾ وڏو عالم، ڀلي ۾ ڀلو متقي ۽ ]پنهنجي[ وقت جو ناميارو ٿي گذريو آهي. ] مخدوم راهو[: سندس اولاد مان قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو پڻ انهيءَ سرزمين جي ناليرن مان آهي. ] قاضي ڏتو سيوستاني[: سندس فرزند قاضي ڏتو سيوستاني، ڪيترن باطني عالمن جي صحبت پرائي، فيض جي نظر حاصل ڪئي هئي. ]پهريائين[ ڪو وقت پيءُ جي خدمت ۾ فضيلت حاصل ڪري پوءِ حديث ۽ تفسير جو علم مخدوم بلال جي خدمت ۾ رهي مطالع ڪيائين. گهڻو علم مخدوم محمود فخر پوٽي ۽ مخدوم عبدالعزيز هرويءَ کان ]پڻ[ پرايائين. قرآن شريف جا ارڙنهن تفسير مطالعي هيٺ آڻي انهن جون معنائون ۽ دقائق ياد ڪيائين. علم جفر ۽ ٻين عجيب علمن مان وڏو حصو هٿ ڪيو هئائين. حافظو اهڙو ته ]قوي[ هئس، جو اڪثر ڪتاب ياد پڙهي ويندو هو. مرزا شاهه حسن کانئس تلقين ورتي هئي ۽ کيس مخدوم ۽ استاد جو لقب ڏنو هئائين، هو باغبان جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. ]قاضي سائينڏنو[: حـضرت فاروق رضي الله عنہ جو اولاد ۽ وقت جو وڏو عالم ۽ متقي هوندو هو. شرعيت کي طريقت سان ۽ طريقت کي حقيقت سان شامل رکندو آهي. سيوستان بلڪ سڄي سنڌ ۾ نامي گرامي ٿي گذريو آهي. ]شيخ مير محمد مشهور "ميان" مير[: سندس فرزند ارشد شيخ مير محمد (معروف "ميان مير") دنيا جي ولين جو اڳواڻ ۽ وقت جو قطب هو. ظاهري فضيلت ۾ ڪو به ساڻس مٽ ڪو نه ٿيو. سندس ولادت سيوستان ۾ سنہ 957 هجريءَ ۾ ٿي. سندس والد، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، والده ۽ همشيره هر هڪ حال ۽ ڪشف ڪرامات جون پڻ صاحبائون هيون. سٺ سالن کان مٿي لاهور جي شهر ۾ رهي شيخ خـضر قادريءَ جو مريد ٿيو. اٺاسي ورهين جي ڄمار ۾ سنہ 1045 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس قبو هاشم پور ۾ آهي. سندس مريدن مان هڪ وڏي جماعت ڪرامتن جا صاحب ۽ خدا کي پهتل آهن. دارا شڪوه سندس مريد ٿيو هو ۽ سندس حالات ۾ رسالو به لکيو هئائين(1). مير سيد ڪلان: ڪربلا معليٰ جي عظيم القدر سيدن مان آهي. انهيءَ مبارڪ سرزمين مان نڪرڻ کان پوءِ پهريائين قنڌار ۽ پوءِ سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، اچي سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ رهيو. گهڻو وقت شيخ عثمان مروندي ] 138[ جي مزار پر انوار تي گذاريندو هو. زهد ۽ تقويٰ ۾ بينظير هو، کيس گهڻو اولاد ٿو. مير معصوم بکري سندس اولاد مان آهي. مير عبدالله سلطان: عرف خان عريض ولد مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين جيڪي مٿي ذڪر ٿي آيا. بکر ۾ ٿي گذريا پر هي سيوستان ۾ ڄائو اُتي ئي ۽ نپنو. جهانگير جي ڏينهن ۾ مرزا غازي بيگ سان گڏ هو، جڏهن مرزا کي شاهي نوازش سان قنڌار پڻ ٺٽي سان گڏجي مليو، تڏهن هيءُ قاصد ٿي ايران جي بادشاهه وٽ ويو ۽ انهيءَ سفر ۾ خراسان جي بادشاهه جي زيارت جو شرف حاصل ڪري موٽي آيو. مرزا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي تي مقرر ٿيو. شاهه جهان جڏهن تخت تي ويهڻ سان، بي ادبي ڪرڻ ڪري، شريف الملڪ تي ڪاوڙيو ۽ نواب امير خان اچي ] مٿئين[ نواب جي ڪامورن کي تڪليفون ڏنيون، تڏهن هن مير ۽ سندس ڀاءُ چيو، ته جنهن صورت ۾ نمڪ حلاليءَ جو بدلو اهو آهي، ته پوءِ گوشي ۾ ويهڻ گهرجي. ائين چئي عهدو ڇڏي ڏنائين. مرزا عيسيٰ گهڻو ئي ڀڙڪاين پر جواب ڏنائين، ته پيري اچي ويئي آهي ۽ نوڪريءَ جي طاقت نه رهي آهي. آخر ملا محب علي سنڌي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي ذريعي، اولاد سميت مدد معاش طور ڄـــام تماچيءَ جــي سيريءَ مان پنجاهه هـــزار درم پـگهار وٺــي ٺــٽي هليو ويـو. اتــي هــيءُ ] سڳورو[ 16 شعبان سنہ 1054 هجريءَ ۾ گذاري ويو. سندس اولاد ٺٽي ۾ رهي پيو. شعر عمدو ]چيل[ اٿس. سيد عبداللطيف: ولد سيد عبدالرزاق بن سيد اسماعيل بخاري جنهن جو بيان مٿي ٿي چڪو، راقم الحروف جو نانو سيد عبداللطيف عرف سيد مهتو، جنهن جو اڳتي هلي بيان ٿيندو، جو ڏاڏو هو ۽ سيوستان ۾ رهندو هو. جهانگير بادشاهه جي حضور مان سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ ڪڇيءَ جي ڳوٺ ۾ جاگير مليل هئس. ذاتي بزرگيءَ ۽ سهڻين صفتن ڪري وقت جي بزرگن ] جي لسٽ[ ۾ داخل هو. ]ملا داؤد سيوستاني[: فضيلت ۽ علم جو صاحب ۽ وقت جي متبرڪ عالمن مان هو. ] نورالحق[: چون ٿا، ته سندس فرزند رشيد نورالحق جي طبع، ننڍپڻ ۾ غبي هئي. قرآن پڙهڻ تي پڻس ڪيترو به ماريندو هئس پر فائدو ڪو نه ٿيندو هو. هڪڙي ڏينهن کيس ڪنهن سوڙهي ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيائين. هو ڏاڍو رنو پر پڻس کيس معافي نه ڏني. آخر رئندي رئندي کيس ننڊ کڻي ويئي، ته هڪ نوراني مرد، جو حضرت خضر هو، وٽس آيو ۽ چيائينس، ته "ڪيترو سمهندين، اٿ، اڄ کان پوءِ جيڪي به پڙهندي، سو توکان نه وسرندو" جاڳڻ تي ڏٺائين، ته جنهن سبق جي ياد ڪرڻ لاءِ پڻس کيس ماريو ٿي، سو سندس حافظي جي پٽيءَ تي پٿر تي ليڪي وانگيان ٿي ويو آهي. ]بس پوءِ ته[ پيءُ ۽ ماءُ کي سڏي وٺي قرآن پڙهڻ شروع ڪيائين. جڏهن پيءُ ماءُ کيس بند مان ٻاهر ڪڍيو، تڏهن جيڪي به چيائونس ٿي، سو هڪدم ياد ٿي ڪيائين. نيٺ رفته رفته "استاذ" جي لقب وارو طالب علم ۽ مشتاقي لقب وارو شاعر ٿيو، جنهن وقت مرزا صاحب هندستان جي سفر ۾ هن رستي کان لنگهيو، تڏهن هن کي ڏسي سندس شعر پسند ڪيو هئائين. هن وقت هو نيڪيءَ ۽ پرهيزگاريءَ سان سينگاريل ۽ علم ۽ فضيلت سان سنواريل مرد ٿي پيو هو. سندس اولاد ۾ اها صلاحيت، علم ۽ شاعري اڄ تائين هلندي اچي ٿي. جيئن، ته سندس اولاد مان نورالحق نالي هڪڙو فضيلت ۽ صلاحيت وارو نوجوان زندهه آهي ۽ ٻيو محمد عليءَ نالي بلاغت جو صاحب ۽ شاعر مزاج ماڻهو پڻ سندس اولاد مان باقي آهي. ابوبڪر سيوستاني: سندس وقت ۽ حالات جو ڪو به پتو ڪونهي. باقي فقط ايترو آهي، جو پنهنجي نالي ۽ جاءِ جي تعريف، پنهنجي شعرن ۾ پاڻ بيان ڪئي اٿس جنهن مان سندس بلاغت معلوم ٿئي ٿي. ميان عبدالحليم(1): وقت جو بزرگ ] هو[ ۽ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ حياتي گذاري ويو. ]وجيه الدين ۽ سندس ڀائر[: سندس پٽ: وجيہ الدين، ناصر الدين ۽ محمد رفيع، هر هڪ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ وقت گذاري ٻڍو ٿيو آهي. قاضي محمد وارث: عدلاني مخدومن مان چڱيءَ حالت ۾ گذريو آهي. ] قاضي امين الدين[: سندس پٽ قاضي امين الدين هڪ فضيلت ۽ انسانيت وارو مرد ]هو، جو[ ]140[ هاڻي تازوگذاري ويو آهي. قاضي دين محمد: دڪائي مخدومن مان بزرگاڻي اخلاق ۽ فضيلت جو صاحب اڃا تائين جيئرو ۽ ناميارو آهي. مخفي نه رهي، ته هي ٻٽي نالا، جيڪي ذڪر ٿيا، سي سمنڊ مان هڪ قطرو آهن، پر پنهنجي التزام موجب جيترو ٿي سگهيو، سو تبرڪاً لکيو ويو، جيڪو وڌائيندو تنهنجو احسان ٿيندو. ]هاڻي[ جڏهن انهيءَ شهر جي بيان کان واندا ٿياسين، تڏهن انهيءَ جي ڳوٺن ۽ آسپاس جي بزرگن جو بيان شروع ڪريون ٿا. اتي پڻ جيتري معلومات آهي، تنهن تي اڪتفا ڪئي ٿي وڃي ۽ (وڌيڪ) الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو. پاٽ سيوستان جي پرڳڻي جي آسپاس ۾ هڪ ڳوٺ آهي. حيدر هروي: "تحفتهء سامي" ۾ سندس لقب "ڪليجه" (جيرو) لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته ابتدا ۾ جيرن پچائڻ جو ڪم ڪندو هو. کيس "ڪليج" جو لقب پڻ ڏيندا هئا. فرهنگ رشيديءَ ۾ ڪلوج ڪاف مفتوح ۽ واو معروف سان معنيٰ وڏو جيرو ]لکيل آهي[: هو هڪ ديوان جو مالڪ شاعر آهي. مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ کان سنڌ ۾ آيو ۽ هميشہ لاءِ اچي مٿئين ڳوٺ ۾ رهي گذاري ويو. ٽلٽي انهيءَ شهر جو هڪ ڳوٺ ٽلٽي به آهي، جتي جو: مخدوم بلاول: وڏو عارف ۽ واصل بالله هو. ظاهري علم ۾ ] پڻ[ وڏو شان رکندو هو. رات جو پاڻيءَ سان ڀريل هڪ ڪونار ۾ ويهندو هو، ته ذڪر جي جوش ۽ حال جي غلبي کان پاڻي جانڊهه وانگيان چڪر هڻڻ لڳندو هو. صبح جو هو ٻاهر نڪري ويندو هو، ته به پاڻي چڪر ۽ جوش ۾ هوندو هو. جيستائين درياءِ نه هاريندا هئا، تيستائين بس نه ڪندو هو. هڪ ڏينهن مخدوم لعل شهباز جي زيارت لاءِ ويندي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هو ] هوڏانهن[ ميربحر گارگند ۾ مشغول هو ۽ ڪنهن جي به چوڻ سان بس نٿي ڪيائين. مخدوم صاحب پنهنجي ٽوپي سندس مٿي تي رکي، ته هڪدم اجائي بڪواس کان بس ڪري قال الله ۽ قال الرسول ۾ مشغول ٿي ويو. جيستائين ٽوپي مٿي تي هيس، تيستائين اهو حال هئس. ٻيڙيءَ تان لهڻ کان پوءِ ملاح جي مٿي تان ٽوپي لاٿائين ۽ هو اڳئين دستور موجب بڪوات کي لڳي ويو. ڪاهان هڪ مشهور معروف ڳوٺ آهي. مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري ] ۽ سندس پٽ[: تبحّر ۽ تحقيق جي مصر جو عزيز علم ۽ تحقيق جي ملڪ جو شهنشاهه هو. هو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ جي بغاوت ڪري، پنهنجن ٻنهي عالي گوهر، سراسر فضل ۽ سر تاپا هنر فرزندن: مولانا اثير الدين، جنهن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو آواز آسمان جي ايٿر کان لنگهي ويو هو، ۽ مولانا يار محمد، جو علمن جي جامعيت ۾ يگانو هو، سان گڏ هرات کان ڳاهن جي ڳوٺ ۾ تشريف فرما ٿي مواليد ثلثه وانگيان انهيءَ سرزمين کي علم جي اشاعت سان روح ۽ سرور جو سرچشمو بنائي ڇڏيائين. هو هميشہ لاءِ اُتي رهي پيو ۽ اتيئي حياتيءَ جي ڪتاب جي مطالع کان اک بند ڪيائين (وفات ڪري ويو) مشڪواة شريف جي شرح ۽ اڪثر مروج ڪتابن جي حاشين وغيره جهڙيون عجيب غريب تصنيفون يادگار ڇڏي ويو. درٻيلو ناليري جاءِ آهي. قاضي ابراهيم: وڏو عالم، پرهيزگار، حضرت خليل وانگيان سلوڪ ۽ رضا جي رستي جو سالڪ هو. ]قاضي عبد الله[: سندس فرزند رشيد قاضي عبدالله، علم، مٿئين مخدوم عبدالعزيز ابهريءَ جي خدمت مان سکيو هو. پورو پورو متقي ۽ پرهيزگار هو. شاهه بيگ ]141[ جي فتح کان پوءِ درٻيلي کان باغبان ۾ لڏي آيو. سنہ 934 هجريءَ ۾ گجرات ۽ اتان مدينہ طيبہ ڏانهن هليو ويو ۽ هميشہ لاءِ اُتي رهي سڪونت اختيار ڪري گذاري ويو.(1) ]شيخ رحمت الله[: سندس فرزند ارشد شيخ رحمت الله جو وجود خدا جي خاص ۽ نسوري رحمت هو. فضل ۽ ڪمالات جي فن سان سينگاريل ۽ ] پنهنجي[ وقت جو بينظير هو. مناسڪ الحج متعلق هن جا ٽي رسالا يادگار آهن.(2) ]شيخ حميد[: شيخ رحمت الله جو ڀاءُ شيخ حميد ولد قاضي عبدالله مذڪور علوم عقليءَ ۽ نقليءَ ۾ تعريف جو لائق ۽ ڪامل هو. حديث ۽ تفسير ۾ وڏي دسترس هئس. خان اعظم ڪوڪہ سان گڏجي مڪي ]شريف[ ويو ۽ ] وڃي[ اهل حديث جو پيشوا بڻيو.(1) مولانا سعد: علم ۾ ڪامل ۽ ڪماليت ۾ ملڪين مشهور هو. ]شيخ عبدالله متقي[: سندس فرزند شيخ عبدالله متقي تفسير ۽ حديث جي علم ۾ وقت جو بي نظير هو. سنہ 947 هجريءَ ۾ گجرات هليو ويو جتان مٿئين قاضي عبدالله سان گڏجي حرمين شريفين وڃي پنهنجا پيارا ڏينهن پورا ڪيائين. سڀني علمن ۾ سندس عمديون تصنيفون ۽ رسالا لکيل آهن. عبداللطيف: هڪ قابل طالب علم هو. شرح ملا ]جامي[ تي پرڪار نالي سندس حاشيو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪلام جي بحث ۾ "الڪلام ماتضمن ڪلمتين حقيقته او حڪما اي يڪون ڪل واحدة منهما في ضمنہ فالمتضمن اسم فاعل هو المجموع و المتضمن اسم مفعول ڪل واحد من الڪلمتين فلا يلزم اتحاد هما" جي شرح هنن ٻن بيتن ۾ داخل ڪئي اٿس: قام زيد هيئت مجمو عيـش اسم فاعل از تضمن مي شمر، ور بخواهي اسم مفعولي ازو هيئـتِِ افــراديش راڪـن نـظر. لڪعلوي (لڪي) هڪ ناليرو شهر سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي. اُتي جو جبل سنڌ جو هڪ نهايت سوڙهو لـَـڪُ آهي. ]سيد علي بن عباس[: پهريون سيد، جيڪو ا]تي اچي رهيو، سو سيد علي بن سيد عباس بن سيد حسين بن سيد ارشد بن سيد زيد بن سيد جعفر بن سيد عمران بن سيد هارون بن سيد عبدالله اشرف بن قاسم بن عبدالله بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام آهي، جيئن بيان ٿي آيو. چون ٿا، ته مٿئين سيد جي اچڻ کان ٿورو اڳ دلو راءِ، جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، جي ظلم کان اروڙ ۽ ڀانڀرا (برهمڻ آباد) جا شهر ويران ۽ برباد ٿي چڪا هئا. دلو راءِ پنهنجي ڀاءُ ڇٽي بن آمر جي هدايت ڪرڻ تي، بـُـرن ڪمن کان توبہ تائب ٿي پشيمان ٿي اچي سيد جي خدمت ۾ پهتو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ سيد جي نڪاح ۾ ڏنائين، جنهن مان چار پٽ: 1. سيد محمد 2. سيد مراديو 3. سيد حاجي عرف ڀرڪيو ۽ 4. سيد چڱو پيدا ٿيا ۽ انهن مان چار قبيلا ٺهي پيا. ڪن جو چوڻ آهي، ته چوٿينءَ صديءَ هجريءَ ۾ دلو راءِ جو ڀاءُ ڇٽو ولد آمر دانهن کڻي بغداد جي خليفي وٽ ويو هو ۽ مٿئين سيد کي سامره جي رهاڪو سؤ عربن سميت سنڌ ۾ وٺي آيو. سومرن جا وڏا اهي (عرب) آهن. مٿئين سيد علي جي فرزند سيد چڱي، سيد حسين نالي هڪ پٽ ڇڏيو، جنهن مان سيد محمد، انهيءَ مان سيد محمود انهيءَ مان سيد بهاءُالدين، انهيءَ مان سيد حسين، انهيءَ مان سيد عبيد، انهيءَ مان سيد نٿو، انهيءَ مان سيد عبيد، انهيءَ مان سيد بايزيد، انهيءَ مان سيد فريد، انهيءَ مان سيد يونس، انهيءَ مان سيد ڪهير ]پيدا ٿيو[: هنن بزرگن مان هر هڪ کي گهڻو اولاد آهي، ناواقفيءَ سبب انهن جي بيان کي نه پهچي سگهيا آهيون. سيد ڪهير کي سيد ايوب، سيد فريد، سيد يعقوب، سيد يحيٰ نالي چار پٽ هئا. سيد يحيٰ جو اولاد سيد سماڀو عرف سيد ڪهير آهي. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن خسيس سبب تي اچي سيدن ۾ سخت جنگ ۽ وڏو فساد پيدا ٿيو، جنهنڪري ڪيترا سيد رنج ٿي هيڏي هوڏي پاسو ڪري هليا ويا. انهن مان سيد ڪهير ٺٽي هليو ويو. آمري آمريءَ جو ڳوٺ دلو راءِ جي پيءُ آمر جي ] نالي[ پويان ] سڏبو[ هو. هن وقت سيد عليءَ جي اولاد وارن چئن قبيلن مان هڪ قبيلي جي رهڻ جو هنڌ آهي. ]سيد صدرالدين[: عرف صدر بن سيد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي، زماني جي مشائخن جو سردار، سيدن جو فخر ۽ جملي برڪتن جو جامع هو. سندس اولاد سنڌ ۾ نجيب خاندان ۽ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشهور آهي. سندس ڪجهه اولاد سيوستان ۾ رهي ٿو، جيئن انهن مان ڪيترا نالا بيان ٿي آيا ۽ ڪي ٻيا سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. هتي تبرڪاً اصل جاءِ تي رهندڙ ڪي نالا لکجن ٿا. ]سيد محمد[: مٿئين سيد صدر جي اولاد مان وقت جو ڪامل هو. سندس وفات جي تاريخ هن مصرع مان نڪتي آهي ”ع. درود، خدا بر محمد بود“ (هجي شل محمد تي رب جي صلواة). چون ٿا، ته ٻٽي هزار صلواة جا هر روز وظيفو هوندو هئس. گويا تاريخ جو هيءُ مصرع سندس انهيءَ شغل جي مد نظر تي هڪ عجيب اتفاق آهي. ]سيد اول شاهه[: سندس پٽ سيد اول شاهه هڪ مجذوب سالڪ، محبوب جي دربار ۾ واصل ۽ بلند درجن جو مالڪ هو. ]سيد ابوالحسن[: سيد محمد جو ٻيو پٽ سيد ابوالحسن ڪماليت جو صاحب ۽ شرعيت جو پابند مخدوم نوح عليہ الرحمة جي سلسلي جو مريد هو. ]سيد عبدالرسول[: سندس فرزند سيد عبدالرسول بزرگيءَ سان وڏن جو نالو روشن ڪيو ۽ پنهنجي وقت جي ناليرن ۾ داخل ٿيو. ]سيد محمد شجاع[: مٿئين سيد صدر جي اولاد مان نقشبندي طريقي ۾ پنهنجي وقت جو نامور رهيو آهي. سيد محمد اشرف: ڀلي ۾ ڀلن ماڻهن ]142[ جي جماعت ۾ داخل ۽ بزرگيءَ جي لباس ۾ ڍڪيل هو. ]سيد ابوبڪر[: وڏن سيدن مان آهي. شاهزادي محمد معزالدين سندس خدمت ۾ حاضر ٿي دعا جي استدعا ڪئي هئي ۽ جلد ئي سيد جي واعدي موجب، مراد حاصل ٿيس. سيد غازي خان: ظاهري خواهه معنوي ڪماليتن جو صاحب ۽ لڪعلوي سيدن جو سرگروهه هو. انهيءَ ڳوٺ جا جملي سيد سندس صلاح ۽ مرضيءَ جي مخالفت جائز نه سمجهندا هئا. سيد حمزه: هن وقت وڏو بزرگ ۽ سيدن جو پيشوا آهي. سن هڪ ناليرو ڳوٺ آهي. سيد حيدر: ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر ۽ مخدوم بلاول جي خدمت ۾ حاضر ٿي واضح حالات، ڪشف ۽ يقين جو صاحب ٿيو. سندس گهڻو اولاد بزرگيءَ سان موصوف آهي. سندس ڪرامتن مان هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي، ته هڪ ڏينهن ماڻهن جي انبوهه ۾ بيٺو هو. سڀني ماڻهن ڏانهن ڏسي چيائين، ته مون وٽ خدا ڏانهن ايترا رستا آهن، جو هنن ماڻهن مان هر هڪ کي جدا جدا رستي سان اصل مقصد ڏانهن پهچائي سگهان ٿو. جيئن ڪنهن کي به ٻئي جي خبر ڪا نه پوندي. ڦڪا هڪ مشهور ڳوٺ آهي. سيد حسن شاهه بخاري: هڪ بي غرض ۽ توحيد جي طريقي جو سالڪ مرد آهي. وڏن کان وٺي نيڪن ۽ مشائخن جي سلسلي ۾ داخل، حتي المقدور خدا جي رستي ۾ مشغول ۽ حاجتمندن جي مشڪل ڪشائي ڪندڙ آهي. عباسين ۽ ڪلهوڙن جو گهراڻو سندن مريد آهي. ]غفور شاهه[: مٿئين حسن شاهه جو ڀائيٽو غفور شاهه پڻ ظاهري ۽ باطني ڪماليتن مان موصوف آهي. ريل هڪ سرزمين، ولين جي رهائش گاهه آهي. ريل جا، درويش مشهور آهن. راقم الحروف معلومات آهر، انهيءَ بهار جي خوشبوءِ سان زماني جي دماغ کي معطر ڪري ٿو. شيخ موسيٰ: شيخ ابوالفضل (1) جو پنجون ڏاڏو آهي، جئن هن پاڻ ڪچڪول ۾ لکيو آهي. هو نائين صديءَ هجري ۾ اچي اتي رهيو ۽ پنهنجو خاص وقت گوشي نشينيءَ ۽ يادِ خدا ۾ گذاري وفات ڪري ويو. ]شيخ خـضر[: شيخ خضر سندس اولاد مان آهي. هو ڏهينءَ صديءَ ]هجري[ ۾ سير سفر جي خيال سان نڪري ناگور جي شهر ۾ پهتو، جتي مخدوم جهانيان جي جاءِ نشين شيخ بخاري اچي، شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌيءَ جو مريد ٿي، ظاهري ۽ باطني سير ڪري، سنڌ موٽي آيو ۽ سال 911 هجريءَ ۾ کيس شيخ مبارڪ ڄائو. ]شيخ مبارڪ[: هو عقلي توڙي نقلي علمن ۾ متبحر ۽ بزرگ هو. پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن اڪبر آباد ۾ گذاريائين. هڪ سؤ ويهه سال عمر هئس. شيخ فياض بخاري ۽ شخ عمر ٺٽويءَ جو مريد هو. سندس ٻن اڪمل فرزندن: شيخ فيضي ۽ شيخ ابوالفضل جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿي آيو. درويش يحيٰ: مولانا عالم بکريءَ، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو فرزند، هڪ وڏو ولي آهي. ريل جي ويجهو رهندو هو. هڪ رات سخت مينهن وسيو ۽ اونداهي ٿي پيئي. درويش نماز پڙهي رهيو هو. ڇت مان پاڻي ٽمي ]143[ سندس چادر تي پيو ]تنهنڪري[ دائيءَ کي ڏنائين، ته درياءَ تي نيئي ڌوئي، سڪائي جلد کڻي اچ. ]دائيءَ[ چيو، ته رات اونداهي، مينهن سخت ۽ سج گم آهي، مان ڪيئن درياءَ تي وڃي سڪائينديس. فرمايائين، ته تون ڪوٺيءَ کان نڪري ڏس، ته ڇا ٿو ٿئي؟ دائي اڃا ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتي، ته کيس روشن ڏينهن ۽ سج نظر آيو. درياءَ تي پهچي، چادر ڌوئي، يڪدم خشڪ ڪري گهر موٽي آئي، ته اڳئين وانگر اهائي رات قائم ۽ مينهن وسندو ڏسڻ ۾ آيس. مخدوم نجيم: ريل جي بزرگن جو سردار، مريدن جي وڏين ٽولين جو صاحب ۽ مخدوم نوح عليہ الرحمة جو همعصر هو. درويش ابراهيم: ريل جي درويشن جي جماعت مان ]حضرت ابراهيم[ خليل وارين صفتن جو مالڪ ۽ انهيءَ جي رستي تي هلندڙ هو. دشت باران ]هيءَ[ سرزمين عارف باالله بزرگن جي کاڻ آهي. شيخ هوٿي لاکو: ]پنهنجي[ وقت جي پيرن جو پير هو. اڪثر مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهو لباس پهريندو هو. تير ڪمان هٿ ۾ کڻندو هو ۽ خانقاهن ۾ وجد ۽ سماع جي غلغلي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ابتدا ۾، جڏهن اڃا سندس شان جو سج پرده جي ڪڪر ۾ ڍڪيل هو، وڃي هڪ ڳوٺ ۾ لٿو. ڳوٺ جي رئيس جو فرزند ڪيتريءَ مدت کان پري ڪٿي بند هو، جنهن صورت ۾ کيس اوڏانهن وڃڻ جي طاقت ڪانه هئي، تنهنڪري دعا جي مدد واسطي خدا وارن جي هڪ جماعت کي دعوت ڪئي هئائين. اتفاقاً هن به انهيءَ معرڪي ۾ پهچي ماني گهري، پر جماعت کيس حقارت جي نظر سان ڏٺو ۽ کاڌي جي پرگهور ڪانه ڪيائون. ]جنهن تي[ شيخ چيو ته: ]هيءُ[ کاڌو توهان کي تڏهن حلال ٿيندو، جڏهن دعوت ڪندڙ جي فرزند کي هڪدم حاضر ڪندؤ، جيڪڏهن توهان کان نٿو ٿي سگهي، ته مون تي ڇڏي ڏيو. سڀني تعجب کائي اهڙو ڏکيو ڪم شيخ جي حوالي ڪيو. هن هڪدم ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي کڻي مجلس ۾ حاضر ڪيو. معلوم ٿيو، ته ڇوڪرو انهيءَ ملڪ ۾ تيل وٺڻ لاءِ بازار وڃي رهيو هو، پر شيخ، خداوند ڪريم جي قدرت سان، اتان هتي پهچائي ڇڏيو. انهيءَ وقت کان وٺي سندس مشهوريءَ جو غلغلو دنيا ۾ مشهور ٿيو. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ هڪڙي شخص کان، جو سندس جنازي سان ]مقام ڏانهن[ ويل هو، روايت ڪن ٿا، ته هن، شيخ کي جنازي جي نماز ۾، پنهنجي ڀرسان ڏسي، حال جي زبان سان ]کانئس[ سوال ڪيو ته: اهو ڪيئن، جو پنهنجي جنازي جي نماز پڙهي رهيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته: هن حالت کان عجب نه کاءُ ۽ اسان کي زندهه سمجهه. سندس مزار پرانوار، دشت جي ڪنڊ ۾، ساگره جي ڪناري تي، مورياني ڳوٺ ۾، الله وارن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي. ]شيخ احمد ۽ شيخ محمد[: مٿئين شيخ هوٿيءَ جا ٻه فرزند: شيخ احمد "الله پاڪ جي حضور ۾ پهتل" ۽ شيخ محمد، هميشہ آزاد، سنڌ جي ناميارن بزرگن ۽ وڏن ۾ وڏن اوليائن مان آهن. شيخ احمد هميشہ عبادت ۽ مجاهديءَ ۾ ڪوشان رهندو هو ۽ هڪ گهڙي ذڪر کان خالي نه هوندو هو، ۽ شيخ محمد، قرب جي مقام باطني شغل ] ۾ مشغول رهڻ ڪري[ ظاهري نفلي عبادتن ڏانهن توجهه ڪونه ڪندو هو. ٻنهي بزرگوارن جون ڪرامتون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. سندن تربتون ساڳيءَ جاءِ تي پيءُ بزرگوار جي ڀر ۾ آهن. هارون مڱريو. هڪ وڏي درجي ۽ ڪلي ڪرامتن جو مالڪ درويش، مخدوم شيخ احمد ۽ شيخ محمد ]144[ جو همعصر دشت ۽ تل جو رهاڪو هو. هڪ ٻئي سان محققانہ ۽ عارفانہ صحبتون ڪندا هئا. درويش ابراهيم ولد ناگو در ٿيٻو: هميشہ اناج ۽ زمين جي ڀاڄين تي قوت گذران ڪندو هو، ۽ سڀني رواجي طعامن کان منهن موڙيو هئائين. پکي نالي هڪ ڪاتيار، جو هن جو وڏي ۾ وڏو خادم هو، تنهن کي هڪ ڏينهن ۾ خيال آيو، ته شيخ جي غذا ته اجها هيءَ آهي، سندس پائخانو ته ڏسان ڪهڙو آهي؟ سو هڪ ڏينهن ڪؤنرو کڻي، ساڻس ڪاڪوس تائين گڏجي ويو، ۽ درويش جي اٿڻ کان پوءِ، مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار ٻه اڇا آنا ڏسي کڻي پڳ ۾ رکيائين. چون ٿا، ته شيخ جي موت واريءَ بيماريءَ ۾ سندس گهر واري ڪڻڪ جون ٻه بـُـسريون پچائي کڻي آئي، ته منَ اهڙي وقت ڪجهه کائي]ڏسي[ چيائين ته ”هاڻي "جڏهن حياتيءَ جو روزو مماتيءَ جي ٽپهريءَ تي اچي پهتو آهي، تڏهن هن شيءِ تي ڪيئن ڀڃندس! ]باقي[ منهنجي طرفان هيءَ اجازت آهي، ته جيڪڏهن ڪو به ماڻهو، ضرورت وقت، ههڙي مٺي ماني پچائي منهنجي نالي ڏيندو، ته سندس حاجت پوري ٿيندي". انهيءَ وقت کان وٺي، انهيءَ پاسي جي ماڻهن ۾ رواج ٿي ويو آهي، ته حلال جي وجهه جي ڪڻڪ جو هڪ ٽويو، هڪ هٿ سان پيهي، هڪ سير ڳڙ ۽ گيهه سان پچائي، سندس روح پرفتوح جي نالي کارائيندا آهن ۽ مرادون پائيندا آهن. مؤمن نالي سندس پٽ هڪ حادثي ۾ گجرات جي ڪنهن قلعي ۾ قيد هو. وفات وقت سڏي چيائين، ته "ابا مؤمن! اچي مون کي غسل ڏي". هن قدرت الاهي سان ڪيترن مهينن جي پنڌ تي، پيءُ جو آواز ٻڌي چيو ته: "مان هتي قلعي ۾ قيد آهيان، ڪيئن اچان؟" فرمايائينس، ته "منهنجو هٿ وٺي هليو اچ". خدا جي قدرت سان هڪدم اچي پيءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس تجهيز ۽ تدفين کي لڳي ويو. شيخ جي مزار دشت جي سڪرباري ڳوٺ ۾ آهي. پکو ڪاتيار. مٿئين شيخ ابراهيم جو هڪ وڏو خادم، حال ۽ ڪرامت جو صاحب هو. درويش جکرو نند: دشت جو هڪ وڏو ولي ۽ ڪرامتن جو صاحب آهي. سندس تربت آمريءَ ۾ آهي. ]درويش اسماعيل[: درويش اسماعيل ولد قمرالدين، هڪ ناليرو بزرگ عارف ۽ حقيقت جو صاحب آهي. درويش هالي کي، هن سندس وصيت موجب، ڪشف جي وسيلي معلوم ڪري، خودبخود هڪ ڏينهن جي پنڌ تان اچي، آمريءَ جي ڳوٺ ۾ غسل ڏنو هو. درويش پنيو ناريجو: دشت جو هڪ وڏو ولي آهي. هڪ رات پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ الله جي ذڪر ۾ مشغول ويٺو هو، ته ڪن شرير سوارن اچي فقير کي زبردستيءَ پنهنجي اڳيان ڪري، سونهون ٿي، رستي ڏيکارڻ لاءِ چهبڪ هنيا. درويش ڦٽيل دل سان اڳيان ٿيو. اڃا ٻٽي وکون ئي ڪين هليو، ته گهوڙن جا پير پٿرن تي ٿاٻڙجڻ لڳا. پٿرن جو آواز ٻڌي سوارن چيو، ته "هن زمين ۾ اڳي ته پٿر ڪو نه هوندا هئا، هينئر جبل ڪٿان آيو؟" فرمايائين، ته "هيءَ زمين نه آهي بلڪ "ڪوهه ڪاف" آهي، جو توهان ٻڌو هوندو". ائين چئي سوارن کي اتي موت جي منهن ۾ ڇڏي، پاڻ هڪدم پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ موٽي آيو. سندس وفات سال 900 هجريءَ ۾ ٿي. سندس قبر "ريده" ڳوٺ جي سامهون "رين" نديءَ تي آهي. درويش هالو سهتو: دشت جو هڪ وڏو ولي آهي. طهارت ۽ پاڪائيءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو. ]145[ هميشہ پاڻيءَ جا ٻه ڪؤنرا، هڪ استنجا ۽ ٻيو وضوءَ لاءِ، پاڻ سان رکندو هو. هڪ ڏينهن هيٺ مٿانهين زمين تان لنگهڻ ڪري، پاڻيءَ جا ٻئي ڪؤنرا سندس هٿ مان نڪري، هڪ ٻئي تي لڳي ڀڄي پيا. درويش فرمايو، ته "خبردار! متان پاڻي هاريو اٿو!" خدا جي قدرت سان ٻئي ڀڳل ڪؤنرا سڄا ٿي پيا ۽ پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو زمين تي نه هاريو. فوت ٿيڻ وقت وصيت ڪئي هئائين، ته "منهنجو کٻو پير ننڍپڻ ۾ ڳئونءَ جي ڇيڻي ۾ ڀرجي پيو هو، تنهنڪري غسل ڏيڻ مهل انهيءَ تي پاڻيءَ جا ويهه ڪؤنرا هارجو". ائين ڪيو ويو. سندس تربت آمريءَ ۾ آهي. درويش علاءُالدين ٻگهيو: دشت جي ناليرن ولين مان هو. سندس زبان مقبول ۽ سيفي هئي. جيئن چوندو هو، تيئن ضرور ٿيندو هو. سندس دعا جو تير ڪڏهن به اجابت جي نشان کان نه گٿو. سنہ 900 هجريءَ ۾ گذاري ويو. دشت ۾ برهمڻ آباد جي قريب آرامي آهي. قاضي صڌو ولد حماد: سندس پيڙهي سهره خطيبه جي قاضين سان ملي ٿي. دشت جي ولين مان آهي. هڪ ماڻهوءَ وٽ ڪا سـَـنڍ گهوڙي هوندي هئي، تنهن اچي انهيءَ جي سائي ٿيڻ لاءِ قاضيءَ کي دعا جو عرض ڪيو ۽ باس باسي. هن (قاضي) کي ليمو هٿ ۾ هو، سو کيس گهوڙيءَ کي کارائڻ لاءِ ڏنائين. الله پاڪ جي قدرت سان گهوڙي ڍُڪي ٿي پيئي ۽ مقرر وقت کان پوءِ هڪ بي بها ٻهاڻ ڄڻيائين. جو جڏهن وڏو ٿيو، ته کيس انهيءَ جي قيمت ۾ تمام گهڻا پيسا ملڻ لڳا. اتفاقاً قاضيءَ جو انهيءَ ماڻهوءَ جي جاءِ وٽان لنگهڻ ٿيو ۽ اهو بد مذهب باس جي ڏيڻ کان جوَن جي پوک ۾ لڪي ويو. هن جي لڪي وڃڻ کي قاضيءَ دل جي نور سان معلوم ڪري ورتو. ڇا ڪيائين جو پڳ مان ٽڪر ڦاڙي کڻي انهيءَ ڏانهن هوا ۾ اڇلايائين. پڳ جو ڪپڙو نانگ بنجي گهوڙيءَ جي مالڪ جي آڱر ۾ ڏنگ هڻي ورتو. هن جا ساٿي نانگ ماري کيس قاضيءَ جي خدمت ۾ کڻي آيا. قاضيءَ دعا ڪئي هو چڱو ڀلو ٿيو. پر پنهنجي ڏوهه کان باز نه آيو. قاضيءَ سندس دل جو حال معلوم ڪري، خادم کي چيو، ته ”انهيءَ ٻهاڻ کي وڃي چؤ، ته "اسان جي امانت واپس ڏي". پيغام پهچڻ سان اهو ٻهاڻ ساڳيو ليمو وات مان اڇلائي مري ويو. تنهن کان پوءِ انهيءَ مئل نانگ جي کڻي اچڻ جو حڪم ڏنائين ]ڏٺائون ته[ ساڳيو ڪپڙو هو! چون ٿا، ته هن سميجن ماڻهن کان، جي سندس مائٽ هئا، سڱ گهريو، نيکيٽيءَ واريءَ رات زالون، رسم ۽ دستور موجب، ڀوڳ چرچي ۽ اجائي سجائي ڳالهائڻ کي لڳي ويون ۽ درويش کي ڏاڍو تنگ ڪيائون. هنن کي ڪيترو ئي چيائين پر خبردار نه ٿيون، پاڻ وڌيڪ ڀوڳ چرچا ۽ گارگند ڪرڻ لڳيون. لاچار ڪوٺيءَ جو در بند ڪري کين وڏي آواز سان منع ڪيائين. ]انهيءَ هوندي به[ جڏهن هو وڌيڪ چرچن جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون تڏهن ڪاوڙجي چيائين ته: ”هيءَ ته شايد ڪو گڏهين جو ولر آهن، جو سمجهه ڀري ڳالهه نه ٿيون مڃين". قدرت الاهيءَ سان اهي سڀ زالون گڏهيون ٿي پيون ۽ گڏهين وانگيان هينگون ڪرڻ لڳيون. هيءُ ٻڌي انهن زالن جا مڙس اچي قاضيءَ جي پيرن تي ڪريا ۽ سندن لـڄ رکڻ لاءِ ] عرض ڪيائون[. انهن ماڻهن جي عاجزيءَ تي رحم جي نظر فرمايائين، ۽ اهي زالون راتو واهه پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي شرمنديون ٿي گهرن ڏانهن موٽي ويون. قاضيءَ جي وفات سنہ 900 هجريءَ ۾ ٿي. سندس تربت ونهيري ڳوٺ ۾ آهي. درويش رڪن الدين ولد ديتو (ڏتو): الله پاڪ جي درگاهه جو هڪ وڏو مقبول بندو آهي. گهڻو ڪري عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهندو هو. هڪ ڏينهن مسجد ۾ ستو پيو هو، ته اوچتو مسجد جي امام نفلن کان فارغ ٿي تڪڙو گهر وڃڻ گهريو، ۽ چادر ڇنڊيائين جنهن ڪري ڪي ٻه ٽي ڪک وڃي درويش جي منهن تي پيا. هڪدم امام جون ٽنگون کيريون ٿي ويون ۽ هلڻ کان لاچار ٿي پيو. سمجهيائين، ته هيءَ سندس نادانستہ ڪيل ڪم جو نتيجو آهي، جنهن کان فقير جي منهن تي ڪي ڪک پيا آهن. جلد ئي وڃي فقير جي پيرن تي ڪريو ۽ چڱو ڀلو ٿيو. ]هوڏانهن[ درويش کي ڪا به خبر ڪا نه هئي. چون ٿا، ته پوين ڏينهن ۾ وجد جي غلبي ۽ ذڪر جي جوش کان سندس هڪ عجيب حالت ٿي پيئي هئي. جڏهن به ڪو بلند آواز يا ڏاڍيان ڳالهائڻ سندس ڪن تي پوندو هو، ته هڪدم وٺي درد ڀري دانهن ڪندو هو، ۽ انهيءَ دانهن جي ٻڌڻ سان، اهو آواز ڪندڙ ساهه ڏيندو هو. سندس وفات سنہ 988 هجريءَ ۾ ٿي هئي. مخدوم محمد امين: پنهنجي وقت جو موحد ڪامل، جو ويجهڙائي ۾، پٽ باران(1) جي سرزمين ۾، داسوڙيءَ جي ڳوٺ ۾، ٿي گذريو آهي، مخدوم ميدنہ طالب علم نصرپوري سندس مريد هو. بوبڪان (بوبڪ) ناليرو ڳوٺ ۽ خدا وارن جي رهڻ جي جاءِ آهي. ]مخدوم جعفر[: مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران، جنهن جو ذڪر اڳتي ٿيندو، مخدوم نوح جو همعصر، ڪماليتن جو جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. چون ٿا، ته هڪ ڏينهن مخدوم نوح رحمته الله عليہ فرمايو، ته "مان خدا تعاليٰ کي هنن اکين سان ڏٺو آهي". ] مخدوم جعفر[ فرمايو، ته توهان هنن اکين سان ڪو نه ڏٺو هوندو. هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر، توهان کي گهرجي، ته جڏهن به توهان تي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنهنجين اکين بند ڪرڻ جو امر فرمايو، پوءِ به جيڪڏهن خدا تعاليٰ جو ديدار قائم آهي، ته پوءِ يقين ڄاڻو، ته اُها اک هيءَ ]ظاهري[ اک ۽ اُهو ديدار هيءُ ]رواجي[ ديدار نه آهي". مخدوم (نوح) هن تجربي ڪرڻ کان پوءِ فرمايو، ته "جي نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر". "عجالته الطالبين" ۾ هيءُ عجيب نقل کانئس روايت ٿيل آهي، ته مون کي عبدالقادر بن ابراهيم بن محمد مديني (منوره) علي ساکنها الف الف صلواة و سلام جي امامن کان روايت ڪري، محرم سنہ 959 هجريءَ ۾، ٻڌايو ته مڪي شريف جو گورنر طورسينا جبل تان، انهيءَ جاءِ وٽان جتي حضرت موسيٰ پنهنجي رب سان ملاقات ڪئي هئي، هڪڙو پٿر کڻائي آيو، جنهن کي جيترو به ڀڳوسين ٿي، ته سندس اندران ڳاڙهي رنگ تي قدرتي اڇي رنگ سان "لاَ الهَ الاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ" لکيل ڏٺوسون ٿي. وڏي ٽڪر ۾ سڄو ڪلمو ۽ ننڍي ۾ ڪجهه حـصو ]ڏسڻ ۾ آيو ٿي[. هن وڌيڪ ٻڌايو، ته انهي جاءِ جي سڀني پٿرن ۾ اها خاصيت آهي، جنهن تي مون چيو، ته "هيءَ شايد آيت سڳوري "اِخلـَـع نـَـعلـَـيکَ اِنـَـکَ بـِـالوَاد اِلمقدسِ طـُـوي" (تون جتي لاهه، ڇاڪاڻ، ته طوي جهڙيءَ پاڪ واديءَ ۾ آهين) جو هڪ راز آهي!" مخدوم مذڪور زماني جي عجائبات مان هو ۽ سندس اولاد ۾ فضيلت ۽ ڪمال اڄ تائين هليو ٿو اچي(1). ]مخدوم عبدالغني ۽ مخدوم نورالدين[: مخدوم عبدالغني ۽ مخدوم نورالدين، جن تي ڪماليت ۽ فضيلت ختم هئي ۽ سندس جهڙو هر فن موليٰ ڪو نه هو، سي سندس ]مخدوم جعفر جي[ اولاد مان هئا. هڪڙو محمد مراد ياب خان ڪلهوڙي جي حڪومت وارن ڏينهن ۾، ۽ ٻيو ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جي زماني ۾ گذاري ويو. سندس اولاد اڃا تائين ]سندن[ يادگار موجود آهي. حڪيم عثمان: ]پنهنجي[ وقت جو يگانو ۽ نهايت تجربي جو صاحب هو. ميان عبدالواحد: وڏيءَ عمر جو پير مرد، حال جو صاحب، نجوم ۽ رمل جو ماهر، پڻ اتي جو آهي. نادر شاهه وارن ڏينهن ۾ خدا آباد ۾ ڏٺو هوم. مٿين ڳوٺن ۾ هن وقت خواهه اڳوڻي زماني ۾ ڳاڻاٽي کان ٻاهر بزرگ هوندا، پر معلومات آهر هن قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي به وڌيڪ تحقيقات جي توفيق ٿيندي سو ثواب کان خالي نه رهندو. * * * ]باب سورهون [ ]هالا ڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اُتي جا بزرگ[ هالا ڪنڊي (هالا) هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرامگاهه آهي. هن وقت نئون ٻڌل آهي. ڪيئي دفعا درياءَ جي اٿل سبب اُتي جي رهاڪن کي لڏڻو پيو آهي. مخدوم اسحاق: اصل قوم ڀٽي، شيخ بهاءُالدين ] 148[ زڪريا ملتانيءَ جي خاندان جو مريد، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير، ۽ الله تعاليٰ جي وڏين ولين مان هو. سندس ڪرامتون ۽ مناقب ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد سندس پٽ آهن، جن جو بيان اڳتي ايندو. مخدوم احمد: هڪ تمام وڏو ولي آهي. هو هميشہ گوشـهء گمناميءَ ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي مجلس ۾ به ويندو هو، ته مٿس اهڙي حالت پيدا ٿيندي هئي، جا بيان کان ٻاهر آهي. سندس هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي، ته هڪ وڏيري جي پٽ کي اچي موتمار بيماري ٿي، هن مخدوم احمد کي خدا وارن جي جماعت سميت دعوت ڪئي. ماني کڻي آيا، ته مخدوم ٻن ٻن کي گڏجي ويهڻ جو امر ڪيو، ۽ پاڻ اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رُڪن نالي خادم کي فرمايائين، ته "هن دعوت ڪندڙ ماڻهوءَ جي پٽ کي وٺي اَچ، ته مون سان گڏجي کائي". قضا الاهيءَ سان انهيءَ وقت اهو ڇوڪرو فوت ٿي ويو هو پر پڻس انهي بزرگ جي تشريف آوريءَ جو ملاحظه ڪري، ] اها ڳالهه[ ظاهر نه ڪئي هئي. هن ] خادم[ وراڻيو، ته "سندس حالت سخت آهي، اچي ڪين سگهندو". مخدوم فرمايو، ته "انهيءَ کان سواءِ ڪين کائيندس". نيٺ اهو رُڪن، ڇوڪري جي مٿان ويو ۽ هو مخدوم جي پيغام تي يڪدم جيئرو ٿي اُٿي ويهي رهيو ۽ مخدوم جـــي خــدمــت ۾ اچي حاضـر ٿي ساڻس گــڏ کاڌائين. ] وڌيڪ[ ٻڌايائين، ته "منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا هئا، جتان مخدوم هتي موٽائي آندو آهي". چون ٿا، ته هو پوين ڏينهن ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) آيو. اتفاقاً هڪ سوناري (ڇوڪري) سماع جي مجلس ۾ هڪ بيت سوز گداز سان پڙهيو، جنهن جي ٻڌڻ سان مخدوم ساهه ڏنو. سندس جنازو هالا ڪنڊيءَ کڻي آيا. نقل آهي، ته رستي ۾ انهيءَ مان ذڪر جلي ڏاڍيان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. هن ظاهري علم ۽ باطني علم جا ڪي نڪتا مخدوم عبدالرشيد جي خدمت مان پرايا هئا. سندس وفات سنہ 936 هجريءَ ۾ ٿي. ]مخدوم فتح الله[: سندس فرزند رشيد مخدوم فتح الله پيءُ جي رحلت کان پوءِ وڏن واري پيروي اختيار ڪري، ارشاد جي مسند چڱيءَ طرح هلائي. ]مخدوم احمد ثاني[: تنهن کان پوءِ، مخدوم فتح الله جي پٽ مخدوم احمد ثانيءَ، ولايت ۽ ڪماليت جي گاديءَ تي ويهي، پنهنجو برڪت ڀريو وقت ڏاڍيءَ هدايت ۽ ارشاد سان گذاريو. ]مخدوم عبدالحميد[: انهيءَ کان پوءِ، هن جو پٽ مخدوم عبدالحميد، جو سهڻين صفتن ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو، وڏن جو نالو تمام سهڻي نموني ۾ روشن ڪندو رهيو. ]مخدوم عمر[: کانئس پوءِ، سندس پٽ مخدوم عمر، ڏاڍو هدايت وارو، پنهنجي وقت جو نامور ۽ معرفت جي رستي جو سالڪ پيدا ٿيو. هن سڳوري جون ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن ٽي پٽ، هر هڪ مخدوم حسين، مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عبدالرؤف ڇڏيا. مخدوم محمد ابراهيم ولد مخدوم عمر حال ۽ ڪمال جو صاحب ٿي گذريو. ]مخدوم فتح الله (ثاني) [: سندس، ڪمال جي زيور سان سينگاريل مخدوم محمد ابراهيم جو فرزند، مخدوم فتح الله، يقين جي رستي ۾، پنهنجن وڏن جي سلوڪ واري واٽ وٺي، چڱيءَ طرح هليو. ]مخدوم عبدالحميد ثاني[: هو گذاري ويو، ته سندس فرزند مخدوم عبدالحميد ثاني وڏن واريءَ ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو. هن جي ذات گرامي اڄوڪي وقت ۾ خالص تبرڪ ۽ نج غنيمت هئي. مخدوم عبدالرؤف، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، کان پوءِ عقيدتمندن کي ] 148[ عجيب فيض ڏنائين. هو مديني منوره ۾ گذاري ويو. ]مخدوم رحمت الله[: (مخدوم عبدالحميد ثاني کان) پوءِ سندس پٽ مخدوم رحمت الله، خدا جي خاص رحمت ۽ ڪمال ۽ فيض جي وصفن سان سينگاريل هو. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو. ]مخدوم عبدالرؤف[: مٿي ذڪر ڪيل مخدوم عمر جو فرزند پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل ٿيو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز رهيو. سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سهڻا رهيا، ۽ هميشہ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو سنہ 1166 هجريءَ ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم هن جي تاريخ "کان وليارؤف الخلق" (هو هڪ، خلق تي نهايت مهربان ولي هو). ] مان ڪڍي آهي[ ۽ محمد پناهه رجا ٺٽويءَ سندس چونڊ حالات هڪ بليغ شعر ۾ نظم ڪيا آهن، پر طوالت جي خوف کان هتي ذڪر نٿا ڪريون. کانئن پوءِ ڪو فرزند ڪو نه رهيو. ]مخدوم نعمت الله[: هاڻي مٿئين مخدوم عبدالحميد ثانيءَ جو فرزند مخدوم نعمت الله، ڏاڍيءَ بزرگيءَ ۽ ڪمال سان وڏن جي گاديءَ کي سينگاري ويو آهي ۽ حال جو صاحب آهي. ]حاجي دين محمد[: حاجي دين محمد پڻ مخدوم عبدالحميد جو فرزند ۽ انساني ڪماليتن سان موصوف آهي... (1) جو وڏو ڀاءُ مخدوم عبدالحميد، مخدوم عبدالرؤف جي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجو وارو ڏاڍي بزرگيءَ سان وڄائي گذاري ويو هو. ]مخدوم محمد[: مٿئين مخدوم اسحاق جو ٻيو فرزند، ]ظاهري[ علمن جي تحصيل ڪماليت جي درجي کي پهچائي، باطن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين. اڪثر خلق الله جي ڪمن ڪارين سان، خدا ڪارڻ، حاڪمن وٽ ايندو ويندو رهندو هو. ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگهندو هو. هڪ وقت ڪنهن حاجتمند جي ڪم سان ڄام نظام الدين وٽ ٺٽي آيو هو. ڄام چيس، ته "تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم. هن جي زيارت جو ڏاڍو شوق اٿم، تنهنڪري جيستائين هو اچي تيستائين تون هتي ترسي پؤ." فرمايائين ته ”منهنجي ڀاءُ کي نه تنهنجي پرواهه آهي، نه منهنجي". انهيءَ گفتگو ۾ هئا، ته مخدوم احمد اچي ڄام جي مجلس ۾ وارد ٿيو. ڄام سندس زيارت ڪري، ڏاڍي عقيدتمنداڻي خدمت ڪئي. موٽڻ وقت مخدوم احمد ڀاءُ کي چيو، ته "اچ ته جئين آيو آهيان تيئن زمين کي سوڙهو ڪري هلي هالئين پهچون، ۽ ٽپهريءَ جي نماز اُتي ادا ڪريون." مخدوم محمد وراڻيو، ته "توهان مرضيءَ جا مالڪ آهيو باقي مان ته في سبيل الله پنڌ ۽ محنت جي تڪليف ]جو ثواب[ هٿان ڪو نه ڇڏيندس." هن بزرگ جي اولاد ۾ پڻ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا وڏا عارف پيدا ٿيا آهن. مخدوم محمد يوسف: مخدوم عبدالرؤف واري وقت جي لڳ ڀڳ، خاص ڪرامتن جو صاحب ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي پنهنجي تصرف سان درياءَ کي آڻي بازار ۾ وهايو هئائين. ]مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب[: مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب پڻ هر هڪ پنهنجي وقت جو ڪامل هو. مخدوم عبدالرشيد: هڪ وڏو عالم ۽ ڏاڍو متقي هو. ]ماڻهن جي[ وڏي جماعت کانئس علمي خواهه عملي ڪمال پرائي، پنهنجي وقت ۾ هدايت واري ٿي. مٿيان مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهن مان آهن. درويش زڪريا: مٿئين مخدوم اسحاق جو ڀائيٽو ]149[، هدايت جي راهه جو سالڪ ۽ خدا آگاهه هو. شيخ فخر الدين صغير: شيخ ابو نجيب سهرورديءَ جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو، سالڪ هو. هالن ۾ آرامي آهي. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو آهي. سندس زيارت اهلِ دل لاءِ فخر آهي، ۽ سندس درگاهه ۾ ايترو ته قبوليت جو فيض آهي، جو اتي سوالين جو هر مشڪل حل ٿئي ٿو. شيخ ابوبڪر. هالن جو هڪ ڪامل ۽ جهونو ولي آهي. انهيءَ سرزمين ۾ سندس مزار اهل الله جو زيارتگاهه آهي. مخدوم نوح جو ستون ڏاڏو شيخ فخرالدين ثاني پڻ انهيءَ سڳوري جي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي. درويش رڪن ڀرا: مخدوم احمد جو خاص خادم ۽ ]خدا[ جي دائمي رضا ۽ قرب جي رستي جو واصل هو. مخدوم عربي ڌياڻو: پير آسات جو ڀاءُ آهي، جو مڪليءَ تي آرامي آهي، ۽ اڳتي بيان ٿيندو. چون ٿا، ته هڪ هنڌ ويهي قرآن شريف جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. جڏهن قرآن پڙهندو هو، تڏهن پکي اڏامڻ کان ۽ پاڻي وهڻ کان بيهي ويندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي خانقاهه ۾ ويٺو هو، ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گجيءَ ۾ ڀرجي پيو ۽ انهيءَ مان پاڻيءَ جا ڪي قطرا هيٺ ٽميا. هڪ حال محرم خادم ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان هن راز جي حقيقت پڇي. فرمايائين، ته "منهنجو پٽ بايزيد حجاز جي سرزمين ۾ منهنجن معتقدن جي ٽوليءَ سان سمنڊ ۾ سوار آهي. اوچتو ٻيڙي ڪـُـنَ ۾ غرق ٿيڻ لڳي. انهيءَ جماعت منهنجي پٽ کي سفارشي بنائي باس باسي، تنهنڪري هٿ هڻي ٻيڙي کي ڪـُـنَ مان ڪڍي ڪناري تي پهچائي ڇڏيم". ٿوري وقت کان پوءِ اهي ماڻهو نذر کڻي آيا ۽ احوال ڪيائون، ته "جڏهن ٻيڙيءَ مان آسرو پليوسين، تڏهن هڪڙي غيبي هٿ اسان جي ٻيڙيءَ کي اچي ڪـُـنَ مان ٻاهر ڪڍيو". سنہ 980 هجريءَ ۾ گذاري ويو (1)، ۽ هالن ۾ دفن ٿيل آهي. ]مخدوم بايزيد[: مخدوم بايزيد مٿئين مخدوم عربيءَ جو فرزند آهي، پنهنجي پيءُ کان چڱو بهرو پرائي، سچ، استقامت، هدايت ۽ فيض جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي ڏاڍو فائدو رسائيندو رهيو. هاڻي سندس اولاد مان محمد عالم نالي هڪ ماڻهو جيئرو آهي. هو سيد عبداللطيف تارڪيءَ جو خليفو ۽ سندس فقيرن جي جماعت ۾ داخل آهي. مخدوم مولانا ابوبڪر بن داؤد بريد هالائي: بلند مقامن ۽ احوالن جو صاحب هو. مخدوم نوح وٽانئس فيض پرايو هو. سيد عبداللطيف حسيني: اُتي جي جهونن بزرگن مان آهي. سندس مقام علحده عام خلق الله جو زيارتگاهه آهي. هو گهڻو اولاد ڇڏي ويو، جن مان هاڻي سيد فتح محمد گادي نشين آهي. هن جو ٻيو اولاد متفرق ڳوٺن ۾ خصوصاً ڪجن جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. مخدوم نوح ولد نعمت الله: هو صديقي نسب جو آهي. مشرق ۽ مغرب جي امام پنهنجي پيڙهي پاڻ هن طرح ٻڌائي آهي: نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سرور بن شيخ فخرالدين صغير، جو هالن ۾ مدفون آهي، بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ثاني، جو شيخ ابوبڪر جي مقام ۾ دفن آهي، بن شيخ ابوبڪر ڪتابي، ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ، بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصيرالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابو نجيب ضياءُ الدين، عبدالقاهر سهروردي رحمة الله عليہ، جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي ۽ مخدوم نوح تي سهروردي طريقو ختم آهي. اهو شيخ ابو نجيب بن شيخ ابرهيم بن شيخ وجهه الدين بن شيخ محمد عمر بن شيخ عبدالله بن شيخ رضاء الدين محمد بن شيخ مسعود بن شريف ابو القاسم بن شيخ محمد عمر بن حضرت عبدالرحمان بن امير المؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ۽ حضرت شيخ شهاب الدين، شيخ عبدالله بن شيخ ابراهيم بن وجهه الدين جو فرزند آهي. (مـخدوم نوح) ستن ڏينهن جو هو، ته نماز جي ٻانگ ٻڌي تمام چٽيءَ زبان سان ڪلمو طيب پڙهيو هئائين. کانئس (پاڻ بابت) روايت آهي، ته: "چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون کي جيڪي ملڻو هو، سو حـضرت عليءَ کان مليو". نقل آهي، ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاهه ۾ مراقبي ۾ مشغول هو. مخدوم عربي قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. هو اٺاويهين سيپاري تي پهتو هو، ته هـِـن کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو، ]سو ڇا ڪيائين جو[ مخدوم عربيءَ جي قرآن شريف ٻڌڻ جي ادب جو خيال رکي، ظاهري جسم اُتي ڇڏي پاڻ آسمان جي سير تي هليو ويو، ۽ مخدوم عربيءَ ختم پورو نه ڪيو هو، ته موٽي آيو. فقير بهاءُالدين گودڙيو چوي ٿو، ته هڪڙي ڏينهن ٺٽي ۾ سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا ]150[ هئاسون، ته مخدوم فرمايو: حـضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ۽ حـضرت علي رضي الله عنہ اچي لنگهيا. حـضرت علي تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ، جو توکي ]حـضرت[ محمد رسول الله سڏي ٿو ۽ حـضرت ابوبڪر آهستي آهستي اچي رهيو هو. حڪم موجب روانو ٿيس، ته ائين ڏسڻ ۾ آيم گويا لڪي جبل تي چڙهي رهيو هئس، آخر جڏهن مجلس ۾ پهتس تڏهن حضرت عيسيٰ (روح الله) کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ حـضرت عيسيٰ کان سبق ورتم. مٿو مٿي کنيم، ته حضرت رسول ڪريم تي نظر پيم ]ڏٺم[ ته پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا آهن. مون حـضرت ]صلي الله عليہ وسلم[ ڏانهن توجهه ڪري نئين سر سبق پڙهيو. حضرت ابوبڪر صديق فرمايو، ته يا رسول الله! هيءُ منهنجو اولاد آهي. چون ٿا، ته هيءُ حـضرت (مخدوم نوح) ڪنهن وقت ٺٽي آيو. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجهه پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن شريف جي آيتن جون معنائون چڱيءَ طرح بيان ٿو ڪري. سو هو ]گڏجي[ سندس ڏسڻ لاءِ ويا. ]انهيءَ وقت[ مخدوم هڪڙيءَ آيت جي تفسير ۾ مشغول هو. راوي چوي ٿو، ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندي ٿي ويس. جڏهن ماٺ ڪيائين، تڏهن ڳڻيم، ته جملي اسي داڻا ٿيا هئا. جيئن ته سندس عادتن ۽ ڪرامتن جي بيان لاءِ خلاصو ڪتاب گهرجي، تنهنڪري هن مختصر ۾ هن قدر تي اڪتفا ڪجي ٿي. سندس وفات خميس جي ڏينهن، 27 ذي القعد سنہ 998 هجريءَ ۾ ٿي، ۽ هن جي درگاهه هالن جي شهر ۾ مشهور آهي. ]مخدوم جلال[: (مخدوم نوح رحمة الله جو) فرزند رشيد مخدوم جلال بزرگيءَ ۽ شائستگيءَ جي نشانين ۽ ڪمال جي خوبين ۾ بيمثال ٿي گذريو آهي. ]ميان ابراهيم[:مخدوم جلال جو ڀاءُ ميان ابراهيم هو، جو پڻ وقت جو بزرگ ۽ فقيرن جي جماعت جو مرشد هو. ]ميان محمد زمان[: هاڻي ميان محمد زمان وقت جو پيرزادو ۽ مخدوم مرحوم جو گادي نشين آهي. مخدوم صدرالدين راهوتي: هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. هميشہ واعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ نه ڍڪيندو هو. سندس بلند درجي جا احوال، مشهور آهن ۽ سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي. ]مخدوم مراد[: مخدوم صدر الدين راهوتيءَ جو فرزند رشيد مخدوم مراد هڪ وڏو عالم ۽ نهايت پرهيزگار هو. هو حسن مقري درويش (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) جو همعصر هو. ]قاضي منور[: قاضي منور مخدوم مراد جي اولاد مان هو. چون ٿا، ته هڪ ڏينهن قيمتي لباس پهريو رستو وٺيو ٿي ويو، ته سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کيس ڏسي چيو، ته:"تنهنجو ڏاڏو ته چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ ڪين پهريندو هو، توکي هيءُ ڪنهن کان ورثو مليو آهي"؟ ايتري چوڻ تي مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ وڃي سلوڪ وارن جي سلسلي ۾ شامل ٿيو. شاهه ديوانو هالاقـءي: هڪ وڏو مشائخ ۽ ڏاڍين ڪرامتن جو صاحب آهي. مخدوم عربيءَ سان گڏ دفن ٿيل آهي. درويش قاسم: ڌنڌو ڪورڪو هوندو هو، پر مخدوم نوح (هالاقـءيءَ) جي مريديءَ جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تانيءَ ۽ پيٽيءَ کان خوب واقف ٿيو هو. مخفي نه رهي، ته جڏهن الله پاڪ جي توفيق سان هالن جي مبارڪ سر زمين جي ڪن حقيقت وارن جي مختصر احوال کان فراغت ٿي،]151[ تڏهن ان جي آسپاس جي ڳوٺن جي ڪن چونڊ خدا وارن جو ذڪر ڪجي ٿو ۽ بزرگن جي روحن کان توفيق ۽ امداد جي درخواست آهي. والله علم بالصواب (سنئين راهه خدا کي معلوم آهي). ڀاڻوٺ (مشهور ڳوٺ آهي) درويش حسن مقري: هي اصل واڍو هو، دل جي ڦرهيءَ کي صفائيءَ جي رَندي سان لسو ڪري، چٽي، سينگاريو هئائين. چون ٿا، ته هڪ طهارتخانو هوندو هئس، ۽ جڏهن به وضو ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ويندو هو، تڏهن بيخود ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن جو هڪ مائٽ ڊکڻ سندس ملاقات لاءِ آيو. اتفاقاً درويش طهارتخاني ۾ وضوءَ لاءِ ويل هو. هن اندر وڃي ڏٺو، ته درويش ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو. هو دهشت کان ٻاهر نڪري آيو. هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گهريائين، ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي. درويش بيخود ٿي ويو ۽ باقي ڏينهن ۽ رات ٻئي ڏينهن جي ٻپهريءَ تائين بيهوش پيو هو. ڪنهن کي به هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻانگي ساڳئي وقت جي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين، ته "شايد اڃا ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي؟" هڪ ڏينهن مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين راهوتي سندس زيارت لاءِ آيو، ۽ جيئن سواريءَ جو ڍڳو ٻاهر ٻڌي هن جي حاضريءَ ۾ آيو، ته خادمن ٻڌايس، ته ستن ڏينهن کان درويش وضوخاني ۾ ويل آهي. ]اهو ٻڌي[ حيران ٿيو. ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم چيس، ته "ست ڏينهن فرض ]خدا جا[ وڃايا اٿيئي". فرمايائين ته "تون پنهنجي ڍڳي جي وڃي خبر لهه، هن ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟" اتفاقاً مخدوم کي اچي ٻڌايائون، ته سندس ڍڳو گم ٿي ويو آهي. ڏاڍيءَ ڳولا کان پوءِ ڍڳو لهي، پنهنجيءَ جاءِ تي هليو ويو ۽ وري فقير تي اعتراض نه ڪيائين. خانوٺ (کاڻوٺ) مشهور ڳوٺ آهي. اُتي جا رهاڪو سيد اصل متعلوي (مٽياري) آهن. چاندو شاهه: هاڻي تازو ڏاڍو حال جو صاحب ۽ سلوڪ جي رستي جو واقف ٿي گذريو آهي. هو نهال شاهه مداريءَ جو معتقد ۽ خليفو هو، جو گنجي ٽڪر تي آرامي آهي ۽ اڳتي بيان ٿيندو. ڀٽ هالن کان ٽن ڪوهن تي هيٺاهين زمين ۾ آهي، جا هالن جي تابع آهي. ]سيد شاهه عبداللطيف[: سيد شاهه عبداللطيف جن جو آرام گاهه محترم ۽ مزار مبارڪ اُتي جي عجائبات مان آهن. هو سڳورا سيد عبدالڪريم جي اولاد مان سيد حبيب شاهه جا فرزند تارڪ ]جي لقب سان[ مشهور آهن. سيد حبيب شاهه خدا وارو مرد هو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ "الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب" (موت هڪ پل آهي، جا دوست کي دوست جي ملاقات ڏانهن رسائي ٿي) آهي. هن زماني ۾ شاهه عبداللطيف رحمة الله سان ولايت ۾ مٽ ڪو به ڪو نه آهي. سندن ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جون خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن. هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون. امي (اڻپڙهيل) هجڻ جي باوجود به خدا تعاليٰ سندس سيني جي ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. چون ٿا، ته مرزا (مغل) بيگ ارغون جنهن جي نياڻي حـضرت جن جي نڪاح ۾ هئي، سو پهريون سندس ڏاڍو دشمن هو. جڏهن وفات ڪيائين، ته حضرت جي هڪ مريد "بود خبيث" جي جملي مان سندس تاريخ ڪڍي هئي. هن عارف ڪامل هيءُ ٻڌي في البديهه فرمايو: ائين چوڻ نه گهرجي بلڪه چئو، ته "يڪ مغل به بوده" - حساب ڪيائون، ته ٺيڪ ساڳئي سال جي تاريخ نڪري آئي. حقيقت هيءَ آهي، ته امي ماڻهوءَ کان ههڙو واقعو صادر ٿيڻ ڪرامت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. جنهن ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو فرمايائون، ته انهيءَ ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو. سندن مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باصفا جڳهه آهي. سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا نغارا نذر ڏنا آهن جي صبح و شام ]وڄايا ويندا آهن[ سندس درگاهه تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور، نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو (1) . ]سيد جمال شاهه[: هاڻي انهيءَ ولي جو جاءِ نشين سيد جمال شاهه ڳجهين خواهه ظاهر ڪرامت سان مخصوص آهي ۽ فقيرن جي سلسلي ۾ ڪيترا ناليرا خليفا اٿس. جهيجا مشهور ڳوٺ آهي جنهن ۾: شيخ طاهر: جي درگاهه عجيب برڪت ڀري آهي، هن ولي جي ذات گرامي وقت جي عجائبات مان ]هئي ۽ هو[ عجيب نموني سان رهندو هو. هندو کيس لال اڏيرو ۽ مسلمان شيخ طاهر سڏيندا آهن. بهرحال هڪ معتبر کان نقل آهي، ته هي حقيقت جي شراب جو سرمست، پهريائين جهنگ ۾ گذاريندو هو، هڪ ڏينهن کائڻ لاءِ ڪّجهه پاٻيون هٿ ۾ هئس، ته اوچتو هڪ اٺ وڳ مان ٽهي اچي شيخ جي جهوپڙيءَ وٽ پهتو. جيئن ته الله پاڪ جي بيمثال ذات جو جلوو مخلوقات جي هر فرد ۾ موجود آهي، تنهنڪري شيخ به انهيءَ اٺ کي حقيقت جي اک سان ڏسي چيو، ته اي خدا! جنهن صورت ۾ هن مسڪين تي احسان ڪيو اٿيئي تنهن صورت ۾ جيڪو حال حاضر آهي سو کائڻ گهرجي، اُٺ ڊنل هو سو ڪو نه بيٺو ۽ هيءُ منٿون ڪندي، سندس پويان ڊوڙڻ سان وڃي، انهيءَ مرتبي کي پهتو، جنهن کي پهتو، انهيءَ وقت کان سندس شهرت دنيا ۾ پکڙجي ويئي. هن جي رحلت کان پوءِ سندس درگاهه خلق الله جي زيارت گاهه آهي، اتي هر سال عجيب ميلو لڳندو آهي. ساريءَ سنڌ مان هندو زالون اچي گڏ ٿينديون آهن ۽ پردو لاهي گهٽين ۽ سيرن ۾ گهمنديون وتنديون آهن. لال اڏيري جي نالي تي جيڪو به کين نچڻ لاءِ زور ڀريندو آهي، ته مڙسن يا ٻين عزيزن جي موجود هوندي به هو انهيءَ کان انڪار نه ڪنديون آهن، ڏسڻ شرط آهي نه ٻڌڻ. ]مير محمد منعم[: اُتي جي رهاڪو سيدن مان مير محمد منعم زمينداريءَ جي دولت جو مالڪ ۽ وڏيءَ طاقت وارو مهمان نوازي، سخا ۽ بخشش جي ذريعي، سڀ ڪنهن آئي وئي جي خوشيءَ جو گهورو هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف ]انسان[ ٿي گذريو آهي. سندس فرزند سيد اسدالله پڻ پيءُ جو يادگار ٿي گذريو آهي. اباڻين خوبين ۾ هو پيءُ کان به وڌيڪ مشهور معروف هو. کيبر مشهور ڳوٺ آهي. درويش نوح کيبرائي: ڌنارپ تي گذر ڪندو هو، ۽ ڪرامت ۽ حال جو صاحب هو. حديقته الاوليا ۾ مذڪور آهي، ته جڏهن شيخ حماد جماليءَ جي تصرف سان ڄام تماچي دهليءَ کان ٿي آيو، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن هن (درويش نوح) کيس کيبرن جي ڳوٺن ۾ ٻڌايو هو، ته ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام تماچيءَ جي نالي پڙهو گهمي رهيو آهي، حالانڪه اهو ڄام جوڻي جو وقت هو. انڙپور اڳوڻن ڏينهن ۾ ڄام انڙ جو آباد ڪيل هڪ ڳوٺ آهي. تازو درياءَ سندس سموري زمين پائي ويو آهي. مخدوم ساهڙ لنجار: هڪ وڏو آزاد ]انسان[ ۽ وقت جي صالحن مان هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات يا ڏينهن جي ڪا به گهڙي ]پاڪ[ پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. ]153[ سندس مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهن به ڪو نه هلندو هو، جنهن تي به توجهه جي نظر ڪندو هو، ته هو ولايت جي درجي کي رسي ويندو هو. عادت موجب سوئرن جو هڪ ولر سندس پوک ۾ اچي نقصان ڪري ويندو هو. ڪڙمي وٽس دانهن کڻي آيا. خادم کي فرمايائين، ته سوئرن کي وڃي پيغام ڏي، ته "اسان جي پوک جي ويجهو نه اچو" انهيءَ پيغام کان پوءِ سوئر وري نه آيا. چون ٿا، ته جڏهن به مٽيارين ۾ ايندو هو تڏهن رات جو پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو. چوندو هو، ته چؤطرف ساداتن جا گهر آهن، تنهنڪري ادب جي تقاضا اها آهي، ته ڪنهن به طرف پير ڊگها نه ڪريان. انهيءَ کان روايت آهي، ته چوندو هو: مون پير کان ٻڌو آهي، ته جنهن ۾ ٽي گڻ ڏسو، ته انهيءَ مان ضرور فائدو وٺو، جو توهان جو مرشد اهو آهي. هڪ ته سندس اڳيان رهو، ته توهان کي خدا ياد اچي. ٻيو ته جيڪي ڳالهائي سو توهان جي دل ۾ ويهي وڃي، ٽيون ته سندس صحبت ڇڏڻ توهان کي ڏکي لڳي، اهو اتيئي دفن ٿيل آهي. بوهري آڳاٽو ڳوٺ آهي. سيد حمزو: اصل مٽياريءَ جو هو. هو معرفت جي درياءَ جو ٽوٻو ۽ يقين جي خوبين جو جامع ۽ نقشبندي سلسلي جو رهبر ٿي گذريو آهي. ]باب سترهون [ ساگري درياءَ جي ڪناري وارن متفرق ڳوٺن جا بزرگ جيتوڻيڪ ساگري جي ڪناري تي آرام ڪندڙن سڀني بزرگن جي واقفيت ڏکي آهي، تڏهن به برڪت واسطي، انهن مان ڪن ٿورن تي اڪتفا ڪجي ٿي. شيخ موسيٰ آهيداڻي: اصل هندستان جي بزرگن مان آهي. سلطان علاءُالدين جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ ۾ آيو هو. سندس مزار ساڱري نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي هڪ سوداگر قافلي کان ڇڄي ويو. بار سان لڏيل اٺ ساڻ هئس. اوچتو اٺ جو پير ترڪي پيو ۽ ] انهيءَ جي ٽنگ[ ڀڄي پيئي. آبادي ڏور هئي ۽ هيءُ ماڻهو اڪيلو، تنهنڪري رهي به نٿي سگهيو. پر اڳتي وڃڻ به مشڪل هئس. حيران هو، ته ڇا ڪري؟ اوچتو شيخ جي قبر ڏسي وڃي التجا ڪيائين. رات پئجي چڪي هئي سا آرام سان گذاريائين. صبح جو اٺ چڱو ڀلو ڏٺائين جنهن تي ڌڪ جو ڪو به نشان ڪو نه هو ۽ هو بار سميت پنهنجو رستو وٺي روانو ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهيءَ اٺ کي، سندس وطن ۾، ڪنهن خوفناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري خيرات ڪيائين، ته انهيءَ جي ڀڳل ٽنگ جي هڏي ۾ ميخ لڳل ڏسڻ ۾ آيس. هن سمجهيو، ته هيءَ شيخ جي ڪرامت آهي. هن بزرگ کان اهل بيت جي محبت ۾ ڏاڍيون ڳالهيون مشهور آهن. گهڻي مشهور هجڻ ڪري اهي بيان نه ڪيون ويون آهن. درويش ونهيون چانهيو: هڪڙو وقت جو مشائخ ۽ قال ۽ حال جو صاحب، وڏو ولي ]ٿي گذريو[ آهي. هو حضرت رسالت مآب جي مجلس اقدس ۾ ويندڙ هو. سندس ڪرامتون بيان کان ٻاهر آهن. سندس وفات ]جو سن[ 1100هه ] آهي[ عربي تاريخ "مات في عشق" ۽ ان جو فارسي ترجمو "در عشق جان بپسرده" ] سندس وفات جي[ سال سان موافق آهي. ساڱري جي ڪناري تي تورڪيءَ (1) جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. درويش آلو: هڪڙو مجذوب مطلق ۽ عارف بالله هو. هو اصل هندستان جو هو پر سنڌ ۾ اچي نڪتو هو. ماٺ ڪيو پيو گهٽين ۾ گهمندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو حرف چوندو هو جو سمجهه ۾ ايندو هو. هو جهنگن ۾ وڃي ڪاٺين ۽ ڪانن جون ڀريون آڻي ماڻهن کي ڏيندو هو. هو ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب هو ۽ سندس وسيلي سان ڪيترن ماڻهن جا مقصد ۽ مرادون پوريون ٿينديون هيون - سندس مزار ساڱري جي ڪناري تي آهي. درويش پلي: ذات جو سميجو ساڱري نديءَ جي ڪناري تي ]154[ رهندو هو. شيخ هوٿي بن لاکي جو سنگتي هو. ڏاڍو خوش طبع هوندو هو. هڪ ڏينهن مڇيءَ جي شڪار واسطي ڪـُـنڍي وجهي گهڻي دير تائين انتظار ڪيائين پر جڏهن مڇي ڪا نه ڦاٿي تڏهن چيائين "خدايا ڏي يا وٺ" ايتري ۾ درياهه جي ڪناري واري اها زمين جنهن تي ويٺو هو سا ڦاٽڻ لڳي، ڊپ وچان اٿي چوڻ لڳو، ته "عجب آهي جو کيس ڏيڻ ڏکيو ٿو لڳي ۽ وٺڻ آسان". درويش لڌو: جن ماڻهن تي درويش ونهي جي نظر فيض ٿيل هئي، تن ۾ هڪ مکيه ماڻهو هو. مرشد جي توجهه جي برڪت سان وڏي مرتبي کي پهچي، ڪشف ۽ حضور جو صاحب ٿي پيو هو. مولانا عباس: شيخ ونهي جو هڪ مکيه خادم هو، جو برگزيده درجي وارو ۽ حال ۽ قال جو صاحب هوندو هو. مخدوم آدم ٿيٻو: وڏيءَ منزل وارو آهي. سندس صحبت فيض کان خالي نه هوندي هئي. درويش ڇتو: هڪ اهل دل ۽ ولايت جو صاحب هو. گهڻن ئي مشائخن جي خدمت مان فيض پرايو هئائين. مخدوم آدم ٿيٻي جو خاص مريد هو. شيخ صڌو نوهريو: هڪ وقت جو عارف ۽ ]پنهنجي[ زماني جو بزرگ ۽ شيخ ونهي جو همعصر هو. نصرپور جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سلطان فيروز سنہ 751 هجريءَ ۾ نصر نالي هڪ امير کي ساڱري جي ڪناري تي قلعو ٺاهڻ جو حڪم ڪيو هو. اهڙيءَ طرح هي شهر آباد ٿي هن جي نالي پويان نصرپور سڏجڻ لڳو. درياءَ جي هيٺان هجڻ ۽ باغات جي ڪثرت کان شهر تفريح گاهه ٿي پيو آهي. چون ٿا، ته ترخاني سردارن ساري سنڌ مان، هن سر زمين کي پنهنجي رهائش لاءِ پسند ڪيو هو. اڄ تائين سندن نسل (1) باقي آهي. ڪجهه سالن کان درياهه انهيءَ پاسي کان وهڪرو ڦيرائي ويو آهي، جنهنڪري اُتي جا باغات ويران ] ٿي ويا آهن[ ۽ باغن جي جاءِ تي ڪلر پيو ڏسجي. هتي جي سرزمين بزرگ خيز آهي. قاضي خير الدين. حال ۽ قال جو صاحب هو. سندس ڏينهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي دستن جي بيماري ٿي ويئي. دست ڪنهن به دوا سان بند نٿي ٿيا. سندس عزيزن نااميد ٿي کيس کڻي جوار جي پوک ۾ پيهي تي سمهاريو ۽ سندس پيٽ کليل منهن واريءَ مشڪ وانگيان سدائين وهي رهيو هو. اوچتو هو (قاضي خير الدين) اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ ڏسي رحم اچي ويس. مٿس شفا ڀري نظر وڌائين، ته هڪدم چڱو ڀلو ٿي پيو. حديقة الاوليا جي مصنف معتبرن کان روايت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هو ئي جوابدار آهن، ته اهو بيمار انهيءَ کان پوءِ چاليهه سال صحت ۽ دلجمعيءَ سان زندهه رهيو. اشتها موجب جيڪي هٿ ايندو هئس سو کائيندو رهندو هو. سندس پائخاني جو رستو بند ٿي ويو هو ۽ بهشتين وانگيان حاجت ضروريءَ جي تقاضا کان مطلقاً آزاد ٿي چڪو هو. سندس قبر نصرپور جي ڏاکڻين طرف هڪ ڪوهه پنڌ تي آهي. شيخ محمود معروف به شاهه سيستان قادري. حضرت پير دستگير عليہ الرحمة جو حقيقي پوٽو مشهور آهي. آڳاٽي زماني ۾ سندس مزار درياءَ جي پرينءَ ڀر هوندي هئي ۽ ڪو به هن جي قبي ۾ اندر نه وڃي سگهندو هو. گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ انهيءَ زمين کي پاڻي پائي ويو ۽ سندس لاشو ٻيءَ زمين ۾، جا اڄ درياهه ]155[ جو وچ آهي، کڻي آيا. اتي پڻ خلق الله سندس زيارت لاءِ ايندي هئي، ۽ سڀ ماڻهو ڪٽهڙي کان ٻاهران زيارت ڪندا هئا. ٽيون ڀيرو، جڏهن پاڻيءَ جي اٿل آئي، تڏهن نئين سر انهيءَ جاءِ تي دفنايائون جتي اڄ آرامي آهي. انهيءَ کان پوءِ سندس زيارت عام ]آهي[ ۽ ڪٽهڙي ۾ اندر وڃڻ پڻ مقرر ٿي ويو آهي. سندس ڪرامتون قديم الايام کان ارادتمندن جون ڏٺل آهن ۽ قلم يا خيال انهن کي احاطي ڪرڻ کان عاجز آهي. هاڻي مير محمد زمان رضوي وڏن کان ورثي طور انهيءَ درگاهه خلائق پناهه جو گادي نشين مقرر آهي. نهايت بزرگ ۽ تمام ڪامل شخص آهي. شاهه هاشم رضوي. اتي پهريائين ]اهو[ آيو. هن وقت جي رضوي سيدن جو ڏاڏو بزرگوار آهي. وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي. هن کان اٽڪل ٽيهه ۽ ڪي سال اڳ پاڻيءَ جي اٿل ڪري سندس لاش، ٻين سيدن جي لاشن سان گڏ، اصلوڪيءَ جاءِ تان ڪڍي کڻي آيا، جيڪي معتبر ماڻهو انهيءَ ڪامل جي لاشي سان گڏ هئا، تن کان روايت آهي ته باوجود هن جي، جو مٿئين سيد جي وفات کي ٻه سؤ ويهه سال گذري چڪا هئا، قبر مان صحيح سالم نڪتو. هڪ انگورن جو ڇڳو تازو پڪل ۽ ڪي نباتن جا داڻا پڻ سندس ساڄي پاسي جي هيٺان لڌائون، جيڪي مريدن پاڻ ۾ وراهي کاڌا. ٻيون ڪرامتون انهيءَ مان سمجهڻ گهرجن. شاهه هاشم رضوي ثاني: پشت به پشت سندس پوٽو ۽ سجادهه نشين هو. انهيءَ جا حالات پڻ تحرير ۽ تقرير کان ٻاهر آهن. حياتيءَ خواهه مماتيءَ ۾ سندس ڪرامتون دنيا ۾ مشهور آهن. سندس مريديءَ جي وسيلي هڪ دنيا ديني خواهه دنيوي مرادن ۾ بهره ياب ٿي چڪي آهي، سند گهڻائي محققانه شعر چيل آهن. ]سيد نورالله[: کانئس پوءِ سيد نورالله پڻ وڏن جي رستي تي هلي معرفت وارن جو رستو وٺي وقت گذاري ويو. ]پني لڌو شاهه[: انهي کان پوءِ سندس فرزند حميد پني لڌو شاهه پيءَ جي گاديءَ تي ويهي وڏن جي بزرگيءَ جون رسمون چڱي طرح جاري رکندو آيو. ]شاهه نجم الدين[: تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ شاهه نجم الدين ڪمال ۽ معرفت جي روشنائيءَ سان بزرگيءَ جي ستاري کي چمڪايو ۽ عقيدتمندن جي دلين کي سچائيءَ ۽ هدايت جي زيور سان سينگاريل رکيو. ]غلام حيدر شاهه[: کانئس پوءِ شاهه غلام حيدر وڏن جو جاءِ نشين ٿيو. هاڻي هن سڳوري جي ذات با برڪات وڏن جي ڪارنامن جي يادگيريءَ لاءِ غنيمت آهي. هن مبارڪ سرزمين ۾ گهڻائي رضوي سيد بزرگ ٿي گذريا آهن. ٿورن نالن سان تبرڪ وٺجي ٿو. شاهه غياث الدين ولد شاهه نور الله مذڪور:بزرگيءَ ۾ ڪامل ٿي گذريو آهي. ]شاهه وجه الدين[: انهيءَ کان پوءِ شاهه وجه الدين رهيو، جو بزرگانه وصفن سان موصوف رهي زندگي گذاري ويو. ]سيد بزرگ[: هن وقت بزرگيءَ جو خاتمو سيد بزرگ وڏن جي نشاني ]باقي آهي[. جو چڱي بزرگانه حالت ۾ وقت گذاري رهيو آهي. سيد يار محمد رضوي: پهريائين نوڪري ڪندو هو پوءِ وڏن جي فقيريءِ واري رستي کان واقف ٿي توڪل جي ترهي تي زندگي گذارڻ لڳو ۽ چڱي حال جو مالڪ آهي. مير محمد شاڪر رضوي: هن وقت جي بزرگن مان پرهيزگاري ۽ وڏن جي سڀني گڻن سان موصوف آهي. عام خاص ماڻهو سندس مريد آهن. سيد محمد ظهير ولد سيد سلطان رضوي ]156[: انساني ڪماليتن سان موصوف آهي. مير محمد صديق: ڏاڍو پرهيزگار طالب علم زندهه آهي. سيد عبدالله ۽ سيد عبدالرزاق: پيءُ ۽ پٽ ٻئي شهيد آهن. چون ٿا ته شهيد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجا سر کڻي اچي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا. ماڻهن ڏسي کين دفن ڪيو. ٻنهي بزرگن جي درگاهه عام مخلوق جي زيارت گاهه ۽ عرضدارن لاءِ مشڪل ڪـُـشا آهي. سيد احمد عرف شاهه غوري: حـضرت پيران پير شاهه عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليہ جي اولاد مان آهي. ]شهر جي[ ڏکڻ پاسي سندس درگاهه حاجتمندن لاءِ فيض جي کاڻ ۽ هر مشڪل حل ٿيڻ جو سرچشمو آهي. بي بي نور ڀري: دبه گرن جي قوم مان هڪ مجذوبه سالڪ، وقت جي ڪامل ۽ ثاني رابعه هئي. سندس مزار نصرپور جي بازار جي وچ ۾ مريدن لاءِ جاءِ پناهه آهي. قاضي مسعود، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي وقت ۾ زندهه هئي. وڏيون وڏيون ڪرامتون ڏيکاريندي هئي. شاهه عنايت الله رضوي: سنڌي زبان جو ڪامل شاعر آهي. سندس شعر عارفن جي زبان جو ورد ۽ يقيني حقيقتن تان پردو کڻندڙ آهي. نصرپور جو رهاڪو هو. سندس مزار شيخ موسيٰ آهندانيءَ جي مقام ۾ عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي. سندس اولاد لکمپر نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو. شاهه عنايت الله: حـضرت پير دستگير جي اولاد مان نصرپور ۾ آرامي آهي. سندس زيارت جي فيض کان زيارتين جون طرحين طرحين مرادون پوريون ٿين ٿيون. سندس اولاد باقي آهي. قاضي مسعود قريشي عثماني: ظاهري خواهه باطني علم جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو ولي ۽ ڀلي ۾ ڀلو پير ٿي گذريو آهي. علم سان گڏ فقيري به هوندي هيس. سندس پٽ حافظ حبيب الله نالي ۽ انهيءَ جو پٽ ميان عزت الله هر هڪ ڪمال جو صاحب هو. هن وقت ميان عزت الله جو ڀائٽيو محمد يار نالي توفيق ڀريو انسان آهي. قاضي محمود: مٿئين قاضي مسعود جو ڀاءُ شهر جو مکيه ماڻهو ۽ ڏاڍي مروت سان زندگي گذاريندو هو. سندس پٽ ميان فتاح وڏو متقي پيدا ٿيو هو، جو شاهه هاشم ثاني رضويءَ جو مريد هو. ميان عبدالقدوس: وقت جو پير ۽ مٿئين قاضي محمود ۽ قاضي مسعود جو همعصر هو. محمد اشرف: سندس پٽ محمد اشرف کي ڪروڙ گريءَ جي نوڪري هوندي هئي ۽ ڏاڍي انسانيت سان ڏينهن گذاري ويو. محمد حسن: مٿئين محمد اشرف جو پٽ محمد حسن نالي وڏن جي خوبين جو مالڪ ۽ مشهور هو. تازو ديوان گدومل سان گڏ ديرن ۾ قتل ٿي ويو. شيخ نٿو: نصرپور جي ڀانرو قوم جي زميندارن مان هو. اڀرندي طرف ڪوهه پنڌ تي دفن ٿيل آهي. سندس درگاهه هر قسم جي خلق الله لاءِ زيارت گاهه آهي. شيخ تودهن دمياري: وقت جو ڪامل پير هو. سندس درگاهه بڪيرن جي پاسي ڏانهن ٻن ڪوهن جي پنڌ تي عام خاص ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي. مخدوم سينهرو: اصل زميندارن مان هو. سندس مزار دنيا وارن جي زيارت گاهه ۽ معرفت جي صاحبن جي جاءِ پناهه آهي. سيد دين محمد] 157[: اصل مٽيارن جو ]پوءِ[ نصرپور ۾ رهندڙ، ڪمال جي صاحبن ۾ يگانو هو. سيد محمد غوث: سندس فرزند سيد محمد غوث پنهنجي وقت ۾ بزرگيءَ جي خوبين سان موصوف هو. سيد قادر شاهه: هاڻي سيد قادر شاهه ڏاڍو ڪامل ۽ وڏن جو يادگار آهي. سيد عبدالـصمد: مٿئين سيد دين محمد جو ڀائٽيو پڻ کليل ڪماليتن جو صاحب هو. سيد اسحاق: اصل بخاري هتي جو هڪ پير آهي. سندس درگاهه خدا وارن جي زيارت گاهه آهي. سيد محمد محسن: هاڻي هن جو فرزند سيد محمد محسن جيئرو جاڳندو موجود آهي. سيد اڀن شاهه: اصل بخاري، ڪوٽڙيءَ جي سامهون پنهنجي ڳوٺ ۾، جو "سيد اڀن جي دهه"، سڏبو آهي آرامي آهي. سندس درگاهه تي مريدن جون حاجتون پوريون ٿينديون آهن. سيد عبدالرحمان بخاري: هن جي اولاد مان آهي، جنهن جون ڪرامتون مشهور آهن. کيس گهڻو اولاد آهي. سيد عنايت الله: سيد عبدالرحمان جو ڀاءُ، حال ۽ ڪرامتن جو صاحب، تازو گذاري ويو آهي. قاضي حاجي: هن سرزمين جي اڳوڻن بزرگن مان آهي. ميان ابوالبقا محتسب مشهور، جو ملڪين مشهور ۽ عزت جو مالڪ رهي ڪري تازو گذاري ويو آهي، سو سندس اولاد مان آهي. قاضي عبدالوهاب: اُتي جي ناليرن ۽ برڪت ڀرين قاضين مان هو. سندس گذرڻ کان پوءِ هن جي جاءِ تي سندس ڀائٽيو قاضي ابوالحسن قضا جي عهدي تي مقرر ٿيو. قاضي محمد مير: هن جو پٽ قاضي محمد مير هن وقت حيات آهي ۽ قضا جو موروثي عهدو چڱيءَ طرح پيو هلائي. قاضي مخدوم عبدالرحمان: هڪ وڏو عالم ۽ نهايت فاضل هو. شاهه جهان جي ڏينهن کان وٺي عالمگير جي بادشاهيءَ جي سموري ]عرصي[ تائين، حرمين شريفين جي نذرن جو متولي هو. کيس خدمت جي شرط تي عمدي جاگير مليل هئي. ]مخدوم محمد اڪرم[: سندس وڏو فرزند مخدوم محمد اڪرم ڏاڍو مروت ۽ فضيلت وارو ٿي گذريو آهي. ]ميان مدني[: ميان مدني، جو مدينه طيبه ۾ ڄائو هو، سو انهيءَ وڻ جو ميوو ۽ انهيءَ باغ جو وڻ آهي. حفيظ يار خان ۽ عابد يار خان: ٻئي نالي نشان وارا ڀائر مٿئين قاضي عبدالرحمان جا فرزند آهن. قاضي عبدالرحمان ثاني: سڳورن وڏن جي نسبت ڪري ڏاڍو عزت وارو ۽ ]پنهنجن[ بزرگن کان چڱيءَ طرح واقف رهي، زندگي گذاري، مدينه متبرڪ ۾ وفات ڪري ويو ۽ مخدوم حيات سنڌيءَ جي مقبري ۾ دفن ٿيو. حاجي قائم سنڌي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو، ۽ ميان عبدالحميد هالائي، جنهن جو بيان ٿي آيو، پڻ انهيءَ مقبري ۾ مدفون آهن. قاضي روح الله: پڻ اُتي جي نامور بزرگن مان آهي. مخدوم ميان ميدنه: ڪماليت جي فن جو جامع، متبحر عالم، فقه جي علم ۾ اڪثر عالمن کان وڌيڪ ماهر، سڀني ڪماليتن ۾ خلق الله ۾ مشهور ۽ سلوڪ ]جي رستي کان[ واقف تازو ڪمال جي عمر کي پهچي گذاري ويو آهي. ]ميان عبدالله[: سندس فرزند ميان عبدالله ظاهري علمن مان پورو بهرو پرائي، هاڻي حقيقت جي علم ڏانهن متوجه آهي. ميان نور محمد طالب علم: مخدوم حاجي محمد قائم جو شاگرد، فقهي فضيلتن ۽ علمي ڪماليتن ۾ پنهنجي وقت جو ]158[ وڏو رهبر آهي. ڪجهه عرصو ميان غلام شاهه خان جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي سرفراز هو. مخفي نه رهي، ته اصل شهر جي رهاڪن مان ڪن مکيه ماڻهن جي ذڪر کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ آس پاس جي رهاڪن جو بيان شروع ڪجي ٿو. ميان احمد عطائي: نصرپور جي پسگردائي مان تعلقي سماواتيءَ ۾ ڪمال جو صاحب، پنهنجي وقت ۾ مکيه ماڻهو ۽ حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي. ]مخدوم حاجي هارون[: هاڻي سندس ناٺي مخدوم حاجي هارون بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺل آهي. پير ورو: روپاهه جي سرزمين ۾ گجر ڪوٽ جي ويجهو تازو گذاري ويو آهي. احمد شاهه: هاڻي سندس پٽ، احمد شاهه نالي، سندس جاءِ نشين آهي جنهن ۾ عام خاص ماڻهن جو اعتقاد آهي. (1) مير قانع پنهنجي دستخطي نسخي جي پهرئين صفحي تي سندس نسب نامو هن طرح ڏيکاريو آهي. مخدوم عثمان عرف لعل شهباز مروندي بن سيد ڪبير بن سيد شمس الدين بن محمد يحيٰ بن سيد....... بن سيد محمود شاهه بن سيد احمد شاهه بن سيد هادي بن سيد مهدي بن سيد غالب بن سيد منصور بن....... بن امام الجن والانس محمد جعفر الصادق عليه السلام. (جيڪي خال آهن، اُتي جا نالا ڪيڙو کائي ويو آهي ۽ پڙهڻ ۾ نه آيا.) (1) بادشاهه نامي، جو خاص شاهه جهان جي احوال ۾ لکيل آهي، جي ص 329 تي ميان مير جو ذڪر هن طرح ٿيل آهي: سندس سڳورو وطن سيوهڻ آهي، جو ملتان جي صوبي جو تابع آهي. قادري طريقو رکندو هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ دارالخلافت (لاهور) ۾ اچي گمناميءَ جي گوشي ۾ عمر گذاريائين. دنيوي تعلقات ۽ شاديءَ جو خيال اصلي ڪونه ڪيائين. ڪنهن به ماڻهوءَ کي تيستائين تلقين نه ڪندو هو، جيستائين هو دنيا جي شين کان متنفر نه ٿيندو هو. شاهه جهان سندس خدمت ۾ ٻه دفعا حاضر ٿيو هو. هڪ ڪشمير وڃڻ کان اڳ ۾ ۽ ٻيو ڪشمير کان موٽي اچڻ کان پوءِ، جو ٽن هفتن کان پوءِ واقعو ٿيو هو. وڏي عمر هجڻ ڪري هو اکين کان سڄو ٿي پيو هو ۽ سال 1044هه ۾ وفات ڪري ويو. شاهه جهان بار بار چوندو هو، ته هندوستان جي درويشن مان ڪماليت کي پهتل فقط ٻه ڄڻا ڏٺا اٿم. هڪ ميان مير ٻيو شيخ فضل الله برهانپوري. مترجم ميان مير جي درگاهه پنهنجين اکين سان ڏٺي آهي جا لاهور ڇانوڻي اسٽيشن جي بلڪل قريب آهي. عام ماڻهو لاهور ڇانوڻي اسٽيشن کي سڏيندا ئي "اسٽيشن ميان مير" آهن. ميان مير جو قبو هڪ وسيع ميدان جي وچ ۾ سنگ مرمر جي ٿلهي تي بيٺل آهي. چوڌاري کليل صحن آهي. صحن کي چوڌاري شاليمار باغ ۽ شاهي مسجد جي احاطي جي نموني تي هڪ قلعي نما احاطو آهي. الهندي پاسي ڏانهن واري ڀت دارا شڪوه ٺهرائي هئي. ميان جي قبي کي فقط ڏکڻ ڏانهن هڪ دروازو آهي. دروازي جي مٿان ڪجهه بيت لکيل آهن، جيڪي هن وقت ياد نه رهيا آهن پر آخري مصرع آهي: ”بفردوس والا ميان مير شد“ . جنهن مان تاريخ وفات سنہ 1045هه نڪري ٿي. دارا شڪوه سندس خاص مريد هو. هن "مڪنية الاوليا" نالي هڪ ڪتاب فارسي زبان ۾ خاص سندن تاريخ ۽ توصيف ۾ لکيو آهي، انهيءَ ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي، ته سندس ولادت 975هه ۾ ٿي هئي. سندن والده جو نالو بيبي فاطمہ هو، جا سنڌ جي مشهور جيد عالم قاضي قاضن جي نياڻي هئي، ۽ پنهنجي وقت جي رابعہ هئي. سندس همشيره جو نالو بيبي جمال خاتون هو. سندس مرشد، شيخ خضر سيوستان جي جبلن ۾ رهندو هو. پاڻ انهيءَ جو مريد ننڍپڻ ۾ ٿيو هئو. سندس وفات 17 ربيع الاول اڱاري ڏينهن، پهر ڏينهن چڙهئي ٿي هئي- والله اعلم. (1) نسخو "ن" عبدالحڪيم (1) ڪتاب النور السافر في اخبار القرن العاشر (357) ۾ لکيل آهي ته "شيخ، علامہ گهڻن فنن جو ماهر، عبدالله بن سعدالدين مدني سندي سنہ 984 هه جي ذوالحج مهيني ۾ مڪي شريف ۾ وفات ڪري ويو. هيءُ هڪ زبردست عالم ۽ جيد و متبحر امام هو. هن جون ڪيتريون تصنيفون آهن، جن مان هڪڙو سهرورديءَ جي عوارف تي حاشيو آهي". اسان جي خيال ۾ هيءُ شيخ عبدالله اهو ساڳيو قاضي عبدالله آهي، جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع هتي ڪري رهيو آهي. اگرچه مير قانع سندس والد جو نالو قاضي ابراهيم لکي ٿو، پر ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ قاضي ابراهيم کي سعدالدين جي لقب سان سڏيو ويندو هجي. (2) النور السافر في اخبار القرن العاشر (ص 440) ۾ شيخ رحمت الله جي وفات جو قصو هن طرح ڄاڻايل آهي: 12 محرم سنہ 993 هه ۾ شيخ، فاضل، عالم، محدث، فقيہ، رحمت الله بن عبدالله السندي، حنفي، مديني منوره جو رهاڪو مڪي ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس اُتيئي دفن ڪيو ويو. هو هڪ علم تي عمل ڪندڙ عالم ۽ الله جو صالح بندو هو. ڪنهن فاضل سندس وفات جي تاريخ ابجد جي حساب موجب ڪڍي آهي، جا "رحمة الله قدنال مراده" (شال خدا تعاليٰ رحمت ڪريس هو پنهنجي مقصد کي پهتو) نڪتي. هن ۾ اگرچه ٻه عدد وڌن ٿا، پر جيڪڏهن تاريخ جو مادو حال سان مناسب هوندو آهي، ته پوءِ فن جي ماهرن وٽ اهڙي واڌاري جي اجازت آهي. ماڻهو جنهن وقت کيس دفن ڪري فارغ ٿيا، ته هڪدم مينهن وسڻ لڳو. اسان جي دوست شيخ فاضل محمد بن شيخ عبداللطيف جامي مڪي عرف مخدوم زاده سندس مرثيي ۾ چيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ واقعي ڏانهن پڻ اشارو ڪيو اٿس، جيئن چيو اٿس ته: رحمت الله لا تفارق مثوي - رحمت الله بالحيا والغمام. ”الله تعاليٰ جي رحمت مينهن ۽ جهڙ جي صورت ۾ رحمت الله جي جڳهه کان جدا نه ٿي ٿئي.“ (1) النور السافر (ص 440) ۾ لکيل آهي، هن (شيخ رحمت الله ) کي هڪ ڀاءُ هو، جنهن جو نالو حميد هو. هو علم ۽ بزرگيءَ وارو سهڻن اخلاقن جو مالڪ، نهايت متواضع، ڏاڍو عقلمند، وڏي درجي ۽ کلي فضيلت جو صاحب هو. پڇاڙيءَ ۾ هن کي وڏي عزت نصيب ٿي هئي. هو مڪي شريف ۾ 9 ورهيه رهيو ۽ اتيئي سنہ 1009 هه ۾ وفات ڪيائين. کيس پنهنجي ڀاءُ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. هن جي عمر اٽڪل 90 ورهيه هئي. مطلب ته هو سلف صالح جي نشاني هو. شال خدا مٿس رحمت ڪري. شيخ حميد عربي زبان جو هڪ وڏو شاعر هو. النور السافر ۾ سندس شعر به نقل ٿيل آهي. شيخ حميد جو ذڪر خلاصة الاثر جي اعيان القرن الحادي عشر ۾ به آهي. اتي کيس فاروقي سڏيو ويو آهي. خلاصة الاثر ص 327 جزء ثاني. (1) هي شيخ ابوالفضل ساڳيو اڪبر بادشاهه جو وزير، آئين اڪبري ۽ رقعات ابوالفضل جو مصنف، شيخ فيضيءَ جو ڀاءُ ۽ شيخ مبارڪ جو پٽ آهي. هتان معلوم ٿيو، ته شيخ ابوالفضل ۽ فيضي اصل سنڌي آهن. والله اعلم بالصواب. (1) ساڳيو دشتِ باران، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو. (1) مخدوم جعفر "حل العقود في طلاق السنود" نالي هڪ عجيب غريب ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌين جي طلاق ڏيڻ جا نمونا ۽ انهن جا شرعي احڪام بيان ڪيا اٿس. اهو ڪتاب ڪن جهونن ڪتبخانن ۾ اڄ تائين موجود آهي. هن مان ڏهينءَ صديءَ جي سنڌ جي تمدن ۽ زبان تي ڪافي روشني پوي ٿي. هن ڪتاب کان سواءِ مخدوم جعفر جي ٻي عجيب غريب تصنيف آهي "الفطانة في مرمة الخزانہ". هن ڪتاب ۾ حنفي فقہ جي مشهور ڪتاب "خزانة الروايات" جي تنقيح ۽ ترميم ڪيل آهي. "عجالته الطالبين" به مخدوم جعفر جي تصنيف آهي. هن بزرگ جي پيدائش ۽ وفات جون تاريخون معلوم نه ٿي سگهيون آهن. البت تاريخ معصوميءَ مان هيترو پتو پوي ٿو، ته هيءُ سڳورو مرزا شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاهه وقت زندهه هو. جنهن ڪري چئي سگهبو، ته سندس وفات سنہ 920 هجري کان پوءِ ٿي آهي. (1) هتي نسخي "ن" ۾ هڪ نالو لکيل آهي، پر اڏوهيءَ جو کاڌل آهي ۽ پڙهڻ ۾ نٿو اچي. ڇاپي نسخي، ۾ ته هتي عبارت ڏاڍي منجهيل آهي: لکيل آهي ته "مخدوم عبدالحميد برادر بزرگ در حيات مخدوم عبدالرؤف بيزرگيءَ اتم گذشته بود". ظاهر آهي، ته هن عبارت جي ڪا به صحيح معنيٰ نٿي نڪري سگهي. (1) نسخي "ن" ۾ سنہ 908 هه آهي. (1) ڇاپي نسخي ۾ شاهه صاحب جي تاريخ وفات متعلق هي قطعو لکيل آهي جو اگرچه ڪتاب جي عبارت سان بلڪل غير مربوط آهي، پر جنهن صورت ۾ فائدي کان خالي نه آهي، تنهنڪري حاشيي تي لکي ڇڏي ٿو: شــاهه صاحب ذوالمواهــب سـيدِ عبداللطيف آنڪ قطب وقت خود بوده ست ازمـردان حق چـون ز جام ارجعي مخمور نوش وصـل شد گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق. 1165هه اهي ساڳيا بيت مسجد شريف جي هڪ ديوار تي، جا قبي جي اتر طرف آهي، اڪريل آهن، ڪنهن جا چيل آهن تنهن جي خبر ڪانهي! (1) نسخه "ن" نور کي. (1) ب، ۾ "دفن" آهي. بڪيرا (نصرپور کان ٽي ڪوهه اورتي (ٺٽي ڏانهن) هڪ سڳورو ڳوٺ آهي). شيخ فاضل شاهه قريشي. شيخ فاضل شاهه قريشي، بڪيرا جي رهاڪن مان، قطب الاقطاب شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي اولاد مان، سن هڪ هزار کان مٿي ڪي سال گذريا هئا، جو سنڌ ۾ آيو هو. ۽ اچي مٿئين ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. نهايت ڪامل بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو وڏيرو هو. چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ مخدوم نوح رحمت الله عليہ جي خادمن پراڻ جي ڪناري واري آمريءَ جي ڳوٺ تي، جا خدا جي قدرت سان هڪ متبرڪ جاءِ آهي، جيئن ته ] اتي جي[ هڪ وڻ جي پاڙ ۾ دريءَ جهڙو هڪ سوراخ ٺهيل آهي ۽ پاڪ دل انسان کان سواءِ ٻئي جو انهيءَ مان لنگهڻ ناممڪن آهي. اهو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو يادگار آهي ۽ قديم الايام کان هن سلسلي جي فقيرن جو اتي ميلو ٿيندو هو، زبردستي قبضو ڪيو ۽ شيخ جي مريدن جي اتي ڪا به دست اندازي نه رهي هئي. جنهن ڪري خادمن جي هڪ جماعت ملتان وڃي انهيءَ قطب الاقطاب (شيخ بهاؤ الدين) جي روضي تي آمريءَ جي دستوري ميلي جي قبضي لاءِ التجا ڪئي ۽ کين الهام ٿيو ته عنقريب اسان جي اولاد مان هڪ ماڻهو اتي پهچي اها جاءِ توهان جي قبضي ۾ ڏياريندو. انهيءَ موجب جلد ئي، شيخ بهاؤ الدين ملتاني عليہ الرحمة جي اولاد مان هڪ بزرگ، شيخ شهر الله. انهيءَ جاءِ تي آيو، مٿئين شيخ فاضل شاهه کي نياڻيءَ کان سواءِ ٻي اولاد ڪا نه هئي، تنهنڪري انهيءَ بزرگوار کي کڻي پنهنجو فرزند ۽ نياڻو بنايائين. هن وڏي درجي واري بزرگ شاندار ڪرامتون ۽ کليل نشانيون ڏيکاري، آمريءَ واري جاءِ، اصلوڪي دستور موجب، پنهنجي پير جي سلسلي جي مريدن جي حوالي ۾ ڏياري. کين 1 - شاهه سراج الدين 2 - شاهه قائم الدين نالي ٻه فرزند ڄاوا. قائم الدين شاهه ڪا اولاد ڪا نه ڇڏي. ]شاهه سراج الدين[. شاهه سراج الدين ڪافي پيري مريدي پيدا ڪري، بادشاهه جي درٻار ۾ ڏاڍي عزت حاصل ڪئي. شاهه عنايت الله صوفيءَ سان جهوڪ جي جنگ جي شروعات هن ڪئي هئي. هو انهن ڏينهن ۾ دهليءَ ۾ هو. کيس ٻه فرزند پيدا ٿيا. 1- فاضل شاهه 2- مهر شاهه. ]فاضل شاهه[. فاضل شاهه ڏاڍي پيري مرشدي ڪري لاولد گذاري ويو، کانئس پوءِ سندس ڀاءُ. ]مهر شاهه[. مهر شاهه وڏن جي پيريءَ مريديءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ چڱي حالت پيدا ڪيائين. ]شاهه قائم الدين[. کانئس پوءِ سندس ناليرو فرزند شاهه قائم الدين سندس يادگار آهي، جو هاڻي وڏن جو گادي نشين آهي. ڪاتيار نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي جهونن ڳوٺن مان آهي. اتي جي بزرن مان: شيخ ڀرڪيو جکو ولد شاهو ڪاتيار. آهي، جو مخدوم اسحاق هالائي جي فرزندن ]159[ مخدوم احمد ۽ محمد، جن جو بيان مٿي ٿي آيو، جو همعصر هو. ابتدا ۾ سخت رياضتون ڪيون هئائين. چون ٿا ته هڪ دفعي سورهن سالن کان پوءِ روزو کوليو هئائين. سارو سيارو هڪڙي چادر پهري، درياهه جي ڪناري تي ويندو هو ۽ غسل ڪري آليءَ چادر ۾ نماز کي لڳي ويندو هو. جڏهن چادر سڪندي هئي ته وري نئين سر غسل ڪري، اهائي آلي چادر ڍڪي نماز ۾ مشغول ٿيندو هو. ساري رات وري وري غسل ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ ۾ جاڳي گذاريندو هو. اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ سارو وقت سج جي هيٺان رڻ پٽ ۾ گذاريندو هو جتي ڪا به هوا ڪانه هوندي هئي. آخر رفتي رفتي سندس بدن جي سڄي کل لهي ويئي هئي. چون ٿا ته هڪ ماڻهو ساڻس گڏ چلي ۾ ويٺو هو. شيخ جي لاءِ روزاني هڪ وڏي بصري پچائيندا هئا، جا کائيندو هو ۽ هو ٻيو ماڻهو بک ڪڍندو رهندو هو. گلاخور ماڻهن کڻي هن ڳالهه کي ورتو. چلي ختم ٿيڻ کان پوءِ چاليهه ئي مانيون جيڪي کاڌيون هئائين، سي بنا ڪنهن کوٽ جي ڪڍي کڻي انهن ماڻهن جي اڳيان رکيائين ۽ چيائين ته جيڪو کاڌو اٿم سو اجهو هيءُ آهي. مجلس ۾ موجود سڀني ماڻهن انهن مانين مان کاڌو. هڪ ڏينهن شيخ وٽ هڪ ماڻهوءَ اچي چيو ته "زال وڃائي اٿم خبر ناهي مري ويئي يا گم آهي. سندس ننڍا ٻار بيقرار آهن" ]شيخ[ هڪ نوڪر کي فرمايو ته:"هن ماڻهوءَ جي زال وٺي اچ." هو دروازي کان ٻاهر نڪري حيران ٿي بيهي رهيو. شيخ هڪل ڪري چيو ته "اڳتي وڃ" خادم اڳتي ويندو رهيو، نيٺ رات پئجي ويئي. جيڪا به وک ٿي رکيائين ته ]ائين ٿي معلوم ٿيس[ گويا ڏاڪڻ تان هيٺ لهي رهيو آهي. آخر هلندي هلندي زمين پنهنجي مٿي جي مٿان ڏسڻ ۾ آيس. اوچتو سندس نظر هڪ اهڙي شاهاڻي درٻار تي وڃي پيئي جنهن ۾ قسمين قسمين تنبو ۽ فرش فروش هئا. اتي هڪ شخص، شاهاڻو لباس پهريل، ويٺل ڏٺائين ۽ ڪيترا مرد ۽ زالون سندس اڳيان قيد ٿيا بيٺا هئا. مٿئين خادم پنهنجي پير جي پاران انهيءَ عورت جي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو. جواب مليس ته هن عورت نذر جي ادائيءَ ۾ غفلت ڪئي آهي سا ڪانه ڇٽندي. خادم واپس اچي شيخ جي خدمت ۾ احوال عرض ڪيو. شيخ هڪدم انهيءَ عورت جي مڙس کي ساڻ وٺي، ساڳئي دستور، اتي پهتو- ضاعفان جي گهڻي ئي گهر ڪيائين پر جواب ڪونه مليس. تنهن تي انهيءَ زال جي مڙس کي چيائين ته "تون پنهنجي زال کي وٺ"- هو زال وٺي هليو ويو. ] اهو حال ڏسي[ مريدن انهيءَ بزرگ کي چيو ته ]هيءُ ماڻهو[ عورت کي بنا اجازت ورتيون ٿا وڃن" فرمايائين خدا جو مجذوب ۽ عشق جو مست آيو آهي. جيڪڏهن سڀني کي وٺي ويندو ته به ڪين ڪڇندس. "هيءُ عجيب نقل عارف بالله سيد عبدالڪريم جي زبانان رسالي بيان العارفين ۽ تنبيه الغافلين ۾ بيان ٿيل آهي. ۽ ٻڌايل آهي ته اهو بزرگ جناب پير دستگير عليه الرحمته هو. کيس چيائون ته "سڀ ماڻهو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جا مريد آهن پر تون نه آهين سو ڇو؟" ]اهو ٻڌي[ هڪدم کير جو پيالو هٿ ۾ کڻي وٺي زمين ۾ ٽٻي هنيائين ۽ گهڙيءَ ۾ وڃي ملتان کان نڪتو. سجاده نشين ]بزرگ[ پنهنجي گهر واريءَ سان خلوت گاهه ۾ ويٺو هو ته هن وڃي کير جو پيالو اڳيانس رکيو. فرمايائين ته "ادب ڌار، ڪٿان آيو آهين؟" چيائين ته "اکيون ٻئي پاسي اٿم" - پوءِ هٿ ڏئي (بيعت ڪري) زمين ۾ ٽٻي هڻي هڪدم اچي انهيءَ مجلس ۾ نڪتو، جتان ويو هو ] 160[ ] ۽ اچي[ چيائين ته "هاڻي شيخ کي هٿ ڏيئي آيو آهيان" - هڪڙي ڏينهن چيائين ته "ڪنهن وقت خدائي ديدار جي نور ۾ غرق هوس. آواز ٿيو ته اي ڀرڪيا ٻانهو ٿيندين؟ چيم ته نه. وري آواز آيو ته ڀلا نوڪر ٿيندين؟ چيم ته نه. اهڙو آواز ٽي دفعا وري وري ٿيندو رهيو. پر مون قبول نه ٿي ڪيو. آخر آواز آيو ته جنهن صورت ۾ نه ٻانهو آهين نه نوڪر - تڏهن ٻڌاءِ ته ڇا ٿيڻ گهرين ٿو؟ عرض ڪيم ته خداوندا! ڪجهه نه آهيان ۽ ڪجهه نه ٿيڻ چاهيان ٿو. هن چوڻ تي خدا تعاليٰ قدرت جو هٿ منهنجي پٺيءَ تي رکيو ۽ منهنجي معرفت قبول فرمايائين. ميرڻ ڪاتيار. ابتدا ۾ هڪ ڏينهن ڀنگ پي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ٿي ويو ته هڪدم الهي جذبي ۾ بيهوش ٿي ويو ۽ جيڪي ملڻو هوس سو مليس. ماڻهو انهيءَ معرفت جي ڪيفيت کانئس پڇندا هئا پر هو اهو لڪل راز ڪين کوليندو هو. اوچتو هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ سان پنهنجو احوال ظاهر ڪري ويٺو ۽ اها حالت کانئس گم ٿي ويئي. ] بس پوءِ ته[ چرين وانگيان ڦرندو ۽ طعام جو ٿالهه مٿي تي کنيون جوڳين ۽ مستن جي ڳولا ڪندو ٿي رهيو. سيد عبدالڪريم کيس مخدوم نوح عليہ الرحمة جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽ رڳو ڏسڻ سان اڳئين کان به وڌيڪ معرفت جي مرتبي کي پهتو. اهڙي حالت هٿ آيس، جو جڏهن انهيءَ جو ذڪر ڪندو هو تڏهن بيهوش ٿي ويندو هو. ڪيترائي دفعا کيس مئل سمجهي مٿس سورة ياسين پڙهيائون. هن کان روايت آهي جو چيو هئائين، "حضرت عزرائيل جو مون سان ڪو به واسطو ڪو نه آهي". مخدوم عبدالحميد قادري. سماواتي پرڳڻي ۾ ڪاتيار جي نزديڪ پوچر ڳوٺ ۾ تازو ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي وقت جو ڪامل هو ۽ وڏيون ڪرامتون سندس يادگار آهن. ]محمد شريف[. سندس فرزند ميان محمد شريف جيئرو آهي جو ڏاڍين ڪماليت جي وصفن سان موصوف آهي. پيءُ جي طريقي موجب آئي وئي جي ڏاڍي خدمت ڪري ٿو ۽ خانقاه ۾ طالبن جي جماعت سان صبح ۽ شام خفي ۽ جلي ذڪر ۾ مشغول رهي ٿو. شيخ دهانو. سماواتي تعلقي ۾ سپرين جي راڄ جي سامهون اوڍيجا قوم جي ڳوٺ ۾ سندن عاليشان درگاهه آهي - سڄي اوڍيجا قوم سندس مريد آهي - هن جي اولاد قضا، ملائي، ۽ پيرزادگيءَ جي ڪري، اتي جي ماڻهن جا مرشد آهن. خسرو بن محمود. اصل غزنويءَ جي بادشاهن مان آهي. اوڍيجن جي زمين ۾ سندس شاندار درگاهه آهي، پاڻ توڙي سندس وزير خدا وارن جي زيارت گاه آهن. سندس هڪڙي ڪرامت ته هيءَ آهي جو سندس آرام گاه جي آس پاس واري جهنگ مان ڪنهن کي به ڪاٺي يا ٻي ڪنهن شيءِ دست اندازي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. دست اندازي ڪندو ته انهيءَ گستاخيءَ جي ڪري هٿ نه هوندس. ]161[ اگهم ڪوٽ اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان مليل اٿس، جنهن جو بيان راجائن جي ذڪر هيٺ ٿي آيو. هن جي سرزمين خدا وارن جو سرچشمو آهي. مخدوم اسماعيل سومرو. هڪ وڏو ولي ۽ ناليرو بزرگ ٿي گذريو آهي. چون ٿا ته ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين سڄي عمر رياضتن ۾ گذاريائين. تمام شاهوڪار هوندو هو ۽ قسمين قسمين طعام ۽ نموني نموني جا شربت ٺاهي حقدارن، ۽ طالب علمن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو. پاڻ جـَـوَن جي مانيءَ تي افطار ڪندو هو. سندس ڪرامتون حد کان ٻاهر آهن. سنہ 998 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو. مخدوم صڌو موهيو. هڪ ناليرو عالم، وقت جو پرهيزگار ۽ مخدوم اسماعيل سومري جو دوست هو. مخدوم عثمان. پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ مخدوم اسماعيل سومري جو همعصر ۽ ساڳئي ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. درويش دائود ۽ ميان همون. هر هڪ مخدوم اسماعيل سومري جو همعصر هو. هر هڪ جي مدرسي ۾ اٽڪل 500 ماڻهو قرآن (شريف) جي قرآت ۾ مشغول رهندا هئا، جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا. مرزا باقي، باوجود يڪ ڏاڍو بخيل هو، تاهم هي ] بزرگ[ جيڪا به ]آبادي[ ڪندا هئا تنهن تان ڍل ۽ ٻيا انگ ابواب معاف ڪري ڇڏيا هئائين - هيڏي سخا هوندي به پاڻ هميشه جوَن جي ماني ۽ لوڻ سان افطار ڪندا هئا. ۽ پنهنجي زمينن جي پيدائش مسڪينن ۽ مستحقن تي خرچ ڪندا هئا. شيخ نورالدين. ]هيءُ[ بزرگ اصل سيوستان (سيوهڻ) جو رهاڪو هو. گهمندي اچي اگهم ڪوٽ وٽان لنگهيو ۽ هيءَ سرزمين کيس پسند اچي ويئي. وصيت ڪيائين ته ڪٿي به وفات ڪريان ته مون کي ] کڻي[ اچي هت دفن ڪجو. اتفاقاً پنهنجي وطن جي قريب گذاري ويو. جڏهن سندس جنازو کنيائون تڏهن اهو خود بخود هلڻ لڳو ۽ مٿينءَ زمين کان سواءِ ڪٿي به قرار نه ورتائين. نيٺ اگهم ڪوٽ کان اٽڪل ٽي ڪوهه ٻاهران انهيءَ پنهنجي پسند ڪيل جاءِ دفن ٿيو. سندس درگاهه ارادتمندن جي زيارتگاهه آهي. درويش سليمان. مٿئين پرڳڻي جو رهاڪو ] هو[. چون ٿا ته چار زالون هونديون هيس. جنهن سان گهڻو پيار هوندو هوس، تنهن کي، ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ چوندو هو ته "اَي انڌي! هئن ڪر". هوءَ هڪدم انڌي ٿي پوندي هئي. وري رحم کائي چوندو هوس ته "شال تنهنجون اکيون ڏسندڙ هجن" ته اکين سڄي ٿي پوندي هئي. هيءَ حالت ڪيئي دفعا ٿي هئي. اهڙيءَ طرح سندس زبان مان جيڪي نڪرندو هو، بلڪل تيئن ]162[ ٿيندو هو. ]شيخ اسحاق بن سلطان بن بهلول القادري[. ابوالمناقب شيخ جمال الدين عبدالله، جو حضرت غوث الثقلين (شيخ عبدالقادر جيلاني) جي اولاد مان آهي، جو مريد ۽ خليفو آهي. هو مشهور بزرگ آهي - سندس قبر اگهم جي ڳوٺ ۾ آهي. درويش عمر بودلو. هڪڙو مجذوب مطلق ۽ خدا سان واصل هو. پهريائين ماڻهن کان ٽهندو ۽ جهنگ ۽ جبل ۾ وقت گذاريندو وتندو هو. پوين ڏينهن ۾ اچي اگهم جي ڳوٺ ۾ رهيو، پنهنجي خواه پنهنجي سامان جي ڪا به خبر ڪا نه هوندي هيس. جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم سان سندس خدمت ۾ پهچندو هو ته مرادون حاصل ڪري موٽندو هو. درويش ونهيون، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي، ساڻس مريدن جهڙيون صحبتون ڪندو هو، اتي ئي دفن ٿيل آهي. حمزو پرهار. اگهم ڪوٽ جي قديمي مشائخن مان آهي. خليفو محمد شريف. هن سرزمين جو هڪ قديم ولي آهي. سيد يونس. اصل متعلوي سيد آهي. ]پاڻ[ ۽ سندس پٽ سيد عبدالله، هن وقت جي پيرن مان آهن. ٻنهي بزرگن جون قبرون نيڪن جو زيارتگاهه آهن. سيد فقير. متعلوي جي سيد ڏتي جي اولاد مان آهي. ويجهڙائيءَ ۾ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. جون چاچڪن جي سرڪار جو هڪ ناليرو شهر آهي. درويش حاجي سومرو. جون پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽ مخدوم نوح، اسماعيل جاڪي، سيد رڪن الدين ۽ سيد عبدالڪريم جي صحبتن مان فيض پرايو هئائين. گهڻا ماڻهو مريد هوندا هئس. درويش موسيٰ. جون جي آس پاس ۾ رهندڙ ۽ سنڌ جو مشهور معروف ولي آهي. درويش بهاؤالدين گودڙيو پهريائين هن جو مريد هو تنهن کان پوءِ مخدوم نوح عليه الرحمته جي خدمت مان فيض پرايائين. سيد حميد. سيد محمد مڪي، جنهن جو بيان بکر جي ذڪر وقت ٿي آيو، جي پوٽن مان آهي. هو داڻي پاڻي جي ڪشش سببان، پنهنجن ڀائرن کان، جي سيد محمد مڪي جي اولاد مان بکر ۽ روهڙيءَ ۾ رهندڙ آهن، ڇڄي اچي هن زمين ۾ رهيو. سندس سڳوري ذات ۾ سڀ انساني خوبيون موجود هيون. اتيئي گذاري ويو. سندس اولاد مان سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر ٺٽي لڏي آيا، جيئن اڳتي هلي ذڪر ٿيندو. ورياهه ڀٽي تعلقي جون جي سرزمين ۾ هڪ مشهور ڳوٺ آهي. اتان جا آهن: مخدوم نورنگ سومرو. هڪ ڪامل پير آهي. سندس اولاد مان بزرگي موروثي هلندي اچي ٿي. مخدوم عبدالحميد. هتي جي عارفن ۽ پنهنجي وقت جي وڏن ] عالمن[ ۽ پرهيزگارن مان آهي. مٿئين مخدوم نورنگ جو فرزند هو. ]مخدوم اسحاق[. سندس فرزند رشيد مخدوم اسحاق، مشهور عالم ۽ پرهيزگار، مخدوم رحمت الله جو ڏاڏو آهي، جنهن جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ٿيندو. مخدوم الياس. شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان آهي. هو بزرگيءَ جي خوبين ۽ برگزيدگيءَ جي وصفن سان موصوف هو. آب داڻي جي ڪشش کان سنڌ ۾ اچي، هن ڳوٺ ۾ رهي عمر سڳوري پوري ڪيائين. ]مخدوم عجائب[. کانئس پوءِ مخدوم عجائب رهيو جو سڀني خوبين جو ]جامع[ هو. ]مخدوم هارون[. سندس پٽ مخدوم هارون وڃي ٺٽي ۾ رهيو- مخدوم ضياءُ الدين، جنهن جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ٿيندو سو سندس سڳورو فرزند آهي. * * * ]باب ارڙهون[ ]بدين ۽ تلهار، ونگي ۽ ولهار وغيره ها شهرن ۽ پراڻ جي ڪناري وارن ڳوٺن جا بزرگ[ بدين صوبي سنڌ جو هڪ ناليرو شهر آهي. اتي جي بزرگن مان آهن: درويش ڀنڀو ناريجو. ڪرامتن جو صاحب ۽ وڏو پرهيزگار، بدين جي ويجهو آرامي آهي. شاهه قادري. حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان آهي ]163[ بدين جي ٻاهران ڏکڻ طرف سندس درگاه خدا وارن جي مرجع آهي. ]سيد عارف شاهه[. سندس اولاد مان سيد عارف شاهه پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. هڪ دنيا سندس بزرگيءَ کي مڃيندڙ هئي. سيد بهار شاهه. کانئس پوءِ سيد بهار شاهه ڏاڍو هدايت وارو ۽ سخاوت ۽ فضيلت ۾ مشهور هو - وڏن به نسبت، گهڻي خلق هن جي مريد ٿي. سيد موليڏنو. هاڻي سندس سوٽ موليڏنو ۽ انهيءَ جا فرزند پير جا گادي نشين آهن. مخدوم طوغاچي. سندس درگاهه بدين جي الهندي طرف گهڻي وقت کان عام ماڻهن جي زيارت گاه آهي. سندس گهڻي اولاد ڳوٺاڻي صورت ۾ موجود آهي. مخدوم صالح. مٿئين مخدوم طوغاچي جو مريد هو. وڏو ڪامل بزرگ هو. مخدوم طوغاچي جي مزار جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. ]مخدوم يوسف[. سندس پٽ مخدوم يوسف پڻ وڏن جي رستي تي هلندڙ، عالم ۽ پرهيزگار هو. ]مخدوم عثمان[. سندس پٽ مخدوم عثمان پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي گذريو آهي. ]مخدوم عبدالرحيم[. انهيءَ جو پٽ مخدوم عبدالرحيم، شاهه جهان جي پوين ڏينهن ۾، ٺٽي جي مفتي جي عهدي تي سرفراز ٿي اتيئي رهڻ لڳو. ]ميان اسدالله[. هن جو فرزند ميان اسدالله بدين جو مفتي ٿيو ۽ بدين ۾ رهي پيو - سندس اولاد اتي موجود آهي. مخدوم عبدالرحيم جو ٻيو پٽ محمد شفيع نالي ٺٽي جي بيان ۾ ايندو. مخدوم حاجي. سندس درگاهه شهر ۾ اندر آهي ۽ هو قديم زماني جي مشهور بزرگن مان آهي. سيد مير. اتي جي مشهور مشائخن مان آهي. سندس درگاه، بدين جي ڏکڻ پاسي، عام ماڻهن جي زيارت گاه آهي. ]سيد عبدالله[. هن جو پٽ سيد عبدالله، ڏاڍي بزرگيءَ ۽ چڱيءَ حالت ۾ حياتيءَ جو وقت گذاري ويو. سيد محمد زمان. سندس فرزند سيد محمد زمان هاڻي سندس جاءِ نشين ۽ گاديءَ ڌڻي آهي. هڪ وڏي جماعت سندس معتقد آهي. شاهه نور. هن جي درگاه ] پڻ[ بدين ۾ عام خلق جي زيارت گاه آهي. قاضي عبدالملڪ. گهڻي علم ۽ عمل ڪري اتي جي پيارن مان آهي. ]قاضي امان الله[. هن جو پوٽو قاضي امان الله چڱي حال ۾ رهي گذاري ويو. ]قاضي ڪرم الله[. هن وقت قاضي عبدالملڪ جي اولاد مان قاضي ڪرم الله حيات آهي. حافظ دائود. هڪ متبرڪ ملا اتي جو رهاڪو آهي. سندس وفات سن 1030هه ۾ ٿي، جا ڪنهن ماڻهوءَ هن مصرع مان لڌي آهي "دائود بدين رفت بفردوس ابد". سيد اسماعيل ۽ سيد عمر. مخدوم جلال جهانيان جي اولاد مان سيد حاجي حميد نظام الدين بخاريءَ جا پٽ آهن ۽ اچي تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ "داهر سادات“ نالي ۾ رهيا. سندن اولاد اتي مشهور آهي. سيد عمر پاڻ بارگاه ۾ دفن ٿيل اهي. سندس پٽ سيد ميو ۽ سيد لڌو، پنهنجي وقت جا ناليرا ] هئا[ ۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويا. سيد ميو، سيد حميد، سيد احمد پوئتي ڇڏي ويو. سيد حميد کي سترهن پٽ ۽ ٻارهن نياڻيون پيدا ٿيون. جن مان سيد عبدالرحيم سندس ناليرو فرزند ۽ برگزيدو پونير آهي. سندس پٽ سيد عبدالقدوس چار پٽ ] هر هڪ[ سيد ڀلو، سيد امين، سيد عبدالڪريم ۽ سيد صالح ڇڏي ويو. انهن ۽ اڳين بزرگن جي اولاد اتيئي آهن. مير سلطان شاهه. خواجه خليل خان جيڪو حاڪمن جي بيان ۾ مذڪور ٿي آيو، جو ڀاڻيجو هو. مامين جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ سندس جاگير تي ٺٽي ۾ آيو. ميان ابوالقاسم نقشبندي جي خدمت ۾ مريد ٿي، وڃي وڏي مرتبي کي پهتو ۽ بدين ۾ رهائش اختيار ڪري، ]164[ هڪ وڏو بزرگيءَ ۽ ڪرامت جو ڌڻي ٿي پيو. خلق جا ٽولا سندس مريد ٿيا. هڪ خلاصو ڳوٺ سندس نالي پويان سڏجي ٿو. ٿورا سال ٿيا جو هدايت واري اولاد ڇڏي گذاري ويو آهي. ملا قيصر. عبداللطيف نالي هڪ فاضل، هوشيار ۽ قابل شاعر هو. ڇهين ڇهين مهيني عالمگير جي درگاهه ۾ تونرين جو جوڙو کڻي ويندو هو ۽ لائق عزت پائيندو هو. سندس پوين ڏينهن ۾ هن فاضل دوست بادشاهه، سندس ٻڍڙائپ تي رحم فرمائي، مناسب وظيفو مقرر ڪري ڏنس جيئن هو وطن جي ڪـُـنڊ ۾ ويهي آرام سان عمر پوري ڪري. شيخ اسماعيل قريشي. شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان آهي. بدين جي ويجهڙائيءَ ۾، هڪ خلاصي ڳوٺ ۾، سندس مزار هڪ دنيا جي زيارت گاهه آهي. شيخ ابن شاهه، جنهن جو اڳتي بيان ٿيندو، سندس اولاد مان آهي. شيخ عالم شاهه. هن بزرگ جي اولاد مان شيخ عالم شاهه، جو سندس جاءِ نشين ۽ ڏاڍو هدايت وارو هو، سو تازو گذاري ويو آهي. ميان محمد زمان. اڄ ڪالهه جو مرشد ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي مريدن مان آهي. ڏاڍو هدايت وارو، نقشبندي سلسلي جي مريدن جي مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت بدين جي ويجهو لواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو - هڪ دنيا کي فيض جي درياهه مان سيراب ڪري رهيو آهي. گهڻن ماڻهن جو اعتقاد آهي ته هن وقت سندس وجود بينظير آهي. ڪنهن به پيدائش نه هوندي، وٽس عام مهمانخانو هلي ٿو. عجب هيءُ آهي ته هڪ ٽولو حقيقت کي سمجهڻ کان سواءِ، رڳو ظاهر تي مٿس طعنه زنيءَ ۾ مشغول آهي. هنن ڏينهن ۾ الاهي قضا کي پهتو آهي يعني سنہ 1188 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ گذاري ويو. چاچڪ بدين جي جون تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ ۽ قوم جو نالو آهي. تنهنڪري انهيءَ طرف کي سرڪار چاچڪان (چاچڪن جو پرڳڻو) لقب ڏنو اٿن. اتي جي بزرگن مان آهي: شيخ موسيٰ: شيخ مغل جو پٽ، جنهن جو بيان اڳتي ايندو - پيءُ کان پوءِ سندس گاديءَ تي ويهي، وقت جي پرهيزگارن ۽ نامور بزرگن ۾ شمار ٿيو. هميشه صفائي وارن (صوفين) جي مهمانيءَ لاءِ تيار هوندو هو ۽ مهمان نوازيءَ جي رسمن بجا آڻڻ ۾ ڏاڍي ڪوشش وٺندو هو. سندس قبر چاچڪن جي ڳوٺ ۾ عام خلق جي زيارت گاهه آهي. ونگو چاچڪن جي سرڪار کان مٿي هڪ جهونو مشهور معروف ڳوٺ ۽ علحدي سرزمين آهي. درويش چرڪس ولد ڏنو سرڪي: هڪ دين جو شائق ۽ دين جي راهه جو سالڪ هو. تحقيق جي ميدان ۾ توفيق جو گهوڙو سڀني کان اڳي ڪڍي ويو هو. اڪثر درويش سندس نظر کان ملاحظه ڪندا هئا - هڪ ڏينهن مخدوم بلال جي خدمت ۾ حاضر ٿي پڇيائين ته "فرض جي ادب جو مرتبو وڏو آهي يا ]پنهنجي[ مخدوم جي خدمتگذاري" مخدوم بلال وراڻيو ته "فرض جي ادب کي ترجيح آهي" ظاهر ۾ هيءُ جواب سندس مرضيءَ مطابق نه هو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم جي دل جي ڦرهيءَ تان سڀ علم ميسارجي ويا ۽ عاجز ۽ پريشان ٿي وڃي معافي ورتائين. جنهن تي، درويش جي فيض واريءَ نظر سان، سندس دل جي پٽيءَ تان جيڪي ڊهي ويو سو سڀئي وري لکجي ويو - هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ ]165[ جي ڳئون گم ٿي ويئي - هن اچي شيخ چرڪس کان دعا گهري - فرمايائين "اي خداوندا! جيڪڏهن تنهنجي درگاه ۾ هيءَ ڳالهه سچي آهي ته جيڪو به نذراني کان سواءِ دعا گهرائيندو سو مراد نه پائيندو ته پوءِ ڳئون پيدا ڪر". هڪدم گم ٿيل ڳئون پاڻيهي موٽي آئي. ولهار پڻ هڪ مشهور معروف ڳوٺ جو نالو آهي. درويش صدر ولد ڪير اوٺو: سنڌ جو هڪ وڏو مشائخ ۽ سڳورو ولي آهي. سندس مٿي، کاڏي ۽ سڀني عضون تي وار بلڪل ڪو نه هو. سڄي عمر ڪنوارو ۽ ڇڙو رهي گذاريائين. ڪنهن وقت ملتان ويو هو ۽ شام جي وقت ملتان جي راويءَ نديءَ وٽ اچي پهتو ته پـِـير جي زيارت جي شوق ۾ اتي ]رات[ رهڻ ڏکيو لڳس جنهنڪري ميربحر کي سڏ ڪيائين، ميربحر پرينءَ - ڀر کان بڪڻ شروع ڪيو ته هن وقت ٻيڙيءَ آڻڻ جو ڪهڙو وقت آهي؟ ]ائين چوڻ تي[ ڪاوڙ ۾ ڀرجي پاڻ سان جيڪو ڪؤنرو هون، تنهن کي پاڻيءَ سان ڀرڻ جو خادم کي حڪم ڏنائين، الاهي قدرت سان سارو درياءُ انهيءَ ۾ ماپي ويو ۽ سڪي واٽ پيدا ٿي پئي. درويش انهيءَ ئي وقت وڃي شيخ جي زيارت جو فيض حاصل ڪيو. صبح ٿيو ته درياءَ جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ ڪري اچي خلق ۾ ٿرٿلو پيو. درويش اهو ڪؤنرو کڻي، اچي شيخ جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ۽ احوال بيان ڪري، پاڻيءَ جي موٽائڻ متعلق صلاح پڇيائين. شيخ فرمايو ته پاڻي ڪم آڻي ڇڏڻ گهرجي ته هيءَ ڪرامت يادگار رهي. انهيءَ وقت کان وٺي اها ندي سڪي پيئي آهي، هڪ ڏينهن درويش لسو ڪاڪڙو شينهن تي سوار ٿي ساڻس ملڻ آيو. درويش صدر جي اڳيان هڪ کير ڌائڪ گابو ٻڌو پيو هو. درويش لسي چيو ته "منهنجو شينهن بکيو آهي تنهنڪري هيءُ گابو انهي کي مهمانيءَ ۾ ڏي". فرمايائين ته "هن جي ماءُ جهنگ ۾ ويئي آهي، جڏهن ايندي ۽ ٻچو نه ڏسندي تڏهن پريشان ٿيندي". هن چيو ته "مڙئي خير آهي، ] ڪئن به هجي پر هيءُ گابو[ ضرور شينهن جو کاڄ ٿيڻ گهرجي". ڏاڍو زور هليو پر هو باز نه آيو. نيٺ نوڪر کي چيائين، جنهن گابو کولي شينهن جي آڏو آندو پر درويش صدر جي ڪرامت سان شينهن گابي کي ڏسندي ئي وٺي ڀڳو. گابو شينهن جي پٺيان پيو ۽ شينهن لاچار ٿي وڃي جهنگ ۾ لڪو. تنهن تي گابو موٽي اچي پنهنجي مالڪ جي اڳيان بيٺو - سندس تربت مٿئين ڳوٺ ۾ آهي. درويش صابر ولهاري. ذات جو پرند. پويون ]بزرگ[ شاهه عنايت صوفيءَ جو همعصر آهي. ڏينهن جو روزو رکي ۽ رات جو عبادت ڪري عمر گذاريائين. هميشه قرآن شريف جو درس ڏيندو هو. حد کان وڌيڪ بزرگي ۽ پرهيزگاريءَ جو صاحب هو. ميان معروف. سندس پٽ ميان معروف جو قبو مشهور آهي. ميان مقبول. هن جو پٽ ميان مقبول هن وقت حيات آهي ۽ خدا وارن وٽ قبوليت جي زندگي گذاري رهيو آهي. ڪوڇو ونگي ۽ ولهار جي سرزمين ۾ هڪ مشهور ڳوٺ جو نالو آهي. سيد ساجن. لقب سوائي اصل مٽيارين جو مخدوم نوح رحمت الله عليہ جو مريد ۽ پنهنجي وقت ۾ هڪ عمدو مشائخ ٿي گذريو آهي. گهڻيءَ مشهوريءَ ڪري سندس احوال ۽ ڪرامتن جو تفصيل نٿو لکجي. سندس درگاهه خدا وارن جي زيارت گاه آهي ۽ سندس زيارت ]جي برڪت سان[ حاجتمندن جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون. سندس وفات واري ڏينهن هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ خريد فروخت لاءِ گهڻن ئي طرفن کان ماڻهو ايندا آهن. ] سيد پني لڌو[. هن حضرت جو پوٽو ]166[، سيد پني لڌو، خدا جي واٽ ۾ اهڙو ته محو هوندو هو، جو جهنگلي جانور يا پکي به کانئس ڪين ٽهندا هئا ۽ شينهن ۽ بگهڙن وغيره جهڙا مرون ساڻس گڏ رهندا هئا. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن درياهه جي ڪناري تان لنگهيو ته سندس اچڻ کان ڏيڏر ٽهڻ لڳا. چيائين شايد اڃا مون ۾ غير ڏٺو اٿن. پوءِ ته اتي ويهي رئڻ ۽ زاريءَ ۾ اٺ پهر گذاريائين، جيستائين ڏيڏر درياهه مان نڪري ساڻس الفت ڪرڻ لڳا. مشهور آهي ته پنهنجي جاءِ کان وٺي ڏاڏي بزرگوار جي آرام گاهه تائين، جو هڪ تير جيترو پنڌ به ڪين آهي، صبح کان شام تائين پنڌ ڪندو هو. ] تڏهن مس مس پهچندو هو[. دير جو سبب هيءُ هوندو هو ته زمين تي جيڪو به پٿر، ڀتر وغيره ڏسندو هو، سو کڻي ڳپل وقت تائين انهيءَ ۾ غرق ٿي ويندو هو ۽ وري وري "سـُـبحـَـانَ اللهِ" جو جملو چوندو هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس فرزندن قبي يا حجري ٺاهڻ لاءِ سامان گڏ ڪيو پر اجازت ڪا نه ملين. تلهار مشهور ڳوٺ آهي. اتي جي ناليرن بزرگن مان آهي: سيد مڱيلـڌو. بلڙيءَ واري سيد عبدالڪريم جي اولاد مان آهي. ڪنهن سبب جي ڪري ڀائرن کان ڌار ٿي، ڪيترو وقت هن ڳوٺ ۾ سخت رياضتن ۾ گذاري، چڱي حالت حاصل ڪيائين. اتي جي وڏيري ارباب موسيٰ پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ سيد کي ڏنو. آخرڪار دولت سان گڏ فقيري ۽ فقيريءَ سان گڏ دولت چڱيءَ طرح هٿ ڪيائين. ]سيد عالي شاهه[. کانئس پوءِ سندس پٽ سيد عالي شاهه، پنهنجي وقت جو ناليرو بزرگ، نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي گذاري ويو. ]مير حيدر[. هاڻي هن جو ناٺي مير حيدر ولد سيد محمد صالح سندس قائم مقام آهي. پراڻ درياهه جو نالو آهي. سندس ڳوٺ ناليرا ۽ ] حال ۽[ مقام جي صاحبن جا گذرگاهه آهن. اتي شيخ بهاؤ الدين ملتاني جو وهاريل هڪ آمري جو وڻ آهي، جو خدا وارن جو مشهور معروف زيارتگاهه آهي. هن جي ٿـُـڙَ ۾ دريءَ جهڙي جاءِ آهي جنهن مان مريد لنگهي ٻاهر نڪري ايندا آهن ۽ جيڪو سچ پچ ڏوهي هوندو آهي سو انهي دريءَ مان لنگهي نه سگهندو آهي. هر وقت فقيرن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي آهي. شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي سلسلي جا فقير پنهنجا وقت اتي سماع ۽ صحبت ۾ گذاريندا آهن. پير خاڪي. هڪ قديم مشائخ پراڻ جي سرزمين ۾ آرامي آهي. ابراهيم ناگوراڻي. قوم جو ٿيٻو، قديمي مشائخن مان آهي. هن سرزمين ۾ سندس مزار الله وارن جي زيارتگاهه آهي. سيد حسن باکاڻو. هڪ جهونو مشائخ عمرڪوٽ جي ويجهي پٽ ۾ آرامي آهي. سيد لال ڇتو. مينڌري جي پٽ جي جي سرزمين جو هڪ قديم پير آهي. تاج محمد کسيلرو. قديمي فقيرن جي سلسلي سان تعلق رکندڙ سومي فقير، جو حسن باکاڻي جي مقام ۾ آرامي آهي، جي اولاد مان تازو گذاري ويو آهي. هو پنهنجي وقت جو ناميارو پير هو، مؤقـِنگيجيءَ ۾ دفن ٿيل آهي. درس مظفر. ذات جو هاليپوٽو، بايزيد سمي جي ديهه ۾ نهايت مجاهدن ۽ رياضتن سان زندگي گذاري رهيو آهي ۽ پنهنجي سرزمين ۾ مشهور آهي. مخدوم بهاؤ الدين جي سلسلي جي خلافت مليل اٿس. بابو. ذات جو شڪريو - مينڌري پٽ ] 167[ جي زمين ۾ آرامي ۽ قديمي مشائخن مان آهي. درس ڏاتو ڪاڇلو. پنهنجي وقت جو مشهور بزرگ، پٽ ۾ آرامي ۽ الله وارن جي عام زيارت گاه آهي. فقير کٿوريو. سو مينٺي(1) جي زمين ۾ آرامي ۽ قديم مشائخن مان آهي. حسين فقير راباؤ. پنهنجي وقت جو بزرگ، تازو ٿي گذريو آهي. سندس قبر مؤحـّي قريب آهي. ]بادل فقير[. هاڻي سندس پٽ بادل فقير مريدن لاءِ مرجع آهي. درس اجر. لوريره قوم جو هڪ آڳاٽي سمي جو بزرگ، پوپرائي جي ڳوٺ ۾ آرامي آهي. درس بلال. ٿورا ڏينهن ٿيا ته آمريءَ جي آسپاس پراڻ واهه تي رهندو هو. کانئس ڪيئي کـُـليون کـُـلايون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. ميان شرف الدين. هاڻي ميان شرف الدين، نهايت سهڻين وصفن سان موصوف ۽ عام خلق ۾ محترم، سندس جاءِ نشين آهي. ]باب اوڻيهون[ ]سنڌ جي غير معلوم شهرن ۽ ڳوٺن جا بزرگ[ ڪن نامي گرامي مشائخن ۽ سنڌ جي عالمن جو بيان جن جي رهائش ۽ تربت جو، جيئن جڳائي، تيئن پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ ڪتابن ۾ انهيءَ نالي ۽ ذات سان بيان ٿيل آهن. ]انهن بزرگن[ جو، سندن وقت سميت ذڪر ڪجي ٿو، جيڪڏهن هنن نالن وارن بزرگن مان ڪوبه ڪنهن خاص جاءِ جو رهاڪو معلوم ٿئي ته اتي داخل ڪرڻ فرمائيندا. ابو علي سنڌي: "نفحات" ۾ شيخ روز بهان جي "شطحيات" جي شرح کان نقل آهي ته هو بايزيد بسطامي رحمت الله عليہ جي استادن مان آهي. بايزيد چوي ٿو ته مون ابو عليءَ کان فنا ۽ توحيد جو علم سکيو ۽ ابو علي مون کان الحمد ۽ قل هو الله احد. شيخ عيسيٰ سنڌي: لقب جندالله. شيخ محمد غوث گوالياريءَ جي خليفي شيخ محمد لشڪر جو مريد هو. شيخ برهان شطاري برهانپوري سندس مريد ۽ خليفو هو. (سندس تصنيفات مان تفسير "انوار الاسرار" مشهور آهي. هو سن 1031هه ۾ فوت ٿيو. سندس پٽ شيخ عبدالستار، فضيلت، ڪمال ۽ عمدي حال جو صاحب پيءُ واري ارشاد جي گاديءَ تي ويهي گذاري ويو). شيخ يوسف سنڌي. اڪبر جو وزير ابوالفضل پنهنجي ڏاڏي شيخ خضر کي هن جو منظور - نظر شمار ڪيو آهي. مخدوم بندو ۽ مخدوم هالو. هر هڪ مشهور عالم آهي، هو راجا ستيه دل جي ڏينهن ۾ هئا. حاجي ويسر. پنهنجي وقت جو صالح ۽ ناليرو پرهيزگار، شيخ ڀرڪيي ڪاتيار جو همعصر هو. درويش لسو ڪاڪڙو. هميشه شينهن تي چڙهي گهمندو هو. درويش صدر ولد ڪيور، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو همعصر هو. لڌو بهار. مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر هو. درويش قطب. مخدوم نوح رحمته الله عليہ جو مريد هو. عجيب حالت هوندي هيس. هڪ رات بوبڪن ۾ آيو. هڪ طالب علم کانئس پڇيو ته: ڪنهن جو مريد آهين؟" وراڻيائين ته "خدا جو مريد آهيان". ]ايتري چوڻ تي شاگرد[ مٿس مڙي آيا ۽ کيس مخدوم جعفر وٽ نيئي تعزير ڏيڻ چاهيائون. ]هيءُ حال ڏسي[ چيائين ته بلڪ "خدا منهنجو مريد آهي". ] هن تي[ پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيا ۽ کيس مخدوم جعفر وٽ وٺي ويا. مخدوم پڇيس ته "جيئن هي چون ٿا تيئن چيو اٿيئي؟" چيائين "هائو، خدا مريد هن طرح آهي، جو هو اسان جي حق ۾ جيڪو ارادو ڪري ٿو سو ضرور ظاهر ٿئي ٿو. پهريائين پڻ اسان جي پيدا ڪرڻ جو هن جو ارادو هو. هن ارادي ] ڦيرائڻ[ جي اسان کي ڪا به طاقت نه آهي. جيڪي به ڪري ٿو سو اهو ئي ڪري ٿو. ظاهر ۾ مخدوم نوح جو مريد آهيان". هڪڙي عالم کيس چيو ته اها ڳالهه ڪيئن آهي جو توهان کي ڪوبه علم نه آهي پر تنهن هوندي به چئو ٿا ته اسان سان خدا جي دوستي آهي". جواب ڏنائين ته "ٻڌو ڪين اٿئي ته هڪڙي بادشاهه کي حسن ۽ جمال واريون هزارين ٻانهيون هيون پر هڪڙي ڏينهن هڪ ڀنگڻ، جا ماڻهن جي پائخاني سان ڀريل ڇلي مٿي تي کنيون ٿي ويئي، ڏسي انهيءَ تي مفتون ٿي پيو. ]168[ ]ٻڌاءِ ته[ انهيءَ ۾ ڪهڙي ڀلائي ڏٺي هوندائين؟" درويش مهرار نهريو. پنهنجي وقت جو هڪ بزرگ هو. ابتدا ۾ هڪ مرشد هوندو هوس جو فوت ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ سيد عبدالڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿي حاضرين کي چيائين ته "ڪيترو وقت ٿيو جو منهنجو مڙس مري ويو آهي، هاڻي حضرت جن کي مڙس ڪيو اٿم". درويش احمد. پنهنجي وقت جو يگانو ۽ دنيا جو قطب مخدوم حامد دودائي، درويش عبداللطيف، عالم ڪامل مخدوم ضياءُ الدين، درويش سمو، مخدوم عيسيٰ ۽ سندس پٽ ميان عبدالقدوس هر هڪ سيد عبدالڪريم جو صحبتي، فيض يافت ۽ معرفت ۽ يقين ۾ ناميارو آهي. ميان عبدالرشيد. بصيرت وارو عالم پنهنجي وقت جو يگانو عارف ۽ مخدوم نوح جو همعصر هو. ميان عبدالله ۽ درويش هارون. سيد عبدالڪريم جا سنگتي ۽ سندس نظر جا نوازيل آهن. مخدوم يوسف طيونه (تنيو). پنهنجي وقت جو ڪامل زاهد ۽ قرات جي علم ۾ پوري مهارت رکندڙ هو. سندس عاليشان ڪرامتون زماني ۾ مذڪور آهن. هو سن 938هه ۾ وفات ڪري ويو. ]باب ويهون[ ]بٺوري ۽ ڪڪرالي پرڳڻن جا بزرگ[ نصريہ بٺوري پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ آهي. مخدوم صڌو لانگاه. پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ وڏي ۾ وڏو پير هو. اهڙو ته ترڪ (توڪل) جو صاحب هو جو رات جو مٽن جو پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو ته "نئون ڏينهن نئون رزق". سندس ڪرامتون عام جي سمجهه کان ٻاهر آهن. سندس مزار مٿئين ڳوٺ ۾ ناليرن بزرگن جي زيارت گاهه آهي. مٽيارن جا سيد، جن مان سيد عبدالڪريم به آهي، گهڻو ڪري مخدوم جا مريد هوندا هئا. ]ملا آجب[. ملا آجب مٿئين مخدوم صڌوءَ جو فرزند ۽ کليل ڪرامتن جو صاحب هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڳوٺ جو قصد ڪري نڪتو ۽ ٽپهريءَ جي نماز وقت اچي درياهه جي ڪناري تي پهتو. درياهه جي اورينءَ ڀر ٻيڙي ڪانه هئي. خادم چيو ته: سياري جي موسم آهي. ڳوٺ موٽي هلي رات گذارجي ۽ صبحاڻي هتي موٽي اچي پتڻ ٽپجي". وراڻيائين ته "خير آهي. اتي ئي رات گذري ويندي". ٿوري رات مس گذري ته الله جي قدرت سان درياهه هڪڙي واهي جيترو ٿي پيو ۽ آواز ڏٺائين ته اي شيخ جيڪڏهن ٽپڻ جو ارادو هجي ته اجهو رستو ] موجود آهي[ پر شيخ قبول نه فرمايو. پاڻيءَ جي اها حالت ۽ اهو آواز ڪئين دفعا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا پر هن فرمايو ته "اسان جي توڪل خدا تي آهي، توڏانهن التجا ڪانه آڻينداسون". آخر ٻئي ڏينهن اتان ٻيڙيءَ تي ٽپي ويا. ]ملا شهاب الدين[. مٿئين ملا آجب جو فرزند، پنهنجي وقت ۾ صالح، توفيق جو صاحب ۽ نهايت نڪته رس ٿي رهيو. ]ملا يوسف[. کانئس پوءِ ملا يوسف فقيري ۽ توڪل ۾ معرفت جي مصر جو عزيز سندس جاءِ نشين ٿيو. ] مخدوم فضل الله[. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ مخدوم فضل الله هڪ بي ريا درويش ۽ وڏن جي طريقي تي هلندڙ هو، جو حياتيءَ جا ڏينهن پنهنجي حالت کي لڪائي گذاري ويو. ] شاهه عنايت الله صوفي[. سندس فرزند رشيد، حق کي سڃاڻندڙ پير، شريعت جو بنياد، مرشدن جو مرشد، پنهنجي وقت جو ولي ۽ الله جي درگاه جو مقبول شاهه عنايت الله صوفي، اوائل ۾ حق جي ڳولا ۾ ڏاڍو سير ۽ سفر ڪيو ۽ گهڻي وقت کان پوءِ وڃي دکن ۾ شاهه عبدالملڪ سان مليو. انهيءَ بزرگن جي بزرگ وٽان هو انهيءَ درجي کي پهتو جنهن جي مختصر بيان کان به زبان قاصر ۽ عاجز آهي. ]169[ پير جي حڪم موجب سخت رياضتون ڪيون هئائين. ظاهري علم شاهه غلام محمد وٽان، جنهن سندن (مرشد) جي اجازت سان شاهجهان آباد ۾ فقيريءَ جي گاديءَ کي وقت جي پيرن کان اعليٰ ۽ اُتم درجي تي رسايو هو، ڪيائين. شاهه غلام محمد جنهن جو ظاهري ] علم[ جي تحـصيل جي عيوض ] هيءُ[ مرشد ٿي چڪو هو، تنهن جي اچڻ کان پوءِ، شاهه عبدالملڪ جي خدمت مان معرفت جي اعليٰ درجي تي پهچي وڃڻ جي اجازت حاصل ڪري، ڪجهه وقت کان پوءِ اچي ٺٽي ۾ وارد ٿيا. شاهه غلام محمد جيڪو هن مرشدن جي مرشد جي ذريعي ڪمال جي چوٽيءَ تي پهچي چڪو هو، سو پنهنجي مرشد کي ظاهري معبود مقرر ڪري، حضرت شاهه عنايت الله جي خدمت ۾ اهڙو ته عاجزيءَ ۽ نياز جو رستو وٺي هلندو هو، جو ٺٽي جي عالمن کيس تعزير لاءِ شريعت جي ڪورٽ ۾ حاضر ڪرايو. جيئن ته خدا وارن کي هميشه ]ظاهر جي[ عالمن کان تڪليفون پهچنديون آهن تنهن ڪري ] هيءُ به[ پنهنجي مرشد شاهه عنايت الله جي اڳيان سجدهء تعظيم بجا آڻڻ ڪري ظاهر وارن جو طعنو يعني شرعي تعزير جهلي ارشاد موجب ] شاهه[ جهان آباد هليو ويو ۽ اتي ڪيترو وقت فقيريءَ جي خانقاهه کي روشن ڪرڻ کان پوءِ گذاري ويو. سندس خدمتن مان هزارين ماڻهو واصل بالله ٿيا. هن کان پوءِ شاهه عنايت الله ميران پور ۾، جو جهوڪ جي نالي سان مشهور آهي، رهي پيري مريديءَ جو غلغلو شروع ڪيو. هن جي محض فقرن جي جماعت ڪن سلسلسن جي پيرن جي اک ۾ ڪنڊي وانگيان چڀڻ لڳي. ]نيٺ[ انهيءَ ملڪ جي زميندارن جهڙوڪ: پليجاڻي جو زميندار نور محمد ولد منبه ولد راڌو ولد بابو پليجو ۽ حمل بن لاکو بن حمل بن لاکو، سيد عبدالڪريم عليہ الرحمة جي پوٽن جهڙوڪ سيد عبدالواسع ولد سيد عبدالغني ولد سيد عبدالدليل ولد سيد دين محمد ولد سيد عبدالڪريم، سان صلاحڪار ٿي، فقيرن سان جهڳڙو ۽ کؤنس بازي شروع ڪئي ۽ ڪنهن وقت فقيرن تي اُوچتو حملو ڪيائون جنهن ۾ الله وارن جو هڪ وڏو ٽولو مخدوم تان قربان ٿي ويو. شهيدن جا وارث جهان پناهه جي حـضور ۾ دانهين ويا ۽ بادشاهي قانون موجب هنن (قاتلن) جي زمين سندن حوالي ٿي. ڪيئي غريب ۽ ٻيا ماڻهو هندوستاني ڪامورن جي ظلم کان ] ڀڄي اچي[ فقيرن جي امن واري دامن هيٺ آباد ٿيا. جيئن ته ] حديث شريف[ "اشد البلاء علي الانبيا ثم اولياء ثم امثل ثم امثل" (سخت ۾ سخت آزمائشون نبين تي اينديون آهن، تنهن کان پوءِ ولين تي، تنهن کان پوءِ، انهن جهڙن تي، تنهن کان پوءِ انهن جهڙن تي) جي هن جي تقاضا موجب هن ڪاملن جي ڪامل جي شهادت جو وقت اچي چڪو هو تنهن ڪري هڪ دفعو وري به سڀني منحوس رهاڪن ٺٽي جي حاڪم کي پاڻ سان شامل ڪري، فقير جي بغاوت ]جو بهانو[ ظاهر ڪري، بادشاهي درٻار مان بيخڪنيءَ جو حڪم جاري ڪرايو - ۽ جيئن حاڪمن جي بيان ۾ گذري آيو، سنڌ جي سڀني پرڳڻن جون فوجون گڏ ڪري مٿس ڪاهي آيا ۽ کيس سن 1130هه ۾ شهادت جي درجي تي رسايائون - هزارين فقير اچي حاضر ٿيا ۽ پنهنجي مرشد جي شهادت جي شمع تي پرواني وانگيان قربان ٿيا. شاهه عزت الله. هن شيخ شهيد جو ناميارو فرزند شاهه عزت الله نهايت هدايت ۽ بزرگيءَ سان رهي سن 1186هه ۾ آخرت جو رستو وٺي روانو ٿيو. شاهه سلام الله. شاهه سلام الله پڻ هن وڻ جو ميوو آهي. هن ڪيئي سال رڻ پٽ ۾ سمر کان سواءِ مستيءَ جي حالت ۾ رياضتون ڪندي گذاريا - ]170[ ٿورن سالن کان ڪجهه سمجهه سان ٿيو آهي - پر مشهوري پسند نه ڪيائين جنهنڪري شهرن ۾ قدم نه رکيائين. ] انهيءَ هوندي به[ سندس فدائين جي هڪ ٽولي سکن تي ڏکن کي ترجيح ڏيئي. سندس دامن هٿا نه ڇڏي - کانئس ڏاڍيون ڪرامتون ٿينديون هيون. جنهن وقت ۾ ميان غلام شاهه خان ۽ محمد عطر خان ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ملڪ تي وڙهي رهيا هئا، تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سندن تڪرار جو احوال ڪهاڻيءَ طور سندس حضور ۾ بيان ڪيو. پاڻ فرمايائين ته تاج جو مالڪ غين (غلام شاه) آهي. باوجوديڪ ڪنهن به عقلمند کي ويساهه نه ٿي آيو پر تنهن هوندي به ٿورڙو وقت ئي ڪينَ گذريو ته غلام شاهه خان ملڪ جو وارث ٿيو - اهڙيءَ طرح جيڪي به سندس زبان مان نڪرندو هو سو تقدير سان پورو ٿيندو هو - ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن به پڇندڙ جي سوال کان سواءِ سندس زبان ڪرامت بيان مان تنبيهه طور ڪي جملا نڪري ويندا هئا جن مان ايندڙ وقت جا حالات معلوم ٿيندا هئا ۽ جيئن چوندو هو تيئن ٿيندو هو. تقديراَ َ هن کان ٿورو وقت اڳي ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. ]ميان محمد زاهد[. هاڻي خدا آگاه مرشد، شاهه ابراهيم صوفيءَ جو فرزند ميان محمد زاهد شاهه عزت الله جي فرزنديءَ جي تعلق سببان صوفي خاندان جي شمع روشن ڪري رهيو آهي. هن خامڪار جو قلم هن خاندان جي بزرگيءَ جي وصفن جو بيان ڇا ڪري ڇا ڪندو. باوجوديڪ هزارين مريد مرشد جي شهادت واري فساد ۾ ڪم آيا ۽ هن خاندان جو ڪو به فرد مشائخيءَ کي پسند نه ٿو ڪري تڏهن به سنڌ ۾ هزارين مريد ظاهر توڙي مخفي موجود آهن - ٻين ملڪن ۾ پڻ هن گهراڻي جي توسل جي برڪت سان وڏا وڏا مشائخ ڪماليت جا صاحب بڻجي پيا آهن. اپلان بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. هتي جي رهاڪن کي اپلان جي قوم چوندا هئا. شاهه عالم پرچي جو اڳتي مذڪور ٿيندو، هن سرزمين جو آهي. درويش احمد. قوم جو رونجهو، سيد عبدالڪريم جو همصر ۽ بزرگيءَ ۽ ڪمال ۾ ولين جي لسٽ ۾ داخل آهي. هٽڙي پڻ بٺوري پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ آهي. قاضي حسن. وڏو عالم، سير ۽ سلوڪ جو صاحب ۽ سيد عبدالڪريم جو همعصر آهي. درويش صابر سومرو. مخدوم نوح رحمته الله عليه جي فيض جي نظر جو خاص نوازيل ۽ ڪمال وارن جي خوبين سان موصوف آهي. دٻي پڻ بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. درويش جوڻو. بزرگيءَ ۽ ولايت ۾ مشهور آهي. سيد عبدالڪريم جو همعصر هو. راهوٽ هڪ مشهور ڳوٺ جو نالو آهي. مخدوم صدرالدين راهوٽي. هڪ عالم، ڪامل ۽ علمن جو جامع ٿي گذريو آهي. مولانا ضياءُ الدين. سندس پٽ مولانا ضياءُ الدين وهبي خواه درسي علمن جو جامع ۽ مرزا شاهه حسن جو همعصر هو. پهريائين تعليم ۽ تدريس ] ڏنائين پر[ پڇاڙيءَ ۾ گوشه نشين ٿي ويهي رهيو ۽ خلق جي پاڻ وٽ آمد رفت جو دروازو بند رکي گذاري ويو. شيخ عبداللطيف. عقلي خواه نقلي علمن ۾ هڪ متبحر عالم ٿي گذريو آهي. مٿئين مولانا ضياءُ الدين جو همعصر ٿو ڏسجي. دائرو درڪ پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. مخدوم حسن هر پره. بلند درجن جو مالڪ آهي. نقل آهي ته هڪ ڏينهن وجد جي حالت ۾ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جي حضور ۾ وڃي پهتو. هڪ ماڻهو خوشبوءِ جو ذرو آنحضرت صلي الله عليه وسلم وٽ تحفو کڻي آيو. حضرت رسالت مآب هن کي انهيءَ جي وراهڻ جو حڪم فرمايو. انهيءَ وقت انهيءَ خوشبوءِ جو ڪاغذ مٿي تي مهٽيو هئائين. چون ٿا ته حياتي پوري ٿيڻ تائين اها خوشبوءِ مٿي ۾ هوندي هيس. بـُـلڙي هڪ مشهور ڳوٺ جو نالو آهي. سيد ابراهيم شاهه. مشهور پير پرڏيهي - سندس قبر بلڙيءَ جي ڳوٺ جي آسپاس آهي. هن جي قبر جي چوڌاري ]171[ گهڻا وڻ آهن جيڪو به ساهه وارو انهن جي پن کي هٿ لائيندو هو سو هڪدم مري ويندو هو. سيد عبدالڪريم سندس قبر جي مٿان اچي چيو ته جيڪي ماڻهو جيئرا آهن سي نفس ٿا مارين ۽ تون، جو مئل آهين، سو وري جيئرا ٿو مارين. چون ٿا ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهيءَ بزرگ مان اها جلالي نڪري ويئي. سيد جلال. سيد عبدالڪريم جو وڏو ڀاءُ وقت جو عارف هو. ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. سيد عبدالڪريم کان نقل آهي ته: ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ساڻس گڏ کائي رهيو هوس ته اوچتو کاڌي جي ٿالهي غائب ٿي ويئي. منهنجو ڀاءُ هڪدم ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويو ۽ وڻن جي وچ مان اها ٿالهي کڻي آيو. اها حالت ڪيترا دفعا ٿي. ظاهر ۾ معلوم ٿو ٿئي ته ٿالهيءَ جو کڻي ويندڙ ڪو جن هوندو. سيد عبدالڪريم. ولد سيدالله مٽياري سيدن مان هو. سندس ولادت سن 944 ۾ ٿي. پهريائين سخت رياضتن ۾ گذاريائين جهڙوڪ صبح جو مسجد ۾ ٻانگ چئي جماعت جي گڏ ٿيڻ تائين وظيفن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. نماز پڙهڻ کان پوءِ به اشراق تائين اهڙي نموني سان وقت گذاري گهر تشريف آڻيندو هو ۽ گهر جو ڪاروبار جهڙوڪ ]ماني[ پچائڻ، کارائڻ وغيره جو پورو ڪرڻ کان پوءِ گدائي ڪري فقيرن کي ڍؤ ڪرائي، هر مٿي تي رکي، ڏاند ڪاهي، ٻنيءَ ۾ ويندو هو ۽ سج لڙڻ تائين وقت هر ڪاهڻ ۾ گذاري، ڏاندن جو گاهه لڻي گهر ايندو هو. پوءِ ڏاندن کي گاهه وجهي ٻپهريءَ جي نماز جي تياري ڪندو هو. ٻانگ ڏيئي نماز جماعت سان پڙهي وري دستور موجب ٻنيءَ ۾ وڃي ڏاندن جو گاهه لڻندو هو ۽ ڏاندن کي پاڻي پياري موٽي ايندو هو. ] تنهن کان پوءِ[ ٽپهري، سانجهي ۽ سومهڻيءَ جي نماز پڙهي، گهر جي ڪم ڪار ۽ فقيرن کي گدائي ڪري کارائڻ کان واندو ٿي پنهنجي ڳوٺ کان راهوٽ جي ڳوٺ ڏانهن نڪرندو هو. رستي ۾ سڀ ڪنهن ڳوٺ جي مسجدن جو پاڻي ۽ ڀترن جي خبرچار لهي، ستلن جي خدمت ڪري اتان اڳتي وڌندو هو سڌو ٺٽي تائين. مسجدن جي اهڙي طرح سنڀال ڪندو، سامو ئي واهه تري سڄيءَ مڪليءَ جي زيارت ڪري، ٺٽي جي شهر ۾ دستور موجب مسجدن جي خدمت ڪري وڃي پير پٺي جي زيارت ڪندو هو. اتان وٺي هر هڪ ڳوٺ جي ساڳيءَ طرح مسجدن جي خدمت بجا آڻيندو، باک ڦٽيءَ مهل اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندو هو ۽ اچي اول وقت ۾ مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو. ماڻهو خيال ڪندا هئا ته شايد سيد کي ننڊ نٿي اچي جو ههڙو سويل بانگ ٿو ڏئي - ڪنهن کي به هن سير ۽ سلوڪ جي، جو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪرامت آهي، خبر نه هوندي هئي. ڪيئي سال انهيءَ دستور گذاري انهيءَ درجي تي پهتو جنهن تي پهتو. تهجد جي پهرئين رڪعت ۾ ايڏو ته گريه ۽ بيخودي مٿس غالب ٿي ويندي هئي، جو پرهه ڦٽڻ تائين سامت ۾ نه ايندو هو ۽ کيس ٻي رڪعت هٿ ڪانه ايندي هئي. پاڻ تعجب فرمائيندو هو ته ماڻهو تهجد ڪيئن ٿا ادا ڪن. قصو مختصر ته سندن ڪرامتون ۽ بلند مقامات حد ۽ حساب کان ٻاهر آهن - ڪتاب بيان العارفين ۽ تنبيہ الغافلين انهن مان ڪن ٿورين سان ڀريل آهي. سيد محمد يوسف رضوي بکري، مخدوم نوح، مخدوم آدم سميجو ڪلي ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽ ٻين وڏن وڏن مشائخن سان صحبتون ڪري فيض پرايو هئائين. حضرت مخدوم نوح عليه الرحمته وٽان ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، سندس اشاري موجب وڃي مٿيئن جاءِ تي رهيو هو. سندس وفات سن 1030 ۾ ٿي. کين اٺ فرزند هئا. 1 - سيد للو، جنهن تي ڏاڏي بزرگوار جو نالو رکيل هو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو. ]172[. 2- سيد عبدالرحيم - ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح رحمته الله عليه چيو هو ته هن جي ڄمڻ ۽ وڏي ٿيڻ تي خدا جو شڪر بجا آندم ۽ چيم ته الحمدلله جو سيد عبدالڪريم ثاني پيدا ٿيو. آهي. اتفاقاَ َ پيءَ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. وڏي درجي جو صاحب هو. 3 - سيد جلال - هن تي چاچي بزرگوار جو نالو رکيل هو جو مٿي بيان ٿي آيو. پنهنجي وقت جو عابد پيدا ٿيو هو. پيءُ جي حياتيءَ ۾ هڪ ڏينهن هالن کان موٽيو ٿي آيو ته کيس چورن شهيد ڪري ڇڏيو. 4 - سيد برهان - شاندار ڪماليتن جو هڪ برهان پيدا ٿيو هو. خدا تعاليٰ کيس ڏاڍي قوت عطا ڪئي هئي. هيءُ پڻ پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. 5 - سيد للو ثاني - مٿس ڏاڏي ۽ ڀاءُ جو نالو رکيو ويو. هڪ مجذوب سالڪ پيدا ٿيو هو ۽ سير و سياحت ۾ مشغول رهندو هو. پيءُ کان پوءِ پڻ ڪجهه وقت جيئرو هو. 6 - سيد دين محمد - پيءُ جي ڏينهن ۾ گوشي ۾ گذاريندو هو. نهايت شان شوڪت ۽ بي پرواهيءَ جو مالڪ هو ۽ جيئن اڳتي ايندو، پيءُ کان پوءِ سندس جانشين ٿيو. 7- سيد محمد حسين - پيءُ هن کي خادم الفقرا جو لقب ڏنو هو ۽ خادمن کي چئي ڇڏيو هئائين ته جنهن وقت دعا جي ضرور پئيوَ ته هن کي عرض ڪجو. 8- سيد عبدالقدوس- ننڍپڻ ۾ پيءُ جي هٿن ۾ گذاري ويو. سيد عبدالڪريم سندس بابت چيو هو ته خدا تعاليٰ کان گهريو اٿم ته اهڙو پٽ عطا ڪري جنهن کان خدائي ڳالهيون پڇان. چون ٿا ته هو راند ڪرڻ وقت ٻارن کي گڏ ڪري، حلقو ٻڌي ذڪر کي لڳي ويندو هو. ]سيد دين محمد[. سيد عبدالڪريم وفات وقت پنهنجي سڳوري پٽ سيد دين محمد کي سڏي ولايت جي امانت سندس حوالي ڪئي. جيئن ته هو انهيءَ کان اڳ ڪپڙن جو شوقين هو، سو پيءُ کان پوءِ مٿو ڪوڙائي، ڪفن ڍڪي، ڪاري چادر ڪلهن تي پهري سجاده نشيني جي گاديءَ تي ٿي ويٺو ۽ پيءُ جو نالو هر نموني جي بزرگيءَ ۽ عزت ۾ قائم رکيائين. ]سيد عبدالدليل[. انهيءَ کان پوءِ سندس سڳورو فرزند سيد عبدالدليل وڏن جي گاديءَ تي ويٺو ۽ هدايت جو رستو ڏيکاريندو رهيو. ]سيد عبدالغني[. کانئس پوءِ هن جو فرزند رشيد، فقيري ۽ هدايت جي دولت جو مالڪ پنهنجي بزرگن جو جانشين ٿيو. ]سيد عبدالواسع[. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد عبدالواسع وڏن جي مسند تي ويٺو. ]سيد محمد زمان[. سندس انتقال کان پوءِ سيد محمد زمان ڏاڏي جي مزار پر انوار جي مسند جو سنڀاليندڙ ٿيو ۽ پنهنجي وقت ۾ نالو پيدا ڪيائين. ]سيد مقيم شاهه[. تنهن کان پوءِ سيد مقيم شاهه وڏن جي مصلي جو وارث هو. ]سيد عبدالواسع[. هاڻي سيد عبدالواسع ولد سيد محمد زمان وڏن جو گادي نشين آهي. سيد حبيب شاهه. سيد عبدالڪريم جي پاڪ اولاد مان آهي. سدائين وجد ۽ حال جو صاحب هوندو هو ۽ نهايت استغراق جي حالت ۾ رهندو هو. چون ٿا ته گهڻو ڪري ائين ٿيندو هو جو سندن نامي گرامي فرزند سيد عبداللطيف، جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، سندن خدمت ۾ حاضر ٿي اچي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو ته پاڻ فرمائيندا هئا ته "تون ڪير آهين؟" هو (شاهه عبداللطيف) ورائيندو هو ته "توهان جو غلام عبداللطيف آهيان". پاڻ فرمائيندا هئا ته مون "ڪو نه ٻڌو". سندس وفات جي تاريخ هن جملي مان نڪري ٿي. "الموت جسريو صل الحبيب الي لقاء الحبيب" (موت هڪ پل آهي جا دوست کي دوست جي ديدار ڏانهن پهچائي ٿي) هي تاريخ مخدم محمد صادق نقشبنديءَ جي ڪڍيل آهي. ۽ ] هجري سن موجب سنه 155هه نڪري ٿو[ سندس سڳوري فرزند سيد عبداللطيف ڀٽ ڌڻيءَ جو بيان مٿي گذري آيو. ]درس محمد امين[. درس محمد امين - لقب نانڪ - بهرامپور جي سرزمين تي رهندڙ هڪ پير هو. هي هڪ وڏو بزرگ، ڪرامتن ۽ رياضتن جو صاحب، برگزيدو ۽ نيڪ هو. ]سيد جمن نانگو[. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ]173[ پنهنجي ڀائٽي سيد جمن نانگي کي پنهنجو قائم مقام ڪيو هو. هو پڻ حال جو صاحب آهي. ]سيد سماهبو[. مٿئين سيد امين محمد جو ڀاڻيجو سيد سماهبو روپاهه جي پرڳڻي ۾ ڀين جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ مشهور ڪرامتن جو ڌڻي آهي. ڳاهوٽ مشهور ڳوٺ آهي. ]هيٺيان ماڻهو[ اتي جا آهن. ]حسن ستيو[. هڪ ڪامل ولي هو - هڪ ڏينهن وڻ هيٺان ويٺو هو. ڪنهن ٽاريءَ تان جهرڪيءَ وٺ اڇلائي جا اچي فقر تي پيئي. جهرڪي انهيءَ وقت مري ويئي ۽ اچي پٽ تي ڪري. ويٺلن چيو ته جهرڪيءَ جي مرڻ جو سبب تون آهين. چيائين ته مون کي خبر ڪا نه آهي پر خدا جو شڪر آهي جو هن، انهيءَ پکيءَ جي ايتري گستاخي به برداشت نه ڪئي. هڪڙي ڏينهن ڪنهن عالم کان پڇيائين ته "بهشت ۾ سماع هوندو" عالم وراڻيو ته "نه" فقير چيو ته پوءِ اسان جو بهشت سان ڪهڙو ڪم؟ منڇر ٺٽي جو تابع هڪ پرڳڻو آهي. اتي جي بزرگن مان هڪ مرد (1) نهايت ڪامل فقير ٿي گذريو آهي. جنهن ۾ ماڻهن جو اعتقاد هوندو هو. سندس مزار اُتي معتقدن لاءِ مشهور زيارتگاهه آهي. ]مير ڪمال الله[. مير ڪمال الله مهدوي ميران مهديءَ (سيد محمد مهدي) جو پوٽو هو. چون ٿا ته جڏهن سيد ڪمال الدين ڄائو هو ۽ سيد ميران هن کي ڏسي پڇيو هو ته هن جو نالو ڇا آهي تڏهن کيس ٻڌايائون ته لالن. فرمايائين ته هيءُ لالن پالڪيءَ ۾ وهندو ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ بزرگ ماڻهو ٿو ڏسڻ م اچي. آخر هو فاضل خان جي ناٺي هجڻ جي برڪت سان جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو. ]سيد عبدالحليم[. سيد ڪمال الدين جو پٽ سيد عبدالحليم پڻ هڪ برڪت ڀريو پيدا ٿيو. سندس اولاد جت تعلقي ڪڪرالي جي سرزمين ۾ رهندا آهن. سيد محمد. مٿئين سيد ميران جو نياڻو هو ۽ ڪرامت جو صاحب رهي گذاري ويو. ]سيد عبدالرحيم[. سندس فرد سيد عبدالرحيم پڻ هڪ جماعت جو مرشد هو. ]سيد ڪريم ڏنو[. سيد ڪريم ڏنو پڻ وڏن جي قدم تي هلڻ وارو ۽ سهڻين عادتن سان سينگاريل آهي. هاڻي سيد ڪريم ڏني جا پٽ سيد ستار ڏنو(1) .... جت تعلقي ڪڪرالي جي زمين ۾ رهن ٿا. ڪڪرالہ سمنڊ جي ڪناري سان لاڳيتي هڪ سرزمين جو نالو آهي. جا اصل سنڌ جي حڪومت ۾ داخل هئي، پر پوءِ ڊگهو عرصو سمن ڄامن جي هٿ هيٺ رهي. آخر ميان غلام شاهه خان جي حڪومت جي ڏينهن ۾ وري موٽي ملي. هن زمين ۾ ڪيئي بزرگ آهن جن مان ڪي ] هيٺ ڏجن ٿا[. درويش صالح. شاندار ڪرامتن سان مشهور آهي. سن هزار هجريءَ کان اڳ ٿي گذريو آهي. پير لاکو. پکار جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. جيڪو به سندس قبر تي ڪوڙو قسم کڻندو هو ته رت ٿي ڇڙندو هو. سيد عبدالڪريم (بلڙيءَ وارو) سندس قبر تي اچي چيو ته "اي لاکا! ماڻهن حياتيءَ ۾ شوخي ۽ ڪاوڙ ڇڏي ڏني، پر تون مرڻ کان پوءِ به نٿو ڇڏين". انهيءَ کان پوءِ اڄ تائين جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوڏر کڻي اچي سندس قبر ٿو کوٽي يا ڊاهي ته به کيس ڪا تڪليف نٿي پهچي. شيخ اسماعيل. آڳاٽو پير، کليل ڪرامتن جو صاحب، اتي آرامي آهي. ديري جي اڪثر ماڻهن جو مقام اتي آهي. پير ڪومن: (1) ديري کين الهندي طرف خدا وارن جي زيارت گاهه آهي. شيخ راڄن: شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي اولاد مان آهي. ڪڪرالي جا سڀئي ڄام سندس مريد آهن. ۽ سندس اولاد مان گهڻن کي سڱ ڏنا اٿن. سندس اولاد پيرزادگيءَ جي هدايت سان موجود آهي. شيخ مغل ڀين: ناليرو ۽ کليل ڪرامتن جو ڌڻي، بزرگ آهي. هڪ دنيا سندس مريد آهي. سندس مزار ديري کان اڀرندي طرف ستن اٺن ڪوهن تي مشهور آهي. شيخ ابڙو هالاڻي: هڪ قديم پير، مغل ڀين جي ڳوٺ کان اٽڪل ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ جدا ڳوٺ ۾ آرامي آهي. پير ڪجريو: کاري جي سرزمين ۾ سمنڊ جي ڪناري هڪ ڳوٺ ۾، جو سندس نالي پويان سڏجي ٿو، عام ماڻهن جي زيارتگاهه آهي. جتي عام خاص ماڻهن جا مطلب پورا ٿين ٿا. شيخ لال. کاري جي زمين جو هڪ قديم ولي ۽ مشهور ميلي جو مالڪ آهي. مخدوم جلال محمد. وڏو عالم، تقرير ۽ تحرير جو ڌڻي، پنهنجي زماني ۾ بينظير ٿي گذريو آهي. هن جهڙو سڀني علمن جو جامع ٻيو ڪونه هو. مخدوم محمد معين ٺٽوي هن کي اڪثر عالمن تي نهايت فوقيت ڏيندو هو. هو هڪ وڏو عالم هو. تاهم نجوم ۽ طب جي علم ۾ بقراط ثاني ۽ بو علي اول هو. ايڏي ڪمال هوندي به عام ماڻهن جيان نهايت سادگيءَ سان حياتي گذاريندو هو. ۽ دولتمندن کي ڪنهن به وقت پاڻ ڏانهن رجوع ٿيڻ جو موقعو نه ڏيندو هو. تازو ڪي ٿورا سال ٿيندا جو گذاري ويو آهي. مخفي نه رهي ته ڪڪرالي جي بزرگن مان هي ڪي ٿورا نالا، جن جو بيان ٿي گذريو ]174[ سي درياءَ جي پرئين ڀرسان تعلق رکن ٿا. هاڻي اورئين ڀر جي بزرگن جي نالن سان تبرڪ ورتو وڃي ٿو. ]قاضي قطب الدين[. قاضي قطب الدين اصل ٺٽي جا ماڻهو آهن. ڪن پيڙهين کان ڪڪرالي جي قضا جا مالڪ ٿيا ۽ درياءَ جي اوريئن ڀر اورنگا بندر ۾ رهڻ لڳا. ]قاضي محمد شريف[. کانئس پوءِ سندس پٽ قاضي محمد شريف شريعت جي گاديءَ کي سينگاريو. ]قاضي هدايت الله ۽ ٻيا[. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ قاضي هدايت الله، تنهن کان پوءِ هن جو ڀاءُ قاضي محمد فاضل شريعت جي پابندي ۽ ڏاڍي عزت سان مٿين خدمت ] بجا آڻيندا رهيا[ سڀ بزرگ خاص رنگ ۽ خوبين جا مالڪ هئا. هاڻي اتي قاضي محمد فاضل جي اولاد موجود آهي. پر جنهن صورت ۾ قاضي محمد فاضل جي اولاد صغير آهي تنهنڪري اها (قضا واري) خدمت ٻين جي هٿ چڙهي ويئي آهي. ڪن ٽڪرن ۾ هي برائي نام قاضي آهن جن ۾ قاضي محمد فاضل جي فرزند قاضي محمد خليل جو نالو آهي. حاجي قائم الدين. گهڻو عرصو بغداد ۾ گذاري، پيرن جي خدمت ڪري، پيران پير جي خلافت جي ذريعي ڪڪرالي ۾ آيو ۽ اچي اورنگا بندر ۾ رهيو. پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. ]ميان ڪبير محمد ۽ ميان پير محمد[. سندس پٽ ميان ڪبير محمد هو. انهيءَ کان پوءِ هاڻي ميان پير محمد سندس اولاد مان باقي آهي ۽ ڏاڍو هدايت وارو آهي. درويش گل شاهه. قلندرانه مشرب رکندو هو ۽ ولايت جو صاحب هو. اورنگا بندر ۾ گذاري ويو. ]شيخ رحمت الله[. شيخ رحمت الله پڻ نهايت سالڪ مرد هو. اصل هندوستان جو هو. پوءِ اچي اورنگا بندر ۾ رهي گذاري ويو. سندس تربت عام ماڻهن لاءِ زيارتگاهه هئي. هاڻي درياءُ پائي ويو آهي. ]شيخ محمود[. هڪ ناليرو بزرگ، دريا جي اورينءَ ڀر آراميل آهي. ]سندس مزار[.اڀن شاهه جي ڏکڻ طرف عام ماڻهن لاءِ مشهور زيارت گاهه آهي. سيد يقيق. هڪ مشهور معروف بزرگ اورنگا بندر کان اٽڪل ڇهه ڪوهه اتر طرف دفن ٿيل آهي. سندس درگاهه تي حاجتون پوريون ٿين ٿيون ۽ هر قسم جي بيمارن لاءِ ] گويا ڪ[ ڪرامت جو شفاخانو آهي. ابن شاهه. شيخ بهاؤالدين ملتاني جي پيڙهيءَ مان، شيخ اسماعيل قريشي، جنهن جو بيان بدين جي بزرگن ۾ ٿي آيو، جي اولاد مان ڏاڍو مشهور آهي. ]سندن مزار[ اورنگا بندر کان اٺن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي جا "اڀن شاهه جي ٽڪري" جي نالي سان سڏجي ٿي: سندس اولاد بهاؤالدين پور جي ڳوٺ ۾ رهي ٿي. ۽ انهن مان ناليرا بزرگ پيدا ٿيا آهن. ]ابن شاهه جو اولاد[. جهڙوڪ شيخ امام الدين، اڀن شاهه ثاني ۽ شيخ امام الدين ثاني. جن مان هر هڪ ڪرامتن ۽ نشانن جو صاحب هو. ۽ شيخ عليم الدين جي مائٽيءَ سبب ڪيترو عرصو ٺٽي ۾ رهيو ۽ ٻه پٽ شيخ صدر الدين ۽ شيخ بدرالدين ڇڏي ويو. جي ٻئي سڳورا بهاؤالدين پور جي ڳوٺ ۾ لڏي آيا ۽ گذاري ويا. شيخ عليم الدين جو ٽيون پٽ شيخ پني لڌو هن وقت انهيءَ سلسلي جو پڳدار ۽ ڪامل مرشد زنده آهي. شيخ صدرالدين جو پٽ شيخ مڱي لڌو پڻ هڪ وڏي درجي وارو، ناميارو بزرگ هو. هاڻي گذاري ويو آهي. ڪو اولاد ڪو نه ڇڏيو اٿس. مخفي نه رهي ته جڏهن سيوهڻ تعلقي جي بزرگن جي ذڪر کان پوءِ درياهه جي پرينءَ ڀر رهندڙ بزرگن جي بيان کان فراغت حاصل ٿي تڏهن هاڻي درياهه جي اورينءَ ڀر، ٺٽي تائين، رهندڙ بزرگن جو ذڪر شروع ڪريون ٿا. (1) نسخه ”ن“ سوسهي. (1) اصل ۾ انهيءَ مرد جو ڪو نالو ڏنل ڪونه آهي. (1) هتي اصل ۾ پني کي جيت کائي ويو آهي ۽ پڙهڻ ۾ نٿو اچي. (1) نسخه "ن" ڪرمن. ]باب ايڪيهون[ ]مٽياري، نيرون ڪوٽ، گنجو ٽڪر ۽ اتي جا بزرگ[ متعلوي (مٽياري) هڪ ناليرو شهر عالي نسب سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي. ]175[ هتي جا سيد سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن ۽ جدا جدا جاين تي رهن ٿا. انهن مان اڪثر معرفت جا صاحب بزرگ پيدا ٿيا آهن. جيئن اڳين بيانن ۽ ايندڙ بيانن مان واضح ٿئي ٿو. سيد حيدر. پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ولي، کليل نشانين ۽ ظاهري ڪرامتن جو صاحب هو. کيس گهڻي اولاد هئي جا خانداني نجابت ۽ نسب جي پاڪائيءَ ۾ مشهور آهي. انهن مان ڪيترا ته جدا جدا جاين جي مناسبت تي بيان ٿي آيا آهن. هن شهر جي رهندڙن سيدن وغيره مان ڪي ٿورا نالا تبرڪاَ َ رسم طور بيان ڪن ٿا. سيد للو. سيد عبدالڪريم، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، جو والد بزرگوار آهي. پنهنجي وقت ۾ خدائي فيض جي پالوٽ جي جاءِ ۽ دائمي شهود جو سرچشمو هو. سيد رڪن الدين. ساڳئي سڳوري خاندان يعني مٿئين سيدن جي گهراڻي جي باغ جو پنهنجي وقت جو مشهور ] گل[ هو. انهيءَ کان ئي روايت آهي جو چيو هئائين ته "تيرن جي بٿي ڀريون ويٺو آهيان ۽ پيو ٿو هڻان. ڪن جي ڪنن کان ۽ ڪن جي منهن کان نڪرندا ٿا وڃن پر ڪنهن کي سڌو تير ڪونه ٿو لڳي جو ڪري پوي. هي تير جنهن کي به لڳندو ته اهڙو ڪرندو جو وري نه اٿندو. سيد عالي. اتي جي سيدن جي چئن قبيلن مان ڪڙيي قبيلي مان آهي. نهايت بزرگيءَ جي حالت ۾ حياتي گذاري ويو. ]سيد لالن[. سندس پٽ سيد لالن ڪمال ۽ عمدي حال جو صاحب پيدا ٿيو. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن سندس معصومه ڀيڻ کي اچي خيال پيدا ٿيو ته اسان جي نسب جي صحت جي ڪهڙي ثابتي آهي؟ ۽ اها ڳالهه پنهنجي ڀاءُ سان ڪيائين. هن چيس ته مان توکي دلجاءِ ڏياريندس. رات جو حضرت پيغمبر عليه السلام جي زيارت سان مشرف ٿي. ۽ اشارو ٿيس ته صبح جو توهان جي نسب جي صحيح هجڻ جي نشاني توهان کي پاڻيهي اچي ملندي. اتفاقاَ َ صبح جو ميان عبدالباقي واعظ، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، ڏندڻ ۽ درود حاضري کڻي اچي دروازي تي سڏ ڪري، چيو ته "توهان جي ڏاڏي مون کي هي توهان جي نسب جي صحيح هجڻ جي نشاني عطا فرمائي، توهان جي خدمت ۾ پهچائڻ جو حڪم ڪيو آهي". چون ٿا ته سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد هن کي نهايت نيزاريءَ سان زيارت لاءِ گهرائي، نادر شاهه جي آمد وغيره جهڙيون اڳڪٿيون کانئس معلوم ڪيون. مٿئين شاهه صاحب اتان موٽي اچي فرمايو:"مشهوري اسان جو مقصد نه هئي، هاڻي هن فسادخاني مان لڏڻ ڀلو آهي". ۽ جلد ئي گذاري ويو. سيد شهمير. اتي جو هڪ بزرگ زادو آهي. سنت جي زنده رکڻ ۽ اسلامي مقدمن جي حمايت ۾ تمام ڏاڍو مبالغو ڪندو هو. سدائين انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو ۽ هر ديني ڪم ۾ طالب علمن جي جماعت وٺي دين پاڪ جي تقويت لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪندو هو. هاڻي تازو گذاري ويو آهي. ميان عبدالباقي واعظ. ميان ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، جي خدمت مان فيض پرايو هئائين. سندس ڪجهه ڪرامت ته مٿئين بيان مان ظاهر آهي. مطلب ته سندس وعظ جي صحبت ڪيترن گمراهن کي هدايت جي رستي تي آنيندي هئي. مشهور آهي ته هو وعظ جي سڀ ڪا مجلس نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي جناب مان اجازت وٺي پوءِ برپا ڪندو هو ۽ نئين سر اجازت وٺڻ کان سواءِ ڪڏهن به وعظ نصيحت جي مجلس نه ڪندو هو. سهار هڪ مشهور ڳوٺ آهي. درويش حسين. مٿئين ڳوٺ جي رهاڪو، اصل ڌوٻي، حال ۽ قال جو صاحب پيدا ٿيو هو. هو سيد عبدالڪريم (بلڙيءَ واري) جو همعصر هو. درويش ڀنڀو سهار. هڪڙي ڏينهن ماڻهو کيس سفارش لاءِ حاڪم وٽ وٺي ويا. حاڪم پٽيوالن کي چئي ڇڏيو هو ته جڏهن درويش اچي ته کيس ايترو ته مارجو جو وري اچڻ جي سڌ نه ڪري. انهيءَ فيصلي موجب پٽيوالن کيس ڏاڍي مار ڏيئي تڙي ڇڏيو. اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيو هئائين ته ٻين ماڻهن، جيڪي ڏنڊ ۾ ڦاٿل هئا، ]176[ ۽ هن احوال کان بيخبر هئا، تن کيس سفارش جي تڪليف ڏني جنهن تي هو موٽي حاڪم جي دروازي تي آيو. دربانن ٻئي احوال وڃي حاڪم کي ٻڌايا. هن چيو ته درويش حال جو صاحب آهي. ۽ گهرائي معافي وٺي ٻئي ڪم پورا ڪيائين. سندس زمانو سيد عبدالڪريم جي زماني کان اڳ معلوم ٿئي ٿو. نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) اصل سنڌ جي هڪ راجا نيرون ڏانهن منسوب آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو ته ديول وٽ بديل جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ، هتان جي حاڪم، جنهن جو نالو سمني هو(1)، پاڻيهي پاڻيهي حجاج وٽ پناهه وٺي، تابعداري قبول ڪري، امان نامو وٺي ڇڏيو هو. ۽ جڏهن ستت ئي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ديول فتح ڪري، هيڏانهن (نيرون ڪوٽ) ڏانهن رخ رکيائين، تڏهن انهيءَ امان جي دستاويز جي ذريعي، محمد بن قاسم جي حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري، مددگار بڻيو. ]نيرون[ هن ملڪ جو هڪ جهونو ناليرو قلعو آهي. جو گهڻي وقت کان ڊهي ويو هو ۽ سندس شهريت وڃي هڪ ڳوٺڙي جيتري بيٺي هئي. سنه 1182 ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن جاءِ کي پنهنجي خاص رهڻ لاءِ پسند فرمائي، مضبوط قلعي ۽ شاندار شهر جو بنياد رکيو. ڪن لاشن جي نڪرڻ وقت ماڻهن کي ڪي عجائبات ڏسڻ ۾ آيا. هتي ستلن ڪيترن بزرگن، جن کي فوت ٿئي سوين سال گذري ويا هئا، جا لاشا بلڪل صحيح سلامت نڪتا. انهن مئلن مان هڪ زال ۽ مرد پراڻين قبرن مان اهڙا ته تازا نڪتا جو گويا ڪ زنده آهن. چون ٿا ته اهي هڪ ٻئي جا عاشق معشوق هئا. نئين قلعي ۽ شهر جو نالو حيدرآباد مقرر ٿيو. قلعي جي مضبوطيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! واقعي هن کان اڳ سنڌ ۾ ههڙو قلعو ڪو ورلي لڀندو هوندو. ] هيٺيان ماڻهو[ اتي جي بزرگن مان آهن. شيخ مڪائي (شاه مڪئي). هڪ وڏي ۾ وڏو ولي ۽ پهريون اسلامي حاڪم آهي جو سنڌ جي فتح کان پوءِ هتي حڪومت ڪرڻ ويٺو. سندس درگاهه الله جي ولين ۽ خدا جي معرفت وارن جي زيارتگاهه ۽ مرجع آهي. ]شاهه بخاري[. شاهه بخاري پڻ مٿئين شهر کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ برڪت ڀري درگاهه ۽ زيارتين جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي! ناياهو نيرون ڪوٽ جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. درويش بادو. مخدوم نوح جو مريد آهي. چون ٿا ته جڏهن پهريائين مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضر ٿيو تڏهن فرمايائينس ته چئو ”لآ اِلهَ اِلاَّ اللَّهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللَّهِ“ ڪلمه طيبه پڙهڻ سان، جيئن مڇي تئي تي ڦٿڪندي آهي تئن ڦٿڪڻ لڳو. آخر ڏڪي ڏڪي بيهوش ٿي ڪري پيو. ۽ مردي وانگيان زمين تي سيخ ٿي پئجي رهيو. مخدوم جي حڪم تي کيس حجري ۾ کڻي ويا جتي ٽي ڏينهن بيخبر پيو هو - پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو. رڪن پور شيخ رڪن الدين ملتاني. جنهن جو بيان ٿي آيو آهي، جي نالي سان هڪ مشهور ڳوٺ آهي. شيخ ريحان جهنگلي. ذات جو سومرو، اتي جو ڪامل آهي. شيخ رڪن الدين ملتاني سندس زيارت لاءِ آيو هو تنهن کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ جو نالو سندس نالي پويان سڏجڻ ۾ آيو. شيخ ريحان جو اصلي نالو چنيسر هو. چون ٿا ته اتفاقـاًڪنهن وقت شيخ رڪن الدين ۽ مخدوم لعل شهباز اچي اتي نڪتا ۽ کيس ماني، کير ۽ ماکي کارائڻ لاءِ زور ڀريائون. هڪڙو قدرتي جنڊ پيدا ٿي پيو جنهن جو هڪ پٿر اڃا باقي آهي ۽ جنهن ڪنڊي جي وڻ مان ماکي لاٿي هئائون، اهو ڪنڊو پڻ يادگار ۽ ماڻهن جو زيارت گاهه آهي. شيخ قطب. سندس فرزند شيخ قطب پڻ وقت جو قطب هو ۽ رڪن پور ۾ ]177[ آرامي آهي. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ اوچتو، بنا تياريءَ جي هڪ وڏو ميلو لڳي ويندو آهي. ۽ اڌ رات تائين هر قسم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. ]شيخ دودو[. مٿئين شيخ محمد قطب جي ڀاءُ شيخ دودي جي قبر پڻ ڀاءُ سان گڏ آهي. چون ٿا ته جڏهن شيخ دودو شهيد ٿيو هو، تڏهن مخدوم لعل شهباز فاتحه خوانيءَ لاءِ اچي پٿر ۾ ويٺو هو. اِهو (1) پپر جو وڻ جنهن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، سو اڄ تائين موجود ۽ نيڪن جي زيارت گاهه آهي. ]شيخ عنايت[. هاڻي پيڙهيءَ جي دستور موجب شيخ ريحان جو سجاده نشين شيخ عنايت پڻ چڱيءَ حالت جو مالڪ آهي. ]شيخ ڪريمڏنو[. ۽ شيخ قطب جو خليفو شيخ ڪريمڏنو پڻ اتي رهي ٿو. شيخ ابراهيم. مٿئين شيخ ريحان جهنگليءَ جي اولاد مان پنهنجي وقت جو صاحب هو. هڪ ڏينهن سيد علي شيرازيءَ جي زيارت لاءِ آيو. تسبيح هٿ ۾ هيس. هٿ ڏنائين ته سيد فرمايس ته "توهان کي پڻ تسبيح هٿ ۾ آهي". وراڻيائين ته ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي لاءِ ته چهبڪ ضروري آهي پر تازو ۽ تکو گهوڙو به چهبڪ کان سواءِ نه ٿو سونهين". شيخ ريکن. مٿئين شيخ ريحان جهنگليءَ جو اولاد آهي. سندس تربت تعلقي چاڪر هالي ۾ خدا وارن جي زيارتگاهه ۽ پرهيزگارن جي مرجع آهي. ڍوري هڱورو هڪ مشهور ڳوٺ آهي. جتي مٽياري سيد گهڻا رهن ٿا ۽ انهيءَ خاندان مان ڪيئي بزرگوار اتي پيدا ٿيا آهن. سيد هارون. بيمثال (الله) جي قرب واري درجي جو مالڪ آهي. پوئين زماني وارن ۾ فقيري ۽ رضا ۾ گهڻن فقيرن جو سردار ٿي گذريو آهي. سندس ڪيئي کليل ڪرامتون ۽ محققانه شعر آهن. سندس قبر ڳوٺ جي ٻاهران عام مخلوق جي زيارت گاهه آهي. اڄوڪي وقت جي ناليرن مان آهي. سيد شيريزدان. سيدن جو مشهور سرگروه، شان شوڪت، دولت، احسان ۽ سخاوت ۾ مشهور آهي، تازو هن ڳوٺ ۾ گذاري ويو. سيد الهيار. زميندارن جي صورت ۾ نهايت طاقت جو صاحب ۽ ذاتي ڀلائيءَ جو مالڪ هو. الله وارن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ خدير جون نشانيون ڇڏي ويو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو آهي. گهڻي اولاد ڇڏي اٿس. ]سيد محمد[. سيد محمد پڻ هڪ دولتمند ماڻهو ڪڙمين جي ويس ۾ انهيءَ طرف جو مشهور صاحب توفيق، حيات آهي. درويش زڪريا. ذات جو ٿهيم، شيخ ابراهيم ولد ناگوريه ٿيٻي جو همعصر، هڪ ناليرو بزرگ آهي. گنجي ٽڪر تي آرامي بزرگ هن ٽڪر کي "گنجو ولين جو منجو" جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. جيئن ته انهن سڀني جي احوال جي معلومات ناممڪن آهي، تنهنڪري جيڪي هٿ آيو سو تبرڪاً لکجي ٿو. شيخ ڀريو ويرداس. هڪڙو موحد مجذوب، وجد ۽ مستيءَ جي راهه جو سالڪ هو. اصل ۾ برهمڻ آهي. هميشه جهنگلن ۽ جبلن ۾ ڳائيندو ۽ جهنگلي جانورن سان گذاريندو هو. آدمين کان ٽهندو هو. پوئين وقت ۾ اچي گنجي ٽڪر جي دامن تي رهيو. ماڻهو هڪڙو هڪڙو ٿي سندس زيارت تي ويندا هئا ۽ هو هر هڪ جو دلي مطلب، ٻڌائڻ کانسواءِ معلوم ڪري، شافي جواب ڏيندو هو. حديقته الاوليا جي مصنف روايت ڪئي آهي ته مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هوس. هو هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو هو. دل ۾ خيال آيم ته خبر ناهي اهو بيت سندس آهي يا ڪنهن ٻئي جو. منهنجي پڇڻ کانسواءِ ئي چيائين ته هي بيت اسحاق لوهر جو آهي. ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون دل ۾ آندم ۽ جواب ورتم. نقل آهي ته هڪ ماڻهو سندس زيارت لاءِ ويو ۽ هو بکيو هو. ]178[ چيائينس ته فلاڻي ٿوهر جي وڻ وٽ رکيل ديڳڙي کڻي اچي چلهه تي رک. هن ائين ڪيو ته پٿرين جي مٺ انهيءَ ۾ وجهي ڍڪڻ ڏيئي ڇڏيائين. ايتري ۾ جهنگل مان هرڻين جو ولر آيو. انهن مان کير ڏڌائين ۽ ديڳڙيءَ مان عمدو طعام ڪڍي هن کي کارايائين. سندس وفات سنه 903هه ۾ ٿي ۽ سندس قبر گنجي ٽڪر جي دامن ۾ آهي. ]درويش بديڻ[. درويش بديڻ ولد راهو سنڌ جو هڪ ڪامل مشائخ، گنجي تي آرامي آهي. گهڻيئي مالدار اولاد ڇڏي ويو آهي. جيڪي انهيءَ بزرگ جي برڪت سان بنا ڪنهن ڌنڌي ۽ پوک پلاهه جي چڱيءَ طرح گذاري رهيا آهن. ۽ پير جي دعا سان وٽانئن کير ڪونه کٽندو آهي. درويش ڇتو: درويش بديڻ جي اولاد مان درويش ڇتو، وڏين ڪرامتن جو ڌڻي، مٿئين درويش جو جانشين ٿيو. هاڻي سندس پٽ موليڏنه انهيءَ جو گادي نشين آهي. نهال شاهه مداري. متاخرن ۾ هڪ وڏو ڪامل ولي آهي. هو ويجهڙائيءَ ۾ وڏن مناقبن سان موصوف ۽ طالبن جي مرادن جو مرڪز هو. ]باب ٻاويهون[ ستيار ۽ پليجار پرڳڻن وغيره جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ رائدن لنڊن جي ڳوٺن مان هڪ مشهور معروف ڳوٺ آهي. درويش راڄو ستيو دل. هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل بالله شخص هو. هميشه پيرين ۽ مٿي اگهاڙو گهمندو وتندو هو ۽ ڪٿي به سڪونت اختيار نه ڪندو هو. سندس زبان مان جيڪي به نڪرندو هو سو ڪپيندڙ ترار جو حڪم رکندو هو. چون ٿا ته کيس جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو هو، تڏهن اٿي بيهي سر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو. ۽ جيڪي چوندو هو سو ٿيندو هو. ڪنهن وقت ڪڇ جي سرزمين مان لنگهندي، مينهن جي ڌڻ وٽ آيو ۽ ڪجهه کير يا ڌونري جي گهر ڪيائين. اتي ڪو مڙس ماڻهو ڪو نه هو. زالون ساڻس بي ادبيءَ سان پيش آيون. هو جوش ۾ آيو ۽ نعرو هڻي هليو ويو. اتفاقاَ َ مينهون انهن ڦرن سميت، جيڪي ٻڌا پيا هئا، اچي ٽٺيون ۽ سموريون گم ٿي ويون. پوري سال تائين سندن ڪو به نشان ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو. پوري سال کان پوءِ درويش وري اچي اتان لنگهيو. زالن درويش کي سڃاڻي مردن کي ٻڌايو ۽ سڀئي رئندا رڙندا اچي سندس پيرن تي ڪريا ۽ احوال ڪري ٻڌايائون. درويش چيو "توهان مينهن جو وٿاڻ، رسا ۽ ڪلا تيار رکو، شام جي وقت سموريون موٽي اينديون"- شام جي وقت ائين ئي ٿيو- ڌنارن کان پڇيائون ته "توهان هيترو وقت ڪٿي هئا؟" جواب ڏنائون ته "اسان ته دستور موجب صبح جو ويا آهيون ۽ شام جو موٽي آيا آهيون!" سندس وفات جو سال 977هه ۽ تربت مٿئين ڳوٺ ۾ آهي. دندي (ڏندي) مشهور ڳوٺ آهي. شيخ ممون. شاهه جميل جو مريد، هڪ آڳاٽو پير هن جاءِ تي آرامي آهي- مقرر ڏينهن تي انهيءَ تي وڏو ميلو لڳندو آهي. شيخ ڪپور ۽ شيخ نظام الدين. ٻئي شهيد ڏندي تعلقي ۾ آرامي آهن. سڄي سنڌ جي خواجه قوم سندن معتقد آهي. ۽ مقرر چوڏهينءَ تي سندس ميلي تي اچي حاضر ٿيندا آهن. ستيار هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. شيخ لوڌي. حضرت غوث الثقلين (پيران پير) جو اولاد، عام ۽ خاص جو زيارتگاهه آهي. مخدوم يعقوب پليجو. وقت جو عارف، ستيار پرڳڻي جي ٽاري ڳوٺ جو رهندڙ آهي. چون ٿا ته ڪنهن سائل اچي کانئس ڪجهه گهريو. چيائينس ته جهنگل ۾ وڃي منهنجي غلام کان هڪ ميهن وٺي. غلام پيغام ٻڌي کيس اهڙي مينهن ڏيئي ڇڏي جا هر روز ڇهه ڪاسا کير ڏيندي هئي. مخدوم اها ڳالهه ٻڌي غلام کي چيو ته جنهن صورت ۾ منهنجي پڇا کان سواءِ تو بهترين مينهن ] 179[ ڏيئي ڇڏي آهي، تنهنڪري توکي آزاد ڪيم ۽ اها ڳالهه فخر طور وڃي گهر واريءَ سان ڪيائين. هن چيو ته جڏهن تو ههڙي احسان جي بدلي ۾ غلام کي آزاد ڪيو آهي تڏهن منهنجا به جيڪي تنهنجي مٿان حق آهن سي هن توفيق جي شڪراني ۾ بخشيم. نقل آهي ته هو هڪ ڏينهن جماعت سان گڏجي منڱن جي پوک ۾ ويو. ڪجهه پچائڻ لاءِ ٺڪر جي ننڍڙي سوراخدار ڪـُـني کان سواءِ، ٻي ڪا ديڳ ڪانه هئي. هن انهيءَ جي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو. خادمن انهيءَ کي چلهه تي پاسيرو ڪري رکيو جئن انهيءَ جي سوراخ مان پاڻي نه هارجي، فرمايائين ته سڌو ڪريو ڇاڪاڻ ته ماڻهو گهڻا آهن ۽ کاڌو گهڻو تيار ڪرڻو آهي. الاهي قدرت سان انهيءَ ۾ ايترو ته کاڌو پڪو جو انهيءَ مان انهيءَ وڏي جماعت کائي ڍؤ ڪيو. کاڌي کائڻ کان پوءِ چيائين ته هر هڪ ڪوڏر کڻي انهيءَ ڪـُـني کي هڻي، پر هو ڪنهن کان نه ڀڳو. چون ٿا ته هڪ هندو نياڻيءَ جي شاديءَ واسطي مائٽن کان اڌ خرار ساريون وٺي هڪ سوالي ڍڳي تي ڳوٺ ڏانهن کنيو ٿي ويو. اتفاقاَ َ جڏهن درياءَ تان لنگهيو ته بار سميت وڃي پاڻيءَ ۾ ڪـِـريو ۽ گم ٿي ويو. هيءُ معرفت جي درياءَ جو ٽوٻو پڻ اچي اتان لنگهيو ۽ هندوءَ کي ڍڳي جي ٻڏڻ جي غم ۾ بيقرار ڏسي چيائينس ته "وڃ، وڃي فلاڻيءَ جاءِ کان ٽٻي هڻ، اتي توکي هڪ ڪچهري ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪو ماڻهو توکي انهيءَ ڪچهريءَ جو رئيس ڏسڻ ۾ اچي، تنهن کي منهنجو پيغام ڏج ۽ پوءِ جيڪي گهرندين سو توکي ملي ويندو". اشاري موجب هندوءَ ٽٻي هنئين ته کيس سڪل ميدان ڏسڻ ۾ آيو. اڃا ٿورو اڳتي ويو ته هڪ وڏي ڪچهري ڏٺائين جنهن ۾ هڪ ماڻهو تخت تي ويٺو هو. هن مخدوم جو پيغام پهچايو ته هـُـن پنهنجي خدمتگارن کي چيو ته مون توهان کي چيو ڪو نه ٿي ته اجهو ٿو يعقوب وٽان ڍڳي ۽ اَن جي گهرڻ لاءِ ماڻهو اچي. بس پوءِ ته ڍڳو اَن سميت سندس حوالي ڪيائون ۽ هن پاڻ کي اوچتو سڪل ڪناري تي ڏٺو. مشهور آهي ته اهو هندو انهيءَ اناج جي ذريعي عاليشان هلندي پڄنديءَ وارو ٿي پيو هو. مٿيون مخدوم مرزا شاه حسن ارغون جو همعصر هو. نورائي مشهور ڳوٺ آهي. شيخ اسماعيل قادري. پنهنجي زماني ۾ وقت جو صاحب ٿي گذريو آهي. هن تي ساليانو وڏو ميلو لڳندو آهي. ]شيخ محمد صلاح[. هاڻي سندا اولاد مان شيخ محمد صلاح پيڙهيءَ به پيڙهيءَ ورثي جي ذريعي سجاده نشين آهي. هن ۾ خلق جو اعتقاد آهي ۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ حياتي گذاري ٿو. مخدوم عمر. تعلقي نورائيءَ جي قديمي مشائخن مان هڪ وڏي ۾وڏو پير آهي. اسحاق فقير. اصل ڪرهيلن جي ڳوٺ جو ماڻهو آهي. پر نورائيءَ ۾ گذاري ويو. پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ماڻهن جو منجهس ڏاڍو اعتقاد هو. علي اصغر. حضرت غوث الثقلين (پيران پير) جي اولاد مان هاڻي وڏن کان مليل ورثي موجب بزرگيءَ ۽ ڪرامت جي گادي سينگاري رهيو آهي. سندس حياتيءَ جو وقت نيڪن جي وصفن سان سينگاريل آهي. شال مشهور ڳوٺ آهي. شيخ اسماعيل قريشي. شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد ۽ ڪامل ولي آهي. شال جي سامهون ٽڪر جي پاسي ڏانهن منهين جي نئن جي ڪناري تي آرامي آهي، سندس اراده جي برڪت سان هڪ دنيا جا مشڪل مطلب پورا ٿين ٿا. ڦٽو مشهور واهڻ آهي. سيد قادر ڏنو شاهه. ميان اسحاق سڪريه، جنهن جو بيان اڳتي ايندو ]180[ جي مريدن مان، هن وقت وڻندڙ حال ۾ وقت گذاري رهيو آهي. سندس شاندار ڪرامتون ڏسي، ميان غلام شاهه خان جيترو هن جو معتقد آهي اوترو ڪنهن جو به ناهي. تازو گذاري ويو آهي. دٻو پليجار پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. سيد ڦتو. وقت جو پير ۽ زماني جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس درگاهه ننڍن خواه وڏن جي زيارت گاه ۽ حاجتمندن جي مراد آهي. مقرر ڏينهن تي انهيءَ تي وڏو ميلو لڳندو آهي. سميجا مشهور ڳوٺ آهي. ميان ڇٽو. سندس درگاهه انهيءَ ڳوٺ ۾ خدا وارن جو مرڪز آهي. اسحاق فقير سڪريو. پنهنجي ڏاڏي سڪريه جي ناهر هڪ وڏي جماعت جو مرشد، چڱي حال ۽ نيڪ خصلتن جو ڌڻي ٿي پيدا ٿيو آهي. درويشاڻي نموني جو نهايت پابند آهي. درويش ڏاتار ڏنو. مٿئين ميان اسحاق فقير جو فرزند هاڻي درويشيءَ ۽ ڪرامت ۾ وڏن جي قدم تي زندگي گذاري ٿو. ]باب ٽيويهون[ سونڊا، ڪينجهر، ساموئي، مڪلي جي ٽڪري، ۽ مڪليءَ تي مدفون بزرگ سونڊا سونڊا شهر جي نالي جو سبب هيءُ آهي ته هن ٽڪر تي هڪ ڪامل فقير رهندو هو، جو سر سونڊر جي راڳ تي ڏاڍو مهربان ٿيندو هو ۽ خوش ٿي محتاجن جون حاجتون پوريون ڪنديون هو. تنهنڪري عام ماڻهن جي زبان تي هي ٽڪر انهيءَ راڳ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ڄام تماچي هن شهر جو بنياد رکيو ته به اهو ئي نالو ڏنائينس- عوام "ر" جي تخفيف ڪري سونڊا چوڻ لڳا. وڌيڪ علم الله وٽ آهي! هڪ مشهور ڳوٺ آهي. سندس ويجهو آڳاٽي سمي ۾ هيم ڪوٽ نالي پراڻو قلعو هوندو هو. ۽ هاڻي هندن جو تيرٿ آهي. هڪڙي ٽڪر مان پاڻي سمي ٿو. انهيءَ جي هيٺان هڪ قدرتي چشمو "جهم" جي نالي آهي اتي هڪ پٿر آهي جو هندو قوم پوڄا لاءِ کوڙيو آهي. چون ٿا ته انهيءَ ڳوٺ جي مخدومن اهو پٿر ڪئين دفعا کڻي درياءَ ۾ اڇلايو هو پر وري به ساڳئيءَ جاءِ تي قائم ڏسي بس ڪري ويهي رهيا. مخدوم رمضان ويداني. ناليرو پير ۽ شاندار ڪرامتن جو ڌڻي، عام مخلوقات جو زيارت گاهه ۽ خدا کي پهتلن جو مرڪز آهي. مخدوم ملا آري. هڪ ڪامل مشائخ ۽ سيد علي شيرازيءَ وڏي جو مريد هو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندوَ. چون ٿا ته، ڪينجهر ڍنڍ جا ملاح ۽ مڇي ماريندڙ قوم گندرا اصل سندس مريد هئا. جڏهن هيءُ مٿئين سيد جي خدمت ۾ مريد ٿيو، تڏهن انهن کي نذر طور انهيءَ سلسلي ۾ داخل ڪيائين. اڄ تائين اها قوم انهيءَ دستور موجب، سيد علي شيرازي جي اولاد وارن سيدن سان تعلق رکندي اچي. ملاآري اصل هنڊ قوم مان آهي، سندس مزار انهيءَ جاءِ تي عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي. ]مخدوم ملا بايزيد[. سندس پٽ مخدوم ملا بايزيد پڻ بزرگيءَ ۽ فقيريءَ سان موصوف ٿي رهي ويو آهي. ۽ پيءُ جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. ]ملا ابوبڪر[. ملا بايزيد جو پٽ ملا ابوبڪر پڻ پيءُ ۽ ڏاڏي وانگيان چڱيءَ حالت ۾ گذريو آهي. انهيءَ کان روايت آهي، چيائين ته "وجد جي حالت ۾، مون کي پيءُ فرمائيندو هو، ته وڃي ڪو ڪامل مرشد ڳولي هٿ ڪر، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، سيد عبدالڪريم جو نالو به کڻندو هو. نيٺ، هڪ ڏينهن، ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هوس ته ڪڪر پيدا ٿيو. انهيءَ مان هڪ مرد مون تي پرتو وڌو ۽ جيڪي مليو سو اتان مليم". ملا نارو. مٿي ذڪر ٿيل وڏن جو پشت به پشت جانشين ۽ سلوڪ جي گاديءَ تي ويهي چڱي رستي تي هلندڙ هو. ڪنجهر ڍنڍ سونڊا ۽ جهم جي سرزمين جي ويجهو، هڪ نهايت ڪشادي خليج آهي. هن خليج (نار) جي ڪناري تي ڪيترن ئي وقت جي صاحب درويشن الله جي يادگيريءَ ۾ وقت گذاريو آهي. هتي ڄام تماچي پنهنجي محبوبه نوريءَ لاءِ، جا گندرا قوم جي هئي ۽ مٿي بيان ٿي آئي، هڪ عاليشان محلات ٺهرائي هئي. هاڻي خود ڄام وانگيان انهيءَ جو به نالو نشان ڪو نه آهي. ساموئي سنہ 775هه ۾ اڏيل، محمد طور، شهر جي برباديءَ کان پوءِ ]181[ جو درڪ پرڳڻي ۾ سلطان علاءُالدين جي لشڪر جي آمد ۽ سومرن سردارن جي طاقت برباد ٿي وڃڻ ڪري ملڪ[رهاڪن] سميت ويران ٿي ويو. سمن ڄامن اهو شهر ۽ پراڻو قلعو، جو ڪلا راجا جي نالي پويان ڪلاڪوٽ سڏبو هو ۽ ٻيهر وري ٻئي اڏيندڙ يعني ڄام تغلق جي نالي پويان تغلق آباد سڏجڻ لڳو، وري ٻڌايو پر اتفاقاً ٻئي اڻ پورا رهيا. شهر ٿورا ڏينهن تخت تاهه رهي ٺٽي ڏانهن منتقل ٿي ويو ۽ قلعو اڄ تائين پنهنجي پراڻي نالي ڪلاڪوٽ سان مشهور آهي. چون ٿا ته انهيءَ قلعي ۾ هڪ تمام وڏو نانگ آهي. اڳوڻي زماني ۾ سندس مٿو هن زمين ۾ هئو ۽ پڇ هندوستان جي ڪنهن حصي ڏانهن. جيستائين هن صورت ۾ هو، تيستائين هندوستان جو اهو پاسو سنڌ جو تابع هو مگر گهڻي وقت گذرڻ ڪري قدرت الاهيءَ سان انهيءَ نانگ مٿو هندوستان ڏانهن ۽ پڇ هن زمين ۾ ڪيو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي سنڌ هندوستان جي تابع ٿي پيئي آهي. ساموئيءَ جي عجائبات مان هڪ ستن پاڪ نياڻين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو واقعو آهي. ڇوڪرين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو واقعو. چون ٿا ته سومرن جي اولاد مان، ست سهڻيون، پاڪدامن، تارڪ دنيا ۽ خدا پرست ڇوڪريون هونديون هيون، جيڪي تلهار جي ڳوٺ ۾ شاديءَ جي لالـچ رکندڙ ماڻهن جي ظلم کان پاسو ڪري، اصحاب ڪهف وانگيان، گمناميءَ جي گوشي ۾ رهنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ سيد يعقوب مشهدي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، ڏاڍي پيراڻي شان شوڪت سان اچي اتان لنگهيو. مٿيون ستئي ڄڻيون دشمن جي ڊپ کان هن سيد جي امان وٺي اچي ساموئيءَ ۾ پهتيون. اتفاقاَ َ هتي پڻ رئيسن جي هڪ ٽولي سندن خواهان ٿي پئي. پر جئن ته هي راضي نٿي ٿيون، تنهنڪري کين قيد ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر مقرر ڪيائون. هڪڙي ڏينهن، جيئن دستور موجب، هيءُ باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ درياهه تي غسل ڪرڻ لاءِ ويون هيون، تيئن، انهن، وٽن پهچي پنهنجي مطلب جي گهر ڪئي. جنهن تي شيخ جندي پاتڻي حقيقت معلوم ڪري ڇوڪرين کي درياءُ ٽپائي ڇڏيو. دشمنن پڻ انهيءَ ڊپ کان ته متان ڪنهن پناه جي جاءِ تي پهچي وڃن، سندن تعاقب ڪيو. جنهن صورت ۾ عاجزن لاءِ خدا پاڪ کان سواءِ ٻي ڪا پناهه ڪانه آهي، تنهنڪري، انهن پاڪ دامن ڇوڪرين، الله جي درگاهه ۾ ٻاڏائي زمين کان پنهنجي ڍڪ ڍڪڻ جي درخواست ڪئي. اها زمين هڪدم انهن ستن ئي ڇوڪرين کي ڳهي ويئي. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هيءُ واقعو دنيا لاءِ عبرت آهي ۽ انهن معصوم نياڻين جو آرام گاهه عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي. هاڻي ساموئي ۾ رهندڙ ڪن ٿورن ولين جو ذڪر ڪريون ٿا. ]شيخ حماد[. شيخ حماد بن شيخ رشيدالدين جمالي اُچ جي مشهور درويش قدوڏ الواصلن (پهتلن جو اڳواڻ) شيخ جمال، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو ڏوهٽو، ساموئيءَ جي دامن هيٺان - جتي هاڻي دفن ٿيل آهي - اتي ئي خانقاهه هوندي هيس، سدائين منهن تي برقعو وجهيو حجري ۾ ويٺو هوندو هو. طالبن جي جماعت حجري جي ٻاهران گڏ ٿي، گفتگو ۽ ڪشف جي ذريعي شيخ کان ظاهري خواه باطني علم پرائيندا هئا. ڄام جوڻي جي ڏينهن ۾ تماچي ۽ صلاح الدين شاهي گهراڻي جا فرد ۽ ويجها مائٽ هئا. ٻنهي پيءُ پٽن کي شيخ جي خدمت ۾ ڏاڍو ارادو ۽ نهايت قرب حاصل هو. ڄام جوڻي کي اچي ڊپ ٿيو ته شايد شيخ هنن کي دعا ڪري ملڪ جو والي بڻائي ڇڏيندو، سو مخفي طور، ٻنهي کي قيد ڪري دهليءَ موڪلي ڇڏيائين. هن واقعي کان پوءِ تماچيءَ جي ماءُ ]182[ هر روز صبح جو شيخ جي خانقاهه کي ٻهاري ڏيڻ لاءِ ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن شيخ جي نظر انهيءَ پوڙهيءَ تي پئجي ويئي ۽ کانئس سندس پٽ ۽ پوٽي جو احوال پڇيائين. هن رئندي احوال عرض ڪري سندن آزاديءَ لاءِ ٻاڏايو. ]ٻڌڻ سان[ شيخ جي عجيب حالت ٿي ويئي ۽ هڪدم سنڌي زبان ۾ شوقيه بيت، جن ۾ هنن جي ملڪ ۾ موٽي اچڻ ۽ حڪومت سندن حوالي ٿيڻ ڏانهن پڻ اشارو هو، بلند آواز سان پڙهيا. الله جي قدرت سان انهي ئي رات دهليءَ ۾، پيءُ ۽ پٽ جي هٿن پيرن مان بند خلاص ٿيا ۽ شيخ جي صورت ۾ هڪڙي ماڻهو سندن ازاديءَ جي راهه جو رهبر بڻجي، کين اتان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هنن نهايت تکن گهوڙن تي سوار ٿي پنهنجي ملڪ جو رستو ورتو. چوڪيدارن کي خبر پيئي ته ڏاڍو ڊوڙيا پر پوئين پيرين موٽي آيا ۽ کين رستو هٿ نه آيو. آخر منزلون طئي ڪري، کيبرن جي ڳوٺ جي آسپاس پهچي، ڌڻ مان هڪ گهٽي جي گهر ڪيائون. مخدوم نوح کيبرائي انهيءَ ڌڻ جو ڌنار هو، تنهن چين ته "توهان کي ڄام تماچيءَ جو قسم آهي، متان ڌڻ جي ويجهو آيا آهيو". تماچي حيران ٿي ڌنار کي چيو ته "ملڪ جو والي ته ڄام جوڻو آهي، توهان ڪنهن جو نالو کڻي رهيا آهيو؟" وراڻيائين "ته ائين برابر آهي، پر ٽن ڏينهن کان غيب مان ڄام تماچي جو پڙهو ٻڌجي پيو." تماچيءَ کي پڻ جيل مان آزاد ٿئي جملي ٽي ڏينهن ٿيا هئا، جن ۾ خدا جي قدرت سان هيڏو پنڌ ڪيو هئائين. چون ٿا ته ڄام جوڻو، اهو تماچيءَ جي دعا وارو بيت ٻڌي، پريشان ٿي، شيخ جي خدمت ۾ پهتو، ۽ چيائين ته "توهان فقيرن کي حڪومت جي ڪمن سان ڪهڙو واسطو؟" هن چوڻ تي شيخ نئين سر ڪاوڙجي فرمايو ته ”هن زمين جو وارث مان آهيان. جنهن کي وڻندو تنهن کي ڏيندس“ ڄام ڏکوئجي موٽي ويو. جلد ئي پيءُ پٽ اچي ساموئيءَ جي درياءَ جي پرينءَ ڀر پهتا. پٽ اچي شيخ کي اطلاع ڪيو، جنهن تي شيخ هڪ اڳڙيءَ جو ٽڪر ڪڍي چيو ته ”هيءَ هڪ ڪاٺيءَ مٿان ٻڌي، نشان طور، تماچيءَ وٽ کڻي وڃو ۽ خوشيءَ سان اڳتي وڌو“. ڌڻيءَ جي مدد سان، انهيءَ نشان جي آڏو، ازغيبي دنيا اچي گڏ ٿي. جوڻي کي وڃي ڳالهه ڪيائون. جيستائين تيار ٿئي ئي ٿئي تيستائين تماچي اچي مٿانس ڪڙڪيو. هن (جوڻي) جو لشڪر نشان ڏسڻ سان اچي ]تماچيءَ جو[ تابعدار ٿيو. آخر جوڻي، ناڪامياب ۽ ذليل ٿي، ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ڏٺو ۽ ملڪ ۽ دولت تماچيءَ لاءِ ڇڏي ويو. پيءُ ۽ پٽ مقرر مدت تائين حڪومت جون مرادون ماڻيندا رهيا. چون ٿا ته ڄام تماچي هڪ وڏي رقم شيخ جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪري عرض ڪيو ته جڏهن جيڪي به مليو اٿم سو توهان جي توجه ڪري مليو اٿم، تڏهن هاڻي نئين سر مهرباني ڪريو ته هيءُ ملڪ منهنجي اولاد ۾ قائم رهندو اچي. شيخ فرمايو ته هن رقم مان منهنجي خانقاه جي ڀرسان مسجد تعمير ڪراءِ ۽ سنڌ جي زمين پنهنجي اولاد کي وراهي ڏي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين سموري سنڌ ۾، ڪڇ تائين، اڪثر زمين، سما قوم جي هٿ ۾ رهندي اچي. مڪلي، جنهن جي نالي جو سبب اڳتي بيان ٿيندو، واري مسجد اها ساڳي مسجد آهي. چون ٿا ته انهيءَ کان اڳ سمن جو مقام پيرآر (پير پٺو) هوندو هو. هاڻي شيخ جي اشاري تي، هر هڪ ماڻهوءَ، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي قبو يا حجرو ٺهرايو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي آئينده لاءِ اهو دستور ٿي ويو. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري. عرف لنگوٽي (1) - ساموئي ٽڪريءَ جي دامن ۾ - جتي دفن ٿيل آهي - اتي قلندرانه نموني ۾ لنگوٽي ٻڌيو ويٺو هوندو هو. هن ۽ ]183[ شيخ حماد جي وچ ۾ اڪثر محققانه گفتگو ٿيندي هئي. پوين ڏينهن ۾ سيد محمد حسين عرف پير مراد جي ڄمڻ جي خبر ڏني هئائين. ۽ ڄمڻ واري ڏينهن، سندس زيارت لاءِ حاضر ٿي، مريديءَ جو اقرار ڪري، ٽئين ڏينهن گذاري ويو. سندس وفات سنه 831هه ۾ ٿي. ملا عبدالرحمان عرف ملا لٽر. اصل عباسي، هڪ وڏي ۾ وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل آهي. جيئن ته خوش طبع هوندو هو، ۽ پنهنجي حالت کي لڪائڻ لاءِ ظرافت آميز ڳالهين سان محفلون رنگين بنائيندو هو، تنهنڪري هن نالي سان مشهور ٿي ويو. سما ڄام سندس نهايت معتقد هوندا هئا ۽ وقت جا بزرگ سندس ڏاڍي تعظيم ڪندا هئا. ساموئيءَ جي ڪناري ۾ دفن ٿيل آهي ۽ معرفت وارن لاءِ زيارت گاهه آهي. سندس اولاد اڃا تائين باقي آهي. شيخ جهنڊو پاتڻي. سيد ميران محمد مهديءَ جونپوريءَ جي نظر ڪرامت اثر مان فيض ياب آهي. چون ٿا ته، جڏهن مٿيون سيد، ٺٽي ۾ آيو هو ۽ ظاهري عالمن جي اشاري تي ڄام نظام الدين اعتقاد ڀريو سلوڪ نه ڪيو هو، بلڪ ٻئي ارادي سان ٻيڙيءَ تي چاڙهي روانو ڪيو هو، تڏهن جنهن وقت ميربحر ٻيڙي گپ ۾ ڇڏي هليا ويا هئا، تنهن وقت، ازلي توفيق هن کي اتي وٺي آئي ۽ اچي کين انهيءَ هلاڪت واري جاءِ مان ٻاهر ڪڍي جيڪي پرائڻو هوس سو پرايائين. پڻ مٿي ذڪر ٿيل ستن معصوم نياڻين جي دعا سان به چڱي توفيق جو مالڪ ۽ بلند درجن جو صاحب بڻيو هو. مطلب ته سندس درگاهه فيض جي جاءِ آهي. جيڪي بزرگ مڪليءَ جي زيارت تي ايندا آهن، سي ابتدا يا انتها هن سان ڪندا آهن ۽ سندس زيارت کي ڪاميابيءَ جي ابتدا يا انتها سمجهندا آهن. ساموئي جا ڪجهه بزرگ ٺٽي جي ذڪر ۾ پڻ ايندا. هتي انهن ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي. مڪليءَ جي ٽڪري درياءِ عمان (عربي سمنڊ) جي ڪناري ۽ مڪران جي جبل کي ڳنڍيندڙ هاڙهي ۽ پٻ وغيره جبلن جي ننڍي ۾ ننڍي شاخ آهي. اگرچه ]ظاهر ۾[ گهٽ ۾ گهٽ درجي جو جبل ۽ هيٺاهينءَ ۾ هيٺاهين شاخ آهي، ليڪن روح ۽ سرور ۾ سڀني تي فوقيت رکي ٿي ۽ زماني جي عجائبات مان آهي. هر هڪ قدم تي ولين جو آرام گاهه ۽ هر هڪ وک تي پرهيزگارن جي مرڪز آهي. دين جا بزرگ ۽ تحقيق يقين جا صاحب ايترا ته منجهس آرامي آهن جو هزارن مان هڪڙي جو به شمار ڪري نه سگهبو. سما ڄام انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي عجيب جايون يادگار طور ڇڏي ويا آهن. جهڙوڪ تغلق آباد عرف ڪلاڪوٽ جو قلعو جو باوجود ڊهي وڃڻ جي اڄ به خالص روح ۽ سرور سان اهلِ دل جي لاءِ قـُـوُت ۽ قـُـوَت آهي. اتي جي جامع ]مسجد[ اڏاوت جي خيال کان ٺٽي جي وڏي جامع ]مسجد[ کان ڏيڍوڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پراڻي زماني ۾ سهسه لنگ جي تلاءَ تي عاليشان محلاتون ٺهيل هيون جن جو گهڻي زماني گذرڻ ڪري ڪو به نشان ڪو نه رهيو آهي. آڳاٽي زماني کان رسم ٿي ويئي آهي ته هر هڪ طاقت وارو بادشاه، امير يا دولتمند ماڻهو، يادگار طور، اتي ڪا نه ڪا مضبوط جاءِ ٺاهيندو هو. اهو دستور اڄ تائين هلندو اچي. اتي جي بي انداز ۽ بيشمار ولين، جي ڪن جي چوڻ موجب سوا لک اتي آرامي آهن، بابت ڪيترو چئي ڪيترو چئجي. ڇاڪاڻ ته سڄي تفصيل جو علم ناممڪن آهي. باقي معلومات آهر، برڪت خاطر، ڪن ٿورن مشائخن جو ذڪر ڪجي ٿو. نالي جو سبب. نالي جو سبب هيءُ آهي ته الله وارن مان هڪ بزرگ حرمين شريفين جو ارادو رکي اچي هتي لٿو. ۽ اهڙي حالت پيدا ٿيس جو هڪدم وجد ۾ اچي سماع شروع ڪري ڏنائين ۽ وجد جي جوش ۾ ]184[ چوڻ لڳو ته "هذه مکته لي" (هي ٽڪري منهنجي لاءِ مڪه آهي). جنهن صورت ۾ هي لفظ بار بار دهرايائين ۽ سندس زبان ۾ تاثير هو، تنهن ڪري عام ماڻهن جي زبان تي هن ٽڪريءَ جو نالو تخفيف سان مڪلي (مڪته لي) رهجي ويو. ڪن جي چوڻ موجب انهيءَ نالي سان هڪ پاڪدامن، الله واري عورت، اتي مڪليءَ واري مسجد جي محراب جي پويان دفن ٿيل آهي. هيءُ نالو مٿئين شيخ حماد جي اشاري سان پهريائين مسجد تي پيو ۽ پوءِ سڄي ٽڪري انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. بهرحال ڏسڻ وٽا جاءِ آهي خصوصاَ برسات جي ڏينهن ۾ منجهس مٺي پاڻيءَ جا تلاءَ ڀرجي بيهندا آهن ۽ هر طرف قدرتي ساوڪ الله پاڪ جي قدرت جي نشاني ۽ آئي وئي لاءِ وقف هوندي آهي. (1) هتي به مير قانع ساڳيو ڌوڪو کاڌو آهي. درحقيقت سمني نيرون ڪوٽ جي حاڪم جو لقب هو نه نالو. سندس نالو سندر هو جئن اسان مٿي بديل جي شهادت واري واقعي ۾ لکي آيا آهيون. (1) نسخو "ن" درخت انار (ڏاڙهون جو وڻ). (1) هيءَ مير قانع جي کلي غلطي آهي. شيخ عيسيٰ لنگوٽي ٻيو آهي ۽ عيسيٰ جند الله ٻيو. ]باب چوويهون [ شهر ٺٽو ۽ اتي جا خاندان، بزرگ عالم ۽ شاعر ٺـٽو هڪ بهترين ۽ منتخب شهر، جو معرفت وارن جي جاءِ ۽ يقين جي ڌڻين جو وطن آهي. اتي جي زمين جي خاصيت آهي جو هوءَ فضيلت ۽ ڪمال جي کاڻ ۽ اتي جي مٽي طبعاً حال ۽ قال جي صاحبن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ آهي. آڳاٽي سمي ۾ سندس زمين مٿان سمنڊ جو پاڻي وريل هو. گهڻن ڏينهن گذرڻ ڪري جڏهن سمنڊ جو پاڻي ڇڏي ويو، تڏهن خشڪ پٽ رهجي ويو. پوءِ وري اروڙ جي شهر جي ويران ٿيڻ ۽ سنڌو نديءَ جي سيوهڻ ڏانهن وهڪري مٽائڻ ڪري، جيئن بيان ٿي آيو، زمين مٿان پاڻي وري ويو. جڏهن محمد طور جو شهر سومرن سردارن سميت ويران ٿي ويو ۽ وقت جي حڪومت سمن ڄامن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن مڪلي ٽڪريءَ جي دامن هيٺان، اتر طرف وارن باغن جي ڀرسان، ساموئيءَ نالي شهر ٻڌائون. ۽ هاڻي جيڪي واهڻ ۽ پرڳڻا آباد آهن، سي دستور موجب آباد رهيا. ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنه 900هه جي پوين مهينن ۾ نجومين کي، نئين شهر جي آباد ڪرڻ لاءِ، هڪ اهڙي زمين چونڊجڻ جو حڪم ڪيو، جا خوشي پيدا ڪندڙ هجي، جتي جا رهاڪو ڪم و بيش آرام پسند هجن، هميشه سير و تفريح ۾ زندگاني گذارين ۽ سندن فطرت ۾ ڪماليت جي لياقت هجي. اهڙين وصفن ۽ خصوصيتن سان ٺٽي جي سرزمين چونڊي ويئي، جنهن جي اڀرندي ۾ ڪجهه باغ هئا ۽ وچ شهر ۾ ميربحر ٿي رهيا. هن وقت ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا ته معنيٰ آهي "ته ته" يعني "هيٺاهين هيٺاهين" ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ٺٽه يعني ٺٽ، جا سنڌين جي اصطلاح ۾ ”ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ" جي معنيٰ رکي ٿي. مخفي نه رهي ته هيءَ سرزمين، جئن تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو، پراڻي زماني ۾ به ٺٽي جي نالي سان سڏبي هئي ۽ جئن ته سنڌ جي مٿئين طرف کي عام ماڻهو سرو چوندا آهن ۽ هن هيٺئين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. اهو ٺٽي جي وجه تسميه (نالي جو سبب) جو کليو ثبوت آهي. ۽ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديول، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر، جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهيءَ جي لاڳيتو واقع هئا، ويران ٿيڻ لڳا تڏهن اتي جا اڪثر باشندا هن شهر ڏانهن لڏي آيا. تڏهن گوياڪه ”ته ته“ جي مصداق، موجب هاڻوڪي آبادي، انهن مٿين آبادين جو مجموعو آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته جڏهن ديول چوٿين ولايت ۾ آهي ۽ سندس ڊگهائي ڦاڪ ف ب ل 112 ۽ ويڪرائي ڦاڪ ل ي 450 مقرر هئي ۽ ٺٽي جي زمين پڻ انهيءَ سان ويجهي آهي، تڏهن گهڻو ڪري انهي جي ئي حڪم ۾ آهي. حڪيم مير عبدالرزاق اصفهاني، تخلص مشرب، جو سڀني علمن - خـصوصاً جعفر، حڪمت ۽ نجوم جي علمن ۾ - وڏي مهارت رکندو هو ۽ نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد جي ڀاءُ داؤد خان وٽ ڪيترو عرصو گذاري سن 1127 هجري ۾ گذاري ويو، تنهن کان ڪيترن معتبرن روايت ڪئي آهي ته ٺٽي جي زمين دراصل يونان جي زمين جي شاخ آهي. اهوئي سبب آهي ]185[ جو ڪماليت جا صاحب اڪثر انهيءَ زمين ۾ پيدا ٿين ٿا. مطلب ته سڄيءَ سنڌ ۾ ههڙي لطافت ۽ صفائيءَ واري، سير و سياحت جي لائق ٻي ڪا به جاءِ ڪانه آهي. هتي جو صبح غمگينن جي دلين تان غم جي ڪٽ لاهيندڙ ۽ شام مسافرن لاءِ صبح جيئن وندرائيندڙ آهي. هتي جا رهاڪو هرهفته ٽوليون ٽوليون ٿي مڪليءَ يا باغن ۾ دل وندرائڻ لاءِ محفلون ڪندا آهن ۽ ههڙا معمولي شين تي به فراغت دوست ماڻهو ڪي ٿورا لڀندا. مطلب ته هن شهر جون خوبيون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. طوالت جي خوف کان مختصر طور بيان ڪري هاڻي ڪن سڳورن خاندانن، ولين، عالمن ۽ ٻين باڪمال مکيه ماڻهن جا ڪجهه حالات طبقن وار بيان ڪجن ٿا. شروعات اهل بيت جي برگزيده طبقي سان ڪجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي موجودات جي ڪتاب جي بسم الله آهن. انهيءَ ۾ پڻ سندن تشريف آوريءَ جي قدامت جو لحاظ رکيو ويندو. سيدن جو طبقو اگرچه، هن ملڪ ۾، سيدن جي اچڻ جو وقت پوريءَ طرح معلوم ته نه ٿو ٿي سگهي، تاهم بالفعل، انهن خاندانن جو ذڪر واجب آهي جن جو نالو نشان اڃا تائين باقي آهي. جيئن هي وڻندڙ ڪتاب هنن بزرگن جي بيان جي برڪت سان حادثن جي مصيبت کان امان ۾ رهي ۽ بزرگن جي حالات جي تحقيق واري فائدي کان پڻ خالي نه هجي. ]هتي ڇاپي نسخه ۾ ”عجيبه“ جي عنوان سان مير امين الدين خان جي ڪتاب معلومة الافاق مان ڪي عجيب نقل آندا ويا آهن پر ميرقانع جي هٿ اکرين لکيل نسخي ۾ اهي ساڳيا نقل مير امين الدين جي بيان ۾ مٿي ذڪر ڪيا ويا آهن. اسان پڻ اهي نقل اتي لکي ڇڏيا آهن. تنهن ڪري هتي ڪونه ٿا لکون. قلمي نسخي ۾ پڻ هتي لکيل ڪونه آهن[ انجوي شيرازي سيد هنن جي خاندان جي شرافت ۽ گهراڻي جو خالص هجڻ اڳين خواهه پوين جي ڪتابن ۾ مذڪور آهي. سيد محمد ۽ سيد احمد. پيءُ ۽ پٽ، بزرگيءَ جي سڀني خوبين جا جامع ۽ ڪمال جا صاحب بسم الله الرحمان الرحيم سڳوريءَ جي عددن مطابق سال 786 هجري ۾ ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي، منڇر جي پرڳڻي ۾ مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ رهاڪو ٿيا. ]186[ سيد محمد، جو ميران محمد جي لقب سان مشهور هو. حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان پوءِ (1) اِرْجِعِيْ اِلي رَبِّكِ رَاضِيَة مَرْضِيَّه - جو سڏ قبوليت جي ڪن سان ٻڌي روانو ٿي ويو (گذاري ويو). هن عالي مقام جي بلند مقاميءَ جي ثبوت لاءِ هڪ ئي نڪتو ڪافي آهي ته جڏهن سندس اولاد مان سيد علي ثاني مڪليءَ تي قبو ٺهرايو تڏهن ]اهو قبو[ تيستائين اهل الله جي لاءِ زيارت گاهه نه بڻيو ۽ منجهس روح ۽ صفائي پيدا نه ٿي جيستائين، خواب جي حڪم مطابق، هن بزرگ جو لاش مراد اوٺيءَ جي ڳوٺ مان کڻائي هتي نه آندائون. قصو ڪوتاهه، مرحوم پيءُ کان پوءِ سيد احمد الله وارن جي صورت ۾ اتي رهندو آيو. خدا وارن سان گهڻي صحبت ڪندو هو. هڪ ڏينهن شيخ عيسيٰ جي زيارت لاءِ ساموئيءَ ۾ آيو، قاضي نعمت الله عباسي، وقت جو هڪڙو وڏو عالم، کانئس اڳيئي شيخ جي خدمت ۾ ويٺو هو. شيخ سيد جي تشريف آوريءَ کي نهايت عزت جي لائق سمجهي، تعظيم سان پيش آيو پر قاضي بلڪل نه چريو. نيٺ سيد صحبت پوري ڪري اٿيو. وڃڻ وقت پڻ شيخ اڳئين کان به گهڻي تعظيم بجا آندي. قاضيءَ پڇيو ته ”موٽڻ وقت سيد جي غائبانه هيتري تعظيم ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“ جواب ڏنائين ته ”سندس پٺي ۾ زماني جو قطب ڏسڻ ۾ ٿو اچيم. جيڪڏهن منهنجي حياتيءَ وفا ڪئي ته انهيءَ جو مريد ٿيندس!“. هوڏانهن سيد قاضيءَ جي هن روش کان رنج ٿي دل ۾ ڦٺيون هڻندو اٿيو هو. سيد جي هن رنجش جي تاثير کان قاضي اڃا گهر پهتوئي ڪين ته اکين جي ديد گم ڏٺائين، جنهن جو کيس ڪو به سبب معلوم ٿي نه سگهيو. فاطمه نالي سندس ڌيءَ رات جو خواب ڏٺو جنهن جو مطلب هيءُ هو ته مٿئين سيد سان شادي ڪرڻ مان چار سڳورا موتي پيدا ٿيندا، جن مان هڪڙو نهايت نور سان دنيا کي روشن ڪندو. قاضي ٻئي واقعا صبح جو وڃي شيخ عيسيٰ کي ٻڌايا ۽ ]شيخ جي[ اشاري موجب نياڻي سيد جي نڪاح ۾ ڏيئي کيس پنهنجي گهر ۾ رهايائين - خواب جي مطابق مقرر وقت اندر، سيد مان چار پٽ ٿيا. 1- سيد علي، 2- سيد جعفر 3- سيد محمد شريف 4- سيد محمد حسين آخر عام مخلوقات جي دستور جي تقاضا موجب اهو سڳورو به 1 محرم 845 هجري ۾ گذاري ويو. کيس عباسي قاضين جي مقام ۾ دفن ڪيو جو اڳتي هلي سندس اولاد جي سيدن جو مقام مقرر ٿيو. ]سيد علي[: سيد علي، بن سيد احمد، بن سيد محمد، عرف سيد ميران محمد، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هڪ آڳاٽو ولي ۽ سڳورو واصل بالله پيدا ٿيو. سندس ڪرامتن ۽ احوالن جو ڪو شمار ڪونهي. کانئس پوءِ ٻه ناليرا، الاهي جلال ۽ جمال جا مظهر، وڏي نسل ۽ اولاد جا ڌڻي، فرزند يادگار رهيا. 1- سيد جلال ۽ 2- سيد جمال. ]سيد جلال[: مٿئين سيد عليءَ جو فرزند پيءُ جهڙو حال ۽ قال جو صاحب پيدا ٿيو. ماڻهن کي فقيريءَ ۽ حق جي راهه ڏانهن رستو ڏيکارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين. ]سيد علي ثاني[: سندس فرزند رشيد، سيد علي ثاني، جيڪو سير ۽ سلوڪ ۾ وڏن کان به وڌيڪ توفيق وارو ۽ نهايت متقي هو، تنهن ڪيئي دفعا بيت الله جي زيارت ڪئي هئي. ۽ حـضر خواهه سفر ۾ گهڻن ئي بزرگن جي زيارت ڪئي هئائين. هن درويش آجر کان فيض پرايو هو ۽ مخدوم نوح جو مريد هو. هن جون ڪرامتون ۽ بزرگيءَ جون نشانيون حد ۽ شمار کان ٻاهر آهن. ازان سواءِ هن چڱا نشان ڇڏيا آهن. جهڙوڪ مڪليءَ وارو نور ۽ روشنائيءَ سان ڀريل قبو. وڏي جماعت سندس فيض جي نظر سان وڏي ڪمال کي پهتا. رسالو ”آداب المريدين“ ]187[ جو دين جي بزرگن جو دستور العمل آهي، سندس يادگار آهي. سو سن 971 هجري ۾ گذاري ويو. ]سيد جلال ثاني[: سندس ناليرو فرزند، سيد جلال ثاني آهي، جو پڻ حسب ۽ نسب جي بزرگيءَ ۽ شان ۾ وڏن وانگيان ناليرو ٿي گذريو آهي ۽ پيءُ ۽ ڏاڏي جو سجادهه نشين هو. مرزا باقي ترخان جي پٽ مرزا صالح پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ هن بزرگ کي ڏنو هو ۽ انهيءَ ئي سڱا بنديءَ جي ڪري مرزا محمد باقي کيس اڪبر بادشاهه جي حـضور ۾ موڪليو هو. ]سيد مير محمد[: سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد مير محمد، جو وڏي شان ۾ مشهور معروف هو، ۽ ترخان نامو، سندس تاليف آهي. ]سيد بزرگ[: انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد بزرگ، وڏن جا قائم مقام، بزرگيءَ جا گادي نشين ۽ ممتاز شخصيتون ٿي گذريا آهن. ]مير زين الدين[: انهيءَ کان پوءِ مير زين الدين عرف مير لطف الله، ڪمال جو صاحب، بزرگن جو مرجع ۽ سهڻين وصفن جو مالڪ ٿي گذريو آهي. پنهنجي وقت ۾ سيدن جو سردار ۽ رئيسن جو اڳواڻ هو. علمي لياقت ڏاڍي هوندي هيس. سندس تاليف ڪيل ڪتاب، حرزالبشر، مشهور آهي. هو شعر استادن جهڙو چوندو هو ۽ قانع تخلص ڪندو هو. ڏسجي ٿو ته سندس تصنيفات، حادثن جو شڪار ٿي سندس سڳوري ذات وانگيان اکين کان مخفي ٿي ويون. هو سن 1130 هجري(1) ۾ گذاري ويو. هن ڪتاب جي لکندڙ (مير قانع) رضواعنه جو جملو سندس ]وفات جي[ سال موافق لڌو آهي. هو ٻه پٽ ڇڏي ويو. هڪ سيد غلام علي ۽ ٻيو سيد عبدالولي. سيد عبدالولي، ڀاءَ جي سجاده نشين هوندي به جيستائين جيئرو هو، تيستائين بزرگيءَ جي دستور کي چڱي شان شوڪت سان هلائيندو آيو. ڪجهه سال ٿيندا جو گذاري ويو آهي. هڪ پٽ سيد ابراهيم نالي ڇڏيو اٿس. سيد غلام علي دستور موجب وڏن جو سجاده نشين رهندو آيو. هاڻي سندس فرزند مير لطف الله وڏن جو جانشين آهي. ]مير علي اصغر[: مير علي اصغر، ولد سيد فضل الله، بن سيد جلال ثاني، دستور موجب پيءُ وانگيان پنهنجن ڪرامتن سان نهمردين جي قوم ۽ ٻين جابلو راڄن جي فتوحات (نذر نياز) تي متصرف آهي. هن جماعت لاءِ مينهن جي مدد ۾، جنهن تي سندس زندگيءَ جو دارومدار آهي، سندس عجيب تصرف نمايان آهن. چون ٿا ته سيد جلال ثاني لوهه جي ڪمان پـُـٽن جي وچ ۾ اڇلي هئي. انهيءَ لاءِ ته منجهانئن جيڪو انهيءَ ڪمان کي ڪشيندو سو جابلو راڄن جو سنڀاليندڙ ٿيندو. پيءُ جي ارشاد موجب سيد فضل الله اها ڪمان موڙي ڏيکاري ۽ راڄ سندس توسل ۾ رهيا. مينهن جي ضرورت وقت هيءُ پيءُ ۽ پٽ ڪامل تصرف ڪندا هئا. مير علي اصغر وڏي عمر جو ٿي گذاري ويو. جنهن صورت ۾ پنهنجو ڪو به اولاد ڪونه هوس، تنهن ڪري ]مير حسن علي[ مير حسن علي ولد سيد عبد الله بن سيد مير محمد بن سيد جلال ثاني، سندس ناٺي هجڻ جي تعلق سببان، گاديءَ تي ويٺو. ]مير لعلمير[:هاڻي مير حسن عليءَ جو فرزند رشيد مير لعلمير والد بزرگوار جو قائم مقام ۽ بزرگيءَ ۾ مشهور آهي. ]سيد جمال[: وڏي سيد عليءَ جو فرزند سيد جمال ٻنهي جهانن جي بزرگيءَ ۾ بيمثال ٿي گذريو آهي. هو ٻه فرزند 1- سيد علي محمد ۽ 2- سيد عبدالقدوس نالي ڇڏي ويو. سيد علي محمد ڪوبه فرزند ڪونه ڇڏي ويو ]باقي[ سيد عبدالقدوس، جو قدسي صفتن ۽ انساني خوبين سان موصوف ٿي گذريو آهي، انهيءَ اولاد ڇڏيو. جن مان: ]سيد الهڏنو[: سيد الهڏنو عرف سيد الو، ولد سيد شيخو(1) بن سيد احمد، بن سيد عبدالقدوس، مٿئين مير علي اصغر جو ناٺي هو. هو اولاد ڇڏي ويو، ۽ بزرگن جو نالو زندهه رکندي مقرر مدت کان پوءِ وفات ڪري ويو. ]سيد احمد[: ٻيو سيد احمد عرف سيد وڏو، ولد سيد حامد، بن سيد احمد، بن سيد عبدالقدوس هو. ]اهو پڻ[ وفات وقت ]188[ اولاد ڇڏي ويو. اگرچه سندن ٻيو اولاد پڻ موجود آهي. پر بندهه تبرڪ خاطر صرف هي نالا ذڪر ڪيا آهن. ]سيد جعفر[: سيد جعفر، بن سيد احمد، بن سيد محمد عرف ميران محمد، جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، وڏين بزرگين ۽ عجيب نشانين جو مالڪ ۽ شاندار خوبين جو صاحب پيدا ٿيو هو. آب داڻي موجب گجرات ملڪ جي نهر والا شهر ۾ وڃي ممتاز طرح پيري مرشدي جاري رکيائين ۽ ڀائرن وانگيان انهيءَ سرزمين جي وڏن پيرن مان شمار ٿيڻ لڳو. هن اتي شادي ڪئي، جنهن مان سيد احمد نالي هڪ عالي مقام فرزند ڄائو. هو جڏهن وڏو ٿيو تڏهن سندس والد کيس پنهنجي جاءِ تي وهاري پاڻ سنڌ ڏانهن موٽي آيو ۽ گذاري ويو، سندس اولاد اتي آهي جن جو مختصر حال ٻئي جلد ۾ مذڪور آهي(1). ]سيد قاضي ميان[: مٿئين سيد جي اولاد مان هاڻي سيد قاضي ميان ٿوري وقت کان، اتي جي ناظم جي مائٽيءَ ۽ قضا جي عهدي جي تعلق سببان، ڀروج ۾ رهي ٿو. هڪ نهايت انسانيت وارو مرد آهي. ]سيد حمزو[: سيد احمد بن جعفر جي اولاد مان سيد حمزي نالي هڪ نهايت نوراني پير سن 1165 هجري ۾ سورت بندر ۾ ڏٺو ويو، جو سير ڪرڻ لاءِ اتي آيو هو. سندس پيشانيءَ مان ڪماليت بکي رهي هئي. هاڻي پڻ اتي ئي ٻڌجي ٿو. هن بزرگ جي اولاد مان ٻيا به ڪي ماڻهو سپاهين جي لباس ۾ نظر مان گذريا آهن. سيد محمد شريف: ولد سيد احمد، بن سيد محمد عرف ميران محمد، جنهن جو ذڪر ٿي آيو، خانداني شرافت سان، شرف ۽ بزرگيءَ جو گادي نشين رهي، زندگي گذاري ويو آهي. سندس ٿوري اولاد پيڙهيءَ به پيڙهيءَ رهندي اچي. ]سيد لطف الله ۽ سندس اولاد[: سندس اولاد مان سيد لطف الله يادگار آهي. انهيءَ کان سيد مؤيد خان، پوءِ سيد محمود، پوءِ سيد لطف الله، وري سيد محمود، انهيءَ کان پوءِ سيد لطف الله عرف مير لطن ]پيدا ٿيا[. هيءُ بزرگ فقيري ۽ توڪل جي رستي جو سالڪ ۽ حـضرت شاهه عنايت الله صوفيءَ جي معتقدن مان هو. شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، سان پڻ مريدانه صحبت هوندي هيس. تسليم ۽ رضا جي درجي ۾ رهي، چڱي حالت ۾، هن بيبقا جهان کان موڪلائي، ويو. کانئس پوءِ سيد خادم عرف سيد ياسين پوئتي رهيو. انهيءَ کان پوءِ هاڻي سيد فضل علي وڏن جو يادگار آهي. سيد محمد حسين: ولد سيد احمد، بن سيد محمد عرف ميران محمد، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سندس ڄمڻ جي خبر، وقت جي صاحب، شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ ڏني هئي. ازانسواءِ ٻين ولين جهڙوڪ بيرکر گنج قلندر(1)، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، کي پڻ خبر پئجي ويئي هئي. سندس ڄمڻ جي تاريخ قرة اعين (اکين جو ٺار) مان سن 831 هجري جي مطابق نڪري ٿي. هو ڄام فتح خان بن ڄام سڪندر سمي جي ڏينهن ۾ ڄائو هو. چون ٿا ته ڄمڻ وقت اکيون نٿي کوليائين. شيخ عيسيٰ کي وڃي ٻڌايائون ته هو هڪدم زيارت لاءِ ڊوڙندو آيو. ۽ هن شيخ عيسيٰ جي منهن تي اکيون کوليون. شيخ ]ڏسي[ چيو ته هيءُ ئي اهو ماڻهو آهي جنهن جي مريديءَ لاءِ مون کي انتظار هو. الحمد [ جو مراد پوري ٿي. تنهن کان پوءِ ٽئين ڏينهن گذاري ويو. باقي ٻيون ڪرامتون، جي حمل، ٿـڃ پياڪي، پالپڻي ۽ ٻين وقتن تي کانئس ظاهر ٿينديون رهيون، سي حاجي محمد حسين ’صفائي‘ جي جوڙيل رسالي تذڪرة المراد ۾ بيان ٿيل آهن. سندس ذات سڳوريءَ جو مٽ سندس ڏينهن ۾ ته ڇا پر گذريل خواهه ايندڙ زماني ۾ به سنڌ اندر ڪو ورلي پيدا ٿيو هوندو. ڪيترا مشائخ سندس مريدي جي لاڳاپي تي فخر ڪندڙ آهن. هڪ وڏي جماعت سندس صحبت جي فيض سان هدايت جي رستي کي پهتي ۽ ولين ۽ متقين جي سلسلي ۾ داخل ٿي آهي. اڪثر ڪري ظاهري شريعت جي پابندي، وعظ نصيحت ۽ طالبن کي ارشاد ڪرڻ ۾ پنهنجا برڪت ڀريا ڏينهن گذاريندو رهندو هو. نقل آهي ته شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو پوٽو شيخ صدر الدين، پيري مرشدي جي غلغلي سان ٺٽي ۾ منزل انداز ٿي، سندن زيارت لاءِ آيو. ٻئي بزرگوار گڏجي وڏي جامع مسجد، ]189[ جا هاڻي مسجد ولي نعمت جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اصل ۾ سمن بادشاهن جي ٺهرايل هئي، ڏانهن روانا ٿيا. شيخ، واٽ ۾ هڪ مئل ٻلي ڏسي، اشارو فرمايو ۽ هوءَ هڪدم جيئري ٿي، اٿي کڙي ٿي. سيد مسجد ۾ ويهي هڪ خادم کي فرمايو ته ٻاهر نڪري جيڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ اچيئي، تنهن کي سڏ ڪر. خادم هڪ برهمڻ کي وٺي آيو. هو مسجد ۾ لنگهي، هڪدم ممبر تي چڙهي، وعظ ۾ مشغول ٿيو ۽ بسم الله جي لفظ جون چوڏهن معنائون ٻڌايائين. اتي سيد، شيخ کي چيو ته مئل کي جيئرو ڪرڻ بدعت آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ماڻهن کي ايذاءُ پهچي ٿو ۽ موت جو عذاب ۽ سزا وري وري چکڻي پوي ٿي. پر مئل دل کي جيارڻ، مشائخن جو طريقو آهي. جنهن تي شيخ، دل جي تصديق سان فرمايو ته تون مشائخن جي مراد آهين ۽ تو وٽان ئي مرادون حاصل ٿينديون. انهيءَ وقت کان وٺي، هن شاهه خدا آگاهه تي ”مراد“ جو لقب پئجي ويو. پاڻ انهيءَ لقب جي بدلي ۾ شيخ صدر الدين کي ”حليم“ جو لقب عطا ڪيائون ۽ انهيءَ تي پڻ اهو لقب يادگار رهيو. مسجد صفه سيد جي آثارن مان آهي. جا دراصل هندن جي هڪ عاليشان مڙهي هئي. هن جو ذڪر رسالي تذڪرة المراد ۾ موجود آهي. چون ٿا ته اهو بتخانو ڄام نندي جي وزير لکسير ناليءَ هندوءَ جو هو. جڏهن سندس گهر مسجد بنجي ويو، تڏهن هن سيد بزرگوار جي خدمت ۾ حاضر ٿي، مولي نالي پنهنجي پوٽي جي حق ۾ دعا گهرائي. پاڻ فرمايائونس ته شهر جي اتر پاسي ڏانهن اچي رهيو. ]انهيءَ پاسي ڏانهن[ جيترو به شهر هوندو سو تنهنجي پوٽي جي نالي مشهور ٿيندو. مولي ٺٽي مان اهوئي مطلب آهي. جنهن صورت ۾ هن دار فانيءَ مان دار باقيءَ ڏانهن لاڏاڻو ڪرڻ، نبين، ولين ۽ عام مخلوقات جو دستور آهي. تنهن ڪري هيءُ پڻ مقرر مدت گذرڻ کان پوءِ سن 893 هجري ۾ متڪئين علي الارائڪ(1) جي جماعت ۾ وڃي داخل ٿيو. ”ساجد مخلص“ سندس تاريخ آهي. هن سڳوري کي عباسي قاضين جي قبيله مان شادي ڪرڻ تي ٽي عالي گوهر فرزند ۽ ٽي پاڪدامن نياڻيون، زماني جي زينت، پوئتي رهيون. 1- سيد منصور، 2- سيد نعمت الله ۽ 3- سيد حماد. جنهن صورت ۾ هر هڪ جي اولاد گهڻي آهي. تنهن ڪري صرف سجاده نشينن ۽ ڪن ٿورن ٻين نامي گرامي بزرگن جو بيان تبرڪ طور ڪيو وڃي ٿو. ]سيد منصور[: مٿئين سيد محمد حسين جو هدايت وارو فرزند سيد منصور پيءُ بزرگوار کان پوءِ پيري مرشدي جي سلسلي ۾ پيءُ جو سجاده نشين ٿي رهيو. هو سڀني خوبين جو جامع ۽ شاندار ڪرامتن جو صاحب هو. ]سيد منصور جو اولاد[: کانئس پوءِ، سندس ناليرو فرزند، سيد احمد، بزرگيءَ جي گاديءَ جو مسند نشين ٿيو، ۽ وڏن جو دستور سهڻي نموني سان زندهه رکندو آيو. تنهن کان پوءِ سيد احمد جو فرزند، سيد محمد طاهر، وڏن جو جانشين ٿيو. هن ٿوري وقت کان پوءِ حرمين شريفين جي زيارت جو ارادو ڪيو، جنهن صورت ۾ سندس فرزند سيد عبدالرحمان صغير هو، تنهن ڪري پنهنجي صهري سيد شمس الدين ولد سيد حسين بن سيد منصور کي پنهنجي گاديءَ تي وهاريائين. هن شرط تي ته جڏهن سندس مٿيون فرزند لائق ٿيندو، تڏهن گادي سندس حوالي ڪندو. ٿوري وقت کان پوءِ خبر آئي ته سيد محمد طاهر اتي گذاري ويو. اتفاقاً سيد شمس الدين، هتي انهيءَ کان اڳ گذاري ويو. جيئن سيد محمد طاهر جو فرزند سيد عبد الرحمان اڃا ٻار هو تنهن ڪري سيد شمس الدين جو پٽ ]190[ سيد حسين پيءُ جو جاءِ نشين ٿيو. آخر سيد عبدالرحمان ولد سيد محمد طاهر وڏو ٿي مرحوم پيءُ جي امانت جو دعويدار ٿيو. اتي سيدن سڳورن سيد حسين جي بزرگيءَ جي ادب ۽ سندس محروميءَ جي ڊپ کان ٻه گاديون مقرر ڪيون. سيد عبدالرحمـــٰـن ولد سيد محمد طاهر، ٻن گادين جي فيصلي کان پوءِ، صفحه جي بيٺڪ، اضحي جي گوشت جي تقسيم، ۽ سواريءَ ۾ مقدم ۽ پهريون نمبر مقرر ٿيو. سيد عليءَ جي جاءِ نشين جي بيٺڪ کٻي پاسي ۾ مقرر ٿي. سيد عبدالرحمـــٰـن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ سيد منصور، تنهن کان پوءِ هن جو پٽ سيد عبدالرحمــــٰـن، پوءِ انهيءَ جو پٽ سيد محمد طاهر، انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد شجاع عرف سيد ناٿن وڏن جي گاديءَ سان سرفراز ٿيا. هاڻي سيد محمد طاهر عرف سيد ميرمحمد ولد سيد محمد شجاع پهرينءَ گاديءَ جو سجاده نشين، وڏن وارين خوبين جو مالڪ آهي. مٿي لکيل موجب ٻي گادي، سيد شمس الدين، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، جي پٽ سيد محمد حسين کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد کي ملي، انهيءَ کان پوءِ هن جو پٽ سيد محمد فاضل عرف سيد موٽڻ شاهه ٻيءَ گاديءَ جو وارث ٿيو. هو نهايت جلاليت ۽ ڪرامت سان گذاري ويو. هن جون ڏاڍيون ڪرامتون مشهور آهن. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد خليل کانئس پوءِ هن جو سڳورو پٽ سيد علي ٻيءَ گاديءَ جو سجاده نشين ، نهايت بزرگيءَ جي شان سان وڏن جو يادگار آهي. سجادهه نشينن جي بيان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ مٿئين پير جي اولاد مان ڪن ناليرن ماڻهن جو ذڪر تبرڪاً ڪجي ٿو. مير محمد محسن: مٿئين مير جي سڳوري اولاد مان چڱي حالت ۾ زندگي گذاريندو هو. هو وقت جي حاڪمن وٽ ممتاز هو. وقت جي شيخ مير مرزا جان جو ناٺي ٿيو جنهن مان ٽي فرزند پيدا ٿيس. پهريون مير محمد ڪلان جيڪو پنهنجي ميرزائي شان سان چڱو وقت گذاري ويو. هاڻي سندس پٽ مير اسد الله وڏن جو يادگار آهي. 2- مير ابن، جو پنهنجي مرضيءَ سان فقيري اختيار ڪري، صاحب حال جو رهي، حياتيءَ جو وقت گذاري، اولاد ڇڏي ويو. ۽ 3- مير غلام علي عرف مير کولو، جو سالڪن ۾ اويسي مشر ۽ حال ۽ قال جو صاحب رهي ڪري تازو گذاري ويو آهي. ]مير عبدالقدوس[: مير عبد القدوس، ولد سيد حامد، بن سيد حسن، بن سيد حامد، بن سيد شرف الدين، بن سيد حسين بن سيد منصور، جنهن جو بيان ٿي آيو، هڪ وقت جو وڏو عالم، بزرگيءَ جي شان جو مالڪ ۽ پاڻ جهڙن ۾ ممتاز پيدا ٿيو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ 1146 هجري آهي. آيت سڳوري ”هـُـم مـُـڪـَـرمـُـون فـِـي جناتِ النـِـعيم“ هن واقعي جي مطابق آهي. ]مير منصور علي[: هاڻي سندس حقيقي پٽ مير منصور علي، هڪ جوان وڏن جي راهه تي هلڻ جي توفيق رکندڙ يادگار آهي. مير محمد نعيم: مٿئين پير جي اولاد مان، ارشاد ۽ چڱيءَ حالت جو صاحب پيدا ٿيو ۽ وڏن واري سلوڪ جي رستي تي پوريءَ طرح هلي، گذاري ويو. سندس فرزند يادگار آهن. مشهدي سيد جي نجابت جي صفت ۾ مشهور آهن. سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق: ٻئي بزرگ ڀائر ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾، سن 901 هجري ۾، مشهد مقدس کان لڏي اچي ساموئيءَ ۾ وارد ٿيا جا ٺٽي جي ٻجهڻ هوندي به اڃا ڪن پيارن جي رهائش گاهه هئي. سيد يعقوب جي حالت ڪماليتن سان سينگاريل هئي. چون ٿا ته شينهن تي سوار ٿي آيو هو. عمرڪوٽ جي ويجهو سومرن جي گهراڻي جون ست پاڪدامن نينگريون ]191[ سما قوم جي ڪن رئيسن جي ظلم کان سندس پناهه ۾ اچي ساموئي پهتيون هيون، جيئن مٿي بيان ٿي آيو. آڪريه قوم جا وڏا جيڪي آڪره جا رهندڙ ۽ لوهارڪو ڌنڌو ڪري وقت گذاري رهيا هئا سي پڻ جڏهن سيد اچي انهيءَ پاسي ڏانهن لنگهيو، تڏهن سندس مريد ٿي خدمت ۾ رهڻ لڳا. آڪر انهيءَ قوم جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. انهن جي اولاد اڄ تائين مٿئين سيد جي مريد آهي. قصو ڪوتاهه ته سيد يعقوب پنهنجي زندگيءَ جو مقرر وقت گذاري سن 922 هجري ۾ هن دنيا مان سفر جو سامان ٻڌي ويو. سندس مزار ساموئيءَ ۾ آهي. هو پويان اولاد ڇڏي ويو. جن مان ڪي اڃا تائين تعلقي ڪڪرالي جي داري ديهه ۾ رهن ٿا. ڪي ٻين پاسن ڏانهن لڏي ويا آهن ۽ ٿورا آڪر ۾ رهي اتي گذاري ويا. ]سيد ملوڪ شاهه[: ٺٽي ۾ سيد ملوڪ شاهه پنهنجي وقت ۾ هڪ وڏو ڪمال ڌڻي ۽ حال جو صاحب ٿي گذريو آهي. هو قاضي سدوءَ جو مريد هو. سندس قبر مٿئين قاضيءَ جي ڀرسان مشهور آهي. ]سيد جلال الدين ۽ سندس اولاد[: ٻيو سيد جلال الدين، جو بزرگيءَ جي اخلاق سان سينگاريل ۽ بزرگن واري اعليٰ سلوڪ تي رهي گذاري ويو. کانئس پوءِ هڪ سيد خير الدين، ٻيو سيد شريف باقي رهيا. سيد خير الدين جي اولاد ۾ پشت به پشت عمدن اخلاقن سان موصوف ۽ فقيريءَ ۽ رضا جي راهه ۾ ڪامل سيد پيدا ٿيندا ۽ گذرندا رهيا آهن. هاڻي سيد محمود عرف سيد بولو سندن يادگار باقي آهي. سيد شريف جي اولاد مان پڻ هڪ ٻئي جي پويان بزرگ گذرندا آيا آهن هاڻي سيد سائين ڏني جو اولاد سيد ملوڪ ۽ سندس ڀائر وڏن جو يادگار موجود آهن. مٿين سيد يعقوب جو ڀاءُ سيد اسحاق پڻ ظاهري ۽ باطني ڪماليتن سان سينگاريل هو. پويان ڪا اولاد ڪانه ڇڏيائين. ڀاءُ سان گڏ دفن ٿيل آهي. ]سيد احمد ۽ سيد محمد[: سيد محمد عابد مشهديءَ جا فرزند سيد احمد ۽ سيد محمد جنهن وقت ايران ۾ شيعه مذهب جي غلبي ۽ غلو جي سببان ]سن 906 هجري[ مطابق تعداد لفظ مذهب ناحق، ۾ ايران جي اڪثر شهرن جي بزرگن ۾ اچي تفرقو ۽ لڏ پلاڻ پئي هئي، تنهن وقت حرمين جي ارادي سان لڏي سير ڪندي اچي سنڌ جي ملڪ مان لنگهيا ۽ سن 910 هجري ۾ ساموئي ۾ منزل انداز ٿي، دريا جي موسم جي انتظار ۾ رهي پيا. اتفاقاً سيد محمد جيڪو ظاهري ۽ باطني ڪماليتن سان سينگاريل هو، تنهن ٻئي جهان جو سفر اختيار ڪيو ۽ اولاد ڇڏي ويو. سندس وڏو ڀاءُ دل شڪستو ٿي اڪيلو رهجي ويو جنهن ڪري ٽڪي پيو. انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن شاهه بيگ اچي سنڌ پنهنجي قبضي هيٺ آندي ۽ ارغونن جي هڪ جماعت کي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين، جتي اڳيئي شافعي المذهب مغلن جي هڪ ٽولي رهندي هئي ۽ باغات ۽ کلي هوا ۾ اتي جي زمين ممتاز هئي، تڏهن سيد کي پڻ بزرگيءَ جي صفتن سان سينگاريل ڏسي کڻي رهايائين ۽ کيس لائق وجهه معاش مقرر ڪري ڏنائين. دل شڪستو سيد، فوتي ڀاءُ جي تعلق سببان ۽ پڻ انهيءَ ڪري جو هي زمين اصل کان وٺي ڪشش ڪندڙ آهي، هميشه لاءِ هتي رهي پيو ۽ چڱيءَ حالت ۾ هڪ جماعت جو مرشد ٿي، ڪمال وارن جي شڪل ۾ گذاري، عمر جو مقرر حصو پورو ڪيائين. ]سيد احمد جو اولاد[: کانئس پوءِ سندس ناليرو فرزند سيد محمد، پيءُ جو جانشين ٿيو ۽ ڪمال جي صفتن سان زندگي گذاريائين. کانئس پوءِ سيد داؤد انهيءَ کان پوءِ سيد احمد، انهيءَ کان پوءِ سيد يعقوب، هر هڪ پنهنجو دورو بزرگيءَ ۽ ڪمال سان پورو ڪيو. سيد يعقوب جي اولاد مان ٽي ڀائر هر هڪ سيد اسماعيل، سيد جلال ۽ سيد جمال ]192[ پيءُ سان گڏ هندوستان ڏانهن لڏي ويا ۽ اولاد سميت وڃي اتي رهيا. سيد يعقوب کان پوءِ سندس فرزند رشيد سيد داؤد، پيءُ جي جاءِ تي بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. هو هر قسم جي ڪمال سان سينگاريل هو. آخر شهيد ٿيو. سندس پٽ سيد محمد ظاهري علمن ۾ فائق هو. باطني علم ۾ پڻ چڱو بهرو هوس. انهيءَ کان پوءِ سيد ابوالمڪارم بلند اخلاقن ۾ مشهور هو. سيد علي بن سيد شرف الدين کان، جو حـضرت غوث الثقلين جي اولاد مان سير و سياحت جي خيال کان ٺٽي آيو هو، خلافت حاصل ڪئي هئائين. ظاهري علمن ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. جهانگير بادشاهه سندس ڪمال جون خبرون ٻڌي، کيس اولاد جي معاش لائق وظيفو ٻڌي ڏنو. جڏهن خسرو خان چرڪس سندس حويليءَ جي ڀرسان جامع مسجد تعمير ڪرائي تڏهن انهيءَ جو متولي به کيس بنايو ويو. سندس وفات جي تاريخ، 1065 هجري، ”ستون دين فتاد“ مان ڪڍي اٿن. کانئس پوءِ سندس پٽ سيد مرتضيٰ پڻ پيءُ واري ڪماليتن جي زيور سان سينگاريل هو ۽ فضيلت ۾ مشهور رهي ڪري پنهنجا برڪت ڀريا وقت پورا ڪيائين. درس للو، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، سندس وقت ۾ سندس پاڙي ۾ رهڻ لڳو هو. هن کان پوءِ، سندس پٽ، سيد محمود ڏاڏي مرحوم جي خلافت تي ويهي مريدن خادمن جو مرشد بڻيو. تنهن کان پوءِ سندس پٽ محمد اشرف نهايت مسڪينيءَ ۽ تقويٰ سان حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪيا. هاڻي سيد محمود عرف سيد پيرڏنو، جو صغير بچيو هو، وڏن جي خلافت جو جانشين آهي. ]سيد محمد قاسم[: سيد محمد قاسم بن سيد محمد بن سيد داؤد شهيد، جنهن جو بيان ٿي گذريو، مٿئين سيد احمد مشهديءَ جي اولاد مان، حق جي طالبن جي لسٽ ۾ داخل ۽ حال جو صاحب پيدا ٿيو. هو سيد جعفري رضوي بکري، جنهن جو بيان ٿيندو، جي هٿان سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو خليفو ٿيو. پير جي ميلي تي ٺٽي جي خلق کي پاڻ سان وٺي وڃڻ ۽ موٽائي آڻڻ، سندس ذمي آهي. شعبان مهيني ۾ هڪ خلاصو ميلو، ٺٽي ۾ سندس جاءِ تي ٿيندو آهي، جنهن ۾ فقير ٽولين جون ٽوليون اچي گڏ ٿيندا آهن. سندس وفات جي تاريخ ”في جنة العالية“ (1054) مان ڪڍي اٿن. ]سيد لطف الله[: سندس ڀاءُ سيد لطف الله عرف سيد لطف پڻ حسبي خواهه نسبي ڪمالات سان موصوف ٿي گذاريو آهي. ]سيد محمد قاسم جو اولاد[: سيد محمد قاسم کان پوءِ سندس سڳورو فرزند سيد فقير محمد پنهنجي ڀلاري پيءُ جو جاءِ نشين بڻجي خاص بزرگيءَ سان ٿي گذريو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد عابد وقت جو بزرگ ۽ هدايت جي آئيني جو روشن ڪندڙ ٿيو. کانئس پوءِ سيد حامد شاهه پوئتي رهيو. جڏهن هو گذاري ويو ۽ حقيقي اولاد ڪونه ڇڏيائين تڏهن خلافت جي دستار سندس کير - پياڪ صغير ڏوهٽي جي سر تي رکيائون ۽ سندس ناٺي سيد نظر علي ولد سيد محمد طاهر، عرف سيد مير محمد، جو پير مراد شيرازي انجوي جي سجاده نشين جي پيڙهيءَ مان هو، هن سلسلي جو بااختيار سنڀاليندڙ مقرر ٿيو. هو دستور موجب پنهنجي ميلي، ۽ سيد عبدالڪريم جي ميلي تي خلق کي وٺي وڃڻ جو سنڀاليندڙ آهي. سيد نظر عليءَ جو صغير پٽ ٻه - ٽي سال ناني جي دستار جو مالڪ رهي ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. هاڻي يارهن سالن جو نينگر مير نجم الدين هن بزرگيءَ جي بار جو کڻندڙ آهي. ۽ سندس ڏاڏنگ مان سيد پير ڏنو، سيد محمد حسن ولد سيد ابوالبقا، ۽ سيد عماد الدين بن سيد ابوالبقا بن سيد محمد بن سيد داؤد شهيد کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود ڪونهي. شيرازي عرف شڪر الاهي سيد: هنن جا وڏا حسب ۽ نسب جي بزرگيءَ ۽ شان ۾ مشهور ۽ سندن قديم بزرگي معتبر ڪتابن ۾ مذڪور آهي. ]قاضي سيد شڪر الله[: قاضي سيد شڪر الله، ولد سيد وجہ الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن امير نسيم الدين محمد عرف مير ڪشاهه، بن امير عطاءَ الله جمال الدين محدث، بن فضل الله بن مير عبدالرحمان، بن عبد اللطيف حسيني دشتڪي - امير نسيم الدين، امير جمال الدين، سندس چاچي مير لعل الدين ۽ سندس ڪن سؤٽن جو بيان، جهڙي طرح قاضي نور الله شوستري حبيب السير کان ]193[ نقل ڪيو آهي ۽ جيئن روضته الصفا، هفت تعليم ۽ ٻين معتبر ڪتابن ۾ مذڪور آهي، تيئن بجنسي ٻئي جلد ۾ لکيو ويو آهي. هتي ٻيو دفعو لکڻ جي جرات نٿي ڪجي. جيئن تاريخ طاهري وغيره ۾ لکيل آهي، مٿيون سيد سن 906 هجري ۾ هرات کان قنڌار ۽ اتان شاهه بيگ جي حڪم سان سن 927 هجري ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ مرزا شاهه حسن ولد شاهه بيگ جي ڏينهن ۾ هن نئين فتح ٿيل سر زمين ۾ قضا جي عهدي سان سرفراز ٿيو. اصل ۾ سندن آمد واپارين جي شڪل ۾ ٿي هئي. نقل - شاهه حسن امتحان خاطر هڪ واپاري کان گهوڙا خريد ڪري قيمت ادا ڪرڻ ۾ سستي ڪئي. واپاري مايوس ٿي شريعت جي ڪورٽ ۾ دعويٰ لاءِ اچي حاضر ٿيو. جنهن صورت ۾ دين جي قاعدي ۽ دعوائن جي فيصلي ۾ شاهه ۽ گدا برابر آهن تنهن ڪري قاضي بادشاهه ڏانهن سمن موڪلي ۽ ديندار بادشاهه پڻ هڪدم اچي حاضر ٿيو. جنهن صورت ۾ هن کان اڳ دستور هو ته مدعي ۽ مدعاعليه کي هڪ هنڌ بيهي دعويٰ بابت سوال جواب ڪرڻو هو، تنهن ڪري قاضي بندوبست ڪري ڇڏيو هو جيئن بادشاهه مدعيءَ کان هڪ وک به مٿي نه وڌي سگهي. جڏهن بادشاهه جو مقصد رڳو امتحان وٺڻ هو تڏهن هڪدم مدعيءَ کي راضي ڪري ڇڏيائين. هاڻي قاضي اٿي هميشه جي دستور موجب بادشاهه جي خدمت بجا آندي ۽ موزون جاءِ تي ويهاريو. ٿوري دوستانه صحبت کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي بادشاهه چيو ته ”ڪمر ۾ هيءُ خنجر انهيءَ لاءِ آندي هيم ته جيڪڏهن توهان منهنجي رعايت ڪري، شريعت جو قانون ڇڏي ڏيو ۽ خدمتگارن مان ڪوبه سيديءَ ۽ بزرگيءَ جو خيال رکي چُون چرا نه ڪري ته مان پنهنجي هٿ سان هن هٿيار جي ذريعي سيکت ڏيندس“ . سيد پڻ گاديءَ جي هيٺان اگهاڙي ترار ڪڍي ڏيکاري ته ”مان پڻ اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاهه شريعت جي خلاف هلت ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪوبه ماڻهو ويجهو اچڻ جي جرات نه ڪري ته مان پاڻ هن ترار سان شرعي سياست بجا آڻيندس“ . هن نقل جو مضمون تاريخ طاهريءَ ۾ لکيل آهي. قصو ڪوتاهه، اها صحبت پوري ٿي ته ٿورن ڏينهن کان پوءِ قاضيءَ هن خدمت کان استعيفا ڏيئي چيو ته ”بشريت جي ڪمزوريءَ کان ڪوبه خالي نه آهي. آءٌ هيءُ ڳرو بار کڻي نٿو سگهان“ . آخر سندن ئي ڏس تي قاضي شيخ محمد اُچ واري کي گهرائي انهيءَ خدمت تي مقرر ڪيو ويو. بزرگن کان ٻڌو ويو آهي ته جتي پاڻ اچي رهيا ۽ انهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سندن اولاد رهندو اچي، اتي انصار قبيلي جان پويان رهندا هئا. گهڻي زماني گذرڻ ڪري انهن مان ڪو ڪو نه رهيو. سيد شڪر الله جي اولاد مان سيد محمد محسن، ولد سيد علي اڪبر، ولد سيد عبدالواسع کان ٻڌو ويو آهي ته انهيءَ قبيلي جا ڪي ماڻهو سنڌ جي ٻاهراڙين ۾ رهندا آهن ۽ انهن مان هڪ پوڙهو ماڻهو، ڪڏهن ڪڏهن ٺٽي ۾ ايندو هو ته اسان سان ملڻ به ايندو هو. مقام جو چبوترو، جنهن ۾ بزرگ آرامي آهن، سو به پهريائين انهن جو هو. ڪي قبرون اڃا موجود آهن. چون ٿا ته آڪر جي رهاڪو انصارن جو هڪ ٻيو قبيلو ڏاڍي طاقت ۽ مشهور دولت وارو هڪ وڏو قبيلو هو. مشهور خواجه، خواجه شڪر جي اولاد، جن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏ برهان پور کان آيا هئا، سي به دراصل انهن جا گماشتا هئا. ]194[ آخر سندن دولت جي زوال کان پوءِ ٺٽي جي الهندي واري مشهور محله ۾ خواجن ناميارو عروج حاصل ڪيو. انهن کان پوءِ ڪشمشي واپارين جي قوم ڪنڌ کنيو ۽ پنهنجو وارو وڄايائون. قصو ڪوتاهه، سيد قاضي شڪرالله انصارن مان شادي ڪري، انهيءَ قبيلي مان سيد ظهير الدين نالي هڪ پٽ ڄڻيو جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو. چون ٿا ته مٿئين سيد سان ٽي ٻيا به وڏا ڪمال جا صاحب بزرگ ٺٽي آيا هئا ۽ انهن دوستن جي وچ ۾ هڪ خاص اتحاد هوندو هو. اهي سيد منبه، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله آهن جن مان هر هڪ جو بيان پنهنجي جاءِ تي ايندو. سيد شڪر الله وفات جي وقت پنهنجي ناليري پٽ کي وصيت فرمائي هئي ته ”پنهنجي اولاد کي مشڪل پيش اچڻ وقت هنن يارن مان ڪنهن به هڪڙي ڏانهن رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري“ . انهيءَ فيصلي موجب سيد شڪر الله ثاني جي ٻنهي فرزندن سيد محمد حسين ۽ سيد ظهير الدين ثانيءَ جي اولاد، سيد منبه سان تعلق رکندڙ آهي. سيد نظام الدين جي اولاد، سيد ڪمال سان لاڳاپيل ۽ سيد عبدالرحمان جي اولاد، سيد عبدالله جي دامن کي جهليندڙ آهي. سيد شڪر الله جي قبر سيد عبدالله جي درگاهه جي الهندي ۾ خدا وارن لاءِ زيارت گاهه آهي. ]مير ظهير الدين[: سندس انتقال کان پوءِ سندس هدايت وارو پٽ مير ظهير الدين ولد سلام عرف مير جادم والد بزرگوار جو جانشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱيءَ حالت جو مالڪ هو. ظاهر ۾ پرهيزگاري، شريعت جي پابندي ۽ درس تدريس ۾ ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ ۽ وڏن جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو. وفات ڪرڻ وقت ٻه پٽ 1- سيد شڪر الله ثاني، ۽ 2- سيد عبدالرحمان نالي ڇڏي ويو. سيد شڪر الله ثاني: پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل پيدا ٿيو هو ۽ زماني ۾ نالي نيڪيءَ سان زندگاني گذاريائين. کانئس پوءِ چار برگزيدا فرزند پوئتي رهيا. 1- سيد محمد حسين، 2- سيد نور محمد، 3- مير ظهير الدين ثاني، ۽ 4- سيد لطف الله. ]سيد محمد حسين ۽ سندس اولاد[: سيد محمد حسين پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ حسبي خواهه نسبي ڪماليت سان موصوف هو. هو ٻه پٽ 1- سيد مير محمد 2-سيد عبدالواسع ڇڏي ويو. سيد عبدالواسع پڻ ٻه پٽ ڇڏيا 1- سيد علي اڪبر 2- سيد علي اصغر. هر هڪ فضيلت ۽ حالت ۾ وڏن جي رسمن جو يادگار هو. سيد علي اڪبر ٻه سڳورا فرزند ڇڏي ويو. 1- سيد ابوالقاسم 2- سيد محمد محسن. سيد ابوالقاسم، سيد شاهه والي نالي هڪ پٽ ڇڏيو. جيڪو بزرگيءَ جي صفتن سان موصوف ۽ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ زندگي گذاري ويو. هو مخدوم رحمت الله جو شاگرد هو. ”تحفة المجالس“ جهڙو ڪيترن علمن جو جامع نسخو سندس يادگار آهي. املا، انشاءِ ۽ شعر ۾ صاف طبيعت ۽ ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو. قاضي محمد يحيٰ جي ڀاءُ قاضي محمد امين جي وفات جي تاريخ ”الحافظ لحدود الله“ 1139(1) مان ڪڍي هئائين. سن 1150 هجري ۾ تعلقي ڪڪرالي ۾ پنهنجي جاگير جڳت پور جي ڳوٺ ۾ گذاري ويو. سندس لاش شهر ۾ کڻي آيا. سندس شاگرد لطف الله ڪتابي وفات جي تاريخ ”قدفات في عشقه“ (2) مان لڌي آهي. کانئس پوءِ ٻه فرزند رهيا 1- مير سراج الدين ابو القاسم 2- مير محمد ناصر - مير محمد ناصر دلي دوستن کي جوانيءَ ۾ ئي جدائي جو داغ ڏيئي سن 1178 هجري ۾ گذاري ويو. سندس فرزند مير شڪر الله عرف ڇتن نالي يادگار آهي. مير شاهه وليءَ جو وڏو فرزند مير سراج الدين ابوالقاسم، وڏن جي وصفن سان ]195[ موصوف، وڏن جو يادگار ۽ گادي نشين ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي. اتفاقاً 23 ذوالقعد سن 1184 هجري(3) ۾ گذاري ويو. شعر جو چڱو ملڪو هوس. قرآن شريف مان تاريخ ڪڍڻ ۾ ته معجزو ڪري ڏيکاريندو هو. اخلاص خاطر شعر جي مشق راقم الحروف وٽ ڪندو هو. ]سيد عبدالرحمان ۽ سندس اولاد[: وڏي سيد ظهير الدين والاسلام عرف مير جادم جوپٽ سيد عبدالرحمان ٽي پٽ ڇڏي ويو. 1- سيد محمد، 2- سيد وجه الدين ۽ 3- سيد عنايت الله. سيد محمد، سيد عبدالعلي نالي هڪ پٽ ڇڏيو، جنهن کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. پٿر جي قبر چبوتري سان، سندس دفن ٿيڻ جي جاءِ آهي. سيد وجه الدين پڻ سيد محمد سعيد نالي هڪ پٽ ڇڏيو جنهن کي پڻ ڪو به يادگار ڪونه آهي. سيد عنايت الله ولد سيد عبدالرحمان وفات ڪرڻ کان پوءِ سيد اسد الله پويان ڇڏيو. سيد اسد الله کي ٻه پٽ ٿيا 1- سيد عنايت الله عرف سيد بولو ۽ 2- سيد محمد، جنهن ڪو پٽ ڪونه ڇڏيو سيد عنايت الله عرف سيد بولي کان پوءِ ٻه پٽ رهيا 1- سيد غلام شاهه 2- سيد غلام اوليا - سيد غلام شاهه تازو ٽي پٽ ڇڏي گذاري ويو. سيد غلام اوليا ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري خواهه باطني علمن جي تحصيل ڪري، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري، هميشه جي دستور موجب، هر روز سيد عبدالله جي زيارت تي ويندو هو، ۽ پنهنجا برڪت ڀريا وقت چڱن ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو ڌڻي ٿي پيو هو ۽ عين جواني ۾ هن فاني جهان کي رخصت ڪري، مريدن جي خاص جماعت ڇڏي ويو. هر مهيني جي 21 تاريخ، سندس وفات جي ڏينهن مطابق مريدن جي جماعت سندس زيارت تي اچي، ختمو ۽ خيرات ڪري مشڪلاتون حل ڪرائيندا آهن. ]سيد نور محمد ۽ سندس اولاد[: سيد شڪر الله ثاني جو پٽ سيد نور محمد، پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽ دين ۽ يقين وارن جو مرجع هو. پاڻ گذاري ويو ته سيد نظام الدين يادگار رهيو. سيد نظام الدين علم ۽ ڪمال ۾ منظم ۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو. چار پٽ ڇڏي ويو. 1- سيد نعمت الله، 2- سيد نور محمد ثاني، 3- سيد فضل الله ۽ 4- سيد محمد شفيع. سيد نعمت الله فضل ۽ ڪمال جو علمبردار ۽ بزرگيءَ جي سڀني خوبين جو جامع هو. سندس انتقال کان پوءِ سيد عطاءُ الله ڏاڏي جي اولاد ۾ نهايت ممتاز حيثيت ۾ گذاريو. هن شان و شوڪت ۾ مير لطف الله شيرازي ۽ ٻين وڏن رئيسن جو مٽ رهي، زندگي گذاري، ٻه فرزند سڳورا 1- سيد عبدالله ۽ 2- سيد محمد ناصر ڇڏي ويو. سيد عبدالله نهايت ڪمال جو صاحب هو ۽ نقشبندي سلسلي سان تعلق هوس. وفات کان پوءِ ڪوبه اولاد ڪونه ڇڏيائين. سيد محمد ناصر تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير پيدا ٿيو. چون ٿا ته سڄي عمر ۾ ڪڏهن به ڪنهن زال جو منهن ڪونه ڏٺو هئائين ۽ حيوانن ۾ نر ۽ ماديءَ جو فرق نه ڪري سگهندو هو. نقشبندي سلسلي ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪري، مريدن جو مقصد ۽ حاجتمند جو مرجع رهيو. نقل آهي ته مٿئين سيد جي ڏينهن ۾ اوچتو اچي ڏڪار پيو. ماڻهو مهانگ ۽ وبا ۾ گرفتار ٿي وڃي ولين جي قبرن تي ملتجي ٿيا. هڪ بزرگ خواب ۾ ڏٺو ته جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪامل پرهيزگار، جنهن عمر ڀر پنهنجي اُوگهڙ به نه ڏٺي هجي، ٻاهر نڪري باران نماز پڙهائيندو ته پوءِ البت دنيا تي رحمت جي مينهن جي پالوٽ ٿي سگهندي. پوري ٺٽي ۽ ان جي آس پاس ۾ سيد جي شخصيت کان سواءِ ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه لڌو. هڪڙي بزرگ پڻ خواب ۾ سندن ڏس ڏنو. نيٺ ماڻهو ]196[ قاضي محمد حسين ڏانهن ويا جنهن کين تڪليف ڏني. اگرچه پاڻ، ڏيکاءَ ۽ ڪرامتن جي مشهوري، جا هن خاندان ۾ منع آهي، جي خوف کان قبول نٿي ڪيائون پر سندن والده پڻ تحريڪ فرمائي. چون ٿا ته جڏهن سندن والده کين ]ٻاهر نڪري نماز پڙهائڻ جي[ تڪليف ڏيڻ لڳي تڏهن چيائين ته ”هن نموني ظاهر ٿيڻ کان پوءِ شايد هن جهان کان موڪلائڻو پوندو“ . جنهن تي سندس توفيق واري ماءُ فرمايو ته ”جيڪڏهن خدائي ارادو اهڙي طرح جاري ٿيڻو آهي ته دنيا جي آرام جي مقابلي ۾ جيڪا به سندن رضا هجي سا ڀلي ظاهر ٿئي“ . تقدير جو اتفاق ڏسو جو باران نماز، جا خلق تان مهانگ ۽ وبا جي مصيبت رفع ٿيڻ جو باعث ٿي، کان پوءِ، سيد دنيا کان سفر ڪري ويو. جيئن ته شادي ڪانه ڪئي هئائين تنهن ڪري اولاد ڪونه ڇڏيائين. سيد نور محمد ثاني ولد سيد نظام الدين، جنهن جو بيان ٿي گذريو، ٻه فرزند ڇڏي ويو. 1- سيد ابوالقاسم، ۽ 2- سيد نظام الدين ثاني. سيد ابوالقاسم وڏن جي رستي تي چڱيءَ طرح هلي، وفات وقت سيد مير ڪشاهه پويان ڇڏي ويو. هو فضيلت ۾ ممتاز هو. ۽ پنهنجي مامي قاضي محمد يحييٰ سان گڏ هندستان وڃي وجه معاش ۽ اولاد پيدا ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ گذاري ويو ۽ پٽ ڪونه ڇڏيائين. سيد نظام الدين ثاني، فقہ ]جي علم[ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي جذبي جي وس ٿي، جهان آباد (دهليءَ) ڏانهن هليو ويو ۽ فتاوري عالمگيريءَ متعلق ٻين عالمن جا ڪيئي مشڪل حل ڪيائين. بادشاهه کي خبر پيئي، تنهن عهدي قبول ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي قاعدي موجب علم وارن کي نوڪر جي نالي سان نه سڏيندا هئا. ]سيد[ انهيءَ کان انڪار ڪيو. تنهن تي بادشاهه وظيفي قبول ڪرڻ جي تڪليف ڏني ته به سيد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد ئي، اتي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين. کانئس پوءِ ٻه فرزند رهيا هڪ سيد عرب شاهه، ٻيو سيد احمد. سيد عرب شاهه کي پڇاڙيءَ ۾ جذبي جي حالت پيدا ٿي پيئي، وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين. سيد احمد جو هڪ فرزند سيد عطاءُ الله نالي باقي آهي. جنهن خدا جي قدرت سان شادي ڪري فرزند ڄڻيا ۽ سڀني جي وفات ڪرڻ ڪري عين جوانيءَ ۾ مجذوب ٿي پيو. وڏي سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني جي فرزند سيد فضل الله ٻه فرزند ڇڏيا 1- سيد رحمت الله عرف سيد مهتو، ۽ 2- سيد ابوالحسن. سيد رحمت الله وقت جو وڏي ۾ وڏو متقي ۽ ڀلي ۾ ڀلو ولي هو. هن سيد ڪمال جي درگاهه تان فيض پرايو هو. ۽ ڪمال جي صاحبن مان هڪ وڏيءَ جماعت جي صحبت ۾ رهي، نقشبندي سلسلي جي نسبت ممتاز حيثيت جو مالڪ ٿيو هو. هو پڪن مريدن جي هڪ جماعت ڇڏي ويو جا اڃا تائين هر مهيني جي پنجين تاريخ سندس وفات جي ڏينهن مزار تي ختمو، زيارت ۽ خير خيرات ڪندي، ڏاڍو فيض پرائيندي اچي. هو پويان سيد محمد صادق کي ڇڏي ويو، جو وڏيءَ عمر کي پهچي فاني جهان ڇڏي ويو ۽ نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائين. مٿئين سيد فضل الله جي پٽ سيد ابوالحسن، سيد ابوالبقا نالي هڪ پٽ ڇڏيو. وڏي سيد نظام الدين، بن سيد نور محمد، بن سيد شڪر الله ثاني جو فرزند سيد محمد شفيع، حق جي واٽ جو سالڪ، مشهوريءَ کان پري ڀڄندڙ هو، ۽ نهايت فضل ۽ ڪمال سان رهي گذاري ويو. هن سيد محمد جعفر نالي هڪ پٽ ڇڏيو جو بزرگيءَ ۽ چڱيءَ حالت ۾ رهي گذاري ويو. هن کان پوءِ سندس پٽ، سيد بزرگ نالي، جاءِ نشين ٿيو، جيڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ مجذوب ٿي پيو ۽ ڪجهه وقت انهيءَ حالت تي رهي گذاري ويو. ]سيد مير محمد[: سيد مير محمد بن سيد حسين ولد سيد شڪر الله ثاني، سيد محمد حسين نالي هڪ پٽ ڇڏي ويو، انهيءَ سيد محمد سعيد نالي هڪ پٽ ڇڏيو. ]197[ انهيءَ مان سيد محمد مير نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن نرينه اولاد ڪانه ڇڏي. ]سيد علي اصغر ۽ سندس اولاد[: سيد علي اصغر، ولد سيد عبدالواسع، بن سيد محمد حسين، بن سيد شڪر الله ثاني، ٽي پٽ ڇڏي ويو: 1- سيد حبيب الله عرف سيد ساجو، 2- سيد فتح محمد عرف سيد ڦتو، ۽ 3- سيد محمد فاضل. سيد حبيب الله ٽي پٽ ڇڏي ويو: 1- سيد محمد حسين عرف ماڪر پيو، 2- سيد صالح محمد عرف سيد ٺاريو ۽ 3- سيد مڱيلڌو. سيد محمد حسين عرف مير ماڪر پيو پير قمر الدين نالي فرزند ڇڏي ويو. باقي سيد صالح محمد عرف سيد ٺاريو ۽ سيد مڱيلڌو حيات آهن. سيد فتح محمد عرف مير ڦتو چار پٽ ڇڏي ويو: 1- سيد مراد علي ]عرف[ پارو، جيڪو سن 86 هجري ۾ گذاري ويو ۽ سندس پٽ مير ذوالفقار علي يادگار آهي. 2- سيد علي جيڪو فرزندن سميت حيات آهي، 3- سيد محمد فاضل: هو پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو ۽ ٻه فرزند ڇڏي ويو، 4- سيد فقير محمد: جيڪو پڻ پيءُ جي نشاني باقي آهي. ]سيد محمد محسن[: سيد محمد محسن ولد سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪر الله ثاني. ڏاڍي بزرگيءَ سان وڏيءَ عمر ۾ 25 ربيع الثاني سن 1158 هجري ۾ گذاري ويو ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين. ]سيد ظهير الدين ثاني ۽ سندس اولاد[: سيد ظهير الدين والاسلام عرف جادم ثاني ولد سيد شڪر الله ثاني، علم، عمل، پرهيزگاري ۽ تقويٰ ۾ وڏن جي وصفن جو نچوڙ هو. کانئس پوءِ سيد محمد مقيم بزرگيءَ جي رستي تي مقيم (قائم) رهيو. هو ٻه پٽ: 1- سيد محمد ڪاظم 2- سيد محمد سعيد ڇڏي ويو. سيد محمد ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو، ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ننڊ ۾ جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي، خلوت ۾ پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جي قلبي ذڪر ٻڌندا هئا. آخر پاڻيهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ڪماليتون هيس، جيڪي شمار کان ٻاهر آهن. هو ٻه پٽ 1- سيد محمد عارف 2- سيد عزت الله ڇڏي ويو. سيد محمد عارف، قوت، بهادري ۽ سير و شڪار جي خوبين ۾ وقت جي عجائبات مان هو. شادي ڪرڻ کان پوءِ عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو ۽ ڪو نرينه اولاد ڪونه ڇڏيائين. سيد عزت الله نيڪيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾، وڏن جي رستي تي چڱيءَ طرح هلي گذاري ويو. سندس رحلت جو واقعو سن 1161 هجري ۾ آهي. ”بارحمت ايزدي پيوست“ سندس تاريخ آهي. هو ڇهه فرزند ڇڏي ويو. 1- سيد فخر الدين، 2- سيد يار محمد ، 3- سيد امين محمد، 4- هنن ورقن جو ڪارو ڪندڙ بنده علي شير، 5- سيد محمد صلاح عرف سيد محمد شاهه، ۽ 6- سيد ضياءُ الدين. سيد فخر الدين حياتيءَ جو وقت ڏاڍي بزرگيءَ هوندي به سادگيءَ جي نموني تي گذاري 22 ذوالقعد سن 1184 هجري(1) وڃي خدائي رحمت کان واصل ٿيو. مير حيدر علي نالي هڪ صاحب توفيق فرزند ڇڏيائين. سيد يار محمد بزرگانه وضع سان، نهايت انسانيت ۽ حسبي خواهه نسبي ڪمال سان موصوف رهي تاريخ 19 شعبان سن 86 (1186) ۾ رحلت ڪري ويو. ٻه فرزند 1- مير ڪريم الدين 2- مير عظيم الدين ]ڇڏيائين[. مير عظيم الدين جو سمجهه سان ٿيندي ئي نهايت بلاغت سان ڀريل، موزون طبع رکي ٿو، هن وقت تائين زندهه آهي. سيد امين محمد(1) ٻنهي پٽن 1- سيد صدر الدين، ۽ 2- سيد محمد انور سميت ]زندهه آهي[. هن ڳالهه جو لکندڙ بنده علي شير پڻ ٻن تازه ڄاول فرزند مير غلام علي ۽ مير غلام ولي الله، جن جي نالن جا عدد سندن ڄمڻ جو سال ڏيکارين ٿا، سان يادگار موجود آهي. سيد محمد صالح عرف محمد شاهه، غريبي حال ۽ مسڪيني نموني سان نهايت سادگي ۽ بي نفسي ]جي حالت[ ۾ (گذاري) خدائي گهر موجب 22 جمادي الثاني سن 1186 هجري ۾ دوستن کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي ويو. مير ضياءُ الدين وڏن جي يادگارن جي سلسلي ۾ زندهه آهي.(2) سيد محمد سعيد ولد سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين والاسلام عرف جادم ثاني، هڪ فرزند سيد محمد اشرف نالي ڇڏي ويو. سيد محمد اشرف وڏن واري نهايت غربت واري وضع ۾ رهي، ٻه فرزند 1- سيد جادم،2- سيد محمد سعيد نالي ڇڏي، گذاري ويو. سيد جادم اوچتو ڦوهه جوانيءَ ۾ وڃي رب جي رضا سان واصل ٿيو. سيد محمد سعيد شادي ڪري ٻار ڄڻيا ۽ اهل عيال سميت هن بي بقا گهر مان لڏي ويو ۽ ڪوبه نالو وڏن جي يادگار طور ڪونه ڇڏيائين. سيد شڪر الله جي اولاد مان ڪن جا نالا ناواقفيت سبب هن ڪتاب ۾ داخل نه ٿي سگهيا آهن. اميد ته اها تقصير معاف ڪئي ويندي. سيد ڪمال ۽ سيد جمال: ٻئي بزرگوار، ڀلارن جو نچوڙ، ڀائر، اصل حسيني گهراڻي شيراز جا رهندڙ، مٿئين سيد شڪر الله جي دوستي ۽ رفاقت ۾ ٺٽي ۾ آيا آهن. جنهن صورت ۾ ٻنهي ڇڙوڇڙمل رهي زندگي گذاري، تنهن ڪري کانئس پوءِ ڪابه اولاد ڪانه رهي. سيد ڪمال نهايت گهاٽو يار، ]198[ انهن چئن يارن ۾ داخل آهي، جن جو بيان سيد شڪر الله جي ذڪر ۾ ٿي آيو. وفات کان پوءِ رهڻ واري حويليءَ ۾ دفن ٿيو سندس زيارت جي برڪت ملڪين مشهور ۽ سندس توسل جون ڪرامتون، خاص خواهه عام ماڻهن ۾ مذڪور آهن. سيد جمال گذاري ويو ته کيس سيد عبد الله جي درگاهه جي الهندي ۾ سيد شڪر الله جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. صاحب دل ماڻهو سندس زيارت کان فيضياب ٿيندا رهن ٿا. سادات مازندراني عرف لوڌي سندن وڏو، سيد بدر الدين مازندران ڇڏڻ کان پوءِ شاندار درگاهن(1) جي زيارت سان مشرف ٿي سن 967 هجري ۾ عربي سمنڊ جي رستي ديول بندر تي لهي، رهڻ لاءِ ٺٽي روانو ٿيو، جڏهن ساڪوري پرڳڻي جي هالا ڳوٺ ۾ پهتو تڏهن انهيءَ ڳوٺ جي ناليري بزرگ سيد سلطان شاهه برقعه پوش عرف لوڌي، سيد جي اچڻ جي خبر ٻڌي کيس اتي رهڻ جي تڪليف ڏني. هن جي صحبت سندس دل کي ڪشش ڪئي ۽ سيد بدر الدين هميشه لاءِ اتي ئي رهجي پيو. تقدير ٿوري وقت کان پوءِ سيد سلطان شاهه گذاري ويو. سندن نياڻيءَ جي شادي سيد بدر الدين سان ڪرايائون. سيد کي مقرر وقت ۾ انهيءَ معصومه مان ٽي پٽ ڄاوا. 1- سيد لوڌي، 2- سيد جنيد، 3-مير ڪمال الدين محمد. سيد لوڌي ۽ سيد جنيد ٻئي انهيءَ ڳوٺ ۾ گذاري ويا. سندن ۽ سندن اولاد جون قبرون انهيءَ ڳوٺ ۾، جو گهڻي عرصي کان ويران آهي، يادگار آهن. ]سيد ڪمال الدين ۽ سندس اولاد[: سيد ڪمال الدين محمد، سهڻين ڪماليتن سان سينگاريل پيدا ٿيو. هو گهڻو ڪري مڪليءَ جي بزرگن جي زيارت کان فيضياب ٿيندو هو. اتي سيد ظهير الدين والاسلام عرف مير جادم وڏي سان سندس ملاقات جو اتفاق ٿيو. رفتي رفتي ڳالهه دوستيءَ کان وڌي وڃي اتحاد کي پهتي، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ سيد ڪمال الدين اچي، ٺٽي ۾ مٿئين سيد جي پاڙي ۾ رهيو ۽ اتحاد جو سلسلو وڌيڪ مضبوط ڪيائين. هو ٽي پٽ هر هڪ 1- مير ابوالفتح 2- مير مظفر 3-مير عبدالخالق، ڇڏي ويو. مير ابو الفتح وفات وقت ٽي فرزند ڇڏيا 1- سيد محمد 2- سيد محمد پناهه 3- سيد محمد شاهه. مير عبدالخالق کان پڻ ٽي پٽ، 1- مير بيگ محمد 2- مير جهنڊو 3- مير سيد(1) رهيا. مير سيد محمد ولد سيد ابوالفتح بن مير ڪمال الدين، جنهن جو بيان ٿي آيو، ٻه پٽ ڇڏيا. 1- مير عبدالعلي 2- مير عبد النبي. مير عبدالعلي شريعت جي پابندي ۽ علمي قابليت ۾، پنهنجي وقت ۾ ناليرو ٿي رهيو. سڪرن جي محلي ۾ مهر نالي هندن جي مڙهي زوريءَ ڀڃي، مشهور مسجد ٺهرايائين. کانئس پوءِ سيد محمد عرف مير شيخو رهيو. جنهن جا پٽ 1- سيد محمد ملوڪ، 2- سيد محمد پناهه، 3- سيد محمد شاهه، ۽ 4- سيد عالم شاهه، هئا. انهن مان سيد محمد ملوڪ ٻه پٽ 1- سيد محمد پناهه 2- سيد محمد شاهه ڇڏي ويو. سيد محمد پناهه هڪ پٽ ڇڏي وفات ڪري ويو. ۽ سيد محمد شاهه اڃا تائين حيات آهي. سيد عالم شاهه عرف مير جمال الدين عمر جهان آباد (دهليءَ) ۾ گذاري، پوين ڏينهن ۾ روهڙيءَ اچي هميشه لاءِ رهجي پيو. کانئس پوءِ ٻه پٽ رهيا سيد وجه الدين ۽ 2- سيد محمد ثاني. مٿئين سيد ڪمال الدين جي ٻي اولاد پڻ پنهنجي وقت ۾ ناليري ٿي. جن مان ڪي ٺٽي جي ٻين محلن ۾ رهندڙ آهن. هڪڙو سيد مير ]199[ سنگ تراشن جي محلي ۾ رهي ٿو. مٿئين سيد مير جي اولاد مان سيد بيگ محمد ۽ سيد ٺارو پتي هٽ بازار جي پويان رهن ٿا. سيد بيگ محمد مٿئين جي اولاد مان يادگار باقي آهن. ]سيد سعد الله[: سيد سعد الله(1) ولد سيد فضل الله بن سيد مظفر بن سيد عبدالخالق، جنهن جو بيان ٿي آيو، ناليرو مرد ٿي گذريو آهي. سندس اولاد مان سيد جهنڊو پٽن سميت ۽ سيد مظفر موجود آهن. سيد عبدالنبيءَ جي اولاد مان سيد محمد خليق گهڻن سالن کان مٿي لکيل مهر واريءَ مسجد ۾ گم ٿي ويو. سندس فرزند نالي سيد گل موجود آهي. سيد هدايت الله بن سيد عبدالنبي جا ٻه فرزند سيد جمن ۽ سيد ابو البقا حيات آهن. مٿئين مير ڪمال الدين مازندرانيءَ جي اولاد مان سيد محمد ملوڪ، هڪ الله وارو آهي جو شاهه دادن جي درگاهه جي ڀرسان جمنا جي زمين ۾ آرامي آهي. حضرت پير رحمة الله عليہ جا خليفا هر سال ربيع الثاني مهيني جي 11 تاريخ جي پڇاڙيءَ ۾ اتي اچي گڏ ٿيندا آهن. معتبر ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي ته هو نواب لشڪر خان جي حڪومت واري سن1071 هجري ۾ بٺوري پرڳڻي جي خالصه جو حاڪم هو ۽ هڪ هندو، جنهن پاڻ کي وقت جو صاحب ۽ موحد ٿي سمجهيو، تنهن سان لڙائي ڪندي شهيد ٿيو. سندس لاشو اتان کڻي آيا. هن وصيت ڪئي هئي ته جتي منهنجو لاشو اچي ويهي، مون کي اتي دفن ڪجو. ]سندس لاش[ اچي انهيءَ زمين تي قرار ورتو جتي سندس قبر آهي ۽ عام خلق لاءِ زيارت گاهه ٿيو. ]سيد علي مازندراني[: سيد علي بن سيد عبدالقدوس مازندراني. خط نسخه، خط ثلث ۽ ٻين خطن ۾ مشهور سيد عليءَ جو مٽ هو. هو مخدوم الياس خوشنويس جو شاگرد آهي، جنهن جي شاگرديءَ جي برڪت سان ڪئين بزرگ خوشنويسيءَ ۾ ناليرا آهن. عرب شاهي، سبزواري ميرڪ سيد جيڪي حال جي بزرگيءَ ۽ خـصلتن جي عمدگيءَ جي ڪمال ۾ مشهور آهن. ]ميرڪ شيخ محمود[: ميرڪ شيخ محمود، ولد ميرڪ ابو سعيد، بن امير علي شاهه سبزواري عرب شاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ جو ڏوهٽو آهي. هو سبزوار مان لڏي اچي قنڌار ۾ ويٺو هو. سندس پٽ هر هڪ شيخ ميرڪ محمود، جنهن جو ذڪر ٿي آيو، ۽ ميرڪ بايزيد، شاهه بيگ ارغون جي قنڌار مان نڪري، سنڌ فتح ڪرڻ وقت، ساڻس گڏجي سنڌ ۾ آيا. ميرڪ بايزيد بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ ميرڪ محمود اچي ٺٽي ۾ رهيو. هو نهايت فضيلت، سخا، زهد ۽ تقويٰ ۾ ممتاز رهي، سالن جا سال شيخ الاسلاميءَ جي اعليٰ عهدي تي سرفراز هوندي به ڪيترن طالب علمن کي ڪامل فيض عطا ڪندو رهيو. خط نستعليق ۾ ڏاڍو ماهر هو. سندس وفات محرم سنه 962 هجري ۾ ٿي. ”رفت ميرک آه آه“ سندس تاريخ آهي. پنهنجي اولاد جي محلي ۾ هڪ عاليشان مسجد ۽ مقام جي مشهور رائنڪ سندس تعمير آهي. ٽي پٽ هر هڪ 1- شيخ مير محمد، 2- ميرڪ عبد الباقي ۽ 3- ميرڪ عبدالرحمان ڇڏي ويو. شيخ مير محمد: هڪ اعليٰ درجي جي خوبين سان موصوف ۽ انساني فضيلتن سان مخصوص ميرڪ هو. سال 970 هجري ۾ گذاري ويو. جامع فتاوي پوراني سندس يادگار آهي. ظاهر اولاد ڪونه ڇڏيائين. ميرڪ شيخ عبدالباقي: پيءُ کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي پيءُ جو جانشين ٿيو. سڀني علمن، خصوصاً هيئت ۽ حڪمت جي علم ۾ ڪامل هو. مولانا عبدالخالق گيلاني، جو مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح الله جو همعصر هو، پڻ ڪي علمي باريڪ نڪتا وٽائنس حل ڪيا. اقليدس (جاميٽري) ۾ ايتري ته دسترس هيس، جو ڪيتريون پنهنجون شڪليون ايجاد ڪيون هئائين جيڪي سڀني کي ]200[ پسند آيون هيون. ]سيد شيخ محمود ثاني ۽ سندس اولاد[: سيد شيخ محمود ثاني ولد ميرڪ عبدالباقي، پيءُ جي وفات کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي رهي سڳورا وقت گذاريا. هو ڪمالات ۾ پنهنجي وقت جو بينظير هو. سن 1020 هجري ۾ وفات ڪيائين. ”ع يافت ميرک مقام محمودي“ سندس تاريخ آهي. ٽي پٽ ڇڏيائين 1- ميرڪ عبدالباقي لقب سيد خواجه، 2- ميرڪ شاهه خواجه ۽ 3- ميرڪ عبدالوهاب ثاني. ميرڪ عبدالباقي، جو سيد خواجه جي لقب سان ملقب هو، سو لائق ڪمالات سان سينگاريل ۽ پنهنجي موروثي شيخ الاسلامي سان موصوف رهي، زندگي گذاري ويو. سندس وفات سن 1058 هجري ۾ ٿي. ”مير عبدالباقي آسوده بفردوس نعيم“ سندس تاريخ آهي. هو ٻه پٽ: 1- ميرڪ عبدالهادي ۽ ميرڪ محمد مهدي ڇڏي ويو. موروثي شيخ الاسلامي ميرڪ عبدالهاديءَ کي ملي. هو حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري گذاري ويو ۽ اولاد ڪانه ڇڏيائين. سندس وفات سن 1086 هجري ۾ لکن ٿا. ”هادي اهل ڪرم يافت مقام محمود“ هن جي تاريخ جو مادو آهي. ڀاءُ کان پوءِ وڏن جو عهدو يعني شيخ الاسلامي، ميرڪ محمد مهديءَ هٿ ڪئي. هن جي گذاري وڃڻ تي، سندس پٽن هر هڪ 1- ميرڪ محمد شفيع، ۽ 2- ميرڪ امير محمد جي هوندي به مٿيون عهدو سندس چاچي ميرڪ عبدالوهاب کي نصيب ٿيو. هو پنهنجي قسمت جا ڏينهن نهايت شان ۽ عزت سان گذاري سن 1112 هجري ۾ وفات ڪري ويو ۽ پٽ ڪونه ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ مٿئين ميرڪ محمد مهدي جو پٽ ميرڪ محمد شفيع چڱيءَ حالت ۾ گذاري ويو ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين. ميرڪ محمد مهديءَ جو ٻيو فرزند، ميرڪ مير محمد، هڪ فرزند ميرڪ محمد افضل نالي ڇڏي گذاري ويو ۽ اهو پنهنجي چاچي ميرڪ محمد شفيع جي انتقال کان پوءِ بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. هو سن 1145 هجري ۾ ٽي پٽ 1- ميرڪ محمد احسن، 2- ميرڪ محمد محسن ۽ 3- ميرڪ عطاءَ الله، ڇڏي وفات ڪري ويو. ميرڪ محمد احسن هڪ نهايت چڱو ماڻهو ۽ وڏن جي سهڻين وصفن جو خاتم پيدا ٿيو. ايران جي بادشاهه نادر شاهه جي اچڻ ۽ دهليءَ جي بادشاهه کان گادي کسڻ کان پوءِ سخت تڪليفون سهي داغستان ويو ۽ شيخ الاسلامي جو عهدو جو گهڻي وقت کان ڪالعدم ٿي چڪو هو، سو نئين سر حاصل ڪري، حياتيءَ جا ڏينهن انسانيت ۽ امتياز سان ڏاڍيءَ ترقي ۾ گذاريائين. هو سن 1167 هجري ۾ گذاري ويو. ”جنت الماوي مقام احسن است“ مان سندس تاريخ نڪري ٿي. هاڻي سندس ڀاءُ ميرڪ محمد محسن وڏن واري شيخ الاسلامي جي عهدي تي آهي. سندس ٽيون ڀاءُ ميرڪ عطاءَ الله عرصي کان گذاري ويو آهي. ڪا به اولاد پوئتان ڪانهيس. ميرڪ شيخ محمود ثاني جو ٻيو فرزند ميرڪ شاهه خواجه ٻه فرزند 1- ميرڪ عرب شاهه ۽ 2- ميرڪ محمد عابد، ڇڏي ويو. ميرڪ عرب شاهه کان ميرڪ محمد وارث، بزرگيءَ جي ورثي جو وارث ٿيو. سندس وفات سن 1159 هجري ۾ آهي. سندس پٽ ميرڪ عبدالرزاق تازو گذاري ويو آهي. سندس پٽ باقي آهن. ميرڪ محمد عابد، هڪ ناليرو فرزند ميرڪ محمد جعفر نالي ڇڏيو. هو ٽي پٽ 1- ميرڪ محمد عابد، 2- ميرڪ بزرگ ۽ 3- ميرڪ محمد پناهه عرف مهتو ڇڏي ويو. ميرڪ محمد عابد عرف مراد عليءَ کان ]201[ چار پٽ پوئتي رهيا هرهڪ 1- ميرڪ محمد نقي، 2- ميرڪ محمد جعفر عرف ڇتو، 3- ميرڪ ڦتو ۽ 4- ميرڪ چاندو. ميرڪ محمد بزرگ، جو سن 1179 ۾ گذاري ويو، تنهن ٻه صغير پٽ خير الله ۽ ميرڪ ورايو پوئتي ڇڏيا. ميرڪ محمد پناهه عرف مهتو 1173 هجري ۾ گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ مير روشن علي نالي رهيو. ]مير عبدالرحمــٰن ۽ سندس اولاد[: ميرڪ شيخ محمد وڏي جو فرزند ميرڪ عبدالرحمان وڏن جي فضيلتن ۽ صالحن جي شاندار خوبين سان سينگاريل ۽ بزرگيءَ ۽ قابليت سان نهايت شامل رهي، ممتاز حيثيت ۾ رهي گذاري ويو. کيس ٻه پٽ هئا. 1- ميرڪ عبدالواسع، ۽ 2- ميرڪ عبدالرحيم. ميرڪ عبدالواسع ڏاڍو فاضل ۽ وڏو بزرگ هو. هو شاعريءَ ۾ استاذ هو. کانئس پوءِ ٽي پٽ رهيا. 1- ميرڪ محمد معين عرف لالا، 2- ميرڪ محمد حسين ۽ 3- ميرڪ روح الله. ميرڪ محمد معين ٻه پٽ 1- ميرڪ محمد نعيم ۽ 2- ميرڪ محمد تقي ڇڏيا. ميرڪ محمد تقيءَ کي هڪ پٽ هو. ميرڪ علي احمد عرف مير الڻ. هو سال 1166 هجري ۾ گذاري ويو. سندس پٽ ميرڪ محمد تقي عرف اڀن، هن وقت وڏن جو يادگار آهي. ميرڪ محمد حسين ولد ميرڪ عبدالواسع بن ميرڪ عبدالرحمان هڪ مجذوب سالڪ ۽ ڪشف ۽ حالت جو صاحب هو. سوالين جي دلين جون ڳالهيون معلوم ڪري، بغير سوال جي سندن عرض جو غرض پورو ۽ ڪئين مشڪلات حل ڪندو هو. ڪنهن به وقت سندس زبان مان غيب جي خبرن ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حرف ڪونه نڪرندو هو. ڪو اولاد ڪونه ڇڏيائين. ميرڪ روح الله پڻ پنهنجي ڀاءُ ميرڪ محمد حسين وانگيان ڪو پوير ڪونه ڇڏيو. ميرڪ عبدالرحيم ولد ميرڪ عبدالرحمان ٻه پٽ ڇڏيا: 1- ميرڪ احمد، ۽ 2- ميرڪ ابوسعيد. ٻئي ڀائر پنهنجي جاگير ڌورکيه(1) جي ڳوٺ ۾ رهي گذاري ويا. ٻنهي جي اولاد اتي موجود آهي. ]شيخ عبدالوهاب[: شيخ عبدالوهاب ولد شيخ بايزيد بن شيخ ابوسعيد، مٿئين شيخ ميرڪ محمود جو ڀائيٽو آهي. جيئن مٿي لکي آياسون، سندس پيءُ اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ سندس اولاد اڃا تائين اتي آهي. جهڙي طرح سکر جي بيان ۾ ذڪر ٿي آيو. شيخ عبدالوهاب ٺٽي ۾ اچي، نهايت بزرگيءَ سان وڏن جي طريقي کي زندهه رکڻ ۽ سڀني علمن ۾ ماهر هجڻ جي حالت ۾ سن 970 هجري ۾ گذاري ويو. سادات عريضي سبزواري ]مير عبدالله سلطان[: مير عبدالله سلطان ولد مير ابو المڪارم بن مير غياث الدين محمد(1) عرف سلطان رضائي سبزواري، جو ’حبيب السير‘ جي مصنف آخوند مير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو هو. مٿين بزرگن جو ٿورو بيان بکر ۽ سيوستان جي احوال ۾ ٿي آيو آهي ۽ جيئن لکي آيا آهيون، مير عبدالله سلطان پنهنجي ڀاءُ مير عبدالرسول سان گڏ، شاهه جهان بادشاهه جي ڏينهن ۾ اچي هميشه لاءِ ٺٽي رهيو هو. مير عبدالرسول وفات وقت ڪو پوير ڪونه ڇڏيو. باقي مير عبدالله سلطان، جو پنهنجي وقت ۾ انسانيت جي فنن جو جامع ۽ مشهور شاعر هو، سو پنج پٽ 1- مير شڪر الله، 2- مير محمد قاسم، 3- مير عبدالرحمان، 4- مير محمد عارف، ۽ 5- مير محمد عالم، ڇڏي ويو. انهن مان مير محمد قاسم ۽ مير محمد عالم ڪابه نرينه اولاد ڪانه ڇڏي. مير شڪر الله ڏاڍي بزرگيءَ سان رهي گذاري ويو]202[ ٻه پٽ: 1- مير محمد عالم ۽ 2- محمد هاشم ڇڏيائين. ٻنهي هن فاني جهان کان موڪلائڻ وقت ڪا نشاني ڪانه ڇڏي. مير محمد عارف پنهنجي زماني جو مشهور معروف ماڻهو هو. مير محمد نالي هڪ پٽ يادگار ڇڏيائين. اتفاقاً انهيءَ پڻ ڪوبه نرينه اولاد پويان ڪونه ڇڏيو. مير عبدالرحمان، حسب ۽ نسب جي بزرگيءَ سان، هن گهراڻي جي شمع روشن ڪئي. وفات کان پوءِ ٻه پٽ مير ابوالبقا ۽ مير علي اصغر ڇڏي ويو. مير علي اصغر حرمين شريفين زادهما الله شرفا و تعظيما جي زيارت لاءِ ويو ۽ اتي وڃي الله کي پهتو. مير ابوالبقا عرف بهرور علي، جو هن برگزيده خاندان جو خاتمو هو، سو عزت وارو ٿي گذريو آهي. شاعريءَ ۾ وڏي دسترس رکندو هو. مير حيدر الدين ابوتراب ڪامل جهڙي ڪامل ۽ عامل استاد جو شاگرد هو. محمد شاهه بادشاهه جي پوين ڏينهن ۾ گذاري ويو. سندس تاليف مان تاريخ چراغ هدايت عرف بهرور شاهي ۽ ڪي منتخب اشعار باقي آهن. هڪڙي معصومه نياڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به اولاد ڪانه ڇڏيائين. هاڻي هن خاندان جي اولاد ۾ ڪوبه مرد موجود ڪونه آهي. ڪاشاني سيد مير غروري ڪاشاني ] ۽ سندس اولاد[: مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ معتبر سيد هو. انهيءَ زماني ۾ آب داڻي جي ڪشش سببان پنهنجو اصلوڪو وطن ڇڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. جڏهن نواب خان خانان سنڌ، مرزا جاني بيگ کان فتح ڪئي، تڏهن حـضور خلافت پناهه، (اڪبر بادشاهه) سيوستان، لاهري بندر ۽ ضربخانو، خلاصي طور شاهي غلامن (پنهنجي) جي هٿ ۾ رکي، باقي ملڪ مرزا جاني بيگ جي حوالي ڪيو. ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ هو (مير ڪاشاني) جهانگير بادشاهه جي دربار عاليءَ مان ضرب خاني جي داروغپ جي عهدي سان سرفراز ٿيو. شعر نهايت اعليٰ درجي جو چوندو هو. شعر جو ديوان ۽ ڪي ٿوريون لطيف مثنويون يادگار ڇڏي ويو. کيس ٻه پٽ هئا 1- مير محمد منعم 2- مير جنگلي. مير محمد منعم والد جي انتقال کان پوءِ شاهه جهان جي ڏينهن ۾ ساڳيو عهدو ماڻيو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن ڏاڍيءَ عزت سان گذاريا. هو پڻ شعر عمدو چوندو هو. ’حسيني‘ تخلص هوس ۽ هڪ رنگين ديوان ڇڏي ويو. مير جنگليءَ پڻ پنهنجو وقت شان مان سان گذاري پورو ڪيو. کانئس پوءِ ٽي پٽ 1- مير علي رضا، 2- مير ڪامران ۽ 3- مير محمد اشرف، پوئتي رهيا. مير ڪامران گهراڻي جي سونهن هو. ساڳئي عهدي تي رهي حياتيءَ جا ڏينهن نهايت اميري ۽ ڪاميابيءَ سان پورا ڪري ويو. هن ٻه پٽ ڇڏيا 1- مير علي يار ۽ 2-مير الله يار. مير علي يار تازو گذاري ويو آهي. هڪ پٽ سندس نشاني موجود آهي. بکر جا رضوي سيد هنن جا وڏا بکر ۾ بزرگيءَ ۽ سهڻين خصلتن ۾ مشهور آهن. سندن نسب جي سچائي مشهور آهي. انهن مان آهي: ]سيد عبدالرزاق[: سيد عبدالرزاق ولد سيد جادم عرف جادو، جو سيد محمد يوسف، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، جو ڀاءُ آهي. سندس اچڻ جو تفصيل معلوم نه ٿي سگهيو. ظاهري ڪابه اولاد ڪانه ڇڏيائين. هو پنهنجي وقت جو صاحب هو. سندس مزار، شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پويان، قاضي عبدالله جي چوکنڊي جي الهندي ۾ عام خاص ماڻهن جي زيارت گاهه مشهور آهي. ]مير محمد يوسف[: مير محمد يوسف ولد مير جادم، سيد مبارڪ شاهه کان فيض پرايو هو. هو سيد محمد جونپوريءَ جي هڪ وڏي مريد شيخ دانيال جي مهربانيءَ جي نظر جو تربيت يافته هو. بکر ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن ۽ سوٽن کان جدائي اختيار ڪري ]203[ اچي ٺٽي ۾ رهيو. گهڻو ڪري مڪليءَ تي، انهيءَ جاءِ تي عبادت جي گوشي ۾ گذاريندو هو، جتي سيد ميران محمد مهدي اچي منزل انداز ٿيو هو، جتي سراين جي شادماني جي جاءِ آهي ۽ سلطان سامٽيو آرامي آهي. نقل - سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان نقل آهي ته سيد ابراهيم بخاريءَ نالي هڪ هندوستاني فقير مٿئين ڳوٺ ۾ آيو هو. کيس حال جو صاحب ڏسي سندس خدمت ڪندو هوس. هڪ ڏينهن سنڌ جي زندهه پيرن متعلق پڇا ڪيائين. مون هر هڪ جو نالو کڻي، سندس صفتون بيان ڪيون. سڀ ٻڌي چيائين ته جيڪي صفتون تو بيان ڪيون آهن تن مان سيد محمد يوسف هڪ بزرگ ۽ معرفت جي ولايت جو بادشاهه ٿو ڏسجي. ڪجهه عرصي کان پوءِ مسجد مان گم ٿي ويو. گهڻوئي ڳوليم پر پتو ڪونه پيو. آخر انهيءَ ئي ڏينهن ياد آيم ۽ دل ۾ چيم ته شايد سيد محمد يوسف جي زيارت لاءِ ويو هوندو. يڪدم روانو ٿيس. مڪليءَ تي، مٿي ذڪر ڪيل جاءِ تي پهچي، فقير کي سيد جي خدمت ۾ نهايت محفوظ ۽ باحضور ڏٺم. جيئن ته فقير انهيءَ وقت مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هو ۽ سير و سياحت جو پڪو ارادو هوس تنهن ڪري، سيد کيس پهرڻ لاءِ جتي سڳوري عطا فرمائي. فقير مون کي چيو ته هن جتيءَ مان ٽوپي ٺهرائي کڻي اچ. مان ٺٽي وڃي ٽوپي ٺهرائي کڻي آيس ۽ فقير اها پهري روانو ٿيو. مان به سندس پويان لڳس. آخر وڃي انهيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهيو، جيڪا بندر کان سمنڊ ڏانهن ٿي ويئي. مون کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ جو عرض ڪيو پر نه قبوليائين. دعا گهريم ته چيائين ته تنهنجو ڪم عنقريب سنڌ ۾ جاري ٿيندو. مطلب ته سيد جون ڪرامتون بيان کان ٻاهر آهن. سندس درگاهه سچي عقيدي وارن لاءِ ڏکن جي مصيبت کان نجات ۽ سندس زيارت خادمن لاءِ عزت جو باعث آهي. عباسي قاضين مان شادي ڪري برگزيده ۽ حال ۽ قال جي صاحب اولاد ڄڻيائين. سندس نياڻي سڳوري وڏي ٿي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ مير ڪمال الدين جي فرزند، سيد اسحاق کي بکر مان گهرائي، شادي ڪرايائين. جنهن مان پڻ نيڪوڪار اولاد يادگار رهي، جن جو بيان اڳتي ٿيندو. ]سيد ابراهيم[: مير محمد يوسف رضويءَ جي پرهيزگار فرزند مان سيد ابراهيم ممتاز ۽ ڪرامت جو ڌڻي ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن ننڍپڻ ۾ اچي والد بزرگوار جي حجري جو ڪڙو کڙڪايائين. پڇيائينس ته ”ڪير آهي؟“ وراڻيائين: ”سيد ابراهيم“ . فرمايائينس ته ۽ فقير (ابراهيم) يا رڳو ابراهيم چوڻ گهربو هو. ائين ڪرڻ سان ڪا عزت گهٽجي ڪانه ها ۽ هيئن ڪرڻ سان ڪا وڏائي حاصل ڪانه ٿي ٿئي“ . بس ايتري چوڻ سان هن توفيق واري کي فقيري جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ٿي پئي ۽ وڃي وڏي درجي کي پهتو. ]سيد اسحاق[: مٿيون سيد اسحاق به پنهنجي پيءُ، چاچي ۽ ٻين وڏن وانگيان، خاص بزرگيءَ جي حالت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي رهيو. پنهنجي چاچي جي پاسي ۾ دفن ٿيل آهي ۽ پير پرڏيهي جي نالي سان مشهور آهي. ]سيد ڪمال الدين[: سندس پٽ سيد ڪمال الدين، سيد محمد يوسف جو ڏوهٽو ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار، جيڪو بکر ۾ مدفون آهي، جو همنام، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو صاحب هو. سندس اولاد مان ڪي نالا بيان ڪجن ٿا. سيد محمد جعفر: سيد محمد يوسف جو پوٽو ۽ هن جي گاديءَ جو مالڪ آهي. هن پهريائين سيد عبدالڪريم جي سلسلي ۾ داخل ٿي، زيارتي جماعت، جا ٺٽي کان بلڙيءَ ويندي يا واپس ايندي، تنهنجي مهماني پنهنجي سر تي کنئين. پر اڳتي هلي اها سيد قاسم مهديءَ جي حوالي ڪيائين. هو ڏاڍو ڪرامتن جو صاحب هو. چون ٿا ته هڪ بيواهي ٻڍي عورت پنهنجن ٽن نياڻين جي شاديءَ جي ڳڻتيءَ ۾ حيران ٿي هن ]سيد[ جي درگاهه ۾ التجا کڻي آئي. نيٺ هڪ ڏينهن توجهه ڪري، ڪجهه لکي ڏيئي چيائينس ته ”هيءُ پير دادن جي مزار جي سامهون واريءَ زمين ڏانهن کڻي وڃ. اتي توکي هڪ آباد شهر]204[ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ توکي جيڪي شيون شاديءَ واسطي گهربل آهن، سي سڀ موجود هونديون. تون پنهنجي ضرورت مطابق جيڪي کڻي سگهين سو هڪ ئي دفعي کڻج ۽ وري اميد نه رکج“ . اشاري موجب پوڙهي پٽ سان گڏجي وڃي، ڪپڙا، سون، چاندي، ٿانو ٿپا، روڪڙ، جيڪي به گهربو هوس سو کڻي آئي. ٻيهر پڻ سڌ ڪيائين پر ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس. سيد محمد عرف سيد ڦتو: سيد محمد جعفر کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد عرف سيد ڦتو ڏاڏي جي گاديءَ تي ويٺو. فقيريءَ سان گڏ کيس دنيا به حاصل هئي. چڱيءَ حالت ۾ حياتي گذاريائين. سندس محققانه شعر ۽ طالبن کي مڪمل فيض پويان يادگار آهي. ]مير مرزائي[: تنهن کان پوءِ سندس پٽ ميرمرزائي، لقب سيد محمد جعفر ثاني، پيءُ کان پوءِ ڏاڏي جي گاديءَ جو سنڀاليندڙ ٿيو ۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. هاڻي سيد علي حيدر ولد مير مرزائي وڏن جو گادي نشين آهي. ]سيد عنايت الله[: مٿئين سيد ڪمال الدين جو فرزند سيد عنايت الله، خدا جي خالص عنايت هو. هو عجيب حالتن جو مالڪ هو، پنهنجي ناليري فرزند مير ڪمال الدين احمد خان جي دولت ۽ عزت جي ڏينهن ۾ ڪڏهن به دنيا ڏانهن رخ نه رکيائين. بلڪ پنهنجين ٻن پاڪ ڀينرن سان پٽ کان ڌار رهي، هميشه الله جي يادگيريءَ ۾ وقت گذاريندو رهيو. پنهنجي هٿ سان پوکي راهي ڪري قوت گذران پيدا ڪندو هو ۽ جيڪي وڌيڪ ٿيندو هوس سو خدا جي واٽ ۾ خيرات ڪندو هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري سندس پوک ۾ اچي برڪت پيئي ۽ هميشه جي پيدائش کان ٻيڻي پيدائش ٿي. بچتو ڏوڪڙ پنهنجي پٽ کي ڏنائين ته پير پٺي تي وڃي پنهنجي مرحوم ڏاڏي جي اولاد سيدن جي دعوت ڪري ۽ پاڻ پٽ جي دنيوي شان شوڪت جي باوجود به فقيرن جي لباس ۾، ڪونرو ڪلهي تي کڻي، پيرين پيادو، اوڏانهن روانو ٿيو. ]هوڏانهن[ سندس پٽ مير ڪمال الدين خان ڪيئي قسم پـُـر تڪلف طعام تيار ڪرائي، کاڌي ونڊڻ لاءِ ڪيئي زرنگار چينيءَ جا ٿانو موجود ڪرايا هئا، هيڪر ته اهي ٿانو ڏسي، لٺ کڻي، اهي سڀ ڀڃي ڇڏيائين جن جي قيمت هڪ وڏي رقم هئي. کائڻ وقت عادت موجب هڪ قسم جو کاڌو کائڻ ويٺو ۽ جيڪو پاڻيءَ جو ڪؤنرو ساڻ هوس تنهن مان انهيءَ ۾ پاڻي وجهي بي مزي ڪري کائڻ شروع ڪيائين. چون ٿا ته هو پٽ جي حڪومت وارن ڏينهن ۾، فقط ٻه يا ٽي دفعا سندس گهر آيو ۽ جڏهن ڪشف جي وسيلي هن دنيا مان لاڏاڻو قريب ڏٺائين تڏهن گهرجون ڪنجيون ننڍي ڀيڻ جي حوالي ڪري، الوداع ڪيائين. وڏيءَ ڀيڻ کي خيال ٿيو ته شايد ڪنهن رنجش سببان ڪنجيون منهنجي هٿ ۾ نه ڏنيون اٿن ۽ انهيءَ فڪر ۾ غمگين ٿي ويهي رهي. سيد دل جي نور سان، اها ڳالهه معلوم ڪري فرمايو ته مون ڄاڻي ٻجهي توکي گهر جي سنڀال جي تڪليف نه ڏني ڇاڪاڻ ته تون مون کان پو فقط ڪن ڏينهن جي مهمان آهين. ننڍي ڀيڻ گهڻو وقت زندهه رهندي تنهن ڪري هن تڪليف لاءِ موزون آهي، آخر ائين ئي ٿيو. ]مير ڪمال الدين احمد خان ۽ سندس اولاد[: مٿئين سيد عنايت جو فرزند مير ڪمال الدين احمد خان، فاضل خان، جنهن جو ذڪر ٿيندو، جي داماديءَ جي بدولت، وڏي عزت، نوڪرن ۽ چاڪرن ۽ مکيه عهدن جو مالڪ بڻجي، وقت جي اڪثر وڏن ماڻهن کان وڌي ويو. هو ظاهري چڱي لياقت رکندو هو. ۽ تصنيفن، جهڙوڪ ديوان حافظ جو شرح ۽ اصطلاحات رضويه جو صاحب آهي. سندس وفات سن 1132 هجري ۾ ٿي. هن جي ستن پٽن مان ٽن پٽن کي اولاد ٿيو. هڪڙو مير مرتضيٰ، جيڪو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪماليت جي سڀني فنن جو جامع ٿيو. علمي فضيلتن کان سواءِ سپاهگريءَ جي سڀني فنن ۾ بي نظير هو. خوشخطيءَ کي پڻ ستن قلمن تائين ]205[ رسايو هئائين. مرزا صائب جو شاگرد آقا تعظيما جڏهن ٺٽي آيو هو، تڏهن سندس طبيعت کي ڏاڍو پسند ڪري کيس ’الهام‘ تخلص عطا ڪيائين. چون ٿا ته سندس تربيت، سندس ناني فاضل خان جي جاءِ نشينيءَ لاءِ ڪئي وئي هئي. فاضل خان جي رحلت کان بعد عالمگير جاءِ نشين جي گهر ڪئي. مٿيون مير اڃا نڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته بادشاهه جي وفات جي خبر دنيا ۾ پکڙجي ويئي. هيءُ تنهن کان پوءِ درٻار ۾ وڃي شاهه عالم بهادر بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ طبع اقدس کي پسند آيو. اتفاقاً سندس عمر جو بهار، جو اڃا ترقي ڪري رهيو هو، موت جي خزان جي هٿان فنا ٿي ويو. اهو واقعو سن 1126 هجري ۾ ٿيو. سندس پٽ مير ذوالفقار علي، هن خاندان جي ناليرن جي صورت ۾، ڏاڍي بزرگيءَ ۽ ماڻهپي سان ]رهي[ تازو گذاري ويو آهي. ڪوبه نرينه اولاد ڪونه ڇڏيائين. ٻيو مير غلام علي، ٽي پٽ هر هڪ مير مهر علي، مير نياز علي ۽ مير راز علي ڇڏي ويو. مير راز علي سن 1180 هجري ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾، جڏهن سندس شادي ٿيڻ واري هئي، دوستن جي دل تي جدائيءَ جو ڏنڀ ڏيئي ويو. سندس وفات، جا هڪ عام ماتم ۽ غمن جي درياءَ جي جوش جو طوفان هو، تي اڪثر شاعرن، درد مندن جي دلين ۾ چڀندڙ، درد ڀريون تاريخون چيون آهن. محرر پڻ پنهنجي هن طبع زاد مصراع تي اڪتفا ڪئي آهي. ”بجوار رسول يافت مقام“ ، ]جاءِ مليس رسول جي پاڙي[. هاڻي مير مهر علي ۽ مير نياز علي وڏن جا يادگار حيات آهن. مٿئين مير ڪمال الدين جي ]ٽئين[ فرزند مير شاهه حيدر جي وفات کان پوءِ سندس ناميارو فرزند مير امير علي پنهنجي اولاد سميت، نهايت ماڻهپي سان، حياتيءَ جي محفل ۾ رونق افروز آهي. ]مير محمد شفيع[: مٿئين مير محمد يوسف جي اولاد مان سيد يار محمد جو فرزند مير محمد شفيع، لقب لطف علي خان، پنهنجي اولاد سميت حاڪمن جي طبقي ۾ مذڪور آهي، دوباره نه لکيو ويو. ]مير محمد رفيع[: مٿئين سيد جي اولاد مان مير محمد رفيع، خدا پرست بزرگ، پر مشهوري ناپسند ڪندڙ، پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ويو. ]مير نجم الدين[: سندس پٽ مير نجم الدين، مخدوم محمد معين جو شاگرد ۽ ڀاڻيجو هو. استاد جي حياتيءَ ۾ ئي علمي مدرسو وڻندڙ طريقي سان سينگاري، طالبن جي هڪ جماعت کي تڪميل ڪرايائين. عجيب تصنيفن جو مالڪ آهي. منطق جي يڪروزي رسالي جي تتبع ۾، انهيءَ کان به عمدو ۽ وڏو رسالو، جنهن ۾ مختلف علوم اچي ٿا وڃن، هڪ ڏينهن ۾ تصنيف ڪيائين. فارسيءَ ۾ نخشبيءَ کان به بهتر طوطينامه نثر ۾ لکيائين. شعر به سٺو چوندو هو ۽ ”عزلت“ تخلص ڪندو هو. هو هڪ غنيمت هو پر تقديراً سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي. هو سن 1160 هجري ۾ وفات ڪري ويو. سندس اولاد مان مير نثار علي خاص شان مان سان زندهه آهي. سيد محمد يوسف جي اولاد مان، سيد محمد رضا، سيد محمد افضل، سيد محمد زمان وغيرهم جهڙا ڪيئي بزرگ، حال ۽ چڱيءَ حالت جا صاحب ٿي گذريا آهن جن مان ڪيترن جي اولاد خاندان جي شمع روشن ڪري رهي آهي. اختصار جي خيال کان اختصار ڪيو ويو. بخاري سيد ]سيد محمود بخاري[: سيد محمود بخاري بن سيد حاجي حميد نظام الدين، ارغونن جي ڏينهن ۾ گجرات کان اچي ٺٽي جي سيته محلي ۾ رهيو. هو مسجد فرخ ۽ عيدگاهه جو امام ۽ خطيب هو ۽ نهايت بزرگيءَ ۽ سهڻيءَ حالت ۾ زندگي گذاريائين. سيد طيب: مٿئين سيد محمود جي اولاد مان پنهنجي وقت جو نامور ۽ چڱيءَ حالت ۽ فضيلت جو مالڪ هو. ]سيد رحمت الله[: کانئس پوءِ سيد رحمت الله پوئتي رهيو. چون ٿا ته ننڍپڻ جي ڄمار ۾ هڪڙي ڏينهن ]206[ هو پنهنجي پيءُ سان فرخ جي جامع مسجد ۾ هو ته هڪڙو ڪمال جو صاحب فقير نالي سيد ابراهيم گودڙيو، جنهن جا جن گهڻو ڪري تابع هئا، مسجد جي در تي ويٺو هو. جڏهن پيءُ ۽ پٽ مسجد مان ٻاهر نڪتا تڏهن پيءُ کي چيائين ته هيءُ پٽ خدا جي نالي تي مون کي ڏي. پيءُ، جنهن جو فقيرن ۾ ڏاڍو اعتقاد هوندو هو، تنهن هڪدم پٽ کڻي فقير جي حوالي ڪيو. فقير نينگر کي پنهنجي جاءِ تي وٺي ويو جا مڪليءَ ٽڪريءَ تي ڪلا ڪوٽ جي سامهون هئي. جڏهن ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ گذاري ويو تڏهن پنهنجو سمورو علم سيد کي عطا ڪري ويو. سيد رحمت الله فقير کان پوءِ، وڏن جي اصلي ماڳ تي موٽي آيو ۽ وڏي پيري مرشدي ڪري گذاري ويو. ]سيد جهنگل[: سندس اولاد مان سيد جهنگل پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. سيد مير، جيڪو نقارچين جي محلي ۾ رهندو هو، سو مٿئين سيد جهنگل جي اولاد مان هو. هو پڻ هڪ مکيه ماڻهو هو. وفات وقت ڪوبه نرينه اولاد ڪونه ڇڏيائين. ]سيد قاسم[: سيد قاسم پڻ مٿئين سيد جهنگل جو اولاد هو، جيڪو ابدالن جي نموني ۾ رهي لاولد گذاري ويو. ]سيد لطف الله ۽ سندس اولاد[: مٿئين سيد محمود جي اولاد مان سيد لطف الله رانيه جي ڳوٺ ڏانهن لڏي ويو. اتي جا ماڻهو سندس اعتقاد جا اقراري آهن. کيتي وغيره جو چاليهون حـصو، سندس ۽ سندس اولاد جي نالي وقف آهي. سندس حالات عجيب و غريب ٻڌا ويا آهن. راقم الحروف جو ڏاڏو سيد محمد ڪاظم هن جو ناٺي هو. مٿئين سيد لطف الله جو پٽ سيد عبدالرزاق فقيري ۽ بزرگانه حالت ۾ گذريو آهي. هو ٻه پٽ: 1- سيد محمد فاضل ۽ 2- سيد ساجن ڇڏي ويو. سيد محمد فاضل شادي کان پوءِ مجذوب ٿي پيو. انهيءَ حالت ۾ کانئس وڏيون وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. ارباب بولو، جو هن وقت انهيءَ ڳوٺ جي رهاڪن ۾ وڏي ۾ وڏي عمر وارو آهي، کان ٻڌو اٿم ته ”مون هڪڙي وقت پوک ڪئي هئي، مخدوم نوح جي فقيرن مان هڪ ٻيو سيد، سيد ساجن نالي اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جنهن کي پڻ، سندس بزرگيءَ جو لحاظ رکي، ڪن پوکن جو چاليهون حـصو ۽ ڪجهه نذر ]پيران[ پير جي نالي تي ڏيندا هئاسون. منهنجي پوک جو پيراڻو چاليهون حـصو مٿين سيدن ۾ گڏجي پيو. ٻئي گهر ڪندا رهيا پر مان، انهيءَ ڊپ کان ته متان هڪڙي کي ڏيان ۽ ٻئي جو حق مارجي وڃي ۽ ناراض ٿئي، خيرات جي ادائي ۾ دير مدار ڪري رهيو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن عين سجاڳيءَ ۾ هڪ نوراني پير مون کي فرمايو ته سيد محمد فاضل جو حـصو ڇو نه ٿو ادا ڪرين؟ ڇا پنهنجي ڀلائيءَ جو خيال ڪونه اٿيئي؟؟ هڪدم اها خيرات، جا جمله پنج روپيا هئي، پڳ جي ڪنڊ ۾ ٻڌي روانو ٿيس. واٽ تي سيد ساجن مليو ۽ چيائين ته مون پنهنجي دعويٰ ڇڏي. سيد محمد فاضل جو حق جلد ئي ادا ڪر“. پوءِ ته اتان ئي سيد محمد فاضل جي گهر جو رستو ورتم ]هوڏانهن[ سيد محمد فاضل اڳيئي گهر کان ٻاهر نڪتو بيٺو هو. پنهنجي جذبه جي تقاضا موجب مون کي گار ڏيئي چيائين ته آخر دلجاءِ ڪيئي. هاڻي پڳ کول ۽ خيرات ڏي. مٿيئن سيد عبدالرزاق جو پٽ سيد ساجن ڀاءُ کان پوءِ تمام چڱين حالتن ۾ زندهه رهيو. سندس وفات واري ڏينهن راقم الحروف معتبرن جي هڪ جماعت سان حاضر هو. هن جون عجيب حالتون ۽ ڪرامتون ڏٺيون ويون. هاڻي سندس فرزند سيد ٺاريو ۽ سيد ڏاتر ڏنو باقي آهن. ]سيد محمد شجاع[: مٿئين سيد بخاريءَ جي اولاد مان سيد محمد شجاع بن سيد فيض الله بن سيد فتح محمد بن سيد جعفر بن سيد جمال بن سيد ڪمال، وڏن کان وٺي سندن دستور موجب، ستيہ جي محلي ۾ رهي، جامع فرخ ۽ عيدگاهه جي امامت ۽ خطابت جي خدمت سان ]207[ سربلند رهندو آيو. هو بزرگانه حالت ۾ گذاري جنت ڏانهن روانو ٿيو. سن 1138 هجري جي مطابق سندس تاريخ ”شجاع“ آهي. سندس فرزند سيد سعد الله، مٿين خدمتن کانسواءِ، واهن، کوهن کوٽائڻ ۽ ٺٽي جي قلعي اڏائڻ جي نگراني ۽ داروغپ ۽ بادشاهه جي پاران بيت المال (شاهي خزاني) جي داروغپ جي عهدن تي رهي، زماني ۾ ممتاز رهي ويو. هاڻي سندس پٽ سيد روح الله ۽ سيد عليم الدين وڏن جو يادگار آهن. ]سيد عبدالمجيد ۽ سندس اولاد[: سيد عبدالمجيد بن سيد عبداللطيف ولد سيد عبدالرزاق بن سيد اسماعيل بخاري. سيد اسماعيل بخاري ۽ سيد عبدالرزاق جو احوال مٿي بيان ٿي آيو. مير عبداللطيف جيئن مٿي گذري آيو، سيوستان ۾ رهندو هو. سيد عبدالمجيد سيوستان کان ٺٽي آيو ۽ شاهجهان جي دربان مان، سيوستان جي تنخواهه جي عوض ٺٽي تي تنخواهه ]جو پروانو[ ورتيون آيو. سندس جاءِ ميرڪن جي محلي جي اڀرندي ۾ ڪشمشين جي محلي جي پويان، ٻيلي جي ڪناري تي هئي. بزرگيءَ ۾ هڪ وڏيءَ جماعت جو پير ٿي گذريو آهي. شيخ ڪالي قريشيءَ جو اولاد پيرزادا سندس سچا مريد هئا ۽ نذر نياز ڏيندا هئا. سندس پٽ سيد عبداللطيف عرف مٽو پنهنجي وقت جو بينظير ۽ نهايت ڪامل ساماڻو پر عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو. راقم الحروف سندس حقيقي ڏوهٽو آهي. نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائون. فقير (مير قانع) سندن رحلت جو سال سن 1124 هجري جي مطابق، آيت سڳوري ”اللَّهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ وَهُوَ الْقَوِيُّ العَزِيزُ“ (الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي رزق ڏئي ٿو ۽ اهو سگهارو غالب آهي- سورة الشوريٰ آيت19) مان لڌو آهي. امير خاني سيد سندن وڏو ڏاڏو مير ابوالبقا، ولد قاسم خان نمڪين هروي بن ملا مير سبزواري، جنهن کي نواب امير خان سڏيندا هئا، حاڪمن جي ذڪر ۾ بيان ٿي آيو. ]مير ابوالمڪارم ۽ سندس اولاد[: مير ابوالمڪارم، تخلص شهود ولد نواب امير خان، پيءُ جي نوابيءَ هوندي فقيريءَ جو رستو اختيار ڪري، ڪاملن جو درجو حاصل ڪيائين. حـضرت سليمان عليه السلام ۽ بلقيس جي قصي بابت سندس هڪ ڪارآمد مثنوي ”پريخان سليمان“ مشهور ۽ يادگار آهي. ظاهري علمن جو پڻ جامع هو. سيوهڻ ۾ دفن ٿيل آهي. جيئن بيان ٿي آيو، سندس پٽن مان مير امين الدين خان حسين ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿي، اچي هميشه لاءِ رهيو. مير امين الدين خان اسماعيل سندس پٽ آهي، جيڪو پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي عمدن عهدن تي سرفراز ٿي، زماني ۾ ناميارو ۽ هڪ مکيه رئيس ٿي گذريو. سندس اميريءَ جو شان، شوڪت ۽ طاقت بي مثال آهي. سندس فرزندن مان مير محمد غوث، نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد جي حڪومت جي ڏينهن ۾ عهديدارن جو بخشي ۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ ممتاز ٿي گذريو آهي. هاڻي هن جو هڪ هدايت وارو فرزند نالي مير محمد ڪريم الدين پيءُ واري عهدي تي مقرر آهي. ٻيو مير ابوالمفاخر بزرگيءَ ۽ اميريءَ ۾ نهايت ممتاز رهي، هڪ پٽ يادگار ڇڏي گذاري ويو. نواب امين الدين خان جو پٽ مير محمد عطا، وڏن جي پيرويءَ تي وڏيءَ عزت ۽ افتخار سان گذاريو آهي. ٻه فرزند ڇڏيائين. مير محمد گدا ولد نواب امين الدين خان تازو هڪ پٽ يادگار ڇڏي وفات ڪري ويو آهي. مٿئين مير ابوالمڪارم ”شهود“ جو فرزند مير رضي الدين محمد اعليٰ درجي جي خوبين سان موصوف هو. شعر ۾ وقت جو ڪامل ٿي گذريو آهي. فدائي تخلص ڪندو هو. ديوان جو صاحب آهي. سندس شعر مان زماني جي دماغ کي ظاهري خواهه باطني ڪماليتن جي خوشبوءِ اچي ٿي. سن 1120 هجري ۾ گذاري ويو. هن ڪتاب جي جوڙيندڙ لکڻ وقت هيءُ بيت سندس تاريخ جي مطابق لڌو آهي. بـسکـه بـفـوتش همه کـردنـد هي هي رضي الدين شده تاريخ وي. (هي ٿي سندس موت تي سڀني ڪئي - هـَـي رضي الدين تڏهن تاريخ ٿي) هن جو فرزند رشيد مير حيدر الدين ابوتراب، ]208[ تخلص ڪامل، هڪ محقق، پرهيزگار ۽ ڇڙوڇڙمل ٿي گذريو آهي. انهيءَ جناب جي ڪماليتن ]جي تفصيل لاءِ[ ڪتاب گهرجن. ڪئين اهل دل سندس صحبت کي ظاهري خواهه باطني فيضن جو سرمايو ڄاڻندا هئا. اڪثر وڏا ماڻهو ساڻس ارادتمندانه سلوڪ رکندا هئا پر هن دنيا ڏانهن توجهه اصلا ڪونه ڪيو ۽ ”ڪـُـن في الدنيا کانک غريب اوعا برسبيل“ (دنيا ۾ اهڙيءَ طرح رهه گويا تون مسافر يا واٽهڙو آهين) جي حڪم تي عمل ڪري، وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو. هندي ۽ سنڌي ايهام، (هنر) ڏوهڙي ۽ ڪبت خواهه فارسيءَ ۾ سندس بي ساخته چيل ]شعر[ جا نسخا مشهور آهن. راقم الحروف شاعريءَ جي مشق هن استاد ڪامل وٽ ڪئي آهي. مير حفيظ الدين ولد مير حافظ الدين بن مير ابوالمڪارم ”شهود“ هن وقت ڪمال جو صاحب ۽ حال ۽ قال جي صاحبن ۾ برگزيدو آهي. نثر خواهه نظم ۾ سندس ڪماليتون دو معني سہ معني بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ ايهام (هنر) ۾ موجود آهن. نظر جي گهٽتائيءَ ۾ ڪنن جي ڳرائي جيڪڏهن سندس لاءِ روڪ نه هجن ها ته هو شعر ۽ انشا ۾ مير حيدر الدين ابوتراب ”ڪامل“ جو ثاني آهي. ]هيءُ به[ انهيءَ استاد وانگيان پرهيزگار ۽ ڇڙوڇڙمل رهي زندگي گذاري رهيو آهي. اگرچه هن خاندان ۾ ٻيا به بزرگ ۽ بزرگزادا گذريا ۽ موجود آهن پر بنده پنهنجي پابنديءَ موجب مٿين ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي آهي. ]قاسم خاني سيدن جو گهراڻو[: سندن ٻيا سوٽ قاسم خاني نالي سان هڪ وڏي لياقت وارو گهراڻو ٿي گذريو آهي. هنن گهڻو ڪري عهدي دارن جي صورت ۾ زندگي گذاري. انهن مان: قاسم خان نمڪين جي اولاد مان مير محمد رحيم، جنهن جو بيان بکر جي ذڪر ۾ گذريو، چڱي حال ۾ هو. کانئس پوءِ مير محمد ڪريم رهيو ۽ وڏن جي پيرويءَ تي، سهڻن اخلاقن سان موصوف رهي، گذاري ويو. ۽ ڪو به يادگار ڪونه ڇڏيائين. مٿئين قاسم خان جو پوٽو ابوالنصر پڻ بزرگن جي نموني ۾ گذريو آهي. انهيءَ جو جاءِ نشين مير شيرافگن ٿيو جنهن پڻ حياتيءَ جو وارو بزرگي سان وڄايو. هو مير محمد عابد نالي هدايت وارو فرزند ڇڏي ويو ۽ انهيءَ وفات کان پوءِ ڪابه نشاني يادگار ڪانه ڇڏي. مٿين مير محمد قاسم خان جي پوٽي مير محمد اسلم پڻ ڏاڍي ماڻهپي سان حياتي گذاري. هن کان پوءِ مير محمد ڪامل رهيو، جو پڻ نيڪن جي نموني تي زندگي گذاري ويو ۽ اولاد ڪانه ڇڏيائين. مير محمد نعيم پڻ، مٿئين قاسم خان جي پوٽن مان، وڏن جي قدم تي ٿي گذريو آهي. انهيءَ کان پوءِ مير محمد صالح عرف مير قلندر باقي رهيو. هو پٽ ڇڏي ويو جو ساري گهراڻي جو يادگار آهي. متفرق سادات اگرچه هن آزادن جي زاد و بوم سرزمين تي گهڻائي بزرگ ٿي گذريا آهن پر راقم الحروف تبرڪ جي رسم طور ڪن ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي آهي. ]سيد محمد ۽ سندس اولاد[: هن بزرگ جي اصل وطن جي ڪابه خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ۽ سندس اولاد مان به سواءِ ذڪر ٿيل نالن جي ٻئي ڪنهن جو پتو ڪونه آهي. باقي انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پنهنجي وقت جو ناليرو آهي. سندس پٽ سيد محمد هاشم مرزا جاني بيگ ترخان جو همعصر آهي. ساڳئي وقت مرزا جي مدح ۾ شاندار قصيدا چيل اٿس. هن جي تاليفات مان هڪ نسخو نالي سير السلاطين، جو نهايت عمدو چيو اٿس ۽ مرزا جاني ڏانهن منسوب ڪيو اٿس، يادگار آهي. مٿئين سيد محمد هاشم جو فرزند سيد عبدالقادر پنهنجي وقت جو ناميارو هو. سنڌ جي بزرگن جي بيان ۾ رسالو ”حديقته الاوليا“ سندس نشاني آهي. استرآبادي سيد ]سيد محمد باقر ۽ سيد محمد طاهر[: سيد محمد باقر عرف اڪرائي ۽ سيد محمد طاهر دلوال عرف ..... ٻئي پٽ سيد حسين صحرائي بن مير حيدر استرآباديءَ جا آهن. ٺٽي ۾ شاهه منبي جي مزار جي الهندي پاسي، ڀائي خان جي محلي ۾ انهيءَ هنڌ رهندا هئا، جتي پوءِ مرزا حسين جي جڳهه ۽ تنهن کان پوءِ انگريزن جي ڪوٺي ٿي. ]سيد محمد حسن ۽ سندس اولاد[: سيد محمد حسن مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ ساڻس متعلق هو. مير طاهر تخلص نسياني سندس پٽ آهي، تاريخ طاهري انهيءَ جي تصنيف ڪيل آهي. هاڻي گهڻي وقت کان سندن اولاد هڪ ماڙي ۾ رهندا آهن ۽ سندن لقب باغائي ۽ صحرائي آهي. هنن جي وڏن جي مزار جي رائنڪ، عبدالله شاهه جي درگاهه جي پويان اُتر جي طرف يادگار آهي. ]سيد عبدالغفور ۽ سندس اولاد[: ڪمالات جو جامع ۽ مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل آهي. سندس گهراڻي جي تحقيقات ڪانه ٿي سگهي آهي. سندس ٻه ناليرا پٽ 1- سيد عبدالرشيد ۽ 2- سيد عبدالرؤف مشهور آهن. سيد عبدالرشيد پنهنجي وقت جو علامه پيدا ٿيو. عالمگير جي ڏينهن ۾ جهان آباد (دهلي) ۾ نالو پيدا ڪيائين. سندس تصنيفات مان ٻه فرهنگ عربي ۽ فارسي منتخب ۽ مناظري جي فن ۾ هڪ نسخه رشيدي نالي مشهور آهي. وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين. سيد عبدالرؤف پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. پويان ڪو نرينه اولاد ڪونه هوس. سيد محمد شريف شيرازيءَ جو اولاد مير لطف الله عرف مير لطن سندس حقيقي ڏوهٽو آهي. ]مير محمد ۽ سندس اولاد[: هن بزرگ جي اصل جو پڻ چڱيءَ طرح تحقيق نه ٿي سگهيو آهي. فقط هيترو هو ته سندس پٽ مير محمود، قاسم خاني سيدن مان شادي ڪري قاسم خاني مشهور ٿي ويو. قصو ڪوتاهه مير محمد نهايت بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس پٽ مير محمود عرف مير محمودي وڏن عهديدارن جي سلسلي ۾ داخل هو ۽ بزرگن جي سهڻين خوبين سان زندگي گذاريائين. کانئس پوءِ مير محمد بزرگ جاءِ نشين ٿيو، جو بزرگيءَ جي وصفن ۾ دنيا جو ساراهيل هو، هو نهايت آسودو هو ۽ وڏيءَ عمر کي پهچي گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين. ]سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر ۽ سندن اولاد[: جون جي ڳوٺ ۾ رهندڙ سيد حميد جا پٽ سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر اصل بکر جا رهندڙ هئا، جن جو بيان ٿي آيو. ٻئي بزرگ آب داڻي موجب جون جي ڳوٺ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ بکر جي رضوي سيدن جي محلي ۾ ويٺا. سيد محمد باقر، مير عبدالستار پويان ڇڏيو، جنهن مقرر عمر مٿئين محلي ۾ پوري ڪري وفات ڪئي ۽ اولاد ڪانه ڇڏيائين. سيد محمد عليءَ جو مير محمد فاضل جاءِ نشين ٿيو. هو انهيءَ محلي مان لڏي، وڃي مسواڪ ڪشان (ڏندڻ ڏيندڙ) جي محلي ۾ ويٺو خوشنويسيءَ ۽ ٻين ڪمالن ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور آهي. کانئس پوءِ ٻه پٽ رهيا. 1- سيد محمد بزرگ 2- سيد نظام الدين. ٻئي ڀائر عالمگير جي ڏينهن جي شروعات ۾، درٻار ۾ حاضر ٿي، شاهي عهديدارن جي سلسلي ۾ داخل ٿيا. مير محمد بزرگ قرآن شريف جو حافظ، طالب علم ۽ خوشنويس، پنهنجي پيءُ ۽ شاهه بندر جي خوشنويس محمد شفيع جو شاگرد هو. مٿين ڪماليتن ظاهر ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه جو منظور نظر ٿي حڪم موجب ڪجهه وقت هدايت الله زرين، راقم جو شاگرد رهيو. ۽ سيد نظام الدين بادشاهه جي همرڪابيءَ ۾ دکن ۾ گذاري ويو. قصو ڪوتاهه سيد محمد بزرگ ايڪيهه سال همرڪاب ۽ شاهزادي محمد ڪام بخش جي مشق جو استاد رهي، دين پرور بادشاهه جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي هليو آيو ۽ سن 1152 هجري تائين نهايت بزرگيءَ ۽ عزت سان عمر گذاري، اسي ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هاڻي سيد محمد بزرگ جو پوٽو مير منور ولد سيد اعظم فتح باغ ۾ رهندڙ آهي. مٿئين مير محمد بزرگ جو سوٽ سيد عبدالرحيم چڱيءَ حالت ۾ گذريو آهي. کانئس پوءِ سيد جلال وڻندڙ حال سان رهيو. هاڻي سيد جلال جو پٽ سيد حامد مٿئين محلي ۾ انهيءَ خاندان جو يادگار باقي آهي. سيد مير محمد: ظاهراً مٽيارين جي سيدن مان آهي. بزرگيءَ ۽ عزت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ نشانين ۽ ڪرامتن ۾ دنيا ۾ معروف هو. خواجن جي محلي ۾ رهندو هو، ببالائي ڳوٺ جا رهاڪو، جي اڪثر سومرا آهن، سندس پڪا مريد آهن. وفات ڪرڻ وقت نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائين. ]سيد سعد الله[: مٿئين سيد مير محمد جو ڏوهٽو سيد سعد الله ولد سيد بيگ محمد مازندراني، سندس بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويهي، سدائين توڪل، تقويٰ، ڇڙائي ۽ لڪ ۾ رهي، مريدن جي جماعت جو مرشد رهندو آيو. هن جي وفات سن 1167 هجري(1) ۾ اسي ورهين جي ڄمار ۾ ٿي. هاڻي ]210[ سندس خاص مريد عبدالڪريم عرف مرزا ڪريم بيگ ولد مرزا قلي بيگ گادي نشين آهي. علوي جامي بزرگ هي بزرگيءَ جي باغ جو وڻ ۽ شرافت جي سرمايي جا مور آهن. انهن مان آهن: ]خواجه محمد ۽ سندس اولاد[:پيرن جي پير، احمد جام، جنهن جي بزرگي قلم جي تحرير ۽ سمجهڻ سمجهائڻ کان مٿي آهي، ۽ جو ٻئي جلد ۾ مشائخن جي بيان ۾ مذڪور آهي، جي اولاد مان خواجه محمد ولد خواجه احمد. هيءُ بزرگ اتفاقاً پنهنجي اصلي وطن جام لنگر مان اچي ٺٽي منزل انداز ٿيو. پهريائين ته مٽي مائٽيءَ جي سلسلي ۾ قاسم خانين وٽ رهڻ لڳو پر پوءِ لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ ويٺو جنهن ۾ هينئر رهن ٿا. سندس بزرگيءَ جو ڪمال هر قائل جي قال کان مٿي آهي. جنهن صورت ۾ تيموري خاندان جا بادشاهه اصل کان وٺي هن گهراڻي جا مريد آهن تنهن ڪري هيءُ بزرگ جهانگير جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي شهر ۾ نهايت ممتاز بلڪ اڪثر وڏن ماڻهن جو پيشوا ٿي رهيو. سندس گذرڻ کان پوءِ هن جي فرزند خواجه احمد، پيءُ بزرگوار جو قائم مقام ۽ وڏي ۾ وڏن نيڪن ۽ سڳوري ۾ سڳورن برگزيدن جي سلسلي ۾ داخل رهي زندگي گذاري. هن ٻه پٽ 1- خواجه عطاءُ الله ۽ 2- خواجه امان الله ڇڏيا. خواجه عطاءُ الله وڏي طاقت ۽ بزرگيءَ سان گڏ ڏاڍو سخي پيدا ٿيو هو. سندس سخاوت، دل ۽ هٿ متعلق ڪئين قصا مشهور آهن. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن پنهنجي گهر جي دروازي تي بيٺو هو ته ائين هڪڙي عورت بازار کان اچي سهڙي ۽ خواجه جي ڏسڻ سان کڻي منهن تي چادر وڌائين. خواجه خوش طبعي طور چيس ته ”اي نيڪ عورت! بازار مان منهن اگهاڙو ڪيو ٿي آئينءَ، هينئر ڇا ٿيو اٿئي؟ جو مون کي ڏسي کڻي منهن ڍڪيو اٿئي“ . وراڻيائين ته ”جن جي اڳيان منهن کولي ٿي لنگهيس سي سڀئي انسانيت کان ٻاهر هئا. توکي سچو پچو انسان ڏسي پردو ڪيو اٿم“ . خواجه انهيءَ نيڪ عورت جي جواب کان ڏاڍو خوش ٿيو. اتفاق سان انهيءَ وقت سندس جاگير کاٽ مان اٽڪل سؤ خرار اَن آيو هو. گماشتن کي حڪم ڏنائين ته اهو سمورو اَن زال جي گهر کڻي وڃو، ڇاڪاڻ ته مون کي انسانن جي ٽولي ۾ ڳڻيو اٿس. سندس وفات کان پوءِ، هن جو ناليرو فرزند خواجه محمد هاشم جاءِ نشين ٿيو. هاڻي سندس پٽ خواجه رحمت الله ۽ خواجه فتح الله حيات آهن. خواجه امان الله بزرگيءَ جي شاندار نيڪين جي مجمع ۽ ڪمال جي صاحبن جي مرجع هو. شعر جي واديءَ ۾ پڻ علمبردار هو. سندس تصنيفن مان ”بهمن نامه“ ، جنهن ۾ ست قصا نظم ڪيل آهن، ۽ ”هفت اختر“ جنهن ۾ ست ڪهاڻيون آهن، يادگار آهن. ٽي پٽ ڇڏي ويو. پهريون خواجه خير الله. هاڻي سندس فرزند خواجه محمد خليل موجود آهي، ٻيو خواجه فضل الله انهيءَ جا ٽي پٽ هر هڪ خواجه سيف الله، خواجه سعد الله ۽ خواجه شهر الله نالي، ميان عبدالملڪ جي زمين ۾ پيرزادن وٽ گذارين ٿا، جيڪي سندس ماما آهن. ٽيون خواجه عنايت الله، سندس فرزند خواجه اسد الله هو. هاڻي خواجه اسد الله جو پٽ خواجه امير الله نالي کچي جي ڳوٺ ۾ اتي جي پيرزادن وٽ رهي ٿو جيڪي سندس ماماڻا آهن. ]خواجه شهاب الدين ۽ سندس اولاد[: خواجه ]عبيد الله[ احرار جي اولاد مان خواجه شهاب الدين ولد خواجه مير ڪمال الدين علوي آهي. جنهن صورت ۾ همايون بادشاهه ايران کان موٽڻ وقت پراڻي ارادي جي مدنظر تي، خواجه مير ڪمال الدين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري، دعا جي مدد جي درخواست ڪئي هئي، تنهن ڪري جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه، پراڻي مريدي ۽ پيءُ جي عقيدتمنديءَ جي حقن کي خيال ۾ آڻي مٿئين خواجه ڪمال الدين کي زيارت جي استدعا ڪئي هئي. هن ڪراڙپ جو عذر پيش ڪري پنهنجي پٽ خواجه شهاب الدين کي بادشاهه جي حـضور ۾ روانو ڪيو. هو ڪيترو عرصو بادشاهي دربار ۾ گذاري، والد جي خدمت ۾ موٽي ويو. ڳپل عرصي کان پوءِ خواجه ]211[ مير شهاب الدين، مير محمد حسين گيلاني جيڪو شاهه بيگ سان گڏ ٺٽي اچي رهيو هو، جي نياڻيءَ جنهن سان مڱيل هو، سان شادي ڪرڻ جي ارادي سان، والد بزرگوار کان اجازت وٺي هن طرف آيو ۽ مراد حاصل ڪري، آب داڻي جي ڪشش سببان هميشه لاءِ رهي پيو، ڏاڍي بزرگيءَ ۽ وڏي شان شوڪت سان گذاري ويو. مٿيون خواجه ڪمال الدين پڻ هرات مان نڪري ارغونين سان گڏجي ٺٽي آيو. هو جاگير سببان ڪلان ڪوٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ اتيئي گذاري ويو. سندس مزار فتحي جي ٽڪر تي آهي، جو فتحي نگر ]جي نالي سان[ مشهور آهي. کانئس پوءِ چار پٽ رهيا. 1- خواجه مير نجم الدين، 2- خواجه مير شمس الدين، 3- خواجه مير رضي الدين ۽ 4- خواجه مير شهاب الدين، جنهن جو بيان ٿي آيو. کانئس پوءِ (خواجه شهاب الدين) خواجه مير ابوتراب باقي رهيو. هو گهڻو ڪري پنهنجي جاگير تي نيرون ڪوٽ گذاريندو هو. سندس نالي تي هڪ باغ آهي جنهن جو هن وقت رڳو نالو وڃي رهيو آهي. وفات کان پوءِ اتي ئي دفن ٿيو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ خواجه مير قاسم، برگزيدين خصلتن سان، ٺٽي ۾ وڏن جو نالو روشن ڪيو. هن کان پوءِ خواجه محمد مير وڏن جي گاديءَ تي ويٺو ۽ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ گذاري ويو. انهيءَ کان پوءِ خواجه محمد شريف وڏن جي بزرگيءَ جو ڏيو چڱيءَ طرح روشن ڪيو. خوشنويسيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي رهيو ۽ مير سيد علي خوشنويس جو شاگرد آهي. تنهن کان پوءِ خواجه مرتضيٰ نهايت قابليت ۽ انسانيت سان وڏن جي بزرگيءَ جو نالو زندهه رکيو. هو آغاز پيدائش کان وٺي هن وقت تائين مشهور ماڻهن جي لسٽ ۾ زندهه آهي. پهريائين صاحبزاده محمد داؤد خان، پوءِ ميان نور محمد تنهن کان پوءِ محمد مراد ياب خان، انهيءَ کان پوءِ ميان غلام شاهه ۽ هاڻي محمد سرفراز خان سنڌ جي حاڪمن جي حضور ۾ ڏاڍي اعتبار سان ملازم آهي. بي نظير خوشنويس آهي. ستن ئي قلمن ۾ ڪو به مٽ ڪونهيس، طبابت ۾ مير عبدالرزاق تخلص مشرب جو شاگرد آهي. سندس هٿ بيمارين جي شفا ۾ تبرڪ جو حڪم رکي ٿو. حسني سيدن جو طبقو ]مير محمد حسين ۽ سندس اولاد[: انهن مان آهي حضرت پير جو اولاد مير محمد حسين گيلاني هروي، جو نهايت بزرگيءَ ۽ ڪمال سان، هرات مان نڪري، شاهه بيگ سان گڏجي ٺٽي آيو ۽ اچي انهيءَ محلي ۾ رهيو جنهن ۾ هاڻي خواجه محمد مرتضيٰ رهي ٿو. خواجه مير شهاب الدين، جنهن جو بيان ٿي آيو، سندس نياڻو هو. سندس وفات کان پوءِ هن جو پٽ مير عبدالله، لقب نازڪ، پيءُ جي جاءِ تي بزرگيءَ سان ويٺو، انهيءَ کان پوءِ مير عبداللطيف نازڪ طبع ۽ پاڪيزه خصلتن سان مشهور معروف ٿي رهيو، تنهن کان پوءِ مير عبدالعزيز پنهنجي وقت جو عزيز ٿي رهيو. پوءِ سيد عبد الله ثاني وڏي عزت سان وڏن جو نالو زندهه ڪيو. کانئس پوءِ هن خاندان جو خاتمو، سيد محمد رضا بزرگانه حالت ۾ گذاري ويو. هن جي وفات ٺٽي جي گورنر خواجه محمد خليل جي ڏينهن ۾ ٿي هئي. سندس اولاد مان ڪو ڪونه رهيو. جيئن ته پهريائين خواجه مير شهاب الدين، مير محمد حسين جو نياڻو ٿيو هو تيئن اها وڏن واري رسم پوين ۾ رهندي اچي، خواجه محمد شريف مير محمد رضا جو نياڻو هو. هاڻي خواجه مير محمد مرتضيٰ، مير محمد رضا جو ڏوهٽو آهي. ]سيد نور شاهه ۽ سندس اولاد[: پوءِ پيران پير جي اولاد مان سيد نور شاهه ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ آيو. پهريائين نادره(1) ۽ پوءِ گهڻو وقت کچي ۾ گذاريائين. پيريءَ ۽ بزرگيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير هو. سندن جايون ٺٽي ۾ شوراين جي محلي ۾ مشهور آهن. ٺٽي جا اڪثر خليفا سندس سرداريءَ جا قائل آهن. هن جي گذرڻ کان پوءِ سندس پٽ خليفه برخوردار، علم ۽ معرفت جو برخوردار بڻجي پيءُ جو قائم مقام ٿيو. تنهن کان پوءِ خليفي بريشاهه بزرگيءَ جو وارو وڄايو. پوءِ سيد نور شاهه وڏن جي ورثي جو وارث ٿيو. هاڻي سيد پني لڌو هن ناليري خاندان جي بزرگن ]212[ جو يادگار کچي ۾ رهندڙ آهي. شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد سڳوري جي گهراڻي جو طبقو: هي سڄي سنڌ جي بزرگن ۾ جهونا ۽ سيدن سڳورن کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ عزت وارا آهن. ]پير شيخ عالي ۽ سندس اولاد[: شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي پوٽن ۾ وڏي ۾ وڏو پير آهي. ترخاني زماني ۾ فقيرن وانگيان اڪيلوئي اڪيلو سير ڪندو، ٺٽي ۾ انهيءَ جاءِ تي لٿو جتي هاڻي سندس اولاد رهي ٿو. اتي مير سيد علي شيرازيءَ جو باغ هو. هيءُ نار جو آواز ٻڌي شپ باشيءَ جي ارادي سان هڪ وڻ هيٺان ترسي پيو. باغائي شام جي وقت نارجا ڍڳا ڇوڙي شهر ڏانهن هليو ويو. پر جيئن ته شيخ جي دل جو، نار جي آواز سان، تعلق ٿي پيو هو تنهن ڪري خدا جي قدرت سان نار سڄي رات ڏاندن جي وهڻ کان سواءِ وهندو رهيو. صبح جو باغائي اچي ڏٺو ته نار سڄي رات وهندو رهيو آهي ۽ پاڻي، ٻارين ۾ ضرورت کان زياده وهي، ڪن وڻن کي نقصان رسايو آهي. هو نار وهائڻ جي تهمت فقير تي رکي، سيد عليءَ جي خدمت ۾ دانهن کڻي ويو ته فقير ههڙي حرڪت ڪري ڪيترن وڻن کي نقصان رسايو آهي. سيد نوڪرن کي فقير کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيڻ جو حڪم ڏنو. روڪ ٿيڻ تي فقير باغ کان ٻاهر نڪتو ته اهو وڻ جنهن جي پاڇي ۾ ويٺو هو ۽ اهو گلن جو ٻارو، جنهن جي ديدار ۾ مشغول هو، بروقت فقير سان گڏ اڳتي رڙهڻ لڳو. ماڻهن فقير جو هيءُ تصرف ڏسي، وڃي سيد عليءَ سان ڳالهه ڪئي. سيد پاڻ به صاحب دل هو ۽ فقيرن جي خدمت کي سعادت جو سرمايو ڄاڻندو هو. سو خبر ٻڌڻ شرط اٿي کڙو ٿيو. ڊوڙي اچي محققانه ملاقات ڪيائين ۽ فقير جو باغ جي ٽڪري سان دلي شوق ڏسي ساري زمين کيس نذراني طور ڏيئي ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ شيخ جو غلغلو ظاهر ٿيو ۽ هڪ دنيا سندس مريديءَ جي سعادت حاصل ڪئي. هو گهڻو ڪري هڪ ئي ٽڪريءَ تي انهيءَ هنڌ گذاريندو هو جتي هاڻي دفن ٿيل آهي. ڪجهه زماني گذرڻ کان پوءِ شادي ڪري چار پٽ ڄڻيائين. 1- ابو محمد، هن کان ننڍپڻ ۾ وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿيون. چون ٿا ته هڪ ڏينهن بيٺو هو ته اوچتو ڏسندڙن کي سندس ٻئي پنيون مٽيءَ ۽ گپ سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيون. خادمن جي پڇا ڪرڻ تي وراڻيائين ته هڪڙو خادم ٻيڙيءَ تي چڙهيو ٿي آيو، ٻيڙي وڃي گپ ۽ چڪ ۾ ڦاٿي، اسان کي ياد ڪيائين ۽ اجهو ٻيڙي ٻاهر ڪڍيو ٿو اچان. ٿوري وقت کان پوءِ انهيءَ ساڳئي خادم اچي، ساڳيو احوال ساڳي تاريخ مطابق بيان ڪيو. هو پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. 2- صالح محمد عرف فاضل محمد، 3- ولي محمد. هيءُ ٻئي ڀائر پڻ پيءُ جي حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويا. 4- شيخ محمد واصل، هيءُ پيءُ جي ڪماليتن سان موصوف ۽ يادگار پيدا ٿيو. پيءُ جي وفات واري ڏينهن، فقيرن جي دستور موجب، ميلو ڪرائيندو هو، جو ٽن ڏينهن تائين رهندو هو. سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال، هن رشڪ تي اهو ميلو بند ڪرائي ڇڏيو ته انهن جو ميلو سيد عليءَ جي ميلي کان اڳ ۾ ٿيندو هو ۽ فقير پهريائين هن ميلي مان ٿي پوءِ سيدن جي ميلي تي پهچندا هئا. سيد جي منع ڪري فقير حاضر نه ٿيا پر اتفاق اهڙو بڻيو جو سيدن جي ميلي وقت اهي فقير به ڪونه آيا جيڪي ٻين ڳوٺن مان اچي ميلي کي مچائيندا ۽ سماع (سمنهن) ڪندا هئا. سيد جلال ڳڻتيءَ ۾ پئجي، مراقبو ڪري معلوم ڪيو ته فقيرن جي نه اچڻ جو سبب رڳو پير شيخ عاليءَ جي ميلي کي روڪڻ آهي. ]هڪدم[ شيخ محمد واصل سان ]213[ دوستيءَ جو رستو رکي، دستور موجب ميلي جي اجازت ڏنائين ته انهي ئي ڏينهن فقير اچي پهتا. جڏهن فقيرن کان دير جو سبب پڇيائون تڏهن هنن ورندي ڏني ته سارو ڏينهن پنڌ ٿي ڪيوسون پر رات جي وقت وري اچي ٿي ساڳين پيرن تي بيٺاسون. نشان پتو ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ٿي ڪئي سون پر تر جيترو تفاوت به معلوم نه ٿي ٿيو. اڄ، بغير ڪنهن پريشانيءَ جي ٽن ڏينهن بلڪ وڌيڪ پنڌ تان اچي پهتا آهيون. انهيءَ وقت کان وٺي ٻنهي پيرن ۾ دوستيءَ جو رستو جاري ٿيو. هڪ ٻئي جي ميلن تي فقيرن سميت حاضر ٿيندا هئا ۽ اها رسم قائم رهندي آئي. شيخ محمد واصل جي نياڻي، شاهه عبدالله قريشيءَ ملتانيءَ جي اولاد جي هڪڙي فرد شيخ ضياءُ الدين(1) سان پرڻائي ويئي جنهن مان شيخ محمد ملوڪ(2) نالي هڪ فرزند پيدا ٿيو جو ننڍي ئي گذاري ويو. شيخ ضياءُ الدين پاڻ به هندوستان ڏانهن سير تي هليو ويو ۽ واپس ڪونه آيو. ]شيخ محمد رضا ۽ سندس اولاد[: سندس ڀاءُ شيخ محمد رضا هتي هو ۽ شيخ محمد واصل جي وفات کان پوءِ، سندس پنهنجي اولاد نه هجڻ ڪري، پير شيخ عاليءَ جي گاديءَ تي ويهي بزرگن جي خصوصيتن سان موصوف رهي گذاري ويو. کاري تعلقي ڪڪرالي وارا قريشي پيرزادا سندن سوٽ ۽ ڏاڏنگ مان آهن. شيخ محمد رضا کان پوءِ سندس پٽ شيخ زين العابدين عرف شيخ مٺن بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. ابتدا ۾ هن ڏاڍيون ڪرامتون ڏيکاريون ۽ پوين ڏينهن ۾ پاڻ کي انهن کان روڪي لڪ جي ڪوشش ڪندو هو. آخر وڏيءَ عمر ۾ نهايت عزت سان رحلت ڪري ويو. هاڻي سندس پٽ دائم شاهه وڏن جو قائم مقام آهي. دائم شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان ڀورو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ، شيخ زين العابدين عرف ميان متن جو ٻيو پٽ ميان ورياهه گاديءَ تي ويٺو. سن 1201 هجري ۾ ميان ورياهه گذاري ويو ۽ ساڳئي شيخ جو ٽيون پٽ شيخ غلام شاهه گادي نشين ٿيو. ]شيخ ڪالو قريشي ۽ سندس اولاد[: شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان، وقت جو بزرگ، زماني جو عاليشان مناقبن جو صاحب، ڪرامت جو درياءُ، ترخانن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو. جنهن صورت ۾ سنڌ جا اڪثر رهاڪو هن گهراڻي جا مريد آهن، تنهن ڪري ننڍا خواهه وڏا سندس تشريف آوريءَ کي تبرڪ سمجهڻ لڳا. خسروخان چرڪس، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، هن بزرگ کي پنهنجي نياڻي ڏيئي گهر ڄاٽو بڻايو. اهوئي سبب آهي جو شيخ جي اولاد خسرو خان جي حويليءَ ۾ رهي ٿي. هن جي گذري وڃڻ کان پوءِ سندس خدا آگاهه فرزند شاهه عبدالله جاءِ نشين ٿيو. انهيءَ کان پوءِ هن جو، حقيقت شناس، عارف، ڪامل فرزند شيخ رحمت الله رهيو. هن پنهنجي مقرر عمر پوري ڪرڻ وقت ٻه ناليرا موتي ڇڏيا. هڪ شيخ عبدالباقي، هن خسرو خان چرڪس جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ مرادون ماڻيون. پهريائين نصرپور ۾ حاڪم رهي، نوڪرن، چاڪرن، ٻيلين ۽ ٻانهن جو صاحب ٿي رهيو. پڇاڙيءَ ۾ وڏن جي رستي تي هلي هن دار الفنا کان دار البقا ڏانهن رحلت ڪري ويو. انهيءَ کان پوءِ شيخ عمادالدين ڏاڍي شان مان سان دين ۽ دنيا ٻئي هٿ ۾ رکيا. سندس گذرڻ کان پوءِ هن جو پٽ شيخ عبدالرزاق، حال ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ ٿي رهيو. تنهن کان پوءِ سندس پٽ شيخ محمد شفيع، وڏن جي پيروي تي، ڏاڍي صدق ۽ استقلال سان رهيو. هاڻي سندس پٽ شيخ ضياءُ الدين بهاؤالدين پور ۾ پنهنجن عزيزن، اتي جي پيرزادن ۾ رهي ٿو. ٻيو شيخ عبد الله، هيءُ وڏن جي اخلاقن جو حامل، خدا آگاهه ۽ وڏي پڄنديءَ وارو پيدا ٿيو. رحلت وقت ٻه ناميارا پٽ ڇڏيائين. پهريون شيخ سلام الله. هو فقيريءَ جي رستي تي هلي، هدايت ۽ ارشاد جي رستي جو سالڪ ٿي، رياضتن ۽ ڪرامتن جو مالڪ بڻيو. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد ۽ سجاده نشين سيد عبدالغنيءَ جو صحبتي ۽ مريد هو. انهن پيرن ]214[ جي ميلي ڏينهن بتين ٻارڻ جي خدمت خاص سندس حوالي هئي ۽ اڄ تائين اهو ڪم سندس اولاد ڪندي اچي. ٺٽي واري الهڏتي زرگر، سيد عبدالڪريم جي وڏي ۾ وڏي مريد، جي پڻ زيارت ڪري ڏاڍا فيض پرايائين. کيس ٽي پٽ ٿيا. 1- شاهه مراد، 2- شاهه عبدالله ۽ 3- شاهه رحمت الله. هر هڪ وقت جو بزرگ ٿيو. انهن مان شاهه رحمت الله تمام ماڻهپي ۽ انسانيت سان گذريو آهي. ميان درگاهي شاهه نالي هڪ ناليرو فرزند ڇڏيائين، جو پڻ وڏن وانگيان وڏو تصرف جو صاحب ٿي گذريو آهي. هاڻي سندن فرزند گرامي ميان موٿو شاهه وڏن جو قائم مقام آهي ۽ ورثي موجب شاهه عبدالڪريم (بلڙيءَ واري) جي درگاهه جي روشنائيءَ جي خدمت بجا آڻيندو آهي. هو گهڻو ڪري کاري جي ڳوٺ ۾ رهندو آهي. ٻيو شيخ عزت الله، مشائخن وارين ڪماليتن سان زندگي گذاريائين. گهڻو ڪري کاري جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. کانئس پوءِ ٻه پٽ رهيا 1- ميان راجن شاهه ۽ 2-شيخ عبدالباقي. ميان راجن شاهه وڏن جي پيرويءَ تي رهي گذاري ويو. فقير محمد نالي هدايت وارو پٽ ڇڏيائين جنهن ڪوبه فرزند ڪونه ڇڏيو. شيخ عبدالباقي جڏهن اباڻن ڪماليتن سان زندگي گذاري هن دار فانيءَ کان دار باقيءَ ڏانهن راهي ٿيو، تڏهن ميان ٺاري نالي هڪ ناميارو فرزند ڇڏي ويو. هاڻي سندس نشاني ميان صالح محمد، وڏن جي نالي زندهه رکڻ لاءِ، نيڪيءَ سان حيات آهي. قاضين جو طبقو هيءُ نهايت فضل ۽ ڪمال سان ماڻهن ۾ مشهور ۽ عام خاص لاءِ مرجع هئا. ]قاضي نعمت الله ۽ سندس اولاد[: قاضي نعمت الله انهن قديمي قاضين مان آهي جن جو نسب حضرت عباس جي اولاد سان ملي ٿو ۽ جيڪي عباسي گورنرن جي وڃڻ کان پوءِ، پوئتي رهجي ويلن مان آهن. ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچيءَ جي ڏينهن ۾ عالمن جو پيشوا ۽ پرهيزگارن جو اڳواڻ هو. جيئن بيان ٿي آيو، سيد احمد شيرازيءَ جي شادي هن جي نياڻيءَ سان ٿي هئي. جنهن مان چار بلند بخت گوهر پيدا ٿيا. سندس پٽ قاضي سائينڏنو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلو پرهيزگار هو. هو ڪمالات جي جامع هجڻ ۾ بينظير ۽ فضيلت ۾ بيمثال هو. قاضي نعمت الله ثاني سندس پٽ آهي. هو وقت جو علامه ۽ زماني جو زبردست عالم هو. هو پنهنجي وقت ۾ عالمن جي مرجع ۽ عارفن جي معرفت جو سرچشمو هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي سندس همعصر هئا. هن جو پٽ رحمت الله وڏن جي ڪماليتن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ٿي رهيو. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ شيخ عبدالشهيد ڪلان بزرگن جي گاديءَ تي ويهڻ جو شرف حاصل ڪيو. سماواتي پرڳڻي ۾ کاري نالي دهه هن جو يادگار آهي. انهيءَ جو پٽ شيخ عطاءُ الله بزرگيءَ ۾ ملڪين مشهور ٿي گذريو آهي. تنهن کان پوءِ شيخ عبدالشهيد ثاني وڏن جي گاديءَ تي مرادن ماڻڻ لاءِ ويٺو. کانئس پوءِ شيخ احمد وڏن جي بزرگيءَ جو وارث پيدا ٿيو. انهيءَ مان شيخ ابوالحسن پيدا ٿيو، جو هن گهراڻي جو خاتمو هو. هن جڏهن عمر جو مقرر عرصو گذاري هن بي بقا جهان کي الوداع ڪيو، تڏهن پويان ڪو به اولاد يادگار ڪونه ڇڏيائين. ]قاضي حماد ۽ سندس اولاد[: عباسي گورنرن جي دور پوري ٿيڻ کان پوءِ باقي رهيل قاضين مان آهي جن جو نسب حضرت عباس جي اولاد سان ملي ٿو. هو فضيلت ۽ ڪمال ۾ نهايت ڪامل ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ نهايت سڳورو هو. سندس فرزند قاضي صدو وڏي ۾ وڏو پرهيزگار ۽ خاص عام جي ارادتمنديءَ جو مرڪز هو. علمي خواهه عملي گهڻين ڪماليتن جي ڪري سڳورن جو سردار ٿي پيو هو. ڪيترن الله وارن جي صحبت مان فيض پرايو هئائين ۽ حال جي صاحبن مان هڪ وڏي گروهه کي ڪمال جي درجي تي رسايائين. سندس مزار شيرازي سيدن جي مقام ۾، جو اصل سندن وڏن جو قبرستان هو، صاحب دل انسانن لاءِ هڪ مرادن پائڻ جي درگاهه مشهور آهي. ]قاضي محمود علامه ۽ سندس اولاد[: قاضي نعمت الله ثانيءَ جو سوٽ، مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي جو همعصر علامه آهي، جو فضيلت ]225[ ۽ ڪمال ۾ بينظير ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو گهڻين تصنيفن جو صاحب هو. جهڙوڪ، تذڪرة الاوليا ۽ درسي ڪتابن تي عمدا حاشيه. هن کان پوءِ ٻه ناليرا پٽ يادگار رهيا. هڪڙو قاضي عبداللطيف، طبع جي نزاڪت ۾ سندس مٽ ڪو ورلي هو. هو حد درجي جو فاضل هو. وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين. ٻيو قاضي قطب الدين، علم ۽ عمل جي دائري جو قطب ۽ فضيلت ۽ ڪمال ۾ مشهور هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شيخ عبدالمجيد موروثي بزرگيءَ سان گڏ وڏو پرهيزگار ٿي گذريو. کانئس پوءِ سندس پٽ شيخ محمد زاهد وڏن جو نالو روشن ڪندڙ ۽ سچ ۽ استقلال جو صاحب پيدا ٿيو. انهيءَ کان پوءِ شيخ ابوتراب، وڏن جي هليءَ چليءَ موجب، وڏيءَ هلنديءَ پڄنديءَ وارو ٿي گذريو. تنهن کان پوءِ شيخ محمد زمان جاءِ نشين ٿيو. جو پڻ خوش خلق ۽ سليقي مند انسان هو. هڪ پٽ ڇڏي فوت ٿي ويو. قاضي وجہ الدين: وقت جو يگانو، ترخاني حاڪمن جو همعصر ۽ مٿئين عباسي گهراڻي جو فرد هو. تقديراً وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين. قاضي عتيق الله عباسي: اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. مرزا جاني بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ اچي ملا محمد علي ديوان کان سڱ ورتائين. هڪ باڪمال، صاحب حال، ]دنيا کان[ بي تعلق ۽ خدا سان با تعلق مرد هو. سندس فرزند شيخ عزت الله انشا جي فن ۾ بينظير پيدا ٿيو. شيخ عبد الرشيد: مٿئين قاضي عتيق الله جي گهراڻي مان، حال ۽ قال وارو طالب علم هو. قاضي ابراهيم، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، سندس شاگرد آهي. قاضي عبدالله بن تاجو: اصل سيوهڻ جي قاضين مان، عباسي گهراڻي جي گورنرن کان پوءِ ]سنڌ ۾[ رهجي ويل قبيلن جي بزرگن منجهان آهي. علم ۽ تقويٰ جو هڪ وڏو مرڪز ۽ مقصد هو. چون ٿا ته هن دين جي بزرگ جو لاش، جيئن بيان ٿي آيو، ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ازغيبي اچي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي نڪتو ۽ دل جي صاحبن کي خواب جي ذريعي معلوم ٿيو. هاڻي سندس مزار، شيخ حماد جماليءَ جي رائنڪ جي پويان، عام ماڻهن لاءِ زيارت گاهه بلڪ حاجتمندن جي حاجت روائيءَ جو ذريعو آهي. علم جا طالب، لاڳيتيون ست خميسون سندس زيارت ڪري، ڪمال حاصل ڪرڻ ۾ مدد پنندا ۽ مرادون پائيندا آهن. ]قاضي شيخ محمد اُچي ۽ سندس اولاد[: آل جعفر(1) ڏانهن منسوب ۽ وقت جي مشهور علمائن مان آهي. پهريائين هرات کان اُچ آيو هو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ جڏهن سيد ميران مهدي جونپوري ٺٽي آيو ۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني تڏهن هن قاضيءَ، انهيءَ ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهري عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڪد ڏنو. ڇاڪاڻ ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ اهل حال جي مقام کان واقف هو. سيد ميران ]مهدي[ هن جي حال ڏانهن توجهه فرمائي، سندس اولاد ۾ بزرگي ۽ سرسبزي دائم ۽ قائم رهڻ لاءِ دعا ڪئي. اهوئي سبب آهي جو مختلف حادثن جي باجود به هن خاندان تي انقلاب جو اثر نه ٿو ٿئي. قصو ڪوتاهه ته اُچ ۽ ملتان جي بدانتظاميءَ کان پوءِ مٿيون قاضي اچي بکر ۾ رهيو، پر اڳينءَ گهڻي مشهوريءَ جي بنا تي اُچ ڏانهن منسوب رهندو آيو. جڏهن قاضي سيد شڪر الله شيرازي ٺٽي جي قضا کان استعيفا ڏني، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن مرزا شاهه حسين، مٿئين قاضي سيد، جنهن جا هن سان قديمي وطن هرات ۾ ئي خانداني تعلقات هئا ۽ انهيءَ تعلقات کي قائم رکڻ لاءِ هتي پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان مقام ۽ لاڳاپو پيدا ٿي پيو هو، جي رٿ موجب، هن کي گهرائي انهيءَ معزز عهدي تي سرفراز فرمايو. قديمي نجابت ۽ ميران سيد محمد مهدي جونپوريءَ جي دعا جي برڪت سان اهو عهدو موروثي طور سندس اولاد لاءِ وقف آهي. مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت جي اوائل ۾ سندس حياتيءَ جو دفتر ويڙهجي ويو. شيخ احمد ۽ شيخ فريد نالي ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيائين. شيخ قاضي احمد وڏو فاضل ۽ ڪامل هو. نيڪ عاقبت واري پيءُ جي وفات کان پوءِ، قضا جي جليل القدر عهدي تي سرفراز ٿيو. انهيءَ کان پوءِ سندس ڀاءُ شيخ قاضي فريد، جو سڀني علمن جو جامع ۽ وقت جو يگانو هو، شريعت جي ڪورٽ ۾ عزت جي گاديءَ تي ويٺو. هن ٻه فرزند ڇڏيا. 1- شيخ علي محمد ۽ 2- شيخ نور محمد. پيءُ کان پوءِ قاضي شيخ علي محمد شريعت جي مسند تي ويهي، ٻه نامور پٽ هر هڪ قاضي محمد حسين ۽ شيخ فريد ثاني يادگار ڇڏي وفات ڪري ويو. شيخ فريد ثاني ٽي پٽ ڄڻيا. جن مان هڪڙو شيخ علي اڪرم آهي. جو سڀني عزت وارن کان اڳرو هو. سندس پٽ شيخ زين الدين ڏاڍيءُ بزرگيءَ سان رهي وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو. پٽ ۽ پوٽي هوندي به ڪا نشاني ڪانه ڇڏيائين. قصو مختصر قاضي شيخ علي محمد کان پوءِ سندس ڀاءُ قاضي شيخ نور محمد ڪجهه عرصو وڏن جو قائم مقام رهي ڏاڍيءَ ڪماليت سان گذاري ويو. انهيءَ کان پوءِ قاضي شيخ علي محمد جو پٽ قاضي محمد حسين شان و شوڪت سان مسند نشين ٿي وڏي بزرگيءَ ۽ عزت سان برڪت ڀريا وقت پورا ڪيا. کانئس پوءِ سندس فرزند سڳورو قاضي محمد يحيٰ، جنهن کي پيءُ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي، نظر گهٽجي وڃڻ ڪري، پنهنجو قائم مقام بنايو هو، تنهن شريعت جي گاديءَ تي ويهي وڏن جي طور طريقي کي تمام چڱيءَ طرح عمل ۾ آندو. شيخ عبدالباسط ٺٽوي سندس جلوس جي تاريخ ”نافذ الامر“ (سن 1103) مان ڪڍي آهي. سندس مراد منديءَ جا ڏينهن پورا ٿيا ته سندس ڀاءُ قاضي محمد امين گادي نشين ٿيو. جيئن بيان ٿي آيو، ميرشاهه ولي هن جي مسند نشينيءَ جي تاريخ ”الحافظ لحد ودالله“ (1138 هجري) مان لڌي آهي. هن ڪجهه وقت قضا جي عهدي سان گڏ شاهي ديوانيءَ جي نائبي پڻ ڪئي. نيٺ سن 1160 هجري ۾ گذاري ويو. هاڻي سندس ٻه پٽ شيخ عبدالله ۽ شيخ عبدالرؤف يادگار آهن. هن کان پوءِ وڏن جي ميراث مٿئين قاضي محمد يحيٰ جي فرزند قاضي محمد محفوظ کي ملي ۽ هو شاندار خوبين ۽ عاليشان خصلتن سان زندگي گذاري، سن 1173 هجري ۾ گذاري ويو. تنهن کان پوءِ سندس فرزند گرامي قاضي محمد يحيٰ هاڻي قضا جي مسند تي رونق افروز آهي. تقديراً 9 محرم سن 1188 هجري تي بيوقتو آخرت جي سفر تي روانو ٿيو ۽ ٻه صغير پٽ محمد حسين ۽ محمد حفيظ ڇڏيائين. هاڻي مٿئين قاضي محمد امين جو پٽ قاضي عبد الله وڏن جو گادي نشين آهي. قاضي محمد حسين جي ٽئين پٽ شيخ محمد باقر علمي خواهه عملي گهڻين ڪماليتن سان گڏوگڏ فقيرن جي صحبت اختيار ڪئي ۽ مجذوب سالڪ ٿي پيو. سندس پٽ شيخ غلام علي علم حاصل ڪري، وقت جو هڪ وڏو ڪامل ٿي، وڃي جذبي جي حد کي پهتو ۽ مجذوبن جي سلسلي ۾ رهي عمر پوري ڪيائين. هاڻي ميان مهر علي سندس يادگار آهي. اگرچه هن گهراڻي ۾ ٻيا پڻ ناليرا پيدا ٿيا آهن پر اختصار خاطر هن قدر تي بس ڪئي ويئي آهي. (1) تون پنهنجي رب ڏانهن موٽي اچ. اهڙي حالت ۾ جو تون پنهنجي رب کان راضي آهين ۽ رب توکان راضي آهي. (قرآن شريف سوره الفجر) (1) نسخه ”ن“ يکهزار و صد وسي ودو (سن 1132 هجري) (1) نسخو ”ن“ : سيد سچو ڏنو. (1) تحفة الڪرام (ج 2 ص 31-32) ۾ سيد احمد شيرازيءَ جو ذڪر هن طرح بيان ٿيل آهي: سيد احمد انجوي شيرازي، سيد احمد شيرازي، جنهن جو بيان ٺٽي جي ذڪر ۾ ٿيندو، جي پٽن سيد علي ۽ سيد مراد جي ڀاءُ سيد جعفر جو فرزند آهي. سيد جعفر ٺٽي مان نڪري پهريائين نهر والا ۽ پوءِ گجرات پهتو. هو پنهنجي فرزند رشيد سيد احمد مٿئين کي، بالغ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو گادي نشين بڻائي، پنهنجي وطن ڀائرن وٽ موٽي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سيد احمد گجرات ۾ نهايت بزرگيءَ سان حياتي گذاري. سندس درگاهه خدا وارن جي مرجع آهي. اتي (گجرات ۾) سندس اولاد مان ڪي ئي حال ۽ ڪرامت جا ڌڻي بزرگ ٿيا آهن. (1) نسخه ”ن“ : تبرڪه گنج. (1) هيءَ آيت سڳوري بهشتين جي حق ۾ نازل ٿي آهي. مطلب ته بهشتي جنت ۾ گاديلن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا ۽ ٻيا هيڏي هوڏي جو نظارو ڏسندا. (1) الله جي حدن جو نگهبان. (2) هو هن جي (الله جي) عشق ۾ وفات ڪري ويو. (3) نسخه ”ن“ هزار وصد و هشتاد و پنج (سن 1185 هجري) (1) نسخه ”ن“ بسال هزار و صد و هشتاد و پنج (سن 1185 هجري) (1) نسخه ”ن“ ۾ هتي ”عرف سيد موتو“ زياده آهي. (2) ياد رکڻ جي قابل آهي ته مصنف پنهنجي دستخطي نسخه ۾ هن جاءِ تي ڏاڍي ڊاهه ڊوهه ڪئي آهي. ترجمي ۾ لکيل مضمون ڪجهه متن ۾ ته ڪجهه حاشيه تي لکيل آهي. جو سوڌي سمجهائي هتي رکيو ويو آهي. (1) يعني ڪربلا معليٰ وغيره اهل بيتن جون عراق عجم واريون درگاهون. (1) هتي فقط مير سيد لکيل آهي ٻيو ڪو نالو لکيل ڪونه آهي. (1) نسخه ”ن“ : نور الله. (1) نسخه ”ن“ آهورکيه. (1) نسخه ”ن“ محمود (1) نسخه ”ن“ درسال هزار و صد و هشتا دو هفت. (1) بمبئي ڇاپي واري نسخي ۾ نارره لکيل آهي. اسان هي لفظ مير مراد علي خان جي نسخي تان درست ڪيو آهي. (1) نسخه ”ن“ بهاؤ الدين (2) نسخه ”ن“ محمد (1) نسخه ”ن“ آل احمد. عالمن سڳورن، پرهيزگارن ۽ صالحن جو طبقو هي ’عُلَمَاءِ اُمَّتِيْ كَانْبِيَاءِ بَنِيْ اِسْرَائِيْلَ‘ (منهنجي اُمت جا عالم بني اسرائيل جي نبين جهڙا آهن) جي فرمان موجب ڪائنات جي عرصي ۾ سڀني کان فائق آهن. هيءَ آيت سڳوري ’اِنَّ اَكْرَمَـكُمْ عِنْدَاللهِ اَتْقـكُمْ‘ (بيشڪ اوهان مان الله وٽ وڏي ۾ وڏي عزت وارو اهو آهي جو وڏي ۾ وڏو پرهيزگار آهي) جي مصداق موجب سڀني قومن ۽ پاڙن کان اڳرا آهن. شيخ صدر الدين: وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلو پرهيزگار ڄام نظام الدين جو همعصر آهي. هو ايڏو ته علمن جو جامع هو جو هزارها شاگردن کي علم جي ڪمال تي پهچايائين. سيد ميران محمد جونپوريءَ جي تشريف آوريءَ تي پهريائين ته سندس مخالف ٿي بيٺو پر نيٺ سندس زيارت کان پوءِ پڪو مريد ٿي پيو. سندس اصل نسل جي حقيقت جي خبر نه پئجي سگهي آهي. مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٽو: ٽلٽيءَ واري مخدوم بلاول جنهن جو بيان ٿي آيو، جي خليفن جي لسٽ ۾ داخل هو. هميشه عبادتن ۽ وظيفن ادا ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو. زهد ۽ تقويٰ جي رستي جا شائق ۽ هدايت ۽ ارشاد جي طريقي جا طالب سندس ڏاڍا مريد ۽ معتقد هوندا هئا. حديث جي علم ۾ تمام ماهر هوندو هو. ’شرح اربعين‘ ، ’شرح گيلاني‘ ۽ ڪي ٻيا سندس تصنيف ڪيل رسالا مشهور آهن. جنت مڪان بادشاهه (همايون) جي آوارگيءَ جي ڏينهن سن 949 هجري ۾ ٺٽي اندر گذاري ويو ۽ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيو. ]مخدوم ميران[: مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقولي خواهه منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاهه حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏني هئائين. اڪثر طالب، علم جو نور سندس روشن طبع جي فانوس مان وٺندا هئا. هو سن 949 هجري ۾ گذاري ويو. ”علامه وارث الانبيا“ سندس تاريخ آهي. هن جي مزار مڪليءَ ٽڪريءَ تي آهي. مولانا عبدالرحمان: نقلي علمن جو بينظير هو. حياتيءَ جا ڏينهن ديني فائدي ڏيڻ ۾ خرچ ڪندو رهيو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر هو. مولانا ڪريم الدين: فضيلتن ۽ ڪماليتن جو جامع، براين ۽ مشڪلاتن جي پاڙ پٽيندڙ، زهد ۽ تقويٰ ۾ دوستن ۾ ناميارو، ۽ مٿئين مولانا عبدالرحمان جو همعصر هو.a ]مخدوم فضل الله ۽ سندس اولاد[: وقت جو وڏو عالم، قدسي فضيلتن جو جامع، انساني علمن جو ماهر ۽ پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل هو. هميشه علم جي پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر آهي. سندس اولاد مان مخدوم ابوالخير پنهنجي وقت ۾ هڪڙو ڪامل طالب علم پيدا ٿيو. فتاوي عالمگيريءَ جي مسئلن چونڊڻ ۾ شريڪ رهيو. هن جو پٽ، ملا اسحاق ڪماليتن جو جامع هو. تنهن جو پٽ ڪمال الدين نالي تازو لاولد گذاري ويو آهي. ]مخدوم فيروز ۽ سندس پويان[: پنهنجي وقت جو ڪامل ۾ ڪامل عالم آهي. بزرگي ۽ علمي ڪمال سندس اولاد ۾ موروثي هلندا اچن ٿا. انهن مان قاضي ابراهيم، مٿئين مخدوم جو پوٽو ظاهري خواه معنوي ڪماليتن جو جامع پيدا ٿيو. هو شاهه جهان جي درٻار ۾ عزت واري عهدي تي ترقي ڪري جهان آباد جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي بڻيو. ڪجهه وقت ٺٽي جو امين بڻجي اتي آيو. چون ٿا ته سندس حويليءَ تي ڏيڍ لک روپيا خرچ ڪيو هئائون. پر هيءُ جڏهن آيو تڏهن ڪانه وڻيس. ٺٽي جو حاڪم، جيڪو ست هزاري امير هو، هفتي ۾ هڪ ڏينهن سندس گهر اچي عام درٻار ڪندو هو. پاڻ پڻ نواب جي اچڻ جي عيوض هڪ ڏينهن سندس گهر تشريف فرما ٿيندو هو ۽ منجهند کان وٺي شام تائين اتي رهندو هو. محمد بختاور خان عالمگير جي ڏهه ساله (تاريخ) ۾ قاضيءَ جا عجيب نقل لکيا آهن. راقم الحروف پڻ هنن ورقن کي انهن لطيفن سان نئين سونهن ٿو بخشي. مٿئين قاضيءَ کان نقل آهي جو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن فقير (آءٌ) ميرڪ شيخ، ]218[ جو بادشاهه دين پناهه جي آخري ڏينهن ۾ صدارت مطلق جي عهدي تي سرفراز ٿيو هو، جي جاءِ تي حاضر ٿيو. اتفاقاً عالمن جي مجلس منعقد ٿيل هئي. جڏهن وڃي ويٺس ته اوچتو هڪ شخص سادو لباس پهري، ڦريل پٽڪو سر تي رکي اچي مجلس ۾ داخل ٿيو. ميرڪ شيخ سندس آمد تي سڀني عالمن کان گهڻي تعظيم ڪئي. اٿڻ وقت به ميرڪ شيخ هن جي تعظيم بجا آندي. حاضرين مجلس هن جي احوال متعلق پڇا ڪئي ته وراڻيائين: ”هيءُ ماڻهو نادر علمن کان ڏاڍو واقف ۽ جنن جي دنيا جو مرشد آهي“ . مان هيءُ ٻڌي تڪڙو تڪڙو مجلس مان اٿي کڙو ٿيس ۽ انهيءَ پياري جي خدمت ۾ پهچي ملاقات لاءِ عرض ڪيم. هو پنهنجي گهر جو پتو ڏيندو هليو ويو. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ سندس گهر ڏانهن روانو ٿيس. اطلاع ملڻ تي بالاخاني تان، جو سندس خلوت گاهه هو، هيٺ لهي، احوال معلوم ڪري، عرض ڪيائين ته ”بنده کي ڪجهه ڪم آهي، گهڙي کن بالاخاني (ماڙي) تي قدم رنج فرمايو ته واندو ٿي اچي ٿو خدمت جي سعادت حاصل ڪريان“ . اڃا ماڙيءَ جا ٻه ٽي ڏاڪا مس چڙهيو هوس ته دستار بندن جي هڪ عاليشان مجلس منعقد ٿيل ڏسڻ ۾ آيم. مون کي ڏسي سڀني استقبال ڪيو ۽ مجلس جي صدر ۾ وهاريائون. انهن مان ٽن چئن ماڻهن کي ڪتاب هٿ ۾ هئا ۽ هڪڙو ڪتاب مطول وچ ۾ کوليو ويٺو هو. هنن ٻن ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ پڙهندڙ هڪ طالب علم ملا سعد الدين تي اعتراض ڪيو هو. جڏهن هن جماعت ۾ انهيءَ ماڻهو مطول ڪتاب کوليو تڏهن اهوئي ساڳيو مقام بحث هيٺ آيو. پڙهندڙ، پاڙهيندڙ ۽ ٻڌندڙن انهيءَ اعتراض جي حل ڪرڻ ۾ بحث شروع ڪيو. مون پڻ ٿورو دخل ڏنو. هر علم مان بحث ۽ دليل پيش ٿيو. اها مجلس پهر ڏينهن تائين هلي. اوچتو گهر جو مالڪ ظاهر ٿيو ۽ سڄي جماعت اٿي سندس استقبال جو ارادو ڪيو. مان پرائڻ جي شوق جي غلبي وچان سڀني کان اڳ ۾ اچي وٽس پهتس. چيائين ته ’ڏاڍي تڪليف ورتي اٿو ۽ انتظار ڪڍيو اٿو‘ . مون وراڻيو ته ’هنن پيارن جي صحبت مان ڏاڍو فائدو پرايو اٿم‘ . چيائين ته ’ڪهڙا پيارا؟‘ پوئتي نهاريم ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيم. هڪدم لڱن ۾ ڏڪڻي پئجي ويم ۽ بيهوش ٿي ويس. شيخ جلدي پاڻيءَ تي دم ڪري منهنجي منهن تي ڇڻڪايو تڏهن آءُ هوشيار ٿيس. ساڳئي قاضيءَ کان روايت آهي ته مان جڏهن اعليٰ حضرت جنت مڪان (عالمگير) جي پوٽي جو معلم هوس، تڏهن هڪ ڏينهن شيخ ناصر، جو پنهنجي وقت جو عجيب غريب ماڻهو هو،ڪتبخاني ۾ لنگهي آيو. مون سلطان کي شيخ کان ڪجهه گهرڻ جو اشارو ڪيو. سلطان ڏاڍي نياز سان شيخ کان تبرڪ جي گهر ڪئي ۽ هن مرڪي هٿ ڊگهو ڪري، فرش جي هيٺان ٿوريون پٿريون کڻي، هٿ ۾ وٺي ٽي ڀيرا ڦيرايون. انهن پٿرين مان ڪي آبدار عقيق، ڪي لاکيئا لعل، ڪي مرجان ۽ ڪي موتي ٿي پيون. انهيءَ کان وڌيڪ عجيب وري هيءُ ته هڪڙي هڪڙي ڏاڙهي جي وار جي چهنب سان پوئي سلطان کي ڏنائين. قصو ڪوتاهه، مٿئين قاضيءَ کي ٻه ناليرا فرزند ڄاوا. هڪ شيخ امان الله، هوستيار جي پرڳڻي ۾ پنهنجي جاگير جي علائقي ۾ رهي گذاري ويو، اولاد ڪانه ڇڏيائين. ٻيو شيخ عنايت الله، جو پڻ جاگير جي ڪري ٻاهر ڳوٺن ۾ سڪونت ڪري گذاري ويو. هاڻي قاضي ابراهيم کي ڏوهٽن کان سواءِ ٻي اولاد ڪانهي. قاضي محمد يحيٰ، قاضي محمد امين ۽ شيخ محمد باقر، ٽيئي ڀائر سندس سڳا ڏوهٽا آهن. قاضي ابراهيم جو ڀاءُ محمد ڪريم ]219[ جاگير جي تعلق سبب نيرون ڪوٽ ۾ گذاري ويو. مٿئين قاضي ابراهيم جو ڀائيٽو قاضي محمد اڪرم بٺوري پرڳڻي جي قضا سان سرفراز ٿيو. قاضي ابراهيم جي ڀائرن جي اولاد مان قاضي عبدالجليل پٽني جي قضا ]جو عهدو[ حاصل ڪري اوڏانهن وڏيءَ عزت سان فوت ٿيو. ميان ابوالمعالي ٺٽي ۽ آسپاس جي جزيه ۽ عدالت جو داروغو مخدوم فيروز جي اولاد مان ناليرو پيدا ٿيو. سندس پٽن مان 1- شيخ محمد يار: ٺٽي ۾ ڪامل هدايت ۽ وڏيءَ جماعت جو صاحب ٿي گذريو. 2- ميان عبدالواسع: ابوالفتح قابل خان مير منشيءَ جو ڀاڻيجو، هن عالمگير جي درٻار ۾ اعليٰ عهدي تي سرفراز ٿي، نوابيءَ ۽ وڏيءَ عزت سان حياتيءَ جو دور پورو ڪيو. سندس انشاء دنيا ۾ مشهور آهي. ]مخدوم عثمان ۽ سندس اولاد[: مخدوم عثمان ولد مخدوم بهاؤ الدين بن ميان سڄڻ صديقي، جنهن جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿي آيو، اصل ۾ ساڪن اُچ، مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ ٺٽي اچي، ملا محمد علي ديوان جو نياڻو بڻجي، خزاني جي وصوليءَ جي نوڪري ورتائين. مرزا جي گرفتاريءَ کان پوءِ، هو ساڻس اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ ويو. اگرچ مرزا جاني بيگ کي ملڪ موٽي ملڻ وقت، کيس ساڳي نوڪري ملي ٿي، پر هو پيرانه سالي جو بهانو ڪري، ٺٽي جي سؤ جريبن تي، جيڪي کيس گذران لاءِ مليا، قناعت ڪري، ٺٽي موٽي آيو ۽ گذاري ويو. چار پٽ ڇڏيائين: 1- محمد امين، 2- عبدالواسع، 3- عبدالجليل ۽ 4- عبدالملڪ. شيخ محمد امين نهايت فضيلت وارو ۽ سڀني صوبيدارن تي مستوفي (ماليات وصول ڪندڙ) هو. سندس پٽ 1- محمد شفيع، 2- محمد مراد، ۽ 3- محمد رفيع هئا. محمد شفيع پنهنجي وقت جو برگزيدو ۽ تصنيفات جو صاحب ٿيو. سندس پٽ محمد امان جهان آباد ۾ گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين. محمد مراد عهديدارن جي صورت ۾ رهي گذاري ويو. سندس پٽ 1- محمد صالح، 2- محمد عاقل ۽ 3- محمد رفيع آهن ۽ هر هڪ بادشاهي عهدي تي سرفراز ٿيو. محمد عاقل جي اولاد مان محمد احسن خان ڏاڍي انسانيت ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو. شاهي عهديدار هو. ٺٽي جي جواهر خاني جي خدمت سندس حوالي هوندي هئي. هاڻي سن 1185 هجري ۾ اولاد يادگار ڇڏي گذاري ويو. مٿئين مخدوم عثمان جو ٻيو فرزند شيخ عبدالواسع پنهنجي سوٽ جعفر خان شاهه جهانيءَ جي حق سببان ڪجهه وقت منشي رهيو. هو خوشنويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. عبدالهادي نالي سندس فرزند لاهري بندر جي شاهه بندر(1) جي منشيگيريءَ ۾ ناميارو آهي. سندس پٽ محمد محسن، وڏن جي نشاني، ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو. مخدوم عثمان جي ]ٽئين[ پٽ شيخ عبدالجليل مٿئين جعفر خان وٽ مير منشيءَ جو عهدو هٿ ڪيو ۽ هڪ مهيني جي عرصي ۾ گذاري ويو. سندس پٽ محمد محسن ۽ عبدالعليم هئا. عبدالعليم پهريائين ٺٽي پرڳڻي جي خزاني جي نگرانيءَ جي نوڪريءَ تي هو. موقوف ٿيڻ کان پوءِ ٻئي ڀائر دکن هليا ويا. تقديراً عبدالعليم درٻار مان نڪرندي اوچتو گذاري ويو. سندس ڀاءُ محمد محسن اها ڳالهه ٻڌي، دانهن ڪئي ۽ ساهه ڏنائين. عبدالعليم جا پٽ 1- محمد ظهير ۽ 2- محمد عبدالرشيد آهن. عبدالرشيد کي ]وڏن جي[ حق موجب ]خزاني جي[ نگرانيءَ جو عهدو مليو. هو سن 1146 هجري ۾ گذاري ويو. مٿئين مخدوم محمد عثمان جي ]چوٿين[ پٽ عبدالملڪ، محمد تقي نالي هڪڙو فرزند ڇڏيو، جنهن حرمين شريفين زادهما الله]220[ شرفا و تعظيما (شال الله تعاليٰ انهن جي تعظيم ۽ شرف وڌائي) جي زيارت کان واپس وري سورت بندر ۾ چڱيءَ حالت ۾ گذاري، وفات ڪئي. هاڻي سندس پٽ محمد اسعد نالي اتي موجود آهي. ]مخدوم حامد ۽ سندس اولاد[: بزرگيءَ جي خوبين جو مالڪ ۽ هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. گرهرين(1) جو قاضي هوندو هو. سندس پٽ مخدوم صابر پيءُ کان پوءِ مٿين خدمت سان سرفراز ٿيو. انهيءَ کان پوءِ هن جو پٽ مخدوم ابوالبقا وڏن جي عهدي جو مسند نشين ٿيو. کانئس پوءِ سندس فرزند رشيد مخدوم حامد پيءُ جي بجاءِ شريعت جي گاديءَ تي ويٺو. تنهن کان پوءِ سندس پٽ قاضي محمد امين، پوءِ هاڻوڪو گادي نشين قاضي حامد وڏن جو يادگار آهي. هو پيرآر ۾ رهي ٿو. ]قاضي محمد قاسم ۽ سندس اولاد [: هڪ مشهور ماڻهو پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ ڏاڍو فضيلت وارو ٿي رهيو. سندس پٽ قاضي قاضن وڏي درجي وارو ۽ متقي، عارفن جي لسٽ ۾ داخل آهي. کيس چار پٽ هوندا هئا. 1- محمد يعقوب، 2- عبدالغفار، 3- محمد شفيع، ۽ 4- محمد صلاح. انهن مان محمد يعقوب بکر جي قاضي هجڻ ڪري پنهنجي وقت ۾ ناليرو ٿي گذريو آهي. هو ٽي پٽ ڇڏي ويو. 1- محمد اشرف، 2- محمد رضا، 3- محمد خليل. محمد اشرف ڏاڍو لائق هو. گهڻي عمر دهليءَ ۾ گذاريائين. نامي گرامي خوشنويس آهي. ’شان شفيعا‘ (1) خط جو استاد هو. شعر استادن جهڙو چوندو هو ۽ ’بهجت‘ تخلص هوس، هڪ رنگين ديوان سندس نشاني موجود آهي. سندس پٽ محمد افضل، ٺٽي جي مشهور معروف ماڻهن ۾ علمي قابليت سان زندگي گذاري، ڪجهه وقت بادشاهه جو بخشي (خزانچي) پڻ ٿي رهيو. هاڻي سندس پٽ ميان عبدالجميل ۽ ميان غلام حسين حيات آهن. مٿئين محمد يعقوب جو ]ٻيو[ پٽ محمد رضا هڪ عزت وارو عهديدار ٿي رهيو سڀني بادشاهي ڪارخانن جي امانت جي نوڪري هوندي هيس. هاڻي سندس پٽن مان مفتي محمد نعيم، مفتين جي سلسلي ۾ پنهنجي وقت جو مشهور معروف هو. تازو ٻه پٽ مولوي عبدالرحيم ۽ محمد باقر يادگار ڇڏي گذاري ويو. انهن مان مولوي عبدالرحيم پيءُ جي حياتيءَ ۾ پورب جو سفر ڪري، اتي علم جي تحصيل پوري ڪري، ٺٽي موٽي آيو. هاڻي مشهور عالمن ۾ ممتاز آهي. ٻه حج ڪري جدي ۾ فوت ٿيو ۽ اتيئي دفن ٿيل آهي. ٽي پٽ هرهڪ قاضي محمد رضا، ميان نور احمد ۽ محمد نعيم، هيس. محمد رفيع عمر جهان آباد ۾ گذاري، خانيءَ جي خطاب جو شرف حاصل ڪيو. احمد شاهه جي گڙٻڙ کان پوءِ راجپوتانا ۾ رهڻ لڳو هو. وري وڪيل جي حيثيت ۾ ميان غلام شاهه خان وٽ آيو هو ۽ ٿورو عرصو ٺٽي کي ڏسي واپس موٽيو هو. نيٺ اچي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هو تقويٰ ۽ فضيلت جي زيور سان سينگاريل ۽ مفتيءَ واري عهدي تي ڀاءُ جو جانشين آهي. ساڳئي محمد يعقوب جو ]ٽيون[ پٽ محمد خليل مٿئين مخدوم محمد حامد جي اولاد قاضي ابوالبقا جي مائٽيءَ سببان ڪجهه عرصو گرهرين جو قاضي رهي، گهڻو وقت جهان آباد ۾ ڏاڍي فضيلت سان خلق ۾ مشهور رهي زندگي گذاري ويو. مٿئين قاضي قاضن جي ]ٻئي[ پٽ مخدوم عبدالغفار ڏاڍي فضيلت ۽ علم جي درياهه هجڻ ڪري، اسد العلماءِ (عالمن جو شير) جو لقب وٺي، حياتيءَ جو عرصو ڏاڍي شان مان سان گذاري پورو ڪيو. هن ٻه پٽ محمد ظهير ۽ محمد قيوم نالي ڇڏيا. قاضي ظهير فاضل ڪامل پيدا ٿيو. ڪجهه عرصو ٺٽي جي قضا ۽ صدارت جي عهدي تي رهي، پوءِ لاهور جي قضا جو عهدو حاصل ڪيائين. پوين ڏينهن ۾ اورنگا بندر جي قضا ۽ احتساب(1) جي عزت سان سرفراز ٿيو. آخر لاهور ۾ گذاري ويو. درسي ڪتابن تي سندس ڪي حاشيه يادگار آهن. هن مان ميان عبدالحي هڪ جيد عالم پيدا ٿيو جو ٺٽي ۾ گذاري ويو. سندس پٽ ميان عبدالصمد پڻ ٺٽي ۾ گذريو. انهيءَ جو پٽ محمد ظهير جهان آباد ۾ آهي. محمد قيوم مشهور معروف آدمين جي حيثيت ۾ رهي گذاري ويو. سندس ٻن پٽن مان ميان عبدالرزاق ۽ سندس ٻه پٽ ميان محمد ۽ محمد حفيظ سورت بندر ۾ گذاري ويا ۽ ميان عبدالملڪ ڪجهه وقت ٺٽي جو قاضي ٿيو. هينئر جڏهن نادري دور آيو تڏهن به اها ساڳي نوڪري، قاضي محمد امين سان گڏ، سرانجام ڏيندي فوت ٿيو. ]مخدوم حاجي سبزواري[: ٺٽي جو مشهور معروف ماڻهو آهي. سندس پٽ مخدوم محمد يوسف مفتيءَ کي پنج پٽ ڄاوا جن مان هر هڪ فضيلت جو بحر ۽ ڪمال جو بينظير گوهر هو. 1- قاضي شيخ احمد، 2- مولانا مير عدل، 3- قاضي حاجي محتسب، 4- مخدوم داؤد مفتي ۽ 5- قاضي مخدوم عماد الدين. ملا احمد:(1) شاهه فتح الله شيرازيءَ جو شاگرد، ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو هم سبق ۽ اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ ناليرو هو. ڪجهه وقت اتي جو قاضي پڻ رهيو ]221[ سندس مڪليءَ واري مشهور رائنڪ هن جو يادگار آهي. مخدوم محمد: ٺٽي جو صدر ۽ وقت جي اڪثر مکيه ماڻهن جو پيشوا ٿي رهيو. پويان ڪو فرزند ڪونه ڇڏيائين. ]مخدوم عماد الدين ۽ سندس اولاد[: علميت جي ڪمال ۾ زماني ۾ مشهور معروف هو. مير عدليءَ جي عهدي تي سرفراز ٿي بزرگيءَ جو معيار شمار ٿيڻ لڳو، ٻه پٽ 1- محمد يوسف ۽ 2- ابو الفضل ڇڏيائين. محمد يوسف بزرگيءَ ۾ مشهور ۽ دوستن جي صف ۾ انسانيت جي مصر جو عزيز ٿي گذريو آهي. ٻه پٽ نالي 1- محمد حسن ۽ 2- ميان عبيد الله ڇڏيائين. محمد حسن صدارت ۽ مير عدليءَ جي عهدن تي فائز ٿي انسانيت جي اوج تي ساري خلق ۾ سهڻو رهي زندگي گذاري. هو ٺٽي جي صدرن جو خاتمو آهي. سندس شخصيت جي بزرگي تحرير خواه تقرير کان ٻاهر آهي. نادري دور ۾ گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين. ميان عبيد الله هڪ بزرگ، عاقل ۽ بزرگيءَ جي وصفن سان موصوف انسان ٿي گذريو آهي. محمد نصير نالي سندس پٽ هڪ لياقت وارو ماڻهو پيدا ٿيو. هاڻي انهيءَ جو پٽ ميان غلام محمد، مٿئين خاندان جو تتمو، موجود آهي. ]مولانا داؤد مفتي ۽ سندس اولاد[: وڏي ۾ وڏو عالم هو. سندس فرزند مخدوم ابوالقاسم علم جو طالب ۽ مدرسي جو مالڪ پيدا ٿيو.ڪيترن ئي طالب علمن کي مڪمل فيض رسايائين. عالمگير بادشاهه کيس پنهنجي پاران شرعي وڪيل مقرر ڪيو هو. سندس وفات سن 1113 هجري ۾ ٿي. مخدوم رحمت الله طالب علم ”ذهب العلم من السند يقينا“ (سنڌ مان يقيناً علم لڏي ويو) جي جملي مان سندس تاريخ لڌي آهي. سندس پٽ ميان عبدالله عرف ڇانڱو يعني ڇهن اڱرين وارو پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. تنهن جو پٽ محمد امين وڏن جو يادگار ٿي گذريو آهي. انهيءَ جو پٽ ميان يار محمد، هڪ سنئون سڌو ۽ صالح ماڻهو هو. تازو اولاد ڇڏي گذاري ويو آهي. ]ملا احمد[: قاضي نصر الله جو فرزند ملا احمد، ’مجالس المؤمنين‘ جي بيان موجب، هڪ پاڪ دين وارو بزرگ آهي. لاهور ۾ فوت ٿيو. سندس مزار مير عبيد الله جي احاطي ۾ آهي. ]مخدوم ابوالخير ۽ سندس اولاد[: وڏو عالم ۽ پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي گذريو. نواب قباد خان عالمگيري، سندس هڪ مخلص شاگرد هو. سندس فرزند ميان ڪرم الله پنهنجي وقت ۾ ناليرو ٿي گذريو. تنهن کان پوءِ ملا عبدالشڪور عام خلق ۾ مشهور ٿي رهيو. انهيءَ جو پٽ محمد صلاح مثنوي خان اڄ ڪالهه مشهور معروف آهي. ٿورو وقت ٿيو ته گذاري ويو آهي. اولاد ڪانه ڇڏيائين. ملا محمد جهانگيري: قاضي ملا احمد اڪبريءَ جي سوٽاڻ مان آهي. چون ٿا ته هو جڌهن حضور ۾ ٿي ويو ته ]رستي ۾[ وطايه مجذوب کيس نوازيو هو. پوءِ ته جلد ئي مسڪين حال هوندي به، علمي ڪمال سببان، هڪ مشهور معروف ماڻهو ٿي پيو ۽ نور جهان بيگم جو استاد بڻيو. پڇاڙيءَ ۾ مهابت خان جي مخالفت ۽ ڪنهن خطا صادر ٿيڻ ڪري، عتاب هيٺ اچي قتل ٿي ويو. وصيت موجب سندس لاش ٺٽي آندائون. اولاد ڪانه ڇڏيائين. ملا محمد دماغي شاهجهاني: شاهزادو شاهجهان جڏهن شهزادگيءَ واري زماني ۾ ٺٽي آيو هو تڏهن هن سندس امامت ڪئي هئي ۽ شهزادي کي شاهي تخت تي ويهڻ جي خوشخبري ڏني هئائين، تنهن ڪري شاهجهان جي بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ وڏي مرتبي کي رسي، اهو ڪي ٿيو جيڪي ٿيو. نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائين. ]مخدوم علي محمد قاري ۽ سندس اولاد[: وڏي ۾ وڏو صاحب فضيلت ۽ قرائت جي علم ۾ ماهر هو. مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو. سندس پٽ عبدالمجيد فضيلت ۽ بلاغت جو صاحب پيدا ٿيو. ٻه پٽ: 1- عبدالحي ۽ 2- عبدالرؤف ڇڏيائين. عبدالحي تجارت جو پيشو اختيار ڪري گذاري ويو. سندس پٽ منعم خان قابل خان جو ناٺي بڻجي وڏي اوج کي پهتو. انهيءَ مان ميان اسد الله عرف کنگي هڪ عجيب غريب ماڻهو پيدا ٿيو. هو ’روشن‘ تخلص ڪندو هو ۽ وزن ۽ ربط کان خالي گهڻائي شعر ]222[ چوندو هو. تنهن هوندي به سندس صحبت رنگين ۽ ڪافي حظ بخشيندڙ هوندي هئي تازو گذاري ويو آهي ۽ يادگار ڇڏيو اٿس. عبدالرؤف متصدي (خزانه آفيسر) ٿيو هو. سندس پٽ محمد باقر پڻ ابو الفتح قابل خان مير منشيءَ جي داماديءَ جي برڪت سان وڏيءَ عزت وارو ٿيو. پوين ڏينهن ۾ مٿس جذبي جو غلبو ٿي پيو هو سو گهر مال متاع سميت لٽائي وڃي معرفت جي راهه جو سالڪ بڻيو ۽ مجنون سالڪن جيان زندگي گذارڻ لڳو. ”جويا“ تخلص ۽ ”شاهي“ لقب سان مشهور هو. سندس شعر مذاق کان خالي نه آهي. هو مشهور ديوان جو مالڪ آهي. سندس پٽن هرهڪ محمد زاهد ۽ محمد عارف عرف دکني پنهنجي حياتيءَ جو دور آرام سان پورو ڪيو. ]مخدوم عبدالجميل ۽ سندس اولاد[: فضيلت ۾ ملڪين مشهور، اصل لاهري بندر جو رهندڙ آهي. ٽي پٽ هرهڪ 1- ابوالفتح، 2- محمد شريف، 3- مخدوم محمد شفيع ڇڏيائين. ابوالفتح، جڏهن شاهه جهان بادشاهه جي ڏينهن ۾، شهزادي اورنگزيب ملتان ۾ اچي لاهري بندر - جو سندس والده جي جاگير هو- جي شاهه بندر کي حساب ڪتاب لاءِ گهرايو، تڏهن شاهه بندر جي منشين جي سلسلي ۾ شاهزادي جي حضور ۾ حاضر ٿيو هو. دفتر جي چڪاس کان پوءِ، جيئن ته آسمان سندس مدد ڪرڻ ٿي گهري. سو کڻي شهزادي اورنگزيب جي اڳيان مدد معاش لاءِ عريضو پيش ڪيائين، جنهن جي وسيلي منشين جي لسٽ ۾ داخل ٿيو ۽ علمي جوهر ۽ انشاء جي قابليت جي بدولت شهزادي جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي روزبروز وڌيڪ ترقي ڪندو ويو. رفتي رفتي ]شهزادي جي[ بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ مير منشي ۽ مدار المهام بڻجي قابل خان جو خطاب هٿ ڪيائين. سندس انشاء دنيا ۾ مشهور ۽ هر ننڍي خواه وڏي لاءِ دستور العمل آهي. محمد شريف پڻ نهايت باڪمال هجڻ سببان ڀاءُ کان پوءِ، جنهن ڪنهن سبب کان گم نامي جي ڪنڊ قبول ڪئي هئي، سندس قائم مقام ٿي قابل خان جو خطاب ورتو. سندس انشاء پڻ ڀاءُ وانگيان دنيا ۾ يادگار آهي. محمد شفيع به فضيلت ۽ علم جي فن جو جامع پيدا ٿيو ۽ سلوڪ ۾ پڻ خاص مهارت پيدا ڪائين. عالمگير سندس امتحان وٺي ڏاڍو محفوظ ٿيو ۽ کيس وڏي مرتبي تي ترقي ڏنائين. مخدوم فيض الله: پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ سيد علي شيرازيءَ جي ظاهري علم جو استاد هو. مٿئين سيد جي فرزند سيد جلال پڻ سندس شاگردي قبول ڪئي هئي. سيد علي جي اولاد وارا سيد هن مخدوم جي اولاد جو ادب تمام گهڻو ڪندا هئا ۽ تبرڪ خاطر تعليم جي ڦرهي پهريائين سندس اولاد کان لکائيندا هئا. هو آڪر ۾ رهندو هو. نقل آهي ته مٿئين سيد علي جو پوٽو سيد علي اصغر انهيءَ پاسي پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو. مخدوم حمزو واعظ: وقت جو هڪ وڏو ڪامل عالم هو. سندس ڪرامتن ۾ مشهور آهي ته آخوند محمد باقر طالب علم، جنهن جو بيان ٿيندو، جي ڏاڏنگ مان هڪ شخص حاجي حمزي نالي ڪيترو وقت حرمين شريفين ۾ رهي ٻارهن حج ادا ڪيا هئا. کيس وطن جي حب ٺٽي ڏانهن ڇڪي رهي هئي پر اتفاق هرگز نٿي بڻيو. انهيءَ تلاش ۾ ڏهه سال گذري ويس. آخر هڪ ماڻهوءَُ کيس ٻڌايو ته ’هڪڙو ماڻهو بيت الحرام جي فلاڻيءَ جاءَِ تي اڌ رات جو اچي تهجد جا نفل پڙهڻ شروع ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ماڻهو توکي ملي وڃي ته تون انهيءَ جي دامن ۾ چنبڙي پوين ۽ نه ڇڏين ته هو ضرور توکي پنهنجي وطن ۾ پهچائيندو‘ . حاجي حمزي انهيءَ نشانيءَ تي هن بزرگوار کي لڌو جو مخدوم حمزو واعظ هو. هن (مخدوم حمزو) ڪيتري بيخبري ڏيکاري پر هن (حاجي حمزي) سندس دامن مان هٿ نه ڇڏيو. آخر چيائينس ته ”پنهنجا هٿ منهنجن هٿن ۾ ڏيئي، پير منهنجن پيرن تي رکي، اکيون بند ڪر“ .بس ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ]223[ ٺٽي جي عيدگاهه ۾ ڏٺائين. اتي ]مخدوم حمزي[ فرمايو ته ”اجهو تنهنجو وطن. پر خبردار متان ڪنهن سان ڳالهه ڪئي اٿيئي ورنه تنهنجو ايمان کسجي ويندو“ . هن عرض ڪيو ”آخر انسان آهيان. جيڪڏهن توهان جي عمر پهريائين پوري ٿي وڃي ته پوءِ اجازت فرمايو“ . انهيءَ شرط تي کيس اجازت ملي ۽ ڪيترو عرصو ]ڳالهه[ لڪائيندو رهيو. چون ٿا ته هڪ ڏينهن صبح جو هڪ ماڻهو مڪليءَ جي زيارت ڪرڻ ٿي ويو. هوڏانهن وطايو مجذوب ٽڪريءَ کان موٽيو ٿي آيو، ۽ هڪڙو ٻيو مجذوب ٽڪريءَ ڏانهن ٿي ويو. وطايه انهيءَ ٻئي مجذوب کي چيو ته ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ مخدوم حمزو گذاري ويو آهي. جناب سيد المرسلين سندس امامت لاءِ تشريف فرما ٿي رهيا آهن. اچ ته اسين به هلي پهچون. هيءُ ويندڙ ماڻهو پڻ انهن مجذوبن جي پويان شهر ۾ پهتو ۽ ڏٺائين ته برابر مخدوم حمزه گذاري ويو آهي. هو سندس جنازي تي ويو ۽ صفن سڌي ٿيڻ وقت وڃي پهرين صف ۾ بيٺو. امام جي تڪبير چوڻ وقت پهريائين کيس غيب مان تڪبير ٻڌڻ ۾ آئي. ]مولانا محمد طاهر ۽ سندس اولاد[: شيراز کان ٺٽي آيو. تمام وڏي فضيلت ۽ علم جو صاحب هو. سندس فرزند 1- ابوطالب، 2- عبدالغني، 3- ابوالفضل هئا. ابو طالب ناليرن طالبن جي صورت ۾ گذاري ويو. سندس فرزند شيخ عنايت الله حاڪمن جي صورت ۾ وڏيءَ آبرو سان حياتي گذاري. ڏوهٽن کان سواءِ ڪا اولاد ڪانه ڇڏيائين. راقم الحروف جا پئيتا ڀائر ۽ ڪڪرالي جي قاضي، قاضي محمد فاضل، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جا پٽ انهن مان آهن. مولانا محمد طاهر جو پٽ ابو الفضل هڪ ممتاز عهديدار جي حيثيت ۾ حياتي گذاري. سندس پٽ محمد حسن(1) گهڻو عرصو جهان آباد ۾ گذاري، عالمگير جي ڏينهن کان وٺي محمد شاهه جي پڇاڙيءَ تائين جواهر خاني جو نائب رهي پوري اختيار ۽ عزت سان حياتي گذاري. هن کان وڌيڪ ڀلو، سهڻن اخلاقن سان موصوف ٺٽي جو ماڻهو ڪو ورلي جهان آباد ۾ رهيو هوندو. سن 1171 هجري ۾ وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو. سندس پٽ محمد يار اتيئي آهي. ]مخدوم لقمان ۽ سندس اولاد[: فضيلت جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جو مشهور معروف ماڻهو هو. مرزا جاني بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ بکر جي شهر جو احتساب هي ڪندو هو. سندس پوٽو عبدالجميل عرف خرداري چڱي فضيلت ۽ نيڪ حالت جو مالڪ رهيو. هن جي پٽ محمد سليم پيءُ جي وظيفي تي حياتي گذاري. انهيءَ کان پوءِ محمد اڪرم رهيو. تنهن کان پوءِ عبدالواحد يادگار آهي. مخدوم اسحاق: اصل گجرات جو باشندو،اگهم جي قلعي ۾ اچي، مخدوم اسماعيل سومري جو مريد ٿي ٺٽي ۾ آيو. علمي خواه عملي ڪماليتن ۾ ملڪين مشهور رهيو. وفات وقت ٻه فرزند: 1- ميان احمد ۽ 2- ميان عباس نالي ڇڏيائين. ميان احمد عجيب وغريب ڪمال ۽ حال جو صاحب هو. جناب حضرت رسول مختيار عليه السلام کان ’احمد ڪتابي‘ لقب مليل هوس. مخدوم ضياءُ الدين کان نقل آهي ته ’سندن حجري جي ڀت تي گهڻو رت ڏسڻ ۾ آيو. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيم ته ]اهو رت[ ميان احمد جي روڄ جي نشاني هو‘ . مطلب ته ظاهري فضيلت ۾ پنهنجي وقت جو پيشوا هو. مخدوم عنايت الله، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، سندس شاگرديءَ جي برڪت سان، نامور طالب علمن جي جماعت جو استاذ بڻيو. ]ظاهري[ فضل سان گڏ نهايت وڏي سلوڪ جو پڻ صاحب هو. سندس تمام گهڻيون ڪرامتون مذڪور آهن. هن جو پٽ ميان محمد هڪ فضيلت وارو درويش پيدا ٿيو. علمي مدرسو سهڻي نموني سينگاريل رکيائين. کانئس پوءِ ميان احمد جاءِ نشين ٿيو. هو وڏن جي پيرويءَ تي علم ۽ عمل جي رستي جو سالڪ هو. مخدوم ضياءُ الدين ]224[ جي شاگرديءَ جي بدولت ]پاڻ جهڙن[ ۾ ممتاز رهيو. چون ٿا ته اگرچه مخدوم سندس استاد هو. پر جيئن ته هو سندس ڏاڏي جي شاگرد مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو، انهيءَ لحاظ کان هو ]هن جي اڳيان[ ڏاڍي ادب ۽ ارادي سان اٿندو وهندو هو. پوين ڏينهن ۾ عين جوانيءَ ۾ جهيجن جي ڳوٺ پنهنجي ڏاڏي جي خادم مير منعم کان نذرانو وٺڻ لاءِ ويو ته قضا الاهيءَ سان اتي ئي حياتيءَ جي امانت واپس ڪيائين (وفات ڪري ويو). مٿئين مخدوم اسحاق جو ]ٻيو[ پٽ محمد عباس دنيادارن جي صورت ۾ وقت گذاري ويو. هو ميرڪ شيخ عبدالوهاب ثانيءَ جو صحبتي ۽ پنهنجي ڀاءُ جو مريد آهي. سندس جاءِ نشين شيخ محمد تقي دنيا ۾ معتبر ماڻهن جي شڪل ۾ حياتي پوري ڪري گذاري ويو. هاڻي سندس پٽ حيات آهن. ]مخدوم فضل الله ۽ سندس اولاد[: مخدوم فضل الله بن شيخ ابوبڪر بن شيخ محمد اشرف بن شيخ شرف الدين بن شيخ عماد الدين بن عبدالله خراباتي بن شيخ عماد الدين محمد بن شيخ رڪن الدين بن شيخ اسماعيل سمرقندي بن شيخ صدر الدين چاچي بن شيخ علم الدين محمد بن شيخ اسماعيل شهيد بن شيخ صدر الدين بن شيخ الشيوخ (مرشدن جي مرشد) شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني وڏي ۾ وڏي فضيلت جو مالڪ ۽ پنهنجي وقت جو نامي گرامي آهي. سندس پٽ 1- ابو الفتح، 2- محمد حسين ۽ 3- عنايت الله آهن. ابوالفتح وطن کان نڪري پنهنجي لياقت وڃي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪري، پهريائين گجرات جي هڪ پرڳڻي اڪليسر جو قاضي ۽ پوءِ عالمگير جي ڏينهن جي ابتدا ۾ سورت بندر جو قاضي ٿيو ۽ اتي ئي گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين. مخدوم فضل الله جو ]ٻيو[ پٽ محمد حسين هڪ متبرڪ ماڻهو ۽ قرآن جو حافظ هو. اڪثر طالبن کي فيض رسائيندو رهيو. ٻه پٽ: 1- حافظ عبدالرحيم، ۽ 2- حافظ عنايت الله ڇڏيائين. حافظ عبدالرحيم هڪ متبحر عالم پيدا ٿيو. سورت بندر جي عالمن جو اڳواڻ ٿي گذريو. اولادڪانه ڇڏيائين. حافظ عنايت الله ولد محمد حسين نيڪ ٻانهو ٿي گذريو. سندس پٽ حافظ سعد الله حيدرآباد ۾ ورهيه رهي وفات ڪري ويو. سندس پٽ محمد رضا، عزت الله ۽ فتح محمد ٺٽي ۾ آهن. ]مخدوم محمود ۽ سندس اولاد[: عالم ڪامل، سالڪ عامل هو. چڱيءَ حالت ۾ گذاريائين. آڪر ۾ رهندو هو. سندس پٽ مخدوم حامد پيءُ جي ڪمالات جو حامل پيدا ٿيو. ٻه پٽ ڇڏيائين. ]هڪ[ مخدوم صالح محمد واعظ، جنهن ڏاڍي تبرڪ سان رهي سڄي عمر، قمري مسجد ۾ وعظ ڪري گذاري. ]ٻيو[ ملا عبدالڪريم، جو علم ۽ برڪت وارو ماڻهو هو. آڪر ۾ وڏن جي جاءِ تي رهي عمر گذاريائين. سندس پٽن مان محمد شاڪر دکن جي پاسي ڏانهن زندهه آهي. مخدوم عبدالرشيد: هڪ بصيرت وارو طالب علم، حال ۽ قال جو صاحب ۽ پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. سندس اولاد جو پتو ڪونه پئجي سگهيو. ]مخدوم آدم ۽ سندس اولاد[: مخدوم آدم بن مخدوم اسحاق نسل ۾ صديقي ۽ ناننگ ۾ فاروقي، هڪ وڏو اوليا ۽ عامل ڪامل، شاندار حالت ۾ کليل ڪرامتن جو ڌڻي آهي. حرمين شريفين زادهما الله شرفا و تعظيما جي زيارت لاءِ ويو ته مڪي شريف ۾ زالن خواهه مردن کي حرم اطهر ۾ هڪ هنڌ داخل ٿيندو ڏٺائين. ]اهو ڏسي[ مڪي جي حاڪمن کي عرض ڪيائين ته هيءَ رسم بند ٿيڻ گهرجي، پر جيئن ته هيءَ رسم قديم الايام کان هلندي ٿي آئي تنهن ڪري حاڪم انهيءَ جي مٽائڻ ۾ تامل ڪرڻ لڳا. آخر حـضرت رسالت پناهه عليه السلام جي جناب مان اشارو ٿين ته مخدوم جي صلاح موجب هن کان پوءِ زالن ۽ مردن لاءِ خلاصا ڏينهن مقرر ڪيا وڃن. انهيءَ وقت کان وٺي اها رسم بند آهي. مٿيون مخدوم ٺٽي ۾ حال جي صاحبن مشائخن جي شڪل ۾ ظاهري طور شريعت جي فتويٰ ۾ مشغول هوندو هو. سندس وفات سن 1066 هجري ۾ آهي. هن جو فرزند سڳورو ميان ابوبڪر صدارت جي عهدي تي سرفراز ٿيو. هو اعليٰ درجي جو فاضل هو. سندس اولاد هڪ وڏو گهراڻو بڻجي پيئي هئي. پر هاڻي سندس پوين مان هڪ ٻن ماڻهن کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن. سن 1085 هجري ۾ وفات ڪيائين. ]مخدوم علي احمد عرف قمري ۽ سندس اولاد[:]225[ مٿئين مخدوم آدم جو ڀاءُ آهي. خوش الحال هجڻ ڪري قمري لقب مليو هوس. فضيلت ۽ ڪمال جي زيور سان سينگاريل هو. مشهور طالب علم مخدوم رحمت الله، جو ڏاڍو فضيلت وارو ۽ انساني خوبين سان موصوف ٿي گذريو آهي، سندس فرزند آهي. انهيءَ جو فرزند مخدوم عبدالجميل آهي، جو پنهنجي وقت جو نامي گرامي فاضل ۽ اعليٰ درجي جو ذڪي هو. مخدوم ضياءُ الدين جو نياڻو ٿيو هو. سندس وفات سن 1154 هجري ۾ آهي. ميان محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله سندس فرزند آهن. ميان محمد صادق عين جوانيءَ ۾ علمي ڪمال حاصل ڪيو. هو حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري ٺٽي موٽي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ سفر اختيار ڪري جهونا ڳڙهه ۾ ڏاڍي عزت ۽ تبرڪ سان گذاري واپس وريو. وري ٻيهر انهيءَ پاسي ويو ۽ ڪڇ جي سرزمين تي نڙي جي ڳوٺ ۾ حياتيءَ جي امانت ارواحن جي مالڪ جي حوالي ڪيائين. سندس فرزند ميان عبدالجميل عرف ميان متو باقي آهي. مخدوم عبدالجميل جو ]ٻيو[ فرزند مخدوم نعمت الله زماني جي هڪ نادر سوکڙي پيدا ٿيو. ويهن سالن جي عمر ۾ علمي مدرسو نهايت ڪمال سان سينگاريائين. هو نقلي علمن ۾ پنهنجي ناني مخدوم ضياءُ الدين ۽ عقلي علمن ۾ مولوي محمد صادق، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جو شاگرد هو. ٿوري ئي وقت ۾ صلاحيت، تقويٰ ۽ علمن جي جامعيت ۾ ڪيترن عالمن کان گوءِ کڻي ويو، ۽ فقيريءَ جي رستي جو سالڪ بڻيو. هو سيد يار محمد، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، جو مريد ٿي اهو ٿيو جيڪو ٿيو (وڏي درجي کي پهتو). زبان کي سندس تعريف جي طاقت ڪانه آهي. جيڪڏهن سندس حياتي وفا ڪري ها ته اڄ سڀني ڪمال وارن کان وک اڳتي هجيس ها. سنڌ جي والي ميان غلام شاهه خان جو صاحبزادو محمد سرفراز خان منجهس ارادو رکندو هو ۽ مريدن جهڙو سلوڪ ڪندو هو. تقديراً سن 1179 هجري ۾ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ روانو ٿي مڪه شريف کان اورتي ستينءَ منزل تي حجاز جي سرزمين جي ڪلفته بندر وٽ ساڳئي سال 18 ذوالقعد ۾ وڃي منزل مقصود کي پهتو (فوت ٿيو). راقم الحروف کي ٻنهي ڀائرن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل آهي ۽ انهيءَ مرحوم جي تاريخ ۾ هيءَ مصرف چئي اٿم ”وارث الانبيا شد از دنيا“ (وارث الانبيا ڇڏي ويو جهان). مٿئين مخدوم علي احمد قمريءَ جو ٻيو فرزند شيخ عبدالباسط آهي. هو هڪ جيد عالم هو. عالمگير جي حضور ۾ حاضر ٿي، خيراقلعه، - جنهن کي رحمــٰـن بخش جو لقب هو - جي فتح جي تاريخ آيت سڳوريءَ ”هذا عطاء نا فامنن اوامسک بغير حساب“ . (هيءَ اسان جي عطا آهي، هاڻي وڻيئي ته بخشي ڇڏ ۽ وڻيئي ته پاڻ وٽ بنا حساب جي رک) مان ڪڍيائين. قدر شناس بادشاهه هن جي انعام ۽ سندس علمي ڪمالات جي مدنظر تي کيس ٺٽي جي عدالت جي عهدي سان گڏ صديءَ جو درجو عطا ڪيو. پوين ڏينهن ۾ حج ۽ زيارت جو شرف حاصل ڪري ٺٽي موٽي آيو. پيريءَ جي ضعف ۽ وڏي عمر هوندي به شاگردن کي سبق ڏيڻ ۾ مشغول رهيو. هاڻي سندس پٽ محمد اشرف صاحبزادگيءَ جي وقت کان ميان سرفراز خان جي منشين جي لسٽ ۾ داخل آهي. ]شيخ محمد شاڪر ۽ سندس اولاد[: هڪ لياقت وارو ماڻهو هو. عهديدارن جي صورت ۾ وقت نانوَ نيڪيءَ سان پورو ڪيائين. سندس پٽ ميان غلام احمد يادگار رهيو. مٿئين شيخ محمد شاڪر جو ڀاءُ، شيخ محمد ڪريم هڪ سليقه مند، لياقت ڀريو ۽ انسانيت جي زيور سان سينگاريل انسان هو. ڪيترو عرصو معاش جي تقسيم جي خدمت تي مقرر هو. تازو لاولد گذاري ويو. ميان آدم متقي: تقويٰ ۾ معرفت وارن متقين جو امام ۽ علم ۽ يقين جي صاحبن جو مرشد هو. مخدوم آدم جو همعصر آهي. ميان عبدالنبي خائف: نهايت فاضل ۽ خدا وارن جي صورت ۾ رات ڏينهن خدا جي خوف ۾ رئندو ۽ ٻاڪاريندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کانئس وڏيون ڪرامتون به صادر ٿينديون هيون. ميان آدم متقي جو همعصر آهي. ميان عبدالرحيم: ذات جو ونانڙي هڪ باڪمال مرد ۽ مدرسي جو صاحب هو. صلاحيت ۽ تقويٰ سندس اولاد وٽ موروثي طور اڃا تائين هلندي اچي. هن جي اولاد ۾ ڪي نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي زيور سان سينگاريل ماڻهو پيدا ٿيا. ]مخدوم رحمت الله ۽ سندس اولاد[: مشهور معروف صدر ۽ مدرس ]226[ آهي. هو علمي خواه عملي ڪماليتن جو جامع هو. عالمگير بادشاهه زوردار درخواست ڪري کانئن گهرائي علم جو امتحان ورتو ۽ پسند ڪيو. بادشاهه کي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته هو مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو درس تمام عمدو ڏيندو آهي. سو امتحان طور پڇيائين ته ملا، مولويءَ بيت، چون گر سنه... الخ ڪئن چيو آهي؟ اگرچه مولوي جي ڪلام ۾ مقصود ]عام کي[ خطاب آهي پر هن ادب جي رعايت خاطر پنهنجي نفس کي خطاب ڪري ”چون گر سنه مي شوم سگ مي شوم - سخت بداندام بدرگ مي شوم“ . بادشاهه ادب ڏسي ڏاڍو خوش ٿي فرمايو ته ”مون نه ٿي ڄاتو ته ملا ادب جي علم مان هيتري قدر بهره ور آهي“ آخر صدارت جي عهدي سان سرفراز ٿي وڏا لاڳ لهي ٺٽي موٽي آيو. سندس فرزند رشيد محمد عابد صدر پڻ پيءُ وارين ڪماليتن سان زماني ۾ مشهور ٿي گذريو. هن جو پٽ شيخ ڪمال الدين پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جيئن سمجهه جي حد کي پهتو تيئن جهان آباد وڃي هڪ لياقت وارو طالب علم ۽ جيد شاعر ٿي پيو. جڏهن ترقيءَ کي ويجهو پهتو تڏهن اوچتو ماتا جي بيماري کيس فنا جي راهه ڏانهن ڪاهي ويئي. شاهه عبدالغفور هالائيءَ جو واقعو، جو سچ پچ زماني لاءِ عبرت هو، تنهن ۾ آيت سڳوري ”فاعتبروا يا اولي الابصار“ (اي عقلمندو نصيحت پرايو) تاريخ جي مطابق لڌي هئائين. ميان لطف الله مدرس: هڪ مرد ڪامل پنهنجي وقت جو مشهور جامع العلوم ۽ زماني جو وڏي ۾ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. ]مخدوم برهان ۽ سندس فرزند[: هڪ فاضل ڪامل ۽ وقت جو علامه هو. اعليٰ درجي جي فضيلت سان گڏ، چڱيءَ حالت جو مالڪ هو، ۽ برڪت سان زندگي گذاريائين. طالبن کي ظاهري خواه باطني فيض رسايائين. ميان ابوالقاسم شرعي وڪيل جو همعصر آهي. سندس اولاد مان مولوي محمد ڪريم طالب علم باقي آهي. مخدوم عنايت الله: مٿئين ميان احمد ڪتابيءَ جو شاگرد وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلو متقي هو. ]علم جا[ ٻه روشن جهنڊا ۽ علامه، هر هڪ مخدوم ضياءُ الدين ۽ مخدوم محمد معين سندن شاگرد آهن. ٻيا به ڪيترا شاگرد هن بزرگوار جي خدمت مان فيض پرائي ويا. پنهنجي وقت جو هڪ ارشاد وارو استاد ٿي گذريو آهي. سندس وفات سن 1114 هجري ۾ ٿي. ]شيخ عبدالواسع ۽ سندس فرزند[: هڪ صوفي، وڏو عالم ۽ صوفي طريقي ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. عجيب غريب تصنيف جو صاحب، نواب مير امين الدين خان جو استاد آهي. هن ’رشحات الفنون‘ ۽ ’معلومته الافاق‘ سندس طبع جي فانوس مان روشنائي پرائي گڏ ڪيا هئا. ’مخزن الاسرار‘ جو شرح قاضي ابراهيم کان بهتر ڪيو اٿس. مٿئين صوفي شيخ عبدالواسع جو پٽ محمد علي چوڏهن ئي علمن ۾ نهايت بهره رکندو هو. سندس تصنيفون، اڪثر علمن ۾، مشهور آهن. تصوف مان واقف ۽ امامي (شيعه) مذهب رکندڙ هو. شعر عمدو چوندو هو. هڪ تخلص ڪونه هوس. اڪثر غزلن ۾ عشقي، ڪٿي مذنب، ڪنهن جاءِ تي ديسي، انسي، بقائي ۽ فنائي ڏٺو ويو آهي. مخدوم طالب الله مدرس: بدين جي ڳوٺ جي رهاڪو شيخ عبدالله جو پٽ آهي. وڏي فضيلت ۽ نيڪ حالت جو مالڪ هو. پنهنجي وڏي پٽ بيگ محمد کي پنهنجي پاران عالمگير بادشاهه جي حـضور ۾ موڪليو هئائين ۽ هو ڏهه هزار درم اولاد جو معاش ۽ هڪ روپيو روزانو مدرسي جي خرچ لاءَ وٺي آيو. هو وڏيءَ عمر ۾ بيسود جهان کي ڇڏي ويو. شيخ عبدالرحمان حقاني: علميت جي ڪمال جو صاحب ۽ انسانيت جي خوبين جو جامع، خدا وارو ۽ بيخودي ۽ تقويٰ جي صفتن سان موصوف انسان ٿي رهيو آهي. سندس پٽ حامد خان مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل هو. ميان ابو الحسن: وقت جو ڪامل ۽ علم ۽ عمل جو صاحب هو. اسلام جي عقائد، ايمان جي فرائض وغيره متعلق سندس سنڌي نظم، جا عام توڙي خاص ماڻهن جو ورد آهي، سندس يادگار آهي. هڪ دنيا سندس بزرگيءَ جي قائل آهي. سندس هڪ ڪرامت ته هيءَ آهي جو پوين ڏينهن ۾ جڏهن ٻڍڙو ٿي ڪٻو ٿي پيو تڏهن هڪ ڏينهن پنهنجي گهرواريءَ جي ڀاڻيجي ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريه کي، اهڙيءَ حالت ۾ جو اڃا ڏاڙهيءَ جو خط به ڪونه آيو هوس، چيائين ته ”اي ابا! هاڻي مون ۾ امامت جي طاقت ڪانه رهي آهي. تون ڏاڙهيءَ سان ٿيءُ ]227[ ۽ منهنجي بدران امامت ڪر“ . ٻپهريءَ جي وقت هيءُ چئي هن جي ڳلن تي هٿ ڦيريو هئائين. الله جي قدرت سان ٽپهريءَ تائين هن کي ڏاڙهي جا نشان ظاهر ٿيا ۽ وڃي امامت ڪيائين. چون ٿا ته سندس هڪڙي مريد ڪنهن ڏينهن اچي ٻاڏائي چيو ته نواب جو نوڪر رات جو نشي ۾ الوٽ ٿي منهنجي گهر ۾ زوريءَ اندر اچي ٿو ۽ منهنجي زال سان گڏ ويهي جيڪي وڻيس ٿو سو ڪري ٿو. سندس هيڻي حال تي رحم ڪري فرمايائين ته ”ٿورو ترس آءٌ تدارڪ جو خيال ڪريان ٿو“ . پوءِ پنهنجي گهرواريءَ جي ڀاڻيجي ميان عبدالله کي چيائين ته ”پير پٺي جي خدمت ۾ وڃي منهنجا سلام ڏيئي، انهيءَ ظالم جي تدارڪ ڪرڻ جو پيغام پهچايو“ . هن وڃي عرض ڪيو ۽ صبح جو موٽي آيو ته ڇا اچي ڏسي ته اڳيئي اهو ظالم جنهن وقت انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ڏانهن اچي رهيو هو ۽ پيشاب ڪرڻ واسطي هڪ ديوار جي پويان ٿي ويٺو، تنهن وقت سندس پير ترڪي ويو ۽ وڃي هڪ ڪليءَ تي، پيٽ ڀر ڪريو هو، جا زمين ۾ کتل هئي. هن جو پيٽ ڦاٽي پيو هو، آنڊا ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ هڪدم ساهه ڏنو هئائين. ]ميان عبدالقادر ۽ سندس اولاد[: ساڳئي ميان ابوالحسن جو هڪ سوٽ ۽ متبرڪ ماڻهو هو. هي ٻئي بزرگ هڪ ٻئي جا سنڍو هئا. هو ٻه پٽ: 1- محمد حفيظ ۽ 2- عبدالله ڇڏي ويو. ميان محمد حفيظ هڪ وڏو صالح ۽ ڪامل متقي پيدا ٿيو. الله تعاليٰ سندس شخصيت کي ڪرامتن جو جامع بڻايو هو. جيڪو به ذمي (ڪافر) سندس منهن ڏسندو هو ته بروقت اسلام ۾ داخل ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي مشرڪن سندس زيارت جي برڪت سان اسلام جو شرف حاصل ڪيو. مسجد اسلام پور انهيءَ جي نالي مشهور آهي. مڪليءَ ٽڪريءَ جي دامن ۾ ڪالڪان جي جاءِ وٽ، جتي گمراهه هندن جي ميلي جي جاءِ آهي، هن مسجد جو بنياد رکيو. ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريه پڻ هڪ باصفا عالم ۽ بزرگيءَ ۽ برڪت ۾ ملڪين مشهور هو. پنهنجا برڪت ڀريا وقت هميشه وعظ ڪرڻ ۾ مصروف رکندو هو. سندس اولاد مان ميان عبدالقادر تازو حرمين شريفين جي زيارت سان مشرف ٿي اچي پيءُ جي جاءِ تي وعظ جي مجلس سينگاري ۽ سن 1186 هجري ۾ گذاري ويو. ]مخدوم هارون ۽ سندس اولاد[: هيءُ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان مخدوم عجائب بن مخدوم الياس جو فرزند هو. سندس وڏن جو بيان ورياهه ڳوٺ جي بزرگن جي ذڪر ۾ ٿي آيو. هو مٿئين ڳوٺ (ورياهه) مان نهايت فضيلت ۽ ]علمن جي[ جامع هجڻ جي حالت ۾ ٺٽي لڏي آيو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن علم وارن جي صورت ۾ گذاريائين(1). سندس پٽ مخدوم ضياءُ الدين مخدوم عنايت الله جي شاگرديءَ جي بدولت فضيلت ۽ ڪماليت وارن جي هڪ وڏي گروهه جو استاد بڻيو. هو سن 1091 هجري ۾ ڄائو ۽ باوجود وڏي علميت جي فقيريءَ جي راهه جو سالڪ ۽ نهايت نوڙت وارو هو. پنهنجي همعصرن ۾ وڏي هدايت ۽ ڪافي فيض سان زندگي گذاري سن 1171 هه ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن جو پٽ ميان يارمحمد هڪ حد درجي جو صالح، پرهيزگار ۽ بافضيلت انسان هو. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ هاڻي سندس پٽ مخدوم غلام محمد غير معمولي عملي فضيلت ۽ بيحد انسانيت سان وڏن جو يادگار ۽ ڏاڏي بزرگ جو قائم مقام آهي. ]مخدوم رحمت الله ۽ سندس اولاد[: مخدوم اسحاق بن مخدوم عبدالحميد جو فرزند آهي. هنن جو ذڪر ورياهه جي ڳوٺ جي بزرگن جي بيان ۾ ٿي آيو. مٿيون مخدوم آب داڻي جي ڇڪ موجب اچي ٺٽي ۾ منزل انداز ٿي علم وارن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو ۽ زندگانيءَ جا ڏينهن پورا ]228[ ڪيائين. سندس پٽ مخدوم آدم پيءُ کان پوءِ درس تدريس جو سلسلو جاري رکي عالمن جي طبقي ۾ وڏن جو نالو زنده رکيو. هن کان پوءِ مخدوم رحمت الله رهيو، جو وقت جو هڪ وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فاضل ڪامل هو. همعصرن ۾ استاد جي لقب سان مشهور ۽ بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريل، مخدوم بايزيد جو ناميارو شاگرد هو. جو اڳتي بيان ٿيندو. سندس فرزندن مان ميان محمد ذاڪر اڃا تائين جهان آباد ۾ زندهه ٻجهي ٿو. محمد عالم اتي وفات ڪري ويو. محمد ناصر حرمين شريفين وڃي رهيو هو ته باسي بندر(1) وٽ ٻئي جهان جو سفر اختيار ڪيائين. هن خاندان جو تتمو، مخدوم مذڪور جو چوٿون فرزند ميان محمد ڪاظم ٺٽي ۾ وڏن جو يادگار زندهه آهي. مخدوم ابو مصطفيٰ: هڪ زبردست عالم مخدوم نوح جو معاصر، سندس مريد ۽ شاگرد هو. هو وقت جي ولي سيد[ جي نياڻيءَ مان هو. سندس رهڻ جي جاءَ ٽڪريءَ تي پير شيخ عاليءَ جي ڀرسان مشهور آهي. کيس هڪ برڪت ڀريو پٽ ڄائو جنهن جو نالو مخدوم بايزيد هو. ]مخدوم بايزيد ۽ سندس اولاد[: هو پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ۾ ڪامل طالب علم هو. علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجي همعصرن ۾ استاذ مڃيو ويندو هو. صفا ۽ برگزيدگيءَ مان ڪافي بهره مليل هوس. والده جي پاران سندس نسب سيدن سان ملي ٿو. سندس پٽ ميان محمد حافظ جيد عالم هو. پني جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان علي اڪبر پيءُ جي جاءِ تي ويهي نالو ڪڍيو ۽ حياتيءَ جو عرصو پورو ڪري گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين. مخدوم محمد امين: تعلقي روپاهه ۽ پٽ باران جي ڳوٺ ڏائي(1) ۾ رهندڙ، دل لاکا قوم جي فرد مخدوم طالب الله جو فرزند هو. جو وڏن جي جاين کان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. ۽ فضيلت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. فاضل خان سندس والد مخدوم طالب الله جو مريد هو، تنهنڪري کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنائين جنهن تي هو شان شوڪت جو صاحب بڻجي پيو ۽ حياتيءَ جو دور چڱيءَ طرح پورو ڪيائين. سندس فرزند: ]مخدوم محمد معين[: مخدوم محمد معين مٿئين مخدوم عنايت الله جو شاگرد آهي. الله تعاليٰ هن ذات ستوده صفات کي پنهنجي وقت ۾ ڪمال جي سڀني فنن جو جامع پيدا ڪيو هو. معقول خواه منقول ۾ وقت جو علامه ۽ زماني ۾ لاجواب هو. هيترن علمي ڪماليتن هوندي به سلوڪ جي رستي جو واقف هو. ڪيترن دين جي بزرگن سان صحبتون ڪيون هئائين. ميان ابوالقاسم نقشبندي، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، سان ڏاڍو عقيدو هوس. پوين ڏينهن ۾ جناب ڪرامت نصاب سيد عبداللطيف، ”تارڪ“ لقب واري سان ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدتمنداڻو رستو رکيائين. سندس ۽ مخدوم حاجي محمد هاشم جي وچ ۾ هميشه بحث مباحثو جاري رهندو هو. هن ڪيئي تصنيفون ڪيون آهن. حاڪم سندس زيارت لاءِ ڏاڍيءَ عزت سان ايندا هئا ۽ پاڻ به انهن سان ٻين تحقيق جي صاحبن به نسبت چڱيون ملاقاتون ڪندو هو. ”السماع معراج الاولياءِ“ (سماع ولين جو معراج آهي) جي مقولي مطابق، سماع کي پسند ڪندڙ ۽ علم موسيقي کان واقف هو. هن دار الفنا مان دار البقا ڏانهن سندس رحلت به رڳو راڳ ٻڌڻ ڪري ٿي. محققانه شعر چوندو هو، فارسيءَ ۾ ’تسليم‘ ۽ هنديءَ ۾ ’بيراڳي‘ تخلص هوس. سندس وفات، جا سن 1161 هجري ۾ ٿي ۽ في الواقع حال جي صاحبن لاءِ ماتم هئي، جي متعلق ڪيترن ذوق جي صاحبن وڻندڙ قطعا چيا ۽ تاريخ جا عجيب مادا لڌا آهن. جهڙوڪ محمد محسن ”قطره در به بجر واصل شد“ ”معين دين احمد رفت صد حيف“ چيو منهنجي استاد حضرت مخدوم رحمت الله فرمايو: ”شفيع تو رسول“ . محمد پناهه رجا ”ناجي شد اوکه آل محمد معين اوست“ چيو. مطلب ته سندس بلند مقاميءَ لاءِ هيتروئي ڪافي آهي جو وقت جو صاحب جناب سيد عبداللطيف تارڪ ]229[ (ڀٽائي) پنهنجي ڳوٺ خادمن کي فرمايو ته ”هلو ته پنهنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ هلون“ . ائين چئي ٺٽي آيو ۽ راڳ جي محفل برپا ڪيائين. مخدوم پڻ انهيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واري وقت اٿي اندر ويو ۽ جهٽ ۾ ساهه ڏنائين. مٿئين سيد جنازي سان شموليت ڪري، ڳوٺ ڏانهن موٽندي چيو ته ”ٺٽي جو ڏسڻ سندن ڪري ٿيندو هو. بس اڄ کان پوءِ بند آهي“ . ]مخدوم عنايت الله ۽ سندس اولاد[: حال جو صاحب ۽ بي مثال ڪرامت سان موصوف هو. نابين هوندي به حافظو بيحد هوس. ننڍ پڻ جي ڏينهن کان، جڏهن نابينا ٿيو هو، فوت ٿيڻ تائين، جڏهن هو پوريءَ طرح ڪٻو ٿيو ۽ وڏيءَ عمر کي پهچي چڪو هو، سڄو عرصو عام ماڻهن کي فائدو رسائڻ ۾ گذاريائين. سندس وعظ جي مجلس پر اثر هوندي هئي. باطني شغل پڻ پوريءَ طرح ڪري ڏاڍي ]اندر جي[ صفائي حاصل ڪئي هئائين. وٽانئس ڪيترا فيضياب ٿيا. سندس فرزندن مان ميان محمد سعيد واعظ فقيريءَ ۾ مشهور ۽ فضيلت سان موصوف رهي بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. ٻيو مولوي محمد صادق، جو مخدوم محمد معين جي شاگردن ۾ سڀني جو نڪ آهي، وقت جو علامه ۽ لياقت ڀريو استاذ پيدا ٿيو. ڪيترن شاگردن کي ڪمال جي درجي تي رسايائين. معقولات ۾ پنهنجي وقت جو بينظير هو. مٿئين سيد عبداللطيف جو مريد آهي. حياتيءَ جا ڏينهن ڏاڍي بي تڪلفي، پيري مرشديءَ جي رجوعات کان خالي هجڻ ۽ باطني وظيفن سان مشغوليءَ ۾ گذاري رحلت ڪري ويو. ]مخدوم حاجي هاشم ۽ سندس اولاد[: عبد الغفور سنڌيءَ جو فرزند اصل ڳوٺاڻو ماڻهو آهي. مخدوم ضياءُ الدين جي شاگرديءَ جي برڪت سان وقت جي عالمن کان اڳرو ۽ مشهور پيدا ٿيو ۽ اقبال ۽ انتظام ۾ اڪثر عالمن کان گوءِ کڻي ويو. جيتوڻيڪ مخدوم محمد معين وغيره جهڙن وقت جي عالمن سان مخالفت هوندي هيس تڏهن به سنت جماعت جي مذهب جي تقويت ۽ دين متين جي رسمن جي زندهه ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ڪوشش سان اهڙا وڏا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا، جيڪي سچي دين جي تائيد جو ڪارڻ هوندا هئا. مشرڪن ۽ دين جي دشمنن تي سندس عمل چڱيءَ طرح جاري هو. سندس وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ سوين ذمي (ڪافر) ايمان سان مشرف ٿيا. نادرشاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه جهڙن وقت جي بادشاهن سان خط وڪتابن جو رستو کليل رکندو هو ۽ سندس اتدعائن تي دين جي تقويت متعلق دل گهريا احڪام جاري ٿيندا ۽ چڱيءَ طرح عمل ۾ ايندا هئا. مطلب ته سندن وجود غنيمت هو. هن جون تصنيفون سڀ ڪنهن علم ۾ ڪيئي آهن. هن سن 1174 هجري ۾ وفات فرمائي. سندس فرزندن مان حاجي عبدالرحمان تازو جهوناڳڙهه جي پاسي گذاري ويو. هاڻي مخدوم عبداللطيف پيءُ جو جاءِ نشين آهي. هو پيءُ جي دستور موجب هر جمعي ڏينهن صبح جو جامع خسرو ۾ چڱي وعظ جي محفل منعقد ڪندو هو. هر روز ٽپهريءَ وقت پنهنجي مسجد ۾ حديث پاڙهڻ جو شغل جاري رکندو هو ۽ پنهنجي مشهور مدرسي کي مچايو ايندو هو. هن سال يعني سن 87 (سن 1187) ۾ جڏهن پاڻ ميان محمد سرفراز خان جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿيو آهي، تڏهن سندس فرزند ارجمند ميان ابراهيم عرف موليڏنو پيءُ ۽ ڏاڏي وارا ڪم سنڀالي رهيو آهي. حاجي عبدالرحمان جي اولاد مان پڻ ميان محمد نالي هڪ توفيق وارو نوجوان علم ۽ صلاحيت جو ڌڻي، وڏن جي پيرويءَ تي هلندڙ ]موجود[ آهي. (1) شاهه بندر جي لفظي معنيٰ آهي بندر جو بادشاهه. مغلن جي دور ۾ بندر جي وڏي ۾ وڏي آفيسر کي شاهه بندر چوندا هئا. (1) شايد گروهڙ جنهن کي اڳي گرهل يا ڪرهل به چوندا هئا. (1) خط جو هڪ قسم. (1) اڳوڻي زماني ۾ هڪ عهدو هوندو هو جنهن ۾ ڏسڻو پوندو هو ته جيئن ملڪ ۾ ڪوبه غير شرعي ڪم نه ٿئي. (1) نسخه ”ن“ برادر قاضي محمد قاسم موصوف (مٿين قاضي محمد قاسم جو ڀاءُ) (1) نسخه ”ن“ محمد حسين. (1) نسخه ”ن“ ۾ هتي هيٺين عبارت وڌيڪ آهي: سندس پٽ مخدوم ابراهيم فضيلت وارن ۽ صالح انسانن جي جماعت ۾ رهي زندگي گذاري. (1) مصنف جي هٿ اکر لکيل نسخي ۽ مير نور محمد خان واري نسخي ۾ ”باسي“ آهي. بمبئي ڇاپي واري نسخي ۾ ”عباسي“ آهي. (1) نسخه ”ن“ دالي. سندس شاگردن مان ملا محمد باقر واعظ وفات ڪري ويو آهي. مخدوم نور محمد نصرپور ۾ مشهور ۾ مشهور فاضل موجود آهي. آخوند محمد باقر واعظ: خليفي محمد رضا جو فرزند، حاجي محمد قائم جو شاگرد، پرهيزگاري ۽ تقويٰ ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير هو. سندس بزرگي لکڻ کان ٻاهر آهي. آمدني ٿوري ۽ ضرورت زياده هوندي به هميشه در بند ڪري گذاريندو هو، ۽ دنيا وارن جي فتوهات ۽ رجوعات قبول نه ڪندو هو. شيخ شڪر الله سندس لاءِ ميان نور محمد جي سرڪار مان ڪجهه وجہ معاش مقرر ڪرائي آيو پر هن هرگز قبول نه ڪيو ۽ اختياري فقيري ۽ مسڪيني ۾ رهي ڏاڍي فضيلت ۽ ڪمال سان بيبقا دنيا کان موڪلائي ويو. ميان غلام محمد: هڪ جيد طالب علم، فضيلت ۾ مشهور ۽ پنهنجن همعصرن ۾ طبع جي ذڪاءُ سان موصوف رهي. زندگي گذاريائين. عين جوانيءَ ۾ هن دنيا کان موڪلائي ويو. هاڻي هڪ صغير پٽ هن جو يادگار آهي. آخوند محمد باقر: آخوند عبدالواسع جو فرزند، حاجي حمزي جو اولاد، جنهن جو بيان مخدوم حمزي واعظ جي احوال ۾ گذري آيو، هيءُ فضيلت ۾ تمام ڪامل ۽ فقہ ۾ وڏي ۾ وڏو عالم ٿيو هو. پيري ۽ مشهوريءَ کي پسند نه ڪندو هو نه ته فقہ ۾ سندس وقت ۾ ٻيو ڪو مٽ ڪونه هوس. حافظو تمام قوي هوس، بزرگ سندس خدمت کي تبرڪ سمجهندا هئا ۽ جيستائين جيئرو هو تيستائين کانئن نهايت مناسب نموني فائدو وٺندا رهندا هئا. اٽڪل 80 ورهيه بلڪ انهيءَ کان به وڏي ڄمار ۾ ڇڙو ڇڙمل ۽ پرهيزگار رهي گذاري ويو. ]ملا محمد ناصر[: سندس ڀاءُ ملا محمد ناصر هڪ چڱي حال وارو ۽ مشهور مرد هو. وفات وقت اولاد ڇڏي ويو. حاجي بولو: پنهنجي وقت جو ناليرو طالب علم، ٻاهراڙيءَ جو رهاڪو، ٺٽي ۾ ڪجهه وقت طالبن کي فائدو رسائي گذاري ويو. ]آخوند محمد شفيع[: آخوند محمد شفيع، جو هڪڙو متبرڪ ملا جامع مسجد جو نائب امام هو، سو سندس شاگرد آهي. مٿيون آخوند محمد شفيع علمي تحصيل ڪرڻ جي باوجود به ميان سومار باٺاري، جو فقيريءَ ۾ هڪ جماعت جو مرجع هو، جي صحبت مان ڏاڍو فيض پرائي صاحب دل ٿي پيو هو. فوت ٿيڻ وقت اولاد ڇڏي ويو. ميان عنايت الله طالب علم: مخدوم محمد معين جي مدرسي ۾ نائب هو. هن جي وفات کان پوءِ ڪيئي سال شاگردن جي خدمت ۽ درس ۾ حياتي پوري ڪيائين. ميان ٺاريو طالب علم: ]خلق جي[ رجوع کي ناپسند ڪندڙ، گوشه نشيني چاهيندڙ، اناج بزار جي پويان الهندي طرف مسجد ۾ رهندڙ آهي ۽ چند طالب علمن کي درس ڏئي ٿو. سلوڪ جي سلسلي وارن ۽ حضرت پير عليه الرحمت جي خليفن، الله وارن جو طبقو جيڪي دنيا جي عزت ۽ آخرت جي ڀلائيءَ سان گڏ حسبي خواه نسبي بزرگيءَ جا مالڪ، ڪسبي توڙي وهبي ڀلائي جا ڌڻي، زماني لاءِ تبرڪ ۽ يقين ۽ معرفت جي باغ جا سهڻا گل ٿي گذريا آهن. اگرچ گذريل صفحن ۾ هن سڳوري ٽولي جي ڪن بزرگن جو بيان اچي وڃي ٿو تاهم خاص طرح هن باب ۾ هنن برگزيدن جي حالات متعلق ڪي ڪلما خاص طرح لکيا وڃن ٿا. ]ملا شيخ اسحاق ۽ سندس اولاد[: دراصل اُچ جو ويٺل مشائخن سڳورن جي صورت ۾ ٺٽي آيو. ڏاڍي هدايت ۽ گهڻين ڪرامتن جو صاحب ٿي رهيو. سيد علي شيرازيءَ جو همعصر هو. گذاري وڃڻ کان پوءِ مڪليءَ ٽڪريءَ تي معلوم جاءِ تي دفن ٿي عام ماڻهن خواه بلند مرتبي وارن خاص بزرگن جي لاءِ زيارت گاهه ٿيو. سندس صحبت جي بدولت ڪيئي بزرگ مقصد حاصل ڪري سڳورا بڻيا. سندس اولاد ۾ بزرگي ۽ خلافت رهندي اچي. اربع جي رات هر هفتي عموماً ۽ مهيني جي پهرين اربع تي خصوصاً سندس مقبري تي زيارتين جو ميلو مقرر آهي. انهيءَ ڪري هو پير اسحاق اربعائيءَ جي نالي سان مشهور آهي. سندس اولاد مان ڪن گهراڻن ۾ حضرت پير جي خلافت پيڙهي به پيڙهي رهندي اچي. جيئن ته پاڻ جنن جي تسخير ۾ مشهور هو تنهن ڪري اڄ تائين سندس پويان موروثي طور جن جي آسيب دور ڪرڻ ۾ وڏي دسترس رکن ٿا. انهن مان جيڪي پشت به پشت سندس مقبري جا متولي ۽ سندس آرام گاهه جا مجاور آهن، تن جو ذڪر ڪجي ٿو. مٿئين پير جي فرزندن مان شيخ محمد صالح پيءُ کان پوءِ ڏاڍي هدايت وارو ٿي گذريو. انهيءَ کان پوءِ اها نعمت شيخ نعمت الله کي نصيب ٿي. تنهن کان پوءِ انهيءَ جو پٽ خليفو اسد الله وڏيءَ عزت سان ٿي گذريو. هاڻي خليفي اسد الله جا ٻه پٽ خليفو نعمت الله ۽ خليفو جان محمد وڏن جا جاءِ نشين آهن ۽ هر هڪ درگاهه جي متولي هجڻ جي دعويٰ ۾ مشهور آهن. ملا محمود راهوتي: مٿئين شيخ اسحاق جو ]231[ رفيق، معتقد ۽ فيض يافته آهي. چون ٿا ته حـضرت غوث الثقلين جي حڪم سان، شيخ اسحاق هن کي، پڳ ۾ رکڻ لاءِ، ڪو تعويذ لکي ڏنو هو. تنهن کان پوءِ جيڪو به کيس ڏسندو هو، سو سندس دست بيعت مريد ٿي پوندو هو. آخر جڏهن ماڻهن جي گهڻي انبوهه کان اچي تنگ ٿيو تڏهن اهو تعويذ پڳ مان ڪڍي ڇڏيائين. وري ڪو نئون ماڻهو مريد ڪونه ٿيس البت اهي اڳيان مريد سندس ارادي ۾ رهندا آيا. جناب حضرت غوث الثقلين جي خلافت مليل هيس. جا اڄ تائين سندس اولاد ۾ رهندي اچي. ]خليفو ابوالبرڪات ۽ سندس پويان[: اصل ۾ گجرات جو ويٺل ۽ حـضرت غوث الثقلين جي اولاد شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد آهي. چون ٿا ته شاهه حافظ الله کيس ۽ شيخ يعقوب کي، جنهن جو بيان ٿيندو، اشارو فرمايو ته اسان جو سؤٽاڻو ڀاءُ سيد عبدالله ٺٽي ۾ مڪليءَ ٽڪريءَ تي آرامي آهي ۽ سندس مزار گهڻن ڏينهن گذرڻ ڪري ڊهي ويئي آهي، سا وڃي ظاهر ڪري اچو. انهيءَ تي هيءُ مٿئين شيخ (يعقوب) سان گڏجي ٺٽي آيو ۽ اچي انهيءَ ولي جي مزار ڏسي ظاهر ڪيائون. مطلب ته خليفو ابوالبرڪات وڏين نشانين ۽ کليل ڪرامتن جو مالڪ ٿي گذريو آهي. سندس فرزند سڳورو خليفو محمود پيءُ کان پوءِ هڪ ڪامل بزرگ ٿي ڪري، عاليشان ڪرامتن جو صاحب ٿيو. انهيءَ کان پوءِ خليفو حامد وڏن وانگيان ولين جي وصفن جو سرچشمو بڻيو. هاڻي خليفو محمد سعيد مٿين بزرگن جو جاءِ نشين، وڏيءَ بزرگيءَ جي وصفن سان موصوف آهي. هڪڙي معتبر کان ٻڌو ويو آهي ]جنهن چيو[ ته اڃا خليفو محمد سعيد ننڍو کير پياڪ هو ته مان خليفي حامد جي زيارت لاءِ ويو هوس. پاڻ گهر ۾ اندر هو. سندس پٽ حجري ۾ ستو پيو هو ۽ انهيءَ ٿڃ پياڪ ٻار کان جهري ذڪر(1) جاري ٿي رهيو هو. جڏهن خليفو حامد آيو تڏهن اچي کيس پير سان سجاڳ ڪري ڳالهه ڪندڙ شخص کي چيائين ته بزرگزادن جي مقامات جي ڦولهه نه ڪرڻ گهرجي. قصو مختصر ته خليفو محمد سعيد هڪ وڏو صالح، جهانن جي مرجع ۽ ڪرامتن جو ڌڻي آهي. سندس وجود تبرڪ آهي. ]خليفو داؤد ۽ سندس اولاد[:]خليفو داؤد[ بن شيخ زين العابدين، بن شيخ داؤد، بن شيخ ايوب بن خليفو عبدالرشيد، اصل صديقي آهي. سندس وڏا هن سر زمين تي پهريان قادري خليفه آهن ۽ سندس صحيح خليفي هجڻ کان ڪوبه منڪر نه آهي. هو بزرگيءَ جي طريقي ۽ سهڻي شان سان وڏو صالح ۽ ڪامل متقي ٿي گذريو آهي. کانئس پوءِ سندس پٽ خليفو عبدالرشيد جاءِ نشين ٿيو، جو پڻ پيءُ وانگيان ڪمال بزرگيءَ سان همعصرن ۾ عزت سان رهي ڏاڍي نيڪيءَ سان گذاري ويو. انهيءَ کان پوءِ خليفه زين العابدين صلاح ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل پيدا ٿيو. هميشه خلق کان پري، جهوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ دروازو بند ڪري وقت گذاريندو هو. اڪثر ماڻهو نذرانا ۽ سوکڙيون کڻي سندس دروازي تي ايندا هئا ۽ سواءِ ڪن ٿورن جي - جن جي حلال هجڻ جي خبر کيس دل جي نور جي ذريعي پوندي هئي، ۽ قبول ڪندو هو - سڀ موٽي ويندا هئا. سندس واتان نيازمندانه مناجاتين جا شعر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. سن 1148 هجري ۾ وفات ڪيائين. ]شاهه ابوالقاسم ۽ سندس اولاد[: هرات جي رهندڙ شيخ عبيدالله انصار جي اولاد مان، ٺٽي ۾ تشريف فرما ٿي ڏاڍي بزرگيءَ سان گذاري ويو. سندس هدايت وارو فرزند شاهه محمد يعقوب ڏاڍي ڪمال سان سندس جاءِ نشين ٿيو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن بزرگن واري سهڻي طريقي سان گذاريائين. پوءِ انهيءَ جو پٽ محمد يوسف ڪماليت جي مصر جو عزيز (بادشاهه) ٿي رهيو. ۽ تصوف وارن جي حلقي ۾ ڏاڍي صلاحيت ۽ تقويٰ سان گذاريائين. انهيءَ کانپوءِ ميان نعمت الله، الله وارو ۽ غير کان آزاد، ڏاڍي عزت سان پنهنجي وقت ۾ نامي گرامي پيدا ٿيو. کيس ٻه نيڪ بخت پٽ ٿيا. 1- شاهه عزت الله ۽ 2- شاهه اسد الله. شاهه عزت الله عالمگير جي حـضور ۾ پهچي وڃي ملازمن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو ۽ بادشاهه جي همرڪاب برهانپور ۾ وڃي اتي شادي ڪري ٻارڄڻيائين. جن مان شاهه حسن الله پنهنجي چاچي شاهه اسد الله، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو، جي گهرائڻ تي ٺٽي اچي هميشه لاءِ اتي رهي پيو. جيئن ته شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل، سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي گذاري ويو هو تنهن ڪري هو سلوڪ جي راهه جي شوق ۾ شاهه مسعود، جو اڳتي بيان ٿيندو، سان گڏجي جهان آباد ويو ۽ شاهه غلام محمد جي صحبت اختيار ڪيائين. اتان وري ٺٽي موٽي آيو. هاڻي فقيرن جي صورت ۾ خلق الله جي دوا درمل ڪرڻ ۾ وقت گذاري رهيو آهي ۽ برڪت کان خالي نه آهي. شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل صوفي حضرت شاهه عاشق الله جو مريد آهي جو هندوستان کان آيل ۽ جناب شاهه عنايت الله صوفي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، جو مخلص آهي. ٺٽي ۾ هن جهڙو ڪماليت جو صاحب ويجهڙائيءَ ۾ پيدا ڪونه ٿيو آهي. هن قاصر جي (منهنجي) زبان ڪيترو به بيان ڪندي پر پوري ڪانه پوندي. سندس ڪرامتون مشهور معروف آهن. هڪ ڏينهن سبق پڙهندي سندس حالت متغير ٿي ويئي ۽ سندس ساري بدن تي چهبڪن جا نشان ظاهر ٿي بيٺا. انهيءَ حال کي ڍڪڻ لاءِ گودڙي گهرائي پهريائون. آخر معلوم ٿيو ته انهيءَ وقت پوليس ٿاڻي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ چهبڪ ٿي هنيان ۽ انهن جو تاثير شيخ جي بدن تي ظاهر ٿيو هو. ظاهر ۾ خلق الله جي دوا درمل ڪرڻ ۾ ڏاڍو ڪمال ڏيکاريندو هو. عجب وري هي هو ته نامردن ۽ مرڻينگ ماڻهن کي اهڙين خسيس ۽ عقل ۾ نه ايندڙ شين سان چڱو ڀلو ڪندو هو جو حڪيم ته پري رهيو پر ڪو عامي به هوند اهڙي دوا تجويز ڪانه ڪري. هميشه استغراق ۾ رهندو هو. سندس خدمت ۾ مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي درس وقت عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ويندي هئي. سندس مزار تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ الله وارن جي زيارت گاهه آهي. اولاد ڪانه ڇڏيائين. شاهه محمد مسعود ولهاري: شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل صوفيءَ جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ فيض يافته آهي. پهريائين مخدوم حاجي محمد قائم جي خدمت ۾ ظاهري علم پڙهي فضيلت ۾ شهرت حاصل ڪري سلوڪ جي رستي ڏانهن مائل ٿيو. ۽ مثنوي، جا حقيقت جي واصلن لاءِ هڪ عام شاهراهه آهي، تنهن جو درس شروع ڪري مڪمل ذوق حاصل ڪيائين. مٿئين شاهه جي رحلت کان پوءِ، سندس اشاري موجب جهان آباد وڃي، باقي مقصد شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ رهي هٿ ڪيائين. هاڻي، صوفي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ هن بزرگ جهڙو ٻيو ڪو ڪونهي. مثنوي جو درس چڱو ڏيندو آهي. هڪ جماعت کي بيسود وهمن ۽ اجاين خيالن کان آزاد ڪيو اٿس. خلوت جي گوشي ۾ گذاري ٿو ]مخلوق جي[ رجوع کان بيزار آهي. عبداللطيف صوفي: تصوف ۾ هڪ جماعت جو مرشد ۽ مٿئين شاهه اسماعيل صوفي جو دوست هو. مشهوري پسند ڪانه هوندي هيس ورنه کانئس ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. هڪ ڏينهن مخدوم محمد معين سندس زيارت لاءِ ويو. گفتگو هلندي موسيقي جي سـُـرن جي ڳالهه ڇڙي پيئي، تڏهن مخدوم کي مخاطب ٿي چيائين ته ’مان پڻ هن رستي ۾ ڪڏهن ڪڏهن هلندو آهيان‘ . ائين چئي وٺي هڪ سـُـر شروع ڪيائين جنهن حاضرين جي دل تي اثر ڪري هڪ عجيب حالت پيدا ڪري وڌي. شيخ محمد يعقوب: شاهه حافظ الله گجراتي قادري حسنيءَ جو مريد آهي. جئين مٿي بيان ٿي آيو، هن ۽ خليفي ابوالبرڪات ٺٽي اچي ]233[ مرشد جي اشاري موجب، مڪليءَ تي شاهه عبدالله جي مزار ظاهر ڪئي. مطلب ته فقيريءَ ۽ فنا جي ڪمال ۾ اولياءَ الله جي هڪ گروهه جو سردار هو. سندس مريديءَ ۽ صحبت جي برڪت سان سندس ٽي ناليرا نيڪ يار، عالي مرتبي خدا وارن جي جماعت ۾ ناليرا ٿيا. جيئن هر هڪ پنهنجي جاءِ تي مذڪور ٿيندو. هن بزرگوار جي اولاد جو پتو پئجي نه سگهيو. سندس مقبرو شاه عبدالله جي حجري ۾ پيرانديءَ کان عام ماڻهن جي زيارت گاهه آهي. ]شيخ عثمان ۽ سندس اولاد[: مٿئين شيخ محمد يعقوب جي يارن ۽ فيض يافتن مان هڪڙو آهي. سندس وڏا اميرن جي خدمت ۾ ”بقاوليءَ“ (بورچيخاني جي نگراني) جي ڪم ۾ مشهور هئا. جڏهن هن کي معرفت جي خونچي تان نصيب ملڻو ٿيو ۽ انهيءَ ڪري حق جي طلب دامنگير ٿيس تڏهن شوق جي شمع ٻاري، پير جي خدمت مان ڪمال حاصل ڪري، ”بقاولي مشائخ“ جو لقب لڌائين. هو شاندار ڪرامتن جو مالڪ هو. سندس فرزند ميان ملوڪ شاهه ولايت جي ورثي جو وارث ٿي، مشائخيءَ جي ڏاڍي شان سان مخصوص ٿيو. کانئس ڪيئي ڪاملن جهڙا هال ۽ مشائخن جهڙيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. عيدگاهه جي مٿان امامن جو جلوه گاهه سندس پيدا ڪيل آهي. سندس پٽ ميان شيرين محمد پيءُ کان پوءِ قائم مقام رهيو. تنهن کان پوءِ هن جو پٽ ميان عبدالخالق وڏن جي جاءِ تي ويٺو. انهيءَ کان پوءِ ميان عبدالواحد وڏن جو يادگار، مقرر جماعت جو مرشد ۽ وڏن واري سلوڪ جي رستي کان واقف موجود آهي. ]درس للو ۽ سندس اولاد[: ساڪري پرڳڻي جي رسول آباد شهر جي رهندڙ خليفي بايزيد جو اولاد آهي. اڪثر ڪوهستاني ماڻهو پشت به پشت شيخ بايزيد جا مريد آهن. مٿيون درس جناب غوث الثقلين عليه الرحمت جي اشاري موجب ٺٽي ۾ آيو ۽ خواجه قوم جي هڪ جماعت کي اسلام ۾ داخل ڪري، ڪجهه وقت اچي انهيءَ ئي قوم جي محلي ۾، جو هاڻي نورسيه محلي جي نالي سان مشهور آهي، انهيءَ مسجد اندر، جيڪا ٺٽي ۾ نهايت جهوني مشهور هئي ۽ هاڻي حاجي محمد قائم جي نالي سان سڏجي ٿي، ”جملي پير“ ميدان جي سامهون رهيو. چون ٿا ته شيخ يعقوب، شيخ عثمان، جن جو بيان ٿي آيو، درس للو ۽ درس امين محمد، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، انهيءَ ميدان تي هڪ ٻئي سان صحبتون ڪندا هئا. تنهن ڪري اهو ميدان عام خلق ۾ ”جملي پير” جي ميدان سان مشهور آهي. ۽ انهيءَ جي زيارت سان اراده وارن جا مقصد پورا ٿيندا آهن. قصو ڪوتاهه انهيءَ کان پوءِ درس للو انهيءَ جاءِ کان مغلواڙي لڏي آيو ۽ اچي اتي رهيو جتي هاڻي سندس اولاد رهي ٿو. هو وڏيءَ بزرگيءَ سان گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ شيخ ابراهيم سهڻين ڪرامتن سان پيءُ جو جاءِ نشين ٿيو. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جو پٽ ميان احمد بزرگن جي گاديءَ تي ويٺو. تنهن کان پوءِ خليفه بکر ولد خليفي احمد وڏن جي گادي وسائي. هاڻي سندس اولاد ۾ خليفو ڇتو ارادتمند ٽولي جو مرشد آهي. درس امين محمد: مٿئين شيخ يعقوب کان فيضياب، هڪڙو صاحبدل ۽ مٿي جاڻايل چئن يارن مان هڪ يار آهي. بلند مرتبه ڪرامتن ۽ بزرگيءَ ۾ ملڪين مشهور هو. سندس قبر مڪليءَ جي دروازي کان ٻاهر واري سرزمين ۾ مشهور آهي ۽ هر عيد(1) جي ڏينهن اتي الله وارن جو ميلو مقرر آهي. ]حاجي محمد حافظ ۽ سندس اولاد[: ڏوبي جي لقب سان مشهور فقيريءَ ۾ دنيا اندر بي نظير آهي. سندس وڏا اصل ۾ بکر علائقي جي ڏوبي ڳوٺ جا آهن. سندس اولاد مان ميان شيخ محمد ڊگهو عرصو ملڪن جو سفر ڪري، اڪثر علمن ۾ ڪامل مهارت پرائي، حڪمت ۽ طبابت جي علم تشريح ۾ بقراط ٿاني ٿيو. ]234[ ۽ ڪجهه وقت انهيءَ علم جي تصنيف ۾ مشغول رهيو. اکين جي بيمارين جي تشريح ۽ علاج ۾ هڪ وڏو جلد تيار ڪيو هئائين جو اڃا پوروئي ڪونه ٿيو ته سن 1174 هجري ۾ حياتيءَ جي نسخي جي مطالعي کان اکيون ٻوٽيائين. مٿئين ميان شيخ محمد جو سوٽ ميان نور محمد، مشهور واعظ ميان عبدالله عرف ميان موريي جي شاگرديءَ جي برڪت سان، ڏهه ٻارهن سال ميان ملوڪ شاهه واريءَ مسجد ۾ نهايت تاثير وارو وعظ ڪري، آخر سن 1176 هجري ۾ گذاري ويو. مٿئين حاجي محمد حافظ جا ٻيا سوٽ ميان محمد فاضل ۽ ميان صابر ۽ سندس (ميان صابرجو) پٽ ميان محمد قاسم وڏا ڪمال جا صاحب فقير پيدا ٿيا. هو سن 1150 هجري جي لڳ ڀڳ گذاري ويا. حاجي محمد طاهر: هڪ معرفت جو صاحب، ڪامل ۽ سيد رحمت الله عرف سيد مهتو شيرازي شڪر الاهيءَ جو يار ۽ همعصر آهي، جيئن ته ٻنهي الله وارن جا مريد اڄ به متفق آهن. سندس ڏوهٽن جو اولاد موجود آهي. مخدوم آدم نقشبندي: عرف مخدوم آدو مٿئين مخدوم آدم جو همعصر آهي. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ مٿي ڄاڻايل مخدوم آدم جو غلغلو ڏاڍو هو، تنهن ڪري هن ڪسر نفسي ڪري ماڻهن کي حڪم ڪيو ته مون کي آدو سڏيندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته هڪ شهر ۾ هڪ ئي وقت ٻه آدم ڪئين موجود رهندا. انهيءَ وقت جا اڪثر بزرگ، زماني جي هن مشهور شخصيت جي معرفت جي برتري جا قائل آهن. نقشبندي سلسلي ۾ هڪ عجيب ڪمال جو صاحب پيدا ٿيو. سندس مناقب شاندار آهن. حضرت ايشان سرهندي(1) جي مريدن مان آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته آخوند يوسف نالي هڪڙو ملان سندن محلي واريءَ مسجد جو امام هو ۽ هميشه سندن اچڻ کان اڳي تڪبير نه چوندو هو. هڪ ڏينهن مخدوم آدم، جنهن جو بيان ٿي آيو - جو فرزند ميان ابوبڪر صدر نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ اچي ڏٺو ته نماز اڳ ۾ ئي پڙهي ويا آهن. انهيءَ تي ملا کي دڙڪو ڏيئي چيائين ته ”تون ٻئي ڪنهن کي موجودئي نه ٿو سمجهين. اڄ کان پوءِ توکي هن مسجد جي امامت کان موقوف ڪيوسون“ . ملا يوسف مخدوم جي خدمت ۾ احوال کڻي وڃي ڏاڍو رنو. فرمايائينس ته ڪو ڀؤ ناهي. پنهنجي ماڙي تي ويهي وڃي قرآن جي تلاوت ۾ مشغول ٿيءُ، خود صدر تنهنجي دروازي تي ايندو پر خبردار پنهجي ڪم پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ صلح نه ڪج. ملا حڪم موجب اچي تلاوت ڪرڻ ويٺو - هوڏانهن ميان ابوبڪر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو. هڪدم سمجهيائين ته ڪنهن جو ڏنل آهي ۽ ڪنهن جي رنجش جو نتيجو آهي. صلح جو پيغام موڪليائين پر ڪو به جواب ڪونه مليس. بي اختيار ٿي پاڻ کي پالڪيءَ ۾ کڻائي ملا جي دروازي تي آيو ۽ زار زار روئڻ لڳو. ملا ساڳيءَ طرح ماڙي تي قرآن پڙهڻ ۾ مشغول هو - آخر ڏاڍي نيزاريءَ کان پوءِ، نذراني، خلعت ۽ نئين سند سان گڏ امامت جو ڇهن مهينن جو وجهه اڳواٽ وٺي، صلح ڪري پاڻي پڙهي ڏنائين جنهن جي پيڻ سان صدر کي شفا عطا ٿي. مخدوم جي وفات کان پوءِ سندس فرزند محمد اشرف جاءِ نشين ٿيو جنهن ڏاڍيءَ بزرگيءَ سان زندگي گذاري. هن جي سجع هيءَ مصرع هئي. ”محمد اشرف اولاد آدم“ کانئس پوءِ مخدوم محمد پيءُ ۽ ڏاڏي جي بزرگيءَ جي آئينه کي روشن ڪندو رهيو. مخدوم محمد صادق نقشبندي: مٿئين مخدوم محمد اشرف جو نياڻو، ڪامل ۽ عالم ۽ جناب سيد عبداللطيف تارڪ، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو معتقد ۽ وڏو بزرگ هو. ]مخدوم ابوالحسن صغير[: سندس فرزند ميان غلام حسين عرف مخدوم ابوالحسن ]صغير[ حرمين شريفين، زادهما الله شرفا و تعظيما، ۾ ]235[ وڃي ڏاڍو نالو پيدا ڪيو. هاڻي مخدوم محمد حيات سندي، جنهن جو مديني منوره ۾ مدرسو هوندو هو، ۽ انهيءَ سرزمين ۾ وڏي ۾ وڏو عالم ۽ بهترين فاضل شمار ٿيندو هو، جي وفات کان پوءِ هن جو جاءِ نشين، باڪمال محدثن جو سرگروهه ۽ قال ۽ حال جي صاحب مدرسن جو سرڪردو آهي. ]مخدوم ابراهيم نقشبندي ۽ سندس اولاد[: اصل روهڙي جو ساڪن ۽ عاليشان ڪرامتن جو ڌڻي آهي - عقل جو محاسب ۽ فهم جو حساب ڪندڙ انهن جي ڪنهن حـصي که به شمار ڪري نه سگهندو. سندس فرزند رشيد ميان ابوبڪر عرف نالي چڱو پڻ عاليدرجي وارن مقامات جو صاحب پيدا ٿيو. ڳالهه ٿا ڪن، هڪڙي ڏهاڙي ڪو مست سندسن مسجد ۾ داخل ٿيو. جماعت هن کي روڪڻ لڳي تنهن تي پاڻ فرمايائون: “ جنهن جي دل گهري سو ڀلي اچي، روڪڻ نه گهرجي. هڪدم انهيءَ بزرگ جي ڪلام جي تاثير کان انهيءَ بي عقل مست کي هڪڙي عجيب حالت پيدا ٿي ۽ اهڙي ته توفيق نصيب ٿيس جو وري مسجد کان پير ٻاهر نه رکيائين ۽ ڪامل بڻجي پيو. سندس اهڙا تصرف حد کان زياده آهن. جيڪي ماڻهو سندس جنازه سان گڏ ويا هئا تن کان روايت آهي ته شهر کان وٺي مڪليءَ تائين انهيءَ مرحوم جي جنازه جي مٿان، هڪ عجيب شڪل ۽ آواز وارن پکين جو ايڏو ته هجوم هو، جو ]جنازي سان گڏ[ هلندڙ هزارين ماڻهن کي سج جي تڙڪي جو ذرو به محسوس ڪونه ٿيو. هاڻي مٿئين ميان ابوبڪر جو ننڍو ڀاءُ ميان گل محمد، بزرگيءَ جي خاندان جو ڏيو روشن ڪندڙ ۽ بزرگن جي صفتن سان موصوف آهي. ]ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ سندس اولاد[: درس ابراهيم جو وڏن کان، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي گهراڻي جو مريد هو، جو فرزند آهي. پهريائين ميان ابراهيم ٺٽي آيو ۽ ڏاڍي بزرگيءَ سان گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس فرزند رشيد ميان ابوالقاسم، علمي خواه عملي ڪمالات سان هڪ وڏي ۾ وڏو قال ۽ حال جو صاحب مشائخ پيدا ٿيو، جنهن هڪ دنيا کي بي انداز فيض رسايو. هن جي صحبت گمراهن کي هدايت جي شاهراهه تي آڻيندي هئي. هن جي خدمت ڪري ڪيترن ئي بزرگن مقصد حاصل ڪيو. سندس ڪرامتون ۽ مناقب تحرير ۽ تقرير جي انداز کان ٻاهر آهن. انهن جي ظهور جي هڪ دنيا شاهد آهي. هن خاندان جا خادم وڏي علم ۽ يقين ۾ مشهور آهن. سندس اولاد مان ميان احمد ولد ميان ابراهيم بن ميان ابوالقاسم هڪ جوان پيدا ٿيو هو جنهن جي پيشانيءَ مان هدايت بکي رهي هئي. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ وڃي الله جي رحمت کي رسيو. انهي ٿورڙي حياتيءَ ۾ به کانئس ڪئين ڪرامتون صادر ٿيون، جيڪي دوستن جي مجلسن ۾ مذڪور آهن. هاڻي اُنهيءَ دين جي بزرگ ۽ يقين جي راهه جي سالڪ جي اولاد مان ڪوبه موجود ڪونهي. البت سندس ڏوهٽا وڏي بزرگيءَ سان يادگار آهن. ]ميان ڪبير محمد نقشبندي ۽ سندس اولاد[: پهريائين هيءُ ۽ مخدوم آدو خواجه محمد معصوم نقشبندي سرهندي، جنهن کي ”حضرت ايشان“ جي لقب سان ياد ڪندا هئا، جي خدمت ۾ مشغول ٿيا. جڏهن هو سڳورا گذاري ويا تڏهن ]دوباره[ سرهند وڃي رهيل مقصود حاصل ڪري ٺٽي موٽي اچي، ڏاڍي هدايت سان ڪن طالبن کي ڪافي فيض رسايائين. کانئس پوءِ ٻه فرزند 1- ميان محمود ۽ 2- ميان محمد زمان رهيا. ميان محمد زمان پيءُ جي جاءِ تي ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ڪيترن طالبن کي فيض سان فائز ڪيائين. ]236[ هاڻي سندس اولاد مان ميان احمد نالي هڪ توفيق وارو جوان وڏن جو جانشين آهي. درس عبدالرحيم: ميان محمد زمان نقشبنديءَ جو صحبتي آهي. ٻيا به ڪيترا بزرگوار ڏٺائين. سندس ظاهري حالت ذري گهٽ ملامتين جهڙي هوندي هئي. عجيب حالتن جو صاحب هو، ۽ چڱن ڪمن ۾ وقت گذاريندو هو. هن جي حڪمن جو تفصيل ڊگهو آهي. بهرحال هن زماني ۾ سندس جهڙا ماڻهو ناپيد آهن. ٿورا سال ٿيندا جو گذاري ويو. مير مرزا جان: وڏي ۾ وڏو معرفت جو ڌڻي ۽ يقين جي راهه جو ڪامل ۾ ڪامل سالڪ هو. هي سڳورو هڪ عجيب فيض جو صاحب پيدا ٿيو ۽ پنهنجي وقت ۾ ڪمال جي صاحبن جي مرجع هو. سندس شاندار ڪرامتون سج کان به وڌيڪ روشن آهن. ڪيترن کي فيض رسايائين. باوجوديڪ سندس ڪو پٽ پوٽو ڪونه آهي، تاهم سندس خانقاهه تي زيارتين جو وڏو هجوم رهندو اچي ۽ ماڻهو سندس ڏوهٽن کان فيض وٺندا اچن. يوسف سهتو: پنهنجي وقت ۾ هڪ حال ۽ قال جو صاحب، فقير، مشهور سنڌي زبان جو شاعر ۽ مشائخن وارين ڪرامتن سان موصوف ٿي گذريو آهي. سنڌي شاعرن جو ميلو سندس خانقاهه تي اڄ تائين مشهور آهي ۽ مريدن جي هڪ وڏي جماعت موجود آهي. ]سيد يار محمد ۽ سندس جاءِ نشين [: لڪعلوي (لڪياري) سيد، سيد سماڀو، عرف ڪيهر - جنهن جو بيان ٿي آيو - جو پوٽو، نورائي جي پيرزادن جو ڏوهٽو، پيءُ جي ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي. هو شاهه عبدالله هنديءَ جو مريد آهي، جنهن جي ڪتاب ڪشڪول جي مصنف شاهه ڪليم الله سان بيعت هئي. هو ڏاڍو ڪامل، ۽ هڪ جماعت جو مرشد ۽ يقين جي راهه جو سالڪ هو. ڪيترن معتقدن کي باطني شغل جي ذريعي حقيقت جي شاهراهه ڏيکاري، 13 رمضان المبارڪ سن 1177 هجري گذاري ويو. هن جي سڳي ڀاءُ مير عزت الله جو فرزند مير ڇٽن سندس گادي نشين ٿيو. تنهن کان پوءِ مير يار محمد مرحوم جي ٽئين ڀاءُ سيد شاهه نواز جو پٽ سيد محمد افضل قائم مقام ۽ هدايت جي رستي جي سلوڪ لاءِ صاحب توفيق آهي. ]ميان محمد ڪريم[: ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريي جو ڏوهٽو ميان محمد ڪريم پڻ مٿئين سيد جي فيض جي برڪت سان هڪ توفيق ڀريو جوان، سلوڪ جي راهه جو واقف ۽ هڪ خاص جماعت جو مرشد آهي. درس عبدالڪريم: هڪ صلاحيت ڀريو ۽ سيفي زبان جو مالڪ مرد هو. جنهن به ڪم ڏانهن توجهه ڪندو هو ته تقدير مطابق پورو ٿيندو هو. تازو گذاري ويو. ڪن ناليرن مکيه ماڻهن جو طبقو جيڪي ڪنهن ڪمال ۽ حال سان مخصوص ٿي گذريا آهن ۽ انهن مان ڪن جا گهراڻا ناليرا آهن. اگرچ مٿين بيان ۾ پڻ هڪ قسم جي مشهور معروف ماڻهن جو بيان اچي وڃي ٿو، تنهن هوندي به انهيءَ گروهه جا ڪي نالا هتي علحده ذڪر ڪيا ويا، ته جيئن پڙهندڙ مرتبن جو فرق معلوم ڪري سگهن. ]آقا محمد تاشڪندي ۽ سندس اولاد[: هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو ناليرو مرد، مرزا جاني بيگ ترخان جي زماني ۾ ٺٽي ۾ اچي مزنگ جي قبيلي سان گڏجي ويو. سندس پٽ محمد رضا بيگ پنهنجي وقت ۾ چڱيءَ حالت ۾ رهيو. انهيءَ جو پٽ محمد بيگ پڻ وڏن وانيگان مکيه ماڻهو ٿي رهيو. ]شيخ موسيٰ ۽ سندس اولاد[: اصل بندر محـصه جو رهندڙ ۽ شيخ جمال الدين محدث صديقيءَ جو اولاد - چڱيءَ حالت ۾ گذاري ويو. سندس پٽ شيخ عبدالغني تاجرن جي صورت ۾ پنهنجي وقت جو ناليرو ٿي گذريو. هن جو فرزند شيخ عبدالخالق شاهجهان جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي ڪروڙگري، امانت ۽ شرفي جهڙن عهدن تي سرفراز رهي، عالمگير جي زماني ۾، پيريءَ جي ضعف سببان انهيءَ کان استعفا ڏيئي، ڏهه هزار درهم پينشن تي قناعت ڪري، گذاري ويو ۽ پنج پٽ ڇڏيائين. پهريون شيخ محمد امين - هن کي ٽي پٽ ٿيا، جن مان محمد تقي ۽ محمد مير نواب سيف الله خان جي ڏينهن ۾ صفوي شاهزادي سان گڏ جهان آباد هليا ويا ۽ اتي ئي فوت ٿيا، باقي محمد انور ]237[ هتي سن 1179 هجري ۾ پنجاهه ورهيه کان مٿي عمر جي هوندي به شاديءَ ڪرڻ کان سواءِ گذاري ويو. ٻيو شيخ محمد جواد- هن چار پٽ ڇڏيا ۽ هر هڪ عمر جو مقرر عرصو گذاري وفات ڪري ويو. اولاد ڪونه ڇڏيائون. ٽيون شيخ محمد نعيم - هڪ لياقت ۽ چڱيءَ سليقي وارو ماڻهو پيدا ٿيو هو. حاڪمن جي نوڪريءَ ۾ اڪثر وقت گذاري، سن 1145 هجري ۾ خداآباد ۾ گذاري ويو. شادي ڪانه ڪئي هئائين، تنهن ڪري اولاد پيدا ڪونه ٿيس. چوٿون شيخ محمد مڪرم - ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. پنجون شيخ عزيز الله - هڪ عجيب وصفن جو حامل نهايت جرات ۽ همت وارو، ۽ فقيرن سان دوستي رکندڙ انسان هو. گهڻو وقت سفر ۾ گذاري، آخر سن 1152 هجري ۾ گذاري ويو ۽ ڪو اولاد ڪونه ڇڏيائين. شيخ عبدالخالق جا هيءُ ٽي ئي پٽ راقم الحروف (مير قانع) جي ناني جا سڳا ڀائر آهن. ]شيخ عبدالغني ۽ سندس اولاد[: هڪ لياقت وارو، پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ مکيه ماڻهو ٿي گذريو آهي. سندس پٽ مخدوم نور محمد مروج علمن ۾ وڏو ۽ مشهور فضيلت وارو پيدا ٿيو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ عبدالغني، هڪ عزت وارو عهديدار، وڏن جو يادگار رهيو. عالمگير جي زماني کان وٺي فرخ سير جي ڏينهن تائين تصحيح جي داغ جي خدمت سندس حوالي هئي ۽ ڏاڍي ٺٺ سان گذاريندو هو. شاعريءَ جي فن ۾ وقت جو استاد هو - ٺٽي جي رئيسن جي هڪ جماعت - جهڙوڪ ميرڪ محمد افضل، مير ڪامران وغيرهم - سندس خدمت ۾، ادب سان، صحبت ۽ درس جو فائدو پرائيندي هئي. هن جو ڀاءُ شيخ محمد سعيد، پڻ انساني ڪمالات جي ڪيترن ئي قسمن سان موصوف هو. جهان آباد ۾ عمر عزت سان گذاري اتي ئي گذاري ويو. ]شيخ ابو طالب ۽ سندس اولاد[: اصل قريشي، صديقي، وڏو لياقت ڀريو ۽ انسانيت جي فن جو ماهر ٿي گذريو آهي. سندس پٽ شيخ ابوالفتح، جنهن کي دامي جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، سو جاگيرات جي رقم تقسيم ڪرڻ ۽ اميني جي عهدي سان ممتاز رهي، نالي نيڪيءَ سان گذاري ويو. چون ٿا ته سندس مهر سان ڪو ڪاغذ، شاهجهان جي نظر مان گذريو. مهر جا اکر شڪي ٿي ڏٺا، تنهن تي حڪم ٿيو ته جيڪڏهن ]واقعي[ شيخ ابوالفتح جي مهر آهي ته شڪي ڇو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جعلسازي ڪئي آهي ته انهيءَ کي پڪڙڻ گهرجي. مطلب ته ڏاڍو وڏي عمر وارو ٿي فضيلت ۽ چڱيءَ حالت سان گذاري ويو. شيخ محمد زاهد، جو هن وقت نامي گرامي ۽ موجود آهي سو مٿئين شيخ ابوالفتح جو سڳو پوٽو ۽ شيخ عبدالخالق ڪروريءَ جو ڏوهٽو آهي. ]داروغهء گهر ۽ سندس اولاد[: ترخاني دور جو هڪ مشهور معروف ماڻهو ۽ سندن ملازمن جي لسٽ ۾ ناليرو آهي. محمد علي ديوان، جو ترخاني گورنرن جي ذڪر ۾ بيان ٿي آيو، سو سندس نياڻو هو. هن جو گهراڻو وڏو ۽ ڏاڍيءَ چڱيءَ انسانيت ڀريءَ حالت ۾ هو. سندس پٽ عبدالواسع پڻ پنهنجي وقت جو ناليرو ٿي گذريو. کانئس پوءِ محمد رضا رهيو. هو سيد شاهه عبدالڪريم ]بلڙيءَ واري[ جو مريد آهي. رسالو ”بيان العارفين ۽ تنبيه الغافلين“ ، جي مٿئين شاهه جي حالات ۽ ملفوظات متعلق سن 1083هجري ۾ تصنيف ڪيائين - سندس يادگار باقي آهن. هن وقت انهيءَ خاندان جي ڪابه نشاني ڪانه آهي. ]ملا حسين ۽ سندس پويان[: هڪ متبرڪ ملا، درس ۽ افاده جو صاحب، پنهنجي وقت جو مشهور ماڻهو ۽ شيرازي شڪر الاهي سيدن جي محلي ۾ رهندڙ هو. ڪئين ارادي وارا سندس خدمت مان فيض پرائي ويا. سندس پٽ ملا سروري پڻ پيءُ جهڙيءَ سڳوريءَ حالت جو صاحب ٿي گذريو. انهيءَ کان پوءِ، مولانا محمد حسين عرف ملا جانباز رهيو، جو وڏين ڪرامتن سان مشهور ۽ مرتبي وارو شاعر ٿيو. ]238[ ڳالهه ڪندا آهن ته هو هڪ سهڻيءَ صورت واريءَ ڇوڪريءَ تي حقيقي عشق بچائيندو هو. انهيءَ ماڻهن جي شرم کان، سندس جان جو دشمن ٿي، کيس شهيد ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي اها حالت، ٻه ٽي ڏينهن اڳ شعر ۾ بيان ڪري ڇڏي هئي. کيس فوت ٿئي اٽڪل هڪ سئو ويهه سال گذريا هوندا. ]ملا بلال ۽ سندس جاءِ نشين[: اصل مشهدي، چڱيءَ حالت جو صاحب ۽ وقت جو مشهور معروف ٿي گذريو آهي. سندس پٽ ملا طاهر، ملائيءَ (علم) ۾ پنهنجي وقت جو يادگار هوندو هو. کانئس پوءِ ملا الهڏتو ٿيو، جو نهايت متوڪل ۽ ظريف الطبع شاعر پيدا ٿيو. چون ٿا ته رات جي وقت جيڪي به گهر ۾ هوندو هوس، سو خدا جي واٽ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڏينهن توڪل تي ويٺو هوندو هو. هو پلي کان سواءِ ڪجهه به نه کائيندو هو، تنهن ڪري کيس ”پلا قلي“ لقب ڏنو ويو هو. مولانا محمد حسين، جو علميت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي، سو سندس فرزند هو. انهيءَ جو پٽ محمد صادق پڻ هڪ لياقت وارو مرد ۽ شيخ عبدالغنيءَ جو شاگرد هو. سندس اولاد باقي آهي. ]عبدالرؤف منشي ۽ سندس پٽ[: اصل قوم جو واڍو هو. هن بلاغت جي رندي سان فصاحت جي ڦرهيءَ کي خوب لسو ڪري، ڪمال جي نقشن سان چٽيو هو. شاهجهان جي ڏينهن جي پڇاڙي ۽ عالمگير جي زماني جي ابتدا ۾ ٺٽي جي حاڪمن وٽ منشيگريءَ ۾ مشهور معروف ٿيو. هو سٺو خوشنويس هو. سندس پٽ محمد عطوف پڻ پيءُ واري فن تي قائم رهندو آيو. حافظ ابراهيم: اصل قوم لاکاوٽ - علمي فيض ۾ ايڏي ته مرتبي کي وڃي پهتو، جو شاهجهان بادشاهه جي فرزند داراشڪوهه جو استاذ بڻيو ۽ زماني ۾ نالو ڪڍيائين. ]شيخ عبدالرحمان ۽ سندس ڀائٽيو[: مخدوم نور محمد بکري - جنهن جو بيان ٿي آيو - جو اولاد آهي. هو وڏي فضيلت جي بدولت، مفتين جي جماعت ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڀائيٽيو ميان قمر الدين، جو نادر شاهه جي ڏينهن ۾ پينشن تقسيم ڪرڻ جي عهدي تي هو، سو پنهنجي وقت جو مکيه ماڻهو هو. وفات وقت اولاد ڇڏي ويو. ]عبدالرحمان سيفي قادري ۽ سندس ڀائٽيو[: تعويذات جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. بادشاهه عالمگير، سنتا وغير ڪافرن جي ڪهڻ متعلق سندس نادر حڪم ۽ عجيب ڪم ڏسي، کيس ”سيف الرحمان سنتاڪش“ جو لقب ڏنو هو. سندس ڀائٽيو ميان محمد رفيع پڻ ساڳئي فن جو علمبردار ٿي ڪري، بزرگيءَ سان گذاري ويو. محمد شريف، ولد ميان بيگ محمد، هڪ لياقت ڀريو ۽ تعويذات جي علم ۾ مشهور ۽ استاد ٿي گذريو آهي. مشهوري پسند ڪانه ايندي هيس، تنهن ڪري مسڪينيءَ جي حالت ۾ جهان کان موڪلايائين. مٿيون ميان قمرالدين سندس ڏوهٽو هو. فاضل خان: اصل نالو ملا عثمان، رهندڙ ڳوٺ کلي، ذات جو سميجو، مٿئين مخدوم محمد معين جي ڏاڏي مخدوم طالب الله جو مريد هو. جيئن سمجهه سان ٿيو، تيئن اچي ٺٽي رهي، علم جي تحصيل چڱيءَ طرح پوري ڪيائين، تنهن کان پوءِ جهان آباد هليو ويو. قابل خان مير منشيءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، صدر الصدرو ۽ مير منشيءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، صدر الصدور ۽ مير منشيءَ جي درجي تي ترقي ڪري، نهايت عزت ۽ احترام سان وقت گذاريائين. ڏوهٽن کان سواءِ اولاد ڪونه هيس. ]محمد شفيع ۽ سندس اولاد[: مخدوم عبدالرحيم بديني، (جنهن جو بيان گذري آيو) جو فرزند، هڪ بافضليت ]239[ ۽ پنهنجي وقت جو مکيه ماڻهو آهي. ٺٽي جي شهر جي مفتيءَ جي عهدي تي سرفراز ٿي، پنهنجو نائب اتي ڇڏي، جهان آباد هليو ويو، جتي ٻه پٽ ڄڻيائين - شيخ نعمت الله ۽ شيخ غلام حسين. ٻئي مفتي ۽ اتي جي قاضي القضاة جا نائب ٿيا. ٺٽي ۾ ٻه ٻيا پٽ هر هڪ شيخ عطاءُ الله ۽ شيخ عنايت الله صغير ڇڏي ويو هو. اهي وڏا ٿي ٻيئي ٺٽي جا مفتي بڻيا - هاڻي شيخ عطاءُ الله کان پوءِ سندس فرزند محمد ڪريم مفتي آهي. شيخ عنايت الله پنهنجي سر زندهه ۽ مٿئين عهدي تي پنهنجي وقت ۾ ناليرو آهي. ]شيخ عبدالحميد ۽ سندس پويان[: هڪ باڪمال ۽ بيپرواهه ماڻهو مشهور هو. جن عالم تابعدار هوندو هوس، تنهن ڪري ”جنائي“ جي لقب سان مشهور هو. سندس پٽ شيخ محمد مير جوانيءَ ۾ ئي گجرات هليو ويو ۽ اتي عزت سان وقت گذاري، گذاري ويو. کانئس پوءِ ٻه پٽ هرهڪ شيخ محمد مريد ۽ شيخ محمد ڪريم پوئتي رهيا. هي ٻيئي سن 1156 هجري ۾ سورت بندر ۾ ڏٺا ويا، جڏهن سير جي خيال سان اوڏانهن وڃڻ ٿيو هو. ٿوري وقت کان پوءِ محمد مريد فوت ٿي ويو، باقي شيخ محمد ڪريم زندهه آهي. شيخ موسيٰ: اصل نصرپور جو هڪ نومسلم آهي. ٺٽي جي ڪامورن جي صورت ۾ وقت جي برگزيده ۽ مکيه ماڻهن جي شمار ۾ داخل ٿي رهيو. شاهه عنايت الله صوفيءَ جي جنگ ۾ قتل ٿي ويو. سندس اولاد باقي آهي. شيخ محمد زمان: هڪ وڏو عزت وارو ڪامورو، نهايت توفيق وارو ۽ مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل ٿي گذريو آهي. سندس پٽ هر هڪ ڪاظم خان ۽ قاسم حسن خان وقت جا ناليرا ٿيا. انهن مان ڪاظم خان بادشاهيءَ جي ديوانيءَ جي عهدي تي سرفراز ٿيو. هاڻي سندس ڏوهٽا هرهڪ ميان محمد رفيع، هڪ صالح جوان ۽ محمد اعظم هڪ لائق ۽ شاعر وڏن جا يادگار آهن. قاسم حسن خان: عمدين خدمتن جي بدولت مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ شمار آهي. هو هڪ سهڻيءَ روش وارو ۽ بزرگيءَ جي عمدن اخلاقـن سان موصوف نوجوان ٿي گذريو آهي. ميان محمد نالي صغير پٽ سندس يادگار باقي آهي. ]شيخ عبدالعزيز[: اصل رهندڙ ڳوٺ هاله ڪنڊي (هالا) مرد قابل ۽ هوشيار هو. نواب امير خان جي خدمت ۾ مقرر هو. پوئينءَ عمر ۾ هالن مان لڏي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن شيخ عبدالهادي ۽ شيخ عبدالسلام نالي ٻه پٽ ڇڏيا. شيخ عبدالهاديءَ کان پوءِ ڪا نشاني ڪانه رهي. شيخ عبدالسلام هندوستان وڃي دارالحڪومت لاهور جي خالصي جي ديوانيءَ تي سرفراز ٿيو. کانئس پوءِ پنج پٽ رهيا: شيخ عبدالرزاق، شيخ محمد سعيد، شيخ عبدالرحمان، شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ محمد شفيع ]انهن مان[ عبدالرزاق ۽ محمد سعيد علم ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل هئا. شيخ عبدالرحمان ڪمالات جو جامع هو. هن پنهنجي عمر نواب نظام الملڪ جي خدمت ۾ رهي دکن ۾ پوري ڪئي. شيخ عبدالعزيز عالمگير جي ڏينهن جي ابتدا ۾ هندوستان وڃي ”دو صدي ذات“ جي مرتبي تي سرفراز ٿيو، ۽ بهادر شاهه جي ڏينهن ۾ حـضور ۾ عرض ڪري پنهنجو عهدو پنهنجي هڪ عزيز شيخ محمد حسن کي بخشيائين. وري ٻيهر هندوستان وڃي ”دو صدي ذات“، ”بخشيگري“ (خزانه آفيسري) ۽ سيوستان جي واقعي نگاريءَ جو عهدو هٿ ڪيائين. شيخ محمد شفيع عالمگير جي ڏينهن ۾ هندوستان وڃي، ”دو صدي ذات “ جي عهدي سان سرفرازي حاصل ڪئي ۽ پڇاڙيءَ عمر ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالعزيز جي پاران ”بخشيگريءَ“ ۽ سيوستان جي ”وقائع نگاريءَ“ جي عهدن جو نائب پڻ هو. هن ٻه پٽ ڇڏيا. هڪ شيخ محمد رفيع ٻيو محمد اعظم. محمد رفع فرخ سير جي ڏينهن ۾ ”چهار صدي ذات “ جي عهدي تي رسيو ۽ محمد اعظم، پنهنجي پيءُ جي ڪوٺ تي، نادر شاهه جي ڏينهن ۾ پيءُ جي درجي کي پهتو. رسالو ”تحفة الطاهرين“ سندس جوڙيل آهي. هيءُ ٻئي ڀائر - جيئن مٿي بيان ٿي آيو - ڪاظم الدين خان جا ڏوهٽا آهن. ]مرزا شادڪام ۽ سندس پٽ[: نو مسلم هو. بادشاهي ڪامورن جي لسٽ ۾ هڪ مشهور معروف ماڻهو ۽ نيڪيءَ جي خوبين سان موصوف ٿي گذريو آهي. سندس پٽ محمد سرفراز هڪ لياقت ڀريو مڙس پيدا ٿيو. سندس وفات سن 1169 هجري ۾ آهي. ]شيخ محمد مريد ۽ سندس اولاد[: اصل هڪ نو مسلم راجا زادو آهي. سيوستان ۾ رهندڙ هو. عالمگير جي ڏينهن کان ٺٽي جي قانون گوئيءَ جو عهدو هٿ ڪري، اتي رهڻ لڳو ۽ حياتيءَ جو عرصو نهايت انسانيت ۽ سهڻين وصفن سان سينگاريل رهي، مکيه ماڻهن جي شمار ۾ گذاريائين. سندس پٽ شيخ محمد محفوظ هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو انسان ۽ اڄوڪي زماني ۾ بينظير آهي. هن جي سهڻيءَ شخصيت ۾ بزرگن واريون وصفون ۽ نيڪن واريون خوبيون موجود آهن. ڪيترن سالن کان نواب غلام شاهه خان جي حاضريءَ جو ملازم ۽ شاهي حضور ۾ وڪيل ٿي وڃڻ جي عهدي تي سرفراز آهي. شعر ۾ وڏو استاد آهي ۽ ”سرخوش“ تخلص ڪندو آهي. هن جو فرزند رشيد، شيخ قمر الدين، هر طرح وڏن جي خوبين جو مجموعو آهي. جوانيءَ جي ابتدا ۾ ئي وڏي لياقت حاصل ڪري، حاڪمن جي محفلن ۾ اچڻ وڃڻ جو سليقو چڱيءَ طرح پرائي، شاهي لشڪر جي وڪالت جي عهدي سان ممتاز ٿيو - ۽ ڪن سالن کان بادشاهه جي لشڪر ۾ رهندو اچي. 1188 هجري ۾ سنڌ جي حاڪم جي طرفان ”خانيءَ“ جو خطاب ۽ ديري غازي خان جي گورنريءَ جي عزت عطا ٿي اٿس. طبع موزون هجڻ ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ]240[ خانداني اڍ موجب بيت ۽ غزل جو فڪر پڻ ڪندو آهي، ۽ ”عشرت“ تخلص اٿس. ]شيخ بيگ محمد ۽ سندس پٽ[: فاضل خان صدر الصدور جو نياڻو ۽ مير منشي آهي. وڏيءَ عزت ۽ انساني لياقت سان زندگي گذاريائين. سندس پٽ شيخ محمد رفيع پنهنجي وقت جو سخي ۽ مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ مشهور معروف ٿيو، ۽ پنهنجي پاران چڱو نالو يادگار ڇڏي ويو. منشي محمد عارف: نصيراڻي قبيلي جو هڪ مخدوم زادو، خوشخطيءَ ۽ ان جي برجستائيءَ ۾ ممتاز آهي. نواب صادق علي خان جي ڏينهن کان حاڪمن جو منشي آهي. هاڻي سنڌ جي والي ميان غلام شاهه خان جي فرزند سرفراز خان جي سرڪار ۾ مير منشي ۽ بزرگيءَ جي خوبين جو جامع آهي. ميان محمد افضل نالي سندس پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ وڏي لياقت حاصل ڪري سن 1178 هجري ۾ گذاري ويو، پويان محمد معظم نالي هڪ ٿڃ پياڪ پٽ ڇڏيائين. راقم الحروف سندس وفات جي تاريخ هن مصرع مان لڌي آهي: ”باد آن جهان نزد محمد افضل“ (شل هو جهان محمد افضل جي هٿ هجي) - 1178 هجري. مٿيون محمد عارف سن 1188 هجري ۾ گذاري ويو. محمد صالح: علم سياق (علم جفر) ۾ هڪ رسالو ”دستور السياق“ نالي سندس تاليف ڪيل ڏسڻ ۾ آيو، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو ڏاڏنگ جي خيال کان قاضي ڏتي سيوستاني جو اولاد آهي ۽ ڄائو نپنو ٺٽي ۾ آهي. ڪماليت کان خالي نه آهي ۽ ضرور نامي گرامي ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل آهي. ]ملا يوسف ۽ سندس پٽ[: پنهنجي وقت جو هڪ نامي گرامي ملا آهي. سندس پٽ ملا عبد الرسول بلاغت جي علم ۾ مشهور هو. سندس تصنيفات مان هڪ برگزيده نسخو ”نفائس الافڪار في عرائس الابڪار“ نالي نظر مان گذريو ۽ سندس بلاغت جو شاهد اهوئي نسخو ڪافي آهي. محمد عارف: شرعي وڪيل - هندوستان ۾ گهڻو عرصو گذاريائين. ننڍپڻ ۾ نواب مهابت خان ڪاظم جو استاد ٿي رهيو هو، تنهن ڪري مٿئين نواب جي گورنريءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي اچي چڱي حال ۾ وقت گذاريائين. آخوند محمد يعقوب: مشهور فارسي خوانده، استاديءَ ۾ وقت جي اڪثر عالمن کان گوءِ کڻي ويو هو. ڇڙو ڇڙمل گذاري اچي پوڙهو ٿيو هو. پيريءَ ۽ قوت جي نهايت گهٽتائيءَ هوندي به هر روز پوئين رات جو اٿي صبح جي نماز وڃي پير پٺي وٽ پڙهندو هو، ۽ منجهند جو گهر موٽي ايندو هو. سندس وجود وڏو تبرڪ هو. هن ڪتاب لکڻ کان ٿورا سال اڳ فوت ٿي ويو آهي. ملا محمد فاضل: موله ٺٽي جو رهندڙ پنهنجي وقت جو هڪ متبرڪ ملا ٿي گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شعر جو فڪر به ڪندو هو، جنهن ۾ سخن جو حق ڪما حقه بجا آڻيندو هو. خوشنويسن جو طبقو اگرچه مٿين بيانن ۾ هن فن جا ڪيترا مکيه ماڻهو لکجي چڪا آهن، پر هتي هن شاندار هنر ۾ مشهور معروف ماڻهن جو ذڪر مقصد آهي. حافظ رشيد خوشنويس: ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيرز جي ڏينهن ۾ خوشنويسيءَ جي مهارت جو علمبردار هو ۽ وڏي ۾ وڏن مشهور ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو. سيد حسن خوشنويس: ترخاني دور ۾ خوشنويسيءَ جي فن جو ماهر هو. سندس پٽ سيد محمد طاهر پڻ مشهور ستن قلمن جو جامع ۽ عوام ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. مخدوم الياس خوشنويس: مخدوم محمد يوسف جو فرزند نستعليق ۽ نسخ جي خط ۾ پوريءَ طرح ماهر ۽ وقت جو مشهور استاد هو. سيد علي جهڙا رشيد شاگرد وٽائنس بهرو پرائي فن جي ڪمال کي پهتا. سيد رحمت الله: سيد ابوالقاسم بيگلار جو فرزند خط نستعليق ۾ پنهنجي وقت اندر مشهور معروف ٿي گذريو. شيخ محمد فاضل: شيخ محمد جو پٽ، شاهجهان بادشاهه جو همعصر، خط ثلث جي ڪتبہ نويسيءَ ۾ وقت جو بينظير هو. شيخ محمد ولد شيد محمد فاضل پڻ پيءُ وانگر ڪتبه نويسيءَ ۾ ماهر هو. شيخ عبدالواسع خوشنويس: خط نستعليق ۾ پنهنجي وقت جو مشهور معروف هو. شاهجهان بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿي، فرمانن ۽ نشانن لکڻ جو منشي ٿيو. کيس ست پٽ آهن: هر هڪ شيخ عبدالسميع، شيخ عبدالشڪور، شيخ عبدالغفور، شيخ محمد معين، شيخ عبدالحق، شيخ محمد شريف ۽ شيخ عبدالرؤف. هر هڪ پيءُ وانگيان خوشنويسيءَ جي فن ۾ وڏو ماهر ٿي رهيو، ۽ پيءُ جي جاءِ تي انهيءَ درگاهه جي منشيگيريءَ کي رسيو ]241[، جتي سلطان به سجدا ڪندا هئا. سيد علي: هڪ ناليرو استاد، ڪامل مهارت جو مالڪ ۽ خوشنويسيءَ جي فن جو جامع هو. سندس اڪثر شاگرد ڪمال کي رسيا آهن. سيد مهدي مرحوم - جيڪو سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ گادي وسائيندو آيو - ۽ خواجن جي محلي ۾ رهندڙ سيد احمد، سندس پوٽا آهن. ميان شيخ محمد: مٿئين سيد عليءَ جو شاگرد آهي، ستن ئي قلمن ۾ مشهور معروف هو. سندس پٽن مان شيخ ابو الفضل خوشنويسيءَ ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. شيخ محمد پناهه پڻ خوشنويسيءَ جي ڪمالات جو جامع ۽ اڪثر خوشنويسن تي فوقيت رکندڙ هو. اتفاقاً عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو. انهيءَ جو پٽ محمد عالم بيمثال خوشنويس ۽ هن هنر جي عجيب فن جو ماهر آهي. سيد نعمت الله: بينظير خوشنويس ٿي گذريو آهي. مير محمد بزرگ رضوي: جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو - پنهنجي پيءُ، شاهه بندر جي خوشنويس محمد شفيع ۽ هدايت الله زرين رقم جو شاگرد، خوشنويسيءَ جي فن جو هڪ وڏو استاد ۽ پنهنجي وقت جو مشهور معروف آهي. خواجه مير شريف: خواجه مير شهاب الدين - جنهن جو بيان ٿي آيو - جو اولاد، مشهور خوشنويس ۽ سيد عليءَ جو شاگرد آهي. سندس پٽ خواجه مير مرتضيٰ - جنهن جي وصف گذري آئي - هاڻي هن فن جي استادن ۾ وقت جو ناليرو آهي. ميان حبيب الله: مٿئين سيد عليءَ جو شاگرد ۽ ستن ئي خطن ۾ استاذ ڪامل ٿي گذريو آهي. سندس پٽ ميان تاج محمد وقت جو مشهور خوشنويس هن جو يادگار آهي. درويش علي بيگ: مغل قوم جو ماڻهو، هڪ ناليرو خوشنويس آهي. سندس پوٽو درويش علي بيگ پڻ ڏاڏي وانگيان هن فن جي نامورن جي قطار ۾ هو. سيد مير محمد: سيد عليءَ جو هڪ شاگرد، خط ثلث خاص نموني سان لکندو آهي ۽ نسخ ۾ پڻ خوشنويس آهي. ڪيترو عرصو حجاز ۽ يمن ڏانهن گذاري، ٺٽي موٽي آيو هو، پر وري اوڏانهن هليو ويو. هاڻي پڻ مدينه منوره ۾ رهي ٿو. بلاغت آثار شاعرن جو طبقو جيڪي بلاغت ۾ زماني ۾ نهايت مشهور آهن. مٿين صفحن ۾ هن گروهه جا ڪيترا ماڻهو لکيل آهن، پر هتي هن ٽولي جي مشهور معروف ماڻهن جو بيان لکجي ٿو. محمد مقيم: ترخاني دور ۾، سخن جي ميدان ۾ مهارت جو جهنڊو بلند رکندو آيو، ۽ مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو. مومل ۽ مينڌري جي عشق جو قصو ”ترنم عشق“ نالي سندس يادگار آهي. ملا عبدالرشيد: اصل لاهري بندر جو رهاڪو، پنهنجي وقت اندر فقہ ۾ مشهور ۽ شاعريءَ ۾ ناليرو هو. مرزا غازي سندس صحبت ۽ شعر پسند ڪري، کيس ڏاڍي خرچ جي مدد ڏيئي، پنهنجي اصلوڪي وطن کان گهرائي، ”خاني“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو هو. عبدالقيوم: لطيفه گو، خوش طبع ۽ صاف مزاج شاعر، جهانگير جو معاصر ۽ مير معموري مظفر خان جو هڪ همراهه هو. ”شهر آشوب“ خوش طبعيءَ سان ڀريل، سندس يادگار آهي. دانشور: تخلص ”شهرتي“، ٺٽي جو هڪ وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ جو همعصر آهي. پوري شاعراڻي وضع رکندو هو. عالمگير جي زماني جي پهرئين حاڪم قباد خان جي ڏينهن تائين زندهه رهيو. مشهور ديوان جو مالڪ آهي. ملا محب علي: فاضل ڪامل، وڏي ۾ وڏو شاعر هو. صرف جي علم(1) ۾ عام ماڻهن جو مٿس اعتماد هوندو هو. جهانگير ۽ شاهجهان جي درٻار ۾ ڏاڍي اعتبار ۽ امتياز سان گذاريائين. ملا محمد صوفي: مرزا غازي ”وقاري“ جي وقت جو وڏو شاعر هو. گهڻو ڪري ساڻس مشاعرا ڪندو رهندو هو، ۽ سندس هڪ وڏي ۾ وڏيءَ عزت وارو نديم هو. غيوري عرف شڪر: ديوان جو صاحب آهي. مير لطف الله شيرازي انجوي ]242[ جي والد مير بزرگ جي وفات تي هڪ عمدو تاريخ جو قطعو ٺاهيو هئائين، جنهن ۾ تاريخ جو مادو هن طرح هو: ”سروش گفت نمانده بشهر تته بزرگ“ - (چيو ملڪ ته ٺٽي ۾ رهيو نه مير بزرگ). ميان عبد الله جو پٽ، اصل مغل قبيلي جو فرد، مير محمد حسين جو همعصر ۽ ضرب خاني ۾ سڪي ٽڪڻ جي ڪم تي مقرر هو. سخن جي روڪڙ تي خوب سڪو هڻندو هو - (ناليرو شاعر هو). حضرت پير عليه الرحمت جي خلافت جي اجازت هيس. سندس ديوان متداول آهي. مشهور مهرون چٽيندڙ (مهرڪن) محمد فياض سندس ڏوهٽو آهي. شهرتي: پنهنجي وقت جو مشهور ترين شاعر آهي، کيس اولاد ڪانه آهي. محمد فاضل: مٿئين شيخ علي محمد خوشنويس جو پٽ، برجستو شاعر هو. حيرتي: هڪ ناليرو شاعر ۽ شهرتي جو همعصر هو. ملا سلامي ۽ ملا عبدالحڪيم: ٻئي ڀائر پنهنجي وقت جا مشهور معروف خوشطبع شاعر هئا. ملا سلاميءَ جون عجيب ۽ کل جهڙيون ڳالهيون عام ماڻهن جي زبان ۾ مشهور آهن. هو ٻئي خواجه عطاءَ الله، قاضي محمد حسن ۽ شيخ ميرڪ عبدالوهاب جا همعصر آهن. ملا عبدالحڪيم: تخلق”عطا“، سهڻن اخلاقن جو جامع ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڪامل هو. پورا ٽيهه سال رات جو عبادت ۽ ڏينهن جو روزي سان رهي، عشا (سومهڻي) جي نماز کان وٺي صبح تائين هڪڙي ئي وضوءَ سان نبي ڪريم جي نعت ۽ حضرت مرتضي علي ۽ امامن سڳورن جي منقبت لکڻ ۾ مشغول هوندو هو. اهڙيءَ طرح لک بيت پورا ڪيائين. ازان سواءِ ٻه ٽي ديوان ۽ ٻه ٽي مثنويون اٿس. سندس ڪلام متقدمن جي طرز تي سليس ۽ فصيح آهي. طبعيءَ عمر کي پهتو. سائو لباس پهريندو هو. عام توڙي خاص ماڻهو سندس معتقد هوندا هئا. شاعري سندس اولاد ۾ رهندي آئي. محمد ضيا: مٿئين ملا عبدالحڪيم ”عطا“ جو ڀائٽيو شاعريءَ ۾ کانئس برتر ۽ علم جي نالي نيڪيءَ ۾ پڻ وڌيڪ پيدا ٿيو. سمجهه سان ٿيندي ئي جهان آباد جو سفر ڪري وڃي مرزا بيدل کي ڏٺائين. هن کيس ”قيامت“ تخلص ڏنو. ٿوري وقت کان پوءِ نواب مهابت خان ڪاظم سان گڏ، ڏاڍيءَ عزت سان ٺٽي وريو. مٿيون نواب کيس خاص نديم (مجلسي) رکندو هو ۽ سندس رهائش لاءِ خورشيد باغ ۾ مشهور حويلي ٺهرايائين: هو رنگين ديوان جو مالڪ آهي. مسڪين: ساڳئي ملا عبدالحڪيم جو پٽ، ضياءَ کان پوءِ هن جي تڪيه ۾ سندس قائم مقام ٿي ويٺو. شعر ۾ پيءُ ۽ محمد ضياء جي تقليد ڪندو هو ۽ توڪل تي وقت گذاريندو هو. سندس اولاد موجود آهي. محمد مير: عرف ميان هاشو ولد ميان داؤد، عربيءَ جي تحصيل چڱيءَ طرح ڪيائين. ميان محمد ضياء سان خيالي شعرن ۾ همخيال هوندو هو. احتساب جي عهدي جي اميد تي نواب اعظم خان سان جهان آباد وڃي رهيو هو ته بکر پهچي حياتيءَ جو حساب اجل جي تقاضا ڪندڙ کي ڏنائين. خادم: ملا يار محمد نالي هڪ پنهنجي وقت جو مشهور ۽ بلاغت جو صاحب شاعر هو. محمد رضا: تخلص هاشمي، هڪ ظريف الطبع شاعر عالمگيري دور ۾ مشهور آهي. شوقي: نالو محمد حسين ولد ملا عبدالرؤف هڪ لياقت وارو عالم هو. حياتيءَ جو وڏو عرصو جهان آباد ۾ گذاري، ڪجهه عرصي لاءِ ٺٽي جي صدارت ۽ احتساب جو عهدو هٿ ڪيائين. مٿيون شيخ عبدالباسط سندس نائب هوندو هو. محمد هاشم رضوي نصرپوريءَ جو مريد ۽ مير شاهه شڪر الاهي جو يار هو. شيخ بهائي جي ”نان حلويٰ“ جي تتبع تي ڪي مختصر مثنوي ”نغمات شوقي“ جي نالي سان نظم ڪيائين، جا تصوف جي مذاق ۽ سلوڪ جي چاشنيءَ تي مشتمل آهي. انهيءَ ۾ ٻنهي بزرگوارن جي دوستيءَ ۽ مريديءَ جو حق ادا ڪيو اٿس. ٻي مثنوي ”ناز و نياز“، جي ڪجهه ٻيون مثنيون، غزليات ۽ هر قسم جو شعر سندس يادگار آهي. نثر ۾ پڻ خاص سليقو رکندو هو. شيخ عبدالشڪور ]243[: اعليٰ درجي جي شخصيت جو مالڪ ۽ شعر جي سليقي ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ وقت في البديهه هي الفاظ تاريخ ۾ چئي ڏنائين جيڪي قبر ۾ داخل ڪرڻ وقت پڙهندا آهن. ”بسم الله وعلي ملة رسول الله“ (توکي الله جي نالي سان قبر ۾ رکون ٿا ۽ رسول الله جي طريقي تي خدا جي حوالي ڪريون ٿا.) عيشي: نالو عاقبت محمود خان، اصل راجا زاده هڪ عزت وارو ڪامورو ۽ پنهنجي وقت جو ناميارو آهي. سندس ديوان مروج آهي ۽ هڪ عجيب انشاء پڻ يادگار ڇڏيو اٿس. آخوند محمد شفيع: پنهنجي وقت جو مشهور فارسي خوان ۽ استاد مير عبدالقدوس شيرازيءَ جو يار آهي. هن بزرگ جي پيريءَ ۾ زيارت ڪئي ويئي ۽ قصائد عرفي ۽ سيفي عروض جو ڪجهه حصو سندس خدمت مان ٻڌو ويو. اعليٰ طبع جو مالڪ هو. تاريخ ڳولڻ ۾ ته معجزو ڪري ڏيکاريندو هو. ٺٽي جا اڪثر حاڪم ۽ عزت وارا ماڻهو سندس تعظيم ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪندا هئا. مير محمود: اصل آستراباد جي رضوي سيدن مان آهي. نواب سيف الله خان جي ڏينهن ۾ سن 1140 هجري ۾ عالي مرتبه درگاهن جي زيارت تان موٽي اچي ٺٽي ۾ رهيو ۽ شادي ڪري ٻار ڄڻيائين. بزرگيءَ جي زيور سان چڱيءَ طرح سينگاريل هو. ”صابر“ تخلص هو. امامن جي مناقب ۽ مرتبن ۾ دفتر نظم ڪندو هو. حال کان خالي نه هو. ٻه ٽي مهينا ٿيا آهن جو گذاري ويو. ]محمد محسن ۽ غلام علي مداح[: نور محمد بن ابراهيم بن يعقوب، جو پٽ - سندس وڏا پٽ وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. هيءُ علم ۽ عقل جو صاحب بڻجي، رنگين طبع ٿي پيو. سمجهه وارو ٿيڻ سان مير لطف علي خان جي خدمت ۾ تربيت پرائي، شاعريءَ جو مذاق هٿ ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪن ڪمال جي صاحبن جي صحبت حاصل ڪري، وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. ٺٽي ۾ سخن جي لطافت ۽ ڪلام جي ملاحت (سلوڻائي) ۾ هن پايي جو شاعر پيدا ڪونه ٿيو. اهل بيت جي مناقب ۾ ”عقد دوزاده گوهر“، حضرت صاحب الزمان (امام مهدي) جي ولادت جي بيان ۾ ”طراز دانش“، اعلام ماتم عرف حملئه حسيني، شعر ۽ قصيدن جو ديوان، وغيره سندس نظم ڪيل آهن ۽ هر هڪ ۾ شعر جو حق ادا ڪيو اٿس. سندس پٽ ميان غلام علي تخلص ”مداح“ هن وقت پيءُ جي شاعريءَ کان سواءِ عربيءَ جي تحصيل ۾ پڻ ڪافي بهرو ورتو آهي. هو صاف ذهن جو مالڪ ۽ مڪمل طبع جو صاحب آهي. محمد پناهه: تخلص رجا، شعر ۾ جناب مير حيدر الدين ابوتراب تخلص ”ڪامل“ جو شاگرد، طبع جي لطف ۽ فڪر جي جدت جي بدولت شعر ۾ سهڻا ]نڪتا[ ڳولي ڪڍندڙ ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ عجيب فڪر جو ڌڻي، نمڪين (مزيدار) ماڻهو ۽ مجلس جو مور آهي. فقيرن ۽ الله وارن سان معتقدانه روش رکي ٿو. هاڻي ٺٽي جي اندر شاعرن ۾ غنيمت آهي. واثق: نالو آقا محمد صالح، اصل تبريزي، سورت بندر ۾ ڄائو ۽ ٺٽي ۾ وڏو ٿي مکيه ماڻهن جي قطار ۾ زندگي گذاريائين. آقا محمد ڪريم اصفهانيءَ جي وفات کان پوءِ، نادري دور ۾ رعيت جو وڪيل هو. انهيءَ کان پوءِ ساري عمر ممتاز حيثيت ۾ گذاريائين. برجستي خيال وارو شاعر، مصور، طراح (مصرع طرح پيش ڪندڙ) ۽ بينظير خوشنويس ٿي گذريو آهي. اميري، سهڻي مجلس ۽ بزرگيءَ جي لائق گفتگو جي سهڻي طرز ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سن 1179 هجري ۾ وفات ڪيائين. فائز: شيخ عبدالسجان ولد شيخ مرتضيٰ تخلص ”فائز“ آهي. شيخ مرتضيٰ ۽ سندس ڀاءُ شيخ شجاع بادشاهي ڪامورا هئا ۽ عهدن تي سرفراز رهي ]244[ وقت گذاريائون. پاڻ ظريف ۽ لطيفه گو شاعر پيدا ٿيو. ايهام ۽ حاضر جوابيءَ ۾ مشهور آهي. اهل بيت جي ڏاڍي محبت رکندو هو. گهڻو ڪري مناقب ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. ميان نور محمد جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ حاسدن جي جماعت اهل بيت جي محبت ۾ غلو جي ڪري سندس بي عزتي ڪئي، پر هن انهي کي عين سعادت سمجهيو. سندس مولود ڏاڍا مقبول ۽ ننڍي وڏي جي زبان تي جاري آهن. فقير (مير قانع) سندس وفات تي تاريخ جو قطعه چيو آهي جنهن مان ع فائز رحمت سبحان شد گفت (چيائين رب جي مٿس رحمت نصيب) آهي. سندس ڀاءُ محمد رفيق پڻ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ وانگيان سخن جو فڪر ڪندو آهي. ماڻهو سنئون سڌو ۽ سليقه مند آهي. آخوند فيض الله: تخلص ”طپش“ هڪ عجيب برڪت ڀريو ملا هو. خيالي شعرن جي حل ڪرڻ ۾ وڏي دسترس هيس. سندس نثر جي خاص طرز آهي ۽ نظم پڻ مذاق کان خالي نه آهي. اسد الله: تخلص ”تابع“ ٺٽي جو هڪ مخدوم، محمد منعم، جو ”ترائي“ جي لقب سان مشهور آهي، جو فرزند ۽ محمد محسن جو شاگرد آهي. چڱيءَ طبع جو مالڪ آهي. ڪيتري عرصي کان سورت بندر ڏانهن ٿو گذاري. غلام محمد: آخوند محمد احسن جو فرزند، فارسيءَ جي درس ڏيڻ ۾ وقت جو تبرڪ ۽ هن زماني جي سڀني شاگردن جو استاد آهي. هو هڪ صاف طبع، نوجوان ۽ ملائيءَ ۾ نهايت فائق آهي. ڪڏهن تاريخ لهڻ ۽ قطعه لکڻ ۾ به برجستو فڪر ڪندو آهي. مؤمن: نالو مرزا غلام علي، الله وردي بيگ گاذرونيءَ جو پوٽو، هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو نوجوان ۽ تازو شاعر آهي. مٿئين شيخ قمر الدين جي خدمت ۾ بادشاهي لشڪر ۾ رهندو هو. هاڻي سنڌ جي واليءَ جي حاضريءَ جو نوڪر آهي. **** (1) ”لا الـــٰـہ الا الله“ ڏاڍيان چوڻ کي جهري ذڪر چوندا آهن. (1) نسخه ”ن“ : عيد الضحيٰ (1) خواجه محمد معصوم سرهنديءَ کي حـضرت ايشان ثاني جي لقب سان سڏيندا هئا. مخدوم آدم پڻ خواجه محمد معصوم جو مريد هو. جيئن اڳتي ميان ڪبير محمد نقشبنديءَ جي ذڪر ۾ ايندو. (1) هتي اصل متن ۾ “ علم تصريف ” آهي، جنهن جي معنيٰ آهي صرف جو علم، جا اسان ترجمي ۾ لکي آهي. پر انهيءَ جي معنيٰ ناڻي جي مٽا سٽا يا صرافيءَ جو علم به ٿي سگهي ٿي. والله اعلم. ]باب پنجويهون [ ٺٽي شهر جي الله وارن ۽ آسپاس جي اوليائن ۽ سالڪن مجذوبن جو طبقو (ٺٽي شهر جي) مشهور معروف الله وارن جو طبقو هن ۾ ٽي باب آهن. پهريون باب انهن ڪن مکيه الله وارن جو بيان، جيڪي خود شهر ۾ ۽ انهيءَ جي آسپاس آرامي آهن. سيد ڪمال شيرازي، سيد ملوڪ مازندراني ۽ شيخ يعقوب جي ٽن يارن مان هڪڙو يار درس امين، جيڪي هن کان اڳ مناسب جاين تي بيان ٿيل آهن، اگرچه خود ٺٽي ۽ آس پاس جي بزرگن ۾ داخل آهن. پر خواه مخواه ڳالهه کي دهرائڻ مان فائدو نه ڏسي، اڳئين بيان تي اڪتفا ڪئي ويئي. سيد شاهه منبه: غوث الثقلين (پيران پير) جي اولاد مان آهي. هي سڳورو، سيد ڪمال شيرازي، جنهن جو بيان ٿي آيو - ۽ سيد شاهه عبدالله حسين - جو اڳتي بيان ٿيندو - شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ سيد شڪر الله شيرازيءَ سان گڏجي ٺٽي آيا هئا. چئني بزرگن جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي. انهن مان هن سڳوري جي قاضي سيد شڪر الله سان ڏاڍي سنگت هوندي هئي. پاڙي جي ويجهڙائيءَ ڪري، جتي هينئر آرامي آهي، اتي هڪ مريد جي گهر ۾ اچي رهيو ۽ پرهيزگار ۽ ڇڙو ڇڙمل رهي گذاري ويو. سندس ڪرامتون ظاهر ۽ سندس مناقبن جون نشانيون مشهور آهن. هن جي زيارت عالم خلق الله جي حاجت روائي ڪندڙ آهي. هن جي پيرانديءَ ۾ ماءُ ۽ پٽ جون ٻه قبرون آهن. جيڪي سندس خادم هئا. جن جي گهر هيءُ بزرگ رهندو هو. پير بدر: هڪ وڏو ولي ارغونن جي ڪاهه وقت شهيد ٿيل ۽ جتن جي پاڙي ۾ رهندڙ مشهور معروف آهي. هن بزرگ جي بلند مرتبي متعلق عجيب داستان ٻڌا ويا آهن. اڄ تائين سندس زيارت ڪرامت کان خالي نه آهي. پير عباس: درويش آجر جي وقت جو هڪ بزرگ آهي جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو. سندس حالات عجيب ۽ ڪرامتون بي نظير آهن. پير شاهي: ملڪ امان جي چوڪ جي سامهون، ]245[ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، اتي ئي گهر هوندو هوس، مرزا عيسيٰ جي ڏينهن ۾ فرنگين جي لشڪر جي حملي ۾ شهيد ٿيو. شاهه مسڪين: هڪ ڪامل فقير ۽ ڪن جي چوڻ موجب هڪ عالي نسب سيد - جتي دفن ٿيل آهي اتي ئي تڪيو هوندو هو. فرنگين جي فساد ۾ شريڪ ٿي، خود ٺٽي شهر جي ڪمال جي صاحبن ۾ آرامي آهي. ۽ بزرگيءَ جي برتري ۽ ڪمالات جي فوقيت ۾ مشهور آهي. ميان ابوالقاسم نقشبندي چوندو هو ته ٺٽي ۾ هن جهڙو ڪامل بزرگ ٻيو ڪو دفن ٿيل ڪونه آهي. بيشڪ سندس زيارت سان هر قسم جون مرادون پوريون ٿين ٿيون. سيد محمود: سرهين جي محلي ۾ هڪ وڏو مشائخ ۽ عمدو ولي آهي. چون ٿا ته پهرين سندس قبر ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي، هڪ ماڻهوءَ گهر ٺاهڻ جو ارادو ڪيو، زمين کوٽيائون ته زمين ۾ اندر هڪ سالم جسم دفن ٿيل ڏسڻ ۾ آين، انهيءَ ئي رات خواب ۾ معلوم ٿين ته اهو بزرگ سيد محمود نالي هڪ اهل الله آهي. انهيءَ وقت کان وٺي خلق الله جو زيارت گاهه آهي. سيد محمود: هڪ وڏو ولي هو. اناج بازار جي اوڀر ۾ سندس مزار زيارت گاهه آهي. هيءُ مٿئين سيد محمود کان ٻيو آهي، قاضين جو محلو هن سڳوري جو خاص مريد آهي. پير لاکهو: اصل قوم جو ڪنڀر وڏو صاحب حال جو بزرگ ٻجهي ٿو. ماڻهو سندس زيارت نهايت تبرڪ جي خاطر بجا آڻيندا آهن. محمد مڪائي نيرن ڪوٽي: اناج بازار ۾ آرامي آهي. وقت جو هڪ وڏو بزرگ ٻجهي ٿو. ڪن جو عقيدو آهي ته هتي انهيءَ ساڳئي شيخ مڪائيءَ جو ظهورو آهي، جنهن جي درگاهه نيرون ڪوٽ ۾ مشهور آهي. بهرحال سندس زيارت حاجتمندن جي حاجتن پوري ٿيڻ لاءِ هڪ عجيب وسيلو آهي. پير لڌو: ويجهي زماني جو هڪ ولي آهي. هو گدا بازار جو هڪ دڪاندار هو ۽ ڪپاهه وڪڻندو هو. دڪان تي هميشه پنهنجي اڳيان مٽيءَ جا ٽڪرا رکندو هو ۽ جيڪو به مريض اها مٽي کائيندو هو ته شفاياب ٿيندو هو. انهيءَ وقت جا الله وارا سندس صحبت مان مرادون پائيندا هئا - تازو گذريو آهي - هن کان ڪي سال اڳ سندس صحبتين مان ڪي ماڻهو ڏسبا هئا. قصو ڪوتاهه، جڏهن وفات ڪيائين تڏهن وصيت موجب کيس سندس دڪان ۾ دفن ڪيائون. تقديراً انهيءَ سال مينهن وسڻ بند ٿي ويو. بدفال ماڻهو حاڪم کي چوڻ لڳا ته انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن بزرگ جو شهر جي اندر دفن ٿيڻ ئي برسات جي بند ٿيڻ جو سبب آهي. انهيءَ تي حڪم ٿيو، ته سندس لاشي کي اتان ٽڪريءَ ڏانهن کنيو وڃي. اتفاقاً جنهن صبح جو مزور قبر ڊاهڻ لاءِ تيار ٿيا، انهيءَ جي رات تي اهڙو سٺو مينهن وسيو جو بدفال ماڻهن جي زبان بند ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ انهيءَ بزرگ سان ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي. هاڻي سندس زيارت سوالين جي حاجت روائيءَ جو سبب آهي. سيد ابراهيم: تحقيق موجب مخدوم راجو قتال جو پوٽو آهي. چون ٿا ته سندس پيءُ وٽ وڏن جي ورثي ۾ هڪ ڪاٺ جو پيالو هوندو هو، جو جڏهن طعام يا پاڻيءَ سان ڀريندا هئا تڏهن انهيءَ مان هزارين ماڻهو ڍاپندا هئا. ]سندس والد[ جي گذري وڃڻ کان پوءِ، خادم ساڳيو پيالو هن وٽ کڻي آيا. هن اهو وٺي ڀڃي ڇڏيو. چيائونس: تو هي ڇا ڪيو، وڏن جي نشاني هو. وراڻيائين: اسان ۽ توهان کي هن مان رڳي مشهوريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا حاصل ٿيندو. پوءِ اتان سفر ڪري ٺٽي ۾ گذاري ويو. سندس قبر ڪشمشين جي محلي ۾ الهندي طرف مشهور آهي. ڪيئي بزرگ هن جي زيارت مان فيضياب ٿيا هئا. شاهه ڪرڪنج: هڪ مستانو فقير،، مغلواڙي جي اترئين ٻيلي جي ڪناري تي، جتي سندس مزار آهي، اتي فقيراڻو تڪيو هوندو هوس. سيد احمد شيرازي ڏاڍي ارادي سان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو. هن کيس وقت جي قطب سيد محمد مراد جي پيدا ٿيڻ جي خبر ڏني هئي ۽ پاڻ کي انهيءَ ٻار جو مريد ظاهر ڪيو هو. معتبرن کان ٻڌل آهي ته سيد احمد جڏهن سندس خدمت ۾ ايندو هو تڏهن هيءُ ڏاڌي نياز سان سندس تواضع بجا آڻيندو هو. جنهن وقت سيد مراد جو نطفو هن کان ماءُ جي پيٽ ڏانهن منتقل ٿي ويو ]246[ تنهن کان پوءِ هيءُ پنهنجي جاءِ تان چرندو به ڪين هو، ۽ چوندو هو ته منهنجو تواضع انهيءَ وقت جي قطب سان هو جيڪو هاڻ تنهنجي پٺيءَ مان نڪري ويو آهي. پوين ڏينهن ۾ سير ڪندي شهيد ٿي ويو ۽ پنهنجو سر کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي ڪريو جتي دفن ٿيل آهي. جنهن تي کيس دفن ڪيائون - سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ پوئين رات جو هڪ شينهن اچي پڇ سان سندس آستاني کي ٻهاري ڏيندو هو. اتي جا رهندڙ خواه زيارتي اها حالت ڪيڏي عرصي تائين ڏسندا رهيا. شاهه شمس: هڪ حق سان واصل ۽ ڪامل مطلق بيپرواهه ۽ قلندرانه زندگي گذاريندڙ هو. خدائي محبت جي جوش جي غلبي کان هڪ جاءِ آرام ڪونه هوندو هوس. جذبي جي وقت کانئس عجيب ڪرامتون صادر ٿينديون هيون ۽ ناياب مڪاشفن جا راز کلندا هئا. شاهه ڪرڪنج جو صحبتي ۽ همعصر هو. نقل آهي ته هو (شاهه ڪرڪنج) چوندو هو ته هيءُ شمس، شمس تبريزيءَ کان هڪ قدم مٿي آهي. سندس مزار شاهه ڪرڪنج عليه الرحمة جي پاڙي ۾ آهي. پير ڇٽو: ميان لال ڇٽو، شاهه وجيہ الدين، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، جو پٽ ۽ شاهه جميل جو مريد آهي. جيئن بيان ٿيندو، پاڻ کي جيئري درياهه ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين - هڪ مشهور جهونو بزرگ آهي. سندس مزار ٺٽي جي اُڀرندي طرف ناليري آهي. هن بزرگ جو ظهور ڪيترن ئي شهرن ۾ بلڪ خود ٺٽي ۾ پڻ ٻن ٽن جاين تي آهي. انهن مان هڪڙي ٺٽي جي الهندي طرف تندسر جي ڪناري تي آهي. ڪن جي چوڻ موجب هيءُ (تندسر جي ڪناري وارو) بزرگ ساڳئي نالي سان ٻيو بزرگ آهي. انهيءَ ڪري اتي علحده ميلو لڳندو آهي. پير البو: اصلي نالو مارک اٿس، ڄام نظام الدين جو ناٺي هو. ظاهراً انهيءَ بتخاني جي ڀڃڻ کان روڪڻ لاءِ آيو هو. جنهن جي جاءِ تي مسجد صفه اڏائي ويئي آهي. هن سيد مراد شيرازيءَ جو مريد ٿي، دنيا کي پوريءَ طرح ترڪ ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن مٿئين سيد جتي هو هن وقت دفن ٿيل آهي، انهيءَ جاءِ تي بيٺل کٻڙ جي پاڙ جو ڏندڻ آڻڻ جو حڪم ڏنس، هن اتي پهچي جتي به زمين ٿي کوٽي، اتي وڏو خزانو ڏسڻ ۾ ٿي آيس، جڏهن ٻن ٽن جاين تي کوٽڻ سان خزاني کان سواءِ ڪجهه به نظر نه آيس، تڏهن پير جي خدمت ۾ موٽي اچي احوال عرض رکيائين. هن (پير) فرمايس ته جيڪي ڏٺئي ٿي سو ڇو نه کڻي آئين؟ عرض ڪيائين ته جڏهن انهيءَ کي ڇڏي ڏنو اٿم تڏهن منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو ڪم؟ انهيءَ تي کيس البو يعني بي طمع جو خطاب ڏنائون. قصو ڪوتاهه، پير جي فيض ۽ پنهنجي سچي طلب جي برڪت سان وڏي درجي کي رسيو. هو پير جي حياتي ۾ گذاري ويو ۽ الله وارن جي زيارت گاهه بڻيو، سيد مراد رحمة الله عليه سندس زيارت تي گهڻو ويندو هو. پير بابو: اصل نالو ڪو ٻيو هوندو هوس. فقيرن جي صورت ۾ انهيءَ جاءِ تي تڪيه ۾ گذا ريندو هو، جتي دفن ٿيل آهي. ڪي چون ٿا ته بخاري سيدن مان آهي ۽ ڪي کيس متعلوي (مٽياري) سيدن ڏانهن منسوب سمجهن ٿا. ]بهرحال[ ناليرو ۽ ڪمال جو صاحب هو. هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته سيد مراد شيرازي پير البي جي زيارت تي وڃي ٿو، ۽ هن رستي کان موٽندو، هو اڳ جهلي بيهي رهيو. اتفاقاً سيد انهيءَ رستي کان ڪين موٽيو - هو پورو هفتو بيٺو رهيو. سيد جڏهن وري پير البي جي زيارت ڪري اچي سندس رستي کان لنگهيو ۽ ٻڌايائين ته هو ستن ڏينهن کان سندس ديدار جي اميد رکيو بيٺو آهي، تڏهن مٿس توجهه جي نظر ڪري سندس ڪم تڪميل کي پهچائي فرمايائين: ته بيشڪ تون سچو بابو آهين يعني بابو جهڙو آهين جو ]هڪ هندو فقير[ مشهور رياضت ڪندڙ آهي. قصو ڪوتاهه سيد کيس مقصد پوري ڪرڻ لاءِ ٿوري سير و سياحت جي هدايت فرمائي. هو بظاهر ڪڪراله جي سرزمين ۾ سير ڪري رهيو هو ته ڪهيري قوم جي هڪ جماعت کيس شهيد ڪري ڇڏيو. اتان پنهنجو سر هٿ ۾ کڻي پنهنجي آرام گاهه ڏانهن ڊوڙي آيو ۽ اتي پهچڻ تي شهر جي ڪنهن ماڻهوءَ ڏسي وڃي ٻين کي ٻڌايو جنهن تي اچي کيس دفن ڪيائون. سندس درگاهه زيارتين جو مقصد ۽ عاشقن جو مطلب آهي. پيردادن: هڪ وڏي ۾ وڏو پير ۽ ڪامل اوليا آهي. هڪ مٿي اگهاڙو، وارن کنڊريل ۽ تڪيه وارو فقير هو. ڪي چون ٿا ته سيد محمد يوسف رضويءَ جو همعصر آهي ۽ ڪي چون ٿا ته انهيءَ کان اڳي ٿي گذريو آهي. بهرحال مٿئين سيد جو پنهنجي اولاد کي حڪم آهي: ته جيڪڏهن ڪنهن مشڪل وقت مون تائين پهچي نه سگهو ته هن کان دعا جي مدد گهرجو. بيشڪ سندس درگاهه سوالين جا مقصد پورا ڪندڙ آهي. سيد ابراهيم: هڪ وڏي ۾ وڏو بزرگ ]بلڪ[ پيرن جو پير، ظاهراً بخاري، تندسر جي اورئين ڪناري تي عام خلق جي زيارت گاهه ۽ وڏي طاقت جو صاحب ۽ زيارتين لاءِ بيمثل آهي. حاجي شيخ بهاؤ الدين: شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان سمن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ]247[ حج تان موٽندي، ٺٽي پهچي، گذاري ويو. ظاهري فضيلت ۾ ڪمال جو درجو رکندو هو ۽ عمدن مشائخن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪي چون ٿا ته هو سيد علي شيرازيءَ جي مريدن مان آهي. فضيلت ۽ شريعت جا صاحب سندس زيارت کي ڏاڍو پسند ڪندا آهن ۽ مرادون ماڻيندا آهن. پير لونگ: هو هڪ مشائخ ۽ ڪامل ولي، اڀرندي طرف هڪ ڪوهه پنڌ تي ببه لائي جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. انهيءَ جاءِ تي سندس مزار مريدن جون مرادون پوريون ڪندڙ ۽ سوالين جا مشڪل حل ڪندڙ آهي. ڪي ماڻهو کيس شيخ جميل جو پٽ شمار ڪن ٿا ۽ انهيءَ شيخ جا سجاده نشين پنهنجو نسب انهيءَ سان ملائين ٿا، پر معلوم ٿو ٿئي ته هو شاهه جميل جو پٽيلو آهي. جيئن مذڪور ٿيندو. سندس قبر به اتي آهي ۽ هتي سندس ظهوري جي جاءِ آهي. درويش آچر: هڪ ڪمال جو صاحب بزرگ ببه لائي جي ويجهو، مشائخانه ڪمالات جو صاحب ٿي گذريو آهي ۽ زيارتين جو مقصد آهي. مخفي نه رهي ته ٺٽي جي آباد سرزمين ۽ ان جي آسپاس ۾ رڳو ايترا الله وارا آباد ناهن جو هزار تي هڪڙي جو به بيان ڪري سگهجي. قصو ڪوتاهه، شهر جي وچ جون اڪثر قبرون شهيدن جا دفن گاهه آهن. جيئن جامع فرخ جي ٻاهران جيڪو شهيدن جو گنج آهي، تنهن ۾ تيرهن سون کا زياده ماڻهو آهن، جي سڀيئي نيڪ غير الله کان بيزار ۽ فرنگين جي هٿان الله سان واصل ٿيل آهن. اميربيگ جي بازار وارو شهيدن جو گنج پڻ اٽڪل ڪجهه سون ماڻهن تي مشتمل آهي. اتي جا خدا وارا پڻ گهڻو ڪري، ساڳئي فساد ۾ شهادت کي رسيا آهن. اهڙيءَ طرح شهر ۽ آسپاس جون ٻيون قبرون سڀ الله وارن جون آهن - مگر راقم الحروف، انهن سڀني جي احوال جي تحقيق نه هجڻ ڪري، بزرگن جي نالن مان هن قدر تي اڪتفا ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن پياري کي وڌيڪ توفيق ٿئي ته هن ڪتاب ۾ داخل ڪري عند ذڪر الصالحين تنزل الرحمت (صالحن جي ذڪر وقت رحمت نازل ٿئي ٿي) جهڙو ثواب حاصل ڪري ۽ مؤلف کي ممنون فرمائي. مڪليءَ تي آراميل اولياءَ الله مان ڪن ٿورن جي بيان ۾ اگرچه ساموئيءَ جي بيان جي ابتدا کان وٺي مڪليءَ ٽڪريءَ ۽ ٺٽي متعلق پهريان بيان سمورا انهيءَ شاندار ٽڪريءَ ڏانهن منسوب بزرگن جا آهن. پر هتي حال جي صاحبن جي مرجع ۽ ڪمال وارن جا ڪجهه نالا تبرڪاً ذڪر ڪجن ٿا. تمام ظاهر آهي ته هن رحمت جي سرچشمي ٽڪريءَ ۽ ان جي آسپاس ۾ آرامي بزرگ قلم جي نوڪ ۽ زبان جي اشارن سان ڪڏهن به چڱيءَ طرح بيان ڪونه ٿي سگهندا. تنهن هوندي به بقول ”مالا يدرڪ کلہ لا يترڪ کـُـلہ“ (جا ڳالهه سڄي پروڙي نه سگهجي ته سڄي ڇڏي به نه ڏجي) جيترو تحقيق ٿي سگهيو آهي، ان تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن سڳوري کي زياده تحقيق جي سعادت نصيب ٿئي ته هن کي هن ثواب ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. شيخ نعمت الله: شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هڪ وڏو بزرگ آهي. سندس وجود مسعود نهايت ڪمال ۽ وڏين ڪرامتن جي برڪت سان خدا جي خالص نعمت هو. سمن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ گذاري ويو. سندس درگاهه اتر طرف سندس فرزند رشيد شيخ جي جي درگاهه جي پويان، اهل الله جي زيارت گاهه آهي. شيخ جيو: شيخ نعمت الله جو فرزند وڏو ولي ۽ عارف ڪامل آهي. ڪرامت جي گهڻن شعاعن ۽ هدات جي ڏاڍي نور جي سببان سندس خطاب ”مڪليءَ جو ڏيو“ آهي. سڀڪنهن ماهه پهرين سومر جي رات سندس درگاهه تي وڏو اجتماع ٿيندو آهي ۽ هر سال مٿئين تاريخ تي عجيب ميلو لڳندو رهي ٿو. شهر ۽ ٻهراڙيءَ جا خادم رات اتي عبادت ۾ گذاريندا آهن ۽ فقير وجد ۽ سماع ڪندا آهن جنهن ڪري عجيب حالت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. نهايت نورانيت ۾ هيءَ درگاهه سڄيءَ مڪليءَ ٽڪريءَ تي ممتاز آهي. زيارتي سندس دعا جي مدد سان هر قسم جون مرادون لهندا آهن. ميان لال: هڪ وڏو بزرگ ڪمال جو صاحب شيخ جي اوڀر ۾ دفن ٿيل آهي. چون ٿا ته مخدوم عثمان عرف لعل شهباز مرونديءَ جو ڀاءُ يا سوٽ آهي ]248[ ]ذوق[ جا صاحب سندس زيارت ڏاڍي نياز سان ڪندا آهن. شيخ مغل چاچڪ: وڏو ولي، اهل دل ۽ ڪرامت ۽ ڪشف ۾ ڪامل هو. چون ٿا ته مرزا شاهه حسن ارغون نصرپور جي هڪڙي رئيس کي قيد ڪيو هو. سندس عزيز پهريائين شيخ مغل جا مريد هئا. هن وقت انهيءَ کي وساري وڃي شيخ ڀرڪيي وٽ ملتجي ٿيا. هن کين سوا ڳئون آڻڻ جو تاڪيد ڪيو. هو پنهنجي ڳوٺ مان ڳئون ڪاهيون ٿي ويا ته شيخ مغل درياءَ جي ڪناري تي، جتي هر روز غسل ڪرڻ لاءِ ويندو هو، کين ڏٺو ۽ احوال ٻڌو. اگرچه ظاهر نه ڪيائين پر دل ۾ غيرت آيس. هو ماڻهو جڏهن شيخ ڀرڪيي وٽ آيا تڏهن هن چيو ته مون جيڪو طلسم تيار ڪيو هو سو شيخ مغل توهان سان رستي ۾ ملاقات ڪري ٽوڙي ڇڏيو. هيئنر انهيءَ قيديءَ لاءِ موت کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. آخر ائين ئي ٿيو. شيخ جي مزار مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اهل الله جي زيارت گاهه آهي. شيخ طلحہ: شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو اولاد ۽ ڪامل ولي آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن سيد مراد شيرازيءَ جي زيارت لاءِ ويو ۽ پڇيائينس ته ”پيري ڇاکي چوڻ گهرجي؟” اتفاقاً پريان هڪ ٻلو مئو پيو هو جو ڳري سڙي ويو هو. سيد مراد ]انهيءَ ڏانهن[ اشارو ڪري چيو ته ”اٿ“ ۽ هڪدم اٿي کڙو ٿيو. پوءِ چيائينس ته پيري ”اجها هيءَ آهي“. انهيءَ کان پوءِ شيخ کان پڇيائين ته ”شيخي ڪهڙي شيءِ آهي؟“ هڪدم سندس (شيخ طلحه) حڪم سان دڪان تان هڪ ڪافر کي وٺي آيا جنهن کي ممبر تي وهڻ جو حڪم ڏنائين ۽ هو ديني واعظ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ]شاهه کي[ چيائين ته ”شيخي هن کي چئبو آهي“. هيءُ قصو سيد عبدالڪريم جي زبان مان سندس رسالي ۾ ڏٺو ويو آهي. ”تذڪرة المراد“ هن جي ابتڙ ڳالهه ڏٺي ويئي آهي. جنهن ۾ شيخ طلحه جي بدران شيخ بدر الدين حليم جو ذڪر آهي. بهرحال ڪمال وارن جا هن قسم جا مرتبه ظاهر آهن ۽ حقيقي موافقت ۽ ازلي اتحاد جي ڪري هڪڙي جي ڪرامت ٻئي جي ڪرامت چئي سگهجي ٿي، شيخ طلحه جي مزار مڪليءَ ٽڪريءَ تي الله وارن جي زيارت گاهه آهي. شيخ حسين سومرو: سيد محمد حسين عرف پير مراد شيرازي جي خاص مريدن مان آهي. هڪ ڏينهن (سيد) سير ڪري رهيو هو ۽ مٿس مهربان ٿي وضوءَ جو بچيل پاڻي کيس پيئڻ لاءِ ڏنائين، مٿس اهڙي حالت طاري ٿي جو يڪدم وجد ۾ اچي چوڻ لڳو ته اها حالت هٿ آئي اٿم جو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ کان سواءِ ڪو به انهيءَ کان واقف نه آهي. ڪلا قوم سندس اولاد آهي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي مٿئين سيد جي گهراڻي جا مريد آهن. درس ڀنڀو: سيد علي شيرازيءَ جو هڪ ڪامل مريد آهي ۽ مقبري جي اڀرندي پاسي آرامي آهي. شيخ حماد نيرون ڪوٽي: هڪ مشهور معروف ولي ٿي گذريو آهي. سندس مزار سيد علي شيرازيءَ جي آرام گاهه جي ڀرسان آهي. مراد پليجو: ذات جو پليجو. رهندڙ ڳوٺ نورائي، هڪ ڪمال جو صاحب، سيد علي شيرازيءَ جو مريد ۽ انهيءَ درگاهه جي مقام ۾ آرامي آهي. پير آسات ۽ سندس اولاد: مجذوب سالڪ ۽ محبوب واصل، مخدوم عربي هالائيءَ جو ڀاءُ آهي. سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جي خدمت ۾ مريديءَ جو شرف حاصل ڪيائين. اهل الله جي هڪ جماعت هن کي اڪثر مشائخن کان جهونو شمار ڪيو آهي. سندس مزار مشهور آهي. سندس اولاد مان محمد حسين نالي هڪ حال جو صاحب فقير ٿي گذريو آهي. هن جا پٽ احمد ۽ محمد ]249[ ٺٽي ۾ هوندا هئا. انهن مان احمد جهان آباد ۾ شاهه غلام محمد صوفيءَ جي خدمت ۾ گذاريندو هو ۽ فقيرن جو لنگر سندس هٿ ۾ هوندو هو. چڱيءَ حالت سان موصوف رهي زندگي گذاريائين. ميان مٺو فقير: مخدوم نوح جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو. جامع فرخ ۾ گهڻو گذاريندو هو. آڪر ۾ سندس حجرو مشهور آهي. مير سيد علي شيرازيءَ جي ميلي کان واندا ٿي فقير اتي اچي گڏ ٿيندا آهن. پير آسات جي ڏاڪڻ جي هيٺان دفن ٿيل آهي. سندس ملفوظات مان آهي ته: جڏهن منهنجو مٿو بلندي ڏانهن مائل ٿو ٿئي تڏهن مٺو يعني سور جو ستايل ۽ بدحال ٿيان ٿو ۽ جڏهن خوديءَ جو خيال ڌاري مٿو مٿي ٿو کڻان تڏهن مٺو يعني کوٽو آهيان پر جڏهن ڪسر نفسي ڪري پنهنجو مٿو نياز مان هيٺ جهڪايان ٿو تڏهن مٺو سڏينم ٿا ۽ مٺو ڪري کائينم ٿا. فقير بهاؤالدين گودڙيو: مخدوم نوح جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهر ڪرامتن ۾ مشهور آهي. سندس مزار مٿئين مٺي فقير جي ڀرسان آهي. سلطان کمر: جناب مخدوم نوح جي مريدن مان هڪ فقير آهي. سندس حجرو آڪر ۾ مشهور آهي. اتي پڻ ميان مٺي فقير جي حجري وانگيان فقير، سيد علي شيرازيءَ جي ميلي کان واندا ٿي، اچي گڏ ٿيندا آهن. جمن جتي: سمن جي ڏينهن ۾ مشهور معروف آهي. جتي دفن ٿيل آهي اتي تڪيو هوندو هوس. هميشه ڇڙو رهيو. سندس ڪرامتون سج کان وڌيڪ ظاهر آهن. مخدوم جمعو: هڪ وڏو ولي، ڪامل متقي، فضيلت ۽ ڪمال ۾ مشهور، حال ۽ قال سان موصوف ۽ سيد علي شيرازيءَ جو همعصر آهي. سندس درگاهه مڪلي تي مشهور آهي. درويش آچر: اصل ٺٽي جو ڀوڳڙي آهي. سندس ڪماليتون بيان کان ٻاهر آهن. سيد علي ثاني شيرازي سندس مريدن مان آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن هو پنهنجي دڪان تي ستو پيو هو ۽ سيد علي ثاني سندس پير مهٽڻ ۾ مشغول هو ته درويش حليم - جو اڳتي مذڪور ٿيندو - اچي انهيءَ گهٽيءَ مان لنگهيو. ]ڏسي[ چيائين ته ”هـُـتي هو نمونو ۽ هتي هي روش“. درويش آچر انهيءَ ننڊ مان، جا عين بيداري هئي، مٿو مٿي کڻي چيو ته ”اهي گهڻا آهن، هو گهڻن ۾ ٿورا هيءُ ٿورن ۾ ٿورا آهن“. درويش حليم جواب ٻڌي وڌيڪ ڪجهه نه ڪڇيو ۽ هليو ويو. سيد پڇيو ته ”هيءُ ڪهڙو گفتگو هليو جو منهنجي ڪوتاهه سمجهه ۾ نه آيو“. فرمايائين ته درويش حليم ”هتي“ جي لفظ مان اشارو ڏنو ته پيغمبر صلي الله عليہ وسلم جي خدمت ۾ ههڙو باادب آهين ۽ خدمت بجا آڻيندو رهين ٿو ۽ ”هتي“ مان اشارو هوس ته سندس اولاد شريف کان ڪم ٿو وٺين. جواب ۾ چيومانس ته: هڪڙو ٽولو اهڙو آهي جو ٻين کان پنهنجو نفع گهڻو گهرندو آهي، اهڙا ماڻهو گهڻا آهن. ٻيو فرقو اهو آهي جو ٻين جو فائدو پاڻ کان وڌيڪ گهرندو آهي. اهڙا گهڻن ۾ ٿورا آهن پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جو پنهنجو نقصان قبول ڪري به ٻين کي نفعو رسائيندا آهن. اهڙا ماڻهو ٿوري ۾ ٿورا آهن. چون ٿا ته شهر جي سيدن، انهيءَ ساڙ کان ته سندن فرزند، مريد ٿيندي فقير سان ملندا ٿي ويا، کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. جنهن تي هو گجرات هليو ويو، سيد علي درويش جو ڏس پڇائي، درويش کي وڃي سڪرات جي حالت ۾ ڏٺو. هو سڄي امانت سيد کي ڏيئي گذاري ويو. اگرچه پوين ڏينهن ۾ سيد مخدوم نوح جو مريد هو. ليڪن جيڪي مليو هوس سو هن درويش جي فيض ]250[ جي بدولت هو. رازدان ماڻهو چون ٿا ته درويش جو لاشو مخفي طرح مڪليءَ تي آندل آهي. پر غيب جي ڄاڻن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي هن حقيقت جو ڪشف ڪونه ٿيندو آهي. ميان احمد ۽ ميان محمد: اصل بغداد جا ويٺل، وڏا ڪرامت جا ڌڻي، ميرڪن جي مقام جي اڀرندي ۾ دفن ٿيل آهن. معرفت جا صاحب سندن عاليشان بزرگي ڏسي، سندن زيارت کي وڏي ڪاميابي سمجهندا آهن. سيد شاهه عبد الله حسني: قطب الاقطاب، غوث الثقلين حضرت پير دستگير عليہ الرحمت جي اولاد مان مٿي ڄاڻايل يارن يعني سيد منبه، سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪرالله، جو وڏي ۾ وڏو يار آهي. هو سڳورو شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ گجرات کان ٺٽي اچي، مخفي طرح ٽڪريءَ تي انهيءَ جاءِ تي گوشه نشين ٿي ويهي رهيو، جنهن جاءِ تي سندس مزار آهي. هن حياتيءَ جا ڏينهن مجرد (ڇڙو) رهي خدا جي يادگيريءَ ۾ پورا ڪيا. اتفاقاً گهڻي وقت گذرڻ ڪري سندس قبر ڊهي ويئي ۽ جيئن بيان ٿي آيو، ڳپل عرصي گذرڻ کان پوءِ سيد حافظ الله گجراتي، شيخ يعقوب ۽ خليفي ابوالبرڪات کي مڪليءَ تي وڃي، سندس ڊٺل نشان کي ظاهر ڪرڻ جو اشارو فرمايو. انهيءَ وقت کان وٺي سندس مزار نيڪن جو مڪمل مقصد ۽ يادگار آهي. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪو فيض آئي وئي کي هن بزرگ مان ملي ٿو تنهن جي بيان جي قلم کي طاقت نه آهي. درويش ڀرڪيو لنگ: هن جو مڪليءَ جي دامن ۾ تڪيو هوندو هو ۽ ڪجهه وقت نعارو وڄائيندو هو. شهر جا ماڻهو سندس خدمت ۾ وڃڻ فرض سمجهندا هئا، ٽڪريءَ واري سمن جي قبرستان جون اڪثر عمارتون، خصوصاً سهسي لنگ جون ماڙيون ڊاهي، انهيءَ جي پٿرن مان چونو ۽ گچ ٺاهي، هڪ وڏو منارو تيار ڪيو هئائين. رات جو انهيءَ تي ڏيو ٻاريندو هو. سوداگر، عربي سمنڊ ۾، سنڌ جي بندرن جو رستو انهيءَ بتيءَ جي ذريعي مقرر ڪندا هئا ۽ سندس خدمت ۾ اچي نذرانا رکندا هئا. ايتري ته دولت هئس جو سنڌ جو حاڪم مرزا باقي ساڻس حسد ڪرڻ لڳو. هن مقرر ڪري ڇڏيو هو ته ننڍو خواهه وڏو جيڪو به وٽس ويندو تنهن کي ضرور سندس خدمت ڪرڻي پوندي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي سندس زيارت ڪرڻ ويو تنهن کي به خدمت جي تڪليف ڏنائين. مخدوم نوح اها ڳالهه ٻڌي دل ڪوسي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو مرزا باقيءَ جلد ئي کيس مخفي طرح شهيد ڪرائي ڇڏيو. ٺٽي جي آسپاس جا اولياءَ سيد احمد غوث: هڪ مشهور معروف بزرگ ڪمال ڪماليت ۽ وڏي ڪرامت جو ڌڻي ٿي گذريو آهي. سندس مزار فتحي ٽڪر تي نامي گرامي آهي. چون ٿا ته سڀڪنهن محرم جي مهيني ۾ قتل واريءَ رات، اتي شهيدن جو روحاني ميلو لڳندو آهي. ڪيترن اکين وارن اهو ميلو پنهنجي روحاني اکين سان ڏٺو آهي. مير ڪمال الدين ابو اسحاق: حضرت عليءَ جي اولاد سڳوريءَ مان انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي. سندس پٿر جي قبر الهندي طرف واقع آهي. ميان ابوبڪر: هڪ ڪمال جو صاحب درويش، سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ۽ کانئس فيضياب آهي. هن جي قبر ساڳئي ٽڪر تي سندس نالي سان مشهور ۽ حـضور جي صاحبن لاءِ نامي گرامي زيارت آهي. درويش الهڏتو لوهر: اصل سيد عبدالڪريم (بلڙيءَ واري) جو مريد ۽ وڏي ڪرامت جو ڌڻي عيدگاهه جي ڏکڻ ۾ آرامي آهي. سندس زيارت پورو تبرڪ رکي ٿي. ]پير لاکو ۽ سندس اولاد[: هڪ ڪامل سيد ۽ نامي گرامي ولي آهي، جنهن زندگيءَ جا ڏينهن ڍڪ ۾ گذاريا، پاڻ کي سيد ڪونه سڏائيندو هو. سندس رائنڪ ٽڪريءَ تي پير شيخ عليءَ جي اوريان مشهور آهي. مخدوم بايزيد جو هڪ ناليرو عالم ۽ ڪامل آهي سو سندس سڳو ڏوهٽو هو. سيد ابراهيم، جنهن جي مزار ڪنڀرن جي ڳوٺ جي ڪناري تي، زيارتين جي مرڪز آهي، سو سندس اولاد مان نامور آهي. سيد ابراهيم: هڪ عجيب ڪمال جو ڌڻي ۽ بينظير حال جو صاحب هو. هميشه گودڙي پهريو، گوشه نشينيءَ جي نموني سان ڪلان ڪوٽ ۾ گذاريندو هو. جنن جا ٽولا سندس مطيع هوندا هئا. سيد ابراهيم عرف ڪذا، جنهن کي عام ماڻهو جنن جي ٽولي سان مخصوص ڄاڻندا آهن، سو اهوئي آهي. سندس مزار ]251[ ڪلان ڪوٽ واري قلعي جي ڀت هيٺان راز محرم حضرات لاءِ زيارت ڪامل آهي. درويش داؤد عرف داد درس: هڪ وڏيءَ ڪرامت وارو نامي گرامي بزرگ آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن پنهنجن مريدن سان، انهيءَ ڍنڍ ۾ جيڪا ڪلان ڪوٽ جي مٿان سندس نالي سان مشهور آهي ۽ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، ڌائي ٻچي راند ۾ مشغول هو. جيئن رسم آهي هڪڙي ٻئي کي ٿي ورتو ۽ اهو کاتل وري ٻين جي پويان ٿي ڊوڙيو ۽ ٻيا وٺي ٿي ڀڳا ۽ آڳ واري انهن جي پويان ڊوڙي جنهن کي وٺي ٿي سگهيو تنهن کي ٿي ورتو. اتفاقاً آڳ درويش تي اچي ويئي ۽ سڀئي وٺي ڀڳا. درويش جنهن کي ٿي ورتو تنهن کي پاڻيءَ ۾ غوطو ڏياري حقيقت جي بحر جو واقف بنائي ٿي ڇڏيو. اهڙن ڪيترن نصيب وارن کي هن پاڻيءَ ۾ واصل بالله ڪري ڇڏيائين. هو سيد مراد شيرازيءَ جو همعصر ِٻڌجي ٿو. برسات جي موسم ۾ مٿس خاص ميلو لڳندو آهي“ درويش سيد حليم: ڏاڍو ڪمال جو صاحب ۽ مٿي ڄاڻايل درويش آچر جو همعصر آهي. سندس مزار مٿئين درويش داؤد عرف داد درس جي درگاهه جي قريب اهل الله جي مشهور زيارت گاهه آهي. ]شيخ پٺو ديولي ۽ سندس سجاده نشين[: سندس نالو حسين بن راڄپار بن لاکو بن سخيره ۽ سندس والده جو نالو سلطاني بنت مراد بنت شرفو آهي. هو قوم جو اپلان آهي قاضي محمود علامه جي تحقيق موجب هو هڪ جهوني ۾ جهونو ولي ۽ سڳوري ۾ سڳورو خدا جي راهه جو واصل آهي. سندس تعريف ڇا ڪري سگهبي؟ ڇاڪاڻ ته سندس بلند شان مان فقط هڪڙي ذري لاءِ به دفتر ڪافي نه ٿيندو. هن جهڙو ڪمال جو صاحب سڄيءَ سنڌ ۾ ڪو ڇڊو پيدا ٿيو هوندو. هيءُ بزرگ ابتدا ۾ انهيءَ ٽڪريءَ جي هڪ غار ۾، جنهن تي هاڻي دفن ٿيل آهي، ائين لڪل رهندو هو جيئن لعل کاڻ ۾ لڪل هوندو آهي. شيخ بهاؤالدين ملتاني پنهنجن مشهور معروف يارن سميت اچي اتان لنگهيو ۽ دل جي نور سان صحيح ڪيائين ته هن شاندار ٽڪر ۾ هڪ عاليشان لعل لڪل آهي. تنهن تي وڃي کيس گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي، پنهنجو مريد ڪري، ظاهر ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس هدايت ۽ مرشديءَ جي پيشانيءَ جو نور دنيا وارن تي جلوه افگن ٿيو. هن جي وفات سن 646 هجري ۾ ٿي آهي. سندس درگاهه سڄيءَ سنڌ ۾ ممتاز بلڪ سڀني طرفن ۾ مشهور آهي. هتي جا سجاده نشين ڪمال بزرگيءَ ۾ مشهور آهن. هن وقت شيخ صابو جي انتقال کان پوءِ شيخ ساجن پير جي نظر جي برڪت سان ننڍي خواهه وڏي لاءِ مرجع آهي. ٻارهين ربيع الاول ميلي جي ڏينهن هو شيخ ]پٺي[ جي دستار مٿي تي رکي، مريدن جي وڏي انبوهه سان گڏ، خانقاهه کان مينار تائين، جنهن جي وچ تي قدري مفاصلو آهي، ڏاڍي نورانيت سان پهچندو آهي ۽ عجيب روحانيت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ]پير جي[ ڪرامت جي اثر کان مٿين دستار، باوجوديڪ مٿس ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، هڪ نرالي رنگ ۾ جلوهه افروز ۽ نورافگن هوندي آهي. بيشڪ هيءُ پڻ انهيءَ بزرگ جي ڪرامت سمجهي سگهجي ٿي. شيخ جميل: سيد عبدالهادي بن سيد ابوالعطاس، امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد مان آهي. چون ٿا ته لوهارڪي ڌنڌي سان مشهور هو. قصو مختصر، هڪ وڏي طاقت جو صاحب آهي. سورٺ (جهوناڳڙهه) جي سرزمين ۾ گرنار جي سامهون جبل تي سندس ”چله گاهه“ (چلي پچائڻ واري جاءِ) تان هڪ دنيا قسمين قسمين فيض پرائي رهي آهي. سندس ڪرامتون ظاهر آهن ]252[ بيان جي ضرورت نه آهي. پير پٺي جي استدعا تي مٿينءَ ٽڪريءَ تي آيو ۽ اتي دفن ٿيو. چار خليفا هئس.1- شاهه وجيه الدين، جو اڳتي بيان ٿيندو، مٿئين شيخ جميل شاهه جي احاطي جي پيرانديءَ ۾ آرامي آهي، 2- شيخ زڪريا 3- شيخ ممون، 4- شيخ ڪرم، جو پير جي جتين وٽ دفن ٿيل آهي. چون ٿا ته شيخ جميل سڪرات وقت وصيت ڪئي هئي ته ٻه ماڻهو هڪ ماڻهو ڇاڱو (ڇهه آڱريو) ڇوڪرو آڻيندا ۽ اهوئي منهنجو جاءِ نشين ٿيندو. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻه ماڻهو پاله لونگ نالي هڪ ڇوڪرو وٺي آيا ۽ اهوئي ڇوڪرو هو جنهن کي شاهه جميل پنهنجو پٽ سڏيو هو. گادي نشين پنهنجو نسب انهيءَ سان ملائيندا آهن. هاڻي شيخ براق جي انتقال کان پوءِ شيخ ممون مريدن جو مشهور مرڪز ۽ پير جي ڪمال شفقت سان معروف آهي. ملا خليفو سندي. اصل سومرن جي شهر محمد طور- جيڪو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو- جو هڪ مکيه رهاڪو هو. سمن جي ڏينهن ۾ اچي ساڪري ۾ آباد ٿيو. جناب شيخ المشائخ شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي پاران مريد ڪندو هو. پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو ڪامل بزرگ ۽ ڪمالات ۾ وڏي شرف جو مالڪ هو. شاهه وجيه الدين ۽ سندس اولاد: سيد فتح شاهه جو فرزند، امام محمد تقي بن امام علي موسيٰ رضا جي اولاد مان، شاهه جميل جي فيض جي نظر جو نوازيل آهي. سندس مزار شاهه جميل جي رائنڪ جي پيرانديءَ کان خدا وارن جي زيارت گاهه آهي. هن چار پٽ ڇڏيا. جن مان 1-شاهه حسن، ڪوهستان کان چئن ڪوهن تي هنور جي مٿان آرامي آهي، 2- شاهه ڪهور جهول ۾. سندس اولاد هڪ وڏو ڳوٺ وسايو آهي. شيخ امروز سندن اڳواڻ آهي، 3- شاهه آري، شاهه جميل جي درگاهه جي اتر طرف واري هيٺاهين زمين ۾ دفن ٿيل آهي. چون ٿا ته ڪهاڙي سندس حوالي هوندي هئي. پير کان پوءِ پاڻ کي جيئري قبر ۾ پوري ڇڏيائين. هن جي قبر وٽ ڏندڻ مان، کٻڙ جو وڻ ڦٽو آهي جو يادگيري لاءِ هڪ نشان آهي، 4- شاهه لال ڇٽو. هن بزرگ جي قبر مقرر ڪانه آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ جتي به سر ڪڍيو اٿس اتي سندس قبر ٺاهي ڇڏي اٿن. ڳالهه ٿا ڪن ته هن پاڻ کي درياءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هو. سندس مزار ”تندِسر“ جي ڪناري تي آهي. درس علاؤالدين سومرو: سيد علي ثاني شيرازيءَ جو همعصر آهي. ٻنهي جي وچ ۾ گهڻائي سوال جواب سنڌي زبان جي بيتن ۾ مذڪور آهن. نيٺ هن سيد عليءَ کي اهڙو پتو ڏنو جو دعويٰ ڇڏي اچي مريد ٿيو. اصل شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي سلسلي جو مريد آهي. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن جي مزار شيخ جميل ۽ پير پٺي جي وچ تي اهل الله جي زيارت گاهه آهي. شيخ عبدالوهاب: محمد طور ۾ رهندڙ عباسي خليفن مان هڪ وڏي ۾ وڏو خليفو هو. مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي پسگردائيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. جهنگلي جانور، ڦاڙيندڙ خواه کائيندڙ سڀ سندس مطيع هوندا هئا. جملي خليفن جي سلسلي جو سردار هو. مرزا باقي ماڻهن جي گهڻي رجوع تي ساڙ کائي کيس محمد خليل مهردار هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو. شيخ ابوتراب عرف حاجي ترابي: اصل عباسين جو گورنر آهي، جو سنڌ جي ڪن جاين جو حاڪم هو ۽ تبع تابع مشهور آهي. جيئن مٿي ڄاڻايل آهي، هو شهيدن مان آهي. سندس مزار کچي جي ڳوٺ، جيڪو ناري ۽ لتي شهر جي بدران آباد ٿيل آهي ۽ کوڙي جي ڳوٺ، جو رسول آباد يا محمد طور ثاني جي بجاءِ وسيو آهي. جي وچ ۾ آهي. ٺٽي کان اٽڪل چئن ڪوهن تي سندس مزار مشهور معروف آهي. سندس گنبذ تي تعمير جي تاريخ سن 171 هجري موجود آهي. شيخ سند قنذراني، لال جوان، پير دادن، قبول حبشي، ڇتو مشائخ ۽ پير ڪپور هرهڪ ناليرو شهيد شيخ ابوتراب جي ڀرسان دفن ٿيل ۽ الله وارن جو زيارت گاهه آهي. حاجتمند ماڻهو هرهڪ جي زيارت مان وڏو بهرو وٺن ٿا. شيخ جاڙيو: آڳاٽي سمي جو بزرگ آهي، سندس مزار مشهور ٽڪريءَ تي، جا ”شيخ جاڙي جو ٽڪر“ جي نالي سڏجي ٿي، نيڪ ٻانهن لاءِ زيارت گاهه آهي. سندس قبر تي سيد حسين سلطان جاڙيو ولد امام سيد ابواحمد عبدالله اڪبر بن امام سيد ابوصالح موسيٰ بن امام ابي عبدالله 7 رجب سن 666 هجري تي رحلت ڪئي ]لکيل آهي.[ پير ڪريم: هڪ آڳاٽو بزرگ، عظيم الشان ڪرامتن جو صاحب، ساڪري جي سرزمين ۾ مشهور آهي. گدڙ هن پير جي حڪم ۾ آهن ۽ ضرورت وقت سندس مجاورن جي حڪم سان اچي حاضر ٿيندا آهن. سندس وفات سمن جي دور جي وچ ڌاري ٿي آهي. ]لال انس[: ساڳيءَ طرح لال انس ساموئي جي اتر طرف درياءَ جي ڪپ تي ٽڪريءَ تي آهي. درس وريو: هڪ قديم زماني جو بزرگ، پنهنجي وقت جو ناليرو ۽ آزاد نيڪن جو زيارت گاهه آهي. درس وريي جي اولاد ۾ نامي گرامي فقير ٿيندا آيا آهن، هر مهيني جي سومر ڏينهن انهيءَ تي هڪ عمدو ميلو لڳندو آهي. ملا موج دريا: شڪر گهاٽ جي اورينءَ ڀر، بندر لاهري جو آڳاٽي سمي ۾ ديول بندر جي نالي سان مشهور هو- جي ڀرسان، اهل الله جو هڪ وڏو مرڪز آهي ]253[ سندس اولاد، جي پنهنجي وقت ۾ ملن جي نالي سان مشهور آهن، سي اڪثر ڌارا جا بندر جا رهاڪو آهن. سيد محمود شيرازي: هڪ بزرگيءَ ۾ نامي گرامي بزرگ لاهري بندر جي ڏکڻ طرف مشهور معروف آهي. بلو خان لوڌي: هڪ بزرگ نشانين ۽ ڪرامتن جو ڌڻي ديول بندر عرف لاهري بندر جي دڪي واريءَ زمين تي دفن ٿيل، هڪ آڳاٽي سمي جو وڏو پير آهي. شيخ نور الدين دريائي: مشهور معروف بزرگ، اعليٰ درجي جي ڪرامتن جو ڌڻي ڌاراجا بندر جي مٿان، عربي سمنڊ جي ڪناري تي دفن ٿيل ۽ ڏاڍي تصرف جو صاحب آهي. ]سندس درگاهه[ صفائي ۽ حضور واري جاءِ آهي جنهن ۾ الله وارن جو ارادو مشهور آهي. لعل موسيٰ: مخدوم لعل شهباز عليه الرحمة کان فيض ياب آهي. سندس آمد سمن حاڪمن جي ڏينهن جي ابتدا ۾ ٿي هئي. مخفي نه رهي ته لاهري بندر، جو آڳاٽي زماني ۾ ديول بندر جي نالي سان مشهور هوندو هو، هڪ عجيب شهر سيدن سڳورن ۽ وقت جي فاضلن جي رهڻ جو هنڌ هو، هاڻي ڪجهه سالن کان ]زماني جي[ حادثن سببان شهر رهاڪن سميت برباد آهي ۽ اتي جي باقي آبادي ڌاراجا ]بندر[ جي برابر واري زمين ڏانهن منتقل ٿي ويئي آهي. ڌاراجا بندر هڪ آڳاٽو بندر نڪامره قوم جو تخت گاهه آهي، جن ۾ قديم الايام کان پيڙهي به پيڙهي ناليرا سردار پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مان: ]راڻو عبيد[: راڻو عبيد خاص عجيب احوالن جو صاحب ٿي گذريو آهي. جنهن صورت ۾ هن جي عجيب احوال جو ذڪر ڪيفيت کان خالي نه آهي بلڪ الاهي عجائبات مان هڪ عجائب آهي تنهنڪري سندس بيان ڪيو وڃي ٿو. راڻو عبيد نڪامره، ڌاراجا جو والي، سن 1000 هجري ۾ زنده هو ۽ ڪڪرالي جي حاڪم ڄام جرار جو همعصر هو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن ڄام جرار کي اچي اکين ۾ سخت سور پيو - راڻو کيس پڇڻ لاءِ ويو. پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هجڻ ڪري، ڄام جرار هن جي گوڏي تي مٿو رکي چيو ته مون کي ڪا سچي ڳالهه کڻي ٻڌاءِ مانَ، خدا تعاليٰ انهيءَ جي برڪت سان منهنجي اکين جو سور لاهي - راڻي چيو: سچ جو شاهد خدا ڪافي آهي - مون کي فلاڻن ڏينهن ۾ اچي سمنڊ جو سير ڪري پرينءَ ڀر معلوم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو - سو ڪجهه رسد ۽ سامان سوڌا جهاز پاڻ سان کڻي سمنڊ ۾ گهڙي پيس. ڳچ مدت پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي اهڙي هنڌ پهتس جتي اڳ ۾ ڪوبه ماڻهو نه پهتو هو. چيم ته اڃا به اڳتي وڃڻ گهرجي شايد ٻئي ڪناري جو پتو پئجي وڃي. اتفاقاً انهيءَ ڪن وٽان لنگهڻ ٿيو جنهن کي ظلمات سڏيندا آهن. سڀيئي جهاز انهيءَ ڪـُـن ۾ غرق ٿي ويا. جڏهن منهنجي جهاز ڪـُـن ڏانهن رخ رکيو تڏهن مان ٽڪري تي هڪ وڏو وڻ ڏسي ٽپو ڏيئي وڃي انهيءَ کي چنبڙيس. وڻ ۾ هڪ وڏي زبردست پکيءَ جو آکيرو هو. مون کي رات وڻ تي پيئي. صبح جو انهيءَ پکيءَ کي چنبڙي پيس، جنهن اڏائي اچي هڪ جبل جي ڪناري تي ڇڏيو. آءٌ حيران هوس ته ڪٿان جو ڪٿي اچي پهتو آهيان. الله پاڪ انهيءَ پکيءَ يعني سيمرغ جي مدد سان مون کي اتان آزاد ڪيو. هاڻي آبادي جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ لڳس - اوچتو هڪ عبادت گاهه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو ۽ جناب حسنين رضي الله عنهما جي روحانيت جي زيارت ٿي جن مون کي سلامتيءَ جي خوشبخري ڏني. ٿڪل هوس اتيئي ننڊ کڻي ويم ]254[. ]ايتري ۾[ اتي پرين جي هڪ ٽولي اچي نڪتي، ۽ مون کي پاڻ سان کڻي ويئي. خدا ٿو ڄاڻي ته آءٌ ڪٿي رهندو هوس. ناز ۽ نعمت جي ڪا ڪمي ڪانه هيم. ٿوري وقت کان پوءِ وطن جي حب ۽ دوستن جي ياد ۾ آءٌ غمگين رهڻ لڳس. پرين جي سردار منهنجو اهو حال ڏسي، دلداري خاطر پڇا ڪئي. ٻڌايومانس ته مون کي سفر ۾ بيشمار ڏينهن گذري ويا آهن. خبر نٿي پويم ته منهنجن پوين جو ڪهڙو حال هوندو. وراڻيائين ته جيڪڏهن موٽڻ جو پڪو وعدو ڪرين ته توکي اتي پهچايان. مون وطن ۾ اٺن ڏينهن رهڻ جو وعدو ڪيو، جنهن تي هڪ گهڙيءَ ۾ مون کي پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران اچي ڇڏيائون. ]ويندي وقت[ چيائون ته اٺين ڏينهن کان پوءِ فلاڻي وقت اسان هتي اينداسون تون حاضر رهج. مان اچي پنهنجي اهل عيال سان مليس ۽ اهو وعدو دل تان لاهي ڇڏيم. خدا جي قدرت سان وعدي جي وفائي مون کي نصيب نه ٿي. انهيءَ کان پوءِ ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي، پر انهيءَ لذت جي يادگيري اڄ به دل جي دامن ڇڪي ۽ حيرت ۾ وجهي رهي آهي، ليڪن وقت هٿان نڪري ويو آهي. ڳالهه کي هتي پهچائي چيائين ته جيڪڏهن منهنجي هيءَ ڳالهه سچي آهي ته شال خدا تعاليٰ تنهنجين اکين جو سور لاهي. الله پاڪ جي قدرت: ڄام جرار، جو ڳالهه شروع ڪرڻ کان ئي، فرق محسوس ڪري رهيو هو، سو بلڪل چڱو ڀلو ٿي اٿي کڙو ٿيو ۽ خدا جو شڪر ۽ منهنجي تعريف ڪرڻ لڳو. سالڪ مجذوبن جي بيان ۾ جيئن ته هن ٽولي مان گهڻا مٿين بيانن جي ضمن ۾ جدا جدا جاين تي مذڪور ٿي چڪا آهن ۽ هي ٽولو گهڻو ڪري ظاهر وارن جي اکين کان ڳجهو آهي، هنن خدا وارن سڀني کي ڪي ٿورا ماڻهو ڄاڻن ٿا، تنهنڪري هتي ڪن ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪو پيارو وڌائيندو ته احسان جو لائق ٿيندو. وطايو: مجذوب، سالڪ، ڪامل، پنهنجي وقت جي مجذوبن ۾ وڏيءَ معرفت وارو ٿي گذريو آهي. سندس بلند درجي جو ٿورو بيان مخدوم حمزي واعظ جي ذڪر ۾ گذري چڪو آهي. هن کان ئي روايت آهي جو چيو هئائين ته شريعت طريقت جي زيرناف آهي. يعني جهڙيءَ طرح مرد لاءِ زيرناف بلوغت جي نشاني آهي. ساڳيءَ طرح شريعت جي پابندي سالڪ ماڻهوءَ کي طريقت جي راهه ۾ بالغ بنائي ٿي. مٽو مجذوب: مجنونن جي جماعت ۾ ناليرو غيب کان واقف ۽ يقين جي رستي جو کوليندڙ هو. چون ٿا ته جڏهن ملا محمد جهانگيري تمام مفلسيءَ کان مجبور ٿي حضور ۾ (جهانگير جي) حاضر ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. تڏهن مڪليءَ جي قبرن کان موڪلائڻ لاءِ اوڏانهن ويو. حسن اتفاق سان موٽندي وقت ڏٺائين ته ٽڪريءَ جي دامن ۾ هو هڪ ٻئي مست سان گڏ هڪ لاش جي مٿان بيٺو آهي ۽ ٻئي هن جي پيٽ مان ڪا شيءِ ڪڍي کائي رهيا آهن. مٽوءَ جي نظر جڏهن ملا تي پيئي تڏهن انهيءَ لاش جي ڪيڙن جي هڪ لپ ڀري، ڊوڙي اچي سندس وات ۾ وجهي چيائينس ته کاءُ. هن سان به بخت يار هو ۽ هن ٽولي جو نهايت معتقد هو سو بنا ڪنهن ڪراهت جي اهي ڪيئان چٻاڙڻ لڳو. ٻيو مجذوب اهو حال ڏسي هڪدم ڊوڙندو آيو ۽ چيائين: اي مٽو! شايد ٻئي جهان ملا کي عطا ڪري رهيو آهين. پوءِ ته ٻنهي هٿن سان ملا جي هيٺين ۽ مٿئين ڄاڙي وٺي باقي رهيل ڪيڙا، ]255[ جيڪي اڃا نه ڳٿا هئائين، زور سان سندس وات مان ڪڍي ڇڏيائين. انهن ڪيڙن کائڻ جي برڪت سان ملا ]جهانگير جي[ حـضور ۾ وڃي مشهور مرتبي کي رسيو. وٽو: مجذوب سالڪ، يقين جو صاحب ۽ مٿئين مٽوءَ جو همعصر هو. سندس احوال سمورو ڪرامتون ئي ڪرامتون آهي. ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندو ڪين هو. حاجتمند ماڻهو سندس چرپر مان پنهنجي مطلب جو نتيجو ڪڍندا هئا. ۽ جيئن خيال ڪندا هئا تيئن ٿيندو هو. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن ڳوٺ وٽ ڀڄندو ڏٺائون. ڪنهن نه سمجهيو ته ڇا کان ڀڄي رهيو آهي. تقديراً جلدئي نهمردين جي هڪ فوج انهيءَ ڳوٺ ۾ پهچي اتي جي ماڻهن کي بيخبريءَ جي حالت ۾ لٽيو ۽ قتل ڪيو. ڪامل مجذوب: سندس وڏا لوهار هئا. هن پاڻ کي طلب جي کوري ۾ تپائي، رڻ پٽن ۾ ٿي گذاريو. ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن ڪا رات يا ڏينهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ايندو هو ته اتي جي رهاڪن کي ضرور ڪنهن نه ڪنهن قسم جي خوشي رسندي هئي. تنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو کيس پنهنجن ڳوٺن ۾ اچڻ لاءِ دعوتون ڏيندا هئا پر جيستائين، دل ۾ ازخود خيال نه ايندو هوس، نه قبوليندو هو. سائل جو جواب، جيڪڏهن وڻندو هوس ته، ڪنهن سنڌيءَ بيت ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو جو تقدير سان ٺهڪي ايندو هو. موٽو مجذوب: پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف مجنون هو. ڳالهه ٿا ڪن ته ٺٽي جي حاڪم کي نهمردين جي قوم کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪوهستان وڃڻو پيو - سو حال جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ کيس ٽڪر جي دامن ۾ ٿي ڳوليائون. نيٺ هڪ ٽوليءَ کيس خسرو خان جي تلاءَ جي ڀرسان وڃي لڌو. ڏٺائون ته وڻ جي هڪ ڪاٺيءَ تي سوار ٿي چهبڪ هڻي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته اي وڻ تنهنجي مٿان هڪ سوار آهي تنهن جي طاقت اٿيئي يا نه. اوچتو وڻ جو هڪ وڏو ڏار چيرجي اچي زمين تي ڪريو. پوءِ وڻ تان لهي انهيءَ ٽوليءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين ته هن وڻ جو اهوئي وڏو ڏار هو جنهن کي چڙهي ڀڳوسون. حاڪم جا ماڻهو چڱي فال وٺي موٽي ويا. حسن اتفاق اهڙو بڻيو جو جڏهن حاڪم چڙهي ڪري دشمنن جي ڳوٺ ۾ پهتو تڏهن انهيءَ ڳوٺ جو سردار اوچتو مري پيو. سڄي ڳوٺ مان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪوبه ماڻهو ٻاهر ڪونه نڪتو ۽ هن (حاڪم) جيڪي چيو سو قبول ڪيائون. اهڙيءَ طرح جنهن کي به ڪو مشڪل پوندو هو، سو هن مجذوب جي ڳالهائڻ مان دليل وٺي پنهنجي مقصد ڏانهن راهه لهندو هو. صابر مجذوب: اصل ڌوٻي ٻڌجي ٿو. عجيب حال جو مالڪ هو. ماڻهن جي دروازن تي پاڻيهي وڃي سڏ ڪندو هو ۽ جيئن چوندو هو تيئن ٿيندو هو. سڄڻ: پاڻ کان بيخبر هڪ سالڪ هو. جڏهن بک لڳندي هيس تڏهن جيڪي به زمين تان لهندو هو سو کائيندو هو. ماڻهو دل ۾ مرادون رکي ڪيترائي طعام سندس آڏو کڻي ويندا هئا. جنهن جي شيءِ قبول ڪندو هو سو ضرور مراد ماڻيندو هو. شاڪر: هڪ مست مخدوم زادو آهي. ماٺ ۾ گذاريندو هو. جنهن تي ]256[ ڪاوڙجي ڪجهه چوندو هو ته اهو چوڻ تقدير سان ٺهڪي ايندو هو. ملوڪ: هڪ ڪامل مخدوم ۽ حال جو صاحب هو. حبيب شاهه: اصل ڏاهري قوم جو آهي. ابتدا ۾ سندس پيءُ ماءُ چڱڀلائيءَ جي حالت ۾ کيس پرڻايو. نيکيٽيءَ جي رات زال سان هڪ صحبت ڪري گم ٿي ويو ۽ ٻارهن سالن کان پوءِ مستن جي لباس ۾ مٿي ۽ پيرين اگهاڙو شهر ۾ موٽي آيو ۽ گهڻو ڪري پير منبه تي گذاريندو هو. دلين جي ڳالهين کان ڏاڍو واقف هو. سائل کي مقصد ٻڌائڻ کان سواءِ ئي پورو جواب ڏيئي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ضرورت وقت ڪنهن ماڻهو کان ڪا شي گهرندو هو جا ضرور انهيءَ وٽ هوندي هئي ۽ ڏيندو هوس. هڪ ڏينهن مير حيدر ابوتراب ڪامل امير خانيءَ سان گڏ کائي رهيو هو. ماني سان گڏ مڇيءَ جو شوروو هو. هن مير مڇيءَ مان ڪجهه کائڻ گهريو پر هن کيس روڪيو. آخر هڪ وقت، جڏهن هن جي نظر ٻئي پاسي هئي، مير مڇيءَ جو ذرو ڀڃي وات ۾ وجهڻ گهريو ته هڪدم هن اهو سندس وات مان ڪڍي باقي مڇي ٻاهر اڇلائي ڇڏي. اتي ٻلي بيٺي هئي تنهن مڇيءَ کائڻ شرط زمين تي ڦٿڪي ساهه ڏنو. هڪ ڏينهن مير محمد عطا اميرخانيءَ جي ڏيڍيءَ تي اڻ سڏيو اچي، منهن تي چادر تاڻي سمهي پيو. ٽي راتيون ۽ ڏينهن ستو پيو هو ۽ ڪڏهن پاسو به نه ٿي ورايائين. سيد عبداللطيف تارڪ (ڀٽائي) انهيءَ ڏيڍيءَ جي ماڙيءَ تي رهيو پيو هو. سو مجذوب جي ننڊ جو احوال ٻڌي هيٺ لهي آيو ۽ سندس سيرانديءَ کان ويهي فرمايائين ته: اي ديوانا هيءَ ننڊ ڪٿان سکيو آهين، جو توکي جيڪي ننڊ ۾ نصيب آهي اهو اسان کي سجاڳيءَ ۾ به نه آهي. هو نادر شاهي مغلن جي آمد وارن ڏينهن ۾ شهر مان گم ٿي ويو ۽ وري پتو نه پيو ته جيئرو آهي يا مري ويو. عبدالقدوس: اصل عدلائي مخدومن مان آهي، عجيب حالت هوندي هيس. ماٺ ڪيون پيو ڦرندو هو ۽ ماڻهن جا ڪاڪوس ڀنگين کان صاف ڪرائيندو رهندو هو. باوجوديڪ هڪڙي ڏينهن به شهر کان پير ٻاهر نه ڪڍيو هئائين ۽ هر روز ماڻهو کيس ڏسندا رهندا هئا تڏهن به ڪن ماڻهن، جيڪي بيت الله جي زيارت تي ويا هئا، کيس اتي ڏٺو هو. ڪن معتبرن جو ته هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته هو هر روز صبح جي نماز وقت بيت الله جي جماعت ۾ حاضر هوندو هو. عنايت مجذوب: سالڪ مجذوبن جي سلسلي ۾ باخبر هو. گهڻو ڪري کانئس ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون ۽ وٽائنس ڪيترن ئي حاجتمندن جا مقصد پورا ٿيندا هئا. سيد قاسم: هڪڙو حق جو بيخود سالڪ، ڪيترو عرصو جامع فرخ جي محراب جي پويان واريءَ سرزمين تي رهندو هو.کانئس ڏاڍيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. سناسي مجذوب: عجيب مجذوب، بيخود سالڪ ۽ سڄو اگهاڙو ڦرندو ۽ ڪجهه چوندو وتندو هو، جو ڪنهن به ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي توجهه فرمائيندو هو ته انهيءَ کي خلوت ۾ تسلي ڏيندو هو، ۽ سندس ڪيترا مشڪل حل فرمائيندو هو. نادر شاهي مغلن جي اچڻ وارن ڏينهن ۾ گم ٿي ويو. نور شاهه: اصل هندوستاني آهي کانئس عجيب اسرار مريدن جي مشاهدي ۾ آيل ٻڌبا آهن. قصو مختصر، هڪ داناءُ، باخبر مجذوبن جي لباس ۾ گدائي تي گذاريندو هو. سندس گفتگو اڪثر بيفائديون ڳالهيون هوندو هو، پر حقيقت ۾ گهڻن کي فيض رسائيندو هو. جذبي جي حالت ۾ نيڪ ڪرامتون ظاهر ٿيڻ انهيءَ جو يادگار آهي. بولو کيدو: پنهنجي وقت جو مشهور مجذوب سالڪ آهي. ]257[ ماڻهو سندس ڏاڍا معتقد آهن. کانئس گهڻيون ڪرامتون ڏٺيون ويون آهن. تازو حاجي بانڪي جي درگاهه جو ڏيو کڻي سندس قبر تي هاريائين. جنهن تي هڪ مير بحر کيس گاريون ڏنيون ۽ سيکت ڏيڻ لاءِ پادر پير مان لاٿائين. هن ڪاوڙ جي چيس ”اي ڪسڻ جي لائق ڳالهائيندڙ“ بس انهيءَ ئي ڏينهن سندس زبان مان اهڙو ڳالهاءُ نڪتو جو جلد ئي سندس سسي وڍي ڇڏيائونس. دوسو مجذوب: ڪڏهن هوش ۾ ته ڪڏهن بيهوش گذاريندو هو. يارو ۽ پارو: ٻئي حال جا صاحب مجذبوب ٿي گذريا آهن. جيو مجذوب: پڻ ڏاڍي مستيءَ جو ڌڻي فيض وارن مجنونن جي شمار ۾ ٿي گذريو آهي. ڇٽو: مجذوبن سالڪن مان آهي. هڪ وڏي جماعت سندس ارادي سان وابسته آهي. اگرچه گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ سان نٿو ملي، پر ڪڏهن ڪڏهن کانئس وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿين ٿيون. لونگ مجذوب: چون ٿا ته هيءُ اصل ۾ پني جي ڳوٺ جي ماڻهن مان آهي. هيءُ جنهن وقت پيٽ ۾ هو تڏهن سندس ماءُ ۽ پيءُ حج تي ويا هئا. تقديراً سندس ماءُ ٻن مهينن جي پيٽ سان گذاري ويئي، جنهن کي دفن ڪيو ويو. سندس پيءُ اتي رهجي پيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪو ماڻهو سندس ماءُ جي قبر وٽان اچي لنگهيو ۽ هڪ ٻار کي قبر کان ٻاهر نڪرندو ۽ ماڻهو ڏسي وري اندر ويندو ڏٺائين. اهو حال جڏهن ماڻهن ڪيئي دفعا ڏٺو، تڏهن جاچ ڪيائون. معلوم ٿين ته الله جي قدرت سان هڪ فوت ٿيل عورت کي ٻار ڄائو آهي ۽ سندس ٻنهي آڱرين ۾ ٻه سوراخ آهن، جن مان کير پي رهيو آهي. خير ڪيئن به ڪري سندس پيءُ کيس اتان گهر وٺي آيو. وڏي ٿيڻ تي مجذوبن جي صورت ۾ ٿي پيو، ۽ حال ۽ ڪرامت جي ڌڻي مستن جهڙي زندگي گذاريندو هو. ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ ڏانهن متوجهه نه رهيو. ڪي ڪي حاجتمند منجهائنس ڪڏهن ڪڏهن فيض پرائي، ساڻس مريدن وارو رستو هلندا هئا. لائقڏنو: پڻ هڪ حال جو صاحب مجذوب آهي. سندس عجيب حالتون ڏسي ماڻهو سندس ڏاڍا معتقد آهن. اڪثر ماڻهن جي دلين جون خبرون ڏيندو ۽ ڳجها مشڪل دور ڪندو آهي. باب ڇويهون خاتمه: ٺٽي ۽ سنڌ جي الهندي طرف وارو جابلو علائقو ۽ اتي جا بزرگ اگرچه جبلن جا عجائبات ڳڻڻ کان ٻاهر آهن، ليڪن هنن حرفن جي جامع (مير قانع) نموني طور خرار مان هڪ لپ اختيار ڪئي آهي ته جيئن ٻيءَ آباديءَ جا حالات بيان ٿي چڪا تيئن ڪوهستان جي به ٿوري حقيقت معلوم رهي. هن کان بعد جيڪڏهن ڪنهن کي وڌائڻ جي توفيق ٿئي ته فائدي کان خالي نه ٿيندو. جبل مهر هن جي آسپاس ۾ هڪ نهايت وڏو ٽڪر آهي. انهيءَ جي هڪ وڏي پٿر مان الله جي قدرت سان هڪ صفي جهڙي جاءِ ٺهي پيئي آهي. جنهن مان پاڻيءَ جو قطرو قطرو ٽمي ٿو، ۽ هيٺان هڪ ننڍڙي حوض ۾ گڏ ٿئي ٿو. هيءُ پاڻي هڪڙو هڪڙو ڦڙو ٿي هڪ ٻئي پويان پيو ٽمي ۽ اٽڪل ڏيڍ مشڪ پاڻي حوض ۾ جمع رهي ٿو. هن کان نه ڪڏهن وڌي ٿو نه گهٽجي ٿو. هڪ وڏي راڄ جي ماڻهن ۽ چوپاين جي پيچ انهيءَ تي مقرر آهي. پاڻي اصل ڪٿان ٿو اچي، تنهنجي ڪابه خبر ناهي. پڻ انهيءَ صفي جي هڪ پاسي ۾ هڪ ديڳ لڙڪي رهي آهي. مشهور ائين آهي ته اها جنن جي تيار ڪيل آهي ۽ ڪن ماڻهن جي اعتقاد موجب انهيءَ ۾ خزانو آهي، پر جيئن ته ڪنهن به انسان جي ڪوشش جو هٿ اتي پهچي نٿو سگهي، تنهن ڪري حقيقت جو پتو نه پيو آهي. پڻ مهر جي ويجهو پاڻيءَ جي هڪ نئين مٿين جبلن تان لهي ٿي ۽ هيٺئين جبل ۾ هڪ گهر جي شڪل ٺهي وئي آهي. جنهن کي متعدد ٿنڀا آهن. انهيءَ ۾ پٿر جو هڪ حوض ٺهي پيو آهي جنهن ۾ هميشه چيلهه جيڏو پاڻي ]258[ ۽ ڪڏهن ڪڏهن آدميءَ جي هڪ ٻن پرهن جيترو پاڻي موجود رهندو آهي. جابلو ماڻهو جو اهو عقيدو آهي ته جنن ۽ ديون جو ٺهيل آهي. پڻ جبل مهر جي مٿان پٿر جا ٽي حوض ٺهيل آهن جيڪي سدائين مينهن جي پاڻيءَ سان ڀريل هوندا آهن. انهن جو پاڻي نهايت مٺو ۽ صاف آهي. هن جبل تي ماڻهو ڪو ورلي چڙهندو آهي ڇاڪاڻ ته واٽ نهايت خطرناڪ آهي. پٻ جبل تمام صفائيءَ ۽ حـضور واري جاءِ آهي. منجهس انب ۽ انجير وغيره جا پاڻهي پيدا ٿيندڙ گهڻا وڻ آهن. رائنڪ لڪ ۾ ٻه صاف حوض آهن جن جو عمق (اونهائي) بي انتها چيو وڃي ٿو. اتي هڪ ڪامل ولي الله شاهه بلاول جي درگاهه دعا گهرندڙن جي دعا قبول پوڻ ۽ دل ڪٽيل ماڻهن جي اندر صاف ٿيڻ جي جاءِ مشهور آهي. پڻ انهيءَ جبل ۾ هڪ ٽڪريءَ تان اٽڪل چئن پنجن نارن جيترو پاڻي ٽمي ٿو جنهن تي ڪيلي، انب، ناريل ۽ ڏاڙهونءَ جا گهڻا وڻ آهن. لاهوت پٻ ۾ هڪ عجيب جڳهه آهي. جبل جي اندر هڪ قدرتي صفي ۾ دري ٺهي پيئي آهي، جنهن ۾ پٿر جا ٻه ڪڙا ٺهيل آهن. فقيرن انهيءَ ۾ رسا ٻڌي ڇڏيا آهن جن کي جهلي اندر ويندا آهن. اندر هڪ گهر وانگيان آهي جنهن جي ڇت سموري ڳئون جي ٿڻن جهڙيءَ شڪل جي آهي. مشهور آهي ته اڳئين زماني ۾ سڀني ٿڻن مان کير ٽمندو هو. هاڻي ڪن ٿورن مان پاڻيءَ جو ٽيپو ٽيپو ٽمي ٿو. سڀ ڪنهن پستان (ٿڻ) جي شڪل جي هيٺان زمين واري پٿر ۾ چڍو ٺهي پيو آهي. اهي چڍا هميشه پاڻيءَ سان ڀريل رهن ٿا نه گهٽجن ٿا نه وڌن ٿا. گهر ۾ اندر هڪ غار آهي جنهن ۾ رستو آهي جنهن جي ڪا انتها ڪانهي. چون ٿا ته انهيءَ رستي کان اڍائن ڏينهن جي عرصي ۾ حجاز جي سرزمين تي پهچي سگهجي ٿو. ڪن ست ڏينهن چيو آهي. آڳاٽي سمي ۾ فقيرن انهيءَ رستي جو سير ڪيو هو. پڻ گهر ۾ اندر تغار جهڙو هڪ پٿر رکيل آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته آڳاٽي سمي ۾ الله وارن مان چاليهن فقيرن - تر جو هڪڙو داڻو انهيءَ ۾ گهي سڀني کائي قوت ڪيو هو. منگهي جو طوق مشهور جبل آهي. حاجي منگهو نالي هڪ اهل الله بزرگ، شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو همعصر اتي دفن ٿيل آهي. هيءَ جاءِ بزرگ ماڻهن ۽ صاحب توفيق هدايت وارن لاءِ حـضور ۽ صفائيءَ واري ۽ دعا جي قبوليت جي جاءِ آهي. انهيءَ ڪري هي جبل منگهي جي طوق جي نالي سان مشهور آهي. جبل جي ڪناري وٽ اٽڪل ٻن نارن جو گرم پاڻي هڪ حوض ۾ وهي رهيو آهي. اتي مور نالي هڪ واڳو رهي ٿو. هڪڙي جي مرڻ کان پوءِ ٻيو سندس جاءِ وٺي ٿو ۽ کيس به اهوئي ساڳيو لقب ملي ٿو. معتقد ماڻهو گهٽن ۽ گابن جهڙا نذر آڻي اتي قربان ڪندا آهن ۽ پهريائين گوشت جو ٽڪرو مور کي پيش ڪندا آهن. جيڪڏهن هن کاڌو ته قبول آهي جيڪڏهن نه ته نه. پڻ انهيءَ حوض جي برابر ٻيو چشمو آهي. ٻنهي تلائن جي وچ تي هڪ پٿر آهي. جيڪڏهن گرم حوض جو پاڻي انهيءَ پٿر تي هاري، اهو ساڳيو پاڻي پٿر جي هيٺان ڪنهن ٿانءَ ۾ جهلبو ته تمام ٿڌو ڏسڻ ۾ ايندو. انهن ٻنهي چشمن جو پاڻي گهڻو ڪري هڪ کڏ ۾ وهي ٿو جتي هزارين واڳو رهن ٿا. هن پاڻيءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ]259[ باغات آهن. پڻ انهن ٻنهي چشمن جي ڀرسان پٿر جي کوهه جي شڪل آهي. انهيءَ جو پاڻي هنن ٻنهي پاڻين کان ٻيءَ طرح ٿڌو ۽ مٺو آهي. انهيءَ کوهه ۾ هڪ واڳو رهي ٿو جنهن کي هنج سڏين ٿا. هن کوهه کي حاجي منگهي جو لوٽو چوندا آهن. پڻ حاجي منگهي جي جبل ۾ مخدوم لعل شهباز جي ڪندريءَ نالي هڪ نهر آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي وڻندڙ باغ ۽ فقيرن جا ايڪانت ڀريا تڪيا آهن. تاريخ شکر، خـدا کـه تذڪـره تحفة الکرام، انــدر ســه جلــد يـافـته تزيـين اختتام. هـر جـلـد اوسـت روضـهء اخـبـار دلکشا، نظار گيش مفت شود ديده شـاد کام. قانع اگرچه نـيـست سزاوار ذکـر خـيـر، ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام. باشد کنند اهـل دلـش يـاد بـعـد مرگ، يـعني کـه يـادگار نـکو ماند مستهام. سـال تـمامـيـت چو نمود از خرد سوال، ”اينک چہ منتخب“ ز دل آمد مرا پيام. 1181 شڪر خدا ٿيو واجب، جو تحفة الڪرام، ٿيو ٽن حـصن ۾ پــورو بازيــب ور نظام. هـر جلــد ان جـو آهـي هـڪ باغ پر بــهـار، جيڪو ڏسي انهيءَ کي ٿئي خوب شادڪام. قـانـع اگـرچه لائق تـعـريـف جـو نــه آهــه، پر اهل دل جي فيض مان حاصل ٿيس مرام. من! موت کان پوءِ هن کي ڪن ياد اهل ذوق، يـعنـي هـي يـادگـار ڇـڏيـو آهـي هـن غلام. جڏهـين ڪيـم عقـل کان تاريخ جو سوال، ”ڪهڙو نه منتخب آهي“ دل کان مليو پيام. **** شکـر خـدا کـه يـافـته تـزيين انتخاب اين ”تحفة الڪرام“ بآذين انتخاب. سال تماميت چو نمودم ز دل سوال، هاتف زده نداکه ”نو آئين انـتخاب“ . 1181 شڪر خدا جو تيار ٿيو منتخب غريب، هي تحفة الڪرام کليو واه وه! نصيب. سـال تمام بابـت دل کـان ڪـيم سوال، هاتف ندا ڪئي ته نئين طرز آ عجيب. ***** *** *